لطيفيات

شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت

پروفيسر امينہ خميساڻيءَ ادب جي ميدان ۾ پنھنجي تحقيقي ڪم ذريعي نالو ڪمايو آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي موضوعاتي اھميت، شاھہ جي رسالي جي بنيادي حقيقتن، شاھہ جي شاعريءَ جي سماجي اثرن، شاھہ جي شاعريءَ ۾ ايثار ۽ روحانيت، شاھہ جي شاعريءَ ۾ عورت جي تصور، رومانوي عنصرن،  شاھہ جي شاعريءَ جو انگريزرومانوي شاعرن سان تقابلو، سُر ماروي، سُر سامونڊي سميت ٻين موضوعن تي مضمون ۽ مقالا شامل آھن. ڪتاب ۾ڪجه متفرق مواد ۽ انٽرويوز پڻ شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 48
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب: شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت
ليکڪا: پروفيسر امينہ خميساڻي
سھيڙيندڙ: مختيار احمد ملاح
ڇاپو پھريون: اپريل 2023ع
ڇپيندڙ: ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي
قيمت: 400.00 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ، ليکڪا ۽ محقق پروفيسر امينہ خميساڻيءَ جو لکيل ڪتاب ”شاھہ لطيف جي شاعريءَ جي موضوعاتي اھميت“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪتاب جو سھيڙيندڙ مختيار احمد ملاح آھي.
پروفيسر امينہ خميساڻيءَ ادب جي ميدان ۾ پنھنجي تحقيقي ڪم ذريعي نالو ڪمايو آھي. ھن ڪتاب ۾ شاھہ لطيف جي موضوعاتي اھميت، شاھہ جي رسالي جي بنيادي حقيقتن، شاھہ جي شاعريءَ جي سماجي اثرن، شاھہ جي شاعريءَ ۾ ايثار ۽ روحانيت، شاھہ جي شاعريءَ ۾ عورت جي تصور، رومانوي عنصرن، شاھہ جي شاعريءَ جو انگريزرومانوي شاعرن سان تقابلو، سُر ماروي، سُر سامونڊي سميت ٻين موضوعن تي مضمون ۽ مقالا شامل آھن. ڪتاب ۾ڪجه متفرق مواد ۽ انٽرويوز پڻ شامل آھن.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ ريکائون پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مختار احمد ملاح ۽ ريکائون پبليڪيشن جي سرواڻ رحمت پيرزادي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه انگريزيءَ جا سڀئي استاد انتهائي قابل ۽ محنتي هوندا هئا ۽ سندن اصول پرستي پڻ سڄي سنڌ ۾ مشهور هوندي هئي. اهڙن استادن ۾ سائين پروفيسر عبدالغني شيخ به هوندا هئا. هميشه مسڪراهٽ سندن چهري تي عيان هوندي هئي. بظاهر هميشه خاموش، پر گهري سوچ رکندڙ هيءُ استاد پنهنجي لباس ۽ انداز گفتگو جي ڪري به هميشه منفرد لڳندا هئا، پر سندن خاص ڳالهه، پڙهائڻ جو انداز هوندو هو. شاگردن کي همٿائڻ لاءِ نوان طريقا اختيار ڪندا هئا. ڪڏهن گفٽ ته ڪڏهن سيکارڻ لاءِ گيجٽس کڻي ايندا هئا. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ کيس دل جو عارضو ٿي پيو. سندس ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي جي پٺيان ناگهاني مسئلن ۽ سانحن جي ڪري اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو ۽ رٽائرمينٽ کان پوءِ ماڻهن سان ملڻ جلڻ ختم ڪري ڇڏيائين ۽ گمنامي ۾ گذارڻ لڳا. سنڌ جو هيءُ قابل ۽ لائق استاد 2019ع ۾ گذاري ويو ۽ کيس حيدرآباد ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.

مختيار احمد ملاح

پبلشر نوٽ

شاھ لطيف سڄي ويھين صديءَ جي سنڌي ادب تي ڇانيل نظر اچي ٿو، ھر وڏو ليکڪ ۽ دانشور شاھ لطيف بابت پنھنجي الڳ راءِ رکي ٿو، ٽرمپ، سورلي، جي ايم سيد، ھوتچند مُولچند گُربخشاڻي، ڊاڪٽر عُمر بن محمد دائودپوٽو، ڪلياڻ آڏواڻي، ڄيٺمل پرسرام، علامہ آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايلسا قاضي، شيخ اياز، ابراھيم جويو، رسول بخش پليجو، آغا سليم، تاج جويو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ميمڻ، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، مير محمد پيرزادو، انور پيرزادو، ڊاڪٽر شاھ نواز سوڍر، استاد لغاريءَ کان ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ تائين سوين سنڌي ليکڪن ۽ دانشورن جا شاھ لطيف بابت ڪتاب، مقالا ۽ مضمون موجود آھن، پر پوءِ بہ شاھ لطيف اھڙو ھماگير شاعر آھي تہ ان بابت جيترو گهڻو لکيو ويو آھي، اوترو گهٽ لکيو ويو آھي. شاھ لطيف تي اڃا گهڻو لکي سگهجي ٿو، شاھ بابت جديد سنڌي شاعريءَ جي تنقيدي معيارن تي نئين شرح جي پڻ شديد ضرورت آھي.
ميڊم امينہ خميساڻيءَ جو ھونءَ تہ شاھ لطيف جي حوالي سان رسالي جو ترجمو اھم حيثيت رکي ٿو، پر ھي سنڌيءَ ۾ سندن مضمونن جو گڏ ڪيل ڪتاب، پڪ سان ھل الڳ اھميت جو حامل انڪري بہ آھي تہ ھيل تائين ميڊم امينا خميساڻيءَ جو شاھ بابت ڪم وکريل ھيو، جيڪو يقينن بنيادي ڪمن منجهان ھڪ آھي، ان کي ھڪ ھنڌ سھيڙي مطالعي ھيٺ آندو وڃي، تہ جيئن ميڊم امينہ خميساڻيءَ جو ھي ڪم پنھنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ پڙھي، پرکي ۽ ھئين سان ھنڊائي سگهجي. خاص طور ڀٽائيءَ جي سُرن ۾ عورت جي اھميت بابت ميڊم امينہ خميساڻيءَ جو ڪم اھم آحي. ھُن مارويءَ تي ٽي الڳ مضمون لکيا آھن جيڪي ھن ڪتاب ۾ شامل آھن.
مختيار احمد ملاح سنڌي ادب ۾ ھڪ اھم نانءُ آھي، جيڪو خاموشيءَ سان پنھنجي ٻولي، ادب ۽ تاريخ تي ڪم ڪري رھيو آھي. يقينن ميڊيا جو دور آھي ۽ شيون لڪن نہ ٿيون، ان لاءِ سندس نانءُ بہ ڪنھن کان ڳجهو ناھي، تنھن ڪري پنھنجي ڪم جي حوالي سان کين ڪافي ناماچار حاصل آھي. ھڪ ليکڪ لاءِ اھا وڏي حاصلات آھي تہ اھو پنھنجي ڪم جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي. اسان کي يقين فخر آھي تہ ريکائون پبليڪيشن جي ڪيٽلاگ ۾ ھي ”لطيفيات“ تي پھريون ڪتاب، اسان جي فھرست کي چار چنڊ لڳائڻ برابر آھي.


رحمت پيرزادو

همت ڪش ڌيءَ : شرف النساءِ چنا

پروفيسر آمنه خميساڻي، جنهن جي شخصيت کان حيدرآباد جو ننڍو ۽ وڏو واقفيت رکي ٿو، سا علي بخش چنا خاندان جي ٽيون نمبر نياڻي هئي. هن نياڻيءَ جو جنم به پاٽ ۾ ٿيو ۽ چنا محلي جي ٻين ٻارن وانگر، هن جي ابتدائي تعليم جيجي صاحبه جي مڪتب ۾ ٿي، جتي هن قرآن شريف ۽ سنڌيءَ جو مطالعو ڪيو. اڳتي هلي، سينٽ جوزف اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري لاهور جي ڪينئرڊ ڪاليج مان بي.اي. جي ڊگري حاصل ڪئي.
آمنه چنا جي شادي غلام محمد خميساڻيءَ سان ٿي، جيڪو پوليس کاتي ۾ آفيسر هو. ان زماني جي لحاظ کان هن آمنه کي مڪمل آزادي ڏني، جنهن جي بدولت آمنه شادي کان پوءِ پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري رکندي، انگريزي ادب ۾ ايم. اي جي سند حاصل ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز ٿي. جيئن ته هن جي تعليم پوري انگريزي زبان ۾ ٿي، پر هن جي ذهانت جو داد ڏيندي منهنجو قلم سندس تعريف کان رهي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو هن سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي ۽ جيڪي ڪتاب لکيا، ان مان اهو بلڪل ظاهر ئي نه ٿو ٿئي ته آمنه خميساڻي، گهڻي سنڌي پڙهيل ڪانه هئي. انگريزيءَ تي عبور حاصل هئڻ ڪري، هن شاهه عبداللطيف جي رسالي جو ترجمو انگريزيءَ ۾ ڪيو، جنهن جي ڪري کيس ”تمبورو“ انعام ۾ مليل آهي. ان کان علاوه، هن جي حسن ڪارڪردگيءَ جي ڪري سنڌ يونيوسٽيءَ کيس انعامن اڪرامن سان نوازيو، جنهن جو ثبوت پڙهندڙن لاءِ هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
يونيورسٽيءَ جي نوڪريءَ دوران، هن سردار بهادر ڪاليج حيدرآباد ۾ بطور پرنسيپال طور به ڪم ڪيو، جتي مٽن مائٽن جي نياڻين کي جيڪي اتي پڙهندڙ هيون، انهن کي ڪافي فائدا ڏنا، جن مان عزيز چنا، ۽ نجمه چنا به فائدا حاصل ڪيا. جيئن ته سندس واسطو هميشه تعليم جي شعبي سان رهيو، ان ڪري هوءَ چاهيندي هئي ته هر سنڌي نياڻي تعليم حاصل ڪري، چاهي پوءِ اها شادي ۽ ٻارن واري ڇونه هجي.
آمنه خميساڻيءَ جي مان به ٿورائتي آهيان، ڇاڪاڻ ته هن جي همت افزائيءَ جي ڪري مون به بي.اي جي آخري سال جو امتحان ڏنو، جيڪو خاله، جيڪا منهنجي سس هئي، ان جي وڃڻ کان پوءِ ٻن سالن تائين مڪمل نه ٿي هئي.
ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪنهن کان ڳجهو آهي! ڪتاب ۽ تاريخون انهن قصن سان ڀريل آهن، پر هن ماٽيلي ماءُ کي اهڙين ڪهاڻين ۽ قصن سان ڀيٽ نه ٿي ڏئي سگهجي. هن پنهنجي گهرواري، غلام محمد جي پهرين زال مان پيدا ٿيل نياڻي جنهن کي فخرو جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ان کي پنهنجي نياڻيءَ جي نظرن سان ڏٺو. فخرو ۽ سندس گهرواري جي اڻ بڻت ڪري، هن جي مستقل رهائش جو بندوسبت پاڻ وٽ ڪيائين، نه رڳو ايترو، پر فخروءَ جو پٽ اياز سهتو آهي، ان جي تعليم۽ تربيت جي ذميواري به پاڻ کنيائين. يونيورسٽيءَ جو مليل پلاٽ فخروءَ جي نالي ڪيائين. فخرو به هن کي پنهنجي سڳي ماءُ جي حيثيت سان ڏسندي هئي ۽ سندس بيحد عزت ڪندي هئي ۽ لڳائي چڱائي ۾ هن جو گهڻو ساٿ ڏيندي هئي.
آمنه خميساڻيءَ جو شاديءَ کان پوءِ گهڻو عرصو حيدرآباد ۾ گذريو، جنهن ڪري، جيڪي مٽ مائٽ حيدرآباد ۾ رهندا هئا، انهن جي سار سنڀال به لهندي هئي. هوءَ پاٽ ۾ جتي پيدا ٿي ۽ ٻورڙي جتي هن جي اباڻي ڪاشت ڪاري زمين آهي، اتان جي ماڻهن کي به نه وساريو. ڪڏهن ڪڏهن، انهن لاءِ تحفا موڪليندي هئي. سندس شريڪ حيات محترم غلام محمد خميساڻي، هڪ شريف ۽ باڪردار انسان هو. سندس تعلق ڪنڊياري تعلقي جي ڳوٺ گجڻ ساحل سان هو. شاديءَ وقت، هو پوليس کاتي ۾ هو ۽ آخري وقت ۾ DSP جي عهدي تي فائز هو. انتهائي دلير شخص هو. زندگيءَ جوآخري سفر ڪراچيءَ ۾ دل جي دور پوڻ ڪري 12 آڪٽوبر 1971ع ۾ پورو ڪيائين.
آمنه خميساڻيءَ سان منهنجاٻه رشتا آهن. هوءَ منهنجي سڳي ماسات به هئي ۽ نڻاڻ به، انهي ڪري، مان هن کي ادي آمنه جي نالي سان ياد ڪندي آهيان. مون کي ياد آهي ته ادي آمنه جي هن دنيا ۾ آخري رات جيڪا هن آغا خان اسپتال ۾ گذاري، هن جي نياڻي ياسمين ۽ مان هن جي پلنگ وٽ موجود هئاسين. ڊاڪٽر ياسمين هن جي مٿي تي هٿ رکي پنهنجي والده کي سمجهائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ خدا حافظ ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ مون ادي آمنه جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي وڃڻ جي اجازت وٺڻ ٿي چاهي، جيڪو هن پنهنجي ڪوشش آهر مضبوطيءَ سان جهلڻ چاهيو، جنهن جو مطلب هو ته هن اسان ٻنهي کي گهر وڃڻ لاءِ اجازت ڏيڻ نه ٿي چاهي، پر نرس ۽ ڊاڪٽرن جي مسلسل اعتراض ڪري اسان کي اسپتال ڇڏڻي پيئي. زندگي اچڻ وڃڻ جو نالو آهي. هر شيءِ بي بقا آهي.
ادي آمنه جي زندگيءَ ۾ هر شيءِ سندس مطابق گذري. سندس گهرواري جو ڪو به قدم ادي آمنه جي مرضيءَ جي خلاف نه هوندو هو. گهر جو نظام، ان سان گڏ يونيورسٽي ۽ اولاد جي سار سنڀال، سڀ جو ڌيان رکندڙ خاتون هئي. ڇاڪاڻ ته جو غلام محمد جو نوڪريءَ سانگي گهر کان هميشه ٻاهر رهڻ ٿيو. اولاد جي سڌاري ۾ هن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. سندس گهرواري جي موجودگيءَ ۾ ۽ ان جي وڃڻ کان پوءِ به. ڇوڪرا هميشه ڏنگا ٿيندا آهن ۽ خاص ڪري جن کي صرف ماءُ جي ڇانو هجي، پر هن عورت ڪڏهن به پنهنجي پٽن کي ماءُ ٿي لولي ڏيئي، پنهنجي هنج ۾ سمهاري زندگيءَ جي سڪون سان سنواريو ته ڪڏهن سخت جان ٿي هنن تي ڪڙي نظر رکي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن جا ٻه پٽ رياض احمد ۽ طارق انجنيئر ٿيا ۽ هڪ ڌيءُ ياسمين ڊاڪٽر. سندس اولاد مان طارق، جيڪو ننڍي لاءِ پڙهائي جي بنسبت راند روند کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو هو، ان تي ايترو توجهه ڏنائين جو هن جي زندگيءَ جو ستارو وڌيڪ چمڪندڙ نظر اچي ٿو.
ادي آمنه جا ڪيترائي ڪتاب حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ڪتاب گهرن ۾ موجود آهن. نه رڳو سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف جو رسالو، هن انگريزي زبان ۾ لکيو، سو آمريڪا جي لائبريرين ۾ به موجود آهي. هن جي شخصيت جي علم سان دلچسپي ان مان ظاهر آهي جو عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن هن جي اکين ڏسڻ کان هٿن قلم کڻڻ کان نابري واري، تڏهن به هن پنهنجي ڀاءُ سيف الدين جي باري ۾ ڪتاب لکڻ ٿي چاهيو، جيڪو وقت جي گهٽتائي جي ڪري پورو ٿي نه سگهيو.

منهنجي پياري استاد آپا امينه خميساڻي : گل محمد عمراڻي

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾1968ع کان 1972ع تائين چئن سالن جي علمي ياترا ۾ سڀ کان محترم ۽ مقتدر هستي ۽ استاد جنهن مون کي گهڻو متاثر ڪيو، اها هئي آپا خميساڻي. سندس اصل نالو آمنه چنا آهي، پر هوءَ پروفيسر آمنه عرف امينه خميساڻيءَ طور مشهور آهي ۽ سندس تعلق پاٽ شريف جي برگزيده علمي ادبي چنا خاندان سان هو.
مسز خميساڻيءَ شادي مسٽر جي.ايم خميساڻيءَ سان ڪئي، جيڪو سنڌ پوليس ڊپارٽمينٽ سان واڳيل هو ۽ ڊي. ايس. پي جي عهدي تي فائز رهندي سروس دوران ان وقت جي هوم سيڪريٽري مسٽر محمد خان جوڻيجي جي آفيس تغلق هائوس ۾ هڪ ميٽنگ دوران دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
ميڊم خميساڻيءَ کي ٽي ٻار هئا ۽ هو بفضل الله زنده سلامت ۽ خوش و خرم آهن. سندس واحد ڌيءُ ڊاڪٽر ياسمين هاڻي آمريڪا جي شهري آهي ۽ سندس وڏو فرزند ڪيپٽن رياض خميساڻي پي. آءِ. اي. ۾ پائليٽ جي منصب تان رٽائر ٿي هاڻ ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو ۽ سندس شادي حيدرآباد جي مشهور معروف سومرا خاندان ۾ ٿيل آهي، جن جو هڪ يادگار فاران هوٽل صدر حيدرآباد ۾ تمام گهڻو وقت مرڪز توجهه ۽ تفريح ڪاروبار رهيو. ڪجهه عرصو پهريون ان هوٽل کي ڊاهي هاڻي اتي شاپنگ سينٽر جي جُڙت ٿي رهي آهي. ڪيپٽن رياض خميساڻيءَ جي گهرواري پروين هڪ ڪار حادثي ۾ سپر هاءِ وي تي فوت ٿي وئي. ميڊم جو ننڍو پٽ مسٽر طارق خميساڻي آخري اطلاعن تائين ملٽي نيشنل ڪمپني برٽش پيٽروليم جو پاڪستان ۾ سربراهه چيف ايگزيڪيوٽو هو. هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ نيويارڪ ۾ وفات ڪري ويو آهي، الله سائين سندس مغفرت ڪري جواني ۾ عجيب البيلو انسان هو ۽ ماءُ جو لاڏلو فرزند.
ميڊم جو محترم والد صاحب خان صاحب علي بخش چنا صاحب، سنڌ جي ابتدائي ٻن چئن گريجوئيٽس ۾ شامل هو. 20 صدي ۾ برٽش راڄ ۾ پي. سي. ايس آفيسر هو ۽ نوابشاهه، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو. هن پنهنجي پياري ڌيءُ امينه کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لاهور جي مشهور ڪئنرڊ ڪاليج فار وومين ۾ بي. اي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، جتان محترمه امينه چنا صاحبه موٽي اچي مائٽن جي رضامنديءَ سان شادي ڪري گهر سنڀالي ويهي رهي ڪافي قيمتي سال گذرڻ کان پوءِ هن ايم. اي انگريزي ادب ۾ ڪئي، جنهن جا محرڪ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مدر ايلسا قاضي هئا. مون جڏهن 1968ع ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي ته اتي ٻه خاتون پروفيسرز هيون: ميدم امينه خميساڻي ۽ ميڊم خالده سليم فاروقي. ميڊم فاروقي حال حيات آهي عمر تقريبن 70 کان مٿي هوندن، پر بظاهر خوش پوشاڪ ۽ سٺي صحت بيهڪ ۽ گفتار و رفتار سان آهن ڪڏهن هم ٽي. وي چئنل تي مذاڪرن ۾ ديدار اتفاقن نصيب ٿيندو آهي. ويجهڙائي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملاقات ٿي.
ڳالهه جو محور آهي ميڊم خميساڻي ۽ سندس ساروڻيون اڳ هڪ عدد داستان ۾ مان يوسف جکراڻي مرحوم جا ڪامريڊي مڪالما، ميڊم خميساڻي سان تفصيلن بيان ڪري آيو آهيان يا وري لکندس. جنهن ۾ ميڊم خميساڻي جکراڻي صاحب کي تنبيهه ڪندي ائين چيو هو ته “هي يونيورسٽي هڪ (مقدس) جاءِ آهي.” ۽ جکراڻي صاحب وري ديسي انگريزي ۾ ان کي secret يعني مخفي يا ڳجهي جاءِ ڪري سمجهيو ۽ ميڊم خميساڻيءَ کي چيائين ته آپا يونيورسٽي secret جڳهه ڪانهي ۽ ان کي هر عام ۽ خاص لاءِ کليل درسگاهه سمجهيو آهي. ميڊم جي انگريزيءَ جي رفتار ڪنئرڊ ڪاليج واري هئي، جتي انگريزيءَ سان گڏ فرينچ زبان پڙهڻ به لازمي هوندي هئي ۽ آهي ۽ ڪامريڊ يوسف جکراڻي جي سمجهه کان گهڻو ڏکي هئي.
ميڊم خميساڻيءَ جا ڪجهه پراڻا ۽ يادگار فوٽو گراف هاڻي ڀٽ شاهه جي ميلي جي انهي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن وارن ڪتابن پيغام لطيف ۽ ارمغانِ لطيف ۾ ڇپيل اوهان کي ملندا، جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صدارت ڪري رهيو آهي ۽ اسٽيج تي سيڪريٽريءَ طور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم نظر اچي ٿو بلي! ڇا ته زمانو هو. بلوچ صاحب جڏهن اسلام آباد بدلي ٿي ويو ته اسان جو هڪ ٻيو محترم استاد سائين الله بخش نظاماڻي پرنسپال نور محمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج ڀٽ شاهه ادبي ڪانفرنس ۾ سيڪريٽريءَ جا فرض انجام ڏيندو هو. هاڻ ته عجب تماشو ۽ سرڪس لڳو پيو آهي. ميڊيا جو زمانو آهي، نه رهيا آهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙا محقق، دانشور ۽ عالم ۽ نه رهيا آهن الله بخش نظاماڻيءَ جهڙا تعليمدان جنهن کي ثقافت جي وزارت چونڊي. موجوده وقت ميلي تي فنڪاريءَ جو آهي ۽ اهو فنڪار صاحب پي. ٽي. وي اسٽائيل ۾ ڪمپيئرنگ ڪندو، بلڪه اداڪاري ڪندي نظر ايندو آهي. نالا کڻڻ جي منع آهي.
ميڊم خميساڻيءَ جا پراڻا يادگار فوٽو گرافس انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ به لڳل هئا، جتي پراڻن سالن جي فائنل ايئر جون الوداعي فريم ٿيل تصويرون جليل صاحب جي آفيس ۾ خوبصورتي سان ٽنگيل هونديون هيون ۽ جيڪي اڄڪلهه جي صاحبن الائي ڪهڙي ڪنڊ ۾ سانڍي ڇڏيون آهن. اڄڪلهه ڊپارٽمينٽ جي جاءِ تي انگريزي زبان ۽ ادب جو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيل آهي. جنهن جي سربراهي هڪ پي. ايڇ .ڊي ڊائريڪٽر ڪري ٿو.
ميڊم خميساڻيءَ اسان کي آنرز جي ٽئين سال ۾ رومانوي شاعري Romantic Poetry پڙهائي. جنهن ۾ ڪالرج، ورڊس ورٿ، ڪيٽس، شيلي ۽ لارڊ بائرن کي پڙهڻ لازم هو . 19هين صديءَ جي رومانٽڪ شاعري دراصل مصنوعي ڪلاسڪ شاعري جي خلاف علم بغات آهي. جيڪو تصنع، لافزني واري لفظي ٺاهه جوڙ، جڳاڙي تجنيس حرفي واري جادوگري ۽ بناوٽي اظهاريت ۽ هٿرادو گهاڙيٽن جي مقابلي ۾ ٺيٺ عوامي ۽ آزاد ٻوليءَ ۾، اندر جي اڌمن جو بي ساخته اقرار ۽ من اڇل آهي. ميدم خميساڻيءَ جو پڙهائڻ وقت موثر انداز، تز تشريح ۽ استدلالي تعبير ڪرڻ وارو لهجو عالماڻو ۽ بصيرت آميز هوندو هو. هن وٽ شاهه لطيف جو عميق مطالعو ۽ مشاهدو، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جا مثال ائين زبان تي هوندا هئا، ڄڻ ته ورڊس ورٿ ۽ شيلي به شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر کان متاثر هجن. اهڙو تقابلي جائزو ۽ اپٽار، شاگردن لاءِ امرت ڌارا هوندو هو، ڪٿي مغربي ادب جا سرچشما ۽ ڪٿي خالص مشرقي شاعري سا به سلوڻي سنڌيءَ مان پلٽائي انگريزي ۾ پيش ڪرڻ جو ميڊم خميساڻي وٽ انوکو ڏانءُ ۽ ڏس هوندو هو. جنهن سان هوءَ ڪلاس ۾ تخليق، فلسفياڻي ۽ مبهم موضوعن کي سلاست، رواني ۽ فراست سان آسان ڪري بيان ڪندي هئي. هن عالم خاتون وٽ شاهه لطيف جو مرتبو ۽ مان غالب، اقبال، شيڪسپيئر ۽ گوئٽي کان مٿانهون هو. سندس لکيل انيڪ مضمون شاهه لطيف تي مون پاڻ انگريزي اخبارن ۾ پڙهيا هئا ۽ سندس وڏو ڪارنامو ۽ تحفو، شاهه جي رسالي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو آهي. جنهن کي پهريائين ته هڪ زبان يعني انگريزيءَ ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن 1992ع ڇپايو هو، پوءِ وري منهنجي ايامڪاري 2002ع ۾ ميڊم جي پُرزور اصرار تي مون پاڻ ان کي ايڊٽ ڪري انگريزي ۽ سنڌي ۾ آمهون سامهون مضمون رکي خوبصورت يادگارDeluxe وڏي ايڊيشن ۾ ڇپايو، جنهن لاءِ پاڻ ضعيف العمريءَ ۾ مون وٽ آفيس هلي آئي هئي ۽ چيو هئائين ته هي منهنجي آخري خواهش آهي ۽ توتي بحيثيت منهنجي شاگرد رشيد ۽ موجوده سيڪريٽري ڪلچر هجڻ جي ناتي هڪ اخلاقي فرض آهي ته هاڻي ان کي ديوان غالب ۽ ڪلياتِ اقبال جيان شايع ڪرائين.
انگريزي ترجمو ته موجود هو، پر ان جي سامهون سنڌي بيت ڳولهي رکڻ اهو ڏکيو ۽ تحقيق طلب ڪم هو، جيڪو بهرحال مون پاڻ بقلم خود هڪ ساٿي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر قيوم لالائيءَ جي مدد سان نيٺ الحمدلله ڪري، ناتوان ميڊم جي اها خواهش پوري ڪري ڏيکاري. اسان وارو اهو يادگار ڊيلڪس ايڊيشن هاڻي بازار ۾ اڻ لڀ آهي. ڇاڪاڻ ته ان جا ڪيترائي نسخا ٻاهر آمريڪا ۽ برطانيا ۾ سنڌي ڀائرن کي سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا SANA طرفان ڊاڪٽر اسد لاڙڪ خريد ڪري موڪليا هئا.
ڊاڪٽر اسد لاڙڪ به انگريزي ڊپارٽمينٽ جو هڪ پراڻو استاد آهي ۽ اهو اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ هڪ خانگي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿو ۽ تقريبن ويهه پنجويهه سال آمريڪا ۽ جرمني ۾ رهي آيو آهي سندس هڪ Talented ڪزن ڊاڪٽر ڪي. ايم. لاڙڪ صاحب به سنڌ يونيورسٽيءَ جو سابق ڊين فيڪلٽي آف آرٽس رهيو آهي ۽ هو به ميڊم جو نهايت پيارو شاگرد ۽ ڊپارٽمينٽ جو پراڻو استاد ساٿي ۽ رفيق آهي. ڊاڪٽر ڪي. ايم لاڙڪ انگريزي ادب ۾ برنارڊشا تي پي ايڇ ڊي، ميڊم خميساڻيءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪئي آهي ۽ هاڻي هُو به ڪراچيءَ ۾ مستقل ڪنهن خانگي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿو، اهڙا قابل ۽ اورچ استاد سڀ ميڊم خميساڻيءَ جي شاگرديءَ جي هام هڻن ٿا. باقي رهيو منهنجو ذڪر ته من آنم ڪ من دانم مان ڇا آهيان اها مون کي ئي خبر آهي. مطلب ته هيءُ فقير ڪنهن به ذڪر جي قابل هرگز نه آهي ۽ نه هو.
ها ميڊم جي هڪ ٻي استادانه ۽ شفيق حجت يا خواهش بلڪه آرزوءَ جو ذڪر به ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن جو اظهار سال 1972ع ۾ ائين ٿيو، جڏهن مان ايم.اي فائنل ۾ هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ويٺو هئس ۽ پاڻ ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن هئي. هڪ پٽيوالو چاچا عبدالله دروازي تي اچي بيٺو ۽ مون کي اشارو ڪري سڏيائين مون کي ٿوور اچرج ٿيو، ڇاڪاڻ ته اسان شاگردن لاءِ پٽيوالا به آفيسرن ۾ شمار ٿيندا هئا ۽ هُو اسان کي لفٽ ڪونه ڪرائيندا هئا. مان اکيون مهٽي وري ڏٺو ته هن جو اشارو ۽ آواز منهنجو نالو وٺي رهيو هو. ڄڻ ڪنهن وڏي عدالت جو سڏ هجي ته فلاڻو پٽ فلاڻي جو حاضر ٿئي!
نيٺ هلندڙ ڪلاس مان اٿي پٽيوالي جي پويان روانو ٿيس، جنهن چيئرپرسن جي آفيسر جي دروازي تي اچي ڇڏيو اندر داخل ٿيس ته ميڊم خميساڻيءَ مشڪندي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. ڪجهه دير بعد جڏهن ساهه پٽيم ته پيار ۽ پاٻوهه مان مون کي چيائين ته مسٽر عمراڻي! مون کي خبر آهي ته توهان انگريزيءَ ۾ طبعزاد لکندا آهيو ۽ اوهان جي شاعري مون ڊپارٽمينٽ جي سالياني تحقيقي رسالي ايريئل ۾ پڙهي آهي. هاڻ وائيس چانسلر محترم حسن علي عبدالرحمان جو هڪ نادري حڪم هن خط ۾ آيو آهي ته انگريزي ڊپارٽمينٽ وارا رڳو پيا انگريزن جا لکيل ڊراما ۽ ناول پڙهائين. پنهنجو تخليقي ادب ڇو نٿا سرجين! اسان جي ڊپارٽمينٽ جي عزت جو سوال آهي ته اسان وائيس چانسلر صاحب کي هڪ عدد طبعزاد انگريزي ڊرامو لکي ڏيون. بلڪه ناٽڪ کي اسٽيج به ڪريون مون کي يقين آهي ته اوهان وٽ اهو فطري هنر آهي جو اوهان اهو ڊرامو هفتي اندر انگريزي زبان ۾ لکي ڏيکاريندا ۽ ان جي هفتي ۾ ريهرسل ڪري آرٽس فيڪلٽي آڊيٽوريم ۾ اسٽيج تي پيش ڪندا. هاڻي پندرهن ڏينهن لاءِ توهان ڪلاس ۾ بلڪل نه اچو ۽ توهان جي غير حاضري کي حاضريءَ ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ اوهان جو فقط هڪ ئي ڪم آهي ته انگريزي ڊرامو لکو ۽ موزون اداڪار ڳولهي ريهرسل ڪري انهن کي اسٽيج تي پيش ڪريو ته جيئن ڊپارٽمينٽ جي ناماچاري ٿي سگهي.
اهو حڪم ٻڌندي ئي منهنجي هٿن مان اڻ ڏٺل طوطا اڏامي ويا ۽ مان لاجواب ٿي ويس ۽ اهو وقت ياد ڪرڻ لڳس، جڏهن هڪ ڏينهن ماضي قريب ۾ هڪ انگريزي مباحثي ۾ اڳوڻي چيئرمين پروفيسر جليل الدين احمد صاحب منهنجو زوريءَ اوچتو نالو پنج منٽ اڳ ڏنو هو ۽ جڏهن منهنجو وارو آيو ته مان ڏڪندڙ ٽنگن سان اسٽيج تي چڙهڻ بدران ٻاهر بيٺل بس ۾ ٽپ ڏئي چڙهي يڪدم حيدرآباد جو رخ رکيو هو ۽ آخر تائين منهنجي ڪنن ۾ منهنجو نالو اعلان ڪندڙ جو گونجندڙ آواز ٻُرندو رهيو ۽ ٻئي ڏينهن ڪهڙي نه شرمندگي ٿي هئي اصل ۾ ڏوهه منهنجو گهٽ ۽ پروفيسر جليل جو وڌيڪ هو، ڇاڪاڻ ته هن جو اعتماد ڪجهه سرس هئو هو مون کي هر فن مولا سمجهي چئي رهيو هو ته بيٽا چڙهه جا سولي پر، رام ڀلي ڪريگا.
ميڊم کلي چيو ته ”مسٽر عمراڻي پراڻيون ڳالهيون وساريو، ڇاڪاڻ ته اهو اعلان ته اوچتو هو، هاڻي توهان کي پورا پندرهن ڏينهن پيا ڏيون. مهرباني ڪري اهو ڪم قبول ڪري، ها ڪريو ته جيئن وي سيءَ کي ڏيکاريون ته اسان وٽ به ڪهڙا هر فن مولا ويٺا آهن.“
مون چيو، “بسم الله”

مرتب پاران

سنڌي سماج ۽ ثقافت ۾ عورت کي خاص مقام حاصل رهيو آهي. اڄ به جڏهن سنڌ جي لوڪ داستانن جو ذڪر ايندو آهي ته سڀ کان اول عورت جو نالو کنيو ويندو آهي، جيئن ”مومل راڻو“، ”نوري ڄام تماچي“، ”ليلان چنيسر“، ”سسئي پنهون“ وغيره وغيره. مسئلو صرف اهو آهي ته سنڌي سماج ۾ تعليم جي ترقيءَ نه هئڻ سبب، اسان جو معاشرو ڪارو ڪاري ۽ ٻين دقيانوسي سماجي مسئلن جو شڪار رهيو آهي، پر سنڌ جي تاريخ مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته اڳوڻن دورن ۾ عورتن سنڌ جي حڪومت جون واڳون پڻ سنڀاليون آهن، جيڪا ان وقت جي ترقي پسند سوچ کي ظاهر ڪري ٿي. سنڌي سماج ۾ جديد تعليم جو حصول انگريزن جي دور ۾ ممڪن ٿي سگهيو. انهيءَ دور ۾ سنڌ جي نياڻين لاءِ پڻ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا دروازا کليا. جيئن جيئن تعليم وڌندي وئي ته عورتن جو سنڌي علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ ڪردار پڻ وڌندو ويو. ان دور ۾ مسلمان عورتن جي ڀيٽ ۾، هندو سنڌي عورتون تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ اڳتي هيون، پر مسلمان عورتن جو پڻ هڪ خاصو تعداد تعليم ۾ اڳتي نڪري چڪو هو. ورهاڱي کان پوءِ، سنڌي عورتن کي جتي تعليم جي زيور سان نوازيو ويو، اتي هنن علم، ادب، سائنس، تعليم ۽ ٻين سڀني ميدانن ۾ پنهنجي هستي ۽ وجود کي ثابت ڪيو آهي. اهڙين عورتن ۾ هڪ تمام وڏو نالو ميڊم پروفيسر آمنه خميساڻيءَ جو به آهي، جيڪا علمي ۽ ادبي دنيا ۾ امينه خميساڻيءَ جي نالي سان مشهور آهي.
ميڊم پروفيسر خميساڻيءَ جو پهريون دفعو نالو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي انگريزي ادب پڙهڻ دوران ٻڌو هئم. هوءَ اسان جي داخلا کان ڪافي سال اڳ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ڪري چڪي هئي. ان دوران سندس علمي ۽ ادبي عظمت، هر استاد ۽ شاگرد جي وات تي هوندي هئي. سندس ڪجهه انگريزي ادب تي لکيل آرٽيڪل جيڪي انگريزي شعبي پاران نڪرندڙ جرنل ”ايريل“ ۾ شايع ٿيل هئا، اهي پڻ پڙهڻ جو موقعو مليو. بهرحال، مون کي ميڊم امينه خميساڻيءَ سان ڪڏهن به روبرو ملاقات يا ڏسڻ جو موقعو ملي نه سگهيو!
شايد 2007ع جي ڳالهه آهي، نامور ڪمپيئر ياسر قاضي، ڪي. ٽي. اين تان ”ڪسوٽي“ جي نالي سان پروگرام ڪندو هو، جنهن ۾ پروفيسر قلندر شاهه ۽ ڊاڪٽر علي نواز شوق صاحب جن ايڪسپرٽ طور ويهندا هئا. ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ، ياسر قاضي صاحب مون کي به دعوت ڏني هئي. مان پنهنجي پياري دوست جبار کهڙي سان پروگرام ۾ پهتس، جتي جبار کهڙي کي به پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو ۽ هن ميڊم امينه خميساڻيءَ جي شخصيت کي واريو هو. سائين قلندر شاهه دير ئي نه ڪئي، جبار جي واريل شخصيت کي سمجهي ويو ۽ آخر ۾ ميڊم جي باري ۾ تفصيلي احوال ٻڌايو هو. ان ڏينهن کان ميڊم جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو تجسس رهيو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ميڊم جيڏي وڏي پائي جي ليکڪه هئي، پر سندس باري ۾ ڪنهن به ادبي تاريخ ۾ سندس نالو به نه لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جي تياريءَ دوران جڏهن ورق گرداني ڪندي صرف سليم چنا جو هڪ ننڍڙو مضمون ۽ سائين گل محمد عمراڻيءَ جو سندس آتم ڪٿا ۾ لکيل مضمون، ۽ هڪ انٽرويو ملي سگهيو. سندس ڪنهن به ڪتاب تي ڪٿي به لکيل تبصرو هٿ اچي نه سگهيو. اهڙيءَ طرح، سندس شاگردن، انگلش ڊپارٽمينٽ جي سيمنار لائبريريءَ جي واسطيدارن سان لهه وچڙ باوجود، سندس ڪيترائي مضمون ، مقالا ۽ ڪالم پڻ هٿ اچي نه سگهيا. بهرحال، جڏهن سندس فرزند رياض احمد خميساڻي صاحب سان رابطو ٿيو ته ان نه صرف خوشيءَ جو اظهار ڪيو، پر ميڊم جا ڪجهه انگريزي مضمون به ڏياري موڪليا، جن لاءِ مان سندس شڪر گذار آهيان.

ڪٽنب ۽ شهر
ميڊم امينه خميساڻيءَ جو تعلق دادو ضلعي جي شهر پاٽ شريف سان آهي. پاٽ، سنڌ جو هڪ تاريخي شهر آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي آڳاٽي دور ۾ وڏو بندرگاهه هو.”پاٽ“ جي سرزمين ڪيترائي عالم، فاضل پيدا ڪيا آهن، جن دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. انهن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو شمار ٿئي ٿو، جيڪو سنڌ جو وڏو مفڪر ، عالم ۽ فلسفي هو. جسٽس زيڊ. اي. چنا، پروفيسر امينه خميساڻي، نالي وارو ڪامورو عبدالله چنا، ليکڪه بيگم زينت عبدالله چنا، نالي وارو عالم محبوب علي چنا، مشهور تعليمدان ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ۽ سليم الله صديقي ۽ موجوده دور جو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار سليم چنا جو تعلق پڻ پاٽ شريف سان آهي .
پروفيسر امينه خميساڻيءَ جو شمار سنڌ جي نالي وارن عالمن، اديبن، شاهه جي شارحن ۽ تعليمدانن ۾ ٿئي ٿو. جنهن زماني ۾ پاڻ تعليم جي حصول لاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن تائين پهتي، اهو دور عورتن جي تعليم جي حوالي سان ڪو ايترو حوصله افزا نه هو. بهرحال سندس تعليم ۽ تربيت ۾ سندس والد صاحب جو وڏو هٿ هو. سندس والد خانبهادر علي بخش چنا سنڌ جو مقامي ڪامورو هو، سندس جنم پاٽ شهر ۾ ٿيو. هو ترقي ڪندي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو. سال 1941ع کان 1942ع تائين سکر جو ڪليڪٽر رهيو. ان کان سواءِ مختلف شهرن ۾ خدمتون ڏنائين. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري به رهيو. سندس خدمتن جي اعتراف ۾ برطانيه سرڪار 1935ع ۾ کيس ’خانبهادر‘ جو خطاب ڏنو. نالي وارو قانوندان زيڊ .اي. چنا ميڊم خميساڻيءَ جو ڀاءُ هو.

جنم ۽ تعليم
پروفيسر امينه چنا جو اصل نالو آمنه چنا هو، پر ادبي دنيا ۾ هوءَ امينه جي نالي سان مشهور ٿي. سندس جنم 16 اپريل 1919ع تي ضلعي دادو جي شهر پاٽ ۾ ٿيو. والد جي مختلف شهرن ۽ کاتن ۾ نوڪريءَ هئڻ ڪري سندس رهائش ۽ تعليم مختلف شهرن ۾ ٿي. پاڻ قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي ماسيءَ جي مڪتب ۾ ورتي، جيڪا پوري شهر ۾ جيجي عائشه جي نالي سان مشهور هئي. ٽيون ۽ چوٿون درجو سنڌي ميونسپل اسڪول جيڪب آباد مان پاس ڪيائين ۽ ان بعد انڊين گرلس هاءِ اسڪول مان انگريزيءَ جا چار درجا پاس ڪري، سينٽ جوزف ڪانوينٽ ۾ داخل ٿي ۽ اتان ئي ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪنئرڊ ڪاليج (Kinnaird College for Girls) لاهور ۾ داخلا ورتائين، جتي هوءَ واحد سنڌي ڇوڪري هئي ۽ ٻيون ڇوڪريون سڀ پنجاب جون هيون. ان هوندي به ڪلاس ۾ سندس نمائندگي ٻين جي ڀيٽ وڌيڪ هوندي هئي. بي. اي 1943ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هڪ سال کن جفيلهرسٽ (Jufelhurst) هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. 1945ع ۾ سندس شادي مسٽر غلام محمد خميساڻيءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت پوليس کاتي ۾ انسپيڪٽر هو ۽ اڳتي ڊي ايس پي جي عهدي پهتو.

تعليمي ۽ تدريسي خدمتون
ميڊم امينه خميساڻي جي عظمت اها آهي ته پاڻ شادي شده هجڻ جي باوجود سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه انگريزي ۾ داخل ٿي، جتان 1955ع ۾ ايم. اي انگريزي ادب پاس ڪري ۽ ساڳئي شعبي جي ليڪچرار مقرر ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمت دوران 1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان Seventeenth Century English Literature جي عنوان سان ڊپلوما پڻ حاصل حاصل ڪيائين. پاڻ اهو ڪورس ٽن مهينن ۾ پورو ڪيائين، ان بعد لنڊن، پئرس ۽ روم جو سير و سفر ڪري واپس وطن آئي ۽ 1964ع کان سردا بهادر گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ پرنسيپال جي حيثيت سان خدمت سرانجام ڏيڻ لڳي ۽ ساڳئي وقت سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار طور تدريس جو ڪم جاري رکيائين. هوءَ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ۾ ليڪچرار ٿي آئي هئي، اهو دور علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جو پويون دور ۽ ڊاڪٽر شمس الدين صديقي جي وائيس چانسلري جو شروعاتي دور هو. پاڻ 1969ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان مڪمل طور وابسته رھي. پاڻ انگريزي شعبي جي ٽي دفعا چيئرپرسن رهي ، ان کان سواءِ مارئي هاسٽل جي پرو ووسٽ ۽ آرٽس فيڪلٽي جي ڇوڪرين جي ڪامن روم جي سنڀال به سندن ذمي رهي. هن سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. 1982ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ جي باوجود پاڻ ڪجهه سال، يونيورسٽيءَ ۾ وزيٽنگ پروفيسر طور تدريسي خدمتون جاري رکيائين.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه انگريزي ادب جي تاريخ ۾ سندس شمار انتهائي قابل پروفيسرن ۾ ٿيندو هو. کيس انگريزي ۽ سنڌي ادب تي عبور حاصل هوندو هو. سندس دور ۾، انگريزي شعبي ۾ ”لٽرري سوسائٽي“ قائم هوندي هئي، جيڪا ڊراما اسٽيج ڪرڻ کان سواءِ علمي ۽ ادبي پروگرام پڻ ڪرائيندي هئي. ان کان علاوه، اشاعت جي حوالي سان انتهائي شاندار ۽ معياري ريسرچ پيپرن تي مبني جنرل Areal جاري ٿيندو هو، جنهن ۾ انگلش شعبي جا پروفيسر ۽ شاگرد پنهنجا تحقيقي مضمون، مقالا ۽ شاعري شايع ڪرائيندا هئا. ان دور ۾ ڊاڪٽر احسن فاروقي انگريزي ادب جو هڪ قابل پروفيسر طور ڄاتو ويندو هو. ساڳئي دور ۾ پروفيسر خالده سليم فاروقي جو به ڌاڪو هوندو هو. اهڙيءَ طرح انگريزي شعبي جو پروفيسر محمد اڪرم انصاري (1925-1984ع)، جيڪو شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ ۽ تعليمي ماهر هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه انگريزي جي جرنل ”ايريل“ ۾ سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن، کيس شاهه لطيف سان عشق هو. انگريزيءَ ۾ شاهه جي شاعريءَ تي هن ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا.
پروفيسر ڊاڪٽر ڪي. ايم. لاڙڪ (خير محمد لاڙڪ)، پنهنجي سخت مزاج طبيعت جي ڪري تمام گهڻو مشهور هوندو هو. ڪنهن سان به کلي ڪونه ڳالهائيندو هو، پر پنهنجي پڙهائڻ جي معاملي ۾ اڳڀرو هوندو هو، ڪڏهن به ڪلاس ڪونه گسائيندو هو. ڊان اخبار ۾ ڪالم لکندو هو ۽ انگريزي ادب جي حوالي سان پڻ ڪيترائي ريسرچ پيپر لکيا هئائين. هن جارج برنارڊ شاهه تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس ڪو به ڪتاب شايع ٿيل نه آهي. ميڊم جي جي شاگردن ۽ همعصر پروفيسرن ۾ ڊاڪٽر اسدالله لاڙڪ به هو، جيڪو پنهنجي پڙهائڻ جي انداز جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور هو.
ان دور جي پروفيسرن ۾ عبدالغني شيخ به نشانبر آهي. هو ڪلاسيڪل پوئٽري (شاعري) ۽ ايسي رائٽنگ (مضمون نگاري) جا سبجيڪٽ پڙهائيندو هو. جيفري چاسر جي Canterbury Tales جي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل علامتن، استعارن ۽ تشبيهن کي بهترين نموني پڙهائيندو هو. سندس پيپر چڪاسڻ ۽ مارڪون ڏيڻ جو انداز سخت هوندو هو. پاڻ شاگردن کي ڪلاس يا ڪلاس کان ٻاهر سيکارڻ ۾ ڪنجوسي ڪو نه ڪندا هئا. هر وقت سندس آفيس جا دروازا شاگردن لاءِ کليل هوندا هئا. سائين جي آفيس ۾ هڪ جملو لکيل هوندو هو، جيڪو هر شاگرد جو ڌيان ڇڪائيندو هو:
“The busy bee has no time for sorrow”.
جيتوڻيڪ شعبه انگريزيءَ جا ڪافي استاد، ”ايريل“ نالي جرنل ۾ ريگيولر ريسرچ پيپر لکندا رهندا هئا، پر سائين عبدالغني شيخ صاحب تمام ٿورا پيپر لکيا، پر مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته سائين غني صاحب انگريزي ۾ شاعري ڪندا هئا.
سنڌ يونيورسٽي جي شعبه انگريزيءَ ۾ هڪ مڃيل عالم، اديب، پروفيسر ارجن لال جهمناڻيءَ جو نالو هن وقت فقط انهن کي ياد هوندو، جيڪي وٽس پڙهيا هئا، پر پاڻ انتهائي وڏا عالم ۽ اديب هئا. پاڻ برهم چاري، صوفي منش وحدت جي رنگ ۾ رنگيل شخصيت هئا. انگريزي ادب ۾ اهي مضمون پڙهائيندا هئا، جن ۾ صوفي عنصر جا بجا موجود هوندو هو. جانسن جي ”راسيلاس“ ۽ چارلس لئمب جي ”ايسيز آف ايليا“ ۾ به کيس صوفي رنگ نظر ايندو هو. پاڻ مختلف رسالن ۽ جرنلن ۾ انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڪيترائي مضمون ۽ پيپر لکيائون. سندس ننڍو ڀاءُ، جنهن کي اسان لال بابا چوندا هئاسين، اهو به صوفي شخص هو ۽ انگريزي شعبي جي لائبريريءَ ۾ لائبريرين هو. پروفيسر ارجن لال جهمناڻي، ميڊم امينه خميساڻيءَ جو شروع ۾ شاگرد هو ۽ بعد ۾ ميڊم جو ڪليگ بڻيو. هو شاھ لطيف جو ايڏو عاشق هو جو هڪ دفعو مون کانئس پڇيو ته ”سائين! شيڪسپيئر کي ڀٽائيءَ سان ڀيٽ ڏئي سگهجي ٿي“؟ ته دانهن نڪري ويس. ”چيائون چريا شاهه سائين نهايت بلند درجي جو معرفت جو شاعر آھي ۽ شيڪسپيئر هڪ وڏو Poet Dramatist آهي.“
ان دور جي ناميارو اديب، شاعر ۽ تعليمي ماهر، پروفيسر سيد قلندر شاهه (1940-2020ع) پڻ ميڊم جي زماني جو هڪ مشهور انگريزي ادب جو استاد هو. سيد قلندر شاهه انگريزي ٻوليءَ کان وڌيڪ سنڌي ۾ لکيو. هن ’نائي نيڻ نهار‘ عنوان سان علامه اقبال جي فارسي ڪلام جو سنڌي منظوم ترجمو پڻ ڪيو. ميڊم جي شاگردن ۾، جيڪي بعد ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ استاد مقرر ٿيا، انهن ۾ گل محمد عمراڻي صاحب، بعد ۾ سول سروس ۾شامل ٿيو، ٻين ۾ پروفيسر آصف سهاڳ، پروفيسر عزيز پلي، ميڊم فريده پنهور، پروفيسر عارفه صديقي، محمد خان سانگي، غلام حيدر بلوچ، ۽ ڪي ٻيا شامل آهن.
ميڊم امينه خميساڻيءَ جي ڪلاس ۾ ڪنهن شاگرد کي مجال نه هوندي هئي ته ڌيان ڪنهن ٻئي پاسي رکي سگهي. هوءَ گهڻو ڪري رومانوي شاعري، فڪشن ۽ ڊراما پڙهائيندي هئي. پاڻ مارڪن ڏيڻ ۾ به تمام گهڻي سخت هوندي هئي، اهو سبب آهي ته سندس سبجيڪٽ کي پاس ڪرڻ هر شاگرد جي وس جي ڳالهه نه هوندي هئي. بحيثيت انگريزي شعبي جي چيئرپرسن جي پڻ هو انتهائي سخت هوندي هئي. سندس ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهتا. سندس خاص مصروفيتن ۾ لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ، باغباني ڪرڻ، رڌ پچاءُ وغيره هو.

