الطاف شيخ ڪارنر

پھتا ات پانڌيئڙا

ھي ڪتاب مختلف مضمونن جو مجموعو آھي، جنھن ۾ گهڻائي حج سان لاڳاپيل مضمونن جي آھي تنھنڪري ھن  ڪتاب جو نالو ”پھتا ات پانڌيئڙا“ رکيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ مختلف ماڻھن پاران حج سفر جون ڪھاڻيون، ھندستان جي ماڻھن جي حج جي سفر جون ڪھاڻيون، سمنڊ ۽ جھاز راني بابت دلچسپ مضمون، پورچوگالين جي سفر، اسپين جي عربي نالن وارا شھر، اسپين جي 7 صديون عربن حوالي ھجڻ جو مضمون، آمريڪي حاجين جا قصا، يورپي حاجي جو پنڌ سفر ڪري حج ڪرڻ، مڪي جو پاور پلانٽ، ھڪ غير مسلم انگريز جي حج جو قصو، صحرائي جھاز کان سامونڊي جھاز ۽ وري ھوائي جھاز ذريعي حج جي سفر جي ڪھاڻي سميت 44 مضمون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 13
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پھتا ات پانڌيئڙا

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب نمبر 73
ڪتاب: پھتا ات پانڌيئڙا
ليکڪ: الطاف شيخ
ڇاپو پهريون: سيپٽمبر 2021ع
ٽائيٽل ڊزائين : نعيم ديسوالي
لي آئوٽ: اين اي مسڻ
ڇپيندڙ: ذڪي سنز پرنٽرز، ڪراچي
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي 0300 -2879794

ISBN: 978-969-9544-69-8

قيمت: 400 رُپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو حج جو لکيل سفرنامو”پھتا ات پانڌيئڙا“ اوهان اڳيان پيش آهي.
الطاف شيخ صاحب هاڻي هڪ نئين ترتيب سان لکي رهيو آهي. ھو مختلف موضوعن تي دلچسپ نموني لکي انھن کي تاريخ جا ويس پارائي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري رھيو آھي. ھي ڪتاب پڻ مختلف مضمونن جو مجموعو آھي، جنھن ۾ گهڻائي حج سان لاڳاپيل مضمونن جي آھي تنھنڪري ھن ڪتاب جو نالو ”پھتا ات پانڌيئڙا“ رکيو اٿس. الطاف شيخ جا ھن کان اڳ سعودي عرب بابت ٻہ ڪتاب ”اي روڊ ٽو مدينہ (عمري جو سفرنامو)“ ۽ ”ڀلي پار تان ڀيرو (حج جو سفرنامو)“ ڇپيل آھن. پاڻ سن 2000ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪري موٽيا. ھن ڪتاب ۾ مختلف ماڻھن پاران حج سفر جون ڪھاڻيون، ھندستان جي ماڻھن جي حج جي سفر جون ڪھاڻيون، سمنڊ ۽ جھاز راني بابت دلچسپ مضمون، پورچوگالين جي سفر، اسپين جي عربي نالن وارا شھر، اسپين جي 7 صديون عربن حوالي ھجڻ جو مضمون، آمريڪي حاجين جا قصا، يورپي حاجي جو پنڌ سفر ڪري حج ڪرڻ، مڪي جو پاور پلانٽ، ھڪ غير مسلم انگريز جي حج جو قصو، صحرائي جھاز کان سامونڊي جھاز ۽ وري ھوائي جھاز ذريعي حج جي سفر جي ڪھاڻي سميت 44 مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ ۽ ڪاڇو پبلشرز جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب: هالا جي ماسي عاشي سيٺياڻيءَ نالي

هالا جي هڪ عظيم عورت جنهن کي اڄ جي نئين ٽهي وساري ويٺي آهي. توهان ڪيترين انگريز عورتن توڙي مردن جي ڪهاڻي From Rags to Riches جي عنوان سان پڙهي هوندي جن محنت- نج محنت ۽ پورهئي سان پاڻ کي ۽ پنهنجي فيمليءَ کي غربت مان ڪڍي خوشحال زندگيءَ ۾ آندو. اسان جي ڳوٺ جي هن ڏاهيءَ ۽ Visionary عورت ماسي عاشيءَ جي ڪهاڻي لاءِ From Riches to Rags & then Riches again چوڻ غلط نه ٿيندو. اڄ جي دور ۾ جڏهن توهان کي پڙهيل ڳڙهيل ڄٽ نظر اچن ٿا اتي هن اڻ پڙهيل عورت تعليم جي افاديت سمجهي پنهنجي اولاد کي ان وقت اعليٰ تعليم ڏياري جڏهن اسان جي شهر ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ به ڪفر جو ڪم سمجهيو ويو ٿي. هن مسڪيني حالت اڳيان پاڻ Surrender ڪرڻ بدران وڏي دل ۽ همٿ سان هر ايندڙ مشڪل کي مردن وانگر منهن ڏنو.
ماسي عاشيءَ کي مون ننڍي هوندي کان پنهنجي گهر ۾ ڏاڏيءَ سان ملڻ لاءِ ايندو ڏٺو. اسانجي ڏاڏيءَ مون کي نپايو. سندس گهروارو- يعني منهنجو ڏاڏو محمد رحيم تڏهن گذاري ويو جڏهن منهنجو والد گل محمد ٻئي درجي ۾ هو. سال ڏيڍ بعد منهنجو چاچو احمد يعني ڏاڏيءَ جو ننڍو پٽ به گذاري ويو. ان ڪري منهنجي ڏاڏيءَ جو ساهه سندس اڪيلي پٽ يعني منهنجي والد ۾ هو ۽ پوءِ منهنجي ڄمڻ تي هن مون کي هر وقت پاڻ سان ٿي رکيو. اسڪول سو ڇڏيو ٿي، سو به پاڙي واري جي ڪنهن وڏي سان، باقي وقت مون کي پاڻ سان ٿي رکيو. منهنجو والد نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ٻاهر ٿي رهيو. گهڻو ڪري مٺي ۽ اسلام ڪوٽ پاسي جتي انهن ڏينهن ۾ روڊ يا ڪارون نه هيون ۽ ماڻهن کي اُٺن تي وڃڻو پيو ٿي. منهنجي ڏاڏي پاڻ سو پڙهيل نه هئي، کيس الف ب به لکڻ نٿي آيو، پر هوءَ سخت ڊسيپلين واري ۽ تعليم جي حق ۾ هئي. نماز روزي جي پابند هئي. انهن ڏينهن ۾ انگريزي پڙهڻ وارن کي ڪافر سمجهيو ويو ٿي. پر منهنجي ڏاڏيءَ منهنجي والد کي فقط فائنل جا ست درجا پڙهائڻ بدران هن کي مئٽرڪ ڪرائي ۽ هو هالا مان پهرين ٻارن مان هو جن مئٽرڪ ڪئي. سندن ٻيا ساٿي هئا: محمد سعيد انصاري (ڪمانڊر نجم ۽ انور وارن جو والد)، پروفيسر شفيع محمد متقي (پروفيسر زرينه جو والد)، محمد صديق تورپيو، محمد صديق گاجڻي ۽ ڊاڪٽر محمد اشرف متقي، وغيره.
انهن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان سئو سال کن اڳ مئٽرڪ بعد ڪيترن کاتن ۾ ڪلارڪي ۽ سپرنٽنڊنٽيءَ کان وٺي اسڪول جي ماستريءَ تائين نوڪري آسانيءَ سان ملي وئي ٿي، پر منهنجي ڏاڏيءَ پنهنجي پٽ کي وڌيڪ پڙهائڻ چاهيو ٿي. ٽنڊوڄام ۾ ايگريڪلچر ڪاليج نه کليو هو سو منهنجي والد کي انهن ڏينهن جي برٽش انڊيا ۾ اڄ واري مهاراشترا صوبي جي شهر پوني وڃڻو پيو. بهرحال هن پوني مان B.Sc. ڪئي، ان بعد ڪراچيءَ مان Law پڙهيو. بعد ۾ ڪارنيل يونيورسٽي اِٿيڪا (آمريڪا) مان ائگريڪلچر سائنس ۾ به ماسٽرس ڪئي. ڪجهه عرصو منهنجي نانيءَ جي ڀاءُ ماما وڏي (جسٽس عبدالرحمان مرزا- جسٽس حامد علي مرزا جي والد) وٽ وڪالت ڪرڻ بعد PCS جو امتحان ڏئي مٺيءَ ۾ مختيارڪار ٿيو.
هي اهي ڏينهن هئا جڏهن مون پرائمري اسڪول شروع ڪيو هو. اسڪول بعد سڄو ڏينهن ڏاڏيءَ جي ڪڇ ۾ ويٺو هوندو هوس ۽ هن جون ڳالهيون ٻڌندو هوس يا هن وٽ ايندڙ هن جي ساهيڙين جون! ڏاڏيءَ کي مون ڪڏهن ڪنهن جي گهر ويندي نه ڏٺو ۽ نه وري ڪو هن وٽ گهڻيون مايون آيون ٿي. هن جون خاص خاص دلپسند ساهيڙيون هونديون هيون جن جو هوءَ انتطار ڪندي هئي ۽ هنن سان ڪچهري ڪندي هئي. خاص ڪري ڀرواري ڪَڪَا محلي جي ٻن ميمڻ عورتن سان. منهنجي ڏاڏي پاڻ به ميمڻ هئي.
منهنجي ڏاڏيءَ جي انهن فئوريٽ عورتن مان هڪ ماسي عاصت ڦوڳياڻي (ماستر محمد صالح ميمڻ هيڊ ماستر جي والده، ۽ ڊاڪٽر امتياز ۽ انجنيئر الطاف وارن جي ڏاڏي) هئي. هوءَ آچار ٺاهڻ کان به مشهور هئي. ٻي ماسي عاشي سيٺياڻي هئي، جيڪا منهنجي والد جي کير شريڪ ڀيڻ به هئي. هوءَ فقط نالي جي سيٺياڻي نه هئي پر هن جي فئملي جو هالا جي امير خاندان سان تعلق هو. سندس سهرو (يعني سندس مڙس حاجي عبدالطيف عرف حاجي بچل جو والد) حاجي عبدالعليم سُٽَ، ڪپڙي ۽ رنگن جو وڏو واپاري هو ۽ هو ”سيٺ“ سڏيو ويو ٿي. ان کان علاوه هو زميندار به هو جنهن جي زمينن جو وڏو حصو هالا جي وچ شهر ۾ هو، جتي اڄڪلهه هالا جو اسڪول ۽ ڪاليج آهن. چون ٿا ته سيٺ عبدالعليم جي وڏي پٽ سيٺ محمد حسن کي جڏهن چئن نياڻين: ماسي شاربانو، ماسي گلاب، ماسي سارل ۽ ماسي بچائي بعد پهريون پٽ ڄائو ته هن خير خيرات ۽ مٺائيون ورهائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. هو ”کوه مٺا ڪري ڇڏڻ “ واري چوڻي ته توهان ٻڌي هوندي؟ سيٺ عبدالعليم سندن گهٽيءَ جي کوهه کي شربتن سان مٺو ڪري ڇڏيو. (هي کوهه ”ڪَڪَن جي مسجد“ ۽ شمس الدين جي ”ميمڻ بڪ اسٽور“ جي وچ ۾ هوندو هو جيڪو 1980بعد بند ٿي ويو). سندس نالو محمد يعقوب پڙڏاڏي جو رکيو ويو پر کيس هميشه پيار جي نالي ”گلو“ سان سڏيو ويو.
ان خوشيءَ جي موقعي تي سيٺ عبدالعليم مخدومن (پنهنجي مرشدن) کي مٺائي طور اها اسڪول ۽ ڪاليج واري زمين تحفي ۾ ڏني. محمد يعقوب (گلو) بعد سيٺ حسن کي ٻيو به پٽ قمر دين (قمرو) ڄائو، ان بعد ٽي نياڻيون: قمرالنساءَ (قمري)، نجمه ۽ ممتاز ڄايون. سندن گهر سيٺ عبدالطيف (حاجي بچل) جي ئي سامهون هوندو هو. گلو مون کان سال کن وڏو هو ۽ قمرو سال کن ننڍو. انهن سڀني ڀائرن ڀينرن ۽ جتي جتي انهن جي شادي ٿي انهن فئملين سان اسان جي به واقفيت رهي. ظاهر آهي سڀ شهر جا بلڪه ڀر وارين گهٽين جا ماڻهو ٿياسين. اڄ جڏهن هي سٽون لکي رهيو آهيان ته سيٺ محمد حسن جي ست ڌيئن ۽ ٻن پٽن مان فقط ننڍي ڌيءَ ممتاز حيات آهي.
پاڻ ماسي عاشيءَ (عاشئته) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ۽ اهو سال 1953ع هوندو جڏهن کان مون هن کي اسان جي ڏاڏيءَ سان ڪچهري ڪندي ڏٺو. آئون نَوَ سال کن جو اڃان پرائمري اسڪول ۾ هوس. مون کي ياد آهي ته هر عيد تي منهنجي ڏاڏي مون کي ٻه پليٽون کيرڻيءَ جون الڳ الڳ ڪپڙن ۾ ٻڌي ڏيندي هئي ته سندس ساهيڙين ماسي عاصت ۽ ماسي عاشيءَ جي گهر ڏئي اچان. مون کي اڄ به انهن جي گهرن جي بيهڪ ياد آهي ۽ مهينو ڏيڍ اڳ مون ماسي عاشيءَ جي ناٺي حاجي ونهيون (ادي حليمه/ حلوءَ) جي گهر واري کي چيو هو ته منهنجو هالا اچڻ ٿيو ته پاڻ ان پراڻي ڪَڪَن جي گهٽيءَ ۾ ماسي آصت ۽ ماسي عاشيءَ جي گهر ضرور هلنداسون چاهي محلي جي انهن گهرن مان ڪنهن ۾ انهن جو اولاد رهي ٿو يا نه. جهونن ماڻهن مان هاڻ فقط حاجي ونهيون ۽ ماسي عاشيءَ جي وڏي ڌيءَ زيب النساءَ (زيبو) حيات آهن. ونهيون اسان کان پنج ڇهه سال وڏو آهي. اسان جڏهن انگريزي پهرين درجي ۾ هاءِ اسڪول ۾ آيا هئاسين ته هو مئٽرڪ (يعني ستين درجي/ اڄ جي ڏهين ڪلاس) ۾ هو. ونهيونءَ جي شخصيت ننڍي هوندي کان لاجواب رهي آهي. محنتي، کِل مُک، دوست يار ۽ همدرد انسان آهي. ماڻهن کي سندس نالو ونهيون منفرد لڳندو جيڪو “ونهيان ۽ ويڙهيچا“ مان ورتل آهي. هونءَ ونهيون ماسي عاشيءَ جو نه فقط ناٺي پر ڀاڻيجو (ننڍي ڀيڻ حَول جو پُٽ) به ٿئي.
اسانجو شهر جيڪو جنڊي، ڪاشي، سوسي، اوڄي، ڌاڳي سُٽَ، رنگن ۽ ڇر جي ڪمن کان مشهور ۽ واپار ۾ مٿاهين درجي جو هو ان جي بزنيس جو گراف ٻي جنگ عظيم بعد ڏينهون ڏينهن ويو هيٺ ٿيندو. انگريزن جو راڄ اڃان قائم هو. انگريزن جيتوڻيڪ جرمنن کان جنگ کٽي پر معاشي توڙي سياسي طور هُو اپاهج ٿي پيا. ان جو اثر سڄي ننڍي کنڊ جي ڪاروبار تي به پيو. اسان جي شهر هالا جا به ڪيترائي وڏا وڏا واپاري ۽ سيٺ تڙ پٽ ٿي ويا. بقول سيٺ محمد حسن جي انجنيئر پوٽي (قمرالدين جي پٽ) ارشاد جي ته ”اسان ته جڏهن کان هوش سنڀاليو ته اسان کي Survival ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پئجي وئي.“
بهرحال 1940ع واري ڏهاڪي کان حالتون خراب ٿي ويون ۽ وڏا وڏا سيٺ قرضي ٿي ويا. جياپي لاءِ هر هڪ پورهيو ڪرڻ لڳو. ماسي عاشيءَ جو گهر وارو حاجي عبدالطيف (سيٺ بچل) به تاڃي پيٽي ۽ اڻت جو ڪم ڪرڻ لڳو ۽ اهڙين حالتن ۾ جڏهن زندگي ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ جي گردش ۾ اچي وئي، ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري ڊاڪٽر يا انجنيئري پڙهائڻ هڪ محال ڪم ٿي پيو هو. هونءَ به هي اهو دور هو جو مئٽرڪ تائين پڙهيل ڳڙهيل ئي مشڪل سان نظر ٿي آيو. پر ماسي عاشيءَ جي اها خواهش هئي ته هن جو پٽ محمد خان ’انجنيئر‘ ٿئي. هوءَ پنهنجي ان خواب جو اظهار هر وقت منهنجي ڏاڏيءَ سان ڪندي رهي ٿي. محمد خان جي ڏاڏي سيٺ حاجي عبدالعليم جو به اهو ئي ارادو هو پر افسوس جو هن جي زندگيءَ ۾ محمد خان مئٽرڪ به نه ڪري سگهيو. ماسي عاشيءَ همٿ نه هاري. هن گهر ۽ محمد خان جي پڙهائيءَ جي خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ محلي جي گهر گهر ۾ وڃي مختلف شين جو وڪرو شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ زناني چئمپل کان فيشني پرس، ڪوڙن ڳهن کان شيشي جون چوڙيون خريد ڪرڻ لاءِ هالا جا ماڻهو حيدرآباد ويندا هئا. ماسي عاشيءَ اهڙين گهربل شين جي ڪراچيءَ مان وڏي تعداد ۾ خريداري ڪري گهر گهر ۾ وڪرو شروع ڪيو. ماسي عاشيءَ جي انهن شين جي چونڊ ۽ ورائٽيءَ جو ٽيسٽ ايڏو ته سٺو هو جو سندس شيون جلد ئي وڪرو ٿي ويون ٿي. مون کي ياد آهي ته منهنجا مائٽ مٽ به ماسيءَ عاشيءَ کي منٿون ڪندا هئا ته جيئن ئي ڪراچيءَ مان نئون مال اچي ته پهرين اسان وٽ آڻجانءِ.
ماسي عاشيءَ اهو پورهيو ۽ کٽراڳ ڪئين سال ڪيا ۽ پوءِ مون کي ياد آهي ته هن اچڻ ڇڏي ڏنو. ماڻهو انتظار ڪندا رهيا ته ماسي عاشي چاق ته آهي، مهينا ٿي ويا آهن نظرئي نٿي اچي! پڇا تي هن ٻڌايو ته هن زندگيءَ ۾ جيڪي چاهيو ٿي رب پاڪ هن کي اهو عطا ڪيو. هن جي پٽ محمد خان ميمڻ نه فقط انجنيئري پاس ڪري ورتي آهي، پر نوڪريءَ سان به لڳي ويو آهي.
ماسي عاشيءَ سان زندگيءَ گهڻي وفا نه ڪئي. هوءَ سگهو ئي 40 سالن جي ننڍي عمر ۾ 1961ع ڌاري وفات ڪري وئي. مون ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته هالا ۾ پهريان MBBS ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ ۽ ابراهيم ميمڻ گاجڻي ٿيا جيڪي اسٽيٿا اسڪوپ ذريعي مريض جي نبض ڏسڻ لڳا نه ته ان کان اڳ ۾ شهر جا حڪيم پنهنجين آڱرين ذريعي مريض جي نبض ڏسي هن جي بيماري ۽ علاج ٻڌائيندا هئا. انهن سڀني ۾ قاضي معين اعليٰ درجي جو ’نبض شناس‘ مڃيو ويو ٿي. مون پاڻ به هن کي ڏٺو. هن سان اسان جي مائٽي به هئي. منهنجي والد جي پڦي هن جي گهر واري هئي. هن جي پٽ گل چينائيءَ ۽ بعد ۾ هن جي پوٽي قاضي عبدالقيوم دعا درود ۽ موتي فوتي ۽ نڪاح پڙهائڻ جا ڪم ڪيا ٿي. قاضي معين جو پڙ پوٽو، جنهن تي سندس نالو معين الدين رکيل آهي، اهو سعودي عرب ۾ هو پر هاڻ شايد مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پروفيسر آهي. سندن گهر يعني قاضي معين جو گهر ماسي عاشي ۽ اسان جي گهر جي وچ ۾ هو. قصو مشهور آهي ته هڪ ڏينهن ماسي عاشي اسان جي گهران ٿي پنهنجي گهر پئي وئي ته هُن 80 سالن جي هن پوڙهي ۽ ڪمزور قاضي معين کي گهران نڪرندي ڏٺو. ماسي عاشيءَ پنهنجي ٻانهن هن حوالي ڪندي چيو ته ”قاضي صاحب! منهنجي نبض ته ڏسجانءِ، مون کي هلڻ ۾ به سهڪو ٿي رهيو آهي“.
حڪيم صاحب نبض ڏسي چيس: “سيٺياڻي تنهنجي زندگي ته 8 ڏينهن به ڪانهي. وڃي پنهنجا ڪم ڪاريون لاهه“.
ماسي عاشي پريشان ٿي وئي ۽ پنهنجي گهر وڃڻ بدران پنهنجي ننڍي ڀيڻ کديت (تاج محمد جي زال/ شرف الدين، محمد رحيم ۽ ساران جي ماءُ) وٽ اچي حال اوريائين. ڀيڻ کيس آٿت ڏني ۽ دعا ڪئي ته ”ڊگهي ڄمار ماڻيندينءَ ۽ پنهنجن ننڍن ٻچن کي پالي وڏو ڪندينءَ. قاضي معين ڪڏهن ڪڏهن چرچا به ڪندو آهي.“ پر افسوس جو هوءَ هفتي اندر ئي رات جو ننڊ ۾ گذاري وئي، شايد دل جو دورو پيس. ان وقت سندس ننڍو ٻار سڪينه (جنهن جي بعد ۾ ماسي عاشي جي ننڍي ڀاءُ محمد ابراهيم جي پٽ اقبال سان شادي ٿي) ٽن چئن سالن جي مس هئي، ۽ مونکي ياد آهي ته ڪو چاليهن ڏينهن بعد، يعني ماسي عاشيءَ جو چاليهو هلي رهيو هو ته کيس ڏوهٽو (يعني سندس ٻيو نمبر ڌيءَ ڪزبانوءَ کي پُٽُ) نجم الدين ڄائو هو. ان مان سندس exact عمر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. بهرحال ماسي عاشيءَ جي گذاري وڃڻ تي يڪدم قاضي معين کي گهرائي هن جي وفات جي پڪ ڪئي وئي. جيئن اڄ ڪلهه ڪنهن مائٽ عزيز جي وفات تي حد جي سرڪاري ميڊيڪل آفيسر کان ڊيٿ سرٽيفڪيٽ وٺڻ ضروري آهي تيئن انهن ڏينهن ۾ ڪفن دفن کان اڳ قاضي معين کي گهرائي پڪ ڪرڻ لازمي هوندو هو ته نبض واقعي بيهي ويئي آهي يا ان ۾ سَت ذرو آهي ۽ مريض جي چڙهڻ جي اميد آهي.
ماسي عاشيءَ کي نَو ٻار ٿيا. وڏو پٽ محمد خان، ان بعد زيب النساءِ (زيبو)، ڪذبانو (ڪذو)، حليمان (حلو)، عبدالرزاق، عبدالعليم (ڏاڏي جو نالو)، فاطمه، حسين ۽ آخري سڪينا. ماسي عاشيءَ جو پٽ محمد خان ميمڻ ڪراچيءَ جي NED ڪاليج مان B.E ڪرڻ بعد SDO ٿيو. ان بعد ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ سپرنٽنڊنٽ انجنيئر ٿيندو چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ سال 1994ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ان بعد هن پنهنجي ڪنسلٽنسي کولي جيڪا ڏهه سال کن هلائڻ بعد 2004ع ۾ هن کي اِرسا Indus River system Authority لاءِ چونڊيو ويو جتي هن نوڪريءَ جا ٻه مدا پورا ڪيا جن ۾ پنج سال هو ميمبر رهيو ۽ هڪ سال چيئرمئن. سائين محمد خان 1934ع ۾ ڄائو ۽ پهرين جنوري 2019ع تي، 85 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
اڄ ٿو سوچجي ته اهو به هڪ دور هو جنهن ۾ الف ب کان هڪ اڻ واقف عورت ماسي عاشيءَ همٿ ۽ جذبي سان ظاهري طرح ته فقط هڪ ٻار کي انجنيئر بنائين پر بعد ۾ سڄي خاندان مٽن مائٽن هن کي فالو ڪيو ۽ اڄ هالا ۾ سڀ کان گهڻن انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ اعليٰ تعليم يافته مردن توڙي عورتن جو تعلق ماسي عاشيءَ جي خاندان سان آهي. ڪجهه جا نالا جيڪي منهنجي ڌيان ۾ هن وقت اچي رهيا آهن، اهي آهن: مرحوم محمد خان جا پٽ: پروفيسر عبدالرشيد ميمڻ B.E نديم ميمڻ MBA ۽ ڪاشف ميمڻ B.E ڪذبانوءَ جو پٽ نجم الدين سپرنٽنڊنٽ انجنيئر مڪينيڪل ۽ شفيع محمد سول انجنيئر، حليمان جو پٽ فريد احمد سپرنٽنڊنٽ، پنڃاري سرڪل، ڌيءَ زرينه ميمڻ B.E ڪمپيوٽر. حاجي عبدالرزاق جو اولاد: عائشه MBBS، مريم B.E (اليڪٽرڪ)، حنا MBBS، جيجا MBA ۽ عبدالطيف MBA، عبدالعليم جي ڌيءَ شميم B.E اليڪٽرانڪس. حاجي حسين جي پٽ ذوالفقار MBA ڪئي. ڪاش اڄ ماسي عاشي حيات هجي ها ته هن کي چئي سگهجي ها ته تو نه فقط پنهنجي پٽ محمد خان کي تعليم ڏياري پر پنهنجن پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين ۽ پاڙي وارن کي پڻ - جن مان ڪجهه جا نالا مٿي لکيا اٿم. تعليم ۾ نه رڳو ماسي عاشيءَ جو اولاد اڳيان وڌي ويو پر محمد خان مان inspiration حاصل ڪري هن جي سوٽن جو اولاد، ماسي عاشيءَ جي ڀيڻن ۽ ڀائرن جو اولاد ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ٿيا، جن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي. انهن سڀني کي ان ڪم جو ڪريڊٽ ماسي عاشيءَ کي ڏيڻ کپي، جنهن هڪ ڪلچر ئي بدلائي ڇڏيو ۽ واپاري پيشه خاندان کي تعليم يافته بنائي ڇڏيو ۽ هن جيڪا جفاڪشي ۽ جدوجهد ڪئي، ان جو هڪ شاهد آئون به آهيان. هوءَ هڪ عظيم عورت هئي جنهن محنت ۽ حق حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ ڪڏهن به شرم محسوس نه ڪيو. رب پاڪ کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين.


الطاف شيخ
ڪراچي
1 ڊسمبر 2020

پيش لفظ: ھِتان ھُتان جون ڳالهيون ڪندڙ الطاف شيخ!

ھو جنھن ھي سڄو جھان جھاڳيو آهي، دنيا جھان جي خوبصورتي سندس اکين ۾ ٽاڪيل آهي، ھو جيڪو مڇي جي اک سان سمندر ڏسي ٿو ۽ ھن مڇي جيئن پنھنجي سڄي عمر سمندر ۾ ئي گذاري آهي، ھُن سمنڊ سيويو آهي ۽ ماڻڪ ميڙيا آهن.

سمونڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا
شاھ لطيف

۽ اھي ماڻڪ ھن جا ڪتاب آهن جيڪي سوَ کان وڌيڪ تعداد ۾ آهن.ھو اڄ 76 سالن جو ٿي ويو آهي پر پوءِ به ھو اڃان پنھنجي جذبن، ارادن ۾ نوجوان آهي ۽ ھو اڄ به اسان کي ڪي نيون ڳالهيون ٻڌائيندو رھي ٿو، جنھن سان اسان کي دنيا جھان جي پروڙ پوي ٿي. ھاڻي به سندس ٻه نوان ڪتاب "وري ياد آيا"، "دنيا رنگ رنگيلي" شايع ٿيا آهن جنھن مان سندس نوجوان جذبن ۽ اٽل ارادن جي پروڙ ڪري سگھجي ٿي.
توھان سوچيندا ھوندوَ ته ھي گھڻَ رخُي شخصيت ڪير آهي؟ ته ھا اُھا شخصيت آهي سائين الطاف شيخ!
الطاف شيخ جو جنم 14 نومبر 1944ع تي نوان ھالا سنڌ ۾ ٿيو.ھو وڏو ٿي ميرين انجنيئر ٿئي ٿو ۽ ساري دنيا جا نه صرف سير ڪري ٿو پر اھي سير سفر پنھنجي ماڻھن سان به ونڊي ٿو، جنھن کي پڙھڻ سان ماڻھن جي دنيا کان واقفيت ٿئي ٿي. پاڻ ايڏو وڏو ماڻهو ھوندي به ڪائي وڏائي ڪونه ٿا رکن، نه ڪو ئي پنھنجي ڪيل ڪم تي رعُب ڄمائين ٿا بلڪه ھو پنھنجي طبيعت ۾ ڏاڍا شفيق انسان آهن. سائين سان جڏهن به رابطو ڪبو آهي ته پاڻ نصيحتون ڪندا آهن ته 'بابا سنڌي مسلمانن وانگر چانھ پارٽين ۾ وقت نه وڃائجو بلڪه سنڌي ھندن وانگر محنت ۽ تعليم پرائي پنھنجو وقت سجايو ڪجو.'
الطاف شيخ سفرناما لکڻ سان گڏوگڏ 'ڪاوش دنيا' ۾ پڻ مضمون لکندو رھي ٿو، جنھن ۾ ٻاھرين دنيا جا ڪيئي قصا ۽ تاريخ جو جھلڪيون موجود ھونديون آھن ۽ اھي ھڪڙي سيريز ۾ ھوندا آھن ڪڏهن اھي ھِتان ھُتان جون ڳالهيون جي سِري ھيٺ ھوندا آھن ته ڪڏهن رنگ برنگي دنيا، نڪتا جي سامونڊي سفر تي، ڀلي پار جو ڀيرو، مُندون، ڏيھ پرڏيھ ۽ تاريخ شامل آهن. پر انھن ۾ جيڪا دلچسپ سيريز آهي اھا آھي "ھِتان ھُتان جون ڳالهيون"!
منھنجي سامھون ڪاوش دنيا جا 2018 کان 2020 تائين جا ڪجھ پرچا پيا آهن جنھن ۾ ھِتان ھُتان جون ڳالهيون سِري ھيٺ لکيل مضمون شامل آهن. ھي مضمون ان ڪري وڻندڙ آهن جو ھنن ۾ بادشاھن ۽ راڻين جا قصا ۽ سندن معاشقن جون ڪھاڻيون آھن. جن ۾ اڪبر بادشاھ جون ڳالهيون، ليڊي ڊائنا ۽ سندس معاشقي جا قصا ۽ خاص دلچسپ ته شاھ ايران جي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ سندس معاشقي ۽ سندس راڻين جو تفصيلي ذڪر آهي. ھي ڪي عام ماڻھن جا نه بلڪه بادشاھن جا معاشقا آهن تنھن ڪري ڏاڍا دلچسپ آهن، جو ڪن کي محبوبائن خاطر تخت ڇڏڻا پيا ٿي ته ڪِن وري تخت خاطر پنھنجي پيار جي قرباني ٿي ڏني. شاھ ايران جيڪو ايران جو آخري بادشاھ ٿي گذريو ان ٻه ٻه شاديون ڪيون جو کيس پٽاڻو اولاد نه پئي ٿيو جيڪو پوءِ تخت جو وارث ٿئي، کيس فرح ديبا مان ھڪڙي ڌيءُ ڄائي ھئي پر کيس پٽاڻو اولاد نه ھئڻ جي اُڻ تُڻ ھئي ۽ ھُن ثريا سان شادي ڪئي جنھن سان کيس پيار به ھو ۽ ثريا به شاھ ايران کي چاھيندي ھئي پر ان مان به شاھ ايران کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو ۽ ھن تخت جو وارث پيدا ڪرڻ جي چڪر ۾ پنھنجي محبوب زال ثريا کي به طلاق ڏني،توھان سندن پيار جو اندازو ھيٺين سِٽن مان لڳائي سگھو ٿا.
”21 مارچ 1958ع تي ايرانين جي نئين سال (نوروز) تي شھنشاھ ايران روئندي پنھنجي عوام لاءِ اعلان ڪيو ته ھن ثريا کي طلاق ڏني آهي."

شاھ ايران تخت خاطر پنھنجو پيار ڇڏيو پر ان جي برعڪس ايڊورڊ اٺين پيار خاطر تخت ڇڏيو. ايڊورڊ اٺين جو ويلس سمپسن سان پيار ھو جنھن کي سندس پھرين مڙس طلاق ڏئي ڇڏي ھئي ۽ ٻئي مڙس کان ھوءَ پاڻ طلاق وٺي رھي ھئي ۽ ڪنھن بادشاھ لاءِ انگلينڊ جي قانون موجب ھو اھڙي عورت سان شادي نه ٿو ڪري سگھي، جنھن ڪنھن ٻئي سان شادي ڪئي ھجي، ۽ ھن ويلس سمپسن خاطر پنهنجو تخت ڇڏيو نه ته ھو انگلينڊ، انڊيا، آسٽريليا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ، ۽ ٻين ملڪن جو، جن تي برطانيه وارن جو راڄ هو، انھن سڀني جو حاڪم ٿي رھي ھا.

ان کان علاوھ پاڻ ليڊي ڊائنا بابت به حيرت انگيز ڳالھيون ٻڌايون اٿن، پاڻ ھتي به ڪجھ ڳالهيون Highlight ڪيون ٿا.
"ڊائنا جو بٽلر پال ٿو ٻڌائي ته" ليڊي ڊائنا جو پاڪستاني ڊاڪٽر حسنات سان انڌو عشق ھو. ھوءَ ھن پٺيان چري ھوندي ھئي ۽ ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ ھوءَ ڊاڪٽر حسنات کي منٿون ڪندي رھندي ھئي. ھوءَ لڪ چوريءَ ڊاڪٽر حسنات جي خاندان سان ملڻ پاڪستان به وئي. "
اسان وٽ ته اھو مشھور آھي ته ليڊي ڊائنا شوڪت خانم ڏسڻ ۽ فنڊ ڏيڻ آئي ھئي پر يارو ھي عشق جو معاملو ھو.

الطاف شيخ اھڙيون ڪيئي حيرت انگيز ڳالھيون ٻڌائيندو رھي ٿو، ھن جتي سڄي دنيا گھمي آهي اتي ھن سنڌين کي به ڳولھيو آهي ۽ انھن بابت ڄاڻ به ڏني آهي پر پاڻ ڪنھن انٽرويو ۾ ھڪڙي حسرت ظاھر ڪئي ته ڪاش آئون انھن سنڌين جا انٽرويوز وٺان ھان جن سان آئون پرديس ۾ مليو ھوس. پر ھاڻي به جتي مختلف سفرنامن ۾ سنڌين جو ذڪر آهي اتي انھن بابت گھڻي ڄاڻ موجود آهي ۽ ھاڻي جيڪر انھن کي ھڪ ھنڌ گڏي "دنيا جا سنڌي" نالي ڪتاب آڻجي ته اھو دنيا جي سنڌين بابت پھريون ۽ مستند ڪتاب ھوندو!
الطاف شيخ اھڙا ڪيئي تاريخي قصا ٻڌائي ٿو، سندس سفرنامن ۾ صرف اتان جي شھرن ۽ خوبصورتي جو ئي ذڪر نه ھوندو آھي بلڪ ان ۾ انھن ملڪن جي ھڪڙي تاريخ ھوندي آھي جيڪا پاٺڪ کي آڱر پڪڙائي تاريخ جي دورن جو سير ڪرائي ٿي، جنھن ۾ تاريخ جون ڪيئي ستمگريون به پسڻ لئه ملن ٿيون. تخت خاطر ڀاءُ، ڀاءُ جو سِر ڪپائي ٿو، پُٽ پيءُ کي قيد ڪري ٿو ۽ ۽ تخت خاطر ڪيئي اھڙا سِتم ٿين ٿا جو پڙھندي دل دھلائجي وڃي ٿي. پاڻ تاريخ جون اھي ستمگريون ھتي به رکون ٿا جن کان اسان کي الطاف شيخ آگاھ ڪيو آهي.
"بھادر شاهه ظفر جي پٽن کي ھن جي اکين اڳيان شوٽ ڪيو ويو. انھن مان سُوپ جو پيالو ٺھرائي اڃايل ۽ بکايل بھادر شاهه ظفر ۽ ان جي زال زينت محل کي زوري پيئڻ لاءِ چيو. ھنن کان نه گوشت چٻاڙيو ٿي ٿيو نه ڍڪ ڀريو ٿي ٿيو. ھو آت ڏيندا رھيا ۽ جيڪي سندن پيٽ اندر ويو هو، اھو الٽيءَ ۾ نڪري آين. ھنن جيئن ئي پيالو پٽ تي رکيو ته ھڊسن رڙ ڪري چين؛
"Why don't you eat it? It is a delicious soup. I had it cooked from your sons' flash."

ته اھڙا کوڙ ٻيا قصا سائين الطاف شيخ اسان کي پنھنجي سفرنامن، اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ مضمونن ۾ ٻڌائيندو رھي ٿو. ڪالهه 14 نومبر تي سندس جنم ڏينهن ھو، اسان کي مٿس فخر آهي، اسين ان دعا سان کيس جنم ڏينھن جون واڌايون پيش ڪريون ٿا ته پاڻ سدائين خوش رھن، وڏي ڄمار ماڻين ۽ اسان کي دنيا جھان جون ڳالھيون ٻڌائيندا رھن!


