مختلف موضوع

زندگيءَ جا ميلا

الطاف شيخ صاحب هاڻي هڪ نئين ترتيب سان لکي رهيو آهي، جنهن کي نہ تہ ڪو سفرنامو چئي سگهجي ٿو نہ وري نصيحت نامو! ڪي ويھارو کن موضوع، جن جو پاڻ ۾ ڪو لاڳاپو بہ نہ آهي، سي هن ڪتاب ۾ آندا ويا آهن. پر هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ هڪ شعوري سگهہ حاصل ٿئي ٿي، ڪا نئين ڄاڻ ملي ٿي، ڪو جذبو اڌمو کائي ٿو تہ ڪاش اها جاءِ، بازار، بندر وغيره مان پاڻ ڏسان ها ۽ هڪ جيڏن کي ٻڌايان ها. ڪتاب ۾ موت ۽ حيات، اصحاب ڪھف جي غار جيڪا افسس شھر ۾ آھي، دين سان دلچسپي، پيري ۽ موت جي حقيتن بابت مضمون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 21
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book زندگيءَ جا ميلا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ڪتاب ”زندگيءَ جا ميلا“ اوهان اڳيان پيش آهي. 

الطاف شيخ صاحب هاڻي هڪ نئين ترتيب سان لکي رهيو آهي، جنهن کي نہ تہ ڪو سفرنامو چئي سگهجي ٿو نہ وري نصيحت نامو! ڪي ويھارو کن موضوع، جن جو پاڻ ۾ ڪو لاڳاپو بہ نہ آهي، سي هن ڪتاب ۾ آندا ويا آهن. پر هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ هڪ شعوري سگهہ حاصل ٿئي ٿي، ڪا نئين ڄاڻ ملي ٿي، ڪو جذبو اڌمو کائي ٿو تہ ڪاش اها جاءِ، بازار، بندر وغيره مان پاڻ ڏسان ها ۽ هڪ جيڏن کي ٻڌايان ها. ڪتاب ۾ موت ۽ حيات، اصحاب ڪھف جي غار جيڪا افسس شھر ۾ آھي، دين سان دلچسپي، پيري ۽ موت جي حقيتن بابت مضمون شامل آھن.

ھي ڪتاب 2021ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ ۽ پيڪاڪ پبلشرز جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

 books.sindhsalamat.com


اداري پاران

اداري پاران

اسانجي اداري وٽ، سائين الطاف شيخ صاحب جو هيءُ چوٿون ڪتاب آهي. اڳ شايع ٿيل ڪتاب پڙهندڙن وٽ پهچي ويا. اسٽور ۾ ڪي ڪاپيون رهيل هجن ته اها ٻي ڳالهه آهي. محترم الطاف شيخ جا ڪتاب 2022ع ۾ اسان هڪ نئين رٿابندي سان، نئين انداز ۾ آڻڻ گهرون ٿا: مول مقصد اهو آهي ته سائين الطاف شيخ صاحب جي لکڻين ۾ سندس زندگي جا تجربا، مشاهدا، مطالعا، مختلف ملڪن جي تاريخ ۽ ترقي، اتان جي ڏاهن جا سبق ۽ سمجهاڻيون جيڪي ازخود اچي رهيون آهن، جيئن ڪنهن سينئر شاعر کي آمد ٿيندي آهي، ۽ هو بنان رٿا ۽ تياريءَ جي شاندار شاعري ڪري ويندو آهي، جيڪا قومن جي تقدير بدلائيندي آهي. شيخ صاحب به هاڻي انهي پَدَ تي پهتو آهي. سندس لکڻين ۾ ڪانه ڪا نئين شيءِ هوندي آهي، جيڪا سوچڻ تي مجبور ڪندي آهي. سائين جيئن ته پيشي جي لحاظ کان انجنيئر آهي، ان ڪري هو ڪابه ڳالهه بنان سبب جي ڪري نه سگهندو آهي، ان کان علاوه کيس تاريخ، فلسفي، ثقافت، قديم آثار ۽ مذهبن جي به سٺي ڄاڻ آهي، جڏهن اهي سڀ گڻ گڏ ٿين ته الطاف شيخ صاحب جو فڪر پالوٽ ڪري ٿو، جيڪو نئين نسل جي رهبري لاءِ وڏي وٿ آهي.
الطاف شيخ صاحب هاڻي هڪ نئين ترتيب سان لکي رهيو آهي، جنهن کي نه ته ڪو سفرنامو چئي سگهجي ٿو نه وري نصيحت نامو! ڪي ويهارو کن موضوع، جن جو پاڻ ۾ ڪو لاڳاپو به نه آهي، سي هن ڪتاب ۾ آندا ويا آهن. پر هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ هڪ شعوري سگهه حاصل ٿئي ٿي، ڪا نئين ڄاڻ ملي ٿي، ڪو جذبو اڌمو کائي ٿو ته ڪاش اها جاءِ، بازار، بندر وغيره مان پاڻ ڏسان ها ۽ هڪ جيڏن کي ٻڌايان ها. شيخ صاحب جي هر لکڻيءَ ۾ هڪ تسلسل هوندو آهي، جيڪو مجبور ڪندو آهي ته اڳ ۾ اهو پڙهي ٽڪ مارڪ ڪيل موضوع پوءِ ٿو پڙهان. لکت ۾ اهڙي ڪشش قائم رکڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 سالن جو لاڳيتو تجربو ۽ اٿاهه من جو مطالعو گهرجي! ائين به نه آهي ته سائين جي لکڻين ۾ ڪا سلاست، بلاغت يا فصاحت آهي. ائين هرگز نه آهي، شيخ صاحب جو محاورو ڪچو آهي. بلاغت کان بر ويندو آهي، صورتخطي جون به چڪون عام جام نظر اينديون. ٻيو ته سائين جي ذهن تي ان وقت عام سنڌي لفظ تري نه آيو ته پوءِ ان جاءِ تي انگريزي لفظ لکي ڇڏيندو آهي. اهڙين ڪچاين باوجود، سندس ٻوليءَ ۾ هڪ ربط، ضبط ۽ شڪتي آهي، جو هر پڙهندڙ جيڪڏهن سندس ڪتاب جي گُهر ٿو ڪري! ان جو ڪو ته ڪارڻ هوندو؟ ان جو جواب ته ڪو تحرير شناس، ٻولي جو ماهر يا ڪو ٻولي جو فيلسوف ئي ڏئي سگهي ٿو. منهنجي محدود معلومات مطابق:
• الطاف شيخ وٽ اَٿاهه معلومات آهي، عام ليکو ڪبو ته اسان جي پوسٽ گريجوئيٽ ماڻهن وٽ سندس ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو معلومات مس هوندي.
• الطاف دنيا کي ‘اُلٽي اک’ سان ڏٺو آهي، اهڙي سگهه عام سياح ساري نٿو سگهي.
• هو گهمندي ڦرندي دلچسپيءَ واريون ڳالهيون نوٽ ڪندو ويندو آهي پوءِ ان تي عنوان ڏئي فائيل باڪس ۾ پوري ڇڏيندو آهي. سندس ياداشت بخيرکيس پنهنجون نوٽ ڪيل ڳالهيون ازبر هونديون آهن.
• سنڌ سان سڪ ۽ محبت سندس سُتي ۾ پيل آهي، هو ڪٿي به وڃي اول اباڻا جاچيندو آهي، جي ملي ويس ته پوءِ انهن جو احوال اهڙي انداز ۾ ڏيندو آهي، جو پڙهندي اکيون نه ڍاپن. هن ڏيهان ڏيهه وسندڙ وطن واسين کي ڳولي لڌو آهي. اهڙي اڻ تڻ گهٽ سياحن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي ڇاڪاڻ ته هو گهمڻ ڦرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.
• الطاف شيخ پنهنجي لکت ۾ ڪُپت ڪرڻ کي گناهه برابر سمجهندو آهي. سندس لکڻيون سچ تي مبني هونديون آهن.
• شيخ صاحب عام زندگيءَ ۾ يا لکڻين ۾ نوڙت وارو ماڻهو آهي، پاڻ پڏائڻ کي عيب سمجهندو آهي. ڇا اهي گڻ سندس مقبوليت لاءِ ڪافي نه ٿا ٿي سگهن!
شاهه لطيف اهڙن ماڻهن لاءِ چيو آهي ته؛
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيان جن،
تن جو صرافن اڻ توريو اگهايو.

محترم سائين الطاف شيخ جي لکڻين ۾ هڪ نئين شيءِ جو اضافو ٿي ويو آهي، جو هو پنهنجو نئون ڪتاب ڪنهن اهڙي ماڻهو خاندان کي منسوب ٿو ڪري، جنهن محدود وسيلن ۾ ڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو هجي. جيئن سندس اڳيون ڪتاب “آرڪٽڪ سرڪل جي آسپاس” ۾ ڀٽ شاهه جي آپا ممتاز لاڙڪ جي نالي ڪيو آهي، جنهن ماستري ڪري پنهنجي پٽن کي نه صرف پڙهايو پر انهن جي ترتيب به سٺي ڪئي جو اڄ سندس چارئي پٽ CSP آفسير آهن.
هي ڪتاب وري هڪ صوفي منش ليکڪ سائين مدد علي سنڌي جي نالي ڪيو اٿائين، نه صرف ايترو پر سندس تعليم، تربيت، جواني، نوڪريون، سياست، ڪتاب وغيره تي ايترو ته تفصيل ۽ ڄاڻ ڀريو لکيو اٿائين جو خود سائين مدد علي کي به ياد نه هوندو ته ايتريون خوبيون منجهس آهن. عام طور کيس تڪراري ليکڪ ڄاتو ويندو آهي، پر پنهنجي سٻاجهي سڀاءَ سبب اڄ به زندگي بنان ٺٺ ٺانگر ۽ توازن ۾ گذاري ٿو. نوجوان ساڻس پيار ۽ احترام ڪن ٿا. جڏهن ته سينئر دوست کيس مانائتي موٽ ڏين ٿا. وس پڄندي هن ڪنهن کي ڪونه ڏکوئيو آهي، هن جي سڀني سان هٿ جوڙ واري واٽ آهي. هن پنهنجي ڪوشش سان ثقافت کاتي مان نهايت شاندار ۽ تاريخي اهميت جا ڪتاب شايع ڪرايا آهن، ٻي صورت ۾ اهي اڃا به ڪٻٽن ۾ قيد هجن ها.
اهو هڪ فطري عمل آهي، جنهن کان ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي، ان بابت ٻين کي به ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ صاحب “اصحاف ڪهف” بابت تاريخي تناظر ۾ وڏيون سمجهاڻيون ڏنيون آهن. آخري باب ان بابت آهي پاڻ پڙهو ۽ متاثر ٿيو ته پوءِ ٻين کي به ٻڌايو. ان سان گڏ الطاف سائين هن ڌرتي جا آخري ڏينهن جي عنوان هيٺ ‘موت’ جهڙي حقيقت کي مختلف تاريخي روايتن، جيئن: سج جو مغرب کان اڀرڻ، دايت الارض، درياهه فرات مان-سون جو جبل، پنج نشانيون (حديثن مان)، موت بابت لطيفا وغيره دلچسپ انداز ۾ ڏنا آهن.
اسان کي ذاتي طور نهايت خوشيءَ آهي ته شيخ صاحب جهڙو گهڻ پڙهيو، آبرو دار مڙس اسان جي اداري بابت تمام سٺي راءِ رکي ٿو. هن خيالن جو اظهار ڪيترن مضمونن ۾ پڻ ڪيو آهي. خاص طور سنڌي سماج ۾ نهايت معتبر سمجهيو ويندڙ، جڳ مشهور ۽ اَٿاهه علم سان ٽمٽار عالم جي راءِ اسان لاءِ قيمتي سرمايو آهي.


ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
چيئرمين، پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي.

انتساب

انتساب

ننڍپڻ جي دوست، شاعر، اديب، سياست ۾ ڀرپور
حصو وٺندڙ، صحافي، باهمٿ ۽ هڪ همدرد انسان
مدد علي سنڌيءَ جي نالي.

حيدرآباد ۾ منهنجا جيڪي شروع شروع ۾ شاعر ۽ اديب دوست ٿيا اهي هئا: طارق اشرف، ولي رام ولڀ، مدد علي سنڌي، دستگير ڀٽي وغيره. اهي سڀ حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي کوکر پاڙي ۾ رهيا ٿي، جتي منهنجي ناني سيٺ محمد حسن سومرو (سنڌ زميندار هوٽل وارو) ۽ ان جو ننڍو ڀاءُ سيٺ لالا (الهه ڏتو سومرو، فاران هوٽل وارو) رهيو ٿي - جن جي ٻارن: ماما امان الله، اختر، انور وغيره سان هنن جي اليڪ سليڪ هئي. آئون ارڙهن اوڻيهن سالن جو هوس - يعني 1963ع ۾ ته پهرين طارق اشرف سان واقفيت ٿي وئي. اڳتي هلي هن سهڻي رسالو ڪڍيو ته هو اسان جي دلپسند شخصيت ٿي پيو. 1968ع ڌاري، رسالي جي ڇپڻ لاءِ هن قمر شهباز ۽ ظفر شاهه جهڙن دوستن جي مدد سان پريس به پنهنجي خريد ڪئي، جنهن ۾ هن سهڻي رسالي کان علاوه ٻين ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم پڻ ڪيو ٿي.
انهن ڏينهن ۾ منهنجا سامونڊي سفر شروع ٿي ويا هئا جن جو احوال عبرت اخبار ۾ اچڻ لڳو. طارق انهن ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ صلاح ڏني، جيڪا مون کي ڏاڍي پسند آئي، ڇو جو انهن ڏينهن ۾ سهڻي رسالي جي ڇپائيءَ جي هر هڪ واکاڻ ڪئي ٿي. طارق کان پڇيم ته خرچ گھڻو ايندو؟ هن حساب ڪري ٻڌايو ته هڪ هزار ڪتابن جو 1600 روپيه ايندو. اهو ٻڌي آئون دنگ رهجي ويس. ڇو جو اهو انگ ان وقت جي حساب سان تمام گھڻو هو. آئون جهاز تي جونئر انجنير هوس ۽ هڪ مئرين انجنير جي حيثيت ۾ منهنجو پگھار وڏو اٽڪل 400 روپيه هو. اڄ جي دور ۾ ماڻهن کي 400 روپيه گھٽ لڳندا هجن - جيڪي فقط اڍائي ڊالرن برابر ٿين ٿا پر انهن ڏينهن ۾ چئن رپئي ڊالر مليو ٿي - يعني منهن جو پگھار هڪ سئو ڊالر هو. ان پگهار جي وڏي هجڻ جو توهان ان مان به اندازو لڳائي سگھو ٿا ته انهن ڏينهن ۾ منهنجو والد ڊپٽي ڪمشنر هو جنهن جپ پگھار فقط 1300 روپيه هو.
مون سال کن نوڪري ڪري هڪ هزار روپيه بچايا هئا، ٻيا پئسا پنهنجي ناني کان وٺي طارق اشرف کي ڏئي آئون ڪراچيءَ پنهنجي جهاز تي هليو ويس، جيڪو ٻن ٽن ڏينهن ۾ Sail ڪرڻ وارو هو. اهو اسان جو ننڍو سفر ٿيو ۽ ڪولمبو، ڪوالالمپور، سنگاپور ۽ بئنڪاڪ مان ٻن مهينن بعد ڪراچيءَ موٽياسين. ڪتاب جي شوق ۾ آئون ماءُ پيءُ وٽ هالا وڃڻ بدران حيدرآباد ناني وٽ آيس ۽ صبح ساڻ طارق وٽ ڪتاب لاءِ ويس. خبر پيئي ته هن اڃان فقط هڪ فارم - يعني 8 صفحا ڇپيا آهن. اتي طارق جي پريس تي ئي منهنجي مدد عليءَ سان ملاقات ٿي، جنهن منهنجي ڳالهه ٻڌي مون پاران طارق کي پارت ڪئي. در اصل طارق به نئين نئين پريس ڪڍي هئي، هن جون مجبوريون هيون، جيڪي اڄ به وڏن پبلشرن کي به رهن ٿيون. ساڳئي وقت آئون به نئون نئون مصنف ٿي رهيو هوس ۽ ولايتن ۾ رهي منهنجي دماغ ۾ اهو ئي هو ته اسان وٽ به هر ڪم ڪيل وعدي مطابق ٿئي ٿو، پر اڄ وانگر شروع کان اسان وٽ ائين ئي رهيو آهي. واپسيءَ تي مدد جي گھران ٿيندو آيس، جتي هن جي والده امان شهربانوءَ مون کي سڃاتو ته آئون سندس پاڙي ۾رهندڙ چاچي زرينه مغل (منهنجي ناني جي ڀاڄائي) جو مائٽ آهيان. (باءِ دي وي، ڪجهه سالن بعد چاچي زرينه ۽ سيٺ چاچا لالا وارن جي مدد علي وارن سان مائٽي به ٿي، جو سندن وڏي پُٽ اختر سومرو جي شادي مدد جي سڳي سوٽ شڪيلا سان ٿي هئي).
بهرحال ڪتاب ڇپجڻ ۾ ڏاڍي دير ٿي ۽ مون جيڪي پنج ڇهه سهڻي پريس جا چڪر هنيا، انهن مان هر هڪ ۾ پاڻ سان مدد کي وٺي ٿي آيس. حيدرآباد پهچڻ تي صبح ساڻ اچي مدد جي گھران نڪتس ٿي. ڪڙو هڻندو هوس ته سندس والده امان شهربانو جواب ڏيندي هئي ۽ مدد کي اٿاريندي هئي. ڪجھه ڏينهن اڳ اهو زمانو ياد ڪري مدد کي چيم ته اڄ مون کي شرمندگي ٿئي ٿي جو توکي ۽ تنهنجي والده کي پريشان ڪندو هوس.
مدد کي به شابس هجي جو هر دفعي مون سان گڏ جھيڙي لاءِ هلندو هو... ۽ جھيڙو ڪنهن سان ڪندا هئاسين، هڪ عظيم انسان ۽ وڏي اديب طارق اشرف سان. پر اهي سڀ پوءِ جون ڳالهيون ٿيون. ان وقت اسان ٽنهي کي سڃاتو ئي ڪنهن ٿي. پر اڄ اهو زمانو ياد ڪري کل ٿي اچي ته ڪيئن مدد منهنجي مدد ڪندو هو ۽ جھيڙي لاءِ ٺهي ٺڪي طارق اشرف وٽ پهچي ويندا هئاسين. پڙهندڙن کي اهو پڻ ضرور ٻڌايان ته هڪ طرف اسان ٻه هئاسين پر دليل بازيءَ ۾ طارق اشرف ملهه ماري ويندوهو ۽ اسان مطمئن ٿي وري مهيني ڏيڍ جو انتظار ڪندا هئاسين.
پنهنجو هي نئون ڪتاب مدد علي سنڌيءَ کي منسوب ڪرڻ سان گڏ مدد جي زندگي بابت ڪجھه سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو. در اصل مدد علي سنڌيءَ تي ڪيترن ئي سندس دوستن ۽ پڙهندڙن لکيو آهي خاص ڪري سندس ويجھي دوست شوڪت حسين شوري. آئون به ڪجھه پنهنجي طرفان ته ڪجھه هن جي دوستن جي لکيل مضمونن مان ورتل حوالن ذريعي پنهنجي پڙهندڙن کي مدد عليءَ جو تعارف ڪرائڻ چاهيان ٿو.
نامور اديب ۽ صحافي، مدد علي سنڌيءَ جو پورو نالو مدد علي ولد الله بخش قريشي آهي. هن 12 آڪٽوبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مدد علي سنڌيءَ پرائمري تعليم فاطمه گرلس اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. اهو اسڪول خلافت تحريڪ جي اڳواڻ شيخ عبدالرحيم جي وڏي ڌيءَ حاجياڻي غلام فاطمه شيخ جو قائم ڪيل هو، انهيءَ خاتون مدد عليءَ کي پرائمري تعليم ڏياري. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. جڏهن ته ايم. اي ڪرڻ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٻه ڀيرا سياسي ڪيسن ۾ رسٽيڪيٽ سبب هو اها مڪمل نه ڪري سگيو. مدد علي، شاگرديءَ واري زماني کان سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو. پاڻ “جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن” جي بانيڪارن مان آهي. 1969ع ۾ “عوامي ليگ” حيدرآباد ڊويزن جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ شيخ مجيب الرحمان کيس عوامي ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيو. آڪٽوبر 1970ع ۾ “اڳتي قدم” نالي هڪ رسالو جاري ڪيائين.
منهنجي ذهن ۾ اڄ به اها يادگيري چٽي آهي، جيڪا ڏک جو احساس ڏياريندي آهي.... 1971ع ۾ آئون دادو پنهنجي ماسيءَ جي گھر ٽِڪيل هوس ته خبر پئي ته ٻي ڏينهن ممتاز ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي ويندي، دادو جي ريلوي اسٽيشن تي ڪجھه دير ترسي تقرير ڪندو. جڳت آباد پاڙي جي ٻين دوستن: محمد خان ملڪاڻي، استاد بخاري، شوڪت مٺائي واري سان گڏ آئون به اسٽيشن تي آيس. رستي تي هڪ بڪ اسٽال تي مدد علي سنڌيءَ جي رسالي “اڳتي قدم” جو نئون پرچو ڏسي اهو به خريد ڪيم.
ممتاز صاحب جي تقرير بعد ساڻس هٿ ملائڻ وقت مون اهو رسالو “اڳتي قدم” تحفي طور کين پيش ڪيو. ممتاز صاحب رسالي جو غور سان ٽائيٽل ڏسي چيو : “ ڇا آهي لکيل؟”
“سائين، اڳتي قدم.” مون وراڻيو.
“هاڻ حڪومت اسان کٽي ورتي. هاڻ وري اڳتي قدم ڪهڙو ٿيندو؟” اهو چئي ممتاز صاحب منهنجو ڏنل تحفو (رسالو) مون کي واپس ڪري ڇڏيو. سگھو ئي ٽرين رواني ٿي وئي ۽ آئون ڏکويل دل سان دوستن سان گھر ڏي وريس. رستي تي ممتاز هوٽل تي چانهه تي مون کي خاموش ڏسي، استاد بخاريءَ منهنجي اندر جو ڏک محسوس ڪري منهنجو ڌيان هٽائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو. بهرحال، مون کي ان ڳالهه جي پهريون دفعو ڄاڻ ٿي (۽ حيرت پڻ) ته اسان جا نمائندا پنهنجي مادري ٻوليءَ کان اڻواقف آهن ... ٻي ڳالهه ته اسان جي گھڻي ڀاڱي چونڊيل نمائندن جو خواب ۽ خواهش عوام جي خدمت ۽ پنهنجي علائقي جي ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ نه پر وزير مشير ٿي، پئسو ۽ پاور حاصل ڪرڻ آهي.
بهرحال اسان جي غريب دوست مدد عليءَ جي جدوجهد ۽ انقلابي قسم جي رسالي جي ان وقت واکاڻ ته نه ٿي پر طارق اشرف جي سهڻي، حميد سنڌيءَ جي روح رهاڻ ۽ ظفر حسن جي رسالي وانگر “اڳتي قدم” رسالو به وقت جي حڪومت جي اکين ۾ چڀڻ لڳو ۽ 1973 ۾ وقت جي حڪومت پابندي هڻي ڇڏي، جنهن کانپوءِ 1973ع کان 1978ع تائين وارو عرصو مدد عليءَ روپوشيءَ ۾ گذاريو. ان عرصي دوران 1975ع ۾ ان وقت جي حڪومت 72 سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش لاڳو ڪئي. ان ڪيس دوران مدد علي سنڌيءَ ۽ طارق اشرف جي گهرن تي ڇاپا لڳا ۽ “اڳتي قدم” ڇپيندڙ پريس کي سيل ڪيو ويو ۽ مدد علي سنڌيءَ جي 86 سالن جي والد کي سندس بدران گرفتار ڪري 26 ڏينهن حيدرآباد سٽي لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو.
مدد تي دشمنيءَ جي حد تائين تنقيد ڪندڙ به اها ڳالهه مڃڻ تي مجبور آهن ته، هو ڇا به آهي پر آهي بلا جو ليکڪ. سندس ڪهاڻي هجي، نثري نظم هجي يا ڪو خاڪو يا اسڪيچ، هن جي لکڻ جو انداز هن جو رنگ، پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي. سندس نقاد به اهو چوڻ تي مجبور آهن ته، خدا تعاليٰ هن کي ڏات جي الائي ڪيترين نعمتن سان نوازي ڌرتيءَ تي موڪليو آهي. هو شوق ۾، ذميواريءَ ۾ يا ڪنهن مجبوري ۾ به جيڪڏهن ڪو ڪم ڪري ٿو ته اهو به پنهنجو مٽ پاڻ بڻجي پوي ٿو. هن کي جيڪڏهن ڪم نٿو اچي، ته به هو ڪم سکي وٺي ٿو - ۽ سندس هر ڪم پرفڪيشن سان ڀرپور هجي ٿو. هن جي سڃاڻپ جا لاتعداد حوالا آهن. هو پهريان سياسي ورڪر، پوءِ سياسي اڳواڻ، پنهنجي دور جي هڪ مشهور مزاحمتي رسالي “اڳتي قدم” جو ايڊيٽر، ڪهاڻيڪار، شاعر، صحافي، لڳ ڀڳ ڏهن اخبارن جو ايڊيٽر، چيف ايڊيٽر، وڏن وزيرن جو پريس سيڪريٽري، سنڌ ثقافت کاتي جي ڪيترين ئي اسڪيمن جو ڊائريڪٽر، هڪ شاندار مقرر، هڪ زبردست منتظم ۽ الائي ڇا ڇا آهي. دل جو مرض کڻي باءِ پاس آپريشن ڪرائڻ جي باوجود اڄ 70 سالن جي عمر جو مدد بلڪل ائين نه لڳندو ته جسماني يا ذهني ظرح ڪمزور ٿي ويو آهي - يا ٿي رهيو آهي. نوجوانن لاءِ ساڻس هر ملاقات هڪ اهڙي انرجيءَ جو سبب بڻجندي آهي، جو ملاقات ڪندڙ همراهه پاڻ به ڏينهن تائين تازو توانو ۽ نوبنو ٿي پيو گھمدو آهي. هن سان اها ٽريجڊي يا ويڌن آهي ته، هي هر ڳالهه مُنهن تي چئي ڏيندو آهي، ان ڪري سندس دوستن جو تعداد وڌڻ بدران روز بروز گھٽجندو رهي ٿو، پر ان باوجود هن مختلف ميدانن ۾ جيڪو ڪم ڪيو آهي، ان سندس هزارين عقيدتمند پيدا ڪر ي ڇڏيا آهن، جيڪي کيس جتي ڏسن ٿا، وڪوڙي وڃن ٿا. کانئس آٽوگراف وٺن ٿا، فوٽو ڪڍرائين ٿا، کيس فنڪشنس ۾ مکيه مهمان طور سڏائين ٿا، ڪتابن جا مهاڳ لکرائين ٿا، ايڊيٽنگ ڪرائين ٿا ۽ هو خوشيءَ سان اهو سڀ ڪجھه ڪندو اچي ٿو.
مدد علي سنڌيءَ جي جگري دوست شوڪت حسين شوري کي مدد جي پراڻي گهر جون ڪيتريون ئي يادگيريون آهن. هن کي مدد جو اهو گھر به ياد آهي ۽ کوکر محلي جون اهي سنهڙيون گھٽيون به ياد آهن، جن مان هڪڙي گهٽي مدد علي سنڌي جي دروازي کي چمندي اڳتي وڌي ويندي هئي. شوڪت ٻڌائي ٿو ته، “حيدرآباد جي کوکر پاڙي ۾، سنهڙي گھٽيءَ ۾ هڪ وڏو ڪمرو هو، جنهن کي آشرم ڪوٺيو ويندو هو. مدد علي سنڌي پاران قائم ڪيل اهو آشرم اصل اوطاق جي مثل هو، جنهن ۾ ڪا ڪرسي ۽ ميز ڪانه هئي. فقط هڪ غاليچو وڇايل هوندو هو ۽ ڪجھه طول وهاڻا هئا، جتي نه رڳو حيدرآباد پر سڄي سنڌ مان مدد سان تعلق وارا اديب، سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن اچي وسرام ڪندا هئا. مدد جي مامي ۽ ماسي جا گھر به ان گھٽيءَ ۾ هئا. آشرم ۾ منجھند جي ماني ماسي ٺاهي موڪليندي هئيس. جيترا به ماڻهو هجن، ماني سڀني جي لاءِ هوندي هئي. مدد جو دسترخوان سندس دل وانگر ڪشادو هوندو هو. ماسيءَ جو رڌل ٻوڙ سنهڙن ُڦلڪن جو ذائقو کائڻ وارن کان وسرندو ڪونه هو.”
شوڪت وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته،“ شاگردي ۽ جيئي سنڌ واري زماني ۾ مدد ڪپڙي لٽي جي شوق کان لاپرواهه هوندو هو. سندس ڪپڙا سدائين گھنجھيل ۽ ڪٿان ڪٿان ڦاٽل به نظر ايندا هئا. مدد جي ڪاوڙ ايتري ته خطرناڪ هوندي هئي، جو لڳندو هو ته جيڪڏهن سندس هٿ ۾ پستول هجي ته لاشن جا ڍير لڳي وڃن. ڪاوڙ ۾ مدد جي گجگوڙ ۽ گارين ۾ ٿوري دير کانپوءِ اهڙي ٺاپر اچي ويندي هئي، ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي ڪونه هو.”
هو هڪ دور ۾ هڪ اهڙو قومپرست اڳواڻ هو، جنهن جي هر سوچ ۽ هر تخليق جو سچو محور پنهنجي ڌرتي، ان جا ماڻهو ۽ انهن ماڻهن جي بهتر مستقبل جا خواب هئا. انهن خوابن جي تعبير جي حوالي سان هو اڄ به سوال اٿاري ٿو ته، جڏهن ملڪ ۽ سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي حڪومت آئي ته، ڇا سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي حياتيءَ ۾ ڪا تبديلي آئي؟ ڇا سنڌ جي ٻهراڙي بدلي؟ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، امن امان جون حالتون سڌريون؟ سنڌ جي وڏيري، جاگيردار ۽ ڪاموري عام سنڌي ماڻهوءَ کي پنهنجو ڌرتي واسي، پنهنجو ڀاءُ سمجهيو؟ ڇا ان جي ڏکن ۽ تڪليفن کي محسوس ڪيو؟
مدد علي سنڌيءَ جي زندگي ۾ اهو ڪهڙو عذاب هو، جيڪو سياسي ڪارڪن جي زندگي ۾ ايندو آهي، پر مدد جي زندگي ۾ نه آيو هو. هن هر تڪليف سَٺِي. هر ڏک سَٺو، هر تذليل برداشت ڪئي. هوُ رسٽيڪيٽ ٿيو. هن جيل ڪاٽيا ۽ ڪوڙا ڪيس برداشت ڪيا. مٿس ٻن خونن جو ڪيس داخل ٿيو. 1973ع واري آئين خلاف جدوجهد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عبدالحفيظ پيرزادي کي لڳل چماٽ ۽ هنگامي واري ڪيس ۾ کيس 3 سال رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. ڪجھه ڏينهن کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ ٻن شاگردن، علي مردان شاهه “ رقصم” ۽ جان محمد کيڙو جي ٿيل قتل ۾ ٻين شاگردن سان گڏ هن کي به جوابدار طور نامزد ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ هو وڌيڪ پنجن سالن لاءِ رسٽيڪيٽ ٿي ويو. هو 5 سال روپوش رهيو. گھر کان ٻاهر رهيو. هو اهي عذاب سهندڙ اڪيلو پاڻ هجي ها ته، شايد کيس گھٽ تڪليف ٿئي ها، پر سندس 80 سالن جي پوڙهي پيءُ کي به گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو. سندس والده ۽ ٻين ڀائرن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا ويا. هن جي تعليم تباهه ٿي وئي. هو 8 سال رسٽڪيٽ رهڻ سبب تعليم پوري ڪري نه سگھيو. مون کي مدد جي اڄوڪن ڏينهن جي به خبر آهي. مون کي اها به خبر آهي ته هن جو مهينو ڪيئن ٿو گذري؟ هو بيمارين ۽ دوائن جا خرچ ڪيئن ٿو پورا ۽ برداشت ڪري؟ مون کي اها به خبر آهي ته کيس ڪڏهن ڪڏهن ته ڪن اهڙن ماڻهن جي واتان ڇا ڇا نٿو ٻڌڻو ۽ برداشت ڪرڻو پوي، جيڪي سندس آڏو ڪک به ناهن.
هن صحافت جي شروعات جديد سنڌي صحافت جي باني قاضي محمد اڪبر جي اخبار “سنڌ نيوز” کان ڪئي. ان کان اڳ هن وٽ ڪنهن اخبار ۾ پروف ريڊر طور ڪم ڪرڻ جو تجربو به نه هو، پر قاضي محمد اڪبر جي ماڻهو-شناس اک کي مدد علي سنڌيءَ ۾ اهو صحافي نظر اچي ويو، جيڪو سياست کان مايوس ٿي چڪو هو. هن مدد علي سنڌيءَ کي اخبار اچي جوائن ڪرڻ جي آڇ سان گڏ اهو به چيو ته “هڪ مايوس سياستدان لاءِ صحافت ئي آخري اجھو ۽ ڇپرو هوندو آهي.” مدد علي سنڌي ان تاريخي جملي جي معنيٰ کي سمجھي ورتو ۽ پوءِ صحافت ئي سڄي زندگي سندس لاءِ ڇپر به رهي، ته ڇانءَ به رهي. قاضي محمد اڪبر جي لاڏاڻي کانپوءِ قاضي اسلم اڪبر جي سرواڻيءَ ۾ مدد علي سنڌي “سنڌ نيوز” جو اهو صحافتي پنڌ جاري رکيو. هن زندگيءَ ۾ مشڪل ترين ڏينهن ۾ قاضي محمد اسلم اڪبر پاران سندس خيال رکڻ ۽ پرگھور لهڻ کي اڄ به محبت ۽ احترام سان ياد ڪري ٿو. هن نه رڳو پاڻ صحافت کي پنهنجو مشن ۽ مرڪز بنايو، پر هن ڪيترن ئي ٽٽل دل سياسي ڪارڪنن کي به ان ڇانوَ هيٺان آڻي بيهاريو. هڪ سياسي ڪارڪن جو سياست ۾ اچڻ، ان جون ڪاميابيون ۽ ناڪاميون هڪ ڌار موضوع آهي، جنهن تي ڪڏهن بعد ۾ لکبو. صحافت جو ذڪر نڪتو ته مدد جي حوالي سان هڪ ٻيو تجربو به حيران ڪندڙ آهي. هن صحافت ۾ شين کي ڪيئن مڪس ۽ مئنيج ڪيو، ان بابت مون ڪڏهن به مدد کان ناهي پڇيو، پر اها ڳالهه تاريخ جو حصو آهي، ته هو پهريون ڀيرو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جي هٽڻ بعد قائم ڪيل غلام مصطفيٰ جتوئيءَ حڪومت جي دور ۾ ان جي ئي چوڻ تي روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر بنيو ۽ ٻيهر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سخت ترين مخالف ڄام صادق جي چوڻ تي ٻيهر هلال پاڪستان جوائن ڪيائين. اهو ساڳيو مدد علي سنڌي هو، جنهن وري پ پ جي اهم اڳواڻ جي اخبار “بختاور” کي ايڊيٽر طور سنڀايو، ته ساڳي طرح مدد علي سنڌي پ پ جي ڪٽر مخالف ارباب رحيم سان گڏ به رهيو ۽ ان جي پريس سيڪريٽري طور ڪم به ڪيائين. ماهوار “سهڻي” جو ايڊيٽر طارق اشرف، مدد لاءِ چوندو هو ته ، “هو تضادن سان ڀريل شخصيت آهي.” ان ڪري شايد مدد اهڙين شخصيتن سان گڏ ڪم ڪرڻ کي ممڪن بڻائي ورتو هو، جيڪي پڻ هڪ ٻئي ڏانهن ڪڏهن به ويجھڙائپ جو رويو رکندڙ نه هيون.
مدد ڪيترين اخبارن جو ايڊيٽر رهيو، پر جڏهن هو 1991ع ۾ روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي جو چيف ايڊيٽر هو ته هُن انتظاميا جي چوڻ تي 150 سنڌي ملازمن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن ڪري کيس هلال پاڪستان جي چيف ايڊيٽر جي عهدي تان فارغ ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ ڪيترا ماڻهو ان وقت حيران ٿي ويا هئا، جڏهن محترما شهيد بينظير ڀٽو وزيراعظم پاڪستان کيس 1994ع ۾ پنهنجي اخبار “روزاني بختاور” جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو. محترما شهيد؛ وزيراعظم جي حيثيت ۾ کيس ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي دورن ۾ پڻ پاڻ سان گڏ وٺي وئي هئي. سوال اهو به آهي ته، مدد ڪنهن هڪ اخبار ۾ مستقل نوڪري ڇو نه ڪري سگھيو؟ شايد سندس بوهيمن طبيعت جو عمل دخل شامل آهي.
هن کي شيخ اياز سان عشق رهيو آهي. اهو ئي سبب هو جو 1971ع جي مارشل لا ۾ جڏهن شيخ اياز سکر سينٽرل جيل ۾ قيد هو ته اتي به شيخ اياز کي ڪتابن موڪلڻ سان گڏ سکر وڃي کيس سامان پهچائيندو هو. شيخ اياز کيس سکر جيل مان جيڪو خط لکيو هو، اهو پڻ ادبي ۽ سياسي شاهڪار آهي. 1970ع ۾ هو عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو هو ۽ شيخ مجيب سان گڏ سنڌ جي دوري تي به ويو هو. روزنامه جنگ جي جولاءِ 1970ع واري اشاعت جي هڪ تصوير بيحد مشهور آهي، جنهن ۾ شيخ مجيب تقرير ڪري رهيو آهي ۽ مدد سنڌي سندس قدمن ۾ ويٺو آهي.
مدد کي اهو به ڪريڊٽ آهي ته هُن حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا جلسا ڪرايا، جن ۾ سائين جي ايم سيد کي وٺي آيو هو. 2 آگسٽ 1972ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ مدد جلسو ڪرايو هو، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد تي بم جو حملو ٿيو هو. ان حملي ۾ سندس هڪ ساٿي دوست، محمد پراچا شهيد ٿي ويو هو ۽ مدد جي دوست ڪامريڊ محمد عمر شورو جي هڪ ٽنگ ضايع ٿي وئي هئي. مدد ڪامريڊ محمد عمر شوري جي آخري گھڙيءَ تائين پرگھور لهندو رهيو بلڪ وٽس ئي رهندو هو.
چوٿين مارچ 1973ع تي مدد هڪ وڏو جلسو بسنت هال حيدرآباد جي ٻاهران ڪرايو هو، جنهن جي صدارت سائين جي ايم سيد ڪئي هئي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل ان جو خاص مهمان هو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مارچ 1973ع ۾ جڏهن هو شاگرد هو ته جساف جي شاگرد يونين ڪامياب ٿي هئي، جنهن کانپوءِ مدد ۽ سيد شاهه محمد شاهه شاگرد يونين تي زور ڀري محترم سائين جي ايم سيد کان “سنڌي شام” جي صدارت ڪرائي هئي.
سنڌي ادب ۽ سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت ۾ عالمي سطح تي مڃتا ماڻيل ليکڪ ۽ صحافي حسن مجتبيٰ، جيڪو شايد تمام گھٽ ماڻهن کي پنهنجو استاد چوندو هوندو، اهو به مدد علي سنڌيءَ کي پنهنجو استاد مڃي ٿو. نه رڳو استاد، پر “هڪ مينٽور” چوندي به نه ٿو هٻڪي. حسن مجتبيٰ جو چوڻ آهي ته “مدد علي مون کي صحافت ۾ وٺي آيو، هو منهنجو استاد ۽ پسنديده ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار، شاعر، صحافي آهي. ان ئي مون کي صحافت سيکاري”. حسن اتي ئي مدد لاءِ هڪڙو مزيدار ۽ حيرت ۾ وجھندڙ جملو لکيو آهي. “زماني ساز ۽ زماني کان هڪ ئي وقت بيزار.” حسن جو هڪ ٻيو جملو آهي “پاڪستاني حڪومتن سان وڙهڻ وارو، جنهن سان هاڻي پاڻ حڪومت ئي سرچاءُ ڪري ورتو آهي.” هو مدد لاءِ لکي ٿو ته، هن پنهنجي اخبار ۾ مون کي ڪنهن به شئي لکڻ کان ڪڏهن به نه روڪيو. مدد چوندو هو ته مالڪن کي هو پاڻ ئي منهن ڏئي ويندو. هو مدد کي هڪ بهادر انسان سڏيندي چوي ٿو ته هن ان وقت پريس ڪلب حيدرآباد ۾ فهميده رياض کي سندن پاران آجياڻي ۾ سندن سرپرستي ڪرڻ واري درخواست قبول ڪري ورتي هئي، جڏهن هوءَ جلاوطني مان واپس موٽي هئي ۽ ضياءُ الحق جي آمريت ان وقت زنده هئي.
مدد علي سنڌي ڪڏهن نوجوان به هو، شاعر به هو ۽ رومانٽڪ به هو، ان ڪري هن عشق به ڪيا - ڪجھه هوائي ته ڪجھه اڏامندڙ عشق، پر ٽن عشقن کي هو انتهائي سنجيده سڏي ٿو. ڪي ليکڪ مڃيندا آهن ته، ڪي نه مڃيندا آهن، پر مدد علي سنڌي، پاڻ تسليم ڪري ٿو ته، انهن عشقن سندس زندگيءَ ۾ وڏا زلزلا آندا، پر انهن عشقن ئي سندس تخليقي سگھه کي مضبوط پڻ ڪيو. هن جي پهرئين عشق بابت سندس دوست چون ٿا ته، اهو مهر علي شاهه جي ان ڪلام وانگر هو ته “گستاخ اکيان، ڪٿ جا اڙيان...” اوچي ذات وارن سان مدد جو عشق ناڪام ٿيڻو ئي هو. پوءِ اهو درد سڄي ڄمار لاءِ سندس نصيب بڻجي ويو، پر پوءِ سندس هر عشق جي پڄاڻي جدائيءَ تي ٿيڻ لڳي.
مدد علي سنڌي پاڻ ته عشقن ۾ ناڪامين جا رڪارڊ قائم ڪيا، پر هو پاڻ وري ڪيترن ئي ليکڪائن، ڊاڪٽرياڻين، ماسترياڻين، پروفيسرياڻين ۽ پاڙيوارين جي عشقن جو نه رڳو رازدان رهيو، پر ڪيترن ئي جي شادين ۾ مددگار ۽ صلاحڪار پڻ رهيو. سندس جوانيءَ ۾ اهي عورتون کيس معصوم ۽ بي ضرر سمجھي، نه رڳو پنهنجو حال اورينديون هيون، پر کانئس اڳتي جي رٿابندي ۽ اسٽريٽجيءَ بابت پڻ پڇنديون هيون_ ۽ هڪ ناڪام عاشق وري سندن گرو بنجي انهن کي صلاحون ڏيندو هو. ان حوالي سان انهن مان ته ڪيتريون ئي عورتون اڄ لوڪ لڏي پرلوڪ پڌاري چڪيون آهن - ۽ ڪيتريون ئي پاڻ ڏاڏيون ۽ نانيون بڻجي پوٽن پُٽين ۽ ڏوهٽين ۽ ڏوهٽن جي شادين ۾ مصروف هونديون.
مدد علي سنڌي ادب، سياست ۽ صحافت جي دنيا جو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن جا سوين شاگرد، سڄي سنڌ ۾ هن جي محنتن ۽ محبتن جا اڄ به اسير بڻيل آهن. سندس اهو صحافتي سفر ڊگھو پر غير مستقل مزاجيءَ وارو رهيو آهي. هن وٽ هزارين تجربا، هزارين قصا ۽ هزارين ڪهاڻيون آهن. هن ڪهڙن ڪهڙن اهم ماڻهن ۽ اهم عهدن تي ڪم ڪيو، هو چاهي ها ته کيس اڄ ڪا فڪر معاش نه هجي ها، پر هو اڄ به هڪ مهيني جي پگهار ليٽ ٿيڻ تي تڪليفن ۽ مشڪلاتن ۾ وٺجي ويندو آهي.

مدد علي سنڌيءَ جو مختصر تعارف:
پورو نالو: مدد علي قريشي، والد جو نالو: الله بخش قريشي، والده جو نالو: شهربانو، قلمي نالو: مدد علي سنڌي، گھرواريءَ جو نالو: شيرين، اولاد: گل حسين، الله بخش، اسفند يار علي ۽ مهوش علي. ڄم جي تاريخ 12 آڪٽوبر 1950ع، ڄم جو هنڌ: حيدرآباد، رهائش: ڪلفٽن ڪراچي، تعليم: بي اَي پوليٽيڪل سائينس (8 سال ريسٽيڪيٽ هجڻ سبب ايم اَي نه ڪري سگھيو)، سياسي وابستگي: قومپرست سياست.
ڇپيل ڪتاب: (1) اندر درياءُ (ڪهاڻيون)، (2) هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾ (3) هو جي مئا ماڳ ۾ (ناوليٽ) (4) پنر ملن (شاعري) (5) قلندر (قرته العين حيدر جون ڪهاڻيون (سنڌي ترجمو) (6) حشوڪيولراماڻي (شخصيت) (7) گونج به ڪائي ڪونج - انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪيل. ڪافي اهم ڪتابن جا مهاڳ ۽ مقدما پڻ لکيا.
عملي زندگي: ايڊيٽر سنڌ نيوز، ايڊيٽر عبرت ميگزين، چيف ايڊيٽر هلال پاڪستان، ڪراچي، چيف ايڊيٽر بختاور، حيدرآباد، چيف ايڊيٽر ڊيلي خلق. چيف ايڊيٽر سچ اخبار ۽ اڳوڻو صدر پريس ڪلب حيدرآباد.

الطاف شيخ
ڪراچي
فون 03009241666

مھاڳ الطاف شيخ صاحب سان ملاقات

مھاڳ الطاف شيخ صاحب سان ملاقات

آئون جڏهن اسڪول ۾ هئس، تڏهن الطاف شيخ صاحب جي هڪ اڌ ڪتاب تي نظر پئي، پر پڙهڻ جي نوبت نه! فقط نالي کان واقفيت نصيب ٿي. ڪاليج دؤر ۾ سندس ڪجهه ڪتاب پڙهياسين، مزو آيو ۽ مئرين اڪيڊميءَ بابت واقفيت ٿي، جتان جي ٻي بئچ ۾ هنن مئرين انگنيرنگ ڪئي هئي. انهيءَ ڏِس ۾ مونکي ”عبرت“ اخبار ۾ P.M.A جي داخلا جو اشتهار نظر آيو ... اها ڳالهه آگسٽ 1987ع جي آهي. داخلا ۽ ميڊيڪل جي مرحلن پوري ڪرڻ کانپوءِ - جنوري 1988ع ۾ مئرين اڪيڊميءَ ۾ 26 هين بئچ ۾ داخلا ٿي. جتي ٻه سال 1988ع کان 1989ع تائين تعليم حاصل ڪري Pre-Sea Training بعد B.Sc. Maritime studies جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئيسين.
ڪاليج دؤر ۾ ڪجهه شاعريءَ جو شوق ٿيو، ۽ مٿان ڪجهه شعر نازل ٿيا، پر ان جو خيال بعد ۾ پاڻ ئي لاهي ڇڏيوسين. البته ڪجهه نثر، (خاص طور ڊائري ۽ روز مره جو حال احوال) لکڻ جو شوق رهيو، پر چند جملن يا ٻن ٽن صفحن کان وڌيڪ نه لکي سگهيس. اڪيڊميءَ مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ، مون 1990ع ۾ پاڪستان جو، ان وقت جو سڪيلڌو آئل ٽينڪر ايم ٽي جوهر جوائن ڪيو. انهي دؤر ۾ الطاف شيخ صاحب غالباّ ملائيشيا ۾ ALAM Academy ۾ پڙهائيندا هئا ۽ اتي ئي رهائش پذير هئا. سائين جن جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪندي، مون ڪجهه واقعات لکيا، جيڪي منهنجي پهرين سفرنامي ”جو ڏٺم سو لکيم“ ۾ ڇپجي چڪا آهن، پر ٻن سالن ۾ ٻن واقعن کان وڌيڪ نه!
1992ع ۾ مون وري هڪ جنرل ڪارگو جھاز، M.V. Lily جوائن ڪيو، جنهن مونکي ڪافي ملڪ گهمايا. آئون ڳنھن ملڪن جون (سواءِ ڪجھھ بندرگاھن جي)، باقاعدي احوال خطن ذريعي گهر ڏانهن موڪليندو رهيس. مونکي خوشي ٿيندي هئيته سائين الطاف شيخ وانگر مون به سفر ناما لکيا آهن، پر سائينءَ سان ملاقات جو شرف حاصل ٿي نه سگهيو.
1993ع ۾ آسٽريليا ٿرڊ آفيسر ۽ سيڪنڊ آفيسر جو امتحان ڏيڻ ويس. واپس اچي مختلف ڪمپنين ۾ نوڪري جاري رکيم. انهي دؤران خبر پئي ته سائين جن پاڪستان ميرين اڪيڊميءَ ۾ پڻ پڙهائين ٿا. دل سَٽون کائيندي رهي ته وڃي سائينءَ جا درشن ڪري اچجن، پر نوڪري ۽ گهريلو مصروفيتن سان گڏوگڏ ٿوري سُستيءَ جي ڪري اهو پنڌ اسان نه ڪيو.
وقت گذرندو ويو ۽ آخر آيو سال 2009ع، جڏهن مونکي وري منھنجو پراڻو لکيل سفر نامو، ڪنهن طرح ڇپرائڻ جو خيال آيو، ۽ سائين الطاف شيخ جي وري ياد آئي. تڏهن منهنجو بيچ ميٽ ڪئپٽن محمد عالم چانڊيو، ماسٽر جو امتحان ڏيئي رهيو هو. ان سلسلي ۾ کيس اڪيڊمي ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ وڃڻ ٿيندو هو، ۽ پاڻ ڪراچيءَ ۾ رهيل هو. کيس چيم ته تو ٻڌايو هو ته الطاف شيخ صاحب PMA ۾ پڙهائين ٿا، سندن فون نمبر لکي ڏي! تڏهن هن ٻڌايو ته هاڻ پاڻ PMA ۾ نٿا پڙهائين، پر فون نمبر هٿ ڪري ٿو موڪليان. اهو ٿوري ئي دير ۾ مونکي موبائل نمبر SMS ڪري موڪليائين. مون فوراً سائينءَ کي فون ڪري، ساڻن ڳالهائڻ جو شرف پهريون ڀيرو حاصل ڪيو. آئون پنهنجي سفرنامي جي باري ۾ فڪرمند هئس، ته اُن کي ڪتاب جي شڪل ۾ ڪيئن آڻجي، لهاذا سائينءَ کان گائيڊ لائين وٺڻ لاءِ فون ڪيم. مونکي ڪافي سٺا مشورا ڏنائون. آئون سندن ڏاڍو ٿورائتو آهيان. مونکي مهاڳ لکي ڏيڻ لاءِ پڻ حامي ڀريائون.
الطاف شيخ صاحب پڇيو ته ڪنهن کان پيو اهو سفرنامو ڇپرائين؟ مون جڏهن ٻڌايو ته Quest Publications وارن کان ته سائينءَ چيو ته آئون انهي نالي کان واقف ڪونه آهيان، پر جي توهان حيدرآباد ۾ ڪنهن کان ڪم ڪرايو پيا، ته آئون انهي سلسلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهان ٿو. پر انهي هيرا ڦيريءَ ۾ منهنجي موڪل به پوري ٿي ۽ ڪوبه کڙتيل ڪونه نڪتو. ايتري حد تائين جو منهنجو مسودو پڻ راٺوڙ صاحب وٽ رهجي ويو، جنهن ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ جو ذمو کنيو هيو.
انهي سڄي ڀڄ ڊوڙ جو اهو فائدو ٿيو، ۽ خاص طور تي Email ذريعي اسان پڪا ڳنڍجي پياسين. مون جڏهن ايراني ٽينڪر M.T HADI جوائن ڪيو، ته اُتان پڻ سائين جن سان لڳاتار رابطي ۾ رهيس. اتفاق سان مونسان گڏ چيف انجنيئر فداءِ مهدي زيدي پڻ گڏ چڙهيو، جنهن سائين جن سان گڏ پاڪستان ميرين اڪيڊميءَ ۾ ڪجهه عرصو پڙهايو هيو.
زيدي صاحب سائينءَ کان تمام گهڻو متاثر هيو، اصل انتها تائين. هُن جيتريون خوبيون سائينءَ جون بيان ڪيون، تن جي باري ۾ الطاف شيخ صاحب پاڻ پڻ واقف نه هوندا! سڀ کان سٺي ڳالهه جيڪا هن بيان ڪئي اها هيءَ ته سائين تمام گهڻا Caring قسم جا آهن. منهنجي نوڪريءَ دؤران سائينءَ سان اي ميل تي رابطو رهيو، ۽ اسان کي ڪيتريون ئي سٺيون ڳالهيون پڙهڻ لاءِ مليون. هر دفعي سائينءَ جي اِي ميل مون کي تمام گهڻي خوشي ڏيندي هئي.
ٽائيم گذرندو ويو ۽ مون جھاز ايم ٽي HADI تان Sign Off ڪيو. مارچ 2010ع ۾ لهندي ئي، پنهنجو مسودو انهي دليءَ جي ٺڳ پبلشر کان واپس وٺڻ ۾ لڳي ويس. ڪافي ڪوششن ۽ ڪيترن ئي چڪرن کانپوءِ، ته متان همراهه گهران ڀڄي وڃي، نيٺ ڪجهه زور ذريعي ۽ ڪنهن جي مدد سان واپس ورتوسين.
انهي سڄي دؤر ۾ الطاف شيخ صاحب سان رابطي ۾ رهياسين. آخرڪار اهو اسان سفرنامو، ”جو ڏٺم سو لکيم“ سائين آسي زمينيءَ صاحب جي مدد سان، ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ جي مرحلن ۾ داخل ٿيندي ئي، پهرين ڊمي ڪاپي سائين الطاف شيخ کي مهاڳ لکڻ لاءِ TCS ذريعي ڏياري موڪلي. گڏوگڏ سائينءَ کي فون تي پڻ ڪال ڪيم پر رابطو ممڪن نه هيو. ٿورو فڪر ٿيوته سائين ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي ٻاهر ويل هجن، ۽ خبر ناهي ڪيترا ڏينهن لڳي وڃن! پر سائينءَ جن اهو به ٻڌايو هيو، ته مونکي ڪراچي ائڊريس تي پوسٽ ڪري ڇڏجو، آئون ڪٿي به هوندس ته، گهر وارا مسودو مونکي اوڏانهن ڏياري موڪليندا. انهي ڪري آئون مطمئن هئس، ته نيٺ ته سفرنامو منزل ماڻيندو، ۽ سائينءَ جو مهاڳ نصيب ٿيندو.
TCS موڪلڻ جي ٽئين رات 11.00 بجي آئون ننڊ ۾ ستل هئس، ته سائينءَ جو فون آيو ۽ مون هيلو ڪيو، ته سائين هڪدم سمجهي ويا ته ننڊ مان اُٿيو آهيان، سو معذرت ڪيائون، ۽ ٻڌايائون ته”آئون الطاف شيخ پيو ڳالهايان. تنهنجو سفرنامو ملي ويو آهي ۽ سرسري طور ڏٺو به اٿم، ڏاڍو سٺو آهي. ٻڌايائون ته آئون ايران ويل هئس ۽ اڄ ئي واپس وريو آهيان. سڀاڻ وري ڳالهائينداسين“. آئون ڏاڍو خوش ٿيس ۽ سائينءَ جو ٿورو مڃيم.
ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا؟
ٻي ڏينهن تقريبن 11.00 بجي پاڻ وري فون ڪيائون، ۽ پوري تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڻ پورا 16 منٽ مونسان ڳالهايو ۽ منهنجو مڪمل انٽرويو ورتائون. آئون ته پنهنجن ڀاڳن تي ناز ڪندو ويس، خوشيءَ جي انتها نه هئي. اهو ٻڌي ويتر خوشي ٿي ته سفرنامو ڏاڍو سٺو آهي. سائينءَ جن جو اخلاص ۽ همت افزائي ڏسي، آئون ته سندس مريد ٿي پيس. مسودي سان گڏ مون هڪ ننڍڙو خط گڏي ڇڏيو هيو، ته سائين مهرباني ڪري جيترو جلد ٿي سگهي مهاڳ لکي موڪليندا، ته جيئن ڇپائي وغيره مڪمل ڪرائي وٺون. سائين بنا ڪنهن دير جي مهاڳ لکي موڪليو، ۽ تمام گهڻي عزت بخشي، سندن قرب.
اها ڳالهه جون 2010ع جي آهي، جڏهن سائينءَ جن جو فون آيو، ته پاڻ مهاڳ لکي موڪلي ڏنو اٿن، ۽ وري منهنجي رهنمائي ڪيائون ۽ همت افزائي پڻ!! سندن هر جملو ائين لڳندو هو، جيئن ڪو انتهائي مهربان پيءُ، پنهنجي بي حد پياري پٽ جو ڀلو پيو چاهي. ٻي ڏينهن مون TCS آفيس مان وڃي مهاڳ حاصل ڪيو. پهچ جو ستت ئي سائينءَ کي فون ڪيم ۽ اطلاع ڏنم.
هاڻ اسان ڪتاب کي آخري مرحلن ۾ داخل ڪيو، ٻه پروف ريڊنگ ڪري، بٽر وڃي ڪڍايوسين، ۽ آخرڪار جولاءِ ۾ منهنجو پهريون سفرنامو، ”جو ڏٺم سو لکيم“ وجود ۾ آيو. منهنجي لاءِ اهو هڪ وڏي خوشيءَ جو موقعو هيو.
منهنجي ڪمپنيءَ سان معاهدي مطابق، جون 2010ع جي آخر، يا جولاءِ جي شروع ۾ جھاز تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻو هيو. آئون هن وقت ايراني ڪمپني “National Iranian Tanker company” (شرڪت ملي نفتڪش ايران) ۾ نوڪري ڪندو آهيان. اصل ۾ ڪمپني مونکي گهڻو اڳ ۾، ساڳئي جھاز MT. HADI تي واپس گهرائڻ ٿي چاهيو، جنهن تان آئون لٿو هئس. ڇو ته اُتي جي ڪئپٽن کي ڪنهن ضروري ڪم جي ڪري ٽن مهينن ۾ لهڻو هو، پر مونکي منهنجو پاسپورٽ ۽ لائسنس جھاز هلائڻ وارو، مطلب ته Certificate of Competency (COC) نئون ٺهرائڻو هيو، جيڪي Expire ٿي چڪا هئا. ٻئي پنجن سالن لاءِ هوندا آهن ۽ وري Renew ڪرائڻا هوندا آهن. پاسپورٽ ته مونکي حيدرآباد مان ٺهرائڻو هيو، پر COC برطانيا مان ٺهي اچڻو هيو، ڇو ته مون پنهنجو Master (ڪئپٽن ٿيڻ) جو امتحان اُتان پاس ڪيو هيو، جنهن لاءِ مون ڪيئي ٻيا سرٽيفڪيٽ اصلي ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ، ۽ اسان جي سروس بڪ جيڪا پراڻي دؤر ۾ (Continuous Discharge Certificate) CDC سڏبي هئي، جيڪو نالو انگريزن جو رکيل هو، هاڻ وري SSB (Seaman Service Book) سڏجي ٿو، جيڪو اسان پاڪستانين جو رکيل آهي - اهي پڻ ٺهرائڻا هئا. اهو سڄو ڪم U.K. ۾ ٿيڻو هو، ۽ اهو سڄو ڪم ڪافي وقت وٺڻ وارو هيو. لهاذا پهريون سڏ جھاز جو ٿيو رَد، جنهن ۾ آئون پاڻ خوش هيس ته جيئن مونکي ڪجهه وقت ملي وڃي، ڇو ته مونکي پنهنجو ڪتاب پڻ ڇپائڻو هيو، جيڪو مونکي 07 جولاءِ تي مليو.
منهنجا سڄا ڪاغذات تيار ٿي، جون جي آخر ۾ ملي چڪا هئا، ۽ 30 جون تي مونکي وري NITC جي جھاز M.T. NABI لاءِ ڪال آئي، ۽ سو به جلد از جلد، جنهن لاءِ آئون بلڪل ئي تيار نه هئس، پر هڪدم جواب ڏيڻ به مناسب ڪونه هيو. هڪ مجبوري ٻي به هئي، جو مون هڪ جاءِ پئي ٺهرائي، جنهن جو ڪم پورو ڪرڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت هيو. گڏوگڏ مون پنهنجي اڳوڻي يوناني (Greek) جهازران ڪمپنيءَ ۾ به اپلاءِ ڪيو هيو، جنهن جي به اميد هئي ته جولاءِ جي وچ ڌاري شايد سڏ اچي وڃي. انهي ڪري سڀئي ته نه، پر مطلب جا سبب ڄاڻائي، NITC کي چيم ته مونکي ٻه هفتا کپن، مطلب ته 15 جولاءِ تي اچڻ لاءِ تيار ٿيندس.
اوهان کي آئون اهو به ٻڌائيندو هلان، ته آئون هڪ وقت ۾ ٻن ڪمپنين ۾ ڪيئن ٿو نوڪري ڪري سگهان، يا اپلاءِ ڪري سگهان؟ مرچنٽ نيويءَ ۾ نوڪري عام طور پرائيويٽ هوندي آهي. هر دفعي نئون Contract ڪيو ويندو آهي. جنهن ڏينهن کان معاهدي تي صحيح ڪئي، انهي ڏينهن کان پگهار شروع ۽ اهو ئي ڏينهن هوندو آهي، جنهن ڏينهن اسان پنهنجي Home Port جيئن ڪراچي، ٻين لفظن ۾ پنهنجو ملڪ ڇڏيندا آهيون.
وري جنهن ڏينهن جھاز ڇڏي واپس پنهنجي ملڪ ۾ لهندا آهيون، انهي ڏينهن تائين پگهار هلي پوءِ بند! هاڻ ڳچيءَ مان پٽو لٿو ۽ اسان آزاد آهيون. پر ترسجو! ساڳئي ڪمپني اسان کان اميد رکندي آهي، ۽ انهن جي قانون ۾ لکيل آهي ته چار مهينن کان وڌيڪ اسين گهر نٿا ويهي سگهون، ۽ واپس اچڻو پوندو ۽ جي انهن کي ضرورت وقت ڪم نه ڏنوسين، ته پوءِ دل ۾ ڪندا ۽ شايد اوهان کي ٿورو نظرانداز پڻ ڪن. انهي سلسلي ۾ اوهان کي منهنجين ٻنهي ڪمپنين، NITC ۽ Dynacom جي اصولن وچ ۾ ٿورو فرق ٻڌائيندو هلان، ته جيئن ڪوبه اسان جو ماڻهو هن لائين ۾ اچڻ ٿو چاهي، ته ڀلي اڳ ۾ خبر هجيس. جيئن پهرين ٻڌايم ته Dynacom جهازن جي ڪمپنيءَ ۾ جيڪڏهن اوهان چار مهينن کان وڌيڪ گهر رهيو، جڏهن ته ڪمپني اوهان کي گهرائيندي رهي، ته پوءِ هو توهان کي Rejoining Allowance ۽ Stand by wages نه ڏيندا، جيڪي پڻ چڱا خاصا پئسا هوندا آهن. ظاهر آهي ته ڪوبه نه چاهيندو ته هن کي اهي پئسا نه ملن ۽ هو هروڀرو اُهي پئسا وڃائي! ان جاءِ تي توهان جيڪڏهن وقت اندر Availability ڏئي ڇڏي، پر ڪمپنيءَ وٽ توهان کي ڪوبه جھاز ڏيڻ لاءِ ڪونه هو، ته پوءِ توهان کي ڪو خوف ڪونهي، ڇو ته اهو ڪمپنيءَ جو مسئلو ٿيو. لهاذا سڀئي الائونس توهان کي ڏيندا. پر توهان وري به ڪنهن ٻي ڪمپنيءَ ۾ وڃي ٿا سگهو، جيڪا توهان کي بهتر Package ڏئي. اوهان ڪنهن سان به ٻڌل نه آهيو، ڇو ته گهر ويٺي اوهان کي پگهار نٿا ڏين، ۽ ڪنهن قسم جو به Bond سائن نه ڪيل آهي. ٻي طرف NITC ڪوبه Rejoining Allowance ۽ Stand by wages ڪونه ٿي ڏي، پر توهان کان اميد ٿي رکي ته اوهان انهن وٽ واپس ايندا. هن ڪمپنيءَ وٽ جھاز تي ٻيون سهوليتون آهن جو هيءَ ڪمپني هڪ سرڪاري ڪمپني آهي، ۽ نوان جھاز- ۽ هتي رهي ڪم ڪرڻ تمام آسان آهي. هو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي Contract بدران پڪي نوڪري ڏين ٿا، بلڪل PNSC وانگر. اوهان کي خبر هوندي ته الطاف شيخ صاحب هميشه PNSC ۾ رهيا، جيڪا هڪ Permanent نوڪري هئي، ۽ هو ٻي ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ نٿي وڃي سگهيا، ۽ اُن لاءِ استعيفيٰ ڏيڻو پوين ها ۽ ڪجهه ڏنڊ وغيره، يا ٻيون ڪي شرطون پوريون پڻ ڪرڻيون پون ها، ۽ کين ٻاهر وڃڻ لاءِ NOC وٺڻ لازم هئي. ساڳيءَ طرح شروع ۾ جڏهن مون PNSC جو جهاز M.T Johar ڇڏيو، ته مونکي پڻ NOC وٺڻي پئي هئي، حالانڪه اُها هئي ته پرائيويٽ ڪمپني، ۽ ڪمپنيءَ جو نالو هو National Tanker company (NTC) پر PNSC جا اڌو اڌ Share هئا، اُن ڪري انهن جو اِهو قانون لاڳو پئي ٿيو، يا اسان کي مڙئي ڦاسائي رکڻ، ۽ اسان کي بيوقوف بنائڻ لاءِ اهو ڊرامو ٿي ڪيائون، الله ڄاڻي!
پر پاڪستان ۾ هاڻ پڪي نوڪري اڳي وانگر ملڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي. PNSC ۾ پڻ هاڻ Contract تي کڻن ٿا. اڄڪلهه ته ماستري به Contract based آهي!!
ڪافي ٻي طرف نڪري وياسين، هاڻ اچون واپس پنهنجي اصل موضوع تي. ذڪر هليو پئي، ته ايران جي جهازران ڪمپني NITC کان ٻن هفتن جي موڪل وٺڻ کان پوءِ، انهن اهو طئي ڪيو، ته هاڻ هو مونکي انهن جي هڪ ٻي M.T HIRMAND جهاز تي جولاءِ جي وچ ڌاري موڪليندا. انهي ڪري جھاز تي وڃڻ کان اڳ، مونکي پڪ سان سائين الطاف شيخ جي حاضري ڀرڻي هئي. منهنجي ڪتاب ڇپجڻ جي ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، 10 جولاءِ ڌاري سائينءَ کي فون ڪيم، ته سائين توهان پاڪستان گهڻا ڏينهن آهيو، ۽ ڪيڏانهن ٻاهر ته ڪونه ٿا وڃو؟ مونکي ٻڌايائون ته پاڻ ٻه هفتا کن پڪ پاڪستان ۾ رهندا.
آخرڪار اُهو مبارڪ ڏينهن آيو. 13 جولاءِ 2010ع اڱاري جو ڏينهن هيو، مون ڪراچيءَ جو رخ رکيو. خاص ڪمن ۾ سائينءَ جا درشن به هئا ۽ جھاز تي وڃڻ لاءِ ڪمپنيءَ جو ميڊيڪل ۽ شپنگ آفيس جو ميڊيڪل به ڪرائڻو هو. رستي ۾ ئي سائينءَ کي فون ڪيم ته سائين اسان اوهان ڏانهن اچون پيا. مون ساڻ منهنجو سؤٽ جميل به گڏ هيو. تقريبن 11.00 بجي ڊفينس جي گزري لين جي گهٽيءَ نمبر 8 ۾، سائينءَ جي گيٽ جي اچي گهنٽي وڄائيسين. ڊفينس جي گهٽين ۾ اوهان کي هڪ مختلف قسم جي خاموشي محسوس ٿيندي. اوچتو ئي دروازو کليو ۽ اسان کي بيگم صاحبه اندر اچڻ لاءِ چيو، اسان کيس سلام ڪيو ۽ هُن اسان کي ڊرائنگ روم ۾ اچي ويهاريو.
اِتي توهان جي نوٽ ڪيو هجي، ته مون بيگم صاحبه سان ڪوبه رشتو نه جوڙيو آهي ... ”ڀاڄائي“ عام طور تي آئون پنهنجن دوستن يا واسطي وارن جي بيگمات کي ڪوٺيندو آهيان، وڌ ۾ وڌ ادي. پر اهو سوچيندو رهيس ته سائين جن جي ڄمار منهنجي والد صاحب جيڏي آهي، لهاذا جي چاچي چوان ته متان سٺو نه لڳي!!؟ ان کان علاوه مونکي اها به خبر هئي ته پاڻ گهڻو نه ته اڌ sailor ضرور آهي. هن شادي بعد الطاف صاحب سان گڏ اٺ سال ڏينهن رات جهاز تي گذاريا ۽ حيرت جي ڳالهه اها ته کين توڙي ساڻس گڏ سامونڊي سفر ڪندڙ ٻنهي ٻارن کي سخت خراب سمنڊ ۾ به sea-sickness نه ٿي ... جيتوڻيڪ چيف صاحب (الطاف) سندس سفرنامن مطابق، آخري وقت تائين طوفانن ۽ مڇريل ڇولين ۾ الٽيون نه ته اُٻڙاڪ ڏيندو رهيو ٿي.
بهرحال اسان اچي بيٺڪ ۾ ويٺاسين، ته چند لمحن ۾ سائين اسان لاءِ چانهه کڻي آيا، ۽ گڏوگڏ ٻه ڪتاب، ”بندر بازاريون، چنڊ چوائين سچ“ ۽ هڪ رسالو ”وائس آف سنڌ“ جنهن تي سندن فل فرنٽ پيج ڪور فوٽو هيو.
آئون پنهنجيBasic Instinct کي اڃا استعمال ڪرڻ جي شروعات ئي ڪئي هئي، جيڪا هر انسان ۾ قدرتي صلاحيت هوندي آهي، ته هو هر ٻي شخصيت کي پنهنجي صلاحيت، ڄاڻ، علم ۽ تجربي جي آڌار تي پرکڻ جي ڪوشس ڪندو آهي. هيءُ سبجيڪٽ به هڪ عجيب ۽ تمام وسيع آهي. ڪجهه ماڻهو ته رڳو تصوير ڏسي ئي شخصيت جي باري ۾ پنهنجو رايو ڏيندا آهن. ڪي وري ڄمڻ جي تاريخ کان يعني برج ڏسي. هندو مذهب ۾ وري جنم ڪنڊليءَ جي وڏي اهميت هوندي آهي. ڪن سان وري شخصيت جا ستارا ڳالهائيندا آهن. ڪي ماڻهو حاضر جي حرڪتن ۽ چرپر کان به Judge ڪندا آهن، ڪجهه چون ته همراهه رڳو هڪ لفظ منهن مان ڪڍي، ته سندس پورو زائچو ڪڍي ڏيان. هڪ وڏو علم وري Face Reading جو آهي، جنهن جو مون وٽ هڪ سٺو ڪتاب پڻ آهي. گهڻا چون ته صاحب جي صحيح (Signature) وري سڀڪجهه ٻڌايو ڇڏي، نه ڄاڻ اڃا وڌيڪ ڪيترا علم هوندا، جيڪي مون ته ٻڌا ئي ڪونه هوندا.
خير سائين، پاڻ ڪوشش پئي ڪئي سائين الطاف شيخ کي پرکڻ جي، سو به پهرين ملاقات ۾ !!! آهي نه حيرت جهڙي ڳالهه ؟
يقين ڪيو اهي سڀ علم سائين جن تي آزمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو، احمقن جي نگريءَ مان آيو هوندو، ڇو ته ڪنهن ڳجهي شخصيت جي گھرائيءَ کي جهاڳڻ جي ڪوشش ڪبي آهي - محترم سائين الطاف شيخ ته هڪ کليل ڪتاب جيان آهن ... سفيد ڪاغذ جيان صاف، هڪ پارسا، چمڪندڙ موتي، شفاف پاڻيءَ وانگر، ٻيائي ته وجود ۾ ئي ڪونه هونِ، جيڪي اندر سو ٻاهر. جيڪا سچائي سندن لکڻيءَ ۾ اهڙي ئي سندن گفتار ۾ سندن ذاتي وڏائي (Ego) جو قتل شايد هو بچپن ۾ ئي ڪري، پوءِ جوانيءَ ۾ قدم رکيو هونِ.
سائين ايندي ئي، اهڙي ته بي تڪلفيءَ سان ڳالهائيندا آيا، ڄڻ اسان هڪ ٻي کي ڪن صدين کان سڃاڻيندا هجون، ۽ ڪنهن به قسم جي تعارف يا (Formal) رواجي ڳالهه ٻولهه جي ته ضرورت ئي ڪونه هئي. سائين ايندي ئي منهنجي ڪتاب جي باري ۾، همٿ افزائيءَ جا الفاظ جهونگاريندا رهيا. اوهان سوچيو، ڪٿي آئون ناچيز، ڪٿي وري پاڻ! سائينءَ جي حيثيت نٿو بيان ڪري سگهان.
مون پنهنجي ڪتاب جون کين 3 ڪاپيون ڏنيون، جيڪي سائينءَ قبول ڪيون ۽ چيائون ته خاص خاص ماڻهن کي ڏيندس جيڪي واقعي پڙهن. اهي سڀ سائين جن جا ٿورا. اتي وري مٿي ٻڌايل سندن ڪتاب به مونکي ڏنائون. عرض ڪيم ته سائين پنهنجي هٿن سان الفاظ لکي ڏين ته مهرباني، ۽ پاڻ تمام قرب مان دعائي الفاظ لکي ڏنا. منهنجي ڪتاب کي کڻندي ئي پنا اٿلايائون ۽ ٻه ٽي مفيد ڳالهيون مونکي ٻڌايائون، جيڪي پبلشر کان ڪوتاهه ٿيون، هڪ ته فوٽو هميشه وچ ۾ ڏبا آهن، نه ڪي بلڪل اڳ ۾، ڇو ته عام ماڻهوءَ جي هڪ فطرت آهي، ته جڏهن هو ڪتاب کي کڻي پنا هڪ پاسي کان تڪڙا اٿلائيندو آهي، ته يڪدم وچ تي پهچندو آهي ۽ فوٽو نظر ايندا آهن. ٻيو هڪ صفحي تي ٻن کان وڌيڪ فوٽا نه ڏجن. ان کان علاوه ڪيئي مشورا، همٿ افزائي ۽ گائيڊ ڪرڻ جون ڳالهيون. اسان اڃا ڳالهين ۾ ئي هئاسين، ته پاڪستانين جو نصيب اچي اسان کي مليو، ”لوڊشيڊنگ“! جي ها! بجلي هلي وئي!! اتي اسان ٻڌا ٽپڙ ۽ هلي ويٺاسين ٻي ڪمري ۾، جنهنجون دريون کليل هيون ۽ هوادار هو، ايتري ۾ سائين چانهه به کڻي آيا، جيڪا پيتيسين.
سائينءَ جي چوڻ مطابق ”ماڻهو سوچيندا هوندا ته آئون ڪو ڏاڍو ڪو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هوندس ۽ ملڻ ۾ وڏو مزو ايندو هوندو، پر حقيقت ۾ پنڌرهن منٽن کانپوءِ ماڻهو بور ٿيو پون. آئون کين خشڪ قسم جو ماڻهو لڳندو آهيان“، پر مونکي اهو ڪجهه ڪونه لڳو. اصل ۾ اسان جو وقت ڪيئن گذريو؟ خبر ئي ڪونه پئي! ڄڻ ته ڪو وقت اُڏامي ويو هجي. آخرڪار اجازت وٺڻ جي گهڙي اچي وئي، پر انهن لمحن کي هميشه محفوظ ڪرڻ لاءِ، اسان سائينجن جي گهر جي ٻاهران لڳل، جھاز جي Steering Wheel جي پاسي ۾ اچي فوٽو ڪڍرايا. جيڪي واقعي هڪ يادگار تحفو آهن. مون به پنهنجي ڪئميرا ساڻ آندي هئي، لهاذا اسان به سائينءَ جي ڪئميرا کان علاوه فوٽو ڪڍرايا. اسان موڪلائي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين، بس روانا ئي ٿيڻ وارا هئاسين، ته سائينءَ جو وري دروازو کليو ۽ سائين چيو لطيف! رستو خبر اٿئي نه؟ هتان سڌو وڃي کاٻي ڦرجان، ۽ پوءِ مين روڊ تي وڃي چڙهندين، اهو سولو اٿئي. سائين اسان جي گاڏيءَ جو رخ ڏسي اندازو لڳايو هوندو ته اسان ڏکئي رستي کان آيا آهيون. سائينءَ جو رستو ٻڌايل واقعي بنهه سولو هو، ڇو ته اسان اچڻ وقت ڀلجي پيا هئاسين. ڏسو نه سائينءَ جي پرک ڪرڻ ۽ خيال ڪرڻ!
اهو ڏينهن هيو 13 جون 2010ع جو، آئون ڪمپنيءَ جي آفيس روانو ٿي ويس. ان کانپوءِ هڪ واري سائين ٻڌايو ته امر جليل سان منهنجو انٽرويو آهي، سنڌ TV تي، فلاڻي ڏينهن ۽ وقت، ضرور ڏسجان! جيڪو ڏٺوسين.
اصل ۾ سائين منهنجو ذڪر ڪيو هيو، ۽ منهنجي سفر نامي ”جو ڏٺم سو لکيم“ جو پڻ! جيتري تائين مون جھاز جوائن ڪيو، تنهن ڏينهن تائين مونکي گائيڊ ڪندا رهيا، جڏهن مون کين وڃڻ کان اڳ فون ڪيو هيو.
واقعي سائين هن مقدس ڌرتي، سنڌ جا اُهي سپوت پُٽ آهن، جنهن تي هي سرزمين ۽ سنڌي قوم، ڀٽائي گهوٽ ۽ شيخ اياز وانگر هميشه ناز ڪندي رهندي.

ماسٽر مئرينر،
ڪئپٽن عبدالطيف لاشاري
فون 03013284711

اسانجيون سوچون، اسانجا ذهن.....

---

وزيراعظم صحيح طرح ڊيوٽي نه پيو ڏئي....

وزيراعظم صحيح طرح ڊيوٽي نه پيو ڏئي....