ذاتي زندگي ۽ اولاد
ذاتي زندگيءَ ۾ مسٽر غلام محمد خميساڻيءَ سان لائون لهڻ کانپوءِ هن پنهنجي نالي جي اڳيان امينه خميساڻي لکڻ شروع ڪيو ۽ وفات تائين ائين ئي ڪيائين. سندس پنهنجي گهرواري ڊي ايس پي خميساڻيءَ سان تمام گهڻي دل هئي، جيڪو ۾ اُن وقت جي هوم سيڪريٽري محمد علي جوڻيجي سان ميٽنگ دوران دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو هو. پاڻ ان جي قبر جي ڪتبي تي شاهه لطيف جي بيت جون هي انتهائي ڏکايل سڪ ڀريون هي سٽيون لکرايون هئائين؛
هو ته هئا مهمان!
مون ڀانيو مون سان
هميشه هوندا سپرين
پروفيسر امينه خميساڻي نه رڳو اعليٰ درجي جي تعليم يافته هئي، پر اولاد جي به بهترين تربيت ڪيائين. سندس وڏو پٽ رياض احمد (پي. آءِ. اي ۾ انجنيئر ٿيو) ٻيو پٽ طارق (برٽش پيٽروليم ڪمپني اسلام آباد ۾ چيئرمين طور خدمتون ڏنيون) ۽ سندس نياڻي ياسمين ، دل جي بيمارين جي وڏي ڊاڪٽر ٿي ۽ آمريڪا وسائي. سندس زير تربيت ۽ ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهچي سندس لاءِ قابل فخر دلي خوشي جو سبب بڻيا. آخري عمر ۾ ضعيف عمر سبب هُن ڪيڏانهن به نڪرڻ تمام گهٽائي ڇڏيو هو. هُوءَ آخري ڀيرو سنڌ يونيورسٽي جي سَڏ تي انگلش ڊپارٽمينٽ پاران ڪرايل هڪ پروگرام ۾ 12 آڪٽوبر 2005ع تي شريڪ ٿي هئي.
سنڌ جي هن بين الاقوامي شخصيت 30 آگسٽ 2007ع تي پنهنجي خاڪي جسم مان نڪري پنهنجي روح جو ازلي سفر شروع ڪيو. کيس سوين آلين اکين سان ميوا شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جتي اڳئي سندس صوفي منش ڪليڪٽر پيءُ، ماءُ ۽ ڀاءُ آرامي هئا. افسوس جو سنڌ جي نالي واري ليکڪه جي ياد ۾ نه ڪنھن اداري تعزيتي رفرنس ڪوٺايو، نه ڪنھن رسالي، ڪو خاص نمبر شايع ڪيو.
پاٽ شهر جو هڪ مشهور اديب سليم چنا لکي ٿو ته ”پروفيسر امينه خميساڻي باوجود اعليٰ تعليم يافته خاندان (پيءُ، ڀائر ڀينرون، مامي خان صاحب عبدالله چنا، ماروٽن ۽ ماساتن) جي پنهنجي ويجهن عزيزن يا وچئين طبقي جي مائٽن کي ڪڏهن به نه وساريو، هُوءَ امان جي گهاٽي ۽ پياري ساهيڙي هُئي، تنهنڪري امان سان گڏ توڙي اڪيلو (اسان ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ ) وٽس اڪثر ويندا رهندا هئاسين. سندس گهر موجوده هاءِ ڪورٽ جي سامهون هڪ پراڻي وڏي بلڊنگ ۾ هوندو هو، جيڪو اسان جي گهر کان ڏهه کان ٻارنهن منٽن جي پنڌ تي هو. “ (انمول هيرا، جيون ڪٿائون ۽ خاڪا، ص 88)

ميڊم امينه خميساڻيءَ جي ادبي عظمت
جنهن زماني ۾، ميڊم امينه خميساڻي لکڻ شروع ڪيو، ان زماني ۾ تمام گهٽ سنڌي عورتون ادبي ميدان ۾ موجود هيون، سندس دور ۾ نور شاهين، بادام ناتوان، امينه هاليپوٽو، روشن آرا مغل، ۽ بيگم خديجه خانم دائودپوٽو وغيره جا نالا اهم آهن، پر انهن مان ڪي گهٽ اديبائون هيون، جيڪي تحقيق جي ميدان ۾ آيون هجن. ميڊم امينه خميساڻي، انگريزي ادب توڙي سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ فيچر لکيائين. ميڊم امينه خميساڻي سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي ادبي ۽ تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون لکيا آهن. شاهه لطيف کان علاوه به سندس ڪي مضمون شايع ٿيل آهن، جيڪي خاص طور تي عورتن جي سماجي مسئلن بابت آهن. ميڊم امينه خميساڻيءَ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ خط به لکيا.هوءَ هفتيوار مارئي، جنوري 1973ع ۾ رسالي جي حوالي سان لکي ٿي ته ”مارئي وري هفتيوار صورت ۾ نڪري رهي آهي! اها اسان لاءِ ڪيتري قدر نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي! ڪهڙي نه اسان جي خوش قسمتي آهي جو اسان کي به پنهنجي قومي ارتقا ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. ذهني سرمايو ٻين سڀني انساني سرماين کان مٿاهون آهي. اهو نهايت ئي ضروري هو ته اسان عورتن جي زندگيءَ جي مسئلن جو ڪو ترجمان هجي، جا ڪمي بيگم زينت چنا پوري ڪرڻ جي همٿ ڪئي آهي، جنهن جي هوءَ قابليت رکي ٿي. پاڻ علمي، ادبي ۽ سماجي ڪم لاءِ کيرون لهڻي. ”مارئي“ شل اسان جي قوم جي عورتن جي احساسن، خواهشن ۽ امنگن جو ڀرپور اظهار ڪندي رهي ۽ اسان جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوشان رهي.“
1983ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي اٺٽيھين اجلاس ۾ نمائندگي ڪيائين. پاڻ عورتن جي حيثيت جي حوالي سان پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي 1984ع واري ڇپيل رپورٽ جي سھڪاري ايڊيٽر پڻ رھي. جولاءِ 1990ع ۾ سانا جي ڇهين ڪانفرنس هوٽل هاليڊين، ڪراچيءَ ۾ رکيل هئي، ميڊم امينه خميساڻي، ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ پنهنجو پيپر پڻ پڙهيو هو.سندس خاص طور تي شاهه لطيف تي وڏو ڪم ٿيل آهي.

ڪهاڻيون ۽ فيچر
ميڊم امينه خميساڻيءَ شروع ۾ ڪي ٿوريون ڪهاڻيون به لکيون، پر انهن جو ڪو تعداد معلوم نه آهي، نه وري اها خبر آهي ته اهي ڪٿي شايع ٿيون. اسان کي سندس هڪ ڪهاڻي ”جنت جي حُور“ ملي سگهي آهي، جيڪا هندستان جي ماهوار رسالي ”جاڳرتي“ جي آگسٽ 1958ع واري پرچي ۾ شايع ٿي هئي، جيڪا هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي آهي.
شاعري
گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ميڊم امينه خميساڻيءَ شاعري به ڪئي، پر اها ڪٿي شايع ٿي، اها معلومات ملي نه سگهي آهي. سندس سنڌي شاعريءَ جي به خبر نه آهي، البته سندس ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڪيل شاعري انگريزي شعبي طرفان نڪرندڙ جرنل ايريل ۾ شايع ٿيل آهي.

مضمون، ڪالم ۽ ريسرچ پيپر
ميڊم امينه خميساڻيءَ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪي مضمون ۽ ڪالم به لکيا. پاڻ خاص طور تي ڊان اخبار ۾ خط ۽ ڪالم لکيا، جن ۾ عورتن جي مسئلن کان ويندي روزمره جي معاملن کي پيش ڪيائين. جيڪڏهن ڊان اخبار ۾ لکيل خط يا مختلف شخصيتن کي لکيل خطن کي گڏ ڪجي ته جيڪر سندس هڪ نئون ڪتاب جڙي پوندو. سنڌي مضمونن ۾ سندس ’سنڌ جي عورت‘، ’ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ‘، ’اسلام ۾ عورت جو مقام‘، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ وغيره به شامل آهن. سندس اڪثر انگريزي مضمون انگريزي شعبي طرفان نڪرندڙ جرنل Ariel ۾شايع ٿيل آهن. انگريزيءَ ۾ لکيل مضمونن ۽ پيپرن ۾ ڪي اهم هي آهن:

1. Philosophy of Goethe in Faust
2. Victorian Unrest
3. Revival of Poetic Drama
4. Stream of Consciousness and Modern Novel
5. T.S. Elliot’s Poetry in its Perspective
6. Themes and Symbolism in the Poetry of W.B. Yeats
7. Impressionism: drama of the individual
8. The impact of western thought on Dr. Iqbal’s poetry. Sindh University Research Journal, 11-12 (1972-73 )
9. Pakistani Women Pakistan Times Overseas Weekly, November 13, 1983.
10. Status of Women in Islam
11. The Woman of Sindh
12. Women’s Contribution to the Educational Development of Pakistan
13. Character Building

ان کان علاوه پاڻ ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ به لکيائين، جن ۾ الطاف شيخ صاحب جو سفرنامو ”ڳالهيون آهن ڳچ“ تي انگريزيءَ ۾ لکيل آهي. افسوس جو اڄ تائين ڪنهن به سندس لکڻين کي سهيڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي، پر هينئر سندس فرزند ۽ راقم الحروف سندس شاهه لطيف تي لکيل مضمونن کي گڏ ڪيو آهي.

سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ لاءِ خدمتون
ميڊم امينه خميساڻيءَ جون سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي طرفان انگريزي ڪتابن جي تياريءَ ۾ به تمام گهڻيون خدمتون آهن. پاڻ مختلف درجن جي انگريزي ڪتابن جي سبقن کان ويندي شاعريءَ جي چونڊ ۽ ايڊيٽنگ جو ڪم ڪيائون. ان حساب سان سڀني ڪتابن ۾ سندس ڪو نه ڪو ڪم ضرور ٿيل آهي. جڏهن ته Secondary Stage English: Book One for Class IX سمورو، سندس ئي ترتيب ڏنل آهي. پاڻ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کان سواءِ پراونشنل ڪريڪيوليم ڪاميٽي، بورڊ آف اسٽڊيز انگلش ۽ اڪيڊمڪ ۽ حيدرآباد سڪينڊري بورڊ جي پڻ ميمبر هئي. ان کان علاوه ملڪي سطح تي هوءَ ”پاڪستان فيڊريشن آف بزنس ائنڊ پروفيشنل وومين“ جي صدر رهي، جنهن جي پليٽ فارم تان عورتن جي سجاڳيءَ لاءِ ڪم ڪيائين.

شايع ٿيل ڪتابن جو جائزو
ميڊم امينه خميساڻيءَ، پنهنجي سموري حياتي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاري. سندس ڪجهه مواد اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهي ۽ ڪي ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن، جن جو مختصر تعارف ڏجي ٿو:

Casual Peeps at English Literature
پروفيسر امينه خميساڻي هڪ علمي ادبي رڪارڊ رکندڙ هڪ انتهائي ذهين استاد هئي. کيس رومانوي انگريزي شاعريءَ تي عبور حاصل هو. ورڊس ورٿ، ڪولرج، ڪيٽس ۽ شيلي کيس برزبان ياد هئا. سندس علمي ادبي ميراث انگريزي علم ادب ۾ سنڌي ثقافت ۽ ادب کي شامل ڪري ان کي بين الاقوامي سطح تي پهچائڻ جي ڪاوش آهي. سندس پهريون ڪتابCasual Peeps in English Literature آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري سندس انگريزي ادب جي مختلف موضوعن تي لکيل تنقيدي مضمون آهن، جن ۾ گهڻا رومانوي شاعري بابت آهن. هي ڪتاب 1973ع ۾ نسيم بوڪ ڊيپو حيدرآباد پاران شايع ٿيو.

Drama between World Wars
پروفيسر امينه خميساڻيءَ جو ٻيو ڪتاب، انگريزي ڊراما جي تاريخ تي آهي، جيڪو هن 1973ع ۾ يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن جي چوڻ تي لکيو هو، پر افسوس جو ڪتاب شايع ٿي نه سگهيو. پر سندس ڊرامي تي لکيل ڪي آرٽيڪل انگريزي شعبي طرفان نڪرندڙ جرنل ايريل ۾ شايع ٿيل آهن.

Sindh’s Contribution to English Literature
ميڊم امينه خميساڻيءَ جو ٽيون ۽ اهم ڪتاب (Sindh’s Contribution to English Literature)آهي، جيڪو سنڌ لاءِ انگريزي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هن ڪتاب کي 1975ع ۾ سنڌ الاجي ڇپرائي پڌرو ڪيو. سندس ڪتاب جو مهاڳ لکندي جڳ مشهور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته:
Sindh’s Contribution to English an effort to bring before us. In one assemblage, intellectuals and writers of Sindh and their books whitening in English Mrs. Khamisani’s work in this neglected field of our intellectual life indeed commendable. It is a labour of love which has involved a great deal of particle. Diligence and erudition… “
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي 38 ناميارن عالمن، اديبن جي انگريزن ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابن جو اعليٰ اڀياسي رايو آهي. انهن انگريزي لکندڙن ۾ هي اهم آهن: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ليلارام وطڻمل، ديوان ڏيارام گدومل، پرمانند ميوارام، هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، منگهارام اڌارام ملڪاڻي، ديوان لالچند، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، منگهارام ملڪاڻي، لال سنگهه اجواڻي، حيدر بخش جتوئي، اي ايڇ جئسنگهاڻي، رانجي گردا سنگهه شاهاڻي، پير علي محمد راشدي، تيرٿداس هوتچند، جي. الانا ڪراچيءَ وارو، ضياءُ الله غلام علي، ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي، اي ڪي بروهي، پروفيسر جلباڻي، محمد ابراهيم جويو، پروفيسر ڪي. اين. واسواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، فيض محمد سومرو، پروفيسر اڪرم انصاري، ايم. ايڇ پنهور، مير خدا بخش مري، ذوالفقار علي ڀٽو، سيد قوي احمد، حليم بروهي، غلام حسين خاصخيلي ۽ حامد چنا شامل آهن.

Winchester Book of Verse
هي ڪتاب بي.اي جي ڪورس جي شاگردن جي لاءِ ترتيب ۽ ايڊٽ ٿيل آهي.

An Anthology of Short Stories
هي ڪتاب، بي.ايس.سي جي شاگردن جي لاءِ ترتيب ۽ ايڊٽ ٿيل آهي، جنهن ۾ انتهائي وڻندڙ ڪهاڻيون ڏنل آهن.

Report of status of women's Commission
هيءَ رپورٽ عورتن جي گڏيل مسئلن بابت آهي، جنهن کي ميڊم امينه خميساڻيءَ ٻين سان گڏ ترتيب ۽ ايڊٽ ڪيو هو.

Risalo of Shah Abdul Latif
پروفيسر خميساڻي جو آخري ۽ اڻمٽ ادبي ڪارنامو رسالو آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو انگريزي ترجمو آهي، جيڪو سال 1994ع ۾ مارڪيٽ ۾ آيو، جنهن جو ٽيون ڇاپو 2012ع ۾ ثقافت کاتي ڇپايو آهي. اهو ترجمو به مڪمل رسالي جو ترجمو ڪونهي، پر جيئن پاڻ مهاڳ ۾ لکيو اٿس ته اهو ڪلياڻ آڏواڻي واري اختصاري رسالي تي مبني آهي. البته پاڻ شاهواڻي جي رسالي مان ڪجھه اهم بيت کڻي شامل ڪيا اٿن. هن لکيو آهي ته جون 1988ع ۾ پاڻ جڏهن آمريڪا ۾ ترسيل پنهنجي ڌيءَ ڏي گهمڻ ويئي، تڏهن اتي شاهه جو رسالو ترجمو ڪرڻ جو خيال ذهن ۾ آيو. مهاڳ کان علاوه هن مقدمي يا تعارف جي جاءِ تي ٽي مضمون شاهه جي زندگي جو خاڪو، رسالو ۽ شاهه جو تصوف جي عنوان سان شامل ڪيا ويا آهن. پروفيسر امينه خميساڻي، محترمه ايلسا قاضي واري ترجمي کي ساراهيو آهي.
ان وقت جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري سندس قابل شاگرد گل محمد عمراڻي سان انهيءَ خواهش جو اظهار ڪيو ته سندس ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن شاهه لطيف جي اصل بيتن سان اچڻ گهرجي، عمراڻي صاحب پنهنجي مانواري استاد جو مڪمل مان رکندي اُهو ڪم سرانجام ڏنو ۽ ٻيو ايڊيشن 2003ع ۾ اصل بيتن سميت ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن لاءِ پروفيسر امينه خميساڻي جا هي لفظ قابل تحسين آهن:
It was my ardent desire even at the first publication of my translation of Shah Abdul Latif’s Risalo to have the original verses attached to it this wish could not he accomplished at the time, for reasons better known to the department of Culture and Tourism. My happiness knows no bound that this wish of mine is being fulfilled. It was not only my wish to have the original verses attached to the translation but a number of Sindhi intellectuals. Scholars and lovers of Shah Abdul Latif’s Kalam has expressed this wish and contacted me on this point.
I am extremely grateful to my former intelligent and favorite student in English Department, University of Sindh, at present secretary of Culture and Tourism department Mr. Gul Muhammad Umrani for having made immense efforts in this task. I am proud of his high position and pray for even a better future for him.
پنهنجي هڪ اخباري ڪالم ۾ ميڊم امينه خميساڻيءَ جي باري ۾ گل محمد عمراڻي صاحب لکيو آهي ته ”1994ع واري پهرئين ايڊيشن ۾ فقط انگريزي ٽيڪسٽ آيل هو، جنهن کان پاڻ گهڻي تشنگي جو احساس رکندي وري 2002ع ۾ ٻئي ايڊيشن لاءِ پنهنجي شاگرد ڪي. بي رند (ان وقت جي چيف سيڪريٽري) کان بجيٽ وٺي منهنجي پراڻي ڊي. جي ڪلچر جي آفيس ۾ آڻي ۽ مون کي چيائين ته تون به منهنجو شاگرد ۽ رفيق انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ رهيو آهين ۽ هاڻي ان نئين ايڊيشن ۾ سنڌي ۽ انگريزي آمهون سامهون اچڻ گهرجي ۽ اهو ڪم توتي آهي. ”وڌيڪ ڇا لکان جو نرگيست جي دور ۾ رهون پيا. بهرحال ان ايڊيشن جي پيش لفظ ۾ محترمه خميساڻي صاحبه سڄي ڪهاڻي بيان ڪئي هئي، پر مون ان کي ايڊٽ ڪري فقط اڌ ڪهاڻي ڇپائي ۽ اڌ ڪهاڻي ڇو ته حقيقت ۾ حق به حقدار رسد. استاد استاد آهي ۽ فارسي ۾ چوندا آهن ته ”جاءِ استاد خالي است“ واقعي به. “

Allama I. I. Kazi (A Multidimensional Personality), Sain Publishers Sehwan Sharif, 2002
هي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ۽ ميڊم امينه خميساڻيءَ جو گڏيل ترتيب ۽ ايڊيٽ ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف عالمن جا علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي باري ۾ مضمون آهن. خود ميڊم جو پنهنجو مضمون به شامل آهي.
شاهه جي شاعريءَ جي موضوعاتي اهميت
شاهه عبد اللطيف ڀٽائي، دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪ آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي تمام مٿانهون مقام حاصل آهي. سندس، فن، فڪر، ادبي لاڙا، تعليم، ٻولي جو استعمال دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. سندس ڪلام سنڌ ڌرتيءَ جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪندو آهي. سندس شاعريءَ ۾تعليم، محبت، اخوت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ملي ٿو. شاهه عبداللطيف جا خيال اعليٰ، مشاهدو گهرو ۽ وسيع آهي. سندس ڪلام سر ۽ سنگيت يا موسيقي سان هم- آهنگ ڪرڻ جو خوبصورت فن به رکندڙ به آهي. شاهه کي اهو اعزاز حاصل آهي ته شروع ۾ ئي غير سنڌي عالمن، عملدارن ۽ اديبن سندس زندگي ۽ ڪلام تي تحقيق ڪئي آهي. موجوده دور ۾ سنڌي ادب ۾ گهڻي ۾ گهڻيون پي.ايڇ. ڊيءَ جون ڊگريون، شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر جي موضوعن تي تي ٿيون آهن، شخصي حوالي سان گهڻي ۾ گهڻا رسالا به شاهه سائين جا ئي مرتب ٿيا آهن. تحقيق جي حوالي سان به گهڻا ڪتاب شاهه لطيف تي لکيا ويا آهن.
هونئن ته ادب ۾ جنس جي تفريق ڪرڻ جائز نه آهي، پر سنڌ ۾ جيئن ته عورتن کي تعليم جي گهڻي آزادي نه ملي سگهي آهي ۽ ادب ۾ سندن گهڻي شموليت نه ٿي سگهي آهي، ان ڪري عورتن جي ادبي ڪردار کي وڌيڪ اهميت سان ڏٺو ويندو آهي. ميڊم امينه خميساڻي، سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ قابل پروفيسر طور مڃي ويندي هئي، ۽ پوءِ هُوءَ شعبي جي سربراهه رهي. سندس شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي انگريزي ۾ ڪيترائي مقالا سندس ذهانت ۽ قابليت جو ثبوت آهن. جنهن دور ۾ ميڊم سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لطيفيات جي سلسلي ۾ ڪم ڪيو، ان دور ۾ ڪنهن ٻي عورت اديبه جو اهڙو ادبي رجحان نه ٿو ملي. ان ڪري، مان کيس سنڌي ادب ۾ ”لطيفيات“ جي حوالي سان سنڌ جي ”خاتون اول اديبه“ سڏيان ٿو.
شاهه سان سندس عقيدت جي شروعات جي سلسلي ۾ سليم چنا لکيو آهي ته ”پروفيسر امينه خميساڻي جڏهن حيدرآباد اچي رهائش اختيار ڪئي ته کيس شاهه لطيف کي سمجهڻ جو وڌيڪ اتساهه مليو. شاهه جي ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنسون ۽ حيدرآباد جي علمي، ادبي ماحول ۾ شامل ٿيڻ جا کيس ڪيئي موقعا مليا. هُوءَ جيڪا انگريزي ادب ۾ شيڪسپيئر، ملٽن، ورڊس ورٿ، ڪالرج، شيلي، جان ڪيٽس، ٽي ايس ايليٽ، برائوننگ، بائرن ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن تي عبور رکندي هئي، هوءَ هڪدفعي حيدرآباد جي هڪ ميڙاڪي ۾ سُشيلا مهتاڻي کان نهايت عاجزي انڪساري سڪ ۽ اندر جي ڇڪ مان شاهه لطيف جا هي اعليٰ ٻول ٻڌي ٿي:
(اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي)
يا وري ڪنهن ٻئي دفعي نارو ڀڳت کان شاهه صاحب جي هي ڪافي ٻڌي ٿي.
ڪات قريبن جي اڳيان ڪتيم ڪينڪي ڇا ٻڌايان!
يا جڏهن ڪنهن محفل موسيقيءَ ۾ هُوءَ استاد محمد ابراهيم کان ڀٽائي جو هي ڪلام ٻڌي ٿي:
ڌوٻي من جا نه ميرا، سڪ جو گهاٽ وڌائين.
۽ فقير عبدالغفور جو گونجندڙ آواز جڏهن سندس ڪنن تائين رسي ٿو.
”مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو ڪيچي ڪيچ وڃن“
تڏهن کيس ياد پوي ٿو انگريز دور حڪومت ۾ سندس ڪامورو پيءُ به صفا صوفي هو، جيڪو تصوف جو قائل هو ۽ ڪجهه صوفي رنگ ۾ شاعري به ڪئي هئائين ۽ هُو پنهنجي ڪليڪٽر پيءُ جي ڇڏيل ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي رٿابندي ڪندي شاهه لطيف جو تمام گهرائي سان ۽ گهڻو مطالعو ڪري ٿي ۽ نتيجي ۾ اسان کي سڄو شاهه جو رسالو انگريزي ۾ منظوم ۽ ترجمي سان ڏئي ٿي. سندس اهو ڪمال جو ڪم نه رڳو سنڌ پر سڄي دنيا جي ادب جي ڪم جو انمول ۽ لاجواب ڪم آهي. “(انمول هيرا، جيون ڪٿائون ۽ خاڪا، ص 88)
سندس ترجمي ڪيل رسالي کي ثقافت کاتو شايع ڪري چڪو آهي. جڏهن ته سندس انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل مضمون، مقالا ۽ آرٽيڪل مختلف رسالن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا ۽ ضرورت هئي ته انهن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻجي. مون ڪافي دفعا سوشل ميڊيا تي مضمون لکي، ميڊم جي شخصيت ۽ سندس ادبي خدمتن کي اجاگر ڪيو ۽ گذارش ڪئي ته ميڊم جي حياتيءَ بابت ڪو مفصل مضمون لکيو وڃي ۽ سندس لکڻين کي گڏ ڪري شايع ڪرايو وڃي، جو گهڻن پوسٽ کي ته پسند ڪيو، پر افسوس ڪنهن به سندس مضمون گڏ ڪرڻ يا شايع ڪرڻ جي ذميواري نه کنئي، ان ڪري اها ذميواري مون پاڻ کنئي.
پاڻ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ مضمون ۽ مقالا لکيائون، جن مان سڀني جي معلومات ملي نه سگهي آهي، پر اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن مان گهڻا مقالا شاهه لطيف ڪلچرل سينٽر ڀٽ شاهه پاران مرتب ڪيل سالياني مخزن ۾ شايع ٿيا هئا ۽ ڪجهه ٻين رسالن ۾ پڻ شايع ٿيا. سندس شاهه تي لکيل ڪجهه انگريزي مقالن ۾ هي شامل آهن:

1. Shah Abdul Latif and the English Romantic Poets a comparative study.
2. An Introduction to the Risalo of Shah Abdul Latif.
3. The Massage of Shah Abdul Latif.
4. The Triple Allegory in Shah Abdul Latif Sur Marvi.
5. Shah Abdul Latif’s Philosophy in “Sur Samoondi”
6. The Image of Women in Shah jo Risalo.
7. Concept of sacrifice in the poetry of Shah Abdul Latif
8. The Thematic Significance of Shah jo Risalo
9. Shah Abdul Latif as builder of Sindhi language
10. Shah Abdul Latif and the English Romantic Poets
11. Mysticism of Shah Latif
12. Basic Facts about the Rsialo of Shah Latif

جيئن مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ذاتي ڪوششن ۽ ڪجهه دوستن جهڙوڪ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري صاحب، پروفيسر خالد چنا صاحب، ڊاڪٽر مخمور بخاري صاحب، سليم چنا صاحب، ڪاظم بيگ مرزا صاحب، رياض بلوچ صاحب، عامر ڀٽي صاحب، حافظ احمد انڍڙ صاحب ۽ عبدالجبار کهڙي جي مدد سان ڪجهه سنڌي ۽ ڪجهه انگريزي مضمون ۽ مقالا هٿ اچي ويا، جن کي سهيڙي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ميڊم جي فرزند سائين رياض احمد خميساڻي صاحب جا به لک ٿورا، جنهن نه صرف هن ڪتاب جي اشاعت تي پنهنجي مسرت جو اظهار ڪيو، پر ميڊم جي ڪجهه اڻ لڀ مضمونن جي تلاش ۾ پڻ مدد ڪئي. ان سلسلي ۾ ميڊم جو لکيل مضمون ”منهنجي امڙ“ ڏياري موڪليو ۽ پنهنجي ماسي شرف النساءِ چنا کان به تاثر لکرائي موڪلي ڏنو، جنهن لاءِ مان دل جي گهراين سان سندس شڪرگذار آهيان.
هتي قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته ميڊم امينه خميساڻي جا گهڻا مضمون انگريزيءَ ۾ لکيل هئا ۽ ڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل هئا. منهنجي خواهش هئي ته ميڊم جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هئڻ گهرجي ته جيئن سنڌيءَ جا پڙهندڙ سندس شاهه جي مطالعي کي آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهن ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ لطيفيات جي حوالي سان هڪ سٺو اضافو ٿي پوي. ان لاءِ ضروري هو ته سنڌي ۾ شايع ٿيل مضمونن کان علاوه، انگريزيءَ ۾ لکيل ڪجهه مضمونن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪجي. ان سلسلي ۾ ڪجهه مضمونن کي چونڊي، سائين پروفيسر اعجاز احمد قريشي صاحب، حبيب سنائي صاحب، محبوب علي مغيري صاحب ۽ منهنجي ذاتي ڪوششن سان ترجمو ڪري، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي مضمون، جنهن به مانواري سائين کان ترجمو ڪرايا آهن، مضمون جي آخر ۾ مترجمن جو نالو لکيل آهي. مان انهن سڀني مترجمن جو دل جي گهرائيءَ سان شڪرگذار آهيان. هتي اهو به اعتراف ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته ترجمو آخر ترجمو ٿيندو آهي ۽ اهو اصل مواد جو نعم البدل ٿي نه سگهندو آهي. ان ڪري ترجمن ۾ ضرور ڪميون ڪوتاهيون رهجي ويون هونديون. ميڊم جا جيڪي مضمون سنڌي ۾ شايع ٿيل آهن، انهن مان به اڪثر ترجمو ٿيل معلوم ٿين ٿا، ان ڪري اهو چئي نه ٿو سگهجي ته پاڻ ڪهڙا مضمون سنڌي ۾ لکيا هئا ۽ ڪهڙا، ڪنهن ترجمو ڪري شايع ڪرايا، ڇو ته انهن تي مترجمن جو نالو لکيل نه آهي.
ڏٺو ويو آهي ته جڏهن اسان جا ڪي محقق، شاهه سائين کي دنيا جي مختلف شاعرن سان ڀيٽيندا آهن ته کين ٻين شاعرن جو سڌي ريت مطالعو ئي نه هوندو آهي، پر ميڊم جي موجوده هن ڪتاب مان ڀلي ڀت خبر پوي ٿي ته کيس انگريزي شاعريءَ تي عبور حاصل هو، ان ڪري هن ڪيترن ئي جاين تي شاهه جي شاعريءَ جو انگريزي شاعرن سان تقابلي جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ هوءَ جس لهڻي. سندس مضمونن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس شاهه جي شاعريءَ جو گهرو مطالعو هئڻ سان گڏوگڏ عقيدت به تمام گهڻي هئي. سندس تحريرن ۾ گهرائي ۽ فڪر جي بلندي آهي. هڪ تقرير ۾ ميڊم امينه خميساڻيءَ چيو هو ته ”شاهه صاحب جي رسالي ۾ جيڪي ‏ اکر ڏنل آهن ۽ اهي سڀ سنڌي آهن. اسين ان جي هڪ هڪ اکر کي املهه ماڻڪ ڪري سمجهون ٿا ۽ شاهه صاحب جي سنڌي هر ھڪ سنڌيِ ماڻهو جي لاءِ هڪ جامع ڊڪشنري آهي جنهن ۾ هن اڪيلي سر گهٽ ۾ گهٽ ۾ 24 هزار اکر سنڌ جي هرهڪ علائقي جا ڳولهي گڏ ڪيا آھن .“ هنن مضمونن ۾سندس ادبي عظمت ۽ لطيف سائين جي شاعري جي گهرائي سان مطالعي جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي.
هن ڪتاب ۾، ميڊم خميساڻيءَ جي لطيفيات جي مضمونن کان سواءِ، هڪ ڪهاڻي، ٻه انٽرويو، هڪ عورتن جي باري ۾ مضمون ۽ سندس امڙ جي باري ۾ لکيل تاثر به شامل آهن. ان کان علاوه، سائين گل محمد عمراڻي صاحب جو مضمون، جيڪو سندس آتم ڪٿا ”داستان گل“ تان ورتل آهي ۽ شرف النساءِ چنا صاحبه جو ميڊم جي حوالي سان ذاتي تاثر شامل آهن، جنهن مان ميڊم خميساڻيءَ جي ذاتي زندگي، تعليمي حصول، نوڪري، اولاد، گهرو زندگي، علمي، ادبي، سماجي سرگرمين جي به ڪافي حد تائين معلومات ملي ٿي.
ميڊم امينه خميساڻيءَ جو لطيفيات جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءُ اهم ڪتاب آهي، جڏهن ته شاهه لطيف تي لکيل سندس انگريزي مضمونن ۽ مقالن کي پڻ گڏ ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ جلد شايع ڪيو ويندو. ان کان علاوه، انگريزي ادب تي لکيل مضمونن کي به سهيڙي سگهجي ٿو. آخر مان شڪر گذار آهيان نالي واري شاعر، پبلشر ۽ ............. جو، جنهن ميڊم خميساڻيءَ جي اهم ڪتاب کي شايع ڪري، شاهه جي چاهيندڙن ۽ لطيفيات جي ماهرن جي دلي خواهش پوري ڪئي آهي.

مختيار احمد ملاح
ڪراچي

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جو احوال

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو انتهائي اعليٰ ۽ مشهور شاعر آهي، شاعر سان گڏ هڪ اولياءَ، صوفي ۽ روحاني رهبر پڻ آهي. سندس روحاني شعر اهم آهي، جنهن کي بهترين لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ سندس انهي شاعريءَ کي سهڻي نموني ڳائي پڻ سگهجي ٿو. سندس شاعري ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي دلين ۾گهرائي سان اثر پيدا ڪري ٿي. هن کي غريب ماڻهو جيڪي رستن تي هلن ٿا کان سواءِ ٻيا امير مشهور ماڻهو به ٻڌن ٿا. هاري جيڪو زمين ۾ هر ڪاهي ٿو، ڌنار، ٻڪرار، مهاڻو،ڳوٺاڻي عورت، اهي سڀ روزاني جي بنياد تي پنهنجي ڪم ڪارن دوران شاهه کي ڳائيندا رهندا آهن، جيڪا ڳالهه کين خوشي بخشي ٿي ڪيترا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجن دوستن سان گڏجي واندڪائي جي وقت ۾ شاهه جي شاعريءَ کي پڙهندا ۽ جهونگاريندا رهن ٿا، جنهن مان کين روحاني خوشي پڻ حاصل ٿئي ٿي. چاهي اهي مسلمان هجن يا هندو. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌ جا اديب، دانشور ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو اهڙيون گڏجاڻيون ڪندا آهن، جن ۾ شاهه صاحب کي پڙهندا ۽ ڳائيندا آهن. شاهه جي ڪلام کي “شاهه جو رسالو” چون ٿا.
شاهه جو رسالو سنڌ جي ماڻهن لاءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿو، سنڌي ماڻهو پنهنجي روزمره جي وهنوار ۾ شاهه جي شاعري کي مثالن لاءِ پڻ استعمال ڪندو آهي. سندس روحاني پيغام پڙهي ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا آهن. شاهه جي شاعري هر موقعي جي شاعري آهي، جيڪا ڪنهن به وقت، ڪهڙي به مهل ڳائي سگهجي ٿي، گڏجاڻين ۾، خوشي جي موقعن ۽ ميلن ملاکڙن تي ان جو ورجاءُ ٿيندو رهي ٿو.
اهي رڳو سنڌي ماڻهو ناهن، جيڪي شاهه صاحب جي سهڻي شاعري کي پڙهن ٿا، پر ڌاريا ۽ ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو پڻ ان کي پسند ڪن ٿا. جرمني جو هڪ مشنري دانشور ارنيسٽ ٽرومپ ۽ انگريز دانشور تمام گهڻو ان جي اثر هيٺ آيا آهن. ڪجهه وقت اڳ هڪ ٻئي جرمن خاتون ڊاڪٽراينميري شميل، جنهن شاهه کي سمجهڻ لاءِ سنڌي سکي ۽ ان جي چواڻي ته مون کي شاهه جي شاعري وڻي ٿي ۽ مان ان سان پيار ڪيان ٿي ۽ اها مون کي پنهنجن صوفي تجربن ۽ مشاهدن لاءِ ڪم آئي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ روحاني رمزون شامل آهن. شاهه عبداللطيف جي زندگي بابت لکت ۾ گهڻو مواد موجود ڪونهي، پر جيڪا معلومات اسان تائين پهتي آهي، اها زباني طور ۽ مختلف رسمن ۽ رواجن کان ملي آهي. هن کيتر ۾ مرزا قليچ بيگ پنهنجي زندگي ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. ڪيترا وڏي ڄمار جا ماڻهو ڪجهه وقت اڳ تائين موجود هئا، جن شاهه عبداللطيف جي باري ۾ پنهنجن وڏن کان اهو ٻڌو هو ته هنن شاهه عبداللطيف کي ڏٺو ۽ ان سان ڪچهري ڪيائون. اسان جا عالم انهي ڳالهه کي قبول ڪن ٿا ته شاهه عبداللطيف هجري سن جي 1102 ۾ پيدا ٿيا جيڪو عيسوي سن جو سال 1689ع هو.
شاهه صاحب ڳوٺ هالا حويلي ۾ ڄائو، جيڪو حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي جو ننڍڙو ڳوٺ ۾ هو. شاهه صاحب جي وفات 63 ورهين جي ڄمار ۾ 1165هجري بمطابق 1752ع ۾ٿي. هر سال سندس ياد ملهائي ويندي آهي ۽ 14 صفر تي ڀٽ شاهه تي سندس عرس (ميلو) ملهايو ويندو آهي، جتي هو پنهنجي زندگي جا پويان سال رهيو ۽ اتي ئي سندس مقبرو اڏيل آهي. عرس يا ميلو ٽي ڏينهن هلندو آهي. ٻين تقريبن سان گڏ ٻئي ڏينهن تي هڪ ادبي ڪانفرنس پڻ ٿيندي آهي جنهن ۾ شاهه صاحب تي تحقيقي مقالا پڙهيا ويندا آهن جيڪي شاهه صاحب جي زندگي ۽ شاعري تي هوندا آهن. ان کانسواءِ هر جمعي رات سندس فقير گڏ ٿي شاهه صاحب جي رسالي مان شاعري پڙهندا ۽ ڳائيندا آهن، اوڙي پاڙي جا ماڻهو مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان اچي ان محفل ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ صوفي راڳ ٻڌندا آهن. شاهه عبداللطيف جي نصب جو سلسلو سڌو سنئون حضرت محمد صه سان لڳي ٿو، معرفت امام زين العابدين جي جيڪو حضرت امام حسين رضه جو پٽ هو، جنهن جو شجرو مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب جي ضميمي اي (پيج 142) ۾ ڏيکاريو آهي. مرزا قليچ بيگ جو هي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگي” انگريزي ۾ لکيل آهي جيڪو 1980ع ۾ ڀٽ شاهه جي ڪلچرل سينٽر ڪميٽيءَ حيدرآباد مان ڇپيو. سندس وڏا هرات مان آيا ۽ مٽياري ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائون. شاهه عبدالڪريم (1600ع) جنهن جو مقبرو بلڙي ۾ آهي. جيڪو حيدرآباد کان 40 ميل پري گوني تعلقي ۾ آهي ۽ شاهه ڪريم تمام وڏو ۽ ناميارو صوفي شاعر هو، جيڪو شاهه صاحب جو تڙڏاڏو هو. سندس شاعري موجود آهي ۽ ان جو عرس به هر سال بلڙيءَ ۾ ٿيندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو والد سيد حبيب شاهه هالا حويلي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهيو، جيڪو هاڻي ڦٽي ويو آهي ۽ اهو مٽياري کان چاليهن ميلن جي مفاصلي تي آهي ۽ ڀٽ شاهه کان گهڻو پري ناهي ڪجهه وقت کانپوءِ اها جاءِ ڇڏي وڃي ڪوٺڙي ۾ رهيو، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف جو ٻاراڻي وهيءَ جو ڪجهه وقت گذريو. اسان جي شاعر جي شروعاتي تعليم، اسڪول جي بنيادي نصاب کان وڌي نه سگهي. هن جو پهريون استاد نور محمد ڀٽي هو. جيتوڻيڪ هن ڪا باقاعدي تعليم حاصل ڪانه ڪئي هئي. سندس شاعري مان ان جو ڪافي ثبوت ملي ٿو ته هو عربي ۽ فارسي ٻولين جو وڏو ڄاڻو هو، قرآن پاڪ حديث ۽ مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي ۽ بلڙي واري جو رسالو هن جا سدائين ساٿي رهيا. جن جا حوالا شاهه صاحب جي رسالي ۾ ملن ٿا. جلال الدين رومي جي مثنوي شاهه صاحب کي ميان نور محمد ڪلهوڙي سوکڙيءَ طور ڏني هئي، جيڪو سنڌ جو حڪمران هو. اهو ان ڪري هو شاهه صاحب جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهي پيو، ڇاڪاڻ ته سندس لاڳاپا شاهه صاحب سان سٺا نه رهيا هئا.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ظاهر ظهور پنهنجي بدني بناوت ۾ تمام سهڻو، قد سراسري، بدن ۾ مضبوط، ڪاريون اکيون ۽ ڏاهپ وار چهرو ۽ ڪشادي ۽ ويڪري پيشاني رکندو هو. شاهه صاحب کي ڏاڙهي رکيل هئي، سندس ڏاڙهي حضور پاڪ جي ڏاڙهي مبارڪ جيان هئي. پنهنجي باري ۾ پڻ شاهه صاحب وٽ هڪ سوچيندڙ نظر هئي ۽ هر وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. جيئن ته هو پاڻ هڪ بااخلاق، بردبار، روحاني رمز ۾ وقت گهاريندو هو ته جيئن کيس الله تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ٿئي. شاهه صاحب اڪيلائي پسند پڻ هو ۽ پاڻ روحاني زندگي بابت هر وقت اها سوچ رکندو هو ته هن ڌرتي تي ڪا چڱائي ٿئي.
جيتوڻيڪ هو سٺين حالتن ۾ ڄائو هو ۽ هڪ با عزت مشهور سيد خاندان جو اولاد هو. هن ڪڏهن به ڪو غلط ڪم نه ڪيو نه وري زندگيءَ ۾ پنهنجي آسائش لاءِ وڙهيو. هو مهربان، نرم دل،سخي ۽ سهڻن اخلاقن جو مالڪ هو، سندس اخلاق ۽ ڳالهائڻ ڪري ماڻهن کان کيس تمام گهڻي عزت ۽ سرهائي ملندي هئي. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏبا هئا، اهي پڻ گهڻو خوش ٿيندا هئا. شاهه صاحب وٽ عورتن لاءِ وڏي عزت ۽ ادب هوندو هو. حقيقت ۾ ڏسجي ته ماڻهن ۾ ان عمر ۾ اهڙيون خاصيتون نه هونديون آهن، هو ظلم کان نفرت ڪندو ۽ جسماني اذيت پوءِ چاهي اها ماڻهن کي ملي يا ڪنهن جانور کي جي سخت خلاف هوندو هو. هن کي سموري حياتي گذاري پنهنجو پاڻ تي ڀرسو هوندو هئس. سندس کاڌو توڙي ڪپڙا تمام سادي نموني جا هوندا هئا. سندس پوشاڪ گهڻو ڪري گيڙو رنگي هوندي هئي، اهو صوفين ۽ جوڳين جو رنگ هوندو هو ۽ ڪاري ڌاڳي سان سبيل هوندو هو اڄ تائين سندس اهي سڀ شيون ڀٽ شاهه تي سانڍيل آهن. انهن ۾ ڪجهه لڪڻ پڻ آهن ۽ پيالا پڻ، جن مان هڪ صندل جو ۽ ٻيو شفاف پٿر جو ٺهيل آهي، جيڪو هو کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ استعمال ڪندو هو، سندس ڊگهي ٽوپي ۽ ڪارو پٽڪو پڻ اڃا تائين ڀٽ شاهه تي سانڍيل آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سچ جي ڳولا۾ سنڌ جي ڪيترن ئي حصن جو سير ڪيو ۽ سنڌ جي سرحدي علائقن جو سير پڻ ڪيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجو پاڻ کي سياست ۽ سازشن کان پري رکيو، جيڪي شيون ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿينديون رهنديون هيون باوجود انهيءَ جي ته ڪلهوڙن جي بادشاهي جا ڪيترا وڏا ماڻهو شاهه صاحب جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا.
شاهه صاحب شهرن ۾ گهمڻ لاءِ اندر نه ويندو هو، پر ٻهراڙين ۾ صوفين ۽ جوڳين سان گهمندو هو ۽ جبل جهاڳيندو هو. جوڳين، سنياسين ۽ صوفين جي گهڻائي هندن جي هوندي هئي. جن سان هو هاڪاري سوچ سان ملندو جلندو ۽ گهمندو هو، ۽ ڪچهريون ڪندو هو. هو حيدرآباد جي گنجي ٽڪر کان لس ٻيلي جي ٽڪرين ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن جو سير ڪندو هو. هو هڪٻئي وقت انهن سناسين سان ٽي سال گڏ رهي سفر ڪيو. هن هنگلاج ۾، لکپت ۽ ناني ڀيرين پنڌ گهميو. هو هماليه جبل جي هيٺاهين ۽ سپڙ سخي تائين هليو. سندس رسالي ۾ڪيترائي دفعا انهن جوڳين ۽ سندس سير سفر جو تمام گهڻو ذڪر ملي ٿو. اهي ماڳ، جتي شاهه صاحب هليو. انهن کي پوتر ماڳ سمجهيو ويندو هو. شاهه صاحب جي رسالي ٻن سرن رامڪلي ۽ کاهوڙي ۾انهن سڀني ڳالهين، رهڻي ڪهڻي ۽ جو بهترين ذڪر ملي ٿو. هن جهونا ڳڙهه، جيسلمير ۽ ٿر جي ڪيترن ئي حصن جو سير ۽ سفر ڪيو، جڏهن هي 21 ورهين جو ٿيو ته هن کي سندس بهترين اخلاق ۽ سهڻين عادتن ،عبادت ۽ پاڪائي جي ڪري تمام گهڻي عزت ملڻ لڳي. سمجهه،سچائي ۽ ماڻهن سان ملنساري سندس اخلاق سندس خاصيتون سمجهيون وينديون هيون. ماڻهن جا ٽولا هن جي چوڌاري پيا هلندا هئا، انهي جي باوجود جو هن جا شاگرد هن سان گڏ هوندا هئا. سندس انهي پذيرائي جي ڪري ڪيترائي سکر ماڻهو هن سان بغض رکندا هئا ۽ ڪيتري وقت لاءِ سندس دشمن ٿي پيا، پر ڪجهه وقت کانپوءِ هن جي عظمت کي ڏسندي هن کان پاسيرا ٿي ويا.
ان وقت هو پنهنجي والد سان ڪوٽڙي ۾ رهندو هو، جيڪا ڀٽ شاهه کان رڳو 5 ميل پري هئي. هي اهو ئي موقعو هو جڏهن 1713ع ۾ سندس شادي بي بي سيده بيگم مرزا مغل بيگ جي نياڻي سان ٿي، جيڪا هڪ گهڻن گڻن واري ۽ سياڻي عورت هئي ۽ هن جي صحيح معنيٰ ۾ ساٿياڻي ٿي رهي. سندس شاگردن وٽ بي بي لاءِ پڻ وڏي عزت هوندي هئي، شاهه صاحب کي ڪو ٻار پيدا ڪونه ٿيو. شاهه صاحب پنهنجي مذهبي، اخلاقي ۽ روحاني جذبي هيٺ هڪ اهڙي جاءِ يا بيٺڪ جي ڳولا ۾ هو، جتي هو پنهنجو وقت اڪيلائي ۾ رهي صرف ڪري ۽ سڄو وقت عبادت ۾ گذاري. هن اها جڳهه ڪراڙ ڍنڍ جي ويجهو واري جي دڙي تي ڳولي لڌي، جيڪا هالا کان چار ميل پري هئي. اهو واري جو دڙو ٻوٽن ۽ ڪانڍيرن سان ڍڪيل هو، جنهن جي چوڌاري پاڻي جا ننڍا ننڍا دُٻا هئا، ان واري جي دڙي کي ”ڀٽ“ چيو ويندو هو. شاهه صاحب انهي واريءَ جي دڙي تي هڪ ننڍي ڳوٺ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، جيئن ته اهو علائقو واري سان ڀريل هو. شاهه صاحب پنهنجن شاگردن سان گڏ ان ايراضي جي اهڙي ته کوٽائي ڪئي جو اندران پڪي زمين نڪري آئي پوءِ ان تي واري وڇائي پڪي زمين ٺاهي. مهينن جي محنت مزدوري جنهن ۾ هن پنهنجن ڪلهن ۽ مٿن تي کڻي اهو سڀ ڪجهه ٺاهيو، جنهن سان هڪ بهترين جڳهه ٺهي وئي جنهن ۾ هڪ ڪمرو زير زمين ۽ ٻه ڪمرا ان جي مٿان ۽ هڪ ڪمرو پنهنجي والدين لاءِ ٺاهيائون. اتي هڪ مسجد پڻ جوڙي وئي. پنهنجي شاگردن لاءِ گهر پڻ ٺاهيائون، جيڪي جلد ٺهي تيار ٿيا. 1742ع ۾ اڃا هي ڀٽ کي ٺاهڻ ۾ لڳل هو ته هن کي سندس والد جي وفات جي دکائتي خبر پئي ان خبر کانپوءِ شاهه صاحب پنهنجي سڄي خاندان کي ڪوٽڙي مان وٺي اچي ڀٽ شاهه تي رهايو ۽ جنهن جو نالو اهو ئي مشهور ٿيو، سندس والدکي پنهنجي وصيت مطابق اتي ئي دفنايو جتي سندس مقبرو هاڻي آهي. اهو مقبرو شاهه عبداللطيف جي مقبري جي ڏکڻ طرف سڏ پنڌ تي آهي.
پنهنجي زندگي جا آخري اٺ سال هو ڀٽ شاهه تي رهيو. پنهنجي وفات کان رڳو چند ڏينهن اڳ هو پنهنجي جوڙيل زير زمين ڪمري ۾ وڃي رهيو ۽ سڄو وقت روزي ۽ عبادت ۾ گذاريائين. هو تمام گهٽ کائيندو هو. 21 ڏينهن کانپوءِ هو ٻاهر نڪتو ۽ پاڻي جي ججهي مقدار سان وهنجي سهنجي پاڻ کي هڪ وڏي اڇي چادر سان ڍڪيو ۽ پنهنجي شاگردن کي چيائين ته هاڻي صوفي راڳ شروع ڪيو. اهو راڳ مسلسل ٽي ڏينهن هلندو رهيو، سندس راڳين جڏهن ڏٺو ته شاهه صاحب ۾ڪابه چر پر ناهي ته کين خبر پئي ته سندس روح جنت ڏانهن پرواز ڪري چڪو آهي ۽ وڃي پنهنجي محبوب سان مليو جنهن جي لاءِ سڄي زندگي هن چاهه پئي ڪئي. فقيرن ڏٺو ته روح ڪونهي باقي خاڪي جسم موجود آهي، 14 صفر 1165هجري بمطابق 1752ع تي هن موڪلاڻي ڪئي. کيس ڪابه بيماري ڏسڻ ۾ نه هئي، نه وري ڪو سور يا ڪا تڪليف هئي. هن کي سندس انهي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو جتي اهو هن وقت موجود آهي. سندس اهو مقبرو تنهن دور جي ڪلهوڙن جي بادشاهه غلام شاهه ڪلهوڙي اڏايو، جيڪو شاهه صاحب کي ڀائيندو هو ۽ سندس عزت ڪندو هو. مقبري جي اڏڻ جو ڪم سکر جي هڪ مشهور رازي عيدن جي حوالي ڪيو ويو. انهي مقبري ۽ ڀر واري مسجد جي اڳيان هلي مير نصير خان ٽالپر مرمت ڪرائي. مير نصير خان جي ڀاءُ مير نور محمد ٽالپر مقبري جي احاطي ۾ هڪ تمام وڏو کوهه کوٽايو ۽ سندس سئوٽ مير محمد ٽالپر چاندي سان جوڙيل هڪ دروازو لڳايو جيڪو اڃا تائين اتي بيٺل آهي. درگاهه تي صبح ۽ شام اڄ تائين وڄندڙ نغارن جو جوڙو موجود آهي، جيڪو جيسلمير جي راجا سوکڙي طور ڏنو هو.

