الطاف شيخ ڪارنر

جهونا ٿيا جھاز

ھن ڪتاب ۾ سمنڊ ۽ سامونڊي طوفانن جا قصا ۽ معلومات، ٿائيلينڊ بابت ڳالھيون، چٽگانگ جي جي جهوني بندرگاھ جي ڪھاڻي، سامونڊي ۽ دريائي بندرگاھن بابت معلومات، ڪاري پاڻيءَ جي بندرگاھہ، انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن بابت مضمون، حر تحريڪ ۽ ڪاري پاڻيءَ جي سزا، ڪجهہ سنڌي پروفيسرن جا قصا ۽ آتم ڪٿائون، ولايت ۾ رھندڙ سنڌين بابت معلومات سميت ڪيترائي دلچسپ سفري مضمون ۽ الطاف شيخ جو انٽرويو شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جهونا ٿيا جھاز

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: جهونا ٿيا جهاز
موضوع: سفر نامو
ليکڪ: الطاف شيخ
ڇاپو پهريون: 2021ع
لي آئوٽ: فيصل ميمڻ
ٽائيٽل: مهراڻ سهتو
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
دوابا پوليس لائين سامهون عبرت پريس گاڏي کاتو حيدرآباد
مُلهه: 400/=

ISBN: 978-969-737-040-5

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

JHOONA THYA JAHAZ
(Travel)
Writer: Altaf Shaikh
First Edition: 2021
Title Design: Mehran Sehito
Lay Out: Faisal Memon
Published By: Sambara Publication Hyd
Email: sambara.publication@gmail.com
0300-3513966

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو آمريڪا بابت لکيل سفرنامو ”جهونا ٿيا جھاز“ اوهان اڳيان پيش آهي.
سامونڊي سفر ۾ گڏ کڻي هلڻ ۽ سفري وارتائن کي منفرد، معلوماتي ۽ مثالي ڍنگ سان قلمبند ڪرڻ جھڙو ڏانءُ ۽ ذهني ڪماليت الطاف شيخ کانسواءِ شايد ئي ڪنھن وٽ پڙهڻ لاءِ ملي. هو سنڌ مٽيءَ جو هڳاءُ رکندڙ نھايت حساس سڀاءَ جو مالڪ آهي، پوري دنيا گهمڻ باوجود پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ امڙ سان اڻٽٽ رشتو نڀائيندو پيو اچي. ھن ڪتاب ۾ سمنڊ ۽ سامونڊي طوفانن جا قصا ۽ معلومات، ٿائيلينڊ بابت ڳالھيون، چٽگانگ جي جي جهوني بندرگاھ جي ڪھاڻي، سامونڊي ۽ دريائي بندرگاھن بابت معلومات، ڪاري پاڻيءَ جي بندرگاھہ، انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن بابت مضمون، حر تحريڪ ۽ ڪاري پاڻيءَ جي سزا، ڪجهہ سنڌي پروفيسرن جا قصا ۽ آتم ڪٿائون، ولايت ۾ رھندڙ سنڌين بابت معلومات سميت ڪيترائي دلچسپ سفري مضمون ۽ الطاف شيخ جو انٽرويو شامل آھي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون الطاف شيخ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب؛ منظور احمد کوسي جي نالي

جنهن شاهپور درپور جهڙي ننڍڙي ڳوٺ کان يونائيٽيڊ نئشنس (نيويارڪ) تائينءَ جو ڪامياب سفر ڪيو ....
منظور اهو شخص آهي جنهن لڳاتار جدوجهد ۽ محنت ذريعي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو مثال قائم ڪيو ۽ هن اها چوڻي غلط ثابت ڪئي ته “گھڻين زالين گھر نه هلي“. هن جو هڪ ئي وقت ڳوٺاڻي، شهري ۽ پرڏيهي زال سان عمدو ورتاءُ هڪ مثالي آهي. هو هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو ٿي ڪري ڪيئن ولايت ۾ رهيو، پڙهيو ۽ جيئري رهڻ لاءِ جتن ڪيا- هڪ قابلِ داد ڳالهه آهي.
منظور کوسي جهڙن ڪيترن ئي ولايت ۾ رهندڙ سنڌ جي ڳوٺاڻن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين- فهيم جروار، اسرا عباسي، صنم نور پيچوهو، ڊاڪٽر افتخار عباسي جهڙن جون همٿ سان مشڪلاتن کي منهن ڏئي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جون ڪهاڻيون لکندو اچان. منظور کوسي جي ڪهاڻي به ان قسم جي محنت، سٺي اخلاق ۽ ڀاڳ نصيب جي ڳالهه آهي. هن هڪ غريب گهر ۾- جنم ورتو ۽ پوءِ ڏينهن رات جي محنت بعد اڄ هو خوشحال زندگي گذاري ٿو ۽ ٻين لاءِ Source of Inspiration بڻيل آهي.
منهنجي خيال ۾ هي 1980ع جي ڏهاڪي جو پويون اڌ هو- 1986ع يا 1987ع ، جو فلپائين جي گاديءَ واري شهر منيلا ۾ منهنجي هن،ان وقت جيسورهن سترهن سالن جي نينگر سان ملاقات ٿي هئي. هن ٻڌايو ته هو ڳوٺ شاهپور جو آهي ۽ ٽنڊو ڄام جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان نوڪلاس پڙهڻ بعد 1986ع ۾ مئٽرڪ حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان ڪري وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هتي فلپين ۾ آيو آهي.
ڳوٺ شاهپور هڪ ته هالا ۽ شهدادپور جي ڀرسان شاهپور چاڪر جي نالي سان آهي ۽ ٻيو ٽنڊو الهيار ڀرسان شاهپور رضوي آهي. منظور کوسي جو هي ڳوٺ شاهپور “ڳوٺ شاهپور درپور” سڏجي ٿو ۽ ٽنڊو ڄام ۽ مٽيارين جي وچ ۾ آهي. اهو ٽنڊو ڄام کان ويندي 8 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. رستي تي موسيٰ کٽياڻ ۽ حڪيم پير حاجن شاهه جهڙا ڳوٺاچن ٿا.
ان وقت منيلا ۾ منظور ٻڌايو ته هو منيلا جي سينٽرل لوزان اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي! آئون ڪا دير منيلا آيل هن شاهپور جي ڳوٺاڻي ڇوڪري کي غور سان ڏسندو رهيس، جيڪو اهڙي ملڪ فلپين ۾ آيو هو جتي جو ٻچو ٻچو ڦر ڦر (Fluently) انگريزي ڳالهائي ٿو ۽ اسان جي ملڪ جو اهو حال آهي جو اسان جا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر جڏهن ملائيشيا ۾ نوڪريءَ لاءِ اچن ٿا ته پنهنجي فيلڊ ۾ هوشيار هجڻ جي باوجود هنن کي انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ (Talking power) نه هجڻ ڪري هو رجيڪٽ ڪيا وڃن ٿا. انهن جي مقابلي ۾ انڊيا۽ سري لنڪا جا اميدوار چونڊيا وڃن ٿا جو اهي انگريزي سٺي ڳالهائينوڪري ڏيڻ واري کي impressڪريو وٺن. هي نوجوان – منظور، فلپين جي جنهن تعليمي اداري ۾ داخلا وٺڻ جو سوچي رهيو هو، يعني مونکي ٻڌائي رهيو هو، اهو اڄ بهفلپين جو اعليٰ ادارو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جو تعليمي معيار ايڏو بلند آهي جو ان ۾ داخلا لاءِ هر ٽي ٽي مهيني انٽري ٽيسٽ ٿين ٿا ۽ فقط مٿانهان نمبر کڻڻ وارن کي داخلا ملي ٿي.
اهي ماڻهو جيڪي هن پاسي نه آيا آهن، انهن لاءِ لکندو هلان ته فلپين ملڪ ايران، افغانستان يا انڊيا ۽ پاڪستان وانگر زمين جو هڪ چَڪ (ٽڪرو) ناهي پر اهو سوين، بلڪه هزارين ٻيٽن جو مجموعو آهي- جيئن مالديپ آهي، انڊونيشيا آهي يا جپان ۽ برمودا آهن. هي ٻيٽن جو جھڳٽو بورنيو ٻيٽ (جنهن ۾ صباح، سراواڪ ۽ برونائي وغيره آهن) جي مٿان پئسفڪ سمنڊ ۾ آهي. فلپين اٽڪل 7650 ننڍن وڏن ٻيٽن جو مجموعو آهي، جيڪو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. اتراهون حصو لوزان جنهن ۾ سڀ کان وڏو ٻيٽ لوزان (Luzon) اچي وڃي ٿو جنهن تي فلپين جي گاديءَ وارو شهر منيلا کان سواءِ آدمشماريءَ ۾ وڏو شهر ڪُئيزون (Quezon)پڻ آهي جيڪوشهر فلپين جي ٻئي صدر مئنيوئل ڪُئيزون ٻڌرايو.
فلپين جو ٻيو وچ وارو حصو آهي، جيڪو Visayas سڏجي ٿو ۽ هيٺيون ڏکڻ وارو حصو جتي مسلمان گھڻا آهن، اتي جي وڏي ٻيٽ منڊانو (Mindano) ڪري ان ريجن کي ان نالي سان سڏيو وڃي ٿو- جيئن مٿانهون حصو لوزان ٻيٽ ڪري لوزان سڏجي ٿو. فلپين جو هي ٻيٽ Luzon سڀني ٻيٽن ۾ وڏو آهي ۽ دنيا ۾ پنڌرهين نمبر تي آهي.
منظور کوسي سان 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن پهريون دفعو ملاقات ٿي، ان ڀيري هوائي جهاز ۾ منيلا ويو هوس نه ته ان کان اڳ پاڻيءَ واري جهاز ۾ جپان ۽ ڪوريا ويندي يا موٽندي ڪڏهن هانگ ڪانگ ۾ ته ڪڏهن منيلا ۾ جهاز کي لنگرانداز ڪرائيندا هئاسين. فلپين جو هي بندرگاهه منيلا پاسنگ (Pasing) نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي. پاسنگ ندي منيلا کي ٻن حصن: اتر ۽ ڏکڻ ۾ ورهائي ٿي، جيئن سمجھو ته سنڌو نديءَ جي هڪ پاسي سکر آهي ته ٻئي پاسي روهڙي. اڃان به بهتر مثال ٽيمز (Thames) نديءَ جو چئي سگھون ٿا جيڪا لنڊن شهر جي وچ مان لنگھي ٿي ۽ لنڊن کي منيلا وانگر اتر ۽ ڏکڻ حصن ۾ ورهائي ٿي.
سنڌ جي پنهنجي ڳوٺ شاهپور درپور کان 5800 ڪلوميٽر پري (جيڪڏهن مک وانگر سڌو اڏامي وڃجي ته، نه ته سمنڊ رستي سري لنڪا ۽ سنگاپور وٽان ڦيرو ڪرڻ تي 8000 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي) منيلا ۾ ويٺل منظور کوسي منيلا جي CLSU يونيورسٽي (سينٽرل لوزون اسٽيٽ يونيورسٽيءَ) ۾ داخلا وٺڻ ٿي چاهي. اها منيلا شهر کان ائين پرٻهرو آهي جيئن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوروحيدرآباد شهر کان.
CLSU يونيورسٽي 1907ع ۾ جڏهن کلي هئي ته بنيادي طرح هن يونيورسٽيءَ فقط اهي ضرورتون پوريون ڪيون ٿي جيڪي اڄ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ڪري رهي آهي. باءِ دي وي تعليمي ادارن جا Motto پڙهڻ جو شوق اٿم. ان سُڌ ۾ منيلا جي هن يونيورسٽيءَ جو موٽو به وڻندو اٿم جيڪو آهي: Where Difference is Created. چوڌاري سارين جا فصل ۽ گھاٽو ٻيلو، هن يونيورسٽي جي نظاري کي خوبصورت بڻائين ٿا. هن يونيورسٽيءَ جو مين گيٽ بيحد خوبصورت آهي جنهن جي اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائڻ تي هر هڪ جي دل چوي ٿي. اڄ ڪلهه هن يونيورسٽيءَ ۾ ائگريلڪچر کان سواءِ آرٽس ۽ سوشل سائنس، بزنيس ائڊمنسٽريشن، اڪائونٽنسي، انجنيئرنگ، فشريز ۽ ٻيا سبجيڪٽ به پڙهايا وڃن ٿا! ۽ ماسٽرس ۽ ڊاڪٽوريٽ تائين تعليم آهي. منظور هن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺڻ چاهي ٿي.
“هن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ هنن جا جيڪي انٽري ٽيسٽ ٿين ٿا اهي ته بيحد ڏکيا آهن”. مون منظور کي چيو هو.
“انهيءَ ڪري ته مون کان پاس نٿا ٿين،” منظور وراڻيو هو، “منهنجي ڀاءُ جو ضد آهي ته آئون هروڀرو هن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺان. ڏينهن رات پنهنجي انگريزي سڌارڻ ۾ لڳو پيو آهيان پر اڃا پاس نٿو ٿيان. ٻه دفعا ٽيسٽ ڏئي چڪو آهيان. هاڻ باقي هڪ آخري موقعو وڃي بچيو آهي.”
پڙهندڙن سان هڪ ڳالهه ڪريان ته فلپين کڻي ڪهڙو به ملڪ آهي .... گھڻي آدم شماري، قدرتي وسيلن جي کوٽ، طوفانن ۽ ٻوڏن جي مصيبتن ۽ بيروزگاريءَ ڪري غربت جو شڪار آهي .... پر هن ملڪ پنهنجي تعليمي نظام کي بيحد مضبوط رکيو آهي. هنن جي مقامي ٻولي تگالوگ ڳالهائڻ وارا فلپيني فلپين کان ٻاهر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهن ٿا پر هنن پنهنجي تعليمي نظام ۾ تگالوگ ٻولي رکڻ بدران انگريزي رکي آهي. هنن جو چوڻ آهي ته انگريزي سڄي دنيا ۾ هلي ٿي ۽ ان ۾ اسان جا ماڻهو ڀڙ ٿيڻ تي هو جتي ڪٿي روزگار کي لڳيو وڃن. جيئن ملائيشيا وارا انگريزيءَ جي ڄاڻ ڪري انڊونيشا وارن کان وڌيڪ فائدي ۾ آهن. نوڪرين چاڪرين ۾ توڙي ڪاروبار ۾ اهي وڌيڪ ڪامياب آهن. انڊونيشيا تي ڊچن جي حڪومت هجڻ ڪري اتي ڊچ ٻولي هلي ٿي جيڪا دنيا ۾ ايڏي مشهور ناهي پر هاڻ هو به انگريزيءَ کي اهميت ڏيڻ لڳا آهن.
فلپين ۾ غربت ۽ آدم شماري گھڻي آهي پر تعليميادارن ۾ پڙهائي جو سخت نظام، ڊسيپلين ۽ ميڊيم آف انسٽرڪشن انگريزي هجڻ ڪري اتي جا گريجوئيٽ -پروفيشنل توڙي معمولي تعليم وارا پورهيت، مستري مزدور يورپ، آمريڪا توڙي آفريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن.
منظور پنهنجي وطن مان مئٽرڪ ڪري ننڍي عمر ۾ منيلا (فلپين) يعني پرديس ۾ آيو هو. هونءَ سچي ڳالهه ته اها آهي ته آئونننڍي عمر جي ٻار کي تعليم وٺڻ خاطر ڳوٺ ڇڏي اڪيلي ولايت جو رخ ڪرڻ جي خلاف آهيان- چاهي هو امير جو ٻار هجي يا غريب جو. مئٽرڪ ته ڇا پر انٽر بعد به ٻار کي ٻاهر موڪلڻ ۾ وڏو Risk آهي. گهٽ ۾ گهٽMBBS يا B.E جهڙيون بيچلر ۽ بنيادي ڊگريون پنهنجي ملڪ جي سرڪاري يا خانگي ڪاليجن مان ڪري پوءِ Ph.D جهڙين ڊگرين لاءِ نڪرجي. تيسين ٻار ذهني طرح ڪافي بالغ ٿيو وڃي. ان ئي ڳالهه جواظهار مون منظور سان به ڪيو. هن جي جواب مان سمجھي ويس ته هن جو ڪيس مختلف آهي. هو مجبوريءَ ڪري هتي آيو آهي.
منظور جو تعلق سنڌ جي معاشي طرح هڪ ڪمزور فئملي سان آهي جيڪا ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهي ٿي. اسان سڀني کي خبر آهي ته اسان وٽ تعليم جو ڇا حال آهي- خاص ڪري ڳوٺن ۾ جتي نه ماستر آهن ۽ نه ٻارن جي ويهڻ لاءِ ڪلاس روم ۾ فرنيچر. ٽوائليٽ ئي نه آهن. غريب مائٽ پورهيو ڪري اولاد جو پيٽ گذر ڪن يا پڙهائيءَ جو خرچ برداشت ڪن. سنڌ ۾ شروع کان مسلمان ڳوٺن ۾ رهيا ٿي ۽ هونءَ به ڪٿي هو سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان؟
منظور ٻڌايو ته هن جو ڏاڏو يار محمد کوسو توڙي والد صاحب مير محمد خان کوسو- جن جو کوسا قبيلي جي جوڳياڻي پاڙي سان تعلق آهي، انهن کيتي ٻاڙي ڪري گذر سفر ڪيو ٿي. “ورهاڱي بعد انڊيا کان آيل رائو عبدالمجيد خان کي اسانجي ڳوٺ جي هڪ هندوءَ جي ڇڏيل زمين ملي، جنهن تي منهنجي والد هارپو ڪيو ٿي. هو صاحب آرمي ۾ صوبيدار هو. هن اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن کي فوج ۾ داخل ٿيڻ جي ڏاڍي ترغيب ڏني پر افسوس جو اسان جي کوسا قوم مارشل هجڻ جي باوجود فوج ۾ دلچسپي نه رکي. اڳتي هلي جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ پروفيسر يار محمد گرئجوئيشن ڪئي ۽ پروفيسر ٿيوته رائو عبدالمجيد خان جي ڪوشش ۽ رهنمائيءَ سان هو پاڪستان آرميءَ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ٿي ويو. پر گھرو مجبورين ڪري ادا آرمي جي نوڪري ڇڏي ڏني.”
“پوءِ توهان کي پڙهڻ جو شوق ڪيئن ٿيو؟” مون منظور کان پڇيو هو.
“اسان جي خاندان ۾ اسان جو مامو حاجي رضا محمد کوسو صاحب پهريون شخص هو جنهنتعليم حاصل ڪئي. هن کي حيدرآباد جي هڪ جج حيدر علي شاهه نه فقط پڙهايو پر ماستري به وٺرائي ڏني.”
“پوءِ هن توکي پڙهايو؟”
“نه. آئون ڀائرن ڀينرن ۾ ننڍو آهيان”، منظور ٻڌايو. “هن منهنجي وڏي ڀاءُ پروفيسر يارمحمد کي پڙهايو، جنهن مئٽرڪ بعد ٽنڊو ڄام ائگريڪلچر ڪاليج مان ماسٽرس ڪئي ۽ اتي ئي پروفيسر ٿي رهيو. هو ائگرو ايڪنامڪس سبجيڪٽ جو Specialist هو.”
منظور ٻڌايو ته تعليم خاطر هن جي ڀاءُ پروفيسر يار محمد کوسي هن کي ٽنڊو ڄام ۾ پاڻ سان رهائي پڙهايو. هو جڏهن مئٽرڪ ۾ پهتو ته وڏو ڀاءُ حيدرآباد ۾ اچي رهيو. انهيءَ ڪري منظور مئٽرڪ حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان ڪئي.
“جيئن ئي مئٽرڪ ڪيم ته منهنجي ڀاءُ پروفيسر يار محمد کي فلپين جي هن يونيورسٽي CLSU ۾ Ph.D. ڪرڻ لاءِ اسڪالر شپ ملي. ڀاءُ جي حيدرآباد ڇڏڻ تي مون لاءِ مسئلو ٿي پيو ته ڪٿي رهان ۽ ڪٿي پڙهان. اسان کي حيدرآباد يا ٽنڊو ڄام ۾ نه گھر هو ۽ نه روزگار. ڀاءُ جي ڪري حيدرآباد ۾ مسواڙي گھر ۾ رهياسين ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو منهنجو ڀاءُ مون کي ننڍي عمر جي باوجود پاڻ سان منيلا (فلپين) وٺي آيو. هن اهو ئي سوچيو ته اسڪالرشپ ايتري ملي ٿي جو ٻن جو ڏکيو سکيو گذارو ٿي ويندو. سو هو پاڻ سان پنهنجي فئملي وٺي اچڻ بدران مون کي وٺي آيو”.
ان وقت منظور مونکي ٻڌايو هو ته هن جو گذر سفر ته سٺو پيو ٿئي پر هو البت پريشان ضرور آهي جو سندس ڪمزور انگريزيءَ ڪري يونيورسٽيءَ ۾ داخلا نه پئي ملي. هو اهو ئي سوچي رهيو آهي ته ڀاءُ جي Ph.D. مڪمل ٿيڻ بعد هن جي تعليم جو ڇا ٿيندو! هن ٻڌايو ته هو ڏينهن رات انگريزي پڙهي رهيو آهي ۽ سندس ڀاءُ به هن کي ٽيوشن ڏيندو رهي ٿو.
ڪجهه سالن بعد منظور کوسي سان منهنجي فلپين ۾ هڪ دفعو وري ملاقات ٿي. منهنجي خيال ۾ هي سال 1992ع هو جنهنجي آخر ۾ منهنجو ڪجھه فلپين جي جهازران آفيسرن سان گڏ سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ طرفان فيلڊ ورڪ جي سلسلي ۾منيلا اچڻ ٿيو هو.
فلپين ۾ زياده تر سنڌي هندو رهن ٿا جيڪي ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ ته تمام گهڻا هتي آيا هئا. هو منيلا شهر جي “مئٽرو منيلا” علائقي ۾ رهن ٿا ۽ گھڻو ڪري بزنيس مين آهن. هنن جا مختلف امپورٽ ايڪسپورٽ جا واپار آهن. ساڳي وقت ڪيترائي سنڌي فلم پروڊيوسر، وڪيل، ڊاڪٽر ۽ ٻين پروفيشنن ۾ به آهن. فلپين ۾ سنڌي هندن جي ڪميونٽي هڪ امير ۽ سلجهيل ڪميونٽي سمجھي وڃي ٿي ۽ هو ٻه هزار جي لڳ ڀڳ ٿيندا. ائين ته پنجابي هندو، سک ۽ مسلمان به 50 هزار کن فلپين ۾ رهن ٿا. اهڙي طرح انڊيا جي ٻين رياستن: بنگال، تامل ناڊو، ڪيرالا ۽ گجرات جا پڻ فلپين ۾ رهن ٿا. انهن مان گھڻن جا وڏا 1762ع کان 1764ع واري دور ۾ آيا جڏهن فلپين برطانيا جي قبضي (Occupation) ۾ هو. برطانيا جي قبضي ڇڏڻ تي ننڍي کنڊ جا هي ماڻهو فلپين ۾ رهي پيا ۽ مقامي عورتن سان شادي ڪيائون جن جو اولاد “انڊين فلپينو” سڏجي ٿو ۽ منيلا جي Cainta (صوبي Rizal ) ۾ نظر ايندا.
هونءَ ته فلپين تي گھڻو عرصو اسپين جو قبضو رهيو. ان بعد 1898ع کان 1930ع تائين فلپين آمريڪا جي قبضي ۾ اچي ويو- بلڪه آمريڪا جو حصو سمجھيو وڃڻ لڳو. ايتري قدر جو فلپين کي آمريڪا جي رياستن وانگر هڪ رياست بڻائڻ جي ڳالهه عام ٿي وئي، جيئن “هوائي” ۽ “گئام” جهڙا ڏورانهان علائقا USA جا حصا آهن. آمريڪا دور جي 32 سالن ۾ انڊيا جا ڪيترائي واپاري فلپين ۾ اچي Settle ٿيا. ايتري قدر جو سڀ کان وڏو عرصو رهندڙ فلپين جو ميئر رامون ڀڳت سنگهه (Ramon Bagatsingh) انڊين سک جو اولاد هو.
فلپين ۾ سنڌي هندن جي وڏي کيپ هندوستان جي ورهاڱي بعد آئي. مسجدن کان سواءِ منيلا ۾ ڪيترائي هندن جا مندر ۽ سکن جا ٽڪاڻا پڻ آهن جيئن ته منيلا جي مشهور مهاتما گانڌي اسٽريٽ تي هندن جو مندر ۽ “يونائٽيڊ نيشن ايونيو” تي سِکن جو گردوارو آهي ۽ ميٽرو منيلا علائقي ۾ سنڌي هندن ۽ سِکن جو “راڌا سوامي ستسنگ بياس سينٽر” آهي. هنن جو هڪ ٻائو “گياني جوگندر سنگھه سيٺي” هوندو هو جيڪو سنڌي ۽ گرمکي نه فقط پڙهي سگھندو هو پر لکي به ويندو هو. هو سکن ۽ سنڌي هندن جا جملي ساٽ سوڻ ۽ موتي فوتيءَ جون رسمون ادا ڪندو هو.
اسان جا سنڌي مسلمان هاڻي مڙيئي اڌ صديءَ کان ٻاهر نظر اچن ٿا، خاص ڪري تعليم ۽ نوڪريءَ جي سلسلي ۾. جن ڏينهن ۾ منظور کوسو منيلا ۾ هو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جا ٻيا به ڪجھه همراهه اتي جي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا، جيئن ته : ڪشمور جو امان الله دستي ۽ عبدالواحد کوسو جن جي سنڌ ۾ “سپر مدينه” هوٽل نالي نيٽ ورڪ آهي. هڪ سکر جو صدف رضا شاهه ۽ جيڪب آباد جو نويد عباسي به هو. ڪراچيءَ جو هڪ ڪليم الله کهاورو پڻ هو. هن ڀيري انهن سان ملڻ جي خيال کان منيلا ۾ ٻه ٽي ڏينهن رهڻ جو ارادو ڪيو هوم. مون ان کان اڳ واري ڀيري منظور کوسي جا جهڙا حال ڏٺا هئا ان مطابق منهنجو اهو خيال هو ته هي ڇوڪرو هلي نه سگھندو ۽ ڳوٺ ڀڄي ويو هوندو. اهو ان ڪري نه ته ڪو هو همٿ وارو نه هو. هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ مون اهو ئي اندازو لڳايو هو ته هو همت وارو ضرور آهي. هو محنتي به آهي. هن کي پنهنجي غريب مائٽن، خاص ڪري ڀاءُ پروفيسر يار محمد جو احساس به هو ته هو ڪيئن تڪليف ۾ رهي، معمولي اسڪالر مان پنهنجو به گذر ڪري رهيو آهي ته پرديس ۾-فلپين جهڙي مهانگي ملڪ ۾، منظور کي به پڙهائڻ جو خرچ پکو برداشت ڪري رهيو آهي. منظُور کي پڙهڻ جو به شوق هو. هن ڏٺو ٿي ته هن جي خاندان ۾ ڪو پڙهيو نه ۽ سندس مامو ماستر ٿيو ۽ ڀاءُ پڙهي ائگريڪلچر ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو ته تعليم ڪري نه فقط هنن جي پر سڄي خاندان جي وڏي عزت ٿي وئي. مامي حاجي رضا محمد کوسي ۽ وڏي ڀاءُ يار محمد کوسي وانگر هن به تعليم حاصل ڪري آفيسر ٿيڻ ٿي چاهيو ... پر مون هڪ ٽيچر جي حيثيت سان ڏٺو ته منظور سان بنيادي مسئلو انگريزي سمجھڻ ۽ ڳالهائڻ جو هو. هو ننڍي هوندي ڪنهن ڪانوينٽ يا گرامر اسڪول مان نه پڙهيو هو. هو ته شاهپوردرپور جهڙي ٻهراڙيءَ جي اسڪولن مان سنڌي پڙهي پوءِ حِجي ڪري انگريزي سکيو هو. ۽ هيڏانهن ننڍي هوندي انگريزي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ڪري فلپين جا رهاڪو انگريزي ڳالهائڻ ۾ اهڙا تيز ٿين ٿا، جو ملائيشيا ۾ جڏهن مختلف ملڪن جا ماڻهومختلف نوڪرين جي چونڊ لاءِ انٽرويو ڏيڻ ايندا هئا ته سليڪشن بورڊ جا منهنجا ملئي دوست چوندا هئا ته “يار توهان جي ملڪ جي ڊاڪٽرن، انجنيئرن کان بهتر انگريزي ته فلپينو گارڊنر ٿا ڳالهائين.” ان جو اندازو توهان ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ڪجھه وڏن ماڻهن جي گھرن ۾ ڪم ڪندڙ فلپينو آيائن ۽ نوڪرياڻين کي انگريزي ڳالهائيندو ٻڌي لڳائي سگھو ٿا جيڪي فلپين جي ٻهراڙين جون هونديون آهن ۽ ٻه درجا به ڪي مس پڙهيل هونديون آهن.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته منظور کوسي فلپين پهچي ڏينهن رات وڏي محنت ڪئي پئي ۽ مون سوچيو ته هاڻ هو ڀلي CLSU جو انٽري ٽيسٽ پاس ڪرڻ ۾ ڪامياب نهٿيو هجي پر ڇهه اٺ مهينافلپين ۾ رهڻ ڪري هو اسان جي انگريزي ميڊيم جي شاگردن کان به اڳيان نڪري ويو هوندو جو فلپين ۾ هر هڪ سان- ڀاڄي وڪڻندڙ پوڙهيءَ کان جيپني هلائيندڙ سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻو پوي ٿو. هاڻ چاهي هو فلپين کان موٽي ويو هجي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ يا هالا جي سروري اسلاميه ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هجي، مون کي پڪ آهي هن جي انگريزي ٻين شاگردن کان بهتر ٿي وئي هوندي.
منيلا پهچي خبر پيئي ته ٻروچ ڀڄي نه ويو آهي. هي از ويري مچ ديئر! منهنجي ٽن چئن سالن جي غير موجودگيءَ ۾ منظور نه فقط CLSU يونيورسٽيءَ مان BBA ڪري ورتي هئي پر هاڻ هو فلپين جي هڪ ٻي بهتر يونيورسٽي “سانتو توماس” مان وڌيڪ تعليم- يعني ماسٽرس ڪري رهيو هو. هن کان مون گذريل چار پنج سالن جو احوال معلوم ڪيو ته هن ٻڌايو ته CLSU ۾ داخلا وٺڻ لاءِ هن ٻن ڀيرن ۾ ضرور گھٽ مارڪون کنيون ۽ فيل ٿي پيو، پر پوءِ هن ايڏي محنت ڪئي جو آخري ڀيري، يعني ٽئين دفعي پاس ٿي ويو ۽ هن CLSU مان انٽر ۽ BBA ڪري ورتي. ان وچ ۾ سندس ڀاءُ پروفيسر يار محمد جي 1990ع ۾ پي ايڇ ڊي ٿي وئي ۽ هو وطن واپس هليوويو.
“سمجھو ته مون لاءِ ان ڏينهن کان مصيبتون شروع ٿي ويون. جيستائين آئون ڀاءُ سان گڏ رهيو پيو هوس، ٻنهي ڄڻن اڀرو سڀرو هن جي اسڪالر شپ مان پئي گذارو ڪيو. هن جي وڃڻ بعد مون کي رهائش ۽ تعليم قائم رکڻ لاءِ هٿ پير هڻڻا پيا. يورپ ۽ آمريڪا ڏي ته ڪيترائي پارٽ ٽائيم جاب مليو وڃن پر ايشيا جي فلپين، ملائيشيا يا انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ڪٿي آهن اسان جهڙن لاءِ Odd Jobs. مقامي ماڻهو ئي بيروزگار پيا هلن! مون کي گھڻو ئي پاڻ پتوڙڻو پيو پر نتيجو ٻُڙي نڪتو...”
منظور جي اها ڳالهه صحيح آهي. ملائيشيا يا جپان جهڙن ملڪن ۾ وري به ٽيوشن پڙهائي تعليم جو ڪجھه خرچ پکو ڪڍي سگھجي ٿو پر فلپين ۾ ڏاڍو ڏکيو آهي، تڏهن ته توهان ڏسندائو ته سڀ کان گھڻا فلپينو پنهنجو وطن ڇڏي ٻين ملڪن ۾ دربدر ٿيندا رهن ٿا.
منظور ٻڌايو ته هن سان اهڙي حالت ٿي وئي جو هن لاءِ Survive ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. “سڄي ڏينهن ۾ ڪو هڪ ويلو مس کائي سگھيس ٿي، سو به يونيورسٽيءَ جي ڪڏهن ڪنهن دوست ٿي کارايو ته ڪڏهن ڪنهن. هڪ دفعي ته مون ٺلهي پاڻيءَ تي ٽي ڏينهن کن گذارو ڪيو ۽ سوچيندو رهيس ته هاڻ ڇا ڪريان. BBA ڪرڻ ۾ اچي اچي ڪي چند مهينا بچيا هئا. موٽي ٿو وڃان ته سڀ برباد ٿي ويندو. هوڏانهن ڀاءُ جي به ڪا اهڙي حالت نه هئي جو مون ڏي پئسو موڪلي سگھي. پنهنجي فئملي ۽ ڀائرن ڀينرن جو بار به هن تي هو...”
“پوءِ ڪيئن BBA ڪري، MBA لاءِ هن يونيورسٽي آف سئنٽو ٽوماس ۾ پهتين؟” مون پڇيو مانس.
”چاچا سائين چوندا آهن ته سچ ڳالهائجي.” منظور لڄي ٿيندي چيو، “ڇو جو هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ ڏهه ٻيا ڪوڙ ڳالهائڻا پون ٿا. مون پنهنجي هڪ ڪلاس ميٽ فلپينو ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جيڪا منهنجي تڪليفن کان واقف هئي.“
“ان ۾ ته ڪا برائي ناهي. تو ته هڪ پڙهيل ڳڙهيل سان شادي ڪئي. آئون ڏسان پيو ته پرديس ۾ مشڪل وقت ۾ اسان جي نوجوانن جي هميشه اتي جي لوڪل ڇوڪرين مدد ڪئي آهي، چاهي جپان هجي يا ڪوريا!انهن مان ڪيترن جون ڪهاڻيون مون “ڳوٺ جروار کان جپان” جهڙن سفرنامن ۾ لکيون آهن. ڪيترن جون سندن منع ڪرڻ ڪري نه لکيون اٿم.”
“سو سر ٻڌو! يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ فلپينو ڇوڪرين مان هڪ دوست ٿي وئي. مون هن سان دل جو حال ڪيو ته آئون هن ريت غرداب ۾ ڦاسي پيو آهيان. مون کي ڪا نوڪري يا پورهيو هٿ ڪري ڏي ته آئون پنهنجي رهائش ۽ تعليم جو مسئلو حل ڪري سگھان.
“هن مون کان ڏينهن ٻه سوچڻ جي مهلت گھري، ان بعد هن مون کي چيو ته ماني ٽڪي ته آئون هن جي گھر کائي سگھان ٿو پر اهو فقط ڪڏهن ڪڏهن ٿي سگھندو.”
منظور ٻڌايو ته هن جو تعلق نه ڪنهن غريب فئمليءَ سان هو ۽ نه وري ڪنهن امير فئمليءَ سان. سندس والدين منيلا شهر کان پرٻهرو ٻهراڙيءَ ۾ رهيا ٿي جتي هن جي والد زمينداري ڪئي ٿي ۽ هڪ اڌ دڪان به هوس. ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ هن منيلا ۾ گھر ورتو هو جتي منظور جي هيءَ فلپينو دوست پنهنجين ڀينرن سان گڏ رهي ٿي.
“هن مون کي چيو ته منهنجو ائين رهڻ مناسب نه ٿيندو. ها البت هڪ آپشن آهي ته آئون هن سان شادي ڪريان جنهن لاءِ هوءَ پنهنجي پيءُ کي راضي ڪري ويندي ۽ پوءِ مونکي هنن جي گھر ۾ رهڻ تي ڪنهن کي به ڪو اعتراض نه ٿيندو.”
“پوءِ_؟” مون پڇيو.
“ٻي ڪا واهه نه ڏسي مون ساڻس شادي ڪرڻ جي حامي ڀري،” منظور ٻڌايو، “منيلا جي گولڊن ماسق ۾ هوءَ فلپينو مولويءَ اڳيان پهرين ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ۽ بعد ۾ هن ئي مولويءَ اسان جو نڪاح پڙهايو.”
پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته فلپين جيتوڻيڪ عيسائين جو ملڪ آهي پر منجھس ڪيترائي مسلمان به رهن ٿا- خاص ڪري ڏکڻ واري حصي مندانائو (Mindanao) ۾ -جيڪو هيٺ برونائي ۽ مشرقي ملائيشيا (صباح ۽ سراواڪ رياستن) جي ويجھو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي مسجدون آهن ۽ڪي ته بيحد سهڻيون ٺهيل آهن، جيئن ته برونائي واري سلطان جي ٺهرايل مسجد، تالوڪ سانگي مسجد، داتو انتانگ مسجد، ڪنگ فيصل مسجد، Pink (گلابي) مسجد، حاجا سيتي رايا وائيٽ مسجد، بابو رحمان مسجد، شريف علوي مسجد. مٿين گولڊن (سونهري) مسجد جنهن ۾ منظور کوسي جو نڪاح ٿيو، سندس سونهري گنبذ ڪري گولڊن مسجد سڏجي ٿي. هونءَ سندس عربيءَ ۾ نالو مسجد الذهب (Masjid Al-Dahab) آهي. هيءَ مسجد منيلا جيڪوئياپو (Quiapo) جي بلڪل مرڪزي حصي “ميٽرو منيلا” ۾ آهي. هي علائقو عيسائين جي رهائش کان به مشهور آهي. هيءَ مسجد ملڪ جي مشهور صدر “فرڊيننڊ مارڪوس” جي حڪومت ۾ 1976ع ۾ ٺهي هئي، جنهن جي نگهباني سندس زال فرسٽ ليڊي “اميلڊا مارڪوس” ڪئي هئي. در اصل هيءَ مسجد انهن ڏينهن جي لبيا جي صدر معمار قذافيءَ جي منيلا ۾ آمد کي مانُ ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي. انهن ڏينهن ۾ فلپين جي ڏاکڻي حصي منڊانائو (Mindanao) ۾ عليحدگي پسند مسلمانن جي تحريڪ حڪومت جي خلاف زور وٺي رهي هئي، جنهن کي ٻنجو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ فلپين جي صدر لبيا جي ڪرنل قذافيءَ کان مدد وٺڻ چاهي ٿي. پوءِ ائين ٿيو جو قذافي صاحب فلپين اچي نه سگھيو (يا هن بهتري ان ۾ سمجهي ته اهڙين حالتن ۾ نه وڃجي). پر هن سان پنهنجائپ ڏيکارڻ خاطر فلپين جي فرسٽ ليڊي اميلڊا پاڻ لبيا هلي وئي. مسجد الذهب ٺهي وئي ۽ اها منيلا جي وڏي ۾ وڏي مسجد مڃي وڃي ٿي. هن مسجد جي ائڊريس هن ريت آهي:
Globo De Oro Street, Quiapo, Manila.
(Tel no: 0928-4655552 80917-950 1925)
BBA ڪرڻ بعد منظور MBA لاءِ منيلا جي “يونيورسٽي آف سانٽو توماس” ۾ داخلا ورتي، جيڪا هن جي فلپينو زال جي گھر کي اڃا به ويجھي هئي ۽ هو فلپين ۾ هلندڙ عام سواري “جيپني” ذريعي ڏهن منٽن ۾ پهچي ويو ٿي. جيپني در اصل جيپ جي شڪل جي ننڍي (مني) بس ٿئي ٿي ۽ رستي تان گھٽ ڀاڙي ۾ مسافر کڻندي وڃي ٿي. هن تي اسان جي ٽرڪن وانگر مختلف چٽ گل پينٽ ٿيل ٿين ٿا.
منظور ٻڌايو ته هو BBA ڪرڻ بعد وطن موٽي به سگھيو ٿي پر هن سوچيو ته هو گھٽ ۾ گھٽ MBA ڪري. هتي اهو ضرور لکندس ته يونيورسٽيءَ جي چونڊ ۾ منظور خوش نصيب آهي جو UST يونيورسٽي فلپين جي تمام آڳاٽي ۽ اعليٰ درجي جي يونيورسٽي آهي جنهن مان سمجهو ته فلپين جي ڪيترن ئي صدرن تعليم حاصل ڪئي جيئن ته ٻئي، چوٿين ۽ نائين صدر هتان وڪالت پڙهي. ٽئين صدر ڊاڪٽوريٽ ڪئي. فلپين جي پهرين چيف جسٽس به هتان وڪالت پڙهي ۽ ملڪ جي قومي هيري حوسي رزال (Jose Rizal) ميڊيسن ۾ گرئجوئيشن ڪئي. ملڪ جا ٻيا به ڪيترائي وڏا ماڻهو هن يونيورسٽي آف سانتوتوماس (UST) سان لاڳاپيل رهيا آهن، جيئن ملائيشيا جي يونيورسٽي آف ملايا” هڪ پراڻي ۽ مانَ واري يونيورسٽي مڃي وڃي ٿي جنهن مان مهاتير محمد، عبدالله احمد بداوي، انور ابراهيم، ستونت سنگھه ڌليوال، سيلاپان رامانائن جهڙا ڪئين اهم ماڻهو پڙهيا آهن. لڳي ٿو ته شاهپور درپور ڳوٺ جي هن ڇوڪري فلپين ۾ پهچي ايڏي محنت ڪئي جو هن کي رايل يونيورسٽي آف سانتوتوماس (UST) ۾ داخلا ملي وئي. هيءَ يونيورسٽي انهن ڏينهن جي آهي جڏهن هندستان تي اڪبر بادشاهه جي پٽ جھانگير (سليم) حڪومت ڪئي ٿي ۽ سنڌ تي شاهال محمد خان ڪلهوڙي جي حڪومت هئي.
جهانگير بادشاهه هندوستان تي 1605ع کان 1627ع تائين ٻاويهه سال حڪومت ڪئي ۽ فلپين جي هن يونيورسٽي UST جو بنياد 1611ع ۾ منيلا جي پادري ميگيوئل (Migual de Benavides Anoza) رکيو هو.
ڪڏهن ڪڏهن فلپين جي هن “يونيورسٽي آف سانتوتوماس” يا دنيا جي ٻين آڳاٽين يونيورسٽين، جيئن ته الاظهر يونيورسٽي (جيڪا 970ع ۾ مصر جي قاهري شهر ۾ ٺهي) کي ٿو ڏسان، يا ان کان به آڳاٽي موراڪو جي شهر فاس (Fez) جي جمعته القرويين (University of Al-Qarawinyyin) جنهن جو بنياد 1859ع ۾ رکيو ويو، يا آمريڪا جي مساچُوسيٽس رياست جي هارورڊ يونيورسٽي (جيڪا 1636ع ۾ شروع ٿي)، ۽ پورچوگال جي يونيورسٽي آف ڪويمبرا (University of Coimbra) جنهن کي عرب “جامعه قلميريه” سڏين ٿا ۽ اها 1290ع ۾ شروع ٿي، جو سوچيان ٿو ته حيرت ٿي ٿئي ته دنيا ڪٿي پهتل هئي پر اسان جي ننڍي کنڊ جي حاڪمن عوام لاءِ نه تعليمي درسگاهه کوليا ۽ نه شفا خانا. بس زور رڳو مقبرا ۽ محل ٺاهڻ تي هو. هنن کي نشي پتي، تخت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀائرن کي به انڌو ڪرڻ، والد محترم تڪ کي قيد ڪرڻ، رستم ۽ سهراب جا ٽيجها ۽ چاليها ڪرڻ، ناچ ۽ راڳ جون محفلون جاري رکڻ، پنهنجي حرم وڌائڻ جو وڌيڪ فڪر رهيو ٿي. ياد رهي ته رستم ۽ سهراب بادشاهه جي پسنديده ڪبوترن جو جوڙو هو.هڪ سفرنامو Jahangir’s India, the Remonstrantie پئي پڙهيم جنهن ۾ هو لکي ٿو ته جھانگير جي حرم ۾ ڪنيزائون ملائي ڪل 300 عورتون هيون. حق تي فلپين جهڙي ملڪ جا ماڻهو به تعليم ۾ اسان کان گھڻو گھڻو اڳيان آهن. دنيا جي پراڻن تعليمي ادارن جي ڳالهه ڪندائو ته منظور کوسو خوش نصيب آهي جنهن ايشيا جي سڀ کان پراڻي ترين يونيورسٽي -رايل يونيورسٽي آف سانتوتوماس مان MBA ڪئي.
منظور کي چيم ته “هاڻ ته تون خوش هوندين جو تنهنجي رهائش جو به مسئلو حل ٿي ويو ۽ فلپين جي سٺي خاندان مان شادي به ٿي وئي”.
“نه.. سچ پڇو ته آئون سخت پريشان ۽ ڏوهاري(Guilty) محسوس ڪري رهيو آهيان.” هن چيو.
“ڇو ڀلا؟ خير ته آهي.”
منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو هو ته :” ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته منهنجي هتي رهائش ۽ پڙهائيءَ جو مسئلو حل ٿي ويو پر اهم مسئلو اڃا موجود آهي. مون هتي فلپين ۾ شادي ته ڪئي آهي، پر ان جي خبر نه ڀاءُ کي ٻڌائي آهي ۽ نه ٻين مائٽن کي.”
“ڇو ڀلا؟” مون پڇيو.
“در اصل اسان جي خانداني رسمن رواجن موجب ٻارن جي ڄمڻ سان انهن جي شاديءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. منهنجي ننڍي هوندي کان شاديءَ جي ڳالهه منهنجي مامي جي گھران ٿيل هئي ۽ هي مامو اهو آهي جيڪو اسان جي خاندان مان سڀ کان اڳ لکيو پڙهيو ۽ نوڪري ڪئي ۽ هن اسان کي به پڙهايو- نه ته اسان اتي ڳوٺ جي ئي ماحول ۾ غربت جي زندگي بسر ڪري رهيا هجون ها. منهنجو ڀاءُ ته منهنجي ڌارين مان شاديءَ جو ٻڌي باهه ٿي ويندو.” منظور ٻڌايو ۽ ان سان گڏ پنهنجي نرڙ تي هٿ هڻندو رهيو ته مون ڇا ڪري وڌو ۽ هاڻ ڇا ٿيندو!
منهنجي ان ڏينهن يا شايد ٻئي ڏينهن اوساڪا (جپان) ڏي روانگي هئي.
مٿين ملاقات کانپوءِ تقريباً ويهه سالن بعد منظور کوسي سان منهنجي هاڻ ملاقات ٿي ته مون يڪدم پڇيومانس: “جوان ڪر خبر، سر ته سلامت آهي نه؟”
هو مرڪندو رهيو، تڏهن چيومانس ته “فلپينو کي اتي ڇڏي آئين يا پنهنجي کوسياڻيءَ کي ڇڏي ڏنئي؟”
کلندي وراڻيائين: “نه چاچا سائين. ڪنهن کي نه ڇڏيم. ويهن سالن کان ٻئي گڏ آهن ۽ آئون انهن سان گڏ آهيان.”
“پوءِ ته توکي ايوارڊ ملڻ کپي جو ٻن زالن سان نباهيو ويٺو آهين”. مون کلندي چيومانس.
منظور پڻ ٽهڪ ڏنو ۽ چيو “سر! هڪ ايوارڊ نه پر ٻه ايوارڊ ملڻ کپن جو انهن ٻن سان گڏ ٽي زال به مون سان گڏ ساڳي گھر ۾ رهي ٿي”.
“اهو ڀلا ڪيئن؟” مون حيرت مان پڇيومانس.
“چاچا سائين! توهان منهنجي سڄي اسٽوري ٻڌو- اتان کان وٺي جتي 20 سال اڳ منيلا (فلپين) ۾ ختم ڪئي هئيسين”. منظور چيو.
“Very Interesting. جيڪڏهن پازيٽو ڪهاڻي آهي ته پوءِ اها مون کي پڙهندڙن جي رهنمائي ۽ Inspiration لاءِ لکڻ کپي- خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي بهتر حالتن ۾ ڪنهن هڪ سان به سٺي نموني نٿا نڀائين.”
“منيلا ۾ مون توهان کي ٻڌايو هو ته تعليم ۽ رهائش جي مجبورين ڪري مون مائٽن کي ٻڌائڻ بنا پاڻ سان گڏ پڙهندڙ فلپينو ڪلاس ميٽ سان شادي ڪئي هئي”، منظور اڳتي جي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي.. “وقت گذرندو رهيو، منهنجي اندر ۾ هر وقت اهو کٽڪو ٿي رهيو ته هن قصي کان گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي وڏي ڀاءُ پروفيسر يار محمد کي هر صورت ۾ واقف ڪرڻ کپي -پر ڪيئن ڳالهه ڪريان، همت ئي نه پئي ٿي. اهو به سمجھيم ٿي ته منهنجي شاديءَ جو ٻڌي هن جي دل تي ڇا گذرندو ۽ مون تي به سخت ڪاوڙ ڪندو.
“وقت گذرندو رهيو. 17 سيپٽمبر 1992ع تي مون کي منيلا ۾ پهريون ٻار مظهر جان ڄائو. ان بعد مون همت ڪري هڪ وڏو خط ڀاءُ کي لکيو. خط پڙهي جواب لکڻ يا فون ڪرڻ بدران هو منيلا جي ٽڪيٽ وٺي سڌو مون وٽ اچي نڪتو. هو سخت پريشان ۽ مُنجھيل لڳي رهيو هو. آئون اکر به ڳالهائي نه سگھيس پنهنجي مجبوريءَ جو سربستو احوال آئون خط ۾ لکي چڪو هوس.”
منهنجي ڀاءُ ڪافي دير سوچ ويچار بعد چيو: “هاڻ ڳالهه ٻڌ! تو همٿ ڪري پنهنجي تعليم ته سٺي نموني سان مڪمل ڪري ورتي، باقي ڌارين مان شادي ڪري تو سٺو نه ڪيو. پر هاڻ جي شادي ڪري ويٺو آهين ۽ ٻار به ٿي ويو آهي ته تون نه هن کي ڇڏي سگھين ٿو ۽ نه هن کان ٻار ڇنائي پنهنجي ملڪ اچي سگھين ٿو. بهتر ٿيندو ته ڳوٺ هلي پنهنجي ذات ڀائي (مامي جي ڌيءُ) سان به شادي ڪر. في الحال ڪنهن سان ڳالهه نه ڪر. بعد ۾ آئون پنهنجي مامي کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.”
“نومبر 1992ع ۾ آئون اڪيلو ڳوٺ آيس ۽ مامي وٽان شادي ڪري باقي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ منيلا موٽي آيس.”
“منيلا ۾ رهائش جو بندوبست ته توهان جي فلپينو زال جي گھر ۾ هو پر ٻئي خرچ پکي کي ڪيئن ٿي منهن ڏنيئه؟” مون منظور کان پڇيو.
“در اصل منيلا ۾ قادري نالي هڪ پاڪستاني رهيو ٿي جنهن فلپين مان ئي شادي ڪئي هئي ۽ هن کي فلپين جي شهريت هئي. هن فلپين جي مختلف تعليمي ادارن بابت پاڪستان جي شاگردن جي رهنمائي ڪئي ٿي ۽ داخلا وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ٿي. ان تي في شاگرد جي حساب سان هن کي ڪميشن ملي ٿي. هن کي جڏهن منهنجي خبر پيئي ته آئون هتي ماسٽرس ڪري رهيو آهيان ۽ اڙدو سنڌي کان سواءِ آئون فلپين جي ٻولي تگالوگ به سٺي ڳالهايان ٿو ۽ انگريزي ٻولي ۽ لهجو بيحد متاثر ڪرڻ وارو آهي ته هن مون کي ائپروچ ڪيو ۽ داخلائن واري ڪم ۾ هن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. مون هن کي ان ڪم ۾ خوب مدد ڪئي ۽ هن وڏو پئسو ڪمايو. مون کي به چڱو خاصو ڏيندو رهيو ۽ منهنجو ۽ منهنجي فئمليءَ جو سٺو وقت گذرندو رهيو.”
“پوءِ توهان MBA ڪڏهن مڪمل ڪئي؟” مون پڇيو.
“اها 1993ع جي آخر ۾ مڪمل ڪئي ۽ پوءِ وڏي ڀاءُ جي چوڻ تي پهرين زال ۽ پٽ مظهر جان کي ڳوٺ موڪليم. منهنجي ڀاءُ مامي سان ڳالهه ڪئي جيڪو پهرين ته ڏاڍو ڪاوڙيو پر پوءِ آهستي آهستي ڪري هن کان معافيون ۽ آزيون نيزاريون ڪري هن کي ٿڌو ڪيو. افسوس جو منهنجو اهو وڏو ڀاءُ پروفيسر يار محمد ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. هن فلپين مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد آمريڪا جي يونيورسٽي آف منيسوٽا مان پوسٽ ڊاڪٽوريٽ پڻ ڪئي ۽ ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ڊپارٽمينٽ آف ايڪانامڪس ائنڊ ڊيولپمينٽ جو چيئرمئن هو.
“هاڻ اهو مسئلو حل ٿيو ته روزگار ۽ نوڪريءَ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳس. اسان ڪي امير گھر جا ته نه هئاسين. ۽ نه دڪاندار يا زميندار. هيٺئين مڊل ڪلاس جا هئاسين ۽ ڪمائڻ وارو فقط منهنجو وڏو ڀاءُ پروفيسر يار محمد هو جيڪو پاڻ به اولاد عيال وارو هو. هن اسان جي ٻئي مامي نور محمد جي گھران شادي ڪئي هئي. هو ٽنڊو ڄام جي ائگريلڪچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) ۾ ٻاويهين گريڊ ۾ پروفيسر هو.
آئون نوڪريءَ لاءِ پورا ٻه سال رليس - 1994ع کان وٺي 1996ع تائين. ويندي اسلام آباد پنهنجي صوبي جي وزيرن مشيرن وٽ وڃي ويٺس. پر ڪو آسرو نه ٿيو. ڪوڙا ڏٽا ٻُڌي ٻُڌي سخت مايوس ٿيس ۽ ڏکويل حالت ۾ هڪ هڪ ڏينهن گذارڻ لڳس. دل ۾ سوچيم ٿي ته ٻاهران پڙهي اچڻ بعد به اسان جي ملڪ ۾ نه قدر آهي ۽ نه آسرو! انهيءَ دوران مون کي فلپينو زال مان ٻيو ٻار راحيل احمد به ٿيو ۽ پنهنجي ماروٽ زال مان به ٻه ٻار ٿي ويا: هڪ پٽ عامر کوسو ۽ هڪ ڌيءُ آمنا کوسو.
“نوڪري نه ملڻ ڪري آئون ڏاڍو دلشڪستو ٿي پيس. جتي مون ٻڌو ٿي اتي آئون پنهنجو CV کڻي پهچي ويس ٿي يا نوڪريءَ لاءِ درخواست موڪليم ٿي. پر جتان ڪٿان ناڪامي نصيب ٿي ٿي. آخر سال1994ع آگسٽ جي آخر ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مئڊم عابده طاهراڻيءَ وٽ پهتس جنهن سان منهنجي پراڻي نيازمندي هئي. هوءَ اتي “سنڌ ڊيولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر” جي ڊائريڪٽرهئي. هوءَ منهنجي انگريزيءَ ۾ گفتگو ۽ ٻاهر جي تعليم جا ڪاڳر ڏسي ڏاڍو متاثر ٿي ۽ مون سان همدردي ڪندي چيو ته افسوس جو هن وٽ هن وقت منهنجي لائق ڪا اهڙي نوڪري ناهي جا هوءَ مون کي ڏئي سگھي.
“ان تي مون چيو مانس ته مئڊم ٻن سالن کان آئون بيروزگار ويٺو آهيان. آئون هر قسم جي نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار آهيان چاهي اها منهنجي لائق نه هجي. ڊرائيوري هجي ته به ڪندس.”
“مئڊم جي هٿن ۾ اسڪارپ وارن جو پروجيڪٽ به هو. هن مون کي ٽي هزار رپيا پگھار تي پهرين سيپٽمبر 1996ع کان نوڪريءَ ۾ رکيو. مون ان کي به غنيمت سمجھيو ۽ ڪم ۾ لڳي ويس.
“قدرت خدا جي اهڙي ٿي جو اڃا مون کي مهينو به پورو نه ٿيو هو ته مون کي برطانيا جي هڪ اين جي او OXFAM ۾ ٻارهن هزار رپين جي پگھار تي حيدرآباد جي آفيس ۾ “پروگرام ائڊمنسٽريٽو آفيسر” جي نوڪري ملي وئي. مون مئڊم عابده طاهراڻيءَ سان اچي ڳالهه ڪئي. هن مون کي دعائن سان رخصت ڪيو.
“ڪجھه عرصو حيدرآباد ۾نوڪري ڪرڻ بعد هنن منهنجي بدلي اسلام آباد ڪئي ۽ پگھار ٻيڻو 24000 هزار رپيا ڪيو. اسلام آباد ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس ته هڪ ڏينهن آذربائيجان ۾ هڪ پوسٽ خالي ٿي. مون ان لاءِ اپلاءِ ڪيو ۽ مون کي جارجيا ملڪ جي گاديءَ واري شهر تلبسيءَ ۾ انٽرويو لاءِ گھرايو ويو. انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيڻ تي هنن پروگرام مئنيجر جي حيثيت ۾ مون کي اڍائي لک رپيا پگھار تي آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪوءَ (Baku) ۾ رکيو. اهو پروجيڪٽ فقط ڇهن مهينن جو هو. ان بعد مون هڪ ٻي اين جي او “Save the Children” ۾ نوڪري حاصل ڪري ورتي. هيءَ N G O به انگلنڊ وارن جي هئي جن ٿرپارڪر ۾ ڪم ڪيو ٿي. هيءَ سال 2000ع جي ڳالهه آهي.
“هتان پوءِ UNDP جئائن ڪئي جنهن تحت مون کي مختلف ملڪن: سوڊان، لبنان، اٿوپيا-ويندي يوگنڊا ڪم ڪرڻو پيو. ان بعد OCHA اداري هيٺ مون کي پنجن ملڪن: سعودي عرب، بحرين، ڪويت، قطر ۽ دبئيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو.
“بهرحال اک ڇنڀ ۾ زندگيءَ جا ويهه سال خواب وانگر گذري ويا ۽ هينئر 2021ع سال شروع ٿيو آهي. الله جا لکين احسان آهن جو آئون هر خيال کان خوش ۽ مطمئن آهيان. ڪو وقت هو جو نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان هوس ۽ پوءِ اهڙو به وقت آيو جو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي بين الاقوامي نوڪرين لاءِ آفر ايندي رهي ۽ سمجھه ۾ نٿي آيو ته ڪهڙي نوڪري اختيار ڪجي. پر اڄ به مون کي مئڊم عابده طاهراڻيءَ جي ڏنل 3000 روپين واري پهرين نوڪريءَ تي جيڪا خوشي ٿي هئي، اها نٿي وسري. گھر کي هلائڻ لاءِ OXFAM واري نوڪريءِ دوران روزانو شام جو ۽ موڪل واري ڏينهن به مختلف هنڌن تي نوڪري ڪندو رهيس. OXFAM ۾ صبح جو نائين کان شام جو پنجين تائين حيدرآباد ۾ ڊيوٽي ڏيندو هوس. ان بعد لطيف آباد ڀڄندو هوس جتي جي پرنسٽن يونيورسٽيءَ ۾ رات جو ڏهين تائين پڙهائي پوءِ ٽنڊو ڄام گھر روانو ٿيندو هوس. ڇنڇر جي ڏينهن به ٻنهي هنڌن تي نوڪري ڪرڻي پئي ٿي. آچر موڪل جو ڏينهن هو ان تي وري ٽنڊو ڄام ۾ پڙهائيندو هوس. نوجوانن جي ٽيوشن لاءِ ٽنڊوڄام ۾ “العزيز اڪيڊمي“نالي هڪ تعليمي ادارو آهي جتي انگريزي ۽ ڪئريئر بلڊنگ تي ليڪچر ڏيندو هوس.”
“پوءِ ڀلا ٽين شادي ڪيئن ۽ڪڏهن ٿي؟” مون پڇيو.
“هيءَ پرنسٽن يونيورسٽي وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي. جڏهن آئون معاشي طرح سخت مشڪلات ۾ هوس. هفتي جو هڪ ڏينهن به آرام لاءِ نٿي مليو. گھر جو خرچ پکو هلائڻ لاءِ ٽي ٽي نوڪريون ٿي ڪيم. منهنجي ڪيترن ئي شاگردن، ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين منهنجي محنت ۽ پورهئي کي داد ٿي ڏنو ۽ ڪيترن همدردي به ڪئي ٿي. پر شڪارپور جي هڪ شاگردياڻيءَ منهنجو وڌيڪ ئي خيال ڪيو ٿئي ۽ مون اهو محسوس ڪيو ته اسان کي شادي ڪرڻ کپي. اسان جي عمرين ۾ جيتوڻيڪ وڏو فرق هو پر هن جا والدين به راضي ٿي ويا ۽ اسان جي ڪجھه سالن بعد 2008ع ۾ شادي ٿي.
“الله جو شڪر آهي جو جيتوڻيڪ منهنجيون ٽئي زالون هڪ ئي ڇت هيٺان رهن ٿيون، ڪڏهن ڳوٺ ۾ ته ڪڏهن شهرن ۾ ته ڪڏهن ولايتن ۾ پر اسان سڀ دوستن وانگر رهون ٿا. منهنجيون ٽئي زالون Fluently سنڌي، ٻروچڪي، اردو ۽ انگريزي ڳالهائين ٿيون. آئون ۽ فلپينو زال فلپين جي ٻولي تگالوگ به ڳالهايون. هوءَ سنڌي ڊريس پائي ٿي ۽ ڪو ائين نه چئي سگھندو ته هوءَ ڪا غير سنڌي، ڌارئين ملڪ جي آهي. هو ڇا چوندا آهن ته ڪنهن جي اچڻ سان ڀاڳ اچي ته ڪنهنجي وڃڻ سان... منهنجو هڪ غريب ڪٽنب سان واسطو هو. اسان جي پيءُ يا ڏاڏي وٽ هڪ جريب به زمين جو نه هو. اڄ مون وٽ ڳوٺ شاهپور درپور جي آس پاس 50 ايڪڙ زمين آهي جيڪا مون حق حلال جي پورهئي مان خريد ڪئي آهي. منهنجيون ٽئي زالون ولايت به گھمنديون رهن ٿيون ته ڳوٺ جي زمين جي سار سنڀال به لهن ٿيون.
“ٽئين زال مان مون کي چار ٻار آهن: هڪ پٽ عمار جان کوسو ۽ ٽي ڌيئرون: عائشه، انيشا ۽ عمائرا. هوءَ به مون وانگر MBA آهي. ان کان سواءِ هن سوشالاجيءَ ۾ پڻ ماسٽرس ڪئي آهي.”
“ڀلا اهو ته ٻڌايو ته توهان جڏهن ٽئين شاديءَ جو اعلان ڪيو ته توهان جي فلپينو يا ماروٽ زال اعتراض نه ڪيو؟”
“نه. بلڪل نه،” هن ٽهڪ ڏيندي چيو، “مون هنن کي چـڱيءَ طرحConvince ڪيو ته توهان مان هڪ سان شادي مون مجبوريءَ هيٺ ڪئي، ٻيءَ سان قبيلي جي رسم و رواج کي قائم رکڻ لاءِ. هاڻ مون کي پنهنجي پسند جي شاديءَ جو به ته حق هئڻ کپي.”
منظور ٻڌايو ته پهرين شادي ڪئي اڄ هن کي ٽيهارو سال اچي ٿيا آهن ۽ آخري شاديءَ کي به 12 سال ٿي ويا آهن. منهنجا پٽ: مظهر، راحيل، عامر ۽ عمار شادي شده جوان ٿي ويا آهن. الله جو شڪر آهي جو مون کي يا منهنجي زالن کي مون سان ڪنهن به قسم جي شڪايت نه آهي”.
منظور اهو چئي مون کي چتائي ڏٺو- شايد هن منهنجو چهرو پڙهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. مون طرفان خاموشي ۽ ڪا Comment نه اچڻ تي، هن چيو: “چاچا سائين توهان هن قسم جي ڳالهه شايد پهريون دفعو ٻڌي هجي ۽ توهان کي منهنجو ٽن زالن سان شادي ڪرڻ خراب لڳو هجي!”
مون کلندي وراڻيومانس ته آئون ملائيشيا جهڙي مسلمان ملڪ ۾ ڪئين سال رهيو آهيان جتي هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ هڪ عام ڳالهه آهي. ان کي نه عيب سمجھيو وڃي ٿو، نه خراب ڳالهه ۽ نه غير اسلامي عمل. ملاڪا نيول اڪيڊمي جتي مون ڏهه سال کن پڙهايو اتي پنج وقت نماز ۽ روزي جو پابند هڪ ملئي نيول آفيسر دوست کي چار زالون هيون. هو هميشه اهو چوندو هو ته “آئون انهن مردن کان بهتر آهيان جن کي فقط هڪ زال آهي پر هو ان سان به نه سچا آهن ۽ نه وري ان جو دل سان خيال رکن ٿا.”

الطاف شيخ

پبلشر نوٽ

سامونڊي سفر ۾ گڏ کڻي هلڻ ۽ سفري وارتائن کي منفرد، معلوماتي ۽ مثالي ڍنگ سان قلمبند ڪرڻ جهڙو ڏانءُ ۽ ذهني ڪماليت سائين الطاف شيخ کانسواءِ شايد ئي ڪٿي پڙهڻ لاءِ ملي، هو جيڪو سنڌ مٽيءَ جو هڳاءُ رکندڙ نهايت حساس سڀاءَ جو مالڪ آهي، پوري دنيا گهمڻ باوجود پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ امڙ سان اڻٽٽ رشتو نڀائيندو پيو اچي ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ساٿ جو وچن نڀائيندي سنڌي ادب جي جهول ۾ اڻ ڳڻيا ڪتاب آڇي به ڪنڊائتو ٿيڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته الطاف شيخ سنڌ جو فخر ۽ سنڌي ادب جو اهڙو املهه سرمايو آهي، جنهن تي سنڌ صدين تائين نازان رهندي.
الطاف شيخ جي انيڪ ناياب ڪتابن جيان سندس هيءَ تصنيف “جهونا ٿيا جهاز” پڻ اهڙين لکڻين جو گلدان آهي، جنهن ۾ هر گل جي پنهنجي خوشبو ۽ پنهنجو رنگ آهي، جنهن جو واس وٺندي پڙهندڙ پاڻ کي سندس لفظن جي لهرن ۾ لڏندي لمندي پُراسرار سروريت جي نئين جهان کي رَسي ٿو، هونئن به الطاف شيخ جي سفرنامن کانسواءِ ڪابه لائبريري يا علمي درسگاهه، ايئن کڻي چئجي ته سنڌ ادب جي تاريخ اڻپوري ۽ ٻُسي ٻُسي نظر ايندي.سائين الطاف شيخ پاران خصوصي طور سمبارا پبليڪيشن لاءِ نڪور لکڻين ۽ مختصر انٽرويو تي آڌاريل هيءَ سوکڙي اداري جي پڙهندڙن لاءِ پڻ نهايت ڪارائتي سوکڙي ثابت ٿيندي.

ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد

مهاڳ؛ الطاف شيخ جي دنيا

سنڌي ٻوليءَ ۾ سفري وارتائن، واقعن، لقائن، آبي ذخيرن توڙي سامونڊي ڪنارن سان رهندڙ انساني آبادي، ان آباديءَ جي سماج جي مشاهداتي تصوير سان گڏ سيرو في العرض، دنيا جا عجب عجائب، ريتون رسمون، طور طريقا، تنزلي توڙي ارتقا، حرفتون ۽ هنر ۽ انساني سماج جا تقریباًسڀ روپ ٻھروپ سنڌين تائين پهچائڻ جو سهرو سنڌ جي سدا بهار سيلاني جناب الطاف شيخ صاحب جي سر آهي.
جيتوڻيڪ مون وٽ سندس سڀ سفرناما ناهن پر جيڪي دستياب ٿي سگهيا هئا ان حوالي سان ڪنهن دور ۾ مون ايم فل جي حوالي سان هڪ عنوان تي سناپسز ٺاهيا هئا جن جو عنوان هو:
سنڌي سفر نامن ۾ سماجي قدرن جو اڀياس.
ان وقت 2000 ۾ مون وٽ شيخ صاحب جا رڳو 19 سفرناما هئا. پر تحقيق جي تقاضائن لاءِ ڪافي هئا.شيخ صاحب جي سفرنامن ۾ سنڌي سماج جي ڪن پرڏيهي علائقن سان ڀيٽ ۽ هڪجھڙائي منهنجو عنوان جو ٻل رهيا.ان سان گڏ ٻولي، اسلوب، پھاڪا تي پهلو سندس سفرنامن کي ٻين سفرنامن کان الڳ ڪن ٿا.سفرنامي جي صنف کي هن پنهنجي ۽ سنڌ جي سڃاڻپ بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.هن جا سفرناما تفريح سان گڏ علم ۽ کوجنا جا دستاويز آهن.
سنڌي سفرنامن جي تاريخ ۾ الطاف شيخ 1971 ۾ ان وقت متعارف ٿيو هو جڏهن سندس پهريون سفر نامون "منهنجو ساگر منهنجو ساحل"، جي نالي سان شايع ٿي مارڪيٽ ۾ پهتو، هن سفرنامي وسيلي الطاف پنهنجا پڙهندڙ پيدا ڪري ورتا ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سندس هن ئي سفرنامي جو ٻيو ۽ پوءِ ٽيو ايڊيشن شايع ٿي ويو.
هي پهريون سفر نامو انهن خطن تي آڌاريل هو جيڪي هن پنهنجي دوست ڊاڪٽرسليمان شيخ صاحب ڏي چٽگانگ ويندي عربي سمنڊ جي ڇاتيء تي هلندي لکيا هئا.
هن ڪتاب جي مهڙ ۾ الطاف شيخ لکيو هو ته " ٻاهر نڪرڻ کان اڳ سوچيو هوم ته جنهن به ملڪ ۾ ويندس ته ان بابت مڪمل سفر نامون ۽ معلومات لکندو رهندس."
سندس هن اظهار مان ظاهر آهي ته پڳهه ڇوڙي پنڌ پوڻ سان ئي هن کي سفري وارتائن سانڍڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جو شوق هو، جيڪو نيٺ هن پنهنجي 100 ڪتابن ۾ پورو ڪري سنڌي سفرنامي جو جهول ڀري ورتو. هن سفرنامي ۾ جهازن بابت ڄاڻ کان وٺي جهازي ماحول، عملي، سمنڊ، سامونڊي منظرن تي دلفريب نظر وجهڻ سان گڏ پنهنجي ڪيفيت، ڳوٺ جي ياد، کِل ڀوڳ جو انداز، وندر جا سڀ در کولي ڇڏيا آهن.
الطاف جو لکڻ وارو انداز سادو، عام فهم، وڻندڙ ۽ مختصر آهي. اهوئي سبب آهي جو سندس ڪيترن ئي سفرنامن جي ٻيا ۽ ٽيا ايڊيشن هڪ ٻئي پٺيان شايع ٿيندا آيا.
الطاف جو سفرنامو جتي پڙهندڙ کي تفريح پيو پھچائي اتي ان ملڪ جي تاريخ، تھذيب و ثقافت ۽ ان ملڪ جي ٻوليءَ ۽ ان ٻوليءَ ۾ مروج پهاڪا، اصطلاح ۽ ڪن صورتن ۾ انهن جي سنڌي ٻوليءَ سان مشابهت جا ڪي پهلو به روشناس ڪرائي ٿو.رٺي آهي گھوٽ سان ڪتاب ۾هن سنڌي سان گڏ چيني، ملئي ۽ جاپاني پهاڪن ۾ انساني نفسيات ۾ هڪجهڙائيء وارن پھلوئن ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
الطاف ملڪن جي سير دوران ان ملڪ جي تعليمي نظام، سماجي نظام ۽ دهڪاني نظام جي ڪن رخن جا الائي ڪيترا عجيب ۽ کلائيندڙ واقعا لکيا آهن. جيئن ڳالهيون آهن ڳچ ۾ همراھ جي عضوي کي ٻليءَ پاران ڪوئو سمهجي حملو ڪري زخمي ڪرڻ.
الطاف جتي ملڪن جو سير ڪرايو آهي اتي هن هر ملڪ جي ادب ۽ لوڪ ادب جا اڀياس ۽ انتخاب پڻ پيش ڪري قومن جو تخليقي پهلو پڻ اجاگر ڪيو آهي، ان بابت سندس ڪتاب آهن، اناميڪا، سوزيء سان پيار، ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون.سندس سفرنامن ۾ ٻاراڻي ادب تي پڻ نظر رهي ۽ انهن لاءِ به جل پري$ جي اڳڪٿي جهڙو ڪتاب لکي ٻارڙن ۾ دنيا ڏسڻ جي چڻنگ ٻاريائين.
انسان جو مذهب سان ازلي تعلق رهندو پي آيو آهي، الطاف پاڻ کي هن پهلوء کان به اوجهل نه رکيو آهي.دنيا جي مذهبن جا عيني مشاهدا ۽ عمل، ۽ انهن جو محاڪاتي منظر تاريخ ۽ تحقيق سان پيش ڪيو اٿس. ها البت ڪٿي ڪٿي پنهنجي مذهب سان وابستگي ڏي جهڪاء جي جهلڪ به محسوس ڪرائي اٿس.
سفر نامن جي نالن ۾ شاهه صاحب جو سر سامونڊي ۽ سري راڳ سامهون رکيو اٿس جيڪو سندس سفر نامي جي لساني سڃاڻپ به رھيو آھي. دنيا آهي ڪاڪ محل، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين، بندر بازاريون، ڳالھيون آھن ڳچ، بندر ديسان ديس، جيء اندر جهاتي، وائيون وڻجارن جون، سانباهو سمونڊ جو، موج نه سهي مڪڙي. وسي ٿو وڏ ڦڙو، نه سي سڙهه سکاڻ، ان کان علاوه ٻيا نالا پڻ شاعراڻي ردم ۾ آهن بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾،، ڪويت ڪنارا، هي ٻيٽ هي ڪنارا، ڪراچي کان ڪوپن هيگن، هلي ڏسجي هندستان، مڪلي کان ملاڪا.
الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ جيڪو ورلڊ رڪارڊ ڪَٺو ڪري جيڪو ڪٺمال ڀريو آهي، ان تي اگر ايم فل يا پي ايڇ ڊي لاء مختلف موضوعن تي ڪم ڪجي ته کوڙ ساريون حقيقيتون سامهون اچي وڃن ۽ سنڌي پڙھندڙ دنيا جي هر رک کان نه رڳو واقف ٿين پر دنيا ڏانهن رغبت وڌائي نوجوان نسل کي ٻاهر وڃڻ جي ترغيب ڏين ۽ دنيا جي سماجي قدرن کان پڻ آگاهي حاصل ڪري وٺن.
الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ نه رڳو سير ڪيل ملڪن جا تازا احوال آهن، پر هن، ان هر علائقي جي تاريخ جو اتي وڃي مشاهداتي ۽ علمي اڀياس ڪيو آهي. ملڪن جي تاريخ، قدامت، ثقافت، شجاعت، صداقت، همت، عظمت، غربت، غنيمت، هنر، ڪاريگري مطلب ته لکڻ وقت جيڪو ڪجھ پڙهندڙ لاءِ ميسر ٿي سگهيو اٿس سو موهيا ڪيو اٿس. نه رڳو ايترو پر ملڪن جي ماضيءَ ۾ منهن وجهي تهذيب جا ترا جھاڳي اتان جا املھ اڻ ميا، ميا اٿس، دنيا رنگ رنگيلي جا سڀ رنگ، ڍنگ، انگ، ترنگ اهڙا پوتا اٿس جو اکرن ۽ لفظن مان ئي ڪائنات جا رنگ رتول پيا نظر اچن، اهڙن رنگن ۽ رنگينين ۾ وطن ۽ وطن واسي هرگز نٿا وسرنس، انهن جي ياد وري وري اچيس ٿي.
جڏهن مقدس ماڳن جو سير ٿو ڪري ته تقدس جي تسبيح سُڪ ٿو جهلي مقدس زيارتن لاءِ قلم کي سجده ٿو ڪرائي گويا اک، قلم حلم گڏائي سجدن جي سعادت ٿو حاصل ڪري، هن مرحلن ۾ ڪٿي ڪٿي پنهنجي ذاتي مسلڪ کي ترجيح به ڏئي ٿو پر ائين هوندو ناهي جيئن هي سمجهي ٿو، مثلاً، سعودي عرب لاءِ لکي ٿو ته هتي حنفي مسلڪ جي اڪثريت آهي. سڀني کي خبر آهي ته هتي حنبلي مسلڪ سعودي ء جو سرڪاري مسلڪ آهي، وهابيت جا آثار آهن.مذهبن جي معاملي ۾ پڻ ڪافي معلومات پيش ڪئي اٿس، ديوتائي، ديو مالائي، اساطيري، الهامي، غير الهامي مذهبن تي ايترو ڪٺمال ڪٺي ڪيو اٿس جو سڀني سفرنامن مان رڳو مذهبن ۽رسمن تي هزار صفحن تي مشتمل ڪتاب ڇپائي سگهجي ٿو.
الطاف جي ياداشت کي داد ڏبو جو جتي جتي، سنڌ، جي ڪنهن، روڊ، رستي، گلي، گهٽي، ڳوٺ، شهر، ماڻهو ۽ منظر ۾ ڪا هڪجهڙائي، ڪا مماثلت، ڪا خصلت يا خاصيت ڏسي ٿو ته هڪدم کيس سنڌ جو منظر، ماڻهو ۽ ماحول ٿو سامهون اچي تشبيھ تيار ڪري ان پرڏيهي خوبي يا خامي کي ڏيهي روپ ۾ ڏسي، ڏسي ٿو ته هت.۽ هُت هيءَ هڪجهڙائي آهي.
الطاف جو سفرنامو جتي مشاهداتي سير سفر جو مزو ٿو وٺائي، اتي ادب ۽ لوڪ ادب جا گڏيل چسڪا پڻ وڻندڙ انداز ۽ ناز سان ٿو وٺائي.
جڏهن بمبئي کي ڀاڪر ٿو وجهي ته کيس مٽيءَ مان سون بڻائڻ وارا سنڌي ٿا ياد اچنس، جڏهن مليشيا ٿو من اچيس ته اتي جون شاديون مراديون من جي بن ۾ ٿيون جهمريون پائين، جڏهن، ايران ڏي ٿو اڏام ڪري ته، اتي مُٿعي جي شادين جي سهولت ٿو سڻائي، جڏهن، ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا، جي ٻاراڻي ياد ٿي اچيس ته واسڪو ڊاگا ما جون شر انگيزيون ٿو سمجهائي، جڏهن، گهاتن کي گهر ايندي نٿو ڏسي ته، مڇين جون محاڪات ٿو ڳولي، جڏهن، هليو وڃيو ٿو هندستان ڏسي ته گوبند خوشحالاڻي ۽جگديش لڇاڻي سان ٿو ملائي، جڏهن، مڪليء کي ملاڪا سان ٿو ملائي ته، ملاڪا ۽ حيدرآباد جي قلعي جي هڪجهڙائي ٿو ڏسي، جڏهن، ملير کان مالمو ٿو وڃي ته دنيا جهان جي ماڻهن سان ٿو متعارف ڪرائي، اڇن جي ملڪ ۾ ڪارا ٿو ڏسي ته انهن جا نينهن نيارا ٿو ڏسي، جڏهن عميق ڏي ٿو اهري، ته طلاطم جا پر خطر طلسم ٿو توري ۽ جڏهن وڏ ڦڙو ٿو وسي ته اندر جي اسلام کي ڌوئڻ جي صلاح ٿو ڏئي ۽ نيٺ چنڊ کي به سچ چوندي ڪاپي ڪلچر جي نندا ٿو ڪري.
الطاف شيخ ٻاهرين دنيا جو جيڪو اندر ڏيکاريو آهي سو رڳو وندر نه سمجهيو پر دنيا ڏسڻ جو اتساهه، امنگ ۽ جستجو جو جذبو سمجهو جيڪي جهان جھاڳي سگهن، سمنڊ سيوي، سگهن ٿا، ساگر ۽ ساحل ڏسندي، وڻجاران سان وايون ڪري سگهن ٿا، مڪڙي جي موج سهي سگهن ٿا، لنڊن تائين لفٽ وٺي سگهن ٿا، جيڪي جيءِ اندر جهاتي پائي، جپان سان جيءُ جوڙي سگهن ٿا، جيڪي هي ٻيٽ هي ڪنارا ڏسي سگهن ٿا، جيڪي جتي برف پئي ٿي جام جا نظارا ڏسڻ چاهين ٿا، جيڪي تاريخ جو سفر من اندر جي مشاهدي جو ذوق رکن ٿا، جيڪي ڀلاري پار تان ڀيرو ڀرڻ چاهين ٿا، جيڪي چنڊ کي اڀاري پرين پسڻ چاهين ٿا، جيڪي ڪويت جا ڪنارا ڏسڻ چاهين ٿا جيڪي سمجهن ٿا ته واقعي دنيا ڪاڪ محل آهي سي ڳالهيون آهن ڳچ پڙهي نڪري سير سفر ڪري الطاف جي دنيا پاڻ به گهمن اسان کي به گهمائين.