عاشق چانڊيو
فون 0307 315 1366
قمبر شهدادڪوٽ 15 نومبر 2020

سنڌ جو ابن بطوطه الطاف شيخ

سنڌ جي ثقافتي شهر هالا ۾ جنم وٺندڙ سفرنامن جي بادشاه چيف انجنيئر مئرين الطاف شيخ 100 سفرناما لکي پورا ڪيا آهن.
الطاف شيخ لاء تاجل بيوس چوي ٿو ته هن ڦيٿ هٿ ۾ کڻي دنيا جي ڌرتيء جي گولي کي ماپي ورتو آهي. الطاف اهو وڻجارو آهي جنهن وٽ وکر ڀيرائون ڀير آهي. جيڪو ولايت مان هر وڻج ۽ وڻ جون ٻوريون ۽ خرزينون ڀري اچي ٿو. بنا اگهه پار ڳالهائڻ جي سواء اسان اڳيان کولي وڙ وڙ جو وکر بنا ملهه پيو آڇي. الطاف جي لکڻين مان تخليقي عمل مينهن جي گوهن وانگر وهندو نظر اچي ٿو.
نامياري ليکڪا زبيده ميتلو چوي ٿي تهہ الطاف شيخ جي لکت ۾ ڏانوء ۽ ڏاهپ، لاڙو جنون ۽ جمال جون جهلڪيون پسي سگهجن ٿيون.
ناليواري افسانه نگار ۽ ڊراما نگار نور الهديٰ شاه چوي ٿي ته الطاف پنهنجي اندر جي ڪيفيتن کي هر سفرنامي ۾ ضرور ظاهر ڪري ٿو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو ته الطاف کي ڏنل ادبي حيثيت ۽ اهميت پڙهي مان وڌيڪ ٿڌو ٿي ويس. الطاف سنڌي ادب تي وڏو وڙ ڪيو آهي الله پاڪ کيس وڏي حياتي عطا ڪري ته هو سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪندو رهي.
ناليوارو افسانا نگار امر جليل لکي ٿو ته الطاف شيخ جو سنڌ ملڪ جي مٽيء سان پيچ پيل آهي هو دنيا جي جنهن به حصي ۾ وڃي ٿو سنڌي سٻاجهڙن جي ڳولا ڪري ٿو. الطاف شيخ ڪولمبس ناهي پر هن ڪولمبس کان وڌيڪ سفر ڪيو آهي.
ناليوارو ڪهاڻيڪار حميد سنڌي لکي ٿو ته الطاف جا سفر ناما وڌيڪ ڳمڀير ۽ سندس لکڻي هميشه فڪرانگيز ٿي لڳي.
ناليواري ليکڪ نصير اعجاز لکيو آهي ته الطاف سمنڊ ۾ خطرن سان کيڏي بک ۽ اڃ جو مقابلو ڪري ڪنهن شارڪ مڇيء جو کاڄ ٿيڻ کان پاڻ کي بچائي سنڌي لٽريچر ۽ ايڊوينچر ڏيئي سماج ۾ زنده رهڻ ۽ پنهنجي قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ جون واٽون ۽ گس ڏسيندو رهيو آهي.
اردوء جو ليکڪ جواد شيرازي لکي ٿو ته الطاف “گيشائون ڪي ديس مين“ ڪتاب لکي پنهنجي لکت ۾ اڀرندڙ سج جي سرزمين مسڪرائيندڙ ڏيکاري ٿو ۽ الطاف شيخ اردوء جي سادي زبان استعمال ڪري وڏي عرقريزي ڪئي آهي.
ناليوارو ليکڪ نظير قاسمي لکي ٿو ته الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهڻ کانپوء ساڻس ملڻ جي خواهش پيدا ٿيڻ قدرتي ڳالهه آهي.
مشهور چترڪار رضوان گل لکي ٿو الطاف شيخ صاحب سان ٿيل ڪچهرين جو اثر منهنجي لکڻ تي به پيو. هڪ ليکڪ کي عملي طور ڪيئن هئڻ گهرجي ۽ سندس ڪردار ڪيئن هئڻ گهرجي. انسان دوستي ۽ سچائيء وارا گڻ الطاف شيخ ۾ ڪثرت سان نظر اچن ٿا. وٽس خلوص جا خزانا آهن.
ناليوارو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو الطاف شيخ جي سفر نامي جا ٻه پهلو ٻڌايا:
1. غير ملڪن جي سماجي ۽ اقتصادي ڄاڻ ڏيڻ.
2.غير ملڪن جي لوڪ ڏاهپ جي ڄاڻ ڏيڻ
الطاف ايڏو وڏو ڪم ڪيو آهي جو کيس داد ڏيڻ کانسواء رهي نٿو سگهجي.
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو لکيو آهي ته سنڌ جي سفري سلطان سائين الطاف شيخ هزارين حيلا ۽ وسيلا ڪتب آڻي دنيا ۾ جتي به رهندڙ سنڌي خاندان آهن انهن جي ڪرت ۽ ڪاروبار جو ذڪر ڪري پنهنجي لکڻين وسيلي انهن سان ملاقات ڪرائي اسان جي وڏي رهبري ڪئي آهي.
ناليوارو شاعر امر اقبال لکي ٿو الطاف صاحب سنڌ جي درسگاهن جي سنڌي نوجوانن سان رهاڻيون ڪري انهن جي ڪيرئير ڪائونسلنگ ڪندو رهي ٿو. سندس دل سنڌ سان گڏ ڌڙڪي ٿي. سنڌ جي وسيلن جي ڀيل، ميرٽ جي لتاڙ، مڙهيل مهانگائي، هٿرادو بيروزگاري جهڙا مسئلا ڏسي سندس دل ڏکندي ۽ جهٻندي رهي ٿي.
الطاف شيخ جي 100 ڪتابن مان ڪجهه ڪتاب منهنجي لائبريريء جو سينگار آهن.
1.ڳالهيون جپان جون 2. واٽ ويندي 3. ڀلي پار تان ڀيرو 4. وري ياد آيا 5. بنارس کان برمودا 6. هلي ڏس هندستان 7. گيشائون ڪي ديس ۾ 8. موج نه سهي مڪڙي 9. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
الطاف شيخ هيڏو وڏو پورهيو ڪري پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا جي معلومات لکي اسان سنڌ واسين تي وڏا احسان ڪيا آهن.
ڀرم جيئن سونهن جو رهجي، امانت عشق جي ئيء سان،
اسان جي يار محبت کي مڃيندا ڪي مڃڻ وارا.

نظام الدين ڪاڪا
فون : 0301 3600 651
هالانوان 15 نومبر 2020

خـط

دنيا جي وسيع سمنڊن جا سينا چيري واٽون ووڙيندڙ!
علم، ادب ۽ عاشقيءَ جا موتي ميڙيندڙ!
دور حاضر جا عظيم سنڌ باد جھازي!
مانوارا سائين الطاف شيخ صاحب!

السلام عليڪم!
اميد ته صحت جي سندر ديويءَ جي نيڻن جي نگاھ سان گڏ سندس پيار ڀرين ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙيل هوندؤ. آمين. پوءِ به لطيف سائين جا لفظ توهان لاءِ دعا طور هٿن اُڀن ٿيڻ جو جواز ٿا بنجن ته:
منهنجا سائين! هيءُ بندو توهان لاءِ بلڪل ئي نئون هوندو ۽ يقين هوندو به، پر سنڌ جو عظيم سيلاني الطاف سائين مون لاءِ بنھ به اوپرو، اڻڄاڻ يا نئون ناهي. 1981ع کان 1985ع تائين سڪرنڊ شهر جي سئنيما چوڪ تي پراڻي موٽل هوٽل سامهون /400 روپين جي پگهار تي ننڍي هوندي کان وٺي ڪنهن جي ڪتابن جي ڪيبن نما ننڍي دوڪان تي نيو فيلڊس پاران چپجندڙ ننڍي سائيز ۾ ڪچي جلد وارا توهان جا سفرناما کپائڻ کان وٺي توهان جي تخيل سان تار ڳنڍيل رهي آهي.
مانوارا سائين! مان سڪرنڊ شهر ڀرسان مشهور تاريخي ماڳ “چانهون جو دڙو” ويجھو هڪ ڳوٺ ڄام ڏاهريءَ جو رهندڙ علي نواز ڏاهري آهيان. جنهن جي ادب ۾ سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. منهنجا ڇپيل ٻه شعري مجموعا، جيڪي تاريخ جي تندن جو واڄٽ وڄائڻ جو ڏانءُ رکندڙ تاريخي پڪار جي پڙاڏن جهڙا نانءَ رکندڙ آهي.

1. چانهونءَ مٿان چنڊ:
چانهونءَ مٿان چنڊ، سانت سڄو سنسار آ،
سوچيو رات سياح ٿي، مايا ۾ ڇا منڊ !
اڄ به ايشيا کنڊ، توجھ نه ڏي تاريخ ڏي.
* * *
چانهون سندي چُپ مان، ديس ڪئي جا دانهن،
ڪن ڏئي ٻُڌي ڪانهن، ماڻهو ماٺ وڪوڙيا.

2. آڌي رات اروڙ:
ساڻا سيلاني ٻي ٽي، خيمو پاسي کوھ،
جن جا نيڻ ڪڪوريا، ڪڙي ڪيف ڪڪوھ،
اکيون ٿي اتهاس جون چنڊ وِڌي جا جُوھ،
ڄڻ ڪي ڀٽڪن روح، آڌي رات اروڙ ۾.
* * *
پاپي ڇا ته پنجوڙ، سوگهي ساري سنڌڙي،
سنڌو چنڊ ارُوڙ، سُڏڪي اُٿيا سانت ۾.

3. نامياري انگريز ناول نگار سر هينري رائيڊر هيگرڊ جو اردو ناول “ گنج سليمان” مان سنڌي ترجمو “موٽڻ جنين مِهڻو” جي نالي سان ڪري ڇپايو اٿم.
جنهن ۾ “رندن مٿان رت، هار ته پسين هوت کي” واري مقصد سان جنون واري حد تائين لڳاءُ واري مُهم جوئي جو عنصر به عيان آهي.

4. عشق بي حجاب:
ناهيس ڪاڻ ڪنهن جي، هي عشق بي حجاب آ،
بيشڪ بيپرواھ آ، هن جو نه ڪو جواب آ.
* * *
اهڙو عشق ڏکيو، متيون ٿو مجھائي،
چڙهي چوٽ ٿو جي، ڪونڌر ڪهائي.
صوفي فقيرغلام قاسم “سِڪايل” جي صوفياڻين صدائن تي مشتمل ڪلام کي سوڌي، سنواري، ترتيب ۽ تاليف ڏئي ڇپايو اٿم.
اڃان به ڪيترائي ڪتاب انشاء الله آهستي آهستي ڇپجي مارڪيٽ ۾ ايندا. جن ۾ هڪ ڪالم ڪهاڻين جو مجموعو “۽ ڀٽائي گم ٿي ويو” 2. ڪرشن چندر جي ورهاڱي جي موضوع تي لکيل ڪهاڻين جو ترجمو “پشاور ايڪسپريس” سميت مختلف موضوعن تي مضمونن جي چئن پنجن ڪتابن سان گڏ ٽيون شاعريءَ جو ڪتاب “گلان ٿي گيت ۾ گم آ” تياريءَ جي مرحلي ۾ آهن.
هن دل کي ڪير سمجھائي! چئي ٿي ته پنهنجا ڇپيل ڪتاب توهان جي حضور ۾ پيش ڪري. ان لاءِ وڏي مشڪل سان توهان جو موبائل نمبر هٿ ڪري، توهان سان رابطو ڪيو اٿم.... توهان کان ائڊريس وٺي توهان ڏانهن پنهنجا ڪتاب روانا ڪري رهيو آهيان جيڪي توهان جي هٿن ۾ اچي پنهنجو مانُ ماڻڻ جو شرف حاصل ڪندا. انشاءَ الله تعاليٰ.
سائين! توهان جي ذات ۽ ڏات منهنجي لکڻ کان مٿاهين آهي، جو سمجھان ٿو ته ڪٿي ڏات جو اڀ ڇُهندو اوچو ڪارونجھر! ڪٿي ڪنهن ڀٽ جي ڀر ۾ بيٺل ڏيھ ڏڪر جي صورت ۾- مور جي ٽهوڪي جھڙو اُداس ۽ سنڌوءَ جي سپنن کي نيڻن ۾ سمائيندڙ ادب جو ادنيٰ شاگرد .
منهجا ميرا هٿ، اجرو تنهنجو عشق آ.
پر پوءِ به پتو اٿم ته هيءُ پيار ڀريو پتر ۽ هي قرب مان موڪليلَ ڪتابَ جن هٿن جي حضور ۾ پهچندا ته انهن تي نينهن ڀري نگاھ ضرور پوندي.


اوهان جو مخلص:
(علي نواز ڏاهري، فون 03003216296 )
سڪرنڊ، 23 سيپٽمبر 2019

ڀٽائيءَ جو نينهن- پرور ناکئو ”الطاف شيخ“

عشق جا به عجيب رنگ، رمزون ۽ روپ هوندا آهن. عشق سنگتراش جا سپنا به هوندو آهي، جيڪو صدين تي ڀاري بنجندي موهن- دڙي مان مليل “سمبارا” جي سوين سندر روپن مان نکري نروار ٿيندو آهي، ته دنيا جو ڳاٽ سنڌ جي تهذيب جي قدامت اڳيان سربسجود بنجي ويندو آهي. عشق ڀٽائيءَ جي تنبوري جي تند- تنوار ٿيندو آهي، ته سُرن جون صدائون سنڌ جي جھنگلن، جبلن، وستين، واهڻن جي خلائن ۾ گونجڻ لڳنديون آهن ته:
ويهان ڪيئن ماٺ ڪري! ايڏو سور سهي،
يا: بندر جيان ڀئي، سکاڻيا! مَ سمهو،
جي صدين تي محيط ڪائي ڪُوڪ بنجي، وطن واسين کي سجاڳيءَ جو سڏ ڪرڻ لڳندي آهي ته:
ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!
جڏهن هن صدين جي ستايل سرزمين تي، صدين پڄاڻا عشق پنهنجي مڪملتا سان اهڙو ناکئو ٿو پيدا ڪري ته سنڌ مُرڪي ٿي پئي، ۽ چنڊ هُن جي تخيل جي اُڀ- اُڏار کي چميون ڏئي رشڪ ٿو ڪري ته:
اي سنڌ!
توکي صدين پڄاڻا،
ڀٽائيءَ جي سُر سريراڳ جو نئون ناکئو،
الطاف شيخ مبارڪ!
اهو الطاف شيخ جڏهن مست سمنڊن جا سينا چيرڻ لاءِ ڪمر ٿو ڪشي ته عشقُ، لطيفي لات جي صورت ۾ هن جو سونهون بنجي ٿو پوي. جيڪو ولايتن جي واس سان سنڌوءَ کي سُرهو بنائڻ ۾، جيءَ جي جاکوڙن جي ڪائي پرواھ نٿو ڪري، ۽ الطاف سائينءَ جو اهو عشق اتي ٿو پروان چڙهي:
جتي: درندا درياءَ ۾، واڪا ڪيو ورن.
جنهن ۾: سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن.
جتان: پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجھان تن.
انهي اونهيءَ جي هر اوڙاھ جو سينو چيري، هن مختلف کنڊن جي مختلف ملڪن کي پنهنجي تجربي جي تخيل ۽ نينهن جي نازڪ ڌاڳن جھڙي زنجير سان نه رڳو هڪ ٻئي سان پر، سنڌ جي سرت سان به سلهاڙي پئي رکيو آهي. هو، پنهنجي پيار مان پڙهندڙن کي پنهنجي تجربن سان نينهن جا اهڙا ته نظارا ٿو پَسائي جو پڙهندڙن جي دل جي دنيا دنگ رهجيو وڃي.
توڙي جو جھازراني جي جھد کان هُو سرڪاري طور سبڪدوش ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به هن جي من جي ڪائنات جي حسين ڪئنواس تي ڪيترن ئي ملڪن جي رهيل يادگيرين جا اڃان به ڪيئي ٿانَ کُلندا ٿا رهن. هُو، پنهنجي سفر نامن لاءِ تخيل جي پيار جا پوپٽ ٿو اڏائي ته هن جي سامونڊي سفرن جي جاگرافيائي رستن جون رونقون پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي پنهنجي روح جي رنگين گلين ۾ گم ڪري ٿيون ڇڏين. جتي اتان جي تهذيبي تاريخن ۽ تمدن تحت انسان ذات جي عظمت جا عظيم داستان رقم طراز ٿيل آهن، جن جو هو “ڪامياب قصا گو” رهندو ٿو اچي.
الطاف سائينءَ جي قلم جي قط مان اڄ به اچانڪ اهو عشق اُمالڪ اڇل کائي اچي نڪري نروار ٿو ٿئي ته ايشيا کان آفريڪا تائين، يورپ کان آمريڪا تائين ۽ اينٽارڪٽڪا کان آرڪٽڪا تائين جتي جتي به، زندگيءَ جي جنهن به پل ۾ ضرورت پئي محسوس ڪئي آهي ته هن جي تشبيحن مان سنڌ، سنڌو سڀيتا ۽ ثقافت جي چوڏهينءَ جا چنڊ انڊلٺ جيان ازخود اُڀري ٿا پون.
الطاف سائينءَ پنهنجي شعوري اک سان دنيا جي ڪيترن ئي قومن جي شاندار تهذيبن کي اُسرندي عُروج ماڻيندي به پئي ڏٺو آهي ته ڪن قديم تهذيبن کي تاراج ٿيندي به پئي ڏٺو آهي. هن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سڀني کنڊن ۾ “آزاديءَ جي عشق جا اسرار” به پئي پسيا آهن ته سائنس جي سندرتا سان قومن جي شعور جي گلابن جو هُڳاءُ به پئي ماڻيو آهي، ته هرقسم جي غلاميءَ جي غضبناڪ نظارن جو ڇيد به پئي ڪيو آهي. اهو سڀ ڪجهه نه رڳو هن پاڻ محسوس ڪري پنهنجي ڄاڻ جو خزانو پاڻ تائين محدود پئي ڪيو آهي، پر سنڌ جي شعور کي به ان جي سڪ جون سُرڪيون پياريندو پئي رهيو آهي. هو سچ جو اهو سوداگر رهيو آهي جنهن جي وڻج واپار جو وکر به رڳو علم، ادب، عشق ۽ آگاهي پئي رهيو آهي.
وکر سو وِهاءَ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
تاريخ جي سفر ۾ ڪا ڪا شخصيت ڪنهن ڪنهن قوم لاءِ فخر جو باعث بڻجي پوندي آهي، ۽ قومون اهڙين شخصيتن تي فخر مان ڳاٽ اوچو ڪري جيئنديون آهن، ۽ الطاف سائينءَ کي اها به خبر آهي ته قومون غريب رڳو اقتصادي لٽ مار ۽ وسيلن جي جبري قبضا گيريءَ ڪري ئي ڪونه ٿينديون آهن، پر قومون غريب تڏهن بنجنديون آهن جڏهن اهي زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ مهان شخصيتن کي “جنم ڏيڻ” بند ڪري ڇڏينديون آهن. ڇو ته شخصيتون تاريخن جا پير ٿينديون آهن. جن جي طفيل قومون پنهنجي صدين جو سفر وک جيان ويجھڙو محسوس ڪري پنهنجي منزل جو مارڳ ماڻي وٺنديون آهن. ائين صدين جي سفر کان پوءِ هن ڀٽائيءَ جي ڀُونءِ کي تاريخ جا اهي نه ٿڪجندڙ پير پلئِه پيا آهن، جن جي قدمن جي نشانن تان سڪ، سچ، سُرت، سونهن ۽ شعور جا لال گلابي، ترو تازه ۽ سدا بهار ڦول ڦٽندا پئي رهيا آهن، ۽ اُن وقت سنڌي ادب جي تاريخ خوشيءَ مان خمارجي ٿي وڃي ته الطاف شيخ جي صورت ۾ اهو ڀاڳ جو ڀاڱو هن جي حصي ۾ نکري نروار ٿيو آهي.
هو جڏهن مُرڪ- محبت جي مس مان ڪِلڪ ٻوڙي لکڻ لڳي ٿو ته،
هن جي قلم جي قط مان دنيا جي سڌريل سڀيتائن جا سندر ڦول ڦٽي ٿا پون.
هن جي قلم جي قط مان حيرتن جا جھان جُڙي ٿا پون.
هن جي قلم جي قط مان سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي صنف کي عُروج ٿو حاصل ٿئي.
هن جي قلم جي قط مان پڙهندڙن جي عشق کي اُتساھ ٿو حاصل ٿئي.
منهنجو ايمان آهي ته جڏهن به ڪو تاريخ جي تندن جي واڄٽ جو ويراڳي، ڪو بي طمع تخليقڪار پنهنجي عشق جي اٿل کي قلم سان ڪوزي ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان ويل ڀٽائي صاحب ان جي ڀر ۾ اچي بيهي رهندو آهي ۽ الطاف ته آهي ئي ڀٽائيءَ جي ڀر جو رهواسي، پيار جو پاڙيسري ۽ ڀٽائيءَ جي سامونڊيءَ جو اهو مڻياندار مانجھيئڙو جنهن جي ڪيترن ئي ڪتابن خاص ڪري شروعاتي ڪتابن جا نالا لطيفي لات جي سُر سامونڊي ۽ سُر سريراڳ تان کڻيل آهن. مثال طور:

• وايون وڻجارن جون.
• بندر بازاريون.
• سمونڊ جي سيوين.
• سي ئي جوڀن ڏينهن.
• سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين.
• سانباهو سمونڊ جو.
• چنڊ چوانءِ سچ.
• بندر ديسان ديس.
• دنگيءَ منجھ درياءُ.
• جِتِ جر وهي ٿو جال.
• موج نه سهي مڪڙي.
• خبرون کيڙائن جون.
• اوهريا جي عميق ڏي، وغيره وغيره.

نه رُڳو اهو پر سنڌ جي هن ابن بطوطا وقت به وقت پنهنجي ڌرتيءَ جي ادبي اوشاقن کي پرڏيهي، “فڪشن” ۽ “فوڪ وزڊم” (Fiction and Folk Wisdom) سان به خوب پئي روشناس ڪرايو آهي. مثال:

• لنڊن تائين لفٽ.
• ٻارن جون ڪهاڻيون.
• مس سدابهار چمبيلي.
• جپان جي گيشا گرل.
• هيلسنڪيءَ جي حسينا.
• جل پريءَ جي اڳڪٿي.
• ڏاهي جھرڪي ۽ ٻيون ڪهاڻيون،
• سوزيءَ سان پيار، وغيره وغيره.

۽ سامونڊي سڱ، آهي گوندر گاڏئون.

جي تلخ تجربن مان هن کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪير واقف هوندو! مون کي اهو به يقين ٿيڻ لڳندو آهي ته الائي ڪيترن موقعن تي هن جي دل جي تار ضرور تڙپي تانگيو هوندو ته:
اتي اڻتارن، ساهڙ سير لنگهاءِ تون.

اڄ جي دور حاضر جي جديد سنڌ باد جھازيءَ تي لکندي الائي ڇو مون کي فيض احمد فيض جو اهو نظم ڏاڍو شدت سان هانءَ تي هُري رهيو آهي ته:

وہ لوگ بہت خوش قسمت تھے
جو عشق کو کام سمجھتے تھے
یا کام سے عاشقی کرتے تھے
ہم جیتے جی مصروف رہے
کچھ عشق کیا کچھ کام کیا
کام عشق کے آڑے آتا رہا
اور عشق سے کام الجھتا رہا
پھر آخر تنگ آ کر ہم نے
دونوں کو ادھورا چھوڑ دیا

۽ مانواري الطاف سائينءَ تي به عشق اهڙيون عطائون پئي اوتيون آهن، جو هن جو پروفيشنل پيشو عشق ۽ عشقُ وري پروفيشنل پيشي ۾ پيهي پئي ويو. ائين هن سروس کي عشقُ ۽ عشق کي عبادت سمجھي پئي سرانجام ڏنو هو. پر پوءِ به فيض جيان:
پھر آخر تنگ آکر ہم نے،
دونوں کو ادھورا چھوڑ دیا۔
جھڙو ڪفر نه ڪمايو هو، هو فيض جي فڪر کي احترام جي نگاھ سان ته ضرور ڏسندو رهيو هوندو، پر مون کي يقين آهي ته پرھ جي پهر ۾ پکين سان گڏ جاڳڻ ويل هن فقط ۽ فقط لطيفي لات جي مئخاني جي مڌ مان سِڪ ۽ سونهن جون سُرڪيون پي ضرور پئي سرور حاصل ڪيو هوندو.

مڌ پيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو،
پي پيالو عشق جو، سڀڪي سمجهيون سون.

ڇو ته هو فڪري طور ڀٽائي سرڪار جو پيروڪار پئي رهيو آهي، ڇو ته هو عاشق آهي ۽ عشق ۾ اجرتن جي طلب، عشق جو وڙ ئي ناهي هوندو. عشق جي سونهن ۽ سندرتا صرف “ڏيڻ ۽ پيش ڪرڻ” ۾ هوندي آهي.
ڏيندي ڏاتارن جيان، وٿي پوي نه وچ،

ائين الطاف سائين به سڪ ۽ سچائيءَ مان سفرنامن جي صورت ۾ علم ۽ ادب جي صورت ۾ ڄاڻ جو خزانو ڏيندي نه ٿڪيو آهي. مٿي مون چيو ته هو فڪري طور ڀٽائيءَ جو پيروڪار ئي رهيو آهي، جو هو “سک نه ستا ڪاپڙي” واري فلسفي مان پچي رچي راس ٿيل شخص آهي.
فڪري طرح: اونهي ۾ اوهري، ڪهي ڪچي ساڻ،
سپڪ جو، سيد چئي، پڇي نه پرياڻ،

جو پڪو پوئلڳ آهي، ڇو ته هن کي سُڌ آهي ته “ڪپر پڇن ڪُوڙيون” ۽ عشق صرف دل جي نيڻن سان ئي پيو پَسندو آهي، جنهن کي هر جاءِ رڳو پرين ئي پرين (مقصد) پيو نظر ايندو آهي، ۽ عاشق کي پرينءَ بنا ٻي ڪا سُڌ ٻُڌ ئي نه رهندي آهي.

عشق واريون عبداللطيف چئي سُڌ نه کڻن ساڻ.
۽ ٻيو هن جو فڪري رهبر اياز آهي، اياز جيڪو ويهين ايڪيهين صديءَ جي سنڌ جي پاڻ سڃاڻڻ وارين پڪارن جي پڙاڏن جو با جرئت آواز آهي، جيڪو هن کي محڪم يقين جا سوين سندر سورج مُکي پيو آڇيندو آهي ته:
درياءُ اندر جا دهشت آ، ڪنهن ڏينهن قيامت ٿي ويندي،
ته پوءِ....! پوءِ ڇا ٿيندو...!!!؟؟ اياز سونهون ٿيندي سمجھائيس ٿو ته:
رڳو تون ۽ مان هن سنڌوءَ ۾، ڪا لھر اڀاري ويندا سين.
اها به حقيقت آهي ته مان پيار جا پيچرا وٺي الطاف سائين جي گوناگون شخصيت ڏانهن وک وک وڌيو آهيان،
کهي جا کنيائين، وک تنهن ويجهي ڪئي.
مون جڏهن به الطاف سائين جي اڻکٽ ۽ اجھاڳ عشق تي پنهجي نينهن جي ناقص نگاھ پئي وڌي آهي ته هو هميشه مون کي ڀٽائيءَ جي نينهن - پرور ناکئي جي سدا ملوڪ صورت ۽ سٻاجھي سيرت ۾، پنهنجي ئي هن وائيءَ جو چٽو پٽو عڪس ۽ اولڙو لڳو آهي.

جديد سنڌ باد جھازي، الطاف شيخ جي نانءُ!

وائــي.

خوشبو ٽيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
هالا حيرت ۾ وجھي، اَنڌ اُکيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
موٽي مٺي پار کان، کارو کيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
اونهي هر اوڙاھ سان، جُنبي جھيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
سُرتَئون سري راڳ جون، وايون ڇيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
مهڪي پارسَ پيار جا، ماڻڪ ميڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
لهرن جي هر لوچ جا، انگ اُکيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
پرکنڊ مان پڌري ڪري، سُرت سهيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، پيار پکيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
سپنن جي سنسار مان، گوندر گيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
روح، محبت، راڳڻيون، ڇوهان ڇيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.
سنڌوءَ جي سرکنڊ جا، ٽانگر ٽيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جھوليءَ ۾.