(مترجم: پروفيسر اعجاز احمد قريشي)

شاھ جي شاعريءَ جي موضوعاتي اهميت

سنڌ جي ماڻھن کي سمجھڻ لاءِ اسان کي شاھ عبداللطيف جي شاعري پڙھڻي پوندي، ۽ شاھ عبداللطيف جي شاعريءَ کي پڙهڻ لاءِ اسان کي سنڌ جي ماڻھن جو اڀياس ڪرڻو پوندو. انھن مان ھر ھڪ ئي، ھڪ ٻئي جي شرح يا وياڪرڻ آھي، ۽ انھن مان ڪو به ھڪ ٻئي جي مدد کانسواءِ تشريح جوڳو ناھي.
ھن علائقي جي ماڻھن جي ذھنن تي شاھ عبداللطيف جي شاعريءَ جو گھرو اثر آھي، جيڪو انھن جي پوري شخصيت ۾ رچيل آھي. ھيءُ تاثير ڪو اعليٰ فني ۽ ادبي ڪم سان لھه وچڙ ۾ اچڻ مان پيدا ٿيل نتيجو ڪونھي، پر اھو اونھي نموني وارو مذھبي يا ضمير ڀريو به آھي. حقيقت ڪري ان حساب سان ئي، شاھ لطيف دنيا جي ٻين مشھور شاعرن کان بيحد نيارو آھي. سندس رسالي جو جيڪو خدا ترسي وارو لھجو آھي، اُنھيءَ ئي ھن کي سنڌ جي ماڻھن جي محبت سان نوازيو آھي، ۽ ھن پنھنجي لاءِ امرتا ماڻي آھي. بھرحال ان جي ڪري سندس ٻين اعليٰ فني خوبين جي حيثيت نٿي گھٽجي، پاڻ ان جي باعث اُھي اصليت ۽ اونھي اھميت حاصل ڪري سگھاريون ٿين ٿيون.
ھن جي رسالي جي ايتري ته تعظيم ڪئي وڃي ٿي، جو ھن ساڻ ڪا به سنساري يا دنياوي ڳالهه ڳنڍي نٿي وڃي. ھن کي انتھائي احترام سان ڇھيو وڃي ٿو ۽ اُن جي بيتن جي ھميشه آتمڪ يا ماورائي (Transcendental)نموني تاويل ڪئي وڃي ٿي. ايتري تائين جو جڏھن شاهه لطيف انھن شين کي ڳائي ٿو، جيڪي ھوند ھن ڌرتي سان اصلي لاڳاپو نه رکندڙ شخصن کي عام لڳن، پر ديسي ماڻھو ھميشه انھن جي ماورائي اصطلاحن ۾ تشريح ڪندا رھندا، جيئن لطيف پنھنجي سر به انھن جي اھڙي تاويل ڪرڻ گھري ٿي. قرآن شريف کان پوءِ لطيف جي رسالي جي ئي وڏي تڪريم ۽ تعظيم ڪئي وڃي ٿي ۽ حقيقت ۾ اِھو سنڌي گھرن ۾ قرآن سان سان گڏ ئي رکيو وڃي ٿو. لطيف پاڻ ئي پنھنجي بيتن جي حوالي سان ائين چيو ھو:
جي تو بيت ڀانئيان، سي آيتون آھين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
ويجھڙ ۾ فاضل عالمن طرفان شاهه لطيف جي شاعري جي ٽيڪنڪي رُخن تي تحقيق ڪئي آھي. ڪجهه مصورن شاهه لطيف جي سورمين جون جيڪي تصويرون ٺاھيون آھن، سي رسالي کان اڻواقف ماڻھن کي اِھو احساس ڏين ٿيون ته ھن جي شاعري ۾ رڳو عورتن جي جسماني سونھن سوڀيا جو ذڪر شامل آھي. پر اِھي تصويرون مصورن جي پنھنجي ئي تخيل جي پيداوار آھن. ڇو ته ڪٿي به شاھ لطيف عورتن جي جسماني سونھن سوڀيا جي اونھي نقشگيري نه ڪئي آھي. ھيءُ حقيقي صوفي (Mystic) ھو، جنھن لوڪ ادب ۾ اڳ ۾ ئي موجود ڪھاڻين کي تڏھن ٿي ڪم آندو، جڏھن انھن سندس مقصد جي پورائي ٿي ڪئي.
ھن وٽ انسان ذات کي چوڻ لاءِ ھڪ اھم ڳالهه ھُئي ۽ انسان ذات اُن کي تڏھن ٿي ٻڌي سگھي، جڏھن ھن جو سچ فن سان مزئين ۽ ٺوس تصورن سان پيش ڪيو ويو. اھڙي طرح سچ سونھن بڻجي ٿو ۽ سونھن سچ جو روپ ڌاري ٿي، اخلاقيات ۽ جماليات ھڪ بنجي وڃن ٿا.
تصوف ھڪ اھڙو اصطلاح آھي، جنھن کي تمام غلط نموني ۾ استعمال ڪيو ويو آھي، پر ھتي ڪوڙا صوفي به آھن ته سچا سالڪ آھن. کڻي اسان جو دور تجرباتي (Empirical)ھجي، پر انھيءَ جو ڪو اھو مقصد ڪونھي ته اسان سچ جي طالبن جي حقيقي روحاني تجربن کي گهٽ ڪري ليکيون. سخت گير (Orthodox)، مذھبي ماڻھو اڪثر انھيءَ غلط سمجهيل لفظ تي ڌڪار ڀري نگاھ وجھن ٿا. حقيقت ۾ ھڪ صوفيءَ ۽ ھڪ ڳوڙھي مذھبي ماڻھو، نڪي سخت گير ماڻھو جي وچ ۾ ڪو گھڻو فرق ناھي. تصوف، صرف ماڻھوءَ جي شڪل ۾ موجود ضروري مذھبي تجربن جو نالو نه آھي، اِھو زندگيءَ جي روحاني تشريح آھي؛ جڏھن ماڻھو روحاني زندگيءَ جي اھم ترين ۽ پاڪ حدن کي حاصل ڪري ٿو، تڏھن ئي ھو حقيقي صوفي بڻجي ٿو. مڪمل ھرکائيندڙ ٺوس منظر ئي صوفي تجربي جا سبب توڙي محرڪ ھوندا آھن. ماڻھو پاڻ کي دنيا جي رنگن، موسيقي، خوبصورتي، ھم آھنگي ۽ ٻين شين جي گھيري ۾ محسوس ڪري ٿو، جيڪي ھن جي ڪنن ۽ اکين کي پرڀائين ٿيون. ساڳئي وقت ھو اُنھن جي مٽ سٽ (Mutability)، عبوريت (Transitoriness)، تبديلي ۽ زوال تي ششدر ٿي وڃي ٿو. ھو زندگيءَ جي ڳجهه جي گنڀير پڙتال جي اڇا ڪري ٿو. ٽي سوال ھن کي للڪارين ٿا ۽ جواب طلبين ٿا: آئون ڪير آھيان؟ آئون ڪٿان آيو آھيان؟ ۽ ھاڻي آئون ڪيڏاھن ويندس؟ ڪٿي، ڪڏھن ۽ ڪيڏانھن؟ ماڻھوءَ جو روح، اڪيلي سر پنھنجي ليکي کوجنا ۾ جنبي وڃي ٿو ته جيئن ھو انھيءَ ٽنھي سوالن جا جواب حاصل ڪري سگھي. ابتدائي طور تي ھن جي سامھون زبردست تفاوتي ڀيٽ (Contrast)جو تضاد پڌرو ٿئي ٿو، پر ھو ڪثرت (Diversity)۾ ايڪتا (Unity)۽ ايڪتا ۾ ڪثرت کي ڄاڻڻ شروع ڪري ٿو. ھو خالق ۽ مخلوق، خدا ۽ ماڻھوءَ جي روح جي وچ ۾ ناتن کي پُرجھڻ شروع ڪري ٿو:
سو ھي سو ھو, سو اجل سو الله،
سو پرين سو پساھ, سو ويري سو واھر.
ائين روحاني تجربو خدا سان روح جو ڳانڍاپو ئي آھي. ائين لڳي ٿو ته انسان جي اندر ۾ ٻه نفس (selves)آھن، مٿاڇري وارو ۽ ماورائي. ماورائي نفس جو روحاني حقيقتن سان تعلق ئي صوفي تجربو آھي. سڀ ماڻھو ڪنھن نه ڪنھن مرحلي تي سچ جي ڳولھا واري تانگهه سان آشڪار ٿيندا آھن. سچ صرف ھڪڙو آھي، پر ان جا رخ مختلف آھن. صوفي پنھنجي طريقي سان سچ جي تلاش ڪري ٿو. ھو دنيا جو انڪار ان لاءِ ڪري ٿو ته جيئن ھو حقيقت ڳولھي سگھي. ان حساب سان ”اھو تسليم ٿيل آھي ته صوفي ازم فرد سان تڏھن لھه وچڙ ۾ اچي ٿو، جڏھن ھو لازوال سچائين سان ڳانڍاپي ۾ ھوندو آھي، نڪي تڏھن، جڏھن ھو پنھنجي وقت جي تھذيب سان تعلق ۾ ھوندو آھي.“ انھيءَ ڪري شاهه لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ ھر وقت تبديل ٿيندڙ سماجي ۽ سياسي مسئلن کي نٿو کڻي، پر ھو انھن سچائين کي پيش ڪري ٿو جيڪي لازوال آھن، ائين ھو پنھنجي پاڻ کي ۽ توڙي پنھنجي شاعريءَ کي امر بڻائي ٿو.
پنھنجي روحاني ڳولھا ۾ لطيف ٻين سچن صوفين وانگر اُن نتيجي تي پھتو ته مادي ڪائنات تي غور ويچار ڪرڻ سان ئي ماڻھو روحانيت جي دائرن يا ڳالھين کي سمجھي سگھندو. جيڪر زندگيءَ جي ڳجهه کي سمجھڻو آھي ۽ ان کي حل ڪرڻو آھي ته طبعي مظھرن تي عميق نموني غور ويچار ڪرڻو پوندو. ھن جا اڪثر سُرَ اخلاقي مسئلن کي پيش ڪن ٿا. اُن مان ھر ھڪ اھڃاڻي آھي. مقبول لوڪ قصن جي لبادي پويان دائمي سچ آھي. مبلغ يا تبليغ ڪندڙ جي ڀيٽ ۾ شاعر مختلف ٿئي ٿو ۽ ھو اُنھن سچن کي، جيڪي ھُن ڳولھي ورتا آھن، اھڙن اصطلاحن ۾ بيان ڪري ٿو، جن جي لاءِ ھو ڀانئي ٿو ته اُھي عام ماڻھوءَ کي سمجهه ۾ اچي ويندا. اُنھن مان سواءِ نوري ۽ ڄام تماچيءَ واري قصي جي، ھر ھڪ ڪھاڻي انسان جي زوال، پڇتاءَ، نجات، ۽ مفاھمت جو ورنن ڪري ٿي. ھر ڪھاڻي جو آغاز مکيه ڪردار Protagonist (ھميشه ڪا عورت) سان ٿئي ٿو، جيڪو انسانذات جي خوشي جي جامد حالت جو اھڃاڻ طور پيش ٿيل ھوندو آھي. انھيءَ آنند جي جامد صورتحال مان ھوءَ متحرڪ شيطانيت ڏانھن تبديل ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ ھن جو عمل پوڙهن ملاحن (Ancient Mariners) پاران پئسيفڪ سمنڊ جي ھڪ سگھاري پکي Albatross کي مارڻ واري گناهه کان وڌ نه ھوندو آھي. اخلاقي قانون ٽوڙيو ويو آھي، ۽ ڪائنات جي امن ۽ ھم آھنگي يا جمالياتي نظم کي ڊنواڊول ڪيو ويو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ ھوءَ پنھنجي معصوميت ۽ سوڀيا واري حالت مان نڪري ٿي ۽ سندس حالت ناگواري ۽ محتاجي واري ٿي وڃي ٿي.
جيڪس ڪم سندام – جوٺا ڏنا جيڏيين.
کلن سڀ مٿان – ساهيڙيون ۽ سرتيون
اُن کانپوءِ اخلاقي نظام کي ٽوڙڻ جو احساس ٿئي ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ پشيمانيءَ جو دور شروع ٿئي ٿو:
ھُئِينءَ ته گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ به ھُيَئِي ڪانڌَ جِي؟
تو ڀانيو موچارِي ٿيان، ڳِچيءَ پائي ھارُ!
ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نه وَڻي، سَئين ڀَتين سِينگارُ؛
وَھَمَ لَھي وِينجهارُ، دِليُون پَرکي داسَڙو.
ٻه مکيه ڪردار آخر ڪار پاڻ ۾ گڏجن ٿا، جيڪو ماڻھوءَ جو پنھنجي گم ٿيل گھر يعني جنت ۾ نئين سر داخلا ۽ معصوميت جي حالت ڏانھن واپسي جو اھڃاڻ آھي ۽ اڪثر حالتن ۾ اھو ميلاپ موت کانپوءِ ٿئي ٿو يا موت ميلاپ وقت ئي وارد ٿئي ٿو. جيئن لطيف چيو آھي:
گهڙو ڀڳو مُنڌَ مُئِي، وَسِلا وِئا
تِهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏَ ميهارَ جا
۽ وري:
جڏهن وَسِيلَنِ، لوڙهي ڇَڏِي لُڙَ ۾.
پَراڙان پِريَنِ، تَڏِهن پُڇِي سُونهَڻِي.
اھو مرتيو رڳو جسم جو ئي موت ھوندو آھي ۽ نڪي روح جو، جيڪو ازل کان وٺي موجود ھو ۽ ان کانپوءِ به موجود رھندو.
انھن سڀني ڪھاڻين مان ھر ھڪ ۾ اخلاقي قانون جي ڀڃڪڙي ٿيل آھي، جيئن بيبي حوا شيطان جي چال ۾ اچي وئي. ملٽن جي لفظن ۾ ”شيطان مونکي ھرکايو، ڀلايو ۽ مون ضرور ڦل کاڌو.“
۽ شاهه عبداللطيف ليليٰ کي چوي ٿو:
مَڻِـئي تي موهِجِي، مُوڙِهِي ڪَيُءِ مَرَڪُ؛
چئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ؛
وَرِي ويو وَرَقُ، آيُءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
شاهه عبداللطيف جي ھر ھڪ سورمي اسان جي امان حوا جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ھر ھڪ عورتاڻي مکيه ڪردار کي گوشت پوست واري ۽ اسان جي حيات مان کنيل فرد طور بيان ڪيو ويو آھي، پر مرد ڪردارن، جيڪي الوھي سگھه جي علامت بڻيل آھن، جو ورنن ھميشه اڻ چٽو ۽ مبھم ھوندو آھي. ھر ھڪ ۾ خامي ھجي ٿي، جيڪا دکدائڪ پڄاڻي تي پھچي ٿي، پر مختلف مرد مکيه ڪردارن ۾ تفاوت ڪرڻ ڏکيو ھوندو آھي، اُھي گھڻي ڀاڱي سڀ ساڳيا، خاموش، شانائتا، اڻ ڌريا، ۽ غالب ھوندا آھن. ملٽن جي حوا وانگي ھن جون سورميون به ٻاڏائن ٿيون.”جيستائين اسان، کڻي ڪلاڪ کن لاءِ سھي، جيئرا آھيون، اوسيتائين اسان جي وچ ۾ امن جي ريت ھجي.“
رس مَ رسڻ گھوريو، راڻا ڇڏ رياءَ،
ميٽي مدايون آءُ، ته سوڍا سکياڻي ٿيان.
شيطان جي ڀنڀلائڻ ۾ اچڻ جھڙي ڪمزوري جي ھوندي به انسان ذات کي ڪامل ٿيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. غلطيون ڪندڙن، ڀلجي ويلن پر آسروندن واسطي اميد ڀريل لفظن ۾، عظيم جرمن شاعر گوئٽي چوي ٿو: ”ماڻھو کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ھو جھد ڪندي ضرور غلطيون به ڪندو.“ اقبال گوئٽي جي انھن لفظن مان اتساھجي ڳاتو ته:
تو بچا بچا کے نہ رکھ اسے، تیرا آئینہ ہے وہ آئینہ،
کہ شکستہ ہو تو عزیز تر ہے، نگاہ آئینہ ساز میں۔
لطيف لازوال، خوبصورت، مٺين ۽ اھم سوچ واري لفظن ۾ صلاح ڏيئي ٿو:
ماڻڪ مُنڌَ هَٿا، پيتيءَ ۾ پُرزا ٿئو،
سڄو تان سيد چي، لهي لک سَوا،
ڀڳي پڄاڻا، پدمان ئي پري ٿئو.
انسان پنھنجي ماس جي سختين کي برداشت ڪري، پشيماني جي باهه ۾ سڙي، نيڪيءَ واري جامد حالت کان به وڌيڪ عظيم بڻجي ٿو.
انھن مان ھر ھڪ ڪھاڻي افلاطوني نظريي کي بيان ڪري ٿي ته روح خوشي جي حالت ۾ ھئا ۽ انھن کي پنھنجي اصلي گھرن مان ڌار ڪيو ويو ۽ انھن کي طبعي ويس ڏنو ويو، پر آخر ڪار اُھي پنھنجي اصليت ڏانھن موٽيا.
سر سھڻي، جيڪو شاهه لطيف جي سرن مان خوبصورت سر آھي، انھيءَ نظريي جي اپٽار سان ڀريل آھي، ۽ پڻ سر مارئي توڙي رسالي جو شروعاتي سر ڪلياڻ به، جنھن ۾ لطيف سائين چوي ٿو:
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا
يا جڏھن ھو چوي ٿو:
پاڻھي پسي پاڻ کي، پاڻھي محبوب،
پاڻھي خلقي خوب، پاڻھي طالب تن جو.
ائين انھن ٺوس مثالن وسيلي انسانذات لاءِ لطيف جو پيغام، قرآن پاڪ جي پيغام سان گڏجي پھچايو وڃي ٿو: إِنَّا لِلَّٰهِ وَإِنَّا إِلَيهِ رَاجِعُونَ (اسان ال جي ملڪيت آھيون ۽ الِلَّٰهِ ڏانھن ئي موٽايا وينداسون.)
ھو انسانذات کي پنھنجو واعدو ياد ٿو ڏياري:
اَلَستُ بِرَبِّڪُم جَڏِهِن ڪَنَ پِيومَ،
قَالُو بَلا قَلَبَ سين، تڏهن تِت چيوم،
تنهين وير ڪيومَ، وَچَنَ ويڙهيچَنَ سين.
ڳيچ کي ڪم آندو ويو، رنگ ۽ شڪل کي استعمال ڪيو ويو، فطرت مان تصور ورتا ويا، فطرت جي خوبصورتي کي ڪم آندو ويو، ڇاڪاڻ ته انھن ئي ھن مٿان ڳوڙھو اثر وڌو. ھن انھن جي سگھه ۽ اھميت کي محسوس ڪيو ۽ ڄاڻي ورتو. ھن ڄاتو ته مڙني مذھبن ۾ پيار جو مذھب ئي سادو ترين آھي. ان ڪري ھن پيار واري موضوعن وارين لوڪ قصن کي چونڊيو، ڇو ته کيس جبلي طرح احساس ٿيو ته اھو ئي بھتر طريقو ھو، جنھن سان سنڌ جي سادن، جذباتي ۽ تصوراتي ماڻھن وٽ سچ کي پيش ڪري سگھجي ٿو، ۽ ان ڪري به ته فطرت پڻ اھو طلبيو ٿي ته اھو پيغام انھيءَ سانچي ۾ پھچايو وڃي.

(مترجم: محمد حبيب سنائي)

شاهه عبداللطيف جي رسالي جون ڪجهه بنيادي حقيقتون

اهو هڪ ڪائناتي سچ آهي ته ڪنهن به شاعر جو شعر مسلسل ڳايو، وڄايو ۽ سمجهيو وڃي، پوءِ چاهي اهو ٻڍو هجي، ٻار هجي ۽ سندس جنم ڀومي پيدائش واري هنڌ جو هر عام ۽ خاص ماڻهو هن جي شاعري مان لطف اندزو ٿئي پوءِ چاهي سندس شاعري کي کڻي ڪيترا سال ڇونه گذري وڃن، چاهي ٻڌندڙ، امير هجي، غريب هجي، ننڍو هجي، وڏو هجي، پڙهيل هجي، اڻ پڙهيل هجي، مرد هجي يا عورت هجي، شهري هجي يا ڳوٺاڻو هجي، سندس شاعري جي خوبصورتي مان پوري طرح ۽ برابري سان لطف اندوز ٿين.
جڏهن اسان شاهه عبداللطيف جي شاعري تي غور ڪنداسين ته هن جي شاعري سنڌ جي ماڻهن جي ساهه ۾ سمايل آهي. دنيا جي ڪابه شيءِ هنن کي متاثر نه ٿي ڪري، جيتري شاهه عبداللطيف جي شاعري هنن کي متاثر ڪري ٿي ۽ اهي (سنڌي) صرف ۽ صرف شاهه صاحب جي شاعري مان ئي متاثر ۽ لطف اندوز ٿين ٿا.
ڇاڪاڻ جو شاهه صاحب جي شاعري نه صرف سندن ثقافت، سماجي عادتن، سندن زندگي جي گذارڻ جي ڍنگ کي ظاهر ڪري ٿي، پر ان سان گڏوگڏ سندن روح جي رهنمائي ۽ روحاني قوت مهيا پڻ ڪري ٿي. ان کان علاوه هن شاعرن جي سرتاج، صوفين جي سردار جي شاعري کان نه صرف مسلمان متاثر آهن، پر هندو به سندس شاعري کان پڻ متاثر آهن. هن جي شاعري ٻنهي کي هڪ جيتري موهي ۽ متاثر ڪري ٿي ۽ اهو عام ڏٺو ويو آهي ته نه صرف هندو مرد پر هندو عورتون پڻ سندس ڪلام (شاعري) کي ڳائين ۽ وڄائين ۽ ٻڌن ٿيون. هاڻي ڏسجي ته سندس شاعري ۾ اها ڪهڙي قوت ۽ غذا مهيا ڪري ٿي اهو ان ڪري جو هن شاعرن جي سردار ۽ سرتاج پنهنجي شاعري ۾ قرآن مجيد جون آيتون استعمال ڪيون آهن.
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي تڏهن پنهنجي ماڻهن کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي هڪ عالمگير مذهبي پيغام ڏنو آهي جيڪو هنن (سندس ماڻهن) کي مختلف مذهبن جي ماڻهن ۽ سندن مذهب کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ڏئي ٿو. ان ڪري ان مان ثابت آهي ته هندو ۽ مسلمان ڪيترن سالن کان هڪ ٻئي سان گڏ رهندا آيا آهن ۽ هڪ ٻئي سان مذهبي ڪٽر پڻو نه آهي ۽ هو هڪ ٻئي سان پيار ۽ امن سان گڏ رهندا آيا آهن اقتصادي مفادن ۽ جهيڙن باوجود به هُو هڪ ٻئي سان پرتشدد نه رهيا آهن.
ان ۾ ذري جو به شڪ نه آهي شاهه صاحب شاعر سان گڏوگڏ ولي الله هيو ۽ خدا جو پيارو ۽ نيڪ ٻانهو هيو، شريعت ۽ قرآن پاڪ تي پورو يقين رکندڙ هو. ۽ سندس شاعريءَ ۾ عالمگير مذهبي پرچار ڪري ۽ انسانيت سان پيار جي درس ڏيڻ ڪري دنيا جي سڀني شاعرن خاص ڪري هندو شاعرن فلاسفرن سندس شاعري جي وڏي تعريف ڪئي آهي، خاص ڪري پروفيسر ايڇ.ايم.گربخشاڻي، ليلارام وطڻمل، تاراچند شوقيرام ۽ تيرٿ داس.
مشهور هندو فنڪارن خاص ڪري نارو ڀڳت ۽ سندس ساٿي، مس ششيلا مهتاڻي ۽ ٻين ڪيترائي سندس ڪلام ڳايا آهن. مس ششيلا مهتاڻي جو ڪلام ته ايترو ته من کي موهي وجهي ٿو جو ٻڌندڙ صفا سن ٿي وڃن ٿا.
شاهه عبداللطيف هڪ درٻاري شاعر ڪونه آهي، هُن ڌن، دولت ۽ شهرت لاءِ شاعري ڪونه ڪئي. انتهائي حساس ۽ ذهين هئڻ ڪري هن سان دنيا جو ڪوبه شاعر سندس شاعريءَ ۾ پهچي نه ٿو سگهي. مزيدار ۽ وڻندڙ حقيقت اها آهي ته هن پنهنجي شاعري پاڻ نه لکي آهي. سندس شاعري هن جي وفات کان پوءِ گڏ ڪري لکي وئي يا ياد ڪئي وئي، سندس شاعريءَ جي مجموعي کي ”شاهه لطيف جو رسالو”يعني “شاهه لطيف جو پيغام” چيو وڃي ٿو.
سنڌ جي ڌرتي ٻن غير ملڪين جي انتهائي شڪر گذار ۽ احسانمند آهي جن جي عالمي تحقيق ڪري شاهه عبداللطيف جي شاعري وڏي شهرت ماڻي. انهن منجهان هڪ انگريز عالم، رچرڊ برٽن، جنهن شاهه جي شاعري تي 1851ع ۾ ڪم ڪيو. هن کان پوءِ ارنيسٽ ٽرمپ جيڪو هڪ جرمن هيو ۽ هن جي شاهه تي تحقيق انتهائي تعريف جوڳي آهي.
ارنيسٽ ٽرمپ اهو محقق هيو جنهن سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا جي عظيم ٻولي قرار ڏنو. ٽرمپ رسالي تي تمام ئي گهڻي تحقيق ڪئي ۽ شاهه صاحب کي مغرب جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. سندس تحقيق ڪري جرمن عورت ڊاڪٽر اينميري شمل پڻ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪئي.
انهن ٻنهي عالمن ۽ محققن کان علاوه ايڇ. ٽي. سورلي شاهه صاحب ۽ سندس شاعري تي تحقيق ڪئي. جنهن جو عنوان “ڀٽ جو شاهه عبداللطيف” هو، جنهن کي1940ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان شايع ڪرايو. ايڇ. ٽي. سورلي، هن ڪتان ٽن حصن ۾ لکيو. سندس پهرين حصي سنڌ جي تاريخ جو ذڪر آهي، ٻئي حصي ۾ شاهه صاحب جي زندگي ۽ سندس شاعري بابت آهي ۽ ٽئين حصي ۾ شاهه صاحب جي شاعري جو ترجمو آهي. موجوده دور ۾ وري مسز ايلسا قاضي جي ڪوشش سان شاهه صاحب جو رسالو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. سندس معاون ۽ مددگار علامه آءِ آءِ قاضي صاحب آهي جنهن جي ڪوشش قابل تعريف آهي. سورلي وري شاهه صاحب جي رسالي کي رابرٽ برائوننگ جي شاعريءَ سان ڀيٽيو آهي، هن جي مطابق برائوننگ ۽ شاهه صاحب جي شاعري ۾ هڪجهڙائي آهي، هنن ٻنهي، پنهنجي شاعريءَ کي علامتي ۽ تمثيلي ڪردارن کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
شاهه جي شاعري ۾ اهو پيغام ڏنل آهي ته انسان پيار ۽ محبت وسيلي الله تعاليٰ تائين رسائي ڪري سگهي ٿو. شاهه صاحب جي شاعري واري ٻولي انتهائي شيرين ۽ ماکيءَ جهڙي مٺي آهي. سندس ذاتي مشاهدا ۽ تجربا شامل آهن، جيڪي سندس دل ۽ روح جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ سندس شاعري ٻڌندڙن جي روح ۽ دل کي ڇُهي ٿي. سندس شاعري صوفياڻي آهي ۽ سندس سڀئي سِٽون صوفياڻيون آهن. هن جون صوفياڻيون سِتون اسپنوزا وانگر آهن ۽ هڪ انگريز شاعر جان ڊن (1572-1631ع) وانگر آهن.
شاهه صاحب جو رسالو ٽيهه سُرن تي مشتمل آهي. سندس هر هڪ سُر ٻن ٻن سٽن تي آهي جنهن کي ڏوهيڙو چئبو آهي يا وائي چئبو آهي. ڏوهيڙن جو وزن ۽ بحر هڪجهڙو آهي. سندس بيت موسيقيءَ جي اوزار تنبوريءَ جي تارن وسيلي آسانيءَ سان ڳائي سگهجن ٿا. شاهه صاحب جي رسالي کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرين حصي ۾ صوفياڻيو سٽون جنهن ۾ خدا تعاليٰ سان محبت جو اظهار آهي. ٻئي حصي ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جو ذڪر ٿيل آهي ٽئين حصي ۾ سنڌي لوڪ ادب جي پيار جا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن. شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ اهي لوڪ داستان جا قصا ۽ ڪهاڻيون بيان ڪيا آهن، جيڪي عظيم سنڌ جا عظيم ڪردار آهن انهن قصن جو تعداد ست آهي. پهرين ڇهن قصن ۾ پيار ۽ محبت جا قصا آهن ۽ آخري ستين قصي ۾ موسيقي سان محبت جو بيان آهي. پيار ۽ محبت قصن ۾ سسئي پنهون، سهڻي مهيار، ليلا چنيسر، مومل راڻو، عمار مارئي، نوري تماچي ۽ راءِ ڏياچ ٻيجل.
هر هڪ داستان روحاني رمز ۽ تڪميل جي رهنمائي ڪري ٿو. سڀني داستانن جو بنيادي مرڪز ۽ محور خدا تعاليٰ، انسان ۽ ڪائنات آهي. سندس شاعري مذهب ۽ فن جو هڪ لافاني مثال آهي.
شاهه صاحب رسالو سنڌ ماڻهن جي ماڻهن هڪ قيمتي اثاثو آهي. معاشري جي هر مڪتبهءِ فڪر کي متاثر ڪري ٿو. ان جو پيغام تمام گهڻ رخو آهي جنهن کي مختلف نمونن سان پرکي سگهجي ٿو.
اهو روح رمزن ۽ رازن جي رهنمائي ڪري ٿو. پڙهندڙن جي خيالن ۽ تصورن کي شاد ۽ آباد ڪري ٿو.
رسالي بابت تيرٿ داس لکي ٿو ته ”رسالي کي ڪجهه ماڻهو پڙهندا آهن، علمي، ادبي، موسيقي ۽ شاعريءَ جي خوبين جي ڪري، ڪي وري تاريخ، سماجي دلچسپي ۽ ڪي وري روحاني رمزن ۽ پيغام لاءِ پڙهندا آهن“.
مطلب ته شاهه جو رسالو دنيا جي ادبي ڪتابن ۾ سڀني کان اعليٰ ۽ اتم آهي. سورلي ته رسالي کي عيسائين جي ڪتاب کان به اعليٰ ۽ اتم سڏيو آهي سينٽ پال جي ڪتاب شاعر کان به اتم ڪوٺيو آهي. شاهه جي رسالي ۾ روحاني، اخلاقي مسئلن جي پوري طرح ڇنڊڇاڻ ٿيل آهي. جيڪو ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي رهنمائي ڪري ٿو، جيڪو دل جي درين کي کولي ٿو، حق ۽ سچ ۽ سورنهن جي پرچار ڪري ٿو. شاهه جي رسالي ۾ جيڪا شاعري آهي، اها هڪ الله لوڪ ماڻهو جي شاعري آهي، هن رسالي ۾ شاهه صاحب پوري دنيا جي رهنمائي ڪئي آهي خاص ڪري سنڌ جي، پاڻ فرمائين ٿا:
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
سندس رسالي ۾ جهنگ جهر، جبل، سمنڊ، ماٿرين، ڍنڍن، ٻيلن، بيابانن ۽ ميدانن، صبح ۽ شام، سج، چنڊ تارن، ڏينهن، راتين، برساتن، ڪنڊ، ڪرڙن، باغن بهارن، گلن، ڪڪرن، ڪانون، ڪٻرن، ڪبوترن، هنجهه ۽ اٺن جو ذڪر آهي. مطلب ته دنيا جي سڀني چرند، پرند ڦل ۽ ڦول ذڪر ٿيل آهي.

(مترجم مختيار ملاح)

شاهه جي شاعريءَ تي هڪ نظر

هڪ وڏي شاعر جي سڀ کان وڏي خصوصيت اها آهي ته هو عام انسانن جي مقرر ڪيل ناقص حدن کي ٽوڙي، ساري مخلوقات کي پنهنجي دائره تخيل ۾ آڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو عام ماڻهن کان وڌيڪ احساس وارو آهي ۽ کيس ٻين کان وڌيڪ ڏسڻ، پسڻ ۽ پروڙڻ جي ڏات آهي. انهيءَ ڪري هو زندگيءَ جي اهم، پيچيده ۽ تلخ مسئلن ۽ آزمائشن تي گهري سوچ ڪري، تخيل جي درياه ۾ ٽٻي هڻي، اهي بي بها گوهر ۽ موتي انسان جي آڏو پيش ڪري ٿو، جن جي نه رڳو خوبصورتي، رنگا رنگي ۽ چمڪ پنهنجي وقت جي توڙي ايندڙ نسلن کي حيران ۽ مخمور ڪري ڇڏي ٿي، پر هڪ اهڙو سرمايو پيدا ڪري ڇڏي ٿو، جنهن ڏانهن توجهه ڪرڻ سان هر انسان، هميشه فائدي ۾ رهي ٿو.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهو عظيم شاعر آهي، جيڪو امير جي محل ۽ غريب جي جهوپڙيءَ کان، مذهب ۽ ذات پات جي ٻنڌڻن کان، مغرب ۽ مشرق جي فرقيوارانه ور کان، سود ۽ زيان جي هڪ اکي منظر کان اوچو، پنهنجا مرهم جهڙي خاصيت رکندڙ، پَرَ سڄي ڪائنات مٿان پکيڙي ٿو. سندس ڪلام پنهنجي پيغمبرانه تخيل جا تاثرات، جاذب لفظن ۾ نمايان ڪري انساني زندگيءَ ۾ سڪون ۽ موافقت آڻي ٿو.
شاعرن پنهنجي تخيل مطابق گهڻن ئي قسمن جو شعر چيو آهي، ڪن شاعرن کي قومي شاعر سڏيو وڃي ٿو ته ڪن کي وري مذهبي، ڪن کي رزمي ته ڪن کي بزمي. ڪن شاعرن جو ڪلام اهڙو آهي جيڪو وقت جي سياسي پس منظر جو نقشو چٽيندو آهي. اهڙي قسم جو شعر جنهن وقت لکيو وڃي ٿو، ان وقت ڏاڍو مقبول رهي ٿو پر ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ان ۾ ڪا خاص دلچسپي نه ٿي رهي. انهن جي برعڪس شاهه جي عظيم شخصيت جو ڪلام پنهنجي نسل لاءِ توڙي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مشعل راه آهي. هر ايندڙ نسل پنهنجي حالتن مطابق سندس ڪلام جو مفهوم ڪڍي ٿو. اهڙي پيماني جي شاعر جي ڪلام جو هر نسل ترجمان آهي، ڇاڪاڻ ته اهو شاهه جي شعر ۾ پنهنجن مسئلن جو جواب انهيءَ نموني ۾ لهي ٿو، جنهن انداز ۾ هو خود سمجهي ۽ سوچي ٿو. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ايتريون ته نفسي معنائون رکيل آهن ۽ انهن ۾ ايتري ته گهرائي آهي جو هر نسل پنهنجي ضرورتن ۽ سمجهه آهر ان معنيٰ خيز ڪلام کي تسليم ڪري ٿو، ۽ پنهنجو مستقبل ان مطابق تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
شيڪسپيئر، ان ڪري عظيم شاعر ليکيو وڃي ٿو، جو هن جي ڪلام ۾ عالمگيريت جو عنصر موجود آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه به انهيءَ ساڳئي سبب جي ڪري هڪ عظيم شاعر ليکيو وڃي ٿو، جو سندس ڪلام ۾ به هڪ لاثاني عالمگيريت جو جزو نظر اچي ٿو. منهنجو اهو مطلب نه آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيڪسپيئر جو ڪلام اصلاحي طور يا ڪنهن ٻئي نقطئه نظر کان مشابهت رکي ٿو، پر منهنجي چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته شيڪسپيئر جي ڪلام ۾ اهي احساس، جذبات ۽ خيالات موجود آهن، جيڪي روز اول کان وٺي انسان ذات جي فطرت ۾ درج ٿيل آهن، جي هن لاءِ قابل فڪر و ذڪر آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ به اهو ئي ساڳيو منظر اسان جي پيش نظر آهي: انهيءَ ڪري ٻنهي شاعرن جو ڪلام پنهنجي پنهنجي جاءِ تي عالمگيريت جي اعليٰ عناصر سان پُر آهي. شاهه صاحب جي عالمگيريت جي اها ڪيفيت آهي جو جڏهن پنهنجي وطن لاءِ دعا گهري ٿو ته سڄي عالم کي به نٿو وساري ۽ فرمائي ٿو:
سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
شاهه صاحب هڪ صوفي هو، عام طور خيال ڪيو ويندو آهي ته صوفي سست ۽ ڪاهل ماڻهو ٿيندا آهن، جن کان دنيا جو ڪوبه ڪم ڪار نه ٿي سگهندو آهي، پر اهو خيال سچن صوفين سان لاڳو نه ٿو ٿئي. شاهه صاحب نه رڳو هڪ سچو صوفي هو، پر روحاني جدوجهد ۾ غرق رهندو هو. انهيءَ قسم جي جدوجهد کي ڪنهن به صورت ۾ سستي يا ڪاهلي سڏي نٿو سگهجي. ٻيو ته جيڪڏهن شاهه صاحب صوفين کي روحاني جدوجهد جي تلقين ڏني آهي ته عام ماڻهن کي وري پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جي راءِ ڏيکاري آهي. اهو مقصد جيتوڻيڪ هر شخص لاءِ جداگانه ٿي سگهي ٿو، پر ان کي ميسر ڪرڻ جا جيڪي طريقا آهن سي ساڳيا ۽ دائمي آهن. مطلب ته شاهه صاحب عمل جي زندگيءَ کي گهڻي ترجيح ڏني آهي ۽ رسالي ۾ بي انداز بيت ملندا جن جي ذريعي شاهه صاحب عملي زندگيءَ جي هدايت ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ ٻئي ڪنهن به موضوع تي شاهه صاحب جا ايترا شعر نه ملندا، جيترا زندگي کي باعمل بنائڻ تي چيل آهن، جيئن فرمائين ٿا:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.
بيت ۾ سسئيءَ کي چيو ويو آهي ته تيز وک وڌاءِ ۽ هر حالت ۾ هلندي هل ۽ پنهون جا پير ڳوليندي هل، متان اوندهه ٿي وڃي ۽ پنهون جا پيرا نه لهي سگهين. ساڳئي وقت ان جو مفهوم هڪ وطن پرست لاءِ، هڪ دنيوي انسان لاءِ، هڪ شاگرد لاءِ مطلب ته هر انسان لاءِ، جيڪو به ڪو مقصد حاصل ڪرڻ چاهي، ان لاءِ معنيٰ موجود آهي ته جيڪڏهن پنهنجي منزل حاصل ڪرڻي اٿئي ته صرف هيءُ طريقو آهي ته ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه.“ عملي زندگي آسان نه آهي، ان ۾ هزارين مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون:
سوريءَ چڙهڻ، سيج پسڻ، اِي ڪم عاشقن،
پاهون ڪين پسن، سائو هلن سامهان.
مطلب ته اهو ئي انسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب رهندو، جيڪو هر تڪليف کي خوشيءَ سان مُنهن ڏيندو، جڏهن سوريءَ تي چڙهندو، تڏهن سيج پسندو. ان هوندي به ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جو ارادو سامهون رکي هو سنئون هلي ٿو ۽ ان کان منهن نٿو موڙي. جڏهن ٻئي طرف توجهه ڪري ٿو ته شاهه صاحب جن فرمائين ٿا:
پتنگ چائين پاڻ کي، پَسي مچ مَ موٽ
سهائي سپرين جي، گهڙ ته ٿئين گهوٽ
اڃان تون اروٽ، کوري خبر نه لهين.
جيڪڏهن پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻو اٿئي ته ڪوشش ڪر، پتنگ وانگر ٿيءُ، ائين نه ٻَر: ٻاهر جو مچ ڏسي ۽ تڪليفون پسي واپس موٽي نه وڃ، بلڪه مقصد ۾ اعتماد رکي اڳتي وڌ ته فتح ماڻين؛ ان راهه ۾ تون اڃان ناواقف آهين. اهي تڪليفون توکي ائين ئي پختو ڪنديون جيئن سرون کوري ۾ پوڻ سان پچي وڌيڪ ڪمائتيون ٿين ٿيون. عمل جي زندگي ۽ سُستي ۽ ڪاهلي ٻئي متضاد آهن، هڪ ٻئي جي برعڪس آهن. وري فرمائين ٿا:
ٻيڙائتا! ٻيئي، تو نه ڦٻنديون ڳالهڙيون،
سڄيون راتيون سمهين، ڀرسکاڻ ڏيئي،
صباح سڀئي، پار پڇندء خبرون.
ڪاميابيءَ لاءِ، پاڻ پتوڙڻ، ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ نهايت ضروري آهي:
سک نه ستا ڪڏهين، ويهي نه ووڙين
ڪلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.
جيڪي ماڻهو وڏو مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا، سي ڪڏهن به بي اونا ننڊ نٿا ڪن ۽ نه ڪڏهن آرام جي تلاش ڪن ٿا يا غفلت ڪن ٿا، هو هر تڪليف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ايتري قدر جو اهي پنهنجي ڪلهن کي به ڪپائڻ لاءِ تيار آهن. اهي شخص عزت جي لائق آهن، جن پاڻ پتوڙي، تڪليفون وٺي دنيا ۾ ڪجهه ڪري ڏيکاريو:
سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن، مُلهه مهانگو ان جو.
شاهه صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل بيتن جي تشريح گهڻن نمونن ۾ ٿي سگهي ٿي. هڪ عظيم شاعر جو ڪلام، زنده ڪلام آهي. شاهه صاحب اسان کي ياد ٿو ڏياري ته عملي زندگي بسر ڪريو، جدوجهد ڪريو، ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ نه روحاني ڪاميابي ملندي نه دنيوي سوڀ پلئه پوندي:
اي ڪم ڪميڻن، جئن سمهين پير ڊگها ڪري
لوچين ڇو نه لطيف چئي، هاري! لئي هوتن؟
ننڊان نڀاڳين کي، اوڀالا اچن،
سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي پون سمهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي اثر

اهو دنيا جو هڪ انوکو مثال ٿيندو ته ڪنهن شاعر جو شعر سندس وفات کان ٻه سو سال پوءِ به سندس وطن جي وستي ۽ واهڻ ۾ گونجندو رهي يا پڙهيو وڃي، ۽ اهو امير توڙي غريب، ٻار توڙي ٻڍي، مرد توڙي عورت، تعليم يافته توڙي اڻ پڙهيل، شهرن توڙي ڳوٺ ،۽ ملڪ جي ٻين پاسن ۾، سڀئي ان کان واقف هجن ۽ ان جي سگهه ۽ خوبصورتي کي موٽ ڏيندڙ هجن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ ايتريءَ ته گهري ۽ جُڙيل آهي، جو سندس شاعريءَ جي اونهائي کي ڪا به شيءِ ڇهي نٿي سگهي. ڇو جو اها نه رڳو ماڻهن جي ثقافت، انهن جي سماجي عادتن، انهن جي زندگي گذارڻ جي طور تي، پر سنڌ جي ماڻهن جي روح کي ظاهر ڪري ٿي.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سندس شاعري، تصوف جي حوالي سان هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ جيتري پسند ڪئي وڃي ٿي. ٻه ماڻهو جن جا مذهب هڪ ٻئي کان مختلف هجن، هڪ توحيد پرست ۽ ٻيو مذهب پرست، ڪيڏي نه حيرت انگيز ڳالهه آهي ته هندو مردن ۽ عورتن کي هن صوفي شاعر جون قرآن پاڪ جي آيتن سان ڀريل شاعري پڙهيل هجي يا هو ان ڳائيندا هجن. يقيناً اهو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو اثر آهي، جنهن سندس قوم کي هڪ وسيع ۽ آفاقي مذهبي نقطه نظر عطا ڪيو آهي، جيڪو دنيا جي ٻين سڀني مذهبن لاءِ رواداريءَ جو سبب بڻيو ۽ جنهن هندن ۽ مسلمانن ۾ مذهبي ۽ معاشي اختلافن باوجود، پرامن ۽ ڀائيچاري سان گڏ رهڻ جو موقعو ڏنو. ورهاڱي وقت سنڌ ۾ خونريزي ۽ ظلم جي نه هجڻ جو بنيادي سبب اهو ئي هو.
ان حقيقت هوندي به ته شاهه عبداللطيف هڪ خدا جو بندو هو، قرآن شريف جي شريعت جي اصولن جو پابند هو، ان جي باوجود هندو عالمن جي دلين ۾ ايتري عزت، محبت ۽ شڪرگذاري جو جذبو موجود آهي، جنهن تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ٿيو آهي. ورهاڱي کان اڳ واري زماني ۾ هندو عالمن جهڙوڪ مسٽر گربخشاڻي، ليلارام وطڻمل ۽ تارچند شوقيرام ۽ موجوده دور ۾ تيرٿداس هوتچند ۽ ٻين سندس حياتي، ڪم ۽ شاعريءَ جو تنقيدي جائزو ورتو آهي. مشهور هندو ڳائڻن جهڙوڪ نارو ڀگت ۽ سندس ساٿي، مس سوشيلا مهتاڻي ڳڻائي سگهجن ٿا. مس ششيلا مهتاڻي جو ڪلام ته ايترو ته من کي موهي وجهي ٿو جو ٻڌندڙ صفا سن ٿي وڃن ٿا.
آفاقي سڏ
مون کي عجب لڳو ته ڇا اهڙو شاعر به آهي، جيڪو اهڙن ٻن مختلف مذهبن جي پيروڪارن کي هڪ جيترو متاثر ڪري ٿو! سندس وفات کان پوءِ ئي سندس شاعريءَ کي يا ته لکيل نسخن مان يا سينه به سينه ڳائيندڙن وٽان گڏ ڪيو ويو ۽ ترتيب ڏئي ان جو نالو رکيو ويو، ”شاهه عبداللطيف جو رسالو“ يعني ”شاهه عبداللطيف جو پيغام“. سنڌ انهن ٻن پرڏيهن عالمن جي محنتن جي مقروض آهي، جن جو شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ جي حوالي سان ڪيل علمي ڪم وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ رچرڊ برٽن 1851ع ۾ شاهه عبداللطيف تي پنهنجي انگريزي ڪرانيڪل ۾ داخل ڪيو. هن داخلا بعد ۾ ارنيسٽ ٽرمپ، جيڪو هڪ جرمن مشنري عالم هو، تنهن شاهه جي رسالي تي هڪ اعليٰ طرز جو ڪم ڪيو، جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو آهي. هو هڪ فلسفي هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي دلچسپي ورتي ۽ ان کي ”هندستان جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ اعليٰ ۽ لسانيات جي ماهرن جي توجهه جو حقدار“ سمجهيو. ٽرمپ شاهه جي رسالي تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو ۽ ان کي 1866ع ۾ ايڊٽ ڪري، ليپزگ (جرمني) مان شايع ڪرايو ۽ پاڻ ان جو تعارف لکيو. هن شاهه عبداللطيف کي مغربي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. ٽرمپ جي ڪوششن کان پوءِ هڪ ٻي جرمن اسڪالر ڊاڪٽر اينميري شميل سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي جو ڪم شروع ڪيو، هن جرمنيءَ مان ڪيترائي ڀيرا هن عظيم شاعر جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ سرزمين سنڌ ڏانهن سفر ڪيو. ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم نالو ايڇ. ٽي. سورلي جو به آهي، جنهن جو لکيل ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“، 1940ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس مان شايع ٿيو. سورلي جي 1938ع ۾ لکيل هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ پهريون حصو سنڌ جي تاريخ ۽ ٻيو شاهه جي زندگيءَ ۽ ڪم بابت آهي ۽ ٽيون سندس شاعريءَ جي ترجمي تي مشتمل آهي. تازو ، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مدد سان مسز ايلسا قاضيءَ جي رسالو جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ساراهه جوڳي آهي. رسالي جي سڄي انگريزي نظم کي ترجمي ڪرڻ جو ڏکيو ڪم ڪنهن به نه ڪيو هو.
گم ٿيل ڳنڍيون
ان سڄي ڪم جي باوجود، هن ميدان ۾ ڪجهه عالمن جي راءِ آهي ته اڃان گهڻي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندن خيال آهي ته ڪي ڳنڍيون اڃا به غائب آهن. جيئن ڪڏهن اوچتو ڪائنات، حياتي ۽ ازل جي باري ۾سوال پڇيا ويندا آهن جن جو جواب ڪڏهن اوچتو ڏنو ويندو آهي. ايڇ. ٽي سورلي، شاهه لطيف جي رسالي کي رابرٽ برائوننگ جي شاعريءَ سان ڀيٽيو آهي، هن جي مطابق رابرٽ برائوننگ ۽ شاهه صاحب جي شاعري ۾ هڪجهڙائي آهي. هنن ٻنهي شاعرن پنهنجي شاعري ۾ علامتي ۽ تمثيلي ڪردارن سان گهڻو پيش ڪيو آهي. ٻئي خاص طور تي نفسياتي حوالي سان عظيم ۽ مشهور عشقيه داستانن سان واسطو رکن ٿا. ٻئي شاعر، سورلي مطابق ”خدا ۽ انسان جي رابطي کي سمجهڻ واري معاملي کي عشقيه داستانن جي معرفت سمجھڻ جي ڪنجي طور استعمال ڪن ٿا.“ پر شاهه عبداللطيف وٽ نه رابرٽ برائوننگ جهڙو ذهني لڳاءُ ۽ جهٽڪو نه آهي، هو ان لحاظ کان مبهم آهي. سندس شاعري ۾ اهو پيغام ڏنل آهي ته انسان پيار ۽ محبت وسيلي الله تعاليٰ تائين رسائي ڪري سگهي ٿو. شاهه صاحب جي شاعري واري ٻولي انتهائي شيرين ۽ ماکيءَ جهڙي مٺي آهي. سندس ذاتي مشاهدا ۽ تجربا شامل آهن، جيڪي سندس دل ۽ روح جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ سندس شاعري ٻڌندڙن جي روح ۽ دل کي ڇُهي ٿي. سندس شاعري صوفياڻي آهي ۽ سندس سڀئي سِٽون صوفياڻيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن مشرقي شاعر جي ڪم جو مقابلو مغربي شاعر سان ڪجي ته هن جي صوفياڻيون سِٽون اسپنوزا وانگر آهن ۽ هڪ انگريز شاعر جان ڊن وانگر آهن.
شاهه جو رسالو، هندستاني موسيقيءَ وانگر راڳ ۽ راڳڻين موجب ٽن سرن ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي. هر هڪ ”سُر“ يا موسيقيءَ جي صورت ۾ هڪ مڪمل ڊگھي نظم آهي، جنهن ۾ هر مصرو ڪنهن ”ڏوهيڙي“ ۽ ”وائي“ جي صنف ۾ لکيل آهي. رسالي ۾ ڏوهيڙن جو وزن ۽ بحر هڪجهڙو آهي. هر مصرو هڪ ”وائي“ سان ختم ٿئي ٿو، جيڪو هڪ قسم جو محاورو آهي. نظم جو مطلب اهو آهي ته موسيقي جي آواز سان گڏ ڳائڻ. ان ڪري ”ڏوهيڙي“ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ موسيقيت آهي، پر لفظن جي ماتحت آهي. اهو فوري طور تي ”وائي“ جي پٺيان آهي، جيڪو ڪردار ۾ هڪ مصرع تي آهي.
ٽي درجا
سندس ”رسالو“ جي شاعريءَ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، پهرين شعر ۾ اهي شعر شامل آهن، جيڪي بنيادي طور تي تصوف ۽ اظهار جي لحاظ کان تصوف ۽ خدائي عشق سان لاڳاپيل آهن. جيتوڻيڪ ”رسالو“ جي سڄي صنف ۾ تصوف سلسلي طور هلي ٿو، پر پهرين صنف ۾ اهي شعر شامل آهن، جيڪي بنيادي طور تي تصوف ۽ اظهار جي لحاظ کان آهن. اهي صوفيائي طور خدائي زندگي سان واسطو رکن ٿا ۽ خدا جي رحمت ۽ فضل جي نيڪي، طاقت ۽ خدا جي اسرار جا گيت ڳائين ٿا. ٻئي درجي ۾ اهي شعر شامل آهن، جيڪي سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جو خاص بيان ڪن ٿا. شاهه جو رسالو، گهڻو ڪري، مشهور لوڪ رومانوي آکاڻين، جيڪي عام ماڻهن جي دلين جي گهراين ۽ تمثيلي انداز ۾ پيوند ٿيل آهن، جن کي هنن بار بار دهرايو آهي.
سنڌ، اهڙين لوڪ آکاڻين سان ڀريل آهي، جن ۾ وندر، ڄاڻ جا عنصر موجود هجڻ کان علاوه انهن ۾ اعليٰ شاعراڻي مقصد جي خدمت ڪرڻ جي ڀرپور تصوير ڪشي ڪيل آهي. اهي ڪهاڻيون تعداد ۾ ست آهن. پهريون ڇهه ڪهاڻيون عشقيه آهن ۽ ستين ڪهاڻيءَ ۾ موسيقي جو عشق آهي. اهي سڀ ته اڳيئي بيتن ۾ ظاهر ٿيل آهن، پر شاهه عبداللطيف جو رويو بلڪل مختلف آهي ۽ اصل بيتن کان گهڻو مختلف آهي. انهن ۾ سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، نوري ڄام تماچي ۽ راءِ ڏياچ، ٻيجل جون ڪهاڻيون شامل آهن.
خدا، انسان، ڪائنات
رسالي جو هر مڪمل نظم، روحاني ڪمال حاصل ڪرڻ جو طريقو سيکاري ٿو. جن بنيادي اصولن جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهي خدا، انسان ۽ ڪائنات آهن، جيڪي پڻ سڀني مذهبن ۽ فلسفن مان آهن. ’رسالو‘ فن ۽ مذهب جو هڪ غيرجانبدار ڪم هجڻ جي ڪري هڪ شاهڪار آهي. اهو ڪيترن موضوعن جو ڄار آهي. اهو هر قسم ۽ طبقن جي ماڻهن کي خوش ڪري ٿو. ان جو دائرو ايترو ته وسيع آهي جو ان کي مختلف زاوين ۽ مختلف نقطن سان پڙهي سگهجي ٿو. اهو سڀني تخيلات کي قابو ڪري ٿو ۽ سڀني سان هڪجهڙائي سان ڳالهائي ٿو. اگر ڪو به صفحو بي ترتيب ئي کوليو وڃي ته به هڪ روحاني ضرورت پوري ڪندو ۽ پڙهندڙن جي خيالن ۽ ضرورتن جو جواب ڏئي سگهندو.
رسالي جو سڏ آفاقي آهي. پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف“ ۾ تيرٿداس هوتچند لکي ٿو ته” رسالي کي ڪجهه ماڻهو پڙهندا آهن، علمي، ادبي، موسيقي ۽ شاعريءَ جي خوبين جي ڪري ڪي وري تاريخ، سماجي دلچسپي ۽ ڪي وري روحاني رمزن ۽ پيغام لاءِ پڙهندا آهن“. شاهه جا شعر روحاني جستجو ۾ فرد جي روح جي ڏکن ۽ تمنائن جو عڪس آهن. دنيا جي ديني ادب ۾ رسالو عظيم ترين ڪتابن مان هڪ آهي ۽ سنڌي گهرن ۾، ان کي قرآن پاڪ جي ڀرسان رکيو ويندو آهي. سورلي، شاهه عبداللطيف جي بيتن کي سينٽ پال جي ابتدائي عيسائي ابن ڏاڏن جي عظيم مذهبي حمد ۽ ثناءَ جي حوالي سان به پرکي ٿو. اهو روحاني، اخلاقي ۽ اخلاقي مسئلن کي وڏي خوبصورتيءَ سان حل ڪري ٿو، جيڪو ٻڌندڙن يا پڙهندڙن کي ڳوڙها خيال سمجهڻ جي قابل ڪري ٿو. شاعر ڪٿي به پنهنجي اخلاقي يا مقصد جي پڌرائيءَ سان تشبيهه نه ٿو ڏئي، پر انهن لفظن ۾ جيڪي دل جي اونهائي کي ڇُهي وڃڻ ۽ روح جي اونهائي کي خوبصورتيءَ جي پوشاڪ ۾ ظاھر ڪري ٿو، ۽ حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. ساڳئي وقت پڙهندڙ، اهڙيءَ طرح هن کي اخلاقي حقيقتن کي سمجهڻ ۽ سمجهڻ جي قابل بڻائي ٿو. اها هڪ خدا جي نشي ۾ لت پت ماڻهوءَ جي شاعري آهي، ان ڪري اها ”طاقتور احساسن جو نفيس جائزو“ آهي. شاعر ڳائي ٿو ڇو ته هو ڳائڻ کانسواءِ مدد نٿو ڪري سگهي.
سندس رسالي ۾ جهنگ جهر، جبل، سمنڊ، ماٿرين، ڍنڍن، ٻيلن، بيا ۽ ميوالن، صبح ۽ شام، سج، چنڊ تارن، ڏينهن، راتين، برساتن، ڪنڊ، ڪرڙن، باغن بهارن، گلن، ڪڪرن ڪانون، ڪٻرن، ڪبوترن، هنجهه ۽ اٺن جو ذڪر آهي مطلب ته دنيا جي سڀن چرند، پرند ڦل ۽ ڦول ذڪر ٿيل آهي.

