سفرناما

ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

ھن ڪتاب ۾ سفرنامي جي انداز ۾ لکيل مضمون، نوٽ بوڪ يا ڊائريءَ جا ورق، تاريخي ۽ تحقيقي ليک، ڪئناڊا جي تعليم، فطرتي سونھن، سماجي زندگي، اتان جي وڻج واپار، سھوليتن، ڪيناڊا جي تعليم، ڪيناڊا جي حُسن، نوجوانن جي ڪرت، ٻارن جي تربيت، ڪيناڊا جي سماج جي مثبت ۽ منفي پاسن تي اڻ ڌريو ٿي لکيو ويو آهي. ڪتاب پڙهي اوهان کي ايئن لڳندو ڄڻ اوهان بہ ڪيناڊا گهمي رهيا هجو. ڪتاب ۾ مضمونن سان گڏ سفرنامي نما ڪھاڻيون پڻ شامل آهن.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

BOOK NO:127

ڪتاب جو نالو: ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون
ليکڪ: غلام رسول سومرو
موضوع: سفر نامو
ڇاپو: پهريون
مهينو، سال: آڪٽوبر2021ع
ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ
لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇپيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

Published By: Murk publication,
Room No: 305/320 3rd Floor Sabir Manzil 98
behind Gul Plaza, Marston Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtazalaghari64@gmail.com
021-32772494
03005182494

ملهه: 350 رپيا

ڪتابن ملڻ جا هنڌ:
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، ڪاٺياواڙ بڪ شاپ اردو بازار ڪراچي
ٿامس ڪتاب گهر ڪراچي، سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد،
دانيال ۽ رومي ڪتاب حيدرآباد، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر،
رابيل ڪتاب گھر لاڙڪاڻو سنڌيڪا ڪتاب گهر لاڙڪاڻو،
تهذيب بڪ اسٽور خيرپورميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي،
سليمان ڪتاب گهر ۽ پريتم قاضي نواب شاهه، عاجز منگي سانگهڙ

ارپنا

پنھنجي پيارن پٽڙن امجد رسول،
فرحان رسول ۽ عمير رسول جي نالي
جن جي محنت، مشوري ۽
سھڪار سان هي ڪتاب سھنجائي
سان ڇپائي جي مرحلن مان گذري
اوهان جي هٿن تائين پڳو آهي.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ڊاڪٽر غلام رسول سومرو جو ڪيناڊا بابت لکيل سفرنامو ”ڳالھيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ڪتاب ۾ سفرنامي جي انداز ۾ لکيل مضمون، نوٽ بوڪ يا ڊائريءَ جا ورق، تاريخي ۽ تحقيقي ليک، ڪئناڊا جي تعليم، فطرتي سونھن، سماجي زندگي، اتان جي وڻج واپار، سھوليتن، ڪيناڊا جي تعليم، ڪيناڊا جي حُسن، نوجوانن جي ڪرت، ٻارن جي تربيت، ڪيناڊا جي سماج جي مثبت ۽ منفي پاسن تي اڻ ڌريو ٿي لکيو ويو آهي. ڪتاب پڙهي اوهان کي ايئن لڳندو ڄڻ اوهان بہ ڪيناڊا گهمي رهيا هجو. ڪتاب ۾ مضمونن سان گڏ سفرنامي نما ڪھاڻيون پڻ شامل آهن، جن کي لکڻ جو ڏانو سٺو ۽ نرالو آهي. پڙهندڙ مضمون پورو ڪرڻ کان اڳ ڪتاب کي نٿو ڇڏي. ڪجهہ مضمونن ۾ وطن جي سِڪ ۽ حُب جو اعلا نمونو پسي سگهجي ٿو، خاص ڪري سندس مضمون "مونٽريال ۽ ڄامشورو". صحت بابت مضمون "سائيڪلنگ صحت جي ضامن" پڙهي لڳو تہ سڌريل ملڪن ۾ اڌ بيماريون تہ ايڪسرسائيز ذريعي ڪنٽرول ۾ آهن. ڪيناڊا جي پارڪن، وڻن، گُلن، ڇانوري، ٿڌڙين هوائن تي سومري صاحب خوب دل سان لکيو آهي.
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون غلام رسول سومري ۽ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

لاڙڪاڻو مٺي پاڻيءَ جو شهر ته آهي ئي پر مٺن ماڻهن جو شهر به آهي. لاڙڪاڻو سنڌ جي انهن ضلعن منجهان هڪ آهي، جتي معياري ادب لکيو به وڃي ٿو ته پڙهيو به وڃي ٿو، لاڙڪاڻو ادبي ڪتابن جو مرڪز آهي، سنڌ جي مڙني شهرن کان ڪتابن جو وڪرو به لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو، ان مان اهو به ثابت ٿئي ٿو لاڙڪاڻو شعور وارن جو ضلعو آهي.
لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هڪڙي علمي ادبي شخصيت، جنهن کي ادب جي دنيا ۾ ڊاڪٽر غلام رسول جي نانءُ سان سڃاتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جو اڌ کان وڌيڪ حصو علم ۽ ادب کي ڏنو آهي، هن نه رڳو سنڌ، سنڌي ٻولي توڙي ادب سان بيحد پيار ڪيو آهي، پر هن ٻوليءَ جي بقا لاءِ جاکوڙ پڻ ڪئي آهي. هو سنڌ جي تهذيب جو وارث ته آهي ئي پر سندس شخصيت ۾ اصلوڪي سنڌ نمايان نظر اچي ٿي، ڊاڪٽر صاحب توڙي جو هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي، پر دنيا جي ترقي يافته ملڪن جو شعور رکي ٿو، ان جي باوجود سندس مزاج موهن جي دڙي جي ماڻهن جهڙو آهي. سندس شخصيت نفيس جذبن جي مالڪ آهي، هو اندر توڙي ٻاهر اڇو اجرو آهي. هو جهڙو ڳالهائي ٿو تهڙو لکي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب جو هڪڙو ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ ڪجهه ئي وقت اڳ مرڪ پبليڪيشن طرفان شايع ٿيو هو، خوشيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته سندس ٻيو ڪتاب ”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ پڻ ساڳي اداري طرفان شايع ٿي اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جي ڪيناڊا جي سفر جو نتيجو آهي. هي سفرنامو روايتي سفرنامن کان مختلف آهي، ڇو ته ڊاڪٽر صاحب ڪيناڊا ۾ گهڻو وقت رهي اُتان جي تهذيب، ثقافت، ماڻهن جي روين، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ۽ ادارن جي ڪارڪردگيءَ جو اڀياس ڪيو آهي. اُهو ئي سبب آهي جو سندس هن سفر نامي ۾ جلد بازي نظر نه ٿي اچي، هن جنهن به موضوع تي لکيو آهي، اُن کي اڳ ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن هر ڳالهه اندازي موجب پيش نه ڪئي آهي پر هر موضوع جي تهه تائين پهچي قلم کنيو آهي. اُهو ئي سبب آهي جو سندس هن سفر نامي ۾ سنجيدگي ۽ گهرائي نظر اچي ٿي. اميد ته هي ڪتاب سنڌي ادب جي پڙهندڙن لاءِ، خاص ڪري نوجوانن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.

مهاڳ

سفرناما ڄاڻ جو ڀنڊار هوندا آهن، جن جي مطالعي سان اسان کي ٻين ملڪن جي ماڻهن جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ سان گڏ اتان جي شهرن جي خوبصورتي ۽ ملڪي تاريخ جي ڄاڻ پڻ ملندي آهي. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان اسان کي پنهنجي جواني واري دور ۾ محترم الطاف حسين شيخ ۽ محترم حمزي پليجي صاحب جي سفرنامن پڙهڻ جو موقعو مليو. انهن جي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀريل سفرنامن ۾ نه رڳو مونکي پر مون جهڙن ڪيترن سفرناما پڙهندڙ شوقينن کي پيرس جي ايفل ٽاور، ڪيناڊا جي نياگرافال، اٽلي جي ڪولوسيم، ويٽيڪن سٽي، وينس ۽ مصر جي پراسرار لافاني اهرامن کي ڏسڻ جو شوق جاڳيو هوندو.
هتي ڪيناڊا ۾ رهندي ٽن چئن سالن کان پنهنجي اتر سنڌ جي رهواسي ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي سوشل ميڊيا جي پليٽفارم تان شيئر ٿيندڙ دلچسپ معلوماتي مضامين ۽ ادبي ڪهاڻين جو پڙاڏو منهنجي ڪنن تي پيو. ڊاڪٽر صاحب جي اٽڪل روزانو شيئر ٿيندڙ اهڙن انساني پيار ڀرين ڪومل ۽ نفيس جذبن سان مزين ٿيل ڪهاڻين، مضامين آتم ڪٿائي ادب پارن ۾ وطن پرستي جي موضوعات ۽ انهن جي عنوانن کي ڏسي مونکي لڳو ته ڊاڪٽر غلام رسول سومرو وڏي خاموشي سان ڪيناڊا ۾ ويٺي نه رڳو اسان کي هتان جي خوشگوار ۽ خوشحال سماجي زندگي جي ڪيترن پاسن جي ڄاڻ ونڊي ٿو بلڪه ان سان گڏ پنهنجي سنڌ جي علم ادب ۽ تاريخ تي پڻ ڪارگر معلومات فراهم ڪري ٿو. اسان جي اڳيان هن صاحب قلم جي سادگي جو حال هي هو جو هو پنهنجي ادبي حوالي ۾ رڳو غلام رسول سومري جو نالو استعمال ڪندو هو. جيتوڻيڪ هو ڪراچي جي هڪ معروف ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو پروفيسر ٿي رهيو هو. ان کانسواءِ يونيورسٽي آف ڪراچي طرفان کيس لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ورهاڱي کان اڳ جي موضوع تي پي- ايڇ- ڊي جي ڊگري پڻ ايوارڊ ٿيل هئي.
ٻه سال اڳ مونکي ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي شيئر ٿيل هڪ ڪهاڻي ”بڪ ايپل“ پڙهڻ جو موقعو مليو. هن ڪهاڻي ۾ مونٽريال شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي قائم قديم بگ ايپل ڪمپني جي تاريخي پهلونن، اڻويهين صديءَ جي زماني جي جوس پريسنگ ۽ پروسيسنگ مشينن جا فوٽا، فيڪٽري جي موجوده پراڊڪٽس ۽ انهن جو وڪرو، بگ ايپل ڪمپني جا پنهنجا صوفن جا باغ، بگ ايپل فارم تي قائم ٻارن جي تفريح لاءِ چڙيا گهر ۽ ميوزيم وغيره جي نهايت ئي سهڻي نموني ٿيل اپٽار سچ پچ مونکي گهڻو متاثر ڪيو.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري جو ڪتاب ”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ توهان پڙهندا ته ڄڻ اوهان ويٺي ويٺي ڪيناڊا گهمي ايندا. مونکي يقين آهي ته هن ڪتاب جي مطالعي سان اسان جي نوجوان طبقي کي اولهه ۽ يورپ جي ملڪن کي گهمي ڏسڻ جو شوق پيدا ٿيندو. زير موضوع سفرنامو جيڪو ڪم و پيش ٻائتاليهن عنوانن تي مشتمل آهي. تنهن ۾ شامل هي ٽي ڪهاڻيون ”فري بڪ ڪلب“، ”جهيل پري“ ۽ ”هند سنڌ ڪو ويڇو ناهي“، ادب جي لحاظ کان اهڙن موضوعن تي ٻڌل ڪهاڻيون آهن، جن ۾ پڙهندڙن کي ڪينيڊين سماج جي عورتن جي بهترين انساني روين ۽ بااخلاق روش جي اظهار سان گڏ قربائتي کيڪر بازي جو هڪ شاندار ذڪر ملي ٿو. مون ڪيناڊا ۾ ست اٺ سال گذاريا آهن، پر مونکي ڪيناڊا جي ڪيترن هنڌن ماڳن ۽ مقامن جي توڙي اتان جي تفريح گاهن ۽ ساليانن فيسٽيويلن جي انعقاد جي ايتري ڄاڻ ڪانه هئي، جيتري مونکي ڊاڪٽر صاحب جي لکيل ڪتاب ”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ کي پڙهي ملي آهي.
تفريح گاهن جي سلسلي ۾ هن ڪتاب ۾ ”چيري بلاسم فيسٽيويل“ پڙهندڙن لاءِ هڪ دلچسپ ۽ دل لڀائيندڙ موضوع آهي. ڪتاب ۾ ٽورنٽو شهر جي وچ ۾ هاءِ پارڪ جي فطري حسن جي واکاڻ جي سلسلي ۾ هي ٽڪرو ان مضمون جو هڪ بهترين ادبي پارو ليکي سگهجي ٿو. ”ٽورنٽو جو هاءِ پارڪ ميلن ۾ پکڙيل هو. ان ۾ سائي ڇٻر تي بيشمار چيري جي وڻن جا سلسلا هڪ خوبصورت ڍنڍ تائين پکڙيل پئي نظر آيا. فرلانگ کن پنڌ ڪري اسان به پارڪ جي خوبصورت جهيل تائين وياسين. ڍنڍ ۾ ڳاڙهي چهنب وارين ڪارڙين بدڪن جا خوبصورت ولر هيڏي هوڏي چڳندي ڦرندي پئي نظر آيا. جن کي ڏسي ٻار ڏاڍا گد گد پئي ٿيا. پارڪ ۾ ڍنڍ پري پري تائين پکڙيل هئي. جنهن جي ڪنارن ۽ ڪپن تي لڳل چيري جي وڻن ۽ ٻوٽن ۾ چيري بلاسم جا گلابي ۽ اڇي رنگ جا سهڻا گل هڪ دل فريب نظارو پيش ڪري رهيا هئا. هاءِ پارڪ جي هڪ پاسي ڍنڍ جي ڪنارن تي قدرتي طور ڦٽل ٽيولپ جي سرسبز ٻوٽن ۾ ڳاڙهي، نارنگي ۽ هيڊي رنگ جا گل پنهنجو ڳاٽ مٿاهون ڪري ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڏسڻ لاءِ هرکائي رهيا هئا.“
موجوده دور جي تقاضن کي اڳيان رکي آئون چئي سگهان ٿو ته انسان جي وجود جو پنهنجي ذات کان ٻاهر به ڪو ڪارج هجڻ گهرجي جنهن سان هو ٻين ۾ وطن، قوم ۽ ماءُ ٻولي لاءِ ڪو ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهه پيدا ڪري سگهي. سنڌ ۾ ته سڀڪو سنڌي آهي. پر جيڪي سنڌ کان ڏوراهن ڏينهن ۾ وسن ٿا. اوهان انهن کان پڇو ته وطن، ٻولي ۽ ان جي حب ڇا ٿيندي آهي. اهڙا املهه ماڻهو جيڪي ڏيساور جا اڻ ڳڻيا اهنج، ڏک ۽ سک ڏسي پنهنجي پياري ملڪ جي جهوپن ۽ اباڻن اجهن کي ويٺا پل پل سارين ٿا ۽ ٻاهر رهي پنهنجي قلم سان پنهنجن جذبن جو اظهار ڪن ٿا ۽ اتان جي ملڪن جي سماجي، ثقافتي، سياسي، تاريخي ۽ اتان جي فطري حسن سان گڏ ماڻهن جي اندروني ۽ بيروني حسن کي اسان جي اڳيان پيش ڪن ٿا. ڊاڪٽر غلام رسول سومرو صاحب پرڏيهه ۾ رهندڙ انهن ماڻهن مان هڪ آهي جيڪو بخوبي اهڙو سمورو ڪم سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي هم وطنن تائين پهچائي ٿو ۽ اهڙي طرح هو پنهنجي جياپي جي تقاضن کي ويٺو صحيح معنيٰ ۾ پورو ڪري ٿو.
پنهنجي زندگي جي سفر ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومري سان پنهنجي پهرين ملاقات جو ذڪر ڪرڻ مان ضروري ٿو سمجهان. سوشل ميڊيا جنهن اسان کي نه رڳو سنڌ بلڪه آمريڪا، ڪيناڊا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکيو آهي. تنهن جي پليٽ فارم تان ٻٽي سال اڳ منهنجو ڳانڍاپو سنڌي ادب جي هڪ اهڙي شخصيت سان ٿيو. جيڪو روزانو فيس بڪ تي سنڌي مٺڙي ٻولي ۾ پنهنجي دلي جذبن جو اظهار ڪندو رهيو آهي. سچ پڇو ته مون جڏهن هن جي لکڻين کي پڙهيو تڏهن انهن مونکي چقمق وانگر پاڻ ڏانهن پئي ڇڪيو. نتيجي ۾ سال هڪ اندر اسان ميسنجر وسيلي هڪ ٻئي سان پنهنجي ملڪ وطن جا احوال اورڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ چاليهارو ڪلو ميٽر کن اسين هڪ ٻئي کان ڏور هئاسين. پر پوءِ به روبرو ملڻ ڪرڻ ۾ اسان کي سال لڳي ويا. سانوڻي جي مند ۾ اتر آمريڪا ۾ سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن جي تنظيم سانا جي ميمبرن جي نين چونڊن جي هل چل شروع ٿي ته منهنجي دل چيو ڊاڪٽر غلام رسول سومري جهڙي سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمتگارکي پنهنجي سنڌي ڪميونٽيز ۽ سانا جيڪو ڪيناڊا ۽ آمريڪا جي سنڌين جو هڪ مضبوط سماجي ۽ ثقافتي پليٽ فارم آهي ۽ جتان سنڌي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ عملي فيضيابي (Inspiration) ملندي آهي. خاص ڪري سانا جا ساليانا ڪنوينشن جن جي ذريعي هر سال سنڌ کان هزارين ڪوهه پراهون انهن ٻنهي ملڪن جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ هڪ ننڍڙي سنڌ وجود وٺي بيٺل نظر ايندي آهي. تَنهن جو کيس حصو بڻائجي. گذريل سال سانا جي پليٽ فارم کي وڌيڪ ڪشادو ڪرڻ جي نيت سان پنهنجي قريب حلقي جي دوستن مان پروفيسر رضا حسين گهلو، محترم سائين اشفاق ميمڻ ۽ سائين فاروق امين قريشي سان گڏجي ٽورنٽو جي اوڀر پاسي جي ننڍن شهرن ۾ رهندڙ پيارن سنڌين ڏانهن ٻه سو ڪلوميٽر پري پيٽر بورو وڃي نڪتاسين، جتي سنڌ دوست ۽ محبتي ماڻهو حاجن خان ڪلهوڙي سان پيار ڀريون ڪچهريون ٿيون.
موٽ تي اسان جو هي منصوبو جڙيو ته ڊاڪٽر غلام رسول سومري سان بيٺي پير ميڙاڪو ڪري کيس سانا جو ميمبر ٿيڻ جي دعوت ڏجي ۽ پوءِ مارکم نالي شهر ۾ رهندڙ پنهنجي پياري دلبر دوست قبلي نقيب شاهه موسوي وٽ کڻي رات جي ماني کائجي. ڊاڪٽر غلام رسول سومري سان پهرين ملاقات جي ڪري اها حجت نه پئي ساري سين. ڇاڪاڻ ته لاشعور ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته هو پريو مڙس هتي پرڏيهه ۾ خبر ناهي ته رٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجي پٽ وٽ ڪهڙي حال ۾ رهي ڪري ٿو. اسين پڪرنگ شهر ۾ جڏهن سندس گهر جي ٻاهران پڳاسين ته سندس فرزند ڊاڪٽر فرحان سومرو اڳواٽ ئي اسان جي آڌرڀاءُ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري اچي بيٺو هو. ڊاڪٽر فرحان دل جي گهراين سان اسان کي کلي کيڪاريو. ساڻس ملڻ سان دل کي ائين لڳو ڄڻ اسان پاڻ ۾ سالن جا سنگتي آهيون.
گهر جي گرائونڊ فلور تي ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ اسان جي پهرين نشست ٿي. جنهن ۾ ويهڻ سان ئي فريش جوس ۽ بسڪيٽن سان اسان جي آجيان ٿي. جهٽ پلڪ حال احوال ڪري اسان اٿڻ جي ڪئي سين ته جيئن اڳتي موسوي صاحب جي آشياني تي جلد پهچون. مگر ڊاڪٽر غلام رسول سومرو چوي سڄڻئو ائين ڪيئن ٿيندو. دل ته ورهين کان ملڻ پئي چاهي ڪجهه گهڙيون حال اوريون ۽ ماني جا ٻه گرهه گڏجي کائون ته ڪا دل ٺري. فرحان سومرو ۽ سندس والد محترم اسان کي پنهنجي گهر جي فرسٽ فلور تي ڊائننگ روم ۾ وٺي آيا. ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي ننهن جيڪا پاڻ ڊينٽسٽ آهي. ان هڪ خوبصورت ڊنر سيٽ اسان جي اڳيان ٽيبل تي سجايو. هن نياڻي پنهنجي هٿن سان ماني گهڙي اسان جي اڳيان رکندي، اسان جو اهڙو ته آڌرڀاءُ ڪيو، جو اسان مڙني کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ اسان پنهنجي سڳي ڀاءُ جي گهر دعوت تي آيا هجون. مٿان نياڻي سيما سومرو چوي توهان اسان جا مهمان آهيو، تنهن ڪري ماني کائڻ ۾ ڪو تڪلف نه ڪريو. انهي وچ ۾ هوڏانهن قبلي نقيب شاهه صاحب جا موبائل تي ٽڙڪاٽ لڳا پيا هجن ته هتي ماني پئي ٿڌي ٿئي، توهان ڪٿي آهيو. سنگت ويٺي هڪ ٻئي جو منهن ڏسي ته هاڻي ڇا ڪجي. بهرحال ڀاءُ فرحان جي وني جي هٿ جي تيار ٿيل ماني خاص طور سنڌي نموني ٻاڦ تي تيار ڪيل پامفريٽ مڇي نوش ڪري مسٽر فرحان جي هٿن جو ٺهيل ديسي جنجر ليمنيڊ لمڪا ڊرنڪ محبت ڀريل جامن ۾ پي هٿ ٻڌي کڻي اجازت ورتي سي.
سنڌي ادب جي مطالعي جي لحاظ کان جيتري قدر مونکي آگهي حاصل ٿي آهي ته ڊاڪٽر غلام رسول سومري جون 1965ع کان 1985ع واري عرصي ۾ سنڌي اخبارن، رسالن ۽ جنگ اردو مڊويڪ ۾ سنڌوءَ جي تهذيب تي تحقيقي مقالا، ڪالم مضامين، لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل ڪجهه سنڌي ادبي ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين جون سنڊي ميگزين جنگ ۾ رپورٽون شايع ٿيون هيون. ان کان سواءِ نئين زندگي، روح رهاڻ ۽ ٻين سنڌي رسالن ۾ ڪجهه مضامين ۽ ڪهاڻيون پڻ شايع ٿيا هئا. 1985ع کان 1992ع تائين پروفيسر غلام رسول سومرو پنهنجي تحقيقي ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ رڌل رهيو ۽ هن 1992ع ۾ لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ورهاڱي کان اڳ جي موضوع تي پي- ايڇ- ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڳچ وقت جي خاموشي کان پوءِ تازو هن جا ٻه ڪتاب جن مان هڪ ”لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ورهاڱي کان اڳ“ جي موضوع تي هڪ تحقيقي مقالو ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ پڻ مارڪيٽ ۽ لائبريرين جي زينت بڻجي چڪو آهي. سفرنامي جي سلسلي ۾”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب نهايت دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي. جڏهن مون ان کي پڙهڻ شروع ڪيو ته ڪمال شوق وچان ان کي پڙهندوئي ويس. سچ پڇو ته هن ڪتاب کي هڪ ساهي ۾ پڙهڻ جي رواني ۾ آئون ائين پئي اڳتي وڌيس جيئن مون هيلري ڪلنٽن جي ڪٿا جنهن ۾ هن اسامه بن لادن جي مارجڻ وارو قصو اهڙو ته ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪيو هو ڄڻ اهو اسان جي اڳيان هڪ فلم وانگر پيو هلندو هجي.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي هن ڪتاب ۾ گهڻا دلچسپ عنوان؛ مضامين ۽ ڪهاڻيون آهن، جن جا موضوع ۽ انهن جي بيان ڪرڻ جو ڏانوَ ۽ لکڻ جو نرالو انداز پڙهندڙ کي نه رڳو متاثر ڪندو پر سندس اهڙو انداز ماڻهن کي وطن سان پيار ڪرڻ جي جذبن سان پڻ همڪنار ڪندو. آخر ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي هن ڪتاب ۾ شامل هڪ ڪهاڻي جو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان. ڇاڪاڻ جو آئون پاڻ اهڙي سهڻي ۽ دل لڀائيندڙ ماحول ۽ منظر مان عملي طور گذريو آهيان. هن ڪتاب ۾ سندس ان ڪهاڻي جو عنوان آهي ”مونٽريال ۽ ڄامشورو“. ڊاڪٽر غلام رسول سومري هن ڪهاڻي ۾ هڪ سفرنامي جي تقاضا کي پوري ڪندي مونٽريال شهر جي اڻوهين صدي جي پراڻن پاڙن، محلن ۽ اتان جي عمارتن، هڪ جهوني پريس ڪلب ۽ پراڻين وڪٽوريا دور جي فرانسيسي خوشبوئيات سان ٻهڪندڙ بازارين جو خوب سير ڪرائي ٿو. تنهن بعد جڏهن هو موٽريال جي قديم ۽ تاريخي ناٽريڊم ڪيٿيڊرل جي سامهون هڪ ريسٽورانٽ ۾ رات جي ماني کائڻ دوران پنهنجي ٻارن سان مونٽريال جي خوشگوار ماحول ۽ پُر فضا هوائن جي، سنڌ جي شهر ڄامشوري جي روح پرور فضائن سان ڀيٽ ڪري ٿو. اهو پڻ سندس پنهنجي ديس سان محبت جو هڪ ثبوت آهي. مونکي پڻ مونٽريال گهمڻ جو موقعو مليو هو پر سندس هي ليک پڙهڻ بعد مون محسوس ڪيو ته ڄڻ مون مونٽريال ته گهميو ئي نه هجي. اهڙي دلچسپ ڪهاڻي جي پيرائي کي پڙهندي مونکي ڄام شوري جو اهو هوٽل ياد اچي ويو جتي سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران ٻئين ۽ ٽئين ڏهاڙي لياقت يونيورسٽيءَ جي انهن ڇپرا هوٽل تي وڃي ماني کائي عياشي ڪندا هياسين. مونکي اتان جي اها ڇپرا هوٽل به ياد اچڻ لڳي. جنهن ۾ بيرو پنهنجي مالڪ کي اسان سڀني گراهڪن جو بل لکن ۾ وٺڻ جو چوندو هيو. ۽ اسان به ڏهن ويهن رپين واري بل کي لکن ۾ ادا ڪندي پاڻ کي لکاپتي سمجهندا هئاسين. هن ڪهاڻي ۾ سومرو صاحب مونٽريال جي ناٽريڊم چرچ جو ذڪر ڪري ٿو. جنهن جي پويان پڻ صدين جي تاريخ لڪيل آهي.
ڊاڪٽرغلام رسول سومري پنهنجي ڪتاب ”ڳالهيون ڪيناڊي جي وڻ وڻڪار جون“ ۾ جن عنوانن ۽ موضوعات تي لکيو آهي. تن ذريعي ڪيناڊا جي نئين نسل جي تعريف جوڳي تربيت ٿئي ٿي ۽ ان تي پڻ گهڻو ڪجهه مفصل انداز ۾ بيان ڪيل آهي. هتي جي اسڪول ايڊيوڪيشن سسٽم ۾ نائين گريڊ کان ئي سرڪار ٻارن کي مختلف ڪاروبارن ۽ اين- جي- اوز ۾ والنٽيئرنگ ذريعي ڪم ڪار سان لڳائي ڇڏيندي آهي. يا ڪم ڪرڻ جي واٽ ڏيکاريندي آهي. ٻارن جي اسڪولي عمر ۾ سرڪار جا اهڙي قسم جا قدم ٻارن جي معاشي ۽ سماجي زندگي جي ميدان تي قدم رکڻ جي سلسلي ۾ گهڻو مددگار ثابت ٿين ٿا.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي هن سفرنامي جي ڪتاب جو مڪمل مطالعو ڪرڻ بعد مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ڪيناڊا ۾ رهندي زندگي جو اصل مزو ته سومرو صاحب وٺي ويو آهي. منهنجي نظر ۾ هن جي لکڻ جو انداز اهڙو ته چاشني سان ڀريل آهي، جو سندس ڪتاب پڙهڻ لاءِ هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻبو ته ان کي پورو پڙهڻ بنا بس ڪري نه سگهبو. سندس ڪتاب جو هر عنوان ۽ هر موضوع ڄاڻ سان ڀريل آهي. جيڪو نه رڳو پڙهندڙن کي هڪ خوبصورت دنيا ڏسڻ لاءِ هرکائيندو پر ماڻهو کي پاڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ همٿائيندو.


ذوالفقار علي شيخ

ليکڪ پاران: ڊيسڪ گالف ڪلب

هن ڀيري آئون ڪيناڊا جي سير سفر تي ويس ته چند ڏينهن گهر ۾ آرام ڪرڻ کان پوءِ مون پنهنجي ڪهاڻيڪاري واري ڪرت کي هٿ ڳنڍيا. اسان جي گهر جي اڳيان گالف ڪلب ۽ ڪريڪ سائڊ پارڪ جا سر سبز، شاداب ۽ ڪشاده ميدان هئا، جن جي ڇيڙن جي چوڌاري پائن ۽ ميپل جا بيشمار وڻ هئا. گالف ڪلب جي هڪ پاسي ڊرگهن ۽ گهاٽن وڻن جي ڇانوري ۾ ٽيهارو فٽ کن هيٺ ٿڌي پاڻي جو واهڙ وهي رهيو هو. هن هنڌ جي سانتيڪي ماحول ۾ پاڻي جي وهڻ جو مڌر آواز منهنجي سماعت ۾ ايندو هو. جيڪو مونکي بي حد مسحورڪن لڳندو هو. گالف ڪلب جي ڇٻراٽي آڳر ۾ هڪ ميپل جو وڻ هو، جيڪو قدرتي طور پنهنجي بنياد کان ئي ٽي ڇاڱو هو. زمين جي سطح کان ٽن فٽن تي ان جي وچ ۾ ڏيڍ فٽ کن خالي جاءِ هئي. ان خالي جاءِ ۾ مان پاڻ سان آنندل پاڻي جون بوتلون رکي ڇڏيندو هوس. لکڻ پڙهڻ کان واندو ٿي جڏهن گهر موٽندو هوس تڏهن ميپل جي زمين تي ورندڙ لامن مان هيرڻ جي پنن جي مشابهه پن پٽي بوتلن جي مٿان رکي ڇڏيندو هوس ته اهو ٻئي ڏينهن به ريفريجريٽر ۾ رکيل پاڻي جهڙو ٿڌو رهندو هو. هتان جي پر سڪون فطري ماحول کي نهايت موزون ڄاڻندي مون پنهنجي سر هن جاءِ جو نالو ڊيسڪ گالف ڪلب رکيو. لکڻ پڙهڻ جي لحاظ کان هي هنڌ مونکي ڏاڍو ڦريو. هتان جي خوبصورت ۽ فطري ماحول ۾ ويهي لاڳيتو مون پنهنجي سفر نامي؛ ”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ تقريبن سموريون آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون لکيون.
ڪيناڊا جي ياترا دوران مونکي جڏهن به لکڻ جو ڪو سهنج مليو آهي، تڏهن مون پنهنجي مطالعي موجب هتان جي تاريخ جي پاسن، هتان جي جاگرافيڪل ۽ ڊيموگرافيڪل حالتن، هتان جي خوبصورت ڍنڍن ۽ وهڪرن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هن دفعي آئون رڳو ڇهن مهينن جي لاءِ ڪيناڊا گهمڻ ڦرڻ لاءِ آيو هوس. جنهن موسم ۾ مان هتي پڳو هوس، تنهن موسم ۾ هتان جي سر سبز باغن، ڍنڍن، ڍورن، ننڍن وڏن قدرتي وهڪرن ۽ واهڙن جي ڪنارن ۽ ڪپن تي قسمين قسمين جا انيڪ رنگ برنگي گل ڦٽي نڪتا هئا. جيڪي پنهنجي جوڀن کي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجا ڳاٽ اوچا ڪري فطرت پرستن کي پاڻ ڏانهن هرکائي رهيا هئا. اهڙي پياري موسم ۾ ڪيناڊا جي نهايت حسين ڍنڍن جن جو ڄار سڄي ملڪ ۾ وڇايل آهي. تن ۾ ڏکڻ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي معتدل فضائن مان هتان جا پرڏيهه ويل مسافر پکيئڙا پنهنجي وٿاڻن تي موٽي آيا هئا. هتان جي دل لڀائيندڙ اهڙي موسم ۽ اهڙي ماحول ۾ هتان جا سکيا ستابا خوش لباس ماڻهو شام جي سهڻي ۽ سهاني پهر ۾ مسحورڪن خوشبوئيات جا اسپري ڪري ٻهڪندا، مهڪندا اچي هتان جي ريسٽورانٽ، ڪلب ۽ ڪيسونو جون رونقون وڌائيندا آهن. ڪيناڊا ۾ رهندي هڪ قلمڪار کي زندگي جا اهڙا رنگ ۽ اهڙا نظارا نظر ايندا ته لامحال هن جو مڏو قلم به ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لاءِ تکو ٿي پوندو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مان ۽ منهنجو قلم به هتان جي بهار ۽ هتان جي اونهاري جي ست رنگي فطري ماحول ۽ هتان جي خوشحال معاشرتي ۽ ثقافتي رنگن جو شڪار ٿيندو آهي.
ڏيساور جي وڻ وڻڪار ۾ وڃي، اتان جي سماجي ثقافتي ماحول کي ڏسندي ۽ ويچاريندي جڏهن به مونکي لکڻ جو موقعو نصيب ٿيو آهي، تڏهن مون پنهنجي قلم کي جهيڻو ٿيڻ ناهي ڏنو. منهنجي اهڙي مشغلي تحت ڳالهين ۽ ڪهاڻين جي روپ ۾ جيڪا ادبي اپتڪاري ٿيندي رهي. تنهن کي مان پنهنجي فيملي ميمبرن، ادبي حلقي جي احبابن ۽ دوستن سان شيئر ڪندو رهندو هوس. ان ڏس ۾ فيس بڪ تي جيڪا دل کي اتساهيندڙ موٽ ملندي هئي، اها نه رڳو منهنجي لکڻ وارن جذبن کي اڀاريندي هئي پر ان سان منهنجا حوصلا کير ٿر جبل جي چوٽين کي ڇهڻ لڳندا هئا.
هن وقت هي ڪتاب ”ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون“، جيڪو اوهان جي مطالعي هيٺ آهي، تنهن جو مهاڳ سنڌ جي معروف صحافي، ڪالم نگار ۽ مضمون نويس محترم ذوالفقار علي شيخ پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڪڍي تحرير ڪيو آهي.
مان ٿورا وساري نٿو سگهان ڊاڪٽر فرحان رسول سومري جا جنهن هن ڪتاب جي سنڌي ۽ اردو تحرير ٿيل مواد کي منهنجي فيس بڪ وال تان پرنٽر ذريعي ڪڍي ٺاهي جوڙي ڏنو. هن ڪتاب جو ڪجهه حصو اردو ۾ لکيل ڪهاڻين جي روپ ۾ هو، جيڪو آئون ڪيناڊا ۾ مقيم پنهنجي اردو ڳالهائيندڙ احباب ۽ فيس بڪ جي ”اپنا گروپ“ جي دوستن سان شيئر ڪندو هوس، تنهن سموري مواد کي مون سنڌي ۾ الٿو ڪري پنهنجي فيس بڪ وال تي رکيو.
ان ڏس ۾ جس هجي منهنجي پياري پٽ عمير رسول سومري کي جنهن ان مواد کي پرنٽر ذريعي ڪڍي مونکي ٺاهي جوڙي ڏنو. جنهن سبب منهنجي لاءِ اهو ڪم سهنجو ٿي پيو ته مان ڪتاب جي ڪٺي ڪيل سموري مواد کي پنهنجي پبلشر جي حوالي ڪري سگهان، مهربانيون ”مرڪ پبليڪيشن“ جي سرپرست محترم مرتضيٰ لغاريءَ جون جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪور تي خاص توجهه ڏئي ۽ وڏي محنت سان ڪتاب جي خوبصورت ڇپائي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهچايو.


ڊاڪٽر غلام رسول سومرو

فري بڪ ڪلب

فري بڪ ڪلب ٽورنٽو جي پڪرنگ سٽي جي مضافاتي ڳوٺ پڪرنگ وليج ميوزم جي علاقي ۾ آھي هن وقت ٽورنٽو ڪلچر جي جنهن موضوع تي آئون روشني وجهي رهيو آھيان اها نه رڳو ڪيناڊا جي سماج جي شعور جو هڪ حسن آھي پر اهو هن قوم جي اهڙي شعور جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن کي اسان زنده قوم چئي سگهون ٿا. هن قوم جي عمده اعمالن ۽ روين جي ڪري عهد حاضر ۾ هن ملڪ کي وڏي قدر جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو. منهنجي نظر ۾ هتان جي سماجي شعور ۽ قدرن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته دنيا ۾ ڪينيڊين پنهنجي سماجي شعور جو نه رڳو ادراڪ رکن ٿا بلڪه ان جي نشونما ۽ ونڊ ورهاست جو حق به ادا ڪن ٿا . هن وقت مان جنهن علاقي مان گذري رهيو آهيان اهو جهنگ نسورو جهنگ آھي جتي ڪوهين ماڻھو نظر نٿو اچي اڪيلا اڪيلا گهر هڪ ٻئي کان ڏور ڏور وڏا ڪشادا گهر جن ۾ رهائش پذير ماڻھو به رڳو ٻن يا ٽن فيملي ميمبرس تي مشتمل آھن. تن جي گهرن اڳيان بهترين روڊ ۽ رستا آھن جتان اسان پنهنجي آر وي تي گذري رهيا آھيون . منهنجي ننڍي برادر ڪاظم ٻڌايو ته، ”هي گهر هتان جي علاقي ۾ هڪ والنٽيئرلي بوڪ ڪلب جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آھي.“ مون چيومانس، ”پوءِ بريڪ هڻ ته وزٽ ڪريون ٿا . اهڙين شين جا ديدار ته ڪجن .“ جنهن گهر جي هن نشاندهي ڪئي ان جي سامهون اچي مون پنهنجي ڪيمرا جا لينس کوليا. گهر جي ٻاھران يا آس پاس ڪو بني هو نه بشر سو بنا اجازت جي پهريان ان گهر جي تصوير ورتم. تنهن کانپوءِ جيئن ئي آئوٽ ڊور ننڍي ڪتاب گهر جون تصويرون ڪڍڻ لڳس ته گهر جي مالڪياڻي در کولي اندران بر اجمان ٿي ۽ مخاطب ٿيندي چوڻ لڳي، ”توهانکي جيڪي ڪتاب وڻن سي توهان پاڻ سان کڻي وڃي سگهو ٿا. مون ننڍي ڪيبن جي ڪتابن کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو جيڪو هڪ اڌ ڪتاب مونکي وڻيو ان کي سيني سان لاتو ۽ ان نوجوان ڇوڪريءَ کي چيم ته هنن ڪتابن کي آئون واپس ڪري نه سگهندس.“ جوابن مگر وڏي خوش اخلاقي سان چوڻ لڳي، ”ضروي ناهي، توهان پاڻ سان کڻي وڃو اسان کي خوشي ٿيندي ..... هي اسان جو بڪ ڪلب فري آھي ۽ توهان گهر ۾ اچي فري ريڊنگ به ڪري سگهو ٿا. وڌيڪ چوڻ لڳي. اھي ٻاهر جيڪي ڪتاب رکيل آهن سي ڪو به پنهنجي گهر کڻي وڃي سگهي ٿو نو پرابلم “... هاڻي ڏسو هن سماج جو شعور ۽ هن غير مسلم سماج جا اقدار ... انهن جي ڪهڙي ۽ جيتري تعريف به ڪجي اوتري ٿوري ليکجي.
**

ڪيناڊا ۾ گورنمينٽ اسڪول گريڊ سسٽم

ڪيناڊا ۾ رهڻ دوران مونکي هتان جي اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي ڪن اصولن کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو. جڏهن آئون پنهنجي پوٽي ۽ پوٽين کي اسڪول ڇڏڻ ويندو هوس يا اسڪول ۾ ٿيندڙ ٻارن. والدين ۽ اسڪول ٽيچرس جي سالياني گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو هوس. ته مونکي ڪيناڊا جي سرڪاري اسڪول ۾ هلندڙ تعليمي گريڊ سسٽم جي ڪجهه ڄاڻ ملندي هئي. سرڪاري اسڪول سسٽم ۾ نصابي سرگرمين کان جدا جيڪي غير نصابي سرگرميون ۽ تربيتي پروگرام ترتيب ڏنا وڃن ٿا تن ۾ هيٺين درجن جي ٻار لاءِ راند روند، فزيڪل فٽنيس ۽ صحت صفائي جي معاملن تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. مضمون لکڻ جي سلسلي ۾ منهنجو رڳو مطالعاتي ادراڪ تي انحصار ناهي بلڪه منهنجو پنهنجو اکين ڏٺو احوال آهي ته هتان جي اسڪولن ۾ ناقابل يقين حد تائين تعليم، تربيت ۽ صحت جي اعليٰ درجي جي اصولن کي اپنايو وڃي ٿو.
اهڙي تربيت ۽ اهڙي نگراني ڪينيڊين سرڪار، اسڪولن جا بورڊ ۽ اسڪولن جي انتظاميه جي سهڪار سان جاري و ساري آهن. جنهن جي مٿان ملڪي قيادت جي پڻ ڪڙي نگراني رهي ٿي. منهنجي خيال ۾ ملڪي قيادت پنهنجي اسڪولن ۾ رڳو ملڪي مفاد ۾ ڪم ڪري ٿي. تنهنڪري اهو ممڪن ٿيو پوي ٿو ته ملڪي ادرا به وڏي ڌيان سان ملڪي مفاد ۾ سرگرم عمل رهن. ٽي سال اڳ مونکي پنهنجي پوٽين جي اسڪول زون پڪرنگ ۾ قائم سرڪاري ويلي پبلڪ اسڪول ۾ سيشن جي پڄاڻي تي ٽيچر- پيرنٽ ۽ اسٽوڊينٽ ميٽنگ ۽ ملن پارٽي ۾ شرڪت جو موقعو مليو.
ان ڏينهن اسڪول ۾ هڪ وڏي جشن جو ڏيک هو. منهنجي لاءِ وڏي خوشي جي ڳالهه هئي ته هن ميٽ دي ٽيچرس ڊي جو سمورو انتظام اسڪول جي استادن کلي فضا ۾ استقباليه واري منڊپ تي پنهنجن هٿن سان ترتيب ڏنو هو. جنهن ۾ والدين ۽ ٻارن جي آجيان به اسڪول جي سربراهه ۽ استاد پاڻ ڪري رهيا هئا. آجياڻي ۾ کاڌي پيتي جي شين ۾ بار بي ڪيو. بند ڪباب، چيز برگر، برائونيز ۽ ٻارن جي عام پسند جون شيون ۽ ڪولڊ ڊرنڪس وغيره (پنهنجي ڏوڪڙن سان خريد جي بنياد تي) رکيل هئا. اسان ريفريشمينٽ کان واندا ٿي ويلي پبلڪ اسڪول جي ڪلاس روم ڏانهن رخ رکيوسي. جتي اسڪول سيشن جي پڄاڻي تي ٻارن جي نصابي ۽ غير نصابي ڪارڪردگي ۽ سرگرمين جو رڪارڊ ٻارن جي ڊيسڪ تي رکيل هو. مگر جڏهن مان اسڪول جي گرائونڊ فلور تي قائم ڪلاس روم جي اڳيان ڪاريڊور مان گذري رهيو هوس،تڏهن اتان جي صفائي سٿرائي ڏسي مان محو حيرت ٿي ويس. ڪاريڊور ۾ ٻن ٽن ڪلاس رومن جي وچ ۾ ٻارن جي لاءِ پاڻي پيئڻ جا جديد ٽچ سسٽم وارا واٽر ڪولر لڳل هئا. ڪاريڊور ۾ وري ڪلاس روم جي ٻاهران ديوارن ۾ جوتن رکڻ جا ريڪ لڳل هئا. جن ۾ شاگرد ڪلاس روم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجا ڪلاس روم وارا شوز پائي پوءِ اندر داخل ٿين پيا. ته جيئن ٻاهران آيل شوز جي ترن ۾ لڳل دز مٽي يا جراثيم ڪلاس روم ۾ داخل نه ٿين. ٻارن جا ريڪ ۾ رکڻ وارا شوز سال جي شروعات ۾ نوان خريد ڪري والدين پاڻ رکندا آهن. جنهن ڪلاس روم ۾ اسان پنهنجي ٻارن سان اندر داخل ٿياسي تنهن کي ٻارن جي ڪيل ڊرائينگ ورڪس سان سينگاريو ويو هو. ڪلاس روم ٽن حصن ۾ تقسيم ٿيل هو.
هڪ حصي ۾ ٻارن جي لاءِ لائبريري ۽ ريڊنگ پليس هئي. جنهن ۾ رنگ برنگي ميزون ڪرسيون رکيل هيون. ڪلاس جي هڪ حصي ۾ ٽيچر جي آفيس هئي جتي پڻ معياري قسم جو فرنيچر رکيل هو جنهن جي وچ ۾ وڏي ميز رکيل هئي. جنهن جي مٿان ٻارن کي سمجهائڻ ۽ تربيت ڏيڻ جي سلسلي جو سامان، نقشا ۽ آرٽيفيڪٽ رکيل هئا. ڪلاس روم جي هڪ حصي ۾ ڪميپوٽر ۽ پروجيڪٽر نصب ٿيل هئا. اهڙي قسم جا انتظامات سو به هيٺين ڪلاس جي ٻارن لاءِ ڏسي مونکي وڏي خوشي به ٿي ۽ حيرت به اتپڻ ٿي.
ٻارن جا والدين پنهنجي ٻارن سان گڏ ويهي سندن گذريل سيشن جي ڪارڪردگي جو مطالعو ڪري رهيا هئا ۽ ڪمري ۾ ٽي ليڊي ٽيچرس ٻارن جي ڪاپين تي لڳل نوٽس ۽ ريمارڪس متعلق والدين کي گهربل معلومات ڏئي رهيون. اهي سمورو ڪم ٻن ڪلاڪن جي وقت اندر خوش اصلوبي ۽ نهايت سانتيڪي انداز ۾ ٿيو.
آخر ۾ استاد والدين جي آمد تي انهن کي خوش آمديد چيو ۽ اهو به چيو ته جن والدين کي پنهنجي ٻار جي ڪنهن به تعليمي مسئلي تي جڏهن به ڪجهه چوڻ جي ڪا ضرورت پوي ته هو ان جي ڪلاس ٽيچر سان رابطي ۾ اچي پنهنجو مسئلو ٻڌائي سگهن ٿا. ان موقعي تي اسڪول جي ماحول، طور طريقن ۽ ٻارن، استادن ۽ والدين جي هڪ ٻئي سان سهڪار ۽ سهڻي طرز عمل کي ڏسي منهنجي دل باغ بهار ٿي وئي.
**

مونٽريال ۽ ڄام شورو

مشهور فرانسيسي سياح جيڪ ڪارٽئي جو شهر مونٽريال ڪيناڊا جي خوبصورت شهرن مان هڪ آهي. هن هنڌ کي Jaque Cartier اٽڪل 1534 ڌاري ڳولهي لڌو هو. چيو وڃي ٿو ته ڪيناڊا کي ڪيناڊا نالو ڏيندڙ به جيڪ ڪارٽئي ئي هو. سندس تعلق دنيا جي خوبصورت ملڪ فرانس سان هو. في زمانه فرانس دنيا ۾ بهترين خوشبوئيات تيار ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي ۽ جيڪ ڪارٽئي جو شهر مونٽريال هن وقت به خوشبوئيات ۾ ٻڏل رهي ٿو. شهر جي قديم پاڙن انهن جي رستن ۽ گهٽين جو ماحول ۽ منظرنامو اڃا به ڏيڍ ٻه سو سال پراڻي يورپ جي وڪٽوريا دور جون سڪون لاهي ٿو.
مونٽريال شهر جي پراڻين گهٽين ۽ بازارن ۾ ڳاڙهين سرن سان ٺهيل روڊن رستن کي ڏسي ماڻهن کي حيرت اتپڻ ٿيندي آهي. بازارن ۽ ڳلين ۾ ايندي ويندي کي هاڻي به فرانس جي خوشبوئيات جو سحر کيرو ڪري ڇڏيندو آهي. شام جو پهر هجي يا صبح جون رونقون هتي جي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ چڱي پلي رش لڳي پئي هوندي آهي. هتان جي ننڍن وڏن هوٽلن ۽ ڪيفيز جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عطر ۽ عنبر جون ڀڀڪيون پيون اٿنديون آهن. اهڙي معطر معطر ماحول ۾ صبح جو اسان هڪ ڪيفي ۾ ويهي مسلمانڪي سادي کاڌي جو آرڊر ڪيوسي، جنهن ۾ هيش برائون، چيز آمليٽ، چيز ڪيڪ، ميپل سيرپ، برائونيز ۽ ڪيپوچينا ڪافي شامل هئي. مونٽريال شهر ۾ ماڻهن جي اها عادت هوندي آهي ته رات جي ماني شام جي پهر ۾ کائڻ لاءِ پنهنجي گهرن مان ٺهي سنڀري ريسٽورانٽ ۾ ماني ۽ مشروبات نوش ڪري دير تائين ويٺا ڪچهريون ڪندا آهن.
شام جو پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ اسان ناٽريڊم چرچ واري پراڻي علائقي جو سير سفر ڪري قديم طرز جي ٺهيل هڪ ريسٽورانٽ ۾ فش برگر ۽ ڪولڊ ڊرنڪ وغيره پي پنهنجو تن من توش ڪري هتان جي جهوني دور جون عمارتون ۽ گهٽيون ڏسڻ نڪتاسين.
مونٽريال جون اهڙيون گهٽيون ۽ گهر ڏسندي ڏسندي مان اهڙي هنڌ وڃي بيٺس جتي گهٽي جي ڪنڊ تي وڪٽورين دور جو پريس ڪلب هو. ڪلب جي ٻاهران ڀت ۾ پراڻي زماني وارو گاسليٽ ۽ وٽ سان روشن ٿيندڙ فانوس لڳل هو. نظر کڻي ڏٺم ته سامهون وارين گهٽين جي ديوارن ۾ اهڙي قسم جا فانوس پڻ لڳل هئا، جن کي هاڻي اليڪٽرڪ سسٽم تي آڻي روشن رکيو وڃي ٿو. دل چيو اڻويهين صدي جي هن پريس ڪلب ۾ اندر جهاتي پائي ڏسجي. سو دل ٻڌي اندر گهڙيس. اندر وڃي ڇا ڏسان ته ڪلب ۾ پراڻي زماني جون ميزون، ڪرسيون ۽ بينچون پيون هيون، مگر هن وقت اهو پريس ڪلب رڳو هڪ ميوزيم جو ڏيک پيش ڪري رهيو هو.
ٻارن سان ٿورو اڳتي وڌي ڏٺوسين ته بازار ۾ ڏيڍ ٻه سو سال پراڻي طرز جا دڪان کليا پيا هئا، جن ۾ زور شور سان خريداريون هلي رهيون هيون. بازار جي ويڪرين گهٽين ۾ جايون، روڊ رستا سڀ ڳاڙهين سرن جا ٺهيل هئا. جن جي ڪم و بيش اسٽائل پراڻي پيرس جي گهرن ۽ گهٽين جهڙو ڏيک پئي ڏي. مونٽريال جي قديم علائقن، انهن ۾ اڏيل عمارتن، عبادتگاهن ۽ بينڪن جي عمارتن کي وڏي خرچ ۽ محنت جي زور تي جهڙو جو تهڙو قائم رکيو وڃي ٿو ته جيئن انهن جي ساڳوڻي حالت کي جيئرو رکيو وڃي.
ناٽريڊم چرچ جي اردگرد جا پاسا گهمي جڏهن اسان ٿڪجي پياسين ته ٿورو ساهه پٽڻ لاءِ اسين پراڻي زماني جي قائم ڪيل بينڪ جي عمارت جي کليل آڳر ۾ هڪ اوپن ايئر ريسٽورانٽ ۾ ويهي ڪافي پئي نوش ڪئي سين. ان سمي مون پنهنجي پٽ فرحان کان سوال ڪيو ته. ”مونٽريال جي مهڪندڙ فضائن ۽ ڄام شوري جي دلفريب هوائن واري ماحول ۾ ڪو فرق“؟ ان کان اڳ جو فرحان جواب ڏي، مونسان ننهن مخالف ٿيندي چيو.”چاچا پهرين مان ڪجهه عرض ڪيان“ مون چيو. جي اوهان ئي ٻڌايو.“ ”چاچا ڄام شوري جي اسٽڊي سٺي هئي.“ مون کيس چيو. ”ڇا توهان ٻئي هڪ ڪلاس ۾ هئا“ هن وراڻيو، ”نه فرحان مونکان سينيئر هو.“ مون چيو چڱو ٻڌاءِ اتان جا هوٽل ۽ اتان جي ماني ڪئين هئي؟“ هن وراڻيو. اتان جي ڇپر ڪانٽيننٽل هوٽلن جي چڻن جي دال فرائي ۽ ماني ڀلي هئي.“ ٿورو رڪي هن وري چيو، ”ڄام شوري جي مٽن ڪڙهائي ۽ نان جو مقابلو هتان جي کاڌي سان بلڪل ڪري نٿو سگهجي.“ ننهن کان پوءِ پٽ چيو. ”بابا مان ڪجهه عرض ڪريان،“ مون چيو ”جي فرمايو.“ ڄامشوري جي پڙهائي ته هئي ئي لاجواب پر بابا اتان جي فضائن ۾ جادو هو. اتان جي ٿڌڙي شام، اتان جون هوائون اسان جي مٿان سحر طاري ڪري ڇڏينديون هيون.“ ٿوري ساهي کڻندي هن وري چيو. اتان جي ملباري جي ڍاٻي جي چانهه ۽ اڦراٽي جو هتي ڪو ميل ڪونهي.“
**