(علي نواز ڏاهري، فون 03003216296 )
سڪرنڊ، 23 سيپٽمبر 2019

يورپ مان حج لاءِ پنڌ نڪتل هڪ مسلمان

ائين به نه آهي ته پيرين پنڌ حج فقط اڳئين زماني جي ماڻهن ڪيو ٿي ۽ اڄ نٿا ڪن. ڏٺو وڃي ته اڄ به ڪيترائي ماڻهو ڊگها پيدل سفر ڪن ٿا .... خاص ڪري حج لاءِ. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جا ماڻهو شوق خاطر پيدل حج وڃن ٿا ۽ پراڻي دور ۾ غربت ڪري. ٻنهي ۾ عقيدت جو عنصر ساڳيو ملي ٿو. بنا عقيدت جي ايڏو ڊگهو سفر ڪرڻ ۽ ان ڏکي سفر جون تڪليفون سهڻ ايترو آسان ناهي. اڳئين دور ۾ رستو ڀلجڻ، جنگلن ۽ رڻ پٽ ۾ رات گذارڻ، ٽيليفون ۽ رابطي جي سهوليت نه هجڻ جهڙا مشڪل هئا ته اڄ جي دور ۾ جاسوسي جا الزام ٿا لڳن ۽ اسان جهڙن ملڪن جو ماڻهو ايران، عراق، ڪويت، سعودي عرب، عمان جهڙن ملڪن ۾ قدم ٿو رکي ته مقامي پوليس ۽ اميگريشن اهو ئي ٿي سمجهي ته هي واپس نه ويندو ۽ اتي ئي ترسي پوندو يا ڪسٽم وارا شڪ ۾ رهن ٿا ته خبر ناهي پنهنجي جسم اندر يا بوٽن ۽ ٿيلهن ۾ چرس ۽ هيروئن جهڙيون نشي آور شيون سمگل ڪري آيو هجي. اڄ ڪلهه ان قسم جو سفر طيءِ ڪرڻ لاءِ انهن ملڪن جي ويزا اڳواٽ حاصل ڪرڻ ضروري آهي جن مان لنگهي سعودي عرب پهچجي ٿو. هڪ ٻي ڳالهه! اڳ ۾ حج جي پيدل سفر لاءِ فقط ننڍي کنڊ جا ماڻهو نڪتا ٿي پر اڄ ڪلهه يورپ جا مسلمان پڻ حج جي سفر لاءِ پيدل نڪرن ٿا. ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جي سهولت ڪري هو پنهنجي روز جي سفر ۽ پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جو احوال پنهنجن دوستن ۽ عوام کي فيس بڪ ۽ ٽويٽر ذريعي ڏيندا رهن ٿا.
2012ع ۾ بوزنيا جو هڪ 47 سالن جو ’سيناد حاذق‘ نالي مسلمان پنهنجي ڳوٺ Banovici کان حج ڪارڻ مڪي لاءِ نڪتو هو. هونءَ يورپ جي ملڪن ۾ البانيا ۽ بوزنيا ۾ ڪافي مسلمان آهن. منهنجو به بوزنيا ۽ ڪروشيا ملڪن جي شهرن سراجيوو، زگرب، اسپلٽ ۽ رائيڪا ۾ 1960ع ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ ڪافي وڃڻ ۽ رهائش ٿي پر انهن ڏينهن ۾ بوزنيا، ڪروشيا، سربيا، مونٽي نيگرو، مقدونيا (مئسيڊونيا) ۽ سلووينيا وغيره جيڪي 1980ع بعد اڄ ڌار ڌار ملڪ آهن، اهي سڀ هڪ ملڪ ”يوگوسلاويا“ ۾ آيا ٿي جيئن USSR ۾ تاجڪستان، ازبسڪتان، ترڪمنستان، روس، ڪرغستان، جارجيا وغيره اچي ويا ٿي. اسپلٽ ۽ رائيڪا اڊريارٽڪ سمنڊ جي ڪناري وارا شهر آهن. اسپلٽ ۾ اسانجو نئون جهاز ”سندربنس“ ٺهيو هو ۽ ان جي مرمت لاءِ اسان هميشهه ان جهاز کي اسپلٽ شهر جي شپ يارڊ ۾ وٺي ويندا هئاسين ۽ زگرب مان اڪثر سامان Cargo کڻڻ ويندا هئاسين. رائيڪا ۾ مئريٽائيم اڪيڊمي به هئي جتان اسان جي هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ شهاب دين هڪ سال اسان سان گڏ چٽگانگ مان پڙهي باقي تعليم رائيڪا مان حاصل ڪئي هئائين. اسان جن ڏينهن ۾ رائيڪا ويندا هئاسين انهن ئي ڏينهن ۾ حيدرآباد جي هڪ سنڌي نوجوان محمد انور ميمڻ نالي گرئجوئيشن ڪري جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي. هن اسان کي رائيڪا شهر خوب گهمايو جتي ڪيتريون ئي مسجدون نظر آيون. هن اتي جي هڪ مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ منهنجا شروعاتي ڪتاب طارق اشرف ڇپيندو هو. سال ٻن بعد فيروز ميمڻ ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان ڇپڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ هڪ دفعي جڏهن منهنجو حيدرآباد اچڻ ٿيو ۽ فيروز سان ملاقات ٿي ته هن ٻڌايو ته يوگوسلاويا (هاڻ ڪروشيا) ۾ جنهن جهازران محمد انور ميمڻ سان اسان جي ملاقات ٿي هئي اهو سندس وڏو ڀاءُ آهي جنهن کي انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي رهاڪو وزير ۽ سندن مائٽ غلام نبي ميمڻ صاحب يوگوسلاويا وڃڻ جي صلاح ڏني هئي جو ان ملڪ جي ليڊر مارشل ٽيٽو جي ان وقت جي اسان جي صدر جنرل ايوب خان سان سٺي دوست هئي ۽ هن چاهيو ٿي ته ٻن ملڪن جي وچ ۾ تعليم ۽ بزنيس ذريعي دوستي وڌي ويجھي. اهو ئي سبب آهي جو نه فقط اسان وارو سندربنس جهاز پر ٻيا به ڪيترائي ان وقت جا مشهور جهاز: ”حيدرآباد“، ”موهن جو دڙو“ جهڙن نالن وارا، يوگوسلاويا مان ٺهرايا ويا.
پاڻ دراصل بوسينيا جي همراهه سيناد حاذق جي پيرين پنڌ حج ڪرڻ جي ڳالهه پئي ڪئي ته مونکي سندس ملڪ جي نالي تان پنهنجي جواني جا ڏينهن ياد اچي ويا جيڪي مون سندس خوبصورت ملڪ ۾ گذاريا ۽ منهنجي لاءِ اها هڪ نئين ڳالهه هئي ته يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ ايترا مسلمان ۽ مسجدون نظر اچن. ان وقت تائين يعني پنهنجي چوويههَ پنجويههَ سالن جي ڄمار تائين مون سمجھيو ٿي مسلمان فقط عرب ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ آهن. پوءِ خبر پيئي ته بوزنيا ۾ اسلام جي پراڻي تاريخ آهي. هتي جي مڪاني ماڻهن جو اسلام سان واسطو پنڌرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ٿيو جڏهن ترڪيءَ جي ”سلطنت عثمانيه“ بلقاني رياستن سان گڏ بوزنيا ۽ هرزيگووينيا کي به فتح ڪيو. هن وقت به بوزنيا ۾ 30 لک مقامي ماڻهو مسلمان آهن جن ۾ وڏو تعداد سني (حنفي فرقي جا) آهن. ان کان علاوه ڪجهه جو تعلق شيعا اثنا عشري سان آهي. مسلمان بوزنيڪ سڏجن ٿا ان کان علاوه ”سرب“ رهن ٿا جيڪي آرٿوڊڪس عيسائي سڏجن ٿا ۽ ٻيا ”ڪروٽ“ آهن جيڪي رومن ڪئٿولڪ آهن.
ترڪي جي سلطنت عثمانيا جو بوزنيا تي 1463 ڌاري قبصو ٿيو. ان وقت هتي جا رهاڪو عيسائي هئا ۽ پوءِ هڪ صدي ۾ ترڪن جي اثر هيٺ مسلمان ٿيندا ويا. 1600 تائين بوزنيا جي اڌ کان وڌيڪَ آدم شماري مسلمان هئي. بلقاني رياستن مان جيڪي ترڪي جي قبضي ۾ هيون انهن ۾ سڀ کان گهڻا مسلمان بوزنيا ۽ البانيا ۾ ٿيا. ٻين رياستن بلغاريا وغيره ۾ جيڪي مسلمان ٿيا انهن رياستن کي خود مختياري ملڻ بعد اهي مسلمان وري عيسائي ٿي ويا يا انهن کي ماريو ويو يا ڏيهه نيڪالي ڏني وئي. انهن ئي ڏينهن جي شروعاتي سفرنامن ۾ آئون لکي چڪو آهيان ته بلغاريا جي شهرن جي مسجدن کي تالا لڳل نظر آيا يا انهن کي گهر ڪري رهائش اختيار ڪئي وئي هئي. هاڻ جي خبر نه اٿم پر انهن ڏينهن ۾ پولنڊ، يوگوسلاويا، بلغاريا، رومانيا وغيره تي روسي ڪميونسٽن جو راڄ هو ۽ هنن ڪنهن به مذهب کي قائم ٿيڻ نٿي ڏنو.
ائين ته بوزنيا جي شهرن جون به ڪافي مسجدون ڊٺل نظر آيون خاص ڪري هڪ آڳاٽي مسجد فرحاديجا. 1998ع کانپوءِ ملڪ جي آئين مطابق هر هڪ کي مذهب جي آزادي ملڻ بعد چوڌاري ڪافي خوبصورت مسجدون نظر اچن ٿيون ۽ اسڪولن ۾ اسلام بابت پڻ پڙهايو وڃي ٿو.
بوزنيا جي گادي جو شهر سراجيوو (Sarajevo) آهي. دراصل هن پاسي J جي اچار کي I پڙهيو وڃي ٿو. جيئن Jogoslavja يوگوسلاويا آهي پر جيئن ته اسان جا ماڻهو ان کي ”جوگوسلاوجا“ پڙهن ٿا سو آئون به هتي سراجيوو ئي لکندو هلان. هن شهر جي ”مسجد استقلال“ سڀ ۾ وڏي آهي جيڪا انڊونيشيا جي شهر جڪارتا وارري ”مسجد استقلال“ جي ڪاپي آهي ۽ اها مسجد انڊونيشيا جي ماڻهن ۽ حڪومت بوزنيا وارن کي ٺهرائي ڏني آهي جنهن کي هتي جا مقامي ماڻهو ”انڊونيشي مسجد“ ۽ ”سهارتو مسجد“ به سڏين ٿا. 1995ع ۾ جڏهن صدر سهارتو بوزنيا جي صدر ”علي ياعزت بيگ“ سان ملڻ آيو هو ته ان وقت هيءَ مسجد تحفي طور ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. 1998ع ۾ سهارتو کي حڪومت مان ڪڍڻ بعد هن مسجد تي ڪم هلڻ رڪجي ويو هو پر پوءِ نيٺ 2001ع ۾ هيءَ مسجد مڪمل ٿي.
نمازين جي تعداد کان ڏٺو وڃي ته بوزنيا جي گادي واري شهر ۾ سڀ کان وڏي مسجد ”شاهه فهد مسجد“ آهي جيڪا سعودي عرب وارن بوزنيا وارن کي ٺهرائي ڏني آهي. جيئن اسان وٽ اسلام آباد ۾ فيصل مسجد آهي. هتي جي مسجدن ۾ هڪ ترڪن جي ڏينهن جي وڏي ۾ وڏي تاريخي مسجد ”غازي هسرو بيگ مسجد“ پڻ آهي جيڪا سلطنت عثمانيا جي عمارتسازيءَ جي نمائندگي ڪري ٿي. هيءَ مسجد Sarajevo شهر جي بلڪل وچ ۾ آهي جيئن کڻي سمجھو ته ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ واري ميمڻ مسجد.
”غازي هُسرو بيگ مسجد“ سن 1530 ڌاري ٺهي هئي يعني هي اهو سال آهي جنهن ۾ هندوستان جي مغل بادشاهه بابر وفات ڪئي ۽ سندس پٽ همايون تخت تي ويٺو. هن مسجد ۾ مڪتب، مدرسو، حمام (پبلڪ باٿ) ۽ بيزستان (ڍڪيل مارڪيٽ) پڻ آهي. بوزنين جي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي عربي ۽ ترڪيءَ جا لفظ آهن جيئن اسان جي اڙدو سنڌيءَ ۾ آهن. مسجد، مڪتب، مدرسو ۽ حمام ته اسان وٽ به عام لفظ آهن پر ”بيزستان“ مون يوگوسلاويا يعني هنن بلقاني رياستن ۾ ٻڌو. ٿي سگهي ٿو اهو ترڪ يا فارسي جو لفظ هجي. هتي اها به تاريخي حقيقت لکندو هلان ته دنيا جي هيءَ پهرين مسجد آهي جنهن ۾ سڀ کان پهرين 1898 ۾ اليڪٽرسٽي آئي. انهن ڏينهن ۾ بوزنيا ”آسٽرو هنگري“ سلطنت جي قبضي ۾ هو. بعد ۾ هن سلطنت الڳ الڳ ملڪن (آسٽريا ۽ هنگري) جي شڪل ۾ جنم ورتو. هتي اهو به لکندو هلان ته يورپ جي ٻين ملڪن وانگر هتي به ڪيترائي قادياني رهن ٿا ۽ هو پاڻ کي ”احمديا مسلم ڪميونٽي“ سڏرائين ٿا ۽ ٻين ملڪن جي وڏن شهرن وانگر هنن جي سراجيوو ۾ پڻ ”بيت السلام“ نالي مسجد آهي.
بهرحال يورپ جي ملڪ البانيا وانگر بوزنيا به اهڙو ملڪ آهي جنهن جا ڪيترائي مقامي گورا مسلمان آهن ۽ هو هر سال هوائي جهاز يا پاڻي جي جهاز ۾ حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ مڪي ۽ مديني ايندا رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن سيناد حاذق جهڙا عقيدت مند پيرين پنڌ حج لاءِ سعودي عرب پهچن ٿا.
سيناد حاذق کي پنهنجي ملڪ بوزنيا جي Banovici شهر کان مڪي تائين پهچڻ ۾ 3540 ميل يعني 5700 ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو جنهن ۾ هن کي 314 ڏينهن لڳي ويا ۽ هن کي بوزنيا بعد سربيا، بلغاريا، ترڪي، شام ۽ اردن مان ٿي سعودي عرب پهچڻو پيو. هن پنهنجي ضروري سامان جو ٿيلهو جيڪو پٺي سان لڙڪائي هليو ٿي ان جو وزن 20 ڪلو رکيو ٿي. هن پنهنجي روز مرهه جي سفر جو احوال جتي هن کي سهوليت ملي ٿي ته فيس بڪ ذريعي پنهنجن دوستن ۽ دنيا ۾ سندس چاهڻ وارن لاءِ لکيو ٿي.
”شام“ ملڪ مان لنگهڻ وقت هن Facebook ذريعي ٻڌايو ته شام ۾ هنگاما ۽ ڦڏا فساد هجڻ ڪري هن کي سڀني اها صلاح ڏني ته شام مان لنگهڻ بدران هو عراق کي ترجيح ڏئي، جتي وري به حالتون بهتر آهن. ”پر سفر شروع ڪرڻ کان اڳ مونکي خواب ۾ قدرت طرفان اهو ئي اشارو مليو هو ته آئون شام مان لنگهان“. حاذق ٻڌايو.
شام ڪراس ڪرڻ لاءِ هن 500 ڪلوميٽرن جو سفر طيءِ ڪيو جنهن ۾ هن کي يارهن ڏينهن لڳي ويا. ننڍن وڏن ڳوٺن کان علاوه هن کي اليپو (حلب)، حماهه، حمص ۽ دمشق شهرن مان به لنگهڻو پيو. اٽڪل ويهارو کن چيڪ پوسٽن تي کيس روڪيو ويو جن مان ڪجهه حڪومت طرفان هيون ته ڪجهه باغين طرفان.... ”پر مونکي ڪٿي به گرفتار نه ڪيو ويو،“ حاذق ٻڌايو، ”هڪ هنڌ الاسد جي فوجين مونکي بئگ کولڻ لاءِ چيو ۽ جڏهن ان مان قرآن مجيد نڪتو ۽ مون کين چيو ته آئون پيرين پنڌ حج لاءِ وڃي رهيو آهيان ته هنن مونکي ان ئي وقت ڇڏي ڏنو.“
حاذق ٻڌايو ته هُنَ هي سفر رب جي رضا خاطر، اسلام خاطر، پنهنجي ملڪ بوزنيا، پنهنجي والدين ۽ ڀيڻ ڪارڻ اختيار ڪيو. بوزنيا مان گهران نڪرڻ وقت هن جي کيسي ۾ هن سفر جي خرچ پکي لاءِ فقط 200 يورو يعني پاڪستاني 25 هزار رپين برابر رقم هئي. هن سموري سفر ۾ مسجدن، پارڪن ۽ ويندي رستي جي ڪناري تي رات جو ننڊ ڪئي ٿي. هن پاڻ سان ڪا کائڻ پيئڻ جي شيءِ نه کنئي. هن کي جتي ڪٿي نيڪ ۽ سخي ماڻهو ملندا رهيا جن هن کي ماني کارائي ٿي. ايتريقدر جو هڪ مخير کيس باءِ ايئر جدي وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ به آفر ڪئي پر حاذق اهو ئي چيو ته هن پيرين پنڌ حج ڪرڻ جي سُکا ڪئي آهي. هن سفر ۾ پاڻ سان گڏ کنيل ٿيلهي ۾ ڪجهه ڪپڙا، رات جو سفر ڪرڻ لاءِ ٽارچ، نقشا ۽ مختلف ملڪ جن مان هن کي لنگهڻو پيو، انهن جا جھنڊا کنيا ٿي ۽ قرآن مجيد پڻ ـــ جنهن ڪري هن جو شام ملڪ ۾ بچاءُ ٿي ويو نه ته کيس جاسوس سمجھي جيل ۾ ٿي وڌائونس.
”ائين ناهي ته ڪو منهنجو سفر سُک چين ۾ گذريو،“ سيناد حاذق ٻڌايو، ”ٻن هنڌن تي مونکي مار به ڏني وئي ۽ هڪ هنڌ مون تي پٿر به اڇلايا ويا. ويندي پنهنجي ملڪ سربيا جي ڪجهه غير مسلم علائقن مان لنگهندي مونکي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو. ترڪي ۾ باسفورس سمنڊ مٿان ٺهيل پُل تان پيرين پنڌ ڪراس ڪرڻ جي اجازت ملڻ لاءِ مونکي ٻه ٽي هفتا انتظار ڪرڻو پيو ۽ اردن ۽ سعودي عرب جي بارڊر وٽ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي ٻه مهينا ترسڻو پيو.“
سيناد حاذق سال 2011ع جي ڊسمبر ۾ پنهنجو گهر ڇڏيو. ان وقت يورپ ۾ سخت سردي جي موسم هئي ۽ بلغاريه ۾ ٿڌ جو پڌ ڪاٽو ٽيهه (-300c) هو. هو ستن ملڪن مان ٿيندو سال 2012ع ۾ آڪٽوبر جي مهيني ۾ سعودي عرب پهتو. سعودي عرب ۾ ته وري به ايڏي گرمي نه هئي پر ان کان اڳ واري ملڪ اردن ۾ گرميءَ جو پڌ واڌو چاليهه ڊگريون (+400c) هو جيڪو هڪ يورپي ماڻهوءَ لاءِ تمام گهڻو سمجھڻ کپي خاص ڪري ان لاءِ جنهن اهڙي گرم موسم پهريون دفعو محسوس ڪئي هجي.
مٿي ترڪيءَ ۾ ”باسفورس سمنڊ“ مٿان ٺهيل پل تان لنگهڻ جو ذڪر آيو آهي. بوزنيا جي هن حاجي صاحب سيناد حاذق جي پيرين پنڌ حج جي ڪهاڻي ته اتي ختم ٿي. هن جي مڪي پهچڻ تي وڏي آڌر ڀاءَ ڪئي وئي ــــ خاص ڪري ان ڪري به جو هو يورپي هو. اسان جو ڪو پاڪستاني ان معاملي ۾ سوچي سمجھي قدم کڻي جو اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جا ماڻهو ٻين ملڪن ۾ غير قانوني طرح گهڙڻ (هيومئن ٽرئفڪنگ) ۽ سمگلنگ جي وارداتن ۾ ايترو بدنام ٿي چڪا آهن جو هر ملڪ قانوني طرح ايندڙن کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

دبئي شهر ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي جهڙو هو

صدين تائين عرب ملڪ ڪي امير نه هئا. سعودي عرب ۾ ته وري به مسلمانن جي پاڪ شهرن مڪي ۽ مديني جي ڪري دنيا جي مسلمانن جي حج ۽ عمري لاءِ آمد لڳي رهي ٿي ۽ هڪ قسم جي ”ٽوئرزم انڊسٽري“ واري ڪمائي ٿي وئي ٿي .... يعني ڌاريان ماڻهو آيا ٿي ۽ هنن رهائش، کائڻ پيئڻ ۽ سوارين پٺيان پئسو خرچ ڪيو ٿي. باقي دبئي ۽ دوحا جهڙين عرب رياستن ۾ ته سڃ پئي واڪا ڪيا .... چوڌاري ريتي ۽ واري ٿي نظر آئي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جهاز تي نوڪري شروع ڪيم ته منهنجو پهريون دفعو دبئي وڃڻ ٿيو ته ان وقت جي دبئي سنڌ جي ٿري شهرن مٺي ۽ ڇاڇري کان به گهٽ، اڄ به منهنجي اکين اڳيان ڦري رهي آهي جيڪا بيان ڪندس ته ڪيترا اڄ جا نوجوان يقين نه ڪندا. پر اهو آهي ته زمين هيٺان نڪتل پيٽرول جي پئسي جي اچڻ جي هلڪي شروعات ٿيڻ لڳي هئي جنهن صحيح معنيٰ ۾ 1970ع واري ڏهاڪي کان زور وٺڻ شروع ڪيو ۽ جتي ڪٿي ”پيٽرو ڊالرن“ جون ڪرامتون نظر اچڻ لڳيون.
1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ دبئي ۾ ڪي يورپي يا آمريڪن نظر نٿي آيا. مقامي عربن کان علاوه ننڍي کنڊ جا سنڌي ۽ گجراتي هندو واپاري ۽ دڪاندار هئا .... اهڙيءَ طرح پورهيت ۽ مزدور سنڌي مسلمان، ڪڇي، مڪراني، سک ۽ پٺاڻ نظر آيا ٿي. ان کان علاوه ڏکڻ هندستان جا تامل جيڪي سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ته جام آهن، دبئي ۾ پڻ ڪجهه نظر آيا ٿي جن لاءِ ٻين ٻڌايو ٿي ته هتي جي ڪنهن عرب شهزادي ڪنهن تامل ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ڪري اتي جي ماڻهن کي دبئي ۾ سٺيون سهولتون ڏنيون آهن. تقريبن سڀ ماڻهن، عربن سميت، اڙدو ڳالهائي ٿي.
دبئي ۾ پيٽرول جو پئسو اچڻ ڪري، ان جي ترقي لاءِ هڪ طرف مختلف ملڪن کان سامان اچڻ شروع ٿيو ته ٻئي طرف ڪَمين ڪاسبين جي آمد. اسان جو جهاز هڪ دفعو ته بيروت مان سيمنٽ جا پائيپ کڻي آيو ته هڪ دفعي ڪراچي کان سيمنٽ جي ڳوڻين سان ڀرجي آيو. دبئي جو بندرگاهه اڃان اڄ جهڙو ماڊرن نه ٿيو هو جتي ايڏي سامان سان ڀريل جهاز وڌ ۾ وڌ ٽن چئن ڏينهن ۾ خالي ٿي وڃي. ان وقت اهو بندرگاهه فقط ڪاٺ جي ننڍن ٻيڙن لاءِ هو. اسان جي 30 هزار ٽنن واري جهاز جي بيهڻ لاءِ ته ڪو ڌِڪو (Jetty) به نه هو. بندرگاهه کان ٿورو ٻاهر لنگر ڪيرائي بيهڻو پيو ٿي جتان ٻيڙين ۽ بارجن ذريعي سامان بندرگاهه ويو ٿي ۽ هر دفعي جهاز ٽي چار هفتا ترسيو ٿي. اسان پاڻ به ٻيڙيءَ رستي ڪڏهن صبح پهر ته ڪڏهن شام جو پنهنجي جهاز کان بندرگاهه پهچي دبئي جا چڪر هڻندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ اڃان ڪمپيوٽر ته ڇا وڊيو ڪئسٽ به ايجاد نه ٿيا هئا. دبئي شروع کان ڊيوٽي فري رهيو آهي .... عربن کي ڊيوٽي ۽ ٽئڪس اوڳڙ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي جڏهن سندن پيرن هيٺان پيٽرول جون نديون وهڻ لڳيون. ان ڪري غريب غُربي هتي جي بازارين مان خريداري ڪئي ٿي. ان وقت جون اهم شيون هونديون هيون؛ جپان جون سيڪو ۽ سٽيزن واچون، انگلنڊ ۽ آمريڪا جون وان هوزن ۽ ايئرو برانڊ وارن نالن جون قميصون، انڊيا جون ساڙهيون، هانگ ڪانگ جا پلاسٽڪ جا گل ۽ تونئريون (Mats)، سنگاپور جا دو نمبري عطر ۽ ميڪ اپ جون شيون وغيره.
اسان انهن ڏينهن ۾ نئون نئون جهاز Join ڪيو هو ۽ بيحد جونئر پوسٽ تي هئاسين. خريدراري جو نه شوق هو ۽ نه پئسو .... بازارين ۽ مارڪيٽن مان لنگهندي ۽ ٽئڪسين ۾ چڙهندي آئون دڪاندارن، گراهڪن ۽ ڊرائيورن سان خبر چار ڪندو وتندو هوس ته ”بهئي آپ ڪهان ڪي هين؟ .... ادهر ڪيسي آئي .... دبئي ڪيسا لگتا هي؟“ ڪيترن ئي سنڌين سان به ملاقات ٿي. ٻن ٽن مهينن بعد جڏهن وري دبئي وڃڻ ٿيو ته انهن ساڳين ساڳين همراهن سان وري وري ملاقات ٿي جن مان ڪي دڪاندار هئا .... سندن دبئي ۾ ننڍو ننڍو ڪاروبار هو .... ڪي پورهيت مزدور هئا .... خاص ڪري گهوٽڪي، جيڪب آباد، سبي پاسي جا سنڌي مسلمان يا بلوچ .... جن دبئي جي گرميءَ ۾ به ”هوملي“ محسوس ڪيو ٿي.
ڪمال جي ڳالهه اها ته ان بعد منهنجي ڪنهن به جهاز جو هنن بندرگاهن ۾وڃڻ نه ٿيو. دبئي لاءِ ٻڌندو رهيس ته هاڻ هينئن ٿي وئي آهي .... هاڻ هونءَ ٿي وئي .... ستر جو ڏهاڪو گذري ويو .... اهڙي طرح اسي جو، نوي جو .... منهنجي جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ٿي ته ان جي روٽ ڏور اوڀر جي ملڪن جپان ڪوريا ڏي ٿي وئي ٿي يا يورپ ۽ آمريڪا ڏي .... نئين صدي به شروع ٿي وئي پر چند قدمن تي دبئي جو ديدار نصيب نه ٿيو. 2004ع ۾ سٺ سالن جو ٿيڻ تي رٽائرڊ زندگي اختيار ڪيم. جهاز هلائڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن موڊ ٿيڻ تي ملائيشيا ۽ سنگاپور کان دعوت ملڻ تي اتي جي تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ هليو ويس ٿي پر دبئي وڃڻ ڪڏهن نصيب نٿي ٿيو جنهن لاءِ روز خبرن ۾ ۽ دوستن کان ٻڌندو هوس ته اهي شهر (دبئي، دوحا ۽ ابوڌابي) هاڻ 1960ع جي ڏهاڪي وارا ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي ۽ ڏوڪري نه رهيا آهن پر ڪوالالمپور ۽ سنگاپور وانگر سونهن، صفائي، امن امان، ماڊرن سهولتن جي خيال کان يورپ ۽ جپان جا شهر ٿي پيا آهن. دبئي ۾ هاڻ چوڌاري رڳو ريتي نظر نٿي اچي پر ساوڪ، وڻ ٽڻ، گل گلڪاريون به آهن.
ٻه سال اڳ منهنجو داڻو پاڻي دبئي ڏي ٿيو. ڊاڪٽر عبدالقادر سرڪي ۽ امداد بلوچ جي دعوت تي آئون باءِ ايئر دبئي ويس .... يعني ان دبئيءَ کي اٽڪل چاليهه پنجيتاليهه سالن بعد ڏسڻ ويس جيڪا آخري دفعو مون 69-1968ع ڌاري ڏٺي هئي. ٻين ڳالهين ۽ تاثرن جو احوال ٻئي هنڌ .... نون ماڻهن سان ملڻ ۽ عمارتن جي ڏسڻ جو احوال پڻ ٻئي هنڌ ڪبو .... هتي فقط انهن ٻن پراڻن ماڻهن مان هڪ جو احوال ڪندس جن مونکي دبئيءَ ۾ ڳولي لڌو .... جن سان منهنجي 45 سال اڳ دبئي ۾ ملاقات ٿي هئي .... هڪ مورج منگھناڻي جنهن جو تن ڏينهن ۾ دبئي ۾ ننڍڙو دڪان هو. اليڪٽرسٽي عام نه هجڻ ڪري هن جي ننڍڙي آفيس ۾ رکيل ريفريجريٽر گاسليٽ تي هلندو هو. هن اها فرج ڪجهه سال اڳ عدن مان گهرائي هئي. يمن جيڪو اڄ ڪلهه قنبر، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن جهڙو ڀڙڀانگ، جھيڙن فسادن ۽ اغوائن جي وارداتن جي علامت آهي اهو 1960ع واري ڏهي کان اڳ تائين خوشحال ملڪ هو جنهن جي بندرگاهه عدن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اڄ وارا سنگاپور، بئنڪاڪ، ڪوالالمپور (پورٽ ڪلانگ) جهڙا بندرگاهه انهن ڏينهن ۾ ڪجهه به نه هئا. بس سمجهو ته سنڌ جا هالا پراڻا، درٻيلو، مورو ڪنڊيارو هئا. اسان جي ايشيا ۾ عدن، شنگھائي ۽ ڪولمبو بندرگاهن جي ايڏي ته هاڪ هئي جو يورپ جا سياح اهي بندرگاهه ڏسڻ جون سڌون ڪندا هئا. اهو به لکندو هلان ته انگريز راڄ ۾ عدن به سنڌ وانگر هڪ وڏو عرصو ”بمبئي پريزيڊنسي“ سان لاڳاپيل رهيو جيئن سنگاپور ”مدراس پريزيڊنسي“ سان هو.
مورج منگھناڻي اڄ دبئي جي اتم درجي جي امير واپاري ماڻهن مان آهي جنهن جو ڪاروبار سڄي دنيا سان هلي ٿو. مورج ۽ سندس ريفريجريٽر سندس واپار ۽ سندس ڪمپني جي مئنيجر _ سنڌي ۽ انگريزي جي اديب رام بخشاڻي وغيره جو احوال به ٻئي هنڌ ڪنداسين. هتي فقط سڪرنڊ تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”گولو ڏاهري“ جي همراهه حاجي ڪوري (سڄو نالو: حاجي الهه بچايو ڪوري) جو ڪنداسين .... خاص ڪري سندس پيرين پنڌ حج جو.
حاجي ڪوريءَ سان منهنجي جڏهن 1968ع ۾ پهريون دفعو دبئي ۾ ملاقات ٿي ته هو مونکي با اخلاق، محنتي ۽ انسان ذات جو خيال رکڻ وارو ۽ غربت ۾ به صبر ۽ رب پاڪ جو شڪر ڪرڻ وارو لڳو. ان وقت هو ويهن سالن جو نوجوان هو. يعني مونکان ٽي چار سال ننڍو هو. هن کي مٽيءَ مان رانديڪا ۽ پني مان ڦرموٽيون ٺاهڻ آيون ٿي جن کي هڙ ۾ کڻي پيرين پنڌ عربن جي پاڙن ۾ هوڪا ڏئي عربن جي ٻارن کي وڪڻي پيٽ گذر ڪيو ٿي. هن شخص محنت ۽ فقط محنت سان پنهنجي قسمت ٺاهي. هن پورهيا ڪيا ۽ دبئي جي ترقي سان گڏ هو پنهنجو ڪاروبار به وڌائيندو ويو. هاڻ جڏهن دبئي ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي ته هو 64 سالن جو ڪراڙو ٿي چڪو هو ۽ ”نجود جنرل ٽريڊنگ ڪمپني“ جو مالڪ هو. سندس آفيس دبئي شهر جي وچ ۾ هئي جيئن سمجھو ته ڪراچي جوصدر يا بولٽن مارڪيٽ وارو اهم علائقو آهي. سندس ڪم ۾ سندس ڀاءُ مبين ڪوريءَ ۽ ننڍي پٽ پيار علي مدد ڪئي ٿي.
جيڪي ماڻهو سڪرنڊ ۾ رهن ٿا يا سڪرنڊ مان لنگهن ٿا اهي حاجي ڪوريءَ جي ٺهرايل شادي هال کان ضرور واقف هوندا جيڪو هن وفات کان ڪجهه سال اڳ ٺهرايو. سندس وفات گذريل سال ٿي آهي. حيدر آباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ سندس گهر ”ڪوري هائوس“ جو مين روڊ تي لڳل بورد به اتان لنگهندڙ ڏسندا هوندا. سندس وڏو پٽ احمد علي ان ۾ رهي پنهنجي زمينن ۽ ٻئي ڪاروبار جي سار سنڀال لهي ٿو.
” ماڻهو توکي حاجي ڇو ٿا سڏين؟“ مون کانئس پهرين ملاقات ۾ ئي پڇيو هو.
”ان ڪري جو مون حج ڪيو آهي.“ هن کلندي چيو. پوءِ هن پنهنجي حج جي ڪهاڻي ٻڌائي جنهن دراصل سندس حالتن ۾ موڙ آندو ۽ کيس دبئيءَ کان آڻي ڪڍيو.

دبئي جي ترقي کان اڳ پهتل هڪ سنڌي

اڄ ڪلهه حج لاءِ هر ڪو باءِ ايئر روانو ٿئي ٿو. ڪراچيءَ مان هوائي جهاز ۾ چڙهي ٿو ته ٽن ڪلاڪن بعد جدي ايئرپورٽ تي لهي ٿو جتان پوءِ باءِ روڊ مڪي پهچيو وڃي. 1980ع تائين پاڻي وارا جهاز سفينه حجاج، سفينه عرب، سفينه عابد ۽ شمس حاجين کي ڪراچيءَ کان حج لاءِ وٺي ويا ٿي. ان کان علاوه 1970ع تائين اسان جي ملڪ جا ڪيترائي حاجي باءِ روڊ به مڪي کان وڃي نڪتا ٿي. ڪراچيءَ کان ”مڪران ڪوسٽ“ وارو ڪنارو ڏئي يا بسن ۾ ڪوئيٽا کان ٿيندي زاهدان پهتا ٿي. انهن ڏينهن ۾ ايران توڙي ترڪي جهڙن ملڪن ۾ ته اسان جا ماڻهو پاسپورٽ بنا به وڃي سگهيا ٿي جو ٽنهي ملڪن جي RCD جي بنياد تي دوستي هئي ۽ ٽئي ملڪ هڪ جهڙا خوشحال هئا. پنهنجو ملڪ ڇڏي ٻئي جي ملڪ ۾ ڪنهن به رهڻ نٿي چاهيو.
پيرين پنڌ حج تي وڃڻ وارا پاڪستان کان ايران ۽ پوءِ عراق پهتا ٿي. عراق مان ڪويت اچي سعودي عرب ۾ اتر کان داخل ٿيا ٿي ۽ دهران ۽ رياض شهرن کان ٿيندي مديني ۽ مڪي پهتا ٿي. ڪي وري ايران جي بندرگاهه ”بندر عباس“ ۾ پهتا ٿي جتان ٻيڙيءَ رستي ايراني نار وارو سمنڊ ٽپي شارجا ۽ ابو ڌابي آيا ٿي ۽ پوءِ عمان ۾ گهڙيا ٿي جتان سلالا شهر وٽان يمن ۾ داخل ٿيا ٿي جتان پوءِ سعودي عرب ۾ گهڙيا ٿي. ڪيترائي غريب ماڻهو ۽ عقيدت وارا ان رستي ذريعي سالن کان پيرين پنڌ حج لاءِ مڪي تائين پهتا ٿي. انگريزن جي راڄ ۾ ته يمن جو بندرگاهه عدن هو ئي انگريزن جي قبضي ۾. بمبئي يا سورت کان ٻيڙين ۾ يا پنڌ نڪرڻ وارن لاءِ جهڙا سنڌ جا شهر ڪراچي ڪوٽڙي سکر وغيره هئا تهڙو يمن جو شهر عدن .... جو عدن توڙي سنڌ ٻئي بمبئي پريزيڊنسي ۾ آيا ٿي جن جو انتظام انگريزن بمبئي ۾ ويهي هلايو ٿي. ۽ پوءِ جڏهن ڪو عدن پهچي ويو ٿي ته هن کي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪا تڪليف نٿي ٿي جو يمن ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ عرب هڪ ٻئي سان مٽي مائٽي ۽ دوستي ڪري هڪ سمجھيا ويا ٿي. هي اوساما لادن جهڙيون فئمليون جيڪي هاڻ سعودي عرب ۾ رهيا پيا آهن سي سڀ يمني آهن.
1960ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن کان پاسپورٽ، ويزائن ۽ شناختي ڪارڊن جا چڪر شروع ٿيا ۽ بارڊرن تي وٺ پڪڙ ٿيڻ لڳي پر تنهن هوندي به گهڻي ڀاڱي هڪ ملڪ جا ماڻهو ٻئي ملڪ ۾ آيا ويا پئي. نوجوان الهه بچائي (حاجي ڪوريءَ) جي بد نصيبي چئبي جو هن وٽ سفر جا ڪاغذ پٽ يا بارڊر تي بيٺل پوليس کي رشوت ڏيڻ لاءِ پئسا ڏوڪڙ نه هجڻ ڪري کيس سندس ساٿين سميت جيل به ڪاٽڻو پيو.
حاجي ڪوريءَ جڏهن پيرين پنڌ حج تي روانو ٿيڻ جو ارادو ڏيکاريو ته هن سان گڏ هن جي ڳوٺ ”گولو ڏاهري“ ۽ ڀر وارن ڳوٺن جا ڪجهه ٻيا ڇوڪرا به هلڻ لاءِ تيار ٿيا هئا.
”اسان وٽ ڪو پئسو ڏوڪڙ نه هو“، حاجي ڪوريءَ ٻڌايو، ”ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو به غريب هئا پر مڙئي ڪنهن پنج رپيا ته ڪنهن ڏهه رپيا ڏنا. اسانجي گهڻي مدد ۽ همت افزائي سعيد آباد جي جھنڊي وارن پيرن پير وهب الله شاهه راشدي (اڄ جي گادي نشين پروفيسر پير عباد الله شاهه راشدي جي والد صاحب) جن ڪئي ۽ مون وٽ رپيا 400 کن جمع ٿي ويا. پوءِ نڪتاسين پيرين پنڌ حج لاءِ“.
حاجي ڪوريءَ ٻڌايو ته ڳوٺان مليل پئسا ته ڪڏهن ڪو ختم ٿي ويا پوءِ هو رستي تي پورهيا ڪندا هليا جن مان هنن چار پئسا گڏ ڪري پيٽ گذر به ڪيو ٿي ته ڪٿي ڀاڙو ڏئي سواريءَ ۾ به چڙهيا ٿي. بهرحال حج بعد واپسي تي حاجي ڪوريءَ کي يمن ۾ جيل به ڪاٽڻو پيو. اتان پوءِ موٽڻ تي جڏهن هنن جو شارجا، ابو ڌاٻي جهڙن هنڌن تان گذر ٿيو ته هنن ڏٺو ته اتي پئسو اچڻ ڪري عمارتون ۽ رستا ٺهي رهيا آهن جن لاءِ هنن کي مزدورن ۽ ڪمين ڪاسبين جي سخت ضرورت آهي.
”مون سوچيو ته ڳوٺ به هلي هارپو ڪرڻو آهي ۽ جهڙي گرمي ڳوٺ ۾ آهي تهڙي هتي. ۽ جڏهن هتي چار پئسا سٺا مليو ٿا وڃن ته ڇو نه هتي ئي ڪمائجي.“ حاجي ڪوريءَ چيو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي عرب جيڪي هاڻ هيڪاندا ڪنجوس ٿي پيا آهن، شروع وارن سالن ۾ پئسو اچڻ تي هنن خوب عياشيءَ تي به خرچيو ته پورهيتن کي به ڏنو ٿي. اهو ئي سبب آهي جو حاجي ڪوريءَ دبئي ۾ روزگار ڪمائڻ جو سوچيو. حاجي ڪوريءَ ٻڌايو ته هن کي ڪو خاص ڪم جهڙوڪ لائيٽ، واڍڪو، پلمبر جو يا ڪو ٻيو ته ڪونه ٿي آيو نه ته انهن ڏينهن ۾ عرب ايڏا سادا هئا جو انڊيا ۽ پاڪستان کان آيل مڪينڪ پاڻ کي انجنيئر سڏائي وڏن پگهارن تي نوڪري پئي ڪئي ۽ اهڙي طرح ڪمپائونڊر ڊاڪٽر ٿي پئي هليا. حاجي ڪوريءَ کي جتي به ڏهاڙي ملي ٿي اتي مزدوري ڪئي ٿي ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ مٽيءَ جا رانديڪا يا ڪاغذن مان ڦرموٽيون ٺاهي ٽاچنيءَ سان تيلن ۾ هڻي هُو گهٽي گهٽي ۾ وڪڻڻ لڳو. ٿوري ٿوري بچت ڪري هن هڪ هٽڙو مسواڙ تي ورتو ان بعد وڏو دڪان .... بهرحال اهي سڀ ڪم اک ٻوٽ ۾ نه ٿيا پر ان پٺيان هن کي سالن جو سفر ڪرڻو پيو جنهن ۾ هن دل لڳائي محنت ڪئي، پورهيا ڪيا، پئسو وڃائڻ بدران بچت ڪئي. سٺي طبيعت ۽ سٺي عربي سکي وڃڻ ڪري هن کي ڌارين توڙي دبئي جي مقامي ماڻهن تمام گهڻو پسند ڪيو ٿي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته هن جي سڄي زندگي پورهين ۾ گذري. چاليهه کن سالن جي گئپ بعد جڏهن آئون هن کان به وڌيڪ پوڙهو ٿي چڪو هوس ته هو به شڪل ۾ سو ڪراڙو ضرور نظر آيو، پر سندن ڳالهيون ۽ چرچا ڀوڳ اهي ئي جوانن وارا هئا. سندس وفات کان فقط ڪجهه مهينا اڳ جيڪا منهنجي ساڻس آخري ملاقات ٿي اها حيدرآباد ۾ ٿي. اتي به اهي ئي ڪچهريون ۽ کل ڀوڳ. آئون ملائيشيا وڃي رهيو هوس. چيومانس ته ”حاجي صاحب موٽندي توهان سان ڏينهن ٻه رهي تفصيلي خبرون وٺندس. فقط توهان جي خبرن سان ئي منهنجو ڪتاب مڪمل ٿي ويندو.“
”پر آئون ته ايندڙ هفتي دبئي وڃي رهيو آهيان“ حاجيءَ مونکي اهو ڏينهن پاڻ وٽ رهڻ لاءِ چيو پر آئون هميشه وانگر جلدي ۾ هوس. چيومانس ته هينئر کلي موڪلايون، ملائيشيا مان موٽڻ مهل توسان هتي قاسم آباد يا دبئي جتي هوندين اچي ملندس.
مهيني ٻن بعد ٻاهران ٿي ڪراچيءَ پهتس ته سندس ڀاءُ مبين کي دبئي فون ڪيم:
”حاجي ڪوريءَ جي خبر ڪيو .... توهان وٽ دبئي ۾ آهي يا حيدر آباد يا ڳوٺ سڪرنڊ؟ “
ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪي جواب مختصر ئي سهي ڪيڏا Shocking ٿين ٿا! مبين ڏکياري لهجي ۾ چيو: ”الطاف! حاجي صاحب مهينو کن اڳ گذاري ويو.“
اڄ به رکي رکي افسوس ٿيندو اٿم ته سالن کان پوءِ ههڙو دلبر ماڻهو مليو جنهن وٽ خبر ناهي ته ڪهڙا ڪهڙا قصا هئا .... هن دبئي کي پنهنجي اکين سان اڌ صدي لڳاتار ڏٺو ..... هو غريبن توڙي اميرن جي زندگيءَ کان واقف هو .... هن کي عربن ۽ سنڌين جي سياست جي ڄاڻ هئي .... هن جي دلچسپ ڳالهين تي ڊاڪٽر قادر سرڪي، منور لغاري، امداد بلوچ، شوڪت نظاماڻي، ظهور شجراع، منطور ٻانڀڻ ۽ مون جهڙا ڪيترائي عاشق هئا. پر اڄ اهو اڌ صدي جي ڪهاڻين جو چئپٽر ڪلوز ٿي ويو. هاڻ حاجي الهه بچائي ڪوريءَ جو پورائو نه سندس ڀاءُ مبين ڪوري ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري سندس پُٽَ: پيار علي ۽ احمد علي .....