اسان جي ڪيترن ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رهي ٿي ته مغرب فحاشي جو نالو آهي، مغرب جا ماڻهو ڪافر آهن... پر اها ڳالهه ناهي. جيڪي اسان جا ماڻهو يورپ يا آمريڪا ۾ رهن ٿا انهن کان پڇي ڏسو. هو توهان کي ٻڌائيندا ته هو مذهب جي معاملي ۾ آزاد آهن ۽ اتي جي مسجدن ۾ سڪون سان نماز پڙهن ٿا. مختلف ملڪن جا عالم جمع نماز تي واعظ ۽ خطبو پڙهن ٿا. ڏٺو وڃي ته پاڻ اسان وٽ مسجدن ۾ بم ڦاٽڻ جو خوف رهي ٿو... اسان وٽ هڪ مسلمان ٻئي تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ٿو ۽ پاڻ کي نيڪ ۽ ٻئي کي ڪافر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
سچ ڳالهه اها آهي ته اسان کي اسلام جي ڄاڻ پنهنجي ڳوٺ يا ملڪ ۾ نه پر ولائت ۾ انهن نو مسلم گورن کان گهڻي پئي جيڪي عيسائي يا يهوديءَ مان مسلمان ٿيا. سئيڊن ڊئنمارڪ، جرمني ۾ رهڻ دوران اتي جي مسجدن جي امامن يا ٻين ملڪن کان ايندڙ گورن يا شيدي آمريڪن مسلمانن جي ليڪچرن مان ڄاڻ ٿي. اسان وٽ ماڻهو سمجهن ٿا ته مغرب، يعني يورپ يا آمريڪا جهڙن ملڪن۾ ۽ جپان جهڙن ماڊرن ايشيائي ملڪن ۾ رهندڙ اتي جا ماڻهو اخلاقي طرح ڪريل آهن. بس اسان ئي نيڪ ۽ شريف انسان آهيون. جيتوڻيڪ جي انصاف جي نظر سان ڏٺو وڃي ته مسلمان ٿي ڪري صحيح طرح هلڻ بدران جڏا ڪم اسان جا ماڻهو ڪن ٿا. اسان جي اخلاق جو گراف هاڻ ته اسان جي ايشيائي مسلمان ملڪن کان به ڪري پيو آهي. انڊيا واري سفرنامي ۾ لکيو اٿم ته اسان دهليءَ جي ڪالڪا علائقي جي هڪ ڌرمشالا ۾ رهيل هئاسين جتي ڪالڪا ديويءَ جي مندر کان علاوه ٻيا به ڪيترائي مندر آهن جيئن ته رگهوناٿ مندر، ڪرشنا مندر، ساءِ ڌام مندر، شِوَ مندر ۽ هڪ سکن جو گوردوارو ”شي گرو سنگهه صاحبا“ پڻ آهي. يعني هيءَ سڄي پسگردائي هندن جي آهي. اتي گرو روي داس مارگ (روڊ) جي ڪنڊ تي جامع مسجد گري نگر پڻ آهي. آئون ڌرمشالا جي پوئين پاسي واري گهٽي ”مسجد لين“ وٺي اتي نماز پڙهڻ ويندو هوس. خاص ڪري مغرب ۽ عشا جي نماز. هيءَ مسجد تمام وڏي آهي ۽ منجهس مدرسو به آهي. آئون پنهنجي ملڪ جو ستايل خاص ڪري انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جي مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ جيڪي بم ڦاٽي رهيا هئا، انهن جو خوف کاڌل، هر وقت اهو سوچيندو رهندو هوس ته هتي نمازي ڪيئن ٿا اچن! انهن جي چهرن تي نه خوف آهي ۽ نه سندن ڳالهين مان ڊپ لڳي ٿو. هتي ته ڪنهن وقت به هندو حملو ڪري سگهن ٿا جو گيٽ تي ڪو پوليس وارو به ڪونهي. آخر هڪ ڏينهن مسجد جي امام کان پڇيم جيڪو ٻارن ٻچن سان مسجد اندر ڪوارٽر ۾ رهي ٿو. تنهن چيو ته هتي انڊيا ۾ اهڙي به بدامني ناهي ”هن مسجد ۾قرآن پڙهڻ لاءِ ٻاهران ايندڙ ٻارن کان علاوه ٽيهارو کن اندر به رهن ٿا. جمعي نماز تي ته ايترا ماڻهو اچن ٿا جو روڊ تائين صفون ٿين ٿيون. مسجد جي پويان سڄو علائقو هندن جو آهي ته به هتي ڪو ائين نالو نٿو وٺي“ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”هن مسجد کي ٺهي ٽيهه سال اچي ٿيا آهن پر اسان هن کي تالو نه هنيو آهي. ڏينهن رات کلي پئي آهي.“
”اسان اخبارن ۾ پڙهندا رهون ٿا ته توهان وٽ پاڪستان ۾ محرم جي ڏينهن ۾ شيعن ۽ سنين جا جهيڙا ٿيندا رهن ٿا. هتي به شيعا حضرات جلوس ڪڍن ٿا. پر ڪو اهڙو وڏو گوڙ نٿو ٿئي. البت ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هنڌ ٿوري گهڻي معمولي کٽ ڦٽ ضرور ٿئي ٿي پر پوليس يڪدم ڪنٽرول ڪريو وڃي“.
اڄ کان ٽيهارو سال اڳ اسان جو سنڌيءَ جو ليکڪ قمر شهباز انڊيا ويو هو. هن ٻڌايو ته هن جڏهن انڊيا جي ڪجهه مسلمانن کان پاڪستان اچڻ لاءِ پڇيو ته هنن جي ڳالهين مان پاڪستان ۾ رهڻ جي شديد خواهش ظاهر ٿي رهي هئي. بنا ڪنهن شڪ جي انهن ڏينهن ۾ پاڪستان جون معاشي حالتون انڊيا کان بهتر هيون. نوڪريون ۽ Jobs ايترا هئا جو تعليم مڪمل ڪرڻ سان نوڪري ملي وئي ٿي. ٻاهرين ملڪن ۾ به پاڪستان جي وڏي عزت هئي. ڪيترن ملڪن ۾ ته پاڪستاني بنا ويزا جي ويا ٿي. جتي ويزا جي ضرورت هئي اتي اپلاءِ ڪرڻ سان يڪدم ملي وئي ٿي. آئون ملائيشيا ۾ هوس ته مون سان ڪم ڪندڙ انڊين کي سنگاپور يا ٻئي پاسي ٿائلينڊ وڃڻ لاءِ پهرين ويزا لاءِ Apply ڪرڻو پوندو هو پر اسان پاڪستاني جڏهن چاهيندا هئاسين پنهنجي ڪار ۾ يا ٽرين ذريعي ملائيشيا کان سنگاپور يا ٿائلينڊ هليا ويندا هئاسين. اسان کي ويزا جي ضرورت نه هوندي هئي. پوءِ 1989ع ۾ ٿائلينڊ ۽ 1990 ۾ سنگاپور اسان جي ملڪ تي پابندي مڙهي ته سندن ملڪن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪراچي يا اسلام آباد مان ويزا لڳرائي اچو. جيڪا پهرين ته يڪدم ملي وئي ٿي پر پوءِ اسان پاڪستانين جي وڌندڙ ڏوهن ڪري اسان لاءِ اڄ تائين ڪنهن ملڪ جي ويزا حاصل ڪرڻ هڪ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. گهڻن جو اهو چوڻ آهي ته ان ۾ افغانين جو ڏوهه آهي. جيڪي پاڪستاني پاسپورٽ ٺهرائي ولايت جي ملڪن ۾ ڏوهه ڪن ٿا پر سوال آهن ته انهن کان رشوت وٺي پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ ته اسان جا نادرا جي اداري جا پاڪستاني يا اسانجي سفارتخانن جا ماڻهو ڏين ٿا. ان کان علاوه اڄ به هر ملڪ ۾ غيرقانوني اسان جا ماڻهو پهچن ٿا يا ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد ترسي پوڻ ڪري اسان جا ئي ماڻهو جيلن ۾ آهن. ان قسم جي ڏوهن ڪري اسان جي ماڻهن کي ڌارين ملڪن ۾ نوڪريون ۽ Jobs به نٿا ملن. ايتري قدر جو آئون ڏسان پيو ته ڪيترن ملڪن ۾ دبئي دوحا کان ملائيشيا انڊونيشيا ۾ اسان جي پاڪستانين جا يا انهن پاڪستانين جا ڪارخانا ۽ ڪاروبار آهن جيڪي انهن ملڪن جا شهري آهن. هو انڊين، بنگلاديشي ۽ سريلنڪن کي ته نوڪريون ۽ مزوريون ڏين ٿا پر پنهنجن پاڪستانين کي هرگز نه! هو اهو ئي چون ٿا ته پاڪستاني ڦڏي باز آهن. پاڪستانين وٽ ڊگري آهي پر ڪم جي ڄاڻ ناهي. پاڪستاني ايمانداريءَ سان نوڪري نٿا ڪن... هر وقت گسائڻ جي چڪر ۾ رهن ٿا.... پگهار تي به گهوپي ڪن ٿا ۽ ڪيترا ڏوهن ۾ به Involve ٿين ٿا.... هاڻ هي ڳالهيون اڻ واقف کي ٿي سگهي ٿو ڪوڙ لڳن ۽ ڏک پهچائين پر جن کي ٻاهر جو تجربو آهي انهن کي خبر آهي ته اسانجي ملڪ جي ڪجهه ماڻهن جي غلط حرڪتن ڪري اسانجو ملڪ بدنام ٿي ويو آهي ۽ ان سان واسطو رکندڙ سڀ ماڻهو Suffer ڪن ٿا.
سو دهليءَ ۾ هجڻ دوران جن مسلمان شاگردن، دڪاندارن، پورهيتن سان سلام دعا ٿي انهن مان ڪجهه کان مون ضرور پڇيو ته هو چاهيندا ته انڊيا ڇڏي پاڪستان رهن جيڪو مسلمانن جو ملڪ آهي؟ مون کي حيرت ٿي ته ڪنهن هڪ به هائوڪار نه ڪئي.
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو. جواب ۾ هنن اهو ئي چيو ته ”انڊيا جي پاسپورٽ جي Value آهي. اسان کي هر ملڪ جي آسانيءَ سان ويزا مليو وڃي ۽ اتي نوڪري پڻ. ان کان علاوه انڊيا ۾ موٽرڪار کان پاڻي جي جهاز ٺاهڻ جا ڪارخانا، ڪپڙا، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ سامان ٺهڻ جون فئڪٽريون هر روز ايتريون ته کلي رهيون آهن جو هر هڪ کي سندس حيثيت موجب ڪو نه ڪو روزگار مليو وڃي. ويندي ڳوٺن ۾ به ڪارخانا، اسڪول ۽ اسپتالون آهن“.
منهنجي خيال ۾ هنن جي ڳالهه ۾ وزن آهي. انڊيا ۾ اڄ به غربت ڏاڍي آهي پر عوام غربت جي ليڪ کان تمام تيز رفتار سان ٻاهر نڪري رهيو آهي. ان جو اندازو توهان هن جي ڪرنسيءَ مان به لڳائي سگهو ٿا. 1995 تائين به انڊيا جو روپيو اسان جي رپئي برابر هو. اڄ اسان جا ٻه رپيا انڊيا جي هڪ رپئي برابر آهن ۽ ڊالر جي اسان وٽ قيمت 120 رپين کان چڙهي وئي آهي. هاڻ مهيني ٻن بعد اليڪشن ٿئي شل نئين حڪومت اهڙن سياستدانن جي هٿن ۾ اچي جن کي پنهنجو ڀڀ ڀرڻ بدران پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جو خيال ٿئي. ڇو ته بقول ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي مهانگائي ۽ ملڪي ناڻي جو قدر ڪِرڻ جو ذميوار حاڪم ٿئي ٿو. پنهنجي ملائيشيا واري سفرنامي ۾ شايد ان بابت لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا ۾ 1981ع ۾ مئرين اڪيڊمي کولڻ جو شوق مهاتير کي ٿيو هو. هو ۽ سندس زال ملاڪا شهر مان لنگهندي هر دفعي اسان جي اڪيڊمي ۾ آيا ٿي جتي آئون ڏهه سال کن مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ سان سلهاڙيل رهيس. هنن شاگردن کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ ڏهه کن مختلف ملڪن جي جهازران ڪمپنين جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن رکيا هئا. اڃان پهرين بئچ نه نڪتي هئي ته هڪ دفعي اسان سان گڏ ڊنر تي ويٺل مهاتير ملائيشيا جي ڪئڊٽن لاءِ فڪر جو اظهار ڪندي چيو ته خبر ناهي اهي ڪيئن پيا وڃن. ان تي اسان جي ڀر ۾ ويٺل انڊين ڪئپٽن چيو ته پڙهائڻ وارا اسان سڀ تجربيڪار آيا آهيون جن مان هر هڪ جو رڪارڊ اعليٰ آهي. ان تي مهاتير چيو هڪ ٽيچر جي ڄاڻ ته هو ڪيترو سٺو، محنتي ۽ هڏ ڏوکي آهي ان مان پوندي جڏهن شاگرد بين الاقوامي مقابلي جي امتحانن ۾ اعليٰ پوزيشن کڻن. ان تي مون کلي چيو ته ”سر! پرڌان منتريءَ (ملئي ٻوليءَ ۾ وزير اعظم ”پرڌان منتري“ سڏجي ٿو) جي سڃاڻپ ڀلا ڇا آهي؟“ ان تي هن پنهنجي کيسي مان هڪ رنگٽ (ملائيشين ڊالر) جو نوٽ ڪڍي چيو: “Apabila Nilai Ringgit …., Saya, tidak melakukan tugas dengan betul”
جنهن ڏينهن توهان کي ملائيشيا جي رنگٽ جو قدر (Value) ڪرندو نظر اچي ته سمجهي وڃجو ته آئون صحيح طرح ڊيوٽي نه پيو ڪريان.)
منهنجو مطلب آهي ته ملڪن کي انهن جا سياستدان ٺاهين ٿا. ملائيشيا کي ”مهاتير“ ٺاهي ڇڏيو. سنگاپور دو نمبري ۽ ٺڳن جو ملڪ هو ان کي ان جي وزيراعظم ”لي ڪئان يو“ ٺاهي ڇڏيو. انصاف ۽ قانون جي سختيءَ سان هنن پنهنجن ملڪن ۽ ماڻهن کي سڌاري ڇڏيو. اڄ ملائيشيا ۽ سنگاپور جو ايڏو مٿانهون مان آهي جو جپان ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن هتي جي ماڻهن لاءِ ويزا کلي ڪري ڇڏي آهي. جتي اسان جا تعليمدان، سائنسدان، وڏا وڏا بزنيس مين، سياستدان، وزير انهن ملڪن جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ خوار ٿيندا رهن ٿا اتي ملائيشيا ۽ سنگاپور جا شيڊول ڪاسٽ جا اڇوت به بنا ويزا جي جپان ۽ آمريڪا ۾ ايندا ويندا رهن ٿا. اهو ان ڪري جو انهن جي ملڪن جو هاڻ مٿاهون نالو آهي ۽ انهن ملڪن جو مٿانهون نالو ان ڪري آهي جو انهن ملڪن جا ماڻهو ڌارين ملڪن ۾ وڃي ڏوهه نٿا ڪن. گذريل صديءَ جي سٺ، ستر ويندي اسي واري ڏهاڪي تائين اسان جي ملڪ جو نالو هو اسان جي ماڻهن جي عزت هئي. 1980 تائين به اسان کي جپان جي ويزا وٺڻي نٿي پيئي. دڪان تان فقط ون وي ٽڪيٽ وٺي جهاز ۾ چڙهبو هو پوءِ ٽوڪيو يا اوساڪا جي ايئرپورٽ تي لهڻ تي اتي موجود اميگريشن آفيسر اسان جي پاسپورٽن تي ٽن شهرن ۾ ٽي مهينا رهڻ جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندو هو. هاڻ ته سائين انهن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ پاڪستان ۾ سندن سفارتخانن مان اڳواٽ ويزا وٺڻي پوي ٿا جنهن لاءِ هو اسان کان ڪَئين قِسمن جا سوال پڇن ٿا، اسان جو بئنڪ اڪائونٽ ڏسن ٿا، پاڪستان ۾ موجود پراپرٽيءَ جي پڪ ڪن ٿا ته ائين هٿين خالي ته نه آهيون ۽ اتي پهچي متان اتي ترسي پئون ۽ اتي پنندا وتون يا چوريون ڪندا وتون! ڇا ڪجي! اسان جي هم وطنين ٻاهر پهچي اهڙا اهڙا ڏوهه ڪيا آهن جو ڪيترا ڌاريان ملڪ اسان جي سکئي ستابي ماڻهوءَ کي به پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ويزا ڏيندي ڪيٻائين ٿا.

اسان کي جتي ڪٿي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو....

اسان کي جتي ڪٿي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو....

ويزا ملڻ بعد به جڏهن اسان ڌارين ملڪن ۾ پهچون ٿا ته اسان کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سائي رنگ جي پاسپورٽ واري کي ايئرپورٽ تي پهچڻ کان گهوريو وڃي ٿو. ڄڻ اسان جو هڪ هڪ ماڻهو ڏوهاري هجي، دهشتگرد هجي، چور چڪار هجي، وچڙندڙ بيمارين جو مريض هجي جيڪو سندن صحتمند ماڻهن کي اگهو ڪري، چرس جو واپاري هجي جيڪو سندن ماڻهن کي موالي بنائڻ لاءِ پهتو هجي. منهنجي خيال ۾ ته پنهنجي گذريل ملائيشيا جي سفر بابت سنڌيءَ جي ”ڪاوش“ يا اردو جي ”امت“ اخبار ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ تي اميگريشن وارن کان پنهنجي پاسپورٽ تي ملائيشيا ۾ Entry جو ٺپو هڻائي، رولر تان پنهنجي بئگ کڻي هاڻ ايئرپورٽ کان ٻاهر ٿي نڪتس. منهنجي اڳيان مختلف ملڪن جا يورپي ۽ ڪجهه آفريڪي ۽ عرب مسافر هئا. گيٽ جي ٻمڀ وٽ بيٺل ڪسٽم آفيسر مسافرن جي چهري تي هڪ نظر وجهي کين هٿ جي اشاري سان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏئي رهيا هئا. منهنجي اڳيان بيٺل نوجوان ملئي ڪسٽم آفيسر مون کي به هٿ جي اشاري سان تڪڙو ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو پر ٻي گهڙيءَ مون ڏٺو ته هن جي جيئن ئي منهنجي هٿ ۾ سائي پاسپورٽ تي نظر پيئي ته هن مون کي روڪي ورتو ۽ پاسي تي رکيل ٽيبلن مان هڪ تي منهنجي بئگ رکي کولڻ جو اشارو ڪيو. مون کي ذهني طرح تڪليف ته پهتي ته هڪ ته سفر ۾ سڄي رات اوجاڳي ۾ گذري، ان کان پوءِ مختلف اڏامن مان لهندڙ مسافرن جي ڊگهين قطارن ۾ ڪلاڪ کن بيهي اميگريشن مان جان آجي ڪرائي، هاڻ هن همراهه خوامخواهه کڻي سيڙايو. پر هڪ غير ملڪي مسافر، خاص ڪري پاڪستاني ڇا ٿو ڪري سگهي. اسان جي ملڪ جي وزيرن ۽ وزيراعظمن جا آمريڪا جهڙن هوائي اڏن تي ڪسٽمس وارا جوتا ۽ ڪپڙا به لهرايو ڇڏين جو بقول انهن ملڪن جي ڪسٽمس جي سمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جهڙا ڏوهه اسان وٽ سفيد پوش ماڻهو ۽ فلمي ماڊل ٿيون ڪن. مون کي هفتي کن لاءِ ملائيشيا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻو هو سو بئگ ۾ مئرين انجنيئرنگ جا ڪتاب، نوٽس، ٽرانسپئرنسيون، OHP قلمن ۽ مارڪرن جهڙيون شيون ڏسي نوجوان ڪسٽم آفيسر حيران ضرور ٿيو ۽ مون به کيس اهو ٻڌائڻ ضروري نه سمجهيو ته آئون توهان جي ملڪ ۾ ٽوئرسٽ طور نه پر ٽيچر جي حيثيت ۾ آيو آهيان. جيڪڏهن آئون هن کي ٻڌايان ها ته ٿي سگهي ٿو. (ٿي سگهي ٿو.... پڪ نه اٿم) ته هو منهنجي بئگ ۾ رکيل سامان جي اٿل پٿل ڪرڻ کان اڳ هٿ روڪي ڇڏي ها. ڇو جو ملائيشيا ۾ هڪ ٽيچر جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي. مهاتير جي هڪ وزيراعظم جي حيثيت ۾ عزت ضرور آهي پر ان کان وڌيڪ هُن جي والد جي آهي جيڪو ”چيگو“ (ٽيچر) هو. هونءَ به سڌريل ملڪن ۾ ڪنهن بيورو ڪريٽ، بزنيس مئن، فوجي، سياستدان وزير کان وڌيڪ هڪ استاد ۽ ليکڪ جي عزت ڪئي وڃي ٿي. ان قسم جي تجربي کان فقط چند مهينا پهرين گذري چڪو هوس جنهن مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو هو. آئون پنهنجي وڏي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ جپان پهتس ته اوساڪا ايئرپورٽ مان نڪرڻ وقت اوچتي (Random) چيڪنگ ۾ مون کي ڪسٽم آفيسر روڪي بئگ کولڻ لاءِ چيو. معلومات هجڻ جي باوجود ته جپان ۾ کائڻ جي شيءِ کڻڻ جي عام طرح اجازت ناهي آئون ٻارن لاءِ مٺائي ۽ نمڪو جا پئڪيٽ کڻي پئي ويس. بئگ کولڻ جو ٻڌي پڪ ٿيم ته ڪسٽمس وارو کائڻ جي شيءِ ضبط ڪندو يا ڏنڊ (Tax) هڻندو. پر منهنجو بچاءُ ٿي ويو ۽ مون کي ان ڏينهن خبر پئي ته هن ملڪ ۾ ليکڪ جي ڪيڏي وڏي عزت آهي. خير اها ته خبر هيم ته جپان ۾ ليکڪ جي عزت آهي پر اها خبر پهريون دفعو ٿيم ته ”تمام گهڻي“ عزت آهي. بئگ کولڻ سان مٿان ئي مٿان خيرپور جي قربان منگي (پوپٽ پبليڪيشن) وارن جو منهنجو ملائيشيا جي سفرنامي وارو ڇپيل ڪتاب هو جنهن جي ٽائيٽل تي منهنجي تصوير ڏسي جپاني ڪسٽمس آفيسر هڪ دفعو منهنجي چهري ڏي ڏٺو ۽ پڪ لاءِ پڇيو ته ڪتاب جي ٽائيٽل واري تصوير وارو ئي آهيان؟ ان بعد هو ڪتاب جي بئڪ سائيڊ تي مون بابت لکيل انگريزي وارو تعارف پڙهي ڪتاب کي عزت سان ان ئي هنڌ رکي مون کي جهڪي چوڻ لڳو: ”اوه! اناتاوا سڪاديس.... اناتاوا هون نو چوشهاديس!“
(اوه! تون لکيڪ آهين..... تون ڪتاب جو مصنف آهين.....“.)
دل ۾ چيم ته اها خبر ته مون کي به دير سان پئي ته توهان ليکڪن جي ايڏي عزت ٿا ڪريو. آئون اجايو گذريل ٽيهه پنجٽيهه سالن کان توهان جي ملڪ ۾ پڇڻ تي پنهنجو پاڻ لاءِ مئرين انجنيئر ٻڌائيندو رهيس. هن منهنجي بئگ بند ڪري مٿان ٻڌل رسيءَ کي وري پهرينءَ وانگر ڳنڍ ڏئي ٿي ٻڌو ته مون کيس جهليندي چيو:
”توهان جپاني اهڙا آهيو ته ڪو نه جو ڪنهن کي ڇڏيو. هتان نڪري اڳيان وري ڪو ٻيو ڪسٽم وارو مون کي جهلي ان ڪري توکي ئي ٻڌايان ته آئون مٺائي کڻي پيو وڃان جنهن جي شايد اجازت ناهي“.
هن مٺائي ۽ نمڪو جا پئڪيٽ ڏسي ٻڌايو ته ان جي منع ناهي. هن جو مطلب هو ته اهي Cooked شيون آهن.
بهرحال پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته هن جپاني ڪسٽم آفيسر ته کڻي اعتراض نه ڪييو پر مختلف ملڪن ۾ مختلف ڪسٽمس آفيسرن جو پنهنجو مزاج ۽ قانون جي پنهنجي Interpretation ٿئي ٿي. ان ڪري مسافري ڪرڻ واري کي خاص ڪري پاڪستانيءَ کي منهنجي اهائي صلاح آهي ته هو کائڻ جي ڪا شيءِ، رڌل يا ڪچي يا مصالحو وغيره پاڻ سان نه کڻي ته سٺو. ڇو ته هونءَ به اسان پاڪستانين کي ڪجهه وڌيڪ ئي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
بهرحال اسان ملائيشيا جي هوائي اڏي ڪوالالمپور جي ڳالهه پئي ڪئي جتي هڪ ملئي ڪسٽم واري مون کي بئگ کولڻ لاءِ چيو ۽ منهنجي کولڻ سان هو منهنجو سامان ڦولڻ لڳو. آئون چپ رهيس. مون کيس پاڻ بابت ٻڌائي کيس روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي. لڳو ٿي هو نئون نئون نوڪريءَ ۾ لڳو هو سو هو بئگ جي چڪاس وڏي غور سان ڪندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن سامان سيٽ ڪري بئگ کي ڍڪ ڏئي ”ٿئنڪ يو“ چيو ته مون مرڪندي ملئيءَ ۾ چيس ته ”توکي هن ميڙ ۾ آئون ئي مشڪوڪ ماڻهو لڳس ۽ مون پوڙهي جو وقت ضايع ڪئي.....“
مون کي سندس مادري ملئي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو ڏسي هو وائڙو ٿي ويو ۽ ڪجهه ڪجهه پريشان پڻ. مون کيس ٻڌايو ته تون اڃان ڄائو به نه هوندين ته مون تنهنجي ملڪ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. هينئر به As a Visiting Professor ملاڪا ۽ اپوح جي ٽيڪنيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ لاءِ آيو آهيان.....“
مون ڏٺو ته هن جي چهري تي سخت ڏک نمايان هو. ”تئان! (سائين) مٿان آرڊر آهي“ هن آهستي ڀڻڪيو پر مون کي سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي ته سائي پاسپورٽ وارو چاهي عورت هجي يا پوڙهو مرد..... هن کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي. هن منهنجو وقت وڃائڻ ۽ موڊ خراب ڪرڻ جي معافي ضرور ورتي پر مون کي ٻه ٽڪا ڏک ضرور ٿيو جو آئون هفتو کن ملائيشيا ۾ رهڻ دوران پنهنجي سفارتخاني جي هم وطنين ۽ ملائيشيا ۾ رهندڙ انهن پاڪستانين جن کي هاڻ ملائيشيا جي شهريت آهي، انهن سان پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندو رهيس ته اسان پاڪستانين سان هوائي اڏن تي هن قسم جو برتاءُ ڪيڏو ڏکوئيندڙ آهي.
هو مون سان دليل بازي ڪري سمجهائيندا رهيا ته ان ۾ اسان يعني عام ماڻهن جو به ڏوهه آهي. اسان جي غلط ڪمن ۽ ڪرتوتن ڪري اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جي بدنامي ٿي آهي. هنن ٻڌايو ته 1991ع کان جڏهن کان افغاني ماڻهو پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪري ملائيشيا ۾ غلط ڪم ڪري رهيا آهن تڏهن کان اسانجي ملڪ جو اميج خراب ٿيو آهي. ان سان گڏ اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري وڌڻ ڪري اسان جا ڪيترا ماڻهو ٺڳ ايجنٽن جي ڏٽن ۾ اچي ڪوڙين ۽ نقلي ويزائن تي هتي اچي رهيا آهن يا ويزا جي مدت ختم ٿيڻ تي به هتي ترسي پون ٿا. هو سمجهن ٿا ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ پر اڄ ڪلهه ڪمپيوٽر جو دور آهي. ڪمپيوٽر مان خبر پئجيو وڃي ته ڪهڙن ملڪن جا ماڻهو ويزا جو مدو ختم ٿيڻ تي سندن ملڪ مان ٻاهر نه نڪتا. سو غلط ڪمن ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن سان هتي جا جيل ڀريا پيا آهن ۽ انهن ڏوهن تي اخبارن ۽ TV ۾ خبرون اچڻ تي سڄي ملڪ جي ماڻهن کي خبر پئجيو وڃي ته اسان صحيح ماڻهو نه آهيون.
هنن انهن واقعن جي افسوس ناڪ خبر به دهرائي جن هتي جي ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن ته اسانجي ملڪ جو هڪ اسي سالن جو ڪراڙو جوڙو اسپنج جي چمپل ۾ چرس لڪائي عمري لاءِ جدي پهتو ته هو جهلجي پيو. ۽ سڀ کان افسوسناڪ خبر ته اسان جي ملڪ جون عورتون پنهنجن خاص عضون ۾ چرس ۽ هيروئن جهڙين نشيدار شين جا ڪئپسول لڪائي سعودي عرب ٿيون پهچن... اهڙي صورت ۾ دنيا جي ملڪن جا ڪسٽمس آفيسر اسان جي ماڻهن تي ڇو نه شڪ ڪندا. چاهي مون جهڙو ڪو پوڙهو هجي يا نوجوان فلمي ماڊل، اسان جو ڪو سياستدان وزير هجي يا وڏي ڏاڙهيءَ وارو مولوي.
هونءَ به اسان جا اهي ماڻهو جيڪي ولائت ۾ رهن ٿا. هو ڀلي شاگرد هجن، سفارتڪار، بزنيس مين يا ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر..... دل تي هٿ رکي حق جي ورندي ڏين ته ڇا اهو سچ ناهي ته اسين پاڪستاني جتي ڪٿي ڦڏي بازيءَ ۾، مسواڙ يا Utility Bills جي ادائيگيءَ ۾، پاڙي اوڙي ۾ گوڙ گهمسان ڪرڻ ۾، گندگي پکيڙڻ، جهيڙن جهٽن ۽ چورين چڪارين ۾ اڳيان آهيون يا نه؟ انڊيا جا هندو هجن يا مسلمان ۽ سک عيسائي هنن جو ولايت ۾ ڏوهن جو Ratio نه برابر آهي. اهو ئي سبب آهي جو سعودي عرب، ڪويت ۽ دبئي جهڙن عرب ملڪن جون مسلمان حڪومتون به اسان کان وڌيڪ انڊيا جي هندن کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿيون. ان ڪري توهان کي جتي ڪٿي انڊيا جا بزنيس مين، ڪاروباري، نوڪرين وارا وڌيڪ نظر اچن ٿا. ان معاملي ۾ ڀلي توهان اسان جي ملڪ جي ۽ انڊين شاگردن جي ڀيٽ ڪري ڏسو. پڙهائي توڙي هاسٽلين ۾ رهائش جي معاملي ۾ هو بهتر ثابت ٿين ٿا. ان ۾ ڏک ڪرڻ يا گهوڙا پٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اهي حقيقتون آهن جن جي جيسين نشاندهي نه ڪبي اسان پنهنجو پاڻ ۾ سڌارو آڻي نه سگهنداسين ۽ ولايت ۾ اسان جي ماڻهن جي بدافعالن ڪري سڄو ملڪ پيو بدنام ٿيندو. هاڻ ته اسان ايڏو خوار ٿي ويا آهيون جو ڪو به غلط حرڪت ڪري ٿو ته هر ڪو هن تي پاڪستاني هجڻ جو شڪ ڪري ٿو.
اڄ ڪلهه اها ڳالهه واٽس ائپ تي عام پئي هلي ته ڪنهن ملڪ جي هوائي اڏي تي ڪنهن پاڪستانيءَ جو پاسپورٽ گم ٿي ويو. هو ٻڌائيندو رهي ٿو ته ”ايئرپورٽ تي اميگريشن وارن جڏهن مون کان پاڪستاني هجڻ جو ثبوت گهريو ته مون بار بار هنن کي چيو ته ”جناب ايئرپورٽ تي لڳل ڪئميرائن جي ريڪارڊنگ هلائي ڏسو ته هي جتي ڪٿي جيڪي چپس جا خالي پئڪيٽ ۽ ٽشو پيپر نظر اچن ٿا مون ئي ڦٽا ڪيا آهن پر هنن نه مڃيو.
”آخرڪار مون جوس جو دٻو پي خالي ڪيو ۽ زمين تي رکي ان جي مٿان لت هڻي ڦٽاڪي جو آواز ڪڍيو تڏهن وڃي هنن کي يقين آيو ته آئون واقعي پاڪستاني آهيان. منهنجو ارادو هو ته اميگريشن وارن کي ان تي به يقين نه آيو ته پوءِ آئون آئسڪريم جو ڪوپ کولي ان جو ڍڪ چٽي ڏيکاريندوسان.... پر ان کان اڳ ئي هنن کي يقين اچي ويو ته منهنجو ڪهڙي ملڪ سان واسطو آهي....“
يارو! مڃان ٿو ته اهو چرچو ئي لڳي ٿو پر ڇا ان ۾ حقيقت ناهي. اسان جي ڪيترن پڙهيل لکيل ماڻهن جا ڪم اهي نه آهن؟


اسان جا غلط سلط ڪم .....

اسان جا غلط سلط ڪم .....

منهنجي خيال ۾ 1980 واري ڏهاڪي ۾ سڄي دنيا ۾ اها بداخلاقي سمجهي وڃڻ شروع ٿي ته هلندڙ ڪار يا بس مان ڪو چاڪليٽ جي پني يا ٻي ڪا شيءِ اڇلي .... ويندي آفريڪا جي ملڪن ۾ به توهان کي ڪو ائين ڪندو نظر نه ايندو. پر اسان وٽ اسان جي هاءِ وي توڙي ڪراچي جي رستن تي ماڻهن کي دريءَ مان ڪچرو اڇلائيندو ڏسندائو. ٻيو ته ٺهيو رستي تي توهان کي ماڻهن جون اڇلايل ڪيلي جون کلون به نظر اينديون. ذرا سوچيو اها شيءِ ڪيڏو خطرناڪ آهي؟ ڪنهن جو پير ترڪڻ تي مٿي ۾ يا پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ڌڪ لڳڻ سان هو عمر ڀر لولو لنگڙو رهي سگهي ٿو. ان ڪري ته ڪيترن ملڪن ۾ ڪيلي جي کل اڇلڻ جو ڏوهه Attempt to Murder (اقدام قتل) برابر آهي. هونءَ ته اسان جي اسلامي ملڪن ۾ هئڻ ته ائين کپي ته ڏسڻ وارو اها کل کڻي پاسي تي ڪري جيئن ڪنهن ٻئي انسان کي ڌڪ نه لڳي. اسان لاءِ اهو صدقي برابر آهي. نه فقط اهي پر ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون آهن جيڪي اسلام اسان کي سيکاري ٿو. پر ڏٺو وڃي ته اهي سٺيون ڳالهيون اسان مسلمانن ۾ گهٽ آهن يورپ ۾ رهندڙن ۾ گهڻيون آهن پوءِ ڀلي اهي غير مسلم هجن. تڏهن ته سئيڊن ۾ تعليم دوران منهنجو ساٿي، مصر جو ڪئپٽن حنفي مون کي چوندو هو ته ”الطاف! لڳي ٿو ته مسلمان پاڻ وٽ رهن ٿا پر اسلام هتي يورپ م آهي“.
جپان واري هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اتي هڪ نوجوان نو مسلم کان حيرت مان پڇيم ته اسلام ۾ ته ڪافي سختيون آهن هو مسلمان ٿي ڪجهه ڏکيائي نٿو محسوس ڪري؟
هن طنزيه مرڪ چپن تي آڻي چيو ته ”جن شين کي توهان تڪليفون ٿا سمجهو.... يعني سج اڀرڻ کان اڳ اٿڻ، پاڙي وارن جو خيال ڪرڻ، ايمانداري سان ڊيوٽي ڏيڻ، سچ ڳالهائڻ، ٻئي جو حق غضب نه ڪرڻ.... وغيره.... اهي ته اسان جي جپاني قوم جون روٽين جون ڳالهيون آهن. اسلام جن ڳالهين جي تاڪيد ڪري ٿو، اسان مسلمان ٿيڻ بنا به انهن جي پابندي ڪريون ٿا. اسان لاءِ اسلام قبول ڪرڻ ته فقط ڪلمو پڙهڻ آهي.... اسان وٽ ته آچر واري موڪل جي ڏينهن تي به هر جپاني فجر نماز کان اڳ اٿي ٿو. هر جپاني صاف سٿرو رهي ٿو.... وڏي جي مدد ۽ عزت ڪري ٿو.... بيمار جي خذمت ڪري ٿو.... بنا اجازت جي ڪنهن جي شيءِ نٿو کڻي.... ٻئي جي گلا ۽ غيبت کان گريز ڪري ٿو....
اڄڪلهه واٽس ائپ تي هڪ جپاني ڇوڪريءَ بابت ڪنهن نعيم مشتاق نالي همراهه جو هڪ دلچسپ ميسيج هلي رهيو آهي. هو لکي ٿو ته مي وا (Miwa) هڪ جپاني ڇوڪري آهي. هڪ ڏينهن هوءَ مون کي چوڻ لڳي ”هي جو تون روزو رکي رمضان جو سڄو مهينو صبح کان شام تائين اڃيو بکيو رهين ٿو، ان مان توکي ڇا ٿو ملي؟“
مون هن کي ٻڌايو ته روزو فقط اڃايل يا بکايل رهڻ جو نالو نه آهي، پر روزي ۾ ڪوڙ نه ڳالهائڻ، ايمانداريءَ سان پنهنجو ڪم ڪرڻ، صحيح طرح ماپ تور ڪرڻ، ٻئي کي گهٽ وڌ نه ڳالهائڻ، انصاف ڪرڻ..... وغيره اچيو وڃي ۽ ان قسم جي سڀني خراب ڪمن کان بچڻو پوي ٿو“.
مي وا وراڻيو ”توهان جون ته موجون آهن. اسان کي ته سڄو سال انهن ڪمن کان بچڻو پوي ٿو“.
پر افسوس جي ته اها ڳالهه آهي جو اسان وٽ روزي ۾ به ماڻهو نٿا بخشين. وڏي ڏاڙهي وارا دڪاندار به ماپ تور يا مال جي جنس ۾ کوٽ ٿا ڪن. اهو اسان جو ئي ملڪ آهي جتي ميوي جي دٻي ۾ ڏيکارڻ لاءِ مٿئين تهه ۾ ته سٺو ميوو رکيو وڃي ٿو هيٺين تهن ۾ سادو ۽ پاروٿو. اهو ئي ته سبب آهي جو عرب ملڪن ۾ توڙي ملائيشيا، سنگاپور ۽ يورپ ۾ اسان جا پاڪستاني دڪاندار به پاڪستان بدران انڊيا مان ميوو ڀاڄي گهرائين ٿا. هاڻ مڙيئي ڏسان ٿو ته اسان جي ملڪ جون ڪجهه ڪمپنيون پنهنجا سٺي Quality جا آچار ۽ مسالا ولايت جي مارڪيٽ ۾ موڪلين ٿا. آمريڪا ۾ انهن مان هڪ ٻن ڪمپنين جو آچار کائي خوشي ٿي ته اسان جي ملڪ جون ڪمپنيون به انڊيا جي مقابلي جو آچار ۽ نمڪو ٺاهين ٿيون. ٻه مهينا آمريڪا ۾ رهڻ بعد ڪراچي پهچي انهن ڪمپنين جو آچار خريد ڪيم ته ڏاڍو ڏک ٿيو ته اهي گورن (آمريڪن، يورپين) ۽ عربن لاءِ ته سٺي شيءِ ٺاهين ٿا پر پنهنجن ماڻهن لاءِ اهو ئي ساڳيو ڪِن سِن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان وٽ کاڌي جي شين تي نظر رکڻ وارا ادارا اسان پاران ڪهڙي چڪاس ڪن ٿا، ڪهڙي سختي ڪن ٿا؟ هو فقط انهن ڪارخانن ۽ دڪانن تي سختي ڪن ٿا جيڪي هنن کي دل وٽان رشوت ڏيڻ ۾ ڪيٻائين ٿا. ٻين ملڪن ۾ ائين نه آهي. عربن کي اسان ڀلي چريو چئون پر هنن جا ادارا مضبوط آهن جن کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو خيال رهي ٿو. هو ان معاملي ۾ سخت آهن هو پنهنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ عوام کي بيماريون نٿا ڏين. هينئر ته هو هيڪاندا ماڊرن ۽ وڌيڪ هوشيار ٿي ويا آهن پر مون کي حيرت آهي ته اڄ کان 40 سال اڳ 1978ع ۾ اسان جو جهاز پاڪستان مان سامان کڻي جدي پهتو. دستور موجب جهاز تي سعودي ڪسٽم، اميگريشن ۽ ميڊيڪل جي ٽيم چڪاس لاءِ جهاز تي آئي جيئن جهاز تي موجود ماڻهن جي سفري ڪاعذن ۽ آندل سامان جي جانچ پڙتال ڪئي وڃي. آندل سامان ۾ ٻيو سامان ته صحيح حالت ۾ هو پر آچار جي پئڪنگ يا شايد معيار مضر صحت هو. هنن اسان جي جهاز کي بندرگاهه ۾ اندر گهڙڻ بدران اتان آئوٽر ائنڪريج تان ئي کلئي سمنڊ (Open Sea) ڏي ڀڄايو ته پهرين اهو گند (آچار) جدي بندر گاهه کان 50 کن ميل پري سمنڊ ۾ ٻوڙي اچو. اسان هنن کي گهڻو ئي چيو ته اسان کي بندرگاهه ۾ گهڙڻ ڏيو جتي اسان پنهنجي خرچ تي ٽرڪون Hire ڪري اهو آچار اڇلائينداسون پر هنن اهو پنهنجي زمين ۾ ڊمپ ڪري ان کي خراب نه ڪرڻ چاهيو. اسان جي جهاز ران ڪمپنيءَ کي مال ڍوئڻ جو اجوري بدران نقصان ڀرڻو پيو جيڪو اسان کي وري آچار ڪمپنيءَ کان اوڳاڙڻو پيو. منهنجي خيال ۾ آئندي لاءِ اها آچار ڪمپني سمجهي وئي هوندي ته اهو گند پنهنجن کي کارائي انهن کي ڀلي بيمار ڪجي پر ٻين ملڪن کان ڊڄي رهجي. اوڏانهن سٺي شيءِ موڪلجي. پر ان کان اڳ جدي جي ان ڪمپنيءَ جنهن اسان وٽان هي آچار گهرائڻ جو آرڊر ڏنو، آئندي ڪا شيءِ گهرائڻ کان توبنهه ڪئي هوندي.
سو مون اهو پئي ٻڌائڻ چاهيو ته عربن جهڙا جاهل به سڌري ويا. هنن کي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جو ڪيڏو خيال ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ ويجهڙائيءَ ۾ درپيش آيل رڍن جي واقعي کان ته اسان جا ماڻهو چڱي ريت واقف هوندا جنهن جو احوال ”موج نه سهي مَڪڙي“ واري سفرنامي ۾ تفصيل سان ڏئي چڪو آهيان. جنهن ۾ آسٽريليا کان ٻه هزار کن رڍون جڏهن سعودي عرب جي بندرگاهه جدي ويجهو پهتيون ته سعودي عرب جا ڍورن جا ڊاڪٽر هن Cattle Ship تي چڪاس لاءِ پهتا. هنن کي هي رڍون صحيح نه لڳيون. هنن کي انديشو ٿيو ته هنن مان ڪجهه کي سمنڊ تي کُرن واري بيماري لڳي چڪي آهي. آسٽريليا وارن ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر سعودي عرب وارن انهن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آخرڪار آسٽريليا وارن رڍن جي قيمت ۽ ڀاڙي تان هٿ کنيو هنن سعودي وارن کي فقط اهو عرض ڪيو ته رڍن کي ضايع ڪرڻ لاءِ زمين تي لاٿو وڃي جيئن جهاز خالي ٿي اڳيان روانو ٿي وڃي. پر سعودي عرب وارن اهو به Risk کڻڻ نه چاهيو. هنن جهاز کي سندن ملڪ جي پاڻين کان پري هاڪاري وڃڻ لاءِ چيو.
آسٽريليا وارن لاءِ رڍن کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪرڻ به مشڪل ڪم ٿي پيو جو سمنڊ ۾ جانورن کي ڦٽو ڪرڻ ڏوهه جو ڪم آهي ۽ واپس هيڏو پنڌ ڪري آسٽريليا کڻي وڃڻ تي به وڏو خرچ هو. هنن پوءِ پهرين سوماليا يا شايد جبوتي وارن کي مفت ۾ رڍون ڏيڻ جي آفر ڪئي پر هنن قبول نه ڪئي. ان بعد پاڪستان جي واسطيدار عملدارن کي آفر ڪئي. افسوس جو هنن انهن کي وڪڻي چار پئسا ڪمائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي. اهي لاهي ڪراچيءَ جي ويجهو ڪنهن فارم هائوس تي لڪائي رکيون ويون پر پوءِ ميڊيا وارن کي شاباس هجي جن کي ڄاڻ ٿيڻ تي ايڏي ته واويلا مچائي جو حڪومت کي انهن کي شوٽ ڪري زمين ۾ دفن ڪرڻو پيو. نه ته اهي کائڻ سان وڪڻڻ وارا ته سيٺون ٿي وڃن ها پر غريب عوام بيمارين ۾ وڌيڪ مبتلا ٿي وڃي ها. اسان وٽ مئل ڪڪڙين جو گوشت جيڪو کلئي عام ”ٺنڊا گوشت“ جي نالي سان وڪامي ٿو، ان سان گڏ بيمار ڍورن، گڏهن ۽ ڪتن جو گوشت پڻ وڪامندو ڪيترا دفعا پڪڙيو ويو آهي.

مغرب بابت اسان جي غلط سوچ ....

مغرب بابت اسان جي غلط سوچ ....

هن مضمون جي شروعات ئي مون ان سان ڪئي آهي ته اسان جي اها غلط سوچ آهي ته اسان مغرب جي هر شيءِ کي خراب ۽ ناپاڪ سمجهون ٿا. جيتوڻيڪ مغرب، يعني يورپ يا آمريڪا ڇاهي؟ خاص ڪري آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ته هيڪاندا مسلمان آهن... اسان جا پاڪستاني ۽ انهن جو اولاد آهن ۽ جيڪي مسلمان نه آهن انهن تي به هروڀرو اندر ۽ ٻاهر جون اکيون پوري الزام نه هڻون ته هو بُرا آهن. غور ڪنداسين ته هو ڪيترين ڳالهين ۾ اسان کان بهتر لڳندا ۽ سندن ڪيتريون ئي سٺيون ڳالهيون اسان مسلمانن کي انهن عيسائين، يهودين ۽ ٻڌن کان سکڻ کپن، جو اتي جا ماڻهو اهي سٺا ڪم ڪن ٿا جنهن لاءِ اسلام تاڪيد ڪري ٿو ۽ اسان وٽ اسان جي ماڻهن جا ڪم ڏسي شرم ٿو اچي.... ڇاهي جو اسان کي اهڙي سُتي پياريل آهي جو هر ڳالهه ۾ پنهنجي تعريف ڪنداسين ۽ ٻين تي خاص ڪري مغرب تي، فحاشي ۽ بداخلاقيءَ جو الزام هڻنداسين. ڪنهن کي کڻي آئينو ڏيکار ته ناراض ٿيو وڃي. سوال آهي ته جڏهن پنهنجي ڪوتاهيءَ جي ڄاڻ نه رکبي ته اها ڪيئن دور ڪري سگهبي. اسان فقط پنهنجي تعريف ٻڌڻ جا اهڙا ته عادي نشئي ٿي ويا آهيون جو ٻي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيون.
ٽي سال کن اڳ آئون جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچر ڏيڻ ويس ته لاڙڪاڻي جي بازار ۽ روڊن جي حالت.... انڪروچمينٽ ۽ اٿلندڙ گٽر ۽ شهر ۾ وڌندڙ اغوائن جون وارداتون ٻڌي مون هڪ ٻن دوستن کي جڏهن چيو ته هڪڙو سنڌي هندن جو شهر الهاس نگر آهي ۽ هڪ سنڌي مسلمان جو شهر لاڙڪاڻو آهي. موهن جو دڙو هجڻ جي باوجود ڪهڙو ٽوئرسٽ پنهنجي جان کي جوکي ۾ وجهڻ لاءِ هتي ايندو؟!.
مون ڏٺو ته هو دل ۾ ڪرڻ لڳا.... چي اسان جي پراڻي تهذيب آهي، اسان مهمان نواز آهيون، موهن جي دڙو جي سِڌين گهٽين ۽ صاف گهرن جي دنيا ۾ هاڪ آهي.... وغيره. دل ۾ سوچيم اهو سڀ ڪجهه ماضيءَ ۾ هو اڄ اسان ڪٿي بيٺا آهيون دنيا کي خبر نه پئي پوي ڇا؟ سنڌ جي ڳوٺن ويندي ڪراچي جهڙن شهرن ۾ ڇا گندگي آهي. ان جهڙي گندگي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ آفريڪا جي ڪنهن ڏتڙيل ملڪ جي شهر ۾ به نه هوندي. آئون پنهنجي سنڌ جي نوجوان جهاز رانن کي چوندو آهيان ته سڄي دنيا جي گولي تي جهاز هلايو ٿا. مون کي ڪنهن آفريڪا يا ڏکڻ آمريڪا جي پٺتي پيل ملڪ جو ئي ڪو شهر ٻڌايو جتي اسان جي ملڪ جي شهرن جهڙي گندگي هجي؟ Unhygenic حالتون هجن؟ پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ انسانن ۽ جانورن جي ڪرفتي مليل هجي؟ اسان جي ملڪ ـــ خاص ڪري سنڌ جي ماڻهن وانگر تعليم ۽ صحت جي ٻيڙي ٻڏل هجي ۽ اسان جهڙي غلاميءَ واري ذهنيت هجي جتي بريانيءَ جي ٿالهيءَ تي ساڳين حاڪمن کي ووٽ ڏئي پنج سال موچڙا کائيندا رهندا هجن.... اسان لاءِ نه امن امان آهي ۽ نه انصاف! نه ترقياتي ڪم آهن نه تعليم!
ڪجهه ڏينهن اڳ اسان واري اديب دوست حسن نثار جي ٽي وي پروگرام ۾ هڪ همراهه هن کي چئي رهيو هو ته ”اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ مغرب کان کڻي پٺتي آهيون پر اخلاقي قدرن ۾ هنن کان اڳيان آهيون“.
حسن نثار طنزيه مرڪ چپن تي آڻي چيو: ”اخلاقي قدرن جو تعلق ڪو توهان جي لباس سان ناهي ته توهان شلوار پاتي آهي يا اسڪرٽ، توهان بلائوز پاتو آهي يا قميص. حضرت عليءَ کي ڪنهن چيو ته فلاڻو ثوم و صلوات جو وڏو پابند آهي. حضرت عليءَ چيو ”ڇڏيو ان ڳالهه کي، اهو ٻڌايو ته هو معاملات ـــ ڏيتي ليتيءَ ۾ ڪيئن آهي؟“.
اسان وٽ ته ڪا به ڍنگ جي شيءِ آهي ئي ڪا نه. الله معاف ڪري هي ڳريل سڙيل معاشرو آهي جنهن وٽ ندامت ۽ شرمساري به نه آهي. هڪ ته انسانيت جي اها ليول هوندي آهي ته غلط ڪم ڪرڻ وارو نادم ۽ شرمسار ٿئي ٿو. آئون ٿو توهان کي ڪجهه ڳالهين جو مثال ڏيان. پوري مهذب دنيا ۾ توهان کي هن گندگي جو هزارهون حصو به نظر نه ايندو. تور ماپ ۾ کوٽ، ملاوٽ، ڪوڙيون شاهديون ـــ عدالتن ۾ وڃي ڏسو ڍير لڳا پيا آهن اهڙن ڪاروباري ڪوڙن شاهدن جا، ذخيره اندازي ، تجاوزات (انڪروچمينٽ)، ناجائز منافع خوري، سرڪاري ۽ نجي زمينن تي قبضو، سڄي ملڪ جا ٻيلا وڪڻي کائي ويو ٽمبر مافيا.... مصنوعي مهانگائي، بلئڪ مارڪيٽنگ، گندو کيرـــ اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آهي جتي هڪ ڪلو کير ۾ شئمپو، سرف ۽ پاڻي ملائي چوڏهن ڪلو کير ٺاهيو وڃي ٿو ۽ اهو هڪ ڪلو کير به اهو آهي جيڪو مينهن/ ڍڳيءَ کي Oxytocin جي سئي هڻي ڏهيو ٿو وڃي. سئي لڳڻ سان جيڪا تڪليف ۽ تڙپ مال کي ٿئي ٿي ان جو ظالمن تي ڪو اثر نٿو ٿئي. ويچاري مينهن کان پيشاب وهيو وڃي جنهن جا ڦڙا کير سان گڏ برتن ۾ هليا وڃن پر اسان جي ماڻهن کي ڪٿي آهي ان جو خيال! هو ته مردار مينهن ۽ ڍڳيءَ جو گوشت به مارڪيٽ ۾ وڪڻيو ڇڏين.... نقلي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ، ڪوڙيون ذاتيون، نقلي ويزائون..... ٻڪرن کي حلال ڪري، تڪبير پڙهي ذبح ڪري انهن جي گوشت ۾ گندو پاڻي Inject ڪيو وڃي ٿو جيئن هنن جي تور گهڻي ٿئي. ڪهڙي اخلاقيات جي ڳالهه آهي؟ مهذب دنيا ۾ توهان کير وڪڻندڙ کان پڇو ته هن ۾ ملاوٽ ته ڪانهي؟ هن کي توهان جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي ته توهان پڇو ڇا پيا؟ توهان يورپ يا آمريڪا ۾ ــــ ويندي جپان، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۾ دڪاندار کان پڇو ته ”هيءَ دوا جعلي ته نه آهي“. يقين ڪريو هنن کي توهان جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي ته توهان پڇو ڇا پيا.... ۽ ڇا ائين به ڪو ٿي سگهي ٿو. يقين ڪريو هنن جي گمان ۾ به نه هوندو ته ڪو شيطان يا ابليس جعلي دوائون به وڪڻي سگهي ٿو! کير ۾ ملاوٽ به ڪري سگهي ٿو، جيڪا ڪنهن جي خوراڪ آهي؟ توهان جي معصوم ٻارن جي! توهان هتي ان قسم جون نقلي، ملاوٽ واريون ۽ مردار شيون اسان کي کارائي نسلن جو قتل عام ڪري رهيا آهيو. ۽ پوءِ به چئو ٿا ته مغرب کان وڌيڪ توهان وٽ اخلاقي قدر آهن!
ٻڌو ٻي ڳالهه! استادن کي پينشن نه ڏيڻ.... کين پاڻي جا ڦوهارا هڻي ذليل ڪرڻ، بانٺا هڻي مارڪٽ ڪرڻ..... نيٽ تي فاحش مواد Search ڪرڻ (ڳولڻ) ۾ اسانجو ملڪ پهرين نمبر تي آهي. شرم ئي نٿو اچي اسان کي جڏهن اسان ان قسم جون ڳالهيون ڪريون ٿا ته اسان اخلاقي قدرن ۾ اڳيان آهيون!
نماز ۽ روزري کي بهانو بڻائي ڪم نه ڪرڻ.... جيل ۾ چرس جي موتين جون ٺهيل تسبيحون اسان جا حاجي پيا وڪڻن! آقا جو فرمان آهي ته صفائي نصف ايمان آهي... اسان جا گهر گندا، گهٽيون گنديون، ڳوٺ گندا، شهر گندا.... تور ۾ کوٽ اسين ڪريون.... ملاوٽ اسان ڪريون... ڪوڙ اسان ڳالهايون..... جعلي دوائون ۽ زهريلو کير اسان وڪڻون! هي آهن اسان جا اخلاقي اقدار؟ مغرب ۾ انهن ڳالهين جو وجود ته ڇا سوچ به نه آهي. ولايت ۾ ڪنهن کي ماءُ ڀيڻ جي گار ڏيو هو ايترو دل ۾ نه ڪندو. چئوس “Son of a bitch” هو درگذر ڪري ڇڏيندو. پر هن کي توهان ”ڪوڙو“ ته چئي ڏسو ته ڪيئن ٿو توهان جي خبر وٺي. ملاوٽ، دو نمبري شين جو وڪرو، گندگيءَ جو ڍير.... سڄي گهر جي غلاظت گهر کان ٻاهر.... هي آهي معاشرو توهان جو؟ حڪمران ڪرپٽ.... هيٺ تائين، وزيرن سيڪريٽرين کان آبدار تپيدار تائين! اسان کي خدا جو خوف ڪرڻ کپي.... اخلاقي قدرن جي ڪهڙي منهن سان ڳالهه ٿا ڪريون .... اخلاقي اقدار ڪي چرچو ته نه آهن.
هلندي هلندي هڪ ٻي ڳالهه ياد اچي وئي.... اسان جو هي اهو معاشرو آهي جنهن ۾ ظالم معصوم انسانن کي رستي تان اغوا ڪري، هن جي سرجري ڪري هن جو گردو ڪڍي ڪنهن ويران هنڌ تي اڇليو ڇڏين. هن کي جڏهن هوش اچي ٿو ته هو ڏسي ٿو ته هن جو گردو غائب آهي! خدا جو خوف ڪريو.... توهان ڪهڙي منهن سان اهو چئو ٿا ته اخلاقي طرح اسان مغرب کان بهتر آهيون.... هرگز نه آهيون.... آئون مغرب وارن مان مرعوب نه آهيان. آئون هنن کان وٺي نٿو کان.... پر افسوس جو اسان کي احساس ئي ناهي.... ائين ئي پنهنجي منهن ميان مٺو ٿيو پيا هلون ته اسان کان بهتر دنيا ۾ ڪو آهي ئي ڪونه. ۽ ڏٺو وڃي ته سڄي دنيا اسان کي سڃاڻي ٿي.... اسان کي سمجهي ٿي ته اسين آهيون ڇا. اسان جي جڏن ڪمن اسان جي قوم ۽ ملڪ کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي....“

تعليم جي راهه ۾ رنڊڪون ....

تعليم جي راهه ۾ رنڊڪون ....

جنهن ٻاهر جي دنيا ڏٺي آهي، ٻاهر رهي دنيا کي ترقي ڪندو ڏٺو آهي توڙي اهي ماڻهو جن سڄي عمر پنهنجي ملڪ ۾ گذاري ڇڏي .... اهو ئي سوال ڪن ٿا ۽ ان ڏک جو اظهار ڪن ٿا ته اسان جو ملڪ ترقي ڇو نٿو ڪري.... اسان وٽ ڏينهون ڏينهن غربت ڇو پئي وڌي؟ واقعي آهي به حقيقت! ويندي آفريڪا جا ملڪ ۽ انهن جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيندا وڃن. جپان ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ ته سڌري ۽ سکيا ٿي ويا پر ڪمبوڊيا، ويٽنام، ايران ۽ انڊيا جهڙا ملڪ به امير ٿيندا وڃن.... اسان وٽ اهو ته ضرور چئون ٿا ته ملائيشيا، سنگاپور يا ٻين ملڪن کي اتي جي سياستدانن ٺاهي ڇڏيو اسان وٽ بيڪار سياستدان آهن. سوال آهي ته اسان وٽ شهنشاهي راڄ ته نه آهي جو مغل بابر بادشاهه بعد سندس پٽ همايون ۽ ان بعد اڪبر تخت وتاج جو مالڪ ٿو ٿئي. اسان وٽ ته جمهوريت آهي، سياستدانن کي چونڊي پنهنجو حاڪم بنائڻ واري عوام آهي. ان ڪري وڏو ڏوهه ته اسان عوام جو آهي. ساڳيا ساڳيا بيڪار حاڪم چونڊي غلامي جي زندگي ڇو گذاري رهيا آهيون.... اسان اهو ڇو نٿا سمجهون ته اسان جنهن کي پنهنجو نمائندو بڻائي اسيمبليءَ ۾ موڪليون ٿا ان کي خذمت ڪرڻ لاءِ موڪليون ٿا پر هو جڏهن پنج سال اسان لاءِ ٻيو SHO ٿي اسان جي زندگيءَ سان راڱا ڪري ٿو ته پوءِ وري هن کي ڇو ٿا چونڊيون؟ ۽ اها اسان جي قوم سان ويڌن ڇو آهي. ان جو علاج ڇا آهي...... ڪهڙي دوا آهي؟ توهان ڀلي ڪنهن به سياڻي کان پڇو هو توهان کي اهو ئي چوندو ته اسان وٽ تعليم جي کوٽ آهي. عام ماڻهو جاهل آهي. هن کي علم ناهي.... ان ڪري اسان رڍون ٻڪريون ٿيو پيا هلون ۽ اسان کي رڍون ٻڪريون ٿي رهڻ لاءِ اسانجي حاڪمن اسان جي تعليمي معيار کي وڌڻ ئي نه ڏنو آهي. اسان جي ڳوٺن ۾ اسڪولن جي فزيڪل حالت، تعليمي معيار ۽ ٽيچرن جو حال ڏسو! آفريڪا جي ڳوٺن ۾ به اهڙو ناهي. بلڪه اهي ملڪ ته اسان کان گهڻو اڳيان نڪتل آهن. هنن جي سرڪاري اسڪولن مان نڪتل شاگرد به اعليٰ معيار جا آهن. اسان جي ڳوٺن جي اسڪولن جون عمارتون ته وڏيرن جون اوطاقون آهن يا مال جا وٿاڻ پر شهرن جي اسڪولن جون عمارتون به خاص نه آهن. ميرٽ تي چونڊي قابل ۽ اعليٰ تعليم يافته ٽيچر رکڻ بدران پئسن تي نوڪريون وڪامن ٿيون ۽ پئسا ڏئي نوڪريون حاصل ڪرڻ وارا ڇا پڙهائيندا؟ اسان وٽ نوڪريون وڪڻڻ وارا وزير، سياستدان، سرڪاري ڪامورا توڙي عوام اهو ته سوچي ئي نٿو ته ان ۾ نقصان اسان جي (عوام جي) ئي ٻچن جو ٿي رهيو آهي. ڪنهن هنڌ پهرين به ذڪر ڪري چڪو آهيان ته اسان جي ڳوٺ جي ٻن ڇوڪرين کي سرڪاري اسڪول ۾ مِس يعني ماسترياڻيءَ جي نوڪري ملي. هنن وٽ ڪو به پڙهائڻ جو تجربو نه هو. شادي بعد جڏهن هاڻ کين ٻار به ٿي ويا ته کين سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو جو هنن ٻڌو ته ڇهه ڇهه لک روپين ۾ پرائمري اسڪول جي نوڪري ملي رهي آهي. هنن ٻڌايو ته هنن وٽ ايترا پئسا به نه هئا پوءِ هنن جي ڳوٺ جي هڪ رشوت خور آفيسر مدد ڪئي. هو هن کي دعائون ڏئي رهيون هيون ته هو جنتي ماڻهو آهي (جيتوڻيڪ جن کان هن رشوتون وٺي ڀينگ ڪئي اهي اڄ به هن کي پٽين ٿا).
”ڪيئن ڀلا؟“ مون هنن ڇوڪرين کان پڇيو.“
”اسان هن وٽ ڳهه کڻي ويونسين ته هي گروي رکي اسان کي نوڪري وٺرائي ڏئي“ هن اسان کي ڳهه واپس ڪري پنهنجي کيسي مان سڀ پئسا ڀري نوڪرين جا آرڊر وٺرائي ڏنا.....“
هو وري هن شخص ۽ پئسن تي نوڪري ڏيڻ واري جي تعريف ڪرڻ لڳيون ته هو جي نه هجي ها ته هنن کي ته ڪا خاص ڊگري به نه هئي جو نوڪري لاءِ چونڊجي سگهجن ها.
مون کانئن پڇيو ته هنن کي ته پڙهائڻ جو به تجربو نه آهي ۽ سڄو ڏينهن گهر ۾ ويهي آرام جي زندگي گذاري آهي سو هاڻ اسڪول ڪيئن پيون وڃن جتي هوا لاءِ پکو به پورو ناهي.
هنن ٻڌايو ته ان جو علاج اهو ئي آهي جيڪو ٻيون اسڪول جون اڌ کان وڌيڪ مِسون ڪن ٿيون. مهيني جي پهرين تاريخن ۾ رڳو پگهار وٺڻ لاءِ وڃڻو پوي ٿو جنهن جو ڪجهه حصو هيڊ ماسترياڻيءَ کي ڏيڻو پوي ٿو جيڪا اسان جي سڄي مهيني جي حاظري هڻي ٿي.
هاڻ سوچيو ته جنهن ملڪ ۾ ماستري جي نوڪري وڪامي ٿي ۽ جتي ان ريت نوڪري حاصل ڪري ماڻهو خوش ٿين ٿا ۽ جتي هنن کي ذرو به احساس ناهي ته اهڙن ٽيچرن ڪري سندن جنريشين پٺيان جنريشن تباهه ٿي رهي آهي ان ۾ ترقي ۽ خوش خالي ڪيئن ايندي؟
ان قسم جي تعليمي تباهيءَ ۾ اسان جو صوبو سنڌ ته هيڪاندو اڳيان اڳيان آهي. اسان وٽ اجها اها سوچ آهي ته ٻن نڪمن کي نوڪري ملي وڃي ۽ هو بنا ڊيوٽي جي پگهار حاصل ڪندا رهن ته اها وڏي ڳالهه آهي باقي اها سوچ نه آهي ته انهن نڪمن ٽيچرن ڪري قوم جي ٻارن جو، اسان جي ٻارن جو، مستقبل تباهه رهي. دراصل اهو ڪم اسان جي حاڪمن جو به آهي ته هو ان تي نظر رکن.... واسطيدار کاتن کي مضبوط ۽ خودمختيار رکن..... پر افسوس جو اسانجي حاڪمن جي ان ۾ ڪا دلچسپي ناهي ته غريب جا ٻار تعليم حاصل ڪن. هنن لاءِ ته دلچسپي ان ۾ آهي ته تعليم جو معيار ڪريل رهي جيئن عوام جاهل ئي رهي. اها هنن جي جذباتي نعرن ۽ راڳن تي ئي نچندي رهي... هن کي سٺي ۽ خراب جي ڄاڻ نه رهي. بس نوجوان نسل علم حاصل ڪرڻ بدران فقط ڊگريون ماڻيندو رهي.... ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ حاضر ٿي محترم استادن جون عقل ۽ علم جون ڳالهيون ٻڌڻ بدران رلندو پنندو رهي ۽ امتحانن جي ڏينهن ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ/ ڊگري حاصل ڪري.
ملائيشيا هڪ پٺتي پيل ملڪ هو پر اتي جي حڪومت کي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي ترقيءَ جو خيال هو. اتي جي حاڪمن پنهنجا ۽ پنهنجن خاندانن جا گهر دولت سان ڀرڻ بدران ملڪ ۽ عوام کي خوشحال بنائڻ ٿي چاهيو. هنن پهريون ڪم اهو ڪيو ته تعليم هر هڪ لاءِ ڪيائون. هي قانون هنن منهنجي اتي هجڻ دوران 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪيو ۽ مون ڏٺو ته ڳوٺ ڳوٺ ۾ ويندي جنگلن ۾ جتي به ڪنهن والدين پنهنجي ٻار کي اسڪول ۾ نٿي موڪليو ته ان ٻار جي پيءُ يا ماءُ کي جيل حوالي ٿي ڪيو.... ۽ هنن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ والدين سان جيل ڀري ڇڏيا ۽ هنن تعليم جو سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي طريقو رکيو جيڪو انگريزن اسان وٽ رکيو ته پهريان چار ڪلاس مادري زبان ۾ ان بعد انگريزيءَ ۾ تعليم. ان سان گڏ تعليمي ادارن ۾ سخت ڊسيپلين ۽ استادن ۽ شاگردن جي حاضري تي سختي ڪئي وئي ۽ ٽيچر ميرٽ تي اهڙا سٺا رکيا ويا جو ملائيشيا ۾ ٻارن کي ٽيوشن ڏيارڻ جو فئشن ئي ڪو نه آهي. مون کي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ تعليم جي وزير کي جيڪو اسان جي نيول اڪيڊمي ۾ تمام گهڻو ايندو هو، چرچي چرچي ۾ لکيو:
(Why So Much fuss about education?)
هن جو جواب اڄ به منهنجي دماغ ۾ ڦري رهيو آهي. چي:
Education is about far more than the marks you receive. It’s about understanding right from wrong and having the knowledge you need to stay afloat in today’s society. It helps to develop your perspective on the world around you and pushes you to think both creatively and conceptually about many different subjects. Without education, sensory information would simply be lost. Education allows us to process the information we receive on a daily basis and make conclusions and inferences based on what we already know. Education helps people grow as individuals. It opens your mind to many things that your haven’t been exposed to before, and classrooms allow for healthy discussion on difficult subjects. Education helps build social skills, problem solving skills, decision making skills and creative thinking skills, it introduces you to different cultures, religions and thought processes that you may never be exposed to otherwise. Education also provides a stepping stone to the real world, offering many different courses on proper financial techniques, life planning and personal development.
هن جو مختصر طور اهو جواب هو ته ”بنا تعليم جي ترقي ناممڪن آهي. تعليم انسان کي سٺي ۽ خراب جي سڃاڻپ ڏئي ٿي.“ مون کي ياد آهي ته هڪ سال شايد 1983 ۾ يا 1984 ۾ ملائيشيا جي ”جوهوربارو“ شهر ۾ مئٽرڪ (SPM) جي امتحان دوران هڪ پيپر آئوٽ ٿيو. يا شايد افواهه ڦهليو ته ڪو پيپر آئوٽ ٿيو آهي. ملائيشيا جي تعليم کاتي سڄي ملڪ جو اهو پيپر ڪئسنل ڪري وري نئينءَ سنئينءَ ورتو.
تعليم جي معاملي ۾ ملائيشيا ۾ رهندڙ چيني ۽ انڊين مڪاني ملئي مسلمانن (ڀوميپترن) کان وڌيڪ هوشيار آهن. اسان ڌارين ملڪن جا پروفيسر نه فقط پڙهائيندا هئاسين پر بين الاقوامي ادارن طرفان هنن جا امتحان به وٺندا هئاسين. مون کي ياد آهي ته پهرين سال مون پنهنجي باس کان پڇيو ته هو جيڪڏهن چاهي ته سندس ملڪ جي ملئي شاگردن سان امتحانن ۾ ڪجهه کڻي نرمائي ڪجي.
”هرگز نه. سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اسان کي تعليم جو معيار ڪيرائڻو ناهي. ڀلي هڪ به پاس نه ٿئي“. هن ٺهه پهه وراڻيو. ۽ اڄ ڏسان پيو ته ان سختي ۽ اصول ڪري ملائيشيا جا ڳوٺاڻا ملئي به دنيا جي ليول تي مقابلو ڪن ٿا. اهو ان ڪري ٿيو جو ملائيشيا جي هر هڪ ٻار ۽ ان جي والدين لاءِ اهو ميسيج صاف هو ته ڀلي ڪو مقامي ملئي (ڀوميپترو) هجي يا سلطان، بادشاهه جو پٽ.... هن کي صحيح طرح اسڪول اٽينڊ ڪرڻو آهي، تعليم حاصل ڪرڻي آهي، امتحان ڏيڻو آهي تڏهن ئي هن کي سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگري ملندي. نتيجي ۾ هر ٻار لاءِ محنت ڪري تعليم حاصل ڪرڻ ضروري ٿي پئي..... ۽ وڏيرن ۽ سياستدانن جا ٻار ته اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳا جيئن هنن جي وڏي جي بدنامي نه ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا ۾ وڏن ماڻهن جا پٽ وڏا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سائنسدان ٿي پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۾ وڏيون اسپتالون، ڪارخانا ۽ تعليمي ادارا کولين ٿا جتي ڳوٺن وارن جو به ڀلو ٿيو وڃي ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کي دوا درمل يا رزوگار لاءِ وڏن شهرن ۾ ڀٽڪڻو نٿو پوي.
ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ابتو حساب آهي. وڏيري، پير، مير، ڀوتار جو ٻار پڙهندو ئي ڪو نه. پر جي ڪنهن يونيورسٽي تائين پڙهندو ته به داخلا خاطر ۽ اتي لوفر پائيءَ ذريعي ٻين غريب شاگردن جي زندگي به عذاب ڪندو. نوڪري هوندي ته اها به ميرٽ تي غريب جي ٻار کي هرگز نه ملندي. ان وڏيري ۽ وزير جي ٻار کي ملندي جيڪو ڪاپي ڪري يا چئه چواڻ تي پاس ٿيو آهي. وچ ۾ ته اسان جي حاڪمن اهو به قانون ڪڍيو ته بنا اعليٰ امتحانن CSS جي هر اسيمبلي ميمبر جي هڪ ٻار يا ڀائٽي ڀاڻيجي، يا هن جي ڪنهن چمچي جي پٽ کي اسسٽنٽ ڪمشنر، ASP يا ڪسٽم ۾ نوڪري ڏني وئي. اهي همراهه ڊپٽي ڪمشنر ۽ مئجسٽريٽ ٿي ويا پر کين انگريزيءَ جي سبتي سٽ لکڻ نه آئي. ٻين ملڪن جا مخير ۽ ملڪيت وارا وزير، وڏيرا، سلطان، بادشاهه پنهنجي خرچ تي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ ڪارخانا ٺهرائي پنهنجي خاندان جي ماڻهن نالي ڪن. اسان وٽ هر حاڪم عوام جي پئسي تي ٺهيل اهي شيون زوريءَ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ماڻهن نالي ڪن ۽ اتي پنهنجا سفارشي رکن. نه سندن اولاد پڙهي نه ٻين کي پڙهڻ ڏين.
هن ڀيري جنهن پئماني تي اسان وٽ امتحانن ۾ ڪاپي هلي. خاص ڪري سنڌ ۾، دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون! امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ چوريءَ کان به وڏو ڏوهه آهي پر اسان جي نه شاگرد کي احساس آهي نه والدين ۽ ٽيچر کي. ڪاپي (Cheating) ۾ توهان ٻئي جي زندگي تباهه ٿا ڪريو. ٻئي جو حق ٿا ماريو. آئون ڪجهه عرصو پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ هوس ته اتي جي چونڊ انٽر جي رزلٽ بدران انٽري ٽيسٽ تي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇو جو مون ڏٺو ته انٽر جي رزلٽ تي جيڪي سنڌ صوبي مان ڪئڊٽ چونڊيا ٿي اهي پهرين ٽماهي امتحانن ۾ ئي فيل ٿي گهر هليا ويا ٿي ۽ پوءِ انهن جون جايون خالي رهيون ٿي. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه ته اهي جيڪي ڇهه ست سالن کان پوءِ جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿيڻا هئا ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻو هون سي هڪ سال به پڙهي نٿي سگهيا. بعد ۾ مون کوج لڳائي ته خبر پئي ته اسان وٽ جن جو حق آهي، جيڪي هوشيار آهن اهي نٿا اچن پر اهي شاگرد جيڪي ڪاپي ڪري يا بورڊ وارن کي رشوت ڏئي مٿاهون نمبر کڻن ٿا اهي اچن ٿا. انهن کي پڙهائي جي ڄاڻ نه هجڻ ڪري اڪيڊمي جي پهرين امتحان ۾ ئي ڪاٽا ٿيو وڃن يعني هنن پنهنجو به ڪئريئر تباهه ڪيو ته انهن غريب ٻارن جو به جيڪي واقعي هوشيار هئا ۽ جيڪي اچن ها ته هو اسان وٽ اعليٰ پوسٽن تي پهچن ها. پوءِ نيٺ انٽري ٽيسٽ وٺڻ ضروري ٿيو. ڏٺو وڃي ته ڪاپي ڪلچر هڪ هوشيار ۽ محنتي ٻار کي پڙهڻ کان بي دليو ۽ سست بنايو ڇڏي. ظاهر آهي هو اهو ئي سوچي ٿو ته ڇا به کڻي ڪريان ورندو ڪجهه ڪو نه.... کڻي ڪيڏو به پڙهان ۽ هوشيار هجان پر ماستري به ان کي ملندي جيڪو پئسا کارائيندو. ۽ اسان وٽ ڪاپي ڪلچر ايڏو وڌي ويو آهي جو ان ۾ شاگرد ۽ ان جي والدين سان گڏ ٽيچر، امتحاني مرڪزن جي انتظاميا، بورڊ وارا، پوليس، شهر جي غنڊا مافيا ۽ سياستدان Involve آهن. ان تعليمي تباهيءَ کي ڏسي اسان جو دشمن ملڪ انڊيا به خوش ٿي تاڙيون وڄائيندو هوندو. ڇو جو ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻ جو آسان طريقو ان ملڪ جي تعليم کي تباهه ڪرڻ آهي.
اسان جا حاڪم پاڻ کي نيلسن منڊيلا ته سڏائين ٿا پر هن جي فڪر جي ڳالهه نٿا ڪن ته هن تعليم کي ڪيڏي اهميت ڏني. هو رابن ٻيٽ تي جبل ۾ هجڻ دوران به تعليم حاصل ڪندو رهيو. ان بعد ان جيل ۾ موجود قيدين کي پڙهائيندو رهيو.... ايتريقدر جو ان جيل جو نالو ئي ”نيلسن منڊيلا يونيورسٽي“ پئجي ويو. نيلسن منڊيلا جو هڪ قول آهي:
(Education is the most powerful weapon which you can use to change the world.)
اسانجي اديب دوست لاڙڪاڻي جي مختيار سمي جي چواڻي ”امتحانن ۾ هلندڙ ڪاپي اسان جي سوسائٽيءَ لاءِ بدنما داغ ۽ Curse آهي. جيڪي ٻار پئسا ڏئي يا ڪاپي ڪري غيرقانوني طرح مٿاهين پوزيشن حاصل ڪن ٿا اهي ٻين جي محنت تي ڌاڙو هڻن ٿا“.
اسانجي هڪ اعليٰ تعليم يافته مولوي ان بابت چيو ته ”يارو! اسان مسلمانن کي اسان جو دين چوريءَ جي اجازت هرگز نٿو ڏئي ۽ چِيٽنگ (امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ) هڪ بدترين قسم جو ڌاڙو ۽ ٺڳي آهي“. هن وڌيڪ چيو ته:
Efforts & Hard work develop talents and laziness destroys them. Always achieve your degree by hard work. That is the key to success.
پر سائين هي مرض (چيٽنگ) اسان جي معاشري ۾ وبا وانگر پکڙجي ويو آهي جنهن جو اسان جي ماڻهن کي احساس ئي نه آهي. اها بُرائي ايتري عام ٿي چڪي آهي جو اسان جا ماڻهو ان کي هرگز غلط نٿا سمجهن. مون کڻي ڪجهه شاگردن ۽ انهن جي والدين سان ان جي خرابيءَ جي ڳالهه ڪئي ته هنن جو اهو ئي جواب هو ته ”ڪاپي ڪرڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو اسان ٻئي کي ته نقصان نٿا رسايون!“. سو ان مان باشعور ماڻهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته اسان ڪهڙي دلدل ۾ ڦاسي پيا آهيون. اسان جي ٽنڊوڄام جي انگريزي جي پروفيسر محمد عمر چنڊ جي چواڻي (جنهن 18 سال برونائيءَ ۾ پڙهائڻ کان علاوه ٽنڊو ڄام يونيورسٽي، اصفهان ايران ۽ عراق جي موصل يونيورسٽيءَ ۾ به ڪيترا سال پڙهايو آهي ۽ هاڻ نيوزيلينڊ ۾ رهي ٿو ۽ گذريل مهيني جڏهن سنڌ ۾ امتحان هلي رهيا هئا ته هو ٽنڊوڄام ۾ هو ۽ هو به مون وانگر ٽي وي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ کلئي عام ۽ دليريءَ سان هلندڙ چيٽنگ جا نظارا ڏسندو رهيو، روئڻهارڪو ٿي مون سان ڳالهه ڪئي) ته برونائي، ايران، ملائيشيا جهڙا ملڪ جيڪي تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسان کان به پٺتي هئا اهي به پنهنجو تعليمي نظام بهتر بنائي ترقي ڪري ويا. اڄ اسان وٽ.
Academic dishonesty is easier, more wide spread, and more problematic. Our students are taking more pride in cheating than they should take actually in learning or achieving knowledge.
اسان وٽ سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم به آهي يعني ڪجهه تعليم يا نوڪريءَ جون سيٽون ڳوٺاڻن کي به ملي وڃن ٿيون جو ڳوٺن ۾ تعليم جون ايتريون سهولتون نه آهن جو هو شهري اميدوارن سان مقابلو ڪري سگهن. ملڪ ۾ برابري ۽ بئلنس آڻڻ لاءِ ڪوٽا سسٽم سٺي شيءِ آهي جيئن ملائيشيا ۾ به آهي جتي چينين جي مقابلي ۾ ڀوميپترن (ملائيشيا جي اصل ملئي باشندن) کي ڪجهه سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون جيئن هو ڳوٺن مان نڪري اڳتي وڌن. پر ملائيشيا ۽ اسان وٽ اهو فرق آهي ته ملائيشيا ۾ هر شيءِ ميرٽ تي ڏني وڃي ٿي اسان وٽ ڳوٺن (Rural) جي ڪوٽا اتي جي حقدارن کي ڏيڻ بدران شهرن ۾ رهندڙ سياستدانن، سرڪاري ڪامورن ۽ ٻين اثر رسوخ وارن جا نڪما ٻار ڳوٺن جو ڊوميسائيل هٿ ڪري اصل ڳوٺاڻن جو حق غضب ڪريو وڃن ۽ پوءِ جيئن ته هو نه پڙهائيءَ ۾ هوشيار آهن ۽ نه محنتي آهن، رڳو ڪاپيءَ ذريعي يا رشوت ذريعي سٺيون مارڪون حاصل ڪري ويٺا آهن، انهن کي فراڊ ذريعي جڏهن ڪوٽا سسٽم جي بنياد تي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا ملي ٿي يا ڪا نوڪري ملي ٿي ته هو Failure (ناڪام) ثابت ٿين ٿا جو هو نه وڌيڪ پڙهي سگهن ٿا ۽ نه نوڪري ڪري سگهن ٿا جو هنن ۾ ڪا قابليت ناهي. سائوٿ آفريڪا ۾ رهندڙ اسانجي شاعر دوست تاج بلوچ جي پٽ ٻڌايو ته اهو ئي سبب آهي جو اتي جو ليڊر نيلسن منڊيلا ان قسم جي ڪوٽا سسٽم جي خلاف رهيو. ياد رهي ته 1990 ۾ جڏهن سائوٿ آفريڪا کي برٽش وارن کان خودمختياري (Independence) ملي ته هن جا ڪارڪن (Supporters) ، خاص ڪري آفريڪن قبيلن جا سردار منڊيلا وٽ آيا ته هنن جي ٻارن لاءِ خاص ڪري تعليمي سيڪٽر ۾ ڪجهه (reservations) يعني ڪوٽا سسٽم رکيو وڃي.
نيلسن منڊيلا صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ اها ڳالهه نه مڃيندو ته ڪوٽا سسٽم رائج ڪيو وڃي ۽ ان مان وڏيرا، سردار، ڀوتار غلط فائدو وٺن.
هتي اهو به لکندو هلان ته يونيورسٽي آف سائوٿ آفريڪا سڄي آفريڪا کنڊ ۾ وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آهي. هيءَ پريٽوريا (Pretoria) شهر ۾ ”يونيورسٽي آف ڪيپ آف گڊ هوپ“ جي نالي سان 1873ع ۾ کولي وئي هئي. هن يونيورسٽيءَ ۾ آفريڪا کنڊ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جا ساڍا ٽي لک شاگرد تعليم وٺن ٿا. توهان کي معلوم هجڻ کپي ته هن يونيورسٽي جي داخلا واري گيٽ وٽ نيلسن منڊيلا جي هيءَ مشهور چوڻي (Statement) اڪريل آهي ته ”ڪنهن به قوم کي تباهه ڪرڻ لاءِ نه ائٽم بمن جي ضرورت آهي نه ڊگهي مار وارن ميزائيلن جي. ان لاءِ فقط ايترو ڪافي آهي ته ان قوم جي تعليمي معيار کي ڪيرايو ۽ شاگردن کي امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ جي موڪل ڏئي ڇڏيو.... بس. پوءِ ان قوم جي:
- ڊاڪٽرن هٿان مريض مرندا رهندا.....
- انجنيئرن جي هٿن ۾ عمارتون ڪرنديون رهنديون.....
- ان قوم جي ايڪانامسٽس ۽ اڪائونٽنٽن جي هٿن ۾ قوم جي ملڪيت ضايع ٿيندي رهندي.....
- مذهبي ملن جي هٿن ۾ انسانيت مرندي رهندي.....
- ججن جي هٿن ۾ انصاف تباهه ٿيندو رهندو....
ڇو جو تعليم جي تباهي قوم جي تباهي آهي“.
Destroying any nation does not require the use of atomic bombs or the use of long range missiles. It only requires lowering the quality of education and allowing cheating in the examinations by the students.
Patients die at the hands of such doctors.
Buildings Collapse at the hand of such engineers.
Money is lost in the hands of such economists & accountants.
Humanity dies at the hands of such religious scholars.
Justice is lost at the hands of such judges….
The collapse of education is the collapse of a nation.

فوٽوگرافي بابت منجهيل آئون....

فوٽوگرافي بابت منجهيل آئون....