بگ ايپل

آسمان تي ڪڪر ڪڪورجي چڪا هئا. هوائن ۾ نمي وڌي وڃڻ ڪري موسم خوشگواري جو احساس ڏياري رهي هئي. موسم جا اهڙا بدلجندڙ رخ ڏسي مون پنهنجي پٽ کي چيو. هئڙي خوشگوار موسم ۾ گهر ۾ ويهي پڪوڙا تري کائڻ کان بهتر آھي ته لانگ ڊرائيو تي ڪاڏهن نڪري هلجي. منهنجي اها ڳالھ جيئن ئي ٻارن جي ڪنن تي پئي تيئن هنن جي دل ۾ خوشيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي وئي. بس پوءِ ته گهر ۾ ڌما چوڪڙي مچي وئي. پٽ ۽ ننهن جي اتفاق ڪرڻ کانپوءِ جلدي اسان سڀ تياري کي لڳي وياسين.
تفريح جي خيال سان جڏهن به اسان گھران نڪرندا آھيون ته اسانجو پهريون ٽارگيٽ ميڪڊونلڊ ۽ ٽم هارٽن ڪافي هائوس هوندو آھي. ناشتي پاڻي کان واندا ٿي اڌ ڪلاڪ جي اندر شاهراه 401 تي اچي اسان مونٽريال ڏانهن رخ ڪيوسين. شاهراه جي ٻنهي پاسن تي پري پري تائين ساوڪ لڳي پئي هئي. مٿي آسمان ۾ ميرانجهڙن ڪڪرن مان ٿڌڙي پاڻي جون بوندون ڪري رهيون هيون. ڪٿي ڪٿي روڊ جي پاسن تي صوفن ۽ پائن جا وڻ نهايت خونصورت منظر پيش ڪري رهيا هئا. روڊ جي ساڄي پاسي ڏاڙھن جهڙن ڳاڙھن صوفن جي وڻن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. جنهن کي ڏسندي منهنجي پٽ ٻڌايو ته ”بابا هي صوفن جا باغ ڪيناڊا جي پهرين وزير اعظم جان اي. ميڪڊونلڊ جا آھن جنهن جو تعلق برطانيه جي شھر گلاسگو سان هو ۽ 1867 ۾ سندس ئي ڪوشش سان ڪيناڊا ۾ ڌار ڌار صوبن کي هڪ فيڊريشن ۾ آندو ويو.جنهن بعد کيس هن نئين ملڪ جو وزير اعظم چونڊيو ويو.“ جان اي ميڪڊونلڊ جي ڪاوشن ۽ ڪاميابين جي باري ۾ فرحان وڌيڪ ٻڌايو ته پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ جان اي ميڪڊونلڊ وڪالت جي پيشي سان منسلڪ رهيو. تنهن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن ڪاروبار جي ڪم ۾ هٿ وڌا جنهن ۾ به ڪيتريون ڪاميابيون ماڻڻ بعد هو سياست جي ميدان ۾ آيو. اسان جي گفتگو جاري هئي مگر ايتري ۾ اسان پنهنجي منزل ”بگ ايپل“ جي ڪشادي اڳڻ ۾ اچي بيٺاسين. منهنجي حيرت جي حد نه رھي جڏهن منهنجي نظر جبل جيڏي وڏي ڳاڙھي صوف تي پئي.
شاهراه 401 تي هي هڪ نهايت ئي خوبصورت پڪنڪ پوائنٽ آھي. فطري ۽ انتهائي خوبصورت منظر ۾ ڪيناڊا جي بگ ايپل ڪمپني جي هتي وڏي عمارت آھي جنهن ۾ کاڌي پيتي جي مختلف شين تيار ڪرڻ جا ڪارخانه ۽ انهن جا ڊپارٽمينٽل اسٽور، بيڪريون، شاپنگ مال، ريسٽورينٽ، ڪنفڪشنري، بگ ايپل ڊرنڪ مشروبات ۽ مٺاين جا اسٽور آھن جن تي بگ ايپل جي ڇٽي هيٺ تيار ٿيندڙ شين ۽ پراڊڪٽس جو وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
بگ ايپل جي پراڊڪٽس ۾ اڪثر بگ ايپل جي فارم جي باغن جي صوفن ۽ انهن جي رس کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. وڏي سهڻي ڳالھ ته فيڪٽري جي مختلف حصن ۾ وڃي ماڻھو هر وقت تيار ٿيندڙ مال جو پنهنجي نظرن اڳيان معائنو ڪري سگهي ٿو.
اسان پنهنجي ٻارن سان ڪنفڪشنري جي سڀني حصن کي گهمي ڦري ڏٺو ۽ جڏھن شيشي جي وڏن مرتبانن ۾ ٽيسٽنگ لاءِ رکيل شين جا مزا ۽ معائنه ڪري واندا ٿياسين تڏهن بگ ايپل جي ڪچن مان ڪرنچ ايپل پائي، ونيلا ايپل ڪروسان، ۽ ٻارن لاءِ ڊونٽس ۽ پستن بادامن واريون برائونيز وٺي ريٽورينٽ ۾ اچي کاڌيون سين.
ٿوري دير آرام ڪرڻ کانپوءِ اسان بگ ايپل جي صوفن جي باغ ڏانهن ڪاهي پياسين. ڪارخاني ۽ باغ جي وچ ۾ وڏي ڳاڙهي صوف جي ٻه ماڙ عمارت هئي جنهن ۾ ماڻھو پنهنجي ٻارن سان تفريح لاءِ اندر وڃن ۽ اچن پيا، اسان به اندر وڃي بگ ايپل کي چڱي طرح ڏسي خوش ٿياسين. صوفن جي باغ ۾ پنهنجي مرضي سان صوف پٽي کائڻ جو ڏاڍو لطف آيو. باغ ۾ جيڪي صوف هيٺ پٽ تي پاڻھي ڪرن ٿا سي پاڻ سان کڻي وڃڻ جي اجازت آھي باقي جيڪي وڻن مان پٽي پاڻ سان کڻي وڃبا تن جي تور تڪ ۽ حساب ڪتاب ڪائونٽر تي هر ماڻھو کي ڏيڻو پوي ٿو.
اسان صوفن جي باغن جي پر فضا ماحول کي الوداع چئي ٻارن کي بگ ايپل جو چڙيا گهر ڏيکارڻ وياسين. بگ ايپل جي ڪشادن ساون سبز ۽ دل لڀائيندڙ ميدانن ۾ چڙيا گهر کان سواءِ گالف ڪورٽ به هئا جتي ٻار پنهنجي وڏن جي نگراني هيٺ گالف ۽ ٻين راندين کان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. بگ ايپل فارم جي هڪ پاسي ميوزيم به هئو جتي پراڻي زماني جي ريل جي انجڻ ۽ ڪيريئر گاڏا بيٺل هئا. ساڳي جاءِ لڳ بگ ايپل جي صنعت سان لاڳو اڻويهين ۽ ويهين صدي دوران رس ڪڍڻ وارين مشينن جا پراڻا سانچا پڻ نصب ٿيل هئا ۽ ديوارن تي انهن جا فوٽا ۽ ڊرانئنگس وغيره پڻ لڳل هيون ته جيئن انهن کي ڏسي ايندي ويندي کي صنعت جي اير ڀير ۽ قدامت جي ڀلي ڀت ڄاڻ حاصل ٿئي.
هن سهڻي شام ۾ جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن آسمان کان ڪرندڙ مينهن جون ڪڻيون دل کي سرور بخشي رهيون هيون تنهن ۾ سج جي لهڻ کان ڪي گهڙيون اڳ اسان بگ ايپل جي فارم کان لنگهي هڪ پراڻي آبادي جو نظارو ڪرڻ نڪري وياسين. ڪيناڊا جا ڳوٺ ۽ ٻھراڙيون به في زماني قدامت ۽ جدت جو هڪ خوبصورت نمونو پيش ڪن ٿيون. جن کي ڏسي ماڻھو محو حيرت ٿيو وڃي. 5600 ماڻھن تي ٻڌل هي قديم ڳوٺ. ڪراچي جي ڪلفٽن جي ڪنهن خوبصورت حصي کان به ڪئين ڀيرا وڌيڪ خوبصورت ۽ صاف سٿرو پيو لڳي. البته هتان جي هر لوڪيشن تي عمارتن ۾ وڪٽورين دور جي زماني جي عمارت سازي جو جيڪو سحر انگيز ڏيک نظر اچي پيو سو پنهنجي مٽ پاڻ هو. رستي ۾ ايندڙ هن ڪائونٽي جا روڊ رستا تقريبن سنسان ۽ ويران پئي لڳا. جڏهن ته ريسٽورانٽ، بيوٽي پارلر، گلن جا دڪان ۽ ٻيو سڀ ڪجھ کليل هئا، منهنجي خيال ۾ گهٽ آبادي ڪري ماڻھن جي اچ وڃ گهٽ پئي محسوس ٿئي، من جي هورا کورا لاهڻ لاءِ فرحان کان سوال ڪيم ته، ”هن حسين ترين وادي ۾ سڀ ڪجھ کليو پيو آھي پر ماڻھو ڪونهن“. هن ٻڌايو ته ”بابا هن ڪائونٽي نما شھر ۾ آبادي جو اٽڪل سمورو ريشو گوري نسل جي ماڻھن تي ٻڌل آهي ۽ هي وقت انهن جي ڊنر جو وقت آھي تنهنڪري دنيا جهان جا ڪم پاسيرا ڪري پهريون اهي ڊنر ڪندا پوءِ ٻيو ڪجھ ڪندا.“

**

چيري بلاسم فيسٽيويل ٽورنٽو

ڪيناڊا جي سرد موسم ۾ آئون گهڻو ڪري گهر ۾ ئي رهندو آهيان مگر منهنجو اهو نيم هوندو آھي ته صبح جو ناشتو نيرن ڪري گهر جي ويجهو باغ ۾ تڙڪو وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويندو آھيان. باغن جي ڪنڊن پاسن ۾ برفاني طوفانن جي ڪري ڪريل برف جا ڍير ۽ ڳنڊا چئني پاسي پکڙيل نظر ايندا آھن. باغ جي بينچن تي پڻ برف جا تھ چڙھيا پيا هوندا آھن. اهڙي موسم ۾ مان رڳو اڌ منو ڪلاڪ واڪ ڪري پنهنجي گهر موٽي ايندو آھيان. گهر ۾ اچي جڏهن شيشي جي درين مان ٻاهر جهاتي پائيندو آھيان ته پنن کان خالي وڻن جي سڪل لامن ۽ ٽارين ۾ برف شيشي جي لارن جي روپ ۾ موتي جي هارن وانگر ٽنگيل نظر ايندي آھي. اهڙي موسم مان جڏهن ڪڪ ٿيندو آھيان تڏهن مونکي بهار جي موسم جي تات لڳندي آھي. هن ڀيري سردين جا ڏينهن مون لکڻ پڙھڻ ۾ گذاريا، اهڙي مشغلي ۾ رڌل رهڻ ڪري مونکي وقت جي گذرڻ جو احساس گهٽ رھيو.
هڪڙي ڏينهن صبح جو آئون لکڻ پڙھڻ جي ڪم ۾ مصروف هوس ته اوچتو منهنجي گهر واري جي ڀاڻيجي انجنيئر نواز عالم جي ڪال آئي. هو ڏاڍي سٺي موڊ ۾ پئي نظر آيو. هيلو هاء کانپوء چوڻ لڳو ”انڪل بهار جي مند شروع ٿي وئي آھي. سڀاڻي ٽورنٽو جي هاءِ پارڪ ۾ چيري بلاسم فيسٽيويل آھي. اهو فيسٽيويل ڏسڻ لاءِ سڄو شھر ڪٺو ٿيندو آھي“ مون کانئس پڇيو. ”پروگرام ڇا آھي.“ چوڻ لڳو. ” اسان پوري فيملي پنهنجي گهران نڪرنداسي. اوهان فرحان سان گڏجي هن ميلي ۾ ضرور شريڪ ٿيندا“ نواز عالم جي واتان اهو ٻڌي ته بھار جي موسم اچي وئي آھي. منهنجي دل باغ بهار ٿي وئي. ڪيناڊا ۾ رهندي مونکي هتان جي موسمن ۽ انهن جي بدلجڻ جو احساس گهٽ ٿيندو آهي. اسانجي ملڪ ۾ واضح طور چار موسمون ٿيندي ۽ گذرندي نه رڳو محسوس ٿينديون آھن پر پنهنجي مٿان گذرندي انهن جا واضح اثرات به نظر يندا آھن.
فرحان جيئن شام جو ڊيوٽي ڏئي گهر آيو ته مون کيس چيو ”يار خبر ئي نه پئي ته هتي بهار جي موسم اچي وئي آھي.“ هو وراڻيو. ”بابا هتي ائين ئي ٿيندو آھي. سردين سردين ۾ بهار جي موسم اچي ويندي آھي ۽ ائين ئي گرمين جي موسم گذري ويندي آھي“ مون چيومانس.” تنهنجي ماسات نواز عالم جي فون آئي هئي ته ٽورنٽو جي هاءِ پارڪ ۾ سڀاڻي چيري بلاسم جو فيسٽيويل لڳندو جنهن کي ڏسڻ لاءِ اوهان ضرور ايندا.“ فرحان وراڻيو. ”ها بابا سائين ان فيسٽيويل جو ته اسان کي به انتظار رهندو آھي. ضرور هلنداسين“مون فرحان کي ياد ڏياريندي چيو. ”فرحان توکي ياد آھي جڏهن تون. امجد ۽ نواز عالم دهلي ڪالج ڪراچي ۾ مون وٽ پڙھندا هئا. تڏهن بهار جي موسم ۾ اسان ڪاليج جي پروفيسر حسن اڪبر ڪمال، پروفيسر نسيم نيشوفوز، ۽ پروفيسر نعيم علي خان سان گڏجي جاپاني ڪانسليٽ ۾ چيري بلاسم ۽ ٻين فطرتي مناظر تي ٻڌل هائيڪو مشاعري جي محفل ۾ هلي شريڪ ٿيدا هئاسين.“ فرحان وراڻيو. ”ها بابا مونکي چڱي طرح ياد آھي. ان هائيڪو محفل مشاعري ۾ ادا جعفري، پروفيسر شاهده حسن.فاطمه ثريا بجيا ۽ ڪراچي جا ٻيا ناليوارا هائيڪو جا شاعر اچي پنهنجا شعر پڙھندا هئا“ مون چيو ”يار توکي ته پنهنجي ڪاليج وارن ڏينهن واريون سڀ ايڪٽوٽيز ياد آھن پر تون اهو ٻڌاءِ ته چيري بلاسم ملهائڻ وارو ڪلچر ته جاپان ۽ چائنا جهڙن ملڪن جو آھي. هتي ڪيناڊا ۾ اهو ڪيئن ٿو ملهائيو وڃي.“ فرحان ٻڌائيندي چيو. ”بابا سائين ڪيناڊا جي ملٽي ڪلچرل لائف جي ڊيموگرافيڪل هسٽري ٻه اڍائي سو سال پراڻي آھي“، ”ڀلا ايترا سال قديم تاريخ مان چيري بلاسم ڪلچر تي روشني پوڻ جو ڪو امڪان آھي.“ هو وراڻيو. ”جي بابا“ مون چيو پوءِ ڀلا کولي ٻڌاءِ ته اسان به ڪو لطف وٺئون.
فرحان پنهنجي ڄاڻ مطابق ٻڌائيندي چيو. ”بابا اٽڪل 1852 ڌاري ڪيناڊا ۾ ريلوي جون لائنون وڇائڻ جو ڪم شروع ٿيو“ مون کانئس وچ ۾ سوال ڪندي چيو ”ڀلا انجو تعلق چيري ڪلچر سان ڪيئن ٿيو.“ فرحان چيو. ”بابا ڳالھ ته پوري ٻڌو“ مون چيو ”ٻڌاءِ.“ فرحان قصي کي ساڳي هنڌ کان شروع ڪندي چيو. ”ريلوي لائنون وڇائڻ واري ڪم ۾ مشرقي ملڪن مان آيل چيني ماڻھن ۽ ليبر جو هٿ رهيو آھي. مگر ان ڪم ۾ جاپانين جو ڪيترو عمل دخل رهيو آھي ان جي مونکي ڪا پڪي پختي ڄاڻ ڪانهي. البته ڏيڍ ٻن سو سالن کان دنيا جي ايسٽ ويسٽ جي علائقن مان مختلف رنگ ۽ نسل جا ماڻھو ڪيناڊا ۾ اچي آباد ٿيا آھن“ مون چيو ”انجو مطلب. ڪيناڊا ۾ ڌارين جي آبادڪاري وارو عمل پراڻو آھي.“ فرحان وراڻيو. ”ها بابا اهو عمل اڄ به جاري آھي. ۽ ڪيناڊا دنيا جو اهو واحد ملڪ آھي جيڪو رفيوجيز کي پاڻ وٽ پناھ ۽ ڌارين کي هتي آبادڪاري ۾ سهولتون مهيا ڪندو آھي“ مون چيو ”ڀلا هاڻي چيري ڪلچر تي موٽي اچجي.“ فرحان چيو. ”چيري دنيا جي ٿڌن علاقن ۾ ٿيندي آھي. هتان جي زمين ۽ موسمون چيري ۽ ٻين بيريز لاءِ نهايت مناسب آھي. ايتري قدر جو هتي چيني ماڻھن اچي پنهنجا الڳ ٽائون ٺاهي ڇڏيا آھن جن ۾ انهن جو سمورو چيني ڪلچر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بابا ٿي سگهي ٿو ته انهن جي اصلوڪي ملڪ ۾ جيڪي ميوا. ڀاڄيون ۽ وڻڪار هوندي تنهن کي آھستي آھستي هنن هتي ڪيناڊا ۾ آندو هجي ۽ ان سان گڏ چيري ڪلچر به هتي آيو هجي“ مون چيو ”ممڪن آھي.“ فرحان کي مون ياد ڏياريندي چيو. ”ڀلا سڀاڻي اهو هاءِ پارڪ وارو چيري بلاسم فيسٽيويل ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو.“ هن وراڻيو. ”جي بابا صبح ٿي انشاءَ اللہ ضرور هلنداسي“
ٻئي ڏينهن صبح جو يارهين لڳي اسان اڃا نيرن پاڻي ڪري چيري فيسٽيويل ۾ وڃڻ جون تياريون وٺي رهيا هئاسين ته نواز عالم جي فون آئي ۽ چوڻ لڳو. ”هتي هاءِ پارڪ ۾ پير رکڻ جي جاءِ ڪانهي بچي پارڪ جي اردگرد جي سمورن علائقن جي روڊن رستن تي گاڏيون ئي گاڏيون بيٺيون آھن. ميلن تائين ڪار پارڪنگ جو ملڻ مشڪل آھي“ فرحان مون ڏانهن ڏسندي چيو. ”بابا هاڻي ڇا ڪجي“ مون چيو ”وري ڇا ٿيو.“ فرحان چوڻ لڳو. نواز عالم چوي ٿو. هاءِ پارڪ واري علائقي ۾ پارڪنگ بلڪل ڪانهي. ماڻھو صبح جو سوير اچي هاءِ پارڪ ۾ ڪٺا ٿيا آھن. اسان جي اتي هڪ بجي به پڄئون ته پارڪ کان ڏيڍ ٻه ميل پري مشڪل سان ڪا گاڏي بيهارڻ جي جاءِ ملندي ۽ اتان پارڪ ۾ پهچڻ لاءِ پنڌ وڃڻو پوندو.“
چيري بلاسم جا خوبصورت رنگ ڏسڻ لاءِ اسان ٻئي ڏينهن شام جو چئي بجي ڌاران هاءِ پارڪ وياسين. ٻئي ڏينهن به چيري جي گلن کي ڏسڻ لاءِ پارڪ ۾ ماڻھن جا هشام لڳا پيا هئا. چيري فروٽ جي باري ۾ منهنجو خيال هو ته اهو ڪنهن ول يا ڪن ٻوٽن ۾ ٿيندو هوندو. پر هاءِ پارڪ ۾ چيريءَ جا وڏا وڻ ڏسي منهنجي حيرت جي حد نه رهي. پارڪ ۾ چئني پاسي ميلي جا رنگ لڳا پيا هئا جنهن ۾ هر رنگ ۽ نسل جي گروپ جا ماڻھو پارڪ جي خوبصورت ٻارن ۾ پنهنجن ٻارن سان کيل ۽ مشڪرين ۾ مصروف هئا. هاءِ پارڪ ۾ پبلڪ جي وڏي تعداد ۾ ڪٺي ٿيڻ ڪري پارڪ جي سمورن رستن تي روايتي قسم جي گهوڙن تي چڙھي گهمڻ وارن يونيفارم ۾ ملبوس عورتن ۽ مردن تي مشتمل گارڊس جي سڪيورٽي لڳائي وئي هئي. هاءِ پارڪ ميلن ۾ پکڙيل هو ۽ ان جي سائي ڇٻر تي بيشمار چيري جي وڻن جا سلسلا هڪ خوبصورت ڍنڍ تائين پئي پکڙيل نظر آيا. ٻٽي فرلانگ پنڌ ڪري اسان به پارڪ جي خوبصورت جهيل تائين وياسين. جهيل ۾ ڳاڙهي چنهنب وارين ڪارڙين بدڪن جا خوبصورت ولر هيڏي هوڏي چڳندي ڦرندي پئي نظر آيا جنهن کي ڏسي ٻار ڏاڍو گد گد پئي ٿيا. پارڪ ۾ ڍنڍ پري پري تائين پکڙيل هئي جنهن جي ڪنارن ۽ ڪپن تي لڳل وڻن ۾ چيري بلاسم جا گلابي ۽ اڇي رنگ جا گل نهايت حسين نظارو پيش ڪري رهيا هئا. اهڙا دل لڀائيندڙ قدرتي منظر ڏسي منهنجي ته دل باغ بهار ٿي پئي.
هاءِ پارڪ جي ڍنڍ جي ڪنارن تي قدرتي طور ڦٽل ٽيولپ جي سر سبز ٻوٽن ۾ ڳاڙھي، نارنگي ۽ هيڊي رنگ جا گل پنهنجا ڳاٽ مٿي ڪيو ماڻھن کي پاڻ ڏانهن ڏسڻ لاءِ هرکائي رهيا هئا. هن باغ جي خاص خاص حصن جي ٽواٽن ۽ چونڪن تي قومي اهميت جي جوڌن جا پتلا پڻ نصب ٿيل هئا. پارڪ جي ڪيترين جاين تي وڏا ٿنڀا کڙا ڪري انهن ۾ پکين جا جڙتو آکيرا ٺاهيل هئا. ان مقصد لاءِ ته جيئن پکي پکيرو ان ۾ آرامي به رهن. ٻچا به ڏين ۽ پنهنجي خوبصورت وجود سان باغ جو ايڪو ۽ رونق به وڌائي سگهن.
هاءِ پارڪ واري ڍنڍ جي آخري چيڙ ي تي ريل گاڏي جو بند هو جتان ٿوري ٿوري دير کانپوءِ ريل گاڏيون سيٽيون وڄائيندي پئي گذريون. پارڪ جي انهي پاسي خوبصورت پکين ۽ جانورن جو چڙيا گهر هو. جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻھو پنهنجي ٻارن کي وٺي اوڏانهن ٿي ويا. باغ جي چڙيا گهر تائين پهچڻ لاءِ ڇٽل سروس به هئي ۽ ٽن دٻن تي مشتمل بيٽرين تي هلندڙ ننڍيون ريل گاڏيون پڻ باغ جي رستن تي ماڻھن ۽ انهن جي ٻارن کي تفريح ڪرائيندي پئي نظر آيون ۽ اهڙي دلچسپ سفر ۾ سڀ کان وڌيڪ تفريح ٻارن کي پئي ملي.
شام لڙي هاءِ پارڪ جون سموريون رونقون ۽ تفريحي هنڌ ڏسي جڏهن ٻار ٿڪجي پيا تڏهن گريٽ ٽورنٽو جي هن حسين هاءِ پارڪ تان اسان موٽي پنهنجي وٿاڻ تي ورياسين.
**

سوٽ ڪيس

آسمان جي بلندين کي ڇهندڙ عمارتن ڪانڊومينيم جي نه کٽندڙ سلسلن جي هيٺان مصروف ڊائون ٽائون ٽورنٽو جي رستن تي انساني زندگي بلٽ ٽرين جي رفتار سان ڊوڙندي نظر اچي ٿي، جتي انساني زندگي جي بيگانگي جا نظارا ڪجھ اھڙا به ڏسجن ٿا جن کي پسي انسان جو روح ڪانڊارجيو وڃي ٿو. منهنجي سامهون ملٽي اسٽوري عمارت جي صدر دروازي کان هڪ خوبرو جوان نفيس لباس زيب تن ڪيو فرانسيسي خوشبوئيات ۾ ٻڏل هٿ ۾ مختصر سوٽ ڪيس کنيو هڪ زيبرا ڪراسنگ کان تيز تيز قدم ڀريندو هڪ ڪانڊو کان ٻئي ڪانڊو ڏانهن لنگهي ويو.
هڪ ڪانڊو کان ٻئي ڪانڊو تائين اهو سفر ڪنهن هڪ مسافر جو ناهي پر هتي اهڙا مسافر هزارين آھن جيڪي رات ڏينهن انهن راهن تي پيا هلندا وتن ٿا. انهن ۾ لسان ۽ نسل جو به فرق ناهي. بس مخلوق خدا آھي جيڪا راه بدر ۽ دربدر آھي. ڊائون ٽائون ۾ جيڪي شاهراهون آھن انهن تي ٻنهي پاسن کان وڏين وڏين عمارتن ۾ جيڪي سرڪاري نيم سرڪاري يا ڪارپوريٽ بزنس آفيسون آھن انهن ۾ اهي نوجوان زن و مرد روزگار تي لڳل آھن.
اڄ جي هن خوبرو ۽ خوبصورت نسل جي فيشن ايبل جوانن جي آمدني به انهن جيتري هيڊ سم آھي جيترا هو هينڊسم ڏسجن ٿا. زندگي ۾ انهن کي ڪا مجبوري ڪونهي. هتي انهن جي اڳيان ڪوئي آهي نه پٺيان. سکيا آھن ستابا آھن. کائن پيئن من پسند ٿا. هڪ ٻئي سان گڏ رهن ٿا گڏ ويهن ۽ سمهن ٿا. نه ڪا ميار نه ڪي مهڻو. بس هڪ ٻئي جا ديوانا آھن هڪ ٻئي تي دل فدا ڪرڻ ۽ پيار ڪرڻ جا ڪوڏيا آھن. هن سماج جي هن ماحول ۾ هي هڪ ٻئي کان جدا ٿي رهي نٿا سگهن. گڏ رهڻ، ڪچهريون، ٺڙا ٺشا ۽ پنهنجي پسند جون دوستيون ۽ انهن دوستين ۾ سڀ حدون پار ڪري رهڻ ئي هنن جي زندگي جو مشغلو آھي. هتي هنن جوانن جي زندگي جو اهوئي انداز ۽ اهوئي نيم ۽ اهو ئي نمونو آھي.
ڊائون ٽائون ٽورنٽو ۾ وڏي ڪوشش سان ۽ وڏي مسواڙ جي عيوض رهڻ لاءِ جوڙي کي ڪمرو ملي پيو ته گرل فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ کي پنهنجي زندگي ۾ ڄڻ سڀ ڪجھ ملي پيو. ڪانڊو ۾ گڏ رهندي انهن نوجوانن جي زندگي جون سڀ رڪاوٽون دور ٿينديون وينديون آھن ۽ زندگي جي رازن جا سڀ پردا به پري ٿيندا ويندا آھن.
زندگي جي دلنشني جا سڀ رنگ ۽ همنشيني جا سڀ سرها خواب پنهنجي تعبير کي پهچندا آھن. ماءَ گڏ ناهي ته ڇا. پي ساڻ ناهي ته ڇا. احباب ناھن ته ڪهڙو غم، ھم پيالا، هم نوالا، هم خيال ھم بستر سنگتي ته آھي.
بس ھاڻي نڀائڻيون آھن رڳو ياريون، انهن پرديسي ڪمائو پٽن ۽ پٽڙين جي کائڻ ڪمائڻ ۽ عيش ڪرڻ جا ڏينهن آھن تنهنڪري روز ميلا روز پارٽيون، فيشن، وڳا هڪ کان هڪ، فرانس ۽ دنيا ڀر جون خوشبو عطر عنبير هر قسم جو کاڌو موج مستي مهيا آھي ته ڄڻ زندگي ۾ سڀ ڪجھ حاصل ٿيو. مگر خوشبو ۽ خوابن تي زندگي جو سفر طئي ڪندڙ هنن راهگيرن جي دوستي ٿوري گهڻي ڦڪي مٺي ڳالھ تي ڪچي ڌاڳي وانگيان جلدي ٽٽي پوي ٿي، پوءِ هنن جي زندگي جي بيگانگي جو نئون سفر شروع ٿئي ٿو.
ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن شام ڪنهن وٽ ته ٻي ڏينهن جي شام ڪنهن ٻي جي جهولي ۾، راتن جو ملن ٿا ته ڏينهن جو وڇوڙو، ائين ئي پنهنجا ڏينهن ۽ راتيون ماه ۽ سال هي بسر ڪن ٿا.
هڪ اجنبي پکيءَ واننگر هڪ ڏينهن هڪ ڍنڍ جي هن ڪناري ته ٻئي ڏينهن ٻي ڪناري ائين انهن جون راهون. انهن جون منزلون ۽ ٺڪاڻا مٽجندا رهن ٿا. ڇاجي خلع ڇاجي طلاق جڏهن رشتا ناتا هوائن جي گهوڙن تي راه هلندي ٻڌجن ٿا ته انهن جي ٽٽڻ جو کين ڪو ڏک يا ڪو ارمان نٿو ٿئي.
بس صبح جو سوٽ ڪيس ۾ هٿ هڪ ڪراسنگ کان ٻي ڪراسنگ ۽ هڪ ڪانڊو کان ٻي ڪانڊو تائين سفر طئي ڪرڻ سان هڪ نئون ڪمرو، هڪ نئون بواءِ فرينڊ نئين زندگي مليو ٿي وڃي وري نيون خوشبو وري نوان ميلا، وري نيون ياريون قائم ٿيو وڃن.

**

من موجي ماڻھو

ڪجھ ڏينهن اڳ مونکي ٽورنٽو ڊائون ٽائون ۾ امگريشن ۽ رفيوجي بورڊ آفيس ۾ ڪنهن ڪم سانگي وڃڻ ٿيو. جنوري جي مهيني ۾ صبح جو ستين بجي تيارٿي اسان گيريزن ڪراسنگ اسٽريٽ پڪرنگ کان ڊائون ٽائون روانا ٿياسين. آفيس تائين پهچڻ ۾ ڪلاڪ کن جو رستو هو. هوم گوگل جو ٻڌايل گرمي پد مائينس پندرهن ڊگري اڄ مونکي مائنس ويھ محسوس ٿي رهيو هو. ٽورنٽو شھر جي برفيلي هوائن ۾ جن ۾ پنجن منٽن ۾ پاڻي برف ٿي ڄمي ويندو آهي. اهڙي رت ڄمائيندڙ موسم ۾ مون جهڙي ڪراچي جي معتدل فضائن ۾ رهڻ واري ماڻھو لاءِ اهو ممڪن نه هو ته کليل فضا ۾ اميگريشن بورڊ آفيس ٻاهران لڳل ماڻھن جي ڊگهي قطار ۾ اڌ ڪلاڪ کن بيهي سگهان. جيتوڻيڪ منهنجي پٽ فرحان گاڏي مان لهڻ کان اڳ ۾ چيو هو. ” بابا توهان گاڏي ۾ ويٺا هجو. جيستائين آفيس کلي ته پوءِ مان اوهان کي آفيس ۾ وٺي هلندس“ مگر سال کن ٽورنٽو ۾ رهندي مان پاڻ کي ٽورنٽو مين سمجهڻ لڳس ۽ سيءَ جي پرواھ نه ڪندي گاڏي مان لهي آفيس جي مين گيٽ تي لڳل قطار ۾ وڃي بيهي رهيس.
قطار ۾ لڳڻ کان اڳ مان اڻويهين صدي واري ڳاڙھي سرن واري بلند عمارت جي اڳيان جڏهن گذري رهيو هوس تڏهن منهنجي نظر عمارت جي ڪنڊ وٽ فٽ پاٿ تي سوڙين ۾ ستل هڪ بي گهر ماڻھو تي پئي هئي. انوقت مان محو حيرت هوس ته هي خدا جو ٻانهو سڄي رات اتي سمهڻ کانپوء جيئرو ڪيئن آهي. مون سوچيو منهنجي جسم تي پاتل هڪ سوٽي گنجي آھي. ان جي مٿان سويٽر جنهن جي مٿان قميض وري قميض مٿان ڪوٽ ۽ ڪوٽ مٿان اوور ڪوٽ پاتل آهي ۽ هيٺ تي ليگن ليگن مٿان گرم سوٽ ۽ پيرن ۾ ٿلها گرم جورابا. مگر فٽ پاٿ تي ستل من موجي ماڻھو جي جسم تي ڪي خاص ڪپڙا به نه هئا. هن شخص جي اهڙي سنگين ۽ ڪسمپرسي واري حالت ڏسي من ۾ خيال آيو ته پنهنجي سيل فون سان هن جي تصوير ڪڍان مگر منهنجي اهڙي خيال مٿان هي خيال غالب آيو ته ھن فٽپيريءَ جي رهائشيءَ جي تصوير هن فلاحي رياست جي نقشي تي هڪ اڻوڻندڙ داغ معلوم ٿيندو. جنهن کي آئون به ڪنهن پر پسند نه ڪندس. ڏسجي ته اهڙا ماڻھو پنهنجي ملڪ جي لاءِ شرم جو سبب بڻبا آھن. جنهن ملڪ جو سربراھ ڪووڊ موذي جي تباهڪارين جي اثرات کي محسوس ڪندي پنهنجي قوم کي دلداري ڏيندي چيو آھي. ته قوم جو ڪو به فرد ڪنهن قسم جو فڪر نه ڪري اسان هر حال ۽ هر مصيبت ۾ قوم سان گڏ بيٺا آھيون. ڳڻتي نه ڪريو حڪومت هر هڪ فرد جي ڪفالت ڪندي جيڪو هن موذي مرض وگهي متاثر ٿيندو. هونئن به دنيا ۾ ڪيناڊا هڪ اهڙي رياست آھي جنهن ۾ لاوارث. بي گهر ماڻهن ۽ مريضن جو گهڻو خيال رکيو ويندو آھي.
فٽپيري تي ستل هن بي گهر ماڻھو جي باري ۾ آئون هي ويچاري رهيو هوس ته هن شخص جو انٽرويو ڪجي ۽ معلوم ڪجي ته هي شخص ڪهڙي سبب ڪري اهڙي حالت کي پهتو آھي ۽ اهڙي هنڌ پيو پنهنجا پساو پورا پيو ڪري جتي ولھ ۾ سٽجي ماڻهو مريو وڃي. منهنجي خيالن جو سلسلو ان وقت ٽٽو جڏهن منهنجي پٽ فرحان منهنجي ڪلھي تي هٿ رکندي چيو. ”بابا هاڻي آفيس کلي وئي آھي“ .
پنهنجي ڪم کان واندو ٿي مان جڏهن ٻارهين لڳي ان ڀوت ناٿ جي پاسي ۾ بيهندي کيس کيڪاريندي چيو. ”هيلو مسٽر هائو آر يو“ هن وڏي بي نيازي سان وراڻيو. ”آءِ ايم گڊ“. مون هن شخص جي ڀرسان رکيل سندس ميراث تي هڪ نظر ڊوڙائي ته هن جي ڄنگهن تي هڪ ڪمبل. هڪ سوڙ ۽ هڪ ڪاري رنگ جي پراڻي بيگ کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه ھو.
هن جي هيٺان زمين تي هڪ ڪاٺ جو تختو رکيل هو. جنهن تي هاڻي هو اٿي ويٺو هو. ۽ سندس ٻنهي هٿن جي قبضي ۾ ٽم هارٽن جي ڪافي جو ڪپ هو جنهن مان هو مزي سان چسڪيون ڀري رهيو هو.
جڏهن هن جي حالت زار کي ڏسڻ لاءِ هن جي اڃا ٿورو ويجهو ويس ته مون محسوس ڪيو ته جنهن ڪٽر جي ڄاري مٿان هن موجي ماڻھو جو ڪاٺ جو تختو رکيل آهي.تنهن جي هيٺان ٻاڦ جا گرم ڦوارا نڪري رهيا آهن. جنهن سبب هن جي ارد گرد جو ماحول مونکي هڪ گرم ڪمري جهڙو پئي لڳو. تڏهن مونکي وڃي ڳالھ چيتي ۾ ويٺي ته هن قهر جهڙي سردي ۾ هي من چلو ڪيئن بالم لڳو ويٺو آھي.
هن موجي ماڻھو جي زندگي جي حالات جي خيالن ۾ گم هيس ته فرحان گاڏي اسٽارٽ ڪندي پاڻ ڏانهن اچڻ لاءِ چيو. ٽورنٽو شھر جي ڀيڙ واري علاقي مان نڪري اسان ڊان ويلي ملز کان هائي وي تي چڙھياسين ته مون فرحان کان معلوم ڪندي پڇيو. ”ڪيناڊا جي فلاحي رياست بي گهر ۽ لاوارث ماڻھڻ کي هر طرح جو تحفظ فراهم ڪندي آهي ۽ مفت ۾ اجهو مهيا ڪندي آھي. ته پوءِ هي ماڻھو ڪهڙي سبب ڪري هن موتمار سردي ۾ فٽ باٿ تي ڪريا پيا آھن“ فرحان ڪافي جو ڍڪ ڀريندي وراڻيو. ”بابا هنن بي گهر ماڻھن کي پناهگاهن ۾ پوليس زوري کڻي وڃي وجهندي آھي. پر هي نڀاڳا اتان فرار ٿي وري هتي فٽ پاٿن تي انهن گرم ڪٽرن جي مٿان اچي ڪرندا آھن.“ مون فرحان کان وري سوال ڪيو. ”ڀلا هي موجي ائين ڇوٿا ڪن.“ هو وراڻيو. ”بابا سائين در حقيقت هي هن سماج جو هڪ نفسياتي ڪيس آھن.“ مون چيو. ”اهو وري ڀلا ڪيئن“ فرحان کولي ٻڌايو. ”بابا شھر جي فٽ پاٿن تي هي نڀاڳا سوال نه ڪندي به چڳي ڀلي رقم جوڙي وٺندا آھن. هتان جا ماڻھو انهن کي مسڪين سمجهندي پيسا ڏيندا آھن. جنهن مان هي پنهنجي مرضي جو کاڌو ۽ نشو پتو ڪندا آھن. هتي هنن کي اها پڻ آزادي آھي. جڏهن وڻين سمهن ۽ جڏهن وڻين اٿن. هتي هي پنهنجي مرضي سان گهمي ڦري سگهن ٿا. هنن لاءِ هيءَ هڪ عيش جي زندگي آھي. مگر سرڪاري پناھ گاهن ۾ نشو پتو ڪرڻ ۽ پنهنجي مرضي جو رلڻ پنڻ ڪونهي. تنهنڪري هيءَ فٽ پاٿ هنن جي جنت آھي“ مون فرحان کان پڇيو. ”ڀلا هي هتي ڪهڙو نشو ڪري سگهن ٿا.“ ”بابا سائين هي ڪينابس ايڊڪٽيڊ آھن“ مون چيو. ”اها ڪينابس وري ڪهڙي بلا آھي“ هو وراڻيو. ”ان بلا کي اسان جا سنڌي موالي ماڻھو جنت جي ٻوٽي چوندا آھن“ مان فرحان جو اشارو سمجهي ويس پر پوءِ به هن کان سوال ڪيم. ”ڇا هتي ڀنگ ملندي آھي“ هو وراڻيو. ”جي ها بابا هتي نه رڳو ڀنگ ملندي آھي پر پوکبي به ججھي آھي. ۽ قانونن ان جو استعمال به جائز آھي“ مون سوال ڪيو. ”ڀلا ڀنگ هتي ڪهڙي فارم ۾ ملندي ۽ استعمال ٿيندي آهي“ فرحان چيو: ”بابا اسانجي ريسرچ مطابق ڀنگ هڪ سرور ۽ سڪون آور ٻوٽو آھي. تنهنڪري ان کي مريضن ۾ هڪ دوا طور استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ ان سڪون بخشيندڙ دوا کي ڪو به فارميسي اسٽور تان خريد ڪري سگهي ٿو پر شرط اهو آھي. ته ان جو استعمال ڪندڙ پاڻ کي خريد ڪرڻ کان اڳواٽ رجسٽر ڪرائي.“ مون سوال ڪندي چيو؛ ”ڀلا هنن فٽ پاٿين کي ڪير رجسٽر ڪندو.“ فرحان مسڪرائيندي وراڻيو. بابا پيسي سان هر مرض جي دوا مل سگهي ٿي.“
**

فراق وطن جو قيدي

2017ع جي اونهاري جي موسم ۾ مسٽر انيس سان منهنجي پهرين ملاقت ٽورنٽو جي هڪ نيري پاڻي جي خوبصورت ڍنڍ مسڪوڪا تي ٿي. جتي پنهنجي ڪٽنب سان هو اچي اسانجي پڪنڪ ۾ شريڪ ٿيو هو. چند منٽن جي ملاقات ۾ هڪ ڪمال بي تڪلفي سان هن منهنجو توجه پنهنجي طرف ڪري ورتو. انيس جون دلچسپ ڳالهيون ۽ هن جو سنڌي زبان تي عبور ڏسي، مان ڪو پهر حيران هوس. ڍنڍ مسڪوڪا تي اسان جي ٽن ڏينهن جي پڪنڪ پارٽي جو پروگرام رٿيل هو. هتان جي حسين ترين فطرتي مناظر ۾ انيس سان منهنجي دوستي سان گڏ چڱي ڀلي بي تڪلفي ٿي وئي. اسان ٻئي بدقسمتي سان ڏندن ۽ مهارن جي ڪمزوري جو شڪار هئاسين تنهنڪري سندس گهر واري هن لاءِ نرم اڦراٽا. ملائم شامي ڪباب ۽ فروٽ ۾ ارجنٽينا جو نرم ۽ ماکي جهڙو مٺو هني ڊيو(گدرو) وغيره کڻي آئي هئي. منهنجي ننهن منهنجي پسند جا ميڪسيڪو جا لال پٽي وارا (گلاب خاص) انب، اسٽرابيري، ڊارڪ برائون امريڪن چيري ۽ ارجنٽينا جا مشھور ڪانٽلوپ (سائي رنگ جا مٺا رس ڀريا مٺا گدرا) کڻي آئي هئي. روز صبح جو يارهين بجي پاڻي ۾ تڙڳي انيس ۽ مان اچي ان فروٽ تي حملي آور ٿيندا هئاسين.
انيس ۽ منهنجي ياري ايتري قدر پڪي ٿي وئي جو همراه رات جو به پنهنجي ڪمري مان کسڪي منهنجي ڪمري ۾ اچي رات جو دير تائين ڪچھري ڪندو هو. دل کي وڻندڙ هن جي خوبصورت انداز بيان ۾ جيڪي ڪهاڻيون ۽ قصا هوندا هئا انهن جي شروعات تقسيم هندوستان ۽ پاڪستان واري سال کان شروع ٿيندي هئي. همراه پنهنجي زندگي ٻاروتڻ کان ئي وڏي جهد ۽ جهاد سان گذاري هئي. مگر ساڻس لڳل هڪ ٽريجڊي اها هئي جو هن جي پنجهتر سالن جا طويل درد ڀريا داستان هن عمر ۾ سو به دور ديش ڪيناڊي جي ملٽن ۽ هيملٽن وارن علاقن ۾ ٻڌڻ وارو سواءِ سندس گهر واري جي ڪو مشڪل ملندو هو. خوش قسمتي سان آئون سندس اباڻي شهر ڪراچي جو سو به آرام باغ ۽ رتن تلاء جو رهاڪو پاڙيسري ملي ويو هوس. تنهن ڪري هو مونکي انگور جي جن وانگر چنبڙي ويو.
هڪ رات انيس ماني کان پوءِ ڊائننگ روم کان ئي منهجي پويان هليو آيو. توڻي جو کڻي سمر سيزن هئي تڏهن به رات جو درجي حرارت ڪڏهن ڇھن ۽ ڪڏهن اٺن تي وڃي بيهندو هو. آئون هتان جي موسم کي اڃان سمجھڻ ۽ سهڻ جي لائق ڪو نه هوس تنهنڪري رات جو ٻٽي سوڙيون پائي سمهندو هوس مگر هي همراھ پينٽ ۽ ننڍين ٻانهن واري شرٽ پاتل آرام ڪرسي تي ٽنگون ٽيڙي ويهي پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي شروع ڪري ڏيندو هو. ان رات مونکي ٿڌ ايترو اچي ورتو جو مون سوڙ ۾ منهن لڪائي هن جي جنم ڪٿا پئي ٻڌم. مونسان مخاطب ٿيندي انيس چيو، ”ڀاءَ غلام رسول 1947ع جي ڊسمبر واري مهيني اسان راجستان جي سرحد کان ميرپور خاص آياسين تنهن کان چند ڏينهن پوء ڪراچي شفٽ ٿي سعيد منزل جي سامهون رتن تلاءَ واري علاقي ۾ اچي رهياسين، ”مون چيوماس“.... يار آرام باغ ۾ رهڻ دوران مون رتن تلاءَ ۽ سعيد منزل توڙي رام سوامي پاڙن جي گهٽي گهٽي گهمي ڏٺي آھي. ڪراچي جا اهي پراڻا علاقه منهنجي پسند جا آھن. ”انيس پنهنجي قصي کي چوريندي چيو.“ منهنجي پيء کي پاڪستان ٺھڻ کان ٿورو اڳ 1942ع ۾ آرٿو ٽيڪنيشن جي جاء تي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ نوڪري ملي وئي هئي، ۽ ستت ئي کيس اسپتال جي سرونٽس ڪواٽرس ۾ رهائش به ملي. ”هن ڳالھ کي جاري رکندي چيو“ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ منهنجو وڏو ڀاءَ ۽ مان انهن ڏينهن پنهنجي تعليمي حاصل ڪرڻ جي مرحلن ۾ لڳي وياسين. ”اتي مون کيس روڪيندي چيو“ ان ڳالھ کي ڌيان ۾ رکجائن ته اڄ رات هڪ بجي ريڊيي تي طوفان جي اڳڪٿي ٿيل آھي. جي تنهنجو اهو قصو هڪ بجي پورو نه ٿيو ته پوءِ تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃي نه سگهندين، ”منهنجي اها چتاوڻي ٻڌي همراه چيو“ .... چڱو ڀلا باقي وري سڀاڻي. مون کيس پارت ڪئي ته مھرباني ڪري دروازي جو اندران لاڪ پش بٽڻ دٻائي وڃي.
پڪنڪ کان مهينو کن پوءِ اسان انيس جي دعوت ئي هيملٽن جا وڻ وڃي کنياسي، سندس فيملي پنهنجي گهر ٻاهران خوبصورت سائي ڇٻر، ٽيولپ ۽ ٻين رنگ برنگي موسمي گلن سان سيگاريل لان ۾ اسانجي آجيان ڪئي. منجهند جي ماني کائي هٿ ڌوئي جڏهن واندا ٿياسين ته گھر جي ڀاتين جي ڀري محفل مان انيس منهنجو هٿ جهلي پنهنجي خلوت خاني ۾ اهو چئي وٺي ويو. اچ ته مان توکي پنهنجي زندگي جو وڏو اثاثو ڏيکاريان. مان به ھن جي دلچسپ ڳالھين ٻڌڻ جو ڪجھ شيدائي ٿي پيو هوس تنهنڪري ساڻس گڏ هليو ويس. ڪرسي تي وهاري مون کي چوڻ لڳو ڪمري جو ٽيمپريچر تنهنجي لاءِ سوٽ ايبل آھي. مون چيومانس ٻاوين جي بدران چوويھ ڪريس، همراھ ڪمري جو ٽيمپريچر سيٽ ڪري ڀرسان ٽيبل تي رکيل هڪ وڏو زپ فولڊر کوليو ۽ ان مان هر سائز جا سرٽيفڪيٽ ۽ قيمتي دستاويز ڪڍندو منهنجي ڀرسان رکيل ٽيبل تي ويو سٿيندو، تهان پوءِ هڪ هڪ سرٽيفڪيٽ، انجو شعبو، ادارو ۽ ان جي اهميت ۽ قدر ويو بيان ڪندو، ڄام شورو ميڊيڪل ڪاليج مان حاصل ڪيل سرٽيفڪيٽ، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان حاصل ڪيل فزيو ٿريپي ٽيڪنيشن ۽ اليڪٽريشن جا سرٽيفڪيٽ، سعودي اريبيا مان فزيوراپي ۽ ٻين ڪارگذارين ۽ خدمتن جا رائل فيملي کان حاصل ڪيل ڪاٻارا، انهن تي لڳل نوٽ، صحيحون ۽ مهرون وڏي انهماڪ سان ويو مون کي چيڪ ڪرائيندو.
اهي فائيل سڀ ڏيکاري چيائين ”هاڻي مان توکي مردن جي کوپڙين کي کولڻ جو راز ٻڌائيان ٿو. مهرباني ڪري ڌيان سان ٻڌجو.“ هو هئو منهنجو ميزبان سو به ويجهو عزيز ۽ وري ڪراچي جو پاڙيسري، خير مون دل سان سندس ڳالھ پئي ٻڌي، ٽيبل تان فائيلن ۽ ڪاغذن کي پاسيرو ڪندي ساعت ڀر ساهي پٽيندي چوڻ لڳو.
”سومرا صاحب سعيد منزل ڪراچي ۾ جڏهن اسان اچي رهياسي تڏهن اسانجا گهرو ۽ معاشي حالالت ڪجهه ٺيڪ نه هئا. جيئن جو تيئن ڪري مون پرائيويٽ طور ريجسٽريشن ڪرائي پرنس اسٽريٽ وٽ ميٽرو پولس مسلم هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. انهن ڏينهن آئون پنهنجي والد صاحب سان گڏجي سول اسپتال ويندو هوس. منهنجو والد صاحب مون کي هڪ اليڪٽريشن وٽ ڪم سکڻ لاءِ ڇڏي ڏيندو هو. اتان مون ڪجھ ڪم پرايو، مگر منهنجو والد جنهن شعبي جو انچارج هو ان شعبي جي سموري ڪم کي مان سمجهي ويس ۽ پنهنجي ذاتي دلچسپي جي ڪري ان ڪم جي رازن کان پڻ چڱي طرح واقف ٿي ويس.“ ٿوري ساهي کڻي وري چوڻ لڳو. ”ها هڪ ڳالھ وسري وئي.“ مون چيومانس ”ڪهڙي.“ وراڻيو ننڍي هوندي مان پاڙي جي گهٽين ۾ اجايو سجايو پيو رلندو وتندو هوس. اسانجي گهر کان ٻٽي گهر ڇڏي هڪ سنڌي گهراڻو رهندو هو. ان گهر جي ڪراڙي مائي جيئن ئي مونکي فالتو گهمندي ڏسندي هئي ته سڏ ڪري چوندي هئي .”او ڇوڪرا ڪاڏي ٿو وڃي هيڏي اچ،“ مان رڙھي وڃي ان مائي جي ڀر ۾ بيهي اردو ۾ چوندو ھوس. کيا هئي. هوءَ چوندي هئي ”ماريو الائي ڇا ٿو چوي.اچي هي اٺ آنا اٿي هن لوٽي ۾ چئي آني جو کير وٺي اچ ۽ چئي آني جا ٽوس.“ هن مون ڏي ڏسندي هلڪو مسڪرائيندي چيو. سامهون دودھ واري جو دڪان هو سو ان جي دڪان تي وڃي چيم ”ادهر کوئي کير کي دڪان هئي ڪيا“ ... دڪان وارو سنڌي هيو کير جي تئي ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ها هي آھي نه کير.. بس ان ڏينهن مونکي سمجھ ۾ آيو ته ھتي دوده کي کير چئبو آھي. ٿورو رڪي چوڻ لڳو، ”مان اڪثر انهن سنڌين جي گهر ايندو ويندو رهندو هوس ۽ مان ان گهر جي ڀاتين کان ڪافي قدر سنڌي ڳالهائڻ سکي ويس،“ ٿوري ساهي ڀريندي ڏک ڀري لهجي ۾ وري چوڻ لڳو سال ٻن بعد قضا الاهي جي والد صاحب جي وفات ٿي وئي، پيءَ ۽ تنهن کان ستت ئي والده جي مرڻ کان پوءِ زندگي اڃا ڏکي ٿي پئي. وڏو ڀاءَ جنهن کي پنهنجا ٻار ٻچا به سنڀالڻا هئا تنهن مون کان وڌيڪ پنهنجن ٻچن تي توجه ڏيڻ شروع ڪيو. اهڙي ريت منهنجي زندگي وئي ڏکي ٿيندي. ستت ئي پنهنجي زندگي جي اهڙن حالتن کان بيزار ٿي مان پنهنجي زندگيءَ لاءِ ڪو نئون دڳ تلاش ڪرڻ ۾ رجهي ويس، مگر انهن حالتن دوران مان گهڻو وياڪل رهندو هوس، هاسپيٽل به روزانو ويندو هوس بابا سائين جا هڏ ڏوکي دوست منهنجو گهڻو خيال رکندا هئا.
هڪ ڏينهن پرائيويٽ روم جي پيشينٽ مونکي سڏ ڪري چيو. ”ڇوڪرا هن روم جي پکي جي اسپيڊ جو ڪجھ ڪر مونکي گرمي ٿي لڳي.“ مون سندس ڪمري ۾ وڃي پکي جي اسپيڊ تيز ڪري ڇڏي. جڏهن مان ڪمري کان ٻاهر وڃڻ لڳس ته ان مريض چيو ٻن ٽن ڏينهن لاءِ منهنجو نوڪر پنهنجي ڳوٺ ٻچن جي سار لهڻ ويو آھي تون مونکي سٺو ڇوڪرو ٿو لڳين تنهنڪري هتي اچي منهنجو ٿورو گهڻو خيال رکندو ڪر.“ ٿوري ساهي کڻي وري انيس ڳالھ کي جاري رکندي چيو. ”سومرا صاحب توکي سچي ڳالھ ٿو ٻڌايائن ته منھنجي دل ۾ هن مريض لاءِ ايڏي خداترسي جاڳي جو آئون پنهنجي ڪمن مان به وقت ڪڍي ان مريض جي وڃي خدمت ڪندو هوس. هفتي کن کان پوءِ ڊسچارج ٿيڻ وقت هن ڀاڪر پائي مون کان موڪلايو ۽ ويندي ويندي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ منهنجي کيسي ۾ رکندي چيائين. مون وٽ دادو ضرور اچجائن. ائين چئي منهنجي هٿ ۾ سو جو نوٽ رکندي، هو پنهنجي اسٽڪ جي سهاري سان آھستي آھستي ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃي ٽيڪسي ۾ ويهي رهيو. ڪمري مان رهيل کهيل سامان کڻي سندس نوڪر مونکي الوداع چيو ۽ اهو به وڃي ڊرائيور سان گڏ ويٺو. جهٽ پلڪ ۾ ٽيڪسي منهنجي اکين اڳيان غائب ٿي وئي. ”ٿڌو ساھ ڀريندي وري انيس منهنجي اکين ۾ ڏسندي چيو ”سومرا صاحب ان زماني ۾ اهو سئو رپيو منهنجي ٻن مهينن جي پگهار برابر هو.“
اسانجي گهرو حالات ۾ ڳچ وقت گذرڻ جي باوجود به ڪو سڌارو نه آيو. بس گهر گذاري لائق وڃي رهيو هو، ڀاءَ ۽ ڀاڄائي جو سمورو خيال پنهنجي اولاد جي پالنا ۽ تعليم ڏانهن هو، پنهنجي گهر ۾ ئي مان پاڻ کي ويڳاڻو ۽ بي سهارا سمجهندو هوس. تنهنڪري هڪ ڏينهن مون خيال ڪيو ته پنهنجو غم غلط ڪرڻ لاءِ ان سخي مرد مريض جي ڳوٺان دادو مان گهمي ڦري اچان.“ ساهي کڻي وري انيس پنهنجي قصي کي جاري رکيو. مون به مروت ۾ کيس چيو ”ڳالھ کٽندي يا اڃا هلندي.“
پنهنجي چھري تي مسڪان آڻيندي چوڻ لڳو. ”سومرا صاحب زندگيءَ جون ڳالهيون آھن زندگي جون اهي زندگي سان کٽنديون.“ مون چيومانس، ”ٻيلي انيس ائين نه ڪر يار اسانکي گهر به وڃڻو آھي. بس باقي ٿورو قصو آھي. ائين چئي هن پنهنجي ڳالھ شروع ڪري ڏني.“ سومرا صاحب مون ڪينٽ اسٽيشن کان دادو تائين ريل جي سفر جا خوب مزا ورتا. جڏهن ريل دادو اسٽيشن تي پهتي ته مان لهي وڃي چانھ جي اسٽال تي هڪ چانھ جو آرڊر ڪيو. چانھ جو ڪپ اڃا مون خالي مس ڪيو ته هڪ پوليس وارو اچي مونکان پڇڻ لڳو.... ”ڪير آھين.“ مون کيس پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته مان هن ماڻھو سان ملڻ چاهيان ٿو. پوليس وارو مونکي پليٽ فارم جي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ چوڻ لڳو هن ماڻھو ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم آھي.... پوليس واري کي مون ڪراچي سول اسپتال واري روئداد ٻڌائڻ شروع ڪئي. تيستائين هن منهنجي کيسن جي تلاشي وٺي منهنجا پئسا ڪڍي پنهنجي مٺ ۾ ڪيا. پوليس واري کي مون چيو تو منهنجا پئسا ڇو ڪڍيا آھن . وراڻيو چپ ڪر نه ته لاڪپ ۾ رکائيندوسائن. ”ڏکاري انداز ۾ انيس چيو“ مان هڪ غريب ۽ ماٺيڻي طبيعت جو ڇوڪرو هوس ۽ اهڙين حالتن کي ڏسي گهٻرائجي ويس . پوليس وارو مونکي هڪ بينچ تي ويهاري پاڻ اسٽال تي وڃي چانھ بسڪيٽ کائڻ لڳو ۽ پنهنجي ڪرڙين اکين سان منهنجي مسلسل نگراني ڪندو رهيو.“
صبح جو ڇھين لڳي ڌاران لاڙڪاڻي کان ريل اچي پليٽ فارم تي بيٺي هن منهنجي کيسي ۾ ڏهين جو نوٽ وجهندي چيو وري هيڏي دادو جو منهن نه ڪجائن. سومرا صاحب صبح جا يارهين لڳي ريل ڄام شوري اسٽيش تي پهتي. جنهن پوليس واري جي حوالي مونکي ڪيو ويو هو ان چيو ڇوڪرا اٿي کڙو ٿي تنهنجي منزل بس ايستائين آھي. مان ان اسٽيشن تي لهي پيس. اسٽيشن جي آڳر ۾ نلڪو لڳو پيو هو جتان مون هٿ منهن ڌوئي ٻٽي ڍڪ پاڻي جا پي اوسي پاسي جو جائزو وٺڻ لڳس. سامهون ڳاڙھي ۽ پيلي رنگ جي ڪاليج نما عمارتن کي ڏسي مون هڪ راهگري کان معلوم ڪيم ته اها ڪهڙي عمارت آھي. راهگير ٻڌايو ته اهو لياقت ميڊيڪل ڪاليج آھي. مون به ھم نه ڪئي تم ڪاليج ڏانهن رخ رکيو. ”ساهي پٽيندي“ انيس ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي چيو.“ ڪاليج پهچي مون ڪينٽين مان ڪيڪ پيس ۽ چانهن سان پنهنجو پيٽ ڀري ڀرسان ويٺل شاگردن کان معلوم ڪيم ته پرنسپل آفيس ڪهڙي پاسي آھي. شاگردن مونکي پيرن کان مٿي تائين تڪيندي چيو ”پرنسپل ۾ تنهنجو وري ڪهڙو ڪم.“ مون کين چيو. ”مونکي نوڪري جي ضرورت آ.“ هڪ شاگرد چيو ”هتي وري توکي ڪهڙي نوڪري ملندي.“ مون کيس وراڻيو ”ڪوشش ڪرڻ ۽ قسمت آزمائڻ ۾ ڇاهي.“ هڪ شاگرد ٻئي کي چيو ڀائو وڃ وڃي پرنسپل سان ملاقات ڪرائيس. جيڪو شاگرد مونسان گڏ اڳڀرو ٿيو ان صلاح ڏيندي چيو ته نوڪري لاءِ تون پهريان سپرنٽينڊينٽ صاحب سان مل اهو شايد توکي ڪنهن جاءِ تي رکي. مون کيس وراڻيو بهتر تنهنجي مهرباني. ٿورو ساھ کڻي انيس چوڻ لڳو. سپرنٽنڊينٽ صاحب جي آفيس ۾ داخل ٿي مون سامهون وڏي ٽيبل ڀرسان ڪرسي تي ويٺل آفيسر کي نماڻائپ سان سلام ڪيم. مونتي نگاھ وجهندي صاحب چيو ”ڪير آھين.“ مون چيومانس ”سائين نوڪري جو گهرجائو آھيان.“ اهو ٻڌي آفيسر چيو. ”تون هتي ڇا ڪندين“... چيومانس... ”سائيجن جيڪو ڪم چوندا اهو ڪندس.“ ”پڙھيل ڇا آھين“... ”ميٽرڪ پاس آھيان ۽ بجلي جو ڪم به ڄاڻان.“ آفيسر وراڻيو... ”ليبارٽري ۾ ڇنڊ ڦوڪ جي جاءِ آھي ڪم ڪندين.“ مون چيومانس ”جي سائين ڪندم.“
سپرنٽينڊينٽ صاحب جي مهرباني سان ٻن ڏينهن اندر مون کي زولاجيڪل ليب ۾ ٽيبلن ۽ ڪرسين جي صفائي جي ڪم تي لڳايو ويو.“ انيس جون ڳالهيون ٻڌي مون کي خوشي ٿي ته کيس نوڪري ملي ۽ هاڻي هو ضرور قصي کي جلد اختتام پذير ڪندو. مون ڪرسي تي پاسا ڦيرايندي ڪندي کيس چيو ”ڀلا هاڻي باقي ٻي چڪر ۾.“ هن وراڻيو .... ”اڃا اصل ڳالھ ته ھاڻي شروع ٿيندي.“ ٿورو رڪي چوڻ لڳو ”زندگي آ سومرا صاحب زندگي. سومرا صاحب ليب ۾ ڪجھ ڏينهن ڪم ڪندي گذريا ته ليب جو هڪ اهم اليڪٽريڪل ڊوائس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. آفيس ۾ ان ڊوائس جي ڪارآمد ٿيڻ ۽ مينٽينينس تي جيڪا رقم ۽ ٻاهراين ملڪ مان پرزا گهرائڻ جي بجيٽ ايلوڪيٽ پئي ڪرائي وئي سا هزارن ۾ هئي. مون وجھ وٺي سپرينٽينڊينٽ صاحب کي چيو ته اهو ڊوائس مان ٺيڪ ڪري ويندس رڳو ٻٽي سو رپيا لڳندا.“ اها ٻڌي آفيسر مونکي پرنسپل جي اڳيان وٺي وڃي بيهاريو. پرنسپل آفيسر کي چيو ”هي ڪير آ.“ آفيسر چيس ته ”اليڪٽريشن آھي مگر ليباريٽري ۾ ڪم ڪندو آھي دعويٰ ٿو ڪري ته ليباريٽري جو خراب ڊوائس ٻٽن سون ۾ ٺيڪ ڪري ويندو.“ پرنسپل چيو ”ڇا توکي ان ڊوائس کي صحيح ڪرڻ جو تجربو آھي.“ مون وراڻيو ”سائين ڊوميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ مون ڪجھ سال ڪم ڪيو آھي. مان سمجهان ٿو ڊوائس کي رڳو مينٽينينس جي ضرورت آھي.“ اهو ٻڌي پرنسپل چيو. ”جي ڊوائس وڌيڪ خراب ٿيو ته نوڪري مان ڪڍي ڇڏيندوسائن.“ مون کيس وراڻيو ”ڀلي سائين مون کي منظور آھي.“ سندس اها ڳالھ ٻڌي منهنجي به انيس جي ڳالھين ۾ وئي دلچسپي وڌندي. مون چيومانس پوءِ ڇا ٿيو. هو وراڻيو مون پنهنجي آفيسر کي چيو. مون کي گهربل ٽول ۽ هڪ هيلپر ڏنو وڃي.... ”مون چيومانس ڳالھ اڳتي ڪر“..... ”چيائين“ مون پوري ڊوائيس کي کولي چڪاسيو ته ڊوائس ڪجھ وقت کان گهم جو شڪار رهيو آھي تنهنڪري ان جي وائر جا ڪنيڪشن گهڻي ڀاڱي ڍلا ٿي پيا آھن. ڊوائس ۾ اندر گهڻي دز ڄمڻ جي ڪري به ان جي تارن کي نقصان پهتو آھي. هوور سان دز مٽي صاف ڪري تمام ڪنيڪشن جي تارن کي صاف اجرو ڪري ۽ چڱي طرح ٽائٽ ڪري. مون ڊوائز کي هڪ ڏينهن اس تي سوڪهڙو ڏئي ٻي ڏينهن اسٽارٽ ڪيم ته ان برابر پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪرڻ ڏنو.“ مون انيس کي چيو ”توکي ڪو انعام اڪرام مليو.“ کلندي چيائين ”مونکي ليباريٽري اسٽنٽ جي عهدي تي رکيو ويو ۽ رهائش لاءِ هڪ ڪمري وارو ڪوارٽر پڻ مليو ٿورو رڪي چيائين، ”منهنجي لاءِ اهوئي ڪافي هو.“
ڪرسي تان اٿندي مون انيس کي چيو ”چڱو ٿيو پرديس ۾ ننڊھي عمر ۾ توکي پڪي سرڪاري نوڪري ملي وئي.“ ”سومرا صاحب اڃا ڳالھ ڪاٿي کٽي آھي“. مون چيومانس ”باقي ڇا رهيو.“ هو وراڻيو. ”توهان ويهو ته ڳالھ پوري ڪيان.“ سومرا صاحب ان وچ ۾ پرڪٽيڪل لاءِ ڪاليج کي انساني کوپڙين کي کولڻ جي ضرورت هئي. جيڪي اڳ۾ ٻاهران کلي اينديون هيون. مون پڇيومانس، ٻاھران ڪٿان. چيائين يورپي ملڪن ۽ آمريڪا مان آرڊر ڏئي کليل کوپڙيون گهرائڻيون پونديون هيون. مگر ڊوميڊيڪل ڪاليج ۾ ديسي طريقي سان کوپڙين کي کولڻ جو اهو فن مون پنهنجي والد صاحب جي آرٿوپيڊڪ ٽيڪنيڪل ٽيم کان لڪي چوريءَ سکيو هو.
تنهنڪري پرنسپل صاحب کي مون عرض ڪيو ٻاهران کليل کوپڙيون نه گهرايو. توهان مونکي پندرهن ويھ کوپڙيون فراهم ڪريو جن کي مان چئن پنجن ڏينهن ۾ کولي ڏيندس“..... پرنسپل مسڪرائيندي چيو ”ڇورا تون ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪندو آھين.“ مون وراڻيومانس بس سائين اهو ئي ڪجھ ٿورو گهڻو ڄآڻندو آھيان“... پرنسپل چيو ”ڪيئن کوليندين.“ وراڻومانس ”سائين اهو ڪم منهنجو آھي مونکي گهربل سامان ۽ ٻه هيلپر ڪم لاء ملن ته مان توهان کي کوپڙيون کولي ڏيندس.“
انيس جي اهڙي دعويٰ تي مونکي به پورو ويساھ نه پيو بيهي.مان پاڻ هن جي اهڙي قسم جي ڳالھن کي ڊيل بازي پئي ڄاتو. بهر حال ڳالھ دلچسپ مرحلي ۾ وڃي داخل ٿي هئي. سو مونکي توڙ تائين ٻڌڻي پئي. مون انيس کي چيو. ”ها پوءِ ڇا رزلٽ نڪتو.“ ورڻيائين ”سومرا صاحب ٻئي ڏينهن ٻه ڪم وارا ڇوڪرا ۽ گهربل سامان به مليو. مون ڏينهن جو انهن انساني کوپڙين کي ڌوئرائي صاف ڪرائي ليبارٽري جي هڪ ڪمري ۾ رکي ڇڏيو. ساڳي رات جو ماني کائي جهٽ پلڪ آرام ڪري سامان مان چڻا ڪڍيا ۽ انهن کي پاڻي ۾ ڇاڇولي ٺاهي ڪري کوپڙين ۾ ڀري هڪ پاسي لاک سان سيل ڪري ڍڪي رکي ڇڏيم.“ مون چيومانس ”پوءِ ڪڏهن اهي انساني کوپڙيون کليون. وراڻيائين ”اهو وڏي ڌيرج وارو پروسيس آھي ۽ چئن ڏينهن ۾ اڪثر اهي کلي پونديون آھن.“ مون پڇيومانس ”ڪاميابي جو ريشو ڇا رهيو.“ هن چيو ”چڻا آھستي آھستي ڦنڊندا ويا ۽ کوپڙين جي جوڙن تي ويا دٻاء وجهندا نيٺ انهن کي پنهنجن قدرتي حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيائون ۽ ڪاميابي جو ريشو وڃي سئو سيڪڙو بيٺو.“ ٿورو رڪي مسڪرائيندي چيائين انهن ٻن ڪمن جي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهي ڏينهن اهي شينهن. ”مان چيومانس مطلب.“ وراڻيائين ”بس وري ڪراچي جي سڪ لڳي ۽ پوئتي هليو آيس....“ مون چيو ”شڪر الحمد اللہ “.. ”سومرا سائين مگر ڳالھ اڃان پوري نه ٿي آھي باقي توهان مونکي اڌ ڪلاڪ ڏيو ته مان پنهنجي جدو جهد واري زندگي جي هڪ اهم باب جو به ذڪر ڪري ڇڏيان.“ مون به دل ۾ چيو هيملٽن ۾ سوين ڪلوميٽرن جي ڊگهي مسافت ڪري آيا آھيون سو سنگت جي زندگي جي هن اهم باب کي به ٻڌي ڇڏجي.....