ترڪيءَ کي يورپ ۽ ايشيا ۾ ورهائيندڙ باسفورس

هتي ڪجهه سٽون ”باسفورس“ بابت لکڻ چاهيان ٿو جيڪو لفظ ترڪي کان ايندڙ هر هڪ کان ٻڌبو آهي. جن ڏينهن ۾ اسان جهاز هلائيندا هئاسين ان وقت به، خاص ڪري ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ يا بلقاني رياستن: بلغاريا، رومانيا يا روس لاءِ بحر اسود (Black Sea) ۾ گهڙندي يا نڪرندي هر وقت باسفورس (Bosporus) ذهن تي سوار رهيو ٿي.
باسفورس هڪ ڳچي سمنڊ آهي جنهن کي اڙدوءَ ۾ آبنائي ۽ انگريزيءَ ۾ Strait سڏجي ٿو. ڳچي سمنڊ (Strait) درياهه جهڙو سوڙهو سمنڊ ٿئي ٿو جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ملائي ٿو جيئن ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي وچ واري سامونڊي گهٽي ”ملاڪا اسٽرئٽ“ يعني ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ سڏجي ٿو جيڪو ”هندي وڏي سمنڊ“ کي ۽ ”ڏکڻ چيني سمنڊ“ سان ملائي ٿو. هن ڳچي سمنڊ تي نالو ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا تان پيو جيڪو هن ڳچي سمنڊ جي ڪناري تي آهي. هن شهر ملاڪا ۾ ڏهه سال لڳاتار رهي اتي جي مئرين اڪيڊمي ۾ مون ملائيشيا جي نوجوان جهازرانن کي پڙهايو ۽ ان کان اڳ 15 سال کن جهاز هلائڻ دوران چين، ڪوريا، جپان، هانگ ڪانگ، فلپين جهڙن ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ هن ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) مان گذري ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ گهڙڻو پيو ٿي. اهڙي طرح ائٽلانٽڪ سمنڊ مان ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ”جبرالٽر ڳچي سمنڊ “ نالي هڪ سوڙهي سامونڊي گهٽي آهي جتي يورپ جو اسپين ملڪ ۽ آفريڪا جو مراقش ذري گهٽ هڪ ٻئي سان جهڙو ملن ٿا. اهڙي طرح هي باسفورس ڳچي سمنڊ آهي جنهن جي هڪ پاسي وڏو ۽ اهم سمنڊ ميڊيٽرينين آهي ته ٻئي پاسي ڪارو سمنڊ (Black Sea) جنهن ۾ روس جو مشهور بندرگاهه اوڊيسا، رومانيا جو ڪانسٽنزا، بلغاريا جو ورنا ۽ جارجيا ۽ يوڪرين ملڪن جا بندرگاهه آهن.
هي باسفورس ڳچي سمنڊ ٻين ڳچي سمنڊن کان گهڻي اهميت ان ڪري رکي ٿو جو هن جي ٻنهي پاسي فقط ترڪيءَ جو ملڪ آهي ان ڪري هن تي هڪ ئي ملڪ جو قبضو آهي جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري. ترڪي چاهي ته رومانيا، بلغاريا يا ويندي روس جهڙي ملڪ جي جهازن جو هتان لنگهه بند ڪري سگهي ٿي ۽ ان صورت ۾ انهن ملڪن جي بندرگاهن ۾ پهچڻ جي ٻي ڪا واهه واٽ ناهي. هتي اهو به لکندو هلان ته دنيا جي هر جهاز کي ٻئي ملڪ جي اندران لنگهڻ جي موڪل وٺڻي پوي ٿي. اسان کي به هر دفعي پنهنجي جهاز کي باسفورس ڳچي سمنڊ جي منهن وٽ لنگر انداز ڪري ترڪي جي حڪومت کان باسفورس ٽپي ”ڪاري سمنڊ“ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت وٺڻي پوندي هئي. گهڻي رش ڪري ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي واري لاءِ ڏينهن ٻه ترسڻو پوندو هو. ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون ته هر وقت لاتعداد پيون اچن وڃن پر سرڪاري انگ اکرن موجب گذريل سال 73000 وڏا جهاز (جن ۾ 6000 کن تيل بردار ٽئنڪر جهاز به شامل آهن) هن ڳچي سمنڊ مان گذريا. ٿلهي ليکي حساب ڪيو وڃي ته روزانو 200 جهاز ٿيا يعني ڪلاڪ ۾ 8 کن جهاز لنگهن ٿا. ذرا تصور ڪريو ته باسفورس ڳچي سمنڊ ..... درياهه جهڙي سوڙهي گهٽي جي ٻنهي ڪناري تي گهمندڙ ڦرندڙ يا گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ڪهڙو ته خوبصورت نظارو هوندو. هو ڏينهن رات هر وقت دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي خوبصورت جهاز کي پنهنجي اڳيان لنگهندو ڏسندا رهن ٿا. اهو به لکندو هلان ته اسان جهاز تي موجود ماڻهن لاءِ هن ڳچي سمنڊ مان گذرڻ وقت ٻنهي پاسي جنگل يا رڻ پٽ نه پر ترڪي جو سهڻو شهر استنبول هوندو آهي.
باسفورس جو سوڙهو سمنڊ ترڪي جي شهر استنول جي وچ مان لنگهي نه فقط استنبول کي پر ترڪيءَ کي به ٻن حصن ۾ ورهايو ڇڏي. بلڪه توهانکي اهو معلوم ڪري حيرت ٿيندي ته هي سوڙهو سمنڊ (باسفورس جو ڳچي سمنڊ) نه فقط ترڪي ۽ ان جي شهر استنبول جا ٻه حصا ڪري ٿو پر ايشيا کنڊ کي يورپ کان پڻ جدا ڪري ٿو. باسفورس جي هڪ پاسي ايشيا آهي ته ٻئي پاسي يورپ. تصور ڪريو جڏهن اسان جو جهاز باسفورس مان لنگهندو آهي ته جهاز جي هڪ پاسي يورپ کنڊ هوندو آهي ۽ يورپ کنڊ واري حصي جو استنبول شهر هوندو آهي جنهن جي روڊن تي اٽلي، فرانس، اسپين، انگلنڊ ويندي ناروي ۽ ڊئنمارڪ جهڙن يورپي ملڪن جي ٽوئرسٽن جون ڪارون نظر اينديون آهن جيڪي ترڪي گهمڻ لاءِ استنبول آيل هوندا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڪارون ترڪي کان اڳيان ايشيا کنڊ جي ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ باسفورس جي ڳچي سمنڊ کي اڪرڻ لاءِ ٺهيل ٻن پلين وٽ قطار ۾ بيٺل هونديون آهن جيئن پل ٽپڻ لاءِ ٽال ٽئڪس ڏئي ايشيا کنڊ ۾ داخل ٿين ۽ جهاز جي ٻئي پاسي ايشيا کنڊ هوندو آهي. استنبول شهر جي هن اڌ جي روڊن تي گهڻو تعداد ايشيائي ملڪن جي ڪارن جو هوندو آهي. ذرا تصور ڪريو ڪراچي جو جناح روڊ باسفورس وارو ڳچي سمنڊ هجي ها ۽ ان تان ٻيڙيون پيون هلن ها ۽ ٻنهي پاسي جيتوڻيڪ ساڳيو شهر ڪراچي ٿيو پر هڪ پاسو ڪراچي يورپ سڏجي ها ته ٻيو پاسو ڪراچي ايشيا سڏجي ها. موتن داس مارڪيٽ ۾ خريداري ڪرڻ وارن جا ڪجهه هن ريت جا ڊائلاگ هجن ها.
”ڪپڙو هتان وٺڻ بدران بولٽن مارڪيٽ ۾ سستو آهي.“
”بولٽن مارڪيٽ ڪٿي آهي؟“
”اها سامهون يورپ واري ڪراچيءَ ۾ ته آهي. پُل ٽپي هليو وڃ يا ٻيڙي واري کي ڏهه رپيا ڀاڙو ڏينس ته درياهه (ڳچي سمنڊ) ٽپائي.“
يا ڪراچي جي چڙيا گهر وٽ بيٺل همراهه دوست کي فون ڪري ها ته: ”ائون يورپ پاسي واري ڪراچيءَ ۾ بيٺو آهيان تون حيدرآباد کان ڪراچي پهچڻ تي ايشيا واري پاسي صدر جي ڪنهن هوٽل ۾ انتظار ڪجانءِ ته آئون ڏهن منٽن ۾ يورپ کان ايشيا پهچي ويندس.“ يا حيدرآباد جو صدر وارو روڊ جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ڊاڪٽرن سرجنن جو ڪلنڪون، دوائن جا دڪان، ايڪس ري ۽ لئبارٽريون آهن، اهو روڊ جيڪڏهن سنهو سامونڊي رستو باسفورس هجي ها ۽ هڪ پاسو ايشيا کنڊ ته ٻيو پاسو يورپ کنڊ هجي ها ته هن قسم جي به گفتگو ٻڌڻ ۾ اچي ها. ايشيا پاسي اکين جي ڊاڪٽر وٽ ويٺل مريض پنهنجي دوست کي ٻئي پاسي جي دڪان تان دوا آڻڻ لاءِ چوي ها ته ”ادا پل ٽپي يورپ کنڊ جي فلاڻي دڪان تان هيءَ دوا ته وٺي اچ .... آئون تيسين هن ايشيا کنڊ پاسي عينڪن جي دڪاندار کي چشمو ٺاهڻ لاءِ آرڊر ڏئي وٺان.“
ترڪي رڳو هڪڙو ملڪ ناهي جنهن جو ڪجهه حصو ايشيا کنڊ ۾ آهي ته ٻيو حصو يورپ ۾. ترڪي وانگر مصر به آهي جيڪو ايشيا ۽ آفريڪا ٻن کنڊن ۾ اچي ٿو. پر ترڪي کي هڪ تمام سوڙهو سامونڊي درياهه ڌار ڪري ٿو ۽ اهو سامونڊي رستو (باسفورس) دنيا جي هڪ خوبصورت شهر استنبول جي وچ مان لنگهي ٿو. بلڪه آئون ته اهو چوندس ته استنبول شهر باسفورس ڪري ئي وڌيو ويجھيو.
ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪرڻ وارن کي احساس هوندو ته اها جڏهن شهرن توڙي ٻهراڙيءَ مان لنگهي ٿي ته چوڌاري نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. پر ريل جيڪا 100 ميلن جي رفتار سان هلي ٿي ان مان نظارو پسڻ ايترو دلڪش ناهي جيترو پاڻي جي جهاز مان جيڪو گڏهه گاڏيءَ کان به آهستي آهستي هلي ٿو. منهنجو جن به پنج ڇهه جهازن تي باسفورس مان لنگهه ٿيو انهن جي وڌ ۾ وڌ رفتار 20 ميل هئي جيتوڻيڪ اهي جهاز ان وقت جا ماڊرن جهاز هئا. هونءَ به پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار گهٽ ٿئي ٿي. توهان جي انجڻ جي رفتار وڌائيندائو ته جهاز جو پنکو (Propeller) تکو ضرور ٿيندو پر جهاز جي اڳتي وڌڻ جي رفتار هڪ حد بعد ويتر گهٽجي ويندي ڇو جو پاڻيءَ ۾ پنکو تيز هلڻ سان خال (Cavitation) پيدا ڪري ٿو ۽ جهاز جي ڌڪجڻ جو عمل گهٽجي وڃي ٿو. سو پاڻيءَ جي جهاز جي رفتار ٽرين يا ڪار وانگر وڌي نه سگهي آهي. ويتر باسفورس جهڙن ڳچي سمندن (سامونڊي سوڙهن Passages) ۽ سئيز ڪئنال جهڙن لنگهن تان جهاز هلي ٿو ته هن جي رفتار اڌ کان به گهٽ رکي وڃي ٿي جو هوا جي تيز رفتاري ڪري يا هلائيندڙ جي بي ڌياني ڪري متان جهاز ساڄي يا کاٻي ڪپر تي نه چڙهي وڃي ۽ سڄي راهداري بلاڪ ٿي وڃي ۽ جهازن جي اچ وڃ بند ٿيڻ تي جهازن جي مالڪن کي هڪ طرف نقصان رسي ته ٻئي طرف ترڪيءَ جي ڪمائي بند ٿي وڃي. هر جهاز کي باسفورس مان لنگهڻ جي ڪافي وڏي في ترڪي جي حڪومت کي ڏيڻي پوي ٿي.
سئيز ڪئنال وانگر باسفورس جو لنگهه به پار ڪرائڻ لاءِ ترڪي جي پورٽ اٿارٽي طرفان مقامي پائلٽ (بندرگاهه جو ڪئپٽن) جهاز تي چڙهي ٿو جيڪو خبرداريءَ سان جهاز کي باسفورس ٽپائي ”ڪاري سمنڊ“ ۾ پهچي جهاز کي ڪئپٽن حوالي ڪري ٿو ۽ پنهنجي سروس چارج جي بل تي صحيح وٺي ٿو جيڪا پڻ هڪ ٻه لک رپين برابر ٿئي ٿي..... يعني روزانو فقط 200 جهاز جي اچ وڃ جو، في جهاز ٻه لک رپيا کن سان لڳائجي ته فقط Pilotage Fee چار ڪروڙ روز جا ٿي ويا. اسان وٽ ’پائليٽ‘ جو لفظ فقط هوائي جهاز هلائڻ واري ڪئپٽن لاءِ استعمال ٿئي ٿو پر بندرگاهه يا ههڙن سوڙهن سمنڊن ۾ پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ وارا ڪئپٽن پڻ پائليٽ سڏجن ٿا. باسفورس وارو سوڙهو سمنڊ (ڳچي سمنڊ) پورو ڪري بحر اسود (Black Sea) ۾ پهچڻ ۾ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ لڳيو وڃن جيتوڻيڪ باسفورس وارو اهو ئي سامونڊي درياهه فقط 31 ڪلوميٽر يعني سترهن ارڙهن کن ميل مس آهي ۽ ايشيائي ۽ يورپي پاسي استنبول جي پڪن رستن تي هلندڙ تيز رفتار ڪارون، بسيون ۽ ٽئڪسيون اهو مفاصلو 20 منٽن ۾ طيءِ ڪريو وڃن .... يعني جيڪڏهن ڪو جهاز وارو رستي تي جهاز مان لهي ايشيا يا يورپ کنڊ پاسي استنبول جي ڪنهن هوٽل ۾ چانهه پي آرام سان ٽئڪسي ۾ باسفورس جي ٻئي ڇيڙي وٽ پنهنجي جهاز ۾ چڙهي پنهنجو سامونڊي سفر کي Continue ڪري سگهي ٿو.
هن ”باسفورس ڳچي سمنڊ“ جو پيٽ اٽڪل سنڌو نديءَ جيترو ٿيندو. هي ان سنڌو نديءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪا مون مئٽرڪ جي ڏينهن ۾، يعني 1960 ۾ پيٽارو وٽ ڏٺي. هاڻ ته غلام محمد بئراج وٽان ٿو لنگهجي ته اها سنڌو ندي ڪڏهن ڪڏهن ڪُئي جي پُڇ جهڙي ٿي لڳي .... سندس سڪل پيٽ ۾ ٻار پيا ڪرڪيٽ کيڏندا آهن. جهاز جي نقشن (چارٽن) موجب باسفورس جو پيٽ ٻن کان ٽن ميلن تائين آهي. هن سوڙهي سامونڊي لنگهه مٿان ٻن هنڌن تي پليون ٺهيل آهن جيئن مقامي ماڻهو يا ٽوئرسٽ يورپ واري استنبول ۽ ايشيا واري استنبول ۾ پنهنجين ڪارن يا بسين ذريعي اچي وڃي سگهن. هڪڙي پل 1973ع ۾ کلي هئي جيڪا Bogazia پل سڏجي ٿي. ’بوگازيا‘ ترڪي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ڳچي سمنڊ“. هيءَ پل هڪ ميل جي لڳ ڀڳ آهي. ٽرئفڪ جي اچ وڃ لاءِ ڇهه روڊ آهن. ٻي پل ”FSM برج“ (فتح سلطان محمد بِرج) سڏجي ٿي جيڪا 1988ع ۾ ٺهي راس ٿي. هيءَ به پهرين پل جيتري ئي ڊگهي آهي پر هن تان 8 قطارون ٽرئفڪ جون هلي سگهن ٿيون. انهن کان علاوه هڪ ٽي پل به ٺهي راس ٿي رهي آهي جيڪا هاڻ تيار ٿي هوندي. هن پل لاءِ ٽرئفڪ لاءِ 8 قطارون ۽ ٻه ريل لائينون ريل گاڏيءَ جي اچ وڃ لاءِ آهن. يورپ ۽ ايشيا کنڊ کي ڳنڍڻ لاءِ نه فقط باسفورس مٿان پليون آهن پر هڪ ٽنل به آهي جيڪو 2013ع کان شروع ٿيو. جيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ کي ڪولون (چين جي سر زمين) سان ڳنڍڻ لاءِ سمنڊ جي هيٺان ٽنل ٺاهيو ويو آهي تيئن باسفورس سمنڊ جي هيٺان ٽنل آهي جنهن مان بسون، ڪارون ۽ ريل گاڏيون لنگهن ٿيون. يعني باسفورس ڳچي سمنڊ تي جهاز پيا هلن ۽ انهن مٿان پلين تان ۽ سمنڊ کان گهڻو گهڻو هيٺ ٺهيل ٽنل مان ڪارون، بسيون ۽ ريل گاڏيون پيون هلن.
شروع جي ڏينهن ۾ باسفورس تي ٺهيل پلين مٿان ماڻهن کي واڪ ڪرڻ جي اجازت هئي پر پوءِ ٻارن ٻچن جي رش ٿيڻ ۽ حادثن ڪري هاڻ بندش پئجي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو حاجي سيناد حاذق پيرين پنڌ يورپ پاسي کان پل تان هلي ايشيا کنڊ واري پاسي اچڻ ٿي چاهيو ته هن کي منع ڪئي وئي پر پوءِ سرڪاري طرح اجازت وٺڻ لاءِ درخواستون ڏيڻ تي مس مس هفتي ٻن جي انتظار بعد هن کي پُل تان واڪ ڪرڻ جي اجازت ملي ۽ هو پنهنجي يورپ کنڊ کان ايشيا کنڊ ۾ پهتو.

دنيا جي سمنڊن کي مون گجندي ڏٺو

هتي هڪ عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ لاءِ ڪجهه سمنڊن بابت لکان ٿو ته جيئن هن لاءِ مونجھارو نه ٿئي ته هن ڳچي سمند باسفورس، بحر اسود (Black Sea) ۽ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) جي جاگرافيائي پوزيشن ۽ هڪ ٻئي سان تعلق جي Idea ٿي وڃي. دنيا جا وڏا سمنڊ جن کي انگريزيءَ ۾ ”اوشن“ سڏجي ٿو جيئن ته ائٽلانٽڪ، پئسفڪ يا انڊين اوشن (هندي وڏو سمنڊ) کليل کليل آهن جن ۾ ڏهن هنڌن کان به داخل ٿي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڪيترا ننڍا ننڍا سمنڊ پڻ کليل آهن جيئن ته اسان وارو عربي سمنڊ آهي. انڊيا حڪومت کڻي اسان جي جهازن کي ممبئي وٽان لنگهڻ کان روڪي پر اهي ايران کان ته اچي سگهن ٿا .... اهڙي طرح دبئي، جدي، عدن ۽ ٻين هنڌن کان ڪراچي پهچي سگهن ٿا. پر ڪي سمنڊ جيئن ته ڪارو سمنڊ، اڊيارٽڪ سمنڊ، ڳاڙهو سمنڊ ۽ ويندي ميڊيٽرينين سمنڊ پيالي يا حوض وانگر آهن جن جي چوڌاري ٻَني طور ايتري ته ڌرتي آهي جو انهن سمنڊن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ هڪ ئي رستو آهي جيئن ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ فقط جبرالٽر ڳچي سمنڊ وٽان ئي رستو آهي ۽ ان سوڙهي سامونڊي چئنل ذريعي ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو پاڻي روزانو هاءِ ٽائيڊ ۽ لو ٽائيڊ ۾ مڪس ٿئي ٿو ۽ پاڻيءَ منجهه لوڻ (Salt) جو مقدار برابر ٿئي ٿو. اهڙي طرح ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ .... يعني يمن، سعودي عرب، اٿوپيا جي بندرگاهه اسمارا، سوڊان ۽ مصر جي بندرگاهه قاهري ۾ وڃڻ لاءِ (جيڪي ڳاڙهي سمنڊ ۾ آهن) هر جهاز کي عدن وٽان هڪ سوڙهي رستي تان گهڙڻو پوي ٿو. اهو به سٺو جو سئيز ڪئنال ڳاڙهي سمنڊ کي ٻئي پاسي کان ميڊيٽرينين سمنڊ سان ملائي ڇڏيو آهي. ۽ هاڻ مثال طور سوڊان وارن جو عدن سان ڦڏو ٿي پوي ۽ يمن جي حڪومت سوڊان جي جهازن کي پنهنجي بندرگاهه عدن واري گهٽيءَ مان نڪرڻ نه ڏئي ته سوڊان وارن جو نڪرڻ بنهه بند نه ڪري سگهندا جو سوڊان جا جهاز ٻئي پاسي ٺهيل سئيز ڪئنال مان نڪري ميڊيٽرينين ۽ اڃان اڳيان آمريڪا وڃڻ لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ به داخل ٿي ويندا.
سو ان تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته ”ڪارو سمنـڊ“ جنهن جي ڪناري تي ”ڳاڙهي سمنڊ“ کان به اهم ملڪن جا بندرگاهه آهن، سخت بد نصيب آهي جو هن سمنڊ جي جهازن کي دنيا جي ٻين ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ يا ٻين سمنڊن ڏي رخ ڪرڻ لاءِ فقط ۽ فقط هڪ گهٽي ”باسفورس“ آهي جنهن تي ترڪيءَ جو قبضو آهي .... يعني ترڪي جي چاهي ته ”ڪاري سمنڊ“ جي ڪنهن به ملڪ جي جهازن کي ڪاري سمنڊ کان ٻاهر نڪرڻ ئي نه ڏئي. ڪاري سمنڊ اندر جن ملڪن جا بندرگاهه آهن، اهي آهن: جارجيا، روس، يوڪرين، رومانيا ۽ بلغاريا.
ڪراچي کان ترڪي يا رومانيا ۽ بلغاريا جي ملڪن جي بندرگاهن ۾ پهچڻ لاءِ اسان لاءِ ٻه راهون آهن. هڪ ته اسين ڪراچيءَ مان لنگر کڻڻ بعد پنهنجو عربي سمنڊ اڪري ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿيون جتان ان جي ٻي ڇيڙي وٽ هٿرادو ٺهيل سئيز ڪئنال مان جهاز گذاري ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ داخل ٿيون. سئيز ڪئنال جيڪو ننڍو ناهي .... اٽڪل هڪ سؤ ميل آهي يعني سمجھو ته ڪراچي کان ڄامشور تائين جو سفر آهي. وچ ۾ هڪ ڍنڍ اچي ٿي جتي جهازن کي ترسڻو پوي ٿو جيئن سامهون کان (ميڊيٽرينين سمنڊ واري پاسي کان) ايندڙ جهازن جو قافلو گذري وڃي. اهو ان ڪري جو سئيز ڪئنال ڪو ايترو ويڪرو ناهي جو هڪ ئي وقت جهاز اچي وڃي سگهن. ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ پهچڻ بعد ترڪي يا ڪاري سمنڊ جي ٻين ملڪن جي بندرگاهن تائين پهچڻ آسان ڪم آهي. ان لاءِ رڳو باسفورس ڳچي سمنڊ مان گذرڻو آهي.
ڪراچي کان ڪاري سمنڊ جي بندرگاهن ۾ پهچڻ جو ٻيو طريقو سئيز ڪئنال بنا آهي .... جيئن 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جڏهن مصر وارن سئيز ڪئنال بند ڪري ڇڏيو هو ته پوءِ اسان پنهنجي جهاز کي ڪراچي واري عربي سمنڊ مان ڪڍي هندي وڏي سمنڊ ۾ وٺي ايندا هئاسين ۽ آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻ لاءِ ڏکڻ ڏي سفر جاري رکندا هئاسين جيسين آفريڪا کنڊ جو ڇيڙي وارو ملڪ ”سائوٿ آفريڪا“ اچي. ان جي بندرگاهه ڪيپ ٽائون وٽ پهچي پوءِ اسان پنهنجي جهاز جو رخ مٿي اتر طرف ڪندا هئاسين جيئن جهاز آفريڪا کنڊ جو مغربي ڪنارو يعني نميبيا، ائنگولا، زائر، نائيجيريا، گهانا، لائيبيريا، گئمبيا، سئنيگال، ماريطانيا ۽ مراڪش جهڙا آفريڪي ملڪ لتاڙي مٿي يورپ ڏي پهچي. دراصل مٿين سڀني آفريڪي ملڪن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇهي ٿو. آفريڪا جي ساڄي پاسي يعني اڀرندي ڪناري هندي سمنڊ آهي ته اولهه ڪناري ڏي ائٽلانٽڪ سمنڊ ـــ اهي ٻئي سمنڊ ڏکڻ آفريڪا جي هيٺين حصي ۾ ٽڪرائين ٿا. هونءَ سمنڊ تي ڪي بائونڊريون ٺهيل نه آهن ته ڪهڙو سمنڊ ڪٿي ختم ٿئي ٿو ۽ ٻيو ڪٿان شروع ٿئي ٿو. انهن سڀني جي نشاندهي نقشن تي ٿيل آهي. جتي اهي ٻه سمنڊ ملن ٿا اتي سمنڊ ۾ ڪافي جوش ۽ اٿل پٿل رهي ٿي ۽ وڏيون وڏيون ڇوليون نه رڳو وڏن جهازن کي لوڏيو رکن پر جهاز هلائيندڙن جي دلين کي به جھوريو ڇڏين. جهاز ۾ موجود مسافرن جي ڳالهه نٿو ڪريان .... اهي ته ننڊ جي گوري کائي اهي ڏينهن ڏکيا سکيا ننڊون ڪندي گذاريو ڇڏين. مون دنيا جي مختلف سمنڊن کي بگڙندو ۽ گجگوڙون ڪندي به ڏٺو آهي ته آرسيءَ وانگر ماٺو به. پر ٻارهن تيرهن سال هن علائقي مان جهازن کي لنگهائڻ وقت ڪڏهن به هن سمنڊ کي سانت ۾ نه ڏٺو. سخت Seasickness ۽ عذاب ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ وارا ٻه ڏينهن گذارڻا پيا ٿي ۽ مري جهري چار ڪلاڪ ڏينهن جا ۽ چار ڪلاڪ رات جا جهاز هلائڻ واري ڊيوٽي ڪبي هئي. ڪيپ آف گڊ هوپ واري ظالم سمنڊ جي ڪري به صدين تائين ڪنهن يورپين جي هن سمنڊ کي ڪراس ڪري، اسان جي پاسي هندي سمنڊ ۾ اچڻ جي همٿ نٿي ٿي. ڪيپ آف گڊ هوپ سمنڊ وارو حصو سمجهو ته سائوٿ آفريڪا جي پورٽ ايلزبيٿ کان ڪيپ ٽائون بندرگاهه تائين آهي.
پاڻ ڪاري سمنڊ جي ملڪن ۾ پهچڻ جي ڳالهه پئي ڪئي، ان لاءِ جهاز جيئن ئي مراڪش جو بندرگاهه رباط ٽپي ٿو ته جبرالٽر ڳچي سمنڊ اچي ٿو جنهن جي ٻئي پاسي اسپين جي سرزمين آهي. جبرالٽر جو بندرگاهه به اتي ئي آهي ۽ مراڪش پاسي تاريخي شهر الطنج (Tangier) آهي جتان 1325 ۾ دنيا جي مشهور سياح ابنِ بطوطا پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي. هن ”جبرالٽر ڳچي سمنڊ“ جهڙي سوڙهي راهدريءَ مان جهاز کي خبرداريءَ سان هلائي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو يعني ڪاري سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هر صورت ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ اچڻو پوي ٿو جتان پوءِ ڪاري سمنڊ ۾ گهڙڻ لاءِ هڪڙو ئي واحد رستو باسفورس آهي. ان کان علاوه ٻيو ڪو ناهي. سو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ترڪي ۾ موجود هي سوڙهو سامونڊي لنگهه ڪيڏي وڏي اهميت وارو آهي جنهن کي هر وقت صاف ۽ کليل رکڻ لاءِ نه فقط ترڪيءَ جو ساهه مٺ ۾ هوندو آهي پر رومانيا، بلغاريا، يوڪرين، روس ۽ جارجيا ملڪن جون به ننڊون حرام هونديون آهن ته ان سنهي سامونڊي لنگهه ۾ متان ڪو جهاز ٻڏي يا ڪنهن جهاز کي بم لڳي جيئن اهو رستو جيڪو مٿين ملڪن ۾ پهچڻ لاءِ واحد لنگهه آهي اهو بند ٿي وڃي.
ترڪي جي باسفورس ۽ مختلف سمنڊن بابت گهڻو ئي ڪجهه لکجي ويو آهي پر جاگرافي جي شاگردن ۽ نيويگيشن جي ڄاڻن لاءِ هتي ٻه سٽون وڌيڪ لکڻ ضروري سمجھان ٿو جيئن هو غلط فهمي جو شڪار نه ٿين. مون هر هر اهو ئي لکيو آهي ته ميڊيٽرينين سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ جي وچ ۾ باسفورس ڳچي سمنڊ آهي. هڪ عام پڙهندڙ يا مسافر لاءِ ته ٺيڪ آهي پر جاگرافي، اوشنوگرافي، نيويگيشن ۽ سمنڊن جي ڄاڻ رکندڙ شاگردن لاءِ هتي لکندو هلان ته باسفورس جي اتر ۾ ته ڪارو سمنڊ آهي پر ڏکڻ ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ يڪدم ناهي. ميڊيٽرينين سمنڊ جو اهو پوڇڙ وارو حصو جيڪو ترڪي ۽ يونان جي وچ ۾ آهي اهو ايجين (Aegean) سمنڊ سڏجي ٿو پوءِ اهو هڪ ڍنڍ جهڙي سمنڊ مارمارا (Sea of Maramara) ۾ داخل ٿئي ٿو جيڪو پوءِ باسفورس ڳچي سمنڊ سان ڳنڍجي ٿو. اصل ۾ ايجين سمنڊ ۽ مارمارا سمنڊ جي وچ ۾ به داردانلس (Dardanelles) نالي باسفورس کان به ڊگهو اٽڪل 38 ميل ڳچي سمنڊ آهي. هي اهو سمنڊ جو حصو آهي جتي ”گئلي پولي“ نالي تاريخي علائقو آهي جنهن کي ترڪن کان حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين جنگ عظيم 16-1915ع ۾ اتحادي طاقتن: فرانس، انگلنڊ، نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا وارن سامونڊي جنگي جهازن ۽ هوائي جهاز رستي پنهنجا فوجي لاهي حملو ڪيو. ٽيٽيهه سالن جي جوان ليفٽيننٽ ڪرنل مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي اڳواڻيءَ ۾ ترڪن اتحادي فوجن جو مقابلو ڪيو. اتحادي فوجن جي اها خواهش هئي ته قسطنطنيه (هاڻوڪي استنبول) تي قبضو ڪري ترڪن کي ڪمزور ڪجي ۽ ڪاري سمنڊ جي ملڪن ڏي ايندڙ ويندڙ جهاز جي چُر پُر کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکجي. هيءَ لڙائي سال کن هلندي رهي ٻنهي پاسن جي فوجن جو نقصان ٿيو پر آخرڪار ترڪن جي سوڀ ٿي جيڪا اڄ تائين دنيا نه رڳو مڃي ٿي پر ترڪن جي همت ۽ رٿابندي کي دادا ڏئي ٿي. آخر ۾ زندهه بچيل انگريزن، فرينچن ۽ ٻين سندن اتحادين ڀڄي پنهنجي جان بچائي. هن جنگ ۾ پنج لک اتحادي فوجين حصو ورتو جن مان اڌ لک مارجي ويا ۽ ٻه لک کن زخمي ٿيا. ترڪ فوجين جا به سٺ ستر هزار ماڻهو مري ويا پر سوڀ کين نصيب ٿي ۽ گئلي پولي کان باسفورس تائين علائقي تي سندن ئي قبضو رهيو.
هن لڙائي بعد ئي ترڪن خودمختياري حاصل ڪرڻ جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي اڳواڻيءَ ۾ 8 سالن بعد ”ريپبلڪ آف ترڪي“ وجود ۾ آئي. ترڪ حڪومت سڀني غير ملڪين کي آگاهه ڪيو ته هاڻ هن شهر قسطنطنيه کي استنبول سڏيو ويندو. هونءَ ته قسطنطنيه ئي ترڪي جي گاديءَ جو شهر هلندو پئي آيو پر هاڻ اتا ترڪ انقره شهر جي چونڊ ڪئي. انقره شهر جو نالو هتي جي مشهور انگورا (Angora) وول تان پيو اهي جيڪا هتي جي انگورا ٻلي، انگورا سهي ۽ انگورا ٻڪريءَ تي ٿئي ٿي.
اسان جو ”ڪاري سمنڊ“ جي بندرگاهن ڏي ويندي ۽ موٽندي هر دفعي هن ڳچي سمنڊ (باسفورس) مان لنگهه ٿيندو هو جو هن سوڙهي سمنڊ مان لنگهڻ بنا ڪاري سمنڊ ۾ گهڙڻ ناممڪن ڳالهه آهي. اهڙي طرح يورپ جو هر مسافر باءِ روڊ ڪار ذريعي جڏهن يورپ کنڊ کان ايشيا کنڊ ۾ پهچڻ جي ڪري ٿو ته هن کي هر صورت ۾ هن ڳچي سمنڊ (باسفورس) مٿان ٺهيل ڪنهن پل تان گذرڻو پوي ٿو جو اها ئي هڪ راهداري آهي جيڪا ٻن کنڊن کي گڏي ٿي. ان ڪري بوزنيا جي حاجي سيناد حاذق کي به باسفورس سمنڊ کي ٽپڻ لاءِ ان مٿان ٺهيل پل تان لنگهڻو پيو جنهن جي هڪ پاسي يورپ کنڊ آهي ته ٻئي طرف ايشيا کنڊ. پاڻ سن 2011ع جي ڊسمبر مهيني ۾ پنهنجو ملڪ بوزنيا ڇڏيو هئائين ۽ يارهن مهينن جي پيدل سفر بعد 2012ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ مڪي شريف پهتو.
ان ئي سال (2012ع) جي آڪٽوبر مهيني ۾ ”ڪسرتراءِ کرل زادي“ نالي هڪ 37 سالن جو پاڪستاني ڪراچيءَ کان 6387 ڪلوميٽرن (3968 ميلن) جو سفر پيرين پنڌ مڪمل ڪري مڪي پهتو هو. العربيا اخبار موجب مڪي پهچڻ تي کرل زادي جي سعودي عرب حڪومت جي آفيسرن، ڪعبي شريف جي امام جي نمائندي ۽ مڪي ۾ موجود پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي مسلمان ڪميونٽين وڏي آڌر ڀاءَ ڪئي. ”آئون چاهيان ٿو ته دنيا ۾ امن امان ۽ برابري جي فضا قائم رهي ۽ يورپي يونين وانگر اسان جي مسلمان امت جي به يونين ٺهي“ هن چيو هو.
ڪسرت راءِ کرل زادو پيرين پنڌ سفر ڪرڻ کان مشهور آهي. هن 2007ع ۾ به ڪراچيءَ کان خيبر تائين 2000 ڪلو ميٽرن جو مفاصلو 85 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو هو ۽ 2009ع ۾ لاهور کان اسلام آباد 327 ڪلوميٽرن (200 کن ميلن) جو سفر پيرين پنڌ 14 ڏينهن ۾ ڪيو ۽ هڪ ٻيو سفر اسلام آباد کان سندس ڳوٺ ”چاڪُوٿي“ تائين جو 222 ڪلوميٽرن جو سفر نون ڏينهن ۾ ڪيو. ڪسرت راءِ پنهنجي حج واري سفر بابت ٻڌايو ته مڪي تائين پهچڻ ۾ جتي ڪيترن ئي هنڌن تي سندس مڪاني ماڻهن مدد ڪئي اتي ڪيترن ئي هنڌن تي سندس سفري ڪاغذن تي اعتراض ورتو ويو ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي هن کي پوليس تنگ ڪيو ۽ سندس نيڪ نيتي تي شڪ ڪيو. ”سفر دوران ڪيترا اهڙا مسئلا اڀرن ٿا جيڪي گهران نڪرڻ وقت خواب خيال ۾ به نٿا رهن ۽ ڪنهن به ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ توهان شڪ جي بنياد تي قيد حوالي ٿي سگهو ٿا ۽ توهان جي داد فرياد ٻڌڻ لاءِ نه توهانکي لوڪل قاضي نظر ايندو نه پنهنجي سفارتخاني جا سرڪاري ڪامورا ....“
هن وڌيڪَ ٻڌايو ته هن قسم جا پيدل سفر اڄ به ڪافي جوکائتا (Risky) ثابت ٿين ٿا جو مڪي پهچڻ لاءِ پاڪستان بعد ايران ۽ خاص ڪري عراق ۽ اردن مان به گذرڻو پوي ٿو جتي جون حالتون بهتر نه آهن .... شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جو ورلي ڪو پيرين پنڌ حج جي سفر تي نڪري ٿو. انڊين لاءِ ته اڃان به ڏکيو آهي جو هنن کي پاڪستان لتاڙڻ ۾ ڪيترائي مسئلا درپيش اچي سگهن ٿا .... جيئن اسان کي سنگاپور يا ملائيشيا پيرين پنڌ يا ڪار ۾ پهچڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي جو انڊيا مان لنگهڻ ڪري اتي جي پوليس ۽ اميگريشن کاتو پاڪستانين تي اجايو سجايو شڪ ڪري ٿو ۽ تنگ ڪري ٿو. اڄ به اسان جا ڪيترا پاڪستاني انڊيا جي جيلن ۾ قابو آهن سندن ڪو داد فرياد نٿو ٻڌو وڃي ۽ نه هنن جي ڪا ڪورٽ ۾ شنوائي ٿئي ٿي. حالتون بهتر ۽ دوستاڻا تعلقات هجن ته ڪيترا پاڪستاني جيڪي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ نوڪري ڪن ٿا اهي ڪار ذريعي باءِ روڊ اچن وڃن .... آخرڪار سواءِ برما جي روڊن ۽ اميگريشن جي ٿوري گهڻي جھنجھٽ جي انڊيا، بنگلاديش، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا جا روڊ رستا ته اسان کان به سٺا آهن ۽ ٽرئفڪ قانون مطابق هلي ٿي. بنگلاديش کي اسان غريب يا پٺتي پيل ملڪ تصور ڪريون ٿا ۽ ٻارهوئي مينهوڳي لڳي رهي ٿي ته به اتي جا رستا اسان جي ملڪ کان، خاص ڪري سنڌ کان هزار دفعا بهتر آهن .... سڀ کان وڏي ڳالهه آڌي رات جو به توهان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سڪون سان سفر ڪري سگهو ٿا .... نه چوري ڌاڙي جو ڊپ نه اغوا ڪاريءَ جو. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪو مجبور لاچار پنهنجي بيمار ڀاءُ يا پٽ کي سج لٿي کانپوءِ علاج لاءِ پنهنجي ضلعي جي اسپتال ۾ وٺي ويندي به خوف محسوس ڪري ٿو .... پوءِ اهو ضلعي شهر ڪشمور هجي، جيڪب آباد، گھوٽڪي يا ڪو ٻيو.