(مترجم: محمد حبيب سنائي)

شاهه عبداللطيف جي روحانيت

ڪن ماڻهن ۾ هڪ پيدائشي لاڙو اھو ھوندو آهي ته هو ماڻهوءَ جي وجود ۽ اُن جي پنهنجي خالق سان تعلق واري ڳجهه جي گنڀير نموني پيا جانچ ڪندا آهن. اِها باطني تڙپ اڪثر اُنهن ماڻھن ۾ مري ويندي آهي، جڏهن هو دنياوي معاملن ۾ رلجي ويندا آهن، جيڪي زندگي اُنهن جي مٿان مڙهيندي آهي. اهڙن ماڻهن واسطي ڪجهه ضروري ۽ سگهارا سوال اڻ جوابيل رهجي وڃن ٿا؛ جهڙوڪ هي سوال ته : اسان ڇا آهيون؟ اسان ڪٿان آيا آهيون؟ ۽ ڪيڏانهن وينداسين؟ اسان جي اصليت ڇا آهي؟ اسان جو پنهنجي خالق سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ۽ اسان جي خالق جي ڪهڙي فطرت آهي؟
ماڻهن جو وري ھڪ ٻيو قسم به ھوندو آھي، جيڪي مذهبي زندگي گذارڻ کانپوءِ ۽ دنياوي ڪمن کي پورو ڪرڻ کانپوءِ اُن مرحلي تي پهچن ٿا، جڏهن اهي سوال کين پريشان ڪن ٿا ۽ هو اُنهن جي جواب جي تلاش ڪرڻ لڳن ٿا، ڇاڪاڻ ته رواجي مذهب ۾ اُنهن جا ڪي مطمئن ڪندڙ جواب ناهن ھوندا. اُهي خالق سان سڌي تعلق جي شديد خواهش ۾ به ورتل هوندا آهن، پر سندن موجوده زندگيءَ جي بود و باش کين اهو حاصل ڪرڻ کان پري رکندي آهي. الوھيت لاءِ روح جي اِها بُکَ يا اهي شيون جيڪي خدائي آهن، کين ان رستي تي وٺي وڃن ٿيون، جيڪو صوفين ووڙيو آهي.
انسانن جو هڪڙو ٽيون نمونو پڻ آهي، جيڪي پنهنجي پيدائش کان وٺي مشاهدو ڪندڙ ۽ غور ويچار ڪندڙ ھوندا آهن. اُنهن جي پنهنجي فطرت ئي کين مجبور ڪري ٿي ۽ رهنمائي ڪري ٿي ته اُهي اسانجي وجود جي ڳجهه واري سوال کي حل ڪن. شين جي الوھي (Supernal)ترتيب لاءِ ۽ خدا سان سڌي رابطي جي لاءِ، ھنن جي زورائتي اڇا سندن زندگيءَ ۾ ٻي هر شيءِ کي پٺتي ڌڪيو ڇڏي. ابدي سچائين لاءِ سندن تانگهه، جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي، اها ھنن جو بنيادي متو ٿيو وڃي. اُهڙا شخص پيدائشي صوفي ھوندا آهن.
شديد آگاھي جي وقتي مجھول تجربي وسيلي، جيڪو اچي ۽ وڃي ٿو، مٿن اُنهن اهم سوالن جو حل پڌرو ٿئي ٿو. سڌي تجربي مان جيڪا تخليقي بصيرت حاصل ٿئي ٿي، سا ماڻھو کي خدائي جوھر کي سمجھڻ لائق بنائي ٿي، تنھن نڪتي کي ورڊس ورٿ هيٺن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
The blessed mood
In which the burden of the mystery,
In which the heavy and weary weight
Of all this unintelligible world,
Is lightened that serene and blessed mood,
In which the affections gently lead us on,
Until, the breath of this corporal frame
And even the motion of our human blood
Almost suspended, we are laid asleep
In body, and become a living soul:
While with an eye made quiet by the power
Of harmony and the deep power of joy,
We see into the life of things.
اها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آهي ته مذڪوره يا اُنهن جهڙا ٻيا سوال، اسان مان اُنهن ماڻهن تي اثر انداز ٿين ٿا، جيڪي، ھڪ اھڙي دور ۾ به روحاني طور گھرا مذھبي ھوندا آھن، جڏهن گھڻا ماڻهو مذهب تي نالي ماتر عمل پيرا ٿيندا آهن ۽ مڪمل طرح رڳو دنياوي معاملن ۾ مشغول هوندا آهن. اهڙي وقت ۾ سخت گير (Orthodox)، رواجي ۽ عبادتن ۽ رسمن وارو مذهب، جيڪو کين سندن سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نٿو آڇي ۽ سندن باطني تڙپ سان نٿو ٺھڪي، تنھن مان غير مطمئن بڻجي، اُهي گهرا مذهبي، روحاني طرح سجاڳ ماڻهو ۽ غور ويچار ڪندڙ روح روحانيت ڏي رجوع ڪن ٿا، جنهن کي دلين جو مذهب سڏيو وڃي ٿو. اونهن احساسن ۽ غور ويچار جي رهنمائيءَ ۾ ۽ هڪ اھڙي سلسلي جي ذريعي، جنهن کي ”اڪيلي جي اڪيلي ڏانھن اُڏام“ جو نالو ڏنو وڃي ٿو، اُهي روحاني زندگيءَ جي ڪن سچائين تائين رسائي جا اھل ٿين ٿا. تنهن ڪري روحانيت هڪ تخليقي ادراڪ آهي، جيڪو شديد احساس ۽ گهري غور ويچار مان پيدا ٿئي ٿو ۽ اھو اسان کي شين جي حقيقت ۽ روحاني جوھر کي سمجھڻ جي لاءِ ٿورو وقتي جھلڪيون مھيا ڪري ٿو. انهيءَ سڌي ۽ ذاتي تجربي مان حاصل ڪيل ڄاڻ، دنياوي اصطلاحن واري سمجھاڻي کان، جنھن جو اڪثر حوالو پيش ڪيو وڃي ٿو، اھڃاڻي طور بالاتر ٿي وڃي ٿي. جيئن ته روحاني آگاھي ھر وقت ”ھر پاسي پکڙيل ۽ سدا کان جاري قوت، جنھن ۾ سڀ شيون ھڪ آھن“ جي خيال ۾ غرق ھوندي آھي، تڏھن روحانيت ۾ ھم اوست (Pantheism)داخل ٿئي ٿو. ورڊس ورٿ جون هيٺيون سٽون اُن تصور کي وڌيڪ چٽو ڪن ٿيون.
And I have felt
A presence that disturbs me with the joy
Of elevated thoughts, a sense sublime
Of something far more deeply interfused,
Whose dwelling is the light of setting suns,
And the round ocean and the living air,
And the blue sky, and in the mind of man.
هاڻي اسان روحانيت جي وصف تي پهچون ٿا ته اُها ”انساني ذھن پاران شين جي حقيقي سچائي جي خدائي جوھر کي سمجهڻ ۽ اعليٰ highest سان ھم آھنگي مان لطف ماڻڻ جي ڪوشش“ آھي.
اهڙي طرح صوفي اُهو آهي، جيڪو خدا سان سڌي رابطي ۾ آهي ۽ جنهن کي خدائي ڄاڻ آهي، جيڪا هو ٻي انسانذات، خاص ڪري پنهنجي پوئلڳن ۾ منتقل ڪرڻ چاهي ٿو. هو سمجهي ٿو ته جيڪي ڪجهه آهي، سو خدا آهي ۽ ٻي ھر شيءِ دوکو ۽ دولاب آهي.
صوفيءَ جو اهو پختو ايمان ته الله ئي اڪيلي سر موجود آهي، کيس ان نتيجي تي رسائي ٿو ته انسان جو روح انهيءَ خدائي جوھر مان نروار ٿيو آهي. اُهو پنهنجي اصليت کان ٿوري وقت لاءِ ڌار ٿيو آهي، پر نيٺ اهو وڃي ان سان ملندو. اهو نئين سر ميلاپ انساني روح کي اعليٰ مسرت بخشيندو. ابتدائي صوفين موجب اهو مقصد ماڻڻ ۽ ڪامل ميلاپ جي حاصلات لاءِ صوفيءَ کي پنهنجا لاڳاپا، سڀئي ناتا ختم ڪرڻا پوندا ۽ پاڻ کي دنيائي ڳالهين کان ڌار ڪرڻو پوندو. اهو تڏهن ئي حاصل ٿيندو، جڏهن پيار ۽ سونهن جي خدائي خاصيتن تي صوفي نموني سان غور ويچار ڪيو ويندو. هن کي ٻرندڙ شمع وانگر زندگي گذارڻي پوندي، جيڪا سڄي رات روئندي صبح جو انتظار ڪري ٿي ته جيئن هوءَ ختم ٿي وڃي. اُن ڪري اُهي صوفي زھد ۽ نفس ڪشي جي زندگي گھارين ٿا، ۽ پاڻ تي ضابطي ۽ صبر جي مشق ڪن ٿا.
اسلامي ويدانيت يا تصوف جو بنياد قرآن شريف ۽ حديث تي آڌاري آهي. الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو ته ”آئون ماڻھو کي سندس شهه رڳ کان به ويجھو آھيان.“ ان کان علاوه قرآن جي ھڪ ٻي آيت به اڪثر ٻڌائي وڃي ٿي: ”اسان خدا مان آهيون ۽ خدا ڏانهن واپس ٿينداسين.“ پر اسلام پنهنجي پيروڪارن کي ھرگز ائين نه ٿو چئي ته هو دنيا کان مڪمل طرح پاسو ڪن ۽ اڪيلي سر زندگي گذارين. اُهو ماڻهوءَ تي زور ڀري ٿو ته هو خدا جي رضا تي راضي رهي ۽ خدا جي خوبين تي غور ويچار ڪري ۽ انھن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اختيار ڪري. جيئن ته الله تعاليٰ واحد ۽ يڪتا آهي، تنھنڪري ماڻهوءَ جي روحاني ارتقا ئي کيس خدا سان ويجهڙائپ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھندي.
اسلامي تصوف جي شروعاتي تاريخ ۾ ان شخص کي ئي صوفي سمجهيو ويندو ھو، جنهن قرآن ۽ شريعت ۾ ٻڌايل اسلامي اصولن تحت الله سان پنهنجي قربت جي طلب ڪئي ٿي. هو اهو ھو جنهن ”پاڻ کي ظابطي ۾ رکيو ۽ سڌاريو، آسائشن کي ترڪ ڪيو، پنهنجي ذهن کي آرسي جيان صاف سٿرو رکيو، دنيا جي لاهين چاڙهن کان لاتعلق رهيو ۽ مادي شين جي رغبت کان بي پرواهه رهيو ۽ اُن هميشه الله سان ميلاپ جي خواھش ۽ ڪوشش ڪئي.“ اُهي اسلام کي عوام ۾ نئين سر سگھارو ڪرڻ جا ذريعا هئا، جيڪي کين سندن پاڪبازي، ۽ نفس ڪشي جي ڪري تعظيم ڏيندا ھئا.
پوين صوفين وحدت الوجود (Pantheism)کي پنھنجي ايمان جو حصو بنايو، جنهن موجب خدا ۽ فطرت ھڪ آھن، اُن طرح خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ سَنڌو ختم ٿي ويو، جيڪو وري قرآن شريف جي لفظن ۾ ته خدا تعاليٰ ”يڪتا يا لاثاني“ آھي، ھو اعليٰ ۽ ارفع آھي، ۽ ھن جو ڪو به برابر نه آهي،“ سان ٽڪراءَ ۾ آھي. اُهي پنجن وقتن جي نماز واري فرض کي پورو نه ڪندا هئا ۽ پيروي بدران رڳو ارادي تي زور ڀريندا هئا، جنھن جي نتيجي ۾ اُنهن تي سختگير (Orthodox) ماڻهن جي ڪاوڙ وڌي وئي.
ان کان پوءِ ابن عربي صوفي ازم ۾ وڌيڪ تبديلي آندي، جنهن جي خيال ۾ ”سڀئي وجود هڪ آهن ۽ خلقيل شيون رڳو خالق جي وجود جو جوهر يا نچوڙ آهن.“ اُن پوئين صوفي ازم واري نموني کي ”صرف ھڪ وجودي“ (Monism)سڏيو وڃي ٿو. هندستان ۾ صوفي ازم تي پوئين دور جي ويدانتي فلسفي جو اثر پيو آهي، جيئن اسان کي اُن جا اثرات شاهه لطيف جي شاعري ۾ نظر اچن ٿا، جيڪا هُنَ پنھنجي شروعاتي صوفياڻي دور ۾ ڪئي آهي. اُن موجب ”ڪائنات جي رڳو هڪ سچائي برھما آهي .... ۽ حواسن جي دنيا يعني مايا سان جيڪو تعلق آهي، اهو اظهار جوڳو ناهي. انفرادي روح، آتما رڳو برهما جو پرتو آهي، روح جي آزادي تڏهن حاصل ڪري سگهبي، جڏهن آتما ۽ برهما پاڻ ۾ ملي هڪ ٿيندا،“ ۽ اِهو ته ”نجات جي حاصلات لاءِ گھڻائي پيچرا آهن.“ آتما روح آهي ۽ برهما ڪائناتي، لازوال ۽ اڻ مٽ جوھر (Spirit)آهي، جيڪو هر وقت تبديل ٿيندڙ طبعي دنيا جي پويان رھي ڪم ڪري ٿو.“ پوءِ وارين صدين ۾ انھيءَ ”صرف ھڪ وجودي متي (Monism)واري اسڪول جو ويدانتي فلسفي تي غلبو رهيو.
جيتوڻيڪ شاهه لطيف به انھن سڀني مرحلن مان گذريو آهي، جن مان ھر صوفي اعليٰ ذات (Supreme Being)جي تلاش واري سفر ۾ گذرندو آھي، هن جي روحانيت بنيادي طور تي اسلامي روحانيت يا تصوف آهي. بار بار انھيءَ بنيادي يا ابتدائي معاهدي جا حوالا ڏنا وڃن ٿا، جيڪو ماڻهوءَ جي پنهنجي خالق سان ناتن تي روشني وجهي ٿو، جيئن قرآن شريف چوي ٿو: جڏهن خدا تعاليٰ روحن کي خلقيو، ته ھن انهن کان پڇيو ”الست بربڪم (ڇا آئون اوهان جو رب نه آهيان؟) ۽ روحن وراڻيو: ”قالو بلا (بيشڪ توهان ئي آهي)“ اهو ماڻهو ۽ خدا تعاليٰ جي تعلق کي واضح ڪري ٿو ته خدا تعاليٰ ئي تخليق ڪندڙ آهي ۽ ماڻهو کي خلقيو ويو آهي، تنهن ڪري ماڻهو خدا تعاليٰ جي ويجهو تڏهن ئي پھچندو، جڏهن هو خدائي رضا جي، جيڪا هن لاءِ قانون جو درجو رکي ٿي، فرمانبرداري ڪندو رھندو. سر مارئي جي شروعات انهن لفظن سان ئي ٿئي ٿي ۽ سر سهڻي ۾ به اهي چار ڀيرا مختلف جاين تي ورجايا ويا آهن. خدائي قانون جي فرمانبرداري جي مطلق ضرورت ۽ سالڪ جي خدا تائين پهچڻ واري سفر کي لطيف هنن ٽن سٽن ۾ خوبصورت نموني بيان ڪري ٿو:
سارِي سِکُ سَبَقُ،شَريعَتَ سَندو سُهڻِي،
طَرِيقَتان تَکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
شريعت اهو مرحلو آهي، جنهن ۾ سالڪ کي مذهب جي سختي سان لاڳو ڪيل قانونن موجب زندگي گذارڻي آهي ۽ کيس سڀ عبادتون ۽ رسمون پوريون ڪرڻيون آهن. طريقت تياڳ جو مرحلو آهي، جيڪو اُن کي حقيقت جي ايندڙ مرحلي ڏانھن وٺي وڃي ٿو، ۽ ان مرحلي ۾ سالڪ لاءِ خدا جي اصلي فطرت جي نوعيت پڌري ڪئي وڃي ٿي. معرفت روحاني سفر جو اهو مرحلو آهي، جتي سالڪ جو ارتقا ٿيل روح پاڻ کي خدا جي ويجهڙ ۾ پسي ٿو.
روحانيت جي اصليت متعلق، لطيف پنهنجي ھيٺين ٽن بيتن ۾ قرآن شريف جا لفظ ڪم آڻي ٿو:
هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇِين ڪوهُ پَهي؟
وَ فِي اَنفُسڪُم، اَفَلا تُبصِرُونَ، سُوجھي ڪَرِ سَهي؛
ڪڏهن ڪانه وَهي، هوتُ ڳولَڻَ هٽَ تي.
--
هوتُ تُنهنجي هنجَ ۾، پُڇين ڪُوہُ پَرِياڻُ؟
وَنَـحنُ اَقرَبُ اِلَيہِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، تُنهنجو توهين ساڻُ؛
پنهنجو آهي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي
--
ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي
واللَّهُ بِڪُلِّ شَىءٍ مُّحِيطً ايءَ آرياڻيءَ اهڃاڻ
سڀ ۾ پنهُن پاڻ، ٻيو ڪونه ٻروچ ري.
جيئن مٿين ٽنھي بيتن ۾ پڌرو آهي، ته قرآن شريف جون آيتون ڪم آنديون ويون آهن، هتي بلوچ خدا جو استعارو آهي. قرآن شريف جون اهڙي نوعيت جون ڪافي آيتون رسالي ۾ استعمال ڪيون ويون آهن، جيڪي لطيف جي اسلامي تصوف جو اهم ثبوت آهن.
جيئن ته لطيف خدائي پيار واري خصوصيت تي گهڻو ويچاري ٿو، تنھنڪري هن جي روحانيت کي پيار واري روحانيت سڏيو وڃي ٿو، جيئن ھن جا جا اڪثر سُرَ ظاهر ڪن ٿا. هيءُ سونهن، ڪهل ۽ فياضي جهڙين خدائي خاصيتن تي پڻ سوچ ويچار ڪري ٿو، جن جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، هو مختلف اهڃاڻن کي ڪم آڻي ٿو، جيڪي هو عوام جي ڄاتل سڃاتل دنياوي زندگيءَ مان کڻي ٿو.
اڻ ڏٺل ۽ غائب دنيا، جنهن کي اسان الوھي (Supernal)سڏيون ٿا ۽ جنهن کي رڳو عارف ئي سمجهي سگهندا آھن، اُنھيءَ الوھي ۽ ھن طبعي دنيا ۾ ويجهو تعلق موجود آهي. ماڻهو رڳو طبعي يعني ٻاھرين زندگي نه ٿو جيئي، پر هو اندروني زندگي به ساڳئي وقت گذاري ٿو. اسانجي اندروني زندگيءَ تي اسانجي طبعي زندگي جي طور طريقن جو آسڪر وائلڊ جي ناول Picture of Dorian Gray” وانگيان سڌو اثر ٿئي ٿو. پنهنجي اندروني زندگي جي واڌاري جو شعور اسان تي تڏهن عيان ٿئي ٿو، جڏهن اسان هڪ متحرڪ ۽ غلطين کان پاڪ زميني زندگي گذاريندي، پنهنجن دنياوي ذميوارين کي خلوص ۽ سچائي سان ادا ڪيون ٿا. انھيءَ خيال کي لطيف ھڪ سٽ ۾ سموئي ٿو:
جي هت نه هوت پسن، سي ڪنهن پر ڪيچ پسنديون؟
ائين ماڻهو جو بنيادي فرض ھن ارضي زندگي ۽ ان جي تقاضائن کي پورو ڪندي، اعليٰ زندگي لاءِ ڏاڪي به ڏاڪي وڌڻ آھي يا ”خدائي زندگي“ سان ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جي طلب ڪرڻي آهي. هن دنيا کي ڌڪارڻو ناهي، ساڳئي وقت خدائي مشن کان به غافل نه ٿيڻو آهي، جيئن لطيف سائين پنهنجي سُر آسا ۾ چوي ٿو:
مونکي مون پرين ٻڌي وڌو تار ۾،
اڀا ائين چون مچڻ پانڌ پسائين.
ڏاڪي به ڏاڪي اسرڻ ۽ خدائي زندگيءَ سان ويجهڙائي قائم ڪرڻ وارو آخري مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، جنهن جي لاءِ هر روح شعوري يا غير شعوري تانگھي ٿو، ماڻهو کي پاڻ ۾ خدائي خاصيتون پيدا ڪرڻ لاءِ لڳاتار اُدم ۽ جدوجهد ڪرڻي آھي، جنھن بابت لطيف سائين بار بار پنهنجي رسالي ۾ زور پئي ڀريو آهي. آئون سر ڪوھياري جي هن سٽ کي، جيڪا ٿورلفظي ۽ خوبصورتي جي ڪري منفرد آھي، پيش ڪريان ٿي:
قم ٿـي پهـچ قريب کي، اجلس تو نه جڳاءِ،
مُـٺـي! مهــمــانن سيــن، ويهي رات وهاءِ،
جيلانهن ننڊ ڪياءِ، تي روز رهين ٿي راهه ۾.
سُر آسا ۾ هو چوي ٿو:
ستو ئي سيڄ گهرين، جفا ڏين نه جان؟
اهڙن ڪافي بيتن ۾ هو اسان کي مستقل جدوجهد واري زندگي گذارڻ جي تنبيهه ڪري ٿو:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿيئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو.

شاهه جي ڪلام ۾ ايثار جو تصور

اسان سنڌين کي فخر هئڻ کپي جو اسان وٽ شاهه لطيف جي درجي جي عظيم شاعر جو ڪلام موجود آهي. مان انگريزي ادب ورهين کان پڙهندي ۽ پڙهائيندي آئي آهيان. وڏن وڏن شاعرن جي نظم کان واقف آهيان جهڙوڪ ملٽن، ورڊس ورٿ، شيلي، ڪيٽس، برائوننگ، ۽ ٽي. ايس. ايليٽ وغيره وغيره، پر جا تصور ۽ خيال جي گهرائي ۽ اونهائي ۽ ان سان گڏ فني پختگي، نواڻ ۽ قابليت شاهه جي ڪلام ۾ مون ڏٺي آهي سان هنن سڀني شاعرن کان نرالي ۽ اعليٰ آهي. هر هڪ لفظ جو استعمال اهڙي نموني ڪيو ويو آهي جو شاعر جو مڪمل ۽ پورو مفهوم صرف ان لفظ جي استعمال سان ئي نڪرندو ۽ جي اهو لفظ بدلائي ان جي عيوض ٻيو لفظ استعمال ڪيو وڃي ته معنيٰ ۾ گهڻو فرق اچي وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو شاهه جي ڪلام جو ڪوبه ترجمو اڙدوءَ، انگريزي يا ٻيءَ ڪنهن به زبان ۾ اهو اثر ۽ اهو مفهوم نٿو رکي جو اصلي ڪلام جي مطالعي مان حاصل ٿئي ٿو.
انگريزي شاعرن ڪلاسيڪل نظم لکيو آهي، وري رومانوي نظم لکيو آهي، جنهن مان منهنجو مطلب هرو ڀرو رومانوي قصن جو بيان ڪرڻ نه، پر قدرت جي حسين نظارن جو بيان، زندگيءَ جي اهم، پيچيده ۽ ابدي مسئلن جو تصور جي ذريعي ذڪر ۽ فڪر جو بيان شاعر جي پنهنجي شخصيت جي ذريعي سان ڪيل آهي. هنن مابعد الطبيعاتي (Metaphysical ) نظم لکيو آهي ته وري ويهين صديءَ ۾ ڪي نيون ايجادون ڪيون اٿن، جن جي خيال ۽ تصور ۽ طرز بيان ۾ فرق آهي، پر مان ڏسان ٿي ته شاهه جي ڪلام ۾ اهي ڪافي رجحان موجود آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي مون کي پروفيسر جميل واسطيءَ چيو ته ڪڏهن توهين شاهه عبداللطيف جي ڪلام جي رومانوي عنصر تي ٿا لکو ته ڪڏهن وري چئو ٿا ته سندن ڪلام Metaphysical ، شاعرن جي ڪلام سان مشابهت رکي ٿو ، سو ائين ڪيئن ٿي ٿو سگهي؟ پر اها حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف واقعي انهن سمورن نمونن جو ڪلام لکيو آهي.
شاهه عبداللطيف جو ڪلام مون ننڍي هوندي پنهنجي نانيءَ ۽ ماسيءَ کان ٻڌو. هو پنهنجي گفتگو دوران برمحل شاهه جا بيت چونديون هيون ۽ فرصت جي وقت ڳائينديون به هيون تن ڏينهن ۾ اسين پنهنجي ڳوٺ پاٽ ۾ رهندا هئاسين ۽ ماسي جنهن کي جيجي ڪوٺيندا هئاسين، تنهن جي مڪتب ۾پڙهندا هئاسين. ستت ئي بابا سائينءَ جي بدليءَ جي ڪري وڃي ڪراچيءَ ۾ رهياسين ۽ اتي اسڪول ۾ داخل ٿياسين. مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچيءَ ۾ ڇوڪرين جي ڪاليج نه هئڻ ڪري لاهور جي ڪينئرڊ ڪاليج وڃڻو پيو ڇو ته بابا مخلوط تعليم (Co-education) جي خلاف هو. هڪ دفعي اردو ائڊيشنل جي ڪلاس ۾ پروفيسر مون کي چيو ته توهان پنهنجي ڪنهن سنڌي شاعر جو ڪلام ٻڌايو. بي اختيار زبان مان شاهه جو هيءُ بيت نڪري ويو.
واجهائي وطن کي ساري ڏيان ساهه،
هي سر ساڙيهه سامهون منهنجو نج ميان،
مقامياڻي مارئين وڃي ٿر ٿيان،
ميا ئي جيئان جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
شاهه جي ڪلام جون من ۾ ميخون ته ننڍپڻ کان ئي لڳل هيون، پر حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ منهنجي دل ۾ تفصيلوار مطالعي ڪرڻ جو گهڻو ذوق پيدا ٿيو. ان جو هڪ عجيب سبب هو. هڪ موقعي تي ڪنهن ادبي سنگت ۾ شريڪ ٿيس جتي سشيلا مهتاڻيءَ کي نهايت عقيدت، احترام ۽ سڪ وچان رسالي جا شروع وارا بيت ڳائيندي ٻڌم.
اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجيءَ قدرت سين قائم آهي قديم،
والي واحد وحده چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.
هڪ هندو ڇوڪريءَ جي مٺي آواز ۾ ايتري سڪ ۽ ايترو احترام ڏسي مان حيران ٿي ويس. اهو آواز ۽ اهي لفظ منهنجي دل ۾ڄڻ ته ڇپي ويا. وري جڏهن نازو ڀڳت کان شاهه جي اها ڪافي ٻڌم:
ڪاتُ قريبن جي اڳيان ڪتيم ڪينيڪي، ڇا ٻڌايان؟
يا محمد ابراهيم جي سريلي ۽ مٺي آواز ۾ ٻڌم:
ڌوٻي من جا نه ميرا
سڪ جو گهاٽ وسائين
۽ عبدالغفور فقير کان:
مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو، ڪيچي ڪيچ وڃن.
ته مون کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ اهي من موهيندڙ آلاپ ڪنهن اڳ ٻڌل آواز جو پڙاڏو هئا. مون تي انهن جو ايترو اثر پيو جو شاهه جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ تي مجبور ٿي پيس ۽ انهيءَ جادوءَ جي اثر هيٺ مون ڪافي مضمون لکيا، هن وقت شاهه عبداللطيف جي جنهن تصور منهنجي ذهن ۾ گهر ڪيو آهي اهو آهي سندس ڪلام ۾ ايثار يا قربانيءَ جو تصور.
لطيف سائين جي رسالي جي هڪ عجيب خوبي اها آهي ته زندگيءَ جي اڪثر مسئلن بابت بلڪل موزون بيت چيا اٿس جي هڪ ته انسان جي فردي ڪيفيت جا احساسات بيان ڪن ٿا ته وري ان سان گڏوگڏ سندس رهنمائي به ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اهڙا موزون بيت ماڻهن ياد ڪري ڇڏيا آهن، جي هر موقعي مطابق هر دهرائن ٿا ۽ ڳائين ٿا. لطيف جي اپٽار جو تصور به ان طريقي سان ڏنل آهي. اها ڳالهه روز روشن وانگر ظاهر آهي ته ڪنهن به مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيسين قرباني نه ٿي ڏجي تيسين اهو Cause اڳتي نه ٿو وڌي. دنيا ۾ ازل کان ٻن قوتن جو پاڻ ۾ تصادم هلندو آيو آهي انهن کي توهين حق ۽ باطل جي نالي سان سڏيو يا دين ۽ ڪفر جي نالي ساڻ سڏيو يا ويهين صديءَ جي زبان ۾ استحصال ڪندڙ ۽ استحصال زده سڏيو. انهيءَ چئلينج جي مقابلي ڪرڻ خاطر هميشه قرباني ڏني ويئي آهي. ساڪريٽس (سقراط) کي جهالت جي انڌيري مان علم جي روشنيءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش جو اجورو اهو مليو جو کيس زهر جو پيالو پياري ماريو ويو. حضرت عيسيٰ جڏهن دنيا کي امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو ته کيس صليب تي چاڙهي هڪ بيحد اذيتن وارو موت ڏنو ويو. منصور حلاج کي Orthodoxy کي چئلينج ڪرڻ ۽ مذهب جي صحيح روح کي سمجهائڻ جو عيوضو اهو مليو جو کيس سوريءَ تي چاڙهيو ويو، پر انهن شخصيتن جي قرباني ۽ ايثار جي ڪري ئي ماڻهن ۾ علم ۽ ڄاڻ جي جوت جلي ۽ ان سان گڏ کين به ابدي زندگي ملي ۽ اها انسان ذات جنهن سندن جسماني زندگي ختم ڪئي، کين ياد ڪري رهي آهي، کين خراج تحسين ڏئي ٿي ۽ سندن دائمي احسانمند آهي. اهو هڪ قدرت جو اڻ ٽر ۽ ابدي قاعدو آهي ته جيسين پاڻ ۾ ايثار جو مادو پيدا نه ٿو ڪجي ۽ قربانيون نه ٿيون ڏجن تيسين مقصد اڳتي نٿو وڌي. شاهه صاحب ايثار جو تصور خاص ڪري سر ڪيڏاري ۾ بيان ڪيو آهي ۽ سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ پڻ ڪيو آهي، پر انهن ٽن سرن کان علاوه به رسالي ۾ گهڻن هنڌن تي ان جذبي جو ذڪر ڪيو اٿس، توهان سڀني کي خبر آهي ته سر ڪيڏارو امامن جي شهادت بابت آهي، پر هڪ عظيم شاعر جي ڪلام جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هر ايندڙ نسل، وقت ۽ حالتن جي تقاضا مطابق پنهنجي زندگيءَ جي دور جي مسئلن جو آئينو ۽ انهن جو حل ان ۾ ڀائي ٿو. بشرطيڪ اهي مسئلا عارضي نه پر ڪائناتي هجن ڇاڪاڻ ته هڪ عظيم شاعر انسان جي عالمگيريت (Universal) وارن مسئلن سان پاڻ کي وابسته رکي ٿو. هو وقتي يا عارضي مسئلن کان گهڻو مٿاهون آهي. جيڪڏهن عارضي ۽ وقتي مسئلن جو ذڪر ڪري ٿو ته به صرف ان لاءِ ته ان سان عالمگيريت (Universal Implications) وارا نتيجا ڪڍيا وڃن.
ايثار ۽ قربانيءَ جي جذبي جو جيڪو مثال اسان جي سامهون لطيف سائين رکيو آهي. اهو نهايت اعليٰ ۽ ارفع آهي ۽ اهو مثال آهي امامن جي شهادت جو. ايثار جي تصور کي پيش ڪرڻ لاءِ لطيف سائين ٻه علامتون ڪم آنديون آهن هڪ امامن جي شهادت ٻيو سوريءَ چڙهڻ.
امامن جي شهادت ته تاريخي حقيقت به آهي ته علامت به آهي سندن شهادت جو ذڪر ڪندي لطيف سائين چوي ٿو:
سختي شهادت جي نسورو ئي ناز،
ڪي رند پروڙين راز قضيو ڪربلا جو.
شهادت جي سختي ته الله طرفان هڪ ناز هئو، هڪ عنايت هئي ڇاڪاڻ ته جيسين اهي سختيون نه سهبيون، قرباني نه ڏبي، تيسين ڪاميابي ميسر نه ٿيندي، ۽ نه ئي منزل مقصوده (Cause )اڳتي وڌندو. اها سختي لازمي آهي.
ڪربلا لفظ جي معنيٰ اهي ڪَربُ يعني مصيبت ۽ بلا معنيٰ آفت- ڪربلا جو ميدان جنهن ۾ امام حسين عليھ السلام ذوالجناح گهوڙي تي سوار هو ۽ ذوالفقار تلوار ٻڌل هئس، اهو ميدان سختين، تڪليفن ۽ اذيتن جي هڪ وڏي علامت بڻجي چڪو آهي جيئن ته اهو قدرت جو اڻٽر ۽ ابدي قانون آهي ته ڪوبه مقصد بنا تڪليفن سهڻ جي ۽ بنا ايثار جي جذبي جي حاصل ٿيڻو ناهي. ان ڪري سچ کي ڪوڙ مٿان، حق کي ناحق مٿان، انصاف ۽ رحم کي بي انصافي ۽ ظلم مٿان فروغ ڏيڻ لاءِ ايثار لازمي آهي. ان ايثار جي جذبي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ امام سڳورن لطيف سائين جي لفظن ۾:
ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيائون
جهيرو يزيد سامهون جنبي جوڙيائون
منهن نه مورڙيائون پسي تاءُ ترار جو.
سُر ڪلياڻ ۾ ساڳئي مفهوم کي لطيف سائين هنن لفظن ۾ پيش ڪري ٿو:
سوريءَ سڏ ٿيو ڪا هلندي جيڏيون!
وڃڻ تن پيو نالو نينهن ڳنهن جي.
وري فرمائي ٿو:
سوري جنين سيج مرڻ تن مشاهدو.
سوريءَ تي اُهي ئي چڙهندا، تڪليفون ۽ اذيتون اُهي ئي سهندا جن هڪ مقصد پنهنجي سامهون رکيو آهي، ۽ ان خيال کي حاصل ڪرڻ جي شوق کي عشق ۽ نينهن سڏيو ويو آهي. اهي جڏهن سوريءَ تي چڙهندا تڏهن ئي سندن مقصد اڳتي وڌندو، يا تڏهن ئي خيال حاصل ٿيندو.
امام حسين عليھ السلام ۽ سندس ساٿين کي پوري طرح ڄاڻ هئي ته ان تصادم ۾ کين تمام گهڻيون تڪليفون درپيش اينديون ۽ شايد جان جي به قرباني ڏيڻي پوندي. اهو سڀ ڄاڻي ٻجهي به هنن اهو چئلينج قبول ڪيو ۽ واپس وڃڻ جو ڪوبه خيال نه ڏيکاريو. اهڙي مستحڪم ۽ بيڊپي ارادي کي ڏسي ساري ڪائنات لرزش ۾ اچي اثر پذير ٿئي ٿي:
ڪامل ڪربلا ۾ آيا جنگ جوان
ڌرتي ڌٻي لرزي ٿرٿليا آسمان،
ڪرهه هئي ڪانه هو نظارو نينهن جو.
وري سر ڪلياڻ ۾ لطيف سائين چوي ٿو:
سوري آهه سينگار اڳهين عاشقن جو،
مڙڻ ۽ موٽڻ مهڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪسڻ جو قرار اصل عاشقن کي.
انسانن جي انبوهه ۾ اهي سختيون چند سورمائي شخصيتون ئي سهڻ جي قابل آهن، نه ڪي عام ماڻهو هر ڪو ايرو غيرو ان منزل جي اپٽار جي دهشت نه ٿو جهلي سگهي. اهڙن ماڻهن جو شاهه صاحب هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو.
ڪوفين قهر ڪيو ٿيا جماعتي يزيد سين،
پليتن کي پڙ ۾ ورنهه ور پيو،
سڌرهون سيهو شير شهادت کي رسيو.
اهڙي قوت تي سورمائي شخصيتن ۽ بزدل ۽ منافق انسانن جو پتو پئجي وڃي ٿو. ڪوفي امام حسين عليھ السلام کي دوکو ڏيئي پري ڀڄن ٿا. اهڙي طبيعت جا انسان اپٽار جي لائق نه آهن. ايثار جي لائق ته الله جا خاص چونڊيل ۽ پيارا ٻانها آهن. سورمائي شخصيت جا مالڪ ئي هن ايثار جي قابل آهن.
”دوست ڪهائي دادلا محب مارائي
خاص خليلن کي سختيون سهائي
الله صمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي
انهيءَ منجهه آهي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.“
وري چوي ٿو:
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهين منجهه ڪوٽن ڪڏهن واهي رڻ جا.“
انهن بي ڊپن سورمائي شخصيتن جو وري سر ڪلياڻ ۾ هيئن ذڪر ڪري ٿو:
پاٻوهيو پڇن ڪٿي هٿ حبيب جو،
نيزي هيٺان نيهن جي، پاس پاڻ نه ڪن،
عاشق اجل سامهون، اوچي ڳاٽ اچن،
ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
انهن سورمائي شخصيتن کي اها چڱيءَ ريت پروڙ آهي ته جيتري وڏي قرباني ڏبي اوترو ئي سندن مقصد وڌندو. انهيءَ ڪري هو خوشيءَ سان ۽ فخر سان ان لاءِ تيار آهن. جيئن شاهه سائين چوي ٿو:
ڪُهن تان ڪر لهن، ڪر لهن تان ڪُهن،
سيئي ماءُ مهن، سيئي راحت روح جي.
حق ۽ باطل جي مقابلي ڪرڻ لاءِ اهڙن سورمائي شخصيتن جي ضرورت آهي جن ۾ قرباني ۽ ايثار جو جذبو هجي، جيڪي ذلت جي زندگيءَ کان عزت وارو موت بهتر سمجهن ٿا. دنيا جا يزيد اها ڳالهه سمجهي نٿا سگهن ته اهو ڪهڙو جذبو آهي جنهن جي ماتحت هڪ سورمائي شخصيت جو مالڪ آسائش جي بدلي سختيون ملهه وٺي ٿو. انهن لاءِ اهي سختيون رحمت جي مينهن مثل آهن؛ ڇاڪاڻ ته اهي ئي سندن مقصد کي اڳتي وڌائينديون:
سختي شهادت جي مڙوئي ملار،
ذرو ٺاهه يزيد کي اي عشق جو آثار،
ڪسڻ جو قرار، اصل امامن کي.
يزيد انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ کان قاصر آهي ته اهي سختيون ئي مقصد کي اڳتي وڌائينديون، انهيءَ ڪري آهي رحمت جي مينهن برابر آهن، يزيد جو ظلم، ناحق ۽ استحصال جي علامت بڻجي چڪو اهي. ان کي شاهه صاحب چوي ٿو:
جهيڙو لاهه يزيد عليءَ جي اولاد سين،
سا نه پسندين عيد جا هوندي مير حسين سين.
يزيد ئي لعنتي ٿيو، خوار خراب ٿيو، مير حسين کي ته هن دنيا ۾ ئي حيات جاودان ملي ۽ سندن مقصد به اڳتي وڌيو.
حسن مير حسين کي رلو ٽن ٽولن،
گهر ماڙهئين جهنگ مروئين، اُڀن ۾ ملڪن،
پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيو هوت وڃن،
الا شهزادن، سوڀون ڏئين سچا ڌڻي.
وري شاهه صاحب فرمائي ٿو:
ميڙي ۾ محمد جي مر مرڪي ماس،
تنهن سورهه کي شاباس جو مٿي پڙ پرزا ٿيو.
ايڏي وڏي قربانيءَ کانپوءِ سندن ٽيڻو مقصد پورو ٿيو. پنهنجي لاءِ حيات جاودان مقصد، جو اڳتي وڌڻ ۽ پوين لاءِ فائدو:
ڪڪرا ڪربلا جا مادر ٿي ميڙياس،
ڦٽن تان رت ڦڙا عليءَ ٿي اُگهياس،
مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.
کين جيڪو رتبو حاصل ٿيو، سو لطيف سائين هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
جنت سندن جوءِ فائق هليا فردوس ڏي،
فاني ٿيا في الله ۾، هوءَ سين ٿيا هوءَ،
رب ڏيکارين روءِ، انهن جي احسان سين.
خود خدا کي هنن سورمائي شخصيتن جي سختين تي افسوس ٿئي ٿو، پر انهيءَ اڻ ٽر اصول کان ڪير به بچي نه ٿو سگهي:
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسيو
چکيم چڱائي سورانگهي سوريءَ تان.
ذلت جي زندگيءَ کان عزت جي موت کي ترجيح ڏيندي شاهه صاحب فرمائي ٿو:
مر مرين، آئون رئين موٽي آءُ م ڪانڌ،
ڪچيءَ وڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.
زال پنهنجي مڙس کي چوي ٿي ته زندگي کي ٿورا ڏينهن آهي، طعنن جا پلانڌ وڏا آهن. ڪانئر ٿي موٽي نه اچجانءِ، ڀلي ڪي بهادريءَ سان مرين ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ رئان.
لطيف سائين ورجائي ورجائي اسان کي چوي ٿو ته قرباني ۽ ايثار کان سواءِ ڪن حالتن ۾ ٻيو ڪو چاڙهو ڪونهي.
صوفيءَ صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو،
تهان پوءِ ٿيو جيئري پسڻ پرينءَ جو.
يا انهيءَ ڪري:
سورهه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار،
مٿان تيغ ترار مار ته متارو ٿئين.