مون چيو مانس ”ها سائين بسم الله.“ ٽيبل تي رکيل ڪيناڊا ڊراءِ جي جنجريل ڊرنڪ جو ڪين خالي ڪندي انيس چوڻ شروع ڪيو . ”سومراصاحب منهنجي پيرن ۾ خارش آھي سو مان هڪ هنڌ ٽڪي نه سگهندو آھيان“..... مون ڀوڳن ۾ چيومانس ”۽ هٿن ۾؟“ وراڻيو ”هٿن ۾ به خارش آھي هڪ پاسي کان پئسو پيو ايندو ۽ ٻئي پاسي کان ويندو خرچ ٿيندو.“ ”چڱو ڀلا ڳالھ کي ختم ڪريو.... “ چيائين ”ڪراچي ۾ رهي مون فزيوٿراپي ٽيڪنيشن جي مڪمل ٽريننگ حاصل ڪئي. تنهن کان ڪجھ وقت پوءِ سعودي عرب رائل فيملي جي آفر تي فزيوٿراپسٽ جي حيثيت ۾ اتي وڃي جوائن ڪيم.“ ”مسڪرائيندي چوڻ لڳو اتي مون شھزادن جي وڏي فنڪاري سان خدمت ڪري انهن جو قرب حاصل ڪيو.“ مون چيومانس ”يار انيس هاڻي ڳالھ کي کٽاء....“ چيائين ”سومرا صاحب سعودي ۾ مان زندگي جو چڱو حصو رهي ڪروڙين به ڪمايم ۽ وڏي سکي زندگي به گذاريم.“ مون ڳالھ کي کٽائيندي کيس چيو ”پوء تون ڪيناڊا ڪيئن آئين.“ وراڻيو هڪ دوست جي آڇ تي هتي اچي مون پنهنجي ڪمايل دولت کي دوست جي ڪمپني ۾ پارٽنرشپ ۾ سيڙپ ڪئي. مون چيومانس پوءِ نتيجو ڇا ٿيو. منهن تي هلڪي مسڪان سان گڏ هڪ سرد آه ڀريندي چيائين ”دوست ڌوڪو ڏنو ۽ منهنجي سعودي عرب مان ڪمايل سڄي ڪمائي ڪٽ ٿي وئي.....“ چيومانس ”هاڻي ماشاءَ اللہ خوش آھين. ٽيبل تي پکڙيل سرٽيفڪيٽن کي زپ لاڪ بيگ ۾ وجهندي چيائين“ ٻه شاديون ڪيم هي گهر پنهنجو آھي شڪر آ رب سائين جو هاڻي جتي رکي جهڙو رکي ’وتعزمن تشاءُ وتُذل من تشاءُ‘. مون چيومانس ”ڀلا هاڻي هٿن پيرن جي خارش ۾ شانتي آھي ڪن آھي ڪجھ؟“ مسڪرائيندي چيائين ”اهو قصو وري ٻي ڀيري.“

آئون 2019ع واري سمر سيزن انجواءِ ڪرڻ لاءِ مئي واري مهيني ۾ وري ڪيناڊا وڃي نڪتس. سيزن جي شروعات ۾ ئي اسان ڍنڍ جي پکين وانگر نياگرا فال، ڍنڍ اونٽاريو جا اوسا پاسا ۽ ڍنڍ سمڪو جي پاڻين تي لامارا ڏيڻ شروع ڪياسين. جون جي پوئين هفتي ڍنڍ سمڪو تي اسان جي وڏي پيماني تي فيملي پڪنڪ رکيل هئي. هن پڪنڪ دوران به منهنجي ملاقات انيس سان ٿي. مونکي وڏي قرب سان هٿ پڪڙي پاڻي ۾ ترندڙ حسين گوز (ڪونج جيڏا ولرن ۾ هلندڙ پکي) جي ولر ڏانهن ڇڪي وٺي ويو ۽ وڃي هڪ بينچ تي ويهاريائين. جهٽ پلڪ حال احوال اوري مونکي وري پنهنجي زندگي جي سفر جي شروعات 1948- 1947ع کان انهيءَ ساڳوڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ شروع ڪيائين. منهنجو ساڻس دوستي سان گڏ مائٽآڻو تعلق اهڙو هو جو مون ڍنڍ جي خوبصورت پکين کي به ويٺي ڏٺو ۽ 1948ع جي هن جي ڪهاڻي پئي ٻڌي. منجهند جي ماني تي اسانجي ۽ انيس جي ڪهاڻي جي رسيس ٿي.
منهنجي ننڍي ساليءَ جي پٽ جي شادي مسي ساگا جي هڪ شادي هال ۾ هئي. ان شادي جي واقعي تي اسانجي وري ملاقات ٿي. مون انيس سان کلي آجيان ڪئي. هن به سٺي موٽ ڏني. جڏهن ڌم ڌڙاڪا ۽ ناچ گانا شروع ٿيا تڏهن مونکي هٿ کان وٺي اهو چئي آخري ٽيبل ڏانهن ڪنڊ ۾ وٺي ويو ۽ چيائين ”سومرا صاحب زندگي جا هي تماشا به گهڻا ڏٺا آھن. اچ ته پنھنجي ديس جون ڳالھيون ڪيون ڪراچي نيٽي جيٽي پل تي سج لهڻ جا خوبصورت منظر ۽ ڄام شوري جي حسين ماحول ۽ اکين ۾ ننڊ آڻيندڙ روح پرور هوائن جون ڳالھيون ڪيون.“ ٿورو ٿڌڙو ساه کڻندي چيائين، 1948- 1947ع واري زماني ۾ جڏهن اسان ڪراچي ۾ ھئاسين تڏهن ڪراچي جي روڊن رستن جي صفائي ڏسي مون کي لڳندو هو ته، هي ڪو ولايت جو شھر آھي. ”مون چيومانس“ يار هاڻي ماني لڳي چڪي آھي هل ته ھلي پهريون حملو ڪيون. “
انيس سان ڪيترن ملاقاتن جي تجربي کان پوءِ مون هن جي هن راز کي وڃي سمجهيو ته دوست پنهنجي زندگي جي ساروڻين جي ڄار ۾ سو به 1947ع ۾ هڪ لحاظ کان قيد ٿي چڪو آھي. جنهن مان شايد ئي ڪڏهن نڪري سگهي.
**

اڪيلائي جي گسن جا مسافر

پڪرنگ وادي جي هن واتا ورڻ ۾ اڻ ڳڻيون خوبيون موجود آهن. آب و هوا ۾ توڙي فضا ۾ منفي سيڪڙو گدلاڻ آهي. نظرن کان ڪوه پري به وڻ ٽڻ ۽ شيون صاف پيون نظر اچن ٿيون. پاڪ صاف هوا ۾ صاف آڪسيجن جو تناسب ججهو ٿئي ٿو تنهنڪري جيڪو ساه کڻجي ٿو سو ڦڦڙن ۽ دل دماغ کي فرحت بخشي ٿو. پوري ملڪ جو پاڻي ڪيناڊا جي وڏين ڍنڍن ذريعي صفائي جي پلانٽن مان گذري گهرن ۾ اچي ٿو جنهن کي اسين بنا فلٽر مان گذاريندي براه راست نڪلن مان پيئون ٿا ۽ رڌ پچاءَ جي استعمال هيٺ آڻيون ٿا.
هتي ڇهه مهينا برف پوي ٿي ۽ سانوڻ ۾ گهاٽن ٻيلن جي هجڻ ڪري مسلسل موسم مينهوڳي واري رهي ٿي. جنهن ڪري سڄو ملڪ سائو لڳو پيو آهي. روزگار جي وسيلن جي موجودگي ڪري ۽ ويزا پاليسي بهتر هجڻ ڪري برطانوي ۽ فرينچ نسلن جي گاڏڙ حڪمراني هيٺ هلندڙ هن ملڪ ۾ تقريبن دنيا جي هر نسل ۽ رنگ جا ماڻهو رهن ٿا. منهنجي نظر ۾ ڪيناڊا دنيا ڀر جي انساني نسلن جو هڪ خوبصورت گلدستو ٿي پيو آهي. صبح جو جڏهن آئون پنهنجي نيم موجب باغ ۾ واڪ ڪرڻ ايندو آهيان ته گالف گرائونڊ تي رانديگرن جي ڀيڙ ڏسي زندگي کي جاڳندو ڏسي لطف ايندو آهي. رواجن گهڻن ماڻهن سان هيلو هاءِ ٿيندي آهي. اتان لنگهي جڏهن مان ڪريڪ سائيڊ پارڪ ۽ ساڪر گرائونڊ جي سائڊ واڪس تي ايندو آهيان ته مختلف قسم جي عجيب ۽ غريب قد ڪاٺ رنگ ۽ شڪلين جي ڪتن ۽ انهن جي مالڪياڻين ۽ مالڪن جون صورتون ڏسڻ لاءِ ملنديون آهن. مغرب ۾ ماڻهن جي ضروري ۽ سڀ کان وڌيڪ دلچسپ عادت ڪتو پالڻ آهي. هر نسل جو ڪينيڊين باشندو ڪتو پالي ٿو پر گوري نسل جي ماڻهن کي ڪتي سان خاص الخاص عشق آهي. اصلي ڪينيڊين جي گهر ۾ ڪتي کي گهر جو ڀاتي واري حيثيت حاصل آهي. هتان جي ثقافت موجب ڪتو ماڻهو جو يار، سنگي، ساٿي، اولاد ۽ هيرو- کيرو سڀ ڪجهه آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون محسوس ڪيو آهي ته پنهنجي ڄائي اولاد کان وڌيڪ هو ڪتي کي پنهنجو ساٿي ۽ دوست سمجهن ٿا. هتي ڪتي کي رڳو ووٽ ڏيڻ جو حق ڪونهي باقي ٻيا سڀ حق ان کي حاصل آهن. گرائونڊ ۾ مالڪن سان ڪتن جي محبت ۽ لڳاءَ کي ڏسي مان اهو اندازو لڳائيندو آهيان ته ڪتو انسان سان نه رڳو بي انتها پيار ڪري ٿو پر هو پنهنجي مالڪ جو هڪ بهترين وفادار ساٿي پڻ آهي.
روزانو صبح ۽ شام جا مالڪ ڪتن کي گهران ڪڍي باغن ۾ گهمائڻ اچن ٿا ته جيئن هو پنهنجي جسم کي هلڪو ڪرڻ لاءِ ڀڃ ڊڪ واريون ڪثرتون ۽ پوٽي پيشاب ڪري فراغت حاصل ڪن. ڇاڪاڻ ته هتي گهرو پاليل ڪتا پنهنجي رهڻ واري جاءِ تي يا گهر ۾ ڪنهن قسم جو گند ناهن ڪندا. اهي هنن جون خصلتون ۽ عادتون هونديون آهن. هو پنهنجي گهر ڀاتين جي نيمن يا قائدن جي خلاف پنهنجي مرضي گهٽ ڪندا آهن. گهرن ۾ ڪتا ڊرائنگ روم ۽ مالڪن جي بيڊ بسترن تي ويهن ۽ سمهن ٿا. اوهان کي حيرت ٿيندي ته ڪيترا ڪتن جا مالڪ نئين توڻي پراڻي نسل سان تعلق رکندڙ پنهنجي دوست پالتو ڪتن کي پنهنجي هنڌ ۾ پاڻ سان گڏ سمهارن ٿا. هڪ لحاظ کان اها ڪتن جي خوش نصيبي ضرور ليکبي پر اها انهن مالڪن جي پڻ خوش نصيبي ليکي وڃي ٿي.
هتي جڏهن پنهنجو ڄائو اولاد جواني ماڻڻ جي لائق ٿيندو آهي اهو ڪنهن ڀاڱي پنهنجي وڏن کان ڪنارا ڪشي ڪري پنهنجي زندگيءَ جا گس پنهنجي مرضي مطابق وٺندو آهي. هتان جي سيڪيولر ۽ ترقي يافته معاشري جي سماجي مسئلن مان اهو هڪ وڏو مسئلو آهي. هڪ رخ به آهي ۽ هڪ الميو به آهي. ائين به چئي سگهجي ٿو ته اهو هڪ سماجي ۽ معاشرتي ٽرينڊ آهي. مغربي زندگي جو هڪ ڌارو آهي.
مغربي معاشرو ڪتن جي وفاداري ۽ پيار جو وڏو قدردان ان ڪري ٿيو آهي جو هو پاڻ پنهنجي وڏن يعني پي ماءَ جا اهڙا قدردان ناهن جيئن مشرق جا ماڻهون آهن. هتي مشرق و مغربي سماجن جي روين جي ڀيٽ ڪرڻ اسان جو موضوع ناهي. تنهن هوندي به هتان جي سماج جي روين تي ٻي اکر لکڻ لاءِ دل چوي ٿي.
ڪتن جي پالنا واري عادت هتان جي معاشري جي ڪا نئين عادت ناهي پر نشاط ثانيا کان پوءِ جڏهن هتان جي انسان ترقي جي منزلن کي ماديت جي تکي گهوڙي تي سوار ٿي تکيون ڊوڙون ڀري طئي ڪيو آهي اهو هڪ لحاظ کان ان ڊوڙ جو نتيجو آهي. مادي ترقي ڪندي، پهريون هتان جي سماج پنهنجي پراڻن خانداني رشتن وارن ٻنڌڻن کان آزادي حاصل ڪئي آهي. وري مغرب سرمائيداري نظام جي غلبي هيٺ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو، تنهن هتان جي معاشي-سماجي ۽ اقتصادي روين ۾ وڏيون ڦيريون گهيريون آنديون.
مادي زندگي جي فلسفي جو بنياد ڇاڪاڻ ته رڳو مادي فڪر جي مادي قدرن ڏانهن انساني سماجن جو رخ موڙي پيو. تنهن ڪري جيترو گمڀيرتا ۽ سنجيدگي سان مغرب جو سماج ماديت جي فائدن ۽ اصولن جي پوئلگي ڪندي اڳتي ترقي جون منزلون لتاڙيندو ويو اوترو پنهنجي سماجي قدرن کان پري ٿيندو ويو. نشاط ثانيا کان پوءِ ڪارخانيدار ۽ ڪارپوريٽ ازم گهڻ ناڻي ڪمائڻ ۽ ان سرمائي سان بينڪن جون واڳوئن جي وات جيڏيون ٽجوڙيون ڀرجڻ ڪري عام ماڻهن جي گهرن جون ٽجوڙيون خالي ٿيڻ لڳيون.
سرمائيداري نظام جو اهو هڪ چقمقي متو رهيو آهي ته وڏي مڇي ننڍي مڇي کي ڳڙڪائي ويندي آهي. وڏو اصول ته پيسو پيسي کي ڇڪيندو آهي. هن سماج ۾ ته ٺهيو پر جتي جتي مغرب جو سرمائيداري نظام پهتو اتي جي ماڻهن جي گهرن ۾ رکيل ٽجوڙين جون رقمون گهرن مان نڪري بينڪاري نظام جي ڪرنگهي کي مضبوط ڪنديون رهيون. سرمائيداري نظام جي ڇانوري هيٺ هلندڙ بينڪاري نظام جا وڏن وڏن بنڪرن جيڏا وات کلي پيا. جن ۾ ذاتي لاڪرن جو ڌنڌو به شروع ٿي ويو. لاڪر سسٽم ته گهر جا زيور، املاڪن جا قانوني ملڪيتي دستاويز ۽ سڀ قيمتي شيون سماج جي سرندي وارن جي گهرن مان ڪڍي بينڪن ۾ آڻي ڪڍيا.
مذڪوره سماجي ۽ اقتصادي تبديلين جي ڪري نون سماجي لاڙن جنم ورتو. سرمائي جي هوس وڏي طبقاتي نظام کي جنم ڏيندي انيڪ پراڻن سماجي قدرن کي پامال ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ مغرب ۾ بادشاهتون. سلطنتون ۽ خانداني نظام زمين تي اچي پيا.
سماجي روين ۽ قدرن جي ڦيري سبب انساني مزاج ماديت جي تابع ٿي ويو. ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ ان کي جمع ڪري ان مان ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ ۽ ان مان پنهنجي حيات جون خوشيون تلاش ڪرڻ جو سفر طئي ڪرڻ دوران انسان پنهنجي عادتن مزاج ۽ فطرت کي ورڪو هالڪو ڪري ڇڏيو يعني هن ڪمائي جي پٺيان پاڻ کي رات ڏينهن رجهائي ڇڏيو.
انسان جي ورڪو هالڪ ٿيڻ ڪري، هن جي سماجي زندگي جي اٿن ويهڻ ۽ فيملي لائف تي اگرا اثرات مرتب ٿيڻ لڳا. زال ٻارن ۽ پنهنجي ويجهن عزيزن ۽ دوستن کي گهٽ وقت ڏيڻ ڪري انسان سماجي ٻنڌڻن کان دور ٿيندو ويو. اهڙن روين ڪري انسان پاڻ کي اڪيلو ڪندي ڪندي تنهائي وارن دڳن جو مسافر ٿيندو ويو. سرمائيداري نظام جي ترقي يافته جهتن مان ڪارپوريٽ ازم هڪ نئين جهت جي صورت ۾ منهن ڪڍيو آهي. جنهن سماجي زندگي کي پهريان کان وڌيڪ نيون شڪليون ڏنيون آهن. جن انسان جي حياتي کي نون ڪالبن ۽ پنجوڙن ۾ قيد ڪرڻ شروع ڪيو آهي هاڻي انسان رب رب ڪردي اي جي جاءِ تي ڏوڪڙ ڏوڪڙ ڪردي اي ڪندو وتي ٿو.
هن فلسفي هيٺ دنيا جي ملڪن جا گهڻا ماڻهو گهڻي ناڻي ۽ پنهنجي مرضي مطابق عيش ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لاءِ پنهنجن وڏڙن کي الوداع چئي، جي ايٽ ملڪن ۽ مشرق وسطا جي تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ڏانهن پئسو ڪمائڻ وڃن ٿا. ۽ مغربي سماج وارن روين تي هلي پنهنجي خانداني نظام کي متاثر ڪن ٿا. ڪيناڊا ۽ آمريڪا ۾ هاڻي مشرقي سماج جي رهاڪن کي به ائين ڪتا ڌارڻا پوندا جيئن هتان جا گوري نسل جا ماڻهون سرمائيداري نظام جي پوئلڳي ڪندي پنهنجي سماجي خاندان واري نظام جي منڊپ کي ڪيرائي هڪ جوڙي تي مشتمل خاندان واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا آهن.
سرمائيداري نظام ۽ سيڪيولر سوچ گڏجي سماجي نظام ۽ انساني قدرن کي اڃا به وڌيڪ هاڃو پهچايو آهي. جنهن هيٺ مغرب جنس مخالف جي بنا سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جي زال مڙس وانگر گڏجي هڪ هنڌ تي سمهي زندگي گذارڻ وارن روين جنم وٺي مغرب جي رهي کهي خانداني نظام کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. هنن نون ٻنڌڻن جي ڪري هاڻي گهر ۾ هڪ ڪتي جي جاءِ تي کين ٻه ٻه ڪتا ڌارڻا پون ٿا. گرل فرينڊ جو ڪتو هڪ نسل جو ته وري بواءِ فرينڊ جو ڪتو ٻئي نسل جو. نسلن جي ايڏي تقسيم اڳتي هلي ڪهڙا گل کلائيندي ان جي اندازي لڳائڻ جي لاءِ مستقبل جو منتظر رهڻو پئبو.
آئون ايورٽون ٽائون شپ جي گيريزن ڪراسنگ روڊ تي رهان ٿو. هتي ويهن ويهن گهرن جي سلسلي جون ڪيئن قطارون آهن سواءِ ٿورن ديسي ماڻهن جي گهرن ۾ ڪنهن جوڙي جا والدين رهن ٿا.
گوري نسل جي خانداني نظام جا نشان ته ڳولهيا ڀي نٿا لڀن بس اٽي ۾ لوڻ جي برابر مس نظر اچن ٿا. ٻه ٽي ڪراڙا ڏسندو آهيان جي صبح و شام ڪتن کي پو ڪرائڻ باغ ۾ وٺي ايندا آهن انهن سان شايد ڪتا ئي رهن ٿا ڀائنجي ٿو ته اولاد انهن کي به ڇڏي وڃي پنهنجا گهر وسايا آهن. اسان جي کاٻي ساڄي گهر ۾ رڳو جوان زال مڙس رهن ٿا. کاٻي کان اڻويهن گهرن تائين رڳو زال مڙس تي مشتمل جوڙا رهن ٿا. آخري گهر خيرن سان ديسي ڪراچي جي ماڻهن جو آهي جيڪي پنهنجن ٻچڙن سان رهندي خوشيون ماڻن ٿا.
وري سامهون واري لائن جي ويهن گهرن ۾ چار گهر ديسي ماڻهن جا آهن جن مان هڪ ۾ افغانستان جي فيملي ٻارن سان رهي ٿي ۽ هڪ ۾ ڪراچي جي فيملي هڪ ڀارتي ۽ هڪ چيني فيمليون اولاد سان گڏ مقيم آهن ۽ ٻن گهرن ۾ رڳو گورن جون فيمليون هڪ ٻه ٻار سان گڏ رهن ٿيون. چاليهن گهرن مان ڏهن ۾ ٻچڙيوال آهن باقي ٽيهن گهرن ۾ زال مڙس تي مشتمل هڪ هڪ خاندان آهي. انهن جي زال مڙس واري ٻنڌڻن کي جاچي ڏسبو ته ٻٽي سيڪڙو مس ڪليسائي قانون مطابق رشتي ۾ ٻڌل هوندا.
بنيادي طور ڪيناڊا گورن جو ملڪ آهي ڪي صوبا ۽ ڪي شهر اهڙا آهن جن ۾ گورن جي واضح اڪثريت آهي. ٿي سگهي ٿو ته اتي فيملي سسٽم جو ريشو ۽ انگ اکر مختلف هجن. مون کي صحيح اسٽيٽڪس ۽ ڊيٽا جو علم ناهي. پر پوءِ به ايترو چئي سگهجي ٿو ته مغرب جي سيڪيولر سماجي نظام ۾ ڏوهه ثواب جي ڪاٿن جا معيار اسان جي مذهبي ڪاٿن کان مختلف آهن. بادشاهه جو حق بادشاهه کي ڏيو ۽ خدا جو حق خدا کي ڏيو.
عيسائيت جو اهو مقولو ته اهو ظاهر ڪري ٿو ته چڱا ڪم ڪندي چندو ۽ خيرات خدا جي حوالي ڪيو ۽ سماجي زندگي پنهنجي مرضي سان بنا ڏوهه ثواب جي ڪاٿي سان جيو ۽ زماني جي قائدن ۽ قانونن مطابق وقت جي حڪومت ۽ حڪمران کي پنهنجي ڪمائي مان ٽيڪس ڏيو الا الا خير صلا. هتي روشن خيالي يعني ريڊيڪل ازم ۽ سيڪيولر ازم جي اصولن کي آڏو رکي ڪينڊين ماسواء عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي مسلمانن جي يا ٻين نسلن جي پنهنجي پنهنجي زندگي گذارين ٿا.
وڌ ۾ وڌ عيسائي مذهبي ۽ انهن جا فرقا پنهنجن عقيدن موجب زندگي بسر ڪن ٿا. جن ۾ گهڻائي اهڙن جي ٿي ڏسجي جن جو متو مول آهي ته ڏوه پادري اڳيان قبوليو جنهن جي آڌار تي اوهان کي دنيا ۾ ئي ڪيل ڏوهن کان مڪتي ملي ويندي ۽ يسوع مسيح مصلوب ٿي خداوند کان توهان جا ڏوهه اڳ ۾ ئي معاف ڪرائي ويو آهي.
اهڙي گهرگهلي قسم جي تصور سيڪيولر ازم ۽ لادينيت کي وڏي هٿي ڏني آهي. جنهن انسان ۾ بي خوفي جو عنصر پيدا ڪيو آهي. جنهن جا اثرات انسان جي سماجي زندگي ۽ سماجي روين تي مرتب ٿين ٿا. ڏوهه ثواب جي حساب ڪتاب جو تصور گهرگهلو هجڻ ڪري. ماڻهو سيڪيولر ۽ لادين بڻجڻ ۾ دير نٿو ڪري.
اڄ مغربي معاشرو جن حدن کي ڇهي چڪو آهي تنهن هيٺ انسان جون سماجي حالتون ڇو نه ڪيتريون به بهتر هجن پر سماج جي خانداني نظام جيڪي نوان رخ ۽ نيون شڪليون اختيار ڪيون آهن تن کي ڏسي مان هڪ مسلمان جي حيثيت سان پنهنجا ڪن پڪڙي اهو ورد ڪرڻ تي مجبور آهيان ته الامان الامان.
**

اسان ائين سوچي به نٿا سگهون

صبح جو اٺين لڳي ويلي پبلڪ اسڪول ۾ ٻارن کي ڇڏي آئون اسڪول جي گرائونڊ تي پري پري تائين وڇايل سائي ڇٻر واري چادر تان آهستي آهستي ٻرهانگون ڀريندو ميجر اوڪس روڊ جي ڪنڊ واري ولا کان لڙي گهر ڏانهن وڌيس ته ولا جي ڪاٺ واري بائونڊري سان لڳاتار وائلڊ بلو بيري جي ٻوٽن ۾ بيشمار لڳل ٻيرن تي منهنجي نظر پئي. ولا جي ٻاهرين پاسي جيڪي به ڪارا ٻير گوشن ۾ لڏن پيا تن کي پٽڻ لاءِ دل سٽ ڏني . مون هيڏانهن هوڏانهن نهاري پڪ ڪئي ته مونکي ڏسڻ وارو ڪوئي ڪونهي. آئون ائين اڃان واجهائي رهيو هوس ته منھنجي نظر هڪ پاٺي تي لکيل نوٽس تي پئي . جنهن تي تحرير ٿيل هو ته ٻيرن جي چونڊ فري آھي. اهو ڏسي مونکي دلي اطمينان ٿيو ته هاڻي انهن ڪارن ٻيرن کي بنا اجازت جي پٽي کائڻ رزق حلال آھي.
جهنگلي بلو بيري جي لذت ۽ ذائقو محسوس ڪرڻ لاءِ مون ٻوٽن مان ڏھ پندرهن ٻير پٽيا ۽ انهن کي چکي ڏندن جو چشڪو وٺي پنهنجي پاڙي ٽيرا ڪوٽا ڏانهن راهي ٿيس. روڊ ٽپي چونڪ جي ٻئي پاسي پهتس ته ڪنڊ واري بنگلي جي اڳيان لان جي سائي ڇٻر جي وچ ۾ بيٺل ساون صوفن جي وڻ تي نگاھ پئي. جيڪو صوفن سان ٽمٽار لڳو پيو هو. وڻ جي هيٺان بيشمار صوف ڪريا پيا هئا ۽ وڻ جي پاڙ ۾ جيڪو چلهو ٺھيل هو تنهن ۾ پڻ ڍڳ صوفن جو پيو هو. مان اهو لقاءَ ڏسي ڪريل صوفن جي ماجرا سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ته ايتري ۾ بنگلي جو دروازو کليو جنهن مان هڪ وچولي عمر جي خاتون نمودار ٿي. جيڪا مونکي کيڪار ڪندي. چوڌاري ڪريل صوفن جي چونڊ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي ۽ جهٽ پلڪ ۾ پنهنجي ٽوڪري ڀري صوفن کي وڻ جي پاڙ ۾ اڇلائي ڇڏيو. مون اچرج ڀري نگاهن سان بيٺي اهو لقاءَ ڏٺو. جڏهن سمورا ڪريل صوف جمع ڪري ان خاتون وڻ جي پاڙ ۾ ڪٺا ڪيا. تڏهن مون کانئس سوال ڪندي چيو. ”مانواري توهان اهي کائڻ جي لائق صوف وڻ جي پاڙ ۾ ڇاڪاڻ رکيا“ هن وراڻيو؛ ”برادر هنن صوفن جي ڪالھ کان فري پڪنگ آھي. جيڪڏهن اوهان کي گهرجن ته روزانو هتان صوف پٽي ويندا ڪريو“ ائين چئي خاتون خانه وڻ مان ٻه ٺاهوڪا پڪل صوف پٽي مونکي وٺڻ جو اشارو ڪيو. مون به ٻه ٻرهانگون اڳتي وڌي سندس هٿن مان صوفن جو تحفو وٺندي مڃتا طور شڪرگذاري جو اظھار ڪيو.
وڻ جي پاڙ ۾ گڏ ڪيل صوفن جي ڍڳ جي باري ۾ مون ٻيهر خاتون خانه کان سوال ڪيو. ”اوهان وڻ جي پاڙ ۾ هي صوف ڪهڙي مقصد لاءِ جمع ڪري رکيا آھن“ هن وراڻيو؛ ”ڀلو ٿي تنهنجو.... اهي ڪريل صوف ان وڻ جو حق آھي. ڏسو نه اهي صوف ڏي اهو ٿو اسان پيا ٿا کائون .ڀلي اهو به پنهنجي اپت مان ڪجھ حصو کائي. اهڙي طرح اهو به توانو رهندو ته اسان به ان جي آڌار توانا رهنداسين“ وڻ جي پاڙ ۾ جيڪي ڪريل صوف هئا تن مان ڪيترا مٽي ۾ ڳري ملي ڀاڻ جي صورت اختيار ڪري چڪا هئا.
ڪيناڊا ۾ رهندي مونکي هڪ فطري ۽ قيمتي ڄاڻ ملي ته ھتان جي ماڻھن ۾ گهڻو ڪري اها به عادت آھي ته هو زمين مان پاڻ ڦٽي نڪرندڙ ميوي ۽ جهنگلي ميون جو استعمال گهٽ ڪندا آھن. بلڪه مارڪيٽ مان پنهنجي پسند سان خريد ڪري واپرائيندا آھن.
پنهنجي گهر اچي اڄ مون به ائين ڪيو. گهر جي بيڪيارڊ ۾ بيٺل صوفن. پامس. ( آلوچا) ۽ ناسپاتي جي وڻن مان هيٺ ڪريل ميوو گڏ ڪري وڻن جي پاڙن ۾ ٺھيل چلهن ۾ رکي انهن کي مٽي ماء جي حوالي ڪري ڇڏيو ته ڀل اهي به پنھنجي ميوي مان پنهنجو وت ۽ ست وڌائين.
**

هيوي موٽر بائيڪ

ڪيناڊا ۾ رهندي مونکي هيوي موٽر بائيڪ جي اهميت، غائيت ۽ استمال کي ڏسندي اچرج سان گڏ ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي جهڙي طرح ڪيناڊا ۾ ياٽ ڪلب، گالف ڪلب، ريس ڪورس ڪلبس، سوئمنگ ڪلب عورتن ۽ مردن لاءِ اتان جي سماج ۽ ثقافت جو هڪ اهم ۽ ڪارائتو حصو آھن، تهڙي طرح هتي ڪيناڊا ۾ هيوي موٽر بائيڪر جا هيوي بائيڪ ڪلب پڻ مشهور ۽ مقبول آھن، جن ۾ مون مردن سان گڏ عورتون خاص ڪري نوجوان نسل جون ان ۾ گهڻي دلچسپي وٺندي ڏٺم. ٽورنٽو ۽ مونٽريال شھرن ۾ پراڻين گاڏين جي شوقينن جا هر هفتي ڪنهن کليل گرائونڊ تي پراڻين گاڏين کي شو ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ لاءِ ميلا لڳندا آھن، مگر هيوي موٽر بائيڪ جي شوقينن جا بلڪل نين بائيڪ جا گروپن جا گروپ ڪيناڊا جي شاهراهن تي تيز رفتار ۾ گاڏيون ڊوڙائيندي نظر ايندا آھن. منهنجي ڇاڪاڻ ته ٻالڪپڻي کان هيوي بائڪ سان دلچسپي رهي آھي، تنهنڪري ڪيناڊا ۾ نوجوان بائيڪر ۽ انهن جي گروپن جي ميلن کي ڏسڻ سان مونکي ڏاڍي خوشي ٿندي هئي. پڪرنگ ۾ اونٽاريو ڍنڍ جي ڪناري پررونق ياٽ ڪلب ايريا جي شاهراه جي ننڍن گرائونڊن جي پاسن ۾ شام جو لڳندڙ هيوي موٽر بائيڪرس جي ميلن کي ڏسڻ لاءِ مان ۽ منهنجو فرزند ڊاڪٽر فرحان گڏجي ويندا هئاسين. انهن هيوي موٽر بائيڪرس جي اهڙين گڏجاڻين ۾ فرحان رڳو هارلي ڊيوڊسن جي پراڻن ۽ نين بائيڪن جي ماڊلس کي ڳولهيندو رهندو هو.
ويهين صدي جي شروعات ۾ جڏھن سائيڪلون آٽو جي روپ ۾ آيون تڏهن ورهاڱي کان اڳ هندوستان ۾ اهي فٽ فٽ يا فٽفٽي سڏجڻ لڳيون. اڳتي هلي آھستي آهستي انهن جي اهميت ۽ شھرت ۾ واڌ ايندي وئي. پهرين عالمگير جنگ ۾ آمريڪا، جاپان، برطانيه ۽ جرمني هيوي موٽر بائڪ کي جنگي مقصد تحت هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو. ٻي مهاڀاري واري زماني تائين پهچڻ وقت جنگي جهازن ۽ آٽو موٽر گاڏين سان گڏ فٽ فٽ باقاعدي جنگي سازو سامان طور استعمال ڪئي وئي. ان زماني جي جنگين تي جيڪي فلمون ٺھيون انهن ۾ اسان جرمني جي هيوي موٽر بائيڪ ٽرمپ عام طور تي ان مقصد ۾ استعمال ٿيندي ڏٺي. ٽرمپ موٽر سائيڪل کي سائڊ ۾ هڪ اوپن ڪيريئر ڪيبن لڳائي ويندي هئي. ان ۾ ڊرائيو ڪندڙ فوجي سان هڪ ٻيو فوجي ساٿي گن بارود ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان کڻي ويهي سگهندو هو. عالمي جنگن کان پوءِ هيوي موٽر بائيڪ جو جنگي استعمال گهٽ ٿيو. جنهن کان پوءِ جلدئي اها ڳري موٽر سائيڪل عام تکي سواري جي مقصد هيٺ لائٽ موٽر بائڪ جي صورت ۾ وئي عوام ۾ مقبول ٿيندي.
اسان جڏهن علي گوهر آباد ۾ رهندا هئاسين. تڏهن 1955ع ڌاري اسانجي پاڙي ۾ انصارين جو هڪ بروهي دوست ٽرمپ هيوي موٽر بائيڪ تي گهمڻ ايندو هو. جنهن جي بائيڪ کي ڏسڻ لاءِ مان اتي وڃي بيهندو هوس. ان زماني ۾ هڪ ٻي شايد SB ڪمپني جي ٺھيل هيوي موٽر بائيڪ ايمپائر سنيما روڊ تي ڪتابن جي دڪان تي هاءِ اسڪول جي استاد جي بيٺي هوندي هئي. ان بائيڪ تي استاد محترم جڏهن اتان پنهنجي سواري تي چڙھي روڊ تي مڇي مارڪيٽ ڏانهن سڌ ڪندو هو تڏهن سندس شلوار هوا ڀرجڻ سبب ڦوڪجي ويندي هئي ۽ اهو مونکي ڏاڍو ٿلو ماڻھو پيو لڳندو هو.
مٿي لکي آيو آھيان ته جڏهن منهنجو ڪيناڊا وڃڻ ٿيندو آھي ته هيوي موٽر بائيڪ سان دلچسپي رکندڙ رائيڊرس جي گروپن جون سائيڪلون. انهن جا ميڪ ۽ ڊزائنون. انهن جا ٽائر، ڪلر ۽ هارس پاور ۽ اسٽيڪر وغيره ڏسڻ لاءِ مختلف جاين تي لڳندڙ ميلا ڏسڻ لاءِ اسان ويندا آھيون. ان ڏس ۾ منهنجو ٻالڪپڻي جو شوق پنهنجي جاءِ تي، پر فرحان رسول جيڪو پاڻ سيڪنڊري اسڪولنگ ليول کان هيوي موٽر بائيڪ جون پنهنجي هٿن سان هوبهو ۽ خوبصورت تصويرون ٺاهيندو هو جي دلچسپي قابل ديد هونديون ھيون. هو ڪار ڊرائيو ڪندي جڏهن ڪنهن هيوي موٽر بائيڪر کي پنهنجي مرر سائڊ ۾ ڏسندو آھي ته رڙڪري منهنجو توجه ان پاسي ڇڪائيندو آھي. جيترو اٿس هيوي موٽر بائيڪ جو ڪريز اوترو اٿس پراڻين ۽ نين موٽر گاڏين جو ڪريز، مونکي خوشي ٿيندي آھي جڏهن ڪو نوجوان اهڙي قسم جي صحتمند سرگرمين ۾ دلچسپي وٺندو آھي.
**

ڪاري رنگ جي ٻلي

ڪيناڊي جي ماڻھن جي سٺن گڻن جي تعريف ڪرڻ مان پنهنجو فرض سمجهان ٿو. اسانجي پاڙي ٽيراڪوٽا ۾ هڪ ڪاري رنگ ۽ نيري اکين واري پاليل ٻلي آھي. هيءَ ٻلي رات جو اڪثر ان وقت راتاها هڻڻ لاءِ پنهنجي گشت تي نڪرندي آهي. جڏهن ماڻھو پنهنجي خوابگاهن ۾ آرامي هوندا آھن.
هتي ڪيناڊا ۾ پاليل ٻلين جو ائين گهر گهٽيون نوسڻ ۽ ڪنهن جو ڪو نقصان ڪرڻ ڪو سهنجهو ڪم ناهي. ڇاڪاڻ ته پاليل جانور خاص ڪري پنهنجي گهرن ۾ ٺھيل ۽ رکيل ڪيبن، کڏين ۽ مخصوص ڪيل جاين ۾ رهڻ جا عادي هوندا آھن ۽ ڇڙواڳي جا گهڻو عادي نه هوندا آھن. جيئن اسانجي ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ عام هوندو آھي پر هيءَ ڪاري رنگ جي ٻلي پنهنجي ڪڌي عادت جي ڪري رات جي پهر ۾ پنهنجي پاڙيسرين سان هاڃان ڪندي وتندي آھي.
ڪيناڊا ۾ عام طور سمر سيزن ۾ گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت ماڻھو پنهنجا عام سليپر ۽ جتيون پنهنجي گهر جي صدر دروازي تي لاهي رکندا آھن. تيئين مون به پنهنجي چپل گهر جي ٻاهران لاھي رکي هئي. پنهنجي عادت کان مجبور اها ڪاري ٻلي پنهنجي رات واري گشت دوران منهنجي چپل جو هڪ پادر پنهنجي وات ۾ کڻي رفو چڪر ٿي وئي.
ٻلي جي اھڙي قسم جي ڪارواين جي مونکي اڳ ۾ ڪا خبر ڪانه هئي. ته هتي ڪا اهڙي بد فضيلتي ٻلي به رهندي آھي. جيڪا ماڻھن جا پادر کڻي وڃي پنهنجي گهر ۾ اسٽور ڪندي آھي. پنهنجي چپل جي هڪ پادر جي غائب ٿيڻ واري پريشاني کي هفتو کن گذري ويو، تڏهن مون پنهنجي ننهن کي ٻڌايو ته منهنجي چپل جو هڪ پادر غائب آھي . تنهن تي هن وراڻيو؛ ”چاچا توهان جي وڃايل چپل جو پادر توهان کي ڏينهن ٻن ۾ ملي ويندو توهان فڪر نه ڪريو“. مون وٽ هڪ ٻيو سليپر هو مون تنهن مان پئي ڪم هلايو.
سمر سيزن جي اڄوڪي دل لڀائيندڙ جهڙالي شام جو مان ميجر اوڪس روڊ لتاڙي ميجر اوڪس پارڪ جي هڪ هندوستاني ڪچھري باز پٽيلن ۽ گجراتين جي جٿي سان ڪچھري ڪرڻ لاءِ نڪتس ته ٽيرا ڪوٽا چونڪ جي وراڻي وٽ ليٽر باڪس جي ڀر ۾ گرائونڊ تي رکيل نيري ۽ سائي رنگ جي پلاسٽڪ ڪارٽن تي منهنجي نظر پئي جن مان هڪ ۾ مطالعو ڪيل ڪتاب. رسالا ۽ اخبارون رکيل هيون ۽ ان تي هڪ نوٽس لڳل هو ته ڪو به هتان ڪتاب. رسالا ۽ اخبارون پاڻ سان پڙھڻ لاءِ کڻي وڃي سگهي ٿو. اهڙي طرح سائي رنگ جي ڪارٽن تي نوٽس لڳل هو ماڻھو پنهنجون وڃايل شيون پاڻ سان کڻي وڃن. مون وڃايل شين واري باڪس ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته ان ۾ منهنجي وڃايل چپل وارو پادر رکيل هو. جيڪو مون پلاسٽڪ شاپر ۾ وجهي پاڻ سان کنيو.
هتان جي سماج جي ماڻھن جي اهڙين سٺين ۽ سهڻين عادتن ۽ سهڻن سماجي روين کي اسان ڪيترو نه قدر جي نگاھ سان ڏسنداسين ته ماڻھن جي وڃايل شين کي انهن جي مالڪن تائين پهچائڻ جي ڪوشش وارو هنن جو جذبو ڪيتري قدرنه تعريف جوڳو آھي.جڏهن ته هتي ٽيراڪوٽا (پاڙي جو نالو) ۾ هر مذھب، رنگ، نسل ۽ زبان ڳالهائيندڙ ماڻھو رهائش پذير آھن ۽ سڀني ۾ اهڙي قسم جي سماجي روين وارا جذبا موجود آھن.
**