پروفيسر غلام نبي چنا
سڪرنڊ

نيلوفر ۽ نرگس جي آمد

سائڪلون (Cyclone) دنيا ۾ جتي ڪٿي لڳن ٿيون، اسان جهاز هلائڻ وارن کي طوفانن ۽ ٽائفونن کان سائڪلون ۽ سوناميون وڌيڪ وڏو مسئلو پيدا ڪن ٿيون. ڪنهن هنڌ تي هوا جو دٻاءُ (Atmospheric Pressure) گهٽجي ٿو ته پاسي کان هوائون تيز رفتار سان ان طرف وڌن ٿيون ۽ واچوڙي وانگر اڳتي وڌنديون رهن ٿيون. انهن جي زور تي سمنڊ جون وڏيون لهرون ڪناري وارن علائقن جو رخ هڪ طرف رکن ٿيون ته بارش جو وسڪارو ٻئي طرف ٿئي ٿو.
سونامي Tsunami ان کان به خطرناڪ شيءِ آهي جنهن ۾ سمنڊ جون وڏيون لهرون ڪناري جو رخ اختيار ڪري ٻوڙ ٻوڙان ڪن ٿيون. سونامي تڏهن لڳي ٿي جڏهن سمنڊ اندر ڪٿي زلزلو اچي ٿو يا سمنڊ اندر موجود جبلن مان ڪو ڦاٽي ٿو يعني Volcanic Eruption ٿئي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو اڳتي ڌڪجي ٿو ۽ ڪناري ڏي وڌي ٻوڙ ٻوڙان ڪري ٿو. ‘ٽائفون’ فارسي جي لفظ ‘طوفان’ مان نڪتو آهي يا چيني لفظ Tai Fung مان. ٻنهي جي معنيٰ ساڳي آهي. سونامي (Tsunami) ته آهي ئي جپاني لفظ. سندس پهريون اکر “تِسو” (Tsu)جپانيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن عربي فارسي يا سنڌي اڙدو ۾ آهي ئي ڪونه. جيئن مڱ، سڱ، ڄڃ جهڙا لفظ سنڌيءَ جا ئي ٿي سگهن ٿا جو ڱ ۽ ڃ جهڙا اکر انگريزي، فرينچ يا فارسي عربيءَ ۾ آهن ڪونه. تيئن TSU جپانيءَ جو هڪ اکر آهي جيئن بُو، تو، ڪُو جپانيءَ جا اکر آهن. هڪ ٻي ڳالهه ته دنيا ۾ جتي ڪٿي سمنڊ ماٺو آهي ته رکي رکي ڏينهن ٻن لاءِ ان ۾ ڇوليون به پئدا ٿين ٿيون جنهن کي اسان “رف سي” سڏيون ٿا. ان کان علاوه هر سمنڊ ۾ چوويهه ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا اڀام ۽ سوس به اچي ٿو جنهن کي اسان “هاءِ ٽائيڊ” ۽ “لو ٽائيڊ” سڏيون ٿا. سمنڊ پنهنجا اهي ڪرتب تيز هوائن ۽ سج چنڊ جي ڪشش ڪري ڏيکاري ٿو پر سونامي پاڻيءَ جي وڏي مقدار جي اٿل پٿل ڪري ٿئي ٿي ۽ سائڪلون (Cyclone) جيڪا وڌيڪ عام شيءِ آهي ۽ ڪن سمنڊن تي، ڪن موسمن ۾ اينديون رهن ٿيون، جنهن کان سمنڊ تي اسان جهاز هلائڻ وارا به پاسو ڪريون ٿا ته ڪناري تي رهندڙ به. اهي سائڪلون جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته سمنڊ تي ڪنهن به هنڌ هوا جو دٻاءُ گهٽ ٿيڻ تي يعني Low Pressure ٿيڻ تي پئدا ٿين ٿيون. اهي واچوڙي وانگر ٿين ٿيون جن کي انگريزيءَ ۾ Tornadoes ۽ Dust Devils به سڏيون ٿا. سائڪلون ۾ اڪثر بارش جو وسڪارو به قائم رهي ٿو.
اڄ کان ويهه ٽيهه سال اڳ تائين، جڏهن سائنس ايڏي ترقي نه ڪئي هئي، سائڪلون ۾ ڪناري تي رهندڙن جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو هو. هاڻ سائڪلون جي تيار ٿيڻ کان اڳ خبر پئجيو وڃي ته ڪٿي Low پريشر پيدا ٿي رهيو آهي ۽ سائڪلون (تيز هوائون) ڪهڙو رخ اختيار ڪري رهيون آهن ۽ انهن جي رفتار ڪيتري آهي. ڪڏهن ته پنجاهه سٺ ڪلوميٽر في ڪلاڪ واريون هلڪيون سائڪلون لڳن ٿيون ڪڏهن ته انهن جي رفتار 200 ڪلو ميٽرن کان به وڌيو وڃي. سائڪلون جي اطلاع ملڻ تي انهن جي ضد ۾ ايندڙ ملڪن جون حڪومتون ڪناري تي رهندڙ ماڻهن کي ڪنهن حفاظت واري جڳهه تي پناهه وٺڻ لاءِ اعلان ڪن ٿيون پر ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن وڏو نقصان ٿيو وڃي. اسان جي ملڪ جو واسطو هندي وڏي سمنڊ جي اتراهين حصي عربي سمنڊ کان خليج بنگال واري سمنڊ تائين آهي. ان سڄي علائقي ۾ ڪجهه ٿيڻ تي پاڪستان، انڊيا، برما، سري لنڪا، مالديپ، عمان ۽ ٿائلينڊ ۾ موجود اطلاع گاهن تي ڄاڻ پهچيو وڃي، جيئن سائڪلون جي پيدائش واري جاءِ کان ان جو اڳتي وڌڻ جو رخ ۽ هوائن جي تيزيءَ جي ڄاڻ ان علائقي جي سڀني ماڻهن کي ٿي وڃي.
هونءَ ته قدرت جو نظام اهڙو آهي جو صدين کان هڪجهڙو ئي سسٽم هلي ٿو پيو. جيئن ملائيشيا ۾ گهڻي بارش پوي ٿي ۽ سعودي عرب ۾ گهٽ... ته اهو ئي سسٽم هلندو اچي. اهڙي طرح سائڪلون به ڪن هنڌن ڏي گهڻو رخ رکن ٿيون جيئن ته بنگلاديش، سري لنڪا، ڏکڻ هندوستان، برما، سماترا ٻيٽ وغيره. عربي سمنڊ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڪا سائڪلون تيار ٿي پاڪستان جو رخ ڪندي آهي ۽ اسان وٽ خوف طاري ٿي ويندو آهي پر قدرت اسان کي بچائي وٺندي آهي. اها سائڪلون ڏينهن ٻن جي سفر بعد پاڪستان طرف وڌيڪ وڌڻ جو رخ بدلائي عمان ڏي ڪري ڇڏيندي آهي ۽ وڌيڪ ڏينهن ٻن جي سفر بعد جڏهن عمان جي ڪناري جي ويجهو اچي پهچندي آهي ته اها ٿڪل ٿڪل هوندي آهي. يعني هن جي تيز رفتاري ختم ٿي چڪي هوندي آهي، پر تنهن هوندي به عمان يا سوماليا جي ڪنارن تي ٽڪرائڻ سان ڪافي نقصان ڪري ٿي. ماڻهو ۽ جُهڳيون تباهه ڪريو ڇڏي.
ڪراچيءَ ڏي سائڪلون يعني سامونڊي طوفان جو ٻڌي منهنجا دوست ۽ مائٽ مٽ مونکان به پڇندا آهن ته “سامونڊي طوفان ڪراچيءَ ڏي پيو اچي، ڇا ٿيندو؟” آئون چوندو آهيان ته “الله خير ڪندو جيڪو هيستائين به بچائيندو آيو آهي.” ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ ٻه ٻه هفتا لڳاتار مينهن پيو هلي ته به ٽرئفڪ روان دوان آهي. هڪ ته اتي جي حڪومت روڊ رستا ايمانداريءَ سان مضبوط ٺاهيا آهن ٻيو ته اهي ملڪ قدرت جابلو رکيا آهن يعني مينهن جو پاڻي ترسي نٿو. ان وقت ئي هيٺائين ڏي وهندو دريائن ۽ آخر ۾ سمنڊ کان وڃيو نڪري. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ فقط چار ڪلاڪ لڳاتار بارش پوي ٿي ته ٽرئفڪ جو ڇا حال ٿئي ٿو؟ روڊن جو ڇا حال ٿئي ٿو؟ اسان جا روڊ ته سادي مٽيريل جا آهن ان ڪري ڀڳل رهن ٿا پر گٽر به چوڪ ٿيا پيا آهن. پاڻي ڪيڏانهن وڃي. شهر جا ڀنگي ٻهارن سان اهو معمولي پاڻي چئن ڏينهن ۾ ڪڍن ٿا. اتي ڪنهن سائڪلون يا سوناميءَ جو جي پاڻي ڪراچيءَ ۾ اچي وڃي ته سوچيو ڇا ٿيندو؟ مون جهڙي جهاز تي نوڪري ڪرڻ واري کي خبر آهي ته ڪراچي هڪ ٽب مثل آهي. ڪراچي بيروت، هانگ ڪانگ وانگر پهاڙيءَ تي ته شهر ناهي پر ٻين بندرگاهن وانگر ٿورو مٿڀرو به ناهي. ڪراچيءَ جي منهن وٽ جڏهن جهاز اچي پهچندو آهي ته پوءِ PNSC، بحريا وارن جي آئڪان يا حبيب بئنڪ جهڙين اتاهين عمارتن جا مٿاهان حصا نظر ايندا آهن. يعني ڪراچي سطح سمنڊ کان ڪو خاص مٿي ناهي. اهڙي صورت ۾ سائڪلون يا سوناميءَ جو پاڻي اٿل کائي ڪراچيءَ ۾ داخل ٿي وڃي ته ڪراچي تالاب بڻجي وڃي ۽ پاڻيءَ جي واپس وڃڻ ۾ مهينا لڳن ۽ ڪير آهي جو ايتري پاڻي اندر رهي سگهي!
پاڪستان دنيا جي Temperate زون ۾ اچي ٿو ۽ عربي سمنڊ ۾ تمام گهٽ سائڪلون لڳن ٿيون ... جيڪي لڳن ٿيون اهي پاڪستان جو رخ رکي بعد ۾ (جيئن مٿي لکي آيو آهيان) عمان جي ڪناري ڏي هليون وڃن يا وري گجرات (انڊيا) جي ڪناري ڏي. انهن جو فقط ڪجهه ڇاڻو ٺٽي، بدين، سجاول ۾ پهچي ٿو پر بي اثرائتي حال ۾. تڏهن به ٻڌبو آهي ته هيترا مهاڻا، هيتريون ٻيڙيون گم آهن، هيترا گهر ڊهي پيا. ان کان وڌيڪ خراب حال انڊيا جي گجرات ۽ ڪڇ جي بندرگاهن: دوارڪا، پوربندر، ويراوال، راجڪوٽ، مندرا، ڪنڊلا ۽ ڀوج وغيره جو ٿئي ٿو.
2013ع جي مئي مهيني جي ستين اٺين تاريخ ڌاري خليج بنگال واري سمنڊ ۾ ڊپريشن ٿي يعني Low پريشر ڊيولپ ٿيو. ڏهين مئي تي اها ڊپريشن وڌيڪ ٿيڻ لڳي۽ يارهين مئي تي ان سائڪلون جي شڪل اختيار ڪئي جنهن جو نالو لسٽ موجب مهاسين “Mahasen” اعلان ڪيو ويو. اڳ ۾ ائين هوندو هو ته نالي جو پهرين نه سوچيو ويندو هو. لڳڻ بعد پوءِ پيو چئبو هو ته اهو طوفان (سائڪلون) جيڪو عيد تي لڳو، رمضان ۾ لڳو، عاشوري ۾ لڳو وغيره پر هاڻ پسگردائي جا ملڪ جتي سائڪلون جي ڳولا جا اوزار آهن ۽ جتان اطلاع ڪيو وڃي ٿو اهي اڳواٽ پنهنجي پنهنجي پسند جا پنج ڇهه نالا ڏئي ڇڏين ٿا، پوءِ جڏهن ڪا سائڪلون ٺهي ٿي ته ان جو نالو لسٽ مطابق، رکيو وڃي ٿو. هن سائڪلون لاءِ سري لنڪا وارن جي ڏنل نالن مان مهاسين Cyclonic Storm Mahasen رکيو ويو. 13 مئي ڌاري هيءَ مهاسين سائڪلون انڊيا جي اوڀر ڪناري تي پهچي وئي ۽ پوءِ وڌيڪ طاقتور ٿيندي 14 تاريخ اتر طرف ڪلڪتي ۽ چٽگانگ ۾ تباهه ڪاري ڪيائين. اها جيتوڻيڪ ڪا گهڻي طاقتور نه ٿي پر تڏهن به 90 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان هئي. 17 تاريخ تائين اها ناگالئنڊ تائين پهچي وئي. اهڙي طرح ان جو اثر برما جي ڪناري تي به ٿيو. ٻئي پاسي ٿائلينڊ، سماترا ٻيٽ ۽ سري لنڪا تائين به ٻُوڏ پئدا ڪرڻ واري مينهن جو وسڪارو رهيو. برما ۾ چاليهه کن ماڻهو ٻڏي ويا، انڊيا ۽ سري لنڪا ۾ ٽيهارو کن، بنگلاديش ۾ 17 ۽ ان کان علاوه 95 هزار گهر ڊهي ويا ۽ 13 لک ماڻهو بي گهر يا زخمي ٿي پيا. هر هڪ جي وات تي هو ته مهاسين تباهي مچائي ڇڏي. مهاسين ماري رکيو. اها ڳالهه سري لنڪا جي ئي قومپرستن ۽ سرڪاري ڪامورن کي خراب لڳي ته ههڙي تباهه ڪندڙ شيءِ جو نالو “مهاسين” رکڻ نٿو جڳائي جيڪو نالو ان راجا جو آهي جنهن هن ٻيٽ سري لنڪا کي ٺاهيو. “راجا مهاسين انوراڌاپور” وارو (Mahansen of Anuradhapura) سري لنڪا جو 227ع کان 304ع تائين بادشاهه رهيو. هو هن ملڪ ۾ پاڻيءَ جا تالاب ٺاهڻ کان مشهور آهي. سري لنڪا جو پالي ٻوليءَ ۾ هڪ مهاومسا (Mahavamsa) نالي طويل تعريفي نظم (Epic) آهي جنهن ۾ انڊيا کان آيل 543 ق-م ۾ شهزادي وجي جي حڪومت (543 ق-م کان 505 ق-م) کان هن بادشاهه مهاسينا جي راڄ جي “تاريخ” آهي. اهو طويل نظم (مهاومسا) پنڌرهين صديءَ جي ٻوڌي ٻائي انوراڌاپور جي مشهور ٻڌ مندر مهاويهارا ۾ ويهي لکيو هو. انوراڌاپور آڳاٽي سري لنڪا جي گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ ان دور جا کنڊهر اڄ به موجود آهن جن کي سري لنڪا جي حڪومت چڱي طرح Preserve ڪري رکيا آهن. مهاراجا مهاسين لاءِ چون ٿا ته هن هڪ غلط ڪم ضرور ڪيو. هن جو ٻڌ ڌرم جي مهايانا فرقي سان تعلق هو سو سلون (سري لنڪا) ۾ ان وقت موجود ٻڌ ڌرم جي ٻئي فرقي ٿيروادا (Theravada) وارن سان هن جي نٿي پئي. ايتري قدر جو مٿي ذڪر ڪيل مندر مهاويهارا جيڪو ٿيروادا ٻڌن جو هو، ان سان گڏ ٻين به هنن جي مندرن کي ڊهرائي ڇڏيو. بعد ۾ عوام کي پنهنجي لاءِ نفرت ڪندو ڏسي هن غلطي محسوس ڪئي ۽ مهاويهارا مندر کي پهرين کان به بهتر ڪري ٺهرايو ۽ ماڻهو کيس ايڏي عزت ڏيڻ لڳا جيڏي ديوتائن کي ڏني وڃي ٿي. سو اهڙي ماڻهوءَ جنهن ملڪ ۽ عوام کي ٺاهيو ان جو نالو اهڙي شيءِ (سائڪلون) تي رکيو وڃي جيڪا تباهيءَ جي نشاني يا علامت هجي. هونءَ ته خير اها ڳالهه اهڙي آهي ته ڪونه پر هر ملڪ جي ماڻهن جو پنهنجو مزاج ٿئي ٿو. سو سري لنڪا جي قومپرستن ان کي پنهنجي قوم جي بابي جي بي عزتي سمجهي وٺي گوڙ ڪيو ۽ گوڙ به اهڙو جو ان ۾ سائڪلون جو گوڙ به دٻجي ويو ۽ سائڪلون اڃان اڌ رستي تي هئي ته حڪومت اهو نالو ختم ڪرائي بنا نالي واري سائڪلون ڪيو. پر بورڊ جي ميمبرن مان انڊيا ۽ برما وغيره اعتراض ڪيو ته هاڻ ائين نٿو ٺهي نالو ته هر سائڪلون جو هجڻ کپي. سو پهرين جي فيصلي مطابق هن سائڪلون کي “مهاسين” سڏڻ بند ڪيو ويو ۽ ان جي بدلي ۾ ان جو نئون نالو ويارو (Viyaru) رکيو ويو.
سائڪلون (طوفانن) جا نالا، اسان واري سمنڊ جي ارد گرد وارا ملڪ- جن تي هن حصي ۾ لڳندڙ سائڪلون اثر انداز ٿين ٿيون، اهي ئي رکن ٿا. انهن لاءِ شروع ۾ لکي آيو آهيان ته الفابيٽ مطابق هي آهن: بنگلاديش، انڊيا، مالديپ، ميانمار، عمان، پاڪستان، سري لنڪا ۽ ٿائلينڊ. اهي ملڪ JTWC جا ملڪ سڏجن ٿا يعني Joint Typhoon Warning Center ۽ اهي ملڪ ٻين لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائين ٿا يعني ٽراپيڪل سائڪلون فارميشن الرٽ (TCFA) جو اعلان ڪن ٿا ۽ پنهنجي ماڻهن کي جيڪي سمنڊ تي آهن يا جيڪي ڪناري تي رهن ٿا، اطلاع ڪن ٿا ته هو پنهنجي بچاءَ خاطر ڪنهن حفاظت واري جاءِ تي پهچي وڃن. حڪومتون به پنهنجي معاشي حالتن مطابق تنبن، کاڌي خوراڪ ۽ ڪپڙن جو بندوبست ڪن ٿيون. اهي ئي ملڪ آهن جن مان هر هڪ ست اٺ نالا مرڪزي آفيس ۾ جمع ڪرائي ٿو جيئن واري وٽي تي نئين ايندڙ سائڪلون جو نالو هر ملڪ جي ڏنل نالن مان هڪ کنيو وڃي. ڪراچي عمان کان سري لنڪا ۽ برما ٿائلينڊ تائين سمجهو ته سال ۾ ٽي چار ننڍيون وڏيون سائڪلون لڳن ٿيون جن جي رفتار سٺ ستر ڪلو ميٽر في ڪلاڪ کان 200 تائين ٿي سگهي ٿي ۽ انهن جي طاقت مطابق سمنڊ ۾ ڪُنون، ڪناري تي واچوڙا ۽ گوڙ، وڄ ۽ بارش جا وسڪارا ۽ ٻوڏون تباهي مچائين ٿيون. مٿين سائڪلون “مهاسين” جنهن کي هاڻ پاڻ نئين نالي “ويارو” سان سڏينداسين، ان کان اڳ سري لنڪا طرفان ڏنل نالن مان ٽي نالا استعمال ٿي چڪا هئا- مالا، رشمي، بُندو. مونکي خبر ناهي ته انهن جي معنيٰ ڇا آهي. اهي پڪ سري لنڪا جي سنهالي ٻوليءَ جا لفظ آهن. پر 2010ع ۾ جيڪا 31 مئي ڌاري اتر هندي سمنڊ ۾ سائڪلون پيدا ٿي ۽ 6 جون ڌاري ٺٽي پاسي به اثر ڏيکاريو، ٻئي پاسي عمان ۽ انڊيا جي رياست گجرات ۾ به ان جي تيز هوائن جو اثر ٿيو ۽ لڳاتار وسڪارن ڪري ٻوڏ به ٿي، ان جو نالو ٿائلينڊ وارن جي ڏنل نالن مان هڪ ڦيٽ (Phet) رکيو ويو هو. ٿائي لفظ ڦيٽ جي معنا ڊائمنڊ آهي ان کان اڳ جڏهن ٿائلينڊ جي نالي جو وارو هو ته ان سائڪلون جو نالو Mukda هو يعني مکڙا (چهرو). مکڙا ٿائي لفظ آهي. ٿائي ۽ ملئيءَ ۾ ڪيترائي هندي، پالي ۽ سنسڪرت جا لفظ آهن. عمان وارن جا سائڪلون لاءِ ڏنل لفظ گهڻو ڪري پکين جا آهن. گهٽ ۾ گهٽ ٻه ته آهن جيڪي اسان وٽ به ساڳيا آهن جيئن ته باز ۽ هدهد. مالديپ ۽ ميانمار جي ٻولين کان اڻ واقف هجڻ ڪري هڪ نالي جي به معنيٰ نه پئي اچي باقي بنگلاديش ۽ انڊيا جي ڏنل اَٺ اَٺ نالن مان ڪجهه سمجهه ۾ اچن پيا، جيئن ته اگني، نِشا، هيلن، فاني ۽ انڊيا جا ته ڪافي اردو وارا آهن، جيئن ته آڪاش، بجلي، جل، لهر، ميگهه ۽ ساگر.
هونءَ ڏٺو وڃي ته سڀني ملڪن سائڪلون جهڙي مصيبت لاءِ ان جي الٽ پيار ڀريا ۽ رومانوي نالا ڏنا آهن. منهنجو هڪ سنڌي دوست سنڌ جي ڏينهون ڏينهن بدتر حالت ڏسي چوندو آهي ته “آئون جيڪڏهن JTWC جو چيئرمين مقرر ٿيان ته سائڪلون جي لاءِ اٺ ئي نالا سياستدانن جا ڏيان جن اسان کي تباهه ڪيو آهي.”
پر جنهن صاحب پاڪستان طرفان، سائڪلون جي نالن جون جيڪي اٺ Choices ڏنيون آهن، اهي آهن: فانوس، نرگس، ليلان، نيلم، نيلوفر، وارده، تتلي، ۽ بلبل. نالا ته واهه جا ڏنا ويا آهن. نالا ڏيڻ وارو انچارج ڪو شاعر يا عاشق مزاج ئي لڳي ٿو. جيتوڻيڪ هن سائڪلون جهڙي خطرناڪ شيءِ لاءِ اهڙا نالا Suggest ڪري انصاف نه ڪيو آهي. بهرحال فانوس، نرگس، ليلا، نيلم ۽ خير سان نيلوفر نالي سائڪلون گذري ويون ۽ جنهن سائڪلون کي جنهن ملڪ ۾ ۽ جيترو نقصان ڪرڻو هو ڪري وئي.
سائڪلون گهڻو ڪري مئي ۽ جون ۾ ۽ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ عربي سمنڊ، خليج بنگال ۽ اتر هندي سمنڊ ۾ لڳن ٿيون. سال 2008ع ۾ مئي جي شروعاتي ڏينهن ۾ جيڪا سائڪلون لڳي ان جو نالو نرگس پاڪستان طرفان ڏنل نالن مان هڪ هو. نرگس سائڪلون ميانمار (برما) جي تاريخ ۾ وڏي تباهي مچائي. برما مان لنگهندڙ اِراوادي نديءَ جي ڊيلٽا وارن سجاول، ٺٽي، بدين، ڪيٽي بندر جهڙن اتي جي سامونڊي يا ندي جي ڪناري وارن شهرن ۾ 138373ماڻهو مري ويا. ڪيٽي بندر وانگر نديءَ جي بلڪل ڇوڙ واري برما جي شهر لابوتا (جيڪو لات پوتا به سڏجي ٿو) ۾ 80 هزار مري ويا. اهڙي طرح هڪ ٻئي ڪناري واري شهر بوگالي- جيڪو تمام ننڍڙو شهر آهي، ان ۾ به ڏهه هزار کن ماڻهو مري ويا. ان کان علاوه اراودي ندي جتي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ان جي چوڌاري ننڍن ننڍن ڳوٺن جا اٽڪل 55 هزار ماڻهو آخر تائين لاپتا رهيا. ان نرگس سائڪلون کي لڳي اڄ ڏهن کان مٿي سال ٿي ويا آهن پر ان جي تباهيءَ جا داستان اڄ به برما جي ماڻهن کي ياد آهن. هو پنهنجن پيارن کي ياد ڪري نرگس- يعني ان سائڪلون کي گهٽ وڌ چون ٿا. بوگالي ۽ لابوتا ته برما جا تاريخي شهر آهن. طوفان، سائڪلون هن کان اڳ به اينديون رهيون ٿي پر جيڪا نرگس تباهي مچائي اها ڪنهن نه مچائي، هوائون سٺ ستر ڪلو ميٽر في ڪلاڪ سان شروع ٿيون ته ڦوهه حالت ۾ 215 ڪلو ميٽرن تي پهچي ويون. هڪ سئو ڪلو ميٽر جي رفتار تي هلندڙ ڪار جي دريءَ مان هٿ ٻاهر ڪڍي ڏسو ته هوا ڪيڏي تيز محسوس ٿئي ٿي. اتي 200 ڪلو ميٽرن کان مٿي لڳندڙ هوا ۾ ڇا پريشر ۽ تيزي هوندي. ملڪ ۾ اندر، گاديءَ واري شهر رنگون (ينگون) تائين ان جو اثر رهيو. ان بعد آهستي آهستي ٿي ٿائلينڊ ۽ ميانمار جي ڪنارن تي پکڙي ڇڊو ٿي وئي. ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون ۽ وڻ پاڙن سوڌا اکڙي ويا. گهرن ۽ دڪانن مان سامان اڏامي ويا. مڪاني ماڻهو چون ٿا ته “نرگس” کان اڳ ههڙي تباهي 1975ع ۾ لڳندڙ “نينا” نالي واري سائڪلون مچائي هئي يا وري 2006ع ۾ “مالا” نالي Cyclone. مٿي بيان ڪيل سائڪلون “نرگس” کان وڌيڪ خوفائتي “نيلوفر” سائڪلون چئي وڃي ٿي جيڪا 2014ع ۾ لڳي.
نيلوفر 25 آڪٽوبر ڌاري عربي سمنڊ ۾ Low پريشر ٿيڻ تي جنم ورتو ۽ ايڏي سخت ڊپريشن واري حالت ٿي جو 28 آڪٽوبر تائين هوائن جي رفتار چوٽ وڃي کنيو. انهن ڏينهن ۾ آئون به ڪراچيءَ ۾ هوس ۽ مون ڏٺو ته سڄي ڪراچيءَ ۾ خوف جي لهر ڇانيل هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ ۾ اڃان تائين اهڙو ڪو خوفناڪ واقعو درپيش نه ٿيو آهي، ان ڪري ماڻهن کي ان جي تجربي يا مشاهدي جي ڄاڻ ناهي ته ان قسم جي سائڪلون ڪيڏي تباهي بپا ڪري ٿي- خاص ڪري ڪراچي جهڙي هيٺاهين ليول واري شهر لاءِ. نيلوفر جي خوف سان گڏ، اخبارن ۽ ٽي وي تي ماڻهن جا چرچا ڀوڳ به هليا پئي. ماڻهن سائڪلون جي Impact جو اثر وٺڻ بدران ان جي نالي “نيلوفر” تي پڻ چرچا پئي ڪيا. نيلوفر ظاهري طرح ڪراچي ڏي وڌي رهي هئي جيڪا ڪناري کي ويجهو ٿي هندوستان جي گجرات ۽ ڪڇ وارن ڪناري جي ڀر وارن شهرن مُندرا، ڪنڊالا، گانڌيڌام، دوارڪا، پور بندر، ويراول، راج ڪوٽ ۽ ڀوڄ ۾ به تباهي آڻي سگهي ٿي ۽ ٻئي پاسي عمان طرف به. گجرات جي وڏي وزيرياڻي آنند يبين پٽيل- جيڪا اڄڪلهه مڌيا پرديش ۽ ڇتيس ڳڙهه رياستن جي گورنر آهي تنهن ته سامونڊي ڪناري وارن ڳوٺن جا گهر خالي ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به ٺٽي، بدين، سجاول جهڙن شهرن ۾ خطري جو چتاءُ ڏنو ويو ۽ ٻيڙين کي کلئي سمنڊ ۾ ڪڍڻ کان روڪيو ويو. ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪنارن تي وهنجڻ تي به سختي ڪئي وئي. “دنيا” نيوز ٽي وي چئنل ٻڌايو نيلوفر نالي طوفان عربي سمنڊ ۾ جنم وٺي سائڪلون جي شڪل اختيار ڪئي آهي ۽ اها سائڪلون (نيلوفر) ڪراچيءَ کان هزار کن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي- 1140 ڪلو ميٽر ڪراچيءَ کان ۽ 1060 ڪلو ميٽر گوادر کان. لڳي پيو ته نيلوفر اڃان به وڌيڪ طاقت اختيار ڪندي جنهن ڪري ڪناري وارن شهرن کي تکين هوائن ۽ تيز بارشن کي منهن ڏيڻو پوندو. موسميات واري کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته نيلوفر مڪران واري ڪناري ۽ عمان ۾ به تباهي مچائيندي ۽ ڪناري تائين پهچڻ ۾ نيلوفر کي 29 يا 30 آڪٽوبر ٿي ويندو....”
ڪراچيءَ ۾ مون ڏٺو ته ماڻهن ۾ جتي نيلوفر جي آمد جو خوف هو اتي ان جي نالي تان چرچا به ٺاهي رهيا هئا- خاص ڪري اهي عورتون انهن چرچن جو شڪار هيون جن جو نالو نيلوفر آهي. ان جو اندازو 30 آڪٽوبر جي “دي ايڪسپريس ٽربيون” اخبار جي هن مضمون مان لڳائي سگهو ٿا، جنهن جو عنوان آهي: “سائڪلون نيلوفر: واٽ از ان اي نيم؟ (نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟)” لکڻ وارو صحافي هن عنوان هيٺ رپورٽ ڪري ٿو ته جنهن وقت کان يعني ٻاويهين ٽيويهين آڪٽوبر کان نيلوفر سائڪلون وجود ۾ اچڻ شروع ڪيو ۽ ان جي آمد ۽ خطري کان اثر ۾ ايندڙ ملڪن جي عوام کي آگاهه ڪيو ويو ته نيلوفر تباهيءَ لاءِ ڪناري ڏي وڌي رهي آهي ان وقت کان ان نالي وارين عورتن تي مشڪل اچي ويو آهي. هو هر هڪ جي چرچي ڀوڳ ۽ ٽوڪ طعني جو شڪار بنجي پيون آهن. هڪ 67 سالن جي وڏي عمر جي نيلوفر نالي گهرو عورت ٻڌايو ته “سائڪلون جو ذڪر اسان جي گهر ۾ چرچو ٿي پيو آهي. ڪالهه آئون جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيس ته منهنجا ٻئي پوٽا منهنجي اڳيان ڇَٽي جهلي بيهي رهيا ته “اجهو اچي وئي نيلوفر” ويندي نيلوفر جي ڌيءَ ارم چرچو ڪرڻ کان باز نه آئي. هن کلندي چيو ته “لڳي ٿو ته اهڙي خوفناڪ شيءِ (سائڪلون) جو اهو نالو منهنجي پيءُ چونڊيو آهي.”
پاڪستان جي محڪمي موسميات وارن ٻڌايو آهي ته نيلوفر ڪنهن عورت جو نالو نه آهي. “اهو هڪ گل جو نالو آهي” نيلوفر دراصل فارسي جو لفظ آهي سو به مذڪر جيڪو انگريزيءَ ۾ Lotus, Water Lily يا مارننگ گلوري سڏيو وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ ڪنول جو گل ۽ باٽني (سائنسي نالو Nenuphar ۽ Nymphaea) آهي. رهيو سوال مونث مذڪر جو سو فارسي عربي جا ڪيترائي مونث يا مذڪر لفظ اسان وٽ ڇوڪرن جا به آهن ته ڇوڪرين جا به. جيئن ممتاز ڪنڌر ۽ ممتاز بخاري مرد آهن ته شاهجهان بادشاهه جي زال ممتاز محل ۽ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسرياڻي ممتاز ڀٽو عورتون آهن. زيب سنڌي مرد آهي ته زيب نظاماڻي عورت! يا نصرت ابڙو مرد هو ته نصرت لاشاري ۽ نصرت سحر عباسي عورتون آهن.
محڪمه موسميات وارن جو چوڻ آهي ته “گهڻي ڀاڱي سائڪلون خطرناڪ ۽ سخت نقصان پهچائندڙ ٿين ٿيون سو انهن جا نالا به ببر شينهن، ڪاريهر، ککر ۽ باهه جهڙا رکبا ته اها سائڪلون جيڪا اڳيان وڌي ڪناري تي ايڏو نقصان کڻي نه پهچائي، پر هن جي خوفناڪ نالي مان ماڻهو اڳواٽ هيسجي ويندا. ان ڪري محڪمه موسميات ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن جي اها ئي خواهش رهي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ نالو ته سٺو رکجي. اسان سان شامل هن ريجن جي ٻين ملڪن: عمان، برما، انڊيا... وغيره جي به اها ئي خواهش رهي ٿي ۽ هو ان قسم جا نالا ڏين ٿا. نيلوفر ۽ ٻيا نالا اسان چار سال اڳ Suggest ڪيا هئا جڏهن هن ريجن جي ملڪن جي گڏيل ڪانفرنس ٿي هئي.”
محڪمه موسميات جي هن آفيسر اهو به چيو ته” ڏسو ماڻهو سائڪلون جي خوف کان ڪنڀڻ بدران ان جي نالي ‘نيلوفر’ جو ذڪر ڪن پيا.” هن ٻڌايو ته گذريل ٻن مهينن ۾ اسان جي عربي ۽ هندي سمنڊ ۾ ٽي سائڪلون ٺهي چڪا آهن. گذريل ٻه سائڪلون جن جا نالا نانڪ (گرو نانڪ) ۽ هد هد (پکي) هئا، اهي وچولي درجي جون ثابت ٿيون جن جي ڪري اسان جي بلوچستان واري ڪناري تي رڳو مينهن جو وسڪارو ٿيو، پر هيءَ نيلوفر جيڪا عمان کان وٺي انڊيا جي گجرات واري ڪناري تائين اثر انداز ٿي رهي آهي، اها خطرناڪ لڳي ٿي جو بارش سان گڏ گرج چمڪ، تيز هوائون ۽ ٻوڏون آڻيندي ۽ گهرن جي تباهي ڪندي. ڪيترا اهي ئي دعائون گهري رهيا آهن ته شل نيلوفر خراب اثر نه ڇڏي نه ته ڇا ٿيندو جو آئنده مائٽ پنهنجن ٻارن جو نالو نيلوفر رکڻ ڇڏي ڏيندا. ٽي وي تي ماڻهن کان ورتل انٽرويو ۾ هڪ همراهه چيو ته اميد آهي ته ڪناري تي پهچڻ کان اڳ هن سائڪلون جو زور ٽٽي پوندو ۽ فقط هلڪي بارش ۽ هلڪي هوا سندس پياري نالي نيلوفر جيان ملڪ جي موسم خوشگوار بنائيندي.
هڪ اسڪول جي ماسترياڻي جنهن جو نالو نيلوفر آهي تنهن کلندي چيو ته مونکي مڙس ٿو چوي ته “هاڻ سڄي ملڪ ۾ گهڻي تباهي نه آڻجانءِ” هن وڌيڪ چيو ته هن تي سائڪلون وارو نالو نيلوفر ناهي. “آئون خوبصورت گل جي نمائندگي ٿي ڪريان ۽ ان جي ابتڙ هيءَ سائڪلون سامونڊي ڪاوڙ جو اظهار آهي.”
بهرحال 31 آڪٽوبر تائين نيلوفر عمان کان ڪڇ ۽ گجرات تائين پنهنجو اثر ڏيکاريو. ڪراچي ٺٽي بدين پاسي سخت مينهن جا وسڪارا ۽ ٻوڏون ٿيون پر ڪراچي شهر سمنڊ کان ايندڙ وڏين ڇولين کان هميشه وانگر بچي ويو جيتوڻيڪ جيستائين نيلوفر جو اثر ختم نه ٿيو هو سڄو هفتو ڪراچي جي آدمشماري نيلوفر سائڪلون کان خوف کائيندي رهي ته خبر ناهي اها ڪيڏو نقصان رسائي. انهيءَ دوران ڪنهن نيلوفر مائيءَ جي خوش مزاج مڙس جو فيس بڪ تي هڪ واهه جو شعر پڙهڻ لاءِ مليو... چي:
“ڪهدو سمندر سي مجهي ضرورت نهين نيلوفر ڪي،
بس، ايک بيوي هي ڪافي هي زندگي مين طوفان لاني ڪي لئي.”
سائڪلون تي لکيل هي مضمون هاڻ ختم ٿي ڪيم ته سائڪلون بابت هڪ انگريزي جو شعر به ياد اچي ويو آهي. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي اهو به لکي رهيو آهيان: شعر جو عنوان آهي Riptide ۽ لکڻ واري آسٽريليا جي شاعره آهي.
He loved like a raindrop
But I loved like a cyclone
And his eyes were the ocean
And mine were tsunamis
But his heart was a rip tide
And I couldn’t escape it.
سمنڊ سان واسطو نه رکندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته رپ ٽائيڊ (Rip tide) گهڻو ڪري سمنڊ جي ان حصي ۾ ٿئي ٿي جتي ٻن سمنڊن جون ڇوليون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي سمنڊ ۾ سخت اٿل پٿل پيدا ڪن ٿيون، يا سمنڊ جو اهو حصو جتي اهو تمام گهڻو اونهو آهي ته اتي پيدا ٿيل ڪُُنَ (Currents) سمنڊ کي تمام گهڻو رف بنائين ٿا- يعني سمنڊ تي تمام وڏيون ڇوليون (Rip tide) پئدا ڪن ٿيون جيڪي ان سمنڊ جي حصي کي تمام خوفناڪ بنائين ٿيون. اڄ جا ماڊرن ۽ وڏا وڏا جهاز به اهڙن هنڌن ۽ حالتن ۾ گهوماٽجيو وڃن ۽ انهن لهرن مطابق پيدا ٿيندڙ لوڏن (جنهن کي رولنگ ۽ پچنگ سڏجي ٿو) ڪري نه فقط جهاز جي جسم ۽ ان جي انجڻ جي حالت خراب ٿئي ٿو پر جهاز هلائڻ وارا به “سي سڪنيس” يعني مايوسيءَ جو شڪار ٿين ٿا.

سمنڊ ڪناري ويٺل شاهه لطيف

آئون پهرين به لکي چڪو آهيان ته مونکي ان ڳالهه جو افسوس آهي جو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسان کي ڪو شاهه لطيف جا بيت پڙهائڻ يا ياد ڪرڻ جي تلقين ڪرڻ وارو نه هو. بس ڪاليج ۾ ٿيندڙ بيت بازيءَ جي حد تائين ڪجهه شعر ياد ڪيا ويا، ٻيو مڙيئي خير. بعد ۾ جڏهن لکڻ شروع ڪيم ته افسوس ٿيو ته شاهه جا بيت ياد رکجن ها ته اڄ مضمون لکڻ مهل ڪم اچن ها. انهن ڏينهن ۾ اسان کي شاهه جي شاعريءَ جو نه قدر هو، نه سمجهه ۾ آئي ٿي ۽ نه ان اسان کي متاثر ڪيو ٿي. ان کان وڌيڪ شعر ته امداد حسيني ۽ استاد بخاريءَ جا ياد هئا. ان وقت اها ڳالهه به سمجهه ۾ نه آئي ته شاهه لطيف ايڏو وڏو شاعر آهي جو هن جي بيتن جو انگريزي ترجمو اسان جو انگريز فوجي پرنسپال ڪرنل ڪومبس به نه رڳو واندڪائيءَ ۾ پڙهندو رهي ٿو پر موقعي ۽ مناسبت موجب تقريرن ۾ شاهه جو انگريزي ترجمي سان سنڌي بيت به پڙهي ٿو. هڪ پوڙهو انگريز ٿي ڪري سنڌي لهجي ۾ بيت پڙهي، وڏي ڳالهه آهي. سندس شاهه جو هي بيت فئوريٽ هوندو هو:
آگَمِيو آهي، لَڳَههَ پس! لطيف چئي،
وُٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاهي،
ڇَنَ ڇڏي پَٽِ پئو، سَمَرُ سَنباهي،
وِهومَ لاهي، آسِرو الله مان
ڪرنل ڪومبس شاهه لطيف جي هن قسم جي بيتن ذريعي اسان کي اهو ئي ميسيج ڏيڻ چاهيندو هو ته اسان مايوس ۽ نااميد نه ٿيون. مسلسل جدوجهد ۽ خاطر خواهه نتيجن ۾ هن جو پڪو ۽ پختو يقين هو. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جڏهن شروع ٿيو هو ته مسئلا ئي مسئلا هئا. هي درويش يعني ڪرنل ڪومبس، پيٽارو جي مسئلن کي ملير جي ماروئڙن جي مسئلن سان ڀيٽ ڏيندي پنهنجي تقرير جي شروعات شاهه جي مٿين بيت سان ڪندو هو.
افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي هڪ دلپسند ڪردار (ڪرنل ڪومبس) کي شاهه لطيف جا بيت پڙهندو ڏسي به اسان ۾ ڪا دلچسپي پيدا نه ٿي سگهي.
شروعاتي سامونڊي سفرن مان ٻن ٽن تي ساڳي جهاز ۾ مون سان گڏ منهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ درٻيلي (ڊڀري) جو احمد حسين مخدوم پڻ هو. هو نيويگيشن سائيڊ تي هو ۽ آئون انجنيئرنگ سائيڊ تي. اسان جون پوسٽون (عهدا) اهڙا هئا جو ڏينهن جو توڙي رات جو ساڳيا ڪلاڪ ڊيوٽي لڳندي هئي. هو جيتوڻيڪ مون وانگر سنڌيءَ جا چار درجا به نه پڙهيو ٻاراڻي درجي، “ڪي جي” کان فقط انگريزي پڙهيو پر هن کي شاهه لطيف جي شاعريءَ سان سچو پيار هو ۽ هر وقت ڪونه ڪو بيت جهونگاريندو رهندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي هن جي ٻڌايل هڪ بيت:
“ڇوريون ڇرڻ سِکيون پنهون ڪيائون پور”
تي مون ڪا دير واهه واهه ڪئي ته چيائين: “لڳي ٿو اها ئي ڳالهه سمجهه ۾ آئي اٿئي.”
واقعي ائين ئي ٿيندو هو. هن جي جهونگاريل شاهه جي بيتن جي ڪا ڪا سِٽ مونکي ڏاڍو متاثر ڪندي هئي جيئن ته:
اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي؛
ٿي ڊوڙائي دَليلَ، ته پُنهون ماڙُهو موڪليو.
ان قسم جو ڪو بيت ٻڌي، دل ۾ چوندو هوس ڇا ته هي (شاهه) ڏاهو ۽ Learned ماڻهو ٿو لڳي. پر ان هوندي به مون کي اها توفيق نه ٿيندي هئي جو کڻي شاهه جو رسالو پاڻ سان رکان ۽ ان مان روز هڪ اڌ بيت پڙهان. پر پوءِ ڪجهه اهڙا سفر شروع ٿيا جن ۾ مون سان گڏ احمد حسين مخدوم ته نه هو پر ٻيو ڪو سڃاڻو به نه هو. هي سفر ٽيهه ٽيهه چاليهه چاليهه ڏينهن جا ڊگها هوندا هئا جن ۾ جهاز کي ڪراچي کان ڪيوبا يا سڌو ڪئناڊا وٺي وڃڻو پيو ٿي. ٽوڪيو کان وئنڪوئر، نيويارڪ کان پينانگ ۽ بئنڪاڪ وغيره. ههڙن ڊگهن سفرن ۾ کنيل ڪتاب کٽي ويندا هئا. رستي تي طوفاني راتيون، مينهن ۽ سرد موسم ملي ٿي. آئون اڪيلو ڪمري ۾ پنهنجي بنڪ (بيڊ) تي پيو هوندو هوس. اهڙن مايوسي وارن ڏينهن ۽ برفاني راتين ۾ جڏهن مونکي لڳندو هو ته نه سمنڊ کٽندو نه سفر.... الائي اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جو اسان کي پنهنجو بندرگاهه (منزل) سامهون نظر ايندي... پر لڳي ٿو اهو ڏينهن ايندو ئي ڪونه.... اهڙي ٿيندي هئي مايوسي- سي سڪنيس ۾! هڪ سفر ۾اهڙين راتين ۾ مونکي مهراڻ رسالي ۾ شاهه جي سر سامونڊي، سر سريراڳ وغيره جا بيت ملي ويا ۽ مون پهريون ڀيرو اهي چڱي پڙهڻ ۽ ان تي غور ڪرڻ شروع ڪيو.
پنهنجي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ٻه اکر ڪئپٽن مخدوم احمد حسين بابت به لکان ته هو اڄ تائين شاهه لطيف جو شيدائي آهي ۽ هن شاهه لطيف جو نه رڳو هڪ هڪ شعر پڙهيو ۽ سمجهيو آهي پر ان جو هن انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪيو آهي. اها ڳالهه هن ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌائي. يعني هي مضون لکڻ کان اڳ جڏهن هاڻ اسان ٻئي 75 سالن جا اچي ٿيا آهيون.
بهرحال جهاز هلائڻ وارن مٿين ڊگهن سفرن ۾ جڏهن مون پهريون دفعو شاهه لطيف جي بيتن تي غور ڪيو ته ان وقت آئون ٽيهه کن سالن جو ٿي چڪو هوس. ان بعد جهاز سمنڊ تي هوندو هو ته ٻين ڪتابن سان گڏ شاهه جي بيتن جو، خاص ڪري انهن جو جن جو سمنڊ، ٻيڙين، ناکئن، انهن جي گهر ڀاتين جي احساس جو ذڪر هوندو هو، مطالعو ڪندو هوس بلڪه سچ ته اهو آهي ته انهن تي غور ڪندو هوس. هر دفعي مون کي شاهه لطيف جي شعرن ۾، ڪا اهڙي ڳالهه نظر اچڻ لڳي جو آئون وائڙو ٿي ويس ٿي ۽ مونکي ائين محسوس ٿيندو هو ته شاهه لطيف پڪ اسان وانگر نه فقط Seafarer هو پر هن تمام گهڻو سفر سامونڊي ۽ پيرين پيادي ڪيو آهي. ان بنا ڪو اهڙا بيت لکي نٿو سگهي. ٺيڪ آهي انهن ڏينهن ۾ اڄ وارا ڪَلَ تي هلندڙ لوهي جهاز نه هئا پر سڙهن ۽ چپوئن تي هلندڙ ٻيڙا هئا، انهن ڏينهن ۾ اهي ٻيڙا اونهي جو گهڻو رخ ڪرڻ بدران ڪنارو ڪنارو ڏئي هلندا هئا پر مونکي هميشه لڳندو آهي ته شاهه لطيف ان وقت جي ٻيڙن ۾، ان وقت جي ناکئن سان تمام گهڻو وقت گذاريو آهي. هن ڊگها ڊگها سفر ڪيا آهن جيڪي انهن ڏينهن ۾ سمجهو ته سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان ڪڇ گجرات جي بندرگاهن تائين ۽ اڳيان لنڪا تائين يا ٻئي پاسي عدن تائين ئي کڻي هئا پر ڇا اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته شاهه لطيف جيڪي پنهنجن بيتن ۾ ٻيڙين، سمنڊن، انهن ۾ سفر ڪندڙ ناکئن ۽ موسمن جون ڳالهيون لکيون آهن اهو ڪو ٻيو لکي وڃي جنهن سامونڊي سفر نه ڪيو هجي. سچ ته اهو آهي ته مون انهن بيتن بابت ڪيترن ليکڪن جون سمجهاڻيون پڙهيون آهن، پر ڪي ڳالهيونجن جو ذڪر شاهه لطيف ڪيو آهي، انهن کي به سمجهه ۾ نه آيون آهن. ڇو جو هو سمنڊ ۽ سامونڊي سفر کان اڻ واقف آهن. اهو ئي سبب آهي جو آئون هتي پنهنجي سبجيڪٽ جهازراني ۽ جهاز سازيءَ جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون explain ڪرڻ ٿو چاهيان، جيڪي پڙهڻ بعد هو شاهه لطيف جا ان سبجيڪٽ تي لکيل بيت وڌيڪ ساراهي سگهندا، وڌيڪ سمجهي سگهندا. ٻن سٽن ۾ فقط اهو چوندس ته شاهه لطيف جي ڇا ته نيويگيشنل ۽ اوشنوگرافي جي ڄاڻ هئي. هن سامونڊي زندگيءَ جا ڪهڙا ته ٺيٺ لفظ استعمال ڪيا آهن ... سکاڻيءَ (Quarter Master) کان آڇيرن (White horses) تائين... اهو سوچي پڪ ٿي ٿئي ته هن درياءَ ۾ ته سفر ڪيو آهي پر سمنڊ ۾ پڻ.
هينئر به ڪراچيءَ ۾هڪ سنڌي ڪانفرنس ۾ ڪنهن شاهه جي بيتن بابت پئي ٻڌايو ته شاهه لطيف ٻيڙي هلائڻ وارن جي زالن جي دل جي ترجماني ڪئي آهي ته هن جو ڪانڌ هر سال ڏيڊ بعد سفر تي نڪري ٿو. نه، نه، هرگز نه. ان وقت جي ماڻهن ۽ شاهه لطيف کي خبر هئي ته سنڌ مان سفر لاءِ نڪرڻ جا ڏينهن مقرر هئا ۽ اهي سال ۾ هڪ دفعو لنڪا ڏي وڃڻ لاءِ ٿي آيا ۽ هڪ دفعو عدن ۽ عمان پاسي وڃڻ لاءِ ٿي آيا. اهڙي طرح لنڪا يا جاوا سماترا کان موٽڻ جا ڏينهن به مقرر هئا. ان وقت جهاز اڄ وانگر نٿي هليا- يعني جيڏانهن اسان کي وڻي ٿو ۽ جڏهن وڻي ٿو لنگر کڻي نڪري پئون ٿا. اهي ئي ڪجهه ڳالهيون آهن جيڪي هتي مان سمجهائڻ چاهيان ٿو جيڪي شاهه لطيف ته سمجهيون ٿي پر افسوس جو اسان جو اڄ به وڏي تعداد ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو نه سمجهي سگهيو آهي ۽ نه سوچي سگهي ٿو- سواءِ ٿورن جي. اهو آئون ان ڪري ٿو چوان جو مون يونيورسٽي جي شاگردن کان به ان بابت سوال ڪيا آهن.
دنيا ۾ جهاز رانيءَ ۾ ڏاڍو دير سان ترقي آئي. سمجهو ته حضرت نوح نبي عليه جي ڏينهن کان وٺي اهي ڪاٺ جون چپوئن ۽ سڙهن ذريعي ٻيڙيون پئي هليون-- ويندي فرعونن جي ڏينهن ۾، سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾، حضرت عمر فاروق جي ڏينهن ۾ ته ڪولمبس جي ڏينهن ۾ به.... ويندي 1499 ۾ جڏهن پهريون دفعو واسڪو ڊاگاما آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري انڊيا پهتو ته هن جا به چار ئي جهاز اهڙا ڪاٺ جا ۽ سڙهن وارا-- يعني Sailing Ships هئا. چپو (Oar) ڪاٺ جي بئٽ يا ڪپڙا سٽڻ واري ڏنڱريءَ جهڙا ڊگها ٿين ٿا جيڪي ٻيڙيءَ جي سائيز مطابق ٻه، چار يا ڇهه ماڻهو، اڌ ٻيڙيءَ جي هڪ پاسي ته اڌ ٻئي پاسي ويهي، انهن چپوئن سان سمنڊ کي پٺيان ڌڪين ٿا ته ٻيڙي اڳيان وڌي ٿي. پر چپوئن ذريعي وڏو فاصلو طيءِ ڪرڻ مشڪل ڪم آهي. چپوئن واريون ٻيڙيون Rowing Boats فقط بندرگاهه اندر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين ويجهي فاصلي تائين هلائي سگهجي ٿي يا بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ ۾ بيٺل هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تائين، يا ڪنهن ٻيٽ تي وڏي جهاز بيهارڻ جو بندوبست نه آهي ته جهاز کي بندرگاهه کان پري بيهاري ان جو سامان يا مسافر چپوئن وارين ٻيڙين ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تي پهچايا ويا ٿي. ڇو جو چپو هلائڻ ڪو سولو ڪم ناهي. اڌ ڪلاڪ هلائڻ سان به ٻانهون شل ٿيو وڃن جو چپوءَ جي هيٺين بئٽ واري حصي کي هيٺ پاڻيءَ ۾ وجهي مٿين ڏنڊي واري حصي سان پاڻ ڏي ڇڪڻ ۾ ڪافي طاقت لڳي ٿي. تعليم وارن ڏينهن ۾ اڌ ڪلاڪ جي Rowing (چپوئن ذريعي ٻيڙي هلائڻ) جي پيرڊ ۾ اسان پگهرجي ويندا هئاسين.
وڏي سفر لاءِ جيسين ڪَلَ وارا جهاز ايجاد نه ٿيا هئا ته سڙهه وارا Sailing Ships استعمال ٿيا ٿي. ڪاٺ جي جهازن تي ڪاٺ جا ڊگها ڏنڊا (کوها) هوندا هئا جن ۾ ٿلهي ٽاٽ جي ڪپڙي جون بيرقون/ جهنڊا (سڙهه) ٻڌل هوندا هئا. انهن سڙهن ۾ ٻڌل رسن کي ڇڪڻ يا ڍر ڏيڻ سان انهن سڙهن کي پاسيرو ڪيو ويو ٿي جيئن پٺيان لڳندڙ هوا جو گهڻي کان گهڻو فائدو وٺي جهاز کي تکو ۽ صحيح طرف هلائي سگهجي.
سڙهه وارين ٻيڙين ۾ گهڻي تڪليف نٿي ٿئي پر تڏهن به سڙهن کي صحيح رخ ۾ قائم رکڻ لاءِ رسن کي خبرداريءَ سان ڇڪي جهلڻو پوي ٿو. سڙهن واريون هي ٻيڙيون يا جهاز، هوا جي زور تي هليا ٿي. جيتري گهڻي هوا اوتري گهڻي رفتار. مثال طور ڏينهن ٻن بعد جيڪڏهن هوا بند ٿي وڃي ته جهاز هڪ هنڌ بيهي ٿي رهيا. وڌ ۾ وڌ چپوئن ذريعي انهن کي ڪناري ڏي وٺي وڃڻو پيو ٿي. سخت هوائن يا طوفانن ۾ به جهاز کي ڪناري وٽ وٺي لنگر ڪيرائڻو پيو ٿي يا ڪنهن وڻ، پٿر يا ٻي ڪنهن شيءِ سان ٻڌڻو پيو ٿي ڇو جو طوفاني هوائن جي سٽ نه جهلي انهن ڏينهن جون ڪاٺ جون ٻيڙيون اونڌيون ٿي پيون ٿي- يعني ٻڏي ويون ٿي يا انهن جا سڙهه ڦاٽي پيا ٿي ۽ هي اڳتي جي سفر لاءِ معذور ٿي پيون ٿي. بهرحال وڏي سفر لاءِ، عدن ۽ ايران کان سنڌ ڏي ۽ سنڌ کان هندوستان جي اولهه واري ڪناري (Malabar Coast) ۽ لنڪا ڏي يا لنڪا کان برما، بنگال، سيام (ٿائلينڊ) يا ملايا (ملائيشيا) ۽ اڳتي جاوا، سماترا، چين ڏي وڃڻ لاءِ سڙهن واريون ٻيڙيون يا ٻيڙا (جهاز) استعمال ٿيا ٿي.
سوچيان ٿو ته اڄ جي جهازن لاءِ سنگاپور، ٽوڪيو، ممباسا، ڪولمبو، ممبئي وغيره ۾ ڇا ته وڏا اسٽور ۽ ڪارخانا آهن جتان جهاز جي مشينن جا اسپيئر پارٽ ۽ ٻيو سامان وٺڻو پوي ٿو. انهن ڏينهن ۾ سنگاپور، پينانگ، ممبئي جهڙا بندرگاهه اڃان وجود ۾ ئي نه آيا هئا. ڪڇ، گجرات، ٺٽي پاسي ۽ ڪولمبو جي آسپاس ننڍڙن بندرگاهن ۾ جتي ان وقت جا اهي ٻيڙا بيٺا ٿي جن جو ڊرافٽ يعني سامان رکڻ بعد اهي وڌ ۾ وڌ ماڻهوءَ جي قد جيترو هيٺ ويا ٿي، انهن بندرگاهن تي هنن جهازن لاءِ سامان هوندو هو ٽاٽ يا بافتي جو ڪپڙو، جنهن ذريعي ڦاٽل سڙهن ۾ چتيون هڻي سگهجن، مختلف سائيزن جون سبڻ لاءِ سُئيون ۽ سُوئا، ٿلها ۽ سنها ڌاڳا، سڙهن تي پکين جون وِٺيون ڌوئڻ لاءِ کار صابڻ، ٻيڙين جي ٻاهرين حصي تي ڪاٺ تي چنبڙي ويل سپن ۽ گينگن کي صاف ڪرڻ لاءِ لوه جون پٽيون (Scrapper) ۽ ٻيڙين جي ٻاهرين حصي واري ڪاٺ کي مضبوط ۽ صاف سٿرو رکڻ لاءِ اسان ڏي ڄانڀي ۽ سرنهن جو تيل ته لنڪا ۽ ملاڪا ڏي کوپري جو تيل خريد ڪيو ويو ٿي.
ڳالهه اها آهي ته اڄڪلهه اسان جهاز هلايون ٿا ته اسان فقط پنهنجي جهازران ڪمپنيءَ جو آرڊر حاصل ڪريون ٿا ته اسان کي ڪڏهن ۽ ڪيڏانهن وڃڻو آهي. سامان هٿ ڪرڻ يعني ڀاڙي جي ڏيتي ليتي ڪرڻ، ڪمپني جي آفيس ۾ ويٺل ڪمرشل ۽ مارڪيٽنگ آفيسرن جو ڪم آهي. اسان جو ڪم جهاز هلائڻ ۽ ڪمپنيءَ يا جهاز جي مالڪ طرفان ٻڌايل بندرگاهه تائين جهاز کي پهچائڻ آهي. سال جو کڻي ڪهڙو به مهينو هجي هيڊ آفيس يا مالڪ طرفان آرڊر ٿو اچي ته جهاز کي اولهه ڏي ممباسا وٺي وڃو ته اوڏانهن هليا وينداسين، جي چوندا ته اتر ڏي ايران عدن هليا وڃو يا ڏکڻ ڏي سري لنڪا يا مالديپ هليا وڃو ته اوڏانهن هليا وينداسين. ويندي دنيا جي آخري ڇيڙي تي جپان، نيويارڪ، سئيڊن، وئنڪوئر يا نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا به هليا وينداسين. جهازن تي ڪولڊ اسٽوريج ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو ٺاهڻ جو بندوبست هجڻ ڪري اسان ڇهن مهينن کان به مٿي کلئي سمنڊ تي رهي سگهون ٿا. اڄ ڪلهه جي جهازن تي جهاز کي هلائڻ لاءِ تيل جون به وڏيون ٽانڪيون آهن. سڄي دنيا جا چارٽ (نقشا) جهاز تي موجود آهن ۽ سئٽلائيٽ نيويگيٽر جهڙا آله ايجاد ٿي چڪا آهن جن ذريعي اسان کي هر منٽ تي خبر پوي ٿي ته اسان جو جهاز دنيا جي گولي تي ڪهڙي هنڌ تي آهي- يعني ڪهڙي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) ۽ ڪهڙي ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي آهي ۽ اهو به ته چوويهه ڪلاڪن ۾ اسان جي جهاز ڪيترو سفر طئي ڪيو- پاڻيءَ جي جهاز جي ڪار يا لاري وانگر، ان جي انجڻ جي رفتار مان، مفاصلي جي خبر نٿي پوي. ڇو جو سمنڊ تي سامهون جو طوفان، ڇوليون ۽ ڪُنَ (Under Currents) مفاصلي کي گهٽايو ڇڏين ۽ پٺيان لڳڻ ڪري وڌايو ڇڏين. اسان کي اڳئين زماني جي سڙهه وارن ٻيڙن کي هلائڻ وارن وانگر ايندڙ ويندڙ کان پڇ پڇ نٿي ڪرڻي پوي ته ڀائو عدن ڪهڙي پاسي آهي يا ممباسا ڏي وڃڻ جو هي صحيح طرف آهي يا نه؟ ۽ اسان ڪهڙي هنڌ تي آهيون جو انهن ڏينهن ۾ قابل ناکئا به توائي ٿي ويا ٿي.
پراڻن ڏينهن ۾ جڏهن سڙهن ذريعي ٻيڙا هليا ٿي انهن ڏينهن ۾ جهاز هلائڻ وارو ئي وکر جو مالڪ هو ته هو جهاز جو به مالڪ پاڻ هو. يعني اهو وڻجارو “ون- ان- ٿري” هوندو هو پر ان هوندي به هو پنهنجي مرضيءَ سان جنهن وقت وڻي ۽ جنهن طرف ڏي دل چاهي پنهنجي ٻيڙي کي هاڪاري نٿي سگهيو. اهو ان ڪري جو انهن ڏينهن ۾ سڙهن تي هلندڙ ٻيڙا هئا جيڪي فقط هوا جي رخ مطابق هلي سگهيا ٿي. اتر جي هوا لڳي ٿي ته ٻيڙا ڏکڻ ڏي هليا ٿي ۽ جي ڏکڻ جي لڳي ٿي ته اهي فقط اتر طرف هلي سگهيا ٿي، پر اڄ جا طاقتور انجڻ تي هلندڙ جهاز جنهن وقت ۽ جنهن طرف اسان چاهيون جهاز هاڪاري سگهون ٿا. اسان لاءِ اها ڳالهه گهڻي اهميت نٿي رکي ته هوا جو رخ ڪهڙو آهي يا هوا لڳي به پئي يا نه؟ اهو سلسلو هاڻ شروع ٿيو آهي، جنهن کي ٻه سو سال به ڪي مس ٿيا آهن.
دنيا جي پهرين ٻاڦ تي هلندڙ آگ گاڏي 1810ع ڌاري هلڻ شروع ٿي هئي ۽ ٻاڦ تي هلندڙ Steam Ships جن کي اسان “آگبوٽ” سڏيو ٿي، دنيا ۾ 1820ع ڌاري هليا. پهريون آگبوٽ 1813ع ۾ ليڊس (انگلينڊ) کان يارمائوٿ هليو هو- يعني شاهه لطيف جي وفات (1752ع) کان سٺ ستر سال پوءِ. ان کان اڳ ۾ دنيا ۾ جيڪي به جهاز هليا ٿي اهي سڙهن وارا Sailing جهاز هئا. ويندي واسڪو ڊاگاما 1499 ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪرڻ لاءِ (آفريڪا جو ڦيرو ڪرڻ لاءِ) خاص چار ماڊرن جهاز ٺهرائي پنهنجي ملڪ پورچوگال جي بندرگاهه لسبان مان نڪتو هو. اهي ماڊرن جهاز سڙهن ذريعي هلندڙ ڪاٺ جا جهاز هئا ۽ سڙهن وارا جهاز هميشه هوا جي رخ مطابق هلن ٿا.
آفريڪا کنڊ جو هيٺاهون حصو (ڪيپ آف گڊ هوپ) اڪري آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري پهچڻ يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ مان هندي وڏي سمنڊ (انڊين اوشن) ۾ پهچڻ جي خواهش ۾ يورپ وارن جا هزارين ناکئا ۽ ڊزنن جا ڊزن جهاز ٻڏي ويا. اهي ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ جتي ڏکڻ ائٽلانٽڪ ۽ هندي وڏو سمنڊ ملن ٿا اتي جي اتاهين ۽ ڇتين ڇولين جو مقابلو نه ڪري ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويا ٿي. واسڪو ڊاگاما پهريون جهازي هو جيڪو ڪيپ آف گڊ هوپ اڪري آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تي پهتو ۽ ڪجهه ڏينهن موزمبق ۾ گذاري پوءِ وڌيڪ اتر ڏي ممباسا ۽ مليندي جي بندرگاهه ۾ پهتو ۽ پوءِ هو ڪو سونهون ڳولڻ لڳو جيڪو هن جي جهازن کي انڊيا جي بندرگاهه “ڪوچين” ڏي وٺي هلي. هاڻ اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي جيڪا شاهه لطيف ڀلي ڀت سمجهي ٿي. اها ڳالهه هيءَ آهي جنهن بابت پڙهندڙ ۽ اڄ جا Navigator اهو سوچي رهيا هجن ته ڇا واسڪو ڊاگاما جهڙي ماهر ملاح کي اها ڄاڻ نه هئي ته انڊيا ڪهڙي پاسي آهي؟ ان جو جواب اهو آهي ته هن کي بلڪل خبر هئي. اهو ماڻهو جيڪو پورچوگال کان 8 جولاءِ 1477ع تي چار جهاز ۽ 170 ماڻهو کڻي نڪري ٿو ۽ نون مهينن جي ڏينهن رات جي سفر بعد 10 اپريل 1498ع تي ممباسا ۽ پوءِ ڀر واري بندرگاهه ميلندي تي پهچي ٿو. ان کي ڇا اها خبر نه هئي ته “ڪوچين” اهو سامهون مهيني کن جي پنڌ تي اوڀر ۾ آهي. پوءِ جڏهن خبر هئي ته واسڪو ڊاگاما پاڻ سان “سونهون” (گائيڊ) ڇو ٿي کڻڻ چاهيو؟ هن لاءِ طرف معلوم ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو. هن وٽ قطب نما (اتر قطب ڏيکارڻ واري دٻي) به هئي ته هن کي سج، سيارن ۽ تارن ذريعي به رستو ڳولڻ آيو ٿي. پوءِ ڀلا ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا واسڪو ڊاگاما کي پريشان ڪري رهي هئي؟ اُها اِها هئي جنهن ڏانهن شاهه لطيف سر سامونڊيءَ ۾ اشارو ڪيو آهي:
لڳي اُتر هيرَ، سامونڊين سِڙههَ سنباهيا.
ياد رهي ته انجڻ ايجاد ٿيڻ بعد جهازرانن اتر هير لڳڻ جو سوچڻ ڇڏي ڏنو. پر جيستائين ڪَلَ (انجڻ) تي هلندڙ جهاز ايجاد نه ٿيا هئا، سڙهه تي هلندڙ يعني هوا جي زور تي هلندڙ ڪاٺ جي ٻيڙن لاءِ ڪنهن ڌارئين بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ ٻه ڳالهيون ضروري هونديون هيون. هڪ “طرف” ۽ ٻيو “هوائن جو رخ”. دنيا جي مختلف حصن ۾ مختلف مهينن ۾ مختلف طرفن کان هوائون لڳن ٿيون. سڙهه وارا جهاز هلائڻ لاءِ انهن جي معلومات ضروري هوندي هئي. جيئن ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٽريڊ Winds لڳن ٿيون تيئن اسان وٽ عربي سمنڊ ۽ هندي سمنڊ ۾ چؤماسي (Monsoon) جون هوائون لڳن ٿيون. اسان وٽ سياري ۾ جڏهن ٿڌ ٿئي ٿي ته اتر جون هوائون لڳن ٿيون ۽ اونهاري ۾ ڏکڻ جون لڳن ٿيون. ان ڪري اسان وٽ اڄ به گهر اهڙي طرح آهن جن جو اڱڻ ڏکڻ طرف آهي جيئن گرميءَ ۾ اهي ڏکڻ جون هوائون لڳن. اسان وٽ اتر وارو پاسو بند رکيو وڃي ٿو جيئن سياري ۾ اتر طرف کان لڳندڙ ٿڌين هوائن کان بچاءُ ٿئي. اهو ئي حال جهازرانيءَ جو هو. سياري ۾ جيئن ئي اتر جون هوائون لڳڻ شروع ٿينديون هيون ته وڻجارا سڙهه سڌا ڪري ڏکڻ ڏي يعني سري لنڪا ڏي وڃڻ لڳندا هئا. پوءِ هو دير نه ڪندا هئا. ڇو جو دير ڪرڻ سان يعني مهينو ڏيڊ دير سان نڪرڻ تي هنن کي خوف هوندو هو ته متان هوائون ڍريون ٿي پون يا رستي تي ڏينهن ٻه هوا بلڪل بند نه ٿي وڃي. ڇو جو هوا جي بند ٿيڻ ڪري جهاز هڪ هنڌ بيهي رهيا ٿي ۽ ڪناري تي موجود سامونڊي ڦورن (قزاقن) پنهنجين چپوئن وارين ٻيڙين ۾ هنن جي سڙهن وارن ٻيڙين وٽ پهچي ڦر ڪئي ٿي.
ملاحَ! تنهنجي مَڪُڙيءَ، اچي چور چڙهيا.
اهو ئي حال واپسي جو هو. هو لنڪا يا ڏکڻ انڊيا جي بندرگاهن کان ان وقت نڪتا ٿي جڏهن ڏکڻ جون هوائون لڳيون ٿي. يعني اها ڳالهه جيڪا اسان جو اڄ جو هر اديب يا اڄ جو جهازران نٿو سمجهي ته اڳئين دور ۾، بلڪه صدين تائين، ڪنهن نئين بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ ناکئي لاءِ ٻن شين جي ڄاڻ ضروري هوندي هئي. هڪ ڊئريڪشن (طرف) ۽ ٻيو هوائن جو رخ. ان دور ۾ توهان جڏهن چاهيو ٻئي ملڪ يا بندرگاهه ڏي نٿي نڪري سگهيائو. عرب ملڪن کان سنڌ يا سنڌ کان لنڪا ۽ واپسيءَ جو مدار ته فقط هڪ طرفي هوا- اتر کان يا ڏکڻ کان لڳندڙ جو هو پر سنڌ کان ممباسا يا سوماليه وڃڻ ۽ موٽڻ لاءِ جڏهن ته کلئي سمنڊ ۾ وڏو مفاصلو طئي ڪرڻو پيو ٿي اتي مختلف طرفن کان لڳندڙ هوائن کي ڌيان ۾ رکي جهاز کي هلائڻو پيو ٿي ۽ منزلن ڏي سڌو وڃڻ بدران هوائن مطابق رخ بدلائڻو پيو ٿي. اهو ئي سبب آهي جو واسڪو ڊاگاما آفريڪا جي بندرگاهه ميلنديءَ ۾ ترسي سونهون ڳولڻ ۾ لڳي ويو جيڪو ڪوچين جي exact معلومات کان علاوه رستي تي لڳندڙ هوائن جي رخ جي به ڄاڻ رکندو هجي ته ڪهڙي وقت تي ڪوچين لاءِ لنگر کڻجي ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾مختلف هنڌن تي هوائن جي رخ مان ڪيئن فائدو حاصل ڪجي. آخر هن کي هڪ قابل ملاح ملي ويو. ڪي چون ٿا ته اهو گجراتي هو، ڪي چون ٿا ته سنڌي هو يا مڪراني هو يا آفريڪا جو شيدي هو. ڪي ته چون ٿا (ويندي انگريزن جي ڪتابن ۾ به آهي) ته هن کي ان وقت جو قابل ملاح Navigator احمد بن ماجد ملي ويو هو جيڪو ڪوچين تائين وٺي آيو. احمد بن ماجد مغرب ۾ “عرب ملاح” جي نالي سان مشهور آهي. آفريڪا ۽ عرب دنيا ۾ هو “سمنڊ جو شير” سڏجي ٿو هو 1421ع ۾ عراق جي شهر صور (SUR) ۾ ڄائو ۽ 1500ع ۾ وفات ڪئي. وڏو قابل ماڻهو هو جنهن جا شعرو شاعري ۽ نثر جا 40 کن ڪتاب آهن. نثر ۾ هن جا مئرين سائنس ۽ جهازن جي چرپر تي ڪيترائي ڪتاب آهن جن ايراني نار جي علائقن ۾ رهندڙن جي انڊيا ۽ مشرقي آفريڪا جي بندرگاهن ۾ پهچڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. هن اهي سڀ ڪتاب عربيءَ ۾ لکيا پر ٻه ڪتاب جيڪي انگريزي ۾ ترجمو ٿيا اهي آهن:
1- The Book of the Benefits of Principals of Seamanship
2- Book of Lessons on the Foundation of the Sea & Navigation.
هي ڪتاب ڄڻ ته انسائيڪلو پيڊيا آهن جن ۾ ابن ماجد نيويگيشن (سمنڊ تي رستو ڳولڻ) جي تاريخ ۽ بنيادي اصول، ڪنارو ڏئي جهاز هلائڻ ۽ کلئي سمنڊ مان هلڻ، اوڀر آفريڪا کان انڊونيشيا تائين بندرگاهن جي لوڪيشن، مختلف راتين ۾ تارن جي پوزيشن، چؤماسي جي هوائن ۽ سمنڊن تي لڳندڙ ٻين هوائن جا احوال ڏنا آهن. هو سمنڊ تي رستا ڳولهڻ ۽ جهاز راني کان ايترو ته مشهور ٿيو جو دنيا جا جهازران هن کي “The Shooting Star” به سڏين ٿا. ڇا ته ڪمال جو ماڻهو هو! هن اهي سي مين شپ (Seamanship) تي ڪتاب 85-1460ع جي وچ ۾ لکيا آهن. ان بعد دنيا ڪيڏي ترقي ڪئي ۽ هر ايندڙ جنريشن (ٽهي)پراڻيءَ کان وڌيڪ قابل سمجهي وڃي ٿي. ان هوندي به 500 سالن بعد جڏهن اسان کي انگريز ڪلاس ٽيچر ڪئپٽن واٽڪنس (جيڪو Seamanship تي فقط هڪ ڪتاب لکڻ کان مشهور آهي) آڊيو ويزئل ائڊز (Audio Visual Aids) ذريعي چٽگانگ جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ سيمينشپ (Seamenship) پڙهائيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندي هئي ۽ سزا خاطر ايڪسٽرا ڊرل ملندي هئي. ان حساب سان هي احمد بن ماجد يا تيمور لنگ منگول جي حسابدان ۽ ٽرگناميٽري جي ماهر پوٽي مرزا الغ بيگ جهڙن انسانن جي ڇا ڳالهه ڪجي! هنن کي قدرت اهڙو دماغ عطا ڪيو جن جا ڪتاب اڄ اسان جهاز هلائڻ وارا پڙهون ٿا. ابن ماجد جا ٻه هٿ جا لکيل ڪتاب (قلمي نسخا) اڄ به پئرس جي نئشنل لئبرريءَ ۾ موجود آهن.
بهرحال هتي مون ٻي ڳالهه جي اهميت پڙهندڙن کي محسوس پئي ڪرائي. اها هيءَ ته واسڪو ڊاگاما کي سندس “سونهون” موسم جي خيال کان صحيح وقت تي 24 اپريل 1498 تي، مليندي بندرگاهه مان ڪڍي انڊيا ڏي وٺي هليو، جتي هنن جا جهاز 25 ڏينهن بعد ڪاليڪٽ ۾ پهتا. اڄ جي ماڊرن ۽ تيز رفتار جهازن کي اسان ڪراچي کان ممباسا وٺي وڃون ٿا ته اٺ نَو ڏينهن لڳيو وڃن سو ان حساب سان واسڪو ڊاگاما جا ڪاٺ جي سڙهه وارن جهازن جو 25 کن ڏينهن ۾ پهچڻ بلڪل صحيح هو. ان بعد سندن سونهون ته ٻئي ڪنهن جهاز ۾ اڳتي هليو ويو پر هنن کي واپسي لاءِ هوائن جو سسٽم سمجهائي ويو ته ڪڏهن انڊيا ڇڏي آفريڪا جو رخ ڪجو.
انڊيا ۾ رهڻ دوران واسڪو ڊاگاما ۽ ان علائقي جي راجا جي ا ڻبڻت ٿي پئي ۽ واسڪو ڊاگاما وٺي ڀڄڻ جي ڪئي. جيتوڻيڪ اهو وقت انڊيا جي ڪناري کان آفريڪا ڏي وڃڻ جو صحيح نه هو پر هنن لاءِ ڀڄڻ ضروري ٿي پيو. رستي تي ان وقت لڳندڙ هوائون ان رخ ڏي ويندڙ جهازن جي فائدي ۾ نه هيون. نتيجي ۾ هنن جا جهاز صحيح رخ ڏي وڌڻ بدران بتال ٿيندا رهيا. هو 29 آگسٽ تي انڊيا جي بندرگاهه مان لنگر کڻي مليندي آفريڪا ڏي روانا ٿيا ۽ مس مس 132 ڏينهن بعد 2 جنوري 1499 تي آفريڪا جي ڪناري تي پهتا سو به ملينديءَ کان گهڻو مٿي اتر ۾ مغديشو بندرگاهه ۾! رستي تي بک، بيمارين ۽ سامونڊي مخالف هوائن ڪري 115 ماڻهو مري ويا ۽ هڪ جهاز پڻ ٻڏي ويو.
مٿين ڳالهه ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته ان زماني ۾ يعني شاهه لطيف جي ڏينهن تائين ۽ سئو کن سال پوءِ تائين به، جيستائين سڙهه وارا ٻيڙا هلندا رهيا، تيستائين هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين جهاز جي پهچڻ ۾ موسم جو وڏو عمل دخل هو. اڄڪلهه ته اسان کي رڳو چارٽ (سامونڊي نقشي تي بندرگاهه جي direction (رخ) معلوم ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي. ڪنهن پائليٽ (سونهين) جي مدد بنا انهن بندرگاهن ۾ به پهچيو وڃون جن ۾ پهرين نه ويا آهيون. پر اڳ زماني ۾ جنهن جو شاهه لطيف ذڪر ڪيو آهي، موسم جي معلومات رکڻ ضروري هئي جنهن لاءِ سونهين کي پاڻ سان کڻڻ يا ان کان صلاح وٺڻ ضروري هوندي هئي، تڏهن ته شاهه لطيف فرمايو: “سُونَهن جي صلاح، وَٺُ ته وير لنگهي وڃين”.
هتي اهو به لکندو هلان ته انگريزي جو لفظ پائليٽ هڪ ته هوائي جهاز هلائڻ واري ڪئپٽن لاءِ استعمال ٿئي ٿو ٻيو پاڻيءَ جي جهاز جو اهو ڪئپٽن پڻ پائليٽ سڏجي ٿو جيڪو رهنمائي ڪري، ڏکين هنڌن جي معلومات هجڻ ڪري رستو ڏيکاري. جيئن سئيز ڪئنال جي منهن تائين ته هر ڪو پنهنجي جهاز کي ڪاهي اچي ٿو پر پوءِ سئيز ڪئنال مان گذري بحر احمر (Red Sea) ۾ يا ٻئي پاسي ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) تائين سلامت پهچائڻ لاءِ مقامي Pilot (سونهين) جي ضرورت پوي ٿي. مصر حڪومت وٽ پنجاهه کن پائليٽ (سامونڊي جهازن جا ڪئپٽن) هر وقت موجود هوندا آهن جيڪي سئيز ڪئنال مان لنگهندڙ جهازن جي قافلي تي چڙهي، جهازن کي سئيز ڪئنال سلامتيءَ سان اڪرائيندا آهن. اهڙي طرح دنيا جي هر بندرگاهه ۾ جهاز کي اندر وٺي جيٽي سان لڳائڻ لاءِ ان بندرگاهه جا سونهان (Pilot) هوندا آهن يا انگلينڊ، جرمني، بيلجم، هالينڊ کان مٿي، سياري جي موسم ۾ اتي جي اتراهن سمنڊن ۾ ايڏا سخت طوفان ۽ ڪوهيڙو ڌنڌ رهي ٿو جو ڏيک جي حد ميٽر ٻه مس رهي ٿي. يعني جهاز جي وچ تان جهاز جو اڳ يا پڇ به ڏسي نه سگهبو آهي. اهڙين حالتن ۾ جهازران ڪمپني طرفان اسان کي اجازت هوندي آهي ته اهي ڏينهن ٻه پاڻ جهاز هلائڻ بدران مقامي سونهون Hire ڪيون جيڪو “نارٿ سي پائليٽ” سڏبو آهي. هڪ بندرگاهه کان ٻئي تائين مثال طور ائنٽورپ يا راٽرڊم کان ڪوپن هيگن تائين وٺي ايندو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن جي ڳري في ٿئي ٿي پر مالڪن کي جهاز ۽ ان ۾ موجود اربها رپين جو ڪارگو بچائڻ لاءِ اهو ڦاهو ڦڪڻو پوي ٿو.
سنڌ جا ماڻهو- خاص ڪري هندو واپاري ٻاهرن ملڪن سان تجارت ڪرڻ جا وڏا شوقين هئا. هو ڏکڻ طرف، نه رڳو لنڪا تائين، پر اڳتي ملاڪا، جاوا، سماترا ۽ سوربايا تائين وڃي نڪتا ٿي. جاوا (انڊونيشيا) ۾ به شاهه لطيف جي ڄمڻ کان اڳ جا ويندڙ هئا تڏهن ته شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ جاوا ۽ اتان جي مصالحن جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه لطيف هنن وڻجارن لاءِ ٿو فرمائي ته:
قَرڦُلَ ڦوٽا، پارچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون؛
ڪوٺـيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون؛
لاڄُنِ مَنجهه، لَطِيفُ چئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون؛
نَذرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَهندي چَيائُون؛
جي ڇُوهي ڇوڙيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهه سين!
قرڦل (لونگ) ۽ ايلاچي سنڌ جون پيدائشون نه آهن. اهي مصالحا ملبار ڪناري کان آڻيندا هئا جتي جي بندرگاهه ڪوچين (ڪاليڪٽ) ۾ پورچوگالي سياح واسڪوڊا گاما پهتو هو ۽ اتي جي راجا کي صاف صاف چيو هئائين ته آئون انهن مصالحن ۽ دال چيني، مِرين (ڪارن مرچن) لاءِ آيو آهيان. ان کان علاوه اهي شيون اڄ واري انڊونيشيا جي ٻيٽن- خاص ڪري جاوا ۾ جام هيون. بلڪه اتي جا ٻيٽ مصالحي جا ٻيٽ سڏبا آهن. ٻين ملڪن ۽ بندرگاهن ۾ مونکي جيڪي سنڌي واپاري ملندا هئا ته اهي چوندا هئا ته هنن جا پيئر يا ڏاڏا اتي آيا- يعني هيءَ 1960ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن مون سامونڊي سفر شروع ڪيا. (هاڻ ته هنن جي چوٿين پنجين پيڙهي رهندي هوندي). بهرحال ان 1960 واري ڏهاڪي ۾ انڊونيشيا جي ٻيٽن جاوا، سماترا، سوربايا يا بالي وغيره ۾ سنڌي ملندا هئا ته پڇڻ تي هو ڪو جواب نه ڏيندا هئا. جو هنن کي خبر ئي نه هوندي هئي ته اهي سنڌ کان هيڏانهن جاوا، سماترا، سوربايا وغيره ڪڏهن آيا... سئو سال اڳ... ڏيڊ سئو سال اڳ ... يا ان کان به گهڻو اڳ. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته هنن جو هن پاسي وڏي عرصي کان اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي. مون انهن شروع وارن ڏينهن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جاوا ۽ سوربايا ۾ اهڙا به سنڌي هندو ڏٺا جن جون ڏاڏيون نانيون جاواني- يعني مقامي هيون، تنهنجي معنيٰ ته هنن جا پڙ ڏاڏا پڙ نانا هتي آيا هوندا جن جي پٽن هتي جي عورتن سان شادي ڪئي. ٻين علائقن وانگر جتي سنڌي هندو ويا ٿي تيئن هتي جي يعني جاوا متعلق پڻ چوڻيون ۽ شعر مشهور هئا. جيئن روم ۾ رهندڙ سنڌي واپارين بابت مشهو هو ته “توڙي رهن روم ۾ ته به کائين بصر ۽ ٿوم.” وچ ايشيا جي ملڪ ۾ واپار ڪندڙ سنڌي ڪنهن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻ تي چوندا هئا ته “يار! ڪهڙيون ويٺو ازبڪيون بڪين” هنن جو اشارو ازبڪستان جي ٻوليءَ ڏي هو. جاوا لاءِ چوڻي مشهور هئي ته “جيڪي ويا جاوا، سي رهيا سدائين ساوا” جاوا، سماترا پاسي کان جهجهو ناڻو ڪمائي اچڻ تي انگريزن جي ڏينهن ۾ سنڌي پنجين درجي جي ڪتاب ۾ هڪ بيت هو ته:
“سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا،
ڪري وڻج واپار سي، سگهو ٿيا ساوا،
اڻ ميو ڌن اتان، سو جو ڪمائين،
پاڻ ته کائين تن جا پويان پڻ کائين”
شاهه لطيف جو هڪ بيت آهي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته شاهه لطيف جي ڄمڻ کان به گهڻو اڳ اسان جا سنڌي واپاري انهن سڙهن جي ڪاٺ جي ٻيڙين (Sailing Boats) ۾ جاوا سماترا کان به ڏور چين کان وڃي نڪتا ٿي.
سودي ڪارڻ سنڀري، ويهون وڻجارن،
ويا چين بينگال ڏي، ماڻڪ رکي من.
انهن وڻجارن، ناکئن، ملاحن جي اهم روٽ ديبل (سنڌ) ويراوال (گجرات ڪڇ) کان لنڪا (سلون) هوندي هئي.
لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا
سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين.
ان وقت ۾ جهاز راني ۽ واپار جو ڇا سسٽم هو، ان کان اسان جو شاهه لطيف چڱي طرح واقف هو. اتر جي هوائن لڳڻ سان سنڌ، ڪڇ، گجرات جي مختلف بندرگاهن يا ڪارين ۽ ڦاٽن ۾ بيٺل ٻيڙين وارا سڙهه سڌا ڪري لنڪا ڏي نڪري پيا ٿي. نڪرندي نڪرندي ٻه چار ڏينهن دير به ٿي وئي ٿي پر هنن پوري ڪوشش جلدي نڪرڻ جي ڪئي ٿي جيئن هو اڪيلا نه رهجي وڃن، ڇو جو توهان هاڻ سمجهي ويا هوندائو ته انهن ڏينهن ۾ ناکئي (ناخدا) يعني جهاز جو سکاڻ سڌو جهلي هلندڙ ڪئپٽن لاءِ موسم ۽ هوائن جي وڌيڪ اهميت هئي. اتر جون هوائون لڳڻ سان هنن پنهنجين ٻيڙين کي وکر (سامان) سان ڀريو ٿي جيڪو لنڪا ۾ وڪڻي اتان سون ۽ ٻيون قيمتي شيون آنديون ٿي. اتر جي هوا لڳڻ سان سامونڊين جي زالن کي ڌڙڪو ٿيو ٿي ته هاڻ سندن مڙس نه ترسندا... هيستائين جيڪي هنن سان ميل ملاقاتون ۽ ڪچهريون پئي هليون انهن جو ڄڻ ته خاتمو ٿي ويو. بقول شاهه لطيف جي:
“آئي اتر مُند، هنئين اُڊڪو نه لهي
وٽين لاڄو بند، ٻيهر مکين ٻيڙيون.”
ڪيترن جي نئين شادي ٿيل هوندي هئي جن جون ڪنوارون پنهنجن مڙسن جي وڃڻ جو ٻڌي روئنديون هيون پر هو مجبور هوندا هئا جو اتر جي هوا لڳڻ سان “جوڳي نه ڪنهنجا مٽ“. هنن لاءِ ڏکڻ ڏي ٻيڙا هاڪارڻ ضروري ٿي پوندا هئا، چاهي سندن زالون ڇا به ڪن. بقول شاهه لطيف جي:
“رئان رهن نه سُپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟”
يا هڪ هنڌ هنن جي دلين جي ترجماني ڪندي شاهه لطيف چوي ٿو:
“لڳي اتر هيرَ سامونڊين سڙههَ سنباهيا”
اهي گهڻو ڪري ڏياري وارا ڏينهن هوندا هئا، جو ڏياري هر سال انهن تاريخن ۾ ٿي اچي.
“ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا”
بهرحال سنڌ، ڪڇ، گجرات کان ٻيڙا نڪرندا هئا ۽ اچي لنڪا کان نڪرندا هئا جتي سامان لهندو هو ۽ اهو سامان ٻين ٻيڙن تي چڙهندو هو جن کي ملاڪا، جاوا، سماترا ۽ چين پاسي وڃڻو هوندو هو. يا اهي ئي ديبل ۽ ويراوال کان نڪتل جهاز لنڪا وٽان ڦري ملاڪا ويندا هئا نه ته گهڻا تڻا جهاز- خاص ڪري ننڍيون ٻيڙيون اتي لنڪا ۾ ئي ترسي پونديون هيون ۽ انهن ۾ موجود سامونڊي جهاز جي مالڪ- وڻجاري کي، سنڌ کان آندل وکر کي هول سيل ۾ يا ريزڪي ۾ وڪڻائڻ ۾ مدد ڪندا هئا، جنهن ۾ مهينو ڏيڊ لڳي ويندو هو ۽ هو ڇهن مهينن بعد چؤماسي جي هوائن جو انتظار ڪندا هئا جيئن انهن هوائن جي زور تي هو پنهنجن ٻيڙن کي اتر طرف هاڪاري پنهنجي وطن سنڌ موٽن. لنڪا يا جاوا، سماترا، ملاڪا ۾ چار پنج مهينا رهڻ دوران هو موٽندي جي سفر جي تياري ڪندا رهيا ٿي. ڦاٽل سڙهن کي سبيو ٿي، سامونڊي پکين جون وٺيون لڳل سڙهن کي کار جي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪيو ٿي، ٻيڙيءَ ۾ پيدا ٿيل سوراخن کي ڪاٺ جي چپڙين سان بند ڪيو ٿي ۽ انهن کي ڪناري تي ليٽائي پاسن تي لڳل سپون ۽ ٻيو ڄميل سامونڊي ڪچرو ڪنهن لوهه جي Scraper سان کرچي صاف ڪيو ٿي ۽ پوءِ ان کي- يعني ٻيڙيءَ جي ٻنهي پاسن کي تيل لڳايو ٿي جنهن لاءِ شاهه صاحب چوي ٿو:
“ويٺو تُنَ تُنِيس، مَکِ ڏيهاڻي مَڪُڙي...”
اهو ائين هو جيئن اڄڪلهه جي وڏن لوهي جهازن کي خشڪ گودي (Dry Dock) به بيهاري ان جي Hull (ٻاهرين پليٽن) کي Sand Blasting ذريعي صاف ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ رنگ روغن سان چلڪايو وڃي ٿو ڇو جو جهاز يا ٻيڙيءَ جو ٻاهريون پاسو جيترو صاف سٿرو ۽ لسو هوندو اوترو پاڻيءَ جو resistance گهٽ ٿيندو ۽ جهاز يا ٻيڙيءَ کي گهڻي رفتار ملندي.
توهان ڪراچي يا حيدرآباد ۾ اهڙا پورهيت به ڏٺا هوندا جيڪي ڪن خاص موسمن ۾ ڳوٺ هليا ويندا آهن. اسان جي گهٽيءَ ۾ مڇي وڪڻڻ وارو سال ۾ مهينو کن پنهنجي ڳوٺ پنجاب هليو ويندو آهي. پڇڻ تي ٻڌائيندو آهي ته ڪڻڪ جي ڪٽائي پئي هلي يا ڦٽين جو چونڊو پئي ٿيو سو چار پئسا ڪمائڻ ويو هوس. ٻيڙين تي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ لنڪا (سلون، سرانديپ) يا ملاڪا ۽ سُوربايا ۾ به ائين ٿيندو هو. انهن ڏينهن ۾ هنن جا جهاز اڄ جهڙا انجڻ تي هلڻ وارا ته هوندا ڪونه هئا جو سامان لاهي ٻئي ڏينهن وطن موٽن. وطن موٽڻ لاءِ هنن کي ٽي چار مهينا چؤماسي جي هوائن جو انتظار ڪرڻو پيو ٿي ۽ اهي ٽي مهينا پيٽ گذر لاءِ ۽ چار پئسا وڌيڪ بچائڻ لاءِ هو اتي لنڪا يا ملاڪا جي ڪنهن زميندار وٽ هارپو ڪندا هئا يا ڪنهن سيٺ جي دڪان يا اوطاق تي ڪم ڪندا هئا ۽ پوءِ جڏهن چؤماسي جي هوائن لڳڻ تي ناکئا شهر ۾ پڙهو گهمائيندا هئا ته هاڻ وطن ورڻ جي تياري آهي ته سڀ پورهيت پنهنجن مالڪن سان حساب ڪتاب ڪري اچي پنهنجين پنهنجين ٻيڙين ۾ سوار ٿيندا هئا. پر ڪي زميندار، وڏيرا يا سيٺ ڄاڻي واڻي پنهنجن ڪم وارن سان حساب چڪتو ڪرڻ ۾ دير پيا ڪندا هئا ۽ نتيجي ۾ غريب سامونڊيءَ کان پنهنجو ٻيڙو نڪري ويندو هو ۽ هوڏانهن وطن ۾ سندس زال “تان ڪي لئج ڪانگ! ڪڏهن ايندا مان ڳري؟” پنهنجي ڪانڌ جي اچڻ لاءِ ڪانگن جي کيانتن جو انتظار ڪندي رهندي هئي.
ڪڏهن ته اسان جي سامونڊيءَ جي پرديس ۾ ڪنهن سان اک لڙي وئي ٿي ته پنهنجي وطن جي زال کي وساري پرديس ۾ مقامي سرانديپي يا جاواني زال سان زندگي گذارڻ لڳي ويو ٿي. چؤماسي جي هوائن لڳڻ تي وڻجارو- جهاز جو مالڪ ڀلي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پيو پڙهو گهمائي ته ديبل يا ويراوال بندرگاهه ڏي ويندڙ فلاڻو ٻيڙو تيار آهي پر نئين ملڪ جي زال سان شادي ڪرڻ وارو “سامونڊي” ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ستو رهيو ٿي. مجبورن جهاز کي هن کي ڇڏي وطن موٽڻو پيو ٿي... جتي سندس زال مڙس کي نه ڏسي اهو ئي چيو ٿي:
“تو ڪئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا؟”
اڄ جي دور ۾ ته اميگريشن جا قاعدا قانون ايڏا سخت آهن جو جيڪو جهازي جنهن جهاز ۾ وڃي ٿو ان ۾ هن کي موٽڻو پوي ٿو ۽ جڏهن خبر پوي ٿي ته ان نالي وارو جهاز جنهن ۾ هو روانو ٿيو هو، ڪراچيءَ پهتو آهي ته ان جي زال، دوستن ۽ مائٽن کي پڪ ٿئي ٿي ته همراهه رائونڊ ٽرپ ڪري هوم پورٽ ۾ پهتو آهي. پر پراڻن ڏينهن ۾ جڏهن هوا جي زور تي هلندڙ سڙهن وارا جهاز هئا ۽ جن جي ڊپارچر ۽ ارائيول جو مدار ڪمپني (هيڊ آفيس) جي خواهش ۽ آرڊر تي نه پر لڳندڙ هوائن جي تبديليءَ مطابق ٿيو ٿي ته اهي ٻيڙا وطن ورڻ تي به، سامونڊي همراهه جي زال کي اها پڪ نٿيٿي ته هن جو ڪانڌ ان ٻيڙيءَ ۾ آهي يا لنڪا ۾ بيمار ٿي پيو، بنگال جي سندربنس ٻيلي ۾ شينهن هاٿي کائي ويس يا جاوا، سماترا جي ڪنهن کوهه ۾ ڪري پيو! هوءَ موٽڻ وارن ٻيڙن مان جنهن ٻيڙي ۾ هن جو مڙس روانو ٿيو هو، ان جو سڙهه سڃاڻي به دل ۾ دعائون پئي گهرندي هئي ته جهاز ته اهو ئي آهي پر شل هن جو مڙس به ان ۾ هجي.
سڙهه سڃاڻيو چوءِ ماءِ! سامونڊي آئيا
مان منهنجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾!
هي سڀ ڪجهه لکڻ جو مطلب اهو آهي ته شاهه لطيف سمجهيو ٿي ته پاڻي جي جهاز هلائڻ لاءِ موسم جي ڄاڻ ضروري هئي. شاهه لطيف کي جهازن، جهازرانن، وڻج واپار، ناکئن ۽ انهن جي احساسن جي چڱي طرح پروڙ هئي. مونکي ته لڳي ٿو ته شاهه لطيف انهن ٻيڙن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تمام گهڻو سفر ڪيو آهي ڇو جو شاهه لطيف ڪن هنڌن تي سمنڊ، جهازن ۽ جهاز رانن بابت اهڙا لفظ، مثال، چوڻيون، اصطلاح ۽ similes’ استعمال ڪيون آهن جو بنا ساموندي سفر ڪرڻ جي يا انهن وڻجارن، ناکئن، ملاحن سان گڏ گهڻو وقت بنا رهڻ بنا، ڪو ڪري نٿو سگهي. جيئن ته:
*جهاز ضعيفن جو، پاڻيءَ ۾ پرتوءِ
* سامونڊي! ٿو سنبهين، ساڄو جهل سکاڻ
* ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جئن ماٽي منجهه مَهِي
* آڇاڙا عميق جا، اچن اوڀارا
(آڇاڙا جن کي انگريزيءَ ۾ White Horses سڏجي ٿو سمنڊ جي سامهون ايندڙ ڇولين جون ripples ٿين ٿيون جن ۾ ٿوري ٿوري گجي ٿئي ٿي، اهي اسان وڏن جهازن هلائڻ وارن کي به مايوسي ۽ سي سڪنيس ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ اهي سمنڊ يا موسم خراب ٿيڻ جي اڳڪٿي سمجهيا ويندا آهن. انهن جي ڄاڻ کان اهو ئي واقف ٿي سگهي ٿو جنهن گهڻا سامونڊي سفر ڪيا هجن.
“آڇاڙا ابت، گهڙج گهاٽي نينهن سين.” وغيره
اهڙي طرح شاهه لطيف بابت هي به لکڻ چاهيان ٿو: مون کي ٻين ڳالهين جي ڪا خاص معلومات نه آهي. مثال طور سنڌ جي جبلن، بيابانن، رڻ پٽن، ڪوهستاني ۽ ٿري ماڻهن ۽ انهن علائقن جي وڻ ٽڻن، ڀاڄين، گاهن، پکين، جيتن جڻن وغيره جي. ٿوري گهڻي جيڪا سمنڊن، دريائن، جهازن، جهاز راني، ناکئن ۽ انهن جي احساسن ۽ سامونڊي شين جي خبر آهي ان جي آڌار تي شاهه جو سر سامونڊي يا سر سريراڳ ٿو پڙهان ته شاه سائينءَ جي ڇا ته ڄاڻ هئي ۽ اها ڄاڻ ٿي نٿو سگهي ته هن ڪنهن مقبري يا درگاهه تي چلي/ مراقبي ۾ ويهڻ سان حاصل ڪئي هجي. هن يقينن سفر ڪيو آهي، پيرين پنڌ به ته ٻيڙين ذريعي به ۽ ماڻهن سان خوب خبرون چارون ڪيون آهن. انهن ڏينهن ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي (1755ع-1698ع) سنڌ جي حاڪم کي خيال اچي ها ته ڪنهن لکيل پڙهيل کي، شاهه لطيف سان گڏ لڳائي ها ته هن جون ڳالهيون ٻڌي قلمبند ڪندو وڃي ته اڄ اسان وٽ شاهه لطيف جا سفرناما موجود هجن ها جيڪي ايندڙ ٽهين لاءِ ڄاڻ جي کاڻ هجن ها جيئن ابن بطوطا (1368ع- 1304ع) ۽ مارڪو پولو (1324ع- 1254ع) جي سفر نامي مان يورپ جي ماڻهن کي فائدو، ڄاڻ ۽ رهنمائي ملي. ابن بطوطا جڏهن پنهنجي وطن موٽيو ته ان وقت سندس ملڪ “موراڪو” تي المرينون گهراڻي جي حاڪم ابو عنان فارس بن علي (1358ع- 1329ع) جو راڄ هو. ابو عنان طنج (Tangier) ۾ موجود هڪ اسڪالر، تاريخ نويس (جنهن اندلس جي تاريخ لکي آهي) ابن جزي (سڄو نالو: محمد ابن احمد ابن جزي الڪلبي الغرناطيءَ) کي ابنِ بطوطا جي ڳالهين جي قلمبند ڪرڻ لاءِ چيو. اهڙي طرح ابن بطوطا جو سفر نامو تيار ٿي ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين انيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. مارڪو پولو به پنهنجي سفر جون ڳالهيون پاڻ نه لکيون. سفر تان موٽڻ تي سندس ملڪ اٽليءَ جون حالتون خراب هيون ۽ ڪجهه غلط فهميءَ ۾ مارڪو پولو کي به جيل اندر ڪيو ويو. اتي جينوا جي جيل ۾ روستيڪلودا پيزا (Rustichelo da Pisa) نالي هڪ ليکڪ به هو. 1298ع ۾ جڏهن مارڪو پولو جيل ۾ آيو ته هن پنهنجي سفر جون ڳالهيون هن ليکڪ روستيڪلو کي ٻڌايون، جنهن The Travels of Marco Polo ڪتاب تيار ڪيو جنهن ذريعي يورپ جي ماڻهن کي انڊيا، چين، عرب ملڪن جي خبر پئي. ذرا سوڇيو ته اهي ماڻهو ڪوشش نه ڪن ها ته مارڪو پولو ۽ ابن بطوطا جي قيمتي احوالن جي دنيا کي خبر ئي نه پوي ها ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو بلڪه هر خيال کان ممڪن آهي ته ابن بطوطا ۽ مارڪو پولو جهڙا هنن کان به اڳ ٻيا به ڪيترائي traveller هوندا جن انهن کان به وڌيڪ دنيا جو سفر ڪيو هوندو ۽ انهن جي ڄاڻ اڃان به وڌيڪ هوندي پر لکت ۾ نه اچڻ ڪري فقط ان وقت جي چند ماڻهن فيض حاصل ڪيو هوندو جن انهن جي سفر نامن جون زباني ڳالهيون ٻڌيون هونديون.
اهڙي طرح اسان جي شاهه لطيف جي سفر ۽ معلومات جون ڳالهيون جيڪڏهن ڪو لکي ها ته اڄ The Travels of Shah Latif جي ڪتاب کان دنيا واقف هجي ها. ائين به ناهي ته ڪو ان وقت سنڌ ۾ ڪو پڙهيل ڳڙهيل نه هو. اسان جا ڪيترائي سنڌي هندو جن ميرن ۽ مغلن جي درٻار ۾ ڪم ڪيو ٿي عربي ۽ فارسيءَ جا ڄاڻو هئا ۽ هو سنڌيءَ ۾ نه ته عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ لکي سگهيا ٿي جيئن ابن بطوطا جي سفر جو احوال به پهرين عربيءَ ۾ لکيو ويو هو يا مارڪو پولو جو اطالوي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. هاڻ ته سائين دنيا جي هر ٻوليءَ ۾انهن جي سفرن جو ترجمو ملي ٿو. بهرحال ان وقت جي سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو يا ڪنهن ٻئي شاهه لطيف جي سفرن ۽ معلومات کي ڪتابي صورت ۾ ته نه آندو، البت ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پٽ غلام شاهه ڪلهوڙي، 1757ع ۾ تخت تي وهڻ بعد شاهه لطيف جي قبر مٿان مقبرو ضرور اڏرايو. خير اهو به سٺو ته هي الهامي شاعر، Traveler ۽ معلومات جي کاڻ شاهه لطيف ماڻهن جي دلين تي ياد رهڻ لڳو پر اسان سنڌ جي ماڻهن هن جي ڄاڻ ۽ بيتن جي قدر داني ڪرڻ بدران هن کي پير، بزرگ، درويش، فقير ۽ ڌاڳو وٽي ڏيڻ وارو بنائي ڇڏيو ۽ اسان جا ماڻهو وتن هن جي قبر کي چمندا ۽ مرادون پنندا... هي اهي ڳالهيون آهن جن جي شاهه لطيف سخت خلاف هو. هو ته اهو ئي چوندي گذاري ويو ته سڀ ڪجهه رب پاڪ جي هٿ ۾ آهي. هو ڏئي ٿو، هو ئي لاهي ٿو. دوائون به تڏهن اثر ڪن ٿيون جڏهن رب پاڪ طرفان هنن کي حڪم ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ سنڌ ۾ ڇا ته پيري مريديءَ جو عالم آهي. بزرگ جي وفات تي هن جو اولاد- چاهي ڪيترو به نڪمو ۽ بي دين هجي، گادي نشين ٿي وهي ٿو. ههڙا حال، ڪنهن عرب يا ٻئي ملائيشيا جهڙي مسلمان ملڪ ۾ نظر اچن ٿا؟ ۽ منهنجي خيال ۾ ته شاهه لطيف کي ته اولاد به نه هو ته به گادي نشين موجود آهن. شاهه لطيف کي اسان جي ماڻهن زبردست شاعر، جاگرافر، عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو ۽ جنرل ناليج جي کاڻ بدران ائين فقير بڻائي ڇڏيو آهي جيئن نئين ديري ۾ اسان جا ماڻهو وڏا وڏا مقبرا اڏي ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي هڪ عالمي سياستدان ڊپلوميٽ، انگريزيءَ جي ڄاڻو، هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي قابل شاگرد، هڪ دلير ۽ بردبار خوش لباس شخص کي پير فقير بنائي رهيا آهن جنهن جي قبر تي ماڻهو جهڪي سکائون باسي رهيا آهن. ذوالفقار علي ڀٽي ته وقت جي وڏن پيرن کي به نٿي مڃيو. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اسيمبلي ۾ ڪرنل ڪومبس انگريز پرنسپال ڀرسان بيهندو هو ته هو اسان جي انگريز پرنسپال کان به سمارٽ لڳندو هو جيڪو سندس انگريزيءَ جي تعريف ڪندو هو. ڀٽو صاحب جون ڪيل نصيحتون ۽ ڳالهيون اڄ به پيٽارو جا شروعاتي فوجي آفيسر جنرل ايس پي شاهد ۽ ائڊمرل فاروق رشيد جهڙا شروعاتي بئچن جا ڪئڊٽ، دهرائيندا رهن ٿا جيڪي ان وقت انٽر کان اٺين ڪلاس جا شاگرد هئا. اڄ جي نوجوانن جن ڀٽو صاحب کي نه ٻڌو آهي اهي هن جا ڪتاب، مضمون ۽ يو ٽيوب تي تقريرون ٻڌي سگهن ٿا ته هو ڇا قابل ماڻهو هو جنهن کي اسان جا ماڻهو شاهه لطيف وانگر پير فقير تائين محدود ڪري رهيا آهن.
پاڻ شاهه لطيف جي سفرن ۽ معلومات جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته سندس بيت پڙهي حيرت ٿي ٿئي ته هن کي سنڌي، عربي، فارسيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا ته لفظ آيا ٿي ۽ ان سان گڏ عام معلومات جا. انهن مان هڪ جو مثال هتي ڏيندس، پر ان کان اڳ تمهيد ٻَڌڻ لاءِ هڪ ٻه ٻيون ڳالهيون ڪندس. جيئن توهان کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ اچي سگهي.
هڪ ڏينهن ڳالهه پئي هلي ته اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ هر شيءِ نقلي ٺهي ٿي... صابڻ، ڪوڪا ڪولا، کير ۽ ڪيچ اپ ته ٺهن ٿيون پر ويندي عطر به! دنيا جي اوچي اوچي ڪمپني جي برانڊن جا نقلي عطر رکيا آهن ۽ حيرت جي اها ڳالهه آهي ته انهن جي پئڪنگ يعني بوتلون وغيره ۽ ويندي خوشبوءِ به اصلي عطرن جهڙي لڳي ٿي. ان تي هڪ چيو ته “ها، ان ۾ ٺاهڻ وارن ڪمال ڪري ڇڏيو آهي پر هڪ ڳالهه ۾ مار کائي ويا آهن... اها آهي خوشبوءِ کي قائم رکڻ. اصل عطر شئنل 5، اٽرنٽي، بلئڪ اوپيم هجي يا Joy، پئائزن، 4711، فلورس- ان جي خوشبوءِ ٻئي ڏينهن به جسم يا ڪپڙن مان پئي ايندي. نقلي عطر جي خوشبوءِ کڻي اصلي جهڙي آهي پر اها اڌ ڪلاڪ به ڪا مس ٿي هلي.”
“ڇو ڀلا؟” ڪنهن پڇيو.
“اهو ان ڪري جو انهن فرينچ يا ولائتي عطرن ۾ جيڪا شيءِ خوشبوءِ کي برقرار رکي ٿي اها بيحد مهانگي آهي ان ڪري اهي اوريجنل عطر مهانگا آهن.”
انهن عطرن ۾ ڪهڙي شيءِ پوي ٿي جيڪا خوشبوءِ کي برقرار رکي ٿي ان ڏينهن خبر پئجي نه سگهي.
ڪجهه مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن اسان سئيڊن جي يونيورسٽيءَ جي ڪمپيوٽر روم ۾ ويٺا هئاسين ته منهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ انگريز ڪلاس ميٽ ڪنهن انگريزي اخبار جي خبر ٻڌائي ته عمان جي ٻن مهاڻن کي وهيل مڇيءَ جي “الٽيءَ” ڪروڙ پتي بنائي ڇڏيو آهي. هنن کي سمنڊ تي امبرگرس Amber Gris مليو آهي جيڪو فرانس جو هڪ عطر جو واپاري سوا لک ڊالر في ڪلو سان خريد ڪري رهيو آهي.
مون به انهن ڏينهن ۾ پڙهيو هو ته وهيل مڇين ۾ هڪ جنس ٿئي ٿي جنهن جي پيٽ ۾ هي مادو ٿئي ٿو. اها “اسپرم وهيل” سڏجي ٿي. وهيل مڇي تمام وڏي ٿئي ٿي، ايتريقدر جو هن جي دل به هاٿي جيڏي ٿئي ٿي. هن کي کاڌو چٻاڙڻ وارا ڏند نه ٿين جيئن اسان جي وات ۾ آهن ۽ نه هن جي وات ۾ واڳوءَ جهڙا ڏند ٿين ٿا جيڪي شڪار کي چٻاڙي ته نه پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ هنڌ جهلي ته بيهن ٿا. وهيل مڇي سمنڊ ۾ وات کولي هلندي ويندي آهي ۽ ننڍيون وڏيون مڇيون يا سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيل ڪن ڪچرو هن جي پيٽ ۾ داخل ٿي ويندو آهي جتي تيزاب ۽ انزائيم هضم ڪرڻ جهڙي کاڌي کي هضم ڪن ٿا باقي سخت هڏا، ڪاٺ ۽ سخت ٽڪرا ۽ ٻيون شيون هوءَ هفتي ٻن بعد ڪاڪوس ۾ يا الٽي ڪري ڪڍي ڇڏي ٿي. ڪاٺ جي ٽڪرن ۽ جانورن جي وڏن هڏن ڪري جتي هن جي آنڊن جي زخمي ٿيڻ يا روڙجڻ جو خوف رهي ٿو اتي قدرت طرفان هن جي آنڊي جي بچاءَ لاءِ آنڊي جي چوڌاري، اندرين پاسي، ميڻ جهڙي شيءِ جو ٿلهو تهه ٺهيل آهي جنهن ڪري سندس آنڊي جو بچاءُ رهي ٿو. اهو ميڻ جو ٿلهو تهه “ائمبرگرس” سڏجي ٿو. ائمبرگرس جڏهن تمام گهڻو زخمي ٿيو پوي، جتان ڪٿان ڦاٽڻ لڳي ٿو ته اها وهيل مڇي يعني Sperm Whale وات ڦاڙي ٻئي بچيل (اڻ هضم ٿيل) ڪچري سان گڏ ائمبرگرس کي به الٽيءَ ۾ ڪڍيو ڇڏي يا پٺيان پائخاني ۾ ڪڍيو ڇڏي، جيڪو اهڙي جاءِ تي هجڻ ڪري ۽ جنهن مان هر وقت مڇيءَ جو ڦوڳ/ فضلو لنگهڻ ڪري ايڏو بدبوءِ دار ٿئي ٿو جو يڪدم ان جي ويجهو وڃڻ يا ان جي ويجهو لنگهڻ به محال ٿيو پوي جيسين اهو سمنڊ جي ڇولين ۾ ٻه چار ڏينهن ڌوپي صاف ٿئي، پر جيڪي ائمبرگرس کان واقف آهن اهي ڌپ جي پرواهه نه ڪندي ان کي سمنڊ جي سطح تان يڪدم کڻي وٺندا آهن. ان ڏينهن عمان جي مهاڻن کي به جتي روزگار لاءِ ڪا مڇي ته نه ملي پر سمنڊ جي مٿاڇڙي تي ڪنهن اسپرم وهيل جو تازو ڪڍيل ائمبرگرس ڏسي الله جو شڪر ڪرڻ لڳا ۽ سندن ٻيڙيءَ ۾ موجود دٻن ۽ بالٽين کي ان ائمبرگرس سان ڀري ورتو. خبر ۾ هو ته ائمبرگرس جي ملڻ جو ٻڌي دنيا جا واپاري انهن عماني مهاڻن سان سودو طئه ڪري رهيا آهن. سڀ کان گهڻو اگهه فرانس جا واپاري آفر ڪري رهيا آهن.
ائمبرگرس ڇا آهي؟
ائمبرگرس يعني اسپرم مڇيءَ جو ڪاڪوس واري هنڌ جو آنڊو جيڪو خارج ٿيڻ مهل سخت بدبودار ٿئي ٿو اهو ڌوئڻ ۽ صاف ڪرڻ سان هڪ خوشبودار مادو ٿيو پوي جنهن جي عطرن ٺاهڻ وارن وٽ وڏي ڊمانڊ آهي. هي ئي خوشبودار مادو آهي جنهن جو ذرڙو دنيا جي عطرن جي خوشبوءِ کي جٽادار ٿو بڻائي. مٿين خبر مون جڏهن پنهنجي يونيورسٽي جي سعودي ڪلاس ميٽ ڪمانڊر صالح کي ٻڌائي جنهن ڪراچيءَ جي نيول اڪيڊميءَ مان ڪئڊٽ شپ ۽ B.E ڪئي هئي ۽ اڙدو کان به ڪجهه واقف هو تنهن ٻڌايو ته اهو انگريزيءَ جو ائمبرگرس لفظ دراصل فرينچ ٻوليءَ جو آهي جن اهو اسان عربن جي عربي لفظ عنبر مان ٺاهيو آهي. ايتري قدر جو ان مڇي اسپرم وهيل کي عربيءَ ۾ چون ئي “حوت العنبر“.
ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته عرب ۽ ايراني عطر ٺاهڻ جا هوشيار آهن جن کان اهو علم فرينچن سکيو. هاڻ ته مهانگائيءَ جو زمانو ٿي پيو آهي ۽ امبرگرس يعني عنبر جنهن کي اسان هند سنڌ ۾ عنبير ۽ عبير به سڏيون ٿا، ان جي ذري وجهڻ ڪري JAR جهڙي برانڊيد عطر جي ننڍي بوتل منو لک رپيا آهي، Joy اسي هزار رپين جي آهي، شئليني نوي هزار رپين جي آهي، هرميس (Hermes) عطر جي بوتل ڏيڊ لک رپين جي ۽ شئنل 5 پوڻن ٻن لکن جي آهي. سو به تڏهن جڏهن ڊالر جي قيمت هڪ سئو رپيا آهي. ڪو زمانو هو جڏهن سستايون هيون ۽ خريدار گهٽ هئا ته مغلن ۽ دنيا جي ٻين بادشاهن جي درٻارن ۾ ۽ اميرن جي گهرن ۾ نج عنبر (Amber Grass) پيالي ۾ وجهي رکيو ويو ٿي جنهن جي خوشبوءِ مهينن جا مهينا هلي ٿي. بادشاهه بادشاهن ڏي سوکڙِيءَ طور سون، چاندي ۽ هيرن سان گڏ عنبر موڪليندا هئا. عرب جهازران ملاڪا، ،چين ۽ انڊيا جي اولهه ڪناري ملبار جي راجائن کي تحفي ۾ عنبر ڏيندا هئا.
واسڪو ڊاگاما جڏهن آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري ممباسا ۽ ميلندي بندرگاهن کان انڊيا جي ڪوچين بندرگاهه ۾ پهتو ته ڪاليڪٽ جي بادشاهه ساموتيري (زامورين) کي هن جيڪي پورچوگال جي بادشاهه مئنيوئل اول طرفان تحفا پيش ڪيا اهي هئا: گرم ڪپڙي جا چار چوغا، ڇهه ٽوپلا، کنڊ جي برني، ٻه تيل جا ننڍا ڊم ۽ هڪ پيالو ماکيءَ جو. پورچوگالين سمجهيو ته هي انڊيا جا راجا ائين ئي ڪنگلا آهن پر هن بادشاهه جون ٽيبل ڪرسيون به هيرن ۽ قيمتي پٿرن سان مڙهيل هيون. ڪاليڪٽ جو راجا ساموتيري هنن پورچوگالين مان بلڪل متاثر نه ٿيو ۽ هن اهي تحفا ردي قسم جا سمجهيا. عربستان ۽ ايران کان جيڪي جهازي آيا ٿي، انهن ڳرا تحفا پيش ڪيا ٿي يعني سون ۽ چانديءَ جا ڳهه ۽ عنبر. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ عنبر کان راجا ۽ رعيت واقف هئا ۽ انهن ڏينهن ۾ خوشبوءِ لاءِ گلاب ۽ موتئي جي گلن مان به عطر ٺاهيو ويو ٿي پر اعليٰ ۽ High Grade قسم جي خوشبوءِ لاءِ مشڪ جنهن کي انگريزيءَ ۾ به ان سان ملندر جلندڙ نالي Musk سان سڏيو ويو ٿي جيڪو نيپال، اتر انڊيا ۽ ويٽنام پاسي جي خاص هرڻن جي ڌن وٽان نڪتو ٿي ۽ سنڌيءَ ۾ ان کي کٿوري سڏيو ويو ٿي، خوشبوءِ لاءِ ان کان به مهانگو مادو حوت العنبر- اسپرم مڇيءَ جي آنڊي مان نڪرندڙ عنبر هو. مشڪ يعني کٿوريءَ لاءِ ته اسان وٽ چوڻيون مشهور هيون ته مشڪ ۽ عشق ڪڏهن به نه لڪي، يا خون کٿوري ظاهر ٿيو پوي. آهستي آهستي ٿي عنبر ۽ مشڪ (کٿوري) مهانگا ٿيڻ ڪري اڄ عام طرح نظر نٿا اچن. مشڪ ته وري به انهن هرڻن مان نڪري ٿي جيڪي اسان جي علائقن نيپال، تبت، انڊيا، پاڪستان، افغانستان ۽ چين ۾ آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن خبر پوندي رهي ٿي. باقي عنبر سمنڊ تي هلندڙ عربن ۽ يورپين کي هٿ آئي ٿي ته هنن انڊيا جي راجائن، بادشاهن کي پيش ڪئي ٿي جن ذرڙو خوشبوءِ لاءِ پيالي ۾ وجهي درٻار ۾ رکيو ٿي. هاڻ اسان جا ماڻهو عنبر (عنبير يا عبير) کان اڻ واقف ٿي چڪا آهن. هو مشڪ (کٿوريءَ) لاءِ ته چون ٿا ته اها هڪ خاص جنس جي هرڻ مان نڪري ٿي پر عنبير جو پڇڻ تي هو ان جي معنيٰ “خوشبوءِ” ٻڌائين ٿا. مون سنڌي ادب جي شاگردن ۽ پروفيسرن کان پڇيو ته هو اهو ئي ٻڌائڻ لڳا ته عنبير لفظ عطر کي ٻيلهه ڪرڻ لاءِ آهي جيئن “ماڻهو ڇيڻو” “پئسو ڏوڪڙ” تيئن “عطر عنبير“. هنن اهو ئي ٻڌايو ٿي ته عنبير معنيٰ خوشبوءِ، سرهاڻ. اها ڳالهه اڄ جي نوجوانن جي شاعريءَ ۾ به صاف نظر اچي ٿي جو هنن عنبير لفظ ان Sense ۾ استعمال ڪيو آهي. پر شاهه لطيف جي ڏينهن ۾ عنبير ائين هو جيئن اڄڪلهه ڪينٽڪي ۽ مئڪڊونلڊ عام کاڌا آهن يا آئي پئڊ ۽ ڪمپيوٽر آهن. شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ عنبر، عنبير يا عبير “عطر” لفظ بنا به استعمال ڪيا آهن ۽ هن جي عطر سان گڏ عنبير لفظ استعمال ڪيو آهي ته ٻن مختلف شين لاءِ ڪيو آهي، يعني عطر ۽ عنبير لاءِ، ۽ جي مشڪ ڪيو آهي ته اهو ٽي خوشبوءِ واري شيءِ لاءِ ڪيو آهي، جيئن سر مومل راڻي ۾ شاهه لطيف ٿو فرمائي:
“جَهِڙا پانَنِ پَنَّ، تَهِڙِيون سالُون مَٿِنِ سائِيون؛
عَطُرَ ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪَيائُون تَنَّ؛
مَڙهيا گَھڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَنَّ؛
سُنهَنِ رُپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَّ؛
ڪَيائِين لال لَطِيفُ چئي، وڏا ويسَ وَرَنَّ؛
مَنجِهه مَرڪِيَسِ مَنَّ: “سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.”
شاهه لطيف جي Vocabulary تمام وسيع آهي ۽ هو پڪ عبير (Amber grass) کان واقف هوندو جو هن جو واسطو سامونڊي ماڻهن سان تمام گهڻو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن عنبر لفظ اڪيلو به استعمال ڪيو آهي جيئن سر مارئيءَ ۾ چوي ٿو:
“آرَمَ هڏِمَ اوڍيا، ارغچ ۽ عبير...”
۽ سر سهڻيءَ ۾ ته صاف صاف چوي ٿو ته:
“اوٻارا عبير جا، جَر مان اچن جال....”
بهرحال هاڻ پڙهندڙ سمجهي ويا هوندائو ته شاهه لطيف جو عنبر مان مطلب گلاب جي گلن مان نڪتل عطر يا ٻئي ڪنهن عطر سان ناهي پر عنبر سان ئي آهي. پڪ اٿم ته شاهه لطيف کي ڄاڻ هئي ته مشڪ (کٿوري) ڪٿان ٿي اچي ۽ عنبر (عنبير، عبير) ڪٿان ٿو اچي. اهو سوچي شاهه لطيف جي جنرل ناليج ۽ وسيع Vocabulary کي داد ڏيڻ کپي.