سنڌ جي اڌ جيڏي آسٽريا ۾ 20 هزار پاڪستاني

اڄ به چين ۽ روس پاسي رهندڙ ڪيترا مسلمان غربت يا عقيدت خاطر حج جو سفر پيرين پنڌ ڪن ٿا. گهڻو اڳ حج تي منهنجي هڪ تاجڪ ٽولي سان ملاقات ٿي جيڪي اتي پيدل سفر ڪري آيا هئا. هو ست ڄڻا هئا جن ۾ ڇهه ڄڻا تازو پينشن تي لٿا هئا ..... يعني سٺ سالن جا هئا. هو روس، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان، ايران ۽ عراق مان ٿيندا سعودي عرب پُهتا هئا. هنن کي 4600 ڪلوميٽرن (2800 ميلن) جو سفر پورو ڪرڻ ۾ 19 مهينا لڳي ويا. هو رستي تي جتي ڪٿي ساهي پٽيندا آيا. انهن مان هڪ عبدالعزيز رجبو ٻڌايو ته: ”اسان جڏهن گهران نڪتاسين ته اسان جي پيرن ۾ فقط جتي هئي. ساڻ کنيل ٿيلهي ۾ سفري ڪاغذات .... ويزائون لڳل پاسپورٽ ۽ هڪ ويلي جي ماني هئي. اسان کي ڪنهن به ملڪ ۾ پوليس طرفان ڪا به تڪليف نه رسي سواءِ روس جي.“
”اتي ڇو؟“ مون پڇيو.
”اتي اسان کي 12 ڏينهن ٿاڻي تي وهاري ڇڏيائون ته توهان جاسوس ٿا لڳو. پوءِ مونکان پڇيائون ته تاجڪن سان لڳل جنگ (1990ع واري ڏهاڪي) ۾ تو ڪنهن جو پاسو کنيو هو. مون کين ٻڌايو ته ’اسان ڪنهن جو به پاسو نه کنيو هو‘. پر پوءِ به اسان بابت معلومات حاصل ڪندا رهيا ۽ مس مس جان ڇڏيائون.“
هڪ ٻئي عمردين اسماعيلو نالي تاجڪ ٻڌايو ته افغانستان ۾ هو ’احمد شاهه مسعود‘ جي قبر تي ڪجهه ڏينهن وڌيڪَ ترسي پيا جو اهو هنن جو نامور تاجڪ ڪمانڊر ٿي گذريو آهي جنهن افغانستان تي روسين جي قبضي جي دوران وڏي دليريءَ سان مقابلو ڪيو هو ۽ کيس ’شير پنجشير‘ سڏيو ويو ٿي، 2001ع ۾ قتل ٿي ويو. هنن ٻڌايو ته هو واپسي جو سفر به پيرين پنڌ ڪندا.
”ڇو ڀلا، ڀاڙو نه هجڻ ڪري؟“ مون پڇيو.
”نه هڪ مهم جوئي (Adventure) جي خيال کان ۽ اهو احساس پڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ته اسان ۾ اڃان همت آهي جو ايڏو پنڌ ڪري سگهون ٿا. ان کان علاوه پيدل سفر ڪرڻ سان چڱي طرح گهمڻ جو پڻ موقعو ملي ٿو .... مختلف ماڻهن سان ملاقات مان دنيا جي خبرچار پوي ٿي.“
هنن ٻڌايو ته هنن کي سڄي سفر ۾ مقامي ماڻهو ماني ٽڪي کارائيندا رهيا ۽ هو جتي ڪٿي مسجدن ۾ ئي ستا ٿي. ۽ اهو سفر شروع ڪرڻ کان اڳ هنن سڀني کي ڊگهي ڊگهي واڪ ڪرڻ جي پرئڪٽس هئي.
*****
سعودي عرب ۾ حج لاءِ اڄ به ڪيترائي پيدل پهچن ٿا پر سعودي عرب جي حڪومت ۽ ماڻهن طرفان گهڻي آڌرڀاء ۽ پبلسٽي يورپ جي ماڻهن کي ملي ٿي جيئن اڄ ڪلهه آسٽريا جو هڪ مسلمان شهري ”ثائر عبود“ ميڊيا جي رونق آهي جيڪو پنهنجي ملڪ کان 12000 ڪلوميٽرن جو پيدل سفر مڪمل ڪري عمري لاءِ مڪي شريف پهتو آهي. مون ان بابت ڳالهه ڪئي ته ڪنهن پڇيو ته ڇا آسٽريليا ۾ به مسلمان آهن. مون کي حيرت ٿي ٿئي ته اسان وٽ ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل هنن ٻن ملڪن ۾ فرق نٿا سمجھن ۽ جي سمجھن به ٿا ته هن لاءِ اها ڳالهه ته قابل قبول آهي ته آسٽريليا ۾ مسلمان آهن پر اها ڳالهه هنن لاءِ تعجب خيز آهي ته آسٽريا جيڪو هڪ يورپي ملڪ آهي ۽ روس جهڙي ڪميونسٽ ملڪ جي اثر هيٺ رهيو آهي اتي اسلام ۽ مسلمان آهن!
دراصل آسٽريليا هڪ ٻيٽ نما کنڊ ”پئسفڪ سمنڊ“ ۾ آهي. ملائيشيا کان هيٺ ڏکڻ ۾ انڊونيشيا آهي ۽ پوءِ هيٺ ڏکڻ ڏي ڪافي سمنڊ جھاڳڻ بعد نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا اچي ٿو. صدين تائين آسٽريليا ويران هئو. گذريل صديءَ ۾ اوڏانهن رهائش جي ڌم ٿي آهي ۽ يورپي ملڪن کان علاوه اسانجي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي ماڻهن به اتي رهائش اختيار ڪئي .... جن ۾ ڪيترائي عرب، ايراني، ملئي، پاڪستاني ۽ انڊين مسلمان آهن. پر يورپ جي ملڪ ”آسٽريا“ جي مختلف ڳالهه آهي. اتي به ڌارين ملڪن جا مسلمان اچي رهيا پر ترڪن سان واسطو هجڻ ڪري هن ملڪ جا اصل باشندا صدين کان مسلمان آهن.
يورپ کنڊ جو هي ملڪ ”آسٽريا“ اسانجي افغانستان ۽ يورپ جي سئٽزرلئنڊ وانگر Land Locked ملڪ آهي .... يعني آسٽريا جي چوڌاري سمنڊ نه پر زمين ئي زمين آهي .... جنهن جي چوڌاري پاڙيسري ملڪ آهن: جرمني، چيڪ، هنگري، سلواڪيا، سلووينيا، سئٽزرلئنڊ ۽ اٽلي وغيره. پکيڙ ۾ آسٽريا جي سنڌ صوبي جي اڌ جيتري ايراضي آهي. هونءَ به يورپ جا ڪيترائي ملڪ ان کان به ننڍا آهن. سنڌ جي ايراضي 140000 چورس ڪلوميٽر ۽ آسٽريا جي 84000 چورس ڪلوميٽر آهي. آسٽريا جابلو ملڪ آهي جتي عام طرح جرمن زبان ڳالهائي وڃي ٿي ۽ عيسائيت بعد ٻئي نمبر تي اسلام آهي. ملڪ جي جملي آدمشماري جو ست سيڪڙو ماڻهو مسلمان آهن جيڪو هڪ وڏو انگ ٿئي ٿو. انهن مسلمانن ۾ 5 لک کن ته ترڪ آهن جن جا ڏاڏا پڙڏاڏا سلطنت عثمانيه جي ڏينهن کان هتي اچي رهيا ۽ سندن اولاد هتي جي مڪاني ٻولي جرمن يا ان جي ڪا dialect ڳالهائي ٿو. هتي جي سرڪاري انگ اکرن موجب ٻئي نمبر تي 2 لک کن بوزنيا جا مسلمان آهن. اهي سڀ آسٽرين ڪلچر سان واسطو رکن ٿا جيئن اسان وٽ سالن کان شڪارپور پاسي رهندڙ پٺاڻ هاڻ سنڌي ڪلچر توڙي رسم رواج سان واسطو رکن ٿا. انهن کان علاوه افغاني، عرب، ڪرد، چيچن ۽ پاڪستاني آهن جن مان ڪجهه ويجھڙائي ۾ آيا آهن ٻيا آڳاٽا آهن جيڪي ترڪ خلافت يا ان کان اڳ جا هتي settle ٿيل آهن. جيئن هتي جو مشهور پاڪستاني آرٽسٽ ۽ آمريڪن ”ڪامڪ بڪس“ جو چترڪار محمد انجم اسرار آهي جيڪو 1976 ۾ انقره (ترڪي) ۾ ڄائو. سندس پيءُ پاڪستاني آهي ۽ ماءُ آسٽرين. هن وقت ان قسم جا اٽڪل 20000 پاڪستاني رهن ٿا جن مان اڌ جيترا آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا ۾ ۽ ٻيا انهن ڳوٺن ۽ ٽائونن ۾ رهن ٿا جتي ڪارخانا آهن. ان تان ان نقطي تي زور ڏيندو هلان ته يورپ جا ملڪ هجن يا اسان جي ايشيا جو جپان، ٿائلنڊ، ملائيشيا .... انهن ملڪن ان ڪري به ترقي ڪئي آهي ۽ ماڻهو خوشحال ٿيا آهن جو هنن جي حڪومتن ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪارخانا کولي ڇڏيا آهن جيئن ڳوٺن جا ماڻهو هارپي سان گڏ گڏ ڪارخانن ۾ به ڪم ڪري پنهنجي لاءِ روزگار ڪمائين. بهرحال آسٽريا ۾ سڀ کان گهڻا مسلمان ويانا شهر ۾ رهن ٿا جتي مسجدن جو تعداد به تمام گهڻو آهي. ٽيهارو کن مسجدن جا فون نمبر ته مون وٽ به آهن. ڪجهه اهم يا سولن نالن واريون مسجدون جيڪي هن وقت به ياد اچي رهيون آهن؛ هن ريت آهن: قبا مسجد، هدايا مسجد، فتح مسجد ۽ Schonburnner Strasse روڊ تي بيت المڪرم مسجد آهي. ان ئي روڊ تي هڪ ٻي حاطب مسجد پڻ آهي. ان کان علاوه تقويٰ مسجد، سلطان احمت مسجد، عثمانلي مسجد وغيره.
منهنجو جهاز ڪڏهن به آسٽريا نه ويو .... ظاهر آهي هڪ پاڻيءَ جو جهاز آسٽريا يا افغانستان جهڙي ملڪ ۾ ڪيئن ٿو وڃي سگهي جنهن کي سمنڊ نه هجي. پر ٻه ٽي جهاز سندربنس، موهن جو دڙو، سرفراز رفيقي اهڙا هئا جن تي جڏهن منهنجي بدلي ٿي ته اهي مشرقي يورپ جي ملڪن: پولنڊ، رومانيا، بلغاريا، ايسٽ جرمني (جن تي USSR روس جو اثر هو) ۽ يوگوسلاويا ويا .... جتان باءِ روڊ مونکي آسٽريا گهمڻ جو موقعو مليو جتي اسان جو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو ساٿي ڊاڪٽر سرفراز شاهه ماهر سرجن ENT، انهن ڏينهن ۾ پلاسٽڪ سرجري جو ڪورس آسٽريا مان ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر سرفراز شاهه ڪراچي جي عباسي شهيد اسپتال ۾ نوڪري ڪئي ٿي جتي هڪ ڏينهن دهشتگردن کيس قتل ڪري ڇڏيو .... اها 1995ع جي لڳ ڀڳ جي ڳالهه آهي. سندس وڏو پٽ غضنفر شاهه ان وقت نائين ڪلاس ۾ هو. اڄ غضنفر شاهه هڏن جو مشهور سرجن آهي ۽ ڊاڪٽر شاهد نور سان ڪم ڪري ٿو.
هونءَ يورپ جا ملڪ کڻي مئخانن، سئنيمائن ۽ عياشين جي اڏن کان مشهور هُجن پر آسٽريا لاءِ اهو چوندس ته اهو فن جي دنيا کان مشهور آهي .... آرٽ ۽ اسڪلپچر جي دنيا کان مشهور آهي .... ميوزڪ ۽ راڳ کان ۽ تعليم کان مشهور آهي. ويانا توڙي سالزبرگ جهڙا شهر تعليمي ادارن سان ڀريا پيا آهن. گراز (Graz) جهڙو شهر ته سڏجي ئي ”اسٽوڊنٽ سٽي“ ٿو. هن ۾ موجود فقط سرڪاري ڇهن يونيورسٽين ۾ اڌ لک کان مٿي شاگرد آهن. اسان جا به ڪيترا ماڻهو اعليٰ تعليم لاءِ آسٽريا ويندا رهن ٿا. ڪجهه اهم ماڻهن ته شادي به هتان ڪئي.
هن وقت مونکي بيگم وقارالنساءِ (وڪٽوريا رخي) ياد اچي رهي آهي جيڪا پاڪستان جي ستين وزير اعظم فيروز خان نون جي زال هئي ۽ ”ليڊي نون“ به سڏبي هئي. بيگم وقارالنساءِ ”وڪٽوريا“ جي نالي سان 1920ع ۾ آسٽريا ۾ ڄائي ۽ فيروز خان نون سان 1945ع ۾ شادي ڪئي ۽ اسلام قبول ڪرڻ بعد اهو نالو رکيو. سر فيروز خان نون مشرقي پاڪستان جو پهريون گورنر ٿيو ۽ ان بعد 1957ع ۾ پاڪستان جو وزير اعظم ٿيو. بيگم وقار النساءِ نه فقط پاڪستان موومينٽ ۾ ڪم ڪيو پر بعد ۾ به سماجي خذمتون ڪندي رهي. جنرل ضياءِ الحق جي ڏينهن ۾ هن کي ٽوئرزم ۽ ڪلچر جو فيڊرل وزير به ٺاهيو ويو. زندگيءَ جا آخري ڏينهن هن ائبٽ آباد ۾ ٺهرايل گهر ”الفيروز“ ۾ گذاريا جتي 2000 ۾ وفات ڪيائين. هن ڍاڪا ۾ ”وقار النساء نون گرلس اسڪول“ ۽ راولپنڊي ۾ ”وقار النساءِ ڪاليج فار وومين“ ٺهرائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.
يورپ جي هن ملڪ آسٽريا جا ڪيترائي ماڻهو جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا اهي نه فقط اسان پاڪستانين لاءِ پر دنيا جي مسلمانن لاءِ تمام اهم آهن. انهن سڀني ۾ اهم ترين Leopold Weiss نالي يهودي آهي جيڪو سن 1900 ۾ آسٽريا ۾ ڄائو ۽ بعد ۾ مسلمان ٿي ”محمد اسد“ جي نالي سان عالم اسلام ۾ وڏو نالو ڪڍيو .... هن لاءِ يورپ وارا چوندا آهن ته ليپولڊ (محمد اسد) يورپ طرفان توهان مسلمانن لاءِ وڏو گفٽ آهي. اسد کي پنهنجي مادري زبان جرمن، انگريزي، عربي ۽ اڙدو کان علاوه هيبريو، پولش ۽ فرينچ به فر فر (Fluently) آئي ٿي. مسلمان ٿيڻ بعد هو جرنسلٽ جي حيثيت ۾ سعودي عرب به اچي رهيو جتي هن ڪيترا سال بدو عربن سان ۽ بادشاهه ابن سعود سان گذاريا. هو انڊيا به آيو جتي هن جي ملاقات ڊاڪٽر محمد اقبال شاعر سان ٿي جنهن هن کي لاهور ۾ رهائي ڇڏيو ۽ هو قران جي تفسير ۽ حديثن تي ڪم ڪندو رهيو. ڪجهه عرصو هو حيدرآباد دکن جي نوابن وٽ به رهيو جتي محمد مارماڊيوڪ (جنهن قرآن مجيد جو 1930 ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو) جي وڃڻ بعد اسلامي رسالي تي ڪم ڪيو. ٻي جنگ عظيم ۾ انڊيا جي ٻين يهودين سان گڏ محمد اسد به انگريزن وٽ 5 سال نظر بند رهيو جيتوڻيڪ هن کي مسلمان ٿئي سال ٿي ويا هئا ۽ هو ننڍپڻ ۾ يهودي ضرور هو پر هن جو واسطو جرمني سان نه پر آسٽريا سان هو.
پاڪستان ٿيڻ تي کيس پاڪستاني شهريت ملي ۽ پاڻ حڪومت پاڪستان جي ڪيترن ئي سرڪاري عهدن ۽ پرڏيهي سفارتخانن ۾ رهيو. سندس عرب بادشاهه سان پراڻي دوستي هجڻ ڪري هن سعودي عرب ۽ پاڪستان جي دوستي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
محمد اسد ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان (A Road To Mecca) تمام گهڻو مشهور آهي. ان ڪتاب جي نالي کان متاثر ٿي مون پنهنجي سعودي عرب واري هڪ سفرنامي جو نالو ”اي روڊ ٽُ مدينا“ رکيو. سندس ٻيو يادگيرين جو ڪتاب Home Coming of the Heart آهي. سندس هڪ ڪتاب جو اڙدو ۾ به ترجمو ”بندائي صحرا“ جي نالي سان ٿي چڪو آهي. پاڻ 1992ع ۾ وفات ڪيائين.
اهو سڀ ڪجهه لکڻ مان منهنجو مطلب اهو آهي ته مسلمان رڳو اسان جي ملڪ ۽ عربستان ۾ نه آهن پر جتي ڪٿي آهن .... ويندي يورپ ۽ آمريڪا ۾ به آهن جن کي اسان ”مغرب“ سڏي اهو تاثر ٿا ڏيون ڄڻ اتي ڪو اسلام جو پوئلڳ ناهي پر ڏٺو وڃي ته هو اسان کان بهتر مسلمان آهن جو هو اسلام کي سمجھي پوءِ مسلمان ٿين ٿا ۽ ڪيترائي اهڙا عقيدتمند آهن جيڪي ٿڌن ۽ سهولتن وارن ملڪن جا ٿي ڪري گرمي، رڻ پٽ ۽ اڃ بک جي پرواهه نه ڪندي هو پيرين پنڌ حج لاءِ روانا ٿين ٿا. آسٽريا جو ثائر عبود به انهن مان آهي.

ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيادو خانه ڪعبه پهچڻ

عبود بريسٽ ڪئنسر ۾ مبتلا پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيادو هلي خانه ڪعبه ۾ اچي نماز پڙهڻ جي سُکا ڪئي هئي. هن گذريل سال جولاءِ ۾ 14 ڪلو سامان ساڻ کڻي آسٽريا کان مڪي شريف تائين ڊگهي سفر جي شروعات ڪئي جيئن حرم پاڪ ۾ پهچي نماز پڙهي پنهنجي ڀيڻ جي شفايابي لاءِ دعا گهري سگهي. هو آسٽريا جي شهر Graz (گراز) جو رهاڪو آهي جنهن لاءِ آئون ڪيترن هنڌن تان لکي چڪو آهيان ته اهو يونيورسٽين جو شهر ٿو سڏجي. عبود جي ڀيڻ سوسن کي ٻه سال اڳ ڪئنسر ٿي پئي. دوا درمل ڪرائڻ جي باوجود هن جي صحت خراب ٿيندي رهي. ڊاڪٽرن کان مايوس ٿي عبود کي خيال آيو ته ڇو نه ان دروازي جو ڪڙو کڙڪايان جنهن کان ڪو به نا اميد ٿي نه موٽيو آهي. هن سُکا ڪئي ته هو پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ پيدل مسجد الحرام ۾ وڃي دعا گهرندو. ان کانپوءِ عبود هن ڊگهي سفر جي تياري ڪئي. هو گذريل سال 25 جولائي تي پنهنجي ڳوٺ گراز مان روانو ٿيو. پاڙي واري ملڪ سلووينيا (Slovenia) پهچي ثائر عبود پنهنجي ڀيڻ سوسن سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته منهنجي تڪليف حيرت انگيز طور گهٽجي وئي آهي. عبود جو چوڻ آهي ته هن جي ڀيڻ جي ان جواب سان هن کي سفر جاري رکڻ جو عزم پيدا ٿيو. سلووينيا مان پيدل سفر ڪندو هو ڪروشيا ملڪ ۾ داخل ٿيو. اتان پوءِ بوزنيا ۽ بوزنيا مان ڪاري جبل (The Black Mountain) جو پُرخطر رستو پار ڪري هو سراجيوو پهتو. اتان پوءِ البانيا جو سفر شروع ڪيائين. البانيا کان مشرق ڏي ويندي هو مقدونيا پهتو. مقدونيا کان پوءِ هو وڏي ايراضي واري ملڪ بلغاريا پهتو جتان پوءِ هو اسلامي دنيا جي گيٽ وي استنبول ذريعي ترڪيءَ ۾ داخل ٿيو. ان بعد ثائر عبود جو سفر اتر کان ڏکڻ طرف شروع ٿيو. عبود نقشن ذريعي هي سفر ڪري رهيو هو. ان ڪري هن جو خيال هو ته هو ترڪيءَ کان شام يا وري عراق جي رستي حجاز مقدس پهچي ويندو. پر هو جڏهن ترڪيءَ جي آخري شهر غازي انتيپ (Gaziantep) پهتو ته هن کي شام ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان جھليو ويو. ترڪ حڪومت هن کي آگاهه ڪيو ته شام ملڪ جو سفر هن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ثائر عبود ڏکڻ ڏي وڌڻ بدران اوڀر جو رخ اختيار ڪيو. امن امان جي حالت خراب هجڻ ڪري هو نه شام مان ۽ نه عراق مان لنگهي سگهيو ٿي. ان ڪري هن ترڪي جو وڌيڪَ سفر ڪري ايران جي تبريز پاسي کان اچي نڪتو. ان وقت جنوريءَ جو مهينو شروع ٿي چڪو هو. ايران ۾ برف باري هجڻ ڪري هو جابلو علائقن کان شارٽ ڪٽ وارو سفر به ڪري نٿي سگهيو. ان ڪري هن ايران جي شهر تبريز کان ڏکڻ طرف جو سفر شروع ڪيو. ڊگهو سفر طيءِ ڪري همدان، ڪرمان شاهه، خرم آباد، ديزفل، اهواز جهڙن شهرن وٽان ٿيندو بندر خميني واري بندرگاهه تائين اچي پهتو جيڪو ايراني نار واري سمنڊ ۾ آهي. هتان هن جي سامهون حجاز مقدس تائين پهچڻ لاءِ عراق جي خطرناڪ سرزمين هئي. ان ڪري هن مجبور ٿي ڪويت تائين سمنڊ جو ٽڪرو ٻيڙيءَ رستي ڪراس ڪيو. ڪويت جي سرحد سعودي عرب سان ملي ٿي. پر ان هوندي به سعودي عرب جي حڪومت هن کي پيدل سفر ڪري مڪي شريف جو رخ ڪرڻ کان منع ڪئي. جيئن ته ڪويت جي سرحدن سان سعودي عرب وارو لاڳو علائقو بنجر ۽ خطرناڪ صحرا تي مشتمل آهي ان ڪري سعودي عرب جي حڪومت ثائر عبود کي پيشڪش ڪئي ته هو ڪويت کان اڳتي جو سفر هوائي جهاز ذريعي طيءِ ڪري يا هو هن لاءِ خاص گاڏيءَ جو انتظام ڪري سگهن ٿا. پر جيئن ته عبود حرم پاڪ تائين پيدل پهچڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو هو ان ڪري هن انڪار ڪيو ۽ هڪ دفعو وري وچ ريگستان مان شارٽ ڪٽ ڪرڻ بدران سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلڻ لڳو ۽ سعودي عرب جي ايراني نار وارن بندرگاهن الجبيل ۽ الدمام مان ٿيندو قطر پهتو جنهن جو دوحا بندرگاهه آهي. ان دوران سڀني عرب رياستن ۾ ثائر عبود جي پيدل ڊگهي سفر جي خبر عام ٿي چڪي هئي. عرب امارت جي رياستن (۽ گلف جي ٻين ملڪن به) هن آسٽريا جي مسلمان کي پنهنجي ملڪ ۾ ميزباني جي پيشڪش ڪئي. عبود دبئي ۾ ٻه ٽي ڏينهن ترسي آرام ڪيو. ان بعد عمان جو رخ ڪيو. عمان کانپوءِ هن کي يمن جو سفر ڪرڻو هو پر هتي به سيڪيورٽي جي مسئلن ڪري داخل ٿي نه سگهيو. ان ڪري هن مجبور ٿي عمان کان جدي پهچڻ لاءِ بحري جهاز ۾ سفر ڪيو. هو جڏهن جدي پهتو ته سعودي عرب جي حڪومت ۽ ماڻهن هن جو وڏي جوش و خروش سان آڌر ڀاءُ ڪيو. مقامي انتظاميا هن کي مڪي شريف تائين پهچائڻ لاءِ گاڏيءَ جو بندوبست ڪيو پر هن جدي کان مڪي تائين جو سفر به پيدل طيءِ ڪيو. ٻي ڏينهن جڏهن هو پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي جي دعا لاءِ مڪي شريف پهتو ته اتي به سوين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. اخباري رپورٽ موجب ثائر عبود روزانو 40 ڪلوميٽر پنڌ ڪيو ٿي ۽ هن کي 12 ملڪن مان لنگهڻو پيو ۽ 12 هزار ڪلوميٽر سفر ڪيو. ان دوران هن گهڻو تڻو مسجدن ۾ ئي گذاريو ۽ هن جي ماني ٽڪي جو بندوبست مقامي ماڻهن ڪيو ٿي. اهڙي طرح 300 ڏينهن ۾ هن جي سفر جو اختتام ٿيو. جيڪڏهن هو شام جي رستي حجاز مقدس جو رخ ڪري ها ته هن کي فقط 7 هزار ڪلوميٽر سفر ڪرڻو پوي ها. پر ٻاهرين پاسي کان ڦيرو ڪري اچڻ ۾ هن جو سفر تمام گهڻو ڊگهو ٿي ويو. هن هي سفر تاريخي رستي تان ڪيو جتان آڳاٽي دور ۾ حج لاءِ پيدل ايندڙ مڪي پهچندا هُئا.
مڪي پهچي ثائر عبود عمرو ادا ڪيو ان بعد پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ خصوصي دعائون گهڙيون جنهن ۾ سوين مسلمانن شرڪت ڪئي. هن جي ڀيڻ جو چوڻ آهي ته جڏهن کان سندس ڀاءُ ثائر عبود مقدس شهر جي سفر لاءِ روانو ٿيو آهي هوءَ پل پل جي خبر وٺندي رهي آهي ۽ هوءَ پنهنجي تڪليف کي بلڪل وساري ويٺي آهي.
مڪي شريف هوٽلن جي ائسوسيئيشن جي سربراهه شيخ عبداللطيف پهرين کان ثائر عبود جي رهائش لاءِ فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهائش جو انتظام ڪري ڇڏيو هو. ثائر عبود جو چوڻ آهي ته حجاز مقدس ۾ مقامي مسلمانن جنهن محبت جو اظهار ڪيو آهي ان هن جي ڊگهي سفر جي ٿڪ کي وساري ڇڏيو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ثائر عبود ٽن ٻارن جو پيءُ آهي. هن جي وڏي پٽ دائود جي عمر 19 سال آهي. جيئن ته عبود پاڻ اسپورٽس مئن آهي ان ڪري هن ان قسم جي ڊگهي سفر جو فيصلو ڪيو. هن سفر دوران ڪيترن ئي موقعن تي هن جي زندگي جو شديد خطرن سان به واسطو ٿيو. هن جو چوڻ آهي ته ”منهنجي نيت صاف هئي، ان ڪري قدرت مونکي هر وقت موت کان بچايو.“
بهرحال هن ڊگهي سفر ڪري نه فقط ثائر عبود جو پر سندس ملڪ آسٽريا جو به نالو روشن ٿيو ۽ دنيا جي ماڻهن کي هن ملڪ جي مسلمانن جي ڄاڻ ٿي. پنهنجي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ آسٽريا جي ڪجهه مسلمان جو شروعات ۾ احوال لکي چڪو آهيان جن جو واسطو پاڪستان سان رهيو آهي. هن لسٽ ۾ اڃان به تمام گهڻا ماڻهو شامل ڪري سگهجن ٿا پر هتي آخر ۾ هڪ وڌيڪَ هم وطني خالد حسين تي ٻه چار سٽون لکڻ ضروري ٿو سمجھان.
خالد حسين پاڪستان جو سينيئر جرنلسٽ ٿي گذريو آهي ۽ آسٽريا جي شهر ويانا ۾ جڏهن ”اوپيڪ نيوز ايجنسي“ جي آفيس کلي هئي ته هي شروعاتي جرنلسٽ هو ۽ هو هڪ وڏو عرصو اٽڪل ڏهه سال اتي رهيو ان بعد ٽي سال پاڪستان ۾ شاليمار ٽيليويزن نيٽ ورڪ جو هيڊ ٿي رهيو. ان بعد سال 2000 ۾ واشنگٽن ۾ APP جي نمائندي طور روانو ٿيو جتي وفات ڪيائين.
خالد حسين سن 1935ع ۾ سرينگر ڪشمير ۾ ڄائو. هو آزاد ڪشمير جي پهرين صدر ۽ محمد علي جناح صاحب جي پرائيويٽ سيڪريٽري مسٽر ڪي. ايڇ خورشيد صاحب جو سالو هو. هن 1967ع کان لاهور جي اخبار پاڪستان ٽائيمس ۾ سينيئر رپورٽر ۽ ڪالم نويس جي حيثيت سان نوڪري شروع ڪئي. ذوالفقار ڀٽي صاحب جي چوڻ تي جنوري 1972ع کان هن سندس فرسٽ پريس سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. جڏهن جنرل ضيا الحق چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته هن احتجاج طور پنهنجي نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ لندن هليوويو. جتان پوءِ هو آسـٽريا اچي OPECNA ۾ نوڪري ڪئي.
خالد حسين تمام سٺو ليکڪ ۽ ترجمو ڪندڙ آهي. هن جا اٽڪل 40 ڪتاب پاڪستان، انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ ڇپجي چڪا آهن. پتي (Gall Bladder) جي ڪئنسر ڪري هن جو فيبروري ۾ آمريڪا ۾ موت ٿيو.