آئون ڪو مولوي مفتي نه آهيان. آئون پاڻ پنهنجن مونجهارن ۽ مسئلن جا حل انهن کان پڇندو رهان ٿو. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ مون کي فوٽو گرافي به ڪرڻي پوي ٿي بلڪه ننڍي هوندي کان مون کي فوٽو گرافي جو شوق رهيو آهي. ڪاليج جي ڏينهن ۾ دل چوندي هئي ته پنهنجن ڪلاس ميٽن جا فوٽو يادگار طور رکجن جو انٽر بعد ڪو ڪيڏانهن ڪو ڪيڏانهن هليو ويندو. انٽر ڪري چٽگانگ ۾ تعليم دوران ان بعد جهازي سفرن ۾ سفرناما لکڻ دوران بندرگاهن جي نظارن، جهازن ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ملڻ جا فوٽو ڪڍڻ لڳس. فوٽو ڪڍڻ جو ٻئي ڪنهن هنڌ ته ڪو مسئلو نٿي ٿيو پر پنهنجي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين ٿئي ٿو جو اسان وٽ ڪيترا ناراضگيءَ جو اظهار ڪن ٿا جڏهن هنن کي فوٽوءَ لاءِ چيو وڃي ٿو. الله معاف ڪندو جيڪڏهن اهو گناهه جو ڪم مون کان ٿيندو رهيو آهي. پر مون کي سخت مونجهارو آهي ته جيڪڏهن اهو غلط ڪم آهي ته پوءِ اسان جا عالم، مولوي، مفتي وغيره جو ٽي ويءَ تي ايندا رهن ٿا ۽ ڪي ڪي مولوي خاص ڪري رمضان جي مهيني ۾ ته ڏاڍا ڪلف لڳل گونٽي ڪنارين وارا پهراڻ پائي، اکين ۾ ڪجل لڳائي هندي فلمن جي ڌنن تي نعتون ۽ ڪلام پڙهندا نظر اچن ٿا. ڏٺو وڃي ته اها به ته فوٽو گرافي آهي ۽ ٻئي جو ذهني پورهيو (ڌنون) کڻي انهن تي ڳائي پاڻ وڻائڻ ته هڪ چوريءَ جو ڪم ٿيو. نه فقط ايترو پر سجيل سنواريل عورتن سان گڏ ڪچهري يا سوال جواب ڪندي نظر اچن ٿا!
سعودي عرب ۾ منهنجو عربن جي گهرن ۾ رهڻ ٿيو ته مون کي حيرت ٿي ته ڪيترن جي گهرن ۾ ٽيبل ۽ شوڪيسن تي ٻارن ۽ فئملي جا فوٽو نظر آيا. ويندي مديني ۾ آئون پنهنجي عرب دوست سان گڏ هن جي ڀيڻوئي جي گهر ۾ ٻه ڏينهن رهيس. هو پاڙي جي هڪ مسجد جو امام آهي. هن جي گهر ۾ فريمن ۾ فوٽو ڏسي مون ساڻس جڏهن حيرت جو اظهار ڪيو ته هن مون کي سمجهايو ته هي فوٽو پوڄا نه پر فئملي يادگار آهن. ايران ۾ دارا، نادر شاهه ۽ ٻين آتش پرست ۽ يوناني حاڪمن جا مجسما ڏسي جڏهن مون پڇيو ته هنن چيو ته هيءَ اسان جي ثقافت جي ياد ڏيارين ٿا.
سوچيان ٿو ته ايراني شيعا ۽ سعودي سني اسان پاڪستانين کان ته دين جي معاملي ۾ وڏي ڄاڻ رکن ٿا. هو نماز ۽ روزي جا سخت پابند آهن. هو شرڪ جي سخت خلاف آهن. اهي جيڪڏهن ڪو ڪم ڪن ٿا ته ضرور مذهب جي ڄاڻ مطابق ڪن ٿا. هروڀرو غلط ڪم ڇو ڪندا. سعودي عرب، ايران توڙي ٻين مسلمان ملڪن جون اخبارون توڙي رسالا ته فوٽن سان ڀريا پيا آهن. ايران منهنجو سڀ کان آخر ۾ وڃڻ ٿيو. اتفاق اهڙو جو منهنجو ڪو به جهاز ڪڏهن به هن اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ نه ويو. سامونڊي نوڪري ڇڏڻ بعد مون کي منهنجا شيعا دوست چوندا رهيا ته يار ايران جو به سفرنامو لک. آئون دل ۾ اهو ئي چوندو رهيس ته ڇا لکان؟ توهان جا ايراني ڪٽر مولوي آهن هو مون کي فوٽو ئي ڪڍڻ نه ڏيندا. نيٺ باءِ ايئر ايران روانو ٿيس. هونءَ ٻه ٻه ٽي ٽي ڪئميرائون کڻي نڪرندو آهيان پر ايران ۾ فوٽو ڪڍڻ جي اجازت نه هجڻ جو سوچي هڪ کڻي ويس ته متان هوائي جهاز يا ڪنهن ٻئي اهڙي هنڌ ڪڍي وٺان. پر يارو ايران وڃي مون کي حيرت ٿي ته مون کي ڪنهن به فوٽو ڪڍڻ لاءِ منع نه ڪئي. اسان وٽ ڪنهن ملان مولوي جو فوٽو ڪڍڻ وقت يا ويندي ڪنهن جي سونهاري ڏسي هن کان ادب سان پهرين فوٽو جي اجازت وٺي پوءِ فوٽو ڪڍندو آهيان. پوءِ ڪو هائوڪار ڪندو آهي ته ڪو منع ڪندو آهي ڪو ته وري اهڙو ليڪچر ڏيندو آهي جو آئون منهن لڪائڻ ۾ پورو هوندو آهيان.... ۽ شرم کي پرچائڻ لاءِ ۽ پنهنجي بيعزتيءَ جي احساس کي مٽائڻ لاءِ دل ۾ اهو سوچيندو آهيان ته فوٽو جرنلزم يا فوٽو آرٽيڪل لاءِ اهي سعوبتون ته سهڻيون پونديون. پر ايران ۾ اها ڳالهه نوٽ ڪيم ته ڪنهن عام ماڻهو ته ڇا ڪنهن ملان مولويءَ به منع نه ڪئي. عام جاين تي ته ڇا پر امام خمينيءَ جي مدرسي ۾ قرآن ۽ قرآن جو تفسير پڙهائڻ وارن عالمن کان بيبي فاطمه معصوما ۽ امام علي رضا جي روزي تي وڏن مولوي مفتين جا به فوٽو ڪڍندو رهيس. هنن منع نه ڪئي ۽ جيئن چيم ٿي ائين بيهي يا ويهي اڪيلي يا مون سان گڏ تصوير ڪڍرائي ٿي. منهنجو مطلب آهي هنن جي سوچ Confused نه هئي.... يعني فوٽو جو پڇڻ تي منجهيا نٿي ته ڪڍائڻ کپي يا نه. سڀني جي هڪ سوچ لڳي.
مرد حضرات ته ڇا پر ايران ۾ مون ڏٺو ته پارڪن ۾، عبادت گاهن ۽ مسجدن ۾، مزارن تي مختلف فئملين ۽ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي ڇوڪرين فوٽو ڪڍرائڻ کان انڪار نٿي ڪيو. وڌ ۾ وڌ فوٽوءَ کان اڳ ۾ هنن ٻه منٽ ورتا ٿي جيئن هو پاڻ کي چادر سان ڍڪي سگهن.
منهنجي ”ايران کي دن“ سفرنامي جي جڏهن پهرين ايڊيشن ڪراچيءَ جي هڪ امام بارگاهه وارن ڇپي ته هنن عورتن جا ڍير فوٽو ڏسي مون کان تعجب مان پڇيو ته ائين ڀلا ڇو؟
”ان ڪري ته پڙهندڙن کي خبر پوي ته ايران لبرل ملڪ آهي ۽ جيڪي ايران نه ويا آهن انهن کي مون وانگر دل ۾ نه رهي ته ايراني عورتن کي ڪنهن به قسم جي آزادي ناهي. هو سڄو ڏينهن گهر اندر برقعي ۾ قيد رهن ٿيون....“
بهرحال ايران ۾ مون اهو محسوس ڪيو ته ايراني قوم هڪ ئي ڳالهه تي سهمت آهي. هو اسان وانگر مونجهاري جو شڪار نه آهن جو اسان وٽ ڪنهن ڳالهه لاءِ ڪي هڪڙي راءِ ڏيندا ته ٻيا ٻي“.
هڪ دفعي ملائيشيا کان ڪراچيءَ موٽيس ته پنهنجي دوست رشيد کرل سان سندس گهر ملڻ ويس. ڳالهين ڳالهين ۾ رشيد ٻڌايو ته سندس ڀرواري يعني ڀت جي هن پاسي واري گهر ۾ مشهور شخصيت جنيد جمشيد ٿو رهي جنهن هاڻ پاپ ميوزڪ ۽ ان قسم جون سڀ ڳالهيون ڇڏي تبليغ جو ڪم شروع ڪيو آهي. مون سندس زندگيءَ ۾ آيل تبديليءَ بابت ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کان ٻڌو هو. ڪئميرا منهنجي هٿ ۾ هئي سو رشيد کي چيم ته منهنجي خوش نصيبي ٿيندي جي تو وٽ آئي سارو هن سان به ملاقات ٿي وڃي. رشيد سان موڪلڻ وقت رشيد جو پٽ شرجيل يا شايد راحيل مون سان گڏ هليو. جنيد جي گهر جو بيل وڄايوسين ته هو اتي پورچ وٽ ئي بيٺو هو. هو ان وقت گهر پهتو هو ۽ ڪار مان نڪري رهيو هو. شرجيل کيس ٻڌايو ته آئون سندس والد جو دوست آهيان ۽ ليکڪ پڻ. آئون ان وقت اڻ استري ٿيل سٿڻ قميص ۾ اسان جي ڊفينس واري علائقي جي مسجد مان نماز پڙهي رشيد وٽ آيو هوس ۽ مٿي تي هڪ جهٻلي جهڙي آر جي ٽوپيءَ سان عجيب مسخرو لڳي رهيو هوس. جنيد پهرين ته مون کي مٿي کان هيٺ اسپنج جي چمپل تائين ڏٺو ته سندس پاڙي ۾ رهندڙ رٽائرڊ هوم سيڪريٽريءَ جو هي ڪهڙو دوست آهي پر پوءِ نيٺ مطمئن ٿي ويو هوندو ته واقعي اديب يا شاعر ٿو لڳان. جنيد سان ملڻ جي خوشي ۽ Excitement ۾ منهنجو هوش ئي ٺڪاڻي نه هجي. آخر پاڻ کي ڪمپوز ڪري چيومانس ته ”سائين توهان جو وڌيڪ وقت نٿا وٺون بس بيٺي بيٺي توهان سان هڪ ٻه فوٽو ٿي وڃي“ ۽ مون پنهنجي کيسي مان ڪئميرا ڪڍي. پر مون کي حيرت ٿي جڏهن منهنجي ٻه ٽي دفعا Request تي به جنيد راضي نه ٿيو. نيٺ مون اهو سوچي ته ٻي جي عقيدي جو خيال ڪجي. اڳلو فوٽو ڪڍائڻ ۾ خرابي يا گناهه ٿو سمجهي ته هن کي زور نه ڪجي ۽ آئون بان ڪري موٽيس ٿي ته هاڻ رشيد جي پٽ هن کي چيو ته سائين انڪل ملائيشيا کان آيو آهي ۽ هن جي سڄي زندگي ٻاهر گذري آهي. هونءَ توهان فوٽو ڪڍرائڻ خراب ٿا سمجهو ته ٺيڪ آهي پر ٻين سان به ڪڍرايو پيا ته انڪل جي خواهش تي هن سان به کڻي ڪڍرايو“.
رشيد جي پٽ جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته پهرين مون کي صحيح نه لڳو ته هو هڪ نيڪ ماڻهوءَ کي Embarrass ڪري رهيو آهي. هو شايد فوٽو ڪڍرائڻ گناهه جو ڪم ٿو سمجهي ان ڪري هن کي وڌيڪ نه چوڻ کپي پر پوءِ ان وقت مون کي به خيال آيو ته هي جو ٽي وي ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان جنيد جو پروگرام پيو اچي اها به ته فوٽو گرافي آهي ۽ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ساڻس سيلفي پيا ڪڍرائين.
بهرحال کيس دل ۾ آيو ۽ پوءِ ڀاڪر پائي مون سان هڪ نه پر ڪئين فوٽو ڪڍرائين.... هو منهنجو اڄ به فئوريٽ هجڻ جي باوجود مون کي ان واقعي جو سوچي ٻه ٽڪا ڏک ٿيندو آهي ته هن مون سان پهرين فوٽو ڇو نه ڪڍرايو! ڇا ائين ته نه آهي ته ڪن سان ڪڍرائڻ گناهه آهي ته ڪن سان بي گناهي! سچي ڳالهه ته اها آهي ته آئون ته اڄ به منجهيل آهيان ته فوٽو ڪڍجي يا نه؟ آئون ٻين تي پنهنجي راءِ هرگز نه ٿاڦيندس. بهتر آهي ته هر ڪو- خاص ڪري جرنلزم ۽ TV سان واسطو رکندڙ، جن لاءِ مضمون ۽ ڪهاڻيءَ سان گڏ فوٽو ڏيڻ لازمي ٿو ٿئي، اهي پاڻ معلوم ڪن ته فوٽو ڪڍڻ يا فوٽو ڪڍرائڻ سٺو ڪم آهي يا ڀَڏو ڪم. آئون هڪ نو مسلم مولوي جي- جيڪو اسان جي ننڍي کنڊ جو نه پر يورپ جو آهي ۽ مون کي ٻاهر مليو ان جي ڳالهه تي سهمت ضرور آهيان.... يا کڻي چئجي ته فوٽو گرافي بابت ٻڌايل هن جي راءِ مون کي دل سان لڳي ٿي ته اها فوٽو گرافي نه پر ان پويان ”نيت“ آهي جنهن تي گناهي يا بي گناهي ٻڌل آهي. جيڪڏهن توهان جي فوٽو گرافي فحاشي يا ڪنهن ٻي خراب نيت تي آهي ته ان ۾ نه رڳو گناهه آهي پر قانوني ڏوهه به آهي.
بهرحال يارو! مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. مون کي ڪو به فالو نه ڪري هر ڪو پاڻ پڇا ڪري پاڻ کي مطمئن ڪري ته اخبارن رسالن لاءِ فوٽو ڪڍڻ ۾ ڪا برائي آهي يا نه. مون به ڪئين مولوين سان ان بابت ڊسڪس ڪيو هوندو. ڪي ته چون هڪ ڳالهه ٿا پر پاڻ عمل الٽو ڪن ٿا. هڪ مولويءَ کي ته توهان به ٽي ويءَ تي ڏٺو هوندو ته ڪيئن هڪ ماڊل گرل جي ڀر ۾ ويهي هن سان خوش ٿي سيلفيون پيو ڪڍرائي..... ويندي پنهنجي ٽوپي لاهي هن کي پيو پارائي ۽ خوب پيو چَهڪي. غريب ماڊل گرل ان قصي بعد جلدي ئي قتل ٿي وئي. سندس ان قتل جي راز جي اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي.
ننڍي هوندي مون کي ڳوٺ جي گهٽ ڄاڻ رکندڙ مُلن ڪڏهن به Impress نه ڪيو. ديني ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجو گهڻو واسطو يورپ جي نو مسلم مبلغن ۽ داعين سان پيو جيڪي اسلام جي ڄاڻ چڱي طرح حاصل ڪري پوءِ مسلمان ٿين ٿا ۽ پوءِ انهن مان ڪجهه تبليغ ڪن ٿا يعني داعي ٿي رهن ٿا. مون کي ياد آهي ته هڪ اهڙو يورپي نو مسلم منهنجي پڇڻ تي مون کي هي چئي مطمئن ڪندو هو ته هر اها شيءِ جنهن ۾ فحاشيءَ جو پهلو هجي يا ڪنهن جي دل آزاري ٿيندي هجي يا جنهن مان شرڪ ظاهر ٿئي حرام آهي. پوءِ اها چاهي فوٽو گرافي هجي يا مجسمي سازي، چترڪاري هجي يا پينسل ورڪ.
”ڀلا راڳ گانو؟“ مون پڇيومانس.
”سچ ڳالهه اها آهي ته ويندي ٺلهي ڳالهه ٻولهه/ ڪچهري به جيڪڏهن اها مٿئين زمري ۾ اچي ٿي ته حرام آهي“. هن چيو. سئيڊن ۾ تعليم دوران هڪ عيسائي ڪليگ اسان مسلمانن (پاڪستان، سعودي عرب ۽ يمن جي شاگردن) کي چوندو هو ته ”اسان ڪنهن ڪنهن آچر تي ٻه پيگ شراب جا يا بيئر جي بوتل ٿا پيون ته توهان ان کي خراب ٿا سمجهو. صحيح آهي. پر ان کان ته بدتر توهان آهيو جو هر روز ناني ڪنڙو ٺاهي ٻين جي گلا ويٺا ڪريو“.
واقعي گلا هڪ خراب شيءِ آهي جنهن گناهه کان اسان کي بچڻ کپي. توڙي ٻين براين کان به پاسو ڪجي جيڪي اسان جو مذهب يا اسانجو اخلاق منع ٿو ڪري. اڄڪلهه ته هر مسئلي جو اسلامي حل Net تي يعني Online مليو وڃي ان کان علاوه ٽي وي جي مختلف چئنلن تي به وڏي پئماني جا عالم اسان جي رهنمائي ڪندا رهن ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ ٽي وي تي هڪ اهڙو عالم جاويد غامدي پڇندڙن جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو جيڪي هاڻ يوٽيوب تي به موجود آهن. هڪ همراهه غامدي صاحب کان پڇيو:
”ڇا موسيقي، ميوزڪ يا انَٽرٽينمينٽ حرام آهي؟“ غامدي صاحب قرآن شريف جي حوالي سان ڏاڍو سٺو جواب ڏنو، جيڪو پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ رهنمائيءَ لاءِ هتي هوبهو لکي رهيو آهيان:
”الله تعاليٰ سوره اعراف جي آيت نمبر 32 ۾ صاف فرمايو آهي.... پيغمبر کي مخاطب ٿي چيو آهي ته ماڻهن کي ٻڌاءِ.... قُل اِنَما حَرَمَ رَبِيَ الفَوَاحِشَ مَا ظَهَرَ مِنهَا وَما بَطَنَ..... مون کائڻ پيئڻ جي شين کان علاوه فقط پنج شيون حرام ڪيون آهن. پهرين ڇا آهي؟ بدڪاريءَ کي حرام ڪيو آهي. وَالاِثمَ.... حق تلفيءَ کي حرام ڪيو آهي.... وَالبَغيَ بِغَيرِ الحَقِ.... ناحق جان مال آبرو جي خلاف زيادتيءَ کي حرام ڪيو آهي.... وَاَن تُشرِڪُو بِاللهِ مَالَم يُنَزِل بِهه سُلطانا.... الله سان گڏ ڪنهن کي بغير دليل شريڪ ڪرڻ کي حرام ڪيو آهي ۽ پنجون ڇا آهي. وَاَن تَقُولُوا عَلَي اللهِ مَالاَ تَعلَمُونَ.... ۽ الله جي نالي تي ڪا اهڙي ڳالهه چوڻ جنهن متعلق توهان کي علم نه هجي ته اها حقيقت ۾ رب پاڪ فرمائي آهي.
سو اهي فقط پنج شيون حرام آهن. انهن ۾ ڪا شيءِ شاعريءَ ۾ هوندي ته ان کي به روڪيو ويندو، موسيقيءَ ۾ هوندي ته به روڪيو ويندو.... گپ شپ ۾ هوندي ته ان کي به روڪيو ويندو.... اسلام جو Approach هن ۾ به اصول تي آهي.... موسيقي، شاعري، مصوري سڀ حلال آهي سواءِ انهن جي جن ۾ مٿين پنجن شين ما ڪا هجي“، جاويد غامديءَ سمجهايو.
هڪ ٻي ڳالهه. اسان وٽ، يعني اسان جي ننڍي کنڊ ۾ يا کڻي پنهنجي محدود علائقي جي ڳالهه ڪجي ته سنڌي اردو ۾ ڪيترا گانا ته ٺهيو پر غزل ۽ نعتون اهڙيون آهن جيڪي سوز ۽ ساز جي حساب سان ته ڏاڍيون وڻندڙ ۽ پاپيولر آهن پر ڏٺو وڃي ته انهن جو ميسيج صحيح ناهي.
هڪ ڏينهن امر جليل وٽ ويٺو هوس. رمضان جو مهينو هو. ٽي وي تي ٽي ڳائڻيون زبردست ميڪ ۾ هڪ نعت ڳائي رهيون هيون جيڪا ننڍي هوندي کان آئون به ٻڌندو اچان بلڪه منهنجي به فئوريٽ رهي آهي. ان جي ٻولن تي مون به ڪڏهن غور نه ڪيو هو .... شاههِ مدينا، شاههِ، مدينا.... يثرب ڪي والي.....
آئون هنن خوبصورت ڇوڪرين سان گڏ جهونگارڻ لڳس. امرجليل چيو ”الطاف! اسان جنهن تي وڻي ٿو ان تي Blasphemy (توهين رسالت) جو الزام هڻي ان کي سزا ڏيون ٿا. هونءَ ڏٺو وڃي ته هن گاني جا هي ٻول ته ”ساري نبي تيري در ڪي سوالي“.... به ته بلاسفيمي آهي. اسان سڀني کي الله جي در جو سوالي هجڻ کپي.....“
دراصل اسان وٽ ڪيترن جا عقيده صحيح نه آهن. اسان کي دين جي صحيح ڄاڻ ناهي تڏهن ته اسان جا ماڻهو جڏهن مسجدِ نبوي ۾ حضور صلعم جي مقبري اڳيان ٻڪ کڻي دعا گهرن ٿا يا ان جي چوڌاري لڳل ڄاريءَ کي چميون ڏين ٿا ته سعودي شرطو (گارڊ) لڪڻ هڻي اسان کي منع ڪري ٿو ته جيڪو گهرڻو اٿانوَ ڪعبي ڏي منهن ڪري الله کان گهرو. پر اسان وٽ ان ڳالهه جي ماڻهن کي سمجهه نه آهي. سمجهه جي هجي ته اسان ”ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نور، منهنجييون تو پڄائيون“ تي ڇو جهمريون هڻون. ڀَٽ تي وسئي نور“ تائين ته ڳالهه صحيح آهي پر ”منهنجيون تو پڄايون“ ته صحيح ناهي. دل جون مرادون، دعائون، خواهشون ته رب پاڪ پڄائڻ وارو آهي. مون جيڪا شاهه لطيف جي شاعري پڙهي آهي ان حساب سان ته سوچيان ٿو ته ان قسم جا شعر ۽ گانا ٻڌي شاهه لطيف جي روح کي راحت ته هرگز نه ايندي هوندي. بلڪه اڄ جي شاهه لطيف قبر مان جيئرو ٿي نڪري اچي ۽ پاڻ بابت اهو ٻڌي ته ڳائڻ واري کي خوب دڙڪا ڏئي ته مون ته پنهنجي شاعريءَ ۾ اهو ئي سبق ڏنو ته ”تون ڏئين تون لاهين ڏاتر کي ڏکندن..... يا تون طبيب تون حبيب تون دردن کي دارون.... ڦڪيون به تڏهن فرق ڪن جڏهن امر ڪرين انهن کي.....“ بهرحال اهو مان ملائيشيا، انڊونيشيا، سعودي عرب، ڪويت يا ٻين مسلمان ملڪن ۾ نه ڏٺو جيڪو اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ عام آهي ته اسان فاني انسانن کي، توبه نعوذ باالله، رب جو درجو ڏيون ٿا ۽ انهن کي داتا، گنج بخش، غريب نواز، مشڪل ڪشا وغيره وغيره سڏيون ٿا. اسان جون اهي ئي ڪوتاهيون ۽ ڪچا عقيدا آهن جن جي ڪري ٻين ملڪن جا ماڻهو اسان کي ٽوڪين ٿا ته اسان ڪهڙا مسلمان آهيون جو اسان ان حد تائين شرڪ ڪريون ٿا.
دراصل اسان پنهنجي قرب، محبت ۽ عزت جي حد کي ايترو وڌايو ڇڏيون جو شرڪ جي ليول تي پهچيو وڃون. هڪ شاعر، هڪ ليڊر، درويش، فقير، پير مرشد، پيغمبر کي خدا جو درجو ڏئي وهون ٿا. اهو ئي ته غلط ڪم عيسائين ڪيو. حضرت عيسيٰ عظيم پيغمبرن مان هڪ آهي هن ڪڏهن خدائيءَ جي دعوا نه ڪئي. پر هن جي قوم عيسائي هن کي خدا يا خدا جو پٽ سمجهڻ لڳي. بائيبل جي ڪنهن به ڇاپي ۾ ڪنهن هنڌ به اهو لکيل نه آهي، يا حضرت عيسيٰ چيو هجي، ته آئون خدا آهيان منهنجي عبادت ڪريو. بائيبل ۾ مختلف هنڌن تي جيڪي مختلف آيتون (Verses) آهن، اهي هن ريت آهن ته:
My Father is Greater than I
(منهنجو والد، منهنجو خدا مون کان وڌيڪ عظيم آهي).
My Father is greater than all
(منهنجو خدا سڀني کان وڌيڪ عظيم آهي)
I Cast out devil with the spirit of God.
(آئون شيطانن کي ڀڄايان ٿو ته الله جي مدد سان) سو عيسائين جي اها غلط فهمي آهي جو هنن جا ٻاوا Priest هنن کي اهو ئي ٻڌائين ٿا ته حضرت عيسيٰ خدا جو پٽ هو. ۽ انهي قسم جون غلطيون اسان جا ماڻهو ڪندا رهن ٿا.


اصحاب ڪهف وارن جي ڳوٺ ۾

---

جهاز پنهنجي مرضيءَ سان بندرگاهه ۾ گهڙي نٿا سگهن ....

جهاز پنهنجي مرضيءَ سان بندرگاهه ۾ گهڙي نٿا سگهن ....
اسان جڏهن پاڻيءَ جي جهاز کي پنهنجي ملڪ مان وٺي ٻي ملڪ جي ڪنهن بندرگاهه ڏي وڃون ٿا ته ان بندرگاهه وٽ پهچڻ سان ان ۾ داخل ٿي نٿا سگهون. هر جهاز کي، ڀلي اهو ڌارئين ملڪ جو هجي يا پنهنجي ملڪ جو، ڪنهن به بندرگاهه ۾ اندر داخل ٿيڻ کان اڳ بندرگاهه کان ڏهه پنڌرهن ناٽيڪل ميل، يعني ويهارو کن ڪلوميٽر جي فاصلي تي، سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي انتظار ڪرڻو پوي ٿو، جيسين بندرگاهه اٿارٽيءَ وارا هن کي اندر گهرائڻ جو ڏينهن ۽ ٽائيم ٻڌائين ۽ بندرگاهه ۾ گهرائڻ لاءِ پنهنجو ڪئپٽن موڪلين جيڪو پورٽ پائليٽ سڏجي ٿو. لنگر ان ڪري ڪيرائڻو پوندو آهي جيئن اهو سمنڊ جي تري ۾ ڪلي وانگر کُپي بيهي ۽ جهاز هوا ۽ لهرن جي زور تي هيڏانهن هوڏانهن رڙهڻ بدران، سمنڊ جي تري ۾ کُتل لنگر جي ئي چوڌاري ڦرندو رهي.
هونءَ ته وچ سمنڊ تي جڏهن جهاز خراب ٿئي ٿو ته ان کي بيهاري ان جي انجڻ صحيح ڪرڻ وقت لنگر ڪيرائڻ جي ضرورت نٿي پوي جو چوڌاري کليل سمنڊ آهي ۽ جهازن جي ٽرئفڪ نه آهي، جن سان اسان جو جهاز ٽڪرائي. ٻي ڳالهه ته هر جهاز جو لنگر هڪ لميٽيڊ زنجير سان ٻڌل ٿئي ٿو. جيڪا وڌ ۾ وڌ کڻي سئو يا ٻه سئو ميٽر ڊگهي هجي پر کلئي سمنڊ ۾ ان جي اونهائي اڌ ڪلوميٽر به ٿي سگهي ٿي. بندرگاهه جي ويجهو سمنڊ تانگهو ٿئي ٿو، اتي لنگر ڪيرائڻ ان ڪري به ضروري آهي جو اتي اسان جي جهاز کان علاوه ٻيا جهاز به بندرگاهه ۾ گهڙڻ جو انتظار ڪندا رهن ٿا. لنگر نه ڪيرائبو ته هوا ۽ لهرن جي زور تي جهاز وڃي ٻين جهازن سان ٽڪرائبو. لنگر ڪيرائڻ جي باوجود ڪنهن ڪنهن هنڌ ايڏي تکي وير ۽ هوا ٿئي ٿي جو جهاز ڪجهه ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو رهي ٿو يعني لنگر کي ٿورو ٿورو ڇڪيندو رهي ٿو. ان ڪري اهڙن هنڌن تي ڊيوٽي آفيسر سمنڊ واري چار چار ڪلاڪ ڊيوٽي قائم رکي ٿو ۽ جهاز جي چرپر تي نظر رکي حساب ڪندو رهي ٿو ته جهاز ڪهڙي طرف ۽ ڪيترو وڌيو يعني Drift ٿيو. گهڻو توائي ٿيڻ تي هو اتان لنگر پٽرائي ڪنهن ٻئي اهڙي هنڌ تي وڃي انتظار ڪري ٿو جتي ڪو جهاز سندس ويجهو نه هجي. اهڙن موقعن تي اڪثر نئين جهاز وارا وڌيڪ خبردار رهن ٿا ۽ خطري جي خوشبوءِ محسوس ڪري هوئي ٽپڙ کڻن ٿا جو ٽڪر ٿيڻ تي پراڻي جهاز کي ڪو ايڏو نقصان نٿو ٿئي. بلڪه پراڻي جهاز وارو نئين جهاز ڀرسان هجڻ ۾ خوش رهي ٿو ته جي رات جو وير يا جهڪ لڳي ته هن کي جهاز اسٽارٽ ڪرڻ ۽ ٻي جاءِ ڳولڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پوندي، نئين جهاز وارا اڳواٽ ڀڄي ويندا. مون واري مسجد ۾ منهنجا ٻه جهازي ڪئپٽن دوست نماز لاءِ ايندا آهن. هڪ ڏينهن مسجد جي ٻاهران بيهي ڪچهري ڪرڻ دوران مسجد مان جتي چوري ٿيڻ جي ڳالهه نڪتي. هڪ کِلي چيو ته ان لاءِ زبيده آپا جو ٽوٽڪو آهي ته جتيءَ جو هڪڙو پادر مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ رکجي ته ٻيو ٻيءَ ڪنڊ ۾. ان تي ٻئي کلي چيو ته آئون ته پنهنجي چئمپل لاءِ اهڙو هنڌ ڳوليندو آهيان جهڙو ائنڪريج تي پنهنجي جهاز کي بيهارڻ لاءِ ــــــ هميشه نئين جهاز جي ويجهو. پنهنجي چمپل کي ڪنهن جي نئين چمپل يا بوٽ جي ڀرسان رکڻ ۾ اهو فائدو آهي جو چور توهان جو چمپل ڇڏي ٻئي جو کڻندو جو اهو وڌيڪ بهتر آهي.
”ائنڪريج“ (Anchorage) بندرگاهه جي ٻاهران اهو سمنڊ جو حصو آهي جتي ٻاهران ايندڙ جهاز پنهنجو لنگر ڪيرائي اندر اچڻ جي آرڊر جو انتظار ڪن ٿا. بين الاقوامي قانون مطابق هر ملڪ جو ڪناري کان ويهه کن ڪلوميٽر جي فاصلي تائين سمنڊ ان ملڪ جو حصو (Territorial water) سڏجي ٿو. پوءِ اهو ڪٿي گهٽ يا ٿورو وڌ به آهي. جيئن مغربي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي سماترا ٻيٽ جي وچ ۾ جيڪو لنگڪوي ٻيٽ کان سنگاپور تائين جو سامونڊي لنگهه آهي اهو ٽيهن کان چاليهه ڪلوميٽرن تائين ويڪرو آهي. سو ظاهر آهي انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي حصي ۾ ان حساب سان ٿوري فاصلي تائين جو سمنڊ اچي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه ته بندرگاهه تائين پهچي پوءِ ان جي انتظارگاهه (ائنڪريج) تي جتي اسان لنگر ڪيرائي جهاز کي ترسائيون ٿا جيتوڻيڪ ڪافي وڏو ٿئي ٿو پر جهازراني جي چارٽ (نقشي) کي ڏسي هر جهاز وارو سمنڊ جي اهڙي هنڌ تي لنگر ڪيرائي جهاز کي ترسائي ٿو جتي تري ۾ ريتي يا چيڪي مٽي هجي. سمنڊ جو اهو حصو جنهن جو ترو پٿرائون آهي ان کان هر ڪو ڀڄي ٿو جو ان هنڌ تي جهاز جو لنگر هڪ هنڌ ڀچي نٿو بيهي.... رکي رکي اکڙيو وڃي... يا وري ڪڏهن ڪڏهن اهڙي پٿرائين ڇپ هيٺان ڦاسيو پوي جو هلڻ مهل لنگر ڇڪڻ واري مشين ڪئپسٽن زور لڳائڻ سان به لنگر کي ٻاهر ڪڍي نٿو سگهي ۽ زنجير ٽٽڻ سان لنگر هيٺ ئي رهجيو وڃي. پر ڪي ڪي بندرگاهه اهڙا آهن جن جو ٻاهريون سڄو سامونڊي حصو پٿرائون آهي. اهڙن هنڌن تي مجبورن لنگر ڪيرائڻو ته پوي ٿو پر هر وقت خبردار رهڻو پوي ٿو. هونءَ لنگر ۽ ان سان ٻڌل زنجير ڪا گهٽ وزن جي نٿي ٿئي. اسان وارن عام جهازن جي لنگر جي تور به 25 هزار ڪلو يعني 25 ٽن ٿئي ٿي ۽ ان سان ٻڌل زنجير جو هڪ هڪ لوه جو ڇلو (link) ايڏو وڏو ۽ ٿلهو ٿئي ٿو جو وڏي مشڪل سان اسين هڪ ڇلو مس کڻي سگهون. بهرحال لنگر اڪثر سمنڊ جي تري تي رهجي به وڃن ٿا. ساڳي وقت اهي سخت ضروري پڻ ٿين ٿا. ان ڪري هر جهاز لاءِ ضروري آهي ته پاڻ سان ٻه لنگر کڻي هلي جيئن هڪ هليو وڃي ته ٻيو استعمال ڪري سگهجي جيسين ڪنهن بندرگاهه ۾ پهچي نئون خريد ڪجي. اهڙيون شيون هر بندرگاهه يا ملڪ مان به نٿيون ملن. يورپ يا آمريڪا جي بندرگاهن مان ته هر شيءَ ملي وڃي ٿي پر شل نه ڪنهن شيءِ جي آفريڪا يا ايشيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ضرورت پوي. پر ايشيا جا ڪجهه ملڪ ۽ بندرگاهه آهن جيئن ته جپان، ڪوريا ۽ چين جهڙا جتي جهازن جي هر شيءِ ۽ سندن مرمت ٿيو وڃي. انهن ملڪن ۾ سنگاپور به هڪ آهي جيڪو حيدرآباد شهر جيڏو مس ٿيندو جتي ڪا پوک يا ڌاتو ناهي، پيئڻ ۽ هار وير لاءِ پاڻي به ملائيشيا کان خريد ڪن ٿا پر بقول هڪ سنڌي واپاري هرڪشن ڀوڄواڻيءَ جي ”سنگاپور سروس تي جيئي ٿو“. يعني هو هر شيءِ ٻاهران گهرائي ڪم مان پئسو ڪمائين ٿا. سنگاپور ۾ نه رڳو جهاز جي هر شيءِ مليو وڃي پر ان کي لڳائڻ ۽ مرمت ڪرڻ وارا انجنيئر، مستري، مزور به مليو وڃن ۽ سنگاپور آچر جي ڏينهن به بند نٿو ٿئي. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ننڍڙن ٻيٽ نما ملڪن جي خوشحاليءَ جو راز ئي ان ۾ آهي. سنگاپور ۾ هر وقت تازو گوشت، ڀاڄيون ۽ ميوا به مليو وڃن. توهان سنگاپور پهچڻ سان ايجنٽ کي فون ڪريو ۽ جيسين جهاز ٻڌجي تيسين توهان جي آرڊر مطابق ويهه ٽيهه ڪٺل ۽ سخت برف جهڙا Frozen ٻڪرا پهچايا وڃن ٿا ۽ انهن سان گڏ مفتي مولوين جو تصديق نامو به ته هي ٻڪرا هنن اڳيان اسلامي طريقي سان ذبح ڪيا ويا آهن ۽ ”حلال“ هجڻ جي گئرنٽي آهي. اهي سنگاپور جي ڪولڊ اسٽوريج کان سڌو جهاز جي ڪولڊ اسٽوريج تي پهچيو وڃن. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ رهن سو مسلمان ٿا پر گوشت مضر صحت هوندو ۽ ان کي جهاز تائين پهچڻ لاءِ پوليس، ڪي پي ٽي، ڪسٽم، خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن کاتن کي چانهه پاڻي ڪرائي اجازت ناما وٺڻا پون ٿا ۽ پوءِ ان ٽرڪ کي جهاز تائين اچڻ ڏنو وڃي ٿو تيسين ڀلي سڄو ڏينهن اها ٽرڪ بندرگاهه کان ٻاهر روڊ تي بيٺي هجي ۽ مردار ڍڳيين جو گوشت اس ۽ ڌوڙ ۾ وڌيڪ خراب ٿيندو رهي. شايد اهي حال ڏسي اسان جا جهازي به پنهنجي ملڪ جي گوشت بدران سنگاپور جهڙن بندرگاهن تان ورتل گوشت تي خوش ٿين ٿا جو اهي ملڪ پڪو گراهڪ ڪرڻ لاءِ صحتمند جانورن جو صحيح طرح ۽ صاف سٿرو گوشت پهچائين ٿا. انهن ملڪن جي حڪومت ان ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ بدران واپارين کي سهولتون مهيا ڪري ٿي. ملائيشيا به سنگاپور کي ڏسي سڌري ويو. هنن ٽيهه سال اڳ اهو قاعدو ڪڍيو ته سواءِ نشي پتي جي شين جي ڪو به شهري ڪا به شيءِ امپورٽ يا ايڪسپورٽ ڪري سگهي ٿو. نتيجي ۾ ٻن ٻن ايڪڙن جا زميندار به پنهنجو فصل، انناس، ليچي، رمبوتان يا ٻيو فروٽ ٽرڪن ۾ ڀري ٻئي ملڪ موڪلڻ لاءِ جهاز تي چاڙهيو ڇڏين ۽ خوب پئسو پيا ڪمائين. پر اسان وٽ ڦرلٽ لاءِ ڏهه رنڊڪون آهن ۽ فارمر ڪجهه نٿو ڪمائي. رنڊڪن ڪري اها شيءِ Delay ٿئي ٿي ۽ جڏهن منزل تي پهچي ٿي ته اها مضر صحت پاروٿي حالت ۾ پهچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سعودي عرب يا دبئي جهڙن ويجهن ملڪن ۾ رهندڙ اسانجا پاڪستاني واپاري به پنهنجي ملڪ مان ڀاڄي يا ميوو گهرائڻ بدران انڊيا کي ترجيح ڏين ٿا. آخر هنن کي واپار مان ڪمائڻو آهي گراهڪ ٽاهڻا ته نه آهن.
بندرگاهه ۾ گهڙڻ کان اڳ جهاز کي بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي اندر اچڻ لاءِ انتظار ڪرڻو پوي ٿو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو بندرگاهه ۾ اڳهين جهازن جي رش آهي يا ڪم ڪندڙ مزدورن جي هڙتال آهي ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل جهازن تان سامان آهستي آهستي ٿي پيو لهي. اسان جي ڏينهن ۾ خاص ڪري 1970 واري ڏهاڪي ۾ عربن وٽ پيٽرول جو جام پئسو اچي ويو ۽ هو موٽر ڪارن کان وٺي ٽي وي فرجون، ڊئنمارڪ بيلجم کان کير مکڻ پنير آسٽريليا کان رڍن جا ڌڻ گهرائڻ لڳا ۽ بندرگاهه کان ٻاهر جهازن جا ڪٽڪ گڏ ٿي ويا ٿي جو بندرگاهه اهي ئي پراڻا هئا. جهازن جي مالڪن کي به ڪو فڪر نه هو جو عربن هڪ هڪ ڏينهن جي Waiting (انتظار) جا خوب پئسا ڏنا ٿي ۽ اسان کي جدي، دمام، ڪويت، دبئيءَ ۾ ٽي ٽي مهينا به ائنڪريج (بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ) تي وارو اچڻ جو انتظار ڪرڻو پيو ٿي.
يورپ جي ملڪن ۾ ٻن ڏينهن جي انتظار ۾ به مڪاني آفيس طرفان ٻيڙي اچي وڃي ٿي ۽ جهاز جي اڌ ماڻهن کي بندرگاهه ۾ وٺي اچي ٿي ته جيئن گهمون ڦرون ۽ دل وندرايون. پر هنن پٺتي پيل عرب ملڪن ۾ اهڙو بندوبست ئي نه هو. اهو ئي حال اتر ڪوريا، روس ۽ ڪيوبا جهڙن ڪميونسٽ ملڪن جي بندرگاهن ۾ هوندو هو. ڪراچيءَ کان مهيني کن جو ڏينهن رات سفر ڪري، ٿڪجي ٽٽجي ڪيوبا پهچبو هو ۽ بندرگاهه جي ٻاهران پيو سڙبو هو. بندرگاهه وارن طرفان ڪو جواب به نه ملندو هو ته بندرگاهه جي ڇا پوزيشن آهي، اندازي موجب ڪيترا ڏينهن اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو. نارٿ ڪوريا ۽ ڪيوبا جهڙن بندرگاهن ۾ ته واري تي به ڪم نه هلندو هو. ڪنهن سوشلسٽ ملڪ (رومانيا، بلغاريا) جو جهاز اچي ويو ٿي ته ان کي پهرين اندر ڪيو ويو ٿي، اسان پيا انتظار ڪريون.... بقول اسان جي هڪ چرچائي فِرج انجنيئر جي، هنن کي اسان لاءِ روس کان پڇڻو ٿو پوي ته پاڪستاني جهاز کي اندر اچڻ ڏيون يا نه.
سو ڪيوبا ۽ نارٿ ڪوريا جهڙن ملڪن جي بندرگاهن ۾ گهڙڻ لاءِ ٻه ٻه، ٽي ٽي مهينا به انتظار ڪيو هوندوسين. ان بعد نڀاڳ اهو ته جڏهن جهاز اندر ايندو هو ته اسان جهاز وارن کي جهاز تان هيٺ لهڻ نه ڏيندا هئا. چڱو جو روس ٽڪرا ٽڪرا ٿيو ۽ پولينڊ، رومانيا، ڪيوبا، ايسٽونيا جهڙا ملڪ هن مصيبت جي سحر مان آزاد ٿيا ۽ هاڻ پاڻ به آزاد زندگي گذارين ٿا ته اسان جهاز وارن کي به پنهنجن بندرگاهن ۾ آزادي سان گهمڻ ڏين ٿا.

دنيا جا دلچسپ بندرگاهه ....

دنيا جا دلچسپ بندرگاهه ....
هونءَ ڏٺو وڃي ته ان معاملي ۾ سڀ کان بهترين بندرگاهه آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جا آهن. هنن کي سامونڊين جو ـــــ يعني اسان جهاز تي ڪم ڪرڻ وارن جو ڏاڍو خيال ٿئي ٿو ته اسان سامونڊي سفر ڪري سندن بندرگاهه ۾ پهتا آهيون. سائنس کڻي ڪيتري به ترقي ڪئي آهي پر سامونڊي سفر اڄ به اڻانگو آهي ۽ سمنڊ واري زندگي هڪ Unnatural آهي. سمنڊ تي جهاز هلائڻ وارن جي نوڪري ڪناري جي آفيسن ۽ ڪارخانن جهڙي ناهي جتي ماڻهو روزانو اٺ ڏهه ڪلاڪ ڊيوٽي ڪري اچي گهر پنهنجي والدين، پنهنجن ٻارن ٻچن وٽ سکيو ٿئي ٿو. سمنڊ تي چار ڪلاڪ رات جو چار ڪلاڪ ڏينهن جو نوڪري ڪرڻ کان علاوه ماڻهو دوستن يارن، مائٽن عزيزن کان ڪٽيل رهي ٿو... زمين تي ڪار يا ريل گاڏي هلائڻ ٺاٺ جي زندگي آهي، سمنڊ تي ته سڄو سڄو ڏينهن ڪڏهن ته هفتو به طوفانن ۽ سمنڊ جي ڇتين ڇولين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه سخت سرد يا سخت گرم موسم ۾ بيٺي پير ڪم ڪرڻو پوي ٿو.... اهو ئي سبب آهي جو سڌريل ملڪن جي ڪناري تي رهندڙن کي سامونڊين سان همدردي ٿئي ٿي. هو اسان جو وڏو خيال رکن ٿا ته سمنڊ جهاڳي، سمنڊ جون صعوبتون سهي ڪناري تي ڪجهه ڏينهن لاءِ ته آيا آهيون... ان بعد وري هليا وينداسين. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ اسان جهازين جي سُکَ لاءِ ”سي مينس ڪلب“ آهن جتي شهر جا ماڻهو ڪتاب، رسالا، کاڌي جون شيون ۽ گفٽ ڇڏيو وڃن جيئن اسان اهي پاڻ سان کڻي وڃون ۽ سمنڊ تي دل وندرايون.
يورپ ۽ آمريڪا جهڙا ملڪ جتي مهانگائي آهي ۽ رسالا ۽ ڪتاب ته تمام مهانگا آهن، ايتري قدر جو جونئر عهدي وارن سالن ۾ ته مهيني ۾ ڪو هڪ ڪتاب به مس خريد ڪري سگهجي اتي مون جهڙا مطالعي جا شوقين پڙهڻ لاءِ ڪتابن جا کوکا دنيا جي Seamen’s Club مان کڻي آيا ٿي. ڪيترن بندرگاهن تي سيمينز ڪلب طرفان يا بندرگاهه واري شهر جي سماجي ادارن طرفان اسان کي بس ذريعي اوسي پاسي جا شهر ۽ تاريخي جايون يا قدرتي نظارا ڏيکاريا وڃن ٿا. جيڪي هونءَ پنهنجي خرچ تي ٽئڪسي ذريعي ڏسڻ اسان لاءِ ناممڪن ٿئي ٿو.
ان معاملي ۾ ايشيا کنڊ ۾ ترڪي ۽ جپان جا سماجي ادارا يا انهن ملڪن ۾ اسان جي مقامي آفيسن جا خير خواهه همراهه به اسان کي پنهنجو شهر ۽ ملڪ جون ٻيون اهم جايون ڏيکاريندا هئا. خاص ڪري انهن حالتن ۾ جڏهن جهاز جي ان بندرگاهه ۾ ڊگهي مرمت هلي رهي آهي يا ان بندرگاهه ۾ جهازن جي رش وڌڻ ڪري اسان کي وڏو عرصو ترسڻو پئجي ويو آهي. سمنڊ جي هل هلان کان هر صورت ۾ بندرگاهه ۾ بيهڻ بهتر آهي. ماڻهو سڪون جي ننڊ ڪري ٿو. اهو ته خوف نٿو رهي ته سمهڻ کان پوءِ جهاز طوفاني هوائن واري علائقي يا مڇريل سمنڊ ۾ داخل ٿي ويندو. بندرگاهه ۾ ڊگهو عرصو بيهڻ تي رڳو اهو نقصان آهي جو خرچڻ لاءِ ڪو پئسو نٿو بچي ۽ شروع جي ڏينهن وارو گهمڻ ڦرڻ ۽ نوابي ٺاٺ ختم ٿيو وڃي. ان ڪري جو کيسو خالي ٿيو وڃي. پوءِ ٽئڪسين بدران بسين ۾ يا پنهنجي گوڏا گاڏيءَ ۾. يعني پيرين پنڌ گهمڻو پوي ٿو. پر ڪيترن بندرگاهن ۾ جتي جهاز کي گهڻا ڏينهن بيهڻ جو انديشو آهي ته اسان جي اتي ٺهيل جهازي آفيس جي انتظاميه جهاز وارن کي گهمائڻ جو بندوبست ڪري ٿي. ان معاملي ۾ اسان جي ايشيا جا ملڪ: جپان ۽ ترڪي قابلِ ساراهه آهن جيڪي اسان ”لاچار ۽ مسڪينن“ جو خيال ڪن ٿا. ۽ اسان جهازي به ”ڪر ڀلا، هوگا ڀلا“ جو نعرو هڻي ٻئي جي خرچ تي گهمي ڦري وٺندا هئاسين. ترڪي وارا ته اسان پاڪستانين جو ڪجهه وڌيڪ ئي خيال رکندا هئا... هنن اسان جي جهازران ڪمپنيءَ ذريعي ڪمايو به جام ٿي جو اسان جا جهاز مختلف ملڪن مان ترڪيءَ لاءِ سامان کڻي آيا ٿي ۽ ترڪيءَ مان کڻي ايران، پاڪستان، ويندي ملائيشيا ۽ سنگاپور پهچايو ٿي. يورپ وانگر ماڊرن ۽ ترقي يافته هجڻ ڪري ترڪيءَ ۾ جهازن جي مرمت جو ڪم به سٺو ٿيو ٿي ۽ اسان ڪوشش ڪري هڪ مسلمان ۽ پاڪستان جو دوست ملڪ هجڻ ڪري پنهنجي جهازن جي ڊراءِ ڊاڪنگ ۽ مرمت ترڪيءَ مان ڪرائي ٿي. ان کان علاوه ترڪي وارن باسفورس ٽپڻ جي مسواڙ جا پئسا اسان جي جهازن مان الڳ ڪمايا ٿي جو اسان جي جهازران ڪمپنيءَ ايندي ويندي اوڊيسا، ورنا ۽ ڪانستنزا (روس، بلغاريا ۽ رومانيا جي بندرگاهن) مان سامان چاڙهيو ۽ لاٿو ٿي. اهي بندرگاهه بحر اسود (Black Sea) ۾ آهن جنهن ۾ گهڙڻ لاءِ واحد رستو باسفورس آبنائي آهي جيڪا سامونڊي شاخ ميڊيٽرينين سمنڊ کي بحر اسود سان ملائي ٿي. باسفورس هڪ سنهو سامونڊي رستو آهي جيڪو ترڪيءَ مان، بلڪه استنبول شهر مان لنگهي ٿو. هر جهاز جنهن کي بحر اسود جي ڪنهن بندرگاهه ۾ وڃڻو پوي ٿو ان کي هن باسفورس سامونڊي گهٽيءَ مان لنگهڻو پوي ٿو، جنهن جي في (مسواڙ) ترڪي جي حڪومت کي ڏيڻي پوي ٿي. ههڙن سوڙهن سامونڊي گهٽين مان لنگهڻ وقت يا ڪنهن به بندرگاهه ۾ گهڙڻ ۽ نڪرڻ وقت، اتي جي ڪنهن مقامي ڪئپٽن کي گهرائڻو پوي ٿو جيڪو اهڙن سنهن ۽ خطرناڪ لنگهن کان واقف آهي ۽ اهي جهاز کي باسفورس ٽپائڻ جي ڳري في وٺن ٿا. هي جهازران/ ڪئپٽن جيڪي ٻاهرن ملڪن جي جهازن جي مدد ڪن ٿا ”پائليٽ“ سڏجن ٿا. اسان جي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي وٽ به ڏهاڪو کن سامونڊي پائليٽ آهن جيڪي ڪجهه سال ڪئپٽن جي پوسٽ تي دنيا جي سمنڊن تي جهاز هلائڻ بعد، بندرگاهه جا پائليٽ ٿين ٿا.

باسفورس ترڪيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو .....

باسفورس ترڪيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو .....
ڪڏهن ڪڏهن باسفورس ٽپڻ لاءِ جهاز جي رش هوندي هئي ته اسان پنهنجي جهاز کي کلئي سمنڊ ۾ لنگر انداز ڪرائي ڇڏيندا هئاسين ۽ پوءِ ڀاڙي جي لنگهندڙ ٻيڙين ذريعي استنبول گهمڻ پهچي ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ته جهاز جي وڏي مرمت هوندي هئي يا استنبول لاءِ گهڻو سامان کڻي ايندا هئاسين ته اسان جهاز وارن کي اسان جي مقامي نمائنده آفيس استنبول جي اوس پاس وارن علائقن کي ڏيکارڻ جو بندوبست ڪندي هئي.
پاڪستان، ايران ۽ ترڪي ٽئي مسلمان ملڪ آهن، هڪ ٻئي جي ڀرسان آهن، هڪ ٻئي جا دوست آهن ۽ 1970 واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن تائين ته ٽئي ملڪ معاشي طرح ۽ تعليم توڙي ٽيڪنالاجيءَ ۾ هڪ جهڙا هئا. ايتريقدر جو ٽنهي ملڪن گڏجي هڪ ٻئي جي ترقي ۽ مدد لاءِ RCD ادارو (Regional Cooperation For Development) ٺاهيو هو جنهن تحت ٽنهي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ بنا پاسپوٽ ۽ ويزا آيا ويا پئي. ٽئي ملڪ هڪ جهڙا خوش حال هئا ان ڪري ڪنهن به ٻئي جي ملڪ ۾ رهي پوڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني ٿي. ٽنهي ملڪن کي ڳنڍڻ لاءِ جيڪو رستو ٺاهيو ويو ان کي اڄ به RCD روڊ سڏيو وڃي ٿو. هاڻ اسان جو ملڪ پئسي ڏوڪڙ ۽ امن امان جي حالتن ۾ باقي ٻين ملڪن کان پٺتي رهجي ويو آهي. سياسي حالتون بهتر ٿيڻ سان اسان جو ملڪ به هنن جهڙو وري ٿي سگهي ٿو. پر ان هوندي به اسان کي احساس هجڻ کپي ته اسان جا ٽئي ملڪ خوش نصيب آهن جن ۾ هر قسم جو اناج، ڀاڄي ۽ ميوو ٿئي ٿو. چار مختلف موسمون آهن. درياءَ، جبل، ميدان، ڍنڍون ۽ جهنگل آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان جي ملڪن جي وڏي حصي کي سمنڊ ڇهي ٿو جيڪا هڪ سٺي ڀاڳ جي نشاني آهي نه ته سئٽزرلئنڊ ۽ افغانستان جهڙا ملڪ جن کي سمنڊ ناهي انهن کي ٽرانسپورٽ جو ڪيڏو مسئلو ٿو ٿئي. ملڪ جي خوشحاليءَ لاءِ ٽرانسپورٽ هڪ اهم شيءِ آهي.
پاڪستان جي ڌرتيءَ جي وڏي حصي کي عربي سمنڊ ڇهي ٿو ۽ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ڪافي ننڍا وڏا بندرگاهه آهن جن مان جيواني، گوادر، پسني، ڪراچي ۽ پورٽ بن قاسم اهم بندرگاهه آهن. جيواني ته بلڪل ايران جي بارڊر وٽ ۽ سندن ڇابهار بندرگاهه وٽ آهي. ايتري قدر جو جتي جيوانيءَ ۾ فارسي يا فارسي نموني جي مڪراني عام هلي ٿي اتي ڇابهار جا ڪناري وارا ماڻهو فارسي سان گڏ اردو به ڳالهائين ٿا. عربي سمنڊ ”هندي وڏي سمنڊ“ جو اتر اوڀر وارو حصو آهي. ايران خوش نصيب آهي جو هن کي ٽن سمنڊن جو پاڻي ڇهي ٿو. هيٺ ڏکڻ ۾ ايراني نار (Persian Gulf) ۽ عربي سمنڊ جو پاڻي ڇهي ٿو ته اتراهين پاسي ڪئسپين سمنڊ آهي. ايراني نار وارو سمنڊ توڙي اسان وارو عربي سمنڊ هڪ ئي وڏي سمنڊ ”انڊين اوشن“ جو حصو آهن ۽ سندن ساڳيو پاڻي ساڳي لوڻياٺ آهي پر تڏهن به هر سمنڊ جي حصي جي پنهنجي موسم ۽ پنهنجي Temprament (مزاج) آهي. منجهن پنهنجي رخ ۽ رفتار جون هوائون (جَهڪن کان طوفانن تائين)، ڪُنون (Under Currents) ۽ ڇولين جي ڇتائي آهي. سانوڻي (جون، جولاءِ ۽ آگسٽ) جي موسم ۾ اسان جو ڪراچي وارو عربي سمنڊ ايڏو ته رف ٿيو وڃي جو جهونن جهازين کي به پگهر اچيو وڃن، جنهن جي مستيءَجو نقشو شاهه لطيف به پنهنجن بيتن ۾ خوب چٽيو آهي. عربي سمنڊ کان لڳندڙ هوائون ان جي ڪناري وارن علائقن کي فرحت بخشين ٿيون ۽ سياري جي سردي ۽ اونهاري جي گرمي گهٽائين ٿيون پر ڪئسپين ۽ ڀونچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن جي ڇا ڳالهه ڪجي! بهترين موسم ڪري جتي ماڻهو صحتمند ۽ تازا توانا آهن اتي ڌرتي به سٺا ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ڪري ٿي. دنيا جي سياحن جو رخ ان ڪري اسپين موراڪو، لبنان، اسرائيل، ايران، آذربائيجان، ترڪي يونان جهڙن ملڪن ڏي هوندو آهي.
ايران جا بندرگاهه: بندر امام خميني، بندر بوشهر، بندر عباس ۽ ڇابهار وغيره هيٺ ڏاکڻن سمنڊن ۾ آهن ته رشت، رامسرا، چالوس، امل ۽ ساري بندرگاهه اتر ۾ ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي آهن، جتي نه فقط دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا پر ايران جا ماڻهو به موڪلون گذارڻ لاءِ ڪئسپين سمنڊ جو رخ ڪن ٿا. ترڪيءَ جي بارڊر کي به دنيا جا ٽي اهم سمنڊ ڇهن ٿا: ڏکڻ ۾ ڀونچ سمنڊ (Mediterranean)، اولهه ۾ ايجين سمنڊ ۽ اتر ۾ بحر اسود (Black Sea). ٽنهي سمنڊن جي پنهنجي موسم ۽ مزاج آهي جيڪا صدين کان اميرن توڙي غريبن، بادشاهن توڙي فقيرن کي پاڻ ڏي ڇڪيندي رهي آهي. دنيا جون پراڻيون تهذيبون جتي سنڌو، گنگا، دجله، فرات، نيل جهڙين ندين جي ڪناري تي آباد ٿينديون آيون آهن اتي سامونڊي ڪنارن تي پڻ. ترڪيءَ جا ٽراءِ، ازمير، اِفسوس، بوڊروم، انتطاليا، مرسن، استنبول جهڙا بندرگاهه به اها تاريخي حيثيت رکن ٿا، جيڪا ٺٽو، قاهرو، بنارس، مَلاڪا ۽ مشهدَ وغيره رکن ٿا.
آئون جنهن به جهاز تي رهيس، اهو جهاز سئيز ڪئنال مان ٿي جيئن ئي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ آيو ٿي ته يورپ ڏي ويندي يا اتان موٽندي ترڪيءَ جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ضرور ڪال ڪيو ٿي. ڪڏهن سامان کڻڻ لاءِ ته ڪڏهن يورپ کان آندل سامان لاهڻ لاءِ. ڪڏهن ڪڏهن جهاز جي مرمت لاءِ ته ڪڏهن اڳتي جي سفر لاءِ راشن پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ. ڇو جو يورپ جي بندرگاهن کان وري به ترڪيءَ ۾ سستائي آهي ۽ ٻيو ته ترڪي اسلامي ملڪ هجڻ ڪري جهاز جا خلاصي سڪون ۾ رهيا ٿي. حلال گوشت يورپ جي ملڪن مان به ملي ويو ٿي پر اسان جا پٺاڻ ۽ مڪراني خلاصي مطمئن نٿي رهيا ته ايم ڪي (Muslim Killed) سرٽيفڪيٽ سان گڏ جيڪو ذبح ٿيل گوشت سپلاءِ ٿيو ٿي اهو واقعي صحيح طرح حلال ٿيل آهي يا نه؟
رومانيا، بلغاريا، روس جي بندرگاهن لاءِ بحر اسود ۾ گهڙڻ لاءِ ۽ اتان موٽندي، ترڪيءَ جي بندرگاهه استنبول ۾ هر جهاز کي ترسڻو پوي ٿو جو بحر اسود (ڪاري سمنڊ) ۾ گهڙڻ لاءِ هڪڙي ئي سوڙهي گهٽي ”باسفورس“ آهي جيڪا ترڪيءَ جي شهر استنبول مان لنگهي ٿي. استنبول ۾ لنگر ڪيرائي هن سامونڊي گهٽيءَ مان لنگهڻ جي نه فقط موڪل وٺڻي پوي ٿي پر مڪاني پائلٽ (سامونڊي جهازن جي تجربيڪار ڪئپٽن) جي به گهُر ڪرڻي پوي ٿي جيڪو اسان جي جهاز کي باسفورس مان پار ڪري بحر اسود ۾ پهچائي يا واپسي تي بحر اسود جي بندرگاهن مان موٽڻ مهل هو اسان کي ان سوڙهي سامونڊي نديءَ مان ڪڍي ايجين (Aegean) سمنڊ ۾ پهچائي جتان پوءِ اسان ڀونچ (Mediterranean) سمنڊ ۾ هليا وڃون. باسفورس مان لنگهڻ ۽ مقامي پائلٽ Hire ڪرڻ جي ڪافي ڳري في ٿئي ٿي جنهن جي ادائگي ته بعد ۾ جهازن جي ڪمپني يا مالڪ ڪري ٿو پر ڪاغذ پٽن تي صحيح اسان کي ڪرڻي پوي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته باسفورس جي منهن وٽ يعني استنبول جي ائنڪريج (انتظارگاهه) وٽ ايترا جهاز اچي گڏ ٿيندا آهن جو ٻه ٻه ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو آهي..... پوءِ اسان جا ڪي ڪي جهازي بي صبرا پيا ٿيندا آهن ۽ جهونا آفيسر کلي پيا سمجهائيندا آهن ته ”بابا صبر کان ڪم وٺو. ڏسو نٿا ته روس جهڙي طاقتور ملڪ جا جهاز به ڪيئن هٿ ٻڌيو بيٺا آهن. روس هونءَ کڻي وڏو طاقتور ملڪ آهي (خاص ڪري انهن ڏينهن ۾ جڏهن اهو ٽٽو نه هو) پر هتي ترڪي جهڙي ملڪ کي جيئن وڻي هن جي ٻانهن مروڙي سگهي ٿو. ڇو جو ترڪي وارا جيڪڏهن روس جي جهازن تي باسفورس مان لنگهڻ جي پابندي وجهن ته هو ڇا ٿو ڪري سگهي. روس جي گهڻي ٽين ٽين ڪندو ته ترڪيءَ وارن کي باسفورس مان لنگهندڙ جهازن مان فقط هڪ پنهنجي يا پرائي جهاز تي بم هڻي تباهه ڪرڻو آهي ان بعد جهڙا ميرا جِت تهڙا ميرا تِتِ. جيڪي جهاز بحر اسود سمنڊ ۾ اهي هميشه لاءِ اتي جيڪي ٻاهر سي ٻاهر، باسفورس بلاڪ ٿيڻ تي اهي واپس بحر اسود ڏي موٽي نٿا سگهي. ان ڪري روس جڪ ضرور کائيندو هوندو پر ڪڇي نٿو سگهي. باسفورس پهچي مون کي وتائي فقير جو اهو قصو ياد ايندو آهي. وتايو فقير پهريون دفعو جمعي نماز تي ويو. مولوي صاحب واعظ ڪري رهيو هو ته ”بابا هر شيءِ الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي. هن کي جيڪي وڻي اهو ڪري سگهي ٿو“. وتائي فقير رڙ ڪري چيو: ”هوندو! پر هڪ ڳالهه ته منهنجي ماءُ جي هٿ ۾ آهي. وڻيس ته ماني پچائي، وڻيس ته ڀت رڌي“. سو اها ڳالهه ترڪيءَ جي هٿ ۾ آهي ته جنهن ملڪ کي جهاز کي وڻيس ان کي باسفورس مان لنگهڻ ڏئي.

ڪيڏا اهم ماڻهو ۽ قصا وابسته آهن ....

ڪيڏا اهم ماڻهو ۽ قصا وابسته آهن ....
روس طاقتور ملڪ ضرور چئي سگهجي ٿو ۽ هن جي هر ڳالهه ضرور هلندي هوندي پر سائين باسفورس مان لنگهڻ جي مرضي فقط ترڪيءَ جي هلي ٿي. بهرحال اسان جهاز وارن کي باسفورس ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن ٻه ترسڻ ۽ گهمڻ لاءِ به ملي ويا ٿي. اهڙي طرح ترڪيءَ جي ٻين بندرگاهن ۾ پڻ. مون کي حيرت ٿيندي هئي ته ترڪيءَ جو هي پاسو پڻ شام، عراق، ايران ۽ انڊيا پاڪستان وانگر ڪيڏي تاريخي حيثيت رکي ٿو. هتي جي ثقافت ڪيڏي آڳاٽي آهي.... ڪيڏا اهم ماڻهو ۽ قصا هنن پٽن سان وابسته آهن.
ترڪيءَ جي بندرگاهه بوڊروم (Bodrum) ۾ صبح پهر اچي لنگر ڪيرايوسين. ان وقت منهنجي ڊيوٽي هئي. فنشڊ وٿ انجن (FWE) جي ٽيليگرام ملڻ بعد جهاز جي مين انجڻ بند ڪري جهاز جي ڊيڪ تي اچي بيٺس ۽ نظارو پسڻ لڳس. قدرت ڇا ته هن ڌرتيءَ کي سونهن بخشي آهي! اسان جي ڪاغان ۽ چترال جهڙو سهڻو، هي بندرگاهه آهي. چٽگانگ جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ تعليم دوران اسان جو هڪ انگريز پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن ترڪيءَ جي هن بندرگاهه جي تعريف ڪندو هو. هو ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ هن بندرگاهه ۾ سال ڏيڍ رهيو هو. مون وري غور سان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. بندرگاهه جا مزور ۽ اسانجا خلاصي گڏجي جهاز جي گئنگ وي (ڏاڪڻ) هيٺ لاهڻ لڳا هئا، جيئن جهاز جي عرشي (Deck) تان هيٺ لهي سگهجي. جهاز جو ڊيڪ يعني عرشو بندرگاهه جي فرش کان ڪافي مٿي ٿئي ٿو. اٽڪل ڏهه فٽ کن، ۽ جي جهاز خالي آهي ته اهو اڃان به اتاهون ٿئي ٿو. جهاز مان لهڻ يا جهاز تي چڙهڻ واري هن ڏاڪڻ کي جهازي لغت ۾ Gang Way سڏجي ٿو. هن ڏاڪڻ جي تري ۾ چار ڦيٿا ٿين ٿا جن تي اها بندرگاهه جي جيٽيءَ تي گسڪندي رهي ٿي. سامان سان سڄو جهاز ڀرڻ تي جهاز ايترو ته سمنڊ اندر هليو وڃي جو جهاز جو ڊيڪ بلڪل جيٽيءَ جي ليول تي پهچيو وڃي ۽ اهڙيءَ حالت ۾ هيءَ ڏاڪڻ اڀي هجڻ بدران ليٽيل رهي ٿي ۽ ڪو چاهي ته ڏاڪڻ بنا ڊيڪ تان ٽپ ڏئي جيٽيءَ تي لهي سگهي ٿو.
ڏاڪڻ (Gang Way) جي لڳڻ بعد، مختلف گاڏين ۾ آيل اميگريشن، ڪسٽمس، ميڊيڪل جو عملو ۽ اسان جي مڪاني آفيس جا ماڻهو ۽ جهاز لاءِ سامان مهيا ڪندڙ شپ چانڊلر، ورڪ شاپ وارا ۽ تيل پاڻي سپلاءِ ڪرڻ وارا ايجنٽ مٿي چڙهڻ لڳا. ڪنهن به ملڪ جي بندرگاهه ۾ جهاز پهچڻ تي ”اميگريشن“ جو عملو جهاز ۾ موجود ماڻهن جا سفري ڪاغذ، پاسپورٽ، CDC وغيره چيڪ ڪري ٿو ته ڪو غيرقانوني ته نه آيل آهي. ان بعد ”هيلٿ کاتي“ جا ڊاڪٽر اسان جي صحت جي ڄاڻ وٺن ٿا ته اسان ۾ ڪو اهڙو ته ناهي جنهن کي ڪا وچڙندڙ بيماري هجي، جيڪا بيماري ڪناري تي رهندڙ صحتمند ماڻهن کي لڳي وڃي. ان بعد ”ڪسٽمس وارا“ چڪاس ڪن ٿا ته جهاز تي ڪهڙو ڪارگو ۽ ان ۾ موجود ماڻهن وٽ ڪهڙو سامان ۽ ڪيترا پئسا آهن. ڪنهن وٽ جيڪڏهن ان ملڪ جي قانون مطابق گهڻو سامان آهي ته ڪسٽمس آفيسر ان جو فالتو سامان جهاز جي بانڊ اسٽور ۾ Seal ڪري ڇڏين ٿا جيئن هو ڪناري ڏي کڻي نه وڃي سگهي. جهاز جي روانگي (Sail ڪرڻ) مهل ان بانڊ اسٽور کي کوليو وڃي ٿو ۽ سامان واپس ڪيو وڃي ٿو.
آئون هڪ دفعو وري پنهنجي نيويگيشن جي ماهر انگريز پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن جو سوچڻ لڳس ته هو اسان جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ اچڻ کان اڳ ههڙي بودروم جهڙي خوبصورت بندرگاهه ۾ رهيو. پر هن ”بودروم“ کان گهٽ سهڻو بنگلاديش جو بندرگاهه ”چٽگانگ“ به ته نه آهي. اسان سنڌ جي نيم بياباني پَٽن جي رهواسين لاءِ چٽگانگ جي ساوڪ ۽ هر وقت مينهوڳيءَ واري موسم حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه هئي. پر نه. اسان جي انگريز پروفيسر کي چٽگانگ پسند نه آيو هوندو. چٽگانگ ترڪيءَ جي هن بندرگاهه بودروم (Bodrum) وانگر سرسبز سائو ضرور آهي ۽ ڪئپٽن واٽڪنسن اسان جي واهه واهه ڪرڻ تي چٽگانگ، يعني بنگال لاءِ واهه واهه ضرور ڪندو هو پر پڪ اٿم ته پٺيان انگلينڊ ۾ ڇڏي آيل فئمليءَ کي ضرور لکندو هوندو ته هي (چٽگانگ) ڪو شهر آهي؟ جتي 90 سيڪڙو کان مٿي گهم آهي، جتي رگهه ۽ گرمي آهي، جتي ڏينهن جو پاڻمرادو ڦٽجندڙ گاهه (Love Grass) جا ڪنڊا پتلون جي پانچن ۾ ڦاسي ٽنگن ۾ خارش ٿا پيدا ڪن ۽ رات جو مڇر ٿا پٽين. ٿڌن ملڪن جي بهترين ميوي: صوف، موسمي ۽ انگورن بدران ڪٺهل، انناس ۽ گيدوڙي جهڙو چِيپ فروٽ ٿئي ٿو... اهو سوچي منهنجي چپن تي مرڪ اچي وئي، جيڪا ان وقت منهنجي اڳيان لنگهدڙ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جي ساٿي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم محسوس ڪري مون کي ٽوڪيو... ”مَنُو! ڪنهن جو سوچي کلي رهيو آهين؟“
درٻيلي جو هي ڪئپٽن مخدوم ان وقت جهاز جو چيف آفيسر هو يعني ڪئپٽن کان هڪ رئنڪ هيٺ فرسٽ نيويگيٽر هو ۽ آئون به چيف انجنيئر کان هڪ رئنڪ هيٺ سيڪنڊ انجنيئر هوس. ٻنهي جو Sea Time مڪمل ٿي ويو هو. يعني ان رئنڪ تي Sail ڪندي (جهاز هلائيندي) 21 مهينا ٿي ويا هئا ۽ هاڻ پروموشن لاءِ ٿيندڙ امتحان لاءِ تياري ڪري رهيا هئاسين.
”يار پنهنجي انگريز پروفيسر جو سوچي رهيو آهيان ته پاڻ کي پڙهائڻ کان اڳ هو هن جنت جهڙي ڌرتيءَ تي هو...“ مون چيو.
”ڪير ڪرنل ڪومبس؟“ مخدوم حيرت مان پڇيو.
”نه يار. اهو انگريز پرنسپال ته پيٽارو ۾ اچڻ کان اڳ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي جهنگلن ۾ رهيو هو... اهو ملائيشيا ۾ ئي ياد اچي سگهي ٿو. چٽگانگ مئرين اڪيڊميءَ واري انگريز پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪو هتي بودروم ۾ ڪجهه عرصو رهڻ بعد 1963 ۾ پاڻ کي پڙهائڻ لاءِ چٽگانگ آيو هو....“
احمد حسين مخدوم کي شايد ان ڳالهه جي خبر نه هئي جو هن تعجب مان پڪ ڪئي. ”ريئلي؟“
”سئو سيڪڙو.“ مون وراڻيو ۽ هڪ دفعو وري نوستلجيائي انداز ۾ ماضيءَ جو سوچي مخدوم کي چيو: ”اهو سوچي ڪيترو ته عجيب لڳي ٿو ته ڪجهه ڏهاڪا سال اڳ اسان جو پروفيسر- نيويگيشن جو ڄاڻو، جنهن جا نيويگيشن تي لکيل ڪتاب اڄ به دنيا جا جهازي پڙهن ٿا، اهو ڪئپٽن واٽڪنسن هن بندرگاهه ۾ رهيو ۽ هن ڌرتيءَ تي واڪ ڪيو....؟“
احمد حسين ٽهڪ ڏيندي چيو ”يار! تون فقط 24 سال کن اڳ هتي رهندڙ جو پيو سوچين جنهن جا ڪتاب فقط اسان جهازران پڙهون ٿا. ان جو نٿو سوچين جييڪو 24 سئو سال اڳ- يعني عيسوي سن کان به 450 کن سال اڳ ۽ سڪندر اعظم جي ڄمڻ کان هڪ سئو سال اڳ، هتي رهي ويو ۽ جنهن ڏاهي ۽ تاريخدان جا ڪتاب سڄي دنيا پڙهي ٿي ۽ هو تاريخ جو ابو سڏيو وڃي ٿو......“.
”واهه جي ڳالهه ڪئي“، مون جواب ڏنومانس، ”مون کي به گذريل سفر ۾ جڏهن ازمير آيا هئاسين ته جهاز تي ڏنل دعوت ۾ هڪ ترڪ پروفيسر ٻڌايو هو ته قديم يوناني مورخ هرودوت Herodotus جيڪو قبل مسيح 484 ۾ ڄائو ۽ 60 ورهين جي ڄمار ۾، سن 425 ق. م وفات ڪيائين، هن بندرگاهه بودروم ۾ رهندو هو“.
واقعي هي شهر بودروم بصري ۽ بغداد وانگر، بنارس ۽ قاهري وانگر آڳاٽو ۽ تاريخي شهر آهي جنهن ۾ خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون تاريخي هستيون رهيون جن ۾ ترڪ به هئا ته يوناني به. دراصل ترڪيءَ جو هي حصو يونان جي ڪناري کان پري ڪونهي. هي ملڪن جون سرحدون ته هاڻ ٻن ٽن صدين دوران ٿيون آهن نه ته اڄ جو يونان ۽ ترڪي هڪ ئي پَٽ هو. انهن جي وچ واري سمنڊ ۾ ڪيترائي ٻيٽ شيشي جي ڀڳل جڳ جي ٽڪرن وانگر ٽڙيا پکڙيا پيا آهن ۽ ڪيترن ٻيٽن تي اڄ جي دور ۾ به مونجهارو آهي ته اهي ترڪيءَ جا آهن يا يونان جا!
هن شهر بودروم (Bodrum) جي هڪ ٻي اهم شخصيت جنهن کان اسان جا تاريخ جا شاگرد به واقف هوندا ”طرغت پاشا“ آهي. هتي جا ترڪ ۽ يوناني هن کي ”ترگت رئيس“ ٿا سڏين. هو وڏو قابل جهازران ۽ جنرل هو. هن جي ڏينهن ۾ يورپ پاسي اهم سمنڊ ڀونچ (ميڊيٽرينين) ئي هوندو هو ۽ ترگت (جنهن کي اوسي پاسي جي ملڪن جا درگت به سڏين ٿا) نيويگيشن جو وڏو ڄاڻو هو، جنهن هنر ۾ هن کي يورپي به مڃين ٿا. هن لاءِ هڪ فرينچ ائڊمرل جو هي قول مشهور آهي ته:
(Turgut Reis is a living chart of the mediteranean sea, skillful enough on land to be compared to the finest generals of the time. No one was more worthy than to bear the name of king)
طرغت پاشا ”سلطنت عثمانيه“ لاءِ ڪيتريون ئي بحري سوڀون ماڻيون. هو ميڊيٽرينين سمنڊ جو بي تاج بادشاهه هو. پاڻ 1485ع ۾ هن شهر بودروم ۾ ڄائو ۽ 80 روهين جي ڄمار ۾ 1565 ۾ وفات ڪيائين. تاريخ ۾ هن جو تعارف هنن لفظن سان ڪيو وڃي ٿو ته Turgut Reis, Known as, the Drawn Sword of Islam, Was a Famed, Respected & feared Muslim Ottoman Naval Commander of Greek Descent) هن جي اڳواڻيءَ ۾ سلطنت عثمانيه جي حڪومت اتر آفريڪا کان وڃي نڪتي. هن جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي آهي. هن تي ڪيترائي ناول ۽ فلمون ٺهي چڪيون آهن. بهرحال آئون اهو سوچي حيرت ٿو کان ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اسان جو هي جهاز، هِن بودروم بندرگاهه ۾ هجڻ ڪري اسان جي هن شهر جي گهٽين ۽ روڊ رستن تي هلڻ ٿيندو جن تان اڄ کان 500 سال اڳ هي مشهور ماڻهو هليو چليو...

 ترڪيءَ جو تاريخي بندرگاهه بودروم ....
هن بندرگاهه بودروم سان واسطو رکندڙ اهم ماڻهن جي هڪ ڊگهي لسٽ ٿي سگهي ٿي. جهازي دنيا سان واسطو رکڻ ڪري مون کي ته کڻي طرغت پاشا ياد اچي ويو تنهن لاءِ به جڏهن مڪاني ماڻهن بار بار ٻڌايو ته مون هن بابت هِتي هُتي پڙهيو ته معلوم ٿيو ته ڇا ته ماڻهو هو. هن ۾ ڇا ته خوبيون ۽ قابليتون هيون. هڪ اديب جي حيثيت ۾ ترڪي جي هڪ مشهور اديب خليقرناس باليقجسيءَ جو نالو به ڌيان ۾ اچي ٿو جيڪو 1886 ۾ هتي بودروم ۾ ڄائو ۽ 87 سالن جي ڄمار ۾ سن 1973ع ۾ وفات ڪيائين. يعني هن جي وفات اسان جي هن بندرگاهه ۾ اچڻ وڃڻ وارن ڏينهن ۾ ئي ٿي. 1973 کان اڳ ۽ پوءِ وارا سال ئي ته اسان ترڪي جي هن ايجين سمنڊ وارن بندرگاهن ۾ ايندا ويندا رهياسين. ترڪي زبان ۾ هن ڪيترائي ناول، افسانا، مضمون ۽ سفرناما لکيا. سندس اصل نالو جواد شاڪر قبا اغجلي آهي. خليقرناس باليقجسي سندس ادبي/ قلمي نالو آهي. جنهن جي معنيءِ آهي ”خليقرناس جو مهاڻو“. ياد رهي ته بودروم جو اصل نالو خليقرناس هو. ترڪيءَ جا ماڻهو اسان جي شيخ اياز، فراز ۽ فيض احمد فيض وانگر پنهنجي هن شاعر جي وڏي عزت ڪن ٿا. مون کي اڃان تائين سندس ڪو انگريزي ترجمو نه ملي سگهيو آهي جو کڻي پڙهان. انگريزيءَ ۾ ضرور هوندو... مون به ڪا دل سان ڳولا نه ڪئي آهي ۽ نه هن عمر ۾ پڙهڻ چاهيندس پر ادب جي نوجوان شاگردن کي صلاح ڏيندس ته ترڪيءَ جي هن اديب جو ڪو ڪتاب ضرور پڙهن... سندس هيڏي جو تعريف هلي رهي آهي سو ضرور سٺو اديب هوندو.
ڳالهه اديبن ۽ شاعرن جي نڪتي آهي ته هڪ ٻئي مشهور ترڪ شاعر ”ذڪري مورن“ جو به نالو کڻندو هلان جنهن جو پڻ ترڪيءَ جي هن تاريخي علائقي بودروم سان واسطو هو. پاڻ 1931ع ۾ استنبول ويجهو برصا (Bursa) شهر ۾ ڄائو ۽ 1996 ۾ ازمير ۾ وفات ڪيائين. زندگيءَ جو وڏو حصو هُن هن بندرگاهه بودروم ۾ گذاريو جتي سندس ياد ۾ ترڪ حڪومت ”ذڪي مورن آرٽ ميوزيم“ ٺهرايو آهي. ذڪي مورن نه فقط شاعر هو، پر هڪ پاپيولر ڳائڻو ۽ ائڪٽر پڻ هو. هن ترڪي ٻوليءَ جي ويهارو کن فلمن ۾ نه فقط اداڪاري ڪئي آهي پر انهن جي ميوزڪ به ڪمپوز ڪئي آهي. سندس ترڪي ٻوليءَ جو هڪ ڪتاب The Quail Rain جي نالي سان انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي.
ڳالهه هيءَ آهي ته ايجين سمنڊ جي هنن ڪناري وارن ترڪي جي بندرگاهن ۽ شهرن ۾ نه فقط اهم ماڻهو رهي چڪا آهن پر تاريخ جي شاگردن لاءِ ڪيتريون ئي نيون توڙي پراڻيون عمارتون ۽ کنڊهر پڻ موجود آهن. ترڪيءَ جي جاگرافيائي طور تمام بهترين پوزيشن آهي. هڪ طرف عراق، شام ۽ ايران سندس پاڙيسري ملڪ آهن ته ٻئي طرف آذربائيجان، آرمينيا ۽ جارجيا آهن. کاٻي پاسي بلغاريا ۽ يونان سان ڳنڍيو پيو آهي. اتر ۾ بحر اسود جهڙو اهم سمنڊ اٿس ته ڏکڻ ۾ ايجين سمنڊ- جيڪو ميڊيٽرينين سمنڊ جو ائين حصو آهي جيئن اسان جي ملڪ جي ڪنارن کي ڇهندڙ عربي سمنڊ، هندي وڏي سمنڊ جو حصو آهي.
آب هوا توڙي ميون ۽ ڀاڄين کان ميڊيٽرينين سمنڊ اڄ نه پر صدين کان بهترين ۽ God Gifted سمجهيو ويو ٿي. ۽ هن سمنڊ جو اهو حصو جيڪو يونان ۽ ترڪيءَ کي ڇهي ٿو ”ايجين سمنڊ“ سڏجي ٿو. جنهن جي موسم ۽ پاڻي بهترين سمجهيو وڃي ٿو. هتان لنگهندڙ ۽ ”اڄ جي ترڪيءَ“ جي هنن پٽن تي ايندڙ مرد توڙي عورتون، فقير توڙي بادشاهه هتي جي قدرتي سونهن ۽ اهم جاگرافيائي هنڌ جي سڳنڌ مان سراپجي ويا ٿي. اڄ به ايجين سمنڊ جي ڪناري جو پنهنجو حسن ۽ سحر انگيزي آهي تڏهن ته يورپ جا گورا به پنهنجن گورن جا ملڪ ڇڏي موڪلون ملهائڻ لاءِ ترڪيءَ جي هنن ايجين سمنڊ وارن بندرگاهن ۾ اچن ٿا.... ڪي آرام لاءِ ته ڪي قدرتي نظارا ڏسڻ لاءِ.... ڪي ناچ گانا، شراب شباب ۽ مساج پارلرن لاءِ ته ڪي تاريخي عمارتون ڏسڻ لاءِ.
اڄ جي مادرن دنيا کي ڇڏيو. عيسوي سن کان ڪجهه صديون اڳ ۽ ڪجهه صديون پوءِ وارن ڏينهن جا جيڪي ست عجوبا هئا انهن مان هڪ موسولس (Mausolus) جو مقبرو آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Tomb of Mausolus يا Mausoleum at Halicarnassus سڏين ٿا. اهو هتي ترڪيءَ جي شهر بودروم ۾ آهي. دراصل بودروم جو اصل نالو ”هاليڪارناسو“ هو. هي مقبرو عيسوي سن کان ٽي صديون اڳ يونانين پرشن سلطنت ۾ ٺاهيو هو ۽ اهو Seven Wonders of the Ancient World جو هڪ عجوبو مڃيو وڃي ٿو.
ايران ترڪي سان ائين مليو پيو آهي جيئن پاڪستان انڊيا سان ۽ ايرانين جي سلطنت هڪ طرف ترڪي ۽ روم جي بارڊر سان لڳي ٿي ته ٻي طرف ڪابل قنڌار ۽ سنڌ سان. وچ ۾ سڪندراعطم جي فتحيابي بعد ڪجهه عرصو يونانين جي حڪومت رهي پر پوءِ وري آتش پرست ۽ بعد ۾ مسلمان ايرانين جي رهي. هن مقبري کي فارسي ڳالهائڻ وارا ”آرامگاهه هاليڪارناسوس“ ۽ عرب ”ضريح موسولوس“ سڏين ٿا. ان زماني ۾ لاريون موٽرون يا هوائي جهاز نه هئا. ماڻهو اٺن، گهوڙن، بيل گاڏين، خچرن ۽ ڪاٺ جي سڙهن وارين ٻيڙين ۾ سفر ڪندا هئا. ترڪيءَ سان جيئن ايران مليو پيو آهي تيئن شام (Syria) آهي. اهو ته اسان تاريخ ۾ به پڙهيو آهي ته حضور صلعم جن مڪي کان شام واپار جي سلسلي ۾ ويندا هئا.... ۽ مڪي جا ٻيا ڪيترا عرب سوداگر شام کان ٿورو اڳيان ترڪي جي هنن سامونڊي ڪنارن تي به ضرور ايندا هوندا ۽ هن مقبري کان واقف هوندا. عرب توڙي پرشن (جن کي هاڻ اسين ايراني سڏيون ٿا) عراق ۽ شام مان ٿيندا ترڪي جي ڀونچ سمنڊ وارن بندرگاهن ۾ پهچندا هوندا ۽ ادانا، مرسن، انطاليا شهرن/ بندرگاهن مان ٿيندا ايجين (Aegean) سمنڊ وارن بندرگاهن: بودروم، ايفسوس ۽ ازمير کان اچي نڪرندا هوندا. انهن ملڪن ۽ بندرگاهن جا ترڪ ۽ يوناني مڪي مديني، شام عراق ۽ ايران کان آيل سوداگرن سان قصا ڪهاڻيون Share ڪندا هوندا. انهن ڏينهن ۾ ٽي وي ريڊيو يا اخبار رسالا ته نه هئا. ماڻهو ايندڙ ويندڙ مسافرن کان خبر چار وٺي هوشيار ٿيندا هئا. پوءِ جيڪو گهڻيون خبرون ۽ ڄاڻ حاصل ڪندو هو اهو ڳوٺ جو ڏاهو ۽ سياڻو سڏيو ويندو هو.
ازمير (Izmir) هن تر ۾ ترڪيءَ جو وڏو بندرگاهه آهي ۽ استنبول ۽ انقره بعد ازمير ترڪيءَ جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. ايندي ويندي اسان جهاز کي مرمت ۽ راشن پاڻيءَ لاءِ ”ازمير“ ۾ ترسائڻ ۾ بهتري سمجهندا هئاسين، جو هن بندرگاهه ۾ يورپ جي بندرگاهن وانگر جهاز ۽ ان جي انجڻ جي مرمت جون سهولتون هيون ته مشرق جي اسلامي ملڪن جي بندرگاهن وانگر اسان کي حلال گوشت به ملي ويو ٿي. ايجين سمنڊ جي ڪناري واري ترڪيءَ جي هن بندرگاهه ازمير جي آب هوا، ميون ڀاڄين ۽ ماڻهن جي سونهن جي اڳئي تعريف ڪري چڪو آهيان. جيئن عربي سمند جي ڪناري تي ممبئي ۽ ٻئي نمبر تي ڪراچي وڏو شهر آهي، تيئن ايجين سمنڊ تي به ٻه وڏا شهر/ بندرگاهه آهن. ”ازمير“ ڪراچيءَ وانگر ٻئي نمبر تي آهي ۽ پهرين نمبر تي وڏو بندرگاهه يونان جو ”اٿينس“ آهي. اٿينس ۽ ازمير سڏ پنڌ تي آهن. اسان کي ڪڏهن اٿينس وڃڻو هوندو هو ۽ اتي سامان تيار نه هوندو هو تي اٿينس جي بندرگاهه ٻاهران انتظار ڪرڻ بدران اسان ازمير جي ائنڪريج تي ئي ترسندا هئاسين. 1960 واري ڏهاڪي وارا سال هئا... جتي ڪٿي بهتر حالتون هيون... اڄ واريون ڪسٽمس ۽ اميگريشن واريون ايتريون سختيون نه هيون ۽ نه ئي ويزائن جا چڪر. جپان هجي يا لنڊن ــــــ ان شهر جي ايئرپورٽ تي پهچي ويزا جو ٺپو اتان هڻائبو هو. ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ ته ڪڏهن ويزا جو ٺپو لڳرائبو هو ته ڪڏهن نه.... ڳالهه مڙيئي ساڳي سمجهي ويندي هئي.
بهرحال ازمير بندرگاهه ۽ اوسو پاسو اڄ ته خوبصورت آهي ئي پر ان زماني ۾ به اسان جي دل وٽان شهر هو. اسان جو جهاز ازمير ۾ به گهڻا ڏينهن بيهندو هو، ۽ ازمير گهمڻ مان دل ڀرجي ويندي هئي ته ان جي چوڌاري پسگردائيءَ جي ڳوٺن سيلچوڪ، ايفسوس (Ephesus)، ڪوش آداسي (Kusadasi) ايدين (Aydin) هليا ويندا هئاسين. جيئن ڌارين ملڪن جا جهازي ڪراچي گهمي گهمي پوءِ لانڍي، ملير، ماريپور، منگهوپير- ويندي ٺٽي پيا ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي صدر تائين محدود هئي. ماڙيپور، ملير وغيره ڏورانهان ڳوٺ لڳندا هئا، اهري طرح ترڪي جا ايفسوس، ڪوش آداسي وغيره ازمير کان پري هئا. ازمير جي ڀر وارا ڳوٺ ڪراچيءَ جي ملير وانگر رڳو صوفي ٻيرن ۽ زيتونن کان مشهور نه هئا، پر اهي تاريخي جاين کان وڌيڪ مشهور هئا ۽ اڄ به آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته جهاز جي نوڪري وارن شروع جي سالن ۾ جڏهن تاريخ کان اڻ واقفيت هئي، نوجواني هئي... اسان کي کنڊهرن ۽ تاريخي شين وارو نه ڀنڀور ۽ ڪوٽڏيجي وڻيو ٿي ۽ نه بودروم ۽ ايفسوس.

مون ازمير ۾ وقت گذارڻ چاهيو ...