ھاٽ باٿ

آچر جي ڏينهن گهر ۾ ننڍن وڏن سڀني کي موڪل هئي. اسان پنهنجي ٻارن کي ايجيڪس شھر جي صحت ۽ تندرستي جي بحالي واري مرڪز ڏانهن وٺي هليا وياسين.
ڪيناڊا ۾ ماڻهو پنهنجي ٻارن کي اڪثر اهڙن صحتمند سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهڙن مرڪزن تي وٺي ويندا آھن ته جيئن هو جسماني ڪثرت ۽ ترڻ ۾ مهارت حاصل ڪن.
منهنجو هي پهريون ڀيرو هو جو آئون پنهنجي ٻارن سان صحت ۽ تندرستي جي مرڪز تي وڃڻ لاءِ حامي ڀري. ايجيڪس جي هن سينٽر تي پهچڻ وقت معلوم ٿيو ته سينٽر ته خاص ڪري رجسٽرڊ ميمبرن لاءِ مخصوس آھي پر تنهن هوندي به علاقي جا شھري ڏهاڙي جي بنياد تي في ادا ڪري سئمنگ پول استعمال ڪري سگهن ٿا.
اسان ٻارن کي ساڻ ڪري رجسٽريشن ڪائونٽر تي وياسين. اتان واندا ٿي پول جي لاڪر سيڪشن ۾ وياسين ته جيئن پنهنجي الاٽ ڪيل لاڪرس ۾ پنهنجا سيل فون. سليپر جوتا ۽ ڪپڙا وغيره محفوظ ڪري رکئون. ساڳئي جاءِ تان پول ۾ وڃڻ لاءِ سئمنگ ڪاسٽيوم پائي اسان وارمنگ روم ۾ داخل ٿياسين جتي غسل خانن جون قطارون لڳيون پيون هيون. انهن غسل خانن جي ڦوارن ۾ ننهن سوسڙي گرم پاڻي ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن قدر معمولي گرمائش مان گذارڻو هو. اهڙي عمل کان واندا ٿي اسان اڳتي سئمنگ پول جي ان ايريا ۾ داخل ٿياسين جنهن جي ويڪرائي هڪ فٽبال گرائونڊ جيتري هئي، ۽ مون جڏهن پول جي ڇت ڏانهن مٿي نهاريو ته ان جي اوچائي به مونکي پنجيتاليھ پنجاھ فٽ کن پئي لڳي. ايڏو وڏو هي سئمنگ پول ٽن حصن ۾ ورهايل هو. هڪ حصو معمولي گرم پاڻي وارو. ٻيو حصو نيم گرم پاڻي وارو ۽ ٽيون حصو چڱو ڀلو گرم پاڻي وارو جيڪو وهنجڻ لاءِ قابل برداشت هو. حمام جو هي آخري حصو بيضوي شڪل ۾ هو جنهن کي جڪوزي( JACUZZI) سڏيو ويندو آھي. مگر پهريون اسان ڪلاڪ کن ننهن سوسڙي پاڻي واري پول ۾ خوب انجاءِ ڪيوسين. ان کان پوءِ ٻارن کي اتي ڇڏي فرحان مونکي اونهي پاڻي واري حصي ڏانهن وٺي ويو. مگر ان پول واري حصي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اسانکي ٻه ڊگهيون ڏاڪڻيون چڙھڻيون پيون. اھڙي مشقت ڪرڻ کانپوءِ مونکي هڪ هيوج قسم جي واٽر سلائيڊ مان گذرڻو پيو. جنهن وقت مونکي واٽر سلائيڊ ۾ وڃڻ جو سگنل مليو ته مان ان ڏانهن پنهنجا قدم وڌايا. هن عمر ۾ منهنجي لاء اهڙي قسم جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪو مناسب نه ٿي لڳو پر پوءِ به اللہ تو آھر ڪندي ان چڪر ڏيندڙ سلائيڊ ۾ وڃي ويٺس. جڏهن سلائيڊ پنهنجي خوفناڪ رفتار سان مونکي ڦيريون گهيريون ۽ ور وڪڙ ڏيڻ شروع ڪيا ته بجاءِ مزي وٺڻ جي منهنجي مٿان خوف طاري ٿي ويو. ڇاڪاڻ جو واٽر سلائيڊ جي ورن ۽ وڪڙن جي ڦيراٽين مونکي اڌ مئو ڪري وڌو. اندروني حصي جي اوندھ ۾ اها به خبر نٿي پئي ته هي سلائيڊ مونکي الائي ڪٿي ۽ ڪيتري اونهي پاڻي ۾ وڃي ڪيرائيندي. ڏھ منٽ کن سلائيڊ جي ان ڌانڌوڙ ۽ ولوڙ واري مشقت کي برداشت ڪرڻ کانپوء مان جنهن هنڌ وڃي ڪريم تنهن جاءِ تي اوترائي منٽ سانت سان ساهي پٽي پنهنجو چيتو جاءِ ڪري پوءِ ننهن سوسڙي پاڻي جي حد کان نڪري وڌيڪ گرم جڪوزي ۾ جسم کي سرس سيڪو ڏيڻ پهتس.
هي جڪوزي وارو حصو درحقيقت واٽرٿريپي جو مرڪز هو. بيضوي شڪل وارو هي پول اٽڪل ڇهن ماڻھن جي وهنجڻ لاءِ مخصوص هو. پول ۾ چار فٽ کن پاڻي اونهو هو. مگر پول جي پاسن ۾ لڳل تيز رفتار ڇڏيندڙ گرم ڦوارن وارو پاڻي چيلھ وارن حصن کي گرم پيو ڪري. جتي ڦوارا لڳل هئا اتي ٽائل جون بيضوي شڪل بينچون پول جي ديوار ۾ کتل هيون جن تي ويهڻ سان ماڻھو مڪمل آرام پيو محسوس ڪري سگهي. سئمنگ پول جي مڙني حصن ۾ بنا ڪنهن عمر جي حساب ڪتاب، جنس ۽ نسل جي امتياز جي غسل ۽ گرم پاڻي جو مساج ڪري سگهجي ٿو. اهو سمورو ماحول هتان جي سيڪيولر سماج جي ڪلچر جو هڪ حصو آھي. جنهن کي هتي معيوب نٿو ڄاتو وڃي. ۽ نئي وري هن سماج ۾ رهندڙ ماڻهو ان پاسي سوچن ٿا. مگر هتان جي گاڏڙ سماجي سيٽ اپ ۾ هر هڪ ماڻھو جي اها پنهنجي سوچ ۽ سمجھ آھي ته اهڙي سيڪيولر روايتن ۾ هن کي ڪهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺڻو آهي، ڪهڙي پاسي وڃڻو آھي ۽ ڪهڙي پاسي وڃڻو ناهي.
بيضوي شڪل واري پول جي هن گرم پاڻي واري حصي ۾ جسماني ورزش ۽ واٽر ٿريپي دوران مڙئي اجنبي يا سنگت جا ماڻھو پاڻ ۾ ڪچھري ڪندا رهندا آھن. ۽ اتي ڪو به ڪنهن سان پنهنجي پسند جي موضوع تي ويچارن جي ڏي وٺ ڪري سگهي ٿو مگر اهو سڀ ڪجھ سهڻي سڀاء ۽ ادب و آداب کي ملحوظ خاطر رکي ضرورت جي آڌار تي ٿي سگهي ٿو.
اهڙي طرح منهنجي لکڻين ۾ پڻ اظھار جون حدون مقرر هونديون آھن جن جي مونکي پابندي ڪرڻي پوندي آھي
ڏيساور جي سماج ۽ ماحول تي ڪيترن سفرنامه نگارن جي مقابلي مان پنهنجي قلم جي نوڪ کي سنڀالي استعمال ڪندو آھيان. منهنجي اها عادت هوندي آھي ته مان ٻئي ڪنهن جي جتي ۾ پير ڪونه وجهندو آھيان.
ايجيسڪس شھر جي هن صحت ۽ تندرستي جي بحالي جي مرڪز جي مڙني پولن ۾ تڙ پاڻي ڪرڻ کانپوءِ هڪ اهڙي گرم ڪمري ۾ سئمرس پنهنجي جسم مان پگهر ڪڍڻ لاءِ ويندا آھن. جنهن کي هاٽ باٿ چئي سگهجي ٿو. هن قسم جي هاٽ باٿ وٺڻ دوران جسم جي سمورن پورن مان پگهر نڪري پوندو آھي. هن ڪمري ۾ ڪاٺ جون بينچون رکيل هونديون آھن. مگر ڪمري ۾ گرمي پد چڱو ڀلو چڙھيل هوندو آھي پر تنهن هوندي به برداشت جي قابل هوندو آھي ۽ اتي ماڻهوءَ کي هڪ قسم جو خاص سڪون ملندو آھي.
ڪاٺ واري گرم ڪمري ۾ منهنجي سامهون بينچ تي ويٺل سٺ واري ڏهاڪي کان چڙھيل خاتون منهنجي سيني تي CABG جا لڳل ٽاڪا ڏسي مونکان سوال ڪيو. ”باءِ پاس“؟ مون کيس وراڻيو؛ ”جي“ هن وري پڇيو. ”ڪڏهن ٿيو“. مون وراڻيو ”2001ع ۾“ اهو ٻڌي خاتون جيڪا پنهنجي حقيقي عمر کان ويهارو سال کن گهٽ پئي لڳي تنهن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو. ”هي جيڪو اوهان هاٽ باٿ وٺي رهيا آھيو. اهو جيڪڏهن مسلسل ڪو ماڻھو وٺندو رهي ته زندگي ۾ کيس ڪڏهن باءِ پاس جي نوبت ئي نه پوي.“
مون خاتون جي مفت مشوري لاءِ شڪريو ادا ڪيو. اها خاتون جيڪا اوول شيپ پول ۾ وڏي مشقت سان ڪثرت ڪري رهي هئي، مان ان وقت هن جي سمارٽنيس جو اندازو لڳائي چڪو هوس. پر پوءِ به از راھ شريڪ گفتگو ۽ معلومات مون کانس پڇيو. ”توهان جي سمارٽنيس جو ڪهڙو راز ٿي سگهي ٿو“. هڪ وڏو ٽھڪ ڏيندي هن مخاطب ٿيندي چيو” اهوئي جيڪو مون اڳ اوهان کي ٻڌايو“ مون چيو ”پر پوءِ به“ وراڻيائين. ”گرم پاڻي ۾ هڪ ڪلاڪ ترڻ ۽ گرم ڪمري ۾ اڌ ڪلاڪ هاٽ باٿ وٺي پنهنجو بلڊ سرڪيوليشن بهتر ڪرڻ ۽ روزانو اڌ ڪلاڪ کلي فضا ۾ دڙڪي ڀرڻ.
بس اهوئي منهنجي صحت جو راز آھي“. اهو ٻڌي مان بينچ تان اٿيس ۽ پنهنجي نراڙ تان پگهر جون بوندون اگهندي خاتون کي باءِ چوندي ٻاهر نڪري ويس.
**

گوهر ڏٺم گودڙي ۾

آشوا ڪيناڊا جي صوبي اونٽاريو جو هڪ خوبصورت ۽ ڪشادو شھر آھي. شھر ايجيڪس کان ٿي اسان هن شهر ۾ داخل ٿيندا آھيون. هڪ وڏي چونڪ جي ڀرسان اسانجو گهر آھي جيڪو فنلينڊ کان آيل هڪ گهرجائو جوڙي کي في مهيني جي حساب سان ڪجھ رقم عيوض مسواڙ تي ڏنل آھي. ماهوار مسواڙ جا پيسا ته آن لائن ٽرانسميشن ذريعي اسان کي ملي ويندا آھن، پر منهنجي پٽ ڪيناڊا ۾ پنهنجي پرمننٽ ايڊريس ان گهر جي رکي آھي تنهنڪري مهيني ۾ ٻه ڀيرا پوسٽ جاچڻ لاءِ اسانکي آشوا شھر جي ياترا ڪرڻي پوندي آھي. هڪ ڏينهن اسان شهر جا پارڪس ۽ ٻنيون ٻارا گهمڻ وياسين. روڊ جي ٻنهي پاسي ٻنين ۾ مڪئي جو فصل تيار بيٺو هو جنهن جي هڪ مخصوص قسم جي خوشبو هر پاسي پکڙيل هئي.اسان گاڏي جهلي هڪ پاسي کان باغ ۾ گهرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ڪاميابي ڪانه ٿي. ڪيناڊا ۾ زمينن جي حد بندي ڪرڻ لاءِ ڪي اوڏڪيون ڀتيون ڪونه هونديون آھن سوين فرلانگن تائين ٻنين جي بارڊر لائن تي هڪ خاص قسم جا ٻوٽا پوکيل هوندا آھن جن جون لامون هڪ ٻئي سان ڳتجي هڪ ناقابل عبور ديوار بڻائي ڇڏينديون آھن. انهن ساون ٻوٽن جي جهڳٽن جي ڀرسان اسان کي افريقي نسل جو هڪ همراه نظر آھيو جنهن جا بظاهر حالات بي گهر ماڻھن جهڙا پئي لڳا. هو ماڻھو طبعن مون کي پاڻ تياڳڻ واري خيال جو پئي لڳو منهنجي خيال ۾ اهڙا ڪجھ فقير طبع ماڻهو پنهنجي غريبي يا بدنصيبي کي ٻين کان پوشده رکي شھر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رهي لوڪان لڪي پنهنجي مقدر جا ڏينهن پيا گذاريندا آھن.
اسان سموري فيملي هن فقير جي ويجهو ٿي سندس اجازت سان حال احوال وٺڻ شروع ڪيو هن به کلندي مسڪرائيندي اسان جي سوالن جا جواب پئي ڏنا. اسان جو گڏيل سوال هو ته تون هت جهنگ ۾ ڇو ويٺو آھين ۽ ماني ٽڪي ڪاٿان پيو کائين. سندس چھري تي ڇانيل خوبصورت مسڪراهٽ ۾ هن جي اعتماد ۽ اطمينان کي ڏسي مان هن کان گهڻو متاثر ٿيس. ٿورو رڪي هو ساڳئي مسڪان پنهنجي لبن تي آڻيندي چيو، ”مان پنهنجي مرضي سان پيو رهان. ۽ مان هتي گهڻو خوش آھيان.“ مون کيس چيو ”ڪهڙي شئي آھي جيڪا توکي هتي خوش رکي ٿي؟“ هو پنهنجي اڳيان ٻرندڙ باهه تي مڪئي جي سنگ جو پاسو مٽائيندي وراڻيو. ”مان هتي آرگينڪ شيون پنهنجي ٻاريل باهه تي پچائي يا اوٻاري کائيندو آھيان.“ ڪاٺي سان ٽانڊن کي يڪجا ڪندي وري چوڻ لڳو . پاسي ۾ صوفن جا باغ آھن جتان مونکي صوف ملي ويندا آھن. اتي ويٺي ويٺي هن پنهنجي هڪ بيگ جي زپ کولي ۽ ٽرڪي پکي جون ٻه رانون ڪڍيون جن کي ھن ٿورو لوڻ مرچ ڇڙڪي ٽانڊن تي سيڪڻ لاءِ رکيو. سندس اها ڪرت ڏسي اسان جي سوالن ڪرڻ جي اڻتڻ وئي پئي وڌندي. اسانجا سوالن مٿان سوال هئا جن جا هن جوان ڪمال اطمينان سان جواب پئي ڏنا. هڪ پاسي رکيل هن جي هڪ ٻي گودڙي تي منهنجي نظر پئي جنهن جي زپ کليل هئي ۽ ان مان ڪجھ ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور پئي نظر آيا. مون کانئس معلوم ڪيو ته، ”ھن بيگ ۾ ڇاهي؟“ چھري تي ساڳئي سهڻي مسڪراهٽ آڻيندي چيائين، ”هن ۾ منهنجي پسند جا ڪتاب آھن. جن جي مطالعي سان آئون پنهنجي دماغي غذا به پوري ڪندو آھيان ۽ پنهنجو من به وندرائيندو آھيان. سندس جواب مون کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون. جهٽ پل ۾ اسان فقير کان موڪلائي پنهنجي رستي تي ٿياسين.“ اڳتي هلي مون پنهنجي پٽ کان پڇيو ”يار خبر ڏي هتان جي فقرين ۽ بي گهر زندگي گذارڻ وارن کي به مطالعي جو ايڏو اونو رهي ٿو؟“ فرحان ٻڌايو ”بابا سائين اهو شعور آھي جيڪو ڪنهن کي مطالعي جي طلب ۾ قيد ڪري ٿو.“ فرحان وڌيڪ ٻڌايو ته، ”بابا سائين هي جنهن کي اوهان بي گهر فقير سمجهو ٿا منهنجي خيال ۾ ڪو فقير ناهي. هي نيچرلسٽ آھي. ۽ پنهنجي شخصي آزادي جو ڀرپور فائدو حاصل ڪندي. هي سماج کان ٿوري وڇوٽي ڪري پنهنجي روح کي هڪ قسم جي تسڪين پيو ڏئي. هن جو جيڪو ڪجھ اسان حال ڏٺو سين اهو هڪ لحاظ کان هن جي راحت جو سامان آھي، ۽ بابا ٿي سگهي ٿو ته جيڪي ڪجھ اسان ڏٺوسين اها هن جي اصلي پرسنلٽي نه ھجي.“ مون چيو، ”اهو وري ڪيئن؟“ ”بابا هتي ماڻھون آفيسر هوندا آھن. ڪي وڏا جاگريدار هوندا آھن. ڪي وڏا واپاري پيسي وارا هوندا آھن اهي به نيچرلسٽ ٿيڻ لاءِ يا پرسنلٽي مٽائڻ جي شوق ۾ هر قسم جو روپ ڌاريندا ۽ سوانگ رچايندا آھن. انهن جي اهڙي حال کان هنن جون زالون ۽ ٻار توڙي محڪمن وارا تعلقدار به بي خبر رهندا آھن . ويسٽ ۾ اها هڪ قسم جي روش يا هڪڙو شوق آھي.“ مونکي ڳالھ سمجھ ۾ آئي، پر پوءِ به هن فقير جي ڪتابن جي گوچانيءَ مونکي ڪو وقت مٿان طاري ٿيل سحر مان نڪرڻ جي واٽ ڪانه ڏني.
**

يارڪ ڊيل شاپنگ مال

ڊائون ٽائون ٽورنٽو کان موٽندي اسان کي ڪافي دير ٿي چڪي هئي. جنهن رستي کان اسان ڊان ويلي ۾ داخل ٿياسين تنهن رستي جي ٻنهي ڪنارن تي ديال ۽ ميپل جي وڻن جون قطار در قطارون اسان جي نظرن کي کيرو ڪري رهيون هيون. ڀر ۾ ڊان درياء جي رت ڄمائيندڙ ٿڌي پاڻي تي رابن پکين جي اڏام ڏسي دل اهڙي فطري ماحول ڏانهن هر هر ڇڪجي پئي وئي. اسان جڏهن ڪنهن ڊگهي سفر تي هوندا آھيون ته قدرتي طور ان وقت ماحول ۽ منظر به دلنشين هوندو آھي. اهڙي سمي فرحان ۽ مان سر ۽ لئي ۾ اچڻ ۾ دير نه ڪندا آھيون. فرحان مون کان چڱو ڳائي ڄاڻي. مون هڪ ڀيرو وري ڊان ويلي جي خوبصورتي تي نگاه وجهندي حميرا چنا جو ڳايل گانو جهونگارڻ شروع ڪيو. هيءَ حسين زندگي ائين گذري وئي. خواب هو يا هوا ڪا خبر ئي نه پئي.
اڄ ٽورنٽو ۾ پروموشن ڊي هو تنهنڪري ڊان ويلي روڊ تي گاڏين جي غير معمولي ٽريفڪ ڏسڻ ۾ پئي آئي ۽ گاڏي جي رفتار به هر هر وڃي زيرو تي پئي بيٺي. قسمت سانگي جڏهن اسانکي چڱي وٿي ملي ته فرحان اوچتو پراڻي پل جي پاسي کان ڊان درياھ جي ٻئي پاسي گاڏي کي موڙيندي چيو. ”بابا هلون ٿا آغاخان ميوزم ۽ اسماعيلي سينٽر ڏسڻ.“ مون چيومانس ته ”پھريون ٻارن سان ته صلاح ڪر.“ وراڻيو ”مڙئي خير آ بابا ٻارن جي به تفريح ٿيندي.“ آغاخان ميوزم ويندي مونکي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اسان ڊان ويلي مان گذري هڪ حسين پاڪستاني وادي ۾ پيا سير ڪريون. هن خوبصورت وادي جي رستن جي ٻنهي ڪنارن تي برف ڄمي پئي هئي. ڊگها ميپل ۽ پلتر جا وڻ مونکي بنا پنن جي غريبن جي اگهاڙن ٻارن جيان پئي لڳا. انهن وڻن جي ٽارين تي پکين جي اڏيل آکيرن جو حال پڻ ساڳيو هو. مون سوال ڪندي فرحان کان پڇيو. ”ڊان رور جي ٻنهي ڪنارن تي جيڪي وڻ پئي ڏٺاسون تن جي اگهاڙين ٽارين ۾ ڪئين پکين جا سڪل آکيرا ٽنگيا پيا ھئا پر پکي هڪ به نظر نه پئي آيو؟“ هو وراڻيو ”بابا برفباري جي سيزن ۾ هتان جا اڪثر پکي ميڪسيڪو ۽ ڏکڻ آمريڪا جي معتدل علاقن ڏانهن هجرت ڪري هليا ويندا آھن.“ باقي رابن. جهرڪيون ۽ ابابيل جن جي اڏام ايتري سگهاري ناهي، اهي ماڻھن جي گهرن جي ڇتين جي ڪنڊن پاسن ۾ پنهنجا گهر ۽ آکيرا ٺاهي هتان جي سرد موسم سان منهن ڏئي ويندا آھن.“ ميوزم جي ويجهو پهچي آغا خان ڪميونٽي جي اسمائيلي سينٽر ۽ ميوزم جي شاندار لوڪيش ۾ نهايت حسين منظر ڏسي دل خوشي ٿي وئي. نيري آسمان هيٺان نيري پيرامڊ شيپ ڊزائن تي نيري گنبد واري ڇت نهايت خوبصورت پئي لڳي. وري ميوزم جي عمارت جي ڇت هيٺان نيري زمين جي گولي کي وڏي آرٽ جي انداز سان ٽنگيل ڏسي وڏي حيرت اتپڻ ٿئي پئي. آغاخان اسماعيلي سينٽر جي ميوزم ۾ گرانقدر آرٽ ۽ ڪلچر سان گڏ انمول تاريخي نوادرات جو خزانو پڻ موجود آھي. عربي، ترڪي، پاڪستاني خاص ڪري آغاخاني انداز جي پرموٽ ڪيل جيوميٽريڪل ڊزائن جا نمونا جن تي سنڌي ڪاشي ڪاري فن جي ڇاپ نمايان نظر پئي آئي، سي سهڻن ۽ نفيس ڪٻاٽن ۽ شوڪيسن ۾ سجايل هئا. شيشي، چيني، چمڙي، ٺڪر، اوني ۽ سوٽي ڪپڙي تي جديد ۽ قديم دور جي ڪيليگرافي جا بي بها نمونا پڻ ميوزم جي زينت بڻيل ھئا.
ان کانسواءِ ڪوفي، نستعليقي ۽ ٻين سهڻن خطن ۾ لکيل قديم ۽ جديد قرآن شريف جا انمول جلد پڻ رکيل هئا. آغا خان اسمائيلي سينٽر ٽورنٽو کي ڏسڻ لاءِ وقت گهربل هو جيڪو اسان وٽ محدود هو. ڇاڪاڻ جو اسان سڀني کي اها اڻتڻ هئي ته بليڪ فرائيڊي پروموشن ڊي اسان جي هٿان نه نڪري وڃي ۽ سالياني لڳندڙ ان وڏي سيل مان فائدو وٺڻ کان اسان ڪٿي محروم نه رهجي وڃون. آغاخان ميوزيم جا مزا ماڻي اسان واپسي جو منهن ڪيوسين ۽ بليڪ فرائيڊي جي رونق ڏسڻ لاءِ يارڪ ڊيل مال جو رخ ڪيوسين.
”سيپٽيمبر مهيني جي آخري هفتي جي جمعي واري ڏينهن لڳل هن بليڪ فرائيڊي جو سڄو ٽورنٽو انتظار ۾ رهندو آھي“ فرحان آغاخان جي حسين وادي جي لاهين تي گاڏي جي رفتار کي تيز ڪيو“. مون پڇيومانس ”ڀلا ڇو“. وراڻيو. ”بابا اٽڪل سڀ شيون اڌ اگھ تي ملنديون آھن. اسان به انشاءَ اللہ گاڏي ڀري هلنداسين“. سج لهڻ ٻڏڻ وارو هو اوور هيڊ برج تان گاڏي کي موڙيندي فرحان اسان کي يارڪ ڊيل مال جي صدر دروازي اڳيان لاٿو ۽ پاڻ گاڏي کي پارڪ ڪرڻ هليو ويو. مال جي سامهون ميلن تائين سڄي پارڪنگ گاڏين سان ڀريل هئي. مون پنهنجي زندگي ۾ ايتريون گاڏيون هڪ هنڌ جمع ٿيل ڪڏهن نه ڏٺيون هيون. مال کان ٻاهر ٿڌ اسان جي لاءِ برداشت کان ٻاهر هئي. تنهن ڪري منهنجي تنهن ٻار ۽ مان مال جي اندر وڃي دروازي وٽ فرحان جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. کيس گاڏي پارڪ ڪرڻ ۾ اڌ منو ڪلاڪ لڳي ويو. اسان ڪانڀو ٻڌي جڏهن مال ۾ اڳتي پير وڌاياسين ته فرحان مونکي چيو ”بابا سڀ هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙي هلو.“ مون وراڻيو ”ها بابا“.
يارڪ ڊيل شاپنگ مال ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻھن جا مٿا ڏسي مون کي ڏينهن جا تارا نظر اچڻ لڳا. مون ٻارن کي چيو هتي اسان ڪيئن هلنداسين ڪيئن گهمنداسين ۽ ڪيئن خريداري ڪنداسين. مونکي ننهن وراڻيو بابا بس توهان پنهنجو خيال ڪيو. ٿوروئي هڪ دڪان ڏانهن اڳتي وڌياسين ته ماڻھن جي وڏي ڀيڙ جي زور ۾ خبرئي نه پئي ته منهنجو هٿ ڪيئن ڇڏائجي ويو. مون سامهون نگاه ڊوڙائي ته فرحان جهڙو ماڻھو اڳيان ويندي محسوس ٿيو. بس مان ان جي لاري لڳي پيس. ٻارن ۽ فرحان مونکي گهڻي ئي آواز ڏنا پر لکن جي تعداد جي ڀيڙ ۽ گوڙ ۾ مونکي ڪجھ به ٻڌڻ ۾ نه آيو. ٿورو اڳتي وڃي دڪانن جي هڪ چونڪ تي مان ڏئي وٺي بيهي رهيس ۽ محو حيرت اوسي پاسي جو جائزو ورتم ته پاڻ کي ماڻھن جي وچ ۾ قيد ٿيندي محسوس ڪيم. وڏي مشڪل سان پنهنجي هٿن ۽ ڪلهن کي حرڪت پئي ڏئي سگهيم. ڪلهاگس هن ڀيڙ ۾ مان رڳو مال جي ڇت کي پئي ڏسي سگهيس يا پنهنجي پيرن کي. مون کي هن خيال وڏي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو ته مار ھن بليڪ فرائيڊي جي سيل تي پئسي جي بچت جي چڪر ۾ هيء ايڏي وڏي قيامت برپا ٿي آھي.پهريون دفعو مونکي اھو احساس جاڳيو ته ڪڏهن ڪڏهن سستائپ جي چڪر ۾ انسان ڪيڏو نه سستو ٿي پوي ٿو. نفسان نفسي جي اهڙي ماحول ۽ منظر ۾ ذري گهٽ مان پنهنجا مڪمل حواس وڃائي ويٺو هوس پر قسمت سانگي بچي ويس ۽ وڏي مشڪل سان پنهنجو چيتو جاءِ ڪري پاڻ کي سنڀالي سگهيس. ٻاهر برف پئي وسي مونکي جسم تي ٻن ٽن تھن ڪپڙن جي مٿان اوور ڪوٽ پاتل هو. تنهن ڪري گرمي پئي لڳي. اهڙي سمي واش روم جي تلاش ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوش ۾ مان ڪامياب ٿي ويس.
مال جي غير معمولي رش جي دٻاءَ مونکي هر لحاظ کان بي وس ڪري ڇڏيو هو. پر هر لمحي ان فڪر به مونکي پئي پريشان ڪيو ته مان ھاڻي مڪمل طور گم ٿي چڪو آھيان. پوءِ به ڪرم مولا سائين جو ته منهنجو اعتماد بحال هو. مون خيال ڪيو ته واش روم کان واندو ٿي ساڳئي مين اينٽرينس تي وڃي بيهندس ۽ فرحان سان رابطو ڪندس. جيتوڻيڪ منهنجي ائين گم ٿي وڃڻ تي هن به سيڪيورٽي روم ۾ وڃي اتان جي عملي کي منهنجي گم ٿيڻ جي رپورٽ ڪئي هئي ۽ انهن به لائوڊ اسپيڪر ۽ واڪي ٽاڪيز تي مونکي با خبر ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪيا پر هن بي انتها ڀيڙ ۽ گوڙ ۾ منهنجي ڪنن ڪجھ نه سئو. واش روم کان موٽ تي مين گيٽ تائين پهچڻ لاءِ مونکي هڪ ڪلاڪ کن لڳي ويو.
مون وٽ پنهنجي سمارٽ فون هئي پر مسئلو اهو هو ته انجي چارجنگ زيرو کي پهچي چڪي هئي. ٻٽي منٽ ساه پٽي مون مال جي دڪيءَ تي ڀرسان ويٺل هڪ گوري خاتون کي جيڪا فون تي ڪي نمبر ملائي رهي هئي. دل جهلي ٻڌايم ته هن ڀيڙ ۾ مان پنهنجي ٻارن کان وڇڙي ويو آھيان. جي اوهان مدد ڪريو ته پنهنجي فون تي منهنجي پٽ فرحان کي اطلاع ڏيو ته مان ھن دروازي تي سندس انتظار ۾ ويٺو آھيان. خاتون پنهنجي خوش اخلاقي جو مظاهرو ڪندي مونسان فارسي زبان ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
مون کيس ٻڌايو ته مونکي فارسي ناهي ايندي. چيائين توهان مونکي فرحان جو سيل نمبر ڏيو. مون کيس نمبر ڏنو .خاتون وڏا وڙ ڪري نمبر ملايو ۽ فرحان کي ٻڌايائين ته تنهنجو والد گرامي هتي مين اينٽريس نمبر ون تي ويٺو تنهنجو انتظار پيو ڪري. پنجن منٽن ۾ فرحان مون وٽ پهچي ويو. خاتون جا ٿورا مڃندي اڳتي وڌياسين ته فرحان چوڻ لڳو ”بابا توهان هٿ ڇڏائي ڪاڏي هليا ويا هئا. هتي سڄي سيڪيورٽي اعلان ڪري ٿڪي آھي؟“
مون چيومانس ”بابا اهو سڀ ڪجھ هن رش جي ڪري ٿيو آھي.“ فرحان چوڻ لڳو ”بابا اسان به يڪو وقت اتي ئي در اڳيان بيٺا آھيون. ٻارن سان جڏهن ملياسي ته فيصلو ٿيو ته ھلو ته هاڻي گهر ٿا هلون. ٿورو اڳتي هلي دڳ تي مون فرحان کان پچھيو ”پٽ هي جي ايٽ ملڪن جا ماڻھو چئن پئسن جي بچت پٺيان ايڏو ٿا مرن؟“
فرحان وراڻيو نه با با ”ھي اسان جي لاء قلندر ۽ ڀٽائي جو ميلو آھي بچت جي بچت ۽ دنيا جو چسڪو مزو ڌار“. مون چيو. ”هوندو بابا“
**

پان شاپ

مارچ جو پهريون هفتو شروع ٿي چڪو هئو. ٽورنٽو جي روڊن تان تکيون هوائون برف جي ڍيرن کي فضا ۾ ائين اڏائي رهيون هيون جيئن سنڌ ۾ هوائون رستن تان مٽيءَ کي اڏائي ڌوڙيا مچائي ڇڏينديون آھن. ڊائون ٽائون ٽورنٽو اميگريشن بورڊ ۾ فرحان جي داخل ڪيل پيرينٽس جي ڪيس جي اپيل جي تاريخ رکيل هئي. اسين صبح جو ٺيڪ اٺين لڳي ڪورٽ روم جي لڳ ويٽنگ روم ۾ پنهنجي وڪيل مسٽر جول سان ڪيس جي ڪن پهلوئن تي گفتگو ڪري رهيا هئاسين. ان سمي اسان کي هڪ آفيس ريپريزينٽيٽو ليڊيءَ اطلاع ڏيندي چيو، ”مسٽر جول، مسٽر فرحان ڪورٽ روم پنجين ۾ اوهان جي پهچڻ جو وقت ٿي چڪو آھي ۽ آنرايبل ليڊي جج ۽ مسٽر ميمبر آف اميگريشن بورڊ پنهنجي سيٽ تي پهچي چڪا آھن.“
اسان جي ڪيس تي قانوني پهلوئن جي لحاظ کان هڪ بجي تائين بحث مباحثي جو امڪان هو. تنهنڪري مون فرحان کي ڦوڪ ڏئي ڇڏي ته مان هيٺان چڪر لڳائي ايندس ورنه هتي ويهي وڏي بوريت ٿيندي. جهٽ پلڪ ۾ هڪ مايونيز سينڊوچ ۽ گرم گولڊ بلينڊ نيسڪيف جا چار ڍڪ پي اوور ڪوٽ اوڍي لفٽ نمبر ڏهين ذريعي بلڊنگ کان هيٺ لهي مون نڪ سامهون واري گهٽيءَ ڏانهن رخ ڪيو.
منهنجو شوق هو ڪيٿيڊرل چرچ آف سينٽ جيمس کي ڏسڻ جو جيڪا ڪيناڊا ۾ قدامت ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان آرٽ جو هڪ خاص نمونو ليکي وڃي ٿي. ڊائون ٽائون ۾ ٽرام ذريعي سڏ پنڌ جو سفر ڪري مان ٽورنٽو جي هڪ وسيع ۽ خوبصورت چونڪ تي جيمس ڪيٿيڊرل چرچ جي آڳر ۾ وڃي لٿس.
اتي پهچي لڳي ائين پيو ته روڊ جا مڙئي ڀر پاسا. ماڻھن جي لنگهڻ جون فٽ پيريون ۽ سائڊ واڪ سڀ سينٽ جيمس چرچ جي حوالي ڪيا ويا آھن. خاص شاھ راھ تي شھر جي وچين علاقي ۾ ايڏي کليل ۽ ڪشادي چرچ مون پهريون دفعو ڏٺي جنهن جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي گهمڻ ڦرڻ جي ڪا جهل پل يا نگهداشت لاءِ سڪيورٽي بيٺل ڪانه هئي ھونئن به ڪيناڊا ۾ چرچ جو هڪ تاريخي تقدس قائم رهندو آيو آھي. ان جو سبب اهو ٿو ڏسجي ته هتي جيڪي مسيحي دنيا جون قومون بادشاهت وارن پراڻن عهدن ۾ فرانس، گريٽ برٽن، اسپين ۽ پوءِ دنيا ۾ عظيم جنگن وگهي منقسم ٿي ڀاڄ کائيندڙ يورپ جي سمورن حصن جي مسيحي مذھب جي پخته ۽ قديم خيالن جي ماڻھن جا جٿا سرزمين ڪيناڊا تي اچي گڏ ٿيا. جن تاريخ جي پوءِ جي دورن ۾ اڳتي هلي گڏيل فيڊريشن جي معاهدي هيٺ هڪ حڪومت قائم ڪئي. اهي خاص ڪري مسيحي ڪيٿولڪ مذھب جو تقدس قائم رکندا آيا آھن. اهڙي طرح مذھبي تاريخ جو مطالعي ڪرڻ وارن کي ڪيٿولڪ ورلڊ جي ڪرستانن جو ڪيناڊا ۾ هڪ گڏيل اتحاد نظر اچي ٿو جنهن جي نمائندگيءَ سان مسيحي مذھب جي معاملن ۾ گهڻي سرشاري ۽ هم آھنگي پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنهن جي بنياد تي ڪيوبيڪ ۽ مونٽريال فرينچ صوبي ۾ ڪيٿيڊرل ناٽريڊم چرچ کي عظيم جنگين جي دور کان گهڻو اڳ قائم ڪيو ويو. هن چرچ جي قائم ڪرڻ پٺيان ڪيٿولڪ ڪرسچن دنيا جي قديم فرينچ مسيحي گروه جو هٿ ۽ سهڪار رهيو. ڇاڪاڻ ته اصل وڏي ۽ قديم ناٽريڊم چرچ فرانس ۾ آھي. جيڪا فرانس ۾ پنهنجي سونهري تاريخ جا ڪيترا دور ڏسي چڪي آھي.
اهڙي طرح 1797ع ۾ اسپينش مسيحي گروه پنهنجي ڪيٿولڪ دنيا جي محبت ۽ سرشاري جي جذبن هيٺ ٽورنٽو ۾ اسپين جي قديم ڪمينو آف سينتياگو جيمس چرچ جي نالي پٺيان هتي هڪ اهڙي عظيم ڪيٿيڊرل چرچ جو بنياد وڌو جنهن جي بلندين جو محو حيرت ڪندڙ ڏيک انوقت عظيم ٽورنٽو جي ٻي ڪنهن عمارت ۾ ڪونه ھو.
هن عمارت جو نالو سينٽ جيمس اينگليڪن ايپسڪوپالين ڪيٿيڊرل چرچ آھي. مون سينتياگو جي ڪمينو سينٽ جيمس چرچ جي ڊسڪوري گائڊ. ٽريول گائڊ ۽ ٻيون هسٽاريڪل ۽ آرٽ تي مبني وڊيوز جو مطالعو ڪيو آھي پر جيڪو آرٽ ۽ آرڪيالاجي جي شوقينن کي اصل ماڳن جي ڏسڻ مان لطف حاصل ٿيندو آھي سو پري کان ويهي مطالعي ڪرڻ مان ڪونه ٿيندو آھي.
ڪلاڪ کن گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ مان چرچ جي سامهون واري اسٽريٽ تان تڪڙا قدم کڻندو زيبراڪراسنگ تي وڃي بيٺس ته اوچتو منهنجي نظر هڪ دڪان جي سائن بورڊ تي پئي جنهن تي وڏن اکرن ۾ ”پان شاپ“ لکيل هو. رستي کلڻ جو انتظار پورو ٿيو ته پرديس ۾ پان کائڻ جو شوق پورو ڪرڻ جي غرض سان مان پان شاپ ۾ گهري ويس.
اندر گهري جيئن ئي دڪان جي وچ ۾ وڃي بيٺس ته منھنجون ته وايون ئي ولڙيون ٿي پيون. وائڙن وانگر مان هڪ نظر شوڪيسن ۾ رکيل شين تي پيو وجهان ۽ وري هڪ نظر سان دڪان جي مالڪ کي پيو ڏسان. جهٽ پل ۾ دڪان جو مختصر جائزو وٺي ڪائونٽر تي ويٺل هڪ جهوني وضع قطع جي همراه جيڪو گوري نسل جو پيو لڳي سان رابطو ڪندي چيم ... ”برادر مونکي ٻه مٺا پان کپن.“
هو همراه جيڪو اڳ۾ ئي مونکي هر هر اکيون ڇنڀي حيرت سان پيو واجهائي تنهن منهنجي ”ٽو سويٽ پان“ جي گهر کي هڪ کل مزاق سمجهيو ۽ منهنجي خيال ۾ هن به منھنجي سوال جو جواب ساڳئي نوعيت سان ڏيندي چيو. ”برادر مون وٽ هڪڙو پان آھي. پر مٺو ناهي جيڪو ڏسين ٿو تنهنجي سامهون آھي.“
ڳالھ مونکي به سمجھ ۾ نه آئي. مون سوچيو هي گورو ماڻھو آھي سو پان ڪيئن کپائيندو. پر پوءِ به مون کيس چيو هي پان جو دڪان ناھي. هن لبن ۾ مسڪرائيدي وراڻيو، بلڪل ”پان شاپ آھي“ مون وري هڪ ڀيرو ڪنڌ ورائي سمورن شوڪيسن ۽ ڪائونٽرن جو جائزو ورتو. جنهن تي منهنجي غلط فهمي دور ٿي ته همراھ ڪٻاڙي آھي.
سچ پڇو ته مونکي به اھو پھريون ڀيرو ادراڪ ٿيو ته ڪيناڊا ۾ ڪٻاڙي جي دڪان کي پان شاپ چئبو آھي. پر منهنجي حيرت جي حد نه رهي ته هتي جي ڪٻآڙ جي اهڙن دڪانن تي هزارين اينٽيڪ شين. پراڻن ڪتابن. پراڻين گهڙين واچن ۽ سون جي پراڻن ڳهن وغيره جي ڏيتي ليتي وهنوار ۽ واپار هلي ٿو. مان در اصل پنهنجي مطلب جي بلڪل صحيح هنڌ ۽ دڪان تي پهتو هوس جتي مان گهڻو وقت گذارڻ چاھيان پيو پر مونکي ٺيڪ ٻارهين بجي موٽي اميگريشن بورڊ آفيس پهچڻو هو جنهن لاءِ مون کي رڳو پندرهن منٽن جو وقت گهربل هو.
**

جهيل پري

ٻه ڏهاڙا اڳ آئون هڪ سهڻي جهيل جي ڪنٺار تي شام جو پهر گذاريندي ڪجهه تصويرون ڪڍيون هيون. هتان جو وايو منڊل ۽ ڍنڍ جو حسن لاڙڪاڻي واري گهاڙواه سان گهڻي ڀاڱي ميل کائي پيو. جڏهن اڻويهه سو سٺ پنجھٺ جي زماني ۾ اهو پنهنجي عروج جي بلڪل پوين پساون ۾ هو. پوءِ به لاڙڪاڻي جي جهونن سڄڻن کي ان جي ڪنارن تي زيتونن، کارڪن ۽ انبن سان ڀريل ٻيڙين جي سهڻي تار، اوسي پاسي جي وڻن ۽ سھڻن ٻوٽن جي گلن گلڪارين مان اٿندڙ ھٻڪار، کارڪن، زيتونن، انبن ۽ ليمن جون لذتون ۽ خوشبوؤن هاڻي به اوس خوابن ۾ اينديون هونديون. هن وقت آئون اهڙو ساڳوڻو واتاورڻ ڏسي هن ڍنڍ تي دل هاري ويٺس، اهڙي خوبصورت شام ۽ شام جي ٿڌڙي ھوا جي مڌرائتي ماحول ۾ مگر هن ويراني ۾ مون پنهنجي سامهون هڪ عورت کي ايندي ڏٺو جيڪا پري کان جل پري کان ڪا گهٽ نه پئي لڳي، هن جي سهڻن قدمن جي چلت مونکي ڀلي لڳي، ڍنڍ جي ڪانئر پکين کان لينس جو رخ آهستي مگر ڪجهه خفيف ۽ خفيه انداز ۾ هٽائيندي هن جو فوٽو ڪڍي ڍنڍ جي ڪناري تي کتل لوهي گرل کي ٽيڪ ڏئي بالم ٿي بيهي رهيس.
جيستائين هوءَ مون وٽ پهچي دل ۾ اچي ڦڦڙي لڳي ته يار هن ڏسي ته نه ورتو هوندو بس پيشاني تي پگهر شروع، دل جي ڌڙڪي جي رفتار ٻيڻي ۽ ٻيڻي کان ٽيڻي ٿي وئي ان جو سبب هي هو ته هتان جو قاعدو ۽ قانون نهايت سخت ڇا پر سخت ترين آ، جي هن واتين وڻين به پڇا ڳاڇا ڪئي، يا بنا اجازت منهنجي ڪلڪ ڪرڻ جي پوليس کي فونڪ اطلاع ڪيو ته مان وزيٽر جي حيثيت وارو ته هڪ ڦوڪ ۾ ڊي پورٽ ٿي ويندس، پر جي هوءَ اهڙو قهر نه به ڪري ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ٻه ٽي گٿا يا ابتا سبتا اکر چئي وجهي ته به هن اڇي ڏاڙھي ۾ مان اڌ مري ويندس. جڏهن هوءَ قريب آئي ته آءٌ ڏانهس ڏٺو مگر خوشگواري واري انداز ۾ ڇاڪاڻ ته ڪيناڊا ۾ ڪنهن کي ڀي مسڪرائي ڏسڻ بهترين عمل ڄاتو ويندو آھي، خاص طور عورتن ۽ ٻارن کي.
ايتري ۾ هوءَ بلڪل ويجهو اچي وئي ۽ نهايت سهڻي انداز ۾ مسڪرائيندي سلام ڪيائين. هتي ماڻهن جو انداز اهڙو ئي هوندو آ مگر پهرين ميل ملاقات ۾ هيلو هاءِ يا گڊ مارننگ ۽ گڊ ايوننگ تائين کيڪار رهندي آھي. منهنجا سڀئي خدشا دور ٿيا ساهه ۾ ساهه پيو ائين محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي جان بخشي ٿي.
**

پٿرن جو مان ۽ مڃتا

سماجي تاريخ ۾ اسانکي ڏهن هزار سالن کان نظر اچي ٿو ته انسان پٿر کي پنهنجي اجهي سان گڏ . تحفظ جو ديوتا سمجهندو اچي ٿو ۽ ان سان گڏ هو ان کي هڪ مانائتي وٿ سمجهندي ان کي استعمال ۾ پيو آڻيندو رهيو آھي. ان مان اسانکي معلوم ٿو ٿئي ته انسان پنھنجي تهذيب کي پٿر جي تهذيب سان گڏ گڏ کڻي هليو آھي. انسان ۽ پٿر جي تهذيب جا اهڃاڻ اسانکي پٿر جي زماني کان ملن ٿا جن جا پڪا پختا نشان ڌرتي جي ڪيترن حصن ۾ اڄ سوڌا پکڙيل آھن.
ڏکڻ امريڪا جي ملڪ پيرو ۾ جا بجا قديم قد آدم پٿرن کان به وڏا پٿر ڪن هنڌن تي ميدانن پکڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. فلسطين جيريڪو ۾ اردن جي جابلو سلسلي وارن علاقن ۾ پٿر جو خوبصورت ۽ نهايت قديم اڏيل پيٽرا شھر، ترڪي، شام سعودي عرب جي قديم قبل از تاريخي شھر مدائن صالح جي جابلو سلسلن ۾ عاد ۽ ثمود قومن جون وڏيون جوڙيل عمارتون ۽ حضرت عيسيٰ عليه سلام کان ڏيڍ صدي کن اڳ العلا شھر جون حيرت انگيز ڇپائن پٿرن جون عمارتون، عراق ۾ پٿر جو اڏيل ٽاور آف بابل ۽ مصر ۾ دنيا کي محو حيرت ڪندڙ ڇپائن پٿرن جون آسمان کي ڇهندڙ قبرستاني عمارتون (پيرامڊ) ۽ وڏا وڏا ستون قبل از تاريخ زماني جا پٿر جي مان ۽ مڃتا جو هڪ سمبل بڻيل آھن.
قبل از تاريخ ۽ پنج سو قبل مسيح جي تاريخ کان ويندي اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن طرح انسان جو پٿر سان پيار ۽ لڳاءَ نظر اچي ٿو. اسانجي جنوبي ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پٿر جي بتن جو مان ۽ مڃتا جو سلسلو پڻ قديم زماني کان قائم دائم آھي. هندوستان ملڪ جي اڪثريت جو مذهب پٿر جي جوڙيل بتن جي پوڄا ڪندي انهن کي پنهنجو خدا مڃن ٿا.
دنيا جا جديد ملڪ جن سائنسي لحاظ کان وڏي ترقي ڪئي آھي اتي به اسانکي ڪنهن نه ڪنهن طرح پٿر جو مان ۽ مڃتا سان گڏ ان جي اهميت ۽ استعمال نظر اچي ٿو. هتي ڪيناڊا جي باغن ۽ ٻين انيڪ جاين تي پٿر مان گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل آرٽيفيڪٽ ۽ رامٽيريل نظر ايندو.
ميوزيمس، پبلڪ پارڪس توڙي نيشنل پارڪس ۾ ماڻھن جي ويهڻ لاءِ بينچن سان گڏ وڏا ڇپائان پٿر جا بجا رکيل نظر ايندا آھن جن تي گهڙي سوا ويهي ماڻھو ٿڪ لاهي سگهي ٿو. اهو آھي اڄ جي دور ۾ به پٿر جو قدر ۽ مان.
**

آئيندي جي نسلن جي آبياري

پنهنجي نسل جي ٻارن جي ڪچي عمر ۾ ابتدا کان راندين ۾ مهارت پيدا ڪرڻ لاءِ تربيت ڪرڻ، ٻارن جي جسماني واڌ تي خاص توجهه ڏيڻ. تن سازي جا پروگرام جن لاءِ تربيت يافته ماهر رانديگر رکڻ سان گڏ والدين جي سرپرستي ۽ نگراني هيٺ ٻارن جي نشونما ڪرڻ. يورپ ۽ مغرب جي ماڻھن جو هڪ خاص مشغلو رهيو آھي. ويسٽ ۾ اهڙن ڪمن جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪاري مشنري، سرڪاري اعانت ۽ والدين جي سرپرتي هيٺ ادارن جو قيام عمل هيٺ آندو وڃي ٿو. اهڙا ادار به ننڍن وڏن ڪلبن ۽ مرڪزن جي صورت ۾ قائم ڪيا وڃن ٿا. هي ڳالھ مان پنهنجي مشاهدي تي نه پر عملي طور راندين جي ميدانن ۾ پنهنجي روبرو ڏسي انتي پنهنجا خيال پيش ڪري رهيو آھيان.
راندين ۽ تن سازي جي عملي سکيا کي مغرب ۾ وڏي اهميت حاصل آھي. جنهن جي حصول لاءِ ڪلب ڪلچر ۾ وڃڻ کان اڳ سرڪاري سرپرستي ۾ هلندڙ ابتدائي سکيا گهر جن کي ڊي ڪيئر سينٽر به سڏيو وڃي ٿو تنهن کان شروع ٿيندي آھي. اهي ٻارن جا سڄو ڏينهن حفاظتي مرڪز، سکيا جي سلسلي ۾ ٻه رخي سکيا ڏين ٿا. ٻن سالن جي ڪچي عمر جي ٻار جي باري ۾ اسان اندازو لڳائي سگهئون ٿا ته هن کي سکيا جي مرحلن مان ڪيئن گذاريو ويندو هوندو. ڀل اسان وٽ اهڙو رواج موجود ناهي مگر هتي ڪيناڊا ۾ ان کي خاص اهميت ڏني وڃي ٿي. ڪچي ٻالڪپڻي ۾ جڏهن والدين ٻارن کي سکيا مرڪزن ۾ داخل ڪرائين ٿا. تڏهن ٻارن لاءِ ڪو يونيفارم مقرر نه هوندو آھي، جيتوڻيڪ هنن ڊي ڪيئر سينٽرن تي ابتدائي نشونما ڪندي ٻارن کي تعليم جو پهريون ڏاڪو چاڙھڻ سيکاريو ويندو آھي. ا، ب، ت ۽ ڳڻپ سان سان گڏ ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو آھي. اهو مرحلو آھي راند روند جنهن ۾ جسماني ڪثرت پڻ شامل هوندي آھي. اهڙن مرڪزن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو تجربو مون کي ان وقت ٿيو جڏهن مان پنهنجي پوٽي حارث کي پنهنجي پٽ سان گڏ وڃي پنهنجي علائقي جي ڊي ڪيئر سينٽر ۾ داخل ڪرايو. ٻٽي ڏينهن سينٽر ۾ ٻارن جي سکيا جون سرگرميون پنهنجي اکين سان ڏٺيون. سينٽر ڇا هو. هڪ تربيت گاهه ۽ اسڪول هو. هي ٻارن جو سڄو ڏينهن خيال رکڻ وارو تربيت گاهه ۽ ناليج سينٽر پڪرنگ جي اهڙي قدرتي خوبصورت لوڪيشن تي قائم آھي جنهن جو ٿڌي سڙڪ جهڙو رستو بي پناهه خوبصورتن جي مالڪ ڍنڍ اونٽاريو تي وڃي ختم ٿئي ٿو.
ڊي ڪيئر ناليج سينٽر تي ٻارن کي راند روند ڪرائيندي موٽر ڪارن ۽ هر قسم جي وهيڪل جا پلاسٽڪ مان جڙيل ماڊل، پلاسٽڪ رانديڪا، ايگريڪلچرل مشينري ۽ ڳري ٽرانپورٽ وهيڪل جا نمونا، هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽرن جا ماڊل، زمين کوٽڻ جا اوزار، ڪارپينٽر جو سامان، ڪاٺ جا تختا، پلاسٽڪ جا مترڪا ۽ ڪارايون مطلب ته پنجن سالن جي عمر تائين ٻار انهن سينٽرن تي سکيا وٺندي وٺندي سڄي جهان ۾ ڪم ايندڙ موٽر ڪار ۽ مشينري کي پنهنجي هٿن ۽ اکين مان ڪڍي انهن متعلق ڄاڻ حاصل ڪري وٺندا آھن.
ٻارن جي جسماني ڪثرت ۽ نشونما جي لاءِ سينٽر ۾ ترڪڻون ڏاڪڻون، چيڪلا، چوڏيلون، ساڪر بال، ٽينس، بيڊ منٽن، هاڪيون، بيس بال گيم جا پلاسٽڪ جا ڏنڊا وغيره هوندا آھن، جن سان سڄو ڏينهن ٻار تربيتي ماهر خاتون استادن جي نگراني ۾ جسماني ورزش ڪندا رهندا آھن. سينٽر تي وقت تي شيڊول مطابق کاڌو ڏنو ويندو آھي ۽ بيڊ رومس ۾ آرام پڻ ڪرايو ويندو آھي.
مون پنهنجي پڪرنگ فٽبال گرائونڊ ۾ لڳل هڪ ڪئمپ ۾ ٻارن جي ساڪر گيم جي تربيتي سمر ڪئمپ کي ٽن ڏينهن کان ڏسان ٿو، جتي ماهر استاد مشاق طريقن سان ٻارن کي گرائونڊ ۾ آڻي انهن ۾ اسڪل يعني مهارت پيدا ڪن ٿا بلڪ راند جي سکيا پوري ٿيڻ کان پوءِ هنن کي ڊرل ڪرائي منجهن نظم ۽ نسق پيدا ڪيو وڃي ٿو. ان سان گڏ هنن جون جسماني مشقون به ٿي وڃن ٿيون. پڪرنگ جي ميجر اوڪس روڊ تي ويلي پبلڪ اسڪول جي وڏن ۽ ويڪرن ميدانن تي مونکي اتر امريڪا جي قومي معروف راند بيس بال ڏسڻ جو ڪيترا دفعا موقعو مليو آھي. هن راند ۾ ستن اٺن سالن کان ڏهن ٻارهن سالن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي چٽا ڀيٽيءَ واريون ميچون کيڏن ٿا. جيڪي تقريبن ننڍي هوندي سکيا گهرن ۽ ناليج سينٽرس تي ابتدائي تربيت وٺي تيار ٿيل هوندا آھن.
هن ميدان ۾ ٻار صبح ۽ شام بيس بال راند ڪري پنهنجي مهارت وڌائيندا رهندا آھن ان سان گڏ جسماني ڪثرت ڪندا آھن. مگر هنن ميدانن ۾ ٻارن جي والدين جي شرڪت ۽ دلچسپي ڏسي مونکي حيراني وٺي وئي. ٻارن جي همت افزائي لاءِ ساڳي وقت انهن جا پيءَ ۽ ماءَ موجود هوندا آھن جيڪي کيڏڻ لاءِ ٻارن جا ڪٽ، ٻارن جي کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ميوا ۽ شربت پاڻي کڻي ميدان جي وٽن ۽ پاسن تي ويهڻ لاءِ فولڊنگ ڪرسيون ڪلهن تي کنيو ايندا آھن. ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ راند روند تي هتي مغرب ۾ جيترو ڌيان انهن جا ماءَ پي ڏين ٿا ته پوءِ ڇو ڪونه ايندڙ وقت ۾ انهن جي ايندڙ نسلن جا وڏا مان ٿيندا.
ڪيناڊا ۾ رهندڙ قومن جون ترجيحات رهيون آھن ته زندگي جي تمام شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاء هنن جا ٻار جنهن ميدان ڏانهن پاڻ لاڙو رکن ٿا تنهن لاءِ هنن جا والدين نه رڳو انهن کي موقعو ۽ ماحول فراهم ڪن ٿا پر پنهنجي زندگي مان وقت ڪڍي اولاد اڳيان موجود رهي هنن کي سپورٽ ڪن ٿا. دنيا هاڻي هڪ شھر. هڪ ڳوٺ. هڪ گهر ۽ هڪ نيٽ ورڪ ۾ سمائجي چڪي آھي. پنج منٽ اڳ مون ڪيناڊا کان هڪ عرض، نيٽ ذريعي پنهنجي دوستن کي ”انيس انصاري صاحب جي تصوير کپي“ لکي موڪليو. سچ پڇو جي مان پنهنجي ڪمري جي ڪٻاٽ مان تلاش ڪري فوٽو ڪڍان ها ته ڪجهه وقت لڳي ها. مون پوسٽ لکي وال تي موڪلي اک ڇنڀ ۾ پياري دوست ڊاڪٽر دانش مونکي گهربل تصوير موڪلي. مٿان انيس صاحب جي نينگرن محترم اسحاق احمد انصاري ۽ اشفاق پڻ خوبصورت تصويرون موڪليون. اها آھي هڪ گهر ۽ ڳوٺ واري ويجهڙائي جو هڪ عملي نمونو. تنهن ڪري اسان جي سکيا ۽ تربيت جي سلسلي ۾ دنيا ڀر مان پرائڻ جي سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ ڪيترو سهنجو ۽ ويجهو سو به مفت ۾ مهيا ٿي پيو آهي.
هاڻي اسانکي گهرجي ته اسان پنھنجي سوچ. ريتن. روايتن ۽ سرگرمين کي فائديمند دڳ تي لڳايون. پنهنجي عادتن ۽ روين کي مٽائي بهتر ڪرڻ ۾ ھاڻي وڏي سرمائي جي ضرورت درڪار ڪانهي. هڪ ڀيري اسڪول ٽيچر شاگرد کان پڇيو ”اڙي تون اڄ منهن ڇو ڪونه ڌوئي آيو آھين.“ ٻار جواب ڏنو ”سائين مان غريب آھيان.“ اسان هاڻي اهڙا جواب ڏيڻ ڇڏي ڏيون نه ته ريل گاڏي اسٽيشن تان نڪري اسان کي ڇڏي ٻي اسٽيشن تي ٻين مسافرن کي وڃي کڻندي.
**