سئيڊن جي ليلا، اوڙيسا جو مجنون

گذريل مهيني سنڌ جي هڪ نوجوان آرٽسٽ منظور حسين منگيءَ مون ڌي منهنجو ۽ امر جليل جو پورٽريٽ، يعني چهري جي تصوير موڪلي. اهي واٽر ڪلر ۾ ٺهيل پينٽنگون هيون. آئون ڏسي حيران ٿي ويس. هو ڇا چوندا آهن ته رڌڻ کڻي نٿو اچي پر کاڌي جي سواد مان ته خبر پئجي سگهي ٿي ته اها شيءِ ڪيتري سٺي رڌل آهي. پر سچ ته اهو آهي ته مون کي رڌڻ جي به ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي. يعني آرٽ ورڪ، ڊرائنگ، پينٽنگ، پينسل اسڪيچنگ سان واسطو رهيو آهي. اسڪول جي ڏينهن کان (پنجين ڪلاس کان) ڊرائنگ شروع ڪئي ۽ انهن ڏينهن جا ڊرائنگ جا امتحان ايليمينٽري ۽ انٽر به پاس ڪيا هيم. ان بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۾ به ڊرائنگ، واٽر ڪلرنگ ۽ ڪئليگرافي ڪندو رهيس. موڪلن ۾ ڳوٺ جي هڪ آرٽسٽ علي محمد ميمڻ کان آئل پينٽنگ سکيس. علي محمد (هالا جي هڪ هوٽل جي مالڪ جمعي ٽيڪي جو پُٽ) بعد ۾ PIA جو آرٽسٽ ٿي رهيو.
پيٽارو ۾ مئٽرڪ بعد لکڻ جو شوق ٿيو پر ڊرائنگ جو شوق به گڏ گڏ رهيو ۽ اهي ٻئي شوق چٽگانگ ۾ تعليم دوران ۽ جهازن تي نوڪري دوران رهيا ۽ ڪيترن جهازن تي- جن جن تي آئون رهيس انهن جي ڊائننگ سئلون، ڊرائنگ روم ۽ پنهنجي ڪمري لاءِ تصويرون ٺاهي لڳايم. منهنجا جهازران دوست ۽ بعد ۾ اهي جهاز هلائيندڙ آفيسر، جيڪي انهن جهاز تي رهيا جن مون نوڪري ڪئي اڄ به ملاڪنڊ جهاز تي لڳل منهنجي هڪ واٽر ڪلر پينٽنگ جي واکاڻ ڪندا آهن جيڪا مون نيويارڪ ۾ ٺاهي هئي جنهن ۾ اسانجو جهاز ايم وي مالاڪنڊ نيويارڪ جي بروڪلن پل جي هيٺان بيٺل ڏيکاريل آهي. منهنجي خيال ۾ منهنجي اها آخري پينٽنگ هئي جنهن بعد مون اهو فيصلو ڪيو ته هاڻ اهو ڪم ڇڏي رڳو لکڻ جو ڪريان جو پينٽنگس ته ضايع ٿيو وڃن ۽ فقط چند ماڻهو ڏسي سگهن ٿا. اخبار ۾ آيل مضمون ڪيترائي ماڻهو پڙهن ٿا ۽ ڪتابي صورت ۾ به اچن ٿا. ان وقت تائين منهنجا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا هئا. خاص ڪري “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” جيڪو منهنجي سامونڊي سفر جو پهريون سفرنامو هو ۽ ان تي مون کي رائيٽرس گلڊ طرفان “بيسٽ بڪ آف دي ييئر” ايوارڊ به مليو هو- جنهن ڪري منهنجي وڏي همت افزائي ٿي ۽ آهستي آهستي ڪري رنگن ۽ برشن جي پچر ڇڏي رڳو قلم کي قابو جهليندو رهيس. خاص ڪري اهو قلم جيڪو لکڻ ۾ روان هجي ۽ جنهن ۾ گهڻي مس پئجي سگهي. پر اهو آهي ته ڪٿي پينٽنگس جي نمائش ڏسندو هوس ته هليو ويندو هوس يا ڪنهن ملڪ جي شهر ۾ ڪنهن کي فٽ پاٿ تي پورٽريٽ يا سينري ٺاهيندو ڏسندو هوس ته ان جي ڀرسان ڪلاڪ اڌ ويهي رهندو هوس. ڪوبي (جپان) جي ڪِلاڪ پارڪ ۽ ڪوالالمپور (ملائيشيا) جي سينٽرل مارڪيٽ ۾ وهندڙ آرٽسٽن سان ته چڱي طرح ڄاڻ سڃاڻ رهي ٿي. پنهنجي وطن ۾ ننڍي هوندي کان پڙهڻ لاءِ دلپسند شاعري ۽ ادب ته مليو ٿي پر ڏسڻ لاءِ ڪو اهڙو سٺو آرٽ (چترڪاري) نظر نٿي آئي جيئن ولايت ۾ نوجوان آرٽسٽن کي ڏٺو ٿي. ننڍي هوندي جنهن چترڪار جون تصويرون نظر آيون ٿي اهو گل محمد کتري هو جنهن سنڌ جي سورمين ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي به ڪافي تصويرون ٺاهيون. بس نه کان وري به بهتر ٿي لڳيون پر منهنجا ادبي دوست اهائي ڪمينٽ ڏيندا هئا ته انهن تصويرن جي ته ائناٽامي ئي درست ناهي. پر تڏهن به اسان غنيمت سمجهيو ٿي. ان جي مقابلي ۾ هاڻ جو منظور حسين منگيءَ جون موڪليل مٿيون ٻه تصويرون ۽ ان بعد ٽيهارو کن سندس ٻيون تصويرون ڏسي دل خوش ٿي وئي ته هو ڪنهن به بين الاقوامي وڏي آرٽسٽ جي مقابلي ۾ گهٽ ناهي. ڇا هن جي رنگن جي چونڊ آهي ۽ ڇا برش جو استعمال آهي. منهنجي ساڻس ملاقات به ٿي ۽ حيرت ٿي ته هن ننڍي عمر ۾ هو ڪيڏو وڏو آرٽسٽ آهي.
منظور منگي خيرپور ميرس جي نظاماڻي محلي ۾ 1977ع ۾ ڄائو. مئٽرڪ اتي جي ناز هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر سچل سپيريئر سائنس ڪاليج مان ڪرڻ بعد 2001ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فائين آرٽس ۾ ماسٽرس ڪيائين. هن ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ محمد علي ڀٽي، جيڪو هاڻ آمريڪا ۾ آهي ۽ عاشق عارباڻي جهڙا سندس پروفيسر رهيا. ڪلاس ميٽن ۾ موهن داس جيڪو اڄڪلهه ڪراچي جي انڊس وئلي اسڪول ۾ پڙهائي ٿو، حسين چانڊيو جيڪو حيدرآباد ۾ پروفيشنل آهي ۽ شاهد اقبال جهڙا مشهور آرٽسٽ رهيا. مون منظور کان پڇيو ته آرٽ جڏهن هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا اليڪٽرڪ، درزڪي، ويلڊنگ- يا ويندي انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر ۽ ڊاڪٽر وانگر شاگرد کي سيکاري نٿي سگهجي ڇو جو هي ته هڪ قدرتي ڏات آهي جنهن ۾ انسان پاڻ ئي ڀڙ ٿئي ٿو ۽ جنهن لاءِ هن کي پاڻهي شوق پيدا ٿئي ٿو. سو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟
“بلڪل صحيح آهي ته آرٽسٽ اهوئي ٿئي ٿو جنهن کي قدرتي ڏات آهي ۽ سکڻ جو پنهنجو شوق آهي“، منظور ٻڌايو، “پر اهو آهي ته تعليم حاصل ڪرڻ سان ماڻهو Polished ٿئي ٿو... رنگن ۽ آرٽ جي دنيا جي خبر پوي ٿي، ٻين آرٽسٽن سان گڏ ڪلاس روم ۾ رهي وڌيڪ ڄاڻ ٿئي ٿي”.
منهنجي خيال ۾ منظور جي ڳالهه صحيح آهي. مون کائنس تعليم جو به اهو سوچي پڇيو ته جيڪڏهن هو فقط مئٽرڪ انٽر آهي ته هن کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چوانس. هينئر به مون هن کان پڇيو ته هن کي Ph.D لاءِ ڪا ٻاهر جي اسڪالر نه ملي؟
“نه سائين! غريب ماڻهو ايترو به الائي ڪيئن پڙهي سگهياسين. ماسٽرس بعد ٻئي سال 2002ع ۾ شادي ٿي ۽ پوءِ نوڪريءَ لاءِ رلندو رهيس. ٽن سالن بعد 2005ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ۾ سيٽ ڊزائينر جو جاب مليو. ان تي ئي شڪر ڪري ويهي رهيس، 15 سال اچي ٿيا آهن”. منظور چيو.
دراصل اسان جي ملڪ ۾ اهوئي مسئلو آهي ته ڪنهن اديب، آرٽسٽ، فنڪار جو قدر ناهي ۽ نه وري ڪنهن ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر لاءِ رهنمائي آهي ته هنن کي صحيح هنڌن تي پنهنجي ملڪ يا ولايت ۾ لڳايو وڃي. ان معاملي ۾ انڊيا تمام تيز آهي. آئون به گذريل پنجاهه سالن کان ڏسندو اچان ته ويندي اسلامي ملڪن ۾ به هنن جا سفير ان ملڪ جي ادارن کي پنهنجن گرئجوئيٽن جي آڇ ڪندا رهن ٿا. ان سلسلي ۾ آئون ڪيترائي مضمون لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اسان جي انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن جي ٽولن کي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي پر هو صحيح تعليم ۽ ڄاڻ نه هجڻ ڪري ولايت ۾ جالي نه سگهيا ۽ نوڪري ڇڏي ڏنائون. انڊيا جي سفارتخاني کي خبر پيئي ته هنن يڪدم پنهنجن گرئجوئيٽ انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن جي آڇ ڪئي. ايتريقدر جو هنن پنهنجي ڀاڙي تي گهرائي ملائيشيا وارن کي چيو ته توهان هنن کي ڏسو. صحيح ڪم اچين ته رکو ۽ ڀاڙو به پوءِ موٽائجو.
منظور کي مون چيو ته ٻاهر وڃي Ph.D ڪرڻ لاءِ ان ڪري ٿو چوان ته توجهڙي آرٽسٽ جو هڪ دفعو ٻاهر وڃڻ ٿي وڃي ته اتي پينٽنگ ٺاهي باقي سيمسٽرز جا پئسا به ڪڍي سگهئين ٿي ۽ وڏي بچت به ڪري سگهئين ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اتي (ولايت) ۾ ڪو سٺو جاب به ملي وڃئي ها. اهڙن ڪمن ۾ به انڊيا هوشيار آهي. ميرٽ تي اتي جي سرڪار نه فقط پنهنجن نوجوانن کي اعليٰ تعليم لاءِ موڪلي ٿي پر ڪيترائي خير جو ڪم ڪندڙ فلمي اداڪار، وڏيرا، سيٺيون، ڪارخانيدار، سياستدان پنهنجي تر جي نوجوانن کي ٻاهر موڪلين ٿا... گهٽ ۾ گهٽ هنن کي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ۽ پهرين سيمسٽر جي في ڏين ٿا. 1970ع وارن آمريڪا جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته پنهنجي مڙسي سان نيويارڪ پهتل اسان جا سنڌي نوجوان گهڏي جو مبارڪ ٽالپر، ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ۽ٽنڊو قيصر جو نور احمد نظاماڻي ٻڌائيندا هئا ته ڏکڻ انڊيا جا تامل سياستدان ۽ گجرات جا ڪارخانيدار پنهنجي خرچ تي پنهنجي علائقن جي نوجوانن کي نيويارڪ موڪلين ٿا. انهن سالن ۾ آئون ڏسندو هوس ته اسان جا سياستدان، وزير مشير، پير، سردار پاڻ ته انگلينڊ ۽ آمريڪا گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ ٺڙڪو عياشيءَ تي وڏو خرچ ڪريو هليا وڃن پر پنهنجي تَرَ جي ڪنهن غريب قابل نوجوان کي ڪجهه مدد ڪرڻ لاءِ به ڪيٻائين ٿا. هڪ جي نالي جو ذڪر ضرور ڪندس جنهن ڪيترن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. اهو اسان جي پاسي پير جهنڊو جو مرحوم پير فضل الحق شاهه راشدي هو.
هڪ ٻي به ڳالهه آهي جنهن ذريعي ڪيترن ملڪن جا غريب قابل نوجوان امير ملڪن ۾ سٺي روزگار کي لڳيو وڃن. اهي خوش نصيب انهن ملڪن جا آهن جن ۾ ٽوئرزم آهي. جيئن انڊيا ۽ ملائيشيا آهي جتي هر روز هزارين ٽوئرسٽ اچن ٿا. اتي جي حڪومت اتي جي آرٽسٽن لاءِ مختلف وڏن شهرن جي تاريخي هنڌن تي ڪجهه جاءِ حوالي ڪري ٿي جتي هو ڪاٺ جي اسٽالن يا فٽ پاٿ تي ويهي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿا. مثال طور ڪوالا لمپور ۾ سينٽرل مارڪيٽ اهڙي جاءِ آهي جتي ملائيشيا جي ڳوٺن جا ڪيترائي نوجوان پنهنجي آرٽ (Painting) جو مظاهرو ڪندا رهن ٿا. منهنجو پهريون دفعو هن مارڪيٽ ۾ اچڻ 1968ع ۾ ٿيو. اڄ ڏينهن تائين هيءَ مارڪيٽ منهنجي دلپسند جاءِ آهي ۽ هر دفعي ڪوالالمپور اچڻ تي سينٽرل مارڪيٽ جو چڪر هڻان ٿو جيڪا هاڻ ٻه ماڙ ۽ ايئرڪنڊيشنڊ ٿي وئي آهي هتي ڪي آرٽسٽ تصوير رکي ان جهڙي پينٽنگ پيا ٺاهيندا ته ڪي پنهنجي سامهون اسٽول تي گراهڪ کي وهاري پينسل سان يا واٽر ڪلر سان پورٽريٽ پيا ٺاهيندا. ڪي ڪاٺ جي چاٻين جي ڇلي تي چٽ گل ۽ توهان جو نالو لکي ڏيندا ته ڪي توهان جي چهري تي گل گلڪاريون ٺاهي ڏيندا. دنيا ڀرجي سياحن جي رش هوندي آهي. هن ڀيري ته مون ڏٺو ته نه فقط يورپي ۽ آمريڪي پر عرب ملڪن ۽ ترڪيءَ جون ڇوڪريون به هن مارڪيٽ ۾ تصويرون ٺهرائي رهيون هيون. منهنجي سٺن آرٽسٽن سان شروع کان سلام دعا رهي آهي پر مون ڏٺو آهي ته سال ٻن بعد اهي غائب ٿي ويندا آهن. پڇا تي خبر پوندي آهي ته انهن کي جپان، آمريڪا، انگلينڊ، جرمني جهڙي امير ملڪ جو ڪو همراه پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ وٺي ويو. اهوئي حال انڊيا ۾ دهلي، آگري، ممبئي، ڪلڪتي جهڙن شهرن جي فوٽ پاٿن تي ڪم ڪندڙ آرٽسٽن جو آهي.
ان تان مون کي انڊيا جي هڪ آرٽسٽ “مهاننديا” جي ڪهاڻي ٿي ڌيان ۾ اچي. اسڪئنڊي نيويا جي ملڪن جو سفرنامو “آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس” لکڻ دوران مون کان پڙهندڙ اڪثر اهو سوال ڪندا رهيا ٿي ته سئيڊن ۽ ناروي جهڙا ملڪ جتي هر باشندي کي سرڪار طرفان خوب پئسو ملي ٿو اتي جون ڇوڪريون به پاڻ کي معاشي طرح مضبوط سمجهن ٿيون جو هو نوڪري نٿييون ڪن ته به انهن کي سرڪار طرفان گهر ۽ بيروزگاري الائونس ايترو ملي ٿو جو هنن جو سڄي مهيني جو خرچ پورو ٿيو وڃي. طلاق ٿيڻ تي مڙس طرفان خرچو الڳ ملي ٿو ته سرڪار طرفان طلاق الائونس الڳ. ان کان علاوه طلاق ٿئي يا نه هر ٻار لاءِ هر مهيني سرڪار طرفان تمام گهڻو سوشل خرچو ملي ٿو جيسين اهو ٻار 18 سالن جو ٿئي. انهن ملڪن لاءِ اهو به لکيو اٿم ته اتي جي عورتن کي بنهه پرواهه نٿي ٿئي. دنيا ۾ طلاقن جو سڀ کان وڏو تعداد هنن ملڪن ۾ آهي. هنن ملڪن ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي بنا شاديءَ جي به گڏ رهڻ ۽ ٻار پيدا ڪرڻ جي اجازت آهي. هونءَ به سڄو خرچ پکو، گهر، کاڌي خوراڪ، ميڊيڪل، تعليم کان بي روزگاري، طلاق وغيره جو الائونس، ويندي ڪفن دفن جو خرچ پکو ۽ بندوبست سرڪار ڪري ٿي.
پڙهندڙ اهوئي پڇندا آهن ته پوءِ اهڙن ملڪن ۾ اهڙا عشق جا داستان ته نه ٿيندا هوندا جهڙا اسان وٽ سسئي پنهون، ليلا مجنون، سهڻي ميهار جهڙا عام آهن جن ۾ هڪ غريب ۽ امير جو به عشق ٿيو وڃي. واقعي ڳالهه ته صحيح آهي. انهن ملڪن ۾ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري آزاد آهن جنهن کي جنهن سان وڻي ٿو وقت گذاري ٿو. دل ڀرجڻ تي هڪ کي ڇڏي ٻئي وٽ هليو وڃي... اتي ڪٿان آيو ڪنهن غريب ۽ امير جي وچ ۾ معاشقو. پر نه. ائين به ناهي. ان سلسلي جو اهو قصو لکڻ ٿو چاهيان جنهن ۾ سئيڊن جي شاهي خاندان جي هڪ امير ڇوڪِريءَ ائن چارلوٽ (سڄو نالو: Charlotte Von Schedvin) ۽ انڊيا جي مٿئين غريب شودر ڇوڪري مهاننديا (سڄو نالو: Pradumna Kumar Mahanandia) جي وچ ۾ ٿيو ۽ اهو ملڪ جتي ڪنهن جي شادي ٻه ٽي سال ٿي هلي ته وڏي ڳالهه سمجهي ٿي وڃي اتي اڄ 45 سال گذرڻ بعد به هيءَ شادي قائم دائم آهي. هيءَ هڪ اهڙي محبت جي ڪهاڻي آهي جنهن جي انجام تائين پهچڻ جي پري پري تائين اميد نه هئي ڇو جو ڇوڪرو نه فقط ايشيا جو هو سو به انڊيا جو... پر انڊيا جو هڪ اڇوت، بيحد غريب ۽ فٽپاٿي آرٽسٽ هو جنهن انهن ڏينهن ۾ يعني 1977ع ڌاري ڏهين روپئي ۾ پورٽريٽ ٺاهي پيٽ گذر ڪيو ٿي.
مهاننديا جيڪو اڄڪلهه عام طرح “ڊاڪٽر پي ڪي مهاننديا” سڏجي ٿو مون کان پنج سال کن ننڍو آهي شروع کان 1977ع کان سئيڊن جي شهر گوتن برگ ۾ رهي ٿو جتي ڪجهه سالن کان اسان جي ٽنڊوقيصر جي دوست رئيس نور احمد نظاماڻي جو انجنيئر ڏوهٽو عبدالرحيم نظاماڻي ۽ هن جي گهرواري ڊاڪٽر آمنه به رهن ٿا. منهنجو جهاز ذريعي هن بندرگاهه گوتن برگ ۾ مهاننديا جي اچڻ کان به ڪجهه سال اڳ کان اچڻ شروع ٿيو هو. سئيڊن جو مالمو بندرگاهه، جتان جي يونيورسٽيءَ مان مون تعليم حاصل ڪئي اهو به گوٿن برگ جي ائين ويجهو آهي جيئن ڪراچيءَ کان ڄامشورو! روزانو ڪيتريون ئي ريل گاڏيون اينديون وينديون رهن ٿيون.
ڊاڪٽر مهاننديا 1949ع ۾ انڊيا جي رياست اوڙيسا (جيڪا هاڻ اوڊيثا سڏجي ٿي ان جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب شودر ڪوريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو جيڪي اڄ به ڪپڙا اڻڻ کان مشهور آهن. مهاننديا ۽ اوڙيسا جي ماڻهن جي ٻولي اوديا سڏجي ٿي جيڪا هندي ۽ بنگاليءَ جو مڪسچر لڳي ٿي. مون کان اگر ڪو پڇي ته اوڙيسا رياست ڪٿي آهي ته بنا نقشي جي هن کي آئون اهو چئي سگهندس ته جيئن ڪراچيءَ کان انڊيا جو مغربي ڪنارو ڏئي سريلنڪا وڃڻ وقت سنڌ بعد انڊيا جون ڪناري واريون رياستون ڪڇ گجرات، مهاراشٽرا، گوا، ڪرناٽڪا ۽ ان بعد آخر ۾ ڪيرالا اچي ٿي ان بعد سريلنڪا جو ٻيٽ آهي. اهڙي طرح چٽگانگ (بنگلاديش) کان جهاز کي سريلنڪا وٺي اچڻ لاءِ انڊيا جو مشرقي ڪنارو ڏئي اسان کي اچڻ مهل پهرين مغربي بنگال رياست پار ڪرڻي پوي ٿي جنهن جا ڪولڪتا ۽ هالديا مشهور بندرگاهه آهن. ان بعد هي اوڙيسا رياست شروع ٿئي ٿي جنهن جو پراديپ مشهور بندرگاهه آهي. اوڙيسا بعد انڊيا جي انڌرا پرديش رياست شروع ٿئي ٿي ۽ آخر ۾ پوڇڙ تي تامل ناڊو آهي جنهن جو بندرگاهه چينائي اڳ ۾ مدراس سڏيو ويو ٿي. مهاننديا پنهنجي رياست اوڙيسا جي اسڪول مان بنيادي تعليم حاصل ڪئي ان بعد هن کي اتي جي آرٽس اسڪول ۾ داخلا ملي وئي پر غربت ڪري هو في نه ڀري سگهيو ۽ اسڪول ڇڏڻو پيس. بعد ۾ آرٽ جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ هن دهليءَ جي آرٽ ڪاليج ۾ 1971ع ۾ داخلا ورتي.
اهڙا آرٽسٽ جن کي ڪو اڳيان ڪرڻ وارو نه هوندو آهي اهي اڪثر گمناميءَ جي طوفانن ۾ لڙهي ويندا آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙن خاموش ۽ اڻ ڄاڻ فنڪارن کي قدرت طرفان ڪو اهڙو موقعو ملي ويندو آهي جو هو فرش تان عرش تي پهچي ويندا آهن. دهلي ڪاليج آف آرٽ ۾ مهاننديا جي قسمت جو ستارو ان ڏينهن چمڪي پيو جڏهن ان وقت جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ جو هن ڪاليج ۾ دورو ٿيو ۽ مهاننديا پاڻوٽ اندرا جو اڳواٽ ٺهيل پورٽريٽ، ڪڍي اندرا کي گفٽ ڪيو. اندرا جي تعريف تي مهاننديا ۽ هن جي اسڪول جي واهه واهه ٿي وئي. ان بعد مهاننديا دهلي سرڪار کان موڪل گهري ته هن کي ڪناٽ پليس وٽ ٺهيل ڦوهاري Holy Foundation وٽ ويهي پنهنجي آرٽس جو مظاهرو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. دهلي جو ڪناٽ پليس شهر جو هڪ خوبصورت مرڪز آهي جنهن تي تفصيل سان پنهنجي انڊيا جي سفرنامي “واٽ ويندي” ۾ گهڻو ڪجهه لکي چڪو آهيان. ڪناٽ پليس اها جاءِ آهي جتان هر اهو سياح جيڪو دهلي اچي ٿو ضرور لنگهي ٿو. هي علائقو سئنيما هالن، ڊپارٽمينٽ اسٽورن، انڊين ريسٽورنٽن کان مشهور آهي. هتي جنترمنتر آبزروئٽري، سک گردوارو بنگلا صاحب ۽ اعليٰ پئماني جون هوٽلون آهن. هِتان هُتان کان ڪيترائي رستا هتي اچي ٿا ملن ۽ راجيو ميٽرو اسٽيشن به هتي آهي. ان کان علاوه دهليءَ جو مشهور هنومان مندر ۽ پالڪا بازار به هتي آهن... مطلب ته هتي ڏينهن رات ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن جي پيهه پيهان لڳي رهي ٿي. هيءَ اها جاءِ آهي جتي 17 ڊسمبر 1975ع تي سئيڊن جي شهزادي ڇوڪري ائن چارلوٽ وان شيدون جي فٽ پاٿ آرٽسٽ مهاننديا سان ملاقات ٿي. چارلوٽ انهن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ پڙهي رهي هئي ۽ موڪلن ۾ هن انڊيا گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو هو، جنهن لاءِ هن هڪ وئن هٿ ڪري خشڪي رستي سفر شروع ڪيو. رستي تي هوءَ فرانس، اٽلي، يونان، ترڪي ۽ ايران، افغانستان جو سير ڪندي 22 ڏينهن بعد انڊيا پهتي. انڊيا ۾ دهليءَ جا چڪر هڻندي هوءَ ڪناٽ پليس به اچي پهتي. هن دنيا جي ان وقت جي مشهور شخصيت روسي عورت وئلنٽينا (سڄو نالو:Valentina Tereshkova) بابت ته اڳواٽ ٻڌو هو ته سال ڏيڍ اڳ اندرا گانڌيءَ جي دعوت تي جڏهن هوءَ انڊيا آئي هئي ته هن ڪناٽ پليس جي هڪ فوٽ پاٿي آرٽسٽ کان ڪيترائي پورٽريٽ ٺهرايا هئا. وئلينٽينا جون نه فقط اهي تصويرون مشهور ٿيون هيون پر انهن تصويرن مهاننديا کي به ناميارو بڻائي ڇڏيو هو. سئيڊن جي دوشيزه چارلوٽ کي به ڪناٽ پليس پهچي اهو آرٽسٽ ياد اچي ويو ۽ پڇائيندي پڇائيندي هن وٽان اچي نڪتي. ظاهر آهي، جنهن آرٽسٽ ملڪ جي وزيراعظم اندرا گانڌي ۽ دنيا جي پهرين خلاباز ائسٽروناٽ وئلنٽينا جهڙين اهم شخصيتن جي تصوير ٺاهي هجي ان کان هن حسين سئيڊش ڇوڪري چارلوٽ به تصوير ڪڍرائڻ چاهي ٿي.
وقت سان گڏ ۽ اڄڪلهه خلا ۾ راڪيٽن جو وڃڻ اهم نه هجڻ ڪري اڄ جا نوجوان وئلينٽينِا، يُول گاگارين، نيل آرم اسٽرانگ ۽ الان شيپرڊ جهڙن کي وساري چڪا آهن نه ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ خلا ۽ چنڊ ڏي ويندڙ راڪيٽن ۽ انهن ۾ سوار ماڻهن بابت خبرن سڀ کان وڌيڪ تجسس رکيو ٿي. اسان 1960ع ۾ مئٽرڪ ۾ هئاسين ته ٻڌوسسين ته آمريڪا هڪ اهڙو هوائي جهاز (راڪيٽ) ٺاهي رهي آهي جيڪو دنيا جي ڪشش مان ٻاهر نڪري خلا ۾ ڌرتيءَ جي چوڌاري چڪر هڻندو ۽ چنڊ تي به پهچي سگهي ٿو. اسان لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي. اسان وٽ ته ملان مولوي اهو به چوڻ لڳا ته اهي ڪفر جون ڳالهيون ۽ ڪم آهن، جيڪو اهڙي ڪوشش ڪندو اهو سڙي ٻري ويندو. پوءِ ٻئي سال 1961ع ۾ دنيا ڏٺو ته آمريڪن ائسٽروناٽ الان شيپرڊ راڪيٽ ۾ خلا جو چڪر هڻي آيو. ان ئي سال بعد ۾ روس جي ائسٽروناٽ يول گاگارين روسي راڪيٽ ووستڪ ۾ خلا جو سير ڪيو. راڪيٽ ڇا آهي، ڪهڙي رفتار سان هلي ٿو، خلا مان ڌرتي ڪيئن ٿي لڳي... ان قسم جون ڳالهيون معلوم ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ اسان جهڙا نوجوان بي تاب هئا. هر هڪ جي زبان تي شيپرڊ ۽ گاگارين جهڙا نالا هئا ته مڙس مٿير آهن، ڇا ته ڪاريگر پائليٽ آهن. وڏي دل گردي جا مالڪ آهن. اڃان اسان اهي پئي ڳالهيون ڪيون ته روس وارن 1963ع ۾ پنهنجي ووسٽڪ راڪيٽ نمبر 6 ۾ کڻي وئلينٽينا نالي عورت کي موڪليو.سندس ڪامياب سفر ۽ سلامت واپسي تي واهه واهه ٿي وئي. هر هڪ وئلينٽينا جون ٻڌايل ڳالهييون ۽ انٽرويو شوق سان ٿي پڙهيون ته روس آمريڪا کي ملهه ماري ويو جو وئلينٽينا نه فقط دنيا جي پهرين عورت قرار ڏني وئي پر ننڍي عمر جي پڻ، جنهن اڪيلي سر 16 جون 1963ع تي اڪيلي سر راڪيٽ ۾ سوار ٿي دنيا جي چوڌاري 48 چڪر هنيا جنهن ۾ هن کي ٽي ڏينهن لڳي ويا. انهن ڏينهن ۾ دنيا جي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ جي فلمي اداڪارن، سياستدانن ۽ ڳائڻين کان به وڌيڪ روس جي هيءَ ڇوڪري وئلينٽينا ٿي لڳي. سندس هر ڳالهه جي ماڻهن واهه واهه ڪئي ٿي. ايتري قدر جو هن کان اڳ گاگارين جڏهن خلا جي سفر ۾ وڃي رهيو هو ته هن بس مان لهي (جنهن ۾ هن کي راڪيٽ لانچنگ پئڊ تائين آندو)، راڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پتلون جي زپ کولي بس جي ويل (ڦيٿي) تي پيشاب ڪيو. شايد انهن ڏينهن ۾ اڄ وارو “خلائي سوٽ” ايجاد نه ٿيو هو جيڪو “اي ايم يو” سڏجي ٿو يعني (Extravehicular Mobility Suit). روس جي ان پهرين خلاباز گاگارين جي اها روايت قائم رکڻ لاءِ وئلينٽينا به بس مان لهي راڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ان بس جي ڦيٿي تي پيشاب ڪيو. هڪ عورت ٿي ڪري هن اهو ڪم ڪيئن سرانجام ڏنو اهو ريسرچ ڪرڻ وارا ئي ٻڌائيسگهن ٿا. باقي ان کانپوءِ سگهو ئي اهڙا ته ماڊرن خلائي سوٽ ايجاد ڪيا ويا جيڪي پهرڻ بعد خلا باز کڻي راڪيٽ ۾ هجي، خلا ۾ واڪ ڪري يا چنڊ تي، هو ان ۾ ئي هَنگي مُٽي سگهي ٿو. هي خلائي سوٽ جيڪو EMU سڏجي ٿو اڄ جي سائنس ۽ ٽيڪنيڪل ايجاد جو وڏو ڪارنامو آهي. جنهن ۾ هنگڻ مٽڻ لاءِ هڪ وڏو چهندڙ (Absorbent) قسم جو ڊائپر ٿئي ٿو جيڪو Maximum Absorption Garment يعني (MAG) سڏجي ٿو جنهن ۾ خلاباز جو پيشاب ڪاڪوس گڏ ٿيندو رهي ٿو. خلا مان موٽڻ بعد خلا باز جڏهن نارمل ڪپڙا اوڍي ٿو ته هو پهرينMAG کي ڪڍي ڦٽو ڪري ٿو. خلا بازن جي هن سوٽ EMU ۾ کاڌي پيتي، ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن ۽ ٻين ڪيترن ئي شين جو بندوبست پڻ رهي ٿو ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته هي دنيا جي مهانگي ترين سوٽن مان سمجهيو وڃي ٿو جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 12 ملين ڊالر آهي. يعني 150 روپئي جي حساب سان ڊالر ٻڌجي ته به اٽڪل ٻه ارب روپيا ٿا ٿين! بهرحال وئلنيٽينا جي هر ڳالهه دنيا جي ماڻهن وڏي شوق سان ٻڌي ۽ پڙهي ٿي. پاڻ 1937ع ۾ روس ۾ ڄائي. 1963ع ۾ خلائي سفر بعد هن جي روس جي هڪ خلاباز ائنڊريان نڪولا وييو سان شادي ٿي جيڪا ڇڪي تاڻي 1977ع تائين هلي. ان بعد وئلينٽينا جي شادي تولي (سڄو نالو: Tuli Shaposshnikov) نالي هڪ روسي سرجن سان ٿي.
وئلينٽينا پهرين خلاباز عورت هجڻ ڪري هن جي سڄي دنيا ۾ وڏي ناموس ٿي وئي ۽ هڪ ٻئي پويان ڪيترائي ملڪ هن کي پنهنجي ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ دعوت ڏيڻ لڳا. انهن ئي دعوتن جي سلسلي ۾ وئلينٽينا دهليءَ ۾ اندرا گانڌيءَ وٽ آئي جتي ڪناٽ پليس جو چڪر هڻندي هن جي مهاننديا آرٽسٽ سان ملاقات ٿي جنهن هن کي سندس پورٽريٽ ٺاهڻ جي آڇ ڪئي. وئلينٽينا مسڪرائي آڇ قبول ڪئي.”انڊو سوويٽ سوسائٽيءَ” ٻنهي کي پنهنجي ڪلب ۾ گهرائي وئلينٽينا جا ڏه پورٽريٽ ٺهرايا جيڪي ٽي ويءَ تي به ڏيکاريا ويا ۽ بقول مهاننديا جي هو رات اندر سڄي دهليءَ ۾ مشهور ٿي ويو.
سئيڊن جي دوشيزه چارلوٽ به وئلينٽينا ۽ اندر اگانڌيءَ جي تصويرن جو ٻڌي اهو شوق اندر ۾ رکي مهاننديا وٽ پهتي ته هن کان هوءَ به پنهنجو پورٽريٽ ٺهرائي. بس هو ڇا چوندا آهن ته قدرت طرفان ائين لکيل هو جو تصوير ٺاهڻ دوران مهاننديا جهڙو غريب جو ٻارهن جي سونهن ۾ مَنڊجي ويو ۽ ساڳي وقت سئيڊن جي گوري چارلوٽ هن انڊين شودر آرٽسٽ جي سادگيءَ مان متاثر ٿي وئي. مهاننديا پنهنجي ڪٿا ۾ ٻڌائي ٿو ته اسان وٽ اهو رواج هو ته نئين ٻار ڄمڻ تي نجومي (Astrologer) کي گهرايو ويو ٿي جنهن اڳڪٿي ڪري منهنجن وڏن کي ٻڌايو ته هن ننيگر جي شادي ائين نه ٿيندي جيئن انڊيا ۾ اڪثر Arranged طريقي سان ٿئي ٿي. جوتشيءَ منهنجي ماءُ پيءُ کي اهو به ٻڌايو ته هن جي زال هڪ ڏوراهين ڏيهه جي هوندي جنهن جو سَيارو Zodiac Sign برج ثور (Taurus) هوندو. ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته اها ڇوڪِري امير هوندي ۽ ڪنهن جهنگل يا ٻيلي جي مالڪ هوندي. هن جي ميوزڪ سان به دلچسپي هوندي ۽ بانسري (Flute) وڄائڻ ۾ ماهر هوندي. منهنجي لاءِ مائٽن کي اهو ٻڌايو ويو ته هي وڏو ٿي رنگن جو ڪم ڪندو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مون کي ننڍي هوندي کان ڊرائنگ جو شوق ٿيو ۽ اڳتي هلي دهليءَ ۾ فٽ پاٿ تي اچي ويٺس جنهن دوران مون روسي خلاباز خاتون جون ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍيون. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي سياح مرد ۽ عورتون ڏهه روپيا ڏئي مون کان تصوير ٺهرائڻ لڳا. انهن ۾ اهم چارلوٽ وان شيدون چئي سگهو ٿا”. مهاننديا وڌيڪ ٻڌايو ته هن کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته اهو سال 1975ع جو 17 ڊسمبر جو ڏينهن هو جو هڪ ڊگهن ڀورن (blonde) وارن ۽ نيرين اکين واري سهڻي ڇوڪري هن ڏي آئي. “اهو شام جو ٽاڻو هو. هوءَ اچي منهنجي تصويرن ٺاهڻ واري بورڊ (Easel) اڳيان رکيل اسٽول تي ويهي رهي. يعني هن پنهنجي تصوير (Portrait) ٿي ٺهرائڻ چاهيو. مون کي ائين لڳو ڄڻ منهنجو وجود نه رهيو هجي. مون وٽ لفظ نه آهن جن سان آئون ان وقت جو احساس بيان ڪري سگهان. هن جون اکيون وڏيون، نيريون ۽ گول هيون ۽ هن مون ڏي نهاريو ته مون کي ائين لڳو ته ڄڻ هوءَ مون کي نه ڏسي رهي هئي پر هوءَ منهنجي اندر ۾ جهاتي پائي رهي هئي... ايڪس ري مشين وانگر! مون پڪو پهه ڪيو ته هن ڇوڪريءَ جي تصوير دل لڳائي اهڙي سٺي ٺاهيندس جهڙي هوءَ سهڻي آهي. پر پهرين ڪوشش ۾ آئون هن سان انصاف ڪري نه سگهيس. آئون بيحد نروس محسوس ڪري رهيو هوس، منهنجا هٿ ڏڪي رهيا هئا. سو مون هن کي چيو: “ڇا تولاءِ اهو ممڪن آهي ته تون سڀاڻي هڪ دفعو وري اچ؟”.
“هوءَ نه فقط ٻيو دفعو پر ٽيون دفعو به آئي ۽ مون سندس جملي ٽي چتر (Portraits) ٺاهيا. مون هر تصوير بعد هن کان پنهنجي في مطابق ڏهه روپيه اجورو گهريو پر هن 20 روپيا ڏنا ٿي. مون چيومانس، “نه! توکي منهنجي مقرر في کان وڌيڪ نه ڏيڻ کپي ڇو جو تون تمام سهڻي آهين ۽ مون کي تو جهڙين حسين عورتن کان ڊبل پئسا نه وٺڻ کپن. ها انهن مردن کان ضرور وٺجن جيڪي گنجي مٿي وارا آهن”. هو کلڻ لڳو.
اهو پڇڻ تي ته “ڇا هن ڇوڪريءَ کي ڏسي ڪٿي هن کي ننڍپڻ ۾ ٻڌايل جوتشيءَ جي پيشنگوئي ته ڌيان ۾ نه آئي؟”
“ها! ٻئي دفعي بعد مون کي اها ڳالهه ڌيان ۾ ضرور آئي ته ٿي سگهي ٿو هيءَ اها ڇوڪري هجي جنهن بابت منهنجي ڄم تي ڳوٺ جي نجوميءَ منهنجي والدين کي ٻڌايو هو. هوءَ واقعي هڪ ڏورانهين ڏيهه جي هئي. مون هن کان پڇيو ته هن جو واسطو ڪهڙي سَياري سان آهي؟“(Taurus) هن وراڻيو. نجوميءَ به اهوئي چيو هو ته ان ڏوراهين ڏيهه جي ڇوڪريءَ جو سيارو برج ثور يعني Taurus هوندو. ان بعد مهاننديا هن سئيڊش ڇوڪريءَ کان پڇيو: “ڇا تون ڪنهن جهنگل جي مالڪياڻي آهين؟”.
“جي ها. آئون هڪ ٻيلي جي مالڪياڻي آهيان”. سئيڊش ڇوڪري چارلوٽ ٻڌايو.
“ڇا تون بِينَ يا بانسري وڄائي سگهين ٿي؟”
“هائو. مون کي Flute (بانسري) ۽ پيانو وڄائڻ اچي ٿو”.
“اهو ٻڌي”، مهاننديا چيو، “آئون حيران ٿي ويس. مون ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ هن کي چيوته ان جو مطلب اهو ٿيو ته پنهنجي ملڻ جو فيصلو ڪڏهوڪو آسمانن تي ٿي چڪو هو”.
اهو ٻڌي چارلوٽ وائڙي ٿي وئي. هن کي پهرين ته ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هي فوٽ پاٿي آرٽسٽ ڪهڙو فلسفو ٻڌائي رهيو آهي. هوءَ منهنجو هٿ جهلي آسمان ڏي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ چيو: “آسمان تي ڪهڙو فيصلو ٿيو آهي؟” مهاننديا اهو ئي وراڻيس ته “پنهنجي تقدير ۾ هڪ ڏينهن ملڻ لکيل هو. ان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون شيون رونما ٿيڻ واريون آهن”.
“اهو سڀ ڪجهه تون ڪيئن ٿو چوين؟” چارلوٽ چيو.
“جيڪڏهن توکي يقين نٿو اچي”، مهاننديا وراڻيس، “ته آئون توکي پنهنجو زائچو يعني ڪنڊلي (Horoscope) پيش ڪري سگهان ٿو جنهن مطابق تون منهنجي زال ٿيندينءَ”.
بهرحال اهو مهاننديا جو عقيدو هو. اڄ به انڊيا ۾، خاص ڪري هندو ٻار ڄمڻ تي جوتشيءَ کان زائچو (ڪنڊلي) ڪڍرائين ٿا جنهن تي ڪيترا تمام گهڻو يقين رکن ٿا جنهن تي اسين يا چارلوٽ جهڙا يورپي ماڻهو ڪٿي ٿا يقين رکون. چارلوٽ کان جڏهن هن جي طرف جي ڪهاڻي پڇي وئي ته هن ٻڌايو ته هن کي ننڍپڻ کان انڊيا گهمڻ جو شوق هو. “جڏهن آئون يارهن سالن جي هيس ته اسان جي هڪ ٽيچر اسان کي انڊيا بابت هڪ بلئڪ ۽ وائيٽ فلم ڏيکاري هئي جنهن ۾ هاٿيءَ وارو ڇوڪرو به هو. ان بعد جڏهن آئون لنڊن ۾ پڙهي رهي هيس ته منهنجي ڪيترن انڊين سان ملاقات ٿي ۽ انڊيا جي ڪلچر ۽ ثقافت جي خبر پيئي. اتي جي البرٽ هال ۾ روي شنڪر جو پروگرام ۽ اتفاق سان مهاننديا جي رياست اوڙيسا جي ڊانس به ڏٺم ۽ بيحد پسند ڪيم. اڳتي هلي اسان چئن ڇوڪرين هڪ واڪس وئگن ڪمپني جي وئن هٿ ڪئي ۽ لنڊن کان منزلون ڪندا اچي انڊيا جي شهر دهليءَ ۾ ڇوڙ ڪيوسين. دهلي شهر جا چڪر هڻندا ڪناٽ پليس ۾ پهتاسين ته شام ٿي وئي. شام جي ڌنڌلڪي ۾ هڪ گهنڊي وارن واري ڇوڪري کي ڏٺم ته پورٽريٽ ٺاهي رهيو هو. آئون يڪدم هن وٽس آيس ۽ پڇيومانس ته “منهنجي شبيهه جو چتر ٺاهي ڏيندين؟” هن جي ڳالهائڻ ۾ مٺاس ۽ پنهنجا ئي هئي، رنگ سو ڪارو هوس پر منهن تي مرڪ ۽ موتين جهڙا سفيد ڏند هيس”.
“توکي هن ٽي دفعا گهرايو ۽ ٽئين دفعي جڏهن تون هن وٽ فوٽو لاءِ ويٺئينءَ ته هن توکي چيو ته قسمت ۾ پنهنجي شادي لکيل آهي. اهو ٻڌي تو به پڪ سوچيو هوندو ته هي آرٽسٽ پاڳل ڪو آهي؟”.
“نه. مون هن کي ٿڌو ڪيو ۽ شاديءَ جي ڳالهه جي ورندي نه ڏنيمانس. مون هن سان گڏ هن جي ڳوٺ هلڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو. اتي منهنجي ملاقات هن جي پيءُ، ڀائرن ۽ ڀينرن سان ٿي. مون کي اهي پسند آيا ۽ آئون هنن کي وڻي ويس. مون کي ائين لڳو ڄڻ عرصي بعد پنهنجي گهر موٽي هجان. جيڪڏهن توهان ٻي جنم ۾ يقين رکو ٿا- گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته آهي، ان ڪري مون کي ائين لڳو ڄڻ آئون انڊيا ۾ پهرين به اچي چڪي هجان. مهاننديا جو تعلق انڊيا جي هيٺاهين ۽ نيچ سمجهي ويندڙ ذات دلت سان آهي. هنن جي ڪڙم قبيلي موجب اسان جي شاديءَ جون رسمون ادا ڪيون ويون...”
مهاننديا وڌيڪ ٻڌايو ته سندس سئيڊش ڪنوار هنن سان گڏ انڊيا ۾ ٽي هفتا کن هئي ان بعد هوءَ سئيڊن رواني ٿي وئي. “هن مون کي به ساڻ گڏ هلڻ لاءِ چيو پر مون چيومانس ته آئون اتي پهچڻ جو بندوبست پاڻ ئي ڪندس. اهڙي طرح اسان ڏيڍ سال کن هڪ ٻئي کان جدا رهياسين. اسان لاءِ فقط خط لکڻ اڌ ملاقات رهي. آخر مون پنهنجي محبوبا چارلوٽ سان ملڻ لاءِ سئيڊن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. غريب هجڻ ڪري آئون باءِ ايئر وڃي نٿي سگهيس. گهر ۾ جيڪو انڌو منڊوٽپڙ هو، اهو وڪڻي مون هڪ سائيڪل خريد ڪئي ۽ سئيڊن وڃڻ جو سفر شروع ڪيو. مون فقط سائيڪل جي سواري نه ڪئي. ڪٿي ڪٿي ڪنهن ٽرڪ واري به لفٽ ڏني ٿي. مون وٽ سمهڻ لاءِ Sleeping Bag به هئي ۽ کلئي آسمان هيٺان رات گذاريم ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مون کي پنهنجي گهر ۾ به ٽڪايو ٿي ۽ کاڌو کارايو ٿي جنهن جي بدلي ۾ مون هن کي تصوير ٺاهي ڏني ٿي. مون وٽ 80 ڊالر ڪئش به هئي جيڪي بيلٽ ۾ لڪائي رکيا هئم جن کي هٿ نٿي لڳائڻ چاهيم.
رستي تي افغانستان، ترڪي وغيره مان لنگهندي مون کي ڪابل، قنڌار ۽ استنبول ۾ چارلوٽ جا خط به مليا جن منهنجي همٿ افزائي ڪئي. اهي بهتر ڏينهن هئا ۽ ان 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ويزا ۽ پاسپورٽ جي اهڙي سختي نه هئي جهڙي اڄڪلهه آهي. ان هوندي به جيڪڏهن ڪنهن کي پڪو عزم آهي ته هن لاءِ ڪا رڪاوٽ ناهي. باقي دل کوٽي ته عذر گهڻا. منهنجي دل ۾ چارلوٽ لاءِ پيار مون کي هن سفر جي تڪليف محسوس ڪرڻ نٿي ڏني. رستي تي ملندڙ هن جي خطن مون کي احساس ٿي ڏياريو ته هوءَ به مون کي چاهي ٿي نه ته شڪ ۽ خوف انسان جا ٻه بدترين دشمن ٿين ٿا ۽ اهي اسان جي زندگي مشڪل ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.
انڊيا جي غريب فٽ پاٿي دلت (اڇوت) آرٽسٽ مهاننديا ۽ سئيڊن جي امير ۽ اعليٰ خاندان جي حسين دوشيزه چارلوٽ جي ڪامياب شاديءَ کي اڄ 45 سال ٿي چڪا آهن. مهاننديا کان جڏهن ان ڪامياب زندگيءَ جو راز پڇيو ويو ته هن وراڻيو: “جي ها. هڪ راز آهي ۽ اهو راز اهو آهي ته ڪو راز ناهي. شادي نه فقط انسانن جي جسمن جو ميلاپ آهي پر روحن جو پڻ. هڪ ٻئي جي عزت ۽ هڪ ٻئي کي مانُ ڏيڻ سان به پيار ۾ واڌارو اچي ٿو”.
مهاننديا وارا شروع کان چارلوٽ جي ڳوٺ بوراس (Boras) ۾ رهن ٿا. بوراس گوٿن برگ جي ڀرسان آهي. بوراس ڪپڙي جي ڪارخانن کان مشهور آهي ۽ ان کي هڪ ننڍڙو ڳوٺ يا ٽائون چئي سگهون ٿا جنهن جي آدم شماري هڪ لک مس آهي سا به اڄڪلهه، نه ته 1970ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن منهنجو پهريون دفعو هن شهر ۾ اچڻ ٿيو ٿي يا گوٿن برگ کان ڪالمار ٽرين ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته رستي تي هيءَ بوراس اسٽيشن آئي ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ هن شهر جي اڄ کان اڌ جيتري آدمشماري مس هئي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن مهاننديا انڊيا کان سائيڪل ذريعي گوٿنبرگ پهتو هو جتان چارلوٽ هن کي پنهنجي ڳوٺ بوراس وٺي آئي هئي. خير آدمشماري ته اڄ به سڄي سئيڊن جي گهٽ آهي. سئيڊن جي گادي واري ۽ سڀ کان وڏي شهر اسٽاڪهوم جي آدم شماري 15 لک آهي يعني ڪراچيءَ جي ڏهين حصي کان به گهٽ ٿي. سئيڊن جو ٻيو نمبر وڏو شهر گوٿن برگ آهي. ان بعد مالمو ٽئي نمبر تي آهي جتان جي يونيورسٽيءَ مان مون تعليم حاصل ڪئي.مالمو جي آدمشماري 3 لک آهي ۽ چوٿين نمبر تي وڏو شهر اُپسالا آهي جيڪو تمام گهڻو اتر ۾ هجڻ ۽ گهڻي ٿڌ ڪري ان ۾ ڏيڍ لک ماڻهو رهن ٿا پر اتي به اعليٰ قسم جا تعليمي ادارا هجڻ ڪري اسان جي ملڪ جا ڪافي شاگرد نظر اچن ٿا. اسانجا جهاز اسٽاڪهوم، گوٿن برگ ۽ مالمو جي بندرگاهن ۾ تمام گهڻو وڃن ٿا. مهاننديا وارا جنهن ڳوٺ بوراس ۾ رهن ٿا اهو گوٿن برگ کان 60 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي مس آهي. يعني حيدرآباد کان هالا سمجهو. گوٿن برگ ۾ جهاز کي وٺي ايندا هئاسين ته بس ۾ بوراس ۽ آسپاس جي ٻين ڳوٺن ۾ چڪر هڻندا هئاسين. هينئر به منهنجي ڪنهن پڙهندڙ جو سئيڊن جي شهر گوٿن برگ وڃڻ ٿئي ته هو مهاننديا ۽ چارلوٽ وارن سان ملي سگهي ٿو. هونءَ به بوراس جهڙي ڳوٺ ۾ اسان جهڙا ڪارا ماڻهو- ايشين- آهن ئي ڪيترا! شهر ۾ ڦرندي گرندي توهان کي گهنڊي وارن وارو،توهان جي رنگ ۽ نڪ نقشن وارو مهاننديا ملي ويندو. هنن کي ٻه ٻار آهن: سڌارٿ ۽ ايملي. اهي به اتي ئي رهن ٿا.
مهاننديا سئيڊن ۾ هڪ مشهور آرٽسٽ آهي ۽ سئيڊن حڪومت جي آرٽ ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ صلاحڪار جي حيثيت ۾ ڪم ڪري ٿو. هن جي تصويرن جي نمائش دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ٿي چڪي آهي. 2012ع ۾ هن کي انڊيا جي رياست اوڙيسيا جي “اُتڪل يونيورسٽي آف ڪلچر” طرفان آنري ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري به ملي چڪي آهي، ان ڪري هو “ڊاڪٽر پي ڪي مهاننديا” سڏيو وڃي ٿو ۽ سندس سئيڊش زال Charlotte هندي نالي چارولتا (Charulata) نالي سان مشهور آهي. سندن عشق محبت تي انڊيا جي فلمي پروڊيوسر سنجي ڀانشاليءَ Two Angels نالي فلم به ٺاهي آهي.

ٿائلينڊ ۾ خيال رکڻ جون ڳالهيون

چون ٿا ته دنيا جا سڀ کان گهڻا ٽوئرسٽ بئنڪاڪ اچن ٿا. اها به حقيقت آهي ته اسان جي ملڪ جا به سڀ کان گهڻا بئنڪاڪ پهچن ٿا. گهمڻ کان علاوه تعليم لاءِ به اچن ٿا جو اتي ڪيترائي اعليٰ تعليمي درسگاهه آهن. بئنڪاڪ ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جي ڪيترن ماڻهن جو بزنيس سان به واسطو آهي پر نوڪريءَ ۾ نه برابر آهن جو ٿائلينڊ ۾ ايتري انگريزي نٿي هلي جيتري اسان وٽ يا ملائيشيا، سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ هلي ٿي. ٿائلينڊ ۾ سندن ٿائي زبان ايترو عام آهي جيتري ايران ۾فارسي. اهو آهي ته ٿائلينڊ جي ڪن يونيورسٽين ۾ فارينرن ڪري انگريزيءَ ۾ پڙهائي ٿئي ٿي.
سامونڊي نوڪري دوران 1968 کان مختلف جهاز بئنڪاڪ، سونگڪلا ۽ ٿائلينڊ جي ٻين بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻو پيو. ان بعد 1980 واري ڏهاڪي ۾، ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري دوران پڻ ٿائلينڊ جي مختلف شهرن ۾ شاپنگ يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ملائيشيا کان ٽرين، بس، ٽئڪسي يا هوائي جهاز ذريعي اچڻو پيو ٿي. اهڙي طرح ٿائلينڊ کي به ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر پنهنجين اکين آڏو ترقي ڪندو ڏٺم. هي ملڪ اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هئا. سندن اسپتالون، شپنگ ڪمپنيون، ايئرلائينون ۽ تعليمي ادارا اسان جي ماڻهن هلايا. ٿائلينڊ ته ملائيشيا ۽ سنگاپور کان به ويل ملڪ هو. ڪجهه نه هوس. پر اڄ ٿو ڏسجي ته “کيا سي کيا هوگيا هي” ۽ اسان جو ملڪ ڪٿي هو ۽ هاڻ ڪٿي وڃي پهتو آهي! بئنڪاڪ ۽ ٿائلينڊ جي ٻين شهرن ۾ رهڻ جي تجربي مان هتي ٿائلينڊ ۽ اتي جي ٿائي ماڻهن بابت ڪجهه ڳالهيون لکان ٿو جيڪي ٿي سگهي ٿو ته اسان جي انهن ماڻهن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿين جيڪي ٿائلينڊ ۾ تعليم يا بزنيس خاطر رهن ٿا يا ٿائلينڊ وڃڻ جو ارادو رکن ٿا.
ٿائلينڊ ڏٺو وڃي ته اسان جو پاڙيسري ئي ملڪ آهي. خاص ڪري انگريزن جي راڄ تائين ته، جڏهن اڃان انڊيا جو ورهاڱو نه ٿيو هو. بنگلاديش، انڊيا ۽ پاڪستان هڪ ئي ملڪ هندوستان هو ۽ اسان ڳائيندا وتياسين ٿي “ساري جهان سي اڇا هندوستان همارا“..... دنيا جي ماڻهن يورپين توڙي عربن اسان کي هندي ٿي سڏيو. وڌ ۾ وڌ سنڌ جي رهاڪن کي کڻي السنڌي ٿي سڏيو.... بهرحال فارسي ڳالهائڻ واري لاءِ سنڌي يا هندي ساڳي ڳالهه هئي جو هنن لاءِ س ۽ هه جو اچار ساڳيو هو جيئن اڄ به اسان مان ڪي ڦاهي اچارين ٿا ته ڪي ڦاسي. يا ڪي ساهه چون ٿا ته ڪي ساس، مشهور چوڻي آهي ته “ڪاسائيءَ کي ماس جي ٻڪريءَ کي ساس جي“.
سو انگريزن جي راڄ ۾ ته ڄڻ برما به ننڍي کنڊ سان مليو پيو هو جو ان تي به انگريزن جو راڄ هو. شروع جي ڏينهن ۾ نه پڪا رستا هئا نه موٽر ڪارون نه ريل گاڏيون. سواري خچرن، گهوڙن، گڏهن ۽ ڏاند گاڏين تي ٿيندي هئي جن تي عوام توڙي مغل بادشاهه يا انگريز ڪامورا ٺٽي کان لاهور، پشاور کان ڪلڪتي، ميرپورخاص کان احمدآباد بڙودي، الهه آباد کان ڍاڪا چٽگانگ پئي آيا ويا ۽ ان کان اڳيان رنگون، منڊالي وغيره. 1857 واري هنگامي ۽ مارمارا بعد انگريزن جي اهڙي سوڀ ۽ مضبوط حڪومت ٿي جو هنن ان وقت جي مغل شهنشاهه بهادر شاهه ظفر کي ڪلڪتي تائين ڏاند گاڏيءَ ۾ ۽ ان بعد آگبوٽ ۾ رنگون ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. سندس ٻين عزيزن کي ته آگري ۽ دهليءَ کان گڏهه گاڏين ۾ چاڙهيائون ته ٻن هفتن بعد رنگون اچي ٺڪاءَ ڪيائون.
برما کان پوءِ ٿائلينڊ (سيام) آهي ئي ڪيترو پري؟ برما (جيڪو هاڻ ميانمار ٿو سڏجي) ۽ ٿائلينڊ ائين مليا پيا آهن جيئن اسان جو صوبو بلوچستان ۽ ايران آهي. ٿائلينڊ جو ڏکڻ وارو حصو جتي ختم ٿئي ٿو اتان ملائيشيا شروع ٿئي ٿو ۽ ملائيشيا بعد سنگاپور جو ننڍڙو ٻيٽ آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور تي به انگريزن جي حڪومت رهي. ويندي مشرقي ملائيشيا (سباح ۽ سرواڪ) ۽ ڀرواري ملڪ برونائيءَ تي به انگريزن جي حڪومت رهي. اوسي پاسي جي ٻين ايشيائي ملڪن: انڊونيشيا، ڪمبوڊيا، ويٽنام، فلپين ويندي چين تي به ڊچن، فرينچن، هسپانين، يعني ڪنهن نه ڪنهن يورپي ملڪ جو راڄ رهيو. هڪڙو هي ٿائلينڊ ملڪ هو جيڪو غلاميءَ کان بچي ويو. جيتوڻيڪ ٿائلينڊ تي بادشاهي راڄ هو پر اهو مڃڻو پوندو ته ٿائلينڊ جا مقامي حاڪم (راجا) ملئي سلطانن، هندستان جي مغل حاڪمن، برونائي جي بادشاهن يا اسانجي سنڌ جي مير حڪمرانن کان وڌيڪ قابل ۽ سمجهدار چئبا جن ڊپلوميسي ۽ اٽڪلن سٽڪلن کان ڪم وٺي هڪ طرف يورپي قبضي خورن کي پري رکيو ۽ ٻئي طرف پنهنجي عوام جي به بهتري قائم رکندا آيا. هنن پاڙي جي ملڪن ۾ انگريزن جي راڄ مان سٺيون ڳالهيون سکي پنهنجي ملڪ ۾ اهي سٺائيون آنديون.... ٿائلينڊ ۾ اسڪول کوليا، عوام جي صحت بهتر بنائڻ لاءِ هنن مغربي طرز جا ميڊيڪل ادارا قائم ڪيا، روڊ رستا ۽ ريل گاڏيون ٺاهيون نه ته اسان وٽ يعني ٻين ايشيائي ملڪن جي حاڪمن جو سڄو زور پنهنجي عياشيءَ لاءِ محل محلاتون ٺهرائڻ تي هو ۽ وڏن جو نالو قائم رکڻ لاءِ هنن لاءِ مقبرا مزارون اڏڻ تي هو. انصاف، تعليم يا صحت جهڙين شين لاءِ عمارتون نه ٺهرايائون. اهي شيون سنڌ هند ۾ به انگريزن ئي قائم ڪيون.
هتي اهو به لکندو هلان ته ٿائلينڊ جي هڪ حصي تي فرينچن جو قبضو ضرور ٿيو هو. اهو آهي اوڀر ٿائلينڊ وارو حصو جنهن ۾ ٿائلينڊ جا ٻه ننڍڙا صوبا چانٿا بوري ۽ ٽراٽ (Chanthaburi & Trat) اچن ٿا جيڪي ڪمبوڊيا جي بارڊر تي آهن. 1895ع ۾ جيئن ئي فرينچن ٿائلينڊ جي انهن حصن تي قبضو ڪيو ته ٿائي بادشاهه فرينچ حڪومت کي ڳالهين ذريعي راضي ڪري هنن کان اهي واپس ورتا ۽ انهن جي بدلي ۾فرينچن کي ڪمبوڊيا جو مغربي حصو ڏنو جنهن تي ٿائلينڊ وارن جو قبضو هو.
بئنڪاڪ جي اسانجي ڪراچي جي کارادر، ميٺادر جهڙي پراڻي علائقي ۾ جيڪي تاريخي مغربي طرز جون عمارتون ڏسو ٿا اهي ٿائلينڊ جي شهنشاهه راما پنجين (Chulalongkorn) ان ڪوشش ۾ ٺهرايون جيئن ٿائلينڊ کي ماڊرن سمجهي يورپ جي ڪا سامراجي قوم ٿائلينڊ تي قبضو نه ڪري. هن انگريزن ۽ فرينچن سان مفاهمت جي پاليسي رکي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي غلاميءَ کان بچايو.
ٿائلينڊ جي مشهور يونيورسٽي “چولا لونگڪورن يونيورسٽي” جيڪا 1917 ۾ ٺهي ۽ ٿائلينڊ جي پهرين يونيورسٽي آهي اها هن بادشاهه نالي آهي. چولا لونگڪورن (بادشاهه راما پنجون) 1853ع ۾ ڄائو. يعني انگريزن جو سنڌ تي قبضو ٿيڻ بعد ڏهه سال رکي ڄائو ۽ 15 ورهين جي ڄمار ۾ 1868 ۾ بادشاهه ٿيو ۽ 1910 ۾ وفات تائين 42 سال حڪومت ڪيائين. هي ننڍڙو هو ته هن انگريز ٽيچر ائنا وٽ تعليم حاصل ڪئي. ائنا کي چولا لونگڪورن جي پيءُ راما چوٿينشهنشاهه مونگڪت (Mongkut) پنهنجن 39 زالن ۽ ڪنيزائن ۽ انهن مان پيدا ٿيل 82 ٻارن کي مغربي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ پنهنجي محل ۾ رکيو هو. ان تي هڪ ناول Anna & the king Siam آهي ۽ ڪيتريون ئي فلمون ۽ ٽي وي سيريل ٺهي چڪيون آهن. ائنا وٽ جن شهنشاهه راما چوٿين جي 82 ٻارن ٽيوشن ورتي انهن مان بادشاهه راما پنجون چولا لونگڪورن به هڪ هو. بهرحال ان بابت تفصيلي ڳالهيون آئون ٿائلينڊ واري سفرنامي “اي جرني ٽو ٿائلينڊ” ۾ لکي چڪو آهيان ٿائي بادشاهن سان گڏ آئون هندوستان جي رياست گجرات جي راجائن کي به ڪريڊٽ ڏيندس جن پڻ پنهنجي رياست ۾ تعليم کي فروغ ڏنو ۽ پنهنجن محلن کي به يونيورسٽي ۽ تعليمي ادارا بنائي ڇڏيا. ڪاش اسان وٽ به اهڙا حاڪم هجن ها ته سنڌ جو نقشو ئي ٻيو هجي ها. اسان وٽ ته عوامي حڪومتن ۾ به حاڪم پهرين جي ٺهيل اسڪولن کي پنهنجيون ذاتي اوطاقون ٺاهيون ڇڏين جتي شاگردن بدران وهٽ ٻڌل رهن ٿا. هو گجرات ۽ سيام (ٿائلينڊ) جي حاڪمن وانگر پنهنجي هڙون ڇا ڏيندا. شايد اهو سبب آهي جو ٿائلينڊ جو عوام پنهنجي بادشاهي ۽ شاهي خاندان جي دل سان عزت ڪن ٿا. ايتريقدر جو اخبار جو اهو ٽڪرو به پٽ تي نٿا اڇلائين جنهن تي بادشاهه جو فوٽو ڇپيل هجي.
ٿائلينڊ ۾ هڪ مهمان جي حيثيت ۾ توهان تي لازمي ٿو ٿئي ته ملڪ جي قانون ۽ مقامي ماڻهن جي جذبات جو خيال رکو ۽ ملڪ جي حاڪم ۽ شاهي خاندان جي بيعزتي نه ڪريو. ملڪ جي ڪرمنل ڪوڊ ۾ آرٽيڪل 12 آهي ته: (Whoever defames, insults or threatens the king, queen, the heir apparent or the regent, shall be punished with imprisonment of 3 to 15 years….)
هن جو مطلب آهي ته ملڪ جي شهنشاهه جي خلاف ڪا به ڳالهه ڪرڻي ناهي ۽ نه هن جي ڪنهن مجسمي (Statue) يا تصوير کي خراب يا چٻوسٻو ڪرڻو آهي. نه شاهي خاندان خلاف مضمون لکڻا آهن ٿائلينڊ ۾ ايندڙ هم وطنين کي منهنجو اهوئي چتاءُ آهي ته هو ان معاملي ۾ محتاط رهن. ڪيترا يورپي ٽوئرسٽ بي خياليءَ ۾ يا نشي جي حالت ۾ ان قسم جو ڏوهه ڪريو وجهن ۽ هر سال ڪيترن ٽوئرسٽن ۽ ٿائلينڊ ۾ تعليم وٺندڙ شاگردن کي جيل اچيو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٿائلينڊ جو شاهي خاندان نرم دل آهي. خاص ڪري گذريل بادشاهه، جيڪو ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي ان قسم جي سزا ۾ گهٽتائي ڪريو ڇڏي. پر اسان ڌارين کي کپي ته ملڪ جي قانون جي عزت ڪريون ٿائلينڊ واري سفرنامي ۾ هڪ يورپي سياح جو قصو لکي چڪو آهيان ته هن ٿائلينڊ جي نوٽ کي مروڙي سروڙي دڪاندارن کي اڇلائي ڏنو جنهن تي هن کي جيل اچي ويو جو هتي جي هر نوٽ تي بادشاهه سلامت جي تصوير آهي جيئن اسان وٽ قائداعظم محمد علي جناح جي آهي. يورپي ملڪن ۾ ائين ناهي. اتي آئون ڏسندو آهيان ته ماڻهو سمنڊ جي ڪناري تي به سئيڊن، ڊئنمارڪ يا انگلينڊ جي جهنڊن يا انهن جي بادشاهن ۽ راڻي ايلزبيٿ جي تصوير جا انڊرويئر به پايو پيا هلن. پر اسان وٽ ٿائلينڊ، ملائيشيا، سعودي عرب ويندي جپان جهڙن ايشيائي ملڪن ۾ هڪ ڌارئين کي خبردار رهڻ کپي.

ٻيڙين واريون مارڪيٽون

ٿائيلينڊ جو شهر بئنڪاڪ گهمڻ لاءِ هرسال لکين ٽوئرسٽ اچن ٿا جتي جوانن، پوڙهن کان ٻارن لاءِ ڪيتريون ئي تفريح، گهمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ کان ڏسڻ وائسڻ جون شيون آهن. مندر پگوڊائن کان مساج پارلر ۽ چڪلا، باغ باغيچن کان چڙيا گهر ۽ مانگر مڇن جا فارم، سامونڊي ڪنارا ۽ جابلو علائقا، مختلف کاڌن جون هوٽلون ۽ مئخانه، تعليمي ادارا ۽ تاريخي جايون، مدرسا مسجدون ۽ شاهي گهراڻي جا محل ماڙيون وغيره. پر منهنجي خيال ۾ سڀ کان گهڻي شيءِ جيڪا ايشيا توڙي يورپ جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ٿي اهي هتي جا ٻيڙين وارا دڪان آهن.
اسانجو جهاز هانگ ڪانگ ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو ته اتي به ڪجهه ٻيڙين واريون ڇوڪريون پنهنجين ٻيڙين تي گل، ڪيڪ بسڪيٽ يا پلاسٽڪ جا رانديڪا رکي هڪ هڪ جهاز جي لڙڪيل ڏاڪڻ وٽ اچي وڪڻديون هيون پر اهڙين دڪانن وارين ٻيڙين جو تعداد ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هوندو هو. هتي بئنڪاڪ ۾ دڪانن واريون سوين ٻيڙيون نظر اچن ٿيون جن تي ڀاڄي ڀتي کان ميوي تائين، مختلف ٻوڙن کان ڳنڍن ڪلفين آئس ڪريم تائين، ٽين ۽ پلاسٽڪ جي ٿانون کان ڪپڙن جي تاڪين تائين، تازين ۽ جيئرين مڇين، گانگٽن ۽ ڪيڪڙن کان اليڪٽرڪ جي سامان تائين وڪامندو نظر اچي ٿو. يعني توهان کي نه بوهري بازار ۽ بولٽن مارڪيٽ وڃڻ جي ضرورت آهي نه جامع ڪلاٿ مارڪيٽ يا آچر بازار وڃڻ جي. هڪ ٻئي پويان مختلف سامان سان ڀريل ٻيڙيون سڄو ڏينهن لنگهنديون رهن ٿيون ۽ انهن جون مالڪياڻيون لائوڊ اسپيڪر ذريعي يا گلو ڦاڙي پنهنجي وکر جو هوڪو ڏينديون رهن ٿيون.
بئنڪاڪ جو بندرگاهه ڪراچي، ممبئي يا جدي وانگر سمنڊ جي ڪناري تي ناهي پر ملڪ مان لنگهندڙ “چائو فريا” نالي نديءَ تي آهي. جيئن ڪوٽڙي سنڌو نديءَ ۾، نيواورلينس بندرگاهه مسي سپي نديءَ ۾ يا چٽگانگ ڪرنا ڦلي نديءَ ۾ آهي. پر انهن دريائي بندرگاهن کان بئنڪاڪ ان خيال کان نرالو آهي جو اتي جو درياءُ چائو فريا ٻين ندين وانگر سڌو وهي وڃڻ بدران بئنڪاڪ شهر وٽ سوين شاخن ۽ واٽر ڪورسن ۾ ورهايل آهي. اسان وٽ جي ائين هجي ته هڪ ڏينهن به پاڻيءَ کي بيهڻ نه ڏيون. اسان وٽ پاڻيءَ جي ايڏي کوٽ آهي جو انهن واٽر ڪورسن، واهن، شاخن کي پنهنجي ٻني ٻاري حوالي ڪري ڇڏيون جو اسان وٽ سياري توڙي اونهاري ۾ پوک لاءِ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ درياهن جي ليول مٿاهين رهي ٿي جيئن ان جو پاڻي ٻنين ۾ اچي سگهي پر هيڏانهن ٿائلينڊ، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي الٽو حساب آهي. هتي دريائن جي ليول هيٺ رکي وڃي ٿي ۽ ٻنين باغن جي مٿي جيئن برساتن جو وسيل پاڻي پوک ۾ بيهڻ بدران درياءَ ڏي هليو وڃي. اسان وٽ (۽ ٻين به ڪيترن ملڪن ۾) جبلن تي وسيل برف وٽڙي گلائشير ۽ درياهه ٺاهي ٿي جنهن جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ گهڻي کان گهڻو شاخن، ڪئنالن ۽ واٽر ڪورسن ذريعي پوک (Cultivation) لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. روزانو بيابان ۽ بنجر زمينون ايترو ته زرعي زمينن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن ۽ جبلن تان ايندڙ دريائن جو پاڻي پوک لاءِ ايترو ته استعمال ٿي رهيو آهي جو دريائن جي ڇوڙ (Delta) وٽ درياهه جو مٺو پاڻي نه بچيو آهي بلڪه سمنڊ جو کارو پاڻي زمين ڏي ڌوڪي پيو آهي.
هيڏانهن ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ پوک مينهن جي پاڻيءَ تي ٿئي ٿي. ٻارهوئي جهڙ ڦڙ ۽ مينهوڳيءَ جي موسم لڳي پئي آهي. مينهن ايترو ٿو وسي جو هر کيتي ٻاڙي ڪرڻ واري فارمر کي ان جي پاڻيءَ کي پنهنجي فصل مان ڊرين آئوٽ (نيڪال) ڪرڻو پوي ٿو ۽ هن پاسي جون نديون ڇوڙ وٽ - يعني سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ وقت ته ويتر تار تار وهن ٿيون. پاڻيءَ سان گڏ موسم ۽ زمين (Soil) ايڏو سٺو آهي جو ڪٿي پڪي رستي ۾ ڏار ٿو پوي ته اتان به گاهه ڦٽيو پوي.
بئنڪاڪ شهر جتي آهي اهو دراصل چائوفريا درياءَ جو ڇوڙ (Delta) آهي يعني درياءَ ٽڪوري شڪل ۾ شاخن ۽ ڪئنالن ۾ ورهائجيو وڃي. بئنڪاڪ کي “مشرق جو وينس” سڏيو وڃي ٿو. وينس اٽليءَ جو شهر آهي جتي پڻ گهٽي گهٽي ۾ پاڻي آهي. يعني درياهه جو پاڻي آهي ۽ ڪنئال وهن ٿا. هڪ کان ٻئي هنڌ اچڻ وڃڻ لاءِ ٻيڙيون استعمال ٿين ٿيون. دراصل اٽليءَ جو هي شهر وينس Venice 118 ننڍن ٻيٽن تي مشتمل آهي. جيڪي ٻيٽ پو (PO) ۽ پياوه (Piave) ندين جي ڇوڙ وٽ آهن. هنن ٻيٽن کي انهن درياهن جو پاڻي ڪئنالن جي شڪل ۾ ڌار ٿو ڪري. ساڳي وقت اٽڪل 400 کن پليون انهن ٻيٽن کي ڳنڍين به ٿيون.
جيئن ته آڳاٽيون تهذيبون درياهن جي ڪنارن تي رهيون ٿي جو ماڻهن ۽ مال کي پيئڻ لاءِ پاڻي ٿي کتو ۽ هيڏانهن، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ پاسي ته ايڏا گهاٽا جنگل ۽ ٻيلا هئا جو خشڪي تان ڪنهن سواري ڏاند گاڏي يا گڏهه گاڏيءَ جو هلڻ ته مشڪل هو پر ماڻهو به نٿي هلي سگهيو. ان ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سواري جو ذريعو فقط درياهه مان ٻيڙيءَ رستي رهيو ٿي. سو اهڙي طرح بئنڪاڪ ۾ به چائو فريا جي ڇوڙ وٽ ماڻهو درياءَ ۾ ٺهيل ٻيٽن تي آباد ٿيندا ويا. چوڌاري چائو فريا درياهه جا نڪتل ڪئنال هئا جن مان ان وقت کان ٻيڙيون هلن ٿيون. انهن ٻيڙين ذريعي اڄ به ماڻهو سواري به ڪن ٿا ته دڪان به هلائين ٿا. اسان جو جهاز جڏهن بئنڪاڪ بندرگاهه ۾ اندر جيٽيءَ سان لڳي اچي بيهندو هو يا چائو فريا درياهه جي وچ ۾ لنگر ڪيرائي بيهندو هو ته هي ٻيڙيون سڄو ڏينهن اسان جي جهاز وٽان به پيون لنگهنديون هيون. ڊيڪ تي بيٺل خلاصي جنهن کي سڏ ڪندا هئا اها اچي جهاز جي ڏاڪڻ وٽ بيهندي هئي ۽ جهاز وارا پنهنجي پسند جون شيون - مقامي ميوا (رمبوتان، اسٽار فروٽ، ليچي، ڊوڪو، منگو اسٽين، انناس وغيره) پيا وٺندا هئا يا بيڪري جي سامان واري ٻيڙيءَ کي سڏي ان تان ڪيڪ پيسٽريون پيا وٺندا هئا. ڪي ٿائي مسلمان عورتن جون به ٻيڙيون هونديون هيون جن تي “بسم الله” جي فريم لڳل مان سمجهي ويندا هئاسين ته انهن تي حلال کاڌو آهي. مونکي ۽ منهنجي دوستن کي انهن جو ڀت ۽ تريل ڪڪڙ ۽ ٻٽير اهڙا ته وڻندا هئا جو پنهنجي جهاز جي فائيو اسٽار هوٽل واري مفت جي لنچ ۽ ڊنر ڇڏي انهن ٿائي عورتن جي ماني گهرائيندا هئاسين.
چائو فريا درياءَ توڙي ان مان نڪتل ڪئنالن تي گهر به ائين آهن جن جو اڳ ته پڪي رستي ڏي ٿئي پر پٺ درياهه ڏي جن جي ڏاڪڻين تي ٿائي عورتون ويهي درياهه مان پاڻيءَ جا ڏول ڀري وهنجن يا پاڙي جون ٽي چار عورتون گڏ ٿي هڪ ٻئي جون جُوئون به ڪڍن ته درياهه مان لنگهندڙ اسان جا جهاز به ڏسن يا پاڻ کي سهڻو بنائڻ لاءِ منهن کي ميٽ يا چانورن جي اٽي جو ليپ ڏين. يعني هڪ قسم جو Facial ڪن. گهر لاءِ ڀاڄي ڀتي يا گوشت مڇي هنن هلندڙ چلندڙ دڪانن وارين ٻيڙين کي سڏي انهن کان وٺن. سست عورتون جيڪي پاڻ رڌ پچاءُ نه ڪن اهي پاڻ لاءِ ۽ مڙس ۽ ٻارن ٻچن لاءِ منجهند مهل لنگهندڙ هوٽل نما ٻيڙين تان وٺن جن تي رکيل ويهارو کن ديڳڙن ۾ هر قسم جي ڀاڄي ۽ مڇيءَ جو ٻوڙ ٿئي.
بئنڪاڪ جون هي فِلوٽنگ (پاڻيءَ ۾ ترندڙ) مارڪيٽون ڪيترن ئي انگريزي فلمن ۾ به ڏيکاريون ويون آهن. The Man with the Golden Gun فلم ۾ راجرس مُور (جيمس بانڊ) جو هن مارڪيٽ ۾ پيڇو ڪيو وڃي ٿو. هڪ ٻي فلم، 2008 جي Bangkok Dangerous جي هڪ سين فلم ائڪٽر نِڪولس ڪيج تي هن مارڪيٽ ۾ فلمايل آهي.

ٿائلينڊ جون ڪجهه مسجدون

ٿائلينڊ ٻوڌين جو ملڪ آهي. مسلمان به نظر اچن ٿا. خاص ڪري ٿائلينڊ جي ڏاکڻي حصي نارا ٿيواٽ، يالا، ساتون، پٽاني ۽ سونگڪلا جهڙن ضلعن ۾ جيڪي ضلعا ملائيشيا جي ويجهو آهن. سمجهو ته 93 سيڪڙو ٿائي ماڻهو ٻڌ آهن جن جو ٻڌ ڌرم سان واسطو آهي. 5 سيڪڙو مسلمان آهن جن ۾ گهڻائي ملئي ماڻهن ۽ انهن جي اولاد جي آهي، ڪجهه اتر جا رهاڪو چيني آهن ۽ ڪجهه ننڍي کنڊ جا پنجابي ۽ پٺاڻ آهن جيڪي ٻي جنگ عظيم بعد ملايا (مغربي ملائيشيا) ۽ ٿائلينڊ ۾ ٽِڪي پيا ۽ هڪ سيڪڙو کن هندو ۽ هڪ سيڪڙو عيسائي آهن. ٿائلينڊ ۾ سرڪاري انگ اکرن موجب 3610 مسجدون رجسٽرڊ آهن جن مان ٽي هزار کن فقط ڏکڻ جي چوڏهن صوبن ۾ آهن.
نارا ٿيواٽ ۾ ڪاٺ جي مسجد وادي الحسين مسجد سڀ ۾ پراڻي آهي جيڪا 1634 ۾ ٺهي. انهن ڏينهن ۾ جيئن ته ڪوڪا ۽ ڪليون ايجاد نه ٿيا هئا ان ڪري هن مسجد ۾ لوه جي ڪوڪن بدران ڪاٺ جون چپرون (Wedges) لڳل آهن.
ٿائلينڊ 76 صوبن ۾ ورهايل آهي. سڀ کان هيٺ تر ۾، جيئن سمجهو ته پاڪستان جو ٿر وارو حصو آهي جيڪو انڊيا سان ملي ٿو تيئن ٿائلينڊ جو ڏکڻ وارو حصو جيڪو ملائيشيا جي بارڊر وارين رياستن سان ملي ٿو، پنج صوبا آهن: سونگڪلا، ساتون، پٽاني، يالا ۽ آخري نارا ٿيواٽ جنهن ۾ مٿين ڪاٺ جي آڳاٽي مسجد “الحسين” ٺهيل آهي. ٿائلينڊ جي هنن ڏکڻ وارن صوبن ۾، جيڪي آهن ته اسانجي حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ٿرپارڪر ضلعن جيڏا، سڀ کان گهڻا مسلمان رهن ٿا. ڇو جو انهن تي ڀرواري مسلمان ملڪ ملائيشيا (ملايا) جو به اثر رهيو آهي. ٿائلينڊ جي انهن ڏاکڻن صوبن مان ديني تعليم لاءِ سڀ کان گهڻا شاگرد ڪراچي جي مدرسن ۾ اچن ٿا. ڪراچيءَ ۾ توهان هنن کان پڇندائو ته ڪٿان جا آهيو ته ٿائلينڊ بدران چوندا ناراٿي واٽ، سونگڪلا يا پٽاني وغيره جيئن اسان مان ڪو چوي ته آئون پنجاب بلوچستان يا سنڌ کان آهيان. صوبي ٻڌائڻ سان اڳلي جي خبر پوي ٿي ته هو ڪهڙي قسم جو ٿائي آهي. پٽاني يا سونگڪلا ٻڌائڻ سان اها خبر پوي ٿي ته هو ملئي ماڻهن سان ملي ٿو، مسلمان هوندو، ننڍڙي قد جو هوندو. اتي جيڪڏهن ڪو ٻڌائي ٿو ته هو چيانگ مائي يا چيانگ رائي صوبي جو آهي ته معنيٰ هو چيني ماڻهن جي نسل مان ٻڌ آهي يا هن جي شڪل ۽ ٻولي ڀرواري ملڪ لائوس سان ملي ٿي. ڪنچنا بوري، راتچا بوري، فيٽچابوري يا اٿائي هاني صوبن جي ٿائي ماڻهن جي شڪل، زبان، مزاج برمي ماڻهن سان گهڻو ملي ٿو. چون بوري، سوفان بوري، سنگبوري، نون ٿابوري جهڙن صوبن جا ماڻهو شهري بابو سمجهيا وڃن ٿا جو هنن جو بئنڪاڪ شهر سان واسطو آهي.
ائين ته ٿائلينڊ جي اتر وارن صوبن ۾ مسلمان رهن ٿا ۽ ڪجهه مسجدون آهن جيئن چيانگ مائي، جتي عورتن جي ڪونج جهڙي ڊگهي ڳچي سونهن جي نشاني آهي. فئشن طور سڄي ڳچيءَ تي سوڙها ڪنگڻ چاڙهي هلن، ست مسجدن مان هڪ التقويٰ مسجد مشهور آهي جيڪا اسان جي شروعاتي ڏينهن ۾ 1969 ۾ ٺهي. چيانگ مائي صوبي جي هيءَ مسجد جيڪا ٿائي ٻوليءَ ۾ متسايت (جيئن اسان مسجد کي مسيت به چئون ٿا) سانپا خوئي سڏجي ٿي ۽ انگريزيءَ ۾ هن کي “سان پا ڪوئي مسجد” سڏين ٿا جيڪو دراصل هن مسجد جو چيني نالو آهي. چيانگ مائي صوبي جون ٻيون مسجدون به ڀروارن ملڪن کان لڏي آيل چيني ماڻهن ٺهرايون. هنن مسجدن ۾ جمعي نماز تي خطبو به چيني ٻوليءَ ۾ پڙهيو وڃي ٿو جيئن ڪئين سال بلڪه گذريل صديءَ جي آخر تائين هانگ ڪانگ (ڪولون پاسي) پاڪستانين جي ٺهرايل مسجد جو امام هميشه پٺاڻ نظر ايندو هو ۽ هو اردوءَ ۾ خطبو پڙهندو هو. چيانگ مائي صوبي جي مٿين مسجد التقويٰ (سانپا خوئي) هن صوبي مان وهندڙ درياءَ “پنگ” جي اڀرندي ڪناري تي آهي. هن مسجد ۾ هڪ وڏو مدرسو اسلامي تعليم لاءِ پڻ آهي.
چيانگ مائي صوبي جي مٿين مسجد کان هڪ وڏي مسجد “هدايت الاسلام” آهي جيڪا Bantto چيني مسجد سڏجي ٿي جيڪا چيانگ مائي صوبي جي سڀ کان وڏي “نائيٽ بازار” جي ڀرسان آهي.
سامونڊي نوڪري دوران منهنجو جهاز بئنڪاڪ گهڻو ويندو هو ان ڪري اهي سال وچ ٿائلينڊ ۽ بس ۽ ريل ذريعي اتر ٿائلينڊ جي شهرن ۾ گهڻو وڃڻ ٿيندو هو. ائين ته اسان جو جهاز ڏکڻ ٿائلينڊ جي بندرگاهه سونگڪلا به لنگر انداز ٿيندو هو پر ٿائلينڊ جي انهن ڏاکڻن شهرن، سونگڪلا، پٽاني، ناراٿي واٽ، هاديا وغيره ۾ گهڻو اچڻ تڏهن ٿيو جڏهن ڏهه سال کن ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ رهي پيو هوس ۽ باءِ ٽرين، باءِ بس يا ٽئڪسيءَ ذريعي ٿائلينڊ جي انهن ڏاکڻن شهرن ۾ شاپنگ لاءِ يا ڪڏهن ڪڏهن سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اچڻ ٿيو ٿي.
پٽانيءَ جي مسجد ڪرو سي (Krue-Se) جيڪا ٺهڻ ته 1583 ۾ شروع ٿي پر پٽانيءَ جي سلطان ۽ هن جي ڀاءَ جي وچ ۾ تخت نشيني تي ڦڏو ٿيڻ ڪري ڪم هميشه لاءِ رڪجي ويو. هاڻ واري جيڪا عمارت آهي اها ارڙهين صديءَ جي آهي. هن مسجد بابت پٽانيءَ جي ماڻهن جو اهو چوڻ آهي ته هيءَ مسجد هڪ چيني قذاق (سامونڊي ڦوروءَ) “لِمِ توه خئام” ٺهرائي جنهن جي چون ٿا ته پٽانيءَ جي سلطان جي ڌيءَ سان شادي ٿي هئي ۽ جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو هو. 1603 جي هڪ ڊچ رپورٽ آهي جيڪا “جئڪب وان نيڪ” لکي جنهن ۾ هو لکي ٿو ته اها مسجد چينين ٺاهي ۽ ان مسجد ڀرسان “لِم ڪو نيائو” جي ڪتبي واري جيڪا قبر آهي، اها هن قزاق جي ڀيڻ جي آهي.
بئنڪاڪ ٿائلينڊ جي گاديءَ وارو وڏو شهر آهي جتي دنيا جي هر ملڪ ۽ مذهب جا ماڻهو اچن ٿا. بئنڪاڪ ۾ ڪيتريون ئي مسجدون آهن جن کان هر ٽئڪسي ڊرائيور واقف آهي ۽ ٽوئرسٽ جي چوڻ تي ٽئڪسي وارو ويجهي مسجد وٺي هلي ٿو. هڪڙي ته 1688 جي “ٽان سن” مسجد آهي جيڪا شروع ۾ Kudai Yai جي نالي سان سڏي وئي ٿي. ان کان علاوه ٻيون مسجدون آهن: Bang Luang مسجد جيڪا 1767 جي ٺهيل آهي.
* بئنڪاڪ مسجد. هيءَ مسجد هتي جي رهندڙ تامل رهاڪن 2007 ۾ ٺهرائي، تمام خوبصورت مسجد آهي.
* انڊونيشيا جي مسجد. هيءَ مسجد آمريڪن ايمبسيءَ وٽ آهي جتي ڪيترائي حلال شين جا دڪان آهن. هن مسجد کي مسجد پولو به سڏين ٿا.
* هارون مسجد، بئنڪاڪ جي هيءَ مسجد 1837 ۾ انڊونيشي ۽ عرب سوداگرن گڏجي ٺهرائي. هڪ سئو سالن بعد 1934 ۾ هيءَ مسجد واري ٺهرائي وئي. هن مسجد ۾ آفريڪا، انڊيا ۽ پاڪستان جا اهي ماڻهو جام اچن ٿا جيڪي بئنڪاڪ ۾ نوڪري يا بزنيس ڪن ٿا. جمعي جو خطبو انگريزيءَ ۾ پڙهيو وڃي ٿو.
* دارالمتقين مسجد. هيءَ مسجد 1893 جي ٺهيل آهي.
* دارالامان مسجد. شهر جي وچ ۾ بئنڪاڪ هوٽل جي ڀرسان آهي.
* ٿائي پاڪستان مسجد. هيءَ مسجد بئنڪاڪ ۾ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ ٺهي آهي..... اٽڪل 20 سال کن اڳ.
ٿائلينڊ جي ماڻهن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آهي. دنيا ۾ 376 ملين ماڻهو ٻڌ آهن. فقط انگلينڊ ۾ ڏيڍ لک ٻڌ رهن ٿا پر ٿائلينڊ جو ته سرڪاري ڌرم ئي ٻڌ ڌرم آهي جيئن سريلنڪا، برما، جپان، ڪوريا جو آهي. هونءَ ته ڏٺو وڃي ته سڀ کان گهڻا ٻڌ ۽ سرڪاري طرح ٻڌ ڌرم انڊيا جو هجڻ کپي جو ٻڌ ڌرم ننڍي کنڊ کان شروع ٿيو. حضور صلعم جن جي ولادت وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ڌرم ٻڌ ڌرم هو. ٻڌ ڌرم جي شروعات حضرت عيسيٰ کان به اڳ ٿي. اهو اڄ کان 2500 سال کن اڳ اڄ واري نيپال جي علائقي ۾ جنم وٺندڙ شهزادي سڌا رٿ گوتم شروع ڪيو. شروع جي ڏينهن ۾ ٻڌ ڌرم انڊيا ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو. سنڌ ۾ اشوڪا دور ۾ (313 ق. م) تمام گهڻو مشهور ٿيو. سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي ڏينهن ۾ به سنڌ جو سرڪاري ڌرم ٻڌ ڌرم هو. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جو خاتمو چچ بعد ٿيو. چچ جو تعلق ڪشمير جي برهمڻ (هندو) خاندان سان هو. هو سنڌ جي حاڪم راءِ سهارس ٻئي جي ڏينهن ۾ هن وٽ منشي ٿي آيو. ٺاهوڪو ڪشميري جوان هو. مٿس ملڪ جي حاڪم راءِ سهارس جي سهڻي زال شوبا/ سونهن ديوي عاشق ٿي پئي. مڙس کي ٻي جهان موڪلي چچ سان شادي ڪيائين. جنهن مان ڏهرسين ۽ ڏاهر پيدا ٿيا. چچ حاڪم ٿي ملڪ ۾ هندو ڌرم جي پرچار ڪئي ۽ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي جاءِ تي هندو ڌرم عام ٿيو. راجا ڏاهر 626 ۾ ڄائو ۽ 16 سالن جي ڄمار ۾ 642 ۾ سنڌ جو راجا ٿيو. 711 ۾ عربن محمد بن قاسم ذريعي سنڌ تي حملو ڪيو. ان وقت راجا ڏاهر ۽ سندس رعيت هندو ٿي چڪي هئي.
اهڙي طرح ٻڌ ڌرم انڊيا جي ٻين حصن ۾ به گهٽبو ويو. انڊيا بدران ٻڌ ڌرم ڀر وارن ملڪن سلون (سريلنڪا)، برما (ميانمار)، ڪمبوڊيا، لائوس، تائيوان، چين جپان ۽ ڪوريا ڏي هليو ويو. تڏهن ته جپان جي هڪ ٻڌمندر ۾ هڪ پوڙهيءَ گوتم ٻڌ جي مجسمي اڳيان ٽي دفعا جهڪي، وڏي مشڪل سان چيلهه سڌي ڪري مون کي چيو: “هن ديوتا اڳيان تون ڇو نٿو جهڪين؟“.
”آئون ٻوڌي نه آهيان. منهنجو هن سان واسطو ناهي“. مون وراڻيومانس. منهنجي جملي جي آخري حصي کي چٻري طور ورجائي چيو: “ڇو؟ پوءِ هن کي پاڻ وٽ پيدا ڪري اسان ڏي ڇو موڪليائو؟” واقعي اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن گوتم کي ڇڏي وڃي ويدن ۽ قرآن کي کنيو. گوتم ٻڌ جا مجسما هاڻ جهرڪن، ڇاڇري، بيڪانير ۽ چٽگانگ بدران ڪولمبو ۽ ڪئنڊي ۾ بئنڪاڪ ۽ چيانگ مائي ۾، ينگون ۽ منڊالي ۾ اوساڪا ۽ ڪيوٽو ۾، پينانگ ۽ سنگاپور ۾ ئي نظر اچن ٿا. ننڍي کنڊ کان ٻاهر نڪرڻ تي ٻڌ ڌرم جنهن به ملڪ ۾ ويو آهي اتي ان ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ضرور آئي آهي. مختلف ملڪن ۾ جيڪو ٻڌ ڌرم هلي رهيو آهي ان جا چار اهم فرقا آهن جن ۾ ٿراوادا ۽ مهايانا ٻه وڏا فرقا آهن. ٿراوادا ٻڌ ڌرم سريلنڪا، ڪمبوڊيا، هتي ٿائلينڊ، لائوس ۽ برما (ميانمار) ۾ مشهور آهي ۽ مهايانا ٻڌ ڌرم تبت، چين، تائيوان، جپان، ڪوريا ۽ منگوليا ۾ مضبوط آهي. دراصل چين ۽ جپان ۾ جيڪو مهاياناٻڌ ڌرم آهي اهو ان جي به هڪ شاخ آهي جيڪا زين Zen ٻڌ ڌرم سڏجي ٿو. ائين ته ڏٺو وڃي ته تبتي ٻڌ ڌرم به هڪ الڳ قسم جو آهي جيڪو تبت پاسي مشهور آهي.
سکر جي اسلاميا ڪاليج جو ليڪچرار سائين عبدالطيف انصاري چوندو آهي ته سنڌ ۾ چچ جي اچڻ کان اڳ اسان جي سنڌين ۾ ڏاڍو سهپ جو مادو هو. چچ هندو هو. پوءِ اسان جا سنڌي چچ ۽ ڏاهر کي فالو ڪري تکي طبيعت جا ٿي پيا....
عبدالطيف صاحب جيڪو سنڌي ادب سان گڏ ڪمپيوٽر ۽ سنڌ جي تاريخ سان به دلچسپي رکي ٿو ان جي ان ڳالهه سان آئون اختلاف نه ڪندس جو اهو آئون به محسوس ڪريان ٿو ته ٻڌن ۾ Tolerance تمام گهڻو آهي. هتي ٿائلينڊ ۾ ئي ڏسان ٿو ته ٻڌن جو ملڪ هوندي، جتي 94 سيڪڙو کان مٿي ٻڌ رهن ٿا ٽن هزارن کان وڌيڪ اسان مسلمانن جون مسجدون آهن جتي اسان ڌاريان توڙي مڪاني مسلمان آزاديءَ سان نمازون ادا ڪريون ٿا، عيدون ملهايون ٿا اسلامي تعليم حاصل ڪريون ٿا. وقت جي حڪومت مسلمانن سان Cooperate ڪري ٿي. ملڪ ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري ليول جا سوين اسلامي اسڪول آهن انهن جي سليبس توڙي حج جي سفر لاءِ حڪومت مدد ڪري ٿي. ملڪ ۾ اسلامي ڪم هلائڻ لاءِ “نئشنل ڪونسل فار مسلمس” آهي جنهن جا پنج ميمبر شاهي حڪم سان چونڊيا وڃن ٿا. اهي ملڪ جي مختلف وزارتن کي مسلمانن جي حقن ۽ بهتري لاءِ گائيڊ ۽ رهنمائي ڪن ٿا.
هتي جي ٻوڌي ٻاون کي وڏي عزت سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ملڪ جي هر نينگر کي پنهنجي زندگي جو سال يا ٻه ٻائو ٿي رهڻو پوي ٿو پوءِ اهو چاهي غريب جو ٻار هجي يا امير جو. ويندي شاهي خاندان جا ٻار به ڪجهه سال ٻاوا ٿي رهن ٿا. شهنشاهه مونگڪٽ (Mongkit) جيڪو 1851 ۾ بادشاهه ٿيو سڀ کان وڏو عرصو (27 سال) ٻائو ٿي رهيو. ٻائي ٿي رهڻ واري دور ۾ هن پالي ٻولي پڻ سکي ۽ هو ٻڌ ڌرم جي اصلي پالي ڌرمي ادب جو وڏو اسڪالر ٿي گذريو آهي.
بئنڪاڪ ۾ ٻه ته فقط ٻڌ ڌرم جون يونيورسٽيون آهن جتي ٻوڌي ٻاوا ڌرمي علم سکن ٿا.

