لطيفيات

ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

ھن ڪتاب ۾ لطيفي معلومات موضوع وار جنھن ۾ ٽوٽل ايڪيھہ موضوع ڏنل آهن ۽ انھن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بھترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائينءَ جو خاندان، لطيف سائينءَ جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاھہ لطيف ايوارڊ وغيرھہ بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنھن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انھن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 35
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

ڪتاب بابت


ڏورڻ منجهان ڏسُ
(لطيفي معلومات موضوع وار)

ڪتاب جو نالو: ڏورڻ منجهان ڏسُ
موضوع: لطيفيات (سوال جواب)
تحقيق ۽ ترتيب: راهب لاڙڪ
ايڊيشن: آگسٽ 2023ع.
ڊجيٽل ايڊيشن: جنوري 2023ع
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
ڪمپوزنگ: محب علي لاڙڪ / ثاقب علي لاڙڪ
0334.1679145

شاهه سائينءَ جي 280هين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
لطيف لئبرري کاهي راهو، وايا نوشهرو فيروز.

ارپنا

ويهه م منڌ ڀنڀور ۾، ڪر ڪو واڪو وس،
ٻانهي ٻاروچن جي، گولي ڇڏ م گس،
ڏورڻ منجهان ڏَسُ، پوندءِ هوت پُنهونءَ جو

هي قلمي پورهيو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي صدين کان توحيد جي تنوار آلاپيندڙ شاهه سائين جي راڳي فقيرن کي ارپيان ٿو. انهن فقيرن کي شاهه سائينءَ جي سر جي سُرڪ مليل آهي. ان ڪري ئي لاکيڻي لطيف جي راڳ کي عبادت سمجھي بغير لالچ لوڀ جي نسل در نسل ڳائيندا ۽ نڀائيندا پيا اچن.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران راھب علي لاڙڪ جو لطيفيات تي ترتيب ۽ تحقيق ڪيل سوالن جوابن تي مشتمل ڪتاب ”ڏورڻڻ منجهان ڏس“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ لطيفي معلومات موضوع وار جنھن ۾ ٽوٽل ايڪيھہ موضوع ڏنل آهن ۽ انھن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بھترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائينءَ جو خاندان، لطيف سائينءَ جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاھہ لطيف ايوارڊ وغيرھہ بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنھن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انھن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي.
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڇپيل ڪونھي، پر محترم راھب علي لاڙڪ ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ

پهرين پهتا وک سين، جا کنئين کاهوڙين

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي کان پوري سنڌ ته ڇا پر پوري دنيا واقف آهي، لطيف سائين سنڌ ۽ سنڌ جي ادب جي سڃاڻپ آهي، ان کان علاوه پوري اقوام ۽ عالم انسانيت جي لا خير گهرندڙ آهن.
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

جيئن هر قوم پنهنجي ڏاهن ۽ سياڻن جي جيڪا سيوا ڪندي آهي اهڙي طرح سنڌي قوم جا سڄاڻ ماڻهو لطيف سائين جي ڏنل پيغام تي ڪم ڪن ٿا، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر ۽ لطيفيات تي تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي ۽ ٿئي پيو ۽ اڃا به ٿيندو، لطيفيات جي انهن چاهيندڙن مان راهب علي لاڙڪ به هڪ آهي، سندس پنج ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ڪوئيز ڪتاب لطيفي معلومات موضوع وار، ڪتاب پير پروڙي کڻ ۽ ٽي حصا ڪتاب، شاهه جا شيدائي جي نالي سان پبلش ٿيل اٿس، لطيف ڪوئيز جي بهترين ڪاميابي کان پوءِ ان ئي ڪتاب ۾ واڌارو آڻي ٻيهر شاهه سائين جي موضوعاتي ڪوئيز ڪتاب جنهن ۾ ٽوٽل ايڪيهه موضوع ڏنل آهن ۽ انهن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بهترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائين جو خاندان، لطيف سائين جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاهه لطيف ايوارڊ وغيره بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنهن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي، لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي، لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انهن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي، راهب علي لاڙڪ سان منهنجي ملاقات صوفي فائونڊيشن پاران شايع ڪرايل مئگزين (مڙيا مٿي مچ) جي توسط سان فون تي ٿي، پوءِ مسلسل فون تي رابطو هلندو رهيو، راهب علي لاڙڪ سان منهنجي روبرو ملاقات سومر 24 جون 2019ع تي پنهنجي ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي ۾ ٿي جتي هو مزار خان فراش سان گڏ منهنجي اوطاق تي آيو ۽ مون کي شاهه جا شيدائي ڪتاب جا ٻه جلد پڻ تحفي طور ڏنائون، راهب علي لاڙڪ پاڻ استاد آهي، سندن ڳوٺ کاهي راهو لڳ نوشهرو فيروز ۾ واقع آهي، لطيفيات جي هڪ سٺي لائبرري پڻ ٺاهي اٿن، لطيف سائين جي محبت ۽ عقيدت رکندڙ ماڻهو هڪٻئي سان اڪثر ملندا رهندا آهن، لطيفي فڪر تي ڪم ڪندڙ راهب علي لاڙڪ پنهنجي وس آهر دلي ڪوششون ڪري هي ڇهون ڪتاب ڏئي رهيو آهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ڪو ادارو لطيفيات تي هن جا ڪتاب ڇپرائي ها پر هي مرد مجاهد هڙان وڙان ڏئي لطيفيات تي ڪتاب ڇپرائي پنهنجي مرشد سان عقيدت جو پيغام ڏئي رهيو آهي، لطيف سائين اسان سڀني جو رهبر آهي، لطيفيات تي ڪتاب ڪافي سارا اچي رهيا آهن مختلف نمونن سان سائين جو پيغام ڦهلجي رهيو آهي پر ڪو جامع ادارو ٺاهيل ناهي، لطيفيات تي ڪم ڪندڙ راهب علي لاڙڪ انتهائي پرخلوص جذبي سان لطيف جو پيغام جهرجنگ پهچائڻ ۾ پرخلوص ٿي ڪم ڪري رهيو آهي، محبت ۽ عقيدت وچان ڪم ڪندڙ ماڻهو لطيف سائين جا سرشار ٿيندا آهن، جيڪي لطيفيات تي ڪم ڪري خود تاريخ جو حصو بنجي ويندا آهن.
راتو ڌار رسن، اوڏڙو پنڌ ان کي،
اٿي ويٺي ان جو نظر ۾ نيلن،
پهرين پهتا وک سين جا کنئي کاهوڙين،
ڀيٽي کي ڀلن، وهاڻيا اڳي ويا.

فقير حاجن نظاماڻي
ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي (ڀٽ شاهه)
shermuhammed447@gmail.com
03003011834
20 جولاءِ 2023ع

ٻه اکر

سنڌ ڌرتيءَ ڪيترائي عالم، اديب، ليکڪ، سگهڙ ، شاعر ، استاد پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي علم ۽ عقل وسيلي قدرتي ڏات جا جوهر ڏيکاري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي سان تعلق رکندڙ شاعر ، جنهن کي شاعرن جو سرتاج چئون ٿا. اهو شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ئي آهي. جنهن کي حقيقي عشق سنڌ ملڪ جا سير سفر ڪرايا. پوءِ پاڻ اهي ماڳ اکئين ڏسي انهن جو مشاهدو ڪري شاعري جي صورت ۾ پيش ڪيائين. شاهه سائينءَ جي انهيءَ فڪر کي ڪيترن ئي اديبن، محققن، قلمڪارن، ليکڪن، مرتبن ۽ مترجمن پنهنجي پنهنجي طريقي سان سهيڙي ۽ لکي پيش ڪيو آهي.
اسان جي ساهتي پرڳڻي نوشهرو فيروز جي شاهه جي شيدائي راهب لاڙڪ کي جڏهن لطيفي لئون لڳي ته هن به لطيفي فڪر کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. راهب لاڙڪ جا هن وقت تائين پنج ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. سندس قلمي پورهيي جو قدر ڪندي شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت به اهڙن جاکوڙي انسانن لاءِ چيل ٿو ڏسجي.
کر ڪڻا لاهي سُک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.
راهب لاڙڪ جو پهريون ڪوئيز ڪتاب، لطيفي معلومات موضوع وار 2006ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪم کي اڳتي وڌائيندي ڪتاب ”ڏورڻ منجهان ڏس“ وڏي جاکوڙ ڪري ننڊون ڦٽائي هيءَ معلومات سهيڙي اوهان تائين پهچائي آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه سائين جي پيدائش کان وٺي شاهه لطيف ايوارڊ تائين هر موضوع تي بيشمار معلومات ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ نئون عنوان ”شاهه جي شاعري ۾ سنڌؤ جي وهڪرن، بندرن، ڍنڍن ڍورن ۽ ندين “ بابت تمام ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي. دعا آهي ته راهب لاڙڪ پنهنجي لکڻ جي سفر کي جاري و ساري رکي ۽ سنڌ واسين لاءِ شاهه سائينءَ بابت لازوال تحفا ڪتابن جي صورت ۾ ڏيندو رهي ته جيئن اسان مطالعو ڪندڙ هن جي ڪاوشن مان مستفيد ٿي سگهون. (آمين).

استاد محرم علي مشوري.
ڳوٺ حاجي محمد خان مشوري.
نوشهرو فيروز.
جولاءِ 2023ع

پنهنجي پاران

شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام توڙي، ڪلام ۾ ڳاتل ڪردارن، قصن تي بيشمار ڪم ٿيو آهي ۽ اهو سلسلو هلندو رهندو. ان کان علاوه لاکيڻي لطيف جي سوانح حيات ۽ رسالي مان ليکڪن سوال جواب ترتيب ڏئي ڪوئيز ۾ ڪتاب شايع ڪرايا. انهن ۾ سڀ کان پهريائين ڪوئيز ۾ گڏيل معلومات تي مبني، مشهور محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي هڪ ننڍڙو ڪتاب لطيف ڪوئيز، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇاپو پهريون آگسٽ 1978ع ۾ شايع ٿيو. تنهن بعد عاشق علي بروهي جو ڪتاب ڀٽائي معلومات 1992ع، لطيف ڪوئيز 1992ع ۽ لطيفي ڄاڻ 1994ع ۾ شايع ٿيا. اهڙي طرح راز شاهاڻيءَ جو ڪتاب لطيفي معلومات 2002ع ۾ سنڌ بڪ ڪلب حيدرآباد پاران شايع ٿيو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب جو ڪتاب لطيف ذهني چٽا ڀيٽي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي طرفان ڇاپو پهريون آگسٽ 2004ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب لطيفي معلومات (موضوع وار) مرتب. راهب علي لاڙڪ، شاهه لطيف ڪتاب گھر حيدرآباد پاران ڇاپو پهريون مارچ 2006ع ۾ شايع ٿيو. جنهن جو ٻيو ڇاپو 2019ع ۾ شايع ٿيو. استاد محمد خان زرداريءَ ڪتاب لطيف رنگ رهاڻ، ترتيب ڏنو. جيڪو گنج بخش ڪتاب گھر پاران ڇاپو پهريون 13 جون 2006ع ۾ شايع ٿيو. محمد خان زرداريءَ جا ڪوئيز ۾ تقريبن 6 معلوماتي ڪتاب شايع ٿيل آهن. غلام شبير پيراهين ڪتاب شاهه لطيف تاريخ جي آئيني ۾، سنڌي ادبي سنگت پاران سال 2008ع ۾ شايع ٿيو. ناصر بلوچ به شاهه سائين متعلق سوالن جوابن تي مشتمل مختصر معلومات ترتيب ڏئي ڪتاب شايع ڪرايو. نظام عباسيءَ جو ڪتاب شاهه عبداللطيف سوال جواب، شايع ٿيل آهي. مخلص سنڌي جو ترتيب ڏنل ڪتاب ڀٽائي ڪوئيز، ڌرتي پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2017ع ۾ شايع ٿيو. انهن ڪتابن ۾ لطيف سائين جي سوانح حيات توڙي مڙني موضوعن تي سوال جواب ترتيب ڏنل آهن. ان ليکڪن وڏي محنت ڪري بهترين ڄاڻ ڏني آهي.
سال 2000ع کان وٺي منهنجي دلي خواهش هئي ته مرشد لطيف سائين جي زندگي بابت موضوع وار ڪتاب ترتيب ڏيان، پر مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب پڙهي پوءِ اڌ ۾ ڪم کي ڇڏي ڏنم ۽ مطالعو جاري رکيم. پوءِ 2006ع کان رهيل ڪم کي آڻڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ان تي به پورو نه لهي سگهيس. جيڪڏهن شاهه سائينءَ تي موضوع وار ڪوئيز ڪتاب صحيح نموني تيار ڪجي ته ڪتاب جا ٻه ضخيم جلد تيار ٿيندا. مون ناچيز ڪتاب ڏورڻ منجهان ڏس (لطيفي معلومات موضوع وار) ترتيب ڏئي اوهان سڄڻن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب مان ڪافي مواد مون کان رهجي ويو هوندو، هي ڪم منهنجي وس کان وڏو هو پر تنهن هوندي به توهان کي هن ڪتاب ۾ ڪجهه نئين معلومات ضرور ملندي. ڪتاب جو مهاڳ شاهه سائين جي راڳي فقير حاجن نظاماڻيءَ صاحب لکيو آهي. نظاماڻي صاحب جا لک قرب جو ڪتاب جو مهاڳ لکڻ دوران فون ڪري ڪجهه نئين معلومات به مهيا ڪيائون. ان کان علاوه آءُ سائين محرم علي مشوري صاحب جو نهايت مشڪور آهيان جو ڪتاب متعلق ٻه اکر لکيائون.
مون شاهه سائينءَ بابت جيڪو به مواد سهيڙيو يا لکيو آهي اهو پنهنجي ريڊيو لسنر دوستن جي سهولت خاطر هڪ هنڌ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. منهنجي ان ڪم کي منهنجي ادبي دوستن توڙي پروڊيوسرن، ڪمپيئرن ۽ لسنرن تمام گهڻو ساراهيو آهي، جن ۾ عبدالغفار گوهر دائود پوٽو، پروين موسى ميمڻ، ساجد چانڊيو، طارق عزيز شيخ، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، بشير احمد هيسباڻي، صفدر حسين مرزا، عبدالغني خاصخيلي، پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري، معشوق محسن ابڙو، نصر الله ڏاهري، استاد علي رضا لاڙڪ، ريڊيو پاڪستان جو مشهور براڊڪاسٽر جناب وسند علي مهر صاحب، اعجاز وساڻ صاحب، محترم محمد موسى چانڊيو، خليل جان قريشي، نظر علي نائچ، علي نواز پلي، علي عمران سمون، امجد هيسباڻي، مير مرڪ واڍو، حاجي حسين جلباڻي، دوست محمد لغاري، منور علي ڌاريجو، محمد خان زرداري، سڪندر علي سرواڻ، وفا نور محمد مهر، حاجي عبدالجليل لغاري، مزار خان فراش، مير حسن مهر، عاجز کوکر، عبداللطيف لطيفي، ممتاز علي عالماڻي، عبدالرحمان ڏيپلائي، مير اڪرم علي ٽالپر، عبدالڪريم ويسر، ارشد حسين هڪڙو، عابد حسين ٻرڙو، عبدالغفار جعفري، جناب عبدالرحيم خاصخيلي صاحب، وفا تاج محمد خاصخيلي، علي گل لاشاري، عاشق خاصخيلي، غلام جعفر شر، خدا بخش شر ۽ ٻين تمام گهڻن دوستن جو نهايت ٿورائتو آهيان.
شاهه سائينءَ متعلق هن کان اڳ منهنجا جيڪي به ڪتاب شايع ٿيا آهن اهو مواد ۽ هي مواد مون پنهنجي ذاتي لئبرريءَ مان سهيڙيو آهي. اميد اٿم ته هي ڪتاب اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ ذهني چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن ۾ بهترين رهبر طور ڪم ايندو. ڪتاب ۾ ڏنل مختلف موضوعن ۾ ٿي سگهي ٿو ڪٿي ڪٿي پروفن جي غلطيءَ سبب ڪا نظر چڪ ٿي هوندي، سو مهرباني ڪري منهنجي اصلاح ضرور ڪندا.

خادم العلم
راهب علي لاڙڪ
لطيف لئبرري کاهي راهو
وايا ضلعو نوشهرو فيروز
03013528644 ـ 03463661473
25 جولاءِ 2023ع

شاهه سائين جي خاندان بابت

سوال: شاهه ڪريم جا ابا ڏاڏا اصل ڪٿان جا رهاڪو هئا؟
جواب: هرات شهر جا (موجوده ملڪ افغانستان).
سوال: شاهه ڪريم جا وڏڙا 1398ع ڌاري سنڌ ۾ ڪهڙي حاڪم جي دور ۾ آيا؟
جواب: حاڪم سلطان صلاح الدين جي دور ۾.
سوال: شاهه ڪريم جا وڏڙا ڪنهن جي زماني ۾ هرات کان سنڌ ۾ آيا هئا؟
جواب: امير تيمور جي زماني ۾.
سوال: شاهه ڪريم جي خاندان مان ان پهرين بزرگ جو نالو ٻڌايو جنهن اچي هرات کي وسايو هو؟
جواب: سيد مير علي هراتي.
سوال: امير تيمور 1398ع ۾ هندستان فتح ڪري هرات ۾ آيو ته سندس لشڪر جي مهماني ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: سيد مير علي هراتيءَ.
سوال: سيد مير علي هراتي، امير تيمور جي شاهي لشڪر جي مهمانيءَ لاءِ ڪيتري رقم نذراني طور پيش ڪئي هئي؟
جواب: ٻه لک ٻاهٺ هزار ٽي سؤ ٻارنهن روپيه (لشڪر جو تعداد به ايترو هيو.)
سوال: امير تيمور ، سيد مير علي هراتيءَ جي ڇهن فرزندن کي ڪهڙن عهدن تي فائز ڪيو؟
جواب: 1.مير عبدالباقي، اجمير جو حاڪم. 2.مير عبدالواحد شاهه، ملتان جو حاڪم. 3.مير عبدالرزاق شاهه، سکر بکر جو حاڪم. 4.مير ابوبڪر شاهه، سيوستان جو. 5.شرف الدين نوڪري اختيار نه ڪئي. 6.مير حيدر شاهه پنهنجي پيءُ سان گڏ سلطان جي حاضريءَ ۾ هوندو هو.
سوال: سيد حيدر بن سيد مير علي 801هه ۾ ڪنهن سان گڏجي هندستان ويو هو؟
جواب: امير تيمور سان گڏجي.
سوال: شاهه سائينءَ جا وڏا بزرگ پهريائين سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ آباد ٿيا؟
جواب: هالا ڪنڊي (پراڻا هالا).
سوال: شاهه سائينءَ جي وڏڙن مان سنڌ ۾ سڀ کان اڳ ڪير آيو هو؟
جواب: سيد حيدر شاهه، هالن ۾ اچي رهيو.
سوال: سيد حيدر شاهه ڪنهن وٽان شادي ڪئي هئي؟
جواب: شاهه محمد هالي جي نياڻي فاطمھ سان.
سوال: سيد حيدر شاهه پنهنجي امڙ فاطمھ جي نالي سبب پنهنجي گھرواريءَ جو اصلي نالو مٽائي ٻيو ڪهڙو نالو رکيو؟
جواب: بيبي سلطانه.

سوال: سيد حيدر شاهه هاله ڪنڊيءَ ۾ ڪيترو عرصو رهيو؟
جواب: هڪ سال پنج مهينا.
سوال: سيد حيدر شاهه هرات ۾ ڪيترو عرصو رهيو؟
جواب: ٽي سال ستاويهه ڏينهن.
سوال: سيد حيدر شاهه گھڻيون شاديون ڪيون؟
جواب: ٻه.
سوال: سيد مير علي ثاني ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: سيد حيدر شاهه جو.
سوال: سيد مير علي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 802هه / 803هه ( 1400ع / 1401ع ) ڌاري هالا ڪنڊي ۾.
سوال: سيد حيدر شاهه کي هرات واري گھر واري مان ڪيترو اولاد هو؟
جواب: ٻه پٽ، سيد محمد ۽ حسين.
سوال: سيد حيدر شاهه جو هرات ۾ وصال ٿيو ته سندس فرزند سيد مير علي ثانيءَ ڪهڙيون نشانيون کڻي هرات روانو ٿيو؟
جواب: ٽڪ واري منڊي، جڙدار خنجر ۽ هراتي ٻانهي.
سوال: سيد مير علي ڪنهن سان گڏ هرات ويو هو؟
جواب: پنهنجي چاچي شرف الدين شاهه سان.
سوال: سيد مير علي ثاني ڪيتريون شاديون ڪيون؟
جواب: ٻه شاديون، هاله قوم مان فرزند شرف الدين. ٻي ترڪ قوم مان، ان گھر واري مان فرزند احمد شاهه.
سوال: سيد مير علي ثاني جي ڪهڙي پٽ کي تيمور بادشاهه پاڻ وٽ صلاح مصلحت ۽ خانگي ڪمن لاءِ رکيو هو؟
جواب: سيد شرف الدين شاهه کي.
سوال: مٽيارين جي شهر ۾ ڪهڙي بزرگ جو اولاد شرف پوٽا نالي سان سڏبو آهي؟
جواب: سيد مير علي جو.
سوال: چانگن جي ظلم کان تنگ ٿي کين پاراتو ڏيندي هي لفظ ڪهڙي بزرگ شخصيت چيا هئا ”چانگ کاڌا نانگ، کپر سڀ کپائيا“؟
جواب: سيد مير علي ثاني.
سوال: شاهه ڪريم ڪهڙي بزرگ جي چوٿين پيڙهيءَ مان هو؟
جواب: سيد شرف الدين شاهه جي.
سوال: شاهه عبدالڪريم جي ولادت ڪهڙي هجري، عيسوي تاريخ، مهيني ۽ سال ۾ ٿي؟
جواب: 20 شعبان 944هه/ 30 جنوري 1538ع تي مٽيارين جي ڳوٺ ۾.

سوال: ”هيءَ اسان جي امانت آهي ان جو نالو عبدالڪريم رکج ۽ ان جو خيال ڪر“ شاهه ڪريم جي امڙ کي خواب ۾ اهي لفظ ڪهڙي عظيم هستيءَ چيا هئا؟
جواب: پاڻ ڪريمﷺ جن.
سوال: شاهه ڪريم جي والد صاحب جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: سيد ميان لعل محمد شاهه.
سوال: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڏاڏي جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: عبدالمنعم شاهه.
سوال: حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو شجرو ڪهڙي امام سڳوري سان ملي ٿو.
جواب: ستين امام موسى ڪاظم عليھ السلام سان.
سوال: شاهه ڪريم صغيري واريءَ عمر ۾ ڪنهن جو واعظ ٻڌندو هو؟
جواب: مخدوم ضياءُالدين جو.
سوال: ڪهڙي بزرگ شاهه ڪريم جي ننڍي هوندي پٺي ڏسڻ شرط چيو ”سبحان الله هي ڇوڪرو هن عمر ۾ ئي حضرت خضر عليه السلام سان صحبت ۾ آهي جيڪڏهن کيس جوانيءَ ۾ ڏسان ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها“؟
جواب: مخدوم ضياءُالدين.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي سادات شاعر سنڌي شاعري جي پيڙهه رکي؟
جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي شاعر کي ”سنڌي زبان جو سُهيل“ سنڌ جو چاسر، سنڌي زبان جو وهائو تارو، شاهه لطيف جو مبشر چيو وڃي ٿو؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري کي.
سوال: شاهه عبدالڪريم کي ڪيترو اولاد هو؟
جواب: اٺ پٽ ۽ 2 نياڻيون (11 فرزند، 3 عاجزائون، حوالو ڪتاب شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام صفحه 29).
سوال: شاهه ڪريم جي فرزندن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: (1) سيد لال شاهه. (2) سيد عبدالرحيم. (3) سيد جلال شاهه. (4) سيد برهان.(5) سيد الله مجذوب. (6) سيد دين محمد. (7) سيد حسين. (8) سيد عبدالقدوس.
سوال: سيد عبدالقدوس شاهه جي پٽن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: شاهه حبيب ۽ عبدالرشيد.
سوال: ميين شاهه ڪريم جي اولاد مان ڪهڙا ٻه درويش تلهار جي علائقي ۾ سڪونت پذير ٿيا؟
جواب: سيد پنيلڌو ۽ سيد مڱيلڌو.
سوال: ڪهڙي بزرگ جي وصال وقت شاهه ڪريم جن فرمايو ”اي منهنجي جگر جا ٽڪڙا حضور صلعم جن جي خدمت ۾ اسان جا سلام عرض رکجانءِ“؟
جواب: سيد لال شاهه جي وصال تي.
سوال: شاهه ڪريم جو ڪهڙو فرزند تمام گھڻو خوبصورت هو؟
جواب: سيد جلال شاهه.
سوال: شاهه ڪريم جو ڪهڙو فرزند متقين ۽ زاهدن جو اڳواڻ هو؟
جواب: حضرت سيد برهان شاهه.
سوال: شاهه ڪريم جن پنهنجي ڪهڙي فرزند لاءِ فرمايو هو ته ”جڏهن ڪو اسان جي يارن منجهان ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسي ته هن وٽ وڃي پنهنجي مشڪل بيان ڪري؟
جواب: سيد حسين شاهه لاءِ.
سوال: مخدوم ابراهيم بن نوح ڪهڙي بزرگ جي ولادت وقت فرمايو، الحمد الله سيد عبدالڪريم ثاني پيدا ٿيو آهي؟
جواب: سيد عبدالرحيم شاهه بن شاهه ڪريم لاءِ.
سوال: شاهه ڪريم جن پنهنجي ڪهڙي فرزند کي ”خادم الفقراء“ چوندا هئا؟
جواب: ستين فرزند سيد حسين شاهه کي.
سوال: شاهه ڪريم جي مرشد سڳوري جو نالو ٻڌايو؟
جواب: سلطان ابراهيم اصل بهار جو.
سوال: شاهه ڪريم بلڙي واري کي دعا طور هيءُ لفظ ڪهڙي بزرگ چيا ته ”پنهنجي عيال جي خدمت ڪر اسان حج تي اسهيا آهيون“؟
جواب: سلطان ابراهيم.
سوال: هن پسگردائيءَ ۾ ڪهڙا بزرگ آهن ۽ اهي ڪهڙي طريقي سان خدا کي ياد ڪن ٿا، اهي لفظ شاهه ڪريم کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: سلطان ابراهيم بهاريءَ.
سوال: شاهه ڪريم کي ڪهڙي بزرگ پنهنجي پيزار يعني جُتي لاهي ڏني هئي؟
جواب: سلطان ابراهيم بهاريءَ.
سوال: شاهه ڪريم جي مرشد کي ڪهڙي بزرگ جي ذڪر جو طريقو دل کي ڏاڍو وڻيو هو؟
جواب: ميان يوسف جو طريقو.
سوال: شاهه ڪريم قادري طريقي ۾ ذڪر جي تلقين ڪهڙي بزرگ کان ورتي هئي؟
جواب: سلطان ابراهيم بهاريءَ کان (باطني فيض شاهه ڪليم الله کان).
سوال: مخدوم نوح سرور ڪهڙي بزرگ لاءِ پنهنجن مريدن کي چيو هو ته : جيڪي هن ۾ ڏٺو اٿم سو اوهان کي پوءِ ٻڌائيندس؟
جواب: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري لاءِ .
سوال: شاهه ڪريم جن ڪهڙي بزرگ جي اشاري يا چوڻ تي بلڙي جو شهر وسايو هو؟
جواب: مخدوم نوح جي چوڻ تي.

سوال: حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جي ولادت ۽ وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 27 رمضان جمع 911هه مطابق 1500ع هالا ڪنڊي (ڳوٺ ٽوڙي). وصال جمع 27 ذوالقعد 998هه مطابق 1586ع هالا ڪنڊي (ٽوڙي).
سوال: حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور ڪهڙن لقبن سان مشهور آهي؟
جواب: غوث الحق، قطب القطاب، غوث الزمان، ولي الولاية، سرتاج الاولياءُ، شمس الشريعت، سرور پير، سرور شاهه وغيره.
سوال: حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جي مشهور چئن خليفن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: 1. سيد ابوبڪر لڪياري. 2. درويش عمر بودلو. 3. محمد عثمان عصار. 4. سيد علي شيرازي.
سوال: شاهه ڪريم سيد پور ڳوٺ ۾ ڪم از ڪم ڪيترو عرصو گذاريو هو؟
جواب: پنجاهه سال.
سوال: شاهه ڪريم جي محبت ۽ پريت سببان مخدوم نوح پنهنجو ڪهڙو فرزند سندس خدمت ۾ پيش ڪيو هو؟
جواب: پير سلطان.
سوال: شاهه ڪريم جو مال ڪهڙو فقير چاريندو هو ۽ سندس اوطاق جي ٻهاري به ڏيندو هو؟
جواب: ميون موسو آچاري جت.
سوال: ڪهڙو بزرگ شاهه ڪريم بلڙيءَ وارن جي پاڪن لاءِ جيسلمير گجرات مان جنڊ کڻي آيو هو؟
جواب: درس محمود ٻانهاڻي.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو خليفو درس محمود ڪٿي رهندو هو؟
جواب: نيڙ ۾ رهندو هو، اها سيم ٻنيءَ ڪڇ ۾ آهي.
سوال: شاهه ڪريم جو همعصر ۽ صحبتي ميهار فقير نهڙي ڪٿي آرامي آهي؟
جواب: آمري قبرستان ۾.
سوال: سمن صالحن جي جاءِ تي ڪهڙي بزرگ چلو ڪڍيو ۽ پوءِ آمري جو وڻ پوکيو هو؟
جواب: غوث بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ ابل جو ذڪر ڪيو آهي، ٻڌايو ته ابل جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: سومرو.
سوال: ڪهڙي بزرگ هستيءَ شاهه گودڙيي عرف بهاءُالدين کي ڏسي فرمايو ته ”هن ۾ مون کي مخدوم نوح نظر اچن ٿا“ ؟
جواب: شاهه ڪريم بلڙي واري.
سوال: شاهه ڪريم جي مٿان گرم رٻ جو ڪنگر ڪنهن هاريو هو؟
جواب: مائي بلڙيءَ.
سوال: مائي بلڙيءَ جو اصل نالو ڇا هو؟
جواب: اصل نالو حوا.
سوال: بلڙي ڳوٺ کي ڪنهن ۽ ڪڏهن آباد ڪيو؟
جواب: مائي بلڙيءَ 483هه ۾ .
سوال: حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري سان ڪهڙو بزرگ شاعر هر جمعي تي رهاڻ ڪرڻ لاءِ ايندو هو؟
جواب: پيروز فقير.
سوال: شاهه ڪريم جي مجلس ۾ ڪهڙا مشهور عالم شريڪ ٿيندا هئا؟
جواب: مولانا محمد صدر، مخدوم حامد ۽ مولانا دائود مفتي.
سوال: شاهه ڪريم ڪهڙن وڏن عالمن جي صحبت مان گهڻو لاڀ پرايو هو؟
جواب: سيد يوسف بکري ۽ حضرت مخدوم نوح جي صحبت مان.
سوال: سنڌ جو ڪهڙو شاعر سنڌي بيت چوڻ ۾ پنهنجي خوش آوازي ۽ الحان ڪري گهڻو مشهور هو؟
جواب: حضرت شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو.
سوال: شاهه ڪريم تصوف جي ڪهڙي طريقي سان وابسته هو؟
جواب: اويسي طريقي سان.
سوال: ان بزرگ جو نالو ٻڌايو جيڪو سنڌ ۽ ڪڇ کانسواءِ گجرات ۽ احمد آباد تائين سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو.
سوال: شاهه ڪريم پنهنجي فقيرن کي سفر ڪرڻ وقت ڪهڙين ٽن منزلن تي ترسڻ جي هدايت ڪئي هئي؟
جواب: 1.درياءَ جي ڀرسان 2. قبرستان وٽ 3. مسجد ۾.
سوال: شاهه ڪريم وقت جي ڪهڙي عالم ۽ فاضل کان رسول پاڪ جن جي فرمودي الانسان عبيدالاحسان جو مطلب پڇيو هو؟
جواب: ميان حامد ڏاڏو ڻائي کان.
سوال: رات جي وقت جڏهن سڀ سمهي پوندا هئا ته شاهه ڪريم ڪهڙن بزرگن جي حاضري ڀريندو هو؟
جواب: درويش شيخ جهنڊي پاتڻيءَ جي مقبري تي، پير آر ۽ شيخ پٺو.
سوال: هڪ ڀيري سيد جلال شاهه، شاهه ڪريم کي سماع جي محفل مان زوريءَ اٿاري پنهنجي نيڪ سيرت والده ماجده وٽ پيش ڪيو ته شاهه ڪريم جن ان وقت ڪهڙو بيت پڙهيو؟
جواب: ان درسندي مڱڻي اڳي ايئن نه هير،
جيئن ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون سمهي.
سوال: سيد جلال شاهه جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: موجوده بلڙيءَ کان ٻه ڪلوميٽر اتر اولهه طرف شاهه ڪريم جي اڏيل ڳوٺ ۾.
سوال: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڀاءُ سيد جلال شاهه جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: مخدوم نوح جي درگاهه ۾ موجود چوڪنڊيءَ ۾ 13 پاڳارن سان گڏ چوڏهين قبر سيد جلال شاهه جي.
سوال: ”سائين جنهن نظر سان خدا جو ديدار ڪريو ٿا مون تي به اها نظرِ شفقت ڪيو“ شاهه ڪريم کي اهي لفظ ڪهڙي بزرگ چيا هئا؟
جواب: درويش بهاءُالدين گودڙئي.
سوال: شاهه ڪريم جو خليفو ميون مرکيو ڪٿي رهندو هو؟
جواب: ڳوٺ شادي ڦڙدي جي ڀرسان پراڻ جي ڪناري تي.
سوال: ”هالا ڪنڊي مخدوم سرور نوح جي رهائش بهشت اول ۽ حضرت شاهه ڪريم جن جي رهائش بهشت ثاني آهي“ اهي لفظ ڪنهن چيا هئا؟
جواب: درويش صابو سومري.
سوال: حضرت سفيان ثوريءَ جي قول ٻڌڻ کان پوءِ، شاهه ڪريم پنهنجن طالبن کي وصول جا ڪهڙا چار اصول ٻڌايا؟
جواب: (1) ٿورو کائڻ.(2) خلق سان ٿورو گڏجڻ. (3) ٿوري ننڊ ڪرڻ. (4) حق جو گهڻو ذڪر ڪرڻ.
سوال: شاهه ڪريم جي ڪلهن تي سندس ڪهڙي فرزند اڇي چادر وڌي هئي؟
جواب: ميان حسين.
سوال: ڪهڙي بزرگ فرمايو ته روئڻ جا ويههَ قسم آهن انهن مان فقط هڪڙو خدا ڪارڻ آهي ۽ باقي اڻويهه خدا کانسواءِ غير جي واسطي آهن؟
جواب: سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري.
سوال: شاهه ڪريم جن جو هڪ مريد مجازي عشق ۾ ورتل هو، ان کي هدايت طور ڪهڙو بيت ٻڌايائون؟
جواب: مجازي م مٽ ڪر اکيون اي م هير،
هاري حقيقن جي پڇي ٿين نه پير.
سوال: بيان العارفين جي ڪهڙي بيت ۾ حسن خرقانيءَ جو وڏو درجو ڄاڻايل آهي؟
جواب: خرقان خوش ڪري اچي ويٺاسون،
جئائين ڏنئه حسن کي تئائين ڏيندين تون.
سوال: ان شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن جا بيت شاهه ڪريم کي تمام گهڻو پسند هئا؟
جواب: قاضي قاضن جا.
سوال: سڀ کان پهريائين سنڌ جي ڪلاسيڪي اساسي شاعريءَ ۾ لفظ جوڳي ڪنهن استعمال ڪيو؟
جواب: قاضي قاضن.
سوال: ڪهڙي شاعر سڀ کان پهريائين پنهنجي ڪلام ۾ کاهوڙين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: قاضي قاضن.
سوال: ان پهرئين شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن ڇهه بيت گهاتوءَ جي پسمنظر ۾ تخليق ڪيا؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو.
سوال: شاهه ڪريم جن پنهنجي زمين جا پروانا مهر هڻائڻ واسطي ٺٽي جي ڪهڙي حاڪم ڏانهن ڏياري موڪليا هئا؟
جواب: ٺٽي جي گورنر مرزا مصطفى خان ڏانهن.
سوال: ”ماڻهن جا پير انسانَ جيئري پنهنجي نفس کي ماري ڇڏين ٿا، تون مرڻ کان پوءِ به جيئرن کي ٿو مارين“ اهي جملا ڪنهن ۽ ڪٿي چيا؟
جواب: شاهه ڪريم، سيد ابراهيم جي قبر تي.
سوال: شاهه ڪريم جن مختلف موقعن تي پنهنجن مريدن آڏو ڪيترا هندي بيت پڙهيا هئا؟
جواب: ٽي بيت.
سوال: جڏهن به ڪو ماڻهو شاهه ڪريم جا هٿ، کاڌي کائڻ واسطي ڌورائيندو هو ته پاڻ ڪهڙي دعا پڙهندا هئا؟
جواب: خدا توهان جا گناهه بخش ڪري ۽ توهان جا عيب ڍڪي.
سوال: شاهه ڪريم جن کي ڪهڙو طعام ڏاڍو پسند هو پر ڪڏهن به پنهنجي مرضيءَ مطابق تيار ڪري نه کاڌائون؟
جواب: کير ۽ چانور.
سوال: سڀ کان پهريائين ارغونن جي دور ۾ متارن جو ذڪر ڪهڙي شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي؟
جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري.
سوال: شاهه ڪريم جن قوال کان ڪهڙو بيت ٻڌڻ کان پوءِ وجد واريءَ حالت ۾ پنهنجو لباس کيس انعام طور ڏنو هو؟
جواب: اکڙيون ملير ۾ جنين راتو ڏينهن،
عمر آسائتن سين هاڻي ڪندين ڪيئن.
سوال: شاهه ڪريم جن جڏهن ميرڻ ڪا تيار کي مخدوم نوح وٽ وٺي آيا ته مخدوم نوح جن، شاهه ڪريم کي ڇا فرمايو هو؟
جواب: جيڪي اسان جي هٿن مان وڃائجي ويو هو اهو اڄ اسان کي وري موٽي مليو آهي.
سوال: قاضي قاضن جي وفات وقت حضرت شاهه عبدالڪريم جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: عيسوي سن مطابق 13 سال.
سوال: مرزا عيسى ترخان اول جنهن سال ڏکڻ سنڌ جو والي ٿيو ته شاهه ڪريم بلڙي وارو ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: عيسوي سن مطابق 16 سالن جو ۽ هجري سن مطابق 18 سالن جو.
سوال: مرزا عيسى ترخان جنهن وقت بکر تي حملو ڪيو ته شاهه ڪريم ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: 17 سالن جو.
سوال: مرزا عيسى ترخان جي وفات وقت شاهه عبدالڪريم ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: 28 سالن جو.
سوال: مخدوم عربي دياڻي جي وفات وقت شاهه ڪريم جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: هجري سن مطابق 36 سال ۽ عيسوي مطابق 34 سال.
سوال: مرزا باقيءَ جي وفات وقت شاهه ڪريم بلڙي واري جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: عيسوي سن مطابق 46 سال ۽ هجري سن مطابق 48 سالن جو.
سوال: مخدوم اسماعيل سومري جي وفات وقت شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: عيسوي سن مطابق 47 سال ۽ هجري سن مطابق 49 سال.
سوال: مرزا جاني بيگ جنهن مهل تخت تي ويٺو ته ان وقت شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: عيسوي سن مطابق 51 سالن جو ۽ هجري مطابق 54 سالن جو.
سوال: مخدوم نوح جي وفات وقت شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: 54 سال.
سوال: مرزا غازي بيگ جي وفات وقت شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: عيسوي سن مطابق 74 سالن جو ۽ هجري سن مطابق 77 سالن جو.
سوال: مرزا مصطفى جنهن وقت مغلن طرفان ٺٽي جو حڪمران مقرر ٿيو ته ان وقت شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: عيسوي سن مطابق 80 سال ۽ هجري سن مطابق 84 سال.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي وفات وقت عمر ڪيتري هئي؟
جواب: عيسوي سن مطابق 85 سال ۽ هجري سن مطابق 88 سال.
سوال: هي قول ڪهڙي بزرگ شخصيت جو آهي. قول، جيڪو علم الله خاطر حاصل ڪري سو مومن آهي؟
جواب: شاهه ڪريم بلڙي واري جو.
سوال: شاهه ڪريم جي همعصر شيخ عيسى جندالله پاٽائي جي ولادت ۽ وفات ڪڏهن ٿي هئي؟
جواب: ولادت 1554ع/962هه ۾. وفات 1031هه / 1621ع ۾.
سوال: شاهه ڪريم جي همعصر شاهه خيرالدين قادري جي ولادت ڪڏهن ٿي ؟
جواب: ولادت سن 911هه / 1507ع ۽ وفات 1028هه / 1634ع تي سکر ۾.
سوال: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري پنهنجي شاعريءَ ۾ صوفي ابوالحسن خرقانيءَ جو ذڪر ڪيو آهي ان جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: وفات 424هه / 1033ع ۾.
سوال: شاهه ڪريم کي ڪهڙي صوفي بزرگ سان وڏو اُنس هو؟
جواب: حسن خرقانيءَ سان.
سوال: سنڌ جو پهريون صوفي شاعر ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: قاضي قاضن کي.
سوال: بيان العارفين ۾ عطار جي تذڪره کان علاوه عطار جي ڪهڙن ٻن ڪتابن جي نشاندهي ٿئي ٿي؟
جواب: منطق الطير ۽ پندنامه.
سوال: بيان العارفين و تنبيه الغافلين ۾ هندستان ملڪ جي ڪهڙن ٻن شهرن جو ذڪر بيان ٿيل آهي؟
جواب: احمد آباد ۽ گجرات.
سوال: فارسي ڪتاب بيان العارفين و تنبيه الغافلين ۾ ڪهڙن پرڏيهي شهرن ۽ ملڪن جو ذڪر بيان ٿيل آهي؟
جواب: احمد آباد، گجرات، روم، مڪو شريف ۽ هندستان جو.
سوال: ڪهڙي بزرگ فرمايو هو ته خدا تعالى تائين پهچڻ جي سولي واٽ سماع آهي؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري.
سوال: سائين توهان جي پٺ مان به ڪو ولي پيدا ٿيندو؟ اهو سوال شاهه ڪريم کان ڪنهن پڇيو هو؟
جواب: سندس فقيرن.
سوال: پوءِ ان متعلق شاهه ڪريم جن ڇا فرمايو هو؟
جواب: سائينءَ جن چيو ابا ٻيو نه باقي هڪ ڪهوئڙو فقير ٿيندو جو بيت ۽ وايون چوندو ان کي منهنجا سلام ڏجو.
سوال: شاهه ڪريم هيءَ سٽ ڪهڙي بزرگ لاءِ چئي هئي؟
جڙ ۾ پکي جيئن ٻانهياريءَ ٻيلهڙو.
جواب: شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ لاءِ.
سوال: جنهن وقت شاهه لطيف کي شاهه ڪريم جا سلام ۽ شعر پهتو ته پاڻ ڇا فرمايائون؟
جواب: پاڻ چيائون هائو ابا اسان جي تڙ ڏاڏي سچ چيو هو ۽ سندس سڄو مقصد هي هو ته ”اسان جو تن تيئن ٿو ساري مرسل مير کي.“
سوال: سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات ”بيان العارفين و تنبيھ الغافلين“ سندس ڪهڙي مريد ۽ ڪڏهن لکي پوري ڪئي؟
جواب: محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي ٺٽوي سن 1038هه/ 1629ع ۾ (فارسي زبان ۾ لکيائين) 1628ع به ملي ٿو.
سوال: بيان العارفين جو نهايت معتبر ۽ صحيح نسخو ڪنهن وٽ موجود آهي؟
جواب: سيد علي مير شاهه جوڻن واري وٽ.

سوال: اهو نسخو ڪنهن ۽ ڪڏهن لکي پورو ڪيو هو؟
جواب: ضياءُ الدين بن گل محمد تاريخ 29 رمضان المبارڪ سن 1228هه ۾.
سوال: شاهه عبدالڪريم جو وصال ڪهڙي ڏينهن، تاريخ ۽ هجري سال ۾ ٿيو؟
جواب: وقت سانجهي ڏينهن آچر 7 ذوالقعد 1032هه/ڇنڇر 2 سيپٽمبر 1623ع ڳوٺ بلڙيءَ ۾ ( 1622ع ۾، حوالو ڪتاب لطيفي لات).
سوال: شاهه ڪريم جي وفات کان پوءِ سندس ڪهڙو فرزند گادي نشين ٿيو هو؟
جواب: سيد ميان محمد (حوالو، بيان العارفين و تنبيه الغافلين، ڇپائيندڙ، ادبي بورڊ 2007ع، صفحه، 15).
سوال: شاهه عبدالڪريم جن هي جهان ڇڏڻ وقت آخري لمحن ۾ پنهنجي ڪهڙي فرزند کي سڏي ولايت واري خانداني امانت ڏني؟
جواب: سيد دين محمد کي (حوالو، ڪتاب بيان العارفين، سنڌي ترجمو، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو).
سوال: درگاهه ڪريميءَ جي گادي نشينن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: (1) لال محمد عرف لال شاهه. (2) حسين شاهه. (3) دين محمد شاهه. (4) محمد دليل شاهه. (5) عبدالغني شاهه. (6) عبدالواسع شاهه. (7) محمد زمان شاهه. (8) عبدالواسع شاهه ثاني هي ڀٽائيءَ جي وقت ۾ هو. (9) محمد مقيم شاهه. (10) قنبر علي شاهه. (11) حيدر شاهه. (12) محمد صالح شاهه. (13) ڪاظم شاهه يا، ولي محمد شاهه. (14) صاحب ڏنو شاهه. (15) شاهه ڏنو شاهه. (16) پير اعجاز شاهه. (17) سيد شاهد حسين شاهه، اربع 15 جولاءِ 2009ع ۾ گادي نشين ٿيو ته کيس پٽڪي جو پهريون ور درگاهه ڀٽ شاهه جي گادي نشين سيد نثار شاهه. ٻيو ور سيد ذوالفقار شاهه ڄاموٽ ڏنو (حوالو، ڪتاب شاهه عبداللطيف، ڊاڪٽر بلوچ صاحب).
سوال: شاهه لطيف جي دعا سان لطيف جو ڪهڙو خليفو درگاهه ڪريميءَ جو گادي نشين ٿيو هو؟
جواب: سيد محمد صلاح بن ابوبڪر (اصل ڊنڍي شهر جو رهاڪو هو).
سوال: درگاهه ڪريميءَ جو نئون گادي نشين شاهه ڪريم جي ڪهڙي شيءِ استعمال ڪندو آهي؟
جواب: ڪاري چادر.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ جي ميلي ۾ دردناڪ بيت ٻڌڻ وقت وجد واري حالت ۾ هڪ فقير کي پنهنجا ڪپڙا انعام طور ڏنا هئا؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي ۾ . (حوالو. ڪتاب. لطف لطيف. ص. 158 ).
سوال: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو 398 ساليانو ميلو ڪهڙي انگريزي تاريخ ۽ سال کان شروع ٿيو هو؟
جواب: (آچر 25 آڪٽوبر 2009ع 5 ذوالقعد 1430هه) گادي نشين سيد اسد علي شاهه ڪاظمي ۽ اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر سنڌ شهاب الدين چنه چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي 398 سالياني ميلي جي ٻئي ڏينهن ڪهڙن صوبائي وزيرن ۽ ضلعي ناظم چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو؟
جواب: سومر 26 آڪٽوبر 2009ع 6 ذوالقعد 1430هه تي اوقاف کاتي جي وزير عبدالحسيب ۽ ثقافت سياحت جي وزير سسئي پليجو ۽ ضلعي ناظم ٽنڊو محمد خان مير عنايت ٽالپر چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو.
سوال: شاهه ڪريم بلڙي واري جي 398 سالياني ميلي جي ٽئين ڏينهن تي الوداعي دعا ڪهڙي فقير گهري هئي؟
جواب: درگاهه ڪريميءَ جي فقير فضل الدين عرف ليمون فقير تنهن کان پوءِ ڪريمي گادي نشين سيد اسد علي شاهه ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه الودائي دعا گھري.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي روضي تي لطيف نالي واري سر دروازي تي لڳرائي هئي؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي (ان وقت گادي نشين سيد عبدالواسع هو).
سوال: شاهه سائين جيڪو ڪتبو حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي روضي مبارڪ تي هڻايو هو، اهو ڪتبو ڪنهن ۽ ڪڏهن پٽرايو هو؟
جواب: غلام حيدر شاهه 1355هه ۾.
سوال: شاهه ڪريم جي روضي ۾ ڪاشيءَ جو ڪم 10 ذوالقعد 1355هه ۾ ڪهڙي سجاده نشين ڪهڙي خليفي جي نگرانيءَ ۾ پورو ڪرايو هو؟
جواب: هي ڪاشيءَ جو ڪم سجاده نشين پير غلام حيدر شاهه ڪرايو ۽ خليفي غلام قاسم جي نگرانيءَ ۾ لونگ فقير جي جماعت جي هٿان اهو ڪم 10 ذوالقعد 1355هه ۾ پورو ٿيو.
سوال: سيد غلام شاهه جي نگرانيءَ ۾ شاهه ڪريم جي مزار تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ ٿيو؟
جواب: 15 ذوالقعد 1355هه ۾ هالا جي مشهور منظور ڪاشيگر ڪم ڪيو.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي قبي جي اوچائي ڪيترا فوٽ آهي؟
جواب: 80 فوٽ (اسي فوٽ).
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي درگاهه تي راڳ کي ڪهڙي فقير اوج تي پهچايو هو؟
جواب: فقير حافظ چاڪيءَ (کيس اڏي جو فقير به چوندا هئا).
سوال: شاهه ڪريم جي درگاهه تي هفتي ۾ ڪيتريون راتيون شاهه جو راڳ ٿئي ٿو؟
جواب: چار راتيون. سومر، اڱارو، اربع ۽ جمعي جي رات.
سوال: حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جي اولاد مان اهو ڪهڙو بزرگ شاعر ۽ اديب هو جيڪو مير عبدالحسين خان سانگيءَ جو دوست هو؟
جواب: سيد صاحب ڏنو شاهه.
سوال: ڪريمي خاندان جو مشهور شاعر سائين صاحب ڏنو شاهه، شاعريءَ ۾ ڪهڙا تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: گوهر ۽ فشان.
سوال: سيد صاحب ڏنو ولد سيد ولي محمد شاهه ڪڏهن ڄائو؟
جواب: جنم 1868ع ۾ ڳوٺ بلڙيءَ ۾. (وفات 1915ع)
سوال: سيد صاحب ڏنو شاهه، شاهه ڪريم جي ڪائين پيڙيءَ مان هو؟
جواب: ڏهين پيڙيءَ مان.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي گادي نشين ميين حسين جي گهوڙي جو سوار ڪهڙو فقير هوندو هو؟
جواب: الله بخش فقير.
سوال: ادبي حوالي سان ڪهڙن شاعرن کي پنج گنج چيو وڃي ٿو؟
جواب: قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي.
سوال: شاهه سائين جي خاندان مان ڪهڙا بزرگ شاعر ٿي گذريا؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، سيد عبدالقدوس شاهه، سيد حبيب شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سيد جمال شاهه ڏيئي وارو ، سيد صاحب ڏنو شاهه بلڙيءَ وارو.
سوال: جرار پوٽا خاندان جا ڪهڙا وڏا چار درويش مشهور آهن؟
جواب: سيد شاهه رڪن الدين. سخي سيد هاشم شاهه . سيد شاهه عبدالڪريم ۽ سيد عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: سيد مير علي جو خاندان مٽياري ۾ رهڻ کان پوءِ ڪهڙن چئن قبيلن ۾ ورهائجي ويو؟
جواب: جرار پوٽا، باقيل پوٽا، موسا پوٽا، مئين پوٽا.

شاهه سائينءَ جي زندگي ۽ سندس دور بابت

سوال: شاهه سائين بابت سڀ کان پهرين ٿورو احوال ڪهڙي ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو؟
جواب: مير علي شير قانع ٺٽويءَ.
سوال: مير علي شير قانع پنهنجن ڪتابن ۾ سيد عبداللطيف يا، شاهه عبداللطيف جي نالي سان ڪم از ڪم ڪيترن بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: پنجن بزرگن جو.
سوال: مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجن ڪهڙن فارسي ڪتابن ۾ شاهه سائينءَ لاءِ تارڪ لفظ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: مقالاتِ شعراءِ، تحفة الڪرام، معيار سالڪان طريقت ۾.
سوال: مير علي شير قانع پنهنجين تصنيفن ۾ شاهه سائينءَ لاءِ لفظ تارڪ ڪيترا ڀيرا آندو آهي؟
جواب: يارنهن ڀيرا.
سوال: مير علي شير قانع، تحفة الڪرام کان اڳ ڪهڙي ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو شاهه لطيف جي سوانح جو تذڪرو ڪيو؟
جواب: ڪتاب مقالاتِ الشعراءِ فارسي.
سوال: ڪتاب مقالاتِ الشعراءِ، لطيف سائين جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ لکجي مڪمل ٿيو؟
جواب: 9 سال پوءِ (1174هه /1761ع ۾ مڪمل ٿيو).
سوال: ڪتاب. مقالاتِ شعراءِ جو پهريون ڀيرو سنڌي ترجمو ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1957ع ۾.
سوال: مير علي شير قانع مقالاتِ الشعراءِ کان پوءِ ٻئي ڪهڙي ڪتاب ۾ شاهه سائين جي زندگي جو احوال لکيو آهي؟
جواب: فارسي ڪتاب تحفةالڪرام (1181هه/1767ع ۾ لکيو ويو).
سوال: ”فارسي ڪتاب معيار سالڪا طريقت“ جي ڪائين طبقي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو احوال ملي ٿو؟
جواب: ٻارهين طبقي ۾.
سوال: فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب فردوس العارفين ۾ محمد زمان لنواري واري سان گڏ شاهه سائينءَ جو به احوال ملي ٿو اهو ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪنهن لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: 1201هه، 1786ع ۾ مڪرم خان ٽالپر.
سوال: مير علي شير قانع جي دور ۾ سيد عبداللطيف، يا شاهه عبداللطيف جي نالي وارا ڪم از ڪم ڪيترا بزرگ ٿيا؟
جواب: پنج بزرگ.
سوال: شاهه سائين جي سوانح حيات تي تحقيقي ڪم ڪڏهن شروع ٿيو؟
جواب: 1880ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڏاڏي جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: سيد عبدالقدوس شاهه.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو ڏاڏو شاعريءَ ۾ سليم تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: سيد عبدالقدوس شاهه.
سوال: شاهه سائين جي پڙ ڏاڏي جو نالو ڇا آهي؟
جواب: سيد جمال بن عبدالڪريم شاهه.
سوال: شاهه سائين جي تڙ ڏاڏي جو نالو ڇا آهي؟
جواب: سيد عبدالڪريم شاهه.
سوال: شاهه سائين جا جڙ ڏاڏا ڪهڙا آهن؟
جواب: سيد حسين شاهه عرف سيد علاوالدين حسين شاهه اڪبر شيرازي ۽ سيد جعفر شاهه شيرازي. حوالو، ڪستي منجھه ڪڻان، ص، 440.
سوال: سيد جمال شاهه جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: گوله پير قبرستان ۾. (تعلقو شهداد پور ، ديهه ۽ تپو، جما. ڀٽ کان 7 ميل اتر ۾)
سوال: شاهه سائين جي خاندان جو ڪهڙو بزرگ چورن هٿان شهيد ٿيو هو؟
جواب: سيد جمال شاهه.
سوال: سيد جمال شاهه جي جسم کي غسل ڪفن ڪهڙي بزرگ ڏنو هو؟
جواب: گلو فقير ڪوريءَ.
سوال: شاهه سائين جو جنم سيد جلال شاهه جي ڪائين پيڙهيءَ مان ٿيو؟
جواب: چوٿين پيڙهيءَ مان.
سوال: ڪهڙي محقق لطيف جي جنم جي تاريخ پهرين رجب ڪڍي؟
جواب: پروفيسر عبدالعلي قلباڻي ۽ گادي نشين سائين غلام شبير شاهه .
سوال: پروفيسر عبدالعلي قلباڻيءَ، شاهه سائينءَ جي ولادت جي تاريخ ڪهڙي بيت مان ڪڍي هئي؟
جواب: نَوَ نيئر ڏهه ڏاوڻيون، پندرهن پيد پياس،
جڏهن پرين ياد پياس، ته ڇرڪ نه ڇنائين هڪڙي.
سوال: سيد حبيب شاهه، سخي هاشم شاهه کي عرض ڪيو ته، ”منهنجا ٻه فرزند الله تعالى کي پيارا ٿي ويا آهن، وري دعا ڪيو ته پٽ عطا ٿئي.“ پوءِ کيس سخي هاشم ڇا فرمايو؟
جواب: ابا الله قادر آهي، توکي اسان جي دعا وارو پٽ ضرور ڀاڳن ۾ پلئه پوندو، ڳڻتي نه ڪر الله پاڪ ڪريم آهي، تنهنجي جهولي ضرور سائي ٿيندي.
سوال: شاهه لطيف، حضرت علي عليھ السلام جي ڪائين پيڙهيءَ مان آهي؟
جواب: 28 پيڙهي.
سوال: شاهه سائين جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: پهرين رجب 1101هه مطابق سومر 10 اپريل 1690ع.
پهرين رجب 1102هه مطابق ڇنڇر 31 مارچ 1691ع.
سوال: سڀ کان پهريائين ڀٽ تي ڪهڙي سال کان شاهه لطيف جي جنم جو ڏينهن ملهائڻ شروع ٿيو؟
جواب: 1982ع کان.
سوال: شاهه سائينءَ جو پهريون جشنِ ولادت ڪهڙي هجري تاريخ، مهيني ۽ سال ۾ ملهايو ويو؟
جواب: پهرين رجب سال 1425هه.
سوال: شاهه سائين جي جنم واريون تقريبون ڪهڙن ٻن ماڳن تي ملهايون وينديون آهن؟
جواب: هڪ ڀٽ شاهه تي ۽ ٻي ڀينءَ پور واري ماڳ تي.
سوال: ڳوٺ ڀينءَ پور ۾ شاهه حبيب ڪيترو عرصو رهيو؟
جواب: هڪ سال.
سوال: ڪهڙي عالم جو چوڻ آهي ته شاهه لطيف هالا حويليءَ ۾ ڪونه ڄائو هو پر ڀينءَ پور ۾ پيدا ٿيو هو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: سئي ڪندر قبرستان لڳ شاهه حبيب جي ڪنڊن وٽ لطيف جي جنم جي ڳالهه پهريون ڀيرو ڪهڙي اديب ڪئي آهي؟
جواب: ڊاڪٽر دائود پوٽي. (حوالو، ڪتاب، نت نت آهه نئون، ص: 194.)
سوال: شاهه سائين جي امڙ ۽ والد جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: ماءُ جو نالو فاطمه عرف بيبي صاحبِ. (والد سيد حبيب شاهه).
سوال: شاهه سائين جي امڙ ڪهڙي وڻ سان رسي ٻڌي ڏڌ ولوڙيندي هئي؟
جواب: ڄار جي وڻ سان.
سوال: شاهه سائين جي ناني جو نالو ڇا هو؟
جواب: ميان عرس فقير ڏيرو ثابت پوٽو (ميان ثابت جي اولاد مان هو).
سوال: شاهه حبيب ڪيتريون شاديون ڪيون هيون؟
جواب: ٻه هڪ مغلن مان، هڪ ڏيرن مان (ڪجھه ليکڪ ٽي شاديون لکن ٿا.)
سوال: شاهه حبيب ڏيرا قوم جي ڪهڙي بزرگ وٽان شادي ڪئي هئي، جنهن کي قدرت طرفان لطيف جي والده بڻجڻ جو شرف مليو؟
جواب: ميان عرس فقير ڏيري جي ننڍي نياڻي سان.
سوال: شاهه سائين جي ناناڻن جو ڳوٺ آوت واهه جي کاٻي پاسي ڪهڙي نالي سان مشهور هو؟
جواب: علي محمد ڏيري جي نالي سان مشهور هو.
سوال: شاهه حبيب جن ڪهڙو لباس پهريندا هئا؟
جواب: مٿي تي سائو رومال، سائو ڊگهو پهراڻ، ڪڏهن سفيد يا ڪارو پهراڻ، ڪڏهن گوڏ ته ڪڏهن سلوار، ڪلاه مٿان رومال يا ڪارو پٽڪو يا سائو پٽڪو.
سوال: شاهه حبيب پنهنجي خاندان سميت ساياتن جي مقام جي اولهه طرف، ڪهڙي ديهه ۾ رهندو هو؟
جواب: ديهه سوئي ڪندر جي سروي نمبر 134 ۾.
سوال: سائين حبيب شاهه جن سوئي ڪندر کان پوءِ پنهنجو اهل و احيال ڪهڙي ڳوٺ ۾ وٺي آيا؟
جواب: هالا حويليءَ ۾.
سوال: سيد حبيب شاهه جي گهر جي نزديڪ هڪ کڏ هوندي هئي مقامي ماڻهو ان کڏ کي ڇا سڏيندا هئا؟
جواب: ساياتن جي کڙ.
سوال: شاهه سائين جي خاندان جن جاين تي، رهائش اختيار ڪئي هئي انهن جاين کي ڪهڙي نالي سان سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: شاهه جا پڊ (شاهه حبيب جا پڊ).
سوال: سيد حبيب شاهه گهر جو سودو سامال ڪهڙي شهر مان خريد ڪندو هو؟
جواب: نصرپور مان.
سوال: سائين حبيب شاهه ۽ درويش ابراهيم جي ملاقات ڪهڙيءَ جاءِ تي ٿي هئي؟
جواب: نصرپور شهر جي شاهي بازار جي منڍ ۾ کبڙ هيٺان.
سوال: سيد حبيب شاهه کي هي لفظ ڪهڙي بزرگ چيا هئا ته هن نينگر جي پيشاني ٻڌائي ٿي ته هي وڏو عابد، زاهد ۽ پنهنجي وقت جو وڏو ولي ڪامل ٿيندو، توهان لطيف کي پنهنجي پويان گهوڙي تي سوار نه ڪندا ڪريو؟
جواب: درويش سيد ابراهيم نصرپوري.
سوال: هي منهنجو پٽ آهي ۽ آءُ هن جو پيءُ آهيان، هي اڳيان ۽ آءُ پويان، اهو ڪيئن ٿو ٺهي؟ هي لفظ سيد حبيب شاهه ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: درويش سيد ابراهيم شاهه کي.
سوال: ها ”ڪڏهن ڪڏهن پٽ پيءُ کان ڪسر کڻي ويندو آهي آءُ هن ۾ مڻيان ڏسي رهيو آهيان جنهن ڪري توکي حڪم ٿو ڏيان ته تون ايئن ڪر“. هي لفظ سيد حبيب شاهه کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: درويش سيد ابراهيم شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ جي ولادت واري ماڳ تي شاهه سائين جي وصال کان ڪافي عرصو پوءِ ڪهڙي فقير هڪ مسجد جوڙائي هئي؟
جواب: لونگ فقير مهيسر (نصير واهه جي ڪپ تي).
سوال: سيد حبيب شاهه، عبداللطيف کي وهنجاري تنجڻ سوڌو ڪهڙي بزرگ وٽ کڻي ويو هو؟
جواب: سخي هاشم شاهه وٽ.
سوال: ان وقت سائين هاشم شاهه وٽ ٻيو ڪهڙو مشهور درويش ويٺل هو، جنهن ننڍڙي عبداللطيف کي پري کان ڏسي چيو اهو عبداللطيف ته ناهي؟
جواب: وتايو فقير.
سوال: هي لفظ شاهه حبيب کي ڪنهن فرمايا ”رب جي امر سان اڄ اسان جي درياءَ ۾ حضرت خضر جن آيا آهن ۽ تنهنجي پٽ کي اجهو ٿو خضري علم عطا ٿئي“ ؟
جواب: سخي سيد هاشم شاهه.
سوال: وتايو فقير الله تعالى جي حڪم سان شاهه سائينءَ کي درياءُ ۾ ڪنهن وٽ کڻي ويو هو؟
جواب: حضرت خضر عليھ السلام.
سوال: درياءَ مان نڪرڻ کان پوءِ وتائي فقير شاهه حبيب کي ڇا فرمايو؟
جواب: فرمايو! پنهنجو پٽ وٺ مان هاڻي هن جو علمي بار نٿو کڻي سگهان.
سوال: شاهه سائينءَ کي حضرت خضر عليھ السلام درياءَ ۾ ڪهڙي نشاني ڏني؟
جواب: ٻه املهه گل
سوال: سائين حبيب شاهه کي هي لفظ ڪنهن چيا! تنهنجو پٽ خضري عمل حاصل ڪرڻ بعد حضرت امام حسين عليھ السلام جي سوءِ ٻڌي آيو آهي، جنهن جو مطلب ساري عمر حضرت حسنين پاڪ جي سوڳ ۾ نه کلندو، نه مٿي کٽ تي سمهندو، نه سرمو پائيندو، نه وارن کي تيل هڻندو؟
جواب: سخي هاشم شاهه ۽ وتائي فقير.
سوال: ”ڪو ڏينهن ٿيندو جو هن ٻار مان اهي گل نڪرندا جن جي سڳند ساري عالم کي سرهو ڪري ڇڏيندي“ اها پيشنگوئي ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: ميون عيسى (ان وقت لطيف ڇهن ورهين جو هو).
سوال: شاهه سائين ڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو ته ساياتن کيس ڇا چيو هو؟
جواب: ”اوهين عاشق آهيو، اوهان وٽ راڳ ۽ ناچ ٿيندو اسين شريعت جا صاحب آهيون، ڀلائي ڪري ڪنهن ٻيءَ ڀونءِ کي وسايو.“
سوال: ”حبيب جو پٽ اڃان پچي راس نه ٿيو آهي“ اهي لفظ ڪهڙي بزرگ چيا ؟
جواب: مٽيارن جي سخي هاشم شاهه.
سوال: ان وقت لطيف سائينءَ جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: سترهن يا ارڙهن سال.
سوال: سيد حبيب شاهه ڪهڙي بزرگ جي چوڻ تي مٽيارين مان لڏو کڻي ڀئي پور رهائش اختيار ڪئي؟
جواب: سخي هاشم قلندر جي چوڻ تي (ڪتابن ۾ هالا حويلي ۾ رهائش اختيار ڪئي).
سوال: درويش سيد هاشم شاهه جي وفات ڪڏهن ٿي هئي؟
جواب: 12 ربيع الاول سن 1120هه (روضو مٽياري ۾).
سوال: شاهه صاحب، سيد هاشم شاهه جي تعريف ڪهڙي سر ۾ ڪئي آهي؟
جواب: سر ڌناسريءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جي ولادت وقت هندستان جو بادشاهه ڪهڙو هو؟
جواب: اورنگزيب عالمگير.
سوال: شاهه سائين پنهنجن فقيرن کي ڪهڙي جانور کي مارڻ کان منع ڪئي هئي؟
جواب: سهي کي. (سَهو).
سوال: شاهه سائين ڪهڙي هجري سن کان والد صاحب جي رهنمائيءَ هيٺ تربيت حاصل ڪئي؟
جواب: 1115هه کان 1120هه تائين.
سوال: شاهه سائين مٽيارين جي موسى محلي ۾ ڪهڙن بزرگن وٽ پڙهڻ لاءِ ويندو هو؟
جواب: آخوند احمد ۽ آخوند محمد وٽ (ڪتاب ڀٽائي تي بهتان).
سوال: هي لفظ سائين حبيب شاهه کي ڪنهن چيا هئا ”سائين لطيف کان پڙهائي ڏسو ته اوهان کي پتو پوندو“ ؟
جواب: آخوند احمد.
سوال: ڪهڙو بزرگ علاج لاءِ سيد حبيب شاهه وٽ آيو ته سيد حبيب شاهه جي صحبت ۾ اتي ئي خاندان سميت رهي پيو؟
جواب: بزرگ نور محمد ڀٽي. (حوالو. لطيف سالگره مخزن 1968ع ).
سوال: شاهه سائين کي ديني تعليم ڏيارڻ لاءِ سندس والد ڪهڙي عالم وٽ ويهاريو هو؟
جواب: آخوند نور محمد ڀٽي (ڳوٺ وائي عرف وانئين).
سوال: هي بيت شاهه صاحب ڪنهن کي چيو هو؟
سونٽي اُلار مَ سيد تي، ملا مون نه مار،
نظر ڪري نهار، ته آءُ اڳهين پڙهيل آهيان.
جواب: پنهنجي استاد نور محمد آخوند کي.
سوال: شاهه سائين جي استاد آخوند نور محمد ڪيترن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي؟
جواب: 90 سالن جي عمر ۾.
سوال: شاهه سائين جي ننڍپڻ ۾ پالنا ڪهڙي فقير ڪئي هئي؟
جواب: عمر فقير سهتي.
سوال: شاهه سائين جو ننڍي هوندي کان رفيق ۽ سڀ کان وڌيڪ پيارو ساٿي ڪهڙو هو؟
جواب: فقير محمد عالم ولد ربڏنو ڏيرو.
سوال: شاهه سائين ننڍپڻ ۾ ڪهڙيون رانديون ڪيون؟
جواب: ڏاڪ چميءَ، سيڙه، کينهوڙي ۽ پاڻيءَ ۾ ڪُندرؤً جهڙيون رانديون.
سوال: شاهه سائين گز ڪمان سان ڪهڙن پکين جو شڪار ڪندو هو؟
جواب: پاڻ ڪنهن به ساهه واري شي جو شڪار نه ڪيائون. بيجان شي تي نشان چٽيندو هو.
سوال: شاهه سائين ٿانوَن ۾ ڪهڙي شيءِ کي پسند ڪندا هئا؟
جواب: ڍڪڻ کي. (ان ڪري جو اهو هر شيءِ کي ڍڪي ٿو ڇڏي.)
سوال: شاهه سائينءَ ننڍپڻ وارا ڪيترا سال گنباٽ واري تر ۾ گذاريا؟
جواب: 12 سال .
سوال: شاهه حبيب لطيف سرڪار کي ڪهڙن بزرگن جا بيت ياد ڪرايا هئا؟
جواب: شاهه ڪريم، قاضي قاضن ۽ لطف الله قادري جا.
سوال: شاهه سائين جي روحاني پير جو نالو ٻڌائيندا؟
جواب: منصور حلاج.
سوال: شاهه سائينءَ روم جي ڪهڙي بزرگ شاعر کي روحاني رهبر ڪري مڃيو آهي؟
جواب: مولانا جلال الدين روميءَ کي.
سوال: شاهه سائينءَ سنڌ جي ڪهڙي شاعر کي روحاني رهبر ڪري مڃيو آهي؟
جواب: شاهه عبداللطيف ڪريم بلڙيءَ واري کي.
سوال: شاهه ڪريم جي ڪهڙي خليفي کي شاهه سائين، روحاني استاد، رهبر مرشد ڪري مڃيو آهي؟
جواب: ميون مرکيو جوڻيجو.
سوال: شاهه سائين ڪنهن جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي؟
جواب: سيد حبيب شاهه جي هٿ تي.
سوال: شاهه صاحب قادري طريقي جو ذڪر ڪهڙي بزرگ کان پرايو هو؟
جواب: شاهه حبيب کان جيڪو سندس پهريون مرشد هو.
سوال: شاهه صاحب کي ڪيترا چاچا هئا؟
جواب: فقط هڪ، سيد عبدالرشيد شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ جي سؤٽن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: (1) سيد عبدالقدوس شاهه. (2) نالي چڱو شاهه، (3) شاهنواز شاهه عرف شهزادو شاهه ، (4) ڪبير محمد شاهه، (5) سيد جمال شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ جي سڳي ڀيڻ جو نالو ڇا آهي؟
جواب: بيبي بتول. کيس ادب وچان بيبي راڻي ۽ بيبي سردار به سڏيندا هئا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي علائقي جون ڳئون شوق سان پاليون هيون؟
جواب: ڀاڳناڙيءَ جون.
سوال: شاهه سائين ڳاڙهيون ڳئون شوق سان پاليون هيون اهي ڪهڙي ماڳ تي وڻن سان ٻڌي آرام ڪندو هو؟
جواب: ڪنڊي وڻ سان، ٽنڊو آدم روڊ تي واقع.
سوال: ڪهڙو فقير شاهه سائينءَ جو مال چاريندو هو؟
جواب: گڻنگ فقير.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو فقير گهوڙي کي گاهه ڏيندو هو؟
جواب: احمد فقير.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ اويسي طريقي وارو روحاني رشتو ڪهڙي هستيءَ سان ڳنڍيو هو؟
جواب: حضرت محمد مصطفى صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان.
سوال: شاهه صاحب کي ڪنهن پاراتو ڏنو ته ”پٽ ڪونه ٿيندئي“ ؟
جواب: جاني فقير ڏيري.
سوال: ان پاراتي کان پوءِ لطيف سائينءَ کيس ڪهڙو جواب ڏنو هو؟
جواب: شاهه صاحب جاني فقير کي مسڪرائي جواب ڏنو ته کيس پٽ جي ضرورت ناهي، سندس مريد ئي سندس ٻالڪا آهن.
سوال: شاهه سائينءَ ٻه ڪُتا پاليا هئا انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: موتي ۽ گهنيون (گردگان). (کينهو)
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪتڙن جي سنڀال ڪهڙو فقير ڪندو هو؟
جواب: وهيون فقير.
سوال: شاهه سائين جي ٽوپيءَ کي ٻئي ڪهڙي نالي سڏيو ويندو هو؟
جواب: تاج يا ڪلاه.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي قادري طريقي واري ڪلاه ڪنهن کي ڏني هئي؟
جواب: وهيين فقير کي.
سوال: ڪيترا فقير شاهه سائينءَ جي آستاني تي رهندا هئا؟
جواب: 130 فقير.
سوال: سيد اسدالله شاهه متعلوي جون ڪهڙيون نياڻيون شاهه سائين جي حرم سراءِ جو ڪم ڪار سنڀالينديون هيون؟
جواب: بي بي حسنه ۽ بي بي لعل.
سوال: بيبي لعل جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: ديهه شيخاڻيءَ ۾.
سوال: بيبي لعل جي مزار تي قبو ڪنهن اڏرايو آهي؟
جواب: حبيب الله صديقيءَ .
سوال: سائين حبيب شاهه هي لفظ ڪنهن کي فرمايا هئا ته” اسان سيدن لاءِ علم اهڙو ضروري آهي، جهڙو اشراف عورت لاءِ مٿي تي لٽو“؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي شاعر سنڌي شاعريءَ کي رنگ روپ ڏئي ۽ چٽسالي ڪري خوبصورت بڻايو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: ڪهڙي بزرگ فرمايو آهي ته ”عمل بهشت تائين رسائي ٿو ۽ ذڪر خدا تائين“ ؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: شاهه صاحب سڀ کان پهريائين ڪهڙي دعائيه سٽ چئي هئي؟
جواب: جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو.
اها سٽ مرزا مغل بيگ جي نياڻي سعيده بيگم کي ڏسڻ مهل چيائين.
سوال: هڪ ڀيري لاله بيگ عرف مرزا مغل بيگ شاهه صاحب کي گهٽ وڌ ڳالهايو هو ته ان موقعي تي لاکيڻي لطيف ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: بيگ تنهنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪانَ،
اٿم آس الله ۾، دل مارينئي مانَ.
سوال: شاهه صاحب جي سهري مرزا مغل بيگ کي ڪهڙي قوم وارن ماريو هو؟
جواب: دَلي ڳوٺ جي دلن (دل قوم).
سوال: شاهه سائين جي سهري مرزا مغل بيگ جو خانداني شجرو ڪنهن سان ملي ٿو؟
جواب: چنگيز خان سان.
سوال: شاهه سائين جي سهري مرزا مغل بيگ عرف لاله بيگ جي وفات ڪڏهن ٿي هئي؟
جواب: 1124هه مطابق 1713ع ۾ (مدفون توراڪيءَ واري قبرستان ۾ عرف ميون وهيون قبرستان).
سوال: شاهه حبيب پٽ جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ ڪهڙي درگاهه تي پنهنجي پٽ جي مراجعت لاءِ دعا گهرڻ ويندو هو؟
جواب: مخدوم نوح جي درگاهه تي.
سوال ڪهڙي بزرگ جي مقبري ۾ دعا گهرڻ کان پوءِ شاهه حبيب کي آواز آيو ”او شاهه حبيب توکي پٽ ملندُئي پر ضرور پنهنجو مريد ڪجانس“ ؟
جواب: مخدوم نوح جي مقبري مان.
سوال: شاهه صاحب جي شاديءَ جو نڪاح ڪنهن پڙهيو هو؟
جواب: سندس والد شاهه حبيب.
سوال: لطيف سائين جا مريد سندس زوجه کي ادب وچان ڇا چوندا هئا؟
جواب: تاج المخدرات يعني سرتاج سائڻ (ستين جو ڇٽ).
سوال: شاهه سائين جي گھر واريءَ جو اصل نالو ڇا هو؟
جواب: عائشه ( راڻي سلطانه ).
سوال: شاهه صاحب جي ڄڃ ۾ شاهه سائينءَ جي شريڪ حيات جنهن اٺ تي ڪجاوي ۾ سوار هئي ان اٺ جي مهار ڪهڙو فقير جهلي هالا حويليءَ ڏانهن روانو ٿيو هو؟
جواب: راحب فقير ابڙو (ڪوري).
سوال: بيبي سعيده بيگم شاديءَ وقت پاڻ سان گڏ ڪنهن کي وٺي آئي هئي؟
جواب: پنهنجي ننڍي ڀاءُ گولي کي.
سوال: شاهه صاحب جي سالي جو نالو ڇا هو؟
جواب: گولو.

سوال: شاهه سائينءَ جي حويلي ۾ جيڪي خاص خدمتگار عورتون هيون تن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: مائي گنگا جتڻ، مائي صالحان تنياڻي ۽ مائي بُوئا وساڻ.
سوال: شاهه سائين ڪجهه عرصو ڪوٽڙي مغل ۾ به گذاريو هو، اهو ڳوٺ اصل ۾ ڪهڙي سيد سڳوري ٻڌرايو هو؟
جواب: سيد اُڀن شاهه.
سوال: ڪوٽڙي مغل جا ڦٽل نشان ڀٽ شاهه ڪيترو پري اڄ به موجود آهن؟
جواب: اٽڪل ڏيڊ ڪوهه ڏکڻ طرف پراڻي ساڱري واهه تي.
سوال: شاهه صاحب جي امڙ جي وفات تقريبن ڪڏهن ٿي هئي؟
جواب: 1135هه ۾.
سوال: ڪنهن سان مخاطب ٿيندي شاهه سائينءَ چيو ته:
وهٽ اٿئي وجود ۾، جگر ساڻ جيري،
وٺجانس ڪنهن وقوب سين، فڪر ساڻ ڦيري،
ڪڏي ۽ ڪيري، متان گڏهه هڻيئي گپ ۾.
جواب: سيد حبيب شاهه کي.
سوال: شاهه سائين کي جنهن وقت والد جي بيماريءَ جي نياپو مليو ته پاڻ ڪهڙي شهر ۾ هئا؟
جواب: ڪوٽڙيءَ مغل ۾.
سوال: شاهه حبيب وجد واري حالت ۾ هي لفط ڪنهن کي چيا هئا، ”تون ڪير آهين“؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي (لطيف فرمايو توهان جو غلام عبداللطيف).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي والد کي دفنائڻ وقت ڪهڙو بيت پڙهيو هو؟
جواب: ڪڙهه سوڙهي سور گهڻا، ڪٿي سانڍيا ساهه،
نه کري نه کڙڪو نه بازيگر جو واءُ،
لڱن مٿان ماهه، سڪيو وڃي سيد چئي.
سوال: سيد حبيب شاهه جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1144هه مطابق 1732ع ۾. (1155هه . حوالو. معيار سالڪان طريقت. تاليف. مير علي شير قانع ٺٽوي ).
سوال: ڪهڙي شخصيت جي وفات کان پوءِ شاهه لطيف ڪاري ڪفني پاتي هئي؟
جواب: سيد حبيب شاهه جي وفات کان پوءِ.
سوال: شاهه سائين جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ڀاڻيجا هئا؟
جواب: فقير الله ۽ مصري شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي هجري سن ۾ ڀٽ کي آباد ڪيو؟
جواب: 1140هه کان 1142هه ۾.
سوال: شاهه سائين ڀٽ کي آباد ڪيو ته اتي ڪهڙا وڻ موجود هئا؟
جواب: ڄار (کبڙ )، لئو ۽ ڪرڙ.
سوال: شاهه صاحب ڪيترن سالن جي عمر ۾ ڀٽ تي رهائش اختيار ڪئي ۽ پوءِ ڪوبه سفر نه ڪيائين؟
جواب: 59 سالن جي عمر ۾.
سوال: شاهه سائينءَ مرشديءَ جو فيض ڪيترا سال ڏنو هو؟
جواب: ڏهه سال.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي شاعر کي پاڪستان جو رومي ۽ سنڌ جو حافظ چيو وڃي ٿو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي دؤر جو شاعر هو؟
جواب: ڪلهوڙن جي دؤر جو.
سوال: شاهه سائين ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ڪهڙن لقبن سان مشهور ٿيو؟
جواب: تارڪ، لطيف، عبداللطيف وغيره.
سوال: شاهه سائين کي هند توڙي سنڌ واسي ڪهڙن پيارن لقبن سان ياد ڪن ٿا؟
جواب: ڀٽائي گهوٽ، ڀٽ ڌڻي، لعل لطيف، لڄادار لطيف، لطيف سرڪار، لاکيڻو لطيف، مرشد لطيف، شاهه سائين، شاهه صاحب، اولياءُ صاحب، تارڪ، حضرت جن، شاعرن جو سرتاج، عارفن جو سلطان، اوليائن جو امام وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي زماني ۾ ڀٽ شاهه ٻن حصن ۾ يعني ڏکڻ ڀٽ ۽ ٻيو اتر ڀٽ جي نالي سان مشهور هو، توهان اهو ٻڌايو ته اتر ڀٽ ٻئي ڪهڙي نالي سان سڏبو هو؟
جواب: ڳوٺ وسند فقير ٻگهيو جي نالي سان .
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ سرائيڪي ٻولي جاگرافيائي لحاظ کان ڪهڙي علائقي تائين ڳالهائي ويندي هئي؟
جواب: سنڌ جي اڀرندي ڀاڱي بهاولپور ۽ سبزل ڪوٽ تائين.
سوال: سنڌ جا ٽي وڏا سالار تاجو فقير، جادو فقير ۽ بختاور فقير شهيد ٿيا ته شاهه سائين جي عمر ڪيترا ورهيه هئي؟
جواب: 11 ورهيه.
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ ٺٽي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا هزار ڪوري ڪپڙي اڻڻ جو ڪم ڪندا هئا؟
جواب: ويهه هزار ڪوري.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ ڪپڙي تي ڇر جي هنر جو مرڪز ڪاٺياواڙ جي ڪهڙي شهر ۾ هو؟
جواب: هالار.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي دور ۾ سنڌ تي ڪهڙن حڪمرانن جي حڪومت ڏٺي؟
جواب: ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت.

سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪهڙا ٻه وڏا واقعا ٿيا؟
جواب: هڪ صوفي شاهه عنايت جھوڪ وارو ڇهن ستن هزارن صوفين سان شهيد ٿيو.۽ ٻيو واقعو مخدوم عبدالرحمان کهڙائي 222 ڄڻن سان شهيد ٿيو.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور جي ان سماج سڌارڪ عورت جو نالو ٻڌايو، جنهن مسجدون، کوهه ۽ مسافر خانه ٺهرايا هئا؟
جواب: مائي ڄامان (ڄامل)
سوال: مائي ڄامان جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: دولتپور ڀرسان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾.
سوال: ”سنڌ جي خاتون اول“ ڪلهوڙا دور جي ڪهڙي سماج سڌار عورت جو لقب آهي؟
جواب: مائي ڄامان.
سوال شاهه سائينءَ جي دور ۾ سرڪاري ۽ دفتري زبان ڪهڙي هئي؟
جواب: فارسي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي ٻوليءَ کي غلامي جو طوق تصور ڪيو هو؟
جواب: فارسي کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌ ۾ سرڪاري زبان ڪهڙي هئي؟
جواب: فارسي.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ ڪهڙيون چوڻيون سنڌي سماج ۾ جاري هيون؟
جواب: 1. فارسي گهوڙي چاڙهه سي. 2. سنڌي وائي قلم نه آئي.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪهڙيون ٻوليون ڳالهائيون وينديون هيون؟
جواب: فارسي، سنڌي، سرائيڪي، براهوي، بلوچي وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ افغانستان ڪهڙي نالي سان مشهور هو؟
جواب: خراسان.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙي علائقي ۾ کٿين ۽ لوين ڍڪڻ جو رواج هو؟
جواب: ٿر ۾.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙي شخص هڪ قرآن پاڪ جو نسخو 1735ع ۾ حضرت امام علي رضا عليھ السلام جي روضي تي بطور نذرانهءِ وقف ڪري موڪليو هو؟
جواب: ميان نور محمد ڪلهوڙي والي سنڌ.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجن هٿن سان قرآن پاڪ جا ڪيترا نسخا لکيا هئا؟
جواب: قرآن پاڪ جا چار نسخا.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪيترا هزار ڪورڪي ڪم جا ڪاريگر پليگ سبب مري ويا؟
جواب: اَسي هزار (80000).

سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌ جي ڪهڙي ماڳ مان سچا موتي لڀندا هئا؟
جواب: ڪڪرال/ ڪڪراله .
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌ جو وڏو شهر ڪهڙو هو؟
جواب: ٺٽو.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ ڪهڙو شهر ”عراق ثاني“ سڏبو هو؟
جواب: ٺٽو شهر.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سنڌ جي ڪهڙي شهر کي ”مدينو ثاني ۽ دارالشرع“ سڏيو ويندو هو؟
جواب: کهڙا شريف کي.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙو بزرگ، راتين جون راتيون شاهه سائين جا شعر ٻڌڻ ۾ گذاريندو هو؟
جواب: مخدوم محمد صالح صوفي.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙن درويشن جا حڪمت آميز هندي دوها سنڌ ۾ عام مروج ۽ مقبول هئا؟
جواب: ڪبير، گرونانڪ، دادو ديال، سمن، تلسي، رحمن، ڪالو وغيره. (حوالو. سنڌي ادب. جولاءِ. ڊسمبر 2002ع. )
سوال: شاهه سائين جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪٿان جو ڪپڙو مشهور هو؟
جواب: هالار جو.
سوال: لاکيڻي لطيف جي آدرشي رياست ڪهڙي هئي؟
جواب: ملير.
سوال: شاهه سائين جي ڏينهن ۾ ڪٿان جي ميندي مشهور هئي؟
جواب: ملير جي.
سوال: شاهه سائينءَ ملير جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 3 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙي شاعر جو فارسي غزل ڏاڍو مشهور ٿيو هو؟
جواب: حضرت صوفي شاهه عنايت جو.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڏينهن ۾ گوريءَ جو ميلو ڪٿي لڳندو هو؟
جواب: گجرات ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ ڀٽ جي ويجهو ڪهڙيون ٻه ڍنڍون هيون؟
جواب: ڪراڙ ڍنڍ ۽ سور هڏي ڍنڍ.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ اوطاق کي ڪهڙي نالي سان سڏيو ويندو هو؟
جواب: ڳڃڙو ۽ مڪان.


سوال: شاهه سائين جي زماني ۾ برِ صغير ۾ ڪيتريون جنگيون لڙيون ويون؟
جواب: ڪل 56 جنگيون، جن مان 33 لڙاين ۽ مقابلن جو ڪڻو سنڌ جي حصي ۾ آيو (حوالو، ڪتاب جر ٿر تک تنوار، 1979ع، صفحه. 72).
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ حيدرآباد کي ڇا چوندا هئا؟
جواب: نيرن ڪوٽ (نيرون ڪوٽ)
سوال: حيدرآباد جي باني جو نالو ٻڌايو؟
جواب: آصف جاهه. (وفات 1741ع). حوالو. ڪتاب. سنڌ جي اقتصادي تاريخ. ص. 250 .
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين حيدرآباد شهر جو نالو تجويز ڪيو هو؟
جواب: سيد جمال شاهه.
سوال: شاهه سائين جي شاعري جو دور ڪيترن سالن تي مبني آهي؟
جواب: چاليهن سالن تي (محقق. فدا حسين شيخ).
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙي مزاحي شاعر، بادشاهه فرخ سير کي مڇر ماريندڙ بادشاهه سڏيو؟
جواب: شاعر جعفر زٽلي (حوالو. شاهه سچل سامي. ص. 64) .
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ سنڌ ۾ تصوف جا ڪهڙا ٻه سلسلا رائج هئا؟
جواب: وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود. (محقق، جي. ايم. سيد)
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سنڌ ۾ تصوف جا ڪهڙا طريقا رائج هئا؟
جواب: قادري، سهروردي، چشتي ۽ نقشبندي طريقا.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ يعني 1750ع جي لڳ ڀڳ سنڌ اندر جملي ڪيتري زمين آباد ٿيندي هئي؟
جواب: اٽڪل 30 لک ايڪڙ.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ماپ تور ڇا سان ڪئي ويندي هئي ۽ انهن وزنن کي ڪهڙن نالن سان سڏيو ويندو هو؟
جواب: پاٽي، ٽويو، ڪاسو، مڻ، کنڊي، خرار، دُڪو، چوٿائي ۽ سير.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ فاصلي ماپڻ لاءِ ڪهڙيون شيون استعمال ٿينديون هيون؟
جواب: نري، گز، سڏ، ڪوهه يا ڳاهو.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪپڙي ماپڻ لاءِ ڪهڙيون شيون استعمال ٿينديون هيون؟
جواب: آڱر، ڇاڙڪي، نري، هٿ ۽ گز.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ پاڻياٺين شين ماپڻ لاءِ ڇا استعمال ٿيندو هو؟
جواب: ماڻيون، ٽپڙيون.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سڪا ڪهڙن نالن سان رائج هئا؟
جواب: اشرفيون، رپيا، پئسا، آڌيلا، ڪسيرا، دمڙيون ۽ ڪوڏيون.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ فقيرن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪهڙو ساز وڄايو ويندو هو؟
جواب: نوبت.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سنڌ اندر ڪهڙن سازن جو آواز گونجندو هو؟
جواب: مرلي، تنبورو، نڙ، شرناءِ، سارنگي، سرندو، يڪتارو، دهل، گاگهر، بانسري، بوڙينڊو، چنگ، ناد، نفيل، ڀير، نغارا وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ ڪٿان جون ترارون ۽ ڪهاڙيون سنڌ ۾ مشهور هيون؟
جواب: مصر جون ترارون ۽ گجميل جو ڪهاڙيون.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ (امير) ماڻهو ڪهڙي قسم جو ڪپڙو استعمال ڪندا هئا؟
جواب: پٽولا، بخمل، بافتو، ارم، عنبير، ململ، پٽ، الائچي، پهراڻ وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ گهٽ آمدنيءَ وارا ماڻهو ڪهڙا ڪپڙا استعمال هئا؟
جواب: لوئي، کٿو، کيس، کهنبو، ٻانڌڻي، گندي، سائي شال، چني، لانگوٽي، ڀاروڙي ۽ ڪنجرو.
سوال: شاهه سائينءَ جي زماني ۾ سنڌ جي عوام مٿان ڪيترن قسمن جون ڍلون، محصول ۽ ٽئڪس مڙهيل هئا؟
جواب: سترهن (17) قسمن جون.
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ مزدور جي ڏهاڙي اجرت ڪيتري هئي؟
جواب: 2 يا 3 دام. (چاليهه دام هڪ رپئي ۾ هوندا هئا.)
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ هنر مند يا ڪاريگر کي مهيني جي اجرت ڪيتري ملندي هئي؟
جواب: ٽن روپين کان پنج روپيا. (حوالو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا.)
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ اُٺ ۽ ڳئون ڪيترن پئسن ۾ ملندا هئا؟
جواب: اُٺ پنجويهه کان ٽيهه روپيا، کير واري ڳئون ٻارهن روپيا، ڦنڊر ڇهه روپيا، وهڙي ويهه روپيا.
سوال: شاهه سائينءَ جي زماني ۾ ڪڪڙ جو چوزو ڪيترن روپين ۾ ملندو هو؟
جواب: ٽن روپين ۾ ملندو هو.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ 1716ع ۾ ويرا واهه (پاري نگر) جي گاديءَ تي ڪير ويٺو هو؟
جواب: سوڍو ستوجي.
سوال: سنڌ ۾ واهن جو پهريون وڏو معمار ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: ميان نور محمد ڪلهوڙي کي.
سوال: سنڌ تي ميان نور محمد ڪلهوڙي ڪيترا سال حڪومت ڪئي؟
جواب: 35 سال محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
سوال: ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: خميس 8 ذوالحج 1167هه/ 26 سيپٽمبر 1754ع ۾ . ( ڪجهه ڪتابن ۾ 12 صفر 1167هه / 9 ڊسمبر 1753ع)
سوال: ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي ڊزائن ڪهڙي ڪاريگر ٺاهي هئي؟
جواب: ٺٽي جي مشهور ڪاريگر ابو بڪر ڊزائن ڪيو.
سوال: ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ساليانو عرس مبارڪ ڪهڙي هجري تاريخ تي ملهايو ويندو آهي؟
جواب: 8 ذوالحج تي. ميان جا قبا ۾.
سوال: لطيف سائين جي خدمت ۾ مائي گلان ڪهڙي سال ڀٽ تي ڳايو هو؟
جواب: 1135هه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ هي لفظ ڪنهن کي چيا، تڪڙ نه ڪر، ترس ته ڀلي موتين جا خريدار اچن؟
جواب: مائيءَ گلان کي.
سوال: اي حضرت ! مون کي دعا ڪر ته آءُ پنهنجيءَ واري ٿيان، سکيو ستابو گذران ڪريان ۽ عاقبت خير جي گذريم. اهي لفظ شاهه سائينءَ کي ڪنهن چيا؟
جواب: مائي گلان.
سوال: ”خدا جي حڪم سان تون ترت سنڌ جي راڻي ٿيندينءَ“ اهي لفظ شاهه سائين ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: مائي گلان کي.
سوال: مائي گلان ڪهڙي شهر جي رهواسڻ هئي؟
جواب: بيڪانير جي.
سوال: مائي گلان جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: حجامڻ، ڪتاب، تذڪره مخاديم کهڙا.
سوال: شاهه سائينءَ دعا طور ، هي لفظ ڪنهن کي چيا: گلان مان گل پيدا ٿيو، ڪي ٽڙيو، ڪي ٽڙندو؟
جواب: مائيءَ گلان کي.
سوال: مائي گلان جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: محمد آباد ديهه ميان نورمحمد ”ميان جا قبا“ شاهه پور جھانيان ويجھو.
سوال: مائي گلان جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1158هه ۾.(حوالو: سيفي مرزا جو مضمون، ڪاوش گئلري، سومر 24 فيبروري 2020ع.)
سوال: مائي گلان جي تجر جي ڊيگهه ۽ ويڪر ڪيتري آهي؟
جواب: ڊيگهه 16 فوٽ، ويڪر 20 فوٽ ۽ اوچائي 13 فوٽ.
سوال: سنڌ جو تاريخي ماڳ ”ميان نورمحمد ڪلهوڙي جا قبا“ ڪيترن ايڪڙن تي مشتمل آهي؟
جواب: 64 ايڪڙن تي.
سوال: غلام شاهه ڪلهوڙو ڪنهن جي دعا سان ڄائو هو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دعا سان.
سوال: غلام شاهه ڪلهوڙي جي باري ۾ هي شعر ڪهڙي شاعر چيو آهي:
گلان وچون گل پيدا ٿيا، ڪجهه کليا هي ڪجهه کلسي،
دانهه ڏيک ديواني ٿيسن، واءُ حسن دي گهلسي.
جواب: بهار ٻپڙ.
سوال: ميان غلام شاهه ڪلهوڙو تخت تي ڪڏهن ويٺو؟
جواب: 13 ذوالحج 1170هه/ سومر 29 آگسٽ 1757ع.
سوال: ڪهڙي شخصيت کي ”سنڌ جو شاهه جهان“ چيو وڃي ٿو؟
جواب: ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ آمد ورفت جا ڪهڙا ذريعا هئا؟
جواب: ٻيڙيون، غوراب، ڏولي، ڏاند گاڏي، اٺ، گھوڙا ۽ گڏهن ذريعي سواري توڙي سامان کڄندو هو.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ زمين کي ريج ڪرڻ جا طريقا ڪهڙا هوندا هئا؟
جواب: (1) موڪي. (2) چرخي. (3) چرخي مدد موڪي. (4) چاهي. (5) بوسي.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙا قدرتي واهه وهندا هئا؟
جواب: پراڻ، نارو، اروڙ، ڦٽو، گوني، پنياري، لکي ۽ بگهاڙ.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙا فصل پوکيا ويندا هئا؟
جواب: ساريون، ڪڻڪ، ٻاجھري، جوئر، مڪائي، وؤنڻ، سڻي، ڪمند، مڱ، چؤنرا، مٽر، چڻا، گدرا، ڇانهين، ونگا، ميها، ميندي، تماڪ، سرنهن ۽ ڄانڀو وغيره.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سنڌ ۾ ڪهڙا ميوا ٿيندا هئا؟
جواب: انب، ٻير، ليما، زيتون، کجور، ڏاڙهون، صوف، ڊاک، نارنگي، ڄمون ۽ پپيتو وغيره.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙي پيدائش مان، ڪجھه ماڻهن جو گذر سفر ٿيندو هو؟
جواب: کير، مکڻ، ڏڌ، گوشت، جانورن جون کلون، اُن، ڏاس ۽ ملس وغيره.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙي جھنگلي پيدائش مان ماڻهون پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا؟
جواب: ماکي، کونئر، پُسي، ڏونرا، چڀڙ، متيرا، ريڀڙ، پڪا، سڱر، پيرون، پپون، ڳنڍير، ڪوڍير، گولاڙا، کاٽونبا، کنڀيون، ڦوڳ، ٽوهه، للر، لونڻڪ، مريڙو، لنب، کهه، کٿوري، مکڻي، مانڌاڻو، سائون، جِھلُ وغيره.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪجھه ماڻهون پاڻيءَ جي ڪهڙي پيدائش مان گذر سفر ڪندا هئا؟
جواب: مڇي، پلو، گندڻ، موتي، سپون، ڪوڏ، بيهه، لوڙهه، ڪوڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين پنهنجي دؤر ۾ ڪيتريون مسجدون تعمير ڪرايون؟
جواب: درگاهه واري مسجد، لال لئي واري مسجد، قبي مسجد، واگهين جي ڀٽ واري مسجد، ترائيءَ واري مسجد ۽ لاهوت واري پاسي اڇي مسجد.
سوال: شاهه سائين ڪهڙو لباس پائيندو هو؟
جواب: گيڙو رتي ڪفني، مٿي تي ڊگهي جمني ٽوپي (اڇي رنگ جي ٽوپي يا ڪلاهه) جنهن تي ٻه ٽي وراڪا ڪاري ڪپڙي جا ويڙهيندو هو.
سوال: شاهه سائين سفر وقت ڇا ڇا کڻندو هو؟
جواب: ڊگهي لٺ ۽ ڪڏهن ڪڏهن بيراڳڻ، رومال، گودڙي ۽ رلي.
سوال: شاهه سائين کائڻ پيئڻ لاءِ ڪهڙو ٿانءُ ساڻ رکندو هو؟
جواب: کاڌي پيتي لاءِ وٽس هڪ وڏو ڪشتو يا ڪچڪول هوندو هو.
سوال: شاهه سائين جي سيرت جو اهم ترين قومي پهلو ڪهڙو آهي؟
جواب: صوفيانه مسلڪ (صوفياڻو پهلو).
سوال: شاهه سائين بيتن جي صورت ۾ پاڻ کي ڇا جو شارح قرار ڏئي ٿو؟
جواب: قرآن شريف جو.
سوال: شاهه سائينءَ کي ڪهڙي علائقي جي ماڻهن سان تمام گهڻي محبت هئي؟
جواب: ٿر جي علائقي
سوال: ساماري کان ٽي ڪلوميٽر مفاصلي تي شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ جي ڏهاڙي تي سماع جون محفلون مچائي صوفياڻي راڳ جو رواج پڻ وڌو؟
جواب: حسن باغبان جي مزار وٽ. اتي پاڻ چلو به ڪڍيائون.
سوال: شاهه سائين درگاهه ڪريميءَ جو ڪم تقريبن ڪيترن سالن ۾ مڪمل ڪرايو؟
جواب: ٽن سالن ۾.
سوال: درگاهه ڪريميءَ جو ڪم شروع ڪرائڻ وقت شاهه لطيف جي عمر مبارڪ ڪيترا سال هئي؟
جواب: ٽيونجاهه سال.
سوال: نيري ڪاشيءَ جي سر تي درگاهه ڪريميءَ جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو ڪهڙو سن لکيل هو؟
جواب: 1156هه.
سوال: ڪهڙي بزرگ هستيءَ پشنگوئي ڪئي هئي ته ”اهڙو وقت ايندو جو مٽياريءَ جي جامع مسجد پويان درياءُ وهندو ۽ منجهس پلا مرندا“ ؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (18 سالن جي عمر ۾، مٽيارن ۾).
سوال: ڪهڙي سال شاهه سائينءَ چيو ته ”مٽارن جو موت، ويندي جي وير م“؟
جواب: 1156هه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي صوفي بزرگ کان 12 ورهيه اڳ ۾ ڄائو ۽ ان بزرگ جي وفات کان 11 ورهيه اڳ ۾ وفات ڪيائين؟
جواب: شاهه ولي الله دهلوي.
سوال: جڏهن بکر ۽ سيوهڻ وارا علائقا ميان يار محمد جي حوالي ڪيا ويا ته ان وقت شاهه سائينءَ جي عمر مبارڪ ڪيتري هئي؟
جواب: 22 سال.
سوال: لاهوت لامڪان جي ڀرسان شاهه سائينءَ ڪهڙي ماڳ تي سارو وقت روزن ۽ رياضت ۾ گذاريو هو؟
جواب: ڪوهه نور.
سوال: شاهه سائينءَ جڏهن ٽيهن ورهين جو ٿيو ته ڪهڙي بزرگ سان ملڻ جي ڪشش ٿيس؟
جواب: قائم الدين قلندر سان.
سوال: قائم الدين قلندر جي زيارت ڪرڻ لاءِ شاهه سائين ڪيترا ڏينهن ساندهه پنڌ ڪيو؟
جواب: 2 ڏينهن.
سوال: بُڪيرن جي ڪهڙي بزرگ کان لاکيڻي لطيف فيض ورتو هو؟
جواب: قائم الدين قلندر کان.
سوال: ”منهنجا محب تو ۾ مان وڏيءَ ولايت جا آثار ٿو ڏسان، هاڻي تون هتي ترسي پؤ، جيسين رمضان شريف پورو ٿئي“ اهي لفظ شاهه سائينءَ کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: قائم الدين قلندر.
سوال: ڪهڙي بزرگ جي ارشاد موجب، شاهه سائين سڄو رمضان شريف جو مهينو، سندس صحبت سڳوريءَ ۾ رهي پيو ۽ ان کان ئي اويسي طريقي جا راز معلوم ڪيائين؟
جواب: قائم الدين قلندر جي.
سوال: شاهه بهاريءَ جي وفات وقت شاهه سائينءَ جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: 45 سال.
سوال: سنڌ ۾ سنڌي سماج جي ٻن سؤ سالن جي غلاميءَ جا، ڪيترا سال حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي اکئين ڏٺا؟
جواب: 47 سال.
سوال: ڪانجهيءَ جي قلعي جي سپهه سالار راجا ڏهيسر جي وفات وقت شاهه سائين جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: 57 سال.
سوال: روپاهه جي بزرگ هستي حضرت شاهه عبدالرحمان جي ولادت وقت مرشد لطيف ڪيترن ورهين جو هو؟
جواب: 59 ورهين جو.
سوال: شاهه ڪريم ۽ شاهه حبيب کانسواءِ لطيف سائين ٻئي ڪهڙي بزرگ جو مقبرو ٺهرايو هو؟
جواب: سيد عبدالقدوس شاهه جو.
سوال: ڪهڙي بزرگ سڳوري شاهه سائين کي فرمايو ته ”دعا ڪريو ته ٻنهي جهانن ۾ عافيت نصيب ٿئي“ ؟
جواب: سيد جمال شاهه.
سوال: ابا پاڻ ٻنهي جي نيٺ هڪڙي هنڌ جاءِ آهي، شاهه سائينءَ اِهي لفظ ڪنهن کي چيا هئا ؟
جواب: سيد جمال شاهه کي.


سوال: شاهه سائين جن تهجد نماز کان پوءِ صبح صادق تائين سؤ ڀيرا ڪهڙو ذڪر ڪندا هئا؟
جواب: هُئين به تون، آهين به تون، هوندين به تون، تون هين تون. فاني سڀ، باقي تون، تون هين تون،
ٻيو نه ڪير، اول به تون آخر به تون، ظاهر به تون باطن به تون، سڀ فاني رهندين تون، تون هين تون.
سوال: شاهه سائين فجر جي نماز ۽ ٻين وقتن جي نمازن بعد فقيرن کي ڪيترين ۽ ڪهڙين تسبيحن پڙهڻ جو حڪم فرمايو هو؟
جواب: فقيرن کي ٽن تسبيحن جو حڪم هو (1) الله هو. (2) الله الله. (3) هو هو.
سوال: شاهه سائين ڀٽ تي جنهن جاءِ تي مچ ٻارائي مراقبي ۾ ويهي عبادت ڪندا هئا ان جاءِ کي ڇا چئجي ٿو؟
جواب: آسڻ.
سوال: شاهه سائين ڀٽ تي تنهائي ۾ هڪ جاءِ تي ذڪر ڪندا هئا ان جاءِ کي ڇا چئجي ٿو؟
جواب: تجر جي ڪوٺي.
سوال: شاهه سائينءَ محرم ۽ صفر جي مهيني ۾ ڪيترا ڏينهن هڪ هنڌ ويهي عبادت ۽ رياضت ڪندو هو؟
جواب: 23 محرم کان 14 صفر تائين.
سوال: اڄ نه من قرار، پيو سونچو ساٿ ۾، نيهي وهندم بار، مٿي ساڻيهه سپرين. هي بيت شاهه سائين ڪهڙي موقعي تي چيو هو؟
جواب: شاهه سائين جي طبيعت ناساز ٿي ته تمر فقير پڇڻ آيس. ان موقعي تي.
سوال: شاهه سائين زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ ڪهڙي وائي چئي هئي؟
جواب: ڪهڙي منجهه حساب هئڻ منهنجو هوت ريءَ (سر سهڻي).
سوال: شاهه سائينءَ جي وصيت مطابق کيس ڪنهن جي پيرانديءَ کان دفنايو ويو؟
جواب: سيد محمود شاهه جي پيرانديءَ کان. (محمود فقير)
سوال: سيد محمود شاهه جو خاندان ڪهڙي شهر مان سنڌ ۾ آيو ؟
جواب: مڪي مان.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ڪل ڪيترو اَنُ کاڌو هو؟
جواب: هڪ مڻُ 15 سير . (حوالو. ڪتاب. ڪستي منجهه ڪڻان. ص. 42 )
سوال: شاهه سائينءَ پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ امامن سڳورن جي غم ۾ ڪهڙو سر چيو؟
جواب: سر ڪيڏارو.
سوال: لطيف سائين وفات کان اڳ ڪهڙي وصيت ڪئي هئي؟
جواب: مون کي انهن ڪپڙن ۾ غسل ڏجو جيڪي بدن تي پيل آهن.


سوال: شاهه سائينءَ وصيت ڪئي هئي ته ”هي چادر مون کي ڪفن ڏجو“ لطيف سائين کي اها چادر ڪهڙي بزرگ کان تحفي طور ملي هئي؟
جواب: خواجه محمد زمان لنواري واري کان.
سوال: شاهه سائين 21 ڏينهن حجري ۾ عبادت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ٻاهر آيو ته ڪيترن دلن سان غسل ڪيائين؟
جواب: 100 دلن سان (ڪتاب احوال شاهه عبداللطيف جي صفحه-43 تي ”سوا دلو پاڻيءَ جو“ ).
سوال: شاهه سائين جو وصال ڪهڙي اسلامي ۽ عيسوي تاريخ تي ٿيو، وصال وقت سندس عمر مبارڪ ڪيتري هئي؟
جواب: 14 صفر 1165هه مطابق پهرين جنوري 1752ع، هجري ڪئلينڊر جي حساب سان پوري 63 سال عمر ۽ عيسوي ڪئلينڊر مطابق ڪل عمر 61 سال هڪ مهينو 16 ڏينهن (حوالو-ڪلاچي، جون 2008ع).
سوال: شاهه سائين جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 26 سيپٽمبر 1751ع / 14 صفر 1165هه. ڪل عمر 61 سال 11 مهينا ۽ 18 ڏينهن. حوالو، سنڌ جو شاهه بدر ابڙو.
جمعو 31 ڊسمبر 1751ع / 14 صفر 1165هه. ڪل عمر 60 سال 9 مهينا.
آچر 2 جنوري 1752ع / 14 صفر 1165هه. (مرتب، لاڙڪ)
سوال: جن ڪپڙن ۾ شاهه سائين دم ڏنو هو، سي سڀ ڪپڙا ڪنهن جي حوالي ڪيا هئائون؟
جواب: محبت فقير جي.
سوال: شاهه سائينءَ جي جسم مبارڪ کي ڪهڙي بزرگ غسل ڏياريو هو ۽ جنازي جي نماز به پڙهائي هئي؟
جواب: ميين ولي محمد ڀٽي.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي ڪهڙين تاريخن تي سماع جي محفل ٿيندي آهي؟
جواب: 14 ۽ 16 صفر تي.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي 14 صفر واري سماع ۾ شاهه جا فقير ڪهڙن سرن مان بيت پڙهندا آهن؟
جواب: پورب، ڪاموڏ، ڪارايل ۽ سر حسينيءَ مان.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي شاهه جا فقير 16 صفر واري سماع ۾ ڪهڙن سرن مان بيت پڙهندا آهن؟
جواب: بلاول، راڻي ۽ سر حسيني مان.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙي حالت ۾ وصال ٿيو ؟
جواب: وجد واري حالت ۾.
سوال: لاکيڻي لطيف جي وفات وقت ڪهڙي جانور رُنو هو؟
جواب: چنگل گهوڙي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو مريد ڪڇ کان سفر ڪري ڀٽ شاهه تي زيارت لاءِ سنڌ ايندو هو؟
جواب: فقير چڱو جت.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو فقير گونگو هو؟
جواب: فقير چڱو جت.
سوال: شاهه سائين وصال کان پوءِ پهرين ڪهڙي ڪرامت ڏيکاري هئي؟
جواب: چڱي فقير جت لاءِ ڌڻي کان دعا پني سندس گونگائپ ختم ڪيائين پوءِ فقير چڱو جت ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو.
سوال: شاهه صاحب جي ڪهڙي معتقد رضوان حق مان سندس وفات جو سال ڪڍيو هو؟
جواب: قاضي ابراهيم هالائيءَ.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي معتقد سندس وصال جا سال ٻن شعرن مان ڪڍيا هئا؟
جواب: محمد پناهه رجا.
سوال: شاهه سائين جو معتقد محمد پناهه رجا ڪهڙي بزرگ جو شاگرد هو؟
جواب: مير حيدرالدين ابو تراب ڪامل جو.
سوال: شاهه سائينءَ جي وصال کان پوءِ سيد جمال شاهه کي طلائي تلوار ڪهڙي شخص ڏني؟
جواب: ميان غلام شاهه ڪلهوڙي.
سوال: پهرئين گادي نشين کان هن وقت تائين ڪهڙين بزرگ هستين ڀٽ ڌڻيءَ جي گادي نشين جون ذميوايون سنڀاليون؟
جواب: (1) گادي نشين سيد جمال ولد ڪمال ڏنو شاهه. (2) سيد قائم شاهه. (3) قائم شاهه جو ڀاءُ سيد قائم الدين شاهه (4) سيد لطف علي شاهه اول. (5) سيد علي بخش شاهه اول. (6) سيد الله بخش شاهه. (7) سيد الله بخش شاهه جو سؤٽ سيد لطف علي شاهه دوئم ستون گادي نشين ٿيو. (8) سيد علي بخش شاهه دوئم. (9) 1933ع ۾ سيد شاهه ڏنو شاهه. (10) سيد الله بخش شاهه عرف سيد غلام شبير شاهه گادي نشين ٿيو. (11) سيد نثار حسين شاهه 24 اپريل 2003ع. (12) 31 ڊسمبر 2014ع تي سيد وقار حسين شاهه درگاهه ڀٽ ڌڻيءَ جي ٻارهين گادي نشين طور ذميواريون سنڀاليون. (حوالو. ڪاوش اخبار 25 اپريل 2003ع ۽ پهرين جنوري 2015ع).
سوال: شاهه سائينءَ جا ڪيترا گادي نشين بزرگ حضرت شاهه حبيب جي روضي ۾ دفن ٿيل آهن؟
جواب: 7 گادي نشين بزرگ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪيترن گادي نشينن جون مزارون شاهه لطيف جي روضي ۾ آهن؟
جواب: ٽن گادي نشينن جون.
سوال: هڪ گادي نشين جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: 11 گهوٽن جي روضي ڀرسان. حوالو، روزاني ڪاوش خميس پهرين جنوري 2015ع.


سوال: شاهه سائين جي روضي جي اولهه طرف سجاده نشين سيد قائم شاهه جي روضي اندر ڪيترن گهوٽن جون مزارون آهن؟
جواب: 8 گهوٽن جون.
سوال: سائين سيد غلام شبير شاهه ڀٽ ڌڻيءَ جي گادي نشينيءَ جون ذميواريون ڪيترا سال سنڀاليون؟
جواب: 33 سال.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه جو جنم ڪڏهن ٿيو هو؟
جواب: 20 جون 1947ع ۾.
سوال: شاهه لطيف جي يارهين گادي نشين ”سيد نثار حسين شاهه“ کي ڪهڙي بزرگ لطيف سائين جا ”حال ڌاڳا“ پهرايا هئا؟
جواب: درگاهه شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي گادي نشين سيد اعجاز حسين شاهه.
سوال: لطيف سائين جي ”حال ڌاڳن“ ۾ شاهه سائينءَ جون ڪهڙيون شيون شامل آهن؟
جواب: لطيف سائينءَ جي قادري ٽوپي، عمامو (ڪارو پٽڪو)، الفي، گيڙو رنگ جي گودڙي، تسبيح ۽ جُتي شامل آهن.
سوال: شاهه سائينءَ جي پٽڪي جي ڊيگهه ڪيتري هئي؟
جواب: پنج هٿ.
سوال: شاهه سائين جو گادي نشين صفر مهيني جي ڪهڙي تاريخ تي ”حال ڌاڳا“ استعمال ڪندو آهي؟
جواب: سورهين صفر تي.
سوال: شاهه سائينءَ جا تبرڪات زائرين کي ڪڏهن ڏيکاريا ويندا آهن؟
جواب: شاهه سائينءَ جي وصال واري تاريخ کان ٽي ڏينهن پوءِ.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين، سڀ کان وڌيڪ عرصو گادي نشين جا فرض سرانجام ڏنا؟
جواب: سڀ کان وڌيڪ عرصو سيد جمال شاهه 39 سال گادي نشين رهيو.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو گادي نشين سڀ کان گهٽ عرصو گادي نشين رهيو؟
جواب: ٻيو نمبر گادي نشين سيد قائم شاهه.
سوال: شاهه سائين پاران سندس خاندان ۽ فقيرن کي ڪهڙن ڪمن کان منع ٿيل آهي؟
جواب: هٿيار کڻي هلڻ، سياست ۾ حصو وٺڻ، ماڙي ٺهرائڻ ۽ شڪار ڪرڻ کان منع ٿيل آهي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو گادي نشين پاڻ کي ”ڀٽائيءَ جي در جو ٻهاريدار“ سڏرائيندو هو؟
جواب: سيد نثار حسين شاهه.
سوال: ڪهڙي بزرگ کي ”ڀٽ شاهه جو ڀورو پير“ چوندا هئا؟
جواب: سيد مظهر علي شاهه کي.
سوال: نازڻ سائين جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 7 ڊسمبر 1949ع ۾.
سوال: نازڻ سائينءَ جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: ڇنڇر 27 نومبر 2021ع مطابق 21 ربيع الثاني 1443هه.
سوال: سيد جمال شاهه جي دور ۾ وڏي اوطاق تي خدمت لاءِ ڪهڙو فقير مقرر هو؟
جواب: محڪم الدين فقير.
سوال: ڪهڙي سبب جي ڪري سيد جمال شاهه کي ”جمعو شاهه جمال جو“ چوندا هئا؟
جواب: پاڻ جمعي نماز کي گهڻي ترجيح ڏيندا هئا ان ڪري.
سوال: جيترو عرصو شاهه سائين جن ڀٽ شاهه تي رهي خلق خدا جي خدمت ڪئي آهي، پاڻ کي به ايترو عرصو نصيب فرمائي. هي الفاظ ڪنهن چيا؟
جواب: سيد جمال شاهه.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين پنهنجي اولاد کي راڳ ويراڳ ۾ شامل حال نه فرمايو؟
جواب: سيد الله بخش شاهه.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين درگاهه تي ميلي جي باقائدي شروعات ڪئي؟
جواب: سيد جمال شاهه ثاني.
سوال: ڪهڙي گادي نشين جي دور ۾ درگاهه تي آيل مهمانن کي کير جو وٽو ۽ ڪڻڪ جي ماني لنگر خاني تان ملندي هئي؟
جواب: سيد جمال شاهه ثاني جي دور ۾.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو گادي نشين، جاتي خطي جي ذاڪري فقيرن وٽ وڃي ليڪو ڦيرائي، ذڪر فڪر لاءِ اوتارو قائم ڪري آيو هو؟
جواب: سيد قائم الدين شاهه ثاني .
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي ڌمال جو نظام ڪنهن مقرر ڪيو هو؟
جواب: سيد لطف علي شاهه ولد سيد جمال شاهه ثالث.
سوال: ڀٽ ڌڻي جي ڪهڙي گادي ڌڻي، ست اوطاقون تعمير ڪرايون ۽ ست خليفا مقرر ڪيا؟
جواب: سيد علي بخش شاهه معروف علڻ گهوٽ.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين ميلي وارن ڏينهن ۾ رضاڪارن جي جماعت جو بنياد رکيو؟
جواب: سيد شاهه ڏنو شاهه ولد علي بخش شاهه.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين فرمايو ته جيئن قرآن ڪريم جي تلاوت لاءِ ڪوئي وقت مقرر ناهي، تيئن راڳ به هر وقت ڳائي سگهجي ٿو؟
جواب: سيد غلام شبير شاهه.


شاهه سائين جي سير و سفر بابت

سوال: شاهه سائين سير ۽ سفر ۾ ڪهڙا ٽي ڪتاب ساڻ رکندو هو؟
جواب: قرآن شريف، فارسي ۾ مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو ڪلام بيان العارفين.
سوال: ڀٽائي سرڪار پهريون سفر ڪيتري عمر ۾ شروع ڪيو؟
جواب: 20 يا 21 سالن جي عمر ۾.
سوال: شاهه سائين جوڳين ۽ سامين سان گڏ ڪيترا سال سفر ڪيو؟
جواب: ٽي سال، ٻي روايت مطابق پنج يا ڇهه سال.
سوال: هڪ ڪٿ مطابق ڀٽائي سرڪار ڪل ڪيترا سال سفر ڪيو؟
جواب: ٻاويهه سال، 1120هه کان 1142هه تائين.
سوال: شاهه سائينءَ سنڌ ۾ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترن قسمن جو سفر ڪيو؟
جواب: ٽن قسمن جو هڪ پيرين پيادو يعني پنڌ، ٻيو ٻيڙين تي ۽ ٽيون اٺن، گهوڙن تي.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ تقريبن ڪيترا سفر ڪيا؟
جواب: ڏهه ٻارنهن کان وڌيڪ سفر ڪيائون، ٻه هنگلاج جا، هڪ لاهوت جو، هڪ ملتان جو، ٿر جا سفر ، لاڙ تان ڀيرا، ٽي سماواتي ايراضيءَ جا، ٻه ساهتي پرڳڻي جا، هڪ اُتر سنڌ ترائيءَ جو ۽ ٻه خدا آباد طرف.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سال ملتان جو سفر درياهه وسيلي ڪيو؟
جواب: 1154هه / 1741ع ۾ .
سوال: ڪهڙو بزرگ شاهه سائين جن جي ويراڳي فقيرن مان هو ۽ ملتان واري سفر ۾ به ساڻن ساٿي رهيو؟
جواب: ميان عبدالغفور بن آخوند نور محمد ڀٽي. (محقق. سرمد چانڊيو )
سوال: شاهه صاحب ڪهڙي بزرگ سان گڏ ڪاشيءَ جون سرون وٺڻ لاءِ ملتان ويو هو؟
جواب: درويش ڏاتار ڏنو بن درويش اسحاق سڪريو سان.
سوال: شاهه سائين، سنياسين جي ساٿ سان روانو ٿيو ته، گهر وارن ڏانهن ڪهڙو الوداعي بيت چوائي موڪليائين؟
جواب: اڄ ملينديس ماءِ ڌاڄا ڪندس ڪپڙا،
جيجا جوڳياڻي ٿيان، مون کي جهل مَ پاءِ،
هوت ٻروچي لاءِ، ڪنين ڪنر پائيان.
سوال: هنگلاج تي هنگلاج نالو ڪيئنءَ پيو؟
جواب: هنڱور ، هنگول يا هنگلور نديءَ جي نالي پويان.
سوال: هنگلاج ياترا دوران ڪيترا تيرٿ آسٿان آهن؟
جواب: 13 پڙاءَ ۽ 24 تيرٿ آسٿان.