(ڇهه ماهي، سنڌي ادب، سنڌالاجي، ڄامشورو، آڪٽوبر 1980ع)

شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جو تصور

جنهن ڏينهن حضرت آدم منع ڪيل وڻ جو ميوو پنهنجي مرضيءَ کاڌو هو، ۽ جڏهن هو ۽ سندس زال باغِ عدن جا رهاڪو هئا، تڏهن کان عورت خاص ڪري عالمن جي تنقيد جو نشانو بڻيل آهي. قديم ادب هن جي خلاف هڪ طرف ۽ غير ضروري تبصرن سان ڀريل آهي. قرون وسطيٰ جي دور ۾ عورت کي مرد جي ڀيٽ ۾ هيٺين حيثيت حاصل هئي. آهستي آهستي، جيئن ثقافت ۽ تهذيب ترقي ڪئي، تيئن تيئن اهڙي روش ۾ وڏي تبديلي آئي. ارڙهين صديءَ ۾ عورت کي ڪجهه رعايتون ڏنيون ويون. صنعتي انقلاب جي اچڻ سان عورت جي حيثيت ۾ وڏي تبديلي آئي، جڏهن هوءَ تعليم ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳي ۽ اسڪول، ڪاليج يا پيشو اختيار ڪرڻ لاءِ پنهنجو رستو اختيار ڪرڻ لڳي.
انهيءَ پس منظر ۾ اسان وٽ سنڌ جي نمائنده شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا عورت باري ۾ رايا آهن، جيڪي اسان کي سندس رسالو جي صفحن ۾ پڌرا ٿي مليا آهن. رسالي ۾ موجود سندس نون ’سرن‘ يا داستاني نظمن مان ستن ۾ عورتن جو ڪردار آهي، ٻن ۾ فقط مرد ڪردار آهن، يعني ”سُر ڪيڏارو“ جنهن ۾ مرڪزي ڪردار حضرت امام حسين ۽ ”سر سورٺ“، جتي مکيه ڪردار ”راءِ ڏاياچ“ آهي. جڏهن ته ”سُر گهاتو“، جنهن ۾ بهادر مورڙي جو داستان آهي. ان سر ۾ عورت جو ڪوبه ڪردار ناهي. ستن مکيه ڪردارن ۾ وفادار ۽ ديانتدار- سسئي، آزاديءَ سان پيار ڪندڙ، نرالي ۽ وطن پرست - مارئي، پنهنجي واعدي تي بهادر ۽ سچي- سهڻي، عاجز مگر سهڻي، ماهيگير عورت- نوري، مغرور- ليلا، چالاڪ ۽ بيوقوف - مومل ۽ بدقسمت- سورٺ.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو عڪس ٻن سطحن تي آهي: روحاني ۽ سماجي. هو عورت کي نه پر مرد کي روحاني جستجو جي لائق سمجهي ٿو. هن جو خيال آهي ته عورت جسماني طور ڪمزور هجڻ جي باوجود هن ۾ دل جي همت آهي، ارادي جي پختگي آهي ۽ هوءَ پنهنجي ڳالهه تي سچي آهي. هوءَ ڏيڻ واري آهي ۽ نه ڪي وٺندڙ آهي.
محبت عورت جي زندگي آهي، هن جي عشق جي وسيع سمنڊ ۾ جيڪي موجون ان جي ڪنارن تي پهچن ٿيون، انهن کي لطيف شاعريءَ لاءِ موزون موضوع سمجهيو. هوءَ دنيا ۾ اعليٰ حڪمراني ڪري ٿي، جنهن جي باري ۾ شاعر ڳالهائي ٿو. روحاني جستجو ۾ سندس برتري جو لطيف سائين سگهارن ۽ واضح لفظن ۾ اظهار ڪري ٿو، جيڪو عورت لاءِ سڀ کان وڏي وصف آهي، هو چوي ٿو:
سسئي لنگهيو سو، مرد جنهن مات ڪيا،
جبلُ وڏو جو، نُوَڻ مڙوئي نينهن کي.
سسئي ان جبل کي پار ڪيو، جنهن ماڻهن کي حيران ڪيو هو ۽ شڪست ڏني هئي. هن جي پياري روح لاءِ، جبل هڪ ميوي وانگر هو:
توڏيءَ کي تَعِظيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنئان اڳَري،
اوڏي ٿِي اَلَفَ کي، مَنُ گَڏِيِائين سين مِيمَ،
جيلانهن ذَاتِ حَلِيم، مِلِي تي مِهارَ کي.
سهڻي کي ٻين کان مٿانهون ڪري، هوءَ خدا جي ويجهو ٿي وئي ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو قرب حاصل ڪيائين. هن جي عاجزي سبب هوءَ مِهار تائين به هڪ ٿي وئي هئي.
رسالي تي هڪ تجسسي نظر وجهڻ سان به اهو واضح ٿئي ٿو ته داستاني شاعريءَ جو ”سُر“، يا جنهن کي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ تيرٿداس هوتچند ڳائيندڙ ڪهاڻيون سڏين ٿا، سي عورت جي ڪردارن جي نالي تي رکيل آهن، جهڙوڪ: سر مارئي، سر سسئي (ابري)، سر سهڻي، سور سورٺ، جيتوڻيڪ مکيه ڪردار راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل آهن، ۽ اهي سُر هئا، جن کي ٻنهي ڪردارن جي نالن سان به سڃاتو وڃي ٿو، ته به عورت مرد کان اڳي آهي، مثال طور، سر ليلا چنيسر ۽ سور مومل راڻو، جنهن لاءِ نارائڻ داس ڀمڀاڻي پنهنجي ڪتاب ” شاهه جون سورميون“ ۾ پڻ انهن خاصيتن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته ”لطيف جي شاعريءَ ۾ اهو اتفاقي نه ٿو ٿي سگهي، پر اهو به مقصد جي حوالي سان ڪيو ويو. اڳ ۾ ذڪر ڪيل ٽن کان سواءِ سڀني سُرن جي ترقيءَ جو دارومدار انهن جي عورت ڪردارن تي آهي ۽ ٻين ڪردارن جي وجود جو دارومدار به انهن تي آهي. پنهون، ميهر ۽ کيت ڇا آهن، سسئي، سهڻي ۽ مارئيءَ جي مقابلي ۾، اهي ٽي بي قصور عورتون، جن کي پنهنجي ڪنهن قصور جي نه، پر ڪنهن پراسرار تقدير جي ڪري تڪليف پهچي ٿي؟ ايستائين جو مومل ، ليلا جيڪي پنهنجين غلطين جو شڪار ٿين ٿيون، پر توبهه ڪري آخرڪار نجات حاصل ڪري وٺن ٿيون، اهي راڻي ۽ چنيسر کان به وڌيڪ دلڪش ۽ مجبور آهن.
لطيف جي شاعري سندس زندگيءَ مان نڪري ٿي، سندس سورميون سندس زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ لطيف جي شاعري عشق، تصوف ۽ فلسفي جي ترجماني ڪري ٿي. ڪڏهن هو پنهنجي خيالن جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ ڪڏهن هو انهن جي ذريعي ڳالهائيندو آهي. ڪڏهن هو انهن کي اڳتي وڌائيندو آهي ته ڪڏهن انهن کي لتاڙيندو آهي جيئن ليلان ۽ مومل جي صورت ۾ ۽ ڪڏهن انهن کي تسلي ڏيندو آهي. مارئيءَ کي آرام ۽ تسلي ڏيڻ لاءِ وڏا ڏاکيڙا ڏيکاريا ويا آهن. اهڙيءَ طرح لطيف جي شاعريءَ جو گهڻو حصو مکيه ڪردارن سان سرشار آهي. اها سسئي آهي، جيڪا بلوچستان جي هڪ شهزادي پنهون کي امر بڻائي ٿي. اها نوري آهي سادي مڇي مارڻ واري مهاڻي آهي، جيڪا حاڪم ڄام تماچي کي امر ڪري ٿي ۽ اها مارئي آهي، جيڪا عمر ۽ کيت ٻنهي کي امر ڪري ٿي. جيئن لطيف فرمائي ٿو:
نُوريءَ جَي نَوَازيَو، ٿيَو تماچي تَي،
گاڏيءَ چاڙهي گندري، مَاڙهُو ڪَيَو مَي،
ڪينجُهر چُندا ڪَي، ته سَچُ سَڀائي ڳالهڙي.
لطيف عوام جو شاعر آهي. سندس ستن سورمين مان پنج غريب خاندانن مان ۽ صرف ٻن جو تعلق شاهي خاندان سان آهي. ان مان مارئيءَ پورهيت ڇوڪري آهي، سهڻي ڪنڀر جي ڌيءَ آهي، سسئي ڌوٻي جي ڌيءَ آهي، نوري ڪينجهر ڍنڍ جي ڀرسان گندرا قبيلي جي مهاڻي ڇوڪري آهي، سورٺ ڪمزور ارادي واري ۽ ليلان مغرور آهي. ٻاهرين شان و شوڪت جي شوقين، مومل جو تعلق مٿئين طبقي سان آهي. پهرين پنجن جي ڀيٽ ۾ ٻه نيڪيءَ ظاهري ڏيکاءَ لاءِ محبت رکن ٿيون، سندن مالڪ ڪنهن به صورت ۾ ٻين ٻن کي پنهنجي ويجھو نه ٿا آڻي سگهن، باقي پنج ئي عاجز، مخلص، ايماندار، ثابت قدم ۽ بي قصور آهن. اهي پنهنجي ڪنهن به غلطي جي تڪليف برداشت ڪن ٿيون ۽ آخرڪار ڏکن جي ذريعي ئي امرتا حاصل ڪن ٿيون. شاهه لطيف جون سڀني سورمين ۾ نوري واحد ڪردار آهي، جيڪا غير فطري موت جو شڪار نه ٿي ٿئي. دولت ۾ غرور آهي، غربت ۾ عاجزي آهي. ليليٰ، نوري ۽ مارئيءَ جو تقابلي جائزو ڪبو ته نوري، تماچي، حاڪم کي، عاجزي ذريعي فتح ڪري ٿي. ليلان، وڏائيءَ ذريعي چنيسر اڳيان ڏيکاءُ ڪري ٿي. لطيف ان جي حماقت کان اڳ ۽ ان کان پوءِ ان جي حيثيت هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دُهلين، دمامين، نَقرين، پلپل ٿي پُڇياس،
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾.
پر نوريءَ عاجزي جو روپ آهي:
نُورِيَ جَي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَهلُ هوءِ،
سَمُون سِرُ سَڀَنِ ۾، مِي مُورَڇِئو سوءِ،
اَچِئو اُڀِيُنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيَين.
ٻئي طرف اڻ ڄاتل ڇوڪري مارئي، جيڪا سڀني ڪوششن کي رد ڪري ٿي، ۽ شاهي لباس ۽ زيور تي پنھنجي سادگيءَ کي ترجيح ڏئي ٿي:،
سَهَسِين سَيبَا ڪَنجُرَي، لَوئِي لِيڙُون لِيڙَ،
وَاسَي وَارَ نَه وَيڙِهيَان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ،
مَارُوءَ جِي مُهَاڙَ رءِ، اَندَرِ نَاهِ اُڪِيرَ،
هَهِڙَو حَالُ هَميرَ، وَٺِي شَالَ وَيڙِه وَڃَان.
لطيف پنهنجي غنائي شاعريءَ ۾ بار بار ان دور جي سماجي زندگيءَ ۽ ان سماج ۾ عورت جي مقام کي ڳنڍڻ جو حوالو ڏئي ٿو. سنڌي سماج ۾ عورت جي سماجي حالت بابت تيرٿ داس هوتچند پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف“ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ جيئن ته زرعي ملڪ آهي، تنهن ڪري مصر وانگر هن ۾ به مادري روايت هئي، جنهن ۾ ثقافتي ترقي ۽ خوشحالي جي اعليٰ رياست هئي. خانداني زندگيءَ جو احساس گهرو ۽ مضبوط هو. ان جا ميمبر پدرشاهي روايت جي ماڻهن کان وڌيڪ امن پسند ۽ انسان دوست هئا. اهڙي سماج ۾ ’عورتن‘ کي وڌيڪ آزادي ۽ وڏيون مراعتون ملنديون هيون ۽ کين معاشري جي ڪمن ۾ به اهميت ۽ احترام جو درجو ڏنو ويندو هو، ان کان علاوه هو گهريلو ڪمن، زراعت ۽ دستڪاريءَ جي ڪجهه ڪمن ۾ حصو وٺنديون هيون. پر بعد ۾ هن مادري روايت جي برعڪس ڪجهه سببن جي ڪري پدرانه روايت کي جنم ڏنو. هن پدرشاهي روايت جي ڀيٽ ۾ عورتن کي مردن جي تابع ڪيو ويو. سماج هڪ کان وڌيڪ شادين وارو بڻجي ويو، ۽ اتي مردن ۽ عورتن لاءِ اخلاقيات جو ٻٽو معيار پيدا ٿيو. عورت اڻ پڙهيل، جهالت ۽ توهم پرستيءَ ۾ ڦاسي وئي ۽ عبادتگاهن ۽ مذهبي رسمن کان به محرو رهڻ لڳي. اسان جو شاهه هڪ عظيم شاعر، انسان جو استاد ۽ سماج سڌارڪ آهي، عورت جي حالت کي بلند ڪرڻ لاءِ لطيف آواز اٿاريو، هن عورت کي ثقافت جو عظيم خزانو ۽ تهذيب جو مقصد ڏنو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪوشش ڪئي ته ان کي پنهنجي معرفت ذريعي حقيقي حيثيت ڏئي.
اسان کي لطيف جي مختلف سُرن ۾ عورتن جي سماجي حيثيت جي جھلڪ ملي ٿي، پر خاص ڪري ليلان چنيسر ، مومل راڻو ۽ ڪنهن حد تائين سر مارئي، سر نوري ۽ سر سامونڊي ۾. مومل راڻو پندرهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جي سماجي حالتن ۽ عورت جي مجسمي جي عڪاسي ڪري ٿو. ليلان چنيسر ۽ مارئيءَ چوڏهين صدي عيسويءَ جي. اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته 13 صدي عيسويء ۾ عورت خاندان ۽ عوامي معاملن ۾ هڪ الڳ مقام هو ۽ آزاديءَ سان رسمي ۽ جشن جي ڪمن ۾ حصو ورتو. ليلان چوي ٿي:
وڏيري هياس، ميڙو مون گهر سرتين،
هٿ ڇهڻ هار جي، ڪڙي ڪاند ٿياس،
ڍولي ڍيلياس، آيم ڏنءُ ڏهاڳ جو.
هوءَ مقام رکندڙ عورت هئي ۽ ساهيڙيون منهنجي گهر ۾ گڏ ٿينديون هيون:
ڏاهي هيس ڏيهه ۾، سرتين منجهه سڄاڻ،
ڪاجا پيم ڪاڻ، جئن منهن مٿانهون نه کڻان.
اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته شايد جيئن مرد اوطاقن ۾، تيئن عورتو ن گهرن ۾ آتڻ ، جتي اهي پاڻ سان گڏ چرهو رکنديون هيون يا ڪچهري ڪنديون ۽ ڳائنديون هيون. جڏهن چرخا گھمندا هئا، تئين عورت سر ۾ ڳائندي هئي. جيئن معاشري ۾ اڄ هڪ وڏيرو هوندو آهي، تيئن هڪ وڏيري به هوندي هئي، جيڪا پڙهيل لکيل ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻ رکندڙ هوندي هئي ۽ مان مرتبو رکندي هئي، جيئن ليلان جي غرور جي حوالي سان اڳ ۾ آيل سٽن جو حوالو ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي پيش لفظ ”رومانس آف ليلان چنيسر“ ۾ لکي ٿو ته ”ليلان کي رقص ۽ ڳائڻ جي تربيت حاصل هئي ۽ يوگي ويراناٿ جي هدايتن سان پڻ جڙيل رهي، جتي هن جادو سکيو“.
عورتن کي زيورن ۽ ٻين قسمن جي زينت جو شوق هوندو هو، جيئن لطيف اسان کي 15 صديءَ جي عورتن بابت ٻڌائي ٿو، جڏهن هو مومل جي ساٿيءَ جو ذڪر ڪري ٿو:
جهڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿن سايون،
عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪيائون تن،
مڙهيا گھڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چَندن،
سُنهنِ رُپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
ڪئائين لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن،
منجهه مرڪيس من، ته سوڍي سين سنڱ ٿيو.
سندن شالون پان جي پنن وانگر سايون هيون، سندن جسم عطر ۽ امبر سان خوشبودار هو، سندن وار مشڪ ۽ چندن سان، سندن ڪن سون ۽ چانديءَ سان سينگاريل هئا.
سونا ڪُرَّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ؛
ٻانهُوٽا ٻانهُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ؛
تيلانَهه پِيَّ پَچارَ، ڪانڌَ مُنهِنجي ڇَڏِئِي.
انهن جي ڪنن ۾ سونهري ڪنگڻ، انهن جي ڳچيءَ ۾ ڳاڙها هار، انهن جي هٿن جي چوڌاري ٻانهون، وارن جا وارن ۾ تيل ٿيل آهن.خوشبوءِ وارو تيل ۽ خوشبوءِ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندي هئي:
جنهن تڙ ڌُوڙون ڌُون، چوٽا چَندَنَ چڪَ ڪيو،
اچن ڀؤنئر ڀَنڀَوليا، پاڻيءَ تنهين پون،
راوَلَ رَتَو رون، ڪو وَهُ لڳو واسئين.
اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جون عورتون پراڻي زماني کان زيورن جون شوقين رهيون آهن ۽ هو ان کي مختلف قسمن ۾ پائينديون هيون، جهڙوڪ هار، ڪنگڻ، ڇتين جا موتي، خول، ڪنگڻ (آڱوٺن ۽ پيرن تي) ڪنن جا ڪنگڻ، نڪ جي ڇنڊي، پاڱر، چوڙيون، وارن جا پن، بازو ۽ قيمتي پٿر وغيره پهرينديون هيون. اهي سڀ شيون موئن جي دڙي جي آثارن مان به مليون آهن. وارن کي وچ ۾ چڱيءَ طرح ورهايو ويندو هو ۽ اکين لاءِ ڪجل يا سرمو استعمال ڪيو ويندو هو. 13 صدي عيسويءَ جون عورتون تعليم يافته، سڌريل، چالاڪ ۽ ذهني طور تي ترقي يافته ۽ سماج ۾ عزت ۽ مرتبي واري جاءِ تي ويٺل نظر اچن ٿيون. عوامي جاين ت وڃڻ لاءِ عورتون پردو استعمال ڪنديون هيون، پر 14هين صديءَ جي پورهيت مارئيءَ جو لباس ۽ زيبائشون ليلان يا مومل ۽ سندس ساٿين کان بلڪل مختلف آهن. هوءَ هڪ ڪنجري نما وڏي چادر پائيندي آهي:
پٽولا پنهواريون مور نه مٿي ڪن،
جنهن لاک رتائون لوئيون ته سالنئان سونهن،
ان ايلا چنيون اڳريون بخمل بافتن،
سکر ڀائيان سومرا کٿي کان کنڀن،
جا ڏنيم ڏاڏاڻن ،سا لاهيندي لڄ مران.
مارئيءَ جا زيور هي آهن:
مون ماروُءَ سين لَڌِيون، لوئيءَ ۾ لائَون،
سونَ بَرابَر سَڳَڙا، مون کي ٻِاهُن ٻَڌائوُن،
عُمَرَ جو آئوُن، پَٽُ ڪِئن پَرَهِيان، سُومَرا!
هن مختصر مقالي کي ختم ڪرڻ لاءِ لطيف سائين پنهنجي مثالي عورت ۾ ايمان، استغفار، صبر، پابندي، توفيق، عاجزي ۽ حوصلي جون خوبيون ڳوليون آهن. ساڳئي وقت هن جي ڪمزور ڀيڻ جي وچ ۾، هن کي سستي، انا پرستي، باطل ۽ زندگي جي فنا ۽ شوخ شين لاءِ محبت ملي ٿي، پر جيتوڻيڪ انهن پنهنجي دولتمندن لاءِ ڏک برداشت ڪيو آهي، سادو سچ سکو جيئن ليلان چوي ٿي:
الا! ڏاهِي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سين مون پريَنِ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا!


(مترجم: مختيار ملاح)

شاھ لطيف جي شاعري: ڪثير معيارن جي اڻت

ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي مٽي لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آڳهه ان جي.

جيئن اسان ڄاڻون ٿا ته شاھ لطيف بنيادي طور ھڪ روحاني شاعر، بزرگ ۽ صوفي آھي. جيتري قدر ھن جي خيال، تخيلي ادراڪ (vision)، تشبيھن ۽ استعارن جي استعمالي قوت (imagery)۽ ٻولي تي مڪمل عبور ھئڻ جي ڳالهه آھي ته ھو اعليٰ پائي جو شاعر آھي. سڀ کان وڌ ته ڪي ٿورا ئي ھن جي غنايت يا نغگمي کان مٿي ھوندا، جنھن جو ثبوت ھن جي شاعري کي ڳائيندڙ گائڪن جي مقبوليت آھي، جيڪي ان ذميواري کي ڪاميابي سان پورو ڪن ٿا ۽ نه صرف سنڌ ۾ پر دنيا جي ھر حصي ۾، جتي به ھو پنھنجي گائڪي پيش ڪن ٿا، اتي ٻڌندڙن پاران زبردست داد ۽ تحسين وصولين ٿا.
خاص طور تي لطيف سائين جي رسالي ۾ اھڙا شعر آھن، جيڪي خدا جي ذات ۾ غرق ڪنھن شخص جي سگھارين احساسن جو پاڻ ھڙتو اٿل آھن. ھي انھن وجد ۽ بود وارين گهڙين جو رڪارڊ آھي، جڏھن ھو خدائي قربت ۾ پاڻ کي ويجهو ڀانئي ٿو، يا نراسائي، پيڙا، ۽ سخت اداسيءَ جي گھڙين ۾ جڏھن ھو خدائي قربت کان محروم ٿيندو آھي. ذھن جي انھيءَ آخري حالت کي مغربي روحانيت پرستن ”روح جي اونداھي رات“ سڏيو آھي. ھن جو خدا سان، جيڪو سڀني سرن ۾ سندس معبود آھي، پيار ۽ تڙپ شديد آھي. ھو اسان کي ھن دنيا ۾ اچي رھڻ واري بنيادي مقصد جي يادگيري ڏياري ٿو ۽ پنھنجي خالق سان ناتن تي روشني وجهي ٿو. ھن جو پيغام اھو آھي، جيڪو قرآن پاڪ ۾ شامل آھي.
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بلاسين، تڏهن تت چيوم،
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين
ايڇ ٽي سورلي پنھنجي ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit ۾ لکي ٿو: ”ھن جي شاعري روحاني ۽ صوفي شڪل ۾ اسلامي سکيا جو اتساهيندڙ پيغام آھي.“
عظيم استاد جو پيغام رب جي ڳولا ۽ جستجو هوندو آھي، پر اعليٰ درجي جو شاعر ھوندي، ھو اھم سچائين کي تمثيلن ۽ اھڃاڻن وسيلي اظھاري ٿو، ڇو ته عام اڳيان انھن کي سڌي نموني پيش نٿو ڪري سگھجي، جيڪي نڪي سمجھي سگھن ھا ۽ نه ئي مناسب ردعمل ڏئي سگھن ھا. وڌيڪ ته مبلغ ۽ شاعر ۾ فرق اھو آھي ته ھڪ سڌو سنئون چئي ڏئي ٿو، جيڪو کيس چوڻو ھوندو آھي، پر شاعر ڪلام، لفظن ۽ ھيئت تي مشتمل خوبصورتي وسيلي پنھنجو سچ تجويز ڪري ٿو. ان مقصد واسطي ھو لوڪ ڪھاڻين کي عام ماڻھو جي روزاني زندگي مان ورتل اھڃاڻن ۽ تمثيلن طور گهڻو استعمال ڪري ٿو.
اھو چوڻ ته لطيف جي شاعري رڳو سنڌ تائين محدود آھي، انتھائي غلط ۽ اڻڄاڻائي وارو رايو آھي. ڇا خدا لاءِ پيار ۽ سڪ رڳو سنڌ تائين محدود آھي؟ لطيف مذھب جي رسمي ڳالھين جي انڌي تقليد بجاءِ درست عملن تي زور ڏئي ٿو. ڇا اھو رڳو سنڌ تائين محدود آھي؟ اعليٰ زندگي ڏانھن ڏاڪي به ڏاڪي وڌڻ جي لاءِ ڪوشش ۽ جدوجھد ڪرڻ، پاڻ ۾ خدائي خاصيتون پيدا ڪرڻ، جامع شخصيت جو مقصد رکڻ، ڇا اھي سڀ خاصيتون سنڌ تائين محدود آھن؟ ڇا عالمي ڀائپي، انسانذات لاءِ پيار ۽ ڳڻتي، غريبن سان ھمدردي ۽ سنڀال، انھن جي حالتن جي سڌاري لاءِ طور طريقا اختيار ڪرڻ، سخاوت، صبر ۽ خدائي قانون جي آڏو سر جھڪائڻ جھڙين خاصيتن کي پيدا ڪرڻ رڳو سنڌ تائين محدود آھي؟ جيڪر ائين آھي ته پوءِ سنڌ ته دنيا جو ڪو پسنديده علائقو ھوندو، ڇو ته لطيف جو تمثيلون اھڙيون ئي آھن.
خدا سان پيار جو اعليٰ اظھار، انسانذات جي ڳڻتي ۽ خدمت آھي. صوفي ۽ ساڳئي وقت ھڪ شاعر ھوندي، لطيف جيڪو ڏٺو ٿي، تنھن تي وٽس احساساتي ردعمل ھو. ھن وٽ تيز فھم ۽ مشاھدو ڪندڙ اک ھئي، جنھن ھن کي پنھنجي آسپاس ۾ موجود گوناگون انسانذات کان لاتعلق نٿي ڪيو. ھو عام ماڻھن جو شاعر ھو، جيڪي ملڪ ۾گھڻائي ۾ ھئا. ھن جو پيغام انھيءَ اڪثريت تائين پھچائڻو ھو، جنھن جي لاءِ ھن وٽ تمام گھڻي ھمدردي ۽ اون ھئي. ھو انھن جي ڏکيائين، انھن جي غربت، انھن جي ابتر حالتن ۽ انھن جي تڪليفن کان لاتعلق نٿي رھي سگھيو. اسان ماڻھن جي سماجي زندگي، بشمول سندن ايمان، وھمن، انھن جي ريتن ۽ رواجن، انھن جي خوشين ۽ غمين، خواھشن، سندن کاڌ پيت ۽ روزانو جي زندگي متعلق ڪافي سکون ٿا. ھو خاص طور تي بيواھن ۽ غريب عورتن جي حالتن تي ڳاراڻي ۾ ورتل آھي. سر سامونڊي ۾ ھي تمثيلي طور ھن ڌرتي تي ماڻھو جي زندگي کي ناکئي (sailor) جي زندگي سان ڀيٽي ٿو.
سامونڊي سفر جي نتيجي ۾ ناکئي کي جيڪي خطرا ۽ نقصان درپيش اچن ٿا، تن کي تفصيل سان بيان ڪري، پوءِ ھن غريب ناکئي جي گھر ڌياڻي ڏي وري ٿو، جنھن جو ور کانئس ھڪ وڏي عرصي کان پري آھي ۽ سندس ڪو ٻيو واھي ڪونھي. ھو چوي ٿي:
اسان اُڌارا آڻي آونگ چاڙهيا،
منهن ڏئي مون آيا، سمهان سيارا،
نڪرن شوڪارا، پسئو وَرَ ٻين جا.
سر سارنگ ۾ اسان وري غريب، ھيڪلين ۽ بي وس عورتن جي تڪليفن ڀري زندگي لاءِ لطيف جي ھمدردي ۽ ڳاراڻي واري ھڪ ٻئي مثال سان ملون ٿا. ھو وسڪاري جي قدرتي تياري جي منظر ڪشي کان شروع ٿئي ٿو، کنوڻن جي چڪماٽن، ڪڪرن جي مختلف رنگن جھڙي شڪلين ۾ جڙڻ، ۽ ٿڌڙي ھير لڳڻ کي بيان ڪري ٿو. مينھن جو پوڻ خدا جي ھر جاءِ موجودگي، ۽ ان جي رحم ۽ سخاوت جي يادگيري ڏياري ٿو. سڀ خوش آھن، ڇو ته انھي وسڪاري سان آسودگي ۽ ٿڌڙي ھير اچي ٿي، پر ھن غريب عورت لاءِ ڇا ڪجي؟
اوڇڻ گهرجي آجڪو، جهوپو سهي نه سيءُ،
سڻائـــج سُـــوَڙَ کي، حال منهنجــي هـــــيءُ،
اڱڻ آيو ٿــــــيءُ، ته ڍوليا! ڪنهن ڍنــــگ ٿيان.
مارئي وڌيل انساني خودي جي تمثيل آھي، جيڪو پنھنجي اعليٰ زندگي جي ادم ۾، ھر لالچ ۽ لوڀ سان مھاڏو اٽڪائي ٿو، جيڪي کيس سامھون اچن ٿيون ۽ ھو نيٺ انعام پائي ٿو. لوڪ ڪھاڻين جو استعمال ڪندي، ٿر جي ماڻھن جي تڪليفن کي ھيٺين لفظن ۾ پيش ڪري ٿو، جيڪي ھو مارئي واتان چورائي ٿو:
ٿانوَرَ اُٿي پَسُ، ڏيهه کنودي وڄڙي،
مَنُ کُلي باغ ٿيو، هينئڙي لَٿي ڪَسُ،
تَني ڪارڻ وَسُ، جن وَرَ مٽائي ڀائرَ ڪِئا.
لطيف جو بزرگانه ۽ حساس روح، جڏھن ھو انسانذات، خاص ڪري غريبن جي اھنجن ۽ آزارن کي ڏسي ٿو ته ڪنبي وڃي ٿو. اھڙن منظرن جي نتيجي ۾ ھو ھنن دل ڀڄائيندڙ سٽن کي سرجي ٿو:
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻها،
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.
سخت غربت ۽ بيوسي جي حالتن جي مقابلي ۾ وري سر مومل راڻي ۾، جيڪي ماڻھو جي پنھنجي غلطي جي ڪري خدائي رحمت مان نڪرڻ جي تمثيل آھي، دولت ۽ خوشحالي جا ڀڀڪيدار منظر آھن:
جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا ها ها هو هميش،
پسيو سونهن سيد چئي نينهن اچن نيش.
مومل ۽ ان جي ڀينرن جو پاڻ کي سينگارڻ، سنوارڻ ۽ لباس پائڻ وارو فن، اسان جي جديد عورتن جي شادي جي تقريب ۾ تياري ڪرڻ وانگيان آھي:
جهڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿن سايون،
عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪيائون تن،
مڙهيا گھڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چَندن،
سُنهنِ رُپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
ڪئائين لال لطيف چئي، وڏا ويس ورن،
منجهه مرڪيس من، ته سوڍي سين سنڱ ٿيو.
فضول خرچ ۽ اجائي ٺٺ ٺانگر جي مظاھري جو ھيٺين سٽن ۾ بيان ڪيو ويو آھي:
سون ورنيون سوڍيون، روپي رانديون ڪن،
اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن،
اوتيائون عنبير جا، مٿي طاق تڙن،
ٻاٽن ٻيليون ٻڌيون، پسيو سونهن سڙن.
ضروري نه آھي ته ”انسانيت جي اڃان توڻي درد ڀري موسيقي“ ھميشه سخت يا اڻ وڻندڙ ھئڻ گھرجي، ڇوته ان وٽ مات ڪرڻ ۽ سڌارڻ جي چڱي سگهه آھي. لطيف اميد جو شاعر آھي، سر نوري ۽ بلاول سماجي نظام، مساواتي نظام، ڏانھن اشارو ڪن ٿا. ھي سورن ۾ ورتل انسانذات جي لاءِ عالمي ڀائپي، برابري، مساوات، سھپ جي جذبي، ذھني ڪشادگي، بغير ڪنھن سماجي حيثيت جي سنڌي رکڻ جي پنھنجي ماڻھن لاءِ بي لوث خدمت ۽ پيار جو احساس، جيئن سر نوري ۾ اھڃاڻي طور پيش ٿيو آھي، اسلامي قدر پيدا ڪرڻ وارو ترياق لھي ٿو. اھڙي سڌاري آڻڻ جي ھڪ ٻئي طريقي ۾، لطيف ھڪ آدرشي حاڪم جي ساراهه ڪري تجويز ڪري ٿو، جيڪو ڪھل، انساني ٽھل ٽڪور، سخاوت جو مجسم نمونو آھي، ۽ ھو آسوندن جي سڏ کي فوري طور اونائي ٿو. ھو پنھنجي غريب رعايا تي ڪو محصول يا ٽيڪس نٿو مڙھي. ڪافي جاين تي غريبن لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جو ذڪر ڪيو آھي. اھڙي حاڪم جا ڪافي نالا آھن. ھي جادم جکرو، ابڙو، سمو ۽ راءِ راھو آھي، جيڪو پنھنجي رعايا سان ڏي وٺ ڪندي، اسانجي نبي سڳوري حضرت محمد صلعم جي پوئيواري ٿو ڪري.
ابڙو اگهامن ۾، ڀرجهلو ڀاري،
سمي سوالين کي، ويل نه وساري.
اھڙي حاڪم جي ھڪ ٻي خصوصيت ھر ھڪ، ننڍي وڏي، بشمول غريب غربي کي آزاد ۽ دل گھري نموني ٻڌڻ به آھي، جيئن لطيف سائين فرمائي ٿو:
هٿان جادم جکري، وٿي پوءِ مَ وِچَ،
اچو آيا نچ، سمين وائي وات ۾.
شاھ لطيف جي شاعري متعلق ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو. ”ھن جيڪا شاعري لکي آھي، سا ان لائق آھي ته عوام جي گھڻائي وٽ پھچي، پر اھا اڃان ايتري پيماني تي انھن کي پاڻ ڏي ڇڪي نه سگھي آھي“، ڇاڪاڻ ته ھو ماڻھو جي زندگي جي اخلاقي ۽ روحاني پھلوئن تي ويچاري ٿو. ان کان علاوه، سڄو رسالو فطرت لاءِ احساس سان ڀريل آھي، بيتن ۾ صحرائن ۽ پھاڙين، سمنڊن ۽ دريائن، ٻيلن ۽ پوٺن، ڀنڀرڪي ۽ سج، چنڊ ۽ ستارن، بھار جي گلن، وسڪاري، ڪڪرن، طوفانن، اٺن ۽ ڪانگن، ڪونج ۽ ھنج، وڻن ٽڻن ۽ جانورن واري زندگي جو ڀرپور ذڪر آھي. سڀ کان وڌ ته، ان ۾ پراچين وقت جي دانائي جو آواز ٻُري رھيو آھي.
(مترجم: محمد حبيب سنائي)

شاهه جي شاعريءَ ۾ رومانوي عنصر

شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون خوبيون ملن ٿيون، جيڪي انگريزيءَ جي رومانوي شاعرن (Romantic Poets) جي ڪلام ۾ به موجود آهن، انهيءَ ڪري شاهه جي شاعريءَ ۽ انگريزي رومانوي شاعريءَ ۾، خيال ۽ فڪر جي لحاظ سان، ڪجهه هڪجهڙائي ملي ٿي.
انگريزي ادب ۾ رومانوي تحريڪ (Romantic Movement) جو زمانو 1779ع کان وٺي 1830ع تائين سمجهيو وڃي ٿو: يعني 18 صديءَ جي آخر ۾ ۽ 19 صديءَ جي شروعات ۾ جنهن انداز جي شاعري انگريزيءَ ۾ رائج ٿي هئي، ان قسم جي شاعري 18 صديءَ جي شروعات کان به اڳ سنڌيءَ ۾ موجود هئي. انگريزي رومانوي گروهه جا مکيه شاعر، جن جي شاعريءَ ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ ڪا مشابهت ۽ مناسبت آهي، اُهي آهن ورڊس ورٿ، شيلي، ۽ ڪي قدر ڪيٽس.
شايد ”شاهه“ جي ڪن شائقن کي اهو ڏکيو لڳي جو سندس شاعريءَ کي رومانوي شاعري سڏيو وڃي، پر هتي ”رومان“ (Romance) لفظ جي اها معنيٰ نٿي ورتي وڃي، جيڪا عام طرح سان ورتي وڃي ٿي. عام طور ”رومان“ لفظ جو مطلب عشق ۽ حسن جي قصن سان ڀرپور نظم يا نثر سمجهيو وڃي ٿو، پر ”رومان“ لفظ جي صحيح تعريف ڪرڻ ڪجهه مشڪل آهي. ”رومان“ اصل ۾ فرينچ لفظ آهي. هيءُ لفظ پهرين هيئن استعمال ۾ آيو جو جيڪي ڏيهي ٻوليون لئٽن (Latin) زبان مان نڪتيون، تن کي ”رومان ٻوليون“ (Romance Languages) چيو ويندو هو. ٿوري عرصي کان پوءِ، جيڪو به ادب انهن ڏيهي ٻولين ۾ لکيو ويندو هو، تن کي ”رومان“ جو نالو ڏنو ويو. آهستي آهستي اهو لفظ صرف اهڙن قصن ۽ آکاڻين لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جن ۾ حقيقت جي بدران طلسمي تصورات (Fancy) گهڻا هوندا هئا، ۽ جن ۾ حيرت انگيز واقعن کي ممڪن واقعن کان وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي هئي. مطلب ته هر اُن ڳالهه يا شيءِ کي رومانوي سڏيو ويندو هو، جيڪا عام ڳالهين يا شين کان نرالي، حيرت انگيز ۽ اچرج جهڙي هوندي هئي. انهيءَ کان سواءِ، قدرتي نظارن جو بيان به رومانويت جي دائري ۾ ليکجڻ لڳو. نيٺ ان لفظ جي معنيٰ، آهستي آهستي ڦيرو کائيندي، انهيءَ تي اچي بيٺي ته اُها حالت، جنهن ۾ تصور (Imagination) کي عقل يا دليل مٿان ترجيح ڏني وڃي، تنهن کي ”رومانوي“ سڏيو وڃي. انهيءَ تعريف جي ڪسوٽيءَ تي ئي هاڻي رومانوي شاعريءَ کي پرکيو وڃي ٿو.
رومانوي شاعريءَ ”تصور“ کي تمام اوچي جاءِ ڏني آهي، ۽ ان کي بلڪل جداگانه انداز سان ڏٺو آهي. ان شاعريءَ جي اڳواڻن ۾ شاعريءَ بابت ٻيا کڻي ڪهڙا به اختلاف هجن، پر ”تصور“ بابت انهن سڀني جا رايا ساڳيا آهن. هنن ظاهر ڪري ڏيکاريو ته ”طلسم“ ۽ ”تصور“ (Fancy and Imagination ) ۾ تمام گهڻو فرق آهي. وهم Imagination جي اها طاقت آهي، جنهن مطابق اهي هڪجهڙيون شيون شاعر جي ڌيان ۾ اچن ٿيون، جن جون خاصيتون مقرر ۽ ساڳيون آهن، پر تصور من جي اها طاقت آهي، جنهن جي ذريعي شاعر تخليق ڪري ٿو. شاعر سندن نظرن ۾ فطرت جو ترجمان نه، پر تخليق ڪندڙ آهي. انهن شاعرن جو اعتقاد هو ته تصور جي قوت ۽ شاعرانه تخيل کان سواءِ شعر لکڻ بلڪل ناممڪن آهي. مذهبي ۽ مابعدالطبيعي (Metaphysical) سببن ڪري به رومانوي شاعرن تصور کي تمام گهڻي اهميت ڏني. سندن خيال مطابق، مذهب کي دماغ وسيلي نه، پر دل جي ذريعي محسوس ڪري سگهجي ٿو. مذهب ۾ بحث مباحثي جي ڪابه جاءِ نه آهي، بلڪه اهو هڪ ذاتي تجربو آهي. سڀئي رومانوي شاعر مثالي هئا، ۽ سندن رايا به مثالي آهن. انهن جي فڪر جو مرڪزي نقطو انساني قلب آهي، جو ٻين سڀني انساني طاقتن تي حڪمران آهي. ان جي ڪري ئي انساني فڪر ۽ تخيل ۾ رنگيني ۽ رعنائي پيدا ٿئي ٿي، ۽ اهو ئي روحاني طاقت جو بنياد آهي. ٻين لفظن ۾، اهائي خدائي ذات آهي ۽ انهيءَ ذات کان ڪم وٺڻ کان پوءِ ئي شاعرانه تخليق وجود ۾ اچي ٿي. تنهنڪري رومانوي شاعرن تصور کي ايتري ته اهميت ڏني آهي جو هو ائين سمجهندا هئا ته رڳو تصور جي وسيلي ئي انساني زندگي آخرين طرح مڪمل ٿي سگهي ٿي، ۽ تصور ئي حقيقت جا اهم پهلو عيان ڪري سگهي ٿو. سندن اعتقاد هو ته تصور جي ذريعي ئي اها پروڙ پئجي سگهي ٿي، جيڪا عام طور انسان جي اختيار کان ٻاهر آهي. تصور جو لاڳاپو انهيءَ ڳجهيءَ طاقت سان آهي، جنهن کي پروڙ، ڄاڻ يا اندروني ٻوجهه (Intuition) چيو وڃي ٿو. درحقيقت تصور ۽ پروڙ کي هڪ ٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي. رومانوي شاعر تصور ۽ حقيقت ۾ ڪوبه فرق نٿا سمجهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪري ئي تخليق ۾ توانائي اچي ٿي. رومانوي شاعري شديد اُمنگن ۽ ڳوڙهيءَ حقيقت جو ميلاپ آهي. اهو رمانوي شاعرن جي اندر جو آواز هو، جنهن کين روحاني دنيا جي کوجنا ڪرڻ تي مجبور ڪيو. کين يقين هو ته اسين جيڪي به ظاهري ڏسون ٿا، سو انهيءَ لاءِ آهي ته ان جي ذريعي روحاني حقيقت کي ڳولي لهون. حقيقت جي تلاش ۾ ظاهري شيون هڪ وسيلي جو ڪم ڏين ٿيون. اڻ ڏٺل ۽ نامعلوم دنيا جي تلاش ڪرڻ هنن شاعرن لاءِ هڪ الهامي عمل (inspiration) هو. انهيءَ خواهش ۽ جستجوءَ ئي کين شاعر ٿيڻ تي مجبور ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سندن شاعري جوش، ولولي ۽ امنگن سان ڀرپور ۽ ٽمٽار آهي. انهن مان هر هڪ شاعر جو هي مقصد هو ته اڻ ڏٺل ۽ نامعلوم روحاني دنيا کي پنهنجي پنهنجي آزمودي مطابق بيان ڪن، جيئن سندن تخليق جو اثر نه رڳو دماغ تي پوي، پر ان کان ساري شخصيت پڻ متاٿر ٿئي. رومانوي شاعر سڀئي هن ڳالهه تي متفق هئا ته تصور جي ذريعي روحاني دنيا تائين پهچي، ان مطابق هن ٻاهرينءَ دنيا جي وضاحت ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهين روحاني يا اندروني دنيا ۾ اعتقاد نٿو رکجي ته پوءِ هن ٻاهرينءَ دنيا جي ڪابه معنيٰ نه آهي. هنن وٽ روح کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شي کي اهميت نه آهي. روحاني جستجو جي خواهش منجهن اهڙي ته زوردار آهي، جو جڏهن کين ان حقيقت کي پروڙڻ جو احساس ٿئي ٿو، تڏهن وجداني ڪيفيت سبب سندن شاعري ڪمال جي حدن کي ڇهندي محسوس ٿيندي آهي، پر جڏهن هو پاڻ کي انهيءَ روحاني دنيا کان پري ٿا محسوس ڪن ۽ ان جي تلاش ۾ ناڪام ٿا ٿين، ته پوءِ سندن شاعريءَ ۾ مجبوريءَ، بيوسيءَ ۽ پريشانيءَ جا تاثرات نمايان هوندا آهن. رومانوي شاعرن جي نظريي مطابق، جيئن ته شعر چوڻ هڪ الهامي ڪيفيت آهي، تنهنڪري شاعر فقط ان وقت شعر چئي سگهندو، جڏهن مٿس اها ڪيفيت طاري ٿيندي. مولانا روميءَ به اهائي ڳالهه چئي آهي ته ”شاعري جزويست از پيغمبري“. يا جيئن شاهه سائين فرمائي ٿو:
”جي تو بيت ڀانئيان، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.“
رومانوي شاعريءَ جي انهيءَ طويل ذڪر ڪرڻ کانپوءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ شاعريءَ جا ڪيترائي عنصر شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ موجود آهن. انگريزي رومانوي شاعريءَ مطابق، شاهه جي شاعريءَ ۾ به تخيل ۽ تصور کي گهڻي ۽ بنيادي اهميت حاصل آهي. فرق رڳو هيءُ آهي ته رومانوي شاعرن پنهنجي شاعراڻي نظريي ۽ شاعراڻي ڪيفيت جي وضاحت ڪئي آهي، ۽ شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ بابت رڳو ڪن هنڌن تي نازڪ ۽ نفيس اشارا ڏنا آهن. ان هوندي به، شاهه جي ڪلام پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ اُهي سمورا شعر اعليٰ پيماني تي موجود آهن، جيڪي رومانوي شاعريءَ جو بنياد آهن. روحاني جستجو، حقيقت جي ڳولا ۾ پاڻ وڃائڻ ۽ حقيقت سان هڪ ٿي وڃڻ، وري ان کان پاڻ کي پري سمجهي بيحد اداس ۽ بيقرار ٿيڻ، هن دنيا کي نه سمجهڻ، کان متاثر ٿيڻ ۽ انهن جي دلفريبيءَ ۽ دلڪشيءَ تي غور ۽ فڪر ڪرڻ: مطلب ته شاهه سائين جي ڪلام۾ اُهي سمورا عنصر موجود آهن، جن جي ڪري مغربي رومانوي شاعرن ادب جي دنيا ۾ عالمي شهرت حاصل ڪئي.
حقيقت ۾ شاهه سائينءَ جو مرتبو انهن رومانوي شاعرن کان گهڻو اوچو ۽ مٿانهون آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ نه فقط هڪ اعليٰ درجي جو شاعر آهي، بلڪه هڪ صوفي ۽ ولي پڻ آهي.

(سوکڙي، جرنل: ترتيب شمشير الحيدري، سنڌي شعبو، يونيورسٽي آف سنڌ، 1964ع)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ انگريز رومانوي شاعر: تقابلي جائزو

عارف ۽ صوفي شاعر شاهه عبداللطيف پنهنجي ٻالڪپڻ کان ئي خدا جي ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهيو. گوشه نشيني کي پسند ڪندو هو ۽ پنهنجي پرهيزگاري ۽ تقويٰ جي ڪري مشهور هو. هو ايڏو ته خلوت پسند هو جو سندس زندگي جيتوڻيڪ سنڌ ۾ مغلن کان ڪلهوڙن جي راڄ جي تبديليءَ واري زماني ۾ گذري رهي هئي، پر سندس ايڏي ضخيم رسالي ۾ ان وقت جي سياسي واقعن بابت ڪٿي به ڪجهه لکيل نظر نٿو اچي. ايڇ.ٽي. سورلي پنهنجي مشهور ڪتاب ”ڀٽ جو شاهه عبداللطيف“ ۾ هن صوفي شاعر جي باري ۾ لکيو آهي ته ”هن کي پنهنجي دور ۾ رونما ٿيندڙ واقعن سان ڪا به دلچسپي ڪانه هئي، مگر هن کي جدا جدا ابدي ڳالهين سان دلچسپي هئي جي سندس امر بيتن لاءِ بهترين موضوع بڻيون. “
ايڪانت حاصل ڪرڻ لاءِ هن انهيءَ هنڌ پنهنجو هڪ مسڪن ٺاهيو، جنهن کي ”ڀٽ“ سڏيو ويندو هو، جيئن هو باقي زندگي ياد الاهيءَ ۾ ۽ سڪون ۽ خاموشيءَ سان پنهنجا شعر ۽ بيت لکي سگهي. غلام شاهه ڪلهوڙي هن جي تربت مٿان هڪ خوبصورت مقبرو جوڙايو، جتي بقول ايڇ. ٽي. سورليءَ جي ”جتي هر سال ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿئي ٿو ۽ هن بي مثال عظيم تخيلاتي فن جي هن عظيم انسان ميدان تي عقيدت جا گل چاڙهين ٿا. عوامي اجتماع جي اهڙي موقعي تي سندس بيتن مان سندس عظمت جي ياد تازه ٿئي ٿي:
ساري رات سبحان،جاڳي جن ياد ڪيو،
انهن جي عبداللطيف چئي،مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچيو ان جي.
شاهه عبداللطيف جو رسالو سنڌي زبان جو مستند ڪتاب آهي. اهو خاموشيءَ ۾ يا عام ماڻهن جي اڳيان پڙهيو وڃي ٿو ۽ ان جا گهڻي ئي بيت سڄيءَ سنڌ ۾ گهڻي چاهه ۽ محبت سان ڳايا به وڃن ٿا. ائين معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ ماڻهن جا ئي جذبات ۽ امنگون رسالي جي آسان ۽ خلوص سان ڀريل لفظن ۾ سمايل آهن ۽ انهيءَ ڪري اهي سندن دلين تي گهرو اثر ڪن ٿا. سندس موسيقي ۽ ميٺاج هڪ منفرد نموني ۾ ماڻهن جي دلين تي اثر انداز ٿين ٿا.
ابتدا ۾ شاهه صاحب کي انگريز رومانوي شاعرن سان ملائڻ شايد بلڪل بي جوڙ نظر اچي، مگر اهو انهيءَ صورت ۾ آهي جيڪڏهن لفظ ”رومانيت“ کي ان جي تنگ ۽ محدود مطلب ۾ ورتو وڃي. انهيءَ لفظ جو دائرو جيئن اهو اوڻهينءَ صديءَ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو ۽ اڃان به استعمال ٿيندو رهي ٿو، تمام وسيع آهي ايتري قدر جو اديبن ۽ نقادن کي اهو چوڻ ڏاڍو مشڪل پيو لڳي ته تخيل پرستي حقيقت ۾ ڇا آهي؟ ارونگ بيبٽ (Irving Babbit) مطابق ”اهو لفط ديسي زبانن جي شجاعت وارين آکاڻين سان لڳايو ويو.“ اهو ساڳيو ليکڪ وڌيڪ چوي ٿو ته ”رومانوي سدائين ڪنهن ولوله انگيز ۽ بينظير جي تلاش ۾ هوندو آهي ۽ اهو لاعلاج الميه ٿئي ٿو. هي جذباتي به ٿئي ٿو ته تصوراتي ۽ خودرو ٿئي ٿو. رومانيت، تلاش ۽ اڻ ڏنل ميوي چکڻ جي تمنا آهي. ائين کڻي چئجي ته رومانيت ڪنهن ان ڏنل منزل ماڻهن جي پيار ۽ جستجو جو نالو آهي. ٻين لفظن ۾ روحاني دنيا جي اسرار ۾ گم ٿيڻ رومانيت آهي. رومانيت، اهڙي دنيا جي تلاش ڪرڻ ۽ انهيءَ ۾گم ٿيڻ آهي، جيڪا ٻاهرينءَ اک سان نٿي ڏسي سگهجي پر انهيءَ جو مشاهدو دل جي اک سان ماڻي سگهجي ٿو. جي تجربو لامحدود آهي ۽ لافاني آهي.
رومانيت ۾ يقين رکندڙن جو اهو ويساهه آهي ته جڏهن خيال ڪم ڪري ٿو ته هو هڪ اهم ۽ مختلف قسم جي سج کي ظاهر ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو مجبور ٿي ويا ته روح جي دنيا کي ڳولهين جنهن ۾ هنن جو يقين آهي. هن زندگيءَ جي مطلب کي سمجهڻ لاءِ هنن چاهيو ٿي ته پابند ڪرڻ واري حقيقت ۾ داخل ٿي ان جي اسرار کي ڳولهڻ لاءِ شاعر کي احساس جي دنيا جي ذريعي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ اهو خيالي طاقتن کي عمل ۾ آڻڻ جو هڪ ذريعو آهي. نفس دنيا کي ڌيان ۽ پيار وارين اکين سان ڏٺو ايستائين جو دنيا هنن کي اهڙي نموني سان متاثر ڪيو جو هو اعليٰ ۽ برتر نظام ۾ اچي ويا. رومانويت کي انهيءَ لحاظ سان ڏٺو وڃي ته پوءِ انگريز رومانوي شاعرن ۽ شاهه عبداللطيف جي وچ ۾ ڀيٽ جو نڪتو ملي وڃي ٿو.
صوفين وانگر رومانوي شاعرن جو به اهو يقين آهي ته فطرت جا ٻاهريان مشاهدا ۽ احساس ٻاهرين شين جي ڳولها ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. شاعر کي پنهنجي ذهني، جذباتي ۽ خيالي صلاحيتن کي ڪنهن خاص مقصد تي مرڪوذ ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ سونهن، رنگ، راڳ ۽ ميٺاج موجود آهي. ا هي شيون شاعر ۾ خوش ڪندڙ احساس پيدا ڪن ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ وجد ۽ بيخودي جي ڪيفيت پيدا ٿيو وڃي. انهيءَ وجد جي حالت ۾ ئي ان تي زندگيءَ ۽ موت جو راز ظاهر ٿئي ٿو ۽ هو ڏسي ٿو ته پردي جي پٺيان ڇا آهي. اهو هنن تخيل جو تجربو آهي جو هو دنيا جي اعليٰ مشاهدن ۾ ڏسي ٿو ۽ اهي ئي رمزن، خيالي قصن ۽ زبان جي ذريعي پنهنجي پڙهندڙن تائين هڪ گهري راز ۾ ڍڪيل زبان سان پهچائي ٿو. مگر هو جو ڪجهه ڏسي ٿو سو ڪڏهن به نٿو ٻڌائي ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ کي ٻڌائڻ نٿو گهري يا هو ٻڌائي نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن شاعر شعر چوڻ شروع ڪري ٿو ته ان وقت هن جو ذهن هڪ اجهامندڙ ڪوئلي وانگر ٿئي ٿو.
روماني شاعر جي ان ڪيفيت کي صوفيانه زبان ۾ ”وجهه“ چيو وڃي ٿو. هي ئي اها حيثيت ۽ منزل آهي جتي هو مشاهده نگار ٿي وڃي ٿو؛ ۽ هو پنهنجي پيغمبر جي قريب ٿي وڃي ٿو. رومانيت جي انهيءَ وصف جي روشني ۾ چئن مکيه رومانوي شاعرن ورڊ س ورٿ، شيلي، بائرن ۽ ڪيٽس مان صرف شيلي ۽ ورڊ س ورٿ جي شاعري کي شاهه لطيف جي شاعري سان ڀيٽي سگهجي ٿو. بائرن صرف احساس لاءِ زنده رهيو ۽ ڪيٽس جيڪڏهن وڌيڪ جئي ها ته يقيناً هن مادي دنيا جي موهه کان گهڻو پري رهي ها، ڇاڪاڻ ته سندس جيڪا ڪجهه شاعري موجود آهي ان مان صاف ظاهر آهي ته هن جي دل ۾ سونهن ۽ سچ کي امر ڪرڻ جي آرزو هئي. ٻنهي ورڊس ورٿ ۽ شيلي جو اهو يقين هو ته شاعر کي انسان ذات کي پهچائڻ لاءِ هڪ پيغام ڏنو ويو آهي ۽ انهيءَ ڪري اهي شاعر کي روشن ضمير سمجهندا هئا. ورڊس ورٿ لاءِ شاعري اعليٰ دماغن جي بهترين خوشيءَ ڀريل لمحات جو رڪارڊ آهي، مگر شيليءَ جو خيال هو ته شاعري اسان ۾ ئي مقدس فطرت جي فهم جي هڪ صورت آهي. شاهه عبداللطيف انگريز رومانوي شاعرن وانگر فطرت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجن خيالن جي اظهار جو ذريعو سمجهي ٿو. اسان کي فطرت جا خوبصورت ۽ پيار ڀريل داستان ڏنا ويا آهن مگر فطرت کي محض هڪ چٽيل نظاري يا پس منظر ۾ استعمال نه ڪيو ويو آهي، هوءَ شاعر جي جذبات ۽ احساسات ۾شريڪ رهڻ چاهي ٿو. ”سر سهڻيءَ“ ۾ هوءَ غمگين آهي، آسمان ڪڪرن سان ڇانيل آهي ۽ سمنڊ ۾ طوفان برپا آهي ڇاڪاڻ ته سهڻي جلدي سامونڊي جانورن جو کاڄ بڻجڻ واري آهي.
انگريز رومانوي شاعرن وانگر شاهه عبداللطيف به خيالي آکاڻين ۽ نشانين کي استعمال ڪري ٿو. عوامي قصن ۽ آکاڻين کي وٺي پنهنجي ذهني ڪيفيت بيان ڪري ٿو. جمالياتي شاعرن وانگر شاهه عبداللطيف داخلي طرز جو شاعر آهي جيتوڻيڪ هو اڪثر پنهنجي سورمين جهڙوڪ سسئي، مارئي، سهڻي ۽ ٻين جي منهن مان پنهنجي متعلق ڳالهائي ٿو ۽ اُهي ئي سندس امنگن ۽ تمنائن کي پيش ڪن ٿيون جنهن مان داخلي عنصر ظاهر آهي.
رومانوي شاعرن به ارڙهين صديءَ ۾ سندن مٿان ٿوپيل شاعراڻي انداز، موضوع، مضمون ۽ ٻوليءَ جي سختين خلاف بغاوت ڪئي هئي. هنن پنهنجن مقصدن ۽ نمونن لاءِ ڪهاڻين، ڪردارن، ادب ۽ عام ماڻهن جي زبان اختيار ڪئي. ساڳيءَ طرح شاهه عبداللطيف اظهار لاءِ انهيءَ زماني ۾ استعمال ٿيندڙ فارسي ترڪيبن ۽ طرزن کي استعمال نه ڪيو ، پر ممڪن حد تائين ڳوٺاڻي ۽ ڪڙميءَ جي زبان استعمال ڪئي ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ قرآني آيتن کي استعمال ڪيو.هن عام ماڻهن جي موضوعن کي کنيو ۽ هن جي تجربن کي شعري زبان ۾ آڏو آندو. سر مارئي ۾ هن مارئي جي ملڪ جي عام زندگي کي پيش ڪيو. هن فطرت جي حسن کي جيئن فطري انداز ۾ ڪنهن تصنع بغير ڏنو تنهن انداز ۾ پيش ڪيو. رومانوي شاعرن وانگر شاهه صاحب کي به انسان کان اڻ ڇهيل فطرت متاثر ڪري ٿي.
رومانوي شاعرن وانگر هن به پنهنجي بيتن ۾ وزن ۽ بحر جي مختلف نمونن کي استعمال ڪيو، هنن وانگر شاهه صاحب به ڪنهن دليل سان نه پر يقين سان زنده رهي ۽ مشاهدي ۾ روحاني اثر حاصل ڪيو. ڪن صورتن ۾ ورڊس ورٿ، شاهه عبداللطيف جي تمام قريب اچي ٿو .پر هنن ۾ هڪ وڏو اختلاف آهي. شاهه صاحب وٽ موضوع دنيا ۾ اچڻ جو ذريعو پيار آهي مگر ورڊس ورٿ کي اها فطرت جي تصور سان ملي ٿو. هتي شاهه عبداللطيف افلاطون ۽ شيلي جي قريب آهي. ٻنهي ورڊس ورٿ ۽ شاهه عبداللطيف جو انساني روح جي اڳين موجودگيءَ ۾ يقين آهي جيئن ورڊس ورٿ چوي ٿو:
Our birth is but a sleep and a forgetting:
The Soul that rises with us, our life's Star,
Hath had elsewhere its setting,
And cometh from afar.
(اسان جو جنم هڪ ننڊ ۽ ويسر آهي، روح جو اسان سان گڏ اٿي ٿو، اسان جي
زندگيءَ جو چنڊ آهي. ان جو غروب ڪنهن ٻئي هنڌ هو، ۽ عقب مان اچي ٿو“)
روح کان اڳ وجود بابت شاهه لطيف سهڻيءَ جي واتان چوائي ٿو:
الست ارواحن کي، جڏھن چيائون،
ميثاقان ميھار سان، لڌيون مون لائون،
سو موٽي ڪيئن پاھون، جو محفوظان معاف ٿيو.
حسن ۽ فطرت جي عڪاسي ڪندي ورڊس ورٿ هن رنگارنگي ۾به وحدت جو وجود ڏنو. هن لکيو:
And I have felt
A presence that disturbs me with the joy
Of elevated thoughts; a sense sublime
Of something far more deeply interfused,
Whose dwelling is the light of setting suns,
And the round ocean and the living air,
And the blue sky, and in the mind of man.
(۽ مون محسوس ڪيو آهي هڪ موجودگي جا مونکي خوشيءَ سان پريشان ڪري ٿي. بند خيالي مان عاجزيءَ جو احساس ڪنهن شيءِ جو جنهن جو اونهو ميلاپ جنهن جو گهر غروب ٿيندڙ سج جي روشني آهي. ۽ گول سمنڊ ۽ زنده هوا۽ نيرو آسمان، ماڻهوءَ جي ذهن ۾)
شاهه لطيف اهڙي فڪر کي وڌيڪ سولي ۽ مختصر ترين انداز ۾ پيش ڪيو:
”وحدت تان ڪثرت ٿي،ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو ٻولي ٻي م ڀل،
هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.
ورڊس ورٿ پنهنجي نظم The Preclude ۾ چوي ٿو ته هو جڏهن 10 سالن ۾هو تڏهن به هو قدرتي شين کي ڏسي، هو کان انهيءَ حد تائين متاثر ٿيندو هو جو هُو هن مادي دنيا کي بلڪل وساري ويهندو هو: ”انهيءَ وقت به آءٌ فطري تخليق ۾ ايترو مستغرق ٿي ويندو هوس ڄڻڪ انهن جي پئداش کان وٺي هنن سان لؤن لڳل هئي.” Memorable Poup ۾ ورڊس ورٿ لکي ٿو:
My heart was full; I made no vows but vows
Were then made for me; bound unknown to me
Was given, that I should be, else sinning greatly,
A dedicated Spirit.
(اوچتو منهنجي مٿان هڪ عڪس پيو، سو وري وري فاني عڪس کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جي مطابقت شايد ابدي آهي)
پر شاهه لطيف خالق سان پنهنجو تعلق خاص صوفياڻي انداز ۾ هن ريت ٻڌائي ٿو:
نڪا ڪن فيڪون هئي نڪا ٻي پچار،
ملڪن کان به مهند هئي توڏي جي تنوار،
محبت ساڻ ميهارلائي لنئون لطيف چئي.
پر ورڊس ورٿ جي ابتڙ، شاهه لطيف جو فڪر، وڌيڪ اونهو آهي۽ هو انهي مشاهدن جي آڌار تي ڪڏهن به پنهنجا خيال نٿو بدلائي، هو آخر دم تائين انهي تي قائم آهي. وردس ورٿ آخري ۾ پنهنجن سمورن ديني عقيدن ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو.
شاهه جي شعر جي خوبي هي آهي ته اها حزن ۽ ملال جي رس سان ڀريل آهي. اهو جذبو هن مسلسل تلاش ۽ محبوب جي ڳولا وسيلي هٿ ڪيو. شيلي ۽ ورڊس ورٿ جي جيئن شاعري خشڪ ناهي، تيئن شاهه لطيف جي شاعري جذبانيت سان ڀريل آهي. آخري ڏينهن ۾ شيلي به عشق جي ذريعي حسن لطيف کي “ابدي” سمجهي ٿو. شيلي ۾ تجسس جو ذريعو به ناڪامي آهي. هو چوي ٿو:
The desire of the moth for the star,
Of the night for the morrow,
The devotion to something afar
From the sphere of our sorrow?
هن ئي خوبي جو عڪس شاهه لطيف جي هن لازوال بيت مان ملي ٿو:
ڏوريان، ڏوريان مَ لهان! شال مَ ملان هوت،
من اندرجا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي.
شيلي جيئن جيئن زندگي گذاري ٿوتيين تيئن هن جو ديني عقيدو بدلجي وڃي ٿو. هو حقيقت جي قريب پهچندو ٿو وڃي Adonais ۾ هو چوي ٿو:
The One remains, the many change and pass;
Heaven’s light forever shines, Earth’s shadows fly;
Life, like a dome of many-coloured glass,
Stains the white radiance of Eternity
(چنڊ لاءِ چڪور جي خواهش هن غم جي دنيا کان گهڻو پري ڪنهن لاءِ وقف ٿي وڃڻ جي خواهش آهي.)
شاهه لطيف ساڳي وجود جي فلسفي کي نهايت سولي طريقي ۽آسان ٻوليءَ ۾ سمجهائي ٿو ۽ ڪائنات جي هر تخليق ۾ حق کي ڏسندي چوي ٿو:
ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون
ساڳئي فڪر کي ٻئي اثرائتي انداز سان فرمايو:
ڪوڙين ڪايائون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ،
جِيءُ سڀڪنهن جيءُ سين، دَرسن ڌارون ڌارَ،
پِريم، تنهنجا پارَ، ڪهڙا چَئي ڪيئن چوان.
شيلي، ورڊس ورٿ ۽ شاهه لطيف ۾ وڏو فرق هي آهي ته شاهه پنهنجي لافاني حق جي ڳولا ۾زندگي گذاري، منزل ماڻي ٿو، جتي شيلي ۽ ورڊس ورٿ پنهنجي جستجو ۽ تلاش کان هٽي وڃن ٿا. شاهه لطيف انهي جستجو کانپوءِ جنهن نتيجي تي پهچي ٿو انهي تي هميشه ڪاربند آهي. شاهه نيٺ انهي معراج تي پهچي ٿو جتي خالق ۽ مخلوق هڪ ٿي وڃن ٿا، عاشق کي محبوب ۾ ڏسي ٿو:
جان پيهي جان پاڻ ۾،ڪيم روح رهاڻ،
تان نڪو نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ،سسئي تان سور هئا.”
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
وَهمَ وِرساياسِ، ناتَ پُنهون آئوُن پاڻَ هُئي،
پاڻُ وِڃايُم پانهنجو، پَئي پِرِيان جي پاسِ،
رَتي عِلَمِ نه راسِ، ڌاران پَسَڻَ پِرينءَ جي.
۽ جڏهن دريا سهڻيءَ کي پنهنجي شڪار طور واپرائي (ٻوڙي) ٿو ته، هن کي ڄاڻ ٿي ٿئي ته:
”ساهڙ، سا سهڻي، سائر پڻ سوئي،
آهي نجوئي، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي.“