سائيڪلنگ صحت جي ضامن

سائيڪلنگ صحت جي ضامن آهي. منهنجي خيال موجب اڳين وقتن ۾ خاص ڪري سٺ ۽ پنجاه وارن ڏهاڪن تائين سائيڪل وهائڻ کي تندرستي ۽ فٽنس قائم ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو سمجهيو ويندو هو. جڏهن سائيڪل ترقي جي ڌاري ۾ اچي موٽرسائيڪل جو روپ اختيار ڪري وئي تڏهن ان جو ڪارج هڪ ٻيو رخ اختيار ڪري ويو ۽ موٽر سائيڪل رڳو شوق ۽ باربرداري جو اوزار ٿي پئي. اسان جي ملڪ توڙي ريجن ۾ هاڻي سائيڪل تندرستي ۽ فٽنس جو بهترين ذريعي واري معنا ۽ مطلب وڃائي چڪي آھي، پر ويسٽ ۽ فارايسٽ ملڪن توڙي آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ سائيڪل وهائڻ جو رواج اڃا قائم آھي. جنهن ديس ۾ مان رهان ٿو تنهن ۾ سائيڪلنگ پڻ جديد دور ۾ داخل ٿي چڪي آھي. هتي جيترو قدر جي نگاه سان موٽر ڪار کي سٺي سواري سمجهيو وڃي ٿو ۽ اهي هر گهر جون زينت بڻيل آھن، تهڙي طرح سائيڪل کي به ساڳيو بلڪه ان کان وڌيڪ ٻن ٽن مطب واري اهميت حاصل آھي. يعني سائيڪل ڪم جي جاءِ تي ۽ آفيس پهچڻ جو ذريعو به آھي ۽ شوق خاطر به ان جو استعمال آھي ۽ گڏوگڏ انکي بهتر صحت ۽ فٽنس جو ٽول به سمجهيو وڃي ٿو.
مونکي ڪيناڊا جي فرينچ اسپيڪنگ صوبي جي گشت جو موقعو مليو تنهن ۾ ڏٺم ته سرڪاري آفيس. اسڪول. ڪاليج ۽ يونيورسٽي وڃڻ وارن سائيڪل سوارن لاءِ تيز ترين ۽ بهترين سائڊ ٽريڪس تعمير ڪيا ويا آھن ۽ وري اتان جي سائڪلن ۾ اهڙا ڪارائتا نفيس ۽ جديد مٽيريل جا پرزا ڪتب آندا وڃن ٿا جو انهن جي رفتار مونکي تقريبن موٽر بائڪ جي ويجهو ويجهو ٿي لڳي. وڏي ڳالھ هي آھي ته ڪيناڊا جي وڏن شهرن مونٽريال توڙي ٽورنٽو ۾ سائيڪل جي مقرر ڪيل ٽريڪ تي پبلڪ، پبلڪ گاڏيون ۽ شھرين لاءِ هلندڙ گو بسن جو اچڻ ممنوع ۽ خلاف قانون آھي ۽ سائيڪل وهائيندڙ لاءِ پڻ ٻين جي ٽريڪ ۾ داخل ٿيڻ اوتروئي قانوني ڏوه آھي.
ڪيناڊا جي ٽورنٽو سٽي جي ڊائون ٽائون جنهن کي اسان جي ملڪ ۾ صدر چيو ويندو آھي .جتي دنيا ڀر جي ملڪن جون ٽريڊ آفيسون ۽ انهن جا مرڪزي دفتر آهن، بي بي سي ۽ ٻين براڊ ڪاسٽنگ ادارن جون آفيسون، ڪافي هائوس، ريسٽورانٽ شاپنگ مال موجود آھن ۽ وڏي چھل پهل ڏسڻ ۾ ايندي آھي اتي روڊن جي پاسن تي ڪار پارڪنگ جو هڪ انڊر گرائونڊ مربوط اسپيشل نظام رکيل آھي. ساڳي جاءِ تي سائيڪلن جا پڻ خاص اسٽينڊ ٺھيل آھن جتي ڪارن ۽ گاڏين کان وڌيڪ مونکي سائڪلون بيٺل نظر آيون. هتي گهمندي ڦرندي معلوم ائين پيو ٿيندو آھي ته ڄڻ ھن شھر جا ماڻھو پنهنجي ذاتي. دفتري ۽ گهرو ڪمن ڪارن جي سلسلي ۾ سائيڪل جو استعمال ڄاڻي واڻي گهڻي کان گهڻو ڪن ٿا. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪيناڊين باءِ سائيڪل جي افاديت کي ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا .
ڪيناڊا ۾ ٻه ڦٿي کي باءِ سائيڪل سڏيو ويندو آھي. منهنجي اندازي موجب ڪيناڊين وٽ موٽر گاڏين کان وڌيڪ گهرن ۾ باء سائيڪلون موجود آھن ڇاڪاڻ ته ان جو ڪاج ٻٽو آھي. هڪ ته اھا گهرو ڪم ڪار ۾ به ڪتب اچي ٿي ۽ صحت ۽ ڪثرت لاءِ به ان جو استعمال آھي تنھنڪري ان جي اهميت به ٻيڻي آھي. جنهن گهر ۾ ٻار آھن اهو گهر ته ماڻھن کان وڌ سائيڪلن جو گهر بڻجيو پوي.
اسانجي گهر ۾ به ٻه گاڏيون ۽ چار سائيڪلون آھن ٽن ٻارن جون ۽ هڪ منهنجي پٽ جي ۽ ننهن کي ايڪسرسائز لاءِ ٽريڊ مل سائيڪل جي روپ ۾ رکيل آھي. هتي ڪيناڊا ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي سائيڪل هلائڻ جو ته جنون آھي. هن سمر جي سيزن ۾ شام جا ڇھ لڳندا آھن ته ٻار پنهنجن گهرن مان پنهنجي سائيڪلن تي نمودار ٿي سائيڊ واڪس ڏئي پارڪس ۽ ڪلبس جو رخ ڪندا آھن. هتان جي ٻارن جي عادت آھي سنگت، جوڙيوال ۽ جيڏي عمر جا گروپ ٺاهي سائيڪل بازي ڪن ٿا. ٻيو وري ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ جنس جو ڪو فرق ڪونهي تنهنڪري ڇوڪرا ڇوڪريون گڏجي به سائيڪل هلائن ٿا. شام جو والدين پنهنجي ننڍن ٻارن کي ٻه ڦٿي ۽ ٽه ڦٿي تي گهران وٺي ٻاھر نڪرندا آھن ۽ پبلڪ پارڪس جي سائڊ واڪ توڙي اندروني راهدارين ۾ بنا خوف ٿي سائيڪل هلائڻ ۽ سکڻ ۾ ٻارن جي هر قسم جي مدد ڪندا آهن. شام جو ڏينهن ٺري جوان جمان عورتون به پنھنجي فٽنيس لاءِ خوب سائيڪل وهائن ٿيون ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جو ڪلائو يا شرم محسوس نٿيون ڪن.
ڪيناڊا ۾ خاص ڪري ٽورنٽو پڪرنگ سٽيءَ ۾ ماڻھن ۾ گروپ سائيڪلنگ ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ وڏي هم آھنگي موجود آھي. انجو ڪارڻ اهو آھي ته هن صوبي ۽ هن شھر ۾ دنيا جي هر ملڪ جو ۽ هر رنگ، نسل ۽ هر فڪر ۽ مذھب جو ماڻھو رهي ٿو.
گورو نسل به هاڻي پر ڏيهي ماڻھن کان ڪئو نٿو کائي. ڪيناڊا دنيا جو واحد ملڪ آھي جنهن ۾ گورو ڪارو نيرو ڳاڙهو جيڪو هتان جي شهريت رکي ٿو ته پوءِ اهو ٻيو سڀ ڪجھ پوءِ آھي، پهريون اهو ڪينيڊين آھي. شهرين جي اهڙي حيثيت ۽ حقوق تي هڪ ٻئي تي ڪا فوقيت ڪانهي بلڪه ان جي اهڙي حيثيت کي ملڪ جي چونڊيل نمائندن، پارليمينٽ ۽ آئين جي پٺ ڀرائي حاصل آھي. تنهنڪري بنا ڪنهن خوف جي ماڻھو هڪ ٻئي سان ڀائيچاري ۽ رواداري سان ملن ڪن ٿا. سڀ پاڻ ۾ گڏجي رهن ٿا. گڏجي گڏجاڻيون ڪن ٿا ۽ پنهنجي عقائد ۽ ايمان موجب گڏجي کائن پيئن ٿا.
اسانجي پاڙي پڪرنگ گالف ڪلب ايريا مين گورن کان علاوه گهڻائي پر ڏيهي جن ۾ هندوستاني. پاڪستاني. بنگلاديشي. برمي، سريلنڪن، چيني، جاپاني عربي، ايراني، افغاني، ٿٻيٽي، يوناني رومي ۽ ٻين انيڪ نسلن جا ماڻھو رهن ٿا. تنهنڪري هتي هڪ اهڙو ملٽي ڪلچرل ماحول ۽ اڪائي جنم وٺي ٿي جنهن جو هر روپ ۽ هر رنگ نيارو، نرالو ۽ ڀلو ٿو لڳي. ڏسجي ته ان ملٽي ڪلچر جا ماڻھو پاڻ ۾ ملي هڪ رنگين ۽ خوشنما گلدستي جو روپ ۽ رنگ ڌارن ٿا.
اهو روپ اهو رنگ اسانکي انهن ٻارن ۾ انوقت ڏاڍو وڻندڙ ۽ حسين ٿو لڳي جڏهن اهي ٻار اسڪولن جي ميدانن ۽ منچ تي گڏجي هر ايڪٽ ۽ ڪم ۾ هڪ انڊلٺي رنگ پيدا ڪن ٿا. مونکي هتان جي ٻارن جي ميٺ محبت جا اهڙا رنگ روز ڏسڻ لاءِ ملندا آھن جڏهن آئون کين پنهنجن گهرن مان سائيڪلن تي پبلڪ پارڪ گالف ڪلب جي ميدان ڏانهن گڏجي گروپن ۾ ايندي لڙبکيڙو ڪندي ڏسندو آھيان.
**

مغرب جو رٽائرڊ ماڻھو

ڪيناڊا جو شمار دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي تنظيم جي سيون ۾ ٿئي ٿو. هتان جي معشيت ۽ سياسي سماج مضبوط بنيادن تي بيٺل آھي. هتان جي سماجي زندگي ۽ سماجي نظام جي جوڙجڪ گهڻ قومي نه بلڪه گهڻ نسلي افراد تي ٻڌل آھي جنهن ۾ عادي بنيادي اصلوڪا جن کي هاڻي فرسٽ نيشن ڪينيڊين چئجي ٿو. انهن سان گڏ اهي به جن ڪيناڊي کي تلاش ڪري لڌو ۽ اچي هن کي پنهنجو مستقل مسڪن بڻايو تن جي فهرست ۾ فرينچ ۽ انگريز برطانوي نسلن سان تعلق رکندڙ ماڻھون اچي وڃن ٿا. ان سان گڏ هتي وڏو تعداد ناسي رنگ جي نسلن جو آھي باقي سمورا ماڻهو ڪيناڊا ۾ روزي روٽي جي بهاني آيل آھن جيڪي دنيا جي گهڻن قومن ۽ نسلن سان تعلق رکن ٿا. هن وقت جنهن ماڻھو کي ڪيناڊي جي شھريت حاصل آھي اهو هتان جي سرزمين تي. هتان جي آئين. قائدي ۽ قانون جي لحاظ کان بنا ڪنهن تفريق ۽ ڀيد ڀاو جي ڪينيڊين آھي. انهن جا ڪم و بيش شهري حق هڪجهڙا آھن. در اصل ڪيناڊا گهڻ نسلي، گهڻ ثقافتي، گهڻ ٻوليائي گروپ ڳالهائيندڙ ماڻھن جو ملڪ آھي. هتي تقريبن سياسي سماجي ۽ معاشرتي حقوق هڪ جهڙا آھن. جيڪو ماڻھو پنهنجي مرضي سان جيئڻ چاهي جئي سگهي ٿو. پاڻ ۾ پنهنجي گروهي ٻولي جيڪا ڳالهائڻ گهري ٿو ڳالھائي سگهي ٿو. تهذيبي، ثقافتي طور ڪيتريون سماجي سرگرميون هر ڪو پنهنجي مرضي سان ڪرڻ ۾ آزاد آھي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪينيڊين سماج ۽ ڪينيڊين معاشرو آزاد بنيادن تي هلي ٿو.
ڪيناڊا ۾ نوڪري ڪرڻ جا بنيادي اصول ۽ قائدا هڪ جهڙا آھن. واپار، وهنوار ۽ تجارت ڪرڻ جي معاملي به هر هڪ فرد کي حقوق ۽ مواقع تقريبن هڪ جهڙا حاصل آھن مگر پير جنهن جا جيترا پختا آھن اهو اوترو ميدان ۾ اڳتي وڌي سگهي ٿو. عادي بنيادي فرسٽ نيشن ماڻھون جيڪي قبل از مسيح کان ڏھ پندرهن هزار سال اڳ کان ڌرتي ڄاوا سڏجن ٿا تن کي هڪ جاءِ تي رکي چئي سگهجو ٿو ته فرينچ ۽ برطانوي انگريزن ڪيناڊا کي ڪيناڊا بنايو آھي. سياسي، سماجي ۽ معاشي طور وڏي محنت. ڇڪتاڻ ۽ جاکوڙ کان پوءِ هنن هن سرزمين تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو آھي، تنهنڪري سياسي. سماجي ۽ معاشي لحاظ کان اهي ڪيناڊا جو پايو وجهندڙ وڌيڪ طاقتور آھن ۽ سياسي سماجي جوڙجڪ تي به انهن جي گرفت مضبوط نظر اچي ٿي. تنهن ڪري هتان جي سماج ۾ انهن راڄ قائم ڪندڙن ۽ بعد ۾ شامل ٿيندڙ نسلن جي وچ ۾ سماجي ۽ فڪري طور ڪي واضح ليڪا نٿا ڏيکارجن. سماجي روين ۽ فڪر و نظر سان گڏ اٿڻ ويهڻ ۽ ڏيک ويک توڻي ڪم ڪار ۾ سڀني جو انداز هڪ جهڙو ڏيکارجي ٿو. جنهن جي کيسي ۾ ناڻي جو جيترو وزن آھي ان جي منهن تي اوتريون مرڪون آھن ۽ اهو پنهنجي زندگي کي جنهن ليول تي کڻي وڃي بيهاري اوترو بيهاري سگهي ٿو.
سياسي جوڙجڪ جي منظر ۾ ڏسجي ٿو ته سڀ کي ووٽ ڏيڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو حق برابر آھي. پارليامينٽ مرڪزي هجي يا صوبائي ٻنهي ۾ هر ڪينيڊين شھري حصو وٺي ملڪي سياسي ڪاروبار ۾ پنهنجو پارٽ ادا ڪري سگهي ٿو. مسٽر محمد حسين اڳين ٽينيوئر ۾ وزير خارجا هو هن ڀيري ڪامياب ٿي ڪنهن ٻي وزارت کي هلائي ٿو.
هتي سک برادري جا ليڊر به ملڪي پارتي جا سربراه آھن .جيتري قدر انساني ۽ شهري حقن جي هڪ جهڙائي جو سوال آھي ان ۾ سڀ ڪينيڊين هڪ جهڙا حق رکن ٿا. رٽائرڊ ماڻھو به هر طرح جي حقن ۾ برابر آھن ۽ پنهنجي زندگي پنهنجي خواھشن مطابق گذارين ٿا. جيئن سڀ ملازم گذارين ٿا. سينيئر شھري هجڻ ڪري انهن کي اڃا وڌيڪ سهولتون ميسر آھن.
ڪيناڊا ۾ هتي جي آب هوا سٺي هجڻ ڪري. گدلاڻ جي ڪنٽرول هجڻ ڪري ۽ ملڪ ۾ ڪوالٽي ڪنٽرول جي سخت ترين ضابطن جي ڪري ماڻھن جي صحت سٺي رهي ٿي. سرڪار نامدار طرفان صحت جون سموريون سهولتون برابر مفت ملڻ ڪري سڀ ماڻھو پريشانين کان پري قرار ۾ آھن، فڪرات کان آجو هجڻ ڪري اهي گهڻي عمر جي حصي تائين صحتمند ۽ سگهارا ڏيکارجن ٿا. ماڻھو جي سراسري عمر به اسي پنجاسي سال آھي. ماڻھون ان عمر ۾ به ڪلب لائف ۾ وقت جو سڦل نموني گذارو ڪندي پنهنجي شوق ورايون رانديون ڪن ٿا. ڪيناڊا ۾ ماڻھو رٽائرمينٽ کان پوءِ شاھاڻي زندگي گذاريندي شوق به شاھاڻا رکن ٿا .ڇاڪاڻ ته هڻ ٻڌي ايي. جي ڪار ڪندي. نون جذبن سان نئين سر ۽ نئين رخ سان زندگي کي ڏسن ٿا تنهن کي گذارڻ لاءِ ڪيترا ماڻھو مختلف اسپورٽس ڪلبن جي ممبرشپ وٺي يورپي اسٽائل ۾ باقي عمر جا مزا وٺن ٿا.
رٽائرمينٽ کان پوءِ ھتان جا ماڻھون چوندا آھن ته پارٽي ته هاڻي شروع ٿي آھي.تنهن ڪري زندگي خوشگوا نموني گذارڻ لاءِ ماڻهو ڪراڙپ ۾ به سير سفر ۽ سياحت ڪن ٿا. يورپي نسل جي ماڻھن جو سياحت ۽ ايڪسپلورنگ ڪرڻ واري عادت وڪٽورين دور کان به اڳ جي رهي آھي. يورپي نسل جي ماڻھن مان ڪولمبس اهڙي قسم جي شوق ۾ ته امريڪا ڳولهي يورپ جي حوالي ڪئي ۽ مسٽر جي. ڪارٽيئي ڪيناڊا جي ساحلن تي پنهنجا بحري جهاز اچي بيهاريا هئا. ۽ نتيجي ۾ هتي برطانوي ۽ فرينچ ماڻھن جو راڄ قائم ٿيو. هنن پهنجا شوق پورا ڪندي دنيا کي نون کنڊن کان متعارف ڪرايو. سياحت ۽ سير تفريح کان علاوع جيڪي شوق هتان جي رٽائر طبقي جا ماڻھون ڪن ٿا. انهن ۾ اسپورٽ جي ميدان ۾ هو گهڻيون سرگرميون ڏيکارين ٿا. هتان جا ماڻھو سمنڊن. دريائن ۽ ڪيناڊا جي جاگرافي تي پکڙيل وسيع ۽ لامحدو پاڻين سان ڀريل ڍنڍن ۾ جهاز راني ۽ بوٽنگ ڪن ٿا. جتوڻيڪ بحري جهازن. ڪروزن ۽ ذاتي ننڍين ۽ وڏين ٻيڙن تي سير سفر وارو شوق هڪ مهانگو شوق آھي پر چوندا آھن ته شوق جو ڪو ملھ ڪونهي تنهنڪري هتي رٽائرنگ لائف جي زماني ۾ ان پاسي گهڻا شوقين وڃن ٿا.
بوٽنگ کي هتي اسپورٽس جو درجو حاصل آھي . چئن سالن جي تجربي دوران مون ڏٺو آھي ته هتي جي ماڻھن جي گهرن اڳيان ننڍيون وڏيون لانچ ڪارون. ياٽس. ۽ تيز رفتار موٽر بوٽس بيٺا هوندا آھن. جيئن اسان جي ملڪن ۾ گهرن اڳيان گاڏيون بيٺل نظر اينديون آھن. انهن بوٽس جي نقل ۽ حرڪت لاء ماڻھون. S U وهيڪل خريد ڪندا آھن جيئن گهر کان پاڻين تائين پنهنجيون ٻيڙيون نيئي سگهجن. ڪجھ ماڻھون اتي وڃي ڪيمپنگ ڪندي ڏينهن جا ڏينهن تفريح ڪندا آھن . ڪيئمپنگ لاءِ وڏا خرچ ڪري هو C.V ڪئمپنگ وهيڪل خريد ڪندا آھن. سي. وي ۾ رات. ٽڪڻ ڪرڻ ۽ ڪئپنگ ڪرڻ جو سمورو سامان ان گاڏي ۾ کڻي وڃي سگهجي ٿو. ان گاڏي ۾ جوڙي يا فيملي جي سمهڻ ڪرڻ جي لاءِ هنڌ بسترا ۽ کاڌي پيتي جو سمورو سامان موجود هوندو آھي.
ڪينيڊين ڪلچر ۾ ڪيترا اهڙا به شوقين آھن جيڪي رٽائر لائف جو گهڻو وقت گهرن کان ٻاهر هنڌ هنڌ ۽ شھر شھر جو سير ڪري پنهنجي دل جي تسڪين خاطر سمر سيزن گذاريندا آھن. اهي ماڻھون هوٽلن تي پنهنجو وقت گذاريندا ناهن مگر قدرتي ۽ فطرتي ماحول وارين جاين تي گوشه نشين ٿي پر سڪون زندگيءَ جي لمحات کان لطف اندوز ٿيندا آھن. اهڙي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو H.M.V ڌاريندا آھن. هوم. موٽر. گاڏيون وڏيون ڪشاديون هونديون آھن. انهن موٽر هومس جي اندروني اڏاوت به هڪ ننڍي گهر جهڙي هوندي آھي. هڪ گهر جي ضرورت جو سمورو سامان. بنيادي طبي سهولتن. تفريح لحاظ کان راندين ۽ ٽيلي فلم ڏسڻ جون سهولتون ميسر هونديون آھن. عام اسپورٽس ڪلبن جهڙوڪ گالف. آئيس هاڪي. بيس بال وغيره لاءِ ڪلب ڪلچر جوائن ڪندڙ جهونا وري ننڍين C..R.V ڪيريئر گاڏيون رکندا آھن جن ۾ اسپورٽس ڪٽ کي کڻي راندين جي ميدان تائين ويندا آھن.
ڪينيڊين رٽائرڊ ماڻھن کان سواءِ ٻيا عمر رسيده ۽ جهونا ماڻھو به پنهنجي عمر عزيز جو فالتو وقت اهڙين سرگرمين ۾ صرف ڪندا آھن. وڏي خوشي جي ڳالھ آھي ته ھو پنهنجي محنت جو ڪمايل سرمايو پنهنجي صحت جي ڀلائي ۽ ڪارآمد سرگرمين ۾ خرچ ڪندا آھن ۽ پنهنجي نجي توڙي خانداني زندگي کي مثبت طرقي سان گذاريندا آھن. هتي ويچار ڪرڻ جي هڪڙي ڳالھ هي آھي ته ھي سماج گهڻ اولاد پيدا ڪندڙ ڪلچر جو حامي ناهي. تنهن ڪري ٿوري اولاد وارن جوڙن کي زماني ۾ ذميواريون ۽ بار به گهٽ کڻڻا پون ٿا. ٻيو رشتن جو گنجان معاملا ۽ گنڀير مسئلا به هن سماج ۽ ڪلچر ۾ ڪونهن. اڌ تي سماج ۾ بواءِ فرينڊ ڪلچر جي ڇڙواڳ ڳانڍاپن ڪري زندگي بيپرواهي وارن روين هيٺ لڙھڪندي رهي ٿي. تنهنڪري سماجي طور رشتن ۾ اها مضبوطي نٿي اچي جيڪا باقاعدي قانون. ڪليسا مسجد. سائنيگاگ يا مٺ ۽ مندر جي ڇانوري ۾ ٿئي ٿي. اهڙن سماجي لاڳاپن ۾ رڳو ٻڌ ڇوڙ وارو رشتو رهي ٿو. نپٽ آزادي ڪري هڪ کان گهڻن لاڳاپن ۾ اچڻ ڪري هڪ هنڌ تي اچي ڌريون ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿيون. پوءِ سک جي زندگي جا سڀئي موقعا هوندي به ماڻھو جي زندگي جنجال ٿيو پوي. اھڙن حالتن ۾ هتي جي اهڙي ڪلچر ۽ روين سان ٻڌل ماڻھون زندگي جا مزا ماڻي نٿا سگهن .
اسانجي جي ديسي سماج توڻي ڪلچر ۾ رشتا ناتا مذھبي پابندين ۽ اصولن جي بنياد تي ٻڌجن ٿا . اسان جا لاڳاپا مضبوط آھن مگر ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ غربت ۽ گهڻي اولاد وارو ڪلچر پڻ هڪ جنجالي ڪلچر جو روپ ٿو ڌاري. جنهن ۾ عيش و آرام ۽ مزي ڪرڻ جا سڀ موقعا مفقود ٿيو وڃن. سماج ۾ سک نصيب ٿئي ٿو مگر ٿورن ماڻھن کي. سير تفريح جا موقعا به سماج جي سرندي واري کي نصيب ٿين ٿا. تنهن ڪري هتي جي ملڪن جي سماجي اسٽرڪچر ۾ ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي سماجي جوڙجڪ وارن ملڪن جو پاڻ ۾ جيئن ڪو رشتو ناتو ڪونهي تيئين ڪو ميل مقابلو يا موازنو به ڪونهي.
اسان جي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جا پنهنجا ريتي رواج آھن. سنڌ هند جي پنهنجي هڪ جداگانا رنگ ۽ روپ واري تهذيب ۽ ثقافت آھي .غم خوشي جو تعلق هروڀرو پيسي ڏوڪڙ يا اميري سان ناهي پنهنجي وت آھر پنهنجي پيسي پنجڙ مطابق ۽ پنهنجي روين ۽ رواجن هيٺ مزا ماڻي سگهئون ٿا. بس هن معاملي ۾ اسانکي اهو ڌيان ۾ رکڻ کپي ته غم ۽ خوشن جي ملهائڻ يا عيش ۽ آرام جي مدي تي اسانجو ڪنهن سان مقابلو بنھ ڪونهي.
پنهنجي ڳوٺ وڻن ۾ رهي پنهنجي ثقافت پنهنجي رواج هيٺ ۽ پنھنجي کيسي آھر اڳي به صدين کان موج مزا ڪندا آيا آھيون. بلڪه سنڌ هند جو ڪلچر پنهنجي خوشي جي ڏڻن ۽ موقعن جي ملهائڻ جي ڪري گهڻو سگهارو رهيو آھي. عيدون. موسمن مطابق ملهائڻ وارا ڏينهن. فصلن پوکڻ. پچن ۽ لهڻ وارا ڏينهن. اسان وڏي خوشي ۽ ڌوم ڌام سان صدين کان ملهائيندا پيا آچئون. هوليون . دسهڙا ۽ شو راتريون اسان جي هند سنڌ جا امير غريب جاتين وارا هندو ماڻھو وڏين خوشيڻ سان پيا ملهائين ٿا.
سنڌ ۾ ته پيرن فقيرن جي درگاهن تي ميلا لڳن ٿا. جن تي هر ڪو وڃي موج ڪري ٿو. هاڻي ته اتي ٽي ٽي ڏينهن گڏجاڻيون . ڪانفرنسون سميلن پيا ٿا ملهائجن. جنهن ۾ غريب غربو چار ڏوڪڙ کيسي ۾ وجهي اولاد سوڌو وڃي شرڪت ڪري هڪ نه ٻه نه پر ٽي ٽي ڏينهن خوشيون ملهائي گهر موٽي ٿو. سنڌ جي ثقافتي ماحول ۾ ته مزائي مزا ۽ سرهائيون ئي سرهائيون آھن. گذريل صدي ۾ اسان غربت جي حالتن مان گذرندي به اهڙا شادمانه ڪياسي جو وسريو نٿا وسرن.
لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ رهندي پنج گلي. لب مهراڻ ۽ ساڌ ٻيلي وڃي روهڙي جي پل جا دلنشين نظارا ڪرڻ ڀلا وسارڻ جهڙا آھن. لاڙڪاڻي ۾ رهندي گهاڙ پل جي مٿان ڇيرون پائڻ . گهاڙ جي ڪپن تي جيڏن سان وڃي پڪنڪون ملهائڻ رائيس ڪئنال ۽ پنج پلي جي پاسن ۾ وڻراءَ هيٺان مٽن ۾ برف سان ٿڌا ڪيل انب. ڏوڪا ۽ گدرا هنداڻا کائڻ سان گڏ سنڌي پلاءَ ۽ قيمي ڀريل افراٽن جا اهڙا مزا ڀلا ٻئي ڪنهن هنڌ ملي سگهن ٿا ڇا. انسان کي پنهنجي ڳوٺ وڻن ۽ ماحول ۾ جيڪو لطف ۽ راحت ملي ٿي ان جو ڪو نظير ٿي نٿو سگهي. اسانجي غريب وڏن جن جا کيسا به خالي هوندا هئا انهن اسان کي اهي وٽون ۽ مزا ڪرايا آھن جن کي ڪنهن پل وساري نٿو سگهجي.
گذريل صدي جي پهرين ڏهاڪن ۾ سنڌ جي ڪلچر ۾ رهندي جيڪو سڪون. جيڪي راحتون ۽ جيڪي موج مستيون اسان جي وڏن. وڏن ڪٽنبن هوندي ڪيون انهن جو ذڪر منهنجو والد مونکي جنهن منظر ڪشي ۾ ٻڌايو. تنهن جي هتي هڪ جهلڪ پيش نظر ڪريان ٿو. عاقل خالد ڳوٺ سنڌوءَ جي ڪپ تي آھي ان زماني دريا بادشاه ڇڙيو وهندو هو. ”ان جي بي انت بيڪران بحر جي پاڻي تي ڀاڄيون. هنداڻا .گدرا ٻيو ميوو ايترو پيدا ٿيندو هو جو باغائن ۽ واڙين جي مالڪن وٽ ڪو ڳوٺاڻو وٺڻ ويندو هو ته کانئس پيسا ڪونه پڇندا هئا. بابا ٻڌايو هو ته. ”سانوڻ ۾ رات جي پهر ۾ چنڊ جي ٿڌي روشني ۾ چار جوان گڏ ٿي دريا جي سير تي نڪري پوندا هئاسي.
پهريون ڏير جا ٻوٽا پٽي انجي ٻيڙي تيار ڪندا هئاسي. واڙين مان ورتل گدرا ان جي مٿان رکي دريا ۾ نڪري پوندا هئاسي. جڏهن گدرا پاڻي ۾ پسي ٿڌا ٿيندا هئا تڏهن وڍي کائيندا هئاسي ۽ ميلن جا ميل دريا سان گڏ وهندي جيڪو لطف ۽ راحتون ورتيون سي وسرڻ جهڙيون ناھن“ اهي سڀ خوشيون موج مزا. لطف ۽ راحتون مفت ۾ هيون جن جي مون هڪ جهلڪ پيش ڪئي.
**

ڪينيڊين ٻارن جي گاڏڙ نسل جي اوسر

پڪرنگ گرين ويلي جي گالف ڪلب ۽ پڪرنگ ڪريڪ سائڊ پارڪ جي خوبصورت ٻارن ۽ راهدارين تي کيڏندڙ ڪڏندڙ ٻارن جي مثبت سرگرمين جو آئون مشاهدو ڪندو رهندو آھيان. ڪيناڊا ۾ سردين جي گذرڻ کانپوءِ بهار جي موسم شروع ٿيڻ سان پڪرنگ شهر جي ٻارن جي هتان جي فطري ماحول ۾ پلجڻ ڪري ذھني اوسر جو جيڪو اڀياس اڀري سامهون اچي ٿو تنهن کي آئون پنهنجي تحريرن جو موضوع پڻ بڻائيندو رهيو آھيان.
ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ ڪري سموري دنيا سان گڏ جن اهنجاين سان ڪيناڊا جا ماڻھون منهن ڏئي رهيا آھن تن مان وڏو مسئلو اسڪول ويندڙ ٻارن جو اڀري سامهون آيو هو جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ اسڪولن جي انتظاميا ۽ ڪريڪيولم پورو ڪرائي امتحان وٺندڙ بورڊ پاران. تعليمي نظام کي طعطل کان بچائڻ لاءِ ورچوئل ايڊيوڪيشن سسٽم ذريعي سکيا کي جاري رکيو آهي. اسڪول جي شاگردن به صبح جي اوقات ڪار ۾ پنهنجي مدد پاڻ ۽ پنهنجي والدين جي ڪاوش سان پنهنجن تعليمي مسائل کي چڱي طرح منهن ڏنو آهي.
ڪيناڊا ۾ معمول مطابق جون جي آخري هفتي 28 تاريخ کان گرمين جون موڪلون ٿي چڪيون آھن. جيتوڻيڪ شاگرد ورچوئل ايڊيوڪيشن سسٽم تحت مڪمل ٿيل پنهنجا پراجيڪٽ اسڪول ۾ جمع ڪرائي چڪا آھن. مگر في الحال آن لائن ٿعليمي سرگرمين مان ڪيترو فائدو حاصل ٿيو ان سان شاگرد ۽ والدين ڪيترو سهمت آھن. اسڪول انتظاميه ۽ حڪومت ان مان ڪيترو مطمئن آھي. اهو هڪ جدا باب آھي ۽ اهميت جوڳو معاملو ۽ مسئلو پڻ. پر آئون جنهن پاسي سوچي رهيو آھيان سي آھن ٻارن جون اهي صحتمند سرگرميون ۽ مشاغل جن ۾ هو موتمار وبا جي سائي ۾ موڪلن جي ڏھاڙن ۾ پاڻ کي شام جي وقت ايس. او. پيز کي مد نظر رکندي پنهنجي زندگي خوشگوار نموني ڱزاري رهيا آھن .
آئون اڳ پنهنجي هڪ ڪهاڻي ۾ ذڪر ڪري چڪو آھيان ته ڪيناڊا جو سماج ايڪويهين صدي تائين سفر ڪري اهڙي هنڌ تي پهچي چڪو آھي جتي دنيا جي مختلف نسلن جا ماڻھو يڪجاءِ ٿيا آھن. جن جو تعلق دنيا جي مختلف خطن جي تهذيبن سان آھي. انهن تهذيبن جي ثقافت. ٻولين ۽ مذھبن ۾ پڻ ڪا هڪجهڙائي ڪانهي. اهي مختلف خطن ۽ سماجي گروهن سان تعلق رکندڙ ماڻھو. مختلف ثقافت جا مالڪ ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھو يڪ سماجي ڌاري ۾ بنا ڪنهن اختلافي فڪري لاڙن جي گڏجي زندگي گذاري رهيا آھن.
زندگي جو اهو روپ اسانکي پوري ڪيناڊا ۾ گهٽ ۾ گهٽ فرق سان هڪجهڙو نظر اچي ٿو. ڪيناڊا جي سماج جي اها هڪ خاص خوبي آھي جنهن کي هتان جا ٻار پنهنجي والدين کان وڌيڪ خوش اصلوبي سان نه رڳو سمجهن ٿا پر انکي نڀائن به اٿا. اسڪول جي ڪلاس روم کان ويندي راند روند جي ميدانن تائين .پاڙي اوڙي توڙي گهرن ۾ ۽ گهرن جي اڳيان باغن باغيچن ۾ کيڏڻ وقت ڪيناڊين ٻار پنهنجي قومي ايڪي ۽ ايڪتا کي بخوبي برقرار رکن ٿا.
پڪرنگ گالف ڪلب ايريا ۽ ڪريڪ پارڪ سائڊ جي گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾ اسانجي پاڙي جا ٻار پنهنجا اسڪيٽ بورڊ کڻي اسڪيٽنگ ڪري ٿڪجي جڏهن ڪچھريون ڪندا آھن تڏهن انهن کي ڏسي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي آھي. خوشي ان ڪري ٿيندي آھي ته هو هڪ دلفريب فطري ماحول ۾ اوڀاريون لنهنواريون .راند روند سان متعلق ۽ پنهنجي اسڪولي تعليم ۽ آئيندي جي خوابن ۽ ياري باشيءَ متعلق ڳالهيون ڪندا آھن. هڪ پاسي سائيڪلنگ گروپن جا ٻار پنهنجون سائيڪلون ڇٻر ٿي ليٽائي پنهنجو ٿڪ لاهڻ وقت. کاڌي پيتي جون شيون پاڻ ۾ ونڊي ورهائي نوش ڪندا آھن. ٻارن جا ڪيترا گروپ ڪريڪ پارڪ سائڊ جي ڪشادي ڇٻر جي گرائونڊ تي ساڪربال راند ڪري جسماني توانائي جو صحيح استعمال ڪندي پنهنجي صحت کي صحيح نشونما بخشيندا آھن. گرائونڊ جي هڪ پاسي ڪرڪيٽ راند ڏسڻ وٽان هوندي آھي. جيڪا خاص ڪري هندوستان ۽ پاڪستان جا ٻار پاڻ ۾ گڏجي ڪندا آھن ڇاڪاڻ جو اها راند انهن جي خمير ۾ سمايل آھي مگر هي ڪينيڊين انڊين ۽ پاڪستاني ڄاول ٻار پاڻ ۾ ڏاڍي محبت ۽ ڀائيچاري وارن جذبن کي اڳيان رکي ڪرڪيٽ کيڏندا آھن.
ويچار ڪرڻ جي وڏي ڳالھ هي آھي ته هن سموري فطري ماحول ۾ ٻارن جو تعلق ڪهڙي به مذھبي. ثقافتي يا ٻولي ڳالهائيندڙ گروپ سان ڇو نه ھجي ٻارن جي روين ۽ يڪ قومي سوچ کان سواءِ ٻئي ڪنهن پاسي ڌيان نه ويندو آھي. ٻار راند روند ڪندي ضرور هڪ ٻئي کي ناراض ڪندا هوندا. ڪن وڻندڙ توڻي اڻوڻندڙ ڳالهين تي پاڻ ۾ اختلاف به ڪندا هوندا. رسندا به هوندا مگر مون ڪڏهن هتان جي ٻارن کي پاڻ ۾ تون ڇا تون ڇا ڪندي يا اگهاڙي وات ڳالهائيندي ۽ وڙھندي ناهي ڏٺو. آئون ذڪر ڪري چڪو آھيان ته هتان جي ٻارن جو تعلق مختلف رنگ جي نسلن سان آھي مگر هڪ ڳالھ هنن ۾ يڪسان سوچ واري آھي ته هنهن جي قومي ٻولي انگريزي ۽ فرينچ آھي مگر سڀ کان وڏي ڳالھ ته هو رڳو ڪينيڊين آھن منهجي خيال ۾ ان قسم جي سوچ هنن جي وڏن ۽ ننڍن کي هڪ قومي سوچ ۽ هڪ قومي ڌاري ۾ گڏجي هلڻ جي سگھ بخشي ٿي.
**

اسڪمڊ ملڪ

پاسچرائيزڊ اسڪمڊ ملڪ يعني جراثيم کان پاڪ صاف کير. اسانجي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ مينهن. ڳئن ۽ ٻڪرين جي تازي ڏڌل کير کي واپرائڻ جو رواج گهڻو آھي ٻھراڙي ته ڇا پر شھرن ۾ به تازي يعني فريش ملڪ جي واپرائڻ کي اهميت ڏني وڃي ٿي، مگر دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ خاص ڪري ڪيناڊا. امريڪا ۽ اولھ اوڀر جي ترقي يافته ملڪن ۾ جيڪي جي سيون ۽ جي ايٽ جي ٺپي سان دنيا جي سماجي. معاشي ۽ اقتصادي اشارن کي ڦير گهير ڪرڻ جي سگھ رکن ٿا. ۽ دنيا کي پنهنجي آڳرين جي اشارن سان پيا هلائن ۽ نچائن ٿا تن ۾ کير جي استعمال کي انساني تندرستي ۽ صحت جي لحاظ کان وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ اهڙن معاملن کي پڻ سائنسي اصولن ۽ پيراميٽرس مطابق هلائڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو. انهن ملڪن ۾ کير جي اپت ۽ کپت ۽ کير ڏيندڙ جانورن جي پيدائش ۽ افزائش کي هڪ صنعت جو درجو ڏنو ويو آھي. انهن ملڪن جون کير جي پيداوار ڪندڙ فيڪٽريون ۽ ڪارخانه صحت جي اصولن کي اڳيان رکي پاسچرائيزيشن جي فارمولي هيٺ ملڪي ضرورتن مطابق کير جي پيداوار ڪن ٿا بلڪه اهي ملڪ ٻين ديشن ۽ ڏيهن ۾ اقتصادي نقطي نظر کان پنهنجي پيداواري انگن اکرن کي وڌائيندا رهن ٿا.
اسان جي اڳيان کير کي پاسچرائيز ڪرڻ جو طريقو يا اصول ڪو نئون ڪونهي بلڪه اھو اٽڪل 1888ع کان يورپ مان رائج ٿيو. ان فارمولي جي باني لاءِ ٻٽي اکر لکڻ ان جي مڃتا جي سلسلي ۾ ضروري آھن. اسان جنهن کي پاسچرائيزيشن ملڪ فارمولي جي نالي سان سڃاڻو ٿا اهو فرانس جي معروف ڪيمسٽري جي پروفيسر ڊاڪٽر لوئس پاسچر جي نالي پٺيان مشھور آھي جيڪو 1822 ۾ يورپ جي ملڪ فرانس ۾ ڄائو هو. کيس سائنسي جاکوڙ دوران هن ڳالھ جا ثبوت مليا ته جراثيم جيڪي بيڪٽيريا ۽ وائرس جي روپ ۾ اسان جي کاڄ جي ذريعن ۾ پيدا يا داخل ٿي وچڙندڙ ۽ موتمار بيمارين جو سبب بڻجن ٿا اهي جراثيم انساني حيات لاء هر وقت هاڃيڪار آھن تنهنڪري کاڌي جي شين کي انهن کان پاڪ ڪرڻ نهايت ضروري آھي. ڊاڪٽر لوئس پاسچر جراثيم کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي سلسلي ۾ جراحي اوزارن کي مريض جي سرجري ڪرڻ کان اڳ خاص گرمي پد تي تپائڻ جو هڪ اصول وضع ڪيو. ھن عام طور تي انساني صحت ۽ سلامتي لاء غذائن ۽ خاص طور تي کير کي هڪ مقرر پد تي گرمي ڏئي پروسيس ڪرڻ جو پڻ فارمولو پيش ڪيو. جيڪو ان وقت کان دنيا جي مڙني ملڪن ۾ مروج رهندو پيو اچي. ويهين صدي ۾ اولھ ۽ دنيا جي ٻين ترقي يافته ملڪن جي فيڪٽرين ۾ هن وقت کير عام طور ٻن قسم جي گرمي پدن تي پاسچرائيزيشن جي عمل مان گذري ٿو. هڪ ”ايچ.ٽي.ايس.ٽي .“ هاءِ ٽيمپريچر شارٽ ٽائم ۽ ٻيو، ”يو. ايچ. ٽي“ يعني الٽرا هاءِ ٽيمپريچر. اسانجي ملڪ ۾ کير تيار ڪرڻ واريون ڪمپنيون ۽ فيڪٽريون عام طور تي پنهنجي ٽيٽرا پيڪ دٻن تي يو. ايچ. ٽي جيڪو گرمي پد 280 فيرانائٽ تائين پروسيس انگ کي نروار ڪري ٿو ان جي واکاڻ ڪن ٿيون. پر جن ملڪن ۾ HTST فارمولي تي کير کي پروسيس ڪيو وڃي ٿو ان جو گرمي پد 160 فيرانائٽ تائين رکيو ويندو آهي. اها ڳالھ پنهنجي جاء تي قابل قبول آھي ته صحت جي نقطي نگاه کان کير گرم ڪري جراثيم کان آجو ڪري استعمال ڪجي.
اهو اصول پنهنجي جاءِ تي صحيح پر ان سان گڏو گڏ انهن ڊيري فارمن ۽ فيڪٽري ۾ کير کي مختلف گريڊن ۾ صحت ۽ تندرستي جي مقصدن کي آڏو رکندي پڻ تيار ڪيو وڃي. اسانجي ملڪ ۾ اهڙن مقصدن پٽاندڙ پڻ کير تيار پيو ٿئي جنهن کي اسڪمڊ ملڪ جي نالي سان وڪرو ڪيو وڃو ٿو. پر ان جو واهپو اٽي ۾ لوڻ جي برابر آھي. اسان وٽ اڃا فل ڪريم فريش ملڪ استعمال ڪرڻ جو رواج عام آھي. اسڪمنڊ ملڪ فيشن ايبل علاقن ۽ سوسائٽين ۾ رهندڙ ماڻھو واپرائن ٿا مگر اتي به رڳو اهي ماڻھو استعمال ڪرڻ ڏانهن راغب آھن جيڪي دل جي بيمارين ۽ ٿولھ جي معاملن کان ڊنل آھن. يا وري جن کي ڊاڪٽر تجويز ڪن ٿا. سنڌ جي ننڍن شھرن توڻي ٻھراڙين ۾ ماهيو. ڳائو توڙي ٻاڪرو کير رڳو تازي شڪل ۾ واپرايو وڃي ٿو. اهڙن علاقن ۾ پروسيس ملڪ يا اسڪمڊ ملڪ کي ڪو پڇي به ڪونه ٿو. البته ڪي هٿ ٺوڪيون ڪمپنيون چانھ جي مطلب سارو ٽيٽرا پيڪ کير تيار ڪن ٿيون جنهن کي دٻي جو کير سڏيو وڃي ٿو. سو گهڻي ڀاڱي چانھ ٺاهڻ جي نالي ۾ بطور ٽي وائٽنر جي مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ٿو ۽ استعمال ڪيو وڃي ٿو. گهڻا ماڻھو ان کي غذائي مطلب کان پيئڻ جا حامي ناهن ۽ نه وري ڪو خوشي سان ان کي پيئڻ جي مطلب سان واپرائي ٿو.
اسانجي وڏن شهرن ۾ جيڪو کير غذائي مقصد کان ٽيٽرا پيڪ ڊيري ملڪ مارڪيٽ ۾ وڪامي ٿو ان جي ڪريم جدا ڪري مختلف گريڊن ۾ تيار ڪرڻ جو رواج گهٽ آھي. امريڪا، ڪيناڊا، يورپ توڙي مشرق بعيد جي ترقي يافته ملڪن ۾ گريڊن ۾ کير واپرائڻ جو رواج آھي ۽ اهي سمورا گريڊ پاسچرائيزيشن جي عمل مان گذاري تيار ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن سمورن گريڊن کي ماڻھو پنهنجي وزن، ٿولھ دل جي بيمارين ۽ جسم جي فٽنيس کي خيال ۾ رکي استعمال ڪن ٿا .
هتي ڪيناڊا ۾ ڊيري فارم ۽ ڪارخانن ۾ جيڪو کير پائسچرائيزيشن ڪري گريڊوائز تيار ڪيو وڃي ٿو. تنهن ۾ ٽي ڏهائي ٻه پنج سيڪڙو فيٽ وارو. رڳو ٻه سيڪڙو فيٽ سان ۽ هڪ سيڪڙو ڪريم وارو عام طور تي مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ آندو وڃي ٿو. جيڪي ماڻھو پاڻ کي ڪمزور ڄآڻن ٿا سي وڌيڪ گريڊ واري کيرکي ترجيح ڏيندي ان کي واپرائن ٿا. جن جي صحت وچولي ۽ بهتر آھي ۽ وري جسم جو ٿولھ ڏانهن به ڪو رجحان ڪونهي ته اھي خوشي سان ٻه سيڪڙو ڪريم گاڏڙ اسڪم ملڪ واپرائن ٿا ۽ اهو کير پنهنجي فطرت مطابق خوشذائقا ٿئي ٿو. هڪ سيڪڙو ڪريم وارو کيرگهڻو ڇڊو ٿو ٿئي ۽ ان جي پيئڻ ۾ ذائقو تمام گهٽ ٿئي ٿو ۽ اهو عام طور گهٽ ڀاڱي استعمال ٿيندو آھي ان کي ڪچي پيٽ. ڪچي آنڊي ۽ نظام هاضمي جي ڪمزوريءَ جا شڪار ماڻھو ڊاڪٽرن جي تجويز مطابق استعمال ڪندا آھن. باقي ٽي ڏهائي ٻه پنج کير وڌيڪ ڪريم وارو ۽ وڌيڪ لذت وارو ٿئي ٿو.
منهنجو مشاهدو آھي ته سڪمڊ پاسچرائيزيشن جي عمل مان گذري تيار ٿيندڙ کير انساني حيات لاءِ نھايت ڪارائتو ۽ مفيد آھي . اهڙي قسم جو کير ڊيري فارمن تي انتهائي نگهداشت ۽ حفضان صحت جي اصولن کي سامهون رکي تيار ڪيو ويندو آھي. ان سلسلي ۾ آئون رڳو ڪيناڊا جي ڊيري فارمن جي ڳالھ ڪندس جن جو ٿورو گهڻو مشاهدو آھي. هن مضمون ۾ جيڪي تصويرون ڊيري فارم جون ڏنل آھن سي منهنجي برادر وڏي سالي مسٽر فهيم جي فارم هائوس جي آمهون سامهون بيٺل مال ۽ ڊيري فارم جون آھن ۽ انجي گهر جي آڳر مان ورتل آھن. مون کي کير جي هن ڪارخاني ۽ ٻين ڪن ڊيري فارمن جو مشاهدو 2017 کان رهيو آهي. وثوق سان چئجي سگهجي ٿو ته کير ڏهڻ کان پروسيس ٿي پيڪ ٿيڻ جي عمل تائين ان کي انساني هٿ ڇھن نٿا. مال کي ڏهڻ کان اڳ انهن کي وهنجاري چارو کارائيجي ٿو ۽ ڏهڻ مهل انهن کي مربوط نظام هيٺ هڪ وٿاڻ تي آندو وڃي ٿو مال هڪ ئي وقت قطارن ۾ بيهاري ان کي ڪارندا ايسٽرلائيزڊ هٿن سان ھٿن ۾ گلوز پائي کير ڏهڻ واريون ايسٽرلائيز مشينون ٿڻن ۾ لڳائن ٿا ۽ اهڙي طرح انهن مشينن جي ذريعي کير ڏهجي پائپ لائين کان ٿيندو وڏي مرڪزي سلينڊرس ۾ جمع ٿئي ٿو جتان پروسيسنگ مشينن ۾ داخل ٿي پاسچرائيزيشن جي عمل مان گذري پنهنجي گريڊيشن جي عمل کي مڪمل ڪري ٿو.
**

هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار

ڪوي ڪشنچند بيوس جو آشيانو جنهن جي اوڀر ڏکڻ ۾ ميان جي ڳڙھي قادرين جو پاڙو. گاه پڙي ۽ لاڙڪاڻي جو مڇي مارڪيٽ آهي اتر اوڀر پاسي جعفري امام بارگاه محمدايوب کهڙي جو بنگلو ۽ روڊ پار علي گوهر آباد ۽ شاھ بهاري جو جوڙايل تاريخي ڪچو قلعو اتان جي ساوڪ ڀري وڏي وڻراءِ. ميوي ۽ گلن جو مرڪز بهارپور ميراڻين ۽ ڀٽن جو ڳوٺ. اهي سڀ هن وقت مونکان گهڻو پري آھن.
مان دنيا جي ٻي ڪنڊ ڪيناڊا جي پڪرنگ وادي جي سرسبز گالف ڪلب جي وڏي وڻراءِ ۽ گهاٽن ٻيلن جي سندر باغن جي ساوڪ ڀري زمين تي ستو پيو آھيان. اڀ ۾ منهنجون ديدون نيري آسمان ۾ ڏور اونهاين ۾ ترورن جو پيڇو ڪري رهيون آھن. فضا ۾ پوپٽن جو پرواز. ڀنڀورين جا لامارا ۽ پاسي جي وڻن مان بلبل جهڙيون حرڪتون ۽ لاتيون لوندڙ پکين جون مٺڙيون ٻوليون. هيمنگ برڊ جي بانسري جهڙي ٽون جا مٺڙا آواز ۽ رابن پکين جا ڪٻرين سان مشابھ ٽريڪا ۽ هتان جي چيهن جي سريلي لات منهنجو ڌيان لاڙڪاڻي جي مانواري ماياناز اسڪول ٽيچر ۽ هند سنڌ جي فطرت نگار شاعر ڪشنچند بيوس ڏانهن ڇڪجي ويو ۽ منهنجي خيال جو پرواز مونکي سڌو علي گوهر آباد جي ملان مسلم پرائمري اسڪول جي بينچن تي وٺي آيو جتي مون پنهنجي ساٿي شاگردن کي نظم جون اهي سٽون دهرائيندي ٻڌو..... هل ته ڀنڀوري ڀڙون بزار. اوچتو منهنجو ڪنڌ نرم ۽ ريشمي گاه سان لڳو. محسوس ڪيم ڇٻر تي پيل راتوڪي ماڪ ڦڙن مٽي ۾ ملي روح کي واسيندڙ سڳنڌ پيدا ڪيو آهي جيڪو دماغ کان ٿيندو دل جي گهراين ۾ هليو ويو آھي جنهن سنڌ جي مٽي ماءُ ۽ علي گوهر آباد لاڙڪاڻي وارا اهي ڏينهن ياد ڏياري ڇڏيا جيڪي ٻاروتڻ کان ذھن تي چٽيل ۽ اسٽور ٿيل آھن. ڌرتي توڙي هتان جي مٽي. هتان جي وڻن. گاھ ٻوٽن. زمين تي وڇايل ڇٻر. آڪاش تان ڪريل ماڪ ڦڙن جو مٽي ۾ ملياميٽ ٿي جسم کي دوام بخشيندڙ سڳنڌ جتي ڪٿي هڪ جهڙو آھي.
او سنڌ امان، هي سموري ڌرتي، هي سمورو جهان تو جهڙو آھي جنهن تي مان بيوس ٿي تاجل سنڌ جي ٻالڪ جيان چوڻ لاءِ مجبور آهيان سنڌ منهنجي امان. سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان. هڪ قلم هڪڙو مان. ڪيئن پورو پوان. هي جهان. هو جهان. هو جهان هي جهان. او سنڌ منهنجي امان.
**

وڻ ۽ انسان

انسان ۽ وڻ جي حياتي ۽ مقدر ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آھي . وڻ جي هٿ نقش يعني ڀاڳ ريکائن جي پکڙيل کيتر تي. نيچ ڳاٽ ۽ اونچ قد ڪاٺ تائين ڀيٽ ڪجي ته لڳو لڳ هڪ جهڙا ڀيد کلي سامهون ايندا. وڻ جي هٿ جي ٽيڏين سيڏين ۽ اوڀارين لهنوارين ليڪن جو روپ انسان جي هٿ جي اوڀارين. لهنوارين. اٿيل. ستل هٿ کيتر جي سمورن ليڪن جو نقش جاچي ڏسجي ٿو ته ڀلي ڀانت سمجھ ۾ ايندو ته معاملو هڪ جيترو گمڀير آهي. جنم وٺڻ بعد وڻ جو ٻوٽو زمين تان لهرون لوڏا کائي ائين پنهنجو ڳاٽ سڌو ڪري اٿي ٿو جيئن انسان ڄائو ريڙهيون ۽ بانبڙا پائي لوڏا لهرون کائي زمنن تي اٿي بيهي ٿو. جڏهن اهي ٻئي جيو پنهنجي حياتي جي سفر جي ابتدا مان گذرن ٿا تڏهن ٻنهي جي حفاظت ۾ پالنا لاءِ اپاو به هڪ جهڙا وٺڻا پون ٿا. ٻالڪ جي کير خوراڪ ۽ وڻن جي بوٽن جي خوراڪ پاڻي وغيره جو جيڪڏھن پورو پنو خيال نه رکبو ته هڪ هڪ سائت انهن تي گران گذرندي. انهن ٻنهي جي اوسر ۾ اوس اڻ ڳڻيون رنڊڪون پڻ سامهون اينديون. جن کي جي سنڀال نه ملندي ته ٻنهي جي قد ڪاٺ ۾ فرق ظاهر ٿيندو. اهڙي قسم جي نشونما جي ڦيري ۾ انهن جو سڦل ٿيڻ به مشڪل ٿي پوندو، نتيجي ۾ ڪتريون اوڻايون. اهنجايون ۽ اوگڻ پيدا ٿيندا جيڪي انهن جي مقصد حيات جي سلسلي سان لاڳو هٿن جا ڪيترا ليڪا ميساري ڇڏيندا ۽ ائين انساني زندگيءَ جا ۽ وڻ جي زندگيءَ جا لاھ نڪري ويندا.
ٻئي پاسي جي وڻ ٻوٽي ۽ انسان ساسي ساه جي پرورش ۽ پالنا تي توجه جوڳو ڌيان ڏبو ته ٻنهي جي زندگي ۽ مقصد حيات کي جوت ۽ جلا ملندي جنهن ڪارڻ جيوت چڪر کي انيڪ فائدا ملڻ شروع ٿيندا. مثلن مذڪوره جيوت جڏھن خير سان جوان ٿيندا ۽ جي ان وقت وڻ جي جوڀن جا لاڀ ڳڻبا ته چٺو ٻڌائيندو ته وڻ نشونما وٺي پنهنجيون ٻانهون پکيڙي اوسي پاسي جي چوڌاري ماحول ۾ ڇانورو ڪندو ۽ نتيجي ۾ اسان کي چڱي طرح ڏسڻ ۾ ايندو ته هن جي ڇانوري جي دائري ۾ هڪ قدرتي ڪشش هوندي جيڪا جهنگ جهر توڻي رڻ پٽ تان پکي پکڻ ۽ پسن کي ڇڪي هنجي هنج ۾ آڻي ڪٺو ڪندي. وڻ جي ڇانو جي راحت حيواني توڻي انساني جيوت لاء بي مثل آنند مهيا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ وڻن جي سٺي قد ڪاٺ ڪڍڻ تي ميون ۽ ٻجن جي مهيا ٿيڻ جو ججهو سبب پڻ بڻبو ۽ اهڙي قسم جي اپت انساني ۽ جهنگلي حيات جي خوراڪ بڻبي جيڪا پڻ ان جي مقصد حيات جي معاملن ۾ معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندي.
وڻ خوراڪ مهيا ڪرڻ جي لحاظ کان رڳو حيات بخش نٿو ڄاتو وڃي بلڪ هو مڙيئي جيوت کي پنهنجي قدرتي نظام تحت آڪسيجن مهيا ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿو جيڪو پنهنجي پر ۾ حيات بخش آھي. ٻئي پاسي ڏسجي ٿو ته انسان سونهن جو سر آهي ۽ ڌرتي تي تخليق جي سلسلي جو سبب آھي ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هن جو ڌرتي کي حسن ترين بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ٿئي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هو بيشڪ سرموڙ آهي. مگر وڻ هوبهو لڳو لڳ پنهنجي فطرت کان مليل سڀني خوبين ڪري ڌرتي جو سروپ ۽ حسن آهي وڻن بنا ڌرتي اڌوري آ. وڻ جي هٿ تي آڪسيجن واري لڪير جي موجودگي هڪ وڏو حيات بخش ڀنڊار آھي جيڪو ڪڏھن کٽڻو ناهي پر هڪ وڻ جي حياتي به انسان جي مقدر جهڙي آھي ٻئي پنهنجي نصيبن ۾ حيات جو دوام نٿا رکن ۽ ڪل شي ذائقه الموت جي حدن ۾ اچي هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجو وجود وڃائي ويهن ٿا.
**

گهاٽي ڇانوَ ۽ ٿڌڙيون هوائون

اسانجي محترم ڳوٺائي دوست پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق انصاري صاحب منهنجي هڪ پوسٽ تي پنهجو خيال ونڊيندي لکيو هو ته اسان جي ملڪ ۾ سيمينٽ جا جبل کڙا ڪيا آهن پوءِ گرمي جو پد ته آسمان کي ڇهندو. بيشڪ ڀاءَ ڳالھ سورھن آنا سچ لکي آھي. مون پنهنجي پوسٽ ۾ ڪيناڊا جي وڻن جي گهاٽي ڇانو ۽ جون جي مهيني ۾ ٿڌڙين هوائن ۽ هيرن جو ذڪر ڪيو هو. يقينن ڀاءَ اسحاق جي رد عمل جو اشارو ان ڳالھ ڏانهن هو ته سنڌ مان وڻ وڍي ملڪ پٽ ڪري ڇڏبو ته حشر ته اهو ٿيندو. ٽامڻي ته ٻرندي.
اصل ۾ ڇاهي ته اسان پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ جا هاڻي عادي ٿي چڪا آھيون هڪ نه پر ڪل ان ڌنڌي سان لڳل آھيون. پنهنجي ملڪ جا ٻيلا ڪنهن وڍيا. پنهنجي ملڪ جي دريائي ڪنارن وارين ڪيٽين تي ناجائز قبضا ڪري ڪاٺ وڪڻي ڪير مالدار ٿيا. واهن ۽ ڪئنالن تان راتين جو چوريءَ ٽاريون جيڪي انگريزن جي دور ۾ لڳيون انهن کي وڍي دريائي ۽ پاڻي جي وسيلن مٿان بندن جي مضبوطي ۽ واتاورڻ جي ٿڌاڻ کي وڏو ڇيهو پهچائڻ ۾ ڪنهن ڪثر نه ڇڏي آھي ۽ نئي ڪوئي ڀلو مانس پٺتي رهيو اهي وڻ سرڪاري املاڪ هئا. ٻيلا ۽ جهر جهنگ به سڀ ملڪي املاڪ آھن . جن کي نقصان پهچائڻ جو ڪنهن کي ڪو حق ڪونهي.
ملڪ جي گرمي پد کي مٿي ذڪر ڪيل ٻيلن. جهنگلن جي وڻڪار جي موجودگي ملڪ مان تابمان کي گهٽ ڪندي هئي. انگريز سرڪار جي زماني ۾ چوريءَ وڻ وڍڻ جي ڪنهن کي جرئت ڪا نه ٿيندي هئي. ايتري قدر جو دڳ ۾ ڪريل ريلوائي کاتي جي فش پليٽ يا ڪلي ڪاٺيءَ کي به ڪو ڇهندو ڪو نه هو. .... ڪيناڊا ۾ ٿڌڪار آهي جهنگ جر ساوا لڳا پيا آھن. ڍنڍون جهيلون وڏي وڻڪار سان سايون لڳيون پيون آھن. روڊ رستا. گهر گهٽيون. حالانڪه گھرن اندر به ماڻهون گل ڦل ۽ ٻوٽا رکي پنهنجن گهرن کي ٿڌو ۽ گل گلزار ڪن ٿا.
هتي ڪيناڊا به وڪٽوريا ۽ الزبيٿ جي حڪومت رهي آھي اسان انگريزن کان مڪمل آزادي ورتي پر هتي ته هر شھري ۽ پارليامينٽ راڻي جي وفاداري جو حلف هاڻي به کڻي ٿي تنهن هوندي به هي ۽ هنن جا نسل ڪيئن اهڙا قدم نٿا کڻن جنهن سان ملڪ جي املاڪ ۽ ذريعن کي نقصان پهچڻ جو امڪان هجي. اسان مڪمل آزاد آھيون مگر اوترو ڇڙواڳ آھيون. مون هتي لڳايل پوسٽن ۾ هڪ تصوير اهڙي لڳائي آھي. جنهن ۾ جهنگ ۾ پائن جو وڏو وڻ ڪريو پيو آھي. اتي ان وڻ جو ڪاٺ سالن کان پيل آھي مجال آھي ڪنهنجي جو ان کي پنهنجي ڪنهن مقصد جي پورائي لاءِ ڪلهو ڏي. هتي جي سرڪار جا سخت قانون ٺھيل آھن انهن تي عمل درآمد به اوترو سختي سان ٿيندو آھي. وڻ وڍڻ ته پري جي ڳالھ ڪو ڪريل وڻ کي چوري پري ڪري رکي نٿو سگهي، اهڙين حرڪتن تي وڏا ڏنڊ رکيل آھن. هتي ڪو بنا لائسنس جي ماڻھو ڪنهن جانور. مڇي يا پکي پکڻ جو شڪار نٿو ڪري سگهي. ٻيلن ۾ وڻ جتي ڪرندو اتي سڙي ڳري زمين جو کاڄ بڻجي ويندو. اهو هتان جو قانون آھي ۽ اهي ئي هتان جي ماڻھن ۽ سرڪار جا رويا آھن پوءِ ڇو ڪونه جهر جهنگ. ٻيلا وسيون ۽ وهاڻ ۽ گهر گهٽيون سرسبز رهندا. ۽ ملڪ جو درجو حرارت ٿڌڪار ۾ بدلجندو. اسان کي به جي پنهنجي ملڪ کي سائو سبز ۽ ٿڌو رکڻو آھي ته ملڪ ۾ ڀلي سيمينٽ جا پهاڙ ملڪي ضرورتن جي پيش نظر اڏيا وڃن پر پنهنجي ملڪ. پنهنجن گهرن گهٽين ۽ اوڙي پاڙي کي سائو ڪرڻ لاءِ پنهنجيون عادتون ۽ پنهنجا رويا مٽائڻا پوندا. حڪومت کي سخت قانون نافذ ڪرڻا پوندا نه ته ملڪ ٿڌو ڪونه ٿيندو. برساتون ۽ مينهن ڪونه پوندا جي ائين نه ٿيو ته پوءِ فصلن جي گهٽ پيدا پيداوار. آڪسيجن جي ڪمي. بک ۽ بيماري اسانجو مقدر پئي ٿيندي رهندي.
**

پکين جو پيار

صبح جو ٿڌڙي هير گهلڻ وقت اکين ۾ آب زم زم جا قطرا اوتيندڙ جهيل جا روح پرور نظارا دل تي آب حيات جهڙو اثر پيدا ڪن ٿا. جنهن گهر ۾ اسين مقيم آھيون. تنهن جي بيڪيارڊ ۾ هڪ سهڻي نيرنگي ڍنڍ آھي جنهن کي پڪرنگ گالف ڪلب جي سر سبز پائن ۽ ميپل جي گهاٽن وڻن ۽ چراگاه جي وچ مان وهندڙ هڪ ننڍو واھ سيراب ڪندو رهي ٿو. هن پاڻي جي ڪشادي قدرتي ذخيري جي هڪ پاسي مسلم. مسيحي ۽ عبراني نسل جي ماڻھن جو گڏيل قبرستان آھي جنهن ۾ پڻ ساڳي واه مان ڪسي جي صورت ۾ پاڻي وهي اچي هڪ تلاءَ ٺاھي ٿو. قبرستان جي انتظاميه ھن تلاءَ مان ٻن خوبصورت ڦوهارن ذريعي پاڻي کي پري پري تائين پکيڙي هن ويراني ۾ هڪ دلڪش منظر ۽ ماحول بڻائي ڇڏيو آھي. ڪيناڊا ۾ اٺ مهينا سخت سردي. برفاني طوفان ۽ مسلسل ٿيندڙ برفباري ڪري زمين ۾ پاڻي جي ليول مٿاڇري تائين رهي ٿي. سانوڻ جي مند ۾ به هتي هلڪي هلڪي برسات جاري رهي ٿي تنهنڪري قبرستان ۽ ان جي چوڌاري اکين ٺار ساوڪ رهي ٿي. قبرن جي مهڙ وارين ننڍين دڪين تي نيم پليٽ ۽ رجسٽريشن نمبر به پکڙيل سائي گاھ جي ڪري مشڪل سان نظر ايندا آھن. قبرستان ۾ ترتيب سان لڳل ميپل. پائن ۽ سرو جي خوبصورت وڻن کان علاوه ڪيترا خودرو ٻوٽا ڦٽن ٿا جن ۾ ليار ۽ جهنگلي ٻيريون وغيره جام ٿين ٿيون جن جي ساوڪ ۽ ميوي تي چيها. رابن. جهرڪيون آبابيل ۽ بلبلن جهڙا پکي اچي پنهنجا آکيرا ۽ آشيانه ٺاهين ٿا جنهن جي ڪري قبرستان ۽ اوسي پاسي جو ماحول گهڻي ڀاڱي قدرتي ۽ دلنشين لڳي ٿو.
ڍنڍ جي الهندي ڇيڙي تي خوبصورت ٽائون هائوسز ۽ بنگلن جون قطارون آھن جن مان هڪ قطار هن قدرتي ڍنڊ جي ڪناري تي آھي جنهنجي سامهون منهنجي ڪمري جي دري کلي ٿي. ڪمري جي ڀر ۾ لونگ روم آھي جنهن جي گيلري مان اسان گهر جا ڀاتي هر وقت ڍنڍ تي لهندڙ گيز (ڳاڙهي چھنب ۽ منڍيءَ واريون اڏامندڙ ڪاري رنگ جون بدڪون) ڪائنيرن. ۽ ٻين پکين جو نظارو ڪندا رهندا آھيون. اسانجي گيلري ۾ چانهن پيئڻ جي لاءِ ٽيبل ڪرسون ۽ آرام ڪرسيون رکيل آھن. فجر جو سوير اٿڻ ڪري مونکي پنهنجي لاءِ چانهن پاڻ تيار ڪرڻي پوندي آھي. جنهن جو لطف وٺڻ لاءِ آئون گيلري ۾ اچي ويهندو آھيان ۽ صبح جو ساجهر اٿندڙ پکين جون مٺيون لاتيون ٻڌي پنهنجي دل وندرائيندو آھيان. ڪيناڊا ۾ هن وقت سانوڻي شروع ٿي چڪي آھي ۽ پرڏيھ هجرت ڪري ويل پکيئڙا هتي جي فضائن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هتي جي برفيلي مند ۾ زندگي گذارڻ وارن پکين مان مونکي جنوبي ايشيا وارن پکين جي جنسن مان پنهنجي ديسي جهرڪي. ابابيل. ڳيرا ۽ ڪبوتر نظر پيا اچن. جهرڪين جي ٻچن ڏيڻ جي مند آھي ۽ ابابيل به انهي ڪم ۾ رڌل آھن. هفتي کن کان اسان جي گيلري جي ڇت ۾ انهن ٻنهي پکين جي لامارن ڏيڻ. آکيرا ۽ گهرن ٺاھڻ جي جدوجهد لڳي پئي آھي. ڪورونا جي ڪري انسان اڪثر گهرن ۾ آھن. في الحال منهنجو به گھران نڪرڻ گهٽ ٿي چڪو آھي ۽ منهنجو اڪثر وقت گيلري مان نظارا ڪندي گذرندو آھي.
اسان جي پڪرنگ ويلي ۾ ٻن ھفتن کان ھلندڙ ڦڙ ڦڙ جي نتيجي ۾ ارد گرد جي ماحول ۾ پاڻي جا دٻا ڀرجي چڪا آھن. ابابيل اوسي پاسي پاڻي جي دٻن. ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪنارن تان آلي مٽي پنهنجي چنهنبن ۾ کنيو ڇت جي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجو گهر اڏي رهيا آھن. ابابيل جي گهرن اڏڻ وارو ڪم بلڪل ائين آھي جيئن سنڌ جي قديم اوڏ قوم ڪندي آھي. مسلسل هڪ هفتو مان وڏي دلچسپي سان ابابيلن جي گهر اڏاوت جي ڪم ۽ هنر کي پئي واچيندو رهيس. نر ٻاهران مٽي آڻي پيو ۽ مادي پنهنجي هنر ۽ نفاست سان وڏي ڀانڊاري جيڏو گهر ڇهن ستن ڏينهن اندر تيار ڪيو ۽ مٿين پاسي کان ٻن انچن جيترو سوراخ ڇڏي ڏنو. جنهن ڏينهن ابابيلن گهروندي اڏڻ جو ڪم پورو ڪيو ان کان ٻه ڏينهن پهريان اسانجي گيلري ۾ جهرڪين جي هڪ جوڙي پنهنجي اچ وڃ شروع ڪري ڏني هئي. جڏهن گهر بلڪل خشڪ ٿي ويو تڏهن ڇا ڏسان ته جهرڪيون پنهنجي چنهنبن ۾ ڪک ڍوئينديون ويون ابابيلن جي گهر ۾ سٿينديون. مونکي اچي خوف ٿيو ته ھاڻي ان داداگيري ۽ قبضي گيريءَ خلاف ضرور مذاحمت ٿيندي. جهيڙا ٿيندا جهڳڙا ٿيندا ۽ ٽريڪا مچندا مگر آئون هن وقت تائين محو حيرت آهيان ته ٽن چئن ڏينهن جي محنت سان جهرڪين پنهنجي ٻچن لاءِ مٽي جي ڀانڊاري ۾ هنڌ بسترو به تيار ڪري ڇڏيو مگر ابابيلن جو ڪو پتو ناهي ته ڪيڏانهن هليا ويا. گهر جي قبضي تي نه ڪنهن قسم جو ٽريڪو متو نه ئي پکين وچ ۾ ڪا جنگ لڳي. اهڙي طرح گهر جي ٻاھران ٽن پاسن کان ڇت ۾ ابابيلن مٽي جا گهر اڏيا ۽ انهن سڀني گهرن کي مڪمل ڪري جهرڪين جي حوالي ڪيو ۽ جهرڪين انهن ۾ پنهنجا آنا لاٿا آھن. خبر نٿي پوي ته ابابيل جهرڪين کي آکيرا ٺاھي ڏيڻ لاءِ سروس پرووائيڊر جو ڪم ڏين ٿا يا اهو پکين جو پاڻ ۾ پيار آھي جيڪو هو پاڻ ۾ ايڏي وڏي محنت ۽ قرباني سان نڀائن ٿا. اسان کان وڌيڪ ان ڪم ڪارکي نيچر وڌيڪ سمجهي ٿي ۽ اسانجو عقل اتي اچي دنگ ٿي وڃي ٿو.
**

ڪينيڊين هيرو رابرٽ يوجين والس

سماجيات مضمون ۾ انساني روين کي وڏي اهميت حاصل آھي. نسلن جي سڄاڻ ۽ قومن جي ترقيءَ جو دارومدار پڻ قومن جي اهڙن روين ۾ پوشيده هوندو آھي جن کي وقت جا مفڪر. ساڃاھ وند. تاريخ نويس ۽ مصنف پنهنجي قلم جي ڪاوش سان قرطاس تي آڻيندا رھندا آھن. سنڌ سماج جي وڏن شھرن ۾ پنهنجي جوڌن. دودن. دليرن قومي ڪارڪنن ۽ پنهنجي حقن لاءِ غاصبن ۽ ظالمن سان مهاڏو اٽڪائيندڙن قومي سماجي خادمن جي ڪارنامن جي مڃتا لاءِ واکاڻ ڪرڻ جو رواج ورهاڱي کان اڳ نظر اچي ٿو. ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۽ حيدر آباد جي چونڪن تي. علاوه ازين اسپتالن. اسڪولن ۽ پبلڪ پارڪس وغيره ۾ انهن جا يادگاري پتلا بطور مونامينٽ نصب ڪيا ويندا هئا. پر سنڌ جي انهن شھرن ۾ جن ۾ مسلم افڪار رکڻ وارن جي اڪثريت هوندي هئي اتي يادگاري پتلن لڳائڻ کان پاسو ڪندي مڃتا طور پٿرن تي پنهنجي قومي جوڌن جي خدمات جي واکاڻ لاءِ تحريرون آويزان ڪيون وينديون هيون. ڳالھ مڃبي ته انگريزي دور حڪومت ۾ يادگاري پتلن کڙي ڪرڻ جو رواج وڌيو اهو به رڳو وڏن شھرن جي حدن تائين قائم هو.
قومن جو پنهنجي هيرن. جنگي مجاهدن. شھيدن، غازين ۽ قومي خادمن جي مڃٿا وارو رويو نهايت قديم آھي. اسلام کان اڳ يوناني ۽ رومي توڙي پرشين قومون ان ڏس ۾ دنيا جي ڪيترين قومن کان اڳڀريون نظر اچن ٿيون. قديم روم ۽ گريس جا چونڪ. عمارتون انهن جا مرڪزي آڳر اڳواڙا. ڪنڊون ڪڙڇون ۽ شھرن توڙي ڳوٺن جا چپا چپا اهڙن آرٽيفيڪٽس سان مزين نظر اچن ٿا ۽ اهڙيون شاهديون مطالعي ۾ اچي چڪيون آھن. فرانس، روس، اسپين. برطانيا ۾ قديم دور ۽ انقلابن ۽ عظيم عالمي جنگين دوران قومي روين کي جوت بخشيندي اتان جي ماڻھن پنهجي جوڌن جا اڻڳڻيا يادگار شهرن جي چونڪن ۾ نصب ڪيا.
هندوستان جي قومن ۾ به اهڙا رواج ۽ رويا عام جام هوندا هئا. ان ڏس ۾ هندوستان جي تاريخ يونان ۽ روم کان به قديم پئي ڏسجي. اشوڪا جوڌي جو دور ان جي فتوحات ۽ ڪارنامن کي مڃتا طور ان جا فرمان. قانون ۽ حڪم ناما پٿرن تي اڪيري لکيا ويندا هئا ۽ انهن کي شھرن اندر ۽ سلطنت جي سرحدن تي نصب ڪيو ويندو هو جن جي شاهدي تاريخ جي مطالعي ڪرڻ سان بخوبي ملي ٿي. ان کان گهڻو اڳ پٿر جو دور گذريو آهي تنهن زماني ۾ غارن ۽ غفائن ۾ رهندڙ انسانن منجھ به اھڙن روين جو اڀياس ملي ٿو ۽ پروڙ پوي ٿي ته ھو پنھنجي ويڙهاڪن ۽ شڪار جي ماهر جوڌن جون غارن ۾ تصويرن جي اڪر مڃتا طور ڪندا هئا ۽ پينٽگ ذريعي به پنهنجن اهڙن روين جو اظھار ڪندا هئا. غارن تي ڪم ڪندڙ ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن کي دنيا ڀر جي غارن مان اهڙي قديم ڪلچر جا اڻ ڳڻيا اهڃاڻ ملن ٿا جيڪي تاريخ جي شاگردن جي مطالعي مان پيا گذرندا رهن ٿا.
تازو مونکي ڪيناڊا جي ڊرهم ريجن جي براق ٽائون مان لنگهندي هڪ ڳوٺڙي ڪيننگٽن جي گهمڻ جو موقعو مليو. ڳوٺ جي ٻاهران روڊ تي بورڊ نصب ٿيل هو جنهن تي هڪ تصوير نگار ڪلاڪار رابرٽ ھومس جي واکاڻ جو نوٽ لڳل هو. جيڪو موصوف 1861ع جي زماني جو هو. مون فرحان کي ان ڏانهن ڌيان ڇڪايو. جنهن وراڻيو ته بابا اھو گوگل تي سرچ ڪيون ٿا. اسان گاڏي هڪ ننڍي واهه بيور رور جي ساڄي ڪپ تي گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾ بيهاري سين . ٻن منٽن جي چڪاس کان پوءِ معلوم ٿيو ته ميل اڌ جي پنڌ تي رابرٽ ھوم جي مڃتا ۾ سندس جاءِ پيدائش تي هن جي تخليق ڪيل شاهڪارن جي نمائش لاءِ ميوزيم قائم ڪيو ويو آھي. پنجن منٽن اندر اسان ڪيننگٽن ۾ داخل ٿياسين. ميوزم جي جاءِ تي پهتاسين ته خبر پئي ته ڪورونا وائرس جي ڪري ميوزم گذريل ڇهن مهينن کان بند ڪيو ويو آھي. بهر حال ڪميونٽي سينٽر مان معلوم ٿيو ته پنهنجي وقت جو معروف پينٽر رابرٽ ھوم تصوير نگاري جي فن جو ڪو رواجي پينٽر ڪو نه ھو بلڪ هو ٺڦ ٻھراڙي جو باشندو هوندي به اونٽوريو اسڪول آف آرٽس ۽ رائل ڪاليج آف آرٽس جو فارغ تحصيل طالب علم هو. آرٽ جي فن جي لحاظ کان هو واٽر ڪلرس جو وڏو ماهر سمجهيو ويندو هو ۽ سندس ڪم جو مخصوص ميدان وائلڊ ڦلاورس جي حسن جي واکاڻ ڪرڻ هو.
ڪيننگٽن ڳوٺ جي قديم تعميراتي فن ۽ ڊزائن جي ڪشادين جاين جيڪي اسٽيٽ گيسٽ هائوسن وانگر پيون لڳن تن جي وچ مان نڪرندڙ روڊن جي ٻنهي پاسن جي ڇانو مان جولاءِ جي مهيني ۾ گذرندي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ اسين ڪنهن ايئرڪنڊيشن روڊ تان لنگهي رهيا آھيون. اسان سان گڏ فيملي ۽ ٻار هئا جيڪي هن حسين ماحول مان پڻ خوب لطف اندوز ٿي رهيا هئا . بيور ڪئنال جي کاٻي پاسي ايندي اسين هڪ اهڙي چونڪ تي پهتاسين جتي پهرين جنگ عظيم جي زماني جي هڪ فوجي بيرڪ هئي جنهنجي اڳيان چونڪ جي مرڪز ۾ مڃتا طور جوڌي ميجر رابرٽ يوجين والس جو وڏو پتلو آويزان هو. يوجين والس جي بايوگرافي جو مختصر مطالعو ڪيوسين ته معلوم ٿيو ته ھو 1892ع ۾ ان ننڍڙي ڳوٺ ڪيننگٽن ۾ ڄائو هو ۽ هن جوڌي پهرين عظيم جنگ ۾ پنهنجي ملڪ جي طرفان وڙھڻ لاءِ ڪينيڊين انفينٽري ۾ نياگرا ڪيمپ کان حصو ورتو هو مگر چوويهن سالن جي ڦوهه ڄمار ۾ اپريل 1917ع ۾ وڏي بهادري سان وڙهندي ملڪ تان قربان ٿي ويو.
**

پپو يار تنگ نه ڪر

ايسٽ پڪرنگ ديوي مندر کان تقريبن پنج ڪلو ميٽر پنڌ پري پڪرنگ جي قديم آبادي گرين ووڊ جي علاقي ۾ وڃڻ ٿيو. دراصل ٻن ٽن ڏينهن لاءِ منهنجو سالو مونکي پاڻ وٽ رهائڻ لاءِ وٺي ويو ھو. هن جي گهر جي رستي ۾ پڪرنگ جو پراڻو ميوزيم ۽ پڪرنگ وليج پڻ آھي. پنهنجي گهر وٺي وڃڻ کان اڳ هن مونکي پراڻي پڪرنگ وليج گرين ووڊ جو طائرانا سير ڪرايو. سڄو علاقو جهنگ هو. گهاٽن وڻن جي ڇانوري ۾ پراڻي طرز جا بنگلا هئا انهن بنگلن جي اڳياڙ ۽ پڇاڙ ۾ هڪ هڪ ايڪڙ جيتري زمين خالي پيل هئي جنهن ۾ سايون ڀاڄيون پوکڻ. جانور پالڻ ۽ گاڏين جي لاءِ گيراج جي گنجائش موجود هئي. اهي پراڻيون عمارتون مونکي ائين پئي لڳيون ڄڻ ڀوتخانه آهن.
هالوين ۽ ٿينڪس گونگ جي ڏينهن جي ڪري ماڻھن گهرن جي ٻاهرين حصن، وڻن ۽ وڻن جي ٽارين ۾ جنن، ڀوتن، چٻرن الن، چمڙن ۽ مرتيو ٿيل ماڻھن جا بنا ممي نقلي لاشا ٽنگي رکيا هئا جن کي ڏسي روح ڪنبيو وڃي. ان علاقي جي وچ جهنگ ۾ 1770ع جي زماني جي هڪ ڪليسا به موجود هئي جنهنجي گرد ۽ نواح جو ماحول هڪ ڀوائتو منظر پيش ڪري رهيو هو. جڏهن ننڍي سالي جي گهر پهتس ته ان گهر جو به ساڳيو رنگ ساڳيو روپ هو. رات جي ماني کائي اسان پنهنجي پنهنجي ڪمرن ۾ هليا وياسين. گهر ڇاڪاڻ ته جھنگ ۽ ٻنين جي وچ ۾ هو تنهنڪري مون کي ٿورو ڪي گهڻو خوف پئي ٿيو. حالانڪ منهنجي ڊڄڻ ڪرڻ جي عمر ڪانه ھئي پر دماغ تي علائقي جا اثرات ڪجهه اهڙا پئجي چڪا هئا. هڪ ته مونکي اها به ڄاڻ هئي ته هي گهر به ڪنهن جهوني گوري جوڙي جي ميراث هو جيڪو منهنجي سالي خريد ڪيو هو. منهنجي خيال ۾ اچي ويٺو ته ھتي جنن ڀوتن جي رهائش يا ڪا کيد بازي ضرور هوندي. بهر حال دعائون. دم ۽ درود پڙھي ويهاڻي ۾ منهن هڻي سمهي پيس. رات جو اڌ رات کان پوءِ ڪنهن جهنگلي ڪئي جي ديوار تي رهڙا پائڻ جي آواز تي منهنجي ننڊ ڦٽي وئي. رات جي ساڳي پهر ۾ گند ڪچري جي ڊرمن ۾ کاڌي پيتي جون شيون ڳولهڻ ڦولهڻ لاءِ ڪتي جيڏو جانور رڪون پنهنجيون ڪاروايون ڪندي وڏا کڙڪا سڙڪا ڪيا. وڏي مشڪل ۽ ڪراهتي حالتن سان تڏهن دوچار ٿيس جڏهن بدبخت جانور اسڪنڪ گهر جي ٻاهرين بدبودار مادي کي وڏي ماترا ۾ خارج ڪندي ٻٽي فائر ڪيا. بس پوءِ ته سڄو علاقو ڪٽرستان ٿي پيو.
هاڻي ننڊ ڪير ڪري. جاڳي جاڳي ڪنهن سمي اوجهراڪين ۾ هوس ته ڇا ڏسان ته ڇت وارو پکو لڏندي نظر آيو. آرميچر وارو حصو جنهن ۾ پر لڳل هوندا آھن اهو سڄو جو سڄو روشن ٿي ويو ڀو وچان چادر ڇڪي منهن تي پاتم. لمحو ٻه رکي آھستي آھستي چادر سيري پري ڪري جائزو ورتم ته پکي جا ٽن بدران پنج پنج پر پيا نظر اچن . دل پئي چوي ته پنھنجي سالي کي اٿاري پڇان ته ھن پکي جا ٽي پر آھن يا پنج پر. گهڻي رات گذري چڪي هئي بس ڇا ڪيم جو چادر سان منهن ويڙھي سيڙھي قل پڙھي سمهي رهيس پوءِ خبر ناهي ته ڪهڙي وقت ننڊ اچي وئي.
**

اڃا ڪي آھين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي

ڪاظم ۽ مان محمد اسماعيل کي قرآن حڪيم جي تعليم ڏيارڻ لاءِ عثمان اسلامڪ سينٽر پڪرنگ ۾ ڇڏي موٽي رهيا ھئاسين ته موٽندي مهل ڪاظم کي ياد پيو ته برفباري جي مند کان اڳ ۾ گهر ۾ لوڻ جو اسٽاڪ ڪجي. هو مونکي چوڻ لڳو ادا ”اسان کي لوڻ خريد ڪرڻ لاءِ بروڪلن شھر هلڻو آھي.“ مون وراڻيو جي باسم الله پرڇاڪاڻ....هن ٻڌايو ”اسان پنهنجي گهر ۾ کوه جو پاڻي استعمال ڪندا آھيون جيڪو ڳرو هجڻ ڪري بنا سافٽ ڪرڻ جي ڪنهن به استعمال ۾ نٿا آڻي سگهون. تنهنڪري ان کي هارڊ مان سافٽ ڪرڻ لاءِ خاص قسم جو لوڻ وجهڻو پوندو آھي.“
مون پڇيومانس ته، ”اهو لوڻ کوه ۾ وجهندئو.“ وراڻيائين، ”نه گهر جي اندر پاڻي جون ٽنڪيون آھن جن ۾ موٽر ذريعي کوه مان پاڻي ڇڪي انهن ۾ ڀريندا آھيون ان ٽانڪي ۾ لوڻ وجهندا آھيون . ٽانڪي هڪ ليباريٽريڪل سسٽم سان جڙيل آھي ۽ اهو سسٽم ڳري پاڻي کي ٽريٽ ڪري هلڪو ۽ سافٽ ڪري پيئڻ لائق بڻائيندو آھي.“
ڪلاڪ کن ۾ اسان بروڪلن شھر جي مضافاتي ٻھراڙي جهڙي علاقي مان گذري رهيا هئاسين جتي مونکي گهوڙن جا پالنا گهر، تنبيلا ۽ واڙا نظر آيا. باقي ارد گرد مڪئي ۽ صوفن جا فصل تيار بيٺا هئا. زمينن جي ٻارين ۽ ٻنن تي بُھَ ۽ سڪل گاهه جون ٻنڊون پيون هيون ۽ انهن زمينن ۾ جابجا پراڻي ڪاٺ جا گودام نظر اچن پيا. انهن پراڻن گودامن ۾ ڪي اهڙا گودام به ڏسجن پيا جيڪي صدي ڏيڍ پراڻا پيا لڳن ۽ ڀڃي ڦٽو ڪرڻ جهڙا هئا. انهن مان ڪيترا ته مونکي زمين بوس نظر آيا. مان انهن کي غور سان ڏسي رهيو هوس ته ڪاظم مونکي ٻڌايو ته، ادا اهي ڪريل گودام هتي وڏي قيمتي وٿ آھن ۽ هتي انهن گدامن جي ڪاٺ کي reclaimed يا born wood سڏيو ويندو آهي، مگر اسان جي ملڪ ۾ اهڙي ڪاٺ کي Dead Wood ڪوٺيو ويندو آهي. ايسٽ ۽ ويسٽ جي سوچ ۽ سينس آف لونگ جي وچ ۾ ڪيڏو فرق آھي. اهڙي ڪاٺ جو ملهه نئين ڪاٺ جي ملھ کان گهڻو مٿي رهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان ڪاٺ پنهنجي مٿان ورهين جا ورهه سج جو تيک .برساتون جي مار ۽ طوفانن جا قهر سٺا آھن ۽ هاڻي اهو ڪاٺ فولاد ٿي چڪو آھي. مهانگي نيلامي ۾ نيلام ٿيڻ کان پوءِ ان ڪاٺ جي مٿاڇري کي ڇلي ان مان مختلف آرٽيفيڪٽس تيار ٿين ٿا جيڪي گهڻو جٽادار ٿين ٿا. تنهنڪري اهڙا آرٽيفڪيٽ يا تيار ٿيل آرٽ جا نمونا ماڻھون خريد ڪري پنهنجا ڊرائنگ روم ۽ گيلريون سينگارين ٿا. هتي ماڻھون پنهنجي دماغ کان ڪم وٺن ٿا ۽ دماغ کي استعمال ڪري مٽي مان سون بڻائين ٿا.
ڳالهه هلي پئي بروڪلن شھر مان لوڻ جي خريداري جي. ٻھراڙي جهڙي ماحول ۾ روڊ کان سو ميٽر هيٺ گاڏي لاهي اسان دڪان جي هڪ پاسي کليل دروازي جي اڳيان وڃي بيٺاسين. ماحول ۾ چوڌاري ڪڪڙون ڪون لڳي پئي هئي اوسي پاسي نه ماڻھون نه ڇيڻو. دڪان جي در کي ٻاھر ڇڪيوسين کلي پيو. اندر گهڙياسين ڪائونٽر تي بيٺل هڪ خوبرو گوري ڇوڪر مسڪراهٽن جي ورکا ڪندي آجياڻا الفاظ استعمال ڪيا. ڪاظم کيس لوڻ جي پندرهن ٻاچڪن جو آرڊر ڏنو هن ڪلڪيوليٽنگ مشين تي حساب هڻي پئسا ٻڌايا.
پيمينٽ ڪريڊٽ ڪارڊ جي ذريعي ٿي وئي. دڪان ۾ موجود شين جو جائزو وٺندي ڪاظم گوري ڇوڪر کان هڪ اڌ شي جي معلومات ڪئي. انهن شين کي گوري ڇوڪر نه رڳو ڪٻاٽ مان ڪڍي ڏيکاريو بلڪ انهن جي ڊمانسٽريشن پڻ ڪري ڏيکاري. دڪان ۾ هينڊل وارا نڪلڪا، گيس جا سلينڊر، پاڻي جي ٽريٽمينٽ جا ننڍا وڏا پلانٽ، ڪيميڪل ۽ انيڪ قسم جا پمپ ۽ پائپ وڪري لاءِ رکيل هئا. بهر حال اهو سڀ ڪجهه ڏسي دڪان مان نڪري گودام واري حصي ۾ وياسين. سيلز گرل پٺيان آئي نه ٻيو ڪو هيلپر يا ويهن ويهن ڪلو جي ٻاچڪن کي لوڊ ڪرائڻ وارو ڪو ڪارندو. اپني گهوٽ ته نشا ھو ويئي. وارو ڪم ڪرڻو پيو. ڪاظم پندرهن ڪٽا لوڻ جا پاڻ ئي گاڏي ۾ لوڊ ڪيا ۽ گاڏي اسٽارٽ ڪندي چيو ”ادا ڏٺئي هتان جي ماڻھن جو ڀروسو. جي ان گودام مان اسان هڪ اڌ ٻوري هيڏي هوڏي ڪريون ته هنن کي ڪا خبر ڪانه پوندي. پر هتي سالن پٺيان به ڪو ماڻھو اهڙي حرڪت ڪرڻ جو تصور ڪري نٿو سگهي ۽ نه ئي وري سوچي سگهي ٿو. گورو هجي چاھي ڪارو يا هجي براؤن. سڄو ڪم اعتبار تي پيو هلي. توهان ڏٺو ته سيلز گرل هن جهنگ جهڙي سنسان علاقي ۾ اڪيلي اسٽور ۾ ڪم پئي ڪري ۽ اسان جي ٻورين جي ڳڻپ يا چيڪ ڪرڻ لاءِ ٻآھر اچڻ جي به ھن زحمت نه ڪئي . ڏسو هتان جي تجارت ڪيئن پئي هلي.“
مون ورياڻيو، ”با با اڃا ڪي آھين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي.“
**

جنين ڏاند نه ٻج

ڊرائنگ روم جي دري کان ٻاهر برفاني فضا جو نظارو ڪري رهيو هوس ته گھر جي بالڪوني ۾ ڪنهن شي جي ڪرڻ جو کڙڪو ٿيو. صوفي جي ڀرسان اچي بالڪوني ۾ واجهايو ته منهنجي نظر هڪ سرخي مائل رنگ جي پکي ڳيري تي پئي. ٻاهر برفاني طوفان جاري هو . آسمان سڄو لڙياٽيل هو ڪيناڊا جي فضا ۾ نه ڪانگ ھو نه ڪانئر ھو نه ڪٻر ۽ نئي ڪو طائر پئي نظر آيو. مون کي خيال آيو ته هي ڳيرو پکي پنهن جي جان بچائڻ لاءِ اچي بالڪوني ۾ ڪريو آھي. شيشي جي دروازي مان جهاتي پائي جائزو ورتم محسوس ٿيو ته ڳيرو پنهنجي اڏامڻ جي سگھ وڃائي ويٺو آھي .
دل ۾ احساس جاڳيم ته ڪيناڊا جي محڪمي موسميات ٽي ڏينهن برفاني ڪپھ ڪرڻ جي اڳڪٿي ڪئي آھي سو هن پکيءَ جي بچڻ جو ڪو امڪان ڪونهي. تنهنڪري هن پکي کي جيئدان ڏيڻ لاءِ ضروري آھي ته هن کي پڪڙي ٽي ڏينهن کن پاڻ سان گرم ڪمري ۾ رکي داڻو پاڻي کارائجي. ڊرائنگ روم جو دروازو کولي بالڪوني ۾ وڃڻ به منهنجي لاءِ هڪ مسئلو هو. پهريون ته گرم ڪوٽ، ٽوپلو ۽ پيرن ۾ برفاني بوٽ پائجي. ٻيو هٿ ۾ هڪ وڏي چادر کڻجي ته جيئن ان پکي جي مٿان اڇلائي کيس جهلجي. سو همت ڪري گرم ڪپڙا ۽ بوٽ وغيره پائي هڪ چادر هٿ ۾ کڻي آھستي آھستي ڊرائنگ روم جو دروازو کولي بالڪوني ۾ پهتس ان وقت ڪنٺ واري پٽ ڳيري شيشي واري ٽيبل تي ويٺي هئي. مون مٿانئس چادر اڇلائي مگر کيس چڱي طرح ڍڪي نه سگهي ۽ هوءَ ھيڏي هوڏي ڀڙڪا کائيندي رهي. گيلري کي چئني پاسن کان شيشا لڳل هئا.
مون پکي کي هٿن سان پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي مگر پٽ ڳيري شيشي جي هيٺين خالي وٿي مان نڪري فضا ۾ اڏامي وئي. پکي جي اڏامي وڃڻ تي اچي ويچارن ورايو ته هن وقت زمين برف سان ڍڪيل آھي ڪيترا ڏينهن پکين لاءِ ممڪن ناهي ته هو ڪٿان داڻو پاڻي چڳي سگهن. ماڻهن جي گهرن جا دروازا ۽ دريون ايئر ٽائٽ بند ٿيل آھن هي ويچارو پکي ڪاڏي ويندو. پوءِ ويچار آيو ته جنين ڏاند نه ٻج، اول ڏي انهين کي، پوءِ اڀاري سج.
**

ويا ڪل من جا ويچار

مٺي ملڪ جي وادي گلستان سوات جهڙي وادي پڪرنگ جي سهڻن گهاٽن وڻن جي وسيع ڇانورن کي آئون ڪين وساري سگهندس. جيئن جيئن منهنجي وطن ورڻ جو وقت ويجهو پيو ٿيندو وڃي تيئين تيئن مونکي پڪرنگ جي گالف ڪلب جي ميلن ۾ پکڙيل ساوڪ ۽ ٻيلن جي حسين ترين نظارن مان اکيون نٿيون ڀرجن. پکي به جنھن وڻ تي ويهندو آھي ۽ انکي پنهنجو مسڪن بڻائيندو آھي ته ان کي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ان جي مٿان لامارا ڏيندو آھي. هي ماڳ هي مڪان ۽ هي روح پرور وادي ڇڏڻ وقت مونکي به ارمانن اچي ورايو آھي ته هتي گذاريل گهڙين ۽ ڏهاڙن کي. هتان جي آسائش ۽ هتان جي راحت کي آئون ڪيئن پنهنجي دل مان ڪڍي سگهندس. اهو به خيال آيم ته مان ھتان جو ڪک به پاڻ سان کڻي وڃي نٿو سگهان. ائين ئي جيئن هڪ پکيئڙي لاءِ ممڪن ناهي هوندو ته هو موسمن سارو پنهنجي جوءِ مٽائڻ وقت وڻ تي اڏيل ڪکائين آشياني کي جنهن ۾ هن اس ڇانو. طوفان برساتون. گرمي سردي گذاري هجي پاڻ سان گڏ کڻي وڃي. بس آئون سوچيندو رهندو آھيان ته هي جوءِ ڇڏڻ وقت پاڻ سان گڏ هتان جو جيڪي اثاثو کڻي سگهان ٿو اهي هتان جون يادگيريون آھن. ساون گهاٽن وڻن جي ڇانو. وڻن جي ٽارين ۽ پنن جو تکي برسات ۾ اوٽ ۽ اجهو وٺڻ. گالف ڪلب جي رانديگرن جون ساون ساون ميدانن مان پنهنجي گيم پلي ڪٽ کڻي گالف ڪلب جي ننڍين ٽڦٿي گاڏين تي ڊوڙون. طوفاني برسات ۾ ڪپڙن جو ڀڄڻ. کل ڀوڳ ٽھڪڙا سڀ ياد رهندا. گيريزن ڪراسنگ روڊ جي سامهون بليو گارڊن جي راهدارين ۾ روز شام جو سائيڪلون هلائيندڙ گروپن جي ننڍن وڏن ٻارن ۽ مرد و زن جون ڪنڊ ڪنڊ تي ڪچھريون. منڊمن ۽ صاحب لوڪن جي پاليل ڪتن جون کينن پٺيان ڊوڙون ۽ مستيون مونکي سڀ ياد رهنديون.
بلو پارڪ جي سائي ڇٻر واري وسيع ميدان تي ڏينهن ٺري ساڪر سان ڪڏندڙ هر نسل ۽ هر رنگ جي ٻارن جون عرق ريزيون ياد رهنديون. پنهنجي ٻارن ۽ پاڙي جي گورن. برائون .چيني جاپاني برمي، بنگالي، ٿٻيٽي، آسامي، عربي، افغاني، ترڪي، توراني، تامل، سري لنڪن ۽ هندي سنڌي ٻارن سان گڏجي چوڏيلن ۽ چيڪلن تي پاتل ڦيرا ۽ ڦيراٽيون سڀ ياد رهنديون. هتان جي مڙني رنگ و نسل جي ماڻھن جو پاڻ ۾ گڏجي رهڻ، ميل ملاقات، کلڻ ڳالهائڻ، سلام دعا، سهڻو سلوڪ ۽ ميٺ محبت واريون وصفون ڀلا ڪي وسارڻ جوڳيون ڳالهيون آھن. بلڪل نه اهي مڙئي خوبيون ڪيناڊا جي ماڻھن جي شھريت جي امتياز جون نشانيون آھن. هن پاڙي جي ديوي مندر جي گجراتي ۽ پٽيل برادري جي پوڄارين جون بليو پارڪ جي ٻارن ۾ ڪچھريون. ڳجهارتون. ڊراما سميلن. مذھبي رواداري ۽ بنا ڀيد ڀاو واريون قربتون قول ۽ قرار مون لاءِ ڪنهن پر وسارڻ جوڳا ناهن.
ڪيناڊا ۾ مون پهريون ڀيرو محسوس ڪيو آھي ته سماج گهڻ قوم ۽ گهڻ مذھبن جي آميز سان ۽ هڪ گڏيل سماجي سوچ ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي قائم رهي سگهي ٿو ۽ ترقي جي اعلا مدار تي پڻ رسي سگهي ٿو. پنهنجي محنت. محبت ۽ رواداريءَ وارن روين جي وهنوار سان سڀني ڪينيڊين اهو ڀلي ڀانت ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو گڏجي فلاحي رياست قائم ڪري سگهن ٿا تنهنڪري هتان جي ماڻھن جي اها ڳالھ مونکي ياد رهندي. ڪينيڊين جا اهي گڻ، اهو شعور، اهو سهڪار اهو سمرپڻ بلو پارڪ جي ڪشاده ٻارن جي ميدانن مان حاصل ڪيل اهي پاٺ مون کي ياد رهندا پنهنجي وطن مالوف ۾ اکيون ٻوٽڻ تائين ياد رهندا.
**

وڻن ۽ گلن ٻوٽن جي پرورش

هتي ڪيناڊا ۾ وڻن ۽ گلن ٻوٽن جي نشونما لاءِ ناڪاري ڪاٺ جو بطور ڀاڻ جي استعمال جو رواج گهڻو آھي. مون اڳ هڪ ڪهاڻي ۾ ان ڳالھ جو ذڪر ڪيو هو ته ٻيلن يا جهنگلن ۾ جيڪي وڻ جهونا ٿي زمين تي ڪرندا آھن ته انهن کي سواءِ ٻيلي کاتي جي مقرر ڪيل اهلڪارن جي ٻيو ڪو هٿ به لاھي نٿو سگهي. تنهن ڪري هوائن طوفانن يا ڪنهن ٻئي سبب جيڪي وڻ جهر جهنگ ۾ ڪرندا آھن تن کي اهلڪار کڻي ڪنهن اهڙي ڪارخاني ۾ پهچائيندا آھن جتي انهن وڻن کي مشينن ۾ ضرورتن سارو مختلف ڪمن ۾ ايندڙ حصن ۾ ورهايو ويندو آھي. عمارت سازي جي مطلب جا حصا جدا ڪري باقي جيڪا ويسٽ بچندي آھي تنهن کي ڪمائتو بڻائڻ لاءِ ضرورت آھر مختلف حصن ۾ ورهايو ويندو آهي. گهڻو ڪري ناڪاري ڪاٺ جا سنها حصا سائي گاھ سان گڏ ملائي مشينن ۾ پيهين هڪ قسم جو قدرتي ڀاڻ تيار ڪيو ويندو آھي.
اهڙي قسم جو قدرتي ڀاڻ هن ملڪ ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي واڌ ويجھ لاءِ نهايت ڪمائتو سمجهيو وڃي ٿو. خانگي طور بنگلن جي لان . گلن ٻوٽن ۽ وڻن جي واڌ لاءِ اهڙي قسم جي قدرتي ڀاڻ جي حاصل ڪرڻ لاءِ گهرن توڙي فارمن تي ڀاڻ پڄائڻ لاءِ آن لائن سروس لاءِ ڪيتريون ايجنسيون ۽ ڪمپنيون ڪم ڪن ٿيون. تنهنڪري گهر پڄائڻ واري سروس مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ خانگي ۽ سرڪاري پارڪس ۽ پبلڪ پارڪس انتظاميه توڙي ڪميونٽيز لاءِ هتي جوڳا سهنج موجود آھن.
ڪيناڊا جي قومي ۽ اهم راندين جي سلسلي ۽ هتان جي ماڻھن جي مزاج مطابق گالف راند کي وڏي اهميت حاصل آھي. هتان جا ريس ڪورس ۽ گالف ڪلب انتهائي ڪشاده ۽ وسيع ايراضين ٿي پکڙيل ٿين ٿا. انهن ڪلب جي کيڏڻ ڪرڻ وارو سمورو ميدان سائو ۽ سرسبز رکيو ويندو آهي ۽ ميدان جي اردگرد جي ماحول کي وڻن گلن ٻوٽن سان سينگاري نهايت حسين ۽ قابل ديد بڻايو ويندو آھي. ان ڏس ۾ اهڙين جاين تي قدرتي ڀاڻ جا ڪيترا قسم استعمال هيٺ آندا ويندا آھن .
ناڪاره ڪاٺ جي مشين مان نڪتل چپس ۽ چوري کي مختلف رنگ خصوصن ڳاڙھو، سائو ۽ نارنگي رنگ چاڙهي گالف ڪلب ۽ چائلڊ پارڪس جي انهن حصن ۾ وڇايو ويندو آھي جتي ٻارن جي راند روند ڪرڻ لاءِ پينگها. چيڪلا. ڦرڻيون. ترڪڻون نقلي هاٿي. گهوڙا. شينهن ۽ ٻيا سلائيڊس لڳايا ويندا آھن جيئن اتان جو ماحول جاذب نظر ۽ خوشنما لڳي. هتي پارڪس ۾ پٿري، بجري، واري ۽ رنگين مٽيءَ جو استعمال گهٽ ٿئي ٿو ان جي جاءِ تي هن ملڪ ۾ ڪاٺ جي رنگين چپس وڇائڻ جو رواج عام آھي.
ڪيناڊا جي باغن جي انتظاميه وٽ اهڙيون موٽر ٽرڪون آهن جن ۾ ڪاٺ کي ڪتر ڪري سگهجي ٿي، اهڙي مشينري باغن ۾ وڻن جي لامن کي پنن سميت ڪٽي بنا ڪنهن دير جي ڪتر تيار ڪندي آهي جنهن کي ان وقت ئي وڻن جي پاڙن ۾ ڀاڻ جي طور وڌو وڃي ٿو. ان طريقي سان استعمال ٿيندڙ ڪتر به هڪ قسم جي قدرتي ڀاڻ جو هڪ نمونو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ ۾ اهڙن طور طريقن ۽ مشنري کي استعمال هيٺ آڻي پنهنجي ملڪ ۾ باغباني ڪريون ته گهڻو لاڀ حاصل ڪري سگهون ٿا.
باغباني ۽ ٻني ٻاري ۾ به قدرتي ڀاڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو اهڙي قدرتي ڀاڻ تيار ڪرڻ لاءِ شھر ڀر جو گهريلو ٻھر ڪٺو ڪري شھر کان ٻاهر يا آبادي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان کي ريسائيڪل ۽ پروسيس ڪرڻ لاءِ وڏيون لينڊفل ٺاھيون وڃن ٿيون. انهن لينڊفلس ۾ ڏهاڙي شھر مان ڪئين ٽن ڪچرو جمع ڪري پوءِ ان جي مٿان ڪمپوز يعني ڪچن جو آلو گند سٿي ان کي مٽيءَ سان ڍڪي ڪنهن خاص مدي تائين بند ڪيو ويندو آھي ته جيئن اهو سڙي ڳري ڀاڻ جي صورت ڌاري. اهڙي طرح تيار ڪيل نيچرل فرٽيلائيزر هر قسم جي باغباني ۽ کيتي واڙي لاءِ نهايت ڪارگر ٿئي ٿو. خاص ڪري گلن ٻوٽن ۽ ڇٻر وغيره جي لاءِ اهڙي قسم جو ڀاڻ ڪيناڊا ۾ گهڻي ۾ گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو.