پنهنجي ٻارن تي نظر رکو

دنيا ۾ پکڙجندڙ نئين وبا “ڪورونا وائرس” جي خوف ۾ سڄي دنيا مبتلا ٿي چڪي آهي. هيءَ وبا چين جي شهر وُوهان (Wuhan)مان شروع ٿي ان ڪري هن کي “ووهان وبا” يا “چيني وائرس“به سڏي رهيا آهن. هن کي پکڙجندي اڄ لڳ ڀڳ مهينو ٿي چڪو آهي چين ۾ ته تمام گهڻا ماڻهو مري چڪا آهن پر يورپ جهڙا ملڪ جتي اسان جي ملڪن کان وڌيڪ صفائي سٿرائي آهي، اسپتالن ۾ دوا درمل جو بهتر بندوبست آهي، اُهي به سخت پريشان آهن. اٽلي ۽ اسپين جهڙا ٽوئرسٽن سان ڀريل ملڪ ويران نظر اچن ٿا. هوائي جهازن جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو آهي، ننڍين ريسٽورنٽن ۽ هوٽلن کان وٺي فائيو اسٽار هوٽلون خالي پيون آهن. رستن تي موٽر ڪارون ۽ ماڻهو نظر نه پيا اچن، رستا، روڊ، گهٽيون، مندر، پارڪ سنسان ٿي ويا آهن. روم ۾ رهندڙ اسانجي هڪ دوست رات روم جي شاهي محلن، جن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ٽوئرسٽن جي هميشهه پيهه پيهان رهي ٿي، ان جي ويران گهٽين جي وڊيو ڪڍي مون ڏي موڪلي آهي ۽ ان سان گڏ هُنَ بئڪ گرائونڊ ۾ هي گانو پڻ هلائي ڇڏيو آهي جيڪو شڪيل بدايونيءَ جو لکيل آهي ۽ 1952ع جي فلم بيجو باورا ۾ نوشاد جي ميوزڪ تي محمد رفيع ڳايو هو ....
محل اداس اور گليان سُوني
محل اداس اور گليان سُوني
چُپ چُپ هين ديوارين
دل کيا اجڙا دنيا اجڙي،
رُوٺ گئي هين بهارين،
هم جيون ڪيسي گذارين
مندر، گرجا، ڦربن جاتا
دل کو ڪون سنڀالي- اودنيا ڪي رکوالي
سن درد ڀري ميري نالي....
واقعي! نه فقط اٽلي جي شهرن: روم، وينس، ميلان، فلورينس، نيپلز، جينوئا جون پر پئرس، مارسيلي، لنڊن، لورپول، بارسلونا، غرناطا، مئڊرڊ، قرطبا، استنبول، انقره، اٿينس ۽ اوسلو جا تاريخي محل ۽ گهٽيون هڪ ننڍڙي وائرس ڪري اداس ۽ ويران ٿي ويا آهن! هر ڪلاڪ بعد خبرن ۾ هن وبا جي ڪري ماڻهن جي مرڻ جو تعداد وڃي ٿو وڌندو. هيءَ اها بيماري آهي جنهن جو پهرين کان علاج نه هو ۽ اڃان تائين ڪو ڳولي نه سگهيو آهي. هن کان اڳ ايندڙ وبائن وانگر هيءَ وبا به هڪ انسان مان انسان کي يڪدم لڳي رهي آهي ۽ ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن.
هن وبا- ڪرونا وائرس کان پورا هڪ سئو سال اڳ 1918ع ۾، اسپيني فلو نالي طائون دنيا ۾ پکڙي هئي، جيڪا اسپين مان شروع ٿي هئي.ان ڪري هن وبا جو نالو Spanish Flue رکيو ويو هو. هي اهو زمانو هو جڏهن يورپ ۾ پهرين جنگ عظيم هلي رهي هئي جيڪا 1914ع کان 1918ع تائين هلي، جنهن ۾ ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي سپاهي ۽ شهري مري ويا. يورپ ۾ هڪ طرف جنگ جي ڪري ماڻهو مري رهيا هئا ته ٻئي طرف هن وبا (اسپيني فلو) منهن ڪڍيو ۽ اسپيني فلو ۾ مرڻ وارن يورپي ماڻهن جو تعداد ورلڊ وار ۾ مرڻ وارن کان به ٻيڻو- اٽڪل ٽي ڪروڙ ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ نه هئي دنيا ۾ ٽوئرزم ۽ نه هوائي جهازن جي آمدرفت. ان ڪري اسپيني فلو جو گهڻو تڻو اثر يورپ تائين ئي محدود رهيو. بعد ۾ انڊيا ۾ به هزارين ماڻهو مري ويا جڏهن لنڊن کان هڪ پاڻي وارو جهاز اسان جا پنجابي، پٺاڻ، سک، گورکا سپاهي، جيڪي انگريز فوج ۾ هئا، انهن کي کڻي بمبئي پهتو ۽ اهي پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏي روانا ٿي ويا. هونءَ به هنن وبائن جو اثر ماڻهن جي ميل ميلاپ ۽ هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ ڪري وڌي ٿو.
هڪ ڪالرا وبا 1852ع ۾ به آئي هئي جيڪا گنگانديءَ جي ڇوڙ وارن ڳوٺن کان شروع ٿي ۽ سڄي دنيا- ايشيا، يورپ، آفريڪا ۽ اتر آمريڪا تائين پکڙي وئي. ڏاڍا ماڻهو مئا. ويندي انگلينڊ ۾ ئي 23 هزار انگريز مري ويا. اها گنگانديءَ جي گندي ٿي ويل پاڻيءَ مان ٿي هئي. اهڙي طرح 1346ع ۾ ببونڪ پليگ ۾ دنيا جا ڏه ڪروڙ کان مٿي ماڻهو مري ويا هئا. اها بيماري ايشيا جي ملڪن مان ڪوئن مان شروع ٿي ۽ اهي جراثيم کڻندڙ ڪوئا پاڻيءَ جي جهازن ذريعي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هيءَ وبا پکيڙيندا رهيا. اهڙي طرح هن کان اڳ 541ع ۾ ۽ ان کان به اڳ 165ع ۾ وبائون پکڙيون جن ۾ ڀونچ سمنڊ (Mediterranean) جي بندرگاهن جي آدم شماري جي تباهي اچي وئي هئي جنهن ۾ قسطنطنيه شهر (اڄ وارو ترڪي جو شهر استنبول) به تباه ٿي ويو هو. پهرين ٿورا ٿورا ماڻهو پوءِ روزانو پنج هزار ماڻهو فقط هن شهر ۾ مرڻ لڳا. 165ع واري ماتا (Small Pox) واري وبا ۾ مصر، يونان ۽ اٽليءَ ۾ ته ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو.
ڪيتريون وبائون انهن شهرن ۾ گهڻيون پکڙيون جيڪي شاهراه ريشم (Silk Route) تي هئا، جو وبا لڳندڙ ماڻهو اتان لنگهيا ٿي يا سفر جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ انهن شهرن ۾ ترسيا ٿي. ماضيءَ ۾ عراق جو شهر بغداد وبائن جي لپيٽ ۾ رهيو. هڪ دفعو ته بغداد ۾ ڪالرا ڪري ايڏو موت ٿيو جو شهر جي 40 سيڪڙو آدم شماري وڃي بچي.
بهرحال هيءَ موجوده وبا “ڪرونا وائرس” بئڪٽيريا جراثيم ڪري نه پر وائرس جي ڪري آهي جنهن جو علاج ته اڃان ايجاد نه ٿيو آهي پر هن جي بچاءَ لاءِ سڄي دنيا ۾ اهي اپاءَ ورتا پيا وڃن ته هر هڪ پنهنجي گهر ۾ رهي جيئن صحتمند ماڻهن جو بيمارن کان پاسو رهي ۽ جراثيمن کان بچاءُ رهي،۽ بيمار ماڻهن جو تعداد نه وڌي ۽ جيڪي بيمار آهن انهن جي خبر پوڻ تي انهن کي هن بيماريءَ مان بچايو وڃي. هن بيماريءَ ۾ ساهه کڻڻ ۾وڏي تڪليف ٿئي ٿي ۽ مصنوعي طرح ساهه کڻائڻ لاءِ مشينن جو استعمال ضروري ٿيو پوي، جن مشينن جو تعداد اسان جهڙي غريب ملڪ ۾ ته تمام گهٽ آهي. ان ڪري ڪوشش اها ورتي پئي وڃي ته ماڻهو گهرن ۾ محدود رهن جيئن هنن تي بيمارن جو اثر نه ٿئي جيئن ٻه ٽي ڏينهن اڳ ايران کان آيل هڪ همراه اهو معلوم هوندي ته هو ڪرونا وائرس جو شڪار آهي، اڪيلائپ Isolation ۾ رهڻ ۽ ملڻ جلڻ کان گريز ڪرڻ يعني Social Distance رکڻ بدران مائٽن مٽن ۽ دوستن سان ملندو رهيو ۽ ٻن ڏينهن اندر پنهنجي سورهن پيارن کي هن بيماريءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ملڪن پنهنجا اسڪول، آفيسون ۽ گهمڻ ڦرڻ جون جايون بند ڪري ڇڏيون آهن جيئن ماڻهو هڪ ٻئي کان پري رهن. پر افسوس جو اٽلي جهڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ يورپي ملڪ جي ماڻهن به ان کي سنجيدگي سان وٺڻ بدران، آفيسن ۽ اسڪولن جي بند ٿيڻ کي وئڪيشن ۽ هاليڊي سمجهي گهمڻ ڦرڻ لڳا ۽ ماڳهين سڀ کان گهڻو وٺجي ويا. ان جو کين به سخت افسوس آهي ۽ هاڻ ته ايڏو خبردار ٿي ويا آهن جو ڪوشش ڪري گهر جا ڀاتي به هڪ ٻئي کان فاصلي تي رهڻ لڳا آهن. هر هڪ ڊاڪٽر، سائنسدان، ملڪ جو سياستدان دنيا جي ماڻهن کي اها ئي نصيحت ۽ صلاح ڏئي رهيو آهي ته گهر ۾ محدود رهو، مجبوريءَ بنا گهر کان ٻاهر نه نڪرو، ايتري قدر جو پنهنجو ڪاروبار ۽ ڪمائي به وساري ڇڏيو. انهن نصيحتن ۽ سمجهاڻين جو اهو ئي نتيجو آهي جو توهان کي يورپ جي ملڪن جا شهر به سنسان لڳن ٿا. هر ڪو سمجهي ويو آهي ته هن جو بچاءُ ان ۾ ئي آهي ته هو گهر ۾ ئي محدود رهي ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجن ٻچن ٻارن کي به گهر ۾ رکي جنهن ۾ سلامتي آهي.... ها! اها ڳالهه جيڪڏهن ڪنهن اڃان نه سمجهي آهي يا گهٽ سمجهي آهي ته اهي اسان جي ملڪ جا ماڻهو آهن.
اڄ هڪ ٽي وي چئنل جو نمائندو ڪراچي جي پسگردائي جو ڳوٺ ڏيکاري رهيو هو جتي شهر جا سخي مرد اتي جي ڳوٺاڻن لاءِ، جيڪي روز پورهيو ڪري ڪمائين ۽ کائين ۽ هاڻ هر شيءِ بند ٿيڻ تي هو بيروزگار ٿي پيا آهن، ورهائڻ لاءِ راشن جا ٿيلها کڻي ويا هئا. هنن جي گاڏي ڳوٺ جي ويجهو پهتي ته هنن وڊيو ڪئميرا ذريعي ڳوٺ جو نظارو ڏيکاريو ته ڳوٺ جا ڪيترائي مرد ۽ انيڪ ٻار، ويندي ڪجهه عورتون جن سڀني کي گهرن ۾ هجڻ کپي، ٻاهر ٽولا ٺاهي ڪچهري ڪري رهيا هئا ۽ ٻار راند ڪري رهيا هئا. اهو نظارو ڏسي ان ٽي وي جي نمائندي يا ائنڪر افسوس جو اظهار ڪيو ته “هيئن گڏ گڏ ويهڻ سان ته بيماري پکڙڻ جو خدشو آهي. راشن ورهائڻ کان به اڳ ۾ اسان جو اهو فرض هجڻ کپي ته هنن کي اها تعليم ڏيون ته هن قسم جي بيماريءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ Social Distance رکڻ ضروري آهي. يعني هڪ ٻئي سان ملڻ جلڻ ۽ ويجهو اچڻ کان پرهيز ڪجي”.
مون دل ۾ سوچيو ته ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري پر ڳالهه فقط هنن غريب ۽ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻن جي نه آهي. اسان وٽ ته امير، خوشحال ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقو، جن مان ڪيترا ته ولايتن جو به چڪر هڻي آيا هوندا يعني هنن کي هڪ سٺي ۽ جوابدار شهريءَ جي وصفن جي خبر هوندي، اهي به صحيح ڳالهين تي نه سوچين ٿا ۽ نه ڌيان ڏين ٿا. ڊفينس جهڙو علائقو جتي آئون رهان ٿو ان جي به ڪنهن ڪنهن گهٽيءَ ۾ ڪيترن وڏن ماڻهن جا کريل ٻار ڪرڪيٽ راند ويٺا کيڏن. مائٽن کي چوڻ تي هنن جو اهوئي راڳ ته “ڇا ڪجي اسڪول بند آهن، ٻار گهر ۾ ويهي ڇا ڪندا؟” ڀائي! ڳالهه اها آهي ته هي هڪ غير معمولي قسم جون حالتون آهن جيڪي ٻي جنگِ عظيم کان به بدتر آهن. هتي ڪا ڳالهه وڻڻ يا نه وڻڻ جي نه آهي پر مجبوريءَ جي آهي. وبا جي پکڙجي وئي ته گهٽيون لاشن سان ڀرجي وينديون. ان ڪري هي جيڪو اسان جا سياستدان، ڊاڪٽر، ساڃهه وند اسان کي گهر اندر وهڻ جي نصيحت ڪري رهيا آهن ان تي امير توڙي غريب، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل سڀني کي عمل ڪرڻ کپي.
پر هتي اسان وٽ نه فقط پاڙي جا ٻار پر انهن سان گڏ گهرن جا نوڪر چاڪر ۽ ڊرائيور به پيا کيڏن. ڏٺو وڃي ته اسان جي شهرن جي گهٽين ۾ ڪرڪيٽ به وڏو عذاب آهي. پاڙي ۾ گوڙ گهمسان رهڻ کان علاوه گهرن ۾ بال اچڻ ڪري کيڏڻ وارا گهرن جي مالڪن کي بيل وڄائي ڊسٽرب ڪندا رهن ٿا، ان کان علاوه ان گهٽي ۾ چوريءَ جو امڪان به رهي ٿو. اها چوريءَ واري ڳالهه ويهه سال کن اڳ منهنجي هڪ پوليس آفيسر دوست ڪئي. هن ٻڌايو ته ڪرڪيٽ راند جو ايڏو نشو آهي جو کيڏڻ وارن جي کوٽ تي ٻار گهر جي نوڪرن کي به شامل ڪن ٿا جيڪي پوءِ ٻين گهٽين جي نوڪرن کي به وٺيو اچن. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿئي ٿو ته محلي جو هڪ ٻار به ناهي مختلف گهٽين جا نوڪر ۽ انهن جا دوست پيا کيڏن. هڪڙا فيلڊ پيا ڪن ته ٻيا بئٽنگ جي انتظار ۾ ويٺا آهن. پوءِ انهن ويٺلن ۾ ڪو ڏوهاري طبيعت آهي ته هو پاڙي جي گهرن جو جائزو پيو وٺي ته ان ۾ ڪير رهي ٿو، اهو ڪيئن ٽپجي ۽ پوءِ موقعو ملڻ تي پاڻ اڪيلي سر يا ٻئي ڪنهن شاهينگ کي ملائي چوري ڪري ٿو.
اڄڪلهه جي ٻارن کي ته ڏسان ٿو ته بئٽنگ جو وارو اچڻ تائين صبر سان وهڻ بدران هو آءِ پئڊ يا سمارٽ فون تي لڳا رهن ٿا. هو هڪ ٻئي کان مزي مزي جون ويب سائيٽون پڇي اهي ڏسن ٿا. پوءِ انهن ۾ ڪيتريون فحش ۽ اخلاق کان ڪريل به آهن. هونءَ به هن قسم جو هٿيار ٻار کي ڏيڻ مهل خيال رکڻ کپي ۽ هنن کي پنهنجي اڳيان وهارڻ کپي. انهن کي Unattended (آزاد) نه ڇڏجي. مغرب وارن اهي شيون ايجاد ضرور ڪيون آهن پر هو پنهنجن ٻارن کي ان جي استعمال جي کلي آزادي نٿا ڏين. پر اسان وٽ افسوسناڪ حالت آهي! سمارٽ فون، آءِ فون، آءِ پئڊ جهڙيون شيون Status Symbol (وڏماڻهپي جي نشاني) بڻجي چڪيون آهن ۽ ڪيترائي وڏا ماڻهو پنهنجي کريل ٻارن کي اهي شيون ڏئي وڌيڪ کاري رهيا آهن. غريب ماڻهو به گهر ٻاري ڏياري ڪري رهيا آهن ۽ ٻار انهن شين جا اهڙا عادي ٿي چڪا آهن جو هنن کي هر وقت موبائيل فون کپي. ان بنا هنن کي مزو نٿو اچي. مائٽ پنهنجن ٻارن جي اکين، وقت ۽ اخلاق جي زيان جو سوچڻ بدران فخر ٿا محسوس ڪن ته هنن جو ننڍي عمر جو ٻار به ڪيڏو سمارٽ آهي جو پاڻهي موبائيل فون يا آءِ پئڊ آن ڪري ان تي مختلف رانديون کيڏي سگهي ٿو، فيس بڪ ۽ گوگل کولي سگهي ٿو، يوٽيوب تان مختلف شيون ڪڍي ڏسي سگهي ٿو.
سوال آهي ته هو جيڪي ڏسي ٿو اهي ڏسڻ کپن يا نه؟ ان جي اسان جي مشرقي والدين کي پرواه ناهي. هو سمجهن ٿا ته ولايت ۾ به ائين ٿئي ٿو. پر ائين ناهي. اسان وٽ ٻارن کي ان آءِ پئڊ، سمارٽ فون ڏسڻ جو اهڙو نشو چڙهي چڪو آهي جو هو هن بنا رهي نٿو سگهي. هڪ واقفڪار جي گهر ويس ته هن جي اٺين يا نائين ڪلاس جي شاگردياڻي ڌيءَ آءِ پئڊ ۾ نظرون کپائي ويٺي هئي. منهنجو دوست ۽ ان جي زال مون سان هٿ ملائڻ بعد پنهنجي ڌيءَ کي ڏاڍو چيو ته “پٽ! انڪل سان هٿ ملاءِ .... انڪل ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن .... هن پاڻيءَ جا جهاز هليا آهن .... هو اڄ پنهنجي گهر آيو آهي...” پر سائين سندن ڌيءَ آءِ پئڊ مان اکيون ڪڍي مون ڏي ڏٺو به نه ۽ هو سخت شڪي ٿيا ۽ هنن هڪ دفعو، ڪجهه وڌيڪ سختيءَ سان، ڌيءَ کي جڏهن چيو ته هن ايترو سو ڪيو جو اکيون آءِ پئڊ مان ڪڍڻ بنا فقط هٿ اڳيان وڌايو. مائٽن جي عزت رهجي آئي. شڪي ٿي چوڻ لڳا،سائين ڇا ڪريون! اڄ جي دنيا ۾ هنن شين جي ايجاد ٻارن کي خراب ڪري ڇڏيو آهي... هو بي ادب ۽ نٺر ٿي پيا آهن...”
مون ان تي ڳالهائڻ بدران گفتگو جو رخ ٻئي طرف موڙي ڇڏيو، پر دل ۾ سوچيم ته ان ۾ ڏوهه اسان مائٽن جو آهي. ٻار تي شروع کان ڪنٽرول رکڻ کپي... يورپ يا آمريڪا ۾ ڇا، ويندي اسان جي ايشيا جي ملڪن جپان، سنگاپور، ايران، انڊيا سميت ٻارن کي اهڙين شين جي اهڙي آزادي نه ڏني وئي آهي جهڙي ۽ جيتري اسان وٽ آهي.
هڪ شاديءَ ۾ دادوءَ کان آيل هڪ فئمليءَ سان جڏهن خبر چار ڪري رهيو هوس ته هنن سان گڏ آيل هڪ ٻار خاموشيءَ سان سندن موبائيل فون تي بزي هو. هو چوٿين يا پنجين ڪلاس جو شاگرد هوندو. آئون کانئن موڪلائي ٻين سان ملڻ لڳي ويس. اتي اڌ ڪلاڪ به ڪو مس ٿيو هوندو ته هو اٿيا ۽ ميزبان کان موڪلائڻ لڳا. سندن ايترو جلد اٿڻ تي مون کي به حيرت ٿي ۽ چيومان ته ٿوري دير ٻي به وهوها، ماني اجها ته لڳي. کائي پوءِ وڃو.
ان تي هنن ٻڌايو ته هو بلڪل ويهڻ چاهين ٿا.”پر ڇا ڪريون اسان جي موبائيل فون جي بيٽري ڊائون ٿي چڪي آهي ان ڪري اسان جي ڇوڪري گهر هلڻ لاءِ باهه ٻاري ڏني آهي جييئن هو گهر پهچي چارج ڪري. هن کي موبائيل بنا هڪ منٽ به مزو نٿو اچي ان ڪري روئي رهيو آهي ته گهر هلو ۽ هاڻ هي اسان کي هڪ منٽ به ويهڻ نه ڏيندو...”.
ان قسم جا نظارا ۽ مشاهدا اسان جي ملڪ ۾ جام ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اسان وٽ والدين- خاص ڪري مائرون ٻارن کي ٽارڻ لاءِ، جيئن هنن کي سندن ڪمن ۾ ڊسٽرب نه ڪن، هنن کي ننڍي هوندي ئي Unlimited وقت لاءِ آءِ پئڊ يا سمارٽ فون جهڙي شيءَ ڏيو ڇڏين ته هو ان ۾ بزي ٿي وڃن جيئن هو پاڻ ٽي وي ڏسن، پاڙي واريءَ سان ڪچهري ڪن يا ننڊون ڪن. جپان، ايران يا ملائيشيا جي مائرن وانگر ٻارن کي ڪو ڪتاب پڙهي ٻڌائڻ، ڪا ڪهاڻي ٻڌائڻ، قرآن جون ننڍيون سورون ۽ دعائون ياد ڪرائڻ جهڙو ڪم هنن کان نٿو پڄي.
پاڻ هتي اڄڪلهه جي شهرن جي لاڪ ڊائون بابت ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته دنيا جا روم، اٿينس، پئرس، لنڊن، نيويارڪ جهڙا شهر خالي ٿي ويا آهن ۽ هر ڪو هڪ ٻئي سان ملڻ ملائڻ ڇڏي گهر ڀيڙو ٿي ويو آهي. پر اسان جي ماڻهن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. سياستدانن کان وٺي پوليس آفيسر ماڻهن کي هٿ ٻڌيو منٿون پيا ڪن ته هن وبا کان بچڻ جواهوئي طريقو آهي ته ٻاهر نڪرڻ بدران پنهنجن گهرن ۾ رهو. پر اسان جي گهڻن ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي جو هو ان قسم جي ڊسپلين جا عادي نه آهن. هنن جو اهو ئي چوڻ آهي ته سڄو ڏينهن گهر ۾ وهڻ سان منجهون ٿا. “ڀلا سرڪار جي اها به ڪا ڳالهه چئبي ته ٻار گهرن ۾ رهن! ظاهر آهي اسڪول بند ڪيا اٿانوَ ته ٻار گهٽ ۾ گهٽ پاڙي جي ٻارن سان ته ملي وقت پاس ڪن...” وغيره. هڪ همراهه سان منهنجي فون تي ڳالهه ٿي. هو مٿئين خيال جو هو. مون کان پڇڻ لڳو:
“ڇا ملائيشيا ۾ به ٻار ائين گهرن ۾ قيد ٿي ويا هوندا؟”
هن سمجهيو ته آئون هن جي سوچ جي پٺڀرائي ڪندس پر جواب ۾ مون جڏهن چيومانس ته “هائو بلڪل. هي ته غير معمولي ۽ خوفناڪ حالتون آهن پر عام طرح به ملائيشيا ۾ ٻار گهر ۾ رهن ٿا”.
“اهو وري ڪيئن؟” هن پڇيو.
“بلڪل ائين! اعتبار نه اچي ته آئون ٻن ٽن ملئي فئملين جا فون نمبر ڏيانءِ. کانئن پڇي ڏس ته هنن جا ٻار گهر ۾ ئي موجود آهن يا نه”. مون چيومانس.
دراصل هي مضمون مون ان ڳالهه کي پڙهندڙن آڏو عيان ڪرڻ لاءِ لکڻ شروع ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو هي مضمون والدين لاءِ ڪار آمد ثابت ٿئي، اسان جي غلط سوچ کي بدلائي ۽ اسان کي ٻارن کي ڇڙواڳ ڇڏڻ واري عادت کان بچائي. اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جڏهن آئون سئيڊن ۾ رهيل هوس ته اتي ڏسندو هوس ته اسڪول ۽ آفيس کان موٽڻ تي هر ڪو ٻار توڙي وڏو گهر ۾ ئي نظر ايندو هو. وڏا ته کڻي ڪم سانگي ٻاهر نڪرندا هئا پر ٻار گهر ۾ ڪتاب پڙهندا رهندا هئا، ڊرائنگ ڪندي نظر ايندا هئا -چاهي اونهاري جا ڊگها روشن ڏينهن هجن يا سياري جا اونداها ڏينهن- جڏهن سج ٻي يا اڍائي بجي منجهند جو ئي غروب ٿي ويندو هو ۽ رات واري اونداهي ٿي ويندي هئي. آئون پنجين بجي يونيورسٽي بند ٿيڻ تي گهر ايندو هوس ته اسان واري علائقي جي هيٺين فلئٽن وٽان لنگهندي ڏسندو هوس ته هر گهر ۾ ٻار ڪمرن ۾ بتي ٻاري ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهيا ٿي. اونهاري ۾ جڏهن رات جو ڏهين يارهين تائين سج جي روشني رهي ٿي تڏهن به هو گهرن مان نڪري ٽولا ٺاهي نٿي ويٺا.
ڪجهه سالن بعد جپان پنهنجي ڌيءَ وٽ اچي رهيس ته اتي به ڏسان ته گهٽيون ٻارن کان خالي رهيون ٿي. منهنجا ڏوهٽا جيڪي هيٺين ڪلاسن ۾ هئا اهي به اسڪول مان موٽڻ بعد گهر ۾ ئي رهيا ٿي جيتوڻيڪ اها تيرهن ماڙ بلڊنگ هئي ۽ هر فلور تي ڇهه يا ست فلئٽ هئا. پر هيٺ موڪل واري ڏينهن تي به ٻار نظر نه ايندا هئا. ها البت موڪل واري ڏينهن يعني آچر ڏينهن يا ڪنهن جپاني قومي ڏينهن تي ڪنهن گهر جي ڪا ماءُ پنهنجي ٻارن سان گڏ ٻن ٽن ٻين گهرن جا ٻار به پاڻ سان وٺي ڀر واري پارڪ ۾ وئي ٿي ۽ پنهنجن نظرن اڳيان هنن کي کيڏڻ ڏنو ٿي. اهو ئي سڄي جپان ۾ trend بڻجي چڪو آهي. يعني ٻارن کي unattended نه ڇڏجي.
ٻه سال اڳ ملائيشيا ويس ته مون کي حيرت ٿي ته اتي به هاڻ اسڪول بعد ٻارن کي گهرن ۾ رکيو ويو ٿي. مون پنهنجن ملئي دوستن کان پڇيو ته هو پنهنجن ٻارن کي گهٽيءَ ۾ ڇو نٿا ڇڏين جيئن پاڙي جا ٻار به نڪرن ۽ گڏ کيڏن؟ هن ٻڌايو ته سندن ملڪ جي حڪومت جي نئين پاليسي مطابق ان سسٽم تي ٻن ٽن سالن کان عمل هلي رهيو آهي. ڇو جو اڄڪلهه جي انٽرنيٽ جي دور ۾ ٻارن کي ٻين ٻارن سان اڪيلو ڇڏڻ بيحد خطرناڪ آهي. ان ۾ اهو انديشو آهي ته هو ٻين ٻارن کان خراب ڳالهيون جلد سکي سگهن ٿا.
“تنهنجي معنيٰ ته هو پاڻ جيڏن سان ملڻ بدران گهر ۾ قيد ويٺا هجن!” مون چيو.
“نه. اها اڄڪلهه جي دور ۾ غلط سوچ آهي. ٻار ست اٺ ڪلاڪ اسڪول ۾ رهي ٿو. جنهن ۾ هڪ پيريڊ راندين کان علاوه ٻه کن رسيسون ٿين ٿيون، جن ۾ هو هڪ ٻئي سان ڳالهائين ٿا، ڊوڙن ڊڪن ٿا... وغيره. ڇا اهو ڪافي ناهي؟ اسڪول بعد هنن کي کپي ته وهنجي سهنجي ماني کائي گهر ۾ آرام ڪن ۽ پنهنجي مائرن جي نظر هيٺ هو هوم ورڪ ڪن، ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهن ۽ ڀائرن ڀينرن سان گڏجي Scrabble جهڙيون Indoor رانديون کيڏن جن ۾ ماءُ کي کپي ته هنن ۾ اتساهه پيدا ڪري ۽ رهنمائي ڪري”.
جپان، ملائيشيا- ويندي ويٽنام ۽ انڊيا جهڙا ملڪ به ٽيوشن جي خلاف آهن. ٻار جڏهن هڪ ڪلاس پاس ڪيو آهي ته هو ٻيو به پاڻهي پڙهي سگهي ٿو. اگر چڱي طرح پاس نه ڪيو اٿس ته بهتر آهي اهو ڪلاس وري repeat ڪري. مئٽرڪ انٽر تائين ته هر ٻار جي ماءُ کي ايتري صلاحيت هئڻ کپي ته پنهنجي ٻار تي نظر رکي ته هو ڏڏ ڇو آهي. هن جي مانيٽرنگ ڪري ته هو ڪلاس ۾ ڇو نٿو سمجهيو اچي ۽ گهر ۾ ڪيترا ڪلاڪ پڙهي ٿو. ٽيوشن پڙهائڻ واري کي پرائي ٻار سان ڪهڙي همدردي جڏهن ماءُ کي ئي وقت ناهي ته پنهنجي ٻار تي نظر رکي.
بهرحال ملائيشيا جو تعليمي نظام بيحد سنجيدو آهي. هو ڳولي ڳولي اهي استاد رکن ٿا جيڪي هوشيار، محنتي ۽ هڏڏوکي آهن. اسڪولن ۾ ڊسيپلين آهي. ٻارن کي وقت جي پابندي سيکاري وڃي ٿي. هر اسڪول ۾ چاهي ڳوٺ جو هجي يا شهر جو سليبس جا ڪتاب پهرين صفحي کان آخري صفحي تائين پڙهايا وڃن ٿا. هي ته آئون 1970ع ۽ 1980ع وارن ڏهاڪن جون ڳالهيون ٿو ڪريان جڏهن آئون اتي رهندو هوس. هاڻ ته اڃان به وڌيڪ سڌارا آڻين پيا جيئن سمارٽ فون ۽ آءِ پئڊ جي استعمال جي ڊپ کان، ملائيشيا وارن ٻارن کي اڪيلو ڇڏڻ تي سختي ڪئي آهي. ڪمپيوٽر تي هوم ورڪ ڪرڻ لاءِ به مائٽ جو هجڻ ضروري ڪيو ويو آهي جيئن بداخلاقيءَ کي ٻنجو اچي. تعليم پنهنجي جاءِ تي، مذهب پنهنجي جاءِ تي، پر ان سان گڏ ٻار کي اخلاق به سيکاريو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا ۾ هڪ سبجيڪٽ “اگاما” به رکيو ويو آهي جنهن ۾ نه فقط مسلمان شاگردن کي پر ملڪ جي چيني ٻڌ، هندو، سک ۽ لامذهب ٻارن کي پڻ اخلاقجي سبجيڪٽ ۾ وهڻو پوي ٿو جنهن ۾ ٻارن کي سچ ڳالهائڻ، سٺيون عادتون، وڏن جو خيال رکڻ، نشي پتي کان پري رهڻ جهڙيون ڳالهيون سيکاريون وڃن ٿيون.
اها حقيقت آهي ته اڄ جي ماڊرن دور ۾ جڏهن ملائيشيا پئسي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ امير ۽ ماڊرن ٿي ويو آهي، هنن وٽ اڄ به اخلاق ۽ سٺين عادتن کي اتم اتاهون سمجهيو وڃي ٿو ۽ انهن ڳالهين کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اڄ به ملائيشيا ۾ وڏن اڳيان سگريٽ پيئڻ کي خراب ڇا ٻڏي مرڻ برابر سمجهيو وڃي ٿو. سج لهڻ وقت، “وقتو مغرب” (سانجهي نماز جو وقت ٿيڻ وارو آهي) چئي مائٽ ٻارن کي گهر اندر سڏين ٿا ۽ نماز پڙهڻ لاءِ چون ٿا. وڏن جي عزت ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو ۽ ٻيون ڪيتريون اخلاقي ڳالهيون آهن جيڪي ملئي ڪلچر، Tradition ۾ شامل آهن ۽ جنهن لاءِ ملئي لفظ ادات (عادت) Adat آهي. ملئي ماڻهن لاءِ اُگاما Ugama ۽ ادات (مذهب ۽ اخلاق) نه رڳو اهم آهن پر برابر برابر آهن. هنن لاءِ ادات کان مٿي ڪا شيءِ ناهي. ملئيءَ ۾ پهاڪو (Prebahasa) مشهور آهي ته:
Biar Mati Anak, Jangan Mati Adat.
يعني ٻار مري ٿو ته مرڻ ڏي پر اباڻي رسم، رواج، اخلاق کي متان ختم ڪيو اٿئي. بيار معنيٰ ڀلي، Let، ماتِي معنيٰ مارڻ، اَنَڪ معنيٰ ٻار، ۽ جَنگن معنيٰ متان، هرگز نه.
ملئي ماڻهو هر صورت ۾ پنهنجا اخلاقي قدر قائم رکڻ چاهي ٿو. اسان وٽ به ان قسم جا پهاڪا جام آهن پر گهڻو ڪري اهي پهاڪن جي حد تائين آهن، جيئن ته: اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.
ڪني آڱر وڍي ڀلي.
ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان.
ماڻهو پيٽ جو نه پر عزت جو بکيو آهي.
جنهن اخلاق وڃايو ان هر شيءِ وڃائي... وغيره. منهنجن ڏوهٽن کي اسان جپاني نٿي پڙهائڻ چاهي. ان ڪري هنن جي والدين کين ڪجهه سال جپاني پڙهائڻ بعد مئٽرڪ ۽ اي ليول ملائيشيا مان ۽ ڊاڪٽوريٽ لاءِ انگلينڊ موڪليو. منهنجي زال يعني هنن جي ناني اڄ به چوندي آهي ته چڱو جو هنن شروع جا ڪجهه سال جپان جي اسڪولن ۾ گذاريا ڇو جو فضيلت ۽ اخلاق سيکارڻ ۾ جپاني اسڪولن جو جواب ناهي.
جڏهن به آئون جپان هوندو هوس ته کين اسڪول ڇڏي ۽ وٺي اچڻ منهنجي ڊيوٽي هوندي هئي ۽ فرصت ۾ آئون نه فقط سندن اسڪول پر اوسي پاسي جي علائقن جا ٻيا اسڪول به گهمندو رهندو هوس. جپان ۾ ٽي ڪلاس تائين ٻارن کي هڪ ئي سبجيڪٽ سيکاريو وڃي ٿو ۽ اهو آهي “اخلاق” ۽ “ادب”. بقول اسان جي سابق سفير دوست ظفر شيخ جي جيڪو جپان ۾ انهن سالن ۾ هو جن ۾ مون کي جپان جهاز وٺي وڃڻو پوندو هو، ان ٻڌايو ته ،حضرت عليءَ جو قول آهي ته جنهن ۾ ادب ناهي ان ۾ دين ناهي”. جپان وارن کي ان ڳالهه جي سختيءَ سان پوئواري ڪندو ڏسي، ظفر چوندو هو، “يار! سمجهه ۾ نٿو اچي ته جپان وارا حضرت عليءَ کي ڪيئن ٿا سڃاڻن! هڪڙا اسين آهيون جن کي خبر ناهي ڇو علي سائينءَ جو اهو قول اڃان تائين سمجهه ۾ نٿو اچي”.
بهرحال ان تي عمل ڪرڻ جي ذميواري في الحال جپان وارن کنئي آهي. هو هر وقت پنهنجي ملڪ جي ٻارن جي تعليم جو معيار بلند رکڻ جي فڪر ۾ رهن ٿا. هو پڙهيل ڳڙهيل محنتي ۽ ايماندار ماڻهن جي هٿن ۾ درس تدريس جو ڪم ڏين ٿا. هنن جي سوسائٽيءَ ۾ ماستر ماڻهوءَ جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي. ان بابت آئون ڪيترا دفعا لکي چڪو آهيان ته جپان جي ايئرپورٽ تي پروفيشن پڇڻ تي آئون ڪوشش ڪري ٻڌائيندو آهيان ته آئون ماستر آهيان. پوءِ مون کي لڳندو آهي ڄڻ آئون هن ملڪ جو وزيراعظم آهيان. اهو ئي حال ملائيشيا ۾ آهي. ملا ئيشيا جيتوڻيڪ اسان وانگر ايشيائي ملڪ آهي ۽ اسان جهڙا ئي ماڻهو رهن ٿا پر هن ملڪ جو صدين کان پنهنجي استاد جي عزت ڪرڻ ڪلچر رهيو آهي ۽ آئون اهو به لکي چڪو آهيان ته وزيراعظم مهاتير کان وڌيڪ هن جي والد جي عزت ڪئي وڃي ٿي جو هو اسڪول جو ماستر هو.
بهرحال هي سڀ ڪجهه لکڻ مان منهنجو مطلب اهو آهي ته ٻارن کي ڪوشش ڪري گهرن ۾ ئي رکو. هينئر ته کڻي ڪرونا جهڙي وبا پکڙيل آهي پر ان جي ختم ٿيڻ بعد به ٻارن کي ٻاهر ڇڙواڳ نه ڇڏڻ کپي. بقول منهنجي ملئي دوستن جي، هنن جي سرڪار هنن جي ملڪ ۾ ان قانون تي ان ڪري سختي ڪئي آهي جو ٻارن ۾ خراب عادتون/ خراب ڳالهيون جهٽڻ جي وڌيڪ Tendency آهي. اڄ ڪلهه انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فون جي دور ۾ هنن کي ڪڏهن به گهر کان ٻاهر ٻين ٻارن حوالي نه ڪجي. هو چند منٽن ۾ ٻين کان بريون عادتونسکي سگهن ٿا.
هتي هڪ مثال ڏيڻ بي محل نه ٿيندو جنهن مان منهنجا پڙهندڙ سبق حاصل ڪري سگهن ٿا، هو سوچ ويچار ڪري سگهن ٿا. سال ٻه اڳ مون کي سنڌ جي هڪ ماءُ جو فون آيو. هن پنهنجو نالو/ ذات ۽ شهر جو نالو جتان هوءَ فون ڪري رهي هئي نٿي ٻڌائڻ چاهيو. جيتوڻيڪ بعد ۾ اهي به ٻڌائين جن جي لکڻ جي هتي ڪا ضرورت ناهي جو هن قسم جو حادثو ڪنهن به ماءُ سان ٿي سگهي ٿو ۽ ڪيترن سان ٿيو به هوندو جو اسان وٽ بداخلاقيءَ جو گراف ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. هن مثال مان گهٽ ۾ گهٽ اسان جا والدين خبردار رهي سگهن ٿا ۽ پنهنجي اولاد تي سنجيدگيءَ سان نظر رکي سگهن ٿا. هونءَ به چوندا آهن ته ٻار جي خراب ٿيڻ خبر جي سندس مائٽ کي آخر ۾ ئي پوي ٿي.
هن عورت ٻڌايو ته هو پهرين پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سندس مڙس جيتوڻيڪ ٽيچر هو پر هن ٻارن تي نظر نٿي رکي ۽ نه هن ئي کي ڌيان ۾ ٿي آيو. “اسان اهو ئي سمجهيو ٿي ته اسان جا ٻار سڌريل آهن ۽ وڏا ٿي تعليم ۾ نالو پيدا ڪندا ۽ سٺيون نوڪريون حاصل ڪندا”.
هن ٻڌايو ته سنڌ جي ڳوٺن جو اڄڪلهه اخلاقي ماحول خراب ٿي چڪو آهي. اسان جي ڌيان نه رکڻ ڪري اسانجو وڏو پٽ پاڙي جي ٻارن جي صحبت ۾ رهي گهٽڪي، سگريٽ ۽ نشي جو عادي ٿي پيو. “اسان کي تڏهن خبر پئي جڏهن اسان محسوس ڪيو ته گهر جي خرچ جي پئسن ۾ ٻئي ٽئي ڏينهن کوٽ پئي ٿئي ۽ پيرو کنيوسين ته اسان جو لاڏلو پٽ ئي چور نڪتو جنهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي دوستن جي نشي ۽ جوئا لاءِ پئسو ٿي کتو”. ماءُ ٻڌايو.
“ان بعد مون مڙس تي زور آندو ته اسان کي ڳوٺ ۾ نه رهڻ کپي. تنهن آخر ته ڳالهه مڃي ۽ اسان لڏي ضلعي واري شهر ۾ اچي رهياسين جتي جو ماحول هر خيال کان صاف سٿرو ٿي لڳو.
”پوءِ ڀلا هاڻ ته توهان جو پٽ سٺي طرح پڙهي رهيو آهي يا نه؟” مون پڇيو، جنهن تي هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. ڪا دير ته سڏڪا ڀريندي رهي آخر هن چيو: “اسان جي ڪا قسمت خراب ٿي لڳي. اسان جي لڏي اچڻ تي مڙس ڳوٺ واري گهر ۾ ئي رهي پيو جو هن جي نوڪري اتي جي اسڪول ۾ هئي. ٻارن جي تعليم خاطر آئون ٻارن: ٽن پٽن ٻن ڌيئن کي وٺي هن شهر ۾ آيس، جتي جي پاڙي اوڙي جو ماحول ڳوٺ کان بهتر ٿي لڳو. شام جو هڪ ٻه ٻار ٽيوشن لاءِ به ويندو هو. کيڏڻ لاءِ به اتي ئي گهٽيءَ جي ٻارن سان هوندا هئا”.
“اهو ته پاڻ سٺو ٿيو”. مون چيو.
“نه. منهنجي قسمت ڪا خراب هئي جو منهنجي لاءِ سٺو نه ٿيو”. هوءَ هڪ دفعو وري سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ان بعد هن ٻڌايو ته هن جي وڏي پٽ جنهن ۾ نشي جي عادت گهر ڪري وئي هئي، ان کي هن نئين شهر جي نئين پاڙي ۾ هڪ اهڙو ساٿي ملي ويو جنهن نه رڳو هن کي پر هنجي باقي ٻن پٽن کي به چرس ۽ شراب پيئڻ جي عادت وجهي ڇڏي جنهن جي ماءُ کي شروع ۾ خبر نه پيئي ۽ نشو حاصل ڪرڻ لاءِ هو نه فقط ماءُ جون پر پاڙي وارن جي به چوري ڪرڻ لڳا. ڪجهه چوڻ تي هو ماءُ کي به گاريون ڏيڻ لڳا. هوءَ مون کان ڪنهن اداري جو پڇڻ لڳي جيڪو ان جو حل ڳولي سگهي جيتوڻيڪ هن اهو به ٻڌايو ته هو ڪنهن مولوي يا ڊاڪٽر کان نصيحت ته ڇا پر ملڻ لاءِ به تيار نه آهن. هن ٻڌايو ته هن جا ٻه وڏا پٽ ان وقت، جڏهن هن مون کي فون ڪيو هو چوري ۽ هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ جيل جي سزا ڪاٽي رهيا آهن. ننڍو پٽ جيڪو گهر ۾ هن وٽ آهي ان لاءِ به ٻڌائين ته اهو به نشي جو سخت عادي ٿي چڪو آهي.... وغيره.
پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائيسگهن ٿا ته اسان وٽ ڪهڙو ماحول آهي! اسان وٽ ڇا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به اهي پراڻا اخلاق ۽ قدر نه رهيا آهن. ٻار جتي به رهن ٿا هو اڄ جي خطرناڪ ماحول ۾ exposed رهن ٿا جنهن لاءِ والدين کي- خاص ڪري ماءُ کي monitoring ڪرڻ کپي جيئن هو خراب سنگت ۾ نه ڦاسن ۽ بقول ملائيشيا ۽ جپان وارن جي، باٽم لائين اهائي هئڻ کپي ته ٻارن کي اڪيلو گهر کان ٻاهر هرگز نه ڪڍجي. گهر ۾ به جي هنن جي هٿن ۾ سمارٽ فون، لئپ ٽاپ يا آءِ پئڊ جهڙي شيءِ آهي ته ماءُ يا پيءُ کي هنن جي ڀرسان وهڻ کپي جو آڱرين جي معمولي چرپر هنن کي اهڙين ويب سائيٽن تي پهچائي سگهي ٿي جيڪي هنن جي اخلاق لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون.

هر جهاز هر روٽ تي پنهنجي زندگي آهي

سامونڊي زندگي به عجيب آهي، بلڪه جهازن جي نوڪري به عجيب آهي! ڪناري تي ويهي ڪو ان زندگيءَ بابت سوچي نٿو سگهي. ڏهه ٻارنهن سالن کان مٿي ڏينهن رات مختلف جهازن تي Sailڪرڻ بعد اڄ ٿو سوچيان ته هر جهاز تي مختلف زندگي هئي... جهاز مالبردار هو يا ڪنٽينر کڻڻ وارو، نئون هو يا پراڻو... هر جهاز تي پنهنجا مسئلا، پنهنجيون پريشانيون، پنهنجيون خوشيون ۽ پنهنجا Charms هئا، اهڙي طرح هر سمنڊ جو پنهنجو مزاج، پنهنجي پريشاني پنهنجو سڪون ۽ پنهنجي سانت هئي ۽ هر موسم ۾ پنهنجا مزا ۽ پنهنجيون سختيون هيون. اهڙي طرح مختلفroutes جون پنهنجيون ڳالهيون هيون.
اسان جي پاڪستان جي جهازران ڪمپنيءَ وٽ پنجهتر کن جهاز هئا. ڪي ڏور اوڀر (Far East) واري روٽ تي هليا ٿي ته ڪي UK- Continent (انگلينڊ- يورپ) واريءَ تي. ڪي آمريڪا ڪئناڊا روٽ تيهئا ته ڪي آسٽريليا پاسي ويا ٿي. ڪي آفريڪا جي ملڪن ڏيبه ويا ٿي. ڏور اوڀر واري روٽ تي پراڻا جهاز هليا ٿي. جهازران ڪمپنيءَ جي انتظاميا شايد اهو سوچي ان پاسي پراڻا جهاز رکيا هئا جو ان پاسي مختلف ملڪن جا بندرگاهه هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن. ڪو جهاز پڙ ڪڍي بيهي ٿي رهيو ته ڪنهن ويجهي بندرگاهه ڏي ڇڪي وڃڻ آسان هو. ڪراچيءَ کان جپان ڏي نڪربو هو ته ٻن اڍائي ڏينهن ۾ سري لنڪا جو بندرگاهه ڪولمبو اچي ويندو هو، پر ضرورت پوڻ تي ممبئي به ترسي سگهياسين ٿي، جيڪو اڌ فاصلي تي هو. هڪ دفعي منهنجو جهاز مالابار ڪوسٽ وٽ خراب ٿي پيو هو. بيحد پراڻو جهاز هو، ڇڪي تاڻي مڙيئي ممبئي تائين آندوسين. انڊيا سان تعلقات سخت خراب هئا پر ايمرجنسيءَ ۾ اسرائيل وارا به ڪنهن کي منع نٿا ڪري سگهن. ورڪ شاپ هيلپ جي ضرورت هئي جيڪا ممبئي پورٽ طرفان ملي پر اسان کي جهاز تان لهي ممبئي گهمڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
ڪولمبو کان اڳتي هل ته ٽن ڏينهن ۾ چٽگانگ اچي ٿو پر ايمرجنسيءَ ۾ انڊيا جي نڪوبار ۽ انڊامان ٻيٽن تي به جهاز جي رپيئر ٿي سگهي ٿي- جيڪي ٻيٽ ڪولمبو ۽ ڪلڪتي/چٽگانگ جي اڌ رستي تي آهن. ڪو زمانو هو اهي ٻيٽ ڪاري پاڻيءَ جي نالي سان مشهور هئا. برٽش راڄ جي دور حڪومت ۾ ننڍي کنڊ جا وڏا ڌاڙيل ۽ باغي سياستدان هنن ٻيٽن جي جيلن ۾ رکيا ويا ٿي. هاڻ ته هنن ٻيٽن کي انڊيا حڪومت اهڙو ته سهڻو بڻائي ڇڏيو آهي جو هڪ طرف دنيا جي ٽوئرسٽن جي ڌم رهي ٿي ته ٻئي طرف پاڻيءَ جي جهازن جي مرمت جون سهولتون مهيا ڪرڻ ڪري هتان لنگهندڙ جهاز ايمرجنسي رپيئر ۽ نارمل ڊراءِ ڊاڪنگ لاءِ هتي اچن ٿا. ٽوئرزم ڪري هنن ٻيٽن جي غريب عوام جي زندگي خوشحال بڻجي وئي آهي. دادو ضلعي جو ڏتڙيل ۽ بيروزگار عوام اڃا ويٺو انتظار ڪري ته اجهو ٿي گورک هل ٺهي مڪمل ٿئي ۽ ملائيشيا جي “گنتنگ هاءِ لئنڊس” وانگر هتي به ڏينهن رات ٽوئرسٽ اچن، جن جي کاڌي پيتي، گهمڻ ڦرڻ ۽ خريداريءَ ۾ مقامي ماڻهو ڪمائين.
اڄ وارو بنگلاديش 1971ع کان اڳ تائين پاڪستان جو حصو هجڻ ڪري اسانجي جهازران ڪمپنيءَ جا ڪجهه جهاز هر وقت ان پاڪستان جي حصي (مشرقي پاڪستان) جي بندرگاهن چٽگانگ ۽ چالنا ۾ ايندا ويندا رهيا ٿي. پاڪستان جي ٻين جهازران ڪمپنين جا ڪجهه مسافر جهاز- خاص ڪري ايم وي رستم ۽ ايم وي اوشن انرجي ته مقرر ئي هن روٽ تي هئا. اهي هر مهيني ڪراچيءَ کان ستن ڏينهن جي سفر بعد چٽگانگ پهتا ٿي، هفتو کن چٽگانگ ۾ ترسي اتان مسافر کڻي ڪراچيءَ لاءِ نڪتا ٿي. ڪراچي پهچي هفتو کن آرام ڪري وري چٽگانگ لاءِ روانا ٿيا ٿي. واٽ تي ڪجهه ڪلاڪ ڪولمبو ۾ ترسي اتان جهاز لاءِ تيل ۽ ماڻهن لاءِ راشن پاڻي ورتو ٿي، انهن ڏينهن ۾ هن پسگردائيءَ ۾ عدن، ڪولمبو ۽ سنگاپور ڊيوٽي فري بندرگاهه هئا. يعني جهاز وارن کي تيل توڙي مشروبات (ڪوڪا ڪولا، سيون اپ کان بيئر وسڪي)، چاڪليٽ، عطر ۽ ٻيون شيون فئڪٽري جي اگهه تي مليون ٿي، جيڪي مسافر توڙي جهاز هلائڻ وارو عملو سمنڊ تي استعمال ڪري سگهيو ٿي پر چٽگانگ يا ڪراچيءَ ۾ ٻاهر ڪڍڻ تي ٽئڪس ڏيڻو پيو ٿي.
هن روٽ تي خاص ڪري پئيسنجر جهازن تي نوڪري ڪرڻ وارن مان ڪي خوش هئا- خاص ڪري اهي جونئر آفيسر: ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، فورٿ آفيسر، ٿرڊ آفيسر وغيره، جن لاءِ وڌيڪ بين الاقوامي امتحان ڏئي ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ٿيڻ ناممڪن هو، اهي هر مهيني هفتو کن ڪراچي يا چٽگانگ ۾ جتي هنن جي فئملي هئي، گذاري سگهيا ٿي ۽ سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا سندن فئملي کي هنن مسافر جهازن تي Sail ڪرڻ جي اجازت ملي وئي ٿي. باقي ڪارگو جهازن تي ڪئبنن جو تعداد گهٽ هجڻ ڪري ۽ بوٽ ڪئپيسٽي لميٽيڊ هجڻ ڪري فقط ڪئپٽن، چيف ميٽ، چيف انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ۽ ريڊيو آفيسر کي فئملي (زال ۽ ٻن ٻارن) سان Sail ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. پئيسنجر جهازن تي جيتوڻيڪ پگهار وڌيڪ ٿو ملي پر گهڻي ڀاڱي جهاز هلائيندڙ آفيسر”پئسينجر جهازن” کي پسند نٿا ڪن جو اهي جهاز بندرگاهه ۾ گهٽ عرصو بيهن ٿا ۽ سڄي سفر ۾ هنن جا فقط ٻه يا ٽي بندرگاهه مقرر ٿين ٿا جن ۾ هو ڏينهن اڌ مس ترسن ٿا. دنيا گهمڻ واري ڳالهه ختم ٿيو وڃي ۽ ڪراچي چٽگانگ روٽ تي سال جو وڏو عرصو اسان وارو عربي سمنڊ مڇريل رهي ٿو ۽ هوڏانهن خليج بنگال ۾ سياري ۾ به طوفان ۽ Cyclones اچيو وڃن ۽ خليج بنگال وارا- يعني ڪولمبو کان چٽگانگ وارا ٽي چار ڏينهن آنڊي جي مريض وانگر تڙپندي گذاربو هو. سخت Sea Sickness ٿيندي هئي ۽ خالي پيٽ تي به اٻڙاڪ ۽ الٽيون اينديون رهيون ٿي. سخت مايوسيءَ جي حالت ۾ خليج بنگال لتاڙبو هو. آئون ڪڏهن ڪراچي چٽگانگ روٽ تي نه رهيس پر بنگلاديش ٿيڻ کان اڳ ۽ هڪ ٻه دفعو پوءِ به منهنجو چٽگانگ ۽ چالنا (جيڪو هاڻ “مونگلا” سڏجي ٿو) بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيو. جپان ويندي رستي تان چٽگانگ مان سڻي کنئي هئيسين. هڪ دفعي يورپ ويندي بيلجيم جي بندرگاهه ائنٽورپ لاءِ چالنا (Mongla) مان ڏيڏر کنيا هئاسين. چالنا جي آس پاس ندين ۾ ڏيڏر جام ٿين ٿا جيڪي يورپ ۾ وڏي اگهه تي وڪامن ٿا- خاص ڪري بيلجيم ۾ ته اهو خاص ڊش سمجهيو وڃي ٿو جيئن اسان وٽ سمجهو ته تتر آهن. هڪ دفعو ته بنگلاديش ٿيڻ بعد جيئن پاڪستان ۽ بنگلاديش جا تعلقات نارمل ٿيا ته ڪراچيءَ کان چٽگانگ لاءِ ريل گاڏيءَ جون بوگيون کڻي ويا هئاسين جيڪي پنجاب ۾ ٺهيون هيون يا شايد ٻئي ملڪ جون ٺهيل هجن جتان جو جهاز ڪراچيءَ لاهي ويو هجي ۽ وڌيڪ منزل تائين پهچائڻ جو ڪم اسان کي سونپيو ويو هو. بهرحال چٽگانگ ۽ چالنا (مونگلا) ۾ ايندي مونکي خوشي ٿي ٿي. هڪ ته ڪڏهن ڪڏهن اچڻ ٿيو ٿي ٻيو ته آئون چٽگانگ ۾ پڙهيو هوس ۽ ڪيترائي ماڻهو ۽ ڪلاس ميٽن جون فئمليون سڃاڻيون هيون. شادي بعد فئملي کي به ننڍپڻ جي ڏينهن جون جايون، گهٽيون ۽ اوسي پاسي جا ڳوٺ ڏيکاريندو هوس. چٽگانگ جو بندرگاهه سمنڊ جي ڪناري تي نه پر ڳپل پنڌ اندر ڪرنا ڦلي نديءَ ۾ آهي جيئن سمجهو ته ڪوٽڙي آهي جتي پهچڻ لاءِ ڌارين ملڪن جا جهاز سمنڊ لتاڙي سنڌو نديءَ ۾ اندر داخل ٿيا ٿي يا جيئن آمريڪا جي بندرگاهه نيو اورلينس ۾ پهچڻ لاءِ جهاز کي مسي سپي نديءَ ۾ ڪافي اندر وڃڻو پوي ٿو. ندين وارن بندرگاهن ۾ پهچڻ وارو نظارو بيحد خوبصورت ٿئي ٿو- جيئن پاناما يا سئيز ڪئنال اڪرڻ وارو نظارو ٿئي ٿو- پاسي کان روڊ رستا، گاڏيون گهر، ٻنيون کيت- جهڙوڪر ريل گاڏيءَ ۾ پيو سفر ڪجي.

چٽگانگ ڏکڻ اوڀر ايشيا جو جهونو بندرگاهه

چٽگانگ صدين کان هن پاسي جو مشغول بندرگاهه رهيو آهي ۽ هن بندرگاهه جو رڪارڊ چوٿين صدي قبل مسيح کان آهي- يعني حضرت عيسيٰ عه جي جنم کان به 400 سال اڳ جو رڪارڊ آهي ته چٽگانگ هڪ اهم بندرگاهه هو. ٻي صدي عيسوي سن ۾ يوناني حسابدان، ائسٽرانامر، جاگرافر، علم نجوم جي واقف ڪار ۽ شاعر بطليموس (Claudius Ptolemy) جيڪو نقشو ٺاهيو ان ۾ چٽگانگ ڏيکاريل آهي ۽ ان لاءِ هو لکي ٿو ته مشرقي دنيا جو هڪ ٺاهوڪو بندرگاهه آهي. پٽولمي (بطليموس) عيسوي سن 100 ۾ ڄائو هو ۽ 170ع ۾ وفات ڪيائين.
عرب سوداگران جو هن بندرگاهه ۾ نائين صديءَ کان اچڻ شروع ٿيو. 1154ع ۾ عرب جاگرافر الادريسي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته بغداد ۽ بصري جا مسلمان واپاري چٽگانگ ايندا رهيا ٿي جن هن طرف اسلام پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي عرب جاگرافر (سڄو نالو ابو عبدالله محمد الادريس يالقرطبي) نقشا ٺاهڻ جو به ماهر هو ۽ مغربي دنيا ۾ هو Egyptologist مشهور آهي- يعني هن کي مصر جي جاگرافي، تاريخ ۽ ٻين ڳالهين جي وڏي ڄاڻ هئي. الادريسي سن 1100ع ۾ سُوٽا (Ceuta) شهر ۾ ڄائو. سِسلي (اٽلي) جي شهر پالرمو (Palermo) ۾ “ڪنگ راجر ٻئي” جي درٻار ۾ ڪم ڪيو ۽ 1165 ۾ وفات ڪيائين. هن جوانيءَ جو وڏو عرصو اتر آفريڪا جي ملڪن ۽ الاندلس (ان وقت جي مسلمانن جي اسپين) جو سير ڪيو. سورهن ورهن جي ڄمار ۾ هن ترڪي، يونان، شام ۽ عراق پاسي جو سير ڪيو ۽ اسپين جي شهر قرطبه (Cordoba) ۾ تعليم حاصل ڪئي، جنهن بندرگاهه واري شهر سُوٽا ۾ الادريسيءَ جنم ورتو ان خوبصورت بندرگاهه ۾ اسان جي اڪثر هر جهاز جبرالٽر وٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان ڀوئنچ سمنڊ ۾ ايندي يا نڪرندي، ڏينهن اڌ لاءِ ترسي جهاز لاءِ تيل ۽ راشن پاڻي خريد ڪيو ٿي جو اهو بندرگاهه پڻ ڊيوٽي فري رهيو آهي. نقشي ۾ ڏسندائو ته جبرالٽر وٽ آفريڪا کنڊ جو ملڪ موراڪو ۽ يورپ کنڊ جو ملڪ اسپين ڄڻ مليا پيا آهن. هڪ سوڙهو Passage آهي جنهن مان لنگهي جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ يا ميڊيٽرينين سمنڊ ڏي وڃن ٿا. سُوٽا هڪ ننڍڙو شهر آهي- اٽڪل 18 چورس ڪلو ميٽر (7 چورس ميل) جيڪو جيتوڻيڪ موراڪو ملڪ جي پڇڙيءَ وٽ آهي پر آهي اسپين جي حوالي. هن وقت هن شهر جي آدمشماري نوي هزار آهي جن ۾ وڏو تعداد عيسائي ۽ مسلمانن جو آهي ۽ ڪجهه يهودي پڻ رهن ٿا. حيرت جي اها ڳالهه ته 1968ع يا 1969ع ۾ جڏهن منهنجو جهازرستي پهريون دفعو سُوٽا اچڻ ٿيو، ان وقت (۽ اڄ به) سنڌي هندن جو وڏو تعداد هن شهر ۾ رهيو ٿي. ان وقت ته اهي سڀ واپار سان لڳل هئا پر هاڻ سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ جبرالٽر جي سنڌي هندن وانگر سُوٽا جا سنڌي هندو سرڪاري نوڪرين ۾ پڻ آهن. سُوٽا ۾ شروع کان هسپانوي ۽ عربي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. هن شهر کي عرب سبته (Sabtah) سڏين ٿا. ان ڪري الادريسيءَ پاڻ کي “السبتي” به سڏايو ٿي ۽ اهل بيت هجڻ ڪري هن جي نالي ۾ “الحسني” به شامل آهي.
بهرحال هن سُوٽا شهر جي ڄائي جاگرافر الادريسي پنهنجي Notes ۾ چٽگانگ بابت لکيو آهي. اهڙي طرح سير سپاٽو ڪندڙ (Explorers & travelers) چين جي شوان زنگ (Xuanzang) ڄم جو سال 602ع، وفات 664ع ۽ ماخوا (Ma Huan) ڄم 1380ع، وفات 1460ع، پڻ پنهنجن سفر نامن ۾ چٽگانگ جو ذڪر ڪيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته اهو “چٽگانگ” نالو انگريزن رکيو، مڪاني ماڻهو يعني بنگالي “چتروگرام” چون ٿا ۽ ننڍي کنڊ جا ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ وارا “چاٽگام” سڏين ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته موراڪو (مراقش) جو ابنِ بطوطا (1368-1304) ۽ وينس (اٽلي) جو نيڪولو دي ڪونتي (1469-1395) چوڏهين ۽ پنڌرهين صديءَ ۾ هتي آيا ۽ پنهنجن سفر نامن ۾ هن بندرگاهه جو احوال لکيو اٿن. سورهين ۽ سترهين صديءَ جو ڪجهه حصو پورچوگالين جو، هن بندرگاهه تي قبضو رهيو پر پوءِ انهن کي هتان ڊوڙايو ويو ۽ هو گوا تائين محدود رهيا، ۽ چٽگانگ مغل سلطنت جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ سندس نالو اسلام آباد رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾ چٽگانگ سٺي ترقي ڪئي- خاص ڪري جهاز سازيءَ ۾. مغل سلطنت ۽ ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه جون ٻيڙيون هتي ٺهڻ لڳيون پر سگهو ئي انگريزن جي بنگال ۾ طاقت وڌڻ لڳي ۽ پلاسيءَ جي لڙائيءَ بعد بنگال جي نواب هن بندرگاهه جو قبضو 1760ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حوالي ڪيو جن هن بندرگاهه جو نالو چٽگانگ رکيو. 1947ع ۾ انگريزن ٽپڙ ٻڌا ڪراچي ۽ چٽگانگ وغيره پاڪستان جا بندرگاهه ٿيا. 1971ع ۾ هن پاسي وارو مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿيو، تڏهن به ۽ اڄ به چٽگانگ هن پاسي جو مشغول بندرگاهه آهي. جن ڏينهن ۾- يعني 1963ع کان اسان جڏهن چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهندا هئاسين ته هفتي جو هڪ ڏينهن پرئڪٽيڪل ڪلاسز لاءِ چٽگانگ بندرگاهه ۾ ايندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ اڃا ڪنٽينر سروس ايجاد نه ٿي هئي. هر شيءِ- ڪار هجي يا اناج جون ڳوڻيون کليل حالت ۾ رسي جي ڄارين ذريعي جهاز تي چاڙهيون ۽ لاٿيون ويون ٿي. اهڙي طرح هڪ دفعي اسان جهاز تان هاٿيءَ کي لهندو ڏٺو جيڪو شايد بئنڪاڪ يا سري لنڪا کان چٽگانگ جي چڙيا گهر (Zoo) لاءِ گهرايو ويو هو.
جهاز جڏهن بندرگاهه ڇڏي ٿو ته ڪلاڪ ٻن بعد اهو کلئي سمنڊ ۾ پهچيو وڃي. بندرگاهه جون عمارتون آهستي آهستي ٿي ڌنڌليون ٿيو وڃن ۽ پوءِ چوڌاري رڳو سمنڊ ئي سمنڊ آهي- حدِ نظر تائين سمنڊ ئي نظر اچي ٿو. جهاز جي مٿئين ڊيڪ تي بيهي چوڌاري نظر ڦيرائبي ته سمنڊ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ ٿالهه وانگر نظر ايندو جنهن جي وچ ۾ اسان جو جهاز ٿئي ٿو. رکي رکي ڪڏهن ڏينهن ۾ هڪ ٻه دفعا پري کان ڪو جهاز کاٻي کان ساڄي ويندي نظر اچي ٿو يا سامهون کان اسان ڏي ايندو نظر اچي ٿو. مثال طور ڪراچيءَ کان ممباسا ويندي اٺن کان نو ڏينهن لڳيو وڃن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهڙي خاموش ۽ ساڳي هڪ جهڙي نظاري جو به مزو اچي ٿو ۽ پوءِ جڏهن منزل تي پهچجي ٿو- يعني بندرگاهه جي ويجهو پهچڻ تي وڌيڪ مزو اچيو وڃي. هيترن ڏينهن جي ساڳي سمنڊ واري نظاري بعد ڪناري جون عمارتون، جبل، ڪارخانن جون چمنيون ۽ انهن مان نڪرندڙ دونهون، اڏامندڙ پکي، چوڌاري هيڏانهن هوڏانهن ويندڙ بتيلا، بارجون، ٻيڙيون ۽ لانچون ڏسي دل بهار بهار ٿيو وڃي ته هاڻ گهٽ ۾ گهٽ اڄ رات سمهڻ بعد سڀاڻي اک کلندي ته جهاز هڪ هنڌ تي بيٺل هوندو ۽ ڪنهن طوفان يا ڇتي سمنڊ جي منهن ۾ نه هونداسين.

سامونڊي ۽ دريائي بندرگاهه

مٿي لکي آيو آهيان ته اهڙا بندرگاهه جيڪي ندين اندر آهن جيئن کڻي چئجي ته اسان جو ڪوٽڙي يا بئنڪاڪ، نيو اورلينس وغيره انهن ۾ پهچڻ يا واپس سمنڊ ڏي موٽڻ جو نظارو مزيدار ٿئي ٿو. سمنڊ ۾ جڏهن جهاز هلي ٿو ته چوڌاري سمنڊ هجڻ ڪري ڊيڪ تان يا پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان پري پري تائين سمنڊ جون ڇوليون ئي ڇوليون نظر اچن ٿيون پر ڪنهن درياهه يا ڪنهن ڪئنال مان لنگهندي جهاز جي ٻنهي پاسي درين مان پاڻيءَ بدران زمين ۽ ان تي ٺهيل گهر، ڪارخانا، ٻنيون ٻارا، اسڪول يونيورسٽيون، روڊ رستا ۽ انهن تي هلندڙ لاريون موٽرون ۽ ريل گاڏيون نظر اچن ٿيون. جهاز جي لنگهڻ وقت رستن تان هلندر چلندڙ ماڻهو ۽ ٻار ٻچا هڪ هنڌ بيهي جهاز کي ڏسندا آهن ۽ اسين کين ڏسندا ۽ هٿ لوڏيندا آهيون. درياهه مان جهاز لنگهڻ وارو نظارو نه فقط اسان جهاز تي موجود ماڻهن لاءِ دل لڀائيندڙ ٿئي ٿو پر درياهه جي ڪناري تي رهندڙ ماڻهن لاءِ پڻ.
اسان جي سنڌو ندي گهڻو اڳ تائين قابلِ آمدرفت هئي يعني Navigable هئي. دنيا جا جهاز سمنڊ لتاڙي سنڌو ندي جي ڊيلٽا وٽ پهچندا هئا، پوءِ سنڌو ندي اندر ملتان تائين هليا ويندا هئا. سنڌونديءَ تي بئراجن ۽ پلين جي اڏجڻ ڪري جهازن جي آمدرفت بند ٿي وئي ۽ هاڻ درياءَ جي کوٽائي (Dredging) ئي نٿي ٿئي. جهازن جي سائيز به وڏي ٿي وئي آهي ۽ سنڌو نديءَ جي پوڇڙ واري حصي ۾ ايترو پاڻي نه رهيو آهي جنهن ۾ جهاز تري سگهي. ڪوٽڙي بئراج بعد هيٺ سمنڊ ڏي ته درياهه جهڙو سڪو پيو آهي ۽ سياري ۾ ته ننڍڙيون ٻيڙيون به نظر نٿيون اچن پر جي سنڌو نديءَ مٿان ڪا پل يا بئراج نه هجي ها، پاڻي جام هجي ها ته اڄ به هن مان جهاز هلي ڪوٽڙي، سکر ۽ ملتان تائين پهچن ها. ذرا تصور ڪريو ته توهان ڪوٽڙي، هالا پراڻا، محرابپور، سکر يا ان کان مٿي درياهه جي ڪناري تي ڪنهن شهر ۾ واڪ ڪري رهيا هجو ته هڪ آفت جيڏو جهاز اچي لنگهي! توهان کي اهو ڏسي ضرور حيرت ۽ خوشي ٿيندي. آمريڪا جي ڪنساس بندرگاهه يا نيو اورلينس بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ جڏهن جهاز مسوري يا مسي سپي ندين مان هلي ٿو، يا بئنڪاڪ ۾ پهچڻ لاءِ چائوفريا درياهه مان لنگهي ٿو ته آئون ڪوشش ڪري اهو وقت ڪناري جا نظارا ڏسڻ لاءِ جهاز جي ڊيڪ تي اچي ويهندو هوس يا پنهنجي ڪئبن جي دري کولي بيٺو هوندو هوس. نه رڳو مون کي پر جهاز جي هر هڪ ماڻهوءَ کي درياهه مان هلڻ وارو نظارو وڻي ٿو. بئنڪاڪ، چٽگانگ، نيو اورلينس جهڙا بندرگاهه ان لحاظ کان اسان جي ماڻهن لاءِ دلپسند بندرگاهه آهن. هونءَ به درياءَ يا سئيز، پاناما ۽ ڪِيل (Kiel) ڪئنالن مان لنگهڻ وارو سفر پُرسڪون ٿئي ٿو- خاص ڪري جهاز هلائڻ وارن لاءِ، ڇو جو اهڙن سوڙهن رستن تي نه طوفان لڳن ٿا ۽ نه سمنڊ مڇرجي ٿو. اهي سامونڊي مصيبتون جن ڪري اسان جهاز وارن کي سي سڪنيس ٿئي ٿي- يعني الٽيون ۽ زندگيءَ مان سخت مايوسي (ڊپريشن) ۽ جهاز کي لوڏا اچڻ ڪري جهاز جي باڊيءَ ۽ انجڻ کي نقصان رسي ٿو- سڀ کلئي سمنڊ جا مسئلا آهن- جتي ڀڄي لڪڻ جي به ڪا واهه نٿي ملي. ٻي ڳالهه ته اهڙين سوڙهين گهٽين (Passages) مان لنگهڻ وقت جهاز کي پاڻ هلائڻ بدران مقامي پائلٽ کڻڻو پوي ٿو. دنيا جي ڪنهن عام بندرگاهه ۾ گهڙڻ لاءِ به پائلٽ کڻڻو پوي ٿو. پائلٽ تجربيڪار جهاز جا ڪئپٽن ٿين ٿا جن کي هر بندرگاهه وارا پاڻ وٽ رکن ٿا ۽ کين ان بندرگاهه جي چڱي طرح ڄاڻ ڏين ٿا ته بندرگاهه ڪٿي ۽ ڪيترو سوڙهو ۽ ويڪرو آهي، ڪٿي ڪيترو اونهو آهي، هر قسم جي جهاز کي جيٽيءَ سان ڪيئن لڳائجي ۽ جهاز جي وزن ۽ سائيز مطابق ان کي ڪهڙي رفتار سان بندرگاهه ۾ هلائجي وغيره. اسان جو جهاز پنهنجي ملڪ جي بندرگاهه ڪراچيءَ يا پورٽ قاسم ۾ پهچي يا ڪنهن ڌارئين ملڪ جي بندرگاهه ڪولمبو، ممباسا، عدن، مدراس يا نيويارڪ پهچي- اسان جو ڪم جهاز کي فقط ڪراچيءَ کان هلائي منزل واري بندرگاهه جي ٻاهران کلئي سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي پورٽ اٿارٽيز کي اطلاع ڪرڻ آهي، پوءِ انهن جو ڪم آهي ته هو اسان کي ان ئي وقت گهرائين يا ڏينهن ٻن بعد. دراصل بندرگاهه وارا به جائزو ٿا وٺن ته جيڪو جهاز آيو آهي ان جي سائيز ڇا آهي ۽ ان سائيز جي جيٽي خالي آهي يا نه، ۽ جيڪو سامان کڻي آيو آهي ان کي ٻاهر ڪڍڻ واريون خاص ڪرينون وانديون آهن يا نه، يا جنهن سامان کي کڻڻ آيو آهي اهو سامان بندرگاهه تي موجود آهي يا نه. هڪ دفعي اسان جو جهاز آفريڪا جي ملڪ موزمبق جي بندرگاهه لارينزو مارڪس (جيڪو هاڻ موپوتو سڏجي ٿو) ۾ لوهي پٿر (Iron Ore) کڻڻ لاءِ پهتو. هيءَ 1970ع جي شروعات وارن سالن جي ڳالهه آهي. هڪ ٻن ڏينهن بعد اسان جي جهاز جي سائيز جي جيئن ئي جيٽي خالي ٿي ۽ مالبردار ريل گاڏيون بندرگاهه ۾ داخل ٿيون ته اسان جي جهاز کي ٻاهران وٺي اچي بندرگاهه ۾ ان جيٽي وٽ بيهاريو جنهن جي ڀرسان ريل جا پٽا هئا جن تي پهرين مال گاڏي ڪنهن ڏورانهين شهر ۾ موجود جبل تان جابلو پٿر (Iron Ore) کڻي پهچي وئي هئي. اهي پٿر پنجن کان ويهه سيرن جا ٿيندا. انهن پٿرن سان پنهنجو ويهه هزار ٽن مال کڻڻ واري جهازکي ڀرائي آمريڪا جي بندرگاهه هوسٽن پهچڻو هو، جتي جي ڪنهن اسٽيل مل يا ڪنهن ٻئي ڪارخاني، جنهن جو آرڊر هو، انهن کي اهو پٿرڳاري لوهه ٺاهڻو هو.
بهرحال جهازن جا هئچ ڪور (ڍَڪَ)کولياويا. جهاز جي گدام کي هئچ (Hatch) سڏجي ٿو. ان جهاز ۾ پنج هئچ هئا. يعني هر هئچ ۾ چار هزار کن ٽن (4000000 ڪلو) سامان اچي سگهيو ٿي. هاڻ جڏهن لوڊنگ جو ڪم شروع ٿيو ته خبر پئي ته ريل گاڏي جن بوگين ۾ پٿر کڻي آئي هئي، اهي هيڪانديون وڏي سائيز جون هيون جن کي بندرگاهه واري ڪرين کڻي نٿي سگهي. دراصل هر سامان چاڙهائڻ جو پنهنجو طريقو ٿئي ٿو، جيڪڏهن بوگين ۾ اناج آهي ته اهو پمپن ذريعي بوگين مان ڪڍي جهاز جي گدامن ۾ ڦٽو ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن رڍون يا ٻڪريون آهن ته تختا اڀا ڪري انهن مٿان انهن کي واڪ ڪرائي جهاز تي پهچائي سگهجي ٿو. پٿرن جهڙي سامان لاءِ ڪرين هڪ هڪ ڪري دٻو (بوگي) مٿي کڻي هئچ (گدام) جي کليل منهن مٿان جهلي اوندهو ڪري ٿي. ڪو زمانو هو- يعني 200 سال کن اڳ جڏهن اڃا ڪَلَ جا جهاز (آگبوٽ) ايجاد نه ٿيا هئا ته ڪلڪتي، چٽگانگ يا عدن جهڙن بندرگاهن مان اهڙو سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ چار پنج سئو مزور قطار ڪري بيهندا هئا ۽ پٿر يا ڪوئلي جهڙو ڪارگو هڪ ٻئي کي ڏيندا ويندا هئا.
ٽي ڏينهن انتظار ڪرڻ بعد ٻي وڏي ڪرين بندرگاهه ۾ پهتي، هڪ ٻئي پويان ريل گاڏيون به اچڻ شروع ٿيون ۽ سامان سان جهاز کي مَس مَس ڀريو ويو. ڪنهن کي نقصان ٿيو ڪنهن کي فائدو؟ اسان جهاز هلائڻ وارا اهڙين حالتن ۾ خوش ٿيندا آهيون جو اسان کي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ڪناري جا گهمڻ ڦرڻ لاءِ ملي ويندا آهن. ڪناري جا ڏينهن اسان لاءِ آرام جا ڏينهن هوندا آهن .... نه طوفان، نه سامونڊي ڇتيون ڇوليون ۽ نه پيرن تي بيهي 4 ڪلاڪ ڏينهن جو 4 ڪلاڪ رات جو جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي. بندرگاهه وارن جي اهڙين حالتن ۾ بي عزتي ۽ بدنامي ٿئي ٿي جو ان قسم جون خبرون پڙهي جهازن جا مالڪ ۽ مال گهرائڻ وارا واپاري اهڙي بندرگاهه مان مال گهرائڻ يا موڪلڻ کان توبنهن ڪن ٿا- نتيجي ۾ بندرگاهه وارن جي ڪمائي گهٽجيو وڃي جيڪا هو ڪرينن ۽ جيٽي تي جهاز بيهارڻ جي روز جي لکين رپيا مسواڙ مان حاصل ڪن ٿا. وٺن ٿا. ان کان علاوه پائلٽ ۽ ٽگ بوٽ مهيا ڪرڻ جي بندرگاهه وارا الڳ في وٺن ٿا. جهاز جي مالڪن جو وڏو نقصان ٿئي ٿو جو هنن کي فالتو ڏينهن جي مسواڙ ڏيڻي پوي ٿي پلس جهاز جي عملي جا پگهار، کاڌا پيتا ۽ ٻين سهولتن پٺيان خرچ، اهڙين حالتن ۾ جهازن جا مالڪ ڪمائڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن نقصان ۾ هليا وڃن ٿا.

ٿائلنڊ جي چائو فريا نديءَ مان لنگهڻ وقت

سو جهاز جڏهن کلئي سمنڊ ۾ آهي ته اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ ساهه مٺ ۾ آهي. هڪ ته ڏينهن رات جي ڏکي ڊيوٽي ٻيو هر وقت طوفانن ۽ سمنڊ بگڙڻ جو خوف، باقي جهاز بندرگاهه ۾ آهي يا ڪنهن سوڙهي سمنڊ (درياهه، ندي، ڪئنال، يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ ۾ يا ڪئناڊا جي ڪنهن Lake ڍنڍ) ۾ پيو هلي ته اسان لاءِ آرام آهي- نديءَ مان هلڻ وقت ته ڄڻ مفت ۾ بس يا ٽرين جو سفر پيا ڪريون. پاڻيءَ جي جهازن جي هونءَ ئي رفتار گهٽ ٿئي ٿي- ويهن کان پنجويهن ميلن تائين ۽ جڏهن سوڙهن رستن (دريائن ۽ ڪئنالن) مان هلي ٿو ته اڃا به گهٽائي ڏهه ٻارهن ميل رکڻي پوي ٿي ۽ بئنڪاڪ لاءِ سمنڊ لتاڙي پوءِ چائو فريا (Chaophrya) نديءَ جي منهن وٽ ٿو اچجي يعني جتي ٿائلينڊ جي هيءَ ندي چائوفريا سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪري. ان ڇوڙ وٽ فراچولا چومڪلائو Phra Chulachomklaoنالي هڪ آڳاٽو قلعو آهي، ان هنڌ کان بئنڪاڪ باءِ روڊ ڪو 35 ڪلو ميٽر مس آهي ۽ پبلڪ بس يا ٽئڪسي ڪلاڪ اندر بئنڪاڪ پهچائي ٿي پر جهاز رستي ٻيڻ کان به وڏو پنڌ آهي جو بئنڪاڪ تائين هن چائوفريا نديءَ ۾ وڏا وڙ وڪڙ آهن. ايتريقدر جو هڪ هنڌ ته گهڙيال جي انگ 2 کان 10 تائين گولائي کائي وري سڌي ٿئي ٿي ۽ هونءَ به درياهه ۾ هلڻ مهل جهاز جي رفتار تمام Slowرکڻي پوي ٿي. ان ڪري درياهه جي ڇوڙ کان بئنڪاڪ شهر تائين پهچندي ڇهه ست ڪلاڪ لڳيو وڃن، پر هن نديءَ جو سفر مسي سپي ۽ مسوري ندين کان وڌيڪ دلچسپ رهي ٿو جو ٿائلينڊ ۾ ماڻهن جا گهر درياهه جي ڪناري تي ٿين، سندن گهرن جا رڌڻا، باٿ روم ۽ دڪيون درياهه پاسي ٿين جو هنن جي هاروير ۽ گٽر جو پاڻي چائوفريا نديءَ ۾ وڃي ٿو. ٿائلينڊ جو وڏو شهر بئنڪاڪ درياهه جي ڪناري تي هجڻ ڪري هتي جا ماڻهو سستي ۽ تڪڙي سواريءَ لاءِ ٻيڙي استعمال ڪن ٿا. هنن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ پوئين در (يعني درياهه پاسي واري در) کان “ٽئڪسي بوٽ” سولي مليو وڃي. ميوي، ڀاڄي ڀتيءَ لاءِ به هنن کي مارڪيٽ وڃڻ جي ضرورت نٿي پوي. توهان کي هر قسم جا دڪان ٻيڙين ۾ ملندا ۽ اهڙيون دڪانن واريون سوين ٻيڙيون صبح کان رات جو دير تائين “چائوفريا” ندي ۽ ان مان نڪتل ڪئنالن ۽ شاخن ۾ پيون هلن. گهر جي پويان واريون ڌڪيون هتي جي ماڻهن جون اوطاقون به آهن جتي مردن جي نوڪرين ۽ پورهئي تي وڃڻ بعد عورتون ويهي ڪچهريون به ڪن ته ٻارن کي ٿڃ به پيارين يا هڪ ٻئي جون جوئون به ڪڍن. هاڻ ويهن کان مٿي سال ٿي ويا آهن جو منهنجو چائوفريا درياهه مان لنگهڻ نه ٿيو آهي. اڄ جي دور جون نوجوان ٿائي عورتون ۽ ڇوڪريون پڪ موبائيل ۽ آءِ پئڊ کڻي ويهنديون هونديون ۽ فيس بڪ ۽ يو ٽيوب ذريعي وقت پاس ڪنديون هونديون باقي سندن ڏاڏيون نانيون جيڪي مري کپي ويون يا اسان وانگر اڃا هن دنيا ۾ تِڳن پيون، اهي جڏهن جوان ۽ ٺاهوڪيون هيون ته پنهنجي سونهن وڌائڻ لاءِ پنهنجي منهن کي اٽي يا ميٽ جو ليپ ڏيڻ ۾ وقت گذارينديون هيون يا جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته قطار ۾ ويهي هڪ ٻئي جي مٿي مان جوئون ڪڍنديون هيون، گهر جي پٺئين در جي ويڪرين ۽ ڊگهين ڌڪين تي ويهي ڪچهري ڪرڻ کان علاوه درياهه مان بالٽيون ڀري وهنجڻ هتي جي ماڻهن جو- خاص ڪري ٿائي عورتن جو، خاص مشغلو آهي. هاڻ ڪا اها پرئڪٽس به ختم ڪئي هجين ۽ گهر اندر ٽوائليٽ سان گڏ وهنجڻ جاءِ ٺهرائي نلڪي هيٺان وهنجڻ سکيو هجين نه ته پندرهن کن سال جيڪي آئون جهاز رستي هن درياهه مان لنگهيس عورتن کي اڌ ڇاتيءَ کان سَٿرن تائين پوتڙو، ٽوال يا سرونگ (گوڏ) ويڙهي گهر جي ٻاهران وهنجندي ڏٺم. جهاز جي هيٺئين ڊيڪ تي بيٺل خلاصي جيڪي سمجهو ته هنن جي گهرن جي زمين واري ليول تي ٿي آيا، هنن تي پيا سيٽيون وڄائيندا هئا، رمارڪ ڏيندا هئا پر هنن کي ڪا پرواهه نه هوندي هئي بلڪه ڪي ڪي عورتون ته خوش مزاجيءَ جو اظهار ڪندي اڏامندڙ چميون ڏينديون هيون. اشارا ڪري چونديون هيون ته “جهاز بندرگاهه ۾ ٻڌجي وڃي ته سڌا اسان وٽ اچجو.” بعد ۾ اسان کان اڳ آيل جهازين کان معلوم ٿيو ته اهي مخصوص گهر چڪلا آهن، جن جا اشتهاري بورڊ انهن گهرن جي اڳين روڊ پاسي وارن درن تي لڳل آهن جتي پوءِ هو شام جو ميڪ اپ ڪري شيشن جي گهرن ۾ ويهن ٿيون.
ٿائلينڊ جي هن ندي چائوفريا مان جهاز رستي بئنڪاڪ ويندي، درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي نه فقط گهر، آفيسون، چڪلا نظر اچن ٿا پر مندر ۽ پگوڊا، اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر، دڪان ۽ شاپنگ سينٽر ۽ ڪٿي ته وري پارڪ ۽ گهاٽا ٻيلا پڻ آهن.
سنڌو نديءَ مٿان جي پليون ۽ بئراجون نه هجن ها ۽ ڇوڙ تائين گهڻو پاڻي هجي ها يعني جهازن جي آمدرفت لاءِ Navigable هجي ها ۽ اسان کي عربي سمنڊ ۾ ان جي ڇوڙ وٽ پهچي پوءِ ڪوٽڙي، سکر روهڙي تائين جهاز کي وٺي اچڻو پوي ها ته اسان جي رستي جو وڏو حصو ٻنهي پاسي فقط وڻ ئي نظر اچن ها ڇو جو سنڌو نديءَ جي ٻنهي پاسي ڪچي جو علائقو هجڻ ڪري ٻيلا آهن سو جهاز جي ڊيڪ تي بيٺل همراهن کي جهاز جي ٻنهي پاسي وڻڪار، ڳوٺاڻن جون جهوپڙيون ۽ چوپايو مال ۽ انهن جي چوڌاري ديوي (ڪنڊن وارن وڻن) جا لوڙها نظر اچن ها.
چوڌاري جي وڻ وڻڪار ڏسڻي آهي ته دنيا جو هڪ اهڙو بندرگاهه آهي جنهن تائين پهچڻ لاءِ دنيا جي گهاٽي ٻيلي مان گذرڻو پوي ٿو. اهو آهي بنگلاديش جو بندرگاهه مونگلا- جيڪو ڪنهن زماني ۾- يعني جڏهن آئون چٽگانگ ۾ پڙهندو هوس يا بعد ۾ جيستائين مون جهاز هلايا، هي بندرگاهه “چالنا” سڏبو هو. هن بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ٻيلي سندربن مان لنگهڻو پوي ٿو. ڇا ته وڏو ٻيلو آهي، جيڪو ڪيترين ئي ندين جي ڇوڙ (Delta) ۾ آهي. هن گهاٽي ٻيلي ۾ پنج ڇهه ڪلاڪ هلڻ بعد مونگلا بندرگاهه اچي ٿو. جهاز کي سمنڊ کان بندرگاهه تائين وٺي اچڻ ۾ هن بندرگاهه مونگلا جي پائليٽن کي شاباس هجي جن کي اهي رستا ياد رهن ٿا ۽ اسان جي يا ڪنهن ڌارئين ملڪ جي جهاز کي سندربن ٻيلي مان ڦيرايو گيرايو اچيو منزل تي پُڄائين ٿا. بنگلاديش ٿيڻ تائين چالنا بندرگاهه ۾ مقيم پائليٽن مان هڪ پائليٽ اسان جي ڳوٺ جو رهاڪو ڪمانڊر قربان علي ارباب به هو. قربان صاحب اسان جي ڳوٺ هالا جو پهريون ماڻهو هو جيڪو فوج ۾ ويو- بلڪه اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته پهريون سنڌي هو جنهن نيوي Join ڪئي ۽ تڏهن ڪئي جڏهن برٽش راڄ هو. انڊيا جو سنڌي هندو ايڊمرل راڌا ڪرشن هري رام تهلياني (2015-1930) قربان علي ارباب کان 7 سال کن ننڍو هو ۽ هن هندستان جي ورهاڱي بعد انڊين نيوي Join ڪئي ۽ انڊيا جو نيول چيف آف اسٽاف به ٿيو. ڪمانڊر ارباب به هڪ دلير، قابل ۽ ذهين نيول آفيسر هو پر دل جي بيماريءَ ڪري هن کي وقت کان اڳ نيوي ڇڏڻي پئي. نيويگيشن جو ڄاڻو هجڻ ڪري رٽائرمينٽ بعد هن کي چالنا بندرگاهه (Mongla) ۾ پائليٽ طور رکيو ويو. آئون جڏهن 1963ع ۾ چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم لاءِ آيس تڏهن به هو چالنا ۾ هو ۽ 1971ع ۾ ايسٽ پاڪستان بنگلا ديش ٿيڻ تائين هو اتي ئي رهيو. جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ منهنجو جهاز جڏهن به چالنا ائنڪريج (يعني کلئي سمنڊ) تي پهچندو هو ته آئون کين اطلاع ڪندو هوس ۽ ٻئي ڪنهن پائليٽ کي موڪلڻ بدران هو هميشه پاڻ اسان جي جهاز کي بندرگاهه تائين وٺي ايندو هو. سندربن ٻيلي جي اندر وارو لنگهه اسان ڳوٺ جون خبرون ڪندي گذاريندا هئاسين. سندن وڏو ڀاءُ حسين علي ارباب منهنجي والد جو همعمر ۽ دوست هو. اربابن جي فئملي اسان جي ڳوٺ جي پڙهيل ڳڙهيل فيملي آهي. مون سندن والد صاحب حاجي عبدالغني ارباب (جنهن کي سندس ٻالڪپڻي جي نالي محمد پريل سان سڏيو ويو ٿي) کي ننڍي هوندي ڏٺو.هو شهر جو مثالي ماڻهو مڃيو ويو ٿي جنهن گهٽ پگهار واري نوڪري (پرائمري اسڪول جي ماستر هجڻ) جي باوجود پنهنجي اٺن ئي پٽن کي پڙهايو. قربان صاحب بعد ننڍو ڀاءُ ماستر ظفر منهنجو هالا جي اسڪول ۾ ٽيچر رهيو. آئون پنجين ڪلاس ۾ هوس ته سندن ٻه ڀائر مسعود ۽ منور مئٽرڪ ۽ اٺين ڪلاس ۾ هئا. مسعود سنڌ جي ايريگيشن کاتي ۾ چيف انجنيئر ٿيو ۽ منور يو بي ايل بئنڪ جو صدر ٿيو. کانئن هڪ وڏو ڀاءُ اختر علي ارباب پڻ نيويءَ ۾ ڪمانڊر رهيو. ظفر ارباب جو وڏو پٽ الطاف آرمي ۾ رهيو ۽ ڪرنل يا برگيڊيئر جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. ننڍي ڀاءُ اعجاز جو پٽ داڪٽر نويد اکين جو مشهور ڊاڪٽر آهي.
چالنا بندرگاهه ۽ سمنڊ (خليج بنگال) جي وچ ۾ دنيا جو هي وڏي ۾ وڏو ٻيلو سندربن آهي جنهن مان 62 ڪلو ميٽرن جو سفر ڪرڻ بعد جهاز چالنا بندرگاهه ۾ پهچي ٿو. جنهن هنڌ تي هي چالنا (مونگلا) بندرگاهه آهي اتي بنگلاديش جون ٻه نديون مونگلا ۽ پُسر ڇوڙ ڪن ٿيون. دراصل سڄو سندربن ٻيلو مختلف ندين جو ڊيلٽا آهي. مٿين ندين کان علاوه پدما، ميگهنا، برهمپترا، هوگلي ۽ گنگا ندي هتي ڇوڙ ڪن ٿيون. ان کان علاوه ڪجهه ننڍيون نديون جهڙوڪ مڌومتي، بالاسوار ۽ تيتوليا (Tetulia) نديون به هتي ڇوڙ ڪن ٿيون. اسان جي ملڪ جي قومي جهاز ران ڪمپني جڏهن 1964ع ڌاري NSC جي نالي سان شروع ٿي ته هن جي شروعاتي جهازن جا نالا مشرقي ۽ مغربي پاڪستان جي ندين تان رکيا ويا جيئن ته چناب، راوي، جهلم، ستلج، پدما، مڌومتي، پُسر ۽ هڪ ننڍي جهاز جو نالو تيتوليا به هو.
چالنا (مونگلا) بندرگاهه ۾ جهاز ۾ ايندي وقت هر هڪ کي سندربن ٻيلي جو ديدار نصيب ٿئي ٿو، بلڪه دنيا جي ٽوئرسٽن کي هي ٻيلو ڏيکارڻ لاءِ مختلف ملڪن کان ڪروزر (مسافر بردار جهاز) مونگلا اچن ٿا ۽ هي ٻيلو ڪيڏو گهاٽو ۽ وڏو آهي اهو ڏسڻ وارو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. ان ڪري سندربن قدرت جو عجوبو ليکيو وڃي ٿو. هن ٻيلي جي پکيڙ 1330 چورس ڪلو ميٽر يعني 510 چورس ميل آهي.
سندربن لفظ بنگاليءَ جو آهي. سندر معنيٰ سهڻو ۽ بن معنيٰ جنگل، پر ڪي چون ٿا ته هي نالو هن ٻيلي ۾ ٿيندڙ مئنگروو (تمر وڻن) جي هڪ جنس سُندري تان آهي جنهن جو سائنسي نالو(Heritiera Fomes) آهي. 1971ع واري لڙائيءَ دوران اسانجو جهاز ۽ ڪجهه ٻيا جهاز چٽگانگ بندرگاهه مان نڪري ويا ۽ ڪراچيءَ سلامتي سان پهچي وياسين. ڪجهه جهاز چٽگانگ بندرگاهه ۾ اندر ۽ آسپاس ۾ ڦاسي پيا. انڊين ايئر فورس وارن چٽگانگ بندرگاهه کي تباهه ڪرڻ لاءِ چٽگانگ بندرگاهه ۾ اندر بيٺل جهازن مٿان بم هڻي بندرگاهه ۾ اچ وڃ جو رستو بلاڪ ڪرڻ ٿي چاهيو پر مقامي ماڻهن وڏو احتجاج ڪيو. اهو ٻڌڻ ۾ آيو ته انڊيا وارن بنگلاديش جي ايڪانامي تباهه ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ٿي جيئن چٽگانگ جو بندرگاهه تباهه ٿيڻ بعد هو هر امپورٽ ايڪسپورٽ لاءِ ڪلڪتي جي بندرگاهه تي Dependڪن. چٽگانگ، چالنا ۽ ڪلڪتي جو آئوٽر ائنڪريج ائين ساڳيو آهي جيئن راولپنڊي ۽ اسلام آباد جو هڪ ئي ايئرپورٽ آهي. اسان جڏهن خليج بنگال لتاڙي چٽگانگ يا چالنا جي آئوٽر ائنڪريج تي اچي لنگر ڪيرايون ٿا ته سمجهو ته اهو ئي ائنڪريج ڪلڪتي بندرگاهه جو به آهي. گهڙيال جي ڪانٽن کي ڏسبو ته جتي منٽن ۽ ڪلاڪن جو ڪانٽو وچ تي مليل آهي اهو سمجهو ته آئوٽر ائنڪريج (بندرگاهه ۾ اندر اچڻ کان اڳ جو انتظار گاهه) آهي ۽ جيڪڏهن وقت يارهن لڳي پنج منٽ آهي ته سمجهو ته يارهن وارو انگ ڪلڪتو ٿيو ته ٻارهن جو انگ چالنا (مونگلا بندرگاهه) ته هڪ جو انگ چٽگانگ بندرگاهه ٿيو، يعني گهڙيال جي وچ کان ڪا ماڪوڙي يارهن، ٻارهن يا هڪ انگ ڏي ويندي ته هڪ ئي فاصلو ٿيندو. اهو ئي حساب جهاز جو سمجهو. چٽگانگ واري ائنڪريج تي بيٺل جهازن مان ڪا خبر نه پوندي آهي ته هو اسان سان گڏ چٽگانگ هلندا يا ڪلڪتي وڃڻ جي انتظار ۾ آهن.
هڪ ٻي ڳالهه ته ڪراچي يا ممبئي جهڙا بندرگاهه جيڪي بلڪل سمنڊ جي ڪناري تي آهن انهن ۾ گهڙڻ لاءِ به اسان کي انتظار ڪرڻو ٿو پوي ته انهن بندرگاهن جو پائليٽ اچي اسان جي جهاز کي هلائي بندرگاهه ۾ جيٽيءَ سان جهاز کي ٻڌرائي. اتي هي مٿيان ٽئي بندرگاهه ته بيحد ڏکيا آهن، جن تائين پهچڻ لاءِ ڪرناڦلي ندي سندربن ٻيلي ۽ هوگليءَ نديءَ ۾ هلڻو پوي ٿو.
هونءَ اڄڪلهه ڪلڪتو چٽگانگ کان تمام وڏو شهر آهي پر ڪلڪتي جي مقابلي ۾ چٽگانگ تمام آڳاٽو بندرگاهه آهي. ڪلڪتو ۽ ممبئي ته انگريزن برٽش راڄ ۾ ٺهرايا نه ته ان کان اڳ، ويندي حج لاءِ ماڻهو چٽگانگ بندرگاهه کان روانا ٿيا ٿي ۽ هوڏانهن گجرات ۽ مهاراشٽرا پاسي سورت جو بندرگاهه استعمال ٿيو ٿي ۽ حجاز پاسي جدي کان اڳ ينبو بندرگاهه استعمال ٿيو ٿي جيڪو مديني جي ڀرسان آهي. سمنڊ رستي آيل حاجي مديني مان ٿي پوءِ مڪي آيا ٿي پر هاڻ جدي ۾ لهڻ وارا پهرين مڪي پهچن ٿا جو جدي کان مڪو اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي.