(مترجم مختيار ملاح)

شاهه جي مارئي

شاهه عبداللطيف جو سمورو ڪلام وڻندڙ ۽ ٻول عام ڪهاڻين ۽ ڏندڪهاڻين جي روپ ۾ تمثيلي آهي. اسان جي صوفي شاعر، روح جو پنهنجي اصل کان جدا ٿي هن دنيا ۾ پڻ، هتي جي طرح طرح جي آزمودن ۽ غلط فهمين ۾ مبتلاٿيڻ، ۽ ان مان سبق پرائي وري پنهنجي اصل سان ميلاپ ڪرڻ جو منظر اسان جي سامهون رکيو آهي. پاڻ مون کي خالص ڪرڻ ۽ جرڪائڻ لاءِ ان کي باهه مان ٽپائڻو ۽ ڳارڻو پوندو آهي، انهيءَ طريقي سان روح کي جدا جدا آزمودن مان لنگهي، هزارين آزمائشن کي منهن ڏيئي، سون وانگر اجري، پنهنجيءَ منزل مقصود تي پهچڻو آهي. شاهه صاحب انهيءَ سموري سرشتي کي سر مارئيءَ ۾ هنن لفظن ۾ بيان فرمائي ٿو:
سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏڦرا، مٿي ماڙين مينهن،
واجهائي وصال کي، ٿيس تهوارون تيئن،
نير منهنجو نينهن، اوجاري اڇو ڪيو.
روح جي انهن اڳتي وڌندڙ ۽ ترقي پذير منزلن جا مثال شاهه صاحب پنهنجي هر هڪ سورميءَ سان پيش ڪيا آهن. پهرين منزل اُها آهي، جنهن ۾ انسان دنيا جي هر نئين ڏيک ويک تي موهجي، پنهنجو اصل مقصد ان تان قربان ڪريو ڇڏي. جيئن ليلا هار مٿان موهجي، چنيسر جو پيار صدقي ڪري ٿي، پر پوءِ يڪدم پڇتاءُ ظاهر ڪري ٿي، ۽ مٿس واضح ٿي ٿو وڃي ته کانئس ڪهڙي نه وڏي خطا ٿي ويئي آهي. جڏهن اهو محسوس ڪري ٿي ۽ پڇتاءُ ظاهر ڪري ٿي، پاڻ کي جلائي ۽ پچائي ٿي، تڏهن کيس معافي ملي ٿي. ٻي اها منزل آهي، جڏهن مومل پنهنجيءَ دل کي ڪجهه تسڪين ڏيڻ لاءِ ڀيڻ کي راڻي جي لباس ۾ پاڻ وٽ رکي ٿي. اها به روح جي ڪمي آهي، جو انسان پنهنجو پاڻ کي ڄاڻي ٻجهي فريب ۾ رکي ٿو. ان کان پوءِ ٽين منزل اها آهي، جا سسئيءَ کي طي ڪرڻي پيئي. پنهنجيءَ هڪ معمولي غفلت کان کيس ننڊ کڻي ٿي وڃي، ۽ حالتن جي پوري جائزي نه وٺڻ ڪري، ايتريون تڪليفون ڏسي ٿي. بهرحال، جڏهن پنهنجي ڪمزوري محسوس ڪري ٿي، ان تي پڇتائي ٿي ۽ تڪليفون صبر سان برداشت ڪري ٿي، تڏهن وڃي پنهنجو مقصد حاصل ڪري ٿي. اُن کان پوءِ روح کي وري اُها منزل درپيش اچي ٿي، جا سهڻيءَ جي تمثيل ۾ شاهه صاحب ڪري ٿو. هن منزل ۾ روح پنهنجي اصليت کان ڪنهن به وقت غافل نٿو رهي. دنيا سندس راهه ۾ هر طريقي جون مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون وجهي ٿي، جن کي هو نج سمجهي، پنهنجي نصب العين ڏانهن وڌندو ٿو رهي. ان کان پوءِ اها منزل اچي ٿي، جنهن جي تمثيل ”مارئي“ آهي. هن جي منزل ۾ روح پنهنجين خامين ۽ ڪوتاهين کان نه، بلڪه دنيا جي مخالف طريقن جي ماتحت تڪليفن ۾ پوي ٿو، پر ارادي تي مستقيم رهڻ سان، آخر پنهنجي مقصد کي حاصل ڪري ٿو. روح جي هن عجيب ۽ غريب سفر جي آخري منزل اها آهي، جا نوريءَ جي تمثيل ۾ بيان ڪيل آهي. هينئر روح بلڪل مڪمل ۽ پاڪ آهي، منجهس ڪابه ڪمي يا خامي نه آهي، ۽ اهڙي روح جي تلاش خود روح ڪائنات کي آهي، جو آخر کيس ڳولي لهي ٿو ۽ پاڻ سا هڪ ڪري ٿو. اهڙو ڪامل روح، نوريءَ وانگر، عاجز ۽ نياز جو جيئرو جاڳندو مجسمو آهي. جيئن جيئن ان جو رتبو وڌندو ٿو رهي، تيئن تيئن سندس عجز ۽ نياز وڌندو ٿو رهي. نوريءَ جو ڪردار عزازيل جي ڪردار جي برعڪس آهي.
سر مارئي، شاهه صاحب جي ٻين سرن کان مختلف آهي. هن سر ۾ شاهه صاحب هڪ پاڪ ۽ لاثاني جذبو ڏيکاري ٿو، جيڪو حب الوطنيءَ جو جذبو آهي. وطن جي حب جو جذبو، هڪ نهايت اعليٰ ۽ تعريف لائق جذبو آهي. مارئي هڪ غريبڙي، ڌنارن جي ڇوڪري آهي، پر نهايت بلند اخلاق جي مالڪ آهي. هوءَ نه رڳو هڪ سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري آهي، پر ارادي جي پختي آهي، ۽ نهايت ئي باشعور آهي. ان سان گڏ وري بهادر ۽ رحمدل به آهي. عمر جڏهن هڪ مسافر جي روپ ۾ کانئس پاڻي ٿو گهري، ته هوءَ ٻين ڇوڪرين وانگر هن اجنبيءَ کان ڊڄي نٿي، پر رحم کائي کيس پاڻي پياري ٿي. جيتوڻيڪ انهيءَ دليريءَ ۽ نيڪيءَ جي کيس نهايت ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.
جڏهن مارئي پاڻ کي عمر جي محل ۾ قيد ڏسي ٿي، تڏهن به سندس شجاعت ۽ ارادي جي پختگي اهڙي آهي جو عمر سندس عزت ڪري ٿو، ۽ کيس سوچڻ جي مهلت ڏئي ٿو. انهيءَ دوران هو طرحين طرحين لالچائڻ جا طريقا ۽ سختيون پڻ اختيار ڪري ٿو، پر مارئي نڪا پنهنجي وطن کي وسارڻ لاءِ تيار آهي، نه ماروئن کي، ۽ نه کيت کي. پنهنجا اباڻي ڪپڙا، جي هينئر ميرا ۽ ڦاٽل ٿي ويا آهن، سي به لاهڻ لاءِ هوءَ تيار نه آهي، ۽ نه وارن ۾ تيل وجهڻ لاءِ راضي ٿئي ٿي.
سَهَسين سيبا ڪَنجُرِي، لوئِي لِيڙُون لِيڙَ؛
واسي وارَ نه ويڙِهيان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ؛
مارُوءَ جي مُهاڙِ رِءَ، اَندَرُ ناهِ اُڪِيرَ؛
هَهِڙو حالُ هَميرَ، وٺي شالَ ويڙهِ وَڃان!
عمر کيس محل ۽ ماڙيون، سون ۽ سينگار پٽ راڻي جو رتبو ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه آڇي ٿو، پر مارئي جواب ٿي ڏئيس:
ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.
ٿورو سوچي ڏسو، هڪ غريب ٻڪرار ڇوڪري تنهن کي وقت جو بادشاهه راڻي ڪرڻ لاءِ نهايت شوق آهي، ۽ ان لاءِ هو هر قسم جي ڪوشش آزمائي ٿو، آخر کيس هڪ ڌنار ڇوڪريءَ جي آڏو سر جهڪائڻو پوي ٿو. اها مارئيءَ جي لاجواب ڪاميابي آهي. اها ئي پڪار آهي ته:
ويڙهچي ڏي ويندي، عمر آءُ ماروئڙن ڏي ويندس،
سڱر ساهيڙين سين، ساڻيهه منجهه سٽيندي،
اُناهه ميهه ملير ۾، ڌڳا ڌٻڙ ڌئندي، ڏيهه ڏاڏاڻين پکڙين.
اهو عام خيال آهي ته مارئي هڪ اڻپڙهيل، جاهل گنوار ڇوڪري هئي، پر شاهه صاحب جي هنن لفظن ۾ ظاهر آهي ته مارئي لکڻ ۽ پڙهڻ کان به واقف هئي ته:
الا اوٺي آڻين، جي نياپا نين،
آءٌ اُنين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين،
مس منهنجي هٿ ۾، ڪاغذ ڪي آڻين،
لڙيون نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي.
مارئيءَ جي هيتري سڪ ۽ اڪير رائگان نٿي وڃي شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”تون جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.“
آخر اباڻن جي پاران اوٺي اچي ٿو، ۽ مارئيءَ کي وڃي سموري خبر ڏئي ٿو ته ملير ۾ مينهن پيا آهن. مارئي روز ڪوٽ جي ڪنگرن مان انتظار سان پيئي اجهائيندي هئي ۽ ڳوڙها پيئي ڳاڙيندي هئي، تنهن جي بيچينيءَ جي حد نه رهي، جيڪا سڄو ڏينهن ويٺي اهي پور پچائيندي هئي ته سندس ماروئن ۽ ملڪ جو الائي ڪهڙو حال هوندو، سا بي انتها خوشيءَ وچان اوٺيءَ کان پڇي ٿي:
جَيڪُسِ اُٺا مِينهَن، مُنهان پوءِ مَلِيرَ ۾
ڪالَ سَڄو ئي ڏِينهَن، مُهِجَي اَکَڙِِيَنِ اُڪِيرِيو.
وري ورجائي ٿي پڇي:
سَچُ ڪِ اُٺا مينهن، مونهان پوءِ مِليرَ ۾،
ڏوٿِيَنِ لائِيا ڏينهن، پَهِرِيا جي پُسِيءَ کي
مينهن جي موسم ۾، ٿر، بر جي بدران، قدرتي گلستان بڻجي پوندو آهي. جتي ڪٿي ساوا گاهه ۽ سهڻا گل ڦل نڪري نروار ٿيندا آهن، ۽ ٿر جو هر باشندو طرح طرح سان رسمي طريقن سان خوشيءَ جو اظهار ڪندو آهي. وطن جي حب ۽ وفاداريءَ جو اهڙو ٻيو مثال دنيا جي ادب ۾مشڪل ئي ملندو. مارئي پنهنجي ٿر بر جون ڀٽون، وارياسيون زمينون، ڍٽ ۽ پٽ، ڪرڙ ۽ ڪانڍيرا، ٿوهر ۽ ٿوهر، مڃر ۽ مڪ، ڏٿ ۽ ڏونرا، ساٿون ۽ پڪا ۽ پڪ، کاٽونبا ۽ ميها، چڻا ۽ ڇيلڙا، کر ۽ کٿا، کاهيون ۽ کوهيون. مطلب ته وطن جي هر اعليٰ کان اعليٰ شي محلن جي عيش ۽ آرائش جي شيءِ ۾ ڪجهه به نٿي سمجهي. مارئيءَ لاءِ اهي سڀ حرام آهن، ۽ هر وقت ائين پيئي چوي ته جهڙي آئي آهيان، تهڙي ئي شل موٽي وڃان. انهن ئي ڪپڙن ۾، انهيءَ ئي لوئي ۾، اهڙن ئي حالن ۾! مارئي هڪ پل لاءِ به اميد نٿي لاهي، اها مارئيءَ جي هڪ وڏي خوبي آهي، جيتوڻيڪ کيس هڪ تمام وڏي طاقت سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. ڪجهه وقت لاءِ ته کيس اهو انديشو آهي ته مارو کيس وساري ويٺا آهن، جو وٽانئن ڪوبه نياپو ۽ سنيهو ڪونه آيو آهي. سندس حالت قياس جوڳي ٿي رهي آهي. پر انهيءَ انتها نااميديءَ جي حالت ۾ به هوءَ پنهنجيءَ آس ۽ اميد کي برقرار رکي ٿي:
مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ دانهُون،
سُتي لوڪَ، لَطِيفُ چئي، ٻيئِي کَڻِجِ ٻانهُون،
لَڌِيُئِي جِتِ لائُون، سو ڏيهُه پَسَندِينءَ مارُئِي!
مارئيءَ کي وڏي اميد آهي ته ڪوٽ ۾ هوءَ ڪي ڏينهن آهي، جلد ئي پنهنجن مارن سان وڃي ملندي. آخر سندس اها اميد پوري ٿئي ٿي، مارن وٽان قاصد اميدن ڀريو نياپو آڻي ٿو:
اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
وِسارِجِ مَ وَرَ کي، پَؤُ مَ مُنڌَ مَرِي،
ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينھُن آھِيين ڪوٽَ ۾.
آخر اهو ڏينهن به اچي ٿو، جڏهن مارئي موٽي پنهنجي مارن وٽ اچي ٿي. ٻنهي ڌرين جي خوشيءَ جو ڪوئي ڪاٿو ڪونهي.
ان ريت، شاهه صاحب هن تمثيل ذريعي ڏيکاري ٿو ته روح جي زندگيءَ ۾ اهو امتحان به پورو ٿيو. آخر ۾، جتان آيو آهي، اتي موٽي وڃي ٿو. جيئن شاهه صاحب هي حوالو ٿو ڏئي: ”ڪل شيءِ ير جع الى اصلھ“، يعني هر ڪا شي پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿي.

(ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد، مئي 1967ع تان ورتل)

سر مارئي جي حقيقت

زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو واقعو پيش ايندو آهي جو جيتوڻيڪ ظاهري طور بلڪل معمولي نظر ايندو آهي، پر تڏهين به ان جو اثر دل تي هميشه رهندو آهي. طالب العلميءَ جو ڳچ عرصو لاهور ۾ گذارڻو پيو. پهرئين سال جي وقت جي ڳالهه آهي. پارسيءَ جي پروفيسر مون ڏانهن مخاطب ٿي چيو ته اوهان جي سنڌ ۾ مشهور شاعر، شاهه عبداللطيف ٿي گذريو آهي. اوهان کي انهيءَ جو ڪو بيت هن وقت ياد آهي ته ڪمسنيءَ جو وقت هئو. ادب سان واقفيت اڃا خير ڪا هئي، پر شاهه صاحب کي ڪهڙو سنڌ جو ٻچو نه سڃاڻي، سندس نالي ٻڌڻ شرط منهنجي دل ۾ وطن جي فخر ۽ حب جو جذبو ڀڙڪي اٿيو ۽ بي اختيار زبان مان هي بيت نڪري ويو. بنا ڪنهن سوچ جي ته آيا! ٻڌڻ وارا سمجهي سگهندا يا نه.
واجهائي وطن کي، ساري ساهه ڏيان،
هي سر ساڻيهه سامهون، منهنجو نج ميان،
مقامياڻي ماروئين، وڃي ٿر ٿيان،
ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
بي شڪ شاهه صاحب جهڙي هستي صرف سنڌ اندر محدود نه ٿي رهي سگهي. شاهه صاحب ڪو اقبال، ٽئگور يا خيام کان گهٽ نه ، پر درجا بلند ۽ بهتر آهي. مذڪوره شاعرن جو ڪلام مغرب توڙي مشرق ۾ مشهور و معروف ٿي ويو آهي، پر اسان سنڌين جي غفلت ۽ جهالت سببان شاهه جو ڪلام انهيءَ حد تائين نه پهچايو ويو آهي ورنه ادب جي عاشقن ته خيام جي ڪلام جو به مغربي زبانن ۾ ترجمو ڪري ڇڏيو آهي. مون کي جيڪي چند لفظ شاهه صاحب جي باري ۾ چوڻا آهن سي ادب جي هڪ نڪته بين جي حيثيت ۾ نه بلڪه هڪ معمولي سنڌي فرد جي حيثيت ۾ چوڻا آهن. ڇاڪاڻ ته هر فرد جي دل و دماغ ۾ شاهه جي ڪلام پڙهڻ سان يا ٻڌڻ سان هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ٿي، جا شايد مختلف انسانن جي طبيعت موجب مختلف هجي. پر تڏهين به قابل غور آهي.
شاهه صاحب جو ڪلام صوفيانه هئڻ جي حيثيت ۾ ٽنهين صوفي طبقن سان وابسته آهي. طريقت، حقيقت ۽ وحدانيت. عشق پهريائين مجاز جي صورت اختيار ڪري ٿو ۽ آخر ۾ وڃي عشق حقيقي ۾ تبديل ٿئي ٿو، پر هر هڪ سر ۾ عشق مجازي ۽ عشق حقيقي پهلو به پهلو هليا ٿا اچن. پوءِ پڙهندڙ پنهنجي طبيعت موافق چاهي ته ان مان حقيقت جو لطف وٺي، چاهي ته صرف مجاز مان پنهنجي طبيعت کي سير ڪري.
صوفيانه ڪلام هوندي به اهي شاهه صاحب جي ڪلام ۾ سموريون خوبيون معلوم ڪجن ٿيون، جيڪي هڪ اولين درجي جي شاعر ۾ هئڻ کپن. شعر جي موسيقي- قدرتي نظارن جو تفصيل وار بيان ۽ عشق جو بي پناهه جذبو هر هڪ سر ۾ بي انتها خوبيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. هر هڪ سر لاءِ سنڌ جي مشهور واقعن مان ڪونه ڪو واقعو ورتو اٿس ۽ جيتوڻيڪ هر هڪ واقعو جدا جدا نموني ۽ جدا جدا حالتن ۾ پيش ڪيو ويو آهي، پر اصل مقصد اهو ئي آهي. اول کان وٺي حقيقي محبوب سان محبت جو پيمان ٻڌڻ ان کان جدا ٿي نفساني خواهشن جي جدوجهد ۾ گرفتار ٿيڻ ۽ آخر ۾ نفس کي فتح ڪري ان حقيقي محبوب سان هڪ ٿي وڃڻ جنهن کي صوفي وحدانيت سڏين ٿا:
سو هي ، سو هو، سو اجل سو الله،
سو پرين سو پساه، سو ويري سو واهرو.
سر مارئي سنڌين جي لاءِ هڪ پراڻي چيز آهي، پر جيئن شراب جيترو ڪهنو اوترو ئي شرابيءَ کي وڌيڪ لذيذ محسوس ٿئي ۽ کيس وڌيڪ بدمست ڪري. تيئن شاهه صاحب جي پراڻي کان پراڻي عام کان عام بيتن جي مطالعو ڪرڻ سان هڪ عجيب ۽ نئون مٺاڻ محسوس ٿئي ٿو جو روح، دل ۽ دماغ کي، پر لطف ڪري ڇڏي ٿو.
هن سر ۾ حقيقي محبوب سان ازل کان ٿيل پيمان وفا جو هنن قرآني لفظن ۾ ذڪر ٿيل آهي:
الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم،
قالوا بلا قلب سين تڏهين چت چيوم،
تنهين وير ڪيوم وچن ويڙهيچن سان.
تنهن کان پوءِ حقيقي محبوب عاشق جي پرک لهڻ لاءِ کيس پاڻ کان جدا ڪري ٿو. شاهه صاحب مارئيءَ جي واتان انهيءَ صورت حال جي حقيقت هيئن بيان ڪري ٿو:
عمر آندي مارئي، منجهان جهنگ جهٽي
هيءَ پياڪ پيانن جي، واقف ٺاهه وٽي
جا ملڪ ماروءَ ڄام جي، سا ڪيئن هت ڪٽي
جهوپا جهانگڙين جا- ماڙيءَ ڪين مٽي
سومرا سٽي، تنهن ستيءَ وجهه ۾ سنگرين“
وري هنن لفظن ۾ فرمائي ٿو:
قسمت قيد ڪياس, نات ڪير اچي ھن ڪوٽ ۾
”وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ ٱلوَرِيدِ“ وطن آن ويندياس
مارن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏھين
عمر مارئي کي گهڻو ئي لالچائي ٿو، سمجهائي ٿو ته تون مارن کي وساري ڇڏ، هت توکي هر قسم جا سک مهيا ٿيندا، پر مارئي وسارڻ ته ماڳ ويتر رات ڏينهن مارن جي جهوريءَ رهي ٿي. پنهنجي وطن جي ادنيٰ کان ادنيٰ شيءِ کي ياد ڪري رئي ۽ رڙي ٿي.
کوهر ٿوهر ٿر , جت ساٺيڪا ۽ سٽيون
چارن ات چاھ منجها , پاسي ڦوڳن ڦر
ڪنءَ لهندم ڪر, مارو پاڻ اُپاريا
سر مارئي هن نقطي ۾ ٻين سرن کان نرالو آهي جو هن سر ۾ عشق و محبت سان گڏ وطن جي حب جو جذبو بيان ڪيل آهي ۽ شايد انهيءَ ڪري هيءَ سر عوام ۾ ٻين سڀني سرن کان وڌيڪ مقبول آهي. مارئي کي اڃان تائين ڪوبه مارن جو نياپو سنيهو نه آيو آهي. کائڻ، پيئڻ وسري ويو اٿس. ڪپڙا ۽ لوئي چيرون چيرون ٿي ويا اٿس. کانئس منهن ڏسڻ به وسري ويو آهي:
”سهسين سيبا ڪنجري، ليڙن سين لوئي
مر نه لاهيان منهنجي، ڌٻڙن تان ڌوئي
جا ماروءَ ڏني سرتي،سا لاهيان ڪيئن لوئي
عمر اگهو ئي، مون من ماروئڙن ري.“
پر تڏهين به اميد اڃان نه هاري اٿس، پر وري جڏهين عمر کيس ريجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تڏهين چوي ٿي:
سيل ڀڃڻ جي سومرا، مون کي مت مَ آڇج مير،
گهڻين ٿورين ڏينهڙين، ويندس هت حمير،
مڇڻ منجهه ملير، ڪنڌ مٿاهون نه کڻا.
انهي حالت هوندي به اڃا حقيقي محبوب عاشق صادق جي پرک جاري رهي ٿي ۽ سندس حالت ۾ ڪوبه فرق نه ٿو اچي. ڪجهه وقت لاءِ ته هو اميد به لاهي وهي ٿو:
الله ائين مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾،
جسو زنجيرن ۾، راتون ڏينهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄم ڏينهڙا.
عاشق صادق جي هيءَ حالت حقيقي محبوب جي جذبه ۽ محبت کي جوش ۾ آڻي ٿي ۽ شاهه صاحب چوي ٿو:
اوٺي کڻي آئيو، خبر هيءَ کري،
وسارج مَ ور کي ، پئج مَ منڌ مري
وسندينءَ اُت وري، ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾.“
حقيقي محبوب عاشق ڏانهن هڪ رهبر موڪلي ٿو، جو محمد مصطفيٰ صه پاڻ خود آهن. طريقت جي منزل ۾ صوفيءَ کي مرشد ڪامل جي ضرورت آهي. انهي مرشد ڪامل جي مدد سان هو حقيقي محبوب جي ڳولها ڪري ٿو. شاهه اهو مرشد ڪامل سرور ڪائنات سردار دو جهان رسول ڪريم صه کي ڪيو آهي. چه خوب: کائن وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مرشد ڪامل ٿي سگهي ٿو!! اهو ئي سبب آهي جو شاهه صاحب جي بيتن ۾ ڪلام مجيد جي آيتن ۽ سورتن ڏانهن نه صرف اشارو ڪيل آهي، پر ڪيترن هنڌن تي ته سڄون سڄون آيتون به ڪثرت درج ٿيل آهن ۽ انهيءَ ڪري شاهه صاحب ٻئي هنڌ فرمايو آهي ته:
” جي تون بيت ڀائين سي آيتون آهين“.
مرشد ڪامل ته صرف راهه ڏيکاري، حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو ۽ حقيقت جي پڪ ڏني پر عاشق صادق جي منزل مقصود اڃا پري آهي. سندس ڏک ۽ ڏاکڙا، تڪليفون ۽ سختيون اڃان وڌن ٿيون. نفس کيس ڏينهون ڏينهن وڌيڪ لالچائي ٿو، پر جيئن جيئن سختيون وڌن ٿيون تيئن تيئن عاشق صادق انهن منجهان ائين چمڪي نڪري ٿو جيئن سون اجارڻ سان:
پٽ نه پهريان سومرا، جانڪي تان جيان،
آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان،
جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو،
ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو کٿيرو ئي خوب،
ميرو ئي محبوب، اسان مارو من ۾.
وري هنن سهڻن لفظن ۾ پنهنجي سچائي بيان ڪري ٿي:
سکو سپن کان، سرتيون ريت سڪڻ جي
مڱن جو مٿان، اوري ڪن نه آسرو.
عاشق صادق کي هينئر پڪ آهي ته هو راهه راست تي آهي انهيءَ ڪري صبر ۽ استقلال سان سڀ تڪليفون سهي ٿو ۽ وصل جي وقت جو انتظار ڪري ٿو. صوفي آخر حقيقت جي منزل طئي ڪري منزل مقصود تي پهچي وڃي ٿو، جتي کيس ڪثرت ۾ وحدانيت نظر اچي ٿي. وحدانيت اها منزل آهي جنهن منصور کي اناالحق چوڻ تي مجبور ڪيو ۽ جيئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ”ونحن اقرب اليھ من حبل الوريد“ يعني ”مان اوهان کي اوهان جي ڪنڌ جي رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهيان.“
پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين،
هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
شاهه صاحب انهيءَ منزل جو ذڪر هن سر ۾ هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
مارئي ناهه ملير ۾،نڪا وٽ ھمير،
پنھو ڪونه ڪيچ ۾،نڪي سنڌ امير،
مومل ڪانه ماڙيين،گُنجي ناه فقير،
ور ڇڏيو،واھڙ تري،ساھڙ منجھ سرير،
قبن ڪينھن،پير،مُرشد مساڻن ۾.

(يادگار لطيف، 1959ع تان ورتل)

سُر مارئيءَ جون ٽي تمثيلون

شاھ عبداللطيف جي ٻين مکيه سُرن وانگر سُر مارئي به لوڪ قصي تي آڌاريل ھڪ تمثيل آھي. جيئن شيڪسپيئر پنھنجو مواد اڳ ۾ ئي موجود ڪھاڻين يا ڊرامن يا ناولن مان کڻي، ان کي نئين انداز ۾ شيڪسپيئري نگاهه (Vision)سان پيش ڪندو ھو، تيئن شاهه عبداللطيف به لوڪ ادب جي ڪھاڻين ۽ روايتن کي روحانيت (Mysticism)جي رنگ ۾ رچي پيش ڪري ٿو. اُنھن سُرن کي رڳو رومانوي ڪھاڻين طور ورتائڻ، جيئن لفظ رومانوي جو عام طور تي اطلاق ٿيندو آھي، اھو شاھ لطيف سان بي انصافي ڪرڻ برابر آھي. ڪوبه ديسي اِھو ڪڏھن به نه چاھيندو ته شاهه لطيف جي شاعريءَ کي انھيءَ نقطي نظر سان پڙھيو وڃي.
شاعر جي لفظن ۾ ڪا اھڙي اونھي ڳالهه آھي، جو توھان يڪدم اُنھيءَ حقيقت کان باخبر ٿيو ٿا ته اُنھن جي پويان ڪجهه اھم ۽ سنجيده راز لڪل آھي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جي خوبصورتي رڳو ھن جي شاعريءَ جي ردم ۾ ناھي، نڪي زبردست ردمڪ لفظن ۾ آھي، پر اُھا اُنھن لفظن جي گنڀير ۽ نازڪ معنائن جي رنگن ۾ آھي، جيڪي ٻاھرين سونھن جي پويان موجود آھن. حقيقت ڪري لفظ پنھنجي سِر نڪي اُگرا ٿين ٿا، نڪي سھڻا ٿين ٿا، اِھا معنيٰ ئي ھوندي آھي، جيڪا اُنھن جي اھميت کي وڌائيندي آھي. بھرحال انھيءَ جو مقصد اھو ڪونھي ته شاھ لطيف جي شاعري ۾ اُھي لفظ ئي ناھن، جيڪي ھم آھنگ، مٺا ۽ وڻندڙ آھن. پر ھنن اُنھن لفظن کي به استعمال ڪيو آھي، جيڪي سخت، کھرا، اڻ وڻندڙ ۽ عام آھن، صرف ان حساب سان ته اُھي ملڪ اندر عام طور تي سمجھيا ۽ ڳالھايا وڃن ٿا. لفظن کي اُن لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو ته ڪو فھم منتقل ڪجي، نڪي محض وڻندڙ يا گھربل آواز پيدا ڪجن. انھيءَ سبب جي ڪري رسالي جي مختلف حصن ۾ ردم کي ترڪ ڪيو ويو آھي، تنھنڪري اھا شاعري انگريزي شاعريءَ جي ھڪ صنف آزاد نظم (Free Verse)جھڙي بنجي ويئي آھي. اُن سان گڏ شاھ لطيف جي شاعريءَ کي ترجمو ڪندي ھميشه اھو خطرو درپيش ٿيندو آھي ته اگر اسان رڳو رِدم يا ٻين شعري تقاضائن تي پيا وڌيڪ زور ڏينداسين ۽ اُن جي ترجمي کي رڳو موسيقيءَ وارو بڻائينداسين، ته ان سان موضوع ۽ مواد جي سنجيدگي (Sobriety)گھٽجي ويندي، تنھن ڪري اھو ترجمو شاهه لطيف جي جامع روح کي بيان ڪرڻ کان قاصر رھندو. خيال آرائيءَ جي خدائي قوت جي ڪري اھي لفظ جيڪي عظيم شاعر پاڻ استعمال ڪيا آھن، سي ئي پنھنجي سِر اُھا معنيٰ ٻڌائي سگھن ٿا، جيڪا ھو چاھي ٿو ۽ ساڳئي وقت انھن سان ٻيا شعري مقصد به پورا ٿين ٿا. اِنھي نقطي نظر جي حساب سان ھن جي شاعريءَ جا ترجما اصل کان گھٽ ئي ھوندا. ھُن جا ترجما يا ته ھن جي شاعري جي موسيقي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا، ائين ان جي اھميت اڀري نه سگھندي، يا وري اُھي اُن جي معنيٰ کي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا پر موسيقي بحال رکڻ مشڪل ھوندي. شاھ لطيف پنھنجي سِر سڄي رسالي ۾ ردمڪ آھي، پر جيتري قدر بحر وزن ۽ قافين جو خيال آھي ته بعضي ھو اُن تي عمل ڪري ٿو، ته بعضي ھو بحر وزن ۽ قافيي کي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ رڳو رَدم کي ئي بحال رکي ٿو ۽ ان کي اھڙي ھيئت ۾ لکي ٿو، جنھن کي انگريزي شاعريءَ ۾ آزاد شاعري (Free Verse) سڏجي ٿو. شاهه لطيف جي شاعري، عورت جي پنھنجي محبوب لاءِ مٺي پر نستو ڪندڙ ورلاپ جھڙي ناھي، جيڪو ھندي شاعري ۾ عام جام ملي ٿو ۽ جيئن ڪجهه نوان آبادڪار اُن کي ائين ڪري سمجھن ٿا، پر اُن جي تمثيل جي سنھي لبادي جي پٺيان زندگي ۽ موت، روح جي ازل کان موجودگي، ان جي امرتا، ان جي اصليت، ان جا ھن ڌرتي تي ڪم ۽ ان جي اصل جاءِ ڏانھن موٽ جھڙن بنيادي مامرن جي ڳولا ۽ نتيجا آھن. ان ڪري ھر ھڪ مکيه سُر ھڪ تمثيل آھي، جيڪا نه فقط ھڪ معنيٰ ٻُڌائي ٿي، پر اُن جي مختلف طريقن سان توضيح ڪري سگھجي ٿي.
تنھن ڪري سُر مارئي نه فقط افلاطوني تمثيل آھي، پر ھڪ اخلاقي توڙي قومي تمثيلَ به آھي. انھن سڀني تمثيلن جو بنياد پيار آھي، جيڪو ڪائنات کي رابطي ۾ رکندڙ اعليٰ قانون آھي، پيار جيڪو دوستاڻي قوت آھي، جيڪو مرڪز گريز نه پر مرڪز مائل آھي. سُر مارئي بطور قومي تمثيل جي، ھڪ منفرد پورھيت ڇوڪريءَ جي شاعريءَ جو بيان ڪري ٿي، جيڪا پنھنجي ذات واري ھڪ نوجوان سان مڱيل آھي، ۽ کيس ھڪ بادشاهه اغوا ڪيو آھي، جيڪو اڃايل مسافر جي روپ ۾ پاڻي پيئڻ جو بھانو ڪري اچي ٿو ته جيئن اُن کي زبردستي اغوا ڪري سگھجي. ان پورھيت ڇوڪريءَ کي محل جي ھڪ ڪمري ۾قيد ۾ رکيو وڃي ٿو، ۽ کيس ڌن دولت ۽ ٻين قيمتي شين سان ھرکايو وڃي ٿو، پر ھوءَ پنھنجي ڳڻ سان سچي رھي ٿي. اِھو مڃڻو پوندو ته حاڪم عُمر، باوجود پنھنجي شروع واري ھٻڇ جي، پوءِ وري سٺي نموني سان ورتاءُ ڪري ٿو ۽ اسان جي دل ۾ پنھنجي لاءِ عزت ۽ تعريف جا جذبا جاڳائي ٿو. ھو عام لوڪ ڪھاڻين وارو ڊٽو ناھي، نڪي ڪو شودو يا شيطان صفت شخص آھي. مارئي لاءِ ھرکجڻ جا وڏا موقعا ھئا. اھڙين حالتن ۾ ان ۾ ڪو نقصان به نه ھو ته مارئي عمر سان شادي ڪري، محل ۾ راڻي ٿي رھي ھا، پر مارئي ھڪ منٽ لاءِ به پنھنجي فيصلي تان نه ھٽي. ھوءَ مڱيل ھُئي. ھُن پنھنجي پورھيتن ماروئن، ديسي جوءِ ۽ واريءَ جي ڀٽن ۽ ٿر جي ميون، موسم، ٿوري توڙي گھڻ مدتي مينھوڳي، جنھن سان ساوڪ ۽ خوراڪ جي فراھمي وڌي ٿي، جنھن جي ڪري ٿر واسين ۾ سرھائي ٿي آئي، وغيره سان پيار ڪيو ٿي. ڇا ھوءَ اِھي سڀ شيون شھزادي ۽ محل واسطي بدلائي! بنا ڪنھن ھٻڪ جي ھُن پنھنجو فيصلو ڪري ورتو ته ھوءَ پنھنجي مارن ۽ پنھنجي وطن ڏي موٽندي. حاڪم عمر کي، نيٺ پورھيت ڇوڪري جي مقصد جي سادگي ۽ يڪسوئي، پاڪائي ۽ سگهه آڏو جھڪڻو ھو. ھوءَ آخر ڪار پنھنجي ٿري مائٽن ڏانھن موٽي وڃي ٿي.
اخلاقي تمثيل طور مارئي فرد جي اختيار جي نمائندگي ڪري ٿي. ماڻھو نه رڳو ڪنھن شيءِ جي لاءِ ارادو ڪري ٿو ۽ اُنھي جي لاءِ ھو مختلف ڏکاين جي ھوندي به مستحڪم رھي ٿو، ائين ھو لازمن ڪامياب ٿيڻو آھي. ان حساب سان مارئي ڪا عام ڇوڪري نه آھي، ڇو ته ھُن اڳ ۾ ئي ھڪ قسم جي ڪاملتا جي سطح حاصل ڪئي آھي. سخت مشڪلاتن جي وسيلي ھن جي آزمائش ٿيڻي آھي، ۽ پنھنجي روح جي خاصيت کي وڌائڻو آھي. ماڻھوءَ لاءِ اھو نسبتن آسان آھي ته ھو سٺائي کي چونڊي ۽ بُرائي کان پاسو ڪري، جڏھن ھُن کي انھن ٻنھي شين مان ڪنهن ھڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آھي. پر سٺي ۽ تمام سٺيءَ ۾ چونڊ ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم ھوندو آھي ۽ اھا سخت آزمائش خاص ماڻھو جي ڀيٽ ۾ عام کان مٿڀري ۽ وڌيڪ ھوندي آھي. انھيءَ سبب جي ڪري شاھ لطيف جي مارئي ھڪ اھڙو فرد آھي، جنھن کي اعليٰ دماغ ۽ دل جون اعليٰ خاصيتون حاصل آھن. ھن جو اجھل ارادو ۽ ھُن جا فيصلا ختم ٿيڻ جوڳا ناھن، جنھن جي نتيجي ۾ ھوءَ ناممڪن کي حاصل ڪري ٿي.
افلاطوني تمثيل طور مارئي انفرادي روح جي نمائندگي ڪري ٿي. ھُن جي پنھنجي ٿر واسين ۽ ملير کان علحدگي، کيس زوريان اغوا ڪري، اٺ تي کڻي عمر ڪوٽ ڏي نيڻ وارا مرحلا، انفرادي روح جو ڪائناتي روح کان علحده ٿيڻ ۽ ھن دنيا يعني عمر ڪوٽ ۾ اچڻ جي نمائندگي ڪن ٿا، عمر ۽ ھن جا محل ۽ ٻيون آسائشون، جيڪي ھو مارئي کي آڇي ٿو، سي ظاھري طرح ھن مادي دنيا ۽ ان جي اھميت جي نمائندگي ڪن ٿا. سندس نئين آس پاس جي باوجود انفرادي روح پنھنجي اصليت کي وساري نه ٿو، سو آخرڪار پنھنجي ھن بند مان آجو ٿئي ٿو ۽ پنھجي اصلي جاءِ ڏئي واپس وري ٿو، نه فقط ھو دنياوي قيد کي بنان ڪنھن افسوس جي ڇڏي ٿو، پر ڇڏيندي ھُن کي اطمينان ۽ پنھنجي فاتحانه واپسيءَ جي متوقع سرھائي جو احساس ٿئي ٿو.
مومل راڻو ۽ ليليٰ چنيسر ۾ شاهه لطيف انفرادي روح جي ٿور وقتي قرباني ۽ پنھنجي وجود جي حقيقي مقصد وسارڻ واري خطا کي بيان ڪري ٿو. سُر مارئي ۾ اھو مقصد ٿوري وقت لاءِ به نٿو وساريو وڃي. اُن ۾ زندگيءَ جي ھر لاھن چاڙھن دوران ان مقصد کي اڳيان اڳيان رکيو وڃي ٿو.
جيتري قدر ھن سُر جي ٽيڪنيڪل پھلو جو واسطو آھي، ته اُن ۾ يارنھن داستان آھن، جن ۾ وري مختلف عددي سٽن وارا بيت شامل آھن. اڪثر بيت ٽن سٽن تي مشتمل آھن، پر اُنھن مان ڪي چئن سٽن تي به منحصر آھن. بعض اوقات بيت جون پھريون ٻه سٽون ھم قافيه ھونديون آھن، ته ڪڏھن وري پھرئين ۽ ٽين يا چوٿين، جيڪڏھن چوٿين سٽ ھوندي آھي ته، ھم قافيا ھونديون آھن. ڪن وقتن تي چارئي جون چارئي سٽون ھم قافيا ھونديون آھن. وائيءَ ۾ متبادل سٽن ۾ قافيو ھوندو آھي. تنھن ڪري اسان ڏسون ٿا ته شاهه لطيف قافين جي محدود حدن اندر پاڻ کي ٻڌي نه ٿو رکي. جيتري قدر بحر وزن جو خيال آھي ته ڪڏھن ڊگھيون سٽون، اوچتو وري ننڍين سٽن سان شامل ھونديون آھن.