هڪ صدي اڳ جي سفر جي رُوئداد

سڪرنڊ جي ماڻڪ ملاح پاران، ”سنڌ جو ابن بطوطا“ جي نالي سان، سهيڙيل ڪتاب، سندس تر جي هڪ چڱي مڙس ”سِرائي حاجي نبي بخش خان چانڊئي“ جي، ان حج جو سفرنامو آهي، جيڪو هن 1923ع ۾ ڪيو.
سفرنامو بيشڪ مختصر آهي، پر بيحد دلچسپ آهي. جيتوڻيڪ مصنف ان سفر جي سادي سُودي ڳالھ لکي آهي، جيڪا ان زماني ۾ ڇپجي ها ته اُن وقت جي ماڻهن کي نه حيرت ۾ وجھي ها، ۽ نه ان کي اهم سمجھيو وڃي ها، جو ان ۾ هن هڪ عام ڳالھ ڪئي آهي، سا به مختصر انداز ۾ ته حج جو پروگرام ٺاهيم ۽ هي، هي سامان کڻي ڪري ڳوٺان نڪتس، ڪراچي پهتس اتان بحري جھاز ذريعي جدي پهتس، حج ڪيم ۽ واپس آيس. پر هي سفرنامو اڄ ان ڪري دلچسپ آهي، جو اهو هڪ دور جي تاريخ آهي. هي سفرنامو هڪ سئو سال، اڳ جو لکيل آهي. جيتوڻيڪ هڪ صدي ڪو وڏو عرصو ناهي، پر سعودي عرب، توڙي اسان جي ننڍي کنڊ ۾، ايڏيون معاشي ۽ ٽيڪنالاجيڪل تبديليون آيون آهن، جو اڄ جو نوجوان، اسان جي ملڪ جو هجي يا سعودي عرب جو، هو حيرت ۾ پئجي ويندو ته، نبي بخش چانڊئي صاحب هي ڇا لکيو آهي! هن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجھ ۾ نه اينديون. اهوئي سبب آهي، جو مونکي هن لاءِ ڀرپور Input ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي آهي. ڇو جو هڪ ته منهنجو جھازن، سمنڊن ۽ انهن سامونڊي ۽ خشڪي رستن سان واسطو رهيو آهي، ٻيو ته مونکي ان وقت جي حاجين جي تيارين ۽ احساسن جي پڻ ڄاڻ آهي. نبي بخش چانڊيوصاحب 1923ع ۾ جڏهن هي حج ڪيو، ان وقت آئون ڄاول به نه هوس، بلڪ منهنجو والد صاحب به ٽن سالن جو هو، جو هن جي ڄم جو سال 1920ع آهي ۽ منهنجي ڄم جو سال 1944ع آهي، پر مون کي ڪيتريون ننڍپڻ جون يادون، اڄ به چٽيءَ طرح اکين اڳيان آهن. مونکي پنهنجي پاڙي جي حاجين جون تياريون ۽ وڃڻ جو سفر، ان وقت کان ياد آهي، جڏهن آئون ٻئي يا ٽئي ڪلاس ۾ اٺن، نون سالن جو هوس. 1950ع واري ڏهاڪي جي حج سفر ۽ سائين نبي بخش چانڊئي صاحب جي، 1920ع واري ڏهاڪي جي حج سفر ۾، ڪو خاص فرق يا تبديلي نٿو ڏسان. منهنجي خيال ۾ هي سلسلو اڄ به اهو ئي هلندو هلي ها. پر ڇا ٿيو جو، 1970ع واري ڏهاڪي ۾ تيل جي پئسي (پيٽرو ڊالر) سعودي عرب جي قسمت، ۽ دنيا هڪ طرف يڪدم بدلائي ڇڏي ته، ٻئي طرف دنيا ۾ ٿيندڙ ترقيءَ حالتن ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو. اڄ جو نوجوان سوچي به نه ٿو سگھي ته، جڏهن نبي بخش چانڊيو صاحب حج تي روانو ٿيو ته، سعودي عرب ۾ ڪيڏي غربت هئي! ويندي 1950ع واري ڏهاڪي ۾ به، اها حالت هئي. غربت ته اسان وٽ به هئي، پر سعودي عرب ۾ ايتري غربت هئي جو، مونکي ياد آهي ته اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو، حج تي ويندا هئا ته، پنهنجي مالي حالتن مطابق ٿوري يا گھڻي زڪوٰة ۽ خيرات جا پئسا، عربن لاءِ کڻي ويندا هئا. سعودي عرب ۾ پڪا رستا به نه هئا، نه موٽر لاريون! تڏهن ته نبي بخش چانڊئي ۽ ٻين هزارين حاجين کي، جدي کان مڪي ۽ پوءِ مڪي کان مديني اُٺن تي سفر ڪرڻو پيو ٿي. امن امان جي حالت اهڙي خراب هئي جو، جتي ڪٿي عرب بدوئن قافلا ٿي ڦريا. ان جي مقابلي ۾ اسان جو انڊيا ملڪ (انهن ڏينهن ۾ پاڪستان اڃان وُجود ۾ نه آيو هو.) گھڻو گھڻو سڌريل، سهڻو ۽ مالدار هو. جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگھو ٿا ته، مڪي شريف ۾ جيڪي فانوس ٻرندا هئا، انهن جي تيل ۽ مرمت جو خرچ حيدرآباد دکن جو نواب موڪليندو هو.
ڏٺو وڃي ته، سڀ کان گھڻا سفرناما حج تي لکيل آهن. ظاهر آهي هر مسلمان جي اها خواهش رهي ٿي ته، هو زندگيءَ ۾ هڪ دفعو حج ڪري، ۽ نه فقط اسان جي ننڍي کنڊ جي ڪيترن ماڻهن سنڌي، بنگالي، گجراتي، مرهٽي، تامل ۽ ٻين ٻولين ۾، حجاز جو سفرنامو لکيو آهي، پر مصرين، شامين، عراقين، ايرانين ۽ يورپين به پنهنجي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾، ڪيترائي حج بابت سفرناما لکيا آهن. پوءِ ڪيترن جا ڇپيا آهن ۽ اڄ به موجود آهن. جيئن اڄ به ابن بطوطا جو، سفرنامو جنهن ۾ حج جو به احوال آهي، موجود آهي ته، ڪيترن جا قلمي نسخا ئي غائب ٿي ويا. انهن جي سنڀال نه سندن اولاد ڪئي ۽ نه سندن ملڪ جي سرڪار. نبي بخش چانڊئي صاحب جي سفرنامي جو مثال، اسان جي اکين اڳيان آهي. سندس اولاد ۽ ماڻڪ ملاح همٿ نه ڪن ها ته، ههڙي دلچسپ ۽ تاريخي “حج نامي” پڙهڻ کان، اسان محروم رهجي وڃون ها.
دراصل منهنجي ته وڏي خواهش هئي، بلڪ جڏهن مون حج جو سفرنامو، “ڀلي پار تان ڀيرو” ۽ مديني پاڪ جو سفرنامو، “اي روڊ ٽو مدينه” پئي لکيو ۽ مديني جي ڀر واري شهر ينبوع ۾، جڏهن پنهنجي عرب دوست جي گھر رهندو هوس ته، هن جو هڪ جھونو مائٽ پنهنجي ڏاڏي جو پُراڻي کان پُراڻو حج بابت، سفرنامو اتاري رهيو هو ته، ڪيئن ان وقت دنيا جا ماڻهو، سندس شهر واري بندرگاھ ينبوع ۾ آيا ٿي، ۽ مڪي شريف عمري يا حج لاءِ ويا ٿي. ياد رهي ته جدي کان اڳ ڌارين ملڪن کان سمنڊ رستي ايندڙ ماڻهو ينبوع بندرگاھ ۾ لهندا هئا. مون پنهنجي دوست کي چيو ته اهو ڪتاب عربيءَ ۾ ڇپجڻ بعد جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿئي ته، ان جي ڪاپي مون ڏي موڪلجانءِ ته، آئون سنڌيءَ ۽ اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪندس. پر افسوس جو، اهو ڪتاب مڪمل ٿي نه سگھيو، جو اهو ايڏو ته آڳاٽو لکيل هو جو ان جا پنا ڪمزور ٿي ويا هئا ۽ ڪيترا ٽڪرا ڀُري ويا يا پاڻيءَ جا ڦڙا لڳڻ تي اکر ئي ڊهي ويا هئا. جيئن حاجي نبي بخش چانڊئي جي هن قلمي نسخي جو حال ٿي ويو هو. پر وري به ماڻڪ ملاح کي شاباس هجي، جيڪو هي سفرنامو گھڻي ڀاڱي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ هاڻ توهان جي هٿن ۾ آهي. اڄ ڪلھ جي، حاجين کي، جيٽ جھازن ذريعي ڪلاڪن ۾ جدي ۽ مڪي کان مديني پهچندي، اُتي جي فائو اسٽار هوٽلن ۾ رهندو ڏسي، آئون اهو چوندو آهيان ته جيڪر اسان جي وطن جو ڪو همراھ سئو سال اڳ جي حج ۽ سعودي عرب جو به احوال لکي ته، ماڻهن کي خبر پوي ته هي ملڪ، جنهن تي رب پاڪ جون هزارين نعمتون آهن، اتي جو گھڻو اڳ ڇا حال هو! ڪيئن اهي عرب ۽ آيل حاجي حجاز ۾ رهيا ٿي ۽ هنن سفر ڪيو ٿي. نبي بخش چانڊئي جو هي سفرنامو پڙهي خوشي ٿي ته، هي هڪ اهڙو منفرد سفرنامو آهي، جنهن کي اڄ جو نوجوان پڙهي، ضرور enjoy ڪندو ۽ کيس تاريخ جي ڄاڻ ٿيندي. البت هن سفرنامي ۾ ڪجھ اهڙيون شيون ضرور اچي ويون آهن، جن جي اڄ جي نوجوانن کي explanation جي ضرورت آهي. انهن شين مان مونکي جيڪي جيڪي ڳالهيون آئڙن ٿيون، انهن بابت آئون سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. جيئن هي مختصر سفرنامو جيڪو سمجھو ته، ڪوزي ۾ درياھ سمايل آهي، ان مان، هو لطف اندوز ٿي سگھن ۽ کين مونجھارو نه ٿئي ته مصنف هي ڪهڙيون ڳالهيون ويهي لکيون آهن.
حاجي نبي بخش خان صاحب، پنهنجي سفرنامي جي شروعات، حج جي سفر ۾، کاڌ خوراڪ جي کنيل سامان جي لسٽ سان ڪئي آهي. اڄ جو نوجوان سامان جي اها لسٽ ئي ڏسي، حيرت کائيندو ته هي ڪهڙي قسم جو سامان آهي ۽ ان سامان کي پاڻ سان کڻي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي! ڇا اٽو ۽ بصر به اتي مڪي مديني ۾ نه ٿي مليو ڇا؟ ۽ ايڏو بار کڻڻ جي اجازت به هئي ڇا؟ ڇو جو اڄ ڪلھ ته وڌ ۾ وڌ ويھ ڪلو سامان، کڻڻ جي اجازت آهي، ۽ هتي حاجي صاحب (نبي بخش چانڊيو) فقط اٽو سوا مڻ، يعني پنجاھ کن ڪلو کنيو آهي! ۽ ڇا تن ڏينهن ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ، کاڌي پيتي جي شين کڻي وڃڻ جي اجازت به هئي ڇا؟ اڄ ڪلھ ته مٺائيءَ جو، اڌ ڪلو کڻي وڃڻ تي به جَھل آهي. وڌ ۾ وڌ ضرورت جون دوائون کڻي سگهجن ٿيون. ان لاءِ به ڊاڪٽر جي ليٽر ۽ پرسڪرپشن جي ضرورت آهي ته هي همراھ بلڊ پريشر، ڊائبٽيز / يا دل جو مريض آهي ۽ هن کي گلوڪوفيج، ائمرل، هربيسار، ٽنورمن / يا لِپيگيٽ جھڙيون دوائون کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. مزي جي ڳالھ ته هيڏي وڏي لسٽ ۾ مصنف ڪابه دوا شامل نه ڪئي آهي! شامل به ڪيئن ڪري، ان وقت ڪٿي هئي، اهڙين بيمارين ۽ انهن جي علاج جي ڄاڻ؟ مصنف هي سفر 1923ع ۾ ڪيو آهي، جڏهن ته انگريزن کي ڊائبٽيز جي خبر ئي 1920ع ۾ پئي آهي ته، مٺا پيشاب به ٿين ٿا. اهي ڇو ٿا ٿين، انهن ۾ پئنڪرياز جو ڪهڙو ڪردار آهي، ان جو علاج ڇا ٿي سگھي ٿو..... انهن ڳالهين جي حل لاءِ ٻيا به ڪيترائي سال لڳي ويا. سو انهن ڏينهن ۾ هر ڳالھ جو علاج هو سُتي ڦڪي يا جوهر جون ٽڪيون! ۽ حاجي صاحب اهي جھور/ ڦودني جون ٽڪيون کڻي ٿي ويا، ۽ اسان جي مصنف به پنهنجي کاڌ خوراڪ جي سامان ۾ انهن ٽِڪين جو اڌ پاءُ شامل ڪيو آهي.
اڄ جو پڙهندڙ هيڏي وڏي سامان جي لسٽ ڏسي، ضرور پريشان ٿيندو هوندو ته، هونءَ ته “آسان سفر جو راز ته گھٽ سامان آهي”، پوءِ هي اسان جا حاجي صاحب ايڏو سامان ڇو ٿا ڍوئين؟ ڪنهن جهنگل ۾ پڪنڪ ٿا ملهائڻ وڃن، جتي اهو سامان ملي نه سگھندو؟ ڇا سعودي عرب جيهوٽلن ۾ هنڌ بسترو به نه هو، جو هو وهاڻا، چادرون، فراسيون ٿا کڻيو وڃن؟ ڇا هوٽلن ۾ کاڌو پيتو به نه هو جو هي ديڳڙا، توا، رقيبيون چمچا کڻيو ٿي ويا؟ جي ها! جيڪو ائين سوچي ٿو، اهو صحيح سوچي ٿو. انهن ڏينهن ۾ حج جو سفر هڪ پڪنڪ ۽ ائڊوينچر کان گھٽ نه هو. انهن ڏينهن ۾ سعودي عرب ۾ ڪٿي هيون رهائش لاءِ هوٽلون؟ ڪٿي هئا سيڌي سامان جا دڪان؟ سعودي عرب ۾ غربت جو حال اهو هو جو، هو پاڻ حج جو انتظار ڪندا هئا ته الهند (India) جھڙي سُکي ملڪ جا، ماڻهو حج لاءِ اچن ته، هنن کي به ڪجھ کائڻ پيئڻ لاءِ ڏين. عربن جون اڄ جون هي سڀ عيش عشرتون پيٽرول نڪرڻ بعد آهن، نه ته 1970ع کان اڳ، هنن جي ڪمائيءَ جو واحد ۽ وڏو ذريعو حج هو. ان جي مقابلي ۾ اسان جو “برٽش انڊيا” هڪ سُکيو ستابو ملڪ هو، جتان جا حاجي مڪي مديني ويا ٿي ته پنهنجي راشن سان گڏ، اتي جي ماڻهن کي خيرات ڏيڻ لاءِ پڻ کڻي ويا ٿي جيئن مٿي لکي آيو آهيان. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ به مون پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي ڏٺو ته هو حج تي ويندڙ ماڻهن ذريعي، عربن لاءِ زڪوٰة موڪليندا هئا.
جيستائين سامان جي وزن جو سوال آهي، ان جي جھل پل نه هئي جو، هو پاڻيءَ واري جهاز ذريعي ويا ٿي. اڄ ڪلھ ته منيٰ ۾ به هوٽلون، دڪان ۽ البيڪ جھڙا فاسٽ فوڊ جھڙا اسٽور کلي ويا آهن. نه ته مونکي ياد آهي ته 1964ع ۾ منهنجو والد ۽ ڏاڏي حج تي ويا هئا ته، انهن سان گڏ ڏيپلي جو، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر سڄڻ ۽ ڪي ٻه ٻيا به رفيق هئا. جن کي منيٰ ۾ رڌ پچاءَ لاءِ پنهنجو چلهو کڻي وڃڻو پيو هو. اهوئي سبب آهي جو، مڪي، مديني، خاص ڪري منيٰ جھڙن ڳتيل هنڌن تي باھ لڳي وئي ٿي.
پاڻي وارن جھازن تي، حاجين کي سامان کڻي وڃڻ جي، پابندي نه هئي، پر ان هوندي به ايڏو سامان ڍوئڻ ۾، کين ته تڪليف ٿيندي هوندي. ڇو ته جدي کان مڪي، ۽ مڪي کان مديني پهچڻ لاءِ ڀاڙي تي اٺ ڪندا هئا. هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ هلڻ لاءِ، هزارين اُٺن جو قافلو گڏ گڏ نڪرندو هو. ان ڪري جو رستي تي امن امان نه هو. بدو عرب ڌاڙيل، هنن حاجين جي ڦر ڪندا هئا. مڪي کان مديني ويندي تيرهن ڏينهن لڳا ٿي. انهن 13 ڏينهن ۾ رستي تي، اسان واري حاجي صاحب نبي بخش جي قافلي تي، ٽن چئن هنڌن تي، ڌاڙيلن ڦر ڪئي، ۽ اهي بدو عرب ڌاڙيل به اهڙا بُکيا ۽ مسڪين لڳا ٿي، جو ڪنهن جا چار روپيه به نٿي ڇڏيائون. سامان ۾ وَٽا، چونئريون ۽ لوٽا به ڦري ٿي ويا. نه هيون اسپتالون نه ڊاڪٽر، نه دوائون. بيمار، پوڙهن، عورتن کي مڪي کان مديني ۽ واپس مڪي يا جدي پهچڻ لاءِ ڏينهن رات اٺن تي سفر ڪرڻو پيو ٿي. اهو اڄ جو سخت قانون آهي جو، پيٽ واري عورت کي، سفر کان جھليو وڃي ٿو. خاص ڪري اها عورت، جيڪا مٿين مهينن ۾ آهي. بلڪ اها عورت پاڻ ئي ايڏي وڏي سفر کان پرهيز ڪري ٿي جو اڄ جون عورتون، پيٽ سان ٿيڻ کان وٺي، ڊليوريءَ تائين لڳاتار ڊاڪٽرياڻيءَ کان چڪاس ۽ لئبارٽري ٽيسٽ ڪرائينديون رهن ٿيون، گائني جي ڊاڪٽرياڻيءَ جون ڏسيل دوائون کائينديون رهن ٿيون ۽ پوءِ به ٻار جي ڊليوري، قدرتي طرح سان نه، پر آپريشن سان سرانجام ڏني وڃي ٿي! پر اڳئين زماني ۾، عورت هڪ دفعو پيٽ سان ٿِي ٿي ته، ڏهين مهيني دائيءَ اچي ٻار ڄڻايو ٿي. بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته دائيءَ جي پهچڻ کان، اڳ ٻار ڄمي ٿي ويو. ان جو مثال توهان کي، حاجي نبي بخش چانڊئي جي، هن سفرنامي مان به ملندو ته، مديني کان مڪي يارهن ڏينهن جي سفر ۾ رستي تي، هڪ عورت کي ٻار به ڄائو. جتي هن ڏکئي سفر ۾ ڪيترا پوڙها ۽ بيمار گذاري ويندا هئا، اتي ڪيتريون عورتون ڏکي ڊليوري ۾ به مري وينديون هيون. هو مٿين مهينن ۾ به حج جي سفر تي نڪري پونديون هيون، اهو سوچي ته، جي هن دفعي نه ويس تي پوءِ الائي، ڪڏهن موقعو ملي. حج جي سفر ۾ ڄميل اهڙن ٻارن جا فخر سان مدينا، مڪو يا مڪي نالا رکيا ويندا هئا. هاڻ ته پيٽ سان عورتن جي سفر تي پابندي آهي، سو نڪي مدينائون ٿيون ڄمن ۽ نه مَڪا. پر اڳئين وقت جا ڄميل پوڙها مَڪا ۽ مدينائون، توهان جي شهر ۾ به ضرور هوندا.
پڙهندڙن سان اها ڳالھ به ضروري ڪندو هلان ته، هن سفرنامي جي ليکڪ حاجي نبي بخش خان چانڊئي جي ڏينهن ۾، توڙي منهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن، ياد ٿو ڪريان ته، انهن ڏينهن ۾، يعني 1950ع واري ڏهاڪي ۾، حج جا سِڪايل، مهينن بلڪ سالن کان، حج جي سفر لاءِ پئسا گڏ ڪندا رهندا هئا. پوءِ جڏهن رب پاڪجو سڏ ٿيندو هو ته، وڃڻ جي تياريءَ لاءِ، ائين سامان ويهي ٺاهيندا هئا، جيئن هن سفرنامي جي “مسافر” لسٽ لکي آهي. اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو ته، هڪ سال اڳ واري عيدالاضحيٰ تي، ڪيل قرباني جي گوشت کي ۽ ڪي ته مڇين کي به، اس ۾ سُڪائي رکندا ها ته، دالين سان گڏ، ان سڪل گوشت ۽ مڇين کي به کڻي ويندا هئا. يعني حج جي به ائين تياري ٿيندي هئي، جيئن ڪنهن جي شاديءَ جي يا نئين گھر ٺهرائڻ جي. هينئر ته وري به ماڻهن وٽ پئسو آهي، پر جيڪي غريب آهن، اهي به شاديءَ لاءِ شادي هال بُڪ ڪن ٿا، جيڪي ٽيبل ڪرسيون، اسٽيج ۽ مهمانن جي مانيءَ جو بندوبست ڪن ٿا. نه ته اسان جي ننڍپڻ ۾، آئون ڏسندو هوس ته، گھوٽ وارا شاديءَ کان اڳ، چانور، ڇوڏا، ڪاٺيون، گيھ، مصالحا، بصر پيا گڏ ڪندا هئا. اهڙي طرح گھر ٺهرائڻ وارا به، سال ٻه کان سيمنٽ، ٽيئر، گارڊر يا ڪامون ۽ ٻيو اڏاوت جو سامان ٿورو ٿورو ڪري پيا گڏ ڪندا هئا. هاڻ ته گھر ٺهرائڻ جو ڪم به، ٺيڪيدار حوالي ڪرڻو پوي ٿو. يا قسطن تي فليٽ وٺڻو پوي ٿو.
دراصل مون کي پاڻ دل ۾ هو ته، ڪنهن اهڙي حاجيءَ جو سفرنامو پڙهجي، جنهن ۾ سامان جو به ذڪر هجي ته، هو ڪهڙي قسم جو سامان کڻي، حج تي ويا ٿي. اڄ ڪلھ، حاجي 20 ڪلو جو ذاتي سامان، جنهن ۾ ٻه ٽي وڳا، چمپل، احرام کڻي حج لاءِ وڃن ٿا، پر واپسيءَ تي ان کان وڌيڪ سامان آڻين ٿا، جو هو مڪي مديني مان کجور (تمر)، زمزم جو پاڻي، گھر جي ڀاتين لاءِ ڪچو ڪپڙو، واچون، رانديڪا ۽ ٻيا هلڪا ڦلڪا تحفا آڻين ٿا. پر سائين نبي بخش خان چانڊئي جي، ڏينهن ۾ هر حاجيءَ سان گڏ سامان جا ڪئين ٻورا هوندا هئا، جن کي جدي کان مڪي کڻي وڃڻ لاءِ، هزارين اُٺ جدي بندرگاھ ۾ موجود هوندا هئا. هر حاجيءَ جو سامان گھٽ ۾ گھٽ ٻه اڍائي سو ڪلو ٿيندو هو. جنهن ۾ اٽو، چانور، هنڌ بستري، ديڳڙن، ٿالهين، ٿالھ، دٻن، چونئرين ساندارين، سُئي سَڳي، سُوتلي، اڳٺ وجھڻي، مرچ مصالحن کان وٺي ڪپڙا وڳا ۽ ٽوال هوندا هئا. انهن ۾ ڪي ڪي ته حيرت ۾ وجھندڙ شيون به هونديون هيون. جيئن ته جھاز جي نادين (ٽانڪين) مان ۽ مڪي مديني ۽ رستي تي، کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ، رسيءَ سوڌي باردي، الٽيون ڪڍڻ لاءِ چلمچي، کوھ تان پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چمڙي جي سانداري، پيشاب داني (جو خراب سمنڊ ۾ سي سڪنيس ٿيڻ مهل مسافرَ پاڻ کي نفسياتي طرح بيمار سمجھي پيشاب لاءِ اُٿن ئي ڪونه اتي ئي سُتا رهن ٿا). جيئن اسان واري مسافر به لکيو آهي ته، ”جھاز جي لُڏڻ ڪري ڪيترا ڏينهن، اهڙي ته ڦيري رهي جو، ماني به نه کائيندا هئاسين.“ جيتوڻيڪ اها ڦيري جيڪا سمنڊ جي خراب ٿيڻ تي ٿئي ٿي ۽ جنهن کي Sea Sickness سڏجي ٿو، ان ۾ پيٽ کي خالي نه رکجي. ماني نه وڻڻ جي باوُجود، زوريءَ ڪجھ نه ڪجھ کائيندو رهجي، ڀلي اُلٽيون اينديون رهن. حاجي صاحب پنهنجي سامان ۾ وَٽ سارڻ لاءِ، ڀتر کڻڻ بدران درزيءَ کان اڳڙين جا ٽوٽا کنيا آهن- سي به ٻه سير کن.
بهر حال، هن سفرنامي جي مصنف، اهو سٺو ڪيو آهي، جو سامان جي لسٽ به لکي آهي. جنهن ۾ ٻُڌايل سامان ان وقت معمولي ڳالھ هئي، پراڄ اسان لاءِ حيرت جو سبب آهي. جيئن اڄ کان ويھ ٽيھ سال اڳ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سفر ڪرڻ لاءِ، مون وٽ جيڪا سامان جي لسٽ هوندي هئي، ان ۾ ڪئميرا، فلم رول (بعد ۾ ڪئميرائون ڊيجيٽل ٿيڻ تي انهن جي بيٽريءَ جو چارجر)، انٽرويو وٺڻ لاءِ يا گانا ٻڌڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊر، ٽائيم ڏسڻ لاءِ واچ ۽ وقت تي اٿارڻ لاءِ ٽائيم پيس، ٽيليفون نمبرن ۽ دوستن جي ائڊريس جي ڊائري ۽ ٽارچ جھڙيون شيون به هونديون هيون. پر اڳتي هلي اهڙو زمانو ايندو، بلڪ اڄ ئي ڪيترن کي تعجب لڳندو هجي ته، اهي هيتريون ساريون شيون کڻڻ بدران، سمارٽ فون ڇو نه ٿي کنيم؟ اهو ان ڪري جو انهن ڏينهن ۾ موبائيل فون ايجاد نه ٿيو هو. ان کان علاوه پڙهندڙ ان لسٽ ۾ سُرمون ۽ تيل پڙهي به سوچيندا هجن ته، جپان توڙي سُئيڊن ۾ اهي ڇو ٿي کڻي ويس؟ اهو ان ڪري جو اسان جي عُمر جي ماڻهن کي مائٽن ننڍي هوندي کان، اها سُتي وڌي هئي ته، اکين جو نور قائم رکڻ لاءِ، سُرمون ضروري آهي ۽ دماغ جي تراوت لاءِ روزانو صبح جو، وهنجي تيل هڻڻ به ضروري آهي، پوءِ ڀلي مٿي تي وار نه به هجن. ۽ هاڻ ڊاڪٽرن جو اهو ئي چوڻ آهي ته، مٿي تي تيل هڻڻ يا نه هڻڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. پراسان جي دور ۾، هر ٻار توڙي وڏو روزانو صبح جو، تيل هڻندو هو ۽ اکين ۾ سرمون پائيندو هو. اهڙي طرح ميٽ جو استعمال هوندو هو. ميٽ منهنجي خيال ۾ ملتان جي مٽي آهي، جيڪا اسان وٽ سنڌ ۾ صابڻ جي جاءِ تي استعمال ٿئي ٿي. اسان ننڍي هوندي ڳوٺن ۾، جسم کي ميٽ هڻي، پوءِ وهنجندا هئاسين. بعد ۾ صابڻ عام ٿي ويا ته به، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان موڪل ٿيڻ تي ڳوٺ اچبو هو ته، ڏاڏي صابڻ هڻڻ کان منع ڪندي هئي. هن جو هر وقت ضد هوندو هو ته، ٿوري دير ميٽ هڻي ويهو، پوءِ وهنجو. اسان چوندا هئاسين ته خبر ناهي، اسان جي سنڌ جون پوڙهيون ڪڏهن سڌرنديون. پر پوءِ جڏهن وڏا ٿياسين، تعليم مڪمل ڪري جھاز هلاياسين ته، برما، ٿائلنڊ، ملائيشيا ۽ جپان جي نوجوان ڇوڪرين کي منهن ۽ ڳچيءَ تي ميٽ هڻي، پنهنجي گھر جي دِڪيُن تي ويٺل ڏسي حيرت ٿي، ۽ پڇڻ تي ٻُڌايائون ته ان سان سونهن ٿي پيدا ٿئي.
بهرحال هر دور ۾، ان وقت جي حالتن ۽ ضرورت موجب الڳ الڳ شين جي اهميت رهي ٿي. هڪ خيال کان، حاجي نبي بخش خان پنهنجي سفرنامي ۾ حج جي سفر لاءِ، پوندڙ ضرورت جي شين جي لسٽ ڏئي، سٺو ڪيو آهي. جيڪا ڳالھ اڄ جي پڙهندڙن لاءِ نه فقط معلومات پر دلچسپ پڻ ثابت ٿيندي.
حاجي نبي بخش خان صاحب جي، هن سفرنامي جا پڙهندڙ شايد اهو به پڇن ته، حاجي صاحب پنهنجي حج جي سفر جو، جتي ڪٿي ڪيل خرچ روپين ۾ ڇو لکيو آهي؟ ويندڙ قافلي کي ڌاڙيل ڦرين ٿا ته، هنن لاءِ اهو لکي ٿو ته، هو هيترا روپيا ڪئش ڦري ويا ۽ هيترن روپين جو سامان کڻي ويا. ڳالھ اها آهي ته، اهو برٽش انڊيا جو زمانو هو ۽ سڄي انڊيا ۾ (جنهن ۾ اڄ جو پاڪستان ۽ بنگلاديش به اچي ويا ٿي.) سِڪي جو نالو روپيو هو، ۽ هي روپيو جنهن جو، سڪو نج چانديءَ جو ۽ تور ۾ هڪ تولو هو، نه فقط سڄي انڊيا ۾ پر سري لنڪا، برما، ويندي ٿائلنڊ، ملايا ۾ هڪ طرف، ته ٻئي طرف هنن عرب ملڪن ۾ هڪ طاقتور ڪرنسي سمجھيو ويو ٿي. ويندي ڪويت، يمن، جبوتي، بحرين ۽ سعودي عرب جي ريال کان انڊين روپيو مضبوط هو. ٻي ڳالھ ته حج تي جيڪي آيا ٿي، انهن ۾ پاڙي جي ملڪن، يمن، مصر، سوڊان جا مسلمان به هئا، پر انهن سڀني کان وڌيڪ انڊيا جا مسلمان هوندا هئا، جيڪي ڪلڪتي، بمبئي، سورت، ڪراچي ۽ انڊيا جي ٻين بندرگاهن کان سعودي عرب پهتا ٿي. جڏهن هوائي جهاز شروع ٿيا ۽ سفر جون سهولتون آسان ۽ ماڊرن ٿيون ته ملايا (ملائيشيا)، انڊونيشيا ۽ ٻين ڏورانهن ملڪن کان، ايندڙ ماڻهن جو تعداد وڌيو. نه ته 1950ع تائين اسان جي گھڻائي ۽ مانُ هو. گھڻا تڻا عرب غريب ۽ محنت مزدوري ڪندا هئا، جيئن اڄ ڪلھ توهان کي سکر، جيڪب آباد، گھوٽڪي ۽ بلوچستان جا ماڻهو، سعودي عرب ۾ مزدوري ۽ هارپو ڪندي نظر اچن ٿا. حج تي آيل انڊين حاجين جي دل جيتڻ لاءِ، ڪيترا عرب پورهيت اڙدو به ڳالهائيندا هئا. ان ڪري هر ڪو عرب انڊيا جي ڪرنسي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندو هو. جيئن اڄ ڪلھ اسان وٽ ڳوٺن جا ماڻهو به، آمريڪن ڊالر جي ڳالھ ٿا ڪن. عرب هر شيءِ جو اگهه روپين ۾ ٻڌائيندا هئا ۽ اسان جي حاجين کي، اڄ وانگر ڪراچيءَ کان، يا جدي پهچي روپيا بدلائي ريال وٺڻا نٿي پيا. ائين هجي ها ته، هن سفر جو ليکڪ ضرور لکي ها ته، هُن، هِن ريٽ تي فلاڻي بئنڪ يا مني ايڪسچينج تان، روپيا مَٽائي هيترا ريال ورتا. هرگز نه. انهن ڏينهن ۾ هر حاجيءَ جو سڄو سفر پنهنجن روپين ۾ ٿيندو هو. اهوئي حال 1960ع واري ڏهاڪي تائين دبئي ۽ ايران جي بندرگاھ “ڇابهار” جو هو. جتي نه فقط اسان جو روپيو هليو ٿي، پر هنن پنهنجي ملڪ جي سِڪي کي به، روپيو سڏيو ٿي ۽ اسان کي انهن بندرگاهن ۾ عربي يا فارسي ڳالهائڻ جي ضرورت نه ٿي پئي، پر هنن اسان سان اڙدوءَ ۾ ڳالهايو ٿي.
اسان جي روپئي، يعني برٽش انڊيا (انگريزن جي دور جي انڊيا) جي روپئي جي قدر جو اندازو، ان مان لڳائي سگھو ٿا ته، ڪراچيءَ کان جدي پاڻيءَ واري جھاز جي سفر جو، ڀاڙو 70 روپيه هو. جيتوڻيڪ اهو به گھڻو مهانگو سمجھيو ويو ٿي، جو حاجي نبي بخش چانڊئي وارن اوچي لائينر جھاز “شجاع” ۾ سفر ڪيو، جنهن ۾ 900 ماڻهو بمبئيءَ کان اڳئي چڙهيل هئا، ۽ بمبئي کان ڪراچي پهچڻ تي، ڪراچيءَ مان وڌيڪ 400 مسافر چڙهيا. جن ۾ هن سفرنامي جو مصنف، نبي بخش چانڊيو صاحب به هو. انهن ڏينهن ۾ ستر روپيا ڀاڙو ڏئي، حج ڪرڻ وارا، امير ۽ سُکيا ماڻهو سمجھيا ٿي ويا. حاجي صاحب نه فقط انگريزن جي دور ۾، سرڪاري نوڪريءَ ۾ رهيو ۽ هاڻ پينشن تي هو، پر زميندار پڻ هو، ان ڪري برداشت ڪري سگھيو ٿي. ان جھاز کان گھٽ سهولت وارا جھاز به هئا. جن جو ڀاڙو کڻي، هن جھاز شجاع کان گھٽ هو، پر اهو به اسان جي عوام لاءِ وڏو هو، جو انهن ڏينهن ۾ ماڻهن جا پگھار ۽ ڪمايون به گھٽ هُيون. وري به اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو، خوش نصيب هئاسين، جو اسان وٽ سرڪاري نوڪريون، پوک، وڻج واپار ۽ ڪارخانا هئا. اڄ واري سعودي عرب يا يمن جھڙن ملڪن ۾ ته ڀينگ لڳي پئي هئي. نه هئي پوک ۽ نه هئا ڪارخانا. ڪم سڄو ڦرلٽ تي هليو ٿي، يا حج جي ٽوئرزم ۽ ميلي تي، جنهن موسم ۾ عربن، حاجين جي خدمت ڪري يا چوري چڪاري ڪري چار پئسا ڪمايا ٿي. عربستان جي ماڻهن توڙي حڪومت کي هر وقت حج جي موسم جو انتظار رهيو ٿي ته، حج لاءِ ايندڙ عوام اچي پئسو خرچي، جيئن مقامي ماڻهن جي ڪمائي ٿي سگھي. اڄ جي عربن وانگر (جيتوڻيڪ اڄ جا عرب ته امير آهن) ان وقت جي عربن کي به اها ڳالھ نه ٿي وڻِي ته، ڪو ڪنگلو، حج تي اچي يا حج تي اچي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪري هتان ڪمائي وڃي. جيئن حاجي صاحب مڪي کان مديني روانو ٿيڻ جو نقشو چٽيو آهي ته، هُنن سفر لاءِ اُٺ ڀاڙي تي ڪيا. انهن ڏينهن ۾ نه روڊ رستا پڪا هئا ۽ نه موٽر لاريون. رستو به سمنڊ جي ڪناري وارو وٺي وڃڻو پيو ٿي، جيڪو اڄ واري رستي کان ڏورانهون آهي.
حاجي صاحب لکي ٿو ته، “مديني وڃڻ لاءِ هرهڪ جي دل چيو ٿي، پر ڪيترا حاجي اهڙا مسڪين هئا جو، هنن وٽ اُٺن جو ڀاڙو نه هو. اهي مسڪين حاجي مڪي مُعظم ۾ پئي رُليا، جن جو تعداد هزارن ۾ هو. هُو پنهنجو خرچ کائي ويا هئا. سندن حالت قياس جوڳي هئي. ڀاڙي نه هجڻ ڪري ڪيترا حاجي، رسول پاڪ ﷺ جي، روضي جي ديدار ۽ حُب خاطر پيرين پنڌ نڪتا ٿي”. اڄ جي ماڻهن لاءِ اها ڳالھ عجيب آهي ته، هيڏو وڏو مڪي کان مديني، پراڻي رستي وارو سفر، جنهن ۾ اُٺن کي به منزلون ڪندي 13 ڏينهن لڳا ٿي. سو هنن غريبن بک، اڃ ۽ گرميءَ ۾ ڪيئن ٿي ڪيو. ڏکيو سفر ان ڪري جو انهن ڏينهن ۾ پاڻي به جتي ڪٿي نٿي مليو. رستي تي مختلف منزلن تي کوھ هئا، جن مان ڪن جو پاڻي صحيح هو ته، ڪن جو ٻاڙو. ڪٿي باردي ذريعي پاڻي ڇڪي ڪڍيو ويو ٿي ته، ڪٿي ان جا به پئسا ٿي ڏيڻا پيا. رستي تي بدامني ان کان علاوه هئي. ڦر ۽ چوريءَ جو خوف نه رڳو پيدل ويندڙ کي رهيو ٿي، پر هزارن جي تعداد ۾ گڏ هلندڙ اٺن جي قافلي وارن کي به ٿيو ٿي. جيتوڻيڪ اهي ڦورو ۽ بکيا بدو عرب به مسلمان ۽ انهن پاڪ جاين جا رهاڪو هئا، پر هنن کي نه خدا جو خوف هو ۽ نه حج جو فرض ادا ڪرڻ وارن غريب مسافرن جو قياس هو. پر حاجين جو جوش ۽ جذبو ڏسو، هنن جي کيسي ۾ پيٽ ڀري کائڻ لاءِ پئسو نه هو، ۽ نه ڀاڙي لاءِ ڏوڪڙ، ته به رسول پاڪ ﷺ جي روضي جي سچي سِڪ ايڏو مجبور ٿي ڪيو، جو هو مڪي کان مديني پنڌ نڪري ٿي پيا. ڏٺو وڃي ته اهو ته وري به ڪو وڏو پنڌ نه هو. ڪيترا عاشقانِ رسول پنهنجي ملڪ، پنهنجي شهر کان مڪي (حج) تائين پيرين پنڌ آيا ٿي. اسان جي سنڌ جا به هرسال ڪيترائي ماڻهو پيرين پنڌ حج لاءِ نڪتا ٿي. ڪيترن بابت مون به ٻُڌو ۽ ڪيترا ڏٺا. آخري ماڻهو هن سفرنامي جي مصنف، حاجي نبي بخش چانڊئي جي پاسي جو، سڪرنڊ جو رهاڪو، حاجي ڪوري هو، جنهن پنهنجن ٽن چئن ساٿين سان گڏ، پيرين پنڌ حج جي سفر جي شروعات، سڪرنڊ کان ڪئي. مختلف ملڪن مان گذرندي، هنن ڪيتريون ئي تڪليفون سَٺيون. ويندي يمن ۾ جيل به ڪاٽيائون. منهنجي ساڻس ملاقات 1968ع ڌاري دبئيءَ ۾ ٿي، جڏهن اسان پنهنجي جھاز کي پهريون دفعو دبئي ڪاهي آيا هئاسون. هن غريب دبئيءَ ۾ محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪيو ٿي، ۽ بچت ڪري پنهنجو واپار وڌائي وڌائي ٽيھ چاليھ سالن بعد، دبئي جو مشهور اسٽيٽ ايجنٽ ٿي ويو. حيدرآباد ۾ سندس ”ڪوري هائوس“ ۽ سڪرنڊ ۾ ٺهرايل ماڊرن شادي هال ”سنڌ پيلس“ مشهور آهي. ٻه سال اڳ منهنجي ساڻس آخري ملاقات حيدرآباد ۾ ٿي. سو منهنجو مطلب اهو آهي ته، اڄ ڪلھ پڪن رستن ۽ بسين، ڪارين، وئگنن جي دور ۾ جڏهن ماڻهو “ٻاروچي باغ” کان ونجھيري”، يا “سڪرنڊ” کان “صابو راهو” تائين به چنگچين ۾ سفر ڪن ٿا. بقول ڪنهن ڏاهي جي، اڄ ڪلھ عورتن کان جنڊ ۽ مردن کان پنڌ ڇڏائي ويا آهن، سو ان تناظر ۾، اڄ جو ماڻهو انهن پنڌن جو سوچي به نٿو سگھي. پر حاجي نبي بخش چانڊئي جي ڏينهن ۾، هن ڏٺو ته اهي غريب حاجي، جن جي هڙ ۾ پئسو نه هو، انهن پيرين پنڌ پيادي مديني منور پهچڻ جو ارادو ڪيو. هو لکي ٿو ته “انهن کي پوليس هٿ ڪري موٽائي، مڪي شريف آندو ٿي. انهن کي ٽي ڏينهن جيل ۾ رکيو ويو ٿي، جتي هنن جي ماني، پاڻي به بند رهيو ٿي. انهيءَ ڪري ويچارا هزارين مسڪين حاجي، زيارت ڪرڻ کان رهجي ويا. عربن جو مطلب هو ته ڪوبه بي ثمرو حاجي، حج تي اصل ڪونه اچي. تنهن ڪري ڀانئجي ٿو ته، آئينده ڪوبه مسڪين حاجي حج تي ڪونه ويندو.”