سوال: هنگلاج واري قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ فقير کي ڇا سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: اڳووي.
سوال: شاهه سائينءَ هنگلاج جو سفر ڪٿان شروع ڪيو هو؟
جواب: گنجي ٽڪر کان.
سوال: گنجي ٽڪر تي ڪهڙو مندر جوڳين سناسين جو وڏو مرڪز هو؟
جواب: ڪالي مندر (هتي ڀٽائيءَ چله ڪشي ڪئي.)
سوال: ڀٽائي ۽ جوڳي فقير ڪڇ ۽ جونا ڳڙهه جي تيرٿن ڏانهن سفر جي ابتدا ڪٿان کان ڪندا هئا؟
جواب: گنجي ڏونگر کان هاڻوڪي حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ هل پارڪ وٽان.
سوال: شاهه سائين، هنگلاج جو سفر ڪهڙي عيسوي سال ۾ ڪيو هو؟
جواب: 1710ع ڌاري.
سوال: شاهه سائين ٻيو ڀيرو هنگلاج ڪڏهن ويو هو؟
جواب: 1740ع ڌاري.
سوال: هنگلاج واري قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ کي مسلمان ڪهڙي نالي سان سڏيندا آهن؟
جواب: اڳو وي.
سوال: هنگلاج جا پانڌي ٺٽي شهر مان ڪهڙي ماڳ کان پنهنجو سفر شروع ڪندا آهن؟
جواب: مڪلي واري ڪالي مندر کان.
سوال: هنگلاج جي سفر وقت شاهه سائينءَ پهرين منزل ڪٿي ڪئي هئي؟
جواب: حب نديءَ وٽ.
سوال: هنگلاج جي سفر وقت ڀٽ ڌڻيءَ نئه گگهر ڪراس ڪري ڪهڙيءَ واديءَ ۾ پير پاتو هو؟
جواب: ملير واديءَ ۾.
سوال: هنگلاج جا، ياتري ڪراچيءَ کان هنگلاج تائين ڪيتريون منزلون ڪندا هئا؟
جواب: نَوَ منزلون، (1) حب ندي. (2) ڀواني سراءِ. (3) نئه وندر. (4) لياري. (5) ڪنڊيءَ واريءَ ڀرپاسي ۾. (6) ڦور ندي يا هنگور ندي. (7) آسا پورا. (8) ڪالي اسٿان. (9) هنگلاج.
سوال: هنگلاج ڏانهن ويندڙ جوڳي ٻيو پاڻو ڪٿي ڪندا هئا؟
جواب: پانواري جبل تي. (شاهه لطيف جو تڪيو )
سوال: هڪ سفر ۾ شاهه سائين نار ۾ تري ڀڳل لوٽيءَ کي ڏٺو ته ڪهڙو بيت چيائون؟
جواب: تر ي ڀڳي ڪنگري ٺلها ڦيرا ڏئي.
آڻي نڪي نئين تب سلهاڙيو وتي ساٿ سين.
سوال: هنگلاج جي سفر دوران اڳوا جڏهن هنگلاج کان ٺٽي پهچندو هو ته کيس ڇا ڏنو ويندو هو؟
جواب: سفيد مڻين جي مالها.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪاپڙين جو ذڪر ڪيو آهي، ڪاپڙين جو آستان ڪٿي آهي؟
جواب: ڀڄ شهر جي اتر اولهه ۾.
سوال: جوڳين جو ڪهڙو فرقو 18 سو سال پراڻو آهي؟
جواب: ڪاپڙي.
سوال: ڪاپڙين جون ڪيتريون برادريون آهن؟
جواب: 120.
سوال: ڪاپڙين جو وڏو ڪهڙي لقب سان سڏبو آهي؟
جواب: راجا.
سوال: جوڳي ۽ سامي سلام ۽ ڪلام ڪرڻ کان پوءِ ڪهڙ ا لفظ چئي ملندا آهن؟
جواب: آديس گرو.
سوال: جوڳي مرشد کي ڪهڙي لقب سان ياد ڪندا آهن؟
جواب: صابر ۽ گرو.
سوال: هنگلاج ۽ لاهوت، هن ڪتاب ۾ هنگلاج ديويءَ جو ذڪر ڪيترن بابن ۾ ڪيل آهي؟
جواب: يارنهن بابن ۾.
سوال: ڪهڙي ڪتاب ۾ لاهوت لامڪان جو ذڪر ستن بابن ۾ ڪيل آهي؟
جواب: ڪتاب، هنگلاج ۽ لاهوت، محقق، بدر ابڙو، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 1991ع.
سوال: شاهه بلاول نوراني ڪهڙي هجري سال لاهوت لامڪان وٽ ديرو ڄمايو هو؟
جواب: 900هه ۾.
سوال: ڪهڙي بزرگ کي ”پٻ جو پهلوان“ چوندا آهن؟
جواب: شاهه بلاول نوراني.
سوال: شاهه بلاول نوراني لاهوت واري غار ۾ رهائش اختيار ڪئي ته ساڻس گڏ ڪيترا خادم هئا؟
جواب: 12 خادم. تن ۾ چار فقير هئا.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ نانيءَ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۾.
سوال: ڪهڙي قوم جا هاري بيبي نانيءَ کي ڏن طور اَٺ ڪاسا اناج ڏيندا آهن؟
جواب: ڪوچڪ قوم جا هاري. (حوالو، بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري)
سوال: لاهوت لامڪان ڪٿي آهي؟
جواب: ضلعي خضدار جي علائقي سارونه ۾ هڪ پهاڙ اندر. (شاهه بلاول کان چار ميل ڏکڻ ۾ لسٻيلي ۾.)
سوال: صوفي اصطلاح ۾ لاهوت لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: ذات جو مرتبو.

سوال: پهريائين لاهوت ڪرڻ گهرجي يا هاهوت؟
جواب: هاهوت.
سوال: لاهوت جي جوڳين، سالڪن لاءِ ڪهڙيون چار منزلون آهن؟
جواب: ناسوت، ملڪوت، لاهوت ۽ هاهوت.
سوال: ڪهڙي قسم جا جوڳي پنهنجي جهنڊي ۾ مور جا کنڀ ٻڌندا آهن؟
جواب: ناٿ پنٿي جوڳي.
سوال: شاهه سائينءَ جوڳين سان گڏ ”ڪوهه نور“ ڏانهن سفر ڪيو هو، توهان اهو ٻڌايو ته ”ڪوهه نور“ ڪٿي آهي؟
جواب: مڪران ۾ لاهوت لامڪان جي ڀرسان.
سوال: آدم جي مچ ۽ شينهن لڪ وٽ شاهه سائينءَ جا ڪهڙا آثار چيا وڃن ٿا؟
جواب: آدم جي مچ وٽ لطيف جي مسجد ۽ چلو، چنگڻ جي ڀرسان لطيف جي کوهي ۽ ڪنڊو، شينهن لڪ کان اورين منزل لطيف جي مسجد ۽ کوهي ۽ لطيف جو مچ. (محقق، لطف پيرزادو.)
سوال: آدم جي مچ وٽ ”حلالي حرامي“ نالي واري دريءَ کي پڻ ڇا سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: سئي ناڪو.
سوال: سيوهڻ کان لاهوت ڪيترا ڪلوميٽر پري آهي؟
جواب: 200 ڪلوميٽر پري.
سوال: لاهوت جي سفر وقت شينهن لڪ ۽ ڀولا لڪ کان ٿيندو ڀٽ ڌڻي ڪٿي پهتو هو؟
جواب: محبت فقير وٽ.
سوال: هي بيت سيد حبيب شاهه ڪهڙي موقعي تي چيو؟
ڪوڙا سڀ سامي، ڪوڙا سندن پنڌ،
هوت وسي هن هنڌ، هو وڃن هنگلاج ڏي.
جواب: جڏهن شاهه سائين هنگلاج ڏانهن واپس گهر پهتو ته ان موقعي تي.
سوال: ان بيت جي جواب ۾ شاهه لطيف ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: سچا سڀ سامي، سچا سندن پنڌ،
هوت وسي هر هنڌ، هنين ڏٺو هنگلاج ۾.
سوال: ڪن روايتن موجب شاهه حبيب کي شاهه سائينءَ جي هنگلاج وڃڻ واري ڳالهه نه وڻي ته پوءِ ڪهڙو بيت چيائين؟
جواب: ناٿ جنهين ننڌ، تت نه نهاريو جوڳئين،
ڪي ڪويساهيا ڪاپڙي، پريا پراهين پنڌ،
هو هنهين هنڌ، ٿي هُنهئين ويا هنگلاج ڏي.
سوال: شاهه سائين هنگلاج جي سفر جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: رام ڪلي، کاهوڙي، سسئي، معذوري، حسيني ۽ ڪوهياري ۾.
سوال: هنگلاج ۽ لاهوت جي سير ڪرڻ وقت شاهه سائينءَ ڪهڙين ندين جا درشن ڪيا؟
جواب: حب ندي، ڦور ندي، هنگول ندي، اگهور ندي ۽ باران نديءَ جا.
سوال: شاهه سائين هنگلاج ۽ لاهوت لامڪان جي سفر دوران سر رامڪلي ۾ ڪهڙن تيرٿن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: لاهوت لامڪان، پٻ، ڇپر، گوندر، گنجو ڏونگر گام، پورب، قلات، دوارڪا، عدم، حرم، اتر، هنگلاج، ڪابل، ڪشمير، هنگلور، گنگا، ڪابول.
سوال: جيڪو فقير هنگلاج ياترا ڪندو آهي. تنهن کي ڇا سڏيندا آهن؟
جواب: اگوري.
سوال: هنگلاج جو ميلو هر سال ڪڏهن لڳندو آهي؟
جواب: 9 اپريل کان 13 اپريل تائين (حوالو ڀيڄ ڀٽائي مئگزين، اپريل-مئي 2004ع).
سوال: صوفين جي طريقن ۾ مريد کي مرشد جي طرفان خرقو ملندو آهي، شاهه سائينءَ سنڌيءَ ۾ ان کي ڪهڙي نالي سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: گودڙي.
سوال: جوڳي جوڳ تي ويهڻ وقت ڪهڙي شيءِ استعمال ڪندا آهن؟
جواب: ڪاٺ جي ٺهيل بيراڳڻ.
سوال: جوڳين کي ڪهڙو سامان سدائين ساڻ هوندو آهي؟
جواب: بيراڳڻ، جهنڊو، گودڙي، چمٽو، مالها، ڪشتو، سنک ۽ ترشول.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ جوڳي بنجڻ لاءِ ڪهڙي هدايت ڪئي آهي؟
جواب: ڪلمي سان گڏ، پنج وقت نماز ۽ رمضان جا ٽيهه روزا رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سوال: شاهه سائين سر رامڪليءَ ۾ جوڳين جا ڪيترا قسم بيان ڪيا آهن؟
جواب: ٻارهن قسم.
سوال: ڪهڙي قسم جا جوڳي ڌرمي ڪريا ڪرمن جي لحاظ کان ويراڳي ۽ گوسائين سڏبا آهن؟
جواب: سنياسي يا ويراڳي ۽ ڪن ڦٽ جوڳي.
سوال: شاهه سائين سر رامڪلي ۾ جوڳي پنٿ سان واسطو رکندڙ پوشاڪ لاءِ ڪهڙا لفظ ڪم آندا آهن؟
جواب: سڳيون، چيلها، ڌاڄا، جاڳوٽا، جٽائون، لنگ، گبري/ بگري، مالها.
سوال: شاهه سائين گيڙو رتن ڪپڙن کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: ڌاجا (ڌاڄا).
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ويراڳين جو ذڪر ڪيو آهي، 1901ع جي آدمشماريءَ موجب سنڌ ۾ ويراڳين جو تعداد ڪيترو هو؟
جواب: تعداد 2178 هو. جن مان 922 عورتون هيون.

سوال: شاهه سائين ڪڇ ڀڄ، لکپت، نارائڻ سر ۽ ڪوٽيشور جو سفر ڪهڙي بزرگ سان گڏ ڪيو هو؟
جواب: ڀڳت هريداس سان.
سوال: شاهه سائين، ڀڳت هريداس سان ڪٿي ملاقات ڪئي؟
جواب: گنجي ٽڪر واري مهامايا مڙهيءَ ۾.
سوال: نارائڻ سر ڪٿي آهي؟
جواب: لکپت تعلقي ۾.
سوال: لکپت ۾ ڪهڙو بزرگ، شاهه سائينءَ جي دعا سان ڄائو هو؟
جواب: سانولو فقير.
سوال: هي لفظ شاهه سائينءَ ڪنهن کي چيا ”ابا مينهن ۽ هوا توکي رستي ۾ ڪونه گڏيا“ ؟
جواب: سانولي فقير کي.
سوال: هي بيت شاهه سائين ڪنهن کي مخاطب ٿيندي چيو هو؟
ادا ڙي ويسر مڇ ! کاءُ نه ته مرندين،
ڪٿان پئندين اڇ، جو لوڪ مڙوئي لڙ ٿيو.
جواب: ويسر جت ولد سانولو فقير جت کي.
سوال: سانولي فقير جت جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: ڀٽائو مڪان پير شهر جي ڀرسان.
سوال: لکپت کان پوءِ شاهه سائينءَ ڪهڙن ماڳن تي ڪجھه بزرگن سان رهاڻيون ڪيون هيون؟
جواب: ڌيڻو ڌر جبل، رامپور، ابڙاسو، اڳياهه، نارائڻ سر ۽ ڪوٽيسر مندر.
سوال: شاهه سائين ٻالا پير جي درگاهه تي حاضري ڀري هئي، اهو ٻڌايو ته ٻالا پير جي درگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: ڀُڄ شهر ۾.
سوال: شاهه سائين ڪڇ ۾ پير گهمائڻ کان پوءِ ڪهڙن ٻن مشهور شهرن ڏانهن سفر ڪيو هو؟
جواب: مارواڙ ۽ ڪاٺياواڙ ڏانهن.
سوال: شاهه سائين جوڳين سان لسٻيلو، ڪڇ، گجرات، مارواڙ ، نارائڻ سر ۽ ٻين تيرٿن کي ڀيٽي جڏهن واپس موٽي ڀٽ تي آيو ته ڪهڙو بيت چيائين؟
جواب: جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته منجهئي ٻري مر،
منجهين تيرٿ تڪيا، منجهين نارائڻ سر،
منجهين بابو بکيا، منجهين گروءَ جو گهر،
بستي ڏور م بر ، تون خود آهين تڪيو.
سوال: ننڍي کنڊ ۾ سامين جا ڪيترا آکاڙا آهن؟
جواب: 9 آکاڙا.
سوال: مارواڙ کان ايندڙ سامي، جوڳي هنگلاج جي سفر دوران ٿر ۾ ڪٿي ٿاڪ ڪندا هئا؟
جواب: عمر ڪوٽ ۾.
سوال: جهونا ڳڙهه جي ڀرسان شاهه سائينءَ ٻيا ڪهڙا شهر گهمي ڏٺا؟
جواب: لکپت، ڀڄ، هالار ۽ پور بندر.
سوال: ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي اولهندي پاسي کان ويندي ڄام ننگر ۽ جهونا ڳڙهه تائين علائقو ڪهڙي نالي سان سڏجي ٿو؟
جواب: هالار.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڀٽ کان ٿر وڃڻ جي لاءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪيو هو؟
جواب: ٽنڊي آدم وارو رستو.
سوال: شاهه سائين سفر دوران ايندي ويندي ٻيپهري يا ٽيپهريءَ جي وقت جي نماز ٽنڊي آدم جي ڪهڙي مسجد ۾ پڙهندو هو؟
جواب: لورڙ پاڙي واري موجوده محمدي مسجد ۾.
سوال: شاهه سائين ٿر کي ڪيترن حصن ۾ ورهايو آهي؟
جواب: ٽن حصن ۾. کائر، ڍٽ، پائر.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جا ڪهڙا سر سڌو سنئون ٿرپارڪر سان واسطو رکن ٿا؟
جواب: سر مارئي، ڏهر، سارنگ، مومل راڻو، ليلا چنيسر ۽ سورٺ راءِ ڏياچ.
سوال: شاهه سائين ٿرپارڪر جي جاگرافيائي ماحول جو ذڪر ڪيترن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: 15 سرن ۾. (جديد تحقيق مطابق)
سوال: شاهه سائينءَ ٿر جا ڪهڙا ڀاڱا گهمي ڏٺا؟
جواب: مهراڻو، ونگو، ڏٽ، سامروٽي، ڇاڇراٽي، کائڙ ، پائر ، پارڪر ، ملير ، ڪاڪ، لڊاڻو ، جيسلمير وغيره.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن سرن ۾ سڌي ريت ٿرپارڪر خطي جي جاگرافيائي ماحول ۽ ڪردارن کي ڳايو آهي؟
جواب: سر کنڀات، سارنگ، سورٺ، بروو سنڌي، مومل راڻو، رپ، ليلا چنيسر، ڏهر ۽ مارئي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙن سرن ۾ ٿر جي خطي جا ڪجھه جاگرافي اشارا ملن ٿا؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ، سر پورب، سر سامونڊي، سر سريراڳ، سر رامڪلي ۽ سر کاهوڙي.
سوال: ٿر جي سفر کان واپسي وقت ڀٽ ڌڻي رحمڪي بازار مان ٿيندو ڪهڙو پتڻ اُڪري سنڌ واپس آيو؟
جواب: پُراڻ جو پتڻ اڪري.
سوال: شاهه سائين رحمڪي بازار وٽ ڪهڙي ڌاڙيل جي ڳالهه ٻڌي؟
جواب: ڪانجي سنگ.


سوال: شاهه سائين کي ڪانجي سنگ جي ڌاڙن جي ڄاڻ ملي ته ڪهڙو بيت چيائون؟
جواب: هي پڇوٽيو پڇ ڍائو، دودي لڳي ٿيو دلير،
نه ته ڪانجي ويچارو ڪير، جو رهي رحمڪي بازار ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي زندگي جو وڏو حصو ڪهڙي ضلعي جي مختلف ايراضين ۾ سير سفر ۾ گذاريو؟
جواب: ٿرپارڪر ضلعي جي.
سوال: منگهارام اوجها موجب پارڪر واري ڀاڱي جي ڊيگهه ۽ ويڪر ڪيترا ميل آهي؟
جواب: ڊيگهه 30 ميل ۽ ويڪر 20 ميل.
سوال: شاهه سائينءَ ٿر جي نَوَ علائقن جو سير ڪيو هو. انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: (1) کائر. (2) ڪنٺو. (3) پارڪر. (4) سامروٽي. (5) ونگو. (6) وٽ. (7) مهراڻو. (8) اڇڙو ٿر. (9) ڍاٽ يا ڍٽ.
سوال: شاهه صاحب ٻيلي کان اوڀر نيڙ واري ايراضيءَ جي ڪهڙي تلاءَ ۾، پٿر کي پاڻيءَ مٿان ترندو ڏسي فرمايو!
صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي سون،
پن ٻوڙين پاتار ۾ پهڻ تارين تون،
جيڪر اچي مون، ته ميريائي مان لهان (سر ڏهر)
جواب: والهوٽيءَ واري تلاءَ ۾.
سوال: ڪهڙي سفر دوران ڀٽ ڌڻي مانڊوي کان ٿيندو دوارڪا ۽ پور بندر ويو هو؟
جواب: ڪڇ جي سفر دوران.
سوال: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، گوهر شريف پهتو ته صالح فقير ڪهڙي بيت سان سندس مرحبا ڪئي؟
جواب: سيد پير سمونڊ هيءُ ڄامن سندو ڄام،
اگهيو در الله جي، تنهن ڪامل جو ڪلام،
جن ڏٺو لال لطيف کي، آيو تن آرام،
پُري پڇو پانڌيا، تنهن گوهر سندو گام،
ڪونه رهيو ڪو خام، سڀ سکي ٿيا صالح چوي.
سوال: تنهن تي شاهه لطيف ڇا فرمايو؟
جواب: صالح ٿي سڌير سڻ هنئين سين ڳالهڙي،
منجهان لئون لطيف چئي، پرت سان پير،
ڌاران منهن مرشد جي، کو کنڊون ٻن کير،
اسم جو اڪسير، ويهه تنهن سين واڳ جي.
سوال: صالح فقير ڪهڙي سفر ۾ شاهه سائينءَ سان گڏ هو؟
جواب: سورٺ، ڪاٺياواڙ ۽ فاران سنڌ. (حوالو، مهراڻ، 5 جنوري 1962ع ).
سوال: شاهه سائين ڪهڙي فقير کان اُٺ وٺي پوءِ ڪڇ جا ڪجھه ٻيا حصا گھمڻ ويو هو؟
جواب: صالح فقير گوهري کان.
سوال: شاعر صالح فقير گوهري ڪڇ جي ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو؟
جواب: ڳوٺ گوهر شريف ۾، پوءِ ڀٽ تي اچي رهيو.
سوال: هڪ دفعي شاهه صاحب تلهار ويو ته، ڀر پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو شاهه جي سڪ ۽ اڪير ۾ اتي پهچڻ شروع ٿي ويا، ان وقت صالح فقير ڪهڙو بيت چيو؟
جواب: جنهن ڏٺو لعل لطيف کي، آيو تنهن آرام،
پري پڇيو پانڌيا، گوهر سندي گام،
ڪونه رهيو ڪو خام، سڀ سکيا ٿيا صالح چوي.
سوال: شاهه سائين جڏهن ڪڇ جي سفر تان واپس موٽيو ته ساڻس ڪهڙا فقير گڏ هئا؟
جواب: صالح گوهري، مهراڻ، ٻڍو، جمعو گوهر، رمضان جت، راول درس ۽ ابراهيم آڌيلو.
سوال: شاهه سائين ڪڇ جي سفر تان موٽڻ وقت پنهنجي فقيرن سان گڏ ڪهڙي بزرگ جي اوطاق تي مانجهاندو ڪيو هو؟
جواب: حضرت شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ جي اوطاق تي.
سوال: ڀٽ ڌڻي جڏهن به ڪنهن ڀلاري بزرگ ڏانهن سفر ڪندو هو ته ڇا فرمائيندو هو؟
جواب: پنبڻيون پير ڪري، پر پيراڻي پار،
ڏٺي جنهن ڏئار، رهي نه رتيءَ جيترو. (سر ڌناسري)
سوال: شاهه سائين ڪهڙي درگاهه اڳيان پاڻ کي پازي ڪري ڪوٺيندو هو؟
جواب: شاهه قادريءَ جي درگاهه تي ۽ اتي پنهنجا غم گوندر لاهڻ لاءِ ان درگاهه تي حاضري ڀريندو هو.
سوال: شاهه قادري جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ وقت شاهه سائين ڪهڙو بيت چيو؟
جواب: ڪر پير ڪرم پازيءَ مٿي پنهنجو،
جو مون تان هيءُ مرم، سو غم گيلاني ڪاٽئين. (سر ڌناسري)
سوال: ”مون کي انهيءَ جڳهه تي دفن ڪجو، جتي مرشد لطيف چاليهو ڪڍيو هو ۽ منهنجي قبر تي مقبرو نه ٺهرائجو“ هي لفظ ڪهڙي بزرگ چيا هئا؟
جواب: سيد حسن شاهه جوڻاهه واري.
سوال: لاڙ جي سفر دوران شاهه سائين سان ڪهڙو فقير گڏ هئو؟
جواب: گهنور فقير جت.
سوال: لاڙ جي سفر دوران شاهه سائين، رمضان جت جي ڳوٺ ڀرسان ڪنهن وٽ مانجھاندو ڪيو هو؟
جواب: مائي گنگا جتڻ وٽ.


سوال: گنگا جتڻ جي خدمت بعد شاهه سائين سڄي جت قبيلي لاءِ دعا طور ڪهڙو بيت چيو؟
جواب: ججهي جس جتن کي جتي جت رهن،
ڳاڙها گل گگهن تي مٿي ٽئونر ٽلن،
اڇي ڦيڻ اٺن جي رهي منهنجي من،
جيءُ ۾ جت رهن، ٻئي پرٿڻي پاسي رهي.
سوال: شاهه سائين جڏهن بڙ واري ڍوري تي پهريون ڀيرو خير جا پير گهمايا ته سندس عمر ڪيتري هئي؟
جواب: 16 سال.
سوال: گنگا جتڻ جي مزار واري ڪتبي تي ڇا اڪريل آهي؟
جواب: ڏاڏي گنگا جت.
سوال: سامونڊي جهاز جي رواني ٿيڻ وقت شاهه سائين، حاجين کي الله تعالى جي حوالي ڪرڻ وقت ڪهڙو دعائيه بيت چيو هو؟
جواب: سڙهه سنوان لاڄو نوان اولا سندن عاج،
ساٿي سفر هليا ڀري جنگ جهاج،
حاصل ڪرين حاج، واحد وڻجارن جي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي ماڳ تي سهندڙيءَ جي رسم ۾ شامل ٿيندو هو؟
جواب: لاکاٽ ۾ سيد نانگي شاهه وٽ.
سوال: شاهه سائين روپا ماڙيءَ واري ماڳ تي علاؤالدين خلجي ۽ ابڙي سمي جي لڙائي جو واقعو ٻڌو ۽ اتي تلوارن جا ٽٽل ٽڪرا ڏسي پوءِ ڪهڙو بيت چيائين؟
جواب: منجھس ريکون رڪ جون ڪي ڪنجھو ڪي پاٽ،
هي تڏهوڪو گھاٽ، جڏهن سمي هئي صاحبي.
سوال: شاهه سائين، روپا ماڙي کي ڏٺو ته ڪهڙو بيت چيائين؟
جواب: ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾،
واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏيندي ڪيترو.
سوال: شاهه سائين روپا ماڙيءَ کان پوءِ ٿورو اڳتي نڪري ڪهڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي؟
جواب: حضرت يوسف فقير سان.
سوال: شاهه سائين، حضرت يوسف فقير سان ملاقات دوران ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
انهن جي چوٽي، ٿيندي پورب جيئن پڌري.
سوال: شاهه سائين کي ”ٻَريءَ تي ٻارڻ وارو نڪتو“ ڪٿي پسند آيو؟
جواب: لاڙ ۾ حضرت شيخ قرهئي جي اوطاق ۾، شيخن فقيرن پاران سماع جو مچ ٻارڻ وقت.

سوال: حضرت شيخ قرهئي جي مقبري تان ڀيرو ڪرڻ وقت شاهه سائين قرهئي پوٽا شيخن کي ڪهڙي لفظ سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: جوڳيئڙا ۽ جوڳي لفظ سان.
سوال: حضرت شاهه عبداللطيف حضرت شيخ قرهئي جي مقبري لڳ اوطاق تي مانجهاندو ڪرڻ کان پوءِ ڪيڏانهن روانو ٿيو هو؟
جواب: نرم ڄار ڏانهن.
سوال: چشتي طريقي جي رهبر حضرت شيخ قرهئي ڀانڊاري جو وصال ڪڏهن ٿيو هو؟
جواب: 675هه 1276ع ۾ (محقق محمد سومار شيخ.)
سوال: پراڻ جي پراڻن شهرن مان اهو ڪهڙو پراڻو شهر آهي جنهن جو لطيف سائين سير سفر ڪيوهو؟
جواب: ونگو شهر.
سوال: ونگو شهر ڪنهن جو ٻَڌايل هو؟
جواب: ويڳا جت جو.
سوال: لفظ ونگو، ونگ مان نڪتل آهي ان جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: موڙ.
سوال: ونگو شهر ڪٿي آهي؟
جواب: پورالي مهراڻ جي ساڄي ڪلهي تي بدين ضلعي جي اوڀر واري سرحد تي آهي. (ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر 1986ع، ص: 25 )
سوال: سومرن جي صاحبيءَ دوران ونگو بازار ڪهڙي پرڳڻي ۾ شامل هئي؟
جواب: ڍيرڪ پرڳڻي ۾.
سوال: محمد بن قاسم جي ڪاهه وقت ونگي شهر ۽ ان جي آسپاس ڪنهن جي سرداري هئي؟
جواب: موڪو پٽ وسايو جي سرداري هئي. (حوالو، نئين زندگي آڪٽوبر 1986ع ).
سوال: نور محمد ڪلهوڙي جو ڪهڙو ديوان، اربابن کان محصول وٺڻ لاءِ ونگي شهر جي ڀرسان پنهنجي ماڙي ٺهرائي رهڻ لڳو؟
جواب: ديوان ٽيڪراءِ.
سوال: شاهه سائين ۽ سيد حبيب شاهه جن ونگي شهر ۾ اچڻ وقت پنهنجن ڪهڙن عزيزن وٽ اچي رهندا هئا؟
جواب: سيد ڪريم شاهه ۽ سيد جمال شاهه وٽ.
سوال: ”مون کان پوءِ تون ئي منهنجي گادي تي ويهندي ۽ پاڻ ٻنهي جي جاءِ هڪ هنڌ آهي“ اهي لفظ شاهه سائينءَ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: سيد جمال شاهه کي.
سوال: شاهه سائين، ڳٺي ڍوري جي سفر دوران ڪهڙي ظالم بادشاهه جو واقعو ٻڌو هو؟
جواب: توت بادشاهه جو.
سوال: شاهه سائينءَ کي پرمانِ سَتيءَ جي وڍجڻ، چيرجڻ ۽ چچرجڻ جي خبر پئي ته سندس قبر مٿان ختمي کان پوءِ ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: ستي تنهنجي سيل ۾، ڳالهه گهرجي ڳچ،
وڍيو چيريو چچريو، پر ۾ اڀي پَچُ،
اِن پر اُٿي اچ، ته ٿئين ساماني ساڻيهه ۾.
سوال: شاهه سائين، ڄار پتڻ جي ڪهڙي سخي دل انسان وٽ مهماني کاڌي هئي؟
جواب: رحمةالله وٽ.
سوال: شاهه صاحب، شاهه بندر جي سفر وقت ڪهڙيءَ عورت جي مهماني کاڌي هئي؟
جواب: شتر بانوءَ جي.
سوال: روايت مطابق شاهه سائين هڪ سفر دورانِ ڪانگ پکيءَ کي مئل ڏسي ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: ڪانگل ڪوه ٿيوءِ، پيو آهين پٽ ۾،
اڳ اس تڙڪو نه سهين، اڄ سارو ڏينهن سٺوءِ،
پسي حال سندوءِ، ڪانگن ڪانگيرو ڪيو.
سوال: شاهه سائين نصرپور شهر ۾ شاهه محمود جي درگاهه ۾ قل پڙهي پوءِ ڪهڙا شعر چيا هئا؟
جواب: جي تون آسائو آهين ته نصرپور نهار،
موچاري شاهه محمود جي ديک هلي درٻار،
ته ترت ۾ تيار، مطلب مڙئي حاصل ٿئي.

جي تون آسائو آهين ته ڪر بخاريءَ ڀيرو،
موچاري شاهه محمود جو ديک هلي ديرو
ته ترت ۾ تيرو، مطلب مڙئي حاصل ٿئي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي ڳوٺ وارن کي پاراتو ڏنو؟
جواب: راهوجن جي ڳوٺ وارن کي.
سوال: شاهه سائين راهوجن جي ڳوٺ ۾ ڪهڙو بيت چئي روانو ٿيو؟
جواب: راهوجن ۾ رات، قادر پوي نه ڪنهن جي،
رنون رب رُلايون، آهير اگلي ذات،
پليجن مان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي.
سوال: شاهه سائين، بڊام جي ڪهڙن چئن مشهور بزرگن جي فاتح خواني ڪري پوءِ ساموئي يا سما ننگر جي کنڊرن ۾ پهتو؟
جواب: جهنڊو پاتڻي، جهڏو فقير، خاڪي پير ۽ ڦل فقير جي مزارن تي.
سوال: حضرت شيخ جهنڊو پاتڻيءَ جي ذات ٻڌايو؟
جواب: ملاح.
سوال: جهڏو فقير جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: جهڏي شهر جي ويجهو.
سوال: ڪهڙو بزرگ لاڏاڻي واري ڏينهن پنهنجي قبر کوٽي پنهنجي ٻنهي پٽن کي وٺي آيو ۽ قبر ۾ سمهي ڏيکاريائين؟
جواب: جهڏو فقير.
سوال: خاڪي پير جو اصل نالو ۽ ذات ٻڌايو؟
جواب: اصل نالو ميرو ۽ ذات جو چارڻ هو.
سوال: ڦل فقير هن وقت ڪهڙي نالي سان مشهور آهي؟
جواب: کٽي پير.
سوال: ڦل فقير جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: روشن آباد ۾.
سوال: شاهه سائين جڏهن روهڙي جي صراف صديقن وٽ آخري دفعو آيو ته پوئين جا حال ڏسي ڪهڙو بيت چيائين؟
جواب: وياسي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پوئيان سيهي لهن نه سار،
ڪٽين ڪٽ لهار، هاڻي انين ڀيڻيين. (سريراڳ).
سوال: شاهه سائينءَ لاءِ ڪهڙي حڪمران سرڪش گھوڙو موڪليو هو؟
جواب: ميان نورمحمد ڪلهوڙي.
سوال: ان گھوڙي تي سوار ٿيڻ وقت شاهه سائين ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: هلايو ته هلي وڃان، بيهاريو ته بس ميان،
واڳ ڌڻي تو وس ميان، آءُ ڪا پاڻ وهيڻي.
سوال: چمبڙ شهر کان اوڀر طرف شاهه سائين ڪهڙي بزرگ جي بٺيءَ جي ڀر ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺ آرام ڪندو هو؟
جواب: لوسو فقير ڪاڪڙو جي ڀرسان.
سوال: شاهه سائينءَ، سيد دوسن شاهه ۽ سيد الهه وسايو شاهه جي آستانن جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سان گڏ ٻئي ڪهڙي بزرگ، ڳاڙهي صدر ولد ڪيوڙو اوٺو جي مرقد تي چار قل پڙهيا؟
جواب: شاهه عنات رضويءَ.
سوال: شاهه لطيف، مدن فقير ۽ شاهه عنات رضويءَ کي ڪهڙي ايراضيءَ جي وڻڪار وڻي هئي؟
جواب: تلهار واري ايراضي.
سوال: شاهه لطيف ڪهڙن بزرگن سان گڏ سماواتي ايراضيءَ جا ڪافي سفر ڪيا هئا؟
جواب: شاهه عنات ۽ مدن فقير سان.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي ايراضيءَ جي سفر دوران ڀوري ۽ ڦلوند جي داستان کان واقف ٿيو؟
جواب: سماواتي ايراضيءَ جي سفر دوران.
سوال: شاهه سائين چوٽيارين ۾ (ڄامل جوڻيجو) مائي ڄامان جي ٺهرايل شاندار مسجد ويران ڏسي ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: چائت رکي چت ۾ سنهو ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دڪو داخل نه ڪيو.
سوال: مائي ڄامان ڪپهه ڪتي ۽ ڀرت ڀري پئسا گڏ ڪري چوٽيارين جي نئين ڳوٺ ۾ هڪ ٻي سادي مسجد ٺهرائي، لطيف سائين جن جڏهن اها مسجد ڏٺي ته ڪهڙو بيت فرمايائون؟
جواب: محبت رکي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو.
سوال: مائي ڄامان ڪيتريون مسجدون تعمير ڪرايون هيون؟
جواب: ستن کان وڌيڪ.
سوال: سئر سفر کان واپسيءَ ۾ ڪهڙي جاءَ تي لطيف سائين عبادت ۾ ايترو ته مشغول ٿي ويو جو کيس مٿان واريءَ ڍڪي ڇڏيو هو؟
جواب: واگهين جي ڀٽ تي.
سوال: ان ماڳ تي شاهه حبيب پنهنجي پٽ کي واريءَ ۾ ڍڪيل ڏسي ڪهڙا لفظ چيا ؟
جواب: لڳي لڳي واءُ ويس انگڙا ڍڪجي،
جواب ۾ لطيف فرمايو! پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
سوال: ڀٽائي کان سندس امڙ پڇيو ته ”ابا تون ان دڙي وٽ ڇا کائيندو هئين“ پوءِ شاهه سائين ڪهڙو جواب ڏنو؟
جواب: ڀٽائي وراڻيو ڇانهين ۽ پنن تي گذارو ڪندو هئس.
سوال: ”جي اهي به نه واپرائين ها ته منزل اڃا ٻي هجئي ها.“ اهي لفظ شاهه سائين کي ڪنهن چيا؟
جواب: سندس امڙ.
سوال: شاهه سائين چوٽيارين جي جوءِ ۾ ڪهڙيءَ ڀٽ تي چلو ڪڍيو ۽ کٻڙ جي ويجهو هڪ کروت به ٺاهي هئي؟
جواب: واڳئين (واگهين) جي ڀٽ تي.
سوال: واگھين واري ڀٽ تي جتي شاهه سائينءَ چلو ڪڍيو هو، اتي ڪاشي واري سر تي شاهه سائين جو ڪهڙو بيت لکيل آهي؟
جواب: هن مند مارو سنرا جيائي جيالين،
چاريو لنب لطيف چئي واڳئين ويهارين،
ڪيٽائين ڪاهين، مينهن وسندا موٽ تون.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي ڳوٺ جي حجري ۾ چلو ڪڍيو هو؟
جواب: ڳوٺ محمد اسماعيل ملان جاني.
سوال: شاهه سائين کي ڪهڙي حڪمران قرآن پاڪ جو نسخو ۽ مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي سونهري اکرن ۾ لکيل تحفي طور ڏني هئي؟
جواب: ميان نور محمد ڪلهوڙي. (مثنوي مولانا روم تي سيد جمال شاهه جا هٿ اکر هئا).
سوال: گنباٽ واري ايراضي جي پکيڙ ڪيستائين هئي؟
جواب: شهدادپور ۽ ٽنڊي آدم جي وچ کان اولهه طرف ويندي سکر بئراج تائين، اتر ۾ ملدسي ۽ گولي پير تائين ڏکڻ ۾ ڳوٺ ملي مکڻ تائين هئي.
سوال: شاهه سائين، خدا آباد ڪيترا دفعا ويو هو؟
جواب: ٻه دفعا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ جي مزار تي دعا گهرندي فرمايو هو ته ”پنهنجي مريدن جو خيال ڪجو“؟
جواب: حضرت قلندر لعل شهباز جي مزار تي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪيترا ڀيرا قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي حاضري ڏني؟
جواب: پنج ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي مٽيون ڀرڻ وقت، ڪهڙو بيت جهونگاريندو هو؟
جواب: حبيبن هيڪار منجهان مهر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.
سوال: شاهه سائين، بودلي بهار عرف ”سڪندر بودلي“ جي ڪُسجڻ جو واقعو ٻڌڻ وقت ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍوڍيان سر ناهه،
هٿ ڪرايون آڱريون ويا ڪپجي ڪانهه،
وحدت جي وهانءُ، جي وياسين وڍيا.
سوال: گل پير سان شاهه سائين جي ملاقات ڪٿي ٿي هئي؟
جواب: خدا آباد ۾.
سوال: شاهه سائين، شڪارپور جي سفر تان واپسي وقت، ڪهڙي فقير کي پاڻ سان گڏ ڀٽ تي وٺي آيا هئا؟
جواب: سومر فقير لاڙڪ کي.
سوال: شاهه سائين ڪيترن سالن جي عمر ۾ ڳوٺ نظر ڏيٿو ۽ مسو ديري جي علائقي ۾ ڀيرا ڪيا؟
جواب: 40 سالن جي عمر ۾. (حوالو، نئين زندگي. نومبر 2004ع).
سوال: شاهه سائين، ڳوٺ نوشهرو ابڙو ۽ ترائي مان ٿيندو ڪهڙن ڳوٺن ۾ ترسندو هو؟
جواب: ڳوٺ نظر ڏيٿو ۽ پوءِ مسو ديري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ، ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪرڻ لاءِ نڪتو ته ڪٿي اچي منزل ڪيائين؟
جواب: ونگ ولاسر (ونگو ولاسو). اتان کيس سيد جمال شاهه موٽايو هو. ٻي روايت سيد محمود شاهه واپس ورايو هو. حوالو، ڪتاب، نت نت آهه نئون، ص: 196.
سوال: شاهه سائينءَ کي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪهڙي سفر جو شوق پيدا ٿيو؟
جواب: ڪربلا (عراق جي سفر جو).
سوال: ڪربلا واري سفر تان اڌ سفر ۾ ئي موٽڻ کان پوءِ شاهه سائينءَ ڪهڙو سُر چيو؟
جواب: سُر ڪيڏارو.
سوال: گهانڊار وسيلي مرونءَ کي ڦاسائڻ جو نظارو شاهه سائينءَ ڪٿي ڏٺو هو؟
جواب: ولاسي ۾.

شاهه سائين جي همعصر بزرگن ۽ عقيدتمند فقيرن بابت

سوال: شاهه سائين جي همعصر ميان عيسى جو انتقال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1742ع. (حوالو، ڪتاب. ڪامل درويش شاهه لطيف، ڇاپو 2009ع، ص، 23).
سوال: ڪهڙي شاعر جي شاعريءَ ۾ ، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، تماچي ۽ نوري، عمر ماروي، ليلى مجنون ۽ يوسف زليخا جي قصن ڏي اشارا ملن ٿا؟
جواب: ميين عيسى جي شاعريءَ ۾.
سوال: ڪهڙي شاعر سلوڪ جي ويهن بابن ۾ بيت چيا آهن؟
جواب: ميين عيسى.
سوال: ميين عيسى ”رات سُهائي ڀون سنئين“ جي شروعات سان ڪيترا بيت چيا آهن؟
جواب: ڇهه بيت.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي شان ۾ هي سٽون ڪنهن جون چيل آهن؟
حضرت سيد عبدالڪريم جيون جي بلڙي وارا
منجهه رسالي تن جي حرف لکيا ههڙا
ته جو هلندي دنيا دار کان موڪلائي فقير
ان کي غرض ناهه ٻيو مگر طمع تڪرارا.
جواب: ميين عيسى.
سوال: ڀينءَ پور ۾ ڪهڙو بزرگ شاهه لطيف جو خليفو ٿيو هو؟
جواب: ميان اسماعيل فقير سمون.
سوال: بدين ضلعي ۾ شاهه سائين جا ڪهڙا ساٿاري هئا؟
جواب: ڀڳت ميڪڻ داس، دودو نهڙيو، سانولو نانگو، خواجه محمد زمان لنواري وارو، رمضان جت، عبدالعظيم، گنگا جتڻ، امين شاهه نانگو، ڏاتو کوسو، جمال شاهه، ٺارو شاهه، گهنور جت، رکيو لنڊ، کيئو لنڊ، اسماعيل دنبڙي ترائي وارو، احمد کٽي عرف پيرو کڻي ۽ سومار ريٻاري، شاهه جا همعصر هئا.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙي خطي کي وڻجارن جو ديس چوندا هئا؟
جواب: لاڙ خطي کي.
سوال: شاهه سائين جو خليفو دودو نهڙيو ڪٿي رهندو هو؟
جواب: ميون سراءِ الدين پٽيهل جي اولهه طرف.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪهڙي خليفي کي پنهنجي گودڙي، رومال ۽ ابوڇڻ عنايت ڪيو هو؟
جواب: دودي نهڙئي کي.
سوال: ڪهڙي بزرگ مانڌر ۾ شاهه لطيف جي راڳ جي روايت بنا دنبوري جي ڌناسري انداز ۾ رکي هئي؟
جواب: محمد رحيم سوڍو.
سوال: شاهه سائين کي ڪهڙي بزرگ جي جوڙ تي فخر ٿيو هو؟
جواب: امين محمد شاهه عرف نانگو شاهه جي جوڙ تي.
سوال: شاهه سائين نانگي شاهه سان ملاقات ڪٿي ڪئي؟
جواب: لاکاٽ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ لاءِ چيو ته:
جياسون جوڙ ٿي، نانگو ڏٺو سون نت،
چنجهو هو سون چت، کُلي اڄ سو باغ ٿيو.
جواب: امين محمد نانگي شاهه لاءِ.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو همعصر محرم مهيني ۾ زور سان نغارا وڄائيندو هو؟
جواب: سيد امين عرف نانگو شاهه.
سوال: سانول فقير جي وصال کانپوءِ شاهه سائينءَ پنهنجن فقيرن کي ڇا فرمايو؟
جواب: شاهه سائينءَ فقيرن کي فرمايو ته، مون کي پنهنجن پيارن جون مڙهيون مارين ٿيون، هلو ته هتان هلون.
سوال: شاهه سائينءِ لاڙ طرف هڪ وڏو باغ ڪٿي پوکيو هو، جيڪو پوءِ ”شاهه جو باغ“ نالي سان مشهور ٿيو؟
جواب: بدين شهر ۾ زرگر محلي جي ڀرسان، اتي شاهه لطيف جو اوتارو به آهي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن ٻن همعصر بزرگن جي وفات جي ڏک ۾ هيءُ بيت چيو؟
هيءُ جي هئا هاڻ، ته مٿن هوند حق ٿيو،
پيهي ويا پاڻ، مڙهيون مون مارينديون.
جواب: سيد محمد امين شاهه ۽ سانول فقير جي ڏک ۾.
سوال: شاهه سائين کي ڪهڙي فقير چيو ته شاهه جهان ۽ اورنگزيب جي ڏينهن ۾ عبداللطيف ڪيسر هتي جو معروف بزرگ هو؟
جواب: سانول فقير.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ ڏي اچڻ وقت اڪثر پيرين اگهاڙو ايندو هو؟
جواب: سيد لله عرف سيد لعل محمد للاڻي. بدين کان اتر اولهه طرف ٻن ميلن تي.
سوال: شاهه سائين ڏاتو فقير کوسي سان ڪٿي ملاقات ڪئي هئي؟
جواب: وهڻائي لڳ بدين.
سوال: ”ڏاتا ڪيتا لوڙڳيون“ ڀٽائي صاحب اهو جملو ٻڌي ڪهڙو بيت چيو؟
جواب: ڏينهان ڏاري وسيس، راتيون روئن رت ڦڙا،
لنڊيءَ جي لبيس، ڪانڌ ڪمينيءَ کٽيو.
سوال: شاهه سائينءَ جي دعا سان ڪهڙو فقير جلد ئي شاهوڪار ٿيو هو؟
جواب: جمعو فقير غنياڻي.

سوال: شاهه سائينءَ لاڙ جي علائقي ۾ وڌ کان وڌ ڪهڙن شهرن ۾ اچي ترسندو هو؟
جواب: بلڙي شاهه ڪريم ۽ ونگو ولاسو.
سوال: شاهه سائين لاڙ جي سفر وقت ڪهڙن ماڳن تي مانجهاندو ڪندو هو؟
جواب: تلهار ۾. بڙ جي ڍوري ۾. نصرپور. ٺٽو. شيخ قرهئو ڀانڊاري جي اوطاق بدين. شاهه ڪريم بلڙيءَ واري. ونگو ولاسو.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي شاعر جي 122 بيتن مان متاثر ٿيو هو؟
جواب: شاهه لطف الله قادري.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ جا بيت وڏي پاٻوهه سان ڳايا هئا؟
جواب: شاهه لطف الله قادري.
سوال: شاهه سائين ڪڇ جي سفر تي ويو ته کيس ڪڇ جي ملن عقيدت سبب ڪهڙو ننڍڙو ڇوڪرو خدمت چاڪري لاءِ ڏنو هو؟
جواب: جمعون ملئون.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙي فقير حضرت عثمان غني جي نسبت سان غنياڻي سڏبو هو؟
جواب: جمعون ملئون غنياڻي.
سوال: قبلا مون اوهان جو امر مڃي، کارو وسائڻ لاءِ هتي اچي گهاريو، هاڻي وٽم اوهان رهو يا پاڻ سان گڏ وٺي هلوم، اهي لفظ شاهه سائينءَ کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: ميين محمد ابراهيم آڌيلي.
سوال: تون اتي ئي رهه اسان توکي پنهنجي اڌ امانت ڏيون ٿا، اهي لفظ شاهه سائينءَ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: ميين محمد ابراهيم آڌيلي کي.
سوال: اسان کي به اڏيرو لال آڏو آهي، تو کي به اڏيرو لال آڏو آهي؟ اهي لفظ شاهه سائينءَ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: ابراهيم آڌيلي کي. (ذات، سومرو)
سوال: ابراهيم آڌيلي جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: اڏيري لال کان ڏيڍ ٻه ڪلوميٽر مفاصلي تي ڏکڻ طرف تعلقو گهوڙا ٻاري.
سوال: ابراهيم آڌيلي جي مزار جي ويڪر ۽ ڊيگهه ڪيتري آهي؟
جواب: ويڪر 12 فوٽ ۽ ڊيگهه 8 فوٽ.
سوال: شاهه سائينءَ جي پيرو کٽيءَ سان ملاقات ڪٿي ٿي؟
جواب: تعلقي بدين ۾ مهڙا جي قديم شهر ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو همعصر مليريون (لوئيءَ جو قسم) ٺاهڻ جو وڏو ماهر هو؟
جواب: پيرو کٽي عرف احمد کٽي.
سوال: شاهه سائينءَ کي ڪهڙي بزرگ مليري کٿو تحفي طور ڏنو هو؟
جواب: پيرو کٽيءَ.
سوال: ڪهڙي بزرگ پنهنجي ٺاهيل ملير (لوئيءَ جو قسم) شاهه سائينءَ جي ڪلهن تي رکي سندس پوئلڳ ٿيو هو؟
جواب: پيرو عرف احمد کٽي، مهڙا شهر.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي مريد پيرو کٽيءَ مٿان ٻه اُٺ گهوريا هئا؟
جواب: رکئي لنڊ.
سوال: شاهه سائين جڏهن پيرو کٽيءَ وٽ آيو هو ته، کيس ڪهڙو سخي ياد آيو هو؟
جواب: سخي ڄام مهڙ سمو.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي ڳوٺ ۾ سال ۾ هڪ ڀيرو ضرور ويندو هو؟
جواب: ڳوٺ گهنور جت.
سوال: ڪهڙي ڳوٺ ۾ پيرو کٽيءَ پنهنجي ٺاهيل خاص ملير کڻي اچي شاهه سائينءَ جي ڪلهن تي رکي هئي؟
جواب: گهنور جي ڳوٺ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي خاص مريد پيرو کٽيءَ مٿان ٻه اُٺ گهوريا هئا؟
جواب: شاهه لطيف جي خاص مريد رکئي لنڊ.
سوال: پيرو کٽيءَ گهوريل اُٺ، شاهه سائينءَ جي ڪهڙي معتقد کي ڏئي ڇڏيا؟
جواب: سومي ريٻاڙيءَ کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ٺاروشاهه بخاريءَ سان ملاقات ڪٿي ٿي؟
جواب: موجوده ٽنڊي باگي شهر جي اتر طرف ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ تي کڏارو روڊ جي اڀرندي طرف.
سوال: وهڻائيءَ ۾ شاهه سائينءَ سان ٺاروشاهه بخاريءَ جو ذڪر ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: محمد هاشم نالي جيڪو ٺاروشاهه جو وڏو خليفو هو.
سوال: هي بيت شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر شاعر جو آهي؟
گگن گجي آئيا، مٿي ٿر ٿمي،
ڪي گجا ڪي گُجا، ڪي گگر منجهه گهي،
گجاوتيون گجمير جون آيون چڙهه چڙهي،
ڀاريون تن ڀٽن تي، ڪن پيئون سونگ سهي،
اَهي ۽ پهي، سڀئي ساريان سومرا.
جواب: جوڳيسر ٿريءَ جو.
سوال: شاهه سائينءَ جو خليفو ڇتو فقير لاکاڻي جت ڪٿي رهندو هو؟
جواب: سراڙي، ڪڇ.
سوال: شاهه سائين جو همعصر شاعر ميڪڻ ڪهڙي ڳوٺ ۾ ۽ ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1666ع ۾ ڪڇ جي ڳوٺ کونڀڙي ۾. 1723ع به ملي ٿو.
سوال: شاهه سائين جي همعصر ميڪڻ جو چالاڻو ڪڏهن ٿيو؟
جواب: سنبت 1786ع ۾ اسو مهيني 14 تاريخ تي. 1739ع به ملي ٿو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر پنهنجي جيون ليلا کي ويڙهيندي جئري ئي سماڌي ورتي هئي؟
جواب: گرو ڏاڏو ميڪڻ. ڳوٺ ڌرنگ لڳ هٻو جبل جي هنج ۾.
سوال: ڪهڙي بزرگ، شاهه سائينءَ کي ڪوٽيشور، نارائڻ سر، گرنار، ڪارونجهر ۽ نانيءَ جي جوڳين سان ملايو هو؟
جواب: ڀڳت ميڪڻ.
سوال: شاهه سائين کي گرو ميڪڻ داس جوڳ جي واٽ نه ٻڌائي ته شاهه صاحب ڪهڙي مسجد ۾ رات جو عبادت ڪري روانو ٿيو هو؟
جواب: شاهجهان مسجد ۾.
سوال: بدين شهر جي ڀرسان ڪاڇيل ڀٽ تي شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر جو تڪيو موجود آهي؟
جواب: ڀڳت ميڪڻ جو تڪيو.
سوال: شاهه سائينءَ هي لفظ ڪنهن کي چيا؟
ادا پاڙهين ٿو کارين ٿو؟
جواب: حافظ ميون اسحاق درس کي.
سوال: شاهه سائينءَ کي هي لفظ ڪنهن چيا؟
سائين جي کاريندس ته به لطيف ٿيندا.
جواب: حافظ ميون اسحاق درس (تعلقو ٽنڊو الهيار).
سوال: ڪوي سنت چرنداس جو جنم ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيو؟
جواب: 1703ع ۾ ڊيهرا. راجسٿان ضلعو الور.
سوال: سنت چرنداس جو ديهانت ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1782ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي همعصر عارف ڪلهوڙي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1794ع ۾.
سوال: عارف ڪلهوڙي جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: ضلعي مظفر ڳڙهه ۾.
سوال: مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1690ع.
سوال: شاهه سائين وٽ بيعت لاءِ جيڪو به آيو ٿي، ان کي ڪهڙي فقير جي حوالي ڪندا هئا؟
جواب: سومر فقير لاڙڪ جي حوالي.
سوال: ڪهڙي فقير شاهه سائينءَ جو سفر نامو جوڙيو هو؟
جواب: محمد صلاح مثنوي خوان.

سوال: ڪهڙي شهر جي مسجد ۾ شاهه صاحب پنهنجي خليفي ميين محمد صلاح کي چيو ”خليفا مثنوي پڙهه“ ؟
جواب: کيبرن جي ڪکائين مسجد ۾.
سوال: هڪ دفعي خليفي محمد صلاح هڪ بيت جو تفسير ڪيو جيڪو ڀٽ ڌڻيءَ کي ڏاڍو وڻيو، ان موقعي تي لطيف سائين ڇا فرمايو هو؟
جواب: خليفا جيئن مون کي خوش ڪيو اٿئي تيئن ڌڻي توکي خوشي ڪري.
سوال: شاهه سائينءَ جو خليفو سيد محمد صلاح بن ابوبڪر ڪهڙي شهر جو رهواسي هو؟
جواب: ڊنڍي شهر جو. (محقق ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي).
سوال: شاهه سائين جو خليفو ميون محمد صالح ٿيٻو ڪهڙي ڳوٺ جو رهواسي هو؟
جواب: ڊاسوڙي جي ”جوڻو ڳوٺ“ جو. (حوالو، ڊيلي ڪاوش 27 مارچ 2010ع.)
سوال: مشهور عالم مخدوم روح الله بکري جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1131هه ۾ جنم ۽ 1168هه ۾ وصال.
سوال: سيد حسين اصفهاني جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1122هه ۾.
سوال: شيخ ابوالحسن سنڌي بکري (المدني) جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1139هه ۾.
سوال: مير لطف علي خان ولد مير يارمحمد رضوي جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1145هه ۾.
سوال: سيد مير مرتضيٰ رضوي بکريءَ جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1126هه ۾.
سوال: ڪهڙو بزرگ خوشخطيءَ کي ستن قلمن ۾ لکندو هو؟
جواب: سيد مير مرتضيٰ ولد سيد مير ڪمال الدين.
سوال: شاهه سائين جي دور جو ڪهڙو بزرگ شعر و شاعريءَ ۾ ”الهام“ تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: سيد مير مرتضيٰ رضوي بکري.
سوال: مير راز علي رضوي ولد مير غلام علي رضوي جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1180هه ۾.
سوال: شاهه سائين جي همعصر شاعر ميرنجم الدين بکري ”عزلت“ جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1747ع / 1160هه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر صوفي شاهه عنايت جي شهادت جو واقعو پنهنجي قصيدي حجة الله ۾ ڪيو؟
جواب: مير جان الله شاهه رضوي.
سوال: مير جان الله شاهه اول جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 5 ربيع الاول 1167هه / سومر 31 ڊسمبر 1753ع. درست سن هي آهي.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو همعصر 6 ربيع الاول 1167هه، اڱارو پهرين جنوري 1754ع ۾ دارالفنا کي ڇڏي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو؟
جواب: مير جان الله شاهه رضوي روهڙي وارو.
سوال: روهڙي شهر جو ڪهڙو بزرگ قرآن شريف لکي ۽ ان جي اجوري مان قوتِ گذران ڪندو هو؟
جواب: مير جان الله شاهه رضوي.
سوال: شيخ محمد رضا ٺٽويءَ ڪڏهن لاڏاڻو ڪيو؟
جواب: 1140هه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي همعصر سيد شاهه ولي بن شاهه ابوالقاسم ٺٽويءَ جي وفات جو هجري سن ٻڌايو؟
جواب: 1150هه ۾.
سوال: سيد ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد سيد مير ولي، جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1138هه ۾.
سوال: مشهور محدث مخدوم محمد قائم ٺٽوي جو لاڏاڻو ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1157هه ۾.
سوال: ميان ابوالبقاءَ ٺٽوي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1146هه ۾./ 1734ع (ڪجهه ڪتابن ۾ وفات 1726ع ملي ٿي.)
سوال: مخدوم نعمت الله ولد مخدوم عبدالجميل ٺٽوي جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1759ع ۾.
سوال: مخدوم محمد جلال ڪڪرالوي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1151هه ۾. (تعلقو شاهه بندر ديهه بچل جمالي ۾ راڄن جي ٽڪر تي.)
سوال: بلاول فقير عرف ”بالو فقير“ ولد مير خان زرداري ڪهڙي عيسوي سن ۾ ڄائو؟
جواب: 1705ع ڌاري.
سوال: مير لطف الله المعروف ”مير متارو“ ولد سيد عبدالڪريم جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: خميس 21 شوال 1160هه مطابق26 آڪٽوبر 1747ع ۾.
سوال: سيد متن شاهه بخاري (مير متارو) جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: دولتپور صفن شهر جي قومي شاهراهه لڳ اوڀر طرف.
سوال: مير متاري جو ٽن ڏينهن وارو ميلو ڪهڙي تاريخ تي لڳندو آهي؟
جواب: 21 شوال کان.
سوال: شاهه سائين جي دور جو بزرگ محمد صالح ولد عبدالله ڏاهري ڪٿي ڄائو؟
جواب: دولت پور صفن کان ٻه ميل پري ڳوٺ کڙ ۾.
سوال: شاعر حافظ عالي ميمڻ جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1192هه مطابق 1778ع ۾.
سوال: مخدوم عبدالرؤف بن محمد عمر ڀٽيءَ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1094هه/1682ع/1684ع به ملي ٿي.
سوال: سنڌي زبان جي ان پهرين شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن مولود جي صنف کي علم و عروض جي اصولن سان هم آهنگ ڪيو؟
جواب: مخدوم عبدالرؤف ڀٽي.
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ مولود جي صنف جو وڏي ۾ وڏو شاعر ڪهڙو هو؟
جواب: مخدوم عبدالرؤف ڀٽي.
سوال: مخدوم عبدالرؤف ڀٽي شاعريءَ ۾ ڪهڙو تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: عاصي.
سوال: وندر ووڙيندي وتان، ڏونگر ڏوريندي وتان.
اها شاعري شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر جي آهي؟
جواب: مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ جي. (نئين زندگي، آگسٽ 1963ع.)
سوال: شاهه سائين جي همعصر مخدوم عبدالرؤف ڀٽي جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1166هه. حوالو. ڪتاب. معيار سالڪان طريقت، تاليف. مير علي شير قانع ٺٽوي.
سوال: شاهه سائينءَ جي همعصر مخدوم عبدالرؤف ڀٽي جي ستر کن مولودن جو مجموعو سنڌ جي ڪهڙي اداري پاران شايع ٿيو؟
جواب: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
سوال: ڪهڙو شخص 1703ع ۾ لسٻيلي جو حاڪم ٿيو هو؟
جواب: پاهڙ خان.
سوال: شاهه سائينءَ جي دعا سان 1725ع ۾ ڪهڙو ابڙو سردار ڄائو؟
جواب: سردار فتح خان ابڙو ثاني.
سوال: شيخ محمد حيات سنڌي ڪٿي ڄائو؟
جواب: بکر پرڳڻي جي عادل پور ڀرسان.
سوال: شيخ محمد حيات سنڌي جي والد جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ملا ڦلاريو چاچڙ. (اصل نالو ابراهيم)
سوال: شيخ محمد حيات سنڌي ڪڏهن انتقال ڪيو؟
جواب: اربع 26 صفر 1163هه/1750ع جنت البقيع ۾.
سوال: ڀائي چئنراءِ سامي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1743ع ۾.
سوال: مراد فقير زنگيجو ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1742ع ۾.
سوال: سيد عبدالجليل بلگراميءَ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 1071هه ۽ وفات 1138هه ۾.
سوال: سيد مير محمد بلگراميءَ جي ولادت ۽ وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 1101هه ۽ وفات 1185هه ۾.
سوال: 1144هه ۾ ”ثابت جنگ“ جو خطاب ڪنهن کي مليو هو؟
جواب: عبدالله خان بروهيءَ کي.
سوال: حاجي فقير الله علوي جي ولادت ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي؟
جواب: 1150هه ۾ افغانستان جي شهر جلال آباد جي ڀرسان ڳوٺ روتاس ۾.
سوال: حاجي فقير الله علوي فارسي شاعريءَ ۾ ڪهڙو تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: فقير.
سوال: شاهه فقير الله علوي ڪهڙين ٻولين ۾ شاعري ڪندو هو؟
جواب: عربي، فارسي ۽ پشتو ٻوليءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر ڪتاب ”وثقيةالاڪابر“ لکيو ۽ ڪڏهن لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: مشهور عالم فقير الله علوي 1160هه ۾.
سوال: حاجي فقير الله علوي 1150هه ۾ پنهنجي وطن کي ڇڏي سنڌ ۾ ڪٿي سڪونت پذير ٿيو؟
جواب: شڪارپور ۾.
سوال: شاهه سائين جي ان همعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو ست ڀيرا بيت الله شريف جي زيارت ڪري آيو هو؟
جواب: حاجي فقير الله علوي.
سوال: حاجي فقير الله بن شاهه عبدالرحمان علوي هي جھان ڪڏهن ڇڏيو؟
جواب: 3 صفر المظفر 1195هه/ سومر 29 جنوري 1781ع ۾ سندس مقبرو هاٿي در شڪارپور ۾ آهي.
سوال: ملا اويس شڪارپوريءَ جي وفات وقت شاهه سائين جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: 30 سال.
سوال: ميان عبدالحق فاروقي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 1138هه ۽ وصال 1214هه ۾.
سوال: مائي نماڻي اوڍياڻي شڪارڻ ڪهڙي علائقي جي هئي؟
جواب: ٿر علائقي جي.
سوال: مائي نماڻي شڪارڻ اوڍياڻيءَ جا ڪيترا تڪيا آهن؟
جواب: ست تڪيا.
سوال: مائي نماڻي شڪارڻ جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: ڪوٽڙي ڪبير جي قبرستان ۾. (حوالو، ڪتاب، سامي سفر هليا)

سوال: شاهه سائينءَ ساهتي پرڳڻي ۾ ڪهڙن بزرگن سان رهاڻيون ڪيون؟
جواب: شاعر مخدوم غلام محمد قاضي گچيرائي، قاضي مخدوم ابوالمعالي نوشهرو فيروز، شاعر بِنگو فقير گوپانگ ڳوٺ وايون نزد درٻيلو، قاضي محمد ڪامل اول ڳوٺ کاهي راهو، شاعر قاضي عبدالڪريم ڳوٺ کاهي ڪنڍا، شاعر مخدوم ميان عبدالله آگرو نزد بهلاڻي، مخدوم ميان محمد صديقي قريشي ڪوٽڙي ڪبير وارو، سخي الهيار ، ميان دين محمد، مخدوم ميان خدا دوست، ميان رحمت، ميان قاسم، مخدوم ميان عبدالڪريم ڪوٽڙي ڪبير.
سوال: شاعر بنگو فقير گوپانگ ڪهڙي ڳوٺ جو ويٺل هو؟
جواب: ڳوٺ وايون لڳ درٻيلو.
سوال: شاهه سائين جي همعصر بِنگو فقير گوپانگ جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: درٻيلي کان ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڳوٺ بهرام گوپانگ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر کي غلطيءَ سبب ليکڪن غلام محمد بُگائي لکيو آهي؟
جواب: مخدوم غلام محمد قاضي قريشي کي (محقق، رسول بخش ٻگهيو گچيرائي).
سوال: مخدوم غلام محمد قاضي ولد محمد پريل قريشي جي ولادت ڪٿي ٿي؟
جواب: گچيري شهر جي ڏکڻ ۾ ٻگهين جي ويڙهي ۾.
سوال: مخدوم غلام محمد قاضي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1768ع ۾ ( ڪجهه ڪتابن ۾ 1145هه )
سوال: شاهه سائينءَ جي همعصر مخدوم غلام محمد قاضيءَ جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: شاهپور جهانيان مقام ۾ سيد محمد شاهه جهانيان جي مقبري جي ڏکڻ طرف.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ وٽ مسجد ۽ مدرسي جي اڏاوت ۾ حصو ورتو ۽ تگاري کنئي؟
جواب: مخدوم غلام محمد قاضي جي مسجد ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر جو ساليانو عرس 16 ذوالحج تي ملهايو ويندو آهي؟
جواب: مخدوم غلام محمد قاضيءَ جو.
سوال: ميان نور محمد ڪلهوڙو ڪنهن جي بد دعا سان ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا ٿيو هو؟
جواب: مخدوم غلام محمد بگائيءَ جي بد دعا سان.
سوال: شاهه سائينءَ جي همعصر حضرت قاضي احمد قريشي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1112هه ٽلٽي ڀرسان احمدين ڳوٺ ۾. سندن والد جو نالو محمد صديق.
سوال: حضرت قاضي احمد قريشي 60 ورهين جي عمر ۾ پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي ڪٿي رهائش اختيار ڪئي؟
جواب: تعلقي موري جي ديهه دم ماڳ تي. (پوءِ دمائي پير مشهور ٿيا.)
سوال: قاضي احمد شهر جو پراڻو نالو ڇا هو؟
جواب: پراڻو نالو ميل ڪنڊي (ميل شريف).
سوال: حضرت قاضي احمد قريشيءَ جي مزار ڪهڙي شهر ۾ آهي؟
جواب: قاضي احمد شهر ۾. جيڪو سندس نالي سان هن وقت به مشهور آهي.
سوال: ڪهڙي بزرگ اٽڪل 118 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي؟
جواب: قاضي احمد قريشي (ڪوريجو، حوالو رهاڻ هيرن کاڻ، جلد ڏهون. ص: 110).
سوال: مخدوم ميان محمد ڪوٽڙي ڪبير واري شاهه لطيف سان پريت سبب شهر وارو اندريون مدرسو ڇڏي ڪهڙي هنڌ نئون مدرسو قائم ڪيو؟
جواب: ”راور“ واري رستي (قومي شاهراهه) جي وٽ سان.
سوال: ڪوٽڙي ڪبير واري مدرسي جي ٻاهران ڪهڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ شاهه صاحب ۽ مخدوم محمد روح رهاڻيون ڪندا هئا؟
جواب: لئي جي وڻ هيٺان (تڪيو شاهه ڀٽائي جو آستان).
سوال: شاهه سائين جي صحبتي مخدوم محمد صديقي قريشي جو مڪتب ڪٿي هو؟
جواب: مخدومن جي پاڙي ۾ سوا لک مقام جي وچ تي ڪوٽڙي ڪبير ۾.
سوال: ساهتي پرڳڻي جي ڪهڙي بزرگ ڏانهن لاکيڻو لطيف وقت به وقت خط لکندو هو؟
جواب: مخدوم ميان محمد صديقي قريشي ڪوٽڙي ڪبير واري ڏانهن.
سوال: شاهه لطيف پنهنجي ڪهڙي همعصر هم صحبتيءَ کي پنهنجو تازو ڪلام ٻڌائيندو هو؟
جواب: مخدوم ميان محمد ڪوٽڙي ڪبير واري کي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ کي پنهنجي هٿ سان لکيل ڪلام اصلاح لاءِ ڏيکاريندو هو؟
جواب: مخدوم ميان محمد کي.
سوال: ڪهڙو بزرگ شاهه لطيف جو اصل ڪلام پاڻ وٽ تبرڪ طور رکي، پوءِ نقل لطيف سائينءَ جي حوالي ڪندو هو؟
جواب: ميان محمد ڪوٽڙي ڪبير وارو.
سوال: ساهتي پرڳڻي جي ڪهڙي بزرگ وٽ لاکيڻو لطيف راتين جون راتيون سماع جي محفل ۾ گذاريندو هو؟
جواب: مخدوم ميان محمد وٽ.
سوال: شاهه سائينءَ جو دوست ۽ صحبتي مخدوم عبدالڪريم ڪٿي رهندو هو؟
جواب: ڪوٽڙي ڪبير ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ سان گڏ هڪ پليٽ ۾ ننگر ڪيو هو؟
جواب: مخدوم ميان عبدالڪريم سان گڏ (ڪوٽڙي ڪبير واري مدرسي ۾).
سوال: سخي الهيار شاعريءَ ۾ ڪهرو تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: يار.
سوال: سخي الهيار جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 11 ذوالقعد 1150هه ۾.

سوال: سخي الهيار جي فرزند مخدوم ميان خدا دوست جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1160هه يا 1190هه
سوال: مخدوم ميان محمد ڪوٽڙي ڪبير واري جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: سن 1131هه ۾ (حوالو گوهر لطيف، اطلاعات کاتو، صفحه 46).
سوال: 1157هه 1744ع ۾ هڪ هندو ٻالچند نالي، مسلمانن سان ڳالهائيندي چئي ويٺو ته ”آءُ واڻيو نه آهيان.“ ائين چوڻ کانپوءِ شاهه سائين جي ڪهڙن همعصرن يڪراءِ فتويٰ ڏئي کيس مسلمان ڪيو هو؟
جواب: ٺٽي جي مخدوم ضياءُالدين، مخدوم حاجي محمد هاشم ٺٽوي، مفتي عطاءُالله شيخ، شيخ عنايت الله مفتي، شيخ محمد عارف، گھاري جي مخدوم عبدالرحيم، نصرپور جي شيخ عزت الله مفتي، مخدوم عبدالخالق، نوشهرو فيروز جي مخدوم ابوالمعالي، مخدوم محمد عاقل کهڙائي ۽ کاهي راهوءَ جي مفتي قاضي محمد ڪامل اول.
سوال: مفتي قاضي محمد ڪامل اول جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: اندازن 1122هه ۾ ڳوٺ کاهي راهوءَ ۾.(موجوده تعلقو ڀريا)
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ سان کوهه وٽ، نمن جي گھاٽن وڻن جي ڇانو ۾ ڪچهريون ڪندو هو؟
جواب: راڄپر قاضي محمد ڪامل اول سان.
سوال: شاهه سائين، قاضي محمد ڪامل کي ڪهڙيون شيون تبرڪ طور ڏنيون هيون؟
جواب: چُنري (پوتي، رَئو) منڊيءَ جي ٽڪ جيترو عقيق جو پٿر، ڏيڍ انچ جو قرآن شريف جو قلمي نسخو ۽ سڻيءَ جي پني تي لکيل حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جو شجرو.
سوال: شاهه سائين کاهي راهوءَ جي ڪهڙي وڏي حڪيم، عالم، مفتيءَ سان سندس ديني مدرسي ۾ ٻه ڀيرا ڪچهري ڪئي؟
جواب: قاضي محمد ڪامل اول.
سوال: قاضي ميان محمد ڪامل پنهنجي زندگيءَ جي آخري دؤر ۾ هڪ ٻيو ديني مدرسو ڪهڙي ڳوٺ ۾ کوليو هو؟
جواب: ڳوٺ کوڙي شريف ۾ (کاهي راهوءَ کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف.)
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر مخدوم ابوالحسن واري سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڏيڍ سؤ بيتن تي مبني ”شاهه لطيف جو ڪلام“ لکيو هو؟
جواب: قاضي ميان محمد ڪامل اول.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ کي روبرو ڏيڍ سؤ بيت ٻڌايا هئا؟
جواب: قاضي ميان محمد ڪامل اول.
سوال: قاضي ميان محمد ڪامل ڪهڙي سال ۾ رحلت فرمائي ۽ سندس آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: 6 ذوالقعد 1177هه / سومر 7 مئي 1764ع ميان الياس قبرستان ڳوٺ کوڙو شريف.
سوال: شاهه سائين جو همعصر شاعر ۽ عالم قاضي عبدالڪريم ڪهڙي ڳوٺ جو رهواسي هو؟
جواب: ڳوٺ ڪنڍا کاهي.
سوال: شاهه سائينءَ جي هم صحبتي مخدوم ميان عبدالله آگرو جي ولادت ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي؟
جواب: 1120هه ۾ بهلاڻي شهر جي ڀرسان.
سوال: شاهه سائين، مخدوم ميان عبدالله آگرو کي ڪهڙي صوفي طريقي کان واقف ڪيو هو؟
جواب: اويسي طريقي سان.
سوال: ”اڄ دنيا هڪ صاحبِ دل بزرگ کان خالي ٿي ويئي“ اهو جملو ڪهڙي بزرگ ۽ ڪهڙي موقعي تي پنهنجن طالبن ۽ معتقدن کي چيو ؟
جواب: مخدوم ميان عبدالله آگري، لاکيڻي لطيف جي لاڏاڻي وقت.
سوال: ساهتي پرڳڻي جو ڪهڙو بزرگ، لاکيڻي لطيف جي وفات وقت تمام گهڻو رُنو هو؟
جواب: مخدوم ميان عبدالله آگرو.
سوال: مخدوم ميان عبدالله آگرو ڪڏهن هي فاني جهان ڇڏيو ۽ سندس آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: 1195هه ۾ پير ميان ولي جي قبرستان ۾.
سوال: مخدوم عبدالرحمان بن مخدوم محمد جي شهادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1145هه ۾.
سوال: ميان نور محمد ڪلهوڙي 1145هه ۾ مخدوم عبدالرحمان ۽ سندس ڪيترن فقيرن کي بنا مقابلي مسجد ۾ شهيد ڪرايو هو؟
جواب: 222 جماعتي مريدن سان شهيد. ( ٻي روايت 280 فقيرن ) .
سوال: مخدوم عبدالرحمان جي شهادت کان پوءِ حضرت پير موسى جيلاني ڪيترا مهينا کهڙا شهر ۾ تعزيت خانه تي موجود رهيا؟
جواب: 9 مهينا.
سوال: احمد شاهه ابدالي جي ٺهرايل ٽقبائين مسجد جي حجري ۾ شاهه سائين ڪنهن سان ملاقات ڪئي هئي؟
جواب: مخدوم عبدالرحمان کهڙائي سان.
سوال: چنيهه فقير اڄڻ ڪنهن جي دعا سان ڄائو هو؟
جواب: مخدوم عبدالرحمان کهڙائي جي دعا سان.
سوال: چنيهه فقير اُڄڻ جي ولادت ڪڏهن ۽ ڪنهن جي گهر ۾ ٿي؟
جواب: 7 ذوالحج1131هه، خميس 21 سيپٽمبر 1719ع ۾ محمد عثمان اُڄڻ جي گهر کهڙا ۾.
(ولادت 1732ع حوالو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا.)
سوال: چنيهه فقير اڄڻ کي ڪهڙي بزرگ فرمايو ته درازن جي هڪ فقير صاحب ڏني فاروقيءَ کان باقي امانت وڃي حاصل ڪجانءِ ؟
جواب: مخدوم عبدالرحمان شهيد.
سوال: چنيهه فقير اڄڻ کي ڪهڙن بزرگن کان فيض مليو هو؟
جواب: مخدوم عبدالرحمان شهيد، ميان صاحب ڏنو فاروقيءَ ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان.
سوال: شاهه سائين کهڙا شهر جي ٻاهران ڪهڙي ماڳ تي ترسندو هو؟
جواب: ميان چنيهه فقير جي کوهه ويجهو.
سوال: ان فقير جو نالو ٻڌايو جنهن شاهه سائين ۽ سندس فقيرن جي تمام گھڻي خدمت ڪئي؟
جواب: چنيهه فقير اڄڻ .
سوال: ڪهڙي بزرگ شاعر چيو ته ”فقير اڄ تنهنجي نالي مان اکر ”چ“ ڪڍي ٿا ڇڏيون“ پوءِ تنهنجو نالو نسورو ئي نِيهُه رهندو ؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ.
سوال: چنيهه فقير اڄڻ کي ڪهڙن ٻن بزرگن دعا ڪئي هئي؟
جواب: ميان صاحب ڏني فاروقي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: درازا شريف ۾ شاهه سائينءَ جي ملاقات ڪهڙن بزرگن سان ٿي؟
جواب: خواجه محمد حافظ فاروقي، خواجه عبدالحق، محمد حيات حاتم، آخوند گل محمد ۽ حافظ عبدالله
سوال: ميان صاحب ڏني فاروقي جي ولادت ڪهڙي هجري سال ۽ تاريخ ۾ ٿي؟
جواب: (14 ربيع الاول 1109هه بمطابق سومر 30 سيپٽمبر 1697ع گڏيجي ويجهو). ڪجهه ڪتابن ۾ 15 مئي 1697ع ۽ 1101هه (1647ع. ڳوٺ گڏيجي، حوالو، ڪتاب. سنڌ جون شخصيتون، ڪتاب. سنڌيءَ جو سينگار).
سوال: ميان صاحب ڏنو فاروقي ڪهڙي عيسوي سن ۾ پنهنجي قبيلي سميت لڏي اچي درازا شريف ۾ ويٺو؟
جواب: 1720ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي همعصر ميان صاحبڏني فاروقي جو اصل نالو ڪهڙو آهي؟
جواب: ميان محمد حافظ (تخلص موراڳي ۽ سوائي).
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ کي فرمايو هو ته ”اوهين سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏيو، ان ڪري جو اوهين صاحبِ امانت ٿيندؤ“ ؟
جواب: ميان صاحبڏني فاروقيءَ کي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ کي فرمايو ته، هِتي کهي کڻو ۽ کهي کوٽڻ ۾ پاڻ به حصو ورتائون؟
جواب: درازن ۾ ميان صاحبڏني فاروقيءَ کي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي شهر ۾ کوهه جي کوٽائي جو پهريون لپو پاڻ ڪوڏر سان کنيو هو؟
جواب: درازا شهر ۾، ميان صاحب ڏني سان گڏ.
سوال: شاهه سائين سان گڏ ڀٽ تي کوهه کوٽائڻ ۾ ڪهڙي مشهور شاعر حصو ورتو؟
جواب: ميان صاحب ڏني فاروقيءَ.
سوال: ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جي مرشد جو نالو ٻڌايو؟
جواب: شاهه عبيدالله جيلاني (ڪتابن ۾ عبدالله قادري ۽ شيخ عبدالله سيراڻي به ملي ٿو.)
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو همعصر چاليهه چلن ڪڍڻ بعد شاهه عبيدالله جيلانيءَ جو مريد ٿيو؟
جواب: خواجه محمد حافظ فاروقي.
سوال: هي لفظ شاهه سائينءَ ڪٿي چيا؟
مون کي پڪل گدري جي خوشبوءِ اچي رهي آهي.
جواب: درازا شريف ۾. ان وقت خواجه محمد حافظ اعتڪاف ۾ ويٺو هو.
سوال: ميان محمد حافظ فاروقي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 12 ذوالحج 1192هه 25 فيبروري 1778ع. حوالو. ڪلاچي مارچ 2000ع. ص. 161 . ( 1779ع 1788ع به ملي ٿو).
سوال: حاجي غيب ڪوريءَ سان ڀٽ ڌڻيءَ ڪٿي ملاقات ڪئي هئي؟
جواب: گمبٽ ويجهو.
سوال: ڪهڙي شخص کي شاهه سائين جي هڪ گهور گهايل ڪري ڪڪوري لال ڪري ڇڏيو هو؟
جواب: رڪمل ڪوري عرف حاجي غيب.
سوال: شاهه سائين جي همعصر شاعر فقير جمن چارڻ ولد محمد بخش چارڻ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: صحيح سال 1096هه اربع پهرين اپريل 1637ع. (1046هه مطابق 1628ع گمبٽ لڳ کهڙا ۾. حوالو، نئين زندگي مارچ 1979ع).
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو همعصر واقع نگاري ۽ فطرت نگاريءَ ۾ باڪمال شاعر هو؟
جواب: جمن چارڻ.
سوال: شاهه سائين جو همعصر فقير جمن چارڻ جي وفات ڪهڙي اسلامي تاريخ تي ٿي؟
جواب: 14 رجب 1152هه/ڇنڇر 17 آڪٽوبر 1739ع ۾. (14 رجب 1149هه به ملي ٿو).
سوال: جمن چارڻ جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: پير ڪٽپر جي قبرستان ۾.
سوال: مخدوم محمدي جي والد صاحب جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: قاضي عبدالرحمان عباسي، ڳوٺ کهڙا شريف.
سوال: مخدوم محمدي ظاهري تعليم ڪهڙي بزرگ کان ورتي هئي؟
جواب: نوشهرو فيروز جي بزرگ مخدوم ابوالمعالي کان.
سوال: شاهه صاحب جڏهن کهڙا ۾ مخدوم محمدي وٽ ايندوهو ته ڪهڙو فقير سندس خاص خدمت ۾ رهندو هو؟
جواب: عبدالرحيم ڦلپوٽو.
سوال: مخدوم محمديءَ، شاهه سائينءَ ڏانهن ملاقات لاءِ قاصد موڪليو ته شاهه لطيف ان قاصد کي ٺڪر تي اڱر (ڪوئلي) سان ڪهڙو بيت لکي ڏنو؟
جواب: اڄ نه آيس آءُ، صبح ايندس سپرين،
تو تي جنهن جو نانءُ، سو کڻي بار کُهِين جا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي شهر ۾ پاڻ کي تعزير ڏنو هو؟
جواب: کهڙا شريف ۾.
سوال: توهان پنهنجي مشرب ۾ مجبور آهيو ! توهان جو پاڻ کي تعزير ڏيڻ اجايو آهي ! اهي لفظ شاهه سائينءَ کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: مخدوم محمدي.
سوال: شرع محمدي برسر چشم منظور آهي. شاهه سائينءَ هي لفظ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: مخدوم محمدي کي.
سوال: شاهه سائينءَ هي لفظ ڪنهن کي چيا؟
”دنبوري جو آواز دل سان ٻڌو، اهو ته الله هو الله هو ذڪر ڪري رهيو آهي“
جواب: مخدوم محمدي کي.
سوال: هي لفظ شاهه سائينءَ کي ڪهڙي بزرگ چيا؟
”توهان لاءِ دنبورو وڄائڻ تي ڪابه پابندي ناهي، توهان جي منزل اسان کان اڳتي آهي“.
جواب: مخدوم محمديءَ.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي شهر ۾ هفتو کن رهيو هو؟
جواب: کهڙن ۾ مخدوم محمديءَ وٽ.
سوال: مخدوم محمدي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1122هه. حوالو. ڪتاب. تاريخ و تذڪره بزرگان سنڌ. ص. 101.
۽ 1171هه /1757ع (ڪتاب شاهه ۽ سنڌ جلد ٻيو ۾ 1174هه لکيل آهي).
سوال: ڪهڙي ماڳ تي پاڻ سڳورن، لطيف سائينءَ جو چهرو مبارڪ اگهيو هو؟
جواب: کهڙن ۾.
سوال: ڪهڙن ٽن بزرگن شاهه سائينءَ کي راڳ ڳائڻ کان منع ڪئي هئي؟
جواب: خواجه محمد الزمان لنواري. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم محمديءَ.
سوال: شاهه سائين جي ان دوست جو نالو ٻڌايو جيڪو مثنويءَ جو درس ڏاڍي محويت سان ڏيندو هو؟
جواب: بزرگ شاهه اسماعيل صوفي.
سوال: حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1105هه مطابق 1692ع ڌاري ڳوٺ ٽڳڙ تعلقي ڏوڪري ۾
سوال: حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئيءَ جي والد صاحب جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ملا فريد الدين جوڻيجو.
سوال: حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي عشقِ رسول سبب ڪهڙي لقب سان سڏرائيندو هو؟
جواب: عبدالرسول.
سوال: مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي شاعريءَ ۾ ڪهڙا تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: اسماعيل ۽ اثيم.
سوال: مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئيءَ جي ٽن خاص خليفن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: پير سيد محمد بقا شاهه لڪياري، ميان عبدالرحمان، قاضي عبدالمطلب.
سوال: مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئيءَ جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 8 ربيع الاول 1174هه بمطابق ڇنڇر 18 آڪٽوبر 1760ع ۾ .
سوال: مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ شريف جي 269هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ڪهڙو ڪتاب شايع ٿيو؟
جواب: شمس العارفين حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي، تحقيق. پروفيسر فدا حسين فدا. ڇاپو پهريون 2021ع.
سوال: شاهه سائين جي صحبتي ۽ دوست شهمير فقير جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: روهڙي شهر جي تاريخي ڍنگرن واري مسجد ۾.
سوال: سيد بقا محمد شاهه لڪياري جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: رسول پور عرف ننڍي سائدي ۾ پهرين شعبان 1135هه/ جمع 7 مئي 1723ع / 1134هه به ملي ٿو.
سوال: سيد بقا محمد شاهه، شاهه سائينءَ جي ڪهڙن سرن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو هو؟
جواب: سر مارئيءَ ۽ سر يمن ڪلياڻ کان.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو همعصر ”پٽ ڌڻي“ لقب سان مشهور آهي؟
جواب: حضرت سيد محمد بقا شاهه.
سوال: سيد پير بقا محمد شاهه پنهنجي ڳوٺ مان هجرت ڪري ڪهڙي شهر وڃي رهيو هو؟
جواب: ڪنگريءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو همعصر گمناميءَ جي زندگي گذاريندو هو ۽ ڍور به چاريندو هو؟
جواب: سيد محمد بقا لڪياري.
سوال: هيءَ لفظ شاهه سائين کي ڪهڙي بزرگ شاعر چيا ”ڇو ايتري خلق خدا جي رلائي خراب ڪئي اٿئي.“ ؟
جواب: سيد محمد بقا لڪياريءَ.
سوال: ”سائين توهان جي اولاد ۾ اهڙا مرد پيدا ٿيندا جيڪي مون کان به وڌيڪ خلق کي رلائي خراب ڪندا.“ اهي لفظ شاهه سائينءَ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: سيد محمد بقا لڪياريءَ کي.
سوال: سيد محمد بقا لڪياريءَ ڪهڙي هجري سن ۾ وفات ڪئي؟
جواب: 1198هه، ڇنڇر 25 سيپٽمبر 1784ع مزار ڳوٺ شيخ طيب جي قبرستان ۾. ( 1170هه . حوالو. تاريخ و تذڪره بزرگانِ سنڌ ).
سوال: شاهه سائينءَ ”زمر زخرف سومرا“ وارا بيت ڪهڙي بزرگ کي ٻڌايا هئا؟
جواب: سيد بقا محمد شاهه کي. (محقق، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)
سوال: سيد شهمير شاهه مٽياروي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: ڏهه محرم الحرام 1177هه / خميس 21 جولاءِ 1763ع مٽياري شهر ۾.
سوال: آخوند عزيز الله ولد آخوند نور محمد ميمڻ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1746ع مٽياري ۾. (حوالو، اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ، ص: 183، آخوند عزيز الله ولد محمد ذاڪر ولادت 1747ع)
سوال: آخوند عزيز الله متعلويءَ جا وڏا اصل ڪهڙي شهر جا رهاڪو هئا؟
جواب: ٺٽي شهر جا.
سوال: ڪهڙي بزرگ، عربي الف. ب. واري سنڌيءَ ۾ قرآن شريف جو تحت اللفظ ترجمو ڪيو هو؟
جواب: آخوند عزيز الله متعلويءَ.
سوال: آخوند عزيز الله ميمڻ جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1824ع مٽياري ۾. 1240هه / 1825ع به ملي ٿو. (وفات 1273هه /1856ع، حوالو، ڪتاب، تاريخ مٽياري)
سوال: شاهه سائين جو همعصر شاعر مخدوم عبدالله نرئي وارو بدين ضلعي جي ڪهڙي ڳوٺ ۾ ڄائو؟
جواب: مانڌر ۾ 1737ع / 1150هه ۾. وفات 37/1236هه ۾.
سوال: شاعر مخدوم عبدالله ”واعظ“ عرف ميان موريو ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1736ع .
سوال: مخدوم عبدالله واعظ ولد ميان محمد حفيظ ٺٽوي ڪهڙي هجري سال ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو؟
جواب: 1167هه/ 1754ع.
سوال: شاهه سائين جي همعصر شاهه ولي ٺٽوي جو انتقال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1150هه، اڱارو 25 فيبروري1738ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي همعصر ميين جان محمد ڪيرئي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1685ع ۽ وصال 1752ع.
سوال: وهري واري مدرسي جو بنياد ڪنهن رکيو؟
جواب: ميين جان محمد ڪيرئي ڳوٺ وهري ۾.
سوال: شاهه سائين جي همعصر ميون سليمان ولد ميين نورمحمد ڪيرئي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 1725ع ۽ وصال 1790ع. (حوالو، ڪتاب سنڌ جا درسگاهه)
سوال: جوڌپور جي ڪهڙي بادشاهه کي 1709ع ۾ دهلي جي بادشاهه شاهه عالم عمر ڪوٽ عنايت ڪيو هو؟
جواب: راجا اجيت سنگهه کي.
سوال: عمر ڪوٽ جي علائقي ۾ شاهه سائين ڪهڙن بزرگن سان رهاڻيون ڪيون ؟
جواب: ميهار فقير ، علامه مهر علي عرف مهرو پلي (جانهيري وارو)، فقير حافظ رحيم ڏنو پلي، حافظ عبدالحميد پلي (ڳوٺ کيجراڙي)، حاجي فقير پلي (سڀڙي وارو)، ميان نور محمد ڪيريو (وهري وارو)، اويڙ فقير، عبن فقير (دُهلڙي وارو) معشوق علي عرف نماڻو شاهه وغيره.
سوال: علامه مهرو دل جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: موٽئو.
سوال: ميان محمد مسعود ولد ميان محب علي جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: پراڻ جي ڪپ تي تعلقو ڊگهڙي.
سوال: ميان محمد مسعود جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 9 محرم 1192هه بمطابق ڇنڇر 7 فيبروري 1778ع ۾.
سوال: ڪهڙي بزرگ جي درگاهه تي مراد پوري ٿيڻ کان پوءِ، ڪاٺ جو ڪهاڙو ڏيندا آهن؟
جواب: سيد محمود شاهه جي درگاهه تي.
سوال: معشوق علي دهلوي عرف نماڻو شاهه سان لاکيڻي لطيف جي ملاقات ڪٿي ٿي هئي؟
جواب: عمر ڪوٽ ڀرسان.
سوال: معشوق علي عرف نماڻو شاهه ڪنهن جو خليفو هو؟
جواب: شاهه عنايت شهيد جھوڪ واري جو.
سوال: ميهار فقير پلي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 1653ع ۽ وصال اندازن 1718ع.
سوال: شاهه سائين جو همعصر اويڙ فقير ولد ڇڳير پلي ڪڏهن ڄائو هو؟
جواب: 1703ع ۾./ 1708ع به ملي ٿو.
سوال: اويڙ فقير ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو؟
جواب: ويرا واءِ (تعلقو ننگر پارڪر.)
سوال: اويڙ فقير کي ڪهڙي بزرگ بيت ڏيندي چيو ته،
اويڙ فقير الله جا، اٿئي ڪو پرو؟
پيو آهي پٽ ۾، ڪِ کڻي ويا کرو،
ڪو آهي دڳ درو، وڃڻ جو وڻڪار ڏي.
جواب: درويش ميان صابر ولهاري.
سوال: درويش ميان صابر ولهاريءَ ڪهڙي بزرگ کي بيت ڏيندي چيو ته،
ميان ! کڻج پاڻ بسم الله ڀرو !
پنج منارا، پلي چئي، تن ڏي وهلا ٿي ورو،
سرس جي سڀ کان، تن ٽيهن کان نه ٽرو،
آهي اهو دڳ درو، وڃڻ جو وڻڪار ڏي.
جواب: اويڙ فقير کي.
سوال: شاهه سائين جو همعصر درس عبدالحميد پلي ڪٿي رهندو هو؟
جواب: روپاهه جاگير ۾ ساڱري ڪناري.
سوال: عبدالحڪيم پليءَ جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1747ع ۾ خانپور ۾.
سوال: فقير عبدالله عرف عبن فقير جي ولادت ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي؟
جواب: 1710ع ڌاري سڀڙي ۾ گل فقير جي گهر ۾ (سبڙي، عمرڪوٽ)
سوال: هي بيت شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر جو آهي؟
واهه وهندو ڪين ڪي، مه ڪر ماڻهن کي ماه،
ڪوٽ اڏبو ڪين ڪي، سرن جي سانباه،
ڳوڙهياري وٽ ڳاهه، وڃي نورو ٿيندين نڪري.
جواب: عبن فقير پلي جو.
سوال: عبن فقير دهلڙيءَ وارو ڪنهن جو مريد هو؟
جواب: مخدوم عبدالرحمان عرف رام جاڳي.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو همعصر دهلڙي وڄائي پاراتو ڏيندو هو؟
جواب: عبن فقير.
سوال: شاعر حاجي فقير پلي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1733ع ۾ ڳوٺ سڀڙي ۾.
سوال: شاهه صاحب جو همعصر ميون صابر وَلهاري سمن جي ڪهڙي پاڙي مان هو؟
جواب: ٻرند پاڙي مان.
سوال: مخدوم صابر بن مخدوم عثمان صوفين جي ڪهڙي طريقي سان وابسته هو؟
جواب: نقشبندي طريقي سان.
سوال: ڪهڙو بزرگ هميشه ڏينهن جو روزو رکندو هو ۽ رات جو بيهي عبادت ڪندو هو؟
جواب: مخدوم صابر ولهاري.
سوال: ”اي منهنجون اکيون هي اهڙو ئي آهي نه، جھڙو مون اوهان کي چيو ٿي.“ اهي لفظ شاهه سائين ڪهڙي موقعي تي چيا هئا؟
جواب: مخدوم صابر ولهاريءَ سان ملاقات ڪرڻ وقت.

سوال: شاهه سائين هي لفظ ڪنهن کي چيا ته ”مخدوم صاحب آهي، گلاب جو گل جنهن جي بوءِ کان دماغ کي تازگي پهتي آهي.“ پر گل سان ڪنڊا به ٿيندا آهن. جي پيا چڀندا آهن؟
جواب: ملا حسين جيڪو مخدوم صابر جو مريد هو.
سوال: بيت: پنهوارڪي پهي، جي هوند چکيائين،
ته ميهارڪي مهي، ساجھر ڇڏيائين.
اهو بيت شاهه سائين ڪهڙي بزرگ سان ملاقات ڪرڻ وقت چيو هو؟
جواب: مخدوم صابر ولهاريءَ سان.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ کي چيو ته، ٻارن کي پاڙهين ويٺو يا کارين ويٺو؟
جواب: ميين محمد صابر کي.
سوال: جي کريا ته به تو جهڙا ٿيندا ۽ جي پڙهيا ته وڏا عالم ٿيندا، ميين صابر اهي لفظ ڪهڙي بزرگ کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي.
سوال: ڪهڙي بزرگ شاهه سائين کي چيو ته ”توکي ڇا ٿيو آهي، جو پاڻ کي دنيا جي لذتن کان پري ڪيو اٿئي“؟
جواب: حضرت مخدوم صابر ولهاريءَ کي.
سوال: ميين صابر ولهاريءَ سان ملاقات دؤران ڀٽائي صاحب جي سندس ڪهڙن ٻن پٽن سان به ملاقات ٿي؟
جواب: مييون معروف ۽ مييون مقبول سان.
سوال: روايت موجب ميين صابر ولهاريءَ جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1135هه ۾.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو اوتارو انگريز سرڪار جي نقشي ۾ ڄاڻايل آهي؟
جواب: ڳوٺ شير خان لغاري ۾ (يوسي جٽيا شهدادپور).
سوال: شاهه سائين جو فقير شير خان لعاري ڪٿان جو رهواسي هو؟
جواب: شهدادپور ويجهو.
سوال: مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ولد مخدوم سعد الله مڱريو جي ولادت ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي هئي؟
جواب: 1152هه راڻيپور ۾ (1152هه / 1739ع ڳوٺ واڙ تعلقي کپري ضلعي سانگھڙ ۾.)
سوال: مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي والد صاحب جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: سعدالله مڱريو.
سوال: ڪهڙي بزرگ شاهه لطيف جي ڪرامتي جمني سان، دت گرساميءَ جي ڪرامتي ڪشتي کي شڪست ڏني هئي؟
جواب: مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ.
سوال: هي بيت ڪهڙي شاعر جو آهي؟
ڪربلا ۾ ڪُوچ ٿيو لائون لهن شير،
پرجڻ ڏيئي پير، گهوٽ کڻي گهر آيا.
جواب: عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو.
سوال: ”مخدوم محمد هاشم جا سڪايل وڻ اڃان ساوا ئي نه ٿيا آهن ۽ تون پيو هاشم هاشم ڪرين“ اهي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا؟
جواب: شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ مخدوم محمد هاشم جي پوٽي کي چيا.
سوال: ميرن کي سنڌ جي حڪومت ڪنهن جي دعا سان ملي ؟
جواب: مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي دعا سان.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو همعصر 1192هه مطابق 1778ع ۾ مها ڏيو جي مڙهي ڊاهيندي شهيد ٿيو؟
جواب: مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (72 ڄڻن سان شهيد ٿيو.)
سوال: مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي شهادت ڪنهن جي هٿان ٿي؟
جواب: لکانو چانهيو، ستابو گجو، هڱورنو ۽ راڄڙ جي هٿان.
سوال: شاهه سائين جي وفات وقت مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ڪيترن ورهين جو هو؟
جواب: تيرهن ورهين جو.
سوال: درسگاهه سريواري سانگهڙ کان ڪيتري مفاصلي تي آهي؟
جواب: 40 ڪلوميٽر.
سوال: درسگاهه سريواري جو بنياد ڪنهن رکيو؟
جواب: ميان محسن 1100هه ۾.
سوال: درسگاهه سريواريءَ ۾ شاهه سائين ڪيتريون راتيون ٽڪيو هو؟
جواب: ٽي راتيون.
سوال: درسگاهه سريواريءَ کي ڪهڙي بزرگ عروج تي پهچايو؟
جواب: ميان تاج محمد ڪيريي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ کي چيو ته ”توهان جي منزل مونکان مٿي آهي.“ ؟
جواب: ميان تاج محمد کي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ سان ملاقات خاطر، هڪ گمنام مسافر جي حيثيت سان، هڪ وانڍ ۾ وڃي ترسيو هو؟
جواب: ميهار فقير پلي جا نهيري واري سان.
سوال: شاهه سائين وٽان سبڙيءَ جي ڪهڙي بزرگ هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ گھڻو ڪجھه پرايو هو؟
جواب: رحيم ڏنو فقير پلي. (ديهه ڪنر جو رهاڪو هو.)

سوال: ”چوراسي عارفانه بيت“ هن ڪتاب ۾ شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر جي شاعري ڏنل آهي؟
جواب: خواجه محمد زمان لواري واري جي.
سوال: ”چوراسي عارفانه بيت“ هن ڪتاب جي محقق ۽ شارح جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو.
سوال: ڪتاب ”چوراسي عارفانه بيت“ ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2016ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران.
سوال: ڪهڙي بزرگ جو لقب ”ڍير ڌڻي بادشاهه“ آهي؟
جواب: شيخ حاجي عبداللطيف لواري شريف. (ٻيو حسن شاهه ڍير ڌڻي تعلقو هالا)
سوال: شيخ حاجي عبداللطيف سهروردي نقشبندي جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1149هه، سومر 21 مئي 1736ع.
سوال: ڪهڙو بزرگ، شاهه سائين کان ٽيويهه سال ننڍو هو؟ ۽ ٽيويهه سال پوءِ وفات ڪئي؟
جواب: خواجه محمد زمان لواري وارو.
سوال: خواجه محمد زمان لواري واري جو جنم ڪڏهن ٿيو هو؟
جواب: اربع 21 رمضان المبارڪ 1125هه مطابق 11 آڪٽوبر 1713ع شيخ حاجي عبداللطيف ڪلان جي گھر (ضلعو بدين).
سوال: سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان لواري وارو، حضرت ابوبڪر صديق جي ڪائين پيڙهيءَ مان آهي؟
جواب: ايڪٽيهين پيڙهي مان.
سوال: ڪهڙو بزرگ سدائين سفر ۾ ٽي ڪتاب قرآن مجيد، مثنوي مولانا روم ۽ ديوان حافظ ساڻ کڻي هلندو هو؟
جواب: خواجه محمد زمان لواريءَ وارو.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ کي آزمائڻ لاءِ ان ڏانهن ويا هئا ته، اهو مراقبي ۾ فقير آهي يا ولي آهي؟
جواب: حضرت خواجه محمد زمان لواري واري کي.
سوال: ڪهڙي بزرگ چاهيو ٿي ته، شاهه صاحب سندس مريد ٿئي؟
جواب: خواجه محمد زمان اول.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ کي عرض ڪيو ته ”ارادو اٿم ته توهان جو مريد ٿيان“ ؟
جواب: خواجه محمد زمان لواري واري کي.
سوال: شاهه سائين جنهن وقت خانقاهه اندر پير رکيو ته خواجه محمد زمان اول ڪهڙو بيت فرمايو؟
جواب: ڪُپيريءَ ۾ پير، ڪنين پاتو پيرئين،
جتي منجهڻ ماڻهين، سڄڻ اتي سير،
اِن ڀونء سندو ڀير، ڪوڙين مان ڪو لَهي.
سوال: ان بيت کان پوءِ ڀٽ ڌڻيءَ ڪهڙو بيت چيو؟
جواب: ڪپيريان پري ڪُٻنڌي ٻڌائون،
انهيءَ وٽان آءُ، رهي آيس راتڙي.
سوال: خواجه محمد زمان ڪهڙي بزرگ کي چيو ته ”سماع ۽ گانو، اسان جي طريقت ۾، سواءِ ڪن مشروع موقعن تي منع ٿيل ۽ حرام آهي“ ؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي.
سوال: شاهه صاحب هي لفظَ ڪنهن کي چيا ”ساري ڄمار سماع ۽ سرود ۾ صرف ڪئي اٿم هينئر ان کي ترڪ ڪرڻ مون لاءِ محال آهي“ ؟
جواب: خواجه محمد زمان لواري واري کي.
سوال: ڪهڙي بزرگ شاهه لطيف جن کي خليفت جي چادر ڍڪائي هئي؟
جواب: حضرت خواجه محمد زمان لنواري واري جن.
سوال: جڏهن شاهه لطيف موڪلائي هليو ته ڪهڙي شخص خواجه محمد زمان کان پڇيو ته شاهه صاحب جو ڪهڙو مقام هئو؟
جواب: شيخ بلال.
سوال: پوءِ خواجه محمد الزمان لواريءَ واري ڇا فرمايو؟
جواب: هن جي منزل اوهان جهڙي آهي، يعني هو به اوهان وانگر صاحب دل آهي.
سوال: شاهه سائين خواجه محمد الزمان سان ملاقات ڪري واپس ورڻ کانپوءِ سندس شان ۾ اڪثر ڪهڙو بيت ورجائيندو هو؟
جواب: سي مون ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر جو لقب ”نورالحق“ هو؟
جواب: مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جو.
سوال: خواجه ابوالقاسم درس سان شاهه سائين جي ملاقات ڪٿي ٿي هئي؟
جواب: لواري شريف ۾.
سوال: حافظ ابوالقاسم نقشبندي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 7 شعبان 1138هه ۾.
سوال: خواجه محمد زمان ٺٽي ۾ ڪهڙي بزرگ جي مدرسي ۾ تعليم مڪل ڪئي هئي؟
جواب: مخدوم محمد صادق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾.
سوال: خواجه محمد زمان جي مرشد جو نالو ٻڌايو؟
جواب: خواجه محمد ابوالمساڪين.
سوال: شيخ محمد ابوالمساڪين جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1149هه ۾.

سوال: خواجه محمد زمان جي ٻارنهن هزار واصل باالله بزرگن منجهان ڪيترا بزرگ ڪمال جا صاحب ۽ پنهنجي وقت ۾ بي مثال هئا؟
جواب: چاليهه بزرگ.
سوال: شاهه سائين جي همعصر خواجه محمد زمان جي چئن خاص خليفن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: (1) شيخ عبدالرحيم گرهوڙي. (2) حاجي ابو طالب اگهمي. (3) شيخ حاجي محمد صالح کهڙائي. (4) حافظ هدايت الله.
سوال: خواجه محمد زمان پراڻي لواريءَ کي خيرآباد چئي، پوءِ ڪهڙي سال موجوده لواري نالي ڳوٺ آباد ڪيائون؟
جواب: 1150هه ۾.
سوال: شاهه سائين مشهور بزرگ، خواجه محمد زمان اول، کان ڪيترا سال وڏو هو؟
جواب: 23 سال وڏو هو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر جا مريد پنهنجي مرشد جي ياد تازي رکڻ لاءِ چنڊ جي هر مهيني جي چوٿين تاريخ خاص ڏهاڙي طور ملهائيندا آهن؟
جواب: خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا مريد.
سوال: خواجه محمد زمان لواريءَ واري جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: وصال ڇنڇر 4 ذوالقعد 1188هه مطابق 6 جنوري 1775ع ۾ ٿيو.
سوال: حضرت خواجه حافظ هدايت الله 1148هه ڌاري ڪنهن جي هٿ تي بيعت ڪئي؟
جواب: خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي هٿ تي.
سوال: حضرت خواجه حافظ هدايت الله جي ولادت باسعادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1135هه ۾.
سوال: ڪهڙو بزرگ هميشه قبلي ڏانهن منهن ڪري گوڏا کوڙي ويهندو هو؟
جواب: شيخ محمد صالح کڙائي.
سوال: شاهه سائين، پَساهي تپي جبي ڪوٽ تعلقي ناري ۾ ڪهڙن بزرگن سان ملاقات ڪئي؟
جواب: ميان ڇٽڻ ۽ ان جي فرزند ميان ڪامل سان.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ کي ستن پيڙهين تائين عالم پيدا ٿيڻ جي دعا ڪئي هئي؟
جواب: ميان ڪامل کي.
سوال: شاهه سائينءَ هي بيت ”ڏوري ڏوري لڌو سين ٿُڪن هنيو ٿر“ ڪٿي چيو هو؟
جواب: مانڌلي ۾.
سوال: ڪهڙي بزرگ شاهه حبيب جي وفات ۽ شاهه ڪريم جي درگاهه جي اڏاوت جون ابجد جي حساب سان فارسيءَ ۾ تاريخون ڪڍيون؟
جواب: شاهه سائينءَ جي چوڻ تي. ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي.


سوال: شاهه سائينءَ، ميان محمد يوسف ۽ ميان عبدالهاديءَ سان ڪهڙي بزرگ جي مدرسي ۾ ملاقات ڪئي؟
جواب: ميين محمد صادق جي مدرسي ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو همعصر سنڌي ۽ فارسيءَ جو مشهور شاعر نور محمد خسته ڪهڙي ڳوٺ جو رهواسي هو؟
جواب: ٽکڙ وارن جي پهرئين ڳوٺ وسي شهمير شاهه جو.
سوال: شاهه سائين جي همعصر موسن شاهه ولد سيد فضل شاهه جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: محلا ڇاڻو شاهه آباد دادو ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر بهارو شاهه جي تعريف ڪندي چيو ته ”بازي بهارو شاهه کٽي ويو شير کون“ ؟
جواب: حضرت جلال رنگريز.
سوال: شاهه سائين جو همعصر جلال کٽي ڪهڙي صنف جو وڏو شاعر هو؟
جواب: سنڌي سينگار جو استاد شاعر هو.
سوال: ڪهڙي شاعر کي ”سنڌي سينگار شاعريءَ جو سرواڻ“ چئجي ٿو؟
جواب: جلال کٽيءَ کي.
سوال: جلال کٽيءَ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: غالباً 57-1655ع ۾، ضلعي دادو جي مورند (موندر) ۾.
سوال: ميان جلال رنگريز جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: وفات 32-1730ع. سندس قبر پير طرهي جي مقام ۾ آهي.
سوال: جلال کٽي بابت سڀ کان پهرين ڪهڙي اديب تحقيق ڪئي؟
جواب: عبدالڪريم سنديلي.
سوال: ڪهڙي شاعر، شاهه سائين کي چوائي موڪليو ته ”واهڙ ويا وَهي، در ٻاٽي درياءَ کي“؟
جواب: صابر موچي (محمد صابر چنو).
سوال: شاهه سائينءَ صابر موچيءَ ڏانهن ڪهڙو بيت چوائي موڪليو هو؟
جواب: واهڙ وهي ڇا درٻاٽين درياهه کي،
ايندي موج مهراڻ کي ڪندن گس گهي،
ڪسيءَ جان ڪهي، موچي مڙيئي ماٺ ڪن.
سوال: شاهه سائين جو همعصر صابر موچي ڪٿي رهندو هو؟
جواب: مديجي شهر جي ڀرسان.
سوال: ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سينگار صنف جو ٻيو نمبر وڏو شاعر ڪهڙو هو؟
جواب: صابر موچي.

سوال: ڪهڙي شاعر ”زاف، قاف ۽ ڪيس“ لفظ ڪم آڻي شاهه لطيف وارو ساڳيو خيال پنهنجي شاعري ۾ قائم رکيو آهي؟
جواب: صابر موچيءَ.
سوال: سنڌ ۾ صوفين جو سرواڻ ڪهڙي بزرگ کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: شاهه عنايت جهوڪ واري کي.
سوال: صوفي شاهه عنايت شهيد جي جنگ واري واقعي ۾ ڪيترا صوفي شهيد ٿيا؟
جواب: پنجويهه هزار صوفي (حوالو. ڪتاب. شاهه عنايت شهيد، ليکڪ. صوفي حضور بخش).
سوال: سنڌ ۾ پهروين ڀيرو اجتماعي زراعت جو بنياد ڪنهن رکيو هو؟
جواب: صوفي شاهه عنايت شهيد جھوڪ واري.
سوال: صوفي شاهه عنايت جھوڪ واري جي شهادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 16 صفر 1130هه، اربع 19 جنوري 1718ع ۾.
سوال: صوفين جو سرواڻ شاهه عنايت جهوڪ وارو ڪيترن صوفين سميت شهيد ٿيو؟
جواب: 8 هزار.
سوال: شاهه عنايت جي شهادت مهل شاهه سائينءَ ڪهڙي شهر ۾ هو؟
جواب: ڪوٽڙي مغل ۾.
سوال: بيسرنامه ڪهڙي بزرگ جي ڪلام جو مجموعو آهي؟
جواب: صوفي شاهه عنايت شهيد جو.
سوال: صوفي سلام الله ”ٿر ڌڻي“ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 6 محرم الحرام 1130هه / 28 نومبر 1717ع ميرانپور جھوڪ ۾.
سوال: ڪهڙي بزرگ جو پاڻ ڏانهن توجهه ڇڪائڻ لاءِ شاهه سائينءَ سندس سامهون ٽي ڏينهن راڳ رنگ ڪيو هو؟
جواب: صوفي سلام الله.
سوال: شاهه سائينءَ، صوفي سلام الله ٿر ڌڻيءَ سان ڪٿي ملاقات ڪئي هئي؟
جواب: ڳيراٿر ڀٽ (هاڻوڪي تجل شريف).
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو همعصر ڀٽ تي تنهائيءَ ۾ ڦوڳ ٻوٽي وٽ منهن مونن تي رکي استغراقي حالت ۾ رهندو هو؟
جواب: صوفي سلام الله ٿر ڌڻي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ جي ملاقات کان اڳ فقير غلام حسين پنهور کي مخاطب ٿي فرمايو ته، آءُ سائين جن سان ڪجهه گفتگو ڪندس؟
جواب: صوفي سلام الله ٿر ڌڻيءَ سان.
سوال: صوفي سلام الله سان ملاقات کان اڳ فقير غلام حسين لاکيڻي لطيف کي ڪهڙو جواب ڏنو هو؟
جواب: سائين جن گفتگو کي پسند نه ڪندا آهن ۽ هميشه ڌڻي تعالى جي ذڪر ۾ رهندا آهن.
سوال: صوفي سلام الله جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 25 ذوالحج 1183هه / 22 اپريل 1770ع ۾.
سوال: شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي سماع جو سلسلو ڪنهن شروع ڪيو هو؟
جواب: صوفي عزت الله شاهه.
سوال: ڪهڙو بزرگ ڀٽائي جو بيت ٻڌندو هو ته پنهنجن فقيرن کي پنهنجو نظريو ٻڌائيندو هو؟
جواب: صوفي سلام الله ”ٿر ڌڻي“.
سوال: شاهه عزت الله جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1186هه ۾.
سوال: شاهه اسد الله جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1140هه ۾ (مدفن مڪلي).
سوال: سيد سعد الله ولد سيد نيڪ محمد جو انتقال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1167هه ۾.
سوال: مير لطف الله عرف شاهه لڌو ڪهڙي هجري سال ۾ فوت ٿيو؟
جواب: 1143هه ۾.
سوال: سيد محمد فاضل ولد سيد عبدالرزاق جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1140هه ۾.
سوال: قاضي عبدالرسول سيوستانيءَ جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1123هه ۾.
سوال: سائين فقيرن کي سچ سان ڪيتري حد تائين سچائي هئڻ گهرجي، اهي لفظ شاهه سائينءَ کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: ڏاڙهون جوڳيءَ .
سوال: مخدوم دين محمد سيوهاڻي جي ولادت ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ ٿي؟
جواب: 6 رجب 1113هه / اربع 7 ڊسمبر 1701ع ۾.
سوال: سيوهڻ جو ڪهڙو بزرگ عالم شاهه لطيف جو پڳ مٽ يار هو؟
جواب: مخدوم دين محمد صديقي (اصل پاٽ شريف جو هو.)
سوال: مخدوم دين محمد صديقيءَ جو وصال ڪهڙي هجري سن ۾ ٿيو؟
جواب: 1192هه سيوهڻ ۾.
سوال: نصرپور شهر ۾ ڪهڙو شخص شاهه سائينءَ جي خدمت چاڪري ڪندو هو؟
جواب: ميان عبدالله ولد الهڏنو.
سوال: شاهه عنات جو تعلق نصرپور جي رضوي سيدن جي ڪهڙي مشهور ۽ معروف پاڙي سان هو؟
جواب: مبارڪ پوٽا پاڙي سان.
سوال: شاهه عنات نصرپوريءَ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: غالبن 1030هه کان 1035هه مطابق 1620ع کان 1625ع جي وچ ڌاري. (1624ع. ڪتاب. سنڌ جون شخصيتون).
سوال: هالا حويليءَ ڳوٺ کان اوڀر طرف ڪنهن جي تڪيي تي لطيف سائين، مدن فقير ۽ شاهه عنات رهاڻيون ڪندا هئا؟
جواب: فقير حيات ڪوري جي تڪيي تي.
سوال: ڪهڙي تڪيي تي مدن فقير، شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه لطيف ملن ۽ موالين جو بحث ڇيڙيو هو؟
جواب: حيات ڪوريءَ واري تڪيي تي.
سوال: ڪهڙي شاعر چيو ته ”ٿڌا وڻ ولهار جا، جتي صدر سونهارو.“؟
جواب: شاهه عنايت رضويءَ.
سوال: ڪهڙي بزرگ شاهه سائين کي فرمايو ته هاڻي اجازت ڏيو ته آءُ به سسئي ڳايان؟
جواب: شاهه عنات رضوي.
سوال: شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه لطيف کي ڪهڙي ايراضيءَ جي وڻڪار وڻي هئي؟
جواب: ولهار واري ايراضيءَ جي.
سوال: ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه لطيف جون شاهه عنات رضوي سان ڪچهريون ٿيون؟
جواب: 1120هه کان 1133هه تائين.
سوال: ڪهڙي همعصر بزرگ شاهه صاحب ڏانهن کير جو پيالو موڪليو هو؟
جواب: شاهه عنات رضوي.
سوال: ڪهڙي بزرگ ڏانهن شاهه سائين کير جي پيالي ۾ گلاب جو گل وجهي موڪليو هو؟
جواب: شاهه عنات رضوي ڏانهن.
سوال: شاهه سائينءَ کان اڳ ڪهڙي شاعر عورت جي سونهن ۽ سينگار کي دل کولي ڳايو آهي؟
جواب: شاهه عنات رضوي.
سوال: ڪلهوڙن جي دور جي ان پهرئين شاعر جو نالو ٻڌايو، جنهن باقاعده سرن تحت ڪلام چيو؟
جواب: ميون شاهه عنات رضوي.
سوال: شاهه عنات رضوي جي رسالي ۾ ڪهڙا سر ملن ٿا؟
جواب: سر ڪلياڻ، جمن، کنڀات، سريراڳ، رامڪلي، مارئي، پرڀات، ڌناسري، جيتسري، پورب، ليلا، آسا، ڪاپائتي، ڏهر، مومل راڻو، بلاول، ديسي، سورٺ، سارنگ، توڏي، ڪاموڏ ۽ ڪارائيڙو.
سوال: شاهه عنات رضويءَ دعائيه بيت ڪهڙن ڪلهوڙن حڪمرانن بابت چيا؟
جواب: ميان دين محمد ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي بابت.
سوال: هڪ دفعي سيد حبيب شاهه ۽ شاهه عنات ڏٺو ته شاهه لطيف ستو پيو آهي، ان موقعي تي شاهه عنات ڪهڙو بيت چيو؟
جواب: ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
تو ڀانيو ساڻيهه، سو اٿئي مانجھاندي جو ماڳ،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه لهي.
سوال: جواب ۾ لاکيڻي لطيف ڪهڙو بيت فرمايو؟
جواب: تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جن،
قل هوالله احد الله، اهو راڳ رڳن،
موتوا قبل انت موتوا اها لرز لڱن،
في الافاق وفي انفسڪم اها هاج هٿن،
لتنذر قوما ما اهو پهه پيرن،
سڀ عضوا عبداللطيف چئي پرين لئه پر جهن،
ستا سي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.
سوال: شاهه عنات رضوي جڏهن پهريون ڀيرو مخدوم سليمان سان مليو هو ته کيس ڀاڪر پائي ڪهڙو بيت چيو هئائين؟
جواب: جي ڏاگهو ڏنگائي ڪري ته نٿ ناڪيلي ڌار،
واڳي تنهن کي وڳ سان، تون ميي کي ته مهار،
ائين چانگو چار، جيئن ڌڻيئون ڌار نه ٿئي.
سوال: هي بيت شاهه سائينءَ ڪهڙي موقعي تي چيو هو؟
اٺ نه اوڳارين، ڏاگهن ڏيهه چتائيو،
ڪريو مهاڙ ملڪ ڏي، نرتئون نهارين،
سفر ٿا سارين، ڪيچ اڳاهون پنڌڙو.
جواب: فقيرن شاهه صاحب کان شاهه عنات جي طبيعت جو پڇيو ته ان موقعي تي.
سوال: شاهه عنات رضوي جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: جديد تحقيق موجب 1720ع ۾. حوالو. ڪتاب. ڪلهوڙا دور. هڪ مطالعو. ص.9. (1133هه ۾، محقق ڊاڪٽر بلوچ). 13 / 1712ع.
سوال: شاهه عنات رضويءَ جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: شيخ موسى جي قبرستان ۾.
سوال: شاهه عنات رضويءَ جو ڪهڙو پوٽو شاهه عبداللطيف کان اٽڪل ڇويهه ستاويهه سال وڏو هو؟
جواب: شاعر ، شاهه بلال رضوي.


سوال: هي بيت شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر جو آهي؟
تون ونگو ونگو نائيو، ڪڇ، پارڪر، پٽ،
سوڍا سلامي ٿئا، ڍل ڀريندو ڍٽ،
چڙهي ڪيئي چٽ، جا هئي لک لانگاهه جي.
جواب: سيد بلال شاهه.
سوال: شاهه قطب رضويءَ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1130هه/ 1718ع ۽ وصال 1184هه/ 1771ع ۾.
سوال: ڪهڙو بزرگ عبادت جي وقت پراڻ جي ڪنڌيءَ تي پيرن جي آڱوٺن ۾ پنهنجا وار ڦاسائي عبادت ڪندو هو؟
جواب: سيد سوڍل شاهه.
سوال: دڙيلي شهر جي ڪهڙي بزرگ جي درگاهه تي شاهه سائين مٽيون ڀريون ۽ چلو به ڪڍيو هو؟
جواب: سيد سوڍل شاهه جي درگاهه تي.
سوال: دڙيلي شهر جي ڪهڙي بزرگ شاهه سائين جي مهماني ڪئي هئي؟
جواب: درياء خان دل.
سوال: ڪاڇيلي اسٽيشن ويجهو ڪهڙي بزرگ وٽ شاهه سائين ڪافي ڏينهن مهمان ٿيو هو ۽ کيس دعا به ڪئي هئائين؟
جواب: دريا خان دل.
سوال: دريا خان دل اصل ڪٿان جو رهاڪو هو؟
جواب: ٺٽي ننگر جي ڳوٺ سال جو رهاڪو هو.
سوال: حضرت خواجه سڌاتوره ولد محمود شاهه جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1150 هه ڌاري.
سوال: سخي بلوچ خان جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 25 مارچ 1657ع ۾. ڏاجهيري موري موجوده تعلقو جهڏو.
سوال: سخي بلوچ خان جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 20 ڊسمبر 1745ع ڌاري (درگاهه ڏاجهيري موري).
سوال: شاهه سائين جي فقير آنٽل ۽ چانچل جو تعلق جيسلمير جي ڪهڙي ڳوٺ سان هو؟
جواب: ڳوٺ ريڏاڻي ۾ رهندا هئا.
سوال: شاهه سائين جا فقير آنٽل ۽ چانچل ٻئي ڪهڙ ي نالي سان مشهور هئا؟
جواب: انٽڙيو ۽ چانچڙيو.
سوال: شاهه سائين جي فقيرن آنٽل ۽ چانچل جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: جيڻا مڱڻهار (اِهي ٻئي پاڻ ۾ ڀائر هئا).