صنعتي گند جون هاڃيڪاريون

صنعتي انقلابن کان پوءِ دنيا ۾ وڏي ناڻي ڪمائيندڙ ملڪن پنهنجي مشيني ڪل پرزن ۽ نقل و حرڪت ۾ استعمال ايندڙ ذرائع کي وڏي بيدردي سان استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ايتري قدر جو فطرت جيڪو زمين مٿان انسان ۽ پنهنجي ٻي مخلوق جي ضرورتن. آسائشن ۽ جياپي لاءِ فضائن ۾ اوزون جو جيڪو نظام قائم ڪيو هو تنهنکي ڇيهو پهچائڻ شروع ڪيو. جنگ عظيم پهرين تائين مربوط سرمائيداري نظام جي ڪاميابن دنيا ۾ انسان جي آسائش ۽ سکيي ستابي رهڻ لاءِ پنهنجي ڪارخانيداري نظام تحت وڏو سامان مهيا ڪري ورتو. زمين جي گولي تي صنعتي ۽ سرمائيداري نظام کڙو ڪندڙ ملڪن جي دنيا ۾ واه واه ٿي وئي. ان قائم ٿيندڙ نئين دور کي صنعتي انقلاب ۽ نشاط ثانيه سان منسوب ڪيو ويو ۽ ٻي معني ۾ ان کي انسان جي زندگي جي معراج سان تعبير ڪيو ويو.
دنيا ۾ صنعتي ترقي ڪري مٿين ليول تي پهچندڙ ملڪن جي قومن ۾ دولت ۽ ذرائع عيش وعشرت ۽ دولت ڪمائڻ جي حرس و هوس سبب چٽا ڀيٽي جو دور شروع ٿيو. اهڙي واتاورڻ ۾ دنيا جي وڏن ملڪن ۾ مختلف ۽ اتحاد قائم ٿيا. اهڙي طرح دنيا وئي بلاڪن ۾ تقسيم ٿيندي. ان وچ ۾ دنيا جي ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ طاقتور بلاڪن جنم ورتو. جن ۾ ويهين صدي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ طاقت جي زوم ۾ ايتري قدر بگاڙ جنم ورتو جو دنيا جي صنعتي ۽ سرمائيداري بلاڪن ۾ هڪ فطرتي امن وارو نظام مٿاثر ٿيڻ لڳو. ساڳي صدي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ طاقت جي توازن ۾ ايترو بگاڙ ايو جو 1914ع ڌاري دنيا جي وڏن پيداوري ملڪن جن ۾ نشاط ثانيه جا ڌڪڙ وڃي رهيا هئا پهرين عالمگيري جنگ ڇڙي پئي. ان زماني ۾ دنيا جي صنعتي ملڪن جي جنگي حالتن هيٺ ڪارخانن ۾ رات ڏينهن بارود ۽ بارود وسائڻ وارون ڪلون، ٽينڪون، بندوقون، مارٽر گولا، جهاز ٺھڻ لڳا. ازانسواءِ انسان کي ۽ ڌرتي جي فطري نظام جي توازن کي نقصان پهچائڻ لاءِ وڏو سامان تيار ڪيو ويو ۽ جنگين ۾ ان قسم جي مهلڪ سامان کي انسانن مٿان ڌرتي تي مينهن وانگر وسايو ويو.
پهرين عظيم جنگ ۾ نشاط ثانيه. انساني امن ۽ فطرتي نظام تحت قائم ڪيل ڌرتي جي ماحول کي وڏو نقصان پھتو. امريڪا. برطانيا ۽ انهن جي اتحادين جا جيڪي مقاصد جنگ کڙي ڪرڻ پٺيان هئا تن جي نتيجي ۾ انوقت جي عالمي طاقتن لارينس آف عريبيا جي اٿاريل فطني ھيٺ سلطنت عثمانيه جي خاتمي سان حجاز ۾سعودي حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو. ان کان علاوه به دنيا ۾ ٻيا ڪيترا ملڪ ٽٽا ۽ دنيا جي سرحدن ۾ تبديليون آيون. اهو سڀ ڪجهه بارود. بمن. گولن توبن. ٽينڪن ۽ بندوقن جي ڏاڍ تي ٿيو، جيڪو دنيا لاءِ ويهين صدي جي شروعات ۾ ڪارخانيداري، سرمائيداري نظام ۽ نشاط ثانيه جو هڪ تحفو هو. مگر انهن جنگن ۽ دنيا ۾ سرحدن جي تبديلي ۽ ملڪن ۽ رياستن جي ورهاست جي مقاصد جيڪي تباهيون آنديون تن انساني المين کي جنم ڏنو تنهن جو اندازو صنعتي ترقي ڪندڙ ملڪن کي بخوبي معلوم ٿيو. ۽ انهن اهو بخوبي محسوس ڪيو ته دنيا اهڙن هاڃيڪار نتيجن جي ٻيهر متحمل نٿي ٿي سگهي. تنهنڪري ڌرتي تي امن ۽ فطري توازن کي نشٽ ڪرڻ خلاف دنيا ۾ هڪ نئون احساس جاڳيو. نتيجي ۾ انهن ملڪن جن ڌرتي ۽ دنيا جي امن کي خطري سان دو چار ڪيو تن دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ جنگن ۾ ملوث قومن جي گڏجاڻي جوانعقاد ڪري متفق راء ٿي ليگ آف نيشن ٺاهي. اهڙي طرح دنيا ۾ ڪجهه دير امن قائم ٿيڻ کانپوءِ صنعتي ترقي ڪندڙ سرمائيدارن ملڪن پنهنجي ملڪن کي ترقي وٺائڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حڪمت عملي کان ڪم وٺندي ظاهري طور ۽ ڳجهن طريقن سان صنعتي پيداوار سان گڏ هٿيار ساز فيڪٽرين يعني ٻنهي سيڪٽرن ۾ پيداوري عمل کي تڪڙي تيزي وٺائيندي پيداواري عمل کي جاري رکيو. برطانيا جي شھر برمنگهم جي ڪارخانن جون چمنيون رات ڏينهن پيداواري عمل جي نتيجي ۾ فضائن ۾ دونهون ڪڍنديون رهيون. امريڪا. جرمني. فرانس. جاپان جا ڪارخانا پڻ صنعتي پيداوار سان گڏ جنگي سامان ۽ هٿياررن جي پيداوار کي وڏي تيزي سان تيار ڪندا رهيا. دنيا ۾ صنعتن جي پيداواري عمل جي تڪڙي واڌ جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو وري امن ۽ جنگ جي توازن کي خراب ڪرڻ جون علامتون ظاهر ٿيڻ لڳيون. مگر اهڙي ماحول ۾ زمين تي رهندڙ مخلوق ۽ زمين توڙي فضا ۽ آسمانن جي فطري ماحول کي ڪيترو ڇيهو پئي رسيو ان جا انگ اکر ۽ جنگ عظيم ٻي جي لڳڻ ۽ ان جي خاتمي کان پوءِ ظاهر ٿيا.
ٻي مهاڀاري دنيا جي وڏن بلاڪن ۾ قائم ٿيندڙ نظامن ۽ ملڪن کي تباه ڪرڻ جي نيتن پٺيان برپا ٿي جنهن کي دنيا جي امن جي توازن کي برقرار رکڻ واري قائم ڪيل ليگ آف نيش به روڪي نه سگهي. جنگ عظيم ٻي ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن هڪ ٻئي کي تباه ڪرڻ لاءِ سائنسي ايجادات ۽ ترقي کان ڪم وٺندي جيڪي انسان ذات، ڌرتي جي گولي ۽ فطرت جي قائم ڪيل فضائي ماحول ۽ اوزون کي پنهنجي نيو ڪليئر هٿيارن سان نقصان پهچايو ان جي ڪري دنيا ۾ وڏين بيمارين جنم وٺڻ شروع ڪيو.
دنيا جهان ۾ اهي بيماريون جيڪي انساني تاريخ ۾ پهريون ڪنهن قدرتي اسباب تحت منهن ڪڍنديون هيون سي هاڻي انسان جي ٺاهيل نظامن جي ٽڪراءِ، ويڙهه، ڪارخانيداري نظام جي پيداواري عمل ۽ سرمائيداري نظام جي هنگامه خيز .حرس ۽ هوس سان ڀريل نظامن جي نتيجي ۾ پکڙجڻ لڳيون. انهي جا اسباب انسان جي انسان جي خلاف ويڙهاند ۽ ساڳئي وقت نظام فطرت سان به هٿ چراند هئي. جنهنڪري ڌرتي جي فطري ماحول ۽ فضا ۾ آلودگي ۽ گدلاڻ ۾ بي انتها واڌ آئي. نتيجي ۾ اوزون حياتياتي چادر کي نقصان پهچڻ جو عمل تيز ٿي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ وري سج جي گرمي جو پد ۽ تپش زمين تي وڌندي پئي وئي ۽ دنيا ۾ ڪليشيئرس جي پگهرڻ جو عمل شروع ٿيو ازنسواءِ دنيا ۾ گهڻي ڪاٺ جي استعمال ڪري ٻيلن ۽ جهنگن جي ڪٽائي شروع ٿي. دنيا ۾ سيمينٽ جي کپت جي واڌاري ڪري سيمينٽ جي ڪارخانن جي تيز ترين پيداوار ۽ بٺين ۽ بٺين کي گرم رکڻ لاءِ ايندهن يعني ٻارڻ ۾ اضافو ٿيندو ويو. ٽڪرين ۽ جبلن جون ڪٽايون شروع ٿيون. ٻيلن جهنگلن ۽ ٽڪرين. جبلن ۽ ٻيلن سان انسان جي هت چراند هن وقت تائين جيڪو نقصان زمين ۽ فضا کي پهچايو آھي سو ٻنهي عظيم جنگن ۾ ٿيندڙ انساني المين کان وڏا الميه دنيا ۾ پيدا ڪري رهيا آھن. جن جا نتائج ڪجهه ظاهر ٿيا آھن ۽ ڪجهه اڃا دنيا آڏو ايندا .
دنيا ۾ ٻي مهاڀاري جنهن پلان تحت لڙي وئي هئي تنهنجي ڪامياب نتائج جيڪي امريڪا. برطانيا. فرانس ۽ روس ۽ جنگ عظيم جي اتحادين کي مليا تنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي ملڪن انهن جي رياستن ۽ نئين سرحدن ۾ وڏي پيماني تي تبديليون آيون ۽ انساني تاريخ ۾ وڏين تباهڪارين جا نه رڳو وڏا داستان لکيا ويا پر فضائي آلودگي ۽ گدلاڻ ۾ حد درجي جو اضافو ٿيو. انهن جنگن ۾ ايٽم جي ٽوڙڻ. بارود جي بي تحاشا استعمال ۽ مختلف حياتياتي هاڃيڪار ڪيميڪلس جي استعمال نين نين بيمارين کي جنم ڏنو. جديد دور ۾ جنهن مان هاڻ اسان گذرئون ٿا تنهن ۾ پهرين ٻن مهاڀارين کان وڌيڪ بارودي ۽ ٻي گدلاڻ وڌائڻ ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جون فيڪٽريون رڌل آھن.
جنگ عظيم ٻئي ۾ امريڪا ۽اتحادين جرمني جي ايڊولوف هٽلر تي انسانن کي اذيت ناڪ موت سان دوچار ڪرڻ جو الزام هڻندي اظھار ڪيو هو ته ھن گيس چيمبرس جو استعمال ڪندي انساني ڪوس ڪيو هو. عراق. ڪويت ۽ سعودي عرب وار کان اڳ ۾ امريڪا ۽ اتحادين عراق تي ڪيميڪل هٿيارن جي تياري جو الزام مڙھيندي عراق مٿان جنگ مسلط ڪري صدام حسين جي اقتدار جو خاتمو آندو . عراق جي صدر صدام حسين پنهنجي اقتدار جي زماني ۾ الزام لڳايو هو ته سندس ملڪ تي ڪورونا بائيولاجيڪل حملا ڪيا ويندا. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته دنيا ۾ هاڻي روايتي جنگيون نٿيون وڙھيون وڃن. ۽ جيڪي به جنگيون وڙھيون وڃن ٿيون انهن جي اسٽرٽيجي دنيا ڀر ۾ تبديل ٿي چڪي آھي. روس جي سوويٽ جي تمام رياستن جو ورهاڱو ڪنهن جنگ عظيم جو نتيجو ڪونهي. امريڪا ۽ اتحادين جي اسٽريٽجي اهڙي ڪارگر ثابت ٿي جو نه روس تي بم ڪيرايا ويا نه ٽينڪن سان روس جي سرحدن مٿان فوجي چڙھايون ٿيون نه وري ايٽم بم وسايا ويا. بس گورباچوف پاڻ ئي سوويٽ رياستن جو خاتمو آڻي نوبل انعام ماڻي خوش ٿي پنهنجي گهر ۾ ويهي رهيو. اها هڪ معاشي جنگ هئي جنهن ۾ روس ڪلاش ۽ خلاص ٿي ويو.
هاڻي دنيا جي سپر پاور رکندڙ طاقتن ۾ جنگ جاري آھي. جيڪا معاشي محاذن تي وڙھندي نظر اچي ٿي. دنيا ڀر ۾ ڪارخانا پيداوري عمل ۾ رڌل آهن جن جي ڪري گذريل اڌ صدي ۾ دنيا ڀر ۾ فضائي آلودگي جا نوان رڪارڊ قائم ٿي چڪا آھن. هن وقت ڌرتي جو پوليشن جي لحاظ کان چڱو ڀلو ماحول خراب ٿي چڪو آھي.
فضائي گدلاڻ سبب اوزون جي چادر کي وڏو نقصان پهچي چڪو آھي جنهن جي نتيجي ۾ سج جو تاب اوج تي پهچي دنيا ڀر جي گليشيئرس کي تڪڙو تڪڙو پگهرائي رهيو آھي. في زمانه موسمن تي وڏا اثرات مرتب ٿي رهيا آھن. ڌرتي تي فصلن جي پيداورا. اپت ۽ پچڻ جي وارن ۾ وڏيون تبديليون رونما ٿي رهيون آھن. سمونڊ، درياءَ، نديون نالا ۽ انهن جا وهڪرا وڏين ڦيرين گهيرين جي ور چڙهيل نظر اچن ٿا. اهي مڙئي تبديليون ارض و سما ۾ ڪهڙن قهرن جو سبب بڻجنديون تنهن جي باري ۾ دنيا ۾ وقت بوقت اڳڪٿيون پيون ٿينديون رهن ٿيون بس رب سائين کي ٻاڏايون ٿا ته ھو دنيا جهان جو خير ڪري.
هن وقت دنيا جنهن نياري. المناڪ ۽ موتمار وائرس ڪورونا 19 سان منهن ڏئي رهي آھي تنهن جي سنگين اثرات کان جاپان کان ڪيناڊا تائين سموري دنيا متاثر آھي. ماڻھون گهرن ۾ نه رڳو محسور و مستور ويٺا آھن بلڪه رت جا رشتا به هڪ ٻئي کان پري پري رھڻ تي مجبور آھن. دنيا جو وڏو الميو ته هي آھي ته جيڪڏهن ڪو انسان ڪورونا وائرس وگهي مري وڃي ٿو ته ان جي لاش کي پنهنجو به ڪو رت جو رشتو هٿ نٿو لاهي. ان حد تائين به خبرون اچن ٿيون ته مسلمان مسلمان کي غسل ڏيڻ کان ڪاثر آھي. جنازو، جنازي نماز يا لاش کي قبر ۾ لاهڻ کان هر ڪو ڪيٻائي ٿو. ايتري قدر جو ڪنهن ڪورونا وگهي مئل کي هر ڪو ڪلهو ڏيڻ کان پاسو ڪري ٿو. اٽلي، ايران ۽ اسپين ۾ اجتمائي مدفن کڏن، خندقن ۽ ٽرنچز ۾ ٿي رهيو آھي.
سڄي دنيا ۾ جيڪا حالت انساني تاريخ ۾ ھن وقت ٿي رهي آھي سا قيامت صغرا واري استعمال ٿيندڙ مثال کان گهڻو مٿي آھي. دنيا جا نام ڪٺيا سپر پاور ملڪ هن وقت ڪورونا 19 جي ور چڙهيل آھن ۽ انهن جا سائنسدان، معاشي ماهرين ۽ تمام مذاهب ۽ انهن جا ڪعبا، قبلا، ڪليسا، مندر ۽ مڙھيون ڪورونا جي المناڪين اڳيان بي وس ۽ لاچار نظر پيا اچن. دنيا ڀر جا ڪارخانا. اسٽاڪ ايڪسچينج. واپاري منڊيون. هوائي اڏا، هوائي سروسون، ريلون، بسون گاڏيون سڀ ٺپ لڳيون پيون آھن هر طرف خاموشي، سڪوت ۽ پوش پوش لڳي پئي آھي . هي ڪورونا وائرس بائيولاجيڪل ويپن آھي يا ناهي. هي ليبارٽين جي پيداوار آھي يا قدرت ۽ فطرت جي ڪنهن متزلزل ٿيل ڪنهن حالت جي پيداوار آھي. يا انسان جيڪا گذريل ٻن صدين ۾ نشاط ثانيا جون لذتون وٺڻ لاءِ ڪارخانداري ۽ سرمائيداري نظام کڙا ڪيا آھن ان جي پاداش ۾ قدرت ۽ فطرت جي ناراضگي جو ڪو تحفو آھي. بهر حال انهن قيامت خيز حالتن تي دليل بازين جا داستان ۽ روئدادون آئيندي زماني ۾ پيون لکبيون. مگر ان وچ ۾ ڪالھه ڪيناڊا ۾ ويٺي هڪ ميڊيا تي خوش خبري ٻڌڻ جو موقعو مليو ته سج ھيٺان آسمانن ۾ اوزون جي چادر جي ٽٽل تارن ۾ قدرتي طور اڻت ٿي رهي آھي ۽ ان جي چڱو في سيڪڙو حصو بهتري ڏانهن گامزن آھي. الله خيرالناصرين و خيرن ماڪرين آھي. رب سائين ڪري اها خبر صحيح هجي ته جيئن اميد ڪري سگهجي ته اسان جي ايندڙ نسلن کي صاف سٺي آڪسيجن. سج جي گهٽ تپش ۽ گليشيئرس جي نه پگهرجڻ واري عمل ڪري ڪو فطري ماحول نصيب ٿئي ۽ مخلوق خدا کي سڪون ملي ۽ دنيا مان ڪورونا جهڙيون مهلڪ بيماريون صفا نابود ٿي وڃن.
**

ڪيناڊا ۾ ڪورونا

هتي ڪيناڊا ۾ اسان وٽ سرڪاري طور رڳو امرجنسي لڳل آھي لاڪ ڊائون ڪونهي البت شعور ايترو آھي جو ماڻھو وزير اعظم جي گهر واري خاتون اول جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ پاڻ اختياري لاڪڊاون ڪيو ويٺا آهن. جيتوڻيڪ هتي موسمن جي مٽ سٽ ٿي آھي روڊن رستن ۽ گهرن گهٽين ۾ جيڪي برف جا ڍڳ جمع ٿيا هئا، سي هاڻي ٻن ٽن ڏينهن جي گرمي پد وڌڻ ڪري ڳري ويا آھن. سردي گهٽي آھي. ماڻھو گهران ٻاهر نڪري پاڻ کي ۽ پنهجي گهر ڀاتين ڪتن کي وائکو ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو آھي. مگر هتي سوشل ڊسٽينسنگ تي وڏي سختي سان عمل ٿي رهيو آهي. سلام ڪلام سڀ ڏھ فٽ پري کان پيو ٿئي. ڪوئي ڪنهن جي اڱڻ تي اچي وڃي ڪونه ٿو. مون به ٻاھر ليو پائي ڏٺو سڀ ڪجهه ساڳوڻو آ... پر پوءِ به ائين پيو لڳي ڄڻ شهر ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو آھي، محل اداس اور گليان سوني چپ چاپ هين ديوارين. دل ڪيا اجڙا دنيا اجڙي. روٺ گئي هين بهارين. هم جيون ڪيسي گذارين، رب ستار ڪري اهو جيڪو سڄي دنيا کي ڪورونا موذي مردود موتمار ڀيانڪر ڪڙو چاڙهيو بيٺو آھي تنهن جون ڪي ٽنگون ڀڄن ۽ اسين به هتان رفو چڪر ٿي وطن وڃي پنهنجي پرين سان ملئون.
**

ڪورونا جا قهر

ڪووڊ -- 19 موذي جي جڏھن شروعات ٿي هئي تڏهن آئون ڪيناڊا ۾ هوس. شروعاتي ڏينهن ۾ چين جي شھر ووهان مان عالمي ميڊيا ذريعي هن قسم جون خبرون پکڙجي رهيون هيون. ته ڪووڊ موذي وائريس جي شديد حملي جي نتيجي ۾ ووهان شھر ۾ زڪام. کنگھ ۽ کنگھ سان گڏ نمونيا جي ڪري، سهنجائي سان ساھ نه کڄڻ ڪري، ماڻھو موت جو شڪار ٿي رهيا آھن. ساڳئي وقت اهڙين المناڪ خبرن سان گڏ هنيانو ڏهڪائيندڙ رپورٽون ميڊيا تي پڻ اچي رهيون هيون ته ووهان شھر ۾ ماڻھو وائرس جي حملي ڪري ساھ جي شديد تڪليف وگهي هلندي هلندي روڊن ۽ رستن تي ڪري کرڙيون هڻي دم ڏين ٿا. ڪووڊ - 19 جون اهڙيون دردناڪ خبرون ٻڌي اسان ميڊيا تي ڏسيل احتياتي تدبيرن تي عمل شروع ڪري ڏنو.
دنيا ۾ ڪووڊ وائرس جي پکڙجڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪارڻ ٽريولنگ کي سمجهيو پئي ويو. مگر شروعات ۾ اڃا دنيا ڀر ۾ ٽريولنگ تي پابنديون ڪونه لڳيون هيون. جڏهن اهي خبرون عام ٿيڻ لڳيون ته جيڪڏهن دنيا جي ملڪن سفري پابنديون نه هيون ته ڪووڊ وائرس جلدي ئي دنيا ۾ پکڙجي ويندو. ڪيناڊا پنهنجي ملڪ کي ان موذي وبا کان محفوظ رکڻ لاءِ ملڪ ۾ امرجنسي جو نفاذ ڪيو. تنهن بعد امريڪا سان لڳندڙ پنهنجي ملڪ جي سرحدن کي سيل ڪري ڇڏيو. فوري طور ٻيو قدم جسٽن ٽروڊو جي حڪومت اهو کنيو جو هن پنهنجا هوائي اڏا جهازن جي اڏام لاءِ بند ڪري ڇڏيا.
موذي وبا ڪووڊ جي پکڙجندڙ ڏينهن ۾ ميڊيا ذريعي انساني اموات جون ڪئين دردناڪ ڪهاڻيون رقم ٿي رهيون هيون. انهن ڪهاڻين مان انڊونيشيا جي هڪ سول اسپتال جي نوجوان ڊاڪٽر علي جي خبر سوشل ميڊيا تي آئي جنهن مونکي هڪ وڏي ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر علي جي دردناڪ ڪهاڻي سوشل ميڊيا ذريعي ان جي گهر جي تصويرن سميت ڏني وئي هئي. ڊاڪٽر علي ٻن هفتن کان لڳاتار پنهنجي اسپتال ۾ ڪووڊ جي مريضن جون زندگيون بچائڻ ۾ مصروف هو ته قضا الاھي جي هو پاڻ به ڪووڊ وائرس جو شڪار ٿي ويو. جڏهن کيس محسوس ٿيو ته هو هاڻي موذي وائرس جي ور چڙھي ويو آھي ۽ هاڻي ڪنهن پر سندس بچڻ مشڪل آھي. ته هن جي دل ۾ هي خواهش جاڳي ته پنهنجي زندگي ۾ آخري ڀيرو پنهنجي پير ڳوري گهر واري ۽ ٻارن کي ڏسي اچي. هو هڪ مڪمل ذميوار ڊاڪٽر هوندي به ائيسوليشن جا سمورا ٻنڌڻ ٽوڙيندي مڪمل سرجيڪل ايس. او. پيز جي حالت ۾ پنهنجي گاڏي تي اسپتال کان نڪري پنهنجي گهر جي چائٺ تي وڃي بيٺو. ڪنبدڙ هٿن سان هن گهر جي ڪال بيل تي هٿ رکيو. جهٽ پلڪ ۾ سندس ڳوهراري گهر واري ۽ ٻار دروازو کولي هن جي سامهون اچي بيٺا. مگر هن سڀني کي پاڻ کان پري رهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پنهنجي چھري تي مسڪان آڻيندي ڪو پهر حسرت ڀري نگاهن سان پنهنجي ٻچڙن ۽ گهرواريءَ کي تڪيندو رهيو. جڏهن سندس من ڪامنا پوري ٿي تڏهن هن هٿ لوڏيندي گهر واري ۽ ٻارن کي الوداع ڪيو. انهن درد ڀريل لمحات جو اندازو ڊاڪٽر علي کان سواءِ دنيا جو ڪو ٻيو انسان محسوس نٿو ڪري سگهي. ڊاڪٽر علي اسپتال ۾ واپس وري ائيسوليشن ۾ هليو ويو جتي هن پنهنجي جان پنهنجي رب جي حوالي ڪئي ۽ جام شھادت نوش ڪيو.
**

صحت صفائي ۽ ڪورونا

هن وقت سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس ماڻھن جي لاءِ موت جي پرواني جيان پيو لامارا هڻي. اسانجي ملڪ جي هڪ ڏاهي وڪيل ان کي ڊيٿ وارنٽ جو نالو ڏنو آھي. ووهان چين جي شھر کان سڄي دنيا ۾ هن وقت ڪورونا وائرس پکڙيو آھي ۽ هاڻي اهو دنيا ۾ هر جاءِ تي موت ورهائيندو پيو وتي. ان بين الاقوامي طور پکڙجندڙ وبا جو ڏهڪاءَ اڻويهين صدي ۾ پکڙجندڙ موتمار بيماري طاعون ۽ ويهين صدي ۾ پکڙجندر ڪالرا جي موذي بيمارين کان وڌيڪ آهي ۽ انهن بيمارين جي ڊيٿ ريٽ کان وڌيڪ ڪورونا جو ڊيٿ ريٽ پيو معلوم ٿئي. البته ڪورونا بلند ترقي جي دور حاضر ۾ دنيا جي ملڪن جي معاشي حالتن ۽ دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽ کي وڏي پيماني تي متاثر ڪرڻ شروع ڪيو آھي ۽ دنيا ۾ نئين دردناڪ ڪهاڻي تحرير ٿي رهي آھي.
هن وقت ڪورونا دنيا جي 128 ملڪن ۾ جيڪا تباهي مچائي آھي تن مان چين، آمريڪا ۽ اٽلي ۾ فوتين جي شرح وڌيڪ آھي. ايران. اسپين ۽ ٻين ملڪن مان پڻ انساني اموات جون خبرون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. شايد آئيندي ۾ ڪورونا جي تباهي جا جيڪا ڀيانڪ انگ اکر ۽ آڪڙا سامهون اچن ته ٿي سگهي ٿو ته اهي تاريخ جي صفحن ۾ پهريون پکڙيل دنيا جي هاڃيڪار بيمارين کان وڌيڪ دکدائڪ ثابت ٿين. خير اهي ڳالهيون پوءِ تاريخ جي ورقن ۾ پيون درج ٿينديون رهنديون.
هن وقت ڪورونا جي ڪري دنيا ڀر ۾ جيڪو تعليم ۽ معيشت جي ميدان ۾ هاڃو پهچي رهيو آھي تنهن کي دنيا جا ملڪ ڪيئن ڀوڳيندا ان جي لاءِ به ڪورونا جي خاتمي کان پوءِ انگ اکر گڏ ٿيندا ۽ خبرون پونديون. اڄ اسان وٽ هتي ڪيناڊا ۾ به امريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي امريڪا ۾ هوائي جهازن جي اڏام بابت لڳايل پابندين پوري يورپ کي قوما ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. جنهنجا ڳوڙها اثرات ڪيناڊا تي پڻ پيا آھن ۽ هتي پڻ ملڪ ۾ خانگي طور جزوي هنگامي حالتون لڳيون پيون آھن. موجوده چوويهن ڪلاڪن جي سماجي ۽ معاشي ابتر حالتن مان ائين پيو محسوس ٿئي.
ڪالهوڪين سنگين حالتن تڏهن هتي دردناڪين کي جنم ڏنو جڏهن ملڪ ۾ هتان جي وزير اعظم مسٽر جسٽن ٽروڊو جي گهر واري تي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ جا نتائج مثبت ثابت ٿيا. خبر پکڙجڻ سان ئي حڪومت جيڪي اقدام کنيا تن سبب ٻارن جا اسڪول ۽ ڊي ڪيئر مرڪز بند ٿي ويا .پبلڪ پليسس تي ۽ عوامي سرڪاري توڙي نجي تقريبات ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪندي محدود تعداد ۾ گڏ ٿيڻ ۽ ميلاپ رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪورونا جي ڏهڪاءَ کان حفاظتي قدم کڻندي برطانيه ۾ بلدياتي انتخابات ملتوي ڪيا ويا آھن. پاڪستان پنهنجيون مغربي سرحدون سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ مڙني صوبن ۾ اسڪول ڪاليج ۽ مدرسن ۾ تعليمي عمل کي معطل ڪيو ويو آھي. هتي به ڪورونا جي پيدا ڪيل حالتن هيٺ ماڻهن پنهجي بين الاقوامي سير سفر کي محدود ڪندي پنهنجي هوائي سفر جون ٽڪيٽون واپس ۽ منسوخ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آھن ۽ بين الاقوامي اڏامون خالي پيون پرواز ڀرن. ازانسواءِ ريلون، بسون ۽ ٽرامون پڻ خالي خالي هلڻ ڪري ملڪ جي ٽرانسپورٽ وڏي خساري ڏانهن پئي وڃي. سماجي حالتن جي دگرگون ٿيڻ ڪري معاشيات زبون حالي ڏانهن تيزي سان وڃي رهي آھي. شڪر آھي دعا جا دروازا اڃا کليل آھن. ڌڻي در دعا آھي ته ھو جهان جي مڙني ملڪن ۾ ان موذي وبا جو جلد از جلد مڪمل خاتمو آڻي، خاص ڪري اسانجي ماروئڙن جي ملڪ کي تمام زميني ۽ آسماني بليات و آفات کان محفوظ رکي.
ٻه ڏينهن اڳ اسانجي ٻارن جي ڪم ڪرڻ جون آفيسن، دفترن ۽ ڪم ڪرڻ جي مرڪزن تي موڪل هئي جييتوڻيڪ وزير اعظم جي ائيسوليشن ۾ هليو وڃڻ جي خبرن جا هاواڻا هلي رهيا هئا پر تنهن هوندي به اڃا هتان جي زندگي ڪورونا کان بچاءَ لاءِ حفاظتي اقدام تحت معمول مطابق روان دوان هئي اسان به موڪل جو مزو وٺڻ لاءِ پنهنجي شهر کان ٻاهر لانگ ڊرائيو تي ٽورنٽو شھر ڏانهن نڪري ويا سين.
ٻارن جي تفريح کي هتي والدين تمام گهڻي اهميت ڏيندا آھن. اڪثر ماڻھون پنهنجن ٻارن کي. سير تفريح لاءِ ڍنڍن ۽ جهيلن جي ڪنارن. سويمنگ پولن ۽ ٻين تفريحي جاين تي وٺي ويندا آھن جتي ٻارن جي سٺي ڪثرت ۽ ذھني نشونما جي حوالي سان اعلا درجي جا انتظامات ۽ مواقع موجود هوندا آھن. ٽورنٽو شھر لڳ چڪي چيز راندين ۽ ذھني آزمائشن جي مرڪز ۾ اسان به پنهنجي ٻارن سميت تفريح جي نيت سان وڃي نڪتاسين. هن مرڪز يا جنهن کي ٻارن جو ڪلب به چئون ۾ 2017 واري ڪيناڊا جي ٽرپ ۾ مون جيڪا پيھ ڏٺي هئي اڄ ان جي مقابلي ۾ هڪ سيڪڙو به رش ڪانه هئي. اهو سڀ ڪجهه ڪورونا جي ڏهڪا جي ڪري هو. پر آفرين آھي ويسٽ جي ملڪن جي هنن ادارن کي جن ماڻھن کي وبا جي بچاءَ کان وڏا حفاظتي قدم کڻندي مرڪز جي انيڪ جاين تي ائين کڻي چئجي ته چپي چپي تي هينڊ واش ۽ سينٽائيزر لوشن جو بندوبست ڪري رکيو هو.
ٻار ڪابه هڪ راند پوري ڪري پنهجا هٿ سينٽائيز ڪري پوءِ ڪنهن ٻي رائڊ يا راند ۾ هٿ وجهن پيا. هن تفريحي مرڪز جي رسٽورينٽ ۾ ڪافي، جوس، آئسڪريم، چاڪليٽ ڊرنڪس، برگرس برائونيز ۽ ڪيڪ پيسٽريون وغيره نه رڳو حفظان صحت جي اصولن کي مد نظر رکي تيار ڪيا وڃن ٿا پر انهن جو چيڪ ۽ بيلينس جو نظام پڻ سخت ترين آھي. علاوه ازين شين جي پيشڪش پڻ معياري آھي ۽ کاڌي پيتي جي شين کي آڻڻ نيڻ جي استعمال ۾ پڻ ڊسپوزل ٿانو ڪتب آندا وڃن پيا، راندين جي مرڪز ۾ واش رومن کي ريسٽ روم سڏجي پيو. جنهن ۾ فائو اسٽار ۽ سيون اسٽار هوٽلن جي معيار جا واش بيسن. ٽائليٽ بوال، ٽائلٽ پيپر رکيل هئا ۽ ان ۾ ٻارن جا ڊائپر وغيره مٽائڻ جي لاءِ ديوار ۾ کتل ڊيسڪس لڳل آھن جيئن ٻارن کي آرام سان ڌوئي صاف سٿرو ڪري سگهجي. ريسٽ روم ۾ ٻارن جي لاءِ جداگانه ٻارن جي سائز جا واش بيسن لڳل هوندا آھن ۽ هٿن ڌوئڻ جا لڪئڊس. نيپڪنس ۽ هٿن کي سڪائڻ لاءِ گرم هوا ڏيڻ واريون مشينون لڳل آھن. علاوه ازين سينيٽائيزرس پڻ رکيل آھن.
اسان پنهنجي ٻارن لاءِ پنهنجي گهران اسپيشل قسم جو سينيٽائيزر کڻي ويا هئاسين ڇاڪاڻ جو منهنجو پٽ ۽ منهنجي ننهن هتي هيلٿ ڪيئر جي شعبي سان منسلڪ آھن تنهنڪري هيلٿ ڪيئر جي معاملي ۾ سختي سان عمل پيرا رهن ٿا.
**

پٿرن مان پيار جون صدائون

اسان پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ دنيا جي مهاڀارين ۽ موتمار وبائن جي علامتن ۽ عذابن جو مطالعو ڪندي ڏک جي احساسن ۾ ٻڏي ويندا هئاسين. وڏي ڏک سان چوڻو پئي ٿو ته في زمانه اسان هڪ وچڙندڙ قاتل وبا جي منهن ۾ اچي ويا آهيون جنهن جي علامتن ۽ عذابن جي ڪهاڻين ۽ قصن جو مطالو اسان جا ايندڙ نسل ڪندا ۽ اسان ان مطالعو جو هڪ حصو هونداسين.
ڪووڊ 19 جي درد پنهنجي گهيري ۾ وٺي سڄي دنيا کي تاراج ڪيو آهي. هن وقت سڄي انسان ذات ڪورونا وبا جي هاڃيڪارين جي نتيجن اڳيان مڪمل طور تي لاچار ۽ بي وس نظر اچي ٿي. هن کان اڳ پڻ انساني جان ۽ مال جي تباهڪارين جا وڏا داستان انسانن جي وچ ۾ لڳل جنگين ۽ قهر ٿي مٿان ٽٽندڙ وبائن جي صورت ۾ انساني تاريخ جي هڪ درناڪ تاريخ رقم ٿي چڪا آھن. ڏسجي ٿو ته اهڙين هاڃيڪارين جي اگرن نتيجن سان انساني سماجي تاريخ جو ادب ڀريو پيو آھي. دنيا ۾ يونانين. رومين ۽ چنگيزين جون انسانن جي مٿان ڪوپ جي هزارين درد ڀرين ڪهاڻين جي ڪتابن سان دنيا ڀر جون لائبريريون ڀريون پيون آھن جن جو مطالعو انسان کي رت جي ڳوڙھن هارڻ تي مجبور ڪري وجهندو آھي.
ويهين صدي ۾ جڏهن انسان پنهنجي سماجي ارتقا ۽ سائنسي تاريخ ۾ غيرمعمولي ترقي ڪري چڪو هو تڏهن هن جي حرص و هوس ۽ غلط سوچ جي بنياد تي ٿيندڙ فيصلن جي بنياد تي ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ پهرين عظيم جنگ لڳي. ان جنگ جي بدترين تباهڪارين جي حوالي سان دنيا نئين ڏک سان نئين دور ۾ داخل ٿي. هن دور جي جنگ جي دکدائڪ نتيجن کان دنيا جو هڪ وڏو حصو متاثر ٿيو هو ۽ انهن اسبابن انساني تاريخ جي دردناڪين واري گهڻ رخي ادب کي نپجڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ان زماني جو ادب پڙھي ڏسبو ته اسانکي ڪئين ڪهاڻيون ۽ هزارين داستان بارود جي ڪارهن ۽ انساني رت سان تحرير ٿيل دنيائي ادب جي تاريخ جو حصو بڻيل ڏسڻ ۾ ايندا.
پهرين مهاڀاري جا درناڪ قصا اڃا پورائي ڪونه ٿيا هئا ته 1918۾ هڪ اسپينش سوائن فلو جي نالي سان يورپ ۾ جنگ کان واپس ورندڙ فوجين جي بيرڪن مان منهن ڪڍيو جنهن ۾ اٽڪل ڇھ لک پنجهتر هزارن کان مٿي انساني جانيون درناڪ عذاب ۾ مبتلا ٿي پنهنجي انت کي پهتيون. هي فوتگيون جنگ عظيم پهرين جي فوتگين کان الڳ شمار ٿيل آهن. اهڙي طرح انساني تاريح ۾ هڪ وڏي الميي جنم ورتو جنهن ويهين صدي جي شروعات ۾ انساني تاريخ کي خون آشوب ڪري ڇڏيو.
پهرين مهاڀاري ۽ اسپينش فلو دنيا ۾ انساني درد. دردن جي احساسن ۽ انساني روين تي ٻڌل ادب جي هڪ وڏي انگ کي جنم ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ دنيا ۾ ناول نگاري ۽ شارٽ اسٽوريءَ ڪئين نوان رخ اختيار ڪيا ۽ انهن جي بنياد تي دنيا ۾ اڻ ڳڻيون ادبي تحقيقي ۽ سائنسي بنيادن تي ڊاڪيومينٽريون ٺھيون ۽ فلم پراڊڪشن پڻ لڳاتار نون لاڙن سان دنيا جي ادب کي متاثر ڪيو. اسپينش فلو جي وبا کان پوءِ ايڪويهين صدي جي شروعات فبروري 2003 جي پهرين ٻن ڏهاڪن ۾ صدرن چائنا مان انساني زندگي جي خلاف سوائن فلو ڊيٿ وارنٽ کڻي هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور کان منهن ڪڍي هوائي رستن جي ذريعي دنيا ۾ پکڙجڻ لڳو. تنهن کان پوءِ جلدئي اها وبا جي شڪل اختيار ڪندي انسان جي مٿان موت جي سايي وانگر لامارا ڏيندي رهي. جنهن کي سارس جو نالو ڏنو ويو. ان مرض جي تيزي سان پکڙجڻ جي ڪري ڪيترا ماڻھو. هيلٿ ورڪر ۽ علاج ۾ مصروف ڊاڪٽر موت جي منهن ۾ هليا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن ويانا مرڪز ۾ ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ سارس وبا جي هاڃيڪارين جي ڏهڪاءَ هڪ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. دنيا ڀر ۾ سارس وگهي مرندڙن ۽ امراض ۾ مبتلا ٿيندڙ افراد تي ميڊيڪل دنيا ۾ تفتيش ۽ تحقيق تي ڊاڪيومينٽريون ٺھيون. ظاهر آھي ته سارس الميي جي حملي ۾ جيڪي فوتگيون ٿيون ان جي افسوسناڪين تي ڪيترا ادب پاره تخليق ٿيا هوندا. ان زماني جون جيڪي تفتيشي ۽ تحقيقي فلم ۽ ڊاڪيومينٽريون ٺهيون تن جو مطالعو ڪجي ٿو ته ان ۾ انسان ذات جو وڏو ڏک ۽ درد نظر اچي ٿو.
هن سال فبروري جي شروع وارن ڏينهن ۾ آئون صبح جو سوير ستين بجي برفيلي ٽورنٽو ۾ ٽرام جون پٽڙيون ڪراس ڪندي اميگريشن بورڊ ڪيناڊا جي دفتر ۾ داخل ٿي بورڊ جي ويٽنگ هال ۾ دفتري ڪم ڪار جي شروع ٿيڻ جو انتظار ڪندي پنهنجو سوٽ ڪيس ڪارنر ڊيبل تي رکيو ۽ اوور ڪوٽ لاهي قريب هينگر ۾ ٽنگي ڪرسي تي ويهندي کٻي ۽ سڄي پاسي ويٺل ماڻھن جي چھرن ڏانهن ڏٺو ته ماڻھن جي چھرن تي مايوسي جا آثار نمايان نظر آيا.
مون ھيٽ لاهي ڀرسان پيل خالي ڪرسي تي رکي ڪمري ۾ هلندڙ ٽي وي جي خبرن ۽ پٽي تي جاري هيڊ لائن تي نظر وڌي ته معلوم ٿيو ته چائنا جي شھر ووهان ۾ انفليوئنزا جي شديد مرض جي وائرس ڪورونا نالي سبب فوتگيون ٿي رهيون آھن ۽ هي هڪ وچڙندڙ مرض آھي. جيڪڏهن ان جي ڦھلاءَ کي روڪڻ ۾ ترت ۽ ڪارائتا اپاءَ نه ورتا ويندا ته دنيا وڏي ڏک سان دوچار ٿي سگهي ٿي. مارچ اپريل جي مهيني جي پهچڻ تائين چائنا، اٽلي، برطانيه، امريڪا، اسپين، ايران پاڪستان مطلب ته ايشيا، يورپ امريڪا ۽ آسٽريليا ڪم و بيش دنيا جي سموري آبادي ڪورونا وائرس وبا جي ور چڙھي وئي، جنهن دنيا جي تمام وڏين طاقتن جن ۾ جي سيون ملڪ شامل آھن جيڪي دنيا تي پنهنجو آرڊر هلائڻ جي پوزيشن ۾ هما وقت ڪم ڪري دنيا جي وڻج واپار ۽ معشيت کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکن ٿا. مگر ڪورونا جي ڀيانڪ نتيجن هن وقت انهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ به لرزش طاري ڪري ڇڏي آھي. اسان جهڙن ملڪن جي سرواڻن جي هٿن ۾ هن وقت ڪشتو جهليل آھي. سڄي دنيا جي اڪانامي جو گراف تڪڙو تڪڙو هيٺ جهڪي رهيو آهي، ۽ ڪورونا وگهي مرندڙن جو انگ ٻن لکن ڏانهن گامزن آھي. دنيا جي تباهڪارين ۽ انساني اموات جون نيون تاريخون رقم ٿي رهيون آھن. اهڙو ڪو موضوع. اهڙو ڪو شعبو ۽ اهڙو ڪو ڪم ڪار جنهن ۾ يڪثر تبديليون نه آيون هجن سو سوچ جي دائري کان ٻاهر نظر ٿو اچي.
هتي ويسٽ ۾ رهندي اسانکي گهڻو ڪجھ تڪڙو تڪڙو تبديل ٿيندي نظر اچي ٿو منهنجي نظر ۾ جيئن دنيا جي بين الاقوامي تاريخ نون اثرات جي ڪري نون موضوعات سان گڏ اقتصادي ۽ سماجي معاملن ۾ ردوبدل جو شڪار ٿيندي نظر اچي ٿي تيئن زندگي جا انيڪ شعبا ۽ ادارا . طرز زندگي ۽ هر قسم جو گذر سفر ۽ دردن جي داستانن جا موضوع نوان پاسا وٺن ٿا. ڏسجي ائين ٿو ته هر ملڪ سان گڏ دنيا جي علم-ادب جي کيتر ۾ پڻ جداگانه فڪري ۽ نظرياتي راهون کلنديون پيون وڃن ۽ ان سان گڏ بين الاقوامي طور دنيا تڪڙو تبديلين سان دوچار ٿيندي پئي وڃي.
ڪيناڊا ۾ اڃا سرد هوانن جو راڄ قائم آھي صبح جو پهر گذاري سج جي روشني ۽ تڙڪي جو سهارو وٺندي ڪالھ گهر اڳيان سر سبز پڪرنگ گهاٽي جي گالف گرائونڊ جي چوڌاري فٽ پاٿ جو سير ڪرڻ نڪتس ته پندرهن فٽن جي فاصلي تي لڳل وڻن جي پاڙن جي مٿاڇري تي رکيل رنگين پٿرن جي ننڍن ٽڪرن تي گهر کان ويندي هر طرف ۽ هر پاسي ۽ ماڻهن جي گهرن اڳيان تحرير ٿيل ادب پاره ڏٺم، جن تي انساني روين جي هڪ نئين تاريخ رقم ٿيل نظر آئي. ڪلاڪ کن جي واڪ ۾ ڪتاب جي ٽن چئن ورقن جيترو محبت، همت، انساني همدردي. صبر و تحمل. انساني سڀاءَ ۽ جيئڻ جي اميد جو لٽريچر پڙهي ورتم. مونکي ڪالھ سير سفر کان موٽندي ائين محسوس ٿيو ڄڻ پٿر مونسان ڳالهائي رهيا هئا ۽ پڻ ائين لڳو ته واڪ ڪندي مون انساني جذبات ۽ احساسات ۽ پيار جي هڪ نئين قسم جي ادب جون ڪجھ نڪور ڪهاڻيون پڙھي ورتون آھن. هي پهريون ڀيرو هو جو مون پٿرن ۾ انساني پيار جي واشگاف خوشبو محسوس ڪئي.