غلاميءَ تي پابنديءَ جو نتيجو

1833 ۾ غلاميءَ تي پابندي لڳڻ بعد ڪلڪتو وڌيڪ مشهور ٿيو. ان کان اڳ آفريڪا جا شيدي جهلي انهن کي غلام بنائي آمريڪا، يورپ ۽ ٻين هنڌن تي اتي جي ٻنين ٻارن ۽ ڪارخانن ۾ انهن کان سخت پورهيو ورتو ويو ٿي، پر پوءِ بين الاقوامي طور غلاميءَ تي پابندي لڳڻ تي پورهيتن جي ڊمانڊ وڌڻ لڳي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ انگريزن “انڊينچر سسٽم” ايجاد ڪيو، جنهن ذريعي هندستان جي غريب ۽ بي روزگار پورهيتن کي ٽن، پنجن يا ڏهن سالن لاءِ ماريشس، گائنا، سرينام، فِجي، بِلز ۽ ڪئريبين سمنڊ جي ٻيٽن ٽرنيڊاڊ، ٽباگو، جئميڪا وغيره ڏي پگهار تي رکيو ويو. مقاطعي (Contract) جو مدو پورو ٿيڻ تي هو ٻيو مدو ڪري سگهيا ٿي، موٽي وطن اچي سگهيا ٿي يا اتي زمين خريد ڪري پنهنجو ڪاروبار به شروع ڪري سگهيا ٿي. 1838ع کان 1917ع تائين انڊيا جي انگريز حڪومت اٽڪل پنج لک هندستاني- خاص ڪري ڏکڻ هندستان جا تامل، بنگالي، ڀوڄپوري ۽ سِک ۽ پنجابي ڪلڪتي بندرگاهه مان مختلف ملڪن ڏي موڪليا. اڄ فِجي ۽ ماريشس جهڙن ٻيٽن تي يا ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۽ ٻيٽن تي جيڪي انڊين ڏسو ٿا، اهي ان وقت جي انڊينچر ذريعي ويل پورهيتن جو اولاد آهن. ماڻهن جي هن وڏي اٿل پٿل ڪري ڪلڪتو بندرگاهه بيحد مشهور ۽ مشغول بندرگاهه ٿي ويو.
سندربن ٻيلو بنگلاديش جي ٽن ضلعن (کلنا، سَتَ خيرا ۽ باگرهٽ) ۽ انڊيا جي بنگال رياست جي ٻن ضلعن ۾ اچي ٿو. آئون جن به جهازن تي رهيس انهن مان ڪو به “ڪراچي- چٽگانگ” روٽ تي مقرر نه هو پر بنگلاديش ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ ب،ه ٻه ٽي دفعا اتفاق اهڙو ٿيو جو جپان کان يا يورپ کان ايندي رستي تي، ڪنهن بندرگاهه مان چالنا (مونگلا) يا چٽگانگ لاءِ سامان ملي ويو ٿي جيڪو رستي تي انهن بندرگاهن ۾ لاهڻ تي اسان جي جهاز ران ڪمپنيءَ کي مفت ۾ ڀاڙو ملي ويو ٿي. مفت ۾ ان ڪري جو اسان جي جهاز جو خليج بنگال مان هونءَ ئي لنگهه ٿيو ٿي. اتر طرف هڪ ڏيڊ ڏينهن جي فالتو پنڌ تي اسان انهن بندرگاهن ۾ پهچي وياسين ٿي. هڪ دفعي ته برما جي بندرگاهه ينگون مان به سامان کڻڻ وياسين. هي سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن جي ڳالهه آهي. 1968 يا 1969ع جي جڏهن ينگون اڃا انگريزن جي رکيل نالي رنگون سان سڏبو هو. اسان جو جهاز ننڍڙو هو- “پنجند” يا “مڪران” نالي. مڪران نالي اهو جهاز بعد ۾ جلدي Scrape ٿي ويو. ٻيو جيڪو مڪران جهاز ورتو ويو اهو ٽئنڪر ۽ تمام وڏو هو. برما (ميانمار) جو هي بندرگاهه (رنگون) هتي جي تاريخي ندي اراوادي ۾ اندر آهي. جتي مرتبان ۽ اراوادي نديون سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، اهو سمنڊ جو حصو “خليج مرتبان” سڏجي ٿو. خليج مرتبان ۾ پهچي پوءِ وڌيڪ اندر هلڻ لاءِ پائليٽ جو انتظار ڪيوسين، جيڪو اسان کي ينگون (رنگون) بندرگاهه ۾ پهچائڻ لاءِ نديءَ اندر 30 کن ڪلو ميٽر وٺي آيو. نديءَ جو ڊيلٽا (ڇوڙ وارو علائقو) ۽ اندر نديءَ ۾ کوٽائي (Dredging) نه ٿيڻ ڪري وڏن جهازن لاءِ ينگون پهچڻ مسئلو ٿئي ٿو. ڪجهه رستي تائين ڪافي اونهائي آهي. وڏن جهازن کي ان جي ڇيڙي وٽ بيهاري سامان جو وڏو حصو بارجن ذريعي لاهي، جهازن کي هلڪو ڪيو وڃي ٿو. يعني بار لاهڻ ڪري جهاز مٿي کڄي ٿو اچي ۽ جهاز جو ڊرافٽ (سندس سمنڊ هيٺ اونهائي) گهٽجيو وڃي ۽ پوءِ ان کي تانگهي پاڻيءَ مان اندرين بندرگاهه ۾ آندو وڃي ٿو.
ٿائلنڊ جي “چائوفريا” ندي کڻي برما جي “اراوادي” نديءَ کان اونهي آهي پر اهڙي به اونهي ناهي جو هر سائيز جو جهاز بي خوف ايندو ويندو رهي. هڪ دفعي بئنڪاڪ مان سڄو جهاز کنڊ سان ڀرائي چين جي اتراهين بندرگاهه دائرين ۾ پڄائڻو هو. بئنڪاڪ جي بندرگاهه ۾ ڪرينن رستي ٻن ٽن ڏينهن اندر اڌ کن جهاز کي کنڊ سان ڀريو ويو ان بعد نديءَ جي ڇوڙ وٽ هڪ ٻيٽ تي اسان کي لنگر ڪيرائي بيهڻو پيو. پوءِ بارجن ذريعي بئنڪاڪ کان کنڊ کي آندو ويو ۽ جهاز جي ڊيرڪن ذريعي جهاز کي ڀريو ويو.
جن ملڪن جا بندرگاهه درياهه اندر ٿين ٿا انهن کي هر وقت اهو فڪر رهي ٿو ته جهاز جو ڊرافٽ گهڻو ته نه آهي يعني جهاز جو پاڻيءَ ۾ اندر حصو گهڻو ته نه آهي، ڇو جو جهاز جو ترو درياهه جي چيڪي مٽي واري تري سا ٿورو به رڳڙبو ته سُڪَ ٿي ويندو، پوءِ نه اڳيان چري سگهندو نه پٺيان، ماڳهين هن سوڙهي رستي کي ٻين جهازن جي اچڻ وڃڻ لاءِ بلاڪ ڪري رکندو ۽ پوءِ جهاز کي چورڻ لاءِ هن تان وچ درياهه مان سامان لاهي هلڪو ڪرڻ جو ڪم ڪرڻو پوي ٿو جيڪو وڏو ٽائيم وٺي ٿو ۽ وڏي خرچ وارو آهي. ان بعد جهاز کي يڪدم خشڪ گودي (Dry Dock) ۾ پهچائي ان جي هيٺين تري جي انسپيڪشن ڪرائڻي پوي ٿي. اهڙن گرائونڊ ٿي وڃڻ وارن حادثن ۾ جهاز جي تري کي وڏو نقصان رسي ٿو ۽ جهاز جي ٻڏڻ جو خطرو رهي ٿو. ان کان علاوه انجڻ کي به وڏو نقصان رسي ٿو. مطلب ته جهاز جي مالڪ ۽ پورٽ اٿارٽيز جي واسطيدار عملدار جي هارٽ اٽئڪ جا قوي چانس ٿين ٿا. مالڪ کي وڏي خرچ ڪري ۽ بندرگاهه وارن کي ان ڪري ته هنن جهاز کي نديءَ ۾ آڻڻ کان اڳ چڱي طرح چيڪ ڇو نه ڪيو ته ان جو ڊرافٽ ڇا هو ۽ پائليٽ وچ سير وٺي ان کي ڇو نه هلايو.
خليج بنگال وارو سمنڊ طوفانن، سائڪلونن- ويندي سونامين کان مشهور آهي. هڪ دفعي ريڊيو آفيسر موسم جي رپورٽ صحيح نه ڏني ۽ اسان جو جهاز خليج بنگال ۾ طوفان جي اک ۾ اچي ويو- يعني طوفان جي وچ ۾ جتي هوائن جو تمام گهڻو زور هو. انهن ڏينهن ۾ اڄ وارا اوزار اڃا ايجاد نه ٿيا هئا جيڪي لمحي لمحي جي خبر ڏين ٿا. انهن ڏينهن ۾ جهاز تي هڪ ريڊيو آفيسر هوندو هو جنهن جو ڪم ڪناري جي موسم کاتي وارن کان ايندڙ طوفانن جي ڄاڻ وٺڻ هوندي هئي ـــــ جيڪا هو ڪڏهن ڪڏهن صحيح نه وٺي سگهندو هو. اسان انڊامان سمنڊ ۾ هئاسين. جهاز ۽ پاڻ کي بچائڻ لاءِ اسان چاهيو ته ينگون جو رخ ڪريون پر ينگون بندرگاهه وارن اسان کي اندر اچڻ لاءِ آڌر ڀاءُ ڪرڻ بدران سمنڊ جي ان حصي”گلف آف مرتبان” ۾ به بيهڻ نه ڏنو. اصل چون ته “ڀڄي پاسو ڪريو، جي جهاز ٻڏندانو ته ماڳهين اسان جو بندرگاهه بلاڪ ٿي ويندو“. دراصل وچ سمنڊ اونهو هجڻ ڪري جهاز اتي ٻڏي ٿو ته سمنڊ جو ترو اونهو هجڻ ڪري ٻڏل جهاز مٿان ٻيا جهاز لنگهيو وڃن، پر ڪناري جي ڀر وارو سمنڊ- خاص ڪري ندين جي ڇوڙ وارو حصو ايترو اونهو نٿو ٿئي. جهاز ٻڏڻ تي جيسين ان جي پوزيشن نقشن ۾ اچي ۽ سڀني جهازن کي اطلاع ٿئي تيسين ڀُل ۾ ان ٻڏل جهاز سان ٽڪرائي ٻيا به ڪيترائي جهاز ٻڏيو وڃن.
هتي پڙهندڙن جو اهو مونجهارو به دور ڪرڻ چاهيان ٿو ته خليج بنگال، خليج مرتبان، انڊامان سمنڊ ڪهڙا آهن. دراصل خليج بنگال هندي وڏي سمنڊ جو هڪ حصو آهي جيئن اسان وارو ڪراچي وارو عربي سمنڊ به ان هندي وڏي سمنڊ جو حصو آهي. انڊامان سمنڊ وري خليج بنگال واري سمنڊ جي اوڀر جو حصو آهي جيڪو برما ۽ انڊامان ٻيٽن جي وچ ۾ آهي ۽ خليج مرتبان وارو سمنڊ انڊمان سمنڊ جو اهو ننڍڙو حصو آهي جنهن ۾ برما جي اراوادي ندي ڇوڙ ڪري ٿي ۽ ڊيلٽا (ٽڪور) ٺاهي ٿي. انگريز شاعر رڊيارڊ ڪپلنگ جي مشهور شعر بعد برما جي هيءَ اراوادي ندي “دي روڊ ٽُ منڊالي” به سڏجي ٿي. منڊالي، ڀامو ۽ Myitkgina اراوادي ندي جا ڪجهه مشهور شهر آهن جيئن اسان وٽ ڪوٽڙي، سن، سکر، روهڙي سنڌو نديءَ جا شهر آهن. اراوادي ندي 2210 ڪلو ميٽر (1373 ميل) ڊگهي آهي.
هڪ ٻيو دفعو به خليج بنگال ۾ انڊامان ٻيٽن وٽان لنگهندي اسان جو جهاز رف سمنڊ ۽ طوفانن جي حوالي ٿي ويو. سڄي رات سامونڊي ڇوليون جهاز کي سَٽينديون رهيون- ڄڻ ڪنهن نازڪ ڪار کي مترڪن سان ڪٽيو وڃي. اسان جهاز هلائڻ وارن جي به حالت خراب ٿي وئي. سمجهه ۾ نه اچي ته جهاز کي ڪهڙي پاسي ڪجي ۽ اها به خبر نه ته هيءَ مصيبت ڪيترا ڏينهن اسان سان گڏ رهندي. جهاز تي چڙهيل ڪارگو جيڪو بندرگاهه ڇڏڻ کان اڳ چڱي طرح ٻڌو وڃي ٿو اهو به مختلف هنڌن تان کلڻ ڪري جهاز جي Stability (بئلنس) خراب ٿيڻ لڳو. اهڙي حالت ۾ اڳيان يا پويان موٽڻ بدران ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پناهه وٺڻ ضروري ٿيو پوي. چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ بس انڊامان ٻيٽ ئي ڀر ۾ هئا. ڀڄي ڊڪي اچي ڏکڻ انڊامان ٻيٽ کان نڪتاسين جتي هن تڙ جو وڏو بندرگاهه “پورٽ بليئر” آهي. ايمرجنسيءَ ۾ دشمن ملڪ جي بندرگاهه ۾ به اچي سگهجي ٿو ۽ سمنڊ ۾ ٻڏندڙ کي بچائڻ هر جهاز جو فرض آهي. اهي بين الاقوامي قانون آهن جيڪي دنيا جي هر ملڪ سان لاڳو آهن.

ڪاري پاڻيءَ وارو بندرگاهه ـــ پورٽ بليئر

انڊامان جي بندرگاهه پورٽ بليئر وارن اسان کي يڪدم ته اندر نه ڪيو جيسين ٻن ڏينهن بعد سامونڊي طوفان (Cyclone) جهڪو ٿيو، پر اهو آهي ته بندرگاهه جي ويجهو هجڻ ڪري اسان جو جهاز فقط لڏندو رهيو، اسان جهاز تي سوار عملو فقط الٽيون ڪندا رهياسين ـــــنيٺ جهاز ٻڏڻ کان ۽ اسان مرڻ کان بچي وياسين. جهاز جي باڊي (Hull) ۽ انجڻ جي ڪجهه حصن جي اهڙي حالت ٿي وئي جو اسان نه چاهيندي به ڪجهه مرمت ڪرائڻ ضروري سمجهي- جنهن بنا جهاز کي جپان تائين ڇڪي وڃڻ جوکم جو ڪم لڳو. معمولي مرمت ۾ به ٽي چار ڏينهن لڳي ويا پر اهو آهي ته اها ٿي وئي. هتي اهڙو بندوبست ضرور هو جيڪو آئون نٿو سمجهان ته اوس پاس جي ٻين بندرگاهن: رنگون (ينگون) چٽگانگ يا چالنا ۾ ان جي اميد رکي سگهجي ٿي. خليج بنگال (Bay of Bengal) واري سمنڊ ۾ هن قسم جا طوفان، واچوڙا، سائڪلون ۽ سوناميون اڄ جي ڳالهه ناهي پر صدين کان هي سلسلو هلندو اچي. انڊيا تي انگريز راڄ دوران انگريزن هن سمنڊ ۾ مينهن ۽ طوفانن کان پنهنجن ٻيڙن کي بچائڻ لاءِ هي بندرگاهه پورٽ بليئر ڊيولپ ڪيو. هونءَ ڏٺو وڃي ته هي بندرگاهه پورٽ بليئر يا ويندي هي ٻيٽ انڊامان، هندستان جي سرحد کان گهڻو پري آهن. برما جي وڌيڪ ويجهو هجڻ ڪري اهي برما جا هجڻ کپن پر برما يا سلون- ويندي ملايا (اڄ وارو مغربي ملائيشيا) به ته انگريز راڄ ۾ هو. ڪهڙو ٻيٽ يا بندرگاهه ڪنهن جي ويجهو يا ڪنهن جو حصو هجڻ کپي، ان سان انگريزن کي سروڪار نه هو. هنن جو ڪم هو پنهنجن علائقن کي صحيح طرح ڪنٽرول ۾ رکڻ. ائين ته سنگاپور ٻيٽ جيڪو انگريزن ملئي سلطانن کان 1819 ۾ خريد ڪيو ان جو ڪنٽرول ملايا مان هلائڻ بدران هنن ان کي مدراس پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو، جيئن سنڌ ۽ يمن جي بندرگاهه عدن کي بامبي (ممبئي) پريزيڊنسي ۾ شامل ڪيو.
انگريز راڄ ۾ خليج بنگال واري سمنڊ جا هي ٻيٽ انڊامان ۽ نڪوبار خوف جي نشاني سمجهيا ويا ٿي ۽ هي ٻيٽ “ڪارو پاڻي” سڏيا ويا ٿي، جتي ننڍي کنڊ جا خطرناڪ ڏوهاري ۽ انگريز حڪومت خلاف بغاوت ڪندڙ قومپرست ۽ سياستدان قيدي بنائي موڪليا ويا ٿي. انهن کي پورٽ بليئر ۾ ٺهيل جيل ۾ رکيو ويو ٿي. هن جيل مان ڀڄي نڪرڻ هڪ ته آسان ڪم نه هو ٻي ڳالهه ته ڪنهن ڀڄڻ جي ڪئي ٿي ته هو چوڌاري گهاٽي جهنگل ۾ رهندڙ خونخوار جانورن ۽ آدم خور قبيلن جي ماڻهن جي ور چڙهي ويو ٿي جيڪي هتي جا اصلي رهاڪو هئا. اڄ به هنن قبيلن جا ڪجهه ماڻهو گهاٽن جهنگلن ۾ آگهاڙا هلندا وتن ٿا. مطلب ته هن طرف “ڪاري پاڻي” ڏي، جيڪو موڪليو ويو ٿي اهو وري موٽي نٿي آيو. دبئي، دوحا، سريلنڪا يا ايران کان ته پئي ٻيڙيون هليون جو بندرگاهه ويجها ويجها هئا پر هنن ٻيٽن جي چوڌاري اٿاهه سمنڊ هجڻ ڪري ڪا به آمدرفت نه هئي. مهيني ڏيڍ بعد ڪو انگريزن جو سڙهن وارو يا ٻاڦ انجڻ وارو جهاز برما، بنگال يا ڪلڪتي ۽ مدراس (چنائي) کان انگريز آفيسر يا هندستاني قيدي کڻي آيو ٿي. اڄڪلهه هنن ٻيٽن کي ماڊرن ۽ ٽوئرسٽن جي لاءِ اهڙو سهولت وارو بڻايو ويو آهي جو دنيا جا ٽوئرسٽ (گهمڻ جا شوقين) باءِ ايئر ۽ باءِ سي روزانو پورٽ بليئر پهچن ٿا. انڊيا جي ڪيترن بندرگاهن: مدراس، ڪولڪتا، ويشاڪاپتنام کان انڊين ۽ ڌاريان ٽوئرسٽ کڻي “مسافر جهاز” پورٽ بليئر پهچن ٿا. هندستان جي سرزمين کان پورٽ بليئر تائين چئن ڏينهن جو سامونڊي سفر آهي. ڪي مسافر ينگون کان به اچن ٿا جيڪي ڏيڊ ڏينهن ۾ پهچيو وڃن. ان کان علاوه دهلي، حيدرآباد دکن، ممبئي، چنائي (مدراس)، ڪولڪتا، ڀوڀنيشور جهڙن شهرن کان ريگيولر هوائي اڏامون آهن جيڪي مسافرن کي “وير سوارڪار” انٽرنيشنل هوائي اڏي تي لاهين ٿيون. دنيا جا ٽوئرسٽ هتي جي سٺي موسم، گل گلڪاريون، پکي پکڻ ۽ جانور ڏسڻ ۽ آرام ڪرڻ کان علاوه خاص هتي جو جيل ڏسڻ اچن ٿا جتي ڪئين وڏن سياستدانن ۽ اهم ماڻهن کي قيد رکيو ويو- يعني ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني وئي.
پڙهندڙ شايد پڇن ته، انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽ جيڪي اتي جي سخت قسم جي جيل ڪري “ڪاري پاڻي” وارا ٻيٽ به سڏجن ٿا- اهي ڪٿي آهن؟ انهن ٻيٽن جي پوزيشن معلوم ڪرڻ لاءِ ايشيا جو نقشو سامهون رکڻ ضروري آهي جنهن ۾ انڊيا بنگلاديش کان علاوه ڏکڻ اوڀر جي ايشيائي ملڪن جو نظر اچڻ ضروري آهي. ان نقشي ۾ انڊيا جي ساڄي پاسي وارين رياستن بنگال ۽ بهار، ان سان گڏ بنگلاديش جي هيٺين حصي وارو سمنڊ خليج بنگال سڏجي ٿو ۽ انڊيا جي ٻئي پاسي گجرات، مهاراشترا، ڪڇ ۽ سنڌ جي هيٺان وارو سمنڊ عربي سمنڊ سڏجي ٿو. عربي سمنڊ توڙي خليج بنگال هندي وڏي سمنڊ جا حصا آهن. خليج بنگال سريلنڪا کان سمجهو ته ملائيشيا جي پينانگ تائين پکڙيل آهي. هن خليج بنگال واري سمنڊ ۾ برما جي رنگون (ينگون) ۽ ٿائلينڊ جي پکيٽ جي سامهون هي ٻيٽ انڊامان ۽ نڪوبار آهن. ٻين اکرن ۾ هنن ٻيٽن کان پينانگ تائين وارو سمنڊ انڊامان (Andaman) سمنڊ سڏجي ٿو. ايتري قدر جو ملائيشيا جو ٻيٽ لنگڪوي ـــــ جنهن کان اسان جا اهي پاڪستاني ٽوئرسٽ جيڪي ملائيشيا گهمڻ وڃن ٿا، چڱي طرح واقف آهن ۽ هو لنگڪوي ٻيٽ جي سامونڊي ڪناري تي ٻه ڏينهن کن گذارين ٿا- انهن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته لنگڪوي ٻيٽ به انڊمان سمنڊ ۾ اچي ٿو ۽ ان سمنڊ جو پاڻي لنگڪوي ٻيٽ جي ڪنارن کي ڇهي ٿو.

انڊامان ۽ نڪوبار هڪ نه پر انيڪ ٻيٽ آهن

پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو به لکندو هلان ته جڏهن اسان انڊامان يا نڪوبار ٻيٽن جو نالو وٺون ٿا ته اهي ڪي اڪيلا ٻيٽ ناهن. اهي برمودا، فلپين، مالديپ ٻيٽن وانگر “ٻيٽن جا جهڳٽا” آهن. انڊامان هڪ نه پر 324 ٻيٽن جو جهڳٽو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ۾ فقط 24 اهڙا ٻيٽ آهن، جيڪي آباد آهن- ٻيا ويران آهن... انهن تي گهاٽا جنگل آهن .... يا تمام ننڍا آهن.... ڏينهن ۾ ٻه دفعا وير چڙهڻ تي 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا ٻڏيو وڃن .... سو اهڙن ٻيٽن تي ڪهڙو انسان يا جانور رهي سگهندو.
انڊامان ٻيٽن جي ان جهڳٽي هيٺان، ڏکڻ ۾ ٻيٽن جو هڪ ٻيو جهڳٽو آهي جيڪو نڪوبار ٻيٽ سڏجن ٿا. اهي به ننڍا وڏا 28 ٻيٽ آهن جن مان 12 آباد آهن. انڊامان ٻيٽن جي جملي ايراضي 6400 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ نڪوبار ٻيٽن جي 1840 چورس ڪلو ميٽر آهي. هن قسم جي ٻيٽن جو مثال ائون پنهنجن شاگردن توڙي پڙهندڙن کي ان جڳ يا شيشي جي ٿانوَ جو ڏيندو آهيان جنهن کي مٿان کان فرش تي هڻجي ته ان جا ننڍا وڏا انيڪ ٽڪرا ٿي وڃن. دنيا جا ڪيترا ملڪ ٻيٽن جا جهڳٽا آهن ۽ اهي اڪيلا نه پر شيشي جي ڀڳل جڳ وانگر آهن.
برمودا ٻيٽ دنيا جي ڪنهن نقشي ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته ڪنهن ۾ نه. جنهن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ان ۾ هڪ ٽٻڪي (Dot) برابر ڏيکاريو وڃيٿو. ظاهر آهي هيڏي وڏي دنيا ۾ يا هيڏي وڏي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ برمودا يا ڪيپ وردي ٻيٽ جي حيثيت يا ايراضي ئي ڇا آهي، پر اسان جو جهاز جڏهن برمودا ٻيٽ جي ان ٻڙيءَ ڏي وڌندو وڃي ٿو ته اها ٻڙي وڏي ٿي عمارتون، جبل، بندرگاهه ۽ ان ۾ بيٺل خوب صورت جهاز نظر اچڻ لڳن ٿا. وڌيڪ ويجهو ٿيڻ تي خبر پوي ٿي ته هي هڪ ڇا هڪ ٻئي ڀرسان ۽ اڳيان پويان ڪيترائي ٻيٽ ائين آهن جيئن تسبيءَ جو ڌاڳو ٽٽڻ تي ان جا داڻا يا هار جا موتي ڇڙو ڇڙ ٿي وڃن. برمودا به هڪ يا ٻن ٻيٽن جو نالو ناهي پر 181 ٻيٽن جو نالو آهي، جن مان 8 ٻيٽ ته پُلين ذريعي ڳنڍيل آهن... ڪي سرنگهن (Tunnels) ذريعي ڳنڍيل آهن، ڪن ۾ ٻيڙين ذريعي پهچي سگهجي ٿو... ڪي وري ويجها هجڻ ڪري انهن جي پاسن واري سمنڊ کي هٿرادو طرح مٽيءَ سان لٽي، انهن ٻيٽن کي هڪ ٻئي سان ملايو ويو آهي. ممبئي وارا ٻيٽ 1534 ۾ پورچوگالين انگريزن کي ڏيج ۾ ڏنا ته اهي ست جدا جدا ٻيٽ هئا جن ۾ هڪ ٿورو وڏيرو ٻيٽ بامبي سڏيو ويو ٿي ۽ ٻيا ڀر وارا ڇهه هئا: ڪولابا، ماهيم، پاريل، وورلي، مئزگائون ۽ لِٽل ڪولابا. پوءِ وقت سان گڏ هن علائقي جي اهميت وڌڻ ۽ زمين جا اگهه ٿيڻ تي انهن ٻيٽن جي پاسن وارو سمنڊ مٽيءَ سان ڀري يڪو هڪ چَڪُ ٺاهيو ويو جيڪو اڄ ممبئي جي نالي سان سڏجي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته، اهي سڀ وڏا ٻيٽ هئا ۽ هڪ ٻئي جي ويجهو هجڻ ڪري سولائيءَ سان هڪ ٻئي سان ملي ويا نه ته انهن ٻيٽن کان علاوه ڪجهه ٻيابه ٻيٽ آهن جيڪي سائيز ۾ ننڍا ۽ ڏور هجڻ ڪري اڄ به ان ئي حالت ۾ آهن. گهمڻ لاءِ ٽوئرسٽ ٻيڙين ذريعي ممبئيءَ جي بندرگاهه کان اتي پهچن ٿا. انهن مان ڪجهه جا نالا آهن: ايليفنٽا ٻيٽ، بُچر ٻيٽ،، اويسٽر راڪ ٻيٽ، ڪراس ٻيٽ، مڊل گرائونڊ ٻيٽ وغيره وغيره جيئن اسان وٽ منهوڙي ٻيٽ ڀرسان بابا ڀٽ ٻيٽ، شمس پير ٻيٽ، چرنا ٻيٽ، بنڊل ٻيٽ، ٻڍو ٻيٽ وغيره آهي. ممبئي جي مٿين اهم ستن ٻيٽن جي ٽوٽل پکيڙ 603 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ هوڏانهن برمودا جيڪو يونائٽيڊ نئشنس ۾ هڪ مڪمل ملڪ جي حيثيت رکي ٿو ان جي 181 ٻيٽن جي پکيڙ جوڙ ڪئي وڃي ته فقط 53 چورس ڪلو ميٽر ٿئي ٿي. يعني فقط ڪلفٽن يا سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس جي پکيڙ به ان کان يعني برمودا ملڪ کان گهڻي ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پئسي ڏوڪڙ ۾ اسانجي سڄي ملڪ کان وڌيڪ ڪمائي اٿس. برمودا جي آدمشماري هاڻ وڃي ستر هزار ٿي آهي نه ته 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهي ۾ جڏهن منهنجو جهاز کي برمودا وٺي وڃڻ ٿيندو هو، برمودا ٻيٽ جي جملي آدمشماري هالا پراڻا کان به گهٽ – يعني ويهه هزار ماڻهو به نه هئي.
برمودا جهڙن ٻيٽن وارن ملڪن لاءِ آئون هر وقت اهو ئي لکندو آيو آهيان ته ڍل اوڳاڙيندي/ٽئڪس جو حساب ڪرڻ ۾ تپيدارن جو سر ويندو هوندو. وري به برمودا جهڙا ٻيٽ هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ ٿوري سامونڊي ايراضي ۾ آهن. سڀ کان خراب مثال مالديپ ملڪ جو آهي. مالديپ هندي وڏي سمنڊ ۾ سريلنڪا ٻيٽ جي اولهه ۾ آهي. برمودا جا پوڻا ٻه سئو کن ٻيٽ ته وري به هڪ ئي هنڌ هڪ ڇلي ۾ پُوتل موتين وانگر آهن پر مالديپ ملڪ جا 1200 کن ٻيٽ اهڙن 26 ڇلن/مالهائن ۾ آهن ۽ هڪ طرف هڪ هڪ ٻيٽ ٻئي کان پري آهي ته ٻي پاسي هر ڪا ٻيٽن جي مالها ٻيءَ کان پري آهي ۽ هي ٻيٽ هندي وڏي سمنڊ ۾ 90000 چورس ڪلو ميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن. ڏٺو وڃي ته مالديپ ملڪ جي سڀني ٻيٽن جي ايراضي ته فقط 300 چورس ڪلو ميٽر مس آهي پر انهن جو حساب ڪتاب رکڻ لاءِ سال کپن جو ان لاءِ 90000 چورس ڪلو ميٽر سمنڊ جهاڳڻو پوي ٿو. ان ڪري ته مالديپ لاءِ چوندا آهن ته اهو ايشيا جو پکيڙ ۽ پاپوليشن جي خيال کان ننڍو ملڪ آهي پر دنيا جو سڀ کان گهڻو ڦهليل ملڪ آهي. مالديپ جي اڄڪلهه پنج لک آدمشماري آهي. هن ملڪ جو نالو ڏکڻ هندستان جي ٻولي مليالم جو آهي جنهن ۾ مالا معنيٰ هار ۽ دَوَيپو (Dweepu) معنيٰ ٻيٽ آهي. هنن ٻيٽن مٿان اڏامندڙ هوائي جهاز مان ڏسبو ته هي ٻيٽ مالهائن جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا جن جو تعداد 26 آهي.
ڏٺو وڃي ته ٻيٽن جي تعداد۾ فلپين ملڪ سڀ کان مٿاهون آهي جنهن کي 7000 کان مٿي ٻيٽ آهن. ائين ته هندستان جو هڪ ضلعو لک ٻيٽن جو (لکديپ) آهي پر اهي ٻيٽ فقط نالي ۾ لک آهن پر ڳڻڻ ۾ 39 آهن. لکديپ ٻيٽ ڪٿي آهن؟ نقشي ۾ جيئن هندستان جي ساڄي پاسي خليج بنگال ۾ انڊامان ٻيٽ آهن تيئن کاٻي پاسي عربي سمنڊ ۾ لکديپ ٻيٽ آهن جن کي “لڪشا دويپ” پڻ سڏجي ٿو ۽ جن کي انگريز راڄ ۾ “لڪديو” سڏبو هو. هي ٻيٽ انڊيا جي ڪيرالا رياست ۾ اچن ٿا جتي هندي ۽ مليالم ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. لکديپ جي 39 ٻيٽن مان فقط ڏهه اهڙا ٻيٽ آهن جن ۾ آبادي آهي، انڊامان ٻيٽن وانگر، هندستان جي سرڪار هنن لکديپ ٻيٽن کي به خوب ماڊرن ڪري ڇڏيو آهي. قدرتي سونهن ۾ ته هونءَ ئي مالا مال هئا. دنيا جا سياح هوائي جهازن ۽ مسافر جهازن ۾ هتي اچن ٿا ۽ انڊيا ٽوئرزم مان خوب ڪمائي ٿي. اهڙي طرح سياح انڊامان ٻيٽ پڻ گهمڻ لاءِ اچن ٿا.
انڊامان ٻيٽن جو سڀ کان وڏو ٻيٽ انڊامان ئي سڏجي ٿو جيئن برمودا جي 181 ٻيٽن مان وڏو ۽ اهم جنهن تي گاديءَ جو شهر هئملٽن آهي، اهو ٻيٽ برمودا سڏجي ٿو باقي ٻين ننڍن وڏن ٻيٽن جا مختلف نالا آهن پر اتي جي هر ننڍي وڏي ٻيٽ جو رهاڪو پاڻ کي برمودي ٿو سڏائي. ائين ئي جيئن ڪلفٽن، صدر يا ليمارڪيٽ (پراڻي ڪراچي) جو رهاڪو ته پاڻ کي ڪراچيءَ جو ٿو سڏائي پر ملير، لانڍي، ماريپور، منهوڙي، سرجاني ڳوٺ ۽ سهراب ڳوٺ جو ماڻهو به پاڻ کي ڪراچيءَ وارو ٿو سڏائي.
انڊامان ٻيٽن ۾ سڀ کان وڏو ٻيٽ جنهن ۾ هتي جو وڏو شهر ۽ اهم بندرگاهه “پورٽ بليئر” آهي مين انڊامان ٻيٽ آهي جيڪو ڪافي وڏو آهي، سندس ڊيگهه سمجهو ته حيدرآباد کان لاڙڪاڻي کان به 15 ڪلو ميٽر وڌيڪ آهي.... حيدرآباد کان لاڙڪاڻو 230 ڪلو ميٽر آهي. اهڙي طرح هن جي ويڪر 60 ڪلو ميٽر آهي. انڊامان نالي سان ٻيا به چار پنج ننڍا وڏا ٻيٽ آهن. جيئن ته سائوٿ انڊامان، لِٽل انڊامان، نارٿ انڊامان، مِڊل انڊامان وغيره، انهن کان علاوه هن جهڳٽي ۾ ڪجهه هي اهم ٻيٽ آهن: جان لارينس ٻيٽ، رٽ لئنڊ ٻيٽ، نيل ٻيٽ، باراتنگ ٻيٽ، بئرن ٻيٽ، سينٽينل ٻيٽ، هئولاڪ ٻيٽ... وغيره... جيڪي سڀ انگريزي نالن وارا آهن يا اهم انگريز ماڻهن سان منسوب ٿيل آهن. ظاهر آهي هنن ٻيٽن تي صحيح طرح قبضو انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو رهيو. هنن خليج بنگال ۾ لڳندڙ هر وقت جي طوفانن کان پنهنجا ڪاٺاڻا جهاز بچائڻ لاءِ هيءَ پناهگاهه ڳولي ۽ ڊيولپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بيمارين ۽ مڇرن کان موت سبب ڇهه ست سالن بعد 1796 ۾ هنن ٻيٽن تي خرچ ڪرڻ ۽ سار سنڀال لهڻ ڇڏي ڏني. خطرناڪ قسم جي قيدين کي هو هيڏانهن ڪن ٻيٽن تي اچي ڇڏيندا هئا جيئن بيمارين وگهي يا جانورن جي حملن ۾ مري وڃن. هڪ ٻيٽ “وائيپر آئلينڊ” تي ته هنن ڦاهي گهاٽ به ٺاهي ڇڏيا هئا جتي ڏوهارين کي ڦاهيون ڏنيون ويون ٿي پر پوءِ 1857 واري بلوي بعد هنن محسوس ڪيو ته انڊامان ٻيٽ تي وڏو جيل ٺاهيو وڃي جتي وڏن ڏوهارين ۽ سندن (انگريزن) خلاف بغاوت ڪندڙ قومپرستن کي قيد رکيو وڃي. ان خيال کان پوءِ بليئر بندرگاهه ۾ 698 ڪمرن وارو هڪ جيل ٺاهيو ويو جيڪو 1910 ۾ ٺهي راس ٿيو. هن جيل جي ڪمرن ۾ قيدين کي اڪيلو رکيو ويو ٿي جتان هنن ڪجهه به ڏسي نٿي سگهيو. هر ڪمري جي ماپ 15 فٽ باءِ 9 فٽ رکي وئي ۽ هوا جي لاءِ فقط هڪ سر جيڏي ننڍي دري پٽ کان 10 فوٽ مٿي ڇڏي وئي. هن جيل ۾ ڪيترائي اهم ماڻهو خاص ڪري سياستدان ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ رکيا ويا. انهن ۾ هڪ “وير ساورڪار” (سڄو نالو Vinayak Damodar Savarkar) به هو جنهن نالي هاڻ پورٽ بليئر شهر جو هوائي اڏو آهي. هنن قيدين ۾ هڪ شير علي نالي پٺاڻ به هو جنهن 1872 ۾ انڊيا جي وائسراءِ رچرڊ سائوٿ ويل جي وزٽ تي هن کي قتل ڪيو هو.

حرتحريڪ ۽ ڪاري پاڻي جي سزا جي سوچ

ٻي جنگ عظيم دوران جپاني (فوجي)ملائيشيا، سنگاپور وغيره مان انگريزن کي ڀڄائي برما اچي پهتا هئا. هنن اڃان انڊيا فتح نه ڪئي هُئي پر انڊامان ٻيٽن تي قبضو ڪري ورتو هو. هنن 1943 ۾ فري انڊيا (عرضِ حڪومت آزاد هند) نالي عارضي حڪومت جو سنگاپور ۾ اعلان ڪيو جنهن کي نازي جرمني ۽ سوشل ريپبلڪ اٽلي وارن به تسليم ڪيو. ان رياست “آزاد هند” جو سربراھ وزيراعظم سڀاش چندر بوش مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ جپانين جي هار بعد جپاني پورٽ بليئر جي هن جيل (ڪاري پاڻي) جو رڪارڊ به ساڙي ويا. ان ڪري چڱي طرح خبر نٿي پئجي سگهي ته هن جيل ۾ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو رهيا. سڄي هندستان مان هزارين ماڻهو ڪاري پاڻي پهتا ٿي جن کي اتي پهچڻ سان ماريو ويو ٿي يا قيد ۾ رکيو ويو ٿي. اهو پڻ انومان آهي ته سنڌ جا به ڪيترائي ماڻهو هوندا جو اها ڳالھ رڪارڊ تي آهي ته 1868 ۾ هڪ جهاز ڪراچيءَ کان 733 ماڻهو کڻي پورٽ بليئر پهتو هو. ڪيترن جو خيال آهي ته انگريزن جڏهن پير پاڳارو جي خلاف سنڌ ۾ مارشل لا لڳائي حرن جو قتل عام ڪيو ان دوران ڪيترن ئي حرن کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا پڻ ڏني هئي، پر ان بابت پروفيسر محمد عمر چنڊ- جنهن ڪي سال ان تي ريسرچ ڪئي آهي تنهن ٻڌايو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگريز سرڪار 1945ع کان پوءِحرن سان جهاز ڀري انڊامان ٻيٽ (ڪاري پاڻي) ڏي موڪلڻ چاهيو ٿي پر انهي دوران ٻي جنگ عظيم شروع ٿي وئي ۽ ڪاري پاڻي وارن ٻيٽن تي جپانين جو قبضو ٿي ويو جن پورٽ بليئر واري جيل مان انڊين کي آزاد ڪري ماڳهين اتي موجود انگريزن کي ان جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ کڻي بند ڪيو.
هونءَ هن جيل ۾ - جيڪو ڪاري پاڻيءَ کان علاوه Cellular Jail جي نالي سان به مشهور آهي، ان ۾ گهڻي ڀاڱي قيدي هندستان کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ جا متوالا هئا. انهن مان ڪجھ مشهور قيدي هئا: ديوان سنگھ ڪيلپاني، فضل الحق خير آبادي، يوگيندرا شوڪلا، مولوي لياقت علي، سچيندرا ناٿ سنيال، ورمن راءِ جوشي، ڀائي پرمانند، سوهن سنگھ، نند گوپال، مولوي عبدالرحيم صادقرهي ٿيوري.
1947 ۾ انگريزن جي وڃڻ بعد انڊيا حڪومت هن جيل جا ڪجھ حصا ڊاهي ڇڏيا. هن جي هڪ حصي ۾ 1963 ۾ گووند بالڀ اسپتال کولي وئي جنهن ۾ 500 بسترا آهن ۽ 40 ڊاڪٽر مقامي ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا.
منهنجي خيال ۾ انگريزن کي جيڪو ٽف ٽائيم حر تحريڪ (پير صاحب پاڳاري ۽ اُنهن جي مريدن) ڏنو اهو ڪنهن به نه ڏنو هوندو. انگريزن سنڌ ۾ مارشل لا هنيو. پير صاحب جي هزارين مريدن کي ماريو ويو. ويندي قانون پاس ڪيو ويو ته پير پاڳاري جو مريد نظر اچڻ تي هن کي شوٽ ڪيو وڃي. 20 مارچ 1943 تي هاڻوڪي “اٺين پير پاڳاري” جي ڏاڏي “ڇهين پير پاڳاري” سيد صبغت الله شاھ (شهيد سورهيه بادشاھ) کي حيدرآباد جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي، حرن جي هزارين اڳواڻن کي ٻارن ٻچن سميت Concentration ڪئمپن ۾ رکيو ويو، پر ان هوندي به هنن آڻ نه مڃي. انگريز کين بندوقن ۽ ڦاهين ذريعي ماري ماري ٿڪجي پيا. ان بعد انگريز سرڪار حرن کي سون جي تعداد ۾ نه پر هزارن جي تعداد ۾ ڪاري پاڻي موڪلڻ چاهيو ٿي. ان سلسلي ۾ انگريز حڪومت واسطيدار عملدارن سان خط و ڪتابت ڪندا رهيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان دوران ٻي جنگ عظيم به شروع ٿي وئي ۽ ڪاري پاڻي وارا ٻيٽ انگريزن جي هٿن مان نڪري جپانين حوالي ٿي ويا جن انهن جيلن ۾ بند هندستان جي آزاديءَ متوالن کي آزاد ڪري ماڳهين انڊامان ٻيٽن تي موجود انگريز آفيسرن سان گڏ سنگاپور جي انگريز قيدين کي به ان ڪاري پاڻيءَ جي جيلن ۾ کڻي بند ڪيو. هوڏانهن اسان ڏي آزادي جي تحريڪ به زورن تي پهچي وئي ۽ انگريزن هاڻ ننڍي کنڊ ۾ رهڻ ۾ عافيت نٿي سمجهي ۽ هنن کي سامهون تڏا ويڙھ ئي نظر اچي رهي هئي. سورهيه بادشاهه جي ڦاهيءَ بعد هُن جي ٻن پٽن: پير شاھ مردان شاھ ۽ نادر علي شاهه کي انگلينڊ موڪليو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو گورنر هيو ڊو (Hugh Dow) هو، جنهن جي نالي ڊو ميڊيڪل ڪاليج کليو ۽ هن جي قابل سيڪريٽري لئمبرڪ حالتون ناسازگار ڏسي، حرن کي ڪاري پاڻي موڪلڻ جي خط و ڪتابت وارا فائيل کڻي انگلينڊ پهچي ويو. اسان جي همعمر ۽ دوست انگريزيءَ جي پروفيسر محمد عمر چنڊ ٻڌايو ته اهي سئو کن فائيل آهن جيڪي لنڊن ۾ انڊيا هائوس يا اتي جي ميوزيم ۾ رکيل آهن. عمر صاحب ان تي ڪافي ڪم ڪيو آهي ۽ هن ويجهڙائيءَ ۾ مون کي ٻڌايو ته هن انهن فائيلن مان ٽيهن فائلنجون ڪاپيون ڪرائڻ چاهيون ٿي پر هڪ هڪ صفحي جي في ٻه اڍائي کن پائونڊ هجڻ ڪري جملي خرچ 30 هزار پائونڊ ٿيو ٿي، ان ڪري اُهي فائيل گهرائي نه سگهيو، پوءِ انهن ڏينهن ۾، 2003ع ۾ هن کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان خبر پئي ته انهن ڪاغذن جو وڏو حصو فوٽو اسٽيٽ جي شڪل ۾ اسلام آباد ۾ موجود آهي. پروفيسر عمر پوءِ ڏيڍ مهينواسلام آباد ۾ رهي ان تي ڪم ڪندو رهيو ۽ هن ٻڌايو ته فائيل نمبر 80 اهو آهي جنهن ۾ حرن کي ڪاري پاڻي موڪلڻ بابت اهم خط و ڪتابت آهي ۽ ان فائيل جو نالو ئي آهي Andaman Planning عمر ٻڌايو ته ان ۾ ان وقت جي ٽنڊو الهيار جي ڊي ايس پي پوليس آفيسر محمد حسين پاٽوليءَ جا به رمارڪ آهن. انهن ئي ڏينهن ۾- يعني انگريز دور ۾ اسان جي ناني محمد حسن سومرو جو ڀيڻويو ۽ مشهور مزاحيه اديب حليم بروهيءَ جو والد صاحب ايس پي عبدالعزيز بروهي صاحب به پوليس جو آفيسر هو. انگريز وڌيڪ ڪجھ ڪري نه سگهيا جو هڪ طرف جپانين ۽ ٻئي طرف جرمنن هنن کي في الحال ٽوٽا چٻاڙائي ڇڏيا هئا. پروفيسر عمر چنڊ جيڪو ڪافي عرصي کان نيوزيلينڊ ۾ مقيم آهي، هن وٽ ان سلسلي ۾ انگريزن جي ڪيترن ئي فائيلن جا اميج ڪمپيوٽر ۾ موجود آهن ۽ ان بابت ريسرچ ڪرڻ واري جي هو هر قسم جي مدد ڪري سگهي ٿو. هتي پنهنجي هن نيڪ، محنتي، قابل استاد ۽ ڀائرن جهڙي سٺي دوست پروفيسر عمر چنڊ جي تعارف لاءِ ڪجھ سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن جو تعليم ۽ نوڪري جي معاملي ۾ منهنجي ڳوٺ هالا ۽ برونائي ۽ ملائيشيا سان پڻ واسطو رهيو آهي.

پروفيسر محمد عمر چَنڊَجي ڪهاڻي

پروفيسر محمد عمر چنڊ جي ڪهاڻي هڪ محنت ۽ جفاڪشيءَ جي ڪهاڻي آهي، علم کي حاصل ڪرڻ جي جستجو ۽ ايمانداريءَ سان نوڪري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو مٿاهون ڪرڻ جي ڪهاڻي آهي، هر هڪ جو ڀلو سوچڻ ۽ مدد ڪرڻ جي ڪهاڻي آهي. محمد عمر هڪ غريب پيءُ حاجي محمد چَنڊَ جو پٽ هو جنهن سڄي عمر هارپو ڪري پنهنجن ٻارن کي پڙهايو. محمد عمر جو ڏاڏو حاجي احمد چنڊ توڙي نانو محمد عثمان چنڊ پڻ، انگريزي تعليم کان اڻ واقف هئا. ها البت اهو آهي ته اهي ٻئي بزرگ ديني تعليم ۾ مالا مال هئا جيڪا هنن مدرسن مان حاصل ڪئي. محمد عثمان پنهنجي ٽن پٽن (يعني محمد عمر جي مامن) جان محمد، علي اڪبر، ۽ عبدالرئوفکي ضرور پڙهايو.انهن مان علي اڪبراڳتي هلي غربت سارو پنهنجن ڀاڻيجن: عمر۽ احمد کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اتساهيو. ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جا گريجوئيٽ پروفيسر علي اڪبر چنڊ کان چڱي طرح واقف هوندا جيڪو اتي پلانٽپئٿالاجي ۽ مائڪالاجي جو پروفيسر هو.
مائڪالاجي (Mycology) کنڀين(Fungi) جي سائنس آهي جنهن جي هڪ برانچ فائٽو پئٿولاجي(Phytopathology) ٻوٽن جي بيماري جو علم آهي.
محمد عمر 1944 ۾ سنجهوري تعلقي ان وقت جي نواب شاھ ضلعيجي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ “نئون آباد” ۾ ڄائو. مئٽرڪ ٽنڊو ڄام مان ڪرڻ بعد هن انٽر ۽ بي اي هالا جي سروري اسلاميهڪاليج مان ڪئي. تعليم دوران معاشي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هن ساڳي ڪاليج ۾ ڪلرڪ ٿي به ڪم ڪيو. هن کي ڍاڪا يونيورسٽي ايسٽ پاڪستان (هاڻ بنگلا ديش) ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالر شپ پڻ ملي. ان بعد هو هالا جي ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي رهيو. هالا مان آئون وڌيڪ نه پڙهيس پر ڪئڊٽ ڪاليج مان ان بعد چٽگانگ مان يا جهازن تي نوڪري وارن ڏينهن ۾ جڏهن موڪل تي ڳوٺ ايندو هوس ته محمد عمر چنڊ جي تعريف ڪاليج جي شاگردن ۽ ليڪچرارن کان علاوه مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ پنهنجي والد گل محمد شيخ کان به ٻڌندو هوس. منهنجي پيءُ سان سندن دوست ۽ ننڍپڻ جو ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر نبي بخس خان بلوچ محمد عمر جي تعريف ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب محمد عمر کي ڏسندو رهيو ٿي ته هو حر تحريڪ تي ريسرچ ڪرڻ ۾ ڪيڏي محنت ڪري ٿو. ان کان علاوه هالا جا شاگرد محمد عمر چنڊ جي تعريف ڪندا هئا ته هو انگريزيءَ جو ماهر ٽيچر آهي ۽ هو وڏي پيار ۽ devotion سان پڙهائي ٿو.
محمد عمر 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي سان وابسته رهيو ۽ 1973ع ۾ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ هن کي آمريڪا جي الينواءِ(Illinois)يونيورسٽيءَ اسڪالر تي گهرايو. تعليم بعد آمريڪا وارن محمد عمر کي ايران جي شهر اصفهان ۾ ايرانين کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو. هي شهنشاھ ايران جو زمانو هو جنهن جي آمريڪن سان دوستي هئي ۽ هو فوجي سازو سامان به آمريڪا کان گهرائيندو هو. محمد عمر چنڊ اصفهان ۾ آرمي بيس سان وابسته رهيو. انقلاب ۽ امام خميني جي اچڻ تي آمريڪن جو هي پروجيڪٽ 1979ع ۾ بند ٿي ويو. ان بعد 1980ع کان 1982ع تائين پروفيسر محمد عمر عراق جي موصل يونيورسٽي ۾ پڙهايو ۽ پوءِ هو 1982 ۾ واپس سنڌ يونيورسٽي آيو جن هن کي Lien تي ٽنڊو ڄام جي ايگريڪلچر ڪاليج ۾ رکيو جتي هن 1985ع تائين پڙهايو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن آئون ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائي رهيو هوس جتي برونائي کان اسان وٽ گهمڻ لاءِ آيل ڪجهه دوستن عبدالشڪور منگي، تاج محمد بلوچ ۽ علي رضا شاهه (لڪي غلام شاھ واري) ٻڌايو ته اسان جي شهر هالا جي سروري ڪاليج جو هڪ پروفيسر محمد عمر چنڊ برونائيءَ ۾ اچي رهيو آهي.
پروفيسر محمد عمر برونائيءَ ۾ وڏو عرصو پڙهايو. هو 1985ع ۾ برونائيءَ آيو هو ۽ 13 سال 1998ع تائين برونائي جي نوجوانن کي برونائيءَ جي گادي واري شهر بندر سري بيگوان ۾ پڙهايو. منهنجي خيال ۾ اڄ برونائي جي هر آفيس ۾ سٺي انگريزي ڳالهائڻ وارو برونائيءَ جو باشندو پروفيسر عمر چنڊ کي سڃاڻندو هوندو ۽ 80 سيڪڙو هن جا شاگرد رهيا هوندا باقي پروفيسر پئان مزنا جا شاگرد هوندا. عمر چنڊ سان گڏ ٻي اهم شخصيت جنهن برونائي ۾ انگريزي پڙهائي ٿي اها ڪوالالمپور جي ملئي خاتون پروفيسر پئان مزنا هئي- جيڪا هاڻ پروفيسر عمر جي سيڻ به ٿئي.
پروفيسر عمر چنڊ کي 1995ع ۾ نيوزيلينڊ ۾ پرمننٽ ريزيڊنس ملي، ان ڪري هو 1998ع ۾ فئملي سان اوڏانهن هليو ويو- جيڪو هن جو صحيح قدم هو. ملائيشيا، برونائي، سعودي عرب، دبئي جهڙن ملڪن ۾ نوڪريون ڪندڙن کي آئون هميشه اها ئي صلاح ڏيندو آهيان ته نيوزيلينڊ، آسٽريليا يا ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾ ڀلي گهٽ پگهار واري نوڪري ملي ته به ان کي ترجيح ڏجي جو انهن ملڪن ۾ هميشه لاءِ رهڻ جي شهريت مليو وڃي ۽ ٻارن جو مستقبل به سلامت رهي ٿو. انهن ملڪن ۾ ٿڌ کڻي آهي پر عرب ملڪن جهڙي ناانصافي ۽ بي قدري ته ناهي.
بهرحال عمر کي هاڻ نيوزيلينڊ جي شهريت اختيار ڪندي به وڏو عرصو ٿي ويو آهي. هو ۽ هن جي فئملي آڪلنڊ شهر ۾ رهن ٿا، کيس ٽي پٽ آهن جيڪي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بزنس ائڊمنسٽريشن جهڙن سبجيڪٽن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد هاڻ نيوزيلينڊ ۾ ئي نوڪري ڪن ٿا. وڏي پٽ ايرج مرتضيٰ گهڻو اڳ پنهنجي چاچي حاجي احمد جي گهران شادي ڪئي. حاجي احمد جنهن تي پروفيسر عمر جن جي ڏاڏي جو نالو آهي ان اسلامي ڪلچر ۾ ماسٽرس ڪئي هئي ۽ سنڌ ۾ ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان وابسته رهيو. کيس هڪ ئي نياڻي ٻار آهي جيڪا شاديءَ بعد نيوزيلينڊ ۾ مڙس سان گڏ رهي ٿي. پروفيسر محمد عمر چنڊ جي ٻئي پٽ جو نالو منيب مصطفيٰ آهي، جنهن پنهنجي مامي جي مائٽن قريشين مان شادي ڪئي، ۽ ٽئي جو نالو عثمان مجتبيٰ آهي جنهن جي شادي گذريل مهيني (فبروري 2018) ڪئالالمپور ۾ پروفيسر پئان مزنا ۽ اخبار جي ايڊيٽر تئان ابوبڪر جي ڌيءَ شيناز سان ٿي. اُن خوشيءَ ۾ ٽنڊو قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي، اسان جي ڳوٺ جي ڊاڪٽر ابڙو ۽ ميرپور خاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر به عمر سان شراڪت ڪئي. عمر چنڊ کلندي مون کي چيو ته “الطاف، شيناز جو دراصل نالو شهناز هجڻ کپي ۽ اسان به کيس شهناز سڏينداسين پر جيئن توکي خبر آهي ته ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ ٻار ڄمڻ تي رجسٽريشن ڪرڻ وارو ڪلارڪ جيڪا هڪ دفعو اسپيلنگ لکي ٿو اها سڄي عمر هلندي هلي“. عمر ٻڌايو ته برونائيءَ ۾ ڪنواريتا سندس ئي پاڙي ۾ رهيا ٿي. ننڍي هوندي جڏهن شهناز چوندي هئي ته منهنجو نالو شِيناز (She Naz) آهي ته آئون چوندو هوس ته منهنجو نالو (He Naz) آهي. شيناز جي والده ۽ پروفيسر عمر ڪو عرصو هڪ ئي اداري ۾ به انگريزي پڙهائي.
پروفيسر محمد عمر چنڊ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ تمام گهڻو لکيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين لکندو اچي. پر هن جو گهڻو ڪم ريسرچ ورڪ تي آهي. هن کي آئون هر وقت ان ڳالھ تي آماده ڪندو رهان ٿو ته هو پنهنجي آتم ڪٿا لکي ته هڪ ڳوٺاڻو ٻار ٿي ڪري هن ڪيئن مشڪلاتن کي منهن ڏئي تعليم حاصل ڪئي ۽ ايمانداريءَ سان نوڪري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. “عمر! هاڻ جڏهن تون اچي پوڙهو ٿيو آهين ۽ جڏهن نيوزيلينڊ جي ٿڌ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ واڪ به نٿو ڪري سگهين ته پوءِ پنهنجي گهر جي گرم ڪمري ۾ ويهي گذريل مُني صديءَ جون ڳالهيون لک ته تو ڪيئن نئون آباد، ٽنڊو ڄام، ۽ هالاجهڙنننڍڙن ڳوٺن ۾ ننڍپڻ گذاريو .... هالا، ڊاڪا ۽ حيدرآباد۾ ڪيئن وقت گذاريو.... آمريڪا ۾ تعليم دوران ڪيئن ڏينهن گذريا، ايران جي خوبصورت شهر اصفهان ۽ عراق جي تاريخي شهر موصل ۾ زندگيءَ جا ڇهه سال ڪيئن گذريا.... برونائي جي بندرگاھ ۽ گادي واري شهر “بندر سري بيگوان” ۾ 13 سالن جو تجربو ڪيئن رهيو ۽ هاڻ 20 سالن کان نيوزيلينڊ ۾ ڪيئن پيو وقت گذري....” سچ پچ ته عمر چنڊ جي آتم ڪٿا هڪ بيحد معلوماتي، دلچسپ ۽ رهنمائي جوڳي بايو گرافي ثابت ٿيندي.

وير ساورڪر جو احوال

پاڻ وري اچون پنهنجي اصلي ڳالهه يعني ڪاري پاڻي وارن انڊامان ٻيٽن تي. انگريزن جتي چڱا ڪم ڪيا اتي ٻين تي حڪومتون ڪرڻ ۽ ٻين جي ڌرتيءَ تي قبضا ڪرڻ لاءِ هنن تڳڙم بازيون ۽ ظلم به ظلم ڪيا! 1857ع واري جنگ آزادي هجي يا حرن جو قتلِ عام... هنن جي ڪيل ڪوس ۽ ظلم جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. اڄ اسان هر روز هنن کي گاريون ۽ پٽون پاراتا ڏيون ها پر افسوس جو انگريزن جي وڃڻ بعد اسان جي پنهنجن ڪارن حاڪمن جيڪي ظلم ڪيا جيڪو ملڪ کي لٽيو، جيڪو غريب کي وڌيڪ مسڪين ڪيو، جنهن نموني سان تعليم ۽ صحت جي ستياناس ڪئي ۽ ناانصافيءَ جو راڄ هلايو ان کي ڏسي اسان جي ماڻهن کان انگريزن جا ڏک وسريو وڃن آهن ۽ چاهي اسان جو ملڪ هجي يا ڪينيا، يوگنڊا ــــ عوام اهو ئي چوي ٿو ته اڄ جي حاڪمن کان ته انگريز بهتر هئا! ۽ اهو به سوچيو ته جڏهن اڄ اسان کي پنهنجي چونڊيل ظالم حاڪم کي ٽپڙ ٻڌائڻ لاءِ ڪيترا ڌرڻا، ڪيترا جلسا جلوس ڪيترا جيل ڀرڻا ٿا پون اتي اسان جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن انگريزن کي ڀڄائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ظلم سٺا هوندا... جيڪي اسان جا اسان مان چونڊيل نمائندا نه پر اسان جا حاڪم هئا... هنن اسان کي غلام سمجهيو ٿي... ۽ Shoot to Kill جهڙا ست ڏوهه به هنن لاءِ معاف هئا. پورٽ بليئر وارو جيل (ڪاري پاڻي وارو قيد) اهڙن آزادي جي متوالن سان ڀريل رهيو ٿي. لاڙڪاڻي جي ربينا ابڙو يا هالا جي عبدالفتاح ابڙي جي جڏهن بيروت، شام ۽ ڪشمير جي ظلمن بابت شاعري پڙهندو اهيان ته دل چوندي آهي ته هو هتي پورٽ بليئر جي هن ڪاري پاڻي واري جيل کي ڏسي اسان جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ هندو، مسلمان ۽ سکن جو به احوال لکن جن کي ڦٽڪا لڳڻ تي هي ٻيٽ آهن ۽ دانهن سان گونججي ويو ٿي، جن کي پنهنجي وطن کي ڌارين کان آزاد ڪرائڻ جي شوق ۾ ڦاهيون ڏنيون ويون ٿي، جن کي انڊامان جي قيد خاني ۾ خالي کوليون نه هجڻ ڪري شوٽ ڪري هنن جي لاشن کي سرڻن ۽ ڳجهن حوالي ڪيو ويو ٿي... انهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا ته قابل ۽ پڙهيل ڳڙهيل اسان جا ننڍي کنڊ جا ماڻهو هئا... ڪهڙا ڪهڙا قابل وڪيل ۽ عالم دين هئا، ڪهڙا ڪهڙا دلير سک، مرهٺا ۽ پٺاڻ هئا. انهن مان ئي هڪ وير ساورڪر (سڄو نالو Vinayak Damodar Savarkar) هو جنهن جي نالي سان پورٽ بليئر ايئرپورٽ منسوب آهي. شهر ۾ توڙي سياحن جي عبرت لاءِ ڇڏيل پورٽ بليئر جيل اندر وير ساورڪر جي قد آدم لوهي مجسمي (Statue) اڳيان فوٽو ڪڍرائيندي سندس زندگيءَ جو احوال اکين اڳيان ڦري ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه متنازع (Controversial) ڳالهين ڪري هن کي ڪجهه هيرو تصور ڪن ٿا ته ڪي-ــــ خاص ڪري مسلمان ۽ عيسائي هن کي ان ليول جو ماڻهو نٿا سمجهن جو هو مسلمانن ۽ عيسائين جي سخت خلاف هو. چوندو هو ته انهن کي پوليس ۽ فوج ۾ ته هرگز نه رکيو وڃي. هنن کي کپي ته هو عرب ملڪن ڏي هلياوڃن جتي هنن جون پاڪ جايون آهن. هندستان هندن لاءِ هجڻ کپي ۽ سک، ٻوڌي، جين سڀ پاڻ کي هندو سڏائين ۽ جيڪي هندو عيسائي ۽ مسلمان ٿيا آهن اهي واپس پنهنجي هندو ڌرم ۾ اچن. ڪن ڳالهين ۾ هندو ۽ ڪانگريس جماعت جو به وير سوارڪار سان اختلاف رهيو ٿي. مهاتما گانڌيءَ جي قتل جي ڏوهه ۾ وير سوارڪار به گرفتار ڪيو ويو هو پر پوءِ ڪورٽ کيس بري (acquit) ڪري ڇڏيو. وير نه فقط هڪ سياستدان، هندستان جي آزاديءَ جو متوالو/ جاکوڙي هو پر سٺو وڪيل، شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس پڻ هو. پاڻ مهاراشٽرا رياست جي ناشڪ ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀاڳوڙ ۾ ڄائو. ناشڪ شهر ممبئي کان 150 ڪلو ميٽر پري آهي جنهن بابت آئون پنهنجي انڊيا واري سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اسان ڪار ذريعي ٽن ڪلاڪن ۾ پهچي ويا هئاسين. ممبئي هڪ ٻيٽ جيان آهي جتان پل ٽپي نئين (نوي) ممبئي اچجي ٿو. ان بعد ٿاني شهر آهي ۽ ناشڪ پهچڻ کان اڳ ڪجهه ننڍن وڏن شهرن مان گذرڻو پوي ٿو جيئن ته آسان گائون، واسند، کاردي، اگاتپوري، گهوٽي بردرڪ، گوندي دومالا، ولهولي وغيره، ناشڪ کان ڀاڳوڙ 22 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ ڀاڳوڙ جي اڄ به هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي حيثيت آهي ۽ اهو وير جي ڄمڻ کان ئي مشهور آهي.
پوني جي فرگوسن ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وير سوارڪر لا (قانون) جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو ۽ لنڊن جي “گري اِن لا ڪاليج” ۾ داخلا ورتي. تعليم دوران لنڊن ۾ وير سوارڪر “انڊيا هائوس” ۾ رهيو جتي هن جو ٻين به ڪيترن قومپرستن سان واسطو پيو جن انڊيا کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ ٿي چاهيو. ان دوران هن ماڻهن کي ڀڙڪائڻ لاءِ “The History of the war of Indian Independence” لکيو جيڪو ڪتاب انگريزن انهن ملڪن ۾ بئن ڪري ڇڏيو جن ۾ هنن جو راڄ هو. باقي فرانس، جرمني، هالينڊ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ تمام گهڻو وڪرو ٿيو جتان سمگل ٿي انڊيا ۽ انگلينڊ ۾ به آيو پئي.
وير سوارڪر پنهنجين لکڻين ۽ تقريرن ذريعي انڊيا جي ماڻهن کي اهو ئي چوندو رهيو ته اسان کي 1857ع جهڙو انقلاب آڻڻو پوندو. انگريزن کي اها ڳالهه نه وڻي. هنن وير سوارڪر کي فرانس مان وڃي گرفتار ڪيو ۽ کيس ٻه جنم ٽيپن جي سزا ڏئي ڪاري پاڻيءَ موڪليو. وير سوارڪر گرفتاريءَ کان بچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هو پئرس ۾ هڪ گهر ۾ وڃي لڪي ويٺو جتان هن کي سوگهو ڪري S.S Morea نالي هڪ پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ممبئي پئي موڪليو ويو. هن ان جهاز تان ڀڄڻ جي پنهنجن دوستن سان پلاننگ ٺاهي ۽ جيئن جهاز مرسليس ۾ لنگر انداز ٿيو ته هن دريءَ مان ٽپ ڏيئي ڀڄڻ جي ڪئي پر هن جو دوست جنهن کي اتي ڪار ۾ پهچي وير کي ڀڄائي وڃڻو هو، ان کي اتي پهچڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ وير سوارڪر جهلجي پيو. کيس وري ساڳي جهاز ۾ سوار ڪيو ويو ۽ ممبئي ۾ لاٿو ويو، جتان کيس پوني جي يَرويدا سينٽرل جيل ۾ رکي ڪيس هلايو ويو. ان وقت وير سوارڪر جي عمر 28 سال هئي، کيس 50 سالن جي ٽيپ اچي وئي ۽ سزا ڪاٽڻ لاءِ ڪاري پاڻي انڊامان ٻيٽ موڪليو ويو جتي هن 1910ع کان 1921ع تائين سزا ڪاٽي ان بعد هن کي پوني واري جيل ۾ موڪليو ويو جتي وڌيڪ چار سال جيل ڪاٽيائين.
وير سوارڪار لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن تمام گهڻو لکيو - خاص ڪري پنهنجي مادري ٻولي مراٺيءَ ۾ لکيو، جنهن مان پوءِ ڪيترو ئي مواد انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿيو. انهن ڪتابن مان ڪجهه آهن: ڪملا، مازي جنم ٽيپ (My life Sentence) ڪالي پاني (Life Sentence) ۽ هڪ تاريخي ڪتاب “سها سونيري پني” (Six Golden Pages) وغيره. هن جو هڪ مراٺي شاعريءَ جو ڪتاب “ساگارا پران تلمالالا” جيڪو انگريزي ۾ “Oh Great Sea, My Heart Aches for Motherland” نالي آهي. وير سوارڪر جا ٻيا به ڪتاب آهن، هڪ ته آزادي جي تعريف ۾ مراٺي زبان ۾ Jayostuteنالي شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ ڏنل اهي شعر آهن جيڪي وير سوارڪر انڊامان ٻيٽ واري جيل جي ڪوٺيءَ جي ڀتين تي ڪنڊن ۽ پٿرن سان لکيا ـــــ ڇو جو جيل ۾ ڪنهن به قيديءَ کي پنو پين رکڻ جي اجازت نه هئي. 1966 ۾ وير سوارڪر بک هڙتال جي حالت ۾ گذاري ويو.
1996ع ۾ مليالم ٻوليءَ ۾ ڪالا پاني نالي هڪ فلم ٺهي جنهن ۾ هندي اداڪار انوڪپور “وير سوارڪر” جو ڪردار ادا ڪيو. هن فلم جا ٻيا مشهور اداڪار جن کي اسان هندي فلمن ذريعي سڃاڻون ٿا، آهن: امريش پوري، تَبو ۽ تينو آنند. هيءَ فلم جيڪا اصل ۾ ته مليالم ٻوليءَ ۾ ٺهي هئي پر پوءِ اميتاڀ بچن هن کي هندي/اڙدو ۾ ڊب ڪرايو ۽ ان جو نالو رکيو “سزائي ڪالا پاني” اهڙي طرح هيءَ فلم ڏکڻ هندستان جي باقي ٻن ٻولين: تامل ۽ تيلگو ۾ به ڊَب ڪئي وئي ۽ سري لنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي ڏاڍي هلي هئي. انڊامان يعني ڪاري پاڻي جي هنن ٻيٽن جي ظلمن جا داستان ۽ انگريزن جون ڪهاڻيون ايتريون آهن جو سڄو ڪتاب انهن سان ڀرجي وڃي، پر هتي اسان انهن ڪهاڻين بدران پنهنجي سامونڊي سفرن جو احوال بيان ڪري رهيا آهيون ته ڪيئن اسان کي ڪراچي ڇڏڻ بعد مختلف بندرگاهن ۾ ساهه پٽڻو پوي ٿو.

سودو ڪن جي سون جو

يورپين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجن ملڪن کي امير بڻائي ڇڏيو. بهتر جهاز ۽ نيويگيشن جا طريقا ايجاد ڪري هنن ڏورانهان ملڪ ۽ ٻيٽ ڳوليا. انهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ مڪاني ماڻهن کي ڊيڄارڻ ۽ مارڻ ڪٽڻ لاءِ بهتر بندوقون، بم ۽ بارود ايجاد ڪيا، جن سان مڪاني ماڻهو پنهنجن خنجرن، ڇُرن، نيزن، ڀالن ۽ ردي قسم جي پراڻين بندوقن سان مقابلا ڪري نه سگهيا. مصالحي، مختلف ڌاتن، کاڌي خوراڪ جي شين جي ڄاڻ هجڻ ڪري هو ڪٿان ڪٿان جيئن ته انڊيا ڪناري، جاوا جڪارتا کان پنهنجا جهاز مصالحن سان ڀري يورپ پهتا ٿي ته برازيل، بهاما، وينزوئلا پاسي کان مختلف ڌاتو سون چانديءَ کان پتل ٽامو ۽ مختلف کاڌي جون شيون- ڪافي، چاڪليٽ کان کنڊ تائين يورپ پهچايا ٿي ۽ انهن جي پوک لاءِ پورهئي خاطر هنن آفريڪا کنڊ مان شيدي غلام سوگها ڪري آمريڪا آندا ٿي. ڪيترين شين جي فائدي يا ڄاڻ جي ته اتي جي مڪاني ماڻهن کي به خبر نه هئي ته انهن جو به ڪو ڪارج ٿي سگهي ٿو.
نميبيا جي بندرگاهه والوس بي (Walvis Bay) ۾ مون اها ڳالهه اتي جي يونيورسٽي آف نَمِيبيا جي هڪ مڪاني شيدي پروفيسر ڪينٽ متينگو سان ڪئي ته هن ٽهڪ ڏيندي مون سان ان ڳالهه جي حاميءَ تي تاڙي ملائي. “سچ ٿو چوين، چيف صاحب! هنن گورن اسان جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪري ان تي موجود سون، چاندي ته کڻي ويا پر گئانو (Guano) کي به نه ڇڏيائون. جهاز ڀري لنڊن، لسبان، بارسلونا ۽ بريمن کڻي ويا.”
“واقعي،” مون وراڻيومانس، “اسان کي ته پنهنجي گئانو جي ئي خبر ڪٿي هئي.”
منهنجي واتان اهو لفظ ٻُڌي پروفيسر کي حيرت ٿي ۽ چيو: "So, you know what is guano!"
“برازيل، وينزوئلا، ارجنٽائين (يعني سائوٿ آمريڪا) وڃي وڃي هسپانوي ٻوليءَ جو اهو لفظ ياد ٿي ويو آهي.” مون وراڻيو مانس.
دنيا ۾ ڪي ڪي لفظ اهڙا ته عام ٿي ويا آهن جيڪي کڻي ڪهڙي به زبان جا هجن پر مختلف ملڪن ۾ عام طرح سمجهيا وڃن ٿا، خاص ڪري جهازي دنيا ۾. مثال طور جڏهن سامان کي جهاز تي چاڙهبو آهي ته ان کي رسن ذريعي ڪرين جي ڪنڍي (Hook) ۾ ڦاسائي پوءِ ڪرين آپريٽر کي چئبو آهي “اويس” -معنيٰ مٿي ڇڪ. پوءِ ان سامان کي جهاز جي گدام (Hatch)جي منهن مٿان آڻڻ تي هن کي جهاز جي ڊيڪ تي بيٺل همراهه “آريا” چوندو آهي يعني ڪرين جي رسي کي ڍرو ڪر ته اهو سامان هيٺ اچي جهاز جي گدام ۾ پوي. هي لفظ - آريا ۽ اَوَيس نه فقط ڪرين وارو سمجهي ٿو پر اسان جهاز جا انجنيئر به انجن جو ڪو ڳرو پرزو مٿي کڻندا آهيون ته اَويس ۽ هيٺ لاهڻ لاءِ آريا چوندا آهيون. هي ٻه لفظ نه فقط اسان پاڪستاني پاڪستان ۾ استعمال ڪريون ٿا پر اهي لفظ انڊيا، سري لنڪا، بنگلاديش، ملائيشيا، چين، ويندي آفريڪا جي بندرگاهن ۽ يورپ جي به ڪيترن ملڪن، خاص ڪري انگلينڊ جي بندرگاهن ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ سالن کان ٿيندا اچن. 1960ع واري ڏهاڪي کان- جڏهن کان مون جهاز جي نوڪري شروع ڪئي، آئون ٻڌندو اچان ۽ انهن لفظن کان ايراني، مدراسي، عرب، ترڪ، يوناني، ملئي چيني واقف آهن. مزي جي ڳالهه ته اهي لفظ بنگالي ٻوليءَ جا آهن ۽ مون کي لڳي ٿو ته اهي لفظ انگريزن جي انڊيا اچڻ کان استعمال ٿي رهيا آهن جو انگريزن جي ڏينهن ۾ جهازن تي ڪم ڪرڻ وارا اوئلي بنگالي هئا. پورچوگالين جي جهازن تي به انهن جو تعداد گهڻو هو. ٿي سگهي ٿو سورهين صديءَ جي شروعات ۾ پورچو گالين جي انڊيا پهچڻ کان به اڳ اهي لفظ استعمال ۾ اچڻ شروع ٿيا هجن جڏهن هندي وڏي سمنڊ تي عربن ۽ ايرانين جي جهازن جي آمدرفت هئي ۽ محنت مزوري جهڙن ڪمن لاءِ هنن اڪثر بنگالين کي جهاز تي رکيو ٿي.
اهڙي طرح سامونڊي دنيا ۾، خاص ڪري سنگاپور کان سري لنڪا تائين، ممبئي کان ممباسا تائين هڪ ٻيو لفظ جيڪو عام آهي، اهو آهي: ناکئو. اهو ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان ناڪو، ناڪئو اچاريو وڃي ٿو. اهو فارسي لفظ “نائو خدا” جي کار آهي. معنيٰ ٻيڙيءَ جو مالڪ يا جهاز هلائيندڙ. نيويگيٽر.
هيسپانوي لفظ جيڪو سڄي ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا ويندي USA جي ٽيڪساز ۽ لوزيانا جهڙين رياستن ۾ (جتي اسپيني ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي) ۽ پورچوگال ۽ اسپين جي بندرگاهن سان گڏ آفريڪا جي بندرگاهن ۾ (خاص ڪري آفريڪا کنڊ جي اولهه واري ڪناري جي بندرگاهن ۾) عام استعمال ۾ اچي ٿو، اهو آهي گئانو (Guano) جنهن جي لفظي معنيٰ ته “ٽورو” يا تِيڪَ (Shit) آهي پر هتي پروفيسر صاحب جڏهن سمنڊ جي ڪناري ڏي هٿ ڦيري گئانو جي ڳالهه ڪئي ته آئون سمجهي ويس ته هو نَميبيا جي انهن ننڍن ننڍن ٻيٽن جي ڳالهه ڪري ٿو جن تي صدين کان سامونڊي پکي رهن ٿا ۽ جيڪي ٻيٽ اڄ به دنيا جي 1200 مقرر ڪيل IBA (سامونڊي پکين جي واڌاري ۽ ويجهاري لاءِ بچاءَ ڪيل جايون) يعني Important Breeding Areas مان آهن، جن تي پکين جو گڏ ٿيل گئانو- يعني وِٺيون ڪنهن زماني ۾ “سفيد سون” سمجهيو ويو ٿي ۽ يورپي ملڪن جا جهازي پنهنجا جهاز هن وکر سان ڀري پنهنجن ملڪن ڏي روانا ٿيا ٿي جتي هنن پکين جي وِٺين جا مڻ بارود ٺاهڻ ۾ يا ڀاڻ طور استعمال ڪيا ٿي.
پکين جي هن قسم جي ويجهه Breeding ۽ رهائش جا ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ توهان کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملندا جن مان ڪجهه جو ذڪر آئون پنهنجي اسڪينڊينيوين سفرنامن مان ڪنهن ۾ “جت برف پوي ٿي جام” يا شايد “يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون” ۾ ڪري چڪو آهيان ته ناروي جي ڪنهن ڏورانهين ٻيٽ جي شپ يارڊ ۾ ٺهندڙ هڪ ٻيڙيءَ جي انسپيڪشن لاءِ فيريءَ ۾ وڃي رهيو هوس ته رستي تي ٻه هڪڙا مختصر ٻيٽ نظر آيا جن تي موجود ٽڪريءَ جي چوڌاري هزارين پکي چهٽيل هئا. دراصل ان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ کان قدمن تائين پکين پنهنجي رهائش ۽ بيضا ڏيڻ لاءِ سوراخ ڪري ڇڏيا هئا جن اندر ماديون پنهنجن آنن تي آري تي هيون ۽ نَر حضرات ان سوراخ (آکيري) جي ٻاهران چهٽي چوڪيداري ڪري رهيا هئا. جيئن ئي اسان جي فيري (مسافر بردار جهاز) ان ٻيٽ جي ويجهو لنگهيو ته طوطن جهڙن رنگين پکين ڦڙڪو ڏئي، اهو ٻيٽ اها ٽڪري ڇڏي هڪ ئي گروپ ۾ هوا ۾ اڏامڻ لڳا جيئن اسان اڪثر ڪبوترن يا جهرڪين کي جهڳٽي ۾ اڏامندو ڏسندا آهيون. اسان جي فيري جيئن ئي ٻيٽ کان ٿورو پري پهتي ته هو سڀ پنهنجن پنهنجن ٻرن ۾ موٽي آيا. مون حيرت جو اظهار ڪري پنهنجي ڪليگ نارويجن انجنيئر کي چيو ته شاباش هجي هنن نر پکين کي جو پنهنجي پنهنجي مادي ۽ پنهنجي پنهنجي آکيري کي سڃاڻن ٿا جيتوڻيڪ هو سڀ هڪ جهڙا لڳن ٿا. وڌ ۾ وڌ نر کڻي مادين کان قد بت ۾ وڏا هجن پر هو پنهنجو پاڻ ۾ ته هڪ جهڙا آهن. ائين به ته ناهي ته انسانن وانگر سندن مادين مان ڪنهن کي ساڙهي پاتل آهي، ڪنهن کي چولو، ڪنهن جي ڪپڙن جو ڳاڙهو رنگ آهي ته ڪنهنجو ڪارو، ڪنهن جا وار کليل آهن ته ڪنهن جون ٻه چوٽيون.... سڀ ماديون توڙي نر هڪ ئي رنگ جا هئا. ٻي ڳالهه ته ائين به ناهي ته ڪي ٽي چار نر هئا جيڪي اڏامي وري واپس پنهنجي مادين وٽ پهتا. هي ايڏو وڏو تعداد پکين جو هو جو هزارين به آئون ٿو چوان. پڪ هڪ لک جي لڳ ڀڳ هوندا جو هو جڏهن ٻيٽ ڇڏي آسمان ڏي اڏاميا ته اسان جي مٿان ائين جهڙ ٿي ويو ڄڻ ڪو ڪارو ڪڪر مٿان اچي ويو هجي.
بهرحال مٿين ڳالهه مان منهنجو مطلب آهي ته اهڙن ٻيٽن تي پکين جو وڏو تعداد ٿئي ٿو. اسان وٽ زمين وارا پکي تتر، ڪانگ، ڪٻرون ته مختلف وڻن جي ٽارين تي آکيرا ٺاهي پيٽ قوت لاءِ وڻن تي ڦٿل ميوو يا ڦريون کائيندا رهن ٿا يا هتان هُتان داڻو چڳندا رهن ٿا پر سامونڊي پکي جن جو کاڄ مڇي يا سمنڊ جا ساهوارا آهن انهن لاءِ سمنڊ جي ڀر ۾ ئي رهائش لاءِ ڪو ٺام ٺڪاڻو ڳولڻو پوي ٿو. هو ڀلي سڄو ڏينهن سمنڊ مٿان اڏامندا رهن، سمنڊ تي ترندا رهن پر رات گذارڻ لاءِ، آنا لاهڻ ۽ انهن جو ڦوٽاڙو ڪرڻ لاءِ هنن لاءِ ڌرتيءَ جو ٽڪرو ضروري آهي، پوءِ اهي ڀلي ننڍي سائيز جا اُڏامندڙ پکي هجن يا ڪميون ۽ پينگئن.
آفريڪا جو هي ملڪ “نميبيا” آفريڪا جي نقشي ۾ کاٻي پاسي بلڪل هيٺ آهي. يعني ڪراچيءَ کان آفريڪا کنڊ جو جي ڦيرو ڪجي ته آفريڪا کنڊ جي بلڪل تري ۾ سائوٿ آفريڪا ملڪ آهي جنهن جي ساڄي پاسي يعني آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري پاسي “موزمبق” آهي ۽ کاٻي پاسي يعني آفريڪا کنڊ جي اولهه ڪناري پاسي هي ملڪ “نميبيا” آهي. مزي جي اها ڳالهه ته ٻنهي ملڪن تي پورچوگال جو قبضو هو جيئن اسان جي ننڍي کنڊ، ملائيشيا، سنگاپور وغيره تي انگريزن جو هو. موزمبيق تي پورچوگالين جو قبضو 1498ع کان رهيو جڏهن واسڪو ڊاگاما ڪيپ آف گڊ هوپ جو سمنڊ ڪراس ڪري هندي وڏي سمنڊ ۾ موزمبق جي سر زمين تي پهتو. موزمبق کي آزادي 1975ع ۾ اسان جي اڳيان ملي جڏهن اسان جا جهاز موزمبق جي بندرگاهن لارينزو مارڪس (جيڪو هاڻ موپوتو ٿو سڏجي) ۽ بيرا جهڙن بندرگاهن ۾ ويندا رهيا ٿي. هوڏانهن نميبيا کي پورچوگالين ڪافي دير سان 1990ع ۾ آزادي ڏني. نميبيا تي پورچوگالين جو موزمبيق کان به گهڻو اڳ 1448ع کان اچڻ وڃڻ شروع ٿيو پر هڪ ته نميبيا گهڻي ڀاڱي رڻ پٽ هو سو پورچوگالين ان ۾ ڪا خاص دلچسپي نٿي رکي ۽ پورچوگالين بعد انگريز، فرينچ ۽ ٻيا يورپي به ايندا رهيا. ايتري قدر جو 1884ع ۾ نميبيا جرمن ڪالوني جي حيثيت ۾ به رهيو.
آفريڪا جي هنن ملڪن ۾ اڄ ڪلهه جي جهازن جي مالڪن جي ڪا خاص دلچسپي نه رهي آهي. اهڙي طرح اسان جي جهازران ڪمپنيءَ به پنهنجا جهاز آفريڪا جي بندرگاهن ۾ نٿي موڪلڻ چاهيا پر 1960ع وار ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ۽ 1970ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري اسان جي جهازن کي ڪراچيءَ کان لنڊن لور پول، بريمن هئمبرگ، بارسلونا، لسبن يا يورپ جي ٻين بندرگاهن ۾ پهچڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي پوءِ مجبوريءَ جي حالت ۾ رستي تي ممباسا، زنجبار، موپوتو، والوس بي، عابد جان، ڊڪار جهڙن آفريڪي بندرگاهن ۾ جهاز جي ٻارڻ لاءِ تيل ۽ جهاز هلائيندڙن لاءِ راشن پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ داخل ٿيڻو پيو ٿي. ڪڏهن ته- بلڪه ڪيترائي دفعا انهن مٿين يا ٻين آفريڪي بندرگاهن لاءِ ڪارگو ملي ويو ٿي. هاڻ مڙيئي آفريڪا جا بندرگاهه ماڊرن ٿي ويا آهن نه ته انهن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان 50 سال اڳ انهن جي حالت خراب هئي ۽ سامان جي لاهڻ ۽ چاڙهڻ ۾ سخت سستيءَ کان ڪم ورتو ويو ٿي. ويندي “جدي” ۽ “پورٽ سوڊان” جي به اها حالت هئي. جهاز کي مهينو مهينو به بندرگاهه ۾ ترسڻو پيو ٿي.اسان جهاز هلائڻ وارا خوش هوندا هئاسين جو جهاز هلائڻ وارن جو اهو ئي خواب هوندو آهي ته هنن جو جهاز بندرگاهه ۾ پهچي ته مزورن جي هڙتال هجي. يعني جهاز بندرگاهه ۾ ئي بيٺو رهي، سمنڊ جو رخ نه ڪري. پر مالڪن لاءِ وڏو نقصان آهي ته جهاز بندرگاهه ۾ ئي بيٺو رهي.
نميبيا جي بندرگاهه Walvis Bay ۾ هڪ دفعو اسان جو جهاز پهچڻ تي خالي جيٽي نه هجڻ ڪري اسان جي جهاز کي بندرگاهه جي ٻاهران کلئي سمنڊ ۾ (جيڪو آئوٽر ائنڪريج ٿو سڏجي) لنگر ڪيرائي هفتو کن انتظار ڪرڻو پيو. بندرگاهه جي مڪاني ايجنٽ اسان جهاز وارن لاءِ هڪ موٽر بوٽ جو بندوبست ڪيو هو جيئن ان ذريعي اسان بندرگاهه ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچي سگهون ۽ جهاز جي بور زندگيءَ مان نجات حاصل ڪري سگهون. هڪ دفعي لانچ وارو اسان کي اوسي پاسي جي سير تي به وٺي هليو جيئن ڪو ڪراچي جي سامهون پنهنجي جهاز مان لانچ ذريعي پورٽ قاسم يا گوادر پاسي جو سير ڪندو رهي. ان سير دوران اسان ننڍن ننڍن ٻيٽن وٽان به لنگهياسين جن ۾ سامونڊي پکين آنا لاٿا ٿي ۽ رهائش اختيار ڪئي ٿي، انهن ۾ هڪ اچابوئي Ichaboe ٻيٽ به هو جنهن لاءِ مڪاني ماڻهن ٻڌايو ته ارڙهين صديءَ جي آخري سالن ۽ اوڻهين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ ٻيٽ تي گڏ ٿيل پکين جي “وِٺين” جي ڍير مان ڳوڻيون ۽ دٻا ڀرڻ تان يورپي جهازران پاڻ ۾ وڙهي پوندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اڃا ڪيميڪل فرٽيلائيزر ايجاد نه ٿيو هو سو پکين جون وِٺيون فصل لاءِ يا بارود ٺاهڻ لاءِ سون برابر سمجهيون ويون ٿي. 1800ع ۾ لنڊن ۾ انهن وِٺين يعني پکين جي ٽوري (Guano) جي هڪ ٽَنَ جو اگهه 10 پائونڊن کان به مٿي هو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن سون جو تولو هڪ پائونڊ کان به گهٽ هو. ان بابت قصا ٿا پڙهجن ته حيرت ٿي ٿئي ته گئانو (پکين جي وِٺين) کي حاصل ڪرڻ لاءِ يورپ جي ملڪن جي واپارين ۽ جهاز رانن جي رش ايڏي ته وڌي وئي جو هن اچابوئي (Ichaboe) ٻيٽ جي چوڌاري 600 کن جهاز (يعني ان وقت جون سڙهن واريون ٻيڙيون) لنگر انداز رهيون ٿي ۽ ٻين کان گوءِ کڻڻ ۽ پنهنجا جهاز اڳواٽ ڀري يورپ روانو ٿيڻ لاءِ هنن جا هڪ ٻئي سان جهيڙا ٿيا ۽ آزاداڻي طور گارين، ٺونشن، لتن ويندي خنجر ۽ بيلچن جو استعمال ٿيو ٿي. پکين جا لاٿل آنا ته کڻي هڪ ٻئي کي هنيائون ٿي پر آفريڪي پينگئن (جيڪي هنن ٻيٽن تي صدين کان بي خوف ٿي هليون) کي ڳچي کان جهلي هڪ ٻئي کي هنيائون ٿي. گهڻي پئسي جي ڪمائڻ جي حرص ۾ هنن کي سڄو سڄو ڏينهن ڍونڍ ۾ بيهي وِٺين سان ڇٻيون ڀرڻ ۾ به ڪوفت نٿي ٿي.
يورپين سمجهيو ٿي ته گئانو (Guano) خاص ڪري پکين جون وِٺيون ۽ چمڙن جون پولڙيون ڪمائتي شيءِ آهي. هيءَ شيءِ نه فقط بارود ٺاهڻ لاءِ فائدي واري آهي پر فصل لاءِ سٺو ڀاڻ به آهي جو هن ۾ يعني پکين جي ٽوري (وٺين وغيره) ۾ نائٽروجن، فاسفيٽ ۽ پوٽيشيم جو مقدار تمام گهڻو ٿو ٿئي جيڪي شيون ٻوٽن جي واڌاري لاءِ ضروري آهن. اهڙي طرح پکين جون وِٺيون انهن ڏينهن ۾ گن پائوڊر ۽ بم بارود (Explosive Material) ٺاهڻ ۾ پڻ ڪم آيون ٿي. ٿي سگهي ٿو ته اسان وٽ ڌرتي تي جيڪي پکي آهن: ڪانگ، ڪٻرون باز، سرڻيون ۽ چتون چيها- انهن جون وِٺيون به ڪارآمد هجن پر اهي وڏي مقدار ۾ گڏ ڪڻ ڏکيو ڪم آهي جو اسان وٽ پکي هڪ هنڌ ويهڻ بدران الڳ الڳ وڻن جي ٽارين تي آکيرا ٺاهي رهن ٿا پر سمنڊ سان واسطو رکندڙ رات جي وقت هڪ ئي هنڌ تي، خاص ڪري ڪنهن ننڍڙي ويران ٻيٽ تي گڏ ٿي رهن ٿا جن جو تعداد هزارن بلڪ لکن ۾ به ٿئي ٿو جو هوائي جهاز يا هيليڪاپٽر مان ڏسبو ته اهو ٻيٽ اڇن سي گل (Sea Gull) يا ڪارين پينگئن سان اڇو يا ڪارو ٿيو پيو هوندو.
پکين جي ڪالونين کان مشهور نميبيا ملڪ جو هي ٻيٽ اِچابوئي ڏٺو وڃي ته ايراضيءَ ۾ هڪ چورس ڪلوميٽر به نه آهي اهو فقط 0.065 چورس ڪلوميٽر آهي، يعني ساڍا ڇهه هيڪٽر ٿيو. هڪ هيڪٽر 100 چورس ميٽرن برابر ٿئي ٿو يعني زمين جو چورس ٽڪرو جنهن جو هر پاسو 100 ميٽر آهي ته اهو هڪ هيڪٽر ٿيو. هڪ چورس ڪلوميٽر ۾ 100 هيڪٽر ٿين ٿا. جي ايڪڙن جو حساب لڳائجي ته هڪ هيڪٽر ۾ اڍائي کن ايڪڙ ٿيا. سو سمجهو ته نميبيا جو هي پکين جي رهائش وارو ٻيٽ اِچابوئي (Ichaboe) جيڪو دنيا جي 1200 آءِ بي اي (Important Bird Areas) مان هڪ آهي، سائيز ۾ اٽڪل 15 ايڪڙ آهي. صدين کان هن ٻيٽ تي سامونڊي پکي بنا خوف خطري جي رهندا آيا ٿي ۽ ٻيٽ جا اهي سورهن ايڪڙ سندن وٺين سان ڀربا رهيا ٿي. سمنڊ ۾ اٿل پٿل اچڻ تي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي لهرن هنن جي گئانو جو ڪجهه حصو صاف ڪيو ٿي پر پوءِ ڪجهه هفتن بعد وِٺين جا وري تالاب ٺهي ويا ٿي. 1800ع ڌاري جڏهن هتي پهريان انسان پهتا ته وِٺين جو تالاب 5 ميٽر کن هو جنهن ۾ عام ماڻهوءَ جي قد کان ٻيڻو ڊگهو ماڻهو به ٻُڏي وڃي. سائوٿ آفريڪا توڙي هن ڀر واري ملڪ ۾ اونهاري ۾ ئي چڱي ٿڌڪار ٿي رهي، سياري ۾ ته سخت سيءُ ۽ ڌنڌ ٿو رهي. ايڏو ڌنڌ جو وِٺين سان ڳوڻيون، ڳوٿريون، ڇٻيون ۽ دٻا ڀرڻ وارا پنهنجي سامهون بيٺل ٻي مزور کي به ڏسي نٿي سگهيا. ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٿڌين هوائن جسم کي ٿي چيريو. هن ٻيٽ تي ڪم ڪرڻ وارن جي کائڻ پيئڻ لاءِ به ڪي هوٽلون نه هيون. مزورن ان ٻيٽ تي هلندڙ پينگئن جهلي، پچائي کاڌا ٿي. هر يورپي ملڪ جي ماڻهن کي اهائي لوڙ هئي ته هن وکر (گئانو) سان جلدي جلدي پنهنجا جهاز ڀري يورپ جي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمائجي.
سامونڊي پکين جي وِٺين جو هي واپار ڪيترائي سال هلندو رهيو.اهو تڏهن جهڪو ٿيو جڏهن بم ۽ بارود ٺاهڻ لاءِ ٻيا طريقا ايجاد ٿيا، فصلن جي بهتري لاءِ ڪيميڪل ڀاڻ تيار ٿيا. اڄ ايڪهين صديءَ ۾ به نميبيا جي هن ٻيٽ “اِچابوئي” ڏي ماڻهو ايندا رهن ٿا پر گئانو (پکين جون وِٺيون) گڏ ڪرڻ لاءِ نه پر پکين جي ديدار لاءِ، انهن جا فوٽو ڪڍڻ لاءِ. نميبيا جي بندرگاهه وال وس Walvis Bay ۾ هوائي جهاز ۾ پهچي پوءِ لانچن ۽ فيرين ذريعي هن ٻيٽ Ichaboe جي چوڌاري چڪر هڻن ٿا. پکين جا هن قسم جا ٻيٽ پکين جي شوقينن لاءِ ڪشش رکن ٿا. مور، طوطا، ڪانگ ڪٻرون ته هو پنهنجن ڳوٺن ۾ به ڏسي سگهن ٿا پر مختلف سامونڊي سي گل، نيرڳ، آرڪٽڪ ٽرن، بدڪون، پيليڪان، ڪاز، ٿڙندا (Tuffed Ducks) چيڪلا (Teal)، لنج (Grelag goose)، هنجر (Spotbill)، انڪاٽرن، ڊگوش (Pintail Northern)، سينڌر پينگئن، ڪورمورنٽ، Sacred Ibis، ڪِنگ فشر، Herons، پلوور جهڙا هزارن جي تعداد ۾ پکي ههڙن ٻيٽن تي ئي ڏسي سگهجن ٿا.
هتي اهو به لکندو هلان ته مٿئين اِچابوئي ٻيٽ بابت ڪيترا سال يورپين کي خبر نه پئي هئي. ٿورن گهڻن انگريزن ۽ پورچو گالين وٺين سان جهاز ڀري انهن جو يورپ ۾ وڪرو پئي ڪيو. پوءِ ڪئپٽن بينجمن موريل جنهن لڌڙن (Seals) جو شڪار ٿي ڪيو اهو 1830ع ڌاري هن ٻيٽ تي آيو ۽ پوءِ 1832ع ڌاري هن جو A Narrative of Four Voyages نالي يادگيرين جو ڪتاب ڇپيو جنهن ۾ هن اِچابوئي ٻيٽ تي گئانو جي انبارن جو ذڪر ڪيو.ان ۾ هن لکيو ته “پکين جي هنن وِٺين ۾ وڏي ڪمائي آهي. جيڪڏهن ڪو 30000 ڊالر هن واپار ۾ لڳائي ته هو آرام سان ٻن سالن اندر 10 کان 1500 پرسينٽ نفعو ڪمائي سگهي ٿو. هن ڪتاب بعد يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو جهاز خريد ڪري هن وکر کي حاصل ڪرڻ لاءِ نميبيا ڏي ڀڳا. سڀ کان گهڻا جهاز 400 کان 500 تائين سال 1841ع ۽ سال 1843ع کان 1845ع جي وچ ۾ هن ٻيٽ جي چوڌاري نظر آيا جن ٽي لک ٽن کن گئانو يورپ پهچايو. ان تان منهنجو ڪليگ چيف انجنير مرحوم اڪبر غازي ياد ٿو اچي جنهن سان گڏ مون ڪيترن ئي جهازن تي سفر ڪيو. ڪجهه عرصو Sailing بعد اسان جي دوست ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ مون کان هڪ سال سينئر اڪبر غازيءَ سامونڊي نوڪريءَ کي خيرباد چئي اسان جي ڳوٺائي ڪئپٽن رشيد ابڙو ڪناري تي رهي وانگر بزنيس شروع ڪيو. ڪئپٽن رشيد جهاز چارٽر ڪري،يعني مسواڙ تي حاصل ڪري ڪنهن ملڪ مان سيمنٽ سان ته ڪنهن ملڪ مان چانورن سان ڀري انهن ملڪن ڏي موڪليندو هو جتي ان وکر جي ضرورت ۽ اگهه هجي پر اسان جي دوست اڪبر غازيءَ هڪ ئي شيءِ هڪ ئي ملڪ دبئيءَ ۾ موڪلڻ لڳو. اهو وکر پڻ گئانو هو پر پکين جون وِٺيون نه پر مينهن جو ڇيڻو. گوبر! اڄ کان ٽيهارو کن سال اڳ دبئي جي حڪومت دبئيءَ کي هڪ رڻ پٽ مان ڪڍي سبز ۽ ساوڪ وارو بڻائڻ ٿي چاهيو جنهن لاءِ هن کي ڇيڻي جي وڏي مقدار جي ضرورت هئي. اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪليگ حامي ڀري ۽ ڪيترائي سال پاڪستان مان ڇيڻي سان جهاز ڀري موڪليندو رهيو. بعد ۾ اسان جهازن وارا دبئي جي ساوڪ ڏسي دل ئي دل ۾ پنهنجي دوست ۽ سينئر ڪليگ چيف انجنير اڪبر غازيءَ جي عقل، همٿ ۽ انتظام کي داد ڏيڻ لڳاسين.