سوال: شاهه سائين جي فقير آنٽل کي آنٽڙيو ڇو سڏيندا هئا؟
جواب: ان ڪري جو هي فقير ٿورو منڊڪائي هلندو هو.
سوال: شاهه سائين جي فقير چانچل کي مقامي ماڻهو چانچڙيو ڇو سڏيندا هئا؟
جواب: ان ڪر ي جو هي فقير طبيعت ۾ شوخ مزاج هوندو هو.
سوال: شاهه صاحب لاءِ آنٽل ۽ چانچل جيسلمير جي ڳوٺ ريڏاڻي مان ڪهڙي خوبصورت سوکڙي آندي هئي؟
جواب: جُتي.
سوال: شاهه سائينءَ آنٽل ۽ چانچل جي سوکڙيءَ کي ڏسي ڇا فرمايو هو؟
جواب: شاهه صاحب فرمايو! جُتي جيسلميران آندي استادن.
سوال: ڪڇ ۾ ڪهڙن فقيرن شاهه لطيف سان ارادت ۽ عقيدت جو بنياد وڌو؟
جواب: ونهيين فقير سالاراڻي جت، تماچي فقير نهڙيو ۽ تمر فقير.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي فقير کي فرمايو ته، هاڻي توکي سنڌ اچڻ جي ضرورت ناهي؟
جواب: تماچي فقير کي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي فقير کي ڪڇ موٽي وڃڻ جو حڪم ڏنو؟
جواب: تماچي فقير.
سوال: شاهه سائينءَ وفات کان ڪجهه وقت اڳ ڪهڙي فقير کي ڪڇ مان گهرائي پاڻ وٽ رهايو هو؟
جواب: تماچي فقير کي.
سوال: ونهيين فقير جو اصل ڳوٺ ڪهڙو هو؟
جواب: ڪنڊو مڪان تعلقو کاهڙ.
سوال: تماچي فقير ڪهڙي فقير سان گڏ ڀٽ شاهه تي آيو هو ۽ پوءِ شاهه لطيف جو مريد ٿيو هو؟
جواب: ونهيين فقير جت سان.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ کي پنهنجي ڪلهي تي پيل گودڙي تبرڪ طور ڏني هئي؟
جواب: تماچي فقير اوريڙي وارو.
سوال: ڪهڙو بزرگ شاهه لطيف جو نالو ٻڌي، وڏي حب مان ساڻس ملڻ لاءِ آيو هو؟
جواب: ميون کيمجي.
سوال: شاهه سائينءَ ميين کيمجيءَ سان ملاقات ڪٿي ڪئي؟
جواب: ٻوڙيا ڳوٺ جي ڀر ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ميان کيمجي سان ڪيترا ڏينهن روح رهاڻ ڪئي؟
جواب: ٽي ڏينهن.
سوال: شاهه سائينءَ کي ڪهڙي شخص جي وات مان ٻيڙيءَ جي ڌپ آئي هئي؟
جواب: ميان کيمجيءَ جي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ کي چيو ته درويش ٻيڙي ڇڪڻ ڇڏي ڏي؟
جواب: ميين کيمجي کي.
سوال: شاهه سائينءَ، ريٻاري قوم جي ڪهڙي فقير کي خلافت جي پڳ ٻڌرائي هئي؟
جواب: دين محمد فقير ريٻاري کي. (ڪڇ)
سوال: شاهه سائينءَ جو خليفو مريد فقير جت ڪٿان جو رهاڪو هو؟
جواب: بگهاڙيو ٻني جو.
سوال: شاهه سائين جي راڌي فقير سان ڪچهري ڪٿي ٿي؟
جواب: راڌي فقير جي ڳوٺ ڪڇ تعلقي لکپت ۾.
سوال: ”ابا توکي لوحِ قلم ۾ اولاد لکيل ڪونه آهي.“ اهو جملو شاهه سائين ڪنهن کي چيو؟
جواب: راڌي فقير کي.
سوال: پوءِ راڌي فقير شاهه سائين کي ڇا چيو؟
جواب: چيائين، گهوڙا ڇهه ڀائر مري ويا ۽ آءُ به در پوريو ٿو وڃان.
سوال: آءُ پنهنجو پٽ توکي قادر کان منتقل ڪرائي ڏنو آهي، هڪ پٽ ڄمندئي نالو سانولو شاهه رکجانئس اهو جملو شاهه سائين ڪنهن کي چيو؟
جواب: راڌي فقير کي.
سوال: ڪهڙو ٻار شاهه سائين جو پٽيلو هو؟
جواب: راڌي فقير جو پٽ سانولو فقير. (سيد بلال شاهه به پٽيلو هئس)
سوال: ڪهڙي فقير سان شاهه لطيف جي ايڏي محبت هئي جو ان سان ملاقات لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ان جي گهر ڪهي ويندا هئا؟
جواب: بلال .
سوال: شاهه سائين جو مريد لاکو فقير ڪٿي رهندو هو؟
جواب: جهري (ڪڇ) ۾.
سوال: راول فقير ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو؟
جواب: ڳوٺ کاروڙو ۾. (کوروڙي)
سوال: شاهه سائينءَ راول فقير سان ڪيترا ڀيرا ملاقات ڪئي؟
جواب: هڪ ڀيرو.
سوال: شاهه سائين فقيرن کي هيءُ لفظ ڪهڙي ڳوٺ ۾ چيا؟ لفظ ”بابا ننگر ڪريو“؟
جواب: کاروڙي ۾.
سوال: هڪ دفعي شاهه سائين پنهنجن فقيرن کي نصيحت ڪئي ته هر قسم جي نشي کان پاسو ڪن، فقيرن نشو ڇڏي ڏنو مگر سندس ڪهڙو فقير، حقو ڇڏي نه سگهيو؟
جواب: راول فقير.


سوال: هڪ ڀيري ڀٽائي صاحب راول فقير کي حقو پيئندي ڏسي ورتو، ان موقعي تي شاهه صاحب ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: ڇڪڻيون ڇڪئين، پئڻيون ٿو پئين،
ناهي تو تِرَ جيتري هدايت هئين،
جوڳي جاڙ جئين، ڇڏيو گس گرؤَ جو.
سوال: شاهه سائينءَ جي ان فقير جو نالو ٻڌايو جيڪو ڀٽ ڌڻيءَ جي ڏوراپي تي غش ٿي ويو ۽ دم ڏنائين؟
جواب: راول فقير.
سوال: تنهنجي رڳو ڦوڪ ڦوڪان لڳي پئي آهي. شاهه سائين اهي لفظ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: راول فقير کي.
سوال: شاهه صاحب کي ڪهڙي سچي فقير جي وفات تي نهايت صدمو پهتو هو؟
جواب: راول فقير جي.
سوال: شاهه سائين راول فقير جي جدائي جي ڏک ۾ ڪهڙو بيت چيو؟
جواب: مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين،
اڄ ولهي جي وٿاڻ ۾، توڏا نه تنوارين،
هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي فقير جي وصال تي کيس تڙ ڏئي پوءِ سڄي رات وايون ۽ ڪافيون چيون؟
جواب: راول فقير جي وصال تي.
سوال: جڏهن راول فقير جو جنازو کنيائون تڏهن ڀٽائي صاحب سندس ڏک ۾ ڪهڙي وائي چئي هئي؟
جواب: راول رهيئين نه رات، ادا راول رهيئين نه رات.
سوال: راول فقير جو لاش صبح جو سينگاري کاروڙي ڀرسان ويڙهيجهپ ڏانهن کنيائون ته ان موقعي تي شاهه سائين ڪهڙو بيت چيو؟
جواب: کاروڙيا کڻي، ويڙهيجهپ ويا،
سيڻ منهنجا سيد چئي، هاڻي هت هئا،
پسي پڊ تنين جا، لڙي لڙڪ پيا،
ڏينهان ڏور ويا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.
سوال: راول فقير جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: پارو فقير کان اولهه طرف سندس پڪو روضو ٺهيل آهي.
سوال: پارو فقير (پار برهم) ڪٿي رهندو هو؟
جواب: ويڙهي جھپ ڀرسان ڳوٺ کاروڙي ۾.

سوال: پارو فقير ڪنهن جو مريد هو؟
جواب: ميڪڻ فقير جو.
سوال: ڪهڙي فقير لطيف سائينءَ جي اچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ سماڌي وٺي ڇڏي هئي؟
جواب: پارو فقير.
سوال: هي بيت شاهه سائينءَ ڪنهن لاءِ چيو هو؟
کاروڙيا کڻي، ويڙهي جهپ ويا،
سيڻ منهنجا سيد چئي هاڻي هت هئا،
پسي پڊ تني جا لڙي لڙڪ پيا،
ڏيهي ڏور ٿيا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.
جواب: پارو فقير ۽ راول فقير لاءِ.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو خليفو آرل مڪان ۾ رهندو هو ۽ شاهه صاحب سان صحبت ۾ مسلمان ٿيو؟
جواب: خليفو دين محمد فقير جيڪو پهريائين ريٻاري هو.
سوال: ”مون تپسيا طور ٻانهن کي اڀوجهلي سڪائي ڇڏڻ جو وچن ڪيو آهي“ اهي لفظ شاهه صاحب کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: ڌرمناٿ سامي.
سوال: ميان حبيب الله مهيسر عرف ڪاڇو فقير ڪڏهن ڄائو هو؟
جواب: 1081هه، 1670ع، شهر ميت پور ۾. (حوالو، مضمون، ڪاڇو ۽ رهڙو، ليکڪ، مخدوم عدنان)
سوال: حضرت مخدوم ميان حبيب الله مهيسر جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 23 محرم 1130هه/ 1718ع، رهڙو شريف۾.
سوال: درسگاهه رهڙو شريف جو بنياد ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو؟
جواب: حضرت علامه مخدوم مفتي عبدالله مهيسر ولد حضرت مخدوم ميان حبيب الله مهيسر 1132هه ۾.
سوال: شاهه سائين جو خليفو صالح فقير مڱريو ڪٿي رهندو هو؟
جواب: ڄڙهوٽ مڪان نکٽراڻي شهر ويجهو.
سوال: حضرت مخدوم نوح جي پنجين سجاده نشين، حصرت مخدوم محمد الزمان اول جي ولادت ۽ وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 21 جمادي الاول 1050هه . وصال جمع 26 ذوالقعد 1117هه ۾.
سوال: حضرت مخدوم نوح جي ڇهين سجاده نشين، مخدوم مير محمد اول عرف مخدوم مير پير جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 18 محرم الحرام 1099هه، وصال 19 ذوالحج 1149هه ۾.

سوال: حضرت مخدوم نوح جي ستين سجاده نشين، مخدوم محمد زمان ثاني جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 5 ربيع الاول 1119هه، وصال 7 ربيع الثاني 1184هه ۾.
سوال: مخدوم نوح سرور جي چوٿين پوٽي مخدوم مير پير 1140هه ۾ ڪهڙو شهر ٻڌي اتي رهائش اختيار ڪئي؟
جواب: هالا ڪنڊيءَ جي ويجهو شهر اسلام آباد.
سوال: مخدوم ميان مٺن جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 3 ربيع الثاني 1149هه . وصال 5 ربيع الثاني 1232هه .
سوال: مخدوم محمد معين بن امين دل جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1093هه / 1682ع تعلقي روپاهه پٽ باران جي ڳوٺ داليءَ ۾.
سوال: مخدوم محمد معين (عرف مخدوم ٺارو) سان پهرين ملاقات وقت شاهه سائين جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: شاهه سائين جي عمر ٽيهه سال هئي.
سوال: مخدوم محمد معين ٺٽوي شاعري ۾ ڪهڙا تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: فارسي ۾ تسليم، هندي اردوءَ ۾ بيراڳي.
سوال: وحدت الوجود جي سلسلي ۾ مخدوم محمد معين ڪيترا رسالا تصنيف ڪيا؟
جواب: 3 رسالا.
سوال: محمد معين بيراڳيءَ جو والد ميان محمد امين لاکو اصل ڪٿي جو ويٺل هو؟
جواب: دالي، ڳوٺ والي روپاهه جو (پوءِ ٺٽي لڏي آيو).
سوال: مخدوم محمد معين ٺٽوي تصوف جا سبق ڪهڙي استاد کان ورتا هئا؟
جواب: ابوالقاسم نقشبنديءَ کان.
سوال: مخدوم محمد معين ٺٽوي ڪهڙي بزرگ جو شاگرد هو؟
جواب: مخدوم عنايت الله جو.
سوال: مخدوم عنايت بصير واعظ جو انتقال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1160هه ۾.
سوال: مخدوم محمد معين ٺٽويءَ طريقت ۾ ڪهڙي بزرگ کان فيض حاصل ڪيو؟
جواب: خواجه محمد ذڪيءَ کان.
سوال: مخدوم محمد معين پنهنجي ڪهڙي دوست لاءِ رسالو اويسيه لکيو هو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ لاءِ.
سوال: شاهه فقيرالله علويءَ ڪهڙي بزرگ کي پنهنجي خطن ۾ ”عالم رباني“ جي خطابن سان نوازيو آهي؟
جواب: مخدوم محمد معين ٺٽويءَ کي.

سوال: ڪهڙي بزرگ مخدوم محمد معين ٺٽوي کي چيو ته ”بيشڪ تون شينهن تي سوار ٿيو آهين“ ؟
جواب: شاهه ولي الله.
سوال: مخدوم محمد معين علم حديث ڪنهن کان پرايو هو؟
جواب: شاهه ولي الله دهلويءَ کان.
سوال: شاهه سائين جن ڪهڙي بزرگ جو وعظ شوق سان ٻڌندا هئا؟
جواب: مخدوم محمد معين ٺٽوي جو.
سوال: شاهه سائين متعلق هي لفظ ڪهڙي بزرگ فرمايا ”اهو شخص جيڪو دل ۽ جان سان وعظ ٻڌندو هو، سو غائب آهي“ ؟
جواب: مخدوم محمد معين ٺٽوي.
سوال: شاهه سائين ۽ مخدوم محمد معين ڪهڙي بزرگ جي مقبري مان ٻاهر نڪتا ته سندن چهرو ملول ۽ غمگين هو؟
جواب: پير پٺو (شيخ حسين ديبلي).
سوال: شاهه سائين ۽ مخدوم محمد معين ٺٽوي کي پير پَٺي جي روح ڇا ٻڌايو؟
جواب: هن وقت خدا جو ڪوبه طالب ڪونه رهيو آهي.
سوال: شاهه سائين ۽ مخدوم محمد معين ٺٽوي ڪهڙي بزرگ جي مقبري مان زيارت بعد مسڪرائيندي ۽ خوش ٿي نڪتا؟
جواب: شاهه وجهه الدين جي.
سوال: شاهه وجهه الدين جي روح ڪهڙن بزرگن کي فرمايو ته ”هن وقت اوهان جا طالب به ملي سگهندا جي اوهان کان خدا جي طلب ڪندا“ ؟
جواب: شاهه لطيف ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ کي.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي فارسي خط ۾ صوفين جي اويسي طريقي بابت مخدوم محمد معين ٺٽويءَ کان ڪيترا سوال پڇيا هئا؟
جواب: 4 سوال ڪيا هئا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ لاءِ پنهنجي مريدن کي فرمايو ته ”هلو ته پنهنجي دوست جو آخري ديدار ڪري اچون“ ؟
جواب: مخدوم محمد معين ٺتوي لاءِ.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر راڳ ٻڌندي وفات ڪئي؟
جواب: مخدوم محمد معين ٺٽويءَ.
سوال: شاهه سائين، ڪهڙي بزرگ کي پنهنجي هٿن مبارڪن سان غسل ڪفن ڏنو ۽ نماز به پاڻ پڙهائي هئي؟
جواب: مخدوم محمد معين ٺٽويءَ کي.

سوال: مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1161هه مطابق 1748ع ۾.
سوال: مخدوم محمد معين جي قبر ڪهڙي بزرگ جي پيرانديءَ کان آهي؟
جواب: سندس مرشد ابوالقاسم نقشبندي جي پيراندي کان.
سوال: شاهه سائينءَ، مخدوم معين جي بٺيءَ وٽ بيهي ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺا سون،
ڏينهن مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
سوال: مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي وصال کان پوءِ شاهه سائين پنهنجي فقيرن کي ڇا چيو هو؟
جواب: ٺٽي ۾ پنهنجي يار جي الوداع خاطر هيءُ اسان جو آخري ڀيرو اچڻ ٿيو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙن همعصرن اسلامي ثقافت ۽ تصوف جي ترقيءَ لاءِ سنڌ ۾ قابلِ قدر تاريخي خدمتون سرانجام ڏنيون؟
جواب: شاهه عنايت الله، مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله، مخدوم ضياءُالدين ۽ مير علي شير قانع ٺٽوي.
سوال: سورت بندر جو شاهه ولي الله واعظ ڪهڙي هجري سال ۾ فوت ٿيو؟
جواب: 1197هه ۾.
سوال: شاهه ولي الله محدث دهلوي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 4 شوال 1114هه / 10 فيبروري 1702ع ڳوٺ پهلت، يوپي، ضلعي مظفر نگر ۾. (21 فيبروري 1703ع) حوالو، الرحيم 1966ع.
سوال: شاهه ولي الله جو اصل نالو ٻڌايو؟
جواب: ابوالفياض قطب الدين احمد بن شاهه عبدالرحيم.
سوال: شاهه ولي الله جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 19/29 محرم الحرام 1176هه، 10/ 20 آگسٽ 1762ع ظهر جي وقت ۾.
سوال: شاهه ولي الله کي ولي الله نالو ڪنهن کان مليو؟
جواب: سندس والد عبدالرحيم کان.
سوال: ڪهڙي محدث ابن عربيءَ جي نظريه ”وحدت الوجود“ ۽ امام ربانيءَ جي نظريه ”وحدت شهود“ کي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي؟
جواب: شاهه ولي الله محدث دهلويءَ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر کي ”امام الهند“ جو لقب مليو؟
جواب: شاهه ولي الله محدث دهلويءَ کي.
سوال: محمد محسن ٺٽويءَ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1121هه ۾.
سوال: پارسيءَ جي مشهور شاعر محسن ٺٽويءَ جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1163هه ۾.
سوال: غلام علي مداح ولد محمد محسن ٺٽويءَ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1145هه ۾. (حوالو، نئين زندگي، آڪٽوبر 2001ع).
سوال: مير عزت الله ولد مير محمد ڪاظم شيرازي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1161هه.
سوال: شاهه سائين جي همعصر مير علي شير ولد مير عزت الله جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1140هه ۾ ٺٽي ۾.
سوال: ڪهڙي بزرگ مير علي شير قانع ٺٽويءَ تي ”مظهري“ تخلص رکيو هو؟
جواب: مير حيدرالدين ابوتراب ڪامل، جيڪو شاعريءَ ۾ سندس استاد هو.
سوال: مير علي شير قانع پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙا تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: مظهري، ان کان پوءِ قانع.
سوال: مير علي شير قانع 1152هه کان 1153هه تائين ڪيترا شعر لکيا؟
جواب: اٺ هزار شعر (42 تصنيفات).
سوال: ڪهڙو وڏو عالم، فاضل، فيلسوف جڏهن کان شاهه لطيف جو مريد ٿيو تڏهن کان هئڻ جون سڀ حدون ڇڏي غريبيءَ ۾ گذارڻ لڳو؟
جواب: مخدوم محمد صادق نقشبندي.
سوال: ٺٽي جو ڪهڙو بزرگ مفتي هجڻ جي باوجود نماز شاهه سائين جي پٺيان پڙهندو هو؟
جواب: علامه ميان محمد صادق.
سوال: شاهه سائين جي همعصر سيد مير محمد عطا جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 3 شعبان 1178هه ۾.
سوال: ڀٽائي سرڪار، حبيب نالي مست سان ڪڏهن ملاقات ڪئي؟
جواب: 1152هه ۾.
سوال: ڪهڙو بزرگ سيد مير محمد عطا جي ڏيڍيءَ اڳيان چادر تاڻي ٽي ڏينهن ٽي راتيون ستو پيو هو؟
جواب: حبيب شاهه مست.
سوال: هي لفظ شاهه سائينءَ ڪنهن کي چيا هئا ”اي ديوانا ! جيڪو توکي ننڊ ۾ حاصل آهي اهو اسان کي سجاڳيءَ ۾ ڳوليندي به حاصل نه ٿو ٿئي اها ننڊ ڪٿان سکيو آهين“ ؟
جواب: حبيب شاهه مجذوب.
سوال: حبيب شاهه مجذوب جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: ڏاهري. (حوالو. ڪتاب. معيار سالڪان طريقت ).
سوال: سيد حبيب شاهه مست جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: برهان فقير جي قبرستان ۾. (ميرپورخاص واري ايراضي ).
سوال: سيد حبيب شاهه مست جو اصل ڳوٺ ڪهڙو هو؟
جواب: اصل ڳوٺ سيد حاجي شاهه لڪياري.
سوال: سيد حبيب شاهه جو تڪيو ميرپورخاص کان ڪيتري مفاصلي تي آهي؟
جواب: پنج ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي. (ڳوٺ حاجي شاهه)
سوال: ڪهڙي بزرگ جي تڪيي تي سيمينٽ سان ٻيڙي ٺهيل آهي؟
جواب: سيد حبيب شاهه.
سوال: شاهه سائين پنهنجن پوئلڳن کي ڪهڙا اٺ نصيحت آموز نڪتا ٻڌايا؟
جواب: 1. ٿورو کائڻ. 2. ٿورو سمهڻ. 3. ٿورو ڳالهائڻ. 4. سادي پوشاڪ ڍڪڻ. 5. رضا تي راضي رهڻ. 6. پاڻ کي ڪجهه نه ڀائڻ. 7. ٻين سان ڀلائي ڪرڻ. 8. ذڪر ۽ فڪر ۾ ڌيان لڳائڻ.
سوال: ڪهڙي بزرگ جي وفات 9 محرم 1145هه ۾ ٿي؟
جواب: سيد مصري شاهه. (درگاهه ميرواهه شهر کان اتر طرف پراڻ جي ڪنڌيءَ تي )
سوال: شاهه سائينءَ کي هي لفظ ڪنهن چيا ”مون کان هڪ بي گناهه درويش قتل ٿي ويو هو، ان ڏينهن کان آرام ڦٽل آهي ۽ مَن تي ٻوجهه آهي؟
جواب: نادر شاهه جي سپاهيءَ 1739ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ هي لفظ ڪنهن کي چيا هئا؟ تون خيال نه ڪر، جيڪو به سچيءَ دل سان پڇتاءُ ڪندو آهي مالڪ ان تي رحم ڪندو آهي.
جواب: نادر شاهه جي سپاهيءَ کي.
سوال: هي بيت شاهه سائين جي ڪهڙي عقيدتمند فقير جو چيل آهي؟
ننڊون ڪيئن ڪجن، هاري مند محمود چئي،
تون سيئي سيڻ ڪيا، پھ اوچا جن،
ڪڏهن ڪين سڄن، ويسريون ورن ري.
جواب: محمود فقير جو.
سوال: هيءَ وائي شاهه سائينءَ جي ڪهڙي عقيدتمند فقير جي چيل آهي.
ٿلهه: ٻاروچا ٻاجهائي، مون کي نيندا پاڻ سين.
جواب: محمود فقير جي.
سوال: شاهه سائينءَ جي سچي مريد فقير عنايت الله چوڍي (فقير عنايت ولد پير بخش چوڍو) جو ڪلام ڪنهن ۽ ڪڏهن شايع ڪرايو؟
جواب: پير ڳوٺ جي عبدالله ولد حيات خان پٺاڻ 1893ع ۾ شايع ڪرايو.
سوال: فقير عنايت الله چوڍي جي رسالي ۾ تقريبن ڪيترا بيت ۽ ڪافيون، نعتون، مداحون، سي حرفيون ۽ قصيده قلمبند ٿيل هئا؟
جواب: 582 بيت ۽ 1312 ڪافيون، نعتون، مداحون، سي حرفيون ۽ قصيدا.

سوال: شاهه سائينءَ جي عقيدت ۾ هي بيت ڪهڙي شاعر جو چيل آهي.
احمد الله، لطيف، هڪو ڄاڻج هيڪ،
آهي عنايت الله جي، عالم منجهه انيڪ،
جي نظر ڪرين نيڪ، ته ڀونءِ مڙيئي ڀٽ ٿئي.
جواب: فقير عنايت الله چوڍو.
سوال: هي شعر ڪهڙي شاعر جو چيل آهي؟
اديون آري ڄام کي ساري منهنجو ساهه،
عاصي عنايت الله، انگ ازل کون آهه،
هيڪر هن هيڻيءَ کي، پرين پاڻ پساء،
واڳون ور وراءِ، آسر وندي آهيان.
جواب: فقير عنايت الله چوڍو. (حوالو، لطيف سالگره مخزن،1969ع، ص: 70)
سوال: شاهه سائين جي فقيرن مان، سڀني کان وڏي فقير جو نالو ٻڌايو؟
جواب: محبت فقير سالارو. (تمر فقير جو چاچو)
سوال: تمر فقير جا وڏڙا ڪهڙي ڳوٺ جا رهواسي هئا؟
جواب: ڳوٺ بلند شاهه سالارو، نزديڪ کنڊو.
سوال: شاهه سائين پيار مان تمر فقير کي ڪهڙا الفاظ چوندو هو؟
جواب: تمر سڃ جو ثمر.
سوال: تمر فقير جو اصل نالو ڪهڙو هو؟
جواب: حاجي علي ولد صحبت فقير سالارو. (اصل هالا قوم)
سوال: شاهه سائين جي فقير تمر جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1120هه (محقق، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.) ولادت 1150هه. حوالو، تمر فقير جي شاعري، مؤلف، سيد قادن شاهه بخاري.
سوال: تمر فقير جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1181هه ۾. ٻي روايت مطابق 1227هه ۾ ۽ خميس 5 جمادي الثاني 1205هه.
سوال: تمر فقير جي ولادت ڪٿي ٿي هئي؟
جواب: عربستان ۾.
سوال: تمر فقير شاعري ۾ ڪهڙا تخلص استعمال ڪيا آهن؟
جواب: تمر ۽ فقير.
سوال: تمر فقير ڪهڙن سرن ۾ شاعري ڪئي آهي؟
جواب: سر سسئي آبري، سر رامڪلي، سر مارئي، سر سورٺ ۽ سر حسينيءَ ۾ ٻه وايون، سارنگ ۾ هڪ وائي.
سوال: ”منهنجي جُتي ته کڻي ڏي“ اهي لفظ شاهه سائينءَ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: تمر فقير کي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي فقير ، لطيف کي جتي کڻي ڏني ته کانئس ٻانهن مان سٽ نڪري وئي؟
جواب: تمر فقير .
سوال: ”سائين جُتي ايڏي ڳري“ اهي لفظ ڀٽائيءَ کي ڪنهن چيا؟
جواب: تمر فقير.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي فقير کي مرڪي چيو ته منهنجي جُتيءَ ۾ صدين جو ٿَڪ آهي؟
جواب: تمر فقير کي.
سوال: تمر فقير ڀٽ ڇڏڻ وقت ڪهڙيون ٻه شيون ساڻ کنيون هيون؟
جواب: شاهه جو رسالو ۽ دنبورو.
سوال: شاهه سائين جي رحلت کان پوءِ ڪافي عرصي تائين، سندس ڪهڙيون شيون تمر فقير جي اوطاق ۾ رکيل هيون؟
جواب: شاهه جو گنج، دنبورو، جتي، تسبيح، ڪپڙا، گودڙي ۽ جنهن کٻڙ جي وڻ هيٺان شاهه سائين رياضت ڪندو هو، اهو بنڊ تبرڪ طور.
سوال: شاهه سائينءَ جي پهرين خليفي تمر جي 228هين ورسي پهريون ڀيرو ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ سال تي ڀٽ شاهه ۾ ملهائي وئي؟
جواب: 10 مارچ 2011ع تي.
سوال: شاهه سائين جي ان مريد جو نالو ٻڌايو جيڪو پنهنجي مرشد لطيف جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪرڻ لاءِ اُٺ تي چڙهي ڀٽ شاهه پهتو هو؟
جواب: اهو تمر فقير هو جيڪو ڪڇ مان اُٺ تي آيو.
سوال: ڪهڙي فقير”کهو کڻي“ڀٽائي جي رسالي جو ڪلام گڏ ڪيو ۽ ياد ڪيو هو؟
جواب: ميين اسماعيل کاهوڙي (وفات 1281هه)
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي فقير نوي سالن تائين خلافت ڪئي؟
جواب: خليفو ميين اسماعيل جوڻيجو کاهوڙي.
سوال: ڪهڙي ليکڪ ميين اسماعيل کاهوڙيءَ جي ذات سمون لکي آهي؟
جواب: لطف پيرزادي.
سوال: ڪهڙي بزرگ شاهه سائين جي ٽي سال خدمت ڪئي ۽ روزانو صبح جو شاهه سائين جون مٽيون ڀريندو هو؟
جواب: سيد غلام نبي شاهه.
سوال: هي لفظ شاهه سائين ڪنهن کي چيا؟
”ابا تون هاڻي واپس پنهنجي ڳوٺ وڃ“
جواب: سيد غلام نبي شاهه کي.


سوال: ”قبلا آءُ اوهان جي مَٽي ڀريندو آهيان، اوهان کي ڇڏي ڪيئن واپس وڃان.“ اهي لفظ شاهه سائين کي ڪنهن چيا؟
جواب: سيد غلام نبي شاهه.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ کي چيو ته ”اوهان واپس پنهنجي ڳوٺ وڃو، آءُ اوهان جي ڳوٺ ڦلڊهو، بَڪار ۾ اوهان جو مهمان ٿيندس“؟
جواب: سيد غلام نبي شاهه کي.
سوال: هي لفظ شاهه سائين کي ڪنهن چيا ته ”مون ساري ڄمار عزت آبرؤَ سان گذاري آهي هاڻي پنهنجي پٽ کي فقيرن سان گڏ رلندو ڏسي جيءُ جلي ٿو“ ؟
جواب: جاني خان ڏيري.
سوال: جاني خان ڏيرو پنهنجي پٽ عنايت کي ڀٽ تان وٺڻ آيو ته شاهه سائين ان موقعي تي ڪهڙو بيت چيو؟
جواب: ”عناتا ا تا هين جاني جڙي ٻنڌ،
آهي گهڻو اهکو فقيريءَ جو فند،
چکين ته چريو ٿئين ميخاني جو منڌ،
ڪين ڪڍيو ڪنڌ، منجهان سڱ سيد چئي.
سوال: ڪهڙي شخص شاهه لطيف کي چيو ته ”سائين آئون پاڻ اوهان جي نوازش جي لاءِ حاضر ٿيو آهيان“؟
جواب: واحد ڏني فقيرکي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي شخص کي چيو ته ”آئون ناچيز آهيان الله وڏو سگهارو ۽ مهربان آهي، سندس هر انسان تي نوازش جي نظر آهي“؟
جواب: واحد ڏني فقير کي.
سوال: مخدوم عبدالباسط هالائيءَ شاهه صاحب جي خدمت ۾ ڪهڙي مصرع لکي موڪلي؟
جواب: اسان ٻنهي پاڻ ۾ جھنگ ڀڃي جهوڪون ڪيون.
سوال: ڀٽ ڌڻي پنهنجي همعصر مخدوم عبدالباسط هالائي ڏانهن ڪهڙو بيت لکي موڪليو هو؟
جواب: جهنگ اوري جهو ڪون پري، تنهان پوءِ ڳوٺ،
قريباڻي ڪوٺ، اڃا به آڳاهون سجهي.
سوال: شاهه سائين جو عقيدتمند ڄيٺو ڪٿي رهندو هو؟
جواب: ڪوٽڙي مغل ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن فقيرن سان ڪڏهن ڪڏهن مذاق ڪندو هو؟
جواب: وڳند فقير ۽ مدن فقير سان.
سوال: شاهه سائينءَ سر بلاول ۾ پنهنجي ڪهڙي فقير سان ڀوڳ چرچا ڪيا آهن؟
جواب: وڳند فقير / وروءَ سان.
سوال: شاهه سائين جو اهو ڪهڙو فقير هو جيڪو، سحري ۽ افطاريءَ وقت روزيدارن کان پهريائين سندن طعام ۽ ميوه کائيندو هو؟
جواب: وڳند فقير.
سوال: هي لفظ وڳند فقير کي ڪنهن چيا هئا ”وڳند تتيءَ ٿڌيءَ ۾ وتين ٿو، ٿاٻا کائيندو، بس ڪري ٿڌي ڇانوَ ۾، منهنجي دوڪان تي ويهي سودو سٽ هلاءِ، آءُ تنهنجو حساب ڪونه کائيندس“ ؟
جواب: ڄيٺي نالي دوڪاندار کان وڳند بصر وٺڻ ويو هو ان موقعي تي.
سوال: پوءِ وڳند ان دوڪاندار کي ڪهڙو جواب ڏنو؟
جواب: هل ڙي هل ڪافر، مان پنهنجي مرشد لطيف کي ڇڏي هٽ تي ويهي جخ ماريان.
سوال: جڏهن وڳند فقير ڪوٽڙي مغل مان بصر وٺي ڀٽ تي آيو ته ان موقعي تي شاهه صاحب ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: داتا سندي در تي، وڳند ٿي ويٺو،
بصر سين بازار ۾، ڪر واڻيو ڄيٺو،
در تنهين پيٺو، جت ڪفر تان ڪين ٿئي.
سوال: شاهه سائين جي همعصر خواجه محڪم الدين سيلاني جي ولادت ڪهڙي هجري سن ۾ ٿي؟
جواب: 1137هه / 1716ع ۾ (صحيح سال اڱارو 17 جولاءِ 1725ع 1137هه).
سوال: خواجه محڪم الدين سيلاني کي ڪهڙي شخص زهر ڏنو هو؟
جواب: سندس مريد حافظ ڪوڪيءَ ٽي دفعا زهر ڏنس ته مرشد جي آخري آرامگاهه اسان وٽ هجي.
سوال: شاهه سائين جي همعصر خواجه محڪم الدين سيلاني جي وفات ڪهڙي اسلامي تاريخ ۽ سال ۾ ٿي؟
جواب: 5 ربيع الثاني سن 1197هه ۾ (صحيح سن سومر 10 مارچ 1783ع).
سوال: خواجه محڪم الدين سيلاني جو عرس مبارڪ ڪهڙي تاريخ کان ڪيستائين هلندو آهي؟
جواب: پهرئين ربيع الثاني کان پنجين ربيع الثاني تائين.
سوال: شاهه سائين جي همعصر خواجه محڪم الدين سيلاني جو اصل نالو ڇا هو؟
جواب: اصل نالو عبدالله ولد حافظ محمد عارف بن حافظ محمود.
سوال: خواجه محڪم الدين باطني فيض ڪهڙيءَ هستي کان ورتو هو؟
جواب: حضرت اويس قرنيءَ کان.
سوال: حضرت خواجه محڪم الدين سيلانيءَ جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: دوارجي ضلع راجڪوٽ گجرات ۾ سندس اصل روضو مبارڪ ٺهيل آهي. نوٽ، ڳوٺ جيئو پوستي، موجوده نالو خانقاهه شريف ۾ سندس تڪيي تي به مزار آهي.
سوال: شاهه سائين جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ خواجه محڪم الدين سيلانيءَ هي جهان ڇڏيو؟
جواب: 32 سال پوءِ.
سوال: شاهه سائين جي همعصر خواجه محڪم الدين سيلاني پنهنجي سواريءَ وارن جانورن اٺ ۽ گهوڙي تي ڪهڙا نالا رکيا هئا؟
جواب: اُٺ جو نالو درگاهي ۽ گهوڙي جو نالو ”توڪل“ .
سوال: خواجه محڪم الدين سيلانيءَ جون ڪيتريون ڪافيون، خوشي رام سودائي جي بياض ۾ ڏنل آهن؟
جواب: 2 ڪافيون.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر شاعر کي ”سلطان التارڪين“ چيو وڃي ٿو؟
جواب: خواجه محڪم الدين سيلانيءَ کي.
سوال: ملتان جي سهروردي غوثيه درگاهه جي ڪهڙي سجاده نشين سان فقير ڏاتار ڏني ۽ شاهه لطيف ملاقات ڪئي هئي؟
جواب: مخدوم ڀاون شاهه سان.
سوال: حضرت غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي ڪائين گادي نشين سان شاهه سائين ملاقات ڪئي؟
جواب: ٽيويهين گادي نشين ڀاون شاهه رحه سان.
سوال: ڪهڙي بزرگ کي شاهه سائينءَ ميٽائين رنگ جهڙو پنهنجو لباس ڏنو هو؟
جواب: آخوند حاجي متين الدين سانولي پراڻن هالن واري کي.
سوال: ديهه احدي جوڻيجا ۾ لطيف سرڪار پنهنجي ڪهڙي همعصر بزرگ جي دعوتن تي ڪافي ڀيرا ويو هو؟
جواب: سيد جهنڊولو بادشاهه جي دعوتن تي. (حوالو مئگزين ڀيڄ ڀٽائي، نور سنڌي)
سوال: لطيف سائين جا خاص حاضريءَ جا فقير ڪهڙا هئا؟
جواب: اهي يارهن فقير هئا (1) فقير عبدالواسع سالارو. (2) سکر فقير ڏيرو. (3) فقير اسماعيل سمون. (4) فقير سيد نهال شاهه. (5) فقير اسماعيل ڏيرو. (6) فقير ڪمال سينهڙو. (7) فقير ورو عرف وڳند. (8) نور محمد فقير. (9) عمر فقير سهتو. (10) فقير سيد سائين ڏنو موسى پوٽو. (11) بچو فقير (حوالو نئين زندگي فيبروري مارچ 2004ع).
سوال: ڪهڙو فقير شاهه صاحب جي ڇتڙن جو يار هو؟
جواب: جاني فقير ڏيرو (جنهن کي جاني جبير چوندا هئا).
سوال: شاهه سائين جي فقير جاني ڏيري جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: سئي ڪندر جي ساياتن واري مقام ۾.
سوال: سيد موسيٰ شاهه اول جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 1660ع حوالو، ڪتاب ”تذڪره جيلاني سادات“2007ع ص، 119.
سوال: سيد موسيٰ شاهه جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: صحيح سن 8 ذوالحج 1173هه مطابق اڱارو 22 جولاءِ 1760ع. (ڪتابن ۾ آچر 22 جون 1760ع ۽ 1750ع لکيل آهي).
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو همعصر هر سال ربيع الاول ۾ پاڻ سڳورن جو عرس مبارڪ وڏي شان شوڪت سان ملهائيندو هو؟
جواب: سيد محي الدين ثاني ابو صالح موسى شاهه جيلاني.
سوال: سيد پير موسن شاهه ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پهرين ملاقات ڪٿي ٿي هئي؟
جواب: روهڙي شهر ۾ پاڻ سڳورن جي وار مبارڪ جي ديدار دوران.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي بيت پير موسن شاهه تي وڏو اثر ڪيو هو؟
جواب: زمر زخرف سومرا، احد جنين جو هنڌ،
اهدنا الصراط المستقيم ايءُ پنهوارن پنڌ،
باري لاهج بند، ته ملان ماروئڙن سان.
سوال: پير موسن شاهه جيلاني لوءِ مبارڪ گهوٽڪيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪهڙي هجري سال ۾ شاندار مسجد جوڙائي هئي؟
جواب: 1101هه . ( ٻيو ڀيرو 1148هه ۾ ).
سوال: حضرت پير سيد غوث موسى شاهه جامع مسجد ڪڏهن جوڙائي هئي؟
جواب: 1732ع ۾. (حوالو. مومل جي ماڙي ماٿيلو: هڪ اڀياس. ڇاپو 2019ع. ص. 65 ).
سوال: گهوٽڪيءَ جي جامع حضور مسجد، ڪيترن ماڻهن جي مدد سان ٺهرائي وئي؟
جواب: هڪ لک ماڻهن جي مدد سان.
سوال: ڪهڙي بزرگ پنهنجن طالبن کي فرمايو ته ”صبر و تحمل کان ڪم وٺو اڄ ڀال ڀلائي ڀٽائي صاحب جن آيا آهن.“ ؟
جواب: حضرت سيد موسيٰ شاهه جن.
سوال: شاهه صاحب جن لوءِ صاحبان قادريه عرف گهوٽڪي جي جامع مسجد ڏانهن وڃڻ وقت سندن هٿ ۾ ڇا هو؟
جواب: هڪ سرڳي جنهن ۾ نفس اماره ڪتي جي صورت ۾ ٻڌل هو.
سوال: لطيف سائين پنهنجي ڪتي ٻاهر نم جي وڻ سان ٻڌي پوءِ ڪهڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي؟
جواب: حضرت سيد غوث موسى شاهه عرف سيد موسن شاهه.
سوال: ڪهڙي مسجد شريف جي ڀرسان ڀٽ ڌڻي چاليهه ڏينهن چلو ڪڍيو هو؟
جواب: گهوٽڪيءَ واري جامع مسجد ڀرسان.
سوال: گهوٽڪيءَ واري جامع مسجد ۾ لطيف سائين، حضرت سيد موسى شاهه جي اصرار تي ڪهڙن وقتن جي نمازن جي امامت ڪئي هئي؟
جواب: عصر ۽ عشا جي وقت جي.
سوال: گهوٽڪيءَ واري جامع مسجد ۾ لطيف سائين جي امامت ۾ جملي ڪيترن ماڻهن نمازِ عصر جون فرض رڪعتون ادا ڪيون هيون؟
جواب: پنجن ماڻهن.
سوال: شاهه سائينءِ گهوٽڪيءَ واري جامع مسجد ۾ نمازِ عصر جي امامت دوران قرآن شريف جي آيتن کان پوءِ فرض رڪعتن ۾ ۽ آخري دعا ۾ ڪيترا بيت پڙهيا هئا؟
جواب: سر مارئي جا فرض رڪعتن ۾ 8 بيت ۽ آخري 3 بيت دعا ۾ پڙهيا هئا، ٽوٽل 11 بيت.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ جي مسجد ۾ سر مارئي جا بيت پڙهيا هئا؟
جواب: پير سيد موسن شاهه جي مسجد ۾.
سوال: سيد برهان الدين شاهه جيلاني جي ولادت ۽ وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 1693ع. وفات 1778ع.
سوال: ان فقير جو نالو ٻڌايو جنهن ڀٽائي گهوٽ جي اوبر مانيءَ جا ڀور ۽ ڀاڄي جي ذري کائڻ بعد سندس قلب کي ايڏو ته سوجهرو مليو جو قرآن شريف جو حافظ ٿيو هو؟
جواب: حافظ طيب ڦل.
سوال: شاهه سائين ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پليءَ جو ساڳ ڪهڙي بزرگ وٽ کاڌو هو؟
جواب: حافظ طيب ڦل ديهه راهو.
سوال: شاهه سائين جو مريد ولي محمد هاليپوٽو ڪهڙي بزرگ جو خدمتگار هو؟
جواب: بهاول شاهه لڪياري جو.
سوال: ”اوهان مان ڪو نينگر مون کي ڏيو ته وٺي وڃان“ شاهه سائينءَ هي لفظ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: شيخن کي.
سوال: شاهه سائينءَ کي شيخن ڪهڙا ٻه نينگر خدمت لاءِ ڏنا هئا؟
جواب: ميان يوسف ۽ ميان هاشم ريحاڻ پوٽو.
سوال: لطيفي بوستان جو بلبلو ڪنهن کي چوندا هئا؟
جواب: ميين هاشم ريحان پوٽي کي.
سوال: مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: ڏهه ربيع الاول 1104هه/19 نومبر 1692ع تي خميس جي رات بٺوري ۾.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو همعصر حضرت زيد بن حارث جي خاندان مان آهي؟
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو همعصر وچين نماز کان سانجھي نماز تائين حديث جو درس ڏيندو هو؟
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي.
سوال: ”شيخ الاسلام ولمسلمين“ ڪهڙي بزرگ جو لقب آهي؟
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو همعصر ”سنڌ جو شاهه ولي الله“ سڏجي ٿو؟
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي.
سوال: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪهڙن بزرگن وٽان علم پرايو؟
جواب: پنهنجي والد عبدالغفور پنهور، مخدوم محمد معين، مخدوم ضياءُالدين ۽ مولوي محمد سعيد ٺٽوي وٽان.
سوال: مخدوم محمد هاشم ڪهڙي سال سورت بندر ۾ سيد محمد سعيدالله جي هٿ هيٺ قادري طريقي ۾ بيعت ڪئي؟
جواب: 1137هه ۾ (1135هه ۾ مديني ويو هو).
سوال: اسان کي پاڻي جي ضرورت آهي ۽ نماز پڙهڻي آهي. اهي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: مخدوم محمد هاشم، درس عثمان فقير کي چيا.
سوال: ڪهڙو بزرگ پراڻ جا پير پسڻ جي لاءِ پراڻ جي پٽن تي اچي نڪتو هو؟
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي.
سوال: درس عثمان، ڪهڙي بزرگ کي چيو ته پراڻ جا پير اڃا اڳتي آهن آئون انهن جو ڌراڙ آهيان؟
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو همعصر درس عثمان ڪاڇيلي سان ملاقات ڪرڻ بعد، مولوياڻو رعب ڦٽو ڪري لڙڪ لاڙيندو روانو ٿيو هو؟
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي.
سوال: هي لفظ پنهنجي شاگردن کي ڪنهن چيا ته ” ابا واپس هلو پراڻ جا پير ڏٺاسين“ ؟
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ .
سوال: درس عثمان فقير جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: ڪاڇيلي لڳ درس عثمان فقير جو قبرستان.
سوال: درس عثمان ڪاڇيلي جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: ڳوٺ فقير الهه رکيو خاصخيلي لڳ پراڻ ڪنڌيءَ تي. (محقق. زاهد ڪنڀار ).
سوال: درس عثمان وٽ شاهه سائين ڪيترو عرصو رهيو هو؟
جواب: هڪ رات.
سوال: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ميت کي غسل ڪنهن ڏنو؟
جواب: سيد عبدالقادر شيرازي، ميان محمود، سعدالله، فخرالدين، ابراهيم رنگريز ۽ حافظ آدم.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر بزرگ جي نمازِ جنازه ۾ ڏهه هزار ماڻهو شريڪ ٿيا؟
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي.

سوال: مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 6 رجب المرجب خميس جي ڏينهن 1174هه 9 فيبروري 1761ع ۾ ٿيو.
(درست سن 6 رجب 1174هه، بمطابق اربع 11 فيبروري 1761ع.)
سوال: مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي جنهن جاءِ تي غسل ڏنو ويو هو ان جاءِ تان ڪيترا مهينا خوشبوءِ ايندي رهي؟
جواب: پنج ڇهه مهينا.
سوال: مير امين الدين خان جي رحلت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1127هه ۾.
سوال: مخدوم ضياءُالدين بن مخدوم هارون ٺٽوي جي ولادت ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي؟
جواب: 1091هه ۾ جوڻ شهر ۾ ۽ وصال 1171هه / 1757ع. ولادت 1090هه حوالو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دؤر ۾ تصوف جا سلسلا.
(ڪجهه ڪتابن ۾ مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ جي ولادت 1671ع ۽ وفات 1751ع لکيل آهي.)
سوال: مخدوم عبدالخالق ٺٽويءَ جي ولادت ۽ وفات جو عيسوي سن ٻڌايو؟
جواب: ولادت 1702 ۽ 1785ع.
سوال: ڪتاب، مطلوب المؤمنين ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: مخدوم عبدالخالق ٺٽويءَ جو.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر جي ولادت 1040هه ۾ وفات 1140هه ۾ ٿي؟
جواب: ملان عبدالحڪيم عطا ٺٽوي جي.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ ڪهڙي شاعر سنڌ ۾ سڀ کان پهريائين اردؤَ ۾ شاعري ڪئي؟
جواب: ملان عبدالحڪيم عطا ٺٽويءَ.
سوال: شاهه سائينءَ جي همعصر مير حيدرالدين ابوتراب ڪامل جي ولادت ۽ وفات جو هجري سن ٻڌايو؟
جواب: ولادت 1100هه ۽ وفات 1164هه.
سوال: شاهه سائين جي همعصر مير محمود صابر جي ولادت ۽ وفات جو هجري سن ٻڌايو؟
جواب: ولادت 1115هه ۽ وفات 1185هه ۾ يا 1181هه ۾.
سوال: مير محمود صابر جي وڏن جو جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان هو؟
جواب: ايران سان (استرآباد جي رضوي ساداتن سان).
سوال: مير محمود صابر جوانيءَ ۾ جهان آباد (دهلي) کي ڇڏي سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي؟
جواب: ٺٽي شهر ۾.
سوال: مخدوم ابوالحسن ڏاهري ولد بادل ڏاهريءَ جي ولادت ڪهڙي ڳوٺ ۾ ۽ ڪڏهن ٿي؟
جواب: ڳوٺ سن ساوڙي تعلقي دوڙ، ضلعو نواب شاهه ۾ سن 1116هه ۾. (هي سن غلط آهي 1073هه/ 1661ع)
سوال: مخدوم ابوالحسن ڏاهري جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 12 ربيع الاول 1181هه / 8 آگسٽ 1767ع ۾. (هي سن غلط آهي 1665هه/ 1751ع)
سوال: مخدوم ابوالحسن ڏاهري جو ساليانو ميلو ڪهڙي اسلامي تاريخ تي لڳندو آهي؟
جواب: سندس مزار تي 9 ذوالحج تي هڪ ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي.
سوال: مخدوم ابوالحسن ڏاهري جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: دوڙ شهر جي ويجھو ڳوٺ ”ابل“ نالي قبرستان ۾.
سوال: مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ ڪيترا ڪتاب لکيا؟
جواب: چار.
سوال: ”وقت جي عالمن جو امام“ اهو لقب ڪنهن کي مليو؟
جواب: مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ کي. (مخدوم مسعود چوٽيارن واري پاران.)
سوال: مخدوم ابوالحسن نقشبندي 1136هه ۾ جهوناڳڙهه جي ڪهڙي شهر ۾ پڙهيو هو؟
جواب: ڪوٽيانه شهر ۾.
سوال: عربي صورتخطي جي نموني تي سنڌي صورتخطيءَ جو بنياد ڪنهن رکيو؟
جواب: مخدوم ابوالحسن ڏاهري. (ڪجهه ليکڪن هن کي مخدوم ابوالحسن سنڌي ولد مولوي محمد مبين صديقي ٺٽوي لکيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو ٻيو بزرگ هجي.)
سوال: ڪتاب. مقدمه الصلوات ۽ ڪتاب. فرائض الاسلام ڪنهن لکيو؟
جواب: مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ.
سوال: مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي ولاد ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1075هه ۾.
سوال: مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1165هه ۾.
سوال: شيخ ابوالحسن ڪبير سنڌي مدني جو اصل نالو ڇا هو؟
جواب: اصل نالو نور الدين محمد بن عبدالهادي ٺٽوي.
سوال: ابوالحسن ڪبير ٺٽوي جو لقب ۽ ڪنيت ٻڌايو؟
جواب: لقب، نور الدين ۽ ڪنيت، ابوالحسن.
سوال: مخدوم ابوالحسن ڪبير ٺٽوي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1085هه / 1661ع ۾. ( ڪجهه ڪتابن ۾ 1630ع )
سوال: ابوالحسن ڪبير جي رحلت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1138هه ۾. ( ڪجهه ڪتابن ۾ 1718ع).
سوال: ابوالحسن ڪبير ڪل ڪيترا ڪتاب لکيا؟
جواب: 12 .
سوال: شاهه سائين جي همعصر ميين محمد مبين ٿرائي جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: اندازن 1100هه ۾/ 1110هه ۾.
سوال: چوٽيارين جي مشهور علمي درسگاهه جو بنياد ڪڏهن پيو؟
جواب: 1140هه ۾. روايتن ۾ 1135هه به ملي ٿو.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي هجري سال چوٽياريون جي مدرسي ۾ آيو هو؟
جواب: 1160هه ڌاري.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ وٽ اڪثر سانوڻ جي مند ۾ ڪچهريون ڪرڻ ويندو هو؟
جواب: ميين محمد مبين ٿرائي وٽ.
سوال: شاهه سائين کي هي لفظ ڪنهن چيا، لفظ ”جهڙ ڦڙ آهي ترسي پئو؟“
جواب: ميين محمد مبين ٿرائيءَ.
سوال: مخدوم محمد مبين بن رعد ڪيريو اصل ڪهڙي ماڳ جو رهاڪو هو؟
جواب: ساندپور.
سوال: ”ابا! هاڻي ايترو جهور ٿي پيو آهيان جو نئڙي سجدو نه ٿو ڏيو سگهان“ اهي لفظ شاهه عنات ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: ميين محمد مبين ڪيريو کي.
سوال: ”ابا! ڏيو ٻرندو رهندو ۽ جي وٽ سنهي ٿي ته به اجهامندو ڪونه“ اهي لفظ ميين شاهه عنات ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: ميين مبين کي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي ماڳ تي چيو ته ”نه ڄمي ها مارئي، نه مارو پون ها مامري“ ؟
جواب: چوٽيارين واري مسجد ۾.
سوال: ميين محمد مبين چوٽياروي جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: وصال 5 محرم 1196هه مطابق 21 ڊسمبر 1781ع ۾. آخري آرامگاهه چوٽياريون (ضلع سانگهڙ).
سوال: ”هي ڀورو ڪڪر وڃي ٿر ۽ بر کي وسائيندو“ هي لفظ شاهه سائين ڪهڙي بزرگ کي چيا هئا؟
جواب: هوت فقير کي.
سوال: شاهه سائين جو فقير عارف ٿيٻو ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو؟
جواب: اصل ڳوٺ بچو ٿيٻو ۾، نئون نالو ڳوٺ ميرو فقير ٿيٻو ۾.
سوال: شاهه سائين ۽ شاهه عنات رضويءَ جي عارف فقير ٿيٻي سان پهرين ملاقات ڪٿي ٿي؟
جواب: ڳوٺ بچو ٿيٻي جي مدرسي ۾.
سوال: ڳوٺ بچو ٿيٻي جا ڪهڙا ٽي بزرگ شاهه سائين جي خادميءَ ۾ آيا؟
جواب: عارف فقير ٿيٻو ۽ سندس پٽ فقير صالح ٿيٻو ۽ عارف فقير جو ننڍو ڀاءُ بچو فقير ٿيٻو (ٽيون).


سوال: سماواتي ايراضيءَ جا اهي ڪهڙا بزرگ هئا جن سان شاهه سائين جي ملاقات ٿي؟
جواب: شاهه عنايت رضوي، مدن فقير،عنات ڪوري، دوسو ڪوري، پير هوندل شاهه، ميون محمد امين ڊاسوڙي وارو، وتايو فقير، سيد الهه وسايو شاهه، ميون صابر، ميون معروف، ميون مقبول، ميون امان الله، مخدوم نورالله درس، عارف فقير ٿيٻو، ميون محمد صالح ٿيٻو، فقير بچو ٿيٻو (ٽيون).
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو همعصر هڪ وقت جي وضوءَ سان ٻن ٽن ڏينهن تائين نماز ادا ڪندو هو؟
جواب: مخدوم نورالله درس (ديهه کڏو، تپو شيخ موسيٰ)
سوال: شاهه سائينءَ، درويش وتائي فقير سان ڪيترا ڀيرا ملاقات ڪئي؟
جواب: 2 ڀيرا.
سوال: وتائي فقير جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1668ع ( 80/1079 هه ).
سوال: وتائي فقير جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1742ع ( 55/1154 هه ).
سوال: اڳ آءُ ايئن هوس، جيئن هينئر اوهين آهيو، پوءِ اوهين ايئين ٿيندو، جيئن هينئر آءُ آهيان، هي جملو ڪهڙي بزرگ جي قبر تي لکيل آهي؟
جواب: وتائي فقير جي قبر تي.
سوال: پهريون ڀيرو وتايو فقير سيمينار ڪنهن ۽ ڪهڙي عيسوي سال ۾ ڪرايو ؟
جواب: محترم عبدالقادر منگي صاحب سال 1985ع ۾. ٻي وتايو فقير ڪانفرنس 2007ع ۾.
سوال: ٽيون وتايو فقير سيمينار ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ منعقد ٿيو؟
جواب: 22 نومبر 2019ع لطيف پارڪ ٽنڊو الهيار .
سوال: چوٿون وتايو فقير سيمينار ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ منعقد ٿيو؟
جواب: 22 نومبر 2020ع ٽنڊو الهيار جي جيم خاني ۾.
سوال: وتائي فقير جي 278هين سالياني عرس جي موقعي تي ڪهڙا ڪتاب شايع ٿيا؟
جواب: ڏاهپ جو ڏاتار وتايو فقير. مرتب. مسڪين سمون ۽ سوونيئر وتايو فقير 2021ع ضلعي انتظاميه ٽنڊو الهيار.
سوال: شريعت جي ڄاڻ رکندڙ ڪهڙن فتوه گير عالمن سڳورن سان شاهه سائينءَ ملاقات ڪئي هئي؟
جواب: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ضياءُالدين، شيخ عزت الله مفتي، مخدوم عبدالخالق، مخدوم ابوالمعالي، مخدوم عبدالرحيم، مخدوم محمد عاقل، مخدوم محمدي، مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم دين محمد صديقي سيوهاڻي، مولانا شهمير مٽياروي، مخدوم صابر ولهاري، قاضي محمد ڪامل اول ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي وغيره سان.
سوال: شاهه سائين پير هوندل شاهه سان ڪٿي ملاقات ڪئي؟
جواب: کڏي شريف ۾.
سوال: عنات ڪوري ۽ سندس ڀاءُ دوسو ڪوريءَ سان ڀٽائي صاحب جي تمام گهڻي دوستي هئي، اهي ٻئي بزرگ ڪهڙي شهر ۾ رهندا هئا؟
جواب: نصرپور ۾.
سوال: ”سائين، ڀلارا قدم اسان جي آستاني تان به گھمائي وڃو“ اهي لفظ شاهه سائينءَ کي ڪنهن چورائي موڪليا هئا؟
جواب: عنات ڪوريءَ.
سوال: ”اسين اڄ پلو کائينداسين“ شاهه سائين اهي لفظ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: نصرپور ۾ عنايت ڪوريءَ کي.
سوال: ڪهڙي بزرگ شاهه سائين کي چيو ته هن کي دعا ڪيو؟
جواب: ميين محمد امين ڊاسوڙي واري.
سوال: ”هيءُ اسان جون سِڪون لاهيندو“ شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ کي ڏسڻ وقت اهي لفظ چيا هئا؟
جواب: ميين امان الله ولد ميين محمد امين ڊاسوڙيءَ واري کي ڏسڻ وقت.
سوال: شاهه سائينءَ، سيد الهه وسايو سان ڪٿي ملاقات ڪئي؟
جواب: ماکوڙو يعني ماکاڻيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جن گهڻي ڀاڱي ڪهڙي فقير کانسواءِ کاڌو نه کائيندا هئا؟
جواب: مدن فقير کانسواءِ.
سوال: شاهه سائين جن ڪهڙي فقير سان گڏجي ننگر نياز کائيندا هئا؟
جواب: مدن فقير سان.
سوال: ڍنڍي ڳوٺ ۾ شاهه سائين جا ڪيترا اوتارا آهن؟
جواب: ٻه. هڪ رضوي ساداتن جي سنڀال هيٺ، ٻيو سومرن جي.
سوال: شاهه سائين جي صحبتي ۽ دوست مدن فقير جي ولادت ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي؟
جواب: وسپت 12 جنوري 1667ع ڳوٺ ڪوٽ ڪلاڻي ۾ چيتن مل ڌنجاڻي جي گهر.
سوال: شاهه سائين جو جڏهن مدن فقير سان بيت بازيءَ ۾ جوڙ ٺهيو ته ان وقت ڀٽائي صاحب جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: 25 سال.
سوال: هڪ ڀيري شاهه صاحب مدن فقير کان چرچي طور پڇيو ته حشر ويل حساب ۾ ڪافر ڪندا ڪيئن؟ ان سوال جو مدن ڪهڙو جواب ڏنو؟
جواب: مدن هٿ جي تري سڌي ڪري چيو ته
”هٿ جني جو هيئن، سي پهرين پتڻ پار پيا.“

سوال: هڪ ڀيري رات جي وقت ڪچهريءَ ۾ مدن مهتي کي ڪهڙي بزرگ فرمايو ته هن واٽ واري جهنگ ۾ هڪ شينهن آهي جو رات مهل ماڻهوءَ سان وڙهي ٿو، تنهن ڪري تون اڄ رات اتي ئي رهي پئج؟
جواب: شاهه عنايت.
سوال: ان موقعي تي مدن ڪهڙو بيت چيو؟
جواب: جنهن جي رات تنهن جو ڏينهن،
جنهن جو مدن تنهن جو شينهن.
سوال: هي بيت شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر شاعر جو آهي؟
گل چرڻ گيهل ڪرڻ، ايءُ نه ڪنواٽن ڪم،
مهند جو مدن چوي ٿا گورا رکن گم،
ويندئي ڇڏي وهم، جڏهن وٺي ايندين وڳ مان.
جواب: مدن فقير.
سوال: شاهه سائين جي همعصر ۽ سندس پياري دوست مدن فقير جو مرتيو ڪڏهن ٿيو؟
جواب: آرتوار 29 نومبر 1744ع ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن شاعرن سان بيت بازي ۾ ڪچهري ڪندو هو؟
جواب: شاهه عنات رضوي، خواجه محمد زمان لنواري وارو، سيد حبيب شاهه، صابر موچي، مدن فقير، تمر فقير، عنايت فقير ڏيرو، ميهار فقير، اويڙ فقير ۽ رحيم ڏني فقير سان.
سوال: شاهه سائين جي همعصر شاعر شيخ حمر جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 1730ع ۾ ۽ وفات 1776ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي همعصر روحل فقير جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1734ع يا 1735ع (وفات 1804ع ۾).
سوال: ڪهڙو بزرگ شاعر پنهنجن مريدن کي جوڳ جي سکيا ڏيندو هو، ان ڪري جوڳي فقير سندس ارادتمندن ۾ شامل آهن؟
جواب: روحل فقير ڪنڊڙيءَ وارو.
سوال: هي لفظ شاهه سائينءَ ڪنهن کي چيا هئا، لفظ ”اي ڪوڙهيا! مون توکي چيو هو نه انت ڪنهن سان نه اورجان، تو ائين ڇو ڪيو“ ؟
جواب: واڍي کي.
سوال: شاهه سائين جي فقير، وڳند تي ڪهڙو ڪم رکيل هو؟
جواب: وڏي اوطاق جي سار سنڀال.
سوال: شاهه سائين جي فقير عبدالجميل انڙ کي ڪهڙو ڪم سونپيل هو؟
جواب: شاهه سائين جي خاص ذڪر ۽ نماز جي سامان جي سنڀال.
سوال: رمضان فقير لطيفي درگاهه تي ڪيترا سال مٽيون ڀري فقيرن جي خدمت ڪئي؟
جواب: ٽيهه سال.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي فقير کي چيو ته، بابا، ’مام‘ پروڙبي آهي تون اسان سان سنگ ۾ رهي سڀ سمجهي ويندين؟
جواب: آسومل کي.
سوال: ڪهڙو شخص شاهه لطيف ۽ سندس فقيرن کي مانجهند ڀرسان مخدوم حسن بلاولي جي ڳوٺ وٺي آيو هو؟
جواب: الله ورايو سميجو.
سوال: شاهه سائين ڪيترن فقيرن سان گڏ مخدوم حسن بلاولي جي ڳوٺ آيو هو؟
جواب: 8 فقيرن سان.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي ڳوٺ ۾ فقيرن کي چيو ته راڻو ٻڌايو؟
جواب: مخدوم حسن بلاولي جي ڳوٺ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ مانجهند ڀرسان ڳوٺ مخدوم حسن بلاولي ۾ ڪجهه بيت ڏئي پوءِ ڪهڙي وائي آلاپي هئي؟
جواب: ڏور وڃو ڏينهن لائي ڪا سوڍل کي سمجهائي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي شخص کي چيو ته اوهان وٽ مخدوم حسن بلاولي، نور محمد جت، الله رکيو، آسومل ڀڳت، محمد قاسم نومڙيو موجود آهن انهن سان صلاح ضرور ڪندا ڪيو؟
جواب: خادم حسين نومڙيو.
سوال: ڪهڙي فقير شاهه سائينءَ کي چيو ته سائين فقيرن کي سچ (مقصد) سان ڪيتري حد تائين سچائي هئڻ گهرجي؟
جواب: ڏاڙهو جوڳي.
سوال: شاهه سائينءَ هي بيت ڪهڙي ڳوٺ ۾ چيو هو؟
تانگهي ۾ تاڻي ٻڌ پنهنجو ترهو، اونهي ۾ آڻي، ڪونه ڏيندءِ ڪو ٻيو.
جواب: مخدوم لنجار ڳوٺ ۾.
سوال: حضرت رحمان بابا عرف عبدالرحمان جي ولادت ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي؟
جواب: 1042هه مطابق 1653ع ۾ بهادر ڪلي نالي ماڳ تي.
سوال: رحمان بابا جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1118هه ۾ پشاور جي ويجھو هزار خواني ڳوٺ ۾ (1709ع).
سوال: رحمان بابا ولد عبدالستار خان ابتدائي تعليم ڪهڙي عالم کان ورتي؟
جواب: يوسفزئي قبيلي جي عالم ملان محمد يوسف کان.
سوال: شاهه سائين جو همعصر رحمان بابا پٺاڻن جي ڪهڙي قبيلي سان تعلق رکندو هو؟
جواب: مهمند قبيلي سان (مهمدن).
سوال: رحمان بابا جوانيءَ ۾ درويشي اختيار ڪري پشاور جي ويجهو ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو؟
جواب: هزار خوانيءَ نالي ڳوٺ ۾.
سوال: حضرت شاهه رحمان بابا ڪهڙي ٻوليءَ جو صوفي شاعر هو؟
جواب: پشتو زبان جو ٻيو نمبر وڏو شاعر.
سوال: شاهه سائين جي همعصر بلا شاهه جو جنم ڪهڙي ڳوٺ ۾ ٿيو؟
جواب: بهاولپورجي ڳوٺ اُچ شريف ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي همعصر بلا شاهه جو اصل نالو ڇا هو؟
جواب: عبدالله شاهه (سندس مرشد بلي شاهه نالو رکيس).
سوال: بلا شاهه جي مرشد جو نالو ڇا آهي؟
جواب: شاهه عنايت آرائين قصوري.
سوال: بلا شاهه جي ڪافين جو تعداد ٻڌايو؟
جواب: 156 ڪافيون.
سوال: بلا شاهه جي ڪلام ۾ مندن جي حوالي سان باران ماه جي موضوع ۾ ڪهڙي عنوان سان بيت چيل آهن؟
جواب: ساون جي عنوان سان.
سوال: بلا شاهه جي والد صاحب جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: سخي شاهه محمد ذات گيلاني سيد.
سوال: شاهه سائين، حضرت سلطان باهوءَ سان پهريون ڀيرو ڪٿي ملاقات ڪئي هئي؟
جواب: حضرت غوث بهاءُالدني ذڪريا جي درگاهه ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي عقيدتمند بزرگ جي مدرسي ۾ روزانو ساڍا ٻارنهن مڻ اٽو پچندو هو؟
جواب: خواجه غلام فريد جي مدرسي ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي عقيدتمند پنهنجي دور ۾ اَسي لک روپيا فقيرن ۽ مسڪينن ۾ ورهايا هئا؟
جواب: خواجه غلام فريد.
سوال: پنجاب جي ڪهڙي سرائيڪي شاعر کي سماع بنديءَ جو شهنشاهه چيو وڃي ٿو؟
جواب: خواجه غلام فريد کي.
سوال: حضرت پير سيد وارث شاهه جي ولادت باسعادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 5 ربيع الثاني 1130هه مطابق اڱارو 8 مارچ 1718ع. علائقو چنڊياله شيرخان.
سوال: پنجابي زبان جا ڪهڙا شاعر شاهه لطيف جا همعصر هئا؟
جواب: علي حيدر ملتاني 1101هه /1199هه. شاهه شرف بٽالوي، ولادت 1653ع ۽ وفات 1725ع، بلا شاهه جنم 1680 وفات 1785ع، ميان اشرف لاهوري جنم 1737ع، غلام قادر بٽالوي وفات 1763ع.


سوال: اردو زبان جا ڪهڙا شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا همعصر هئا؟
جواب: ولي دکني (ولادت 1668ع، وفات 1744ع). شاهه مبارڪ (وفات 1750ع). سراج الدين خان آرزو (ولادت 1689ع، وفات 1756ع). ظهيرالدين حاتم (ولادت 1699ع، وفات 1791ع). مرزا مظهر جان جانان (ولادت 1698ع، وفات 1781ع). مير درد (ولادت 21-1719ع، وفات 24 صفر 1199هه. 1785ع). مير تقي مير 1723ع ۾ آگرهه ۾ ولادت).
سوال: حضرت خواجه نورمحمد مهاروي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 3 ذوالحج 1205هه مطابق 3 آگسٽ 1791ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي همعصر ڄام درڪ ولد سردار ڪرم خان جو تعلق ڪهڙي قبيلي سان هو؟
جواب: ڊومڪي قبيلي سان.
سوال: ڄام درڪ ڪهڙي ٻوليءَ جو عظيم شاعر هو؟
جواب: بلوچي ٻوليءَ جو.
سوال: ڄام درڪ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1714ع ۾ (وفات 1784ع ۾).
سوال: ڄام درڪ ڪلات جي ڪهڙي حڪمران جو درٻاري شاعر هو؟
جواب: بروهي حڪمران مير نصير خان نوريءَ جو.
سوال: شاهه سائين جي همعصر خوشحال خان خٽڪ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1613ع ۾ ڳوٺ اڪوڙه خٽڪ ضلع ڪوهاٽ.
سوال: خوشحال خان ولد شهباز خان خٽڪ ڪهڙي ٻوليءَ جو مشهور شاعر هو؟
جواب: پشتو ٻوليءَ جو.
سوال: شاهه سائين جو همعصر صوفي سيد مقبول احمد شاهه ڪراله وارو ڪهڙي ٻوليءَ جو شاعر هو؟
جواب: ڪشميري ٻوليءَ جو.
سوال: فقير مير مسو خان جي ولادت ۽ وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 1689ع ۽ وفات 1754ع ۾.
سوال: گرو گوبند سنگهه ڪڏهن ڄائو ۽ سندس وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1677ع ۾ ڄائو ۽ 1708ع ۾ گذاري ويو.
سوال: فارسيءَ جي شاعر لطف علي ميراڻي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: اندازن 1145هه ۾. ( وفات 1225هه ڌاري . بهاولپور ).
سوال: شاهه سائين جي رسالي جي حافظ مولوي حاجي احمد جت جي ولادت ڪڇ جي ڪهڙي ڳوٺ ۾ ٿي هئي؟
جواب: سراڙي ۾ (وفات 1970ع بدين ۾).
سوال: سنڌ جي ڪهڙي فنڪاره جڏهن به لطيف جي درگاهه جي حاضري ڀرڻ ويندي هئي ته هميشه ڪارا ڪپڙا پائي ويندي هئي؟
جواب: بيگم فقيرياڻي (لقب لطيف جي فقيرياڻي).
سوال: خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري جي 29 سرن مان سندس ڪيترن سرن ۾ شاهه سائين جي شاعريءَ جو اثر ظاهر ٿئي ٿو؟
جواب: 24 سرن ۾.
سوال: ملتان جي ڪهڙي شاعر جون تمام گهڻيون ڪافيون شاهه سائين جي طرز تي ملن ٿيون؟
جواب: علي حيدر ملتاني جون.
سوال: گلگت جا اهي ڪهڙا شاعر آهن جن جي شاعريءَ تي شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جو اثر تمام گهڻو نظر اچي ٿو؟
جواب: محمد رضا نگر، اخند مهربان، وزير احمد خان احمد، محمد خان ۽ خليفو ملنگ.
سوال: وادي چترال جي انهن ٻن شاعرن جا نالا ٻڌايو جن جي شاعريءَ تي شاهه سائين جي شاعريءَ جو اثر معلوم ٿئي هو؟
جواب: محمد شڪور غريب ۽ مولانا محمد.
سوال: بلتستان جي ڪهڙن شاعرن جي شاعريءَ تي، شاهه سائين جي حسيني ڏوهيڙن ۽ بيتن جي اثر جي واضع جهلڪ نظر اچي ٿي؟
جواب: حسين علي خان، راجا حاتم خان حاتم، جوهر علي جوهر، آخوند سلطان علي بيگو، اسفند يار خان، اسفند يار شگر، راجا مراد علي خان مراد، آخوند محمد علي، منصور علي، آخوند حسين ڪومره.
سوال: لونگ فقير مهيسر جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1201هه مطابق سومر 10 سيپٽمبر 1787ع ۾.
سوال: لونگ فقير مهيسر جو انتقال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 27 ذوالقعد 1279هه مطابق ڇنڇر 16 مئي 1873ع ۾. آخري آرامگاهه شادي شهيد لڳ خيرپرو ۾.

شاهه سائين جي قلمي نسخن ۽ ڇپيل رسالن بابت مختصر معلومات

سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام کي ڪيترن جلدن ۾ جمع ڪيو هو؟
جواب: ٽن جلدن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام جا ڪيترا بياض ڪراڙ ڍنڍ حوالي ڪيا هئا؟
جواب: ٽي بياض.
سوال: ڪهڙين عورتن کي شاهه سائين جو رسالو بر زبان ياد هو؟
جواب: گنگا جتڻ، مائي ملي نعمت ۽ موجوده دور جي آمنه جروار ڳوٺ اي بي هسواڻي (شهر امن آباد).
سوال: لفظ رسالو جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: رسالو عربي لفظ ”رسل“ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي پيغام پهچائڻ.
سوال: لفظ گنج جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: ”خزانو يا ذخيرو.“
سوال: شاهه سائين جي ڪلام کي ”رسالو“ جي نالي سان ڪهڙي سال کان سڏيو ويو؟
جواب: 1200هه کان. (1206هه به لکيل آهي).
سوال: بلڙي شاهه ڪريم جي درگاهه تي رکيل قلمي نسخو شاهه سائينءَ جي وصال کان ڪيترا سال پوءِ لکجي پورو ٿيو؟
جواب: 28 سال پوءِ.
سوال: هن وقت تائين سر سسئي سان شروع ٿيندڙ جملي ڪيترا رسالا دستياب ٿيا آهن؟
جواب: ٻارنهن رسالا.
سوال: ٽنڊي ميرمحمود واري اوائلي قلمي نسخي تي ڪهڙو هجري سال لکيل آهي؟
جواب: 1200هه.
سوال: ٽنڊي ميرمحمود واري قلمي نسخي جي شروعات ڪهڙي سر سان ٿئي ٿي؟
جواب: سر سسئي ۽ اختتام سر بسنت و بهار.
سوال: ٽنڊي مير محمود ۾ ڪنهن جي ڪتب خاني ۾ شاهه سائين جي رسالي جو هڪ ٻيو قلمي نسخو موجود آهي ۽ ان قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: مير علي احمد خان ٽالپر جي ڪتب خاني ۾ ان قلمي نسخي ۾ 1735 بيت ۽ 97 وايون آهن.
سوال: ٽنڊي مير محمود واري شاهه سائين جي ٻئي قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: ڪل 32 سر.
سوال: مير علي احمد واري، شاهه جي قلمي نسخي ۾ بيت ۽ وايون ڪيتريون ڏنل آهن؟
جواب: بيت 2564 ، وايون 111 . 29 سر. گماني تعداد 31 .

سوال: شاهه سائين جي ٽنڊي مير محمود واري قلمي نسخي ۾ ٻيو نمبر سر ڪهڙو ڏنل آهي؟
جواب: سر بروو سنڌي.
سوال: شاهه جو قلمي نسخو جيڪو بڇيريءَ وارن سيدن وٽ موجود هو، اهو نسخو گنج کان ڪيترا سال اڳ ۾ ۽ ڪڏهن لکيو ويو؟
جواب: گنج کان پنج سال اڳ ۾، 1202هه ۾ لکيو ويو.
سوال: رمضان فقير واري شاهه جي قلمي نسخي تي ڪهڙو هجري سال لکيل آهي؟
جواب: 1205هه (رمضان فقير جيسلمير جو رهاڪو هو).
سوال: فقير ابوبڪر ڪهڙي هجري تاريخ ۽ سال ۾ شاهه جو رسالو (ٽن سرن جو اختصار) لکي پورو ڪيو؟
جواب: 25 ذوالقعد 1206هه ۾.
سوال: فقير ابوبڪر واري قلمي رسالي ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: 3 سر، سسئي، مومل راڻو ۽ سر عمر مارئي.
سوال: ان رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 417 بيت ۽ 31 وايون. (سسئي ۾ 320 بيت، 23 وايون. مومل راڻو 15 بيت، 2 وايون. عمر مارئي 82 بيت، 6 وايون. )
سوال: شاهه سائينءَ جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ ”شاهه جو گنج“ لکيو ويو؟
جواب: 42 سال پوءِ.
سوال: ڀٽ شاهه تي تمر فقير واري وڏي اوطاق ۾ رکيل ”شاهه جو گنج“ ڪهڙيءَ ڏينهن عام ماڻهن کي ڏيکاريو ويندو هو؟
جواب: هر جمعي تي.
سوال: بڙ جي ڍوري ۾ فقير عبدالعظيم ڪنهن جي مدد سان شاهه صاحب جو گنج ترتيب ڏنو هو؟
جواب: مٺو کاهوڙي جت جي مدد سان.
سوال: ميين اسماعيل جو گڏ ڪرايل گنج ڪهڙي ڪاتب ۽ ڪهڙي هجري سال ۾ لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاهه ابن سيد محمد علي شاهه، اڱارو 7 جمادي الثاني 1207هه ۾.
سوال: فقير عبدالعظيم، بڙ جي ڍوري تي رهندڙ جتن وٽ ڪيترا سال گڏ رهي شاهه سائينءَ جو ڪلام گڏ ڪيو؟
جواب: 13 سال.
سوال: فقير عبدالعظيم جو لکيل ”شاهه جو گنج“ هن نسخي ۾ پهريون بيت ڪهڙو ڏنل آهي؟
جواب: وڍي ٿي وايون ڪري ڪٺل ڪوڪاري،
هن پن پاهنجا ساريا، هوءَ هنجون هڏن لئي هاري.

سوال: ميين اسماعيل جي لکايل گنج ۾ جملي ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: 4041 بيت ۽ 287 وايون ۽ 28 سر.
سوال: ان گنج ۾ پهريون ۽ آخري سر ڪهڙو ترتيب ڏنل آهي؟
جواب: پهريون سرود سسئي ۽ آخري ڪارايل.
سوال: ميين اسماعيل جي گڏ ڪرايل گنج ۾ بلوچي زبان وارا ڪيترا بيت لکيل آهن؟
جواب: 14 بيت.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي جي آخر ۾ 35 بيت شاهه ڪريم جا آهن؟
جواب: ميين اسماعيل جي گڏ ڪرايل گنج ۾.
سوال: ڪهڙي بزرگ کي سندس وصيت مطابق ان هنڌ دفن ڪيو ويو جتي پاڻ شاهه جو ڪلام گڏ ڪيو هئائين؟
جواب: سيد عبدالعظيم ڀٽائي عرف خوشحال فقير.
سوال: فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاهه جي مزار تي ڪهڙو ڪتبو لڳل آهي؟
جواب: جامع الڪلام ڀٽائي سيد عبدالعظيم ڀٽائي عرف خوشحال فقير.
سوال: تمر فقير اڏيري لعل جي سيدن کي ڪهڙي شيءِ امانت طور ڏئي ڪڇ ڏانهن روانو ٿيو هو؟
جواب: شاهه جي ڪلام جو هٿ اکر لکيل نسخو.
سوال: روايت مطابق تمر فقير واري نسخي تان ڪيترا نسخا تيار ڪرايا ويا ۽ انهن کي ڪٿي رکيو ويو؟
جواب: ٻه نسخا، هڪ ڀٽ تي ۽ ٻيو درگاهه ڪريميءَ تي رکيو ويو.
سوال: درگاهه بلڙي وارو اصلي رسالو ڪڏهن لکيو ويو؟
جواب: 1194هه / 1780ع.
سوال: شاهه جي ڪلام جا جيڪي اوائلي نسخا تيار ٿيا تن ۾ پهريون سر ڪهڙو ڏنل آهي؟
جواب: سر سسئي.
سوال: سيد ابراهيم شاهه وارو قلمي نسخو ڪهڙي هجري سال ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: 1207هه ۾.
سوال: قاضي موسيٰ وارو قلمي نسخو ڪهڙي هجري سال ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: 1207هه ۾.
سوال: قاضي موسيٰ واري قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: 19 سر.
سوال: قاضي موسيٰ واري قلمي رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: جملي1321 بيت ۽ 65 وايون. (1283 بيت ۽ 86 وايون. حوالو. شاهه جو ڪلام مقدار يا معيار، ص. 91 ).

سوال: ڀٽ شاهه تي راڳ جو سلسلو اوج کي رسيو ته آسپاس جي ڪهڙن قلمي نسخن جي ترتيب وجود ۾ آئي؟
جواب: حاجي هدايت الله جو لکايل رسالو، ميان محمد حافظ ۽ مير امام بخش ٽالپر جي لکايل قلمي نسخن.
سوال: مير امام بخش خان ٽالپر جو لکايل رسالو ڪهڙي تاريخ ۽ هجري سال ۾ لکجي مڪمل ٿيو؟
جواب: 29 شعبان 1270هه ۾ ڪاتب، محمد حافظ.
سوال: هن قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر ، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 32 سر . (حوالو، ڪتاب، شاهه جي رسالي جا سرچشما)
سوال: هن رسالي ۾ اندازن ڪيترا بيت ۽ وايون لکيل آهن؟
جواب: 3943 بيت ۽ 215 وايون لکيل آهن.
سوال: حافظ احمد جت کي شاهه سائين جا ڪيترا بيت ياد هئا؟
جواب: ڇهه هزار بيت.
سوال: حافظ احمد جت وارو شاهه جو رسالو، هن رسالي ۾ سر مارئي ۾ ڪيترا داستان آهن؟
جواب: 42 داستان.
سوال: شاهه سائينءَ جا بيت سڀ کان وڌيڪ ڪهڙين عورتن کي ياد هئا؟
جواب: مائي گنگا جتڻ ۽ مائي ملي نعمت کي.
سوال: ڪهڙي عورت ديرن جي مطالعي لاءِ شاهه جا رسالا لکندي هئي ۽ ان لاءِ وظيفو مقرر ٿيل هو؟
جواب: مائي ملي نعمت.
سوال: هز هائينس مير نور محمد خان ٽالپر قلمي نسخو وڏي خرچ تي ڪنهن کان لکايو هو؟
جواب: مائي ملي نعمت کان.
سوال: مائي ملي نعمت جو لکيل رسالو ڪهڙي تاريخ ۽ هجري سال ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: 28 جمادي الثاني 1270هه ۾ ( اڱارو 28 مارچ 1854ع )
سوال: مشهور حڪيم ديوان ٺاري مل ڪهڙي بزرگ کان ۽ ڪڏهن شاهه جو قلمي نسخو لکايو هو؟
جواب: حاجي هدايت الله هالائي کان 1270هه ۾.
سوال: حاجي هدايت الله هالائيءَ واري لکيل نسخي ۾ ڪيترا سر بيت ۽ وايون لکيل آهن؟
جواب: سر 34، بيت 3247 ۽ وايون 226 آهن.
سوال: مولوي حاجي هدايت الله هالائيءَ جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 2 شوال 1365هه مطابق 19 آگسٽ 1946ع ڪلان ڪوٽ. (حوالو. گلستان لطيف. ص.209 )

سوال: خيرپور واري قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر آهن؟
جواب: 27 سر.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي ۾ 2846 بيت ۽ 185 وايون شامل آهن؟
جواب: خيرپور واري قلمي نسخي ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي تي مير علي مراد خان ٽالپر جون مهرون لڳل آهن؟
جواب: خيرپور واري قلمي نسخي تي.
سوال: برٽش ميوزيم واري قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: 28 سر، 1822 بيت ۽ 86 وايون.
سوال: برٽش ميوزيم لنڊن وارو قلمي نسخو ڪهڙي محقق تحقيق ۽ تصحيح ڪري 1969ع ۾ شايع ڪرايو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽ شاهه ڪميٽي پاران شايع ٿيو.
سوال: انڊيا آفيس لنڊن واري قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 25 سر، 1443 بيت ۽ 53 وايون.
سوال: فقير اميد علي نظاماڻي ڪهڙي هجري سال ۾ شاهه جو قلمي نسخو لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: 1256هه ۾.
سوال: حافظ دين محمد هاليپوٽي (ڪڇ ڀڄ) واري شاهه جو قلمي نسخو ڪهڙي هجري سال ۾ مڪمل ڪيو؟
جواب: 1267هه ۾.
سوال: درسگاهه منصوره واري قلمي نسخي جي 28 سرن ۾ ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: 1797بيت ۽ 83 وايون.
سوال: درسگاهه منصوره واري قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون شامل آهن.
جواب: 1829 بيت ۽ 118 وايون. (30 سر)
سوال: درسگاهه منصوره وارو قلمي نسخو، هي قلمي رسالو درسگاهه منصوره ۾ ڪنهن آندو هو؟
جواب: عابد لغاريءَ.
سوال: ميين موسيٰ مداح ٺٽوي وارو قلمي نسخو ڪڏهن لکيو ويو؟
جواب: 1257هه کان پوءِ.
سوال: حاجي هدايت الله ڪڇي سمي گجرات واري ڪهڙي هجري سال قلمي نسخو لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: 1270هه ۾.


سوال: ان پهرئين ڪاتب جو نالو ٻڌايو جنهن شاهه جي قلمي نسخي جي شروعات سر ڪلياڻ سان ڪئي؟
جواب: ميين موسى مداح ٺٽويءَ واري.
سوال: ميين موسى مداح واري شاهه جي قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 31 سر، 2516 بيت ۽ 92 وايون.
سوال: خير محمد هالائي، شاهه سائين جو قلمي نسخو ڪهڙي سال ۾ لکيو هو؟
جواب: 1268هه ۾.
سوال: فقير خير محمد هالائي وارو دستخط نسخو ڪيترن سرن تي مشتمل آهي؟
جواب: 35 سرن تي.
سوال: هن نسخي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 2921 بيت ۽ 211 وايون شامل آهن.
سوال: فقير خير محمد هالائي واري قلمي نسخي جي شروعات ڪهڙي سر سان ٿئي ٿي؟
جواب: شروعات سر ڪلياڻ.
سوال: پير احمد شاهه جي اوطاق تي ماهه ذوالحج سن 1269 هجري ۾ ڪهڙي بزرگ شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو لکي پورو ڪيو؟
جواب: آخوند فضل علي ولد محمد حافظ نصرپوري.
سوال: آخوند فضل علي واري نسخي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون لکيل آهن؟
جواب: سر 35، بيت 2909 ۽ وايون 220 لکيل آهن.
سوال: ٺوڙهي لتڻي ”ڪڇ وارو قلمي نسخو“ ڪهڙي هجري سال ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: 1270هه ۾. هيءُ نسخو ميان محمد حافظ جو لکايل آهي.
سوال: 1923ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي پنهنجي شاهه جي رسالي جي ترتيب ڏيڻ لاءِ 1780ع ۾ لکيل ڪهڙو نسخو ڪتب آندو هو؟
جواب: بلڙي شاهه ڪريم جي درگاهه تي رکيل رسالو 1194هه / 1780ع.
سوال: شاهه سائين جي قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ اندازن ڪيترن سالڪن، شاعرن جا بيت ۽ وائيون شامل آهن؟
جواب: 68 سالڪن ۽ شاعرن جا.
سوال: شاهه سائين جي قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ مختلف شاعرن جا اندازن ڪيترا بيت ۽ وائيون شامل آهن؟
جواب: 2180 بيت ۽ 140 وائيون.
سوال: شاهه سائين جي قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ مائي گنگا جا ڪيترا بيت ڏنل آهن؟
جواب: 2 بيت سر ڌناسري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي مختلف رسالن ۾ گروهڙي صاحب جا ڪيترا بيت ملن ٿا؟
جواب: 13 بيت (سر يمن، ڪارايل، رامڪلي ۽ آسا).
سوال: شاهه سائينءَ جي مختلف رسالن ۾ شاهه عنات جا ڪيترا بيت ۽ وايون درج ٿيل آهن؟
جواب: 38 بيت ۽ 3 وايون.
سوال: شاهه سائينءَ جي قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ شاهه ڪريم جا ڪيترا بيت ڏنل آهن؟
جواب: 43 بيت.
سوال: شاهه سائينءَ جي مختلف رسالن ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا ڪيترا بيت ڏنل آهن؟
جواب: 14 بيت.
سوال: شاهه سائينءَ جي اوائلي قلمي رسالن ۾ راضي شاهه جا ڪيترا بيت ملن ٿا؟
جواب: هڪ بيت سر سهڻيءَ ۾ (محقق. ڊاڪٽر بلوچ).
سوال: شاهه سائينءَ جي مختلف قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ شاهه لطف الله قادريءَ جا ڪيترا بيت ڏنل آهن؟
جواب: 4 بيت.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالن ۾ مخدوم نوح جا ڪيترا بيت شامل آهن؟
جواب: هڪ بيت، سر آسا ۾ (حوالو. مهراڻ، جنوري. مارچ 1997ع).
سوال: سڀ کان پهريائين شاهه سائين جي ڪجهه بيتن جي شرح ڪنهن لکي؟
جواب: پير محمد راشد روضي ڌڻي. (صبغة الله شاهه)
سوال: شاهه جي رسالي جي ان پهرين شارح جو نالو ٻڌايو جنهن چئن جلدن ۾ شرح جو ڪم پورو ڪيو هو؟
جواب: هدايت الله هالائي.
سوال: آخوند محمد شفيع شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو ڪهڙي سال لکي پورو ڪيو هو؟
جواب: 27 صفر 1273هه ۾.
سوال: آخوند محمد شفيع واري قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون لکيل آهن؟
جواب: 35 سر، بيت 1841 ۽ 115 وايون.
سوال: ڪهڙي ڪاتب 36 سرن تي 1282هه ۾ شاهه جو قلمي نسخو لکي پورو ڪيو؟
جواب: عبدالحق نظاماڻيءَ.
سوال: ڪهڙي ڪاتب، شاهه جو رسالو 1283هه ۾ مڪمل ڪيو؟
جواب: حاجي محمد مراد پوٽو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙ ي ليکڪ سر معذوريءَ کان کاهوڙيءَ تائين رسالي جا فقط ڏهه سر لکيا ۽ رهيل سر سندس ڀاءُ لکي رسالو مڪمل ڪيو؟
جواب: ميان دوست محمد 1284هه ۾ (رهيل سر ميان احمد لکيا).
سوال: ميين احمد ڀٽائي جو لکيل پهريو نسخو ڪڏهن مڪمل ٿيو؟
جواب: ذوالقعد 1294هه ۾.

سوال: هن نسخي ۾ ڪيترا سر ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 34 سر، 3114 بيت ۽ 217 وايون.
سوال: ميين احمد ڀٽائيءَ جي لکيل ٻئين قلمي نسخي جي ڪتابت جو هجري سال ٻڌايو؟
جواب: 1304هه.
سوال: هن قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 34 سر ، 3218 بيت ۽ 223 وايون. (حوالو، ڪتاب. شاهه جي رسالي جا سرچشما )
سوال: ميين احمد ڀٽائي جي لکيل ٽئين قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: 12 سر.
سوال: هن اڻپوري نسخي ۾ جملي ڪيترا بيت ۽ وايون لکيل آهن؟
جواب: 765 بيت ۽ 49 وايون.
سوال: تمر فقير جو ڪلام، شاهه سائينءَ جي ڪهڙن اٺن قلمي نسخن ۾ موجود آهي؟
جواب: 1. پنهل فقير واري قلمي نسخي ۾. 2. جمعي فقير واري قلمي نسخي ۾. 3. خير محمد فقير واري قلمي نسخي ۾. 4. لعل محمد فقير ذيڪريءَ واري قلمي نسخي ۾. 5. پير غلام شاهه واري قلمي نسخي ۾. 6. برٽش ميوزيم لنڊن واري قلمي نسخي ۾. 7. پير غوث محمد شاهه واري قلمي نسخي ۾. 8.آخوند محمد شفيع جي لکيل قلمي نسخي ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي جي شروعات سر مومل راڻي سان ۽ خاتمو سر گھاتوءَ تي ٿئي ٿو؟
جواب: 1379ع ۾ لکيل ڪڇ جي قلمي نسخي ۾.
سوال: ظفر ڪاظمي واري اڻپوري قلمي نسخي جي شروعات ڪهڙي سر سان ۽ خاتمو ڪهڙي سر تي ٿئي ٿو؟
جواب: شروعات سر سسئي خاتمو سر ڪاموڏ.
سوال: ڪهڙي ڪاتب شاهه جي رسالي جي پهرين حصي ۾ 13 سر ۽ ٻئي حصي ۾ 22 سر ڏنا آهن؟
جواب: ڪاتب عبدالله سومري.
سوال: ڪهڙي ڪاتب شاهه جي قلمي نسخي ۾ ڪل 35 سر، 4838 بيت ۽ 390 وايون شامل ڪيون؟
جواب: ڪاتب، ميان لعل محمد ولد اسماعيل فقير لاڙڪ.
سوال: فقير لعل محمد لاڙڪ ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ قلمي نسخو لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: اربع 10 شوال سال 1329هه ، 4 آڪٽوبر 1911ع ۾.
سوال: ڪهڙي بزرگ 39 سرن تي شاهه جو قلمي نسخو لکرايو؟
جواب: پنهل فقير جوڻي.
سوال: سڀ کان وڌيڪ بيت ۽ وايون شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي ۾ ڏنل آهن؟
جواب: پنهل فقير واري نسخي ۾ (5885 بيت ۽ 381 وايون).
سوال: پنهل فقير جوڻي شاهه سائين جو قلمي نسخو ڪنهن کان لکايو هو؟
جواب: استاد عبدالله ولد محمود ٿهيم 13 صفر 1383 هجري مطابق 6 جولاءِ 1963ع ۾ لکي مڪمل ڪيو.
سوال: سرن جو گهڻي ۾ گهڻو تعداد شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي ۾ ملي ٿو؟
جواب: ميين محمد ۽ ميين حسين واري قلمي نسخي ۾.
سوال: محمد اسماعيل ڀٽيءَ واري شاهه جي رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: 4931 بيت ۽ 314 وايون.
سوال: پيرل ٿيٻي وارو شاهه جو قلمي رسالو ڪڏهن لکيو ويو؟
جواب: 1373هه
سوال: جمعي فقير جي لکايل قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: سر 26، بيت 4927 ۽ 344 وايون ڪاتب غلام قادر ولد ڇتو.
سوال: مير عبدالحسين سانگيءَ شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو ڪهڙي ڪاتب کان لکايو هو؟
جواب: ميين احمد ڀٽائيءَ کان. 17 ذوالقعد 1307هه تي لکجي پورو ٿيو.
سوال: فقير تاج محمد نظاماڻيءَ جو دستخطي پهريون قلمي نسخو ڪهڙي تاريخ ۽ هجري سال تي مڪمل ٿيو؟
جواب: 4 ربيع الثاني 1342هه/ اربع 14 نومبر 1923ع.
سوال: هن قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر آهن؟
جواب: 35 سر. پهريون سر ڪلياڻ ۽ آخري سر بسنت.
سوال: هن نسخي ۾ جملي ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: 2157 بيت ۽ 100 وايون.
سوال: فقير تاج محمد نظاماڻِيءَ جي ٻئي قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر آهن؟
جواب: 36 سر.
سوال: هن قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: 5488 بيت ۽ 355 وايون.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جو قلمي نسخو سيد حاجي شاهنواز شاهه ڪهڙي هجري تاريخ ۽ سن ۾ لکرايو هو؟
جواب: 14 رجب 1355هه ۾.
سوال: اِن قلمي نسخي جي شروعات ۾ ۽ آخر ۾ ڪهڙو سر ڏنل آهي؟
جواب: شروعات سرڪلياڻ سان ۽ آخري سر ڍول مارو.
سوال: ڪهڙي قلمي نسخي جي شروعات سر مومل راڻي سان ۽ خاتمو سر گهاتو تي ٿئي ٿو؟
جواب: ڪڇ جو نسخو. جمع 20 جمادي الثاني 1279هه ۾ لکيل. 17 سر ، 856 بيت ۽ 60 وايون شامل.
سوال: هندستان جي ڪهڙن مشهورن راڳيندڙن شاهه جي رسالي کي سرن ۽ داستانن موجب ترتيب ڏنو؟
جواب: اٽل ۽ چنچل.
سوال: ”محمد اسماعيل ڀٽيءَ جو دستخط نسخو“ هن نسخي ۾ ڪيترا بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 36 سر، 4931 بيت ۽ 314 وايون. (شروعات سر ڪلياڻ سان ).
سوال: محمد اسماعيل ڀٽي ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ڪڏهن شاهه جو قلمي نسخو لکي پورو ڪيو؟
جواب: سجاده نشين درگاهه هالا سيد ميان شير محمد جي چوڻ تي 23 محرم 1342هه ۾ لکي پورو ڪيو.
سوال: شاهه جو رسالو، ڪاتب عبدالله سومرو هن رسالي ۾ اٺٽيهين نمبر تي ڪهڙو سر ڏنل آهي؟
جواب: سر ڪارايل.
سوال: ڪڇ وارو گنج شريف ڪيترن سالن ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: ٻارنهن سالن ۾ (هن ۾ ڪل ڇٽيهه سر).
سوال: قلمي رسالو ڪڇ وارو گنج شريف ڪنهن ۽ ڪڏهن لکي پورو ڪيو؟
جواب: فقير حاجي عبدالمطلب جت، 15 بروز جمعو سن 1336هه.
سوال: ڪڇ واري گنج شريف ۾ ڪل ڪيتريون وايون آهن؟
جواب: 354.
سوال: قلمي نسخي ڪچ واري گنج ۾ سڀ کان وڌيڪ بيت ڪهڙي سر ۾ ڏنل آهن؟
جواب: سر آبري، بيت 1016.
سوال: قلمي نسخي ڪڇ جي گنج شريف ۾ ڪيترا بيت آهن؟
جواب: 5939.
سوال: ڪڇ واري گنج شريف جي شروعات ڪهڙي سر سان ٿئي ٿي؟
جواب: سر ڪلياڻ، آخري سر بسنت.
سوال: ميهار فقير جي لکايل قلمي رسالي ۾ ڪيترا سر آهن؟
جواب: 36 سر ، جملي بيت 5347 ۽ 325 وايون.
سوال: اهو رسالو ڪهڙي هجري سال ۾ لکايو ويو؟
جواب: 1371هه کان اڳ.
سوال: ڳوٺ ننڍي ڀٽاري ۾ عبدالله ڌڻي پرتي جت وٽ 1915ع ۾ لکيل شاهه جي رسالي جي قلمي نسخي ۾ ڪيترا بيت درج ٿيل آهن؟
جواب: 15686 بيت.
سوال: فقير سڪ علي راهوجي، ڪهڙي سال ”شاهه جو رسالو“ لکي پورو ڪيو؟
جواب: اڱارو 14 ربيع الاول 1420هه / 29 جون 1999ع ۾.
سوال: فقير سڪ علي واري شاهه جي رسالي ۾ ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 5438 بيت، 335 وايون ۽ 40 سر. (اڻ ڇپيل)
سوال: ڪهڙي رسالي ۾ سر مارئي جا 28 داستان ۽ ان ۾ 504 بيت ڏنل آهن؟
جواب: فقير سڪ علي راهوجي واري ”شاهه جو رسالو“ ۾.
سوال: فقير سڪ علي واري شاهه جي رسالي جي شروعات ڪهڙي سر سان ٿئي ٿي؟
جواب: سر ڪلياڻ، آخري سر ڌناسري.
سوال: فقير عبدالرحمان بن حافظ محمود، شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ هجري سن ۾ لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: 29 جون 1859ع ۾ اربع 27 ذوالقعد 1275هه ۾.
سوال: شاهه جي رسالي جو 1275هه وارو قلمي نسخو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي ڪنهن وٽان مليو هو؟
جواب: منير احمد قريشي وٽان شهر گڏيجي مان.
سوال: فقير عبدالرحمان بن حافظ محمود، ”شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو“ ۾ ڪيترا سر ڏنا آهن؟
جواب: 31 سر.
سوال: دودي فقير ولد عارب خان تمراڻي، ڪنهن جي چوڻ تي شاهه جو رسالو 1942ع ۾ لکڻ شروع ڪيو؟
جواب: پير ميان غلام شاهه ولد پير ميان علي بخش شاهه جي.
سوال: ”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب جن پهريون ڀاڱه“ هن قلمي نسخي جي ڪتابت ڪنهن ڪئي؟
جواب: فقير دودو خان ولد عارب فقير تمراڻي ڀٽ شاهه .
سوال: شاهه جي ڪلام جو قلمي نسخو عنوان ”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب“ گهڻن جلدن ۾ لکيو ويو؟
جواب: ٻن جلدن ۾.
سوال: فقير دودي خان”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب“ پهرين جلد لکڻ جي ابتداء ڪڏهن ڪئي؟
جواب: 25 ربيع الآخر 1361هه / 13 مئي 1942ع.
سوال: ”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب“پهرين جلد ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: 1. سر ڪلياڻ، 2. يمن، 3. کنڀاٽ، 4. سري راڳ، 5. سامونڊي، 6. سهڻي، 7. سارنگ، 8. ڪيڏارو، 9. آبري، 10، معذوري، 11. ديسي، 12. ڪوهياري، 13. حسيني.


سوال: فقير دودو خان ولد عارب فقير تمراڻي شاهه جي رسالي جو پهريون ڀاڱو ڪڏهن لکي تيار ڪري جلد ٻڌايو؟
جواب: 27 ربيع الثاني 1362هه مطابق سومر 3 مئي 1943ع ۾.
سوال: ”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب“ ڪاتب ٻيو جلد ڪڏهن لکي پورو ڪيو؟
جواب: 11 ربيع الاول 1374هه / بروز سومر 8 نومبر 1954ع.
سوال: ”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب“ جلد ٻئين ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: سر سورٺ، بروو هندي، بروو سنڌي، راڻو، ڍول مارئي، هير رانجهو، کاهوڙي، رامڪلي، رپ، ليلان، بلاول، ڏهر، ڪاپائتي، وهاڳڙو پرڀاتي، سڀراج، سرڪانرو، سرکنوري، سرگهاتو، سر شينهن ڪيڏارو، آسا، مارئي، ڌناسري، پورب، ڪاموڏ، ڪارايل، بسنت.
سوال: فقير دودي خان ٻنهي قلمي نسخن جي جلدن ۾ ڪيترا سُر لکيا؟
جواب: 39 سُر (اٽڪل ساڍا ٻارهن سال جي محنت بعد قلمي نسخي جا ٻئي جلد تيار ڪيا.)
سوال: ڪهڙي ڪاتب شاهه سائين جي قلمي نسخي ۾ 231 داستان، 5245 بيت ۽ 373 وائيون لکيون؟
جواب: فقير دودو خان.
سوال: سيد غلام شاهه واري شاهه جي قلمي نسخي جي ڪتابت جو سال ۽ بيتن، واين جو تعداد ٻڌايو؟
جواب: ڪتابت 1964ع ، بيت 4133 ، وايون 249 .
سوال: فقير علي ڏني نظاماڻيءَ ”شاهه جو رسالو“ (قلمي نسخو) ڪڏهن لکي پورو ڪيو؟
جواب: 12 اپريل 1995ع ۾.
سوال: فقير علي ڏني نظاماڻيءَ واري شاهه جي قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: ڇٽيهه سر، پهريون سر ڪلياڻ ۽ آخري سر بسنت.
سوال: ڪهڙي شخص شاهه جو اڻڇپيل ڪلام ڪڇ جي فقيرن وٽان ۽ ڀڄ جي خير محمد جت وٽان ۽ موليڏني سومري وٽان هٿ ڪري شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو هو؟
جواب: لونگ فقيرسولنگي.
سوال: لطيف شناس ۽ رسالي جي مرتب، لونگ فقير جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1305هه ۾ ڳوٺ حسين سهتو ضلعو بدين (وفات 1980ع ڌاري).
سوال: ڪهڙي مرتب تيرهن هزار بيت قلمبند ڪري شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو؟
جواب: لونگ فقير سولنگيءَ.
سوال: ڇا لونگ فقير جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو شايع ٿيل آهي؟
جواب: هن جو ترتيب ڏنل رسالو، غائب ڪري ليکڪن پنهنجي نالي سان شايع ڪرايو.
سوال: ٺري ميرواهه جي ڪهڙي شخص شاهه جو رسالو هٿ سان لکيو آهي؟
جواب: ارشاد جوڳيءَ.
سوال: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه جي رسالي تي تحقيق دوران ڪيترا قلمي ۽ ڇاپي نسخن کي استعمال ڪيو هو؟
جواب: 50 قلمي نسخن ۽ 16 ڇاپي نسخن.
سوال: ڪهڙي ڪاتب شاهه جي رسالي جو رنگين قلمي نسخو 1432هه مطابق 2011ع ۾ لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: استاد لغاري.
سوال: هن وقت تائين شاهه سائين جي رسالي جا ڪيترا قلمي نسخا دستياب ٿيا آهن؟
جواب: 74 کان وڌيڪ.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جي شارحن سندن ڪلام کي ڪيترن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي؟
جواب: ستن حصن ۾.
سوال: ڪهڙي انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر شاهه سائين جو رسالو ترتيب ڏنو؟
جواب: ڪئپٽن جارج اسٽئڪ (1850ع ۾ ) ۽ (حوالو. لطيفي اسرار. ص.44 تي 1304هه )
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي مرتب 35 سرن تي مبني 1217 صفحن تي رسالو ترتيب ڏنو هو؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي شيدائيءَ رسالي جي ڇپائيءَ وقت پنهنجو گهر گروي رکيو هو؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ. ( فقط 26 سر ترتيب ڏئي شايع ڪرايائين )
سوال: سڀ کان اڳ ڪهڙي پرڏيهي عالم پهريون ڀيرو شاهه جو رسالو سنڌي صورتخطيءَ ۾ شايع ڪرايو هو؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: ڪهڙي مرتب، شاهه جي ڪلام کي ”رسالو“ توڙي”ديوان“ ٻئي عنوان ڏنا آهن؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: شاهه جو رسالو 1866ع ۾ ڪهڙي مرتب شايع ڪرايو؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو شيدائي، شاهه جي رسالي ۾ سر مارئي ترتيب نه ڏئي سگهيو ته کيس مرڻ گهڙيءَ تائين ارمان هو؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: ڊاڪٽر ٽرمپ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: ڪل 26 سر. پهريون ڪلياڻ ۽ آخري آسا.
سوال: هن رسالي جو سنڌ ۾ پهريون ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1985ع ۾ ڀٽ ثقافتي مرڪز ڪاميٽيءَ پاران.
سوال: هن رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 2529 بيت ۽ 160 وايون.
سوال: ممبئي مان پهريون ڀيرو شاهه جو رسالو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1283هه / 1864ع ۾ .
سوال: بمبئي ڇاپي وارو اهو ڪهڙو ڇاپو آهي جنهن کي شاهه جو پهريون مڪمل رسالو چيو وڃي ٿو؟
جواب: 1867ع وارو (اربع 27 ذوالقعد 1283هه ڪاتب حاجي محمد، ڇپائيندڙ قاضي ابراهيم).
سوال: بمبئي ڇاپو نمبر 1، هن ڇاپي ۾ ڪل ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 36 سر، 4071 بيت ۽ 237 وايون.
سوال: شاهه جو رسالو (بمبئي ڇاپو نمبر 2) ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1292هه / 1876ع ۾.
سوال: هن رسالي ۾ ڪل ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 36 سر، 4076 بيت ۽ 237 وايون.
سوال: مطبع ڪريمي طرفان ڪيترا بمبئي ڇاپا شايع ٿيا؟
جواب: ست بمبئي ڇاپا شايع ٿيا.
سوال: 1900ع ۾ سنڌ سرڪار جي ڇپايل رسالي کان وٺي جيڪي رسالا ٽائپ ۾ ڇپيا تن جا متن پڻ بمبئي ڇاپن تان نقل ڪيا ويا انهن سڀني جو بنياد ڪهڙو ڇاپو رهيو؟
جواب: 1283هجري وارو پهريون بمبئي ڇاپو.
سوال: بمبئي وارا ڪيترا ڇاپا 1283هجري واري ڇاپي تان کنيل آهن؟
جواب: ڇهه ئي بمبئي ڇاپا.
سوال: بمبئي مان ڇپيل شاهه جي رسالي جي مقبوليت وڌندي وئي ته پوءِ ڪهڙا ڇهه ٻيا بمبئي ڇاپا شايع ٿيا؟
جواب: 1303هه (ڪريمي)، 1306هه (صفدري)، 1310هه (حيدري)، 1317هه (صفدري)، 1329هه (ڪريمي) ۽ 1340هه (ڪريمي)
سوال: ڪهڙي محقق بمبئي وارو رسالو اصلوڪي صورت ۾ 1416هه ۾ شايع ڪرايو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: ديوان ليلا رام وطڻمل ٻئي ڪهڙي شخص سان گڏ شاهه جو رسالو (سر ڪلياڻ) 1900ع ۾ ترتيب ڏئي شايع ڪرايو؟
جواب: پرتاب راءِ لعلواڻي سان گڏ.

سوال: تاراچند شوقيرام جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڪهڙي تاريخ ۽ عيسوي سال ۾ شايع ٿيو؟
جواب: 14 ڊسمبر 1900ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: هن ڇاپي ۾ جملي ڪيترا بيت ۽ وايون ڇپيل آهن؟
جواب: بيت 3316 ۽ 225 وايون.
سوال: تاراچند شوقيرام جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڇاپو ٻيو ۽ ٽيون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو ٻيو 1909 ۽ ٽيون 1923ع.
سوال: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جو رسالو (ٽن سرن جو اختصار) جو مهاڳ ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ لکيو؟
جواب: 21 محرم 1408هه / آگسٽ 1987ع. (1989ع واري ٻئي ڇاپي جو مهاڳ)
سوال: شاهه جو رسالو ترتيب شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، ان جو پهريون ڇاپو ڪڏهن ڇپيو؟
جواب: 1913ع ۾ پوڪر داس پبلشر.
سوال: ان ڇاپي ۾ ڪيترا سر بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 37 سر، 4163 بيت ۽ 240 وايون.
سوال: مرزا قليچ بيگ جو ترتيب ڏنل، شاهه جو رسالو، ڇاپو ٻيو ۽ ٽيون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ٻيو ڇاپو 1923ع ۽ ٽيون 1950ع ۾.
سوال: مرزا قليچ بيگ وارو شاهه جو رسالو، ڇاپو چوٿون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1415هه / 1994ع ۾. ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.
سوال: شاهه سائين جي ٻه سؤ پنجاهين ورسي جي موقعي تي ڪهڙي شاعر ۽ محقق جو ترتريب ڏنل شاهه جو رسالو شايع ٿيو؟
جواب: شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو.
سوال: شاهه جو رسالو، مرتب مرزا قليچ بيگ، ان رسالي جي چوٿين ڇاپي جو پيش لفظ ڪنهن لکيو آهي؟
جواب: سيد عبدالله شاهه وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻه اکر، الله بخش شاهه بخاري.
سوال: مرزا قليچ بيگ، بمبئي واري ڇاپي جا ڪيترا نوان بيت ۽ وايون شامل ڪري نسخو مڪمل ڪيو؟
جواب: بيت 846 ۽ وايون 15. جيڪي 1900ع واري سرڪاري رسالي ۾ ناهن.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي محقق ستاويهن قلمي نسخن کي آڏو رکي ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏنو هو؟
جواب: مرحوم ڊاڪٽر عمر بن داؤد پوٽي.

سوال: سنڌ ۾ پهريون ڀيرو شاهه سائينءَ جي ڪلام جي سائنسي بنياد تي ڇنڊ ڇاڻ ڪهڙي نامياري عالم محقق ڪئي؟
جواب: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ.
سوال: ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو جلد پهريون ڇاپو پهريون ڪهڙي سال ڇپيو؟
جواب: 15 ڊسمبر 1923ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 5 سر، 499 بيت ۽ 78 وايون.
سوال: ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو جلد ٻيو ڪهڙي سال شايع ٿيو؟
جواب: 19 ڊسمبر 1924ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 6 سر، 938 بيت ۽ 78 وايون.
سوال: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو جلد ٽيون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 27 اپريل 1931ع ۾.
سوال: هن جلد ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: سر ليلا چنيسر، مومل راڻو، مارئي، ڪاموڏ، گھاتو، سورٺ ۽ ڪيڏارو.
سوال: ڊاڪٽر گربخشاڻي وارو، شاهه جو رسالو ٽن جلدن ۾، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پهريون ڀيرو ڪهڙي هجري سال ۾ شايع ڪيو؟
جواب: 1399هه/ 1979ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 18 سر، 2046 بيت ۽ 146 وايون.
سوال: ديوان لطيف اردو منظوم ترجمو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1954ع ۾.
سوال: شيخ اياز جو اردو منظوم ترجمو رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي پهريون ڀيرو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1963ع ۾.
سوال: هن رسالي ۾ ڪيترا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: 29 سر.
سوال: شاهه جو رسالو مرتب غلام محمد شاهواڻي ڇاپو پهريون 1950ع هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 30 سر، 2933 بيت ۽ 193 وايون.

سوال: شاهه جو رسالو ترتيب محمد عثمان ڏيپلائي ان جو پهريون ڇاپو ڪڏهن ڇپيو؟
جواب: مارچ 1951ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 36 سر، 4112 بيت ۽ 241 وايون.
سوال: علامه غلام مصطفيٰ جي ترتيب ڏنل 36 سرن واري شاهه جي رسالي ۾ ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 3289 بيت ۽ 216 وايون، ڇاپو پهريون 1951ع.
سوال: خان بهادر محمد صديق ميمڻ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڪهڙي سال ڇاپو پهريون شايع ٿيو؟
جواب: 1951ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 36 سر، 4133 بيت ۽ 237 وايون.
سوال: ڀارت ۾ سڀ کان پهرئين شاهه جي ڪلام جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: انجو ماکيجا ۽ هري دلگير.
سوال: ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سڀ کان پهرئين ڪهڙي شارح شاهه جو رسالو ترتيب ڏئي شايع ڪرايو؟
جواب: پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي 13 آگسٽ 1958ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 30 سر، 2968 بيت ۽ 197 وايون.
سوال: هن رسالي جو ٻيو ايڊيشن ڪهڙي نالي سان ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: شاهه جو رسالو مجمل، ڇاپو پهريون 1961ع ۾.
سوال: شاهه جو رسالو مرتب علامه آءِ آءِ قاضي ان جو پهريون ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پهريون 1961ع.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 29 سر، 2933 بيت ۽ 180 وايون.
سوال: علامه آءِ آءِ قاضيءَ ڪهڙي سر تي اعتراض واري پوءِ ان سر کي رسالي مان خارج ڪيو؟
جواب: سر ڪيڏارو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي محقق شاهه جو رسالو ملير جي باغن ۾ ويهي لکيو هو؟
جواب: عثمان علي انصاريءَ (ڏهن قلمي نسخن کي ڀيٽي تيار ڪيو).
سوال: عثمان علي انصاريءَ وارو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڇاپو پهريون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1948ع ۾، ڇاپو پهريون، سنڌي ادبي ساهت ڪراچي.


سوال: عثمان علي انصاريءَ وارو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو، ثقافت کاتو ڇاپو پهريون 1997ع هن ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 30 سر، 2990 بيت ۽ 190 وايون.
سوال: شاهه جو رسالو، مرتب، عثمان علي انصاري، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان ٻيو ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2015ع ۾.
سوال: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد پهريون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1989ع ۾.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ٻيو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1992ع ۾.
سوال: هن رسالي ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: سر کنڀات، بروو، سريراڳ ۽ سامونڊري.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ٽيون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1994ع ۾.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ٽيون مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن جلد ۾ ڪهڙا سر ڏنل آهن؟
جواب: سر گھاتو، کاهوڙي، ڪاپائتي، بلاول، پرڀاتي، ڪارايل ۽ ڏهر.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد چوٿون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1997ع ۾.
سوال: هن جلد ۾ ڪهڙا سر ڏنل آهن؟
جواب: سر سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد پنجون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1997ع ۾.
سوال: هن جلد ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: سر راڻو، ليلا چنيسر، ڪاموڏ ۽ سورٺ.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ڇهون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1998ع ۾.
سوال: هن جلد ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: سر رپ، پورب، رامڪلي ۽ سر آسا.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ستون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1998ع ۾، هن جلد ۾ سر مارئي، سهڻي ۽ سارنگ شامل آهن.

سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد اٺون ۽ نائون ڪهڙي سال شايع ٿيو؟
جواب: 1999ع ۾.
سوال: هن گڏيل جلد ۾ شاهه جي ڪلام جا ڪيترا سر ڏنل آهن؟
جواب: 29 سر.
سوال: شاهه جو رسالو جلد ڏهون رسالي جو ڪلام، هن جلد ۾ ڪيترا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: 36 سر. پهريون سر ڪلياڻ ۽ آخري سر بسنت.
سوال: سر سسئي سان شروع ٿيندڙ سڀ کان پهرئين ڪهڙو قلمي رسالو ۽ ڪڏهن ڇپايو ويو؟
جواب: برٽش ميوزيم لنڊن وارو قلمي رسالو 1936ع ۾ ڇپايو ويو.
سوال: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۾ پنجون ڪتاب، شاهه جو رسالو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪهڙي هجري سال ۾ شايع ڪيو؟
جواب: 1394هه / 1974ع ۾.
سوال: ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي جي ترتيب ڏنل ڪتاب شاهه جو چونڊ شعر، جي نئين ترتيب موضوع وار شاهه جو رسالو ڪنهن ترتيب ڏنو؟
جواب: گل محمد تنيي.
سوال: موضوع وار شاهه جو رسالو ڇاپو پهريون 2001ع ۾ ڪهڙي اداري شايع ڪيو؟
جواب: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
سوال: ايلسا قاضيءَ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيل، رسالو آف شاهه عبداللطيف (سليڪشنس) ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پهريون جون 1965ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترن سرن ۽ بيتن جو انگريزي منظوم ترجمو ڪيل آهي؟
جواب: 29 سرن ۽ 600 بيتن جو.
سوال: انگريزيءَ ۾ ”شاهه جو رسالو عرف گنج لطيف“ (Shah Jo Risalo alias Ganj Latif) پهريون ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1985ع ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، مترجم، آغا محمد يعقوب.
سوال: آغا محمد يعقوب جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڪڏهن شايع ٿيو ۽ ان جي پهرئين، ٻئين ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ ڪيترا سر انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيل آهن؟
جواب: 1985ع ۾، پهرئين ۾ يارنهن، ٻئين ۾ نَوَ سر ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ ڏهه سر ترجمو ڪيا.
سوال: آغا محمد يعقوب کي شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمي ۾ ڪيترا سال لڳي ويا؟
جواب: 6 سال.
سوال: آغا محمد يعقوب، شاهه سائين جي ڪيترن سرن جو انگريزي نثري ترجمو ڪيو؟
جواب: 30 سرن جو. ٽن جلدن تي مشتمل.

سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي مترجم رسالي جي ڇهه هزار لفظن تي مشتمل هڪ جامع سنڌي انگريزي لغت پڻ تيار ڪئي؟
جواب: آغا محمد يعقوب.
سوال: آغا محمد يعقوب جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ بيتن ۽ واين جو ڪل تعداد ڪيترو ڏنل آهي؟
جواب: بيتن جو تعداد 3035 ۽ وايون 1895 .
سوال: 1996ع ۾ ڪرتار سنگهه عرش، شاهه سائين جي ڪيترن سرن جو پنجابي منظوم ترجمو ڪيو؟
جواب: 18 سرن جو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي رسالي ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه ٻه اکر اردو ٻولي ۾ لکيا؟
جواب: شاهه ڀٽائي دا رسالا، پنجابي ترجمو ڪرتار سنگھه عرش.
سوال: سڀ کان پهرين ڪهڙي نامور اديب ۽ شاعر شاهه جي رسالي جي ٻن سرن جو ”ديوان لطيف“ نالي سان اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيو؟
جواب: رشيد احمد لاشاري، سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جو منظوم ترجمو ڪيو.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي توڙِ قلمي نسخن ۾ اهي ڪهڙا سر آهن جيڪي شاهه عنات جي ڪلام ۾ ناهن؟
جواب: سر گھاتو، رپ، بسنت، ڪيڏارو، معذوري، آبري، ڪوهياري، حسيني، بروو سنڌي، سامونڊي ۽ کاهوڙي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي ليکڪ ميهار فقير جو لکايل قلمي نسخو جيئن جو تيئن ڇپرايو ۽ اهو رسالو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: الهداد جنجھي مرتب، شاهه جو گنج، نالي سان 1994ع ۾.
سوال: ”شاهه جو رسالو“ سهڙيندڙ باگوجي ان جو پهريون ڇاپو ڪهڙي هجري سال ۾ شايع ٿيو؟
جواب: 1421هه / 2000ع ميرپور ماٿيلو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي رسالي ۾ 43 سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: باگوجي ولد ڏانوجيءَ واري رسالي ۾.
سوال: سر بلوچي، سر سڀراج، سر ڪنوري، سر وهاڳڙو شاهه سائين جي ڪهڙي رسالي ۾ ڏنل آهن؟
جواب: باگوجي ولد ڏانوجي واري ڇاپي ۾.
سوال: ڪهڙن مرتبن شاهه جي سر مارئيءَ جا 31 ۽ 32 داستان ترتيب ڏنا آهن؟
جواب: شاهه جو رسالو، سهيڙيندڙ ، باگوجي ۽ شاهه جو گنج، مرتب، محمد قاسم راهمون.
سوال: ڪهڙي ليکڪ جو اردو ترجمو شيخ اياز واري منظوم اردو ترجمي کان وڌيڪ بهتر ۽ مستند سمجهيو وڃي ٿو؟
جواب: آغا سليم وارو اردو ترجمو. جيڪو 2000ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي، منظوم اردو ترجمو، آغا سليم، هن ليکڪ ڪيترن سرن جو ترجمو ڪيو آهي؟
جواب: 32 سرن جو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي اردو مترجم، شاهه جي رسالي مان انهن بيتن ۽ واين جو اردو نثري ترجمو ڪيو جن ۾ لطيف يا عبداللطيف ڏنل آهي؟
جواب: ايم. اي. عالماڻي. ڏهن سرن جو نثر ۾ ترجمو ڪيو.
سوال: ڪهڙي سگهڙ پهريون ڀيرو شاهه لطيف جي ٽيهن سرن تي مشتمل ڳجهارتن تي مڪمل رسالو لکيو؟
جواب: وريام فقير شيخ ورياماڻي، رسالو لطيفي ڪچهري، ڇاپو پهريون 2016ع.
سوال: فقير تاج محمد نظاماڻي جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو پهريون ڀيرو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2007ع ۾.
سوال: هن رسالي ۾ ڪيترا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: 36 سر.
سوال: شاهه جو رسالو ڍاٽڪي منظوم ترجمو ڪهڙي اديب ڪيو؟
جواب: استاد لغاريءَ.۽ نظر ثاني اصغر بادلاڻي.
سوال: ڍاٽڪي زبان ۾ شاهه جو رسالو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پهريون، مئي 2018ع، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد.
سوال: شاهه جو رسالو ڍاٽڪي منظوم ترجمو ان رسالي ۾ ڪيترن سرن جو ترجمو ڪيو ويو آهي؟
جواب: 35 سرن جو.
سوال: ڪهڙي اردو نثري ترجمي ۾ شاهه جي رسالي مان انهن بيتن ۽ وائين کي شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ لطيف يا عبداللطيف ڏنل آهي؟
جواب: شاهه ڪا مختصر رسالا عوامي اردو مين لطيف ڪهي (ڇاپو 1987ع).