روپ ٻھروپ

ٽورنٽو جي مضافاتي علاقي ۾ خاص ڪري اسانجي گهر ڀرسان گيريزن ڪراسنگ روڊ کان فرلانگ ڏيڍ اتر پاسي ريل گاڏي پنهنجي ٽريڪ تان روزانو ٻه ڀيرا کن گذرندي آھي. جڏهن رات جي پهر ۾ سيٽي وڄائيندي اتان لنگهندي آھي ته مونکي پنهنجي گذريل زندگي جون ڪيتريون نه وسرندڙ يادگيريون ذھن تي تري اينديون آھن. مگر هاڻي هن دور جي ريل گاڏين ۽ ستر پنجهتر سال اڳ واريون ريل گاڏين جي رنگ، روپ توڙي ڏاھ ٺاھ ۾ وڏيون ڦيريون گهيريون اچي ويون آھن. اهڙي طرح انساني سماج ۽ حضرت انسان جي روش. روين. عادتن ۽ روپ ٻهروپ پڻ ڪئين نوان رنگ اختيار ڪيا آھن.
مارچ اپريل وارن مهينن ۾ ڪيناڊا ۾ برفيلي هوائن جو زور ٽٽي چڪو هو. خوشي جي ڳالھ ته منهنجي لاءِ اوور ڪوٽ ۽ برفاني جوتن بنا گهر کان ٻاهر نڪري هيڏي هوڏي گهمڻ تان پابندي به ختم ٿي چڪي هئي. اهڙي سمي مون سوچيو ته پاڙي مان گذرندڙ ريلوي ٽريڪ جو نظارو ڪري ٽريڪ تي وڏيون ٻرانگهون ڀري هلڻ واريون ننڍھي هوندي واريون سڪون لاهي اچان.
صبح جو ٻارهين بجي مان گيريزن ڪراسنگ روڊ لتاڙي مين براق روڊ تي آيس. بائي پاس سرجري کان پوءِ منهنجي هلڻ چلڻ جي رفتار تمام گهٽ ٿي چڪي آھي تنهنڪري پندرهن منٽن وارو پنڌ مون اڌ ڪلاڪ ۾ طئي ڪيو. روڊ تي بيهي ريلوي ٽريڪ جي پل جي آخري ڇيڙي ڏانهن نگاه کڻي نهاريم ته مونکي اهو مفاصلو پنجويھ ٽيھ فٽن جو پئي لڳو. مٿي ٽريڪ تائين وڃڻ لاءِ سمورو رستو ذري گهٽ عمودي ۽ چاڙھائون هو. ٻي ڳالھ ته اھو سمورو جو سمورو ڇٻر جهڙي سائي گاه سان ڍڪيل هو. پنهنجي شوق پوري ڪرڻ لاءِ منھنجي اڳيان اهو واحد رستو هو جنهن تان لنگهي مٿي ريلوي لائن تي پهچڻ ممڪن هو. سو مون پنهنجي پاڪستاني روش موجب بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي ڪيناڊا جي قائدن جي لتاڙ ڪندي وڃي گاه ۾ پير وڌا ۽ مٿي چاڙھي تي آھستي آھستي چڙھڻ شروع ڪيو. ٿورو مٿي وڃي مونکي احساس ٿيو ته رستي ۾ وڇايل هي گاه گاه ناهي پر چار پنج فٽ ڊگهن ٻوٽن جا سرن جهڙا پن آھن جيڪي برفاني طوفانن جي دٻاءَ تي زمين سان ڳتيا بيٺا آهن. پر ڇاڪاڻ ته انوقت موسم جون هوائون ۽ اس جو تاءَ انهن کي اڊيڙي ۽ اڦاري ڪجھ وائکو ڪري چڪو هو تنهنڪري اتان لنگهڻ منهنجي لاءِ ڪجھ سنهنجهو ٿي پيو. جڏهن ريلوي ٽريڪ تي پهچڻ لاءِ اڌ پنڌ باقي بچيو ته مونکي اچي ڊپ ورايو ته هنن سرن هيٺان ڪي هتان جون نانگ بلائون. وڇون يا ڪي اهڙا ٻيا جيت جڻا نه لڪل هجن جن تي پير پوڻ ڪري ڪو درد ڀريو معاملو کڙو ٿي پوي. ڊڄندي. ڊڄندي ۽ احتياط ڪندي آئون مڙئي وڃي پار پيس.
ريل جي پٽڙين تي پهچي چئو طرف نگاه ڦيرايم ته اتر اوڀر پاسي هڪ ٻي منقطع ٿيل ريل جي پٽڙي نظر آئي جنهن تي پراڻي زماني جا بيڪار مال گاڏا بيٺل هئا. مگر ماحول جي ارد گرد ۽ دور نگاه تائين فطرت جا عجيب نظارا نظرن کي کيرو ڪري رهيا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پڪرنگ وادي جو هي علاقو پنهنجي ٻيلن جي ساوڪ ۽ گالف ڪلب جي خوبصورت باغن ۽ ساوڪ ڀري ميدانن جي ڪري نهايت حسين ۽ نيڻ ٺار لڳندو آھي. منهنجي خيال ۾ پاڙي وارو هي ريل روڊ رڳو بحري اڏن ۽ گودامن ڏانهن مال پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آھي. هتان جي واپار جي حجم جي مونکي ان مان خبر پوندي آھي ته ھن ٽريڪ تي ٻن ٻن سون گاڏن کي ڌڪڻ واريون ٻه طاقتور انجڻيون لڳنديون آھن جيڪي ڪيناڊا جي پنهنجي پيداوار آھن. ۽ مال گاڏا به اسان وارين بوگين کان ٻيڻا ٻٽا آھن.
جنهن سمي مون ريل جون پٽڙيون ٽپي پراڻي ٽريڪ تي بيٺل مال گاڏن جي ڀرسان پهتم ته منھنجي چر پر کي محوس ڪندي هڪ گوري نسل جو ماڻھو مال گاڏي جي دروازي کان ٻاهر منهن ڪڍندي. پنهنجو هٿ لوڏي مسڪرائندي منهنجي آجيان ڪئي. مون به ساڻس هيلو هاءِ ۽ گڊ ڊي جي ڪلمات سان مسڪرائيندي جواب ڏنو. ساڳئي وقت ان مال گاڏي مان مونکي ٻئي همراه جي چر پر پڻ نظر آئي گاڏي جي دروازي جي ڀرسان وڃي اندر ليو پائي ڏٺم ته ان گاڏي ۾ چار ماڻھون کن رهائش پذير هئا. سندن آجيان ۽ آڇ تي مان مال گاڏي جي دٻي ۾ اندر هليو ويس. اندر گاڏي جي هڪ پاسي ڏٺم ته هڪ همراه گاڏي جي ڀتين تي ويٺو تصويرڪشي ڪري. هن جي مونتي نظر پئي ته هن ڪجھ سيڪنڊ لاءِ برش کي روڪي پنهنجي لبن تي مسڪان آڻيندي منهنجي کيڪربازي ڪئي. پينٽر کان ڇهن ستن فٽن جي فاصلي تي هڪ همراه ڪتاب ۾ منهن وجهيو ويٺو هو. کيس منهنجي اچڻ جي کڻڪ پئي ته ان به ڪتاب منهن تان پري ڪندي پياري انداز سان چيو. ”مولا تنهنجو ڏينهن خوشگوار ڪري.“
مون گاڏي جي اندرين حالت ۽ ان ۾ رهائش پذير ماڻھن جي افعالن کي ڏسي اندازو لڳايو ته هي ڪي فقير منش ماڻھو آھن ۽ اهوئي هنن بي گهر ماڻھن جو ٺڪاڻو آھي. مال گاڏي ۾ جيتوڻيڪ هر طرف کاڌي پيتي جا پيڪٽ. کير ۽ جوس وغيره جا دٻا جا بجا پکڙيل پيا هئا مگر اندر سٿرائي جو وڏو فقدان هو تنهنڪري ماحول ۾ عجيب بدبو ڦھليل هئي ۽ تقريبن ان ماحول ۾ منهنجو ويهڻ ته ڇا پر بيهڻ به محال هئو. پوءِ گاڏي جي دروازي ڀرسان هوا جي رخ تي بيهندي ٻٽي ڀرپور ساه کڻندي مون پاسي واري همراه کان پڇيو....... ”ڇو ڀلا زندگي گذارڻ لاءِ هي سهڻو آستانو منتخب ڪيو اٿو؟“ همراه خوش دلي سان وراڻيو. ...... ”دوست هي اسانجي هابي آھي.“ مون اچرج ڀري انداز ۾ کائنس پڇيو، ”هيڙن فقيراڻن حالن ۾ رهڻ توهانجي هابي آھي؟“ بي ڌڙڪ ٿي هن وراڻيو . ”جي سڄڻ هي اسانجي هابي آھي.“ مون کانس هڪ ٻيو سوال ڪيو. ”هي ويرانو. نه سواري نڪا شئي شڪل ۽ نه ڪو وري وندر جو سامان؟“ منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ هن مونکي گاڏي جي فرش تي وڇايل سوڙ تي ويهڻ لاءِ آڇ ڪئي. پر ڇاڪاڻ ته مان اهڙي ڪرڀائتي ماحول ۾ ويهڻ جو ڪنهن پر به عادي ڪونه ھوس تنهنڪري مون کيس هٿ جوڙ ڪندي چيو ”پليز توهان جواب ڏيو مان بيهڻ جو عادي آھيان.“ منهنجي سامهون واري همراه پنهنجي منهن تي مسڪراهٽ آڻيندي. سامهون پيل ڪتابن جي ڍڳ ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”هي جيڪي ڪتاب ڏسين ٿو.“ مون وراڻيو ”جي.“ ”اهي اسانکي ٻن مهينن اندر پڙھي پورا ڪرڻا آھن.“ مون وچ ۾ دخل ڏيندي چيو، ”توهان سڀني کي؟“ ”جي مگر هن پيٽر کي نه.“ ٿورو رڪي هن ٻڌائڻ شروع ڪيو. ”ان پيٽر صاحب کي تصوير ڪشي جو جنون آھي. ان لاءِ کائڻ پچائڻ جو ڪم هو دلبر دوست مسٽر لوئس ڪندو آھي.“ مون مسٽر لوئس ڏانهن ڏٺو جنهن پنهنجي مان ۾ پنهنجي رفيق کان سهڻا لفظ ٻڌندي مسڪرائندي مونکي ويلڪم ڪيو. مون پنهنجي مخاطب دوست کي پنهنجو تعارف ڪرائيندي سندس نالو معلوم ڪيو جنهن پنهنجو نالو. وليم ٻڌايو. مون مسٽر وليم کان معلوم ڪندي سوال ڪيو. ”هي کاڌي پيتي جون شيون توهان کي ڪير پيو سپلاءِ ڪري.“ هن مال گاڏي جي هڪ پاسي ڪٺي ٿيل ڪارٽن ۽ بيگس ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”اهو اسانجي هابي جي مهم جوئي جو سمورو سامان آھي جنهن کي اسان گڏجي آڻيندا ۽ استعمال ڪندا آھيون. مون مال گاڏي کان ٿورو منهن ٻاهر ڪڍي ٻٽي ڳوڙھا ساه کڻندي مسٽر وليم کي چيو. ”اوهان فرمايو ته هابي جي مهم جوئي؟“ جي دوست مان سمجهان ٿو تون پر ڏيهي آھين تنهنڪري توکي آشنا ٿو ڪريان ته اسان سڀئي هڪ قسم جا مهم جو آهيون. مون مسٽر وليم کي چيو. ”مطلب توهان هتي مهم جوئي ۾ مصروف آھيو؟“ هن وراڻيو ”جي مسٽر سومرو. مون وليم کان هڪ ٻيو سوال پڇيو“ انجو مطلب ته توهانجو سماجي اسٽيٽس ڪو ٻيو آهي؟ ..... هن وراڻيو. ”جي سماجي اسٽيٽس اسانجو ٻيو آھي پر هي جيڪو توکي ڏسڻ ۾ اچي ٿو اها اسانجي پنهنجي اصلي زندگي آھي. جنهن کي سماج ۾ رهي اسان گذاري نٿا سگهئون.“ مون وڏي اچرج ۾ ايندي وليم کي چيو. ”معاف ڪجاء مسٽر وليم هي ته غير شاسته ۽ ڪرڀائتي زندگي جو هڪ ڀيانڪ پاسو آھي“ جي مسٽر سومرو بلڪل ائين آھي. ٿورو ترسي ٿڌو ساه ڀريندي پنهنجي اکين کي ٻٽي ڇينڀا ڏيندي وليم وري پنهنجو قصو اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو. دوست ڏھ مهينا اسان پنهنجي زندگي جا سماج کي ڏيندا آھيون. بس اسانجي لاءِ ايترو کوڙ آھي وڌيڪ نه.“
هڪ ٻيو همراه جيڪو ليٽندي ليٽندي اسانجا مڪالمات ٻڌي رهيو هو سو پنهنجي جسم تان گنجي لاھندي اسانجي سامهون اچي بيٺو. مون سندس جسم تي نظر ڦيرائي ڏٺو. همراه جو جسم جو نسلي رنگ ته چڱو چوکو ڳاڙهو هو مگر سندس ڏورا ۽ جسم جا اڳيان پويان حصا ٽيٽو ڪيل هئا. مسٽر وليم سندس تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته ”هي مسٽر فلپ آھي.“
اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي نهاريندي مسڪرايوسين. فلپ ويلڪم ڪندي ٻڌايو ته، ”مسٽر سومرو اسانجي آستاني تي ڀلي ڪري آيا. پر توهان هتي اچي ڪو چڱو ڪم ناهي ڪيو.“ مون فلپ کان معلوم ڪيو، ”سو ڪيئن“. هن چيو ”هي ريلوي ٽريڪ سرڪاري آھي تنهنڪري براق روڊ کان مٿي اچڻ ئي ڪنهن ماڻھو جي لاءِ هڪ هاڃيڪار فعل سمجهيو ٿو وڃي.“ مون وٽ ڪو قانوني جواز ته ڪونه ھو مگر پوءِ به مون فلپ کي جواب ڏيندي چيو. ”ٻاروتڻ کان چاڙھيون چڙھڻ ۽ ميلن جا ميل ريل جي پٽڙين ۽ ريل جي گاڏن ۾ لهڻ چڙھڻ منهنجي ننڍي هوندي کان هابي رهي آھي. تنهنڪري ته ھن ڪراڙپ ۽ انجائنا جي مريض ھجڻ باوجود به ريلوي لائينن جو درشن ڪرڻ لاءِ مٿي چڙھي آيو آھيان.“ مسٽر فلپ کان سوال ڪندي مون پڇيو. ”اوهان ٻڌائڻ پسند ڪندا ته توهان هن سرڪاري ريلوي لائن ۽ هنن مال گاڏن کي پنهنجي ذاتي مقصد لاءِ استعمال پيا ڪريو.سو ڪهڙي قانوني دائري موجب هوندو؟“ فلپ جواب ڏيندي چيو، ”هو جيڪو ڪتاب پڙھندي ماڻھو ڏسين ٿو سو مسٽر جو آھي. هن ٿورو رڪي وري چيو“ اهو جي چاهي ته فورڊ جي سموري ڪمپني بيٺي بيٺي خريد ڪري. هي مال گاڏا ۽ هي پراڻا ٽريڪ ان پٽي تي حاصل ڪيا آھن.. اهڙي قسم جا بم گولا ڇٽندا ڏسي مسٽر وليم کي الوداع ڪندي مان مال گاڏي جي ڏنڊن ۾ هٿ وجهي هيٺ کسڪي جان ڇڏائي. سڏ پنڌ اوڀر پاسي گالف ڪلب ڏانهن ويندي ويندي منهنجي نظر هڪ افريڪي ڄاول نسل جي مائي تي پئي جيڪا ريلوي لائن جي لڳ ٻيلي جي وڻن جي وٽ ۾ اڏيل هڪ ڪاٺ جي هٽ ۾ داخل ٿي.
آئون ريلوي ٽريڪ تان بيهي جيئن هن جي هٽ کي تڪي رهيو هوس ته مون جهوپڙي مان ان عورت ۽ هڪ مرد کي ٻاهر ايندي ڏٺو. بنا ڪنهن تڪلف جي هنن دعا جي سهڻن لفظن سان منهنجي آجيان ڪئي. مون کين پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ تعارف ڪرايو. ٻنهي پنهنجي نالو وغيره ٻڌائيندي پنهنجي هٽ ۾ ٻه گهڙيون گهارڻ جي آڇ ڪئي. مون دل ۾ خيال ڪيو ته هي به گيدڙي هوندا ۽ منهنجو هنن وٽ ترسڻ ڪنهن مشڪل ۾ مبتلا نه ڪري وجهي. مگر هن جوڙي جي چھري تي هڪ پر ڪشش ۽ خلوص ڀري مسڪراهٽ ڏسي مان هنن سان گڏجي سندن هٽ ۾ ويس. اندر وڃي ڇا ڏسان ته خوشبو سان گهر ٻهڪي پيو. گهر ۾ هلڪو ڦلڪو فرنيچر موجود هو ۽ گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ پڻ صاف سٿري پئي لڳي. گهر جي خاتون هڪ ننڍي فرج مان ٽن پيڪ سيون اپ آڻي منهنجي هٿ ۾ ڏني. مونکي اڃ به لڳي هئي. سندس مهر مڃندي مون اڌ سيون اپ خالي ڪري ڇڏي. جهٽ پلڪ جي خاموشي کي ٽوڙندي سامهون ويٺل جوان جنهن پنهنجو نالو ميٿيو ٻڌايو تنهن ٻڌايو ته. ”توهان کي مون مال گاڏي جي دٻي ۾ ويندي ڏٺو هو.“ مون کيس وراڻيو جي اهو ”هڪ اتفاق هو.“ ٿورو رڪي مون ميٿيو ۽ سندس ساٿي کان معلوم ڪيم ته توهانجي پرسنلٽي جي باري مان فڪرمند آھيان. ميٿيو چيو اهو وري ڪيئن؟ مون کين ٻڌايو ته هتي ڪي ماڻھون پنهنجي زندگي سماج جي ڌاري کان جدا رهي پيا ٿا گذارين. اوهين جيڪي نظر اچو ٿا سي ئي آھيو يا ڪنهن ٻھروپ جو ڪو روپ آھيو. مرينا وراڻيو نه اسان جو هي سچو پچو روپ آھي.
ميٿيو منهنجو بواء فرينڊ آھي. هن وڌيڪ مخاطب ٿيندي ٻڌايو ته. ”هو جيڪا مال گاڏي ۾ مخلوق رهي ٿي سي پنهنجي سماجي زندگيءَ ۾ ٻٽي قسم جي زندگي گذارڻ وارا ماڻهو آھن. جيڪي پنهنجي زندگي جي اهڙي ٻهروپ ۾ رهندي اسان سان ملڻ کان گهڻو لهرائيندا آھن. ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي زندگي جا هي مهينا پنهنجي مرضي مطابق گذارڻ چاهيندا آھن اسان يا ڪو ٻيو هنن جي ڪنهن به سرگرمي سان ڪنهن به قسم جو ڪو تعلق نٿو رکي سگهي. تنهنڪري توهان کي به انهن ڏانهن وڃڻ نه گھربو هو. بهر حال جڏهن اوهان ھن پاسي سير تفريح لاءِ اچو ته هي پڪرنگ گالف ڪلب وارو رستو ڏئي اچجو.“ شام جو گهر پهچڻ کان پوءِ مون ٻٽي شخصيت رکندڙ ارب پتي ماڻھن جي ٻھروپي حيثيت ڌارڻ واري زندگي جي موضوع تي سرچ ڪرڻ کي لڳي ويس.
**

قومن جا سماجي رويا

فردن جا پنهنجي ذات سان ٻڌل سماجي رويا جڏهن قومن جي اجتماعي زندگيءَ ۾ عام طور ڏسڻ ۾ ايندا آھن تڏهن ان جا اشارا اسانکي پنهنجي قوم جي اجتمائي شعور ۾ پڻ ڏسڻ ۾ ايندا آھن. ڪنهن قوم جي سماجي اعمالن. افعالن ۽ ڪارگذارين جي منفي روين ۾ جڏهن وڏي پيماني تي واڌ ايندي آھي ته سماج جا اهڙا اشارا ٻڌائيندا آھن ته قوم ۾ شعور جي کوٽ آھي. ۽ ماڻھو اڻ سڌريل رستن تي هلي پنهنجي منفي سوچ تي ٻڌل سماجي روين جي ڪري سوسائٽي جي آدرشن جي ٻيڙي ٻوڙي رهيا آھن. هونئن به اهڙو سماج جنهن ۾ هر شخص پنهنجي ذات جي مفاد جي باري ۾ سوچيندو آھي تنهن سماج جو مقدر تباهي هوندي آھي.
اڪثر ماڻھن جي سماجي روين جون منفي ڪهاڻيون ۽ قصا سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا جي زينت بڻجندا رهندا آھن. ڪجهه پنهجي اکين جا ڏٺل منظر آھن ۽ ڪي وري پنهنجي ويجهن حلقن ۾ زير بحث آيل ڳالهيون آھن جن کي هتي موضوع بڻائڻ مقصود آھي. ڪجه ڏينهن ٿيا جو هڪ دوست ميڊيا تي بينڪن جي هن روين تي افسوس جو اظھار ڪيو ته بينڪ ۾ پئسن ڏيڻ ۽ وٺڻ وارن ڪائونٽر تي ۽ رائيٽنگ ڊيسڪ تي لکڻ لاءِ رکيل بال پين کي به پلاسٽڪ جي خوبصورت زنجيرن ۾ ٻڌي رکيو پيو وڃي ٿو. هڪ لحاظ کان اهو اسان پڙھيل لکيل ماڻھن جي شعور مٿان هڪ ڪاپاري وار آھي. اهڙي قسم جي سوال جو جواب ڏيڻ هڪ اهنجو ڪم آھي. ڪوئي به شعور وند انسان قلم کي پابند سلاسل رکڻ جو جواب ڏئي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته ان سوال جي پٺيان قوم جي هڪ منفي سماجي رويي جو عمل دخل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو اهو ته هڪ ماڻھو پنجاه هزار رپين جو چيڪ ڪيش ڪرائي. ويندي ويندي ٽڪي جو قلم پنهنجي کيسي ۾ کنيو وڃي ٿو. اسانجي سماج ۾ جڏهن ماڻھو اهڙي عمل جي پريڪٽس عام جام ڪندا تڏهن ڇو ڪونه قلمن کي زنجير لڳندا.
ڪورونا وبا دوران وڏن شاپنگ مال ۾ هزارن رپين جي خريداري ڪرڻ وارن گراھڪن جي لاءِ ڪائوٽر تي مفت فيس ماسڪ رکيا ويا. مگر شاپنگ مال جي نگرانن کي جڏهن اهو محسوس ٿيو ته گراهڪ پنهنجي کيسن ۽ پرس ۾ اضافي فيس ماسڪ پاڻ سان کنيو پيا وڃن ٿا، تڏهن شاپنگ مال انتظاميه فيس ماسڪ مفت فراهم ڪرڻ بدران هر هڪ فيس ماسڪ تي پنج ڏھ رپيا قيمت وٺڻ شروع ڪئي. ماڻھن جا اهڙا رويا ۽ اهڙا افعال اسانجي اجتمائي سماجي شعور ۽ روين جي نشاندهي ڪن ٿا ته اهي ڪيترا مثبت ۽ ڪيترا منفي آھن.
هتي هڪ ڀيري ڪيل پنهنجي اسڪول جي استاد جو قول سامهون ٿو اچي. اسان شاگردن يونيورسٽي کان فارغ ٿيڻ کان گهڻو پوءِ پنهنجي اسڪول ٽيچر سان هڪ ملاقات ۾ گفتگو دوران سوال ڪيو سين ته: ”سائين ملڪ ڪڏهن ترقي ڪندو؟“ چيائين: وڃي پنهنجي اسڪول ۾ ڏسو ته جيڪڏهن اسڪول ۾ اهو ساڳيوئي مٽ ۽ اها ساڳي ڪپڙي پئي آھي ته پوءِ ملڪ کي ترقي ڪرڻ ۾ اڃا ورهيه لڳندا.
منهنجي هڪ دوست ڪورونا وبا جي زماني جي هڪ منفي سماجي رويي ڏانهن ڌيان ڇڪايو. دوست ٻڌايو ته: اسانجي ڪمپنيءَ پنهنجي شاپنگ سينٽر جي خريداريءَ وارن ڪائونٽرس تي ۽ گراڪن جي اچ وڃ وارين جاين تي وڏي ۽ ننڊهي پيڪنگ واريون هينڊ سينيٽائيزرس جون بوتلون رکيون. مگر رش جي گهٽ ٿيڻ کان پوءِ سنڀال تي معلوم ٿيندو هو ته ڪجھ سينيٽائيزر جون بوتلون پنهنجي جاءِ تان غائب ٿي وينديون هيون. ماڻھن جون اهي عادتون ۽ رويا اسانجي سماجي منفي سوچ جي نشاندهي ڪن ٿا. جيڪڏهن اهڙن سماجي روين ۾ قومي پيماني تي واڌ ايندي ته قوم جا اعلا قدر ۽ آدرش مليا ميٽ ٿي ويندا. افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته مون کي گذريل ڏيڍ سال جي عرصي ۾ ويسٽ جي. جي. سيون ملڪ ڪيناڊا ۾ ڪنهن به سطح تي اهڙن منفي سماجي رويي جي ڪنهن به پهلوءَ جو ڪو ڏيک نظر نه آيو.

هند سنڌ ڪو ويڇو ناهي

ٻن ڏينهن کان وادي پڪرنگ جي آسمان ۾ ڪڪر ڪارا ويس ڪري اولھ کان اوڀر پيا ٿا ڊوڙون پائين. ڏينهن جو هڪ ٿي رهيو آهي آسمان ۾ معمولي ڪجگوڙ ۽ هوائن ۾ خنڪي پکڙجي چڪي آھي. جيتوڻيڪ موسم اهڙي نه هئي جو آئون گالف ڪلب جي پاسي واري ٻيلي جي پراڻي هٽ ۾ وڃي پنهنجي خيالن ۽ مشاھدن جو اظھار لکان پر روز جي هير ۽ روز جي عادت کان مجبور ٿي اچي وڻن جي ٿڌڙي ڇانو ۾ هٽ ۾ رکيل پراڻي زماني جي بيڪار پيل ڪرسين تي ويهي پنهنجا افسانه لکڻ شروع ڪيا .هٽ ۾ مون نيسلي پاڻي جون بوتلون فرنيچر جي ڪنڊ پاسي ۾ لڪائي رکيون آھن جن مان ضرورت آھر پيو پاڻي پيئندو آھيان.
پنهنجي تحرير جي لکڻ ۾ آئون ايترو گم ٿي ويو هوس جو مونکي احساس نه رهيو ته فضا ۾ ڪجگوڙ سان گڏ آسمان مان مينهن جون ڪڻيون ڪري رهيون آھن. اڄ مونکان اها به چڪ ٿي وئي هئي جو مون هوم گوگل کان موسم جي اڳڪٿيءَ جي خبر چار نه ورتي هئي. مونکي ان وقت اچي خوف ورايو جڏهن هٽ جي پراڻي ڇت مان مينهن جون ڪڻيون مٿي تي اچي پيون. آئون جهٽ ۾ اها جوءِ ڇڏي ڪلب جي عمارت جي آڳر کان ڊوڙندو ميدان ۾ بيٺل وڻن جي اوٽ اچي بيٺس. ان مهل تائين مينهن جي وسڪاري ۾ اضافو ٿي چڪو هو. گالف جي ميدان ۾ ويل رانديگرن جون پڻ ڊوڙون لڳيون پيون هيون. اهي پنهنجيون گالف جون ڪٽون ۽ ناشتي پاڻي جا ٿيلها کنيو پنهنجي ٿري ويلر ڪارٽس کي ڊوڙائيندا انهن وڻن جي اڳيان اسٽينڊ تي اچي ڪٺا ٿيڻ لڳا جتي آئون پاڻي کان بچڻ لاءِ اچي لڪو هوس. جڏهن مينهن جو پاڻي وڻن جي پنن مان ڇڻي منهنجا بوٽ ۽ ڪپڙا ڀڄائڻ لڳو تڏهن اتان ڊوڙپائي مان پارڪ جي ميدان مان نڪري سامهون گهرن ڏانهن رخ رکيو. تقريبن مان اڌو گابرو ڀڄي چڪو هوس. پوءِ به سھارو وٺندي مان گجراتين جي پاڙي جي هڪ گهر جي ڏيوڍي ۾ اچي پناه ورتي. ان آسري تي ته ٿورو وسڪارو جهڪو ٿي ته پنهنجي گهر گيريزن ڪراسنگ ڏانهن خير سان پهچان. هن گهر جي ڏيوڍي ڇا هئي هڪ ڪشادي گيلري هئي. گهر جي خاص لنگھ واري دروازي کان پري ٿي آئون هڪ ڪنڊ ۾ پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن گهر ۾ موجود ماڻھن جي مون تي نگاه نه پوي. مان برسات جي ڀڄڻ کان ته بچيل هوس مگر تکي هوا جي لڳڻ ڪري جسم ۾ سياندو محسوس ٿيڻ لڳو.
دل ۾ دعائون گهرڻ لڳس ته مولا سائين مينهن کي جهڪو ڪر ته آئون پرائي گهر کان ٻاهر نڪران. ايتري ۾ گهر جي دروازي کلڻ جو آواز ٿيو ۽ هڪ پوڙهي خاتون در کان لئو پائيندي مونکي ڏسي چوڻ لڳي ”توهان ٺيڪ ته آهيو.“ وراڻيم ”قهري مينهن ماري وڌو آ.“ خاتون خوش اخلاقي جو مظاهرو ڪندي چيو. ”او خير آ مان تنهنجي ويهڻ جو بندوبست ڪريان ٿي مينهن بند ٿي ته هليا وڃجو.“
مون ٿورو مڃيندي خاتون کي چيو ته، ”محترمه ھي ڪووڊ جا ڏينهن آھن آئون اتيئي ٺيڪ آھيان.“ منهنجي ڪيفيت کي ڏسندي هن زور ڀريندي چيو ”ڪا ڳالھ ناهي جي توهانجي پريشاني گهٽبي ته مونکي ڀڳوان اجر ڏيندو.“ خاتون منهنجي لهجي مان اندازو ڪري وئي هئي ته آئون جنوبي ايشيائي جنس مان آھيان. مگر آئون ڀڳوان جي لفظ کي وٺي ڪنهن ويچار ۾ هليو ويس. خاتون گهر جي اندر اچڻ جو اشارو ڪندي چيو. ”اسان پاڻ سوشل ڊسٽينس جا قائل آهيون اڄ ڪلھ ته ھر ڪو ان موذي کان ڊنل آ“ مون چيو ”پر هي منهنجو ماسڪ ته پسي چڪو آھي.“ هن وراڻيو، ”خير آ مون وٽ ڊزن کن ماسڪ رکيا آھن توهان هڪڙو استعمال ڪندا ٻيو ڇا.“
مانواري، ”ها مگر“
”اگر مگر کي ڇڏيو، تڪلف نه ڪريو هوڏانهن هن ڪرسي تي ٿي ويهو .“
مون ڪشادي لونگ روم جو طائرانه جائزو وٺندي خاتون کان سوال ڪيو. ”گهر ۾ ٻيا ڀاتي ڪون ٿا ڏسجن.“ خاتون وراڻيو ”پوٽي ۽ پوٽو آھن پنهنجي ڪمري ۾ کيڏڻ ٿا....“ ساهي پٽي چوڻ لڳي ”توهان سنڌي ماڻھو آھيو تنهنڪري پيا ٿا گهڻو ويچاريو..“
مون چيومانس، ”خاتون توکي ڪيئن خبر پئي ته مان سنڌي آھيان.“ وراڻيائين، شام جو روز پنهنجن ٻارن سان پارڪ ۾ ايندي آھيان. مان ڏسندي آھيان ته توهان پنهنجي ٻارن سان سنڌي ۾ ڳالائيندا آھيو. ٿورو رڪي هن وري چيو ته جي توهانکي سيء ٿو لڳي ته مان آتشدان ٻاريان.“
مون وراڻيو؛ ”توهانجي مهرباني خير آ“
هوءَ پنهنجي ڪرسي تان اٿي ۽ ڀرسان واري ڪمري ۾ هلي وئي. مون ڏٺو ته ھن جي هٿن ۾ سلينڊر فين هو جيڪو منهنجي اڳيان رکندي چيائين، ”هي ڊيوئل سسٽم تي آھي هن جي گرم هوا تي اجهو توهان جا ڪپڙا سڪي ويندا خاتون جو احسان مڃيندي مون کيس چيو توهان ڪٿان جا آھيو.“
خاتون جواب ۾ چيو ته، ”اسان جا وڏا پڻ سنڌ جي شھر ڪراچيءَ مان لڏي بمبئي جي علاقي انڌيري اڀرندي ۾ اچي ويٺا، ساهي پٽيندي هن وري پنهنجو قصو شروع ڪيو. ”مان ان وقت پنجن سالن جي هيس. مون سنڌي ٻولي پنهنجي ماءُ پيءُ کان سکي. منهنجي پيءَ کان وڌيڪ امڙ سنڌي سکڻ تي زور ڏيندي هئي. اسان پاڻ ۾ ٻه ڀاءَ ڀينر آھيون سڀ پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائيدا آهيون. منهنجي ننهن ۽ پٽ به سٺي سنڌي ڳالهائي سگهندا آھن.“
مون پڇيومانس ته، ”اھي“
منهنجي سوال جو جواب ڏيندي چيائين، ”هن وقت اهي پنهنجي پنهنجي نوڪري تي ويل آھن.“
مون سندس اڍ جي باري ۾ چيو ته، ”سنڌين جي ڪهڙي اڍ سان اوهان جو تعلق آهي.“
چوڻ لڳي؛”اسان جا وڏا نائون مل ڀوڄواڻي جي ڪل مان هئا تنهنڪري اسان ڀوڄواڻي سڏبا آھيون مگر هاڻي ڪير ٿو پڇي ذاتين کي، هتي وري ڪيناڊا ۾ ته رهندو ڪجھ نه بچيو آھي.“ ”توهان ڪھڙي ذات سڏايو، سنڌ ۾ ته اهو چڪر اڃان به ھوندو.“
”جي ها سنڌ ته آھي ئي ذاتين سان ٻڌل.“
خاتون ڳالھ کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو .سنڌ ته آھي سمن ۽ سومرن سان.“
مون وراڻيو، ”مائي ڏاڍي خبر ٿي رکين.“ وراڻيائين....... ”ڀايل مان ڪتاب جي پچر ناهي ڇڏي رات جو چار ورق پڙھي پوءِ آرامي ٿيندي آھيان.“ وري چوڻ لڳي. ”او چانھن ته مونکان وسري وئي اجهو ٿي آڻيان. ائين چئي هوءَ لونگ روم مان هلي وئي.“
جهٽ پلڪ کانپوءِ هٿ ۾ ٽري کڻي آڻي سينٽرل ٽيبل تي رکندي چوڻ لڳي، ”هي ڪيڪ مون پنهنجي هٿن سان تيار ڪيو آھي منهنجا ٻار خاص ڪري هي ننڍا ٻار ته، گذران ئي ڪيڪ. بسڪوٽن، ٽافين، بند ۽ برگر تي ڪن. مون کيس وراڻيندي چيو، ڀيڻ هن تڪلف جي ڪهڙي ضرورت هئي. موٽ ۾ چوڻ لڳي. ”گهر آئي کي ڪو ائين وڃڻ ڏيندو. مان هڪڙي ڳالھ توهان کي ٿي ٻڌايان ته ٽيون ڏينهن واري مينهن ۾ ان ٻاهرين گيلري ۾ ڳيرو اچي ڪريو هو.“ مون چيومانس پوءِ هن وراڻيو، پوءِ ڇا، ساهي کڻي قصو شروع ڪيائين؛ ”پوءِ مان ان کي اندر گهر ۾ آندو. هيٽر تي هن جا پر سڪايم جڏهن ڪجھ ڦٽرو ٿيو تڏهن ٻارن جا بسڪوٽ ڀوري هن جي اڳيان رکيم.“ مون پڇيو ته ”ڳيرو بسڪوٽن جي ڀور چڳي ويو.“ چيائين؛ ”جي ها کائي ويو.“ بنا ساهي جي ڳالھ کي پورو ڪندي چيائين. ادا توهان ته پوءِ به انسان آھيو توهان جو ته پکين کان وڌيڪ حق آھي سو مان توهان کي ائين ڪيئن ڇڏيندس.“
گهڙي سوا کان پوءِ مينهن جهڪو ٿي بند ٿي ويو. منهنجا ڪپڙا به ذري گهٽ سڪي چڪا هئا پنهنجي ميزبان آيل کي هٿ جوڙ ڪندي اجازت گهري مون ٻڌايومانس، ”هن سامهون واري گهٽي گيريزن ڪراسنگ جي يونٽ 2603 ۾ مان پنهنجي پٽ سان رهندو آھيان ڪڏهن ٿي سگهي ته پنهنجي پٽ. ننهن ۽ ٻارڙن کي وٺي اسان وٽان ڀيرو ڪجو.“ مون ڪرسي تا اٿندي سندس احسان مڃيندي چيو ته ”ھن ماسڪ جي بخشش ٿي.“ وراڻيائين، ”ادا اصل ۾ آھيون ته هڪ ديس جا ........ هاڻي ڀي هند سنڌ ڪو ويڇوناهي.“ ٿورو رڪي وري چوڻ لڳي؛ ”ٻڌو آھي ته ڪراچي ۽ بمبئي به پاڻ ۾ جاڙيون آھن. مون کيس جوابن عرض ڪيو ته آھي ته ائين مگر هن وقت ميل ملاقات جا سڀ در بند آھن.“
**

رٽائرمينٽ کان پوءِ زندگيءَ جون ترجيحات

ڪيناڊا ۾ رهندي مون مطالعو ڪيو آھي ته هتان جا ماڻھو پنهنجي زندگي جا پاسا مٽائيندا رهندا آھن. انساني نفسيات کي سامهون رکي ڏسجي ٿو ته هڪ جاءِ تي يا هڪ ڌندي. نوڪري يا اداري سان منسلڪ رهي سڄي زندگي گذارڻ نه رڳو مشڪل. اڻ وڻندڙ، ٿڪائيندڙ، ڪڪ ڪندڙ ۽ صبر آزما ڪم آھي. پر زندگي جو اهڙو رويو زندگي کي بي چس ۽ بي مزي بڻائيندڙ هڪ عمل ليکي سگهجي ٿو. مون پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو آھي ته اسانجي ملڪ ۾ اهي ماڻھو جيڪي سرڪاري ملازمتن ۾ يا ڪارپوريٽ نوڪرين ۾ رهي پنهنجي سموري زندگي هڪ هنڌ رهي گذارن ٿا اهي رٽائر ڪرڻ وقت ڊپريشن ۽ گهٻراهٽ جو شڪار ٿين ٿا. گهڻن کي رٽائرمينٽ کان پوءِ زندگي ۾ رڳو اونده نظرايندي آھي. پنهنجي اهڙي عمل سان اهڙن ماڻهن مان گهڻا پنهنجي شريڪ حيات ۽ پنهنجي اولاد کي مايوسي ۽ صدمي سان دوچارڪري وجهندا آھن. پنهنجي ذاتي تجربي مان هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته امتحاني وجيلينس ڪاميٽي جي سربراه جي حيثيت ۾ مان هڪ ڪاليج ۾ گشت تي هوس. پيپر ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪاليج جي هڪ پروفيسر جي رٽائرمينٽ جي هڪ تقريب رٿيل هئي. اسانکي به پنهنجو ساٿي ڄاڻندي ان جي فيئرويل ۾ شرڪت جي لاءِ ترسايو ويو. .جڏهن پروفيسر جي زندگي ڀر جي ڪارڪردگي. ڪارنامن ۽ ڪاميابين جو ذڪر تقريرن ۾ پيو هلي تڏهن همراھ گد گد پيو ٿي. جڏهن مٺايون ڪيڪ بسڪيٽ ۽ نمڪو کارائي تحفا تحائف ڏئي پروفيسر صاحب کي الودائي ڪلمات سان ٽربيوٽ پيش ڪيو ويو. تڏهن هو روئڻھارڪو ٿي پيو. ڏسندي ڏسندي همراھ کي گشي وٺي وئي ۽ اڇنگاريون ڏئي روئڻ لڳو. مٺائي جو دٻو ۽ تحائف ڦٽا ڪري همراه ڪاليج جي عمارت جي ٿنڀن کي هڪ کان ٻئي کي پڪڙيندو. ديوانن وانگر روئيندو اچي هڪ ٿنڀي کي ڀاڪر ۾ وٺندي چوڻ لڳو؛ ”مان هتان نه ويندس....“ سڏڪا ڀريندي چوڻ لڳو؛ ”مون پنهنجي حياتي جو رت ست سڀ هتان جي شاگردن، هتان جي لائبريري، ڪتابن، بينچن، ڊائس ۽ ڪرسين جي اڳيان وڃايو آھي. هاڻي هنن کان جدائي مونکي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.....“ سڏڪا ڀريندي اکين مان ڳوڙھا اگهندي ۽ نڪ مان پاڻي صاف ڪندي وري چوڻ لڳو؛ ”مون کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هاڻي مان ڇا ڪندس..... منهنجي ٻچن جو ڇا ٿيندو؟“ وغيره وغيره. ڪاليج جا ساٿي ڀاڪرين پيس ۽ اکين جا ڳوڙھا اگهڻ ۽ همراھ کي پرچائڻ ۽ ريجهائڻ ۾ مصروف ٿي ويا. پر پروفيسر صاحب جي اها ڪار ته مان هاڻي ڇا ڪندس. اسانجي ملڪ جي ماڻھن ۾ هن قسم جي سوچ کڻي عام نه هجي مگر گهڻن جي رهي ٿي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ روزي روٽي ئي زندگي جو محور آھي. اسان جا اهي رويا ٻٺتي پيل ۽ پراڻي سوچ رکندڙ ملڪن جهڙي ماڻھن جهڙا آھن. تنهنڪري اسانکي پنهنجي سوچ ۽ همت ۽ بهادري سان پنهنجي زندگيءَ سان پيار ڪندي پراڻي سوچ کي مٽائڻ جي ضرورت آهي.
مون رٽائر ٿيڻ وقت جيڪا آجياڻي جي جواب ۾ ٻٽي اکر چيا هئا، اهي عرض ڪندو هلان. (لائبريري ڊيسڪ گورنمينٽ دهلي ڪاليج). ”ساٿيو اڄ مان تمام گهڻو خوش آھيان ته مان نوڪري جي پاپندين مان آزاد پيو ٿيان..... منهنجي نظر ۾ زندگي کي هڪ جاءِ تي ٻڌي رکڻ. انساني فطرت جي خلاف آھي. ميٽرڪ پاس ڪري مون ٻه سال ميڊيڪل اسٽور تي نوڪري ڪئي. ان کان پوءِ ڏهه سال ٽيڪسٽائل انڊسٽري جي آپريشنل ۽ پيداواري شعبن ۾ مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪئي. تنهن بعد هتي تعليم جي شعبي ۾ توهان سان گڏ زندگيءَ جا ٽيھ سال گذاريا آھن... منهنجي لاءِ بس اهو گهڻو ٿيو... هڪ ڪليگ چيو ”هاڻي ڪندين ڇا.“ مون دوست کي ڀري محفل ۾ چيو ”کير جو ڪاروبار ڪندس. چانهن جو هوٽل کوليندس يا ڪيرم بورڊ جو دڪان هلائيندس. مگر ڪنهن ٽيوشن سينٽر تي يا پرائيويٽ ڪاليج ۾ وڃي ٻيهر پاڻ کي پڃري ۾ بند ڪونه ڪندس.“ آجياڻي ۾ دوست نوي سيڪڙو کان مٿي اردو اسپيڪنگ هئا. اها حقيقت آھي ته رٽائرمينٽ کي پندرهون سال ٿيو آھي مون پنهنجي ان اداري جي وري شڪل ناهي ڏٺي ۽ اهو به سچ آھي ته مون هڪ سڃاڻ واري سان رٽائرمينٽ جي ٻئي سال کير . شربت ۽ فالودي جي دڪان ۾ شراڪتداري جي بنياد تي ڌندو ڪيو.
هتي ويسٽ ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ماڻھو آزاد ٿي. عيش، آرام جو سوچيندي هڪ شاهاڻي انداز ۾ زندگي گذارڻ جا عادي هوندا آھن. هنن جو فڪر اهو ٿو چوي ته ٻچن ۽ قوم لاءِ گهڻو ڪيوسي انهن جي لاءِ گهڻو جياسي. هاڻي جيڪو ڪرڻو آھي سو پنهنجي لاءِ ڪرڻو آھي. باقي حياتي جيڪا آھي اها پنهنجي لاءِ گذارڻي آھي. اهي رويا ۽ اها سوچ کڻي. هو پنهنجي رٽائرمينٽ واري زندگي هڪ نئين روپ ۽ نئين رنگ ۾ گذاريندا آھن. آئون پڪرنگ شھر جي گالف ڪلب ايريا ۾ پنهنجي پٽ سان رهندو آھيان. صبح جو پاڻ نيرن ٺاھي. کائي پي گالف ڪلب جي ڀڪ ۾ سر سبز گاه سان ڍڪيل ڪشادي ميدان جي پاسي وارن وڻن جي ڇانو ۾ رکيل بينچن تي ويهي پنهنجي لک پڙھ جو ڪم ڪندو آھيان. اس وٺندو آھيان ۽ ڪلاڪ يا چاليھ منٽ واڪ ڪندو آھيان. شام جي پهر ۾ به منهنجو اهو نيم آھي. ڏينهن ٺري باغ جي سائڊ واڪ تي چاليھ منٽ واڪ ڪري. بينچ تي ويهي ٻارن جون جسماني رانديون ۽ سرگرميون ڏسندو آھيان.
گالف ڪلب جي ميمبرس سان هيلو هاءِ به ٿيندي آھي مان عرض ڪري چڪو آھيان ته هتي لارڊ شپ، فيوڊل سوچ، وڏيرڪو انداز، وڏ ماڻائپ، يا هرو ڀرو ماڻھن ۾ ڦوشربازي ڪونهي. رهندو اهي گڻ هتي ماڻھو جو مان گهٽائن ٿا تنهنڪري اهڙن اوگڻن جي هتي ڪو به پريڪٽس ناهي ڪندو. اهي رويا هڪ لحاظ کان معيوب سمجهيا وڃن ٿا. طبقي بازي به هتي ڪانهي. نسلي بنيادن واري هڪ ٻئي کان پري ڪندڙ سوچ به اٽڪل پساءِ پورا ڪري چڪي آھي. گالف ڪلب جي ميدانن ۽ فٽبال گرائونڊ تي فرسٽ نيشن قومن سان تعلق رکندڙ رانديگر. گورن ۽ برائون نسلن سان ڳانڊاپو رکندڙ سڀ گڏجي راند روند ڪن ٿا سو به بنا جنس جي تفريق جي. سوال آھي ته اسانکي پنهنجي روايتن ۽ سوچ تي فخر ڪرڻ گهرجي يا مغرب جي نون مثبت روين کي ڏسي پنهنجا نيم مٽائڻ گهرجن.
جڏهن مون ڏٺو ته مغربي سماج جي ڪلب ڪلچر جا ماڻھو ملڻ ڪرڻ ۾ پاڻ اڳواٽ کيڪربازي ۽ سلام سليوٽ ڪن ٿا ته مان به انھن جي ويجهو وڃڻ ۾ ڪو عار نه سمجهيو. هڪ ڏينهن موقعو وٺي مان گالف گرائونڊ ۾ وڃي کين چيو ته مان اسٽوري رائٽر آھيان توهان جي ڪلب لائف ۽ راند جي باري ۾ ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو تنهنڪري اوهان جا ڪجهه فوٽا ٿا گهرجن ته جيئن آئون هڪ يادگارڪم ڪري سگهان. هنن مان هڪ وراڻيو ڀلي ڀلي اسان کي خوشي ٿيندي پر تنهنجو اهو ڪم سوشل ڊسٽينسنگ تي عمل ڪندي ٿيندو. مون چيو ٺيڪ آ. توهان ڪجهه اڪيلا ۽ ڪجهه کيڏندي شاٽس ڏيو.
مون ڏٺو آھي انهن سوسائيٽي جي ڪلبن جا ميمبر رڳو راند روند ڪرڻ لاءِ گهران نڪري نٿا اچن. راند جي پويان مقصد آھي جسماني ڪثرت جاري رکڻ. پنهنجي فگر ۽ فٽنيس کي برقرار رکڻ ۽ دل جي وندر. مگر هنن جي ڏينهن جو وڏو حصو ڪلب ۾ گڏجي ڱذارڻ. هڪ هنڌ، چانهن، ڪافي، مشروب، ماني ۽ برگر کائڻ سان گڏ اهم ڳالھه آھي. پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري انساني، قومي، ملڪي، اقوامي ۽ بين الاقوامي مسئلن تي سوچ ويچار ڪرڻ. رٽائر لائف کي هو ڪنهن طرح سماجي ڪارج ۾ هڪ بامقصد رخ ڏيندا آھن. ويسٽ جي ماڻھن جي فڪري لاڙن جي سلسلي ۾ اها هڪ وڏي ڪاميابي ليکي سگهجي ٿي.
پر اسان وٽ ائين ناهي . اسان کي رٽائرڊ زندگي جو وقت يا عرصو جيڪو مهيا ٿيندو آھي. يا جيڪو نصيب ۾ ملندو آھي. اهو سهڪي سهڪي گذاريندا آھيون. رٽائر زندگي گذارڻ جا ڏانو يا گس اسان وٽ محدود هوندا آھن. ڇآڪاڻ ته اسان جي زندگيءَ ۾ مھارت وارا دڳ تمام ٿورا هوندا آھن . اسانجو وڏو طبقو زندگي جي معاملي ۾ سهنجائي پسند رهيو آھي . سهل پسندي جي روين ۽ عادتن جي ڪري اسانجي نسلن جو وڏو حصو وهنوار واپار نه ڪرڻ ڪري سرڪاري آرامده نوڪريون تلاش ڪندو آھي. اهوئي سبب آھي جو اسان جي سوسائٽي ۽ سماج جو هڪ وڏو طبقو ان ڏانهن لاڙو رکي ٿو. ٽيڪنيڪل ڪم اسان ڪندا آھيون مگر زندگي گذارڻ لاءِ ان پاسي توجهه ڪونه ڏيندا آھيون .ٻيا جيڪي پيداوري ۽ محنت طلب ڪم آھن اهي به اسانجي ترجيحات کان خارج هوندا آھن ۽ رٽائرڊ ماڻھو ته اهڙن ڪمن ۾ هٿ ئي نه وجهندا آھن .رٽائرمينٽ وقت جيڪي فنڊ جمع پونجي جي صورت ۾ ملندا آھن. سي زندگي جي هن حصي ۾ رهيل رٿيل ڪمن. ٻارن جون شاديون ڪرڻ. پنهنجي رهائش لاءِ جايون خريد ڪرڻ يا ورتل قرض لاهڻ ۾ صرف ٿي ويندا آھن. تنهنڪري باقي رٽائرمينٽ واري زندگي جيئڻ جنجال محسوس ٿيندي آھي. جنوبي ايشيا جي سرڪاري نوڪري ڪندڙ ماڻھن جي زندگي جو اهو وڏو الميو رهيو آھي جنهن تي تحرير ٿيل، ڪهاڻين، ناولن ۽ فلمن جون اسٽوريون ورهاڱي کان اڳ جي ادب ۽ گذريل ستن ڏهاڪن جي لٽريچر ۾ اسان کي انيڪ ملنديون، اسانجي ڪسمپرسي. بيوسي ۽ مسڪينيءَ اسان جي زندگي کي غلامي واري زندگي جو روپ بخشو آھي، جنهن ٻين جي آڏو مجبور و مسڪين رهڻ وارن روين کي جنم ڏنو آھي.
هاڻي ٻڌايو ته اسان جو رٽائرڊ طبقو ڪيئن پنهنجي سوسائٽي ۾ سماجي اچن آدرشن سان رهندو. سوسائٽي ۾ ڪلبن واري زندگي ڪيئن گذاريندو. مغرب ته ڇا اسان پنهنجي ملڪ ۾ سوسائٽي ڪلبن جا ميمبر ٿيڻ جي لائق به نه آهيون.
**

۽ ريل ڇٽي وئي

انسان هڪ هنڌ به آخر رهي رهندو ڪيترو. پنهنجا ڳوٺ وڻ. پکي پکڻ. اباڻا ڪک. ڳنڍ ڳانڍاپا. رشتا ناتا. يار دوست ۽ ڌرتيءَ جا به حق ھوندا آھن تنهنڪري اهو ڄاڻي ۽ هت هت جي فرق جو ليکو ڪري وطن ورڻ جو ارادو ڪيم. پنهنجي روايتن کي برقرار رکندي. ڪيناڊا ۾ رهندڙ ڀائرن جهڙن ڀائرن. دوستن جهڙن دوستن سالن ۽ سالين ۽ انهن جي ٻارن جي هڪ وڏي پارٽي رکي سين. اسانجي گهر جي ننڍن وڏن ڀاتين پارٽي کي وڏي شادماني جو رنگ ۽ روپ ڏنو ۽ منهنجي پٽ فرحان رسول ۽ سندس گهرواريءَ عاليشان ڊنر جو بندوبست ڪيو.
ٻڪري جي ران جو روسٽ، ڪيڪ ۽ سلاد وغيره گهر ۾ تيار ڪيو ويو. مهمان گهڻا هئا تنهنڪري ماني ڪراچي جي اسٽائل ”سلور اسپون“ تان سنڌي برياني. نان نهاري ۽ کيرڻي آرڊر ڏئي تيار ڪرائي سي. فيئرويل .آجياڻو. گڏجاڻيون.ميل ملاقات تي موج مستي وڏن کان وڌيڪ اسان جي ٻچڙن ڪئي بس اسان وڏن جا اڌ رات تائين کاڌي هضم ڪرڻ لاءِ ڪيناڊا ڊراءِ جنجريل ۽ لمڪا ڊرنگ جا دور هلائيندي گذريا. ڄاڃي ته پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. پر رات جو باقي پهر مون جاڳندي گذاريو. ان الڪي ۾ ته هاڻي هتان جي پرين پيارن کان جدا ٿيندي ڪهڙي صورت حال مان گذرڻو پوندو.
ٻئي ڏينهن صبح جو اٿي مون سفر جو سامان ٻڌڻ شروع ڪيو. سامان ايترو هو جو کٽي ئي نه. ڪراچي وارن ڪراچي وارن جي لاء جيڪي تحفا ۽ تحائف ڏنا سي ايترا هئا جو اٽيچي ڪيسن مان هڪ هڪ ڪري مونکي پنهنجو ذاتي سامان کي نيڪالي ڏيڻي پئي. ڪپڙا سڀ ڪڍي رکيم رڳو بدن تي پائي وڃڻ وارو جوڙو باقي وڃي رهيو. منهنجي گهر جي ڀاتين جي خريداري جا سلسلا به جاري رهيا. آيو ويو به پنهنجي هٿن ۾ آخر تائين ڪجهه نه ڪجهه پئي کنيو آيو. ٻار به پيڪنگ ڪرڻ وقت سوٽ ڪيسن تي چڙھي لتاڙي لتاڙي سامان وجهي صندوقن جون زپون بند ڪندا رهيا.
ٻئي ڏينهن چئين بجي پي. آئي. اي ذريعي روانگي هئي. گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ اڳواٽ هوائي اڏي پيئرسن شھر مسي ساگا پهچڻو هو. جيڪو اسان جي گهر کان اٽڪل سٺ ڪلوميٽر پري پنجيتاليھ منٽ جي ڊرائيو تي آھي. هوائي اڏي تي ويندي ويندي به ڏيبن جون خريداريون پڻ جاري رهيون. شومئي قسمت راه ويندي به ٽريفڪ جي دشوارين کي منهن ڏيڻو پيو. اهڙيون حالتون ڏسي مونکي اچي گمان ويٺو ته منزل تي پهچڻ ۾ ڪا ڪثر نه رهجي وڃي دل جو دهڪو وڌيو. ڳالھ انڊرپريشر آئي بهرحال پيئرسن ايئرپورٽ کي ويجهو پهتا سون.
ڪيناڊا جي صوبي اونٽاريو جو هي ايئرپورٽ دنيا جي مصروف ترين ايئرپورٽن مان آھي. ڪشادو ايڏو آھي جو ڪراچي هوائي اڏي جهڙا چار ايئرپورٽ نڪرنس. پنهنجي مقصد جي ٽرمينل تي پهچڻ به ڪو آسان ڪم ناهي. اڄڪلھ ڊجيٽل دور آھي تنهنڪري سڀ ليکا جيترو سنهنجو روپ ڌاري چڪا آھن اوترا وري ور وراڪا به وڌي ويا آھن. ايئر پورٽ تي هڪ وقت ۾ ڪئين ملڪن جون ڪئين اڏامون ٿيون اڏار ڪن. ڪئين ٽرمينل ۽ اڻ ڳڻيا ڪائونٽر آھن. پنهنجي مطلب جي اڏام جي ٽرمينل تي پهچڻ لاءِ به نيويگيشن سسٽم جي ذريعن کي فالو ڪرڻو پوي ٿو. هتي رهندڙ ماڻھو به ڪڏهن ڪڏهن ايئرپورٽ ياترا ڪندا آھن ۽ رستن جي نين تبديلن کان. باوجود حڪومتي ذريعن جي واقفيت ڏيڻ جي ۽ نيوي گيٽر ۽ جي. پي. ايس جي سهاري هلي منزل مقصود تي پهچڻ بظاهر سنهنجو ڪم آھي مگر جي ڪاسي مان ڪو ڪڻو هيڏي هوڏي ٿيو ته پوءِ پيئرسن ايئر پورٽ تي انسان کي وڏي جستجو ۽ جاکوڙ مان گذرڻو پوي ٿو. ڪالھ اسان جڏهن ايئر پورٽ جي ويجهو پهتاسي ته مين شاهراه تان هيٺ لهي شهر اٽو بيڪو جيڪو پيئرسن جي بلڪل بارڊر تي آھي هڪ دوست جي اڇا تي بيٺي پير هيلو هاء ڪرڻ وياسين. موٽ تي نه ڄاڻان ته گهٽي مٽ ڪندي نيوي گيٽر جي موڊ مزاج ۾ ڪهڙي خفيف تبديلي آئي جو اسان کي پيئرسن جي گارگو ڊپارچر تي وڃي ڪڍيائين. جلد محسوس ٿيو ته اسين گمراه ٿيا آھيون. اتي جو اتي گاڏي جو رخ مٽائي وري پيسنجر ڊپارچر ڏانهن منهن ڪيوسين ان وچ ۾ پندرهن ويھ منٽ ضايع ٿي ويا.
جڏهن جي پي ايس رستو ڏيکاريندي ڊپارچر نمبر هڪ ۽ نمبر ٽئين ڏي موڙڻ جي سونهن ڏني ته پھريون ڇڏي ٽين تي پي. آئي. اي ڪائونٽر لاءِ لهي اندر گهڙياسي جتان ڄاڻ ملي ته هن عمارت جي ٻئي حصي ۾ سامهون ڊپارچر نمبر ٽئين ۾ پي. آئي. اي جو ڪائونٽر آھي. ايئر پورٽ جي ڪنهن سونهين کان سامهون واري حصي ڏانهن وڃڻ لاءِ رستو پڇيوسين. جنهن ڄآڻ ڏني ته اتي پهچڻ لاءِ توهان کي ٽرين تي وڃڻو پوندو. اهو ٻڌي منهنجا ته ٺپ ئي ٺري ويا.
فرحان سمجهي ويو ته بابا هاڻي پنڌ ڪرڻ جهڙو ناهي رهيو ۽ اڳ ۾ ئي ٽن چئن لفٽن ۽ ڪاريڊوس ۾ ڊوڙي ڊڪي ٿڪجي پيو آھي تڏهن هن ويل چيئر جو سهارو ورتو. اسان سان منهنجي وڏي پوٽي مدحت ساڻ هئي تنهن سامان جي ٽرالي ۾ هٿ وڌا ۽ همت ڪندي پنهنجي پيءَ واري پوزيشن سنڀالي. ريل ڪار تائين پهچڻ لاء ٻٽي فلور لتاڙڻا هئا. سو لفٽن ۾ هيٺان کان مٿي پهچي ٻٽي ڊگها ڪاريڊور لتاڙي اچي ٽرين جي هالٽ تي پهتاسين. پنجن منٽن ۾ ٽرين آئي. سڀ دروازا آٽومٽڪ سسٽم تي کليا ريل ۾ چڙھاسين. پنهجن منٽن جي اندر ٽين منزل تي هلندڙ ريل ڪار اسان کي ان سيڪشن تي رسايو جنهن تي پي. آئي. اي جو ٽڪيٽ چيڪنگ ۽ ويري فڪيشن ڪائونٽر هو. جڏهن اتي پهتاسين ته ڪڪڻون ڪون لڳي پئي هئي. معنا اسانجي ريل ڇٽي وئي.
ماحول جو جائزو وٺندي هيڏي هوڏي نهاريوسين ته ڊيسڪ تي هڪ به ڪارندو موجود ڪونه هو. رستي ۾ پي. آئي. اي جي عملي کي سوين فونون کڙڪايون سين پر مجال آ جو ڪو همراه تڪليف ڪري فون کڻي ۽ ڪا سڌ ڏئي. ڀرسان واري ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڪائونٽر تي بيٺل همراھ کان معلوم ڪيوسين ان ٻڌايو ته هي همراه ته ڪڏهن جو گولي ٿي ويا آھن. جيتوڻيڪ جهاز ايئر پورٽ تي بيٺل هو ۽ انجي اڏام ۾ اڃا پنجويھ ٽيھ منٽ باقي هئا. بيشڪ ليٽ ٿيڻ ۾ ڪوتاهي اسان جي به هئي. ڀوڳڻو به اسان کي پيو. پر اها سموري مصيبت ۽ اهو سڄو مسئلو نيوي گيشن سسٽم ۽ جي. پي. ايس جي تر جي گٿي جي ڪري ٿيو.
انسان کي زندگي ۾ تجربا ٿين ٿا پر ڪي تجربا وڏو درد ڏيندڙ ثابت ٿيندا آھن. سياڻن سچ چيو آھي ته تر جي گٿي سو چوٽون کارائي.
**