مون ازمير ۾ وقت گذارڻ چاهيو ...
منهنجي خيال ۾ اهو 1980 جي ڏهاڪي جو شروعاتي سال هو جو منهنجو جهاز ازمير ۾ آخري دفعو لنگر انداز ٿيو. ان بعد مون سگهو ئي ساموندي زندگي ڇڏي هئي. ان وقت آئون پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي آخري عهدي تي پهچي چڪو هوس... يعني ان جهاز جو چيف انجنيئر هوس. جهاز کي ازمير ۾ سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ کان علاوه ڪجهه ضروري مرمت به ڪرائڻي هئي. ازمير ۾ اسان جي مقامي آفيس جي ايجنٽ چيو ته ٻه ٽي ڏينهن ازمير جو سير ڪريو ان بعد جيڏانهن چوندائو، توهان کي اوڏانهن گهمائڻ جو بندوبست ڪندس.
ٽئين يا چوٿين ڏينهن ايجنٽ منهنجي جهاز تي آفيس واري ڪمري (ڪئبن) ۾ آيو ۽ ٻڌايو ته هن منهنجي چوڻ تي منهنجي ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن (مئرين انجنيئرن) کان Choice پڇي آهي هو سڀ برصه ۽ استنبول وڃڻ ٿا چاهين. ”هنن لاءِ مون ٽئڪسي جو بندوبست ڪيو آهي جيئن هڪ ڏينهن هڪ ٽولو ته ٻئي ڏينهن ٻيو ٽولو گهمڻ به وڃي ته جهاز تي به رهي“. هن مون کان پڇيو ته آئون ڪهڙي ٽولي سان - يعني ڪهڙي ڏينهن وڃڻ پسند ڪندس.
منهنجي جهاز تي موجود 8 کن مئرين انجنيئرن ۾ هڪ ته ٽريني ۽ هڪ ففٿ انجنيئر هو، جن جو هي پهريون يا ٻيو سفر هو. سينيئر انجنيئرن، يعني فورٿ، ٿرڊ ۽ سيڪنڊ انجنيئرن ۾ جيتوڻيڪ سڀ پراڻا هئا ۽ سالن کان مختلف جهازن تي Sail ڪري رهيا هئا پر هنن جو ڪڏهن بحر اسود (Black Sea) جي بندرگاهن ۾ وڃڻ نه ٿيو هو جنهن لاءِ ترڪيءَ جي سامونڊي گهٽي باسفورس مان لنگهڻو پوي ٿو ۽ استنبول هن گهٽيءَ جي ڪنارن تي آهي. بلڪه هيءَ سامونڊي نهر (آبناءِ) نه فقط استنبول جي وچمان لنگهي ان کي اڌو اڌ ڪري ٿي پر سڄي ملڪ ترڪيءَ کي به ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. انهن مان هڪ حصو يورپ کنڊ جو حصو سڏجي ٿو ۽ ترڪيءَ جو اهو حصو يونان ۽ بلغاريا سان مليل آهي. ترڪيءَ جو ٻيو حصو جيڪو باسفورس آبناءِ جي اوڀر ۾ آهي، ايشيا کنڊ ۾ اچي ٿو ۽ اهو ايران، عراق، شام، آرمينيا ۽ جارجيا (گرجستان) سان ڳنڍيل آهي. بنا ڪنهن شڪ جي استنبول ترڪيءَ جو سڀ کان وڏو ۽ خوبصورت شهر آهي جيئن پاڪستان ۾ ڪراچي آهي، جيتوڻيڪ اسلام آباد وانگر ترڪيءَ جو گادي وارو شهر انقره آهي. استنبول جو يورپ وارو حصو توڙي ايشيا وارو حصو، جيتوڻيڪ اسلامي مملڪت ترڪيءَ جو آهي پر حال افعالن ۾ يورپ جي شهرن جهڙو آهي جتي ناچ گانا، بار، پب، مساج پارلر توڙي جوا خانا، شراب ۽ شباب جا سڀ بندوبست آهن. ان ڪري نه فقط عرب دنيا جا امير پر سٺي موسم ڪري يورپ جي ٿڌن ملڪن جا گورا به عياشيءَ لاءِ باءِ ايئر، باءِ سي ۽ باءِ روڊ بسين توڙي پنهنجين ڪارن ۾ استنبول پهچيو وڃن.
هڪ ته استنبول مون لاءِ نئون شهر نه هو. جهازي نوڪري جي شروعاتي سالن ۾ آئون انهن جهازن تي رهيس جن جو رومانيا، بلغاريا ۽ روس وڃڻ ۽ موٽڻ لاءِ استنبول ترسڻو پيو ٿي. ٻي ڳالهه ته جنهن بندرگاهه ازمير ۾ اسان جو جهاز بيٺو هو ان کان استنبول ڪو ويجهي فاصلي تي ناهي. سمجهو ته ڪراچيءَ کان دادو يا موري تائين اٽڪل 400 کن ڪلوميٽر آهي ۽ بس يا ٽئڪسي گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪلاڪ وٺي ٿي جو رستو ور وڪڙن وارو آهي. ريلوي لائين سڌي آهي ۽ ان حساب سان 300 ڪلوميٽرن کان گهٽ رستو آهي. ترڪيءَ جي ريل گاڏي ان مفاصلي لاءِ ٽي ڪلاڪ وٺي ٿي. بهرحال اسانجي جهاز ران ڪمپني جي مقامي آفيس جو ترڪ ايجنٽ جهاز وارن لاءِ ٽئڪسي جو بندوبست ڪري يا ٽرين ۾ سيٽون رزرو ڪرائي ڏئي پر هن عمر ۾ ۽ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ نه مون پنهنجي ماتحت انجنيئرن سان گڏ وڃي هنن جو مزو خراب ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ نه آئون ايترا ڪلاڪ ٽئڪسي يا ٽرين ۾ سفر ڪرڻ جي موڊ ۾ هوس. ان کان مون ازمير جي گهٽين ۽ پارڪن ۾ وقت گذارڻ ۾ بهتري سمجهي ٿي.
”سر ائين نه ڪريو. توهان به ڪيڏانهن چڪر تي هلو. ان بهاني اسان به چار پئسا ڪمائي وٺنداسين ۽ توهان جي به آئوٽنگ ٿي ويندي“. ترڪ ايجنٽ چيو.
ايجنٽ جو ڪمائيءَ مان مطلب اهو هو ته هنن کي اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس طرفان پگهار نٿو ملي پر انهن خذمتن جو اجورو ٿو ملي جيڪي هو جهاز ۽ ان تي سوار جهازرانن جي ڪن ٿا. مثال طور جهاز تي راشن پاڻي سپلاءِ ڪرڻ، جهاز جي مرمت لاءِ ورڪ شپ جو بندوبست ڪرڻ، بيمار جهاز رانن جو تپاس ۽ علاج ڪرائڻ يا ههڙين حالتن ۾ جڏهن جهاز ٻن ٽن ڏينهن کان وڌيڪ هڪ ئي بندرگاهه ۾ بيهي ٿو ته جهاز وارن جي وندر لاءِ ڪنهن تفريح جو بندوبست ڪرڻ، وغيره.
مون کي ماٺ ۾ ڏسي اسان جي ازمير شهر جي مقامي جهازران آفيس جي هن ترڪ ايجنٽ ڪيڏانهن هلڻ لاءِ وري پڇيو.
”چڱو هيئن ڪر“، مون نيٺ فيصلو ڪري ايجنٽ کي چيو، ”مون لاءِ سيلچوڪ وڃڻ لاءِ ٽئڪسيءَ جو بندوبست ڪر. ڪوش آداسي بندرگاهه به اتي ئي آهي“.
”زبردست“، ترڪ ايجنٽ چيو، ”سڀاڻي آئون پاڻ پنهنجي ڪار کڻي هلندس ۽ توهان کي وٺي هلندس. سيلچوڪ ڪو پري ته نه آهي“.
ايجين سمنڊ جي ڪناري وارا شهر (بندرگاهه) سيلچوڪ ۽ ڪوش آداسي استنبول جي مقابلي ۾ ازمير واقعي ويجها آهن بلڪه ان ئي صوبي ۾ ئي اچن ٿا جنهن جو گاديءَ جو شهر ازمير آهي. جيئن ميرن جي ڏينهن ۾ خيرپور رياست جي گاديءَ جو شهر خيرپور هو. اسان ازمير کان E87 هاءِ وي وٺي ڏکڻ ڏي وياسين ته هڪ ڪلاڪ اندر سيلچوڪ پهچي وياسين جو ازمير بندرگاهه کان اهو 80 ڪلوميٽر آهي يعني ڪياماڙيءَ کان نوري آباد به پري ٿيو. پر نوري آباد يا ٺٽو، جنگشاهي، ڪوٽڙي وغيره سامونڊي بندرگاهه ناهن. هيڏانهن ازمير، سيلچوڪ ۽ ويهارو کن ڪلوميٽر پري ترڪيءَ جو هڪ ٻيو آڳاٽو ۽ خوبصورت شهر ڪوش آداسي“ (Kusadasi) سڀ بندرگاهه آهن. هونءَ ته ترڪيءَ جي چوڌاري جيڪي ٽي سمنڊ آهن .... ڀونچ (ميڊيٽرينين)، ايجين ۽ بحر احمر (Black Sea) ... انهن ٽنهي جا ڪنارن وارا شهر تاريخي، سهڻا ۽ بلي بلي آهن. ماڊرن به آهن ته موسم جي لحاظ کان به اعليٰ آهن... جنهن موسم لاءِ کڻي چئجي ته اها بيمار کي صحتمند بڻايو ڇڏي، آب شفاف آهي ته هوا ۾ سڳنڌ آهي. پر انهن ٽنهي سمنڊن مان ايجين سمنڊ وارو علائقو اڃان به بلي بلي آهي... ازمير، سيلچوڪ، ڪوش آداسي ۽ بودروم ايجين سمنڊ جي ڪناري وارا بندرگاهه آهن جتي نه فقط ترڪي ۽ ان جي آسپاس جا ماڻهو پر سئيڊن ناروي، ڊئنمارڪ جهڙن يورپي ملڪن جا ماڻهو به ترڪيءَ جي هنن شهرن ڏي رخ رکن ٿا ۽ سڀ کان گهڻا ٽوئرسٽ سيلچوڪ (Selcuk) ۽ ڪوش آداسي (Kusadasi) ۾ اچن ٿا ۽ ترڪيءَ جا هي شهر ۽ بندرگاهه ڄڻ ته يورپ جا لڳن ٿا. اهي چوڻ کي ته اسلامي ملڪ جا بندرگاهه آهن پر ملائيشيا جي ڪولالمپور، ملاڪا، جوهور بارو ۽ پينانگ شهرن وانگر، يا اڃان به سليس سنڌيءَ ۾ دبئي وانگر، ڪهڙي عياشي آهي جيڪا يورپي ٽوئرسٽن کي هتي نٿي ملي. بلڪه انهن عياشين ڪري اسان جي عرب ملڪن جا امير به ترڪيءَ جو رخ ڪن ٿا. ڪيترن جا ته موڪلون گذارڻ لاءِ ازمير ۽ استنبول ۾ پنهنجا بنگلا آهن جيئن سنڌ جي ڪيترن وڏيرن، ڀوتارن ۽ سيدن، پيرن جا قاسم آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ بنگلا آهن. ملائيشيا پاسي ته مقامي ماڻهو توڙي اسان جهڙا ايشيائي ماڻهو ڪوچڙا لڳون ٿا پر هيڏانهن جهڙا ترڪ گورا آهن تهڙا هن پاسي ايندڙ يورپي، ايراني، عرب ۽ شامي ٽوئرسٽ! خبر ئي نٿي پوي ته ترڪن ۾ ڪير مسلمان آهن ڪير عيسائي يهودي ــــــ خاص ڪري اسان جي جهاز راني جي دنيا سان واسطو رکندڙ ترڪ عيسائي آهن. ترڪن جا وري نالا به اهڙا آهن جو خبر نٿي پوي ته اهو ڪنهن مسلمان جو نالو ٿي سگهي ٿو يا غير مسلم جو. خير ائين ته اسان وٽ به آهي. عبدالله، علي احمد، عمر فاروق جهڙن نالن مان ته سڃاڻپ سولي آهي پر مقامي ٻوليءَ جي نالن ۽ ذاتين مان ڌارئين کي ڪهڙي خبر ته مرليڌر گنگواڻي، ڀليڏنو سانڌ، ونهيون ڪنهاڙ يا رکيل مورائي مسلمان آهن يا هندو؟ ڪي نالا ته اهڙا ٿين ٿا جيڪي عيسائي، هندو ۽ مسلمانن جا ساڳيا ٿين ٿا جيئن اسان وٽ گلشن، بهادر، اقبال، گلاب، روشن وغيره، ۽ اسين ئي ڀلجيو پئون جيسين سڄو نالو اقبال مسيح، گلابراءِ يا روشن علي نه ٻڌون.
مون سان گڏ هلندڙ اسان جي مقامي آفيس جي ترڪ انچارج جي به خبر نه پئي پئي ته ڪير آهي. رستي تي ڪاطم قره بڪر شهر مان لنگهندي محمد امين پاشا روڊ تي Ozen Lo Kanta نالي هڪ ريسٽورنٽ اڳيان هن ڪار روڪي.
”واهه جو ڪم ڪيو اٿئي“، مون پنهنجي ترڪ ساٿيءَ کي چيو، ”ازمير ڇڏڻ کان وٺي چانهه يا ڪافي پيئڻ تي دل چئي رهي هئي“.
”تنهنجي معنا ته سٺو ڪم ڪيم“، هن چيو.
”بلڪل، سئو سيڪڙو“ مون وراڻيو.
ريسٽورنٽ اندر اچي ويٺاسين ته ترڪ ڇوڪري (يا شايد اها ترڪ نه هجي پر اوسي پاسي جي البانيا، بلغاريا جهڙي ڪنهن غريب ملڪ جي هجي، ۽ هتي پورهئي لاءِ آئي هجي، جيئن اسان جا ماڻهو دبئي جهڙن امير ملڪن ڏي وڃن ٿا)، اسان کان آرڊر وٺڻ لاءِ آئي. مون پنهنجي ترڪ ميزبان کي چيو ته ”يار آئون ته ڪريم ڪافي پيئندس. واٽ ابائوٽ يو؟ ڪافي آر ٽي؟“
هن شڪل بڇڙي ڪري چيو: ”نو. آءِ شل هئو اي پيگ آف وسڪي“. (آئون وسڪي پيئندس). هن Serve ڪندڙ خذمتگار ڇوڪريءَ کي ترڪي ٻوليءَ ۾ سمجهايو پر هن انگريزي به سمجهي ٿي سو هن ترڪيءَ ۾ آرڊر ٻڌڻ کان اڳ پني تي لکي ورتو.
تازا ٿي ٻاهر نڪتاسون ۽ گاڏيءَ ۾ ويٺاسين ته مون پنهنجي ميزبان کي چيو ته ”مون سمجهيو ته تون مسلمان آهين“. جيتوڻيڪ اها بيوقوفي جي ڳالهه آهي ۽ مون کي نٿي جڳايو ته ڪنهن جي مذهب جو پڇان. پر افسوس جو پڇي ويٺس. اڳلي دل ۾ ڪرڻ بدران ٽهڪ ڏئي چيو ”ڇا مطلب؟ آئون به ته تو وانگر مسلمان آهيان“.
”اوه! آءِ ايم سوري“، مون چيو، ”تون ڊرنڪ ڪري رهيو هئين ان ڪري مون سمجهيو“.
”ها صحيح ٿو چوين. پر اهو منهنجو ذاتي فعل آهي جيسين پي آئوٽ نٿو ٿيان، رستي تي بيهي ڦشري نٿو ڪريان حڪومت جو ڪو ڪارندو منهنجو نالو نٿو وٺي سگهي.“ پوءِ راز واري انداز ۾ چيو، ”ڇا ڪجي پيئڻ ته هڪ ڪرسچن کي به نه کپي پر هتي جو ماحول ڪجهه مغربي هجڻ ڪري آئون ننڍي هوندي بُري صحبت ۾ ڦاسي ويس. ڪڏهن ڪڏهن ڍُڪ پيان ٿو پر صفا عادت نٿي وڃي. دعا ڪر ته صفا نڪري وڃي. ٻار وڏا ٿي رهيا آهن انهن تي خراب اثر پوندو“.
سکر جي وڪيل شبير شر جو يورپ جو سفرنامو پڙهيو اٿم. هن استنبول ۾ ان قسم جون ڳالهيون ڏسي واه جو لکيو آهي ته ٻين اسلامي ملڪن ۾ ان قسم جون ذاتي ڳالهيون ۽ عمل، ”بندي ۽ خدا، جي وچ ۾ سمجهيون وڃن ٿيون. ان لاءِ ٻئي کي ڪفر جون فتوائون ڏيڻ صحيح نه آهي. جيئن اسان وٽ ڪلچر آهي ته پاڻ کي نه ڏسندا آهيون، پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيون. وتندا آهيون ٻين تي فتوائون مڙهيندا“.
مون واري ترڪ ميزبان جي ان ڳالهه تي مون کي سئيڊن جا ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن اتي جي ڏاکڻي شهر مالمو جي ورلڊ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪري رهيو هوس جتي سئو کن ملڪن جا شاگرد مون سان گڏ هئا. پنجاه کن ته مسلمان ملڪن جا هئا. انهن ۾ هڪ سينيگال ملڪ جي ڊڪار بندرگاهه جي مئنيجرياڻي مِس ايمي به هئي جيڪا منهنجي پاڙيسري به هئي. ايميءَ تي مون تفصيلي مضمون يورپ جي سفرنامي ۾ به لکيو آهي ته هوءَ سخت ڪاري رنگ جي ڪوئل هئي پر هر وقت اعليٰ قسم جي ميڪ اپ ۾ هوندي هئي. اڪثر سائي رنگ جي جئڪٽ ۽ ڳچيءَ ۾ پنجابي فلمن جي لوفر ولين وانگر ريشمي رومال ٻڌي ايندي هئي. نماز پنج وقت پڙهندي هئي. مالمو شهر ۾ هونءَ ته ٻه ٽي مسجدون آهن پر شاباس هجي يونيورسٽي وارن کي هنن اسان مسلمانن لاءِ يونيورسٽي بلڊنگ ۾ هڪ ڪمرو مسجد نالي ڏنو هو ۽ ان سان گڏ وضوءَ لاءِ واش روم به. سياري ۾ ته پنج ئي وقت يونيورسٽي ٽائيم (صبح جي اٺين کان شام جو پنجين تائين) ۾ ٿي ويندا هئا جو سج يونيورسٽي ۾ پهچڻ بعد نائين بجي ڌاري اڀرندو هو ۽ مغرب جي نماز 3 بجي ٿي ويندي هئي. رمضان آيو ته ايميءَ روزا به رکڻ شروع ڪيا. اسان جي هڪ سعودي عرب جي ڪلاس ميٽ ڪمانڊر صالح، جنهن جي ليڪچر هال ۾ ايميءَ سان نٿي لڳي، تنهن هڪ ڏينهن انڪشاف ڪيو ته ايمي روزا رکي ٿي پر افطار بعد بيئر به ضرور پيئي ٿي! نيٺ هڪ ڏينهن رسيس ۾ هن ايميءَ کان پڇيو. ايميءَ چيس ”مسٽر صالح! توکان وري به بهتر آهيان جو تون روزن جو ڪچو آهين، نمازون به مِس ڪرين ٿو،“ ۽ پوءِ اسان کي مخاطب ٿي چيو، ”ڇا ڪريان تعليم جي سلسلي ۾ منهنجو پئرس ۾ رهڻ ٿيو جتي ان عِلت ۾ ڦاسي پيس. دعا ڪريو ته مون کي هدايت ملي ۽ اهو ٿورو گهڻو پيئڻ به ڇڏي ڏيان“. ذاڪر نائڪ کان ڪنهن سوال ڪيو ته ”ثانيا مرزا نماز ته پنج وقت پڙهي ٿي پر ڪپڙا اوگهڙ وارا پائي کيڏي ٿي“.
هن وراڻيو ته ثانيا وري به انهن ڪرڪيٽ رانديگرن کان بهتر آهي جيڪي پنهنجو پاڻ کي سڄو ڍڪين ٿا پر نماز جو هڪ وقت به نٿا پڙهن. ثانيا کي جيئن ته ان ڳالهه جو احساس آهي، ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن اهڙا ڪپڙا پائڻ ڇڏي ڏي“.

ڇو ڀلا ڪهف سوره نه پڙهي اٿئي ڇا؟ ....

ڇو ڀلا ڪهف سوره نه پڙهي اٿئي ڇا؟ ....
اسان سيلچوڪ Selcuk شهر جي ويجهو اچي پهتاسين. سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو اياسولڪ (Ayasoluk) رکيو ويو هو پر پوءِ 1914 کان هن جو نالو وري سيلچوڪ رکيو ويو جيڪو دراصل سلجوقي ترڪن ٻارهين صديءَ ۾ هن تي قبضو ڪرڻ بعد رکيو هو. هن شهر ۾ ٽن دورن جون تاريخي شيون موجود آهن. آڳاٽي دنيا جو عجوبو Temple of Artemis (عظيم الشان مندر)، سلجوقي ترڪن جي دور جي مسجد عيسيٰ بي ۽ رومن سلطنت جو بازنطاني مندر.
منهنجي ترڪ ميزبان چيو ته ”ترڪيءَ ۾ سڀ کان گهڻا ٽوئرسٽ هن شهر سيلچوڪ ۾ اچن ٿا“.
”ڇا سٺي موسم ڪري؟“ مون پڇيو.
”اها ته ترڪيءَ جي سڀني سامونڊي ڪناري وارن شهرن جي آهي“، ترڪ ميزبان چيو، ”پر سيلچوڪ ۾ ٽوئرسٽن جي گهڻائي ڊٺل شهر اِفسوس (Ephesus) جي ويجهو هجڻ ڪري اچي ٿي”
”صحيح ٿو چوين“، مون سندس ڳالهه کي مڃيندي چيو، ”آئون به اِفسوس (اِف سُس) جي ڪري اڄ آيو آهيان“
”توهان پهريون دفعو آيا آهيو؟“ منهنجي ميزبان پڇيو.
”نه. هن کان اڳ به ٻه دفعا آيو هوس پر ان وقت هن شهر (افسوس) جي اهميت جي خبر نه هئي“. مون ٻڌايومانس.
”ڇو ڀلا تنهنجي ڪهف سوره پڙهيل نه هئي ڇا؟“ هن پڇيو.
”پڙهيل ته هئي پر چڱي طرح معنيٰ ۽ تفسير سان نه پڙهي هئي“. مون چيو.
”چئبو ته هاڻ توهان کي ڄاڻ ٿي آهي ته سوره ڪهف ۾ اصحاب ڪهف جنهن غار ۾ اچي لڪا هئا اها هن شهر افسوس ۾ آهي“. هن چيو ۽ مون ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي.
دراصل ڳالهه اها آهي ته تاريخ ۽ جاگرافيءَ کان اڻ ڄاڻ سياح (Tourist) ڪڏهن به گهمڻ مان مزو حاصل نٿو ڪري سگهي. هن لاءِ هر شهر ٻئي جهڙو ٿيو پوي ۽ جلد ئي بور ٿيو پوي. آئون جڏهن جونيئر هئس يعني نئون نئون جهاز تي آيو هوس تڏهن به هنن شهرن سيلچوڪ، افسوس ۽ ڪوش آداسي جو، پنهنجي جهاز جيٽولي سان چڪر ڏئي، فقط آئيس ڪريمون ۽ مئڪڊونالڊ برگر کائي، سمنڊ جي ڪناري تي وهنجي، خاص طور سئنيما هال ۾ انڊين فلم ڏسي ازمير يا بودروم موٽي آيس ٿي، جتي اسانجو جهاز لنگر انداز ٿيل هوندو هو. پوءِ پوءِ وقت سان گڏ جڏهن ڪجهه تاريخ جو مطالعو ڪيم ۽ معنا ۽ تفسير سان قرآن پڙهيم ته افسوس ٿيو ته ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تان ٿي موٽي ايندو رهيس ٿي، پر اها ڄاڻ ئي نه ته انهن جي اهميت ڇا آهي! هي ائين ئي آهي جيئن مئٽرڪ ڪلاس ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو طرفان جڏهن اسان کي بس ۾ چاڙهي پڪنڪ ملهائڻ لاءِ پهريون دفعو موهن جو دڙو وٺي آيا ته ان کي يا ان مان نڪتل، ميوزيم ۾ رکيل، آڳاٽين شين (نووادرات) کي ڏسڻ بدران، موهن جي دڙي جي ٻاهران آندل اسٽمپ کوڙي ڪرڪيٽ کيڏي هئي. پوءِ ماني کائي اتان ئي ٻاهران موٽي آيا هئاسين. بعد ۾ ٻاهرن ملڪن ۾ وڃي اتي جي ماڻهن کان جڏهن ”موهن جو دڙو“ جي تعريف ۽ اهميت معلوم ٿي ته افسوس ٿيو ته اسان اتي جا ٿي ڪري، يا اتي پهچي به اسان کي ان کي غور سان ڏسڻ ۽ ان بابت سوچڻ جي توفيق نه ٿي.
جيئن اسرائيل جي يروشلم شهر سان يهودي، عيسائي ۽ مسلمانن جي دلچسپي آهي تيئن ترڪيءَ جي هن شهر افسوس Ephesus ۾ عيسائي توڙي مسلمان اچن ٿا. هو هتي جي هڪ غار (Grotto) جيڪا عربيءَ ۾ ”ڪهف“ سڏجي ٿي، اها ڏسڻ اچن ٿا جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو ٻه اڍائي سئو کن سالن تائين ستا رهيا. ان بعد انهن جي اک کلي ته هنن کي ائين لڳو ڄڻ گهڙي کن يا اڌ ڏينهن ستا هجن. انگريزيءَ ۾ هيءَ ڪهاڻي (Seven Sleepers) جي نالي سان مشهور آهي ۽ اسان مسلمانن کي رب پاڪ جي هن معجزي جي خبر قرآن جي ارڙهين سوره ”الڪهف“ مان پوي ٿي، جيڪا پنڌرهين سيپاري ۾ آهي. غار ۾ ستل هي صاحب ”اصحاب ڪهف“ جي نالي سان مشهور آهن، جيئن اهي انگريزيءَ ۾ ”سيون سليپرس“ سڏجن ٿا. هي قصو 250 عيسوي سن جو چيو وڃي ٿو جڏهن تراجن (سڄو نالو (Trajan Decius رومن سلطنت جو شهنشاهه هو. هن بادشاهه کي قديمي توڙي اڄ جا ايراني توڙي اڄ جي عرب دنيا ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻهو فارسي لفظ ”دقيانوس“ سان سڏين ٿا. ان زماني ۾ هي ترڪي توڙي يونان وارو سڄو علائقو رومن سلطنت ۾ آيو ٿي. ان زماني ۾ توڙي اسلام جي آمد تائين به دنيا ۾ ٻه طاقتون هيون. هڪ رومن سلطنت ٻي پرشن سلطنت جن جي عيسائي ۽ آتش پرست حاڪمن کي پاڻ ڪريم صلعم جن اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت به ڏني هئي.
مٿيون رومن شهنشاهه دقيانوس (Decius) جيڪو رومن سلطنت جو پهريون بادشاهه هو سن 201ع ۾ ڄائو ۽ هن 249ع کان 251ع تائين حڪومت ڪئي. جيتوڻيڪ هن کان پوءِ جا شهنشاهه عيسائي ٿيا پر هن پهرين شهنشاهه دقيانوس جي ڏينهن ۾ حضرت عيسيٰ جي مذهب جي اڃان مخالفت هلي رهي هئي. جيتوڻيڪ ان کي 200 سال اچي ٿيا هئا پر اڃان ڪيترا ماڻهو حضرت عيسيٰ جو پيغام – يعني الله کي هڪ مڃڻ بدران شرڪ ۾ مبتلا هئا. هي شهر افسوس ته بت پرستيءَ کان تمام گهڻو مشهور هو ۽ هي بادشاهه انهن ماڻهن خلاف هو جيڪي عيسائي ٿي رهيا هئا يعني جيڪي مختلف بتن ۽ ماڻهن جي پوڄا ڪرڻ بدران هڪ رب جي عبادت ڪرڻ لڳا هئا. هن پنهنجي سلطنت ۾ اهڙن ماڻهن سان جن بابت هن کي خبر پئي ٿي ته نئون مذهب (مسيحيت) قبول ڪري رهيا آهن وڏا ظلم ڪيا ۽ انهن جا قتل به ڪيائين. هن جي قتل کان بچڻ لاءِ ڪجهه نوجوان جن حضرت عيسيٰ جي تبليغ مطابق اهو دين قبول ڪيو ته هنن جو رب هڪ الله آهي، شهر کان ٻاهر هن غار ۾ وڃي لڪا جتي هنن کي ننڊ اچي وئي.
رومن شهنشاه دقيانوس (Decius) هڪ سال بعد 251 ۾ پٽ سميت هڪ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. ان بعد ٻيو شهنشاهه ٿيو جنهن بعد ٻيا ٿيندا رهيا. حضرت عيسيٰ جنهن مذهب جي پرچار ڪئي اهو پهرين ته هنن شهنشاهن کي پسند نه هو. ڪنهن جي عيسائي ٿيڻ تي ان جو قتل ڪيو ويو ٿي پر پوءِ وقت سان گڏ بادشاهه به عيسائي ٿي ويا ۽ عيسائيت (Christianity) رياست جو مذهب ٿي ويو. هيڏانهن بادشاهه پٺيان بادشاهه ٿيندا رهيا ۽ سندن گاديءَ جا به هنڌ بدلبا رهيا، هوڏانهن هُو يار هِن شهر اِفسوس جي ٻاهران مائونٽ پيان (Mount Pion) جبل جي اتراهين لاهي (Slopes) واري غار ۾ ستا رهيا. هنن جي اک کلي ته رومن سلطنت جي ڏهين يارهين شهنشاه ثيودو سيوس الثاني (Theodosius II) جي حڪومت هئي. ايراني ماڻهو هن بادشاهه کي ”تنودئوس دوم“ سڏين ٿا. هي نالا ائين آهن جيئن يوناني شهنشاهه ”اليگزينڊر “کي اسان سڪندر اعظم سڏيون ٿا، ايراني ”اسڪندر“ ۽ عرب ”الاسڪندر الاڪبر“ سڏين ٿا. ثيودو سيوس الثاني رومن بادشاهه سن 401 ۾ ڄائو. ستن سالن بعد سندس پيءُ شهنشاهه آرڪاڊيس Arcadius وفات ڪئي ته 408 ۾ هي رومن تاريخ ۾ ننڍي ۾ ننڍو بادشاهه ٿيو ۽ هن 408 ع کان 450 ع ۾ - مرڻ تائين حڪومت ڪئي. انهن ڏينهن ۾ پرشيا (ايران) جي ساساني سلطنت جو ٻارهون شهنشاهه يزدگرد اول 399 کان 420 تائين حاڪم هو. يزدگرد اول جي پيءُ شاهپور سوم جي 388 ۾ وفات بعد سندس وڏو پٽ بهرام چهارم تخت تي ويٺو جنهن کي ڀاڻس 399 ۾ قتل ڪري پاڻ بادشاهه ٿيو.

Seven Sleepers جي ڪهاڻيءَ بابت .....

Seven Sleepers جي ڪهاڻيءَ بابت .....
مٿين Seven Sleepers جي ڪهاڻيءَ جو شروعاتي بيان شامي ٻائي (bishop) اسقف جئڪب آف ساروغ (521-450) لکيو. ان بعد گريگوري آف ٽوئرس (594-538) جو بيان آهي، جيڪو پال دي ڊيڪن (997-720) جو هسٽري آف لمبارڊس ڪتاب ۾ آهي. پر سڀ کان بهتر نموني سان Golden Legend ڪتاب ۾ آهي جيڪو Jacobus de Voragine لکيو. يعني هي سڀ ڪتاب سواءِ آخر واري جي حضور صلعم جن کي 610 ۾ نبوت ملڻ کان اڳ جا آهن. هي غار ۾ ڊگهو عرصو سمهڻ وارن نوجوانن جو قصو مغرب ۾ رومن سلطنت جي عالمن کي ته خبر هئي پر عرب دنيا جا ماڻهو اڻ ڄاڻ هئا. تڏهن ته حضور صلعم جن جو امتحان وٺڻ لاءِ عيسائي عالمن جي چوڻ تي مڪي جي قريش ڪافرن کانئن ”اصحاب ڪهف“ جو پڇيو. هنن کي پڪ هئي ته عرب انهن ڳالهين کان بنهه اڻ ڄاڻ آهن ۽ حضور صلعم جن لاءِ چون ٿا ته هنن کي الله تعاليٰ کان معلومات ملي ٿي سو ڏسجي ته پاڻ ڪريم جن ٻڌائي سگهن ٿا يا نه.
مون جهڙي لاءِ جنهن جي اردو ايتري سٺي نه آهي، مولانا مودوديءَ جو تفسير ”تفهيم القرآن“ سمجهڻ آسان رهي ٿو. قرآن جي معنيٰ به هن جيتوڻيڪ لفظ به لفظ نه ڪئي آهي پر ان ۾ روانگي هجڻ ڪري اسان کي پڙهڻ ۾ آساني رهي ٿي. هڪ هڪ لفظ جي ڌار ڌار معنيٰ لاءِ آئون الڳ لفظ بلفظ معنا وارو سيپارو رکان ٿو. جن کي اردو بنهه نٿي اچي انهن لاءِ مون کي علامه علي خان ابڙو (اسانجي بدر ابڙو جي ڏاڏي) جو ترجمو بهتر ٿو لڳي جو اهو محاوري سان سولو سنڌي ترجمو آهي. ”سوره ڪهف“ جي مضمون تي غور ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته هيءَ سوره 617 ۽ 620 جي وچ وارن سالن ۾ نازل ٿي آهي. حضور صلعم جي ولادت جو سال 570ع آهي. چاليهه سالن جي ڄمار ۾ هنن تي وحي نازل ٿيو... يعني سال 610 ۾ نبوت حاصل ٿي ۽ اسلام جي پرچار شروع ڪئي وئي. مڪي جا ماڻهو (مشرڪين) پهرين ٽوڪ طعنو، الزام ۽ گهٽ وڌ ڳالهائيندا رهيا پر پوءِ ڪجهه سالن بعد مسلمانن سان ظلم و ستم، مارڪٽ ڪرڻ لڳا... آخر ڪيترن مسلمانن کي مڪو ڇڏي حبش (Abyssinia) هجرت ڪرڻي پئي. اهو عيسوي سال 620 هو. ٻن سالن بعد حضور صلعم جن ۽ مڪي مسلمانن 622 ۾ مديني هجرت ڪئي.
اسان مسلمانن جو هجري سال ان مديني واري هجرت واري سال کان شروع ٿئي ٿو. سوره ڪهف حبش ڏي هجرت کان سال ٻه اڳ نازل ٿيل لڳي ٿي جڏهن مڪي ۾ رهندڙ مسلمانن تي ظلم عروج تي هئا. ان وقت جي مسلمانن کي اصحاب ڪهف جو قصو ٻڌايو ويو ته جيئن هنن ۾ همٿ پئدا ٿئي ۽ هنن کي معلوم ٿئي ته ايمان بچائڻ لاءِ نه فقط توهان ظلم برداشت ڪري رهيا آهيو پر توهان کان اڳ اهل ايمان پنهنجو ايمان بچائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪندا رهيا. هيءَ سوره مڪي جي مشرڪين جي پڇيل ٽن سوالن جي جواب ۾ نازل ٿيل آهي، جيڪي هنن نبي ڪريم صلعم جو امتحان وٺڻ لاءِ اهل ڪتاب جي صلاح مشوري سان سندن اڳيان پيش ڪيا هئا. هتي اهل ڪتاب سان مطلب عيسائي ۽ يهودي عالمن سان آهي. اهي سوال هئا: اصحابِ ڪهف ڪير هئا؟ خضر جو قصو ڇا آهي؟ ۽ ذوالقرنين جو قصو ڇا آهي؟ هي ٽئي قصا عيسائين ۽ يهودين جي تاريخ متعلق هئا. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته غار ۾ لڪڻ وارا نوجوان، اصحاب ڪهف (Seven Sleepers) وارو واقعو ان دور ۾ - يعني ان وقت جو آهي جڏهن عرب ۽ رومي دنيا ۾ يهودي هئا ۽ حضرت عيسيٰ جي ولادت کي 250 کن سال ٿي چڪا هئا ۽ ماڻهو هن نئين مذهب عيسائيت ڏي اچي رهيا هئا. عرب دنيا ۾ ــــــ يعني حجاز پاسي ته سخت جاهليت هئي ۽ بت پرستي عام هئي. انهن وٽ ته انهن قصن جي ڪا ڀڻڪ به نه هئي. ان ڪري اهل ڪتاب (يهودين ۽ عيسائين)، امتحان وٺڻ جي خيال کان سوچي سوچي انهن سوالن جي چونڊ ڪئي جيئن اها ڳالهه صاف ظاهر ٿي وڃي ته آيا حضور صلعم جن وٽ ڪو غيبي ذريعه علم آهي يا نه. پر رب پاڪ نه فقط اهو ته پنهنجي نبي صه جي زبان سان انهن سوالن جو جواب ڏياريو، پر هنن جي پڇيل پنهنجن ئي سوالن وارن قصن کي ان وقت جي حالتن مطابق سندن ئي منهن ۾ ڏنا، جو حالتون ان وقت مڪي ۾ ڪافرن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ساڳيون هيون.
ان وقت جي هنن نوجوانن (اصحاب ڪهف) بابت ٻڌايان ته هو ان ئي توحيد جا قائل هئا جنهن جي دعوت هي قرآن پيش ڪري رهيو آهي، ۽ انهن جو حال مڪي جي چند مظلوم مسلمانن جي حال کان ۽ ان وقت جي قوم جو رويو ڪفار قريش جي رويي سان ٿورو به مختلف نه هو. ان قصي مان اهل ايمان (يعني هاڻ جيڪي اسلام قبول ڪري چڪا هئا ۽ الله جي هڪ هجڻ ۾ يقين رکيو ٿي) کي اهو سبق ڏنو ته جيڪڏهن ڪافرن جو غلبو بي پناهه هجي ۽ هڪ مومن کي ظالم معاشري ۾ ساهه کڻڻ جي به مهلت نه ملي رهي هجي، ته به هن کي باطل جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪائڻ کپي. بلڪه الله جي ڀروسي تي نڪري پئجي. ان سان گڏ مڪي جي ڪافرن لاءِ جن قيامت جي ڏينهن مئلن جي جيئري ٿيڻ جي ڳالهه کي چرچو ٿي سمجهيو انهن لاءِ اصحاب ڪهف جو قصو آخرت جي عقيدي کي سچ ثابت ڪرڻ جو سٺو مثال بڻيو. هتي اهو به لکندو هلان، جيئن اها غلط فهمي دور ٿي وڃي ته حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ يا ويندي حضرت آدم... سڀني نبين جو مذهب ”اسلام“ ئي هو يعني هنن الله جي هڪ هجڻ جي تبليغ ڪئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهن ته هنن جي پوئلڳن، وقت گذرڻ تي ان ۾ تبديلي آڻي پاڻ کي شرڪ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ٿي. اهو ئي حال يهودين جو ٿي ويو. ان بعد جڏهن حضرت عيسيٰ آيو ته هن به اهو ئي چيو ته الله هڪ آهي ان تي ايمان آڻيو. هي اهو وقت هو جڏهن اِفسوس شهر جي هنن نوجوانن (اصحاب ڪهف) ايمان آندو. ان ڪري هنن (اصحاب ڪهف) وارن لاءِ به لفظ ”اهلِ ايمان“ استعمال ٿيو آهي. اها پوءِ ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ حضرت عيسيٰ جي ڳالهين ۾ به تبديلي آندي وئي ۽ هن جا پوئلڳ حضرت عيسيٰ کي الله جو ٻانهو ۽ نبي سمجهڻ بدران هن کي ماڳهين الله جو پٽ يا خدا سمجهڻ لڳا. توريت، انجيل ۽ زبور جهڙن الاهي ڪتابن ۾ تبديلي آندي وئي. پر جن ڏينهن ۾ هي اهلِ ايمان (اصحاب ڪهف) غار ۾ وڃي لڪيا انهن ڏينهن ۾ هو حضرت عيسيٰ جي ٻڌايل دين مطابق ته اسان سڀني جو رب هڪ ئي الله آهي، کي دل سان مڃي ان ڳالهه تي ايمان آندو هو.

ڪهف سوره ...

ڪهف سوره ...
ڪهف سوره ۾ 110 آيتون آهن. نائين آيت کان ڇهويهين آيت تائين ۾ اصحاب ڪهف جو ذڪر آهي. هتي انهن آيتن جو علامه علي خان ابڙو جو ترجمو ڏئي پوءِ ترڪي جي هن شهر اِفسوس جي ڳالهه ٿو ڪريان جتي جي غار ۾ هي اهل ايمان نوجوان اچي لڪيا هئا ۽ سوين سالن تائين ستا رهيا. هي هن غار (ڪهف) ۾ ان ڪري اچي لڪيا هئا جو وقت جي بادشاهه دقيانوس (Decius) نٿي چاهيو ته ڪو بت پرستي ڇڏي هڪ رب جي عبادت ڪري.
9. (اي پيغمبر) تو خيال ڪيو آهي ته غار ۽ ڪتبي وارا (اصحاب ڪهف) اسانجي نشانين مان ڪا عجيب نشاني هئا.
10. ڳالهه هيئن آهي ته ڪي جوان هڪ غار ۾ وڃي ويٺا هئا ۽ هنن دعا گهري هئي ته اي اسان جا پروردگار پنهنجي طرفان اسان تي رحمت موڪل، ۽ تون اسانجي هن ڪم لاءِ ڪاميابيءَ جا اسباب پيدا ڪري ڇڏ.
11. پوءِ غار ۾ ڪيترن ئي سالن تائين اسان هنن جا ڪن (دنيا جي طرف کان) بند ڪري ڇڏيا.
12. پوءِ اسان هنن کي اٿاري کڙو ڪيو انهيءَ لاءِ ته معلوم ٿي وڃي ته ٻنهي جماعتن مان ڪهڙي آهي جا گذريل مدت جو اندازو بهتر طريقي سان لڳائي سگهي.
13. (اي پيغمبر) اسان توکي انهن ماڻهن جو سچو قصو بيان ڪري ٻڌايون ٿا. اهي ڪي نوجوان هئا جن پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هو. اسان کين هدايت جي واٽ تي زياده مضبوط ڪري ڇڏيو هو.
14. ۽ هنن جي دلين کي (صبر ۽ استقامت تي) محڪم ڪري ڇڏيو هو. جڏهن هو (حق جي راهه ۾) اٿي کڙا ٿيا تڏهن هنن (صاف صاف) چئي ڏنو ته اسان جو پروردگار ته اهو ئي آهي جو زمين ۽ آسمانن جو پروردگار آهي. اسان هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به معبود (سمجهي) پڪارڻ وارا نه آهيون. جيڪڏهن اسان ايئن ڪيون ته اها سخت نامناسب ۽ خراب ڳالهه ٿيندي.
15. اهي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن الله کان سواءِ ٻيا معبود کڻي ورتا آهن. جيڪڏهن اهي (سچ پچ) معبود آهن ته پوءِ هو ڇو نٿا ان لاءِ ڪو چٽو دليل پيش ڪن (هنن وٽ ته ڪو دليل ئي ڪونهي) پوءِ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهي.
16. (پوءِ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته) جنهن صورت ۾ اسان انهن ماڻهن کان ۽ انهن (معبودن) کان جن کي هو الله کان سواءِ پوڄين ٿا پاسو ڪيو آهي (۽ ڇڏي ڏنو آهي) تنهن صورت ۾ هلو ته هلي ڪنهن غار ۾ پناهه وٺون. اسان جو پروردگار اسان تي پنهنجي رحمت جي ڇانوَ ڪندو، ۽ اسانجي هن معاملي لاءِ ثمر ۽ سامان مهيا ڪندو.
17. ۽ (جنهن غار ۾ وڃي ويٺا اها اهڙي طرح جي هئي جو) جڏهن سج اڀري ٿو ته توهان ڏسندو ته غار جي ساڄي طرف لڙيل رهي ٿو، ۽ جڏهن لهڻ لڳي ٿو تڏهن وري کاٻي طرف لڙي لهي ٿو وڃي. (يعني ڪنهن به حالت ۾ اس يا سج جا سڌا ڪرڻا اندر نٿا پهچن ۽ هو ان غار جي اندر ڪشادي جاءِ ۾ ويٺا رهيا آهن. اها الله جي نشانين مان هڪ نشاني آهي. (جو هنن حق جي لاءِ دنيا جا سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيا). (حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن لاءِ الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ٿو ڇڏي سوئي(سچي) راهه تي آهي، ۽ جنهن لاءِ (سندس ئي ضد ۽ هوس پرستيءَ سبب) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي تنهن لاءِ ڪو به سندس ڪارساز ۽ راهه ڏيکارڻ وارو ڪو نه لهندو ۽ ڏسندو.
18. ۽ توهان انهن کي ڏسو ته توهان سمجهندو ته هو جاڳن ٿا، حالانڪ هو ننڊ ۾ آهن. اسان هنن کي ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي موڙيون ٿا (يعني هو پاسو ورائين ٿا جيئن اسان سمهڻ ۾ جاڳندي توڙي ننڊ ۾ پاسو ورائيندا آهيون) ۽ هنن جو ڪتو چائنٺ وٽ پنهنجيون اڳيون ٽنگون ڊگهيون ڪيو ويٺو آهي. جيڪڏهن توهان ليئو پائي هنن کي ڏسو ته جيڪر منهن ڦيرائي پٺتي ڀڄي هليا وڃو، ۽ توهان تي (ان نظاري کان) دهشت ڇانئجي وڃي.
19. ۽ (ڏسو) اهڙيءَ ئي طرح هيءَ ڳالهه ٿي جو اسان هنن کي وري اٿاري کڙو ڪيو. انهيءَ لاءِ ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇا ڳاڇا ڪن، انهن مان هڪڙي پڇيو ته اسان هتي ڪيتري مدت رهيا هونداسين؟ سڀني چيو ته هڪڙو ڏينهن يا هڪڙي ڏينهن جو ڪجهه حصو. پوءِ (جڏهن پوري مدت معلوم ڪري نه سگهيا تڏهن) چيائون ته اسان جو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيتريءَ مدت تائين هتي رهيا پيا هئاسين. (هاڻي) هڪڙي ماڻهو کي هيءُ چانديءَ جو سڪو ڏيئي شهر ۾ موڪليو وڃي ۽ ڏسي ته ڪنهن وٽان چڱو طعام ٿو ملي، ۽ جتان ملي اتان ڪجهه طعام وٺي اچي. مگر چپ چاپ ۾ رهي جيئن ڪنهن کي به اسانجي خبر نه پوي.
20. جيڪڏهن ماڻهن کي خبر پئجي ويندي ته (پوءِ هو ڇڏڻ وارا ناهن) يا ته اسان کي سنگسار ڪري ماريندا يا ته مجبور ڪندا ته وري سندن دين ۾ موٽي داخل ٿيو. جيڪڏهن ائين ٿيندو (يعني وري سندن بت پرستي جي دين ۾ داخل ٿيندو) ته پوءِ ڪڏهن به فلاح (يعني ڪاميابي ۽ دائمي سعادت) حاصل نه ڪندو.
21. ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) اهڙي طرح (يعني هڪ ماڻهوءَ طرفان سڪو کڻي وڃي بازار ۾ ڏيکارڻ سان) اسان ماڻهن کي سندن حال کان واقف ڪيو. (هنن جي ڳالهه لڪي ڪين سگهي ۽ هن لاءِ واقف ڪيوسين ته ماڻهن کي معلوم ٿئي ته الله جو وعدو سچو آهي، ۽ قيامت جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. ان وقت جي ڳالهه آهي ته ماڻهو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا ته هنن (غار جي ساٿين - اصحابِ ڪهف) جي معاملي ۾ ڇا ڪجي. ماڻهن چيو ته هن غار تي هڪ عمارت ٺاهيو (ته يادگار ٿئي) جيڪي هنن تي ٿي گذريو تنهن کي سندن پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو. پر جيڪي ماڻهو هنن جي معاملي تي غالب هئا، انهن چيو، ته (ٺيڪ آهي) اسان ضرور هنن جي مٿان (يا ڀرسان) هڪ عبادتگاه بنائينداسين.
22. ڪي ماڻهو چوندا ته غار وارا ماڻهو ٽي هئا، ۽ چوٿون هو سندن ڪتو، ڪي ماڻهو وري چون ٿا ته پنج هئا ۽ ڇهون سندن ڪتو هو. اهي سڀ (رڳو ڌڪا ٿا هڻن ۽) غيب جي انڌاري ۾ تير ٿا اڇلائين. ۽ ڪي چون ٿا ته ست هئا، اٺون هو سندن ڪتو. (اي پيغمبر) تون چئه ته انهن جو سچو تعداد ته منهنجو پروردگار ئي بهتر ٿو ڄاڻي، ڇو ته هنن جو حال تمام ٿورا ماڻهو ٿا ڄاڻن... بس تون سرسري ڳالهه کان وڌي انهن جي تعداد جي معاملي ۾ ماڻهن سان بحث نه ڪر، ۽ نه انهن متعلق ڪنهن کان ڪجهه پڇا ڪر. (ڇو جو سندن ڏند ڪٿائون اعتبار جوڳيون ناهن)
23. ۽ ڪا به ڳالهه هجي ته ائين ڪڏهن به نه چئو ته سڀاڻي مان اهو ڪم ڪري ڇڏيندس.
24. (توهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو) سواءِ ان جي ته الله چاهي جيڪڏهن ڀُل ۾ اهڙي ڳالهه نڪري وڃي ته يڪدم پنهنجي رب کي ياد ڪريو. چئو ته اميد آهي ته منهنجو پروردگار هن کان به زياده ڪاميابيءَ جي راهه منهنجي لاءِ کولي ڇڏيندو.
25. ۽ (چون ٿا ته) هو (غارجا سنگتي) ٽي سئو سالن تائين غار ۾ رهيا ۽ (ڪجهه ماڻهو مدت جي ان شمار ۾ 9 سال ٻيا به وڌايا آهن.
26. (اي پيغمبر) تون چئه ته الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته هو ڪيتري مدت رهيا. هو آسمان ۽ زمين جون سڀ لڪل ڳالهيون ڄاڻي ٿو. وڏو ئي ڏسندڙ ۽ وڏو ئي ٻڌندڙ آهي. هن کانسواءِ ماڻهن جو ڪوئي ڪارساز ڪونهي ۽ نه هو پنهنجي حڪم ۾ ڪنهن کي به شريڪ ٿو ڪري.
حضور صلعم جن پنهنجي اردگرد جي ماڻهن مڪي جي رهاڪن کي، جيڪي بت پرستيءَ ۾ غافل هئا ۽ هنن هيءَ زندگي عيش عشرت ۾ گذارڻ ۾ ئي سڀ ڪجهه ٿي سمجهيو، تن کي جڏهن پاڻ ڪريم صلعم جن فرمايو ته بت پرستي ڇڏي هڪ الله جي عبادت ڪريو ۽ هيءَ زندگي هڪ امتحان آهي ۽ بيحد مختصر آهي. اصل زندگي مرڻ بعد جي آهي جيڪا هميشه جي لاءِ آهي ۽ جنهن ۾ اسان کي هن زندگي ۾ ڪيل ڪرتوتن مطابق جزا ۽ سزا ملندي.
حضور صلعم جن جون اهي ڳالهيون مڪي جي مشرڪين کي بلڪل نٿي آئڙيون ۽ هنن لاءِ اها ڳالهه اڻ ٿيڻي يا ناممڪن ٿي لڳي ته هڪ انسان جيڪو مري وڃڻ بعد مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿيو وڃي اهو وري ڪيئن جيئرو جاڳندو ٿي اٿندو. مٿي بيان ڪيل اٺين آيت ۾ رب پاڪ اهو ئي فرمائي ٿو ته هن لاءِ هي غار وارن سنگتين جو مثال ڪا وڏي ۽ عجيب نشاني ناهي. يعني ڇا توهان ان خدا جي قدرت کان، جنهن زمين و آسمان کي پيدا ڪيو، ان ڳالهه کي ڏکيو ڪم ٿا سمجهو ته هو ڪجهه ماڻهن کي ٻه ٽي سئو سال سمهاري ڇڏي ۽ پوءِ هنن کي وري اهڙي ئي جوان ۽ تندرست حالت ۾ جاڳائي جنهن ۾ هو ستا هئا؟ جيڪڏهن سج، چنڊ ۽ زمين جي تخليق تي توهان ڪڏهن غور ڪيو هجي ها ته توهان هرگز هي خيال نه ڪيو ها ته خدا جي لاءِ هي ڪو وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي.

هي معجزو آخرت ۾ يقين ڪرڻ لاءِ هو .....

هي معجزو آخرت ۾ يقين ڪرڻ لاءِ هو .....
غار وارن سنگتين (اصحاب ڪهف) جي هن قصي جي قديم ترين شهادت شام جي هڪ عيسائي پادري جيمس سروجي جي واعظن ۾ ملي آهي جيڪي سرياني ٻوليءَ ۾ لکيا ويا هئا. هي شخص اصحاب ڪهف جي وفات کان ڪجهه سال بعد 452 ۾ پيدا ٿيو هو ۽ هن 474ع جي لڳ ڀڳ واري زماني ۾ پنهنجا هي واعظ مرتب ڪيا هئا. هنن واعظن ۾ هو هن سڄي قصي کي وڏي تفصيل سان بيان ڪري ٿو. هي ئي سرياني روايت هڪ طرف اسانجي ابتدائي دور جي مفسرين وٽ پهتي جنهن کي ابن جرير طبريءَ مختلف سَندن سان گڏ پنهنجي تفسير ۾ نقل ڪيو آهي، ۽ ٻي طرف يورپ پهتي جتي يوناني ۽ لاطيني ٻولين ۾ ان جا ترجما ۽ خلاصا شايع ٿيا. گبن پنهنجي ڪتاب ”تاريخِ زوال وسقوط دولتِ روم“ (History of Decline & Fall of Roman Empire) جي باب 33 ۾ ”ست سمهڻ وارا“ Seven Sleepers جي عنوان هيٺ ان ماخذ مان هن قصي جو جيڪو خلاصو ڏنو آهي، اهو اسانجي مفسرين جي روايتن سان ايتري قدر ملي جلي ٿو جو ٻئي قصا ذري گهٽ هڪ ئي Source مان حاصل ڪيل لڳن ٿا. مثال طور جنهن بادشاهه جي ظلم کان ڀڄي اصحاب ڪهف غار ۾ وڃي لڪيا، اسانجي مسلمان مفسرين مطابق ان بادشاهه جو نالو دقينوس، يا دقيانوس ٻڌايو وڃي ٿو. ۽ گبن Gibbon چوي ٿو ته اهو قيصر ڊيسيس (Decius) هو جنهن 249 کان 251 تائين سلطنت روم تي حڪومت ڪئي ۽ حضرت عيسيٰ عليه والسلام جي پوئلڳن تي ظلم و ستم ڪرڻ جي معاملي م هن جو دور بيحد بدنام آهي. جنهن شهر ۾ هي واقعو پيش آيو، ان جو نالو اسان جي مفسرين (قرآن جو تفسير لکڻ وارن) اِفسوس (Ephesus) لکيو، ۽ گبن ان جو نالو اِفسس (Ephesus) ٻڌائي ٿو. جنهن لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هي شهر ”ايشيا ڪوچڪ“ يعني ايشيا مائنر جي مغربي ڪناري تي رومين جو سڀ کان وڏو شهر ۽ بندرگاهه هو. بعد ۾ درياهه جو وهڪرو بدلجڻ تي هي بندرگاهه ريتي ۽ ڌوڙ ۾ لٽبو رهيو. اڄ اهو سامونڊي ڪناري کان پري لڳي ٿو. هن جي ڀرسان نئون اڀرندڙ شهر سيلچوڪ ماڊرن ۽ ٽوئرسٽ اسپاٽ بڻجي پيو آهي.
۽ پوءِ جنهن بادشاهه جي عهد ۾ اصحاب ڪهف جاڳيا، ان جو نالو اسانجي مفسرين تندوسيس لکيو آهي ۽ گبن چوي ٿو ته هنن (غار ۾ رهندڙ ساٿين) جي اک جڏهن کلي ته ان وقت قيصر ٿيوڊوسيس (Theodosius) ثاني جي حڪومت هئي. تيستائين سڀ عيسائيت قبول ڪري چڪا هئا. يعني جنهن دور ۾ هي غار وارا ساٿي (اصحاب ڪهف) هن غار ۾ اچي لڪا هئا ان وقت جو قيصر (رومن بادشاهه) دقيانوس (Denisus) يهودي هو ۽ عيسائيت جي ايڏو ته خلاف هو جو هي سنگتي (اصحاب ڪهف) قتل ٿيڻ جي ڊپ کان غار ۾ وڃي لڪيا هئا. اهو سال 250 هو. هو 251 ۾ گذاري ويو. ان بعد رومن سلطنت جا ڪيترائي بادشاهه (قيصر) ٿيا. جنهن بادشاهه (قيصر ٿيوڊوسيس) جي ڏينهن ۾ هنن ستلن جي اک کلي، اهو شهنشاه سن 408 کان 450 تائين روم جو قيصر (بادشاهه) رهيو. مسلمان مفسرين ۽ عيسائي تاريخدانن جي هن ڳالهه بابت ڪافي هڪجهڙائي ملي ٿي. اصحاب ڪهف (غار وارن ساٿين) جي اک کلڻ بعد هنن جنهن ساٿيءَ کي ماني آڻڻ لاءِ شهر موڪليو هو ان جو نالو اسانجا مفسرين يمليخا ٻڌائين ٿا ۽ گبن ان جو نالو يمليخس (Jamblchus) ٻڌائي ٿو. قصي جا تفصيل ٻنهي جي روايتن ۾ ساڳيا آهن جيڪو مختصر طور هن ريت آهي ته قيصر ڊيسيس (شهنشاه دقيانوس) جي زماني ۾ جڏهن حضرت عيسيٰ جي پوئلڳن تي سخت ظلم و ستم ٿي رهيا هئا، ست نوجوان هڪ غار ۾ اچي ويٺا هئا. پوءِ اٽڪل 196 سالن بعد، قيصر ٿيوڊوسيس جي سلطنت جي اٺٽيهين سال (يعني 445 يا 446 ڌاري) هي ماڻهو سجاڳ ٿيا، جڏهن سڄي رومن سلطنت عيسائي ٿي چڪي هئي. ان حساب سان غار ۾ هنن جي رهڻ جي مدت 196 سال ٿئي ٿي.
يورپ جي ڪجهه متشرقين اصحاب ڪهف جي قصي کي ساڳيو مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ته قرآن هنن جي غار ۾ رهڻ جو عرصو 309 سال بيان ڪيو آهي سوره ڪهف جي 25 ۽ 26 آيت ۾ آهي ته.... ”۽ ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هو پنهنجي غار ۾ 300 سال رهيا ۽ ڪجهه ماڻهو ان مدت جي انگ ۾ 9 سال واڌارو ڪن ٿا“. مولانا مودودي ان بابت تفسير ۾ لکي ٿو ته ان عبارت ۾ ٽي سئو يا ٽي سئو نو سالن جي تعداد جو جيڪو بيان آهي، اسانجي (مفسرين) جي خيال ۾ اهو دراصل ماڻهن جي قول جي حڪايت آهي، نه الله تعاليٰ جو پنهنجو قول. ان تي اهو دليل آهي ته اڳتي جي آيت ۾ الله تعاليٰ پاڻ ٿو فرمائي ته تون چئو: الله بهتر ڄاڻي ٿو ته هو ڪيڏي مدت رهيا. جيڪڏهن 309 سالن جو تعداد الله پاڻ فرمايو هجي ها ته ان بعد اهو فقرو ارشاد فرمائڻ جو ڪو مطلب نه هو. ان ئي دليل جي بنياد تي حضرت عبدالله بن عباس رضه به اهائي تاويل اختيارفرمائي آهي ته اهو الله تعاليٰ جو قول نه آهي پر ماڻهن جي قول جي حڪايت آهي.
غار ۾ رهندڙ ساٿين جي تعداد لاءِ به قرآن ۾ ساڳي ڳالهه آهي ته انهن جي تعداد جي معاملي ۾ ماڻهن سان بحث نه ڪر ۽ نه انهن جي متعلق ڪنهن کي ڪجهه چئه. مفسرين ان مان اهو مطلب ڪڍن ٿا ته اصل شيءِ تعداد ناهي، پر اهو سبق آهي جو هن قصي مان ملي ٿو ته هڪ سچي مومن کي ڪنهن به حال ۾ حق کان منهن موڙڻ ۽ باطل جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ تيار نه ٿيڻ کپي. ان مان اهو به سبق ملي ٿو ته مومن جو اعتماد اسباب دنيا تي نه پر الله تي هجڻ کپي، ۽ حق پرستي جي لاءِ بظاهر ماحول ۾ ڪنهن سازگاري جا آثار نظر نه ايندا هجن تڏهن به الله جي ڀروسي تي راهه حق ۾ قدم کڻڻ کپن. الله تعاليٰ قانون فطرت جو پابند نه آهي. هو جڏهن ۽ جتي چاهي، غير معمولي ڪم ڪري سگهي ٿو. هن جي لاءِ هي ڪو وڏو ڪم ناهي ته ڪنهن کي ٻه سئو سالن تائين سمهاري پوءِ اهڙي طرح جاڳائي وهاري ڄڻ هو چند ڪلاڪ ستو هجي.... ۽ هن جي عمر، شڪل، صورت، لباس، تندرستي، مطلب ته هن تي گذريل هيڏي عرصي جو ڪجهه به اثر ٿيو هجي. ان مان اهو سبق ملي ٿو ته نوع انساني اڳيان پويان نسل هڪ ئي وقت زنده ڪري اٿارڻ رب پاڪ لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. اصحاب ڪهف جو معجزو الله تعاليٰ ان ڪري ڏيکاريو هو ته ماڻهو ان مان آخرت جو يقين حاصل ڪن.

انگريزي ڪتابن موجب ...

انگريزي ڪتابن موجب ...
پنهنجي انهن پڙهندڙن لاءِ جن جو تاريخ جو مطالعو گهٽ آهي، هتي هڪ دفعو وري بيان ڪريان ته جن ڏينهن ۾ هي غار وارا سنگتي (اصحاب ڪهف) غار ۾ وڃي لڪيا ان وقت رومن سلطنت جو شهنشاهه قيصر دقيانوس (King Decius) يهودي هو ۽ سندس سلطنت جا ماڻهو به يهودي هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته حضرت موسيٰ جو پيغام، الله هڪ آهي ۽ هن جي ئي عبادت ڪجي وساري بت پرستيءَ ۾ لڳي ويا هئا. هي شهر افسوس ان وقت قسطنطنيه بعد ٻئي نمبر تي وڏو شهر ۽ مشغول بندرگاهه هئو. ان کان علاوه هي شهر اِفسوس ان وقت جي دنيا ۾ بت پرستي جو وڏو مرڪز هو. هتي ”چنڊ ديويءَ“ جي پوڄا ٿيندي هئي جنهن کي ڊائنا (Diana) جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ٿي. ان جو عظيم الشان مندر Temple of Artemis عهدِ قديم جي ستن عجوبن مان هڪ تصور ڪيو ويو ٿي. سڄي ايشيا مائنر جا ماڻهو ان جي پوڄا لاءِ هتي هلي ايندا هئا ۽ رومي سلطنت به ان ديويءَ کي پنهنجي معبودن ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. ايشيا مائنر جنهن کي اناطوليا (Anatolia) سڏيو ويو ٿي ترڪي جي آس پاس وارو علائقو هو... يعني ترڪي، آرمينيا، آذربائيجان، ايران، عراق ۽ شام..... جنهن جو اتر ۾ دنگ بحر اسود (Black Sea) هو ته ڏکڻ ۾ ڀونچ سمنڊ (Mediterranean) ۽ اولهه ۾ ايجين (Aegean) سمنڊ هو.
حضرت عيسيٰ عه کي پيدا ٿئي اڍائي سئو سال ٿي ويا هئا ۽ سندن اهو پيغام ته بت پرستي ڇڏي هڪ الله جي عبادت ڪريو.... هيءَ دنيا هڪ امتحان آهي، جنهن جو نتيجو ٻئي جهان ۾ ملندو... يعني آخرت تي يقين رکو، هاڻ آهستي آهستي هن ايشيا مائنر جي وڏي شهر افسوس تائين به پهچي چڪو هو ۽ ماڻهو بت پرستي ڇڏي توحيد ڏي راغب ٿي رهيا هئا. پر جيئن ته وقت جي حاڪم شهنشاهه (قيصر ڊيسيس) نٿي چاهيو ته هن جي عوام جو ڪو ماڻهو بت پرستي ڇڏي حضرت عيسيٰ جي پيغام کي قبول ڪري. ۽ جيڪي عيسائي ٿي رهيا هئا انهن سان هي شهنشاهه ظلم ڪري رهيو هو. ايتري قدر جو انهن جو قتل ڪندي به ويرم نٿي ڪيائين. ان ڪري ماڻهو لڪي لڪي هي نئون مذهب قبول ڪري رهيا هئا. ان تناظر ۾ هن شهر جا ڪجهه نوجوان به شرڪ کان توبنهن تائب ٿي خدائي واحد تي ايمان آندو. ”گريگري آف ٽورس“ پنهنجي ڪتاب Meraculorum Liber ۾ ڪجهه هن ريت لکي ٿو ته....
”هي ست نوجوان هئا. هنن جي مذهب جي تبديليءَ جي خبر ٻڌي قيصر ڊيسيس هنن کي پنهنجي اڳيان حاظر ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ هنن کان پڇيو ته توهان جو مذهب ڪهڙو آهي؟ هنن سمجهيو ٿي ته سندن شهنشاهه حضرت عيسيٰ جي پوئلڳن جي خون جو اڃايل آهي. پر هنن بنا ڪنهن خوف جي صاف صاف چئي ڏنو ته ”اسان جو رب اهو آهي جيڪو زمين ۽ آسمان جو رب آهي. هن کان سواءِ اسان ڪنهن ٻئي معبود کي نٿا پڪاريون. جيڪڏهن اسان ائين ڪنداسين ته اسان وڏا گنهگار چيا وينداسين.“ قيصر (شهنشاهه) اهو ٻڌي پهرين ته سخت چڙيو ۽ کين چيو ته پنهنجي زبان بند ڪريو، نه ته آئون توهان کي هينئر جو هينئر قتل ڪرائي ڇڏيندس. پر پوءِ ڪجهه ٿڌو ٿي چيو، ”توهان اڃان ٻار آهيو. آئون توهان کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو. ان مدت ۾ جيڪڏهن توهان پنهنجو رويو تبديل ڪيو ۽ پنهنجي قوم جي مذهب (يعني بت پرستي ۽ ڊائنا ديوي جي پوڄا وغيره) ڏي موٽي آيائو ته بهتر نه ته ٻي صورت ۾ توهان جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.“
گريگوري پنهنجي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ان مهلت مان فائدو وٺي هي ست ئي نوجوان شهر مان وٺي ڀڳا. هنن شهر کان ٻاهر جبلن ڏي رخ رکيو جيئن ڪنهن غار ۾ لڪي سگهجي. رستي تي هنن سان گڏ هڪ ڪتو به لڳي ويو. هنن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته هو هنن جو پيڇو نه ڪري پر هو ڪنهن به صورت ۾ هنن کان ڌار نه ٿيو. آخر هڪ وڏي غار کي هو لِڪڻ لاءِ سٺي جاءِ سمجهي ان ۾ گهڙي ويا ۽ ڪتو هن غار جي منهن وٽ ويهي رهيو. نوجوان سڀ ٿڪل هئا، ان ڪري اکيون پورڻ سان هنن کي ننڊ کڻي وئي. هي سن 250ع جو واقعو آهي. 67 سالن بعد 446 عيسوي ۾ هنن جي اوچتو ئي اوچتو جڏهن اک کلي ته قيصر ٿيوڊوسيس دوم جي حڪومت جو دور هو. رومي سلطنت مسيحيت اختيار ڪري چڪي هئي، ۽ شهر افسوس (Ephesus) جا ماڻهو به بت پرستي ڇڏي چڪا هئا.
هي اهو زمانو هو جڏهن رومي ماڻهن جي وچ ۾ زندگي بعد موت ۽ حشر و نشر جي معاملي ۾ سخت اختلاف هو. يعني افسوس جا ماڻهو هاڻ پڪا عيسائي ٿي چڪا هئا. هنن وحدانيت ۾ به يقين رکيو ٿي پر مرڻ بعد ٻئي جهان ۾ ۽ قيامت ۾ حساب ڪتاب بابت شڪ شڪوڪ هئا. ڪيترن جو ان ۾ يقين نٿي ويٺو ته انسان هڪ دفعو جڏهن اکيون پوري ٿو ته پوءِ سالن بعد قيامت جي ڏينهن هو ڪيئن جيئرو ٿي اٿندو. هنن حضرت عيسيٰ کي نبي مڃيو ٿي ۽ هن جي چوڻ تي اهو ته يقين رکيو ٿي ته اسان سڀني جو رب هڪ الله آهي.... اها ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ اڳتي هلي عيسائي به حضرت عيسيٰ جو اهو پيغام وساري، ماڳهين حضرت عيسيٰ کي الله جو پٽ يا الله سمجهي ان کي پوڄڻ لڳا ۽ پوءِ حضرت محمد صلعم جن آخري پيغمبر جي حيثيت ۾ انسان ذات کي هڪ دفعو وري سمجهايو ته هڪ ئي رب آهي ان جي عبادت ڪريو. بهرحال رومن سلطنت جي هن شهنشاهه (قيصر) ٿيوڊوسيس دوم جي حڪومت ۾ ماڻهن اهو ته قبول ڪيو ٿي ته بت پرستي نه ڪجي ۽ هڪ رب جي عبادت ڪجي پر هنن کي اهو شڪ، اها حيرت، اهو وسوسو ضرور هو ته ائين به ڪو ٿي سگهي ٿو ته هڪ ماڻهو مرڻ بعد وري جيئرو ٿئي. هي شهنشاهه قيصر ٿيوڊوسس جيڪو ڪٽر عيسائي هو، سخت فڪرمند هو ته ماڻهن جي دلين مان آخرت جي انڪار جو خيال ڪيئن ڪڍجي. هڪ ڏينهن هن رب پاڪ کان دعا گهري ته هو ڪا اهڙي نشاني ڏيکاري جنهن سان ماڻهو آخرت تي ايمان آڻين. اتفاق جي ڳالهه آهي جو ٺيڪ ان زماني ۾ هي نوجوان (اصحاب ڪهف/ Seven Sleepers) جيڪي ٻه سئو کن سال اڳ رومن سلطنت جي پهرين قيصر (شهنشاهه دقيانوس) جي ڏينهن ۾ ستا هئا، جاڳي پيا. هتي هڪ دفعو وري لکندس ته انهن جي تعداد يا سمهڻ جي مدت جا Exact سال کڻي ڪجهه به هئا جنهن لاءِ قرآن مجيد ۾ به آهي ته ان تعداد جي بحث جي ضرورت ناهي. ضروري اهو آهي ته هن قصي ۾ اسان لاءِ اهو سبق آهي ته رب پاڪ هر ڳالهه تي قادر آهي. هو اسان کي ماري وري جياري به سگهي ٿو. يعني قيامت جو بپا ٿيڻ ۽ مري ويلن جو وري اٿڻ ڪا اهڙي ڏکي ڳالهه نه آهي جيڪا رب پاڪ نه ڪري سگهي.
گريگوري پنهنجي ڪتاب ۾ هنن غار ۾ ستل ساٿين لاءِ وڌيڪ لکي ٿو ته ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ بعد هنن پنهنجو پاڻ کان پڇيو: ڪيتري دير ٿي هوندي پاڻ کي ستي؟ ڪنهن چيو: سڄو ڏينهن، ڪنهن چيو: ڏينهن جو ڪجهه حصو. پوءِ اهو چئي سڀ خاموش ٿي ويا ته ”خدائي بهتر ڄاڻي ٿو.“ ان کان پوءِ هنن پنهنجي هڪ ساٿي جين (Jean) کي چانديءَ جا ڪجهه سڪا ڏئي ماني آڻڻ لاءِ شهر ڏي موڪليو ۽ هن کي چيو ته ٿورو خيال کان ڪم وٺجانءِ، ڪٿي ماڻهو توکي سڃاڻي نه وٺن. هنن کي اهو ڊپ هو ته جيڪڏهن ماڻهن کي اسانجي خبر پئجي وئي ته هو اسان کي سوگهو ڪري ڊائنا ديويءَ جي پوڄا لاءِ مجبور ڪندا. پر جين جڏهن شهر پهتو ته اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته دنيا ئي بدلجي وئي آهي. سڀ ماڻهو عيسائي ٿي ويا آهن ۽ ڊائنا کي پوڄڻ وارو ڪو نه رهيو آهي. هڪ دڪان تي پهچي هن ڪجهه مانيون خريد ڪيون ۽ دڪاندار کي چانديءَ جو هڪ سڪو ڏنو جنهن تي قيصر ڊيسيس (شهنشاهه دقيانوس- رومن سلطنت جي پهرين بادشاهه) جي تصوير هئي. دڪاندار هي سڪو ڏسي حيران ٿي ويو. هن پڇيو: ”هي توکي ڪٿان مليو؟“
جين چيو: ”هي منهنجو پنهنجو مال آهي، ڪٿان ڪو آندو نه اٿم.“
ان تي ٻنهي جو تڪرار ٿيڻ لڳو. هِتان هُتان کان ماڻهو مڙي ويا. ايتري قدر جو شهر جي ڪوٽوال تائين وڃي معاملو پهتو. ڪوٽوال چيو: ”مون کي اهو دفن ٿيل خزانو ڏيکار جنهن مان تون هي سڪو کڻي آيو آهين.“
جين جواب ڏنو: ”دفن ٿيل خزانو وري ڪهڙو؟ هي منهنجو مال آهي. ڪٿان ڪو آندو ڪونه اٿم. آئون ڪنهن به اهڙي خزاني کان واقف نه آهيان.“
ڪوٽوال چيو: ”تنهنجي اها ڳالهه مڃڻ جهڙي ناهي. هي صديون پراڻو سڪو آهي. تون ته اڃان جوان نينگر آهين، اسان جهڙن جهور پوڙهن به ڪڏهن اهڙو سڪو نه ڏٺو هوندو. هي ضرور ڪو راز آهي.“
جين جڏهن اهو ٻڌو ته قيصر ڊيسيس کي مُئي وڏو عرصو گذري ويو آهي ته هو دنگ رهجي ويو. ڪجهه دير لاءِ ته هن کي ماٺ لڳي وئي. پوءِ ڌيرج سان چيو: ”ڪالهه ئي ته آئون ۽ منهنجا ڇهه سنگتي هن شهر (افسوس) مان ڀڄي ويا هئاسين ۽ هڪ غار ۾ وڃي لڪا هئاسين، جيئن شهنشاهه ڊيسيس (دقيانوس) جي ظلم کان بچيل رهون.“
جين جي اها ڳالهه ٻڌي ڪوٽوال به حيران ٿي ويو ۽ هو هن همراهه کي پاڻ سان کڻي ان غار ڏي روانو ٿيو جتي هن جي بيان مطابق سندس ٻيا ساٿي لڪا ويٺا هئا. ماڻهن جا انبوهه هنن سان گڏ گڏ هلڻ لڳا. غار وٽ پهچي اها ڳالهه سچ ثابت ٿي ته هي واقعي قيصر ڊيسيس جي زماني جا ماڻهو آهن جنهن سن 249 کان 251 تائين حڪومت ڪئي ۽ هاڻ عيسوي سال 447 آهي. ۽ انهيءَ وچ ۾ ڪيترائي شهنشاهه ٿي گذريا. هاڻ قيصر ٿيوڊوسيس دوم شهنشاهه آهي. قيصر ٿيوڊوسيس کي ان جو اطلاع ڏنو ويو. بادشاهه سلامت پاڻ اچي هنن نوجوانن سان مليو ۽ هنن کان برڪت حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هي ست همراهه يڪدم غار ۾ وڃي ليٽيا ۽ ان ئي وقت گذاري ويا. هن ظاهر ظهور نشانيءَ کي ڏسي في الحال ماڻهن کي يقين ٿي ويو ته واقعي زندگيءَ کانپوءِ موت برحق آهي. پوءِ قيصر (شهنشاهه) جي حڪم سان هن غار وٽ هڪ زيارت گاهه ٺهرايو ويو...“

دنيا جا ٽوئرسٽ اِفسوس شهر لاءِ اچن ٿا....

دنيا جا ٽوئرسٽ اِفسوس شهر لاءِ اچن ٿا....
اصحاب ڪهف (Seven Sleepers) جي قبرن مٿان يادگار ۽ اِفسوس شهر جون ٻيون شيون ڏسڻ لاءِ اڄ به دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. افسوس شهر جيڪو ان وقت خوبصورت ۽ مشغول بندرگاهه هو درياهه جي رخ بدلجڻ ۽ حملن ڪري آهستي آهستي ڀنڀور وانگر کنڊهر ٿي ويو آهي. بندرگاهه جي لٽجڻ ڪري سامونڊي ڪنارو پري ٿي ويو. اتي هاڻ نئين بندرگاهه سيلچوڪ (Selcuk) جنم ورتو آهي، جتي آئون ترڪ ميزبان سان گڏ ازمير کان باءِ روڊ پهتو هوس. منهنجو جهاز ازمير ۾ لنگر انداز هو. ترڪيءَ جي شهرن مان سڀ کان گهڻا ٽوئرسٽ سيلچوڪ ۾ اچن ٿا. سيلچوڪ بندرگاهه ۾ دنيا جي مختلف ملڪن کان وڏا وڏا ڪروزر (پئسينجر جهاز) ٽوئرسٽن کي کڻي ايندا رهن ٿا ۽ مسافرن جي ڪري هنن جهازن کي بندرگاهه ۾ جيٽي (ڌڪي) سان لڳي بيهڻ جي ترجيح ڏني وڃي ٿي. اسانجا جهاز مالبردار (Cargo) هجڻ ڪري هميشه Along Side (يعني جيٽيءَ تي بيٺل پهرين جهاز سان لڳي) بيهن ٿا يا بندرگاهه جي وچ چئنل ۾ لنگر ڪيرائي يا موئرنگ (Buoy) سان ٻڌجي بيهن ٿا. اِفسوس سمجهو ته هاڻ سيلچوڪ Celcuk جو ئي هڪ حصو آهي جيئن ”ستين جو آستان“ روهڙيءَ جو. سيلچوڪ ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ ايجين سمنڊ جي خوبصورت آبهوا ۽ شهر جي رنگينين مان لطف وٺڻ کان علاوه افسوس شهر جا کنڊهر، خاص ڪري هيءَ غار ۽ غار وارن سنگتين (اصحاب ڪهف) جي ياد ۾ ٺهيل يادگار، ورجن ميريءَ جو مندر، سلجوقين جي زماني جو آرٽ ورڪ، ڇهين صديءَ جو گرجا گهر Basilica of St John وغيره ڏسڻ اچن ٿا. ان کان علاوه ”عيسيٰ بي“ مسجد جيڪا 1375 ۾ ٺهي ۽ Grand Fortess قلعو پڻ، ڏسڻ وٽان شيون آهن. سيلچوڪ بندرگاهه وارو سامونڊي ڪنارو جيڪو اڄ به ”اِفسوس بيچ“ سڏجي ٿو ترڪيءَ جي وڏين بِيچين (سامونڊي تانگهن ڪنارن) مان آهي، جنهن جي ڊيگهه 12 ڪلوميٽر ٿيندي. مسجد عيسيٰ بي (Isa Bey) ترڪ شهزادي عيسيٰ جي ياد ۾ ٺهرائي وئي هئي. ترڪ ٻوليءَ ۾ Bey جي معنيٰ شهزادو آهي.
آخر ۾ اهو لکندو هلان ته هي سڄو احوال ڪهف سوره جي ڪري ڌيان ۾ اچي ويو نه ته ترڪيءَ جي هن شهر اِفسوس جهڙن ٻين به ڪيترن ۾ وڃڻ ٿيو پر پوءِ ڪنهن تي لکڻ جي موڊ ٿي ڪنهن تي نه. مون کي خبر ناهي ته اسان وٽ ڪيترا ڪهف سوره جي معنيٰ ۽ تفسير کان واقف آهن پر منهنجو جن ڏيهي توڙي پرڏيهي مسلم ۽ نو مسلم دوستن سان واسطو پوي ٿو اهي هن سوره جي تلاوت ڪرڻ جي تلقين ڪن ٿا. قرآن جي هيءَ سوره هڪ طاقتور سوره آهي جيڪا ڪيترائي ماڻهو جمعي ڏينهن ضرور پڙهن ٿا.
* حضور صلعم جن فرمايو ته ڪهف سوره پڙهندا ڪيو ڇو ته ان سان سڪون ملي ٿو ۽ اها سوره بذريعه وحي قرآن ۾ نازل ٿي آهي. (بخاري شريف)
* حضرت ابوالدرداءَ رضه کان روايت آهي ته حضور صه جن فرمايو ته جيڪو شخص سوره ڪهف جون شروعاتي ڏهه آيتن جي تلاوت ڪندو اهو دجال جي فتني کان محفوظ رهندو. (ابو دائود، نسائي).
* معاذ بن انس رضه کان روايت آهي ته حضور صه جن فرمايو ته جنهن ماڻهوءَ سوره ڪهف جي شروعات ۽ آخر پڙهي اهو مٿي کان پيرن تائين روشن رهندو ۽ جيڪو شخص هن سوره کي مڪمل پڙهندو ان لاءِ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ نور ئي نور هوندو. (مسند امام احمد)
* حضرت عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته حضور صلعم جن فرمايو ته جنهن شخص جمعي ڏينهن سوره ڪهف پڙهي قيامت جي ڏينهن مٿي کان پيرن تائين ۽ زمين کان آسمان تائين هن لاءِ نور ئي نور هوندو ۽ ٻنهي جمعن جي وچ ۾ ڪيل گناهه معاف ڪيا ويندا. (تفسير ابن ڪثير)
* حضرت امام حسين رضه کان روايت آهي ته جنهن شخص جمعي جي ڏينهن سوره ڪهف پڙهي اهو سڄي هفتي تائين هر فتني کان محفوظ رهندو ۽ جيڪڏهن دجال به نڪتو ته هو ان کان به محفوظ رهندو. (تفسير ابن ڪثير).

هن ڌرتيءَ جا آخري ڏينهن

---

ٻہ اکر

ٻہ اکر

مشهور اسڪالر محمد ابو متوڪل جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪِتاب Milestone to Eternity اڄ کان ڏهاڪو سال اڳ ڇپيو هو جنهن جي هڪ حصي جو ترجمو جناب رضي الدين سيد اڙدو ۾ ڪيو ۽ ڪٿي ڪٿي پنهنجين Comments سان گڏ محمود جمال صاحب ان کي ڇپرايو. هتي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڏئي رهيو آهيان ....
قيامت برحق آهي ۽ نه فقط اسين مسلمان پر ٻين مذهبن جا به ڪيترا ماڻهو ان تي يقين رکن ٿا ته هڪ ڏينهن قيامت ضرور اچڻي آهي. ان کي پنهنجي مقرر وقت تي اچڻو آهي. سوال فقط اهو آهي ته اسان ان جي استقبال جي ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟ جيڪڏهن نه ڪئي آهي ته ان کان اڳ وقت هٿن مان نڪري وڃي، پنهنجي اعمالن کي ڏسون ۽ اهو رستو اختيار ڪريون جيڪو اسان کي ان احڪم الحاڪمين جي غضب کان بچائي هن جي رحمتن جي ويجھو آڻي سگهي.

موت جي خواهش

موت جي خواهش
ابو هريره رضه جي روايت موجب حضور صلعم جن فرمايو: ”ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، قيامت ان وقت تائين قائم نه ٿيندي جيستائين ڪو ماڻهو قبر وٽان گذرندي ان خواهش جو اظهار نه ڪري ته ڪاش هن قبر ۾ موجود ماڻهوءَ جي جاءِ تي جيڪر آئون ان اندر ستل هجان ها. اهڙي خواهش هو ڪنهن مذهبي جذبي جي بنياد تي نه پر دنيا جي آفتن ۽ پريشانين کان گھٻرائجي ڪندو.“ (بخاري مسلم)
دنيا ۾ پنهنجي عمر جي آخر تائين زندگي بسر ڪرڻ ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيڻ وارن ڏکن ۽ غمن کي سهڻ ۽ اعصاب شڪن ماحول جي ور چڙهڻ ماڻهن کي حقيقت ۾ موت لاءِ خواهش ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيندو. فني ماهرپڻي ۽ سائنسي ترقي جي هن تيز رفتار دؤر ۾ ماڻهو ماديت جي ڌٻڻ ۾ اهڙو ڦاسي ويا آهن جو نه هنن جي دلين کي آرام ملي ٿو ۽ نه هنن جا دماغ مسئلن جي ڪشمڪش کان آزاد ٿين ٿا.