سوال: ”شاهه جو رسالو عرف گنج لطيف“ هن انگريزي ترجمي ۾ ڪل ڪيترين قرآني آيتن جو ترجمو ڏنو ويو آهي؟
جواب: 750 قرآني آيتن جو ترجمو، مترجم آغا محمد يعقوب.
سوال: سڀ کان پهريائين ڪهڙي ليکڪ 15 سال محنت ڪري شاهه جو موضوع وار رسالو ترتيب ڏنو؟
جواب: سيد يار محمد شاهه. (اڻڇپيل)
سوال: شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو ”سنڌ مان بهشتي سوجهرو“ جي مهورت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 16 سيپٽمبر 1986ع ۾ عالمي امن جي ڏينهن جي موقعي تي، ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاعر گل خان نصير، شاهه سائينءَ جي ڪيترن بيتن جو منظوم بلوچي ترجمو ڪيو آهي؟
جواب: 95 بيتن جو (ڪتاب. شاهه لطيف گشيت، 1983ع ۾ شايع ٿيس).
سوال: ڪهڙي شاعر ، شاهه سائين جي هڪ بيت جي تشريح ڪري ”سامونڊي سوداگر“ عنوان تحت رسالو جوڙيو؟
جواب: مخدوم فضل الله.
سوال: مخدوم فضل الله جي رسالي ”سامونڊي سوداگر“ تي سڀ کان پهريائين ڪنهن ڪم ڪيو؟
جواب: مرحوم احمد خان مصراڻيءَ .
سوال: وزير اعليٰ سنڌ مرحوم سيد عبدالله شاهه ڪهڙي رسالي جا ٻه اکر لکيا؟
جواب: شاهه ڀٽائي دا رسالا، (منظوم پنجابي ترجمو) ڇاپو 1996ع.
سوال: ”شاهه ڀٽائي دا رسالا“ شاهه جي رسالي جو منظوم پنجابي ترجمو ڪنهن ڪيو؟
جواب: ڪرتار سنگهه عرش.
سوال: 1987ع ۾ پيغام رسالي ۾ ڪهڙي ليکڪ جا شاهه جي رسالي جا ترتيب ڏنل بيت پهريون ڀيرو الف. ب. وار قسطن ۾ شايع ٿيا؟
جواب: عبدالغفار گوهر دائود پوٽو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي رسالي ۾ شاهه جي بيتن ڳولڻ لاءِ ساڍا تيرهن هزار اسم، صفت ۽ ظرفن تي مشتمل ڏسڻي ڏنل آهي؟
جواب: الف. بي. وار شاهه جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي، مرتب، عبدالغفار گوهر داؤد پوٽو.
سوال: شاهه جو رسالو الف. ب. وار، مرتب، محمد عالم سومرو ان رسالي جو پهريون ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پهريون روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جولاءِ 1994ع.
سوال: شبير ڪنڀار جو سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو الف. ب. وار پهريون ڀيرو ڪڏهن پڌرو ٿيو؟
جواب: 2012ع ۾ سوکڙي اسٽوڊيو هالا جي سهڪار سان.
سوال: سڀ کان پهرين شاهه لطيف جو گنج الف. ب. وار ڪنهن ترتيب ڏنو؟
جواب: صفدر حسين ميرزا ۽ شوڪت چاچڙ.


سوال: گنج (شاهه جو رسالو الف. ب. وار ترتيب سان ) پهريون ڇاپو ڪهڙي اداري ۽ ڪڏهن شايع ڪيو؟
جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي 2012ع.
سوال: ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه جو چونڊ شعر“ جي نئين ترتيب ڪنهن ۽ ڪهڙي عنوان سان ڏني؟
جواب: گل محمد تنيي، موضوع وار شاهه جو رسالو.
سوال: ”موضوع وار شاهه جو رسالو“ ان جو پهريون ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2001ع ۾.
سوال: موضوع وار شاهه جو رسالو ڇاپو ٻيو 2007ع، هن رسالي ۾ ڪيترن موضوعن تي چونڊ شاعري ڏنل آهي؟
جواب: 99 موضوعن تي. ترتيب. ايڇ. آءِ سدا رنگاڻي ۽ گل محمد تنيو.
سوال: انگريزي عالم ڊاڪٽر ڪرسٽوفر شيڪل جو انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيل ”شاهه جو رسالو“ ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2018ع ۾ هندستان مان پڌرو ٿيو.
سوال: پروفيسر ڪرسٽوفر شيڪل ”شاهه جو رسالو“ ترجمو ڪرڻ وقت ڪيترا رسالا ڀيٽيا؟
جواب: ست رسالا.
سوال: فهميده رياض جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل شاهه جو ڪلام ”اَوَر ڀٽائي“ جي نالي سان ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2018ع ۾ آڪسفورڊ پريس پاران.
سوال: گنج شريف حضرت شاهه لطيف، گنج شريف جو منظوم اردو ترجمو ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: نياز همايوني.
سوال: مولوي گل محمد ڀٽائي ورهاڱي کان اڳ شاهه جي ڪهڙي سر مان ڪجهه بيت فارسيءَ ۾ منظوم ترجما ڪيا هئا؟
جواب: سر سسئي.
سوال: شاهه جي رسالي جو پهريون پاڪيٽ سائيز ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1963ع ۾ مرتب محمد عثمان ڏيپلائي.
سوال: شاهه سائين جي 277هين عرس مبارڪ جي موقعي تي شاهه جي ڪلام جو منظوم فارسي ترجمو ڪهڙي نالي سان شايع ڪيو ويو؟
جواب: گلبانگ لطيف، ترجمو، نياز همايوني، سهيڙيندڙ، مدد علي سنڌي، ثقافت کاتو 2020ع.



سوال: ڪتاب. گلبانگ لطيف ۾ ڪهڙن سرن جو منظوم فارسي ترجمو ڪيو ويو آهي؟
جواب: 1. سر ڪلياڻ. 2. سر يمن ڪلياڻ. 3. سر کنڀات. 4. سر سريراڳ. 5. سر سسئي آبري. 6. سر رپ. 7. سر گهاتو. 8. سر پرڀاتي. 9. سر آسا. 10. ابيات متفرقه. ۾ (سارنگ، سهڻي، ڏهر، حسيني، مارئي، کاهوڙي، ڪاموڏ، رامڪلي، ديسي، پورب، بلاول، ليلان چنيسر، ڪوهياري).
سوال: شاهه جو رسالو عربي ترجمو، رسالة السيد عبداللطيف بتائي شاعر الکبير، مترجم. ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو، هي رسالو شاهه سائينءَ جي ڪائين عرس مبارڪ تي شايع ٿيو؟
جواب: شاهه سائينءَ جي 277هين عرس مبارڪ جي موقعي تي، ڇاپو پهريون 2020ع.
سوال: ڊاڪٽر فضل رحيم سومري، شاهه سائينءَ جي ڪيترن سرن جو عربي ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو؟
جواب: 30 سرن ۾. (مهاڳ: سيد سردار علي شاهه. تصحيح: ڊاڪٽر ادريس سومرو ).
سوال: شاهه جو رسالو، اردو بريل ڪيترن جلدن ۾ آهي ۽ ڪهڙي لائبريري ۾ موجود آهي؟
جواب: پنجن جلدن ۾، سنڌالاجي لائبريري ۾.
سوال: ڪهڙي ليکڪ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو مستند سمجهيو وڃي ٿو؟
جواب: غلام محمد شاهواڻي جو ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو.

شاهه سائينءَ جي رسالي جي سرن بابت

سوال: شاهه سائينءَ جي مقبوليت ۽ عظمت جو اهم ترين سبب ڪهڙو آهي؟
جواب: کيس سنڌي ٻولي ۽ ان کي استعمال ڪرڻ جي ڌڻي تعالى طرفان قابليت مليل آهي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام لاءِ ڪهڙيون صنفون چونڊيون هيون؟
جواب: سورٺو، دوهو، بيت، ڏوهيڙو، وائي ۽ ڪافي.
سوال: شاهه سائينءَ، شعر ۽ ڪلام ڪهڙي حالت ۾ چيو آهي؟
جواب: جلالي ۽ بيخوديءَ جي حالت ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو عاشقانه ڪلام ڪهڙن نمونن ۾ ملي ٿو؟
جواب: مجازي ۽ حقيقي.
سوال: سنڌ جي پهرين شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن طبيعي شعر چيو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: سنڌ ۾ زاريءَ صنف جو قديم ترين نمونو ڪهڙي شاعر جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سر ۾ شاعريءَ جي قديم صنف زاريءَ جو نمونو ملي ٿو؟
جواب: سر ڪيڏاري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جو ڪهڙو سر الحمد سان شروع ٿئي ٿو؟
جواب: سر ڪلياڻ.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جو ڪهڙو سر رسالي جي ڪُنجي سڏجي ٿو؟
جواب: سر ڪلياڻ.
سوال: ڪلياڻ ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنى ڇا آهي؟
جواب: سنسڪرت جو لفظ ۽ معنى سک يا شانتي.
سوال: يمن ڪلياڻ به ڪلياڻ جو قسم آهي، يمن جي معنى ڇا آهي؟
جواب: من کي روڪڻ.
سوال: ڪهڙي سر ۾ شاهه سائينءَ ويدانيت وانگر هن دنيا کي ”مانڊي جو منڊ“ سڏيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ روميءَ کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري مڃيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران شاهه سائين جي سرن تي سڀ کان پهريون ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪهڙو ڇپيو؟
جواب: سر ڪلياڻ 1970ع ۾.
سوال: شاهه سائين سُر يمن ڪلياڻ ۾ ڪهڙن انساني عضون جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: جيرن، جگر، بڪين، سر، ڀيڏي، ڪرنگهو ۽ پاسرين وغيره جو.
سوال: شاهه سائين ٽوپيءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر ۾ ٻن نمونن جو مضمون هڪ عاشقاڻو ۽ ٻيو اخلاقي مضمون ملي ٿو؟
جواب: سر کنڀات.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ انسان جي من کي ڪرهي اُٺ سان ڀيٽ ڪئي آهي؟
جواب: سر کنڀات ۾.
سوال: شاهه سائين ڦوهه جوانيءَ واري دور ۾ ڪهڙو سر چيو هو؟
جواب: سر کنڀات.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ڪارو ڪاري“ لاءِ ڪهڙو لفظ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ڀاڄ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن سرن ۾ ننڍي کنڊ جي سڀني عقيدن، مذهبن، فرقن جي اپٽار ٿيل آهي؟
جواب: سر کاهوڙي، پورب ۽ رامڪليءَ ۾.
سوال: شاهه جي رسالي جي ڪهڙن سرن ۾ ويدانت، تصوف، ڪاپڙين جي ڪريا ڪرم ، مختلف فرقن، طريقن ۽ عقيدن تي روشني وڌل آهي؟
جواب: سر پورب، کاهوڙي، رامڪلي ۽ ڪلياڻ ۾.
سوال: سامونڊي لفظ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: سمنڊ جهاڳيندڙ. سمنڊ تي سفر ڪندڙ. ناکئو.
سوال: شاهه سائينءَ، سر سامونڊي ۾ جل پوڄا جو بيان ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: پنجن بيتن ۽ هڪ وائي ۾.
سوال: نه سي تڙ خوراڪ، نه سي وايون وڻجارن جون. هن سٽ ۾ خوراڪ لفظ جي معنيٰ ڇا ٿيندي؟
جواب: سخت زمين (جنهن زمين تي اچ وڃ ٿئي پوءِ اهو پٽ سخت ٿي ويندو آهي.)
سوال: شاهه سائين، ڦال يعني اوسا جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سامونڊيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ شڪاري کي ڪهڙي پکيءَ جي ڳولا کان منع ڪئي آهي؟
جواب: ڳجهه پکي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ اشارو ڪيو آهي ته سندس ڪلام الهام آهي؟
جواب: سر سهڻيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ محبوب جي انتظار ۽ اوسيئڙي واري ڪيفيت جي باري ۾ جذباتي انداز ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سامونڊي، مومل راڻو، مارئي، ليلان چنيسر ، سهڻي ۽ سر سسئي آبري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن سرن ۾ وصل واري ڪيفيت کي گهڻو ڳايو آهي؟
جواب: ليلان چنيسر، مومل راڻو، سهڻي، مارئي، ڪاموڏ، بروو سنڌي ۽ سر رپ ۾.
سوال: لفظ معذوريءَ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: بيحال يا ضعيف، لاچار، هيڻي، ڪمزور.
سوال: ڪوهياريءَ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڪوهه جي معنى آهي جبل. يعني جبل، پهاڙ جا پنڌ ۽ انهن سان ياري. ( پربتي، ٽاڪري، پهاڙي ).
سوال: ڪاموڏ ”ڪامودا“ جو بگڙيل روپ آهي، ڪامود جي لفظي معنى ڇا آهي؟
جواب: اهو جيڪو خواهش واري شيءَ ڏئي. ( ڪام، وهيڻي ).
سوال: ڪهڙي ليکڪ ڪاموڏ جي معنيٰ ”عشق تي دارومدار رکڻ“ لکي آهي؟
جواب: مرحوم هدايت الله منگي.
سوال: گهاتو ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنى ڇا آهي؟
جواب: سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ معنى اٿس مڇي مار ، شڪاري.
سوال: ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ”ڪيدار“ جي بگڙيل صورت آهي، ان جي معنى ڇا آهي؟
جواب: جنگ جو ميدان.
سوال: شاهه سائين ابو جبل جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: صوفي صادق فقير جي راڳنامي ۾ ڪيترا سر شاهه لطيف جي رسالي جا آهن؟
جواب: ستاويهه سر.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي وائي ۾ چيو آهي ته، اي الله آءُ هنن کي ڪيئن ڳولي لهندس جيڪي وحدهُ ۾ ئي فنا ٿي ويا؟
جواب: اي يا الا ! ڪئن لهندين سي وحدهُ جي وڍيا.
سوال: سارنگ جي لفظي معنى ڇا آهي؟
جواب: بادل، ٻارنهن سڱون، مور.
سوال: شاهه سائينءَ سر سارنگ ۾ نينهن ۽ مينهن جي پسمنظر ۾ ڪيترا بيت چيا آهن؟
جواب: 27 بيت (حوالو. سچل سارو سچ، سال 1989ع، ص. 200 ).
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ گوڙ جي آواز کي ڇا ڪوٺيو آهي؟
جواب: منڊل.
سوال: رِپ لفظ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڳري آفت.
سوال: ڪاپائتي لفظ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: ”ڪتڻ واري“ يا ”ڪاتار“. ( ڪپهه ڪتيندڙ ).

سوال: شاهه سائين مخفي ذڪر ڪرڻ ۽ محبوب جي شاهديءَ کي ڳجهي نموني رکڻ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاپائتيءَ ۾.
سوال: پورب جي معنى ڇا آهي؟
جواب: اوڀر (روشنيءَ جو رخ).
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ دنيا کي لڙاٽيل پاڻيءَ سان مشابهت ڏني آهي؟
جواب: سر ڪارايل ۾.
سوال: پرڀاتيءَ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: اسر (پرهه ڦٽي).
سوال: ٿر ۾ ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ماٿر يا سخت مٽيءَ واري سڌي ميدان کي ڇا چوندا آهن؟
جواب: ڏهر.
سوال: بلاول لفظ اصل ۾ ويلا ولي آهي، ان جي معنى ڇا آهي؟
جواب: موج ئي موج.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ ڌڻي تعالى، پيغمبر سڳوري ۽ جادم جکري جي ساراهه ڪئي آهي؟
جواب: سر بلاول ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر ۾ ڪجهه طنز مزاح واري شاعري چيل آهي؟
جواب: سر بلاول ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن سرن ۾ الٽي طلب جو ظاهر ظهور ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر سورٺ، سر مومل راڻو، سر آسا ۽ اشاري طور عاشقانه قصن ۾.
سوال: چوراسي چنڊن جو مفهوم ٻڌايو؟
جواب: هر مهيني ۾ چنڊ جو جوڀن ست ڏينهن رهندو آهي. پوري سال جو اهو انگ 84 ٿيندو آهي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ چوراسي چنڊن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر کنڀات.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بيت چوراسي چنڊن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سهسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن،
باالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
سوال: شاهه سائينءَ سر سريراڳ ۾ ٻيڙيءَ لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: نيهه، جهاج، غراب، ٻيڙو، لاهرو، مڪڙي، دنگي، تراز، ڇتر، وڏاندريون، پاکڙي، هوڙاڪ.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جو اهو ڪهڙو سر آهي جنهن ۾ ڪوبه ڌاريو بيت ڪونهي؟
جواب: سر سامونڊي.
سوال: شاهه سائينءَ سر سريراڳ ۾ ٻيڙي جي سامان ۽ ان جي جدا جدا حصن کي ڪيترن نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: 17 نالن سان.
سوال: شاهه سائين سُر سريراڳ ۾ ٻيڙيءَ جي ڪهڙن حصن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سڙهه، لاڄو، اولن (ونجهن) ۽ سونهڻ جو.
سوال: شاهه سائينءَ سُر سهڻيءَ ۾ ڪهڙي صوفيءَ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: منصور بن حلاج جو.
سوال: شاهه سائين جي واين مان سڀ کان طويل وائي ڪهڙي آهي؟
جواب: ساٿين ننڌا بار وو! تن پانڌين ننڌا بار. (سر سريراڳ). حوالو. ڪتاب. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون وايون ڪافيون.
سوال: شاهه سائين جي سڀ کان وڏي وائي ڪهڙي سر ۾ آهي؟
جواب: سر سريراڳ.
سوال: قربانيءَ جي تصور کي شاهه سائين ڪهڙي لفظ جي سمبل ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سوري.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ چنيسر کي ڪهڙن نالن سان سڏيو آهي؟
جواب: سردار، راجا، ٺاڪر، سُپرين، ڪانڌ، ڍولو، داسڙو.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سُر ۾ نو لکي هار جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: سُر ليلان چنيسر.
سوال: شاهه سائينءَ، سر مومل راڻي ۾ راڻي لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: راڻو، سوڍو، مينڌرو، ڍٽ ڌڻي، ڍاٽي، رجپوت ۽ راءُ.
سوال: مومل لاءِ ٻيا ڪهڙا لفظ ڪم آندل آهن؟
جواب: گجر، سوڍي، ڪاڻياري.
سوال: سر مارئيءَ مان ڪهڙو سبق ملي ٿو؟
جواب: ساڻيهه جي سڪ (حب الوطنيءَ جو).
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر جي هڪ ئي بيت ۾ مارئي، ملير، همير، پنهون، ڪيچ، مومل، گنجي ٽڪر ۽ ساهڙ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين سر مارئي ۾ امانت مان ڪهڙي مراد ورتي آهي؟
جواب: سَتُ.
سوال: شاهه سائين ٿر جي تهذيب ۽ تاريخ ۽ ٿر جي لوڪ داستانن جو ذڪر ڪيترن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ڏهن سرن ۾. حوالو. ڪتاب. سر سارنگ. ص. 70.

سوال: ٿر ۾ مارو لفظ ڪنهن لاءِ ڪتب ايندو آهي؟
جواب: چوپايو مال چاريندڙ ۽ ڏٿ تي گذران ڪندڙن جي لاءِ.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ لفظ مارو تقريبن ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: 100 کان وڌيڪ ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ مارن لاءِ ٻيا ڪهڙا لفظ ڪتب آندا آهن؟
جواب: ويڙهيچا، سانڀيئڙا، سانگي، ڍاٽي، سنگهار، پنهوار ۽ ڏوٿي وغيره.
سوال: مارو چارڻن جو تمام وڏو قبيلو آهي. انهن جا ڪيترا پاڙا، يا، نکون آهن؟
جواب: 300 کان مٿي.
سوال: هن وقت رٻاري قبيلي جون ڪيتريون نکون آهن؟
جواب: 133.
سوال: سَتي ڪنهن کي چئبو آهي؟
جواب: عصمت واري يا پاڪدامن عورت کي.
سوال: ولهار لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: گاهه وارو ميدان، گاهه ۽ وڻڪار واري جاءِ .
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بيت ۾ ولهار کي گاهه وارو ميداني علائقو بيان ڪيو آهي؟
جواب: اُٺي جئن مورن، اوڀڙ ولهارن ۾،
سار پر گوندر ڪن، جُه ڦوڙائو سڄڻين.
سوال: شاهه سائينءَ ولهار جو ذڪر ڪيترن ۽ ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٽن سرن ۾. سر سارنگ، مارئي ۽ سر رپ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ مهراڻي جو ذڪر ڪهڙن نالن سان ڪيو آهي؟
جواب: موهر ۽ موهڙ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪارونجهر کي ڪهڙي نالي سان ڳايو آهي؟
جواب: ڪوهيار.
سوال: شاهه سائين سر مارئي ۾ ڪهڙن ڏهن ماڳن مڪانن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 1. کاروڙو. 2. ولهار. 3. عمرڪوٽ. 4. موهر / موهراڻو/ مهراڻو. 5. کائڙ (کائر). 6. ڏاهلي. 7. ڍٽ. 8. پائر. 9. ويڙهيجهپ. 10. کوهه.
سوال: ٿر جي ڏکڻ واري ڀاڱي کي پائر ۽ اتر واري حصي کي ڇا سڏجي جو ٿو؟
جواب: کائر.
سوال: ٿر ڪيترن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي؟
جواب: ٽن ڀاڱن ۾. (کائر ، ڍٽ، پائر. حوالو، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف، ص: 140 )
سوال: تاريخ ريگستان ۾ ٿر جا ڪهڙا 9 ڀاڱا ڄاڻايل آهن؟
جواب: کائڙ، ڪنٺو، پارڪر، سامروٽي، ونگو، وٽ، مهراڻو، ڍاٽ ۽ اڇڙو ٿر.

سوال: مير حسن آريسر، ٿر کي ڪهڙن يارنهن طبعي ڀاڱن ۾ ورهايو آهي؟
جواب: ونگو، مهراڻو، ڍٽ، کائڙ، اڇڙو ٿر، ڪس، وٽ، سامروٽي، ڪنٺو، پارڪر، پائر.
سوال: شاهه سائين سورن جي مختلف ڪيفيتن جو اظهار خاص طور تي ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سسئي جا سڀئي سر ۽ ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سر رپ، سهڻي، مارئي، مومل، سامونڊي، سريراڳ، ڪاموڏ، ڪيڏارو ڪارايل، ڪاپائتي، پورب، ڏهر ۽ بلاول.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ دوست جي پرک ٻڌائي آهي؟
جواب: سر بروو سنڌي.
يار سڏائي سڀ ڪو جاني زباني،
آهي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پئي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ فرمائي ٿو ته، دل جو دلبر هڪڙو ئي ڪجي، در در دوستي نه لائجي؟
جواب: سر برووي سنڌيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين ڪيترين واين ۾ پنهنجو نالو استعمال نه ڪيو آهي؟
جواب: 154 واين ۾. حوالو، شاهه جو رسالو، مرزاقليچ بيگ.
153 واين ۾، ڪتاب. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون وايون ۽ ڪافيون، جي. ايم. سيد ۽ 48 واين ۾ شاهه جو گنج راهمون.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جي ڪهڙي سر ۾ سڀ کان وڌيڪ وايون ڏنل آهن؟
جواب: سر مارئيءَ ۾ 33 وايون.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ لفظ ”لطيفي لات“ ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: ٻه ڀيرا سر مارئي ۾، ٻه ڀيرا ڪارايل ۾، هڪ ڀيرو مومل راڻو ۾ ڪل پنج دفعا.
سوال: شاهه سائينءَ اکين ۾ پائڻ واري سرمي جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر آسا، ليلا چنيسر، معذوري ۽ مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ڪهڙي رنگ کي پاڪيزگيءَ جو رنگ ڪوٺيو آهي؟
جواب: اڇي رنگ کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ عورت جو ذڪر ڪيترن سرن ۾ ڪيل آهي؟
جواب: 28 سرن ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ مرشد جي اطاعت جي اساسي اهميت بيان ڪئي آهي؟
جواب: سر سورٺ ۾.
سوال: شاديءَ جي رسمن جھڙوڪ گھوٽ ۽ ڪنوار کي ڳانا ٻڌڻ، ڏانوڻ اڏائڻ، ڍڪڻ ڀڃڻ جو ذڪر لطيف سائينءَ ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ڳانو مارئيءَ ۽ کنڀات ۾. ڏانوڻ سسئيءَ ۾. ڍڪڻ ليلا چنيسر ۾.

سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ اکر ”مَ“ ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: چار سؤ ٽيويهه ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ڪهڙا قصا بيان ٿيل آهن؟
جواب: 1. سهڻي ۽ ميهار 2. سسئي آبري. 3. سورٺ راءِ ڏياچ. 4. مومل ۽ راڻو. 5. ليلا ۽ چنيسر. 6. مورڙو مير بحر. 7. سر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جو قضيو. 8. سر مارئيءَ ۾ عمر مارئي. 9. سر ڪاموڏ ۾ نوري ڄام تماچي. 10. سر ڏهر ۾ لاکو ۽ اوڏڻ. 11. سر يمن ڪلياڻ ۾ موکي ۽ متارا. 12. سارنگ جي سورمي وانڍي. 13. بروو سنڌي ۽ رپ.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ڪيترا قصا آيل آهن؟
جواب: 10 قصا. (جديد تحقيق مطابق 13 قصا.)
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جا ڪيترا سر داستانن تي مشتمل آهن؟
جواب: تيرنهن.
سوال: شاهه سائين جي نقادن ۽ شارحن شاهه سائين جي ڪلام کي ڪهڙن ٽن حصن ۾ ورهايو آهي؟
جواب: (1) دعائيه (عاشقانه). (2) سنڌي زندگي جو پس منظر (رهڻي ڪهڻي). (3) لوڪ ڪهاڻيون (لوڪ داستان).
سوال: شاهه صاحب جي ڪلام کي مضمونن جي لحاظ کان ڪيترن ۽ ڪهڙن قسمن ۾ ورهائي سگھجي ٿو؟
جواب: ستن قسمن ۾. صوفيانو، ناصحانو، عاشقانو، طبيعي، رزمي، مديحي ۽ ظريفانو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ تصوف جي ارتقاء جي چئن منزلن، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جو ذڪر هڪ ئي جاءِ تي ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ڪل ٽن بيتن ۾. هڪ بيت رام ڪلي ۾، هڪ آسا ۾ ۽ هڪ سر سهڻي ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ هن دور جي سماجي حالتن، واپار هار سينگار، ماهيگيري ۽ معاشي زندگيءَ جو نقشو ڪهڙن سرن ۾ چٽيو آهي؟
جواب: سر سامونڊي، سريراڳ، سارنگ، گهاتو، ليلان چنيسر، مومل راڻو ۽ سر مارئي ۾.
سوال: شاهه سائين مجازي محبت ۽ نفس جي ناداني جو فلسفو سليس زبان ۾ ڪهڙن سرن ۾ سمجھايو آهي؟
جواب: سر کنڀات ۽ سر ليلا چنيسر ۾
سوال: شاهه سائين سر کاهوڙي ۾ انسان کي روحاني زندگي ۾ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪهڙن ستن نڪتن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي؟
جواب: (1) محنت جفاڪشي ڪرڻ کپي. (2) دنيا وارن کان پاسو ڪري. (3) هٺ، وڏائي نه ڪري. (4) نياز ۽ نوڙت سان هلي. (5) الله مان آسرو نه لاهي.(6) شريعت جو پائبند رهي. (7) پنهنجو اجايو وقت نه وڃائي.

سوال: شاهه سائينءَ، سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب ۽ تمدن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: (1) سرڪلياڻ. (2) يمن ڪلياڻ. (3) ليلا چنيسر. (4) آسا. (5) رام ڪلي. (6) ڪارايل. (7) پرڀاتي. (8) رپ. (9) کنڀات. (10) ماروي.(11) مومل راڻو. (12) سورٺ. (13) ڪاپائتي. (14) سامونڊي. (15) بلاول. (16) سارنگ. (17) کاهوڙي. (18) بروو سنڌي. (19) سريراڳ. (20) سهڻي. (21) معذوري. (22) گهاتو. (23) سسئي آبري. (24) ڪاموڏ. (25) ديسي. (26) ڪوهياري.
سوال: شاهه سائين پنهنجن اباڻن جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪيڏاري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ جيڪي واپاري، جاگيردار مال گڏ ڪري غريبن کي ڦرين، لٽين پيا انهن کي شاهه سائين ڪهڙن لقبن سان سڏيو آهي؟
جواب: ڏڪاريا ۽ موذي لقبن سان.
سوال: شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه سائين ڪهڙي شاعر کان متاثر ٿي پنهنجي شاعريءَ ۾ سامونڊين، ناکئن ۽ جوڳين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: شاهه لطف الله قادري کان (حوالو ڪتاب، شاهه جي ٻولي).
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سونهن جي موضوع تي ڪهڙي صوفي شاعر جي فلسفي جي آڌار تي پنهنجي فڪر کي واضع نموني بيان ڪيو آهي؟
جواب: مولانا جلال الدين رومي جي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر ۾ اترادي لهجي سان گڏ سرائيڪي ٻوليءَ جا لفظ به جام ملن ٿا؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: شاهه صاحب سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ هلندڙ چوڏهن چارن جو ذڪر ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: راءِ سين رٺا جي، تن جاڙيجن جاڙ ڪئي،
ڪين ماڻينداسي، چوڏهن چارو ڪڇڙو. (سر ڏهر)
سوال: نادر شاهه، احمد شاهه ۽ مدد خان پٺاڻ جي ڪاهن جو ذڪر ڪندي شاهه سائينءَ ڪهڙن سرن ۾ اصطلاح ”گهوڙا ڙي گھوڙا“ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۽ سر ديسيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ جي ڪهڙن سرن ۾ لفظ لعنتي استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ، ڪيڏارو ۽ بلاول ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن سرن ۾ لاهوتي لطيف چئي استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۽ پورب.

سوال: شاهه سائينءَ ”کل نفس ذائقة الموت“ جو سنڌي ترجمو ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: هوءَ جا لات لطيف جي، سڏ تنهن جو سڄي ....
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي بيت ۾ ٽين سٽ سورة النجم جي آيت مبارڪ مان ورتل آهي، چوٿين سٽ سورة الرحمان، پنجين سٽ سورة البقر مان ڇهين سٽ سورة الاعراف مان ۽ ستين سٽ سورة النجم جي آيت مان ورتل آهي؟
جواب: مونا طورسينا، سندا سنياسين. (ٻارنهن سٽن تي مشتمل بيت، سر رامڪلي)
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ سڀ کان طويل وراڻ ڪهڙي ملي ٿي؟
جواب: آءُ نه جيئندي اُن ريءَ.
سوال: مرزا قليچ بيگ واري شاهه جي رسالي ۾ سر رامڪلي ۾ طويل وراڻ، آءُ نه جيئندي اُن ري، ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: 50 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي شاعر جي 122 بيتن کان متاثر ٿي سندس شاعريءَ جا لفظ ۽ محاورا تضمين طور کنيا آهن؟
جواب: لطف الله قادريءَ جي.
سوال: شاهه صاحب ڪهڙن شاعرن کان متاثر ٿي وراڻ واري سٽاءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو؟
جواب: شاهه لطف الله قادريءَ ۽ شاهه عنات رضويءَ کان.
سوال: شاهه صاحب جي ڪلام ۾ وراڻ جا تقريبن ڪيترا قسم ملن ٿا؟
جواب: ڇهه قسم ملن ٿا.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ وراڻ جا ڪهڙا قسم ملن ٿا؟
جواب: هڪ لفظي وراڻ، گھڻ لفظي وراڻ، هڪ پدي وراڻ، ٻه پدي وراڻ، ٽي پدي وراڻ، بيترتيب وراڻ.
سوال: شاهه سائين لفظ ”دوپارا“ ڪهڙي سر ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر سهڻيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي سموري ڪلام ۾ سنڌيءَ جا ڪل ڪيترا هزار لفظ ڪتب آندا آهن؟
جواب: ٻارنهن هزار لفظ. (اٺونجاهه هزار ، ڊاڪٽر بلوچ).
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ ڪيترا لفظ عربي ۽ فارسي جا استعمال ٿيل آهن؟
جواب: چار هزار (محقق مراد علي مرزا).
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اکر ڪهڙو استعمال ٿيل آهي؟
جواب: س. (الف.ب جو اکر. سين).
سوال: سنڌي الفابيٽ جي ڪهڙن اکرن سان شاهه سائين ڪنهن به بيت ۽ وائي جي شروعات نه ڪئي آهي؟
جواب: ٺ، ڃ، ڊ، ذ، ڙ، ض، ڱ، ڻ، ء .
سوال: شاهه سائين سنڌي زبان کان علاوه ڪهڙين ٻولين جو عالم هو؟
جواب: عربي ۽ فارسي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترين ۽ ڪهڙين زبانن جا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: 12 زبانن جا لفظ.سنڌي، هندي، سرائيڪي، عربي، فارسي، ڪرد، بلوچي، براهوي، ڪڇي، گجراتي، تُرڪي ۽ پورچوگيز.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ لفظ عيد ڪهڙن سرن ۾ استعمال ٿيل آهي؟
جواب: سر سامونڊي، آسا، رامڪلي، مارئي، ڪاپائتي، ڪيڏارو جي بيتن ۾ ۽ سر مارئي ۽ حسينيءَ جي وائيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سؤ ڪوهه جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سسئي آبريءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ماڪ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ، سر ديسي، سر حسيني ۽ سر گهاتوءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ هندن جي هوليءَ جو ذڪر ڪهڙي سُر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سُر ڪوهياريءَ جي وائي ۾.
سوال: شاهه سائين جي بيت ڪهڙي سٽ ۾ سڀ کان اعلى اتاهون مفهوم ۽ انساني زندگي جو حقيقي راز سمايل آهي؟
جواب: اول آخر آه، هلڻ منهنجو هوت ڏي.
سوال: شاهه سائين انساني زندگيءَ جو حقيقي راز سر ڪوهياريءَ جي ڪهڙي سٽ ۾ سمايو آهي؟
جواب: اول آخر آهِ، هلڻ منهنجو هوت ڏي (حوالو- نئين زندگي، مئي 2006ع).
سوال: شاهه سائين جي رسالي جي اڀياس مان، سنڌ جون سرحدون، ڪيستائين پکڙيل نظر اچن ٿيون؟
جواب: ڪابل ڪنڌار، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، راجستان جي وڏي حصي ۽ ڪشمير تائين.
سوال: شاهه سائين سر سارنگ ۾ قرآن شريف جون ڪيتريون آيتون استعمال ڪيون آهن؟
جواب: هڪ آيت.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ اسلام جي فيض جو ذڪر تمثيلي انداز ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سانگ ۾.
سوال: شاهه سائين ۽ سچل سائين نوريءَ واري قصي جي پسمنظر ۾ ڪيترن عنوانن تي شاعري ڪئي آهي؟
جواب: ٽن عنوانن تي.
سوال: شاهه سائينءَ، زال جي گھر ڌياڻي هئڻ جا ڪيترا روپ پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيا آهن؟
جواب: ٻارنهن روپ.
سوال: ڪهڙي محقق جي تحقيق مطابق شاهه سائين جي رسالي جا پندرهن سر ٿر سان واسطو رکن ٿا؟
جواب: معمور يوسفاڻي جي تحقيق.
سوال: شاهه سائين جي نج ڪلام جي حوالي سان بيتن جي ڇنڊ ڇاڻ جو باقاعدي ڪم ڪهڙي عيسوي سال کان شروع ٿيو؟
جواب: 1923ع کان.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن وقتن جي نماز جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: نماز عصر، سانجهي جي نماز (مغرب)، تهجد نماز ۽ عيدن جي نماز جو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي سڀني سرن ۾ باطني طور ڪهڙي دعا گهري آهي؟
جواب: يا رب العالمين منهنجو هن ڪوڙي جهان سان ناتو ختم ڪري منهنجي روح کي آزاد ڪر.
سوال: شاهه سائين جي ڪلام جي پرک جا اٺ معيار ڪهڙي محقق مقرر ڪيا آهن ۽ اهي ڪهڙا اٺ معيار آهن؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. (1) رسالن جي قدامت وارو معيار. (2) رسالن جي تعداد وارو معيار. (3) رسالن جي ڀيٽ وارو معيار. (4) ٻولي وارو معيار. (5) بيان وارو معيار. (6) معنى ۽ مفهوم وارو معيار. (7) وزن ۽ قافيي وارو معيار. (8) فهم ۽ فڪر وارو معيار.
سوال: ڪهڙن ڇهن محققن لطيف سائين جي سر ڪيڏاري کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو؟
جواب: (1) مرحوم محمد صالح ڀٽي. (2) مرحوم مولانا دين محمد وفائي. (3) ليلارام وطن مل لالواڻي. (4) مرحوم علامه داؤد پوٽو. (5) مرحوم علامه آءِ.آءِ قاضي ۽ (6) مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: علامه آءِ. آءِ قاضيءَ، شاهه جي رسالي مان سر ڪيڏارو خارج ڪيو ته شاهه لطيف جي ڪهڙي گادي نشين ٻين پيرن سان گڏجي احتجاج ڪيو هو؟
جواب: پير غلام شبير شاهه (حوالو، ڪتاب شهاب نامو ص 119.)
سوال: شاهه سائين جي رسالي جا ڪهڙا سر سمنڊ جي موضوع ڏانهن منسوب ٿيل آهن؟
جواب: سر سريراڳ، سر سامونڊي ۽ سر گھاتو.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جي ڪهڙن سرن ۾ پاڻيءَ جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: سريراڳ، سامونڊي، سهڻي، ڪاموڏ، گهاتو، ڏهر، سارنگ ۽ ڪارايل.
سوال: شاهه سائينءَ سرسارنگ ۾ عربي ۽ فارسي جا ڪيترا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: اٽڪل 65 لفظ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر کي رسالي جو مغز يا تَتُ چئجي ٿو؟
جواب: سر ڏهر کي.

سوال: شاهه سائين برسات لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: وڏ ڦڙو وسڻ، آڳوندو آب ٿيڻ، جھڙن جو جھونگارڻ، سارنگ جي سار لهڻ، صراحيون پلٽڻ، بادل وسڻ، جھڙ ڦڙ جھاٽ ٿيڻ، پلر جي پالوٽ.
سوال: شاهه سائين باهه لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: آگ، ڄيرو، مچ، تئو، پچڻ، کورو، لهس وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعري ۾ دوا لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: دارون، ٻُڪي، سُتي، ڦڪي، ڊڀ وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر ۾ حب الوطنيءَ جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: سر مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي سر ۾ اکين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر آسا ۾.
سوال: شاهه سائينءَ چرخي جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاپائتيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سسئيءَ جي لاءِ گهڻا سر چيا؟
جواب: پنج سر . سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني.
سوال: شاهه سائينءَ جي سر ڪوهياريءَ ۾ ڪيترن ۽ ڪهڙن قسمن جو مضمون ملي ٿو؟
جواب: پنجن قسمن جو (1) مرداڻو سماج، (2) عورت جي بغاوت، (3) تقدير جي طاقت، (4) مڙس يا ڪانڌ جي محبت، (5) روايتن سان نباهه ڪرڻ.
سوال: شاهه سائين جي ڪلام، فن توڙي فڪر جي لحاظ کان ڪهڙن هندي ڪلاسيڪي شاعرن جو اثر موجود آهي؟
جواب: ڪبير، ميران ٻائي، دادو ديال، تلسيداس، گرونانڪ ۽ بابا فريد شڪر گنج.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ڏک لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ٿيل آهن؟
جواب: ڏک، درد، سور، سوري، ڏاکڙا، ڏکون، بکون، وڍ، ناڀون، سڪرات، ڪانار، ٻاڻ، ڪرڪ، ڪان، غم، گوندر وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ عشق لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ٿيل آهن؟
جواب: عشق، محبت، سڪ، لونءَ، نينهن، ڪوڏ، لغار، ڇوهه، اپڪار، اڪير، اڪنڊ، پچار، طلب وغيره.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏک جون ڪيتريون ۽ ڪهڙيون منزلون بيان ڪيون آهن؟
جواب: ٽي منزلون، (1) ڏک کان بغير زندگي بي معنى آهي. (2) ڏک سان ڪائنات جي پر اسرار رازن جو وجدان ٿئي ٿو. (3) ڏک مان بيزاري، ڇو ته ڏک اوڏهي وانگر جندڙي کائي ٿو.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جو ڪهڙو سُرُ مارواڙي، ٿري ۽ هندي ٻوليءَ ۾ چيل آهي؟
جواب: ڍول مارو.

سوال: شاهه سائين مذهبي ڪلام ڪهڙن ٻن سرن ۾ چيو آهي؟
جواب: سرڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ ( حوالو-ڪتاب ڀٽائي، پيرزادو انور).
سوال: شاهه سائين جنگ ۽ سياسي جدوجهد جي شاعري علامتي انداز ۾ ڪهڙن سرن ۾ ڪئي آهي؟
جواب: سر گهاتو، سر رامڪلي، سرکاهوڙي، يمن ڪلياڻ، ڏهر، ڪيڏارو ۽ سسئي جا پنج ئي سر.
سوال: شاهه سائين قرآن پاڪ جي ڪهڙين ٻن سورتن جون آيتون پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪري قرآن پاڪ کي سماج جي هر مسائل جو رهبر مڃڻ واري دعوى کي مضبوط ڪيو آهي؟
جواب: سورة سجده ۽ سورة مؤمن جون آيتون.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ دنيا جي ڏيک ۽ سونهن رکندڙ شين کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: پاڻيءَ جو ڦوٽو.
سوال: شاهه سائين سر ليلان چنيسر ۾ انسان کي ڪهڙيون پنج حقيقتون سمجهايون آهن؟
جواب: (1) نياز ۽ نوڙت اختيار ڪرڻ، غرور ۽ تڪبر کان بچڻ. (2) دنيا جي چمڪ تي انسان جو موهجڻ ۽ ان جو نتيجو خراب نڪرڻ. (3) شيطان جو پنهنجي مالڪ سان سينو ساهڻ ۽ انهي حجت بازي جي ڪري تڙجڻ. (4) بندي جون مالڪ جي در تي التجائون ۽ صدائون ڪرڻ. (5) انهن التجائن جي موٽ ۾ مالڪ طرفان مهر ڪرڻ ۽ مدايون معاف ڪرڻ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ لفظ ”بُرو“ ڪنهن لاءِ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ڀنڀور شهر ۽ مانگر مڇ لاءِ.
سوال: شاهه سائينءَ وسڪاري جي مند کي سر سارنگ ۾ ڪهڙن نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: سارنگ ۽ ملهار جي نالن سان.
سوال: شاهه سائين سياري جي مند جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سامونڊي ۽ سر سهڻيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين بهار جي مند جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: مومل راڻو، پورب، سر سارنگ ۽ سر سسئي آبري جي وائي ۾.
سوال: شاهه سائين بهشت جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۾.
سوال: شاهه سائين وِهانءَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سسئي آبريءَ ۾ ۽ سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي وائي ۾ خزان ۽ بهار جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ٿلهه: تن من منجهه تنوار، هو يار سدا آهي سڪ جي،
پنجين مصرع- ڏيان خير خزان ۾ جي تو منجهه بهار. (سسئي آبري).
سوال: وقت جو وڏو ايڪو سال آهي، شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سال لاءِ ڪهڙو لفظ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ورهيه.
سوال: شاهه سائين لفظ ورهيه ڪهڙن سرن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر رام ڪلي، سر سسئي آبري، سر سارنگ ۽ سر سامونڊيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ سال جي چئن مدن کي ڪهڙا نالا ڏنا آهن؟
جواب: بهار کي واهوندو، (اونهارو، آڙهڙ، آڙهاڙ) وسڪارو ۽ سيارو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سر ۾ ربيع ۽ خريف مند جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: سر ڪاپائتي.
سوال: شاهه سائينءَ جي سر ڏهر ۾ ڪيترا موضوع سمايل آهن؟
جواب: 14 موضوع.
سوال: جديد تحقيق موجب سر ڏهر ۾ ڪهڙا خاص موضوع بيان ڪيل آهن؟
جواب: (1) وهڪرا. (2) علائقا ۽ پٽ. (3) ٻيٽ ۽ جبل. (4) ماڳ مڪان. (5) قومون ۽ ذاتيون. (6) لوڙائو ۽ هاڻو. (7) ماري ۽ شڪاري. (8) پکي ۽ جانور.
سوال: شاهه سائينءَ پيرن ۾ پائڻ واري جُتيءَ جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: پنجن بيتن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پيرن ۾ پائڻ واري جُتيءَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪوهياري، معذوري ۽ ڏهر ۾.
سوال: شاهه سائينءَ مٿي تي پائڻ واري ٽوپيءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ انسان جي ٽي سؤ سٺ سنڌن ۽ جوڙن جو ذڪر ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٽي سؤ سٺ سنڌن سو ڏهتر هڏن،
سڀئي سور ڪڙهن، ڪهڙي آڇيان ويڄ کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن سرن ۾ غريب عوام ۽ حڪومتي سرشتي جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: سر مارئي، ڪاموڏ، ڪاپائتي، سامونڊي ۽ سريراڳ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن سرن ۾ مظلومن جي ڀرپور طرفداري ڪئي آهي ۽ ظالمن جي مخالفت ڪري کين ننديو آهي؟
جواب: سر آسا، بلاول، سريراڳ، ڏهر، سارنگ، مارئي ۽ سرگهاتو ۾.
سوال: جديد تحقيق مطابق شاهه سائينءَ جي سر رامڪليءَ ۾ ڪيترا موضوع سمايل آهن؟
جواب: يارهن موضوع.
سوال: معاشرتي اصلاح لاءِ شاهه سائين ڪهڙي فارسي شاعر جي تبليغ جو انداز اختيار ڪيو هو؟
جواب: شيخ سعدي عليھ الرحمة
سوال: شاهه سائين پنهنجي عشق، ڏک ۽ درد جو اظهار ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: عمر ماروي، سسئي پنهون، مومل راڻو ۽ ليلان چنيسر ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن انسانن کي مثالي انسان چيو آهي؟
جواب: سامين ۽ جوڳين کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي زبان جا ڪهڙا مڪروه لفظ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا؟
جواب: ککي، ڇڇي، گند، ٻوڏ، ڪوڙه، ڦوٽ، ڪِير (حوالو، ڪتاب لطيفي لات مئي 1978ع).
سوال: شاهه سائينءَ هندو سناسين جي ٻارنهن ڏينهن جي ڪريا ڪرم جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي.
سوال: شاهه سائينءَ سر رامڪلي ۾ سامين کي ڪيترن نالن سان ڳايو آهي؟
جواب: ايڪٽيهه نالن سان.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ استعمال ٿيل ”لفظ وَرُ“، ان ساڳئي لفظ جون مختلف جاين تي ڪيتريون مختلف معنائون ملن ٿيون؟
جواب: پندرهن معنائون ملن ٿيون.
سوال: شاهه سائين پنهنجن بيتن ۾ صوفي منصور حلاج جو نالو وٺي ذڪر ڪيو آهي ته وري شاهه ڪريم ڪهڙي بزرگ جو نالو وٺي ذڪر ڪيو آهي.؟
جواب: حسن خرقانيءَ جو.
سوال: شاهه سائينءَ تعليم جي مقصد کي ڪيترن ۽ ڪهڙن حصن ۾ ورهايو آهي؟
جواب: ٽن حصن ۾ 1. قوت فڪر، بصيرت ۽ ڄاڻ کي فروغ ڏيڻ. 2. شاگردن جي اخلاقي معيار کي بلند ڪرڻ. 3. هر فرد ۾ خودشناسي جي صلاحيت پيدا ڪرڻ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ کي ڪهڙن طبعي ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيو آهي؟
جواب: ميداني، ريگستاني، ڪوهستاني ۽ ساحلي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ڪهڙن پهاڙن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: گنجو ٽڪر، پٻ، ڪانڀو، ڪارو، جائو، جمر، جر، لمون، هاڙهو، هٻو.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ جبل ۽ انهن جي حصن کي ڪهڙن نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: پٻ، گنجو، هاڙهو، ڪانڀو، ڪارو، جائو، جمر، جر، لمون، ٽڪر، جبل، ڏونگر، پهڻ، ڪوهه، ارڏو، اونچو، جاڏو، راڻو، روهه، رئي، ڇپون، ڇپر، لڪ، لڪيون، چاڙهه، گرنا، چاڙ هيڪا، چوٽيون، گس، پٻوني، پنڌ، راهون، ور ۽ وراڪا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لفظ ”ميران“ ڪنهن لاءِ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: حضرت عبدالقادر جيلاني رحمةالله عليھ لاءِ.
سوال: شاهه سائين سر سريراڳ ۾ سمنڊ لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: (1) اوڙاهه. (2) عميق. (3) نيڍو. (4) سائر. (5) نير. (6) ٻار. (7) کارو. (8) اونهون.
سوال: شاهه سائينءَ قرآن شريف جون سڀ کان وڌيڪ آيتون ڪهڙن ٽن سرن ۾ استعمال ڪيون آهن؟
جواب: سر ماروي، ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ (حوالو، ڪتاب، شاهه جي ٻولي، آفتاب ابڙو).
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سر جو بيت قرآن پاڪ جي سورةالبقره جي 163 ۽ 164 آيتن جو هوبهو ترجمو آهي؟
جواب: سر ڪلياڻ جو پهريون بيت.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي رسالي جي ڪيترن سرن ۾ قرآني آيتون استعمال ڪيون آهن؟
جواب: 18 سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ قرآن شريف جون ڪيتريون آيتون ملن ٿيون؟
جواب: 138 ، محقق. ڊاڪٽر صبغت الله ڀٽو. ( ڪجهه ڪتابن ۾ 125 آيتون )
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بيت ۽ سر ۾ قرآن شريف جون پنج آيتون استعمال ڪيون آهن؟
جوب: مونا طور سينا سندا سناسين، سجده ۾ سيد چئي، گوڏا گودڙين.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر جا 74 بيت ۽ ٽي وايون قرآن پاڪ جي آيتن تي مشتمل آهن؟
جواب: سر ڪلياڻ.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ عربي چوڻين جو گهڻي کان گهڻو تعداد سر سسئي آبري جي ڪائين داستان ۾ ملي ٿو؟
جواب: پنجين داستان ۾.
سوال: سڀ کان پهريائين ڪهڙي ليکڪ شاهه جي رسالي ۾ بيان ڪيل قرآني آيتن، حديثن ۽ عربي مقولن جو تعداد 113 ڄاڻايو؟
جواب: ديوان ليلارام وطڻمل.
سوال: ڪهڙي شاعر پنهنجي ڪلام ۾ قرآن شريف ۽ حديثن مان 700 کان به وڌيڪ مثال ڏنا آهن؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: شاهه سائينءَ سر سورٺ ۾ ڪيتريون حديثون استعمال ڪيون آهن؟
جواب: چار حديثون.
سوال: شاهه سائين حديثن جو وڌ ۾ وڌ استعمال ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سسئي آبري، معذوري، آسا، سورٺ ۽ رامڪلي سرن ۾.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جا اهي ڪيترا سر آهن جن ۾ ڪابه آيت استعمال ٿيل نه آهي؟
جواب: 12 سر. (حوالو، ڪتاب. شاهه لطيف جا فڪري سرچشما، ص. 23 ).
سوال: شاهه سائين خون بها لاءِ ان جو سنڌيءَ ۾ هم معنى ڪهڙو لفظ ۽ ڪهڙي سر ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: لفظ ديت، سر سسئي آبري. داستان يارهون.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ سڀ کان وڌيڪ پهاڪا ۽ چوڻيون ڪهڙن سرن ۾ بيان ٿيل آهن؟
جواب: سر سهڻي، مارئي ۽ ديسي ۾ شعر، پهاڪا ۽ چوڻيون ٻين سرن کان وڌيڪ بيان ٿيل آهن.
سوال: شاهه سائين جي سر ديسيءَ ۾ ڪيترن پهاڪن ۽ چوڻين واريون سٽون ملن ٿيون؟
جواب: 73.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ صابڻ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ملي ٿو؟
جواب: سرديسي، سريراڳ ۽ معذوري جي وائيءَ ۾.
سوال: هي سٽ ”لکين نعمتون لطيف“ ڪهڙي سر ۾ استعمال ٿيل آهي؟
جواب: سر ڪاموڏ ۾.
سوال: تصوف جي لحاظ کان شاهه صاحب جو مَحبُوبَ موضوع ڪهڙو هو؟
جواب: وحدت الوجود.
سوال: شاهه سائين جا ڪهڙا سر موضوعاتي آهن؟
جواب: سامونڊي، کاهوڙي، ڪاپائتي، ڪارايل، رپ، گھاتو، پورب ۽ ڏهر.
سوال: شاهه سائين رسالي جي ڪهڙن سرن ۾ انساني عضون (جيرا، جگر ۽ بڪين) جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: جيرا، يمن ڪلياڻ، ليلا چنيسر ۽ حسيني ۾. جگر، يمن ڪلياڻ ۽ معذوري ۾ ۽ بُڪيون يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: شاهه سائين سر کنڀات ۾ ڪهڙن انساني عضون جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اک، نڪ، پيشاني، منهن.
سوال: شاهه سائين سر معذوريءَ ۾ ڪهڙن انساني عضون جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: پيرن، آڱرين، آڱوٺن، هٿن، گوڏن جي مونن ۽ پيشانيءَ جو.
سوال: شاهه جي رسالي جا ڪهڙا سر لاڙ خطي جي تاريخي نيم داستانن سان واسطو رکن ٿا؟
جواب: سر ڪاموڏ، گھاتو، رپ، سامونڊي، سريراڳ، سسئي پنهون ۽ ليلا چنيسر.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ لفظ ”فقير“ ڪيترن سرن ۾ بيان ٿيل آهي؟
جواب: ڏهن سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن ڏهن سرن ۾ لفظ ”فقير“ جو بيان ٿيل آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ، سامونڊي، سهڻي، سسئي آبري، ديسي، مومل راڻو، کاهوڙي، رامڪلي، مارئي ۽ سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جي ڪيترن سرن ۾ ٿر جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: 11 سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ٿر جو پسمنظر ڪهڙن سرن ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئي، ڏهر ، سارنگ، مومل راڻو ۽ سر ڍول مارئيءَ ۾.

سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جو اهو ڪهڙو سر آهي جنهن ۾ ٻن سٽن وارا بيت تمام گهڻا شامل ڪيل آهن؟
جواب: سر حسيني.
سوال: شاهه سائينءَ، مٺو کارو ۽ ڊيلٽا تي ڪهڙا سر چيا آهن؟
جواب: سر سريراڳ، سر سامونڊي ۽ سر سهڻي.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جي ڪيترن سرن ۾ برسات جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: 21 سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ برسات جو ذڪر سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ رب العالمين کي پنهنجو پرين ٿو پسي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام کي بنگالي ٻوليءَ ۾ ڪنهن ترجمو ڪيو آهي؟
جواب: محمد ابراهيم (حوالو، مهراڻ).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي لغت کي ڪهڙو نئون لفظ ڏنو؟
جواب: خوابنده.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ لفظ خاڪ ڪيترن بيتن ۾ استعمال ٿيل آهي؟
جواب: 8 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ انسان جا ڪهڙا دشمن بيان ڪيا آهن؟
جواب: نفس، شيطان، حرص و طمع (حسد ۽ ڪينو)، هٺ (خودي ۽ وڏائي)، لالچ، گلا ۽ غيبت.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ”زمر زخرف“ کي ڪيترن بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 16 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي واين جي آخر ۾ سٽ ”اديون عبداللطيف چئي“ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪئي آهي؟
جواب: 62 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين ڪراچيءَ واري ملير جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر حسينيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ وطن کي ڪهڙا الڳ الڳ نالا ڏنا آهن؟
جواب: سنڌ، سنڌڙي، جوءِ، ڀونءِ، ساڻيهه، ڏيهه، ملڪ ۽ وطن وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي ديس واسين کي ڪهڙا نالا ڏنا آهن؟
جواب: لوڪ، سيڻ، سنگهار ۽ ولهار.
سوال: شاهه سائينءَ ڪانگن ۽ ٻگهن کي ڪنهن سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: پيٽ جي پوڄاري انسانن سان.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ ظاهري سهڻن ۽ اندر جي بڇڙن انسانن لاءِ ٽوهه جي تشبيهه استعمال ڪئي آهي؟
جواب: سر بروو سنڌيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ مينهن جي سڱن جي ور وڪڙن کي محبوب جي محبت وارن پيچن سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: سر بروو سنڌيءَ ۾.
سول: شاهه سائين سر ڪيڏاري ۾ حضرت امام حسين عليھ السلام جي رت لڳل ڏندن کي ڇا سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: ڏاڙهونءَ جي گلن ۽ موتين جي لڙهيءَ سان.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن ٻن سرن ۾ تشبيهه نگاري جو استعمال تمام گهٽ ڪيل آهي؟
جواب: سر کاهوڙي ۽ ڪاپائتيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن ٻن سرن ۾ اوتڙ ۽ ستڙ جو استعاراتي استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر سريراڳ ۽ سامونڊي.
سوال: شاهه سائينءَ رمضان جي روزن جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٻن بيتن ۾.
سوال: شاهه جي سر مومل راڻي، ڪاموڏ ۽ گهاتو ۾ اٽڪل ڪيترا اصطلاح ڪم آيل آهن؟
جواب: 270 اصطلاح.
سوال: شاهه سائينءَ جي سر سهڻيءَ ۾ اٽڪل ڪيترا اصطلاح ڪم آيل آهن؟
جواب: 180 اصطلاح.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر ۾ اٽڪل 73 سٽون پهاڪي ۽ چوڻيءَ طور ملن ٿيون؟
جواب: سر ديسيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي رنگ کي استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ڳاڙهي رنگ کي.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ ڳاڙهي رنگ جو استعمال اٽڪل ڪيترن بيتن ۾ ملي ٿو؟
جواب: 90 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ ڪاري رنگ جو استعمال اٽڪل ڪيترن بيتن ۾ ملي ٿو؟
جواب: 32 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ ڪهڙو رنگ آسودگي ۽ خوشحاليءَ جي علامت طور استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سائو رنگ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اڇي رنگ جو استعمال ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 17 ڀيرا.

سوال: شاهه سائين پنهنجي محبوب کي ڇا سڏيو آهي ۽ ان لاءِ ڪهڙو رنگ پسند ڪيائين؟
جواب: لالن ۽ ڳاڙهو رنگ پسند ڪيائين.
سوال: شاهه سائين ڳاڙهي رنگ لاءِ ٻيا ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: لال، لالن، رت ورنو، ڪڪور، ڀنڀو، ڳاڙهو، مڃٺ، ارتو، ريٽو، کنهنبو، سرخي، ڪڪو ۽ رتڙو وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي رسالي جي ڪيترن سرن ۾ عورت کي تمثيلي ڪردار طور ڪتب آندو آهي؟
جواب: 12 سرن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي وچولي کي ڪهڙي نالي سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: تَر.
سوال: جيڪي حڪيم مرض جي شناخت نه ٿا ڪري سگهن، شاهه سائينءَ انهن حڪيمن کي ڇا ڪوٺيو آهي؟
جواب: ڪُويڄ ۽ ڏڏ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻارهن ڪن ۽ ٻٽيهه تڙن جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: چئن بيتن ۾. (حوالو. شاهه جو رسالو. مرتب. جنجهي ).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ م اکر ڪهڙي سر ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر سسئي آبريءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جا اهي ڪهڙي پنج سر آهن جن ۾ م اکر جو استعمال تمام گهٽ ٿيل آهي؟
جواب: سر گهاتو، کاهوڙي، ڪيڏارو، ڪاپائتي ۽ سر پرڀاتي.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ ڌاري ٻوليءَ جي ناڪاري اکر ” م “ کي پنهنجي ڪلام ۾ اٽڪل ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: چار سؤ ٽيويهه ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ هالا جي رنڱيل ڪپڙن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر مومل راڻي ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ ماپ تور ۾ ايمانداري ۽ حساب ڪتاب ۾ سچائيءَ جو درس ڏنو آهي؟
جواب: سر سريراڳ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ وياج خورن کي ملامت ڪئي آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.

سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي هر هڪ سر ۾ ڪهڙي دعا گهري آهي؟
جواب: يا الله منهنجو هن ڪوڙي جهان سان ناتو ختم ڪر، منهنجي روح کي آزاد ڪر ته مان پنهنجن اباڻن سان وڃي ملان.
سوال: شاهه سائينءَ سسئي آبري جي ڪهڙي بيت ۾ پنج محاورا ڪم آندا آهن؟
جواب: قد ٻڌي تون ڪيئن، پهچندينءَ پنهونءَ سين،
جيئن سينو ساهين سسئي، ٿين تهوارون تيئن،
مٺي ٿي مسڪين، همت هوت وڃائيو.
سوال: شاهه سائينءَ سر ڪاموڏ ۾ ڪيترا اصطلاح ڪتب آندا آهن؟
جواب: 96 .
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ طبقاتي اونچ نيچ کي ختم ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاموڏ.
سوال: سر رامڪليءَ ۾ تيرهين رات کان وٺي ٽيهين رات تائين ڪهڙي فقير جو اضافو ٿيل آهي؟
جواب: ولي محمد هاليپوٽو. (حوالو. ڪتاب. نذر لطيف، ص. 82 )
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ لفظ سائر ڪهڙي سر ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر سهڻي ۾ (سائر ٻوڙي سهڻي).
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لفظ پهون ڪهڙي جانور لاءِ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ٻڪريءَ لاءِ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾، اندر جي مڪمل سچائي لاءِ ڪهڙو لفظ ڪتب آندو آهي؟
جواب: هيج. (هيج نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر).
سوال: شاهه سائين چاريءَ ڪردار جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ چارو ۽ چاري وارا لفظ ڪهڙن سرن ۾ ڪتب آندا آهن؟
جواب: سر سهڻي، ڏهر، کنڀات ۽ سر ڪوهياريءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جي سرن ۾ سڀ کان وڏو سر ڪهڙو آهي؟
جواب: سر مارئي، ٻيو نمبر سر حسيني.
سوال: شاهه سائين جي سرن ۾ سڀ کان ننڍو سر ڪهڙو آهي؟
جواب: سر گهاتو.
سوال: کنڀات جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: کنڀ وارو. ٿنب وارو.
سوال: بروو ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي ۽ ان جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: برهه وارو يا برهه جو بيمار.
سوال: بروو ڪهڙو ڪاروبار ڪندو هو؟
جواب: گوشت وڪڻندو هو.
سوال: سري. راڳ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: نهر. جهرڻو، پاڻي جو نمونو، يا پاڻي وارو راڳ.
سوال: گهاتو لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: ماريندڙ. شڪار ڪندڙ. مڇي ماريندڙ.
سوال: کاهوڙي جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: کهي وارو. کهيڙي وارو. جبلن تي ڏٿ ڳوليندڙ.
سوال: لفظ پرڀاتي جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: صبح وارو.
سوال: لفظ ڪارايل جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڪارڙو مور. ڪارڙو هنج.
سوال: ڏهر ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي ۽ ڏهر جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڏهر هندي ٻولي جو لفظ آهي، ڏهر معنى هيٺاهون ميدان ٻن واري جي دڙن جي درميان ٺهيل ماٿري.
سوال: آبري جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: هيڻي. اڀري. اڃايل وغيره.
سوال: لفظ ديسي ڪهڙو ٻولي جو لفظ آهي ۽ ان جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: سنسڪرت ٻولي جو آهي. ڏيهي، ملڪي، ڳوٺاڻي.
سوال: حسيني ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي ۽ ان جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: عربي ٻولي جو لفظ آهي. حسيني معنى حسين وارو. حسين جو پيروڪار.
سوال: راڻو ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي؟
جواب: پراڪرتي ۽ هندي ٻولي جو.
سوال: راڻو لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: ننڍو راجا. ننڍڙي علائقي جو والي.
سوال: لِيلا جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: راند روند.کيل تماشو. انگل آرو. ناز نخرو. چلو لائي وغيره
سوال: سورٺ لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: حسين ۽ خوبصورت.
سوال: رپ لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: آفت. مصيبت. ڇپ سخت ڳرو.
سوال: رامڪلي جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: فقيرن جون ڳالهيون. رمتا جوڳي.
سوال: آسا لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: آس. اميد، تمنا، خواهش، آرزو وغيره.
سوال: مارئي لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: مارو جي. (مال چارڻ واري، سيل ۽ ست واري).
سوال: سهڻي سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي ان جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: خوبصورت. سندر. ٺاهوڪي. وڻندڙ وغيره.
سوال: سارنگ لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: رنگارنگي. ميگهه. جهڙ. ملهار. جهڙالي موسم وغيره.
سوال: شاهه سائين ڪاٺ واري هندوري جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ليلا چنيسر ۽ سر ڪاموڊ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ آئيني، آرسي لاءِ ڪهڙو لفظ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: آهيريان.
سوال: لفظ کيترا جي معنى ڇا آهي؟
جواب: بوٽ.
سوال: شاهه سائين ظاهري طور اهل بيت جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪيڏارو. ڪامل ڪربلا ۾ اهل بيت آيا.
سوال: شاهه سائين رُڪَ جوڙڻ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: شاهه سائين رُڪَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ ۽ کنڀات.
سوال: شاهه سائين پنهنجن ڪهڙن سرن ۾ شڪار ڪندڙ بازن ۽ انهن جي قسمن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر رپ، آسا ۽ سر شينهه ڪيڏارو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ مرون جي گهانڊار واري شڪار جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪليءَ جي وائيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لاڙي اجرڪ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مومل راڻو ۽ سر حسيني ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ عالم ۽ رهبر کي ڏيئو قرار ڏنو آهي؟
جواب: سر آسا ۾ .
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ ماموئي فقيرن جي تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: سر مومل راڻو.

سوال: شاهه سائين ٻليار (ٻلهيار) رياست جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾ .
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ جوڳين جي هڪ پنٿ جو نالو حسنين بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سر نج ڪوهستاني آهي؟
جواب: سر پرڀاتي.

شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ واحد جي واکاڻ، نبين، امامن ۽ ملائڪن سڳورن جو ذڪر

سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ الله تعالى جا سنڌيءَ ۾ ڪهڙا نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: ڏاتار، ڏاتر، سائين، سٻاجهو، ٻاجهارو، پالڻهار، پسويو، آگو، مالڪ، ڌڻي.
سوال: شاهه سائينءَ هڪ ئي بيت ۾ الله تعاليٰ جي اسم ذات سان گڏ سندس تيرنهن صفاتي نالن جو ورد ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪلياڻ ۾.
سوال: سڄي رسالي ۾ توحيد جي تنوار سڀ کان وڌيڪ ڪهڙن سرن ۾ بيان ڪيل آهي؟
جواب: سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، رامڪلي، آسا ۽ سر کاهوڙي.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ”وَحده لا شريڪ لَھ“ سان شروع ٿيندڙ بيتن جو تعداد ٻڌايو؟
جواب: چار بيت ۽ (لفظ وحده سان ڏهه بيت).
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ توحيد ۽ رسالت کان پوءِ ڪهڙين خاص پنجن شين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: نياز نوڙت ڪرڻ، دنياوي چمڪ دمڪ تي نه موهجڻ، شيطان جو غرور ڪرڻ ۽ ان جو تڙجڻ، بندي جو مالڪ جي در تي صدائون، التجائون ڪرڻ ۽ التجائن جي موٽ ۾ الله سائينءَ جي مهر سان خطائون معاف ٿيڻ.
سوال: شاهه سائينءَ سر سورٺ ۾ رب پاڪ جا ڪهڙا صفاتي اسم مبارڪ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: رب، رحمان، خالق، صاحب، مالڪ، ڏاتار ۽ واحد.
سوال: شاهه سائينءَ سر پرڀاتي ۾ الله تعاليٰ جي ذات بابرڪات کي ڪهڙن نالن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: راءُ، راجاڻ، صاحب سپڙ ، ڄام، پارس، ٻاجهاڻو، سخي، ڏاتار ، ڪريم وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ الله تعالى جي ڪهڙن صفاتي اسمن کي ڳايو آهي؟
جواب: احد، جبار، جليل، خالق، رب، رباني، رزاق، الرحمان، رحيم، سبحان، ستار، سميع، عليم، فائق، قادر، قهار وغيره.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ الله تعالى جي اسماءِ صفات الرحمان ۽ الرحيم لاءِ ڪهڙا خالص سنڌي الفاظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: الرحمان لاءِ سٻاجهو ۽ الرحيم لاءِ ٻاجهارو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سر ۾ اسم الله تعاليٰ 63 ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: سر مارئي ۾.
سوال: شاهه سائين سُر سريراڳ ۾ الله سائينءَ کي ڪهڙن نالن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: آگي، ستار، جبار، داتا، سلطان، رحمان، سبحان وغيره.


سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ عربي ڄام جي عاشقن کي ڪنهن جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي؟
جواب: پتنگن جي.
سوال: پاڻ سڳورن جي دنيا ۾ حڪومت ۽ آخرت ۾ شفاعت جي ڏنل واعدي جو بيان ڪهڙي سر ۾ ڪيل آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي وائي اسلام جي تاريخي معجزن سان سينگاريل آهي؟
جواب: اکيون ميگهه ملهار ، صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو. ! (سر سارنگ)
سوال: شاهه سائينءَ حضور صه جن جو ذڪر ڪيترن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: پنجن سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن سرن ۾ حضور صلعم جن جو اسم مبارڪ احمد صه استعمال ٿيل آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ، مومل راڻو، بروو سنڌي، سارنگ، سريراڳ ۽ رام ڪلي ۾.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ حضور صه جي اسماءِ صفات منور، جميل، هادي، سيد الاابرار ۽ محبوب لاءِ ڪهڙا خالص سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: منور ۽ جميل لاءِ سونهارو، هادي لاءِ سرواڻ، سيد الاابرار لاءِ سبڙ، محبوب لاءِ ڍول.
سوال: شاهه سائين جي ڪلام ۾ احاديث رسول صه گهڻي قدر ڪهڙن سر ۾ ملن ٿيون؟
جواب: سر آبري، معذوري، آسا ۽ سر سورٺ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ نبي ڪريم صلعم جي سونهن ۽ حُسنِ اخلاق جي ساراهه ڪئي آهي؟
جواب: سر کنڀات ۾.
سوال: شاهه سائينءَ حضور ڪريم صلعم جن جي معراج ماڻڻ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر کنڀات، سر سورٺ، سر بلاول، سر کاهوڙي، سر رامڪلي، سر مومل راڻو ۽ سارنگ جي وائي ۾.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ لفظ ”سيد“ سڌو سنئون ڪنهن لاءِ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: جضور ڪريم صلعم لاءِ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ حضور ڪريم صلعم جن جو پيارو اسم مبارڪ محمدصه ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ٽيويهه ڀيرا.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ لفظ نبي ڪيترن سرن استعمال ٿيل آهي؟
جواب: پنجن سرن. سريراڳ، مارئي، بلاول، ڪيڏارو ۽ رامڪلي.

سوال: شاهه سائين ”روضي پاڪ رسول“ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: سڄي رسالي ۾ ڪل 8 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين ”روضي پاڪ رسول“ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ، سامونڊي، سسئي، آبري ۽ سر ڪيڏارو.
سوال: شاهه سائين پاڻ سڳورن جو لقب ”مصطفى“ ڪيترن سرن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ٽن سرن ۾. مومل راڻو، ڪيڏارو ۽ بروو سنڌي ۾.
سوال: شاهه سائينءَ، پاڻ ڪريم صلعم جن جو زمين تان عرش عظيم ڏانهن اُسرڻ واري واقعي جو ذڪر سر سورٺ جي ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: پرديسان پنڌ ڪري هلي آيو هُون،
اُچو تون عرش تي، آءُ ڀوڻون مٿي ڀون،
ڪيئن تسندي تون، هيءُ سر سوالي مڱڻو.
سوال: شاهه سائينءَ سر ڪلياڻ ۾ ڪهڙين عظيم هستين کي ياد ڪيو آهي؟
جواب: حضور ڪريم صلعم، حضرت موسى ۽ طالب.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجن بيتن ۽ واين ۾ مٺي مرسل جي ذاتي نالي محمد صلعم کانسواءِ کين ٻين ڪهڙن لاثاني لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: ڪارڻي، ڪريم،مديني جو مير، مديني جو گهوٽ، مديني جو شاهه، مديني جو مل، سردارين سردار، مڻيادار، مهندار، رحمةاللعالمين، حبيب، طبيب، لبيب، نجيب، حامي، هادي، هاشمي، رهبر، رهنماءُ وغيره.
سوال: شاهه صاحب حضور صه جن کي ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ سمجهي کين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڇا سڏيو آهي؟
جواب: ڪارڻي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ پاڻ سڳورن جي وصال جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر سورٺ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن نبين سڳورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: (1) حضرت آدم عه. (2) موسى عه. (3) حضرت داؤد عه. (4) حضرت يونس عه. (5) حضرت محمد مصطفى صلعم.
سوال: شاهه سائينءَ حضرت موسى عليھ السلام جو ذڪر ڪهڙن ٽن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر آسا، سر رام ڪلي ۽ سرڪلياڻ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ حضرت يونس عليھ السلام جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئيءَ جي فقط هڪ بيت ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سر مارئي ۾ ڪهڙن نبين سڳورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: حضر آدم عليھ السلام ۽ حضرت يونس عليھ السلام جو.

سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جا اهي ڪهڙا سر آهن جن ۾ حضرت آدم عليھ السلام جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: سريراڳ، سر ماروي، سر سسئي آبري، سر رامڪلي ۽ سر رپ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ حضرت داؤد عليھ السلام جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ جي ٻن بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين، حضرت دائود عليه السلام جي زرهه (پاکري) جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: ”چار تراريون چيلهه سين ٻڌي ٻه پاڳون.“ هن بيت جي سٽ ۾ ڪهڙين عظيم هستين جي چئن ترارن جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: (1) پاڻ سڳورن صه جن جي ترار جو. (2) حضرت امام علي عه جي ترار جو.(3) حضرت امام حسن عه. (4) حضرت امام حسين عه جي ترار جو (ڪربلا جي واقعي ۾ اهي ترارون امام حسين عه جي چيلهه سان ٻڌل هيون).
سوال: شاهه سائين حضرت علي عليھ السلام جو قول ڪهڙي سر ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر ديسيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سر ديسيءَ ۾ مشڪل ڪشا حضرت علي عليھ السلام جو ڪهڙو قول شامل ڪيو آهي؟
جواب: مَن طَلَب شيا وَجَد اُتو علي شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ حيدرِ ڪرار جو اسم مبارڪ علي عه، ڪهڙي سر ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪيڏاري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ، بيبي فاطمة الزهره جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سريراڳ، سر ڪيڏاري ۽ سر حسيني ۾.
سوال: شاهه سائينءَ حضرت امام حسن عليھ السلام جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪيڏاري ۾.
سوال: شاهه سائين حضرت امام حسين عليھ السلام جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪيڏارو ۽ سر حسينيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ذڪر ڪهڙي ملائڪ سڳوري جو ڪيو آهي؟
جواب: حضرت عزرائيل عليھ السلام جو.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر جي هڪ ئي بيت ۾ حضرت جبرائيل عليھ السلام ۽ حضرت ميڪائيل عليھ السلام جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۾.

شاهه سائينءَ جي سورمين، سورمن ۽ ڏاتارن بابت

سسئي پنهون

سوال: شاهه سائين سڀ کان وڌيڪ بيت ڪنهن بابت چيا آهن؟
جواب: سسئي پنهون بابت.
سوال: شاهه سائين سسئي پنهونءَ جو قصو ڪهڙن پنجن سرن ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سورمي لاءِ ”رفيع الدرجات“ جو لفظ ڪتب آندو آهي؟
جواب: پنهونءَ لاءِ.
سوال: پُنهونءَ جي پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: آري ڄام (ڪيچ مڪران جو حاڪم هو) ماءُ جو نالو مِلي.
سوال: مير عالي ڪيچ مڪران جو ڪڏهن حڪمران ٿيو؟
جواب: اندازن 1157ع کان 1220ع تائين.
سوال: سسئي پنهونءَ جو قصو اندازن ڪڏهن ٿيو؟
جواب: سسئي پنهونءَ جو قصو 1194ع کان 1223ع جي وچ ۾ ٿيو.
سوال: مير عالي ڪهڙي لقب سان مشهور ٿيو؟
جواب: آري ڄام لقب سان.
سوال: ڪيچ جو موجوده نالو تربت آهي، ڪيچ جو پراڻو نالو ڇا هو؟
جواب: گنج آب.
سوال: پنهونءَ جو قلعو دڙي جي صورت ۾ ڪهڙي نئن جي ڪناري تي موجود آهي؟
جواب: ڪيچ نئن جي ڪناري تي.
سوال: پنهونءَ جو اصل شهر ٻڌايو؟
جواب: ڪيچ.
سوال: هوت ڪنهن جي وفات کان پوءِ ڪيچ جي گاديءَ تي ويٺو؟
جواب: مير جلال خان جي وفات کان پوءِ.
سوال: پنهونءَ جو تعلق ڪهڙي قبيلي سان هو؟
جواب: هوت قبيلي سان / هورتائي خاندان سان ۽ ڪجهه ڪتابن ۾ سماٽ نسل مان.
سوال: سسئيءَ جيڪو پنهون لاءِ سفر ڪيو ان سفر ۾ اندازن ڪيترا ماڳ اچن ٿا؟
جواب: 35 ماڳ. (محقق، گل حسن ڪلمتي)
سوال: ڀنڀور کان ڪيچ تائين ڪل ڪيترا ماڳ آهن جيڪي شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: ڪل 36 ماڳ.
سوال: ڀنڀور، ٺٽي کان ڪيترا ميل پري اولهه طرف سنڌو درياءَ جي ڪناري تي وڏو تجارتي مرڪز هو؟
جواب: 20 ميل. (حوالو، ذڪر لطيف، ص، 64 ).
سوال: پنهونءَ جي زالن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: 1. آئسان. 2. ٻائي (محقق، ڊاڪٽر بلوچ)
سوال: پنهون کي ڀنڀور ۾ ٿانيڪو ڪري پوءِ سندس ڀائرن ڪهڙي قبيلي وارن کان سواريءَ لاءِ اُٺ وٺي پنهونءَ کي کڻي ويا؟
جواب: ساسولي قبيلي وارن کان. (برفت بروهي)
سوال: سسئيءَ جو جنم ڪهڙي شهر ۾ ٿيو هو؟
جواب: ٻانبڻا شهر ڀانڀر واهه جي ڀر ۾ ( ٻي روايت موجب سيوهڻ ۾).
سوال: سسئيءَ جي اصل ماءُ ۽ پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ماءُ منڌر ۽ پيءُ جو نالو نائون مل ٻانڀڻ (برهمڻ). پيءُ تانيه برهمڻ (مير علي شير قانع ).
سوال: سسئي نالي جي معنى ڇا آهي؟
جواب: چنڊ.
سوال: سسئيءَ جي ويڳي پيءُ ۽ ماءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: محمد ۽ زينب.
سوال: سسئيءَ کي جنهن پيتيءَ ۾ وجهي لوڙهيو ويو، اها پيتي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ڀنڀور شهر جي گهاٽ وٽ پهتي ؟
جواب: سورنهن ڏينهن کان پوءِ.
سوال: جنهن صندوق ۾ سسئي کي بند ڪري لوڙهيو ويو اها صندوق ڪهڙي ڍنڍ مان لڙهندي لڙهندي اچي گهاري ۾ پهتي؟
جواب: سونهري ڍنڍ مان.
سوال: محمد ڌوٻي ڀنڀور ۾ ڪهڙي گهاٽ تي ڪپڙا ڌوئيندو هو؟
جواب: گهاري گهاٽ واري ڦاٽ تي.
سوال: سسئيءَ کي ڪنهن نپايو هو؟
جواب: محمد کٽي عرف لالا (روايتن ۾ منهيه ۽ لار به نالو ملي ٿو).
سوال: شاهه سائين جي سر سسئي آبري ۾ لفظ ڀنڀور ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: 14 ڀيرا.
سوال: آري ڄام، ٺٽي جي پاسي کان اَن ڳنهي اچڻ لاءِ جيڪو قافلو موڪليو هو ان جو سرواڻ ڪير هو؟
جواب: ٻاٻل (ٻاٻيهل)


سوال: پنهون قافلو وٺي ڀنڀور ڏانهن آيو هو، ڀٽائيءَ ماضيءَ واري ان منظر کي ڪهڙي بيت ۾ بيان ڪيو؟
جواب: ڪيچان آيو قافلو ساٿ ڌڻي سرواڻ،
وار وڍي واڳون ڪريان، پئان هوند پلاڻ،
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي. (سر ديسي)
سوال: پنهونءَ ڪهڙي شخص کي ڀنڀور ڏانهن موڪليو هو؟
جواب: جسو عرف ٻاٻيهل/ٻاٻل کي.
سوال: آري ڄام جي منيب جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ٻاٻيهو ( اصل نالو جَسو ).
سوال: ڪهڙي شاهراهه ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جو واپار عراق تائين ٿيندو هو؟
جواب: ڪيچ، مڪران، ڪرمان، خراسان کان ٿيندي عراق.
سوال: ڄام پنهل جو تعلق ڪيچ مڪران جي ڪهڙي علائقي سان هو؟
جواب: حرب علائقي سان.
سوال: سسئي جي سونهن جي خبر پنهونءَ کي ڪنهن ٻڌائي هئي؟
جواب: ٻاٻيهل واپاريءَ (ٻاٻل).
سوال: سسئيءَ جي ان سهيليءَ جو نالو ٻڌايو جنهن سان سسئيءَ کي تمام گهڻي محبت هئي؟
جواب: سهجان سوناري.
سوال: سسئيءَ ۽ پنهونءَ جي محبت جو داستان آريءَ ڄام سان ڪنهن اوريو هو؟
جواب: چنروءَ.
سوال: آري ڄام ڀنڀور مان پنهونءَ کي گهرائڻ لاءِ ڪنهن کي موڪليو هو؟
جواب: چنري، هوتيءَ ۽ نوتيءَ کي.
سوال: ”جيڪڏهن ويساهه نٿو اچيئي ته کيس آزمائي ڏس“اهي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: سهجان، محمد کٽيءَ کي پنهونءَ لاءِ اهي لفظ چيا.
سوال: پنهونءَ کي ڀنڀور مان ڪهڙن ڀائرن کنيو هو؟
جواب: چنرو، چنو، ۽ هوتيءَ.
سوال: پنهونءَ جي ڀائرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: هوتي، نوتي، چنرو.
سوال: جديد تحقيق مطابق پنهونءَ جي ڀائرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: نوت، قمبر، چنو ۽ چوٽا (حوالو. ڪتاب سسئيءَ جي واٽ. ص.59 ).
سوال: پنهونءَ سسئيءَ جي باغ ۾ ڪهڙي پکيءَ کي تير هنيو هو؟
جواب: ڪبوتر کي.

سوال: سسئي ڪهڙي پکي سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنهل جي قافلي آڏو کاٻي پاسي کان اُڏامي ساڄي پاسي نه وڃجانِءِ؟
جواب: مالاري پکيءَ سان.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سسئي، پنهل پويان ويندي ڪهڙي وڻ تي چڙهي پنهونءَ لاءَ واجهايو هو؟
جواب: بيد جي وڻ تي (جمر).
سوال: سسئي جي واٽ جو نشان ”سسئيءَ جو ٽوڀو“ ڪٿي آهي؟
جواب: پٻوڻي لڪ وٽ.
سوال: ڀنڀور ڪراچي کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: چاليهه ميل اوڀر ۾ ۽ گهاري جي ڏکڻ ۾. (چوهٺ ڪلوميٽر)
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سسئيءَ جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ويري ڳايا آهن؟
جواب: ست ويري ـ اٺ، اوٺار، ڏير، واءُ، سج، چنڊ ۽ جبل يا ڇپر.
سوال: سسئي ڪهڙي جبل لاءِ چيو ته پنهنجي ريٽي رت سان ان جبل کي ريجهائيندس؟
جواب: هاڙهو جبل.
سوال: پنهونءَ جي ساٿ گهگهر نئن وٽ ڪنهن جي مهماني کاڌي هئي؟
جواب: سهجان سوناري جي.
سوال: پنهونءَ جي ساٿين ڀنڀور ڏانهن ايندي هنڱور ۽ هاڙهو لتاڙيندي ڪانهيري ٻيلي وٽ منزل ڪئي ۽ ڪانهيري کان پوءِ ڪٿي منزل ڪيائون؟
جواب: وندر وٽ (وندر سون مياڻيءَ کا ن چار ميل پري آهي).
سوال: پنهونءَ جو قافلو ڪهڙي واٽ کان سنڌ ۾ آيو هو؟
جواب: پسني اور ماڙا، گدور (هنڱور) ۽ ولپٽ وٽان مَٽي، ڦور ندي، ٽپي هاڙهي جبل جي ڏاکڻئين لڪ مان نڪري ڪانهري ٻيلي وٽان لياري کان پوءِ، سون مياڻي وٽان حب نديءَ تي اچي ڀنڀور طرف آيو.
سوال: پنهونءَ کي جڏهن ڀائرن نشو ڏئي بيهوش ڪري اٺ تي سوار ڪيو ته کيس ڪٿي سجاڳي ٿي هئي؟
جواب: منهٻار ڍوري وٽ.
سوال: پنهونءَ کي سندس ڀائر نشو ڏيئي کڻي ويا ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سسئيءَ ڪهڙي بزرگ کان خط لکرائي پنهل ڏانهن روانو ڪيو هو؟
جواب: آخوند لعل کان.
سوال: سسئي پنهل پويان ويندي ڪهڙي هنڌ اٺن جو پيرو وڃايو هو؟
جواب: منهٻار ڍوري وٽ. (مانباڻ ڍوري سنگهر وٽ).
سوال: سسئي جي سهيلي سهجان اصل ڪٿان جي رهاڪو هئي؟
جواب: ڀنڀور جي هئي.
سوال: پنهونءَ کي ڪيچ مان جڏهن آزادي ملي ته ڪنهن کي ساڻ وٺي ويو؟
جواب: ڀاءُ هوتو (ساٿي مارک ۽ ٻٻر).
سوال: ڪهڙي ماڳ تي لڪڻ يا لٺ ٺوڪڻ سان وٽي جي آواز وانگر درديلو آواز نڪرندو آهي؟
جواب: سسئي وارو ڪنجهو. منهٻار نئن وٽ جتي سسئيءَ جو وٽو وڃائجي ويو هو.
سوال: سسئيءَ پهريون وڏي ۾ وڏو ڪهڙو پهاڙي سلسلو لتاڙيو هو؟
جواب: پٻ جبل جو.
سوال: اُن نديءَ جو نالو ٻڌايو جنهن جي تيز وهڪري سبب سسئي اُها ندي ٽپي نه سگهي هئي؟
جواب: ڦور ندي.
سوال: سسئي جي ڪهڙي ساهيڙيءَ هاڙهي لڪ ڀرسان خيمان کوڙي پنهونءَ جي قافلي جو انتظار ڪيو هو؟
جواب: سهجان.
سوال: پنهونءَ کي ڪهڙي ويڳي ڀاءُ اُٺ سان ٻڌو هو؟
جواب: ٻٻر نالي.
سوال: سسئيءَ ڏوراپي طور پاڻ کي ڪهڙين ذاتين کان گهٽ سمجهيو آهي؟
جواب: سمن، سومرن، جتن ۽ اوٺن کان.
سوال: ڀنڀور کان ڪيچ تائين پهچندڙ واٽ تي ڪئين ماڳ اچن ٿا، انهن مان ڪهڙا ڇهه ماڳ وڌيڪ مشهور آهن؟
جواب: (1) وٽيجي. (2) سون مياڻي. (3) ڪانهري ٻيلو. (4) ولپٽ. (5) اورماڙ. (6) پسني.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ سسئي جي وصفي نالن جو تعداد ڪيترو آهي؟
جواب: پنجويهه.
سوال: سسئيءَ وارن سرن ۾ لطيف سائينءَ، پنهونءَ کي ڪيترن وصفي نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: 16/19 نالن سان.
سوال: شاهه سائينءَ پنهونءَ کي ڪهڙن نالن سان ڳايو آهي؟
جواب: پنهل، پنهون، ٻاروچو، هوت، ڪوهيارو، ڪانڌ، آرياڻي، جت، آري ڄام، ڪيچ ڌڻي، ڪامل ڌڻي، آري، سردار، لالڻ، پنهون ڄام، وريام، خان بلوچ، هاڙهي ڌڻي، پٻ ڌڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين سرديسيءَ ۾ ڪهڙين ٻانهين جي ڪردار کي ڳايو آهي؟
جواب: گلبوءِ، ناتر ۽ دولت.
سوال: شاهه سائين چنبيلي چوٽيءَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر حسيني ۽ سر ديسي ۾ ٻه ڀيرا.
سوال: شاهه سائين پنهون جي خوبصورت جتي جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪوهياري ۽ معذوريءَ ۾ .
سوال: سسئي ڍنڍ ڪٿي واقع آهي؟
جواب: تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ڪنڌيءَ تي اوڀر ۾، تعلقو ميرپور ساڪرو.
سوال: ”سسئيءَ جو باغ“ ڪٿي واقع آهي؟
جواب: گهگهر ۾ وٽيجي نئن جي ڪنڌيءَ تي.
سوال: سسئي جو باغ ڀنڀور کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 12 ڪلوميٽر.
سوال: سسئيءَ جو چوڍو ۽ سسئيءَ جو ٽوڀو ڪٿي آهي؟
جواب: لسٻيلي ۾ پٻوڻي ناڪي جي ڀر ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جي پويان ويندي هٿ ۾ ڇا کنيو هو؟
جواب: شادي جي رات واري مينديء جي ٽاري.
سوال: سسئيءَ ميندي جي ٽاري ڪٿي پوکي هئي؟
جواب: پٻ جبل جي پٻوڻي ناڪي واري چشمي جي ڀر ۾.
سوال: ڪيچ نديءَ جي اوڀر طرف پنهونءَ ۽ آري ڄام جي رهائش گاهه يعني ڪوٽ جا آثار آهن، ان ماڳ کي مقامي ماڻهو ڇا سڏين ٿا؟
جواب: ميري يعني قلعو (ڪيچ ندي جي سطح کان 80 فوٽ مٿي آهي).
سوال: پنهون جو قلعو دڙي جي صورت ۾ ڪهڙي نئن جي ڪناري تي موجود آهي؟
جواب: ڪيچ نئن جي ڪناري تي.
سوال: شاهه سائينءَ سسئي جي داستان ۾ ڪيچ جي تمثيل ڪهڙي شهر ڏانهن اشارو آهي؟
جواب: مديني ڏانهن.
سوال: شاهه سائين سسئي جي سرن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي سر ۾ ڀنڀور جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر حسيني ۾ 26 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين سسئي جي سرن ۾ پنهون ۽ سندس ڀائرن لاءِ لفظ جت ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 63 ڀيرا.
سوال: ميري قلات (پنهون جو قلعو) ڪٿي آهي؟
جواب: ڪيچ ۾.
سوال: ميري قلات، تربت شهر کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 12 ڪلوميٽر.
سوال: پُنون نالي جو تعلق سنسڪرت سان آهي ان جي معنى ٻڌايو؟
جواب: سج. ( بلوچ پنهون کي پنون معنى پيارو چون ٿا ).
سوال: ڪهڙي سال لسٻيلي جي حڪومت برفتن جي هٿ هيٺ هئي ۽ ملڪ پاهڙ خان حڪمران ٿيو؟
جواب: 1115هه موجب 1703ع.
سوال: ڄام عالي کٿوريو ڪڏهن کان لسٻيلي جو حاڪم مقرر ٿيو؟
جواب: 1742ع کان 1766ع تائين .
سوال: 1739ع ۾ ملڪ دينار گچڪي ڪنهن کان ڪيچ مڪران جي حڪومت حاصل ڪئي؟
جواب: بليدين کان.
سوال: 1742ع ۾ قلات تي ڪنهن جي حڪومت هئي؟
جواب: مير محبت خان.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ لفظ هوت پنهون ڪيترن بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 24 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين، سسئي پنهونءَ واري قصي جي سرن ۾ خان بلوچا، بلوچ، ٻروچن، بلوچن، ٻروچ، ٻاروچن، بلوچا، هوت بلوچ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي ؟
جواب: 145 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ لفظ پنهون يا پنهل جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 12 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئيءَ جي سرن ۾ آري، آريچن ۽ آرياڻي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 15 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئيءَ جي پنجن سرن ۾ جت، جتن جتڙو ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 63 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئيءَ وارن پنجن سرن ۾ سسئي جي برهمڻ يا ٻانڀڻ لاءِ ڪيترابيت چيا آهن؟
جواب: 20 بيت.
سوال: محمد کٽيءَ وٽ ڪيترا ڌوٻي ڪم ڪندا هئا؟
جواب: 500 .
سوال: شاهه سائين جي لوڪ ڪهاڻين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي قصي مقبوليت ماڻي؟
جواب: سسئي پنهون.
سوال: ڀنڀور جي ڦٽل شهر ۽ بندر جا آثار ڪراچيءَ کان ٺٽي ويندڙ رستي تي ڪيترن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهن؟
جواب: 64 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي.
سوال: ڀنڀور جا آثار اٽڪل ڪيترن ايڪڙن تي مشتمل آهن؟
جواب: ڇهن ايڪڙن تي.

سوال: پير صدرالدين مرانپوريءَ جي درگاهه لڳ هڪ پراڻي وهڪري کي اتان جا مقامي ماڻهو ڪهڙي نالي سان سڏين ٿا؟
جواب: سسئي جو درياهه.
سوال: ڀنڀور جي لفظي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڳاڙهو ( مقامي ماڻهو ڀڃ ڀور چون ٿا ).
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ ڀنڀور جو نالو ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 54 ڀيرا.
سوال: ڀنڀور کان ڪيچ وڃڻ لاءِ سسئي سان ساهيڙيون ڪيستائين گڏ هلي پوءِ موٽي آيون هيون؟
جواب: وٽيجيءَ تائين.
سوال: سسئي جا ڏير ڀنڀور ۾ ڪيتريون راتيون رهيا هئا؟
جواب: هڪ رات به نه ٽڪيا.
سوال: سسئي جو ڀنڀور ڇڏڻ، ڀنڀور سان سڪ، ڀنڀور کي دانهن ۽ ڀنڀور کي باهه ڏيڻ بابت رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 46 بيت ۽ 14 وايون.
سوال: سسئي وارو ڍورو ڀنڀور کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 8 ڪلوميٽر.
سوال: سسئي وارو ڍورو ۽ سسئي واري روهي ڪٿي آهي؟
جواب: ڳوٺ نبي بخش ڪلمتي وٽ.
سوال: سسئي ڀنڀور ڇڏي پنهون لاءِ ڪيچ ڏانهن پنڌ پيئي ته پهرين منزل ڪٿي ڪيائين؟
جواب: ويڙهه واري جهنگ ( ڪنهن ڳوٺ ۾ ).
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ ويڙهه واري جهنگ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: ست ڀيرا.
سوال: سسئي واري روهي ڪٿي آهي؟
جواب: ديهه پپريءَ ۾.
سوال: سسئي ڪهڙي رستي کان وندر ڏانهن ويئي هئي؟
جواب: جوريجي، ڪوٽيرڙي واري رستي کان.
سوال: سسئي واري لڪي، ڪٿي آهي؟
جواب: ميندياري ڍوري لڳ.
سوال: شاهه سائين، سسئي پنهونءَ جي سر معذوري ۽ حسيني ۾ ملير جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: ٻه ڀيرا.

سوال: ”سائو هوندين پر ڊائو نه هوندين“ هي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: ملير نئين کيس رستو نه ڏنو ته، اهي لفظ سسئيءَ ملير نئين کي چيا هئا.
سوال: سسئي واري واٽ سان شاهه سائين جو تڪيو ڪهڙي جبل وٽ هو؟
جواب: پاهواري جبل وٽ. ( اتي هاڻي گرينڊ مسجد آهي )
سوال: سسئي جو ڪنگڻ ڪٿي ڪري پيو هو؟
جواب: گريو/گرو بٺي هن وقت اتي عبدالحڪيم گبول ڳوٺ.
سوال: شاهه سائين لٽ واري علائقي جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر معذوريءَ ۾.
سوال: سسئي جو ڳوهيل اٽو ۽ ٿال ڪهڙي جاءِ تي موجود آهي؟
جواب: حب ڊيم روڊ جي ڪناري، مٺان ڍوري جي ڪپ تي.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ حب ندي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: اٺ ڀيرا.
سوال: وندر شهر کان سسئي پنهون جي درگاهه کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 26 ڪلوميٽر.
سوال: پنهون جي ڀائرن ۽ انهن جي اٺن جي پيرن جا نشان ڪهڙي ماڳ تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا؟
جواب: پٻوڻي نئين جي ڪناري تي.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ ڪانڀو ۽ ڪاري جبل جو ذڪر ڪيو آهي؟ ڪانڀو جبل جي ڊيگهه ۽ اوچائي ڪيتري آهي؟
جواب: ڊيگهه 20 ميل ۽ اوچائي 2300 فٽ.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي پنجن سرن ۾ پٻ ۽ ان جي ڏکيائين جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي ؟
جواب: ٽيهن کان وڌيڪ.
سوال: سسئي لاءِ سڀ کان اڙانگو پنڌ ڪهڙي جبل جو هو؟
جواب: پٻ جبل جو پنڌ.
سوال: سسئي ڪهڙي لڪ تان هٿين، پيرين، مونڙين، ڀر گسڪي پار پهتي هئي؟
جواب: ٿڙيءَ وارو لڪ جتان پٻوڻي ڍورو وهي ايندو آهي.
سوال: شهدادپور جو ڪهڙو شخص ”سسئي جي قدمن جا نشان“ چڪي جي صورت ۾ ڪڍي کڻي آيو هو؟
جواب: منظور خاصخيلي 2012ع ۾.
سوال: سسئي جي پير جو ٻيو اڻ چٽو پنڊ پهڻ ٿيل قدم چڪي جي صورت ۾ ڪير ڪڍي کڻي آيو هو؟
جواب: نبي بخش پٺاڻ (سنڌي پٺاڻ ) ڪيٽي بندر.

سوال: ڪهڙي سال کان سسئي جي قدمن جا نشان پنهون جي درگاهه تي رکيا ويا؟
جواب: 2018ع کان.
سوال: سسئي، پنهل پويان ويندي اٽڪل ڪيترا ميل پنڌ ڪيو هو؟
جواب: 75 ميل (47 ڪوهه ڪتاب تحفةالڪرام).
سوال: شاهه سائين، سسئي پنهونءَ جي قصي جي پنجن سرن ۾ سسئي جي واٽ سان لاڳاپيل ڪهڙن ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 1. ڀنڀور. 2. ويڙهه. 3. ملير (نئين). 4. پاهوارو جبل. 5. پڙهه / للو پڙهه. 6. گريو / گرو. 7. چنبيل. 8. ناراسر/ ناراٿر. 9. لٽ. 10. حب. 11. ڪارو جبل. 12. ڪانڀو جبل. 13. پٻ. 14. سنگهر. 15. مانباڻ / منهبار. 16. بَر. 17. وندر. 18. لياري. 19. هاڙو. 20. ڪهه ڳڻي پٽ.21. وڻڪار. 22. لس. 23. لمون / لوڻو. 24. جهائو (جائو). 25. جمرجهر / جومورجر. 26. ڪيچ. 27. مڪران.
سوال: جديد تحقيق موجب جنهن واٽ تان سسئي سفر ڪري آئي هئي انهي واٽ مطابق ڀنڀور کان سنگهر پٽ ڪيترو پري آهي؟
جواب: 119 ڪلوميٽر.
سوال: سسئي سنگهر کان اڳتي ڪيستائين وئي هئي ۽ پوءِ اتان واپس سنگهر پٽ آئي هئي؟
جواب: هاڙهي، وڻڪار ۽ ڪهه ڳڻي پٽ تائين.
سوال: شاهه سائين سنگهر پٽ جو ذڪر سسئي وارن سرن ۾ ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: ست ڀيرا.
سوال: ڪنڊيءَ جي وڻ جي ڦرين کي ڪوهستان ۾ ڇا چوندا آهن؟
جواب: سنگهر.
سوال: ايل پنهوار سسئي کي ڪٿي ڏٺو هو؟
جواب: منهٻار نئين جي ڪنڌيءَ تي.
سوال: ايل پنهوار جي ذات ٻڌايو؟
جواب: باکڙو (روايت مطابق ذات موندرو.
سوال: سسئي جو وٽو/سسئي جو ڪنجهو ڪٿي وڃائجي ويو هو؟
جواب: پٻوڻي ناڪي کان ٿورو اڳتي منهٻار نئن ۾.
سوال: مانباڻ جبل ۽ نئين تي منهٻار نالو ڪيئن پيو؟
جواب: ان ماڳ تي سسئي نقاب لاهي منهن ٻاهر ڪڍيو پوءِ ان ماڳ تي منهٻار نالو پئجي ويو.
سوال: سسئي پنهونءَ جي درگاهه، وندر کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 26 ڪلوميٽر.
سوال: پنهون جو قافلو ڪهڙي رستي سان ڀنڀور آيو هو؟
جواب: لياري کان سونمياڻي، پوءِ سنگهر، پٻ کان ڀنڀور.

سوال: مقامي ماڻهن جي خيال مطابق پنهون جو قافلو ڪهڙي رستي سان ڪيچ کان ڀنڀور آيو هو؟
جواب: ڪيچ کان آواران، جائو لڪ وارو رستو، پٻ کان ڀنڀور آيو.
سوال: پنهونءَ جو واپاري قافلو ڪيچ کان ڀنڀور ڪيترن ڏينهن ۾ پهتو هو؟
جواب: 12 کان 15 ڏينهن تائين.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ وڻڪار پوٺي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 15 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙي جبل جو ذڪر ٽيهن کان به وڌيڪ ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: هاڙهي جبل جو. ( 32 ڀيرا. محقق. گل حسن ڪلمتي ).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ هاڙهي جبل جي ويجهو هڪ پوٺي بَرِ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 20 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ لسٻيلي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 2 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ سر ديسيءَ جي ڪيترن بيتن ۾ ڪهه ڳڻي واري پٽ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 14 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڀنڀور واري ماڳ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 67 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لفظ ڪيچ ۽ ڪيچيءَ جو ذڪر بيتن ۽ واين ۾ ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 120 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ پٻ جبل جو ذڪر ڪيترا ڀيرا آيل آهي؟
جواب: 24 ڀيرا. هڪ بيت سر کاهوڙي ۽ سارنگ ۾ به (مختلف رسالن ۾ 46 ڀيرا).
سوال: شاهه سائينءَ سنگهر پٽ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 6 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ مڪران جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 3 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ وندر جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 25 ڀيرا.
سوال: وندر برساتي نئن آهي ان جي ڊيگهه ڪيتري آهي؟
جواب: ڊيگهه 75 ڪلوميٽر.

سوال: شاهه سائين، سسئي وارن سرن ۾ بَر علائقي جو ذڪر ڪيو آهي. بَرُ ڪٿي آهي؟
جواب: ڳوٺ غلام قادر کان بالا قبرستان تائين ٻئي پاسي اٿل تائين ميلن جا ميل واريءَ جا دڙا آهن.
سوال: شاهه سائين جي پنجن سرن ۾ لفظ بَرُ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 16 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لياري شهر ۽ لياري نئن جو ذڪر ڪيو آهي؟ لياري شهر ۽ لياري نئن ڪٿي آهن؟
جواب: لياري شهر ضلعو لسٻيلو. لياري نئن ضلعو ملير.
سوال: شاهه سائين، سسئي واري واٽ سان ڪيترا ڀيرا سفر ڪيو آهي؟
جواب: ٻه . ٽي. ڀيرا.
سوال: شاهه سائين سسئيءَ جي سرن ۾ هاڙهي جبل جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 34 ڀيرا.
سوال: سسئي واري کٽ ڪٿي آهي؟
جواب: رونگهاڻ واٽ جي وچ ۾ هاڙهي جي جابلو سلسلي سان گڏ ڏهه ٻارهن فٽ مٿي اوچو پٿر.
سوال: ڀٽائي، روميون ۽ نيروهي ڪٿي آهن؟
جواب: بالا ڪوٽ قبرستان ۾.
سوال: سسئي جون کونهريون ( کونئريون ) ڪٿي آهن؟
جواب: ٻاڙڪي ڍوري ۾، ٻراڙ واري علائقي ۾.
سوال: بلوچستان جي سڀ کان وڏي مينهوڳي ندي جو نالو ٻڌايو؟
جواب: هنگول، هڱور ۽ اگور.
سوال: شاهه سائين، سر ديسيءَ ۾ ڪهه ڳڻي ( گهڻي ) واري پٽ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 14 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين سسئي جي سرن ۾ وڻڪار جو ذڪر ڪيو آهي، وڻڪار وارو ماڳ ڪٿي آهي؟
جواب: لسٻيلي جي اولهه پاسي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ سنگهر پٽ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 6 ڀيرا ( سر حسيني ).
سوال: ضلعي خضدار جو ڪهڙو علائقو موندر سڏجي ٿو؟
جواب: جومر جهل.
سوال: شاهه سائين، سسئي واري قصي ۾ سسئي جي واٽ کان 209 ڪلوميٽر پري ڪهڙي ماڳ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: جومر.
سوال: شاهه سائين، سسئي وارن سرن ۾ ڪيچ، ڪيچان ۽ ڪيچن جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 174 ڀيرا.
سوال: سسئي، پنهونءَ جي پويان ڪهڙي واٽ سان وئي هئي؟
جواب: ڀنڀور کان وندر واري واٽ.
سوال: سسئي، پنهون جي عشق ۾ ڪشالا ڪڍي ڪيترا ڏينهن مسلسل جبلن جو سفر ڪيو؟
جواب: 18 ڏينهن. سترنهن منزلون.
سوال: ڪهڙي شاعري سسئي جي ڄمڻ کان ويندي ڌرتيءَ م داخل ٿيڻ تائين 126 بيت چيا آهن؟
جواب: موريو مل ٺٽائي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙيء سورميء رب پاڪ کي ٻاڏائيندي فرمايو ته اي ستار! ”هن بي وسيليءَ جو وسيلو ٿيءُ“ ؟
جواب: سسئي (ايل پنهوار کان عزت بچائڻ مهل).
سوال: سسئي جي قبر مٿان پٿرن جا نشان ڪنهن ڏنا هئا؟
جواب: ايل. ٻڪرار.
سوال: هي لفظ، ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟ لفظ: ”ذرا ويرم ترسو ته هن قبرجي زيارت ڪري وٺان“ ؟
جواب: پنهونءَ سسئي جي قبر تي پنهنجي ڀائرن کي چيا.
سوال: پنهون ڀائرن کان آزاد ٿي سسئي جي قبر وٽ پهچندي ئي رب سائين ڪهڙي دعا گهري؟
جواب: دعا ”اي وڇڙيلن کي ملائڻ وارا ڪار ساز! مون کي منهنجي محبوب سان سدائين جي لاءِ ملائي ڇڏ“.
سوال: سسئيءَ جو موت ڪهڙي واديءَ ۾ ٿيو هو؟
جواب: وندر جي واديءَ ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: سنگهر واريءَ سيم، پٻنيءَ ۾. (پٻوڻي لڪ. ضلعو لسٻيلو)
سوال: شاهه سائين جي سورمي، سسئي جي قبر تي شاهه سائينءَ جو ڪهڙو بيت لکيل آهي؟
جواب: سسئي جي سري سان ڪيچ ڌڻي ڪانڌي،
پسڻ ڪارڻ پرين جي منڌ هئي ماندي،
لڪن تان لطيف چئي آرياڻي آندي،
پنهونءَ پيراندي، نماڻي نصيب ٿئي. (سر حسيني).


سوال: ٺٽي شهر جو ڪهڙو شيرازي بزرگ سسئي جي مزار تي پهتو ته، قبر کلي ۽ سسئي کي ڏٺائين؟
جواب: سيد علي شيرازي ثاني.
سوال: ملتان مان ڪهي آيل درويش اسماعيل سسئي پنهونءَ جي مزار تي ڪيترا ڏينهن فاقو ڪاٽيو هو؟
جواب: ٽي ڏينهن.
سوال: ملتان جي درويش اسماعيل، سسئيءَ جي مزار تي چلو ڪڍيو ته، کيس ڪهڙو جواب مليو؟
جواب: سسئي مان آهيان، باقي پنهونءَ ڏسڻ جي پچر ڦٽي ڪري ڇڏ، ڇو ته زماني تي ڀروسو ناهي، آءُ اڳيئي ڏيرن جي ستايل آهيان.
سوال: سسئي پنهونءَ جي مزار تي پهريون ڀيرو ميلو لڳرائيندڙ شخصيتن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ميون اسماعيل ۽ گل محمد.
سوال: سسئيءَ پنهونءَ جو پهريون ڀيرو ميلو ڪهڙي انگريزي مهيني ۾ لڳو هو؟
جواب: آڪٽوبر ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جو پهريون ميلو شعبان مهيني جي ڪهڙي تاريخ کان شروع ٿيو هو ۽ ان ميلي جي باقاعده شروعات لس ٻيلي جي ڪهڙي ڊي.سي.او ڪئي هئي؟
جواب: هر مهيني شعبان جي 11 تاريخ کان 13 تاريخ تائين ڊي.سي.او محمد اسماعيل. ( 1962ع )
سوال: سسئي پنهون جو ميلو هر سال ڪهڙي تاريخ تي لڳندو آهي؟
جواب: 13 جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين، پٻني ناڪي جي ويجھو ڳوٺ سنگهر ۾. (حوالو: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد 7 س ـ 1)
سوال: تعلقي وندر جي سنگهر پٽ ۾ سسئي پنهونءَ جو ميلو آگسٽ 2009ع جي ڪهڙي تاريخ کان شروع ٿيو هو؟
جواب: 4 کان 6 آگسٽ 2009ع تائين.
سوال: سسئي پنهوءَ جو ميلو ڪهڙي هجري مهيني ۾ لڳندو آهي؟
جواب: 11 شعبان کان 13 تاريخ تائين، ڪڏهن وري 22 کان 25 شعبان تائين.
سوال: سسئي پنهونءَ جو ميلو 12 شعبان 1430هه کان 14 شعبان تائين ڪهڙي فقير جي سرواڻيءَ ۾ لڳو هو؟
جواب: فقير عبدالرحمان ٻرا لاهوتيءَ جي سرواڻيءَ ۾.
سوال: 16 ڊسمبر 2011ع تي سسئي پنهونءَ جي مزار تي مچ ڪچهري ڪنهن ڪرائي هئي؟
جواب: نور احمد سمون، ڊپٽي ڪمشنر ضلع لسٻيلو.
سوال: سسئي ۽ پنهونءَ جي قبر ڪنهن ڳولي لڌي؟
جواب: سيٺ علي محمد بِڪڪ.
سوال: سڀ کان پهرين ڪهڙي شخص سسئيءَ جي قبر تائين وڃڻ لاءِ رستو ٺهرايو؟
جواب: سيٺ علي محمد بڪڪ 1941ع ۾ ڪم شروع ڪرايو.
سوال: سسئي ۽ پنهونءَ جي قبر مٿان ڪکائون ڇاپرو ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺهرايو هو؟
جواب: سيٺ علي محمد بڪڪ 1968ع ۾.
سوال: پهرين مارچ 1980ع ۾ سسئي پنهونءَ جي مزار ڪنهن ٺهرائي هئي؟
جواب: حاجي محمد علو صديق الياساڻي ملاح.
سوال: سسئي پنهونءَ جي مزار جي موجوده گادي نشين جو نالو ٻڌايو؟
جواب: عبدالرحمان لاهوتي (2009ع مطابق).
سوال: سسئي پنهون جي قصي کي انگريزي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو 1862ع ۾ ڪنهن ترجمو ڪيو؟
جواب: سنڌ جي نائب ڪمشنر ميجر سر فريڊرڪ گولڊ سمڊ.
سوال: ڪتاب. سسئي جي واٽ ڪنهن جو لکيل آهي ۽ پهريون ڀيرو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: تحرير ۽ تحقيق. گل حسن ڪلمتي ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، آڪٽوبر 2021ع. ايڊيٽنگ. پروفيسر محمد سليم ميمڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
سوال: مضمون. سسئي جي سرن جا ماڳ ۽ مڪان ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، روزاني هلال پاڪستان 11 کان 25 مئي 2006ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: ”داستان سنڌ“ جي نالي سان سسئي پنهون جو قصو انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪري ڪنهن ۽ ڪڏهن ڇپرايو؟
جواب: ڊي. ٽي. ايڇ هارٽ 1861ع ۾ بمبئي مان.
سوال: ڪهڙي مترجم سسئي پنهون جو قصو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري 1863ع ۾ لنڊن مان شايع ڪرايو؟
جواب: ميجر هينري ايف. جي. گولڊ سمڊ.
سوال: سسئي پنون، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو تعليم کاتي پاران ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1867ع ۾.
سوال: قصو پنهون سسئي جو نظم ۾ ڪنهن جوڙيو هو؟
جواب: عارف ڪلهوڙي. (هڪ ڪتاب ۾ 1867 ۽ ٻئي ۾ 1868ع )
سوال: ڪڇ جي ڪهڙي ليکڪ سر سسئي نالي ڪتاب لکيو؟
جواب: مولوي اسماعيل.
سوال: سڀ کان پهريائين سسئي پنهونءَ جي قصي کي منظوم مثنوي ۾ ڪهڙي نالي سان ۽ ڪنهن لکيو هو؟
جواب: حسن و ناز نالي مير معصوم بکريءَ.
سوال: قصو سسئي پنهل جو ڪنهن ۽ ڪڏهن سنڌي مثنوي ۾ منظوم ڪيو؟
جواب: ماستر واحد بخش مشتاق شڪارپوري 1889ع ۾.
سوال: ڪتاب ”ڪيچ نامو“ ڪنهن ۽ ڪڏهن لکيو هو؟
جواب: ڪمالا بن مير هاشم گچڪيءَ سن 1283هه ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جي قصي کي امر تسر شهر جي ڪهڙي شاعر لکيو هو؟
جواب: هاشم شاهه. 1955ع.
سوال: ڪتاب اصل وڏو قصو سسئي پنهون (سرائڪي شعر ۾) ڪنهن جوڙيو؟
جواب: خليفي نبي بخش لغاريءَ.
سوال: ڪتاب سسئي پنهون (سرائڪي شعر ۾) ڪنهن نئين سر ترتيب ۾ شايع ڪرايو؟
جواب: غلام نبي کوسو، ڪتب فروش خيرپور ناٿن شاهه ، ڇاپيندڙ ، مولوي محمد عظيم ، تاجران ڪتب شڪارپور 1970ع.
سوال: سسئي پنهونءَ جي قصي جا سٺِ بيت نظم جي صورت ۾ ڪنهن چيا آهن؟
جواب: گل خان نصير.
سوال: ”مقالو، سسئي ۽ پنهون تاريخ جي روشني ۾“ ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو. 1983ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: ”ڪتاب ڀنڀور ۽ ديبل“ ڪنهن جي تصنيف آهي؟
جواب: عبدالقادر منگيءَ جي.
سوال: ”سسئي جي سورن جي ڪهاڻي شاهه لطيف جي زباني“ هن مضمون جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سسئيءَ تي لکيل مضمون ”لنگهي ڪالهه قطار“ جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: عنايت بلوچ.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سسئي تي لکيل مضمون ”ڪوهياري جا ڪردار“ ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: محمد ابراهيم سنڌيءَ جو.
سوال: بلوچي زبان ۾ سسئي پنهون جي قصي تي پنجٽيهه بيتن تي مشتمل نظم ڪنهن جو چيل آهي؟
جواب: ملا محمد رمضان رمي گواداريءَ جو.
سوال: پهرين ڀنڀور عالمي ڪانفرنس ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ سال ۾ منعقد ٿي؟
جواب: 10 مارچ 2012ع تي ثقافت کاتي پاران ٺٽي ۾ منعقد ٿي.
سوال: مضمون. سسئي پنهونءَ جي مزار: هڪ ڏينهن جو سفر ، ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: مهر فقير جو.
مقالو. سر سسئي آبريءَ ۾ وحدة الوجود، ڊاڪٽر امير علي شاهه.
مقالو. سسئيءَ جو پنهنجي عشق تي يقين، نذير سومرو.
مضمون. سرجيس تان سور، سامائي تان سک وئا. عطا چانهيو.
اول آخر آه ، هلڻ منهنجو هوت ڏي. پروفيسر ستار سومرو.
مضمون. هوند جنين سين هوءِ، هوت نه هوندو تن سين. منير ڊومڪي.
مضمون. ججهي جس جتن کي جتي جت رهن. آزاد عبدالحميد جت.
مقالو. اهي ماڳ جتي سسئي پنهون پويان ويندي ٽي راتيون رهي ! . محقق. گل حسن ڪلمتي.
مقالو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سسئيءَ جي سرن جو فڪري مطالعو. امداد علي مجيداڻو. ڊسمبر 2021ع.
شاهه لطيف جو سر سسئي آبري ۽ شاعراڻي عالمگيريت، چئندر ڪيسواڻي، ڪاوش دنيا آچر 3 جولاءِ 2022ع.
مقالو. پٻ جبل ۽ سسئي پنهون ڏانهن سفر. مختيار شاهنوازاڻي. ڪاوش دنيا، آچر 28 مئي 2023ع.
سسئي پنهونءَ جي پويان سترنهن منزلن تي رات گذاري، اهي هيٺ ڏجن ٿا.
پهرين منزل، ويڙهه ( ڪنهن ڳوٺ ۾ ).
ٻي منزل، پاهوارو جبل ( ڪنهن ڳوٺ ۾ ).
ٽين منزل، ناراسر / ناراٿر (قافلا سراءِ يا ڪنهن مسافرخاني ۾ ).
چوٿين منزل، مٺان ڍوري جي ڪناري لڳ الله ڏنو بروهي ڳوٺ (قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
پنجين منزل، عباس هوٽل، پٻوڻي ڍوري جي ڪپ تي، عباس ڳوٺ ليويز چيڪ پوسٽ (قافلا سراءِ ۾ ).
ڇهين منزل، کر پلاڻ لڪ لڳ ننڍي سنگهر ( قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
ستين منزل، بالا ڪوٽ وندر (قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
اٺين منزل، لياري (قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
نائين منزل، هاڙهي جبل لڳ هاڻوڪي رحيم اڱاريو ڳوٺ جتي پراڻي وسنديءَ جا به آثار آهن.
ڏهين منزل، هاڙهو جبل، ڪنڊ واري علائقي ۾، گهوڙو پٽ ( پٿر تي ).
يارهين منزل، ڪنڊ واري علائقي ۾، گهوڙو پٽ (پٿر تي) ٻيهر ڦور نئين کان واپسي ۾.
ٻارهين منزل، هاڙهي جبل لڳ هاڻوڪي رحيم اڱارو ڳوٺ. ٻيهر ڦور نئين کان واپس ورڻ کانپوءِ.
تيرهين منزل، ڪانيارو ڪوٽ / ڪانيارو ٻيلو (قافلا سراءِ يا مسافرخاني ۾ ).
چوڏهين منزل، وڻڪار، لوڻو جبل ۽ لوڻو ڍوري جي ڪپ تي پراڻي وسندي جا آثار، هاڻي اتي رکيل شاهه جي دونهين به آهي.
پندرهين منزل، لاکڙو (مسافرخاني يا قافلا سراءِ ۾).
سورهين منزل، ڄوڙا، ونگوئي (مسافرخاني ۾).
سترهين منزل، ڀمنبڙ ٻرو ڳوٺ (قافلا سراءِ ۾). ( حوالو. ڪتاب سسئي جي واٽ)

سسئي پنهونءَ تي ٺهيل فلمون
1. ورهاڱي کانپوءِ سسئي پنهونءَ جي قصي تي ٺهيل پهرين اردو ٻوليءَ ۾ فلم ”سسئي“ 3 جون 1954ع ۾ لاهور ۾ رليز ٿي.
2. ورهاڱي کانپوءِ سسئي پنهون (سنڌي زبان ۾) 30 مئي 1958ع ۾ رليز ٿي.
3. سسئي پنهون: 1960ع ۾ اها فلم ڀارت ۾ ٺهي راس ٿي.
4. سسئي پنهون پنجابي زبان ۾ ٺهيل بليڪ اينڊ وائيٽ. هي فلم لاهور ۾ جمع 26 جولاءِ 1968ع تي رليز ٿي.
5. سسئي پُنون: اردو ۾ ٺاهيل اها فلم لاهور ۾ ٺاهي وئي ۽ 2004ع ۾ رليز ٿي.
6. سسئي پنهون: انڊيا ۾ ٺهندڙ هي پنجابي ٻوليءَ ۾ فلم 1983ع ۾ رليز ٿي.