ولايت ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن لاءِ مشورو

اڄ ڪلهه جو دور اهڙو آهي جو سڄي دنيا هڪ “گلوبل وليج” بڻجي وئي آهي. هوائي جهازن ۽ واٽس ائپ، اسڪائپي، ميسينجر جهڙن ٽيليفون سسٽمن دنيا جي هڪ ڪنڊ کي ٻي ڪنڊ سان ملائي ڇڏيو آهي. فقط ستر سال اڳ اسان جي سنڌي مسلمانن نوڪري لاءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ وڃڻ کان به ڪيٻايو ٿي. (سنڌي هندو ته صدين کان ٻاهر پئي ويا). بهرحال هاڻ گذريل ويهه ٽيهه سالن کان سيناريو مختلف ٿي ويو آهي. اڄ ڪلهه اسان جي شهرن جا ته ڇا پر ڳوٺن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون به تعليم توڙي نوڪريءَ لاءِ ملائيشيا، چين، سعودي عرب ۽ دبئي ته ڇا پر جپان، ايسٽونيا، روس، ويندي اسڪينڊي نيويا جي ڏورانهن ملڪن: ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن ۽ فنلئنڊ جي يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن. منهنجي ٻاهر پڙهندڙن توڙي نوڪري ڪندڙن کي اها ئي نصيحت هوندي آهي ته هنن کي جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال رهڻو پوي ٿو ته پوءِ هنن لاءِ بهتر آهي ته هو ان ملڪ ۾ وڃڻ سان ڏينهن رات محنت ڪري اتي جي مڪاني ٻولي ملئي- يا ڪا ٻي ٿائي، عربي، جپاني، جيڪا به ان ملڪ جي هجي يڪدم سکي وٺڻ کپي. ان سان هنن کي ان ملڪ ۾ رهڻ ۾ آساني ۽ مزو ايندو ۽ هنن کي محسوس ٿيندو ته ان ملڪ جا ماڻهو هنن کي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندو ٻڌي پسند ڪن ٿا ۽ هنن کي پنهنجو سمجهي وڌيڪ مدد ڪندا.
مون کي جپان، ملائيشيا ۽ چين پاسي پنهنجي ملڪ جا ڪيترائي اهڙا مليا جن کي اتي جي ٻولي اچڻ ڪري تعليم مڪمل ڪرڻ تي يڪدم نوڪري ملي وئي. اهڙي هڪ هالا جي ڊاڪٽرياڻيءَ بابت پڻ لکيو اٿم جنهن سان اسان جي عوامي آواز اخبار جي ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ جي گهر واري ڊاڪٽرحضوران شيخ دبئي ۾ ملايو هو. هن سعودي عرب ۾ رهڻ دوران عربي تمام سٺي سکي ورتي هئي ۽ هاڻ هن کي دبئيءَ ۾ هڪ وڏي نوڪري عربي اچڻ ڪري ملي رهي هئي. اهو ئي سبب آهي جو “عرب دنيا” ۾ مصري ۽ سوڊاني اسان کان وڌيڪ ڪامياب رهن ٿا.اسان کي عربي نٿي اچي پر هو ان کان چڱي طرح واقف آهن.
اهڙي طرح مون ملائيشيا ۾ ڏٺو آهي ته اسان جي ملڪ جي مسلمان ڊاڪٽرن يا انجنيئرن کان وڌيڪ انڊيا جي پروفيشنلس جو وڌيڪ قدر آهي توڙي هو کڻي مسلمان نه آهن پر هو پنهنجي فيلڊ (ڊاڪٽري، انجنيئري وغيره) ۾ ماهر هجڻ سان گڏ مڪاني ٻولي به سٺي ڳالهائين ٿا. ان سان گڏ ڪيترا ته ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي ڪمن ۾ به اسان کان ماهر آهن. ملائيشيا ۾ انڊيا جو بزنيس مئن ته اها ڳالهه چڱي طرح سمجهي ٿو ته هن جا گراهڪ هن وٽ تڏهن ايندا جڏهن هو ملئي سان گڏ چيني ۽ تامل ٻوليون به ڳالهائي سگهندو، جيڪي ٻوليون پڻ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ عام آهن. اهو ئي حال جپان ۾ آهي. اتي به اهو ڌاريون ڪامياب وڃي ٿو ۽ وڌيڪ سک جي زندگي گذاري ٿو جيڪو ان ملڪ جي ٻوليءَ کان واقف ڪار آهي.
ڌارين ملڪن ۾ انڊيا جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي. جپان، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جهڙا ملڪ ته ڇڏيو پر سعودي عرب ۾ به مڪي ۽ مديني کان علاوه ٻين شهرن ۾ انڊيا جي هندن توڙي اتي جي مسلمانن جو تعداد وڌيڪ آهي. هو عربن وانگر فرفر عربي ڳالهائيندي نظر ايندا.... دبئي، دوحه، ڪويت توڙي ايران، ترڪي ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۾ به انڊين واپاري توڙي نوڪري پيشه ڪامياب نظر ايندا ۽ هواتي جي عربي، فارسي يا ترڪي چڱي طرح ڳالهائين ٿا. ڪنهن زماني ۾ اسان جي حيدرآباد جي سنڌورڪي هندو واپارين لاءِ مشهور هو ته هو جنهن ملڪ ۾ ڌنڌو ڄمائين ٿا ان جي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهڻ ڪري حيدرآباد جا سنڌي دنيا جي انيڪ ٻولين کان واقف آهن.
اسان جا به هاڻ ڪيترائي شاگرد، خاص ڪري اُهي جيڪي تعليم بعد انهن ئي ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن، مڪاني ٻوليءَ کان چڱي ريت واقفيت رکن ٿا. بلڪه ڪيترن ته ان نوڪري ملڻ جو سبب اتي جي ٻولي جي ڄاڻ ٻڌايو. اهڙا ڪيترائي شاگرد، پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ واپاري مون کي جپان، چين، ملائيشيا ۽ اسڪئنڊي نيوين ملڪن ۾ به مليا جتي منهنجو گهڻو وڃڻ ٿئي ٿو. انهن مان ڪجهه نوجوانن جو احوال لکيو به اٿم ۽ ڪاوش اخبار ۾ ايندو رهي ٿو- جيئن اهو پڙهي ٻين ۾ اتساهه پيدا ٿئي. انهن ۾ گهڻيون تڻيون ته ڇوڪريون آهن سي به ڳوٺن جون! هو انهن ملڪن جون مڪاني ٻوليون صاف ۽ سٺي طرح ڳالهائين ٿيون.
آئون پاڻ کي ٿو ڏسان ته جهاز جي نوڪري دوران 15 سال کن ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ به ايندو رهيس پر ملئي سکڻ جي ضرورت محسوس نه ڪيم جو هر دفعي اسان جو جهاز وڌ ۾ وڌ هفتو کن بندرگاهه ۾ رهي پوءِ ڀر واري ملڪ ٿائلينڊ ، انڊونيشيا، هانگ ڪانگ، چين ۽ جپان جي بندرگاهن ڏي هليو ويو ٿي. پر پوءِ 1982ع ڌاري جڏهن سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ جو ٽن سالن جو ڪانٽريڪٽ ڪيم ۽ ملائيشيا جي ماحول، مينهوڳي جي موسم ۽ ماڻهن جي بهتر مزاج کي ڌيان ۾ رکي ارادو ڪيم ته هتي هڪ ڇا ٻه ٽي ڪانٽريڪٽ به ڪري سگهجن ٿا ۽ وڏو عرصو رهڻ جو سوچي، نوڪري جي پهرين ڏينهن کان وٺي مڪاني ٻولي “ملئي” پڻ سکڻ شروع ڪيم ۽ ٽن مهينن اندر مون کي پاڻ تي ايترو اعتماد پيداٿي ويو جو ڏورانهن ڳوٺن، ٻهراڙين ۽ جهنگلن ۾ اڪيلو سير ڪندي فڪر نه ٿيندو هو جو رستو ڀلجڻ تي يا ڪنهن شيءِ جي ضرورت محسوس ڪرڻ تي آئون اتي جي انگريزي کان اڻ واقف ڳوٺاڻن سان سندن ٻوليءَ ۾ خبر چار ڪري سگهيس ٿي ۽ پنهنجي ڪم جي ڳالهه پڇي سگهيس ٿي.
سو توهان به جيڪڏهن ٻاهر رهو ٿا ته اتي جي ٻولي سکڻ سان توهان جي زندگي آسان ٿي پوندي، توهان پرديس ۾ رهڻ Enjoy ڪري سگهندائو. توهان اتي جي ماڻهن جي خوشين، غمين، چرچن، ڀوڳن، خوابن، سوچن، اميدن آسرن، رسمن رواجن ۽ حالتن کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ۽ ويجهڙائيءَ کان ڏسي ۽ پسي سگهندائو. اها ٻي ڳالهه آهي ته توهان جنهن يونيورسٽي ۾ پڙهو ٿا اتي ميڊيم آف انسٽرڪشن ڀلي انگريزي هجي، يا جنهن اسپتال، انجنيئرنگ فرم ۾ توهان ڪم ڪريو ٿا اتي سڀني کي انگريزي ڳالهائڻي پوي پر تنهن هوندي به ان ملڪ جي ملئي، جپاني، نارويجين يا چيني ٻولي سکڻ ۾ مزو ئي ٻيو آهي. سچ ڳالهه اها آهي ته ڌارئين ملڪ جي ٻولي سکڻ شرط ان جا محاورا، چوڻيون ۽ پهاڪا وغيره سمجهڻ جي پڻ ڪوشش ڪجي. ان سان توهان کي ان ملڪ جي ماڻهن جي ڪلچر ۽ سوچ جي خبر پئجي سگهندي ۽ توهان هنن کي بهتر نموني سمجهي سگهندائو.
بلاشڪ ٻولي هڪ اها منفرد ۽ انوکي شيءِ آهي جيڪا ان ملڪ جي ماڻهن يا قوم جي ڪلچر جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا اهي استعمال ڪن ٿا. ڪيترا ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا ته ڌارئين ٻولي فرفر ڳالهائڻ سان توهان ان جا ماهر ٿي ويائو پر ائين ناهي. سحر امداد، ادل سومرو يا اياز گُل جهڙي ڪنهن ادب جي پروفيسر کان پڇندائو ته هو توهان کي پڪ اهو ئي چوندو ته “ٻولي فقط لفظن جو مجموعو ۽ گرامر ناهي. ڌارئين ٻوليءَ جو ماهر ٿيڻ لاءِ دراصل لفظن جي اصل معنيٰ سمجهڻ ضروري آهي ۽ ڳالهايل جملن ۽ احساسن پٺيان رکيل مطلب سمجهڻ پڻ ضروري آهي.” بقول هڪ انگريز اديب جي:
To understand the inner expressions, one needs to learn the language frills such as idiomatic expression and colloquial forms.
ڇو جو هر ٻوليءَ ۾ ڪيترا اهڙا جملا ٿين ٿا جيڪي هڪ ڌاريون جيڪو ان ملڪ ۽ قوم جي ڪلچر، ثقافت ۽ ماحول کان اڻ واقف آهي، صحيح طرح سمجهي نه سگهندو. هو انهن جملن ۾ ڪتب آيل فقط لفظن جي معنيٰ مان صحيح مطلب ڪڍي نه سگهندو. جيئن انگريز چوندا آهن ته Like house on fire. هنن جو اهو چوڻ جو مطلب اهو هوندو آهي: “ڪنهن شيءِ جو جهٽ پٽ ٿيڻ.” هڪ ٻئي جو جلدي دوست ٿيڻ، هڪ ٻئي جون ساڳيون دلچسپيون هجڻ... پر مٿين جملي جي لفظن جي معنيٰ معلوم ڪبي ته اها مختلف ٿيندي.
هڪ دفعي جهنگل وارو پراڻو رستو وٺي آئون ملاڪا کان سريمبان وڃي رهيو هوس. هڪ هنڌ سامهون کان ايندر ٽئڪسيءَ کي ڪراس ڪرڻ وقت اسان ٻنهي جي ڪارن جون پاسي واريون آرسيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائي ٽٽي پيون. اسان گاڏيون بيهاري ڪارن مان لهي پنهنجي پنهنجي نقصان کي ڏٺو ۽ پوءِ هڪ ٻئي جي ويجهو آياسين، جيئن اهو ئي چئي سگهون جيڪو اهڙن موقعن تي هڪ ٻئي کي چئبو آهي ته “تنهنجو ڏوهه آهي.”
منهنجي به سخت غم ۽ غصي واري حالت هئي جو منهنجي نئين ڪار هئي جيڪا ٽي چار مهينا اڳ ملائيشيا پهچڻ شرط ورتي هيم. آئون ته پنهنجن ئي خيالن ۽ سوچن ۾ وڃي رهيو هوس ته هن اوچتي ٽڪر تي هوش جاءِ آيا. مون سمجهيو ته هتي گهاٽي جهنگل ۾ پوليس وغيره جو نه هجڻ ڪري ٽئڪسي هلائڻ وارو ڪو ٻار هوندو جيڪو بنا ليسن جي هٿ سڌو ڪري رهيو هوندو، جيئن ڪراچي جي ڊفينس جي علائقي ۾ امير مائٽن يا سرڪاري ڪامورن جا کريل ٻار مائٽن جي گاڏي لڪچوريءَ ۾ کڻي پرئڪٽس ڪندا وتندا آهن ۽ اڪثر حادثا ڪري ويهندا آهن. پر هي ته پنجاهه سٺ سالن جي وچ جو تجربيڪار ڊرائيور هو. (آئون انهن ڏينهن ۾ 38 سالن جو هوس). بهرحال جيسين آئون ملئي ٻوليءَ ۾ جملو ٺاهيان ته “تنهنجو ڏوهه آهي... تو هي ڇا ڪيو؟!” تيسين ڏسان ته هو ٻن لفظن کي دهرائي رهيو آهي. مون کي اهو ٻڌائڻ بدران ته ان ۾ منهنجو ڏوهه آهي هو مون کي “مَڪن جالان، مَڪن جالان” چئي رهيو هو. هو جيڪي لفظ چئي رهيو هو اهي منهنجا ٻڌل سڃاتل هئا پر سندن مطلب سمجهه ۾ نه پئي آيو. ملائيشيا ۾ رهي ڪير آهي جيڪو پهرين ڏينهن ئي “مڪن” لفظ نه ٻڌي. ملئي ٻوليءَ ۾ لفظ Makkan (مڪن) جي معنيٰ کائڻ آهي. اهڙي طرح منيوم جي معنيٰ پيئڻ آهي. کاڌي جي اسٽالن وٽان لنگهبو ته کاڌي پيتي جون شيون وڪڻڻ وارن جي رڙ لڳي پئي هوندي: مڪن ايام گورينگ (فراءِ مرغي کائو)، مڪن آئرباتو چمپور (گولا ڳنڍا کائو)، منيوم آئر تيبو (ڪمند جو رس پيو)، وغيره جالان به اهو لفظ آهي جيڪو ڌاريون ماڻهو پهرين ڏينهن ئي ٻڌي ٿو: “سلامت جالان” معنيٰ رستي جي سلامتي. ملئي ماڻهو موڪلائڻ وقت سلامت جالان چون جيئن اسان “خدا حافظ” يا “في امان الله” چئون ٿا. ملئي ٻوليءَ ۾ جالان معنيٰ هلڻ به ته رستو، روڊ، شاهراه به. توهان کي هر رستي جي ڪناري تي لڳل بورڊ تي ان روڊ جي لکيل نالي اڳيان جالان لکيل ملندو. جالان تن رزاق (شاهراهه تن رزاق)، جالان بنگسا، جالان چوڪِٽ، جالان مها راجا ليلا... وغيره.
ان وقت نئين گاڏيءَ جي آرسي چڪنا چور ڪرائڻ مهل سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اڳلو مون تي ڏوهه ٿاڦڻ بدران چوي ڇا پيو؟ هو ته مون کي ڪجهه کائڻ (مڪن) لاءِ چئي رهيو هو پر ڪوالالمپور ۽ ملاڪا شهر جي فوڊ اسٽريٽن تي کاڌي جي اسٽالن وارن جي مڪن سان گڏ لفظ: ايام (ڪڪڙ)، اِڪان (مڇي)، اُڊانگ (گانگٽ)، ڪئيح (مٺائي) يا ناناس (انناس) بدران ڪجهه ٻي شيءِ لاءِ چئي رهيو آهي... جالان... ۽ مون ته اهو ئي ٻڌو آهي ته جالان معنيٰ هلڻ يا رستو! رستي (Jalan) کي کائڻ جو آئون پهريون دفعو ٻڌي رهيو هوس. بهرحال ٽئڪسيءَ ۾ ويٺل همراهن اسان ٻنهي کي سرچائي پنهنجي پنهنجي منزل ڏي روانو ڪيو.
ڪجهه ڪلوميٽر هلڻ ۽ ٿڌو ٿيڻ تي مون کي هن جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ مون جائزو ورتو ته ان ۾ سئو سيڪڙو ڏوهه منهنجو هو. آئون ڪار هلائڻ دوران اهو وساري ويٺو هوس ته آئون هاءِ وي بدران جهنگل جي ڌاٻيجي، گهارو، گجو، ٺٽو وارو پراڻو سوڙهو رستو وٺي پئي ويس جنهن تان فقط هڪ ڪار هلي سگهي. سامهون ايندر ڪار کي ڪراس ڪرڻ مهل ٻنهي کي اڌ رستو خالي ڪرڻ لاءِ ڪچي تي لهي وڃڻ کپي. حق جي ڳالهه ڪبي مون پنهنجي ڪار کي ڪچي تي لاٿو ضرور پر ايترو نه جيترو لاهڻ کپي. ٽئڪسي ڊرائيور پنهنجي ڪار کي پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪچي ۾ لاٿو پر تنهن هوندي به اسان جون آرسيون ٽڪرائجي ويون. حق تي هو مون کي ڏوهاري ٺهرائڻ لاءِ فضيلت سان “مڪن جالان” (رستو کاڌو) چئي رهيو هو. يعني هن جي حصي واري رستي تي مون قبضو ڪري گاڏي هلائي.
سو اها ڳالهه ٻڌائڻ مان منهنجو مطلب آهي ته ڪٿي ڪٿي جملي جي لفظن جي ڊڪشنري واري معنيٰ معلوم ڪرڻ بدران محاوراتي اصطلاح (Idom) يا پهاڪي کي سمجهڻ ضروري آهي. جيئن اسان وٽ ڪو “پڳ لاهڻ،” تارا ڳڻڻ يا “مُٺ گرم ڪرڻ” جهڙو Idom (اصطلاح) استعمال ٿو ڪري ته ان جي لفظي معنيٰ بدران اصل مطلب سمجهڻ کپي. بي عزتي ڪرڻ، ننڊ جو نه اچڻ ۽ رشوت جي گهر ڪرڻ.
ملئي ٻولي ادبي لحاظ کان فارسي يا عربيءَ وانگر ڪا اهڙي امير ناهي. اسان جي اڙدو سنڌيءَ وانگر ٻين ٻولين جي لفظن سان ڀريل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر هڪ کي پنهنجي مادري ٻولي پياري لڳي ٿي پر حالت اها آهي جو اسان جي قومي تراني ۾ به صرف هڪ لفظ “ڪا” سو اردو جو آهي باقي سڀ لفظ فارسي جا آهن. اسان جون ٻوليون سنڌي اردو وغيره ڏٺو وڃي ته عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ انگريزي لفظن سان ڀريون پيون آهن. ملئي ٻولي ته ان کان به چٽ آهي جنهن لاءِ خود ملئي جا “ڪرس ماس” جهڙا اديب اعتراف ڪندا آهن. پر اهو آهي ته هر ٻوليءَ وانگر ملئيءَ ۾ به پهاڪا، چوڻيون، محاورا، اصطلاح جام آهن جيڪي شيون هر ٻوليءَ کي دلچسپ بڻائين ٿا ۽ ٻوليءَ جو اهم حصو سمجهيا وڃن ٿا. غير رسمي ڳالهه ٻولهه توڻي ادبي لکڻين ۾ اهي ٻوليءَ کي خوبصورت بڻائين ٿا ۽ ٻئي کي پنهنجو مقصد سمجهائڻ ۾ آساني پيدا ڪن ٿا. محاورا، اصطلاح، قول، نقطا (Idioms) ۽ پهاڪا (Proverbs) هر ٻوليءَ ۾ ٿين ٿا پر انهن کي سمجهڻ لاءِ ان قوم يا ملڪ جو ڪلچر ۽ تاريخ سمجهڻ ضروري ٿئي ٿي. اصطلاح (Idom) هڪ کان وڌيڪ لفظن جو جملو ٿئي ٿو جنهن جي پنهنجي مقرر معنيٰ رهي ٿي. ان جو ان جملي ۾ موجود لفظن جي معنيٰ سان ڪو مطلب نٿو رهي.
بقول آمريڪن ناول نويس راڊمن (Rodman Philbrick) جي:
"Idioms are fixed phrases, consisting of more than one word which have meanings that cannot be inferred by knowing the meaning of the individual words."
ملئي ٻولي بلڪه هر ٻولي- اها کڻي اوڏڪي هجي يا ڍاٽڪي، پهاڪن ۽ اصطلاحن (Idioms) جي خيال کان دلچسپ ٿئي ٿي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ان ٻولي ڳالهائيندڙ قوم يا ملڪ جي ماڻهن جي ڪلچر ۽ تاريخ کان اڻ واقف هجڻ ڪري اسان کي انهن جا ڪيترا پهاڪا يا چرچا سمجهه ۾ نه اچن. ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي ته وقت سان گڏ حالتون بدلجڻ سان اهي شيون يا ڳالهيون غائب ٿي وينديون آهن جن بابت اهي محاورا، اصطلاح يا پهاڪا هوندا آهن. مثال طور اڄ ڪلهه اسان وٽ شهرن ۾ ڪٿي آهي اٺن پالڻ يا اٺن تي سواريءَ جوڪم. ڳوٺن جا ماڻهو به پنهنجي موٽر سائيڪل رکن ٿا يا چنگچي تي سفر ڪن ٿا. ويندي ٽانگا به غائب ٿي چڪا هوندا. هالا جي بس اسٽاپ تي بس مان لهي ٽانگي ۾ چڙهي گهر اچبو هو. 1952ع ۾ آئون 8 سالن جو هوس ته پنهنجي ڏاڏيءَ جي ڀاءُ سان اٺ تي چڙهي هالا کان ڀٽ شاهه ميلو گهمڻ ويو هوس جيڪو هالا کان ٽي ڪلوميٽر مس ٿيندو. هاڻ ته اٺ ورلي ڪو نظر ٿو اچي. جيتوڻيڪ اسان جو صوبو نيم بيابان (Semi Desert) آهي. ملائيشيا ۽ جپان جهڙا ملڪ جتي ٻارهوئي مينهن لڳو پيوآهي ۽ جابلو علائقو آهي. اتي ڪٿي ٿو اٺ رهي سگهي. هنن وٽ اٺ جهڙو جانور ٿئي ئي ڪونه. اهي اٺ بابت ڪو محاورو يا پهاڪو ڇا سمجهي سگهندا جڏهن ته حالت اها آهي جو اسان جي اڄ جي ماڻهن لاءِ- خاص ڪري نوجوان ٽهيءَ لاءِ ئي ان قسم جون اٺ بابت چوڻيون ۽ پهاڪا سمجهڻ ڏکيو ڪم ٿيندو وڃي. مثال طور اٺ بابت هيٺين پهاڪن مان ڪو ڌاريون ته ڇا اسانجا ٻار به ڇا سمجهي سگهندا جن نه اٺ ڏٺو آهي ۽ نه ان جي خصلتن ۽ عادتن کان واقف آهن.
* پوڙهو اٺ ٻه ڪنواٽ لهي.
* اٺ پوڙهو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو.
* اٺن تڏهن ٿي رنو، جڏهن ٻورا ٿي سبيا.
* ڀري اُٺ تان وِڃڻي لٿي ته به چڱي
* اٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي؟
* جيڏو اٺ تيڏا لوڏا.
* اٺ جي وات ۾ جِيري جي لپ
* اٺ پنهنجي مُٽ ۾ ئي ترڪيو پوي، وغيره.
ملائيشيا جي ملاڪا رياست جتي مون ڏهه سال کن گذاريا اتي جي وزيراعليٰ ملاڪا جي چڙيا گهر (Zoo) ۾ اٺ رکڻ ٿي چاهيو جيئن اتي جا ماڻهو هن رڻ پٽ بيابان جي آفت جيڏي جانور کي ڏسي سگهن. مون کي چيائين ته هاٿيءَ وانگر اٺ تي به ٽڪيٽ رکي ماڻهن کي شهر جي سواري ڪرائبي. مون چيومانس ته اهو توهان جي ملڪ ۾ ناممڪن آهي جتي تقريبن هر وقت بارش ۽ رستن تي چڪڻ لڳي پئي آهي.
“پوءِ ڇا ٿي پيو. ماڻهن جي وهڻ لاءِ ڇت واري پالڪني ٺاهبي. هاٿي به ته هلندو رهي ٿو.”
چيومانس ته هي غريب هاٿيءَ وانگر گپ ۽ مينهن ۾ هلي نه سگهندو. مون کيس اٺ بابت مٿين چوڻي “اٺ پنهنجي مُٽَ ۾ ئي ترڪيو پوي” ٻڌائيمانس جنهن تي ڏاڍو کليو.
محاوري/ اصطلاح (Idiom) کي ملئي ٻوليءَ ۾ “سمپولان بَهاسا” (Simpulan Bahasa) سڏجي ٿو جيئن پهاڪن کي پري بَهاسا (Prebahasa) سڏجي ٿو. “سمپولان” لفظ جي معنيٰ آهي “ڳنڍ” ۽ بَهاسا جي معنيٰ آهي ٻولي، زبان. ملئي لفظ بَهاسا جيڪو برونائي ۽ انڊونيشيا ۾ به استعمال ٿئي ٿو دراصل سنسڪرت لفظ “ڀاشا” مان جڙيوآهي. لفظ “سمپلان بَهاسا” ٻن لفظن جي ڳنڍ آهي جيڪا هڪ نئون جملو (Phrase) ٺاهي ٿي. ان لفظن جي ڳنڍ يا ڳانڍاپي کي جدا ڪرڻ سان ان جا لفظ اها معنيٰ رکن ٿا جيڪا انهن لفطن لاءِ ڊڪشنريءَ ۾ آهي. جيئن مٿي سنڌي اصطلاحن جا مثال ڏئي چڪو آهيان ته تارا ڳڻڻ، پڳ لاهڻ، وغيره. ڪي ڪي ملئي اصطلاح ٽن يا چئن لفظن جا به ٿين ٿا. وقت سان گڏ جيئن جيئن ماڻهو وڌيڪ نيون شيون ڏسي ٿو، تيئن تيئن وڌيڪ تجربو حاصل ڪري ٿو ته محاورا ۽ اصطلاح (Idioms) به نئون نئون روپ اختيار ڪن ٿا.
شروع وارن ڏينهن ۾ ملئي ماڻهو ڪڙمي هئا يا وري مهاڻا ماڇي. ويندي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ به جڏهن منهنجو پهريون دفعو ملائيشيا اچڻ ٿيو ته ملئي ماڻهن کي ڳوٺن ۾ اهي ڪم ڪندي ڏٺو. هنن وٽ چوڻيون ۽ پهاڪا به ان موجب هئا يعني انهن شين جا جيڪي هنن کيتي ٻاڙي يا درياهه ۾ ٻيڙي هلائي مڇيون مارڻ دوران ڏٺيون ٿي، يا انهن ڪمن سان وابسته هئا. مثال طور مڇيون ڦاسائڻ دوران سخت طوفان ۾ اچڻ تي ملئي مهاڻا اهو ئي چوندا هئا ته “گيلوراهاتي” معنيٰ هو سخت مصيبت ۾ ڦاسي پيا... جيتوڻيڪ ان جي لفظي معنيٰ ٿيندي.... Gelora معنيٰ طوفان ۽ Hati معنيٰ دل، جگر. اهڙي طرح ملئي مهاڻن ۽ ساٽين کان هي محاورو اڪثر ٻڌبو آهي: ڪينا پانچنگ جنهن مان هنن جو مقصد آهي ٺڳجي وڃڻ، ٻئي جي ڳالهين ۾ اچي ڦاسي وڃڻ. پر ڏٺو وڃي ته انهن ٻن لفظن جي ڊڪشنريءَ ۾ معنيٰ مختلف ٿيندي. Kena معنيٰ اٽڪڻ، اچڻ وغيره... ۽ Pancing معنيٰ ڪنڍيءَ (Hook) ۾. يعني مڇي ڦاسائڻ واري ڪنڍيءَ ۾ مڇيءَ جو ڦاسڻ. ملائيشيا ويندڙ ۽ ملئي ٻوليءَ سان دلچسپي رکڻ وارن اسان جي هم وطنينن لاءِ لکندو هلان ته ملئي ٻولي ڪنهن زماني ۾ اسان جي سنڌي، اڙدو وانگر عربي رسم الخط ۾ لکي وئي ٿي جنهن کي Jawi (جوي) سڏجي ٿو. اڄ به ملئي جا ڪيترائي مذهبي ڪتاب جوي ۾ ڇپيل ٿين ٿا. پر هاڻ اڌ صديءَ کان ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائيءَ وارن پنهنجي زبان کي رومن الفابيٽ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، يعني اي، بي، سي ڊي ۾. اسان وٽ “ش” لکڻ لاءِ "Sh" لکون ٿا ۽ “چ” لکڻ لاءِ "Ch". پر ملئي ٻولي رومن۾ لکڻ لاءِ “ش” جي اچار لاءِ "Sy" ۽ “چ” جي اُچار لاءِ فقط "C" لکيو وڃي ٿو. سو ملئي لفظ جويءَ ۾ پانچنگ، رومن ۾ Pancing لکيو وڃي ٿو. بهرحال منهنجو جپان ۽ ملائيشيا ۾ تمام گهڻو رهڻ ٿيو آهي، سو ظاهر آهي آئون انهن ملڪن ۽ انهن جي ٻولين بابت ئي ڪجهه لکي سگهان ٿو.
ملئي ٻوليءَ بابت هڪ ٻي ڳالهه جنهن کان اتي رهندڙ اسان جا ماڻهو واقف هوندا پر اهي شاگرد ۽ نوڪري ڪرڻ وارا جيڪي هاڻ ملائيشيا، انڊونيشيا يا برونائي وڃڻ جو ارادو رکن ٿا، انهن جي دلچسپيءَ لاءِ لکندو هلان ته انهن ملڪن جي ساڳي زبان آهي جيڪا “ملئي” سڏجي ٿي پر مٿين ملڪن مان هر هڪ ان کي پنهنجي ملڪ جي نالي سان بَهاسا ملائيشيا، بَهاسا انڊونيشيا وغيره سڏي ٿو. باقي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ ساڳي آهي البت ڪجهه ڪجهه لفظن ۽ انهن جي اسپيلنگ ۾ معمولي فرق ضرور آهي جيئن سنڌ ۾ ڪي ڇانهين چون ته ڪي هنداڻو، ڪي آچار چون ته ڪي سانڌاڻو. يا اتر سنڌ جا ڪي ماڻهو کٽن کي کٽان، ٽنگن کي ٽنگان وغيره چون ٿا... يا لاڙڪاڻي جا ماڻهو “ڇو” کي “شو” چون ٿا.
ملئي نه فقط مٿين ملڪن ۾ پر ٿائلينڊ ۽ فلپين جي ڏاکڻن حصن ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي ۽ اتي جي ماڻهن جو وڏو سيڪڙو مسلمان آهن. اتي به اهي ساڳيا پهاڪا، پروليون، چوڻيون، محاورا (Idioms) استعمال ٿين ٿا ۽ وقت سان گڏ انهن منجهه تبديلي به ايندي رهي ٿي. هاڻ هو ڳوٺاڻي زندگيءَ مان نڪري شهري زندگيءَ ۾ اچي رهيا آهن يا ماڊرن ٿيندا وڃن ته ان سان گڏ سندن چوڻين ۽ محاورن ۾ به تبديلي اچي رهي آهي. نه ته ڪو زمانو هو جو شهرن ۾ چيني ماڻهو ضرور هئا پر ملئي ماڻهن جي زندگي ڳوٺن تائين محدود هئي ۽ سندن روزگار درياهه جي ڪناري تي رهي مڇيون مارڻ ۽ هارپو ڪرڻ هو. ڳوٺن ۾ ملئي ماڻهو ٻار لاءِ چوندا آهن Setahun Jagung جنهن جي لفظي معنيٰ آهي “هڪ سال جو مڪئي جو سنگ.” جگنگ معنيٰ مڪئيءَ جو سنگ. سي تاهون لفظ دراصل ٻن لفظن جو شارٽ فارم آهي. Satu Tahun معنيٰ هڪ سال. اهو اصطلاح ان لاءِ به استعمال ڪن ٿا جيڪو ڪنهن ڪم تي نئون لڳل هجي... سيکڙاٽ هجي.
ملئيءَ ۾ ٻن لفظن جو هڪ محاورو اڪثر استعمال ٿو ٿئي: Beras Basah جيڪو ڪنهن بيڪار شيءِ يا ماڻهوءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو جنهن جي جيتوڻيڪ لفظي معنيٰ آهي “آلا ٿي ويل چانور“. اهو محاورو ملائيشيا ۾ رهندڙ اڪثر ملئي ماڻهن لاءِ استعمال ٿيو ٿي جو هنن فقط کيتي ٻاڙي ڪئي ٿي، ٻي ڪنهن ڪم لاءِ بيڪار هئا. پر اها ڳالهه ماضيءَ جي هئي. ويندي 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن ۾ ائين نظر آيو ٿي. هاڻ نه رڳو ملائيشيا جو ملڪ يورپ وانگر ماڊرن ٿي ويو آهي پر اتي جي ملئي قوم ۾ به تبديلي اچي وئي آهي. هو اڄ ڪلهه هر فيلڊ ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪم ڪن ٿا. هتي جا چيني ماڻهو ته هونءَ به تيز ۽ ذهين هئا. هٿ جي هنر کان تعليم جي هر فيلڊ ۾ اڳيان اڳيان هئا. سو “بيراس بساح” جهڙا اصطلاح هاڻ ڪنهن ملئي ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪري نٿا سگهون.
جيئن کڻي چئجي ته اسان وٽ ڪنهن زماني ۾ فارسيءَ کي وڏو مان هو. انگريزن کان اڳ مغل سلطنت ۾ فارسي ٻولي جي ڄاڻو کي سٺي نوڪري ٿي ملي. ويندي سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت ۾ به فارسيءَ جو مٿاهون مانُ هو. ان وقت جي چوڻي آهي ته “پڙهي فارسي وڪڻي تيل” معنيٰ اها تعجب جي ڳالهه سمجهي وئي ٿي ته فارسي ڄاڻڻ کان پوءِ به هو بيروزگار آهي... هن کي نوڪري ناهي ۽ هو پڪوڙا پيو وڪڻي! انگريزن جي راڄ بعد ان محاوري جي ڪا حيثيت نه رهي جو انگريز راڄ ۾ هنن انگريزيءَ جو استعمال ڪرايو. نوڪريون ۽ اهم عهدا به انهن کي ملڻ لڳا جنانگريزي سکي ٿي. ايتري قدر جو اسان جا مسلمان انگريزيءَ کي ڪافرن جي ٻولي چئي ان کي نه پڙهيا. ساڳي وقت سنڌي هندو انگريزي پڙهي اڳيان نڪري ويا. ڏٺو وڃي ته فارسيءَ ۾ به هندو اڳيان اڳيان هئا. ان ڪري ميرن يا مغل حاڪمن به هنن کي سٺيون نوڪريون ڏنيون ٿي. تڏهن ته ان وقت اها چوڻي عام هوندي هئي ته “فارسي گهوڙي چاڙهسي.” يعني فارسي ڄاڻڻ واري عزت ماڻي ٿي... ۽ فارس يعني پرشن راڄ اڄ واري ايران تائين ته محدود نه هو... هن ۾ اڄ جي ايران کان علاوه افغانستان، پاڪستان جا اتراهان حصا، وچ ايشيا جا ملڪ ۽ ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري وارا علائقا ۽ ترڪي ۽ عراق جو ڳتيل حصو اچي ويو ٿي. بابر ۽ اڪبر وٽ ته ڇا پر هلاڪو خان ۽ قبلائي خان وٽ به فارسي ڳالهائڻ وارا وڏن عهدن تي درٻار ۾ رهيا ٿي. پر هاڻ اهي سڀ ماضيءَ جون ڳالهيون رهجي ويون آهن. اڄ توهان جو اهو اصطلاح (Idiom) “پڙهي فارسي وڪڻي تيل” ڪنهن کي حيرت ۾ وجهي نٿو سگهي. اڄ جي دور ۾ ته اسان جي ملڪ مان ڊاڪٽري انجنيئري پڙهيل به آمريڪا جي سب وي اسٽيشنن ۾ سئنڊوچون ۽ چپس جا پاڪيٽ پيا وڪڻن يا سپر اسٽورن ۾ گوشت (بار) ڍوئڻ جهڙي مزوري پيا ڪن. اسان جو ڊاڪٽر يا انجنيئر اتي پنهنجي پروفيشنل فيلڊ ۾ فقط تڏهن نوڪري حاصل ڪري سگهي ٿو جڏهن هو آمريڪا وارن جامقررڪيل انگريزيءَ جا خاص ٽيسٽ پاس ڪري ٿو.
ملائيشيا جا ملئي مسلمان ڳوٺن ۾ رهڻ ۽ ڪڪڙيون بدڪون پالڻ جا اڄ به شوقين آهن، ان ڪري ڪيترن ئي ملئي محاورن/ اصطلاحن جو تعلق ڪڪڙين، بدڪن، بيضن وغيره سان به آهي. ملئيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: Tidur Ayam جنهن جو مطلب آهي ٿوري نند ڪرڻ وارو يا نيم خوابيءَ جو مريض. جيتوڻيڪ لفظي معنيٰ ڏٺي وڃي ته تيدور معنيٰ ننڊ ۽ ايام معنيٰ ڪڪڙ. ملئيءَ ۾ هڪ ٻيو مشهور اصطلاح (Idiom) آهي. Ajak Ajak Ayam ڪنهن کي بي دليءَ سان دعوت ڏيڻ کي اجاڪ اجاڪ ايام سڏجي ٿو. هونءَ لفظي معني ٿي “مرغيءَ کي دعوت ڏيڻ.“
سو منهنجو مطلب اهو آهي ته ڪنهن ملڪ جي ٻولي سکڻ سٺي ڳالهه آهي پر ان ٻوليءَ جا محاورا، اصطلاح ۽ پهاڪا وغيره ڄاڻڻ سان اڃا به مزو اچي ٿو، جو انهن مان ان قوم جي ڪلچر ۽ ماحول جي به خبر پوي ٿي، جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته شروع ۾ ملئي ماڻهو گهڻو ڪري مهاڻا ماڇي ۽ هاري ناري هئا ته هنن جا پهاڪا ۽ چوڻيون به ان نموني جون هيون جن مان ڪجهه مٿي لکي چڪو آهيان، ۽ پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ ڪجهه ٻيون به لکان ٿو. پيرين اگهاڙو هلندڙ ٻار کي ملئي ماڻهو “ڪاڪِي ايام” چئي ٽوڪيندا آهن جنهن جي لفظي معنيٰ Kaki معنيٰ پير ۽ Ayam معنيٰ ڪڪڙ- يعني ڪڪڙ جا پير آهي. ان تان هڪ دلچسپ ڳالهه ياد آئي جنهن مان پڙهندڙ پڻ اسان وانگر حيرت کائيندا جڏهن اسان ملائيشيا جي اداري ۾ نوڪري شروع ڪئي. ملائيشيا ۾ هر هڪ کي پنهنجي قميص جي کيسي تي پنهنجي نالي جو پلاسٽڪ مان ٺهيل ٽئگ هڻڻو پوي ٿو ته هن کي سڏڻ وارو نالو ڇا آهي ۽ هن جي اداري ۾ پوزيشن ڇا آهي. هو باس (ڪمانڊنٽ) آهي، اسٽاف آهي يا خلاصي (ڪم وارو). ملئي ٻوليءَ ۾ ٽنگن کي ته Kaki سڏجي ٿو ۽ هٿن لاءِ ملئي لفظ آهي ٽنگان (Tangan). مون ڏٺو ته اسان کي جيڪو ٽئگ مليو هوان تي اسان جي نالي يعني “الطاف” جي هيٺيان، اسان جي پوسٽ (عهدي) جي جاءِ تي لکيل هو (Kakitangan)ملئي ٻوليءَ کان ٿوري گهڻي واقفيت هجڻ ڪري مون پنهنجن ڌارين ملڪن کان آيل ساٿي جهازران آفيسرن کي به ٻڌايو ته هي ڇا لکيو اٿن. هٿ پير- بلڪه “ٽنگون هٿ“. پوءِ هڪ ملئي آفيسر کان پڇيوسين ته هن ٻڌايو ته ان يڪي ٻٽي لفظ جي ڌار ڌار معنيٰ اها ضرور آهي پر يڪي هڪ لفظ ڪاڪيٽنگان جي معنيٰ آهي اسٽاف ميمبر. يعني آفيسر. منهنجي خيال ۾ اهو ايئن آهي جيئن ڪو پوڙهو پيءُ پنهنجي نوجوان پٽن لاءِ چوي ته هي منهنجا بازو ۽ پير آهن.
ملائيشيا ۾ رنڊي باز قسم جي ماڻهو (Swindler) کي واڳون(Buaya) سڏين ٿا. اڃابه جي واضح ڪرڻو آهي ته اهو واڳون درياهه وارو واڳون نه پر زمين تي هلندڙ چلندڙ انسان آهي ته ان لاءِ Buaya Drat اصطلاح استعمال ڪيو وڃي ٿو يعني خشڪي تي هلندڙ واڳون.
ملئي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻيو اصطلاح آهي يعني ملائيشيا، برونائي، انڊونيشيا پاسي عام آهي ته Ganti Tukur جنهن جي لفظي معنيٰ ته تڏو بدلائڻ آهي پر اهو اصطلاح ان ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪو زال جي مرڻ تي ان جي ڀيڻ يعني ساليءَ سان شادي ڪري ٿو.
ٿلهي کل واري يعني بيشرم ماڻهوءَ لاءِ اسان وٽ “نڪ جو پڪو” اصطلاح استعمال ٿئي ٿو پر ملئي ماڻهو Muka Papan چون. جنهن جي لفظي معنيٰ مُڪا معنيٰ مک، چهرو، منهن ۽ پاپان معنيٰ ڪاٺ جو تختو، بورڊ آهي.
جيئن اسان وٽ بيوقوف ڇسي ماڻهوءَ لاءِ چوندا آهيون ته هن جو دماغ گڏهه جو آهي تيئن اهڙي قسم جي ماڻهوءَ لاءِ ملئي ماڻهو Otak Lembu چون. “اوتاڪ” معنيٰ دماغ، مغز، ميڄالو ۽ “ليمبو” معنيٰ ڍڳو. اهڙي طرح هڪ ملئي Idom آهي “ڪمبنگ حطام“. جنهن جو مطلب اهو ئي آهي جيڪو اسان وٽ “ڪاري رڍ” چوڻ سان آهي. ملئي لفظ Kambing معنيٰ ٻڪري ۽ Hitam معنيٰ ڪارو. اهڙي طرح مڪن تناح (Makkan Tanah) معنيٰ غريب ٿي وڃڻ آهي پر لفظي معنيٰ مَڪن معنيٰ کائڻ ۽ تناح معنيٰ مِٽي يا ڌوڙ.
اسان وٽ ڊڄڻي ماڻهوءَ لاءِ فارسي جو لفظ بزدل استعمال ٿئي ٿو. يعني بُز + دل (ٻڪري جي دل وارو) يعني ڪمزور دل، ڊڄڻو. اهڙي طرح ملئي ماڻهو اهڙي ڊڄڻي ماڻهوءَ لاءِ Hati Tikus اصطلاح استعمال ڪن ٿا. هاتي معنيٰ دل ۽ تڪوس معنيٰ ڪوئو. يعني ڪوئي جي دل وارو. ڪنهن معمولي ڳالهه ڪارڻ پاڻ کي مارڻ واري لاءِ ملئي محاورو Mati Katak آهي، يعني ڏيڏر جو موت مرڻ وارو. ڪنهن بيڪار ڪم پٺيان اجائي هڻ هڻان يعني جدوجهد ڪرڻ لاءِ ملئي اصطلاح Tangkap Angin آهي جنهن جي لفظي معنيٰ آهي هوا کي ڦاسائڻ. هوا کي ڪير ڄار ۾ جهلي سگهيو آهي. معنيٰ وقت برباد ڪرڻ.
پنهنجي واپار يا ڌنڌي جي پڄاڻي ڪرڻ لاءِ يا ختم ڪرڻ لاءِ اسان “تڏا ويڙهه” جو اصطلاح ڪتب آڻيون ٿا. ملئي به اهو ئي محاورو يعني Gulang Tikar استعمال ڪن ٿا. تڪار معنيٰ تڏو يا تونئري. اهڙي طرح ٻن ڌرين مان ڪنهن هڪ جو پاسو نه کڻڻ واري کي ملئي ٻولي ۾ Atas Pagar معنيٰ ٻَني تي وهڻ وارو چون ٿا جيڪو اسان وٽ به عام آهي.
اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته ملئي پهاڪا آهن جن جو واسطو به انهن جانورن، پکين ۽ ڪم ڪارين سان آهن جيڪي ملئي ماڻهن جي اردگرد آهن ۽ جن جو مطلب سمجهڻ سان اسان جهڙو ڌاريون ماڻهو مڪاني ماڻهن جي خبر چار ۽ ڪچهريءَ مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. نموني خاطر ڪجهه دلچسپ پهاڪا (جن کي ملئي ٻوليءَ ۾ پِري بهاسا سڏجي ٿو) پڻ لکي رهيو آهيان جيڪي مون پنهنجي پهاڪن واري ڪتاب “رٺي آهي گهوٽ سان” تان ورتا آهن.
* هر گانگٽ جي پنهنجي لذت، هر ماڻهوءَ جي پنهنجي سوچ.
ملائيشيا درياهن ۽ بارشن جو ملڪ آهي. چوڌاري سمنڊ اٿس جنهن جي ڪناري تي موجود ڳوٺ مهاڻن جا ڳوٺ سڏجن ٿا ۽ پاڻي جي ساهوارن: مڇي، گانگٽ کان کيکڙا ۽ سپون ڦاسايون وڃن ٿيون. مڇي (Ikan) ۽ کيکڙي (Ketan) بابت ته ڪيترائي پهاڪا ۽ اصطلاح آهن... ويندي ڪيترن ڳوٺن جي نالن ۾ اِڪان (مڇي) ۽ اڊنگ (گانگٽ) اچي ٿو. ملاڪا رياست جتي آئون رهندو هوس اُن جي هڪ ڀر واري ڳوٺ جو نالو سُنگائي اُڊانگ هو.
بهرحال اهو ڳوٺ ته تڏهن هو هاڻ وڏو شهر ٿي ويو آهي. سنگائي اڊانگ معنيٰ گانگٽن وارو درياهه. هن پاسي گانگٽ تمام گهڻا ٿين ٿا ۽ ننڍڙن گانگٽن جا پڪوڙا مشهور آهن، جيڪي اُڊانگ چُوچُو (Udang Cucu) سڏجن ٿا- معنيٰ گانگٽن جا پوٽا. ان کان علاوه انهن کان به ننڍن گانگٽن (Shrimps) ۽ مرچن مان خاص چٽڻي ٺاهي وڃي ٿي جيڪا بيلاچان (Belacan)سڏجي ٿي. اسان جي نصرپور جي کيرپُڙن ۽ هالا جي پڪوڙن وانگر ملاڪا جو “بيلاچان” سڄي ملائيشيا ۾ مشهور آهي.
* ننڍين مڇين جا ٺونگا کائي مرڻ کان بهتر آهي واڳونءَ جي وات ۾ وڃڻ.
* اهڙو ڇتو جهڙو بانس ۾ ڏينڀو.
* کيکڙو ٻچن کي سڌو هلڻ ڇا سيکاريندو؟
* جهاز جي تباهي، شارڪ جي مهماني.
* منهن ۾ ماکي، پُڇ ۾ ڏنگ.
* جتي ڪو پکي ناهي اتي اَڪ مڪڙ به عقاب سڏائي.
* ڪانگ پاڻ نٿو رڱائي، هو ڄمي ئي ڪارو ٿو.
* ڪريل وڻ تي ته ڪڇون به چڙهي سگهي ٿو.
* ڪڪڙ هلي وئي، وِٺ رهجي وئي.
گانگٽ مڇيءَ کي ٿو گڪو چوي.
* مڇر مارڻ سان خارش ختم نه ٿيندي....
اهڙي طرح ڪيترا اسان جا پهاڪا به ملئي ماڻهن کي دلچسپ لڳندا، پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي هو اسان جي حالتن کان اڻ واقف هجڻ ڪري، سمجهي نه سگهندا. جيئن ته اسان وٽ چوڻي عام آهي ته “ٻني اها راڻي جنهن جي مٿان پاڻي.” ظاهر آهي سنڌ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي. جن خوش نصيبن کي پاڻي ملي ٿو اهي به پنهنجي زمين جو ٽيون حصو پوک ڪري سگهن ٿا. ڪنهن سال پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي يا وقت تي نٿو ملي ته سڄي فصل جو نقصان ٿيو وڃي، سو اها چوڻي اسان لاءِ ته صحيح آهي پر ملائيشيا يا انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي اها سندن زبان ۾ ترجمو ڪري ٻڌائبي ته هن جو ته دماغ چڪرائجي ويندو ته اسان هي ڇا چئي رهيا آهيون. اهو ان ڪري جو ملائيشيا، انڊونيشيا، ڪمبوڊيا، ويٽنام اهي ملڪ آهن جتي ٻارهوئي مينهن لڳا پيا آهن ۽ هر هڪ جي اها ڪوشش هوندي آهي ته مينهن جو پاڻي سندن ٻنيءَ مان جلدي نڪري وڃي، ڇو جو ان جي بيهڻ يا گهڻا ڏينهن مينهن هلڻ تي فصل سڙي وڃي ٿو يا لڙهي وڃي ٿو. اسان وٽ درياهن جو پاڻي ٻنين ۾ اچي ٿو. هيڏانهن ملائيشيا ڏي هر وقت وسندڙ مينهن جو پاڻي ٻنين مان نڪري درياهه ٺاهي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ ڪوٽڙيءَ بعد درياهه آهي ئي ڪونه ۽ ڇوڙ وٽ خشڪي لڳي پئي آهي ۽ سمنڊ جو کارو پاڻي اندر پيو ڌوڪي پر ملائيشيا جهڙن ملڪن جي درياهن جي ڇوڙن وٽ ٻوڙ ٻوڙان هوندي ۽ ندين جو پاڻي سمنڊ جي ڪافي حصي تائين ڌوڪي اچي ٿو، ايتري قدر جو سمنڊ جي ان حصي جو پاڻي کاري بدران مٺو هوندو آهي. سو ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ٻني اها راڻي جنهن مٿان ناهي پاڻي.
اسان وٽ پهاڪو آهي ته “ٻُچيءَ کي ڏاڙهيءَ جو قبر تائين آسرو.” بلڪل صحيح آهي.اها ڳالهه اسان وٽ ته ضرور ٿي سگهي ٿي جو اسان وٽ هر هڪ جي چاپئين يعني گهاٽي ڏاڙهي ٿئي ٿي. ڪنهن کي شروع جي ڏينهن ۾ ڇڍي ڏاڙهي ٿيندي آهي ته اڳتي هلي ڪجهه سالن بعد اها به گهاٽي ٿي ويندي آهي. سو اسان وٽ ورلي ڪو ٻُچي نظر ايندو. ٻچي ڏاڙهي وارو اسان وٽ بنگالي يا ٻئي ملڪ جو ئي ٿي سگهي ٿو. مڪاني ماڻهو، سنڌي، پنجابي، بلوچ وغيره ڇڍي ڏاڙهي سان يعني ٻچي هوندو ته هن کي مرڻ تائين آسرو رهندو ته اجها ٿي سندس ڏاڙهي گهاٽي ٿئي. پر ملائيشيا پاسي ائين هرگز ناهي. ملائيشيا پاسي چيني قوم ته ٻُچي ڏاڙهي واري آهي پر ملئي پڻ. هنن کي ڪنهن به قسم جو آسرو يا اميد نٿي رهي ته ڄاڻ ته سندس ڏاڙهي گهاٽي ٿي.
يا اهو پهاڪو به اسان وٽ ڪارآمد ٿي سگهي ٿو ته “مولا مينهن وساءِ ته ڪانئر ڇُٽن ڪم کان.” اهو ان ڪري جو اسان وٽ مينهن ڪڏهن ڪڏهن وسي ٿو ۽ روڊ رستا ۽ ملڪ جو نظام اهڙو آهي جو ڪلاڪ کن مينهن وسي ٿو ته ٻوڙ ٻوڙان ٿيو وڃي. ويندي بجلي به هليو وڃي ۽ سڄو ڪاروبارِ زندگي رڪجيو وڃي، پر ملائيشيا هڪ جابلو ملڪ آهي جنهن جا رستا مضبوط ۽ بهترين آهن. ڀلي سڄو ڏينهن پيو مينهن وسي -مجال آهي جو پاڻي روڊ تي ترسي ۽ ٽرئفڪ ۾ ڪا رنڊڪ اچي. روز مرهه جو ڪاروبار بنا ڪنهن رخني جي هلندو رهي ٿو ۽ ڪابه آفيس يا ڪو به ڪم بند نٿو ٿئي. پنهنجي ملائيشيا جي ڪنهن شروعاتي سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته هڪ دفعي ملاڪا کان پينانگ 9 ڪلاڪن جي سفر ۾ لڳاتار تيز مينهن وسندو رهيو ۽ کنوڻ جا چمڪاٽ ۽ گوڙ جا ڪڙڪاٽ الڳ هئا پر رستي تان سمورو وقت ٽرئفڪ جاري هئي. جنهن ميٽنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ آئون پينانگ وڃي رهيو هوس، هوٽل تي پهچي ڏٺم ته پوري مقرر وقت تي شروع ٿي ۽ نه فقط آئون ٻئي شهر کان آيو هوس پر ٻيا به ڪيترائي وقت تي پهچي ويا جيڪي اپوح، ڪوالالمپور، ڪوالا ڪنگسار، شاهه عالم کان آيا هئا. سو اهڙي ملڪ ۽ ڪلچر ۾ “مولا! مينهن وساءِ، ته ڪانئر ڇُٽن ڪم کان.” قسم جي چوڻي سمجهه کان ٻاهر ثابت ٿئي ٿي. ملائيشيا جي ماڻهن کي اها ڇا سمجهه ۾ ايندي جتي ڪهڙي به سخت مينهن ۾ ڪم بند ٿئي ئي ڪونه.