حاجي صاحب بلڪل صحيح سوچيو. عربستان جي عربن کي ان ڳالھ جي خوشي يا روحاني راحت نه ٿي رَسي ته، مختلف ملڪن کان خاص ڪري، برٽش انڊيا کان (جتي جا ماڻهو عربن ۽ ٻين کان وڌيڪ سُکيا ستابا هئا)، اسلام جي پنج رڪنن مان، هڪ پورو ڪرڻ لاءِ هنن وٽ اچن ٿا. پر هنن کي اهوئي فڪر رهيو ٿي، جيئن هو گھڻي کان گھڻو پئسو کڻي اچن ۽ هتي اچي خرچ ڪن، جيئن سندن ڪمائي ٿئي. جي ڪڏهن ڪو خالي کيسن سان ايندو ته پيٽ ته ٻه وقت ماني هر صورت ۾ گھري ٿو، جنهن جو پورائو ڪرڻ لاءِ، هو ڀلي کڻي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کان ئي پنن يا چوري ڪن، پر اها ڳالھ به عربن کي نه ٿي وڻي. اها خيرات به مقامي ماڻهن کي ڇو نه ملي، اهو مال به مقامي چور بدو ڇو نه چوري ڪن.
ياد رهي ته اڄ به جپان، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جھڙن ايشيائي ملڪن کان، يورپ جا امير ملڪ، جن وٽ ٽوئرزم عام آهي، انهن جو مقصد آيل ٽوئرسٽن مان پئسو ڪمائڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو، هو اسان جھڙي ڪنگلي ملڪ جي ماڻهن مان خوش نه آهن ته، اهي ڪي سندن ملڪ ۾ اچن. ايتريقدر جو هنن جا سفارت خانا ٽوئرسٽ ويزا- يعني گھمڻ جي اجازت تڏهن ٿا ڏين، جڏهن هنن کي پڪ ٿي ٿئي ته، هي پاڪستاني جيڪو سندن ملڪ ۾ پيو پهچي، ان وٽ گھمڻ لاءِ پئسو ۽ واپسيءَ جي ٽڪيٽ آهي يا نه؟ ائين ته نه ٿيندو جو هو گھمڻ جو بهانو ڪري اتي نوڪري حاصل ڪري، مقامي ماڻهن جي روزگار تي لت هڻي. ان سلسلي ۾ پنهنجي شروع جي ملائيشيا وارن سفرنامن مان، هڪ ۾ لکي چڪو آهيان ته، ملاڪا جو چيف منسٽر جيڪو منهنجو هم عُمر ۽ دوست هو، تنهن چيو ته “مونکي اهي يورپي سياح بلڪل پسند نه آهن، جيڪي ڪنجوس آهن يا خالي کيسن سان اچن ٿا. جيڪي بس جي ٽڪيٽ ڀرڻ بدران ايندڙ ويندڙ کان لفٽ وٺن ٿا. اسان جي پارڪن ۽ ٻين تفريحي هنڌن تي گھمن ڦرن ٿا ۽ ڪوڪا ڪولا تي ٻه رنگٽ خرچ ڪرڻ بدران، ميونسپالٽي جي نلڪي مان، مفت جو پاڻي پي گذر ڪن ٿا”.
حج جي هن سفر ۾، مٿين ڳالھه لکڻ وقت، مصنف پيدل حاجين بابت لکيو آهي ته، “هنن کي شريف- يعني شريف جي پوليس واپس ورايو ٿي”. اهو “شريف” ڪير هو؟ ان جو احوال ٿورو اڳيان ڪريون ٿا. مڪي کان مديني ويندي، ان وقت جي حاجين کي 13 ڏينهن کن لڳا ٿي. چانڊيو صاحب لکي ٿو ته “تاريخ 8 ذوالقعد جي اسان جو قافلو، اٽڪل چار سئو اُٺن جو، مڪي کان مديني ڏي روانو ٿيو ۽ مديني 21 ذوالقعد تي پهتاسون”. مصنف رستي تي درپيش آيل ڌاڙيلن جي ٽن چئن ڦرن جو به احوال لکي ٿو ته، ڪيئن هنن مسافرن کان پئسا ۽ سامان به ڦري ٿي ويا. ڏٺو وڃي ته سامان به ڇا هُين- اهو ديڳڙو، ٿالهيون، چمچا، رقيبيون، پراڻا چمپل ۽ هنڌ بسترا. پر ڏسو ملڪ عربستان ۾ ايڏي غربت ۽ بدامني هئي جو ڌاڙيلن اهو سامان به نٿي ڇڏيو. ۽ شاباس هجي انهن عربن کي جن هنن ڌاڙيلن کان، اهو سامان خريد ٿي ڪيو. نه چوريءَ تي نه چوريءَ جي مال جي وڪري تي، ڪا جھل پل هئي. اڄ جو نوجوان هي سفرنامو پڙهي حيرت کائيندو هوندو ته، حاجي صاحب ڪوڙ لکيو آهي، يا ته هي ڪو ٻيو ملڪ هوندو. سعودي عرب ۾ ته قاعدو قانون ۽ پوليس ايڏي سخت آهي جو، ماڻهو ٻانگ ٻُڌڻ تي دڪان کُليل ڇڏي نماز تي هليا وڃن. سعودي عرب ۾ ته چوريءَ جي سزا هٿ ڪپڻ آهي، جنهن جي ڊپ کان ڪو چوري يا چوريءَ جو مال وڪڻڻ جو سوچي به نٿو سگھي.
منهنجو جواب اهو آهي ته، حاجي صاحب به صحيح لکيو آهي ۽ اڄ جي پڙهندڙن به صحيح سمجھيو آهي ته، هي ڪو ٻيو ملڪ آهي. يارو جن ڏينهن ۾ چانڊئي صاحب، حج جو سفر ڪيو، اهو سال 1923ع هو. ان وقت، نه هو پاڪستان ۽ نه هو سعودي عرب. اهو ته چڱو جو، حاجي صاحب جي سفرنامي ۾، هن ڪو اهڙو جُملو نه لکيو آهي ته، مونکان ڪنهن آفريڪي شيديءَ پڇيو ته، ڪهڙي ملڪ جو آهين؟ ته وراڻيو مانس، “سهڻي هندوستان جو آهيان”. ۽ پوءِ ماڻڪ ملاح، حاجي صاحب جو ان جملي سان، هي سفر نامو ڇپرائي ها ته، اسان جا ڪيترا پڙهندڙ، هن تان ائين کِلن ۽ چٿرون ڪن ها، جيئن ڊاڪٽر اقبال تان ڪي ماڻهو کلن ٿا ته، هن پنهنجي ملڪ پاڪستان جي، تعريف ڪرڻ بدران لکيو آهي ته، “سارے جہاں سے اچھا ہندوستان ہمارا” سو ڳالھ اها آهي ته، ان وقت ڪٿي هو پاڪستان؟ پاڪستان ته 1947ع ۾ ٿيو. ويندي منهنجي- جنهن جي ڄم جو سال 1944ع آهي، ان جي پهرين برٿ سرٽيفڪيٽ تي ڄم ۽ شهر جي خاني ۾ هالا نوان، سنڌ، برٽش انڊيا لکيل آهي. اهڙي طرح جن ڏينهن ۾ 1923ع ۾، چانڊيو صاحب حج تي ويو، انهن ڏينهن ۾، ڪٿي هو سعودي عرب ملڪ؟ هي سڄو ملڪ، ويندي يمن جو به ڪجھه حصو، عربستان سڏبو هو. مڪي ۽ مديني وارو علائقو “حجاز” سڏبو هو. باقي بچيل عربستان “نجد” سڏبوهو. هن ملڪ تي راڄ ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه وارن جو هو، جن اڳتي هلي عربستان جي حسين ابن علي الهاشميءَ کي مڪي جو “شريف” ۽ “امير” بنايو. پر چوڌاري راڄ مختلف داداگيرن، شيخن ۽ ڀوتارن جو هو، ۽ ڪو قاعدو قانون سخت نه هو. هر ڪو پنهنجي تر جو وڏيرو ۽ رئيس ٿيو پئي هليو، ۽ انهن رئيسن جو به گھڻو ڪري گذر سفر پاليل ڌاڙيلن ۽ چورن تي هو، جن آيل مسافرن (حاجين) ۽ واپار جي قافلن کي موقعو ملڻ تي ڦريو ٿي، يا ڪڏهن پاڻ مارجي ويا ٿي. بعد ۾ هي عربستان (حجاز ۽ نجد) 1937ع ڌاري ملي هڪ ٿيا، ۽ هن ملڪ جو نالو ابن سعود پنهنجي قبيلي جي نالي سان “سعودي عرب” رکيو. يعني چانڊئي صاحب جي موٽڻ بعد، 15 کن سال رکي عربستان ۾، سياسي ۽ معاشي تبديلي آئي، جنهن بابت افسوس جو، هو ٻُڌي نه سگھيو، جو ان کان اڳ 1933ع ۾ سندس وفات ٿي وئي. حج تان موٽڻ بعد هو ڏھ سال جيئرو هو، ۽ ڏٺو وڃي ته وفات تائين هو نه پاڪستان ۽ نه سعودي عرب جو ٻُڌي يا سوچي سگھيو. هتي پراڻي وقت جي حوالي سان پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته، اڄ ڪلھه ته حج لاءِ ڏورانهن ڏيهن کان به ماڻهو اچن ٿا ۽ نوڪريءَ لاءِ پڻ. سعودي عرب ۾ هر ملڪ جا ماڻهو نظر اچن ٿا، بلڪ ڏٺو وڃي ته، اسان جھڙي ويجھي ملڪ پاڪستان ۽ ايران کان وڌيڪ سعودي عرب جي گھرن، هوٽلن، ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ فلپين، ڪوريا ۽ چين جھڙن ملڪن جا نظر اچن ٿا. نه ته 1950ع کان اڳ جو زمانو ڏٺو وڃي ته، جيئن مٿي لکي آيو آهيان، اسان جي ننڍي کنڊ انڊيا (انگريزن جي راڄ واري هندوستان) جا ماڻهو، ايترا هئا جو ڪيترائي عرب اڙدو ڳالهائيندا هئا، ۽ اهڙن ڪيترن پوڙهن عربن سان منهنجي به ملاقات ٿي، جن کي اڙدوءَ جا ڪيترائي جملا آيا ٿي. سو اڄ ڪلھ جي عربن.... اميگريشن، مُعلمن، بس ڊرائيورن، دڪانن جي مالڪن سان ڪميونيڪيشن مشڪل ٿي پئي آهي، جو اڙدو انگريزي هنن کي نٿي اچي ۽ عربيءَ کان اسان اڻ واقف آهيون. اهڙي گروپ سان حج تي وڃڻ جي پيا ڪوشش ڪنداسين، جنهن ۾ ڪو هڪ اڌ انڌي منڊي عربي ڳالهائي سگھي. پر اسان جي مصنف صاحب جي ڏينهن ۾ عربن سان Communication ڪو مشڪل ڪم نه هو، جو هو اڙدو سمجھي سگھيا ٿي. ڪيترن پڙهندڙن کي شايد ڄاڻ نه هجي ته، ننڍي کنڊ (برٽش انڊيا) کان سڀ کان گھڻا ماڻهو، حجاز (مڪي، مديني) ويا ٿي، پر انهن ۾ به سڀ کان گھڻا سنڌ صوبي جا ماڻهو هوندا هئا، جو سنڌ جي به ساڳي خشڪ ۽ گرم موسم هئي. جنهن اتي هميشه لاءِ رهڻ يا محنت مزوري ڪرڻ چاهي ٿي ته، ان لاءِ مشڪل نه هو. ٻي ڳالھ ته سنڌ مان رڳو نوڪري پيشه، هنرمند ۽ واپاري نٿي ويا، پر ڪيترائي عالم ۽ دين جا ڄاڻو پڻ ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي مدرسا خاص ڪري ٺٽي ۾، جتان ڪيترائي سنڌي علم حاصل ڪري، وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ، يا پڙهائڻ لاءِ مديني ويا ٿي. ان جو سڀ کان وڏو مثال ته، گھوٽڪي جو سنڌي عالم، “محمد حيات السندي” آهي. جنهن وهابي تحريڪ جي، “محمد ابن عبدالوهاب” جھڙي انقلابي ۽ عالمِ دين کي پڙهايو. محمد ابن عبدالوهاب، اهو مذهبي ليڊر ۽ دين جو واقفڪار هو، جنهن “محمد بن سعود” سان گڏجي، هڪ مضبوط ملڪ، جيڪو “سعودي عرب” جي نالي سان اڄ به قائم آهي، ان جو سياسي ۽ مذهبي نقشو ٺاهيو. اسلام ۾، جيڪا ڦير ڦار اچي رهي هئي، جيئن ته ماڻهو قبرن ۽ وڻن کان دُعائون ۽ مُرادون پنڻ جهڙا شرڪ ڪري رهيا هئا، انهن سان سختي ڪئي ۽ ديني تعليم عام ڪئي.
محمد ابن عبدالوهاب 1703ع ۾، نجد جي شهر “العيينة” ۾ ڄائو. هي شهر سعودي عرب جي گاديءَ جي شهر رياض کان، 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. 89 سالن جي ڄمار ۾، سن 1792ع ۾ وفات ڪيائين.
جيستائين محمد حيات السندي جو تعلق آهي ته، هن جھڙا هر دور ۾ سنڌ مان ڪيترا عالم دين يا دين جي تعليم حاصل ڪرڻ وارا شاگرد، سنڌ کان مڪي شريف ۽ مديني منوره ايندا رهيا. رڳو اهي جن پنهنجي نالي سان گڏ السندي لکرايو/ سڏرايو ٿي، اهي ئي ايترا آهن جو، جدي ۽ مڪي جھڙن شهرن ۾، “السندي” نالي گھٽين ۽ روڊن جا نالا آهن. محمد مُعين بن محمد امين الٺٽوي السندي، ابوالحسن محمد بن محمد صادق السندي، احمد بن عبدالرحمٰن السندي وغيره، ان صدي جي سنڌي عالمن مان فقط ٻن ٽن جا نالا آهن ۽ حاجين جي رهنمائي ڪرڻ وارا مُعلم ته ڪيترائي سنڌي ٿي گذريا آهن. اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو ته هميشه، انهن کي پنهنجو مُعلم بڻائين ٿا. جيتوڻيڪ انهن جي هاڻ ٽي يا چوٿين ٽهي (Generation) سنڌي نه ٿي ڳالهائي، پر اهي پنهنجي پيءُ ڏاڏي يا پڙ ڏاڏي جو خيال ڪري، سندن وڏن جي وطن، سنڌ کان آيل حاجين جو خيال ڪن ٿا.
محمد حيات سنڌي، جنهن تي گھوٽڪي جا ماڻهو فخر ڪن ٿا ۽ جنهن جي چاچڙ قبيلي جا ماڻهو، اڄ به عادلپور جي آس پاس رهن ٿا. پاڻ وهابي تنظيم جي ليڊر محمد ابن عبدالوهاب کان ٽيهارو سال کن وڏو هو ۽ 1670ع واري ڏهاڪي ۾ گھوٽڪي جي ڀر واري ڳوٺ عادلپور ۾ ڄائو. محمد حيات السنڌي جھڙي، عالمِ دين ۽ عربي جي ڄاڻو سنڌيءَ تي منهنجي خيال ۾، نه فقط گھوٽڪي جي ماڻهن کي، پر سڄي سنڌ جي ۽ ننڍي کنڊ کي فخر هئڻ کپي، جيڪو سعودي عرب جي مشهور انقلابي ليڊر، ۽ دين جي ڄاڻو، محمد ابن عبدالوهاب جو استاد ٿي رهيو. اها ٻي ڳالھ آهي ته، محمد ابن عبدالوهاب ۽ سندس وهابي تحريڪ کي سنڌ ۾ جاهل ماڻهو پسند نٿا ڪن، ڇو جو هُن دين کي صحيح ۽ اصلي صورت ۾ رکڻ لاءِ قبرن تي پڙ چاڙهڻ، قبرن کان مُرادون گھرڻ جھڙين ڳالهين لاءِ ماڻهن کي منع ڪئي ته اهو شرڪ جو ڪم آهي. مون به وهابي لفظ اسڪول جي ڏينهن ۾ هڪ پير جي قبر جي مُجاور کان ٻُڌو، جڏهن اسان شاگردن هن طرفان ڏنل درگاھ جي مٽي عقيدت سان نه چَکي، جنهن لاءِ هن چيو ته هيءَ “خاڪ شفا” آهي يعني هن درگاھ جي ٻهاريل مٽيءَ ۾، هر بيماريءَ لاءِ شفا آهي. اسان جي کائڻ کان انڪار ڪرڻ تي، هن چيو ته “لڳي ٿو ته، توهان وهابي آهيو”. آئون سوچيندو رهيس ته وهابي ڇا آهي! بعد ۾ جڏهن خبر پئي ته، اسلام ۾ Deviation اچڻ ڪري، يعني عراق، شام، ايران، عربستان ۽ اسان وٽ قبرپرستي جھڙا شرڪ وڌڻ تي، نجد جي هن عالم، محمد ابن عبدالوهاب ان شرڪ جي خلاف تحريڪ هلائي، جيڪا اسان وٽ انهن پيرن سيدن کي پسند نه آئي، جن جي ڪمائي سندن بزرگن جي قبر پرستيءَ مان هئي. بهرحال محمد ابن عبدالوهاب کي به مضبوط ديندار بنائڻ ۾، اسان جي محمد حيات السنڌيءَ جھڙي استاد جو وڏو هٿ هو. اها ڳالھ عرب دنيا ۾ مشهور آهي، جنهن جو لکت ۾ رڪارڊ “ابن بشر” جي لکڻين ۾ آهي ته، “هڪ دفعي محمد ابن عبدالوهاب حضورﷺ جن جي روضي تي موجود هو ته، هن ڏٺو ته ماڻهو پاڻ ڪريم ﷺ جن جي قبر کي، سجدو ڪري رهيا هئا. ايتري ۾ سندن استاد محمد حيات السنڌي به اُتان اچي نڪتو، جنهن کان هن پڇيو ته، “توهان جو هنن ماڻهن لاءِ ڇا خيال آهي؟” السنڌيءَ جواب ۾ قرآن مجيد جي هيءَ آيت ٻُڌائي: “اِنَّ هٰؤُ لَاءِ مُتَـبَّــرٌ مَّا هُمۡ فِيۡہِ وَ بَاطِلٌ مَّا كَانُوا يَعۡمَلُوۡنَ۞ الاعراف۷، ۱۳۹.”
“(موسيٰؑ چيو) هي ماڻهو جنهن طريقي جي پيروي ڪري رهيا آهن، (يعني بت پرست) اها تباه ٿيڻ واري آهي. ۽ جو عمل هي ڪري رهيا آهن، اهو سراسر باطل آهي.”
ان مان اندازو لڳايو ته، اهو اسان جو سنڌي عالمِ دين هو، جنهن پنهنجي عرب شاگرد کي، اهو سبق ڏنو ته، قبرن اڳيان جھڪڻ، انهن تي پڙ چاڙهڻ، انهن کان دل جون مُرادون پنڻ، بت پرستي يعني شرڪ آهي. افسوس جو ان قسم جا شرڪ، محمد حيات سنڌيءَ جي پنهنجي وطن سنڌ ۾ اڄ به عام جام آهن.
گهوٽڪي جي هن عالمِ دين “محمد حيات السنڌي” جو نه فقط محمد ابن عبدالوهاب شاگرد هو، پر ٻيا به ڪيترا ئي مشهور عالمِ دين شاگرد ٿي رهيا. جھڙوڪ:
• محمد بن اسماعيل الامير الڪهلاني. (وفات ۱۱۸۲ھ)
• محمد سعيد بن محمد صفر (وفات ۱۱۹۲ھ)
• عليم الدين بن عبدالرشيد عباسي لاهوري (وفات ۱۱۶۸ھ، پاڻ دمشق (شام) ۾ دفن آهي.
• السيد غلام علي آزاد البلقرامي (وفات۱۲۰۰ھ) وغيره.
محمد حيات السنڌي، عادلپور ڳوٺ ۾ اڄ کان ساڍا ٽي سئُو کن سال اڳ ڄائو، هن ئي ڳوٺ ۾ وڏو ٿيو، ۽ بنيادي اسلامي تعليم حاصل ڪئي. سندس قوم چاچڙ جا ماڻهو، اڄ به عادلپور ۾ رهن ٿا، باقي سندس اولاد مديني ۾ ئي رهي ٿو. ڪنڊياري جي مفتي محمد ادريس سومرو صاحب ٻُڌايو ته، هن جو جڏهن به سعودي عرب وڃڻ ٿيندو آهي ته، هن جي اولاد سان ضرور ملندو آهي، ۽ اسان جي لاڙڪاڻي واري انجنيئر دوست عبدالوهاب سهتي صاحب ٻڌايو ته، سنڌ يونيورسٽي جي محمد رفيق مڱريو صاحب، ڊاڪٽوريٽ لاءِ محمد حيات السنڌيءَ تي ٿيسز لکي آهي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپرائي به آهي. سهتي صاحب هڪ ٻئي سنڌي بزرگ شيخ محمد عابد جو نالو ٻڌايو، جيڪو دونگھ، ذات جو آهي ۽ اڄ ڪلھ قبا مسجد جو امام آهي. سندس والد صاحب، موري کان لڏي مديني وڃي رهيو هو.
بهرحال، محمد حيات سنڌي، وڏو ٿيڻ تي، ڳوٺ عادلپور ڇڏي ٺٽي لڏي آيو، جتي انهن ڏينهن ۾ ڪيترائي مدرسا هئا. هي شهر (ٺٽو) علم حاصل ڪرڻ جو مرڪز هو ۽ سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو، جتان بحري جهازن ذريعي ماڻهو مختلف ملڪن ڏي ويا ۽ اُتان هتي آيا ٿي. ڪجھ سال ٺٽي ۾ رهڻ بعد محمد حيات السنڌي مديني روانو ٿيو، جتي هن ابراهيم قرني ۽ هن جي پٽ محمد طاهر القرنيءَ جھڙن استادن کان دين جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. شيخ محمد حيات السنڌي جيتوڻيڪ حنفي فقھ جي تعليم حاصل ڪئي، پر پاڻ حنبلي اسڪول جو به اسڪالر هو. سندن 1750ع (1163ھ) ۾ مديني ۾ وفات ٿي ۽ جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آهن. سندس عربيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجھ انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪا آهن. بهرحال شيخ محمد حيات السنڌي جھڙن ڪجھ سنڌي بزرگن جو احوال ان ڪري لکيو اٿم ته، هاڻ گذريل اڌ صديءَ کان سعودي عرب ۾، ڪوريا، فلپين، چين ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن جو گھڻو مارو ٿي پيو آهي ۽ هنن جو مختلف ادارن: هوٽل بزنيس، ٽرانسپورٽ، آءِ. ٽي، ڪارخانن، ڪنسٽرڪشن ۾ نالو ٿي پيو آهي نه ته مڪو ۽ مدينو علم جو مرڪز سمجھيو ويو ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي عالمن جي وڏي عزت ۽ نالو هو. 1923ع ۾، جڏهن چانڊيو صاحب حج تي ويو هوندو ته، يقينن هنن جو نه رڳو مُعلم سنڌي هوندو، پر هن جي مديني ۽ مڪي پاسي، سالن کان رهيل سنڌ جي ماڻهن جي اولاد سان ملاقات ٿي هوندي. ڇو جو اڄ به سعوديءَ ۾، هن جي پاسي يعني سڪرنڊ، موري، نواب شاھ، ڪنڊياري پاسي جي ڪيترنئي جو اولاد نظر اچي ٿو، جيڪو هاڻ ورلي ڪو سنڌي سمجهندو هجي جو هو عربي ڳالهائين ٿا، پر اڄ کان سئُو سال کن اڳ جن سان سڪرنڊ جو حاجي صاحب مليو هوندو، انهن سنڌيءَ ۾ ڳالهايو هوندو. ڪاش، حج ڪري موٽڻ تي چانڊئي صاحب کي، سندس دوست يا ڪو پبلشنگ ادارو همٿائي ها ته، هو اڃان به ان قسم جون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون لکي سگھي ها. پر انهن ڏينهن ۾ نه هئا سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌيڪا جھڙا ادارا، نه روشني، نيو فيلڊس، پيڪاڪ، ڪاڇو جھڙا پبلشر، ۽ نه وري سوجھرو، نئون نياپو، همسري ۽ ڪاوش جھڙا رسالا ۽ اخبارون. اهو به شڪر آهي جو، ماڻڪ ملاح جھڙي همراھ جي دل ۾ آيو ۽ هن همت ڪري، هي هڪ صدي کن پراڻو سفرنامو، ضعيف پنن تان اُتاري ڪتابي صورت ۾ آندو. ان قسم جا ضرور ٻين جا به حج، عُمري، ايران، عراق، شام جي زيارتن جا پراڻا ليک هوندا. ٿي سگھي ٿو، ماڻڪ ملاح جھڙي ٻئي ڪنهن همراھ کي به، انهن مان ڪو هٿ اچي وڃي ۽ ڇپرائي سگھي.
حج جو سفر، جي ڏٺو وڃي ته، ڪو آسان سفر ناهي. هردور ۾ مشڪل رهيو آهي. ويندي اڄ جي ماڊرن دور ۾، جڏهن هوائي جھاز آهن، فائو اسٽار هوٽلون آهن، جدي کان مڪي، ۽ مڪي کان مديني سفر جي سلامتي آهي. اهڙين سهوليتن هوندي به، ڪافي مشقت ڪرڻي پوي ٿي، جو هڪ ته حاجين جو تعداد تمام وڏو ٿي ويو آهي، ٻيو ته هر شيءِ ان مقرر “ٽائيم پيرڊ” ۾ ڪرڻي پوي ٿي. ائين ناهي ته، مختلف گروپ مختلف ڏينهن تي، مِنيٰ، مُزدلفه، عرفات ڏي روانا ٿين. سڀني کي هڪ ئي وقت تي مختلف ارڪان پورا ڪرڻا پون ٿا. پوڙها، عذر وارا، ٻار سڀ سفر ۾ ۽ عبادت ۾ رهن ٿا. پاڻيءَ جي جھاز واري سفر دوران ڏسندو هوس ته، ڏٻرا، ڪمزور، پوڙها حاجي، باوُجود گرمي، خراب موسم، اڃ ۽ بک ۾ به، هنن جي چهري تي خوشي نظر ايندي هئي ته، هو اسلام جو فرض پورو ڪرڻ وڃي رهيا آهن. هو اوڏانهن وڃڻ جي حُب رکن ٿا، جنهن ڏي هو روزانو مُنهن ڪري نماز پڙهن ٿا. هنن جي دلين ۾ جوش ۽ جذبو رهيو ٿي ۽ زبان تي “لَبَّـيۡكَ اَللّٰهُمَّ لَبَّـيۡكَ” جو ورد.
اڳئين زماني ۾، ويندي اسان جي ليکڪ نبي بخش چانڊئي جي ڏينهن ۾، مڪي کان مديني پهچڻ ڪو سولو ڪم نه هو. حاجي سڳورا جيڪي مختلف مُلڪن کان حج لاءِ پهتا ٿي، اهي پيرين پنڌ، گھوڙن، گڏهن، اُٺن ذريعي مڪي کان مديني آيا ٿي. هن ڊگھي سفر ۾ ڪي بيمار ٿي پيا ٿي ۽ رستي تي، هنن جو موت ٿيو ٿي. ڪي رڻ پَٽ ۾ لڳندڙ ريتيءَ جي طوفانن جو شڪار ٿيا ٿي، ڪي ڌاڙيلن جي ڦر ۽ گولين جو شڪار ٿيا ٿي. ڪي سخت گرمي يا سردي، بک ۽ اُڃ وگھي گذاري ٿي ويا. بچيلن مان ڪيترا پليگ ۾ مُئا ٿي، باقي حج ڪري وطن وريا ٿي. ان ڪري حج تي نڪرڻ وارا مائٽن مِٽن کان موڪلائي نڪتا ٿي. هنن کي پڪ نه هوندي هئي ته هن سفر تان، هو سلامت موٽي سگھندا.
وقت سان گڏ سواريءَ جا طريقا بدليا. سِڙهَن وارين ٻيڙين ۾ سفر ڪرڻ بدران، هاڻ ٻاڦ تي هلندڙ آگبوٽ شروع ٿيا، جيڪي رفتار ۾ تکا هئا ۽ انهن ۾ گھڻا مسافر ويهي سگھيا ٿي. مغل بادشاھن جي دور ۾، ارڙهين صديءَ تائين، انڊيا جي حاجين لاءِ حج تي وڃڻ جا ٻه آپشن/ طريقا هئا. هڪ خشڪي رستي قافلن سان گڏ ۽ ٻيو سِڙهَن وارن جھازن (Sailing Ships) ۾ سمنڊ رستي جدي پهچندا هئا. خشڪي جو روٽ/ رستو جيڪو هندوستان جي اُتر مغرب کان ويو ٿي. بيحد ڊگھو، ڏکيو ۽ خطرناڪ هوندو هو. ان کان علاوه ڪيترن اهڙن علائقن مان گذر ٿيو ٿي، جتي جا ماڻهو حاجين جو خيال رکڻ بدران، انهن کي ڦرڻ ۽ مارڻ پٺيان هوندا هئا. انڊيا جي حاجين بحر احمر (Red sea) ذريعي جدي پهچڻ کي ترجيح ڏني ٿي. ڪي خليج ايران (Perslan Gulf) سمنڊ ذريعي حجاز پهتا ٿي. پر انهن ٻنهي سمنڊن تائين پهچڻ لاءِ، عربي سمنڊ (هندي وڏي سمنڊ جو حصو) اُڪرڻو پوي ٿو. هندي سمنڊ تي انهن ڏينهن ۾، خطرناڪ قذاقن (سامونڊي ڦورن) ۽ پورچوگالين جو ڪنٽرول هو. جن کي جتيوڻيڪ مغلن سهوليتون ڏنيون، پر اُهي مغلن جو به نه ٻُڌندا هُئا. هنن جو سڄو زور سمنڊ تي هلندڙ جھازن جي ڦرلُٽ ڪرڻ هو. سو سورهين صديءَ ۾، پورچوگالين کان مليل پاس (اجازت نامي) بنا، بحر هند ۽ بحيره احمر ۾ سلامتيءَ سان جھاز هلائڻ آسان ڪم نه هو.
1885ع ۾ برطانيه جي حڪومت، انڊيا جي مسلمانن کي، جھازن ذريعي مڪي ۽ ڪربلا پهچائڻ لاءِ، مشهور ٽوئرسٽ ايجنسي “ٿامس ڪڪ” کي مقرر ڪيو. سڀ کان وڏي جھازران ڪمپني، جيڪا حاجين کي انڊيا جي بندرگاھن: ڪلڪتي، مدراس، بمبئي ۽ ڪراچيءَ مان کڻي جدي پهچايو ٿي، اها “مغل لائين” هئي، جيڪا 1888ع کان وُجود ۾ آئي. هن جا آخري جھاز “ايس ايس علوي” جيڪو 1924ع ۾ ٺهيو هو، ۽ ٻيو “ايس ايس رضواني” هو جيڪو 1930ع ۾ ٺهيو. اهي ٻئي جھاز 1958ع ۽ 1959ع ۾ اسڪريپ ڪيا ويا. يعني انهن جا ٽڪرا ٽڪراڪري انهن جو لوھ، ٽامو، ڪاٺ ۽ ٻيو سامان رديءَ ۾ وِڪيو ويو. انهن کا اڳ مغل لائين جي جھازن جا نالا هئا، سعودي (جنهن 1000 مسافر کنيا ٿي) محمدي ۽ مظفري (1460 مسافرن جا)، اسلامي (1200 مسافرن جو)، نورجھان (1756 مسافرن جو)، نِڪو بار (1170 مسافرن جو) اهي سڀ جھاز ٻاڦ تي هليا ٿي. ان ڪري انهن جي نالن اڳيان ايس ايس يعني Steam Ship لکيو ويو ٿي. انهن جھازن ۾ هڪ ڊيزل تي هلندڙ جھاز ايم. وي. اڪبر (1600 مسافرن وارو) پڻ هو. ايم. وي معنيٰ Motor Vessel .
حاجي نبي بخش چانڊئي جي ڏينهن ۾، ۽ پنج سال پوءِ به، جھازراني جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته، انڊيا کان هر سال 36000 ماڻهو، حج لاءِ جدي ويا ٿي. جن مان 20000 ماڻهن مغل لائين جي جھازن تي سفر ڪيو ٿي. باقي مسافر ٻين ڪمپنين جي جھازن تي، جن ۾ “سنديا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني” به مشهور هئي. پاڪستان ٿيڻ بعد هنن جهازن جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ 115 رپيا مقرر ڪئي وئي.
1960ع ۾ پئن اسلامڪ شپنگ ڪمپني، جنهن ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي واپارين جو حصو هو. انهن حاجين کي جدي پهچاڻ لاءِ مسافر جھاز هلايا. جنهن جو پهريون جهاز “سفينئِه حجاج” هو. ان بعد ٻيا به چار پنج جھاز هلايا، جيئن ته سفينئِه عرب، سفينئِه مُراد، سفينئِه عابد، سفينئِه عرب دوم. 1975ع ۾ هڪ ٻي پاڪستاني جھازران ڪمپني “ڪريسينٽ شپنگ ڪمپني” حاجين جو، “ايم وي شمس” نالي هڪ جھاز هلايو. هي سڀ جھاز منهنجي سامونڊي نوڪري جي شروعاتي ڏينهن جا هئا. منهنجي اتفاق سان انهن پئسنجر جھازن مان ڪنهن تي بدلي نه ٿي، پر منهنجا ڪيترا ڪلاس ميٽ، انهن جھازن تي رهيا، جن سان ڪراچيءَ ۾ يا هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جھڙي بندرگاھ ۾، جتي اهي جھاز ڊراءِ ڊاڪنگ لاءِ ايندا هئا، پنهنجي ڪلاس ميٽن سان ملڻ وقت، انهن جھازن جو به ديدار ٿيندو هو، جيڪي خاص آرامده ۽ سهوليت وارا نه هوندا هئا. حج وارن جھازن ۾ مالڪ لاءِ اهو مسئلو رهي ٿو ته، اهي فقط حج سيزن ۾ ڪمائين ٿا، نه ته ائين ئي سفيد هاٿين وانگر بيٺا آهن. اهي جھاز هونءَ به ڪي ڪروزر يا لگزري لائينر نه هوندا هئا. انهن جي تمام گھٽ ٽڪيٽ رکي وئي ٿي، ۽ ڪجھ نقصان جھازن جي مالڪن برداشت ڪيو ٿي ته، ڪجھ حڪومت سبسيڊي ڏني ٿي. جھازن جي مرمت تي به وڏو خرچ آيو ٿي. ويتر پيٽرول مهانگو ٿي پيو، ان ڪري ڪو جھاز اسڪريپ ڪيو ويو ٿي ته، مالڪن ان جي جاءِ تي ٻيو حاجين لاءِ جھاز نه ٿي خريد ڪيو. انهن ئي سالن ۾، ايئر لائين وڌڻ لڳي، جنهن جا ڀاڙا اهڙا ڪي وڏا نه هئا، سهوليت گھڻي هئي. ان ڪري غريب غربو چار پئسا بچائي، هوائي جھاز ۾، حج ڪرڻ لاءِ وڃڻ لڳو، ۽ بحري جھازن جي سروس ختم ٿي وئي.
حاجي نبي بخش چانڊيو صاحب، جن جي هن سفر بابت هڪ ٻي به ڳالھ لکڻ، بلڪ سمجھائڻ ضروري ٿو سمجھان، جيئن اڄ جو پڙهندڙ هڪ سئُو سال کن اڳ جي لکيل، هن سفرنامي کي سمجھي، لطف اندوز ٿي سگھي.
حج لاءِ اڄڪلھ جيڪي حاجي وڃن ٿا، اهي باءِ ايئر پهرين مديني اچن ٿا، جتي ڪجھ ڏينهن، گھٽ ۾ گھٽ هفتو سوا کن رهي، جيئن مسجد النبويءَ ۾چاليھ نمازون پڙهي سگھن ۽ پوءِ حج لاءِ مڪي روانا ٿين. يا وري اهي حاجي جيڪي دير سان، وطن ڇڏين ٿا، يعني اهي جيڪي ڏسن ٿا ته حج، ڏهين ذوالحج ۾ ڪو هفتو ڏيڍ وڃي بچيو آهي، اهي پهرين مڪي اچن ٿا، يعني جدي ايئرپورٽ تي لهي مڪي اچن ٿا ۽ حج بعد هو مديني روانا ٿين ٿا. جتان پنهنجي وطن واپس ٿيڻ لاءِ مديني کان، سڌو جدي ايئرپورٽ تي اچن ٿا.