سورٺ راءِ ڏياچ (ڪاٺياواڙي ۽ سنڌي قصو)

سوال: ڪهڙي سفر دوران شاهه سائين کي راءِ ڏياچ ۽ چارڻ جي داستان جي پروڙ پئي؟
جواب: جهونا ڳڙهه جي.
سوال: لفظ ڏياچ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: حشمت وارو. / ڏيندڙ.
سوال: ڪاٺياواڙ جي ايراضيءَ ۾ سورٺ جي نالي سان لاڳاپيل ڪهڙا ٽي قصا مشهور ٿيا؟
جواب: راءِ ڏياچ جو ڪاٺياواڙي قصو، راڻڪ ديويءَ ۽ راءِ دياس جو قصو، راءِ ڏياچ جو سنڌي قصو.
سوال: شاهه سائين جي بيان ڪيل ”راءِ ڏياچ جي قصي کي“ پهريون ڀيرو ڪهڙي هندو ليکڪ ڇپرايو هو؟
جواب: اُڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ.
سوال: سورٺ جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: انيراءِ عرف انهلراءِ (سنڌي قصي مطابق).
سوال: انيراءِ ڪٿان جو رهاڪو هو؟
جواب: اونچل ڪوٽ جو.
سوال: راجا انيراءِ جي ٻيجل سان ملاقات ڪٿي ٿي هئي؟
جواب: نار درياءَ جي ڪناري تي تپه بلغاءِ ديهه ڏگڪي ۾.
سوال: ٻيجل جي نک ڪهڙي هئي؟
جواب: تمير. (حوالو، ڪتاب. شاهه لطيف هڪ ڪامل انسان، ص. 99 ).
سوال: ٻيجل جي زال جو نالو ڇا هو؟
جواب: مالتي/ مالدي.
سوال: سورٺ کي ڪنهن پاليو هو؟
جواب: رتن ڪنڀار (رتني).
سوال: ٻيجل جوانيءَ ۾ ڇا ڪندو هو؟
جواب: جهنگ ۾ گڏهه ۽ گهوڙا چاريندو هو.
سوال: سر سورٺ ۾ واسطيدار عورتن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: سورٺ، دايون، ٻايون، راڻيون، ناريون، سرتيون ۽ اڙدا بيگيون.
سوال: هي لفظ ٻيجل کي ڪنهن چيا هئا ”ڪنهن به طرح سرندو کڻي راءِ ڏياچ ويراڻي وٽ وڃي ان کان سر جو سوال ڪر“ ؟
جواب: راجا انيراءِ عرف آتم راءِ.
سوال: راجا اکيراج عرف انيراءِ کي ڪل ڪيتريون ڌيئرون هيون؟
جواب: اٺ.
سوال: سنڌي قصي مطابق راجا انيراءِ عرف انهلراءِ کي ڪيتريون ڌيئرون هيون؟
جواب: 60 (سَٺِ).
سوال: راجا اکيراج عرف انيراءِ ۽ راجا راءِ ڏياچ ڪيترا مهينا پاڻ ۾ جنگ ڪئي هئي؟
جواب: ٻارنهن مهينا (ان جنگ ۾ انيراءِ هارايو هو).
سوال: شاهه سائين سر سورٺ ۾ راءِ ڏياچ کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: داتا، راڄيا، راجا، ڏاتار، ملوڪ، ملڪ ڌڻي، گهوٽ، سردار.
سوال: راءِ ڏياچ جي ان وفادار ٻانهيءَ جو نالو ٻڌايو جيڪا سورٺ سان گڏ ڏاگهه چڙهي سڙي مئي هئي؟
جواب: گُلبوءِ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ٻيجل کي ڪهڙن نالن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: عطائي، راڳائي، جاجڪ، تنبير ، تنبيري، پاٺ، ڳُن، منگتو، گويو ۽ قوال. (حوالو، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف)
سوال: ٻيجل، راءِ ڏياچ جي اڳيان ڪهڙا راڳ ڳايا هئا؟
جواب: ڀيرو ۽ ڀياس راڳ.
سوال: ٻيجل گرنار جي چوٽيءَ تي ڪيترا ڏينهن راڳ ڳايو؟
جواب: 40 ڏينهن ۽ راتيون (ڪاٺياواڙي قصي مطابق).
سوال: راءِ ڏياچ جي درٻار ۾ چارڻ ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون چنگ چوريو هو؟
جواب: ڇهه ڏينهن ۽ پنج راتيون. (ٻي روايت، ڇهه ڏينهن ۽ ستين ڏينهن سر ڏنائين.)
سوال: سؤراشتر يا سورٺ ضلعي ۾ ڪهڙا ٽي مشهور پاڪ جبل آهن؟
جواب: گرنار ، داتار ۽ پاليتانا.
سوال: گرنار ۽ پاليتانا جي وچ ۾ جيڪي گهاٽا جهنگ آهن تن کي ڇا ڪوٺيندا آهن؟
جواب: گرٻيلو.
سوال: گرنار جي اوسي پاسي جيڪي ڌرمي تيرٿ آهن، تن کي ڪهڙي نالي سان سڏيو ويندو آهي؟
جواب: وسترا پٿ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورمي امبل ديس جي رهواسڻ هئي؟
جواب: سورٺ. ( حوالو. ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، ص. 155 ).
سوال: ڪهڙو علائقو قديم دور کان وٺي سخين ۽ ڏاتارن جي سر زمين رهيو آهي؟
جواب: ٻيلو.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻيجل جي سازن جا ڪهڙا نالا بيان ڪيا آهن؟
جواب: بين، تنبير ، تندون، چنگ، ساز، سرندو، ڪماچ، ڪنجهي، ڪينرو، واڄٽ، وڏاڻ وغيره.
سوال: محل جي ڪهڙي دروازي وٽ ٻيجل سرندو وڄائي راجا راءِ ڏياچ کان سر جي صدا هنئي هئي؟
جواب: لکي دروازي وٽ.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سورٺ ڪهڙي وڻ جي ڪاٺين جي چکيا تيار ڪرائي ۽ ڏاگهه چڙهڻ لاءِ تيار ٿي هئي؟
جواب: چندن جي ڪاٺين جي.
سوال: شاهه سائينءَ عورت جي ڪردار کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: پدمڻي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورميءَ جو ڪردار سڀني ڪردارن کان نرالو آهي؟
جواب: سورٺ جو.
سوال: ڪاٺيا واڙ جي قصي مطابق راءِ ڏياچ جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: راءِ ويرم. ٻي روايت روري.
سوال: راءِ ڏياچ جي ماءُ جو نالو ڇا هو؟
جوا ب: خاتون راڻي. (حوالو، ڪتاب، سر سورٺ.)
سوال: شاهه سائين جو سورمو راءِ ڏياچ ڪهڙي عيسوي سال گاديءَ تي ويٺو هو؟
جواب: سن 1003ع ۾.
سوال: جهونا ڳڙهه جو شهر راءِ ڏياچ جي ڪهڙي ڏاڏي ٻڌايو هو؟
جواب: راءِ گرهپو عرف گورارو.
سوال: راءِ ڏياچ ڪهڙي شهر کي گاديءَ جو هنڌ بنايو؟
جواب: جونا ڳڙهه.
سوال: جونا ڳڙهه ڪٿي آهي؟
جواب: گرنار جبل جي ڪڇ ۾ اترئين ڪنڌيءَ تي.
سوال: سنڌي قصي مطابق ڏياچ ويراڻي ڪٿي جو حاڪم هو؟
جواب: جهونا ڳڙهه جو (ڪاٺياواڙ قصي مطابق گرنار جو).
سوال: پار ڪر ۽ ٻيلي جي مشهور سخي ۽ ڏاتار جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڏياچ ويراڻي.
سوال: مشهور قلعو جوڻا گڍ ڪنهن جوڙايو هو؟
جواب: ڄام جوڻي. (ڏياچ ويراڻيءَ جو ڏاڏو)
سوال: سنڌي قصي مطابق سورٺ کي جنهن پيتيءَ (صندوق) ۾ وجهي لوڙهيو ويو اها صندوق ڪنهن کي هٿ آئي هئي؟
جواب: رتنو ڪنڀر کي (نالو سورٺ رکيائينس).
سوال: ڪاٺياواڙ جي قصي مطابق ٻيجل کي ڪهڙو ساز هٿ ۾ هوندو هو؟
جواب: چنگ.
سوال: سنڌي قصي مطابق ٻيجل هرڻ جي آنڊرن مان ڪهڙو ساز ٺاهيو هو؟
جواب: سرندو.
سوال: راءِ ڏياچ جو موت ڪيئن ٿيو؟
جواب: سندس ڀاڻج ٻيجل ساز وڄائي سر جي صدا هنئي.
سوال: ڪاٺياواڙي قصي مطابق راءِ ڏياچ ڪڏهن سر ڏئي سرهو ٿيو؟
جواب: 1010ع تي.
سوال: ڪاٺياواڙي قصي مطابق راءِ ڏياچ جي ڪهڙي پٽ ڏهن سالن کان پوءِ جهونا ڳڙهه تي حڪومت ڪئي؟
جواب: راءِ نوگھن.
سوال: ڪهڙي ڪتاب ۾ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آکاڻي ضميمي طور ڏني وئي؟
جواب: ڪتاب، سنڌي گرامر 1849ع.
سوال: ڪهڙي ليکڪ ”چارڻ ٻيجل راءِ ڏياچ“ کي ننڍي ناول جي روپ ۾ شايع ڪيو؟
جواب: ڪرشنداس ماڻيڪ .
سوال: مضمون. سورٺ راءِ ڏياچ 1863ع ۾ جرمن ٻوليءَ ۾ ڪنهن شايع ڪرايو؟
جواب: ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: شاهه سائين نو لک واري نيل جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سورٺ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي قصي تي ٺاهيل فلم 6 جون 1973ع ۾ رليز ٿي؟
جواب: فلم سورٺ.


سهڻي ميهار (سنڌ جو قصو اڳ ۽ پنجاب وارو قصو پوءِ جو آهي.)

سوال: سهڻي ۽ ميهار جو جنم ڪهڙي رات تي ٿيو هو؟
جواب: شبِ قدر جي ڀلاري رات ۾.
سوال: سنڌ جي قصي مطابق ميهارجو اصل نالو ڇا هو ۽ سندس ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: نالو ساهڙ ذات نڱامڙو (پنجاب جي قصي مطابق نالو عزت بيگ).
سوال: ساهڙ ڪهڙو ساز درديلي انداز ۾ وڄائيندو هو؟
جواب: نڙ.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ ”ساهڙ“ سان شروع ٿيندڙ بيتن جو تعداد ڪيترو آهي؟
جواب: 9 بيت.
سوال: ميهار ڪهڙي ڏينهن صبح سان ئي سمورو کير خدا جي واٽ ۾ ورهائي ڇڏيندو هو؟
جواب: خميس جي ڏينهن.
سوال: سنڌ جي قصي مطابق ميهار جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: گهنور ڄام (پنجاب جي قصي مطابق مرزا عالي بيگ اصل بخارا جو هو).
سوال: سنڌ جي قصي ۾ سهڻي جي ذات ڪهڙي بيان ٿيل آهي؟
جواب: سامٽي ۽ واهوچي (حوالو ڪلاچي 2003ع).
سوال: شاهه سائين جو سورمو ميهار سڀ کان پهريائين سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ داخل ٿيو جتي اُن واپار شروع ڪيو هو؟
جواب: پينگهارو ۾.
سوال: لاڙ واسين وٽ سهڻي ميهار جو قصو ڪهڙي درياءَ سان وابسته آهي؟
جواب: پٽيهل درياءَ سان (پنجاب جي قصي مطابق چناب درياءَ سان).
سوال: سهڻي ميهار جو قصو ڪهڙي بادشاهه جي دور جو آهي؟
جواب: دلوراءِ بادشاهه جي.
سوال: سهڻي جي شادي سندس ڪهڙي سؤٽ سان طئه ٿيل هئي؟
جواب: ڏم سان.
سوال: ڏم ڪٿان جو رهاڪو هو؟
جواب: ميرانپور جو.
سوال: سنڌ جي قصي مطابق سهڻيءَ جي پيءُ جو نالو ڪهڙو هو؟
جواب: جرڪت عرف جرڪس سامٽيو (پنجاب جي قصي مطابق تلاءُ ڪنڀر گجرات).
سوال: سهڻيءَ جو پيءُ جرڪت شهدادپور جي جوءِ ۾ ڪٿي رهندو هو؟
جواب: لوهاڻي جي ڪناري تي.
سوال: شاهه سائينءَ سر سهڻي ۾ ميهار کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: ساهڙ، ساهڙ ڄام، ميهار، سنگهار، وڇار، هوت ۽ پي ٻيلائي.
سوال: ڪهڙي درياءَ کي سهڻيءَ وارو ڍورو يا سهڻي وارو درياءُ سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: لوهاڻو درياءَ کي (شهدادپور کان اولهه ۾ ان جا آثار موجود آهن).
سوال: ميهار سهڻيءَ لاءِ روزانو ڪهڙو طعام کڻي ويندو هو؟
جواب: مهاڻن کان پڪل مڇي.
سوال: سهڻيءَ جي ملاقات وچ درياءَ ۾ ڪهڙيءَ بزرگ هستي سان ٿي هئي جيڪو وچ سير ۾ روزانو نماز پڙهندو هو؟
جواب: ڇٽي پير سان.
سوال: سهڻيءَ جي مرشد جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڇٽو فقير.
سوال: سهڻي ميهار ۽ ڇٽي پير جا اهڃاڻ ۽ آثار سڀ کان وڌيڪ ڪهڙن ٻن ضلعن ۾ ملن ٿا؟
جواب: سانگهڙ ۽ ٺٽي ۾.
سوال: هي بيت ڪهڙي موقعي تي چيل آهي؟
ڇٽا ڇينڀ مَ مون کي تون پل مَ پيرَ،
نيو نمازون پڙهين، سائر مٿي سير،
ڪٺيون جي تقدير ، سي گهر گهارينديون ڪيترو.
جواب: جنهن وقت درويش ڇٽو امراڻي درياءَ جي سير ۾ نماز پڙهي رهيو هو ته سهڻي ان جي اڳيان ترندي وئي ته ڇٽي سهڻي کي ڇينڀيو ان موقعي تي.
سوال: ڇٽي پير جي مزار ڪهڙي هنڌ درياءَ جي ڪناري تي واقع آهي؟
جواب: نند سر جي ڪناري تي. (گولاڙچي جي چڪ نمبر 34 ۾).
سوال: سهڻي ۽ ميهار جو عشق تقريبن ڪيترا مهينا هليو؟
جواب: 13 مهينا.
سوال: سهڻيءَ جي سس سهڻي کي ٻوڙڻ لاءِ، ڪچو گَهڙو ڪهڙي ڪنڀار کان تيارڪرائي سهڻيءَ جي گَهڙي جي جاءِ تي رکيو هو؟
جواب: ڪوڏو ڪنڀار کان.
سوال: شاهه سائين سهڻيءَ جي موت جو منظر پنهنجي ڪهڙي بيت ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي،
ٻگها جي ٻيٽن جا ڪُلها تن ڏناس،
اکين ملڪ ڏٺاس، توء من ڪاڍو ميهار ڏي.
سوال: لاڙ جي روايتن مطابق سهڻيءَ جو لاش ريڻ درياءَ مان لڙهندو لڙهندو ڪٿي اچي پيو هو؟
جواب: ڳٺي دوري ۾.
سوال: شاهه سائين سرسهڻيءَ ۾ لفظ مهراڻ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 5 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سورميءَ کي عشق جو امام سڏي ٿو؟
جواب: سهڻيءَ کي.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سهڻيءَ جي رهائش جا آثار نوشهرو فيروز ضلعي جي ڪهڙي شهر ويجهو ملن ٿا؟
جواب: گهيڙ گجو واري وهڪري لوهاڻي درياءَ جي ساڄي ڪپ تي. (حوالو. تحقيقي جرنل ڪلاچي ).
سوال: سهڻيءَ جو مقام ڪٿي آهي؟
جواب: لوهاڻي درياءَ جي کاٻي ڪنڌي لڳ شهدادپور ۾.
سوال: ميهار ڪنهن جي مدد سان سهڻيءَ جو لاش درياءَ مان ڪڍيو هو؟
جواب: ڏاڙهون کٽيءَ جي مدد سان.
سوال: سهڻي ميهار جي قبر شهدادپور شهر جي ڪهڙي پاڙي ۾ آهي؟
جواب: سيد الله اوڀائي شاهه جي پاڙي ۾.
سوال: سهڻيءَ جي قبر مٿان چوٽي واري سنئين پٿر تي ڪهڙو ڪتبو اڪريل آهي؟ يا اڪريل هو؟
جواب: ته ڪر ڪينءَ سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
هت حياتي ڏينهڙا، هڏئين تان نه هئي،
چُڪي تنهن چري ڪئي، جو ڏنس اُن ڏهي،
سهڻي کي سيد چئي، وڌو قرب ڪهي،
هنهين هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا. (شاهه)
سوال: ساهڙ جي قبر تي سيرانديءَ واري پاسي ڪهڙي شاعر جو فارسيءَ ۾ بيت اڪريل آهي؟
جواب: حافظ شيرازيءَ جو.
سوال: ساهڙ جي مزار تي پيرانديءَ کان ڪهڙو ڪتبو اڪريل آهي؟
جواب: ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياءَ توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي. (شاهه)
جوڙائيندڙ سيد مدد علي شاهه لڪياري، هالاڻي.
سوال: ڪهڙو شخص مجاوريءَ وارن ڏينهن ۾ سهڻيءَ جي مقبري لاءِ ”سون چڙيءَ جي ڀڙي مان“ پڪيون سرون ڪڍي پاڏي تي کڻي آيو ۽ سهڻي جو مقبرو ٺاهيائين؟
جواب: ساهڙ ڄام.
سوال: محمد ابراهيم ڏيٿي، شاهه سائين جي ڪهڙيءَ سورمي جي مزار مٿان مقبرو تعمير ڪرايو هو؟
جواب: سهڻيءَ جي مزار مٿان.
سوال: سهڻيءَ جي مزار مٿان مقبرو ۽ مسافر خانو ڪنهن ۽ ڪهڙي سال ٺهرايو هو؟
جواب: محمد ابراهيم ڏيٿي 1980ع ۾، هڪ لک رپين ۾.
سوال: سهڻي جي قبر ڪنهن جوڙائي؟
جواب: مرحوم حامد علي. نوابشاهه ضلعي جواڳوڻو ڪليڪٽر.
سوال: ڪهڙي شخص سهڻي جو پراڻو مقبرو ڊهرائي ان جاءِ تي سنگ مرمر جي پٿر جو مقبرو ٺهرايو؟
جواب: مرحوم حامد علي (برطانيه جي دور ۾ ).
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورميءَ جي درگاهه تي فقير، شاهه جو راڳ ۽ مولود شريف چوندا آهن؟
جواب: جمعي جي رات، سهڻي جي درگاهه تي.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سهڻيءَ تي ميلي لڳائڻ جي شروعات ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: محمد ايوب ٻانڀڻ.
سوال: پهريون ڀيرو ثقافت کاتي پاران سهڻي ميهار جي مزار تي ميلو ڪهڙين تاريخن تي لڳايو ويو؟
جواب: 29، 30، 31، مئي 1980ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سهڻي ۽ ميهار جي درگاهن جا موجوده متولي بزرگ ڪهڙا آهن؟
جواب: فقير محمد يوسف خاصخيلي ۽ ميهار جو متولي سيد ارباب شاهه. سال 2010ع مطابق
سوال: سهڻيءَ جي ميلي ۾ منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ نظم ”سهڻي نينهن نڀائي وئي“ ڪنهن پڙهيو هو؟
جواب: شهزاده علي بخش ناز لطيفيءَ 29 مئي 1980ع ۾ پڙهيو هو.
سوال: سڀ کان پهرئين پنجابي زبان ۾ سهڻي ميهار جو قصو ڪنهن منظوم ڪيو؟
جواب: هاشم شاهه، ولادت 1166هه.
سوال: سڀ کان پهريائين سهڻي ايوارڊ ڪهڙي فنڪاره کي ۽ ڪڏهن ڏنو ويو هو؟
جواب: عابده پروين کي 1980ع ۾.
سوال: 1980ع ۾ ٻيو نمبر ۽ ٽيون نمبر سهڻي ايوارڊ ڪهڙن فنڪارن کي ڏنو ويو؟
جواب: ٻيو نمبر جيجي زرينه بلوچ ۽ ٽيون نمبر موهن ڀڳت کي.

نوري ڄام تماچي

سوال: سمن جي دور ۾ ڪهڙي لوڪ ڪهاڻيءَ جو اضافو ٿيو، جنهن کي لطيف سائين پنهنجي ستن سورمين ۾ ڳايو آهي؟
جواب: نوري ڄام تماچي.
سوال: شاهه سائينءَ نوري ڄام تماچيءَ جو قصو ڪهڙي سر ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ، نوري ڄام تماچيءَ جو قصو ڪهڙي ڳوٺ ۾ جوڙيو؟
جواب: هيلايا ڳوٺ ۾. (هيلايا ٽڪريءَ جي ڀر ۾.)
سوال: ڄام تماچي ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: فيروزالدين جو.
سوال: دهليءَ جي سلطانن کي شهه ڏئي سنڌ ۾ سمن جي حڪومت ڪنهن قائم ڪئي هئي؟
جواب: ڄام تماچيءَ.
سوال: نوريءَ کي ڪنهن پاليو هو؟
جواب: ڪينجهر ۽ سونا ٻائي.
سوال: نوريءَ جي ماءُ ۽ پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ماءَ مروبت راڻي ۽ پيءُ جسونت راءِ.
هٿين پيرين آرکڻين، منهن نه مهاڻي،
ڌيءَ جسونت راءِ جي، ماءُ مروبت راڻي،
جيئن سڳو وچ سرندڙي، تيئن راڻين ۾ راڻي،
اصل هئي ان کي اهل ڄاماڻي،
سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾ . حوالو، شاهه جو گنج، محمد قاسم راهمون.
سوال: جسوڌڻ راءِ کي جڏهن سمن ۽ جاڙيجن تاجاڻن جي مدد سان ڪڇ مان ڪڍيو ته پوءِ هو ڪٿي رهيو؟
جواب: ڍور ۽ ڍاڳيءَ جي وچ ۾ مٿاهين بٺ تي مياڻي شهر جي مهاڻن وٽ.
سوال: جسوڌڻ راءِ کي مروبت راڻي ڪهڙي وصيت ڪئي هئي؟
جواب: منهنجي نياڻيءَ کي مارجانءِ نه، ڪنهن وٽ امانت ڇڏي وڃجانءِ.
سوال: نوريءَ جي ولادت ڪٿي ٿي؟
جواب: مياڻي شهر ۾. (حوالو. ڪتاب.ڄام هٿ ۾ ڄار، ص.18 )
سوال: شاهه سائين جي سورمي نوري اصل ڪٿان جي رهاڪو هئي؟
جواب: آڳڙي لڳ ڪڙيو گهنور.
سوال: شاهه سائين جي سورمي نوريءَ جو اصل نالو ڇا هو؟
جواب: نُور ڀري.
سوال: ڪينجهر ڍنڍ تي ڪينجهر نالو ڪيئن پيو؟
جواب: ڪينجهر ملاح (گندرو) جي ڪري. ٻي روايت مطابق، بڊام گندري جي نالي پٺيان.
سوال: نوريءَ کي ڪنهن پاليو هو؟
جواب: ڪينجهر ملاح ۽ سونهريءَ. (ٻي روايت. هيلالو ۽ پوپري ).
سوال: شاهه سائين جي سورميءَ کي ننڍي هوندي ڪهڙي بيماري هئي؟
جواب: ڪوڙهه جي بيماري.
سوال: نوريءَ کي ڪوڙهه جي بيماريءَ مان ڪهڙي بزرگ ڇوٽڪارو ڏياريو؟
جواب: بزرگ شاهه هندڙي.
سوال: نوريءَ جي مرشد جو نالو ٻڌايو؟
جواب: شاهه هندڙو.
سوال: ڪينجهر ڍنڍ ٺٽي ۽ جهرڪن جي وچ ۾ ڪهڙي ٽڪريءَ جي هيٺان واقع آهي؟
جواب: هيلا يا ٽڪريءَ جي ويجهو.
سوال: ڪينجهر ڍنڍ جي مشهور تڙن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: گنهڊڻي، رم جهم، لال شاهه ۽ مولدي.
سوال: شاهه سائين جي سورمي ڄام تماچيءَ ڪهڙي بزرگ جي چوڻ تي مڪلي تي هڪ جامع مسجد ٺهرائي هئي؟
جواب: شيخ حماد جي چوڻ تي 1390ع ۾.
سوال: سنڌوءَ جي ڪناري سونڊا شهر ڪنهن آباد ڪرايو؟
جواب: ڄام تماچي.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جا ڪيترا سر تاريخي ڪردار جي حيثيت رکن ٿا؟
جواب: 13 سُرَ.
سوال: ڪينجهر جي ڀرسان رهندڙ مهاڻا اصل ۾ ڪٿان جا رهاڪو هئا؟
جواب: ملبار.
سوال: ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڪهڙي واهه جو پاڻي ڇڏيو ويندو آهي؟
جواب: ڪلري بگهاڙ واهه جو.
سوال: لطيف سائينءَ، سرڪاموڊ ۾ ڄام تماچي کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: تڙ ڌڻي، تماچي، سمون، راءِ، راجا، ڄام ۽ تڙ راءِ لقبن سان.
سوال: ڄام تماچي ڪهڙي لقب ۽ ڪنهن سان گڏجي حڪومت ڪئي هئي؟
جواب: رڪن الدين شاهه ڄام تماچيءَ جي لقب سان ۽ خير الدين ڄام توڳاچيءَ سان گڏجي.
سوال: ڄام تماچي ٻيو ڀيرو ڪهڙي سال کان ڪيستائين سنڌ جي حڪمراني ڪئي هئي؟
جواب: ٻيو ڀيرو 1388ع کان 1392ع تائين. ( پهريون ڀيرو 1366ع کان 1375ع تائين).
سوال: ڄام تماچيءَ جي باري ۾ ڪهڙي بزرگ دعا طور چيو ته : جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي آءُ، سٻاجهي ٻاجهه پئي توسين ٺٽو راءُ.
جواب: شيخ حماد جمالي.
سوال: درويش نوح هوٿياڻي، ڄام تماچيءَ کي دعا طور ڪهڙا لفظ چيا هئا؟
جواب: جوڻو وڃي جهوري ماريو،
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.
سوال: ڄام تماچي دهليءَ مان واپسي دوران کيبر ۾ ڪهڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي هئي؟
جواب: درويش نوح هوٿياڻيءَ سان.


سوال: ڪهڙي عيسوي سال ڄام جوڻي سازش ڪري ڄام تماچي کي قيد ڪرائي دهليءَ موڪليو هو؟
جواب: 1375ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي سورمي ڄام تماچي دهليءَ جي سلطان وٽ ڪيترا سال قيد ڪاٽي هئي؟
جواب: 13 سال.
سوال: ڄام تماچيءَ جهول ماڙي ڪيترن سالن ۾ تيار ڪرائي هئي؟
جواب: چئن سالن ۾.
سوال: جهول ماڙيءَ جا آثار ڪينجهر ڍنڍ کان اٽڪل ڪيترا ڪلوميٽر پري آهن؟
جواب: چار ڪلوميٽر اولهه ۾.
سوال: سمن جي بادشاهيءَ کان اڳ ڪينجهر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ گندرا قومن جو گذر ڪيترين ۽ ڪهڙين ڍنڍن تي هو؟
جواب: ستن ڍنڍن تي (1) سونهري. (2) ڪينجهر. (3) هاليجي. (4) هڏيرو. (5) ڪلان. (6) جهول. (7) کوئي.
سوال: آڳاٽي زماني ۾ جيڪي مهاڻا مڇين، ڪمين، ڪڇن، لڌڙن ۽ سيسرن جو شڪار ڪري انهن جي چرٻي ڪم آڻيندا هئا، تن کي لاکيڻي لطيف ڇا سڏيو آهي؟
جواب: جُهٻير (حوالو، ڪتاب، سر ڪاموڏ، ص: 146.)
سوال: مهاڻن جو ابو، ڪنهن کي ڪوٺيو وڃي ٿو؟
جواب: ڄام تماچيءَ کي. (محقق، ڊاڪٽر غلام علي الانا)
سوال: نوريءَ ڪينجهر جو ڪهڙو ميوو ڄام تماچيءَ اڳيان پيش ڪيو هو؟
جواب: پاٻوڙو.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو سورمو پنهنجي راڻيءَ کي مورڇل هڻندوهو؟
جواب: راءِ تماچي ڄام.
سوال: مورڇل ڇا آهي؟
جواب: مور جي کنڀن جو ٺهيل ونجڻو (وڃڻو، پکو).
سوال: نوريءَ جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: سندس مرشد هوندڙو شاهه جي پيرانديءَ کان ڪينجهر ۾.
سوال: ڄام تماچيءَ جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: مڪلي تي شيخ حماد جمالي جي پيراندي کان (حوالو تحفةالڪرام).
سوال: فلم نوري ڄام تماچي ڪڏهن رليز ٿي هئي؟
جواب: 1970ع ۾.


ليلا چنيسر

سوال: سومرن جي دور ۾ دودي چنيسر جو قصو سڀ کان پهريائين ڪنهن ڳايو هو؟
جواب: ڀاڳو ڀان.
سوال: ڪهڙيون سورميون سونهن جون عظيم پيڪر هيون؟
جواب: سسئي، سهڻي، ليلا ۽ سورٺ.
سوال: شاهه سائين دودو چنيسر ۽ علاؤالدين بادشاهه جي لڙائيءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر بلاول ۾.
سوال: ابڙي اڙٻنگ جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: رامپور ابڙاسو ۾.
سوال: چنيسر ڪونئروءَ کي ڪهڙيون ٽي نشانيون ڏنيون هيون؟
جواب: منڊي، هار، ٻٽون، ٻٽ جي چنيءَ تي نالو لکيل (چنيسر).
سوال: چنيسر ڪهڙا ٽي شرط ليلا جي مدد سان پورا ڪري پوءِ ان سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: (1) ڪاٺ جي ڪهاڙي سان لوهه جي ٿلهي شيخ کي وڍڻ، (2) سؤ هڪ جيڏيون ۽ هڪ جهڙيون مينهون آڻڻ. (3) هڪ سؤ اٺن جو وڳ هڻي اچڻ.
سوال: ليلا جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: گائنچڻ (حوالو نئين زندگي ڊسمبر-جنوري 5-2004ع).
سوال: ليلا چنيسر جي قصي ۾ ڪهڙا خاموش ڪردار نظر اچن ٿا؟
جواب: اتمادي، جمنا، مرکي ۽ جکرو.
سوال: شاهه سائين جي سر ليلا چنيسر ۾ ڪهڙن ڪردارن جو ذڪر ڪيل آهي ؟
جواب: چنيسر، ليلا، ڪؤنرو، جکرو وزير.
سوال: چنيسر جي خاص وزير جو نالو ڇا هو؟
جواب: جکرو.
سوال: ليلا ڪنهن جي شاديءَ ۾ پنهنجي رُٺل وَر چنيسر کي ريجهائي ورتو هو؟
جواب: جکري جي شاديءَ ۾ (ان ملاقات دوران ٻنهي جو روح پرواز ٿيو).
سوال: ليهور شهر جا آثار ڪٿي آهن؟
جواب: تعلقو ٽنڊو باگو ضلعو بدين. حوالو، ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن. تعلقو سامارو ضلعو عمرڪوٽ. حوالو، ڪتاب. لطيف جا ٿر تان ڀيرا. تعلقو سنڌڙي ضلعو ميرپور خاص. حوالو، ڪتاب. سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر.
سوال: راءِ چنيسر داسڙي جي راڄداني ليهور شهر جا آثار، ساماري تعلقي جي ڪهڙين ديهن ۾ موجود آهن؟
جواب: ديهه ڪينجهيجي، ديهه لولان (هاڻي جهلوري)، ديهه پوڀا ۽ ديهه لياري.
سوال: ليهور جي کنڊرن کي مقامي ماڻهو ڪهڙي نالي سان سڏين ٿا؟
جواب: ڳاڙهو ڀڙو.
سوال: ليلا چنيسر سان لاڳاپيل شهر ليهور جو اصل نالو ڇا آهي؟
جواب: اصل نالو ليار.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورميءَ پير پٺي ڏانهن نذراني طور نغارا موڪليا هئا؟
جواب: ليلا.
سوال: هي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا. لفظ ”اي نازنين! خدا جي واسطي پنهنجي منهن تان نقاب پري ڪر ته تنهنجو منهن مبارڪ ڏسان“؟
جواب: ڄام چنيسر پنهنجي گھرواريءَ ليلا کي چيا هئا.
سوال: ڪؤنرو جي ماءُ ۽ پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ماءُ جو نالو مرکي (مرکئين)، پيءُ جو نالو راءِ کنگهار لکپت جو راجا.
سوال: ڪونئروءَ جو مڱڻو ڪنهن سان ٿيو هو؟
جواب: سندس سؤٽ اُتماديءَ سان.
سوال: ڪؤنرو ۽ سندس ماءُ چنيسر جي محفل ۾ ٻانهين طور ڪهڙو ڪم ڪنديون هيون؟
جواب: ڪؤنرو چنيسر جي سيج وڇائيندي هئي ۽ سندس ماءُ چنيسر جي پڳ سينگاري آڻيندي هئي.
سوال: ڪؤنرو کي هي لفظ ڪنهن چيا هئا، لفظ ”هيترو هار سينگار پئي ڪرين ڄڻ ته چنيسر کي موهت ڪرڻ ٿي چاهين“ ؟
جواب: سندس سهيلي جمنيءَ.
سوال: ليلا کي ڪهڙي عورت نو لکو هار ڏيئي هڪ رات لاءِ چنيسر ورتو؟
جواب: ڪونئرو.
سوال: راءِ چنيسر جي حڪومت ڪهڙن علائقن تي هئي؟
جواب: پراڻ، هاڪڙو، پائر، وٽ ۽ کريڙ جي علائقن تي.
سوال: شاهه سائين راءِ چنيسر جي راڄڌاني ڏانهن ويندي ساري سنگهار جا ڪهڙا تلاءَ ڏٺا هئا؟
جواب: نوهٽي، ليٽڪو، ڀيماس ۽ صاحب تڙ جا تلاءَ.
سوال: ڳهڙ راءِ جي خاندان مان ڪهڙي حڪمران ناري پٽ واري ايراضي جي مشهور شهر پٽڻ ۾ هڪ وڏو قلعو ٺهرايو هو ؟
جواب: چنيسر بادشاهه.
سوال: شاهه سائين جي ان سورمي جو نالو ٻڌايو جنهن ڪڇ جي کريڙ واري علائقي ۾ هڪ مضبوط قلعو ٺهرايو هو؟
جواب: چنيسر داسڙي.

سوال: ”ليلا جي ڪنڊي“ ۽ ” ليلا جي ترائي“ جا آثار ڪهڙي بزرگ جي ويجهو اڄ به موجود آهن؟
جواب: بزرگ حسن باگواڻي عرف حسن باغباني جي ويجهو.
سوال: ڳهڙ راءِ جي اولاد مان ڄام چنيسر داسڙو ڪائون نمبر سردار ٿيو هو؟
جواب: ستون نمبر.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورمي پچٽ سامي جي شاگردياڻي هئي؟
جواب: ليلا.
سوال: ليلا ليهور ڇڏڻ وقت ڪهڙي سواري استعمال ڪئي هئي؟
جواب: اٺ جي سواري.
سوال: چنيسر داسڙو ديول جي گاديءَ تي ڪهڙي عيسوي سن ۾ ويٺو هو؟
جواب: 1288ع کان 1306ع تائين، ٻي روايت 1220ع کان 1228ع تائين.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سورمو ”ملڪ ثناءُالدين حباش“ لقب سان مشهور هو؟
جواب: چنيسر بادشاهه.
سوال: ڪهڙي حڪمران ماموئي فقيرن کي مارڻ جو حڪم ڏنو هو؟
جواب: ڄام تماچيءَ.
سوال: جنهن وقت چنيسر ديبل جو حاڪم ٿيو ته ان وقت دهليءَ جو حاڪم ڪهڙو هو؟
جواب: التمش.
سوال: سومرن جي تاريخ ۾ اهو ڪهرو پهريون حڪمران هو جنهن دهلي وڃي ڏن ڀرڻ لاءِ راضي ٿيو؟
جواب: چنيسر سومرو.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي تعلقي ۾ ليلا ۽ چنيسر جي ماڳ مڪان جا يارهن آثار موجود آهن؟
جواب: ساماري تعلقي ۾.
سوال: چنيسر جي چوڻ تي ايران جي ڪهڙي بادشاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي؟
جواب: ترم شيرين عرف علاؤالدين .
سوال: شاهه سائين، دودي چنيسر واري قصي جو مکيه ڪردار ڪنهن کي قرار ڏنو آهي؟
جواب: ابڙي سمي کي.
سوال: نئين تحقيق مطابق ڳوٺ غيبي ديري ڀرسان شاهه سائين جي ڪهڙي سورميءَ جي ڪوٽ (گهر) جا آثار موجود آهن؟
جواب: ليلا چنيسر. (ليلا چنيسر جو ڪوٽ)
سوال: ليلا چنيسر جو ڪوٽ هن ماڳ جي ويڪر ۽ اوچائي ڪيترا فوٽ آهي؟
جواب: ويڪر چار فوٽ ۽ اوچائي پنج فوٽ.
سوال: وڳهه ڪوٽ جي ڀرسان شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورمي ڪوٽ ٺهرايو هو؟
جواب: چنيسر.
سوال: ساماري تعلقي ۾ ليلان چنيسر جا ڪهڙا ماڳ مشهور آهن؟
جواب: ڄام چنيسر داسڙي جو دڙو، پچٽ جادوگر جو دڙو، ليلان جو ڀڙو، ليهور، ليلان جي ماڙي، ڪونرو جي ماڙي، ليلان شاخ، ليلان ديهه، ليلان جي ڪنڊي، ليلان جو بڙ ۽ ليلان جي ترائي مشهور آهن. (حوالو، نئين زندگي، آگسٽ 2002ع).
سوال: تعلقي وارهه جي ڳوٺ دوست عليءَ جي ڀرسان شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورميءَ جي ماڙي موجود هئي؟
جواب: ليلا .
سوال: شاهه سائين سرليلا چنيسر ۾ چنيسر جي ڪردار کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: ڄام، داسڙو، وينجهار، ڍولا، راءِ، راڄاڻ، ريسارو.
سوال: ليلا ۽ چنيسر جي قبر ڪهڙي مقام ۾ آهي؟
جواب: موڙ مراد فقير جي مقام ۾ ليهور ديهه تعلقو ٽنڊو باگو. حوالو، ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، ص. 17 (ٻي روايت: وها ڳوڙي قبرستان ۾)
سوال: ارغون، ترخان دور ۾ فارسيءَ ۾ مثنوي چنسير نامه ڪنهن لکي هئي؟
جواب: ادراڪي بيگلاريءَ (سن 1010هه) ۾.  
عمر مارئي

سوال: شاهه سائين عمر مارئيءَ جو قصو ڪهڙي سر ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورمي ڦار (فال) وجهندي هئي؟
جواب: مارئي. (پرهه ڦٽندي ڦار وڌم ويڙهيچن لاءِ ).
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سورميءَ ۾ گهڻي ڀاڱي پنهنجون سڀئي خوبيون بيان ڪيون آهن؟
جواب: مارئي ۾.
سوال: مارئي جي ماءُ ۽ پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ماءُ ماڏوئي (مهراد عرف مهراڏي) پيءُ جو نالو پالڻي (پالهوڻو).
سوال: مارئي کي سندس مائٽن ڪهڙي شخص سان مڱايو هو؟
جواب: کيت.
سوال: کيت جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: ڏوڏ.
سوال: کيت ڪهڙي علائقي جو رهواسي هو؟
جواب: جوڌپور لڳ ڳوٺ سانچور جو رهواسي هو.
سوال: مارئي جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: ريٻاڙي (رٻاري).
سوال: کاروڙي جي جوءِ مان عمر جي هٿان مارئي جي کڄڻ وارو واقعو شاهه سائين کي ڪهڙي بزرگ سڻايو هو؟
جواب: رحيم ڏني فقير پليءَ.
سوال: ڳوٺ کاروڙيءَ ۾ شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر بزرگ مسجد تعمير ڪرائي هئي؟
جواب: ميون امان الله ڊاسوڙيءَ واري.
سوال: شاهه سائين سر مارئي ۾ ڪهڙي علائقي جي مشهور کٿين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: کاهڙ /کاهوڙ.
سوال: شاهه سائين جي سورمي مارئي ڪهڙن رنگن جي لوئي، کٿي استعمال ڪندي هئي؟
جواب: ڪاري ۽ اڇي رنگ جي.
سوال: عمر سومري، مارئي کي ڪهڙي ايراضي يا ڳوٺ مان کڻي ڪوٽ ۾ بند ڪيو هو؟
جواب: کاروڙيءَ مان. ٻي روايت کائر مان. حوالو، ڪتاب. ساڻيهه سان سچائي، آگسٽ 2017ع. ص. 10.
سوال: مارئي جي کڄي وڃڻ کانپوءِ مارئي جي مائٽن راتو رات ملير مان لڏو کڻي ڪهڙي طرف رخ ڪيو هو؟
جواب: پهريائين کاهڙ طرف، اُتان پوءِ پائر ۽ سامروٽي ڏانهن.
سوال: مارئي جي مائٽن ملير، پائر، سامروٽي، مهراڻي ۽ کاهڙ کان پوءِ ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي؟
جواب: ويڙيجهپ ۾.
سوال: عمر بادشاهه ڪوٽ ۾ جڏهن مارئي کي ڏسڻ آيو ته، مارئيءَ ان سان ڪهڙو واعدو ڪيو هو؟
جواب: جي منهنجن مائٽن منهنجي سار نه لڌي ۽ هنن مون کي ٻارهن مهينن ۾ نه ڇڏايو ته، پوءِ آءُ هميشه لاءِ تنهنجي ٿيندس.
سوال: مارئي عمر بادشاهه جي بند ۾ ڪيترو عرصو رهي؟
جواب: رسالي ۾ 30 ڏينهن. ( ڪي سگهڙ 3، 6، 7مهينا. ڪي چون ٿا هڪ مهينو. 12 مهينا. ڪي سگهڙ چون ٿا 66 ڏينهن ).
سوال: مارئي عمر جي قيد ۾ پهرين ڪنهن کي ساريو هو؟
جواب: ٿر جي گولاڙن، گاهن ۽ اباڻن کي.
سوال: مارئي کي عمر جي قيد مان ڪنهن ڇڏايو هو؟
جواب: کيت. (حوالو، ڪتاب. سنڌ جون لوڪ آکاڻيون، 2013ع، ص. 28 ).
سوال: مارئي، عمر جي قيد مان ڪهڙي تاريخ آزاد ٿي هئي؟
جواب: ساوڻ جي پهرين تاريخ.
سوال: مرزا جاني بيگ، شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورميءَ جو داستان اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ بيان ڪيو هو؟
جواب: عمر مارئي جو داستان.
سوال: عمر مارئي جي قصي جا ٻيا ڪهڙا ڪردار مشهور آهن؟
جواب: پالڻي پنهوار، ماڏوئي، کيت ۽ ڦوڳ.
سوال: مارئي جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: ڀوڏيسر جي ڀرسان. محقق، محمد رحيم راهمون. ٻي روايت، راڻاسر کان ٻه مڙها اولهه ۾ رڙلي جي ترائيءَ جي اترئين پاسي دڙي تي مارئي دفن آهي.
ٽين روايت، رتي ڪوٽ جي ڏکڻ اوڀر ۾، مارئي ديهه آهي اتي هڪ ڀٽ تي مارئي جي قبر آهي. ڪتاب.کاروڙو چت آيو، ص. 20.
چوٿين روايت، تعلقي کپري جي يونين ڪائونسل روڻجھو، ڀٽ ڀائٽيءَ کان ڏهه ڪلوميٽر مفاصلي تي ڏکڻ ۾ هڪ ڀٽ تي موجود آهي.
سوال: شاعر مل محمود جي شاهدي موجب مارئي جي ٻولي ڪهڙي هئي؟
جواب: ڍاٽڪي.
سوال: مارئي جو کوهه ننگر پارڪر کان ڪيترا ڪلوميٽر پري آهي؟
جواب: 40 ڪلوميٽر. ( ڀالوا ۾ )

سوال: مارئي جو کوهه ننگر پارڪر جي ڪهڙي ديهه ۾ آهي؟
جواب: ديهه ڍنڍوريءَ ۾.
سوال: ڀالوا ۾ مارئيءَ جو کوهه ۽ ڇيلڙن کي پاڻي پيارڻ واري ڀڳل ڪونڊي ڪنهن ڳولي لڌي هئي؟
جواب: مختيارڪار خانصاحب عبدالله چنه.
سوال: مارئيءَ جي کوهه تي ضلعي لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي خرچ سان مسٽر عبدالله چنه ڪهڙو بيت لکرايو هو؟
جواب: عمر آئين اوچتو ڪهڙي هاج حمير،
تو ڏٺي مون ڀؤ ٿئي سنڪو منجهه سرير،
ميان منجهه ملير، اڳ نه ڏٺين ڪڏهن.
سوال: 6 مارچ 1967ع ۾ مارئيءَ تي ميلو ڪنهن لڳرايو هو؟
جواب: مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر.
سوال: مارئيءَ جو ٻيو ميلو ڪڏهن لڳو هو؟
جواب: 10 مارچ 1968ع ۾.
سوال: ڪهڙي شخص جي ڪوششن سان هڪ ئي سال ڀالوا ۽ مٺي ۾ مارئيءَ جو ميلو لڳو هو؟
جواب: انفارميشن آفيسر در محمد ڪمال جي ڪوششن سان 1997 ۾.
سوال: 1998ع ۽ 1999ع ۾ ڀالوا ۾ مارئيءَ جو ميلو ڪنهن لڳرايو هو؟
جواب: ٿر جي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت.
سوال: 3 مئي 2008ع تي ڀالوا ۾ مارئيءَ جي ميلو جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: صوبائي وزير سسئي پليجو صاحبه.
سوال: ڀالوا ۾ ثقافت کاتي پاران مارئيءَ جو ميلو پهريون ڀيرو ٽي ڏينهن ڪهڙي سال لڳايو ويو؟
جواب: 2010ع ۾.
سوال: 2013ع جي ڪهڙي مهيني ۾ ثقافت کاتي پاران مارئيءَ جو ميلو فقط هڪ ڏينهن لڳايو ويو؟
جواب: 22 جون.
سوال: پهريون مارئي ايوارڊ ڪهڙي تاريخ، مهيني ۽ سال ۾ ڏنو ويو؟
جواب: 3 مئي 2008ع مٺي شهر ۾.
سوال: پهريون مارئي ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو هو؟
جواب: شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي (ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ ڊاڪٽر ولي محمد راهمون وصول ڪيو).
سوال: پهريون ڀيرو مارئيءَ جي ميلي ۾ بهترين راڳيءَ جو ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو؟
جواب: ڪريم بخش فقير کي.
سوال: مارئيءَ جي ميلي ۾ پهريون ڀيرو سگهڙ ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو؟
جواب: ملوڪ نهڙيو کي.
سوال: شاهه سائين ڀالوا جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: چئن بيتن ۾. محقق مير حسن لاشاري.
سوال: شاهه سائين کي وڌ ۾ وڌ ڪهڙي سورميءَ جي قصي تي جھٻو آيو آهي؟
جواب: مارئي.
سوال: ”مارئي ٿر جي ستي ساوتري هئي انهيءَ ڪري ٿر جي هن عظيم ڪردار تي جتي پائي ڳالهائڻ مناسب نٿو سمجهان“ هي جملا ڪنهن ۽ ڪڏهن چيا؟
جواب: فقير محمد عرف مقيم ڪنڀار 1998ع ۾ مارئي جي ميلي ۾.
سوال: ان پهرين محقق جو نالو ٻڌايو جنهن عمر مارئي جو قصو تاريخي حوالن سان لکيو؟
جواب: آخوند عبدالرحيم وفا عباسي 1871ع ۾ تعليم کاتي پاران شايع ٿيو.
ڪتاب. تحفة الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو 1989ع. ص. 100 . مارئي تلها ڳوٺ ۾ رهندڙ هئي، سندس مڱڻو پنهون نالي هڪ شخص سان ٿيو.
سوال: پاڪستان جي پهرين سنڌي فلم عمر مارئي ڪڏهن رليز ٿي؟
جواب: 12 مارچ 1956ع ۾ .
سوال: سنڌي فلم عمر ماروي ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺاهي هئي؟
جواب: 1956ع ۾ سيد حسين علي شاهه فاضلاڻيءَ .
سوال: بمبئي جي سئنيما ۾ سنڌي فلم عمر ماروي جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: ان وقت جي وزير اعظم جواهر لال نهرو.
سوال: بمبئي جي سئنيما ۾ سنڌي فلم عمر ماروي شروع ٿي ته ڀٽائيءَ جو روضو مبارڪ ڏسي عوام عقيدت وچان اٿي بيٺو ته ڪهڙو وزير اعظم به هال ۾ اٿي بيٺو؟
جواب: جواهر لال نهرو.


مومل راڻو

سوال: راجا نند جي پيءُ ۽ امڙ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: والد جو نالو رتل راءِ ۽ امڙ جو نالو سمي.
سوال: راجا نند جو اصل نالو ڇا آهي؟
جواب: ڀوڄ. (حوالو، ڪتاب، شاهه جي ڪلام جو فلسفو، ڊاڪٽر تهمينه مفتي. ص: 101)
سوال: مومل راڻي جو واقعو ڪهڙي عيسوي سن ۾ ٿيو هو؟
جواب: 1400ع کان 1440ع واري عرصي ۾ (حوالو ڪتاب لطيف جا ٿر تان ڀيرا). هي قصو 15هين صديءَ جو. حوالو، لئج لال لطيف چئي.
سوال: شاهه سائين جي سورمي مومل جي ماءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: گنگ راڻي يا گنگا راڻي (حوالو ڪتاب مومل راڻو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ).
سوال: مومل جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: راجا نند، قوم گجر راٺوڙ.
سوال: مومل جو جنم سنڌؤ ڪناري ڪهڙي شهر ۾ ٿيو هو؟
جواب: ماٿيلي شهر ۾.
سوال: ماٿيلي شهر جو بنياد ڪنهن رکيو هو؟
جواب: راجا راءِ سهارس 495ع ۾.
سوال: ماٿيلي قلعي جي اڏاوت ڪهڙي عيسوي سن ۾ پوري ٿي هئي؟
جواب: 1335ع ۾ راجا نند جي وقت ۾. ٻي روايت 1395ع.
سوال: شاهه سائين سر مومل راڻي ۾ ڪهڙا جاگرافيائي نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: لڊاڻو، ڪاڪ ۽ ماٿيلو.
سوال: راجا نند ڪهڙي علائقي جو حاڪم هو؟
جواب: ميرپور ماٿيلو جو.
سوال: مومل ۽ سومل جي ڀائرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ڪانجي سنگ ۽ مانسنگ.
سوال: راجا نند کي ڪل ڪيتريون نياڻيون هيون؟
جواب: نَوَ نياڻيون.
سوال: راجا نند جي نياڻين جا نالا ڪهڙا آهن؟
جواب: سهجان، سومل، مومل، سوڍي، سليمت، صحت، ساڏهان، سلهان ۽ مرادان.
ٻي روايت مطابق، سهجان، سومل، مومل، سوڍي، مرادان، ڪوڏ، ڪونداهي، مارکي، صحت، سونگل ۽ صفوران.
سوال: راجا نند جو خزانو ڪهڙي شخص چورايو هو؟
جواب: سامي سيتل راءِ.
سوال: راجا نند جي ڌيئرن مان ڪهڙيون ٻه ڀينرون حرفتي هيون؟
جواب: سومل ۽ مرادان.
سوال: شاهه سائين، سر مومل راڻي ۾ ڪهڙا مڪاني نالا استعمال ڪيا؟
جواب: منهن، ڇنا، ڇپر، ماڙيون، محلات، ڀتيون، ماڳ، هنڌ، سيج، آتڻ، اوطاق، کٽون، وهاڻا، پلنگ ۽ هندورا.
سوال: شاهه سائين سر مومل راڻي ۾ جسم سان لاڳاپيل ڪيترا اسم استعمال ڪيا آهن؟
جواب: 32 اسم.
سوال: شاهه سائين سر مومل راڻي ۾ لفظ راڻو ۽ لفظ مومل ڪيترا دفعا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: راڻو 40 دفعا ۽ لفظ مومل 24 دفعا.
سوال: ڪاڪ جو طلسماتي محل ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي مومل ڪنهن جي صلاح سان ٺهرايو هو؟
جواب: سومل جي صلاح سان.
سوال: شاهه سائينءَ سر مومل راڻي ۾ بيک مٽائيندڙ فقيرن جا ڪهڙا نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: ڪاپڙي، لوڌي، مويا، موالي، آديسي، اويسي، سناسي، جوڳي، جلالي، فيراقي، فقير، بابو، بان، بيکاري، ڀڀوت، بري، لاهوتي، سامي، پرڏيهي ۽ لانگوٽيا.
سوال: راڻي مينڌري جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڪبير سوڍو / راڻو چندن سوڍو.
سوال: راجسٿاني لوڪ ڪهاڻين ۾ راڻي مينڌري جي پيءُ جو نالو ڪهڙو لکيل آهي؟
جواب: ويسلديو.
سوال: راڻو مينڌرو ڪهڙي شهر جو رهواسي هو؟
جواب: عمر ڪوٽ جو.
سوال: راڻي مينڌري جا ناناڻا ڪهڙي قوم جا هئا؟
جواب: مهياجڙ راجپوت.
سوال: راڻو مينڌرو ڪهڙي بادشاهه جو وزير هو؟
جواب: همير سومري جو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي سڀني سورمين مان سڀ کان وڌيڪ حسن جي مدح ڪهڙي سورميءَ جي ڪئي آهي؟
جواب: مومل جي.
سوال: عمر ڪوٽ کان سوا ميل مفاصلي تي شاهه سائين ڪهڙي سورميءَ جي ماڙيءَ جا آثار ڏٺا هئا؟
جواب: مومل جي ماڙيءَ جا.
سوال: شاهه سائينءَ جي سورمي مومل ۽ راڻي جي وچ ۾ جدائيءَ جو سبب ڪير بڻيو؟
جواب: سومل.
سوال: سومل جو ذاتي محل ڪٿي هئو؟
جواب: سنجر پور ۾.
سوال: جاتي کور واهه روڊ تي نند ڪوٽ جي الهندي حصي ۾ مومل جي ماڙيءَ جا آثار ڪيترن فوٽن تي مشتمل آهن؟
جواب: 95 فوٽ هم چورس.
سوال: راڻي مينڌري سان ٻيا ڪهڙا جوان مومل ماڻڻ لاءِ ڪاڪ طرف روانا ٿيا هئا؟
جواب: ڏونر ڀٽي، سنهڙو ڌماچاڻي، همير سومرو ۽ راڻو مينڌرو.
سوال: ” اُڀي جو امير“ ڪنهن کي سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: سينهڙو ڌماچاڻي.
سوال: مومل پيءُ جو مال موٽائڻ لاءِ ماٿيلي کي ڇڏي ڪهڙي ماڳ تي تنبو لڳايا؟
جواب: ڳاڙهي پاڻيءَ واري وهندڙ نئن ڪاڪ جي ڪپ تي.
سوال: امرڪوٽ کان لڊاڻو اٽڪل ڪيترا ميل پري هو؟
جواب: 150 ميل (حوالو، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف، ص: 207 . ڪاڪ محل کان عمر ڪوٽ 75 ڪوهه پري)
سوال: لوڍاڻو يا شهر لوڌرو جيسلمير کان ڪيترو پري هو؟
جواب: 10 ميل پري. (حوالو، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف، ص: 207 . ڪاڪ جو ماڳ جيسلمير کان پنج ڪوهه پري)
سوال: لوڍاڻي شهر کي ڪيترا دروازا هئا؟
جواب: ٻارنهن دوازا هئا.
سوال: ڪاڪ ڪهڙي ٽڪر تان هڪ چشمي مان وهندي هئي؟
جواب: لڊاڻي جي ٽڪر تان هڪ چشمي مان.
سوال: مومل جي ڪاڪ ۽ لڊاڻي وارن آثارن کان جيسلمير جو شهر اٽڪل ڪيترا ڪلوميٽر پري آهي؟
جواب: اٽڪل 16 ڪلوميٽر اوڀر طرف.
سوال: ڪاڪ ۽ لڊاڻي جي ايراضي اٽڪل ڪيترن ڪلوميٽرن ۾ ڦهليل آهي؟
جواب: اٽڪل 290 ڪلوميٽرن ۾ اتر اوڀر طرف ڇتريل جي تڙ وٽ.
سوال: راڻي جو ڀڙو، عمر ڪوٽ کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: ست ميل.
سوال: مومل جي چالاڪ ۽ هوشيار ٻانهيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ناتر.
سوال: ناتر مهمانن جي مرحبا ڪهڙي طريقي ڪندي هئي؟
جواب: مهمانن جي اڳيان چڻن جي ٿالهي ۽ منجهيل سٽ جي ڦاري رکي پاڻ غائب ٿي ويندي هئي.
سوال: مومل، راڻي لاءِ ڪهڙو طعام موڪليو هو؟
جواب: حلوي جو ٿالهه .سوادي سترڇي طعام
سوال: ڇا، اسان کي زالون سمجهيو اٿو، جو اهڙو زنانو طعام اسان جي کائڻ لاءِ کڻي آئي آهين. اهي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: راڻي، ناتر کي چيا هئا.
سوال: راڻي جي ساٿين مان سڀ کان پهريائين ڪهڙو شخص مومل جي طلسمي محلات وٽ پهچي پوئتي موٽيو هو؟
جواب: هيمر سومرو (تنهن کان پوءِ سنهڙو ڌماچاڻي ۽ ڏونئرو ڀٽي).
سوال: همير سومري جي ٽن خاص وزيرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ڏونئر ڀٽي، سنهڙو ڌماچاڻي ۽ راڻو مينڌرو همير جو سالو.
سوال: راڻي مينڌري جي ڪهڙي ڀيڻ سان همير سومري شادي ڪئي هئي؟
جواب: کلڻ ٻائي.
سوال: مومل راڻي جو عشقيه داستان سومرا خاندان جي ڪهڙي حاڪم جي دور جو چيو وڃي ٿو؟
جواب: همير سومري جي وقت جو.
سوال: شاهه سائين جي سورمي مومل جي طلسمي ڪاڪ محل جا آثار ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي موجود آهن؟
جواب: جيسلمير جي شهر لڊاڻي لڳ، راجسٿان واري علائقي ۾ ۽ امرڪوٽ ويجهو.
سوال: راڻي کي ڪنهن قيد ۾ وڌو هو؟
جواب: همير سومري.
سوال: راڻي کي قيد ۾ وجھڻ مهل هي لفظ ڪنهن چيا، لفظ ”تون جيڪو به طعام چوندي ان مان توکي هڪ گرهه روز ملندو“؟
جواب: همير سومري.
سوال: قيد دوران راڻي ڪهڙي طعام جي طلب ڪئي؟
جواب: پهرات ڳئون جي پهرئين ڏينهن جي پِسُ (کڙ) جوگره.
سوال: همير سومري کي روزانو، راڻي مينڌري لاءِ، ڳئون جو پِسُ ڪنهن وٽان ملندو هو؟
جواب: سارو سنگهار کان.
سوال: سومرن جو آخري حڪمران همير سومرو ڪنهن سان جنگ ڪندي مارجي ويو هو؟
جواب: سمن جي سردار ڄام هالي سان.
سوال: ڄام هالي جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: سوڍا ٻوڙ لڳ (ڪاڇيلو).
سوال: عمرڪوٽ جو حاڪم همير سومرو ٽن ڏينهن ۾ ڪيترا ميل پنڌ ڪري ڪاڪ پهتو هو؟
جواب: 150 ميل.
سوال: اونچل ڪوٽ جو شهزادو راول، مومل کي ماڻڻ ۾ ناڪام ٿيو ته ڪهڙي ڍنڍ جي ڪپ تي فقير بنجي ديرو ڄمايائين؟
جواب: ڳموري ڍنڍ جي ڪپ تي.
سوال: مومل پنهنجي طلسمي محلات واري ماڙي اندر ڪيتريون کٽون سينگاري رکيون هيون؟
جواب: ست کٽون.
سوال: مومل ڪاڪ محل ۾ ڪيترا کوهه کوٽرايا هئا ۽ انهن جي اونهائي ڪيترا فوٽ هئي؟
جواب: ڇهه کوهه، اونهائي اٽڪل هڪ سؤ فوٽ.
سوال: ماٿيلي کان ڪجهه مفاصلي تي مومل جي ماڙيءَ وارو قلعو ڪيتري اوچائيءَ تي ٺهيل هو؟
جواب: چاليهه فوٽ اوچائيءَ تي. (پنجاهه فوٽ اوچو دڙو)
سوال: مومل جي ماڙي (ڳوٺ ماٿيلو کان اٺ ميل مفاصلي تي) هي دڙو ڪيترن ايڪڙن تي ڦهليل هو؟
جواب: 15 ايڪڙن تي. ( هن وقت ٻه ايڪڙ ).
سوال: مومل جي محلات جو نالو ڇا هو؟
جواب: رنگ محل.
سوال: مومل جي لڊاڻي واري ماڙي جيسلمير کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 16 ڪلو ميٽر پري.
سوال: راڻو منيڌرو مومل کان رُسي ڪٿي اچي ٿاڪ ڪيو هو؟
جواب: عمرڪوٽ کان ڏکڻ طرف وهري ڳوٺ ڀرسان.
سوال: راڻي جي رُسي وڃڻ کان پوءِ مومل ڪاڪ کي الوداع چئي ڪهڙي ايراضي ۾ هڪ محلات ٺهرائي اتي رهڻ لڳي؟
جواب: ڍٽ جي ”سيريين“ واري ايراضي ۾.
سوال: ڪهڙو علائقو ٿر جو روح چيو وڃي ٿو؟
جواب: ڍٽ (حوالو، ڪتاب، مومل جي ماڙي، ص: 48)
سوال: ميرپور ماٿيلي کان لڊاڻي ۽ پوءِ عمر ڪوٽ تائين مومل سان ڪير گڏ هئي؟
جواب: ناتر.
سوال: سنڌ جي قديم راند چوپڙ جو ذڪر شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مومل راڻو ۾.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ لفظ ”ڪاڪ“ سان شروع ٿيندڙ بيتن جو تعداد ڪيترو آهي؟
جواب: اٺ بيت.
سوال: لفظ ڪاڪ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: سرسبز ۽ ساوڪ وارو هنڌ.
سوال: شاهه سائين سر مومل راڻي ۾ راڻي جي ڪردار کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: سوڍو، ڍولو، ڍاٽي ڍول، ڌوج ڌرتيءَ جا ڌڻي، راڻو، ڪامل ڌڻي، راءِ، ڍٽ ڌڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين ڪهڙيءَ سورميءَ جي تارن کي گجمير جي ڪهاڙين سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: مومل.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ سنڌ جي شالن جي سائي رنگ کي پانن سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: سر مومل راڻي ۾.
سوال: مومل ڪهڙي سال ڏاگهه تي چڙهي هئي؟
جواب: 1385ع - 1400ع (محقق. بدر ابڙو ).
سوال: مومل جي ڏاگهه چڙهڻ ۽ راڻي جو گهوڙي سميت سڙڻ جا نشان ڪٿي موجود آهن؟
جواب: سيريين واري ايراضي ۾ ”راڻي جي ڀڙي“ لڳ جنهن کي مومل جو ڀڙو به سڏيندا آهن.
سوال: صوفي فقير کان ڏکڻ طرف شاهه سائين جي ڪهڙي سورميءَ جي قبر آهي؟
جواب: مومل جي (حوالو ڪتاب-سنڌ جو شاهه).
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بيت ۾ مومل جي واتان راڻي جي ساراهه جا سخن ٻولايا آهن؟
جواب: تون ڍاٽي ڍٽ ڌڻي، ڍوليا تنهنجو ڍٽ،
پائي ترازي توريان ملڪ نه تنهنجو مٽ،
لاهي ڪسر ڪٽ، کوڙ قناتون ڪاڪ تي.
سوال: صوفي فقير شهر کان هڪ ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه پاسي هاڪڙي درياءَ جي پراڻي وهڪري جي ساڄي ڪناري تي ڪهڙي حڪمران جي ڦٽل شهر جا آثار موجود آهن؟
جواب: همير جو ڀڙو.
سوال: همير جو ڀڙو اٽڪل ڪيترن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي؟
جواب: 20 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي.
سوال: انگريزن پاران زمينن جي سروي وقت راڻي مينڌري جي ڀڙي لاءِ ڪيترا ايڪڙ زمين رکي هئي؟
جواب: 100 ايڪڙ.
سوال: ميرپور ماٿيلي جي مکيه چونڪ ۾ شاهه سائين جو تنبورو ڪنهن ٺهرايو هو؟
جواب: ايس. ڊي. ايم. مظهر نواز شيخ.
سوال: ميرپور ماٿيلي ۾ ڀٽائي چونڪ جنهن کي ماڻهون تنبورو چونڪ سڏن ٿا، ان جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: ايس. ڊي. ايم. مظهر نواز شيخ 31 مئي 2000ع تي.


سوال: ”ڪتاب شاهه جا سر موڙ “ ان ڪتاب ۾ شاهه سائين جي ڪيترن ۽ ڪهڙن سورمن جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: ڏهن سورمن جو (1) ميهار. (2) پنهون. (3) چنيسر. (4) راڻو. (5) عمر. (6) ڄام تماچي. (7) راءِ ڏياچ. (8) مورڙو. (9) امام حسن عليھ السلام. (10) امام حسين عليھ السلام.
سوال: ٺٽي شهر جي ان شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن سرمومل راڻي کي فارسي شاعريءَ ۾ لکيو؟
جواب: شاعر محمد نعيم (ترنم عشق نالي سان).


موکي متارا

سوال: موجوده ترتيب مطابق شاهه سائين جي رسالي ۾ پهرئين عورت ڪردار جو نالو ٻڌايو؟
جواب: موکي.
سوال: موکي جي قبر بابت اتان جا مقامي ماڻهون ڇا چون ٿا؟
جواب: ساقي جي مزار.
سوال: متارن جو ذڪر سڀ کان پهرين ارغونن جي دؤر جي ڪهڙي شاعر ڪيو آهي؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري.
سوال: موکي متارن جو واقعو اندازن ڪڏهن پيش آيو؟
جواب: 1380ع. ڪجهه ڪتابن ۾ 1450ع / 1460ع.
سوال: موکي ۽ متارا تي پهريون ڀيرو تفصيلي مقالو ڪهڙي اديب لکيو هو؟
جواب: حافظ محمد بخش خاصخيليءَ.
سوال: شاهه سائين موکي متارن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: ڀٽائي سرڪار کي موکي متارن جي ڪهاڻي ڪهڙي علائقي مان ملي هئي؟
جواب: گڏاپ مان.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعري ۾ موکي ۽ متارن جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: 96 بيتن ۾/75 بيت ۾ 56 بيتن ۽ ٻن واين ۾ ۽ 60 بيتن ۾ (مختلف رسالن جي ڪري تعداد گهٽ وڌ آهي.)
سوال: سومرن جي دور ۾ سرڪاري رکوالن کي ڇا چيو ويندو هو؟
جواب: متارا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ متارن جا ڪهڙا نعم البدل نالا بيان ڪيا آهن؟
جواب: سري جا سردار، سورهيه، مهايا، مئي جا مشتاق، سري ڌڻي، داتا، گهوٽ، اگهوري، پرين، پوشيده، پره جا پياڪ، پهيڙا، ڀتار، کنجڙيا، اڳڙيا ۽ ڪونئر.
سوال: مومل جي سڙي مرڻ کان پوءِ سندس ٻانهيءَ ناتر ڪهڙي علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي؟
جواب: گڏاپ پاسي نارا ٿر علائقي ۾. (ڪراچي)
سوال: روايتن مطابق ناتر ڪنهن سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: هيبت خاصخيلي سان. ٻي روايت محبت گولي سان.
سوال: موکيءَ جي ماءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ناتر، جيڪا مومل جي ٻانهي هئي.
سوال: ناتر کي ڪيتريون نياڻيون هيون؟
جواب: ٽي. موکي، سونگل، سڦوران. (ليکڪ، نياز سرڪي)
سوال: ناتر کي ڪل ڪيترو اولاد هو؟
جواب: ست ڌيئر هڪ پٽ مهادل (1) موکي. (2) سونل (سونگل). (3) سپرا (صفوران). (4) تائيسر. (5) مٺان. (6) الله ڦائي. (7) سکان. (حوالو، سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، ص: 281 . اَٺ ڌيئرون، سونگل، دوزان، ٻائل، سورجاڻي، الله ڦائي، مٺان، سفوران ۽ موکي.)
سوال: موکيءَ جي قبر ڪهڙي هنڌ واقع آهي؟
جواب: شاهه مريد درگاهه لڳ نئين سبزي منڊي ڪوزي واٽر پارڪ ويجهو (ناڙا ٿر کان ٽي چار ڪوه اولهه طرف جتي سندس مئخانو هو).
سوال: متارن جون قبرون ڪٿي آهن؟
جواب: ناڙا ٿر ٽڪريءَ جي اولهه واري ڇيڙي تي (حوالو ڪتاب سنڌ جو شاهه ڇاپو 2000ع صفحه 306 تان ورتل) ڳوٺ گاجان بلوچ ويجهو.
سوال: عام روايتن مطابق موکيءَ وٽ اَٺ متارا ايندا هئا، هن وقت تائين انهن مان ڪهڙن متارن جي قبرن جا نشان مليا آهن؟
جواب: (1) حيدر حاجي (هالار). (2) اسحاق حاجي. (3) سمو اسماعيل. (4) قبر تي نالو نه آهي. (5) آدم. (6) يادگار اسماعيل حاجي. (7) قبر تي نالو نه آهي.


مورڙو ميربحر

سوال: شاهه سائينءَ مورڙي مير بحر جو قصو ڪهڙي سر ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر گهاتوءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙا مردَ، اعلى آدرشي ڪردارن ۾ پيش ڪيا آهن؟
جواب: لاکو ڦلاڻي، ٻيجل، راءِ ڏياچ ۽ مورڙي کي.
سوال: مورڙي عرف مورجا وڏا ڪڇ جي ڪهڙي شهر ۾ رهندا هئا؟
جواب: شهر گنڊا سنگهه ۾ (ان کان پوءِ شهر نرئي ۾ لڏو لاٿائون).
سوال: مورڙي جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: اوباهيو.
سوال: مورڙي جي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڏاڏو ٻاراچ ۽ ڏاڏيءَ جو نالو سون.
سوال: مورڙي مير بحر جي اصل ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: بهليم.
سوال: مورڙي مير بحر جي ڀائرن ۽ ڀينرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: مور ۽ سيرئين هڪ ماءُ مان ۽ ٻيءَ ماءُ مان ڇهه ڀائر. حوالو، ڪتاب. لوڪ داستان سر گھاتو.
(1) پنيهر. (2) اڱاريو. (3) مانجهاندو. (4) لَلوُ. (5) سانئر. (6) هنجهه هڪ ڀينر سيرهين عرف سيرئين. ٻي جمڙي.
ٻِي روايت ۾ (1) پڙهيار يا پنهور. (2) اڱارو. (3) منارو. (4) اسماعيل. (5) مانجهاندو. (6) لاڏڪو.
سوال: مورڙي جي خاندان نرئي شهر مان لڏو کڻي سنڌ جي ڪهڙي جبل تي رهائش اختيار ڪئي هئي؟
جواب: حب نديءَ جي اوڀر ۾ سوناري جبل وٽ مهندان مياڻي ۾.
سوال: مورڙي واري دور ۾ ڪلان ڪوٽ (هاڻي ان کي ميٺا در ۽ کارا در سڏجي ٿو) تي ڪهڙي راجا جي حڪومت هئي؟
جواب: راجا ڦلوند.
سوال: ”ڪلاچيءَ جو ڪن“ ۽ گهاتوءَ جو موضوع ڪهڙي عيسوي سن ۾ شروع ٿيو؟
جواب: پندرهين صديءَ ۾.
سوال: ڪراچي کان سٺ ميل پري اوباهئي ۽ سندس پٽن ڪهڙو ڳوٺ ٻَڌو هو؟
جواب: ڳوٺ سونمياڻي.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي ساراهه ۾ ڪهڙو سر چيو آهي؟
جواب: سر گهاتو.
سوال: ڪراچيءَ تي نالو ڪراچي ڪيئن پيو يا اهو ڳوٺ ڪنهن ٻڌرايو هو؟
جواب: مائي ڪولاچي عرف ڪلاچي مهاڻيءَ. ٻيو حوالو ڪتاب سرگهاتو جي صفحه 44 تي ”ڪلاچي دودائي بلوچن مان هڪ مائي هئي، ان هي ڳوٺ ٻَڌايو هو.
سوال: راجا دلوراءِ سونمياڻيءَ مان ملندڙ ڪيترا لک محصول اوباهئي کي معاف ڪيا هئا؟
جواب: هڪ لک روپيا.
سوال: ڪلاچيءَ جوڪن ڪٿي هو جنهن ۾ خطرناڪ مانگر مڇ رهندو هو؟
جواب: هاڻوڪي منهوڙي ۽ ڪلفٽن جي وچ واري حصي ۾. ٻي روايت ڪن جو ماڳ لياري نديءَ وٽ بابا ڀٽ ٻيٽن ۾ هاڪس بي واري پاسي اونهي سمنڊ ۾.
سوال: مورڙي پنهنجا ڀائر مانگر مڇ جي پيٽ مان ڪڍڻ لاءِ لوهي ڪلن وارو پڃرو ڪهڙي لوهر کان ٺهرايو هو؟
جواب: ٻُڍل لوهر کان.
سوال: مورڙي مانگر مڇ جي منهن ۾ جيڪا ڪل (مشين) وڌي هئي ان جي ڊزائننگ ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: مورڙي پاڻ.
سوال: مانگر مڇ کي سمنڊ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مورڙي ڪيترا جانور جوٽيا هئا؟
جواب: 500 گهوڙيون ۽ 500 سانَ ۽ ڍَڳا ۽ ڍڳيون (حوالو لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا).
(ٻي روايت 500 سانَهه، 900 گهوڙا ۽ 100 پاڏا).
سوال: مورڙي ۽ ٻين ملاحن جيڪو خطرناڪ مانگر مڇ ماريو هو ان جو وات ڪيترا گز وڏو هو؟
جواب: سورهن گز (16) .
سوال: ڀٽائي گهوٽ مورڙي ۽ سندس ڀائرن جون قبرون ڏٺيون ته کيس شيخ عبدالجليل جو ڪهڙو بيت ياد آيو هو؟
جواب: جو گهڙي سونيئي، ڪوجو قهر ڪلاچ ۾،
خبر ڪونه ڏيئي، ته رڇ ڪڄاڙيان رنڊيا.
سوال: لاڙ علائقي وارا ميربحر کي ڪهڙي نالي سان پڪاريندا هئا؟
جواب: گھاتو، گھاتوئڙا.
سوال: شاهه سائينءَ جي سورمي مورڙي جو اولاد اڄ ڪلهه ڪٿي آباد آهي؟
جواب: ڪراچي ۾ ڳوٺ شمس، ڳوٺ بابا ڀٽ ۽ ڳوٺ ابراهيم حيدري.
سوال: شاهه سائينءَ مهاڻن ۽ مير بحرن کي پنهنجي شاعري ۾ ڪهڙو لقب ڏنو آهي؟
جواب: مير.
سوال: مورڙي مير بحر جي ڀائرن جون قبرون ڪٿي آهن؟
جواب: وزير مينشن ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هڪ چوراهي ۾ ڇهن ئي ڀائرن جون قبرون آهن جن کي هاڻي گل باءِ (گل ڀائي) يا سڀ ڀائر چيو وڃي ٿو ۽ ٿورو اڳتي ٽڪريءَ تي مورڙي جي قبر آهي.
سوال: ڪلاچيءَ جي ڪپ تان ڪهڙي سال انگريز مانگرمڇ لنڊن کڻائي ويا؟
جواب: 1899ع يا 1936ع ۾. (حوالو. ڪتاب. ابيات ڀاڳو فقير ڀان. ڇاپو 1999ع. ص. 51).
سوال: مورڙو مير بحر دي فائونڊر آف ڪراچي سيمينار، ڪڏهن ۽ ڪٿي منعقد ٿيو؟
جواب: 7 مارچ 2023ع تي شمس پير گورنمينٽ ڊگري ڪاليج هاڪس بي روڊ ماڙيپور ڪراچي ۾ منعقد ٿيو.
سوال: هن سيمينار جي چوٿين نشست ۾ اسڪالرن ڪهڙي عنوان تي مقالا پڙهيا؟
جواب: مورڙو مير بحر ۽ سر گهاتو عنوان تي.
سوال: مورڙو مير بحر دي فائونڊر آف ڪراچي سيمينار، هن پروگرام جو مهمان خاص ڪير هو؟
جواب: سيد سردار علي شاهه صاحب، منسٽر تعليم ۽ ثقافت کاتو سنڌ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي قصي تي ٺاهيل فلم 9 آڪٽوبر 1981ع تي رليز ٿي؟
جواب: فلم گهاتو گهر نه آيا.


سورهيه ۽ ڏاتار

سوال: شاهه سائين ڪهڙن سرن ۾ سمن سردارن جي سخا، سورهيائي ۽ عوامي ڪردار جو خوب ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر بلاول، سر پرڀاتي، سر ڏهر، سر سورٺ، سر ڪاموڏ ۽ سر ڪارايل ۾.
سوال: سر بلاول ۾ شاهه سائينءَ ڪهڙن مشهور ڪردارن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: الا بندي يا الا دين، حاتم طائي، وڳند فقير، ڄام جکرو ڳهڙ راءِ، ڄام جکرو اوڍاڻي، ابڙو اگهام، ڄام راهو، ڄام ڪرن، ڄام اوڍر سمون، ابڙو اڙٻنگ، ڏونگر راءِ سمون ۽ يارو مل.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سورهيه يعني بهادر انسان کي ڪهڙا لقب ڏنا آهن؟
جواب: ڪوپو، ڪوڏيو، ڪونڌر، ڪونئر، سُڌر، جُنگ، پائو (پانو)، مرد، مير، متارو، مَل، مانجهي، ورنھ، ڌڱ، ماهي، بانڪو، پاونگ، وير، گهوٽ، للنگهه، راوت، جوڌو، جوان، بورائو، بهادر، پهلوان، وريام، جهونجهار، کڳمارو، سائو، سَڌو، شير، دلير، دودو، ماچ، جُود، شاهُو وغيره.
سوال: سمن مان ڪهڙا ڏهه ڏاتار مشهور ٿيا؟
جواب: وڪيو ڏاتار، جکرو جادماڻي، ڄام ڪرن، راءِ ڏياچ، راهو هوٿياڻي، ڄام انڙ، سٻڙ چوٽاڻي، ڄام لاکو، ڄام اوٺو جکراڻي ۽ هڻند ٿڌياڻي.
سوال: معمور يوسفاڻيءَ ڪهڙا ڏهه ڏاتار ڄاڻايا آهن؟
جواب: ڄام ڪرن، ابڙو اگھام، ڄام راهو، ڏياچ ويراڻي، ڄام سپڙ چوٽاڻي، ڄام جکرو اوڍاڻي، ٿانور ڀٽي، ڄام انڙ، ڄام جکرو ڳهڙ راءِ ۽ لاکو ڦلاڻي.
سوال: لسٻيلي جي روايتي تاريخ موجب سٻڙ ڄام جي خاندان جا ڪل ڪيترا سردار ٿي گذريا آهن؟
جواب: 64 سردار.
سوال: ڄام سٻڙ ڪنهنجو پٽ هو؟
جواب: ڄام چوٽا.
سوال: ڄام سٻڙ پنهنجي پٽ چوٽا کي ڪيترن گهوڙن سان روانو ڪري چيو ته، وڃي فقير کي ڏئي اچ؟
جواب: پنجاهه گهوڙن سان.
سوال: ڄام چوٽي جو مقام ڪٿي آهي؟
جواب: وندر جي ڀرسان. جتي ڄام چوٽي فقير کي گهوڙا ڏنا هئا.
سوال: شاهه سائينءَ سنڌي سورمن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سربلاول ۽ سرڏهر ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو سورمو ملڪ جي گهرجائن کي گهر ويٺي دان پهچائيندو هو؟
جواب: ڄام سٻڙ چوٽاڻي.
سوال: ڍولا مارو ۾ ڪهڙا ٽي ڪردار نمايان آهن؟
جواب: ڍول (ڍولا)، مارل (مارو) ۽ امره سمره بادشاهه.
سوال: سمون ۽ ڪيريو ڪنهن جا پٽ هئا؟
جواب: ڄام هٻي جا.
سوال: پنهنجي وقت جو وڏو درويش ۽ فقير ”ڄام ڀيئن سي“ ڪهڙي سخي ۽ سورهيه جو پٽ هو؟
جواب: ڄام ڏهر جو.
سوال: شاهه سائين سپڙ نالي سان ڪيترن ۽ ڪهڙن ڪردان کي ڳايو آهي؟
جواب: ٻن کي، هڪ ڄام سپڙ سمون لقب ٻيلي ڌڻي، ڀٽ ڌڻي، چوٽاڻي، ٻيو سپڙ ولد چوٽو رونجهو.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سورهيه کي ٻيلي ڌڻي سڏيو آهي؟
جواب: ڄام سپڙ چوٽاڻيءَ کي.
سوال: ڪهڙي سخي سورهيه هڪ ڏڏ مڱڻهار کي هڪ سؤ عربي گهوڙا دان ۾ ڏنا هئا؟
جواب: ڄام سپڙ.
سوال: ڄام سپڙ جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: لسٻيلي ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سخي ۽ سورهيه کي ”ڪاڇي جو ڪيسري نر“ چيو وڃي ٿو؟
جواب: ابڙي سمي کي.
سوال: ابڙي سمي کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو ويو آهي؟
جواب: هالار ڌڻي، ڪاڇي ڌڻي، باگو لاڻي ڌڻي، ڪنڊ جي ڪلاهه، جوڻا جو سردار، ڪڇ ڌڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ بيان ڪيل ڪهڙي سورهيه کي ڪڇ ۾ پيرَ جيترو درجو حاصل آهي؟
جواب: ابڙي اَڙٻنگ کي.
سوال: شاهه سائين ڏهن ڏاتارن مان سڀ کان وڌيڪ ساراهه ڪهڙي ڏاتار جي ڪئي آهي؟
جواب: ڄام جکرو اوڍاڻيءَ جي.
سوال: ڄام هوٿي کي سهڻيءَ مان ڪهڙو پٽاڻو اولاد ٿيو هو؟
جواب: ڄام ابڙو، ڄام جوڻو ۽ ڄام کيبر.
سوال: ڄام هوٿيءَ جي ڪهڙي پٽ پنهنجي سرداري ونگي ۾ قائم رکي هئي؟
جواب: ڄام جکري.
سوال: راءِ کنگهار ڪهڙي عورت تي موهت ٿيو هو؟
جواب: چينچل ريٻارڻ تي (عرف البيلي).
سوال: ڀڄ شهر ڪڇ جي ڪهڙي حاڪم ٻڌايو هو؟
جواب: راءِ کنگهار سن 1548ع ۾.
سوال: سماٽ قوم جي شجرن مان ڄام قوم جو لقب سڀ کان پهريائين ڪنهن کي مليو هو؟
جواب: ڪاڪي ولد سمي کي.
سوال: شاهه سائينءَ جاڙيجن ۽ لاکي ڦلاڻيءَ بابت بيت ڪٿي چيا؟
جواب: ڀڄ ۾.
سوال: شاهه سائين، لاکي ڦلاڻي بابت بيت ڪٿي چيا هئا؟
جواب: کڏي (گهاڙيءَ ويجهو.)
سوال: لاکو ڦلاڻي ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: مشهور سمي سردار ڄام ڦل جو.
سوال: لاکي ڦلاڻي جو اصل ڳوٺ ڪهڙو هو؟
جواب: کڏي. (حوالو، ڪتاب، سنڌ جو کارو)
سوال: لاکو ڦلاڻي، مهر راڻي سان شادي ڪري ڄڃ سنڌ ڏانهن وٺي پئي آيو ته ڪهڙي جاءِ تي سندن سمورو ڏاج پسي ويو پوءِ سمورو سامان سڀني وڻن کي اوڍايائين؟
جواب: پراڻ جي گهيڙ ( آمري جي گهيڙ وٽ ).
سوال: لاکي ڦلاڻي جي پراڻ جي وڻن کي اوڍاڻي بعد ڪهڙي سوداگر انهن وڻن کي سونا زيور پارايا هئا؟
جواب: سيف الملوڪ.
سوال: آمريءَ جي قبرستان واري آمريءَ جو ذڪر شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. آمريءَ جي وڻ کي ڪهڙي بزرگ وڍائي ڇڏيو هو؟
جواب: عبدالرحيم گرهوڙيءَ.
سوال: تون ابل سندي آمري، ڪه تون لاکي سندي لال. هن بيت ۾ ابل نالي شخص ذات جو ڪير هو؟
جواب: سومرو.
سوال: آمريءَ جو مقام ڪهڙي تعلقي ۾ آهي؟
جواب: تعلقو ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد کان اوڀر طرف ڪجهه مفاصلي تي.
سوال: سگهڙن جي روايتن موجب ”بڊام“ گهڻيون شاديون ڪيون هيون؟
جواب: چار شاديون ڪيون هيون.
سوال: بڊام کي ڪيترو ۽ ڪهڙو اولاد ٿيو؟
جواب: پهرين زال مان ٻه پٽ جوڻو ۽ ويسو، ٻي زال مان ٻه پٽ سيئرو ۽ پاچوهو، ٽين زال مان پاتوريو نالي هڪ پٽ ۽ چوٿين زال مان هڪ ڌي کيري ۽ ٻه پٽ ڦل ۽ پونرو ٿيا.
سوال: ڪهڙي سورهيه جي اولاد وٽ ڳائو مال ججهو هئو ته، مٿن سانگي نالو پئجي ويو؟
جواب: بڊام جي ٻن پٽن جوڻو ۽ ويسو وٽ.


سوال: ڪڇ ۽ راجستان کان ٿيندڙ حملن کي روڪڻ لاءِ پنري بڊاماڻيءَ ڪهڙو قلعو تعمير ڪرايو هو؟
جواب: ٻرڙائي ڪوٽ. موجوده تعلقو جهڏو.
سوال: پنري جي پيءُ بڊام جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: کڏهري جي اتر طرف چار ڪلوميٽر مفاصلي تي.
سوال: ڄام ڦل بڊاماڻيءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: اندازن 890ع يا 885ع ۾.
سوال: ڄام ڦل ڪهڙي بادشاهه جي ڌيءُ سان شادي ڪئي؟
جواب: اُتم راءِ جي ڌيءُ ڀوري پدمڙي سان. لوڪ روايتن موجب پائر جي ڪرڌر ريٻاريءَ جي ڌيءُ سونل، ڄام ڦل پرڻيو جنهن جي پيٽان ڄام لاکو ڄائو.
سوال: ڄام لاکو ڪهڙي عيسوي سن ۾ ڄائو هو؟
جواب: 20-918ع ۾ ۽ وفات 976ع ۽ 979ع ( ڪجهه ڪتابن مطابق جنم 866ع ۽ لاڏاڻو 955ع ).
سوال: ڄام لاکو ڪهڙي سبب جي ڪري لوڙائو يعني ڌاڙيل ٿيو هو؟
جواب: ريٻارن سندس دوست جُسو ۽ جُسراج کي قتل ڪيو ان ڪري.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورهيه ڏاتار کي هڪ کوهه مان سون جو پتلو هٿ آيو هو؟
جواب: لاکي ڦلاڻيءَ کي.
سوال: لاکو ڦلاڻي ڪنهن کان کماچ تي راڳ ٻڌندو هو؟
جواب: مهر کي ڏاج ۾ مليل مڱڻهار کان.
سوال: ڪهڙو سخي سورمو روزانو هڪ لک پنجويهه هزار غريبن ۾ ورهائيندو هو؟
جواب: ڄام لاکو ڦلاڻي.
سوال: لاکي ڦلاڻي جي آخري دور ۾ گجرات جو حاڪم ڪهڙو هو؟
جواب: مولراج سولنڪي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سورمو ڪڇ جي شاعرن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو؟
جواب: لاکو ڦلاڻي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي ڏاتار کي حرص پسند سڏيو آهي؟
جواب: لاکو ڦلاڻي کي.
سوال: شاهه جو سورمو لاکو ڦُلاڻي، بدين ضلعي جي ڪهڙي تمام پراڻي شهر ۾ پنهنجن دوستن وٽ هميشه پيو ايندو هو؟
جواب: گهاڙي شهر ۾.
سوال: ان مشهور پهلوان ۽ سورهيه جو نالو ٻڌايو جيڪو سنڌ جي ستن سورهين ۾ پهريون سورهيه سردار چيو وڃي ٿو؟
جواب: پونرو ولد بڊام چنو (حوالو ڪتاب ڀٽائيءَ جو مطالعو صفحه 77).
سوال: وارهه تعلقن جي سرحد تي ايف. پي. بند جي اولهه ۾ بڊام ڍنڍ جي وچ ۾ بڊام جو ڪوٽ ڪيترن ايڪڙن تي پکڙيل آهي؟
جواب: چئن ايڪڙن تي.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ لاکي ڦلاڻيءَ سان گڏ ٻين ڪهڙن ڪردارن، ذاتين ۽ قبيلن جو ذڪر اچي ٿو؟
جواب: جاڙيجا، سما، اوڏ، ريٻاڙي، چاوڙا، راجپوت، راءِ کنگهار، جيسر (جسو) جئسراج، جسوڌن، پنرو بڊاماڻي وغيره.
سوال: لاکي ڦلاڻي عوام لاءِ ڪهڙن نالن سان ڪڇ ڀڄ ۾ ٻه تلاءَ ٺهرايا هئا؟
جواب: لاکا راءُ تلاءُ ٻيو بيلي راءُ تلاءُ.
سوال: لاکي ڦلاڻي جو راءِ کنگهار سان ڪهڙو رشتو هو؟
جواب: لاکو ڦلاڻي، راءَ کنگهار جو ڀاڻج هو.
سوال: ڪهڙو سورهيه ڏاتار اٺين اٺين ڏينهن پنهنجي راڻين کي گهرائي انهن کان پڇندو هو ته مون کان وڌ سنڌ ملڪ ۾ ڪو سخي آهي؟
جواب: ڄام لاکو.
سوال: ڄام لاکي سنڌ ملڪ ۾ پڙهو ڄارائي چارڻن، منگتن کي گهرائي پڇيو ته هن ملڪ ۾ مون جهڙو ڪو سخي آهي، ته کيس سمنگ چارڻ ڪهڙو جواب ڏنو؟
جواب: سمنگ چارڻ چيو اسان جي ملڪ ۾ ڏهه ڏاتار ڳڻڀا آهن. پهريون. سخي سپڙ چوٽاڻي ڏاتار. ٻيو. ڄام اونو ڏاتار. ٽيون. وينجهو ڏاتار. چوٿون. وڪيو ڏاتار. پنجون. جکرو ڏاتار. ڇهون. سمون هڻند ٿڌياڻي ڏاتار. ستون. ڄام اوڍاڻي جکرو ڏاتار. اٺون. ڄام ڪرن ڏاتار. نائون. راءِ ڏياچ ڏاتار. ڏهون. ڄام لاکا تون آهين.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ بيان ڪيل ڪردار لاکو ڦلاڻي جي درٻاري شاعر جو نالو ٻڌايو؟
جواب: سمنگ چارڻ (ڪيرا ڪوٽ جو ويٺل هو).
سوال: سمنگ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: سؤ مڱيندڙ.
سوال: ڄام وڪيي جي ڪهڙي علائقي ۾ تمام گهڻا پيرو ٿيندا هئا؟
جواب: چينائي ٻيلي ۾.
سوال: آزمائش وٺڻ لاءِ سمنگ چارڻ ڪهڙي سورهيه ڏاتار کان اڻ مندائتا پيرون گهريا ۽ اهو به چيو ته جي اوهان سوال پورو نه ڪندا ته آءُ ڄام وڪئي وٽ ويندس؟
جواب: لاکي ڦلاڻيءَ کان.
سوال: هي لفظ لاکي ڦلاڻي کي ڪنهن چيا هئا ”ڄام وڪئي ڏانهن وڃ اتان پيرون آڻي ڏي يا وڪئي ڏاتار جو سر آڻي ڏي نه ته تنهنجي سر جو خير ڪونهي“ ؟
جواب: سمنگ چارڻ کي.
سوال: سمنگ چارڻ، وڪئي ڏاتار کان اڻ مندائتا پيرون گهريا ته، وڪئي سندس سوال ڪيئن پورو ڪيو هو؟
جواب: سون جا پيرون گهڙائي انهن مٿان ماکيءَ جي مَڌ جي چاش چاڙهائي اهي پيرون سمنگ کي ڏيئي لاکي ڏانهن روانو ڪيائينس.
سوال: سمنگ چارڻ کي پاراتو ڏيندي ڪهڙي ڏاتار چيو ”اڙي ڪوڙهيا ڏاتارن کان اهڙا اڻ مندائتا ڏان گهرڻ کپن ڇا“ ؟
جواب: وڪئي ڏاتار.
سوال: هي لفظَ ڪهڙي ڏاتار چيا هئا ”مون کي جيڪو بابي جي وفات جي خبر ڏيندو تنهن جي زبان ڪپائي ڇڏيندس“؟
جواب: لاکي ڦلاڻيءَ.
سوال: لاکي ڦلاڻي پنهنجي نالي ٿيل عورت مهر راڻي کان منهن موڙي ڪهڙي اوڏڻ سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: جسمان اوڏڻ عرف ٻاجهه سان.
سوال: جسمان اوڏڻ ڪهڙي شهر جي هئي؟
جواب: ڪڍڻ شهر جي.
سوال: لاکو ڦلاڻي پنهنجي سواريءَ لاءِ ڪهڙي رنگ جي گهوڙي استعمال ڪندو هو؟
جواب: ڪاري رنگ جي.
سوال: جسمان اوڏڻ ڀڄ تعلقي ۾ لاکي ڦلاڻي لاءِ ڪيرو ڪوٽ ٺاهيو هو، توهان ان عورت جي پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: بيلي اوڏ.
سوال: لاکي ڦلاڻيءَ جو دور ڪهڙي عيسوي سن کان ڪيستائين چيو وڃي ٿو؟
جواب: 920ع کان 978ع تائين (ٻي روايت 1200ع کان 1350ع تائين).
سوال: ڪهڙي حڪمران جي قهري ڪارواين سبب ٿانور ڀٽي راجا، مان رعيت سميت فقير بنيو؟
جواب: محمود غزنوي جي حملي سبب.
سوال: ٿانور ڀٽي جي والد ۽ امڙ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: والد راجا سارنگ راءِ، والده راڻي چترا ديوي.
سوال: ٿانور داس ڀٽي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 990ع ڌاري.
سوال: ٿانور ڀٽي ڪهڙي عيسوي سال راجا ٿيو؟
جواب: 1005ع ۾.
سوال: ٿانور ڀٽيءَ کي، سندس ڪهڙي ظالم ڀاءُ جي، موت کان پوءِ حڪومت ملي؟
جواب: سانڀر ڀٽي جي موت کان پوءِ.
سوال: ٿانور ڀٽيءَ کي ڪيترا ڀائر هئا؟
جواب: ٽي. سانڀر، ٿانور ۽ دوليءَ ڀٽي.
سوال: ڪهڙي سخيءَ جي گهڻي سخاوت ۾ گنج لٽائڻ جي ڪري سندس گاديءَ جو شهر ”گنج گوندي“ سڏجڻ لڳو؟
جواب: ٿانور ڀٽي جي.
سوال: ٿانور ڀٽي ڪيترا مهينا گنج گوندي ۾ گذاريندو هو؟
جواب: اٺ مهينا ۽ برساتن وارا چار مهينا هاڪڙي درياءَ جي ڪپ تي.
سوال: ٿانور ڀٽيءَ جي پتنيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: منيل ديوي عرف مڌهومتي. (حوالو، ڪتاب، سنڌ جي سڳنڌ)
سوال: ساموئي يا سما ننگر جي مذڪور شهر جو باني ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: ڄام انڙ جي والد ڄام لاکو کي.
سوال: انڙ بن سمون کي ڪيترا پٽ هئا؟
جواب: 28. حوالو، ڪتاب. سر پرڀاتي، ص، 138.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورمي کي سنڌ جي سگهڙن انڙ وير ڪوٺيو آهي؟
جواب: ڄام انڙ کي.
سوال: ڄام انڙ ڪهڙي پرڳڻي جو حاڪم هو؟
جواب: ڌيرڪ پرڳڻي جو (سندس گاديءَ جو هنڌ ساموئي يا سما ننگر).
سوال: ڪهڙي سورهيه سج اڀرڻ ٽاڻي اٺ ڪروڙ جو سوالين کي دان ڏنو؟
جواب: ڄام انڙ.
سوال: ڄام انڙ کان پوءِ ڏهين صديءَ جي وچ تائين سندس ڪهڙي سپوت پٽ جي سرداري هئي؟
جواب: ڄام تماچي عرف ڄام سمي جي.
سوال: ڄام جکرو ڳهڙ راءِ ڪٿي رهندو هو؟
جواب: لاڙ جي پاتار بندر تي.
سوال: ڄام جکري جو تخت گاهه ڪٿي هو؟
جواب: پاتار شهر ۾. (آثار تعلقي ڏيپلي جي کاڙڪ تپي ۾ ).
سوال: ڄام جکرو ولد ڄام سمي جو شجرو ڪهڙيءَ ريت آهي؟
جواب: ڄام جکرو ولد ڄام سمون ولد انڙ ولد لاکيار ولد اوڍ.
سوال: ڄام جکري اوڍاڻي جي پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: پيءُ جو نالو اوڍو ڪيهر ۽ ماءُ جو نالو هوٿل پري. (حوالو، ڪتاب. ست سورهيه ڏهه ڏاتار، ص. 67 ).
سوال: هوٿل نڱامري ڪهڙي شهر جي رهاڪو هئي؟
جواب: پارڪر جي.
سوال: ڄام جکرو اوڍاڻي ڪهڙي علائقي جو حاڪم هو؟
جواب: پارڪر ۽ پائر علائقي جو.
سوال: نهٽي شهر ڪنهن ٻڌايو هو؟
جواب: راءِ جکري.
سوال: جکري جي زماني ۾ نهٽي شهر ۾ ڪيترا هٽ هوندا هئا؟
جواب: 900.
سوال: ڪهڙي سخي ڏاتار کي لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ حاتم ڪوٺيو آهي؟
جواب: ڄام جکري اوڍياڻي کي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ سکر جي سونهن جي تعريف ڪئي آهي، سکر ڪنهن جي ڌيءُ هئي؟
جواب: ڄام جکري اوڍي جي.
سوال: جادم جکري کي ڪيترا ۽ ڪهڙا پٽ هئا؟
جواب: پنج پٽ، هشبت، نر پٽ، گج پٽ، ڀو پٽ ۽ ڳوهڙ راءِ.
سوال: ڄام راهوءَ کان پوءِ سندس ڪهڙو پٽ گادي نشين ٿيو؟
جواب: ڄام داسڙو.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ بيان ڪيل چئن سخي، ڏاتارن جا نالا ٻڌايو جيڪي راڳ ۽ ڪيرت جا تمام گهڻا قدر دان هئا؟
جواب: راءِ ڏياچ، ڄام سٻڙ چوٽاڻي، ڄام لاکو ڦلاڻي، ڄام انڙ.
سوال: ڄام سٻڙ کان پوءِ سندس گادي نشين ڪير ٿيو هو؟
جواب: ڄام وڪيو.
سوال: ڄام وڪيو ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: پنري جو (حوالو، ڪتاب. ست سورهيه ڏهه ڏاتار، ص. 38 )
سوال: گهاگهرا وادي ۾ قديم زماني جو هڪ اعلى ثقافتي مرڪز ”رنگ محل“ ڪهڙي حڪمران جو مضبوط قلعو هو؟
جواب: وڪيي.
سوال: ماڻڪ، ڦل ۽ وڌو ڪنهن جا پٽ هئا؟
جواب: ڄام وڪئي جا.
سوال: شاهه سائينءَ رڻمل راٺوڙ جي تعريف ڪهڙي سر ۾ ڪئي آهي؟
جواب: سر ڍولامارو ۾.
سوال: پکوٿر ديهه ولهاري جي ڪهڙي وڏي بزرگ کي شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي؟
جواب: ڄام اوڍر سمون.

سوال: جڏهن سومرن جون سامون دودي جي مارجڻ کان پوءِ ڪڇ ڏانهن پئي ويون ته انهن جي آجيان ڪهڙي سورهيه ڪئي هئي؟
جواب: ڄام اوڍر سمي.
سوال: ڄام اوڍر سمون، علاءُ الدين جي فوج سان ڪيترا ڏينهن مسلسل جنگ ڪري سر ڏئي سرهو ٿيو؟
جواب: 10 ڏينهن.
سوال: دودي چنيسر جي جنگ دوران ڀاڳو ڀان هٿان سومريون (سامون ٿي) سڀ کان پهريائين ڪهڙي سورهيه وٽ پهتيون هيون؟
جواب: ابڙو اجيت اڙٻنگ وٽ. ( ابڙي الفاڻي سومرن جون سامون جهليون، حوالو. ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، ص. 164 ).
سوال: سومرن جون ڪيتريون سامون ابڙي جي پناهه ۾ رهيون؟
جواب: اڍائي لک. (حوالو. ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن ).
سوال: ڄام اوڍي جو ڪهڙو پٽ علاؤالدين جي فوج سان مسلسل ڏهه ڏينهن جنگ لڙيو ۽ يارهين ڏينهن سر ڏيئي سرهو ٿيو؟
جواب: ڄام اوڍر.
سوال: مشهور سورهيه سردار ابڙو اڙٻنگ ڪهڙي علائقي جو والي هو؟
جواب: ڪڇ جي وڏ سر جو.
سوال: دودي ۽ علاؤالدين جي جنگ ڪڏهن لڳي هئي؟
جواب: 1313ع ۾.
سوال: شهيد دودي سومري جي 709هين عرس جون تقريبون روپا ماڙيءَ ۾ ڪهڙي تاريخ ۽ مهيني ۾ ملهايون ويون؟
جواب: 11، 12، 13 فيبروري 2022ع.
سوال: ڄام ابڙي جي ڪري ڪڇ جي اولهه حصي جو نالو ڪهڙو سڏجڻ لڳو؟
جواب: ابڙا سيون.
سوال: هالار وارو پاسو جڏهن ڄام ابڙي جي قبضي ۾ آيو ته ابڙي کي ڪهڙي نالي سان سڏيو ويو؟
جواب: هالار ڌڻي.
سوال: پراڻ جي مشهور ڪهاڻين مان سڀني کان پراڻي ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟
جواب: بروئي ۽ رپ جي ڪهاڻي.
سوال: شاهه سائين جي سورميءَ رِپَ جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڪلياڻ بادشاهه (ڪلات جو والي).
سوال: بروو ۽ رپ جي عشقيه داستان جا اشارا لطيف سائين ڪهڙن سرن ۾ بيان ڪيا آهن؟
جواب: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، رپ، بروو سنڌي، بروو هندي ۽ بلاول ۾.
سوال: شاهه جي رسالي جو اهم ڪردار بروو سنڌي ڪٿي رهندو هو؟
جواب: بروڙ جو دڙو (هي آثار فضل ڀنڀري کان 2 ڪلوميٽر پنڌ تي 32 ايڪڙن تي پکڙيل دڙي جي شڪل ۾ موجود).
سوال: قديم آثار بروڙ جو دڙو ڪيترن ايڪڙن تي پکڙيل آهي؟
جواب: 32 ايڪڙن تي.
سوال: ڄام ڪارايل ولد ڄام پينگهر سمون ڪٿي جو رهاڪو هو؟
جواب: ڪڇ جي گرڙيي ابڙاسي جو.
سوال: ڪهڙي ڏاتار کي ڪڇ ۽ سنڌ جا ماڻهو سُرهو چور ڪوٺيندا هئا؟
جواب: ڪارائڙو ڪونڌر کي.
سوال: ڪارائڙو ڪڇ کي الوداع چئي ٿرپارڪر ضلعي جي ڪهڙي ايراضيءَ ۾ رهندو هو؟
جواب: ناري واري ايراضيءَ ۾.
سوال: ڪارائڙي ڪونڌر جي ونيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڪپوري (ڌي ساري سنگهار جي).
سوال: ڪپوريءَ پنهنجي شاديءَ جو ڪهڙو شرط رکيو هو؟
جواب: منهنجو ور اهو ٿيندو جيڪو ستن سانن ڪڍڻ وارو چڙوا ڪيلي سر ڪڍي ڏيکاريندو (اهو شرط ڪارائڙي پورو ڪيو هو).
سوال: ڪارايل ۽ ڪپوري شاديءَ کان پوءِ ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهيا هئا؟
جواب: پولڙيا ڳوٺ ۾.
سوال: وينجهار ڪهڙي مشهور ڏاتار جو پٽ هو؟
جواب: ڪارايل جو.
سوال: نبي سر واري ايراضيءَ ۾ ڪهڙا چار مشهور تلاءَ ساري سنگهار ڏانهن مشهور آهن؟
جواب: ڀيماسر، صاحب تڙ، ليٽڪو ۽ نهٽو.
سوال: ڪارائڙي ڄام، ساري سنگهار جي ڪهڙين ٻن ڌيئرن سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: مچاچل ۽ ڪپورئين سان.
سوال: سنگهار جي تربت ڪٿي آهي؟
جواب: هندستان جي شهر راءِ پور ۾.
سوال: لفظ سارو سنگهار جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: ڀاڳين جو بادشاهه .
سوال: سنگهار سومرو ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: دودي وڏي جو پٽ. ( حوالو. مقالو. شاهه ۽ ڪڇ، ليکڪ. محمد سومار شيخ ).
سوال: ڪهڙي شخص چيو هو ته منهنجي مال جو سمورو کير جمعي جي رات غريبن ۾ خيرات ڪيو وڃي؟
جواب: سنگهار سومري.
سوال: شاهه عنايت رضويءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ همون ئاڻي ڪنهن کي سڏيو آهي؟
جواب: سورهيه ڏاتار ڄام ڪرن کي.
سوال: ڄام ڪرن ڪهڙي ايراضيءَ جو حاڪم هو؟
جواب: ناري پٽ جي سونپور واري ايراضي جو.
سوال: ڄام ڪرن ڪيترو عرصو حاڪم رهيو؟
جواب: ڏيڍ ڏينهن. (محقق. غلام محمد لاکو ).
سوال: آڳاٽي دور ۾ جيڪو به سردار ڏاتاري جي دعوى ڪندو هو ته ڪهڙا پورهيت ان جو امتحان وٺڻ لاءِ پهچي ويندي هئا؟
جواب: چارڻ، ڀاٽي، ڀان ۽ مڱڻهار.
سوال: جنهن ڏاتار کان جيڪر ڪنهن سائل جو سوال پورو نه ٿي سگهندو هو ته ڏاتار ڇا ڪندو هو؟
جواب: بنا دير پنهنجو سر ڏيندو هو.
سوال: ابڙي اگهام جي رهائش ڪٿي هئي؟
جواب: پارڪر جي چوٽاڻ جي پٽ ۾.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سخي ڏاتار واٽ ويندڙ مسافرن جي جاچ ڪندو هو ته انهن مان ڪو بکيو ۽ اڃيو ته نه رهجي ويو آ ؟
جواب: ڄام ابڙو اگهام.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن ٽن سخي سردارن جي سخاوت ۽ ڏاتاريءَ کي برابر سمجهيو آهي؟
جواب: ڄام ابڙو اگهام، ڄام سٻڙ، ڄام جکرو اوڍاڻي کي.
سوال: ڄام راهو ڪهڙي مشهور حاڪم جو پٽ هو؟
جواب: ڄام تماچي عرف ڄام سمي جو پٽ هو (ڄام انڙ جو پوٽو).
سوال: ڄام راهو ڪهڙي پرڳڻي جو رهاڪو هو؟
جواب: ڌيرڪ پرڳڻي جو (ٻي روايت راهوڪيءَ جو).
سوال: شاهه صاحب سمن جي گاديءَ واري شهر محمد طور جو ذڪر ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: بيت- جڏهن ڍاڳي ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار،
تڏهن تازڙين طور، هئي جسوڌڻ سين.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل ڪردار ساري سنگهار کي ڪيترو اولاد هو؟
جواب: ٻه ڌيئر ۽ چار پٽ.
سوال: مهڙ، منائي (مناهين) ۽ انڙ انڙاڻي شاهه سائين جي ڪهڙي سورهيه ڏاتار جا پٽ هئا؟
جواب: ڄام انڙ سمي جا.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سخي جي سخاوت لاءِ چيو ته ”هن جي سخاوت ارڙهن هزار حاتمن کي ڍڪي ڇڏيو آهي“؟
جواب: سخي جادم جکري جي سخاوت. (سر بلاول ۾.)
سوال: ڪهڙو سخي مڙني سمن جو ابو ليکجي ٿو؟
جواب: سخي جادم جکرو.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سورمو چئن قلعن جو ڌڻي هو؟
جواب: ڄام ڳهڙ.
سوال: شاهه سائين ڍول ۽ مارئي جي ڪهاڻي ڪهڙي علائقي ۾ ٻڌي هئي؟
جواب: سيريين (ڍٽ علائقي ۾).
سوال: ڍول ۽ مارل جي واقعي کان لڳ ڀڳ ڪيترا سال پوءِ عمر مارئي جو واقعو رونما ٿيو؟
جواب: ٻه سؤ سال پوءِ.
سوال: ڪهڙي شخص ڍول جي زال مارل کي کڻي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو هو؟
جواب: همير سومري. ( پهريون ). هاڃو ڪيو همير با الله نئي ٿو بند ۾ !
سوال: ڪهڙي محقق جي تحقيق مطابق، مارئي جي سر ۾ جيڪي بيت ”ور“ يا ”ڪانڌ“ جي نالي سان آهن، اهي سڀ ڍولي ۽ مارئي سان وابسته آهن؟
جواب: معمور يوسفاڻيءَ .
سوال: شاهه سائين جي سر ڍول مارئي جي ڪردار مارئي جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: راجا پينگڙ.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن ٻن راجائن جي قصي کي سامهون رکي سر ڍولا مارو جوڙيو هو؟
جواب: راجا نڙ ۽ راجا پينگڙ جي قصي کي.
سوال: شاهه سائين جي سر ڍول مارئي جي ڪردار ڍولو عرف ڍول ڪهڙي حڪمران جو پٽ هو؟
جواب: راجا نڙ جو.
سوال: راجا نڙ ۽ راجا پينگڙ ڪهڙن علائقن جا راجا هئا؟
جواب: راجا نڙ اوجڻ نگر جو ۽ راجا پينگڙ، پونگڙ گڊهه جو.
سوال: ڄام ڏهر جي شهر ڏهر جا آثار ڪٿي موجود آهن؟
جواب: ڏيپلي تعلقي جي ٻلهياري ۽ راحمڪي بازار جي وچ ۾.
سوال: ڄام ڏهر عرف ڏاهر پنهنجي نالي سان شهر ڪهڙي علائقي ۾ جوڙايو هو؟
جواب: وَٽِ واري سهڻي علائقي ۾.
سوال: جسوتڻ بادشاهه ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: مهڙ بادشاهه جو.
سوال: جسوڌڻ کي ڪيتريون نياڻيون هيون ۽ انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ٻه نياڻيو، سهڻي ۽ سانجهي.
سوال: جکري کي سانجهيءَ مان ڪهڙو پٽاڻو اولاد ٿيو هو؟
جواب: فقط ٻه پٽ، ساند ۽ ٿيٻو.

سوال: 14 جون 1870ع ۾ قصو وڪيي ڏاتار جو ڪنهن ٺاهي تيار ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيو هو؟
جواب: آخوند عبدالرحيم.
سوال: سيد صالح محمد شاهه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪهڙي سال، شاهه سائينءَ جا بيت تحت اللفظ رڪارڊ ڪرايا؟
جواب: 1979ع ۾.
سوال: سيد صالح محمد شاهه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي شاهه جي ستن سورمين تي لکيل ڊرامن ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو. اهي ڊراما ڪنهن لکيا ۽ ڪنهن پيش ڪيا؟
جواب: مشتاق چنگيزي لکيا ۽ جهانگير قريشيءَ پيش ڪيا.
سوال: ڊرامن جو سلسلو شاهه جا سورما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيا، اهي ڪنهن تحرير ڪيا هئا؟
جواب: سيد ماڪن شاهه رضوي.
سوال: شاهه سائينءَ ستن سورمين کان علاوه ٻين ڪيترين عورتن جا ذاتي ۽ صفاتي نالا پنهنجي رسالي ۾ بيان ڪيا آهن؟
جواب: 22 عورتن جا.
سوال: ڪهڙي ليکڪا پنهنجي مقالي ۾ شاهه لطيف جا 34 سورما ڳڻيا آهن؟
جواب: رقيه عامر.

شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ پورهيت قومون ۽ سندن ڪاروبار بابت

سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙين قومن کي ڳايو آهي انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: سيد، سوڍا، گجر، کٽي، مهاڻا، ملاح، ڀان، بلوچ، جت، سومرا، برفت، بروهي، ٻانڀڻ، ڪوري، لنگها، لورا، مڱڻهار، ماڙيچا، ٺاڪر، جوڳي، ڪاپڙي، مينڌرا، سامي، ريٻارا، برهمڻ، سمان، گندرا، اوڏ، اوٺا، راهوجا، ٻاٽ ۽ وانڊي وغيره.
سوال: سر ديسيءَ ۾ لطيف سائينءَ ڪهڙين ذاتين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: برفت، بروهي، جت، هوت جو ذڪر.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ ڪيترن هٿيارن جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: چوويهه هٿيارن جو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن هٿيارن يا اوزارن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: بندوق، ڍال، سينڱ، سر ، سيلو، ڇتيون، بڙڇي، ڀالو، ڪند، تبر، تلوار، تنڪ، تير، بان، ٽنگر، پيلو، لوري، پاکر (پاڪر)، کڙڳ، خنجر، ڪات، ڪاتي، ڪان، ڪنگول، ڪمان، ڪير ۽ هول وغيره جو ذڪر ڪيو آهي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ تقريبن ڪيترن پورهيتن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 35 پورهيتن جو.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن پورهيتن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: (1) وينجهار. (2) رنگوٽي. (3) ڪشتيبان. (4) آڳڙيا. (5) اوڏ. (6) ڌراڙ ”ڌنار“ . (7) پرٽ. (8) ڪاتب. (9) سونهون. (10) صراف. (11) غواص. (12) ڪاپائتي. (13) ڪنڀار. (14) ڪوري. (15) لوهار. (16) ملاح. (17) مهاڻا. (18) واڍا. (19) وڻجار. (20) هاري. (21) چارڻ. (22) واپاري. (23) مڱڻهار. (24) ويڄ. (25) طبيب. (26) شيشه سازي. (27) ڏٿ ڏوريندڙ کاهوڙي. (28) فرنگي. (29) ملان. (30) جوڳي. (31) سامي. (32) سنياسي. (33) قاضي. (34) معلم. (35) پير مريد. وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ ڪوڏر جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ديسي ۽ بروو سنڌيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪاتيءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ديسيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين، صرافن، موتين جي واپارين ۽ وينجهارن کي ڪٿي ڏٺو هو؟
جواب: ٺٽي ۾.
سوال: قديم زماني ۾ جيڪي لوهار تلوارون ٺاهيندا هئا، انهن کي ڇا چيو ويندو هو؟
جواب: آڳڙيا ۽ ڪاريا.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ لوهار کي ٻين ڪهڙن نالن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: سڄاڻ ۽ سائو.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بيت ۾ لوهار کي سائو ۽ سڄاڻ ڪوٺيو آهي؟
جواب: اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سڄاڻ،
لاهيندا مورياڻ، رڪ ڪريندا پڌرو. (سر يمن ڪلياڻ)
سوال: شاهه سائينءَ چرخي ۽ ڪتڻ جو ذڪر ڪهڙن سُرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سُر حسيني ۽ سُر ڪاپائتيءَ ۾.
سوال: ڪپهه ڪتيندڙ عورت کي اڻڻ جي عيوضي طور ملندڙ اجوري کي ڇا چيو ويندو آهي؟
جواب: ڪاپو.
سوال: پاڪ دامن واري مادي ڦر جي اُن کي شاهه سائينءَ ڇا سڏيو آهي؟
جواب: ڀاروڙي. ( ڀرم ڀاروڙي رهي جنهن ۾ اڇي اُن ).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ مڌ ۽ گوشت وڪرو ڪندڙن کي ڪهڙن نالن سان ڳايو آهي؟
جواب: ڪلال ۽ ڪاسائي.
سوال: جن ماڻهن جو خاص ڪم خبر گيري هو، اهڙن ماڻهن کي شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن نالن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: قاصد ۽ پانڌي.
سوال: شاهه صاحب سر ڪيڏاري ۾ ڪهڙن هٿيارن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: تبرون، ڪُند، ڪٽارو، ڪوٽ، تراريون، ڀالا، ڪير، ڍال، زرهه ۽ تيغ وغيره.
سوال: شاهه صاحب جي دور ۾ ٺٽي شهر ۾ جيڪو بهترين قسم جو ڪپڙو ٺهندو هو، ان ڪپڙي کي ڇا چيو ويندو هو؟
جواب: جامه دار.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ هڪ ئي ذات کي پيشي ۽ ڪرت جي لحاظ کان مختلف نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر پرڀاتي ۾.
سوال: شاهه سائين سر پرڀاتي ۾ ڪهڙين ذاتين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ڀان، چارڻ، لنگھا، مڱڻهار، ڄام، انڙ، رونجھو، مڱڻيجو، چوٽاڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ مڱڻهار لاءِ ڪهڙا مختلف نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: مڱتو، مڱڻو، ميراسي، ماچ، مڱڻهار، ڀانُ، ڀٽُ، ڀاٽُ، ڀُوڻو، سائل، سيڪڙو، سُرنديو، سورٺيو، ڪِيرتيو، قوال، ڪامل، جاجڪ، چارڻ، ڏاني، پينار، پاٽ، ربابي، راڳائي، عليل، عطائي، ٻيجلئو، ٻيجل، ٻارٽ، ٻاٽُ، لنگهو وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ شاديءَ ۾ استعمال ٿيندڙ قناتن ۽ وهانءَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاموڏ ۽ سر سسئيءَ آبري ۾ .
سوال: سر سورٺ ۾ شاهه سائينءَ مڱڻهار لاءِ ڪهڙا لفظ ڪتب آندا آهن؟
جواب: جاجڪ، مڱڻو، سائل، ربابي، قوال، چارڻ، راڳائي، ٻارٽ، تنبير وغيره.
سوال: سومرن ۽ سمن واري دور ۾ سنڌ جي مقامي ڳائيندڙن، وڄائيندڙن، منگتن ۽ مڱڻهارن، چارڻن ۽ ڀانن جو مکيه ساز ڪهڙو هو؟
جواب: ڪينرو.
سوال: لفظ سگبان جي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڪتو ڌاريندڙ (مالڪ)
سوال: شاهه سائينءَ، مگر ڀين جي ڀر سان ڪهڙي ڳوٺ ۾ شاهوڪار واپاري ڏٺا هئا؟
جواب: رڙيءَ ڳوٺ ۾.
سوال: شاهه سائين کي ڪهڙي پورهيت جي ڪرت نه وڻي هئي؟
جواب: شڪاري جي شڪار ڪرڻ واري ڪرت.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن سرن ۾ جانورن جي شڪار سان لاڳاپيل اهڃاڻ ملن ٿا؟
جواب: سر ڏهر ، ڪاموڏ، کاهوڙي، ڪارايل ۽ بروو سنڌي ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ شڪاريءَ لاءَ ڪهڙا لفظ اهڃاڻ طور ڪتب آندا آهن؟
جواب: شڪاري، آهيڙي، ماري، ڇيڙون، پارهيڙي ۽ ڪاسائي.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌي ٻيڙ ياتن جي ڪرت ڪيترن قسمن جي هئي؟
جواب: ٽن قسمن جي.
سوال: دنيا جي پهرئين ڪتاب رگ ويد ۾، ناکئا ۽ وڻجارا قوم کي ڇا سڏيو ويو هو؟
جواب: پڻي لوڪ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ مهاڻن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سريراڳ، سامونڊي، ڪاموڏ ۽ گهاتوءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ جتن کي ڪهڙن نالن سان سڏيو آهي؟
جواب: گهگهيلو، ٻاروچو، ٻروچ، ڪيچي، ڪوهيارو، اوٺي، اوٺار، آرياڻي، آريچا، بلوچ، جت ۽ جتا وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ سامونڊي ملاحن کي ڪهڙن سرن ۾ ڳايو آهي؟
جواب: سر سامونڊي، ڪاموڏ، سريراڳ ۽ سر گهاتوءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ مهاڻن، ملاحن ۽ گهاتوئڙن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ملي ٿو؟
جواب: سر گهاتو، ڪاموڏ، ڏهر، سريراڳ، سهڻي ۽ سر سورٺ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ڌنار يا ڌراڙ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ملي ٿو؟
جواب: سر سهڻي، سارنگ، مارئي ۽ ڏهر ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ٺاٺاري جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سامونڊيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ واڍن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ملي ٿو؟
جواب: سر سريراڳ ۽ ڪوهياريءَ ۾ .
سوال: شاهه سائينءَ ڪنڀار جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سهڻي ۽ سر رپ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ لوهار جو ذڪر ڪهڙن ٽن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ، سريراڳ ۽ سر مارئي ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ ڪهڙن مختلف لباسن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: لوئي، کٿي، چني، چولو، گبرو، شلوار، قميص، گگهو وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ لباس جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر کاهوڙي، سهڻي، ڪارايل، بروو سنڌي، ديسي، حسيني، رامڪلي، ڪاموڏ، مارئي ۽ مومل راڻو ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ هنر ۽ لباس جا ڪيترا قسم ملن ٿا؟
جواب: 212 قسم.
سوال: شاهه سائينءَ تلوار (ترار) لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: شمشير، کڙڳ ۽ تيغ.
سوال: شاهه سائينءَ سر ڪيڏاري ۾ ڪهڙن هٿيارن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: تبرون (ڪهاڙيون)، ڪند (ڀالا)، ڪٽارا (خنجر)، بڙڇيون، گرز، نيزا، مصريون (مصر جون ٺهيل تلوارون)، تير، ترار، کڙڳ (ترار).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ تير کي ڪهڙن نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: تير، ٻاڻ، ٻنگو، نائڪ، ڪان، ٽنگر، سيلو، پيلو، لوري، لوهه، پيڪان، ڪٽ ۽ بان.
سوال: شاهه سائينءَ گرم پاڻي واري ”حمام“ جو ذڪر ڪهڙن ٽن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سسئي آبري، رامڪلي ۽ آسا ۾ .
سوال: شاهه سائينءَ سر ڏهر ۾ ڪهڙين قومن يا ذاتين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: جت، ملاح، اوڏ، سما، جاڙيجا، ٺاڪر، ڍاٽي، ريٻاري، سنگهار، بڊام.
سوال: شاهه سائينءَ سر ڏهر ۾ ملاح ۽ ڍاٽي قوم جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ملاح جو هڪ بيت ۾ ۽ ڍاٽي قوم جو به هڪ بيت ۾ .
سوال: شاهه سائينءَ جي سر ڏهر ۾ اوڏ قوم جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ملي ٿو؟
جواب: 8 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سنگهار قوم جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ، سارنگ، سهڻي ۽ مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سر ڏهر ۾ سنگهار قوم جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سترهن بيتن ۾. (21 بيتن ۾)
سوال: شاهه سائين جي دؤر کان اڳ ڪهڙي قوم کير ورهائيندي هئي ؟
جواب: سنگهار قوم.