عراق ۽ ايران جي زائرين لاءِ هڪ بهترين رهنما

دنيا جا مسلمان، حج جي فرض هجڻ ڪري مڪي ۽ مديني يعني حجاز (جنهن کي گذريل صديءَ کان سعودي عرب سڏيو وڃي ٿو) ڏي وڃن ٿا. حج کان علاوه سڄو سال عمري لاءِ پڻ وڃن ٿا. ان کان علاوه اسان جا ماڻهو ايران، عراق ۽ شام پڻ وڃن ٿا جتي پڻ زيارت لاءِ ڪيتريون ئي جايون آهن. ڏٺو وڃي ته جيترا ماڻهو انهن پاڪ جاين ڏي وڃن ٿا اوترا سفرناما يا گائيد بڪ نه آهن. خاص ڪري ايران، عراق ۽ شام بابت. ايران جي سفر بعد مون هڪ سفر نامو “ايران ڏي اڏام” لکيو هو پر اهو ايڏو وڏو هو جو هڪ مسافر لاءِ گائيڊ بڪ طور کڻي هلڻ بدران هڪ اڪيڊمڪ ٽائيپ ڪتاب ٿي پيو هو جنهن ۾ تاريخي، سياسي ۽ سماجي احوال به سمائجي ويو هو. جهاز جي عراق وڃڻ ڪري عراق جي ڪيترن شهرن ۽ اتي جي ندين دجله ۽ فرات بابت ڳالهيون ۽ قصا پنهنجن ڪيترن سفرنامن “دنيا رنگ رنگيلي“، “جيءَ اندر جهاتي” وغيره ۾ لکي چڪو آهيان. پر اهي سڀ ڳالهيون ان لاءِ ڪارآمد آهن جيڪو اتي جي تاريخ کان واقف آهي ۽ جنرل ٽوئرسٽ آهي. ايران جي سفرنامي بعد ڪيترا دوست خاص ڪري اهل شيعه ۽ ٽريول ايجنٽ مون کي صلاح ڏيندا رهيا، بلڪه ڪيترا ته سڄو خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ هام ڀري رهيا هئا ته آئون هڪ دفعو زائرين جي قافلي سان عراق ۽ شام وڃان ۽ اهڙو احوال لکان جو اهو سفرنامو اتي جي پاڪ جاين ڏي ويندڙ ماڻهن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿئي. هن عمر ۾ مون پاڻ ۾ سفر جي همت نٿي ساري پر اها ضرور خواهش رکي ٿي ته اسان ماڻهن مان ڪنهن کي ان قسم جو سفرنامو ضرور لکڻ کپي.
گذريل هفتي راز ڀٽو نالي ڪنهن صاحب ٽيليفون ڪري مون کي سندس لکيل ايران ۽ عراق جي سفرنامي لاءِ پيش لفظ لکڻ لاءِ چيو. آئون به ڪنهن اهڙي موڊ ۾ هوس جو “ها” ڪري ويٺس. يعني Commitment ڪري ويٺس، جيتوڻيڪ پوءِ ڏاڍو پڇتايم ته پنهنجن لکيل مضمونن جا پروف ڏسڻ لاءِ مون کي وقت نٿو ملي سو ٻئي جو سڄو ڪتاب پڙهڻ جي ڪٿان آئي همت! ان سوچ ۾ ئي هوس ته ٻن ٽن ڏينهن بعد ان صاحب جو لکيل مسودو پوسٽ ذريعي ملي ويو. دل ۾ چيم ته هي ڪم ته منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿيپوندو جو مواد ڪمپوز ٿيل هجي ها ۽ اي ميل ڪيو وڃي ها ته آئون پنهنجي مرضي مطابق ان کي وڏي فونٽ ۾ پرنٽ ڪري آرام سان پڙهي سگهان ها. پر پوءِ صفحن جو تعداد وغيره جانچڻ لاءِ عينڪ لڳايم ته واهه جا اکر نظر آيا، جن کي عام زبان ۾ موتي داڻا چئبو آهي. منهنجي دوستن ۾ قمر شهباز هوندو هو جنهن جي سنڌي صورتخطي اهڙي سٺي هوندي هئي ۽ ٻيو شايد بشير مورياڻي جي. ٻئي چوندا هئا ته هو ماستر ٿي رهيا آهن ان ڪري هنن جي هئنڊ رائيٽنگ سٺي آهي.
بي خياليءَ ۾ وچ وچ مان پڙهڻ لڳس ته ڇڏڻ تي دل ئي نه چوي. واهه جو روان سفرنامو لڳو. واهه جا مثال، چوڻيون ۽ ٺيٺ لفظ نظر آيا. مون هن همراهه کان پڇيو به نه ته عمر ڇا اٿس، نوڪري ڪهڙي ٿو ڪري وغيره. پر مون کي پڪ ٿي ته هي ٽيچر ماڻهو آهي يا قمر شهباز ۽ بشير مورياڻيءَ وانگر نوڪريءَ جي شروعات ماستري سان ڪئي هوندائين، اهو پڻ سوچيم ته اهو ٿي نٿو سگهي ته راز ڀٽو صاحب جي هيءَ پهرين لکڻي هجي. هونءَ ته ڪيترن اديبن جي پهرين لکڻي يعني پهريون ڪتاب وڌيڪ دلچسپ هوندو آهي پر هن سائينءَ جي لکڻيءَ ۾ پختگي ٿي لڳي.
ٻئي ڏينهن راز ڀٽو صاحب کي سندس مواد ملڻ جي اطلاع ڪرڻ سان گڏ سندس زندگيءَ جو احوال ورتم ته خبر پئي ته هو درس تدريس جي ڪم سان وابسته رهڻ بدران بئنڪنگ ۾ رهيو آهي. ٻيو ته سندس هيءَ پهرين لکڻي ناهي. هو هڪ مشهور اديب ۽ شاعر آهي، جنهن جا ڪالم ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. ان کان علاوه سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، هڪ “دين جي دولت” ۽ ٻيو مجموعو: “اڻ ڏٺو عشق“. شاعريءَ جو شوق مون کي ناهي، ڪالم مون نه پڙهيا هئا باقي علي گل ڀٽو (تخلص راز) جو هي سفرنامو پڙهي آئون نه فقط سندس لکت پر لکڻيءَ مان به بيحد متاثر ٿيو آهيان. جنهن دلچسپ انداز ۾ هن جيڪو هي ايران ۽ عراق جو سفرنامو لکيو آهي اهو پڙهي مون ته کيس صلاح ڏني آهي ته سيگهه ڪر شام هليو وڃ جيئن موٽڻ تي هڪ عدد شام جي پاڪ جاين تي به لکي وٺين ۽ اوڏانهن ويندڙ مسافرن کي اتي جي جاين جي معلومات ۽ سفر جي ڄاڻ ٿي سگهي. ڀلا شام جون اڄ ڪلهه حالتون صحيح نه آهن ته ڪنهن ويجهي هنڌ ڪولمبو ۽ ڪئنڊي (سريلنڪا) ڏي هفتو کن هليو وڃ. مون کي پڪ آهي ته تون جيڏانهن ويندين، اها جاءِ کڻي ڪيڏو به بور هجي پر تنهنجو سفرنامو پڙهندڙن کي دلچسپ لڳندو.
راز صاحب پنهنجي هن ايران ۽ عراق جي سفرنامي جو نالو “نواڙو کان نيشاپور” به واهه جو رکيو آهي. هن پنهنجي ڳوٺ “نواڙو” کي ايران جي مشهور صوبي خراسان جي هڪ ڳوٺ “نيشاپور” سان ملايو آهي. بهرحال ڳوٺ ته هاڻ نه نواڙو رهيو آهي نه نيشاپور- انهن کي شهر ئي سڏجڻ کپي نه ته اتي جا ماڻهو دل ۾ ڪندا، جيئن اسان جو ڳوٺ هالا جيڪو اڄ کان 60 سال اڳ واقعي ڳوٺ هو ۽ 1958ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ وڃڻ وقت اسان ڳوٺن کان آيل ٻارن ۾ شمار ٿيندا هئاسين ۽ اڄ به آئون هالا کي ڳوٺ چئي مخاطب ٿيان ٿو يا لکان ٿو ته ڪيترا پڙهندڙ ان تي اعتراض ڪن ٿا. بهرحال ڀلا ڀاڳ نواڙو ۽ اتي جي رهاڪن جا جن جي نواڙو کي سندن ڳوٺ جي ليکڪ راز ڀٽو (علي گل) نيشاپور سان ملائي امر ڪري ڇڏيو آهي. ڀل سنڌ جي ماڻهن نواڙو جو نالو نه ٻڌو هجي پر مشهد (ايران) جي نيشاپور کان ڪير نه واقف هوندو خاص ڪري خيرپور، روهڙي، سکر پاسي جا ماڻهو، جيڪي سنڌ مان سڀ کان گهڻو ايران وڃن ٿا. نيشاپور- جيڪو شهر آتش پرست ساساني سلطنت جي بادشاهه شاهپور اول پنهنجي پيءُ ارڌشير اول جي وفات بعد 240ع کان 270ع تائين ايران تي حڪومت ڪرڻ دوران ٻڌرايو. ساساني سلطنت جيڪا آخري ايراني شهنشاهه يزد گرد سوم جي سال 651ع ۾ مرڻ تائين رهي. طاهري گهراڻي (طاهريان) جي دورِ حڪومت (821ع کان 873ع) تائين نيشاپور گاديءَ جو شهر رهيو. هن سلطنت جو باني طاهر ابن حسين هو جيڪو عباسي خليفي المامون وٽ فوجي جنرل هو. بعد ۾ هن جي پٽ عبدالله طاهر پنهنجي حڪومت ۾، 830ع ۾ نيشاپور کي خوب ٺاهيو جوڙيو. طاهريان بعد 1037ع ۾ هي شهر سلجوقن جي قبضي ۾آيو. سلجوق گهراڻي جي باني نغرل بيگ نيشاپور کي پنهنجي حڪومت جو گاديءَ جو شهر ٺاهيو. 1153ع ۾ هن شهر کي نه فقط اوغوز ترڪن ڀيليو پر زلزلن به ستياناس ڪئي پر ان هوندي به نيشاپور پنهنجي بقا قائم رکي ۽ هڪ مرڪزي شهر جي حيثيت ۾ رهيو. ساماني سلطنت (سامانين) جي دور حڪومت (جيڪو 819ع کان 919ع تائين رهيو) ۾ به نيشاپور انتظاميا ۽ واپاري لحاظ کان اهم شهر رهيو.
عباسي گهراڻي کان وٺي منگولن جي حملن تائين نيشاپور اسلامي دنيا جو اهم ڪلچرل، ڪمرشل ۽ عالمن جو شهر رهيو، ان وقت جي خراسان ۾ نه فقط اڄ واري ايران جو “رضوي خراسان” آيو ٿي پر ايران جا ٻيا حصا، افغانستان، ازبڪستان وغيره جا به وڏا حصا اچي ويا ٿي- جنهن خراسان جي چئن وڏن شهرن مان نيشاپور هڪ هو ۽ باقي ٽي شهر هئا: مَرو (Merv)، هرات ۽ بلخ.
نيشاپور ۾ ڪيترنئي مذهبن جا عالم ۽ ٻوليون ڳالهائڻ وارا رهيا ٿي ۽ نيشاپور وچ ايشيا جي ملڪن ۽ چين، عراق ۽ مصر واري واپاري لنگهه (Route) تي هڪ خوشحال شهر هو- تان جو 1221ع ۾ چنگيز خان جي منگولن نه رڳو هن شهر جون عمارتون ۽ باغ بستان تباهه ڪيا پر خدا جي مخلوق جو عام ڪوس ڪري شهر جون گهٽيون ۽ چوڪ رت سان ڳاڙها ڪري ڇڏيا، بازاريون ۽ مارڪيٽون ويران ڪري ڇڏيون. ان مٿان قدرت جو قهر زلزلن جي شڪل ۾ نازل ٿيو. ايتري قدر جو هتي جي ڪاشيءَ جا ڪارخانا ته هميشه لاءِ ختم ٿي ويا، جنهن هنر کان نيشاپور دنيا ۾ مشهور هو. ڪاشيءَ جو هي هنر هن شهر نيشاپور کان اسان جي شهر هالا، نصرپور ۽ ملتان ڏي آيو. آئون ته اهو سمجهندو هوس ته “ڪاشي” نج سنڌي لفظ آهي ۽ اها اسان جي ڳوٺ جي ايجاد آهي. پر مشهد کان نيشاپور ڏي سفر ڪندي رستي تي ڪارخانن جي ٻاهران “صنعت ڪده ڪاشي” جهڙا لفظ پڙهي نه فقط اها ڄاڻ ٿي ته اسان وٽ اهو لفظ ۽ هنر (ڪاشي) ايران مان آيو، جيئن جپان ۾ ڪيتريون ئي شيون چين کان آيون. بهرحال ان روڊ تي اهي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارخانا ڏسي هن شهر جي ماضيءَ کي ساريم جنهن جو تفصيلي احوال پنهنجي ايران واري سفرنامي “ايران ڏي اڏام” ۾ لکيو اٿم. اڄ به ڪنهن کي ان وقت جي نيشاپور جي “ڪاشي” ڏسڻي آهي ته هو ان جا نمونا تهران ۽ مشهد جي ميٽرو پوليٽن ميوزيم آف آرٽ ۾ ڏسي سگهي ٿو.
نيشاپور اهو شهر آهي جتي فريد الدين عطار جهڙو صوفي شاعر رهيو جنهن جو “منطق الطير” جهڙو ڪتاب (The Conference of Birds) دنيا ۾ مشهور آهي. نيشاپور اهو شهر آهي، جتي محمد غفاري (ڪمال الملڪ) جهڙو پينٽر رهيو جنهن تي ايران وارن 1984ع ۾ فلم پڻ ٺاهي. مطلب اهو ته اسان جي ليکڪ راز ڀٽو صاحب جنهن شهر جو ذڪر پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي ۽ جنهن جي نالي کي هن پنهنجي سفر نامي جي عنوان ۾ هنيو آهي، ان ۾ اهم شخصيتن جنم ورتو جن جي ڪري دنيا نيشاپور کي صدين کان سڃاڻي ٿي. راز ڀٽو صاحب پنهنجي هن سفرنامي جي عنوان ۾ نيشاپور سان گڏ پنهنجي جنم ڀومي يعني ڳوٺ نواڙو کي عزت بخشي آهي، مشهوري ڏني آهي .... ڏيڻ به کپي. هاڻ هي ڪتاب پڙهڻ وارن کي گمبٽ، راڻيپور يا خيرپور ويندي،راز (علي گل) ڀٽو ۽ ان جو ڳوٺ نواڙو ضرور ياد ايندو جن شهرن کان نواڙو ٻارهن تيرهن ڪلوميٽرن کان 45 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. سچ ته اهو آهي ته هڪ دفعو آئون نواڙو کان سڏ پنڌ تي رهيل هوس پر نواڙو جو نالو نه ٻڌم. اڄ کان 60 سال کن اڳ جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر ڪري رهيو هوس ته اونهاري جي موڪلن ۾ پنهنجي خيرپور جي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ سان گڏ هفتو کن سندس ڇتري واري چوڪ واري گهر ۾ اچي رهيو هوس ۽ پوءِ اسان ڊاڪٽر تنوير عباسي سان گڏ سوڀو ديرو آيا هئاسين جيڪو ڳوٺ اسان جي مرحوم شاعر تنوير عباسي ۽ هن جي ڀائر انجنيئرن اي اين جي عباسي، اعجاز عباسي، مشهور ليکڪ الطاف عباسي ۽ پڻ تاجل بيوس ڪري سڀني سڃاتو ٿي. سوڀو ديرو کان نواڙو فقط 4 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ ايتري ئي فاصلي تي نواڙو سڳيون شهر کان آهي. يعني ڪياماڙي کان ٽاور تائين به گهڻو رستو ٿيو.
نيشاپور پهچڻ تي اوهان کي ڪيتريون ئي ماضيءَ جون شخصيتون ياد اچن ٿيون. انهن مان اسان لاءِ سڀ کان اهم شخصيت مسلم بن الحجاج آهي، جنهن کان هر مسلمان واقف آهي. ايران ۾ هو مسلم نيشاپوري جي نالي سان مشهور آهي. هو 815ع ۾ نيشاپور ۾ ڄائو ۽ 875ع ۾ وفات ڪيائين. توهان سڃاتو ته هي بزرگ ڪير هو؟ هي آهي محدث امام مسلم جنهن جي گڏ ڪيل حديثن جو ڪتاب “صحيح مسلم” سڏجي ٿو. جيئن حديثن جو هڪ ٻيو ڪتاب “صحيح بخاري” سڏجي ٿو.
اهڙي طرح هن شهر نيشاپور جو “ابو العباس ايران شهري” نائين صديءَ جو هڪ مشهور فيلسوف حسابدان، سائنسدان، مذهب جي تاريخ جو ڄاڻو، ماهر فلڪيات (Astronomer) ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي، جنهن جي ٽرگناميٽري ۽ تارن جي چرپر جي ڄاڻ مان اڄ به اسان جا جهاز هلائيندڙ ڀائر لاڀ حاصل ڪن ٿا. 1048ع ۾ هن شهر نيشاپور ۾ جنم وٺندر ۽ 1131ع ۾ وفات ڪندڙ اسان جي اسڪول جي ڏينهن جي دلپسند شاعر عمر خيام جو مقبرو پڻ هن شهر ۾ آهي، جنهن جي خوبصورت تصوير توهان يوسف سنڌي جي ايران جي سفرنامي “ايران ۾ اڌ مهينو” جي پٺئين ٽائيٽل تي ڏسي سگهو ٿا. اڄ ڪلهه جي خبر نه اٿم جو اڄ ڪلهه سرڪاري طرح ملڪ ۾ جڏهن شراب تي ئي بندش آهي سو اسان جي درسي ڪتاب ۾ عمر خيام جو انگريزي ۾ ترجمو ٿيل رباعيون ڪيئن ٿيون رکيون وڃن جن ۾ اڌ کان وڌي عمر خيام جي شراب جي شوق بابت ۽ ساقي ۽ جوٽ تي ليٽايل محبوبا بابت هونديون هيون ۽ اسان کي اهي خوب ياد ڪرڻيون پونديون هيون. بلو نيري رنگ جي ڪاشيءَ جي سرن مان ٺهيل عمر خيام جي مقبري تي چوڌاري سندس ڪيتريون ئي اصل ٻولي يعني فارسيءَ ۾ رباعيون لکيل آهن. فارسي کان آئون اڻ واقف آهيان پر ڪي ڪي لفظ پڙهي سمجهي سگهان ٿو ته هيءَ رباعي اها آهي جيڪا اسان انگريزي ترجمي ۾ پڙهي، جيئن ته
Whether at Naishapur of Babylon,
Whether the Cup with Sweet of bitter run,
The wine of Life keeps oozing drop by drop,
The Leaves of Life keep falling one by one.
شايد ائين به هجي، جو مقبرو امام خمينيءَ جي انقلاب کان اڳ جو ٺهيل آهي جڏهن ايران ۾ به شراب هليو ٿي ۽ خوب هليو ٿي.
چندان بخورم شراب کاين بوي شراب
آيد ز تراب چون روم زير تراب
گر بر سر خاک من رسد مخموري
از بوي شراب من شود مست و خراب
Drinking wine is my travail
Till my body is dead and stale
At my grave site all shall hail
Odor of wine shall prevail.
سٺ سال وڏو عرصو آهي جڏهن آئون سوڀو ديرو، نواڙو، سڳيون جهڙن سنڌجي ڳوٺن مان ٿي ويو هوس، ان عرصي بعد ته هاڻ ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جا ڳوٺ ته الائي ڇا پر ڪمبوڊيا، ويٽنام جهڙن ملڪن جا ڳوٺ به ڪارخانن ۽ فئڪٽرين کان، اسڪولن ڪاليجن کان، پارڪن ۽ اسپتالن کان، مانچسٽر، سنگاپور ۽ پينانگ جو ڏيک ڏينٿا. رڳو سکر واري پاسي کان بارڊر ٽپ ته انڊيا جي گجرات ۽ راجستان رياست جا ڳوٺ به بيڪانير ٿيندا وڃن ۽ بيڪانير ته يورپ ٿو لڳي. سو نيشاپور بابت لکڻ بعد نواڙو تي لکڻ لاءِ راز ڀٽو صاحب کان جڏهن سندس ڳوٺ جي اهم ماڻهن بابت پڇيم ته ڪيترن مختلف سبجيڪٽن ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي آهي، ڳوٺ جي ماڻهن جي روزگار لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪارخانا آهن... وغيره وغيره... پر افسوس ته سندس پنهنجي ڳوٺ جي ترقيءَ بابت اهو ئي جواب هو جيڪو سنڌ جي گهڻن تڻن ڳوٺن جو آهي ته “سائين! اتي ئي آهيون جتي اوهان ڇڏيو.” ٺهيو! اهو به شڪر جو راز صاحب هي سفرنامو لکيو جنهن جي عنوان سندس ڳوٺ کي ناليرو بڻايو آهي. ڇا ڪجي هرڪو پنهنجي ڳوٺ کي پڏائڻ ٿو چاهي پوءِ ڀلا ٻي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي ته ان کي ڪنهن ٻئي شهر يا ملڪ سان لاڳاپي ماڪوڙيءَ وارو ڪم ڪرڻو پوي ٿو. چرچو مشهور آهي ته بئنڪاڪ مان وهندڙ چائو فريا درياهه جو ڪو ڪئنال هڪ هاٿيءَ کي ٽپائي رهيا هئا. ڪاٺ جي ٺهيل پُل بيحد پراڻي ۽ اُڏوهي کاڌل هئي جنهن تان هاٿيءَ جي پيلبان هاٿيءَ کي آهستي آهستي ڪري درياهه ٽپائي ٻئي پاسي وٺي آيو. هاٿيءَ سان گڏ پٺيان پٺيان ڪا ماڪوڙي به اها پل ٽپي رهي هئي. پل ٽپڻ بعد ماڪوڙيءَ آسمان ڏي نهاري چيو ته شڪر آهي جواسان ٻنهي (يعني هاٿي ۽ سندس) وزن سان پل ٽٽي ناهي. سو ڪڏهن ڪڏهن اسان اديبن کي به ماڪوڙي ٿيڻو پوي ٿو ۽ سفر نامن جا نالا مڪليءَ کان ملاڪا، ڳوٺ جروار کان جپان، نيو هالا کان نيو يارڪ رکڻا پون ٿا. جيتوڻيڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون سامونڊي سفر شروع ڪيا ته ملاڪا کان مڪلي ۽ نيويارڪ شهر جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ حصي هارلم کان اسان جو هالا تمام گهڻو سهڻو ۽ صاف سٿرو هو.
بهرحال اهو ضرور چوندس ته راز صاحب جو هي جيتوڻيڪ پهريون سفرنامو آهي پر هن زائرين جي ڄاڻ ۽ رهنمائي لاءِ بيحد ڪم جي شيون لکيون آهن. هڪ ٽوئرسٽ جنهن کي ايران جي مذهبي جاين کان علاوه ٻين شهرن ۾ به جي وڃڻو آهي ۽ هن کي جي وقت ۽ دلچسپي آهي ته پوءِ هو ڀلي اسان جهڙن- يعني يوسف سنڌي يا منهنجو لکيل ايران جو سفرنامو پڙهي. پر ڪنهن کي ايران ۽ خاص ڪري عراق جي فقط پاڪ جاين: مشهد، نيشاپور، قم، ڪربلا، نجف وغيره جي زيارت لاءِ وڃڻو آهي ته پوءِ آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو راز صاحب جو هي سفرنامو “نواڙو کان نيشاپور” نه فقط گهران پڙهي نڪري پر سفر ۾ به پاڻ سان گڏ رکي ۽ راز صاحب کي سفر ۾ آيل ڏاکڙن، مونجهارن، مشاهدن ۽ تجربن مان رهنمائي حاصل ڪري.
اسان جي ليکڪ جي هن سفر جي شروعات پاڙيسري ملڪ ايران (جيڪو اسان کي ويجهو آهي) بدران عراق کان شروع ٿئي ٿي. جيئن ڪنهن زماني ۾ جڏهن جدي جو بندرگاهه ايڏو ماڊرن نه ٿيو هو ته سامونڊي سفر وارا حاجي سعودي عرب جي ينبوع بندرگاهه ۾ لهندا هئا جيڪو پڻ بحر احمر (Red Sea) ۾ آهي پر جده کان 300 کن ڪلوميٽر وڌيڪ پري ۽ مديني جي ڀرسان آهي. مسافر ينبوع بندرگاهه ۾ لهي پهرين مديني ايندا هئا، ان بعد باءِ روڊ اُٺن ذريعي مڪي ايندا هئا. بعد ۾ پاڻيءَ جا جهاز ماڊرن ۽ وڏا ٿيا ۽ جدو بندرگاهه وڌيڪ جديد ٿيو ته اسان جي پاسي جا ڪَلَ جا جهاز (Steam Ships) جدي لنگرانداز ٿيڻ لڳا جيئن بمبئي جي بندرگاهه جديد ٿيڻ تي گجرات پاسي جي پراڻي بندرگاهه سورت جي اها اهميت نه رهي. ينبوع اڄ به سعودي عرب جو مشغول بندرگاهه آهي پر ان بندرگاهه تي هاڻ فقط مصر ۽ سوڊان پاسي جا جهاز لنگر انداز ٿين ٿا جن ملڪن کي ينبوع ويجهو آهي. يعني مصر ۽ سوڊان يا ويندي يورپ پاسي کان بحر احمر ۾ داخل ٿيندي ينبوع پهرين اچي ٿو ۽ جدو بعد ۾. اسان جي ملڪن: پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، سريلنڪا يا ايران ملائيشيا کان بحر احمر ۾ داخل ٿيڻ تي جدو پهرين اچي ٿو جنهن کان مڪو اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي مس آهي، ان ڪري اسان جي ملڪن جا مسافر پاڻيءَ جي جهاز ۾ حجاز وڃڻ لڳا ته جدي لهي پهرين مڪي ويندا هئا پر پوءِ جڏهن کان هوائي جهاز عام ٿيا ۽ پاڻيءَ جي مسافر بردار جهازن جو اچڻ وڃڻ تقريبن نه برابر وڃي رهيو ته پوءِ هوائي جهاز رستي ڪراچي کان مڪي يا ڪراچي کان مديني وڃڻ واري رستي ۾ ڪو خاص فرق نٿو پوي ۽ حاجي يا عمري لاءِ ويندڙ پنهنجي سهولت موجب پهرين مديني وڃن ٿا پوءِ مڪي، يا مڪي وڃي پوءِ باءِ روڊ مديني پهچن ٿا.
اهڙي طرح ايران وڃڻ وارا به هوائي جهاز ۾ تهران پهچي پوءِ پهرين قم وڃن ٿا يا پهرين مشهد ۽ پوءِ ٻين شهرن ۾ وڃن ٿا. اسان وٽ ايڏي ايئر سروس ناهي نه ته جيڪڏهن اسان وٽ پشاور جو هوائي اڏو بين الاقومي اڏامن لاءِ ٿي پوي ته پشاور کان مشهد ته ڄڻ سڏ پنڌ تي آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڪي پي ڪي جا ماڻهو ته پهرين مشهد وڃن پر اها هوائي سروس نه هجڻ ڪري هنن کي سڄو ملڪ لتاڙي ڪراچي اچڻو پوي ٿو جتان پوءِ ايئر ايران جي هوائي جهاز ۾ سڄو ايران لتاڙي مشهد پهچڻو پوي ٿو. جيئن سنڌ جي ماڻهن کي، خاص ڪري عمر ڪوٽ، مِٺي، ميرپورخاص جي ماڻهن کي کوکرا پار واري ٽرين نه هلڻ ڪري پهرين لاهور وڃڻو پوي ٿو جتان واگها بارڊر وٽان ٽپي انڊيا جي شهر امرتسر ۾ پهچي پوءِ دهلي ۽ اڳتي ڏکڻ طرف احمد آباد بڙودا وڃڻو پوي ٿو.
بهرحال پهرين ائين ٿيندو هو جو هرڪو پهرين ايران ويندو هو پوءِ ان جي ڀر واري ملڪ عراق روانو ٿيندو هو ۽ پوءِ اڳتي شام جي زيارتن لاءِ ويندو هو. پر هاڻ ايڏي ته هوائي سروس ٿي وئي آهي ۽ ٽڪيٽن جا اگهه ۽ سهولتون ايڏو مختلف ٿي ويون آهن جو هر هڪ پنهنجي حساب ۽ سستائيءَ کي نظر ۾ رکي ان Sequence ۾ سفر ڪري ٿو.
اسان جي مسافر راز گل جو هي سفر ڪجهه هن ريت رهيو. هي ڪراچيءَ کان پهرين دبئي پهتو. دبئيءَ ان ڪري جو هن کي اتي ڪي زيارتون ڪرڻيون نه هيون پر دبئي وارن جا هوائي جهاز (Air Emirates) جپان، شام، عراق، ملائيشيا وڃڻ کان اڳ اوسي پاسي جي شهرن کان مسافر کڻي پهرين دبئي پهچن ٿا جتان گڏ ٿيل مسافر ملي هڪ وڏي جهاز ۾ منزل واري ملڪ ڏي وڃن ٿا. اسان جو مسافر دبئيءَ ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي انتظار بعد عراق جي شهر نجف روانو ٿيو جيڪا هن جي پهرين منزل هئي. ڪيترا زائرين عراق ۾ پهرين ڪربلا ۾ اچن ٿا يا عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾. ان بعد هو باءِ روڊ ٻين شهرن ڏي وڃن ٿا. اهو مدار مسافر يا ان قافلي جي سهولت تي آهي جنهن ۾ هو شامل ٿي وڃي. عراق ۾ ته ڪافي سالن کان جنگي حالتون يا امن امان ۾ رخنو هجڻ ڪري زائرين کي سوچي سمجهي پروگرام ٺاهڻو پوي ٿو ۽ پاڻ کي انهن محدود جاين تائين رکڻو پوي ٿو جتي حالتون سلامتيءَ واريون هجن.
اسان جو ليکڪ راز ڀٽو پهرين نجف شهر ۾ اچي ٿو جتي هو چار ڏينهن گذاري ٿو. هي شهر حضرت علي ابن ابي طالب جي مزار ۽ امام علي مسجد کان مشهور آهي. بغداد کان 160 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ فرات نديءَ جي ڀرسان آهي. سمجهو ته ڪراچي کان حيدرآباد جيتري فاصلي تي آهي، بغداد عراق جي ٻي مشهور ندي دجله جي ڪناري تي آهي، جيڪا انگريزيءَ ۾ Tigris سڏجي ٿي. هي شهر نجف شريف جيڪو النجف ۽ النجف الاشرف کان علاوه بانيقيا (Baniqia) به سڏجي ٿو، مڪي ۽ مديني بعد بيحد احترام وارو شهر سڏجي ٿو. سندس آدمشماري کڻي 10 لک ٿيندي پر محرم ۽ چاليهي جي ڏينهن ۾ زائرين جي وڏي تعداد پهچڻ ڪري ٽيڻي چئوڻي ٿيو وڃي. هي شهر صدين تائين تعليمي ادارن ۽ لئبرررين کان پڻ مشهور رهيو آهي. 1964ع کان 1978ع تائين امام خمينيءَ هن شهر ۾ ليڪچر ڏنا. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪي عراق، ايران ۽ لبنان جهڙن ملڪن ۾ اسلامي تحريڪون هليون انهن جي سربراهن هن شهر نجف، مان تعليم ۽ تربيت حاصل ئي. هتي اهو به لکندو هلان ته دنيا جو آڳاٽو شهر بابل (Babylon) جتي سڪندر اعظم وفات ڪئي، ان جي لوڪيشن نجف کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هن النجف لاءِ چيو وڃي ٿو ته عباسي خليفي هارون رشيد 791ع ۾ اڏرايو.
سورهين صديءَ ۾ نجف تي ترڪيءَ جي سلطنتِ عثمانيه وارن جو قبضو ٿيو. سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ هن شهر تي سختيون آيون. هڪ طرف عربن جا قبيلا ته ٻئي طرف ايراني فوجون نجف تي حملا ۽ ڦرلٽ ڪنديون رهيون. مڪاني ماڻهن جي ايڏي لڏ پلاڻ ٿي جو هي شهر ويران ٿي ويو، ان تباهيءَ جو وڏو سبب فرات نديءَ جي وهڪري جي تبديلي پڻ چون ٿا. ماڻهو پاڻيءَ لاءِ سِڪي ويا. پورچوگالي سياح پيڊرو ٽيڪسيرا جيڪو 1604ع ۾ هن شهر ۾ آيو اهو پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته نجف شهر هن کي ويران ۽ کنڊهرن جي حالت ۾ نظر آيو، جتي ڪي 500 ماڻهو به مس ٿي رهيا.
فرات نديءَ جي وهڪري بدلجڻ ڪري نجف ۽ ڪوفي جا باغ بستان ۽ زرعي زمينون خشڪ حاليءَ جو شڪار ٿي ويون. نجف ۾ هڪ دفعو وري خوش حالي تڏهن آئي جڏهن 1803ع ڌاري فرات نديءَ هن شهر وٽان وري وهڻ لڳي.
1915ع ۾ سلطنتِ عثمانيه جو نجف تي قبضو ختم ڪرايو ويو ۽ شهر جون واڳون برطانيا سلطنت حوالي ٿيون. 1918ع ۾ نجف جي عالمن انگريزن خلاف بلوو ڪيو پر ڪامياب نه ٿيا. انگريزن هنن جي وڏي تعداد کي نجف مان ايران ڏي ڀڄائي ڪڍيو جن اتي اچي “قم” شهر ۾ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيو.
ڪربلا نجف شهر کان 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. چاليهي کان هفتو اڳ نجف ۾ گڏ ٿيل زائرين مان هزارين پيرين پنڌ هي فاصلو طي ڪري ڪربلا پهچن ٿا. رستي تي مڪاني ماڻهن طرفان هنن لاءِ کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست اڪثر مفت ۾ ڪيو وڃي ٿو. ڪربلا اهو شهر آهي جتي حضرت امام حسين کي شهيد ڪيو ويو ۽ سندن روضو مبارڪ آهي. ڪربلا جو هي قضيو 10 محرم سال 61 هجري (10 آڪٽوبر 680ع) ۾ پيش آيو جيڪو عاشوري جو ڏينهن سڏيو وڃي ٿو. هن حق ۽ باطل جي لڙائيءَ ۾ امام حسين عه سان گڏ سندن 72 ساٿي شهيد ٿي ويا جن ۾ ڇهه امام حسين جا ڀائر (عباس عه سميت جن جو روضو مبارڪ پڻ ڪربلا ۾ ئي آهي). ٻه فرزند، ٽي امام حسن جا فرزند، ٽي حضرت جعفر ابن ابي طالب جا فرزند ۽ عقيل ابن ابي طالب جا ٽي فرزند ۽ ٽي پوٽا به شامل هئا. مڪي، مديني ۽ يروشلم وانگر ڪربلا پڻ مسلمانن لاءِ پاڪ جاءِ سمجهي وڃي ٿي جتي جي زيارت لاءِ دنيا جا مسلمان ٻارهوئي ايندا رهن ٿا. عاشوري ۽ چاليهي وارن ڏينهن ۾ ته زائرين جو تعداد ڪروڙ تائين پهچيو وڃي.
هن سفرنامي (نواڙو کان نيشاپور) جو ليکڪ راز ڀٽو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ نجف ۾ چار ڏينهن رهڻ بعد باءِ روڊ ڪربلا پهتو جتي هنن پنج ڏينهن گذارڻ بعد باءِ روڊ هڪ ڏينهن سامراءِ (Samarra) ۾ ۽ هڪ ڏينهن بغداد ۽ ڪاظمين ۾ گذاريو. سامراءِ شهر بغداد جي اتر ۾ 125 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪپ تي آهي. عباسي خلافت جي ڏينهن ۾ هي شهر گاديءَ جو شهر پڻ رهيو. هي شهر پڻ شيعن لاءِ مقدس آهي، جتي العسڪري مسجد ۽ شيعن جي ڏهين امام علي الهادي ۽ يارهين امام حسن العسڪريءَ جو مقبرو آهي. هي شهر “جنگ سامراءَ” کان به مشهور آهي، جيڪا عثمانيه ۽ ايرانين جي وچ ۾ 1730ع کان 1735ع تائين هلي جنهن ۾ اڌ لک ترڪ ۽ ايراني مارجي ويا يا سخت زخمي ٿيا جنهن بعد عراق سلطنت عثمانيه جي قبضي ۾ رهڻ جو فيصلو ٿيو. هن شهر جي مشهور مسجد العسڪري 944ع جي ٺهيل آهي. يعني هن کي ڏهن کان به وڌيڪ صديون گذري چڪيون آهن.
اسان جي ليکڪ پنهنجي سفرنامي ۾ هڪ ڏينهن بغداد ۽ ڪاظمين شهرن ۾ رهڻ جو لکيو آهي. ڪاظمين دراصل بغداد جو اتراهون حصو ئي سمجهڻ کپي جيئن ملير، ماڙيپور يا منگهو پير ڪراچيءَ جا حصا آهن. ڪاظمين بغداد شهر جي مرڪز کان ڪو 5 ڪلوميٽر به مس آهي. ڪاظمين شريف ٻن شيعا امامن جي مقبرن ڪري مشهور آهي جن جي زيارت لاءِ اسان جا زائرين بغداد وڃن ٿا- يعني بغداد جي هن حصي ڪاظمين ۾ وڃن ٿا. انهن مان هڪ امام موسيٰ الڪاظم جو آهي ۽ ٻيو هن جو پڙپوٽو امام محمد الجواد ابن علي الرضا جو. امام موسيٰ الڪاظم شيعن جو ستون امام هو. پاڻ ڇهين امام امام جعفر الصادق جا فرزند هئا. سندن ڄم جو سال 744ع هو ۽ سندن ڏينهن ۾ عباسي سلطنت جا المنصور ۽ هارون الرشيد خليفا هئا، جن هن امام تي مديني ۾ رهڻ دوران ڪيتريون ئي پابنديون مڙهي رکيون هيون. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن کي بغداد جي قيد ۾ رکيو ويو جتي 799ع ۾ وفات ڪيائون. هن امام بعد، وقت جي خليفن، ٻين امامن کي به مديني ۾ رهڻ بدران پنهنجي ويجهو بغداد يا سامراءَ ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿي.
ڪاظمين شريف ۾ مٿين ستين امام موسيٰ الڪاظم کان علاوه ٻيو مقبرو هن جي پوٽي يعني اٺين امام علي الرضا جي فرزند نائين امام محمدالجواد جو آهي. پاڻ 809ع ۾ ولادت حاصل ڪئي. کين ان وقت جي خليفي المامون پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرائي پاڻ وٽ بغداد ۾ چاهيو پر المامون جي حڪومت جي خاتمي تائين مديني ۾ ئي رهڻ ۾ ڪامياب رهيو. پوءِ جيئن ئي المتعصم نئون خليفو ٿيو ته هن امام محمد الجواد کي واپس بغداد گهرائي ورتو جتي 809ع ۾ سندن وفات ٿي ۽ ڪاظمين ۾ دفنايو ويو.
عراق جي ٻن مشهور ندين: فرات ۽ دجله مان دجله ندي بغداد شهر جي وچ مان لنگهي ٿي جيئن چائو فرا بئنڪاڪ شهر مان ۽ ٿيمس ندي لنڊن مان. دجله ندي جي ڪري بغداد شهر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ الرصافه (Al-Rusafa) دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪناري پاسي ته ٻيو الڪرخ (Al-Karkh) اولهه ڪناري پاسي! بغداد جي آدمشماري ڪراچيءَ جي اڌ جيتري ٿيندي يعني اسي نوي لک کن جنهن مان 23 سيڪڙو سُني آهن. بغداد نه فقط شيعن ۽ سُنين جو شهر سڏيو وڃي ٿو پر ٻنهي فرقن جي مسلمانن ۾ شاديون پڻ عام ٿين ٿيون. ان کان علاوه بغداد ۾ يهودين ۽ بَهائين جو به وڏو تعداد رهي ٿو ۽ دنيا جا سِک ياتري به سڄو سال بغداد ايندا رهن ٿا جو هتي گرونانڪ جو هڪ آڳاٽو گوردوارو آهي جيڪو پهرين جنگ عظيم دوران سک سپاهين کي بغداد مان لنگهندي نظر آيو جيڪو ٻي جنگ عظيم دوران مرمت ڪيو ويو. چون ٿا ته گرونانڪ سورهين صديءَ ۾ اٽڪل 1511ع ڌاري دنيا جي سير دوران مسلمانن جي پاڪ جاين جو ديدار ڪندي هتي بغداد ۾ به آيو ۽ هي گوردوارو ٺهرايو.
عباسي خليفن جي دور حڪومت ۾ - اٽڪل 762ع ڌاري هي شهر “بغداد” گاديءَ جو شهر مقرر ڪيو ويو ۽ ايندڙ 500 سالن تائين هي شهر نه فقط عرب تهذيب جو پر سڄي دنيا جو شاندار شهر مڃڻ ۾ آيو. 1258ع ۾ منگول چنگيز خان جي پوٽي هلاڪو خان هن خوشحال شهر بغداد تي حملو ڪري لٽيو ڦريو ۽ نه رڳو عام ماڻهن جو ڪوس ڪيو پر وقت جي عباسي خليفي المستعصم کي به گهوڙن جي سنبن سان لتاڙي ماري ڇڏيو. ان سان گڏ عباسي سلطنت جو خاتمو ٿي ويو.
بغداد هڪ دفعو وري ڌارين طرفان سخت تباهيءَ جو شڪار بڻيو. 1401ع ۾ تيمور لنگ بغداد تي حملو ڪري شهر جي تباهي آندي ۽ عوام جو قتل عام ڪرايو. ايتري قدر جو هن پنهنجي فوجين کي حڪم ڏنو ته هر سپاهي بغداد جي ٻن ماڻهن جو قتل ڪري هنن جي سسين سان حاضر ٿئي -جن جو ڍير ڪري احرام ٺاهيو ويو. بغداد جو اهو ئي حال 1258ع ۾ هلاڪو خان ڪيو هو. انهن ڏينهن تائين بغداد دنيا ۾ قلمي ڪتابن جي لئبريرين جو شهر هو. چون ٿا ته بغداد جي لئبررين ۾ ايترا ته ڪتاب (قلمي نسخا) هئا جو هلاڪو خان جڏهن بغداد جي تباهيءَ وقت اهي ڪتاب دجله نديءَ ۾ ڦٽا ڪرايا ته انهن جي مس ڪري دجله جو پاڻي ڪارو ٿي ويو. ان بعد جڏهن ٽي ڏينهن ماڻهن جو ڪوس جاري رکيائين ته دجلا جي پاڻيءَ جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو.
1534ع ۾ بغداد تي سلطنت عثمانيه جي ترڪن جو قبضو ٿيو. بغداد کي پليگ (وبا) ۽ ڪالرا به وڏو نقصان رسايو. بغداد هڪ ٻئي پويان سال 1689ع، 1690ع، 1772ع، 1773ع ۽ 1831ع ۾ وبا پکڙي ۽ اٽڪل پنج لک ماڻهو مري ويا. فقط 1831ع واري پليگ ۾ بغداد جي 60 سيڪڙو آدمشماري ختم ٿي وئي. اهڙو ئي حال 1821ع ۾ ڪالرا ڪري بغداد ۽ بصري جو ٿيو هو.
1917ع تائين بغداد سلطنتِ عثمانيه جي ئي قبضي ۾ رهيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پيٽرول جي نڪرڻ ڪري عراق ۾ خوب پئسو آيو ۽ بغداد وڏي ترقي ڪئي پر 1980ع ۾ ايران ۽ عراق جي جنگ ۾ عراق تي ڏکيا ڏينهن اچي ويا جو ملڪ جي حاڪم صدام حسين ملڪ جي دولت فوج تي خرچ ڪرڻ شروع ڪئي يا پنهنجي ذات تي. صدام جي تهران تي بمباري ڪرڻ جي بدلي ۾ ايران بغداد شهر تي ميزائيل هنيا جنهن ۾ بغداد کي وڏو نقصان رسيو. ان بعد 1991ع ۽ 2003ع ۾ گلف جي لڙائي ۽ ان بعد عراق تي آمريڪا جي حملي ڪري بغداد شهر جو ٽرانسپورٽ سسٽم، روڊ رستا، گٽر سسٽم، اليڪٽرڪ سٽي ۽ ٻين سهولتن جو ستياناس ٿي ويو.
هونءَ ته بغداد وڏو شهر آهي، تاريخي ۽ آڳاٽو شهر آهي، جيڪو اڃا تائين قائم دائم آهي. هڪ ٽوئرسٽ کي هي شهر گهمڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن کپن پر مذهبي جاين جي زيارت ڪرڻ وارا زائرين وقت جي قلت ڪري بغداد جي فقط هڪ حصي الڪاظمين ۾ اچن ٿا جتي ٻن امامن جون مزارون آهن. هو بغداد ۾ فقط هڪ يا ٻه ڏينهن گذارين ٿا جيئن هن سفرنامي “نواڙو کان نيشاپور” جي ليکڪ به بغداد ۾ 24 ڪلاڪ کن رهڻ بعد اڳتي جي سفر جو سانباهو ڪيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته بغداد جي هن علائقي الڪاظمين واري زمين دراصل عباسي خليفي هارون الرشيد پنهنجي عرب يعني قريش خاندان جي ماڻهن جي قبرستان لاءِ وقف ڪئي هئي. 1258ع ۾ هلاڪو خان منگول جي بغداد تي ڪيل حملي ۾ الڪاظمين واري علائقي ۾ موجود شيعا امامن جي مزارن کي به نقصان رسايو ويو. بعد ۾ سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ جڏهن “مدحت پاشا” جي حڪومت هئي ته بغداد کان ڪاظميه تائين ٽرام هلائي وئي جيئن زائرين هن سواريءَ ذريعي سُک سان امامن جي مزارن تائين پهچي سگهن. 1938ع تائين هي ٽرام وي قائم رهيو. ان بعد بس سروس قائم ٿي وئي. مدحت پاشا (ڄم جو سال 1822ع) بغداد جو 1876ع کان، وفات 1883ع تائين، گورنر ۽ وڏي وزير جهڙن عهدن تي رهيو. انهن ڏينهن ۾ سلطنت عثمانيه جو 72-هون سلطان عبدالعزيز ترڪيءَ جو حاڪم هو جنهن جي حڪومت ۾ عراق ۽ سعودي عرب به اچي ويا ٿي. اسان جا ٽوئرسٽ يا شاگرد جيڪي ترڪي ۾ رهن ٿا اهي مدحت پاشا کان ضرور واقف هوندا جو هن جو انقره ۽ استنبول جي وچ ۾ هڪ هڪ وڏو مجسمو لڳل آهي، جن تي انهن شهرن جو چڪر هڻندي هر وقت نظر پوي ٿي.
درياهه دجله بغداد جي وچ مان وهي ٿو جنهن جي هڪ ڪناري تي بغداد جو هي علائقو ڪاظميه (الڪاظمين) آهي. درياهه ٽپڻ لاءِ مختلف هنڌن تي پليون آهن جن مان هڪ الئائمه پل ڪاظميه وٽ به آهي جنهن تي سال 2005ع ۾ زائرين جي ڀڄ ڊڪ ۾ هو چپجي ۽ چيڀاٽجي پيا ۽ اٽڪل هڪ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا. هن علائقي ڪاظمين تان اها خبر به ڌيان ۾ اچي رهي آهي ته هتي آمريڪن طرفان قيدين جي سهولت لاءِ Camp Justice آهي جتي عراقي آفيسرن صدام حسين کي قيد رکي مٿس ڪيس هلايو هو. ان کان علاوه ڪاظمين ويندڙ زائرين جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته هي علائقو هو جيڪو پهرين جنگ عظيم بعد عراقين جو انگريزن خلاف انقلاب آڻڻ جو مرڪز ثابت ٿيو. هتي ڪاظمين جي مسجد ۽ امامن جي مزار بابت اهو پڻ لکندو هلان ته 1534ع ۾ جڏهن سلطنتِ عثمانيه جي ترڪ حاڪم سلطان سليمان (جنهن کي انگريز The Magnificent به سڏين ٿا) بغداد فتح ڪيو ته ان جي چڱي طرح مرمت ڪرائي ۽ خوبصورت بڻايو جن کي اڄ تائين بهتر کان بهتر حالت ۾ رکيو پيو وڃي.
عراق جي مٿين شهرن کان علاوه ڪيترائي زائرين ڪوفي ۽ موصل ۾ به ڪجهه ڏينهن گذارين ٿا. ڪوفو يا ڪوفا شهر نجف شهر جي ڀرسان فرات نديءَ جي ڪناري تي آهي -نجف سان ڄڻ مليو پيو آهي، جيئن حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي آهي يا راڻيپور ۽ گمبٽ آهي. سامراءِ، ڪربلا، ڪاظميه ۽ نجف سان گڏ ڪوفو انهن پنجن شهرن مان آهي جن جي شيعن وٽ خاص اهميت آهي. هي شهر ڪوفا خلفاءِ راشدين جي آخري خليفي حضرت علي ابن ابي طالب جي ڏينهن ۾ دارلخلافه (گاديءَ جو شهر) هو. هي شهر ٻئي خليفي حضرت عمر رضه 639ع ۾ قائم ڪيو، هتي جي جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ دوران حضرت علي رضه کي شهيد ڪيو ويو هو.
عراق جو هڪ ٻيو مشهور شهر جتي دنيا جا ٽوئرسٽ وڃن ٿا موصل آهي جيڪو بغداد کان 400 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر ۾ دجله نديءَ جي ڪناري تي آهي. سندس سامهون آڳاٽو شهر نينويٰ (Nineveh) آهي. موصل موسم جي لحاظ کان توڙي تاريخي جاين ۽ مسجدن ۽ گرجا گهرن کان به مشهور آهي ۽ آڳاٽي وقت کان اڄ تائين دنيا جا سياح هتي ايندا رهن ٿا. ڪنهن زماني ۾ ابن بطوطا به هتي رهي ويو جنهن جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. انگريزي جي مشهور ناول نگارا اگاٿاڪرسٽي پڻ هتي موصل ۾ وڏو عرصو رهي آهي جو سندس انجنيئر مڙس هتي جي ڪنهن آرڪيالاجي جي کوٽائي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. اهڙي طرح عراق ۾ ٻيا به ڪيترا شهر گهمڻ جهڙا آهن جن لاءِ وقت جو هجڻ ضروري آهي ۽ اهڙي شوقين سياح کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو هڪ وقت تي هڪ ملڪ عراق، شام، ترڪي يا ايران گهمڻ لاءِ نڪري ته هن لاءِ وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندو.
عراق بعد ايران وڃڻ لاءِ ڪجهه زائرين باءِ روڊ وڃن ٿا جيڪا سواري سستي به آهي ته رستي تي ڏسڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملي ٿو پر مشغول ماڻهو بغداد يا موصل کان ايران پهچڻ لاءِ هوائي جهاز جي سواري پسند ڪن ٿا. اسان جو ليکڪ راز ڀٽو باءِ روڊ ايران اچي ٿو. هتي اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته عراق کان باءِ روڊ ايران اچڻ وارن کان جڏهن توهان پڇندائو ته “ايران ڪيئن آيائو؟” ته هو اڪثر اهو چوندا آهن ته “اسان مهران واري روڊ کان ايران آياسين يا اسان مهران شهر کان آياسين،” وغيره ۽ اسان جا ماڻهو هڪ ته مهران جو نالو جيڪو اسان سمجهون ٿا ته اسان جو ٺيٺ سنڌي لفظ آهي، ٻڌي منجهي پوندا آهن ته اهو ڪهڙو شهر آهي ۽ ڪٿي آهي. هتي ان مونجهاري کي Clear ڪرڻ لاءِڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيئن نون زائرين يا ٽورسٽن لاءِ آساني رهي.
مهران دراصل ايران جو شهر آهي جيڪو ايران جي مغربي صوبي ايلام ۾ آهي جيئن اسان جو بلوچستان صوبو ايران جي بارڊر تي آهي، تيئن ايران جو صوبو ايلام عراق جي بارڊر تي آهي. صوبي يعني Province کي فارسي ٻوليءَ ۾ استان سڏين ٿا. 1950ع تائين ايران ٻارهن صوبن (استانن) ۾ ورهايل هو، جيئن ته اردلان، فارس، گيلان (جتان جا ماڻهو عرب دنيا ۾ جيلاني، جو عربي ٻولي ۾ گ اکر ناهي پر اسان وٽ گيلاني سڏجن ٿا)، بلوچستان (ايران ۾ به بلوچستان نالي صوبو آهي جيڪو اسان جي بلوچستان جي ڀر ۾ آهي). آذر بائيجان (الڳ ملڪ به آهي ته ايران جي صوبي جونالو به. ٻئي هڪ ٻئي ڀرسان آهن)، خراسان، خزيستان، ڪرمان، لارستان، لورستان، مزندران وغيره. وقت سان گڏ انهن صوبن ۾ واڌارو ٿيندو رهيو آهي. آذربائيجان صوبي مان هاڻ ٻه صوبا ٺاهيا ويا آهن: اوڀر آذربائيجان ۽ اولهه آذربائيجان. خراسان صوبي جا ٽي حصا ڪيا ويا آهن: اتر خراسان، ڏکڻ خراسان ۽ جنهن ۾ مشهد، طوس ۽ نيشاپور جهڙا شهر آهن، اهو “رضوي خراسان” سڏجي ٿو، بلوچستان صوبي کي ڪجهه وڏو ڪري “سيستان” ۽ بلوچستان هڪ صوبو بڻايو ويو آهي. ان کان علاوه تهران، قم، يزد، زنجان، سيمنان وغيره. جملي 31 صوبا هن وقت ايران ۾ آهن. ايلام صوبو عراق سان 425 ڪلوميٽر جو بارڊر ٺاهي ٿو. يعني 425 ڪلوميٽرن تائين هڪ پاسي عراق آهي ته ٻئي طرف ايران جو هي صوبو ايلام. صوبي جو وڏو حصو جابلو آهي يا وارياسو. ان ڪري ايران ۾ سڀ کان گهٽ آدمشماري (6 لک کن) هن صوبي جي آهي جيتوڻيڪ ايراضي ۾ خيرپور ضلعي کان ڪجهه وڏو (19000 چورس ڪلوميٽر) آهي. خيرپور ضلعي جي پکيڙ 16000 چورس ڪلوميٽر آهي. زگروس (Zagros) جبلن جي قطار جيڪا ترڪيءَ کان شروع ٿي عراق ۽ ايران ۾ اچي ٿي ان جا جبل ايران جي هن صوبي ايلام کي چڱي طرح گهيرين ٿا. ان ڪري هن صوبي ايلام کي پيار مان “عروس زاگروس” يعني زاگروس جبلن جي ڪنوار سڏين ٿا. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته سڄي ايلام صوبي جي آدمشماري 6 لک کن مس آهي پر پڙهندڙ ايران ۾ تعليمي نطام جي بهتريءَ جو ان ماناندازو لڳائي سگهن ٿا ته فقط ايلام صوبي ۾ چار ته وڏيون يونيورسٽيون آهن.
* ايلام يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائينسز
* يونيورسٽي ايلام
* اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف ايلام
* پيامِ نور يونيورسٽي آف ايلام...
مهران ايران جي هن صوبي ايلام جو هڪ ننڍڙو پر خوش حال شهر آهي جيڪو عراق جي بارڊر تي آهي جنهن جي آدمشامري 15000 مس آهي، جنهن ۾ به گهڻائي ڪردن جي آهي. سڄي ايران ۾ فارسي هلي ٿي پر ڪن ڪن صوبن ۾ مختلف قومن جا رهندڙ ماڻهو پنهنجي پنهنجي ٻولي به ڳالهائين ٿا جيئن هن صوبي جا ڪرد ڪلهوري ۽ فيلي (Feyli) ٻوليون ڳالهائين ٿا ۽ بارڊر جي ٻئي پاسي عراق جي به ڪجهه حصي ۾ اهي ٻوليون ڳالهائيون وڃن ٿيون. جيئن اسان جي ٿر پاسي ۽ بارڊر جي ٻئي پاسي انڊيا جي ڪڇ، گجرات ۽ راجستان جي بارڊر وارن علائقن ۾ ساڳيون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.
ايران جي هن مهران شهر وٽان ايران جو هاءِ وي نمبر 64 گذري عراق ۾ داخل ٿئي ٿو جتان هي هاءِ وي نمبر 15 سڏجي ٿو جيڪو ڪجهه ڪلوميٽرن بعد عراق جي شهر بدره (Badra Spend) وٽان لنگهندڙ هاءِ وي 13 سان ملي ٿو جيڪو عراق جي مختلف شهرن بغداد، ڪربلا -ويندي موصل تائين، پهچائي ٿو. هتان مهران وٽان فقط ايران جا هر سال هڪ لک کان مٿي مسافر ڪارن، ٽئڪسين ۽ بسين ذريعي عراق وڃن ٿا. ان کان علاوه دنيا جا ٻيا زائرين جيڪي ايران کان عراق يا عراق کان ايران موٽن ٿا اهي هتان لنگهن ٿا. هن پاسي عراق توڙي ايران ۾ بهترين رستا ۽ آرامده ۽ تيز رفتار بسون آهن ۽ مهران کان بغداد ٻن ڪلاڪن ۾ پهچائين ٿيون. ان ڪري اسان جهڙن ملڪن جا زائرين توڙي سياح عراق توڙي ايران جي وچ ۾ هوائي جهاز بدران باءِ روڊ سفر ڪن ٿا. افسوس جو پاڪستان کان ايران باءِ روڊ ويندي ايران پاسي ته روڊ، رستا ۽ بسون بهترين آهن پر اسان واري پاسي حال ناهي ۽ وڏي عمر جي مسافرن لاءِ ڪوئيٽا کان پاڪستان جي آخري بارڊر واري شهر تفتان تائين 500 ڪلوميٽرن جو سفر سخت شڪست وارو ٿئي ٿو.
ڪوئيٽا کان تفتان تائين ريلوي لائين به آهي جيڪا انگريزن مليٽري جي چرپر لاءِ پنهنجي دور حڪومت ۾ 1905ع ۾ برٽش راڄ (اڄ واري پاڪستان) ۽ پرشيا (اڄ واري ايران) جي وچ ۾ ڳنڍي جيڪا پوءِ 1922ع ۾ زاهدان سان ملائي وئي. انهن ڏينهن ۾ زاهدان جو نالو دزداپ (Duzdap) هو. “تفتان” پاڪستان طرف وارو شهر آهي ۽ ايران پاسي “مير جاوا“(Mirjawa). اهڙي طرح انڊيا پاڪستان بارڊر وٽ لاهور کان امرتسر ويندي واگها (Wagah) پاڪستان جو آخري شهر آهي، ان بعد بارڊر ڪراس ڪرڻ بعد ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي انڊيا جي بارڊر وارو شهر اتاري آهي. واگها کان لاهور 24 ڪلوميٽر آهي ۽ اتاريءَ کان امرتسر 25 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. مهاراجا رنجيت سنگهه جي فوج جو هڪ مشهور جنرل سردار شام سنگهه اتاري والا هن ڳوٺ اتاري جو هو.
بهرحال هتي پاڻ راز ڀٽو جي سفرنامي “نواڙو کان نيشاپور” جو ذڪر ڪري رهيا آهيون ته پاڻ زيارتن جي سلسلي ۾ پهرين عراق ويو جتان پوءِ هو باءِ روڊ مهران شهر وٽان بارڊر ڪراس ڪري ايران آيو. ايران ۾ پاڪ جايون ڏسڻ جي خيال کان اسان جي زائرين لاءِ ٻه جايون: مشهد ۽ قم وڃڻ ته ضروري آهي. وقت ملڻ تي هو اوسي پاسي جي شهرن طوس، نيشاپور، قدمگاهه به وڃن ٿا جتي ڪيترن امامزادن جون مزارون آهن. ڪراچي کان ايران وڃڻ لاءِ جيئن ته فلائيٽ تهران ۾ لاهي ٿي، ان ڪري ويندي يا موٽندي وقت هو تهران- خاص ڪري ري (Rey) شهر- جيڪو هاڻ تهران جو ئي حصو آهي اتي ڪن پاڪ هنڌن تي به وڃن ٿا .... جيئن ته بيبي شهربانو جو روضو، شاهه عبدالعظيم جو مقبرو، جنهن جي ڀرسان شيعن جي چوٿين امام سجاد جي فرزند امامزاده طاهر جو ۽ اٺين امام علي رضا جي ڀاءُ امامزاده حمزه جي ڀاءُ جي مزار آهي، وغيره.
ايران جون ٻه جايون: مشهد ۽ قم جيڪي بيحد ضروري آهن انهن جي زيارت لاءِ اسان جا زائرين گهڻو ڪري پهرين مشهد ۾ اچن ٿا پوءِ قم ۾. پر ڪي ڪي سهولت موجب پهرين قم ۽ اچن ٿا. جيئن اسان جو ليکڪ راز ڀٽو عراق کان اچڻ ڪري هن کي پهرين قم وٽان لنگهڻو پيو، ان ڪري هو پهرين قم ۾ ٽي ڏينهن رهي پيو، ان کان پوءِ تهران مان ٿيندو مشهد پهتو. نقشي ۾ به توهان ڏسندائو ته ايران جي ايلام صوبي بعد قم صوبو شروع ٿئي ٿو ۽ وچ ۾ فقط ٻه ننڍڙا صوبا: لوريستان (Lorestan) ۽ مرڪزي (Markazi) آهن. جتي مهران شهر کان زاهدان 1800 ڪلوميٽر آهي يا مهران کان مشهد 1500 ڪلوميٽر آهي اتي مهران کان قم شهر ته بلڪل ويجهو ٿيو جيڪو فقط 450 ڪلوميٽر آهي ۽ قم صوبو ۽ تهران صوبو ائين مليا پيا آهن جيئن خيرپور ۽ سکر. قم شهر کان تهران شهر تائين فاصلو فقط 144ڪلوميٽر آهي. سو اسان جو مسافر شهرن جي اهميت موجب نه پر شهرن جي ويجهڙائي مطابق ايران۾ داخل ٿيڻ وقت مهران شهر کان پهرين قم پوءِ تهران، ان بعد مشهد ۽ ان جي ڀر واري شهر نيشاپور ۾ زيارتن لاءِ اچي ٿو. هونءَ ڏٺو وڃي ته ايران اهو تاريخي، سهڻو ۽ ٽوئرسٽ فرينڊلي ملڪ آهي جوان جا شهر گهمڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ مهينو کپي. هفتو کن ته قم ۽ مشهد ۽ ان جي آسپاس جون جايون ڏسڻ ۾ ئي گذريو وڃي. بلڪه انهن ٻن شهرن ۽ پسگردائي لاءِ به هفتو ڪجهه ناهي ۽ اسان جا ماڻهو هفتي کان هڪ يا ٻه ڏينهن وڌيڪ نٿا رهيو سگهن. ان ڪري نه ته ڪو ويزا هڪ هفتي جي ٿي ملي پران ڪري جو ڪراچيءَ لاءِ اڏام فقط هفتي ۾ هڪ دفعو اربع ڏينهن آهي. هڪ ڏينهن به وڌيڪ رهڻ معنيٰ وري سڄو هفتو ترسي اربع جو انتظار ڪرڻ. سو پڙهندڙن مان ڪو ايران جي مذهبي جاين کان علاوه ٻيا شهر به گهمڻ چاهي ٿو ۽ گهمڻ کپن جو اصفهان جهڙا شهر ته نه رڳو اڳ ۾ پر هاڻ به “نصف جهان” آهن ته هو گهٽ ۾ گهٽ ايران ۾ ٻن هفتن لاءِ ٽِڪي پوي. هونءَ به ايران اهو ملڪ آهي جتي اسان جهڙي ملڪ جو غريب ماڻهو سُک سان رهي سگهي ٿو. رهائش سستي آهي، کاڌو پيتو سستو آهي، لوڪل ماڻهو غريب توڙي امير ٽوئرسٽ جي عزت ڪن ٿا، امن امان ۽ انصاف آهي. امن امان ته سعودي عرب ۽ ڪويت ۾ به آهي پر اتي انصاف فقط مقامي عربن لاءِ آهي. اسان ڌارين کي ڪو عرب گار گند ڪري وڃي ته به ڏوهه اسان جو ڳڻيو ويندو. ان ڪري ته مٿي لکي آيو آهيان ته ايران ٽوئرسٽ فرينڊلي آهي. ايتري قدر جو اسان جي پاسي جون عورتون به ايران ۾ اڪيلي سر بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي گهمي سگهن ٿيون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ملڪي ماڻهو يعني ايراني توهان جي رهنمائي ۽ مدد ڪن ٿا، توهان جي عزت ڪن ٿا. توهان هتي جي اعليٰ آفيسر يا ملان مولويءَ سان فري ٿي ڳالهائي سگهو ٿا. دڪاندار توهان جي مجبوريءَ جو فائدو وٺي ڦرين نٿا بلڪه توهان کي فائدو رسائين ٿا. پوليس توهان جي ڪڍ نٿي لڳي ۽ نه بار بار توهان جو پاسپورٽ چيڪ ڪري تنگ ڪري ٿي. ان ڪري ايران اهو ملڪ آهي جتي اسان سُک سان گهمي ڦري سگهون ٿا ۽ ٿوري بجيٽ ۾ اسان گهڻو ڪجهه ڏسي سگهون ٿا.
اسان جي ليکڪ جو قم ۾ ٽي ڏينهن کن رهڻ ٿيو. آئون به جڏهن پهريون دفعو ايران قافلي سان گڏ ويو هوس ته هنن طرفان قم ۾ ٽي ڏينهن رهڻ جو پروگرام ٿيو هو جنهن ۾ ڪجهه جايون قافلي وارن ڏيکاريون جنهن لاءِ هنن ڀاڙي تي بس ڪئي هئي ۽ ڪي جايون خاص ڪري قم ۽ اوسي پاسي جا مدرسا وچ وچ ۾ وقت ملڻ تي آئون پاڻ مرادو ٽئڪسي ڪري نڪري پيس ٿي. ڪٿي ته ٻين سان شيئر ڪرڻ واري ٽئڪسي ۾ سواري ڪيم ٿي. انڊيا وانگر ايران ۾ به هر سواري سستي آهي. ان جي مقابلي ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽئڪسي جو سفر ڏاڍو مهانگو آهي ۽ مدي خارج منڊين ٽنڊين بسين جو سفر نهايت خطرناڪ آهي.
قم بيبي فاطمه جي روضي ڪري ايران جو هڪ اهم ۽ مقدس شهر سمجهيو وڃي ٿو. بيبي فاطمه بنت موسيٰ رضا جيڪا عام طرح فاطمه معصومه سڏجي ٿي، امام موسيٰ ڪاظم جي ڌيءَ ۽ اٺين امام علي رضا جي ڀيڻ آهي. قم شهر مدرسن ۽ تعليمي درسگاهن کان به مشهور آهي جيڪا حيثيت ڪنهن زماني ۾ بغداد کي هئي. هونءَ قم سوهن حلوي کان به مشهور آهي. جتي ڪٿي سوهن حلوو وڪڻڻ وارن جا مٺائي جا دڪان آهن. چون ٿا ته قم ۾ ٻه کان اڍائي هزار اهڙا دڪان آهن.
قم ايران جو ستون نمبر وڏو شهر ۽ قم صوبي جي گاديءَ جو شهر آهي. قم جي 13 لک کن آدمشماري آهي ۽ هي شهر قم ندي (رودِ قم) جي ڪناري تي آهي جيڪا زگروس جبلن ۽ نمڪ ڍنڍ مان نڪري ٿي ۽ ايران جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي، جنهن جي ڊيگهه 400 ڪلوميٽر ٿيندي. هن نديءَ کي ٽپڻ لاءِ بيبي فاطمه معصومه جي مقبري جي ٻاهران به هڪ پل آهي. قم شهر ۾ رهائش جون گهڻيون تڻيون هوٽلون درياهه جي ٻي پار هجڻ ڪري اسان جو هر وقت هن پل تان اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي ۽ ان جي اردگرد دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل زائرين کي سندن قومي لباس ۾ ڏسي بين الاقومي ميلي ۾ هجڻ جو احساس ٿئي ٿو. هن پل تان قم نديءَ جو ۽ سج لهڻ جو نظارو پڻ ڏسڻ وٽان آهي.
بيبي فاطمه معصومه جي مزار کان علاوه قم اوسي پاسي جي جاين کان پڻ مشهور آهي - خاص ڪري جمعڪران مسجد کان. هن مسجد کان علاوه قم جون ٻيون به ڪيتريون ئي مسجدون مشهور ۽ ڏسڻ وٽان آهن جيئن ته مسجد امام حسن العسڪري، مسجد القادر، مسجد اعظم، مسجد عتيق وغيره. قم کان مشهد ويندي تهران 144 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جتي هن سفرنامي جو ليکڪ هڪ ڏينهن رهڻ بعد ريل گاڏيءَ ذريعي مشهد روانو ٿئي ٿو. تهران کان مشهد وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جي سواري به آسانيءَ سان ۽ سستي اگهه تي مليو وڃي ٿي. ڪيترا زائرين تهران کان مشهد وڏو فاصلو (اٽڪل 900 ڪلوميٽر) هجڻ ڪري هوائي جهاز کي ترجيح ڏين ٿا پر آئون پڙهندڙن کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هو راز ڀٽو وانگر ريل جي سفر جي چونڊ ڪن يا بس جي. ايران ۾ هر هنڌ روڊ رستا بهترين آهن ۽ اهڙي ئي هنن جي ٽرين سروس ۽ آرامده بسون آهن. جيڪا فرحت ۽ مزو باءِ روڊ تهران کان مشهد پهچڻ ۾ آهي ان جو جواب ناهي- خاص ڪري اسان نيم بيابان (Semi Desert) سنڌ جا رهاڪو تهران کان مشهد، ڪوالالمپور کان پينانگ يا ڍاڪا کان چٽگانگ ٽرين ۾ سفر دوران ٻاهر جا هرا ڀرا کيت، گل گلڪاريون ۽ نالا نديون ڏسي وائڙا ٿيو وڃون. توهان کي هن قسم جا باءِ روڊ سفر هميشه ياد رهندا.
ايران جو شهر مشهد شاهراهه ريشم (Silk Route) تي هجڻ ڪري شروع کان اهم شهر رهيو آهي. اڄ جي ايران ۾ مشهد تهران بعد ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي. اڄ جي ايران سان منهنجو مطلب آهي هاڻوڪو ايران جنهن تي 1935ع ۾ نوروز (نئين سال) واري ڏينهن جي موقعي تي وقت جي حاڪم رضا شاهه پهلويءَ دعوت ۾ موجود سڀني فارين ڊپلومئٽ اڳيان اعلان ڪيو ته هن ملڪ لاءِ “ايران” نالو استعمال ڪيو وڃي -نه ته ڇهين صدي قبل مسيح کان دنيا هن ملڪ کي “پرشيا” جي نالي سان سڃاتو ٿي، جيئن ڪراچي صدر ۾ ايران جي هڪ جهوني بيڪريءَ جو نالو “پرشين بيڪري” آهي. ايران جو اهو نالو پرشيا 6 صدي ق. م کان يعني ڪوروش اعظم (Cyrus the Great) جنهن هخامنشي سلطنت جو بنياد رکيو، هلندو آيو جيڪو پوءِ ساسانين، صفوي، افشار ۽ آخر ۾ قاجار دورِ حڪومت تائين هلندو رهيو. ان وقت جي پرشيا اڄ جي ايران تائين محدود نه هئي پر هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن پرشيا جون بلقان ۽ اوڀر يورپ کان سنڌو ماٿري تائين حدون هيون. هن ۾ اڄ وارو افغانستان، ترڪمنستان، پاڪستان جو اتراهون حصو، ازبڪستان ۽ مصر به اچي ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ تهران ته فقط ان جي هڪ حصي ري (Rey) تائين هو. اڄ جي ايراني شهرن: شيراز، تبريز، نيشاپور، مشهد، اصفهان کان علاوه بابل (Babylon) بغداد (مصر)، بخارا ۽ ثمرقند (ازبڪستان)، هرات (افغانستان)، نِسا (ترڪمنستان) وغيره جهڙا تاريخي شهر پرشيا ۾ آيا ٿي.
ائين ته ڪو وقت هو جو اصفهان دنيا جو خوبصورت شهر هو جنهن جا روڊ رستا ۽ باغ بستان ڏسڻ لاءِ انگلينڊ جا حاڪم آيا ٿي. بهرحال اڄ جي دور ۾ تهران ايران جي گاديءَ جو شهر ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي ۽ ٻئي نمبر تي مشهد آهي. مشهد جي لفظي معنيٰ “شهيدن جي جاءِ” آهن. مشهد شيعن جي اٺين امام علي رضا جي روضي شريف کان مشهور آهي. امام علي رضا جو جتي مقبرو آهي اهو “حرم رضوي” سڏجي ٿو جيڪو سمجهو ته شهر جي وچ ۾ آهي ۽ ڇهه لک چورس ميٽرن تي مشتمل آهي. هونءَ فقط هي ڪامپليڪس گهمڻ لاءِ هڪ ٻن ڏينهن کان وڌيڪ کپي جو منجهس ڪيترائي ميوزيم آهن جن ۾ پوسٽ جي ٽڪلين کان وٺي غاليچن جي Collection نظر اچي ٿي.
هونءَ مشهد ۾ جيڪڏهن توهان ڪافي ڏينهن رهو ٿا ته پوءِ امام رضا جي روضي جي زيارت کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي شيون گهمي سگهو ٿا جيئن ته ڪوه سانگيپارڪ، مشهد بازار -جتي توهان کي بهتر اگهه تي بهترين زعفران ملي سگهي ٿي. اهڙي هاءِ ڪلاس زعفران دنيا ۾ ايران کان علاوه فقط اسپين ۾ ٿئي ٿي. توهان مشهد جي ٻهراڙيءَ ۾ وڃي ان جا پوکيل گل به ڏسي سگهو ٿا. خاص ڪري مشهد کان نيشاپور يا قد مگاهه ڏي ويندي. مشهد کان 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هتي جو مشهرو قبرستان/ مزار Boqeh Khajeh Rabi Mausoleum آهي جنهن جي ديوارين ۽ گنبذ تي ڪاشيءَ جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي.
سڀ کان وڌيڪ ۽ مزار امام رضا جي ويجهو ڏسڻ جهڙي شيءِ مسجد گوهر شاد آهي جيڪا تيموريا سلطنت جي بادشاهه شاهه رخ جي راڻي گوهر شاد 1395ع ۾ ٺهرائي. 2003ع ۾ ڪابل ۾ جيڪا عورتن جي يونيورسٽي ٺهي اها هن راڻي گوهر شاد نالي آهي.مشهد جي هن گوهرشاد مسجد جي ويجهڙائيءَ ۾ ئي نادر شاهه افشار جو مقبرو آهي. سندس اصل سائيز کان وڏو ڌاتوءَ جو گهوڙي تي سوار مجسمو پري کان نظر اچي ٿو. هن دهليءَ کي ساڙيو ٻاريو ۽ ماڻهن جو قتل عام ڪيو. هو اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ وڏو ظالم سمجهيو وڃي ٿو پر ايران ۾ ته هو هيرو ليکيو وڃي ٿو جو هو هِتان هُتان ڦرلٽ ڪري دولت ايران کڻي آيو ٿي. مشهد شهر ۾ اندر کان علاوه ٻاهر آس پاس ۾ به ڪيتريون ئي جايون آهن، جيئن طوس ۾ فردوسيءَ جو مقبرو. مشهد کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي طوس شهر آهي جتي ايران جي قومي شاعر فردوسي (سڄو نالو: ابوالقاسم فردوسي طوسي) جو مقبرو آهي. فردوسي 940ع ۾ طوس ۾ ڄائو ۽ 1020ع ۾ اتي ئي وفات ڪيائين. فردوسي دنيا جي ڊگهي ترين نظم “شاهنامه” (يعني بادشاهن جي ڪهاڻي) لکڻ کان مشهور آهي. سندس هي ڪتاب ادب جي تاريخ ۾، خاص ڪري فارسي ادب جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. شعرن جي هن مجموعي ۾ اٽڪل سٺ هزار شعر شامل آهن. هي شاعريءَ جو ڪتاب اصل ٻولي فارسيءَ ۾ پڙهڻ جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي پر فارسي نه اچڻ ڪري انگريزيءَ ۾ به پڙهي سگهجي ٿو. عمر خيام جي رباعين وانگر فردوسيءَ جي هن ڊگهي نظم شاهنامي جا به ڪيترائي انگريزي ترجما آهن. اسان جي سفرنامي “نواڙو کان نيشاپور” جو ليکڪ راز ڀٽو مشهد ۾ ٽي ڏينهن کن هجڻ دوران مشهد جي ڀر واري شهر نيشاپور پڻ ويو ۽ هر مشهد ايندڙ کي نيشاپور ضرور اچڻ کپي جو هي شهر پرشيا جي شروعاتي سلطنتن ۾ اوئلي گاديءَ جو شهر رهي چڪو آهي ۽ 1221ع ۾ منگولن (چنگيز خان) جي حملي ۽ تباهي آڻڻ تائين هي شهر دنيا جو بلي بلي شهر هو. جنهن لاءِ فردوسيءَ لکيو آهي ته:
اي پايتخت اول ايراني من
اي آسمانت فرصتِ باراني من
فيروزه ات نقش نگين مهرباني
انديشه هاي مردمانت آسماني
O my Iranian first capital
O your sky my rainy time
Your Turquoise , Pattern of kindness ring
Your People's thoughts Heavenly
هن شهر لاءِ لکي چڪو آهيان ته هن شهر ۾ ايران جي مشهور صوفي شاعر عطار ۽ ڪمال الملڪ کان علاوه عمر خيام جو به مقبرو آهي. عمر خيام ٻارهين صديءَ جو مشهور شاعر ۽ ماهر فلڪيات (Astronomer) ٿي گذريو آهي جنهن کي سندس فارسي رباعين ڪري دنيا ۾ مشهوري ملي. هن جون رباعيون (چار سٽا) ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن. انگريزيءَ ۾ به ٻه ٽي ترجما آهن جن مان ايڊورڊ فٽزگرڊ جو سڀ کان مشهور آهي جيڪو اسان جي ڏينهن ۾ مئٽرڪ يا فرسٽ ايئر جي انگريزي ڪتاب ۾ پڙهايو ويو ٿي. عمر خيام جو هي مقبرو 1963ع ۾ ٺهيو.
منهنجي خيال ۾ مهاڳ يا پيش لفظ جي خيال کان منهنجو هي مضمون ڪجهه ڊگهو ئي ٿي ويو آهي.
آخري سٽ اها ئي آهي ته ايران يا عراق تي نڪرندڙ زائرين لاءِ ضروري آهي ته معلومات ۽ رهنمائي لاءِ هو راز ڀٽو جو لکيل هي سفرنامو “نواڙو کان نيشاپور” ضرور پڙهي نڪرن، بلڪه سفر ۾ پاڻ سان رکن ته هنن جي فائدي جي ڳالهه آهي. نواڙو ليکڪ جي ڄم جو ڳوٺ آهي جتي هن پهرين مارچ 1955ع تي اک پٽي. هن پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ سوڀو ديرو مان حاصل ڪئي ۽ بي اي ۽ ايم اي سچل سرمست ڪاليج راڻيپور ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. هن جو سبجيڪٽ انٽرنيشنل رليشن هو. ماسٽرس بعد هن قانون جي ڊگري LL.B. حاصل ڪئي ۽ نوڪري حبيب بئنڪ ۾ ڪئي. 2015ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ وقت هو سب سينٽر سکر ۾ “انچارج لٽيگيشن” هو. کيس پنج ٻار آهن: عابده راز جنهن انگريزيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ سندس گهر وارو ڊاڪٽر عبدالستار ڀٽي اسلام آباد جي پولي ڪلينڪ ۾ آهي. ان بعد عابد حسين راز آهي جيڪو پاڪستان ايئر فورس ۾ اسڪاڊرن ليڊر آهي ۽ ميانواليءَ ۾ پوسٽنگ اٿس. ان بعد ساجده راز آهي جيڪا خيرپور ميرس جي مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر سسٽم جي اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سندن چوٿين ٻار جو نالو ساجد راز آهي جنهن قائدِ عوام يونيورسٽي نوابشاهه مان ڪمپيوٽر سسٽم ۾ BE ڪئي آهي ۽ ننڍي شاهده راز آهي جنهن M.A ڪئي آهي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي انٽرنيشنل رليشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي.
راز ڀٽو صاحب جي هن عراق ۽ ايران واري سفر ۾ اسڪاڊرن ليڊر عابد حسين راز کان علاوه سڀ ٻار گڏ هئا. يعني راز ڀٽو جو هي سفر فئملي سان گڏ هو. اميد آهي هاڻ هو هڪ سفر شام ملڪ جو يا ڪنهن ٻئي جو، پنهنجي گمبٽ، راڻيپور، خيرپور جي دوستن سان ڪري ان بابت پڻ سفرنامو لکندو.

جهاز هلائڻ واري چاٻي ڪٿي آهي؟

عرصي کان سوچي رهيو هوس ته پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو لکان ته پاڻيءَ جو جهاز ڪيئن ٿو هلي. جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ مختلف بندرگاهن ۾ اسڪولن جا ٻار توڙي وڏا جهاز گھمڻ ايندا هئا ته هو اهو ئي سوال ڪندا هئا. اڄ ڪلهه جي دهشتگردي ۽ بمن بارودن جي عام استعمال ڪري ڪنهن به بندرگاهه ۾ ڪو ڌاريون ماڻهو جهاز تي چڙهي نٿو سگھي. بلڪه اسان جهڙن ملڪن ۾ ته بندرگاهه اندر داخل ٿيڻ جي به اجازت ناهي. پر 1980ع تائين ڪو به بندرگاهه ۾ داخل ٿي سگھيو ٿي ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل انيڪ جهازن مان ڪنهن جي به ڏاڪڻ چڙهي سگھيو ٿي، جي هن جوان جهاز تي ڪو سڃاڻو آهي ته. بعد ۾ ڪراچي بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي KPT وارن هڪ روپيو ٽڪيٽ رکي هئي.
بهرحال جن ڏينهن ۾ آئون جهاز تي رهيس، انهن ڏينهن ۾ ڪنهن به ڌارئين کي بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ تي ڪا جھل پل نه هوندي هئي. ڪراچي جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد گروپن جي شڪل ۾ جهاز گھمڻ ايندا هئا ته اسان مان جيڪو به ڊيوٽيءَ تي هوندو هو اهو جهاز گھمائيندي خوشي محسوس ڪندو هو. ڪراچي جي Stay ۾ آئون ته جڏهن به شهر جا ڪم لاهي جهاز تي موٽندو هوس ته رستي تي ڊوميڊيڪل يا NED ڪاليج جي واندن کي پاڻ سان ڪار ۾ کڻي ايندو هوس ۽ کين جهاز تي ماني ٽڪي به کارائيندو هوس ته جهاز به گھمائيندو هوس. سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن جي رهاڪو هنن شاگردن کي جهاز گھمائڻ ۾ خوشي ٿيندي هيم ته سٺو آهي جو منهنجي ڪري هي اڄ جا (يعني ان وقت جا) ماڊرن جهاز ڏسي سگھن ٿا. مهمانن لاءِ جهاز تي ماني هونءَ ئي مفت ٿئي ٿي. سو مون کي فقط زباني خرچ ڪرڻو پيو ٿي.
جهاز گھمڻ جو اهو سلسلو ٻاهرن ملڪن ۾ به لڳو رهيو ٿي- چاهي راٽرڊم هجي يا هئمبرگ، بريمن هجي يا ڪوپن هيگن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يورپ جا ٻار اسان جي ايشيائي يا آفريڪي ٻارن کان هوشيار لڳا ٿي ۽ هنن جي پڇيل سوالن مان هنن جي ذهني ليول جي مٿاهين هجڻ جو ثبوت مليو ٿي پر هو به ان ڄاڻ ۾ اڻ واقف هوندا هئا ته پاڻيءَ جو جهاز ڪئين ٿو هلي- توڙي وڏن جو به اڄ ڏينهن تائين اهو حال آهي! ظاهر آهي جهاز کي به پيٽرول يا ڊيزل انجڻ ٿي هلائي جيئناسان جي ڪارن، موٽرن، ٽرڪن، ٽرئڪٽرن وغيره کي. انهن کي يا ويندي موٽر سائيڪل کي هلائڻ لاءِ ان جو مالڪ يا ڊرائيور کيسي مان چاٻي ڪڍي، مقرر سوراخ (Slot) ۾ وجھي گھمائي ٿو ۽ انجڻ اسٽارٽ ٿئي ٿي. گيئر ۾ وجهڻ سان، ڪلچ تان پير کڻڻ تي اها سواري هلي ٿي.
شايد مٿين ڳالهه ڌيان ۾ رکي جهاز گھمڻ وقتٻار توڙي وڏا اڪثر اهو ئي سوال ڪن ٿا ته جهاز هلائڻ واري چاٻي ڪٿي آهي؟ هو اهو ٻڌي مايوس ٿيو وڃن ته جهاز کي هلائڻ لاءِ ڪا چاٻي نه ٿيندي آهي ۽ نه جهاز-يعني اسان وارو پاڻيءَ جو جهاز، ڪار وانگر هلي ٿو، جنهن کي چاٻي گھمائڻ سان جنهن وقت وڻي هلائي سگھجي. مزي جي ڳالهه اها ته ڪيترن مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرن کي به ان فرق جي خبر نه آهي ته عام ڊيزل انجڻين ۽ مئرين جي ڊيزل انجڻين ۾ ڪهڙو فرق آهي. ۽ جهاز هلائڻ لاءِ مئرين انجنيئرن جو هجڻ ضروري ڇو آهي.
هتي پاڻ عام ماڻهن (توڙي زمين تي ڪم ڪندڙ انجنيئرن ۽ ٻين پڙهندڙن) جي عام معلومات لاءِ اهو ذڪر ڪنداسين ته عام مڪينيڪل انجڻين (جن انجڻين ذريعي ڪارون، بسون، ٽرئڪٽر وغيره هلن ٿا) ۽ مئرين انجڻين (جيڪي جهاز هلائين ٿيون) ڪهڙو فرق آهي ۽ جهاز جي انجڻ جيڪا جهاز جو پکو (Propeller) هلائي ٿي ڪيئن اسٽارٽ ڪئي وڃي ٿي. ان کان سواءِ جهاز کي هلائڻ لاءِ ٻين ڪهڙين ڪهڙين شين يا اوزارن (Instruments) جي ضرورت ٿئي ٿي.
پهرين ڳالهه اها آهي ته خشڪي تي هلندڙ موٽر ڪارن، بسين ۽ سمنڊ تي هلندڙ جهازن ۾ ڪهڙو فرق آهي جنهن ڪري انهن کي هلائڻ وارين انجڻئين ۾ فرق رکيو وڃي ٿو؟ جيتوڻيڪ اهي انجڻيون- چاهي ڊيزل انجڻيون هجن يا اسٽيم انجڻيون، ساڳي اصول تي ڪم ڪن ٿيون. اهو اصول ڪهڙو آهي؟ عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته پيٽرول يا ڊيزل انجڻ ۾ هڪ، ٻه يا وڌيڪ پسٽن ٿين ٿا. پوءِ سواريءَ جي سائيز مطابق- مثال طور موٽر سائيڪل آهي ته هڪ ئي پسٽن ڪافي آهي پر جي وڏي سواري آهي- يعني ڪار يا ٽرڪ ته گھڻو پاور حاصل ڪرڻ لاءِ چار پسٽن به ٿين ٿا. اهي پسٽن سلينڊر ۾ هيٺ مٿي ٿين ٿا. اهي پسٽن پهرين بيٽريءَ ذريعي ٽي چار دفعا هيٺ مٿي ڪيا وڃن ٿا. ڪار ۾ چاٻي وجهي ان کي جڏهن گھمايون ٿا معنيٰ اسان جي بيٽريءَ مان اليڪٽرڪ ڪرنٽ موٽر ڏي منتقل ڪيون ٿا. اليڪٽرڪ موٽر پسٽنن کي جھٽڪي سان هيٺ مٿي ڪري ٿي. پسٽن جيئن ئي هيٺ مٿي ٿين ٿا ته انهن ۾ ٻارڻ جو تيل- پيٽرول يا ڊيزل وغيره اچڻ شروع ٿيو وڃي، جنهن جي سڙڻ - بلڪ ڦاٽڻ سان سلينڊر اندر ٿيندڙ ڌماڪن (پريشر) کان پسٽن لڳاتار هيٺ مٿي ٿيڻ شروع ٿيو وڃن. اسان ڪار جو ائڪسلريٽر دٻائي تيل جي داخلا وڌايون ٿا ته پسٽن اڃا به تکو تکو هيٺ مٿي ٿين ٿا. تيل گھٽائڻ سان انهن جي رفتار گھٽجي ٿي ۽ ان سان گڏ ڪار يا جهاز جي هلڻ جي رفتار گھٽجي ٿي.
انجڻ جا هي پسٽن جيڪي هيٺ مٿي ٿين ٿا اهي هيٺين پاسين ڪرئنڪ شافٽ سان سوگھا ٿيل آهن. تيل سڙڻ تي پسٽن هيٺ مٿي ٿين ۽ ڪرئنڪ شافٽ جي شيپ اهڙي آهي جو انهن پسٽنن جو هيٺ مٿي ٿيڻ وارو (Reciprocating)عمل ڪرئنڪ شئفٽ کي گول گھمائي ٿو- يعني Rotary Motion ۾ تبديل ڪري ٿو. هن ڪرئنڪ شئفٽ جي ڇيڙي تي پروپيلر (پکو) لڳل آهي جيڪو ڪرئنڪ شئفٽ سان گڏ گول گھمڻ تي جهاز کي اڳيان ڌڪي ٿو. ڪارن ۽ بسين وغيره ۾ ڪرئنڪ شئفٽ ٽاءِ راڊ ذريعي ڦيٿن سان ڳنڍيل آهي ۽ ڦيٿا هلن ٿا ته ڪار هلي ٿي. توهان چاهيو ته ان گول هلندڙ ڪرئنڪ شئفٽ سان اٽي پيهڻ لاءِ جنڊ به هڻي سگھو ٿا ته ڪتر ڪرڻ لاءِ گول ڪات به هڻي سگھو ٿا جيڪو ڪرئنڪ شئفٽ سان گڏ گول گھمندو رهي. ڪار جي ڦيٿن، جهاز جي پکي، جنڊ يا ڪُتر ڪرڻ واري گول گھمندڙ ڪاتن کي ابتو هلائڻ لاءِ گيئرن کي اڳيان پويان ڪري سگھجي ٿو. يعني ڪرئنڪ شئفٽ هڪ ئي طرف پئي گھمي پر گيئرن ذريعي ڳنڍيل ڦيٿن ۽ پکي (Propeller) وغيره کي گيئرن کي بدلائي ابتو هلائي سگھجي ٿو. ننڍن جهازن جو پکو ابتو گھمائڻ لاءِ گيئرون ضرور آهن پر گذريل صديءَ کان وڏا جهاز بنا گيئرن جي آهن. يعني هن جو پروپيلر ڪرئنڪ شئفٽ سان بنا گيئر جي ڊئريڪٽ ڳنڍيل آهي. اسان جڏهن جهاز کي پٺيان (Reverse) ۾ هلايون ٿا- يعني جڏهن پروپيلر کي ابتو هلايون ٿا ته ان لاءِ اسان کي پهرين انجڻ بند ڪرڻي پوي ٿي ان بعد ان کي ابتو هلايون ٿا ۽ ڪرئنڪ شفٽ جي ابتو Anti-clockwise هلڻ تي ان سان ڳنڍيل پکو ابتو هلي ٿو.
بهرحال هر انجڻ ۾، چاهي ڪار جي ڊيزل انجڻ هجي يا پاڻيءَ جي جهاز جي، انهن ۾ پسٽن، سلينڊر ۽ ڪرئنڪ شئفٽ اهم شيون آهن. هن مضمون سان گڏ اخبار يا رسالي وارا خبر ناهي انهن شين جون تصويرون ڏيندا يا نه. توهان پنهنجو Concept صحيح ڪرڻ لاءِ نيٽ تي ڏسي سگھو ٿا يا ڪنهن آٽو مستريءَ جي گئريج وٽان لنگھندي ان وٽ کليل ڪنهن ڪار يا موٽر سائيڪل جي ڪرئنڪ شئفٽ ۽ پسٽن سلينڊر ڏسي سگھو ٿا.
هاڻ توهان جڏهن ڪار ۾ سفر ڪريو ٿا ته لڳاتار ڪلاڪ ٻه يا کڻي ٽي چار ڪلاڪ گاڏي هلائي پوءِ توهان به آرام ڪريو ٿا ته گاڏيءَ کي به فرحت ڏياريو ٿا، جو ان جي انجڻ گرم ٿيو وڃي. ظاهر آهي انجڻ جا ٻيا اوزار کڻي گرم ٿين يا نه پر انجڻ جا لوهي پسٽن جيڪي لوهي سلينڊرن ۾ هيٺ مٿي ٿيندا رهن ٿا اهي ته گرم ٿيو پون-ڀلي کڻي ڪيڏي به تيز هوا پئي لڳي، ٽيمپريچر (گرمائش) وڌيو وڃي.
ڳالهه اها آهي ته خشڪيءَ تي سفر دوران ڪجھه ڪلاڪن بعد ڪنهن بس اسٽاپ تي ڪار بيهاري ان کي به فرحت وٺرايو ٿا ته توهان پاڻ به پٺاڻ جي هوٽل تي چانهه پي تازا توانا ٿيو ٿا. سمنڊ تي اسان ائين ڪري نٿا سگھون جو سمنڊ تي جهاز بيهارڻ معنيٰ جهاز کي سامونڊي لهرن ۽ لڳندڙ هوائن بلي ڪري ڇڏڻ- يعني جهاز بتال (Drag) ٿي ڪنهن ٻيٽ تي چڙهي سگھي ٿو. ڪنهن ٻئي جهاز سان ٽڪرائي سگهي ٿو ... يعني انجڻ بند ڪرڻ تي توهان هِتان هُتان ايندڙ جهازن کان ڪيئن بچاءُ ڪري سگھو ٿا، ڪيئن گس بدلائي سگهو ٿا؟ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سمنڊ تي هر وقت سڪون ته نه لڳو پيو آهي. طوفان، واچوڙا، سامونڊي لهرون ۽ ڪُن لڳا رهن ٿا. انجڻ جي هلڻ ڪري وري به ڪجھه بچاءُ ٿيو وڃي. انجڻ جي بند ٿيڻ تي اهڙن طوفانن ۾ آفت جيڏو وڏو جهاز به ڇوڏي وانگر هوندو آهي ۽ سمنڊ جون ڇوليون هن کي اهڙو ڪُڏائين ٿيون جو جھونن خلاصين(Seafarers)کي به پگهر اچيو وڃن -سِي سِڪنيس ٿيو پوي.
ڪڏهن ڪڏهن خراب سمنڊ تي انجڻ بيهي رهندي آهي ته ان کي ٺيڪ ڪرڻ عذاب ٿي پوندو آهي. جهاز جي لڏڻ ڪري پاڻ کي سنڀالڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. اسان جهاز وارن جي ها به بئڊ لڪ چئي سگهو ٿا ته جهاز گھڻو ڪري خراب ئي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن سمنڊ خراب ٿيندو آهي. جهاز جي کاٻي ساڄي لڏڻ ڪري ۽ جهاز تي موجود سامان جا رسا ٽٽڻ ڪري اهو سامان پاسن ڏي گِھرڪڻ ڪري جهاز جي Stability به خراب ٿي سگھي ٿي ۽ جهاز اونڌو ٿي ٻڏي به سگھي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪوشش ڪري جهاز جي انجڻ کي اصول مطابق نه رڳو وقت تي صحيح ڪندو رهجي پر سندس ڪنهن به پرزي ۾ خرابي يا گاٺِ(Wear & Tear) اچي ته ان کي تبديل ڪري ڇڏجي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪو ائين ٿئي ٿو جو هڪ ڏينهن يا چند ڪلاڪن ۾ هڪ بندرگاهه کان ٻئي ۾ پهچيو وڃجي نه ته جهاز ڪئين ڏينهن بلڪه هفتا پيو هلي. نوڪريءَ جي شروع وارن سالن ۾ مون کي هڪ ته پراڻا جهاز مليا ۽ ٻيو ته اهي ڊگهين Routesتي هئا. مٿان وري اها مصيبت هئي جو انهن سالن ۾ سئيز ڪئنال به بند هو. سو يورپ وڃڻو پيو ٿي يا آمريڪا تهسئيز ڪئنال ذريعي جلدي ميڊيٽرينين ۾ پهچڻ بدران سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ ڪراچيءَ کان ڪيوبا يا ٽرنيڊاڊ پهچڻ ۾ لڳاتار ٽيهارو کن ڏينهن راتيون جهاز هلائڻو پيو ٿي، ڪراچيءَ کان ڪئناڊا، يا هانگ ڪانگ، ٽوڪيو کان لاس اينجلس، وئنڪوٽر چاليهه چاليهه ڏينهن به لڳي ويا ٿي.
سو پاڻيءَ جي جهاز جي انجڻين (مئرين انجڻين) ۾ اهو فرق آهي ته اهي ڏينهن رات هلي سگھن ٿيون ۽ ڪا به انجڻ ڏينهن رات تڏهن هلي سگھندي جڏهن اها گرم نه ٿئي. يعني مهينو مهينو يا چاليهه چاليهه ڏينهن هلڻ دوران هن جي هر عضوي (Part) جو ٽيمپريچر مقرر رينج ۾ رهي- خاص ڪري پسٽنن ۽ سلينڊرن جو جيڪي هڪ ٻئي سان گهڪي گرم ٿين ٿا، انهن کي لڳاتار ٿڌو رکيو وڃي ٿو. ٿوري ئي بي خياليءَ ڪري اهي ايڏو گرم ٿي سگھن ٿا جو انهن جو Seizure ٿي سگھي ٿو. يعني گرمائش ڪري پسٽن ڦولجي سلينڊر ۾ چمبڙي سگھي ٿو- معنيٰ ڳالهه ئي ختم. وري هنن جو ڌار ٿيڻ سمنڊ تي ناممڪن ڳالهه آهي- يعني انجڻ بچاءُ کان نڪري وئي باقي جهاز، سامان ۽ ماڻهن کي بچائڻ لاءِ S.O.S ڪري ڪنهن اوسي پاسي جي جهاز کي گھرائڻو پوي ٿو جيڪو بيٺل انجڻ واري جهاز کي ڇڪي (Tow ڪري) ڀر واري بندرگاهه تائين پهچائي. ۽ جهاز کي Tow ڪرائڻ ڪا سستي ڳالهه ناهي. جهاز ۽ ان ۾ موجود ڪارگو جي اڌ کان به وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. ساڳي وقت جهاز هلائيندڙن- خاص ڪري چيف انجنيئر لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام سمجھيو وڃي ٿو جو سڄي دنيا کي خبر پئجيو وڃي ته ڪهڙي چيف انجنيئر ڪري اهو حادثو پيش آيو. جهاز جي مالڪ کي ته انشورنس ڪمپني نقصان پورو ڪري ڏئي ٿي پر جهاز هلائڻ وارو چيف انجنيئر يا ڪئپٽن ڪورٽن کي منهن ڏيندو رهي ٿو ۽ غلطي ثابت ٿيڻ تي هو جهاز هلائڻ وارو بين الاقوامي سرٽيفڪيٽ وڃائي وِهي ٿو- يعني نوڪريءَ کان هٿ ڌوئڻا پونس ٿا.
هاڻ سوال آهي ته مئرين انجڻين کي ڪيئن ٺاهيو وڃي ٿو جو اهي گرم نٿيون ٿين ۽ جهاز ڏينهن رات لڳاتار هلندو رهي. انجڻ جا پارٽ جيڪي هڪ ٻئي سان گهڪڻ (Rub ٿيڻ) سان گرم ٿين ٿا، اهي آهن پسٽن ۽ سلينڊر. مئرين انجڻين ۾- يعني اهي ڊيزل انجڻيون جيڪي جهاز هلائين ٿيون، انهن جي پسٽنن ۽ سلينڊرن کي گرم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، انهن جي چوڌاري پاڻيءَ کي Circulate ڪيو وڃي ٿو. اهو پاڻي انهن جي چوڌاري ڦري، پاڻ سان انهن جي گرمائش کڻي ڪولر مان پاس ٿئي ٿو. ڪولر ۾ سئو کن پتل يا ٽامي جا ٽيوب ٿين ٿا جن مان هر وقت پمپ ذريعي سمنڊ جو پاڻي لنگھائڻو پوي ٿو. پسٽنن ۽ سلينڊرن کان ايندڙ گرم پاڻي (فريش واٽر) جڏهن ڪولر مان ٽيوبن جي چوڌاري گذري ٿو ته ٿڌو ٿيو پوي جيڪو وري پسٽنن ۽ سلينڊرن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي ٿو. ان پاڻيءَ جي وڃڻ ۽ موٽڻ واري ٽيمپريچر تي ڊيوٽي واري انجنيئر جي هر وقت اک رهي ٿي جيئن اهو نه وڌ ۽ نه گھٽجي. دراصل سمنڊ جو پاڻي ڪڏهن ٿڌو ٿئي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن (يا دنيا جي ڪن هنڌن تي) گرم رهي ٿو. بي خياليءَ ۾ مقرر حد کان وڌيڪ ٿڌو پاڻي وڃڻ تي ڪو پسٽن يا سلينڊر ٽڙڪيو پوي.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته جهاز جي انجڻ وڏي سائيز جي ٿئي ٿي. توهان موٽر سائيڪل يا ڪار جو پسٽن ڏسو. وڌ ۾ وڌ انب يا انناس جيڏو ٿيندو جيڪو دکيءَ جي منهن جيڏي سلينڊر ۾ هيٺ مٿي ٿئي ٿو. ان جي مقابلي ۾ جهاز جي انجڻ جو سلينڊر ماڻهوءَ جي قد کان به ڊگھو ٿئي ٿو ۽ سندس گھير ايڏو وڏو ٿئي ٿو جو ان ۾ اندر ٽي ماڻهو اُڀا بيهي سگھن ٿا. مون جيڪي جهاز هلايا انهن مان آخري جهازن کي سلرز ڪمپنيءَ جي مئرين انجڻ هلايو ٿي جيڪا 50 هزار کن هارس پاور جي طاقتور انجڻ هئي. هڪ وڏي موٽر سائيڪل هڪ هارس پاور جي ٿئي ٿي. ان مان اندازو لڳايو ته جهاز کي هلائڻ واري انجڻ ڪيڏي طاقتور ٿئي ٿي. وڏي سفر مڪمل ڪرڻ تي- يعني ڪراچيءَ کان نيويارڪ پهچڻ تي اسان انجڻ جي اڪثر واري وٽيءَ تي هڪ يا ٻن سلينڊرن جي ماپ وٺندا آهيون ته ان ۾ ڪيتري گاٺ آئي آهي ڇو جو سلينڊرن ۽ پسٽنن جي چوڙين (Rings) ۾ گاٺ اچڻ ڪري سٺي Compression نٿي ٿئي ۽ تيل صحيح طرح نٿو سڙي. نتيجي ۾ اڻ ٻريل تيل ڪاري دونهين جي شڪل ۾ نه فقط هڪ طرف ماحول جي گندگي پيدا ڪري ٿو ته ٻئي طرف انجڻ مقرر هارس پاور کان گھٽ طاقت مهيا ڪري ٿي. ڪنهن به سلينڊر جي گاٺ جي ماپ وٺڻ لاءِ ان جي پسٽ کي ٻاهر ڪڍي پوءِ ڏاڪڻ ذريعي هڪ يا ٻه مئرين انجنيئر سلينڊر ۾ وڃي ان جي مختلف هنڌن تان ماپ وٺن ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته جهاز هلائڻ وارين هنن انجڻين ۾ سلينڊرن اندر هڪ مزيد سلينڊر ٿئي ٿو جنهن کي لائينر سڏيون ٿا. انجڻ جا پسٽن دراصل هنن لائينرن ۾ هيٺ مٿي ٿين ٿا ۽ هي لائينر ئي گسن ٿا- جن جي وقت به وقت اسين (مئرين انجنير) ماپ وٺندا رهون ٿا. مقرر حد کان وڌيڪ گسڻ وارو لائينر ڪڍي جهاز تي موجود اسپيئر لائينر فٽ ڪريون ٿا. هر جهاز تي انجڻ جا ان قسم جا پارٽ گھٽ ۾ گھٽ هڪ يا ٻه اسپيئر ٿين ٿا. سمنڊ تي جيئن ئي انجڻ جو پارٽ استعمال ٿئي ٿو ته بندرگاهه ۾ پهچي ان جو پورائو ڪرڻو پوي ٿو.
پاڻيءَ جي جهاز جي انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ ڪا ننڍي يا وڏي چاٻي نٿي ٿئي. مٿي لکي آيو آهيان ته ڊيزل انجڻ کي اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ بيٽريءَ ذريعي موٽر اسٽارٽ ڪري ان سان پسٽنن کي ٻه چار دفعا هيٺ مٿي ڪري ڊيزل اندر داخل ڪيو وڃي ٿو ان بعد اهي هيٺ مٿي ٿيندا رهن ٿا ۽ ڊيزل انهن ۾ داخل ٿيندو رهي ٿو. بيٽري ڊائون هجڻ جي صورت ۾ اسان ڪار کي ڌڪو ڏيئي، گيئر ۾ وجھون ٿا، يا اڳ دور ۾ ته هر ڪار ۽ لاري توڙي ٽرڪ ۾ هڪ هئنڊل هوندو جنهن کي انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ گھمايو ويو ٿي- مطلب اهو ئي هوندو هو ته پسٽنن کي ٻه چار دفعا ڪنهن طريقي سان- اليڪٽرڪ موٽر ڌڪي يا هئنڊل سان هيٺ مٿي ڪيو وڃي جيئن پوءِ اهي پيٽرول يا ڊيزل تي پاڻي هلڻ شروع ٿين.
ڪار، لاري، ٽرڪ جي مقابلي ۾ پاڻيءَ جي جهاز جي انجڻ ايڏي وڏي ۽ طاقتور ٿئي ٿي جو ان جي پسٽنن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ وڏو فورس کپي ۽ اهو فورس نه ڪا اليڪٽرڪ موٽر مهيا ڪري سگھي ٿي (جنهن جي کڻي چاٻي گھمائجي) ۽ نه ڪو هئنڊل ڪنهن هڪ پسٽن کي به گھمائي سگھي ٿو- ڀلي ڏهه ماڻهو زور لڳائين. جهاز جي انجڻ جو پسٽن هيٺ مٿي هوا جي پريشر ذريعي ڪري سگھجي ٿو. اهو پريشر ايترو ته گھڻو هئڻ کپي جو تڪڙو تڪڙو هڪ پسٽن هيٺ وڃي ته ان سان لاڳاپيل ڪرئنڪ شئفٽ ۾ اٽڪيل ٻيو پسٽن ڪمپريشن پيدا ڪري سگھي جنهن ڪمپريشن جي گرمائش تيل کي ڦٽاڪي وانگر يڪدم ساڙي رکي ۽ پيدا ٿيندڙ ڌماڪو انجڻ جي ٽئين سلينڊر کي ڪمپريشن ۾ آڻي سگھي. جهازن جي انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ 25 کان 42 بار پريشر جي ڪمپريسڊ هوا کپي ٿي. پريشر يعني هوا جو دٻاءُ بار (Bar)يا پاسڪل (Pascal) ۾ ماپيو وڃي ٿو. پاسڪل معنيٰ هڪ چورس ميٽر تي هڪ نيوٽن فورس. هڪ بار هڪ لک پاسڪل برابر ٿئي ٿو. بهرحال جهاز جي انجڻ کي اسٽارٽ ڪرڻ وارو پريشر، گھٽ ۾ گھٽ 25 بار هجڻ ضروري آهي جيڪو ڏٺو وڃي ته تمام گھڻو ٿئي ٿو. اها ڪمپريسڊ هوا پيدا ڪرڻ ۽ اسٽور ڪرڻ لاءِ هر جهاز تي ٻه وڏا اليڪٽرڪ ڪمپريسر ٿين ٿا جيڪي ان پريشر واري هوا کي ٻن وڏن سلينڊرن ۾ جمع ڪن ٿا. انهن سلينڊرن جي ڊيگھه سمجهو ته ڏهه فوٽ کن ۽ ڊاياميٽر چار فوٽ ٿئي ٿو. اهي سلينڊر مضبوط لوهه مان چڱيءَ طرح ويلڊ ڪري ٺاهيا وڃن ٿا. جهاز تي انهن سلينڊرن کي ايئرباٽلز يا ايئر رسيورس سڏجي ٿو. قانون مطابق جهاز هلائڻ وقت هرهڪ سلينڊر ۾ ايتري هوا هجڻ کپي جو ان سانڏهه دفعا انجڻ اسٽارٽ ڪري سگھجي. ڪڏهن ڪڏهن بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ يا نڪرڻ مهل ايڏي ٽرئفڪ ٿئي ٿي، يا پائلٽ ايڏو گھٽ تجربيڪار ٿئي ٿو جو ڌڙاڌڙ هڪ ٻئي پويان انجڻ بند ۽ اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ چوندو رهي ٿو. پائليٽ اهو ڪئپٽن ٿئي ٿو جيڪو بندرگاهه طرفان جهاز تي اچي جهاز کي بندرگاهه کان ٻاهر يا بندرگاهه ۾ اندر وٺي اچڻ ۾ جهاز جي ڪئپٽن جي مدد ڪري ٿو.
پڙهندڙن جي ڌيان تي اها به ڳالهه هجڻ کپي ته پاڻيءَ جي جهاز کي بريڪ ڪانه ٿئي. جهاز کي بيهارڻ لاءِ انجڻ بند ڪرڻي پوي ٿي. انجڻ بند ٿيڻ تي جهاز ڪجھه اڳيان هلي پنهنجو Momentum ختم ڪري ٿو. پر جيڪڏهن ايمرجنسي آهي ۽ جهاز جو ڪنهن ٻئي جهاز يا جيٽيءَ سان ٽڪرائڻ جو خطرو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته جهاز يڪدم بيهي رهي ته ان جو اهوئي طريقو آهي ته هن جو مومينٽم يڪدم ضايع ڪيو وڃي جنهن لاءِ انجڻ کي بند ڪري ان کي ابتي ڊئريڪشن ۾ اسٽارٽ ڪرڻو پوي ٿو. جهاز جيئن ئي هڪ هنڌ بيهي وڃي ته انجڻ بند ڪجي. هونءَ جهاز جي حفاظت خاطر بندرگاهه ۾ هر جهاز سان گڏ ٻه يا ٽي ٽگ جهاز(Tug) به گڏ رهن ٿا جيئن اهي خطري جي پيش نظر جهاز کي روڪي سگھن. جهاز کي جيٽيءَ سان لڳائي بيهارڻ لاءِ پڻ ٽگ جهاز مدد ڪن ٿا. هو جهاز کي پاسن کان ٿونا هڻي جيٽي (ڌڪي) سان لڳائين ٿا. سئيز ڪئنال جهڙن سوڙهن رستن تان هلڻ مهل به ٻه يا ٽي ٽگ هر جهاز سان گڏ هلن ٿا جيئن جهاز ڊرفٽ (بتال) نه ٿئي. ٻي صورت ۾ جهاز ڪئنال جي ڪنهن ڪناري سان پاڻ هڻي گرائونڊ ٿي سگھي ٿو- يعني مٽيءَ ۾ ڦاسي سگھي ٿو ۽ باقي ٽرئفڪ ۽ ڪئنال وارن لاءِ مسئلو پيدا ڪري سگھي ٿو.
هتي اهو به لکندو هلان ته جهاز جيMain انجڻ جيڪا جهاز جو پکو (Propeller) هلائي ٿي ۽ جهاز اڳتي ڌڪجي ٿو وڏي ۽ طاقتور هجڻ ڪري تيل تمام گھڻو کائي ٿي ۽ جهاز جي مالڪن جي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته سستي کان سستو تيل استعمال ڪيو وڃي. ان ڪري هن انجڻ کي جنهن تيل تي هلائجي ٿو اهو بلڪل اهڙو هوندو آهي جهڙو ڏامر، ڄڻ ته زمين مان نڪتل هجي. ان تيل کي اسان “هيوي فيول آئل” (HFO) يا ريزيڊيوئل آئل سڏيون ٿا.اهو ڪافي سستو ملي ٿو، پر ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ انجڻ روم جي هڪ ڪمري ۾ مختلف قسم جون تيل صاف ڪرڻ جون مشينون ۽ هيٽرٿين ٿا. اهي مشينون پيوريفائر ۽ سيپريٽر سڏجن ٿيون جيڪي تيل مان نه فقط گند ڪچرو (Sludge) ڪڍن ٿيون پر ڌاتوءَ جهڙيون شيون پڻ. هيٽر ان تيل کي پٽڙو ڪن ٿا جيئن پمپن ۽ سوڙهن پائپن ذريعي انجڻ جي سلينڊر تائين پهچي پوءِ اهو تيل گرم حالت ۾ فيول انجيڪٽر ذريعي سلينڊرن اندر اسپري ٿي سڙي ٿو.
سلينڊر ته هڪ هنڌ بيٺل ٿين ٿا جن جي ۽ لائينرن جي وچ مان پاڻيءَ کي گھمائي ٽيمپريچر گھٽائڻ، اهڙو ڪو ڏکيو ڪم ناهي. پر پسٽنن کي ٿڌو رکڻ لاءِ انهن جي چوڌاري پاڻيءَ کي Circulate ڪرڻ ڪافي ڏکيو ڪم آهي ۽ هر وقت ڌيان ڏيڻ ضروري رهي ٿو. اهو ان ڪري جو پسٽن هر وقت هيٺ مٿي ٿيندو رهي ٿو. مئرين انجڻ جي ايڏي رفتار کڻي نٿي ٿئي، پر جي 120 آرپي ايم (Revolution Per Minute) آهي ته به سمجھو ته هر پسٽن هڪ سيڪنڊ ۾ ٻه دفعا هيٺ ۽ ٻه دفعا مٿي ٿئي ٿو ۽ ان مختصر وقت ۾ ٻه دفعا هن جي اندر پاڻي داخل ڪرڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ان ڪم کي سر انجام ڏيڻ لاءِ انجڻ لاءِ انجڻ ٺاهڻ وارن ڪيترائي اوزار ايجاد ڪيا آهن پر انهن جي نگهباني ۽ Maintenance قائم رکڻ ته هڪ مئرين انجنير جي ئي مٿي جو سور رهي ٿو ۽ اسان کي رات واري توڙي ڏينهن واري چئن ڪلاڪن جي ڊيوٽي سخت پورهئي ۽ خبرداريءَ ۾ گذارڻي پوي ٿي.
مٿي لکي آيو آهيان ته انجڻ کي گرم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، جيئن جهاز ڏينهن رات لڳاتار هلندورهي، جهاز جي انجڻ جي هر هڪ سلينڊر ۽ پسٽن جي چوڌاري پاڻيءَ کي گھمايو (Circulate) ڪيو وڃي ٿو جيڪو انهن مان گرمائش ڪڍي گھربل ٽيمپريچر قائم رکي ٿو. ڪجھه انجڻين ۾ ته انهن جي فيول انجيڪٽرن کي به ٿڌو رکڻ لاءِ انهن جي چوڌاري تيل کي گھمايو وڃي ٿو. فيول انجيڪٽر يا فيول والو ائين آهي جيئن موٽر ڪار جي پيٽرول انجڻ ۾ اسپارڪ پلگ. ڪار جي هر سلينڊر جو هي پلگ يا ڊيزل انجڻ واري ڪار جو انجيڪٽر هٿ جي اڌ جيترو به نٿو ٿئي جيڪو سلينڊر ۾ چڻنگون(Spark) پيدا ڪري ٿو يا ڊيزل تيل جي پچڪاري (ڦوهارو) هڻي ٿو پر جهاز جي انجڻ جي انجيڪٽر جي وڏي هجڻ جو اندازو ان مان لڳايو ته اهو کٽ جي پائي جيڏو ٿئي ٿو جنهن کي ڪو جوان مرد ئي ٻن هٿن ۾ کڻي سگهي ٿو.
انجڻ جي فيول انجيڪٽرن کي ۽ ڪِن مئرين انجڻين جي پسٽنن کي پاڻيءَ بدران تيل سان ٿڌو رکيو وڃي ٿو. اهو ان ڪري ته متان ڪو پسٽن يا انجيڪٽر ڦاٽي پوي ته ان کي ٿڌو رکندڙ پاڻي ڪرئنڪ ڪيس ۾ ڪري اتي موجود تيل کي خراب نه ڪري. هي ڪرئنڪ ڪيس وارو تيل اسان جي ڪارن، لارين جي انجڻين ۾ به استعمال ٿئي ٿو. روزانو صبح جو ڪار اسٽارٽ ڪرڻ کان اڳ اسان جيڪو Dip Stick ذريعي تيل جي ليول چيڪ ڪريون ٿا، يا مهيني ڏيڍ بعد ڪار جي سروس وقت ان جو تيل بدلرايون ٿا اهو ڪرئنڪ ڪيس جو تيل آهي جنهن ۾ ڪرئنڪ شئفٽ گھمندي رهي ٿي ۽ جنهن جا ڇنڊا پسٽن راڊن ۽ سلينڊرن جي هيٺئين حصي کي ٿڌو ڪن ٿا. اهو تيل ڪار جي سائيز مطابق گئلن ڏيڍ بدلايو وڃي ٿو پر جهاز جي انجڻ جي ڪرئنڪ ڪيس ۾ لکا روپين جو تيل وجھڻو پوي ٿو ۽ پسٽن يا فيول انجيڪٽر جي ڦاٽڻ تي جيڪڏهن ان کي پاڻي ٿڌو ٿو رکي ته اهو پاڻي ڪرئنڪ ڪيس جي تيل ۾ ڪري سڄي تيل کي ضايع ڪري سگھي ٿو. ان ڪري پسٽنن ۽ فيول انجيڪٽرن کي ٿڌو رکڻ لاءِ تيل استعمال ڪيو وڃي ٿو جيئن ان جي ٽٽڻتي ان کي ٿڌو رکندڙ تيل هيٺئين تيل سان ملي تيل ئي رهي.
جهاز جي مين انجڻ جيڪا جهاز جو پروپيلر (پکو) هلائي ٿي ان کان سواءِ جهاز جي جنريٽرن جي انجڻ کي به ٿڌو رکيو وڃي ٿو. بلڪه جنريٽر ته ڏينهن رات هلندا رهن ٿا. بندرگاهه ۾ جهاز هڪ هنڌ بيٺو آهي ته به جنريٽر هلندا رهن ٿا جو جهاز هڪ شهر مثال آهي جنهن ۾ بجلي، ايئرڪنڊيشن، پاڻيءَ جي پمپن، سامان لاهڻ چاڙهڻ وارين ڊيرڪن کي هلائڻ، رڌ پچاءَ لاءِ هيٽرن (چلهن) ۽ ٻين ڪمن لاءِ اليڪٽرسٽي جي ضرورت پوي ٿي. مال بردار (ڪارگو) جهازن تي گھڻو ڪري ٽي جنريٽر ٿين ٿا. سمنڊ تي ته هڪ جنريٽر مان به ڪم هليو وڃي پر بندرگاهه ۾ ٻن جنريٽرن جي ضرورت پوي ٿي ۽ ٽيون جنريٽر اسٽئنڊ باءِ هوندو آهي ته جيئن ڪو خراب ٿي پوي ته اسٽئنڊ باءِ جنٽريٽر هلائي ان خراب ٿي ويل جنريٽر جي جلدي جلدي مرمت ڪري وٺجي. اهو ڪم پڻ جهاز تي موجود اسان مئرين انجنيرن جو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مئرين انجنير کي نه فقط ٿيوري ۾ هوشيار هجڻ کپي پر پرئڪٽيڪل ۾ پڻ پڪو مستري هجڻ کپي. سمنڊن تي هلندڙ جهازن لاءِ تصور ڪري سگهو ٿا ته انهن ۾ موجود مئرين انجنيرن مان ڪي ڏينهن رات چار چار ڪلاڪ جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي، يعني واچ ڪندا رهن ٿا ته ٻيا Maintenance-يعني مرمت جو ڪم ڪندا رهن ٿا. جهاز هلائڻ واري مين انجڻ ۽ جنريٽرن کان سواءِ ٻيون به انيڪ مشينون آهن جن جي سار سنڀال لهڻ مئرين انجنيرن جو ڪم آهي. اهو ئي سبب آهي ته انهن جي امتحانن جو معيار بي حد ڏکيو رکيو وڃي ٿو ۽ چيف انجنير ٿيڻ تائين هو هرفن مولا هئڻ کپي... ڇو جو وچ سمنڊ تي جي جهاز خراب ٿي پوي ته مئرين انجنيرن کي ئي صحيح ڪرڻو پوي ٿو ۽ آخر ۾چيف انجنير کي ئي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ جهاز کي ٺيڪ ڪري بندرگاهه تائين پهچائڻ ان جي ئي ذميواري آهي. وچ سمنڊ تي ڪهڙو ورڪ شاپ اچي سگھي ٿو؟ اهو ئي سبب آهي جو انجڻ جا ڪيترائي مهانگا پرزا به Spare طور جهاز تي رهن ٿا. ٻي صورت ۾ مئرين انجنيرن کي ان لڳل پرزي کي ٺاهي استعمال ڪرڻو پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هر مئرين انجنير لاءِ ويلڊنگ، گئس ڪٽنگ ۽ ليٿ مشين تي ڪم ڪرڻ جهڙيون شيون اچڻ پڻ ضروري آهن. جهاز تي نوڪري حاصل ڪرڻ کان اڳ هن کي ڪنهن تسليم شده شپ يارڊ ۾ ٻه کن سال جهازن جي مشينري جي مرمت جو ڪم پڻ ڪرڻ لازمي هوندو آهي. اسان جي ڏينهن ۾ ته اهو مدو ٽن سالن جو هو.
جهاز تي موجود جنريٽرن بابت لکندو هلان ته جهاز جي مين انجڻ (جيڪا جهاز جو پکو هلائي ٿي) ان بعد جنريٽر اهم آهن. هڪ ته جهاز جي انجڻ روم ۽ ڊيڪ تي انيڪ مشينون آهن جيڪي اليڪٽرسٽيءَ تي هلن ٿيون. ان کان سواءِ جهاز جي سڄي رهائش سينٽرلي ايئر ڪنڊيشن رهي ٿي ۽ جي جهاز اتراهن سمنڊن ۾ آهي جتي تمام گھڻي ٿڌ ٿي رهي ته اتي جهاز جو هر ڪمرو -ويندي ان جون گھٽيون، سينٽرلي هيٽيڊ رکيون وڃن ٿيون. ان لاءِ اليڪٽرسٽي ئي کپي ٿي. مون جيڪي 15 سال کن جهاز هلايا انهن جي ٽن جنريٽرن مان هرهڪ 200 ڪلو واٽ جو هوندو هو. بعد وارن جهازن تي ٽي چار سئو ڪلو واٽن واران جنريٽر به آيا. هڪ جهاز “مڪران” جا جنريٽر ته 600 ڪي وي (ڪلو واٽ) جا هئا جيڪي سمجھو ته 800 هارس پاور جا ٿيا. اهڙو هڪڙو جنريٽر سڄي ڳوٺ لاءِ ڪافي آهي ۽ ٽي جنريٽر ته وڏي ڳالهه ٿي. اسان جيڪو فقط بجلي ۽ پنکن لاءِ گھر ۾ جنريٽر رکون ٿا اهو ٻن ڪي وي کان به گھٽ جو ٿئي ٿو. پنجن واري جنريٽر تي ته توهان ٻه کن ايئرڪنڊيشن به هلائي سگھو ٿا سو جهاز تي موجود ٽن جنريٽرن مان هرهڪ 600 ڪلو واٽ جو جنريٽر ڪيڏي نه طاقتور شيءِ هوندو! هر جهاز سمجھو ته سيکاٽ، ڏوڪري يا مديجي جهڙو شهر ٿيو جتي ڏينهن رات بنا لوڊشيڊنگ جي اليڪٽرسٽي پئي استعمال ٿئي. ڪو ڪمري ۾ موجود نه آهي ته به ان جو اي سي سسٽم فل تي پيو هلي. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي ته شپ يارڊ ۾ نئون جهاز ٺهي اسان جي حوالي ٿيندو آهي ۽ انجڻ روم يا جهاز جي گھٽين جون ٽيوب لائيٽ آن ڪندا آهيون ته وري اهي بند نه ڪيون وينديون آهن. ڏينهن رات آن هونديونآهن. فقط فيوز ٿيڻ تي بدلائي ٻي هڻجي ٿي ۽ ان ئي وقت ان کي به آن رکجي ٿو. اهو سلسليو هلندو رهي ٿو جيسين ويهه ٽيهه سالن بعد جهاز کي ٽڪرا ٽڪرا (Scrape) ڪرڻ لاءِ گڊاني جهڙي بيچ تي آندو وڃي ٿو ۽ جنريٽر بند ٿيو وڃن ۽ هميشه لاءِ اونداهه ٿيو وڃي ۽ پوءِ جهاز جي مشينري ۽ پارٽس سان گڏ جهاز ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيوب لائيٽون به ڪراچيءَ جي شير شاهه بازار ۾ وڪامندي نظر اچن ٿيون.
جهاز جا جنريٽر به ڪافي وڏا ٿين ٿا جن جا پسٽن ۽ فيول انجيڪٽر ته کڻي نه باقي سلينڊرن کي پاڻيءَ سان ائين ٿڌو ڪيو ويندو آهي جيئن مين انجڻ جي سلينڊرن کي.
جهاز جي جنريٽرن ۾ ٻارڻ لاءِ جيڪو تيل استعمال ٿئي ٿو اهو مين انجڻ جي تيل (فيول) کان گھڻو بهتر ٿئي ٿو جنهن کي بنا گرم ڪرڻ جي استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهو مئرين ڊيزل آئل (MDO) سڏجي ٿو. جهاز جي انهن ٽن جنريٽرن کان سواءِ هڪ ننڍو ڊيزل جنريٽر به ٿئي ٿو جيڪو ايمرجنسي جنريٽر سڏجي ٿو. هن جنريٽر ۾ جيڪو ٻارڻ (فيول) استعمال ٿئي ٿو اهو ڊيزل آئل آهي جنهن تي اسان وٽ خشڪيءَ تي ٽرڪون يا ٽرئڪٽر هلن ٿا. ايمرجنسي جنريٽر انجڻ روم جي مٿاهين حصي تي يا انجڻ روم کان ٻاهر رکيو وڃي ٿو جيئن انجڻ روم کي باهه لڳي يا سمنڊ جو پاڻي ڀت ڦاڙي انجڻ روم ۾ ڌوڪي اچي ۽ بليئڪ آئوٽ ٿي وڃي ته اليڪٽرڪ پاور ڪٿان ته حاصل ڪري سگھجي جيئنٻڏندڙ جهاز مان ٻيڙيون يا لائيف رئفٽ هيٺ لاهي سگھجن يا فائر پمپ هلائي سمنڊ جي پاڻيءَ سان باهه وسائي سگھجي. هڪ دفعي اسان جي جهاز کي ڪراچيءَ کان ممباسا ويندي ان قسم جو حادثو پيش اچيويو جنهن ۾ سمنڊ جو پاڻي انجڻ روم ۾ ايڏي رفتار سان ڌوڪي آيو جو اهڙين حالتن لاءِ موجود بلج پمپ سان گڏ ٻه بالاسٽ پمپ به هلاياسين پر پاڻيءَ جي ليول گھٽجڻ بدران مٿي ٿيندي وئي. ايتري قدر جو هلندڙ ٻن جنريٽرن جا فلاءِ وهيل پاڻيءَ ۾ اندر اچي ويا ۽ ٻئي بند ٿي ويا. جنريٽرن جي بند ٿيڻ تي اليڪٽرسٽي ختم ٿي وئي ۽ مين انجڻ کي ليوب آئل سپلاءِ ڪرڻ وارا پمپ بند ٿي ويا ۽ انجڻ جي Lubrication بند ٿيڻ تي آٽوميٽيڪلي مين انجڻ به بند ٿي وئي ۽ جهاز لهرن حوالي ٿي ويو. پاڻيءَ جو واڌاءُ هڪ طرف ٿيڻ ڪري ٻڏڻ لاءِ جهاز هڪ طرف ويو جهڪندو. خوش قسمتي سان اسان جي ڪمپنيءَ جو ئي ٻيو جهاز اتان اچي لنگھيو جنهن سڀني ماڻهن کي انجهاز تي ٽرانسفر ڪيو ۽ اسان جي جهاز کي ٿلهن رسن ذريعي Tow ڪري ڪراچي وٺي آيا.
جهاز جي انجڻ روم ۾ باهه لڳڻ ڪري جنريٽر بند ٿيو وڃن جو سڄو انجڻ روم دونهن سان ڀرجيو وڃي ۽ جڏهن جنريٽرن يا مين انجڻ جي اهڙي حالت ۾ سلينڊرن ۾ فريش ايئر (صاف هوا) نه ويندي ته انهن ۾ فيول ڪيئن Ignite ٿي (ٻري) سگھندو؟ مين انجڻ ۽ سڀ جنريٽر بند ٿيو وڃن.
انجڻ روم جي باهه پاڻيءَ سان وسائڻ به آسان ناهي جو ان ۾ موجود تيل ٿو ٻري. اوهان ڏٺو هوندو ته چلهه تي رکيل ڪڻڇيءَ ۾جڏهن گرم تيل ٻري ٿو ته پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ سان اها باهه وسامڻبدران ويتروڌيڪ ڀڙڪي ٿي. انجڻ روم جي ان قسم جي وڏي باهه وسائڻ لاءِ هر جهاز تي ان جي انجڻ روم جي سائيز مطابق ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جا ڏهه کان ٽيهه کن وڏا، ماڻهوءَ جي قد جيڏا سلينڊر ٿين ٿا جيڪي انجڻ روم کان ٻاهر ڪنهن هنڌ سوگھا رکيل هوندا آهن. هن قسم جي باهه جي حالت ۾ انجڻ روم جا سڀ دروازا ۽ دريون بند ڪري انهن سڀني سلينڊررن جي CO2 گئس هڪ ئي وقت Release ڪئي ويندي آهي. اهي سڀ سلينڊر هڪ ئي پائيپ ذريعي ڳنڍيل هوندا آهن جنهن تي لڳل ليور کي هڪ ئي جھٽڪي سان اڳيان ڪرڻ تي سموري گئس هڪ ڪامنپائيپ ذريعي انجڻ روم ۾ داخل ٿي ويندي آهي. ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي ٿڌاڻ ۽ Inert هجڻ جي خاصيت باهه کي وسايو ڇڏي.
ڪار ۾ اسان ٻن قسمن جا تيل استعمال ڪريون ٿا. مثال طور مون وٽ ننڍي ڪار سوزوڪي آهي جنهن جي ٽئنڪ ۾ 30 ليٽر پيٽرول اچي ٿو جيڪو ڪار هلڻ مهل ٻري ٿو- يعني اهو ٻارڻ جي ڪم اچي ٿو- فيول طور. ڪنهن جي ڪار جي ڊيزل انجڻ آهي ته اهو ٻارڻ لاءِ پيٽرول بدران ڊيزل استعمال ڪري ٿو. ٻارڻ (Fuel) کان سواءِ ڪار ۾هڪ ٻيو تيل انجڻ جي چرپر ڪندڙ عضون (Parts) کي چڪنو رکڻ لاءِ استعمال ڪجي ٿو جنهن کي ليوب آئل- يعني Lubricating Oil سڏجي ٿو . چڪني رکڻ وارو اهو تيل_ انجڻ جي ڪرئنڪ ڪيس ۾ رهي ٿو. مقرر ميل (ڪلوميٽر) يا عرصو هلڻ بعد اهو تيل ڪارو ٿيڻ لڳي ٿو، ان مان چڪني رکڻ جون خاصيتون گھٽجڻ لڳن ٿيون ان ڪري ان سڄي تيل کي ڪڍي نئون تيل وڌو وڃي ٿو. اهو تيل پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ اچي ٿو. روزانو ان تيل جي ڊِپ اِسٽڪ ذريعي ليول چيڪ ڪرڻ کپي. جڏهن به اها گھٽ محسوس ٿئي ته ڪوپ ڏيڍ تيل جو وجھي ڇڏجي. ان تيل جي ننڍي بوتل ڪار جي ڊڪي (بوٽ) ۾ يا گھر ۾ پڻ رکڻ کپي جيئن ضرورت وقت استعمال ڪري سگھجي.
اهڙيءَ طرح جهاز تي ٽن قسمن جو ٻارڻ جو تيل (Fuel) استعمال ٿئي ٿو. هڪ ايمرجنسي جنريٽر لاءِ ڪناري وارن پيٽرول پمپن تان ملندڙ ڊيزل آئل جنهن کي اسين “هاءِ اسپيڊ ڊيزل آئل” سڏيون ٿا استعمال ٿئي ٿو. اهو فيول تمام نه برابر استعمالٿئي ٿو جو ايمرجنسي جنريٽر ڪڏهن ڪڏهن هلايو وڃي ٿو. ساڳي طرح ان فيول جو استعمال لائيف بوٽن ۾ به ٿئي ٿو. اهي به تڏهن هلن ٿيون جڏهن جهاز ٻڏي ٿو. يا ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بندرگاهه ۾ شوق خاطر يا ايڪسرسائيز خاطر هلايون وڃن ٿيون. جيئن ٿائلنڊ واري سفرنامي ۾لکيو اٿم ته اتي بئنڪاڪ جي بندرگاهه ۾ اسان جو درٻيلي وارو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم لائيف بوٽ کي لاهي اتي جي چائو فرائو درياهه ۾ هلائيندو هو . هو انهن ڏينهن ۾ سيڪنڊ آفيسر هو- يعني جهاز جي ڪئپٽن کان ٻه رئنڪون هيٺ. ٿائلنڊ جو گاديءَ وارو شهر ۽ وڏو بندرگاهه بئنڪاڪ اتي جي چائو فرايا درياهه ۾ ائين آهي جيئن اسان وٽ ڪوٽڙي يا سکر سنڌو درياهه ۾.
جهاز جي انهن بچاءَ وارين ٻيڙين (Life Boats) ۽ ايمرجنسي جنريٽر جي ٽانڪي ڊيزل آئل سان ڀريل رهي ٿي. ان کان سواءِ فالتو رکڻ لاءِ هڪ ڊرم ان تيل (هاءِ اسپيڊ ڊيزل آئل) سان ڀريل رکڻ ڪافي آهي. ٻارڻ جو ٻيو تيل جهاز جي جنريٽرن لاءِ وٺڻو پوي ٿو، جيڪو مئرين ڊيزل آئل سڏجي ٿو. اهو ايمرجنسي جنريٽر يا اسان جي ٽرڪن ٽرئڪٽرن ۾ استعمال ٿيندڙ ڊيزل آئل جهڙو صاف شفاف نٿو ٿئي. اهو آهي ته چڱو پٽڙو ۽ گرم ڪرڻ بنا جنريٽرن ۾ ساڙيو وڃي ٿو پر ڪافي سادو ٿئي ٿو. جنريٽر ڪافي طاقتور انجڻ جا ٿين ٿا ۽ خاص ڪري بندرگاهه ۾ ٻه هلن ٿا ته روزانو ڊيزل آئل چڱو خاصو سڙي ٿو ۽ جهازن جي مالڪن جي اک هميشه جنريٽرن ۾ هوندي آهي ته ضرورت نه هجي ته ٻيو نه هلايو-جيئن خرچ گھٽ اچي. هڪ ٽيهه هزار کن ٽن واري مالبردار جهاز تي جيڪو 300 ڪي وي يعني 400 هارس پاور وارو جنريٽر ٿئي ٿو ان ۾ روزانو ٻه ٽن کن ڊيزل آئل ٻري ٿو. ٻه ٽن معنيٰ 2000 لِٽر ۽ هڪ لِٽر هڪ سئو روپين جو لڳايو وڃي ته به هڪ جنريٽر جو هڪ ڏينهن ۾ ٻه لک رپيا فقطڊيزل آئل تي خرچ اچي ٿو.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل آئل ۽ مئرين ڊيزل آئل کان سواءِ جهاز جي “مين انجڻ” هلائڻ لاءِ هيوي فيول آئل (HFO) جي ضرورت پوي ٿي جيڪو سڀ کان گهڻو ٻري ٿو. هڪ اڌ لک ٽن وزني جهاز تي هوس، جيڪو 210 ميٽر (يعني سوا ڇهه سئو کن فوٽ) ڊگھو ۽ 29 ميٽر ويڪرو هو، ان جي انجڻ 32000KW يعني 43000 هارس پاور طاقت جي هئي. ان جي انجڻ روزانو 40 کان 45 ٽن تيل ساڙيو ٿي. هي تيل سڀ ۾ سستو ٿئي ٿو، تنهن هوندي به منهنجي ڏينهن ۾ في ٽن تيل 300 ڊالرن جو مليو ٿي، يعني انجڻ روزانو 40 ضربيان 300 ، ٻارهن هزار ڊالرن جو تيل ساڙيو ٿي ... جيڪي اڄ ڪلهه جي حساب سان 18 لک روپيا ٿيا، جي في ڊالر 150 روپيا به لڳايو وڃي!
اڳ ۾ تيل رکڻ جو سٺو بندو بست نه هو ۽ هر ڇهين ستين ڏينهن ڪنهن بندرگاهه مان خريد ڪبو هو پر هاڻ هر جهاز تي تيل ۽ پاڻيءَ کي رکڻ لاءِ وڏيون ٽانڪيون آهن، جن ۾ ايترو تيل اچيو وڃي جو ٽوڪيو کان نيويارڪ بنا ڪٿي بيهڻ جي مهينو کن ڏينهن رات جهاز هلي سگھي ٿو. فقط تيل يا پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ ڪنهن بندرگاهه ۾ وڃڻ به جهاز جي مالڪن کي مهانگو ٿو پوي جو بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ ۽ جهاز کي لنگر انداز ڪرڻ لاءِ ان ملڪ جي پورٽ اٿارٽيءَ کي ڪيتريون ئي فيون ڏيڻيون پون ٿيون.
مين انجڻ- يعني اها انجڻ جيڪا جهاز جو پروپيلر (پکو) هلائي ٿي، ان ۾ استعمال ٿيندڙ هن تيل HFO (هيوي فيول آئل) لاءِ لکي چڪو آهيان ته بلڪل سادي قسم جو ڏامر جهڙو گھاٽو ٿئي ٿو جنهن کي انجڻ روم ۾ موجود پيوريفائر ميشنن ۾ صاف ڪري پوءِ انجڻ ۾ ساڙيو وڃي ٿو.هي تيل جن ٽانڪين ۾ رکيو وڃي ٿو ان ۾ ٽيوبن جي ڄار ٿئي ٿي جن مان هر وقت ٻاڦ کي گذاريو وڃي ٿو ته تيل گرم رهي ۽ ايترو سو پٽڙو رهي جو ضرورت وقت ان کي پمپن ذريعي ڇڪي وٺجي. هي تيل خريد ڪرڻ وقت وڏو خيال رکڻو پوي ٿو جو هي تيل هونءَ ئي سادو ٿئي ٿو پر ڪن بندرگاهن ۾ اهڙو گندو ملي ٿو جنهن ۾ ٻئي گند ڪچري کان سواءِ سلفر جهڙيون شيون به موجود ٿين ٿيون جيڪي انجڻ جي پارٽن ۾ کاڌ (Corrosion) پيدا ڪن ٿيون. هر قسم جي تيلن جو حساب ڪتاب ڪرڻ جهاز جي چيف انجنير جو ڪم ٿئي ٿو ۽ جهاز جي مالڪن کي هر روز جي خرچ جو احوال موڪليو وڃي ٿو- جيئن تيل جي ختم ٿيڻ کان اڳ هو وڌيڪ تيل خريد ڪرڻ جو بندوبست ڪري اطلاع ڪن ته تيل خريد ڪرڻ لاءِ رستي تي ڪهڙي بندرگاهه ۾ ترسڻو آهي؟
خشڪيءَ تي هلندڙ ڪار، لاري، ٽرڪ يا ٽرئڪٽر جي انجڻ کي چڪنو رکڻ لاءِ فقط هڪ ئي قسم جو ليوب آئل استعمال ٿئي ٿو- پوءِ اهو چاهي شيل ڪمپنيءَ جو هجي يا ڪاليٽيڪس، پي ايس او يا ڪنهن ٻي ڪمپنيءَ جو. پر پاڻيءَ جي جهاز جي انجڻ جي مختلف حصن لاءِ مختلف قسم (خاصيتن) جا ليوب آئل استعمال ڪيا وڃن ٿا. ڳالهه اها آهي ته خشڪيءَ جي آمدرفت هڪ ئي موسم ۽ ماحول ۾ هلي ٿي پر سمنڊ تي مختلف حالتون رهن ٿيون جن کي ڌيان ۾ رکي جهاز ۽ انجڻيون ٺاهيون وڃن ٿيون. جهاز تي ڪم ڪندڙ مئرين انجنير انهن کي انهن حالتن مطابق مرمت ڪن ٿا ۽ هلائين ٿا. مثال طور هڪ وقت تي سمنڊ ماٺو آهي ته ٻئي ڏينهن يا ڪجھه ڪلاڪن بعد اهو رف به ٿي سگھي ٿو، طوفان به اچي سگھن ٿا. جهاز ڪڏهن آفريڪا ڀرسان خط استوائي علائقن ۾ پيو هلي جتي جيڪب آباد جهڙي جون جولاءِ واري گرمي آهي ته ڪڏهن اهو اتراهن سمنڊن ۾ سئيڊن ۽ ناروي پاسي پيو هلي جتي هوا ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جو ٽيمپريچر زيرو به رهي ٿو. سو ان قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون جهاز ٺاهڻ توڙي هلائڻ وارن کي ڌيان ۾ رکڻيون پون ٿيون.
جهاز تي اسان ڪيترن ئي قسمن جون ليوب آئل استعمال ڪريون ٿا. ڪي تيل ڊرمن ۾ ته ڪي لوهه جي ننڍين ٽانڪين ۾ رکيا وڃن ٿا. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڪجھه تيلن جو احوال لکان ٿو جيئن هو سمجھي سگهن ته مختلف تيل ڇو ٿا استعمال ڪيا وڃن. هڪ ليوب آئل ته اهو ئي آهي جيڪو اسين ڪار ۾ وجھون ٿا. اهو “ڪرئنڪ ڪيس آئل” سڏجي ٿو ۽ جهاز جي مين انجڻ (جيڪا پکو هلائي ٿي) ۽ جنريٽرن جي انجڻ جي ڪرئينڪ ڪيس ۾ اهو تيل وڌو وڃي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مختلف تيل ڪمپنين انهن جا پنهنجا پنهنجا نالا رکيا آهن جيئن آخري جهاز تي آئون شيل ڪمپنيءَ جا تيل استعمال ڪندو هوس. انهن پنهنجي ان تيل جو ڪمرشلنالو “مَلينا” رکيو آهي.
جهاز جي مين انجڻ جي سلينڊرن ۽ پسٽنن بابت لکي چڪو آهيان ته تمام وڏا ٿين ٿا. پسٽن جڏهن سلينڊرن اندر گسن ٿا ته سخت گرمائش پيدا ڪن ٿا. ان ڪري مين انجڻ جي پسٽنن ۽ سلينڊر جي وچ ۾ به هڪ قسم جو ليوب آئل Inject ڪيو وڃي ٿو جيڪو “سلينڊر آئل” سڏجي ٿو جنهن جو شيل ڪمپنيءَ اليگزيا Alexia نالو رکيو آهي. سلينڊر آئل وڌيڪ گھاٽو ٿئي ٿو ڇو ته ڪرئنڪ ڪيس آئل وانگر ڇڊو هوندو ته سلينڊر ۾ پچڪاريءَ مان نڪتل تيل گرمائش ڪري وڌيڪ ڇڊو ٿي ويندو ۽ سلينڊر تي پکڙڻ بدران هيٺ وهي ويندو. تيل جي هڪ خاصيت پکڙڻ (Spreadability) ٿئي ٿي، سلينڊر آئل ۾ اها هجڻ ضروري آهي جيئن اهو تيل سلينڊر جي گھڻي کان گھڻي حصي تي ڦهلجي.
مين انجڻ ۽ جهاز جي هنن وڏن جنريٽرن ۾ ٽربو چارجر ٿين ٿا جن مان Exhaust گئس گذري جهاز جي چمنيءَ مان نڪري ٿي. ان جو ٽيمپريچر تمامگھڻو ٿئي ٿو- اٽڪل 360 ڊگريون. ان ڪري هنن ٽربوچارجرن ۾ جيڪو ليوب آئل استعمال ڪجي ٿو اهو ٽربو آئل سڏجي ٿو ۽ ان ۾ گرمائش سَهڻ جي وڏي قوت ٿئي ٿي. اهڙي طرح ايئرڪمپريسرن لاءِ الڳ قسم جو ليوب آئل ٿئي ٿو. هڪ خاص قسم جو ليوب آئل جهاز جي اسٽيئرنگ انجڻ ۾ وڌو وڃي ٿو. هن تيل ۾ اها خاصيت هجڻ ضروري آهي ته اهو گھڻي کان گھڻي ٿڌ ۾ به ڄمي نٿو. اسٽيئرنگ انجڻ باقي جهاز جي انجڻين ۽ رهائش گاهه کان پري جهاز جي پڇ ۾ ٿئي ٿي جنهن جي هيٺان رڊر (Rudder) ٿئيٿو جنهن جي ڦيرائڻ سان جهاز ساڄي يا کاٻي رخ ڪري ٿو. اهو رڊر هئڊارلڪ پريشر ذريعي موڙيو وڃي ٿو. جهاز جي برج (ڪنٽرول روم) مان جڏهن جهاز جو اسٽيئرنگ وهيل گھمائجي ٿو ته ٽيوب ذريعي تيل جو دٻاءُ اسٽيئرنگ انجڻ تائين پهچي ٿو. اهي ٽيوبَ جهاز جي ڊيڪ تان لنگهي اسٽيئرنگ انجڻ تائين پهچن ٿا ۽ اسپين ۽ پورچوگال کان اڳتي مٿي اتر طرف اونهاري ۾ به ٿڌ ٿئي ٿي. سياري ۾ ته هيڪاندي گھني ٿڌ ٿئي ٿي. سو انهن ٽيوبن ۾ جي ان خاص تيل بدران ڪو ٻيو تيل وجهو ته ٿڌ ۾ڄمي ويندو ۽ اسٽيرنگ وهيل کي گھمائڻ سان هئڊرالڪ پريشر پيدا ٿي نه سگھندو. سو ٻين ڳالهين سان گڏ جهاز ۾ استعمال ٿيڻ جي مختلف ٻارڻ وارن (Fuels) ۽ چڪنائي وارن (Lube oils) تيلن جو وڏو خيال رکڻو پوي ٿو. مٿي Shell ڪمپنيءَ جي ٻن ليوب آئلن جا نالا: مَلينا ۽ اليگزيا لکيا اٿم. ان کان سواءِ ڪجھه ٻيا تيل جن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. انهن جا نالا آهن: روٽيلا، مائسيلا، گادينيا، آرگينا ۽ ريموا وغيره. هتي ليوب آئل (L.O) بابت ڪجھه وڌيڪ سٽون لکان ٿو جيڪي هڪ عام پڙهندڙ کي شايد گھٽ سمجھه ۾ اچن پر انجنيرنگ، ميڊيڪل يا سائنس جي شاگردن لاءِ نه فقط دلچسپي جوڳيون آهن پر معلوماتي پڻ. ليوب آئل (Lubricating Oil) مشينريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو پوءِ اها مشين ڪار جي انجڻ هجي، سلائيءَ جي مشين هجي يا ڏاڙهي ڪوڙڻ جو اليڪٽرڪ شيور. ليوب آئل مشين کي گرم ٿيڻ کان بچائڻ کان سواءِ ٻن پارٽن کي رهڙڻ (Friction) کان بچائي ٿو جيئن اهي گسي نه وڃن. مشين جي ليوبريڪيٽنگ ايڏي ضروري آهي جو توهان جي ڪار يا جهاز ۾ ليوب آئل ختم ٿي وڃي يا گھٽجي وڃڻ جي ڳاڙهي بتي ٻري ته ڪار کي يڪدم سلو ڪري بيهاري ڇڏجي، جهاز ۾ ان قسم جي مسئلي تي انجڻ آٽوميٽيڪلي يڪدم ايڏو وڌي سگهي ٿي جو پسٽن سلينڊر ۾ Seize ٿي (ڄمي) ويندا ۽ پوءِ انجڻ جي ٿڌي ٿيڻ تي به اهي الڳ ڪري نه سگھبا.
هڪ مدي کانپوءِ ليوب آئل خراب ٿيو وڃي. سندس ڪاري رنگ ۽ ساڻس مليل ڪاربن ۽ ڪچري ڪري ان کي بدلايو وڃي ٿو. جهاز تي به اهو ڪرڻو پوي ٿو پر ڪوشش ڪري ان ۾ مختلف ڪيميڪل وجھي، ان کي صاف رکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ان کان سواءِ تيل کي اسان وڌيڪ Alkaline رکون ٿا. جهاز تي جيڪو فيول ٻاريون ٿا اهو سادي قسم جو هجڻ ڪري هن جي دونهين (Exhaust) ۾ سلفيورڪ ائسڊ ٿئي ٿو جيڪو انجڻ جي مختلف حصن ۾ Corrosion (کاڌ) پيدا ڪري ٿو ان ڪري ليوب آئل جو الڪَلائِين هجڻ ضروري آهي جيئن اهو Corrosion Acidic کي ختم ڪري سگھي. انجڻ ۾ هر وقت هوا موجود رهي ٿي جيڪا گرم ليوبآئل سان ملي Oxidation پيدا ڪري ٿي. ان کي روڪڻ لاءِ هڪ ته اسان تيل ۾ ڪيميڪل (Additives) ملائيندا رهون ٿا، ان سان گڏ گرم ٿيل تيل کي ڪولر مان گذاري هن جي گرمائش گھٽايون ٿا.
ان کان سواءِ جهاز تي ليوب آئل ۾ اسان مختلف ڊٽرجنٽ وجھون ٿا جيئن گرم تيل پسٽن سلينڊر يا مشين جي ٻين حصن تي سخت Deposits نه ٺاهي. ان کان سواءِ ليوبآئل کي اسان پيورفائرمشينن ذريعي ان مان پاڻي ۽ ڪچرو به ڪڍندا رهون ٿا جيڪو انجڻ کي چڪنو ڪرڻ دوران ان ۾ مليو وڃي. بهرحال اهي سڀ ڪم مئرين انجنيرن جا آهن- خاص ڪري چيف انجنير جا جيڪو تيل سان واسطو رکندڙ هر شيءِ جو ذميوار رهي ٿو. هي سڀ شيون مئرين انجيرن کي “Fuel & Fuel Technology” سبجيڪٽ هيٺ پڙهايون وڃن ٿيون. ملائيشيا توڙي پاڪستان جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ 25 سال کن جيڪي سبجيڪٽ مون پڙهايا انهن مان هڪ “فيول ۽ فيول ٽيڪنالاجي” به هو.
هاڻ اچون ٿا جهاز تي–جهاز جي مين انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ تي. جهاز جڏهن بندرگاهه م سامان لاهي رهيو آهي يا مسافر چاڙهي رهيو آهي ۽ هن جي انجڻ ٻن ٽن ڏينهن کان بند آهي ته ان کي ڪو به يڪدم ائين اسٽارٽ نٿو ڪري سگھي جيئن ڪار کي چاٻي هڻي اسٽارٽ ڪيو وڃي ٿو. مثال جي ڳالهه ان کي ائين جي اسٽارٽ ڪيو وڃي ته فيول جي ٻرڻ (Firing) جي گرمائش ۾ اڳ جا ٿڌا ٿيل سلينڊر ۽ پسٽن ڪرئڪ ٿي (ٽڙڪي) پون. جهاز هلائڻ- يعني ان جي انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ جو هڪ پروسيجر ٿئي ٿو جنهن مطابق دنيا جي هر جهاز تي عمل ٿئي ٿو. جن ڳالهين تي عمل ڪيو وڃي ٿو انهن مان ڪجھه سمجھه جوڳيون ڳالهيون (Checks) پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ ڄاڻ لاءِ لکان ٿو.
جهاز کي بندرگاهه مان ڪڍڻ – يعني ان کي هلائڻ لاءِ انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ جو اطلاع جهاز جي انجنيرن ۽ نيويگيٽرن (ڊيڪ آفيسرن) کي جهاز جي ڪمپني يا بندرگاهه طرفان گھٽ ۾ گھٽ 12 ڪلاڪ اڳ لکت ۾ ڏنو وڃي ٿو. ان مهلت ۾ انجڻ جو ڪو پرزو کليل آهي ته ان کي بند ڪيو وڃي ٿو. مين انجڻ جيڪا ڪجھه ڏينهن کان بند رهي آهي اها روم ٽيمپريچر تي آهي ۽ جيڪڏهن جهاز ناروي، سئيڊن، فنلنڊ يا ڪئناڊا جهڙي ملڪ ۾ آهي ۽ ويتر سياري جي موسم ۾ ته اها اهڙي ته ٿڌي ٿيو وڃي جو لوهه جي مشين کي هٿ لاهڻ سان ڏڪڻي وٺي ٿي. ان “مين انجڻ” کي ڪجھه گرم ڪرڻ ضروري آهي. ان جا ٻه طريقا آهن. هڪ ته ان مان جيڪو پاڻي ٿو گذري ان کي اليڪٽرڪ ذريعي گرم ڪيو وڃي ۽ ٻيو سڀ ۾ سستو طريقو اهو آهي ته جنريٽر مان جيڪو پاڻي گذري پيو جنهن جو ٽيمپريچر 65 کن ڊگريون ٿئي ٿو اهو مين انجڻ مان پاس ڪيو وڃي. ان لاءِ هڪ Valve ٿئي ٿو اهو کوليو وڃي ٿو. جنريٽر اهڙي شيءِ آهي جيڪو هر وقت هلندو رهي ٿو. جهاز چاهي سمنڊ ۾ هلندو رهي يا بندرگاهه ۾ لنگر انداز هجي- گھٽ ۾ گھٽ هڪ جنريٽر تي هلندو ئي رهي ٿو. ٻين هنڌن تي، خاص ڪري رهائش وارن ڪمرن جي ته کڻي بتي بند ٿيندي هجي پر انجڻ روم ۾ ته ڏينهن رات لائيٽ ٻرندي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن انجڻ روم جي ٽيوب لائيٽن کي ڏسي مون کي حيرت ٿيندي آهي ته جنهن ڏينهن کان جهاز تيار ٿي سمنڊ تي لهي ٿو ته هي بتيون فقط هڪ دفعو آن ڪيون وڃن ٿيون ته هميشه لاءِ آن رهن ٿيون- اهي ٻرنديو رهن ٿيون. لڳاتار ڪي مهينا ٻرڻ بعد ڪا فيوز ٿئي ٿي ته اتي جو اتي پراڻو ٽيوب ڪڍي نئون وڌو وڃي ٿو. بهرحال جنريٽر اها شيءِ آهي جيڪو هلندو رهي ٿو. جنريٽر جي سلينڊرن ۽ پسٽنن جو ٽيمپريچر نارمل رکڻ لاءِ ان جي ٻاهران لڳاتار فريش واٽر سرڪيوليٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ ان فريش واٽر کي ٿڌو رکڻ لاءِ ان کي سي واٽر ڪولر مان پاس ڪيو وڃي ٿو جتي گذرندڙ سمنڊ جو پاڻي ان فريش واٽر مان تپش کڻيو وڃي.
جهاز هلڻ جو نوٽيس ملڻ تي انجڻ روم ۾ موجود ڪو جونئر انجنير جنريٽر مان ايندڙ هن گرم پاڻيءَ کي سي واٽر ڪولر مان پاس ڪرڻ بدران مين انجڻ ۾ Circulate ڪري ٿو جيئن ان جي باڊي آهستي آهستي ٿي ڪجھه ڪلاڪن ۾ گرم ٿي وڃي. انهيءَ دوران انجڻ روم طرفان ڊيڪ سائيڊ وارن کي انجڻ گھمائڻ جواطلاع ڪيو وڃي ٿو جيئن هو ڪنهن خلاصيءَ کي هيٺ موڪلي معلوم ڪن ته جهاز جي پروپيلر وٽ ڪا ٻيڙي ته نه بيٺي آهي يا ان سان جهاز جا يا ڪنهن ٻيڙيءَ جا رسا يا ڪو ٻيو سامان اٽڪيو ته نه پيو آهي. هر شيءِ ڪليئر ڪرائڻ بعد انجڻ روم ۾ Clearance جو نياپو لکت ۾ ڏنو وڃي ٿو ۽ ڊيوٽي انجنير ٽرننگ گيئر ذريعي جهاز جي پروپيلر شئفٽ کي اليڪٽرڪ موٽر سان ڳنڍي ان موٽر کي آن ڪري ٿي. هن عمل سان جهاز جي شئفٽ آهستي آهستي گھمي ٿي جنهن سان انجڻ روم ۾ مين انجڻ جا پسٽن هيٺ مٿي ٿين ٿا ۽ ٻاهر سمنڊ ۾ پروپيلر گھمي اها خاطري ڏين ٿا ته انجڻ جا پسٽن توڙي پروپيلر بنا رنڊڪ جي هلي رهيا آهن. ان دوران جهاز جي انجڻ جي سڀني سلينڊرن جا Indicator Cock کولي رکيا وڃن ٿا. ان بعد هوا جي هڪ ڪِڪَ ڏني وڃي ٿي (يعني هوا کي هڪ جهٽڪي لاءِ سلينڊرن اندر داخل ڪيو وڃي ٿو) جنهن سان سلينڊرن ۾ پسٽن هيٺ مٿي ٿين ٿا ۽ هوا ڪمپريس ٿيڻ بدران “انڊيڪيٽر ڪاڪس” مان نڪريو وڃي.
جهاز هلڻ مهل انجڻ روم توڙي برج تي هڪ کان وڌيڪ مئرين انجنيئر ۽ ڊيڪ آفيسرس (Navigators) رهن ٿا. اڄ ڪلهه ته انجڻ جي رفتار برج تان به ڪنٽرول ٿي سگهي ٿي پر جهاز جي هلڻ مهل- يعني بندرگاهه مان نڪرڻ مهل ڪيتريون ئي شيون Manual رکيون وڃن ٿيون جيسين ٻن ٽن ڪلاڪن بعد جهاز کلئي سمنڊ ۾ اچي ۽ هر شيءِ نارمل ٿي وڃي. جهاز جي برج جهاز جو اهو مٿاهون حصو آهي جتان نيويگيٽر سامهون جي ٽرئفڪ تي نظر رکن ٿا ۽ ان موجب جهاز جي رفتار وڌائڻ يا گھٽائڻ لاءِ انجڻ روم ۾ مئرين انجنيئرن کي اطلاع ڪن ٿا. برج ۽ جهاز جي انجڻ روم جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ (Communication) لاءِ ٽيليفون، واڪي ٽاڪي ۽ الارم سسٽم به آهي پر رفتار گھٽائڻ، وڌائڻ يا جهاز کي بيهارڻ ۽ اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ هر جهاز تي سالن کان ٽيليگرام سسٽم هلندو اچي جنهن ذريعي اطلاع ڪيو وڃي ٿو.
جهاز ۾ بريڪ نه هوندي آهي. جهاز کي بيهارڻ جو طريقو اهو ئي آهي ته انجڻ بند ڪئي وڃي جنهن لاءِ برج تان Stop جو ٽيليگرام ڏنو ويندو آهي پر جي امرجنسيءِ ۾ جهاز کي يڪدم بيهارڻ ضروري هوندو آهي ته اسٽاپ جو ٽيليگرام ڏئي يڪدم Dead Slow Astern يا Slow Astern جو ٽيليگرام ڏنو وڃي ٿو. ڇو جو جهاز ايڏو ڳرو ٿئي ٿو جو سندس ٿوري رفتار به وڏو Momentum پيدا ڪري ٿو ۽ جهاز جي انجڻ بند ڪرڻ بعد به جهاز گھٽ ۾ گھٽ ٽي ميل اڳتي ڌڪجي وڃي ٿو. ان ڪري سمنڊ ۾ سامهون ايندڙ يا پاسي کان لنگھڻ وارن جهازن جو اڳواٽ حساب ڪري پاسو ڪرڻو پوي ٿو. جهاز جي اوزار رڊار جي اسڪرين تي ٻين جهازن جي چرپر، رفتار ۽ سائيز ڏسڻ کان سواءِ هڪ ڄڻو Look out لاءِ به بيهاريو وڃي ٿو جنهن جو ڪم لڳاتار اکين سان يا بائناڪيولر سان ڏسڻ ضروري آهي جيئن ڊبل چيڪ رهي. سمنڊ تي خشڪي وارا ٽرئفڪ جا قانون نه آهن ته هر هڪ پنهنجي کاٻي پاسي هلي. سمنڊ تي مختلف قانون آهن جن موجب هلڻو پوي ٿو. ٻيو ته خشڪيءَ تي ته ڪارون آمهون سامهون هلنديون رهن ٿيون. سمنڊ تي ته ڪو جهاز ڪٿان پيو اچي ته ڪو ڪٿان ۽ هر هڪ جي رفتار پنهنجي آهي. ان جو حساب سڀني کي ڪرڻو پوي ٿو جيئن هن جي جهاز جو ٻئي جهاز سان ٽڪر نه ٿئي. بهرحال جهاز کي اسٽارٽ ڪرڻ کان اڳ برج ۽ انجڻ روم جو ٽيليگرام چيڪ ڪيو وڃي ٿو.
جهاز جي پُڇ ۾ هيٺ پاڻيءَ اندر توهان کي ٻه شيون نظر اينديون: هڪ پروپيلر (پنکو) جيڪو جهاز کي اڳيان يا پٺيان ڌڪي ٿو ۽ ٻيو رڊر (Rudder) جنهن کياسان جي تَرَ جا ماڻهو (يعني بنگالي، تامل، مڪراني، ڪوڪني وغيرهه)”سُکانُ” سڏين ٿا. جهاز کي ساڄي يا کاٻي موڙڻ لاءِ سکاڻ کي ان طرف ڪجھه ڊگريون موڙيو وڃي ٿو. ان سُکاڻ (Rudder) کي موڙڻ لاءِ ان مٿان تمام ڳري انجڻ ٿئي ٿي جيڪا اسٽيرنگ انجڻ سڏجي ٿي. اڄ ڪلهه جهاز جي برج يعني ڪنٽرول روم ۾ جيڪو اسٽيرنگ ويل ٿئي ٿو ان کي ساڄي يا کاٻي موڙڻ سان هئڊرالڪ يا اليڪٽرانڪ ذريعي سان اسٽيرنگ انجن ڏي نياپو ڪيو وڃي ٿو جيڪا رڊر کي نياپي مطابق اوتريون ڊگريون ساڄي يا کاٻي طرف ڪري ٿي. اڳئين زماني جي سڙهن وارن ڪاٺ جي جهازن ۾ ( يا اڄ ڪلهه جي ننڍين ٻيڙين ۾) سُکان رسين ذريعي اسٽيرنگ وهيل سان ڳنڍيووڃيٿو يا ان سکان جو مٿيون حصو هڪ ڪاٺيءَ سان ڳنڍيل هو جنهن کي هڪ هڪ خلاصي چار چار ڪلاڪ جھلي بيٺو ٿي. اهو خلاصي”سکاڻي” سڏجي ٿو. پراڻي زماني ۾ طوفانن ۽ وڏين ڇولين ۾ ان سکاڻيءَ کان سکان سڌو جھلڻ مشڪل ٿي پوندو هو ۽ ٿوري غفلت ڪري جهاز توائي ٿي ويندو هو يعني اصل راهه کان هٽي ويندو هو.هي اهو ئي سکاڻ آهي جنهن لاءِ شاهه لطيف سر سريراڳ ۾ چوي ٿو ته :
سامُونڊِي! ٿو سَنبَهِين، ساڄو جَھلِ سُکاڻُ؛
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجھائي مَهراڻُ؛
جِنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تِنِ کي.
“ساڄو جھل” معنا پختو جھل، مضبوط جھل. ٻي صورت ۾ جهاز بتال (توائي) ٿي سگھي ٿو. اڄ ڪلهه جتي جهاز وڏا ٿي ويا آهن اتي انهن کي موڙڻ وارا هي سُکاڻَ يعني رَڊَرَ(Rudders) به آفتن جيڏا آهن جن کي جيڪي مشينون (Steering Engines) موڙين ٿيون اهي به تمام پيچيده ٿي ويون آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسٽيرنگ وهيل کي ڦيرائڻ ۾ دقت نٿي ٿئي اهي تمام ننڍا ۽ هلڪا آهن پر هڪ مئرين انجنير کي اسٽيرنگ انجڻ کي صحيح حالت ۾ رکڻ لاءِ وڏو خبردار رهڻو پوي ٿو جو جهاز جي گھڻي ڀاڱي سلامتيءَ جو مدار Steering Engine تي رهي ٿو. نيويگيٽر جي غلط حساب ڪتاب ڪري جڏهن جهاز جو ٻئي جهاز يا سمنڊ اندر موجود ڪنهن پهاڙيءَ سان ٽڪر ٿئي ٿو ته هن جي ڪوشش اها ئي رهي ٿي ته هو ڪورٽ ۾ اهو ثابت ڪري ته ان ۾ غلطي سندس نه پر اسٽيرنگ انجڻ جي هئي جو اها صحيح طرح Response ڪري نه سگهي - يعني اهو ڏوهه مئرين انجنير ڏي ٽرانسفر ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري اهڙي صورت ۾، يعني ان قسم جي حادثن ۾ جهاز جو چيف انجنير يڪدم انشورنس ڪمپنيءَ جو سرويئر گھرائي ان کي اسٽيرنگ انجڻ ڏيکاري ٿو ته اها صحيح آهي. اسٽيرنگ انجڻ کي نه فقط برج تان اسٽيئرنگ وهيل ذريعي چيڪ ڪيو وڃي ٿو پر Locally پڻ يعني اسٽيئرنگ انجڻ واري ڪمري مان پڻ. جهاز کي بندرگاهه مان ڪڍڻ مهل جهاز جي اسٽيئرنگ انجڻ کي برج جي اسٽيئرنگ وهيل ذريعي ۽ مقامي طرح چيڪ ڪرڻ ضروري هوندو آهي جيئن ٻنهي ڌرين (مئرين انجنيرن ۽ نيويگيٽرن) کي خاطري هجي ته اها صحيح آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته رڊر ۽ رڊار مختلف شيون آهن. رڊر (Rudder) جهاز جو سُکان آهي رڊار RADAR جهازرانيءَ جو اليڪٽرانڪ اوزار ٿئي ٿو جنهن جي اسڪرين تي 40 ميلن کن جون شيون- جهاز، ٻيٽ، ڪنارو وغيره ڏسي سگھجي ٿو جيڪو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي سبب اکين سان ڏسڻ ناممڪن رهي ٿو. ڪن ڪن سمنڊن ۽ موسمن ۾ سامهون جو ڏيک (Visibility) ميل ٻه ته ڇا چند فوٽ به ڪو مس وڃي ٿيندو آهي. ايتري قدر جو جهاز جي وچ تي ٺهيل ڪنٽرول روم (برج) تان جهاز جو اڳيون يا پويون حصو به نظر نه ايندو آهي. اهڙين حالتن ۾ رڊار جهازرانيءَ ۾ وڏي سهوليت پيدا ڪئي آهي. پر جهاز هلائڻ وارا اڄ به رڊار ۽ ٻين اهڙن سهوليت پيدا ڪندڙ اوزارن جي باوجود پراڻي طريقي Look out کي به نظر انداز نٿا ڪن ۽ هنن کي هڪ ماڻهو ڪئڊٽ يا خلاصي “لڪ آئوٽ” لاءِ بيهارڻو پوي ٿو جنهن جو ڪم سامهون يا پاسن کان گذرندڙ جهازن کي جاچڻ ۽ ڊيوٽي آفيسر OOW (آفيسر آف واچ) کي اطلاع ڪرڻ ٿئي ٿو جيئن هو اڳواٽ ڪو قدم کڻي وٺي. رڊار جيڪو تمام مددگار اوزار آهي پر ڪڏهن ڪڏهن پاسي کان لنگھندڙ ڪا ننڍي ٻيڙي هن جي اسڪرين تي نٿي اچي ۽ ان کي Look out وارو ئي ڏسي سگھي ٿو. ان ڪري اهو صحيح چيو وڃي ٿو ته باوجود نيويگيشن جي اوزارن جي، جهاز رانيءَ جي سلامتيءَ لاءِ انساني Look Out ضروري آهي.
On the high seas, the captain saw a small yacht in the immediate vicinity of the bow of his ship from his cabin. He ran to the bridge, turned on manual control, and avoided a collision. In his case, the officer in charge of the watch did not notice the yacht as he was steering only with radar and the target was not detected due to its size. During this time, the Officer Of the Watch (OOW) was changing course to avoid a collision with another ship that was seen on radar.
In this case, if the OOW had carefully looked out the bridge window the situation could have been avoided. A trained human eye can pick up a lot of information, and the brain can process it faster than a complex algorithm spits it out onto the radar monitor screen. Thus, a proper visual look-out is a key for the safety of navigation.