قتل و خونريزي (دهشتگردي)

قتل و خونريزي (دهشتگردي)
حضرت ابوهريره رضه روايت ڪن ٿا ته حضور صلعم جن فرمايو: ”ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، قيامت ان وقت تائين نه ايندي جيستائين قتل ڪرڻ واري کي اها ڄاڻ نه هوندي ته هن ڇو قتل ڪيو ۽ مقتول کي اها خبرنه هوندي ته هن کي ڇو قتل ڪيو ويو.“ (مسلم، مشڪوات)
هڪ ٻي حديث ۾ حضرت ابوهريره رضه روايت ڪري ٿو ته نبي اڪرم صلعم جن فرمايو: ”قيامت جي ويجھو ٿيڻ تي ”علم“ کنيو ويندو ۽ ”الهرج“ وڌي ويندو.“ صحابه رضه جن پڇيو ته ”الهرج“ مان پاڻ صلعم جو ڇا مطلب آهي؟ فرمايائون: ”قتل“. (بخاري، مسلم، ترمذي 2). هن لفظ جي تشريح ڪندي حضرت ابو موسيٰ رضه فرمائين ٿا ته ”هرج حبشه جي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ قتل آهي“.
هن دؤر ۾ اسان ڏسون ٿا ته قتل ۽ خونريزي بنا ڪنهن سبب جي ٿي رهي آهي. اهڙي طرح درج ڪيل پهرين حديث (يعني نه مارڻ واري کي ۽ نه مرڻ واري کي پنهنجي عمل جي ڪا ڄاڻ هوندي) مطابق اسان کي مسلمان ملڪن ۾ خاص ڪري پاڪستان ۾ اهڙا ڪئين مثال ملن ٿا.

امانت جو خاتمو:

امانت جو خاتمو:
حضرت ابوهريره رضه جي روايت آهي ته هڪ ڀيري حضور صلعم جن گفتگو فرمائي رهيا هئا ته هڪ ماڻهو آيو ۽ پڇڻ لڳو: ”يا رسول الله صلعم! قيامت ڪڏهن ايندي؟“
پاڻ صلعم جن جواب ڏنو ”جڏهن امانت ختم ٿي ويندي ته پوءِ تون قيامت اچڻ جو انتظار ڪجانءِ“. هن پڇيو ته ”امانت ڪيئن ضايع ٿيندي؟“ پاڻ ڪريم صلعم جن جواب ڏنو ”جڏهن حڪومتون نااهل ماڻهن جي حوالي ڪيون وينديون ته پوءِ تون قيامت جو انتـظار ڪجانءِ.“
هڪ ٻي حديث ۾ پاڻ رسول صلعم جن فرمايو:
1. جلد ئي بي ايماني ۽ فريب جو دؤر اچڻ وارو آهي، ڪوڙو ماڻهو سچار ۽ سچو ماڻهو ڪوڙو سمجھيو ويندو.
2. بي ايمان ماڻهو امانتدار ۽ امانتدار بي ايمان سمجھيو ويندو.
3. ”روبيض“ ملڪي معاملن جي باري ۾ گفتگو ڪندو (يعني حڪمران جي صلاحڪار جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو).
پڇيو ويو ته: يا رسول الله صلعم ”روبيض“ ڇا آهي؟
فرمايائون ”ڪمينو ۽ ذليل ماڻهو“. (ابن ماجه)

وقت جو جلدي گذرڻ:

وقت جو جلدي گذرڻ:
نبي ڪريم صلعم جن فرمايو ”قيامت ان وقت تائين نه ايندي جيستائين وقت نه گھٽجي.
1. هڪ سال هڪ مهيني وانگر گذرندو
2. هڪ مهينو هڪ هفتي وانگر
3. هڪ هفتو هڪ ڏينهن وانگر
4. هڪ ڏينهن هڪ ڪلاڪ وانگر
5. ۽ هڪ ڪلاڪ هڪ لمحي برابر لڳندو (بخاري و مشڪوٰة المصابيح)
وقت اڄ ڪيڏو تيزيءَ سان ڊوڙي رهيو آهي اهو اسان سڀني جي سامهون آهي. سڄو سال اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي.

وڏيون وڏيون عمارتون:

وڏيون وڏيون عمارتون:
”ماڻهو اتاهيون اتاهيون عمارتون ٺاهڻ ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا“. (بخاري و مسلم)
هن حديث جي روشني ۾ اسان ڏسون ٿا ته دنيا جي هر وڏي شهر ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون ٺاهڻ جو جنون عروج تي آهي. آمريڪا يا يورپ ته ڇا ملائيشيا، دبئي ويندي سعودي عرب به ان معاملي ۾ پٺتي ناهي.

عام علامتون:

عام علامتون:
حضرت ابو هريره رضه فرمائين ٿا ته: نبي صلعم جن فرمايو: ”قيامت ان وقت تائين نه ايندي جيستائين هي واقعا ظاهر نه ٿي چڪا هوندا.
1. ٻه ٽولا پنهنجو پاڻ ۾ وڙهندا جنهن ڪري بيشمار موت ٿيندا جڏهن ته ٻئي گروهه هڪ ئي مذهب کي مڃڻ وارا هوندا.
2. ٽيهارو کن دجال ڪذاب ايندا ۽ انهن مان هر هڪ الله جو رسول هجڻ جي دعويٰ ڪندو.
3. علم ختم ٿي ويندو
4. زلزلا وڌي ويندا.
5. وقت تيز رفتاري سان گذرندو.
6. آفتون اچڻ لڳنديون
7. ”هرج“ (خونريزي) وڌي ويندي.
8. دولت ۾ واڌارو ايندو.
9. تجارت ايتري ته وڌي ويندي جو ڪاروبار ۾ زال پنهنجي مڙس جي مدد ڪندي.
10. خانداني مِٽين مائٽين ۾ ڏار پئجي ويندا.
11. ڪوڙيون شاهديون عام ٿي وينديون. حق جي ڳالهه ڪرڻ وارو ڳوليو نه لڀڀو.
12. نوڪرياڻي پنهنجي آقا کي جنم ڏيندي.
13. اگھاڙي پيرين هلڻ ۽ اگھاڙو رهڻ واري قوم جا حڪمران ٿي ويندا.
14. ماڻهو نيون نيون عمارتون ٺاهڻ ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کٽڻ جي ڪوشش ڪندا.
15. مردن جو تعداد گهٽ ۽ عورتن جو تعداد وڌي ويندو. ايتري قدر جو هڪ مرد جي مقابلي ۾ پنجاهه عورتون هونديون.

درياهه فرات مان سون جو جبل

درياهه فرات مان سون جو جبل
پاڻ ڪريم صلعم جن فرمايو ته درياهه فرات مان سون جو جبل ظاهر ٿيندو. پاڻ صلعم جن خبردار ڪيو ته جيڪو ان وقت اتي موجود هجي ان کي کپي ته ان مان ڪجهه نه کڻي. هڪ ٻي حديث ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته هي جبل فرات جي اندر هوندو.
ڪجهه مفڪرين جو خيال آهي ته سون جي هن جبل مان مراد ”ڪارو سون“ يعني تيل آهي. هنن جو اهو به چوڻ آهي ته ايران، عراق ۽ خليجي جنگ هن ڪاري سون تي قبضو حاصل ڪرڻ جو سبب هئي. ان جي برعڪس ٻيا محقق سون مان مراد اصلي سون وٺن ٿا جنهن لاءِ خوني جنگين جو هڪ ڊگهو سلسلو رونما ٿيندو. ان جو مطلب آهي ته هي واقعو مستقبل قريب ۾ رونما ٿيندو.

دابة الارض

دابة الارض
الله تعاليٰ زمين مان هڪ ڳالهائيندڙ جانور ڪڍندو جنهن جو نالو ”دابة الارض“ هوندو جيڪو نافرمان ماڻهن کي ٻڌائيندو ته هو (در حقيقت) الله تي يقين نٿا رکن. ان کانپوءِ هو مومنن ۽ منڪرن جي پيشانين تي مهر هڻي ڇڏيندو.

سج جو مغرب کان اڀرڻ:

سج جو مغرب کان اڀرڻ:
حضرت ابو هريره رضه روايت ٿو ڪري ته نبي ڪريم صلعم جن ارشاد فرمايو: ”آخري ساعت ان وقت تائين نه ايندي جيستائين سج غروب ٿيڻ واري طرف کان طلوع نه ٿئي. جڏهن سج اولهه کان اڀرندو ۽ ماڻهو ان کي ڏسندا ته (الله تعاليٰ تي) ايمان آڻڻ لڳندا. قرآن ان موقع لاءِ چيو آهي ته ان وقت ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ ايمان آڻڻ ڪار آمد ثابت نه ٿيندو ڇو جو ان کان اڳ نه هن ايمان آندو هو ۽ نه پنهنجي ايمان ۾ ڪا ڀلائي ڪمائي هئي.“ (ابو دائود، ابن ماجه، سورة انعام آيت 158)

پنج نشانيون:

پنج نشانيون:
1. جيڪڏهن ماڻهن ۾ زنا عام ٿي وڃي ته توکي سمجھي وڃڻ کپي ته ان کانپوءِ پڪ اهڙيون بيماريون پکڙنديون جن ۾ هنن جا پيءُ ڏاڏا ڪڏهن به مبتلا نه ٿيا.
2. جيڪڏهن ماڻهو ماپ يا تور ۾ کوٽ ڪرڻ لڳن ته توکي سمجھي وڃڻ کپي ته ان کانپوءِ پڪ هنن کي ڏڪار ۽ سوڪڙ جي مصيبت اچڻي آهي ۽ انهن تي ظالم حڪمران مسلط ٿي ويندا.
3. جيڪڏهن ماڻهو زڪوات ڏيڻ ڇڏي ڏين ته توکي سمجھي وڃڻ کپي ته ان کانپوءِ پڪ بارشون بند ٿي وينديون ۽ جيڪڏهن زمين تي جانور نه رهيل هجن ها ته بارشون بلڪل نه ٿين ها.
4. جيڪڏهن ماڻهو الله تعاليٰ ۽ رسول الله صلعم سان ڪيل پنهنجن وعدن کان منڪر ٿي وڃن ته پوءِ سمجھي وڃڻ کپي ته ان کانپوءِ پڪ الله تعاليٰ انهن تي هڪ اهڙي دشمن کي مسلط ڪري ڇڏيندو جيڪو انهن جي خزانن جو ڪجهه حصو زبردستي قبضي ۾ ڪري وٺندو.
5. جيڪڏهن هنن جا حڪمران الله تعاليٰ جي ڪتاب مطابق حڪومت هلائڻ ڇڏي ڏين ته توکي سمجھي وڃڻ کپي ته ان کانپوءِ پڪ الله تعاليٰ هنن کي گروهن ۽ ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيندو ۽ ماڻهو هڪ ٻئي جي خلاف (پنهنجو پاڻ ۾) خود جنگ ڪرڻ لڳندا.
هڪ ٻي حديث ۾ پاڻ صلعم جن ارشاد فرمايو: ”جي ڪڏهن منهنجي امت ۾ پندرهن خصلتون پيدا ٿي وڃن ته مصيبتون انهن کي وڪوڙي وينديون. اهو پڇڻ تي ته اهي مصيبتون ڪهڙيون هونديون، پاڻ صلعم جن جواب ڏنو:
1. جڏهن هر فائدو فقط دولتمند ماڻهو ئي حاصل ڪرڻ لڳن ۽ گهٽ آمدني وارن کي ان مان ڪجهه به نه ملي.
2. جڏهن زڪوات ڀُنگ محسوس ٿيڻ لڳي.
3. جڏهن اولاد پنهنجي ماءُ جي نا فرماني ۽ زال جي وفاداري ڪرڻ لڳي.
4. جڏهن اولاد پنهنجي دوستن تي مهربان ٿي وڃي ۽ پيءُ کي نظرانداز ڪري ڇڏي.
5. جڏهن مسجدن ۾ گوڙ شور وڌي وڃي.
6. جڏهن قوم جو خراب ترين ماڻهو ان جو سردار ٿي وڃي.
7. جڏهن ماڻهو ڪنهن شخص جي عزت ان ڪري ڪن جو هن مان ڪنهن شر جو انديشو هجي.
8. جڏهن شراب عام پيتو وڃي.
9. جڏهن ماڻهو ريشم جا ڪپڙا پهرين.
10. جڏهن ڳائڻ واريون ۽ موسيقي جا سرندا عام ٿي وڃن.
11. جڏهن هن امت جي آخري دؤر جا ماڻهو پاڻ کان پهرين وارن ماڻهن تي ملامت ڪرڻ لڳن.
ته پوءِ انتظار ڪريو.
”ڪنهن ڳاڙهي جھڪ (طوفان جو
يا ان ڳالهه جو ته زمين انهن کي ڳِهي وڃي
يا انهن کي جانورن جي شڪل ۾ تبديل ڪيو وڃي.“ (ترمذي، مشڪوٰت)
مٿين حديثن ۾ باقي رهيل ٽن علامتن جو ذڪر بعد ۾ حضرت ابو هريره رضه ڪيو آهي جيڪي هي آهن:
”جڏهن مالِ غنيمت دولت ٿي وڃي،
جڏهن امانتون ضايع ڪيون وڃن،
۽ علم ديني مقصد بجاءِ ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ حاصل ڪيو وڃي.“ (ترمذي، مشڪوٰت).
هڪ ٻي حديث ۾ فرمايو:
”ان هستي جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، توهين انهي ئي جي پيروي ڪندائو جيڪي توهان کان پهرين گذري چڪا آهن. ايتري قدر جو هو ڪنهن ڳوهه جي ٻِرَ ۾ ويندا ته توهان به انهن سان گڏ ان ٻر ۾ داخل ٿي ويندائو“
صحابه رضه دريافت فرمايو ڇا ان مان توهان جي مراد يهودي ۽ عسائي آهن؟ پاڻ صلعم جواب ڏنو: ” ته ٻيا ڪير؟“

دجال جي آمد:

دجال جي آمد:
حضور صلعم جن فرمايو ”الله تعاليٰ ڪو به اهڙو نبي نه موڪليو هوندو جنهن کي دجال جي آمد کان نه ڊيڄاريو هوندو. آئون پيغمبرن جي سلسلي جو آخري پيغمبر آهيان ۽ توهان امتن جي آخري امت آهيو. بنا ڪنهن شڪ جي توهان جي وچ ۾ اعور (ڪاڻو) ۽ ڪذاب (دجال) ظاهر ٿيندو. (مسلم، متفق عليه)
حضرت عيسيٰ عليه السلام جي وري آمد ۽ دجال جي رونما ٿيڻ جي باري ۾ ڪيتريون ئي مستند (۽ ضعيف پڻ) حديثون ملن ٿيون. ان کان علاوه ان موضوع تي عيسائين ۽ يهودين جي پنهنجن صحيفن تي تحريفي مواد جي بنياد تي مختلف احوال ملن ٿا.
جيئن جيئن اسان انهن لکڻين کي پڙهون ٿا ۽ دنيا ۾ رونما ٿيندڙ واقعن تي نظر وجھون ٿا، ته دجال جو فريب ۽ ڪوڙ واضح ٿيندو وڃي ٿو .... بلڪه هن جي دجل ۽ مڪر جو حال ته چند حديثون پڙهڻ مان به ظاهر ٿيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو ان زماني ۾ ايمان جو قدر قيمت ۽ حفاظت اهميت اختيار ڪري ويندي. دجال جو دؤر عياري، مڪاري ۽ دوکيبازي جو انتهائي ترقي يافته دؤر هوندو. ان زماني ۾ دجالي نظام زندگي يعني عياشي جي زندگي، ماديت پرستي ۽ نفساني خواهشن ڏي گهڻي کان گهڻو راغب ٿيندا.
پر حقيقت ۾ هي ڪفر جو نظام هوندو جنهن کي خوبصورت انداز ۾ترتيب ڏنو ويندو جيئن هي وڌي ويجھي سگهي. جيئن ته ماڻهن کي حقيقت حال جي ڄاڻ نه هوندي ان ڪري هو ان نظام کي چهٽي ويندا. حضور صلعم جن فرمايو: ”اچو ته مان توهان کي دجال بابت ڪجهه نشانيون ٻڌايان جيڪي هن کان پهرين ڪنهن پيغمبر نه ٻڌايون آهن، هو هڪ اک کان ڪاڻو هوندو ۽ پاڻ سان گڏ دوزخ ۽ جنت به رکندو پر جنهن شيءِ کي هو جنت چوندو اها حقيقت ۾ دوزخ هوندي.“ (بخاري، مسلم).

حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ٻيهر آمد (نزول)

حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ٻيهر آمد (نزول)
”الله تعاليٰ وري ابنِ مريم کي موڪليندو جنهن جي شڪل و صورت عروه بن مسعود رضه سان ملندڙ جلندڙ هوندي“ (مسلم، ڪتاب الفتن)
”الله تعاليٰ حضرت مسيح ابن مريم کي نازل ڪندو، هو دمشق جي مشرقي پاسي هڪ مينار تي لهندو، ان جي جسم تي زعفراني رنگ جا ٻه ڪپڙا هوندا ۽ هن جون ٻن ملائڪن جي ڪنڌن تي ٻانهون رکيل هونديون). (مسلم)
”...... جڏهن امام نماز فجر جي لاءِ اڳيان وڌندو ته ان وقت حضرت عيسيٰ عليه السلام آسمان تان نازل ٿيندو. ان کي ڏسي امام پنهنجي جاءِ تي پٺتي هٽڻ لڳندو ته جيئن حضرت عيسيٰ عليه السلام نماز جي امامت ڪري سگهي پر پاڻ هن سان معذرت ڪندو. هو چوندو ته هيءَ نماز تنهنجي لاءِ اچي بيٺي آهي ان ڪري امامت به تنهنجو ئي حق آهي. نماز جي ختم ٿيڻ تي حضرت عيسيٰ عه ماڻهن کي چوندو: ”شهر جو دروازو کولي ڇڏيو.“ جنهن تي دروازو کوليو ويندو. سامهون دجال ستر هزار يهودين سان گڏ موجود هوندو. هنن سڀني جي هٿن ۾ هڪ خوبصورت تلوار ۽ جسم تي هڪ ئي شال هوندي.“
حضرت عيسيٰ دجال کي چوندو ”هاڻ پاڻ سنڀال آئون توکي هڪ اهڙو ڌڪ هڻندس جو جيئرو نه بچي سگهندين.“ حضرت عيسيٰ عه دجال کي لُدّ جي دروازي تي وڃي جھليندو جنهن کانپوءِ الله تعاليٰ هن کي شڪست نصيب ڪندو (لُدّ جو شهر اڄ ڪلهه اسرائيل جي شهر تل ابيب کان 10 ميل (15 ڪلوميٽر) پري ڏکڻ اوڀر ۾ آهي جتي عرب ۽ يهودي گڏ رهن ٿا ۽ جنگي هوائي اڏو آهي. عربيءَ ۾ هي ”اللد“ سڏيو وڃي ٿو). (ابنِ ماجه، ڪتاب الفتن)

اهم فرض:

اهم فرض:
نبي اڪرم صلعم جن هڪ حديث ۾ فرمايو:
”منهنجي ۽ عيسيٰ عه جي وچ ۾ هاڻ ڪو نبي ناهي. هو زمين تي نازل ٿيندو ۽ جڏهن توهان هن کي ڏسندائو ته سڃاڻي ويندائو. وچولو قد ۽ ڳاڙهو ڳٽول رنگ هوندس. سندس جسم تي ٻه هئڊي رنگ جون عبائون هونديون ۽ ايئن لڳندو ڄڻ هن جي مٿي تان پاڻي جا ڦڙا ڪري رهيا هجن جيتوڻيڪ هن جو مٿو آلو نه هوندو .... ۽ هو:
1. ماڻهن سان اسلام خاطر جنگ ڪندو.
2. صليب ڀڃي ڇڏيندو.
3. سُوئر کي ماري ڇڏيندو.
4. جزيو (ٽئڪس) ختم ڪري ڇڏيندو (ڇو جو ان وقت اسلام کانسواءِ ٻيو ڪو مذهب نه هوندو).
5. هو دجال کي قتل ڪري ڇڏيندو. پوءِ هو زمين تي چاليهه سالن تائين جيئرو رهڻ بعد وفات ڪندو. مسلمان هن جي جنازه نماز پڙهندا.
واضح رهي ته حضرت عيسيٰ دنيا ۾ پيغمبر جي حيثيت سان نه ايندو. هو پنهنجي باقي زندگي حضور صلعم جي سنت مطابق گذارڻ لاءِ ايندو ۽ هو انهن غلط فهمين کي دور ڪندو جيڪي ماڻهن جي ذهن ۾ هن بابت آهن.

دجال جو خاتمو:

دجال جو خاتمو:
حضرت عبدالله بن عمر روايت ٿو ڪري ”دجال خشڪ زمين (بي مرقانا) جي صحرا ۾ لهندو. هن وٽ بيعت ڪرڻ وارن ۾ وڏو تعداد عورتن جو هوندو. ماڻهو پنهنجين مائرن، ڌيئرن، ڀيڻن ۽ پڦين وٽ وڃي هنن کي منع ڪندا ۽ ڊپ ڏيندا ته هو دجال جي ڄار ۾ نه ڦاسن، پوءِ الله تعاليٰ دجال ڏي حضرت عيسيٰ کي موڪليندو ۽ اهو هن کي قتل ڪري ڇڏيندو.

سدِ (ديوار) ذوالقرنين

سدِ (ديوار) ذوالقرنين
سوال اهو آهي ته اها ڪهڙي ڀِتِ آهي جنهن کي ڊاهي وحشي ياجوج ماجوج دنيا تي حملو ڪندو. هڪ ڀت (ديوار) ته اها ئي آهي جنهن جو قرآن پاڪ ۾ ذڪر آهي ۽ جيڪا ذوالقرنين (ايران جي بادشاهه) هڪ امن پسند قوم جي چوڻ تي ٺهرائي هئي جيئن اها ياجوج ماجوج جي حملن کان محفوظ رهي. اها ڀت ”در بند“ ۽ ”دريال“ جي وچ ۾ ڪاڪس (ڪاڪيشيا) جي جابلو علائقي ۾ ٺاهي وئي هئي. اڄ ڪلهه اهو علائقو روسي صوبي داغستان ۾ آهي. 1813ع کان اڳ هي علائقو ايران ۾ شامل هو پر تاريخدان هڪ ٻي ڀت جو ذڪر به ڪن ٿا جيڪا سڪندر اعظم انهيءَ جاءِ تي (يا ان جي آس پاس) ڪنهن هنڌ تي ٺهرائي هئي. ان حقيقت جي پڌرائي قرآن جو تفسير لکندڙ يوسف علي صاحب ۽ مولانا مودوديءَ ڪيو آهي. ڳالهه دراصل اها آهي ته قرآن جا مفسرين ۽ مفڪر ان بابت يڪسو نه آهن. قرآن ۾ بيان ڪيل واقعو ته پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي پر سوال فقط اهو ٿو رهي ته اها ڀت ڪهڙي هنڌ تي آهي ۽ جيڪڏهن سڪندر اعظم به ڪا ڀِت ٺهرائي هئي ته ان جو صحيح هنڌ ڪٿي آهي؟ ۽ اهو ته ڇا هڪ ئي جاءِ تي ٻن ڀتين جو وجود ممڪن آهي؟ هي معاملو تحقيق گهري ٿو. بهرحال اها حقيقت اسان جي اڳيان رهڻ کپي ته هڪ نه هڪ ڏينهن هي وحشي قبيلا پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندا ۽ تباهي برپا ڪندا.
ڪجهه مڃيل اسڪالر ۽ محقق ٻارهين صدي جي تاتارين ۽ انهن جي ڪيل ظلمن کي به ياجوج ماجوج سان ملائين ٿا. ڪجهه علمائن جو چوڻ آهي ته جيڪا تباهي ياجوج ماجوج پکيڙيندا اها تاتارين جي تباهي کان ڪئين درجا وڌيڪَ هوندي. ياجوج ماجوج جي فوج ايتري قدر گهڻي تعداد ۾ هوندي جو جيڪڏهن هو طبرستان وٽان گذرن ۽ انهن مان هر هڪ ماڻهو درياهه جو پاڻي پيئڻ لڳي ته پٺيان ايندڙ فوجن کي خبر به نه پوندي ته هتي ڪو درياهه هو.

حضرت عيسيٰ جي فطري وفات:

حضرت عيسيٰ جي فطري وفات:
حضرت عيسيٰ عه جن جيئن ته حضور صلعم جي سنت اختيار ڪندا ان ڪري محققن جي اها راءِ آهي ته هو سنت تي عمل ڪندي باقاعدي شادي ڪندا ۽ حج ۽ عمرو به ڪندا. پنهنجن سڀني فرضن جي ادائگي کانپوءِ حضرت عيسيٰ هڪ عام ماڻهوءَ وانگر هڪ فطري وفات جي عمل ۾ گذاريندا. حديث مان روايت آهي ته هو زمين تي چاليهه سالن تائين حيات رهندا. ان سان علمائن جي وچ ۾ ٻه رايون آهن. هڪ اها ته هن جي آمد ثاني بعد هو چاليهه سالن تائين زندهه رهندو. ٻين جي اها راءِ آهي ته هو آمد ثاني بعد فقط ست سال جيئرو رهندو ڇو جو پنهنجي پهرين آمد جي دور ۾ هنن کي فقط ٽيٽيهه سالن جي ڄمار ۾ آسمان تي کنيو ويو هو اهڙي طرح هن جا دنيا ۾ چاليهه سال پورا ڪندا.

خلافت:

خلافت:
حضرت سفينه رضه فرمائين ٿا ته مون نبي ڪريم صلعم جن کي فرمائيندي ٻڌو:
”خلافت ٽيهن سالن تائين رهندي ان کانپوءِ بادشاهت قائم ٿي ويندي.“ حضرت سفينه رضه ان بعد حساب ڪري ٻڌايو ته توهان حضرت ابوبڪر صديق رضه جي خلافت جا 2 سال، حضرت عمر فاروق جي خلافت جا ڏهه سال، حضرت عثمان رضه جي خلافت جا ٻارنهن سال ۽ حضرت علي رضه جي خلافت جا ڇهه سال ڳڻي سگهو ٿا.“ (مسند احمد، ترمذي، ابو دائود)

آخري ڏينهن ۾ حضرت عيسيٰ عه جي حڪمراني:

آخري ڏينهن ۾ حضرت عيسيٰ عه جي حڪمراني:
”حضرت عيسيٰ عه هڪ انصاف پسند رهنما جي حيثيت سان دنيا ۾ ايندو، هو صليب ڀڃي ڇڏيندو ۽ سُوئر کي ماري ڇڏيندو. ان وقت هن ڌرتيءَ تي امن و امان قائم ٿي ويندو ۽ ماڻهو پنهنجين تلوارن کان ڏانٽن ۽ ڪارائين جو ڪم وٺندا (يعني جنگ و جدل بلڪل ختم ٿي ويندو). هر خوفناڪ جانور بي ضرر ڪيو ويندو. آسمان بيحد و حساب بارشون وسائيندو ۽ زمين پنهنجيون سڀ نعمتون ٻاهر ڪڍي نروار ڪندي.
هڪ ٻار کي لومڙيءَ سان کيڏڻ ۾ به نقصان نه ٿيندو. بگھڙ رڍ سان گڏ ۽ شينهن چوپائي مال سان گڏ گاهه چرندا پر هڪ ٻئي کي نقصان نه پهچائي سگهندا. (مسلم، مسند احمد).
هڪ ٻي حديث: ”ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، عيسيٰ عليه السلام يقيناً توهان ماڻهن جي وچ ۾ هڪ عادل حڪمران جي حيثيت سان ايندو. هو صليب ڀڃي ڇڏيندو، سُوئر کي ماري ڇڏيندو ۽ جذبو ختم ڪري ڇڏيندو. دولت ايتري گهڻي ٿي ويندي جو ڪنهن کي ان جو فڪر باقي نه رهندو ۽ نماز جو هڪ سجدو دنيا وما فيها کان بهتر سمجھيو ويندو.“
ان کانپوءِ حضرت ابو هريره رضه چيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ته هيءَ آيت تلاوت ڪري سگهو ٿا: ”۽ اهل ڪتاب مان ڪو به اهڙو نه هوندو جو هن جي موت کان اڳ هن (مسيح) تي ايمان نه آڻي ۽ قيامت جي ڏينهن هو ان تي گواهي ڏيندو.“ (سورة النساءِ آيت 159) (بخاري و مسلم)

خلاصو:

خلاصو:
1. جنت انهن ماڻهن جي رهائش ٿيندي جيڪي الله تعاليٰ جي عهد مطابق پنهنجي قول و عمل جي اعتبار سان مخلص هوندا.
2. جيڪي الله تعاليٰ سان پنهنجو عهد ڇني ويٺا ۽ دنيا ۾ انهن شر ۽ فساد برپا ڪيو، اهي ان جي بدلي ۾ دوزخ جا سزاوار قرار ڏنا ويندا.
3. دجال ۽ ياجوج ماجوج جي خاتمي بعد سڄي عالم تي اسلام جي غالب اچڻ جون نشانيون واضح ٿيڻ لڳنديون.
4. الله تعاليٰ آسمان مان وڏي مقدار ۾ پاڻي وسائيندو ۽ ڌرتي پنهنجا خزانا ڪڍي ٻاهر ڪندي.

قيامت جون وڌيڪَ نشانيون:

قيامت جون وڌيڪَ نشانيون:
”اسلام جي روشني ايتري قدر چنجھي ٿي ويندي جيئن ڪو ڪپڙو پراڻو ٿي وڃي ٿو. ايتري قدر جو پوءِ ڪنهن کي اها به ڄاڻ نه هوندي ته:
1. روزو ڇا ٿئي ٿو؟
2. نماز ڇا ٿئي ٿي؟
3. قرباني ڇا ٿئي ٿي؟
4. صدقو ڇا ٿئي ٿو؟
الله جو ڪتاب هڪ ئي رات ۾ کنيو ويندو (يعني ان جا اکر ڊاٺا ويندا) ۽ زمين تي ان جي هڪ آيت به باقي نه رهندي. زمين تي امت جو فقط هڪ حصو (بس ٿيل وڏي عمر جا مرد ۽ عورتون) باقي رهجي وينديون. اهي چوندا ته اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏن کان هي لفظ ”لا الهٰ الا الله“ ادا ڪندي ٻڌا هئا، سو اسان به اهي لفظ ادا ڪري سگهون ٿا. (ابن ماجه)

اسلامي اقدار و اخلاق جو خاتمو

اسلامي اقدار و اخلاق جو خاتمو
ماڻهو الله تعاليٰ جي ذڪر کان منهن موڙي دنيا ئي زينت ۽ عيش و آرام ڏي ڌيان رکندا. هو پاڻ کان مٿئين طبقي جي نقل ۾ اسلامي روايتن ۽ قدرن کي ڇڏي ڏيندا. ان ڪري قدرتي طور تي فسادي ۽ نفس پرست ماڻهو حڪومتي عهدن تي قائم ٿي ويندا. اقتدار جو مطلب ان وقت دهشتگردي ۽ ظلم ٿي ويندو. حڪمران طبقو جلد ئي ماڻهن کي غلامي جي چنبي ۾ سوگھو ڪرڻ ۽ انهن جا وسائل غضب ڪرڻ جو عمل اختيار ڪندا. انهن جو مقصد ماڻهن جي خذمت ڪرڻ بجاءِ اهڙا قانون ۽ قاعدا نافذ ڪرڻ ٿيندو جنهن سان هنن جي حڪمراني وڌيڪَ مضبوط ٿئي ۽ دولت وسيع تر ٿئي.
پاڻ صلعم جن فرمايو:
1. معاملات ۾ سواءِ گهڻي کان گهڻي ڪنجوسيءَ جي ٻيو ڪجهه نه ٿيندو.
2. دنيا ۾ غربت کانسواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ واڌارو نه ٿيندو.
3. ماڻهن جي گهڻائي ڪنجوس ٿي ويندي.
4. قيامت اڃا نه ايندي پر خراب ترين ماڻهن تي ۽ ان وقت ڪو به هدايت ڏيڻ وارو نه هوندو سواءِ حضرت عيسيٰ ابنِ مريم جي. (ابن ماجه)

ڪڏهن به نه ختم ٿيڻ واري مادي بک:

ڪڏهن به نه ختم ٿيڻ واري مادي بک:
مسند احمد جي حديث ۾ اچي ٿو ته قيامت اچڻ کان اڳ الله تعاليٰ زمين تان پنهنجا مخلص ۽ متقي بندا کڻي وٺندو ۽ اتي فقط اهي ماڻهو رهجي ويندا جيڪي بدمعاش ۽ ظالم هوندا ۽ جن کي نه نيڪين بابت ڄاڻ هوندي ۽ نه هو برائين کان باز اچي سگهندا. هڪ ٻي حديث ۾ بيان ڪيو ويو آهي:
1. منهنجي امت جا ڪجهه ماڻهو ضرور شراب پيئندا ۽ ان جو نالو بدلائي ڪجهه ٻيو رکندا.
2. موسيقي جو رواج عام ٿي ويندو ۽ ڇوڪريون ڳائڻ لڳنديون.
3. الله تعاليٰ ڪجهه ماڻهن کي زمين ۾ دٻائي ڇڏيندو ۽ ڪجهه کي ڀولڙن جي سڪل ۾ بدلائي ڇڏيندو.
حديثن ۾ اهو به اچي ٿو ته قيامت کان اڳ هڪ ننڍين ٽنگن وارو حبشه جو هڪ ماڻهو خانه ڪعبه کي ڊاهي ڇڏيندو. انساني جان جو احترام جيتوڻيڪ خانه ڪعبه جي احترام کان به وڌيڪَ آهي پر خانه ڪعبه جو ڊهڻ به ڪا معمولي ڳالهه ناهي. ڇو جو ان کانپوءِ خانه ڪعبه کي ٻيهر تعمير ممڪن نه هوندي. منافق ماڻهن لاءِ هي واقعو نماز ۽ حج و عمري کان آزاديءَ جو سبب بڻجندو. ڇو ته جڏهن خانه ڪعبه ئي نه هوندو ته پوءِ نمازون ۽ حج ڪهڙو رهندو. اڄ به ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي زبان سان ته ”غيب“ تي ايمان آڻڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر حقيقت ۾ هو فقط ڏٺل شيءِ تي ايمان آڻين ٿا.
خانه ڪعبه جي بربادي جو مقصد شايد اهو هوندو ته ان جي اندر موجود خزانا حاصل ڪيا وڃن. اصل ڳالهه ته اها آهي ته خانه ڪعبه خالي آهي. ان ۾ ڪو خزانو موجود نه آهي. پوءِ اهو حبشي ماڻهو آخر ان کي ڇو ڀڃڻ چاهيندو؟ ان جو هڪ لڪل پهلو ته نظر اچي ٿو ته خانه ڪعبه ۽ ان جي آس پاس جي زمين ۾ معدني شيون (تيل ۽ ٿي سگهي ٿو سون به) موجود هجي ۽ هو ان جي هيٺان اهي شيون ڪڍڻ چاهيندو هجي.
هن سلسلي ۾ چار حديثون قابلِ توجه آهن:
1. ”ائين لڳي ٿو ڄڻ آئون ڏسي رهيو آهيان ته هڪ حبشي ماڻهو جنهن جون ٽنگون سنهيون آهن ڪعبي جا پٿر هڪ ٻئي پويان ڊاهي رهيو آهي.“ (بخاري)
2. ”حبشه جو هڪ (ذوالصواعقتين) سنهين ٽنگن وارو ماڻهو خانه ڪعبه کي ڊاهيندو.“ (بخاري)
3. ”حبشه جي ماڻهن کي ان وقت تائين ڇڏي ڏيو جيستائين هنن توهانکي ڇڏي رکيو آهي ڇو جو حبشه جو سنهين ٽنگن وارو فقط هڪ شخص هوندو جيڪو خانه ڪعبه جي دولت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.“ (ابو دائود)
4. ”خانه ڪعبه جي حفاظت هن جي پنهنجا ماڻهو به نه ڪري سگهندا. عربن جي متعلق نه پڇو ڇو ته ان وقت حبشه جا ماڻهو هن کي اهڙي طرح تباهه ڪندا جو اهو ان کانپوءِ ٻيهر نه ٺهي سگهندو. هو ماڻهو ان جو خزانو ڪڍي وٺندا.“ (مسند احمد)
ٿي سگهي ٿو ايندڙ دؤر ۾ تيل ۽ کاڻين جي ڳولا جي سلسلي ۾ کوٽايون جاري هجن ۽ منافقين ان سان گڏ خانه ڪعبه کي ڊاهي رکن. جيڪڏهن ائين ٿيو ته هن ڌرتي تي ٽي وڏا زلزلا ايندا ۽ ”حضرالموت“ (عدن) جي سمنڊ ۾ باهه لڳندي. ٿي سگهي ٿو عرب ۾ موجود جبل جاگرافيائي لحاظ سان زمين جي وچ ۾ هجن ان ڪري هتي جي تباهيءَ جو مطلب ڪرهه ارض (ڌرتي جي گولي) جي تباهي ٿي سگهي ٿي.

بحران:

بحران:
1. (ان ڏينهن) اسان جبلن کي هلائينداسين.
2. ۽ تون زمين کي بلڪل اگھاڙو ڏسندين
3. ۽ اسان سڀني انسانن کي گهيري گڏ ڪنداسين
4. ۽ انهن مان ڪو هڪ به نه بچي سگهندو (الڪهف، آيت 47)

حضرت ام سلمان رضه فرمائي ٿو ته: مون نبي ڪريم صلعم کان پڇيو ته اي الله جا رسول صلعم! ڇا زمين تي زلزلو ان حالت ۾ به ايندو جڏهن ان تي نيڪ ماڻهو موجود هوندا؟ پاڻ صلعم جواب ڏنو: ”هائو ڇو جو زمين تي برائين جو بار هيڪاندو وڌي ويندو.“ (طبراني).

باهه ۽ اجتماع

باهه ۽ اجتماع
پاڻ صلعم جن فرمايو: ”عدن جي ڏاکڻي حصي کان باهه ڀڙڪندي“. (مسلم، ابو دائود، ترمذي)
هڪ ٻئي موقعي تي پاڻ فرمايائون: ”قيامت کان پهرين ”بحر حضرالموت“ کان هڪ باهه ڀڙڪندي جنهن جي خوف کان سڀ ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا. (مسند احمد، ترمذي)
عدن کان نڪرندڙ هيءَ باهه ايڏي ته تيز هوندي جو ان جو دونهون آسمان تائين ڏيکاءُ ڏيندو.

سڀ کان خراب انسان رهجي ويندا:

سڀ کان خراب انسان رهجي ويندا:
پاڻ صلعم فرمايو:
1. نيڪ ۽ صالح ماڻهو هڪ ٻئي پويان کنيا ويندا ۽ زمين تي ناڪاره ماڻهو جَوَ ۽ کجي جي تهن وانگر باقي رهجي ويندا. پوءِ الله تعاليٰ انهن جي ذري برابر پرواهه نه ڪندو. (بخاري و مسلم)
2. بيشڪ يمن جي پاسي کان الله تعاليٰ هڪ هوا لڳائيندو جيڪا ريشم کان به نرم هوندي. پوءِ اها هوا هر ان شخص کي ماري رکندي جنهن جي دل ۾ رائي جي ڪڻي برابر به ايمان هوندو”، (مسلم)
3. زمين تي فقط ظالم ماڻهو باقي رهجي ويندا ۽ اهي پکين وانگر بي حيثيت ٿي ويندا جڏهن ته هنن جون عادتون جانورن جهڙيون هوندي. هي ماڻهو نه ته نيڪيءَ جي حوصله افزائي ڪندا ۽ نه بديءَ کي خراب چوندا. شيطان انهن وٽ انسان جي شڪل ۾ ايندو ۽ چوندو: ”ڇا توهان ڳالهه نٿا ٻڌو؟“ هو چوندا: ”تون اسان کي ڪهڙو حڪم ڏين ٿو؟“ هو حڪم ڏيندو ته توهان ماڻهو بتن جي پوڄا ڪريو. (هن ڪفر جي زندگي جي باوجود) هنن وٽ ڪافي مال ۽ دولت هوندي ۽ هو هڪ خوشحال زندگي گذاريندا. (مسلم)
4. قيامت ان وقت تائين نه ايندي جيستائين ماڻهو گڏهن وانگر رستن تي کلئي عام بدڪاري نه ڪرڻ لڳن. حضرت عامر بن عبدالله سوال ڪيو: ”ڇا واقعي ائين ٿيڻ لڳندو؟“ الله تعاليٰ جي رسول صلعم جواب ڏنو: ”ها يقيناً ائين ٿيندو.“
انهن حديثن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته الله تعاليٰ آسمان کان هڪ هوا موڪليندو جيڪا مؤمنن ۽ صالحن کي فنا ڪري ڇڏيندي جڏهن ته اها ڪافرن کي زندهه رهڻ ڏيندي، جيئن هو هڪ ٻئي تي ظلم ڪن ۽ هڪ ٻئي جو استحصال ڪن. هو زمين تي معمولي معمولي فائدن لاءِ ظلم جو رويو اختيار ڪندا. ٿي سگهي ٿو ته هي ظالم ۽ بي حيا ماڻهو خوفناڪ اسلح سان پاڻ ۾ وڙهي وڙهي فنا ٿي وڃن.... ٿي سگهي ٿو ته هو ائٽمي يا ٻي ڪنهن تباهي مچائيندڙ اسلح جو استعمال ڪن ۽ اهڙي طرح ڪنهن دؤرَ جي پُر سڪون ڌرتي هميشه جي لاءِ ختم ٿي وڃي.
پاڻ ڪريم صلعم جن فرمايو: ”دنيا ۾ ان وقت هجرت مٿان هجرت ٿيندي رهندي. دنيا جا سٺا ماڻهو ان جاءِ لاءِ هجرت ڪندا جنهن لاءِ حضرت ابراهيم ڪئي هئي“
هڪ روايت آهي: ”دنيا ۾ سڀ کان سٺا ماڻهو اهي هوندا جيڪي حضرت ابراهيم جي مقام هجرت ڏي هجرت ڪندا. ان کانپوءِ زمين تي سڀ کان خراب ماڻهو باقي رهجي ويندا جن تي الله تعاليٰ جو عذاب نازل ٿيندو. انهن ماڻهن کي سوئرن ۽ ڀولڙن سان گڏ ملائي باهه جي ويجھو آندو ويندو جتي هو انهن سان گڏ منجھند ۽ رات گذاريندا.“ (ابو دائود، مشڪوٰة)

ڪائنات جي تبديلي:

ڪائنات جي تبديلي:
”جڏهن (قيامت اچڻ وقت) سج کي ويڙهيو ويندو (۽ منجھس روشني نه رهندي). ۽ جڏهن تارا ٽڙي پکڙي ويندا. ۽ جڏهن جبلن کي (هلڪڙي شيءِ وانگر) هِلايو ويندو ۽ جڏهن ڏهن مهينن جون (ڌنارن کي پياريون) ڍُڪيون ڏاچيون (ڌنار کانسواءِ) ڇوٽ ڇڏيون وينديون. ۽ جڏهن (هڪ ٻئي کان ٽهڻ وارا) جھنگلي جانور (به خوف ۽ گھٻراهـٽ ۾) گڏ ڪيا ويندا. ۽ جڏهن؛ (کارا ۽ مٺا) درياهه (باهه وانگر) تپايا ويندا. ۽ جڏهن ڀانت ڀانت جا ماڻهو (هڪ جاءِ تي) آندا ويندا. ۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻيءَ کان پڇيو ويندو ته ڪهڙي گناهه ڪري هوءَ ماري ويئي هئي؟ ۽ جڏهن اعمال ناما کوليا ويندا. ۽ جڏهن آسمان جو پڙدو هٽايو ويندو. ۽ جڏهن دوزخ جي باهه ڀڙڪائي ويندي. ۽ جڏهن جنت کي ويجھو ڪيو ويندو (مطلب ته جڏهن هي قيامت جا سڀ منظر سامهون بيهندا) تڏهن هر هڪ شخص انهن (دنيا ۾ ڪيل عملن) کي ڄاڻندو جن کي پاڻ سان کڻي آيو هوندو.
(التڪوير آيت 1 کان 14) ترجمو علامه علي خان ابڙو
۽ جڏهن آسمان ڦاٽندو. ۽ جڏهن زمين وڇائي ويندي ۽ جيڪي منجھس آهي (يعني مُردا) سو ٻاهر اڇلائيندي ۽ خالي ٿي ويندي ۽ پنهنجي رب جو حڪم ٻڌندي ۽ ان کي حڪم ٻڌڻ لازمي آهي.
(انشقاق آيت 1-5)
انسانيت جا بدترين ماڻهو ئي دنيا جي تبديلي ڏسڻ لاءِ زمين تي باقي رهجي ويندا. تبديلي (Metamorphosis) مان عام طور تي ڌرتي جي گولي جي شڪل تبديلي سمجھي وڃي ٿي پر جڏهن ٿوري اونهي نظر سان جائزو وٺون ته سمجهه ۾ اچي ويندو ته سج کي ويڙهيو ويندو، آسمان ڦاڙيو ويندو ۽ چنڊ تارا بي نور ڪيا ويندا. اهڙي طرح زمين کان علاوه آسمان جو نظام به بدلجي ويندو.
جنهن ڪائنات کي اڄ اسين ٻهڪندو ڏسي رهيا آهيون پوءِ اها ڪائنات باقي نه رهندي. اهڙي تبديلي عمل ۾ ايندي جو انسان جي زندگي بذات خود ناممڪن ٿي پوندي. جن شين کي اڄ اسين سولائيءَ سان حاصل ڪريون ٿا، اهي ان وقت باقي نه رهنديون. ظالمن لاءِ بس الله تعاليٰ جو انتقام باقي رهجي ويندو. ڪمينا خصلت ۽ دوکيباز انسان جي حالت ان ماڪوڙي کان به خراب هوندي جيڪا جنڊ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ پيسجي ويندي آهي. زمين جو دٻجڻ، زلزلا، طوفان، آتش فشان جبلن جا لاوا، باهه، سج، زمين، چنڊ تارا ۽ آسمان سڀ ڪجهه انسان کي پيهي رهيو هوندو. ان وقت اهي الله تعاليٰ کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرندا پر انهن کي معافي نه ملي سگهندي. هو پنهنجو پاڻ کي پٽيندا ته ڇو نه انهن، وقت تي خدا جي ڳالهه نه مڃي هئي.
”توهان زمين ۾ پنهنجي خدا کي عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ الله جي مقابلي ۾ توهان جو ڪو حامي و ناصر ناهي.“ (الشوريٰ آيت 31)

آخري ڏينهن جو خلاصو:

آخري ڏينهن جو خلاصو:
1. خانداني ٻڌيءَ جو خاتمو ٿي ويندو.
2. اخلاقي زوال ۽ بي شرميءَ جا واقعا وڌي ويندا.
3. لاقانونيت ۽ منظم ڏوهن ۾ واڌارو ٿي ويندو.
4. ڪفر ۽ مادي طرز جي زندگي لاءِ چاهت وڌي ويندي.
5. الله جي قانون ۽ حڪمن تان چرچا ۽ ٽوڪون ڪيون وينديون، جيئن ذاتي خواهشون ۽ شوق پورا ٿي سگهن.
6. حڪومت نڪمن (ظالم، استحصال پسند ۽ خوف خدا کان خالي) ماڻهن جي هٿن ۾ هلي ويندي.
7. حجاز ۾ سياسي بحران پيدا ٿيندو.
8. مغربي طاقتون (خاص ڪري يهودي) شام جون سرحدون خالي ڏسي ان تي قبضو ڪرڻ جون ڪوششون ڪنديون ۽ مديني جي آس پاس وارن علائقن تائين مسلمانن جو گهيراءُ ڪري وٺندا.
9. خوني جنگين جو هڪ سلسلو برپا ٿي ويندو جنهن ۾ الملحمة الڪبريٰ به شامل آهي.
10. غير مسلم ملڪ هيترين جنگين جي باوجود فوجي لحاظ کان مضبوط رهندا.
11. دجال جي آمد کان اڳ مسلمانن تي سختيءَ جا ڏکيا دؤرَ ايندا رهندا.
12. قدرتي شين (خاص ڪري پاڻي) جي لحاظ کان مسلمانن تي تمام خراب دؤر ايندو.
13. دجال مسلم علائقن تي قبضو ڪري وٺندو ۽ منافقين دجال جي برتري قبول ڪري وٺندا.
14. دجال مڪو ۽ مدينو به فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو مگر ڪامياب نه ٿي سگهندو. هن کي مديني ۾ اندر وڃڻ جي اجازت نه هوندي.
15. دجال جي دهشت ۽ بربريت جي عروج ۾ الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ کي ٻيهر نازل فرمائيندو.
16. حضرت عيسيٰ ”لد“ (اسرائيل) جي علائقي ۾ دجال کي قتل ڪندو.
17. بابل جي بادشاهه ”بخت نصر“ جو اهو خواب جنهن جو تعبير حضرت دانيال ٻڌايو هو، ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام هڪ دفعو وري اڀرندو ۽ اهو سڀني حڪومتن ۽ هر قسم جي طرز زندگي تي حاوي ٿي ويندو.
18. يهودين ۽ دجال جي قتل کانپوءِ ياجوج ماجوج جو فتنو نموندار ٿيندو ۽ هو مسلمانن تي حملو ڪندو.
19. ياجوج ماجوج پنهنجي انڌي تڪبر جي ڪري ماريو ويندو ڇو جو حضرت عيسيٰعه ۽ مسلمانن جون دعائون اثر ڏيکاري چڪيون هونديون.
20. آخرڪار اسلام جو سڄي دنيا تي امن و انصاف ۽ برابري جو دؤر شروع ٿي ويندو.
21. حضرت عيسيٰ جي وفات کانپوءِ خراب ڪمن وارا ماڻهو دنيا ۾ هڪ دفعو وري افراتفري ۽ تباهي مچائيندا.
22. مسلم دنيا جو عالمي اتحاد هڪ ماضي جو قصو ٿي ويندو.
23. الله زمين مان هڪ ڳائهائيندڙ جانور (دابة الارض) ڪڍندو جيڪو ڪافرن جي پيشانين تي ٺپا هڻندو.
24. ان دؤر ۾ زلزلا، طوفان، قدرتي آفتون، ٻوڏون ۽ ڏڪار برپا ٿيندا جيئن گمراهه ماڻهو خبردار ٿي سگهن.
25. پنهنجي بهتر حالت جي باوجود مديني جا ماڻهو مالي سببن ڪري هجرت ڪري ويندا.
26. حبش جا ماڻهو خانه ڪعبه ڪيرائي ڇڏيندا جيئن ان جي خزاني تي قبضو ٿي سگهي.
27. دنيا ۾ ٽي وڏا ڌماڪا (Land Slides) ٿيندا. (1) مشرق ۾ (2) مغرب ۾ (3) عربستان ۾.
28. آسمان۾ دونهن جو هڪ وڏو ڪارو ڪڪر نظر ايندو پر ان وقت تائين تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي ڇو جو معافي جو دروازو بند ٿي ويو هوندو.
29. سج مشرق بدران مغرب کان اڀرندو.
30. عدن مان هڪ باهه نڪرندي جيڪا سڄي دنيا جي گولي کي تباهه ڪرڻ کان اڳ سڀني انسانن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيندي.
31. ايمان وارن جا روح قبض ڪيا ويندا جيئن جيئرا رهڻ وارن ڪافرن تي الله پنهنجو بدترين عذاب نازل ڪري.
32. ڪائنات ۾ وڏيون تبديليون اينديون. زمين سڌي ڪئي ويندي، سج ويڙهيو ويندو، تارا بي نور ٿي ويندا. آسمان ڳاڙهو ٿي ويندو ۽ اهڙي طرح قيامت ٿي ويندي.

دين سان دلچسپي رکندڙن لاءِ

---

سوچ ويچار جون ڳالهيون

سوچ ويچار جون ڳالهيون
جمعي نماز جي واعظ ۾ ڳوٺ جي امام سمجهايو:
• انساني روح ته پهرين کان موجود هو پر جسم ۾ اچڻ کان پهرين نه اهو مومن هو ۽ نه ڪافر ۽ نه وري ان جو ڪو عمل هو.
• قرآن مجيد ۾ ڪٿي به اهو نه آيو آهي ته قيامت جي ڏينهن اعمالن جي ڳڻپ ٿيندي بلڪه ايڪم احسن عملا فرمايو يعني هر عمل ۾ حسنِ عمل کي ڏٺو ويندو. انسان جي عملن ۾ جيتري قدر خلوص هوندو ايتري قدر اهي عمل ڳرا ٿيندا ۽ جهجهو ثواب ملندو. ڪنهن جا عمل ڏسڻ ۾ کڻي معمولي هوندا پر نيڪ نيتي ۽ خلوص جي بدلي ۾ ان جي جزا وڏي هوندي ۽ ڪنهن جا عمل ڏسڻ ۾ کڻي وڏا هوندا پر خلوص جي کوٽ ڪري ان جي جزا تمام معمولي هوندي.
شايد ان سلسلي ۾ شاهه لطيف پڻ سمجهايو آهي ته:
چائت پائي چت ۾ سنهو ڪتيو جن
تن جو صرافن دڪو داخل نه ڪيو.
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن
تن جو صرافن اڻ تورويو ئي اگهايو.

امتحان جي زندگي

امتحان جي زندگي
“حضرت موسيٰ رب پاڪ کي التجا ڪئي ته اي منهنجا رب مون کي اها نظر ڏي جنهن سان آئون توکي ڏسي سگهان. آئون توکي ڏسڻ چاهيان ٿو.”
صبح جي وقت ريڊيو پاڪستان تان قرآن شريف جو ترجمو ۽ تفسير هلي رهيو هو. هي منهنجو فئوريٽ پروگرام آهي، جيڪو آئون ڊرائيونگ دوران ٻڌندو هوس.
رب پاڪ فرمايو تون مون کي هرگز نٿو ڏسي سگهين. ها ٿورو سامهون واري جبل ڏي نهار جيڪڏهن اهو پنهنجي جاءِ تي قائم رهجي وڃي ته البت تون مون کي ڏسي سگهندين.
ڳالهه اها آهي ته حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي رب کي ڇو نه ڏسي سگهيو؟ ۽ دنيا ۾ ڪو ماڻهو پنهنجي رب کي ڇو نٿو ڏسي سگهي؟ ان ڪري جو دنيا ۾ هر شيءِ محدود آهي. انسان جي عمر به محدود (Limited) آهي. هن جون صلاحيتون به محدود آهن ۽ جيڪو خود پاڻ محدود آهي اهو هڪ لامحدود هستيءَ کي ڪيئن ڏسي سگهي ٿو. ها قيامت جي ڏينهن انسان جون مڙئي حِسون تيز ٿي وينديون يعني جڏهن جنت ۾ اهلِ جنت پهچندا ته هنن کي ايتري طاقت، همت ۽ صلاحيت بخشي ويندي جو هو پنهنجي رب کي ڏسي سگهن. اهو فقط اتي ممڪن ٿيندو ان کان پهرين نه.
هن جي رب جڏهن جبل تي تجلو ڪيو ته ان کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام بيهوش ٿي ڪري پيو. جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين:
“پاڪ آهي تنهنجي ذات، آئون تنهنجي حضور توبه ٿو ڪريان ۽ سڀ کان پهريون ايمان آڻڻ وارو آئون آهيان.”
رب پاڪ فرمايو: “اي موسيٰ مون توکي سڀني ماڻهن مٿان ترجيح ڏئي چونڊيو ته منهنجي پيغمبري ڪر (يعني منهنجو پيغام پهچاءِ ۽ مون سان هم ڪلام ٿي. بس جيڪي ڪجهه آئون توکي ڏئي رهيو آهيان اهو وٺ ۽ شڪر بجا آڻ.”
ان مان ڇا ٿو معلوم ٿئي ته هدايت جهڙي نعمت ملڻ تي، ڪتاب جهڙي نعمت ملڻ تي، انسان جو طرز عمل ڇا هئڻ کپي ته انسان پنهنجي رب لاءِ سراپا شڪر گذار ٿي وڃي.
اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم تي ته حضرت جبريل عليه سلام وحي زباني القا ڪيو پر موسيٰ عليه السلام کي لکيل ڪتاب مليو هو. قرآن لکيل نه آيو هو پر تورات لکيل ملي هئي.

سئيڊن جي هڪ مسجد ۾ ....

سئيڊن جي هڪ مسجد ۾ ....
مالمو (سئيڊن) جتي جي بندرگاهن ۾ ڪيترائي دفعا جهاز کي وٺي وڃڻ کان علاوه مون ٻه سال يڪا گذاري هتي جي هڪ يونيورسٽيءَ مان جهازن جي انجنيئرنگ ۽ سلامتيءَ سان واسطو رکندڙ هڪ سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گرئجيوئيشن ڪئي اتي منهنجي ڪيترن ئي يورپي نو مسلم عالمن سان ملاقات ٿي. هنن گورن جي ڳالهين ۽ ديني درسن مون کي ڳوٺ جي گهٽ ڄاڻ رکندڙ مولويءَ کان وڌيڪ متاثر ڪيو. هتي (مالمو) جي جامع مسجد يورپ جي مختلف ملڪن، خاص ڪري سئيڊن، جرمني، يوگوسلاويا وغيره جي نو مسلم سان ڀريل ڏسي تعجب کائيندو هوس. هي ماڻهو اسان وانگر مسلمان گهر ۾ پئدا ٿيڻ ڪري مسلمان نه ٿيا آهن. هنن، پڙهيل ڳڙهيل ۽ هن مغربي ماحول جي رونق واري ڪلچر ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿيڻ وارن يورپين، ضرور هن دين (اسلام) ۾ ڪجهه ته ڏٺو هوندو، ڪجهه ته سمجهيو هوندو تڏهن پنهنجو ڌرم (جيڪو ڪجهه پهرين هون) ان کي ڇڏي اسلام جي دائري ۾ آيا آهن ۽ هو رب پاڪ جي وحدانيت، رسول پاڪ صه جي سنت ۽ ڏينهن قيامت تي يقين رکي عبادت ڪري رهيا آهن. هنن لاءِ هن فاني دنيا کان ٻيو جهان مٺو آهي جنهن ۾ هميشه جي زندگي آهي ۽ اها زندگي سندن هن جهان جي اعمالن مطابق هوندي.
نماز بعد مسجد جي ورانڊي ۾ بينچ تي ويهي پنهنجن بوٽن جا ڪشا ٻڌڻ مهل منهنجي ڀر ۾ ويٺل گوري يورپيءَ سان مذهب تي ڳالهه ڪڍان ٿو. هو ڪنهن ڀر واري يورپي ملڪ جو سئيڊن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ وارو لڳي ٿو. عمر ۾ مون کان به ڪجهه سال وڏو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻاهر سخت برف باري شروع ٿيڻ ڪري هو مون سان گڏ ويهي رهي ٿو . اوور ڪوٽ مان تسبي ڪڍي ڪجهه پڙهي ٿو. وچ وچ ۾ مون سان ڳالهائيندو به رهي ٿو. هو خوش آهي. هو عبادت ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو. ظاهري رنگينين جي باوجود هو هن زندگيءَ ۾ جٽاءُ نٿو محسوس ڪري. هن جو هڪ جملو هن وقت به منهنجي دماغ ۾ Fresh آهي:
“دنيا جي زندگي دراصل امتحان جي زندگي آهي هن امتحان جي لاءِ اسان وٽ فقط ايتري مهلت آهي جيتري زندگي آهي. جيستائين هن دنيا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. هن وقت کي جيڪڏهن اسان ضايع ڪري ڇڏيو ۽ قرآن ۽ نبي ڪريم (صلعم) جي هدايت تي عمل ڪري امتحان جي ڪاميابيءَ جو سامان تيار نه ڪيو ته پوءِ ٻيو ڪو موقعو نه ملندو. جيڪو هن موقعي مان فائدو نه وٺندو ان کي بعد جي ابدي زندگيءَ ۾ هميشه هميشه پڇتائڻو پوندو.”

هر ڳالهه ۾ مغرب، کي ڏوهه ڏيڻ

هر ڳالهه ۾ مغرب، کي ڏوهه ڏيڻ
اسان وٽ، پاڪستان ۾ خاص ڪري، جڏهن اسلام ۽ ڪفر جي ڳالهه ٿي نڪري ته اسان سڄي چڙ مغرب تي ڪڍون ٿا. مغرب کي هڪ قسم جي ڪفر جي علامت بنايو ويو آهي. پهرين ڳالهه ته “مغرب” ڇا آهي؟ جڏهن اڃا آمريڪا کنڊ ايجاد نه ٿيو هو ته آفريڪا کند جو مغرب وارو ڇيڙو يعني مراقش (Morrocco) مغرب هو. بلڪه موراڪو کي سڏيندائي ”المغرب“ هئا ۽ مٿي يورپ پاسي اسپين ۽ پورچوگال پڻ اولهه واري پڇڙي تي آهن. مون کي پڪ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اُميه گهراڻي جي حڪومت ۾ ڪو به مغرب کي غير مسلم (Non-Muslim) نه سڏيندو هوندو جو مراقش جا ماڻهو تڏهن به ۽ اڄ به مسلمان آهن ۽ اسپين، پورچوگال ۽ فرانس جو چڱو حصو اڄ به مسلمانن سان ڀريل آهي. اڄ ڪلهه اسان وٽ مغرب مان مطلب يورپ ۽ آمريڪا تصور ڪيو وڃي ٿو. پر اميه گهراڻي جي حڪومت توڙي ترڪ عثمانيه سلطنت جي ڏينهن ۾ يورپ لاءِ ائين ڪو چئي نٿي سگهيو جو عثمانيه دور ۾ (Ottoman Empire) ۾ ته اوڀر يورپ ۾ به مسلمانن جي حڪومت هئي. اسپين مان ته اميه خاندان کي ڪڍڻ کان پوءِ هنن پنهنجن مقامي يورپي مسلمانن کي به ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي ۽ ڪيترا وڃي ڏکڻ آمريڪا ۾ رهيا ۽ اڄ تائين انهن مان ڪيترن جا نالا مسلمانن وارا آهن پر اوڀر يورپ جي ملڪن: رومانيا، بلغاريا، البانيا، هنگري ۾ ته ڪميونزم وارن ڏينهن ۾ به مسلمان هئا ۽ جيتوڻيڪ گهڻيون مسجدون بند ڪيون ويون تڏهن به ڪيتريون کليل رهيون ۽ هاڻ روس جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ بعد ته پراڻين بند ٿيل مسجدن کان علاوه ڪيتريون نيون کلي ويون آهن. هوڏانهن فرانس ۽ انگليند ۾ به ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مسلمان ۽ مسجدون نظر اچن ٿيون جن ۾ نه رڳو آفريڪا ۽ عرب ملڪن جا Immigrant مسلمان عبادت لاءِ اچن ٿا پر ڪيترائي مقامي يورپي نظر اچن ٿا جن عيسائيت يا ٻيو ڪو مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪيو ۽ اهي ”نو مسلم“ يورپي ڏٺو وڃي ته اسانجي ايشيائي يا آفريڪائي ڄائي ڄم واري مسلمان کان وڌيڪ مذهبي ڄاڻ رکن ٿا جو هو اسلام بابت هر ڳالهه پڙهي يا ڪنهن نيڪ مسلمان جا سٺا عمل ڏسي مسلمان ٿيا آهن. ساڳيو حال آمريڪا ۾ آهي. اتي به جتي ڪٿي مسجدون ۽ مسلمان نظر اچن ٿا. هن وقت USA ۾ به ڌارين کنڊن کان آيل ۽ آمريڪي نو مسلم جو تعداد هڪ ڪروڙ کان مٿي آهي. سنڌ جي هڪ همراهه کان آمريڪا جو پڇيم ته هن کي آمريڪا ڪيئن ٿي لڳي جتي هو پنجن سالن کان Settle آهي. هو نمازي ۽ نيڪوڪار ماڻهو آهي ان ڪري مون کي تعجب لڳو ته هو آمريڪا ۾ ڪيئن رهيو پيو آهي. ماڻهو ته اهوئي سمجهن ٿا ته جيڪو آمريڪا ۽ يورپ ويو سو ڄڻ مذهب کان ويو. منهنجي سوال تي هن چيو ته “آمريڪا ۾ مذهب ڪري ئي ته رهيو پيو آهيان.”
“اهو ڀلا ڪيئن؟” مون حيرت مان پڇيو.
“يقين ڪريو جنهن سڪون ۽ دلجوئيءَ سان آئون هتي آمريڪا ۾ عبادت ڪريان ٿو اها پنهنجي ڳوٺ ۾ نٿي ڪري سگهيس. مونکي هتي جي نو مسلم عالمن کان اسلام بابت ڪيتريون ئي سٺيون ڳالهيون ٻڌڻ جو موقعو ملي ٿو”، هن ٻڌايو ۽ هن جي ڳالهه ڪافي حد تائين مون کي صحيح لڳي توڙي کڻي ڪيترن کي تعجب لڳندو هجي. آئون پنهنجو تجزيو ڪندو آهيان ته اسلام بابت مون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ملڪ کان ٻاهر خاص ڪري ملائيشيا ۾ يا وري ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) ۽ مالمو (سئيڊن) جي مسجدن ۾ نومسلم مقامي گورن کان ٻڌيون ۽ دل سان هنڊايون ته واقعي اسلام انسان کي صحيح راهه ڏيکاري ٿو ۽ سچو دين آهي. اسان مسلمانن کي ڪڏهن ڪڏهن اجايو Complex ٿئي ٿو نه ته اسلام ته اڄ به هڪ ماڊرن مذهب آهي. جيڪي ڳالهيون اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ ٻڌايون ويون اهي اڄ به صحيح آهن. جيئن جيئن سائنس ترقي ڪري پئي، انسان جيترو گهڻو غور ۽ فڪر ڪري پيو ته هن کي قرآن ۽ حديث ۾ آيل ڳالهيون صحيح لڳن پيون. اڄ چوڏهن سئو سالن بعد ميڊيڪل سائنس اهو مڃي ٿي ته سوئر جي گوشت ۾ خرابيون آهن، ڪتو واقعي نجس جانور آهي جنهن جي ويجهو رهڻ کان گريز ڪجي، شراب صحت لاءِ نقصانڪار آهي، ماکيءَ ۾ شفا آهي ۽ ان ۾ Antibiotic ۽ ائنٽي سيپٽڪ خاصيتون آهن. اهڙي طرح بايولاجي، ائسٽرونامي ۽ سائنس جي ٻين شاخن جو علم، انسان کي ٻڌائي رهيو آهي ته اسلام سچو دين آهي ان جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ انسان ذات جي ڀلائي آهي ۽ قرآن الله تبارڪ و تعاليٰ جو ڪلام آهي.
عيسائيءَ مان مسلمان ٿيل هڪ آمريڪيءَ کان پڇيم ته ”ڇا هو ان تي يقين رکي ٿو ته قرآن واقعي الله جو ڪلام آهي؟“ مون هن کان reasoning ٻڌڻ ٿي چاهي.
“جي ها. بلڪل يقين اٿم. ان ڪري ته مسلمان ٿيو آهيان - رب پاڪ جو اهو ڪلام پڙهي. ائين جي نه هجي ها ۽ اهو هڪ عام رواجي ڪتاب هجي ها ته اڄ جو انسان ته ڇا ان وقت جا عرب ئي ان کي آسانيءَ سان ثابت ڪري سگهن آهن ته اهو حضور صلعم جن جو يا ان جي ڪنهن دوست/ مائٽ جو لکيل آهي. پر قدرت جي هر ڳالهه ۾ پنهنجا راز لڪل آهن. حضرت محمد صه جن تعليم جي معاملي ۾ ننڍي هوندي کان امي يعني اڻ پڙهيل هئا. جي پڙهيل ڳڙهيل عالم هجن ها ته هر هڪ اهو بهانو ڏيئي حضور صه جن جي ڳالهه کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ته اهو ڪلام رب پاڪ جو نه پر سندن لکيل آهي ۽ ٻي ڳالهه اها ته اسلام کان اڳ وارو عرب معاشرو جنهن ۾ هر هڪ لاءِ جهيڙو جهٽو، ڦر چوري، ٺڳي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ هڪ عام ڳالهه هئي ان ۾ حضور صه جن ايترو سچار ۽ نيڪ هئا جو کين هر هڪ امين ٿي سڏيو. هاڻ هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو چاليهه سالن تائين ڪوڙ نه ڳالهائي اهو ڪيئن هڪ ڏينهن اٿي چوندو ته رب پاڪ هي ٿو فرمائي. ڪنهن ۾ اها همت نه ٿي ته چئي سگهي ته حضرت محمد صلعم جن ڪوڙ ٿا ڳالهائين ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙو الزام هنيو به ٿي ته نه ان الزام هڻڻ واري جي دل اها ڳالهه مڃي ٿي ۽ نه ٻڌڻ واري جي دل مڃيو ٿي. ڇو ته الله جي ڪلام کي هڪ اهڙو انسان پيش ڪري رهيو هو جنهن جو سچار ۽ نيڪ هجڻ کان مڪي جو هر باشندو واقف هو. سڀني سمجهيو ٿي ته اخلاقي حيثيت سان هي هنن جي قوم جو بهترين ماڻهو آهي. اهڙي ماڻهوءَ کان اها توقع رکي نٿي سگهجي ته هو ايڏو وڏو ڪوڙ ڳالهائي ۽ ڪا ڳالهه پاڻ ٺاهي اها رب پاڪ سان منسوب ڪري.
“عرب جا ماڻهو اهو به ڏسي رهيا هئا ته هن ڪلام کي پيش ڪرڻ ۾ هن شخص جو ڪنهن به قسم جو ذاتي مفاد نه آهي. بلڪه اهو ڪم ڪري هن پنهنجي مفاد کي قربان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي واپار (تجارت) جي ڌنڌي کي برباد ڪيو. پنهنجي عيش ۽ آرام کي ختم ڪيو. جنهن معاشري ۾ هن کي اکين تي ويهاريو ويو ٿي ان ۾ ئي هن کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃڻ لڳو. نه فقط پنهنجو پاڻ کي پر پنهنجن ٻارن ٻچن کي به تڪليف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. الله جو رسول صه جيڪڏهن ذاتي مفاد جو خواهشمند هجي ها ته پنهنجو پاڻ کي اهڙين مصيبتن ۾ ڇو وجهي ها.
“مڪي جا ماڻهو اکين سان اهو به ڏسي رهيا هئا ته هنن جي ئي معاشري جا ماڻهو جيڪي هن تي ايمان آڻي رهيا هئا انهن جي زندگيءَ ۾ هڪدم هڪ قسم جو انقلاب بپا ٿي ويو ٿي. هڪ شاعر ۽ جادوگر جي ڪلام ۾ اهو تاثر آخر ڪڏهن ٿيو جو اهو ماڻهن ۾ ايڏي زبردست اخلاقي تبديلي آڻي ۽ هن کي مڃڻ وارا هن خاطر هر طرح جون تڪليفون برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن؟.
“مڪي جي ماڻهن کان اها ڳالهه به لڪل نه هئي ته شعر جي زبان ڇا ٿئي ٿي ۽ جادوگرن جا ڪلام ڪهڙي معيار جا ٿين ٿا. هڪ ضدي ۽ دل ۾ بغض رکندڙ ماڻهوءَ کان علاوه ٻيو ڀلا ڪير قرآن جي زبان کي عام شاعري ۽ لفاظي سمجهندو؟.
“هيءَ ڳالهه به هنن جي نگاهن ۾ هئي ته سڄي عرب ۾ ڪو شخص اهڙو فصيح ۽ بليغ نه هو جنهن جو ڪلام قرآن جي مقابلي ۾ آندو وڃي. هن جي برابر ته پري جي ڳالهه پر هن جي ويجهڙائي تائين به ڪنهن عرب جي فصاحت ۽ بلاغت پهچي نٿي سگهي جو هو کڻي چون ته قرآن الله جو ڪلام نه آهي پر محمد رسول الله صلعم فلاڻي شاعر يا اديب کان لکرائي ٿو.
“هنن کان (مڪي جي ماڻهن کان) اها ڳالهه به لڪل نه هئي ته خود نبي ڪريم صلعم جي زبان به پنهنجي ادبي شان جي لحاظ کان قرآن جي ادبي شان کان تمام گهڻي مختلف هئي ڪو به اهل زبان يا عربي زبان جو ڄاڻو حضور صه جن جي پنهنجي تقرير ۽ قرآن کي ٻڌي اهو نٿي چئي سگهيو ته هي ٻئي هڪ ئي ماڻهوءَ جا ڪلام آهن.
“قرآن جن مضمونن ۽ علمن تي مشتمل هو، نبوت جي دعويٰ ڪرڻ کان هڪ ڏينهن تائين به مڪي جي ماڻهن اهي ڳالهيون ڪڏهن به محمد صلعم کان نه ٻڌيون هيون ۽ هنن اهو به سمجهيو ٿي ته اهي ڳالهيون معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻ صه وٽ ڪو به ذريعو ناهي. ان ڪري سندن مخالفين جيڪڏهن اهي الزام هنيا به ٿي ته پاڻ صه جن اها معلومات لڪچوريءَ ڪنهن ٻئي پڙهيل ڳڙهيل ڏاهي انسان کان حاصل ڪري ٿو ته به مڪي جي ماڻهن دل سان ان تي اعتبار نٿي ڪيو.
“بهرحال قرآن تي اڄ به جيڪڏهن ڪو يقين نٿو ڪري ته ڀلي نه ڪري. اها هن جي مرضي آهي. رب پاڪ هر انسان کي عقل ۽ سوچڻ سمجهڻ جي طاقت ڏني آهي ته هو سچ ۽ ڪوڙ کي پرکي. هونءَ به قرآن انهن ماڻهن لاءِ نصيحت آهي جيڪي غلط راه ۽ ان ۾ پيش ايندڙ خراب نتيجن کان بچڻ چاهين ٿا. جيئن الحاقه سوره جي 48 آيت آهي ته وَاِنَهُه لَتَذ کِرَتن لِلمُتَقِينَ (حقيقت ۾ هي پرهيزگار ماڻهن لاءِ هڪ نصيحت آهي).
مائيڪل هيمس (Michael Hames) نالي هڪ يورپين اسلام بابت پنهنجا Views لکيا آهن:
Islam attracts me because it offers complete philosophy of life, because it is an authentic religion, preached and practiced by those who understand it. Everyone should study Islam with an open mind to find out just what it really is and does. Those who do so will find themselves pleasantly surprised when they should come to understand the vital truth of unity, brotherhood, morality and tolerance, which are the fundaments of teachings of the religion of Islam.

در بند ڪجانءِ پر ٻاهران

در بند ڪجانءِ پر ٻاهران
• چون ٿا ته بيمار جو حال پڇڻ مهل جيتريقدر ٿي سگهي ته هن وٽ گهٽ وهجي. يعني گهڻي دير ويهي هن کي بيزار نه ڪجي.
• امام غزالي رح “احياءَ العلوم” ڪتاب ۾ حضرت طائوس رضه جو هي قول نقل ڪندي فرمايو آهي ته حضرت عبدالله بن عباس رضه جن فرمائين ٿا ته “مريض وٽ گهٽ وهڻ سنت آهي.”
• بڪر بن عبدالله مزني لاءِ چون ٿا ته هو هڪ دفعي بيمار هو ته هن جا ڪجهه همعصر عيادت لاءِ حاضر ٿيا ۽ دير تائين ويٺا رهيا ته پاڻ هنن کي چيائون:
“مريض جي عيادت ۽ صحت مند جي زيارت ڪبي آهي.”
مطلب اهو ئي ته مريض وٽ گهٽ وقت وهڻ کپي.
• هڪ چرچو مشهور آهي ته هڪ همراهه ڪنهن بيمار کي پڇڻ لاءِ ويو ۽ ويٺو ئي رهيو. اٿڻ جو نالو ئي نه وٺي. بيمار نموني سان چيس ته ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ مون کي تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن ويچاري کي ايترو ٻڌڻ بعد به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ معصوميت سان مريض کي چوڻ لڳو. “جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته دروازو بند ڪري ڇڏيان.”
بيمار چيس: “ها. پر ٻاهران ڪنڊو ڏئي ڇڏجانءِ.”
• هڪ بيمار وٽ ڪجهه ماڻهو عيادت لاءِ آيا ۽ چڱي دير تائين حال احوال پڇندا رهيا ۽ پوءِ وڃڻ وقت بيمار کي چيائون ته ڪا وصيت ڪر. مريض چيو: “جڏهن ڪنهن بيمار کي پڇڻ وڃو ته گهڻي دير تائين نه وهندا ڪريو.”
• امام غزاليءَ جو چوڻ آهي ته جڏهن توهان ڪنهن مريض وٽ وڃو ته هن سان سٺيون ڳالهيون ڪريو، هن کي ڊيڄارڻ، خوفزده ڪرڻ يا مايوسيءَ جون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن.

گلا ۽ چغلي ....

گلا ۽ چغلي ....
حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته حضور اقدس صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو:
• “مسلمانو! منهنجي تعريف حد کان وڌيڪ نه ڪندا ڪريو جيئن عيسائين ابنِ مريم جي تعريف ڪئي آهي ڇو ته آئون الله جو ٻانهو آهيان، بس توهان مون بابت ايترو ئي چئي سگهو ٿا ته محمد صلي الله عليه وسلم الله جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهي.”
(مدارج البنوه، زاد المعاد، سمائل ترمذي)
گلا منفي ذهنيت جو نتيجو آهي جيڪڏهن توهان ٻين جي سٺائي ٻڌائڻ بدران هن جي خرابين جو ذڪر ڪريو يا هن جي معمولي اوگڻن ۾ مرچ مصالحا وجهي وڌائي بيان ڪريو ته اها گلا آهي.
صحيح مسلم ۾ حديث آهي ته “توهان کي خبر آهي ته گلا ڪهڙي شيءِ آهي؟ گلا اها آهي ته توهان پنهنجي ڀاءَ بابت اهڙي ڳالهه ڪريو جيڪا هن کي خراب لڳي.”
ڪنهن پڇيو يارسول الله صه ڇا ان کي به گلا سڏيو ويندو جي ڪڏهن اها خرابي ان ۾ موجود هجي؟
پاڻ فرمايائون: “تڏهن ته اها گلا آهي. جيڪڏهن اها خرابي موجود نه آهي ته پوءِ اهو بهتان آهي.”
۽ حديث نبوي صه آهي ته گلا جو گناه زنا کان به وڏو آهي. انسان زنا جي لاءِ توبهه ڪري سگهي ٿو ۽ رب پاڪ هن جي توبهن قبول به ڪري سگهي ٿو پر گلا ڪرڻ واري لاءِ تيستائين معافي ناهي جيستائين اهو شخص معاف نه ڪري جنهن جي هن گلا ڪئي آهي.
۽ حديث آهي ته الله جا خراب ٻانها اهي آهن جيڪي ٻين تي چغلي هڻن ٿا، دوستن جي وچ ۾ وڇوڙو پئدا ڪن ٿا ۽ چغلخور ڪڏهن به جنت ۾ نه ويندو.

پهرين کان وڌيڪ عنايتون ...

پهرين کان وڌيڪ عنايتون ...
حضرت ايوب عه بابت قرآن مجيد ۾ رب پاڪ فرمائي ٿو ته بيشڪ اسان کيس صابر ۽ ثابت قدم ڏٺو. هو ڪهڙو نه چڱو ٻانهو هو. يقينن هو هر حالت ۾ (الله جي حڪمن ڏي) رجوع ڪندڙ هو (يعني الله جي حڪمن جي تعميل ڪندو هو). 40:38
امام بخاريءَ رحه پنهنجي تاريخ ۾ حضرت ابوالدرداءَ رضه جي حوالي سان نقل ڪيو آهي ته جڏهن حضرت ايوب جو ذڪر ايندو هو ته نبي ڪريم صه جن چوندا هئا: “کَانَ اعبَدَ البَشَرِ”. (هو سڀ ۾ گهڻو عبادت گذار ماڻهو هو).
حضرت ايوب جو قصو ٻڌايو ويو آهي ته الله جي نيڪ ٻانهن تي جڏهن تڪليفون اچن ٿيون ته هو پنهنجي رب سان گلا شڪوو ڪرڻ بدران صبر سان انهن آيل آزمائشن کي برداشت ڪن ٿا ۽ رب کان ئي مدد گهرن ٿا. هنن جو اهو طريقو هرگز نٿو رهي ته جيڪڏهن ڪجهه عرصي لاءِ خدا کان دعا گهرڻ تي هنن مٿان اها مصيبت نه ٽري ته هو مايوس ٿي ٻين جي آستانن تي وڃي مٿو ٽيڪين. الله جا نيڪ ٻانها سمجهن ٿا ته جيڪي ڪجهه ملڻو آهي اهو پنهنجي اپائڻهار کان ئي ملندو ان ڪري مصيبتن جو سلسلو کڻي ڪيڏو به ڊگهو ٿئي هو پنهنجي رب جي رحمت جائي اميدوار رهن ٿا.
هڪ عقلمند ماڻهوءَ لاءِ اهو ئي سبق آهي ته انسان کي نه سٺين حالتن ۾ خدا کي وساري سرڪش ٿيڻ کپي ۽ نه خراب حالتن ۾ مايوس ٿيڻ کپي. تقدير جي ڀلائي توڙي برائي رب جي اختيار آهي. ان ڪري عقلمند ماڻهوءَ کي هر حال ۾ الله تي توڪل ڪرڻ کپي ۽ هن جي رحمت مان اميد لاهڻ نه کپي.
الله تعاليٰ کي بندي جي آڪڙ جيڏي ناپسند آهي ايڏي ئي هن جي عاجزيءَ جي ادا پياري آهي. بندو جيڪڏهن ڪو ڏوهه ٿو ڪري ۽ تنبيهه ڪرڻ تي ابتو هو وڌيڪ آڪڙجي ٿو ته هن جو انجام ابليس وارو ٿئي ٿو. ان جي برعڪس ٿوري به لغزش بندي کان ٿي وڃي ۽ هو توبه تائب ٿي عاجزيءَ سان پنهنجي رب جي اڳيان جهڪي وڃي ته هن جي مٿان اهي نوازشات فرمايون وڃن ٿيون جيڪي حضرت دائود ۽ حضرت سليمان تي فرمايون ويون. حضرت سليمان عه استغفار بعد جيڪا دعا ڪئي (اي منهنجا رب مون کي معاف ڪر ۽ مون کي اها بادشاهي ڏي جيڪا مون کان پوءِ ڪنهن لاءِ باعث سزا نه ٿئي. بيشڪ تون ئي اصل داتا آهين) الله تعاليٰ ان جو لفظ بلفظ پورو ڪيو ۽ هن کي واقعي اهڙي بادشاهي عطا ڪئي جيڪا ان کان اڳ پهرين نه ڪنهن کي ملئي هئي ۽ نه ان کان پوءِ عطا ڪئي وئي. هوائن تي حڪم ۽ جنن تي حڪمراني هڪ اهڙي غير معمولي طاقت آهي جيڪا انساني تاريخ ۾ فقط حضرت سليمان عه کي ئي بخشي وئي.
رب پاڪ حضرت سليمان عه ۽ حضرت دائود عه جو قصو ٻڌائي هڪ ئي وقت ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻ ٿو چاهي. هڪ ته پروردگار جي وٺ پڪڙ کان نبين تائين ڪو بچي نٿو سگهي، تابديگران چه رسد. ٻي ڳالهه ته انسان لاءِ صحيح رويو اهو ناهي ته هو ڪو ڏوه ڪري آڪڙ ڪري. پر هن کي کپي ته پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيڻ تي هو عاجزيءَ سان پنهنجي رب جي اڳيان جهڪي توبهه ڪري ۽ معافي گهري. ان ئي رويي جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ انهن بزرگن جي لغزشن کي نه فقط معاف ڪيو پر هنن کي پهرين کان به وڌيڪ عنايتن ۽ خوشحالين سان نوازيو.

مولانا اشرف علي ٿانوي جي ٻڌل ليڪچر جو ٽڪرو

مولانا اشرف علي ٿانوي جي ٻڌل ليڪچر جو ٽڪرو
جيڪي ماڻهو اسلام جي خذمت ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي کپي ته پهرين پنهنجي اصلاح ڪن. جڏهن پاڻ صحيح ٿي ويندا ته اسلام به صحيح ٿي ويندو. اخبار ۾ ڪنهن ريفامر جو مضمون ڇپيو آهي ته “ڪيترائي غير مسلم جيڪر مسلمان ٿي وڃن پر پنج وقت نماز هنن کي روڪي ٿي. ان ڪري اسانجي علمائن کي کپي ته هو اسلام مان نماز کي ڪڍي ڇڏين.”
آئون ٿو چوان اسلام مان نماز ڪڍڻ تي اسلام نالي جو به نه رهندو ۽ اها اسلام جي ترقي نه پر ڪُفر جي ترقي ٿيندي ڇو ته نماز جهڙي فرض کان انڪاري ٿيڻ ڪفر آهي. اسلام جي ان طرح سان خذمت ڪرڻ ائين ٿيندو جيئن هڪ پوڙهيءَ جي گهر ۾ شاهي باز اچي ڪريو. هن پوڙهيءَ ڪڏهن باز نه ڏٺو هو سو هن جڏهن باز جي هيڏي وڏي چهنب ڏٺي (سا به مڙيل) ته چوڻ لڳي ”هاءِ هاءِ! تون اَن ڪَڻا ڪيئن کائي سگهندو هوندين جڏهن ته تنهنجي چهنب چٻي ٿي وئي آهي!“ ان کان پوءِ قينچيءَ سان هن جي چهنب ڪٽي ڇڏي ۽ پوءِ مڙيل ننهن ڏسي هن کي باز تي اڃان به وڌيڪ قياس آيو. ”هاءِ الا! ڪنهن تنهنجا ننهن به نه ٺاهيا آهن تون هلندو ڪيئن هوندين!“ اهو چئي پوڙهيءَ باز جا ننهن به ڪَتري ڇڏيا. پوءِ ڊگهيون ڊگهيون کنڀراٽيون ڏسي چوڻ لڳي ”هيڏي وڏي بار سان تون واقعي ڪيئن اُڏامي سگهندو هوندين؟“ پوءِ قينيچيءَ سان هن جا کنڀ به ڪٽي ڇڏيا. هن پوڙهيءَ پنهنجيءَ پَر ۾ باز سان ته وڏي همدردي ڪئي پر حقيقت ۾ هن باز کي برباد ڪري ڇڏيو. جڏهن بادشاهه کي ڳولا بعد خبر پئي ته سندس شاهي باز هڪ پوڙهيءَ جي گهر ۾ آهي ته هن ان کي گهرايو ۽ پنهنجي باز جي هيءَ کُٿل حالت ڏسي کل به آيس ته افسوس به ٿيس. ٻئي ڏينهن بادشاهه حڪم ڏنو ته هن باز کي شهر جي بازار ۽ گهٽي گهٽي ۾ گهمائي پڙهو ڏنو وڃي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي قدردان مالڪ کان جدا ٿي بيقدرن جي ور چڙهندو ان سان هيءَ ئي ويڌن ٿيڻي آهي.
ته سائين! اسان به اسلام جي اهڙي ئي خذمت ۽ حفاظت ڪري رهيا آهيون جهڙي هن پوڙهيءَ شاهي باز جي ڪئي. آئون چوان ٿو ته نماز يا ڪو ٻيو فرض ڪڍڻ تي اهو مذهب اسلام ڪيئن ٿو ٿي سگهي. اسلام ته خدا طرفان موڪليل مذهب آهي جنهن جي حفاظت جو وعدو الله تعاليٰ پاڻ ڪيو آهي. ان ۾ ڪنهن به ماڻهو جي ذاتي راءِ يا تبديلي نٿي هلي سگهي.
اسلام جي ترقي اسان مسلمانن جي ترقي آهي ۽ اسان جي گهٽتائي اسلام جي گهٽائي آهي.