سوال: سنگهار قوم هفتي جي ڪهڙي رات سمورو کير ورهائي ڇڏيندي هئي؟
جواب: اربع جي شام، خميس جي رات.
سوال: سنڌ جا وڻجارا سنڌ مان ڪهڙيون شيون کڻي ڏيساور ڏانهن ويندا هئا؟
جواب: هيرا جواهر، قرڦل، ڦوٽا، لونگ، پارچا، نير، بخمل جو ڪپڙو ۽ ياقوت کڻي ويندا هئا.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سنڌ جا واپاري واپار سانگي ڪهڙي موسم ۾ ڏورانهن علائقن ڏانهن ويندا هئا؟
جواب: اسوءَ واري موسم جي مهيني ۾ ڏياري ڪري پوءِ اُسهندا هيا ۽ چيٽ مهيني جي گلابي رُت ۾ موٽندا هيا.
سوال: شاهه سائين جي وقت ۾ سنڌ جو قديم واپار ڪهڙي بندر کان شروع ٿيندو هو ۽ هتان جو سامان ڪهڙن ملڪن تائين پهچندو هو؟
جواب: ٺٽي بندر کان شروع ٿي، سريلنڪا، انڊونيشيا، ايرني نار، آفريڪا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن تائين پهچندو هو.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ طبيب لاءِ ڪهڙا نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: ڏاهو، حڪيم، طبيب، ويڄ، حاذق وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ساز لاءِ ڪهڙا مختلف نالا استعمال ٿيل آهن؟
جواب: ساز، سُرندو، سُرود، ڪماچ، ڪِينَرو، ڪِينَر، ڪَنجهو، تُنبي، تُنبير، تنبورو، تانُ، تندُ، تَنبور، دنبورو، چنگ، واڄو، وَڏاڻ، ولايتي، بِين، سارنگي وغيره.

شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ڪجهه جانورن جو ذڪر

سوال: شاهه سائين کي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي جانور تي ڪهل ايندي هئي؟
جواب: سهو.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ ڪيترن چوپاين جانورن جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: ويهه جانورن جو.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: (1) شينهن. (2) خر/ گڏهه. (3) خچر. (4) اُٺ. (5) مينهن/سانُ. (6) ٻڪر. (7) جنبو/ گدڙ. (8) ڏاند (ڍڳو). (9) روجهه/جھنگلي ڳئون. (10) سرهه. (11) ڪتو. (12) ڪيسر/ ڪيهر. (13) مرون. (14) هاٿي. (15) هرڻ. (16) گھوڙو. (17) رڍ/گھيٽا. (18) مانگر مڇ (ميڪر). (19) سهو. (20) لُڌڙو.
سوال: شاهه سائينءَ ٻولاهي ٻڪر جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين لُڌڙي جانور جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاهه سائين سر ڏهر ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: هرڻ ۽ روجهه جو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙي جانور ۽ پکيءَ جي بيقراري بيان ڪئي آهي؟
جواب: هرڻ ۽ هماءُ.
سوال: سُر سهڻيءَ ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: وڇن، مينهن، ڄرڪي، سيسر، مڇُ /واڳون.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن جانورن کي دعا ڪئي آهي؟
جواب: اٺ، مينهن، ٻڪرو ۽ کر.
سوال: شاهه سائين سر مومل راڻي ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اٺ ۽ گھوڙي جو.
سوال: سر سارنگ ۾ شاهه سائينءَ مينهن جانور جي، ڪهڙن صفاتي نالن کي ڳايو آهي؟
جواب: تاساريون (اڃايل)، ڀٽاريون (متاريون)، کٽر (جيڪي کير نه لاهين)، ڪنڍيون، ٻولايون، رايون، سُوا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اُٺ جانور لاءِ اٽڪل ڪيترا لفظ ڪتب آندا آهن؟
جواب: ويهه لفظ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعري ۾ ڏاند جانور کي ٻئي ڪهڙي نالي سان ڳايو آهي؟
جواب: ٻڙد.

سوال: شاهه سائينءَ هاٿي جانور جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: چئن سرن ۾، ڪارايل، آسا، ديسي ۽ سورٺ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ شينهن جانور جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر معذوريءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ اٺ جو ذڪر گهڻو ملي ٿو، اُٺ جي اُن کي ڇا سڏيو ويندو آهي؟
جواب: ملس.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ذڪر ڪهڙي جانور جو ڪيو آهي؟
جواب: اُٺ جو.
سوال: شاهه سائين رسالي جي ڪيترن سرن ۾ اٺ جانور جو ذڪر مختلف نالن ۽ حوالن سان ڪيو آهي؟
جواب: 12 سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سُر ديسيءَ ۾ اُٺ لاءِ ڪهڙا نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: توڏو، ڏاگهو، ليڙو، جماز، چانگو (چنگل/ چانگل)، گورو، ڪرهو/ ڪرهل، دوڪ، نيش، ناقي (ڏاچي)، بوتو، مهري، روڏو، ميو، ڪنواٽ، شتر ، اٺ، گنگ وغيره.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اُٺ لاءِ ڪهڙا صفاتي نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: اُٺ، توڏو، موڏو، روڏو، مَيو، متارو، مهري، موڏ، توڏ، ڪرهو، ڪنواٽ، ڪَڪو، ڳوڌو، ٻُهاڻ، چوسالو، دوئڪ، ليڙو، لَلو، چانگو، گئونرو/گورو، گُنگو، ڏاگهو، بوتو، ٻُور، ڀُور، ڀٽارو، جماز، پربت، جماج، بودان، شتر، ناقو، اولاڪ، پانجاريل، نيش ۽ آنرا وغيره.
سوال: شاهه سائين اٺ جي کاڌ خوراڪ وارن ٻوٽن ۽ وڻن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: معذوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني ۽ کنڀات ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اُٺ جي کاڌ خوراڪ وارن ڪهڙن وڻن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ليار بنا ڪنڊ وارو، مڃر ڪنڊيءَ جون سڱريون، پالار، لوهيڙا، کيرولي، مليري ميندي، چوپا چندن ڳاڙها گل، آما، ليما، ڦاروها، ڳاڱا، کٿوري، چنبيلي، اگر ۽ سرکنڊ.
سوال: شاهه سائين ڪيترن ۽ ڪهڙن سرن ۾ بار بار ميو، چانگو ۽ ڏاگهو سان مخاطب ٿيو آهي؟
جواب: ستن سرن (1) سر کنڀات. (2) سسئي آبري. (3) ديسي. (4) حسيني. (5) معذوري. (6) ليلا چنيسر. (7) مومل راڻو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اٺ جي سينگار ۽ سجاوٽ لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: تليارا، ترياڙا، موڙ، گهنڊڻي، لار، ٽليون، ٽونر، هلويون، چڙا، سيلا، دوشالا، دهريون، جهومٽ، جهومر، ڇيرون، ٻنڌڻ، ڳل ڳانا، ياقوت، ڪديفي يا قطيفته، ريشم، موتين پوتل مهار، روپو چاندي ۽ سون.
سوال: شاهه سائين سر ديسي ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اٺ، ڏاند، روجھه، سرهه، هاٿي ۽ مرون/سوئر.
سوال: شاهه سائينءَ سسئيءَ جي سُرن ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اُٺ، ڏاند، سرهه، هاٿي، هرڻ، گهوڙو، چيتو، ڪتو، روجهه، نانگ، واڳون، مِرون ۽ خچر وغيره.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ استعمال ٿيل لفظ ”هانڪ“ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: هاٿيءَ جي دانهن.
سوال: شاهه سائين هاٿي جانور کي ڪهڙن نالن سان ڳايو آهي؟
جواب: هاٿي، هستي، فيل، پيل، گج، گينور ، گجميل، ڪونجر وغيره.
سوال: شاهه سائين سر آسا ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اٺ، تازي گھوڙو، تازي ڪتو، هاٿي، کر/گڏهه ۽ مرون.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ هڪ ئي بيت ۾ هاٿي جو ذڪر ٻه ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: سر آسا ۾. (هاٿي/ فيل).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن چئن جانورن کي نفس لاءِ استعاراتي طور استعمال ڪيو آهي؟
جواب: اٺ، مانگر مڇ، ڪتو ۽ نانگ کي.

شاهه سائينءَ جي شاعري ۾ وڻن، ٻوٽن، گاهن، جيت جڻين، سُتين ڦڪين، ڌاتن، پٿرن ۽ پکين جو ذڪر

سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ڪيترن وڻن جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: پنجٽيهه وڻن جو.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ڪهڙن وڻن جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: ڪنڊو، ڄار، کٻڙ، روهيڙو، ليار، ٻير (گاڏيليون)، ڦوڳ، ڪرڙ، ٿوهر، لوهيڙو، جائو (لئي جو جابلو وڻ)، ڏاڙهو، لوت، چندن، ڪيلو، ٻاٻري، اگر، جر، ڪپور، ساڏوهيون، جبات، سرو، کيرو، نم، ٻير، آما (انب)، ليمون، لوهوڪا، راڱا، جمر (بيد جو وڻ)، جائو، آکو، سر کنڊ (صندل جو خوشبودار وڻ)، تمر(کجي)، آمري (گدامڙي).
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ڪيترن ٻوٽن جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: سٺ ٻوٽن جو.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ڪهڙين ڀاڄين جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: ساڳ (سرنهن)، ميها، ڏؤنرا، چڀڙ (متيرا)، لُلُر، پُسي، ڦنگيون (کنڀيون)، پالڪ، پٽ پيرون، مريڙو، لوڻڪ وغيره.
سوال: شاهه سائين سر ڪاموڏ ۾ ”لوڙهه“ جو ذڪر ڪيو آهي، ان جي ٻئي قسم يا پاڙ کي ڇا چئبو آهي؟
جواب: کير ولي.
سوال: شاهه سائين ٿر جي سفر دوران روهيڙي جو ٻوٽو ڏٺو ته، ڪهڙو بيت چيائون؟
جواب: نڪا جهل نڪا پل نڪو رائر ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهرين روهيڙي رتا گل،
مارو پاڻ امل، ملير مرڪي مارئي.
سوال: شاهه سائين سر مارئيءَ ۾ ڪهڙن کاڌن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ساڳ، ڏٿ، پُلاءُ، ڏؤنرا، چانور، رٻ، پيرُون، سڱر، سائون، لِلر وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ پيرون جي وڻ جو ذڪر ڪيو آهي، ان وڻ جا ڪيترا قسم ٿين ٿا؟
جواب: چار قسم.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن جيتن جو بيان ڪيو آهي؟
جواب: پنجويهن جيتن جو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ڪهڙن ڌاتن ۽ پٿرن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: لوڻ، رڪ، ماڻڪ، پارس، لوهه، سون، فيروزو، موتي، ياقوت لعلون. مرجان، عقيق وغيره .

سوال: شاهه سائين پنير جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙي معدني پيدائش جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ياقوت، موتي، لعلون، شيهو، ميٽ، لوڻ، فيروزه، هيرا، پٿر، رڪ، پارس، ماڻڪ، لوهه، سون وغيره.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾، ميها، چڀڙ ۽ ڦنگين جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ميها مارئيءَ ۾ (ميها، چڀڙ، ڦنگيون سر سارنگ ۾).
سوال: شاهه سائين ٻاجهر (اَن) جو ذڪر ڪهڙي سر ۽ بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: پانڌي پرين پنهوار جو، مون وٽ جو آئو،
اٺا مينهن ملير تي، سڀ ڏيهه سوائو،
ٻَاجهر پڪي ٻاجهه ٿي، لٿو ڏوگائو،
جو سرتين سڃائو، سو هينئڙو هت نه وندري. (مارئي).
سوال: شاهه سائينءَ جي سر کنڀات ۾ ڪهڙين خوشبوئن جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: مشڪ، عطر، چندن، ڪپور (ڪافور) ۽ کٿوريءَ جو.
سوال: شاهه سائين سر ڪاموڏ ۾ ڪهڙن گاهن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: (1) اوڍيئڙو. (2) ٻاچ. (3) ڀُرڙ. (4) پٻڻ. (5) پن. (6) ٽوپ. (7) جل ڳنڍير. (8) ڏير. (9) ڏيرولو. (10) سينئوري. (11) سيڻهه. (12) کرڙ. (13) کارونڊو. (14) ڳاڙهو ڪک. (15) ڦلن جا نئيو. (16) ڪچي پٽ. (17) ڪمال پٽ. (18) ڪنڙي. (19) ڪوڻي. (20) ناڙو. (21) نڙ.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ گاهه جا ايڪيهه قسم بيان ڪيا آهن؟
جواب: سر ڪاموڏ ۾.
سوال: جنهن ٻوٽي مان کائڻ واري مزيدار ٻوراني ٺاهي ويندي آهي ان ٻوٽي جو ذڪر شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاموڏ ۾ (ٻوٽو پَنِ).
سوال: سسئيءَ وارن سُرن ۾ ڪهڙن وڻن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ڪيو ويو آهي؟
جواب: ليار، ميندي، جر، جائو، ڏاڙهون، آنر، جمر، ڪنڊي، مڃٺ، لوهيڙو، انب، ليمو، ڦاروها، ڳاڱا، راڱا وغيره.
سوال: شاهه سائين ٻني خطي جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي ان علائقي ۾ ڪيترن قسمن جو گاهه پيدا ٿئي ٿو؟
جواب: 23 قسمن جو.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ سڀ کان وڌيڪ ذڪر ڪهڙي وڻ جو ٿيل آهي؟
جواب: ڪنڊي وڻ جو.

سوال: شاهه سائين سر ڏهر ۾ ڪيترا ڀيرا ڪنڊي جي وڻ سان مخاطب ٿي کانئس ماضيءَ وارا واقعا معلوم ڪيا؟
جواب: ارڙهن ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪيوڙي ۽ ليمي جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مومل راڻي ۾.
سوال: شاهه سائين پکين جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر، پورب، رپ، ڪارايل، سسئي آبري، معذوري، ديسي، حسيني، سهڻي، مارئي، بلاول، سارنگ، ڪيڏارو، مومل راڻو، ڪاپائتي، آسا.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ڪيترن پکين جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: اٺاويهه پکين جو.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ڪهڙن پکين جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: (1) جهرڪي. (2) ڪٻر. (3) چمڙو. (4) مالاري. (5) آڙي. (6) اڙ، يا ارون. (7) باز. (8) ٻگهه. (9) ٻاٻيهو. (10) تاڙو. (11) تتر. (12) چٻ. (13) چتون/ طوطو. (14) چيهو. (15) سيچاڻو. (16) شڪرو. (17) ڪبوتر. (18) ڪوئل. (19) ڪنگ. (20) ڪانيرو. (21) ڪونج. (22) ڪانگ. (23) ڳجهه. (24) مور. (26) هد هد. (27) هنج. (28) هماءُ.
سوال: ڪونج پکيءَ جو اصل وطن ڪهڙو آهي؟
جواب: روهه جبل (کريڙ ٻيٽ).
سوال: ڳجهه پکيءَ جو ذڪر سڀ کان وڌيڪ شاهه سائين جي ڪهڙي سر ۾ ملي ٿو؟
جواب: سر ڪيڏاري ۾ .
سوال: شاهه سائين جي سر ڏهر ۾ ڪل 8 پکين جو ذڪر ملي ٿو، انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: باز، مور، ٻاٻيهو، اُلو، ٻگهه، ڪونج، چمڙو ۽ ڪٻر.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل ان پکيءَ جو نالو ٻڌايو جيڪو سَؤُ سالن ۾ هڪ دفعو آلاپيندو آهي؟
جواب: هنجهه پکي (هنج پکي).
سوال: ڪهڙي پکيءَ کي عابد ۽ذاڪر سڏيو ويو آهي؟
جواب: هنج پکيءَ کي.
سوال: ڪهڙو پکي سڀني پکين ۾ لاکيڻو سڏيو وڃي ٿو، جنهن جو ذڪر شاهه سائين جي بيتن ۾ به ملي ٿو؟
جواب: هنج پکي (عرف سائو پکي، سرڪارايل ۾ ذڪر).
سوال: شاهه سائين ڪهڙي پکيءَ کي ”بادشاهه پکي“ جو درجو ڏنو آهي؟
جواب: هنج پکيءَ کي.
سوال: شاهه سائين ، هنج پکيءَ کي ڪهڙي خطاب سان نوازيو آهي؟
جواب: حضوري.
سوال: شاهه سائين سر ڪارايل ۾ ڪيترن ۽ ڪهڙن پکين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 10 پکين جو (1) لَلُ. (2) هنج. (3) مور. (4) ڪانئرو. (5) ٻگهه. (6) ڪنگ. (7) ٻاٻيهو. (8) سيچاڻو. (9) ڪڪڙ. (10) شهباز.
سوال: شاهه سائينءَ ڪَٻَرِ ۽ چَمڙي پکيءَ جو ذڪر ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: منجهه ڪٻرن هُل ٻهران لمن چَمڙا،
نه لاکو نه ڦل، ڳجهه ڳرهيان ڪِن سين. (ڏهر).
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ چٻ پکيءَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ملي ٿو ؟
جواب: سر سسئي آبري ۽ ڪارايل ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سسئيءَ جي سُرن ۾ ڪهڙن پکين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ڪانگ، ڪانءُ، تتر، ڪوئل، طوطو، ڪونج، هماء، چٻ، چيهو، ٻاٻيهي، ڳجهه ۽ مور جو.
سوال: شاهه سائين مالاري عرف مالهاري پکيءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سسئي آبريءَ ۾.
سوال: شاهه سائين سر ديسي ۾ ڪهڙن پکين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: هماءُ، تتر، ڪانءُ/ڪانگ.
سوال: شاهه سائين، سر پورب ۾ ڪانگ پکي جاڪهڙا نالا بيان ڪيا آهن؟
جواب: ڪانگل، ڪانگا، زاغ، کنياتو، ڪانگڙو، ڪانءُ، ڪانگ وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جهرڪيءَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سرڪاپائتي ۽ آسا ۾.
سوال: شاهه سائين سر آسا ۾ ڪهڙن پکين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: باز، جھرڪي/چڙي، ڪانگ ۽ سيچاڻو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ ڪهڙي سورمي جي هلڻ کي ڊيل سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: نوريءَ کي.

شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ وهڪرن، بندرن، ڍنڍن، ڍورن ۽ ندين بابت

سوال: سنڌو درياء جي وهڪرن جي شاخن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: پٽيهل، جهول، ڍاڳي، ڍار ، ڍليار ، ڍورو ۽ پراڻ. (حوالو، ڪتاب، ڪنڌي ڪونئر ٽڙن. ص: 220)
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جي ڪيترن وهڪرن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 17 وهڪرن جو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ عربي سمنڊ ۽ سنڌو نديءَ کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: عربي سمنڊ کي کارو ۽ سنڌو نديءَ کي مٺو.
سوال: شاهه سائين مهراڻ درياءَ جو ذڪر ڪهڙن ستن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: آسا، گهاتو، ڪارايل، سهڻي، ديسي، سامونڊي ۽ سريراڳ ۾.
سوال: تاريخ طاهريءَ موجب، سنڌو درياءَ مان ڪهڙيون ٽي شاخون ڦٽي وهنديون هيون؟
جواب: واهند، دامن، هاڪڙا.
سوال: ڪهڙو وهڪرو مهراڻ يا دامن درياءَ مان ڦٽي نڪرندو هو؟
جواب: ڍورجو وهڪرو (ان جو ذڪر سر ڏهر جي ٻارهن بيتن ۾ ملي ٿو).
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل نار واري وهڪري کي قديم دور جي شاعرن، ڪهڙي نالي سان ڳايو آهي؟
جواب: هاڪڙي جي نالي.
سوال: شاهه سائينءَ نارَ وهڪري جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۽ سر سارنگ ۾.
نيئي نهاريم نار پرت پراڻي نه ٿئي،
ويچارا سنگهار، ڪنهن ساٿيءَ جي سانگ ويا.
سوال: راجا انيراءِ جي ٻيجل سان ملاقات ڪٿي ٿي هئي؟
جواب: نار درياءَ جي ڪناري تي تپه بلغاءِ ديهه ڏگڪي ۾.
سوال: ”نارو“ هن وهڪري جو ذڪر شاهه صاحب ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: روضي تان رسول جي ڪيو وڄڙين وارو،
ڀريائين ڀير پئي نظر سين نارو. (سر سارنگ)
سوال: ڪهڙي وهڪري جون شاخون اولهه ۽ اوڀر کان ڦٽي ريڻي درياءَ، پراڻ درياءَ ۽ دامن درياءَ جي وهڪرن ۾ داخل ٿينديون هيون؟
جواب: نارو وهڪري جون شاخون.
سوال: ڀوريءَ جي شهر جا آثار ڪهڙي وهڪري جي ڪناري سان آهن؟
جواب: نار جي وهڪري. (تعلقو ٽنڊو الهه يار).

سوال: روايتن موجب ڍاڳي ڪهڙي درياءَ جي ڇاڙ هئي؟
جواب: هاڪڙي درياءَ جي.
سوال: ڍاڳي وهڪرو قديم دور ۾ ڪهڙي نالي سان مشهور هو؟
جواب: دامن نالي سان يعني دامن درياءُ.
سوال: ڍاڳي يا ڍاڪي وهڪرو جو ذڪر شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾ (کاري ۾ داخل ٿيندو هو).
جڏهن ڍاڳي ۽ ڍور ٿي ٻئي وهيا ٻلهيار ۾،
تڏهن تازڙين طور، هئي جسوڌڻ سين.
سوال: قديم دور ۾ ڍاڳي ۽ ڍور واري سموري ايراضيءَ ڇا ڪوٺيو ويندو هو؟
جواب: ڍور جي ڌرتي.
سوال: شاهه سائينءَ لوهاڻو (لوهاڻي) درياءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سهڻيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جهول وهڪري جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سهڻي ۾.
سوال: عرب دور ۾ ڏهريڙي عرف دهليله جو مشهور قلعو ڪهڙي نهر جي ڪناري تي هو؟
جواب: جهول جي ڪناري تي.
سوال: ڪهڙو درياءُ عمرڪوٽ جي ڀرسان آمراڻيءَ وٽان ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو؟
جواب: مهراڻ درياءُ.
سوال: پراڻ ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي؟
جواب: يوناني (سنسڪرت).
سوال: پراڻ درياءُ جي تاريخ ڪيتري پراڻي آهي؟
جواب: 4000 ق. م.
سوال: پراڻ درياءَ جي شروعات ڪشمور کان ٿي، نئين ڪوٽ کان وڃي ڪٿي دنگ ڪندي هئي؟
جواب: رڻ ڪڇ ۾. (اروڙ کان شروعات رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ. محقق. مشڪور ڦلڪارو ).
سوال: پراڻ يا لوهاڻو نديءَ کي عربن ڪهڙي نالي سان سڏيو آهي؟
جواب: مهراڻ درياءُ.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ پراڻ جي ٻنهي پاسن کان ڪاڪ کان بڊام تائين ڪهڙي ذات وارن جي اڪثريت هئي؟
جواب: دل ذات.
سوال: ڪهڙي شخص ڪڇ جي ويجهو پراڻ درياءَ جي ڀرسان هڪ مضبوط پٿرائون قلعو ٺهرايو هو؟
جواب: ڪانجيءَ.
سوال: ڪهڙي جاگرافيائي عالم پراڻ وهڪري جو اصل نالو لوڻي لکيو آهي؟
جواب: رٽر RITTER
سوال: ماهرن مطابق 3 هزار سال اڳ ڪهڙي ندي ننگر پارڪر مان وهي اچي ڪوري نار ۾ پوندي هئي؟
جواب: لوڻي (روايت مطابق لوڻي شهر ۽ لوڻو بندر به هئو.)
سوال: شاهه سائين لوڻي نديءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: ڪڇ ۽ سنڌ جو پاڻ ۾ واپاري رابطو ڪهڙي درياءَ ذريعي ٿيندو هو؟
جواب: پراڻ درياءَ ذريعي.
سوال: پراڻ درياءَ کي ميرپورخاص کان ڪهڙي شهر تائين پراڻ جي نالي سان سڏين ٿا؟
جواب: نئين ڪوٽ تائين.
سوال: پراڻ درياءُ ميرپور خاص کان رڻ تائين ڪيترن ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي؟
جواب: چار سؤ ڪلوميٽر.
سوال: پراڻ درياءَ جا ڪيترا ڍورا هئا؟
جواب: ويهارو ڍورا.
سوال: شاهه سائين جي ڪيترن سرن ۾ پراڻ جي تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: چئن سرن ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪيترن سرن ۾ پراڻ درياءَ جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: ٽن سرن ۾. سر سارنگ، ڏهر ۽ مارئي.
سوال: شاهه سائينءَ پراڻ جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: 25 بيتن ۾.
سوال: پراڻ درياءَ جا مشهور بندر ڪهڙا هئا؟
جواب: علي بندر، وڳهه ڪوٽ وارو بندر، ديبل بندر، لکپت وارو بندر ۽ سنڌڙي بندر.
ڪتاب، سنڌ جو کارو ، ص: 81 . ونگو پتڻ، باغ جو پتڻ، رحمڪي بازار ، علي بندر ۽ سنڌڙي بندر.
سوال: ڄار پتڻ ڪهڙي درياءَ جو مشهور پتڻ هو؟
جواب: پراڻ درياءَ جو.
سوال: ڪهڙي نديءَ جي ڪنارن سان سوا لک ولين بزرگن جون آرامگاهون آهن؟
جواب: پراڻ نديءَ جي ڪنارن سان.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي درياءَ کي مخاطب ٿيندي چيو ته، تون ڇٽيهه جڳ سنڀرين؟
جواب: پراڻ درياءَ کي.
سوال: ڪهڙي بزرگ پراڻ جي پيرن جي خدمت ۾ سڄي عمر گذاري؟
جواب: جکرو ننڌو (سندس مزار آمري جي قبرستان ۾ ).
سوال: ڪهڙي نالي پويان علي بندر مشهور ٿيو؟
جواب: علي نوتيار جي نالي پويان.
سوال: 1799ع ۾ علي بندر وٽ وڏو بند ڪنهن ٻڌايو هو؟
جواب: امير فتح علي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ ٻلهيار ڍنڍ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: شاهه سائين کي لاکي ڦلاڻي جي وڻن تي اوڍاڻيءَ وارو قصو معلوم ٿيو ته ڪهڙو بيت چيائون؟
جواب: جهوني تون پراڻ جڳ ڇٽيهه سنڀرين،
تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيئڙا.
سوال: ٿرپارڪر سان لاڳاپيل هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنڌيءَ تي سمن جي دور جا ڪهڙا آثار موجود آهن؟
جواب: داسڙن جو دڙو، ليلان جو ليهور، ڳاڙهو ڀڙو، بروڙ جو دڙو، آمري جو مقام، منڌرن جو دڙو، سما ننگر، ٻرڙائي ڪوٽ وغيره.
سوال: پراڻ جي مشهور ڪهاڻين مان سڀني کان پراڻي ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟
جواب: بروئي ۽ رپ جي ڪهاڻي.
سوال: شاهه سائين جي سفر ۾ بيان ڪيل ڪهڙي وهڪري جي وڏي تاريخ ملي ٿي؟
جواب: پوراڻ (پراڻ) درياءَ جي.
سوال: ان وهڪري جي نالو ٻڌايو جيڪو لکپت بندر تائين وهندو هو؟
جواب: پوراڻ.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ پوراڻ درياء جو ذڪر ملي ٿو ان وهڪري تي پوراڻ نالو ڪيئن پيو؟
جواب: هن وهڪري ۾ ور وڪڙ تمام گهڻا هئا ان ڪري هن درياءَ تي پراڻ يعني پورن واري نالو پيو.
سوال: محمود غزنويءَ ڪهڙي درياءَ جي ڪنديءَ تي هڪ يادگار مينار جوڙايو هو؟
جواب: پراڻ درياءَ جي ڪنديءَ تي (لڳ ڪوٽ مير جان محمد).
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ پوراڻ نديءَ جا ڪهڙا پتڻ مشهور هئا؟
جواب: ڪاهو، ڪاڪ، جھلوري، واگھريجي، جسرل، جهنڊو، ونگو ۽ اٻهاري پتڻ مشهور هئا.
سوال: روايتن مطابق ڪهڙي نديءَ جا اوڻويهه پتڻ مشهور هئا؟
جواب: پوراڻ نديءَ جا.
سوال: ٻنگار شهر جا آثار ڪٿي آهن؟
جواب: پراڻ جي ساڄي ڪپ تي پنگرئي کان ست ميل اوڀر طرف.

سوال: پراڻ درياءَ جون ڪيتريون ڍنڍون مشهور آهن؟
جواب: 9 ڍنڍون.
سوال: شاهه سائين گنگا جي وهڪري جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۽ بلاول.
سوال: شاهه سائينءَ واڳوڏر وهڪري جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: ڪنڀ جو وهڪرو ڪهڙن ٽن نالن سان سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: ڪنڀ، کنڀات ۽ گنڀاٽ.
سوال: شاهه سائينءَ پٽيهل وهڪري جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: پٽيهل تي ڪهڙي بادشاهه جي راڄڌاني هئي؟
جواب: پٽي بادشاهه جي.
سوال: پٽيهل تي پٽيهل نالو ڪيئن پيو؟
جواب: پٽي بادشاهه جي آباد ڪيل شهر پٽيجي سبب.
سوال: جھول ۽ ڪنگھار نالي شاخون ڪهڙي درياءَ جون اهم ڇاڙون هيون؟
جواب: پٽيهل درياءَ جون.
سوال: شاهه سائين سر ڏهر ۾ ڪيترن ۽ ڪهڙن وهڪرن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: پنجن وهڪرن جو (1) اڀرندو هاڪڙو. (2) ڍاڳي. (3) ڍور جو وهڪرو. (4) پوراڻ. (5) پٽيهل وهڪرو.
سوال: آڳاٽي زماني ۾ بهاولپور ۾ ”مروٽ“ نالي قلعو ڪهڙي درياءَ جي ڪناري تي هئو؟
جواب: پراڻي هاڪڙي درياءَ جي ڪناري تي.
سوال: ڪهڙي قديم شهر جا آثار هاڪڙي ۽ پاري ننگر جي وچ ۾ وهندڙ قديم سامونڊي نار جي ڪناري تي هئا؟
جواب: نوهٽو شهر.
سوال: سنڌو درياءَ جو اهو ڪهڙو پراڻي کان پراڻو وهڪرو آهي، جنهن جو لطيف سائين سير ڪيو هو؟
جواب: پراڻ جنهن کي پٽيهل درياءُ به چون ٿا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪاڪ نئن جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مومل راڻي ۾.
سوال: ڪاڪ نئن ۽ ”لو درو نئن“ ڪهڙي وهڪري جون ٻه شاخون هيون؟
جواب: لڊاڻي وهڪري جون (ذڪر سرمومل راڻو ۾).
سوال: شاهه سائين وندر نئين جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سسئي آبريءَ، معذوري، ديسي ۽ حسيني ۾.
سوال: وندر نئن ڪٿان نڪري ٿي؟
جواب: پٻ جبل مان.
سوال: وندر نئن ڪيترا ڪلوميٽر وهي ٿي ۽ ڪٿي ڇوڙ ڪري ٿي؟
جواب: اٽڪل 125 ڪلوميٽر وهي ٿي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سوال: مڪران جي پهاڙي سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏي نئن ڪهڙي آهي؟
جواب: ماڪاڻي. (محقق. حبيب الله صديقي).
سوال: ڪهڙي نئن ۾ ٻارهو ئي پاڻي رهندو هو ۽ ان پاڻيءَ جو رنگ ڳاڙهسرو هوندو هو؟
جواب: ڪاڪ نئن جو.
سوال: ڪاڪ ڪٿي هئي؟
جواب: جيسلمير کان اٺ ميل پري ڪوٽڙي کان نڪرندي هئي.
سوال: ڪاڪ تي ڪاڪ نالو ڪيئن پيو؟
جواب: لڊاڻي جي چشمي تي هڪ جوڳي ڪاڪ يا ڪاگ رهندو هو جنهن ڪري ان نئن تي ڪاڪ نالو پيو.
سوال: ڪاڪ جو طلسماتي محل ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي ڪنهن ٺهرايو هو؟
جواب: مومل ۽ سومل.
سوال: ايم. ايڇ. پنهور جي راءِ مطابق لڊاڻو ڪهڙي نديءَ جو قديم وهڪرو هو؟
جواب: سرسوتي نديءَ جو.
سوال: قديم دور ۾ هاڪڙي درياهه جي ڪنارن سان ڪيترا واهڻ وستيون هيون؟
جواب: ٻارنهن سو کان مٿي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ڇٽيهه جُڳ“ ڪنهن لاءِ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: پراڻ درياهه ۽ ان جي مک درياهه لاءِ.
سوال: هڪ جُڳ ۾ ڪيترا ورهيه ٿين ٿا؟
جواب: ٻارهن لک ورهيه.
سوال: آڳاٽي دور ۾ ڪهڙي علائقي ۾ ڪونج پکيءَ کي مارڻ تي پائبندي هئي؟
جواب: بڊام واري علائقي ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن سرن ۾ انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا، لڪا، لنڪا جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ ۾ .
سوال: شاهه سائين هاڪڙي درياهه لاءِ ٻه لفظ وَهَه ۽ وَهڻ (وَهَه ۽ مهراڻ) ڪهڙي سر ۾ ڪتب آندا آهن؟
جواب: سر سهڻي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ مهراڻ جو لفظ سمنڊ لاءِ ڪهڙن سرن ۾ ڪتب آندو آهي؟
جواب: سر سامونڊي، سر سريراڳ، سر گهاتو ۽ سر ڪاموڏ ۾.

سوال: شاهه سائين ڪهڙيون نديون اڪري هنگلاج پهتو؟
جواب: هنگول ۽ اگهور نديون.
سوال: شاهه سائين بلوچستان جي ڪهڙي وڏي ۾ وڏي نديءَ جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي؟
جواب: هنگول نديءَ جو(هنگول يا هنگلور ندي).
سوال: هنگول يا هنگلور ندي ڪهڙي ملڪ مان شروع ٿيندي هئي؟
جواب: عراق مان شروع ۽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
سوال: هاڙهي جبل جي هڪ پاسي هنگول ندي آهي ۽ ان جبل جي ٻئي پاسي ڪهڙ ي ندي واقع آهي؟
جواب: اگهور ندي.
سوال: ڪهڙي ندي ٻن جبلن جي وچان وهي ٿي؟
جواب: اگهور ندي.
سوال: هنگول يا هنگلور ندي لسٻيلي جي حدن مان ڪيترا ميل سفر ڪري عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي؟
جواب: 358 ميل.
سوال: شاهه سائينءَ ماڪاڻي نئن جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾. (مڪران جي پهاڙي سلسلي ۾ ماڪاڻي وڏي نئن آهي ).
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سمنڊ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٽن سرن، سريراگ، سامونڊي ۽ گهاتوءَ ۾.
سوال: مهراڻ نديءَ جي نسبت سان ڇور کان نئين ڪوٽ تائين علائقو ڪهڙي نالي سان سڏجي ٿو؟
جواب: مهراڻو. (حوالو. نئين زندگي، آگسٽ 2002ع).
سوال: ٿر ۾ ڪهڙن وهڪرن جي عروج جا مختلف آثار ملن ٿا؟
جواب: هاڪڙو، مهراڻ ۽ پراڻ.
سوال: قديم زماني ۾ بيڪا نير ۾ هاڪڙا درياءَ جو ڪهڙو نالو هو؟
جواب: گهاگهڙا.
سوال: ڪهڙي حڪمران جي دور ۾ ستن مهاڻن، سنڌ جي مستقبل متعلق ست اڳڪٿيون ڪيون هيون؟
جواب: ڄام تماچي جي دور ۾.
سوال: ساموئي جي ستن مهاڻن کي ڪنهن قتل ڪرايو هو؟
جواب: ڄام تماچيءَ.


سوال: هي بيت ڪنهن جو چيل آهي؟
ڀڄندي ٻنڌ اروڙ، هاڪ وهندو هاڪڙو
بهه مڇي ۽ لوڙ، سمي ويندا سوکڙي.
جواب: مامو يا فقير (پراڻ جي ڪنڌي تي آرامي).
سوال: هاڪڙو درياءَ جي تاريخ ڪيتري قديم آهي؟
جواب: پنج هزار سال. (حوالو، ڪتاب. سنڌؤَ جا قديم وهڪرا).
سوال: ڪهڙي وهڪري جي اترئين علائقي ۾ چار سؤ ست اهم قديم ماڳ هئا؟
جواب: هاڪڙي جي اترئين علائقي ۾.
سوال: قديم دور ۾ ڪهڙو درياءُ سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ سرحدي طور ڪم ايندو هو؟
جواب: هاڪڙو. (حوالو، ڪتاب. سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر ).
سوال: ڪهڙي درياءَ جو پراڻو نالو سرسوتي هو؟
جواب: هاڪڙي درياءَ جو.
سوال: روايتن مطابق هاڪڙو، سنڌو درياءَ کان بلڪل الڳ ڪهڙي درياءَ جو آخري وهڪرو هو؟
جواب: سرسوتي درياءَ جو.
سوال: سڪندر اعظم جي حملي وقت سنڌ ۾ ڪيترا درياءَ وهندا هئا؟
جواب: 2 درياءَ.
سوال: ڪهڙي عيسوي سن ۾ هاڪڙو سڪي ويو هو ۽ سنڌو دريا اولهه ڏانهن وهڻ شروع ڪيو هو؟
جواب: 1226ع ۾.
سوال: ديهه اصحابي ۾ هاڪڙي جي ڪناري تي ڪهڙي بزرگ جي آستان تي ڀٽ ڌڻيءَ چلو ڪڍيو هو؟
جواب: بزر گ متواتر جي آستان تي.
سوال: اڀرندو هاڪڙو هماليه جبل مان نڪري ڪٿي ڇوڙ ڪندو هو؟
جواب: سامونڊي کاري ۾.
سوال: جيسلمير ۾ هاڪڙي جي شاخن جا نشان ڪيترن ميلن ۾ آهن؟
جواب: 132 ميلن ۾. (حوالو. نذر لطيف. ص. 185 )
سوال: 2012ع کان پنجاب يونيورسٽيءَ جي قديم آثارن جي شعبي جي ڪهڙي سربراهه جي نگرانيءَ ۾ ماهرن جي هڪ ٽيم هاڪڙا ندي ۽ ان جي ڪنارن وارن شهرن جي سروي جو ڪم شروع ڪيو؟
جواب: ڊاڪٽر فرزند مسيح، يونيسڪو جي مالي سهڪار سان.


سوال: هاڪڙا نديءَ جي ڪنارن وارن قديم شهرن جي ڳولا پهريون ڀيرو ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪئي؟
جواب: سر ابريل اسٽبن ۽ هينري فيلڊ 1941ع ۾.
سوال: هاڪڙا واديءَ جا ڦٽل شهر بچي سگهندا ؟ هي مضمون ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: نور محمد سمون.
سوال: شاهه سائين پٽيهل وهڪري جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٽن بيتن ۾ (سر ڏهر ۾).
سوال: دامن درياءَ وارو وهڪرو رحمڪي بازار کان اڳتي نڪري ڪٿي ڇوڙ ڪندو هو؟
جواب: ڪوريءَ جي نار ۾.
سوال: ڪهڙي وهڪري کي اڀرندو مهراڻ چوندا هئا ؟
جواب: دامن درياءَ کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل ان وڏي وهڪري جو نالو ٻڌايو جيڪو پوريءَ سنڌ کي آباد ڪندو هو؟
جواب: دامن درياءَ جو وهڪرو.
سوال: عمر ڪوٽ کان ڇهه ست ميل پري اتر طرف قديم دور ۾ ڪهڙي درياءُ وهندو هو؟
جواب: دامن درياءُ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏهر واري ايراضي جي ٽئين نمبر وڏي وهڪري جو ذڪرڪيو آهي ان جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڍور وهڪري جو.
سوال: شاهه سائين ڍور درياءَ جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٻارهن بيتن ۾.
سوال: ڪهڙاوهڪرا جسوڌڻ جي دور ۾ ڀرتو وهندڙ هئا؟
جواب: ڍاڳي ۽ ڍور.
سوال: جسوڌڻ مهراڻي جي دور ۾ اڀرندي هاڪڙي کي ڇا سڏيو ويندو هو؟
جواب: سانگاهه (هي وهڪرو ننڍي ڍوري جي شڪل ۾ وهندو هو).
سوال: شاهه سائين سر ڏهر ۾ ڪنڊي جي وڻ کي مخاطب ٿيندي بيت چيا آهن، اهو ڪنڊو ڪهڙي درياءَ جي ڪپ تي هو؟
جواب: ڍور درياءَ جي ڪپ تي.
سوال: ڪهڙي درياءَ کي سهڻيءَ وارو ڍورو يا سهڻي وارو درياءُ سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: لوهاڻي درياءَ کي (شهدادپور کان اولهه ۾ ان جا آثار موجود آهن).
سوال: سهڻيءَ واري درياءَ جي، لاڙ واري حصي کي ڇا چون ٿا؟
جواب: ريڻ.

سوال: ڪهڙو درياءُ پنجاب کان ٿيندو، بهاولپور ۽ جيسلمير مان ٿرپارڪر واري ايراضيءَ تائين وهندو هو؟
جواب: واهند درياءُ.
سوال: واهند درياء ڪهڙي شهر وٽ ڇوڙ ڪندو هو؟
جواب: پاري ننگر وٽ.
سوال: پارڪر واري ايراضيءَ ۾ واهند درياءَ جي بچيل حصي کي ڇا سڏيو ويندو آهي؟
جواب: سانگاهه.
سوال: شاهه سائين سانگهه وهڪري جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر.
ڪنڌيين اڪ ڦلاريا، سانگهه سڪو ساهه،
مهڙاڻي وٽانهه، رويو راڄ رضا گهري.
سوال: سانگاهه/سانگهه ڪٿي آهي؟
جواب: پاري ننگر ويجهو.
سوال: ٿرپارڪر جي ڪهڙي قديم شهر کي ٻه بندرگاهه هئا؟
جواب: پاري ننگر کي. (هڪ مٺي پاڻيءَ جو هاڪڙي تي ٻيو سامونڊي بندرگاهه جيڪو سامونڊي کاري تي موجود).
سوال: ڏوتڙ بندر ڪهڙي شهر جو مشهور بندرگاهه هئو؟
جواب: پاري ننگر.
سوال: پاري ننگر ڪٿي هو؟
جواب: موجودهه ويرا واهه کان ٻه ميل اولهه ۾. (ڏهين صدي ۾ زلزلي سبب هي بندر تباهه ٿي ويو.)
سوال: شاهه سائين ”سانگهه“ کان وٺي پٽيهل تائين وهندڙ وهڪرن کي سامهون رکي ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: سڪي ڍور ڍييون ٿيو ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
پاڻي پٽيهل ۾ ساڳيو نه سڻائو،
ماڻهن ميڙائو، ڪنين ڪنين ڀيڻين.
سوال: 1026ع ۾ سومرا حڪمرانن ٺريءَ وٽ سنڌو درياء جي ڪهڙي ڦاڪ تي پنهنجو تخت گاهه قائم ڪيو هو؟
جواب: ساڱرو يا نيرو درياء تي.
سوال: ساڱري ۽ ريڻ جا وهڪرا ڪهڙي سال سڪي ويا؟
جواب: 1658ع ۾.
سوال: ٺريءَ کان سنڌو درياء جا ڦڪ ڪهڙن ٻن حصن ۾ ورهايل هئا؟
جواب: اوڀر واري حصي کي ساڱرو ۽ اولهه واري حصي ريڻ سڏيو ويو.
سوال: ڪهڙو درياءُ شاهه صاحب جي وفات کان ڇهه سال پوءِ بند ٿيو هو؟
جواب: ريڻ درياءُ (حوالو ڪتاب. لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا).
سوال: ريڻ درياءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ملي ٿو؟
جواب: سر ڍولا ماروءَ ۾.
سوال: ريڻ ڪهڙي نديءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي؟
جواب: ڪوري نديءَ ۾.
سوال: ڪهڙي درياءَ کي نئين ڪوٽ جي قريب ٻوڏاري ڪوٺيو ويندو هو؟
جواب: ريڻ درياءَ کي.
سوال: عمر ڪوٽ ضلعي ۾ ڪهڙي ندي قديم هئي؟
جواب: ريڻي ندي.
سوال: ريڻ درياءَ جا مشهور بندر ڪهڙا هئا؟
جواب: فتح باغ، جوڻ ۽ ميرانپور.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي وهڪري کي سسئيءَ جي سڀني سرن ۾ ڳايو آهي؟
جواب: ڀنڀور جي وهڪري کي (ڀنڀور واهه).
سوال: شاهه سائين حَب ندي جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪوهياري، سر ديسي ۽ سر معذوري ۾.
سوال: حب ندي کان وندر ڏانهن ويندي ڪهڙن لڪن مان لنگهڻو پوندو آهي؟
جواب: بريدي ۽ کارڙي لڪن مان.
سوال: حَب ندي ڪٿي ڇوڙ ڪري ٿي؟
جواب: ڪيپ مانز (راس العماري) عربي سمنڊ ۾.
سوال: حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ ڪهڙي بندر تي لهي ياتري هنگلاج ويندا هئا؟
جواب: ڪارڪ بندر.
سوال: ڪهڙي ندي ٻه سؤ چاليهه ميلن ۾ پٽ پسائي ٿي؟
جواب: حب ندي.
سوال: حب ندي سنڌ ۾ ڪهڙي طرف کان وهي ٿي؟
جواب: اوڀر کان اولهه.
سوال: شاهه سائينءَ حَبُ ندي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 7 ڀيرا.
سوال: حب ندي ڪيترا ڪلوميٽر پٽ پوٺا پسائيندي، ور وڪڙ ڏيندي اچي کڙڪ بندر جي ڦٽل آثارن جي ڪنڊ کان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي؟
جواب: 300 ڪلوميٽر.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ وندر نئين جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 17 ڀيرا.
سوال: سسئي ڪهڙي نديءَ جي اٿل سسببان اڳتي نه وڌي سگھي ۽ موٽي پٻوڻي ناڪي ڏي وئي هئي؟
جواب: ڦور ندي. (هيءَ ندي هاڙهي جبل جي پڇڙي وٽ آهي.)
سوال: سسئيءَ جي پاراتي سبب ڪهڙي ندي خشڪ ٿي وئي هئي؟
جواب: ڦور ندي. (محقق، بدر ابڙو)
سوال: ڪهڙي ندي هاڙهي جبل جي پڇڙيءَ وٽ آهي؟
جواب: ڦور ندي.
سوال: نيئڙ جي علائقي کي ڪهڙي سبب جي ڪري نيئڙ سڏيو ويو؟
جواب: هن علائقي ۾ پنج نديون، بناس، سوم، ماهي، لوڻي ۽ سابر وهن ٿيون.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ ڪنگوريٽ، واري ٻيٽ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر کنڀات ۾.
سوال: ڪنگوريٽ، ٻيٽ ڪٿي آهي؟
جواب: گجرات جي سامونڊي ڪنڌيءَ سان.
سوال: شاهه سائين جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ ساڱري واهه جي ڏاکڻي ڪپ تي هڪ ٿَلهو ٺهرايو هو، پاڻ ان جاءِ تي ڪهڙي وڻ هيٺان آرام ڪندا هئا؟
جواب: لال لئو هيٺان.
سوال: سنڌ جي ان قديمي هنڌ جو نالو ٻڌايو جنهن جي دامن ۾ ڪلاچيءَ جو ڪُن هوندو هو؟
جواب: درٻو.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر جي هڪ ئي بيت ۾ ٽن کوهن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئي. (حوالو. سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف. ص. 139 ).
سوال: سنڌڙي بندر، رحمڪي بازار کان ڪيترا ڪوهه پري هو؟
جواب: نَو ڪوهه.
سوال: علي بندر، ونگو بندر، سنڌڙي بندر ۽ رحمڪي بازار بندر ڪهڙي درياءَ تي قائم هئا؟
جواب: پراڻ درياءَ تي.
سوال: سوکي بندر ڪٿي هو؟
جواب: کاري ڇاڻ ڀرسان.
سوال: ڪهڙو درياءُ، ٻنگار کان اڳتي پير بودلو، ونگو پتڻ، ڄار جو پتڻ، نوتيار ٻيلو، علي بندر، رحمڪي بازار، سنڌڙي بندر وٽان وڃي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو؟
جواب: پراڻ درياءُ.
سوال: کارڪ بندر جو وجود ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1725ع .
سوال: شاهه سائينءَ جي دورکان ڪجهه عرصو اڳ ڪهڙا ڇهه سامونڊي بندر مشهور هئا؟
جواب: (1) لکپت. (2) سنڌڙي. (3) سنڊو. (4) اورنگا. (5) لاهري / لاڙي. (6) ڪلاچي بندر.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ۽ ڪجهه عرصو اڳ ڪهڙا بندر سنڌ جا وسندڙ بندر هئا؟
جواب: لاهري/ لاڙي بندر، اورنگا بندر، وستي بندر ، بستا بندر ، کڙڪ بندر ، ڪلاچي بندر ، سورت بندر ۽ سنڌڙي بندر.
سوال: شاهه سائين جي زماني ۾ سنڌ جا ڪهڙا وسندڙ بندر هئا؟
جواب: لاهري بندر، اورنگا بندر، وستي بندر ۽ شاهه بندر. (حوالو. نذر لطيف، اطلاعات کاتو).
سوال: سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ مشهور بندرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ڪلاچي، لاهري/لاڙي، ڌاراجا، اورنگا، وڪر، وستا، شاهه بندر ۽ ڪيٽي بندر.
سوال: پاتال بندر ڪٿي هئو؟
جواب: ڪڍڻ شهر جي ويجهو. (حوالو، ڪتاب. هو جي هليا هنگلاج ) ٺٽي يا شاهڪپور طرف، حوالو، سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙو بندر سنڌ جي واپار جو مکيه مرڪز هو؟
جواب: ننگر ٺٽي جو درياهي بندر.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن پرڏيهي بندرن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ڪاٺياواڙ جو پور بندر، انڊونيشيا جو جاوا بندر، کنڀات بندر، سوماترا بندر، لنڪا بندر، عدن بندر (حوالو، ڪتاب ڀٽائي).
سوال: شاهه سائين، گجرات جي ڪهڙي مشهور بندر جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي؟
جواب: دوارڪا بندر.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ بيان ڪيل ان بندر جو نالو ٻڌايو جتان حاجي سڳورا حرمين شريفين جي زيارت ڪرڻ لاءِ ويندا هئا؟
جواب: سورت بندر (سر بلاول ۾ ذڪر).
سوال: شاهه صاحب جي دور ۾ سورت بندر ڪهڙي لقب سان مشهور هو؟
جواب: باب المدينه لقب سان.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ ڪهڙن بندرن جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: عدن، لڪا، لنڪا، ملبار ، لکپت، نيندو، لاهري يا لاڙي، ڪلاچي، جاکي، ڌاراجا، دوارڪا، اورنگا ۽ ديبل ڀنڀور بندر وغيره.
سوال: لاهري، لاهوري يا لا ڙي بندر ڪهڙي شهر جي ويجهو هو؟
جواب: ميرپور ساڪري جي.
سوال: سنڊو بندر ڪٿي هو؟
جواب: جاتي شهر کي ويجهو هو.
سوال: شاهه سائين گڙنگ واهه جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.


سوال: شاهه سائين ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ کان ٿيندو ڪهڙي بندر وٽ پهتو ته، کيس سامونڊي وڻجارن جا جهاز ڏسڻ ۾ آيا؟
جواب: لاهري بندر وٽ.
سوال: شاهه صاحب سونير ڍنڍ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ڪهڙين ڍنڍن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ڪينجهر ، ڪراڙ ۽ چکي.
سوال: ڪهڙي سال هاڪڙي ۽ پراڻ سنگم واري ڄار جي پتڻ وٽ ڇهه مورتيون، ست سڪا ۽ چار مڻيا مليا آهن؟
جواب: 2018ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي لفظ کي سر سهڻي ۽ سر سامونڊي ۾ درياءَ ۽ سمنڊ جي پسمنظر ۾ لکيو آهي؟
جواب: آڇاڙو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌو درياء جي ڪنڌيءَ وارن ٻنهي زرخيز حصن کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: پنهنجو تَر.
سوال: شاهه سائين سر سامونڊيءَ ۾ ڪڇ جي ڪهڙي قديم ۽ خطرناڪ بندر جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: نيڍو. (ڪاوش دنيا آچر 23 جنوري 2022ع)
سوال: مقالو، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جا وهڪرا ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: عاصي عبدالواحد هڪڙو.

شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ماڳ، مڪان ۽ ڪجهه ٻين ماڳن بابت

سوال: شاهه سائينءَ جو پهريون آثار ڪهڙو چيو وڃي ٿو؟
جواب: سنگهر واهه واري مسجد، ٻيو مٽياريءَ واري حويلي.
سوال: شاهه سائين سر سارنگ ۾ اٽڪل سنڌ ڌرتيءَ جي ڪيترن ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اٽڪل 29 کان به وڌيڪ.
سوال: شاهه سائين چين ملڪ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاهه سائين اُچ شهر جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾. حوالو. ڪتاب. سر سارنگ. ص.80.
سوال: ڀٽ جي اوڀر هالا حويلي ۽ ڀئين پور واري تر کي شاهه سائين ڪهڙي نالي سان ڳايو آهي؟
جواب: گنباٽ.
سوال: ڍٽ / ڍاٽ ڇا آهي ۽ ان جي لفظي معنيٰ ڪهڙي آهي؟
جواب: ٿر جو وچ وارو ڀاڱو. (لفظي معنيٰ دڙن وارو وارياسو خطو)
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ هٻو ڇا آهي؟
جواب: هٻو ماڳ، علائقو، جبل ۽ ماڻهوءَ جو نالو ڄام هٻو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪهڙي بيت ۾ چئن ماڳن جن ۾ لوڻي، هٻو، پاندر ۽ ڏونگر جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: لاکو لوڻي آئيو، هٻي پئي هاڪ،
پاندر پهري ڪا نه ڪا، ڏونگر پيئي ڏاڪ،
اٺيون ۽ عراق، گڏيا نه گئون ٿيا.
سوال: بڪار جي ايراضي ڪيستائين ڦهليل هئي؟
جواب: بڪار علائقو وسيع ايراضيءَ تي ڦهليل هو. بڪار روهڙي سب ڊويزن جو اڳيون نالو. تعلقي روهڙيءَ ۾ڳوٺ ۽ ديهه جو نالو. بکر تعلقي ۾ ديهه جو نالو. بڪار جي اولهه ۾ روهڙي ۽ اروڙ، ڏکڻ ۾ جابلو علائقو اتر ۾ تعلقي پني عاقل جي حد ۽ اوڀر ۾ ريگستاني علائقي جي حد هندستان جي سرحد سان ملي ٿي. ( تخيُل. 4 - 2016ع ).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ بڪار جو ذڪر ڪيو آهي. هن وقت بڪار جاگير ڪٿي آهي؟
جواب: هيءَ جاگير هن وقت تعلقي روهڙي ۽ تعلقي صالح پَٽَ ۾ آهي.
سوال: ڪهڙي ڳوٺ ۾ ٻارهين صدي هجري جو تعمير ٿيل ”شاهه سائين جو اوتارو“ موجود آهي؟
جواب: ڳوٺ ڦلڊهو بڪار .
سوال: شاهه سائين پنهنجي هٿن سان ڪاٺ جي مشعل داني ڪٿي رکي هئي؟
جواب: ڳوٺ ڦلڊهو بڪار.
سوال: ڪاپڙين جو آستان ڪٿي آهي؟
جواب: ڀڄ شهر کان اتر اولهه ۾.
سوال: سامي لفظ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: بزرگ يا روحاني رهبر يا روحاني رمز وارو درويش.
سوال: کنڀات / تر بناوتي شهر ڪنهن تعمير ڪرايو هو؟
جواب: راجا ترنيڪ.
سوال: گجمير ۽ ڀٽ نير شهر ڪنهن تعمير ڪرايا هئا؟
جواب: راجا گج ڀاٽي.
سوال: شاهه سائين سر سارنگ ۾ سنڌ کان علاوه ٻين ڪيترن ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اٽڪل 17 ماڳن جو.
سوال: اتر سنڌ ۾ شاهه سائينءَ اٽڪل ڪيترن ماڳن تي ڀيرا ڪيا ۽ ڪچهريون قائم ڪيون؟
جواب: اٽڪل 22 ماڳن تي.
سوال: شاهه سائينءَ سُر سسئيءَ ۾ ڪهڙن شهرن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ڀنڀور، ڪيچ ۽ مڪران جو.
سوال: لطيف جي نالي سان منسوب لطيف جو لوڙهو ڪهڙن ڪهڙن ماڳن تي آهن؟
جواب: ڳوٺ لنڊو دڙو تعلقو صادق آباد. مسو ديرو ۽ ڳوٺ نظر ڏيٿو تعلقو رتو ديرو. نائچن وارو ڀٽائيءَ جو لوڙهو ، ڳوٺ شاهنواز ابڙو، تپو ابڙا، لاڙڪاڻو ۽ پارڪر ۾ ڳوٺ هستڙو چانڊيو جي ڀرسان هڪ وڻ جي چوڌاري لطيفي لوڙهو آيل آهي.
سوال: شاهه سائين جي روضي مبارڪ جي گنبذ ۾ جيڪا پهرئين نيل لڳل هئي، اها نيل هن وقت ڪٿي لڳل آهي؟
جواب: ڳوٺ لنڊو دڙو جي مسجد ۾.
سوال: شاهه صاحب ديهه گونجي تعلقي صادق آباد جي ڪهڙي ڳوٺ ۾ مسجد جوڙائي هئي؟
جواب: ڳوٺ لنڊو دڙو۾.
سوال: ”لطيفي لوڙهي“ جي ان خدمتگار عورت جو نالو ٻڌايو جيڪا ڀٽائيءَ جي ميلي تي ڪارا ڪپڙا پائي پيرين پنڌ ويندي هئي؟
جواب: مائي خانزادي فقيرياڻي.
سوال: ”لطيف جو لوڙهو“ ڳوٺ لُنڊو دڙو ديهه گونجي ۾ آهي، ان تڪئي جو پهريون مجاور ڪير ٿيو هو؟
جواب: فقير محمد ابراهيم ڀٽو.


سوال: لاڙ طرف شاهه سائين جا ڪيترا ۽ ڪهڙا تڪيا موجود آهن؟
جواب: چار تڪيا (1) شاهه ڪريم وارو تڪيو. (2) مڪليءَ وارو. (3) بدين وارو. (4) تلهار وارو تڪيو.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻيلي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ڪٿي آهي؟
جواب: ڪڇ رڻ ۾، ڪڇ جي ڪناري تي هڪ وڏو ٻيٽ هو.
سوال: شاهه سائين سر سورٺ ۾ ڪهڙن مشهور ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: جهالا واڙ، مڇو ڪانٺو، هالار، بڊو يا ڄيٺواڙ، سورٺ، بابر يا واڙ، گوهيلواڙ، جئلڌاڙ، اونڊسر ديو، گرنار، ڪاٺياواڙ، جهونا ڳڙهه.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعري ۾ ڪاٺياواڙ جو ذڪر ڪيو آهي، قديم زماني ۾ ڪاٺياواڙ جا ڪهڙا وڏا شهر مشهور هئا؟
جواب: جهونا ڳڙهه، ڀاؤ نگر، نؤ ننگر يا ڄام ننگر، راجڪوٽ، پور بندر، موربي، گونڊل ۽ ڌرن ڳڙهه.
سوال: هندستان ۾ شاهه سائينءَ جا ڪيترا تڪيا آهن؟
جواب: 9.
سوال: لاڙ ۾ ڪڇ جي معنى ڪهڙي ڪئي ويندي هئي؟
جواب: ڏاکڻو حصو.
سوال: شاهه سائينءَ ڪڇ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر، بلاول ۽ سارنگ ۾.
سوال: ڪڇ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڪنڌي، يا، ڪنارو (بغل).
سوال: ڪڇ جي پکيڙ ڪيترا چورس ميل ٿيندي؟
جواب: 1867 چورس ميل.
سوال: ڪڇ جو اصل نالو ڇا آهي؟
جواب: اڀير ديس (عربن جي دور ۾ ڪڇ جي نالي سان مشهور ٿيو).
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعري ۾ چوٽاڻ جو ذڪر ملي ٿو، ڪهڙي ايراضي کي قديم دور ۾ چوٽاڻ چوندا هئا؟
جواب: ننگر پارڪر تعلقي واري الهندي ڀاڱي ۽ مٺي تعلقي جي اوڀر واري ايراضي کي.
سوال: شاهه سائين سر ڏهر جي ڪيترن بيتن ۾ چوٽاڻ واري خطي جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ٽن بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين سر ڏهر ۾ وَٽِ خطي جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: هڪ بيت ۾.
سوال: شاهه سائين ٻيلي خطي جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر، پرڀاتي ۽ سر سورٺ ۾.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل ٻيلو ٻيٽ ڪٿي هو؟
جواب: ڪڇ جي رڻ ۾، ڪڇ واري ڪناري جي قريب هو.
سوال: شاهه سائين ڪڇ جي مشهور کريڙ ٻيٽ جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٻن بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻني ڪڇ جي ڪهڙن جبلن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ڪيرو، جهرو، هٻو، لوڻو.
سوال: ٻنيءَ لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: چوپائي مال جو علائقو. ٻي معنيٰ ڍورن جو علائقو.
سوال: ٻني جي مشهور خطي ۾ ڪيترن قسمن جو گاهه پيدا ٿئي ٿو؟
جواب: ٽيويهه قسمن جو گاهه .
سوال: لطيف سائين، ٻني نالي مشهور خطي جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: هڪ بيت ۾.
سوال: ٻني، جيڪا کريڙ جي اولهه طرف آهي، ان جو ذڪر شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: ٻني علائقو ڪيترن ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي؟
جواب: لکتراڻا، ڀڄ ۽ انجار تعلقي جي اتر ۾ 2144 چورس ڪلوميٽرن جي چاليهن ڳوٺن واري ايراضيءَ تي مشتمل آهي.
سوال: سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ جيڪي ماڳ، دڳ، پها، پيچرا، گس، واٽون، رستا، راهون هيون، تن کي لطيف سائين ڇا سڏيو آهي؟
جواب: چارا ۽ رند.
سوال: شاهه سائين عراق ملڪ جوذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۽ بلاول ۾.
سوال: شاهه سائين ڪاڇو (ڪاڇي) کي ڪيترن بيتن ۾ ڳايو آهي؟
جواب: تيرهن بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين سر ڏهر ۾ ڪهڙن علائقن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: (1) ڪاڇو. (2) چوٽاڻ. (3) وٽ. (4) ٻيلو. (5) کريڙ. (6) ٻني. (7) پاندر. (8) پڇم. (9) ڪوهيار. (10) لوڻو. (11) هٻو.(12) جهرو. (13) ڀڄ. (14) بڊام. (15) گهاڙي. (16) ڪنڊو. (17) ڪڇ ۽ سنڌ جي چوڏهن چارن جو.
سوال: شاهه سائين گهاڙي شهر جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: شاهه سائين ڪابل شهر جو ذڪر ڪهڙن ٽن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاپائتي، سارنگ ۽ رامڪلي ۾.
سوال: سنڌ جو اهو ڪهڙو ضلعو آهي، جنهن جي نالي ۾ ٻه لفظ آهن ۽ اهي ٻئي لفظ شاهه جي رسالي ۾ موجود آهن؟
جواب: ٿر ۽ پارڪر (ٿرپارڪر).
سوال: سسئيءَ ڪهڙي شهر کي باهه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي؟
جواب: ڀنڀور کي.
سوال: شاهه سائينءَ سُر حُسينيءَ ۾ ڪهڙن جبلن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: هاڙهو، پٻ، گنجو، ڪانڀو، ڪارو، لمونءَ جبل جو.
سوال: سر رامڪليءَ ۾ شاهه سائينءَ ڪيترن ماڳن مڪانن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ويهن ماڳن مڪانن جو ۽ 22 شخصيتن جو.
سوال: جوڳين جي قسم ڪاپڙين جو آستان ڪٿي آهي؟
جواب: ڀڄ شهر جي اتر اولهه ۾.
سوال: ڪاپڙين جون ڪيتريون برادريون آهن؟
جواب: 120 برادريون. (هيءُ فرقو 1800 سال پراڻو آهي).
سوال: شاهه سائينءَ ڪعبةالله شريف جي حرم پاڪ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي جي هڪ بيت.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ بيڪا نير جو ذڪر ملي ٿو، اهو شهر ڪنهن ۽ ڪڏهن تعمير ڪرايو هو؟
جواب: راٺوڙ راجا جوڌاجي پٽ بيڪا 1489ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ڪوفي ۽ ڪربلا جو ذڪر ملي ٿو، اهي شهر بغداد کان ڪيترو پري آهن؟
جواب: ڪوفه بغداد کان 90 ميل ۽ ڪربلا بغداد کان 60 ميل پري.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو تڪيو ”نوري ڀٽ شريف“ جي لقب سان هنڌين ماڳين مشهور هو؟
جواب: ڳوٺ ترائي وارو تڪيو لڳ مديجي.
سوال: شاهه سائين اتر سنڌ جي ڪهڙي ماڳ تي ٻيڙيءَ تي چڙهي ايندو هئو؟
جواب: ترائي واري تڪئي تي.
سوال: شاهه سائين جي سمورن تڪين مان سڀ کان وڏو تڪيو ڪهڙو آهي؟
جواب: ترائيءَ وارو تڪيو.
سوال: شاهه سائين جن ڪهڙيءَ مسجد ۾ پنهنجن هٿن سان شهه تير لڳايو هو؟
جواب: ترائي واري مسجد ۾.
سوال: ترائيءَ ۾ شاهه سائينءَ جي ڊيوٽي ڪهڙي بزرگ ڏني؟
جواب: پير محمد خان ابڙي.
سوال: پير محمد خان ابڙي ۽ سندس گهر واريءَ شاهه سائينءَ جي خدمت ۾ نذراني طور ڇا ڏنو؟
جواب: جتيءَ سميت ڪپڙن جو جوڙو.
سوال: شاهه سائين نوشهرو ابڙو ۽ ترائيءَ مان ٿيندو پوءِ ڪهڙن ڳوٺن ۾ ترسندو هو؟
جواب: ڳوٺ نظر ڏيٿو، تعلقو رتوديرو ۽ مسوديري ۾.
سوال: تعلقي رتيديري جي ڪهڙن ٻن ڳوٺن ۾ لطيفي لوڙها قائم آهن؟
جواب: ڳوٺ نظر ڏيٿو ۽ ڳوٺ مسوديرو (نئين زندگي، آڪٽوبر. نومبر 2004ع)
سوال: نائچن وارو ”ڀٽائيءَ جو لوڙهو“ ڪهڙي ضلعي ۾ آهي؟
جواب: لاڙڪاڻي ۾.
سوال: نائچن واري ڀٽائيءَ جي لوڙهي جي ڪيتري ايراضي هئي؟
جواب: ڏهه جريب.
سوال: نائچن واري ڀٽائيءَ جي لوڙهي ۾ شاهه سائين جي رهائش جا ڪهڙا آثار موجود هئا؟
جواب: هڪ ڪوٺي، هڪ مسجد ۽ ٻيرن جو باغ.
سوال: شاهه سائين جي گهوڙي چنگل جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: نائچن واري ڀٽائيءَ جي لوڙهي ۾.
سوال: ڪهڙي ماڳ تي سيد حبيب شاهه جي سيڻن ۽ لطيف سائين جي نانگن سان تعلق رکندڙ ڪي قبرون آهن؟
جواب: سوئي ڪندر قبرستان ۾.
سوال: شاهه حبيب جي حويلي کان نصرپور ڪيترو پري آهي؟
جواب: 22 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي.
سوال: ڪهڙي علائقي ۽ ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ ٻارن کي لوليون لطيف جي واين سان ۽ حال احوال به لطيف جي بيتن سان اوريندا آهن؟
جواب: شاهه بندر، ڇڇ جهان خان ۽ ساڪري ۾ آباد اوٺي ۽ مرگھر.
سوال: ٺري مير واهه ويجهو ڪهڙي قديمي ڳوٺ ۾ شاهه سائين جو تڪيو آهي؟
جواب: ڳوٺ ستيارو ۾.
سوال: گمبٽ ڀرسان ڪهڙي ڳوٺ ۾ شاهه سائين جو تڪيو آهي؟
جواب: ڳوٺ دِلو اُڄڻ ۾. ان تڪيي جي سنڀال فقير نجم الدين ڪندو آهي.
سوال: انڊيا ۾ شاهه سائين جا ڪيترا تڪيا آهن؟
جواب: 9 تڪيا.
سوال: سوڀي ديري کان اتر طرف ڪهڙي ڳوٺ ۾ شاهه سائينءَ جو تڪيو آهي؟
جواب: ڳوٺ مڏ شريف ۾.
سوال: جهنڊو مشائخ جي ويجهو ڪهڙي ڳوٺ ۾ شاهه سائينءَ جو تڪيو آهي؟
جواب: ڳوٺ واحد بخش ۾.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه کانسواءِ هر مهيني ڀٽائي گهوٽ جي چوڏهين ڪهڙي ماڳ تي ملهائي ويندي آهي؟
جواب: شاهه جي ڪنڊي وٽ.
سوال: ڪهڙي محقق شاهه سائينءَ جي سوانح ۾ مکيه 134 اسم ۽ 56 ماڳن آثارن جو تفصيل ڏنو آهي؟
جواب: محمد حسين ڪاشف (حوالو: امرتا 2011ع)
سوال: شاهه سائين جو هي بيت. ڪهڙي شهر جي گيٽ تي لکيل آهي؟
ڏوري لهه ڏاتارجم وهين تو ويسرو،
هڪ هوئج هوشيار، کوڻ کوندئي اوچتي.
جواب: ٽنڊو آدم شهر جي.
سوال: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سامهون دنبوري چوڪ جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو هو؟
جواب: ڪنور نويد جميل، ضلعي ناظم حيدرآباد اڱارو 30 سيپٽمبر 2008ع.

ڀٽ شاهه سان لاڳاپيل ماڳ مڪان

سوال: ڀٽ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: دڙو (واريءَ جو دڙو).
سوال: درگاهه ڀٽ شاهه سان لاڳاپيل زمين ڪيتري ايراضيءَ تي مشتمل آهي؟
جواب: چئن ايڪڙن تي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي هجري سال ڀٽ کي آباد ڪيو؟
جواب: 1135هه کان 1142هه جي وچ ڌاري.
سوال: شاهه سائينءَ ڪيتري عمر ۾ ڀٽ تي ئي پنهنجي دائمي سڪونت اختيار ڪئي؟
جواب: چاليهه سالن جي عمر ۾.
سوال: ڀٽائي صاحب ڪوٽڙي مغل کي خيرآباد چئي، ڀٽ تي خاندان سميت آباد ٿيو هو، فقير ان ماڳ کي ڪهڙي نالي سان سڏين ٿا؟
جواب: لطيف سائين جو پهريون پڙاءُ.
سوال: ڀٽ تي شاهه سائينءَ سڀ کان پهريائين ڇا تعمير ڪرايو؟
جواب: هڪ جهوپڙي، والدين لاءِ حويلي ۽ کروت يعني ننڍي مسجد، کوهه کوٽرايو.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بٺي تان سرون پچرائي ڀٽ واري تخت گاهه حويلي ۽ سيد حبيب جي روضي جي اڏاوت ڪرائي هئي؟
جواب: ڀٽ شاهه کان ٻه ڪلوميٽر اوڀر طرف ڪنڀ داڙو واري رستي تي سرن جو بٺوهو.
سوال: شاهه سائين، ڪهڙي بزرگ کي مڪي پاڪ ۽ مديني منوره جو خرچ کاٻار ڏيئي ڀلي پار روانو ڪيو هو؟
جواب: عيدن رازي کي.
سوال: پهرين مسجد واري جاءِ هڪ وڏي ٽن گنبذن واري جامع مسجد، شاهه لطيف جي نظرداريءَ هيٺ ڪڏهن جڙي راس ٿي؟
جواب: 1162هه ۾ (بکر جي عيدن رازي ٺاهي).
سوال: ڀٽ تي شاهه سائين جا ڪهڙا جوڙايل يادگار مشهور آهن؟
جواب: سائين حبيب شاهه جو مقبرو، ڀٽ واري جامع مسجد، سندس حويلي، وڏي اوطاق (ديني مدرسو) ۽ مسافرخانو.
سوال: حضرت شاهه عبداللطيف جو روضو ڪنهن ۽ ڪڏهن تعمير ڪرايو؟
جواب: سنڌ جي حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1167هه / 1754ع عيدن رازي کان.
سوال: شاهه سائينءَ جو روضو زمين کان نيل تائين ڪيترا فوٽ اوچو (مٿي) آهي؟
جواب: 67 فوٽ. (58.5 فوٽ. حوالو، ڪتاب، رهبر ڀٽ شاهه ص: 27)


سوال: ڪهڙي حڪمران جي گهرواري خداآباد مان پنهنجي گهر جي وڏي ٿلهي تي ويهي صبح ۽ شام جو پنهنجي مرشد لطيف جي روضي جو ديدار ڪندي هئي؟
جواب: نور محمد ڪلهوڙي جي راڻي مائي گلان.
سوال: ڀٽائي جي روضي ۾ چانديءَ واري دروازي مٿان پنجن فوٽن واري ڪاشيءَ جي سر تي ڇا لکيل آهي؟
جواب: ڀٽ ڌڻيءَ جي تاريخ وفات 1165هه ۽ روضو مڪمل ٿيو 1167هه ۾ ٺاهيندڙ عيدن رازو سکر شهر (بکر) رقم فراهم ڪئي غلام شاهه ڪلهوڙي نگراني ڪئي، سيد جمال شاهه پهريون سجاده نشين درگاهه ڀٽائي (جمال شاهه وفات، 1204هه ).
سوال: ڀٽ ڌڻي جي روضي جي ٻيهر مرمت سنڌ جي ڪهڙي حاڪم ۽ ڪڏهن ڪرائي؟
جواب: مير نصير خان 1835ع ۾.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه اڳيان ايوان ۾ وڏو کوهه ڪهڙي حڪمران کوٽايو هو؟
جواب: مير نور محمد ٽالپر. (مير نصير خان، 1835ع، حوالو. رهبر ڀٽ شاهه، ص. 12 ).
سوال: شاهه سائينءَ جن جي والده، ڀيڻ، گهر واري ۽ هڪ ننڍڙي قبر مبارڪ ڪهڙي قبرستان ۾ آهن؟
جواب: آراين جي قبرستان ۾ جيڪو حبيب شاهه ۽ حضرت قائم شاهه جي وچ ۾ چار ديواريءَ اندر آهي.
سوال: شاهه حبيب جي روضي جي مکيه دروازي اڳيان ڪاشي جي سر تي سندس وفات جو ڪهڙو سن لکيل آهي؟
جواب: 1155هه.
سوال: حضرت شاهه حبيب جي روضي جي ضريح مبارڪ جي ڊيگهه ۽ ويڪر ڪيترا فوٽ آهي؟
جواب: ڊيگهه 10 فوٽ ۽ ويڪر 5 فوٽ.
سوال: حضرت شاهه حبيب جي مزار حضرت شاهه عبداللطيف جي قبي کان ڪيترين وکن جي مفاصلي تي آهي؟
جواب: نَوَ وکن جي مفاصلي تي آهي.
سوال: لال لئي هيٺان شاهه سائين ويهي رياضت ڪندو هو اهو وڻ ڪٿي هو؟
جواب: سندس ڪوٽڙيءَ واري گهر کان اولهه طرف يوسي ۽ ديهه کنڊو ۾.
سوال: لطيف جو حجرو يعني شاهه سائين جي وصال واري جاءِ، شاهه لطيف جي روضي کان ڪيتري مفاصلي تي آهي؟
جواب: اتر طرف لڳ ڀڳ ٻه سؤ ميٽرن جي مفاصلي تي.
سوال: شاهه صاحب جو ڪهڙو ماڳ ڀٽ شاهه کان اوڀر ۾، ٽنڊو آدم روڊ تي واقع آهي؟
جواب: شاهه جو ڪنڊو. (ڀٽ شاهه کان ٻه ڪلوميٽر اوڀر طرف ڪنڀ داڙو واري رستي تي)

سوال: شاهه سائينءَ جي مقبري جي سامهون اوڀر پاسي ”شاهه جو کوهه“ آهي. ان جي ويڪر ۽ اونهائي ڪيتري آهي؟
جواب: ويڪر 15 فوٽ ۽ 200 فوٽ اونهو.
سوال: ماڳ تخت حويلي شاهه لطيف ڪٿي واقع آهي؟
جواب: ڀٽ شاهه واري وڏي جامع مسجد جي اتر ۾.
سوال: لطيف جو حجرو يا جاءِ وفات، اهو ماڳ لطيف سائين جي روضي کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: روضي جي اتر ۾ تقريبن 300 والن جي مفاصلي تي.
سوال: لطيف جي حويلي جيڪا وڏي اوطاق جي نالي سان مشهور ٿي، لطيف سائين اها جاءِ ڪهڙي فقير کي ڏني هئي؟
جواب: تمر فقيرکي.
سوال: شاهه سائين جي وصال کان پوءِ اوطاق وارو حصو تمر فقير کي ڏنو ويو ۽ سندن گهر واري پاسي جيڪو پلاٽ هو اهو پلاٽ ڪهڙي فقير کي ڏنو ويو؟
جواب: سومر فقير لاڙڪ کي.
سوال: اوائلي دور ۾ ڀٽ شاهه جا راڳي فقير دنبورا ڪٿي رکندا هئا؟
جواب: تمر فقير واري وڏي اوطاق ۾.
سوال: ڳوٺ ڪوٽڙي مغل جا ڦٽل نشان ڪٿي ملن ٿا؟
جواب: ڀٽ شاهه کان 5 ڪوهه پري پراڻي سانڱرهه واهه جي ڪپ تي.
سوال: ڳوٺ ڪوٽڙي مغل پهرئين ڪهڙي نالي سان سڏبو هو؟
جواب: ڪوٽڙي اڀن شاهه جي نالي سان.
سوال: ڀٽ شاهه ۽ هالا حويليءَ وچ ۾ ڪيترو مفاصلو آهي؟
جواب: 9 ڪوهه يا 18 ميل.
سوال: ڀٽ تي لطيف سائين جي حويلي جي ڏاکڻي ڀت ڀرسان سندس ڪهڙو ماڳ مشهور آهي؟
جواب: نشت گاهه شهنشاهه لطيف.
سوال: شاهه سائين ڀٽ واري مسجد ٺهرائڻ وقت رازي کي ڇا چيو هو؟
جواب: حضور ڪريم جي روضي واري مسجد وانگر تيار ڪر.
سوا: شاهه سائين ڪهڙي شخص کي چيو ته اکيون ٻوٽ ته توکي نبي پاڪ جي روضي واري مسجد ڏيکاريان؟
جواب: عيدن رازي کي.
سوال: ڪهڙي جاءِ تي ويهي شاهه سائين ڀٽ واري مسجد جي ڪم جي نگراني ڪرڻ دوران هڪ نم جو ڏندڻ کوڙيو جيڪو وڏو وڻ ٿيو هو؟
جواب: نشت گاهه.
سوال: شاهه جي قبي (مسجد) جيڪا اڄ به موجود آهي، اها ڀٽ شاهه کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: ڀٽ شاهه کان ٽي ڪلوميٽر اولهه طرف.
سوال: ڀٽ تي لطيف سائين جي کروت (يا ننڍي مسجد) واري جاءِ تي هن وقت ڇا جوڙايل آهي؟
جواب: شيعه اثنا عشري مسجد.
سوال: ڀٽ شاهه تي شاهه لطيف جون ڪهڙيون يادگار شيون موجود آهن؟
جواب: اُکري، بيراڳڻ، ٽوپي، پٽڪو/دستار، تسبيح، جانڊاهه، جيسلميري جُتي، کٽ ۽ شال يا گودڙي. نوٽ، ليکڪَ، شال کي گودڙي ڪري لکن ٿا جڏهن ته گودڙي ۽ شال ۾ فرق آهي. گودڙي جا ٽي پاسا سبيل ۽ هڪ پاسو کليل هوندو آهي. گودڙي ننڍي ٿيلهي نما ٿيندي آهي. شال معنيٰ اوني يا ريشمي چادر ، لوئي.
سوال: هر نئين چنڊ جو پهريون سومر ڀٽ شاهه تي ميلي جيان ملهايو وڃي ٿو، شاهه سائين جا فقير ان پهرئين سومر کي ڇا سڏيندا آهن؟
جواب: سائو سومار.
سوال: ڀٽائي جا معتقد فقير ڀٽ شاهه تي ڪهڙي رات کي ”حجِ اڪبر“ جو درجو ڏيندا آهن؟
جواب: جمعي جي چوڏهين واري رات، جيڪا سال ۾ فقط هڪ ڀيرو ايندي آهي.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي ڪهڙيون ريتون، رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون؟
جواب: سماع، شاهه جو راڳ، دمال يا نوبت، حلقو، سجاده نشين جو حال ڌاڳا پهرڻ، سجاده نشين پاران لکي در اڳيان ٻهاري ڏيڻ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ارشاد موجب ڀٽ شاهه واري جامع مسجد جي تعمير جي تاريخ ڪهڙي بزرگ منظوم مصرع مان ڪڍي؟
جواب: هالن پراڻن جي قاضي ابراهيم.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي روضي اڳيان وڏو ورانڊو ڪهڙي سجاده نشين ٺهرايو هو؟
جواب: سيد علي بخش عرف علڻ سائين وڏي 1928ع ۾ مريدن سان گڏ.
سوال: 1900ع ۾ شاهه سائين جي عرس ۾ لڳندڙ ملاکڙي جو بنياد ڪنهن وڌو؟
جواب: سيد علي بخش شاهه (دوئم ) المعروف علڻ سائين. (حوالو، ڪهڪشان، مارچ 2007ع).
سوال: ڀٽ شاهه تي ڪهڙي شخصيت باغ وڍرائي پنهنجي سروي نمبر ۾ شاهه جي سالياني عرس ۾ ٽن ڏينهن وارو ملاکڙو لڳرايو؟
جواب: سيد علي بخش شاهه (دوئم ) المعروف علڻ سائين.
سوال: ڀٽ شاهه ۾ ملاکڙي جي ميدان جو پيڙهه جو پٿر ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو؟
جواب: سابق گورنر ايس. ايم عباسي، پهرين ڊسمبر 1982ع.
سوال: ڀٽ شاهه تي ملاکڙو اسٽيڊيم جي پيڙهه جو پٿر ڪنهن رکيو؟
جواب: تڏهوڪي سنڌ جي گورنر محمود اي. هارون، پهرين صفر 1413هه / 14 آگسٽ 1992ع ۾.

سوال: ڀٽ شاهه واري ملاکڙي جو پهريون ٺيڪو ڪنهن کنيو هو؟
جواب: محرم علي ڀٽي، نواب شاهه واري.
سوال: شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪهڙي سال تائين ملاکڙي جو انتظام محرم علي ڀٽيءَ جي حوالي ڪيو هو؟
جواب: 1974ع تائين.
سوال: ڀٽ شاهه ريلوي اسٽيشن ڪهڙي عيسوي سال کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو؟
جواب: 1932ع کان. پوءِ اها ختم ٿي وئي.
سوال: ڀٽ شاهه تي جنهن مسافرخاني ۾ ننگر هلندو آهي ان مسافرخاني کي سيد شاهه ڏني شاهه ڪڏهن وسيع ڪرايو هو؟
جواب: 1957ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي روضي مبارڪ جي چؤگرد واري مقام کي ڪهڙي نالي سان سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: درگاهه وارو مقام.
سوال: شاهه سائينءَ جي ضريح مبارڪ تي چوڏهن معصومن جي شان ۾ ڪهڙو بيت لکيل آهي؟
جواب: گل محمد صه، گل علي عه، گل فاطمھ خيرالنساءِ،
گل حسن عه، گل حسين عه گل زين العباء،
گل باقر عه، گل جعفر عه، گل موسى عه، ڪاظم عه رضا عه،
گل تقي عه، گل نقي عه، گل عسڪري عه، گل مهديءِ خدا.
سوال: تمر فقير جي چوکنڊي ۾ ڪهڙن فقيرن جون مزارون آهن؟
جواب: (1) تمر فقير. (2) عبدالله فقير. (3) ولي محمد فقير. (4) ميون اسماعيل.
سوال: لطيفي درگاهه جي احاطي ۾ شاهه جي کوهه جي ويڪر ۽ اونهائي ڪيتري آهي؟
جواب: 15 فوٽ ويڪر ۽ 200 فوٽ اونهو.
سوال: شاهه سائين جيڪا پنهنجن هٿن سان مسجد ٺاهي هئي، ان مسجد کي ڪهڙي ٽالپر حڪمران پڪو ڪرائي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم به ڪرايو؟
جواب: مير نصير خان.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي حڪمران شاهه حبيب جي روضي ۽ قبرستان کي ڀت ڏياري محفوظ ڪيو هو؟
جواب: مير نصير خان .
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه جي اوڀر ۾ هڪ صندل جو دروازو چانديءَ جي پٽن سان ڪنهن نصب ڪرايو هو؟
جواب: مير محمد خان ٽالپر (شهر ٽنڊي محمد خان جو باني).

سوال: شاهه سائينءَ جي روضي ۽ مسجد لاءِ سمورو سنگِ مرمر انڊيا جي ڪهڙي شهر مان آيو هو ۽ ان سنگِ مرمر کي ڪهڙي ڪاريگر تراشو هو؟
جواب: مڪرانه (راجستان مان) ڪاريگر عبدالخالق.
سوال: روضي اڳيان ورانڊي ۽ مسجد جي صحن اندر ڪل ڪيترا سنگِ مرمر جا نهرا پلر لڳل آهن؟
جواب: 6 عدد پلر.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي روضي مٿان ست فوٽ ڊگهي سون جي نيل، شاهه صاحب جي ڪهڙي مريد لڳرائي هئي؟
جواب: مرحوم ڀائي خان وساڻ - شهدادپوري.
سوال: ڀٽ شاهه واري جامع مسجد جي ورانڊي کي ڪل ڪيترا دروازا آهن؟
جواب: ست دروازا- پنج اوڀر کان ۽ ٻه ڏکڻ کان.
سوال: لطيف سائين جي روضي مٿان پهرين کان به وڏي سوني نيل ڪنهن لڳرائي هئي، اها نيل اڄ به موجود آهي؟
جواب: جان محمد وساڻ (ان نيل لاءِ سون بمبئي مان گھرايو).
سوال: شاهه سائين جي درگاهه جو ٻاهريون دروازو ڪهڙي سجاده نشين ۽ ڪهڙي هجري سن ۾ لڳرايو هو؟
جواب: سيد شاهه ڏني شاهه 1367هه ۾.
سوال: 1957ع ۾ ڀٽائي صاحب جي مريد ڳهڻي خان جوڻيجي، لطيف سائين جي روضي جي اتر کان هڪ ٻيو دروازو لڳرائڻ کان علاوه ٻيو ڪهڙو ڪم ڪرايو هو؟
جواب: دروازي اڳيان 25 فوٽ ڊگهو ۽ 15 فوٽ ويڪرو ورانڊو جوڙايو هو، جيڪو اڄ به موجود آهي.
سوال: ڀٽائي صاحب جي درگاهه تي موجود چانديءَ جو دروازو ڪنهن لڳرايو هو؟
جواب: ڄام سبب علي ولد ڄام ڪانڀو خان 1392هه ۾.
سوال: نيشنل هاءِ وي کان ڀٽ شاهه تائين ٻه ميل پڪو رستو ڪنهن ٺهرايو هو؟
جواب: سيد ميران محمد شاهه 1950ع ۾.
سوال: ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جو سنگِ بنياد ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو هو؟
جواب: عبدالستار پيرزادي جمعو 16 صفر 1374هه / 15 آڪٽوبر 1954ع ۾.
سوال: الله وارو چوڪ ڪڏهن ٺهيو؟
جواب: 1956ع کان پوءِ ٿيل ترقياتي ڪمن دوران ٺهيو.
سوال: الله واري چوڪ تي گنج ۽ الله جو نالو ڪڏهن ۽ ڪنهن تعمير ڪرايو؟
جواب: 1988ع ۾ علي بخش شاهه ناز لطيفيءَ.
سوال: ڀٽ شاهه تي توله پليٽ فارم جو سنگِ بنياد ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو هو؟
جواب: شهزاده علي بخش شاهه ناز لطيفي 15 شعبان 1407هه مطابق پهرين اپريل 1987ع ۾.
سوال: شاهه صاحب جي دور واري مسافرخاني کي 1957ع ۾ ڪنهن وسيع ڪرايو هو؟
جواب: لاکيڻي لطيف جي سجاده نشين مرحوم سيد شاهه ڏني شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ جي مسافر خاني جي پکيڙ ڪيتري آهي؟
جواب: 600 چورس فوٽ.
سوال: ڀٽ شاهه ميوزيم ۽ شاهه جو باغ ان جي ڊزائن ڪنهن ٺاهي هئي؟
جواب: جناب ظفر ڪاظميءَ.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۾ ريسٽ هائوس جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو هو؟
جواب: صدر پاڪستان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان 1958ع ۾.
سوال: ان ريسٽ هائوس ۾ ڪيترا ڪمرا آهن؟
جواب: 13 ڪمرا، هڪ ميٽنگ هال ۽ ڊائينگ هال. ( شروع ۾ ڇهه آرامده ڪمرا ).
سوال: هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي پوري پاڪستان جون وڏيون درگاهون ۽ انهن سان لاڳاپيل ملڪيتون حڪومت پنهنجي تحويل ۾ ڪهڙي عيسوي سن ۾ ورتيون؟
جواب: 1960ع ۾.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي تعمير بابت ڀٽ شاهه ۾ پهرين گڏجاڻي ڪهڙي تاريخ تي ڪوٺائي ويئي؟
جواب: 25 نومبر 1961ع ۾، صدارت، نياز احمد ڪمشنر حيدرآباد.
سوال: ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ پاران بڪس لائبريري ۽ اوپن ايئر آڊيٽوريم جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو هو؟
جواب: جناب ذوالفقار علي ڀٽو وزير صنعت، اربع 15 صفر 1382هه مطابق 18 جولاءِ 1962ع ۾.
سوال: ثقافتي مرڪز جي لائبريري ۽ ميوزم جون عمارتون ڪڏهن جڙي راس ٿيون؟
جواب: 1962ع ۾.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ عجائب گهر جي عمارت جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو هو؟
جواب: جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب 18 جولاءِ 1962ع.
سوال: ڪهڙي شخص ۽ ڪڏهن ڀٽ شاهه کي بجلي ڏني؟
جواب: جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب 1962ع ۾.
سوال: ڪهڙي عظيم ليڊر ۽ ڪڏهن ڀٽ شاهه کي يوسي جو درجو ڏياريو؟
جواب: جناب ذوالفقار علي ڀٽي 1963ع ۾.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران فنڪارن لاءِ ٺاهيل هاسٽل جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو هو؟
جواب: جناب الحاج ابو نصر، ڪمشنر حيدرآباد، اربع 16 جولاءِ 1965ع ۾ (هاسٽل ۾ 7 ڪمرا، 5 هال ۽ 2 اسٽور آهن).
سوال: ڀٽ شاهه ڪامپليڪس جو سنگِ بنياد ڪڏهن رکيو ويو؟
جواب: 1974ع ۾.
سوال: ڀٽ شاهه ترقياتي منصوبي جو سنگِ بنياد ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو؟
جواب: 25 جنوري 1974ع تي جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب 30 ڪروڙ روپيه ڏيڻ جو اعلان به ڪيو.
سوال: ڀٽ شاهه ۾ اجرڪ سينٽر ڪڏهن ٺهيو؟
جواب: سنڌ سمال انڊسٽريز پاران 1983ع ۾ قسطن تي ٺهرائي ڏنا ويا.
سوال: سجاديه لائبريري ڀٽ شاهه جي عمارت جو پيڙهه جو پٿر ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو هو؟
جواب: حجةالسلام سيد ثمر حسين 24 فيبروري 1980ع ۾.
سوال: پهرين اپريل 1985ع ۾ ڀٽ شاهه تي، شاهه لطيف جي نالي پهريون ٻوٽو (وَڻُ) ڪهڙي شخصيت رکيو هو؟
جواب: جرمن خاتون اينميري شِمل.
سوال: ”جيڪڏهن مونکان ڪا راءِ ورتي وڃي ته آئون دنيا جي سمورن شاعرن جي شاعري شاهه لطيف جي هڪ وائيءَ تان واري ڇڏيان“. اهي جملا ڪهڙي اسڪالر جا آهن؟
جواب: ڊاڪٽر اينميري شمل .
سوال: شاهه جو باغُ نالي پارڪ جو افتتاح سنڌ جي ڪهڙي گورنر ڪيو هو؟
جواب: ليفٽيننٽ جنرل جهانداد خان گورنر سنڌ 29 آڪٽوبر 1985ع /14 صفر 1406هه تي.
سوال: شاهه لطيف لائبريري (پبلڪ لائبريري) جو سنگِ بنياد ڪنهن ۽ ڪهڙي عيسوي سن ۾ رکيو؟
جواب: سيد غوث علي شاهه، وزيرِ اعلى سنڌ 21 آڪٽوبر 1986ع مطابق 16 صفر 1407هه ۾ (افتتاح ڄام صادق علي ڪيو هو).
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي کاتو ڪهڙي عيسوي سال ۾ تعليم کاتي کان ڌار ٿيو هو؟
جواب: 1988ع ۾ .
سوال: لاکيڻي لطيف جي درگاهه اڳيان دنبوري چوڪ جو سنگِ بنياد ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو هو؟
جواب: شهزاده علي بخش ناز لطيفي 17 نومبر 1986ع ۾.
سوال: شاهه عبداللطيف دنبورا سينٽر ڀٽ شاهه جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: سيد گدا حسين شاهه لطيفي 1995ع ۾. (پروپرائيٽر. شاهه جو راڳي رسول ڏنو عرف فقير منٺار علي جوڻيجو )
سوال: شاهه سائين جي توله پليٽ فارم جي رسم افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: درگاهه ڀٽ شاهه جي سجاده نشين سيد غلام شبير شاهه 18 ذوالحج 1407هه مطابق 14 آگسٽ 1987ع تي.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي موٽيل/مسافرخاني جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪهڙي عيسوي تاريخ تي ڪيو هو؟
جواب: جناب غوث علي شاهه وزيرِ اعلى سنڌ 10 آڪٽوبر 1987ع مطابق 16 صفر 1408هه تي (هن ۾ چار ڪمرا ۽ ست وڏا هال ۽ ٻه اسٽور- حوالو، ڪتاب. گولڊن جوبلي 2005ع).
سوال: ڪهڙي عيسوي سن ۾ حڪومت سنڌ هڪ قانون پاس ڪري درگاهه ڀٽائيءَ کي آثارِ قديم طور ورتو؟
جواب: 1994ع ۾.
سوال: ”ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان“ جو سنگ بنياد ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو؟
جواب: محترمه شهيد بينظير ڀٽو 1994ع ۾.
سوال: شاهه لطيف ايڪسيلينسي هال 1974ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪم تي ڪهڙي ڪمپني ٺهرايو هو؟
جواب: پاسڪو وارن. پر مارشل لا لڳڻ ڪري مڪمل نه ٿي سگهيو.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۾ ايڪسيلينسي سينٽر جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو، عيسوي ۽ اسلامي تاريخ ٻڌايو؟
جواب: صدر فاروق احمد لغاري، پهرين جولاءِ 1996ع مطابق 16 صفر 1417هه ۾.
سوال: درگاهه ڀٽ شاهه ڀرسان حُسيني پارڪ جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف حڪومت سنڌ جناب خاور نور شيخ صاحب 16 فيبروري سن 2004ع ۾.
سوال: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو سنگِ بنياد 16 صفر 1425هه ۾ ڪنهن رکيو؟
جواب: سنڌ جي وڏي وزير جناب سردار علي محمد خان مهر 7 اپريل 2004ع تي. پاران، ڊاڪٽر عرفان گل مگسي، صوبائي وزير اوقاف، زڪوات عشر مذهبي اقليتي امور سنڌ.
سوال: شاهه سائينءَ جو روضو مبارڪ هن وقت ڪهڙي ضلعي ۾ آهي؟
جواب: ضلع مٽياريءَ ۾ (مٽياريءَ کي 4 اپريل 2005ع ۾ ضلعي جو درجو مليو).
سوال: انگريزن جي دور ۾ ڀٽ شاهه ۾ پهريون پرائمري اسڪول ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ سال ۾ قائم ٿيو؟
جواب: 4 نومبر 1884ع ۾.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان تعمير ڪرايل ”شاهه لطيف ميوزڪ اسڪول“ ان جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير جناب شبير احمد قائمخاني 7 جولاءِ 2005ع ۾.

سوال: ڀٽ شاهه ميوزيم واري عمارت جي هڪ وڏي هال ۾ آرٽ گئلري جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: ان وقت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري مهتاب اڪبر راشدي 2005ع ۾.
سوال: ”شاهه جي راڳ جو اسڪول“ ان اسڪول ۾ راڳ سيکارڻ لاءِ ڪنهن کي مقرر ڪيو ويو؟
جواب: استاد سيد جمن شاهه ۽ تند جو استاد کٻڙ فقير کي.
سوال: شاهه لطيف فائونڊيشن جو قيام ڪڏهن عمل ۾ آيو؟
جواب: 1982ع.
سوال: شاهه لطيف پريس جي عمارت جو سنگِ بنياد ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو هو؟
جواب: لطيفي درگاهه جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه پهرين رجب 1425هه مطابق 7 آگسٽ 2005ع تي.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڪهڙي سال ڀٽ شاهه ۾ هيلي پيڊ تيار ڪيو ويو؟
جواب: 1980ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي 264 هين ساليانه ورسيءَ جي موقعي تي وزيراعظم پاڪستان جناب شوڪت عزيز کي ڪهڙي مشهور شخصيت چيو ته ڀٽ شاهه ۾ ايف ايم ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي وڃي؟
جواب: نصير مرزا.
سوال: ڀٽ شاهه ريڊيو اسٽيشن ڪهڙي سال جي شروعات ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: 2007ع جي.
سوال: ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه جو افتتاح ڪڏهن ٿيو؟
جواب: مشهور اديب مرحوم محمد ابراهيم جويي ان وقت جي وزير ثقافت محترمه سسئي پليجو ۽ ان وقت جي ڊي. جي. ريڊيو پاڪستان مرتضيٰ سولنگي 13 ڊسمبر 2008ع تي گڏجي ڪيو.
سوال: ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه، ايف ايم 93 ڪهڙي عمارت ۾ قائم ٿي؟
جواب: ثقافت کاتي جي عمارت ”موٽيل“ ۾ قائم ٿي.
سوال: ”هيءُ ريڊيو ڀٽ شاهه آهي.“ سڀ کان پهرئين اها انائونسمينٽ ڪنهن ڪئي؟
جواب: شمس جعفراڻيءَ .
سوال: ريڊيو پاڪستان ايف ايم ڀٽ شاهه جي پهرين اسٽيشن ڊائريڪٽر جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ (پهريون پروڊيوسر سيد ڪاظمي).
سوال: ريڊيو پاڪستان ايف ايم ڀٽ شاهه تي پهريون ڀيرو شاهه سائين جي وائي ڪنهن ۽ ڪهڙي چئي هئي؟
جواب: سيد ذوالقرنين شاهه، وائي، اچي لالڻ لٽ ميان، منهنجو لوڙهه لڪن ۾.

سوال: ايف ايم ڀٽ شاهه جي افتتاحي تقريب ۾ شاهه سائين جا بيت ڪنهن چيا هئا؟
جواب: خدا ڏنو شاهه لطيفي.
سوال: ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه جي افتتاح دوران مشهور فنڪار ذوالفقار علي، شاهه جي ڪهڙي سر مان وائي پيش ڪئي؟
جواب: سر ڪلياڻ مان.
سوال: ايف ايم 93 ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه جي اسٽيشن ڊائريڪٽرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: 1. مسٽر محمد علي ٻانڀڻ 3 ـ 11 ـ 2008ع کان 18 ـ 6 ـ 2010ع تائين.
2. انچارج مسٽر نصير بيگ مرزا. 3. مسٽر مختيار احمد ملڪ. 4. مسٽر وسند علي مهر . 5. مسٽر سيد عابد عباس ڪاظمي. 6. مسٽر گل حسن قريشي. 7. مسٽر فرحان عباس هاشمي. 8. مسٽر عرفان علي انصاري. 9. مسٽر مسرت علي منگي. 10. مسٽر وسند علي مهر 18 ـ 11 ـ 2019ع کان.
سوال: ڪهڙي ريڊيو اسٽيشن تي شاهه سائين جي 267 هين عرس جي موقعي تي لطيف سائين جو هفتو ملهايو ويو؟
جواب: ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه .
سوال: پهريون ڀيرو ايف ايم ڀٽ شاهه جي ڪهڙي اسٽيشن ڊائريڪٽر ميلي جي موقعي تي شاهه لطيف جو هفتو ملهايو؟
جواب: مشهور شاعر اديب جناب مختيار ملڪ.
سوال: شاهه سائين جي 267 هين عرس جي موقعي تي ڪهڙي تاريخ کان ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه پاران شاهه لطيف جو هفتو ملهايو ويو؟
جواب: 15 جنوري کان 21 جنوري تائين.
سوال: ”شاهه لطيف جو نوجوانن لاءِ پيغام“ ان عنوان تحت تقريري مقابلا ڪهڙي اسٽيشن تان ڪرايا ويا؟
جواب: ايف ايم ڀٽ شاهه تان شاهه سائين جي 267 هين عرس جي موقعي تي.
سوال: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان شاهه سائينءَ بابت ڪوئيز سلسلو ”پڇن سي پسن“ ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ نشر ٿيو؟
جواب: 13 مئي 1987ع کان.
سوال: ثقافت کاتي کان سياحت کاتي کي ڪڏهن الڳ قائم ڪيو ويو؟
جواب: 17 اپريل 2010ع تي.
سوال: ڀٽ شاهه ۾ انٽرنيشنل پيس اينڊ صوفي ازم يونيورسٽي جو قيام ڪڏهن عمل ۾ آيو؟
جواب: 29 آگسٽ 2012ع ۾.
سوال: شاهه جي باغ کي ڪهڙي تاريخ ۽ ڪهڙي سال خوبصورت بڻايو ويو؟
جواب: 30 ڊسمبر 2012ع ۾.

سوال: شاهه جي باغ جي حد واري ڀت جو افتتاح، شاهه سائين جي ڪائين عرس تي ۽ ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: 269 هين عرس جي موقعي تي، سيد قائم علي شاهه وزير اعليٰ سنڌ ۽ محترمه سسئي پليجو منسٽر آف ڪلچر سنڌ.
سوال: لطيف سائين جي آخري رهائشگاهه تخت حويلي ڪهڙي سال ٺهي راس ٿي؟
جواب: 2014ع ۾.
سوال: گرد ئارو صاحب ڀٽ شاهه جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: سجاده نشين سيد وقار حسين شاهه 4 سيپٽمبر 2015ع تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي درگاهه تي رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ ٿيو؟
جواب: 11 جون 2018ع ۾.
سوال: ڀٽ شاهه تي ميوزم هال سان گڏ هڪ اوپن ايئر آڊيٽوريم آهي، آڊيٽوريم ۾ ميلي جي راتين دوران لڳ ڀڳ ڪيترا ماڻهو لطيفي راڳ مان لطف اندوز ٿيندا آهن؟
جواب: 15 هزار ماڻهو.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۾ ڪهڙيون اهم عمارتون موجود آهن؟
جواب: (1) ميوزم. (2) اوپن ايئر آڊيٽوريم. (3) ريئر بوڪ لائبريري. (4) فنڪارن لاءِ هاسٽل. (5) عورت فنڪارن لاءِ فليٽ. (6) موٽيل مسافرخانو. (7) ايڪسيلينسي سينٽر. (8) ريسٽ هائوس. (9) شاهه جي راڳ جو اسڪول. (10) شاهه لطيف لائبريري. (11) شاهه جو باغ. (12) آرٽ گيلري. (13) ڪراڙ ڍنڍ ۽ پارڪ.
سوال: ڀٽ شاهه تي مسجد فقھ جعفريه جو بنياد ڪنهن رکيو هو؟
جواب: سيد غلام شاهه ولد علي بخش شاهه.
سوال: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي علم پاڪ ڪهڙي شخصيت نصب ڪيو هو؟
جواب: سيد مير محمد شاهه عرف ميرل سائينءَ.
سوال: درگاهه جي اڳيان پهريون علم پاڪ تقريبن ٻه سؤ سال اڳ کاڻوٺ جي ڪهڙي شخصيت لڳرايو هو؟
جواب: سيد ملوڪ شاهه جي ڏاڏي سيد لطف علي شاهه.
سوال: پهريون ڀيرو درگاهه جي روضي جي ڀرسان نيل لڳ علم پاڪ ڪڏهن لڳايو ويو؟
جواب: 17 جولاءِ 1952ع ۾ . (اٺ، ڏهه فوٽ اوچو)
سوال: 1958ع ڌاري ڀٽ شاهه تي علم پاڪ ڪنهن لڳرايو هو؟
جواب: سيد لطف علي شاهه (علم پاڪ جي اوچائي 60 فوٽ.)
سوال: 1967ع ڌاري ڪهڙي بزرگ ڀٽ شاهه ۾ علم لڳرايو هو؟
جواب: سيد نور محمد شاهه، ڀريا سٽي واري. هي علم چاليهه فوٽ اوچو هو.
سوال: 1981ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ اسٽيل جو علم پاڪ ڪهڙي بزرگ نصب ڪرايو هو؟
جواب: ڪراچيءَ جي سيد شرف علي زيدي (علم پاڪ جي اوچائي 85 فوٽ.)
سوال: موجوده اسٽيل وارو علم پاڪ ڪنهن لڳرايو؟
جواب: ٽنڊي الهيار جي منٺار ڀٽي ۽ ان جي گھر واري مائي گُلان.
سوال: درگاهه ڀٽ شاهه تي اسٽيل جو خوبصورت علم پاڪ ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ لڳرايو ويو؟
جواب: خميس 14 جنوري 2010ع مطابق 27 محرم الحرام 1431هه ۾.
سوال: درگاهه ڀٽ شاهه جي اڳيان خوبصورت اسٽيل جي علم پاڪ جي ڊيگهه ڪيتري آهي؟
جواب: 110 فوٽ.
سوال: هن وقت ڀٽ شاهه تي ڪهڙو فقير ڀٽ ڌڻيءَ جي ذاڪري فقيرن جو اڳواڻ آهي؟
جواب: گل محمد لاڙڪ ۽ فقير عبدالغفار لاڙڪ (2016ع مطابق).
سوال: لطيف سائين جي مزار مبارڪ جي درشن لاءِ آيل خاص مهمانن کي لطيف سائين جي خاندان پاران ڇا پارايو ويندو آهي؟
جواب: ”پاکرون“ پارايون وينديون آهن.
سوال: ايوان رومي ۽ ايوان لطيف ڪٿي ٺهيل هئا؟
جواب: ڀٽ شاهه تي.
سوال: ايوان لطيف تي پهريون نالو ڪهڙو رکيو ويو هو؟
جواب: ايوان رومي.
سوال: ڪهڙي سال تائين ميين نور محمد واري اوطاق ڀٽ تي موجود هئي، پوءِ رستي کي سرڪاري طور ڪشادي ڪرڻ وقت اها اوطاق رستي جي وچ ۾ اچي وئي؟
جواب: 1954ع تائين.
سوال: ڳوٺ مٺي ڍاڀڙيءَ جي ڀرسان ٽوڙ جي ڀٽ جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ ڀٽ تي لطيف سان ڪهڙيون شيون منسوب آهن؟
جواب: لطيف جون ڪنڊيون.


ڪراڙ ڍنڍ

سوال: شاهه سائينءَ ڪيترن سالن جي ڄمار ۾ ڪراڙ ڍنڍ جو مشاهدو ڪيو هو؟
جواب: 15 يا 16 سالن جي ڄمار ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڀٽ تي ديرو ڄمايو ته مسجد شريف ۽ پنهنجي حويلي جوڙائڻ لاءِ مٽي ڪهڙي ماڳ تان کڻايائين؟
جواب: ڪراڙ ڍنڍ مان.
سوال: ڪراڙ ڍنڍ جو ذڪر سڀ کان پهريائين ڪهڙي تاريخي ڪتاب ۾ ملي ٿو؟
جواب: ڪتاب تحفةالڪرام فارسي تصنيف مير علي شير قانع ٺٽوي.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ لفظ ڪراڙ ڪيترن بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: پنجن بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين ڪراڙ ڍنڍ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ ڪراڙ ڍنڍ ڀٽ کي ڪيترن طرفن کان ڦيريل هئي؟
جواب: ٽن طرفن کان.
سوال: پهريون ڀيرو 1928ع ۾ ۽ ان کان پوءِ 1932ع ۾ ڪراڙ جي ڪپ تي ڪهڙي بزرگ، لطيفي محفلن جو بنياد وڌو؟
جواب: مرحوم سائين ميران محمد شاهه.
سوال: اوائل ۾ سنڌو درياء ۽ ساڱرو واهه مان ڪهڙي واهه ذريعي ڪراڙ ڍنڍ کي پاڻي ملندو هو؟
جواب: علي واهه ذريعي.
سوال: ڪراڙ ڍنڍ لاءَ هفتي ۾ ڪيترا ڪلاڪ نَهريِ پاڻي منظور ٿيل آهي؟
جواب: 48 ڪلاڪ.
سوال: ڪهڙي عيسوي سال ۾ ڪراڙ ڍنڍ جو ڪجهه ڪم ڪرايو ويو ۽ بي ترتيب وڻڪاريءَ کي ترتيب سان رکيو ويو؟
جواب: 1932ع ۾.
سوال: اوائلي دور ۾ تارا شاخ مان هڪ واٽر ڪورس ذريعي ڪراڙ ڍنڍ ۾ پاڻي ڇڏڻ جو باقاعده بندوبست ڪڏهن ڪيو ويو؟
جواب: 1954ع ۾.
سوال: ڪهڙي عيسوي سال ڪراڙ جي اتر کان ويهه فوٽ پڪو روڊ ٺاهي موجوده دنبوري چوڪ کان پڪي چاڙهي ٺاهي درگاهه تي پهچڻ لاءِ رستو ٺاهيو ويو؟
جواب: 1960ع ڌاري.
سوال: ڪراڙ ڍنڍ جي ڪهڙي حصي ۾ ڪراڙ پارڪ ٺاهيو ويو ۽ باقي حصي کي ڍنڍ طور برقرار رکيو ويو؟
جواب: اوڀر واري حصي ۾ ڪراڙ پارڪ ٺاهيو ويو ۽ هڪ وڏو ڦوهارو به نصب ڪيو ويو؟
سوال: ڪراڙ واري ڪپ تي لطيف سائين جي ڪهڙي فقير ٻن پؤڙين ۾ هڪ کوهه کوٽايو هو؟
جواب: لونگ فقير مهيسر (مقبري جي ڏاکڻئين پاسي).
سوال: ڀٽ شاهه ۾ قائم ”ڪراڙ پارڪ“ جو سنگِ بنياد ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو هو؟
جواب: گورنر سنڌ محمد ڪمال الدين اظفر 13 جولاءِ 1995ع ۾.
سوال: ڪهڙي شخصيت ڪراڙ ڍنڍ جي چوڌاري پڪي ڀت ڏياري ۽ ان مٿان رنگين بلب لڳرايا هئا؟
جواب: ڊپٽي ڪمشنر الله بخش سومرو ضلع حيدرآباد 1969ع ۾.
سوال: ڪراڙ ڍنڍ جي چوڌاري پڪي ڀت سنڌ جي ڪهڙي گورنر جي ڪوششن سان ڏني وئي؟
جواب: گورنر سنڌ رخمان گل جي ڪوششن سان.
سوال: ڪهڙي عيسوي سال ۾ ڪراڙ ڍنڍ جي کوٽائي ڪري ان جا پاسا پٿر سان پڪا ڪري ڍنڍ جي هڪ حد مقرر ڪئي وئي؟
جواب: 1954ع ۾، حوالو ڀيڄ ڀٽائي مئگزين مارچ-اپريل 2005ع.
سوال: پاڪستان جي ڪهڙي وزيرِ اعظم جي خواهش هئي ته ڪراڙ مٿان هڪ شاندار پل ٺاهي، مٿان هڪ جديد طرز جو سئمنگ پول ٺاهجي پر قدرت واري کيس مهلت نه ڏني ۽ اها خواهش رهجي ويس؟
جواب: شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي.
سوال: ڪراڙ ڍنڍ کي ٻن حصن ۾ ڪڏهن ۽ ڪهڙي وزيرِ اعظم جي دور ۾ ورهايو ويو؟
جواب: 1994ع ۾، محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾.
سوال: ڪراڙ ڍنڍ جي وچ ۾ لڳل شاهه لطيف جو مجسمو ڪنهن تيار ڪيو ۽ ان جي ڊيگهه ڪيتري آهي؟
جواب: پروفيسر نادر علي جمالي 10 مهينن ۾ تيار ڪيو مجسمي جي ڊيگهه 16 فوٽ.
سوال: شاهه لطيف جي ڊگهي مجسمي جو افتتاح ڪڏهن ۽ ڪنهن ڪيو؟
جواب: 4 نومبر 2017ع / 14 صفر 1439هه ۾ لطيف جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي، سيد سردار شاهه، ضياءَ الحسن لنجار ۽ عاجز ڌامراهه.
سوال: شاهه لطيف جو شاهڪار مجسمو سيد سردار علي شاهه جي آئيڊيا موجب ڪراڙ ڍنڍ جي وچ ۾ ڪڏهن لڳايو ويو؟
جواب: جمعو 24 آڪٽوبر 2018ع 14 صفرالمظفر 1440هه ۾ شاهه سائين جي 275 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: ڪهڙو بزرگ ڪراڙ ڍنڍ ۾ وڻ جي ڄار ۾ هٿ وجھي پاڻيءَ ۾ رياضت ڪندو هو؟
جواب: ميان فقير محمد ويهڙائي.
سوال: ڪهڙي مشهور شاعر جي مزار ڪراڙ جي ڪپ تي آهي؟
جواب: شيخ اياز جي.

شاهه جو راڳ ۽ راڳي فنڪارن بابت ڪجھه معلومات

سوال: موسيقيءَ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪهڙي عالم راڳن کي مقرر وقت تي ڳائڻ جي ڳالهه ڪئي؟
جواب: سارنگ ديو ۽ نارد پهريون عالم هو.
سوال: سماع ۽ رقص ۾ ساز جي سنگت واري رسم کي پهريون ڀيرو ڪنهن جاري ڪيو؟
جواب: مولانا جلال الدين رومي نڙ ساز کي سماع ۾ شامل ڪيائين.
سوال: طنبور جو اصلي نالو ڇا آهي؟
جواب: تانپوره.
سوال: شاهه سائين پنهنجي راڳ لاءِ ڇا فرمايو آهي؟
جواب: راڳ روح جي غذا آهي.
سوال: شاهه سائين جا راڳي فقير تپجي پيا ته شاهه صاحب کين ڪهڙي صلاح ڏني؟
جواب: جمعي جي رات منهنجي پيءُ سيد حبيب شاهه جي درگاهه تي وڃي ڳايو.
سوال: شاهه سائين ڪهڙو وقت سماع جو رکيو؟
جواب: شام جو وقت. (سماع جي ابتداء سر ڪلياڻ سان ڪيائون).
سوال: سنڌ ۾ سڀ کان پهريائين موسيقي جو ادارو ڪنهن قائم ڪيو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف، ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه سائين ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ جو بنياد ڪيترن ورهين جي ڄمار ۾ رکيو؟
جواب: 22 ورهن جي ڄمار ۾ (محقق. سرمد چانڊيو).
سوال: ڪهڙي سن ۾ ڀٽ تي شاهه جي راڳ جو باقاعدي ادارو قائم ٿيو؟
جواب: سومر 7 جنوري 1743ع مطابق 11 ذوالقعد 1155هه ۾ (1155هه / 1742ع).
سوال: شاهه سائين سڀ کان اڳ نئين موسيقي واسطي هڪ نئون ساز ايجاد ڪيو، ان ساز کي ڇا چئجي ٿو؟
جواب: دنبور.
سوال: اصل ۾ دنبور/تنبور جي شروعات ڪهڙي ملڪ مان ٿي؟
جواب: مصر مان.
سوال: شاهه عبداللطيف پنهنجي دنبوري تي هڪ آزاد لئه پڻ تيار ڪئي ان کي ڇا چئجي ٿو؟
جواب: ڇيڙ.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ لفظ دنبورو ڪيترن بيتن ۾ ملي ٿو؟
جواب: سر آسا جي هڪ بيت ۾.
سوال: شاهه سائين پهريون دنبورو ڪنهن کان ٺهرايو هو؟
جواب: ٺٽي ۾ سوٽهڙن کان.

سوال: دنبوري ۾ لڳل اوزارن جا نالا ڪهڙا آهن؟
جواب: ڳئٽيون، سنگ، گھوڙي، ٿاري، طنبو، تکڙون، گلو ۽ پستنگ.
سوال: دنبوري جي پنجن تندن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: زبان،ٽيپ،اڳين جاڙي،پوئين جاڙي،گھور جي تند ۽ ڇلو دنبوري وڄائڻ لاءِ. (محقق، فقير حاجن نظاماڻي)
سوال: شاهه سائين جي دنبوري ۾ ڪل ڪيتريون تارون آهن، انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: پنج تارون، پهرين تار گهور، ٻِي ۽ ٽين تار کي جاڙيون، چوٿين تار کي زبان، پنجين تار اسٿان جي سٿاتي نڪرندي آهي. ”ٽيپ“ (نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق. پهرين تار کي گهور، ٻي تار ۽ ٽين تار کي جاڙيون، چوٿين تار زبان جي ڀر واري کي ٽيپ ۽ پنجين زبان. هيءَ ڀٽائي صاحب ايجاد ڪئي.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ٺٽي جي ڪهڙن ٻن ڪاريگرن ڀٽ تي يڪ ڀانڊيا دنبورا ٺاهيا؟
جواب: موتي ۽ گوپال سوٽهڙ .
سوال: اوائلي دنبورا يڪ ڀانڊيا هئا، يڪ ڀانڊيو جي ڇا معنيٰ آهي؟
جواب: يعني هيٺيون ڀانڊو يڪي هڪ ڪاٺيءَ مان ڪوري ٺاهيل.
سوال: ڪجھه عرصي کان پوءِ ڦاڪدار دنبورا ٺاهيا ويا، ڦاڪدار ڇا آهي؟
جواب: يعني هڪ کان وڌيڪ ڪاٺ جي ٽڪرن جي جوڙ مان.
سوال: موتي سوٽهڙ جا ٺاهيل ٽي دنبورا سڀ کان پهرين ڪهڙن ٽن بزرگن استعمال ڪيا؟
جواب: سائين علڻ، ميين حسين، لائق ڏني فقير.
سوال: موتيءَ جا ٺاهيل ٽي دنبورا جيڪي اڃا تائين موجود آهن، اهي ڪهڙن بزرگن جي نالن سان سڏجن ٿا؟
جواب: سائين وڏي علڻ جو، ٻيو ميين حسين وارو، ٽيون لائق ڏني فقير وارو.
سوال: لطيف سائين جن جو دنبورو ڪهڙي شڪل تي ٺهيل آهي؟
جواب: ايراني عود جي شڪل تي.
سوال: راڳ جي شروعات ۾ سڀ کان پهرين ڇا جو سر آلاپيو ويندو آهي؟
جواب: تند جو سر.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڀٽ تي راڳ جو اڳواڻ ڪنهن کي ڪيو ويو؟
جواب: تمر فقير کي.
سوال: شاهه سائينءَ، ڀٽ تي سماع ۽ ذڪر جو اڳواڻ ڪنهن کي مقرر ڪيو هو؟
جواب: خليفي محمد عالم ڏيرو کي.
سوال: ڀٽ تي شاهه سائين جي سامهون ڪهڙا فقير راڳ ڳائيندا هئا؟
جواب: اسماعيل فقير کاهوڙي، کلڻ فقير، تمر فقير، خليفو محمد عالم ڏيرو، محڪم الدين سيلاني، محبت فقير، فقير حاجي الهڏنو سومرو ۽ حاجي ابراهيم فقير سومرو.