(مترجم: محمد حبيب سنائي)

سُر سامونڊيءَ ۾ سمايل فلسفو

شاهه لطيف جا سڀئي سُر علامتي/تمثيلي آهن. ان ڪري هر هڪ سُر جون ڪيتريون ئي معنائون ۽ مفهوم ٿي سگهن ٿا. ڪي سُر ٻه معنائون رکن ٿا ته وري ڪي ٽي معنائون به رکن ٿا، جيئن سُر مارئي ۾ ٽي معنائون آهن. سُر سامونڊيءَ جون ٽي معنائون. هن سُر ۾ سامونڊين (مهاڻن) جي زندگي جو تذڪرو آهي هن سُر ۾ اهو ذڪر ڪيو ويو آهي ته مهاڻن جي زندگي تمام خطرناڪ آهي ڇاڪاڻ جو هُو سمنڊ جي لهرن جو مقابلو ڪن ٿا.
هنن جو ڌنڌو، ٻيڙين، رسن، لڙهن، ونجهن، ويرن ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ سان آهي. هنن سامونڊين مهاڻن جي پنهنجن پرين پيارين کان جدا ٿيڻ جو ڏک ۽ غم پڻ هن سُر ۾ ذڪر ٿيل آهي. اهي سامونڊي مهاڻا پنهنجن پرين ۽ دل وارن کان جُدا ٿي مڇي ماريندا آهن ۽ پنهنجن گهر وارن کي پويان اڪيلو ڇڏي، ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون سمنڊ ۾ رهندا آهن.
حالانڪه سمنڊ واري زندگي تمام خطرناڪ آهي، اها ايتري آسان نه آهي پر تنهن هوندي به اهي سامونڊي مهاڻا گهر واندا ڪونه ٿا ويهن ۽ روزي جي تلاش ۾ خطرن کي منهن ڏئي زندگي گذارن ٿا.
هن سُر سامونڊيءَ جو اندروني، باطني ۽ مخفي پيغام اهو آهي ته انسان جي حياتيءَ هن ڌرتي تي پنهنجي دل واري لاءِ هڪ وڏو چيلينج آهي. هن دنيا ۾ رهڻ بي بقا آهي ۽ هي دنيا فاني آهي انسان ڪڏهن به هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري سگهي ٿو. حياتي تي ڪوبه ڀروسو ڪونهي ۽ يقين ڪونه آهي خلقيندڙ (خدا تعالي) سان هر وقت هر هنڌ رابطي ۾ رهي يعني سدائين ان جو ذڪر ۽ فڪر ڪري ۽ ان جي ذڪر ۾ محو ۽ مشغول هجي، جو دم غافل سو دم ڪافر.
جيڪڏهن خدا تعاليٰ جي ذڪر کان خالي رهيو ته هو هميشه لاءِ خساري ۽ پڇتاءُ ۾ رهندو، ڇاڪاڻ جو خدا تعاليٰ هر هنڌ موجود آهي ۽ هُو ڏسي ۽ پسي ٿو.
شاهه لطيف هن دنيا جي اهميت جو انڪاري ڪونه آهي ۽ هن دنيا کي پڻ اهميت ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته دنيوي اک ۽ ڪن سوچ ويچار ۽ فڪر جي وسيلي باطني ڳجهن ۽ رازن کي ظاهر ڪن ٿا، تنهنڪري شاهه صاحب پنهنجي پسگردائي ۾ جيڪو به مشاهدو ڪري ٿو اهو انتهائي پيار ۽ محبت منجهان ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي پسگردائي ۾ ڪنهن سان ۽ ڪنهن کان به نفرت ڪونه ٿو ڪري.
شاهه صاحب جي شاعري جون سورميون “عورتون” آهن، عورت ان ڪري جو عورت سچائي ۽ خلوص جي علامت آهي. صبر ڪرڻ واري آهي، مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ واري آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي قربان ڪرڻ واري آهي.
ظاهري جسماني طرح ته عورت ڪمزور آهي، پر عورت ۾ اها خوبي پڻ آهي ته جيڪڏهن هن کان خطا ٿئي ٿي ته هو جلدي توبهه تائب ٿيندي آهي ۽ پڇتائيندي آهي ۽ پنهنجي غلطي تسليم ڪري ان جو ازالو ڪندي آهي. هن سُر سامونڊي ۾ شاهه لطيف عورت جي نفسيات ۽ اندروني ڪيفيت هڪ سامونڊي جي گهرواري جي حيثيت سان بيان ڪئي آهي. مهاڻي جي زال خوفزده آهي ته ڪنهن به وقت ٻڪريءَ جي هار، ونجهه، رسو ٽٽي پئجي سگهي ٿو:
پڳھه پاسي گهار، آيل! سامونڊين جي،
وِجهي جيءُ جنجار، جِم وڃنئي نڪري!
مطلب ته مهاڻن سامونڊين جو رسو مضبوط هجي نه ته ٽٽڻ جي ڪري هميشه کان پڇتاءُ ٿيندو. پاڻ ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
پڳهه پاسي ويهه، آيل سامونڊين جي،
تون وسري وک کڻين، هو پوريندا پرڏيهه،
سمنڊ جنين ساڙيهه، ڪوهه نه وئين تن سين.
ترجمو: سامونڊين مهاڻن جي ٻيڙي جي رسي جي ڀرسان ويهه توکي ته تڪڙ ڪانه آهي پر هنن کي جلدي آهي تون انهن سان ڇونه ٿي ويهين جن جو گهر سمنڊ آهي.
آخرڪار هڪ اهڙو ڏينهن به اچي ٿو جو سامونڊي مهاڻا سفر جو سانباهو ڪن ٿا ۽ سمنڊ جي تياري ڪن ٿا. شاهه لطيف فرمائي ٿو ته:
ننگر ۽ ناريون، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا،
بندر بازاريون، سڃا سامونڊي.
سامونڊي مسافرن پنهنجا رسن سوڌو روانا ٿيا، بندرگاه ۽ بازاريون مهاڻن سامونڊين بغير سڃ ۽ بيابان لڳن ٿا. شاهه صاحب وري عورت جي نفسيات خاص ڪري مهاڻن جي نئين ڪنوار/زال جو ذڪر ڪري فرمائي ٿو:
سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
روئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن،
مونکي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.“
وري ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته وقت تيزي سان گذرندو ٿو وڃي پر سامونڊي مهاڻا سفر کان ڪونه موٽيا سندن گهروارون ڪانو/ ڪانگ کان اچڻ جو پڇي ٿي:
تن جنين جي تات، سي سڄڻ سفر هليا
لئج لات لطيف چئي ڪڏهين ايندم ڪانگ
ڪنهن سڻائي سانگ، پرين پرڏيهي ڪيا.
جن لاءِ مان تڙپان ٿي ۽ لڇان ٿي تون انهن جي اچڻ جي خبر ڏي.
موسم سٺي تبديل ٿي آهي، هاڻي ته مهاڻن سامونڊين کي اچڻ گهرجي، شاهه صاحب فرمائي ٿو:
سَرَ لوهيڙا ڳڀيا! ڪسر نسرئا
تو ڪئين وسريا ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا.
سر ۽ لوهيڙا ڳڀجي ويا آهن، ڪسر وڌي وڏو ٿيو آهي. پرين! تون ڇو اچڻ واپس ٿيڻ وساري ڇڏيو آهي. هي ڏينهن جدائي جا ڏينهن نه آهن بلڪه گڏ رهڻ جا آهن.
شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
جي تون وَڻجارو ڪانڌُ، ته مون هَڏِ مَ لائون لَڌيُون!
پَرَڏيھَ مٿي سانگُ، اَٺئي پَهرَ جنهن ڪيو.
جيڪڏهن مونکي سامونڊين مهاڻن جي زندگي جي خبر هجي ها ته مان شادي نه ڪيان ها ڇاڪاڻ ته هو سدائين ٻاهر رهندا آهن.
وري هنن سٽن ۾ پنهنجي ماءُ کي ٻڌائي ٿو ته :
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلين،
آيو ٻارهين ماهه پن ٿو سفر سبهي.
اي سامونڊين مهاڻن جي ماءُ تو سامونڊين مهاڻن کي ڇو وڏو ڪري پاليو ۽ نپايو هي مهاڻو سامونڊي ٻارهن مهينا گذرڻ کان پوءِ واپس گهر موٽي آيو، گهر موٽڻ کان پوءِ ور ي جلدي واپس ورڻ جي تياري ٿو ڪري. هنن سٽن ۾ وري خوشيءَ جي خبر ڏئي شاه صاحب فرمائي ٿو ته:
چمڪيون چوڌار، ڌڄيون ڌاريچن جون،
ماءِ! سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار،
جنين جي پچار، ڪالهانڪو ڪانگ ڪري.
حقيقت ۾ شاهه صاحب جي شاعري ايتري به سادي ڪانه آهي سندس شاعريءَ ۾ زندگي ۽ فطرت جو گهرو مشاهدو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ عورت جي نفسيات ۽ احساسن جو پڻ گهرو مشاهدو آهي. شاهه صاحب نج سنڌي شاعر آهي، هُو هندي شاعر نه آهي هي صوفي شاعر آهي، هن جو الله تعاليٰ سان وڏو عشق ۽ محبت آهي، سندس محبت ۾ سچ ۽ سونهن ڏسي سگهجي ٿي.
اها حقيقت آهي ته شاهه صاحب جي شاعري ۾ در اصل سندس روح آهي ۽ هن جي شاعري ۾ سندس روح سمايل آهي سندس شاعري ۾ جيڪا فصاحت ۽ بلاغت آهي اها پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿي ۽ سوچ ويچار تي مجبور ڪري ٿي.
شاهه صاحب جي شاعري تي اڃان غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي سندس شاعريءَ جي ڪجهه بندن ۾ مهاڻي/ سامونڊيءَ جي زال جي ڏک، فڪر، فراق جو پڻ ذڪر ٿيل آهي ته جڏهن سندن مڙس گهر ڇڏي ٻاهر ويا ته واپس ڪونه وريا، ڇاڪاڻ جو هُو سفر ۾ ئي گذاري ويا. اهڙي واقعي جو اظهار هنن سٽن ۾ آهي ته :
وِيا اوهِرِي اوءِ، مُونکي ڇڏي ماڳَهِين؛
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه موٽيو ڪوءِ!
گُوندَرُ ماريندوءِ، ويچارِي! وِيَنِ جو.
مون نماڻيءَ کي اڪيلو ڇڏي ويا، ۽ اهڙي جاءِ تي ويا جو سندن واپس ورڻ محال آهي، هو اهڙي جُوءِ ۽ جاءِ تي ويا، جتي ڪير به ڪونه موٽيو. انهن جي جدائي ۽ پري ٿيڻ مونکي ماري ڇڏيو آهي.
اسان جي شاهه صاحب شيڪسپيئري سٽن جي پڻ عڪاسي ڪئي آهي جنهن ۾ هُو اڻ سڃاتل ۽ اڻ ڳوليل ملڪ جو ذڪر ڪري ٿو جتان ڪوبه مسافر واپس ڪونه وريو، انهن مٿين ٽن سٽن ۾ اها ڳالهه چٽيءَ طور ظاهر آهي.
اها هڪ حقيقت آهي ته انسان فاني آهي، هڪ سامونڊي مثل هن کي سمنڊ ڏانهن واپس ورڻو آهي. انسان جو هن ڌرتيءَ تي رهڻ مختصر ۽ ٿورو آهي ۽ هن کي اتي واپس ورڻو آهي جتان هو آيو هيو پر پوءِ هن فاني دنيا سان پيار ۽ محبت ڪري ٿو. هنن سٽن ۾ شاه صاحب فرمائي ٿو ته:
اَڄُ پَڻِ وَايُون ڪَنِ،وَڻِجَارَا وَڃَڻَ جُون،
ھَلَڻَ ھَارَا سُپِرين، رُئَان تَان نه رَھَنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊيَنِ،
پَڳَههه ڇوڙي جَنِ، وڌَا ٻيڙا ٻَارِ ۾.
اڄ وري سامونڊي مهاڻا وڃڻ جون تياريون ٿا ڪن آءٌ روئان ۽ رڙان ٿي ته ترسو پر هُو منهنجن ڳوڙهن ۽ روئڻ جو احساس ڪونه ٿا ڪن ۽ ڪو نه ٿا رهن. مان انهن کي ڪيئن روڪيندس، جن پنهنجا ٻيڙا تيار ڪري سمنڊ ۾لاهي ڇڏيا.

(مترجم محبوب مغيري)

برو هو ڀنڀور آرياڻيءَ اُجاريو

اسين سنڌي واسي، شاهه عبداللطيف جا گهڻن سببن جي ڪري ٿورائتا آهيون، هو نه رڳو اسان جو روحاني سونهون آهي، پر هن جي لفظن ۾ ايڏي ڏاهپ آهي، جيڪا اسان جي ڏهاڙي واري زندگي تي ته لاڳو ٿي سگهي ٿي، پر حياتيءَ کي سوڀارو به بنائي سگهندي. هو اسان جي ڪونڌرن، لوڪ ادب، اسان جي ماڻهن جي ماضيءَ جي ثقافت ۽ هنڌن جو محافظ آهي. هن نه رڳو سسئي ۽ پنهونءَ کي، پر ڀنڀور کي به لافاني بنائي ڇڏيو ۽ ان طرح هر سنڌ واسي ڀنڀور کان واقف آهي. منهنجي ناني، جيڪا دادو ضلعي جي پاٽ شهر ۾ رهندي هئي، سا ڀنڀور جي جاگرافي ۽ ان جي ٻين پهلوئن کي ڄاڻندي هئي. هن کي خبر هئي ته ڀنڀور کي ڪٿي ويجهڙائي ۾ پٻ جبل ۽ حب ندي آهن، جيڪي ڪيچ مڪران ۾ آهن ۽ اها ٺوٺ ايراضي آهي. اها سموري ڄاڻ هن کي شاهه جي رسالي منجهان ملي هئي، ۽ هن کي اها خبر هئي ته سسئي ڀنڀور جي هئي، جنهن لاءِ شاهه چيو آهي:
هوءِ جي سور سڄن، سي مون پينگهي منجهه پرائيا،
سانڍياس سکن، سورن ڪارڻ سرتيون.
اسان سڀني ان قصي کي پنهنجي ليکي پڙهيو آهي، پر ان کي گڏجي ٿا ساريون ته جيئن موقعي جي مناسبت سان هڪ جذبو تخليق ڪري سگهون. اڄ جتي هي دڙو آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ پنهنجي خوشحالي ۽ واپار کان مشهور ٿيل هڪ سهڻو شهر ڀنڀور بيٺل هو. هتي رهندڙ هڪ برهمڻ، جنهن کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو، تنهن کي سالن کان پوءِ هڪ نياڻي ڄائي. انهن ڏينهن جي رواج موجب هڪ نجوميءَ هن جي آئنده متعلق اڳ ڪٿي ڪئي ته هيءَ ڏاڍي سونهن ۽ سوڀيا واري ڇوڪري ٿيندي، پر سندس وهانءَ هڪ مسلمان سان ٿيندو. اڳ ڪٿيءَ کان ڊنل ۽ هيسيل مائٽن ڇوڪريءَ کي ڪاٺ جي هڪ صندوق ۾ وجهي سنڌو درياه ۾ لوڙهي ڇڏيو، جيڪا انهن ڏينهن ۾ اتان وهندي هئي. اها صندوق ڪجهه فاصلو پري محمد ڌوٻيءَ جي هٿ لڳي، جنهن جڏهن ان کي کوليو ته هڪ ننڍڙي خوبصورت ٻارڙي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سندس نالو سسئي رکيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”چنڊ“. هوءَ جوان ٿي ته سندس سونهن سوڀيا پنهونءَ تائين پهتي، جيڪو واپار سانگي آيل هو. پنهون، مڪران جي حاڪم جو پٽ هو، جنهن کي ڪل چار پٽ هئا، پر پنهون سڀني کان پيارو هوس. خبر ملڻ تي پنهونءَ جي تصور کي باهه لڳي وئي، ۽ چوري مشڪ ۽ عطر جو قافلو ڀرائي ڀنڀور روانو ٿي ويو. جڏهن ڀنڀور واسين کي ان قافلي جي خبر پئي، ته سسئي پنهنجي سئوٽ مريم سان گڏجي مشڪ خريدڻ لاءِ آئي. پنهون هن کان ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ هن سان شادي ڪري سندس هٿ وٺڻ لاءِ محمد کي خوش ڪرڻو هوس، سو پاڻ کي ڌوٻي جو روپ وٺڻو پيس. هن جي اڻ ڄاڻ هٿن سبب ڌوئجڻ وارا ڪپڙا ڦاٽي ٿي پيا، جنهن تي پنهون انهن تي سونا سڪا ٽاڪي ڇڏيا. ڪنهن به سندس شڪايت ڪونه ڪئي، جنهن ڪري محمد مطمئن ٿيو ۽ سسئي جي پنهون سان شادي رچائي ڇڏيائين.
مڪران جو حاڪم، جنهن کي اسان جو شاهه رسالي ۾ ”آري ڄام“ ڪوٺي ٿو، سو پنهنجي پياري پٽ جي ڊگهي عرصي تائين غير موجودگيءَ ڪري پريشان ٿيو ۽ پٽن کي حڪم ڏنائين ته پنهونءَ کي ڳولي واپس گهر وٺي اچن. ڀائرن اچي ظاهر ڪيو ته هو گهمڻ آيا آهن ۽ پنهون کي پرڻيل ڏسي خوش ٿيا آهن. هڪ رات پوئين پهر جڏهن سسئي ننڊ جي الوٽن ۾ هئي، ڀائرن بي خبري ۾ پنهون کي نشو سنگهائي، ٻڌي کڻي اُٺ تي وڌو ۽ گهر ڏي راهي ٿيا. جڏهن سسئي جاڳي ۽ پاڻ سان ويساهه گهاتي ٿيل ڏٺائين، اٺن جا پيرا کڻي پٻ جبل جي سلسلي ڏانهن وڌي. سسئي جي زبردست ڏک ڀوڳڻ کي اسان جو شاعر هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
ڏونگر! ڏوراپو، پهريون چونديس پرينءَ کي،
پهڻ پير پٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو،
رحم نه پئي روح ۾ قدر منهنجو ڪو،
واڪو ڪنديس وو، مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.
رڳو جبلن جي ئي دشمني نه هئي جيڪا سهي سگهجي، ٻيون به گهڻيون ئي رنڊڪون ٿيون.
اُٺ ويري اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏير ،
چوٿون ويري واءَ ٿيون جنهن لٽيا پنهونءَ جا پير،
پنجون ويري سج ٿيو جنهن اُلهي ڪئي اوير ،
ڇهون ويري ڇپر ٿيو جنهن سنوان نه ڪيا سير،
ستون ويري چنڊ ٿيو جو کڙيو نه وڏيءَ وير ،
واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين!
هڪ هيکلي ۽ ڏجهايل خوبصورت عورت کي ڏسي هڪڙي ڌنار جون گناهه جي نيت سان اکيون وڌيون ۽ سسئي بچاءُ لاءِ خدا کي ٻاڏايو. ڌرتي ڌڏي، ڦاٽي پئي ۽ سسئي کي سموئي ڇڏيائين، پر رئي جو پلاند ٻاهر رهجي ويو.
پنهون هوش ۾ ايندي ئي پوئين پيرين ڀڳو ۽ سسئي جي ڌرتي ۾ وڃڻ واري هنڌ تي پهتو ۽ ان هنڌ تي روئي، سسئي سان ملڻ لاءِ ٻاڏائڻ لڳو. هن جي دعا اگهامي ۽ ڌرتي وري ڦاٽي ۽ هو ٻئي وڃي هڪ ٿيا.
هن قصي ۾ شاهه لطيف روح کي ابديت ۽ خدا جي ڳولا ۾ ڏيکاريو آهي. سسئي روح آهي. رسالي ۾ پنج سر هن قصي کي ڏنا ويا آهن. سر سسئي آبري، سر معذوري، سُر ڪوهياري، سر ديسي ۽ سر حسينيءَ ۾ ڀنڀور جو گهڻو ذڪر آهي. اسان جو شاعر ڌرتيءَ تي انياءَ، ڪٺورتا، ناانصافي، ظلم، ڪيني ۽ ڏوهه جي حالت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
سسئيءَ کان چوايو ٿو وڃي:
ڀَنڀوران اُجاڙَ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀانيان،
مُون سين تَنِهين پاڻَ، ڏُکان ھَڏِ نَہ اورِئو.
وري:
ڀينَرُ ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَهو،
اَڳي ھِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا.
داستان جي دنيا کان هاڻي وري قديم آثارن ۽ تاريخ واري ڀنڀور ڏانهن ورڻ گهرجي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سميت قديم آثارن جا ماهر ۽ مورخ، کوٽاين تي ويچار ڪرڻ کان پوءِ ان خيال جا آهن ته ڀنڀور ئي اهو ديبل جو قلعو آهي، جنهن 5 ۽ 13 عيسوي صديءَ جي وچ واري عرصي ۾ مشهوري حاصل ڪئي. قديم آثارن وارا ماهر ٻڌائين ٿا ته ڀنڀور جي کوٽائي 1920ع، 1930ع، 1951ع ۽ خاص طرح سان 1958ع ۾ ٿي ۽ گهري کوٽائي ذريعي پهرين صدي قبل مسيح کان تهذيب جي ٽن ڌار ڌار زمانن جا ڏس مليا آهن. اهي ٽي دور آهن: سٿيو- پارٿين، هندو- ٻڌمت ۽ اسلامي. کوٽائي 25 کان 30 فوٽن تائين سم جي سطح تي ٿي آهي، جتي چمڪدار ٿانو به لڌا ويا آهن.
کوٽاين منجهان جيڪو ثبوت مليو آهي ان موجب ٻيو دور، اسلامي دور کان اڳ هندو-ٻڌمت جو آهي،. هن دور ۾ مٽيءَ جي سرن سان جوڙيل ڀتيون مليون آهن ۽ پٿرائين جوڙجڪ واريون شيون به لڌيون ويون آهن.
اسلامي دور جي شروعات 712ع ۾ ٿي، جڏهن محمد بن قاسم ديبل وٽ راجا ڏاهر کي هارايو. قديم آثارن جي ماهرن موجب ڀنڀور قلعه بند ٿيل هو ۽ گهٽين ۽ رستن جي لحاظ کان سٺي رٿابندي ٿيل هئي. نائين ۽ ڏهين عيسوي صدي ۾ اتي اموين ۽ عباسين جو راڄ هو. شهر جي اتر-اوڀر واري پاسي کان هڪ چڱي وڏي ڍنڍ هئي، جتي پيئڻ لاءِ برسات جو پاڻي گڏ ڪيو ويندو هو.
اسلامي دور جي عمارتن ۾ هڪڙيون اڌ گولائي ۾ نالن سميت ٺهيل عمارتون هيون، جيڪي گهڻو ڪري انتظامي مقصد لاءِ ٺهيل هيون. بچاءَ واري ڀت لڳ ڀڳ 19 فوٽ اوچي هئي. اها گهڻو ڪري اموي دور ۾ جوڙي وئي هئي، پر ان جي مرمت جو ڪم عباسي دور ۾ ڪيو ويو هو. اها هڪ ڀيرو ٻيهر جوڙي وئي هئي، پر ڪجهه ننڍي ڪئي وئي هئي. شهر کي ٽي پاڻيءَ وارا رستا هئا ۽ اوڀارو پاسو ڍنڍ سان ڳنڍيل هو. اتر ۾ ڍنڍ هئي. کاريءَ جي ڪناري تي ڏاکڻئين پاسي وارو دروازو وڌيڪ وڻندڙ هو، جيڪو شهر جي مکيه رستن سان ڳنڍيل هو.
وڏي مسجد، جيڪا شهر جي وچ تي آهي، سا گهڻو ڪري ننڍي کنڊ جي سڀ کان گهڻو اوائلي مسجد آهي. جتان تاريخ لڳل سڪا به لڌا ويا آهن، جيڪي ان کي واضح ڪن ٿا. ڪوفي جي مسجدن وانگر هتي به مسجد ۾ محراب ڪونه هو. اها مسجد 670ع ۽ 707ع جي وچ ۾ ٺاهي وئي هئي. ان ۾ اندر وڃڻ جا ٻه دروازا ڏکڻ ۽ اوڀر پاسن کان آهن. وڏي دلچسپي جي ڳالهه وڏي ٿلهي رسي جي آهي، جنهن تي بلو ڪاري پاڻياٺ جا نشان آهن. شايد اهي گليءَ جا نشان آهن.

(ڀنڀور ۽ ديبل (ڀنڀور نيشنل سيمينار 83ع ۾ پڙهيل مقالا، مرتب عبدالقادر منگي،ٿر پبليڪيشن، مٺي، 1993ع تان ورتل)

شاهه عبداللطيف سنڌي ٻوليءَ جو اڏيندڙ

ڪوبه اعليٰ معياري، مشهور ۽ هميشه بقا وارو ادب ان ٻوليءَ مان جڙندو آهي، جنهن ٻوليءَ ۾ لفظن جو ذخيرو گهڻي کان گهڻو هوندو آهي، پوءِ اهو نثر ۾ هجي يا نظم ۾ هجي. ادب ليکڪ جي خيالن، احساسن ۽ تصورن جي عڪاسي ڪندو آهي، ڪنهن به ٻوليءَ جو معنيٰ خيز هجڻ تمام ضروري آهي. ٻولي هر هڪ خيال، جذبي ۽ احساس لاءِ صاف شفاف هجڻ انتهائي ضروري آهي، ان ڪري هڪ شاعر لاءِ اهو انتهائي اهم ۽ ضروري آهي ته هو ٻوليءَ کي بهترين ۽ خوبصورت انداز ۾ پيش ڪري، ڇاڪاڻ ته ٻولي هڪ وڏي ۾ وڏي قوت آهي جنهن ۾ لفظ ٺهندا به آهن ۽ ٽٽندا به آهن ۽ لفظن کي کنيو به ويندو آهي ته ڪيرايو به ويندو آهي.
هڪ شاعر، هڪ ليکڪ، غير معمولي قابل ۽ ذهين هوندو آهي، ان ڪري ان ۾ اصليت جو رنگ هوندو آهي. هو نقلي ۽ گهٽ قسم جي شين کي نظر انداز ڪندو آهي ۽ هن جي سوچ جو مرڪز اصليت هوندي آهي، ان ڪري هن کي اصل ۽ نج لفظن جي ضرورت هوندي آهي. جيڪي هن پنهنجي لکڻين ۾ استعمال ڪندو آهي.
پنهنجي اصل لکڻين ۾ هو پنهنجي اصل ۽ نج ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪندو آهي ۽ ڪڏهن وري ٻين ٻولين جا لفظ لکندو آهي ۽ هو اصل ٻولي جي لفظن ۽ ڌاري ٻوليءَ جي لفظن کي ملائي ڪري هڪ معنيٰ خيز لفظ جوڙيندو آهي.
اهڙيءَ طرح سان هڪ وڏي ۾ وڏو شاعر پنهنجي ٻولي کي گهڻي کان گهڻو متاثر ڪندو آهي پنهنجي زرخيز تصورن سان پنهنجي ٻوليءَ ۾ نيون جدتون ۽ نوان ڀيٽ جا طريقا پيدا ڪندو آهي ۽ اهڙي طرح سان هو پنهنجي ٻولي ۾ فصاحت ۽ بلاغت پيدا ڪندو آهي.
جڏهن اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي سنڌي ٻوليءَ جو اڏيندڙ چئون ٿا ته ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته هن کان اڳ ۾ سنڌي ادب ڪونه هيو يا هن کان اڳ سنڌي شاعري ڪونه هئي، پر هن جي اچڻ سان سنڌي ٻولي تمام سهڻي، خوبصورت، مِٺي سُٺي ۽ گهڻي چٽي ۽ سادي ٿي پئي.
هن جي شاعري سان ٻوليءَ ۾ فصاحت ۽ بلاغت آئي، جذبن جي گهرائي آئي. فصاحت، بلاغت به ايتري حد تائين جو هڪ لفظ کي ڦير ڦار ڪرڻ سان ان جي معنيٰ ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي.
شاهه لطيف جذبن ۽ خيالن کي هڪ هنڌ ڳنڍي ۽ جوڙي ٿو، هن پنهنجي شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ خيالن ۽ جذبن جي ترتيب ڏني آهي ۽ تسلسل قائم ڪيو آهي.
شاهه عبداللطيف کان اڳ جا شاعر پڻ بلند پائي جا شاعر آهن، پر شاهه صاحب انهن سڀني کان اعليٰ ۽ سرس آهي. انهن سڀني منجهان قاضي قادن آهي جيڪو 1551ع ۾ وفات ڪري ويو. هن کان اڳ سنڌي شاعري زباني طور ياد ڪئي ويندي هئي ۽ هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تائين زباني طور ٻڌائي ويندي هئي. قاضي قادن کان پوءِ هڪ وڏو صوفي ۽ الله لوڪ شاعر شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جيڪو شاهه لطيف جو تڙڏاڏو هو.
شاهه لطيف کان اڳ مخدوم عبدالحسن جيڪو سنڌي نثر جو باني آهي، جيڪو 1690ع ۾ پيدا ٿيو، هن ڪيترائي ڪتاب لکيا. هن جي دور ۾ اها تحريڪ پڻ هلي ته عربي ۽ فارسي جي بجاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ خط ڪتابت ڪئي وڃي.
هن جي دور کان پوءِ سنڌي ٻولي جي شفافيت ۽ عروج شروع ٿيو. فارسي، عربي، سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظن بجاءِ سنڌي ٻوليءَ جا سادا ۽ نج لفظ استعمال ٿيڻ شروع ٿيا.
شاعر عبدالحسن کان پوءِ جيڪي شاعر هئا، اهي قاضي قادن ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جهڙا ڪونه ٿيا. ٻيا جيڪي به شاعر هيا، انهن اسلام جي پرچار ڪئي. انهن جي شاعريءَ آسانيءَ سان ياد ڪئي ويندي هئي. سندس شاعري مان چند سٽون هيٺ پيش ڪجن ٿيون:
ڏهن ورهين جو جي ٿئي ته اُن ماري
ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي
جي غافل ٿئي نماز ۽ ڪڏهن اسارو
ته هنج موڪلج ان کي متان او ٿئي اُمارو.
ٻيو بيت وري هيٺ ڏجي ٿو:
ايمان با الله تعاليٰ جا چوراسي فرض ٿيا،
سُڻي ياد رکو تن کي هئين منجهان را،
پهريون فرض ويساه وجود ڪري مولا،
ٻيو ايمان ان ڪري ته آهي واجب الوجودا.
اهڙيءَ طرح شاعر انسان تي 84 فرض بيان ڪيا مٿئين بيتن تي جيڪڏهن غور ڪيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ کائنس اڳيان ايندڙ سڀئي شاعرن جي شاعري ۾ ڪيترو فرق آهي. شاهه صاحب اڳين شاعرن کان ڪڏهن به متاثر نه ٿيو، سواءِ سندن ٻوليءَ جي جيڪا هنن شاعري ۾ استعمال ڪئي.
شاهه صاحب الهامي اشارن کي ترجيح ڏني، جيڪا سندس ٻوليءَ ۾ نمايان آهي ۽ اها ساڳي خاصيت قاضي قادن ۽ شاهه عبدالڪريم جي شاعري ۾ پڻ ڏٺي وئي آهي. شاهه صاحب قاضي قادن ۽ شاهه عبدالڪريم جي شاعري ۾ نواڻ آندي جنهن سنڌي ٻولي کي وڌيڪ سادو، سٺو ۽ مٺو بڻائي ڇڏيو ۽ کيس وڌيڪ جذباتي ۽ عقلي پڻ بڻائي ڇڏيو.
اهڙي طرح سان سنڌي ٻوليءَ جي وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ ٿي ۽ سندس لفظن ۾ اضافو ٿيندو ويو. مثال طور قاضي قادن چوي ٿو ته:
لوڪان نحو صرف، مون مطالعو سپرين،
سوئي پڙهيو سو پڙهان، سوئي سو حرف.
شاهه ڪريم فرمائي ٿو:
پاڻيهاري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾.
شاهه لطيف فرمائي ٿو:
ڪاتب لکن جيئن لايو لام الف سين
اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي ررح ۾.
جيڪڏهن مٿين ٽنهي شاعرن جي سهڻن سٽن تي غور ڪيو ته ٽئي شاعر الله تعاليٰ سان ويجهڙائي جو درس ڏين ٿا.
قاضي قادن جي سٽن ۾ جذباتي عقلي دليل آهن. شاهه ڪريم جي سٽن ۾ وري زندگيءَ جو مشاهدو ۽ فطرت تي غور ويچار آهي. وري شاهه لطيف جي سٽن ۾ فصاحت ۽ بلاغت آهي، جيڪو عربي ٻولي جي لام ۽ الف کي ويجهو ڏسي فرمائي ٿو ته انسان جي پنهنجي مالڪ سان ايتري ويجهڙائپ هجي. اهڙي نموني سان سنڌي ٻولي وڌيڪ سادي ٿيندي وئي. قاضي قادن جو ٻيو بيت:
ڪنز قدوري قافيه، جي پروڙين سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه، پيئي ڪڇي اڀ.
شاهه ڪريم جو ٻيو بيت:
هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجي لوڪ،
کڏيون ۽ کروتون، ايءُ پڻ سڳر ٿوڪ.
وري شاهه عبداللطيف جن فرمائين ٿا ته:
اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،
اندر تون اُجار پنا پڙهندين ڪيترا.
هنن سٽن ۾ الف، الله کي ظاهر ڪري ٿو، سٽون تمام سهڻيون، ساديون، مختصر پر معنيٰ خيز آهن.
شاهه لطيف بحيثيت سنڌي ٻوليءَ جو معمار جي کوجنا ۽ ريسرچ لاءِ خاص ڪري نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۽ ليکڪن کي تمام گهڻي سوچ ويچار ۽ مطالعي جي ضرورت آهي.
شاهه لطيف پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ انسان جي نفسياتي مطالعي ۽ فطرت جي مشاهدي جي ڳالهه ڪئي آهي.
شاهه صاحب کان اڳ ڪنهن به شاعر فطرت جي شاعري ڪانه ڪئي، سر سارنگ، شاهه صاحب جو علامتي سُر آهي جيڪو برسات وسڻ لاءِ چيو ويو آهي.
هن سُر ۾ شاهه صاحب ڍنڍن، ڍورن، درائن جي لهرن، ڇولين ۽ پاڻيءَ ۾ ايندڙ طوفانن، جبلن بيابانن جو ذڪر ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ چرند، پرند، ڦل، ڦول، جيتن جڻن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. مطلب ته شاهه صاحب سنڌي ٻوليءَ کي ڪنوار وانگي سينگاري پيش ڪيو آهي.

(مترجم: مختيار ملاح)

متفرقہ مواد

---

منهنجي امڙ

منهنجي امڙ جو نالو عالما خاتون هو. هوءَ حاجي محمد يوسف جي ٽيون نمبر اولاد هئي. سندس شڪل بلڪل پنهنجي والد محترم مجسم سان مشابهت رکندڙ هئي. حاجي صاحب نهايت خوبصورت انسان هو. منهنجي امڙ پاٽ جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، اتي ئي مڪتب ۾ قرآن پاڪ ۽ سنڌيءَ جو مطالعو ڪيو. تن ڏينهن ۾ پاٽ جي علمي قابليت جي ڪري ان کي ”پاٽ شريف“ چيو ويندو هو. پاٽ جي علمي شهرت پري پري تائين پکڙيل هئي. منهنجي امڙ جي وڏي ڀيڻ جنهن کي سڄو ڳوٺ جيجي عائشه سڏيندو هو، تنهن هڪ مڪتب ۽ پوءِ هڪ اسڪول جي شروعات ڪئي. ايتري قدر جو تعليمي معيار جيڪڏهن 90 سيڪڙو چوان ته بلڪل مبالغو نه آهي. جيجي عائشه ماڻهن جي گهرن ۾وڃي، انهن جا ٻار زوريءَ وٺي مڪتب ۽ اسڪول جا شاگرد ڪيا.
منهنجي ماءُ جي 19 ورهين جي عمر ۾ شادي، منهنجي والد علي بخش سان ٿي، جو ڪلريءَ جو رهاڪو ۽ سندس مائٽ پڻ هو. هو کانئس 14 ورهيه عمر ۾ به وڏو هو. هو جهوناڳڙهه مان تعليم پرائي، روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. سندس وڏا پڻ چڱا عالم فاضل ليکيا ويندا هئا. والد صاحب جي نوڪرين جي سلسلي سان سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جتي به بدلي ٿيندي هئي، منهنجي امڙ به ساڻس گڏ ويندي هئي.
امڙ جي واتان هيءَ دلچسپ ڳالهه ذڪر ڪرڻ موذون سمجهان ٿي. امڙ ٻڌايو ته ”مان اڃا 12 ڏينهن جي ڄاول مس هئس ته بابا جي بدلي مٺي ٿرپارڪر ٿي وئي. اوڏانهن وڃڻ لازمي سمجهي، امڙ مٺيءَ ڏانهن رواني ٿي. قدرت اهڙي ٿي جو ٽاڪ منجهند جو گاڏي خراب ٿي وئي ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ مٺيءَ جي تتل وارياسي ريلوي ٽريڪ تي گذارڻو پيو. گرميءَ جي ڪري مون دانهون ڪوڪون پئي ڪيون. آخر سفر پورو ڪري بنگلي تي آياسين ته مون کي پيٽ جي سخت تڪليف ٿي پئي. ڪنهن ڏاهيءَ امڙ کي ڏس ڏنو ته بادامين جا گورا، گگر ۽ مصري وٺي، گهوٽي مون کي پياريو وڃي. ائين ڪرڻ سان مان ٺيڪ ٿي ويس. منهنجي جان امڙ جي اڻ ٿڪ محنت سان بچي وئي، پر هاضمي جي ڪمزوري اڃا هلندي اچي ۽ اڪثر پرهيزي کاڌو کائيندي آهيان.
1928ع ۾ والد صاحب جي بدلي ڪراچيءَ ۾ ٿي. انهيءَ عرصي کان پوءِ اسان کي مسلسل ڪراچيءَ ۾ رهڻو پيو. ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ اسان کي داخلا وٺائي وئي. اسان ڇوڪرين کي انڊين گرلس اسڪول ۾ موڪليو ويو، جتي صبح سان اسيمبليءَ ۾ ”بندي ماترم“ ۽ ”جن گن ادي نايق“ ڳايا ويندا هئا. امڙ کي اهو اسڪول صحيح ڏسڻ جو موقعو آيو. ڪراچيءَ ۾ اچي سندس اٿڻي ويهڻي انگريزي، پارسي ۽ ٻين مسلمان وڏن وڏن آفيسرن سان ٿي ۽ سندس پوشاڪ ۽ اٿڻي ويهڻيءَ ۾ گهڻو فرق اچي ويو. پاڻ ڪوشش ڪري، اسان کي سينٽ جوزف اسڪول ۾ داخلا وٺائي ڏني. انهن تبديلين جي ڪري اسان جي انگريزيءَ ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو. امڙ کي اهو شوق ٿيو ته پاڻ اسان کان انگريزي پڙهڻ لڳي. قرآن شريف ۽ سنڌيءَ ۾ اڳ ئي ماهر هئي جو سندس ڀيڻ عائشه جنهن کي سڄو ڳوٺ جيجي عائشه چوندو هو، انهيءَ جي مڪتب ۽ اسڪول ۾پڙهي هئي.
امڙ جي مرضي مطابق مئٽرڪ پاس ڪري، مان ڪئنرڊ ڪاليج لاهور جي ڊگري حاصل ڪري واپس ڪراچيءَ آيس.
شاديءَ کان پوءِ امڙ جي همت ۽ مدد سان مون انگريزي ادب ۾ ايم.اي پاس ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچراريءَ جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ برٽش ڪائونسل جي اسڪالر شپ تي آڪسفورڊ يونيورسٽي وڃڻ ٿيو، جتان ٽن مهينن جو ڪورس ڪري وطن واپس آيس. اهو سڀ انهيءَ ڪري، ڪري سگهيس جو امڙ منهنجا ٽي ٻار ۽ منهنجو گهر سنڀاليو. مطلب ته يونيورسٽيءَ واري دور ۾ جڏهن ضرورت پوندي هئي ته امڙ پنهنجو گهر ڪراچيءَ ۾ ڇڏي، منهنجا ٻار ۽ منهنجو گهر سنڀاليندي هئي. سندس مدد ۽ نگرانيءَ جي ڪري مان هڪ ڪامياب يونيورسٽي پروفيسر ٿي سگهيس ۽ منهنجو اولاد به سٺي تعليم حاصل ڪري سگهيو. منهنجو پٽ رياض PIA ۾ فلائيٽ انجنيئر آهي. ٻيو نمبر طارق برٽش پيٽروليم (British Petroleum ) جو پريزيڊنٽ آهي ۽ منهنجي نياڻي ياسمين آمريڪا ۾ دل جي علاج جي ڊاڪٽر (Cardiologist) آهي.
امڙ جي مدد سان گڏ، منهنجي همسفر غلام محمد خميساڻيءَ جي محبت ۽ اولاد جي بهتريءَ کي مان وساري نه ٿي سگهان. انهن ٻنهي هستين جي نهايت شڪرگذار آهيان. انهن ٻنهي هستين جي مدد ۽ همت افزائيءَ ۽ پيار اسان جي زندگيءَ ۾ڦيرو آندو.

پاڪستان جي تعليمي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو

قرآن پاڪ جو پهريون لفظ جيڪو اسان جي پيغمبر محمد صه جن تي ظاهر ڪيو ويو سو هر انسان، مرد چاهي عورت کي خدا جو هڪ تاڪيد آهي ۽ اهو تاڪيد آهي “اقرا“ يعني پڙهه.
“اِقرَا بِاسمِ رَبِّکَ الَّذِیۡ خَلَقَ”
(پڙهه پنهنجي خالقڻهار جي نالي سان)
اهڙي ريت هر مسلمان مرد توڙي عورت جو اهو اولين فرض آهي ته علم حاصل ڪري. ان ڳالهه کي وڌيڪ هيٺين حديثن ۾ واضح ڪيو ويو آهي.
“اطلبوا العلم من المهد إلي اللحد”
(پينگهي کان قبر تائين علم پرايو)
“طلب العلم فريضة على کل مسلم و مسلمة”
(علم پرائڻ هر مسلم مرد توڙي عورت لاءِ فرض ٺهرايو ويو آهي.)
قرآن پاڪ ۽ حديث، رنگ، مذهب، فرقي، مرتبي ياسماجي حيثيت جي ويڇن کي پري رکي علم حاصل ڪرڻ واسطي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري ان کي جمهوري بنائي ڇڏيو آهي.
تعليم هڪ مسلسل، تخليقي، هڪ ٻئي تي اثر ڪندڙ ۽ هيڪڙائي آڻڻ وارو عمل آهي، جيڪو زندگيءَ جي معاملن جي صحيح پرک ۽ شناس پيدا ڪري ٿو، ۽ زندگيءَ جي صحيح قدرن کان آگاهه ڪري ٿو. تعليم اسان کي پنهنجي ماحول کي سمجهڻ جي لائق بنائي ٿي. ۽ اسين ان وسيع ڪائنات جي طرز عمل تي ٿورو گهڻو غور ڪري سگهون ٿا، جنهن جو اسين بلڪل ننڍو حصو آهيون.
تعليم ان بنيادي مهارت جي ڄاڻ جو عمل آهي. جنهن جي طفيل اسين هادي کي هڪ صورت مان ٻي صورت ۾ بدلائي پنهنجيون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهون ٿا. تعليم فني مهارت ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ اهڙي ريت اسان جي رهنمائي ڪري ٿي جو اسان اقتصادي طور پاڻ ڀرا ٿي سماج جا ڪارآماد فرد بڻجي سگهون ٿا. اها نه رڳو سائنسي، صنعتي ۽ فني ترقيءَ ڏانهن گامزن ڪري ٿي، پر ان سان گڏوگڏ اسان ۾ روحاني ۽ اخلاقي اتساهه پڻ پيدا ڪري ٿي، جنهن کانسواءِ جيڪر اسان جي سموري فني ۽ سائنسي ترقي بي معنيٰ ٿي پوي. تعليم هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو اسان کي اونداهي کان روشنيءَ ڏانهن، افراتفري کان ترتيب ڏانهن ۽ سماجي نابرابري سماجي انصاف ڏانهن رجوع ڪري ٿو. صدر پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي جي لفظن ۾ “تعليم پوري تهذيبي زندگيءَ جو جوهر آهي.”
اسان جي زندگيءَ ۾ تعليم کي جيڪا اهميت آهي ان کي ڏسندي موجوده عوامي گورنمينٽ پهريون قدم اهو کنيو آهي ته اسان جي سماجي ڍانچي توڙي رخ ۾ انقلابي تبديلين پيدا ڪرڻ لاءِ تعليمي اصلاحات کي عمل ۾ آڻي رهي آهي. تعليم کي قومي ارتقا لاءِ موثر ۽ عام ڪرڻ جي خيال کان تعليم کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ پرائمري سطح تي ان کي مفت ۽ لازمي بنايو آهي.
اسان جي عوام ۾ وسيع پئماني تي سجاڳي اچي چڪي آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پاڪستان جون عورتون پڻ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو وقار بلند رکي قوم کي نئين سر سنوارڻ جي عظيم ڪم ۾ اهم حصو وٺي رهيون آهن. 1959ع جي تعليمي ڪميشن اها ڳالهه مڃي آهي ته اسان جي عورتن قومي توڙي عالمي زندگيءَ جي اعليٰ سطحن تي قابل رشڪ مرتبو حاصل ڪيو آهي. ۽ ملڪ جي استحڪام ۽ ترقيءَ جي ڏس ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اهو بيحد ضروري آهي ته سندن جانثاري ۽ سرگرمي کي اهڙي راهه تي لڳايو وڃي، جتي اهي بيحد مفيد ثابت ٿي سگهن. ڏٺو وڃي ته اسان جي اڳيان سڀ کان مکيه ڪم پاڪستان جي تعليمي ترقي آهي. اهو ضروري آهي ته مرد توڙي عورتون ان مان برابر فائدو حاصل ڪن ۽ ان ڏس ۾ پنهجو ڀرپور حصو ادا ڪن. اڄ اها ڳالهه اسان تي بلڪل واضح ٿي چڪي آهي ته ڪنهن قوم يا ملڪ جي لاءِ تيستائين صحيح معنيٰ ۾ ترقي ناممڪن آهي جيستائين ان جون عورتون خود تعليم يافته نه هجن ۽ هو تعليم جي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو ادا نه ڪن. روس، چين ۽ ترڪيءَ جي موجوده دور جي وڏن مفڪرن اهو محسوس ڪيو آهي ته عوام جي اڪثريت کي ايستائين سڌارڻ ناممڪن آهي، جيستائين ان جي اڌ جيتري حصي کي جهالت جي ديوارن پٺيان بند رکيو ويندو. انهن ملڪن نهايت سخت مخالفت جي باوجود عورتن جي لاءِ زبردست اصلاحات عمل ۾ آندا ۽ پنهنجي سڄي متواتر سماجي جوڙجڪ کي نهايت تيز ۽ مثالي ترقي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪنه آهي ته مسلمانن جي لاءِ عورتن جي تعليم کي اهميت ڏيڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي.
اسان جي سونهري دور ۾ باڪمال عورتون ٿي گذريون آهن. ڪيتريون عورتون مشهور شاعر، نامور موسيقار، خطيب ۽ عالم هيون. جيڪي هر موضوع جهڙوڪ تاريخ، ادب، فقھ ۽ حديث تي عالمانه تقريرون ڪري سگهنديون هيون. هو جيتريون حسن ۽ عقل مند هيون اوتريون بهادر هيون. هو جنگ جي ميدان ۾ عورتن جي مهندار ي ڪنديون هيون، يا جڏهن سندن مرد ميدان جنگ ۾ ويندا هئا ته هو شهري قلعي جو بچاءُ ڪنديون هيون. پنهنجن انهن گوناگون خوبين جي ڪري هو ڏسندڙن جو ڌيان ڇڪائينديون هيون. سندن اهڙي رتبي ۽ آزاديءَ جي باوجود هو پنهنجي طور طريقي ۽ لباس ۾ مردن جي تقالي ڪرڻ بدران وڌيڪ باحيا ۽ نيڪ سيرت هيون ڇاڪاڻ انهن اها ڳالهه محسوس ٿي ڪئي ته اهي خوبيون سندن ذات جو صحيح زيب هيون،جنهن جي طفيل هو هر هنڌ عزت ۽ مان حاصل ڪنديون هيون. ماضي جي روايتن ۽ وقت جي تقاضائن پٽاندر پاڪستان جي عورتن پاڪستان جي تعليمي ترقيءَ ۾ پنهنجو عملي ڪردار بخوبي ادا ڪيو آهي. پڙهيل ڪڙهيل عورتن جي تعداد ۾ هر سال قابل ذڪر واڌارو ايندو نظر ٿو اچي. جيتوڻيڪ اهو لازمي نه آهي ته سموريون تعليم يافته عورتون ڪو پيشو اختيار ڪن. تڏهن به صرف سندن پڙهيل هجڻ ئي وڏي اهميت رکي ٿو. اهو چيو ويندو آهي ته هڪ عورت کي تعليم ڏيارڻ سان اسين پوري قوم کي تعليم ٿا ڏيون. نيپولين جو چوڻ آهي ته “مونکي هڪ تعليم يافته ماءُ ڏيو ته مان توهان کي هڪ تعليم يافته قوم ٺاهي ڏيکاريندس. “اها ماءُ جي هنج ئي آهي جيڪا ٻار جي مستقبل کي سنواري يا بگاڙي ٿي. ماءُ جي هنج ٻار جو پهريون ڪتاب آهي. ٻار هڪ اهڙو حساس دور آهي جنهن ۾ ٻار هر خيال کي ذهن نشين ڪندو ۽ اهو ئي دور آهي جنهن ۾ ماءُ ٻار جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پرائمريءَ کان اڳ واري تعليم در اصل پوءِ جي تعليمي ترقيءَ جو ضد آهي. هن دور ۾ ئي ٻار جي وسيع لڪل صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو. “اهو ئي سبب آهي جو ٻار جي تعليم سندس ڄمڻ سان گڏ شروع ٿئي ٿي“ واري فلسفي جنم ورتو. هڪ تعليم يافته ماءُ تعليم يافته گهر ۽ تعليم يافته قوم کي پيدا ڪري ٿي. پڙهيل عورتون گهر ۾ ٻار جي ڄمڻ ۽ نپائڻ کان وٺي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٻالڪپڻي وارن شروعاتي سالن ۾ ٻار جي ترقيءَ ۽ سنڀال ۾ وڏو اهم حصو وٺن ٿيون. قوم جي تشڪيل قوم جي تعليمي نظام تي منحصر آهي. ڪنهن ملڪ جي بقاءُ يا سندس مستقبل جي تشڪيل جو دارومدار ان تعليمي ڍانچي تي آهي جنهن تحت مستقبل جي شهرين کي تربيت ڏني وڃي ٿي، اهڙي ريت عورتون قوم جي ترقيءَ يا منزل جون سڌي يا اڻ سڌي طرح ذميوار آهن. ٻار کي شروعاتي تربيت ڏيندڙ جي حيثيت سان، عورتون مستقبل جي نسل جي تعمير جو حيرت انگيز ڪارنامو سر انجام ڏين ٿيون. انهيءَ ڪم ۾ قوم ۽ انسانيت جي بي غرض جان نثار سچي ۽ پروقار خدمت جو صحيح روح سمايل آهي. اها عورت ئي آهي جيڪا ٻار کي پاڪيزگي، سچائي، ايمانداري ۽ سهڪار جا اعليٰ قدر ذهن نشين ڪرائي ٿي ۽ ان سان گڏ نه رڳو پنهنجو پاڻ کي، پر قوم کي سڌارڻ جو اتساهه پڻ جاڳائي ٿي.
پاڪستان جي عورتن جو قوم ڏانهن اهو بهترين فرض آهي جيڪو کين پورو ڪرڻو آهي، سندن ٻيو فرض اهو آهي ته هو اسڪول ۾ گهري دلچسپي وٺن. عورتن کي مائٽ، استاد، انجمن، اسڪول صلاح ڪار ڪاميٽيءَ ۾ حصو وٺڻ گهرجي. ان کان علاوه کين اسڪول جي ڪم جي وراڻي گهر ۾ ڪرڻ کپي. جيئن ته اسان جي تعليمي توڙي قومي مسئلن جو قطعي حل ”سوچ ۽ فڪر جي اندر” ۾ انقلابي تبديلين پيدا ڪرڻ ۾ موجود آهي، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته مائرون ۽ تعليمي ادارا هڪ ٻئي جي تعاون سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن. عورتون ٻار جي ڪردار جي ترقيءَ ۽ سندس زندگيءَ جي شروعاتي سالن دوران صلاحيتن کي اڀارڻ جي لاءِ پرائمري تعليم ۾ اهم حصو وٺي سگهن ٿيون، موجوده وقت ۾ اعليٰ ترقي جا تعليمي ادارا پرائمري سطح تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پڙهائڻ جي لاءِ عورت استادن کي مقرر ڪن ٿا، جيئن وڌيڪ ماسترياڻيون مهيا ٿينديون وينديون تيئن پرائمري ۾ گڏيل تعليم وڌندي ويندي ۽ جلد ئي سمورن اسڪولن ۾ اوائلي ٽن ڪلاسن تائين ٻارن کي پڙهائڻ جي ذميواري عورتون پاڻ تي رکنديون. تازو عورتن هوم اڪنامڪس جي سائنس، جيڪا ڇوڪرين توڙي عورتن جي تعليم ۾ خصوصي اهميت رکي ٿي سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ خاصو پاڻ ملهايو آهي. علم جي هيءَ ڄاڻ، هنر ۽ سوچ جو نئون انداز مهيا ڪري کين ڪامياب زالن۽ مائرن بڻجڻ لائق بنائيندي ۽ کين پنهنجي توڙي ڪٽب جي صحت، خوشحالي ۽ عام ڀلائي مهيا ڪري ڏيندي. ان کان سواءِ هي مضمون عورتن جي ذريعي معاش لاءِ کين ڪم ۽ پيشي جا ڪيترائي موقعا ميسر ڪري ڏئي ٿو. هو ٻارن جي ڀلائي جون اسپتال، اسڪولن ۽ ٻين وڏن تنظمين ۾ ملندڙ موافق، صحتمند ۽ قوت بخش غذا جون ماهر، ڳوٺ سڌار پروگرام جون ڪارڪن ڳوٺ سڌار پروگرام ۾سپروائيزر،عورتن جي هاسٽلن جون منتظم، نرسري اسڪولن جون سپروائيزر ٿيڻ کانسواءِ کاڌي پيتي ۽ دوائن جي خانگي صنعتي ادارن ۾ پڻ نوڪريءَ جون مستحق ٿي سگهن ٿيون. هوم اڪنامڪس جي اصليت کي چڱي طرح سمجهڻ کانپوءِ ان کي وڌ کان وڌ شاگردياڻيون پڙهي رهيون آهن. ان ڪري نه رڳو ثانوي سطح تي، پر اعليٰ سطح تي وڌ کان وڌ هوم اڪنامڪس جي استادن جي ضرورت آهي. اعليٰ سطح تي ان مضمون جي خصوصي شاخن کي اڀياس ڪرڻ جا موقعا پڻ ملندا. انهيءَ ڏس ۾ ڪراچي جو “ڪاليج آف هوم اڪنامڪس” ۽ “گورنمينٽ گرلس ڪاليج حيدرآباد” جو هوم اڪنامڪس ڊپارٽمينٽ قابل قدر ڪم ڪري رهيا آهن. اها اميد آهي ته جلدي ملڪ جي مختلف حصن ۾ “هوم اڪنامڪس پوسٽ گريجوئيٽس اسٽڊيز” ۽ ريسرچ سينٽر پڻ کوليا ويندا. جيئن ته هيستيائين عورتن جي پيشور تعليم رڳو پڙهائڻ ۽ ڊاڪٽريءَ جي پيشي تائين محدود رهي آهي. هاڻي عورتن ۾ مردن سان برابري جي بنياد تي جن پيشن جهروڪ؛ قانون، نرسنگ، واپار، انجنيئرنگ، فن تعمير ۽ ٻين پيشن ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش گهڻي وڌي رهي آهي، اسان کي اميد آهي ته سندن هن علمي خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ کين مطلوب موقعا مهيا ڪري ڏنا ويندا. موسيقي، فن ۽ حرفت وغيره اڄ ڪالهه اسان جي اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وڌيڪ اهميت حاصل ڪري رهيا آهن. اهي مضمون فرد جي تخليقي اظهار جو سبب آهن، اهي مضمون زندگيءَ ۾ توازن، هم آهنگي، خود اقتصادي ۽ انفراديت پيدا ڪن ٿا، ۽ معياري ۽ دستڪاري جي صحيح قدرن جي پرک ڏين ٿا. اهي مضمون پاڪستان جي مستقبل ۾ حقيقي طور اهم ڪردار ادا ڪندا، ڇو ته اهي ئي قوم لاءِ صحتمند وندر مهيا ڪن ٿا. ان کانسواءِ اهي مضمون عورتن جي تعليمي تجربن جو مک جز آهن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوان عورتن ۾ بيحد دلچسپي ۽ صلاحيت آهي. اهو بيحد ضروري آهي ته ملڪ جي وسيلن جي تناسب سان فن ۽ حرفت جا وڌ کان وڌ شعبا کوليا وڃن. ۽ انهن ۾ محقق استاد مهيا ڪيا وڃن. پنجاب جي يونيورسٽي فن لطف ۾ ايم.اي جي ڊگري ڏيندي آهي، ۽ اها نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌ يونيورسٽي پڻ فن لطف جو شعبو کوليو آهي. عورتون تعليم کي وڌائڻ ۾ وڏو حصو ادا ڪري سگهن ٿيون. اڻ پڙهيل عورتن جو تعداد اڻ پڙهيل مردن کان گهڻو وڌيڪ آهي، ان ڪري اهڙين پڙهيل عورتن جي اڳتي وڌي اچڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪي قومي تعليم جي هن عظيم ڪم کي سرانجام ڏيئي سگهن.
سرڪار، تعليم جي زوردار مهم هلائڻ جو ارادو رکي ٿي، ان صورت ۾ عورتن کي به ان ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن اهڙي مهم کان اڳ اسان جون تعليم يافته عورتون پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ پيشي جون جوابداريون سرانجام ڏيڻ کانسواءِ رڳو ٽن عورتن کي پڙهائڻ جي جوابداريءَ کڻن تڏهن به جيڪر ملڪ مان جهالت جو خاتمو ٿي وڃي، ائين ڪرڻ سان پاڪستان ۾ تعليم عام ڪرڻ واري مهم کي وڏي هٿي ملندي ۽ هن صديءَ جي ختم ٿيڻ تائين اسين انهيءَ مهم ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، جيئن ته اسين پنهنجي قومي گهرجن مطابق پنهنجي تعليم نظام ۾ تبديلي آڻي رهيا آهيون، تڏهن اسان کي ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتابن لکڻ جي ضرورت پوندي.
پرائمري سطح تي ٻارن لاءِ ڪتابن لکڻ جو ڪم عورتن کي سونپڻ گهرجي. ان جا سبب اڳ ۾ ڄاڻايا ويا آهن. اهي عورتون جيڪي مٿين ڪلاسن جي لاءِ ڪتاب لکي سگهن ٿيون، تن کي پڻ پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي تعليمي ترقيءَ ۾عورتون ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. سال به سال عورتن جو تعداد پرائمري ثانوي، ڪاليج يونيورسٽي سطح تي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ سيکارڻ ۾ وڌي رهيو آهي. هن وقت رڳو حيدرآباد ۽ خيرپور ريجن ۾ 1048 پرائمري اسڪول آهن، جن ۾ 1915 ماسترياڻيون 73533 شاگردياڻين کي پڙهائي رهيون آهن. 71 مڊل اسڪول آهن، جن ۾ 15610 شاگردياڻين کي 699 ماسترياڻيون پڙهائن ٿيون. 42 هاءِ اسڪول آهن جن ۾ 14327 شاگردياڻين کي 875 ماسترياڻيون پڙهائين ٿيون. هن ريجن ۾ انٽرميڊيئٽ ڊگري ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ اٽڪل پنج هزار نينگريون پڙهن ٿيون، تربيت يافته ماسترياڻين جو تعداد به تيزي سان وڌي رهيو آهي. سال 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان 234 عورتن بي ايڊ جي ڊگري حاصل ڪئي. هن سال 17 عورتن ٽي. ڊي ۽ 26 عورتن ايم ايڊ ۽ ايترين ئي عورتن بي ايڊ ڪئي.
سال 1971ع ۾ 199 عورتن ايم اي جو امتحان ڏنو ۽ 1972ع 242 عورتون ايم اي جي امتحان ۾ ويٺيون آهن. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ 20 عورتون ليڪچرار، 8 ائسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيون آهن اهڙي طرح وڌ کان وڌ عورتون اسڪولن، ڪاليجن يونيورسٽين ۾ خدمت سرانجام ڏيئي رهيون آهن.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت کي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر بنايو ويو آهي. سچ پچ ته اسان کي اسلام آباد يونيورسٽي جي وائي چانسلر ڊاڪٽر ڪنيز يوسف تي فخر آهي. اسان کي اها پڻ اميد آهي ته پاڪستان طرفان“نيشنل ڪائونسل فار ايڊيوڪيشن” ۾ عورتن کي پڻ کنيو ويندو. اها “اسٽينڊنگ ائڊوائزري باڊي” هر سطح جي تعليمي ماهرن تي مشتمل آهي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته قومي تعليم جي لاءِ بنيادي اصول ٺاهيا وڃن، ترقيءَ جو اندازو لڳايو وڃي، تحقيقات ڪئي وڃي ۽ نون طريقن ۽ وسيلن کي عمل ۾ آندو وڃي.
(هفتيوار مارئي. حيدرآباد، جنوري، 1973ع تان ورتل)