يورپ ۾ آيل تبديلي

يورپ ۾ آيل تبديلي
M.Sc مون ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ مان ڪئي جيڪا جهازن ۽ سمنڊ سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي پنهنجي نوعيت جي واحد يونيورسٽي آهي جيڪا يونائيٽيڊ نئشن جي IMO برانچ 1984ع ۾ سئيڊن جي ڏاکڻي بندرگاهه ۽ ٽي نمبر وڏي شهر مالمو ۾ ٺهرائي. پڙهائي ۽ امتحانن خاطر مون کي سئيڊن جي هن سهڻي شهر مالمو ۾ بنا موڪل ڪرڻ جي لڳاتار ٻه سال رهڻو پيو.
مالمو ۽ ڊئنمارڪ جو بندرگاهه ڪوپن هيگن ائين آهن جيئن دادو مورو يا وري ڪياماڙي منهوڙو، وچ ۾ ’بالٽڪ سمنڊ‘ جي رڳو پٽي آهي. سڄو ڏينهن هر پنڌرهين منٽن يا اڌ ڪلاڪ تي مختلف لانچون، ٻيڙيون ۽ فيريون مسافرن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پيون پهچائين. ٻنهي شهرن جي وچ ۾ پل به ٺهي رهي آهي جيئن دادو ۽ موري جي وچ ۾ آهي. سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ آهي. (اها پُل هاڻي ٺهي وئي آهي).
مالمو، ڪوپن هيگن ۽ ناروي جي بندرگاهن: اوسلو ۽ ٽرنڍام وغيره کي 1970ع جي شروعات وارن سالن ۾ پڻ ڏسڻ جو موقعو مليو هو. يورپ ايندي هنن بندرگاهن ۾ پڻ جهاز کي وٺي ايندا هئاسين. اتر قطب جي ويجهو هجڻ ڪري هنن علائقن ۾ ايڏي ٿڌ ٿئي ٿي جو هتي پوک نه برابر آهي. کاڌي جي شين لاءِ هي ملڪ (جيڪي اسڪينڊينيون پڻ سڏجن ٿا) ڏکڻ يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن تي ڀاڙين ٿا. اسين گهڻو ڪري ڪڻڪ، چانور يا گوار (جيڪا هتي جا وهٽ کائين) سان پنهنجو جهاز ڀري ايندا هئاسين. ڪيترا دفعا اسان کي رمضان جو مهينو ۽ عيدون هتي گذارڻيون پيون. عيد نماز يا تراويح نمازون جهاز تي ئي ٿينديون هيون. مسجد فقط ڪوپن هيگن ۾ هوندي هئي جتي پاڪستان ۽ ايشيا جي ٻين مسلمان ملڪن جا ماڻهو چڱي تعداد ۾ رهيا ٿي. هنن ملڪن جي ماڻهن کي اسانجي مذهب اسلام جي نه برابر ڄاڻ هئي. سئيدن، ناروي، فنئلنڊ جي ڪيترن شهرين کي اها به خبر نه هئي ته اسلام مذهب ڇا آهي ۽ هاڻ مالمو، هيلسنڪي، اوسلو، اسٽاڪهوم، گوٿمبرگ، لُولييا وغيره جهڙن ننڍن وڏن شهرن ۾ مسجدون ڏسي تعجب ٿو لڳي.
“مالمو شهر ۾ هڪ تمام وڏي مسجد ٺهي چڪي آهي.” مالمو پهچڻ سان يونيورسٽيءَ جي هڪ مسلمان شاگرد ٻڌايو،” جيتوڻيڪ حڪومت طرفان هڪ ٻي مسجد جي به اجازت مليل هئي پر پوءِ حڪومت ئي پابندي هڻي ڇڏي.”
“ڇو ڀلا-؟” مون حيرت مان پڇيو.
“شايد ان ڪري جو هن ڏٺو ته سندن ملڪ سئيڊن جا ماڻهو وڃن مسلمان ٿيندا.” هن ٻڌايو.
انگلينڊ ۽ آمريڪا پاسي (توڙي سنگاپور، هانگ ڪانگ جپان پاسي) مسجدن جي انتظام جو ڪم گهڻو ڪري اسان جا مڪاني پاڪستاني يا بنگالي ڀائر هلائين ٿا پر هتي مالمو جي هن مسجد ۾ مون کي پنهنجي رنگ ۽ روپ جهڙو ڪو ورلي نظر آيو. سڄي شهر ۾ پاڪستاني يا بنگالي آهن ئي ڪيترا؟ گهڻو تڻو مسجد اڇي چمڙي وارن گورن سان ڀريل رهي ٿي جن ۾ هتي جا رهاڪو ترڪ، بلقاني، يوگوسلاوين، جرمن ۽ مڪاني سئيڊش ۽ ڊئنش نظر اچن ٿا. مالمو شهر ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني مسعود (جنهن جي هتي جي سئيڊش زال پڻ مسلمان آهي) ٻڌايو ته هتي جا يورپي تمام وڏي رفتار سان مسلمان ٿي رهيا آهن. هنن کي مايوسيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام ئي هڪ سهارو نظر اچي ٿو. هتي جي ماڻهن پئسي دولت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ عروج حاصل ڪرڻ بعد به جنهن ڳالهه جو خال محسوس ڪيو آهي ان جو پورائو کين اسلام جهڙي مذهب ۾ نظر آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي جو جيترو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل طبقو آهي اوترو گهڻو اُن اسلام کي سمجهيو آهي. ان کي اسلام ۾ حقيقت نظر آئي آهي. ڪيترن ماڻهن اسلام ڏي وڌندڙ رجحان جو ٽوڙ ڪرڻ لاءِ اسلام کي جڏهن غور سان پڙهيو ته جيئن ان جون خاميون ڳولي انهن کي نمايان ڪيو وڃي ته حضرت عمر وانگر ماڳهين پاڻ مسلمان ٿي پيا آهن. هتي جا مرد ته مرد پر ڏينهون ڏينهن عورتن جو تعداد به وڌي رهيو آهي جيڪي هن مذهب (اسلام) جي دائري ۾ داخل ٿي رهيون آهن.
يورپ جي ٻين شهرن وانگر هن شهر مالمو ۾ پڻ ڪيتريون ئي هتي جون سئيڊش ڇوڪريون ۽ وڏي عمر جون زالون مٿي تي حجاب ٻڌي هلندي نظر اچن ٿيون سندن کير جهڙي اڇي چمڙي ۽ نيرين اکين مان ئي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي ته هي ايشيا جون مسلمان عورتون نه پر هتي جون “نيو مسلم” آهن. هنن جي اسلام بابت ڄاڻ پڻ وسيع آهي ڇو جو هي مسلمانن جي گهر ۾ پئدا ٿيڻ سان مسلمان نه ٿيون آهن پر هنن اسلام بابت ڄاڻ وٺي، اسلام جو پيغام هنيئين سان هنڊائي، سوچي سمجهي پوءِ پڪي عزم سان ايمان آندو آهي. مالمو جي هن مسجد جي مٿين ماڙ، جمعي نماز يا عيد نماز تي، عورتن لاءِ وقف هوندي آهي.
مختلف ملڪن جا مولوي مفتي خاص ڪري آمريڪا جا نيو مسلم ڪارا شيدي هن مسجد ۾ اسلام تي ليڪچر پڻ ڏيندا آهن. انهن ۾ هڪ بلال (سڄو نالو؛ ابُو اَمينا بلال فلپ) نالي ڪئناڊا جو شيدي پڻ آهي جنهن جي تقريرن جا انگريزي ۽ هتي جي زبان سئيڊش ۾ ترجمو ٿيل ڪئسٽ بيحد مشهور آهن. چون ٿا ته ستر واري ڏهاڪي ۾ هن پاسي جي ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ آيو ۽ پوءِ ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ ڪنهن عالم جو واعظ ٻڌي مسلمان ٿيو ۽ ان بعد هن پنهنجي زندگي دين خاطر وقف ڪري ڇڏي آهي. هو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تبليغ ڪندو رهي ٿو. سئيڊن ۾ مون کي ڪيترائي ماڻهو مليا جيڪي هن شخص جي رهنمائي ۾ مسلمان ٿيا آهن.
بلال جئميڪا جي گادي واري شهر ڪنگسٽن ۾ 1946 ڄائو پر ڪئناڊا ۾ پليو وڏو ٿيو. هو محمد قطب جي ڪتاب “Islam, The Misunderstood Religion” پڙهي اسلام جي دائري ۾ آيو. ان بعد اسلامي تعليم ۾ مدينه يونيورسٽيءَ مان B.A ۽ رياض جي ڪنگ سعود يونيورسٽيءَ مان عقيدي (Islamic Theology) ۾ ايم اي ڪئي. ان بعد 1993ع ۾ يونيورسٽي آف ويلس مان Ph.D ڪيائين. هو سالن کان دنيا جي مسجدن، ٽي وي چئنلن ۽ مختلف يونيورسٽين ۾ اسلام بابت ليڪچر ڏئي رهيو آهي. بلال فلپ قطر ۾ آن لائين اسلامڪ يونيورسٽي به کولي آهي.




سچن موتين جي هار جي ڪهاڻي

سچن موتين جي هار جي ڪهاڻي

انٽرنيٽ تي هڪ ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪيم ته پڙهندو ئي رهيس. وچ ۾ ڇڏڻ تي دل ئي نه چوي. اڄڪلهه جي دور ۾ ڪنهن کي ٽائيم آهي ايڏي وڏي ڳالهه پڙهڻ جو؟ هر هڪ وٽ سوين اي ميل پهچن ٿيون جن مان هو فقط چند پڙهي ٿو. ايتري قدر جو ڪو لطيفو يا شعر ڊگهو آهي ته ان کي به ڇڏي ڏيڻو پوي ٿو ۽ ”فارورڊ“ واري اِي ميل ته ورلي ڪو واندو کوليندو هجي. پر آئون پنهنجي تجربي جي حساب سان ڪن ماڻهن جون اي ميلون ضرور کوليندو آهيان، چاهي اهي انهن جون لکيل هجن يا هنن طرفان forward ٿيل هجن. دنيا جي ٻي ڪنڊ تي ٿر جهڙي رڃ واري ڪئناڊا جي هڪ شهر نارٿ پارڪ ۾ رهندڙ اسان جي ڳوٺ جو هڪ سول انجنيئر سرفراز ڳاهوٺي به انهن مان هڪ آهي. مون سندس نالو پڙهي سندس اي ميل کولي. هي اليڪٽرانڪ ليٽر آهي يا سڄو ناول! مون يڪدم erase ٿي ڪيو پر پوءِ اهو سوچي ته سرفراز جي اي ميل ۾ ضرور ڪا خاص ڳالهه هوندي، مون اڳتي هلي ايئرپورٽ تي بور وقت گذارڻ لاءِ هن ”اي ميل“ جو پرنٽ آئوٽ ڪڍي ورتو. مون کي ڪوالالمپور کان ڪولمبو وڃڻو هو. پوءِ جيئن ئي سامان ايئرپورٽ وارن حوالي ڪري جهاز ۾ چڙهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ وٺي ”انتظار گاهه“ واري لائونج ۾ اچي ويٺس ته شولڊر بئگ ۾ رکيل سرفراز ڳاهوٺيءَ جي اِي ميل ياد آئي. آئون ان کي ڪڍي سڪون سان پڙهڻ لڳس ۽ پڙهندو ئي ويس. دل ۾ سوچيم ته چڱو جو سرفراز اها اي ميل موڪلي ۽ چڱو جو مون ان کي Delete ڪرڻ بدران پڙهڻ جي همٿ ڪئي. مون ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ تان ئي آمريڪا جو 8700 -708-416-001 نمبر ملايو ۽ سرفراز کي ٻڌايم ته سندس اي ميل ايڏي ته دلچسپ ۽ نصيحت آموز آهي جو آئون پنهنجن پڙهندڙن سان Share ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو.... ۽ اڄ مهيني ٻن بعد جڏهن اتفاق سان ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ هن وقت واندو ويٺو آهيان ته اها اي ميل هيٺ سنڌي ۾ ترجمو ڪريان ٿو جنهن جو عنوان آهي:
”سچن موتين جي هار جي ڪهاڻي.“
اسلامي تاريخ ۾ قاضي ابوبڪر انصاري هڪ خوبصورت شخصيت جو مالڪ ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي وقت جو بيحد نيڪ انسان هو. سندس وفات کي نو کن صديون گذري چڪيون آهن پر اڄ به هن جي مثالي زندگي مسلمانن جي رهنمائيءَ جو ذريعو آهي. هن جون بايوگرافيون لکڻ وارا سندس ايمانداري ۽ ڀروسي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون بيان ڪن ٿا پر اها ڳالهه جنهن سندس سڄي زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو هڪ عجيب ۽ منفرد واقعن جو مجموعو آهي. پنهنجي زندگيءَ جي هيءَ ڪهاڻي هُن پاڻ پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي جنهن سان تاريخي ڪتابن جا صفحا ٻهڪن ٿا.
”پنجين صدي هجري جي وچ ڌاري، آئون مڪي شهر ۾ قرآن ۽ حديث جو شاگرد هوس. هڪ اهڙو وقت آيو جو آئون بيروزگار ٿي ويس ۽ پئسي ڏوڪڙ ملڻ جا سمورا ذريعا ختم ٿي ويا. بهرحال مون پنهنجي وسنئون نه گهٽايو پر باوجود ڪوشش جي آئون ٻه چار ٻيا ڏينهن مس گذاري سگهيس، ان بعد مون لاءِ هڪ ويلو مانيءَ جو هٿ ڪرڻ به مشڪل ٿي پيو. منهنجي پڙهائيءَ ۾ به رنڊڪ پيدا ٿي وئي ۽ پنهنجي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ مون کي پنهجا ڪجهه ڪتاب کپائڻا پيا. آئون، سمجهو ته بک ۾ پاهه ٿيڻ واري حالت تي اچي رسيو هوس پر منهنجي عزت نفس مون کي اجازت نٿي ڏني ته ڪنهن کان کڻي پني يا اوڌر گهري گذر ڪريان.
هر روز وانگر ان ڏينهن به آئون سخت بکايل هوس. آئون حرم پاڪ ۾ هليو ويس ۽ ڪعبي جي سامهون ويهي رب پاڪ کان دعا گهريم ته مون کي هن مشڪل مان بچاءِ. واپسي تي ڏسان ته رستي جي ڪناري تي هڪ مخمل جي ڪپڙي جو پرس پيو آهي. مون اهو کنيو. هي تمام سهڻي نموني سان سبيل هو ۽ ريشم جي ڏورين سان بند ٿيل هو. مون چوڌاري نهاريو ته ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو پر رستو پري پري تائين سنسان هو. ڪنهن بني بشر جو نالو نشان نه هو. آئون پرس کڻي گهر پهتس.
منهنجي دل ۾ اها ئي هورا کورا هئي ته هن پرس ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو. گهر پهچي ڏورين جون ڳنڍيون کولي پرس کوليم ته هڪ تمام قيمتي موتين جو هار منهنجي هٿ تي اچي پيو. موتين جي چمڪ ڌمڪ ۾ منهنجو ڪمرو ڄڻ ته روشن ٿي ويو. مختلف سائيزن جي موتين کي واڱڻائي رنگ جي ريشمي ڏوريءَ ۾ پوئي هار ‎ٺاهيو ويو هو. ههڙو سهڻو ۽ مهانگو ڳهه پنهنجي هٿن ۾ جهلي آئون عجيب محسوس ڪري رهيو هوس. ڪجهه گهڙين لاءِ مون کان پنهنجي بکايل ۽ رحم جوڳي حالت به وسري وئي. منهنجو دماغ ان بدنصيب مالڪ بابت سوچڻ لڳو جنهن جي هٿن مان ههڙو قيمتي هار نڪري ويو هو. هو ههڙي قيمتي شيءِ وڃائي پڪ ڏک ۽ مايوسيءَ جي ڪيفيت محسوس ڪري رهيو هوندو. مون هڪدم اهو سوچيو ته ڪنهن ريت مالڪ کي ڳولي سندس هار کيس پهچايو وڃي، جيئن هن جي ذهني پريشاني ختم ٿي سگهي. منهنجي نيت ۾ اهو ذري ماتر به نه آيو ته ان پرائي مال تي قبضو ڪيو وڃي. آئون ان وقت ئي مالڪ جي ڳولا لاءِ نڪتس. هار سوڌو پرس گهر ۾ ڇڏي آئون سڌو ان هنڌ تي آيس جتان مون کي پرس مليو هو.
اتي پهچي ڏٺم ته ماڻهن جو هڪ ٽولو ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪري رهيو هو. سندن چهرن مان پريشاني بکي رهي هئي. هنن جي ويجهو پهچي مون هنن جي ڳالهه ٻڌي ته هو گم ٿي ويل پرس بابت گفتگو ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ قيمتي موتين جو هار هو. هڪ پير مرد جنهن جي چهري مان نور ٿي بکيو ۽ هن جي شخصيت اعليٰ درجي ۽ شان جي هجڻ ۾ ڪو شڪ نه هو، هنن جي وچ ۾ بيٺو هو. هو پنهنجي موتين جهڙي مهانگي شيءِ جي نقصان بابت ٻين کي ٻڌائي رهيو هو ۽ اهو پڻ اعلان ڪري رهيو هو ته جيڪو ماڻهو هن کي موتين جو اهو هار حاصل ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪندو ان کي 500 سونا سڪا انعام طور ڏيندو.
مون هن جي نقصان جو سربستو احوال وڏي غور سان ٻڌو. پوءِ جڏهن مون کي چڱيءَ طرح خاطري ٿي وئي ته ان موتين جي هار واري پرس جو مالڪ هي پيرسن آهي ته مون هن جو ڌيرج سان هٿ جهليو ۽ کيس پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ عرض ڪيو. هن مون ڏي پُراُميد نظرن سان ڏٺو ۽ بنا ڪنهن سوال جواب ڪرڻ جي مون سان گڏ هلڻ لڳو. گهر ڏي وڃڻ وقت آئون دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو رهيس ته ڪجهه دير کانپوءِ 500 دينار جيڏي وڏي ملڪيت جو آئون مالڪ ٿي ويندس. ايڏي وڏي ملڪيت بابت فقط سوچ به مون کي فرحت بخشي رهي هئي. آئون اهو ئي سوچي رهيو هوس ته ايڏي وڏي دولت مون وٽ اچڻ بعد منهنجا سڀ ڏک درد غائب ٿي ويندا. اڄ ڏينهن کانپوءِ آئون بکئي پيٽ نه سمهندس ۽ نه وري آئون غريب سڏائيندس. اهڙن خوش خوش خيالن ۽ ويچارن سان آئون پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيس ۽ پيرمرد کي به اندر اچڻ لاءِ آڌر ڀاءُ ڪيم.
جڏهن اسان ويٺاسين ته مون پنهجي پريشان حال پيرسن مهمان کي سندس گم ٿي ويل پرس بابت ڪا نشاني ٻڌائڻ لاءِ چيو، جيئن بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اهو چئي سگهجي ته اها هن جي ئي ملڪيت آهي. هن يڪدم پنهنجي گم ٿي ويل پرس جي نه فقط شڪل ۽ سائيز ٻڌائي پر ان ۾ موجود هار ۽ ان هار ۾ پوتل موتين جو تعداد پڻ ٻڌايو. هن ويندي پرس کي بند ڪرڻ واري ريشمي ڏور جو رنگ ٻڌايو. ايترو ثبوت ڪافي هو جنهن مان پڪ ٿي وئي ته هن پرس ۽ ان ۾ رکيل هار جو هي سچو مالڪ آهي. آئون چپ چاپ اٿيس ۽ موتين جي هار سميت پرس کڻي اچي پير مرد اڳيان رکيم. پرس ۾ موجود هار کي ڏسي هن جي غمگين شڪل تي خوشيءَ جون لهرون ٻهڪڻ لڳيون. هن جي چمڪندڙ اکين ۾ سڪون ۽ فرحت محسوس ٿيڻ لڳي. هو مون کي ٿورائتين نظرن سان ڏسڻ لڳو. هن جي دل لڀائيندڙ مهرباني مڃڻ جي نهار مون کي بيحد متاثر ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي منهنجي سوچ جو رخ يڪدم تبديل ٿي ويو.
ٿوري دير اڳ آئون اهو سوچي گد گد پئي ٿيس ته مون کي هيڏو وڏو انعام ملندو پر هاڻ منهنجو دماغ مون سان دليل بازي ڪرڻ لڳو ته مون اهڙو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جنهن جي بدلي ۾ آئون پاڻ کي ان انعام جو حقدار سمجهان؟ اهو ته هڪ نسورو ئي اتفاق هو جو اهو پرس منهنجي ور چڙهي ويو، باقي ان کي ڳولڻ يا حاصل ڪرڻ لاءِ مون ته ڪنهن به قسم جي جاکوڙ نه ڪئي. ان ڪري مون کي اهو پرس ان جي سچي حقدار کي واپس ڪرڻ جي بدلي ۾ ڇا ڪنهن به قسم جي انعام حاصل ڪرڻ جي اُميد رکڻ کپي؟
دراصل مون کي پئسي جي سخت ضرورت هئي. منهنجي غربت ۽ منهنجي ڪسمپرسي واري حالت مون کي گهوري رهي هئي. آئون اهو انعام ڇو نه قبول ڪريان؟ اهو مون لاءِ بلڪل حلال هو ۽ ان کي قبول ڪرڻ ۾ ڪو ڏوهه يا گناهه نه هو. منهنجي اندر ۾ ها ۽ نه جي عجيب ويڙهه شروع ٿي وئي ۽ آئون اهو فيصلو نه پئي ڪري سگهيس ته مون کي ڇا ڪرڻ کپي. اعلى مانَ ۽ مرتبي جو هي پيرسن پنهنجي هار کي چتائي چتائي ڏسي رهيو هو ۽ هن کي ڄڻ ته خواب محسوس ٿي رهيو هو ته هن جو گم ٿيل سچن موتين جو قيمتي هار هن جي هٿن ۾ هو. بهرحال هن کي پڪ ٿي وڃڻ تي هن مون ڏي نهاريو ۽ چيو:
”او منهنجا دلبر، تون هڪ نيڪ ماڻهو ٿو ڏسجين ۽ آئون پنهنجي دل جي گهراين سان تنهنجو ٿورو مڃان ٿو. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آئون تنهنجي احسان جو بدلو ڪيئن لاهيان تنهنجو هي ڪم تعريف جوڳو آهي جنهن لاءِ آئون توکي 500 دينار جو هڪ حقير تحفو پيش ڪريان ٿو جيڪو مهرباني ڪري قبول ڪر.“
ان بعد هن شخص منهنجي اڳيان سونن سڪن جي ڳوٿري رکي. منهنجي دل ۾ انعام وٺڻ ۽ نه وٺڻ واري ڇڪتاڻ اڃا تائين جاري هئي. پئسن جي ڳوٿري منهنجي اڳيان هئي رڳو کڻڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ جي دير هئي پر مون پنهنجو پاڻ کي ان ڪم کان روڪيو ۽ پير مرد کي چيو: ”سائين هيڏي وڏي انعام ڏيڻ لاءِ آئون توهان جو شڪر گذار آهيان پر مون لاءِ اهو قبول ڪرڻ ناممڪن ڳالهه آهي.“
”ڇو ڀلا؟“ منهنجي مانواري مهمان پڇيو، ”هن انعام تي تنهنجو حق ٿئي ٿو جو اهو آئون پنهنجي خوشيءَ سان توکي ڏئي رهيو آهيان. آئون پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ هي تحفو ڏئي رهيو آهيان. مهرباني ڪري ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري منهنجي دل نه ڏکوءِ.“
ان جي جواب ۾ ادب سان چيومانس: ”سائين الله نه ڪري جو آئون اهڙو بدتميز ٿيان جو توهان جي مهربانيءَ کي ٺڪرايان پر ساڳي وقت آئون اهو محسوس ڪريان ٿو ته منهنجي لاءِ هي انعام وٺڻ مناسب ناهي جو ان لاءِ مون ڪا به محنت نه ڪئي آهي. هي هار توهان جي امانت آهي جيڪو مون کي راهه ويندي رستي تي نظر اچي ويو. توهان جي شيءِ هئي جيڪا توهان کان ڌار ٿي وري ملي وئي ان لاءِ آئون انعام جو حقدار قرار نٿو ڏنو وڃان. مهرباني ڪري مون کي ان شيءِ کي وٺڻ لاءِ زور نه ڀريو جنهن تي منهنجو اخلاقي طرح حق نٿو بڻجي.“
منهنجي انڪار لاءِ پڪو پهه ڏسي پير مرد کي بيحد حيراني ٿي. عام طرح ماڻهو پئسي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪن ٿا پر آئون ان کي نه وٺڻ لاءِ هوڏ ٻڌي بيٺس. هن مون کي سمجهائڻ جي نموني سان چيو: ”منهنجا پٽ! ايماندار ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي. موتين جو هار مالڪ کي موٽائي تو ايمانداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي پر جيڪو پئسو تحفي طور آئون توکي خوشيءَ سان ڏئي رهيو آهيان ان جي مذهب ۾ ڪا جهل پل ناهي- نه مون کي ڏيڻ جي ۽ نه توکي قبول ڪرڻ جي. ان ڪري آئون توکي عرض ڪندس ته ٻي ڪنهن ڳالهه لاءِ نه ته منهنجي خوشيءَ خاطر هن سونن سڪن جي ڳوٿريءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو وري ويچار ڪر.“
ان تي مون چيومانس: ”سائين منهنجو ارادو توهان کي ناراض ڪرڻ جو هرگز ناهي، پر آئون الله جي رضامندي چاهيان ٿو، جيڪا مون لاءِ سڀ کان اهم آهي. توهان جو پرس توهان کي واپس ڪري جيڪڏهن مون سٺو ڪم ڪيو آهي ته ان عمل جو رب پاڪ مون کي ضرور اجورو ڏيندو. ان ڪري منهنجا مانوارا سائين مون کي ان ڳالهه لاءِ زور نه ڀريو ڇو جو آئون ان ڪم جي بدلي ۾ انعام قبول ڪرڻ نٿو چاهيان جنهن تي مون کي ڪا خاص محنت ڪرڻي نه پيئي.“ منهنجي مهمان هيرن جي هار وارو پرس ۽ سونن سڪن جي ڳوٿري کنئي ۽ غمگين حالت ۾ منهنجي گهر مان نڪتو. وڃڻ وقت منهنجي پٺن کي ٺپرئين ۽ بنا ڪنهن لفظ چوڻ جي هليو ويو.
هيڏانهن هفتي کن کانپوءِ، مون کي وري پراڻي نوڪري ملي وئي. منهنجي بک ۽ بيروزگاريءَ جا ڏينهن ختم ٿي ويا ۽ مون هڪ دفعو وري مدرسي ۾ داخلا ورتي ۽ روزمره جي پڙهائي ۽ گهر جي ڪم ڪارين ۾ اهڙو ته مشغول ٿي ويس جو گذريل ڏينهن ۾ درپيش آيل مٿيون واقعو ذهن مان نڪري ويو. آئون پنهنجو سمورو ڌيان ۽ همت قرآن ۽ حديث جو علم حاصل ڪرڻ ۾ لڳائڻ لڳس. منهنجي دلچسپي جو اهم سبجيڪٽ اسلامي قانون (Jurisprudence) هو. بهرحال مون سٺن مارڪن ۽ پوزيشن سان تعليم مڪمل ڪئي.
منهنجي معلم (استاد) جي سفارش تي مون کي ’هسپانيا (اسپين) جي شهر قرطبه ۾ قاضيءَ جي عهدي جي آفر ڏني وئي، جيڪا مون وڏي خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ اسپين ڏي رواني ٿيڻ جي ڊگهي سفر جي تياري شروع ڪري ڏني. مون پنهنجي هم ڪلاسين ۽ ساٿين کان موڪلايو ۽ پاڻيءَ جي جهاز ذريعي اسپين روانو ٿيڻ لاءِ جدي پهتس. بحر احمر (Red Sea) جي بندرگاهه ”جدي“ ۾ پهچي آئون ان مسافر بردار جهاز ۾ سوار ٿيس جيڪو مون کي کڻي منهنجي مستقبل جي اُميدن واري ڌرتي ڏي وٺي وڃڻو هو. شروع جا ٻه ڏينهن کن سمنڊ آرسيءَ وانگر بيحد ماٺو هجڻ ڪري سفر بيحد فرحت بخش گذريو. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سمنڊ خراب ٿيڻ لڳو ۽ سخت طوفان ۾ اسان ۽ اسان جو جهاز ڦاسي پيو. جبل جيڏيون وڏيون ڇوليون جهاز کي وڪوڙي ويون ۽ جهاز هڪ رانديڪي مثل بازوليون کائڻ لڳو. سندس کوها ڀڄي ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويا ۽ سڙهه ڦاٽي پيا. ايتري ۾ هڪ آفت جيڏي ڇولي جهاز کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. ڪجهه رڙين ۽ هڪ ٻئي کي سڏڻ جون ڪيهون ڪنن تي پيون ۽ پوءِ مڪمل ماٺ ٿي وئي. چوڌاري سمنڊ تي ڪجهه تختا ترندي نظر آيا جن تي پهچڻ لاءِ ڪجهه مسافر هٿ پير هڻي تڙڳي رهيا هئا. هر هڪ ان ڪوشش ۾ هو ته ڪنهن تختي جو سهارو ملي وڃي جنهن کي سوگهو جهلي پنهنجي جان بچائي سگهجي. هيڏي وڏي جهاز جا بس ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مسافر وڃي بچيا هئا، جيڪي پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا. هن اوچتي حادثي ۽ صدمي مان جڏهن مون پاڻ سنڀاليو ۽ هوش آيو ته پاڻ کي هڪ تختي سان چهٽيل ڏٺم جيڪو هوا ۽ لهرن جي رحم و ڪرم تي تري رهيو هو.
ٻه ڏينهن ٻه راتيون هيڏانهن هوڏانهن ٿيلهجڻ بعد سمنڊ جي ڇولين جڏهن مون کي ڪناري تي اچي سَٽيو ته آئون نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ هوس. مون الله جا شڪر بجا آندا جنهن مون کي موت جي چنبي مان بچايو. آئون ايڏي ته ڪمزوري محسوس ڪري رهيو هوس جو مون کان چُريو به نٿي ٿيو. آئون بي يارو مددگار سج جي تپندڙ ڪرڻن جي گرميءَ ۾ سڙندو رهيس. چند قدمن تي اڳيان ڪجهه ڪنڊن وارا ٻوٽا هئا. آهستي آهستي مونڙيون پائي انهيءَ جي جهڙي تهڙي ڇانوَ ۾ وڃي پاڻ کي ڇڏيم. وقت جي ڪا سڌ نه رهي هئم ته ڪيترا ڏينهن گذري ويا يا اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي. منهنجي حالت غشي ۽ سخت ننڊ جي وچ واري هئي.
ڪجهه دير بعد، مون اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي مٿان بيٺل ڪجهه عجيب چهرن کي پاڻ ڏي گهوريندو ڏٺم. هنن منهنجي وات ۾ پاڻيءَ جا ڦڙا وڌا، جنهن سان مون کي هوش آيو، پر تنهن هوندي به مون کي ڳالهائڻ جي همت نه پئي ٿي. هنن هڪ کٽ آندي، جنهن تي مون کي ليٽائي ڀر واري شهر ڏي روانا ٿيا. جڏهن اسان ان جي ويجهو ٿياسين ته پري کان مسجد جو منارو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته آئون اهڙي ملڪ ۾ آهيان، جتي جا ماڻهو مون واري ساڳي مذهب سان تعلق رکن ٿا. مون دل ئي دل ۾ رب پاڪ جا ٿورا مڃيا.
وٺي هلڻ وارا ماڻهو مون کي، انهن مان هڪ جي گهر ۾ کڻي آيا ۽ مون کي هڪ آرامده بستر تي اچي ليٽايو ويو. چڱي طرح خيال رکڻ، آرام ڪرڻ ۽ دوا درمل سان آئون ٻن ٽن ڏينهن ۾ چاق چڱو ڀلو ٿي ويس. مون کين پنهنجي بدنصيب حادثي بابت ٻڌايو ته ڪيئن جهاز سخت طوفان جو مقابلو نه ڪندي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ مسافرن مان اسان ڪجهه ڄڻا جهاز مان نڪتل ڪاٺ جي ٽڪرن جو سهارو حاصل ڪري سگهياسين. منهنجي ميزبان جنهن جو نالو فالح حسن هو، تنهن ٻڌايو ته آئون يمن ملڪ جي هڪ ڪناري واري شهر حديده ۾ آهيان. سمنڊ جي جنهن ڪناري واري حصي تي آئون اڇلجي آيس، اتي ماڻهن جي اچ وڃ بلڪل نه برابر رهي ٿي. ”ان ڏينهن اتفاق سان آئون پري کان وڃي رهيو هئس ته مون سان گڏ منهنجي ڪجهه دوستن ڳِجهن کي ڦيرا ڪندي ڏٺو سو اسان معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن ويجهو پهتاسين ته توکي بيهوشيءَ جي حالت ۾ ستل ڏٺوسين“ فالح حسن ٻڌايو. مون سندس ۽ سندس دوستن جا ٿورا مڃيا، جن منهنجي زندگي بچائي. منهنجو چڱي طرح خيال رکڻ ڪري آئون هڪ دفعو وري ذهني ۽ جسماني طرح نوبنو ٿي ويس.
آئون هاڻ وقت تي مسجد ۾ نمازون ادا ڪرڻ لڳس، جتي ڪيترن ئي شهرن جي اعليٰ مرتبي ۽ عزت وارن سان ملاقات ٿيڻ لڳي. منهنجي ميزبان معرفت هنن کي منهنجي بدنصيب واقعي جي خبر پئجي چڪي هئي ۽ هو سڀ مون سان پيار ۽ عزت سان درپيش آيا ٿي. انهن ۾ شيخ احمد بن سهيل نالي هڪ ڪراڙو پير مرد به هو، جنهن گهڻو ڪري نماز پڙهائي ٿي. هو مون سان هر وقت پدرانه شفقت سان مليو ٿي ۽ سندس اثر منهنجي دل جي گهرائيءَ تائين ٿيو ٿي.
هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو هن کي مسجد ۾ ايندي دير ٿي وئي، سو باقي جماعتين امام ٿيڻ لاءِ مون کي چيو. مون ڪافي گهٻراهٽ محسوس ڪئي ۽ اهڙي اهم ڪم لاءِ معذرت ڪرڻ چاهي جو ٻيا مون کان وڏي عمر جا موجود هئا، پر سڀني جي خواهش اڳيان مون کي آڻ مڃڻي پيئي. ان ڏينهن مون امام جي ڊيوٽي سرانجام ڏني. مون پوري ڪوشش سان قرآن جون سُورون صحيح ۽ چٽي طرح پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نماز بعد اسلامي قانون تي مختصر ليڪچر پڻ ڏنو. مون ڏٺو ته منهنجي ان ڳالهه تي هر هڪ بيحد متاثر نظر آيو. شيخ احمد بن سهيل اٿي مون وٽ اڳيان آيو ۽ مون کي سٺي طرح نماز پڙهائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني. منهنجي تعريف ۽ همت افزائي ڪرڻ تي مون هن جي مهرباني مڃي. پنهنجي گهر موٽڻ وقت منهنجي دل ۾ هڪ عجيب اعتماد ۽ خوشيءَ جو جذبو هو.
پر پوءِ، هڪ ڏينهن ويهي سوچيم ته هاڻ آئون ڪجهه وڌيڪ ئي رهي پيو آهيان. اها به هنن جي مهرباني جو منهنجي خدمت چاڪري ڪيائون، هيترا ڏينهن مهمان ڪري رکيائون. سو شام جو عصر نماز پڙهڻ بعد مون پنهنجي ميزبان کي هي ملڪ ڇڏڻ جي ارادي کان آگاهه ڪيو، پر هن مون کي ايترو جلد وڃڻ کان روڪيو. هن مون کي ڪجهه ڏينهن ٻيا ترسڻ لاءِ چيو، جيسين منهنجي صحت بلڪل سڌري وڃي. رات جو عشا نماز بعد آئون جيئن ئي سمهڻ لاءِ ٿي ويس ته شيخ احمد بن سهيل شهر جي ڪجهه معزز ماڻهن سان گڏ مون وٽ آيو. هن سان گڏ منهنجو ميزبان فالح حسن ۽ هن جا دوست جن مون کي بچايو هو، پڻ هئا. خوش خير عافيت ڪرڻ بعد شيخ احمد مون ڏي نظرون موڙي مون کي چيو: ”پيارا ابوبڪر مون کي هنن سڀني پنهنجي طرفان ڳالهائڻ جي عزت بخشي آهي ته هنن جي خواهش جو اظهار توسان ڪريان. مون کي اميد آهي ته تون ان لاءِ هائوڪار ڪندين.“
ان قسم جي خطاب سان آئون مونجهاري ۾ پئجي ويس. ڪجهه گهٻرائيندي ۽ ڪجهه حراس مان چيم: ”سائين توهان مون لاءِ هيڏا مهربان ۽ مددگار رهيا آهيو، آئون توهان جي ڪنهن به خواهش يا حڪم جو انڪاري ٿي نٿو سگهان. توهان مون کي ڪنهن به ڳالهه لاءِ حڪم ڪري سگهو ٿا ۽ ان جي پوئواري ڪرڻ منهنجي لاءِ عزت آهي.“
هن چيو: ”پيارا پٽ، اسان سڀ دلئون چاهيون ٿا ته تون پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن اسان وٽ ئي گذار. اسان جي مسجد جو جيڪو پڪو امام هو، اهو گذريل سال وفات ڪري ويو. هن جي ڇڏي وڃڻ جو ڏک اڄ به اسان جي دلين ۾ موجود آهي ۽ شايد اهو ڪڏهن به نڪري نه سگهي. هن اسان جي زندگيءَ ۾ علم جي ڏيئي سان روشني پيدا ڪئي. اسان چاهيون ٿا ته تون هن جي جاءِ والار ۽ اسان سڀ اهو ئي چاهيون ٿا ته تون اسان جي مسجد جو امام ٿي رهه. جيتوڻيڪ اسان توکي ايترو پئسو نه ڏئي سگهنداسين، جيترو قرطبا جي قاضيءَ کي ملي ٿو، پر اها خاطري آهي ته اسان توکي بي پناهه پيار، خلوص ۽ عزت ڏينداسين.“
”پر سائين،“ مون احتجاج ڪيو، ”آئون ته هڪ ناتجربيڪار آهيان ۽ اڃا هاڻ تعليم ختم ڪئي اٿم ۽ امام جهڙي اعليٰ رتبي لاءِ ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ پاڻ کي هيچ سمجهان ٿو.“
محترم شيخ چيو: ”منهنجا پٽ، پنهنجو پاڻ کي گهٽ نه سمجهه. اسان سڀني تنهنجي تلاوت ۽ واعظ ٻڌو آهي ۽ سڀني ماڻهن جي اها راءِ آهي ته تو ۾ هر قسم جي جوابدارين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت آهي“.
ان کان اڳ جو آئون ڪو ٻيو سبب پيش ڪريان، منهنجي ميزبان فالح حسن ۽ هن جي دوستن شيخ صاحب جي ڏنل ان تجويز جي پٺڀرائي ڪئي. مون لاءِ هائوڪار ڪرڻ کان علاوه ٻي ڪا راهه نه رهي. منهنجي قبوليت جي فيصلي تي سڀ ماڻهو بيحد خوش ٿيا خاص ڪري شيخ احمد جنهن مهرباني مڃيندي منهنجي نرڙ تي چمي ڏني. ان بعد سڀ اٿي کڙا ٿيا ۽ هر هڪ الڳ منهنجا ٿورا مڃيا ۽ خوش ٿي پنهنجن گهرن ڏي روانا ٿيا.
هن ملاقات ۽ ڪارروائي بعد آئون پنهنجي منهن اهو ئي سوچيندو رهيس ته تقدير جا ڳُجها هٿ انسان جي مستقبل تي ڪيئن لڪ ڇپ ۾ اثرانداز ٿين ٿا. انسان پنهنجي لاءِ ڇا ڇا سوچي ٿو، هو ڇا ڇا رٿون بنائي ٿو، پر حالتون ڳجهي طرح اهڙو رخ اختيار ڪرڻ لڳن ٿيون جو انسان جون سڀ رٿائون ۽ اٽڪلون بيڪار بڻجيو وڃن. هو حالتن جي هٿن ۾ مجبور ٿيو وڃي. ڏسو ته سهي آئون اسپين وڃي قرطبا جو قاضي ٿيڻ جو شوق پنهنجي دل ۾ سانڍيندو رهيس ۽ ان خواهش جي پورائي لاءِ ضروري تعليم به مڪمل ڪيم ۽ هاڻ جڏهن خوشي خوشي مان ان خواب جي پورائي لاءِ وڃي رهيو هوس ته قدرت طرفان تيار ٿيل رٿائون منهنجي آڏو اچي ويون ۽ اسپين ۾ قاضي ٿيڻ بدران يمن جي هڪ مسجد جو امام ٿي ويو آهيان. ڀؤنچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ جي ڪناري واري شهر قرطبا ۾ رهڻ بدران بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي ڪناري واري شهر حُديده ۾ زندگي گهاري رهيو آهيان.
سو اهڙي طرح منهنجي زندگي جي نئين باب جي شروعات ٿي. مون مسجد جي امام جون ڊيوٽيون شروع ڪري ڏنيون ۽ پنهنجي ميزبان جو گهر ڇڏي مسجد جي ڀرسان امام لاءِ ٺهيل خالي گهر ۾ اچي رهيس. امام جي وفات ڪري جيڪو پرائمري اسڪول بند ٿي ويو هو، ان کي پڻ نئين سنئين شروع ڪيم. ان کان علاوه معنيٰ سان قرآن پڙهائڻ جا ڪلاس پڻ شروع ڪيم.
مون پنهنجو پاڻ کي مڪمل طرح نئين ماحول جي سانچي ۾ جوڙي ڇڏيو ۽ شهر جا ماڻهو به مون کي هڪ نئين مذهبي اڳواڻ جي حيثيت ۾ قبول ڪرڻ لڳا. آئون هن نئين نوڪريءَ مان بلڪل مطمعن هوس ۽ ڪنهن گهڙيءَ ۾ به مون کي اهو احساس نه ٿيو ته مون هتي رهڻ جو ڪو غلط فيصلو ڪيو آهي. شهر جا ننڍا وڏا مون مان خوش هئا ۽ مون کي عزت جي نگاهن سان ڏٺائون ٿي. مون کي شروع ۾ جيڪو ڌاريائپ جو احساس هو، اهو هاڻ ختم ٿي ويو. مون کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ آئون صدين کان هتي رهندو اچان.
هڪ ڏينهن شيخ احمد مون وٽ هلي آيو. هيڏانهن هوڏانهن جي خبرچار ڪرڻ ۽ منهنجي خير عافيت معلوم ڪرڻ بعد هن چيو: ”پيارا ابوبڪر، تنهنجيون اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ خدمتون بيحد ساراهه جوڳيون آهن ۽ جيتري اسان کي اميد هئي، تون ان کان به وڌيڪ سٺو ثابت ٿيو آهين. مون کي خوشي آهي ته تو اسان جو عرض قبول ڪيو ۽ اسان سان رهڻ پسند ڪيو. هاڻ هڪ دفعو وري توکان هڪ خير خواهي جي گهُر ڪرڻ لاءِ تو وٽ آيو آهيان.“
مون چيومانس: ”سائين آئون خادم آهيان. مهرباني ڪري حڪم ڪريو، آئون ان جي پوئواري ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندس.“
هن چيو: ”منهنجا ٻچا، هڪ انسان پنهنجي جوڙيوال بنا نامڪمل آهي. آئون چاهيان ٿو ته تون شادي ڪر ۽ ڀرپور زندگي گذار. شادي ڪرڻ اسان جي پياري رسول صه جي سنت آهي. شاديءَ جون جوابداريون کڻڻ قدرت طرفان انسان لاءِ نعمت جو سبب آهن.“
مون وراڻيو مانس: ”سائين توهان هميشه منهنجي ڀلي لاءِ ڪيو آهي. آئون توهان کي پيءُ برابر سمجهان ٿو ۽ جيڪي توهان مون لاءِ بهتر سمجهندائو آئون ان کي دل و جان سان قبول ڪندس.“
شيخ صاحب چيو: ”توکان اڳ وارو هن مسجد جو امام منهنجو بيحد ويجهو دوست هو. هن کي هڪ ڌيءَ هئي. هن کي جڏهن پنهنجي پڄاڻي جي گهڙي ويجهي نظر آئي ته هن پنهنجي نياڻي جي حفاظت ۽ خيال رکڻ جو ڪم مون کي سونپيو. ان وقت کان هوءَ مون وٽ اولاد وانگر رهي ٿي. هوءَ هڪ پياري، نيڪ سيرت ۽ فضيلت واري ڇوڪري آهي. الله هن کي جسماني ۽ ذهني سونهن بخشي آهي. هوءَ تنهنجي لاءِ بهترين گهرواري ثابت ٿي سگهي ٿي. آئون چاهيان ٿو ته هن جي توسان شادي ڪرائي وڃي ۽ مون کي خاطري آهي ته اها شادي سچين دلين جي شادي ثابت ٿيندي.“
مون کي ان قسم جي تجويز لاءِ ڪو به اعتراض نه هو. ڪجهه ڏينهن بعد نڪاح اسان کي هڪ ڪري ڇڏيو. ضروري رسمن ۽ دعوت ختم ٿيڻ بعد، شيخ احمد منهنجي ڪنوار کي منهنجي گهر ۾ وٺي آيو، جيڪو دراصل سندس به رهائش گاهه هو، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي مرحوم پيءُ سان گڏ رهي ٿي، جڏهن هو حيات هو ۽ مسجد جو امام هو. مون هن ڏي نهاريو ته منهنجيون نظرون هن ۾ ڄڻ کُپي ويون. مون کان اهو به وسري ويو ته هن کي ڀليڪار جا ٻه اکر کڻي چوان. آئون نه رڳو هن جي سهڻي ۽ من موهڻي چهري ۽ جهڪيل اکين کي ڏسندو رهيس، پر منهنجيون نگاهون سندس خوبصورت ڳچي تي ڄڻ چنبڙي ويون، جنهن ۾ قيمتي موتين جو هار پيل هو. مون کي اهو هار سڃاڻڻ ۾ ڪا ويرم نه لڳي. هي اهو ساڳيو قيمتي موتين جو هار هو، جيڪو هڪ دفعي مون کي مڪي جي سنسان گهٽيءَ ۾ مليو هو. آئون هن کي گهوري ڏسندو رهيس ۽ منهنجو وات پٽيل جو پٽيل ئي رهيو. مون کان ٻه لفظ به ڳالهايا نه پئي ٿيا.
شيخ احمد منهنجي مونجهاري واري حالت کي سمجهي ويو ۽ هن اهو ئي سوچي ته ڪنوار جي سونهن ۽ سچن موتين جي چمڪ ڌمڪ مون کي سحر انگيز بڻائي ڇڏيو آهي. هن نرمائيءَ سان مون کي چيو: ”پيارا ابوبڪر، اهو هار ۽ ان کي پائڻ واري، هاڻ ٻئي تنهنجا آهن ۽ انهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي عمر پئي آهي. تنهنجي دلچسپي لاءِ توکي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ان موتين جي هار جي به هڪ عجيب ڪهاڻي آهي. پنج سال کن اڳ منهنجو دوست جڏهن حج لاءِ مڪي ويو ته هو پاڻ سان اهو هار به کڻي ويو، جيئن ان کي اتان هڪ دفعو وري پالش ڪرائي سگهي. اتي هن کان هي هار گم ٿي ويو، پر هڪ نيڪ نوجوان جي ايمانداريءَ ڪري هن کي اهو وري ملي ويو. هن ڀلي نوجوان شخص پنهنجي ايمانداريءَ جي بدلي ۾ منهنجي دوست طرفان ڏنل انعام وٺڻ کان به انڪار ڪيو. هن نوجوان منهنجي دوست تي ايڏو ته اثر ڇڏيو جو هو هر وقت هن نوجوان جي ڳالهه ڪري هن کي ياد ڪندو رهيو ٿي. هن مون سان هڪ دفعو پنهنجي اندر جو حال اوريندي اها به ڳالهه ڪئي ته هن جي دلي خواهش آهي ته هو هڪ دفعو وري مڪي وڃي ۽ ان نيڪ نوجوان کي پنهنجي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ڪري. پر افسوس جو هن جو وقت اچي پورو ٿيو ۽ هو مڪي وڃڻ کان اڳ هن جهان مان هليو ويو. بهرحال قدرت طرفان ڪجهه ٻيو ئي لکيل هو. هن جي ڌيءُ جي شادي توسان ٿيڻي هئي ۽ اڄ هوءَ ان نوجوان بدران تنهنجي زال آهي. قدرت طرفان لکيل نصيب پنهنجا ئي ٿين ٿا، جيڪي انسان جي سمجهه کان بالاتر آهن.“
اهو ٻڌي جذبات جو هڪ طوفان منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪرڻ لڳو. تقدير ۾ لکيل ڳالهين جي ويڙهي کي ڄڻ ڪنهن غيباتي هٿ کولي ڇڏيو. منهنجي اکين مان ڳوڙها ٽمي ڳلن تي آيا. مون پاڻيءَ ۾ ڀنل اکين سان شيخ احمد ڏي ڏٺو ۽ چيو: ”محترم سائين، توهان بلڪل سچ ٿا چئو ته تقدير جي اڻ ڏٺل ڳجهه جي ڄاڻ جي ڪنهن کي خبر نٿي پوي. توهان کي اهو ٻڌي خوشي ۽ حيرت ٿيندي ته مڪي وارو اهو نوجوان آئون ساڳيو آهيان، جنهن کي اهو سچن موتين وارو هار مليو هو ۽ جنهن توهان جي دوست کي موٽائي ڏنو هو. هن ان جي بدلي مون کي 500 دينار انعام طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. جيتوڻيڪ ان وقت منهنجي فقيراڻي حالت هئي ۽ مون کي پئسي ڏوڪڙ جي سخت ضرورت هئي جو آئون بک ۾ پاهه پئي ٿيس، پر منهنجي ضمير اهو پسند نٿي ڪيو ته آئون ان ڪم لاءِ اجورو وٺان، جنهن لاءِ مون ڪابه محنت نه ڪئي هئي. مون پنهنجيون سڀ اميدون ۽ توقعات رب پاڪ ڏي ڪري ڇڏيا ته جيڪڏهن هن جي منشا هوندي ته مون کي ضرور انعام ڏياريندو ۽ اڄ آئون هن جي انعام سان گڏ آهيان، جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڏو انعام آهي.“
شيخ احمد اهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ بنا ڪنهن لفظ چوڻ جي هو پيار مان منهنجو هٿ جهلي ان کي لوڏيندو رهيو. مون سان پرڻجي هن گهر ۾ آيل نئين ڪنوار پنهنجيون اکيون مٿي کڻي منهنجي چهري کي غور سان ڏسندي رهي. هن جي اکين ۾ بي انتها پيار هو- اهو پيار، اها محبت جنهن لاءِ هر مڙس سَڌون ڪري ٿو، هر مرد اُن سچي پيار جي خواهش ڪري ٿو. رب پاڪ مون مسڪين تي وڏا ڪرم ڪيا ۽ هن مون کي پنهنجين نعمتن سان نوازيو ۽ مون کي هڪ سلڇڻي ۽ پياري زال ڏني، جنهن کان وڌيڪ زندگيءَ ۾ ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي.

موت سان مهاڏو

موت سان مهاڏو

اسانجي اسڪولي ڏينهن ۾ نه هئي ٽي وي، ڪمپيوٽر ۽ نه هيون انٽرنيٽ ۽ يو ٽيوب جهڙيون سهولتون! ٽيپ رڪارڊر ئي نه هو. والوز وارو وڏو گرنڊنگ جو ريڊيو هوندو هو جيڪو ڪار جي بيٽريءَ تي هلندو هو. مئٽرڪ ۾ اسان نوٽبڪ جيڏو ننڍو ٽرانسسٽر ريڊيو ڏٺو جيڪو بيٽري سيل وجهڻ سان هليو ٿي. اهو سال 1960ع جو زمانو هو. يعني اڄ کان 60 سال اڳ جي ڳالهه آهي. اسان پاڻ ۾ دوست يا ڪلاس ميٽ فقط گانن ۽ ڳائڻن جي ڳالهه ڪندا هئاسين. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ ۽ ان بعد چٽگانگ جي مئرين اڪيڊمي ۾ اسان شاگرد پنهنجو پاڻ کي ٻين کان ڪجهه نرالو ئي سمجهندا هئاسين. اسان جي دماغ ۾ اهو ئي اٺ هو ته اسان وڌيڪ ماڊرن آهيون. ان وقت جي حالتن مطابق اسان جو مغربي ماحول سان وڌيڪ رجحان هو. ٻيا اڙدو ۽ بنگالي گانا ٻڌندا هئا پر اسان انگريزي گانا ٻڌڻ ۽ پسند ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئاسين. ويتر جو تعليم بعد نوڪريءَ جي سلسلي ۾ اسان جو جهازن تي رهڻ ٿيو ۽ انهن جو انگلينڊ ۽ يورپ جي بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيو ته پوءِ جهڙا اڌ انگريز اسان به ٿي پياسين. هر وقت ڪِلف رچرڊ ۽ ايلوس پريسلي (1977 – 1935) جهڙن ڳائڻن جا گانا جهونگارڻ لڳاسين ۽ اخبارن ۽ مئگزينن ۾ انهن جي زندگيءَ جو احوال دلچسپيءَ سان پڙهڻ لڳاسين.
انهن ڏينهن ۾ يعني 1968ع وارن ڏينهن ۾ اڃان ڪئسٽ رڪارڊر عام نه ٿيو هو. اَڪائي وارو وڏو پول وارو ٽيپ رڪارڊر هوندو هو جيڪو ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي ٽرانسميشن اسٽيشن تي نظر آيو ٿي يا يورپ جي ڊسڪوئن ۽ ڪلبن ۾! اسان جهڙن عام ماڻهن جو فوني تي گذارو ٿيو ٿي. پر اهو آهي ته چاٻيءَ وارن فونن بدران جپانين اليڪٽرڪ يا سيلن تي هلندڙ فونا ڪڍيا هئا جن مان هڪ اسان جي جهاز جي ”ريڪريشن روم“ ۾ به رکيو ويو هو. اسان ٻه ٻه ٽي ٽي جهاز جا دوست ڦوڙي ڪري پنهنجي پسند جي ڳائڻي جا مشهور رڪارڊ وٺي ايندا هئاسين. پوءِ جڏهن جهاز سمنڊ تي هلندو هو ته اهي رڪارڊ صبح شام ٻڌندا هئاسين. انهن ڏينهن جا اهي مشهور گانا يورپ توڙي آفريڪا جي بندرگاهن جي ريسٽورنٽن ۽ شاپنگ سينٽرن ۾ به عام هلندا هئا. مٿين ٻن ڳائڻن کان علاوه ڊين مارٽن (1995-1917)، ايلٽن جان، جون ڪارٽر ۽ انگلبرٽ هئمپرڊنڪ به انهن ڏينهن ۾ مشهور هئا. ان بعد نيويارڪ، هيوسٽن، نيو اورلينس، فلڊلفيا (USA) ۽ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ۾ باربرا اسٽراسئنڊ ۽ ايلٽن جون کي ٻڌوسين. پوءِ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ بيٽلز مشهور ٿيا ۽ بيحد مشهور ٿيا. اسان چوندا هئاسين ته هنن کان بهتر ڪهڙو ڳائڻو ٿيندو؟ جيئن اسان لاءِ هندي فلمن جو هيرو شمي ڪپور هو ۽ ان بعد راجيش کنا، انهن جون فلمون بيروت سنگاپور، ممباسا، ڪولمبو.... خبر ناهي ڪهڙن ملڪن جي سئنيمائن ۾ ڏٺيونسين. ان بعد دبئيءَ ۾ پهريون دفعو اميتاڀ بچن جي فلم ڏسي پراڻا هيرو سڀ دل مان نڪري ويا. اميتاڀ وڏو عرصو فلمي دنيا ۾ ٽاپ تي رهيو، خوب پئسو ڪمايائين ۽ اڄ ڏينهن تائين ماڻهن جي دلين ۾ آهي. اهڙيءَ طرح بلڪه اميتاڀ کان به وڌيڪ ڳائڻ، ناچ ۽ اداڪاريءَ ۾ آفريڪي نسل جي گهنڊي وارن ۽ سليٽي رنگ جي مائيڪل جئڪسن دنيا ۾ ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو. ان کان اڳ وارن سڀني ڳائڻن، ويندي بيٽلز مٿان ڄڻ ته سج گرهڻ اچي وئي. هڪ غريب فئملي جنهن ۾ مائيڪل جئڪسن 1958ع ۾ ڄائو ۽ ڏهن ڀائرن ڀينرن ۾ اٺين نمبر تي هو، قدرت مائيڪل کي وڏي ڏات ڏني. هن ڳائڻ، نچڻ ۽ اداڪاريءَ مان ڪروڙها ڊالر ڪمايا. هن کي دنيا جا وڏا وڏا هڪ سئو کان مٿي ايوارڊ مليا. هن جا دنيا ۾ 35 ڪروڙ کان مٿي رڪارڊ وڪامڻ جو رڪارڊ پڻ قائم رهيو. پئسي جي ته هن وٽ ڳڻپ ئي نه هئي. غربت مان ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جو امير ترين ماڻهو ٿي پيو ۽ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو. رنگ جو ڪارو ۽ شيدي نما هو ته ڇا ٿيو. هو جهڙو به هو ان روپ ۾ ماڻهن کي پسند هو.... ڇوڪرن ڇوڪرين کي، نوجوانن پوڙهن کي هن جو سُر، ادائگي، ناچ، اداڪاري وڻي ٿي. پر پوءِ کيس الائي ڪهڙي احساس ڪمتري ٿي جو پاڻ کي گورو بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ڪريمون، تيزابي دوائون ۽ سُيون هڻي هو پنهنجي کل کي چٽيءَ جي مريض جهڙو گورو بنائڻ لڳو. انهن دوائن جي اثر ۾ هن جي مٿي جا وار به ڇڻي پيا ۽ هو گنجو ٿي ويو پر هر وقت وِگ لڳائي هلڻ ڪري سندس مرڻ کان اڳ ڪنهن کي خبر نه پئجي سگهي ته هو گنجو ٿي ويو آهي. هن نه فقط پنهنجي چمڙيءَ کي گورو ڪرڻ جا جتن ڪيا پر جسم جي عضون جي به پلاسٽڪ سرجري ڪرائي ڦيرڦار ڪرائي. مثال طور سنهو نڪ ڀلي کڻي سونهن جي نشاني هجي پر ماڻهن کي ته مائيڪل جئڪسن ان صورت ۾ به وڻيو پئي جيڪا قدرت هن کي ڏني هئي. هن پنهنجي نڪ چپن کي به کڻي اهڙو بنايو جو مسخرو لڳڻ لڳو. ان کان علاوه هن کي دماغ ۾ اهو اچي ويٺو ته هو مهانگيون دوائون کائڻ ۽ نج آڪسيجن جهڙي گئس جو ساهه کڻڻ سان وڏي ڄمار ماڻي سگهندو. هن پڪو پهه ڪيو ته هو اوچي کاڌي، صاف سٿري ماحول ۾ ڊاڪٽرن جي نگرانيءَ ۾ رهي، گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سئو سال جيئرو رهي سگهي ٿو. پر پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هن جي عمر اڃان 50 سالن جي لڳ ڀڳ هئي ته هو ساهه جي تڪليف سبب وفات ڪري ويو. سندس روح کي فاني جسم مان نڪرڻ ۾ ڪي سيڪنڊ به نه لڳا. اهو ٻڌي اسان جهڙا ڪنهن زماني ۾ سندس آواز ۽ ناچ نچڪي جا لکين عاشق، حيرت ۾ پئجي ويا ۽ ڪي ڏينهن سوچيندا رهيا ته انسان قدرت اڳيان ڪيڏو بي وس آهي. سالن کان پوءِ اڄ مائيڪل جي اها ڳالهه واٽس اپ تان ميسيج ۾ پڙهي هڪ دفعو وري ان سوچ ۾ مبتلا ڪيو آهي ته انسان ڪيڏو بي وس آهي. مائيڪل جئڪسن کي هڪ طرف قدرت، نه فقط ”نه“ مان ”اڻ مَيو“ ڏئي ڇڏيو ته ٻئي طرف هو پنهنجي عمر دراز ڪرڻ جي چڪر ۾ هڪ عام ماڻهوءَ جيترو به نه کائي پي سگهيو ٿي ۽ نه ان وانگر گهمي ڦري سگهيو ٿي. کاڌي جي پرهيز ۽ بي تعداد انجيڪشنن ۽ دوائن هن کي وقت کان اڳ ختم ڪري ڇڏيو ۽ جيڪي ڏينهن زندهه رهيو ان ۾ هو هڪ قيديءَ وانگر ٿي رهيو. سندس موت هر انسان لاءِ هڪ سبق آهي. واٽس اپ تي موڪليل سندس موت جي ڪهاڻي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هتي وري لکان ٿو.
جيئرو هو ته هن همراهه - مائيڪل جئڪسن، عجيب حرڪتون ڪيون ٿي! مثال طور هو رات جو آڪسيجن جي تنبوءَ ۾ سمهندو هو. هو جراثيمن، وائرس ۽ بيماريءَ جي اثرن کان بچڻ لاءِ هر وقت هٿن تي جوراب چاڙهي پوءِ ماڻهن سان هٿ ملائيندو هو. هو ماڻهن جي ويجهو وڃڻ کان اڳ منهن تي ماسڪ چاڙهيندو هو. هو ڊاڪٽرن ۽ ڊائيٽيشن جي صلاح مشوري سان هميشه خاص کاڌو کائيندو هو. سندس هر وقت خيال رکڻ لاءِ، هن ٻارهن ڊاڪٽرن کي پاڻ وٽ ملازم رکيو هو. هي ڊاڪٽر روزانو سندس جسم جي هڪ هڪ حصي جو معائنو ڪندا هئا. هن جي خوراڪ جو روزانو ليبارٽري ٽيسٽ به ٿيندو هو ۽ هن جو اسٽاف هن کي روزانو ورزش به ڪرائيندو هو.
هن پنهنجي لاءِ فالتو ڦڦڙن، گردن (بڪين)، اکين، دل ۽ جگر جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. هي ڊونر هئا جن جا سڀ خرچ مائيڪل جي ذمي هئا ۽ انهن ڊونرن کي ضرورت جي وقت پنهجا عضوا مائيڪل کي تحفي طور ڏيڻا هئا. (اهو ان ڪري جو آمريڪا ۾ توهان ڪنهن جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي هن کان سندس عضوا خريد ڪري نٿا سگهو). سو هن کي يقين هو ته هو ڏيڍ سئو سالن تائين جيئرو رهي سگهندو. پر پوءِ 25 جون جي رات آئي. هن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿي. هن جي ڊاڪٽرن ملڪ جي سينيئر ڊاڪٽرن کي يڪدم هن جي گهر تي گڏ ڪيو. هي ڊاڪٽر هن کي موت جي منهن مان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر ناڪام رهيا. هن کي اسپتال کڻائي ويا.
اهو شخص جنهن ڏيڍ سئو سالن تائين زندهه رهڻ جي رٿابندي ڪري ڇڏي هئي. جيڪو پنهنجا اگهاڙا پير ڌرتيءَ تي رکڻ کان به پاڻ کي بچائيندو رهيو. ڪنهن سان هٿ نه ملائيندو هو ۽ جي مجبورن ڪنهن سان ملائڻو پوندو هوس ته هٿ تي دستانا (جوراب) چاڙهي پوءِ ملائيندو هو جيئن ٻئي کي جي ڪا بيماري هجي ته ان جا جراثيم هُن جي چمڙيءَ مان هِن جي هٿن کي نه لڳي وڃن..... جنهن جي گهر ۾ روزانو جراثيمن کي مارڻ واريون دوائون ڇڻڪاريون ويون ٿي ۽ جنهن 25 سالن تائين ڪا به اهڙي شيءِ ڪڏهن نه کاڌي جنهن لاءِ هن کي ڊاڪٽرن منع ڪئي ٿي.... اهو شخص پنجاهه سالن جي عمر ۾ فقط ٽيهه منٽن ۾ گذاري ويو. هن جو روح چپٽي وڄائڻ جيتري وقت کان به گهٽ وقت ۾ هن جي جسم مان اڏامي ويو. مائيڪل جي مرڻ جي خبر گوگل تي ڏهن منٽن ۾ 8 لک ماڻهن پڙهي.
مائيڪل جئڪسن جو پوسٽ مارٽم ٿيو ته خبر پئي ته هيڪاندي احتياط ڪري، هن جو جسم ڍانچو بڻجي چڪو هو. هو گنجو ٿي ويو هو. هن جو پاسراٽيون ٽڙڪي چڪيون هيون. هن جي ڪلهن، ٻانهن ۽ سٿرن تي سُئين جا تمام گهڻا نشان هئا. هو پلاسٽڪ سرجري جي ڪري “پين ڪلر” (سور جون دوائون) کائڻ جو محتاج ٿي چڪو هو. روزانو درجنن جي حساب سان انجيڪشنون هڻائيندو هو. پر افسوس ته هيڏيون انجيڪشنون، هيڏو احتياط ۽ ڊاڪٽرن جي هيڏي فوج ۽ پئسو به هن کي موت کان نه بچائي سگهيا. هو هڪ ڏينهن ماٺ مٺوڙي ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ٻئي جهان هليو ويو جتي هر شخص کي پهچڻو آهي. اهڙي طرح هن جي آخري خواهش به پوري ٿي نه سگهي.
مائيڪل جئڪسن جو موت هڪ اعلان آهي.... انسان سڄي دنيا کي فتح ڪري سگهي ٿو پر هو پنهنجي مقدر کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. هو موت ۽ ان موت جي لکڻ واري جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. سو چاهي ڪو راڪ اسٽار هجي يا فرعون، ٻه ٽَنَ مِٽي جي وزن کان بچي نٿو سگهي، هو قبر کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. پر حيرت آهي اسان مائيڪل جئڪسن جي انجام کانپوءِ به پاڻ کي فولاد جو انسان سمجهي رهيا آهيون.

موت ڪهڙي بلا آهي...

موت ڪهڙي بلا آهي...

واٽس اپ تي آيل موت بابت هڪ ٻيو ميسيج به هتي ماخوذ ڪريان ٿو ۽ جنهن جو لکيل آهي يا جنهن مون ڏي Send ڪيو آهي ان جو ٿورائتو آهيان. عنوان اٿس: “موت ڇا آهي.....”
سب کان پهرين منهنجي موت تي مون کان جيڪا شيءِ کسجي ويندي اهو منهنجو نالو هوندو.
انهيءَ ڪري جڏهن آئون مري ويندس ته ماڻهو چوندا ته “لاش ڪٿي” آهي؟ ۽ مون کي منهنجي نالي سان نه سڏيندا. ۽ پوءِ جڏهن جنازي نماز پڙهائڻي هوندي ته چوندا: “جنازي کي آڻيو.” منهنجو نالو نه وٺندا.
۽ جڏهن مون کي دفنائڻ جو وقت ايندو ته چوندا ته “ميت کي ويجهو ڪريو.”..... منهنجو نالو به ياد نه ڪندا. ان وقت نه منهنجي ذات پات ۽ نه ئي قبيلو منهنجي ڪم ايندو. نه ئي منهنجي نوڪري عهدو ۽ نه ئي منهنجي مشهوري يا دولت....
ڪيڏي فاني ۽ دوکي جي آهي هيءَ دنيا جنهن کي اسان چهٽيا رهون ٿا.
بس اي زندهه انسان..... اهو چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏ ته توتي غم ۽ افسوس ٽن طرحن جو ٿئي ٿو:
1- جيڪي ماڻهو توکي ٿورو گهڻو سڃاڻن ٿا اهي مسڪين چئي غم جو اظهار ڪندا.
2- تنهنجا دوست ڪجهه ڪلاڪ يا ڪجهه ڏينهن غم ڪندا ۽ پوءِ پنهنجين پنهنجين ڳالهين ۽ چرچن ڀوڳن ۾ لڳي ويندا.
3- گهڻي کان گهڻو ڏک گهر وارن کي ٿيندو... اهو تنهنجي اهل ۽ عيال کي ٿيندو جيڪو هفتي، ٻن هفتن يا ٻن مهينن ۽ گهڻي کان گهڻو ته هڪ سال لاءِ کڻي ٿئي. ان کانپوءِ هو به توکي يادين جي ڪاڳرن ۾ رکي ڇڏيندا.
ماڻهن جي وچ ۾ هلندڙ تنهنجو قصو ختم ٿي ويندو ۽ جيڪو تنهنجو حقيقي قصو شروع ٿي ويندو. اهو آهي آخرت جو.
توکان کسجي ويل تنهنجو....
جمال .... مال .... صحت .... جدا ٿي ويل توکان گهر ۽ محل .... زال ۽ ٻار .... غرض ته سڄي دنيا... ۽ ڪجهه باقي نه رهيو توسان گڏ سواءِ تنهنجي اعمالن جي.
حقيقي زندگيءَ جو هاڻ آغاز ٿئي ٿو.
هاڻ هتي سوال هي آهي ته اي انسان:
تو پنهنجي قبر ۽ آخرت لاءِ هاڻ کان ڪهڙي تياري ڪئي آهي.؟
اها ئي حقيقت آهي جنهن ڏي ڌيان ڏيڻ کپي.... ان لاءِ توکي کپي ته تون انهن جو بندوبست ڪر:
فرضن جو .... نفلن جو .... ڳجهي طرح ڪيل صدقي ۽ صدقه جاريا جو.... نيڪ ڪمن جو .... رات جي نمازن جو.....
شايد ته تون نجات حاصل ڪري سگهين.
ميت صدقي کي ڇو ٿو ترجيح ڏئي جيڪڏهن اهو دنيا ۾ واپس موٽايو وڃي.... جيئن ته قرآن مجيد ۾ آهي ته “اي رب جيڪڏهن مون کي ٿوري دير جي لاءِ واپس موٽايو وڃي ته آئون صدقو ڪريان ۽ نيڪن ۾ شامل ٿي وڃان..... (سوره المنافقون،)
هو اهو نه چوندو ته.....
عمرو ڪندس
نماز پڙهندس
روز رکندس.....
علمائن جو چوڻ آهي ته:
ميت صدقي جي خواهش ان لاءِ ڪندو ته هو مرڻ کانپوءِ هن جو عظيم ثواب پنهنجي اکين سان ڏسندو.
ان ڪري صدقو گهڻي کان گهڻو ڪريو.
بيشڪ مومن قيامت جي ڏينهن پنهنجي ڪيل صدقي جي ڇانوَ ۾ هوندو....

موت بابت ڪجهه شاعري
• ڇڏي ويندو سڀ ڪو جڏهن ويندو ساهه
نه رهندي سنگت نه رهندو چاهه
اها پوک ڪاهه جيڪا ڪم اچي قيامت ۾. (شاهه)
• کبهي وه مري کبهي هم مري
کبهي مرنا چاها تو بهي نه مري
• در جواني توبه ڪردن، شيوه پيغمبري است،
وقت پيري گرگ ظالم ميشود پرهيزگار
(جوانيءَ ۾ الله ڏي رجوع ٿيڻ ۽ نيڪي ڪرڻ پيغمبرن جو ڪم آهي،
پيريءَ ۾ ته ظالم بگهڙ به پرهيزگار ٿيو پوي)
• رب رب کردي بڊهي هوگئي
ملان پنڊت ساري
رب دا کهوج کران نا لبدا
سجدي کرکر هاري
رب تي تيري اندر وسدا
وچ قرآن اشاري
بهلي شاهه رب اوهنون ملدا
جهڙا اپني نفس نون ماري
• نگر ويران هوتا جا رها هي
يه قبرستان هوتا جا رها هي
ستم يه هي که اب مقتل کا راسته
بهت آسان هوتا جا رها هي
• بي لباس آئي تهي هم اس جهان ۾،
ايک کفن کي خاطر اتنا سفر کيا.

موت بابت لطيفا...

موت بابت لطيفا...
• رات جو مڙس ڊاڪٽر سان ملي گهر موٽيو ته تمام گهڻو پريشان ۽ اداس هو. هِن ڪمري جي لائيٽ ٻاري ته ڏٺو ته سندس زال سمهي رهي هئي. لائيٽ جي روشني کيس اکين ۾ پئي ته زال اڌ کليل اکين سان مڙس کي ڏسي چيو: “ڇا چيو ڊاڪٽر؟”
مڙس: “ڊاڪٽر چيو ته بس ڪو ڪجهه ڪلاڪن جو مهمان آهين.” زال واچ ۾ وقت ڏٺو ۽ پاسو ورائي وهاڻو منهن مٿان رکي ڇڏيو.
مڙس زال جي ڪلهن کي لوڏا ڏيندي چيو: “هي ڇا آهي بيگم! تون سمهڻ لڳي آهين؟”
زال وهاڻي جي هيٺان ئي وراڻيو، “صبح جو مون لاءِ تمام گهڻا ڪم رکيا آهن. تنهنجي غسل، ڪفن جو انتظام ڪرڻو آهي، قبر کوٽرائڻي اٿم، تنبو ۽ گلم گهرائڻا اٿم، جنازي نماز جي لاءِ مولوي صاحب کي اطلاع ڪرڻو اٿم، مسجد ۾ اعلان ڪرائڻو آهي، تنهنجي مائٽن کي فون ڪرڻا آهن، پنهنجي گهر وارن کي سڏائڻو اٿم، نينگر جي اسڪول ۾ موڪل جي درخواست موڪلڻي آهي، هن جي رڪشا واري کي منع ڪرڻي آهي، ديڳ جو آرڊر ڏيڻو آهي....! وغيره وغيره. توکي پاڻ ته صبح جو اٿڻو ناهي، سو مهرباني ڪري لائيٽ بند ڪر ۽ مون کي رهيل چند ڪلاڪ سمهڻ ڏي.”
***


پِيري (پوڙهائپ)

پِيري (پوڙهائپ)

واٽس اپ ۽ فيس بڪ جهڙين شين جي جتي شڪايت ٻڌڻ ۾ اچي ٿي اتي انهن تي ڪي ڪي بهتر ۽ دلچسپ شيون به اينديون رهن ٿيون. ڪجهه دوستن ۽ جهازران شاگردن جا آيل ميسيج آئون شوق سان پڙهندو آهيان. هينئر هڪ اهڙي JPMC جي دوست ڊاڪٽر ديدار جوڻيجي جو ميسيج نه فقط وڻيو پر پنهنجي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هن ڪتاب ۾ Add ڪيان ٿو. عنوان اٿس Old Age- يعني پيري.... ٻڍاپو...... پوڙهائپ.
* پيري پڇيو نٿي اچي ۽ نه وري ڌڪا ڏيڻ سان ٽري ٿي.
* پيري اسان وٽ مشرق ۾ بيماري ۽ مغرب ۾ زندگي مان لطف اندوز ٿيڻ جو وقت سمجهيو وڃي ٿو.
* پيريءَ ۾ ڏند ڏاٺون وڃڻ لڳن ٿيون ۽ ڏاهپ اچڻ لڳي ٿي.
* اولاد ۽ جسم جا عضوا جواب ڏيڻ لڳن ٿا.
* زال ۽ يادگيريءَ جو ساٿ گهٽجڻ لڳي ٿو.
* پيري اچي ٿي ته قبر تائين ساٿ نڀائي ٿي.
* پيريءَ جي پهرين نشاني اها آهي ته سهڻيون ڇوڪريون “انڪل” چئي سڏڻ لڳن ٿيون.
* انسان ٻه شيون مشڪل سان قبول ڪري ٿو، پنهنجي غلطي ۽ پنهنجي پيري.
* اسانجو ٻاروتڻ ٻين جي دلجوئي ۽ خوشيءَ لاءِ هوندو آهي. جواني فقط پنهنجي لاءِ هوندي آهي ۽ پيري ڊاڪٽرن جي لاءِ.
* جڏهن هر هر الله، ڊاڪٽر ۽ زال ياد اچڻ لڳي ته سمجهي وڃو ته توهان پوڙها ٿي چڪا آهيو ۽ گريس پيرڊ ۾ جي رهيا آهيو.
* پيريءَ جو هڪڙو مطلب اهو به هوندو آهي ته توهان بي ضرر ٿي رهيا آهيو. پنهنجو پاڻ کان علاوه ٻئي ڪنهن کي نقصان رسائڻ جهڙا نه رهيا آهيو.
* پيريءَ ۾ جيڪڏهن اولاد توهان جي خذمت ڪري ٿو ته ان جو مطلب آهي ته توهان هنن جي تربيت ۽ پنهنجي لائيف انشورنس تي پورو ڌيان ڏنو آهي.
* “مرد ڪڏهن به پوڙهو نٿو ٿئي.” (هي هڪ نه پر هزارين پوڙهن جو قول آهي....)
* پوڙهو ٿيڻ ٻي ڳالهه آهي، پوڙهو نظر اچڻ ٻي ڳالهه....
* پوڙهو ٿيڻ آسان ڪم ناهي، ان لاءِ سالن جي رياضت جي ضرورت ٿئي ٿي.
* دنيا هلي نه سگهي ها جي پوڙهي ٿيڻ جو رواج نه هجي ها.
* پيريءَ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته پوڙهي کي ڏسي هر ڪو هن لاءِ سيٽ ڇڏي ٿو.... سواءِ سياستدان جي.
* سٺو خاندان ۽ سٺي حڪومت هميشه پنهنجن پوڙهن جو خيال رکن ٿا.
* پوڙها نه هجن ته عينڪن ۽ ڏندن جو ڌنڌو بلڪل ٿڌو ٿي وڃي.
* پوڙهن کي بنديءَ ۽ خانداني منصوبابنديءَ، ٻنهي جي ضرورت نٿي پوي.... پر نيت ۽ نظر پوءِ به خراب رهي ٿي.
* عورتون پوڙهيون ته ٿين ٿيون.... پر انهن جي عمر گهڻو ڪري جوانيءَ واري ئي رهي ٿي.
* مغربي عورتون پنهنجي نه عمر لڪائين ٿيون ۽ نه جسم.... اسان وٽ عورت پنهنجي عمر پنجٽيهه سال ٻڌائي ٿي.... پر هوءَ پنجاهه سالن جي نظر اچي ٿي.....
* دنيا ۾ سڀ کان سولو ڪم نانو، ناني، يا ڏاڏو ڏاڏي ٿيڻ آهي.... ان ۾ توهان کي ڪا ڪوشش نٿي ڪرڻي پوي.... جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي، توهان جي ٻارن کي ڪرڻو پوي ٿو.
* انسان کي زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا مائٽن جي اصليت جي خبر پوي ٿي...... زال جي اچڻ کانپوءِ يا وري پيريءَ جي اچڻ بعد.
* هر ٻار جي اندر هڪ پوڙهو لڪل ٿئي ٿو بشرطيڪ هو وڏي عمر ماڻي.
* ڇا باڪمال دور آهي هي آغاز پيري به.... ننڍپڻ ۾ اسان ٽيسٽ ڏيندا هئاسين يا ٽيسٽ ڏسندا هئاسين.... هاڻ ڊاڪٽر اسان لاءِ ٽيسٽ لکي رهيو آهي.

زندگيءَ جون ڪجهه تلخ حقيقتون

---

آمريڪا جي ويزا ملڻ .....