سوال: شاهه سائين جي فقيرن سيد حبيب شاهه جي درگاهه تي پهرين وائي ڪهڙي ڳائي هئي؟
جواب: اچي لالڻ لٽ ميان ! مُيَ جو لوڙهه لڪن ۾.
سوال: شاهه سائين ڀٽ تي ڪهڙي فقير کان جمعي جي رات راڳ جو سلسلو شروع ڪرايو؟
جواب: تمر فقير.
سوال: تمر فقير جا راڳ ۾ ڪهڙا استاد هئا؟
جواب: عرس فقير ساند ۽ سيد تقي شاهه (حوالو، تمر جو ڪلام).
سوال: شاهه سائين جا راڳي فقير درگاهه ڀٽ شاهه تي ڪيتريون دعائون گهرندا آهن؟
جواب: 2 دعائون هڪ روضي جي کلڻ ۽ ٻي بند ٿيڻ وقت.
سوال: تمر فقير جي وڏي اوطاق تي فقراء کي ڪهڙو نگر ڏنو ويندو آهي؟
جواب: ماني ۽ رٻ ۾ ڪڻڪ جا داڻا، چانورن جو ڏارو ۽ کير.
سوال: وڏي اوطاق تي هڪ خاص ڪوٺيءَ ۾ ڪهڙو ونڊ ڏنو ويندو آهي؟
جواب: ٺڪر جي پيالين ۾ رٻ پياري ويندي آهي.
سوال: ڀٽ شاهه تي رٻ جو نگر ڪهڙي رات ورهايو ويندو آهي؟
جواب: هر سهائي سومار جي رات.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي هر سهائي سومار جي رات جيڪا رٻ تيار ڪئي ويندي آهي ان رٻ جي هڪ پيالي مان ڪيترا فقير گڏجي واري واري سان سرڪيون ڀريندا آهن؟
جواب: چار کان پنج فقير.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي راڳ جي اختتام کان پوءِ لطيفي دعا گهري ويندي آهي، اها دعا ڪيترن حصن تي مشتمل آهي؟
جواب: ٽن حصن تي، هڪ حصو الله تعالى جي ڪائنات لاءِ، ٻيو حضور ڪريم جي امت لاءِ ۽ ٽيون لطيفي جماعت لاءِ ۽ اڳواڻن فقيرن لاءِ.
سوال: لطيفي راڳ جي اختتام کان پوءِ راڳي فقير دنبورا ڪٿي رکندا آهن؟
جواب: تجر واري ڪوٺيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جا راڳي فقير وڏي اوطاق ۾ گڏ ٿي دنبورن جي تندن کي ترتيب ڏيندا آهن. انهيءَ عمل کي ڇا چئبو آهي؟
جواب: ڪڙي.
سوال: شاهه سائين جو راڳي فقير دنبوري جي تند ڇا سان وڄائيندو آهي؟
جواب: آڱر ۾ ڇلو پائي يعني هڪ مخصوص تند جي ٺاهيل ڇلي سان.
سوال: شاهه سائين جي دنبوري تي سر جي تند وڄائيندڙ فقير جي، ان تند جي انداز کي ڇا چيو ويندو آهي؟
جواب: تسبيح.
سوال: دنبوري تي سر جي تند کان پوءِ اڳواڻ جي اڳواڻيءَ ۾ سڀ فقير ڇا وڄائيندا آهن؟
جواب: جَھڙَ جي تند.
سوال: دنبوري تي لطيفي راڳ ۾ لطيفي فقير ڪيترا آواز ڪڍن ٿا؟
جواب: ٻه آواز هڪ ڳرو آواز گرام يعني کرج ۽ ٻيو هلڪو (سنهو) ڪليءَ جو آواز.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي لطيفي راڳ دوران ويٺل زائرين ۾ ڇا ورهايو ويندو آهي؟
جواب: پتاشا، مصري يا ڪو ٻيو مٺاڻ.
سوال: راڳ ويراڳ ۾ ڪيترا فقير شامل هوندا آهن؟
جواب: ڇهه فقير.
سوال: راڳ ويراڳ جا ڪهڙا ٻه سر سفر ۾ ڪونه ڳائبا آهن؟
جواب: سر سورٺ ۽ سر ڪوهياري.
سوال: شاهه سائين ڇٽيهه راڳڻين ۾ ڪهڙن ٻن سرن کي شامل ڪيو؟
جواب: سر يمن ۽ حسيني.
سوال: شاهه سائينءَ چوٽيهه راڳڻين مان ڪيتريون راڳڻيون عام مقبول ديسي ڌنن مان انتخاب هيٺ آنديون؟
جواب: سترنهن.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ ڪهڙا سر مارڳ آهن؟
جواب: (1) ڪلياڻ. (2) يمن ڪلياڻ. (3) کنڀات. (4) سري راڳ. (5) سهڻي. (6) سورٺ. (7) ڪيدار. (8) ديسي. (9) حسيني. (10) رامڪلي. (11) بلاول. (12) پرڀاتي. (13) آسا. (14) ڌناسري. (15) پوربي. (16) ڪاموڏ. (17) بسنت بهار.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ ڪهڙا سر ديسي راڳ آهن؟
جواب: سر سامونڊي، سسئي آبري، معذوري، بروو، مومل راڻو، رپ، کاهوڙي، ليلان چنيسر، ڏهر، ڪاپائتي، گهاتو، ڪيڏارو، سنڌي مارئي، ڪارايل وغيره.
سوال: دنبورو المعروف تنبوري جي هيٺئين گول حصي کي شاهه سائين جن ڇا چوندا هئا؟
جواب: ڀانڊي.
سوال: دنبوري جي مٿئين حصي ۾ ڪاٺ جون ڪيتريون چاٻيون جڙيل آهن؟
جواب: پنج چاٻيون.
سوال: ڪهڙي ڪلاڪار شاهه سائين جي وائي ”پرچن شال پنهوار“ کي سر مارئي جي بجاءِ مانجهه ۽ آسا ۾ ڪمپوز ڪري ڳائي؟
جواب: خان صاحب استاد منظور علي خان.
سوال: ڪارون وس ڪيام. هن وائي کي استاد محمد جمن ڪهڙي راڳ ۾ ڳايو؟
جواب: راڳ پوريا ڪلياڻ.
سوال: شاهه سائينءَ سر سورٺ ۾ ڪهڙن سازن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: چنگ، رباب، ڪماچ، ڪينرو، تنبورو، سرندو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي راڳ جو بنياد سال جي ڪيترن مهينن تي رکيو آهي؟
جواب: ٻارنهن مهينن تي.
سوال: شاهه سائين راڳ جي گرامن کي مهينن جي ڪيترن هفتن تي رکيو آهي؟
جواب: چئن هفتن تي.
سوال: شاهه سائين چاليهه سالن جي عرصي ۾ ڪيترن راڳن تي سنگيت نامو تيارڪيو؟
جواب: ستٽيهه راڳن تي.
سوال: شاهه سائين سڀني راڳن کان اول اول ڪهڙو سرود ايجاد ڪيو؟
جواب: سرود معذوري.
سوال: ديهه احدي جوڻيجا جي ڪهڙي بزرگ جي مزار وٽ کبڙ جي وڻ هيٺان لطيف سائين ٽي ڏينهن سماع ڪرايو هو؟
جواب: حضرت سيد رانول بادشاهه (وفات 910هه ۾).
سوال: سر ڍولا مارو شاهه صاحب جي سامهون ڪهڙن فقيرن ڳايو هو؟
جواب: آنٽڙيو خان ۽ چانچڙيو خان عرف اٽل ۽ چينچل خان.
سوال: شاهه جي رسالي کي ڪهڙن ٻن ڪلاڪارن سرن ۾ ورهايو؟
جواب: آنٽل ۽ چانچل.
سوال: شاهه سائين جا ڪهڙا سرود بهار جي موسم ۾ ڳايا وڃن ٿا؟
جواب: سرود ڪلياڻ، جمن ڪلياڻ، کنڀات، بسنت، سرود بروو، ڍول مارو، مارئي، آسا ۽ ڌناسري.
سوال: اونهاري جي رات ۾ شاهه سائينءَ جا ڪجهه راڳي ڪيترا سر ڳائيندا آهن؟
جواب: 12 سر.
سوال: شاهه سائين جا ڪهڙا سر اونهاري جي موسم ۾ ڳائجن ٿا؟
جواب: سرود ديسي، آبري، معذوري، ڪوهياري، حسيني، ڪيڏارو، شينهن ڪيڏارو، سارنگ، مومل راڻو، ليلا چنيسر ۽ هير رانجھو (مانجھه).
سوال: شاهه سائين جا ڪهڙا سر سرءُ جي موسم ۾ ڳائجن ٿا؟
جواب: سر سريراڳ، سامونڊي، سهڻي، ڪاموڏ، گھاتو، سورٺ، سرود جاجڪاڻي، کاهوڙي، ڪاپائتي ۽ رامڪلي.
سوال: شاهه سائين جا ڪهڙا راڳ سياري جي موسم ۾ ڳائجن ٿا؟
جواب: سر بلاول، رپ، پورب، پرڀاتي، ڪارايل ۽ سرود ڏهر.
سوال: سياري جي وڏي رات ۾ شاهه سائينءَ جا راڳي درگاهه تي ڪهڙا سر آلاپيندا هئا؟
جواب: سر ڪوهياري، سورٺ، بروو سنڌي، بلاول، ڌناسري، بروو هندي، ڍول مارئي، سر هير ۽ لڙيءَ رات سر راڻو ڳائيندا هئا.
سوال: ڪهڙي مند ۾ شاهه سائينءَ جا ڪجهه راڳي 17، 18 سر آلاپيندا آهن؟
جواب: سياري جي مند ۾.
سوال: وائي، هاڙهي جي هوت کي دل ساري، اها وائي شاهه جي ڪهڙي راڳيءَ وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي ٻڌائي هئي؟
جواب: جڙيل فقير لنجواڻيءَ.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو راڳ 24 ڪلاڪن ۾ 2 دفعا ڳايو وڃي ٿو؟
جواب: سر سريراڳ.
سوال: شاهه سائين جي ولادت پهرين رجب المرجب تي ڪهڙو سر ڳايو ويندو آهي؟
جواب: سر بلاول.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي سر سامونڊي کان پوءِ سر سهڻي آلاپڻ بعد ڇا ورهايو ويندو آهي؟
جواب: کير جي چُڪي، ڍُڪ. (سهڻيءَ جي سُرڪ)
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي سر هير رانجھو ڪهڙي وقت ڳايو ويندو آهي؟
جواب: پوئين رات جو چانڊوڪيءَ ۾.
سوال: سر بيراڳ هنديءَ جي ڳائڻ جو وقت ٻڌايو؟
جواب: رات جو ٽين کان صبح تائين.
سوال: سر بيراڳ هنديءَ ۾ شاهه سائينءَ جي ڪهڙي فارسي وائي چيل آهي؟
جواب: ٿلهه: ملڪا ذڪر تو ڪويم ڪه تو پاڪي و خدائي،
مصرعو 3. تو معزا تو مزلا مالڪ العرش الاهي،
تو ڪبيرا تو خبيرا تو ”لطيف“ تو رحيمي. (حوالو، ڪتاب. سر ، شاهه، سمنڊ، ص. 187).
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي سر مارئي کان پوءِ ڪهڙو سر ڳائيندا آهن؟
جواب: سر ڌناسري.
سوال: شاهه سائينءَ جي درگاهه تي ڏينهن جو راڳي فقير راڳ جي شروعات ڪهڙي سر کان ڪندا آهن؟
جواب: شروعات سر مارئي کان ۽ سر حسيني تي دعا گھرندا آهن.
سوال: سارنگي ساز ۾ سڀ کان پهريائين شاهه سائين جو ڪهڙو سر ڳايو ويو؟
جواب: سارنگ.
سوال: سارنگي ساز جا ٻيا ڪهڙا روپ آهن؟
جواب: کماچ ۽ سرندو.
سوال: شاهه سائين جو راڳ ڪوهياري، ڪهڙي علائقي جو نغمو آهي؟
جواب: خزدار.
سوال: شاهه سائين جي ڪيترن سرن کي سنڌي موسيقيءَ ۾ ڳايو وڃي ٿو؟
جواب: پندرنهن سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ نمائنده راڳڻي ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: سر ڪوهياريءَ کي.
سوال: شاهه سائين جي ڪلام ۾ سنڌي موسيقيءَ جي نمائنده راڳ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: راڳ سورٺ.
سوال: شاهه سائين سنڌي سنگيت ۾ ڪهڙي عنوان سان ٻن راڳن جو اضافو ڪيو؟
جواب: داستان راڻو ۽ ڪوهياري.
سوال: آڳاٽي وقت کان وٺي شاهه سائين جي دور تائين سنڌي موسيقي جي تاريخي پسمنظر جا ڪيترا مکيه پهلو نمايا طور نظر اچن ٿا؟
جواب: چار.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ قابل ڳائڻي کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: قوال.
سوال: جيسلمير جي راجا طرفان پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه تي نغارو ڪنهن آندو هو؟
جواب: راجا گر ڌير سنگهه.
سوال: جيسلمير جي راجا طرفان ڀٽ شاهه لاءِ مليل نغارن کي ڪير وڄائيندو هو؟
جواب: آنٽل خان ۽ چنچل خان.
سوال: شاهه سائينءَ منگتي کي ڪهڙن نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: جاجڪ، چارڻ، ٻيجل، ڀان، راڳائي، عطائي وغيره.
سوال: شاهه سائين سر سورٺ ۾ راڳ ۽ ساز سان واسطو رکندڙ ڪهڙا لفظ ڪم آندا آهن؟
جواب: چنگ، راڳ، مڱڻهار، ساز، ربابي، قوال، ڪماچ، تند، تنوار، جاجڪ، عطائي، ڪينرو، ٻارٽ، راڳائي، وائي، ميراثي، ڀان، سرندو، تنبير، پاٽ، صدا، رون رون، چارڻ ۽ وڏاڻ.
سوال: ڪهڙا راڳ ۽ راڳڻيون شاهه صاحب جن جي ايجاد آهن؟
جواب: سامونڊي، آبري، معذوري، ڪوهياري، حسيني، گهاتو، ڪيڏارو، رپ، کاهوڙي ۽ بروو.
سوال: شاهه سائين جا فقير عيد جي موقعي تي ڪهڙا سر ڳائيندا آهن؟
جواب: سسئي جا سڀئي سر، سورٺ، ڪاموڏ، ڪارايل ۽ پورب.
سوال: سر کنڀات جي ڳائڻ جو وقت ٻڌايو؟
جواب: رات جو ڏهين بجي کان فقط چانڊوڪي رات ۾ 5 کان 16 تاريخ تائين.
سوال: شاهه سائينءَ جا ڪهڙا سر آريائي دؤر جا راڳ هئا؟
جواب: سر ڏهر ۽ سر گھاتو.
سوال: ڪهڙي سنڌي شاعر کي سنڌي پرڪاش راڳن جو مؤَجد چيو وڃي ٿو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي.
سوال: راڳ سارنگ جي اَروهي ۽ اَمروهيءَ ۾ ڪيترا سر لڳن ٿا؟
جواب: اَروهيءَ ۾ پنج سر ۽ اَمروهيءَ ۾ ڇهه سر.
سوال: راڳ حسينيءَ جي آلاپڻ جو وقت ٻڌائيندا؟
جواب: صبح جو ٻيو پهر.
سوال: شاهه سائين جي ان راڳ جو نالو ٻڌايو جيڪو اصل ۾ فارس جو راڳ آهي ۽ ڪسرى جي دور ۾ هندستان ۾ متعارف ٿيو؟
جواب: يمن ڪلياڻ.
سوال: راڳ يمن ڪلياڻ رات جو ڪهڙي وقت آلاپبو آهي؟
جواب: رات جو ڏهين بجي کان رات جو ٽين بجي تائين.
سوال: سريراڳ جي ڳائڻ جو وقت ٻڌايو؟
جواب: صبح جو ڇهين کان شام جو ڇهين تائين.
سوال: جيت سري، شاهه سائين جي ڪهڙي سر جي پيداوار آهي؟
جواب: سر سامونڊيءَ جي.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو راڳ بلاول ۽ گوڙ سارنگ سان ملي ٿو؟
جواب: ڪوهياري.
سوال: ڪوهياري جي ڳائڻ جو وقت ڪهڙو آهي؟
جواب: صبح کان شام تائين.
سوال: سر بروو سنڌيءَ جي آلاپڻ جو وقت ٻڌائيندا؟
جواب: ڏينهن جو ٻيو پهر ۽ رات جو ٻيو پهر.
سوال: سر بيراگ هنديءَ جي ڳائڻ جو وقت ڪهڙو آهي؟
جواب: رات جو ٽين بجي کان صبح تائين.
سوال: لطيف سرڪار راڳ جي لحاظ سان سارنگ کي ڪهڙن ڇهن نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: (1) سارنگ. (2) هنڊوا يا هنڊول. (3) مينگهه. (4) سانوڻ. (5) آگم. (6. ملهار.
سوال: شاهه سائينءَ جي موسيقارن شاهه سائينءَ جي وائي کي ڪهڙي ٺمريءَ جي طرز ڄاڻايو آهي؟
جواب: هندي ٺمري جي طرز.
سوال: سر سريراڳ جي ڳائڻ جو وقت ٻڌايو؟
جواب: شام جو چار کان رات جو اٺين بجي تائين.
سوال: ڪهڙي شاعر مينهن جي موسم کي پنهنجن بيتن ۾ ڳائي سنڌيءَ ۾ پهرين ”جاگرافيائي شعر“ جو بنياد رکيو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: سر سارنگ ڪهڙي موسم ۾ ڳائبو آهي؟
جواب: سانوڻ جي موسم ۾، 1 جون کان 31 آگسٽ تائين آڌي رات جو.
سوال: سرديسي ڪهڙي وقت ڳائبو آهي؟
جواب: منجهند جو.
سوال: شاهه سائين ڪهڙين راڳڻين کي پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ قائم رکيو؟
جواب: ڪلياڻ، بلاول ۽ کنڀات کي.
سوال: رسالي جي ڪهڙن سرن جا نالا مقامي ڌنن وارا آهن؟
جواب: ڪوهياري، معذور ۽ ڏهر.
سوال: شاهه سائين پنهنجي راڳ جي اداري لاءِ ڪهڙن ٻن ڪلاسيڪي راڳن کي نئين شڪل ڏني؟
جواب: ڪلياڻ ۽ ايمن.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن ٻن سرتارن کي سندن اصلي نالن سان پڪاريو؟
جواب: يمن ۽ حسيني.
سوال: سر ڌناسريءَ جي آلاپڻ جو وقت ڪهڙي آهي؟
جواب: ڏينهن جو ٽيون پهر.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سر جو تعلق گائڪي جي حساب سان درٻاري ۽ ميگهه سان ملي ٿو؟
جواب: سر ڪارايل جو.
سوال: شاهه صاحب جو اهو ڪهڙو راڳ آهي جيڪو ڇهن راڳن سان ملي ٺهيو آهي؟
جواب: آسا.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو راڳ رامداس جي نالي سان جڙيل آهي؟
جواب: سينهن ڪيڏارو.
سوال: سر سينهن ڪيڏارو جي اَروهي ۽ اَمروهي ڪهڙي آهي؟
جواب: اَروهي، ني، ساري گاما، پا گاما، ناپاني سا، اَمروهي، سا نا ڌي پا، ناپا، گاماري، گاري سا.
سوال: سومرن جي دؤر ۾ ٻين قصن سان گڏ ڪهڙا قصا موسيقيءَ جو موضوع بڻيا؟
جواب: سهڻي ۽ ميهار، سسئي ۽ پنهون، مورڙو ۽ مڇ، ليلا ۽ چنيسر، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، عمر ۽ مارئي، مومل ۽ راڻو.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو سر ، سنڌي ذاڪرن ملتان جي بزرگن جي محفلن ۾ ڳايو ۽ اتان هندستان پهتو؟
جواب: سر سهڻي.
سوال: اتر سنڌ ۾ سهڻي ڪهڙي سر ۾ ڳائبو آهي؟
جواب: مالڪوس ۾.
سوال: سمن جي دور ۾ سر سهڻي ڪهڙي نالي سان سڏيو ويو؟
جواب: سرود توڏي.
سوال: ڪتاب. سهڻي ميهار ميرانپوري ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: قاضي محمد ابراهيم جماليءَ جو 1958ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سر جو تعلق خماچ ٿٽ سان آهي ۽ ان جي ڪجھه بلاول سان به مشابهت آهي؟
جواب: سر ڪوهياري.
سوال: شاهه جي رسالي جي ڪهڙن سرن جا نالا ڪلاسيڪي موسيقي جي مختلف راڳن پٺيان رکيل آهن؟
جواب: ڪلياڻ، ايمن، کنڀات، سريراڳ، سهڻي، سارنگ، آڀيري، ديسي، حسيني، سورٺ، پورب، بروو، ڪيڏارو، رامڪلي، بلاول، پرڀاتي، آسا ۽ ڪاموڏ.
سوال: شاهه سائين ڪهڙيون راڳڻيون ڪلاسيڪي موسيقيءَ مان انتخاب ڪيون؟
جواب: 1.ڪلياڻ 2.کنڀات (خماچ) 3.سريراڳ 4.سهڻي 5.سارنگ 6.ڪيڏارو (ڪدارا) 7.ديسي 8.سورٺ 9.بروو هندي (ڪلاسيڪي) 10.بروو سنڌي 11.رامڪلي 12.بلاول 13.آسا 14.ڌناسري 15.پوربي 16.ڪاموڏ 17.بسنت.
سوال: شاهه سائين ڪهڙيون راڳڻيون عوامي موسيقيءَ مان چونڊيون؟
جواب: 1.سامونڊي 2.آبري 3.معذور 4.ڪوهياري 5.راڻو 6.کاهوڙي 7.رپ 8.ليلان 9. ڏهر. 10.ڪاپائتي 11.پرڀاتي 12.گھاتو 13.شينهن ڪيڏارو 14. مارئي 15.ڍول مارئي 16.هير 17.ڪارايل.
سوال: شاهه سائين چوٽيهن راڳڻين مان ڪيتريون هندوستاني ڪلاسيڪي موسيقيءَ مان ۽ مقبول عام ديسي ڌنن مان انتخاب ڪيون؟
جواب: 17 هندوستاني ڪلاسيڪي موسيقي مان ۽ 17 عام ديسي ڌنن مان.
سوال: سُرندي ۾ رڍ جي آنڊري مان ٺاهيل تار کي سڳو سڏجي ٿو، شاهه سائين ان تار کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: راڻي تار.
سوال: سنڌ جي قديم موسيقيءَ جا راڳ ڪهڙا آهن؟
جواب: آبري (اَڀيري)، ديسي، گهاتو، کنڀات ۽ آسا. (حوالو، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف، ص: 454)
سوال: ڪهڙا راڳ سنڌ جي سروار موسيقي جا راڳ چيا وڃن ٿا؟
جواب: راڻو، ليلا، مارئي، سهڻي، ڍول مارئي، ڪارايل ۽ پر ڀاتي.
سوال: سماع جي سلسلي وارا راڳ ٻڌايو؟
جواب: سر ڪلياڻ، ڌناسري ۽ ڏهر (حوالو ڪتاب سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ).
سوال: گرنٿ صاحب ۽ شاهه صاحب جي رسالي ۾ شامل انهن راڳن ۽ سرن جا نالا ٻڌايو جن راڳن ۾ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙائي آهي؟
جواب: سريراڳ، راڳ آسا، راڳ سورٺ، راڳ بلاول، راڳ رامڪلي، راڳ ڪيدارا (ڪيڏارو)، راڳ سارنگ، راڳ ڪليان.
سوال: گرنٿ صاحب ۾ موجود انهن سرن ۽ راڳن جا نالا ٻڌايو، جيڪي راڳ شاهه لطيف جي محفلن ۾ ڳايا ويندا هئا؟
جواب: راڳ ڪانڙا (ڪانرو) راڳ بسنت، راڳ بهاگڙا، راڳ ڌناسري.

سوال: شاهه سائين جو پورو بياض مقدس ڪيترن ماترائن ۾ پڙهيو ويندو آهي؟
جواب: ستن ماترائن ۾.
سوال: شاهه سائين جي وفات کان پوءِ سندس فقيرن ٽي ڏينهن ڪهڙو سر ڳايو هو؟
جواب: سرڪيڏارو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي مخصوص ڪلام کي ”وائي“ جو نالو ڏئي ڪهڙي بزرگ جي ڳوٺ ڏانهن منسوب ڪري سندس حق ادا ڪيو؟
جواب: سندس استاد آخوند نور محمد ڀٽي وائي واري.
سوال: نئين موسيقي جي نظام ۾ ڳائڻ لاءِ شاهه سائين ڪل ڪيتريون راڳڻيون منتخب ڪيون؟
جواب: 36 راڳڻيون (حوالو، ڪتاب، سنڌ ۾ موسيقي جي اوسر).
سوال: شاهه سائين لفظ وائي ڪيترن بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ويهن بيتن ۾ ۽ ٽن وائين ۾.
سوال: شاهه جي وائي جديد قسم جي انداز ۾ ڪهڙي فنڪار ڳائي؟
جواب: علڻ فقير .
سوال: شاهه سائين جي وقت ۾ دنبوري جي وڄت ڇا لاءِ مخصوص هئي؟
جواب: فقط واين ڳائڻ لاءِ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي دنبوري تي هڪ آزاد قسم جو آواز اڀاريو ، ان کي ڇا ڪوٺيو ويو؟
جواب: ڇيڙ.
سوال: شاهه سائينءَ جي وقت ۾ وائين ڳائڻ واري وڄت ڪيترن ۽ ڪهڙن قسمن ۾ هئي؟
جواب: ٽن قسمن ۾، ڇيڙ، ٻيو ڏيڍي، ٽيون دوتالي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙن سرن کان سواءِ ٻين سڀني سرن ۾ ڇيڙ جون وايون موجود آهن؟
جواب: سر سامونڊي، آبري، حسيني، کاهوڙي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙن سرن جون وايون ڇيڙ بدران ”تار“ (ڏيڍي يا دوتالي) تي ڳائجن ٿيون؟
جواب: سامونڊي، آبري، حسيني ۽ کاهوڙيءَ جون.
سوال: دنبوري جي تند وڄائڻ کان پوءِ راڳي اڳواڻ ڇا وڄائيندو آهي؟
جواب: جَهڙَ وڄائيندو (حوالو ڪتاب سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ).
سوال: جَهڙَ جي وڄت ڪيترن قسمن جي آهي؟
جواب: پنجن قسمن جي.
سوال: جَهڙَ، شاهه صاحب جي ڪهڙي فقير ايجاد ڪئي؟
جواب: يعقوب شهيد.

سوال: شاهه سائين جي اڳيان ڪهڙو فقير نڙ وڄائيندو هو؟
جواب: رمضان فقير جت بڙ جي ڍوري ۾.
سوال: ڪڇ ۾ شاهه جي راڳ جو بنياد ڪنهن وڌو هو؟
جواب: تمر فقير.
سوال: تمر فقير ڪڇ ڏي روانو ٿيڻ وقت ڪهڙيون ٻه شيون کڻي ويو هو؟
جواب: دنبورو ۽ شاهه جو رسالو.
سوال: تمر فقير ڪڇ ڀڄ ڏي راهي ٿيڻ وقت پهرين منزل ڪٿي ڪئي آهي؟
جواب: دائره شريف (اڏيرو لعل) جي سيدن وٽ.
سوال: تمر فقير جڏهن ڪڇ کان ڀٽ جي ويجهو آيو ۽ ڀٽ جا وڻ ڏٺائين ته ڪهڙي وائي چيائين؟
جواب: ويجهي کي وڻن، اوڏي آيس جان پريان جي پيچري. (1) اچي ٻڌا اوٺيين، موتي منجهه مين.
سوال: ڀٽ ۽ بلڙيءَ کان پوءِ اهو ڪهڙو ماڳ آهي جتي تمر فقير جي اڳواڻيءَ ۾ شاهه جو راڳ ٿيو هو؟
جواب: اوريئڙي ۾ (پاور جي جوءِ ۾).
سوال: ان چوٿين ماڳ جو نالو ٻڌايو جتي تمر فقير جي اڳواڻيءَ ۾ شاهه جو راڳ ٿيو هو؟
جواب: ڳوٺ ڪما گهوني ۾.
سوال: تمر فقير جي دعا سان ڪهڙي راجا کي نرينه اولاد ٿيو هو؟
جواب: راجا ڳهڻ راءِ کي.
سوال: شاهه حبيب جي وفات کان پوءِ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ هفتي جي ڪهڙي رات راڳ لاءِ مقرر ڪئي؟
جواب: جمعي جي رات.
سوال: شاهه صاحب جي وقت ۾ شاهه جو راڳ ڳائڻ لاءِ ڪيترن فقيرن جو ٽولو منتخب ٿيو؟
جواب: چئن فقيرن جو.
سوال: شاهه سائين جي ان راڳي فقير جو نالو ٻڌايو جيڪو درگاهه ڪريميءَ تي پهريون اڏي جو فقير يعني اڳواڻ ٿيو؟
جواب: حافظ فقير چاڪي.
سوال: شاهه سائين جي ان راڳيءَ جو نالو ٻڌايو جنهن وٽ ”پاهوڙي ميڙ“ راڳ گهڻو هو؟
جواب: حاجي غلام حيدر جت پاهوڙي، ڪڇ ۾ ٻني جو ويٺل.
سوال: ڪڇ ۾ شاهه جي رسالي ۽ راڳ جا وڏا ڄاڻُو ڪير هئا ۽ ڪٿي رهندا هئا؟
جواب: مَنداڻي، لاکاڻي ۽ جيئنداڻي جت ٻني ۾ رهندا هئا.
سوال: الياس فقير سان ڪهڙن فقيرن شاهه جو راڳ گڏجي ڳايو هو؟
جواب: مراد فقير ٻگهيي، ڪيهر فقير لنجواڻي ۽ رحمو فقير.
سوال: اُن فقير جو نالو ٻڌايو جنهن کي دنبوري جي تند اهڙي ته وڻي وئي جو چيائين ”سائين هاڻي هتي ئي مرندس پر ٻئي پاسي ڪونه ويندس“؟
جواب: الياس فقير پنهور.
سوال: الياس فقير ڪنهن جي دعا سان ڀٽ تي آيو هو؟
جواب: ميين اسماعيل جي دعا.
سوال: ان فقير جو نالو ٻڌايو جنهن جي ٻولي ڪڇ واري هئي جنهن جي ڪري راڳ جو اڳواڻ نه ٿي سگهيو؟
جواب: عبدالله فقير هنڱور جو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي فقير کي ”ڳائڻ جو داروغو“ چوندا هئا؟
جواب: عرس فقير ساند کي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي راڳي فقير کي پيڙهن وارو فقير چيو ويندو آهي؟
جواب: عرس فقير ساند کي.
سوال: شاهه صاحب جي وقت ۾ ڪهڙو فقير راڳاين جو خدمتگار هو؟
جواب: عرس فقير ساند.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي راڳي فقير کي سڄو رسالو ياد هو؟
جواب: عرس فقير ساند کي.
سوال: تمر فقير جو پهريون دور ڪهڙي هجري سن کان شروع ٿيو هو، جنهن ۾ هن شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي هئي؟
جواب: ڀٽ تي 1155هه کان 1165هه تائين.
سوال: تمر فقير ڪڇ ۾ ڪهڙي سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: 1165هه کان 1177هه تائين.
سوال: تمر فقير جي ڪڇ ۾ رهڻ وارن ٻارهن سالن ۾ ڀٽ تي ڪهڙي فقير شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: ميين ولي محمد.
سوال: تمر فقير جو ٻيو دور ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ پاڻ ڀٽ تي شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪيائين؟
جواب: 1177هه کان 1181هه تائين.
سوال: ميين ولي محمد ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي هئي؟
جواب: 1181هه کان 1215هه تائين.
سوال: ميين ڪمال پٽ ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: 1215هه کان 1225هه تائين.

سوال: يعقوب شهيد ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: 1225هه کان 1245هه تائين .
سوال: ميين اسماعيل ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: 1245هه کان 1262هه مطابق 1865ع تائين.
سوال: الياس فقير پنهور ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: 1262هه کان 1290هه تائين.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي فقير کي 1282هه ۾ خليفي عبدالله ڌاڳا ڏنا ۽ ان فقير راڳ جي رسمي طور اڳواڻي ڪئي؟
جواب: الياس فقير.
سوال: مراد فقير ٻگهيي ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: 1290هه کان 1303هه تائين.
سوال: ڪيهر فقير لنجواڻيءَ ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: 1303هه کان 1337هه تائين.
سوال: خليفي لائق ڏني فقير ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: 1338هه کان 1348هه تائين.
سوال: ابراهيم فقير خاصخيليءَ ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: 1348هه کان 1378هه تائين.
سوال: پير غلام شاهه ڪهڙي هجري سن کان ڪيستائين شاهه جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي؟
جواب: 1957ع کان 1975ع تائين.
سوال: شاهه سائين جي راڳي فقير پير غلام شاهه جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1975ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي راڳيءَ جَهڙَ جا ٻه وڌيڪ قسم ايجاد ڪيا؟
جواب: مرحوم پير غلام شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ جا راڳي فقير ڪن سرن جي پوري ادائگيءَ لاءِ وائي يا بيت ۾ ڪهڙا لفظ استعمال ڪندا آهن؟
جواب: ميان، وو ميان، وي ميان، الو ميان، ڀلو ميان، وو، ني وو. وغيره.


سوال: شاهه صاحب جي روضي جي آڏو ختمي واري ڏينهن يعني 16 صفر صبح جو ساڍي اٺين کان ساڍي نائين تائين خليفي محمد عالم جي اوطاق جو وڏو فقير ذڪر ۾ ڇا پڙهندو آهي؟
جواب: ذڪر جي پهرين تسبيح ”الله هو“ هيٺئين آواز ۾ جنهن ۾ سر آسا جا بيت ۽ هڪ وائي. ٻِي تسبيح به ”الله هو“ ٿوري مٿئين آواز ۾، جنهن ۾ مارئي ۽ ليلان جا فقط دعائيه بيت ٽين تسبيح ’هو‘ ’هو‘ بنا بيتن جي ٿيندي.
سوال: شاهه سائين جي ڪافي ”تو ڪيئن دلڙي مٽائي هن پاڙيچي پرينءَ کان“ ان کي فنڪارن ڪهڙي راڳڻيءَ ۾ ڳايو آهي؟
جواب: روپ پهاڙيءَ ۾.
سوال: تمر فقير جي نائين گادي نشين جو نالو ٻڌايو؟
جواب: فقير علي ڏنو تمراڻي.
سوال: ڀٽ شاهه تي تمراڻي فقير ڪهڙي رات راڳ ڳائيندا آهن؟
جواب: جمعي جي رات.
سوال: لطيفي وائيءَ ۾ ”اڌڪ“ جو باني ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: فقير ميرو لنجواڻيءَ کي.
سوال: سنهي آواز سان راڳ ڳائڻ جو باني ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: ابراهيم فقير خاصخيلي کي.
سوال: شاهه سائين جي وائيءَ جا ڪيترا ۽ ڪهڙا قسم آهن؟
جواب: 1. ڏيڍي 2. دوتالي 3. ڇيڙ واري 4. ذڪر واري.
سوال: شاهه سائين جي وائي جو کڻڻ هڪ فقير ڪندو آهي ته ٻيا فقير ڇا ڪندا آهن؟
جواب: سڏ هڻائيندا آهن.
سوال: وائي جي چال ۾ گرام ڪندڙ فقيرن کي ڇا چوندا آهن؟
جواب: گرامڙيو.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي جيڪي فقير سنهڙي آواز ۾ وائي آلاپيندا آهن انهن کي ڇا چوندا آهن؟
جواب: سڏڙيو.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي راڳ جي اڳواڻي ڪندڙ فقيرن کي ڇا سڏيو ويندو آهي؟
جواب: پاسڙيا، گرامي ۽ سڏڙيا چيو ويندو آهي.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي وائي جو دورانيو ڪيترو هوندو آهي؟
جواب: ڏهن کان پندرهن منٽ.
سوال: ذڪر جون وائيون ڪهڙي وقت ڳائبيون آهن؟
جواب: فجر نماز کان اڳ.
سوال: ڪهڙي قسم جي وائي دنبوري کان سواءِ ڳائبي آهي؟
جواب: ذڪر جي وائي.
سوال: لطيف سائين جي وائيءَ جا ڪيترا قسم آهن؟
جواب: ٽي قسم (حوالو: ڪتاب- سنڌ جو شاهه، صفحه-342).
سوال: وائيءَ جا ڳائڻ ۾ ڪهڙا مختلف انداز آهن؟
جواب: ڀڳتي انداز، مولودي انداز، شاهه جي راڳائين جو انداز، فلمي وائي جو انداز، دوگانو انداز، سنگيت انداز، داستان گوئي وارو، يڪتاري وارو انداز، لوڪ گيت وارو انداز، ڪافيءَ وارو انداز وغيره. (محقق، ذوالفقار علي قريشي)
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي شاهه جي وائي ڪهڙي انداز ۾ ڳائي وڃي ٿي؟
جواب: ڌرپد جي انداز ۾. (حوالو، ڪتاب، ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون، ص، 138.)
سوال: آڳاڻي دور ۾ سنڌ جا ڀڳت، شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر کي دعا واري انداز ۾ پيش ڪندا هئا؟
جواب: سر ڪلياڻ کي.
سوال: اهو ڪهڙو راڳ آهي، جيڪو فقط ڀٽ شاهه واري رسالي گنج ۾ موجود آهي؟
جواب: مانجهه.
سوال: جرمنيءَ ۾ شاهه جي ڪلام جي ڪهڙن سرن جي راڳ راڳڻين وسيلي ذهني مريضن جو علاج ڪيو وڃي ٿو؟
جواب: سر ڏهر، آسا، بلاول، راڻو ۽ مارئيءَ جي راڳ راڳڻين وسيلي.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ وائيءَ جا گھٽ ۾ گھٽ ڪيترا مختلف گھاڙيٽا موجود آهن؟
جواب: 24 مختلف گھاڙيٽا.
سوال: ڪهڙي ڪتاب ۾ شاهه سائين جي راڳ راڻو کي سنڌوي نالي سان سڏيو ويو آهي؟
جواب: ڪتاب معارف النغمات، ليکڪ موسيقار خان صاحب محمد نواب علي.
سوال: ڳوٺ حويلي نزد ڇور جي ان مشهور راڳيءَ جو نالو ٻڌايو جيڪو شاهه سائين جو سر سارنگ ڳائيندو هو ته برسات پوندي هئي؟
جواب: استاد شادي فقير.
سوال: سنڌ جو ڪهڙو مشهور مولودي سر سارنگ ڳائيندو هو ته هڪدم آسمان ۾ ڪڪر ڇائنجي پوندا هئا؟
جواب: فقير قاسم جوڻيجو.
سوال: بدين ضلعي جا ڪهڙا قديم درگاهه شاهه جي راڳن جا مکيه مرڪز هئا؟
جواب: شاهه قادري، سيد حسن شاهه ۽ قرهيو ڀانڊاري.
سوال: بدين ۾ شاهه جو راڳ، شاهه لطيف جي اوتاري تي ٿيندو هو، پوءِ سڀ کان پهريائين بدين ۾ ڪهڙي درگاهه تي شاهه جو راڳ جاري ٿيو؟
جواب: شاهه قادري.
سوال: ڀٽائيءَ جي راڳي فقيرن کي ملڪ کان ٻاهر وٺي وڃڻ وارو سلسلو ڪنهن شروع ڪيو هو؟
جواب: حميد آخوند صاحب.
سوال: استاد محمد ابراهيم ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سڀ کان پهريائين ڪهڙي وائي رڪارڊ ڪرائي ؟
جواب: وائي ”ننڊ نه ڪر تون نماڻي جاڳو جيڏيون رات وهاڻي“.
سوال: وائي ”ننڊ نه ڪر نماڻي وئي ٿي ويل وهاڻي“ سڀ کان پهريائين ڪهڙي فنڪار جي آواز ۾ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿي؟
جواب: استاد محمد جمن جي آواز ۾.
سوال: ٻول، سانگياڻي باندياڻي قيدياڻي آهيان، اهي ٻول پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان ڪهڙي فنڪار جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيا؟
جواب: لکا ڏنو بلوچ جي آواز ۾.
سوال: شاهه جي راڳي، سيد گدا حسين شاهه جو اصل نالو ڇا آهي؟
جواب: سيد علي ياور شاهه ولد سيد علي بخش المعروف ناز لطيفي جو فرزند.
سوال: شاهه جو راڳي، سيد گدا حسين شاهه ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 23 آڪٽوبر 1971ع ڀٽ شاهه ۾. 24 آڪٽوبر 1991ع به لکيل آهي.
سوال: سيد گدا لطيفيءَ ڪهڙي سال ۽ ڪهڙي راڳيءَ کان لطيفي راڳ سکڻ جي شروعات ڪئي؟
جواب: 1999ع کان مشهور راڳي سائين جمن شاهه کان.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي ڪهڙي بزرگ هفتي جون راتيون فقيرن کي ورهائي ترتيب سان ڏنيون؟
جواب: سيد غلام شاهه.
سوال: سيد غلام شاهه سڀ کان پهرين هفتي جي ڪهڙين راتين ۾ راڳ جي شروعات ڪئي؟
جواب: جمعي ۽ سومر جي رات.
سوال: سنڌ ۾ شاهه سائين جو ڪهڙو راڳيءَ سر سامونڊي جو اول نمبر ڄاڻوآهي؟
جواب: سيد جمن شاهه لطيفي.
سوال: سيد جمن شاهه، شاگردن جي تربيت شاهه جي ڪهڙي سر سان شروع ڪندو آهي؟
جواب: سر سامونڊيءَ سان.
سوال: ٽالپرن واري دور ۾ ڀٽ شاهه تي هفتي ۾ ڪهڙيون راتيون شاهه جو راڳ ٿيندو هو؟
جواب: جمعو ۽ اربع جي رات.
سوال: ابراهيم فقير واري دور ۾ ڀٽ شاهه تي هفتي جي ڪهڙين راتين ۾ شاهه جو راڳ ٿيندو هو؟
جواب: جمعو، اربع، سومر ۽ آچر جي رات.
سوال: ان وائي ڳائيندڙ فقيرياڻيءَ جو نالو ٻڌايو جيڪا، وائي ڳائيندڙ فقيرن کي لقمو ڏيندي هئي؟
جواب: مائي مِٺان.
سوال: کٽ جي سيرانديءَ کان شاهه سائين جو خيالي ڦوٽو ۽ دنبورو ڪهڙي عقيدتمند راڳي عورت ٽنگي رکندي هئي؟
جواب: مائي مِٺان.
سوال: ان مائي جو نالو ٻڌايو جيڪا سر مارئي جي وائيءَ ۾ ”الو ميان“ ڪرڻ تي سندس گھر ۾ رکيل ڪنجهيءَ جا ٿانوَ ٻرندا هئا؟
جواب: مائي جيان / جيوان (ڪڇ جي طرف جي).
سوال: مائي جيان شاهه سائين جو راڳ ڪنهن کان سکي هئي؟
جواب: ڀٽ تي سائين غلام شاهه کان.
سوال: ”فقير آءُ اڳ مياس ته تون منهنجي قبر تي دنبورو کڻي وائي چئجان، انشاءَ الله مرشد جي دعا سان آءُ توکي سر وٺرائينديس“ اهي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: مائي جيان، پنهنجي مڙس نهال فقير کي چيا.
سوال: نهال فقير ”الو ميان“ ڪري سر مارئي آلاپيو ته، مائي جيان قبر مان ڪهڙي وراڻي ڏنس؟
جواب: ”عمر آيو اوچتو ڏاڍي ساڻ ڏمر.“
سوال: لطيفي تنوار جو مشهور راڳي سيد غلام حيدر شاهه پاڻ کي ڇا سڏرائيندو هو؟
جواب: خادم الفقراء (پيار مان گلڻ سائين).
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي راڳي سيد غلام حيدر شاهه جو انتقال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 6 آگسٽ 2004ع ۾ (والد جو نالو سيد جڙيل شاهه).
سوال: ڪهڙي سال راڳ رنگ جي محفل ڀٽ شاهه آڊيٽوريم هال مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پوري ملڪ ۾ نشر ڪئي؟
جواب: 1964ع ۾.
سوال: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي گيٽ جي سامهون تنبوري چوڪ جو افتتاح ڪنهن۽ ڪڏهن ڪيو هو؟
جواب: ضلعي ناظم حيدرآباد، ڪنور نويد جميل، اڱارو ٽيهه سيپٽمبر 2008ع تي.
سوال: شاهه سائينءَ جو سڄو راڳ سيد غلام شاهه جي آواز ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪهڙي پروڊيوسر رڪارڊ ڪيو هو؟
جواب: پروڊيوسر غلام حسين شيخ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪينرو ساز جو ذڪر ڪيو آهي، ان ساز ۾ ڪيتريون تارون هونديون آهن؟
جواب: ٻه تارون.
سوال: شاهه سائين رباب ساز جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سرڪلياڻ ۽ سورٺ ۾.

سوال: رباب ساز ۾ ڪيتريون تارون ٿين ٿيون، انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: چار تارون، پهرين تار کرج مڌاسٿان، ٻي تار پنچم، ٽين تار رکب، چوٿين شهه تار.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي ڏينهن جي ٻي شفٽ ۾ راڳي فقير راڳ جي شروعات ڪهڙي سر کان ڪندو آهي؟
جواب: سر سسئي آبڙي.
سوال: ڪهڙي سال کان شاهه سائين جي درگاهه تي ڏينهن جو راڳ جي شروعات ٿي؟
جواب: 1980ع کان پوءِ.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي هفتي جي هر رات راڳ جي شروعات ڪهڙي سال کان ٿي؟
جواب: 1980ع کان پوءِ.
سوال: ڀٽ شاهه تي سڀ کان پهريائين شاهه سائين جي ڪافي ”پرچن شال پنهوار“ ڪهڙي فنڪار ڳائي هئي؟
جواب: امير علي خان ولد جمال خان (مشهور نالو بيرو).
سوال: ڀٽ شاهه تي ڪهڙي فنڪار کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب حڪم فرمايو ته پهريائين راڻو ٻڌاءِ؟
جواب: فقير عبدالغفور کي.
سوال: شاهه سائين جو راڳ جمعي جي رات ڪهڙي سورمي جي مزار تي ڳايو وڃي ٿو؟
جواب: سهڻي جي مزار تي.
سوال: ڳوٺ سچيڏني جو ڪهڙو فقير جڏهن به شاهه سائين جو سرسارنگ ڳائيندو هو ته برسات وسندي هئي؟
جواب: موليڏنو ماڇي.
سوال: شاهه سائين جي وائي ”لڳي ڏکڻ جي هير مارو منهنجا مير“ اها وائي استاد مرحوم محمد يوسف ڪهڙي راڳ ۾ ڳائي هئي؟
جواب: خالص ڀيرويءَ ۾.
سوال: ڪڇ ۾ شاهه سائين جا اهي ڪهڙا راڳائي فقير هئا جيڪي شاهه صاحب جو ڪلام ڳائيندا هئا ته ڇانوَ ٿيو پوندي هئي؟
جواب: ميون ملوڪ (ملڪ) کوڙ ۽ مکڻ فقير جت.
سوال: شاهه سائين جي راڳي فقير ميون ملوڪ کوڙ جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1932ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي راڳي فقيرن پاڪستان کان ٻاهر پهريون ڀيرو ڪڏهن ۽ ڪهڙي ملڪ ۾ شاهه جو راڳ ڳايو؟
جواب: 13 جولاءِ 1988ع کان 28 جولاءِ 1988ع تائين فرانس ملڪ ۾.


سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن راڳي فقيرن پهريون ڀيرو پاڪستان کان ٻاهر شاهه جو راڳ آلاپيو هو؟
جواب: فقير قربان لنجواڻي، فقير خان محمد چانڊيو ۽ فقير قادر بخش.
سوال: شاهه سائين جي راڳي فقير غلام حيدر نظاماڻي جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: آگسٽ 1933ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪنهن به فقير جي انتقال تي ان کي شاهه سائين جي ڪهڙي شيءِ پارائي ويندي آهي؟
جواب: شاهه سائين جي ذاتي گودڙي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي راڳي فقير هند، سنڌ ووڙي اٺاويهه سؤ بيت هٿ ڪيا؟
جواب: فقير غلام حيدر نظاماڻي.
سوال: فقير غلام حيدر نظاماڻي ۾ ڀلوڙ راڳيءَ واريون خصلتون ڏسندي ڪهڙي بزرگ کيس شاهه سائين جو نادر رسالو تحفي طور ڏنو هو؟
جواب: سيد روشن شاهه.
سوال: فقير غلام حيدر لطيف سائين جي درگاهه تي هفتي جي ڪهڙي رات راڳ ڳائيندو هو؟
جواب: خميس جي رات.
سوال: فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ راڳ جي سکيا سڀ کان پهرين ڪنهن کان ورتي هئي؟
جواب: فقير خان محمد نظاماڻيءَ کان 12 سالن جي عمر ۾. پوءِ سيد غلام شاهه کان
سوال: شاهه سائين جي راڳي فقير غلام حيدر نظاماڻي کي محمد هاشم سائل جو ڪهڙي شعر تمام گهڻو پسند هو؟
جواب: شعر چئو شعر ڀٽ جو، لطيف ان جو صدر هجي،
مهمان خاص ڀر ۾، تنهن جي تمر هجي.
سوال: شاهه جي راڳي فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ تنبوري تي باقائده راڳ جي تربيت ڪڏهن ۽ ڪهڙي بزرگ کان ورتي هئي؟
جواب: 1952ع ۾ سيد غلام شاهه کان. (اخبارن ۾ 1958ع غلط لکيل آهي ).
سوال: فقير غلام حيدر پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ تنبوري تي شاهه سائين جي ڪهڙي وائي ڪهڙي عيسوي تاريخ تي آلاپي هئي؟
جواب: ڪاڪ هلبو ڪڏهين، تان تو ويهه سنبهي، ساٿي ميان، پانڌي ميان، خميس جي رات 28 مارچ 2002ع تي.
سوال: شاهه سائين جي راڳي فقير غلام حيدر نظاماڻي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 29 مارچ 2002ع مطابق جمع 14 محرم 1423هه.
سوال: شاهه جي راڳي، فقير حاجن نظاماڻي ولد فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ جي پيدائش ڪڏهن ٿي؟
جواب: 15 فيبروري 1979ع ڳوٺ غلام حيدر نظاماڻي تعلقو هالا.
سوال: فقير حاجن نظاماڻي ڪهڙي سال کان شاهه سائينءَ جي درگاهه تي راڳ آلاپي رهيو آهي؟
جواب: 1989ع کان.
سوال: لطيف سائينءَ جي راڳي فقير خان محمد لنجواڻيءَ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1957ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي فقير خان محمد لنجواڻي هفتي ۾ ڪيترا ڏينهن درگاهه تي راڳ ڳائيندو هو؟
جواب: 3 ڏينهن.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي فقير خان محمد لنجواڻي ڪڏهن انتقال ڪري ويو؟
جواب: آچر 22 جنوري 2012ع مطابق 27 صفر 1433هه تي هٿياربندن هٿان قتل ٿيو.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي فقير قربان علي آزاد لنجواڻي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 5 مارچ 1938ع تي ڳوٺ ڪيهر فقير ضلع مٽياري ۾.
سوال: شاهه سائين جي راڳي قربان فقير جي تصنيفن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: 1. سلسله فرياد 1964ع. 2. فرياد 1986ع. 3. گلستان فرياد 1988ع. 4. هم شڪل پيمبر 1994ع. 5. مرثيه جناب رباب سلام عليها 1998ع. 6. شبستان ماتم (سرائيڪي ۽ اردو 2004ع). 7. ديوان آزاد.
سوال: لطيف سائين جي راڳي فقير قربان لنجواڻيءَ کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان لطيف جا سر آلاپڻ جو موقعو ڪڏهن مليو؟
جواب: 1962ع کان (200 کان وڌيڪ پروگرام ڪيائين).
سوال: فقير قربان علي آزاد، شاهه سائينءَ جي ڪهڙي راڳ آلاپڻ تي وڏي دسترس رکندو هو؟
جواب: سورٺ راڳ.
سوال: مشهور شاعر مرحوم استاد قربان فقير لنجواڻي شاهه سائينءَ جي درگاهه تي هفتي جي ڪهڙي رات راڳ جي اڳواڻي ڪندو هو؟
جواب: هر ڇنڇر جي رات.
سوال: فقير قربان لنجواڻي لطيف جي راڳ جي سکيا ڪنهن کان ورتي هئي؟
جواب: پنهنجي والد مير محمد فقير کان (فقير قربان کي ڪل ٻه لطيف ايوارڊ مليا).
سوال: فقير قربان علي لنجواڻيءَ ڪڏهن وفات ڪئي؟
جواب: 24 فيبروري 2004ع تي.
سوال: سيد علي بخش شاهه علڻ ڀٽائي جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1871ع ۾ پير لطف علي شاهه جي گهر ڀٽ شاهه ۾.
سوال: سيد علي بخش شاهه علڻ ڀٽائي جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 14 محرم 1352هه، 18 مئي 1933ع ۾. (خميس 23 محرم 1352هه)

سوال: نامياري راڳي سيد جمن شاهه ولد سيد مير محمد عرف ميرل شاهه جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1960ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: لطيفي راڳ جو ناميارو راڳي کٻڙ فقير ولد ابوطالب سومرو ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 1960ع ڌاري بلڙي شاهه ڪريم ۾.
سوال: کٻڙ فقير سومري جي وڏڙن مان ڪهڙا ٻه بزرگ شاهه سائينءَ سان گڏ راڳ آلاپيندا هئا؟
جواب: فقير حاجي الله ڏنو سومرو ۽ حاجي ابراهيم سومرو.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي سيد حاڪم علي شاهه ولد سيد مراد علي شاهه ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 1955ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: سيد حاڪم علي شاهه، شاهه سائينءَ جو راڳ ڪهڙي سال کان آلاپي رهيو آهي؟
جواب: 2002ع کان.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي قمبر علي لنجواڻي ولد جلال فقير لنجواڻي ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 1949ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي ضلعو مٽياري.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي فقير گل محمد ولد فقير مولا بخش خاصخيلي ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 1963ع ڀٽ شاهه ۾.
سوال: فقير مولا بخش خاصخيلي جي خاندان جا ڪهڙا ٻه وڏڙا فقير ، شاهه سائينءَ جي دور ۾ راڳ ڳائيندا هئا؟
جواب: سومر فقير ۽ پيارو فقير.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي منٺار فقير عرف فقير رسول ڏنو ولد محمد سليمان جوڻيجو ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 12 نومبر 1964ع، ڳوٺ وسي مراد شاهه ضلعي مٽياري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي فقير محمد جمن ولد نهال فقير لنجواڻي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1957ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي دائم فقير ولد لعل محمد نظاماڻي ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 1953ع ڌاري ڳوٺ جمال خان نظاماڻي تعلقي هالا ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي استاد جڙيل فقير ولد جلال فقير لنجواڻي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1946ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي ضلعي مٽياري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي محمد رحيم ولد لعل محمد شاهاڻي جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1951ع ڌاري ڳوٺ احمد خان شاهاڻي تعلقي ٽنڊي آدم ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي راڻو فقير ولد الله ورايو جوڻيجو ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 1958ع ڌاري.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي قربان علي ولد محمد اسماعيل کوسو ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيو؟
جواب: 1968ع ڌاري نصيرآباد ضلعي لاڙڪاڻي ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي فقير انور علي ولد ٺارو فقير خاصخيلي ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيو؟
جواب: 1968ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: نامور لطيفي راڳي فقير انور علي خاصخيلي جي پسند جا راڳ ڪهڙا آهن؟
جواب: راڳ راڻو ۽ ماروي.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي جواڻ فقير ولد واحد بخش ڇڄڙو ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيو؟
جواب: 1944ع ڌاري ڳوٺ گاهي خان ڇڄڙي تعلقي هالا ۾.
سوال: فقير شاهنواز ولد مصري فقير بڙدي ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 9 ڊسمبر 1972ع تي ڀٽ شاهه ۾ .
سوال: بڙدي خاندان جي پهرين شاهه جي راڳيءَ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: فقير شاهنواز بڙدي.
سوال: فقير محمد اسماعيل ولد فقير مير محمد ميرجت ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيو؟
جواب: پهرين فيبروري 1975ع ڀٽ شاهه ۾ .
سوال: شاهه سائينءَ جي راڳي فقير محمد اسماعيل ميرجت کي شاهه سائينءَ جي ڪيترن سرن آلاپڻ تي عبور حاصل آهي؟
جواب: 25 سرن تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، فقير خان محمد ولد فقير محمد عرس چانڊيي جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1945ع ڌاري ڳوٺ ڪڙيي گهنور تعلقي گولاڙچيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو راڳي فقير غلام اڪبر ولد خدا بخش ملاح ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1991ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ڄائو.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو نامور راڳي، فقير مير حسن ولد فقير محمد يوسف تمراڻي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1953ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي ضلعي مٽياري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، فقير لياقت علي ولد علي محمد لنجواڻي ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 1961ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي ضلعي مٽياري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، رحيم فقير عرف رحيم ڏنو ولد الله ورايو جوڻيجو ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 4 جولاءِ 1974ع، وسي مراد شاهه ضلعو مٽياري.

سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، فقير خير محمد ولد فقير ڀلو ملاح ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1956ع ڌاري کاڻوٺ تعلقي هالا ۾.
سوال: فقير خير محمد ملاح شاهه سائينءَ جي راڳ جي سکيا ڪڏهن ۽ ڪنهن کان ورتي؟
جواب: 1982ع ڌاري گلو فقير چنڊ کان.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، قادر ڏنو ولد غلام محمد ٿهيم ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1955ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، فقير الهه ڏنو ولد فقير محمد نظاماڻي ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1954ع ڌاري ڳوٺ عارب نظاماڻي تعلقو هالا ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، محرم علي ولد احمد فقير تمراڻي ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1955ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي تعلقي هالا ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، فقير علي حسن عرف علي ڏنو ولد فقير لائق ڏنو تمراڻي ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1954ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي تعلقي هالا ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، فقير يار محمد ولد فقير محمد عثمان تمراڻي ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 1965ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي تعلقي هالا ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، غلام عباس ولد فقير محمد رمضان تمراڻي ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 1971ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي تعلقي هالا ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، طالب حسين ولد علي حسن عرف فقير علي ڏنو تمراڻيءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 8 فيبروري 1978ع تي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي تعلقي هالا ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، سائين بخش ولد خان فقير نظاماڻي ڪهڙي عيسوي سال ۾ ڄائو؟
جواب: 1961ع ڌاري ڳوٺ علي محمد نظاماڻي تعلقو هالا.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، فقير غلام محمد ولد الهه بچايو تمراڻي ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 27 جولاءِ 1959ع، ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي تعلقي هالا ۾.


سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، قادن فقير عرف قادر بخش ولد ڪارو فقير خاصخيلي ڪهڙي عيسوي سال ۾ پيدا ٿيو؟
جواب: 6 جولاءِ 1958ع ڀٽ شاهه ۾.
سوال: قادن فقير خاصخيليءَ کي شاهه سائينءَ جي ڪهڙن سرن تي خاص عبور حاصل آهي؟
جواب: سر ڪلياڻ، سر سسئي ۽ سر راڻي تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، غلام محمد ولد فقير موسو خان نظاماڻي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1965ع ڌاري ڳوٺ حيات نظاماڻي ضلعي مٽياري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، فقير غلام محمد نظاماڻيءَ کي شاهه سائينءَ جي ڪهڙن خاص سرن تي عبور حاصل اٿس؟
جواب: سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سورٺ ۽ مارئيءَ تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، فقير ناظم علي ولد عزت خان لنجواڻيءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 23 جنوري 1992ع تي ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي تعلقي هالا ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، فقير معشوق علي ولد فقير محمد حسن ملوکاڻي ءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1987ع ڌاري شهر ٽنڊي آدم ۾.
سوال: فقير معشوق علي، شاهه سائينءَ جي راڳ جي سکيا ڪڏهن ۽ ڪنهن کان ورتي؟
جواب: 2004ع ڌاري سيد ذوالفقار علي شاهه کان.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، فقير محمد اسلم ولد عبدالغفور شيخ ڪڏهن ۽ ٿي ڄائو؟
جواب: 13 اپريل 1982ع تي ڀٽ شاهه ۾.
سوال: فقير محمد اسلم شيخ، شاهه سائينءَ جي راڳ جي سکيا ڪڏهن ۽ ڪنهن ورتي؟
جواب: 2004ع ڌاري شاهه جي راڳي جڙيل فقير لنجواڻيءَ کان.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، فقير سيد ممتاز ولد سيد ڌڻي بخش شاهه ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 28 آڪٽوبر 1986ع تي ڳوٺ سيد وسي مراد شاهه ۾.
سوال: سيد ممتاز علي شاهه، شاهه جي راڳ جي سکيا ڪڏهن ۽ ڪنهن کان ورتي؟
جواب: 1986ع ڌاري فقير رسول ڏني عرف فقير منٺار علي جوڻيجي کان.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، پير بخش ولد الله بخش ٿهيم جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1954ع ڌاري ڳوٺ محمود ٿهيم تعلقي هالا ۾.


سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، سيد ماجد علي ولد سيد يار محمد شاهه جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1990ع ۾ ڀٽ شاهه ۾.
سوال: سيد ماجد علي شاهه، شاهه سائينءَ جي راڳ جي سکيا ڪڏهن ۽ ڪنهن کان ورتي؟
جواب: 2004ع ۾ فقير جڙيل لنجواڻيءَ کان.
سوال: شاهه جي ڪلام جي نوجوان راڳي منور علي ولد فقير خان محمد لنجواڻي جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1992ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ ۾.
سوال: شاهه جي ڪلام جي راڳي، سيد اعجاز حسين شاهه ولد سيد غلام شاهه جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: پهرين آڪٽوبر 1971ع ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، فقير امام بخش ولد واحد بخش ڀنگوار جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: پهرين جنوري 1955ع تي ڪشمور ۾.
سوال: فقير امام بخش ڀنگوار ، شاهه جي راڳ ۽ دنبوري جي سکيا ڪڏهن ۽ ڪنهن ورتي؟
جواب: 2006ع ۾ سيد عطا حسين شاهه کان.
سوال: سيد عطا حسين شاهه ولد سيد غلام شاهه، شاهه جي راڳ جي سکيا ڪنهن ورتي؟
جواب: 1982ع ۾ جڙيل فقير لنجواڻي ۽ پوءِ گل محمد خاصخيليءَ کان.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، سيد سجاد حسين شاهه ولد سيد مهدي شاهه ڪڏهن جنم ورتو؟
جواب: 1975ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، سيد عاشق حسين ولد سيد نور محمد شاهه ڪهڙي سال جنم ورتو؟
جواب: 1956ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، شهمير ولد ميڙائو خاصخيلي ڪهڙي عيسوي سال ۾ جنم ورتو؟
جواب: 1990ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي، سهراب علي ولد فقير قادر بخش خاصخيليءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1985ع ۾ ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي راڳي فقير ، اختر حسين ولد فقير قربان علي لنجواڻي جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1958ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو راڳي، امام بخش ولد جان محمد ميرجت ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1988ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه جي راڳي، شهمير ولد نواب سنگراسيءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1983ع ڌاري ڳوٺ دائود سنگراسي تعلقي هالا ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، نظام علي ولد لکمير کوسو ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 2 جولاءِ 1986ع تي ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، گل محمد ولد غلام محمد خاصخيلي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1976ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، فقير الله ڏنو ولد جمعو فقير ملاح ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1959ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، فقير مرحوم برڪت علي ولد فقير مولا بخش خاصخيلي ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: پهرين جنوري 1965ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، فقير گل محمد پهوڙ ولد بلاول علي پهوڙ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1952ع ۾.
سوال: شاهه جي راڳي، فقير ڪامل ٿهيم ولد آچر فقير ٿهيم جو جنم ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيو؟
جواب: 1950ع ۾ ڀٽ شاهه ۾.
سوال: فقير ڪامل ٿهيم ڪهڙي سال کان ڀٽائيءَ جي درگاهه تي راڳ ڳائڻ شروع ڪيو؟
جواب: 1969ع کان.
سوال: شاهه جي راڳي، امام بخش ولد کٻڙ خاصخيلي جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1964ع ۾. 1965ع ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه جي راڳي، فقير غلام حيدر تمراڻي ولد فقير الله ڏني تمراڻيءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 30 جنوري 1971ع ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، فقير غلام عباس رند ولد مصر فقير رند ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1973ع ۾ شهدادپور ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، فقير صدر ولد فقير غلام علي لنجواڻي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1981ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، فقير محمد سوڍڙو ولد حاجي محمد امين سوڍڙو ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1947 ۾ هالا نوان ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، سيد ذوالفقار علي ولد سيد نور محمد شاهه ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1960ع ۾ ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه جي راڳي، فقير گلشير ولد نهال فقير لنجواڻيءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1974ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، فقير سائين بخش ولد محمد صديق نظاماڻي ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1956ع ۾ ڳوٺ علي محمد نظاماڻي تعلقو هالا.
سوال: شاهه جو راڳي، سوڀو فقير ولد جان محمد خاصخيلي ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 1966ع ۾ رڪن ٻرڙا ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، غلام قادر نظاماڻي ولد خدا بخش نظاماڻي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1969ع ۾ ڳوٺ غلام محمد نظاماڻي تعلقي هالا.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي راڳيءَ جنم 1967ع ۾ ٿيو؟
جواب: فقير شاهنواز ولد فقير محمد ابراهيم نظاماڻي جو.
سوال: شاهه جي راڳي فقير هوت خاصخيليءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1986ع ۾ فقير محمد علي خاصخيليءَ جي گهر ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، فقير ذوالفقار ولد فقير قمبر لنجواڻي ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 5 جولاءِ 1975ع ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه جي ڪلام جي راڳي، فقير آڳو پهوڙ ولد حاجي قادر بخش پهوڙ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1966ع ۾ ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه جي راڳي، فقير قائم علي لنجواڻي ولد قادر بخش لنجواڻيءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1989ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي راڳي فقير جي پيدائش پهرين جنوري 1976ع ۾ ٿي؟
جواب: مختيار فقير سنديلو ولد رحمت علي.
سوال: شاهه جو راڳي، فقير وريام ولد ڇٽو خاصخيلي ڪڏهن پيدا ٿيو؟
جواب: 10 آگسٽ 1976ع ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي راڳي فقير جي پيدائش پهرين مئي 1972ع تي ڀٽ شاهه ۾ ٿي؟
جواب: لعل محمد فقير اصل نالو صوف فقير ولد محرم فقير خاصخيلي.
سوال: شاهه جي راڳي، فقير سائين بخش نظاماڻيءَ جي پيدائش ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1961ع ڳوٺ علي محمد نظاماڻي ۾.
سوال: شاهه جو راڳي، فقير قمبر جلالاڻي ولد رب ڏنو فقير جلالاڻي ڪڏهن ڄائو؟
جواب: 1963ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪافي ”لاءِ ته نماڻيءَ سان نينهن“ سڀ کان پهريائين ڪهڙي فنڪار جي آواز ۾ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿي؟
جواب: جيوڻي ٻائي جي آواز ۾.
سوال: شاهه سائين جي وائي ”تڙ نهاريان تي منهنجا بندر ويئڙاجي“ جيجي زرينه بلوچ سان گڏ ٻئي ڪنهن جي آواز ۾ ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ٿيل آهي؟
جواب: استاد امير عليءَ جي آواز ۾.
سوال: شاهه جي راڳ جي نظام بابت 1959ع ۾ ڪنهن تحقيق ڪئي هئي؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جي راڳ تي تحقيق ڪرڻ دوران ڪهڙن ڪلاسيڪي راڳين کي گڏ ويهاري راڳ تي تحقيق ڪئي؟
جواب: پير غلام شاهه، استاد منظور علي خان ۽ استاد نياز حسين کي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي موسيقار سر ڪوهياري جي سڃاڻپ، شڪل بلاول سان ڪئي آهي؟
جواب: استاد امير علي خان. (ڊاڪٽر نبي بخش بلاول ٺاٺ مان ڪئي )
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي محقق 1959ع ۾ سر کاهوڙي جي سڃاڻپ ديو گنڌار سان ڪئي آهي؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: شاهه سائين جي راڳ جي ڄاڻو استاد امير علي ولد استاد رمضان علي جو جنم ڪڏهن ٿيو هو؟
جواب: 1961ع ۾ حيدرآباد ۾.
سوال: ڪهڙي محقق شاهه جي راڳ تي 22 سال تحقيق ڪئي؟
جواب: استاد امير علي خان.
سوال: شاهه سائين جي ڪائين عرس جي موقعي تي تائيوان جي فنڪاره جومي فاطمھ پهريون ڀيرو دنبوري جي تند تي ڀٽائي جي وائي پيش ڪئي؟
جواب: شاهه سائين جي 274 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي. 15 صفر 1439هه تي.
سوال: تائيوان جي ڪهڙي عورت پهريون ڀيرو دنبورو کڻي ڀٽ شاهه تي راڳي فقيرن سان گڏ شاهه جي وائي ڳائي هئي؟
جواب: پي لنگ هوانگ (274 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي).
سوال: دنبوري تي شاهه جو راڳ ڳائيندڙ پهرين راڳي عورت جو اعزاز ڪنهن کي مليو ؟
جواب: پي لنگ هوانگ (جوئي فاطمه ).
سوال: شاهه سائينءَ جي راڳ تي تائيوان جي ڪهڙي عورت پي.ايڇ.ڊي ڪري رهي آهي؟
جواب: پي لنگ هوانگ (جوئي فاطمه ).
سوال: پي لنگ هوانگ شاهه سائين جي راڳ جي سکيا ڪهڙي فقير کان ورتي هئي؟
جواب: منٺار فقير جوڻيجي کان.


سوال: استاد اياز حسين ابڙي ايراني ساز دلربا تي، شاهه سائين جي ڪهڙي سر مان وائي ڳائي آهي؟
جواب: سر حسيني.
سوال: ناري ڀڳت شاهه سائين جي ڪائين عرس مبارڪ جي موقعي تي آخري ڀيرو لطيفي راڳ آلاپيو هو؟
جواب: 213هين عرس مبارڪ جي موقعي تي 1964ع ۾.
سوال: نارو ڀڳت 213هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ڀٽ شاهه ۾ آخري ڀيرو شاهه جي ڪهڙي وائي آلاپي هئي؟
جواب: وائي، مدت ٿي ميهار يار، ساهڙ ساٿر سير ۾.
سوال: شاهه سائين جي شيدائي فنڪار ناري ڀڳت جو جنم ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيو هو؟
جواب: ٿاڻي احمد خان ۾ 1889ع ۾ آلومل جي گهر ۾.
سوال: نارو ڀڳت ڪڏهن فوت ٿيو هو؟
جواب: 16 ڊسمبر 1966ع ۾.
سوال: غلام کٽي يڪتاري تي شاهه سائين جي ڪافي-ٻول، ننڊ نه ڪر نماڻي، ”وو نماڻي“ ڪهڙي راڳڻي ۾ ڳائي هئي؟
جواب: ڀاڳيسري ۾.
سوال: 21 اپريل 1970ع ۾ شاهه سائين جي عرس مبارڪ جي موقعي تي فقير عبدالغفور شاهه سائين جي ڪهڙي وائي پهريون ڀيرو ڳائي هئي؟
جواب: مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو ڪيچي ڪيچ وڃن.
سوال: شاهه جي رسالي جا ڪهڙا سر ريڊيو پاڪستان جي وسيلي قومي مڃتا حاصل ڪري چڪا آهن؟
جواب: سر ڪوهياري ۽ راڻو.
سوال: 1967ع ۾ پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر جي اسٽيج تي ڪهڙن فنڪارن سُنگ (سوانگ) جو مظاهرو ڪيو؟
جواب: فقير عبدالغفور، حسين بخش خادم، ڍول فقير، فقير يار علي ۽ عنايت فقير وغيره.
سوال: شاهه سائين جي مزار تي چادر چاڙهڻ جي سالياني رسم جي روايت ڪهڙي فنڪار شروع ڪئي؟
جواب: استاد منظور علي خان.
سوال: ڪهڙو فنڪار شاهه سائين جي عرس جي موقعي تي پنهنجي مٿي تي چادر رکي ميڙ جي سرواڻي ڪندو هو؟
جواب: استاد منظور علي خان.


سوال: استاد منظور علي خان جي وفات کان پوءِ ميڙي جي موقعي تي چادر چاڙهڻ جو ذمو ڪهڙي فنڪار کنيو؟
جواب: جلال چانڊيي.
سوال: ”جتي اسان جو راڳ ختم ٿئي ٿو، اتان شاهه جو راڳ شروع ٿئي ٿو“ اهي لفظ ڪهڙي فنڪار چيا هئا؟
جواب: استاد بڙي غلام علي خان.
سوال: ڀٽ شاهه ڀرسان ڳوٺ ڪيهر فقير ۾ شاهه جي راڳ جا ڪيترا راڳي رهن ٿا؟
جواب: 108 راڳي. (2004ع مطابق).
سوال: شاهه سائين جو راڳ هن وقت ڪهڙن ماڳن تي ڳايو وڃي ٿو؟
جواب: لطيف جي درگاهه، گل شاهه گل قلندر جي درگاهه، واگهين جي ڀٽ، سهڻي جي مزار، شاهه ڪريم جي درگاهه تي، بيبي لعل جي مزار تي ۽ فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ جي اوطاق تي.
سوال: بيبي لعل جي مزار تي ڪهڙي تاريخ فقير وائي چوندا آهن؟
جواب: هر چنڊ جي اٺين رات.
سوال: تاجل بيوس کي دفنائڻ وقت ڪهڙو فنڪار ڀٽائيءَ جون وايون ڳائيندو رهيو؟
جواب: حنيف لاشاري.
سوال: ڪهڙي فنڪار شاهه سائين جو ڪلام ڳائي جهر جهنگ پهچايو ۽ کيس شاهه جو رسالو ياد هو؟
جواب: استاد محمد ابراهيم.
سوال: شاهه سائين جي ان ڪلاڪار جو نالو ٻڌايو، جيڪو شاهه جو ڪلام ڳائڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڏوهيڙا چوندو هو.
جواب: استاد محمد ابراهيم.
سوال: ڍول فقير، شاهه سائينءَ جا ڪيترا ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ڪرايا؟
جواب: تقريبن 25 ڪلام.
سوال: شاهه سائينءَ جي وائي ”ڇو ٿيون ڏيو مونکي متيون متيون“ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪنهن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي؟
جواب: علڻ فقير جي آواز ۾.
سوال: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪلام ”ايندو سڄڻ سائين الا منهنجو ايندو ڍولڻ سائين“ ڪهڙن ٽن مشهور فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي؟
جواب: محمد ابراهيم، فقير عبدالواحد ۽ عابده پروين جي آواز ۾.
سوال: 24 جنوري 2010ع تي شاهه سائينءَ جي ڪهڙي راڳي فقير ”جئپور لٽريچر فيسٽيول“ ۾ شاهه جو راڳ ڳايو؟
جواب: شاهه جي راڳي سيد جمن شاهه.
سوال: 1928ع ۾ شاهه سائينءَ جي راڳ جي محفل ڪنهن ۽ ڪٿي ڪرائي؟
جواب: سيد ميران محمد شاهه، درگاهه جي اڱڻ ۾ ڪرائي هئي.
سوال: 18 جون 1932ع کان 1940ع تائين راڳ جون محفلون ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪٿي ڪرائيون ويون؟
جواب: ڪراڙ ڍنڍ جي اتر پاسي موجوده گرلس پرائمري اسڪول واري جاءِ تي.
سوال: ڪهڙي ماڳ تي چاوڙا ذات جا ماڻهو لطيفي راڳ غوثيه طريقي سان ڳائيندا آهن؟
جواب: حسن باغبان قبرستان (سامارو)
سوال: ڪهڙي قديم ڳوٺ ۾ لطيف سائين جا فقير هر سال ڀٽ شاهه مان اچي تنبورا وڄائي شاهه جو راڳ چوندا آهن؟
جواب: ڳوٺ ڦلڊهو.
سوال: شاهه سائينءَ جي درگاهه جو سجاده نشين، درگاهه تي ذڪر ڪهڙي هنڌ ٻڌندو آهي؟
جواب: موجوده علم ڀرسان ڏيڍ فوٽ کان اونچي ٿلهيءَ نما جاءِ، جنهن کي آسڻ سڏبو آهي. ان تي ويهي ٻڌندو آهي.
سوال: شاهه جي ڪلام ۽ سرن کي پاڪ جرمن فورم ۾ ڪنهن جي ڪوششن سان پيش ڪيو ويو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ محترم اسماعيل نون جي ڪوششن سان.
سوال: آمريڪي شهري برين بانڊ، دنبوري جي تند تي شاهه جي راڳ جي سکيا ڪنهن کان ورتي؟
جواب: شاهه جي راڳي استاد منٺار فقير جوڻيجي کان.
سوال: شاهه جو راڳ. هن ڪتاب جو مهاڳ ڪنهن ۽ ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ سال ۾ لکيو؟
جواب: محمد ابراهيم جويو. 3 جولاءِ 2009ع ۾.

شاهه سائينءَ جا پارکو ۽ عقيدتمند

سوال: شاهه سائينءَ لاءِ پهريون ڀيرو اُمي لفظ ڪهڙي ليکڪ ۽ ڪهڙي ڪتاب ۾ آندو؟
جواب: مير علي شير قانع ٺٽوي. ڪتاب. تحفة الڪرام.
سوال: شاهه سائينءَ جي زندگيءَ تي پهريون ڀيرو فارسي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڪنهن لکيو؟
جواب: هز هائينس مير عبدالحسين سانگي.
سوال: شاهه سائينءَ جي زندگيءَ بابت پهريون تحقيقي ڪتاب ڪنهن ۽ ڪهڙو لکيو؟
جواب: لطائف لطيفي. مير عبدالحسين سانگي 1888ع ۾.
سوال: سڀ کان پهرين ڪهڙي بزرگ پنهنجي ملفوظات ۾ مختلف معنوي نڪات تي شاهه جا بيت شاهديءَ طور ڏنا آهن؟
جواب: پير محمد راشد روضي ڌڻي صاحب.
سوال: علامه قادر بخش بيدلرح، شاهه لطيف جي عظيم رتبي جي تعريف، پنهنجي ڪهڙي تصنيف ۾ ڪئي آهي؟
جواب: مثنوي دلڪشا ۾.
سوال: سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي طرفان ڪهڙي سال کان سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ شاهه جي پيغام کي عام ڪرڻ خاطر ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا؟
جواب: 1953ع کان.
سوال: سنڌ جو ڪهڙو انگريز ڪمشنر 1857ع ڌاري ڀٽ شاهه تي آيو هو؟
جواب: سر بارٽل فريئر.
سوال: ڪهڙي انگريز ڪمشنر ، ڀٽ شاهه کي دنيا سان ڳنڍڻ جي پلاننگ ڪئي هئي؟
جواب: سر بارٽل فريئر.
سوال: سڀ کان پهرين سنڌ جي ڪهڙي انگريز ڪمشنر، شاهه سائينءَ جي سوانح عمري لکرائي هئي؟
جواب: سر بارٽل فريئر. ( اها سوانح عمري شايع نه ٿي سگهي ).
سوال: سنڌ جي ڪهڙي انگريز ڪمشنر سنڌي ٻولي، ادب ۽ خاص ڪري شاهه سائينءَ جي رسالي ۽ سوانح بابت وڌيڪ ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرڻ کي همٿايو؟
جواب: سر بارٽل فريئر.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جي صرف ٽن سرن تي پهرين سنڌي لغت ڪهڙي نالي سان ۽ ڪڏهن شايع ٿي؟
جواب: غريب اللغات، ڇاپو پهريون 1907ع ۾. ليکڪ. ڀيرومل مهر چند آڏواڻي.
سوال: سڀ کان پهريائين شاهه جي رسالي جي 1500 کان وڌيڪ ڏکين لفظن ۽ فقرن جي معنى انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪهڙي ليکڪ ۽ ڪهڙي ڪتاب ۾ ڏني؟
جواب: ليلا رام وطڻمل. ڪتاب. دي. لائيف رليجن اينڊ پوئٽري آف شاهه لطيف دي گريٽيسٽ پوئٽ آف سنڌ، ڇاپو پهريون 1889ع ۾.
سوال: شاهه لطيف جي رسالي جي ”پهرين مڪمل سنڌي لغت“ ڪنهن ۽ ڪڏهن شايع ڪرائي؟
جواب: مرزا قليچ بيگ. لغات لطيف، ڇاپو پهريون 1914ع.
سوال: شاهه سائينءَ جي زندگي، ڪلام ۽ فن تي جديد انداز سان تحقيق ڪنهن ڪئي؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: ڊاڪٽر بلوچ، شاهه جي رسالي مان ڪيترن بيتن کي ڌاريو ڪلام ڄاڻايو آهي؟
جواب: 2300 .
سوال: جديد تحقيق مطابق شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ بلوچي لفظن وارا ڪيترا بيت آيل آهن؟
جواب: 6 بيت ۽ گنج ۾ 14 بيت. ٻانهي خان جي رسالي ۾ 23 بيت. املهه اڻ توريا ۾ 18 بيت.
سوال: شاهه سائينءَ جي زندگي فڪر ، مسلڪ ۽ فلسفي کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ وارا اولين محرڪ ڪهڙا هئا؟
جواب: مير علي شير قانع ٺٽوي، رچرڊ برٽن، سر بار ٽل فريئر ۽ ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: مراٺي زبان ۾ ڪهڙي ليکڪ، شاهه سائينءَ جي زندگي، فلاسافي ۽ لوڪ قصا وڌ ۾ وڌ لکيا آهن؟
جواب: شري تولا رام رهيجا پونا واسي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي شيدائيءَ شاهه لطيف جي ڪردار نوريءَ کان متاثر ٿي، پنهنجي شاعريءَ ۾ تخلص ”نوري“ استعمال ڪيو؟
جواب: ساڌو. ٽي. ايل. واسواڻي (ٿانور داس ليلارام واسواڻي).
سوال: اينميري شمل کي ڪهڙي انگريزي ڪتاب مان شاهه لطيف جو پهريون ڀيرو ذڪر مليو؟
جواب: History of the world . ليکڪ، سشر ، ڪتاب، تواريخ عالم، ڇاپو 1885ع.
سوال: 1993ع ۾ ڪهڙي شخصيت شاهه جي رسالي مان ڪافي بيتن جو انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪري روزانه هلال پاڪستان ۾ شايع ڪرايا هئا؟
جواب: امير علي چانڊيو.
سوال: سنڌ جي ان پهرئين وزيراعليٰ جو نالو ٻڌايو جنهن ٽنڊي ٺوڙهي وڃي مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن جو معائنو ڪيو هو؟
جواب: سيد عبدالله شاهه وزيراعليٰ سنڌ.
سوال: ڪهڙي سگهڙ ، شاهه سائينءَ جي ميلي تي 1967ع ۾ ”ڀٽائيءَ جو ميلو“ بيتن ۾ چئي ادبي ڪانفرنس ۾ ويٺل ماڻهن کان خوب داد حاصل ڪيو؟
جواب: سگهڙ محمد صادق ٿهيم.
سوال: 1944ع ۾ لاڙڪاڻي جي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪهڙي اديب اعلان ڪيو هو ته: بيت مه ڀانئيو ماڻهئا هي آيتون آهين. نيو من لائين پريان سندي پار ڏي. هي بيت شاهه جو ناهي؟
جواب: علامه آءِ آءِ قاضي.
سوال: اول الله عليم اعلى عالم جو ڌڻي. ڪهڙي اديب جو رايو آهي ته هي بيت شاهه جو نه آهي؟
جواب: ڊاڪٽر دائود پوٽو. (حوالو، ڪتاب. سر ڪاموڏ. ص. 141 ).
سوال: پهريون ڀيرو ٿانور ڀٽي ۽ سندس زال جي در بدريءَ وارو برساتي معيشت تي مبني داستان کي ڪنهن بحث هيٺ آندو هو؟
جواب: معمور يوسفاڻي، شاهه جي سر سارنگ ۾.
سوال: شاهاڻو شاهه، هن ڪتاب جا ٻه اکر ڪنهن ۽ ڪڏهن لکيا ؟
جواب: مهتاب اڪبر راشدي. 2 سيپٽمبر 1989ع.
سوال: 30 آڪٽوبر 1985ع ۾ محمد حسين ڪاشف، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ڪوٺايل سيمينار ۾ ڪهڙو مقالو پڙهيو هو؟
جواب: شاهه جي وقت ۾ سياسي ۽ ثقافتي حالات جو تجزيو.
سوال: شاهه سائين جي عقيدت ۾ سڀ کان طويل منقبت ڪهڙي شاعر لکي آهي؟
جواب: آخوند محمد بچل.
سوال: ”سخي شاهه عبداللطيف“ هن منقبت ۾ آخوند محمد بچل ڪيتريون مصراعون چيون آهن؟
جواب: ارڙهن مصراعون (ڪل نوي سٽون).
سوال: ڪهڙي شاعر جي بروهي توڙي بلوچي ڪلام ۾ لطيفي رنگ جي گهري ڇاپ نظر اچي ٿي؟
جواب: فقير تاج محمد تاجل (پيدائش 1833ع، ضلع ڪڇي).
سوال: سر ليلا چنيسر جو منظوم پنجابي ترجمو ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: نور ڪاشميري 1960ع ۾.
سوال: شاهه جي ڪلام جو پشتو زبان ۾ ترجمو ڪنهن ڪيو؟
جواب: ڊاڪٽر راج ولي خٽڪ .
سوال: سڪرنڊ هاءِ اسڪول ۾ ”لطيف ادبي مجلس ۽ لطيف ڊراماٽڪ ڪلب“ جهڙا ادارا ڪنهن ۽ ڪڏهن قائم ڪيا؟
جواب: عبدالرحمان ”عبد“ منگيو 1956ع ۾.
سوال: محترمه ايلسا قاضيءَ، شاهه سائين جي ڪلام مان ڪيترن بيتن جو منظوم انگريزي ترجمو ڪيو؟
جواب: 600 بيتن جو. (سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو 1965ع).
سوال: ڏيارام گدومل، شاهه سائينءَ جي ڪلام مان ڪيترن بيتن جو آسان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو؟
جواب: 65 بيتن جو.
سوال: ڪتاب. شاهه لطيف گشيت، بلوچي ترجمو پهريون ڀيرو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1983ع ۾ 60 صفحن تي مشتمل، بلوچي اڪيڊميءَ ڪوئيٽا ڇپايو.
سوال: گل خان نصير، شاهه سائينءَ جي ڪيترن بيتن جو منظوم بلوچي ترجمو ڪيو؟
جواب: 95 بيتن جو.
سوال: ڪتاب. لطيفي توار، ۾ شاهه سائينءَ جي سوانح ۽ ڪلام جي تعارف بابت ڪيترن صفحن تي مهاڳ لکيل آهي؟
جواب: 32 صفحن تي.
سوال: 2006ع ۾ سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ تي براهوي زبان ۾ ڪهڙو ڪتاب شايع ٿيو؟
جواب: ڪتاب. لطيفي توار، مترجم. جوهر بروهي، براهوي اڪيڊمي ڪوئيٽا.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪهڙي فقير ڀٽ شاهه تي موجود رسمن ۽ تبرڪات جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي؟
جواب: فقير قربان علي آزاد.
سوال: فقير قربان علي آزاد ڀٽ شاهه تي هلندڙ ڪيترين رسمن ۽ تبرڪات جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي؟
جواب: 26 رسمن ۽ تبرڪات.
سوال: محمد هاشم سائل لاکي، شاهه سائينءَ جا ڪهڙا پنج رهنما اصول بيان ڪيا آهن؟
جواب: 1. خودشناسي. 2. خدا شناسي. 3. وطن پرستي. 4. انسان دوستي. 5. خدمت خلق.
سوال: 26 ۽ 27 جنوري 1998ع تي لطيف چيئر پاران لطيف ڪانفرنس منعقد ٿي، ان ڪانفرنس ۾ ڪهڙي شاعر چيو ته ”اسين لطيف کان پري ٿيندا پيا وڃون، پر لطيف اسان کان پري نه ٿيو آهي“ ؟
جواب: امداد حسينيءَ.
سوال: ملفوظات ”خزانة المعرفت“ ڪنهن جي تصنيف آهي؟
جواب: جناب صبغة الله شاهه راشدي جي.
سوال: ڪهڙو بزرگ شاهه لطيف جي بيت جي شرح ڪندي فرمائيندو هو ته، ترڪ الطمع، ترڪ المنع، ترڪ الجمع، ٽيئي نقطا فقيريءَ جا گڻ رهڻ گهرجن؟
جواب: پير محمد راشد روضي ڌڻي.




سوال: ڪهڙي انگريز ماڻهن جي واتان شاهه سائين جو نالو بيحد عقيدت وچان ٻڌو ته پوءِ شاهه جي راڳائي فقيرن کي گهرائي شاهه جو ڪلام ٻڌڻ شروع ڪيائين؟
جواب: ڪئپٽن اسٽئڪ .
سوال: ميجر هينري ايف. جي. گولڊ سمڊ کي شاهه سائينءَ جو ڪهڙو بيت تمام گهڻو پسند هو؟
جواب: اٺ ويري، اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏير،
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لٽيا، پنهون پير،
پنجون ويري سج ٿيو، جنهن الهي ڪئي اوير،
ڇهون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سنوان ڪيا نه سير،
ستون ويري چنڊ ٿيو، کڙيو نه وڏيءَ وير،
واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين .
سوال: شاهه ڪريم کان ويندي لطف علي شاهه تائين ڪهڙي فارسي شاعر ٽي سؤ سٺ بيتن تي مدح نامو لکيو؟
جواب: صالح محمد بن محمد افضل، پهرين ربيع الثاني 1243هه ۾ لکي پورو ڪيائين.
سوال: جهمٽمل جو ڪتاب، شاهه جا بيت، ڇاپو پهريون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1895ع ۾ هي ڪتاب مئٽرڪ جي نصاب تي رکيل هو.
سوال: ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي جي ڪهڙي ڪتاب جي نظم واري حصي ۾ شاهه جي رسالي جا بيت ۽ ساميءَ جا سلوڪ ڏنل آهن؟
جواب: سنڌي ڇهون ڪتاب، ڇاپو 1896ع.
سوال: ڪڇي ادب جيڪو گهڻي ڀاڱي گجراتي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل آهي، تنهن ۾ شاهه سائينءَ کي ڪهڙي لقب سان سڏيو ويو آهي؟
جواب: ڪڇ جو سرتاج شاعر.
سوال: ڪهڙي ليکڪ 1911ع ۾ سهڻي ميهار جا دوها گجراتي زبان ۾ شايع ڪرايا هئا؟
جواب: شري جيو رام اجرامر گؤر.
سوال: ڪهڙي ليکڪ ڪتاب. سير سسئي گجراتي زبان ۾ شايع ڪرايو؟
جواب: مولوي اسماعيل.
سوال: شاهه سائين جي مختصر زندگي ۽ ڪلام تي مبني گجراتي زبان ۾ ڪتاب، ”ڪڇ ناسنتو ۽ ڪوئيو“ ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: دليراءِ ڪاراڻي 1947ع.
سوال: گجراتي زبان ۾، ڪڇ ناسنتو 1958ع ۾ شايع ٿيو هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جو ذڪر ڪيل آهي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: راڻا منگل سنگهه .

سوال: ڪرشنداس ماڻيڪ، ڪهڙي ڪتاب ۾ شاهه سائين جي ڪلام ۽ لوڪ ڪٿائن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ڪتاب، سنڌي ني پريم ڪٿائون. ٻن ڀاڱن ۾. (ڇهن ڪهاڻين تي ناول لکيا ).
سوال: سنڌي ۽ گجراتي جي برک اديب جينت ريلواڻي پنهنجي ڪهڙي ڪتاب ۾ شاهه سائين جي لوڪ ڪٿائن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ڪتاب، سنڌو نو وهيتو نير 2003ع.
سوال: مشهور گجراتي اديب جينت ريلواڻي ڪهڙن پنجن ڪتابن ۾ شاهه سائين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 1.شاهه لطيف (جيون چريتر) 2.سنڌو تارا وهتا پاڻي. 3.ڪڇ سنڌ ناسنتو. 4.رهسيه وادي صوفي سنتو. 5.ڪڇڙي سنڌو نير.
سوال: ٻني ڪڇ جا سگهڙ ماڻهو شاهه سائين جي ڪهڙن سرن مان هڪ ٻئي کي ڳجهارتون ڏيندا آهن؟
جواب: سر سسئي، مارئي، سهڻي ميهار، مومل راڻو، ليلا چنيسر ۽ سر سورٺ.
سوال: ٻنيءَ جا سگهڙ ڪهڙيون لوڪ ڪهاڻيون، قصا گوئي انداز ۾ بيان ڪندا آهن؟
جواب: اوڍو ڄام، هوٿل پري، سهجان پري، ڪارايل سمون، ڪپوري سنگهار، لاکو ڦلاڻي، راءِ دياس، ابڙو اڙٻنگ، راڻو مينڌرو، مومل، ستي مومل ۽ راڻو، ستي مارئي عمر ، ستي سهڻي ميهار ، ستي ليلا چنيسر وغيره.
سوال: انگريزيءَ ۾ ڪتاب. پيام لطيف، شاهه سائينءَ جي ڪائين ورسيءَ جي موقعي تي شايع ٿيو؟
جواب: 219هين ورسيءَ جي موقعي تي 11 اپريل 1971ع ۾.
سوال: مولانا گرامي صاحب ٺٽي شهر ۾ 22 مارچ 1964ع ۾ ڪوٺايل يوم لطيف جي موقعي تي ڪهڙي عنوان تحت تقرير ڪئي هئي؟
جواب: يوم لطيف ۽ ادب لطيف.
سوال: شاهه جو شيدائي ڏانوجي ڪڏهن فوت ٿيو؟
جواب: 1994ع ڌاري اٽڪل 80 ورهين ۾.
سوال: ڪتاب، شاهه جي ساڃاهه، شاهه سائينءَ جي ڪائين عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿيو؟
جواب: 266 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي. (سهيڙيندڙ. حيدر بخش هڪڙو)
سوال: ڪتاب. ڪشف الابيات ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1995ع، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران.
سوال: ڪتاب، ڪشف الابيات جي سهيڙيندڙ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: سهيڙيندڙ. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ترتيب ۽ تدوين، ڊاڪٽر در شهوار سيد.

سوال: ڪهڙي ڪتاب ۾ شاهه جي يارنهن رسالن جي الف بي وار ڏسڻي ڏني وئي آهي؟
جواب: ڪشف الابيات، ڇاپو پهريون 1995ع، ص: 400.
سوال: شاهه لطيف جي ڪلام جي مضمون وار شرح ۽ سمجهاڻيءَ سان بيتن تي مشتمل ڪتاب. شاهانا ڪلام، ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: مولوي عبدالڪريم چشتيءَ جو. (بخاري پريس لکي در ، ڇاپو 1959ع)
سوال: ڪتاب. شاهانا ڪلام، ڪيترن بابن تي مشتمل آهي؟
جواب: ڇهن بابن تي.
سوال: محڪم اوقاف کاتي حيدرآباد پاران ڪتاب، تذڪره لطيف (سنڌي / اردو) شاهه سائينءَ جي ڪائين عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿيو؟
جواب: 259 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي. (اپريل 2003ع)
سوال: ڪتاب، صراط الطابين . حالات ۽ ملفوظات، ڪنهن ترتيب ڏنو؟
جواب: حافظ محمد يونس ڀنڀري. هن ۾ حضرت سيد بقا محمد شاهه شهيد جو ذڪر آهي.
سوال: شاهه لطيف جو پيغام هر دؤر ۽ هر زماني لاءِ آهي، ان عنوان تحت ڀٽ شاهه ۾ 24 جولاءِ 1996ع ۾ افتتاحي تقرير ڪنهن ڪئي؟
جواب: محترمه بينظير ڀٽو صاحبه.
سوال: شاهه لطيف، سنڌ ۽ شهيد بينظير ڀٽو، ان عنوان تحت ڪنهن ۽ ڪڏهن تقرير ڪئي؟
جواب: بلاول ڀٽو زرداري، شاهه سائينءَ جي 274هين عرس مبارڪ جي موقعي تي 6 نومبر 2017ع ۾.
سوال: شاهه جي رسالي جا سر هن ڪتاب ۾ ڪيترا سر ڏنل آهن؟
جواب: 25 سر.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي شيدائي هڪ وڏي تاريخدان ڊينئل بورسٽن جي ٽن ڪتابن جي تت سان لطيف جي پيغام کي ڀيٽيو آهي؟
جواب: ڊاڪٽر مٺل وقاصيءَ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي شيدائيءَ سر سارنگ مان 590 لفظ چونڊ ڪري 18 صفحن تي انهن جي معنى لکي ؟
جواب: حافظ محمد بخش خاصخيلي.
سوال: سڀ کان پهرين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪهڙين ٻن شخصيتن تي تفصيلي مقالو لکيو؟
جواب: ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف، 1952ع ۾.
سوال: ”شاهه لطيف جي اڻڇپيل ڪلام جو جائزو“ جي عنوان هيٺ ڀٽ شاهه ۾ سگا طرفان ڪرايل مذاڪري جي صدارتي تقرير ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: سيد غوث علي شاهه، 25 سيپٽمبر.

سوال: شاهه جي ڪلام جو مصور ايڊيشن ڪتاب ”نقوش لطيف“ ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: گل محمد کتريءَ جو.
سوال: گل محمد کتريءَ جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1921ع ٺٽو.
سوال: ڪتاب ”نقوش لطيف“ ۾ شاهه جي شاعريءَ کي مصوري شڪل ڏئي، مترجم ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو هو؟
جواب: ستن ٻولين ۾.
سوال: شاهه جي چونڊ بيتن تي مشتمل ڪتاب ”نقوش لطيف“ ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ان ڪتاب کي هڪ با اثر آفيسر غائب ڪيو.
سوال: ڪتاب ”شاهه ڀٽائي جا بيت“ ڪهڙي مصور لکيو؟
جواب: گل محمد کتريءَ.
سوال: شاهه جي ڪجهه بيتن تي ڪتاب ”شاهه ڀٽائي جا بيت“ ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1972ع ۾ گل محمد آرٽ اسٽوڊيو ڪراچي مان.
سوال: ڪتاب ”شاهه ڀٽائي مصور ايڊيشن“ چونڊ سنڌي بيتن جو اردو ۽ انگريزي ترجمو اسيڪچن سان ڪنهن ڏنو؟
جواب: گل محمد کتريءَ. (وفات 20 مارچ 1979ع.)
سوال: ڪتاب ”شاهه جا بيت“ جي مصوري ڪنهن ڪئي؟
جواب: علي اڪبر منگي ۽ سهيڙيندڙ ، رشيد ڀٽيءَ.
سوال: سڀ کان پهريائين ڪهڙي ڪتاب جي هر صفحي تي شاهه جي شعر جي مناسبت سان تصوير ٺاهي وئي آهي؟
جواب: ڪتاب ”شاهه جا بيت“
سوال: ڪتاب، شاهه جا بيت، هن ڪتاب ۾ ڪيترين تصويرن سان شاهه جي بيتن جي مصوري ڪيل آهي؟
جواب: 34 تصويرن سان بيتن جي مصوري علي اڪبر سومري ڪئي ۽ سهيڙيندڙ رشيد ڀٽي
سوال: اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب (Verses of Shah) شاهه جا بيت ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پهريون 1965ع ۾ آرٽ پبليڪيشن سکر مان.
سوال: ڪهڙي مصور ڀٽائيءَ جي بيتن جي سمجهاڻي رنگين تصويرن ذريعي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي؟
جواب: علي اڪبر سومرو.
سوال: انگريزي جرنل ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا بيت“ هن جرنل جو ٻيو ڇاپو ڪڏهن ۽ ڪٿان شايع ٿيو؟
جواب: 1996ع ۾. شاهه لطيف آرٽ گئلري، 18. سي. سچل آباد، سٽيزن ڪالوني حيدرآباد مان.
سوال: ڪتاب ” Illustrated works of Shah Abdul Latef Bhitai “ نالي سان ڪهڙي مصور شاهه جي بيتن کي چار رنگ ڏئي، سنڌي ۽ انگريزي ترجمو ڪري شايع ڪرايو؟
جواب: علي اڪبر سومري (82 تصويرون ڏئي 1996ع ۾ شايع ڪرايو.)
سوال: Verses of Shah Abdul Latif Bhitai هن جرنل کي ڪنهن مصوري خاڪو ڏئي ڇپائي پڌرو ڪيو؟
جواب: علي اڪبر سومري. ( مهاڳ قلندر شاهه لڪياريءَ لکيو ).
سوال: سنڌ جي ڪهڙن مصورن شاهه جي ڪلام تي چترڪاري ڪئي آهي؟
جواب: علي اڪبر منگي، علي اڪبر سومرو، گل محمد کتري ۽ عطا محمد چانهيو ۽ (ميانداد سيلاني جو فقط تصويري ميوزيم.)
سوال: شاهه سائينءَ جو مصور، علي اڪبر ولد محمد موسيٰ سومرو ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟
جواب: 17 جنوري 1935ع ۾ ڳوٺ باگڙجي.
سوال: ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا بيت“ مصوري خاڪو ڏئي ڪنهن شايع ڪرايو؟
جواب: علي اڪبر سومري.
سوال: اردو ڪتاب ”دي بستان ڀٽائي ڪي نو رتن“ ڪنهن جي تصنيف آهي؟
جواب: مسلم شميم. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڇاپو 2018ع.
سوال: بنگلاديش جي انقلابي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان کي جڏهن لطيف جي بيتن جو ترجمو ڪري ٻڌايو ويو ته ان ڇا چيو؟
جواب: هن گوڏن تي هٿ هڻي چيو ته ”جنهن قوم وٽ لطيف جهڙو آزادي پسند قومي شاعر هجي اها اڃان تائين ستل ڇو آهي ۽ غلاميءَ جي چڪيءَ ۾اڃان تائين ڇو پيڙجي رهي آهي“
سوال: سنڌ جي عظمت جون، مون آڏو ٽي شيون رهيون آهن، 1. موهن جو دڙو. 2. دودي چنيسر جو داستان. 3. لطيف. اهي لفظ ڪنهن ۽ ڪٿي چيا هئا؟
جواب: محمد ابراهيم جويي 19 مارچ 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ پاران ملهايل شام ۾.
سوال: هي لفظ ڪنهن چيا ته، ”حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سموري شاعري عشق رسول سان ڀرپور آهي ۽ نعت شريف جو هڪ وڏو مجموعو آهي“؟
جواب: ريڊيو پاڪستان راولپنڊي جي ڊائريڪٽر فاطمھ زهره.
سوال: شاهه سائين جي فڪر کي سمجھڻ لاءِ پهريون ڀيرو ڪلاس، ڪنهن ۽ ڪڏهن هلائڻ شروع ڪيا؟
جواب: لالچند امر ڏنو مل، 20 آگسٽ 1923ع ۾.
سوال: ڪهڙي سال هڪ جرمن جوڙو ڀٽ شاهه تي ڪيترا ئي سال رهيو؟
جواب: 1980ع واري ڏهاڪي ۾.
سوال: ڪهڙي شخص کي ڀٽ شاهه تي رهندي ماڻهو کيس ” جرمنيءَ جو فقير “ سڏيندا هئا؟
جواب: جرمنيءَ جو عيسائي. ڀٽ شاهه تي رهڻ کان پوءِ مسلمان ٿيو ته نالو فصيح الدين رکيائين.
سوال: ڪهڙي شاعر 5 جولاءِ 1961ع ۾ پاڪ، جرمن فورم جي اهتمام سان ڪراچيءَ ۾ شاهه جو بيت ” وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار “ ترنم سان پڙهيو هو؟
جواب: شاهنواز عارف المولى.
سوال: ڪهڙو عقيدتمند جڏهن به لطيف جي درگاهه تي ايندو هو ته، درگاهه کان 3 ميل پري سواريءَ تان لهي پيرين اگهاڙي پنڌ ايندو هو؟
جواب: ڄام ڪانڀو خان.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو عقيدتمند لطيف جي عرس جي موقعي تي ڏوڪڙن جا اُٺ ڀرائي ايندو هو ۽ ملاکڙي ۾ پئسا پاڻيءَ وانگر وهائيندو هو؟
جواب: ڄام ڪانڀو خان.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو عقيدتمند لطيف سائينءَ جي عرس مبارڪ کان 2 ڏينهن اڳ ڀٽ تي زائرين لاءِ لنگر هلائيندو هو؟
جواب: ڄام ڪانڀو خان.
سوال: ڪهڙي ليکڪ تحقيق ڪري شاهه سائينءَ جي ڪلام مان ” س “ لفظ سان شروع ٿيندڙ 110 سٽون لکيون؟
جواب: محمد اياز قريشي.
سوال: ڪهڙي محقق جي تحقيق مطابق 2180 بيت ۽ 140 وايون شاهه سائينءَ جو پنهنجو ڪلام ناهي؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: ڪهڙي شاعر جي گنج شريف ۽ شاهه سائينءَ جي گنج شريف ۾ هڪجهڙائي آهي؟
جواب: شاعر محمد نوشه گنج بخش قادري جي اردو ۽ پنجابي ڪلام گنج شريف ۾.
سوال: سسئيءَ جي پيرن وارو پٿر ڪهڙي شخص وٽ موجود آهي؟
جواب: منظور علي خاصخيليءَ وٽ.
سوال: سڀ کان پهريائين شاهه سائينءَ جي واين تي ڊڪشنري ڪنهن تيار ڪئي؟
جواب: ڊاڪٽر محمد اسماعيل شيخ.
سوال: ”موجوده دور جا مونجهارا ۽ شاهه لطيف“ موضوع تي ڪنهن ۽ ڪٿي ليڪچر ڏنو؟
جواب: نامياري اسڪالر احمد سليم، 1 نومبر 2016ع تي ڪراچيءَ ۾.
سوال: محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، شهادت کان ڪيترا ڏينهن اڳ، حضرت قلندر لعل ۽ شاهه لطيف جي درگاهه تي حاضري ڀري هئي؟
جواب: 8 ڏينهن اڳ.

سوال: جنوري 1983ع تي حيدرآباد ۾ ڪهڙي شخصيت جي رهائشگاهه تي، شاهه جي راڳ بابت مجلس لطيفي جي نالي سان محفل ٿي هئي؟
جواب: مير علي شاهه .
سوال: ڪتاب. شاهه جا بيت، ڇاپو 1895ع، هن ڪتاب ۾ ڪهڙي صفحي کان ڪيستائين لفظن جي معنى ۽ تشريح ڏنل آهي؟
جواب: 49 صفحي کان 141 تائين.
سوال: 1895ع ۾ شاهه جي بيتن تي مبني ڪهڙو ڪتاب مئٽرڪ جي نصاب تي رکيل هو؟
جواب: ڪتاب. شاهه جا بيت. مرتب. جهمٽمل نارومل وسناڻي.
سوال: ڪتاب. جانب جو جمال، محڪمه اطلاعات سنڌ طرفان ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ شايع ٿيو؟
جواب: 26 فيبروري 1975ع ۾.
سوال: ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ لوڪ ادب“ان موضوع تي ڪهڙي محقق 2011ع ۾ پي.ايڇ.ڊي. ڪئي؟
جواب: ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان.
سوال: ڪهڙي ليکڪه پنهنجي ٿيسز ۾ شاهه جي شاعريءَ کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي؟
جواب: ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي. (ٿيسز. شاهه جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو ).
سوال: مرزا قليچ بيگ جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب. لائيف آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي. ڪيترن بابن تي مشتمل آهي؟
جواب: نون بابن تي مشتمل آهي.
سوال: ڪهڙي ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته، شاهه سائينءَ پنهنجي زندگيءَ جا آخري اٺ سال صوفيانه ڍنگ ۾ گذاريا؟
جواب: مرزا قليچ بيگ.
سوال: انگريزي ۾ لکيل ڪتاب. هسٽري آف سنڌي لٽريچر، هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جو ذڪر ڪيترن بابن ۾ ڪيل آهي؟
جواب: ٽن بابن ۾. (مترجم. ايل. ايڇ. اجواڻي ).
سوال: اردو ڪتاب. شاهه عبداللطيف حيات اور شاعري، ڪنهن جو لکيل آهي ۽ ڪيترن مضمونن تي مشتمل آهي؟
جواب: ليکڪ. اختر انصاري اڪبر آبادي، هن ڪتاب ۾ ڪل 16 مضمون آهن.
سوال: مولانا در محمد ڪانڌيلويءَ، شاهه سائينءَ جي ڪيترن بيتن جي شرح، قرآن، حديث ۽ تصوف جي روشني ۾ ڪتاب. خزانة العارفين ۾ لکي؟
جواب: 50 بيتن جي شرح.


سوال: ڪهڙي مشهور ليکڪ، شاهه جي رسالي مان مختلف سرن مان اٽڪل 153 بيتن جو منظوم انگريزي ترجمو ڪيو؟
جواب: جي. الانا.
سوال: 1930ع ڌاري ڪهڙي نامور چترڪار شاهه سائينءَ جا ٻه عاليشان چتر ٺاهيا هئا؟
جواب: ڪرشنا شامرائو ڪلڪرني. اهي چتر هفتيوار السٽريٽيڊ آف انڊيا، ۾ ڇپيا هئا.
سوال: ڪلاچي (تحقيقي جرنل) ڊسمبر 2020ع واري شماري ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام بابت ڪهڙا مضمون مقالا شايع ٿيل آهن؟
جواب: 1. شاهه جي سر ڪاموڏ ۾ آيل اصطلاح، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو. 2. سر سهڻي ۾ مزاحمت ۽ روشن خياليءَ جو شعور، ڊاڪٽر رشد الله مخمور بخاري. 3. شاهه لطيف جي سر سامونڊيءَ ۾ ساڪن ۽ متحرڪ عڪسن جو اڀياس، لطف الله سيال. 4. شاهه جي ڪلام ۾ ڏک جون ڪيفيتون، قربان علي شر.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي شيدائيءَ جو رايو آهي ته سر شينهن ڪيڏاري جا سمورا بيت سورهيه بادشاهه لاءِ چيل آهن؟
جواب: عبدالحفيظ قريشيءَ جو.
سوال: شاهه سائينءَ بابت هي لفظ ڪنهن چيا هئا: مون کي خبر ئي نه ٿي پوي ته لطيف سنڌ آهي، يا سنڌ لطيف آهي؟
جواب: رابندر ناٿ ٽئگور.
سوال: سنڌ جا گاهه ۽ چارا، هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جا ڪيترا بيت ڏنل آهن؟
جواب: 30 بيت.
سوال: شاهه سائينءَ جي 300 ساله جشن ولادت جي موقعي تي ڪهڙا چار ڪتاب شايع ٿيا؟
جواب: 1. شاهاڻو شاهه، مصنف، لالچند امر ڏنو مل. 2. سر ڏهر ، مرتب، ڊاڪٽر نواز علي شوق. 3. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، مصنف، محمد حسين ڪاشف. 4. شاهه جو رسالو (ٽن سرن مان چونڊ بيت) مرتب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، هن ڪتاب جو مهاڳ ڪنهن ۽ ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ لکيو؟
جواب: حميد سنڌي، 5 جنوري 1990ع.
سوال: ڪهڙي شاهه جي شيدائيءَ، شاهه جو رسالو ترجمو ڪري ان جي پهرين ڪاپي شاهه سائينءَ جي سيرانديءَ کان نظر ڪئي هئي؟
جواب: فقير عبدالغفور الستي.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو شيدائي هر سال 6 آگسٽ تي ڀٽ شاهه وڃي امن مارچ ڪندو هو؟
جواب: فقير عبدالغفور الستي.
سوال: 31 ڊسمبر 1986ع ۾ ڀٽ شاهه جي سر زمين تي امن مارچ ڪري (امن پوکيو) جي نالي سان تنظيم جو بنياد ڪنهن رکيو؟
جواب: عبدالغفور ميمڻ ۽ بئريسٽر مظهر ايس قاضيءَ .
سوال: فقير عبدالغفور الستي، ميان نواز شريف کي پنهنجو ترجمو ڪيل شاهه جو رسالو ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ سال ۾ پيش ڪيو؟
جواب: 25 ڊسمبر 1991ع تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي شيدائيءَ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي 100 ساله ورسيءَ جي مناسبت سان شاهه جو رسالو ڇپرايو هو؟
جواب: عبدالغفور الستيءَ .
سوال: 31 مارچ 1985ع ۾ ”شاهه ۽ نوجوان“ جي موضوع تي صدارتي تقرير ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: محمد ابراهيم جويي.
سوال: سنڌ جي شيدائي ۽ شاهه عبداللطيف جي شيدائي ـ اهو جملو پنهنجي ڪتاب ۾ ڪنهن لکيو آهي؟
جواب: ايني ميري شمل 23 مارچ 1980ع اسلام آباد.
سوال: بيگم ايلسا قاضي جي وفات ڪهڙي رات ٿي ۽ هجري، عيسوي تاريخ ۽ سال ٻڌايو؟
جواب: آچر جي رات اڍائي بجي 17 صفر 1387هه/ 28 مئي 1967ع تي.
سوال: ڪهڙي بزرگ صدارتي تقرير ڪندي چيو ته: ڀٽائيءَ کي اڄ تائين ڪير به پروڙي نه سگهيو آهي، هر ڪو پنهنجي مڪتبِ فڪر ڏانهن پيو ڇڪيس؟
جواب: سيد نثار حسين شاهه، ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه جي پهرين سالگره جي موقعي تي.
سوال: ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان عنوان ”شاهه جي بيت جي شرح“ نشر ڪيا ويا، اهي مضمون ڪهڙي ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن؟
جواب: ڪتاب. آيتون آهين، ڇاپو پهريون جنوري 1979ع.
سوال: سائين جي. ايم. سيد هي لفظ ڪنهن کي چيا هئا ”ابا تون شاهه لطيف جو شارح آهين. تو اسان جي سنڌ ديس جي تصوف کي جڳ ۾ مشهور ڪيو آهي. توسان ته اسين ڳر لڳي ڳالهيون ڪنداسين“ ؟
جواب: موتي لال جوتواڻي کي دهلي جي ڪنشڪ هوٽل ۾. (حوالو، ڪلاچي ڊسمبر 2004ع).
سوال: شاهه سائين جي ڪلام جي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سائنسي بنياد تي ڇنڊ ڇاڻ وارو ڪم ڪهڙي نامياري عالم محقق ڪيو؟
جواب: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي.
سوال: سگا ڪراچي طرفان 1980ع تائين شاهه سائين جي ڪلام ۽ فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪتاب شايع ٿيا؟
جواب: لطيفي لات، ڇاپو پهريون 1. مئي 1978ع. پوئٽ آف آل ٽائيم (انگريزي ۾) ڇاپو پهريون 1978ع. جر ٿر تک تنوار، ڇاپو پهريون 1979ع. Flame and Flute (مقالا ۽ تقريرون) 1980ع.

سوال: رسالو. شاهه عبداللطيف (اردو حصه اول) مترجم. ايم. اي. عالماڻي. هن رسالي ۾ ڪيترن سرن جو نثري اردو ترجمو ڏنل آهي؟
جواب: ڏهه سرن جو (ڇاپو پهريون 1991ع ).
سوال: ڪتاب ”بياد عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: غلام مصطفى دادوي.
سوال: ايم. فل لاءِ پيش ڪيل ڪهڙي ٿيسز ڪمپيوٽر تي ڇپيل آهي؟
جواب: شاهه عبداللطيف جي ڇپيل رسالن جو تنقيدي جائزو 1994ع ۾ لکي وئي.
سوال: ”شاهه عبداللطيف جي ڇپيل رسالن جو تنقيدي جائزو“ اها ٿيسز ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ايم. فل لاءِ ڪنهن پيش ڪئي؟
جواب: مسز خورشيد عباسي (رهبر. ڊاڪٽر نواز علي شوق ).
سوال: ”شاهه عبداللطيف جي ڇپيل رسالن جو تنقيدي جائزو“ هي ٿيسز ڪيترن بابن تي مشتمل آهي؟
جواب: پنجن بابن تي.
سوال: ڪهڙي شاهه سائينءَ جي شيدائيءَ، هڪ سيمينار ۾ چيو ته، ڀٽائي ٻارنهن ٻوليون ڄاڻندڙ هو؟
جواب: انور پيرزادي. (رخمان گل پالاريءَ جي تحقيق مطابق، براهوي زبان سميت تيرنهن)
سوال: روزانه امروز لاهور 27 جون 1964ع واري پرچي ۾ پير حسام الدين راشديءَ جو شاهه سائينءَ بابت ڪهڙو اردو مضمون شايع ٿيو؟
جواب: واديءَ مهران ڪا الهامي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: جمع 2 آڪٽوبر 2020ع بمطابق 14 صفر 1442هه تي ڪاوش اخبار ۾ شاهه سائين جي ڪلام ۽ فڪر تي ڪهڙا ڪالم ۽ مضمون شايع ٿيا؟
جواب: شاهه لطيف ۽ سنڌ، مدد علي سنڌي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انساني فطرت جي عڪاسي، ڊاڪٽر مخمور بخاري. تون هڪ ڀيرو ڀٽ تي ڀيرو ڀڃي ته ڏس، مولائي ملاح. بر سيلو پاسي ڀٽ ! الطاف اثيم. شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ فڪر تي هڪ مختصر نظر، نويد ناز اڄڻ.
سوال: شاهه سائينءَ جي 277 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ايڇ. ٽي. سورلي هال ۾ ڪيترن ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي؟
جواب: ڇهن ڪتابن جي.
سوال: ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ڪهڙو بزرگ زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ فرمائڻ لڳو ته، ڪو اهڙو ماڻهو وٺي اچو جيڪو مون کي شاهه ڀٽائيءَ جو ڪلام ٻڌائي؟
جواب: مولانا عبيدالله سنڌي. کيس ڳوٺ پير جھنڊه جي لڳ ڪنڊياري جي جمالي فقير سر يمن ڪلياڻ ڳائي ٻڌايو.
سوال: مٺي شهر جي ڪهڙي بزرگ جي شاعري تقريبن شاهه سائين جي سڀني سرن ۾ چيل آهي؟
جواب: سچار فقير ، وفات 16 اپريل 1975ع.
سوال: سنڌ جي ڪهڙن ٻن مشهور ليکڪن شاهه جي بيتن مان سٽون چونڊي پنهنجن ڪتابن تي نالا رکيا آهن؟
جواب: شيخ اياز ۽ الطاف شيخ.
سوال: بيگم زينت عبدالله چنه فجر جي نماز بعد شاهه سائينءَ جا مناجاتي بيت پڙهڻ جي شروعات ڪهڙي بيت سان ڪندي هئي؟
جواب: تڪيا سڀ تڪيام، توريءَ تڪيو ناهه ڪو،
هيڏي هوڏي هٿڙا ناحق پئي هنيام،
ڍولي ڍڪ ڍڪيام، تڏهن اڊو ناهه اگهاڙ جو.
سوال: بيگم زينت عبدالله جي تربت تي شاهه سائينءَ جو ڪهڙو بيت لکيل آهي؟
جواب: اڄ نه پسان سي آتڻ ڪتيم جن سين،
هاڻي تن کي ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان.
وصال. 12 جولاءِ 1974ع.
سوال: ڪهڙي محقق جي تحقيق مطابق سر ڪيڏاري ۾ اٽڪل 11 بيت سر بلاول جا شامل آهن؟
جواب: مينهون سوز بلوچ.
سوال: ڪهڙي ليکڪ 126 بيتن ۽ ٻن واين مان لفظ چونڊي، عربي فارسي، هندي ۽ سنڌي لغتن ۽ قاموسن مان لفظن جا بنياد / ڌاتو وٺي معنائون اخذ ڪيون آهن؟
جواب: مينهون خان سوز بلوچ.
سوال: ڪهڙي دانشور، هومر، ورجل، گوئٽي، شيلي، ملٽن، ورڊس ورٿ ۽ شيڪسپيئر جا مسودا سامهون رکي شاهه سائينءَ کي دنيا جو عظيم شاعر تسليم ڪندي پرک لاءِ چار ماڻ ۽ ماپا مقرر ڪيا هئا؟
جواب: جرمني جي دانشور ڪارلائل.
سوال: حيدر علي لغاري جو لطيف شناسي تي ڪهڙو مضمون سماهي مهراڻ جنوري مارچ 1996ع ۾ شايع ٿيو؟
جواب: لطيف جي ڪلام ۾ وجود جو خلا.
سوال: لطيف جي ڪلام ۾ وجود جو خلا. هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي فن ۽ فڪر بابت ڪيترا مضمون ۽ مقالا ڏنل آهن؟
جواب: ڇهه .


سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي شارح، شاهه سائينءَ جي 16 بيتن جي تشريح ڪري 16 ڏينهن ۾ ڪمپوز ڪرائي ڪتاب شايع ڪرايو؟
جواب: محمد حضور بخش صديقي مجددي.
سوال: ”ڪلام لطيف مير ، شرح حضور فقير“ (عمدة الکتاب في شرح کلام اللطيف الجناب) هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي ڪيترن بيتن جي اردو ۾ شرح ڪئي وئي آهي؟
جواب: چونڊ 16 بيتن جي.
سوال: اي. بي. صدا لاشاري، شاهه جي رسالي جي ڪيترن ۽ ڪهڙن سرن جو منتخب بلوچي ترجمو ڪيو؟
جواب: ٽن سرن. سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ سر سريراڳ جو.
سوال: فقير امداد علي سرائي کي شاهه سائين جو شجرو انجيار ضلع ڀڄ مان ڪنهن کان مليو؟
جواب: سيد محمد شاهه نابين کان.
سوال: ڀڄ ضلع جي انجيار لڳ ڳوٺ ڍوري ۾ شاهه سائين جي ڪهڙي معتقد مريد، شاهه لطيف جو شجرو قلمبند ڪري پنهنجي پونئرن جي حوالي ڪيو؟
جواب: سيد عبدالنبي شاهه.
سوال: مير حسن علي خان ٽالپر پنهنجي ڪهڙي مثنوي ۾ سنڌ جي فقط ٻن شاعرن سيد ثابت علي شاهه ۽ شاهه عبداللطيف جي تعريف ڪئي آهي؟
جواب: مثنوي حمله حيدري. ٻن جلدن ۾ (1318 هه ۾ لکيائين ).
سوال: ”شاهه لطيف جي فڪر ۽ فهم“ تي ڪنهن پي.ايڇ.ڊي ڪئي؟
جواب: ڊاڪٽر عبدالغفار سومري.
سوال: ڪهڙي ليکڪ ڪتاب. جي ٻئي ڀاڱي ۾ شاهه جي رسالي جي 1500 کان وڌيڪ ڏکين لفظن ۽ فقرن جي معنى انگريزي ٻولي ۾ ڏني؟
جواب: ليلا رام وطڻمل لالواڻي.
سوال: شاهه جي رسالي جي صرف ٽن سرن جي ”شاهه جي پهرين سنڌي لغت“ ڪنهن لکي؟
جواب: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.
سوال: سڀ کان پهريائين شاهه لطيف جي رسالي جي پهرين مڪمل سنڌي لغت ڪنهن لکي؟
جواب: مرزا قليچ بيگ.
سوال: سڀ کان پهريائين شاهه جي رسالي جي سنڌي انگريزي لغت ڪنهن لکي؟
جواب: ليلا رام وطڻمل لالواڻي.
سوال: شاهه جي رسالي جي پهرين پاڪيٽ سائيز سنڌي لغت ڪڏهن شايع ٿي؟
جواب: آگسٽ 2000ع . مرتب غلام مصطفى مشتاق ميمڻ.