جهاز هلائڻ يعني انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ کان اڳ جهاز جي ڪرئنڪ ڪيس جو تيل به چيڪ ڪيو وڃي ٿو. ليول گھٽ هجڻ جي صورت ۾ اسٽور ٽئنڪ مان تيل وڌو وڃي ٿو ۽ ٻاڦ ذريعي ان تيل کي گرم ڪيو وڃي ٿو جيئن ان جي گھاٽاڻ (Viscosity)نارمل ٿئي ۽ پمپ ذريعي انجڻ ۾Circulate ٿي سگھي.
ليوب آئل ۽ ٻارڻ جي تيل “هيوي فيول آئل” جي ٽانڪين ۾ پائيپن جو ڄار ٿئي ٿو جن مان ٻاڦ گذارڻ سان تيل گرم ٿئي ٿو ۽ ان گرمائش کي هڪ حد تائين رکڻ لاءِ ٻاڦ جي گذر تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو. ٻاڦ لاءِ بائلر ٻاريو وڃي ٿو. جي بئالر اڳواٽ هلي رهيو آهي ته ان ۾ ٻارڻ جو تيل وڌايو وڃي ٿو جيئن ضرورت موجب ٻاڦ پيدا ٿئي ۽ استعمال ڪري سگھجي.
هر جهاز تي تيل تي ٻارڻ واري هڪ يا ٻن بئالرن کان سواءِ Exhaust گئس بئالر به رکيو وڃي ٿو. هي بئالر بنا تيل ٻارڻ جي، ان وقت ٻاڦ پيدا ڪري ٿو جڏهن جهاز هلي ٿو. هي بئالر جهاز جي چمني يعني Funnel ۾ فِٽ ٿئي ٿو جنهن مان مين انجڻ جو Exhaust (گرم گئسون) گذرن ٿيون اهي بائلر ۾ موجود پاڻيءَ کي گرم ڪري ٻاڦ تيار ڪن ٿيون. جهازجيئن ئي کلئي سمنڊ (Open sea) ۾ پهچي فل رفتار اختيار ڪري ٿو تهاسان آهستي آهستي تيل ٻرندڙ Oil Fired بئالر بند ڪريو ڇڏيون جيئن جهاز جي مالڪ کي تيل جي بچت ٿئي. سفر پورو ڪرڻ بعد جهاز جو مالڪ جتي ٻين شين جو جائزو وٺي ٿو اتي اهو لاگ بڪ ذريعي ان جي به چڪاس ڪري ٿو ته جهاز آٽو تي اچڻ سان، يعني فل رفتار تي پهچڻ سان تيل وارو بئالر بند ڪيو ويو يا نه. اهڙي طرح هو ٻيون به شيون ڏسي ٿو ته بندرگاهه مان نڪرڻ بعد ۽ کلئي سمنڊ ۾ Full Away ٽيليگرام بعد جهاز جو ڊيزل آئل تي هلڻ بند ڪري هيوي فيول تي آندو ويو يا نه.
در اصل بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ يا بندرگاهه مان نڪرڻ مهل جهاز جي مين انجڻ (جيڪا جهاز جو پروپيلر ٿي هلائي) کي به ان ساڳي فيول يعني مئرين ڊيزل آئل سان هلايو وڃي ٿو جنهن سان جهاز جا جنريٽر هلن ٿا. جهاز جا جنريٽر ته ٿيا ننڍي سائيز جا پر مين انجڻ ته تمام گھڻو تيل ساڙي ٿي ۽ ڊيزل آئل هيوي آئل کان تمام گھڻو مهانگو ٿئي ٿو، پر جيسين جهاز مڪمل طرح کلئي سمنڊ ۾ نه اچي ان کي ڊيزل آئل تي ئي هلائڻو پوي ٿو جو ڊيزل آئل تي انجڻ سٺو Respond ڏئي ٿي ۽ اسٽارٽ ڪرڻ سان يڪدم اسٽارٽ ٿيو وڃي. هيوي فيول آئل ۾ ڪڏهن ٿڌاڻ يا ڪچرو اچڻ ڪري انجڻ اسٽارٽ ٿيڻ ۾ دير به ڪري ٿي تيسين خطرو آهي ته جهاز بندرگاهه ۾ ڪنهن ٻئي جهاز کي نه وڃي لڳي يا جيٽي (ڌڪي) کي لڳي بندرگاهه جي جيٽي ڊاهي رکي ۽ ساڳي وقت جهاز کي به ڊينٽ لڳي سگھي ٿو. ان ڪري اهڙن هنڌن تي يا جتي جهاز کي آٽو بدران مئنيوئل تي هلائڻو پوي ٿو ته اتي مين انجڻ ۾ ڊيزل آئل استعمال ڪيو وڃي ٿو. پوءِ جيئن ئي جهاز کلئي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ برج تان نيويگيٽرن طرفان “فل اَوَي” جو ٽيليگرام ملي ٿو ته اسان آهستي آهستي ڪري هيوي فيول آئل ٽئنڪ جو والو (Valve) کولڻ شروع ڪندا آهيون ۽ ڊيزل آئل جو والو بند ڪري ڇڏيندا آهيون. هڪ ڪلاڪ اندر اهو عمل مڪمل ٿي ويندو آهي ۽ انجڻ روم جي لاگ بڪ ۾ لکي ڇڏيندا آهيون ته هن وقت، رات جو چار لڳي پنڌرهن منٽن تي Full Away جو ٽيليگرام مليو ۽ پنج لڳي پنڌرهن يا ويهه منٽن تي جهاز جي مين انجڻ کي هيوي فيول آئل سسٽم سان ڳنڍيو ويو.
لاگ بڪ (Log Book) اهو ڪتاب ٿئي ٿو جنهن ۾جهاز جي هر شيءِ لکي وڃي ٿي. انجڻ روم لاءِ الڳ لاگ بڪ ٿئي ٿو ته برج لاءِ الڳ. هنن لاگ بڪ ڪتابن کي ئي ڏسي جهاز جو مالڪ يا ڪمپني وارا جهاز ۽ اسان جهاز تي ڪم ڪرڻ وارن جي ڪارڪردگي جو اندازو لڳائين ٿا. جهاز تي هر آفيسر (مئرين انجنير توڙي ڊيڪ آفيسر يعني Navigator ) جي چار ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ٿئي ٿي جنهن کي واچ سڏجي ٿو. پنهنجي واچ مڪمل ڪري نئين ايندڙ حوالي ڪرڻ وقت لاگ بڪ ۾ اهو به لکڻو پوي ٿو ته منهنجي چئن ڪلاڪن ۾ هيترو ڊيزل آئل جنريٽر ۾ سڙيو ۽ هيترو هيوي فيول آئل مين انجڻ ۾ ۽ چئن ڪلاڪن ۾ 103 يا وڌيڪ يا گھٽ RPM جي حساب سان انجڻ هلي. يعني جهاز جو پروپيلر هڪ منٽ ۾ اوترا چڪر هنيا ۽ چئن ڪلاڪن ۾ 24700 چڪر يعني هيترا ناٽيڪل ميل انجڻ هلي. يعني انجڻ هلي! ضروري ناهي ته جهاز به ايترا ميل وڌيو يا نه. اهو سمنڊ ۽ موسم تي مدار رکي ٿو. سامهون جي هوا ۽ ڇوليون آهن ته جهاز انجڻ کان گھٽ وڌي ٿو. پر جي پٺيان جو سمنڊ ۽ ڇوليون آهن ته اهو انجڻ کان به وڌيڪ اڳتي رهي ٿو. اهو حساب برج وارا- يعني ڊيڪ آفيسر سيڪسٽنٽ يا سئٽلائيٽ نيويگيٽر ذريعي ڪري لکندا آهن. ۽ هو هر چئن ڪلاڪن جي موسم ۽ سمنڊ جي حالت جو به لاگ بڪ ۾ لکندا آهن جيئن مالڪ کي اهو لاگ بڪ ڏسي آئيڊيا ٿئي ته هڪ ڏينهن جهاز چوويهن ڪلاڪن ۾ 450 ناٽيڪل ميل سفر ڪيو ته ٻئي ڏينهن فقط 340 ناٽيڪل ميل ڇو؟ ۽ 450 ميلن تي به 30 ٽن تيل ٻريو ته 340 تي به اوترو ئي! هي ائين آهي جيئن ڪراچي کان حيدرآباد پٺيان جي هوا ڪري گھٽ پيٽرول خرچ ٿيندو آهي ۽ واپسيءَ تي هوا جو رخ سامهون هجڻ ڪري وڌيڪ ٿئي ٿو.
لاگ بڪ ۾ موسم ۽ سمنڊ جو احوال پڙهي جهاز جو مالڪ اندازو لڳائي سگھي ٿو ته ڇو هن جو جهاز منزل تي دير سان پهتو ۽ ڇو هن جي جهاز جي انجڻ وڌيڪ تيل ساڙيو.
ڪنهن زماني ۾ -ويندي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مون جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته به جهاز ۾ تيل ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جون ٽانڪيون ننڍيون هونديون هيون.رستي تي سامانلاهڻو يا چاڙهڻو نه هوندو هو ته به جهاز کي هفتي سوا بعد ڪنهن بندرگاهه ۾ تيل ۽ پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ بيهارڻو پيو ٿي ۽ جهاز جي مالڪ کي تيل ۽ پاڻيءَ جي خرچ کان سواءِ جهاز جي بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ ۽ بيهارڻ جون ڳريون فيون الڳ ڏيڻيون پيون ٿي. پر پوءِ سگھو ئي اهڙا جهاز ٺهڻ لڳا جنهن ۾ ٻارڻ جي تيل جون وڏيون ٽانڪيون ٺاهيون ويون جيئن جهاز ڪراچيءَ کان نيويارڪ، ٽوڪيو کان وئنڪوئر تائين، بنا تيل خريد ڪرڻ جي سڌو پهچي وڃي. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو ٺاهڻ لاءِ هر جهاز تي فريش واٽر ايووپريٽر لڳائڻ ضروري ٿي پيو جيڪو هر روز 15 کان 20 ٽن پاڻي ٺاهيووٺي. هڪ ٽن ۾ 1000 لٽر پاڻي ٿئي ٿو.
جهاز تي سڀ کان گھڻو تيل مين انجڻ ساڙي ٿي جنهن لاءِ اسان هيوي فيول آئل استعمال ڪريون ٿا جيڪو ڏامر جهڙو ڪارو ۽ سادو ٿئي ٿو. اهو ئي سڀ ۾ سستو ٿئي ٿو. ان کي جهاز تي اسان گرم ڪري پوءِ “سينٽري فيوگل” ۽ “ڪلئريفائير” مشينن ذريعي صاف ڪري، يعني انهن مان ڪچرو، ڄارو، Sludge ، پاڻي ۽ ٻيون غير ضروري شيون نيڪال ڪري باقي تيل جي گھاٽاڻ (viscosity) صحيح حد تائين آڻي پوءِ انجڻ ۾ ٻارڻ لاءِ استعمال ڪريون ٿا.
جهاز جي نوڪري دوران آئون هميشه سوچيندو هوس ته جهاز جي انجڻ ۾ جيڪڏهن ان هيوي فيول آئل بدران جنريٽرن وارو مئرين ڊيزل آئل استعمال ٿئي ته اسان جي سامونڊي زندگي گھڻي آسان ٿي پوي ڇو جو هيوي فيول آئل جي استعمال ڪري هڪ ته انجڻ جي پرزن جي صفائي ۽ ٻيو تيل جي گرمائش ۽ Vapoursانجڻ روم ۾ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ مشڪل پيدا ڪن ٿا. اهو تيل انجڻ جي هر پارٽ کي گندو ڪري رکي ٿو جنهن لاءِ اسان کي هر وقت Maintenance جو ڪم جاري رکڻو پوي ٿو.
هيوي فيول آئل کي اسٽور ڪرڻ لاءِ چار کن وڏيون ٽانڪيون جهاز جي تري ۾ ٿين ٿيون جيڪي ڊبل باٽم ٽئنڪون سڏجن ٿيون. ٻه جهاز جي کاٻي پاسي ته ٻه ساڄي پاسي. ان کان سواءِ جهاز جي انجڻ روم ۾ هرپاسي هڪ سائيڊ، هڪ سيٽلنگ ۽ هڪ سروس ٽئنڪ ٿئي ٿي. ڊبل باٽم مان پمپ ذريعي تيل Side ٽئنڪن ۾ ڀريو وڃي ٿو جن مان Settling ٽئنڪن ۾ جتي گھٽ ۾ گھٽ 24 ڪلاڪ ڇڏيو وڃي ٿو ته جيئن تيل ۾ پاڻي هجي ته اهو وڃي تر وٺي جتان ان پاڻيءَ کي ڊرين ڪري وٺجي. ان بعد ٻئي ڏينهن اهو هيٽر ۽ پيوريفائر ذريعيService ٽئنڪ ۾ ٽرانسفر ڪيو وڃي ٿو جتان فيول پمپ ذريعي پريشر سان جهاز جي مين انجڻ کي سپلاءِ ڪيو وڃي ٿو.
جهاز جي تري ۾ چار کن هيوي فيول آئل ٽانڪين کان سواءِ ٻه مٺي پاڻيءَ جون ڊبل باٽم ٽانڪيون به هونديون آهن ۽ اهڙيون چار کن بالاسٽ ٽانڪيون هونديون آهن. جهاز تي سامان نه هجڻ مهل اهي بالاسٽ ٽئنڪون (Ballast Tanks) سمنڊ جي کاري پاڻيءَ سان ڀريون وينديون آهن جيئن جهاز ڪجھه هيٺ ڀرو ٿي هلي. پراڻي زماني ۾ جڏهن ڪاٺ جا سڙهن تي هلڻ وارا ٻيڙا هئا ته خالي حالت ۾ انهن تي وڏا پٿر يا مٽيءَ جون ڳوڻيون رکيونوينديون هيون ۽ پوءِ سامان چاڙهڻ مهل ان وزن (Ballast) کي سمنڊ ۾ اڇلائبو هو. پر هاڻ ته انجڻ ۽ اليڪٽرسٽي ڪري سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي Ballast طور استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ چند ڪلاڪن ۾جهاز جي ٻنهي پاسن جون بالاسٽ ٽانڪيون ڀرجيو وڃن. اهڙي طرح اليڪٽرڪ پمپن ذريعي اهي خالي ڪيون وڃن ٿيون.
بندرگاهه ڇڏڻ کان اڳ اهو به ڏٺو وڃي ٿو ته جهاز سڌو بيٺل آهي يا نه... ان کي Even Keel تي بيٺل سڏيو وڃي ٿو. جهاز جي ڪڏهن کاٻي يا ساڄي لڙيل آهي معنيٰ اهو List ٿيل (جهڪيل) آهي. جهاز هلڻ مهل ان جو سڌو هجڻ ضروري آهي، ڪنهن هڪ طرف جھڪيل نه هجڻ کپي. جھڪيل هجڻ واري صورت ۾ طوفانن يا خراب سمنڊ ۾ ان جو ان طرف ٻڏڻ جو گھڻو چانس رهي ٿو. ان کان سواءِ جهاز جي مشينريءَ تي به خراب اثر پوي ٿو- خاص ڪري مين انجڻ جا سلينڊر ان طرف وڌيڪ گسن ٿا ۽ انهن جي حالت Ovality ڏي وڌيڪ رهي ٿي. ان ڪري جهاز کي سڌو رکڻ ضروري آهي. بندرگاهه ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ پاسي جو وڌيڪ سامان (ڪارگو) لهڻ ڪري به جهاز ٻئي پاسي جھڪيو وڃي. پوءِ ان جو علاج اهو آهي ته جهاز جي تري وارين تيل جي ڊبل باٽم ٽئنڪن مان هڪ جو تيل ٻئي پاسي جي ٽئنڪ ۾ ٽرانسفر ڪرڻ کپي. جيڪڏهن تيل يا مٺي پاڻيءَ جي ٻنهي پاسن جون ٽئنڪون فل آهن ته پوءِ خالي بالاسٽ ٽئنڪ ۾ سمنڊ جو پاڻي ڀري ليول صحيح ڪئي وڃي ٿي. جهاز جو جھڪاءُ معلوم ڪرڻ لاءِ انجڻ روم توڙي برج تي ڪلينوميٽر (Clinometer) اوزار لڳل رهي ٿو جيڪو گھڙيال وانگر ٿئي ٿو جنهن ۾ مٿي 12 واري انگ وٽ لوهي تير لڙڪندو رهي ٿو. جهاز صحيح ليول تي هجڻ تي هو سڌو هيٺ 0 (زيرو) انگ ڏي رهي ٿو ٻي صورت ۾ اهو ساڄي يا کاٻي طرف جھڪيل رهي ٿو جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته جهاز ڪيتري Angle of Heel تي جھڪيل آهي. جهاز جي جھڪاءُ جي ڄاڻ جهاز جي گھٽين مان هلڻ وقت به ٿي سگھي ٿي. ڊائننگ هال ۾ رکيل پاڻيءَ جي گلاس يا چانهه جي ڪوپ کي ڏسي به لڳائي سگھجي ٿو. پاڻي يا چانه جو مٿاڇرو Surface پاسيرو هوندو.
جهاز جي سلامتيءَ لاءِ ضروري آهي ته ان جي CG (سينٽر آف گِرئوِٽي) وچ تي هجي ۽ جيترو هيٺ هجي اوترو بهتر. اهو جهاز وڏن لوڏن ۾ به بچي سگھي ٿو. CG کي هيٺ رکڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته ڳري سامان کي هيٺ رکجي ۽ هلڪي کي مٿي. تصور ڪريو ته ڪنهن ٽرڪ ۾ هيٺ گاهه يا بُهه رکجي ۽ ان جي مٿان لوهي شيون ته نتيجي ۾ اها ڪٿي به موڙو کائڻ مهل اٿلي پوندي. جهاز تي سامان رکڻ به هڪ سائنس ۽ آرٽ آهي جيڪو ڊيڪ آفيسر تعليم دوران “ڪارگو ورڪ” سبجيڪٽ ۾ پڙهن ٿا. هن سبجيڪٽ جو ماهر آفيسر اهڙي طرح مختلف بندرگاهن ۾ سامان رکرائي ٿو جو هڪ ته جهاز جي CG به بهتر رهي- يعني جهاز جي سلامتي به رهي ته گھڻو سامان کڻڻ ڪري مالڪ جي ڪمائي به ٿئي ۽ بندرگاهه ۾ گھڻو وقت بيهڻ کان به جهاز بچيو وڃي. هو اهڙي طرح سان مختلف بندرگاهن مان سامان مختلف هئچن (جهازن جي گدامن) ۾ رکرائي ٿو جيئن لاهڻ وقت هر ايندڙ بندرگاهه ۾ سامان مٿان مٿان لهي سگھي.
جهاز کي بندرگاهه مان ڪڍڻ لاءِ ان بندرگاهه طرفان مقرر ڪئپٽن اچي ٿو جيڪو پائلٽ سڏجي ٿو. ان سان گڏ هڪ ٽگ (Tug) به اچي ٿو. ڪن صورتن ۾ ٻن يا ٽن ٽنگ جي به ضرورت پوي ٿي- جيڪڏهن بندرگاهه سوڙهي چئنل ۾ آهي يا جهاز جي سائيز وڏي آهي، وغيره. ٽگ بوٽ سائيز ۾ ننڍو جهاز ٿئي ٿو پر اهو وڏي طاقت وارو ٿئي ٿو.اهو جهاز کي جيٽيءَ تان ڇڪي وچ چئنل ۾ آڻي ٿو ان بعد جهاز پنهنجي انجڻ سان اڳيان يا پويان هلي ٿو. ياد رهي ته جهاز فقط اڳيان هلي ٿو يا پٺيان، ڪار وانگر پئرلل پارڪنگ نٿو ڪري سگھي. ان لاءِ ان کي ٽگ ٿونا هڻي بندرگاهه جي ڌڪي (جيٽيءَ) سان لڳائي ٿو يا رسن ذريعي جهاز کي ڇڪي اندر يا ٻاهر ڪڍي ٿو.
انجڻ هلائڻ لاءِ پائليٽ ٽيليگرام ذريعي انجڻ روم ۾ نياپو ڪري ٿو ۽ انجڻ روم ۾ موجود سينئر مئرين انجنير ٽيليگرام موجب ڪمپريسرڊ هوا سلينڊرن ڏي موڪلي ٿو ۽ انجڻ اسٽارٽ ٿئي ٿي. پائليٽ جهاز کي بندرگاهه مان ٻاهر ڪڍي کلئي سمنڊ وٽ پهچي جهاز کي، جهاز وارن حوالي ڪري ٿو. ڪلاڪ کن کلئي سمنڊ ۾ جهاز هلائڻ بعد انجڻ روم ۾ Full Away (لڳاتار هلڻ) جو ٽيليگرام ڏنو وڃي ٿو- يعني جهاز کي هاڻ Auto تي رکي سگهجي ٿو. جهاز جي انجڻ ۾ ڊيزل آئل جي سپلاءِ بند ڪري ان کي هيوي فيول آئل تي ڪيو وڃي ٿو. برج توڙي انجڻ روم ۾ مدد لاءِ آيل فالتو آفيسر پنهنجي پنهنجي ڪئبن ۾ موٽي وڃن ٿا سواءِ هڪ هڪ ڄڻي جي، جنهن جي برج ۽ انجن روم ۾ ڊيوٽي آهي يعني جيڪو OOW (آفيسر آف دي واچ) آهي. هو اڪيلي سر برج يا انجن روم ۾ درپيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيندو رهي ٿو. 12 ٿيڻ تي (يا 4 ٿيڻ تي) واچ لاءِ نوان آفيسر اچن ٿا. دنيا جي هرجهاز تي 12 کان 4 بجي تائين گھڻو ڪري جهاز جي ٿرڊ انجنير جي واچ ٿئي ٿي، 4 کان 8 تائين ڏينهن جو توڙي رات جو سيڪنڊ انجنير کي ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي ۽ اهڙي طرح 8 کان 12 تائين ڏينهن جو توڙي رات جو فورٿ انجنير جي واچ (ڊيوٽي) هوندي آهي جنهن ۾ جهاز جو چيف انجنير به هوندو آهي. هونءَ ته چيف انجنير جي 24 ئي ڪلاڪ جوابداري رهي ٿي جيئن ڪئپٽن جي برج تي. جهاز تي ٻه يا ٽي ففٿ انجنير به ٿين ٿا جيڪي فورٿ، ٿرڊ ۽ سيڪنڊ انجنيرن کي انهن جي واچ ۾ چار چار ڪلاڪ مدد ڪن ٿا نه ته جهاز تي هلندڙ Maintenance work (ضرورت وارو مرمتي ڪم) لاءِ ففٿ انجنيرن کان صبح جو 8 کان شام جو 4 تائين لڳاتار ڪم ڪرايو وڃي ٿو جنهن کي “ڊي ورڪ” سڏجي ٿو.
دنيا جي هر جهاز تي صبح جو ستين کان اٺين تائين نيرن ٿئي ٿي، ٻارهين کان هڪ تائين منجھند جي ماني ۽ رات جي ماني ستين کان اٺين تائين ٿئي ٿي. 12 کان 4 تائين ڊيوٽي ڪرڻ وارن لاءِ ڊيوٽي ميس ۾ ساڍي يارهين کان ٻارهين لنچ جو بندوبست ٿئي ٿو جيئن هو لنچ ڪري پوري ٻارهين وڳي ڊيوٽي تي هليا وڃن. رات جو ڊيوٽي ڪرڻ وارن لاءِ جهاز جو پئٽري مئن- يعني ڪچن جو انچارج سئنڊوچون ۽ چانهه ۽ ڪافيءَ جو سامان برج تي ۽ انجڻ روم ۾ موڪلي ڏيندو آهي. ان کان سواءِ انجڻ روم ۾ ڊيوٽي وارو تيل وارو (Oil-man) ۽ برج تي سکاڻي ضرورت موجب چانهه يا ڪافي ٺاهيندو رهي ٿو. ناروي، جرمني، سئيڊن يا چلي، نيوزيلنڊ جهڙن ٿڌن ملڪن وارن سمنڊن تي چانهه يا ڪافي واهه جو مزو ڏئي ٿي. هر وقت چانهه جو انتظار رهي ٿو ته تيل وارو ٺاهي اچي ته تيل وارن هٿن ۾ چانهه جو ڪوپ جھلي تيل ۽ گريز جي مليل ڌَپَ سان گرم چانهه يا ڪافيءَ جو مزو وٺجي. پر شل نه سمنڊ خراب ٿئي. سِي سِڪنيس (Sea-sickness)ڪري دل ڪَچي ۽ اُٻڙاڪن ۾ چانهه يا ڪنهن به پاڻيٺ واري شيءِ(fluid) جو نالو ٻڌندي به اُلٽي ايندي آهي. بس مون ڏٺو ٿي ته اهڙي موسم ۾ به اسان جي جهازن تي ڪم ڪندڙ بنگالي خلاصي وڏي مزي سان چانهه پيا پيئندا هئا ۽ ڊيڪ تي بيهي پنهنجي وطن جي ندين ۽ ٻيڙين کي ياد ڪندا هئا:

او نودي ري ... او نودي ري ...
ايڪٽي ڪوٽا شوڌائي شُودو توماري
بولو ڪوٿائي تومار ديش
تومارنيئڪي چولار شيش
او نودي ري....
ও নদীরে,.... ও নদীরে, .....
একটি কথা শুধাই শুধু তোমারে
বলোকোথায় তোমার দেশ
তোমার নেই কি চলার শেষ!
ও নদীরে …….

ميڊيڪل جو سفر

پراڻا ڏينهن ياد اچي رهيا آهن، هن وقت! پراڻا ڏينهن معنيٰ اڄ کان پنج اٺ سال اڳ جا نه پر گهٽ ۾ گهٽ اڌ صدي اڳ جا. جي سال ٿا پڇو ته 1961ع جا آخري ڏينهن هئا. يعني 58 سال اڳ جي ڳالهه آهي. اسان يارهون ڪلاس پاس ڪري هاڻ ٻارهين ۾ پهتا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن جو ٻڌي رهيا هئاسين ته سرڪار طرفان اهو کليو آهي جيڪو هاڻ انٽر جو امتحان وٺندو. مئٽرڪ تائين وجود ۾ نه آيو هو ان ڪري اسان وٽ مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو آهي.
مئٽرڪ ۾ اچڻ کان سال ڏيڊ اڳ، اکين جي چيڪ اپ ڪرائي هيم، اسٽيشن روڊ تي، جتي سري گهاٽ وارو رستو ملي ٿو اتي هڪ عينڪن جو دڪان هو جتي ڊاڪٽر جي پرچي ڏئي چشمي لاءِ چيوسين جيڪو ٽن ڏينهن بعد تيار ٿيڻ تي کڻڻ آياسين ته منهنجي مامي امان الله سومري، جنهن سان گڏ آيو آيو هوس، ڀر واري دڪان تان واچ ورتيهئي. دڪان جي قداور نوجوان مالڪ لاءِ مامي ٻڌايو ته هن جو دوست آهي (يا شايد ڪلاس ميٽ رهيو هو). هڪ ٻه دفعا مامي فردوس سئنيما ۾ فلم ڏيکاري هئي ته سندس اهو دوست ۽ هڪ ٻيو جنهن جو حيدر چوڪ وٽ دوائن جو دڪان هو، اهي به هن سان گڏ هئا. پهريون وارو مصطفيٰ قريشي هو جنهن پوءِ فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي مشهور ڳائڻي ربينا سان شادي ڪئي ۽ ٻيو منهنجي ڪلاس ميٽ مصباح الحق ميمڻ جو ڀاءُ انعام الحق هو- شرجيل ميمڻ جو والد. بهرحال ڳالهه عينڪ جي پئي ڪيم جيڪا سال کن بعد ڀڄي پئي نيٺ هڪ ڏينهن اسان جي انگريز پرنسپال کي خبر پئي ته مونکي ڪاليج جي روزانو حيدرآباد ويندڙ وئن ۾ سول اسپتال موڪليو. وئن جي ڊرائيور مونکي نور محمد هاءِ اسڪول وٽ اچي لاٿو. رسيس جو ٽائيم هو اسڪول جا شاگرد ٻاهر نڪري مختلف گاڏن تي رکيل شيون خريد ڪري رهيا هئا. رستن تان رنگ برنگي ڪارون، بسون، ٽانگا لنگهي رهيا هئا. (حيدرآباد ۾ اڃان رڪشا وجود ۾ نه آئي هئي)، هڪ ٽانگي تي نئين آيل فلم جو بورڊ رکيل هو ۽ لڳل لائوڊ اسپيڪر تان گانو وڄي رهيو هو ۽ فلم جا اشتهاري پنا ٽانگي ۾ ويٺل همراهه ورهائي رهيو هو. آئون ڪا دير چيلهه تي هٿ رکي هڪ هڪ شيءِ کي غور سان ڏسندو رهيس. ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. مونکي پهريون دفعو احساس ٿيو ته دنيا ته آزاد آهي. هڪ اسان ئي ڪئڊٽ ڪاليج جي قيد خاني ۾ آهيون جتي ڪا رنگيني ناهي. ڪو سائو وڻ به نظر نٿو اچي. چوڌاري پٿر ئي پٿر ۽ خشڪ نظارو آهي. پيٽارو ۾ شفٽ ٿئي ٻه سال کن ٿيا هئا. پوکيل چند وڻ اڃان اسان جي قد جيڏا به نه ٿيا هئا. پاڻيءَ جو به مسئلو هو. اسان انسانن جون ئي ضرورتون پوريون نٿي ٿيون- وڻ ۽ ڇٻر ته ٿي پوءِ جي ڳالهه.
آئون روڊ ٽپي سول اسپتال ۾ آيس. هِن هُن کان پڇا ڪرايم ته اکيون چڪاس ڪرائڻيون اٿم. هڪ پاڻ جيڏو ڇوڪرو ملي ويو. هن ٻڌايو ته هو شهدادڪوٽ جو آهي ۽ ٻئي سال جو ميڊيڪل شاگرد آهي. هو شايد ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ پئي ويو پر مونکي مونجهاري ۾ ڏسي هن مونکي ساڻس گڏ هلڻ لاءِ چيو ۽ سڌو اکين جي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو. اکين جي ڊاڪٽر جي پڪ نه اٿم ته ڪهڙو هو. شايد ڊاڪٽر ايم ايم حسن نالو هوس. هن منهنجي ٻنهي اکين ۾ دوا جا ڦڙا وجهي پوءِ ڪجهه دير ترسائي اکين کي ٽارچ سان ڏٺو ۽ پوءِ ڪاري پيتي کولي ان ۾ رکيل شيشا فريم تي چاڙهي مونکان سامهون ڀت تي لڳل چارٽ تي لکيل اکر پڙهائيندو رهيو. آئون هن اکين جي ڊاڪٽر ۽ سندس واحد ملڪيت شيشن (Lenses) جي پيتيءَ مان ڏاڍو متاثر ٿيس ته هن ڪيئن ته منهنجي اکين جو نمبر ڳولي ورتو ۽ مونکي نمبر لکي ڏنو.
مونکي اکين جي ڊاڪٽر وٽ وٺي ايندڙ شهدادڪوٽ جي همراهه کان موڪلايم ۽ سندس ٿورا مڃيم ته هن منهنجي ڪيڏي مدد ۽ رهنمائي ڪئي. هن سان اڄ تائين سلام دعا آهي ۽ آئون سڄي زندگي ڏسندو اچان ته هن شخص نه فقط منهنجي پر سڄي زندگي ماڻهن جي مدد ڪندو آيو آهي. هو ايمانداريءَ سان ۽ بنا لالچ جي مريضن جي خدمت ڪندو آيو آهي. قدرت به سندس هٿ ۾ شفا ڏني آهي. وڏي عمر ڪري هاڻ اسپتال ۾ نٿو ويهي ته مريض سندس گهر جو به اچيو دروازو کڙڪائين. سڄي زندگي هن ڳوٺ ۾ رهي ماڻهن جي خدمت ڪئي. هاڻ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو آهي ته اتفاق سان منهنجي ئي پاڙي ۾ آيو آهي ۽ اڪثر ساڳي مسجد ۾ ملاقات ٿئي ٿي. سندس نالو آهي ڊاڪٽر محمد صالح شيخ.
هتي اهو لکندو هلان ته منهنجي پيٽارو وارن ڏينهن ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ مٿيون اکين جو ڊاڪٽر ايم ايم حسن ۽ هڪ ٻيو ڊاڪٽر عقيل بن عبدالقادر ٽاپ جا آءِ اسپيشلسٽ هئا. ڊاڪٽر عقيل لاءِ بعد ۾ ٻڌوسينته قادياني هجڻ ڪري هن جو ڪنهن قتل ڪيو. ساڳي طرح اسان جي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ محمد سميع جادران جي والد جو پڻ ان بنياد تي قتل ڪيو ويو ته هو قادياني هو. سميع جي فئمليءَ جو تعلق قاضي احمد سان هو. والد جي قتل بعد هو آمريڪا لڏي ويا. هتي اهو به لکندو هلان ته منهنجي هن ڪلاس ميٽ پنجابي سيٽلر هجڻ جي باوجود نه فقط سنڌي ڳالهائي ٿي پر هن سنڌ ۾ هجڻ دوران ۽ ان بعد آمريڪا ۾ به جيتري سنڌين جي مدد ڪئي اوتري پنهنجن به نه ڪئي هوندي. پاڻ ٽي سال کن اڳ 72 سالن جي ڄمار ۾ ورجينيا (USA) ۾ گذاري ويو.
مٿين اکين جي ڊاڪٽرن بعد سنڌ ۾ ڊاڪٽر صالح ميمڻ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. پاڻ اڃان حيات آهي. هو وڏو عرصو سعودي عرب ۾ به رهيو. ڪراچيءَ ۾ هُو آصف زرداريءَ جو پاڙيسري ٿي رهيو پر شايد کيس اتي رهڻ نه ڏنو ويو. هو پنهنجي فيلڊ ۾ بيحد قابل، ايماندار ۽ نيڪ انسان مڃيو وڃي ٿو. گهڻو گهڻو پوءِ ڊاڪٽر مجاهد صديقي به ان فيلڊ ۾ نالو پئدا ڪيو ۽ اڃان تائين مريضن جي هن وٽ رش رهي ٿي. مجاهد ڊاڪٽر اسان جي عمر جو آهي. اسان انهن پوڙهن ڊاڪٽرن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪي LMC ۾ شروع وارن سالن ۾ هئا ۽ اسان مئٽرڪ انٽر ۾ هئاسين. يعني 1960ع جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. انٽر بعد 1963ع ۾ مئرين انجنيرئنگ پڙهڻ لاءِ آئون مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) جي شهر چٽگانگ ۾ ويس. چٽگانگ پيٽارو جي بلڪل ابتڙ شهر لڳو. پيٽارو ۾ رڳو ٺوڙها جبل، سياري ۾ سخت سيءُ، اونهاري ۾ گرمي هئي پر رات جو ٿڌيون ۽ تيز هوائون ٿي لڳيون، گهٽ ۾ گهٽ انهن ڏينهن ۾ مڇر نه هئا ۽ اسان ورانڊي ۾ کٽون ڪڍي سمهندا هئاسين. مينهن جي ڦڙي ٻه سانوڻيءَ جي موسم ۾ ڪڏهن پئي ٿي. چٽگانگ ۾ ڏينهن جو به گرمي ته رات جو به رُگهه، سياري ۾ به سيءُ نه برابر. ٻارهو ئي مينهن جا وسڪارا، گهم (Humidity) تمام گهڻي، چوڌاري وڻ وڻڪار ۽ گاهه ايترو جو جورابن مان به پار ٿي چڀندو هو. مونکي بارش ۽ ساوڪ ڏاڍي وڻي ٿي پر گهم جي ڪري سخت مٿي ۾ سور رهيو ٿي، پر ڪو ڊاڪٽر سمجهي نه پئي سگهيو ته ڇو ٿو رهي. سال جي ختم ٿيڻ تي ڳوٺ آيس. ڪنهن چيو اکين جي تڪليف ڪري آهي. ڪراچيءَ ۾ اکين جي ڊاڪٽر رضوي وٽ ويس. هن عينڪ جا ٻه دفعا لينس بدليا ڪجهه فرق نه ٿيو. ان بعد دماغ جي ڊاڪٽر جمعي وٽ ويس. هو ڪراچيءَ جو مشهور پارسي ڊاڪٽر هو. دوائون لکي ڏنائين پر ڌڪي تي، ڪو فرق نه پيو. ٻه مهينا موڪلون ختم ٿيڻ تي پهچي ويون. نڪ بند رهيو ٿي، ڪنهن چيو حيدرآباد ۾ ENT جي ڊاڪٽر جعفريءَ کي ڏيکار. تنهن يڪدم چيو ته گهم جي ڪري Nasal Congestion ٿي آهي- نڪ جي اندرين هڏي وڌيل لڳي ٿي، ان ڪري اهو مسئلو آهي. ان ڪري هڏيءَ کي ٿورو ڪٽڻو پوندو. مون حامي ڀري، صدر ۾ ڊاڪٽر فهميده وارن جي بيل ايئر (Belair) اسپتال ۾ هن آپريشن ڪئي ٻه ڏينهن رهڻ بعد ڊسچارج ٿيڻ تي هالا آيس ۽ ٽي ڏينهن ٻيا رکي چٽگانگ روانو ٿيس.
چٽگانگ ۾ هاڻ فرحت محسوس ڪرڻ لڳس. ڊوڙڻ ڊڪڻ، Sailing, Rowing ۾ ٿڪاوٽ ۽ مٿي ۾ سور نه ٿيڻ لڳو. دل ۾ چيم ڊاڪٽر جعفري واهه جو ڊاڪٽر نڪتو. ڪجهه سالن بعد صدر ڪراچي ۾، انڪلسريا اسپتال جي سامهون مون سندس نالي جو بورڊ ڏٺو. وڃي مليومانس. ڪجهه سالن بعد پنهنجي ڀائٽي عبدالودود جي ٽانسلز جي آپريشن لاءِ ان جي ڪلينڪ ۾ پهتس ته خبر پئي ته ڊاڪٽر جعفري گذاري ويو آهي. هاڻ سندس پٽ ENT جو سرجن آهي جنهن عبدالودود جي آپريشن ڪئي. پيءُ وانگر مونکي پٽ به قابل لڳو. سندن تعريفون اڄ به سندن شاگرد ڪن ٿا.
مٿين ڊاڪٽرن کان علاوه انهن ڏينهن ۾ قابل آرٿو پيڊڪ سرجن علي محمد انصاري به هو جنهن پڙهايو ٿي. سندس ٽڪر جو آرٿو سرجن گهڻو گهڻو پوءِ ڊاڪٽر جوکيو ٿيو جنهن کي سعودي عرب جو شاهي خاندان به گهرائيندو رهي ٿو. منهنجو جيتوڻيڪ ميڊيڪل سان واسطو ناهي پر ٻن ٻين ڊاڪٽرن/پروفيسرن جي به ايڏي هاڪ هئي جو انهن جي نالن کان سنڌ جا ماڻهو واقف هئا. هڪ گائني جو پروفيسر ڊاڪٽر سالار عزيز ۽ ٻيو جنرل فزيشن ڏيپلي جو ڊاڪٽر صالح ميمڻ. ڊاڪٽر صالح اديب پڻ هو. هن کي نه فقط ادب سان چاهه هو پر هو ڪيترن سنڌي رسالن جي مالي مدد پڻ ڪندو هو. منهنجي هن سان آمريڪا جي بندرگاهه بالٽيمور ۾ تفصيلي ملاقات ٿي هئي جتي هو ڪا ميڊيڪل ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ آيو هو ۽ آئون جنهن جهاز تي انجنيئر هوس، اهو اتي هفتي ٻن لاءِ لنگر انداز هو.
1960ع واري ڏهاڪي جا شروعاتي سال اڄ جي سالن سان ٿا ڀيٽجن ته ان وقت تائين دنيا ميڊيڪل سائنس ۾ ترقي ضرور ڪئي هئي پر اڄ جيتري هرگز نه. هالا ۽ مٽياريءَ جهڙن شهرن ۾ اڃان به ٻارن کي ٺڪر جي پاٽ تي ويهاري ڳوٺ جي حجام طُهر ڪيو ٿي.
هالا جي هڪ همراهه جو ٻڌوسين ته هو پنهنجي ٻار جو طُهر حيدرآباد جي سول اسپتال مان ڪرائي آيو آهي. ان ڳالهه اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ڪي ڏينهن ٽيڪا ٽپڻي پئي هلي ته آيا ڊاڪٽر به طهر ڪري سگهن ٿا ڇا؟ خبر ناهي ڪيئن ٿا ڪن. پاٽ تي ته نه ويهاريندا هوندا. خبر ناهي پنهنجي آفيس جي ٽيبل تي طهر ڪن ٿا يا آپريشن ٿيٽر ۾ بيڊ تي. ضرور بيهوشيءَ جي سئي هڻي طهر ڪندا هوندا ۽ ڪيترا دٻيل دٻيل لفظن ۾ اهو سوال به اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ڊاڪٽر وارو طهر حجام جي طهر وانگي اسلامي ٿيو يا حرام... پر سٺو ٿيو جو انگريزي پڙهڻ کي ڪفر يا ڳوٺ ۾ پهريون دفعو بجلي لاءِ لڳل Poles کي ڪفر چئي بند ڪرائڻ لاءِ ڪنهن مولويءَ فتوا نه ڏني ۽ هڪ ٻئي پويان طهر لاءِ حيدرآباد سول اسپتال وڃڻ بعد يڪدم ماڻهو سمجهي ويا ته هي ڪم ته بيحد اعليٰ ۽ آسان آهي. طهر بعد حجام جيڪو ٻُڪ ڦلهير جو ٿو ڇٽي ۽ ڪڏهن ڪڏهن زخم ڇٽي نٿو ان کان ڊاڪٽر طرفان ائنٽي سيپٽڪ طور استعمال ڪيل دوا جو مک بهتر آهي.
بهرحال پاڻ انهن ڏينهن- يعني 1960ع وارن ڏينهن جي مشهور اکين جي ڊاڪٽرن، علاج ۽ ميڊيڪل ٽيڪنالاجيءَ جي جديدپڻي جي ڳالهه ٿي ڪئي. اکين جي ڊاڪٽر لينسز (Lenses) جي پيتي ٿي کولي ته مريض Impress ٿي ويو ٿي، ڇو جو عام طرح فٽ پاٿ تي وڪڻندڙ عينڪن واري کان ضرورتمندن ڌڪي تي عينڪ وٺي گذر ٿي ڪيو. انهن ڏينهن ۾ اسان جي پاڙي جو هڪ همراهه Cataract جي آپريشن ڪرائي هئي. سٺ پنجهٺ سالن جي هن همراهه ٻڌايو ته هن آپريشن ۾ ڪيڏي تڪليف اچي ٿي. اکين جو ڊاڪٽر ڇريءَ سان ٿورو چيهڪ ڏئي پوءِ چمٽي سان اک جو مٿيون پڙدو ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿو ڇو جو وڏي عمر ۾ اهو پڪو ۽ ڌنڌلو ٿيو وڃي ۽ نظر گهٽجيو وڃي. هيءَ آپريشن ڪرائڻ ۾ دير ڪرڻ سان ماڻهو انڌو به ٿي سگهي ٿو. بهرحال اها هئي روداد جيڪا مريض پنهنجي سمجهه مطابق ٻڌائي. اصل ۾ ان وقت اها آپريشن ڪيئن ٿيندي هئي، اهو ته هڪ ڊاڪٽر ئي ٻڌائي سگهي ٿو. ان ۾ لوڪل طرح بيهوش ڪيو ويو ٿي يعني فقط ان عضوي کي يا سڄي ماڻهوءَ کي. آئون نٿو سمجهان ته اها ان دور ۾ به ڪا ميجر آپريشن چئي وئي ٿي جو ان ۾ ڪو حياتي وڃڻ جو خطرو نٿو چئي سگهجي، پر اسان جي پاڙي جي همراهه جي ٻڌايل هن ڪٿا سان اسان ٻار جيڪي نائين ڏهين ڪلاس ۾ هئاسين، ٻڌي گهٻرائجي وياسين. ٻي ڳالهه اها ته انهن ڏينهن ۾ جيڪو اها آپريشن ڪرائيندو هو، اهو مهينو کن اونداهي ڪمري ۾ ويهندو هو. ان ڪري چيو ويندو هو ته اکين جي آپريشن سياري ۾ ڪرائجي جو گرميءَ ۾ ڦٽ اٿلي پوي ٿو يعني Infection ٿي سگهي ٿو. آپريشن واري همراهه کي مهينو کن اونداهي ڪمري ۾ رهڻ کان علاوه مڇي، پلو، آچار، ڇانهين جهڙين شين کائڻ کان پرهيز ڪرڻي پئي ٿي.
مون تي ننڍپڻ ۾ ان آپريشن جو اهڙو ته خوفائتو اثر ويٺو جو اهو هر وقت منهنجي مٿان سوار رهڻ لڳو ته وڏي عمر ۾ بچڻ مشڪل آهي. هر وقت اکين جو ڊاڪٽر تاڻيندو وتندو هوس. اسان جو ننڍپڻ جو دوست شهدادڪوٽ قمبر جو ڊاڪٽر صالح شيخ ڪراچي ايندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ڀيڻوئي (مٽيارن جي فضل صديق شيخ) جي گهر هن سان ملاقات ٿي ويندي هئي جنهن سان هن جي دوستي مون کان به اڳ جي هئي جڏهن هو حيدرآباد جي ڦليلي واري ڪاليج ۾ پڙهندا هئا. هڪ دفعي ڀيڻ جي گهر ويس ته ڊاڪٽر صالح فئمليءَ سان آيل هو. هن پنهنجي پٽ کي ملائيندي چيو ته هن کي مون سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ جو شوق آهي. ان ئي دفعي صالح کي چيم ته آرمي ۾ وڃڻ يا جنرل فزيشن ٿيڻ بدران اکين جو ماهر ڊاڪٽر ٿين ها ته اسان تو جهڙي نيڪ ماڻهوءَ کان آپريشن ڪرائيندي سڪون محسوس ڪريون ها.
ڊاڪٽر صالح کلندي چيو ته هاڻ اسان پوڙها ٿي وياسين منهنجو هي پٽ طارق انشاءَ الله آءِ اسپيشلسٽ ٿيندو. ان وقتطارق سليم ٿرڊ ييئر ۾ هو. طارق کي لڳي ٿو ته فوٽو ڪڍرائڻ جو ته شوق هو (۽ اڄ ڏينهن تائين اٿس) پر محنت ڪرڻ جو به. هن پنهنجي ڪاليج چانڊڪا مان ٽاپ ڪيو. هائوس جاب ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم لاءِ کيس انگلينڊ جي اسڪالرشپ ملي ۽ هو اکين جو ماهر ڊاڪٽر ٿي موٽيو. کيسانگلينڊ وارن به نٿي ڇڏيو پر هو هميشه پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. هڪ ڏينهن آئون به هن وٽ اکيون ڏيکارڻ ويس. سندس اسٽائيل، ڄاڻ ۽ پراعتماد نموني مان ڏاڍو متاثر ٿيس. عينڪ جو نئون نمبر ڏئي چيائين ته اکين جو موتيو اڃان پڪو ناهي- سال کن ته گذار، ان بعد چڪاس ڪندس. ائين سال سال ڪندو ڪم ڇهن ڇهن مهينن تي پهتو. ان دوران منهنجي ڪيترن، مونکان ننڍن، ڊاڪٽر طارق کان آپريشن ڪرائي. مون اهو ئي پئي سوچيو ته ٿي سگهي ٿو منهنجو موتيو پچي ئي نه ۽ آئون ائين صاف ڏسندو رهان، پر نه هڪ سال جڏهن آئون 73 سالن جو ٿيس ته تيزيءَ سان نظر جهڪو ٿيڻ لڳو. ڊاڪٽر طارق کي اکيون ڏيکارڻ تي هن ۽ ان وقت بيٺل ڊاڪٽر صالح ميمڻ جي ناٺي ڊاڪٽر فتاح ميمڻ جيڪو اک جي پٺئين حصي جي آپريشن جو ماهر آهي، تنهن به ڏسي چيو ته بهتر ٿيندو هاڻ آپريشن ڪرائي ڇڏيو.
هفتو کن رکي مقرر ڏينهن تي آپريشن واري اک ۾ ڊاڪٽر طرفان ٻڌايل Eye Drops وجهي اچي ويٺس. ڊاڪٽر جيتوڻيڪ نفسياتي طور اهو چئي مونکي تيار ڪري ڇڏيو هو ته آپريشن ۾ ڪي ٻه چار منٽ به مس ٿا لڳن ۽ ڪا تڪليف نٿي ٿئي. رڳو قدرتي خراب ٿي ويل Lens (شيشو- جنهن کي عربي، فارسي ۽ اڙدو ۾ “عدسه” ٿو سڏجي) جيڪو Bio-Convex شڪل جو ٿو ٿئي- يعني جنهن جا ٻئي پاسا اڀاميل پيٽ جهڙا ٿين ٿا، ڪڍي پلاسٽڪ جو جڙتو لينس ان جاءِ تي رکڻو اٿم. پر سچي ڳالهه اها آهي ته جڏهن آپريشن لاءِ ويٺل ٻين ٻن ٽن پوڙهن سان گڏ اچي ويٺس ته آپريشن لفظ جو خوف اهڙو آهي جنهن کان آئون به پاڻ کي بچائي نه سگهيس ۽ جيئن جيئن منهنجو نمبر ويجهو ٿيڻ لڳو آپريشن جو ڊپ مون تي وڌيڪ طاري ٿيڻ لڳو ۽ دل ۾ سوچيم ته غلطي ڪيم. ڊاڪٽر جي ڏسيل Eye Drops سان گڏ هڪ اڌ وئليم ياليڪسٽونل جي گوري به ڦڪي اچان ها ته منهنجي لاءِ بهتر هو. دماغ ۾ ڊيڄوڙو پئدا ڪرڻ واريون ڳالهيون مون تي حاوي نه ٿين ها جيئن ته ڊاڪٽر سور کان بچائڻ لاءِ لوڪل بيهوشيءَ لاءِ خبر ناهي اک جي اندر سئي هڻندو يا پاسي کان، جيئن ڊاڪٽر ڏند ڪڍڻ مهل ڏند جي ڀرسان مهاڙن ۾ هڻندو آهي. اک مان پراڻو، ڌنڌ لڳل قدرتي لينس خبر ناهي چيهڪ ڏئي چمٽي سان ڪڍندو يا ڏند جي فلنگ ڪرڻ وانگر اهو لينس ڊرل ذريعي ڀور ڀور ڪري ڪڍندو.... بهرحال ڊڄندي ڊڄندي آپريشن ٿي وئي. واقعي آپريشن تي ٻه چار منٽ مس لڳا باقي فالتو منٽ آپريشن ٿيٽر وارو چوغو ۽ چمپل پائڻ ۾. پر اهي چند منٽ سخت ڇڪاءَ (Tension) ۾ رهيس. طارق (ڊاڪٽر) پڇيو ته ڪيئن لڳو؟ چيومانس ته “اڄ اها ڄاڻ ٿي اٿم ته ائٽلانٽڪ سمنڊ تي طوفاني راتين ۾ جهاز هلائڻ کان علاوه زندگيءَ ۾ ٻيا به ڪي خوف آهن.” طايق ٽهڪ ڏيندو رهيو. هفتي کن بعد ٻي اک جي به آپريشن ٿي. منهنجو جهان روشن ٿي ويو. ڄڻ قدرت هڪ دفعو وري اکين جو تحفو ڏئي ڇڏيو. آپريشن کان اڳ نور اهڙو ڌنڌلو ٿي ويو هو جو امت، جنگ، ڪاوش اخبار ته ڇا پر وڏن اکرن واري عبرت اخبار به چشمي سان به پڙهي نٿي سگهيس ۽ مونکي لڳو پئي ته هاڻ جيڪي لکيم سو لکيم. پر يارو ماڊرن سائنس اهڙا ته جڙتو لينس (Intraocular Lens) ايجاد ڪيا آهن جو چنجهي لالٽين جي روشنيءَ بدران هر ڪمرو ائين روشن نظر لڳو جيئن سفيد ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ هجي، ۽ لکڻ لاءِ هڪ دفعو وري اتساهه پيدا ٿي پيو. هفتي ڏيڊ کان پوءِ اکين جي چيڪ اپ لاءِ ويس ته ڊاڪٽر طارق کي چيم ته هاڻ وري لکڻ شروع ڪيو اٿم ۽ هاڻ جيڪي لکندس اهو تو طرفان به گفٽ سمجهندس جيتوڻيڪ آپريشن کان اڳ مون سوچيو به نه هو ته آئون وري ساڳي دنيا ۾ اچي ويندس. خوف کان منهنجي حالت خراب هئي. ڊاڪٽر طارق کلي چيو “خبر اٿئي مون هزارين آپريشنون ڪيون آهن پر هڪ توهانجي ۽ هڪ پنهنجي والد (ڊاڪٽر صالح شيخ) جي آپريشن مهل ٽينشن ۾ رهيس. سڄي رات ٽيليفون جي گهنٽي وڄڻ تي مونکي ڊپ ٿيو ٿي ته الله خير ڪري الطاف جو فون نه هجي- ڇو جو هر سرجن پنهنجن جي آپريشن ڪرڻ مهل ٿورو گهڻو ضرور نروس ٿيو وڃي، پر شڪر آهي جو توکي به ڪا شڪايت نه رهي، نه ته پنهنجائپ ۾ گلا ٿي پوي ها.“
ها، مونکي البت ڊاڪٽر طارق اها شڪايت ضرور رهي ۽ مون لاءِ حيرت جي ڳالهه هئي ته آپريشن بعد هن منهنجي اک مٿان ڪو کوپو نه چاڙهيو جيڪو مون ضروري ٿي سمجهيو ته هيڏي وڏي ڪم بعد آخر ماڻهن کي ته خبر پوي ته اک جي آپريشن ڪرائي اٿم. مون اڃان ويجهڙائيءَ ۾ ڪنهن کي اک مٿان ٽيپ سان چنبڙيل کوپو ڏٺو هو ۽ هن ٻڌايو هو ته هن هڪ ڏينهن اڳ آپريشن ڪرائي آهي. مون ڊاڪٽر کان هڪ دفعو وري ان بابت پڇيو ته ڇا اک کي بند نه رکان؟
”نه نه- بلڪل نه سائين. ٻنهي اکين سان پيا ڏسو. هي اهو زمانو ئي نه آهي جنهن ۾ اک ٽي ڏينهن ٻڌي ڇڏبي هئي” دل ۾ چيو ته مون ته اهو دور به ڏٺو جنهن ۾ مريض موتئي جي آپريشن- جيڪا هينئر هڪ معمولي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، جي ڪرائڻ بعد هفتو کن سور جون دانهون ڪندو هو ۽ مهينو کن اونداهي ڪوٺيءَ ۾ ويهندو هو.
هاڻ ته سائين ماڊرن ٽيڪنالاجي، مشينن ۽ ڄاڻ رکندڙ ڊاڪٽرن ذريعي اک جي موتئي (Cataracts) جي آپريشن نه فقط آسان ۽ بنا تڪليف جي ٿي پئي آهي پر IOL لينس لڳائڻ سان پهرين جي لڳل عينڪ مان به جان ڇٽيو وڃي. لوڪل Anaesthesia (يعني اک جو اهو حصو کيرو ڪرڻ لاءِ سئي هڻڻ جي به ضرورت ناهي. آپريشن کان اڳ ٻه يا ٽي دفعا اهي خاص قسم جا Eye Drops وجهڻ سان اک جو اهو حصو کيرو ٿيو پوي ۽ مريض کي آپريشن دوران ڪو سور محسوس نٿو ٿئي. اک ۾ خراب ٿي ويل سڪل لينس کي ڀور ڀور ڪري ڪڍڻ لاءِ به ڪنهن قسم جي ڊرل مشين جي ضرورت نٿي پوي. اڄڪلهه هاءِ فريڪئنسي الٽرا سائونڊ device ذريعي خراب ٿي ويل لينس کي ڀور ڀور ڪيو وڃي ٿو جيڪي ڀور (ڀُرڪٽ) آرام سان “سڪشن” ذريعي اک مان ٻاهر ڪڍيا وڃن ٿا. هن طريقي سان پراڻي لينس کي ٽڪرا ڪري ڪڍڻ کي Phacoemulsificotion يا فقط Phaco سڏين ٿا جنهن لاءِ فقط ننڍڙي چير ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي جنهن جو معمولي زخم جلد ڇٽيو وڃي “نه ته پراڻي نموني جي سرجريءَ ۾” ڊاڪٽر طارق ٻڌايو ته “خرابيون پيد اٿي سگهيون ٿي خاص ڪري Retinal Detachment جهڙي تڪليف“.
بهرحال اڄ جي اکين جي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ٿي ڏسجي ته هڪ کان هڪ ماڊرن اوزار ۽ طريقا نظر اچن ٿا. اکين جي تپاس (Check up) کان سرجري لاءِ. اهو زمانو ڪڏهن ڪو گذري ويو جڏهن اکين جي ڊاڪٽر وٽ مريض جي اکين جي چڪاس لاءِ مختلف لينسن جي پيتي ۽ ٽارچ ڪل ملڪيت هوندي هئي. هاڻ انهن شين بدران Auto Refractor استعمال ڪيو وڃي ٿو جيئن مريض جي اکين جو Refractor Error جانچيو وڃي. مريض جي اکين جو دٻاءُ (Pressure) جانچڻ لاءِ، جيئن هن کي Glaucoma جهڙي بيماريءَ جي ڄاڻ اڳواٽ پئجي سگهي ٽونو ميٽر استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪيراٽو ميٽر (يا اوفٿلمو ميٽر) جهڙي اوزار ذريعي Cornea جي Anterior Surface جو ڪرويچر ماپي سگهجي ٿو. هڪ ڪمري ۾ او سي ٽي (Optical Coherence Tomography) جهڙي مهانگي ۽ ماڊرن مشينري ڏيکاريندي ڊاڪٽر طارق سليم ٻڌايو “هن مشين ذريعي ميڊيڪل تصويرون (Medical Imaging) حاصل ڪري سگهجن ٿيون. دراصل ان قسم جا ايڪسري ۽ OCT اسان وٽ انڊسٽري ۾ به استعمال ٿين ٿا ۽ Non Destructive ٽيسٽ ۾ شامل ٿين ٿا. يعني ڪنهن به پرزي جي ساخت ۽ طاقت جانچڻ لاءِ ان جو زيان نٿو ڪيو وڃي. بقول ڊاڪٽر طارق جي:
“OCT is imaging method used to generate a picture of the back of the eye (Retina).”
هن مشين ذريعي گلوڪوما جي مريضن جي اکين جون تصويرون ورتيون وڃن ٿيون.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄڪلهه جي ماڊرن دور ۾ جڏهن ڊاڪٽر ماهر ۽ مشينون بيحد جديد ٿي پيون آهن. موتئي Cataract surgery جنهن کي لينس بدلائڻ جي آپريشن به چئي سگهون ٿا، ڇو جو هن ۾ اک جو قدرتي لينس جيڪو Crystalline Lens سڏجي ٿو جيڪو وقت سان- خاص ڪري پيريءَ ۾ ڌنڌلو ٿيو پوي ۽ جيڪو ان تي ڄارو، ڪچرو يا سوٽائي ڄمي ٿي پوي سمجهو ته اها ڪئٽرئڪٽ آهي ۽ پوءِ ان قدرتي شيشي (لينس) مان چٽو نظر نه اچڻ ڪري، ڊاڪٽر ان بيڪار ٿي ويل لينس کي ڪڍي جڙتو لينس هڻي ٿو جيڪو “انٽرا اوڪيولر” لينس سڏجي ٿو. هي مصنوعي لينس مختلف ملڪن جا ٺهيل ٿين ٿا جن جون مختلف قيمتون آهن.
ٻي ڳالهه ته هيءَ آپريشن، اڄ جي دور ۾ بيحد آسان ۽ سمجهو ته نه برابر تڪليف واري آهي. ڊاڪٽر آپريشن بعد اهو ئي چوي ٿو ته وڃي گهمو ڦرو... ظاهر آهي هيءَ آپريشن تڏهن ٿئي ٿي جڏهن ماڻهو سٺ ورهين جي آسپاس ۾ ٿئي ٿو ۽ ڊاڪٽر سمجهي ٿو ته هن عمر ۾ هو آپريشن بعد ڏينهن تتي جو ميدان تي ڪرڪيٽ نه وڃي کيڏندو. آسان ۽ ننڍي آپريشن پنهنجي جاءِ تي پر ڊاڪٽر توهان کي جيڪا پرهيز چوي ان تي ضرور عمل ڪجي. هڪ ته ٻن قسمن جا eye drops ڏينهن ۾ ٽي چار دفعا گهٽ ۾ گهٽ هفتي ٻن لاءِ وجهڻ لاءِ چوندو. اهي جراثيم ڪش ( Infectionکان بچڻ) ۽ سوڄ لاهڻ لاءِ آهن.
* ڊاڪٽر ٻڌايو ته گهڻي ڀاڱي مريض آپريشن بعد چند ڪلاڪن ۾ چٽو ڏسڻ لڳن ٿا پر هر ماڻهوءَ جي صحتياب ٿيڻ جي پنهنجي طاقت آهي ۽ ڪيترن ماڻهن کي بلڪل چٽو ڏسڻ ۾ هفتو ٻه به لڳيو وڃي، ان ڪري فڪر نه ڪجي ۽ ڊاڪٽر سان ملڻ تي هن سان احوال ڪجي، خاص ڪري جي اکين ۾ تڪليف محسوس ٿئي يا لڳاتار ڌنڌلو ڏيک هلندو رهي.
* پهرين ڏينهن ئي ڪار نه هلائجي جو ان ۾ اکين تي ڪافي زور (Stress) ٿو اچي.
* ڪجهه هفتن لاءِ ڪا به ڳري شيءِ نه کڻجي ۽ نه ڪا اهڙي ورزش ڪجي.
* آپريشن بعد ڏينهن ٻن لاءِ هيٺ جهڪڻ کان به پرهيز ڪجي، جو ان سان اکين تي پريشر ٿو پوي.
* ڇڪ اچڻ يا الٽيءَ کان به ممڪن ٿي سگهي ته هڪ يا ٻه ڏينهن پاڻ بچائجي.
* ڊاڪٽر ٻه ڏينهن کن وهنجڻ کان به جهلي ٿو جيئن اکين ۾ پاڻي نه وڃي ۽ تالاب ۾ ترڻ کان ته مهيني لاءِ روڪي ٿو جو سئمنگ پول جي پاڻيءَ ۾ جراثيم هجڻ جا وڌيڪ چانس آهن.
* مٽي، ڌوڙ يا تکي هوا ۾ هلڻ کان به مهينو کن پرهيز ڪجي.
* آپريشن بعد اکين کي مهينو کن نه مهٽجي جيڪا دراصل هونءَ به ڪا سٺي عادت ناهي ۽ بنا آپريشن واري کي به اکين جي گهڻي مهٽ مهٽان نه ڪرڻ کپي.
* جي توهان کي ٻنهي اکين جي آپريشن ڪرائڻي آهي ته ڊاڪٽر هڪ جي ڪري ٻيءَ جي هفتي کن کان پوءِ ڪندو جيئن تيستائين پهرينءَ جو زخم بهتر حالت ۾ ٿي وڃي.
هونءَ ڪي اهڙيون بيماريون آهن جيڪي بيحد عام هجڻ جي باوجود ميڊيڪل سائنس جا ماهر سڃاڻي نه سگهيا. ڏٺو وڃي ته مليريا جهڙي بيماريءَ لاءِ ڪوئنن جهڙيون گوريون به ميرن جي ڏينهن ۾ انگريزن ايجاد ڪيون. ان بعد به اهي ايتريون عام نه ٿيون جو سندن انگريز رئفلس جنهن سنگاپور کي خريد ڪيو ۽ ٺاهيو، مليريا وگهي مري ويو. ڊائبٽڪس جي خبر 1920ع ۾ پئي آهي، ان بعد ان جي علاج لاءِ سوچيو ويو ۽ خبر پئي ته Pancreas جي ڪمزور يا ختم ٿيڻ تي رت ۾ شگر جو مقدار وڌيو وڃي وغيره. پر حيرت آهي ته اک جي موتئي (Cataract) جي ڄاڻ ۽ ان جي آپريشن جو طريقو سئو ٻه سال اڳ نه پر عيسوي سن کان به اڳ معلوم ٿي چڪو هو. ڊاڪٽر طارق سليم سان گڏ ڪم ڪندڙ اکين جي ماهر ٻڌايو ته اهو قديم يونانين کان به اڳ هندستان جي ماهرن قبل مسيح ٽي صديءَ ۾ ايجاد ڪري ورتو هو. يعني هي اهي ڏينهن هئا جڏهن سڪندر اعظم دنيا فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو هو. اکين جي خراب لينس کي ڪڍڻ جي ان خطرناڪ طريقي کي اڄڪلهه ميڊيڪل جي دنيا ۾ ڪائوچنگ (Couching) سڏين ٿا. ان ۾ سئيءَ ذريعي لينس ۽ ان جي ارد گرد لئه Phlegm کي اندر دٻايو ويو ٿي جيڪو پوءِ ڦوڪ ڏئي نڪ ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو ٿي. ان بعد اک جي چوڌاري مکڻ ٻڌو ويو ٿي. ان آپريشن ۾ اڌ کان به گهٽ ڪاميابي ٿي ٿي. اهو طريقو بعد ۾ انڊيا جي فزيشن “ششرتا” ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب Compendium of Sushruta ۾ سترهين چئپٽر ۾ ڪيو آهي. اهو ڪتاب اصل ۾ هن سنسڪرت ۾ لکيو هو جيڪو پوءِ ٻين زبانن ۾ ترجمو ٿيو.
ڊاڪٽر فتاح ٻڌايو ته اڄ به آفريڪا جي ڪجهه ملڪن ۾ ڪي اهڙا قبيلا آهن جتي موتئي جي آپريشن ڪائوچنگ واري طريقي سان ڪئي وڃي ٿي.
“ڇو ڀلا؟” مون پڇيو. ڊاڪٽر فتاح سال ۾ ٻه يا ٽي دفعا ٻن ٽن هفتن لاءِ اکين جي پوئين حصي جي ميجر آپريشن ڪرڻ لاءِ نائيجيريا ۽ ٻين آفريڪي ملڪن ڏي ويندو رهي ٿو. هن ٻڌايو ته “سحارا رڻ پٽ جي هيٺين حصي واري آفريڪي کنڊ ۾ ڪي اهڙيون قومون آهن جيڪي ان قسم جي آپريشن ڪنهن سرجن کان ڪرائڻ بدران پنهنجن ڀوپن ۽ “ڏائڻ ڊاڪٽرن” کان ڪرائين ٿا جيئن اسان وٽ اڃا به ڪن ڳوٺن ۾ ماڻهو پنهنجن ٻارن جو طُهر حجام کان ڪرائين ٿا. ويندي سوناري يا ڊاڪٽرياڻي کان ماڊرن اوزار ذريعي نڪ ٽوپائڻ بدران ڳوٺ جي حجامڻ (استيءَ) کان زنگ لڳل سئيءَ سان نڪ يا ڪن ٽوپائين ٿيون...”
لڳي ٿو ته ميڊيڪل جون ڪجهه وڌيڪ ئي ڳالهيون لکي ويٺو آهيان، جيتوڻيڪ منهنجو ميڊيڪل سان نه پر انجنيئرنگ سان واسطو آهي.ها! انجنيئرنگ جون ڪجهه برانچون آهن جيئن ته Instrumentation ۽ آٽوميشن وغيره جن جو ميڊيڪل سائنس سان به واسطو آهي. هنن کي مريضن ۽ سرجنن جي مسئلن ۽ ضرورتن مطابق اوزار ۽ مشينون ٺاهڻيون پون ٿيون، انهن کي صحيح رکڻ ۽ مرمت ڪرڻ جا نت نوان طريقا سکڻا پون ٿا ۽ آئون هميشه نوجوان شاگردن کي چوندو آهيان ته بابا رڳو سول، مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ نه اٿانوَ- انهن کان علاوه پيٽروليم، ڪيميڪل، آٽوميشن، انسٽرو مينٽيشن جهڙين انجنيئرنگ برانچن جون ڪيتريون ئي اهم شاخون آهن توهان انهن مان ڪا اهڙي چونڊي ان ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڪريو جنهن جي اڄڪلهه ضرورت آهي يا ايندڙ وقتن ۾ ضرورت ٿي سگهي ٿي.