آمريڪا جي ويزا ملڻ .....
ڪجهه سال اڳ آمريڪا ۾ هڪ اهڙي همراهه سان ملاقات ٿي جنهن کي لاٽريءَ ۾ آمريڪا رهڻ جي اجازت ته ملي وئي پر هو نه ايترو پڙهيل ڳڙهيل هو ۽ نه هنرمند. نيويارڪ ۾ هڪ پٺاڻ جي هوٽل تي پهرين ٿانوَ ڌوئڻ لڳو پوءِ ڪچن ۾ ترڻ جي ڪم تي لڳايو ويس. ڪلاڪ جي حساب سان پگهار ملندو هوس. ڪوشش ڪري ٻين کان وڌيڪ پورهيو ڪندو هو جيئن هو ڪجهه بچائي سگهي. گهٽ پگهار ۽ گهٽ بچت ڪري هو زال ۽ پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ وٽ گهرائي نٿي سگهيو جو ان لاءِ کاڌي پيتي، اسڪول ۽ گهر جي مسواڙ جي خرچ جو حساب لڳائي هن کين پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي رهڻ ڏنو. هر سال ڀاڙو ڀري مهيني لاءِ هنن سان ملڻ ويو ٿي. نيويارڪ جي هڪ ٻهراڙي واري علائقي ۾ مسواڙ جي هڪ ڪمري ۾ ٻين سان شيئر ڪري رهيو ٿي. هن جي پوري ڪوشش هئي ته هن جي زال سندس موڪليل خرچ مان بچت ڪري حيدرآباد شهر ۾ بڪ ڪيل فليٽ جون قسطون ادا ڪندي رهي جيئن هو ڳوٺ ۾ هڪ ڊٺل ڪچي ۽ ننڍي گهر مان نڪري شهر ۾ رهي سگهن ۽ هنن جو اڪيلو ڌيءَ ٻار سٺي اسڪول ۾ وڃي سگهي.
ڪيترن سالن بعد هِن مهانگائيءَ جي دور ۾ هُنن آخر فلئٽ جون قسطون پوريون ڪري، فلئٽ حاصل ڪيو. ان سال موڪل تي اچڻ تي هن ڪجهه فرنيچر ۽ ٻيو ضروري سامان وٺي پنهنجي زال ۽ ڌيءُ کي حيدرآباد شفٽ ڪيو. هنن کيس موٽي اچڻ لاءِ چيو پر هن جي ڳالهه به صحيح هئي ته موٽي اچڻ تي کيس پنهنجي وطن ۾ ڪهڙي نوڪري ملندي جو هو پنهنجو ۽ فئملي جو پيٽ گذر ڪري سگهي. جيتوڻيڪ سندس دل به ڏاڍو چيو ٿي ته هو ولايت جي سخت پورهئي کان پنهنجي وطن پنهنجي فئملي ۽ دوستن سان سُک چين جي زندگي گذاري. بيمار به ڏاڍو رهيو ٿي. خاص ڪري شگر ۽ بلڊ پريشر جي پراڻي عارضي سبب. پر مجبوري هئي، ڇا ٿي ڪري سگهيو. زال به ڪا خاص صحتمند نه هئي. ڌيءَ به ننڍي عمر ۾ پريشانين ڪري يا خانداني ورثي ڪري ڊائبيٽڪ هئي. غريب ماڻهو دوائن، ٽيسٽن، ڊاڪٽري فِين پويان آخر ڪيترو خرچ ڪن. ٻه ويلا ماني، اسڪول/ ڪاليج جي في، لائيٽ جي بلن ئي چريو ٿي ڪيو.
سال ٻن بعد پيءُ مهيني جي موڪل تي آيو ته وري نيويارڪ وڃي نه سگهيو. سندس گردن جي حالت خراب ٿي چڪي هئي ۽ ان پٺيان اڌ رنگ جي بيماريءَ هن کي جڏو ڪري رکيو. بچت جا چار پئسا هن جي زال هن جي علاج تي لڳائي ڇڏيا پر بچي نه سگهيو. هو کين اڪيلو ڇڏي ويو. سندس زال گهر جي خرچ کي منهن ڏيڻ لاءِ آخر اهو ئي ڪيو جو حيدرآباد جو فليٽ مسواڙ تي ڏئي پنهنجي ڌيءَ سان ڳوٺ واري پراڻي گهر کي مٽيءَ ليپو ڪري اتي وڃي رهي. مسواڙ لاءِ هن پنهنجن ۽ پنهنجي مڙس جي مائٽن سان صلاح مشورو ڪري ڪنهن چڱي ماڻهوءَ کي فلئٽ ڏنو. هو هنن کي ٻه ٽي مهينا ته وقت تي مسواڙ ڏيندو رهيو پوءِ دير سان ۽ قسطن ۾ ٻن ٽن مهينن لاءِ ڏئي ڏيڻ بنهه بند ڪري ڇڏي. هو هر دفعي ٻئي مهيني ڊبل ڪري ڏيڻ جا واعدا ڪندي ٽڙڪائيندو رهيو. آخر هن عورت وچ ۾ آيل مائٽن سان ڳالهه ڪئي، اهي به پهرين ته هن جو پاسو کڻي مسواڙيءَ کي سمجهائيندا رهيا پر پوءِ اهو ئي چيائون ته اسان ڇا ڪريون. اسان جي ڳالهه نٿو مڃي. ڏسڻ ۾ ته شريف هو. هاڻ ڪورٽ ۾ کڻي ڪيس ڪر.
اڪيلي ۽ غريب عورت ڇا ڪري. ڇا ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهڻ به سولو ڪم آهي. سالن جي پورهئي ۽ بچت بعد حق حلال جي ڪمائيءَ مان حاصل ڪيل اجهو به سندس هٿن مان نڪري ويو. سکئي ۽ ڏاڍي جا اسان وٽ سڀ ساٿي، غريب جو ڪير داد فرياد سڻي؟ ڀاڙا ڀري مسواڙ لاءِ هر هر حيدرآباد اچڻ ئي هنن کي قرضي بڻائي ڇڏيو. سوچن ۽ پريشانين هنن جون ننڊون هڪ طرف ڦٽائي ڇڏيون ته ٻئي طرف هن جي نياڻي جيڪا مئٽرڪ ڪري هاڻ ڪاليج ۾ داخلا جا خواب ڏسي رهي هئي ان کان پڙهائي هلي وئي. پڙهائيءَ ۾ هوشيار هوندي، ڊاڪٽر ٿيڻ جي شوق هوندي به هوءَ ڪجهه نٿي ڪري سگهي. في الحال ته هنن وٽ ايترو به پئسو نه هو جو علاج لاءِ کڻي ڊاڪٽرن کي ڏين. هر وقت هو اهو ئي سوچيندا رهيا ته هنن گهر مسواڙ تي ڏئي غلطي ڪئي. هاڻ ڇا ٿيندو. مسواڙ به ملندي يا نه.... گهر به واپس ٿيندو يا نه......
پنهنجي پڙهندڙن کي ڇا چوان ته مسواڙيءَ جي تنگ ڪرڻ ۽ مالڪ مڪان جي پريشان ٿيڻ جو هي ڪو واحد مثال ناهي. اهڙن ڪيترن ئي ڪيسن کان واقف آهيان. ان قسم جون وارداتون ايتريون ته اسان جي ملڪ ۾ عام آهن جو توهان کڻي ڪهڙي به شهر ۾ هجو توهان هڪ ٻن اهڙن ڪيسن کان ضرور واقف هوندائو. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ ڪو به امير توڙي غريب پنهنجو گهر مسواڙ تي مجبوري جي حالت ۾ ۽ ڏکي دل سان ڏئي ٿو. گهر کڻي ڪنهن امير جو هجي پر ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته اهو مسواڙ تي وٺي هن کي مسواڙ نه ڏجي يا ان تي قبصو ڪجي. مالڪ مڪان جي مدد ۽ کيس جلد انصاف ڏيڻ لاءِ ورلي ڪو آهي. بلڪه مون ته ڏٺو آهي ته اسان وٽ همدرديءَ جو لائق مسواڙي سمجهيو وڃي ٿو. ان ڳالهه جو غلط سبق اسان جي کوپڙين ۾ ننڍي هوندي کان فلمون ڏسڻ سان ٿيو آهي. جن ۾ مالڪ مڪان مهينو پورو ٿيڻ تي مسواڙ لاءِ اچي ٿو ته هيرو صاحب ۽ ان جي ماءُ خالي کيسا ڏيکارين ٿا ته اسان وٽ پئسو ناهي. مالڪ مڪان وري وڏين مڇن وارو هڪ غنڊو ٽائيپ ڏيکاريو وڃي ٿو جنهن کي ڏسڻ سان Viewers (فلم ڏسڻ وارن کي) چڙ ٿي وڃي ۽ هيرو لاءِ ته سڀني کي همدردي آهي جو هو هڪ سيٺ جي امير ڌيءَ سان عشق ٿو ڪري ۽ ڇوڪريءَ جو پيءُ پنهنجي ڌيءَ ڪنهن اهڙي سان شادي نٿو ڪرائڻ چاهي جيڪو نه پڙهيل آهي ۽ نه هنرمند- رڳو گانا ڳائي سگهي ٿو. هن جي ڌيءَ وانگر اسان ڏسندڙن کي به هيرو وڻي ٿو جيڪو ڳائي ۽ ڊانس ڪري اسان جي دل وندرائي رهيو آهي جنهن لاءِ اسين ٽڪيٽ ڀري آيا آهيون. ان ڪري اسان به اهو ئي چاهيون ٿا ته مالڪِ مڪان هيرو صاحب کان گهر جي مسواڙ وٺي تنگ نه ڪري. اها ڳالهه سوچڻ کان ته اسان قاصر آهيون ته آخر مالڪ مڪان پنهنجي زندگيءَ جي ڪمائي (Investment) مان گهر جو ٺهرايو آهي هو ان جي مسواڙ ته لهڻي ۽ اهو به نه سوچينداسين ته هيرو صاحب کان جڏهن ڪو پورهيو نٿو پڄي يا پئسو ناهي ته پوءِ ههڙو اوچو گهر مسواڙ تي وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت جنهن جي هو مسواڙ ادا نٿو ڪري سگهي ۽ اسان کي اهو سبق ئي نه پڙهايو ويو آهي ته اسان فيصلو ڪري سگهون ته ان ۾ ڏوهه ڪنهنجو آهي. هن ملڪ ۽ سوسائٽي لاءِ ڇا خراب آهي، ڇا سٺو؟.

اسان ڪيڏو محسن ڪش ۽ مرده پرست آهيون ....

اسان ڪيڏو محسن ڪش ۽ مرده پرست آهيون ....
مسواڙين يا گهرن ۽ پلاٽن تي قبضي خورن جي ڳالهين مان هڪ خبر ڪجهه دير اڳ فيس بڪ تي پڙهي اٿم جيڪا اسان جي پياري دوست ۽ منهنجي دلپسند ليکڪ ذوالفقار قادري صاحب لاڙڪاڻي جي هڪ ڊاڪٽرياڻي صاحبه جي پلاٽ تي قبضي بابت لکي آهي. حيرت ٿي ٿئي ته اسان وٽ قبضا مافيا، وڏيرا، ڀوتار اهڙا ته طاقتور آهن جو هن نيڪ ۽ اثر رسوخ رکندڙ ڊاڪٽر پروفيسر بلقيس جهڙيءَ کي به نه ڇڏيو آهي ۽ اسان ماڻهن جا شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا آهن. قادري صاحب لکي ٿو ته:
هي زندگي ۽ موت جي چواڻي تي بيٺل عورت ڊاڪٽر پروفيسر بلقيس مَلڪ آهي، ڊاڪٽر بلقيس ملڪ 20 فيبروري 1929ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو بنيادي طور هن جي خاندان جو تعلق سيالڪوٽ جي هڪ اعليٰ فيملي سان آهي. ڊاڪٽر بلقيس ملڪ 1958ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد ايف سي پي ايس ۽ ايف آر سي ايس لاءِ رائل ميڊيڪل ڪاليج لنڊن هلي وئي اتان ماسٽرس ڪرڻ بعد ايڊوانس ڪورسز لاءِ آمريڪا وئي ۽ 1972ع ۾ جڏهن پاڪستان واپس آئي ته پشاور هڪ ميڊيڪل پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ وئي ۽ واپسي تي اسلام آباد ۾ سندس ملاقات ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسيءَ سان ٿي جيڪا سندس ساهيڙي هئي ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي کي ڀٽو صاحب خواتين جي مخصوص نشست تي قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻايو هو ۽ پوءِ کيس ڀٽو صاحب قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر به چونڊرايو. ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي ڊاڪٽر بلقيس ملڪ کي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪرائي، ڀٽو صاحب کيس چيو ته سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪاليج صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آهن منهنجي خواهش آهي ته هڪ ميڊيڪل ڪاليج اتر سنڌ ۾ به هئڻ کپي ان سان نه صرف اتر سنڌ بلڪه، بلوچستان جي ماڻهن کي به فائدو ٿيندو ان لاءِ منهنجي خواهش آهي ته اوهان نئين قائم ٿيندڙ ميڊيڪل ڪاليج ۾ عورتن واري شعبي کي سنڀاليو. بقول ڊاڪٽر بلقيس جي ته سندس لاءِ اها حيران ڪندڙ ڳالهه هئي هڪ ته مون زندگي ۾ ڪڏهن لاڙڪاڻو ڏٺوئي ڪو نه هو ٻيو مان غير شادي شده هئس پر ڀٽو صاحب سان انڪار نه ڪري سگهيس. مون ڀٽو صاحب سان ’ها‘ ڪري ڇڏي.“ اها خبر جڏهن سندس گهروارن کي پئي ته هو سندس مٿان ناراض ٿيا پر هو واعدي مطابق لاڙڪاڻي اچي پهتي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو وزير صحت عبدالوحيد ڪٽپر ۽ سيڪريٽري هيلٿ علي محمد انصاري هو. جڏهن ته لاڙڪاڻي اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ هو. سيڪريٽري هيلٿ احمد علي انصاريءَ سندس نوڪريءَ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر بلقيس جڏهن لاڙڪاڻي اسپتال جي گائني وارڊ ۾ پهتي ته اتي ڪجهه به نه هو - صرف چار بيڊ، هڪ ٽيبل ۽ ڪرسي پئي هئي، ليڪن ڊاڪٽر بلقيس دلشڪسته نه ٿي هن پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. هوءَ ان ننڍي وارڊ ۾ ئي رهڻ لڳي رات جو ٽيبل تي سمهي پوندي هئي ايتري قدر جو ٽوٿ برش ۽ ڦڻي به سندس ڊاڪٽر ايپران جي کيسي ۾ پيا هوندا هئا. اهڙين حالتن ۾ 21 اپريل 1973ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد رکيو ويو. ڪجهه عرصي بعد ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي آيو ته ڊاڪٽر بلقيس کي گهرائي ٻڌايائين ته دبئي جو حاڪم شيخ زيد پاڪستان ۾ ٻه اسپتالون ٺهرائڻ ٿو چاهي هڪ رحيم يار خان ۾ ٺهرائي پيو ۽ ٻي اسپتال مان لاڙڪاڻي ۾ ٺهرائڻ چاهيان ٿو. تنهن تي ڊاڪٽر بلقيس ڀٽو صاحب کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي واري اسپتال صرف عورتن ۽ ٻارن جي هئڻ کپي. ڀٽو صاحب هائوڪاري ڪئي پوءِ ڪجهه وقت بعد شيخ زيد ڀٽو صاحب سان گڏ لاڙڪاڻي آيو بريفنگ لاءِ ڊاڪٽر بلقيس کي چيو ويو. ڊاڪٽر بلقيس جي تفصيلي بريفنگ بعد لاڙڪاڻي جي موجوده شيخ زيد وومين هاسپيٽل جي تعمير شروع ٿي ڊاڪٽر بلقيس کي ان پراجيڪٽ جو نگران ۽ انچارج مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر بلقيس هڪ ئي وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گائني ڊپارٽمينٽ جي سربراهه، چانڊڪا اسپتال جي عورتن واري وارڊ جي سربراهه شيخ زيد وومين اسپتال جي انچارج طور ڪم ڪندي رهي. ڀٽو صاحب جي ڦاهي بعد هن لاڙڪاڻو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. بقول ڊاڪٽر بلقيس جي هن خواب ۾ ڏٺو ته کيس غريب عورتون ۽ ٻار نظر آيا جيڪي کيس چئي رهيا هئا ته ڇا واقعي اوهان اسان کي ڇڏي پيا وڃو؟ بس پوءِ هن لاڙڪاڻي ڇڏڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر بلقيس پنهنجي زندگي سنڌ جي غريبن لاءِ ارپي ڇڏي. هن سموري زندگي شادي نه ڪئي ۽ نه ئي وري واپس مائٽن ڏانهن وئي. بينظير ڀٽو صاحب کيس پنهنجي ماءُ جيان سمجهندي هئي. ڊاڪٽر بلقيس هزارين ليڊي ڊاڪٽرس جي رهبر ۽ استاد رهي، سندس هزارين ڊاڪٽر شاگرد دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن، پر هن ڪڏهن به ڪنهن کان ڪجهه نه ورتو. سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرد ٿيڻ بعد هن پنهنجي پورهئي جي ڪمائي مان لاڙڪاڻي ۾ هڪ پلاٽ وٺي اتي هڪ خيراتي اسپتال ٺهرائڻ پئي چاهي ته سياست سان لاڳاپيل هڪ بااثر ماڻهوءَ سندس ان پلاٽ جو فراڊ سان کاتو ئي تبديل ڪري پلاٽ تي قبضو ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر بلقيس ان صدمي سبب بيمار ٿي پئي ۽ هاڻي تشويشناڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ آهي. جنهن عورت پنهنجي زندگي، جواني، خواهشون ۽ ارمان اسان سنڌ واسين لاءِ ارپي ڇڏيا، ان مسيحا صفت عورت کي اسان ڇا ڏنو؟ مورڳو وڏيرن سندس پلاٽ تي قبضو ڪري ڇڏيو، مٿان هوءَ تشويشناڪ حالت ۾ پئي آهي پر حڪمرانن کان اهو ڪو نه ٿو پڄي ته کيس ڪنهن چڱي اسپتال منتقل ڪجي. سندس پلاٽ واپس ڪرائين ۽ اسين واقعي محسن ڪش ۽ مرده پرست آهيون.
دراصل اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري اسان جي صوبي ۾ مخير حضرات ته نيڪيءَ جو ڪم ڪندي ڪيٻائين ٿا پر مڪاني ماڻهو به پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ ڪو ڪارخانو يا فئڪٽري يا ڪاروبار ڪندي لهرائين ٿا جو هنن کي هر وقت اغوائن ۽ قبضن جو خوف رهي ٿو. اسان وٽ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا پارسي، ڪرسچن، شيعا، احمدي ويندي سنڌي هندو هئا جن جي تعليمي ۽ ڪاروباري خذمتن ڪري مڪاني ماڻهن جي زندگي بهتر ٿي رهي هئي. پر انهن کي اهڙو ته تنگ ڪيو ويو جو هو ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا ۽ ٻيا وڃڻ جي چڪر ۾ آهن. سندن پئسي ۽ علم مان دنيا جا ٻيا ملڪ فائدو وٺي رهيا آهن. ممبئي جهڙي شهر جا اڌ کان وڌيڪ خانگي درس گاهه ۽ ڪارخانا پارسين، عيسائين، سنڌي هندن، آغا خانين ۽ بوهرين جا آهن.

جيئري ئي سڀ ڪجهه پنهنجي اولاد حوالي ڪري ڇڏڻ

جيئري ئي سڀ ڪجهه پنهنجي اولاد حوالي ڪري ڇڏڻ
اسان وٽ غريب، وڏي عمر وارو، بي اولاد پينشن وارو پنهنجي جياپي لاءِ ڪهڙو ڪاروبار ڪري؟ اڪيلي سر هڪ معمولي هٽڙو هلائڻ به سولو ڪم ته نه آهي. هن لاءِ گهر يا فلئٽ ۾ پئسو لڳائي اهو مسواڙ تي ڏيڻ ۽ گهر ويٺي هر مهيني مسواڙ حاصل ڪرڻ، هڪ آسان ڪم آهي. پر اسان وٽ مسواڙين جا حال ڏسو ٿا. پنهنجو گهر يا فلئٽ مسواڙ تي ڏيڻ ڪيڏو مٿي جو سور آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا پنهنجو گهر مسواڙ تي ڏيڻ بدران خالي رکيو ويٺا آهن ۽ ٻئي پاسي ڪيترا مسواڙي مسواڙ تي گهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن. سڀ ته ٺڳ نه آهن پر مالڪ مڪان ڊڄي ٿو ته مسواڙ تي گهر ٻئي حوالي ڪري ڪٿي هو سورن ۾ نه پئجي وڃي. جيتوڻيڪ هن جي مالي حالت بيحد خراب آهي، هو چاهي ٿو ته گهر مسواڙ تي ڏئي چار پئسا حاصل ڪري پنهنجي ٻارن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏجي. سو ڳالهه اها آهي ته اسانجي ملڪ ۾ هلندڙ ٺڳين ۽ لچاين ڪري هر هڪ ماڻهو پريشان آهي ۽ نقصان ۾ رهي ٿو ۽ ملڪ جي معاشي حالت بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيندي وڃي.
اسان وٽ هڪ ٻيو ظلم جيڪو وڏي عمر جي ماڻهن يعني سينيئر سٽيزن سان ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اسانجو مذهب اها تلقين ڪري ٿو ته پنهنجي والدين جو خيال رکو پر اهو گهڻي ڀاڱي نظر اچي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ وڏي عمر جا ماڻهو پئسي ڏوڪڙ، کاڌي پيتي ۽ دوا درمل کان پريشان آهن. ڪٿي ته سندن اولاد جو به ڏوهه ناهي. مائٽن سندن تعليم پويان پنهنجي رهيل کهيل پونجي ته لٽائي ڇڏي ويتر قرضي ٿي ويا پر اهو ان اميد تي رهيا ته سندن ٻچا تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڪنهن روزگار سان لڳي هنن جا قرض لاهيندا ۽ سندن خذمت ڪندا. پر ڏسو ڇا حال آهي نوڪرين جو! هنن جا ٻار مجبور آهن جو اعليٰ ڊگرين جي باوجود هنن کي ڪا ڍنگ جي نوڪري نه ملي سگهي ٿي. هو پاڻ به چانهه جي پئسن لاءِ به ماءُ پيءُ ڏي واجهائين ٿا.
ڪٿي ائين به آهي ته اولاد سٺي نوڪري يا ڪاروبار ۾ هوندي هن کي پنهنجي عياشيءَ لاءِ ته خوب پئسو آهي پر پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ جي دوا درمل لاءِ هرگز نه. هنن وٽ والدين جي سارسنڀال لهڻ، همدردي ڪرڻ يا ٻه مٺا ٻول ڳالهائڻ لاءِ ٺلهو وقت به نه آهي. والدين سڀ ڪجهه اولاد کي ڏئي ڇڏيو، ڌيئرون پٽ سندن ٿورائتا ۽ خوش ٿيڻ بدران هر هڪ ناراض آهي جو هر هڪ کي اها شڪايت آهي ته ٻئي کي ته گهڻو مليو هن کي گهٽ، هو هنن جي مرڻ جي انتظار ۾ آهن يا ان ڪوشش ۾ ته هينئر ئي گهر مان نڪرن ته ان جا به حصا پتيون ڪريون. منهنجي هڪ دوست سڄي عمر نوڪري ڪري پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري. کين ولايت ۾ وڏيون نوڪريون مليون. هنن کيس ولايت ۾ پاڻ وٽ گهرايو ته هنن سان گڏ رهي. هو پنهنجو بنگلو وڪڻي هميشه لاءِ ولايت ۾ هنن وٽ رهڻ لاءِ هليو ويو. دوستن يارن ڏاڍو سمجهايس ته پنهنجي وطن کان بنهه قطع تعلق ڪري نه وڃ. متان اتي دل نه لڳي ته موٽي پنهنجي اجهي ۾ ته اچي سک سان رهندين. پر هن کي وڏو اعتماد هو ته هن جي ٻنهي پٽن کي پنهنجو پنهنجو گهر آهي، وڏي نوڪري آهي هتي گهر ڇو ڇڏي وڃان. آخر اڄ يا سڀان اهو پٽن جو ئي ٿيڻو آهي. هو پنهنجو گهر وڪڻي ولايت پنهنجي پٽن وٽ پهتو ۽ گهر جا مليل پئسا کين ورهائي ڏنا. پٽ به خوش. پيءُ ڪڏهن هڪ پٽ وٽ ٿي رهيو ته ڪڏهن ٻئي وٽ. اهو سلسلو ڪو سال به مس هليو ته هن محسوس ڪيو ته هو ٻئي هن مان سخت بيزار آهن ۽ هنن وٽ ايترو وقت ناهي جو موڪل واري ڏينهن به ڪو کڻي ڪلاڪ کن ڪڍي هن جي خير عافيت پڇن. ان ڳالهه اسان واري دوست کي سخت صدمو رسايو ۽ ڊپريشن ۾ هليو ويو ۽ اهو ئي سوچڻ لڳو ته ڪاش پنهنجي ملڪ جو گهر نه وڪڻان ها ته موٽي وڃان ها. پٽن مان هر هڪ هن کي پاڻ وٽ رهائڻ کان ڪيٻايو پئي آخر هن کي وڃي “اولڊ پيپلز هائوس” ۾ ڦٽو ڪري آيا. اهو ائين آهي ته جيئن اسان وٽ يتيمن، لاوارث ۽ معذورن لاءِ ايڌي هائوس آهي.
اسان وارو هي ڪاليجي دوست ان حالت ۾ شايد سال ڏيڍ رهڻ بعد گذريل مهيني خبر پئي ته هو گذاري ويو. اهو ڪو هڪڙو مثال ناهي. چوڌاري اهڙا ڪيترائي واقعا نظر اچن ٿا. بيحد ڏک جي ڳالهه آهي. اها اسان ۾ ڇو ڪوتاهي آهي؟ ڇا اسان کي صحيح طرح اسلامي تعليمات نٿي ڏني وڃي؟ ڇا اسان کي صحيح طرح اخلاق نٿو سيکاريو وڃي ته ماءُ پيءُ سان ڪهڙو ورتاءُ ڪجي؟ اسان مغرب تان کلون ٿا ته اتي اولاد والدين کي پڇي به نٿو. صحيح آهي. پر اسان وٽ به اهو حال ٿيندو وڃي. مغرب ۾ ته وري به حڪومت پوڙهن جو خيال ڪري.... دوا درمل جو مفت بندوبست ڪري ٿي. اسان وٽ ته پوڙها ماڻهو پئناڊال جي گوريءَ لاءِ به پريشان رهن ٿا، اسان وٽ غريب پوڙهن لاءِ سرڪار طرفان رهائش ۽ سندن خذمت چاڪريءَ جو بندوبست ته نه آهي پر سرڪاري اسپتالن ۾ به ڊاڪٽر ۽ دوائون نه آهن.

اسانجي ملڪ جا پوڙها ڀلا ڇا ڪن ...؟

اسانجي ملڪ جا پوڙها ڀلا ڇا ڪن ...؟
هڪ ٻي ڳالهه اسان جي ملڪ ۾ پوڙهن جو هڪ مختصر حصو آهي جن کي سرڪاري نوڪريءَ ۾ هجڻ ڪري پينشن ملي ٿي. پر اهو به سوچيو ته ان معمولي پينشن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏا ڌڪا کائڻا پون ٿا. ڪيترن کي ته ان لاءِ هر مهيني واسطيدار ڪلارڪ کي رشوت به ڏيڻي پوي ٿي. ملڪ جي ناڻي جو قدر ڪِرڻ ڪري ان پينشن سان مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. سرڪار طرفان سيونگس سرٽيفڪيٽ جهڙيون اسڪيمون آهن جن ۾ اهي پوڙها جن ڪجهه بچت ڪئي آهي اهي سيڙپ ڪري سگهن ٿا ۽ هنن کي گهر ويٺي ان تي نفعو ملي ٿو. پر اسان وٽ اهو مشهور ڪيو ويو آهي ته “اهو نفعو حلال ناهي اهو وياج هجڻ ڪري حرام آهي”. جيڪي ماڻهو سيونگس سرٽيفڪيٽ يا سرڪار جي ٻين اهڙين اسڪيمن ۾ Invest ڪن ٿا انهن کي وياج جو خوف ڏنو وڃي ٿو. اسان جي ڊفينس واري مسجد وارا هر جمعي تي ڪنهن مفتيءَ جو بندوبست ڪندا آهن جيئن ڪو به نمازي ڪنهن مسئلي جو حل پڇڻ چاهي ته هن کان پڇي سگهي. مون ڪيترن کي هن کان سيونگس سرٽيفڪيٽ بابت پڇندي ٻڌو آهي. هن جو اهو ئي جواب آهي ته اهو حرام ناهي. جڏهن رياست ان جي ذميواري ٿي کڻي ته اها ان پئسي کي واپار ۾ لڳائي توهان کي نفعو ٿي ڏئي ته پوءِ توهان کي فڪر جي ڪهڙي ضرورت؟
هڪ دفعي هڪ ماڻهوءَ مفتيءَ کي اهو به چيو ته ”واپار ۾ ته نقصان به پوي ٿو هن ۾ ته هميشه فائدو ڏنو وڃي ٿو.“ ان تي مفتيءَ وراڻيو ته ”توهان منفي سوچ ڇو ٿا رکو ته نقصان پوندو. ٿي سگهي ٿو سرڪار اهڙي بزنيس ۾ لڳائيندي هجي جنهن ۾ ٿورو سهي پر فائدو ٿيندو هجي. ڪيترا اهڙا بزنيس آهن جن ۾ نقصان جا موقعا گهٽ آهن جيئن اٽي پيهڻ جو ڪاروبار، برف ۽ سرون ٺاهڻ جو ڪاروبار، پٿرن جي گسائي ۽ لسائيءَ جو ڪم وغيره وغيره.“
اسان مرچنٽ نيوي وارن کي پينشن نه ملندي آهي 60 سالن جي عمر ۾ رٽائرڊ ٿيڻ تي فقط پراويڊنٽ فنڊ ملندو آهي. منهنجو هڪ پراڻو دوست ڪئپٽن سليم جيڪو مون سان گڏ پيٽارو، چٽگانگ ۽ جهازن تي ته گڏ هو پر ملائيشيا ۾ به گڏ هو. هو بيحد نيڪ، ثوم ۽ صلوات جو پابند ۽ دين جي ڄاڻ کان واقف آهي. رٽائرڊ ٿيڻ تي هن مليل پئسي مان سيونگس سرٽيفڪيٽ ورتا جيئن هر مهيني انهن مان هن کي پيٽ گذر لاءِ خرچ ملندو رهي اهو ٻڌي مون کي حيرت ٿي ۽ کائنس اهو ئي پڇيم ته اهو ڪم صحيح آهي يا غلط جو ماڻهو ان کي وياج سمجهن ٿا. هن چيو ته ڇا اهو ممڪن آهي ته هن عمر ۾، جڏهن صحت به صحيح نٿي رهي آئون اڪيلي سر واپار ڪري سگهان؟ مون ٻن ٽن مولوين کان ان جي پڪ ڪئي آهي ۽ هنن اجازت ڏني آهي.
ڳالهه اها آهي ته اڄ جي دور ۾، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾ ڪو پوڙهو مرد يا پوڙهي عورت سيڌي جو يا ڪپڙي، اسٽيشنري يا ڀاڄي ميوي جو دڪان اڪيلي سر هلائي سگهي ٿو/ ٿي؟ هڪ اهو ئي طريقو آهي ته ڪنهن ڪاروباري فرم کي پنهنجو پئسو ڏجي ته هو ان کي پنهنجي بزنيس ۾ لڳائي ان تي جيڪو فائدو نقصان ٿئي اهو ڏئي. پر سچ ٻڌايو ته آهي اسان جي ماڻهن ۾ ايمانداري؟ مسلمان ته اسان سڀ آهيون پر ديانتداري جهڙي شيءِ اسان وٽ آهي ۽ آهي اسان وٽ تڪڙو عدل ۽ انصاف؟ اسان جي پوڙهن ۾ آهي ايڏي همت جو هو پنهنجي رقم واپس حاصل ڪرڻ لاءِ ٿاڻن ۽ ڪورٽن جا چڪر هڻي سگهن؟ ورلي ڪو ايماندار نظر ايندو نه ته ڀاءُ ڀاءُ مان يا سوٽ ماسات مان به ايمانداري جي اميد نٿي رکي سگهجي.
ڪنهن مون کان پڇيو ته ملائيشيا ۾ ڪيئن آهي؟ هائو يارو! ملائيشيا ۾ پوڙهن لاءِ کڻي سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ، انگلينڊ جهڙو سک نه آهي پر ان هوندي به هو وڏي حد تائين خوشحال زندگي گذارين ٿا. سرڪار طرفان هنن لاءِ به اسان جهڙيون سيونگس اسڪيمون آهن. ڳوٺ ڳوٺ ۾ اسپتالون آهن جن ۾ نه رڳو ڊاڪٽر آهن پر هو مريضن جي خذمت لاءِ حاضر رهن ٿا. گهربل دوائون ۽ آپريشن ٿيٽر آهن. سرڪاري طرح ڪاروبار جون اسڪيمون آهن جن کي ايماندار ماڻهو هلائين ٿا ۽ اسان وٽ جتي گهر ٺهرائي مسواڙ تي ڏيڻ پاڻ لٽائڻ آهي اتي ملائيشيا ۾ گهر يا فلئٽ ٺهرائي مسواڙ تي ڏيڻ سڀ ۾ بهترين ۽ پرسڪون ڪاروبار آهي.
ها. اها حقيقت آهي ته ملائيشيا جا اهي ماڻهو، خاص ڪري ملئي مسلمان جيڪي چينين وانگر ڪاروبار ۾ هوشيار نه آهن، اهي پيريءَ ۾ سڪون جي زندگي گذارڻ لاءِ پنهنجو پئسو پلاٽ وٺي گهر ٺاهڻ ۾ لڳائين (Invest) ڪن ٿا جيئن هنن جي پينشن مان پورت نه ٿئي ته اهو گهر مسواڙ تي ڏئي هر مهيني واڌو پئسو حاصل ڪري سگهن. ملائيشيا ۾ ڪنهن کي پنهنجي رهائش جي لاءِ گهر حاصل ڪرڻ جو فڪر نه آهي. ان جو بندوبست سرڪار ڪري ٿي. اڄ ڪلهه اسان وٽ عمران خان وزيراعظم ٿيو آهي ۽ هن عهدو سنڀالڻ سان جيڪو 50 لک گهر ٺاهڻ جو خيال فلوٽ ڪيو آهي، اهو به آئون سمجهان ٿو ته هن ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير کان idea ورتي آهي، جنهن جو هو شروع کان پرستار رهيو آهي ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ هن کان صلاح مشورو وٺندو رهيو آهي. آئون جڏهن سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ ملاڪا ۾ اچي رهيو هوس يعني هيءَ 1980ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي ته مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته منهنجي اداري جو ڪو مالهي هجي يا ڪلارڪ يا ٽيليفون آپريٽر شاديءَ بعد الڳ گهر ۾ وڃي رهيو ٿي. ڪن کي ته نوڪري ڪئي سال اڌ به نه ٿيو هو ته هن نئين گهر ۾ شفٽ ٿي ڪيو پڇڻ ته ڪو چوي ته “سمجهو ته منهنجو گهر آهي”. پر هن جي هر مهيني پگهار مان مسواڙ به ڪٽي ٿي پوءِ سال ٻه وڌيڪ گذرڻ بعد ۽ ملئي ٻولي ڪجهه وڌيڪ سمجهه ۾ اچڻ تي اتي جي سسٽم جي خبر پئي ته ملائيشيا ۾ گهر حاصل ڪرڻ ائين آهي جيئن حج تي وڃڻ جو بندوبست سرڪار ٿي ڪري. حج تي وڃڻ جو بندوبست ملائيشيا جو هڪ ادارو “تبنگ حاجي” ڪري ٿو. توهان جي پگهار مان هڪ معمولي انگ پنج ڏهه کن رنگٽ هر مهيني “تبنگ حاجي” ڊپارٽمينٽ کڻي ٿو. يعني هن وٽ اهي ٽيهه سال کن گڏ ٿيندا رهن ٿا. ملئي ٻوليءَ ۾ تبنگ Tabung جي معنيٰ ئي آهي پئسا گڏ ڪرڻ وارو ٺڪر جو ڪپو. توهان چاهيو ته ٽيهن سالن بعد حج لاءِ وڃو يا پهرين سال ئي وڃو. توهان جي هڪ حج جو سڄو خرچ “تبنگ حاجي” کاتو ڪري ٿو. بلڪه ان ڳالهه جي لاءِ همت افزائي ڪئي وڃي ته توهان ننڍي عمر ۾ ئي حج ڪري اچو.
اهڙي طرح مهاتير صاحب جتي ڪٿي گهٽ پگهار وارن جي لاءِ 1980ع واري ڏهاڪي جي شروعات کان گهر ٺهرائڻ شروع ڪيا. اهي شاديءَ تي نوجوانن کي ڏنا وڃن ٿا جن جي قيمت جي ادائيگي هر مهيني مقرر ڪيل هڪ ننڍڙي قسط ذريعي پگهار مان ڪٽبي رهي ٿي. هيءَ قسط ايتري ته گهٽ ٿئي ٿي جو اهڙو گهر مسواڙ تي وٺجي ته ان جي مسواڙ قسط کان ٻيڻي ٿئي. سو اهڙي طرح ملائيشيا جي حڪومت طرفان پنهنجي ملڪ جي گهٽ پگهار وارن غريبن جي وڏي مدد چئي سگهجي ٿي. ان کان علاوه ڪيترا غريب توڙي امير پئسو گڏ ڪري ننڍو يا وڏو گهر به ٺهرائيندا رهن ٿا جيڪو ٺهڻ تي هنن جي مرضي آهي ته هو ان گهر ۾ شفٽ ٿي وڃن ۽ سرڪاري گهر اسان جهڙن ڌارين کي يا پنهنجي ماڻهوءَ کي مسواڙ تي ڏين. يا نئون گهر مسواڙ تي ڏين.
مالمو (سئيڊن) ۾ تعليم خاطر رهندو هوس ته اتي هڪ ڊيزي نالي ملئي عورت سان ملاقات ٿي جنهن اتي نوڪري ڪئي ٿي. هن جو ڪو مائٽ مٽ نه هو ۽ نه شادي ٿيل هئس. هن ٻڌايو ته هوءَ سئيڊن ۾ پئسو ڪمائي ملاڪا ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ٻه گهر ٺهرائي رهي آهي جيئن رٽائرڊ ٿيڻ تي هوءَ ملائيشيا موٽي وڃي ۽ انهن جي مسواڙ تي گذارو ڪري. بعد ۾ جڏهن آئون ملاڪا گهمڻ آيو هوس ته مون سندس اهي گهر به ڏٺا هئا جن جي صفائيءَ جو بندوبست منهنجو ملاڪا جو هڪ چيني ڪئپٽن دوست ڪندو هو جيڪو پڻ مون سان گڏ مالمو ۾ هو ۽ مالمو ۾ اسان جي رهائش لاءِ هن ملئي عورت مس ڊيزيءَ وڏي مدد ڪئي هئي. ڊيزيءَ وانگر ٻيون به ڪيتريون عورتون توڙي مرد جن جو اولاد ناهي، هو پيريءَ ۾ پئسي جي تڪليف کان بچڻ لاءِ پنهنجو گهر يا فلئٽ ٺهرائي مسواڙ تي ڏين ٿا.

ملائيشيا ۾ ڇا مسواڙي ڦڏو نٿو ڪري؟

ملائيشيا ۾ ڇا مسواڙي ڦڏو نٿو ڪري؟
پڙهندڙ ضرور سوچيندا هوندا يا سامهون هجان ته اهو سوال ڪن ته “ملائيشيا ۾ ائين ڀلا ڇو آهي؟ ڇا اتي مسواڙي مسواڙ ڏيڻ ۾ ڦڏو نٿو ڪري ڇا، يا گهر تي قبضو نٿو ڪري ڇا؟” ٿي سگهي ٿو ته مسواڙيءَ جي نيت اتي به خراب ٿيندي هجي پر ملائيشيا جو مسواڙ بابت اهڙو قاعدو قانون آهي جو گهر جي مالڪ کي يڪدم انصاف مليو وڃي. آئون پاڻ به اهو ئي سوچيندو آهيان ته اسان وٽ به جيڪر ائين ٿئي ته اسان وٽ به ٻنهي ڌرين لاءِ سُک ٿي وڃي. بي گهر يا ان شهر ۾ بدلي ٿي آيل کي يڪدم گهر مسواڙ تي ملي وڃي ۽ مالڪِ مڪان جڏهن چاهي گهر خالي ڪرائي سگهي. ملائيشيا ۾ مسواڙ تي گهر وٺڻ يا ڏيڻ مهل فقط علائقي جي پوليس اسٽيشن تي اطلاع ڪرڻو پوندو آهي ۽ خالي ڪرائڻ وقت مقرر تاريخ کان هفتو مٿي ٿي وڃڻ تي وڪيل ڪرڻ يا ڪورٽ ۾ وڃڻ بدران ان پوليس اسٽيشن تي شڪايت درج ڪبي آهي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ پوليس جي موبائيل مالڪ کي گهر خالي ڪري ڏيندي آهي. ان خواريءَ کان بچڻ لاءِ ڪو ورلي مسواڙي ڦڏو ڪري ٿو. ان ڪري ملائيشيا ۾ پوڙها، پوڙها، گهر مسواڙ تي ڏيڻ ۾ سڪون محسوس ڪن ٿا.
پڙهندڙن لاءِ ملائيشيا بابت هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه به لکندو هلان. ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪرڻ دوران مون ٻه ٽي دفعا اهڙا واقعا ڏٺا جن ۾ مسواڙين گهر خالي ڪرڻ ۾ دير يا ٽال مٽول ڪئي هوندي ۽ پوءِ ٿاڻي تي دانهن ڏيڻ تي پوليس سامان ڪڍي ٻاهر ڪيو هوندو. اهو ڪم باءِ روڊ سنگاپور يا ڪوالالمپور ويندي رستي تي مون ڪنهن لبوق چينا، سنگائي اڊانگ، موئر، جاسين جهڙي ڳوٺ مان لنگهندي ڏٺو هوندو. اهي ڳوٺ ته نه پر هالا، جهڏي، جهمپير ۽ کپري جهڙا شهر ٿيا. سامان ۾ مون هميشه ڏٺو ته ملئي ماڻهن جو اسان وانگر ڪو گهڻو نٿو ٿئي. بس ٻه کن پيتيون، اهڙيون ٻه کن هڙون ۽ ڇٻي کن ٿانون ديڳڙن جي توهان کي اهو پڙهي به حيرت ٿيندي ته ملائيشيا جي گهرن ۾ سامان رکڻ لاءِ اسان وانگر ڍير ڪٻٽ ۽ پڇٽيون به نه آهن. اسان کي رهائش لاءِ ٽن بيڊرومن وارو جيڪو سٺي ۾ سٺو گهر مليو ان ۾ به هڪ ٻه ڪٻٽ اسان پنهنجي پئسن مان وٺي رکيو، ڀتين ۾ ته هوئي ڪو نه. اهو ان ڪري آهي جو هڪ ته ملائيشيا ۾ سڄو سال سئيٽر جهڙو به سيءُ نٿو پوي. ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ دنيا جي گولي تي خط استوا جي ڀرسان آهن جن ۾ سڄو سال سج جا ڪرڻا سڌا پوڻ تي آفريڪا جي ڪينيا، يوگنڊا، سوماليا، گئبن ۽ ڪانگو جهڙن ملڪن وانگر سخت گرمي ٿيڻ کپي پر ٻارهوئي مينهن ۽ جهڙ هجڻ ڪري ملائيشيا جي موسم خوشگوار رهي ٿي پر سيءُ هرگز نٿو پوي سو ان ڪري هن پاسي جي ملڪن جا رهاڪو سئيٽر، ڪوٽن، رلين سوڙن جي خريداري ۽ انهن کي ڪٻٽن ۾ رکڻ کان بچيا پيا آهن. اندر ٻاهر پائڻ جي سٿڻ قميص (يعني گوڏ قميص يا پتلون) به ٻه يا ٽي ڪافي ٿا سمجهن. اسان وانگر گرمي ۽ مٽي ڌوڙ ناهي جو روز وڳو ميرو ٿئي. هفتو هفتو پائڻ بعد به اهڙي جو اهڙو رهي ٿو. سڄو ملڪ جابلو آهي. هر وقت مينهن پوڻ ڪري مٽيءَ جونالو نشان به نه آهي. ڪنهن ڪونڊيءَ ۾ گل پوکبا آهن ته ان لاءِ مٽي ڊپارٽمينٽ اسٽور تان وٺي اچبي آهي. سو ملائيشيا جا ماڻهو گهڻا وڳا ٺهرائڻ کان به ڇٽا پيا آهن جو پوءِ انهن کي رکڻ لاءِ ڪٻٽ ڳوليندا وتن. ڪيترن کي ته مون ڏٺو ته هڪ وڳو هنن جي جسم تي هوندو ته ٻيو ڌوئي رسيءَ تي سڪڻ وارو اتي ئي پيو لڙڪندو آهي. هفتي ڏيڍ کان پوءِ ان کي استري ڪري پائيندا ۽ جسم تي پهريل لاهي ڌوئندا.
اسان وٽ شادين لاءِ-خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ وڳا وٺي گڏ ڪن پر ملائيشيا ۾ امير توڙي غريب شادي وارن ڪاڄن لاءِ دڪانن تان مسواڙي وڳا توڙي سون جهڙا نقلي ڳهه ڳٺا وٺي استعمال ڪن. اسان وٽ لکين رپين جا ٺهرايل شاديءَ جا جوڙا شادي رات پائڻ بعد ڪٻٽ ۾ سٿيا ويندا آهن جن کي پوءِ تُٿو کائيندو رهي ٿو.
ٽي ڳالهه اها ته اسان وٽ رڌڻا ۽ انهن سان گڏيل اسٽور اٽي، چانورن، کنڊ دالين۽ ٻين شين سان ڀريا وڃن ٿا. اهو سوچي ته اها شيءِ متان مهانگي ٿي وڃي، متان ناپيد ٿي وڃي. پر ملائيشيا ۾ ائين نه آهي. ملائيشيا جو وڏو شهر هجي يا ڳوٺ، اتي جي دڪانن تي ٻارهوئي هر شيءِ ملي ٿي ۽ تقريبن ساڳي اگهه تي، ويندي ننڍڙن ڳوٺن (ڪمپونگن) ۾ به پائوڊر کير، مکڻ، پنير، ماکي، تيل جهڙيون ولائتي شيون ۽ ميوو هر وقت ساڳي اگهه تي ملي ٿو. صوف ٿڌن ملڪن جو ميوو آهي جيڪو ڌارين ملڪن کان ملائيشيا ۾ امپورٽ ڪيو وڃي ٿو. پر سال جا ٻارهن مهينا توهان کي صوفن، سنگترن، انگورن جهڙو ميوو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ملندو. ان ڪري ملائيشيا جي ماڻهن کي ڪا به شيءِ اسٽور ڪرڻ جي عادت ئي ڪانهي. جيڪا شيءِ جڏهن وڻي ٿي اها ضرورت جيتري ان وقت وٺي اچن. پر جي ٻه ڏينهن گهر ۾ رڌ پچاءُ نٿو ٿئي ته به هنن کي فڪر نٿو رهي ٻار ٻچا (شاگرد)، صاحب (مڙس)، سس سهرو گهر کان ٻاهر ڪنهن ريسٽورنٽ، گاڏي واري، ڌاٻي واري گهوريئڙو کان روٽي چنائي (دال اڦراٽو) ناسي ليما (مڇي ڀت) يا ڪا ٻي شيءِ وٺي کائي ڇڏين. خرچ ۾ اوڻهين ويهن جو فرق مس ٿئي. ڇو جو ان معاملي ۾ به ملائيشيا جون ٻه ڳالهيون ڏاڍيون سٺيون آهن: هڪ ته وڪڻڻ وارو گهڻو فائدو نٿو رکي ۽ نه زوريءَ مقرر سنگل يا ڊبل پليٽ گراهڪ جي مٿي ۾ هڻي ٿو. هوٽلن ۾ به گراهڪ جي مرضيءَ تي آهي ته هو خالي پليٽ کڻي ان ۾ پنهنجي مرضيءَ مطابق ڀت، ڀاڄي يا مڇي، ڪڪڙ کڻي، سلاد کڻي وغيره ۽ آخر ۾ دخل تي ويٺل سيٺ هن جي کنيل کاڌي موجب هن کان پئسا وٺي ٿو. ٻي ڳالهه اها ته کاڌي جي معيار قائم رکڻ ۾ ملائيشيا جي حڪومت تمام سخت آهي. ڪو به پاروٿو کاڌو يا ملاوت وارو مصالحو يا ڪا شيءِ گراهڪ کي ڏيو نٿو سگهي جو ان لاءِ تمام ڳريون سزائون آهن. اهو ئي سبب آهي جو توهان ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ کائو يا ڪنهن گاڏي واري کان وٺي يا انهن مائين کان جيڪي ڀت ۽ ڀاڄيءَ جون پڙيون ٺاهي ڇٻڙيءَ ۾ رکي گهر گهر وڪڻن ٿيون، سڀني جو کاڌو صاف سٿرو ۽ صحتمند ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪوالالمپور جهڙن وڏن شهرن ۾ به توهان ڏسندائو ته ڪيترين وڏين آفيسن جا اعليٰ آفيسر فوٽ پاٿ تي ويٺل مائين کان يا گاڏي وارن کان ڀت ٻوڙ يا ٻي ڪا شيءِ وٺي کائيندي نظر ايندا. سو ملائيشيا جي حڪومت قاعدا قانون سخت رکي عوام لاءِ سک ڪري ڇڏيا آهن. ساڳي وقت گاڏي وارن (ريڙهي وارن) ۽ ڌاٻي وارن جا به مزا آهن جو اهي جيڪي ڪمائين ٿا ان ۾ سڄو حصو هنن جو ئي رهي ٿو. نه پوليس کي خرچي ڏيڻي پوي ٿي ۽ نه ڪنهن سياسي غنڊي کي ڀتو ڏيڻو پوي ٿو.




موت ناهي مند

موت ناهي مند

اسان وٽ سنڌيءَ ۾ اها چوڻي عام آهي ته: ”موت ناهي مهڻو، شادي ناهي گار“.
اسان مسلمانن جو ته اهو عقيدو آهي ته موت برحق آهي يعني موت هر هڪ تي اچڻو آهي پر غير مسلم به ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندا ته هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. ان هوندي به اسان وٽ ڪيترا موت جي ڳالهه تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪن ٿا. ڪنهن پوڙهي کي ڪو دوست کڻي صلاح ڏيندو ته پنهنجي ملڪيت ٻارن نالي ورهائي ڇڏ يا وصيت نامو لکي ڇڏ ته يڪدم چوندو ”ميان خير گهر ..... هينئر ئي ڪو مران ٿو ڇا؟ .... ڪا سٺي وائي وار.“
ڀائي ان ۾ ڪهڙي خراب ڳالهه آهي. شاديءَ لاءِ ته اڳواٽ تياري ڪريو ٿا پر موت لاءِ ڇو نه؟ پوءِ هڪ ڏينهن ساهه نڪريو وڃي..... سندس اڻ ورهايل ملڪيت تي سندس اولاد وڙهيو پيا وڙهن. اسان وٽ جواني جي ڏينهن ۾ ته ڪو ورلي ڪنهن کي موت جو فڪر ٿئي ٿو. هر ڪو اهوئي سمجھي ٿو ته موت سٺ ستر سالن بعد ئي اچڻو آهي .... حج به پوءِ ڪبو.... گناهه به پوءِ بخشرائبا. ان معاملي ۾ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي جي ماڻهن جي سوچ مختلف آهي. هو جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي، بلڪه شادي به پوءِ ڪندا، ان کان اڳ حج ڪري ايندا .... جيئن هو پنهنجي زندگي نيڪ طرح سان گذارين ۽ اهو ئي دماغ ۾ رهي ته موت جو وقت مقرر آهي .... ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿو ..... ٻين لفظن ۾ ”موت ناهي مند، تائب ٿيو تڪڙا“.
اسان مان ڪيترا وڏي عمر ۾ پهچي پوءِ موت کان ڊڄن ٿا. بقول هڪ ڏاهي جي ”موت کان ڊڄڻ بدران دوزخ کان ڊڄڻ کپي.“ موت ته ٽري نٿو سگهي هر صورت ۾ اچڻو آهي پر دوزخ جي باهه کي ٽاري سگهجي ٿو..... توبه تائب ٿي..... نيڪ عمل ڪري.
موت تي هر ٻوليءَ ۾ ڪيترائي پڙهڻ جوڳا مضمون نظر اچن ٿا. رياض (سعودي عرب) مان هڪ محمد نجيب قاسمي جو مضمون پڙهيو هوم جنهن جا ڪجهه ٽڪرا پنهنجي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪري رهيو آهيان.....
”هر نفس کي موت جو مزو چکڻو آهي. رب پاڪ هر جاندار لاءِ موت جو وقت ۽ جڳهه مقرر ڪئي آهي ۽ موت اهڙي شيءِ آهي جنهن کان دنيا جو ڪو به شخص چاهي اهو ڪافر هجي يا دهريو انڪار نٿو ڪري.....
”موت ڪهڙي شيءِ آهي؟“
”موت ماڻهن کي مارڻ واري، ٻارن کي يتيم ڪرڻ واري، عورتن کي بيوهه بنائڻ واري، دنيا جي ظاهري سهارن کي ختم ڪرڻ واري، دلين کي ڇرڪائڻ واري، وستين کي اجاڙڻ واري، جماعتن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ واري، لذتن کي ختم ڪرڻ واري، اميدن تي پاڻي ڦيرڻ واري، ظالمن کي جھنم جي وادين ۾ ساڙڻ واري ۽ متقين کي جنت ۾ مٿاهين درجن تائين پهچائڻ واري شيءِ آهي. موت نه معصومن تي رحم ڪري ٿو ۽ نه وڏن جي عزت ڪري ٿو. نه دنيا جي وڏيرن چوڌرين کان ڊڄي ٿو، نه بادشاهن کان انهن جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جي موڪل وٺي ٿو. جيئن ئي حڪم خداوندي ٿئي ٿو ته دنيا جي سڀني رڪاوٽن کي چيري ڦاڙي موت ان ماڻهوءَ تائين پهچيو وڃي......
”موت جي پهچڻ تي اک ڏسڻ ڇڏيو ڏئي، زبان ڳالهائڻ ڇڏيو ڏئي، ڪن ٻڌيو نٿا سگهن، هٿ پير ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏين. موت نالو ئي روح جو بدن سان تعلق ختم ٿيڻ جو ۽ انسان جو دارالفاني کان دارالبقا ڏي ڪوچ ڪرڻ جو آهي. ترقي يافته سائنس به روح کي سمجھڻ کان قاصر آهي، جيتوڻيڪ الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ واضح طور تي اعلان فرمايو آهي ته قُلِ الرُّوحُ مِن اَمرِ رَبّي ـــ روح فقط الله جو حڪم آهي. موت تي انسان جي اعمال جو رجسٽر بند ڪيو وڃي ٿو...... موت تي توبه جو دروازو بند ۽ جزا ۽ سزا جو وقت شروع ٿيو وڃي. حضور اڪرم صلعم جن ارشاد فرمايو: الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهي جي توبه قبول ڪري ٿو جيستائين هن جو آخري وقت اچي وڃي. اسان هر روز، هر ڪلاڪ، بلڪه هر لمحي گذرڻ تي موت جي ويجھو ٿيندا وڃون ٿا. سال، مهينا ۽ ڏينهن گذرڻ تي اسان چئون ٿا ته اسانجي عمر هيتري ٿي وئي، پر حقيقت اها آهي ته ايام اسانجي زندگيءَ مان گهٽجي ويا.....
جتي عالمن فلاسفرن موت بابت حقيقت کان آگاهه ڪيو آهي ۽ پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي اتي شاعرن، اديبن ۽ سائنسدانن مان به ڪيترن موت بابت آگاهي ڏني آهي ۽ پنهنجو پنهنجو خيال پيش ڪيو آهي. اڙدو جي شاعر چاچي غالب جي شاعريءَ ۾ جدائي ۽ ميلاپ، فلسفاني ڳالهين ۽ صوفيانه رمزن، عاشقاڻي رازن ۽ مئه جي مستين سان گڏ اسانکي اجل ۽ موت جو احوال به ملي ٿو.
”موت ڪا ايڪ دن معين هي
نيند ڪيون رات ڀر نهين آتي
قيد حيات و بند غم اصل مين دونون ايڪ هين
موت سي پهلي آدمي غم سي نجات پائي ڪيون“
پهرين شعر ۾ موت جي مقرر وقت جو اعتراف آهي. ننڊ نه اچڻ جو سبب ڪجهه ٻيو آهي ـــ شايد محبوبا کان جدائي يا اوجاڳي (بيخوابي) جي هڪ عادت ٿي سگهي ٿي. ٻئي شعر ۾ غالب زندگي جي خاتمي کي ئي غمن کان ڇوٽڪاري جو حل مڃي ٿو. زندگي جيستائين آهي ان سان گڏ ڏک به رهندا ته سک (خوشيون) به. ٻنهي کي ڌار ڌار نٿو ڪري سگهجي. غالب جو هڪ ٻيو شعر آهي:
”ڪهون ڪس سي مين ڪه ڪيا هي،
شبِ غم بري بلا هي
مجھي ڪيا بُرا ٿا مرنا اگر ايڪ بار هوتا
هوئي مَرڪي هم جو رسوا هوئي ڪيون نه غرقِ دريا
نه ڪبهي جنازه اٺتا نه ڪهين مزار هوتا“.
مرزا اسد غالب زندگي جي ڏکن ۽ مصيبتن کي بلائن سان تشبيهه ڏني آهي جن جو اظهار هن پنهنجي هن شعر ۾ هن ريت ڪيو آهي:
هو چڪين غالب بلائين سب تمام
ايڪ مرگ ناگھاني اور هي
مرگ ناگھانيءَ جو جواب ناهي. موت اوچتو ئي نازل ٿئي ٿو جنهن سچائيءَ کي غالب شعر ۾ وڌو آهي. سچ آهي ته موت جو مقرر وقت آهي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪڏهن ايندو.... ان جو علم فقط خلقڻهار کي آهي.... ائين به ناهي ته ڪو بيمار مرن ٿا نوجوان جيئن ٿا ..... ”مرڪندا مريو وڃن، جڏا پيا جيئن“.
اسانجو غالب سچو عاشق ٿي رهيو. هو پنهنجي محبوبا مٿان جان ڏيڻ لاءِ تيار هوندو هو. هڪ سچي عاشق جي شوق جي انتها ته ڏسو.
”سادگي پر اس ڪي مرجاني ڪي حسرت دل ۾ هي،
بس نهين چلتا ڪي ڦر خنجر ڪف قاتل مين هي“
سندس هڪ ٻيو شعر آهي.
”مرتي هين آرزو مين مرني ڪي
موت آتي هي پر نهين آتي“
غالب موت جي موضوع کي شجر ممنوعه قرار نه ڏنو. هن وٽ اجل يا موت جو ذڪر مثبت قدر جي شڪل ۾ اڀري ٿو. هن وڏي جرئت سان موت بابت پنهنجن خيالن جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي.
اسانجي سنڌي شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جو شعر آهي ته:
زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين
مرڻ کان اڳيئي، مري جي ڏٺوسين
ٿياسين نه محبوب ڪنهنجا ته ڇا ٿيو
محبت ۾ ڪنهن تان فدا ٿي ڏٺوسين
اسانجي ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پنهنجي هڪ ڪالم ۾ پنهنجي شهر ڀوپال، جتان هن جا وڏا لڏي پاڪستان آيا، بابت لکي ٿو ته:
”ڀوپال ۾ مسلمانن جي گهڻائي پٺاڻن جي هئي ۽ هي يوسفزئي ۽ اورڪزئي هئا. لڳي ٿو ته اها پٺاڻن جي روايت هئي جو ڀوپال ۾ ماڻهو موت کان نه ڊڄندا هئا ۽ وڏي عمر وارا بيحد پُر سڪون ۽ مطمئن نظر ايندا هئا. مون هنن جي وات مان اها ئي ڳالهه ٻڌي ته، ”الله پاڪ هاڻ مونکي هلندي چلندي گهرائي وٺجان ۽ ڪنهن جو محتاج نه ڪجانءِ.“ مون ڪنهن جي موت تي ڪڏهن به ان جي گهر وارن کي پار ڪڍي روئندي، رڙيون ڪندي يا منهن مٿو پٽيندي نه ڏٺو. ماڻهو بيحد گنڀير ۽ غمگين نظر آيا ٿي. اسان جي پنهنجي گهر ۾ ٿيندڙ قضين تي اسان مان ڪير نه رنو هوندو. ڪفن دفن ڪيو، تلاوت ڪئي ۽ دعا مغفرت ڪئي، غريبن کي کاڌو کارائي ڇڏيو. چئن جمعي راتين تي قرآن جو ختمو ۽ دعا مغفرت ڪئي وڃي ٿي. هتي پاڪستان ۾ ماڻهو تمام گهڻو روئڻ ڌوئڻ ڪن ٿا ۽ اها ڳالهه صفا درگذر ڪريو ڇڏين ته اسان سڀني کي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن مرڻو آهي. اها الله تعاليٰ جي مرضي آهي ۽ حڪم آهي ۽ اهو ته اسانکي وري ٻيو دفعو جيئرو ٿيڻو آهي.“
ايران جا چار ڪتاب جيڪي سڀ کان گهڻو مشهور آهن انهن ۾ شاهه نامه فردوسي، گلستان سعدي، ديوان حافظ ۽ مثنوي مولانا روم آهن. مولانا جلال الدين رومي مغرب ۾ سڀ کان وڌيڪَ مقبول شاعر، اديب ۽ صوفي آهي. مغرب ۾ هن کي صوفي ازم يا تصوف جو باني چيو وڃي ٿو. هن جي مثنوي (شاعري) جو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ هن جي مثنوي جي شعرن جو تعداد اٽڪل 27 هزار ٿيندو. مولانا رومي جنهن وجدَ جي حالت ۾ شعر اوچتو ٻڌائڻ لڳندو هو ان مان هر هڪ کي اهو يقين ٿي ويو ته اهي الهامي ڪيفيت ۾ اچن ٿا.
رب پاڪ قرآن مجيد ۾ ڪيترائي دفعا فرمايو آهي ته هر جاندار (ذي روح) کي موت جو مزو چکڻو آهي.... يعني هر ساهواري کي مقرر وقت تي موت اچڻو آهي ۽ پوءِ انسان کي وري زندهه ٿي الله جي سامهون حاظر ٿيڻو آهي ۽ پنهنجي اعمالن جو حساب ڏيڻو آهي. نيڪ ٻانها جنت ۾، گنهگار جهنم ۾ جاءِ حاصل ڪندا.
ان ئي موت ۽ ٻيهر جيئرو ٿيڻ کي مولانا جلال الدين روميءَ نهايت ئي سادي ۽ خوبصورت طريقي سان هيئن بيان ڪيو آهي: ”هڪ ڏينهن جڏهن آئون مري وڃان ۽ مونکي دفن ڪرڻ لاءِ منهنجو تابوت کنيو وڃي ته اهو هرگز نه سوچجو ته مونکي هيءَ دنيا ڇڏڻ تي ڏک ٿي رهيو آهي ..... منهنجي لاءِ نه غمگين ٿجو ۽ نه ئي گهوڙا پٽ ڪجو ۽ نه ئي افسوس ڪجو. جڏهن توهان منهنجو تابوت (جنازو) ڏسو ته هرگز اهو نه چئجو ته آئون موڪلائي رهيو آهيان، رخصت ٿي رهيو آهيان ..... ڇو جو منهنجي لاءِ الله تعاليٰ سان ملاقات ۽ گڏجڻ جو وقت هوندو ۽ جڏهن توهان مونکي زمين ۾ دفن ڪرڻ لڳو ته هرگز خدا حافظ نه چئجو ڇو ته هيءَ قبر منهنجي ۽ منهنجي خالق جي وچ ۾ ملاقات جو پڙدو آهي. جڏهن توهان منهنجي لاش کي قبر ۾ لهندو ڏسو ته منهنجي ٻيهر زنده ٿيڻ جي باري ۾ سوچجو ڇو جو توهان ڪڏهن سج جي غروب ٿيڻ يا چنڊ جي لهڻ کانپوءِ انهن جي آب و تاب ۾ گهٽتائي ڏٺي آهي؟ جڏهن هي لهن يا غروب ٿين ٿا ته هي هنن جو وري اڀرڻ ڏي قدم آهي. قبر ڏسڻ ۾ هڪ قيد خانو لڳي ٿي پر ان ۾ داخل ٿيڻ سان روح آزاد ٿيو وڃي. اهو ٻڌايو ته اُهو ڪهڙو ٻج يا داڻو آهي جيڪو زمين ۾ پوريو وڃي ته اهو زندهه ٿي ٻاهر نٿو نڪري؟ ته پوءِ انسان جي ٻيهر زندهه ٿيڻ جي باري ۾ ڇو شڪ شبها رکو ٿا؟ جڏهن ڪو ڏول کوهه ۾ وجھجي ٿو ته ڇا اهو ڀرجيو نٿو نڪري؟ ته پوءِ ڪو سبب ناهي روح جي نڪرڻ وقت توهان غمگين رهو..... جڏهن ته اهو حضرت يوسف عليه السلام وانگر کوهه مان جيئرو نڪري اچي ٿو. جڏهن توهان جو وات آخري ڀيرو بند ٿئي ٿو (يعني توهان فوت ٿيو ٿا) ته پوءِ توهان جا لفظ ۽ توهان جو روح ڪنهن به جاءِ ۽ وقت جو پابند نٿو رهي.....“
توهان ڏٺو ته حضرت جلال الدين روميءَ ڪيڏي خوبصورتيءَ ۽ سادي ٻوليءَ ۾ ڪلام الاهي جي تشريح ڪئي.
شاهه لطيف ٿو فرمائي:
مَرِي، جِيُ؛ ته ماڻـئِين، جانِبَ جو جَمالُ؛
ٿِئين ھُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِھائِي پارِئين.

هڪ ٻئي هنڌ ٿو فرمائي:
مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نه ماتُ.
ھوندا سي حَياتُ، جِئَڻان اَڳي جي جِئا.

شاهه جو موت بابت پنهنجو Concept آهي. هو سرڪلياڻ ۾ چوي ٿو:
انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟
سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تي مُشاهِدو.

سر ڪلياڻ ۾ ئي هڪ هنڌ فرمائي ٿو:
پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٿُ حَبِيبَ جو؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِّ؛
عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اوچي ڳاٽ اَچَنِّ؛
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِّ، مَرَڻُ تَنِّ مُشاهِدو.

ڇا شيخ اياز جي ڳالهه نه ڪجي.... جنهن جي هيٺين شعر کي جيجي زرينه امر ڪري ڇڏيو.
جان ۾ جان رهي نه رهي، منهنجي اکڙين جون
عادتون رهنديون
ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوءِ توسان گڏجڻ جون
حسرتون رهنديون

موت جي سفر بابت هڪ دلچسپ ميسيج واٽس اپ تان نوٽ ڪيو اٿم:

One day, we all will depart
On a journey free of cost
Don’t worry about seat reservation, it
Is confirmed. The flight is always on
Time. Our good deeds will be our
Luggage. Humanity will be our passport.
Love will be our visa. Make sure
We do our best to travel to heaven
in business class.

موت بعد اسانجو جسم ڪيئن تبديل ٿئي ٿو؟

موت بعد اسانجو جسم ڪيئن تبديل ٿئي ٿو؟
پوسٽ مارٽم ڪرڻ وارا ماهر ٻڌائين ٿا ته انسان جڏهن مري ٿو ته هن جي جسم ۾ جيڪي تبديليون ٿين ٿيون انهن مان سڀ کان پهرين ان ماڻهوءَ جي دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏئي ٿي ۽ رت جو وهڪرو بند ٿيو وڃي. جسم جو سڄو رت جسم جي هيٺين حصي ۾ گڏ ٿيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو مرڻ واري شخص جو چهرو ۽ مٿيون حصو هئڊو ٿيو وڃي ڇو جو جسم جي مٿئين حصي ۾ رت نٿو رهي. آڪسيجن جي کوٽ جي ڪري جسم جي اندر ٿيڻ وارا سڀ ڪيميائي عمل بند ٿيو وڃن. اکيون ڌنڌليون ٿيو وڃن ۽ جسم جا عضوا سخت ٿيو وڃن. جسم جي حرارت جو درجو ماحول جي حرارت (Ambient Temperature) برابر ٿيو وڃي. آخرڪار نڪ وات ۽ جسم جي ٻين سوراخن مان بئڪٽيريا رت جي نلين ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ جسم جي ڳرڻ سڙڻ جو عمل شروع ٿيو وڃي.....
مولانا علي رانا جو هڪ ڪالم ”موت ڪي آواز سنو.....!“ پڙهڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ هن موت بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هن ڪالم مان سندس ڪجهه خيالن جو ترجمو هتي ڏئي رهيو آهيان.
”آئون ڊڄان ٿو ان گهڙيءَ کان جڏهن موت منهنجي سامهون هوندو. خبر ناهي ان وقت موت مونکي ڪهڙي حال ۾ پائيندو؟ خبر ناهي آئون وضوءَ ۾ هوندس يا نه؟.... ڪٿي بي موت نه مري وڃان.... ڪنهن تخريبڪاريءَ جو شڪار نه ٿي وڃان (۽ بم ڌماڪي ۾ منهنجو جسم ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي) ٿي سگهي ٿو منهنجي وجود کي دفنائڻ لاءِ ٽڪرن جي ميڙا چونڊي ڪرڻي پوي يا خبر ناهي (مڇين جي پيٽ ۾ هليو وڃان ۽) مونکي دفنائڻ لاءِ وجود ئي نه ملي؟ يا رب! منهنجي لاش کي خبر ناهي غسل به نصيب ٿيندو يا نه؟ خبر ناهي مونکي ڪفن پارايو ۽ دفنايو ويندو يا نه؟ بيشڪ موت برحق آهي پر ڪفن بابت شڪ اٿم.
”مرڻ کانپوءِ انسان جي جسم تي اوڍيل ڪپڙا به لاٿا وڃن ٿا ۽ گهر وارا ئي چون ٿا ته هلو، جنازو کڻو ته هلون. اهي ئي توهانجا پنهنجا جيڪي توهان سان بي انتها پيار و محبت جو اظهار ڪن ٿا.... اڄ اهي ئي توهانجي لاش کان ڊڄن ٿا.....
”موت جو ديدار چوديواريءَ اندر تمام پُرسڪون انداز سان ڪري سگهجي ٿو..... سڪندرِ اعظم جنهن تقريبن ان وقت جي سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي.... ان جي وصيت هئي ته جڏهن آئون مران ته منهنجا ٻئي هٿ ڪفن کان ٻاهر لڙڪائي ڇڏجو جيئن دنيا وارا اکين سان ڏسن ته سڪندر جنهن وٽ هن دنيا ۾ هيڏي ملڪيت هئي اهو اڄ خالي هٿين پيو وڃي ۽ دنيا کي فتح ڪرڻ وارو اڄ موت کان هارائي پيو وڃي ....
”توهان يقين ڪريو! آئون ڊڄان ٿو هر صبح جي سج کان ڪٿي اهو منهنجي زندگيءَ جو آخري سج نه هجي ۽ ڊڄان ٿو هر رات جي اونداهيءَ کان ته ڪٿي اها ئي منهنجي نگاهن اڳيان موت جي اونداهي نه آڻي...... موت اسان جي ڪڍ آهي پر اسان ان حقيقت کي مڃڻ کان انڪاري آهيون....
”موت جو آواز ٻڌو! هوش سنڀالڻ کان وٺي آخري لمحن تائين ان جو آواز تيز ٿيندو وڃي. موت اسان کي ڪجهه چوڻ چاهي ٿو. هو اسانجو دشمن يا حاسد ناهي. واصف علي واصف جو قول آهي ته ”جيڪي ڪنهن مقصد لاءِ مرن ٿا اهي مرن نٿا ۽ اهي جيڪي بي مقصد جيئن ٿا انهن جو جياپو اجايو آهي.“ هڪ ٻي جاءِ تي فرمائي ٿو: ”پسنديده شيءِ کان جدائي موت آهي. جن جون پسنديده شيون موت کان پري آهن انهن لاءِ مرڻ آسان آهي. جن جون پسنديده شيون هن دنيا ۾ رهجي وينديون انهن لاءِ موت هڪ مشڪل مرحلو آهي“..... اسانکي سامانِ آخرت ٻَڌي رکڻ کپي جو خبر ناهي ڪهڙي سفر تي زندگيءَ جي پڄاڻي ٿئي.... الله پاڪ اسان سڀني جي مغفرت فرمائي ۽ جهنم جي باهه کان بچائي.... (آمين).



موت ناهي مهڻو

موت ناهي مهڻو

ننڍپڻ جا ڪجهه سال..... ستين ڪلاس تائين، پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ گذاريم جتان ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد ناناڻن وٽ وڃڻ ٿيندو هو ان بعد وڏو عرصو جهڙوڪر ڳوٺ کان ٻاهر ئي رهڻ ٿيو...... پيٽارو.... ان بعد وڌيڪَ تعليم لاءِ چٽگانگ مشرقي پاڪستان (جيڪو هاڻ الڳ ملڪ بنگلاديش نالي آهي)، مالمو (سئيڊن) يا نوڪري دوران سمنڊ تي جهاز هلائڻ ۽ مختلف ملڪن جي بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي رهڻ ۽ ان بعد ڪناري جي نوڪري جي سلسلي ۾ ڪويت، جپان ۽ وڏو عرصو ملائيشيا ۾ رهڻ...... ان بعد ئي پنهنجي ملڪ جو رخ ڪيم. هاڻ وڏي عمر ڪري ادبي محفلن ۾ وڃڻ نٿو پڄي نه ته سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ شپ يارڊ وارن ڏينهن ۾ توڙي جهاز جي نوڪري ۾ جڏهن به جهاز ڪراچي ايندو هو ته پنهنجن اديب دوستن: نسيم کرل، امر جليل، قمر شهباز، نوردين سرڪي، تاجل بيوس، طارق اشرف، غلام نبي مغل، استاد بخاري وغيره وغيره سان ملڻ لاءِ هلي ملي ڪراچي توري حيدرآباد يا دادو ويندو هوس. ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت ۽ سِگا جون گڏجاڻيون اٽينڊ ڪندو هوس.
سنڌ ۾ اسان جي ننڍپڻ وارن ڏينهن ۾ نه ايترا مدرسا هئا ۽ نه عالمِ دين جيترا اڄ ڪلهه نظر اچن ٿا. وڌ ۾ وڌ قرآن پڙهڻ لاءِ گهٽيءَ ۾ کُٿاب هو جتي بنا معنيٰ ۽ تفسير سان پڙهايو ويو ٿي. صحيح تلفظ نه سکڻ ڪري پنجاهه سالن جي عمر بعد وري پڙهڻو پيو. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه چئبي جو هڪ اديب ۽ مطالعي جو شوقين ٿي اڙدو، سنڌي ۽ انگريزيءَ جا ته هزارين ناول پڙهندو رهيس پر قرآن صحيح طرح نٿي پڙهي سگهيس. ڪنهن سان ڳالهه به نٿي ڪيم ۽ وڏي عمر ۾ ڪنهن وٽ پڙهڻ ۾ شرم ٿي آيو. پوءِ الله ڀلو ڪري منهنجي هم عمر عدنان ڪيهر ۽ سئي گئس جي چيف انجنيئر عبدالشڪور ميمڻ جو جن کي مسجد ۾ بابن کان وري نئين سنئين قرآن شروع ڪندو ڏسي منهنجو به شرم ۽ ندامت جو احساس ختم ٿيو ۽ مون به قرآن جو شروع کان سبق وٺڻ شروع ڪيو ۽ اڄ آئون چئي سگهان ٿو ته اهو ته ڪيڏو ته آسان آهي. قرآن جو ترجمو خاص ڪري اسانجي دوست بدر ابڙي جي ڏاڏي علامه علي خان ابڙو جو ۽ تفسير (خاص ڪري مولانا مودودي جو ته) پهرين کان پڙهندو رهيس ٿي.
اسلام بابت ڪا گهڻي ڄاڻ به ننڍي هوندي ڳوٺ ۾ نه پئجي سگهي. بلڪه بعد ۾ احساس ٿيو ته اسانجو صوبو سنڌ باب السلام سڏجڻ جي باوجود اسين ان جا ماڻهو اسلام کان اڻ ڄاڻ رهون ٿا ۽ اسان جون ڪيتريون ڳالهيون ۽ عمل شرڪ جي زمري ۾ اچن ٿيون يا حقيقت ۾ اهي بِدعتون آهن. ٿوري گهڻي اسلام بابت جيڪا ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ان لاءِ آئون ملائيشيا ۽ سئيڊن ملڪ کي ڪريڊٽ ڏيندس. جيتوڻيڪ شروع جي ڏينهن ۾ منهنجا ملئي دوست جڏهن اسان تان يعني پاڪستاني مسلمانن جي ڪجهه ڪمن تان حيرت کائيندا هئا ته مونکي ڪاوڙ لڳندي هئي پر پوءِ غور سان سوچڻ تي هو مونکي صحيح لڳا ته برابر اسان ڪيتريون ڳالهيون غلط ٿا ڪريون...... قبرن کي ويٺا چمون، ٻارن جي طهرن تي بئنڊ باجا ۽ رنڊيون پيا نچايون ۽ پنهنجي رب سان سنئون سڌو تعلق رکڻ بدران شرابي، زاني، ٺڳ پيرن کان ويٺا ڦيڻا پڙهايون!
اسلام بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سئيڊن به منهنجي لاءِ سڀاڳو ملڪ ٿيو جو مالمو شهر توڙي درياهه جي ٻي پار ڪوپن هيگن جي مسجدن ۾ جيڪي احمد ديدات، ذاڪر نائڪ جهڙا ايشيائي توڙي مقامي نو مسلم گورا ليڪچر ڏيندا هئا انهن جو دل تي اثر ٿيندو هو. ڳوٺ جي مولوي جي جتي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي اتي هنن عالمن جون حديثن ۽ قرآن جي حوالن سان انگريزيءَ ۾ تقريرون سمجهه ۾ اچڻ لڳيون ته اسلام ڇا آهي. هڪ يورپين نو مسلم چيو:
Islam is a religion without any mythology. Its teaching is simple & intelligible. It is free from superstitions & irrational beliefs. All is based on reason & sound logic. There is no hierarchy of priests no complicated rites & ritual.
”هيءَ دنيا هڪ مختصر گهڙيءَ برابر آهي ٻيو جهان هميشه جي لاءِ آهي. هيءَ دنيا امتحان گاهه آهي جنهن ۾ ڪيل هر سٺائي ۽ خرابيءَ جي جزا توڙي سزا ٻئي جهان ۾ هر انسان کي ملڻي آهي. هر شيءِ جو خاتمو ٿيڻو آهي هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. رب پاڪ تمام گهڻو بخشڻهار ۽ ٻاجھارو آهي. موت کان اڳ هن ڏي رجوع ٿيو........“ ٻين لفظن ۾ هن يورپيءَ ان حقيقت کان آگاهه ٿي ڪرڻ چاهيو ته: موت ناهي مند، تائب ٿيو تڪڙا.
اهڙن ماڻهن ۽ ملڪن ۾ رهي سالن پڄاڻان پنهنجي وطن وريس. هاڻ اها همت ۽ شوق نه رهيو آهي تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ادبي محفل ۾ حاضري ڀرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو يا ڪنهن اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۾ پنهنجي ملڪ جي شاگردن سان ملڻ ۽ پنهنجي تعليمي تجربي مان کين ڪجهه آگاهيون ڏيندي خوشي محسوس ڪريان ٿو. سڄي عمر ڌارين ملڪن ۾ انگريزي ڳالهائڻ بعد پنهنجي وطن ۾ ليڪچر ٻڌندڙن سان اڙدو يا سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي هڪ عجيب خوشي ۽ پنهنجائپ محسوس ڪريان ٿو.
هڪ ادبي محفل جنهن ۾ آئون خاص مهمان طور ويٺل هوس ٻڌندڙن مان هڪ عجيب سوال ڪيو ـــ يعني مون لاءِ اهو سوال عجيب هو ته فلاڻي مشهور شاعر جي قبر بارشن ڪري ڊهي رهي آهي سرڪار کي کپي ته هيڏي وڏي شاعر جي قبر شايان شان ٺهرائي ۽ ان مٿان مقبرو اڏائي.
هڪ اهڙي ٻي گڏجاڻيءَ ۾ مونکان پڇيو ويو ته منهنجي دفن بابت ڇا خواهش آهي. ”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو.
”جيئن فلاڻي شاعر کي سندس خواهش (يا شايد وصيت) مطابق شاهه لطيف جي پڙ ۾ (يعني پسگردائي ۾) دفن ڪيو ويو يا فلاڻي اديب پاڻ کي مڪلي جي قبرستان ۾ دفن ڪرايو.....“ هن مونکي مثال ڏئي سمجھايو..... ۽ سمجھي ويس ته هو مونکان ڇا ٿا پڇڻ چاهين. نه فقط اديب شاعر پر اسان جا ڪيترائي ماڻهو اها ئي خواهش ڪندا آهن ته کين پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ ماءُ پيءُ جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي. ڪيترن جو پنهنجن پونئيرن کي اهو چوڻ هوندو آهي ته مرڻ بعد سندن لاش کي ڪنهن اولياء، پير، بزرگ جي ويجھو دفن ڪيو وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن پيرن، مرشدن، اوليائن جا گادي نشين يا مجاور نه چاهيندا آهن ته هر ايري غيري جي خواهش پوري ڪئي وڃي..... هڪ عام ماڻهوءَ جي ڪانڌين کي ڀڄائي ڪڍندا آهن..... ها البت ڪنهن وڏيري، وزير يا ڪارخانيدار جو لاش آهي ته ان کي دفن ڪرڻ کان انڪار نه ڪندا آهن. اسان وٽ اهو ئي خيال آهي ته ڪنهن اولياءَ، بزرگ يا پير جي ويجھو دفن ٿيڻ سان گناهه معاف ٿيو وڃن ۽ اهو ماڻهو ظالم، ڏوهاري، شرابي ڪوابي هجڻ جي باوجود سڌو جنت ۾ هليو وڃي ٿو..... پنهنجي خاندان جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ سان سندس ڀر ۾ دفن ٿيل عزيز کيس قبر جي عذاب کان بچائي وٺندا...... تڏهن ته اسان وٽ پرديس ۾ وفات ڪري ويندڙ همراهه جي لاش کي هن جي ڳوٺ ۾ آڻي سندس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو..... پوءِ چاهي ان ۾ هفتو لڳي وڃي.... ٽرانسپورٽ جي خرچ پٺيان مرحوم جا پويان قرضي ۽ بي حال ٿي وڃن....... چي ائين جي نه ڪبو ته هن جو روح پنهنجن عزيزن احبابن لاءِ ٻاڪاريندو رهندو!
هڪ علامتي سڪ لاءِ ته ڪو کڻي پنهنجي وطن کي ياد ڪري ۽ مارئيءَ وانگر چوي ته:
واجھائي وطن کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛
گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.