سوال: ڪهڙي ليکڪ 1952ع ڌاري شاهه جي رسالي جي ”اشتقاقي لغات لطيف“ جوڙڻ جو ڪم شروع ڪيو هو؟
جواب: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي.
سوال: ادبي ۽ سماجي ماهوار اخبار ”ڀٽائي“ ڪنهن ۽ ڪٿان جاري ڪئي هئي؟
جواب: ذوالفقار علي هيسباڻي. ميهڙ مان 1986ع کان.
سوال: سيد منظور نقوي، شاهه جي ڪلام تي ڪهڙو ڪتاب لکيو؟
جواب: شاهه لطيف جو راڳ.
سوال: ڪهڙي مشهور شاعر شاهه سائين جي ڪلام جي محاورن تي چئن جلدن ۾ ڪتاب جڙاءُ لکيو؟
جواب: سيد منظور نقوي.
سوال: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق شاهه جي رسالي ۾ ڪيترن شاعرن جو ڪلام شامل ٿيل آهي؟
جواب: 70 شاعرن جو.
سوال: ڪهڙي محقق، موسيقي ۽ شاهه لطيف عنوان تي 85 سالن جي عمر ۾ پي. ايڇ. ڊي. ڪئي؟
جواب: ڊاڪٽر چندر پرمانند ٺڪر. يونيورسٽي آف ممبئي انڊيا 2016ع.
سوال: راڳ جي هڪ محفل ۾ استاد منظور علي خان، شاهه سائينءَ جو ڪهڙو بيت شيخ مجيب الرحمان جي نانءُ ڪيو هو؟
جواب: واجهائي وطن کي، آءُ جي هِتِ مياسِ،
گور منهنجي سومرا ! ڪج پنوهارن پاس!
ڏجِ ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙه ملير ڏي.
سوال: واجهائي وطن کي آءُ جي هت مياس، هن بيت جو ترجمو شيخ مجيب الرحمان کي ڪنهن ٻڌايو؟
جواب: جي. ايم. سيد.
سوال: شيخ مجيب الرحمان وطن پرستيءَ واري بيت جو مفهوم سمجهي جذبات ۾ اٿي بيهي تاڙيو وڄائڻ کان پوءِ سائين جي. ايم. سيد. سان مخاطب ٿي شاهه سائينءَ جي شان ۾ ڪهڙا جملا چيائين؟
جواب: شاهه صاحب ! جڏهن سنڌ ۾ اهڙي شاعري موجود آهي ته پوءِ هن سرزمين جي مردن (مئلن) ۾ نئين زندگي ڇو نه ٿي پيدا ٿئي؟ سياسي قبرستان ڇو نه ٿو نعرن ۽ للڪارن سان گونججي؟
سوال: سڀ کان پهرين ڪهڙي ليکڪ الف. بي. وار چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون لکيون؟
جواب: ڪريم بخش خالد.
سوال: شاهه سائين جو اڻ ڇپيل ڪلام هٿ ڪرڻ لاءِ ڪهڙن ٽن شخصن رڻ ڪڇ انڊيا جو سفر ڪيو؟
جواب: فقير امداد علي سرائي، فقير محمد رمضان جت ولد حاجي احمد جت ۽ حاجي خميسو خان چانڊيو.
سوال: فقير امداد علي سرائي، محمد رمضان جت ۽ حاجي خميسو خان چانڊيو ڪهڙي اسلامي تاريخ ۽ هجري سال ۾ شاهه جو ڪلام هٿ ڪرڻ لاءِ انڊيا جو سفر ڪيو هو؟
جواب: جمعو 4 ذوالحج 1399هه / 26 آڪٽوبر 1979ع ۾ سامونڊي جهاز الولا ۾ روانا ٿيا هئا.
سوال: ”ڀٽائي ڪِي شاعري ۾ تهذيبي عڪس“ عنوان تي بلديه عظمى جي تعاون سان ڪراچي ۾ تهذيبي عالمي جشن ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ منعقد ٿيو؟
جواب: جمع 18 فيبروري 2022ع تي ياور رضا ياور جي ميزباني ۾.
سوال: سنڌي شعبي وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪئمپس ڪراچي پاران سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي اڱارو 6 سيپٽيمبر 2022ع ۾ ڪهڙي موضوع تي سيمينار ۽ راڳ جي محفل منعقد ڪرائي؟
جواب: سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف عنوان تي.
سوال: ظفر ڪاظميءَ جي فن جي پهرين نمائش ڀٽ شاهه ۾ ڪهڙي سال ٿي؟
جواب: 1958ع ۾.
سوال: 1958ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ڪنهن جي ڪوششن سان ظفر ڪاظميءَ جي ٺاهيل تصويرن جي نمائش ٿي؟
جواب: بيگم زينت عبدالله چنه جي ڪوششن سان.
سوال: صدر پاڪستان سڪندر مرزا ۽ ناهيد بيگم ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ ڀٽ شاهه ۾ ظفر ڪاظميءَ جي تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو؟
جواب: 30 آگسٽ 1958ع ۾. (206 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي)
سوال: شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪليدي ڪردار جي موضوع تي 4 نومبر 2022ع ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ ليڪچر ڪنهن ڏنو؟
جواب: رفيق آس لغاري.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۽ سوانح بابت جامع تحقيقي رٿا جو ڇهون ڪتاب ڪهڙي اداري ۽ ڪهڙي هجري سال ۾ شايع ڪيو؟
جواب: ڪتاب. شاهه جي رسالي جي ترتيب، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد 1394هه ۾.
سوال: پشتو زبان ۾ شاهه سائين جي قصن جو ترجمو ڪنهن ڪيو؟
جواب: سيد محمد حسن آغا.
سوال: پشتو زبان ۾ ڪتاب. سيندي اولسي کيسي، ڪهڙي اداري پاران ۽ ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: پشتو ادبي غور حنک کويته. 2011ع صفحا. 55.
سوال: ڪتاب. سيندي اولسي کيسي، هن ڪتاب ۾ شاهه سائين جي ڪهڙن قصن جو پشتو زبان ۾ ترجمو ڪيل آهي؟
جواب: سورٺ راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي، سسئي پنهون، ليلا چنيسر، مومل راڻو ۽ عمر مارئي.
سوال: شاهه لطيف جي مزاحمتي شاعريءَ جو تحقيقي اڀياس، ان عنوان تي ڪنهن ۽ ڪهڙي سال پي.ايڇ.ڊي. ڪئي؟
جواب: ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ سال 2017ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
سوال: ”شاهه لطيف جي ٻولي“ جي عنوان هيٺ 12 سيپٽيمبر 2022ع تي آن لائن مباحثو ڪهڙي اداري ڪرايو؟
جواب: سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري.
سوال: وفاقي اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪيمپس ڪراچي پاران اڱارو 6 ڊسمبر 2022ع تي ڪهڙي موضوع تي سيمينار ۽ راڳ منعقد ڪرايو؟
جواب: موضوع. سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف.
سوال: ڪراچي پريس ڪلب ۾ پهريون ڀيرو لطيف جي راڳي سورمين جو پروگرام ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ رٿيو ويو؟
جواب: ڇنڇر 25 جون 2022ع (سر آبري تي خيالن جو اظهار).
سوال: پهريون، حضرت شاهه عبداللڪريم بلڙي وارو لٽريچر فيسٽيول پهريون ڀيرو ڪڏهن ۽ ڪٿي منعقد ٿيو؟
جواب: 22 مئي 2022ع الڪريمي شادي هال بلڙي شاهه ڪريم ضلعو ٽنڊو محمد خان.
سوال: شاهه سائين جي 278هين عرس مبارڪ جي موقعي تي، سگهڙ ڪچهري، شاهه لطيف مذاڪرو ۽ راڳ رهاڻ جو آن لائين پروگرام ڪهڙين تاريخن تي منعقد ٿيو؟
جواب: 22. 23. 24 سيپٽمبر 2021ع.
سوال: شاهه سائين جي 218هين عرس (1970ع) جي موقعي تي ڪهڙو ڪتاب شايع ٿيو؟
جواب: سر جمن جو مطالعو، مرتب. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
سوال: 19 مارچ 2023ع ۾ شاهه سائين جي لوڪ داستان تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪهڙو ڊرامو نشر ٿيو؟
جواب: مومل. راڻو. تحرير. مير مرڪ واڍو.
سوال: ڪتاب. ڇپر جي ڇولي، ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پهريون، جون 1999ع. تحقيق ۽ تحرير. انب گوپانگ.
سوال: ڇپر جي ڇولي، هن ڪتاب جو مهاڳ ڪنهن ۽ ڪهڙي تاريخ تي لکيو؟
جواب: ڊاڪٽر فهميده حسين 15 مئي 1999ع ۾.


سوال: ”شاهه لطيف جو سياسي ۽ معاشي نظريو“ جي عنوان سان آواز ٽيليويزن تي ليڪچر پروگرام ڪڏهن نشر ٿيو؟
جواب: 9 جون 2023ع تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي شيدائيءَ جديد موبائيل ايپليڪيشن تيار ڪري شاهه جو پيغام انگريزيءَ سميت دنيا جي ڇهن ٻولين ۾ پهچايو آهي.
جواب: راجا ساند.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ ايملي هاز جو جنم ڪٿي ٿيو؟
جواب: آمريڪي رياست ٽينيسي جي ٽائون ۾.
سوال: 29 اپريل 1984ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پورٽريٽ جي نقاب ڪشائي سنڌ جي ڪهڙي شهر ٿي؟
جواب: سنڌالاجي ڄامشورو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي شيدائي جو جنم 2 مئي 1962ع ۾ ٿيو؟
جواب: ابوبڪر شيخ، شيخ محله ڳوٺ پير عاليشاهه جيلاني بدين.
صدين جي ساک آ جيڪو، سدا وينجهار ٻوليءَ جو
ڀٽائي ڀونءَ جو ڀرجهلو، ڀٽائي شان سنڌڙي جو.
قاضي منظر حيات، 15 صفر 1444هه سومر 12 سيپٽمبر 2022ع، اپيل اخبار ۾ شايع.
1. شاهه لطيف سنڌ جو حقيقي بادشاهه، نياز احمد راهوڪڙو. 2. شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ وحدانيت ۽ انبياء اڪرام جو تذڪرو. راهب علي لاڙڪ.
راهه ۽ رهبر لطيف،
ماڳ ۽ محور لطيف،
فڪر جي چانڊاڻ آ،
عشق جو اوجر لطيف.
قاضي منظر حيات.
هلال پاڪستان ڪراچي، سومر 12 سيپٽمبر 2022ع.
سوال: ڪهڙي ڪتاب ۾ شاهه سائين جي فقط ڇهن سرن جي فڪري اپٽار ڪيل آهي؟
جواب: ڪتاب. تو ۾ ديرو دوست جو.
سوال: مهراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد پاران پهريون ڀيرو ٻارن جي عالمي سال جي موقعي تي لطيف ڪوئيز مقابلو ڪڏهن ڪرايو ويو؟
جواب: فيبروري 1979ع ۾.
سوال: عوامي ورڪرز پارٽي پاران لطيفي رهاڻ 18 فيبروري 2023ع ۾ سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ منعقد ٿي؟
جواب: نصير آباد ۾.

سوال: شاهه سائينءَ جي روضي واري ڪاشيءَ جي نيل ”لطيف جي لوڙهي“ وار ي مسجد جي گنبذ مٿان ڪنهن لڳائي هئي؟
جواب: فقير محمد ابراهيم ڀٽي.
سوال: لطيف سائين جي فقيرن ”لطيفي لوڙهي“ جي مجاور کي ڪهڙي شيءِ تبرڪ طور ڏني هئي؟
جواب: ڀٽائي جي روضي واري ڪاشيءَ جي نيل.
سوال: شاهه عبداللطيف سوسائٽي ڪنهن ۽ ڪڏهن قائم ڪئي؟
جواب: بيگم خديجه خانم دائود پوٽي 1960ع ۾.
سوال: شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ جو بنياد ڪنهن ۽ ڪڏهن رکيو؟
جواب: نامور تعليمدان سيد غلام مصطفيٰ شاهه 1972ع ۾. (1973ع سال به ملي ٿو.)
سوال: ”شاهه عبداللطيف يادگار ڪائونسل“ جو بنياد ڪڏهن پيو؟
جواب: 1949ع ۾، ڪائونسل جو چيئرمين، سيد ميران محمد شاهه ۽ سيڪريٽري، آغا تاج محمد ٿيو.
گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ شاهه لطيف بابت پروگرام.
82-1981ع ڌاري جرمن قونصليٽ ” گوئٽي انسٽيٽيوٽ “ ڪراچي ۾ شاهه لطيف تي هڪ پروگرام منعقد ڪرايو هو، جنهن جي صدارت پروفيسر اينيميري شمل ڪئي هئي. پاڻ شاهه سائين جي هڪ بيت ” ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت “ جي تشريح ڪئي هئائون.

ڪجهه ليکڪن جا ترتيب ڏنل ۽ لکيل ڪتاب

لطيفي آثارن تي هڪ البم ”آثار لطيف“ نالي انگريزيءَ ۾ اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران 1967ع ۾ ڇپيو.
سرڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جو اردو ۾ منظوم ترجمو 1954ع ۾ شايع ٿيو.
اردو ڪتاب ”مفڪر مهران“. ڇاپو پهريون 1963ع. هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي شخصيت ۽ شاعريءَ بابت ويهه مضمون مقالا آهن.
ڪتاب. نقش لطيف، اپريل 1970ع. شاهه سائين جي 218 هين ورسي جي موقعي تي شايع ٿيو. هن ڪتاب جو پيش لفظ اشتياق اظهر ، ڊائريڪٽر محڪمه اطلاعات حيدرآباد لکيو.
ڪتاب. هاڪڙا وادي. ليکڪ. رفيق مغل.
ڪتاب، شاهه جو شان، ڇهن حصن ۾ ورهايل آهي.
ڪتاب ”لطيفي لات“ مرزا قليچ بيگ. هن ڪتاب ۾ 300 پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن.
ديوان لطيف (اردو). مترجم. رشيد احمد لاشاري.
ڪتاب ”ڀٽائيءَ جا بيت“ (سر وار چونڊ). ترتيب. حبيب قادر قريشي.
ڪتاب، ”لطيف جو انسان ۽ انسانيت جو لطيف“ مرتب. محمد مٺل وڪاسي.
ڪتاب. شاهه جو مسلڪ. ليکڪ. اياز هاشم ڀٽو ”مدني“.
ڪتاب. فڪر لطيف. ليکڪ. اياز هاشم ڀٽو، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 2021ع، ڇاپو ٻيون فيبروري 2022ع، ڇپائيندڙ. عرفان ميمڻ پبلشر.
لطيف ٻاري مخزن ساليانو حيدرآباد، نيشنل ڪاليج حيدرآباد مان پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رهبريءَ هيٺ آخري پرچو 1946ع ۾ نڪتو.
لطيف ماهوار ڪراچي، آڪٽوبر 1947ع کان ايم. ايڇ. حافظ حسيني جي ادارت هيٺ جناح ڪورٽس ڪراچيءَ مان نڪتو. الله بخش شهزاد هن رسالي جو ايڊيٽر هو ۽ سيد غلام رسول شاهه رسالي جو مئنيجر ۽ ناشر هو.
عرفان لطيف، ماهوار حيدرآباد. هي رسالو مڪتبه لطيفي حيدرآباد پاران جنوري 1949ع کان نڪتو. محمد شاهه ايم. سيد اداري جو سرپرست ۽ رسالي جو ايڊيٽر هو. هي رسالو هلال پاڪستان پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو هو.
يادگار لطيف حيدرآباد، هي ساليانو پرچو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي سهاري هيٺ 1952ع کان جاري ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش رسالي جو مرتب هو ۽ سندس ٻانهن ٻيلي اسدالله شاهه، بيخود حسيني ۽ بيگم زينت عبدالله چنه هئا. هن رسالي جو شروع ۾ نالو يادِ لطيف هو. هي رسالو سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ ڇپيو هو.
لطيف ماهوار حيدرآباد، هي رسالو مارچ 1956ع کان حيدرآباد کان نڪتو. هن رسالي جو ايڊيٽر مخدوم امير احمد ۽ سب ايڊيٽر ايم. اي. مغل هو.
لطيف اورينٽل مئگزين ٽه ماهي حيدرآباد، هي تحقيقي رسالو آڪٽوبر 1955ع کان اورينٽل ڪاليج حيدرآباد کان نڪرڻ شروع ٿيو. هن جو چيف ايڊيٽر مخدوم امير احمد ۽ غلام محمد پنهور مئنيجنگ ايڊيٽر هئا. سنڌي حصي جو ايڊيٽر عبدالسميع انصاري ۽ الاهي بخش سيال سب ايڊيٽر هو. هي رسالو سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ ڇپيو هو.
مارئي. هي رسالو بيگم زينت عبدالله چنه جي سرپرستي هيٺ فيبروري 1957ع کان نڪرڻ شروع ٿيو.
يادگار لطيف (مرحوم آغا تاج محمد نمبر) ستن سالن جي شايع ٿيل يادگار لطيف مخزن جو نادر انتخاب 1953ع کان 1959ع تائين. مرتبه . بيگم زينت عبدالله چنه، شايع ڪندڙ. لطيف يادگار ڪائونسل 1960ع، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد.
لطيف ميگزين، ميرپورخاص، ايڊيٽر. غلام مصطفى عباسي، آفتاب پرنٽنگ پريس ميرپورخاص 70-1969ع.
ڪتاب. شاهه جي رسالي جي ترتيب. تحقيق. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڇاپو پهريون، صفر 1394هه / مارچ 1974ع. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي حيدرآباد.
لطيف مخزن (ساليانو) 78-1977ع. ايل.ايم.سي. ڄامشورو. سرپرست. پروفيسر علي محمد انصاري. مک سرواڻ. پروفيسر عبدالغني صديقي، سيڪريٽري عبدالقيوم منصور ملڪ ۽ ايڊيٽر سليمان سولنگي. هي مخزن عبدالقيوم منصور ملڪ عارف برقي پريس حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرو ڪيو.
ڀٽائي (تحقيقي جرنل) جو پهريون شمارو وائيس چانسلر حميد سنڌيءَ جي دور ۾ جولاءِ 1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن تحقيقي جرنل جو نگران اعلى حميد سنڌي وائيس چانسلر شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور ۽ نگران پروفيسر رسول بخش شيخ ۽ ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ملڪ نديم ۽ اياز گل شامل هئا.
ڪتاب. پنج گنج. ليکڪ. قادر بخش بيدل، ترجمو ۽ سوانح. صوفي سبحان بخش. ڇپائيندڙ. شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه. 1976ع. هن ڪتاب ۾ جيڪي پنج پختن دليلن طور هر درجي جو مفهوم ۽ ماهيت کي روشن ڪن ٿا. تن جي وضاحت خود بيدل سائينءَ پنهنجن لفظن ۾ هن طرح ڪئي آهي.
پهريون دليل قرآن شريف مان موافقت رکندڙ آيت مبارڪ آهي.
ٻيو دليل صداقت سان ڀرپور حديث شريف آهي.
ٽيون دليل فيض ڀريل مثنوي معنوي جا بيت آهن.
چوٿون دليل وجد ڀريل شاهه صاحب ڀٽائي جو بيت آهي.
پنجون دليل راه هدايت ڏانهن ترغيب ڏيندڙ حڪايت ۽ بيان آهي.
هن ڪتاب ۾ شاهه صاحب جي بيتن ۾ سمايل معنى ۽ فڪر کي پروڙڻ لاءِ جيڪي پهريون ڪوششون ٿيون، تن ۾ بيدل سائين جو ڪتاب ”پنج گنج“ معياري حيثيت رکي ٿو.
برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ. ليکڪ. ذوالفقار علي ڪاتيار (ادبي نالو ٺٽوي ڪاتيار).
ڪتاب. سر سسئي معذور جو مطالعو. مرتب. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عيسوي ٻه سؤ چوويهين ٻارهي ( 1976ع ) ۽ هجري ٻه سؤ ايڪٽيهين ٻارهي (1396هه) جي موقعي تي منعقد ڪيل مڪالمي جي ڪار روائي. ڇپائيندڙ. شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه حيدرآباد سنڌ 1977ع، ڇاپو پهريون صفر 1397هه فيبروري 1977ع.
ناول، موٽي ماڳ نه آيا، ليکڪ. لعل بخش جماري عرف استاد لالڻ جهرڪائي. ڇاپو پهريون 1980ع. هن ڪتاب ۾ ليکڪ سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ کي سامهون رکي ناول لکيو هو.
ڀٽائي. شاهه سائينءَ جي 228هين ورسيءَ جي موقعي تي يادگار ڪتاب. 14. 15. 16 صفر 1400هه مطابق 3. 4. 5. جنوري 1980ع.
عربي زبان ۾ ترجمو الرسالة السيد عبداللطيف بتائي، سر ڪلياڻ جو سڀ کان پهرين عربي نثر ۾ ترجمو ڊاڪٽر فضل رحيم سومري ڪيو. جيڪو 1980ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر فضل رحيم سومري، شاهه سائينءَ جي مختلف سرن جو عربي نثري ترجمو ڪري 12 ڪتاب شايع ڪرايا هئا.
شاهه جي رسالي مان چونڊ انگريزي ترجمو Selections from the Risalo ، مترجم. جي. الانا. شاهه سائين جي 237هين عرس جي موقعي تي تعليم کاتو حڪومت سنڌ 1980ع ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب لاهوت لامڪان جو سفر نامو ”ڏونگر ڏوريو جن“ مصنف. حسين بخش ڪانهيو. سنڌ سماٽ پبليڪيشن قاضي احمد پاران 1985ع ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب ”شاهه قرآن جي روشنيءَ ۾“ ليکڪ. پروفيسر غلام عباس سريوال، نسيم بوڪ ڊيپو حيدرآباد، ڇاپو پهريون 1986ع. هن ڪتاب جو پيش لفظ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ 26 جنوري 1986ع ۾ لکيو.
انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ورثو“ Legancy of Bhitai Shah Abdul Latif ، مصنف. محمد بچل تنيو، آزاد ڪميونيڪيشن ڪراچي، ڇاپو پهريون، آڪٽوبر 1992ع ۾.
گجراتي زبان ۾ ڪتاب، شاهه عبداللطيف (جيون ۽ رهسيه درشن). ڊاڪٽر دشرٿ ڀائي ٺڪر ، 1992ع ۾ شايع ڪرايو.
عربي زبان ۾ ڪتاب ”بياد عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ مصنف. غلام مصطفيٰ دادوي. ڪتاب. الشاهه عبدللطيف بهتائي و منتخباة اشعاره، هن ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي مان 28 سرن مان چونڊ بيتن جو عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو شامل آهي. هي ڪتاب المرڪز العربي التوحيد، حيدرآباد طرفان 1992ع ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب. محبوب الشهداءِ (مخدوم عبدالرحمان شهيد کهڙائي) ليکڪ. مخدوم نديم احمد هاشمي. ڇپائيندڙ. مخدوم عبدالرحمان شهيد اڪيڊمي کهڙا. 2000ع.
اردو ۾ مقالن جو ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سوانح فڪر و فن“ مرتب. در محمد، جون 1999ع ۾، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي پاران شايع ٿيو.
ڪتاب، ”شاهه جا چونڊ شعر ۽ سندس مختصر سوانح حيات“مولانا محمد ادريس ڏاهري. هي ڪتاب 2001ع ۾ شايع ٿيو.
اردو ڪتاب ”لطف لطيفي“ مصنف. احسان عظيم صديقي. اڪيڊمڪ پبليڪيشن ڪوٽڙي 2004ع ۾.
اردو ڪتاب. آئينه جمال، مرتب. اياز لاکير، ڇپائيندڙ. ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، مئي 2006ع.
اردو ڪتاب، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي: شخصيت اور فن، ڊاڪٽر فهميده حسين، اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، ڇاپو 2008ع.
اردو ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي حيات و افڪار ، منظور احمد قناصرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو 2009ع.
اردو ڪتاب. شاهه ڪي جوگي، 2011ع ۾ شايع ٿيو.
سنڌ جون لوڪ آکاڻيون. ليکڪ. ڪنڪيڊ. سنڌيڪار. خديجه دائود پوٽو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2013ع. هن ڪتاب ۾ 14 آکاڻيون آهن.
ڪتاب. پرتوو (ڀٽائي ڊڪشنري) انور ڏنگڙائي، ڇاپو پهريون نومبر 2014ع ، ڇپيندڙ. انڊس ڪلچرل اينڊ لٽرري آرگنائيزيشن ايئرپور روڊ لاڙڪاڻو. هي شاهه جي رسالي جي الف. ب. وار لغت آهي، هن ڊڪشنريءَ ۾ لڳ ڀڳ پندرنهن هزار لفظ آهن. هن ڊڪشنريءَ جو ڇاپو ٻيو ايلسا قاضي پبليڪيشن پاران شايع ٿيو. هن ڇاپي ۾ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي ويهه هزار لفظن جي معنى ڏنل آهي.
اردو ڪتاب ”مودة القربيٰ اور شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ زوار عبدالستار درس. 2015ع ۾، اداره راهه حق اڪيڊمي حيدرآباد.
اردو ۾ لکيل ڪتاب ”ڪلام لطيف مير ، شرح حضور فقير“ ليکڪ . ابن الصديق محمد حضور بخش مجددي. 5 ربيع الاول 1437 هجري. ڊسمبر 2015ع. عربيه پبليڪيشنز ڪراچي.
The Poetry of Shah Abdul Latif Bhitai – A Sociological Research & Analysis, Researched & Written by Ali Murad Lajwani. First Edition 2016. Published by Shah Latif Foundation.
ڪتاب. ڀٽائي ڪوئيز (تقريرون بيت بازي). مخلص سنڌي. ڌرتي پبليڪيشن حيدرآباد 2017ع.
ڪتاب ”لغات لطيفي“ ڇاپو پنجون 2017ع.
انگريزي ۾ ڪتاب ”شاهه جي شاعري جي لغت“ ليکڪ.خليل الرحمان شيخ.
ڪتاب ”جامع لغات لطيف“ڊاڪٽر آفتاب ابڙو . جلد پهريون ڇاپو پهريون 2018ع. هن ڪتاب ۾ پنج سر، سر ڪلياڻ، يمن، کنڀات، بروو ۽ گهاتو ڏنل آهن.
ڪتاب ”ڦيرو ڪج فضل جو“ ڊاڪٽر محمد ابراهيم پنهور ، ڪنول پبليڪيشن قنبر 2019ع.
انگريز سرڪار ۽ شاهه عبداللطيف آف ڀٽ. ليکڪ. يوسف شاهين. پيڪاڪ پبلشرس ڇاپو پهريون 2019ع.
شاهه جو رسالو (الف. ب. وار. جديد ڏسڻيءَ سان گڏ) ترتيب ۽ تعليق. استاد لغاري، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 2020ع.
شاهه لطيف هڪ ڪامل انسان. ليکڪ. فدا حسين شيخ. مرڪ پبليڪيش. ڇاپو پهريون 2020ع.
اک الٽي ڌار . ڀاڱو ٻيو. (دنيا جي پهرئين فيمينسٽ شاعر شاهه لطيف جو الٽي اک سان اڀياس). ليکڪ. نذير سومرو. سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد. ڇاپو پهريون 2020ع.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو تقابلي اڀياس. مرتب. ڊاڪٽر اسحاق سميجو. ثقافت کاتو حڪومت سنڌ. ڇاپو پهريون سيپٽيمبر 2020ع.
ڪتاب. شاهه لطيف هڪ ڪامل انسان، فدا حسين شيخ، مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو پهريون 2020ع.
يادگار لطيف (حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 277هين عرس جي موقعي تي خاص اشاعت)، مرتب. اسلم پرويز جتوئي، ڇپائيندڙ. اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ، آڪٽوبر 2020ع.
ڪتاب. لطيف جي ڪلام ۾ وجود جو خلا. ليکڪ. حيدر علي لغاري. ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڇاپو پهريون اپريل 2021ع.
ڪتاب. ٻولي ٻجهارت، مينهون خان سوز بلوچ. ڇاپو پهريون 2021ع مرڪ پبليڪيشن ڪراچي.
بلوچي زبان ۾ ڪتاب. سيذ بهڻائي ايغ کلام. مترجم. اي. بي. لاشاري. ڇاپو پهريون. محڪمه دودور بيدغ، حکومت سندهه 2021ع..
ڪتاب. شاهه لطيف جون ست سورميون (قصا ۽ شاهه جي رسالي مان بيت) ليکڪ. ٻڍو لغاري، امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد، ڇاپو پهريون اپريل 2021ع. هن ڪتاب جو پيش محمود مغل. اڱارو 30 مارچ 2021ع.
شاهه جي شاعريءَ ۾ اصطلاحي عنصر (اصطلاح، ورجيسون ۽ محاورا). سهيڙيندڙ. انجنيئر عبدالوهاب سهتو. رومي پبلشرز حيدرآباد. ڇاپو پهريون فيبروري 2021ع. هن ڪتاب ۾ 17 مضمون مقالا ڏنل آهن.
ڪتاب. شاهه جو رسالو (ڇند وديا ۽ قافيه وار) محقق. محمد سومار شيخ. ثقافت کاتو حڪومت سنڌ. ڇاپو پهريون سيپٽمبر 2021ع.
ڪتاب. شاهه لطيف ڪا ڪاويه، مڻي شنڪر دويديءَ حيدرآباد ۾ رهڻ دوران لالچند جڳتياڻي ۽ ڄيٺمل پرسرام جي مدد سان شاهه لطيف جا 660 چونڊ شعر هنديءَ ۾ ترجمو ڪيا هئا.
ڪتاب. گلدستو. مضمون نويسي. ليکڪا. ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ. محمد موسى ڏيپلائي اڪيڊمي حيدرآباد. هن ڪتاب جي حصي پهرئين ۾ لطيف شناسيءَ تي 19 مقالا ڏنل آهن.
ڪتاب. شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس. ڊاڪٽر احمد سومرو، پيڪاڪ پبلشر ڪراچي، ڇاپو پهريون 2021ع.
شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس. ليکڪ. ڊاڪٽر احمد سومرو. پيڪاڪ پبلشرس. ڇاپو پهريون 2021ع.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو. تحقيق. ڊاڪٽر احسان دانش. پيڪاڪ پبلشرس. ڇاپو پهريون سيپٽيمبر 2021ع.
شاهه جا پارکو. محقق ۽ مرتب. مدد علي سنڌي. ثقافت کاتو حڪومت سنڌ. ڇاپو پهريون سيپٽمبر 2021ع.
لطيفيات جو تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو. ليکڪ. ڊاڪٽر شير مهراڻي. ثقافت کاتو حڪومت سنڌ. ڇاپو پهريون 2021ع.
شاهه جون وايون، تحقيقي جائزو (الف ب وار). تحقيق ۽ ترتيب. غلام شبير پيراهين. پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي سنڌ. ڇاپو پهريون سيپٽمبر 2021ع.
وِهُه ماکِي جي ڪن (ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس). ليکڪ. نور احمد جنجهي. ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد. ڇاپو پهريون 2021ع.
شاهه جي رسالي جا سرچشما. محقق. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. ثقافت کاتو حڪومت سنڌ. ڇاپو پهريون سيپٽمبر 2021ع.
عشق الاهي جو اعلى مقام (سر آسا جي نئين شرح لطيف جي روشني ۾ ). شارح. الحاج رسول بخش ڏيرو. سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. 2021ع.
اڻڇپيل ڪتاب. شاهه جي اٺين سورمي ( موکي ۽ متارا ) ليکڪ. نياز سرڪي.
شاهه لطيف جي ڪلام ۾ تصوف ۽ ويدانيت، قائم سولنگي، رومي پبليڪيشن حيدرآباد 2021ع.
ڪتاب. شاهه عبداللطيف ڀٽائي: سڄڻ سوڀارو ( 278هين عرس مبارڪ جي خاص اشاعت )، سيپٽمبر 2021ع.
ڪتاب. آيتون آهين ! تحقيق. تشريح ۽ تخريج، ڊاڪٽر صبغت الله ڀٽو، مهراڻ اڪيڊمي، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 2021ع. هن ڪتاب ۾ سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر بروو، سريراڳ، بلاول، پرڀاتي، ڪارايل، سر آبري، سر معذور، ديسي، ڪوهياري، سر راڻو، سر ڪاموڏ، سورٺ، پورب، رامڪلي، آسا، مارئي ۽ سر سهڻي، رسالي ۾ جملي 138 آيتون، 42 حديثون ۽ 30 عربي چوڻيون سهيڙي هر هڪ سر تي روشني وڌي وئي آهي.
سسئيءَ جي واٽ، تحرير ۽ تحقيق. گل حسن ڪلمتي ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڇپائيندڙ. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي، ڇاپو پهريون آڪٽوبر 2021ع.
ڪتاب. 2021ع I Saw my self joumcys with Shah Abdul Latif Bhittai, ، شبنم ويرماڻي انڊيا.
ڪتاب. جان ڪتين تان ڪت (لطيفيات)، ليکڪ. مٺل جسڪاڻي، امرتا پبليڪيشن حيدرآباد، ڇاپو پهريون، جون 2022ع.
ڪتاب. شاهه لطيف ٻولي، ادب ۽ فن، ليکڪ. ممتاز مصطفى ”دوست“، ڪنول پبليڪيشن، ڇاپو پهريون، آگسٽ 2022ع.
ڪتاب. شاهه لطيف جي شاعري ۽ موسيقي، ليکڪ سرمد چانڊيو، ڇاپو پهريون 2022ع، مرڪ پبليڪيشن ڪراچي (21 تحقيقي مقالا).
شاهه جو رسالو (انتخاب ننڍو گنج)، انتخاب ڪندڙ. ڊاڪٽر عبدالرسول قادري. هي رسالو شاهه سائين جي 279هين عرس تي شايع ٿيو.
ڪتاب. شاهه لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اهميت، ترتيب. مختيار احمد ملاح، ڇپيندڙ. ريکائون پبليڪيشن ڪراچي 2023ع.
شاهه جي رسالي جا دوها ۽ سورٺا، محقق. استاد لغاري، ڇاپو پهريون 2023ع.

ڪجهه ليکڪن جا مضمون ۽ مقالا

سڀ کان پهريائين شاهه لطيف جي سورمين تي باتصوير تنقيدي ڪتاب. شاهه جون سورميون 1944ع ۾ شايع ٿيو.
لطيف ٻاري جي 1946ع واري آخري پرچي ۾ مضمون. شاهه جا سورما، ايڇ. ٽي. دادلاڻي جو شايع ٿيو.
حافظ احمد جت وارو شاهه جو رسالو، محمد رحيم بلوچ، مهراڻ سالگره نمبر جنوري 1962ع.
شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو وڏو پارکو ۽ شارح، تحرير. علي نواز حاجن خان جتوئي 1986ع.
مضمون. گدائي جي شاعريءَ تي لطيف سائين جو اثر. فضل سومرو.
مضمون. 1. لطيف سائين جو ماهر راڳائي فقير محمد اسماعيل کاهوڙي. 2. لطيفي راڳ جون وايون. فقير حاجن نظاماڻي.
تحرير. مستل مزاجي ۽ شاهه لطيف جو پيغام. مبين سنڌي.
The concept of National Unity in the Poetry of Shah Abdul Latif Bhitai, Writer. Saeed Ahmed Soomro.
Intertextual Influence of the Mathnavi of Rumi on the Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai, Writer. Saeed Ahmed Soomro & Mubarak Ali Lashari.
انگريزي ٻوليءَ ۾ مقالو”Patriotic Element in the Poetry of Shah Abdul Latif Bhitai“ سعيد احمد سومرو.
انگريزي ٻوليءَ ۾ مقالو ”Concept of Shah Latif: From Metaphysics to Sufism“ڊاڪٽر غفور ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ناهيد ابرار.
مقالو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ٽنڊي جان محمد جي حدن ۾ گذر، زاهد ڪنڀار.
مضمون، شاهه صاحب جا ناري پاتر ، ليکڪا. ڪملا گوڪلاڻي، ورثو رسالو نمبر 4 : 1993ع.
مضمون، شاهه جي ڪلام جا ترجما. ليکڪا. ماهتاب اڪبر راشدي. مهراڻ 3 ـ 4 ـ 1994ع.
مضمون. شاهه لطيف جي سوانح جو گم ٿيل گوشو، ڪليم لاشاري، روزانه عوامي آواز ڪراچي، 19 آگسٽ 1995ع.
مقالو. تاريخي ماخذن جي روشنيءَ ۾ ماٿيلي وٽ پيش آيل واقعا ۽ جنگي معرڪا، رؤف پارس دايو.
مقالو. شاهه جي سر سهڻيءَ ۾ پنهنجي وجود تي اختيار جو تصور ۽ موجوده سماجي رويا، ڊاڪٽر حسين مسرت ۽ ڊاڪٽر ريحانه نظير.
مقالو. سر ڪيڏارو ۽ شاهه لطيف، الطاف حسين جوکيو.
مقالو، لطيف سائين جا بلوچستان ۾ يادگار آستان، ڊاڪٽر صابر بلوچ جو.
مضمون، ڀٽائيءَ جي ڀونءِ، خادم ٻگھيو.
شاهه لطيف جي ڪيل تاريخي ماڳن جي سير ۽ سفر جي روشني ۾ سندس ڪلام ۾ آيل لوڪ ڪهاڻين جو جائزو. ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو.
شاهه لطيف جا عشق، نور محمد ڦرڙو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ استعمال ٿيل ٿري لفظ، نصر الله ڏاهري.
شاهه جي ڪلام ۾ وحدانيت ۽ نهج البلاغه جا اهڃاڻ، قائم سولنگي.
بلها شاهه ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ شاعري جو تجزيو، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل.
اردو مضمون. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪَي بزرگ سندهه مين ڪَب آئَي اور ڪَيسَي سڪونت اختيار ڪِي. سيد غلام رضا لطيفي.
اردو مضمون. سندهه ڪَي مولانا روم: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ساجد حبيب ميمڻ.
سر سامونڊي ۾ وڇوڙي جا ورلاپ، ڪليم لطيفي، مهراڻ جنوري 1962ع.
الا جنگ جين جنين، گدا حسين بخاري.
مقالو. سر معذوري ۾ جانورن ۽ پکين جو ذڪر، سيد مبارڪ علي لکوي.
مقالو. بدين ضلعي ۾ شاهه جا راڳي، شوڪت علي.
مقالو. ٿر جا هنر ۽ ڀٽائيءَ وٽ انهن جي ساراهه، ڀارومل امراڻي سوٽهڙ، ڪاوش دنيا آچر 22 مئي 2022ع.
مقالو. شاهه لطيف ۽ پکي، ابوبڪر شيخ.
مضمون. بدين ضلعي ۾ شاهه جا ساٿاري، عبدالله ترڪ.
مضمون، شاهه جو رسالو ۽ آئون، فقير عبدالغفور الستي. سنگت پبليڪيشن ڊسمبر 2006ع ۾ شايع ٿيو.
مضمون، لطيف سائينءَ جو سر کنڀات، هدايت منگي.
انگريزيءَ ۾ مضمون، سنڌ اينڊ دي ميسيج آف شاهه، محمد ابراهيم جويو.
مقالو، سنڌ جا وهڪرا، ڀڙا ۽ کنڊر. ليکڪ. معمور يوسفاڻي.
مضمون، شاهه جي رسالي جي تصيح، سيد لطف علي شاهه منظور.
مضمون ”شاهه عبداللطيف عالم هو يا امي“ غلام حيدر چنا.
مضمون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ فلسفو. احمد علي صابر.
مقالو. 1. شاهه لطيف جي شاعري ۾ خودڪشي ڪندڙ مرد ڪردار. 2. شاهه لطيف جي شاعري ۾ گهڻين شادين جو تذڪرو ۽ عورت. 3. سهڻي کي به قتل ڪيو ويو هو. ليکڪ. دلشاد چاوڙو.
مضمون، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽ عورت جو مان ۽ مرتبو، سدا حيات جلباڻي، عبرت اخبار 8 مارچ 2021ع.
مضمون، شاهه لطيف جي پورهيت سورمي ڪاپائتي، سدا حيات جلباڻي.
مضمون، سنڌ ڀٽائي ۽ وڇوڙي جو ڦٽ، عاجز جمالي.
مضمون، سنڌ جو کارو ۽ شاهه لطيف، محمد خان جروار.
مقالو. ڪڇ ۽ ڪيٽي بندر جا جت ۽ شاهه لطيف، محمد خان جروار.
انگريزي ۾ مضمون، بريف هسٽري آف مومل جي ماڙي، غلام حسن بڙدي.
انگريزي ۾ مضمون، مومل جي ماڙي، ايس. اختر بلو.
مضمون شاهه جي ڪلام ۾ توحيد جو رنگ، حنا عمير .
مقالو. انگريز سرڪار ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، يوسف شاهين.
مقالو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ حوصلي، همٿ ۽ محنت جو ذڪر، ڊاڪٽر الهه وسايو سومرو.
مقالو. شاهه جي رسالي جي لغتن، معنائن وارن رسالن، سُرن ۽ ٻوليءَ جي ڪتابن ۽ لغوي مقالن ۽ مضمونن جو ببليوگرافيائي مطالعو، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو.
مضمون. سُرندو، جنهن جي سُرن تي راءِ ڏاياڇ پنهنجو سرُ گهوري ڏنو، وسيع الدين جوڻيجو.
مضمون. جو مڙين جو مهندار، سوئي سڄڻ ميڙيئين. فقير علي ڏنو نظاماڻي.
سڄڻ ساهه پساهه ۾. فقير حاجن نظاماڻي.
شاهه لطيف جو واپار لاءِ ويچار. ڊاڪٽر سليمان شيخ.
سائينءَ جو سنيهو. شبير ڪنڀار.
1. شاهه لطيف جي تخليقي ڪيفيت ۽ قوت. 2. شاهه لطيف جي مزاج ۾ بيچيني ۽ اداسي. 3. شاهه لطيف جو ادب بابت تصور. ڊاڪٽر احمد سومرو.
شاهه جي رسالي ۾ توحيد تي چيل بيت. تنوير آرائين.
مقالو. 1. سسئيءَ جو پنهنجي عشق تي يقين. 2. لطيف سائين اسان کي ڪيئن ڏسڻ ٿو چاهي ؟ 3. لطيف سائينءَ جا عشق. نذير سومرو.
شاهه لطيف ۽ ڀائي چئن راءِ ساميءَ جي شاعريءَ ۾ هڪجهڙايون. ڊاڪٽر نواز علي شوق.
شاهه لطيف ۽ سلطان باهوءَ جي ڪلام جو جائزو. طارق عزيز شيخ.
مضمون. سر مارئيءَ ۾ ڪم آيل اصطلاح. ليکڪ. ڊاڪٽر غلام قادر سومرو.
مضمون. سر مومل راڻو ۾ محاورن جو استعمال. ليکڪ. احمد خان ڪيريو.
مضمون. ڀٽ ڌڻي، آمري ۽ پراڻ، ليکڪ. زاهد ڪنڀار.
مقالو. شاهه جي زبان. ليکڪ. ”سرشار“ الحاج الهه بخش عقيلي.
مقالو. هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ. ليکڪ. ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ.
مقالو. شاهه صاحب جي شاعريءَ اندر رياضي اصطلاح. محقق. اعجاز احمد ميمڻ.
مقالو. ڊاڪٽر بلوچ جي جوڙيل روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس، ليکڪ. رياضت ٻرڙو .
مقالو. سر رپ ۾ اصطلاح ۽ چوڻيون. ليکڪ. نياز سرڪي.
مقالو. سر ڪاموڏ ۾ آيل اصطلاح. ليکڪ. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو.
مقالو. شاهه عبداللطيف تاريخي ڪردار. تاج جويو. 24 جولاءِ 1994ع. عبرت اخبار .
مقالو. تصوف: رومي، لطيف ۽ اقبال جي نظر ۾، فدا جتوئي.
مقالو. تذڪره لطفي جو تحقيقي اڀياس. ليکڪ. علي نواز آريسر.
مقالو. شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جون فڪري آراڌائيون، ليکڪ.هوش محمد ڀٽي / ڊاڪٽر تهمينه مفتي.
مقالو. شاهه لطيف جي سر سهڻيءَ ۾ پنهنجي وجود تي اختيار جو تصور ۽ موجوده سماجي رويا، ليکڪ. ڊاڪٽر حسين مسرت / ڊاڪٽر ريحانه نظير.
اردو مقالو. شاهه لطيف اسوه حسنه ڪا پرچارڪ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
اردو مقالو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي: ايڪ عظيم صوفي شاعر، سڪندر علي چنا.
اردو مقالو. لطيف ڪا مردِ مومن، اياز لاکير.
اردو مقالو. شاهه لطيف ڪِي شاعري ۾ دعائون ڪَي ترشح، جميل احمد خاصخيلي.
اردو مقالو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪِي شاعري ۾ آنکهون ڪا ذڪر، بخت علي سانگي.
1. هوند جنين سين هوءِ، هوت نه هوندو تن سين. منير ڊومڪي.
2. مضمون. لطيف وٽ چپ رهڻ جو تصور. پروفيسر منير ڊومڪي.
3. آسر هڏ مَ لاهه ڇنڻ ڳنڍڻ ان جو !. پروفيسر منير ڊومڪي. ڪوشش 16 نومبر 2021ع.
1. پاڻيءَ مٿي پير ڪين ڪڙڪيا پيرئين. 2. عبداللطيف ڀٽائيءَ جي کاهوڙي تحريڪ، 3. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ بلاولي تحريڪ جا هيروز، سرويچ مجاهد فتاحي.
شڪارپور ۾ ڀٽائيءَ جا پيرا، حسام ميمڻ.
مقالو. شاهه لطيف ترائيءَ ۾ : تنقيدي مطالعو، آزاد قاضي.
شاهه جا شيدائي، ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ.
شاهه جو رسالو ڍاٽڪي ترجمي تي هڪ تنقيدي نظر، پروفيسر عبدالغفار دائود پوٽو.
مضمون. شاهه جي شاعريءَ جا امر اهڃاڻ، همير چانڊيو.
جامع لغات لطيفي جو تنقيدي جائزو، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، مئگزين نئين آس ڪراچي، مئي. جون 2021ع.
مضمون. لطيفي لات ۽ نفي، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، نئين آس. ڪراچي سيپٽمبر. آڪٽوبر 2021ع.
مضمون. نه سي وونئڻ وڻن ۾، مٺل جسڪاڻي، نئين آس. ڪراچي سيپٽمبر. آڪٽوبر 2021ع.
اردو مضمون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي الهياتي محبت ڪا استعاره، محمد حنيف صديقي.
اردو مضمون. لعل لطيف اور راگ راگنيان، محمد سميع الله. ماهنامه اظهار، سيپٽيمبر 2021ع.
اردو مضمون. شاهه لطيف ني اپني سماج ڪا تجزيه ڪيا، شاهه محمد مري.
مقالو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي: سڄڻ سوڀارو، سيد ذوافقار علي شاهه.
شاهه سائينءَ وٽ فنڪار جو مقام، اقرار پيرزادو.
سِر ڍُونڍيان، ڌڙُ نه لهان، غلام رسول چانڊيو.
ڪڙهن ڪين قلوب ۾، پروفيسر محمد هنڱورجو.
ڀٽائي ۽ ڪبير، نور احمد جنجهي.
مضمون. شاهه لطيف جا ازدواجي تعلقات، ڊاڪٽر احمد سومرو.
مقالو. جوڳين واري ڀٽ تي مائي ڄامان جي جوڙايل مسجد جنهن تي ڀٽائي به شاعري ڪئي. استاد لغاري.
ڀٽائيءَ جي بيتن جون غير منطقي سمجهاڻيون، محمد اسلم ڀٽو.
ڀٽائي انسانذات لاءِ عظيم سونهون، مينهون خان سوز بلوچ.
لطيف اڄ جو شاعر، اسحاق سومرو.
اردو مضمون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهل بيت اور امام حسين ڪا سچا عاشق، اطهر بيگ.
اردو مضمون. شاهه ڪا وحدةالوجود ڪا نظريا اور طريقت، افسانه بدر.
مضمون. سنڌ جو تاريخي ۽ اهم قصو مورڙو ۽ مڇ. پروفيسر گل محمد سومرو.
شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو. جي. ايم. لاڙڪ.
مقالو. سهڻيءَ جو نفسياتي اڀياس. ڊاڪٽر غفور ميمڻ. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران ڪوٺايل گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ 6 جنوري 2022ع تي پڙهيو.
مقالو. شاهه لطيف جي هڪ بيت بابت ويچار، شاهه لطيف ڪڇ ويندو رهندو هو . ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڪاوش دنيا، آچر 23 جنوري 2022ع.
مضمون. روحاني راز سر مارئي. آزاد عبدالحميد جت. روزاني چنڊ نيوز 4 فيبروري 2022ع.
رفيق آس لغاري، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ساٺ ۽ سنوڻ واري موضوع تي تحقيق ڪئي آهي.
شاهه لطيف جو سر سارنگ، علي نواز مهراڻي. روزاني آجيان شڪارپور، آچر پهرين مئي 2022ع.
مضمون. ڀٽائي اسان جا ته ڀاڻا ٻڏي ويا، بخشڻ مهراڻوي، ڪاوش دنيا، آچر 11 سيپٽمبر 2022ع.
مقالو. سرتيون سڄي سڃ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڪاوش دنيا، آچر 11 سيپٽمبر 2022ع.
ڀنڀوران ٻهر ٿي، مون جي سڏ ڪِئا. استاد لعاري.
درسگاهه سِريواري: جتي ڀٽائي صاحب ٽي راتيون ٽڪيو، استاد لغاري. ڪاوش دنيا آچر 10 اپريل 2022ع.
ڀٽائي سائينءَ وارا ڪن پٽ، ڪاپٽ، ڪن وٽيا، ڪن چير. تولا رام سوٽهڙ.
ميون شاهه عنات رضوي، شاهه عنايت شهيد، عنايت ڏيرو، ٽي نالي ڀائي شاهه لطيف جا همعصر شاعر. شاد شڪور ڇٽو.
جديد دور جي گهرجن پٽاندڙ شاهه جي ڪلام جي ڊجيٽلائيزيشن، محمد سليمان وساڻ.
متارا وڏي ظرف وارا، محمد اسلم ڀٽو.
مقالو. شاهه لطيف وٽ انا جي خاتمي جو اصول، نور احمد ميمڻ.
ڊاڪٽر محمد عالم سومري جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جو جائزو، محمد هنڱورجو.
سر سارنگ جو حسن، جاويد حسين بوزدار.
موسيقي ۽ لطيف بطور هڪ نائڪ ياگنڌروا، ليکڪ. ڪلال، ڪاوش دنيا آچر 8 جنوري 2023ع.
مضمون. منهنجي امان، لطيف سائين واري مارئي، آصف ڪنڀر، ڪاوش دنيا، آچر 14 مئي 2023ع.
ڀٽائي جي ٻولي، علي نواز مهراڻي، سلسليوار سارنگ ادبي مخزن، نومبر. ڊسمبر 2022ع.
مقالو. ٿر جون نديون: هيڪ نه پسان هاڪڙو، ڀارومل امراڻي سوٽهڙ، ڪاوش دنيا، آچر 25 ڊسمبر 2023ع.
مقالو. شاهه سائين ۽ وسيلو. اياز هاشم ڀٽو.
شاهه لطيف جي ڪوتا ۽ موسيقي جهڙو من. (مهاڳ جو عنوان) هيرو ٺڪر.
مضمون. شاهه جو ٿورو ذڪر. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.
مقالو. لوڪ ادب جي صنف گرو چيلي جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس، غلام علي آريسر.
مقالو. هنگلاج تيرٿ. ليکڪ. جگديش راٺي.
مقالو. شاهه جو رسالو شايع ڪرائڻ ۾ انگريز تعليمي عملدار جو ڪردار. امر سنڌو.
مقالو. محبت جي شاعرن. جان ڊن ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو. شبنم گل.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي چونڊ انگريزي ترجمن جو مختصر جائزو، محمد حبيب سنائي.
ڀٽائي ۽ سنڌ، پروفيسر عبدالله ملاح.
شاهه لطيف جي سر سهڻي ۽ موسيقيت، طارق عزيز شيخ.
ڀٽائي سائين جو اتر سنڌ جو سفر، مختيار شاهنوازاڻي، ڪاوش دنيا 12 جولاءِ 2022ع.
مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس، ڊاڪٽر ذوالفقار علي جلباڻي، ماهوار مئگزين همسري حيدرآباد، ايڊيٽر، زاهده ابڙو، فيبروري 2023ع.
مقالو. 1. ڀٽائيءَ جي رسالي جا قديم نسخا ۽ مدد علي سنڌيءَ جو ڪيل تاريخي ڪم. امر سنڌو.
شاهه جو رسالو شايع ڪرائڻ ۾ انگريز تعليمي عملدارن جو ڪردار. امر سنڌو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي حياتي ۽ شاعريءَ جو مطالعو (تبصرو) ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو. ڪاوش دنيا، آچر 4 جون 2023ع.
مضمون. شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ نصيحتون، غلام محمد ڀٽي، روزاني آجيان، اڱارو 22 آگسٽ 2023ع.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا تبرڪات، راهب لاڙڪ، روزاني آجيان شڪارپور، اربع 23 آگسٽ 2023ع.
لطيف وٽ عاشقاڻي احساس جي انتها، ايوب کوسو.
سسئي آبري، همت ۽ حوصلن جو داستان. گلشن سنڌو.

شاهه سائينءَ سان عقيدت جو اظهار

1.الفت عبداللطيف جي اندر ڪئي اوطاق،
تاڙيون ڏيئي طاق، جانب ويٺو جيءَ ۾.
2.آءُ بدن ڀٽ ڌڻي جو، پاڻ منهنجو پساهه،
ڄاڻي هڪ الله، ته رتي ناهه روات جي.
راضي فقير.
شعر آهي شاهه جي خود زندگي اسرار آهه،
شاعري پوشاڪ مان پيغمبري اظهار آهه .

شاهه جي هستيءَ کان پائي شان ٿي خود شاعري،
شاهه جي ڪامل ڪلامي هر صفت ٽمٽار آهه .
ڪشنچند بيوس.
شاعرن جو سنڌ ۾ سردار شاهه عبداللطيف،
اوليائن ۾ به نروار شاهه عبداللطيف.
مرزا قليچ بيگ.
ڪافي، ٿلهه : منهنجو پيارل پير آهي ڀٽ ڌڻي،
واهرو سو وير آهي ڀٽ ڌڻي.
محمد هاشم سائل لاکو.
دماغ کي ٿو تراوت ڏئي پيام لطيف،
پيئي ٿو روح به آبِ زلال جام لطيف،
لطيف آهه سڄو رازُ طالب المولى،
صدا سروش جي مضمر تهِه ڪلام لطيف.
مخدوم محمد زمان طالب المولى.
ڀٽائي بادشاهه ! ابيات تنهنجا آيتون بيشڪ،
مگر جيڪو پڙهي پرجهي ۽ سمجهي جان سان لائي،
اسان سنڌي سٻاجهن ان صحيفي کي کڻي حب سان،
رکيو آ ريشمي رومال ۾ ويڙهي ٺپي ٺاهي !
مقول احمد ڀٽي.



سهسين سج لطيف ۽ سچل سهسين چنڊ،
جن مان پنجيئي کنڊ، کڻندا رهندا روشني.
شيخ اياز.
قدرت هر قوم کي هادي ۽ رهبر موڪليو،
جڏهن سنڌ جو وارو آيو ته لطيف جي چيچ جهليائين.
مڌر ايلسا قاضي.
شاعر پنهنجي شاهه تان، گهڻو ئي گهوريان،
گفتا هن گڻوان جا، چِت اندر چوريان،
تڪيا ۽ توريان، لک سان لفظ لطيف جو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو.
اي سخن جا تاجدار ، اي شاعرِ شيرين بيان،
تنهنجي دم سان ئي ته قائم آهي هيءَ سنڌي زبان .
مظفر حسين جوش.
سيد حبيب شاهه جو دلبر لطيف هو،
ڪامل ولي ۽ مرد قلندر لطيف هو.

چشم و چراغ سيد قدوس جو چوان،
صدف جمال شاهه جو گوهر لطيف هو.
مرزا گل حسن احسن ڪربلائي.
شاهه سائينءَ کي پنهنجو سونهون سمجهي ڪهڙي شاعر چيو ته:
لطيف هوندي ڪهڙو ڀؤ ـ ـ سورج هوندي ڪهڙو انڌ .
امداد حسيني.
مبارڪ اسان وٽ جو آيو ڀٽائي،
سبق عشق وارو پڙهايو ڀٽائي.
اقبال شينو.
دنياء شاعريءَ جو اڳواڻ آ ڀٽائي،
اهل سخن جو سهڻو سرواڻ آ ڀٽائي.
غلام مصطفى مشتاق.
سنڌڙيءَ جو سرتاج ولي ۽ سرور شاهه ڀٽائي آ،
علم ۽ حڪمت جي درياء جو گوهر شاهه ڀٽائي آ.
حبيب سومرو.

تنهنجي قدمن ۾ پيو آهيان،
مون کي ڀاڪر پاءِ ڀٽائي،
مون کي سيني لاءِ ڀٽائي.
انور علي انور
شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ تنهنجي آ واکاڻ ڀٽائي،
غزلن ۽ واين جو تون آن مهراڻ ڀٽائي.
سلطان کوکر.
شاعرن ۾ سنڌي ٻوليءَ، جو ادارو آ لطيف،
ترجمي ۾ پيش ڪيو، قرآن سارو آ لطيف.
عاجز رحمت الله لاشاري.
علم ادب فهم جو گوهر لطيف آهي،
جانثارن ۽ جوڌن جو، جوهر لطيف آهي،
قرب ۽ محبت جو ڪڪر لطيف آهي،
دنيا جي شاعرن جو رهبر لطيف آهي.
مصري خان مخمور مهيري.
اعلى تنهنجو شان ڀٽائي،
حق سچ جو اعلان ڀٽائي،
محبتن جو ميدان ڀٽائي،
ظالمن لاءِ طوفان ڀٽائي.
ڪريم عباسي.
هٿ ۾ شاهه جو رسالو هوندو،
سارو ديس اجالو هوندو،
منهنجي ثقافت ناهي مرڻي،
جيسين هو جمالو هوندو.
ساجد زخمي چانڊيو.
اسان من پنهنجي ۾ سمايو ڀٽائي،
منزل تي آهي پڄايو ڀٽائي.

لڳل جنهنجي من ۾ اها تار آهي،
سبق جيڪو حق جو پڙهايو ڀٽائي.
ديدار شاد گوپانگ.

ڪل جهان جي شاعرن جو رهنماءُ ڀٽ شاهه ۾،
آ ستل سنڌي زبان جو، پيشوا ڀٽ شاهه ۾.
محمد سومار وفا ڀٽ شاهي.
او لطيف سرڪار تنهنجي مان فقيرياڻي آهيان،
تون خالي جهولي ڏي ڀري مان بيٺي درگاهه ۾ آهيان.
حسينه لغاري.
”شاهه جي شعر سان نينهن جو ناتو، محبت منجهه مستان،
شاهه جي شعر کي ڳوليندو، ڀلي جرمن هجي يا جاپان.“
استاد قادر بخش ميمڻ. ”قلندر“
لطيفي سبيل، صدقو پياس شبير جو. قيامت جي ڪاڙهي جو،
وارث سو وسيل، لطيف لال حسين جو، جنهن ۾ داخل ناهه دليل،
فقير قربان علي آزاد.
ڏئي ڏير ويا اٿم ڏاج ڏونگر،
آيو سر تي سرتيون سخت سفر.
پير علي بخش شاهه علڻ ڀٽائي (ولادت 1871ع ۽ وفات 1933ع ۾).
جهڙا تنهنجا بيت هي، تهڙي هر وائي،
بيشڪ ڀٽائي، تو جهڙو ٻيو ناهه ڪو.
ادل سومرو. 19 جنوري 2021ع. ڀٽ شاهه.
لطيفي لات آ مون ۾، تنبوري جي تنوار آهيان،
سڏيندا لوڪ ادب آهن، ڪندو مارن سان پيار آهيان.
عاجز رحمت الله لاشاري.
شاعرن جو سردار تون، مشاعرن ۾ مهدار تون،
هر محفل ۾ تنهنجي تات، واهه لطيف تنهنجي لات.
خاڪي ربڏنو خاصخيلي.

سنڌڙيءَ جا ٿيا ڀاڳ ڀٽائي،
مهڪايا تو ماڳ ڀٽائي،
لوڪ سمورو ڳائي ويٺو،
هر جاءِ تنهنجا راڳ ڀٽائي.
معشوق محسن ابڙو.

شاهه سائين جي نالي سان وابسته عرس، ڏهاڙن ۽ ڪانفرنسن بابت

سوال: ڀٽ شاهه تي 1928ع کان راڳ جي محفل ڪنهن شروع ڪرائي؟
جواب: سيد ميران محمد شاهه (حوالو، سووينئر گولڊن جوبلي 2005ع).
سوال: ڇنڇر 13 صفر 1351هه تي شاهه سائينءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي سائين جي. ايم. سيد ڪهڙي عنوان تحت بيت پڙهيا؟
جواب: شاهه صاحب جو سوز.
سوال: سيد ميران محمد شاهه ۽ سائين جي. ايم. سيد ڪهڙي تاريخ کان ڀٽ شاهه تي پهريون ڀيرو عرس جي تقريب شروع ڪئي؟
جواب: 18 جون کان 22 جون تائين 1932ع ۾.
سوال: شاهه ڀٽائيءَ جي ساليانه ورسي ملهائڻ جو رواج ڪهڙي اداري وڌو؟
جواب: سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يادگار ڪائونسل.
سوال: شاهه سائين جي عرس جي موقعي تي ڀٽ شاهه ۾ ”ادبي ڪانفرنس“ جو بنياد ڪنهن وڌو؟
جواب: سيد ميران محمد شاهه 1932ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪائين عرس مبارڪ جي موقعي تي ”لطيف يادگار ڪاميٽي“ جو سڀ کان وڏو ادبي اجتماع ٿيو هو؟
جواب: شاهه سائين جي ٻه سو پهرين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: شاهه سائينءَ جون ورسيون ڪهڙي سال کان باقاعدي ذوق شوق سان ملهائڻ شروع ٿيون؟
جواب: 1940ع کان. (ڪتاب. املهه موتي. ص. 29. )
سوال: مولوي عبدالڪريم چشتيءَ، 1946ع ۾ شاهه سائينءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪهڙي عنوان تحت تقرير ڪئي؟
جواب: شاهه ڀٽائيءَ جو شاهانه ڪلام.
سوال: شاهه سائينءَ جي سالگرهه سرڪاري طور تي ڪڏهن ملهائي وئي؟
جواب: آڪٽوبر 1954ع ۾.
سوال: شاهه لطيف جي ورسي پهريون ڀيرو دهليءَ ۾ ڪڏهن ملهائي وئي؟
جواب: آڪٽوبر 1955ع ۾. (حوالو، ماهوار سنڌيا. سيپٽمبر 2016ع ).
سوال: ”شاهه عبداللطيف يادگار ڪائونسل“ ڪهڙي سال کان ڪيستائين ڀٽ تي ادبي ڪانفرنسون ڪندي رهي؟
جواب: 1951ع کان 1960ع تائين.
سوال: سنڌ يونيورسٽيءَ جي حال ۾ هڪ ڏينهن جي ادبي ڪانفرنس ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ منعقد ڪئي وئي؟
جواب: 16 سيپٽمبر 1960ع ۾.
سوال: لطيف يادگار ڪاميٽيءَ پاران ڀٽ شاهه ۾ شاهه لطيف جي چوٿين ادبي ڪانفرنس جو انتظام ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: الحاج سيد ميران محمد شاهه 1953ع ۾.
سوال: ”شاهه عبداللطيف يادگار ڪائونسل“ ادبي ڪانفرنسن ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل ڪل ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟
جواب: ڪل 7 ڪتاب.
سوال: پاڪستان جي حڪمرانن مان پهريون ڀيرو ڪهڙي حڪمران شاهه سائينءَ جي مزار تي چادر چاڙهي هئي؟
جواب: صدر محمد ايوب خان.
سوال: ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان محترم اي، ڪي بروهيءَ يومِ لطيف جي موقعي تي انگريزي ٻوليءَ ۾ ”دي پوئٽري آف شاهه عبداللطيف“ جي عنوان سان تقرير ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ سال ۾ ڪئي؟
جواب: 23 آڪٽوبر 1954ع ۾ .
سوال: ڪهڙي سال شاهه جي ميلي جي موقعي تي سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي، ان ڪري ادبي ڪانفرنس ڀٽ شاهه تي منعقد نه ٿي سگهي هئي؟
جواب: 1955ع ۾. اها ڪانفرنس گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جي احاطي ۾ ٿي.
سوال: سنڌ ۾ پهريون ڀيرو لطيف جي ميلي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو هو؟
جواب: وزير اعليٰ سنڌ عبدالستار پيرزادي، 15 آڪٽوبر 1954ع ۾ شاهه جو عرس 201.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪائين عرس جي موقعي تي پهريون دفعو قادر بخش ۽ سندس ساٿين مرلين ۾ شاهه جي لئي ۽ ان سان گڏ مرليءَ جي ڌمال ۽ لهرا پيش ڪيا؟
جواب: شاهه سائينءَ جي ٻه سؤ پهرئين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: 1955ع ۾ ادبي ڪانفرنس ڀٽ شاهه بدران حيدرآباد ۾ ٿي، ان ڪانفرنس جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: محمد ايوب کهڙي، ان وقت جو وڏو وزير.
سوال: ڪهڙي سال شاهه لطيف ادبي ڪانفرنس گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جي احاطي ۾ ڪرائي وئي؟
جواب: 1955ع ۾.
سوال: پهرين آڪٽوبر 1956ع تي نواب شاهه ۾ ”محفل لطيف“ نالي سان شاهه سائينءَ جي، ڪائين ورسيءَ جو جلسو ٿيو؟
جواب: 204 ساله ورسيءَ جو.
سوال: ان جلسي جي صدارت ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: قاضي فيض محمد ڪئي.
جواب: گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد 28 آڪٽوبر 1956ع ۾.
سوال: 28 آڪٽوبر 1956ع ۾ ”يوم لطيف“ ملهايو ويو ان جي صدارت ڪنهن ڪئي؟
جواب: سيد ميران محمد شاهه.
سوال: مون شاهه لطيف جي پانڌياڻيءَ کي ناحق ماريو اٿو ! شل توهان جا چپ ڪنڌ چٻا ٿين، هي لفظ ڪنهن چيا هئا؟
جواب: مائي ٿڌي.
سوال: ڪهڙي قبيلي وارا ڀٽائي جي بيتن سان نڪاح پڙهائيندا آهن؟
جواب: لا دين قبيلو ”شڪاري ڀيل“ کپري ۾ اڇڙي ٿر جي ڪنڌيءَ تي آباد.
سوال: ڪهڙو شخص ست سال هر جمعي جي رات پيرين پيادو شاهه سائين جي درگاهه تي حاضري ڀريندو هو ۽ راڳ ٻڌندو هو؟
جواب: دريا خان گهانگهرو.
سوال: ڪهڙي سال لاهور ۾ شاهه سائينءَ جي پهرين ورسي ملهائي وئي؟
جواب: آگسٽ 1959ع ۾ قاسمو پوليٽن ڪلچرل سوسائٽي پاران.
سوال: شاهه لطيف جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ۾ ”شاهه تي تحقيق“ جي عنوان سان صدارتي خطبو ڪنهن ۽ ڪهڙي سال ڏنو هو؟
جواب: پير حسام الدين راشدي، 1961ع ۾.
سوال: 1961ع ۾ ڪهڙي عيسوي تاريخ تي سنڌو نگر ۾ سنڌي ساهتيه پاران شاهه سائينءَ جي ورسي ملهائي وئي؟
جواب: 6 آگسٽ تي.
سوال: لطيف هال نوابشاهه ۾ شاهه سائينءَ جي 210هين ورسي ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ سال ۾ ملهائي وئي؟
جواب: 8 ڊسمبر 1962ع ۾.
سوال: 1967ع ۾ ڀٽائي جي ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ هي بيت ڪهڙي سگهڙ پڙهيو هو؟
ڀٽائي تي بهار ڏٺم، عجب ميلو اسرار ڏٺم،
اسٽيج تي اوج ڏٺم، ڪرسيون گهڻا ڪوچ ڏٺم،
جواب: سگهڙ محمد صادق ٿهيم.
سوال: 1967ع ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ سگھڙ محمد صادق ٿهيم ڪيترا بيت پڙهيا هئا؟
جواب: 24 بيت.
سوال: ڪهڙي سال کان لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ سر وار مقالا پڙهڻ جو رواج پيو؟
جواب: 1969ع.
سوال: شاهه سائينءَ جي 219هين ورسي ڪهڙي تاريخ کان شروع ٿي هئي؟
جواب: 11 اپريل 1971ع کان .

سوال: شاهه سائينءَ جي 219هين ورسيءَ جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: جناب نصرت حسين، 11 اپريل 1972ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي 220هين ورسي جي تقريبن جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: مير رسول بخش خان ٽالپر، 30 مارچ 1972ع ۾.
سوال: سگا پاران اپريل 1977ع ۾ ”يوم لطيف“ پروگرام ڪٿي منعقد ٿيو؟
جواب: پاڪستان نيشنل سينٽر ڪراچي.
سوال: ڪهڙي سال سگا پاران سنڌ حڪومت جي وزير اطلاعات ۽ روينيو جناب مير هزار خان بجاراڻي کان مطالبو ڪيو ته، شاهه سائين جي عرس مبارڪ جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل ڪئي وڃي؟
جواب: 1977ع ۾.
سوال: اسلام آباد ۾ شاهه عبداللطيف ڪميونٽي سينٽر جو قيام ڪڏهن عمل ۾ آيو؟
جواب: 1996ع کان سگا اسلام آباد شاخ ۽ سگا مرڪز جي ساٿين گڏجي ڪوششون ورتيون.
سوال: سگا پاران شاهه جي ساڃاهه جي سري هيٺ هفتيوار ادبي ليڪچر ڪڏهن ۽ ڪٿي شروع ٿيا؟
جواب: 24 جنوري 2002ع کان مظهر ريسورس سينٽر رمپا پلازا ڪراچي ۾.
سوال: سگا پاران، شاهه. سچل، سامي امن ليڪچر پروگرام ڪڏهن منعقد ٿيو؟
جواب: 18 کان 20 مارچ 2005ع ۾ ڪراچي.
سوال: سگا ڪهڙي سال کي ”لطيف جو سال“ ڪري ملهايو؟
جواب: 1978ع کي.
سوال: سگا پاران 8.7.6 اپريل 1978ع تي سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ پهريون ڀيرو شاهه سائينءَ جي فن ۽ فڪر متعلق تقريرون، مقالا ۽ موسيقيءَ جو پروگرام ڪرايو ويو؟
جواب: ڪراچي شهر ۾ .
سوال: سگا پاران ڊسمبر 1978ع جي آخري لطيف ڪانگريس ڪهڙي شهر ۾ ڪوٺائي ويئي؟
جواب: سکر شهر ۾.
سوال: سگا پاران 31 ڊسمبر 1978ع ۾ ڀٽ شاهه تي لطيف ڪلاس جو افتتاح ٿيو ته ان پروگرام ۾ لطيف شناسيءَ تي پهريون ليڪچر ڪنهن ڏنو هو؟
جواب: مولانا غلام مصطفى قاسمي.
سوال: جمع 22 سيپٽمبر 1978ع ۾ ڪميونٽي سينٽر آب پارا، اسلام آباد ۾ لطيف ڪانگريس جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: جناب فدا محمد خان، وفاقي وزير هائوسنگ ۽ ورڪس.
سوال: 22 سيپٽمبر 1978ع ۾ ڪميونٽي سينٽر آب پارا (اسلام آباد) ۾ رات جو لطيفي راڳ جي محفل جي صدارت ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: جناب الحاج مير علي احمد خان ٽالپر، وفاقي وزير دفاع.
سوال: 22 سيپٽمبر 1978ع ۾ اسلام آباد ۾ لطيف ڪانگريس جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: فدا محمد خان.
سوال: 29 ڊسمبر 1978ع تي سکر ۾ سنڌ گريجوئيٽس پاران لطيف سال جي اختتام جي موقعي تي ڪهڙي شخص تقرير ڪئي هئي؟
جواب: سائين غلا مصطفيٰ شاهه.
سوال: شاهه سائين جي 228 هين ورسيءَ جي موقعي تي پهرين ڏينهن واري محفل جو مهمانِ خاص ڪير هو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: شاهه سائين جي 228 هين ورسيءَ جي موقعي تي اديبن ڪهڙي سر تي مقالا پڙهيا؟
جواب: شاهه جي شاعري ۽ سر مومل راڻو.
سوال: شاهه سائين جي 228 هين ورسيءَ جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪنهن ڪئي؟
جواب: سيد قطب علي شاهه حسيني.
سوال: شاهه سائين جي 228 هين ورسيءَ جي موقعي تي محفل موسيقيءَ جي ٻئي ڏينهن واري پروگرام جي صدارت ڪنهن ڪئي؟
جواب: جناب، جي. الانا صاحب.
سوال: شاهه سائين جي 228 هين ورسيءَ جي موقعي تي شاهه جو ڪلام بهترين انداز ۾ ڳائڻ جو انعام ڪنهن کي ڏنو ويو؟
جواب: پهريون انعام مائي ڀاڳي کي اجرڪ ۽ ٻيو انعام محمد يوسف کي (جناب علي احمد بروهي هٿان).
سوال: شاهه سائين جي 228 هين ورسيءَ جي موقعي تي ڪهڙي شخص سنڌي اجرڪ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي سوکڙيءَ طور ڏنا؟
جواب: سنڌ جي مشهور ڪاريگر الهڏني کٽيءَ.
سوال: شاهه سائينءَ جي 228 هين ورسيءَ جي موقعي تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد پاران ڪهڙو يادگار ڪتاب شايع ٿيو؟
جواب: ڪتاب، ڀٽائي. جنوري 1980ع / 1400هه ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪائين ورسي جي موقعي تي پهريون ڀيرو هجري ڪانفرنس جو انتظام ڪيو ويو هو؟
جواب: شاهه سائين جي 228 هين ورسي جي موقعي تي.
سوال: 9 اپريل 1982ع ۾ لطيف ادبي ڪانفرنس سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ منعقد ٿي ۽ ان جي صدارت ڪنهن ڪئي؟
جواب: لاڙڪاڻي ۾ صدارت سيد علي مير شاهه.

سوال: ڊسمبر 1983ع ۾ ڪهڙي تاريخ تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي زيرِنگرانيءَ ۾ يومِ لطيف ملهايو ويو؟
جواب: 10 ڊسمبر 1983ع مطابق 4 ربيع الاول 1404هه ۾.
سوال: 29 نومبر 1983ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان ڪوٺايل، لطيف ڪانفرنس جي افتتاحي تقرير ڪنهن ڪئي؟
جواب: مظهر الحق صديقيءَ.
سوال: 30 نومبر 1983ع ۾ شاهه لطيف ڪانفرنس ڪٿي منعقد ڪئي وئي؟
جواب: پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾.
سوال: مضمون، شاهه لطيف ۽ سنڌي ثقافت. مير غلام علي جماليءَ 31 مارچ 1984ع ۾ ڪٿي پڙهيو هو؟
جواب: لياقت گورنمينٽ ڪاليج ملير طرفان صدر ڪراچيءَ ۾ ملهايل يوم لطيف جي موقعي تي.
سوال: ڳوٺ لاکا آباد ۾ ”لطيف ڊي“ دوران فجر جي وقت وائي پرچن شال پنهوار ڪنهن ڳائي هئي؟
جواب: استاد منظور علي خان.
سوال: استاد منظور علي خان، ڳوٺ لاکا آباد ۾ شاهه سائينءَ جي ڪهڙي وائيءَ متعلق چيو ته ريڊيو پاڪستان تي ڳائڻ کان مون کي منع ڪئي وئي آهي؟
جواب: وائي، پرچن شال پنهوار.
سوال: 29 مارچ 1985ع ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل ڪانفرنس ۽ سيمينار ۾ ڪهڙو موضوع رکيو ويو؟
جواب: شاهه ۽ نوجوان.
سوال: شاهه سائينءَ جو 242هون عرس مبارڪ ڪهڙي عيسوي تاريخ کان شروع ٿيو هو؟
جواب: 19 آڪٽوبر 1986ع کان.
سوال: شاهه سائينءَ جي 242 هين عرس جي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيترن اديبن حصو ورتو؟
جواب: 29.
سوال: شاهه سائين جي ڪائين عرس مبارڪ جي موقعي تي پروگرام ۾ عابده پروين چيو ته لطيف ايوارڊ لاءِ منهنجو نالو ويچار هيٺ نه آندو وڃي؟
جواب: شاهه سائين جي 242 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي 21 آڪٽوبر 1986ع ۾.
سوال: ورهاڱي کان پوءِ پهريون ڀيرو 1987ع ۾ ”عالمي شاهه لطيف ڪانفرنس“ ڪهڙي شهر ۾ ڪوٺائي وئي؟
جواب: دهلي شهر ۾ .
سوال: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون ڀيرو ”شاهه لطيف ريسرچ سيل“ ڪڏهن ۽ ڪنهن جي نگرانيءَ ۾ قائم ٿيو؟
جواب: 1988ع ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي نگرانيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي 246هين عرس مبارڪ جي موقعي تي، ٽماهي مهراڻ، شاهه سائينءَ متعلق ڪهڙو مضمون خصوصي طور شايع ڪيو هو؟
جواب: لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ جمالياتي تصور- 14 صفر 1411هه/5 سيپٽمبر 1990ع ۾.
سوال: بزم لطيف ميهڙ پاران سيپٽمبر 1991ع ۾ حضرت ڀٽائي گھوٽ جي ياد ۾ ادبي ميڙ جي صدارت ڪنهن ڪئي؟
جواب: صوفي چنيسر خان جھتيال.
سوال: 13 جنوري 1991ع ۾ بزم لطيف ميهڙ طرفان ادبي ميڙ ڪهڙي شهر ۾ منعقد ٿيو؟
جواب: فريد آباد ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي 353هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ڪهڙي ليکڪ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو شايع ٿيو؟
جواب: عثمان علي انصاريءَ جو 1418هه/1997ع تي.
سوال: 1998ع ۾ شاهه سائينءَ جي سالياني عرس جي موقعي تي پهريون ڀيرو ادبي ڪانفرنس ڀٽ شاهه بجاءِ ڪٿي منعقد ٿي؟
جواب: حيدرآباد ۾.
سوال: بزم لطيف ميهڙ پاران سيپٽمبر 1991ع ۾ شاهه سائين جي ياد ۾ ادبي ميڙ جي صدارت ڪنهن ڪئي؟
جواب: دانشور صوفي چنيسر خان جهتيال.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي يونيورسٽي 6 جون 1999ع تي هڪ ڏينهن وارو شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيمينار ڪرايو هو؟
جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ، ڪراچي يونيورسٽي.
سوال: ”شاهه لطيف ۽ ايڪيهين صدي“ هن موضوع تي شاهه لطيف چيئر پاران ڪڏهن مقالا پڙهيا؟
جواب: 6 جون 1999ع ۾ شاهه سائين جي 255 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: 7 جولاءِ 2003ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيمينار سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ منعقد ٿيو؟
جواب: ڪراچيءَ ۾ صدارت ڊاڪٽر ظفر سعيد.
سوال: ٻن ڏينهن تي مشتمل لطيف ادبي ڪانفرنس 15 ۽ 16 صفر 1424هه يعني 18 ۽ 19 اپريل 2003ع تي ثقافت کاتي پاران سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ منعقد ٿي؟
جواب: ممتاز آڊيٽوريم حيدرآباد ۾.
سوال: ان ڪانفرنس ۾ اديبن شاهه سائين جي ڪهڙي سر تي مقالا پڙهيا هئا؟
جواب: سر مومل راڻو.

سوال: شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ ۽ سماج جي موضوع تي ڪانفرنس 10 جولاءِ 2004ع تي لئنگويج اٿارٽي پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ ٿي، ان ڪانفرنس ۾ تلاوتِ ڪلام پاڪ جو شرف ڪنهن کي حاصل ٿيو؟
جواب: فيض محمد پتافي کي (ان ڪانفرنس جو افتتاح ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ڪيو).
سوال: ”10 جولاءِ 2004ع تي شاهه لطيف ۽ سنڌي ٻولي ۽ سماج“ جي موضوع تي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ منعقد ٿي، ان ڪانفرنس ۾ ڪمپيئرنگ ڪنهن ڪئي؟
جواب: ماجد برفت، فريده شيخ ۽ خالد آزاد.
سوال: 2005ع جي ڪهڙي مهيني ۽ تاريخ تي انٽرنيشنل شاهه لطيف ڪانفرنس منعقد ٿي؟
جواب: 9 جولاءِ تي.
سوال: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 261هين عرس مبارڪ جي موقعي تي رخمان گل پاريءَ ادبي ڪانفرنس ۾ ڪهڙو مقالو پڙهيو هو؟
جواب: سر ديسيءَ ۾ ٻاروچي ٻولي، 27 مارچ 2005ع ۾ پڙهيو.
سوال: نصيرآباد شهر ۾ ”شاهه لطيف تحقيقي بورڊ“ ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ جوڙيو ويو؟
جواب: 9 مارچ 2006ع ۾.
سوال: 12 مارچ 2006ع تي شاهه لطيف تحقيقي بورڊ پاران شاهه سائين جي 262 هين عرس مبارڪ جي مذاڪري جي صدارت ڪنهن ڪئي؟
جواب: اصغر سنڌيءَ ۽ مهمان خاص عادل عباسي.
سوال: خميس 16 مارچ 2006ع ۾ ڀٽائي سرڪار جي ميلي جي موقعي تي انور پيرزادي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪهڙو مقالو پڙهيو هو؟
جواب: مقالو شاهه لطيف پنهنجي دور جو سڄاڻ انسان.
سوال: شاهه لطيف تحقيقي بورڊ طرفان 7 مئي 2006ع تي منعقد ليڪچر پروگرام ۾ ”شاهه جو پورهيت فڪر“ عنوان تي ڪنهن ليڪچر ڏنو؟
جواب: تاج جويي.
سوال: وفاقي اردو يونيورسٽي پاران 2006ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيمينار ڪهڙي تاريخ ۽ مهيني ۾ ڪرايو ويو؟
جواب: اربع 8 مارچ 2006ع.
سوال: ان سيمينار ۾ شاهه سائين جي پارکن ڪهڙي عنوان تي مقالا پڙهيا؟
جواب: موضوع: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر ۽ تعليمات.
سوال: مئگزين ديدارِ، لطيف شاهه سائين جي ڪائين عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿي؟
جواب: 263 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: ديدارِ لطيف، حيدرآباد جي ايڊيٽر جو نالو ٻڌايو؟
جواب: احسان علي لغاري.

سوال: 29 جولاءِ 2007ع تي شاهه لطيف تحقيقي بورڊ طرفان، شاهه سائين جو 318 هون جنم ڏينهن ڪٿي ملهايو ويو؟
جواب: موهن جو دڙو پبلڪ لائبرري ۾، صدارت عيسيٰ ميمڻ ڪئي.
سوال: ”شاهه جي فڪر جي روشني ۾ اسان جي مسئلن جو حل“ ان موضوع تي ليڪچر ڪنهن ۽ ڪڏهن ڏنو؟
جواب: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ 16 آڪٽوبر 2007ع تي.
سوال: شاهه سائينءَ جو 264هون عرس مبارڪ ڪهڙي تاريخ ۽ سال کان شروع ٿيو هو؟
جواب: بروز جمع 22 فيبروري 2008ع کان (14 صفر 1429هه کان).
سوال: شاهه سائينءَ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ڀٽ شاهه تي ميلي ۾ پهريون ڀيرو ثقافتي ڳوٺ ڪڏهن قائم ٿيو؟
جواب: اڱارو 10 فيبروري 2009ع ۾ 265هين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي 265هين عرس مبارڪ جي موقعي جي تقريبات جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: وقتي گورنر سنڌ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو اوقاف کاتي جي وزير عبدالحسيب ۽ منسٽر سسئي پليجو، اڱارو 14 صفر 1430هه. 10 فيبروري 2009ع ۾.
سوال: 11 فيبروري 2009ع ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ هي لفظ ڪهن چيا ته ”لطيف ڪانفرنس ۾ ڪنهن به اردو اديب شرڪت نه ڪئي، ڀٽائيءَ سان محبت جو ڍونگ بند ڪيو وڃي“ ؟
جواب: مهمانِ خاص سسئي پليجو صاحبه، 265هين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: شاهه سائينءَ جو 330 هون جشن ولادت ڪهڙي عيسوي تاريخ تي ملهايو ويو؟
جواب: 3 جون 2011ع، ڇنڇر جي رات پهرين رجب 1432هه تي.
سوال: مومل جي ماڙي ميوزيم جو افتتاح ڪڏهن ٿيو هو؟
جواب: اپريل 2010ع ۾. (حوالو، ڪتاب، مومل جي ماڙي، ص: 50)
سوال: مومل جي ماڙي ٽين آثارِ قديمه ڪانفرنس ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ ٿي؟
جواب: 3 نومبر 2011ع ۾.
سوال: اردو، سنڌي ۽ انگريزي ۾ شايع ٿيل شاهه جو گنج، هن رسالي جي مهورت ڪڏهن ٿي؟
جواب: جمعو 26 آڪٽوبر 2018ع ۾.
سوال: 2018ع ۾ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيمينار ڪهڙي تاريخ ۽ مهيني ۾ ڪوٺايو ويو؟
جواب: 22. 10. 2018ع.
سوال: ان سيمينار ۾ محققن ڪهڙي عنوان تي مقالا پڙهيا؟
جواب: سسئي جو ڀنڀور کان ڪيچ مڪران تائين سفر ۽ شاهه لطيف.
سوال: شاهه سائينءَ جي 209 ورسيءَ جي موقعي تي محترم جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪهڙي شخص شاهه لطيف جو رسالو پيش ڪيو هو؟
جواب: سابق ڪمشنر حيدرآباد نيار احمد.
سوال: شاهه سائينءَ جي ٻه سؤ نائين عرس مبارڪ جي موقعي تي افتتاحي تقرير ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب.
سوال: شاهه سائينءَ جي 217هين ورسيءَ جي تقريبن جو افتتاح ڪهڙي شخصيت ڪيو هو؟
جواب: حضرت مخدوم محمد الزمان طالب المولى.
سوال: شاهه سائينءَ جي 218هين ورسي جي تقريبن جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: عبدالڪريم لوڌي.
سوال: شاهه سائينءَ جي 218هين ورسيءَ جي موقعي تي ڪافي ”يار سڄڻ جي فراق آئون ماري“ ڪنهن ڳائي هئي؟
جواب: استاد منظور علي خان.
سوال: شاهه سائينءَ جي 211هين ورسيءَ جي تقريبات جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: صدرِ مملڪت فيلڊ مارشل مرحوم محمد ايوب خان .
سوال: شاهه سائين جي 211هين سالگره جي جشن جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۾ استعمال ٿيل بينر تي ڪهڙو بيت لکيل هو؟
جواب: عالم آءُ ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري،
پاڻ نه آهي ڄاڻ، مانڊيءَ منڊ پکيڙيو (يمن ڪلياڻ).
سوال: شاهه سائينءَ جي 213هن ورسيءَ جو افتتاح ڪنهن ڪيو؟
جواب: پروفيسر حسن علي عبدالرحمان.
سوال: ڪتاب ”اول الله عليم“ شاهه سائينءَ جي ڪائين عرس مبارڪ جي موقعي تي ڇپجي پڌرو ٿيو؟
جواب: 257هين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: ڪتاب ”ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن“ شاهه سائينءَ جي ڪائين جشنِ ولادت جي موقعي تي شايع ٿيو؟
جواب: ٽي سؤ ساله جشنِ ولادت جي موقعي تي.
سوال: پهريون ڀيرو شاهه سائينءَ جي عرسن جي موقعن تي پٽڪا ٻڌڻ، ڪوڏر جو لپو هڻڻ ۽ هر هلائڻ جا مقابلا ڪنهن شروع ڪرايا؟
جواب: در محمد ڪمال سولنگي صاحب.
سوال: شاهه سائينءَ جي 258هين عرس مبارڪ جي موقعي تي اديبن ڪهڙي سر تي مقالا پڙهيا؟
جواب: سر سورٺ تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي 260هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۾ وائي ”منهنجو داد ڌنارن ڪو نه ڪئو“ ڪنهن ترنم ۾ چئي؟
جواب: مرحوم حافظ محمد بخش خاصخيليءَ.
سوال: پهريون ڀيرو ”رسالو ديدارِ لطيف“ شاهه سائينءَ جي ڪائين عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿيو؟
جواب: 263هين عرس مبارڪ جي موقعي تي، ايڊيٽر، احسان علي لغاري.
سوال: شاهه سائينءَ 263هين عرس مبارڪ جو افتتاح سرڪاري طور ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: وزيرِ اعظم پاڪستان شوڪت عزيز.
سوال: شاهه سائينءَ جي 263هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽيءَ ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟
جواب: پنج ڪتاب.
سوال: شاهه سائين جي 264هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جي پهرين ۽ ٻي ويهڪ جي صدارت ڪنهن ڪئي؟
جواب: پهرين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب.
سوال: شاهه سائينءَ جي 264هين عرس مبارڪ جي موقعي تي صنعتي ۽ زرعي نمائش جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: نگران صوبائي وزير ثقافت سنڌ، امبر رضا.
سوال: شاهه سائينءَ جي 264هين عرس مبارڪ جو افتتاح سنڌ جي ڪهڙي وزير ڪيو؟
جواب: اوقاف کاتي جي سابق وزير حاجي ارشاد ميمڻ.
سوال: شاهه سائين جي ڪائين عرس جي موقعي تي عبدالواحد آريسر چيو ته ”لطيف جا 32 ئي سر ماڻهن جي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ سان واسطو رکن ٿا؟
جواب: 265 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي 265هين عرس مبارڪ جي موقعي تي شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر تي مقالا پڙهيا ويا؟
جواب: سر پرڀاتيءَ تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي 265هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ڪيترن ڪتابن جي مهورت ٿي؟
جواب: ڇهن ڪتابن جي (ادبي ڪانفرنس ۾ صدارت ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪئي).
سوال: ساهتي پرڳڻي جي ڪهڙي شهر ۾ پهريون ڀيرو شاهه سائين جي ورسي ملهائي وئي؟
جواب: ٺاروشاهه ۾.
سوال: شاهه سائين جي 300 ساله جشن ولادت جي موقعي تي ٽپال کاتي پاران شاهه عبداللطيف جي نالي واري ٽڪلي ڪهڙي تاريخ تي جاري ڪئي هئي؟
جواب: 16 سيپٽمبر تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي 330 هين جشن ولادت جي موقعي تي هي لفظ ڪنهن چيا؟
لفظ، لطيف سرڪار جو هر عقيدتمند لطيف جو اولاد آهي.
جواب: گادي نشين سيد نثار حسين شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪائين جشن ولادت جي موقعي تي اڇا ڪبوتر اڏائيا ويا ۽ 110 پائونڊن جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو؟
جواب: 330 هين جشن ولادت جي موقعي تي.
سوال: مومل جي ماڙي ٽين آثار قديمه ڪانفرنس ڪهڙي شهر ۾ ٿي؟
جواب: سرڪٽ هاؤس گھوٽڪيءَ ۾ (صدارتي خطاب پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ.)
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ کي ڪهڙي فنڪار چئن ٻولين ۾ ڳائي ”لطيف از گريٽ“عنوان سان البم جاري ڪيو؟
جواب: استاد امير علي.
سوال: شاهه سائين جي 263هين عرس مبارڪ جي موقعي تي شاهه لطيف تحقيقي بورڊ پاران منعقد پروگرام ۾ ”شاهه ۽ تصوف“ جي عنوان تي ڪنهن ليڪچر ڏنو؟
جواب: سڪندر عباسي.
سوال: شاهه سائين جي سالياني ميلي تي جنهن سال پهرين ڌمال جمع جي رات ٿيندي آهي ته ڀٽائيءَ جا معتقد ان رات کي ڪهڙو درجو ڏيندا آهن؟
جواب: حج اڪبر جو درجو.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي سال ۾ جملي ڪيترا ميڙاڪا ٿين ٿا؟
جواب: 453.
سوال: نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن جي سهڪار سان جشن لطيف جو پروگرام رچايو ويو؟
جواب: پرنسپال پروفيسر احتشام حسين جي سهڪار سان 1964ع ۾.
سوال: 1965ع ۾ نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم ۾ پروگرام جشن لطيف جي صدارت ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: مخدوم محمد زمان طالب المولى صاحب.
سوال: ڇنڇر 9 مئي 1970ع ۾ نيو علي ڳڙهه ڪاليج جي ”بزم لطيف“ پاران پروگرام جشن لطيف جي صدارت ڪنهن ڪئي؟
جواب: سيد ظفر علي شاهه اولهه پاڪستان جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر.
سوال: ڇنڇر 9 مئي 1970ع ۾ نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم جي ”بزم لطيف“ پاران ملهايل جشن لطيف پروگرام ۾ محمد جمن بلوچ ڪهڙي عنوان سان مقالو پڙهيو؟
جواب: جي تو بيت ڀانيان.
سوال: 1970ع ۾ نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم ۾ جشن لطيف پروگرام ۾ پروفيسر غلام رسول بلوچ ڪهڙي عنوان تحت مقالو پڙهيو؟
جواب: شاهه. شاعر ڪامل. (ان کان علاوه پروفيسر سيد محمد نصير ”محبت و پيغمبر“ پڙهيو ).


سوال: مارچ 1983ع ۾ بزم لطيف پاران نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم ۾، جشن لطيف جي صدارت ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: صدارت علامه غلام مصطفى قاسمي ۽ مهمانِ خاص ڊاڪٽر قمر واحد صاحبه .
سوال: ڪهڙي بزرگ جي ڪوششن سان نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊي آدم ۾ لطيف سائين جي ياد ۾ ڏهاڙا ملهايا ويا؟
جواب: سيد محسن علي شاهه بخاريءَ جي ڪوششن سان ناليوارن اديبن شموليت اختيار ڪئي.
سوال: 1978ع ۾ ”لطيف انٽرنيشنل ڪانگريس“ ڪراچي جي ڪهڙي ڪاليج ۾ چئن ڏينهن وارو مقالن جو پروگرام رٿيو ويو؟
جواب: دائود انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾.
سوال: 1980ع ۾ نوشهرو فيروز ۾ ينگ رائيٽرس گلڊ طرفان ملهايل جشن لطيف ۾ ظفر عباسيءَ ڪهڙو مضمون پڙهيو هو؟
جواب: شاعرن جو سرتاج.
سوال: 1988ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي طرفان ملهايل يوم لطيف جي صدارت ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: ڊاڪٽر تنوير عباسي.
سوال: 1988ع سنڌ زرعي يونيورسٽي طرفان ملهايل يوم لطيف جي موقعي تي حيدر علي لغاري ڪهڙو مضمون پڙهيو هو؟
جواب: شاهه لطيف جي شاعري ۽ انساني قدر.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي شيدائيءَ کي ڇهين درجي کان شاهه جو رسالو ۽ ديوان حافظ سدائين ساڻ هوندا هئا؟
جواب: جي. ايم. سيد. کي.
سوال: مارئي ميلو 2003ع ان ميلي ۾، مشاعري جي صدارت ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: سيد مرتضى شاهه ڏاڏاهيءَ.
سوال: آمريڪا جي شهر بيل ويل ۾ ”اڪيڊمي ڊي لطيف“ جو بنياد ڪنهن رکيو؟
جواب: ڊاڪٽر مٺل وقاصيءَ.
سوال: ان پليٽ فارم پاران پهرين ڪانفرنس ڪڏهن ڪوٺائي وئي؟
جواب: 31 آگسٽ 2003ع. ٻي ڪانفرنس 5 سيپٽمبر 2004ع ۾.
سوال: اڪيڊمي ڊي لطيف جي پليٽ فارم تان ٽين ڪانفرنس ڪهڙي تاريخ ۽ سال تي ڪوٺائي وئي؟
جواب: 22 مارچ 2014ع تي سنڌ اڀياس اڪيڊمي سان گڏ.


سوال: لطيف فائونڊيشن پاران ڪهڙي سال کي پهرين سجاده نشين سيد جمال شاهه جو سال ملهائڻ جو اعلان ڪيو؟
جواب: 2014ع ۾.
سوال: لطيف فائونڊيشن پاران 2016ع کي ڪهڙي سال طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو؟
جواب: شاهه سائينءَ جي تڪين، اوتارن ۽ ماڳ مڪانن جو سال.
سوال: اڪيڊمي ڊي لطيف جي پليٽ فارم تان چوٿون لطيف سيمينار ڪهڙي تاريخ ۽ سال تي ڪرايو ويو؟
جواب: 23 مارچ 2017ع ۾.
سوال: سومر 5 فيبروري 2018ع تي ڪراچيءَ جي ڪهڙي ڳوٺ ۾ لطيفي ڪچهريءَ جو منچ سجايو ويو؟
جواب: سچل ڳوٺ لئبريري جي آڊيٽوريم ۾.
سوال: ڊاڪٽر شير مهراڻي 19 نومبر 2020ع تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڪهڙي عنوان تي ليڪچر ڏنو هو؟
جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ اڄ جو نوجوان.
سوال: شاهه سائينءَ کي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ ڪهڙي سال کان هر سال لطيف شناسائيءَ جو هفتو اسڪولن ۾ ملهايو وڃي ٿو؟
جواب: 2015ع کان. (سيد رسول بخش شاهه، ڊائريڪٽر آف اسڪولس ايڊيوڪيشن، ايليمينٽري سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪنڊري حيدرآباد جي ڪوشش سان ).
سوال: ڊائريڪٽوريٽ آف اسڪولس ايجوڪيشن، سيڪنڊري حيدرآباد ريجن، 11 نومبر 2019ع کان ڪهڙي تاريخ تائين لطيف شناسائيءَ جو هفتو ملهايو؟
جواب: 17 نومبر 2019ع تائين.
سوال: ڊائريڪٽر آف اسڪولس ايجوڪيشن، ايليمينٽري سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪنڊري حيدرآباد ريجن پاران لطيف شناسائيءَ جو هفتو 2021ع ۾ ڪهڙي تاريخ کان ملهايو ويو؟
جواب: 15 نومبر کان.
سوال: لطيف اسٽڊي سرڪل هفتيوار ”سر يمن ڪلياڻ“ تي بحث مباحثو ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪرايو ويو؟
جواب: آچر 17 آڪٽوبر 2021ع سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل طرفان سنڌ يونيورسٽي بوائز هاسٽل تي.
سوال: سنڌ سڀا پاران 8 ، 9 ۽ 10 آڪٽوبر 2021ع تي سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ ڀٽائيءَ تي پيپر ۽ راڳ رهاڻ جو پروگرام منعقد ڪيو هو؟
جواب: دادو پريس ڪلب ۾.

سوال: زيبسٽ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ سنڌ اڀياس اڪيڊمي پاران خميس 11 مئي 2023ع تي شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر تي فڪري ويهڪ رکي وئي؟
جواب: سر پورب. (چوٽيهين فڪري ويهڪ).
سوال: ”شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي“ ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ فيصلو ڪيو ته پهرين شاهه جي رسالي جي مختلف قلمي نسخن توڙي شاهه جي سوانح بابت بنيادي ماخذن کي سوڌي سنواري شايع ڪجي؟
جواب: 30 سيپٽمبر 1966ع ۾. ( اها تجويز نبي بخش خان بلوچ پيش ڪئي هئي )
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي همعصر جي مزار تي آچر 6 مارچ 2022ع تي ادبي ثقافتي سگهڙ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي؟
جواب: حضرت جلال کٽي.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي حيدرآباد پاران يادگار ڪتاب ”ڀٽائي“ شاهه لطيف جي ڪائين ورسيءَ جي موقعي تي شايع ٿيو؟
جواب: 228هين ورسيءَ جي موقعي تي.

شاهه لطيف ايوارڊ

\
سوال: لطيف ايوارڊ جي ڊزائن سنڌ عجائب گهر جي ڪهڙي ڊائريڪٽر ٺاهي هئي؟
جواب: جناب ظفر ڪاظميءَ.
سوال: سڀ کان پهريائين شاهه لطيف ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪهڙي سال ڪيو ويو؟
جواب: 1979ع ۾.
سوال: پهريون شاهه لطيف ايوارڊ ڪهڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟
جواب: محمد يوسف کي سومر 31 مارچ 1980ع ۾ ايس. ايم عباسي جي هٿان.
سوال: شاهه سائين جي 240 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي بهترين راڳيءَ جو شاهه لطيف ايوارڊ ڪنهن کي مليو؟
جواب: مائي ڀاڳيءَ کي.
سوال: 1986ع ۾ بهترين سازڪار جو شاهه لطيف ايوارڊ ڪنهن کي ۽ ڪنهن جي هٿان مليو؟
جواب: استاد فيروز گل کي سيد غوث علي شاهه جي هٿان مليو.
سوال: 29 سيپٽمبر 1988ع ۾ شاهه سائينءَ جو ڪائون عرس ملهايو ويو؟
جواب: 244 هون عرس.
سوال: 1989ع ۾ بهترين سازندي جو شاهه لطيف ايوارڊ ڪنهن کي مليو؟
جواب: استاد مٺا خان زرداريءَ کي.
سوال: ڪهڙي مشهور شاعر کي بهترين خدمتگار جو شاهه لطيف ايوارڊ 1991ع ۾ مليو؟
جواب: مخدوم محمدالزمان طالب الموليٰ کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي 246 هين عرس مبارڪ جا ايوارڊ ڪنهن ورهايا هئا؟
جواب: نگران وڏي وزير ڄام صادق علي.
سوال: شاهه سائينءَ جي 249 هين عرس مبارڪ جا ايوارڊ ڪنهن جي هٿان ڏنا ويا؟
جواب: نگران وڏي وزير سيد مدد علي شاهه جي هٿان.
سوال: شاهه سائين جي 250 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي بهترين راڳيءَ جو ايوارڊ ڪنهن کي مليو؟
جواب: سهراب فقير کي سيد عبدالله شاهه جي هٿان.
سوال: 5 جولاءِ 1996ع ۾ بهترين اداڪار ۽ صداڪاريءَ جو شاهه لطيف ايوارڊ ڪنهن کي مليو؟
جواب: عبدالحق ابڙي کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي 253 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي درگاهه جو بهترين راڳي طور ايوارڊ ڪنهن کي مليو؟
جواب: قربان فقير آزاد کي.
سوال: شاهه سائين جي 254 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي بهترين خدمتگار جو ايوارڊ ڪنهن کي مليو؟
جواب: شيخ محمد اسماعيل کي.
سوال: 21 مئي 2000ع ۾ بهترين ليکڪ جو لطيف ايوارڊ ڪنهن کي ۽ ڪنهن جي هٿان مليو؟
جواب: امر جليل کي ايوارڊ عظيم دائود پوٽي ورهايا.
سوال: ظفر ڪاظميءَ کي شاهه لطيف ايوارڊ ڪڏهن مليو؟
جواب: 1999ع ۾.
سوال: 9 جولاءِ 2005ع تي ”شاهه لطيف ايڪسيلنس ايوارڊ“ ڪهڙي مصور کي ڏنو ويو؟
جواب: ظفر ڪاظميءَ کي.
سوال: لطيف سائينءَ جون وايون نئين انداز سان ڳائيندڙ راڳي ذوالفقار علي ۽ مظهر کي لطيف ايوارڊ ڪڏهن ڏنو ويو؟
جواب: 8 اپريل 2004ع. ڀٽائي گهوٽ جي 260هين عرس جي موقعي تي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي راڳي فقير کي لاهور ۾ ورلڊ پرفارمنس (2004ع) دوران ايوارڊ پڻ مليو؟
جواب: سيد سجاد حسين شاهه کي.
سوال: قادن فقير خاصخيليءَ کي درگاهه جو بهترين راڳيءَ طور شاهه لطيف ايوارڊ ڪهڙي سال مليو؟
جواب: 2005ع ۾.
سوال: ڪهاڻيڪار عزيز مگسي کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي گولڊ ميڊل ڪڏهن مليو؟
جواب: 1979ع، ينگ رائيٽرس گلڊ سنڌ طرفان.
سوال: مارچ 2006ع ۾ شاهه سائينءَ جي ڪهڙي راڳيءَ کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو؟
جواب: کٻڙ فقير کي.
سوال: شاهه سائينءَ جو 265 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي بهترين سگهڙ جو ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو؟
جواب: مرحوم محمد ملوڪ عباسيءَ کي جيڪو سندس پٽ ممتاز عباسيءَ وصول ڪيو.
سوال: شاهه سائينءَ جي 269 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي بهترين مرلي نواز جو لطيف ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو؟
جواب: جي رام جوڳي کي.
سوال: شاهه سائين جي راڳي سيد گدا حسين شاهه کي ڪهڙي سال شاهه لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو؟
جواب: نومبر 2015ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي 275 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي بهترين محقق جو شاهه لطيف ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو؟
جواب: معمور يوسفاڻي کي ۽ بهترين تحقيق جو ايوارڊ ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي 276 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي درگاهه جي بهترين راڳيءَ جو لطيف ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو؟
جواب: گل فقير پهوڙ کي. (بهترين سگهڙ ، ڏاڏو ڏتل)
سوال: شاهه سائينءَ جي 276 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي بهترين راڳيءَ جو لطيف ايوارڊ ڪنهن کي مليو؟
جواب: دين محمد دمساز کي ۽ بهترين وڄت جو ايوارڊ محمد طالب ڪوهستانيءَ کي.
سوال: 17 صفر 1441هه ۾ شاهه جي 276 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي شاهه جي حافظ طور ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو؟
جواب: ناٿو خان لنڊ کي. (اربع 16 آڪٽوبر 2019ع ۾.)
سوال: سيد علي مير شاهه کي بهترين محقق جو ايوارڊ ڪڏهن ۽ ڪنهن جي هٿان مليو؟
جواب: آڪٽوبر 2019ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هٿان.
سوال: اربع 16 آڪٽوبر 2019ع تي شاهه لطيف ايوارڊ ڪهڙين شخصيتن کي مليا؟
جواب: بهترين تحقيق جو لطيف ايوارڊ علي مير شاهه، بهترين راڳي دين محمد دمساز، بهترين موسيقار محمد طالب ڪوهستاني، بهترين سگهڙ ڏاڏو ڏتل ابڙو ۽ شاهه جو راڳي فقير گل محمد کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو، جڏهن ته ڪرسٽوفر شيڪل، سنڌ سلامت فورم ۽ 100 سال عمر رکندڙ شاهه سائين جي حافظ ناٿو خان لنڊ کي خصوصي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

سوال: آچر 4 آڪٽوبر 2020ع ۾ شاهه لطيف ايوارڊ ڪهڙين شخصيتن کي مليا؟
جواب: شاهه سائينءَ جي ڪلام جو بهترين راڳي وريام فقير خاصخيلي ۽ ٻيو ايوارڊ رفيق فقير کي، بهترين سازندي جو ايوارڊ پير بخش کي، ڀٽائيءَ تي تحقيق جو ايوارڊ سونو خان عرف سرمد چانڊيو، بهترين محقق جو ايوارڊ مرحوم محمد سومار شيخ کي، بهترين سگهڙ عبدالقادر کٽي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو ايوارڊ راجا ساند کي ڏنو ويو. هي ايوارڊ صوبائي وزير سيد سردار شاهه جي هٿان ڏنا ويا.
سوال: شاهه سائينءَ 278هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي شاهه لطيف ايوارڊ ڪهڙين شخصيتن کي مليا؟
جواب: شاهه جي راڳي جو ايوارڊ شفقت حسين شاهه، سگهڙ جو ايوارڊ ممتاز علي عباسي، بهترين راڳي جو ايوارڊ سيف سميجو ۽ رجب علي، بهترين سازندي جو ايوارڊ غلام دائود، مرلي وڄائڻ جو ايوارڊ ستار جوڳي، بهترين محقق جو ايوارڊ پروفيسر بشير احمد شاد کي ڏنو ويو. هي ايوارڊ جمع 24 سيپٽمبر 2021ع تي ايڇ. ٽي. سورلي هال ۾ صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي هٿان ڏنا ويا.
سوال: شاهه سائين جي 279 عرس مبارڪ جي موقعي تي شاهه لطيف ايوارڊ ڪنهن ڪنهن کي ڏنا ويا؟
جواب: شاهه جو راڳي ايوارڊ فقير شاهنواز نظاماڻي. ادبي تحقيق تي ڊاڪٽر رخمان گل پالاري. گل حسن ڪلمتي. سگهڙ ايوارڊ عاجز رحمت الله لاشاري. موسيقي جو ايوارڊ محمد احمد شيخ ۽ گهڙينواز ۽ بانسرينواز امداد علي. بهترين گلوڪاره جو ايوارڊ ديبا سحر، بهترين راڳي جو لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ مٺو ڪڇي کي جيڪو مٺو ڪڇي جي پوٽي خدا بخش ڪڇي وصول ڪيو.اهي ايوارڊ اربع 14 سيپٽمبر 2022ع. 17 صفر المظفر 1444هه تي سنڌ ميوزيم، ممتاز آڊيٽوريم حال حيدرآباد ۾ ڏنا ويا.

مددي ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون

تاريخ طاهري. سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي.
معيار سالڪان طريقت. تاليف مير علي شير قانع ٺٽوي.
سنڌي نثر جي تاريخ. پروفيسر منگها رام اڌارام ملڪاڻي.
شاهه جو گنج، محمد قاسم راهمون.
شاهه جو گنج، سگهڙ حاجي الهداد جنجهي.
شاهه جو رسالو الف. بي. وار ، عبدالغفار گوهر دائود پوٽو.
شاهه جو رسالو، مرزا قليچ بيگ.
شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي.
لطيفي سئر، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي.
لطائف لطيفي، مير عبدالحسين سانگي.
لطف اللطيف، مولانا دين محمد وفائي.
سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف، محقق، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر.
سنڌ جو شاهه، بدر ابڙو.
هنگلاج ۽ لاهوت، محقق. بدر ابڙو.
تذڪره لطفي، جلد پهريون. مصنف. لطف الله بدوي.
شاعرن جو سرتاج، بيگم خديجه دائود پوٽو.
يادگار لطيف، آغا تاج محمد، ڇاپو پهريون 1960ع.
لطيفي لات، مئي 1978ع.
تاريخ ميران سنڌ، مير حاجي محمد بخش ٽالپر 1982ع.
سيوهڻ صدين کان، تحقيق، خير محمد سيوهاڻي، 2009ع.
مخدوم فضل الله جو ڪلام، تحقيق، مخدوم سليم الله صديقي، 2009ع.
قدر ڪيميا ان جو، سليم ڀٽو لطيفي.
شاهه لطيف تي ببليو گرافي، سهيڙيندڙ ، ڊاڪٽر در شهوار سيد.
شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو.
منشور الوصيت و دستورالحڪومت، مترجم، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري.
املهه موتي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
رهاڻ هيرن کاڻ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
ٻيلاين جا ٻول، سهيڙيندڙ. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
شاهه جي رسالي جا سرچشما، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي، مرتب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
شاهه عبداللطيف (تحقيقي مضمون) مصنف، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي مقالا ۽ مضمون، مرتب ڊاڪٽر محمد علي مانجھي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ليکڪ، ميمڻ عبدالغفور سنڌي.
سامي سفر هليا، غوث محمد گوهر.
ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، ليکڪ. شوڪت خواجائي، ڇاپو پهريون 1999ع.
ڀٽائيءَ جو مطالعو، مرتب، ڊاڪٽر اسد جمال پلي.
هيءَ جڙ اسانهين، مصنف، ڊاڪٽر اسد جمال پلي.
تحقيقات لطيف، مصنف، ڊاڪٽر نواز علي شوق.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پير سيد ارتضيٰ علي ڪرماني.
سڀ پسندا پار ، هدايت منگي.
اينميري شمل شخصيت ۽ فڪري سفر ، امان الله شيخ.
تذڪره جيلاني سادات، سهيڙيندڙ ڪريم بخش چنه.
سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، ڊاڪٽر عبدالجبار ”عابد“ لغاري.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ تصوف جا سلسلا، ڊاڪٽر عابد مظهر.
هلو تڪيا پسون تن جا، مخمور مهيري.
لئج لات لطيف چئي، ترتيب، ايڊيٽنگ. ڊاڪٽر مخمور بخاري.
شاهه جي ڪلام جو فلسفو، ڊاڪٽر تهمينه مفتي.
اگهيا سٽ سندا، ترتيب، ڊاڪٽر نور افروز خواجه.
کاروڙو چت آئيو، ڊاڪٽر عبدالعزيز رحماني ڪنڀار.
مئخانه لطيف عرف موکي ۽ متارا، مصنف. جليل سيوهاڻي، ڇاپو ٻيو 2016ع.
هيءَ جڙ اسانهين، ڊاڪٽر اسد جمال پلي.
قلم جنين جي هٿ ۾، مرتب، نصير مرزا.
بيت سٽاء ۽ اوسر، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.
ڀٽائي، انور پيرزادو.
مُونا طورسينا، فقير حاجن نظاماڻي.
سر، شاهه، سمنڊ، استاد امير علي خان.
لطيفي انسائيڪلو پيڊيا، بدر ڌامراهو.
سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ، سرمد چانڊيو معاون جمن شاهه لطيفي.
سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون، تحقيق ۽ ترتيب، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، سوڌيندڙ ۽ سنواريندڙ، بشير احمد هيسباڻي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر، ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ.
لطيف ذهني چٽا ڀيٽي، ڪمال ڄامڙو.
شاهه ولي الله جي تعليم، غلام حسين جلباڻي.
روهڙيءَ جا روشن ستارا، ڊاڪٽر هدايت پريم.
روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سُورائتيون صديون، انجنيئر سيد عبدالحسين موسوي.
ڏاهو ڏات ڌڻي، مرتب. محمد يوسف شيخ، نومبر 1998ع.
ٽنڊي باگي جي تاريخ، انور علي عباسي.
عالم سڀ آباد ڪرين، ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ.
شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو، غلام شبير پيراهين.
سونهان منهنجي سنڌ جا، سليم چنا.
قدم ڪاپڙين جا، فقير امداد علي سرائي.
مقالات قاسمي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي.
شاهه عبداللطيف سنڌي سماج جو ترجمان، آزاد قاضي.
وڻ وڻ ٽاري، ترتيب، انور جوکيو.
ورق ورق گلاب، نور سنڌي.
سنڌي موسيقي جا سرتار، سنڌيڪار خليل الرحمان شيخ.
سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر، آغا سليم.
ڀٽائيءَ جو ثقافتي ورثو، منظور احمد قناصرو.
سنڌ جي سُڳنڌ، تحقيق، فتح محمد شهزاد فتح ٿيٻو.
تحفئه لطيف، اسماعيل خواجه.
ڪامل درويش شاهه لطيف، ڊاڪٽر ٽي.آر.شنگاري.
سمنڊ سيويو جن، پروفيسر ستار سومرو.
اندر تون اجار، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي.
شاهه سچل سامي، ڪلياڻ آڏواڻي.
وساريان نه وسرن، ممتاز مرزا.
سدا سوئيتا ڪاپڙي، ممتاز مرزا.
ميين عيسى جا سنڌي بيت، مرتب. ممتاز مرزا.
شاهه جي رسالي جو مطالعو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو.
فڪر لطيف، مرتب، قربان علي ميمڻ.
شاهه لطيف عظيم مفڪر، سهيڙيندڙ. آفتاب ابڙو.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ فطرت جا رنگ، پروفيسر محمد سليم ميمڻ.
ڪوڙين ڪايائون تُنهنجيون، منظور احمد ڪناسرو.
جهڙي سونهن سندياس، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي مقالا ۽ مضمون، مرتب. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي.
سک نه ستا ڪڏهين، منظور احمد ڪناسرو.
شاهه جا اسرار، سهيڙيندڙ، غلام اڪبر لغاري.
سنڌو ماٿري جي ساڃاهه، دلشاد چاوڙو، ڇاپو پهريون 2017ع.
وِهَڻُ مون نه وَڙَاءُ، ثقافت کاتو 2018ع.
سر ڏهر. مرتب. ڊاڪٽر نواز علي شوق.
سر سارنگ. مرتب. حميد سنڌي.
موکي متارا، استاد لغاري.
قديم سنڌي آکاڻيون، سي. اَي. ڪنڪيڊ.
روح رهاڻ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي.
شاهه جا سرمور، منوهر مٽلاڻي.
سر ڪاموڏ، مرتب حميد سنڌي.
مومل جي ماڙي، سيد اختر بخاري.
ديسي سيڻ ڪجن، مرتب، تاج جويو.
سر سورٺ، مرتب، تاج جويو.
سر مومل راڻو، مرتب، تاج جويو.
سر آسا، مرتب، ڊاڪٽر محمد علي مانجھي.
شاهه جي رسالي جي نباتات، پريتم پياسي.
سَتي سامائي ٻڌا موڙ ملير کي، فقير محمد رحيم راهمون.
ڪڇ جو رڻ، تحقيق، محمد سومار شيخ.
شخصيات، مرتب نور محمد ڀٽو.
خلافت تحريڪ ۽ جي ايم سيد، مرتب، آزاد قاضي.
حيات لطيف، گل محمد قلبي سولنگي.
ٺٽي ضلعي جا ديني درسگاهه، حافظ حبيب سنڌي.
سنڌ جا درسگاهه، دادا سنڌي.
تذڪره مخاديم کهڙا شريف، ليکڪ، پروفيسر مخدوم شبير احمد ابن مخدوم امير احمد.
تذڪره مخاديم کهڙا، تاليف. مخدوم الله بخش عاصي، ترجمو. مخدوم غلام محمد.
مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ سندس فلسفو، ليکڪ، محمد انس راڄپر.
ڏکڻ ٿيو اهاءُ، مصنف، حافظ مولوي عبدالقادر بوبڪائي، سهيڙيندڙ ، آسودو مل چانڊواڻي.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (سوانح حيات ۽ علمي خدمتون) تحقيق، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري.
سنڌ جا ڪتب خانا، مرتب. ڊاڪٽر عبدالرسول قادري.
ساڻيهه جا سينگار ، خادم حسين چانڊيو.
لطيف جا ٿر تان ڀيرا، ليکڪ، معمور يوسفاڻي.
مهراڻي جا مور ، معمور يوسفاڻي.
ست سورهيه ڏهه ڏاتار، معمور يوسفاڻي.
ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، محمد حسين ڪاشف.
شاهه عبداللطيف (تحقيقي مضمون)، مصنف. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
انگريز سرڪار ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، يوسف شاهين.
بکر جي تاريخي عظمت، ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو.
وري ورق پيو (تحقيقي مقالا) ڊاڪٽر الهه وسايو سومرو.
مڪلي کان ملاڪا تائين (سفرنامو)، الطاف شيخ.
جتي ماڻڪ ماڳ، اشتياق انصاري.
مسافر محبتون، مصنف. نثار کوکر. 2002ع.
سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر، محقق. مشڪور ڦلڪارو.
سنڌ جو کارو، ليکڪ، محمد خان جروار.
پراڻ درياءَ جي مشاهداتي تاريخ (تحقيق). محمد حسن زاهد ڪنڀار.
سنڌوءَ جا قديم وهڪرا، محقق، پروفيسر شير خان سيلرو.
نت نت آهه نئون، لطف پيرزادو.
شاهه لطيف جا فڪري سرچشما، تاج جويو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي (سوانح، چونڊ ڪافيون ۽ ڪلام)، مرتب. مشتاق مسرور باريچو.
لطيفي معلومات (موضوع وار) مرتب، راهب علي لاڙڪ.
پير پروڙي کڻ، مرتب. راهب علي لاڙڪ.
شاهه لطيف جا شيدائي حصو پهريون ۽ ٻيون، راهب علي لاڙڪ.
شاهه، سچل، سامي، ڪلياڻ آڏواڻي.
پيهي منجهه پاتال، ڊاڪٽر بشير احمد شاد.
واءُ وکيريا خيال، ليکڪ، رياضت ٻرڙو.
وڃايل سنڌ، سهيڙيندڙ ، منصور قادر جوڻيجو.
ڊاڪٽر بلوچ جون قرب ڀريون ڪچهريون، سگهڙن جا سلام ۽ دعائون. سهيڙيندڙ ، سگهڙ عبدالرحمان مهيسر.
تذڪره حضرت خواجه محمد فقير اول گاڏهي (حصو پهريون)، مصنف، صوفي خان محمد گاڏهي.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه (سنڌ جو عالم سنڌ جو خادم) سهيڙيندڙ ، پروفيسر اعجاز احمد قريشي.
باقيات از احوال ڪلهوڙا، تحقيق ۽ ترتيب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاهه ڀٽائي، ليکڪ، عطاءُ الله شاهه بخاري.
رهبر ڀٽ شاهه، ذوالقرنين شاهه.
الستي. من مستي، ليکڪ، يوسف سنڌي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڊاڪٽر غلام علي الانا.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، محقق. پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا.
لطيف جو پيغام، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ، ڊاڪٽر فهميده حسين.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو، ڊاڪٽر ام ڪلثوم شاهه.
شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو.
مٿان لڪ لطيف چئي، ليکڪ، ڀارومل امراڻي سوٽهڙ.
سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سيد حاڪم علي شاهه بخاري/ محمد عثمان ميمڻ.
بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سيد حاڪم علي شاهه/ محمد عثمان ميمڻ.
سنڌي ادب جي ڪهاڻي ڊاڪٽر شمل جي زباني، مترجم، ڊاڪٽر حيدر سنڌي.
پراڻ جا پير، محقق. محمد حسن زاهد ڪنڀار، ڇاپو پهريون فيبروري 2012ع.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات، ڊاڪٽر شير مهراڻي.
تاريخ درگاهه شريف هالا، غوث الحق مخدوم نوح، مصنف. قاضي غلام محمد قريشي.
قلم جنين جي هٿ ۾، علي محمد درد سولنگي.
هسٽري آف سنيما (ڀاڱو ٻيو)، غلام حيدر صديقي.
ڪلهوڙا دور . هڪ مطالعو، مرتب. اسلم عباسي.
جرمني ۽ سنڌ علمي، ادبي ۽ ثقافتي لاڳاپا، مختيار احمد ملاح.
ڀٽائي، سنڌ اطلاعات کاتو 1989ع.
ذڪر لطيف، 240 هون عرس مبارڪ، مرتب، ڪريم بخش خالد.
مخصتر تاريخ و تذڪره بزرگانِ سنڌ، مؤلف. مخدوم الحاج شفيع محمد عرف عبدالخالق هاشمي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا (جلد پهريون) ڊسمبر 2017ع.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. جلد ڏهون، ش.1. 2016ع. جلد اٺون س ـ2، 2013ع.
ٽماهي تخيل، جون 2016ع. جون 2018ع.
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز گولڊن جوبلي، (سووينئر) 2005ع.
وتايو فقير سوونيئر، ايڊيٽر. فقير محمد ڍول، 2020ع.
ڇهه ماهي سنڌي ادب، ڊسمبر 2002ع. جنوري، ڊسمبر 2011ع.
مهراڻ، آڪٽوبر نومبر ڊسمبر 1983ع. جولاءِ آگسٽ سيپٽمبر 1986ع. مهراڻ، آڪٽوبر نومبر ڊسمبر 1986ع. مهراڻ، جولاءِ سيپٽمبر 1990ع. آڪٽوبر نومبر ڊسمبر 1990ع.
ڪلاچي تحقيق جرنل، ڊسمبر 2019ع، مارچ 2000ع. جون 2003ع. سرمست - 21 - 2000ع.
ڪينجهر جا مختلف شمارا، ڀٽائي جرنل ۽ ڪاوش مئگزين، 10 اپريل 2013ع.
ماهوار نئين زندگي. آگسٽ 1977ع، آگسٽ. سيپٽمبر 1981ع، فيبروري 1992ع، آڪٽوبر. نومبر 2003ع، مئي 2006ع.
ماهوار پيغام، مئي جون 1980ع. نومبر 1978ع. جولاءِ آگسٽ 1985ع. مختلف اخبارون ۽ رسالا.
ڀيڄ ڀٽائي مئگزين حيدرآباد، نور سنڌي، مارچ / اپريل 2007ع. جنوري 2012ع. ڊسمبر 2015ع.
ڪاوش مئگزين 12جون 2013ع، 30 جنوري 2013ع، 22 جولاءِ 2015ع.
عوامي آواز سنڊي مئگزين، 12 نومبر 2017ع. عبرت مئگزين پهرين جون 2006ع.

اڳوڻي ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن سيڪنڊري حيدرآباد ريجن، جناب سيد رسول بخش شاهه صاحب
جن جو نهايت ئي احسان مند آهيان جو مون ناچيز جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”لطيفي معلومات“ 2019ع ۾ شايع ڪرايائون ۽ اسڪولن ۾ ذهني چٽاڀيٽيءَ جا مقابلا منعقد ڪيائون. (مرتب. لاڙڪ)