جنت جي حور (ڪهاڻي)

صفيه ۽ عزيز ننڍپڻ کان وٺي گڏ رانديون رونديون ڪندا هئا. هنن جي پاڻ ۾ پري جي مائٽي هئي، جنهن ڪري اهڙا موقعه بيشمار ايندا هئا، جو هنن جو پاڻ ۾ گڏجڻ ٿيندو هو. صفيه جو پيءُ سندس پيدائش کانپوءِ جلد گذر ڪري ويو ۽ ماءُ به کيس پنجن سالن جي عمر ۾ يتيمي جو داغ ڏيئي ويئي. ان وقت کان وٺي هوءَ پنهنجي ماسيءَ سان گڏ گذاريندي هئي. هوڏانهن وري عزيز جو پيءُ گذاري ويو هو پاڻ ۽ سندس ماءُ پنهنجي مامي سان گڏ گذاريندا هئا. عزيز جو مامو شهر جو رئيس ۽ چڱو خاصو زميندار هو. پنهنجي زمين سا گڏ هو عزيز جي پيءُ واري زمين به سنڀاليندو هو ۽ جا مرڻ وقت هو کيس سؤنپي ويو هو. جنهن مان عزيز ۽ سندس ماءُ جو خرچ وغيره به ٿيندو هو ۽ ڪجهه پئسو عزيز جي تعليم واسطي بچايو ويندو هو.
ڪمسنيءَ جو بي نياز معصوم ۽ خوشين سان پر زمانو تيزيءَ سان گذري ويو. عزيز ۽ صفيه هينئر جواني جي طبقي تي پير رکي چڪا هئا. عزيز سهڻو، شوخ مزاج، بدن ۾ ڀريل ۽ قد جو پورو نوجوان هو، پر صفيه هڪ معمولي صورت جي ڇوڪري هئي. بدن جي ضعيف، رنگ جي سانوري ۽ قد جي ڊگهي. پر سندس سانوري چهري تي هڪ مخصوص انداز جي چمڪ ۽ معصوميت هئي. سندس طبيعت بلڪل ماٺيڻي ۽ حليم هئي، پر عزيز جي نظر ۾ صفيه کانسواءِ دنيا ۾ ڄڻ ته ٻي ڪابه عورت خدا دنيا ۾ خلقي ئي ڪانه هئي، هن ڪڏهن به ٻي ڪنهن به عورت ڏانهن اک کڻي نه ڏٺو هو. پوءِ چاهي هو ڪيتري به حسين ۽ چالاڪ ڇو نه هجي. ننڍپڻ کان وٺي قدرت هن جي دل اندر صفيه جي صورت اڪري ڇڏي هئي ۽ جيئن جيئن وقت گذرندو ٿي ويو، تيئن تيئن هو صرف هن ديويءَ جي پوجا ۾ ئي مگن رهندو رهيو. صفيه جو به اهو ئي حال هو. ٻنهي دل اندر پاڻ سان واعدو ڪري ڇڏيو هو ته زندگيءَ ڀر هڪ ٻئي جو ساٿ نه ڇڏيندا.
مئٽرڪ پاس ڪري عزيز اعليٰ تعليم وٺڻ خاطر ڪراچيءَ روانو ٿيو. صفيه کان موڪلائڻ وقت کيس بي انتها رنج ٿيو، پر ڪراچيءَ پهچڻ شرط هو پنهنجي پڙهڻ وغيره ۾ لڳي ويو. خط و ڪتابت جو دور هميشه جاري رهيو. وڏي شهر ۾ دل بهلائڻ جا انيڪ طريقا آهن، پر عزيز کي جيڪو فرصت جو وقت ملندو هو، سو صفيه جي ياد ۾ گذاريندو هو. ڏينهون ڏينهن کيس ائين محسوس ٿيندو ويو ته صفيه سان کيس زياده محبت ٿيندي ٿي وڃي ۽ هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته صفيه هن جي زندگيءَ جو اهم جزو ٿي چڪي هئي. جيئن ئي وئڪيشن ملندي هئي، تڏهن هو امنگن سان ڀرپور انيڪ قسمن جا تحفا وٺي ڳوٺ روانو ٿيندو هو ۽ پهريائين پهريائين صفيه وٽ ويندو هو، صفيه هي عجيب و غريب چيزيون ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندي هئي، پر انهن سڀني کان وڌيڪ خوشي کيس عزيز جي ملڻ جي ٿيندي هئي.
وقت گذرندي وارو نٿو ڪري، ڇهن سالن اندر عزيز ايم. اي، ايل. ايل. بي پاس ڪري ڳوٺ واپس وريو. سندس دل ۾ هزارهان امنگن ۽ خواهشن جون ڇوليون ڇلي رهيون هيون. انهن مان مکيه هيءَ هئي ته هينئر زندگيءَ جو نئون دور شروع ٿيندو ۽ ننڍپڻ جو ساٿي هميشه لاءِ سندس ٿي ويندو. هن هينئر پنهنجي دل جو راز صفيه سان ظاهر ڪيو. هيءَ ڳالهه سندس مامي جي ڌيان تي پڻ آندي ويئي. هن صفيه ۽ عزيز جي محبت جو ذڪر اڳ به ٻڌو هو، پر سمجهيائين ته هو ٻار آهي ۽ وڏو ٿيندو ته پاڻيهي اهو خيال بدلجي ويندس، پر هيڪر ارادو اڳي کان وڌيڪ مضبوط ڏسي وائڙو ٿي ويو. هن عزيز کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي۽ ٻين مٽن مائٽن ۽ دوستن جي معرفت کيس چورايو ته هو سندس ڌيءَ حسينه سان شادي ڪري، پر عزيز ائين ڪيئن ٿي ڪري سگهيو؟ جيڪڏهن سڄي دنيا پنهنجو زور هڪ طرف لڳائي ته به عزيز پنهنجي ارادي کان هٽڻ وارو نه هو. سندس مامو سمجهي ويو ته انهن ڳالهين مان ڪجهه به نه ورندو. اتفاقاٰ نوڪريءَ جي ڪوشش ۾ عزيز کي ڪجهه عرصي لاءِ ڳوٺ کان ٻاهر وڃڻو پيو. سندس مامي سٺو موقعو سمجهي صفيه جي شادي زوريءَ هڪ غريب ۽ پوڙهي سان ڪرائي ڇڏي. ويچاري صفيه روئندي رهي. گهڻي ڪوشش ڪيائين ته عزيز کي آگاهه ڪري. هڪ بي پناهه بي يارو مددگار عورت ڳوٺ جي رئيس خلاف قدم کڻڻ جي جرئت ڪيئن ٿي ڪري سگهي.
عزيز نوڪريءَ جو حڪم وٺي پنهنجي ڳوٺ واپس آيو. واپس اچڻ سان جيڪي هن ٻڌو، تنهن کيس بيحال ڪري ڇڏيو هن ائين ڪڏهن به نه سوچيو هو ته مونسان اهو ظلم قدرت ڪندي، صفيه جي شادي ۽ سا به موسي جهڙي غريب ۽ 45 ورهين جي شخص سان!
هوڏانهن صفيه ويچاري پنهنجي قسمت تي ڳوڙها ڳاڙيندي، خاموشيءَ ۾ شمع سوزان وانگر ڳرندي رهي. عورت جي مجبوري ۽ مڙد جي ظلم ۽ جبر جي تصوير کي حيرت سان جاچيندي رهي. کيس سمجهه ۾ ئي نٿي آيو ته ڇا ٿيڻو هو ۽ ڇا ٿي ويو.
عزيز هينئر شاديءَ جا خيال لاهي پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. دنيا هن لاءِ بدلجي چڪي هئي. هينئر هو ساڳيو خوشين سان ڀريل، کلندڙ ۽ ڳالهائيندڙ عزيز نه، بلڪه گنڀير ۽ اداس نوجوان هو. هينئر هن کي صرف زندگيءَ جا چار پهر پورا ڪرڻا هئا، پر سندس مامي آسرو هڏ نه لاٿو هو. هو هر طريقي سان ڪوشش ڪرڻ لڳو ته عزيز کي ڪنهن به طرح پنهنجي ڌيءُ سان شادي ڪرائي. سندس حڪم هو ته سڄي ڳوٺ جا ماڻهو اها ئي ڪوشش ڪن. هڪ غريب عزيز جتي وڃي اتي اها ئي چؤ بچو لڳي پيئي هئي. ٻن سالن جي لڳاتار ڪوشش کانپوءِ کيس سڀني سمجهايو ته جنهن شخص تنهنجي پرورش ڪئي آهي، انهيءَ تي اهو احسان لازمي آهي.
عزيز به ويچار ڪيو ته صفيه کي وسارڻ ۽ پنهنجي غم کي دور ڪرڻ جو ڪو چاڙهو ضرور ڳولهڻ گهرجي. اهي سڀ خيال ڪري هو شادي ڪرڻ تي آماده ٿيو ۽ خوب ڌوم ڌام سان شادي ٿي چڪي، پر شاديءَ کان پوءِ به عزيز جي دل تان صفيه جي تصوير نه مٽجي سگهي. هو گهرو زندگيءَ کي فقط فرض ادائي سمجهندو هو، جنهن مان کيس ڪو لطف يا خوشي حاصل ڪانه ٿيندي هئي.
قدرت کي اڃان به کيس ٻيو رنگ ڏيکارڻو هو. ڄڻ ته هو سندس انهيءَ صبر ۽ بي چينيءَ تي به راضي نه هئي. عزيز جي شاديءَ جي ٻن سالن کان پوءِ صفيه جو خاوند بيمار رهڻ لڳو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ وري بيوه ٿي چڪي هئي. عزيز تي ڄڻ مصيبتن جو پهاڙ ڪري پيو ۽ هو پنهنجي اٻهري قدم تي سخت پڇتائڻ لڳو ۽ وري ڪجهه عرصو غم جي اتاه ساگر ۾ غوطا کائڻ لڳو. آهستي آهستي هو وري صفيه جي گهر اچڻ وڃڻ لڳو ۽ سندس عجيب حالت ڏسي بيتاب رهڻ لڳو. آخر هن هڪ ڏينهن صفيه اڳيان پنهنجو دلي راز ظاهر ڪيو ته هوءَ ساڻس شادي ڪري. جڏهن به عزيز ڳوٺ ايندو هو ته صفيه وٽ اهائي التجا کڻي ويندو هو، پر صفيه ائين ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ هن لاءِ اها ڳالهه به برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هئي ته هڪ عورت ٿي ڪري هُوءَ ڪنهن ٻيءَ عورت سان ظلم ڪري؟ ساڻس ظلم ٿي چڪو هو، پر هن کان اهو گوارا نه ٿي سگهيو ته ڪنهن ٻيءَ عورت سان به ظلم ڪيو وڃي. عزيز گهڻي ڪوشش ڪئي، پر هُوءَ بلڪل نابري واري ويٺي. انهيءَ جدوجهد ۾ 8 سال گذري ويا. عزيز هينئر جج جي اعليٰ عهدي تي پهچي چڪو هو ۽ چئن پٽن جو پيءُ به هو، پر جڏهن به صفيه جي حالت ڏسندو هو ته ماهي بي آب وانگر لڙهندو رهندو هو. صفيه هينئر اڪثر بيمار گذارڻ لڳي ۽ هڪ ڏينهن عزيز کي بلڪ بيحال ڏسي ساڻس شاديءَ جو انجام ڪيائين. انجام ته ڪري ويٺي، پر هزارين خيال سندس دماغ کي پريشان ڪرڻ لڳا. خاص ڪري حسينه جون دانهون ۽ آهون، هوءَ ڪڏهن به برداشت نٿي ڪري سگهي. تندرست ٿيڻ جي بجاءِ سندس حالت ويتر خراب ٿيڻ لڳي. عزيز هزارين حيلا ڪيا ۽ گهڻائي ڊاڪٽر ڳوٺ ۾ آندا، پر صفيه نه تندرست ٿيڻ واري هئي، سا نه ٿي. هڪ ته هميشه کان ضعيف، ٻيو ايتريون مصيبتون سٺيون هئائين هينئر هن کي ڪابه توفيق نه هئي جو زندگيءَ جو سفر وڌيڪ دير تائين ڪري سگهي. آخر هڪ ڏينهن زندگيءَ جي مصيبتن کان بي نياز ٿي هُوءَ دنيا کي هميشه واسطي الوداع ڪري جنت جي حُور بنجي، عزيز جو انتظار حقيقي ۽ دائمي دنيا ۾ ڪرڻ لڳي.

(ماهوار رسالي ”جاڳرتي“آگسٽ 1958ع تان ورتل)

بيگم آمنه خميساڻيءَ جو انٽرويو : غلام نبي قاضي

خاڪ پاڪ، پاٽ شريف علم ۽ عرفان جو گهوارو رهي آهي. هن جي ڪکن ما ڪيترائي ماڻڪ ۽ موتي، عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا آهن، جن جي علمي ۽ ادبي هاڪ اڄ به روز روشن جيان درخشان تابان آهي. سنڌ ۾ کاٽ پاٽ کي علم جو مينار ۽ عرفان الاهي جو سرچشمو سمجهيو ويندو آهي. هن جي ماضي ۾ ڪيترائي هيرا ۽ لعل لڀندا، جن جي طفيل پاٽ کي ”شريف“ جو شرف مليو آهي، پر پاٽ جو حال به خالي ناهي... هن وقت به عالمن ۽ اديبن جي منجهس ڪا ڪمي ڪانهي. صاحب حال ۽ صاحب قال کان پاٽ نه خالي رهيو آهي ۽ نه خالي رهندو.
پاٽ جي مردم خيز مٽيءَ مان جيڪڏهن مرد ڪامل، عارف ۽ عالم پيدا ٿيا آهن ته انهيءَ مٽيءَ جنس لطيف ۾ پڻ اهڙيون ڪيتريون ئي هستيون پيدا ڪيون آهن، جن تي نه صرف پاٽ شريف کي، بلڪه سڄي سنڌ کي فخر ۽ ناز آهي. بيگم آمنه خميساڻي به انهن مان هڪ آهي، جنهن جي زندگي جو مقصد بي لوث خدمت ۽ نياڻين جي صحيح تربيت ڪرڻ آهي. هوءَ پنهنجي شاگردياڻين لاءِ مشفق معلمه به آهي ته سخت گير منتظمه به، همدرد به آهي ته مادر مهربان، جيئن همراز به. پنهنجن شاگردياڻين کي درس به ڏئي ٿي ته ساڻن مجلس ڪري سندن مشڪلاتون به ٻڌي ٿي. مطلب ته قوم جي نياڻين کي پنهنجون نياڻيون سمجهي سندن تعليم و تربيت ڪندي رهي ٿي.
رسمي خوش مرحبا بعد مون جيڪو پهريون سوال کانئس پڇيو، اهو هو ته توهان پنهنجي ابتدائي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي سگهنديون؟ بيگم صاحبه منهنجي سوال تي ٻڌايو ته: مان پاٽ شريف جي ”چنا“ گهراڻي سان تعلق رکان ٿي، منهنجي والد جو نالو مسٽر علي بخش چنا آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪليڪٽر ٿي رهي چڪو آهي. پنهنجو اباڻو ڳوٺ مون تقريبن ڇهن سالن جي عمر ۾ ڇڏيو آهي. پنهنجي تعليم جي باري ۾ بيگم صاحبه ٻڌايو ته مون قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي ماسيءَ جي مڪتب ۾ ورتي، ٽيون ۽ چوٿون درجو سنڌي ميونسپل اسڪول جيڪب آباد مان پاس ڪيم ۽ ان بعد انڊين گرلس هاءِ اسڪول مان انگريزي چار درجا پاس ڪري سينٽ جوزف ڪانوينٽ ۾ داخل ٿيس ۽ اتان ئي ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيم. ميٽرڪ بعد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خيال کان ڪنئرڊ ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتم، جتي آءٌ واحد سنڌي ڇوڪري هيس ۽ ٻيون سڀ پنجاب جون هيون. ان هوندي به منهنجي لياقت، اخلاق ۽ حوصلي کان متاثر ٿي مون کي ڪلاس نمائنده مقرر ڪيو ويو ۽ آءٌ مسلسل ٽي سا ان عهدي تي رهيس. بي اي فائنل ۾ مون کي هيڊ گرل چونڊيو ويو. ڪاليج ۾ اهو هڪ اهم عهدو سمجهيو ويندو هو. ان عهدي جي مقابلي ۾ مون کي 150 ۽ منهنجي مخالف پنجابي ڇوڪري فرح محمود کي صرف 49 ووٽ مليا، انهيءَ نمايان ڪاميابيءَ سبب منهنجي نهايت حوصله افزائي ٿي ۽ مان ڪاليج جي سوشل سرگرمين ۾ دل کولي حصو وٺڻ لڳس. آخر سن 1944ع ۾ مون بي. اي (آنرز) جو امتحان پاس ڪيو.
ڪاليج کان پوءِ جي زندگي تي به ڪجهه خيال آرائي ڪريو ته جيڪر پڙهندڙن لاءِ ڪافي مفيد ٿيندو؟ ان سوال جي جواب ۾ بيگم صاحبه ٻڌايو ته بي اي پاس ڪرڻ کان پوءِ مون هڪ سال کن جفيلهرسٽ هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ملازمت ڪئي. 1945ع ۾ منهنجي شادي مسٽر غلام محمد خميساڻيءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت ڪسٽمس ۾ انسپيڪٽر هو ۽ هن وقت ڊي ايس پي آهي. 1955ع ۾ ايم اي پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي ليڪچرار مقرر ٿيس. انهيءَ ملازمت دوران 1963ع ۾ آڪسفورڊ وڃڻ ٿيو جتي ٽي مهينا رهي ”سترهين صدي جي انگريزي ادب“ جو مطالعو ڪيم ۽ اتي جي مشهور باڊلين لائبرري ۾ ڪيترن ڪتابن جو مطالعو ڪري ڪجهه نوٽ به ورتم، جن جي مدد سان وقت ملڻ تي هڪ ڪتاب شايع ڪرڻ جو ارادو اٿم. ان بعد ڪجهه عرصو لنڊن، پئرس ۽ روم ۾ گذاري واپس وطن هلي آيس. 1964ع کان سردا بهادر گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ پرنسپال جي حيثيت سان خدمت ڪندي اچان ٿي ۽ ساڳئي وقت سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ۾ پڻ پارٽ ٽائيم ليڪچرار آهيان.
لنڊن، پئرس ۽ روم جو ٻڌي يڪدم منهنجي ذهن سوالن جو رخ ڦيرايو ۽ مون پڇيس ته: توهان آڪسفورڊ، لنڊن، پئرس ۽ روم مان ٿي آيون آهيو ته مهرباني ڪري اتي ڪن اهم حقيقتن ۽ حالتن تي ڪجهه روشني وجهو؟ بيگم خميساڻي ذهن تي ڪجهه زور ڏيندي، هڪ دفعو وري ماضيءَ ڏانهن نظر ڪئي ۽ سڀ کان پهرين آڪسفورڊ جي باري ۾ ٻڌايائين ته: آڪسفورڊ ته رڳو ڪاليجن ۽ لائبررين جو شهر نه آهي، پر تجارتي مرڪز پڻ آهي. رستن جي ٻنهي طرفن ڪاليج ئي ڪاليج نظر ايندا جتان هر وقت ڪارن جبن ۾ ايندڙ ويندڙ شاگرد نظر ايندا آهن. شهر کان پندرهن منٽن جي پنڌ تي کليل چراگاه ۽ کيت نظر ايندا.... مان اتي اونهاري جي موسم ۾ ويئي هيس، هر طرف ساوڪ ۽ سونهن پکڙيل هئي... ننڍڙا ۽ سهڻا گل زمين تي ڇٻر سان گڏ ائين نڪرندا آهن ڄڻ ته هڪ تمام سهڻو غاليچو وڇايو پيو آهي. پهاڙ به اهڙن گلن ۽ سهڻن ساون وڻن سان سينگاريل نظر ايندا آهن. مطلب ته انهيءَ طرف جي ٻهراڙيءَ ۾ جا صفائي، رعنائي ۽ تازگي ڏٺم، تنهن مونکي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
ڀلا لنڊن جي باري ۾ اوهان جا ڪهڙا تاثرات آهن؟ ان سوال جو جواب ڏيندي بيگم صاحبه ٻڌايو ته: لنڊن ۾ اهو ڏسي مون کي بيحد عجب لڳو ته اتي جا رهاڪو نيگرو (شيدي) وڌيڪ مهذب ۽ همدرد آهن. هنن کي پوشاڪ به تمام بهترين پيل هئي ۽ سندن مالي حالت به بهتر هئي، ڇو ته هو سخت محنتي آهن ۽ ان ڪري دولت به ڪافي ڪمائين ٿا. انهن ڳالهين ڪري هو سفيد فام عوام جي مقابلي ۾ وڌيڪ آسوده آهن. باقي لنڊن ۾ گهڻو وقت رهڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ماڻهو اڪثر ڪري هوٽلن ۾ رهندا آهن، جتي کين اڪيلي ڪمري ۾ رهڻو پوندو آهي. نيرن لاءِ سڀڪو ڪمري مان نڪري کاڌي جي ڪمري ۾ ايندو آهي. اهو تڪليف ڏيندڙ منظر مون کي نهايت ئي عجب لڳندو هو، جو سڀ ڪو اڪيلو ماٺ ميٺ ۾ نيرن پيو ڪري... منجهند جي ماني هتي تمام هلڪي کائبي آهي ۽ نيرن ڳري. ڇو ته سڀ ڪو ڪم ڪار ۾ رڌل رهي ٿو ۽ پنهنجي هوٽل يا گهر کان گهڻو پري رهي ٿو. ان ڪري صرف ڪافي ۽ سينڊ وچ تي گذارو ڪندا آهن.
لنڊن شهر جي باري ۾ ٻڌايائون ته اتي جا رستا ماڻهن سان ڀريا پيا هوندا آهن ۽ ائين پيو معلوم ٿيندو آهي ته ماڻهن جو هڪ سمنڊ آهي جو وهندو پيو وڃي. ڇو ٿا وڃن، ڪيڏانهن ٿا وڃن، ڇا لاءِ ٿا وڃن؟ تنهن جي ڪابه خبر ڪانه پوندي آهي، پر جي ماڻهو پاڻ انهن سان شامل ٿئي ته پاڻ به ڄڻ انهيءَ وهڪري ۾ وهندو هليو وڃي. ماڻهن کي اهڙي ڪا بيچيني ۽ پريشاني ٿي معلوم ٿئي جو هو وتن ٿا هلندا ۽ ڦرندا ۽ هڪ هنڌ وهڻ کين آرام ئي نٿو ڏئي.
البت رهڻ جون جايون تجارتي مرڪز کان گهڻو ڪري پري هونديون آهن، جتي ڪافي سڪون ۽ خاموشي هوندي آهي. هتي جا اڪثر ماڻهو زمين جي اندران هلندڙ گاڏي، جنهن کي ٽيوب چوندا آهن، تنهن ۾ سفر ڪندا آهن، جي تمام تيز، سلامتيءَ واريون ۽ جلد جلد ايندڙ آهن. نئين ماڻهوءَ لاءِ بس ۾ چڙهڻ هڪ وڏي مصيبت آهي. مان ڪيترا دفعا غلط بسن ۾ سوار ٿيس ۽ نتيجو اهو نڪرندو هو جو وقت تي ڪڏهن به پهچي نه سگهندي هيس، جنهن ڪري نهايت ندامت کڻڻي پوندي هئي.
پئرس جي باري ۾ بيگم خميساڻيءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته اتي جا ماڻهو ڇا به ٿي پوي پنهنجي مادري زبان کان سواءِ ٻي ڪابه ٻولي ڪونه ڳالهائيندا آهن. اگر ٻي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪا سخت ضرورت درپيش پئي ته لکي ڏيندا،پر ڳالهائيندا نه. مون کي برٽش ڪائونسل وارن جيڪو گائيڊ بوڪ موڪليو هو، جنهن ۾ ڪجهه حصو هڪ لغت جو به هو، سو اتفاق سان مون کي لنڊن ۾ وقت تي نه پهچي سگهيو، نتيجو اهو نڪتو جو جڏهن پئرس پهتيس ته نه مان هنن کي پئي سمجهي سگهان ۽ نه هو مون کي. جيئن ته تن ڏينهن مون کي به فرينچ بلڪل ڪانه ايندي هئي، ان ڪري بعض اوقات اشارن کان ڪم وٺڻو پوندو هو. کل به ڏاڍي ايندي هيم ته هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ کي به هيئن جاهلن وانگر اشارن کان ٿو ڪم وٺڻو پوي. بهرحال، پئرس جا ماڻهو تمام همدرد آهن ۽ بنا پئسي توهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. شايد انقلاب – فرانس جا اهي تاثر اڃا به منجهن آهن. شهر ۾ ڏيک ويک ۽ فيشن تمام گهڻو ۽ بازارون ڪافي خوبصورتي سان سينگاريل آهن. البت هتي مهانگائي وڌيڪ هئي ۽ خاص ڪري کاڌو تمام مهانگو پوندو هو. پئرس جي ماڻهن جي روزگار جو گهڻو دارومدار سياحت تي آهي.
اگر ممڪن هجي ته پڙهندڙن جي دلچسپي خاطر ڪجهه روم جي باري ۾ به ٻڌايو؟ مون هڪ ٻيو سوال ڪيو.
آمنه بيگم کلندي چيو: ضرور ! انگلينڊ ۽ پئرس ۾رهڻ بعد روم ۾ اچڻ سان مون کي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ پنهنجي وطن جي بلڪل ويجهو اچي ويئي آهيان. روم جو صاف، سهڻو ۽ نيلو آسمان ۽ موافق ۽ وڻندڙ هوا پنهنجي وطن جي موسم – بهار جي ياد ڏياري رهي هئي. انهيءَ دوري جي ٽن مهينن ۾ مون پهريون دفعو روم ۾ هڪ کجيءَ جو وڻ ڏٺو ۽ هڪ دفعي شاهراه تي هڪ وڪٽوريا گاڏي ڏٺي. وڪٽوريا ڏسي مون کي حيرت لڳي ته هن سائنسي دور ۾ ههڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به هڪ گهوڙي واري وڪٽوريه استعمال ٿئي ٿي! ممڪن آهي ته هڪ ”دلچسپ گذشته ياداشت“ مثل کيس قائم رکيو ويو هجي... روم سڄو ئي خوبصورت آهي، ليڪن اتي جون عمارتون قديم وقت جي فن معماري جو هڪ زنده مثال آهن. عمارتن جو نمونو گهڻي قدر مسلماني فن معماري سان مشابهت رکي ٿو؛ جيئن ته مينار ۽ گنبذ اڪثريت ۾ نظر اچن ٿا. هتي جي مشهور عمارت ”سينٽ پيٽرسن برگ چرچ“ آهي، جو ڏسندڙن کي بلڪل حيران ڪري ڇڏي ٿو. هن شاندار، وسيع ۽ خوبصورت چرچ ۾ مشهور و معروف معمار و فنڪار مائيڪل ائنجلو جون ٺهيل مورتيون ۽ تصويرون رکيل آهن. اسان جو گائيڊ (راهبر)، جيڪو اٽلي جو باشندو هو، سو نهايت ئي خوش مزاج ۽ خوش خلق هو. کيس ڪيتريون ئي ٻوليون اينديون هيون ۽ اسان کي به هر هڪ ٻوليءَ ۾ پئي سمجهايائين. ڪنهن شخص کانئسن پڇيو ته هي بت اڃا تائين ڪيئن تازا رکيا آهن؟ جواب ۾ ڏاڍي مزي سان چيائين ته ”اِٽ اِز مريڪل موسيو“ (It is miracle Mousieuo) يعني ته اهو هڪ معجزو آهي، مسٽر!“ روم جي رهاڪن جي شڪل و شبيهه ۽ طور ۽ طريقا ڏاڍا وڻندڙ ٿين ٿا ۽ سندن نقش و رنگ ۾ به يورپ جي ٻين ملڪن کان فرق آهي ۽ ڪجهه مشرق ڏانهن مائل آهن، پر هتي جا ماڻهو ايترا ايماندار، صاف دل ۽ فراخدل نه آهن جيترا فرانس ۽ انگلينڊ جا.
هڪ سياحت جي مرڪز تي جيئن اسان جو ڪوچ اچي بيٺو ته هڪ ڇوڪري، جنهن کي ٽوڪري ۾ گل هئا، سا آئي ۽ اسان سڀني کي هڪ هڪ گل بنا پڇا ڳاڇا جي هڻڻ لڳي. اسان سمجهيو ته هي به ڪو روم جي مهمان نوازي ۽ آجيان جو طريقو آهي. تان جو خبر پئي ته جڏهن سڀني کي ٽاچنيءَ سان گل هڻي بس ڪيائين ته ڦري اچي سڀني کان پئسا گهريائين مون کي پئسا ته ياد ڪونه آهن ته ڪيترا ورتائين، پر اهو ياد اٿم ته گل جي قيمت کان بهرحال گهڻا هئا.
روم کي هڪ ته قدرت پنهنجي ساوڪ سونهن، گلن، ڦلن ۽ هيٺانهين مٿانهين سان سجايو آهي ته ٻئي طرف وري ماڻهن جي ڪوشش. مٿانهين هنڌ تي بيهي هيٺ نظر ڪبي ته نهايت ئي حسين قدرتي منظر ۽ خوبصورت عمارتون نظر اينديون مطلب ته روم اهو ئي روم آهي، جنهن کي مغربي شاعرن ايترو واکاڻيو ۽ ساراهيو آهي ۽ ٻيا شهر ڇڏي وڃي اتي رهيا.
بيگم خميساڻي پنهنجي مغربي ملڪن جي دوري جا تاثرات ڪجهه اهڙي دلچسپ طريقي سان پيش ڪيا جو دل چاهيو ٿي ته بس ٻڌندو ئي رهجي. بهرحال بيگم صاحبه هڪ اعليٰ تعليم يافته، صاف گو ۽ روشن خيال عورت آهي ۽ ساڳي وقت محنتي ۽ هڏ ڏوکي به آهي. پاڻ يورپ جي تهذيب مان بخوبي واقف آهي ۽ انهن جي خوبين جهڙوڪ وقت جي پابندي ۽ سچ ڳالهائڻ کي گهڻو پسند ڪندي آهي، پر ان سان گڏ يورپ جي اجائي بي راه روي کي به پسند نٿي ڪري.
منهنجي هڪ ٻئي سوال: ”ڇوڪرين جي تعليم، آزادي ۽ هڪ ڪامياب عورت جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟“ جي جواب ۾ بيگم صاحبه چيو ته تعليم، مرد توڙي عورت لاءِ لازمي آهي، مگر خاص ڪري ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ جو مقصد هروڀرو ملازمت ڪرائڻ نه هئڻ گهرجي. اهڙي طرح عورتن جي آزادي لاءِ به آءٌ ائين چونديس ته هي دور عورت ۽ مرد کي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي زندگي جو بار کڻڻ جو آهي، نه ڪي ٻڪر ٻوساٽ جو. عورت جي ڪاميابي ان ۾ به آهي ته هوءَ پنهنجي اولاد کي مثالي تربيت ڏئي قوم ۽ ملڪ کي بهترين فرد پيش ڪري، فرض کان سواءِ بهتر سماج جو وجود ۾ اچڻ ناممڪن آهي.
بيگم آمنه خميساڻي جا سبق آموز ۽ دلچسپ مشاهدات ۽ حالات بغور ٻڌي رهيو هئس... ۽ مون اندازو لڳايو ته هن جي زندگي ۾ ڪافي اهم واقعا ۽ موڙ آيل آهن... ڇو ته سندس چهري جي تاثرات ۽ آواز جي لهجي مان محسوس ٿي رهيو هو ته بيگم صاحبه پنهنجي زندگي کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪئي آهي... بهرحال وقت ڪافي گذري چڪو هو. ان ڪري هڪ آخري ۽ وقت جو اهم ترين سوال بيگم صاحبه اڳيان پيش ڪيم.
بيگم صاحبه! عورتن جي پردي ۽ مخلوط تعليم بابت توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ شروع ۾ آئون پردو ڪونه ڪندي هيس، پر شاديءَ کان پوءِ مسلسل ڇهه سال مون پردو ڪيو. دراصل آئون اخلاق جي پاڪيزگي ۽ ڪردار جي بلندي کي اهميت ڏيان ٿي... جيڪڏهن اهي ٻئي خصوصيتون اسان ۾ موجود آهن ته پوءِ ظاهري پردي جي ڪابه ضرورت ڪانه ٿي پوي.
اهڙي طرح اگر يونيورسٽي ۾ مخلوط تعليم هجي ته ان ۾ ڪو نقصان ڪونهي ڇو ته اُتي هر ڪنهن کي پنهنجي نفعي نقصان جو فهم هوندو آهي ۽ انتظام به خاطر خواه آهي. البته سيڪنڊري اسڪولن ۾ جدا گانه تعليم هجي ته بهتر ، بهرحال مجموعي طور تي مان مخلوط تعليم ۾ ڪوبه عيب نٿي سمجهان.

(غلام نبي قاضي جو ورتل انٽرويو، جيڪو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ماهوار ”بادل “رسالي ۾ شايع ٿيو هو)

پروفيسر امينه خميساڻي جو انٽرويو (انٽرويو وٺندڙ ثريا مخدوم)

ميڊم پروفيسر امينه خميساڻي ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هوءَ 1955ع کان انگريزي شعبي سنڌي يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي ۽ اڄ تائين ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا اٿائين جيڪي هن وقت اهم ذميداريون سنڀالي رهيا آهن. مئڊم تازو 16 اپريل 1982ع تي رٽائر ڪيو آهي، سو ان موقعي تي سندس انٽرويو وٺڻ وقتائتو ۽ فائديمند لڳو. اهو خيال ڪري کائنس انٽرويو وٺڻ ويس جيڪو ڪجهه هيئن آهي:
سوال: مئڊم هيڏي وڏي ۽ شاندار پڙهائڻ جي دور جي پڄاڻيءَ تي اوهان ڇا ٿيون محسوس ڪريو؟
جواب: خبر نه آهي ڇو جڏهن به سوچيندي آهيان ته چويهن سالن جي استادي ختم ڪري گهر وڃي وهندس ته شيڪسپيئر جي هڪ سٽ دل تي تري ايندي آهي، جيڪا هن “اينتوني ۽ ڪلوپترا” ۾ لکي آهي. هي اهو موقعو آهي جڏهن اينٽوني کي خبر پئي ئي ته ڪلو پترا پاڻ کي ماري ڇڏيو آهي. هو پاڻ به ان وقت جنگ هارائي موٽندو آهي. اتي چوي ٿو:
The long day’s task is done and we must sleep.
يعني ايترا سال ڪم ڪيو، هاڻي صبر ۽ ٿورو آرام ڪريون، خبر نه آهي ڪيترو وقت زندگي آهي.
سوال: جڏهن اوهان يونيورسٽيءَ ۾ آيون، ان وقت يونيورسٽي نئين نئين هئي. اوهان ٻڌائينديون ته ان وقت ان جي ڪهڙي حالت هئي؟
جواب: مان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ ان سال کان شروع ڪيو، جنهن سال ايم اي پاس ڪيم. هنن کي انگريزي جي استاد جي ڏاڍي ضرورت هئي، ان ڪري هڪدم مون کي رکي ڇڏيائون. يونيورسٽي ان وقت حيدرآباد ۾ هئي (جيڪا هاڻي پراڻي ڪيمپس سڏجي ٿي) ۾ منهنجو گهر به اتي ئي يونيورسٽي جي ڀرسان هو. يونيورسٽي ان وقت ايڏي پکڙيل نه هئي. شعبا گهٽ هئا، ۽ ان لحاظ کان شاگردن جو تعداد به گهٽ هو. جنهن وقت مان شاگرد هئس. يعني 1955ع ۾، ان وقت انگريزي شعبي ۾ اسان ٽي ڇوڪريون ۽ هڪ ڇوڪرو شاگرد هئاسين، هنن مان به هڪ ڇوڪري ڇڏي ويئي ۽ اسان ٽي شاگرد هوندا هئاسين شعبي ۾. ٻه ڇوڪريون ۽ هڪ ڇوڪرو يعني گهڻائي وري به ڇوڪرين جي. انگريزي شعبي لاءِ هونءَ ئي مشهور آهي ته اتي ڇوڪرين جو قبضو آهي. (مئڊم جي ان ڳالهه اهو ثابت ڪيو ته اها صورت حال شروع کان آهي. ڇوڪريون تعليم ۾ عام طور تي ڀلي ڇوڪرن کان پوئتي هجن، پر انگريزيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هنن کان اڳتي ئي آهن).
استادن ۾ به عورتن جو تعداد بنهه گهٽ هو. انگريزي شعبي ۾ مان ئي پهرين عورت استاد مقرر ٿيس. ان وقت جيڪي مرد استاد هئا. سي ته هاڻي نه آهن، سو هن وقت مان ئي سڀ کان سينيئر استاد آهيان هن شعبي جي. هن وقت هتي جيڪي استاد آهن، تن مان تقريباً سڀ منهنجا شاگرد آهن.
سوال: مئڊم هتي اسان وٽ جن اسڪولن جو انگريزي ذريعي تعليم نه به آهي، تن ۾ به ڇهين درجي کان انگريزي لازمي آهي، جيڪا بي. اي تائين هلي ٿي. ٻين لفظن ۾ هڪ عام شاگرد اٺ سال انگريزي پڙهي ٿو، پر ان کان پوءِ به شاگردن جي گهڻائيءَ جي انگريزي بلڪل ئي ڪمزور آهي، ان جو ڇا ڪارڻ آهي؟ شاگردن جو پنهنجو ڏوهه آهي. استادن جو، يا نصاب ۾ ئي نقص آهن؟
جواب: دراصل انهن سڀني خرابين جا شاگرد، استاد ۽ نصاب ذميندار آهن. انگريزيءَ جي ڪرندڙ معيار جا جنهن وقت اسان پڙهيو. ان وقت ڪجهه ماحول ئي ٻيو هو. ماڻهن کي شوق هوندو هو، انگريزي ٻولي ۽ ادب سان. اسان جو ته وري خاندان ئي انگريزيءَ ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺندو هو. هن وقت ان بنياد اتساهه جي کوٽ آهي ماڻهو الائي ڇو انگريزيءَ کي اهميت نه ٿا ڏين. حالانڪه کين سمجهڻ گهرجي ته هڪ نه هڪ بين الاقوامي ٻولي ته کين سکڻي ئي آهي. جيئن هن گهڻ قومي دنيا سان صحيح رابطو رکي سگهن.
ٻيو ته اسان جي دور ۾ حالانڪه ڪتاب پراڻي ٽائپ ۾ لکيا ويندا هئا، پڙهائي جو طريقو به روايتي هو، پوءِ به ان دور جا شاگر قابل هوندا هئا. اڄ جيتوڻيڪ چون ٿا پڙهائيءَ جا سائنسي اصول ايجاد ڪيا ويا آهن وغيره وغيره، پوءِ به ڪا خاص ترقي ته نه ٿي آهي، بلڪه پوئتي ئي وڃون پيا. ان ڪري مون کي ته اهي پڙهائيءَ جا طريقا بنهه نه ٿا آئڙن. ٽيون ته مون کي لڳي ٿو ته استاد محنت نه ٿا ڪن. اسڪولن ۾ زباني ڪم تي توجهه نه ٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته اهائي بنيادي شيءِ آهي، صرف ڪتابن مان پڙهايو وڃي ٿو، مٿين سطح تي وري لکت جو ڪم کي گهربل توجهه نه ٿي ملي. گهڻو ڪري شاگردن کي “گائيڊن” تي هلايو وڃي ٿو. منهنجو وس پڄي ته انهن گائيڊن جي ڪتابن کي ساڙي ڇڏيان. ٻيو ته اسڪولن ۾ ڪلاس ۾ شاگردن جو تعداد تمام وڌيڪ آهي ان ڪري استاد هنن تي انفرادي توجهه نه ٿو ڏئي سگهي.
سوال: آميريڪن سينٽر ۾ جهڙي طرح انگريزيءَ جا ڪلاس هلن ٿا. اهڙي نموني جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي طرفان به شام جا ڪلاس شروع ڪيا وڃن، ته اها سٺي ڳالهه نه ٿيندي جو آمريڪن سينٽر ۾ ته ڪافي شاگرد ڳري في ڏئي به وڃن ٿا اهڙي طرح هتي به ايندا ۽ يونيورسٽي کي به فائدو ٿيندو؟
جواب: انفرادي طور تي هت اسان جي شعبي ۾ جيڪي شاگرد انگريزي زبان ۾ ڪمزور آهن. انهن لاءِ گرامر جا واڌو ڪلاس هلائيندا آهيون، جيڪي بنا مارڪن جي (None Credit) هوندا آهن.
مجموعي طور تي يونيورسٽي اهڙا ڪلاس هلائي ته سٺو آهي. آمريڪن سينٽر ۾ پڙهائڻ وارا به اڪثر استاد به هتان، اسان جي شعبي جا ئي آهن، پر اهو ڪم جيڪڏهن شهر ۾ پراڻي ڪئمپس ۾ ٿئي ته بهتر، جو شهر وارن کي ٻه دفعا ڄامشوري اچڻ ڏکيو لڳندو ۽ ڄامشوري وارا شهر ته هون ئي وڃن ٿا.
سوال: ماڻهو اڪثر چوندا آهن ته سنڌ يونيورسٽي جي تعليم جو معيار پاڪستان جي ٻين يونيورسٽين جي مقابلي ۾ ڪافي گهٽ آهي. اوهان جو ڇا خيال آهي. واقعي ائين آهي يا اهو ماڻهن جو وڌاءُ آهي؟
جواب: مون کي ته اهو ماڻهن جو وڌاءُ ئي لڳي ٿو. پوءِ به ٻين مضمونن جي باري ۾ مان چئي نه ٿي سگهان ته اهي هتي ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ ڪئين پڙهايا وڃن ٿا، باقي جيستائين اسان جي مضمون ۽ شعبي جو تعلق آهي ته مان چوندس ته سنڌ يونيورسٽي جو انگريزي شعبو پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽي جي ساڳي شعبي کان ڪنهن به لحاظ کان گهٽ نه آهي. مان سندن ٻين يونيورسٽين ۾ ممتحن ٿي وئي آهيان، پر اتي جا شاگرد مون کي پنهنجن شاگردن کان ڪنهن به لحاظ کان وڌيڪ نه لڳا. ڪراچيءَ ۽ ڪن ٻين شهرن جا شاگرد، اتان جي ماحول جي ڪري انگريزي ڳالهائي ته سٺي وڃن ٿا، پر جيستائين انگريزي ادب جي باري ۾ ڄاڻ جو سوال آهي ته اسان جا شاگرد هنن کان وڌيڪ ئي آهن. اسان جي بهترين شاگرد جو ته ڪو مقابلو ئي ڪونهي، پر اسان جو نصاب به ڪن يونيورسٽين جي نصاب کان مختلف ۽ سٺو آهي. مثال طور هتي اسان وٽ هڪ پرچو مغربي ادب جو آهي. جنهن ۾ ٻين ملڪن جا اديب، جيئن ته فرانس جرمني وغيره جا پڙهايا وڃن ٿا. اهو پرچو ڪراچي يونيورسٽي جي نصاب ۾ نه آهي. هتي ته آمريڪي ادب به هاڻي شروع ڪيو اٿن نه ته پهريان صرف برطانوي ادب پڙهائبو هو. اسان وٽ آمريڪي ادب ته ڪافي وقت کان نصاب ۾ آهي.
سوال: اوهان پنهنجو شاگرديءَ وارو زمانو ته گهڻو پوئتي ڇڏي آئيو، پوءِ ڪي استاد جن اوهان کي متاثر ڪيو هجي؟
جواب: مان بي اي (آنرس) لاهور جي ڪينٽ ڪاليج مان ڪئي آهي. اتي جي جيڪا پرنسپال هئي. مس ميڪلنٽر، ان کان مان ڪافي متاثر ٿيس. هوءَ اسڪالينڊ جي رهاڪو هئي، ڏاڍي محنتي ۽ ڪم سان چاهه رکندڙ هئي. ڪٿان اسڪاٽلينڊ کان آئي هئي هتي ڪاليج هلائڻ ۽ جنهن نموني هن ڪاليج جو انتظام رکيو، تنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. مون کي ياد آهي، هڪ دفعي مان ڪنهن ڪم سان هن جي آفيس وٽان لنگهيس. اسان جي هاسٽل به ڪاليج جي احاطي ۾ ئي صرف پڙهائي واري حصي کان ٿورو پرڀرو هئي. ان وقت سخت گرمي هئي، پر اهو ڏسي حيران ٿي وئي ته هوءَ عورت ان وقت پنهنجي آفيس ۾ ويٺي ڪم ڪري رهي هئي، جڏهن ته اسان ڪمرن ۾ ستيون پيون هيوسين. اسان جيڪي هون ئي اهڙي گرميءَ جون عادي هيوسين ۽ هوءَ ته اسڪاٽلينڊ جهڙي ٿڌي ملڪ مان آئي هئي ۽ گرميءَ جي عادي به نه هئي! اهي ۽ ان قسم جون ٻيون ڳالهيون جيڪي هن جي شخصيت ۾ هيون، مون کي اڄ تائين ياد آهن.
سوال: ڪي شاگرد به ياد آهن؟
جواب: جهڙيءَ طرح ڪي سٺي استاد کي شاگرد هميشه ياد رکندا آهن، تهڙيءَ طرح ڪي سٺا شاگرد پڻ پنهنجن استادن کي ياد رهندا آهن. اها دراصل ٻطرفي ٽريفڪ آهي، منهنجا شروع وارا شاگرد ڪجهه وڌيڪ ذهين هئا، اهي اڄ تائين مون کي ياد رکن ٿا، مون کي به ياد آهن. مثال طور ارجن لعل منهنجو شاگرد آهي. هو منهنجي پهرين جٿي جو شاگرد اهي. (مان سوچڻ لڳس ته مئڊم جي محنت جو پهريون ڦل ته واقعي شاندار آهي. سائين ارجن لعل هتي ئي انگريزي شعبي جي ڪن بهترين استادن مان هڪ آهي. ادب سان گڏ سائين جن کي فلسفي ۾ پڻ خاص اهميت حاصل آهي) ٻين ۾ مسٽر جي ڊي، مسٽر ابتحاج علي خان، هن وقت پروفيسر آهي. منصور احمد، پاسپورٽ آفيسر، منظر اڪبر، شفيق پراچه، گل محمد عمراڻي ۽ علي بخش رند، فيروز الدين شاهه، علي نواز پليجو، خورشيد الحق حسين، لجپت گانڌي وغيره.
سوال: اسان وٽ جيئن ته انگريزيءَ سان گڏ، باقي مغربي ملڪن جو ادب پڻ پڙهايو وڃي ٿو. اوهان ٻڌائينديون ته انگريزي ۽ بي مغربي ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ ڇو ضروري آهي باقي ادب پڙهڻ؟
جواب: هونءَ ته هر ڪنهن ملڪ ۽ ٻوليءَ جي ادب جو مزاج پنهنجو ٿئي ٿو، پر ڪي لاڙا ۽ رجحان اهڙا ٿين ٿا، جيڪي گهڻن ئي اديبن کي متاثر ڪن ٿا. انگريزي ادب ۾ ڪافي اهڙا رجحان آهن، جيڪي ان کي ٻين اديبن، جيئن ته فرانسيسي ۽ جرمن کان مليا آهن. اڄ ڏينهن تائين انگريزي ادب انهن کان متاثر ٿيندو رهي. مثال طور انگريزي ادب ۾ رومانوي تحريڪ اوهان ڏسو فرانس ۽ جرمني کان آئي. اڄ وجوديت جي فلسفي.....

نوٽ: هن انٽرويو جو آخري حصو ملي نه سگهيو.

(هفتيوار هدايت ، حيدرآباد، 1982ع)