سو اها ته ٿي ٻي ڳالهه پر اسلام جي ٿوري ڄاڻ رکندڙ به ان ڳالهه کي بيوقوفي سمجھندو ته جنت ۽ دوزخ جي ملڻ جو مدار دفن واري هنڌ تي آهي. دنيا هڪ ڊراما اسٽيج وانگر آهي جنهن تي ڪو ڀلي بادشاهه هجي، فقير هجي، پيءُ هجي، پٽ هجي.... ڊرامو ختم ٿيڻ بعد اداڪارن جو هڪ ٻئي سان اسٽيج وارو ڪو تعلق نٿو رهي..... يعني آئون اهو سمجھي سگهيو آهيان.... ته مرڻ بعد ڪو به مائٽ دوست نٿو رهي جيڪو اسان جي مدد ڪري سگهي يا اسان هن جي ڪم اچي سگهون.... پر ڇا ڪجي اسان وٽ اسلام کي ان صحيح انداز ۾ نٿو سمجيو وڃي.... اسان وٽ عجيب ريتون رسمون آهن.....
ننڍي هوندي مونکي ڏاڏيءَ نپايو. هن جو مون ۾ ساهه هوندو هو. سندس هڪ پٽ احمد مئٽرڪ ۾ هو ته گذاري ويو. ان کان اڳ سندس گهر وارو (اسان جو ڏاڏو محمد رحيم) گذاري ويو. منهنجو پيءُ گل محمد سندس اڪيلو پٽ هو جيڪو به کانئس پري حيدرآباد، پوني ۽ بعد ۾ نيويارڪ ۾ پڙهندو رهيو. گهر ۾ آئون سندس پهريون پوٽو ڄائس ته هوءَ مونکي سڄو ڏينهن پاڻ سان وهاريو ويٺي هوندي هئي. گهٽيءَ ۾ به نه ڇڏيندي هئي. گهٽيءَ ۾ جي ويندو هوس ۽ ڪو ٻار يا وڏو دڙڪو ڏيندو هو ته پاڻ اٿي مون پاران هن جي خبر وٺندي هئي. منهنجي والد جي نوڪري شروع ٿي ته اها به پري مٺي، عمر ڪوٽ پاسي. تن ڏينهن ۾ بسون ڪارون عام نه هيون. ٿرپارڪر پاسي ماڻهو اٺن تي سواري ڪندا هئا. منهنجو پيءُ مهيني ٻن بعد ڳوٺ ايندو هو. سو منهنجي لاءِ منهنجي ڏاڏي وڏي ڍال هئي. بلڪه ايڏي گهڻي ۽ هر وقت جي حفاظت ڪري ڊڄڻو ٿي پيو هوس. چڱو جو ستين ڪلاس ۾ ڳوٺ ڇڏي ڪئڊٽ ڪاليج ويس نه ته ڏاڏيءَ وٽ ايندڙ ٻين پوڙهين کان مرڻ ۽ قبر جي عذاب جون ڳالهيون ٻڌي هر وقت اهو چوندو هوس ته مري وڃڻ بعد ڏاڏيءَ جي ڀر ۾ ئي مونکي دفن ڪجو .... يعني پنهنجي هر قسم جي بچاءَ لاءِ مون پنهنجي ڏاڏيءَ کي ئي بهترين باڊي گارڊ ٿي سمجھيو. پر پوءِ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ کان به پوءِ پوءِ مونکي جڏهن اسلام جي صحيح ڄاڻ ٿي ته خبر پئي ته مرڻ بعد هرڪو پنهنجن دنيا ۾ ڪيل نيڪين ۽ بدين جو ڦَل حاصل ڪري ٿو..... چاهي هن کي ڪٿي به دفن ڪيو وڃي.... چاهي هن جي مٿان ڪيڏا وڏا گنبذ ۽ قبا اڏيا وڃن. مري وڃڻ بعد هر هڪ کي سندس اعمالن مطابق ئي جزا ۽ سزا ملڻي آهي.... دنيا ۾ چاهي هو ڪنهن بادشاهه، وزير اعظم يا ڪنهن گادي نشين جو پٽ هجي يا ڪنهن غريب فقير جو .... جهنم يا جنت هرڪو اعمالن جي شڪل ۾ پاڻ سان کڻيو ٿو وڃي. تڏهن ته وتائي فقير پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو ته هن کي جهنم ۾ به ڪو ٽانڊو نظر نه آيو. لطيفو مشهور آهي ته هڪ دفعي وتائي فقير کي ماڻس چلم لاءِ پاڙي مان ڪو ٽانڊي ڀور آڻڻ لاءِ چيو جيئن هوءَ تماڪ کي دکائي سگهي.
ڪافي دير بعد وتايو خالي چمٽو وڄائيندو گهر پهتو.... يعني ٽانڊو نه مليو.
ماڻس ڪاوڙ ۾ چيس ته هيڏي ساري پاڙي ۾ توکي ڪنهن به گهر مان ٽانڊو نه مليو؟
”تڏهن ته هٿين خالي موٽيو آهيان“. وتائي وراڻيو.
ماڻس ڪاوڙ مان چيس ته ”پوءِ جهنم ۾ هليو وڃين ها. اتي ته ضرور ملي وڃئي ها.“
وتائي وراڻيو: ”امان اتي به ويس پر اتان به نه مليو. ملائڪن چيو ته هتي ڪا باهه ڪانه پئي ٻري هر گناهگار پاڻ سان کڻيو ٿو اچي.“
پر ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ اڄ به گهٽ تعليم ۽ ٺڳ پير مرشدن جي چٻيل ڇٿريل ڳالهين ڪري اسان جا ڪيترا ماڻهو اهو ٿا سمجھن ته جنت جي ڪنجي هنن پيرن مرشدن وٽ آهي. هو پنهنجن مريدن ۽ پوئلڳن کي نه فقط پٽ ٻار ڏين ٿا پر جنت جو پروانو به پهچائين ٿا. هڪ پير بابت اها ڳالهه ته توهان به ”واٽس ائپ“ تي ٻڌي هوندي ته هن جو پنهنجي مريدن کي چوڻ آهي ته توهان کي جي دوزخ ۾ وڌو وڃي ته به نه گھٻرائجو ”آئون جهنم کي فقط لٺ هڻندس ته اهو ٿڌو ٿي ويندو......“ توبه نعوذ باالله! ڇا ته اسان وٽ غلط عقيدا آهن! يعني ماڻهو نيڪ ڪم ڪرڻ بدران اهڙن ٺڳ پيرن مرشدن جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ سان هو هن کي ٻئي جهان ۾ به بچائي سگهن ٿا. اهڙن ماڻهن کي حضور اڪرم صلعم جن جي عقيدي جي ڄاڻ هجڻ کپي. الله جو رسول پنهنجي پياري ڌيءَ کي فرمائي ٿو...... ”يا فاطمة الزهرا بنت محمد اِنقِذِي نَفسَکِ مِنَ النَّارِ سَلِينِي مَالِي مَاشِئتِ لا اُغنِيکِ مِنَ اللهِ شيئاً“.... بچاءِ پنهنجو پاڻ کي باهه کان (جهنم کان) دنيا ۾ جيڪي توکي کپي اهو مونکان گهر دنيا ۾ تنهنجو پيءُ محمد (صلعم) تنهنجي ڪم اچي سگهي ٿو. پر آخرت ۾ الله کان ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ توکي بچائي نٿو سگهي.“
هاڻ ان مان اندازو لڳايو ته هي نقلي پير انسانن کي ڪيڏو گمراهه ڪن ٿا.
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن خاص قبرستان ۾ دفن ڪرائڻ سان ڪو جنت جو حقدار ٿي سگهي ٿو ته قرآن ۽ سنت ۾ نيڪ ڪم ڪرڻ ۽ بااخلاق رهڻ بدران ان تي زور هجي ها ته پاڻ کي ڪنهن خاص قبرستان ۾ دفن ڪرايو..... ڪنهن غريب، مسڪين ۽ ضرورتمند کي خيرات، صدقو، ذڪوات ڏيڻ بدران بچائي رکو..... بلڪه غريب عوام کي لٽي ڦري ان پئسي مان هن دنيا ۾ به عيش جي زندگي گذاريو ۽ ٻئي جهان ۾ به سرخرو ٿيڻ لاءِ بس پنهنجي مٿان هڪ اعليٰ ۽ شاندار مقبرو ٺهرائي وڃو.
اسان جي سنڌ ته مقبرن ۽ درگاهن سان ڀري پئي آهي. هڪ ان قسم جي نئين تيار ٿيل درگاهه ۾ دفن ٿيل سياستدان جي قبر کي اسان جا جاهل ماڻهو نه فقط چمي رهيا آهن پر اسان جا ميڊيا وارا هڪ عذر واري شخص کي ان جي قبر کي سجدو ڪندي بار بار ڏيکاري رهيا آهن! خبر ناهي ميڊيا وارا اسان جي عوام کي ڪهڙي تعليم ڏئي رهيا آهن....... خبر ناهي هو اسلام جي ڪهڙي خذمت ڪري رهيا آهن! مون ان عرس يا سالگرهه جي ويڊيو ملائيشيا ۾ ٽي وي تي ڏٺي. مون سان گڏ ويٺل ملئي مسلمانن کان رڙ نڪري وئي ۽ هو مون ڏي سوالي نگاهن سان ڏسڻ لڳا ته توهان وٽ هي ڪهڙو اسلام آهي؟ قبرن کي چُمڻ ۽ سجدو ڪرڻ ته شرڪ آهي جيڪورب پاڪ ڪڏهن به معاف نٿو ڪري.
ملائيشيا ۾ درگاهه يا گنبذ ته پري جي ڳالهه اوچن پٿرن جي قبر به نٿي ٺاهي وڃي. غريب هجي توڙي امير هن جي سادي قسم جي قبر ٺاهي وڃي ٿي. جنهن جي سيرانديءَ تي لڳل سِرَ (ڪتبي) تي مرحوم يا مرحومه جي نالي بعد لکيل هوندو آهي: ”ڪمبالي ڪَ رحمت الله“ (الله جي رحمت ڏي موٽيو).
انسان وفات بعد ڌڻيءَ حوالي آهي. هو دنيا ۾ ڪيل اعمالن مطابق جزا ۽ سزا پائي ٿو. عالمِ برزخ/قبر ۾ به هو ان مطابق تڪليف يا خوشي محسوس ڪري ٿو. ڀلي ڪنهن غريب جي سادي قبر هجي پر هن جي نيڪين ڪري هن جي قبر جنت جي ٽڪرو بنجي ٿي. ۽ ٻي طرف ڇا توهان اعليٰ مقبرو ٺاهي ڪنهن گناهگار کي عذاب کان بچائي سگهو ٿا؟ ائين هجي ته پوءِ دنيا جا فقط امير - پوءِ ڀلي هو چور، ڌاڙيل، رشوتي، اغواڪار هجن پنهنجي قبر شان و شوڪت واري ٺهرائي جنت ۾ Entry وٺي سگهن ٿا!
هي سڀ ڳالهيون آئون پنهنجي معمولي ڄاڻ ۽ سوچ مطابق لکي توهان کي ان ڳنڀير مسئلي ڏي ڌيان ڇڪرائي رهيو آهيان جيڪو اسان جي هم وطنين کي پرديس ۾ پريشان ڪري ٿو. اهو آهي پنهنجي ڪنهن پياري جي وفات تي هن جي لاش کي ان ملڪ ۾ دفنائڻ بدران پنهنجي وطن کڻائي وڃڻ. جيئن هن کي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ اسلام ۾ ڪا اهڙي پابندي ناهي ته لاش کي لنڊن يا نيويارڪ کان هزارين ميلن جو سفر ڪرائي ديره غازي خان يا ٽنڊو باگو يا بدين پهچايو وڃي پر اسان پنهنجو پاڻ کي ريتن رسمن ۾ اهڙو ته ڦاسائي ڇڏيو آهي جو ڊپ ٿو ٿئي ته مائٽ مٽ ڇا چوندا ته لاش کي اباڻي ڳوٺ ۾ آڻڻ بدران پرديس ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيانوَ.
جڏهن اسلام اسان کي اها تعليم ٿو ڏئي ته لاش جو ايترو خيال ڪجي جو هن کي غسل به آرام سان ڪپهه سان ڏنو وڃي.... تنهن لاش کي هوائي جهاز ۾ چاڙهي وطن آڻڻ لاءِ هن جي ڇا ته بي حرمتي ڪئي وڃي ٿي.... ان بابت به ڪنهن سوچيو آهي ته ان جي ڪيڏي چير ڦاڙ ڪري پوءِ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پهچايو ٿو وڃي! ۽ آئون ته ڏسان پيو ته ملائيشيا، انڊونيشيا، ايران، ترڪيءَ جا مسلمان ته ڇا پر آفريڪا جي ملڪن جا ماڻهو به لاش کي ٽلڪائڻ کان بچائين ٿا. افسوس جو اسلام جي ڄاڻ هجڻ جي باوجود اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي اڃان تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي.
ان سلسلي ۾ آئون پنهنجي 1980ع واري ڏهاڪي جي ملائيشيا وارن سفرنامن مان هڪ ۾ پنهنجي هڪ ملئي شاگرد بابت لکي چڪو آهيان ته هن جو والد پنهنجي شهر ڪوالالمپور کان ساڻس ملڻ لاءِ اسان وٽ ملاڪا آيو جتي جهازرانن جي اعليٰ تعليم لاءِ نيول اڪيڊمي آهي ۽ اسان پڙهايو ٿي. هو ڪو دل جو مريض هو ۽ پٽ وٽ ٻه ڏينهن رهڻ بعد گذاري ويو. مون سمجھيو ته هن جو پٽ جيڪو ڪئپٽن ٿيڻ جي آخري امتحان لاءِ اسان وٽ ٽن مهينن جو ڪورس ڪرڻ آيو هو، هفتو کن موڪل ڪندو. پر مونکي حيرت ٿي هن پنهنجي پيءُ جي لاش کي ڪوالالمپور کڻائي وڃڻ بدران عصر جي نماز تي اتي ملاڪا ۾ ئي دفن ڪرايو ۽ ٻئي ڏينهن ڏسان ته هو ڪلاس ۾ ويٺو آهي. مون جڏهن حيرت جو اظهار ڪيو ته هن جذباتي ٿيڻ بدران آرام سان چيو ته ”سر! جيڪا شيءِ وڃڻي هئي اها هلي وئي. اسان جون فقط دعائون هن تائين پهچي سگهن ٿيون. موڪلون ڪرڻ سان آئون پنهنجي جهازران ڪمپنيءَ سان بي ايماني ڪندس جنهن ڳريون فيون ڀري مونکي هيڏانهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي جيئن آئون جلدي ڪئپٽن ٿي هنن جي جهازن کي وڃي هلايان. باقي جيستائين لاش کي دفن ڪرڻ جو سوال آهي سو انگلنڊ ۾ آئون هوندو هوس ته توهانجي پاڪستانين کي ڏسندو هوس ته هو هر صورت ۾ لاش پنهنجي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويندا هئا. سر! اسلام هرگز نٿو چوي ته لاش جي ائين بي حرمتي ڪئي وڃي ۽ توهان ته Astronomy (علم فلڪيات/چنڊ تارن) بابت ڄاڻ رکو ٿا ته ڪائنات ۾ هيءَ ڌرتي ڪڻڪ جي داڻي جيتري به نه آهي. توهان کڻي هتي ملاڪا ۾ دفن ڪريو يا دنيا جي گولي جي ٻي پاسي پاناما ۾..... فاصلو ئي ڇا آهي؟“
”فاصلو ئي ڇا آهي!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ”ملاڪا کان هوائي جهاز رستي پاناما 12000 ميل پري آهي پر جي ملاڪا کان هيٺ ڌرتيءَ ۾ کوٽائي ڪجي. جيڪا ممڪن ناهي پر جي ممڪن هجي ته ٻيو ڇيڙو..... يعني پاناما 8000 ميلن بعد ايندو.... ۽ 8000 ميل ڇا گهٽ فاصلو آهي؟“ پر نه اهو فقط اسان انسانن کي لڳي ٿو جن جي ڄاڻ ۽ عقل محدود آهي. اسان جي حالت ان منڊي ماڪوڙيءَ وانگر آهي جيڪا کوهه جي تري مان اُڀ کي پئي ڪَڇي. هن لاءِ ته سڄو آسمان ايترو آهي جيتري کوهه جي پڳهه..... جنهن کي هوءَ وڏي ڳالهه ٿي سمجھي. جيئن کوهه جي ڏيڏر لاءِ اهو کوهه جو پاڻي ئي پئسفڪ سمنڊ آهي ته ائٽلانٽڪ به.
رات جي وقت جهاز هلائڻ لاءِ اسان مختلف تارن کان مدد حاصل ڪريون ٿا ۽ ٽرگناميٽري ذّريعي پنهنجي جهاز جي نه فقط دنيا جي گولي تي پوزيشن معلوم ڪريون ٿا پر اهو به ته 24 ڪلاڪن ۾ اسانجي جهاز ڪيترا ناٽيڪل ميل سفر ڪيو. ائسٽرانامي سبجيڪٽ سج، چنڊ تارن جي چمڪڻ جي طاقت، چرپر ۽ ڌرتيءَ کان دوريءَ بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. آسمان ۾ چمڪندڙ تارن جي رفتار، دوري، سائيز ۽ تعداد جو ٿو سوچجي ته انسان جو عقل دنگ رهجيو وڃي. هيڏي وڏي سائيز جا لکين اربين ٻرندڙ گولا بنا ٽڪرائڻ جي تيز رفتار ڊوڙي رهيا آهن.... بقول منهنجي هڪ يورپي پروفيسر جي ”آئون کڻي مسلمان نه آهيان پر مون جهڙو ائسٽرانامي جي ٿوري ڄاڻ رکندڙ به ان ڳالهه جي نفي نه ڪندو ته هن نظام کي هلائڻ واري عظيم طاقت آهي جنهن جو هر ڳالهه تي ڪنٽرول آهي ۽ هو هر شيءِ تي قادر آهي“.
ڪجهه ڏينهن اڳ ”واٽس ائپ“ تي چنڊ تارن بابت هڪ واهه جو ويڊيو ڏيکاريو پئي ويو جنهن ۾ هڪ عام ماڻهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته هيءَ ڪائنات ڪيڏي وسيع آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ اسان جي ڌرتي ڇا آهي..... وغيره وغيره..... ۽ اها ڳالهه پڙهي توهان کي منهنجي ملئي شاگرد جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته ڪائنات جي ڀيٽ ۾ اسان جي ڌرتي آهي ئي ڇا؟!
پئسفڪ سمنڊ يعني دنيا جو فقط هڪ حصو لتاڙڻ لاءِ، جڏهن پاڻيءَ جي جهاز ۾ ٽوڪيو کان لاس اينجلس يا وئنڪوئر ويندا هئاسين ته ٻارهن تيرهن ڏينهن راتيون جهاز هلائي هلائي ساڻا ٿي پوندا هئاسين ۽ چوندا هئاسين ته هيءَ ڌرتي ڪيڏي ته وڏي آهي ۽ هڪ هڪ سمنڊ ڇا ته آفت جيڏو آهي! هوائي جهاز ۾ به هڪ دفعو ان سفر ڪرڻ جو موقعو مليو. ڏهه يارهن ڪلاڪ ڪرسيءَ تي هڪ ئي هنڌ ويهي ويهي ماڻهو چٻو ٿيو وڃي ۽ آئندي هوائي جهاز جي ايڏي ڊگهي سفر کان توبهه ڪري ڇڏيم. پر يارو سامهون 1496 لک ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهه جيڏي سج جو ٿو سوچجي ته اهو ٻرندڙ بال اسان جي ڌرتيءَ جي گولي کان ڏهه لک دفعا وڏو آهي! توهان ڏهه لک تسبيحَ جا ڪڻا يا ڪنهن اَنَ جا داڻا هڪ طرف رکو ۽ ٻئي پاسي فقط هڪ داڻو..... اها آهي ڀيٽ سج جي ڌرتيءَ سان!
سج هڪ ٻرندڙ گولو آهي.... يعني تارو آهي جنهن جي چوڌاري اسان جي ڌرتي 60 هزار ميل في ڪلاڪ جي حساب سان ڦري ٿي. سج اسانکي ويجھو آهي ان ڪري اهو ٿالهه جيڏو نظر اچي ٿو نه ته ٻين تارن جي مقابلي ۾ ڪو وڏو ناهي. آسمان ۾ موجود اربها تارا سج کان به وڏا آهن. ”ايٽاڪارينائي Etacarinae تارو“ سج کان به 250 ڀيرا وڏو آهي.
آسمان ۾ جيڪي تارا گهڻو روشن هجڻ ڪري اسان کي بنا دوربين جي نظر اچن ٿا. انهن جو تعداد 6000 کن چئي سگهجي ٿو. انهن مان 57 تارا اهڙا آهن جن ذريعي اسان سمنڊ تي رستو ڳوليون ٿا..... يعني اسان کي نيويگيشن (جهازراني) ۾ ڪم اچن ٿا ۽ جهازن تي موجود چارٽن Nautical Almanacs ۾ انهن تارن جي روزمرهه جي پوزيشن ۽ چرپر جي ڄاڻ ملي ٿي. هي تارو يعني ايٽاڪارنائي دنيا جي ڏکڻ اڌ گول جو تارو آهي. نيوزيلئنڊ، آسٽريليا، فجي ڏي ويندي اسان هن تاري جي سنوت وٺون ٿا. هي تارو 1500ع بعد هڪ ڊچ ڳوليو. عرب ان کي ”ايتاقاعده“ ۽ ايراني ”اتا شاهه تختہ“ سڏين ٿا. تمام تکي روشني وارو تارو آهي. سندس روشني اسانجي سج کان 50 لک دفعا وڌيڪَ آهي. اسان کان 7500 نوري سال پري آهي. هونءَ گهڻي ڀاڱي تارا جيڪي اسان ائسٽراناميءَ جي انگريزي ڪتابن ۾ پڙهون ٿا عربن ايجاد ڪيا ۽ انهن جا اصل نالا عربي آهي جيئن انگريزي نالو Algorab دراصل عربي نالو الغراب (ڪانگ) آهي. اهڙي طرح ٻيا انگريزي نالن وارا تارا: Arkub، Alhena، Denab، Okda، Rigel، Sulafat وغيره عربي نالن: العرقوب الهنعة (اٺ جي ڳچي)، ذنب الدجاجة (ڪڪڙ جو پُڇُ)، العقده (ڳنڍ)، رجل الجبار (آفت جو پير)، السلحفاة (ڪڇون) تان ورتل آهن. اهڙي طرح جپان ويندي اسان Sextant دوربين ذريعي ”بيتل گيز“ نالي چمڪندڙ تاري ذريعي رستو ڳولڻ کان اڳ روز جي سفر جو مفاصلو ماپيندا آهيون.
مٿيون تارو ”بيتل گيز“ به عربن جي تمام آڳاٽي ايجاد آهي جنهن جو عربي نالو ”ابط الجوزاء“ آهي. هي تارو جيتوڻيڪ اسان کان تمام گهڻو پري آهي پر وڏو هجڻ ڪري اسان کي صاف نظر اچي ٿو ۽ نائين نمبر تي چلڪندڙ تارو آهي. ڳاڙهسرو هجڻ ڪري هن کي سولائيءَ سان سڃاڻي سگهجي ٿو. پاڻ مٿي ڳالهه ڪئي ته ايٽڪارنائي تارو سج کان 250 ڀيرا وڏو آهي پر يارو بيتل گيز (ابط الجوزاء) سج کان 1200 ڀيرا وڏو آهي. اهڙي طرح هڪ ٻيو تارو ڪئنيس مئجورس (Canis Majoris) سج کان 2600 ڀيرا وڏو آهي ۽ اسان کان 3900 نوري سال پري آهي.
ڪائنات (Universe) ايڏي وڏي آهي جو ان جا فاصلا ميلن ۽ ڪلوميٽرن ۾ ماپڻ ناممڪن ڳالهه آهي. ان ڪري مفاصلي جو يونٽ ”نوري سال“ استعمال ڪيو وڃي ٿو. چنڊ اسان کان پري آهي ته به فقط 250,000 ميل آهي ۽ سندس روشني اسان وٽ ڌرتيءَ تي فقط سوا سيڪنڊ ۾ پهچي ٿي. اهڙي طرح سج اسان کان 9 ڪروڙ ميل پري آهي ۽ ان جي روشني اسان تائين 8 منٽن ۾ پهچي ٿي. هاڻ ان مان اندازو لڳايو ته اهي تارا جن جي روشني اسان تائين هڪ سال ۾ پهچي ٿي اهي اسان کان ڪيترو پري هوندا ۽ هيءَ ڪائنات ڪيڏي وڏي هوندي!
لکين ڪروڙين تارن جا مختلف جھڳٽا (Constellations) آهن جيڪي ملي Galaxy ٿا ٺاهين جنهن کي اڙدو ۽ فارسي ۾ ڪهڪشان ۽ هنديءَ ۾ آڪاس گنگا ٿا سڏين. اسان جنهن ڪهڪشان ۾ آهيون ان جو نالو Milky Way آهي جنهن کي سنڌ ۾ ”نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ جو ليڪو“ سڏيون ٿا. هن ۾ سج جهڙا 300 اربن کان مٿي سج موجود آهن..... يعني تارا آهن. دراصل اسان جو سج به هڪ تارو آهي جيڪو اسان کي ويجھو هجڻ ڪري ٿالهه وانگر ٿو لڳي. پري هجي ها ته ٻين تارن جي مقابلي ۾ هڪ گهٽ روشني وارو چنجھو تارو لڳي ها. اسان فقط پنهنجي ڪهڪشان Milky Way جو اندازو لڳايون ته ان جي هڪ ڪنڊ کان ٻي تائين وڃڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا اهڙي سواري هجي ها جنهن جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ ٽي لک ڪلوميٽر هجي ها ته هن سواريءَ کي سڄي ڪهڪشان اڪرڻ ۾ هڪ لک سال لڳي وڃن. ان مان ڪائنات جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فقط هڪ اسان واري ڪهڪشان ڪيڏي وسيع آهي. اهڙي طرح اسان جي ڀر واري ڪهڪشان (Galaxy) جيڪا ائنڊرو ميڊا (Andromeda) سڏجي ٿي اسان کان ٻيڻي وڏي آهي. ان بعد M81 نالي ڪهڪشان اسان جي ڪهڪشان کان 60 دفعا وڏي آهي ۽ هڪ IC1011 نالي ڪهڪشان ته M81 کان به گهڻو گهڻو وڏي آهي! سو انهي انساني معمولي ڄاڻ مان ئي اسان کي اندازو لڳائڻ کپي ته اهو رب العالمين جيڪو هيڏي وڏي قدرت رکي ٿو ان لاءِ هڪ ڌرتي جو ننڍڙو گولو ڇا حيثيت رکي ٿو ۽ بقول اسانجي ملئي شاگرد جي ڪنهن کي توهان کڻي ملائيشيا ۾ دفن ڪريو يا ڌرتي جي گولي جي پٺئين پاسي ميڪسيڪو ۾. قيامت جي ڏينهن رب پاڪ هر انسان کي سندس اعمالن مطابق ئي جزا ۽ سزا ڏيندو...... ۽ نه ان ڳالهه تي ته ڪو ٽنڊي آدم ۾ دفن ٿيل آهي يا ٽمبڪٽو ۾.... مڪليءَ تي آهي يا مڪي ۾.... ائين جي هجي ته اسان جا امير ماڻهو پنهنجي اعمالن تي نه پر ناڻي جي زور تي پنهنجي لاش کي هوائي جهاز ۾ کڻائي ان بهتر جاءِ تي پاڻ کي دفن ڪرائڻ جو جيئري ئي بندوبست ڪرائي ڇڏين ها.
اسان کي انهن ماڻهن جو سوچڻ کپي جيڪي جنگين ۾ مارجيو وڃن ..... سمنڊ ۾ ڪرڻ سان مڇين جي حوالي ٿيو وڃن، بمن ۾ ڇيتيون ڇيتيون ٿيو وڃن ۽ دفن به نٿا ٿين.... پر حساب واري ڏينهن اهي به پنهنجي رب جي اڳيان حاظر ٿي پنهنجي ڪمائيءَ جو بدلو حاصل ڪندا.
سمنڊ جي نوڪري بعد ملائيشيا پهريون ملڪ آهي جتي مون کي وڏو عرصو ڪناري جي نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو. اتي جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اٺ نو سال لڳاتار رهڻو پيو. ننڍپڻ جا ڏهه ٻارهن سال پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ رهڻ بعد ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ وڏو فرق نظر آيو..... خاص ڪري پنهنجي دين اسلام کي سمجھڻ ۾. پهرين مونکي ملئي ماڻهن تي ڪاوڙ ايندي هئي جڏهن هو اسان جي ملڪ جي ماڻهن تي حيرت کائيندا هئا ته اسان وٽ ڪيتريون ڳالهيون اسلام جي نقطي نگاهه کان صحيح نه آهن. منهنجو اهو ئي بحث هوندو هو ته اسان جي ملڪ جي مسلمانن جهڙو دنيا ۾ ڪو نه هوندو جو اسان اسلام خاطر ملڪ حاصل ڪيو آهي ۽ اسان جو هر عمل عين اسلام مطابق آهي. پر پوءِ ملئي مولوين جي واعظن بعد آهستي آهستي سمجھڻ لڳس ته هي هٿ جي ٺهيل تابوتن يا پيرن فقيرن جي قبرن کي چمڻ يا انهن کان دل جون مرادون گهرڻ غلط ڪم آهي ۽ شرڪ آهي. اهڙا ڪم ته ايران، سعودي عرب يا شام ۽ مصر ۾ به نٿا ٿين. ان سلسلي ۾ پنهنجي ملئي باس (ڪمانڊنٽ) بابت لکي چڪو آهيان ته ٽن سالن جي نوڪريءَ بعد آئون جڏهن مهينو کن موڪلن تي ڳوٺ آيس ته هو به انهن ئي ڏينهن ۾ ملائيشيا لاءِ وڌيڪَ پاڪستاني آفيسر کڻڻ لاءِ ٽن ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ آيو هو. آخري ڏينهن تي آئون کيس هالا وٺي ويو هوس. ان ڏينهن شامَ جو ڀر واري هڪ ڳوٺ جي وڏيري جي پٽ جي طهر جي دعوت تي پنهنجي ڪمانڊنٽ کي به وٺي ويس جتي طهر جي خوشيءَ ۾ شام کان بئنڊ باجا وڄي رهيا هئا ۽ رات جو رنڊين جي ناچ ۾ خاص مهمانن لاءِ شراب هلي رهيو هو. اهو سلسلو فجر تائين هلندو رهيو ۽ اسان اتان ئي ناشتو ڪري ڪراچيءَ لاءِ نڪتاسين. ٿڪل هجڻ جي باوجود کيس ڀٽ شاهه جو به چڪر ڏياريم ۽ شاهه لطيف جي مزار تي وٺي آيس. گذريل ٽن سالن ۾ مون کيس شاهه لطيف جا ڪيترائي شعر ترجمو ڪري ٻڌايا هئا ۽ هن کي شاهه لطيف سان وڏي عقيدت هئي. ان وقت ڪجهه ڳوٺاڻيون عورتون شاه لطيف جي قبر کي چمي دل جون مرادون پني رهيون هيون. مون پنهنجي باس کي بانور ڪرايو ته ڏس هي ڪيڏو بزرگ اولياءَ آهي جنهن جي قبر تي ڏورانهن ڳوٺن کان ماڻهو ڪهي اچن ٿا ۽ پنهنجيون مرادون حاصل ڪن ٿا..... هر ملئي ماڻهوءَ وانگر اسانجو ڪمانڊنٽ به خاموش طبيعت وارو.... سٺي يا خراب Comment ڏيڻ کان گريز ڪرڻ وارو.... ڪجهه نه ڪڇيو. پر پوءِ جڏهن موڪلون پوريون ڪري ملائيشيا پهتس ته هڪ ڏينهن چانهه تي آفيس ۾ گهرائي هالا ۽ ڀٽ شاهه جي حوالي سان چيو ته ”توهان ڪهڙا مسلمان آهيو؟“
مونکي سندس اهو سوالي جملو نه وڻيو پر پوءِ هن مونکي ٿڌو ڪندي چيو ته سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته سنت ابراهيمي (طهر) تي هي ڪهڙي قسم جي خوشي آهي جنهن ۾ فرض (نمازن) جي ادائگي ته نه ٿي ويتر رنڊين جا ناچ ۽ شراب هلندا رهيا. ۽ شاهه لطيف جنهن جي جيڪا شاعري تو مونکي ٻڌائي آهي جنهن ۾ هو هر شيءِ رب طرفان سمجھڻ جي تلقين ڪري ٿو ته ”تون حبيب تون طبيب، تون ڏئين تون لاهين“.....اهو جي جيئرو هجي ها ته ههڙا قبر پرستي جهڙا شرڪ ڪڏهن به پسند نه ڪري ها.... وغيره وغيره..... ان ڏينهن مون محسوس ڪيو ته اسان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ يا اسلام بابت صحيح معلومات نه هجڻ ڪري ڪيترا غلط ڪم ڪريون ٿا جيڪي شرڪ جي زمري ۾ اچن ٿا.... جن ريتن رسمن ۽ ٺينگ ٽپن لاءِ اسانجو مذهب هرگز اجازت نٿو ڏئي. حق تي ملائيشيا جا ملئي مسلمان يا سعودي عرب جا ماڻهو اسان کي ٽوڪين ٿا ته اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون! ملائيشيا ۾ جنهن مئرين اڪيڊمي ۾ منهنجي نوڪري هئي، اسان ڌارين ملڪن کان آيل جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن (يعني پڙهائڻ وارن) جي رهائش جو بندوبست ڪئمپس اندر هو. مين گيٽ جي ٻاهران ئي مين روڊ هو جيڪو هڪ پاسي ملاڪا ۽ ان بعد سنگاپور ويو ٿي ته ٻئي پاسي ”پورٽ ڊڪسن“ مان ٿيندو سريمبان ۽ اڳتي ڪوالالمپور پهتو ٿي. ڪئمپس جي گيٽ سامهون مسجد هئي ۽ ٻه سؤ ميٽرن جي فاصلي تي هن ڳوٺ (ڪئالا سنگائي بارو ـــ جنهن ۾ اسان جي اڪيڊمي هئي) جو قبرستان هو. اسان گهڻو ڪري شامَ جو گيٽ کان ٻاهر نڪري ميل کن واڪ ڪندا هئاسين. روڊ جي ٻنهي ڪنارن تي ڳوٺ جي ماڻهن جا گهر هئا جن ۾ اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ننڍو اسٽاف بورچي، مالهي، ڪلارڪ، ڊرائيور جهڙا ڪم وارا، ۽ ڳوٺ جا هاري ناري ۽ ساٽي مهاڻا رهيا ٿي.
هڪ ڏينهن آفيس ۾ خبر پئي ته اڪيڊمي جي بس هلائڻ واري ڊرائيور هارون بن حطام جي زال گذاري وئي آهي. اسان ساڻس عذرخواهي ڪرڻ چاهي ٿي پر خبر پئي ته هو ڪئڊٽن جي هڪ ڪلاس کي بس ۾ ’جوهور بارو‘ بندرگاهه وٺي ويو آهي. جوهور بارو شهر ملائيِشيا جي ڏکڻ واري ڇيڙي جو شهر اڪيڊمي کان 300 ڪلوميٽر ٿيندو. بس سمجھو ته نواب شاهه کان ڪراچي جيتري فاصلي تي آهي. ’جوهور بارو‘ شهر ۽ ’سنگاپور ٻيٽ‘ جي وچ ۾ پُل ٺهيل آهي. اسان سمجھيو ته هارون جي زال کي پڪ ٻي ڏينهن دفن ڪيو ويندو جو منجھند مهل ته وفات ڪئي اٿس ۽ جيسين هارون کي اطلاع ٿيو هجي ۽ هو بس يا ٽرين رستي موٽي تيسين رات ٿي ويندي. پر پوءِ اسان شام جو واڪ لاءِ ٻاهر نڪتاسين ته هارون جي گهر مان جنازو نڪري رهيو هو. اسان به ان سان گڏ سڌو قبرستان روانا ٿياسين. رستي تي مون هارون جو پڇيو ته سندس مائٽن ۽ پاڙيوارن چيو ته ان جو انتظار ڪيوسين پر هاڻ مغرب نماز جو وقت ٿي رهيو آهي. سو وڌيڪَ دير ڪرڻ صحيح ناهي. منهنجي حيرت تي اڪيڊمي جي هڪ ملئي نيول آفيسر (جنهن جو جهاز تي نوڪري دوران ڪراچي ڪيترائي دفعا وڃڻ ٿيو هو) ٻڌايو ته ”اسين ملئي ماڻهو لاش کي گهڻي دير نه رکندا آهيون“ بهرحال جنازي نماز بعد لاش کي جنهن وقت قبر ۾ لاٿو پئي ويو ته ان وقت وفات ڪري ويل زال جو مڙس هارون به پهچي ويو. خبر ناهي منهن به ڏٺائين يا نه پر سندس ۽ ٻين جي Feelings مان مونکي اهو احساس ٿيو ته اها هڪ نارمل ڳالهه آهي. وارث جي پهچڻ جو بهانو ڪري لاش جي دفن ۾ دير نٿي ڪئي وڃي.
ملائيشيا ۾ جنهن ڳوٺ ۾ رهندو هوس اتي جي هڪ پير مرد چاچي ابراهيم سان منهنجي سٺي دوستي ٿي وئي. هو عمر ۾ ڪافي وڏو هو. سمجھو ته آئون انهن ڏينهن ۾ 40 سالن جو هوس ته هو 75 سالن جو هو. وڏي همت وارو ۽ نيڪ انسان هو. ان عمر ۾ هن جي نظر سٺي هئي ۽ آر ۽ سوئن ذريعي آرَ جون ٽوپيون ٺاهي وڪڻندو هو يا ڄاڻ سڃاڻ وارن کي Gift ڪندو هو. هن جي ٽوپين جي اها خاصيت هئي جو هر ٽوپيءَ جي چوڌاري قرآن جي آيت لکندو هو. کيس ڏهه کن ٻار هئا. وڏا سٺين نوڪرين ۾ هئا ته ننڍا ٽي چار يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيا هئا. سندن گهر ۾ ديني ماحول هو جيتوڻيڪ هن جي زال چينياڻي هئي. هو هميشه پنهنجن ٻارن کي سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندو رهندو هو. هن جي وفات به منهنجي هجڻ دوران ٿي. ان وقت سندس هڪ پٽ آسٽريليا ۾ هو ۽ ٻيا ٻار ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ ڊاڪٽر انجنيئر هئا. هن لاءِ به مون سمجھيو ته هن کي شايد ڏينهن ٻن بعد دفن ڪن جيسين آسٽريليا وارو پٽ اچي. سندس وفات جو ٻڌي اسان سندس گهر وياسين. مڪاني رواج مطابق ڪنهن مسلمان جي وفات تي پاڙي اوڙي جا هن جي گهر پهچي چپ چاپ ياسين يا قل پڙهي دفن جو وقت پڇي موٽندا آهن. چاچي جي لاش تي موجود سندس ٻارن ٻڌايو ته مغرب نماز کان اڳ دفن ڪيو ويندو. وچئين (عصر) نماز پڙهي اسان قبرستان پهتاسين ۽ دفن بعد دعا پڙهي پنهنجي پنهنجي گهر موٽياسين. رستي تي سندس ننڍي پٽ کان آسٽريليا واري ڀاءَ لاءِ نه ترسڻ جو پڇيم ته هن وراڻيو ته لاش کي ايڏي دير ڪيئن ٿو رکي سگهجي.... ”منهنجو پيءَ ان معاملي ۾ ته تمام سخت هو.“
واقعي! هن صحيح ڳالهه ڪئي. چاچو ابراهيم وفات کان ٽي مهينا اڳ سخت بيمار رهيو. هڪ دفعي سندس ڊاڪٽر پٽ جيڪو ڪوالالمپور کان اڳيان اپوح شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر هو. پنهنجي پيءُ جي ياد اچڻ تي ساڻس ملڻ لاءِ ڳوٺ هليو آيو. ان وقت آئون به هنن جي گهر ۾ موجود هوس. چاچو ابراهيم هن کي ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ پٽ کان پڇيو:
”ڇو پٽ! اڃان آچر (يعني موڪل واري ڏينهن) ۾ ته ٽي ڏينهن آهن تون خير ۾ آيو آهين؟“
” بس بابا توهان کي ڏسڻ لاءِ هڪ ڏينهن موڪل ڪري آيو آهيان“. هن جي پٽ جواب ڏنو.
”تو تمام غلط ۽ گناهه جو ڪم ڪيو آهي“، چاچي ابراهيم چيس، ”مونکي ڏسڻ لاءِ تنهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻيون ويٺيون آهن. ڪجهه وڌيڪَ ٿيو ته اسپتال وٺي هلندا يا ڊاڪٽر کي گهرائي وٺندا. تون آچر تي اچين ها. هڪ ڏينهن موڪل ڪري تو اتي جي ڪيترن غريب مريضن کي رلائي ڇڏيو.“
پڙهندڙن لاءِ هي ڳالهيون ان ڪري لکيون اٿم ته هنن کي هن پاسي جي ماڻهن، خاص ڪري ملئي مسلمانن جي سوچ جي خبر پئجي سگهي ته هتي جا سرڪاري ڪامورا نه فقط رشوت وٺڻ تي خراب سمجھيا وڃڻ ٿا پر چڱي طرح ڊيوٽي نه ڏيڻ تي به انهن کي ملئي سوسائٽيءَ ۾ خراب سمجھيو وڃي ٿو.
ملائيشيا ۾ ڇنڇر جو اڌ ڏينهن ۽ آچر موڪل ٿئي. جتي ڪٿي شاديون ڇنڇر يا آچر ڏينهن منجھند جو 12 کان 4 بجي تائين ٿين. هاڻ مڙيئي شهرن ۾ ڇنڇر ڏينهن شامَ جو هوٽلن ۾ ٿين ٿيون. سي به ستين اٺين بجي ڌاري. هتي به اهو ئي پهلو آهي ته ڪو سرڪاري آفيسر جيڪو عوام جو نوڪر آهي پنهنجي نوڪريءَ تان نه گسائي. ايتريقدر جو ڪنهن باس کي خبر پوندي آهي ته سندس ماتحت رات جو دير تائين پيو گهمي ڦري ته هن کي منع ڪئي ويندي آهي جو اهڙو ماڻهو ٻئي ڏينهن تازگي محسوس نه ڪرڻ ڪري عوام جي صحيح طرح خذمت نٿو ڪري سگهي. ۽ اهي ئي Fine Points آهن جن تي اسان جي ماڻهوءَ جو ملائيشيا يا ٻين ملڪن ۾ نوڪري دوران ڦڏو رهي ٿو ڇو جو اسانجو ماڻهو هڪ ته “No Work” ڪلچر جو عادي آهي ٻيو ته اسانجي ملڪ ۾ ڪو آفيسر ٿيو معنيٰ ’جيئن هن کي وڻي تيئن پيو ڪري‘. اسان جي ملڪ جي آفيسن ۾ وڃ ته ڪڏهن آفيسر نه آهن ته ڪڏهن ڪلارڪ يا فائيل غائب! اهو ئي حال اسپتالن، اسڪولن ۽ ٻين ادارن جو آهي. پڇڻ تي ٻڌايو ويندو ته صاحب پنهنجي دوست جي پٽ جي شاديءَ تي سکر ويو آهي يا فوتيءَ تي دادو ويو آهي. اسان وٽ مرڻي پرڻي تي پير ڀرڻ اهم ڳالهه ۽ فرض سمجھيو وڃي ٿو..... جنهن ڳالهه لاءِ پگهار ملي ٿو يعني عوام جي خذمت ان کان آڱوٺو ـــ بلڪه ڪو احساس ئي نه ته مريض دوا لاءِ پيا واجھائين، ٻار ڪلاس روم ۾ مکيون پيا مارين.... پري پري کان آيل ڳوٺاڻان سرڪاري آفيسن اڳيان سڄو ڏينهن اُسَ، گرمي ۽ بک اڃ تي گذاري موٽيو پيا وڃن .... ڊاڪٽر، ماستر توڙي مختيارڪار تپيدار وتن پير ڀريندا!
هڪ انسان جي وفات بعد عذر خواهيءَ تي آيل مائٽ مٽ، دوست يار ڇا ٿا ڪري سگهن؟ دعا ئي ڪري سگهن ٿا. ملائيشيا ۾ اها ڳالهه مونکي وڻي ته ويجھڙائيءَ ۾ رهندڙ مائٽ، دوست ۽ پاڙيسري پهرين ٽن ڏينهن مان ڪنهن به ڏينهن فوتي جي گهر اچي قل پڙهي.... يا ٻي ڪا دعا پڙهي هليا وڃن ٿا. ڏور رهندڙن کي پنهنجيون آفيسون ۽ ڪاروبار ڇڏي اچڻ جي ضرورت ناهي. هو اتي ئي فوتيءَ لاءِ دعا گهري سگهن ٿا. پاڻ وٽ ڇا ٿو ٿئي؟ هرڪو پنهنجي دل تي هٿ رکي سوچي. تڏي تي ڪچهري ۽ گلا پئي هلندي آهي. ويجھڙائيءَ ۾ هڪ بزرگ جي پٿر تي سندس ڳوٺ ويس. سندس اولاد دعا يا قرآن پڙهڻ بدران ايندڙ ماڻهن طرفان مليل اجرڪن جي گريڊنگ ڪري رهيا هئا جيئن ولايت جي مارڪيٽن ۾ پٽاٽن بصرن جي انهن جي سائيز ۽ جنس مطابق ٿيندي آهي. هڪ کان پڇيم ته هي ڪهڙي خفي ۾ اچي پيا آهيو مرحوم ته انهن سڀني ڳالهين کان اتاهون هو ۽ بنا ڪنهن لالچ جي هر هڪ جو خير گهرندو رهيو ٿي. هو ته هميشه چوندو هو ته مونکي سادگي سان دفن ڪجو.... ڪنهن کي تڪليف نه ڏجو.... ٽيجھا، چاليها يا ٻيون غير اسلامي ڳالهيون نه ڪجو.
مرحوم جي پونئيرن مونکي سمجھايو ته هي ڪم جيڪي هو ڪري رهيا آهن پڻ ضروري آهن.... يعني دعا، قرآن نه پر اجرڪن جو قسم ۽ مليل پئسن جو انگ لکڻ ته ڪنهن اوچي اجرڪ نصرپور جي ڏني ۽ ڪنهن هالا جي ٺهيل سادي اجرڪ. ”آخر اسان به ته ڏيندا رهيا آهيون ۽ هاڻ اسان کي چيڪ ڪرڻ کپي ته موٽ ۾ هنن اسان کي اوترو ئي ڏنو آهي يا نه“.
هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪيم ته آفيسر، ڪامورو يا ڪو وڏو ماڻهو آيو ٿي ته فوتيءَ جا پٽ، ڀائيٽيا، قرآن جا سيپارا ۽ پٿريون پڙهڻ ڇڏي ان جي کيڪار کڙي ۽ خذمت لاءِ اٿي کڙا ٿيا ٿي. ”ابا سائين لاءِ ٿڌو وٺي اچ.... ڇوڪرا بيڪري جا بسڪٽ وٺي اچ....“ مونکي پڪ آهي ته اسانجي ٻين شهرن ۾ به اهو ئي ماحول هوندو. انهن اوڻاين جي اسانکي خبر نٿي پوي پر ڌاريان حيرت کائين ٿا. ان خيال کان ملائيشيا ۽ سعودي عرب توڙي ايران ۾ ڏسان پيو ته اهڙن موقعن تي ايندڙ خاموشيءَ سان اچي دعا پڙهن ٿا يا ٻه گهڙيون چپ چاپ ويهي اٿي وڃن ٿا. اجرڪ اوچي يا سادي وجھڻ جي نوبت ئي نٿي اچي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجي ملڪ يا پرديس ۾ پنهنجن پيارن کي دفن ۾ دير نٿا ڪن.
مالمو (سئيڊن) ۾ ٻه سال رهڻ دوران اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني گذاري ويو. هو ڏهه سال اڳ پورهئي لاءِ سئيڊن آيو هو ۽ اتي جو ئي شهري (Citizen) ٿي ويو. سئيڊن حڪومت دل کولي پنهنجي شهرين جي مدد ڪري ٿي. ٻار جيئن ئي ماءُ جي پيٽ ۾ سرجي ٿو ته سرڪار کان هن جو ماهانو وظيفو ماءُ کي ملڻ شروع ٿيو وڃي جيڪو 18 سالن تائين هلي ٿو. اسڪول، اسپتال ويندي نوڪري جيسين ملي تيسين بيروزگاري الائونس، رهائش وغيره سڀ سرڪار طرفان ملي ٿي. پوڙهو ۽ اڪيلو ٿيڻ تي هن لاءِ ”اولڊ هائوس“ آهن جتي هن جي خذمت چاڪري ٿئي ٿي ۽ گذاري وڃڻ تي ان ڪم لاءِ ٺهيل سرڪاري کاتو ڪفن دفن جو بندوبست ڪري ٿو. عيسائين ۽ يهودين لاءِ الڳ کاتو آهي ته مسلمانن لاءِ الڳ جنهن جا ماڻهو عين اسلامي طريقي سان غسل ۽ ڪفن جو بندوبست ڪري مسجد ۾ کڻي آيا ٿي ۽ جنازي نماز بعد دفن ڪيو ويو ٿي. متاثر خاندان کي نه ڪنهن ڳالهه جي تڪليف آئي ٿي ۽ نه پئسو خرچ ٿيو ٿي. هاڻ جو اسانجي پاڙي جو هڪ پاڪستاني گذاري ويو ته سندس غريب ڀاءُ جيڪو پڻ هن وانگر هڪ ڪارخاني ۾ مزدور هو تنهن پنهنجي ڀاءُ کي سرڪاري خرچ تي اتي مالمو ۾ ئي دفن ڪرائڻ چاهيو ٿي جيئن مالمو ۾ رهندڙ ٻين ترڪ، عراقي، سومالي مسلمانن کي دفن ڪيو ويو ٿي. پر سائين مون ڏٺو ته هتي رهندڙ ٻيا پاڪستاني هن غريب جو مٿو کائي ويا ته ميان ڀاءُ جي لاش کي هتي ڪافرن جي ڌرتيءَ تي دفن ٿو ڪرائڻ چاهين! ساڳي وقت هن کي ڳوٺان به ان تي زور ڀريو ويو ته لاش کي وطن کڻائي اچ جيئن اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ تي سندس روح کي راحت ملي!
اهو به خوب آهي ته اسان جا ماڻهو انگلنڊ، آمريڪا، آسٽريليا يا ٻين ڌارين ملڪن ۾ رهڻ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ وقت پنهنجي ملڪ مان ڏهه خاميون ڪڍندا ته اتي اسان کي نوڪري نٿي ملي، مذهب جي آزادي ناهي وغيره وغيره ۽ پوءِ ههڙن موقعن تي ان ڌارئين ملڪ (جنهن کين رهڻ ڏنو) جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ کي گهٽ وڌ چون. بهرحال هن غريب مزدور ڪجهه پنهنجي بچت، ڪجهه بئنڪ کان قرض ۽ ڪجهه پاڙيوارن کان اوڌر وٺي لاش کي ٻه ڏينهن کن ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکرايو ۽ لاش کي ڪيميڪل لڳرايا. ان بعد پهرين اڏام ۾ اسلام آباد کڻائي ويو جتان پوءِ ايمبولنس ۾ سندن ڳوٺ پهچايو. واپس اچڻ تي مون ڏٺو ته هو غريب بس ٿي ويو هو. ظاهر آهي ڀاءُ جو لاش ڳوٺ پهچائڻ لاءِ هو لکين روپين جو قرضي ٿي ويو. ڏٺو وڃي ته اتي يعني سئيڊن ۾ لبناني، عراقي، ايراني، ترڪ، الباني، مصري به رهن ٿا جيڪي مسلمان آهن. هنن ۾ ڪيترائي عالم ۽ مولوي مفتي به آهن هو ته پنهنجن عزيزن جا لاش يڪدم ۽ اتي جو اتي دفن ڪرايو ڇڏين. پر سڀني کي حيرت آهي ته پاڪستاني پنهنجن پيارن جي لاشن کي ڪيڏو ته ٽلڪائين ٿا. اسان پاڪستانين کي پنهنجن عزيزن جي لاشن کي فلائيٽ واري ڏينهن تائين ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکائڻ، هوائي جهاز جي سفر لاءِ لاش جي ٽريٽمينٽ ڪرائڻ ۽ ٽڪيٽ پٺيان خرچ ڪري قرضي ٿيڻ ۽ لاش جي بي حرمتي ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ اسانجا مسلمان ملڪن جا ڪيترائي عالم، اسان جي ڄاڻ لاءِ انگريزي توڙي ٻاهران (خاص ڪري انگلنڊ ۽ آمريڪا مان) نڪرندڙ اڙدو اخبارن ۾ لکندا رهن ٿا. هينئر به لنڊن ۾ رهندڙ هڪ همراهه ”جناب عمر فاروق لوهاروي“ جو اڙدو ۾ مضمون ”تدفين مين جلدي ڪيجئي“ لنڊن جي اخبارن ۾ ڇپيو جيڪو پوءِ ڪراچيءَ مان عالمگير مسجد وارن پنهنجي رسالي ”تدريس القرآن“ جي ڊسمبر 2016ع واري پرچي ۾ ڏنو آهي. هو صاحب لکي ٿو ته ”اسلامي شريعت ۾ موت سان واسطو رکندڙ هدايتن مان هڪ هدايت اها به ڏني وئي آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو گذاري وڃي ته هن جي دفن ڪفن ۾ جلدي ڪرڻ کپي.“ هن حديث بيان ڪئي آهي ته حضرت عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته مون نبي ڪريم صلعم کي اهو فرمائيندي ٻڌو ته: جڏهن توهان مان ڪو گذاري وڃي ته هن جي لاش کي روڪي نه ڇڏيو. هن کي جلدي هن جي قبر ۾ پهچايو ۽ (دفن کانپوءِ) ان جي سيرانديءَ کان سورة بقر جون شروعاتي آيتون (مفلحون تائين) ۽ پيرانديءَ کان سورة بقر جون آخري آيتون (آمن الرسول کان آخر تائين) پڙهيون وڃن. (مشڪوات)
عمر فاروق لکي ٿو ته تدفين ۾ جلدي ڪرڻ جو شريعت جيڪو حڪم ڏنو آهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته مؤمن باعزت ۽ باڪرامت آهي ۽ دفن ۾ دير ڪرڻ سبب انديشو آهي ته ميت جو جسم بگڙڻ لڳي (يعني Decomposition شروع ٿي وڃي) ۽ اهو جيفه (بدبودار) ٿي وڃي ۽ ٻين کي خراب لڳي ته اها ميت جي بي حرمتي آهي ۽ ان جي تعظيم ۽ تڪريم جي خلاف آهي. ۽ ٻيو سب اهو آهي ته دفن ۾ دير ڪرڻ سان هنجي مائٽن ۽ عزيزن جي ڏک ۽ بي چينيءَ ۾ واڌارو ٿيندو ڇو جو هو ميت کي پنهنجين اکين اڳيان ڏسندا رهندا ته هنن جو صدمو وڌندو. پر جي ميت نظرن کان غائب ٿي وڃي، ان کي دفن ڪيو وڃي ته ان جو توجه هٽي ويندو ۽ رنج ۽ غم هلڪو ٿي ويندو. بقول حضرت شاهه ولي الله دهلوي رحه: نبي صلعم مختصر جامع ارشاد ۾ انهن ٻنهي سببن ڏي اشارو فرمايو آهي ته ”مسلمان جي لاش لاءِ مناسب ناهي ته اهو هن جي اهل و عيال جي وچ ۾ روڪي رکيو وڃي“.
حضرت علي رضه کان مروي آهي ته رسول الله صلعم ارشاد فرمايو: ”جنازي ۾ تاخير نه ڪريوجڏهن اهو تيار ٿي وڃي.“ (ابن ماجه).
حضرت ابوهريره رضه نبي اڪرم صلعم کان روايت ڪن ٿا ته پاڻ صلعم جن فرمايو ته: ”جنازي کي جلد کان جلد دفن ڪريو. ڇو جو جنازو جيڪڏهن نيڪ ماڻهوءَ جو آهي ته توهان جلدي هن کي خير سان هم آغوش ڪندائو، ۽ جيڪڏهن اهو ان کان علاوه جو آهي ته توهان جلدي هڪ بديءَ کي پنهنجي ڪلهن تان لاهيندائو“.
هن مضمون جو مصنف وڌيڪَ لکي ٿو ته : ڪجهه ماڻهو بنا ڪنهن معقول شرعي عذر جي دفن ڪرڻ ۾ چڱي خاصي دير ڪريو ڇڏين جنهن جا ڪجهه مثال هن ريت نظر اچن ٿا:
1. ڪڏهن ڪڏهن دفن ۾ ان ڪري دير ڪئي وڃي ٿي ته ان جو ولي ـــ پيءُ يا پٽ موجود نه آهي. ان جي اچڻ جو انتظار ڪيو وڃي ٿو. ايتريقدر جو هو ٻئي ملڪ ۾ آهي ته به دفن کي ترسايو وڃي ٿو. اهو صحيح ناهي. ويجھو مائٽ موجود ناهي ته ان بعد واري کي کپي ته دفن جو ڪم جلد سرانجام ڏئي.
2. ڪجهه ماڻهو مائٽن يا دوستن جي انتظار ۾ غير معمولي دير ڪن ٿا. اها ڳالهه به شريعت موجب ناهي.
3. ڪن هنڌن تي ميت کي غسل ڏيڻ کان اڳ يا دفن ڪرڻ کان اڳ هڪ تعداد تسبيحن جو يا پٿرين جو پڙهڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو. ان جي تڪميل ڪري دفن ۾ دير ڪئي وڃي ٿي. عالمن جو چوڻ آهي ته اهو صحيح ناهي ۽ ان رسم جي پوئواري نه ڪجي.
4. ڪجهه ماڻهو جمعي نماز جو انتظار ڪن ٿا جيئن گهڻي کان گهڻا ماڻهو جنازي نماز پڙهي سگهن. اها ڳالهه ته سٺي آهي ته ڪنهن کي اها فضيلت نصيب ٿئي پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته دفن ۾ غير معمولي دير ڪئي وڃي.
5. دفن ۾ دير ڪرڻ لاءِ ڪي اهو سبب ڏيندا آهن ته مرڻ واري اها وصيت ڪئي هئي ته منهنجي نماز جنازه يا دفن لاءِ فلاڻو مائٽ يا مولوي ضرور موجود هجي ۽ ان جي اچڻ جي انتظار ۾ دفن کي دير ڪئي وڃي ٿي. اسان کي ڄاڻ هئڻ کپي ته اها وصيت شرعي طرح غير معتبر آهي. ان ڪري مرڻ واري جي وارثن تي اهڙي وصيت پوري ڪرڻ ضروري ناهي.
مفتي رشيد احمد لڌيانوي جي وصيت ۾ آهي ته : ”منهنجي جنازي ۾ شرڪت لاءِ ڪنهن ويجھي کان ويجھي مائٽ يا ڪنهن وڏي کان وڏي بزرگ يا گهڻن ماڻهن جي ميڙ جو انتظار نه ڪيو وڃي. بلڪه وقت تي جيترا ماڻهو به گڏ ٿيا هجن ته اهي جنازي نماز پڙهي جلد از جلد قبرستان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن.“ سنت مطابق چند ماڻهن جي نماز جنازه پڙهڻ سان الله تعاليٰ جي جيڪا رحمت متوجهه ٿئي ٿي اها خلاف سنت هزارن جي مجمع تي به نٿي ٿئي. حضرت موصوف جي ان وصيت تي عمل ٿيو ۽ وفات بعد ساڍن ٽن ڪلاڪن اندر سندن دفن مڪمل ٿي ويو.
مولانا حڪيم محمد اختر جي وصيت نامي ۾ آهي:
”جنازي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪنهن جو به انتظار نه ڪيو وڃي. جيترا ماڻهو آسانيءَ سان موجود هجن نماز جنازه پڙهي جلد از جلد قبرستان پهچائڻ جي ڪوشش ڪجو“.
آمريڪا، انگلنڊ ۽ ٻين ڪيترن يورپي ملڪن ۾ اهڙا رسالا ۽ اخبارون آهن ۽ هاڻ ته ويب سائيٽون به آهن جن ذريعي ولايت ۾ رهندڙ مسلمان مختلف مسئلن جا حل پڇندا رهن ٿا. ولايت ۾ دفن ڪرڻ لاءِ عالم دين اها ئي نصيحت ڪندا رهن ٿا ته وفات بعد ميت کي جلد دفن ڪيو وڃي ۽ جتي وفات ڪري ٿو اتي جيڪڏهن مسلمانن جو الڳ قبرستان آهي يا عيسائين يا يهودين جي قبرستان ۾ مسلمانن جو سيڪشن آهي جيئن انگلنڊ جي شهرن ۾، ته مري ويل کي اتي ئي دفن ڪرڻ بهتر آهي يعني کيس پنهنجي وطن پاڪستان کڻائي نه وڃجي. هڪ اهڙي سوال جو مفتي طرفان جواب هوبهو هتي لکي رهيو آهيان.
“A body should be buried as soon as possible after death, and burial should not be delayed unnecessarily, such as by transporting the body from one Country to another. The Sunnah is to be buried where you die, so if there is a Muslim Graveyard in the Country the person dies in, or graveyards with a Muslim section, (as there are in UK) then the person should be buried there”.
شروع ۾ لکي آيو آهيان ته اسڪينڊينيوين ملڪن ۾ ــــ خاص ڪري سئيڊن ۾ (جتي تعليم خاطر آئون ٻه سال رهيس. ان کان علاوه ڪيترائي سال سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي جي بندرگاهن ۾ جهازن کي وٺي ويس)، حڪومت طرفان دفن ڪرڻ جو الڳ کاتو آهي ۽ مسلمانن جي غسل، ڪفن دفن لاءِ ان کاتي ۾ مسلمان عملو آهي. آمريڪا ۽ انگلنڊ ۾ جيتوڻيڪ سرڪار طرفان بندوبست ناهي پر هر رياست ۾ مسلمانن جا ادارا آهن جيڪي ان معاملي ۾ مدد ڪن ٿا ۽ دفن ڪفن جو بندوبست ڪن ٿا ۽ لاش کي پنهنجي ملڪ کڻي وڃڻ جي تڪليف ۽ لاش جي بيحرمتي ڪرڻ لاءِ وارثن کي بچائين ٿا. ويجھڙائيءَ ۾ پاڪستان جو عالمِ دين مفتي منيب الرحمان آمريڪا ۾ آيو ۽ هن اتي رهندڙ مسلمانن جي ان قسم جي ادارن کي ساراهيو جيڪي لاش کي جلد ۽ اتي جو اتي دفن ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ هن پنهنجي مضمون ذريعي به پاڪستانين کي ڄاڻ ڏني ته هو لاش کي هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ نه کڻائي وڃن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ به اسان جا ڪيترا هم وطني اهو ٿا سمجھن ته مري ويل کي پنهنجي ملڪ بلڪه پنهنجي ڳوٺ جي آبائي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ عين ثواب جو ڪم آهي. ولايت ۾ رهندڙ هاڻ ڪيترا جيتوڻيڪ اهو سمجھي ويا آهن ته لاش کي ٽرانسپورٽ نه ڪرڻ کپي پر افسوس جو ڳوٺ ۾ رهندڙ هنن جا مائٽ هنن تي زور آڻين ٿا ..... ڇو جو انهن تي وري انهن جا ڄاڻ سڃاڻ وارا ڳوٺاڻا ڇٿرون ڪن ٿا ته ايترو پئسو نه هئانوَ جو هن کي پنهنجي وطن ۾ کڻي دفن ڪرايو.“
دراصل ڳالهه اها آهي ته لاش کي ولايت ۾ ئي دفن ڪرڻ بدران جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ آندو وڃي ٿو ته هڪ ته ان ڌارئين ملڪ کي اطلاع ڪجي ٿو ۽ پوءِ لاش کي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو جو ضروري ناهي ته ان ڏينهن يا ٻي ڏينهن جي فلائيٽ ۾ جاءِ ملي وڃي ۽ ٽي ڳالهه جيڪا سڀ ۾ ڏکوئيندڙ ۽ وڏو خرچ طلب ڪندڙ آهي اها آهي ”حنوط ڪاري“ يعني Embalming. هوائي جهاز وارا، توڙي هوائي اڏي وارا ۽ پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني وارا مري ويل جي ٻي معلومات جي سرٽيفڪيٽن سان گڏ Embalming (حنوط ڪاري) جو سرٽيفڪيٽ به گهرن ٿا جنهن بنا لاش ٻئي ملڪ ٽرانسپورٽ ڪري نٿو سگهجي.
ڪيترا ماڻهو اهو ٿا سمجھن ته مري ويل جو لاش پاڪستان کڻي اچڻ لاءِ بس هڪ ڪاٺ جي پيتي جي ضرورت آهي جنهن ۾ لاش کي بند ڪري ڪارگو جهاز ذريعي لاش موڪلي سگهجي ٿو يا پئسينجر جهاز ۾ ٽن سيٽن جو ڀاڙو ڏئي انهن تي اها پيتي رکي ڪراچي يا لاهور پهچي سگهجي ٿو. پر ائين ناهي. مردي جي Embalming جنهن کي اسان وٽ عربي فارسي توڙي اڙدو ۽ سنڌي ۾ ”حنوط ڪاري“ سڏجي ٿو تمام ضروري آهي. حنوط ڪاري هڪ اهڙو ڪيميائي عمل آهي جنهن ذريعي ميت کي محفوظ ڪيو وڃي ٿو ۽ لاش کي جراثيمن کان صاف رکيو وڃي ٿو. جيڪا ڪمپني اهو ڪم ڪري ٿي اها ”حنوط ڪاريءَ“ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ٿي. جنهن بنا ڪا به هوائي ڪمپني لاش نه کڻندي.
هاڻ سوال ٿو پئدا ٿئي ته حنوط ڪاري ڪيئن ٿي ٿئي يعني مردي کي ڪهڙي سالوشن ۽ طريقن سان تيار ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ شفٽ ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ٿو. اسان جي ڪيترن ماڻهن کي ان جي خبر ئي ناهي. جيڪڏهن ٿوري به ڄاڻ هجين ته هو پنهنجن پيارن جي لاشن سان اها بيحرمتي ۽ اهو ظلم وارو وهنوار هرگز نه ڪن ۽ انهن کي اتي ئي دفن ڪري ڇڏين جتي هنن جو آخري ساهه نڪري ٿو.
حنوط ڪاري (Embalming) جي عمل لاءِ سڀ کان پهرين ميت کي مرده خاني وٺي وڃن ٿا جتي ان کي لوهه جي چادر يا چينيءَ جي ٽب ۾ ليٽائي هن جي جسم کي جراثيمن کان پاڪ صاف (Disinfect) ڪيو وڃي ٿو. جنهن سالوشن سان لاش کي ڌوئي صاف ڪيو وڃي ٿو اها “Germicide – Insecticide – Olfactant” سڏجي ٿي. اها سالوشن فارملڊيهائيڊ (Formaldehyde)، ميٿانال ۽ ايٿانال جو مڪسچر ٿئي ٿي. توهان ڪنهن انٽر جي شاگرد کان به پڇندائو ته هو به توهان کي ٻڌائي سگهندو ته اهي شيون خاص ڪري ايٿانال (Ethanol) جيڪو ان ۾ اڌو اڌ ٿئي ٿو پيئڻ وارو شراب (Ethyl Alcohol) ئي آهي. بقول مفتي منيب صاحب جي ان جو تصور ئي دل کي ڏاري ٿو رکي ته هڪ مسلمان جنهن سڄي زندگي شراب کان نفرت ڪئي هجي، ان کان بچڻ جي هر ممڪن تدبير ڪئي هجي، مرڻ بعد هن جي جسم ۾ الڪوحل (شراب) داخل ڪيو وڃي!
ميت جي جسم ۾ شراب داخل ڪرڻ کان اڳ هن جي سوٽائي (Stiffness) ختم ڪئي وڃي ٿي. ڪن حالتن ۾ ـــ خاص ڪري دير سان خبر پوڻ تي لاش جو گردن يا ڪا ٽنگ ٻانهن چٻي ٿي اتي ئي سخت (Stiff) ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورت ۾ حنوط ڪاري دوران انهن عضون جي مالش (Massage) ڪري سڌو (يعني اصلي حالت) ۾ آندو وڃي ٿو. مساج سان لاش جا عضوا نارمل حالت ۾ نٿا اچن ته انهن جون مشڪون (Muscles) ۽ تندون (Tendons) ڪٽيون وڃن ٿيون. نڪ ۽ وات کي الڪوحل جي سالوشن سان ڪپهه ۽ ڪپڙي ذريعي ڌوئي ڳچيءَ تائين سڪايو وڃي ٿو. ان بعد نڪ ۾ ڪپهه ڀري بند ڪيو وڃي ٿو ۽ وات کي بند رکڻ لاءِ چپن کي ڌاڳن سان سبيو وڃي ٿو. اکين مٿان خاص قسم جا کوپا ٻڌا وڃن ٿا جيئن جسم ۾ الڪوحل ڀرڻ مهل اندرين پريشر تي اکين جو مواد ٻاهر نه نڪري سگهي. ان بعد حنوط ڪاري واري مشين ذريعي جسم جي ڪنهن هنڌ شريان (Artery) کي ڪٽ ڏئي ان ۾ الڪوحل پمپ ڪيو وڃي ٿو ۽ جسم ۾ موجود رت، گند، گئس وغيره ڪنهن نس (Vein) مان يا دل وٽان ڪڍيو وڃي ٿو. گهڻو ڪري ان ڪم لاءِ ڪنڌ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي جتي موجود Carotid Artery ۽ Jugular Vein سڀ کان بهتر آهن. انهن ۾ سوراخ ڪري هڪ لوهي ٽيوب (Metal Trocar) ذريعي هي ڪيميائي مواد داخل ڪيو وڃي ٿو. دراصل حنوط ڪاري ۾ جسم ۾ موجود رت يا ٻي پاڻيٺ سڀ ڪڍي وڃي ٿي ۽ انهن جاين تي هي جراثيم مارڻ وارو ڪيميائي مواد (الڪوحل) داخل ڪيو وڃي ٿو.
ان کان پوءِ جسم جي سڀني عضون جيئن ته معدي، آنڊن، مثاني وغيره ۾ لوهه جو ٽيوب وجھي جيڪي ڪجهه پاڻيٺ جهڙو مواد آهي ان کي ٻاهر ڇڪيو وڃي ٿو. ان بعد ٻئي ٽيوب ذريعي جيڪو ڌن وٽ چيهڪ ڏئي اندر داخل ڪيو وڃي ٿو ان ٽيوب رستي جسم جي سمورن خالن ۾ ڪيميائي مواد ڀريو وڃي ٿو. ان کانپوءِ جسم جي جنهن جنهن حصي کي چيريو ويو آهي ان کي سئي سڳي سان سبيو وڃي ٿو يا لوهي تار ذريعي بند ڪيو وڃي ٿو. انسان جا سمورا سوراخ ڪنن کان هيٺ تائين سڀ بند ڪيا وڃن ٿا يا پلاسٽڪ جا کوپا فٽ ڪيا وڃن ٿا. ان بعد جسم مٿان ڪريمون، لوشن ۽ عطر مَليا وڃن ٿا ۽ پوءِ ميت کي تابوت ۾ بند ڪيو وڃي ٿو.
هتي اهو به لکندو هلان ته ”حنوط ڪاري“ جي ڪم لاءِ جيڪو عملو ٿئي ٿو اهو گهڻو ڪري غير مسلم عورتن تي مشتمل ٿئي ٿو جيڪي Embalmer Technicians سڏجن ٿيون.
اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ميت کي اهڙين تڪليفن ڏيڻ کان بهتر آهي ته ان کي اتي ئي دفن ڪجي جتي هن جو موت ٿئي ٿو. بقول مفتي منيب الرحمان جي ”اسان دعا مغفرت ۽ ايصال ثواب جو اهتمام ڪٿي به ۽ هزارين ڪلوميٽر پري ويهي به ڪري سگهون ٿا. اسلام ميت جي تڪريم جو حڪم ڏئي ٿو. رسول الله صلعم جو ارشاد آهي:
(1) ميت جي هڏين کي ڀڃڻ ائين آهي جيئن زندهه حالت ۾ انهن کي ڀڃڻ“. (يعني ميت کي ايذاءَ پهچائڻ شرعي ممنوع آهي) (سنن ابن ماجه: 1616)
(2) ”توهان مان ڪو به شخص باهه جي ٻرندڙ ڪوئلي (ٽانڊي) تي ويهي رهي ۽ اهو سندس ڪپڙن مان ٿيندو هن جي جسم جي کل تائين پهچي وڃي ـــ اها (تڪليف) ان کان بهتر آهي ته هو (ڪنهن جي) قبر مٿان وهي“ (سنن ابو دائود: 3228).
مفتي منيب اهي ٻه حديثون پيش ڪري فرمائي ٿو ته ”منهنجي راءِ ۾ پري جي مائٽن مٽن جي انتظار ۾ ڪيترا ئي ڏينهن ميت کي برف خاني ۾ رکڻ، اهو به اذيت (تڪليف پهچائڻ) جو عمل آهي ۽ اسان کي ان کان احتراز ڪرڻ کپي. شريعت جو حڪم غسل ميت، تڪفين ۽ جنازي کانپوءِ جلد از جلد تدفين جو آهي.“
ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين يا ٻين ملڪن جي مسلمانن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته اڄ ڪلهه ڪيترائي مولوي، مفتي، مدرسا ۽ اسلامي ادارا آهن جيڪي اسان جي مونجھارن ۽ ديني مسئلن جا قرآن و سنت جي روشنيءَ ۾ تشفي بخش حل ڏين ٿا. ڪيترين پاڪستاني ۽ عرب دنيا جي اخبارن ۾ ولايت ۾ رهندڙ مسلمانن جي مذهبي مسئلن جا جواب ڏنا وڃن ٿا. آئون سئيڊن ۾ پڙهندو هوس ته مونکي يا منهنجي عرب ڪلاس ميٽن کي ڪو مذهب جي نقطه نگاهه کان مسئلو درپيش ايندو هو ته اسان جدي (سعودي عرب) جي روزنامه انگريزي اخبار The Arab News کي لکندا هئاسين جن وٽ موجود مفتين جو پئنل هر سوال جو جواب سوچي لکندا هئا. انهن جا جواب ايترا ته Authentic آهن جو دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ انهن سوالن جوابن کي مرتب ڪري ڪتاب ڇپرايا ويا آهن. سن 2000ع تائين ته اسان وٽ به ڪراچيءَ ۾ محمد عارف نالي هڪ ديندار ۽ مخير صاحب پنهنجي خرچ تي “Dialogue” ۽ ”ڊائلاگ پلس“ نالي ڪتاب ڇپائي ضرورتمندن کي مفت ڏيندو رهيو ان بعد هن اهي سڀ سوال جواب انهن ڪتابن جي نالن سان Net تي ڏئي ڇڏيا آهن ۽ ڪو به ان کي مفت ourdialogue.com لکي برائوز ڪري سگهي ٿو. محمد عارف صاحب بزنيس مئن آهي ۽ سندس Apkar Pk نالي آفيس ٽاور وٽ قمر هائوس ۾ روم نمبر 404 ۾ هئي پر هاڻ ڊفينس سوسائٽي جي زمزما ڪمرشل لين 6 تي 25C بلڊنگ جي پهرين فلور تي آهي ۽ فون نمبر آهي 0213- 2312495 .
اهڙي طرح ڪيترن ئي مولوين ۽ مفتين جون اهم اسلامي ڳالهين بابت سمجھاڻيون ۽ فتوائون انٽرنيٽ تي موجود آهن جيڪي گوگل يا ٻين سرچ مشينن ذريعي حاصل ڪري سگهجن ٿيون. ميت جي دفن بابت ته دارالعلوم ديوبند وارن جو به تصديق شده خط نمبر 7862 نيٽ تي آهي جيڪو 22 نومبر 2008ع جو آهي ان خط ۾ جيڪي سوال پڇيا ويا آهن اهي هن ريت آهن: 1. جڏهن ڪو ڌارئين ملڪ ۾ وفات ڪري ٿو ته ڇا هن جي ميت کي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ٽرانسفر ڪرڻ جي اجازت آهي جيئن امير جماعت مولانا يوسف جو ميت پاڪستان کان انڊيا ٽرانسفر ڪيو ويو هو.
سوال2: ڇا ڪنهن اصحابيءَ جو ميت هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ٽرانسفر ڪيو ويو؟
سوال3: ڪو شخص اهڙي ملڪ ۾ گذاري وڃي جتي هن جو ڪو مائٽ مٽ نه هجي ۽ جيڪڏهن اهو ملڪ جتي هن جا مائٽ رهن ٿا ويجھو آهي ته ڇا ان صورت ۾ ميت کي ٽرانسفر ڪرڻ جي اجازت آهي؟
مٿين سوالن جا جواب ”دارالعلوم ديوبند“ وارن فتوا نمبر 1611/1528=D/1429 مطابق هن ريت ڏنا آهن:
جواب1: ميت کي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ يا هڪ هنڌ کان ڏورانهين هنڌ ڏي موڪلڻ سٺو نٿو سمجھيو وڃي يعني مڪروهه آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه اسلامي قانوندان اجازت ڏين ٿا پر ترجيح وارو فيصلو اهو ئي آهي ته جيڪڏهن ڪا اهڙي سخت مجبوري ناهي ته بهتر اهو ئي آهي ته ميت کي اتي ئي دفن ڪيو وڃي جتي هو دم ڏئي ٿو.
جواب2: صحابين مان حضرت عبدالرحمان رضه اتي دفن نه ڪيو ويو جتي هن ساهه ڏنو. هن جي ميت کي ٻئي هنڌ پهچائي اتي دفن ڪيو ويو. حضرت عائشه رضه ان تي اعتراض ڪيو هو. هڪ دفعي سفر دوران، هوءَ جڏهن هن جي قبر وٽان گذري ته هن چيو: ”منهنجي وس ۾ هجي ها (مونکي جي پاور هجي ها) ته آئون توکي هتي دفن ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏيان ها. توکي اتي ئي دفن ڪرايان ها جتي تو آخري ساهه کنيو.
جواب3: ميت کي دفن ڪرڻ لاءِ ڪجهه ميلن تائين کڻي وڃڻ جي ته اجازت آهي پر هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين کڻي وڃڻ ”مڪروه تحريمي“ آهي يعني ”حرام“ جي حد تائين نا پسنديده آهي.
بهرحال هتي سڄي مضمون جي باٽم لائين اها آهي ته اسان مسلمانن کي ـــ خاص ڪري پاڪستان جي مسلمانن کي اهو سمجھڻ کپي ته اسلام جي اها ئي تعليم آهي ته ميت کي جيترو جلد ٿي سگهي دفن ڪجي ۽ لاش جي وڍ ڪٽ ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ٽرانسفر نه ڪجي جو ان سان لاش جي بي حرمتي ٿئي ٿي ۽ ڏٺو وڃي ته ان جي وارثن کي به خرچ هڪ طرف ڪرڻو پوي ٿو ته تڪليف الڳ اچي ٿي. ۽ اهو به سمجھڻ کپي ته ان جا عزيز، مائٽ هزارين ميل ڏور رهي به ان جي لاءِ دعا ڪري سگهن ٿا. جيڪي ماڻهو ڌارين ملڪن ۾ رهن ٿا انهن جو پنهنجن مائٽن مٽن سان اڳواٽ جو اهو ئي سمجھوتو هجڻ کپي ته پرديس ۾ وفات تي کيس اتي ئي ۽ يڪدم دفن ڪيو وڃي.
ملائيشيا ۾ آئون رهندو هوس ته هر سال ٻن بعد منهنجا والدين ٽن چئن مهينن لاءِ مون وٽ اچي رهندا هئا. پهرين دفعي پهچڻ تي ئي منهنجي والد مونکي سمجھايو ته: ”موت جي ڪا خبر ناهي. هر هڪ وٽ اچڻو آهي ۽ ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿو. منهنجي هتي وفات ٿئي ته لاش کي پنهنجي وطن ٽرانسفر ڪرڻ بدران هتي ئي دفن ڪري ڇڏجو“ هن ملاڪا ۾ اسانجي گهر جي سامهون واري قبرستان ڏي اشارو ڪندي چيو هو. هن محسوس ڪيو ته سندن اها ڳالهه مونکي عجيب لڳي رهي آهي. ان تي هن مونکي سمجھايو ته هر ٻاهر رهندڙ کي ان قسم جا Instruction پنهنجن وارثن کي ڏئي ڇڏڻ کپن جيئن بعد ۾ ابهام پئدا نه ٿئي ۽ پويان غير شرعي ڪم ڪرڻ کان بچي وڃن.

* * *


ڊاڪٽر خيال جا سوچ جهڙا خيال

ڊاڪٽر خيال جا سوچ جهڙا خيال

ننڍي هوندي سماهي (مهراڻ) ۽ ”نئين زندگي“ رسالي ۾ هڪ صفحو ”چونڊ نثر جا ٽڪر“ جي عنوان سان اسان لاءِ وڏي دلچسپي جو باعث هوندو هو. ان بعد ان قسم جا طنز و مزاح، ڏاهپ ۽ فڪر جا جملا ريڊرس ڊائجيسٽ رسالي ۾ (Quotable Quotes) جي ٽاپڪ سان وڏي شوق سان پڙهڻ لڳاسين. اسان وٽ ان کي ”اقوال زرين“ ۽ ”نثر لطيف“ به سڏيو وڃي ٿو. ان قسم جا طنز و مزاح ۽ ڏاهپ جا جملا ڄڻ ته سڄي مضمون جي ملائي ٿين ٿا. هر ليکڪ جو ڪتاب يا مضمون پڙهڻ وقت آئون به ان قسم جي جملن تي نشان هڻي ڇڏيندو آهيان. ڪن مضمونن ۾ ته ان قسم جو هڪ به جملو نه ٿئي ڪي ته ڀريا پيا هوندا آهن. امر جليل ۽ اردو جي ليکڪ مشتاق يوسفي جهڙن جون لکڻيون ته اهڙن جملن ۾ امير ٿين ٿيون.
ڊاڪٽر اي ايڇ خيال انگريزي جو پروفيسر آهي. سندس انگريزي ۽ اردو ۾ ايندڙڪالم وڏي شوق سان پڙهيا وڃن ٿا. سندس ڪجهه مضمونن جا نوٽ ڪرڻ جهڙا جملا هتي ڏيان ٿو. خيال صاحب پاڪستان، پاڪستاني معاشري جي صورتحال ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ نمايان ناانصافين ۽ غلطين کي پنهنجي شوخ تحرير جو نشانو بڻايو آهي پر بقول امجد اسلام امجد جي هن جي لکڻين ۾ جيڪا طنز يا ٽوڪ طعنو آهي ان جي بنياد ۾ بيحد اونهو غم ۽ درد پڻ آهي سندس هنن جملن جي شوخي توهان لاءِ ضرور سوچ جا لمحا پئدا ڪندي جنهن لاءِ عام طور انگريزي ۾ (Food for Thought) محاورو استعمال ڪيو وڃي ٿو.
• بدقسمتي سان پاڪستان دنيا جي غريب ترين ملڪن مان هڪ آهي. خوش قسمتي سان قدرت اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اسان کي دنيا جي امير ترين ماڻهن سان نوازيو آهي. اسان جي هنن امير ماڻهن جا مغرب ۾ بنگلا ۽ محل آهن. عام ماڻهو اهو ئي سوچي ٿو ته اسان جي ملڪ جا هي قارون پاڪستان ڇو نٿا خريد ڪن؟ اسان جي عام ماڻهوءَ کي ڄاڻ هجڻ کپي ته اسان جا هي قارون ان ۾ يقين رکن ٿا ته پاڪستان خريد ڪرڻ لائق ناهي. اهو فقط ڏهڻ لاءِ بهتر آهي. (A President in tatters)
• دنيا ۾ ٻن قسمن جا ملڪ آهن. ڪجهه اهڙا ملڪ آهن جتي عوام حاڪمن جي رحم و ڪرم تي آهي. ٻيا اهڙا ملڪ آهن جتي حاڪم عوام جي رحم و ڪرم تي آهن. اها حڪومت جنهن ۾ حاڪم عوام جي رحم و ڪرم تي آهن خوشحال (Welfare) رياست سڏجي ٿي. ۽ جتي عوام حاڪمن جي رحم و ڪرم تي رهي ٿو اها رياست مشڪلاتن جي منهن ۾ رهي ٿي ۽ بدبخت سڏي وڃي ٿي. (A President in tatters)
• قائداعظم پاڪستان Two- Nation ٿيوري تي قائم ڪيو. هن اهو سمجهيو ٿي ته مسلمان ۽ هندو ٻه مختلف قومون آهن. بدقسمتي سان اسان پنهنجي قائد جي ٿيوري کي ڇڏي پنهنجي نئين Two- Nation ٿيوري تخليق ڪئي آهي. هن ٿيوري مطابق پاڪستان ۾ ٻه قومون رهن ٿيون: حاڪم ۽ عوام، ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪا به هڪجهڙائي نه آهي. (5- Star Gutters)
• گذريل سٺ کن سالن ۾ اسان جي حاڪمن فقط هڪ ڪم ڪيو آهي. هو ڏينهن رات پنهنجي ذاتي حالتن کي صحيح ڪرڻ ۾ مشغول رهيا آهن. هنن پنهنجي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ زمينون الاٽ ڪرايون پر حالتون صحيح نه ٿيون. ڪروڙن رپين جا قرض معاف ڪرايا پر حالتون صحيح نه ٿيون. الله ڪنهن جو اهڙين خراب حالتن سان واسطو نه وجهي. (حالات).
• بک، بکايل کي انڌو ڪريو ڇڏي ۽ مانيءَ وارو ان انڌي کان جيڪي وڻي سو ڪرائي سگهي ٿو. (روٽي او بچيان)
• جيڪو وطن پنهنجن شهرين کي ماني نٿو مهيا ڪري سگهي ان جي وجود جو ڪو جواز ناهي. بک وگهي مرڻ لاءِ مادر وطن جي ضرورت نٿي ٿئي. بک کان ته ڪٿي به مري سگهجي ٿو. (مادر وطن)
• حقيقت اها آهي ته هن سڄي ڪائنات ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪو قانون آهي ته فقط جنگل ۾ آهي. جنگل ۾ ڪنهن کي ڪو رهائشي يا ڪمرشل پلاٽ الاٽ نٿو ٿئي، ڪنهنجا قرض معاف نٿا ٿين، ڪا رشوت نٿي هلي، ڪنهن وٽ فالتو اختيارات نه آهن، فقط اهو زنده رهي ٿو جيڪو پنهنجي طاقت سان زنده رهي سگهي ٿو.... شينهن پنهنجي علاج لاءِ آمريڪا نٿو وڃي سگهي. هو به اهڙي طرح مري ٿو جهڙي طرح گڏهه يا ماڪوڙي مڇر مري ٿو. ڇا انساني دنيا ۾ ان قسم جي برابري ڪٿي نظر اچي ٿي؟ (ڊڪشنريان جلادو).
• برطانيا هڪ ڪلچر وارو ملڪ آهي. برطانيا ۾ هڪ وزيراعظم ۽ ڀنگيءَ جو ساڳيو ڪلچر آهي يعني ٻنهي جو ٺٺ ٺانگر هڪ ئي آهي... هڪ ئي ڪلچر وارن سڀني ملڪن جي حاڪمن ۽ ڀنگين جو لباس هڪ جهڙو آهي... هنن جي بيمارين جا علاج به هڪجهڙائي آهن.... هنن جو موت به هڪ ئي طرح جو آهي. (ڪلچر)
• اسان کي پاڪستان جي هڪ هڪ سر سان ايڏو ته عشق آهي جو اسان پاڪستان جي بنيادن مان سرون ڪڍي پنهنجا گهر تعمير ڪرايا آهن. (اينٽ اور پاڪستان)
• ڪنهن کي ڇا خبر هئي ته عورت پنهنجي بلنديءَ تان ايڏو ڪري پوندي جو هوءَ مرد سان برابريءَ جي دعويٰ ڪرڻ لڳندي. (عورت).
• پاڪستان جا انڌا خوش قسمت آهن جو جيڪي ڪجهه پاڪستان ۾ عوام سان ٿي رهيو آهي هو اِهو نٿا ڏسي سگهن. (خوش قسمت نابين).
• اسان اڄ ڏينهن تائين نه غريبن کان غربت کسي آهي ۽ نه دولتمندن کان انهن جي دولت، انصاف ٻيو ڇا ٿيندو آهي؟ (انصاف)
• اسان ڪاليج ۽ يونيورسٽيون فقط ان ڪري قائم ڪيون آهن جيئن عوام کي جاهليت جي ڳولا لاءِ دربدر ڀٽڪڻو نه پوندي. (علم).
• اسان کي هميشه اهو ٻڌايو ويو آهي ته اسان جي سڀني مسئلن جو حل اسلام ۾ آهي. پر اسان کي اهو ڪڏهن به نه ٻڌايو ويو آهي ته اسلام ڪنهن وٽ آهي؟ (مسائل)
• پيريءَ توهان کان جيڪي ڪجهه کسي ورتو آهي ان جي دانهن نه ڏيو، هن توهان کان جيڪي نه کسيو آهي ان جا ٿورائتا ٿيو. (بڙهاپا).
• جنهن قوم وٽ حڪومت لاءِ انسانن جي کوٽ آهي ان قوم تي جانور حڪومت ڪن ٿا. (جانور)
• پاڪستان هڪ معجزو آهي جتي خوشحالي بدحاليءَ کي ۽ بدحالي خوشحالي کي جنم ڏئي ٿي. (معجزه).
• ٻهاري ڏيڻ وارا فقط رستا صاف ڪن ٿا جڏهن ته اسان تي حڪومت ڪرڻ وارن گذريل اڌ صديءَ کان سڄي ملڪ کي صاف ڪري ڇڏيو آهي. (بهن بهائي).
• ستن اٺن سالن جو غريب ٻار پنهنجي پيءُ لاءِ روزگار ڪمائڻ شروع ڪريو ڇڏي. هو پنهنجي پيءُ جو پيءُ بڻجيو وڃي. غريب پيءُ پٽ پيدا نٿو ڪري، هو پنهنجا پيئر پيدا ڪري ٿو. (اپني باپ ڪا باپ).
• جيڪو پاڪستان ڏيکاريو وڃي ٿو اهو پاڪستان اهو آهي جنهن ۾ حڪمران رهن ٿا ۽ جيڪو پاڪستان لڪايو وڃي ٿو اهو، اهو پاڪستان آهي جنهن ۾ عوام رهي ٿو. انهن ٻنهي پاڪستانن ۾ اهو فرق آهي جيڪو وسڪي ۽ ٻاڙي پاڻيءَ ۾ آهي. (دو پاڪستان).
• جيڪڏهن واپڊا کي يقين نه هجي ها ته انسان بندر جو اولاد آهي ته هو ڪڏهن به ٿنڀن تي ميٽر نه هڻن ها. (هم بندر هين).
• ڪنهن غريب ملڪ ۾ رهڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان جي کَلَ گينڊي جي هجي يا حاڪمن جي. (گينڊا).
• جيستائين هر شهريءَ کي ماني نٿي ملي تيستائين حاڪمن کي مکڻ کائڻ جي اجازت نه هجڻ کپي ۽ جيستائين هر شهري کي سٿڻ قميص نٿي ملي، تيستائين حاڪمن کي سوٽ پائڻ جي اجازت نه هئڻ کپي. (جب تک).

(ڊاڪٽر عبدالمجيد ”خيال“ 1927 ۾ لاهور ۾ ڄائو ۽ 88 ورهن جي ڄمار ۾ 16 جون 2015 تي وفات ڪيائين. پاڻ 1967 ۾ يونيويسٽي آف لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي، لاهور جي انگلش ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ٿي رهيو. خيال صاحب طنز و مزاح جي مضمونن کان مشهور آهي)