مڪي کان مديني، يا مديني کا جدي موٽڻ لاءِ سفر جا ڪيترا ئي طريقا آهن. هڪ ته نوان رستا جيڪي ٺاهيا ويا آهن، اهي اعليٰ قسم جا بنا ورن وڪڙن جي آهن. ان ڪري مڪي ۽ مديني ۾ مفاصلو پهرين کان گهڻو گھٽ آهي. سفر لاءِ بسون، ڪارون، ٽئڪسيون ۽ هاڻ ٽرين به شروع ٿي آهي. مڪي کان مديني هوائي مفاصلو 340 ڪلوميٽر آهي ۽ باءِ روڊ ڪار يا بس ۾ وڃڻ جو مفاصلو 440 ڪلوميٽر آهي. جيڪڏهن ڪو 112 ڪلوميٽر (يعني 70 ميل) في ڪلاڪ جي رفتار سان ڪار هلائي ته مڪي کان مديني چئن ڪلاڪن ۾ پهچي سگھي ٿو. ڪٿي چارڪلاڪ ۽ آرامده سفر، ڪٿي اڄ کان سئُو سال اڳ حاجي نبي بخش جي ڏينهن ۾، اُٺن تي سفر، جنهن ۾ هن کي تيرهن ڏينهن راتيون لڳي ويون. بک اُڃ ۽ رستي تي ڌاڙيلن جي حملي جو خوف الڳ. پر ان هوندي به بقول حاجي نبي بخش ۽ اُن وقت جي ٻين حاجين جي، هنن پاڻ کي وري به انهن حاجين کان خوش نصيب ٿي سمجھيو، جيڪي غربت سبب اُٺ جي ڀاڙي نه هئڻ ڪري، هنن مڪي کان مديني پيدل سفر ڪيو ٿي. اڄ جا عرب تيل ۽ ڪارخانن ڪري ايترا ته آسودا ٿي پيا آهن، جو مڪي کان مِنيٰ، منيٰ کان عرفات يا مزدلفه جي چند ڪلاڪ سفر ۾ به مقامي عرب ۽ سعودي عرب جي حڪومت، روزانو لکين منرل واٽر جون بوتلون، حاجين ۾ مفت ورهائي ٿي. ان کان علاوه ڪيترا امير ۽ سخي عرب، کاڌي جون مختلف شيون حاجين کي ڏين ٿا. پر اسان جي ليکڪ جي ڏينهن ۾، يعني 1923ع ۾ ۽ ان کان اڳ ايندڙ حاجي ته، غريب هئا، پر عربن جي به سخت مسڪينيءَ واري حالت هئي. نه پوک نه ڪارخانا، ڇا مان ڪمائين. عربستان جي ريگستان ۾ پاڻي به ڏکيو ٿي مليو. تڏهن ته هنن چوريون به ڪيون ٿي ۽ قافلا به ڦريا ٿي. ٻين حج سيزن ۾ حاجين جي خدمت ڪري، يا کاڌي پيتي جون شيون وڪڻي چار پئسا ڪمايا ٿي. ڏٺو وڃي ته کاڌي پيتي جون شيون به ڇا هُيون! حاجي صاحب جي قافلي، جتي منزل ڪئي ٿي، اُتي (جيئن هن لکيو آهي ته) بيضا، هنداڻا، ليمان، گدرا، واڱڻ، سڪل مڇي ئي وڪامي ٿي. ايتري قدر جو فقط ڪن هنڌن تي پاڻي مفت ۾ مليو ٿي، نه ته اهو به هنن کي مُلھ تي خريد ڪرڻو پيو ٿي. سو جڏهن قافلي جي ماڻهن ئي مهانگائي ۽ کاڌي جي کوٽ جي دانهن ٿي ڪئي ته، اُتي اُهي ويچارا مسڪين، جن کي اُٺ جي ڀاڙي جا پئسا نه هئا ۽ پيرين پنڌ سفر ٿي ڪيائون، انهن جو سفر ڪيڏو ڏکيو ٿيندو هوندو! ڪٿي واريءَ جي طوفانن ڪري پنڌ وارا پيچرا لَٽجي ٿي ويا ۽ هو رستو ڀلجي ٿي ويا، ڪٿي اُڃ بک جي ڪري، ڪٿي جهنگلي جانورن جي ڪري ته، ڪٿي ڦورو ڌاڙيلن جي حملن ڪري ته ڪٿي بيمارين جي ڪري هنن جو موت ٿيو ٿي. پر اڄ جي دور ۾ سفر جا اهي ڏاکڙا نه آهن. نه فقط پڪا ۽ بهترين ڏامر جا رستا ۽ آرامده بسون آهن، پر هاڻ ته سعودي حڪومت ٽرين به شروع ڪرائي آهي. جيڪا بيحد تيز رفتار آهي، 300 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان هلي ٿي، ۽ مڪي کان مديني فقط ٻن ڪلاڪن ۾ پهچائي ٿي. رستي تي هُوءَ K.A.E.C شهر يعني ڪنگ عبدالله ايڪانامڪ شهر (مدينه الملڪ عبدالله الاقتصاديه) مان به ٿيندي وڃي. هي شهر K.A.E.C جيڪو ڪيڪ “Cake” به سڏجي ٿو، انهن چئن شهرن مان آهي، جيڪي هتي جي بادشاھ ٺهرايا، جن ۾ هن ڪارخانا، يونيورسٽيون (تعليمي ادارا) اسپتالون، واپاري منڊيون ۽ ٻيون شيون رکيون آهن. هنن شهرن ٺهرائڻ پٺيان، هن جي اها آئيڊيا هئي ته، سڀاڻي جي سعودي عرب جو تيل کپي وڃي ته، اهڙا طور طريقا موجود هجن، جنهن ذريعي سعودي عرب جو عوام، روزگار حاصل ڪري سگھي. هي شهر “ڪيڪ”، جدي جي اتر ۾ ڏيڍ سئُو کن ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. هتي جي حڪومت جو چوڻ آهي ته، “هي شهر 30 سالن کان ننڍي عُمر جي، نوجوانن لاءِ آهي. هن وقت سعودي عرب جا ٻه لک نوجوان، ولايت ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انهن جي موٽڻ تي اهي هن ملڪ ۽ هن شهر جي قسمت ئي بدلائي ڇڏيندا.” هڪ ڳالھ اها به لکندو هلان ته، سعودي عرب ۾ ترقيءَ جي لحاظ کان وڏو انقلاب اچي رهيو آهي. تعليم ته اسان جي ملڪ جا به وٺي رهيا آهن. پر انهن جو تعداد هڪ طرف گھٽ آهي، ٻئي طرف اسان جي تعليمي ادارن جو معيار گھٽ آهي، جڏهن ته سعودي نوجوان دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ان جو اندازو توهان هنن جي انگريزي ۽ فرينچ ڳالهائڻ مان لڳائي سگھو ٿا. ٻي وڏي ڳالھ اها آهي، جيڪا آئون وڌيڪ انقلابي سمجھان ٿو ته، سعودي عرب جا نوجوان، جيڪي ولايت ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ ڇوڪريون آهن. اهي ته ٿيا اهي عرب شاگرد ۽ شاگردياڻيون- يعني اهي ٻه لک کن، جيڪي يورپ، آمريڪا، جپان، ملائيشيا ۽ انڊيا جي يونيورسٽين ۾ تعليم وٺي رهيا آهن، پر مون مديني جي ڀر واري شهر ينبوع جا هڪ ٻه ڇوڪرين جا اسڪول ڏٺا، پنهنجي عرب دوست جنهن جي گھر آئون ٻه مهينا کن رهيل هوس، جنهن جي عرب زال انهن مان هڪ اسڪول جي ٽيچر هئي. آئون هتي جي اسڪولن جون عمارتون، سهوليتون، ڊسپلين، حاضري ۽ عرب ماسترياڻين کي عربي ۽ انگريزيءَ ۾ پڙهائيندو ڏسي، سوچڻ لڳس ته، اهو ڪو 1970 وارو ڏهاڪو به ڪو دور هو، جڏهن عرب ڄٽ ۽ گھٽ پڙهيل هئا ۽ اسان جا ماڻهو وڏن پگھارن تي هتي نوڪريون ڪري رهيا هئا. ٽائي لڳائي اسان جي ملڪ جا ڪمپائونڊر ۽ مستري، پاڻ کي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر سڏرائي رهيا هئا، ۽ اسان جي ماڻهن جي غلط سلط گٽ مِٽ (انگريزي) ٻُڌي ان وقت جا عرب Impress ٿِي ويا ٿي، پر هاڻ بازي ئي الٽي ٿي وئي آهي. آئون ته رڳو سنڌ جا تعليمي ادارا ٿو ڏسان ته افسوس ٿو ٿئي. انڊيا جھڙو به اسان وٽ حال ناهي، جتي جي “بنارس هندو يونيورسٽي” ۽ “پوني ائگريڪلچر يونيورسٽيءَ” ۾ ڏٺو، ته 30 کن ملڪن جا فارين شاگرد هئا.
بهرحال روزانو مڪي کان مديني ٻارنهن ريل گاڏيون وڃن اچن ٿيون، ۽ هونءَ جو حاجين کي مڪي کان مديني بسين ۾ 6 ڪلاڪ لڳي ويندا هئا، هاڻ ريل ذريعي ٽرين ۾ ٻن ڪلاڪن ۾ پهچن ٿا، ۽ هو هوائي جھاز جي هڪ ڪلاڪ کان هي ٽرين جو سفر وڌيڪ سهوليت وارو سمجھن ٿا.
هن ريل گاڏيءَ جي مڪي ۾ سينٽرل اسٽيشن، مڪي جي الرُصيفه (Rusaiyfah) علائقي وٽان لنگھندڙ ٽئين ‘رِنگ روڊ’ تي آهي. ڪنگ عبدالله ايڪانامِڪ سٽي اسٽيشن رابغ ۾ آهي ۽ مديني ۾ “ڪنگ عبدالعزيز روڊ” تي آهي. هراسٽيشن تي مسافرن لاءِ دڪان، ريسٽورنٽون، مسجدون ۽ ڪار پارڪنگ آهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته، سعودي عرب جي شهرن ۾، خاص ڪري مڪي مديني ۽ جدي ۾ اُبير (Uber) ۽ ڪريم (Creem) ڪمپنين جون ٽئڪسيون پڻ آهن. اسان وٽ “ڪريم” وڌيڪ مشهور آهي، پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ “اُبير” وڌيڪ آهي. بهرحال ابير يا ڪريم جون ٽئڪسيون، ٻين پرائيويٽ ٽئڪسين کان بهتر آهن. اهي جلدي مليو وڃن، وڌيڪ باحفاظت ۽ سستيون آهن. انهن جو ڀاڙو مقرر آهي. پرائيويٽ ٽئڪسين ۾ ڪي ڪي ڊرائيور، خاص ڪري، عرب ڊرائيور، ڀاڙي جي ٻول هڪڙي ڪن ٿا، پر پوءِ اڳتي هلي، پنهنجي وعدي تان ڦِريو وڃن.
مڪي کان مديني ۽ واپسيءَ لاءِ ڪارون، ٽئڪسيون ۽ ٽرين کان علاوه مختلف ڪمپنين جون بسون به هلن ٿيون، جن جو ڀاڙو سڀ کان گھٽ آهي. انهن بسين ۾ به SAPTCO ڪمپنيءَ جون بسون وڌيڪ سهوليتن واريون آهن. اُهي سعودي حڪومت جون آهن ۽ انهن جو ڀاڙو مقرر رهي ٿو. SAPTCO لفظ “سعودي عربين پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪمپني” جو شارٽ فارم آهي. منهنجي خيال ۾ اسان جھڙي ملڪ جي ماڻهن لاءِ، سئپٽڪو بسون سستي سواري آهن. هنن جون ٽڪيٽون توهان انهن جي بس اسٽاپن تان خريد ڪري سگھو ٿا، يا سئپٽڪو جي ويب سائيٽ تان بڪ ڪري سگھو ٿا. اڄ ڪلھ مڪي کان مديني ۽ واپسي جي ٽڪيٽ، اسان جي 7000 رپين برابر آهي. بسين ۾ آرامده سيٽون آهن ۽ مفت ۾ چانھ پاڻي بسڪوٽن جو به بندوبست آهي.
ٽرين ذريعي مڪي کان مديني فقط ٻه اسٽيشنون: جدو ۽ KAEC (ڪيڪ) اچن ٿيون. جدي اسٽيشن کي برانچ لائين ذريعي جدي جي هوائي اڏي (ڪنگ عبدالعزيز انـٽرنيشل ايئر پورٽ) سان پڻ ملايو ويو آهي.
بس ۾، مڪي کان مديني ويندي، مختلف بسون رستي تي ايندڙ، ڪجھ ننڍن وڏن شهرن ۾ ترسن ٿيون. جيئن مسافر اتي جي بس اسٽاپن تي موجود ريسٽورينٽن ۾ چانھ پاڻي پي سگھن، ۽ واش روم استعمال ڪري سگھن. ينبوع شهر ۾ جڏهن آئون پنهنجي عرب دوست وٽ ترسيل هوس ته، اسان ينبوع کان مديني وياسين ٿي جو، هن بندرگاھ واري شهر ينبوع کان مدينو منوره تمام ويجھو آهي. منهنجي عرب دوست جنهن مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ مان، تعليم حاصل ڪئي هئي، تنهن کي ڊرائيونگ جو شوق هوندو هو. سندس ڪجھ مائٽ مديني ۾ رهن ٿا ۽ ڪجھ جدي، سو مديني اچي هو سڌو رُخ مڪي ۽ جدي ڪندو هو. رات رهي وري ٻئي ڏينهن، اسين مديني ايندا هئاسين. رستي تي اسان ڪڏهن ڪهڙن ڳوٺن ۾ ته، ڪڏهن ڪهڙن ۾، ترسي چانھ يا ڪافي پيئندا هئاسين، ۽ هو مون کي انهن ڳوٺن / شهرن جي تاريخ به ٻڌائيندو هو. اهي شهر جيڪي مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ اچن ٿا، انهن کان اسان جو هر حاجي به واقف هوندو، جيڪو هن رستي تان لنگھندي، چانھ مانيءَ لاءِ يا اُتي جي مسجد ۾ جماعت سان نماز پڙهي ٿو. انهن شهرن جا نالا منهنجي يادگيريءَ مطابق هن Sequence نموني ۾ آهن:
مڪه المُڪرمه، عسفان، المسماھ، البيار، المواريد، الجرنافه، الرحاب، اليتمه، الحنو، ابيار الماشي، ابيار علي، مدينة المنوره.
هي رستي تي ايندڙ، ننڍن وڏن شهرن جا نالا، ائين ياد ٿي ويل آهن، جيئن خيرپور شوڪت جُماڻي، يا سکر عاشق حسين شاھ وٽ وڃبو هو ته، رستي تي ايندڙ ڪجھ شهرن جا نالا ياد ٿي ويا هئا. مورو، نوشهرو فيروز، ڀريا روڊ، ڪنڊيارو، هالاڻي، ڪوٽڙي ڪبير، هنڱورجا، راڻيپور، گمبٽ، موساڻي، ٽنڊومستي، خيرپور، ٺيڙهي، ڪرم آباد، ٻٻرلوءِ، سکر.
اسان جي حاجي نبي بخش چانڊئي، پڻ مڪي کان مديني ۽ واپس مڪي ايندي، سندس اُٺن جي قافلي، جنهن جنهن ڳوٺ ۾ ساهي پٽي آهي، يا جتي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سڄو ڏينهن گذاريو آهي، انهن هنڌن مان هڪ هڪ جا نالا لکيا آهن. اهي نالا جن ۾ ڪجھ جي صورتخطي صحيح ناهي، پر جيئن هن عربن کان ٻُڌا تيئن لکيا آهن، جيئن رابغ شهر جو هن “رابڪ” نالو لکيو آهي. بهرحال مڪي کان مديني 13 ڏينهن جي سفر ۾، حاجي صاحب وارن جو، جتي جتي قافلو ترسيو، اهي هنڌ ۽ ڳوٺ هن ريت آهن:
فاطمه وادي، اصفهان، دف، قديمان، رابڪ، مستورا، غائر، بير اشهب، بير به حساني... وغيره. اڄ کان سئُو سال اڳ جا لکيل نالا پڙهي، اڄ جو حاجي حيرت کائيندو ته، هو ٽرين يا جنهن ٽئڪسي يا بس ۾، مڪي شريف کان مديني وڃي ٿو، هن کي رستي تي، اهي شهر ته نظر ئي نٿا اچن. آئون به پهرين وائڙو ٿي ويس، پر پوءِ مونکي يڪدم رابغ، مستورا ۽ قديمان (القضيمة) جهڙا نالا ياد اچي ويا، جتي آئون پنهنجي عرب دوست جي، مائٽن جي گھرن ۾ رهيو هوس، ۽ سمجھي ويس ته، حاجي صاحب به صحيح لکيو آهي، ۽ اڄ جي پڙهندڙن جي حيرت به پنهنجي جاءِ تي آهي ته، مڪي کان مديني اهي شهر اچن ئي ڪونه ٿا.
هڪ دفعي آئون پنهنجي دوست سان گڏ عيد الاضحيٰ تي، ينبوع ۽ مديني کان مڪي ۽ جدي روانو ٿيس. جدي ۾ رات رهي، مون واري دوست چيو ته، “الطاف! پاڻ واپس ڳوٺ (يعني ينبوع) اڄ واري رستي کان نه، پر بحرِاحمر وارو پراڻو رستو وٺي هلنداسين، جتي ٻن شهرن ۾، منهنجي مائٽن وٽ رات به رهنداسون، جو آئون سال ۾، هڪ دفعو هن عيد تي ملڻ ويندو آهيان”.
پوءِ منهنجو عرب دوست، ان پراڻي روڊ تان وٺي هليو، جنهن ڳوٺن جو ذڪر، حاجي نبي بخش چانڊئي ڪيو آهي. انهن ڏينهن ۾ ته اهي سڀ ڳوٺ هئا، پر اڄ ڪلھ “رابغ” ڪارخانن ۽ پيٽرول صاف ڪرڻ جي فئڪٽرين ڪري، هڪ وڏو ۽ امير شهر ٿي پيو آهي. اهڙي طرح ان رستي تي، هڪ شهر “مستوره” آهي. هڪ رات اتي رهيا سين، جو منهنجي عرب دوست جا ڪجھ دوست اتي مستوره شهر ۾ هئا، ۽ ناناڻا مستوره شهر کان پري ريگستان ۾ هئا. جتي پهچڻ لاءِ پڪو رستو به نه هو، ۽ اسان جو دوست، اسان کي مستوره ۾ ڇڏي، پاڻ اٺ ذريعي اوڏانهن، انهن سان ملڻ لاءِ ويو، جتان ٻئي ڏينهن موٽڻ تي اسان ينبوع هلياسين. هتي اهو به لکندو هلان ته، منهنجي زال جو نالو “مستوره” اسان وٽ سنڌ ۾ نئون هو، پر منهنجا عرب دوست ٻڌائيندا هئا ته، ان نالي سان حجاز ۾ مشهور شهر آهي، جنهن جي نالي سان ڪيترن ئي عورتن جا نالا آهن. بعد ۾ ته ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ تي خبر پئي ته، اهو نالو “مستوره” ملئي ڇوڪرين جو عام نالو آهي. انهن ڏينهن ۾، 1980 واري ڏهاڪي ۾ مشهور ملئي ڳائڻيءَ جو نالو پڻ “مستوره نور” هو. جنهن عرب دوست وٽ آئون رهيل هوس، ان ٻڌايو ته، سعودي عرب ۾ “مستوره” نالو به رکيو وڃي ٿو ته “مسطوره” به . هڪ “سَتُرَ” مان آهي ته ٻيو “سطر” مان. ٻئي نالا عرب دنيا ۾ عام آهن. هڪ جي معنيٰ Hidden يعني پڙدي ۾، Modest آهي ته ٻئي لفظ جي معنيٰ “لکيل” يعني Recorded آهي. جيستائين سعودي عرب امير ۽ ماڊرن نه ٿيو هو، پڪا رستا ۽ ڪارون بسون نه هيون، ماڻهن اُٺن تي سفر ڪيو ٿي، سو به قافلي جي روپ ۾. ان وقت سڄو زور ندين جو ڪنارو وٺي هلڻ تي هوندو هو، جيئن سنڌ ۾ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي، ڳوٺ آباد هئا، عراق ۾ دجله ۽ فرات ندين جي ڪنارن تي، مصر ۾ نيل جي ڪناري تي، ڇو جو پاڻي انسانن ۽ جانورن جي سخت ضرورت آهي. سعودي عرب هڪ ريگستاني ملڪ آهي. اتي نديون نه هجڻ ڪري ماڻهن سمنڊ جو ڪنارو وٺي سفر ڪيو ٿي. جيئن اڄ ڪلھ ڪار ۾ سفر ڪندي ان هنڌ تي ساهي پٽيون ٿا، جتي پيٽرول پمپ هجي ۽ گاڏيءَ ۾ تيل ڀرائي سگھجي. تيئن ان زماني ۾ سعودي عرب ۾ يا آفريڪا جي صحرا رڻ پَٽ وارن ملڪن ۾، جَتَن اُنهن هنڌن تي منزل ٿي هنئي، جِتي پاڻي هجي ۽ هو پاڻ ۽ پنهنجن اُٺن کي اهو پياري سگھن. سمنڊ جو ڪنارو ان ڪري به وٺي هلڻ ۾ فائدو هو ته، ڪجھ سفر ڪو چاهي ته ٻيڙيءَ ۾ به ڪري سگھي. سعودي عرب جتي رِڻ پَٽ آهي، اُتي ان جي ٽن پاسن کان سمنڊ به آهي. توهان جيڪڏهن عربستان جو نقشو ڏسندؤ ته، هڪ پاسي جتي عمان ۽ يمن ڳنڍيل آهي، ان جي هيٺان عربي سمنڊ آهي، جيڪو ڪراچيءَ کان وٺي يمن جي بندرگاھ عدن تائين آهي. عدن وٽ سمنڊ تمام سوڙهو ٿيو وڃي، ۽ سمنڊ جي ٻئي پاسي آفريڪا کنڊ جو ملڪ ۽ بندرگاھ جبوتي آهي. عدن کان وٺي، مصر تائين 2300 ڪلوميٽر ڊگھو بحر احمر (Red sea) آهي. يعني هي سمنڊ، عربي سمنڊ جي مقابلي ۾ ننڍو ننڍو تڏهن به ڪافي ڊگھو آهي، يعني ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين 1450 ڪلوميٽر فاصلي جو ڏيڍوڻو آهي. هن سمنڊ جي هڪ پاسي، سعودي عرب يعني ايشيا آهي ته، ٻئي پاسي آفريڪا کنڊ جا ملڪ، اٿوپيا، اريٽيريا، سوڊان ۽ مصر آهن. اٿوپيا ۽ اريٽيريا ڪنهن زماني ۾ حبش ۽ اتي جا ماڻهو حبشي سڏبا هئا. حبشي ۽ سوڊاني، سعودي عرب جي ملڪن ۾ آيا ويا پئي، جو، هي سمنڊ ايترو ويڪرو ڪونهي، هن جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 350 ڪلوميٽر آهي. پر ڪن هنڌن تي، جدي، ينبوع ۽ دبا بندر گاهن وٽ ته 100 کن ڪلوميٽر به مس آهي. اسان وٽ آفريڪا جي هر ماڻهوءَ کي، حبشي ان ڪري چون ٿا جو، هنن عربستان ۾ عربن واتان شيدين کي حبشي سڏيندي ٻُڌو، جيڪي دراصل حبش يعني ائبيسينيا جا هئا. ان ڪري اسان وٽ سنڌ ۾ آفريڪا کان آيل هر شيديءَ کي، حبشي سڏين ٿا. جيتوڻيڪ اسان وٽ گھڻي ڀاڱي شيدي، محمد صديق مسافر تائين ممباسا ۽ زنجبار کان آيا، جيڪي ڪينيا، موزمبيق ۽ يوگنڊا پاسي جاهئا. سعودي عرب ۾ حبشين بعد، ٻئي نمبر تي آفريڪي شيدي سوڊاني آهن، ڇو جو عربستان کي سوڊان به ويجھو آهي. اڄ جي سعودي عرب کي کاٻي پاسي، يعني مغرب ۾، ڳاڙهو سمنڊ (بحر احمر) ٿو ڇُهي، جيڪو عربي سمنڊ جي عدن بندرگاھ کان شروع ٿئي ٿو. سعودي عرب جو پهريون بندرگاھ جيزان، القنفده، الليث، جده، ذهبان، ثول، رابغ، مستوره، الرايس، ينبوع، املج، الوجہ، ضبا، المويلح ۽ شرما تائين بحر احمر جي ڪناري تي يا ڪناري جي ڀرسان، سعودي عرب جا بندرگاھ يا ڳوٺڙا آهن، جيڪي سمنڊ جي ڪناري ويجھو هجڻ ڪري اُٺن تي سفر ڪرڻ وارا هتان لنگھيا ٿي. مصر ۽ لبنان پاسي کان ايندڙ بحري جھاز ته، اڄ به ينبوع ۾ حاجي لاهين ٿا ۽ اتان کڻن ٿا. جن ڏينهن ۾، يعني 1923ع کان ڪجھ عرصو اڳ تائين، جڏهن ننڍي کنڊ جا حاجي، بمبئي بدران سورت بندرگاھ مان جھاز تي چڙهيا ٿي، اُهي جدي ۾ لهڻ بدران ينبوع ۾ لٿا ٿي، ۽ حاجي نبي بخش چانڊئي جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ حاجي جدي بندرگاھ ۾ لٿا ٿي، جتان مديني وڃڻ لاءِ هنن اُٺن جي قافلي ذريعي، مٿين خشڪي جو رُوٽ وٺي، مديني ويا ٿي. ڪي حاجي، جدي مان ٻيڙين (Sailing Boats) ذريعي ينبوع تائين آيا ٿي, جيڪو خشڪي جي رستي کان وري به، بحر احمر رستي وڃڻ ڪجھ بهتر هو. گھڻو بهتر ته نه هو جو، خشڪيءَ تي قافلن کي، ڌاڙيلن ٿي ڦُريو ته سمنڊ تي قذاقن ٿي لُٽيو. سو اسان واري حاجي صاحب مڪي کان مديني وڃڻ تائين، جن جن ڳوٺن جا نالا لکيا آهن، انهن مان ڪيترن کان، اڄ جا ماڻهو واقف نه هجن. ان وقت جا حاجي ۽ اُٺن جي قافلن جا جَتَ، پاڻيءَ جي سهوليت ڪري به، ڪيترن هنڌن تي ترسيا ٿي، جيڪي ڳوٺ هاڻ ختم ٿي ويا هجن يا ماڻهو اڻ واقف هجن. جيئن اڄ کان 60 سال کن اڳ، پيٽارو وڃڻ لاءِ، پنهنجي ڳوٺ هالا کان حيدرآباد جن بسين ۾ ويندو هوس ته، اهي هر ٻن ميلن بعد، ڪنهن ڳوٺ تي بيٺيون ٿي، جتان هنن مسافر کنيا ٿي يا پنهنجي بس جي ٽميل (Leaked)، ريڊئٽر لاءِ پاڻي کنيو ٿي. هالا کان ڀٽ شاھ، ٽي چار ڪلوميٽر مس آهي، پر ان جي به وچ ۾ به هر بس، خاصخيلي ڳوٺ تي ترسي ٿي. ڀٽ شاھ بعد يڪدم جاڙا واٽر آيو ٿي. ائين مٽياري تائين پهچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳو ٿي. هاڻ ته هالا کان بس هلي ٿي ته، فل اسپيڊ ۾ اڌ ڪلاڪ اندر حيدرآباد باءِ پاس/ ٽول پلازا تي پهچيو وڃي. رستي تي بائوديرو، سيکاٽ، کيبر جھڙي ڪنهن وڏي ڳوٺ ۾ به نه ٿي بيهي. ٻه ٽي سال اڳ هالا مان نڪرڻ بعد، گھڻي ئي ڪوشش ڪيم ته، جاڙا واٽر ڳوٺ (بس اسٽاپ) معلوم ڪريان، پر پڇڻ تي هر هڪ اڻ واقف هجڻ جو اظهار ڪيو. سو حاجي نبي بخش جو، مڪي کان مديني ويندي، جن ڳوٺن ۾، قافلو ترسيو آهي، انهن جو احوال لکيو آهي. انهن مان ٿي سگھي ٿو، اڄ ڪلھ ڪي ڳوٺ ختم ٿي ويا هجن، انهن مٿان هاءِ وي ٺهي ويا هجن، يا اهي ڳوٺ Industrial علائقن ۾ اچي ويا هجن. بهرحال حاجي صاحب، سٺو ڪيو جو، انهن ڳوٺن جا نالا لکيا آهن. ٿي سگھي ٿو اڳتي هلي، ڪنهن شاگرد کي “ماضيءَ جي حج روٽس” تي ٿيسز لکڻي پوي ته، هو هن مان Idea ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگھي ٿو.
سعودي عرب کي اُتر ۾ ايراني نار (Persian Gulf) وارو سمنڊ آهي. دبئي، دوحا، بندرعباس، ماناما، راس تنورا، ڪويت، بندر امام خميني ۽ سعودي عرب جو بندر گاھ دمام وغيره ايراني نار جا بندرگاھ آهن. سو ٻن طرفن کان سمنڊ هجڻ ڪري، سعودي عرب کي واپار وڙي يعني جھازرانيءَ ۾، فائدو رهيو آهي. هونءَ اسان جي ملڪ جا حاجي، جيڪي حج لاءِ پنڌ ايندا هئا، اُهي ڪوئٽا پاسي کان ايران ۾ داخل ٿي، پوءِ ڪويت يا عراق مان ٿيندا جبيل، الخبر کان ٿيندا، مديني پهتا ٿي. يا ايران جي بندرگاھ ڇابهار جو پاسو ڏئي، دبئي وٽ سوڙهو سمنڊ هجڻ ڪري ٻيڙين ذريعي ٽپي، عرب امارات ۾ داخل ٿيا ٿي، جتان پوءِ عُمان مان ٿي يمن ۾ آيا ٿي. جتان وري وجھ لڳڻ تي بارڊر ٽپي، عربستان ۾ داخل ٿيا ٿي.
حاجي نبي بخش چانڊئي جو، سئُو سال کن اڳ جو حجاز جو، هي سفرنامو پڙهي، هڪ ٻي ڳالھ به ڌيان ۾ آئي، جنهن تي پڻ آئون ڪجھ سِٽون لکڻ چاهيان ٿو. جيئن اڄ جو پڙهندڙ خاص ڪري اهو جنهن سامونڊي سفر نه ڪيو آهي، ان جي معلومات ۾ واڌارو اچي سگھي. چوندا آهن ته ٻه شيون اهڙيون آهن، جن جو نظارو ڪرڻ سان، انسان ٿڪجي نٿو. هڪ رڻ پَٽ ۾ تارن سان ڀريل آسمان، ۽ ٻيو سمنڊ. سمنڊ جي ڪناري تي بيٺل کي ته سامهون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ته هر وقت وڻي ٿو، پر جڏهن توهان سامونڊي سفر ۾ آهيو ته، پوءِ جيستائين سمنڊ ماٺو آهي، يعني منجھس اٿل پٿل ناهي، يا جي لهرون آهن ته پٺيان جون آهن، جنهن کي اسان Following sea سڏيون ٿا. (جنهن ڪري جھاز جي رفتار وڌيو وڃي) ته، سامونڊي زندگيءَ جهڙي پُرڪشش، فرحت بخش ۽ دل کي باغ بهار ڪرڻ جھڙي، موسم، سونهن، نظارو ۽ زندگي ناهي، پر جڏهن سمنڊ وَٽَ کائي ٿو، سامونڊي لهرون يا طوفاني هوائون جھاز کي، سامهون کان لڳن ٿيون، جھاز جي مٿي کڄي وڃڻ (pounding) يا اڳيان پويان هيٺ مٿي ٿيڻ (Pitching) يا جھاز جي کاٻي پاسي لُڏڻ (Rolling) ڪري، هڪ طرف جھاز کي نقصان رسي ٿو ته، ٻئي طرف جھاز تي سوار ماڻهن (جهاز هلائيندڙن ۽ مسافرن) کي ڦيري، دل ڪچي، پيٽ خالي ٿي وڃڻ بعد به لڳاتار اٻڙاڪ ۽ اُلٽيون رهن ٿيون. ڪنهن ڪم ۾ دل نٿي لڳي، زندگي کان سخت مايوسي ٿئي ٿي. ڪن حالتن ۾ ننڊ جو اهڙو گھيرٽ اچي ٿو جو، اٿڻ تي دل نٿي چوي. ان بيماريءَ کي اسان “Sea Sickness” سڏيون ٿا. سالن جا سال جھاز هلائڻ ۽ ان حالت جو مقابلو ڪرڻ ڪري، اسان Seafarers کي وري به ايتري تڪليف نٿي ٿئي. اسان سمجھون ٿا ته ان ۾ نفسياتي عنصر به موجود آهي جو، جيئن ئي هڪ يا ٻن ڏينهن يا چند ڪلاڪن بعد، سمنڊ صحيح ٿئي ٿو يا ڪو بندرگاھ اچيو وڃي، يعني وڏين ڇولين واري سمنڊ مان نڪري تانگهي ۾ جھاز پهچي ٿو ته، هر ماڻهو منٽن ۾ صحيح ٿيو وڃي. نه فقط هيءَ دنيا وڻڻ لڳي ٿي، پر کائڻ پيئڻ تي به دل چوي ٿي. سي سڪنيس دوران ڇا ذهني ۽ جسماني ولوڙ هئي، اها ڳالھ ياد به نٿي اچي، ڌيان ۾ به نٿي رهي. سي سڪنيس جي حالت ۾ چانھ (پاڻياٺ) جھڙي شيءِ سڀ کان گھڻي دل ڪچي ڪري ٿي، جنهن کي ڏسڻ سان اُٻڙاڪ اچن ٿا. پر جيئن سمنڊ صحيح ٿئي ٿو يا سمنڊ جي وڏين بگڙيل ڇولين کان منهن موڙڻ کانپوءِ، سمنڊ جون وڏيون ڇوليون سامهون بدران پٺيان جون ٿيو پون ته هر هڪ جي صحيح ٿيڻ ۾ ٻه منٽ به نٿا لڳن. چانھ ۽ ڪافي پيئڻ تي به دل چوي ٿي. هونءَ سي سڪنيس جي حالت ۾، جڏهن اُلٽيون ٿيڻ تي، پيٽ خالي ٿيو وڃي ته، ضروري آهي ته، ڪجھ نه ڪجھ کائبو رهجي. ڇو ته اُلٽيءَ ۾ اهو نڪري وڃي ته يڪدم وري ڪجھ کائجي. پيٽ خالي هرگز نه رکجي. ڇو جو حالت ان وقت خراب ٿي ٿئي جڏهن ڪو خالي پيٽ تي اُٻڙاڪ ڏئي ڪجھ ڪڍڻ چاهي ٿو. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اُلٽي نڪرڻ تي، فرحت محسوس ٿئي ٿي. پر اُها رُڳو چند منٽن لاءِ. ان بعد وري لڳندو ته بي چيني آهي. خالي پيٽ تي زور ڏئي اُلٽي ڪڍڻ جي ڪوشش سان جسم جون رتوبتون (Juices) نڪريو اچن جن جي نڪرڻ ڪري ماڻهو ڪمزوري محسوس ڪري ٿو ۽ اڃان به وڌيڪ اُلٽي لاءِ زور ڪرڻ تي رت اچي ٿو، جيڪا گھڻي نقصان ڪار ڳالھ آهي.
حاجي نبي بخش جي ڏينهن ۾ ڪو ورلي ديسي ماڻهو جهاز هلائڻ وارو هو. سڀ گورا هئا. اسان جي ڏينهن ۾، اسان مسافرن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين ته ماني نٿي وڻي ته به کائو. جيتوڻيڪ سي سڪنيس جي حالت ۾ نفسياتي طرح ماڻهو ايڏي مايوسي ۽ بوريت محسوس ڪري ٿو، جو هن کي نه ڪا ڳالھ وڻي ٿي نه ڪنهن شيءِ جو فڪر رهي ٿو. جھاز جي لوڏن ڪري، ڪمري ۾ شيون پيون هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙن يا اٿلن پٿلن، ته به هن کي پرواھ نٿي رهي. بهرحال اسان واري حاجي صاحب جي ڏينهن ۾، جھاز هلائڻ وارا گورا آفيسر به ڪوشش ڪندا هئا ته، حاجين جو پيٽ خالي نه رهي. ان ڪري، هو جھازران ڪمپنيءَ طرفان سفر ڪندڙ حاجين کي بسڪيٽ ڏيندا هئا ۽ انهن کي کائڻ لاءِ ڪڏهن دڙڪا ته ڪڏهن چَٽَ ٻڌندا هئا ته کائو. پر حاجي سڳورا به ڏسندا هئا ته، اهي کائڻ سان الٽين جو نئون سلسلو شروع ٿيو وڃي. مونکي ياد آهي ته، اسان ننڍي هوندي، يعني اڄ کان سٺ ستر سال اڳ، حاجين کان انهن بسڪيٽن بابت ٻڌندا هئاسين، جن کي هو نشي جا بسڪيٽ سمجھندا هئا. جيتوڻيڪ اهي بسڪيٽ نشي جا نه هوندا هئا. ننڊ جو گھيرٽ هونءَ ئي Sea Sickness جي حالت ڪري ٿيندو هو. پر حاجي سڳورا، انهن کي نشي جا بسڪيٽ تصور ڪري، کائڻ بدران سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا. پوءِ پيٽ سان عورت وانگر سڄو ڏينهن ويٺا اُٻڙاڪ ڏيندا هئا، جنهن سان گلو به خراب ٿيو پوي.
هاڻ سوال آهي ته، اها خراب موسم يا خراب سمنڊ جنهن ۾ Sea Sikness ٿئي ٿي، ائين ڪڏهن ٿئي ٿو؟ ان لاءِ ڪو ڏينهن يا Duration مقرر ناهي. ڪڏهن ته سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ دوران ٻن کن هفتن ۾ سمنڊ ۾ ڪا چُرپُر به نظر نٿي اچي، ڪڏهن ته ڪنهن ننڍي ۽ سوڙهي سمنڊ ۾ به ماڻهو ڦاسيو وڃي. طوفانن ۽ ڇتين ڇولين جو سلسلو، ڪڏهن ته ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ هلي ٿو، ڪڏهن ٽي ٽي چار چار ڏينهن به موسم خراب رهي ٿي. پر اهو آهي ته ڪي ڪي سمنڊ سال جي ڪجھ مهينن ۾، بيحد بگڙيل بالما رهن ٿا. جيئن ته خليج بنگال وارو سمنڊ . سياري ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ جو ڪجھ حصو ۽ جپاني سمنڊ. مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جا مهينا، جيڪي سانوڻيءَ جا مهينا به سڏجن ٿا، انهن ۾ اسان وارو عربي سمنڊ به توبهه زاري رهي ٿو. ٿڌو ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي. اهڙي حالت ۾ اتي وڏن وڏن ناکئن کي به پگھر اچيو وڃن. تڏهن ته هنن مهينن ۾ سرڪار طرفان خبردار ڪيو ويندو آهي ته، تفريح لاءِ سمنڊ جي ڪنارن تي نه وڃو، ۽ مهاڻن کي پابند ڪيو ويندو آهي ته، پنهنجيون ڪاٺ جون، ڪمزور ٻيڙيون ڪڍي اونهي ۾ ڪاهي نه وڃن. حاجين جي جھازن کي ڪراچيءَ کان جدي وڃڻ لاءِ، عدن تائين هن سمنڊ (عربي سمنڊ) مان گذرڻو پوي ٿو. ان بعد ڳاڙهو سمنڊ شروع ٿئي ٿو. ڳاڙهي سمنڊ ۾ به اونهاري ۾ گھڻي ڇتائي رهي ٿي، ان کان علاوه گرمي پڻ.
حاجي نبي بخش چانڊئي جي، ڏينهن ۾ توڙي کڻي، هو “شجاع” نالي جھاز تي، ڊيڪ بدران ڪئبن جو مسافر هو. پر انهن ڏينهن ۾ توڙي پوءِ به سفينئِه حجاج جھڙن جھازن تي، ڪٿي هئا ايئرڪنڊيشنر يا اڄ وانگر سينٽرلي ايئرڪول ڪمرا جن ۾ ٿڌڪار هجي، سو هنن مهينن (مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ) ۾ عربي سمنڊ يا بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) اُڪرڻ ڪا رومانس جي ڳالھ نه هئي. اسان اڄ جي ماڊرن جھازن ۾ به لوڙيون ڀوڳيون ٿا، سو ان وقت جي جھازن ۾ حاجين جي ڇا حالت هوندي، جيڪي جھازن تي هر ڪمري (ڪئبن)، هر ڪمري جي ٻاهران گھٽين ۾ ۽ ڊيڪ تي ٺهيل هئچن (گدامن) ۾ سٿيا ويا ٿي. پر ان هوندي به سمنڊ جي سونهن، پنهنجي جاءِ تي آهي، ۽ مون کي هو ته نبي بخش چانڊيو صاحب هيترا ڏينهن (اوٽ موٽ ٻه هفتا) سمنڊ تي رهڻ بعد، سمنڊ تي آيل لطف ۽ نظر آيل قدرت جي نظارن، سج جي لهڻ، اڀرڻ، ڇولين، سفيد گجي، نيري پاڻي، افق ۽ شفق جو به احوال لکندو. پر هن انهن سڀني ڳالهين بدران لکيو آهي ته، “سمنڊ تي سڀني کي ڦيري رهي ٿي.....” وغيره. حاجي صاحب جي ان ڳالھ مان مون کي لڳو ته، حاجي صاحب غلط مهينن ۾ سفر ڪيو آهي. پر ڪيئن خبر پوي ته آيا هُو مئي، جون، جولاءِ يا آگسٽ مهيني ۾ حج تي ويو يا اتان موٽيو. هن پنهنجي سفر جون تاريخون انگريزي مهينن بدران اسلامي مهينن ۾ لکيون آهن. انهن مطابق هن جدي لاءِ ڪراچي 15 شوال 1341 هجري تي ڇڏي آهي. يعني جهاز لنگر کنيو آهي، ۽ حج جي ادائگي بعد اتان جدي مان جھاز، ڪراچيءَ ۾، 30 ذوالحج 1341 هجريءَ تي پهتو آهي. هجري ۽ عيسوي پراڻي ڪئلينڊر ۾ معلوم ڪيم ته، 15 شوال، سال 1923ع جي پهرين جون ٿئي ٿي. يعني جدي ويندي، هن جُون جو پهريون هفتو سمنڊ تي گذاريو ۽ سندس ڪراچي واپسي 29 ذوالحج يعني 14 آگسٽ تي ٿي آهي. يعني واپسيءَ تي هنن (حاجي صاحب جن) آگسٽ مهيني جي ٻئي هفتي ۾، بحراحمر ۽ بحر عرب لتاڙيو آهي. سو ظاهر آهي، کين انهن ڏينهن ۾، اهي سمنڊ خراب ترين مليا هوندا.
حاجي صاحب جي سفرنامي جي، هڪ اڌ ٻي ڳالھ به، اڄ جي نوجوانن لاءِ Clear (چٽي) ڪندو هلان. حاجي صاحب پنهنجي هن سفر ۾ ڪراچيءَ کان جدي ويندي، جھاز جي عدن ۽ “ڪامران” ۾ ترسڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان سواءِ “لم لم جبل” جو ذڪر ڪيو آهي ته، اتي پهتاسون ۽ شرعي حڪم موجب، احرام ٻَڌوسون. اڄ جو پڙهندڙ، خاص ڪري، اهو جنهن حج يا عُمرو نه ڪيو هوندو، جي ڪيو به هوندو ته، باءِ ايئر ويو هوندو، اهو حاجي صاحب جي اها ڳالھ، جبل واري پڙهي، وائڙو ٿي ويو هوندو ته آيل جھاز جبل تي چڙهي ويو يا حاجي جبل تي چڙهي ويا! اهي سڀ ڳالهيون سمجهائڻ ضروري ٿو سمجھان. جھاز هلائڻ ڪري، مونکي انهن جي خبر پيئي. پر لم لم جبل جي خبر، مون کي ان کان به اڳ جي هئي، جڏهن کان هوش سنڀاليو هوم. مون پنهنجي ڳوٺ جي حاجين کان حج جي سفر جو احوال ٻڌندي، ان جبل جو نالو ٻڌو ٿي. حاجي نبي بخش چانڊيو صاحب هي سفر 1923ع ۾ ڪيو. يعني پهرين جنگ عظيم جي خاتمي (1918ع) کان پنج سالن بعد. 1517ع کان وٺي، پهرين جنگ عظيم جي خاتمي، يعني چئن صدين تائين عربستان تي ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ تُرڪيءَ جي سلطنت عثمانيه وارن جي حڪومت رهي. ان بعد حجاز، خاص ڪري مڪي تي شريف گھراڻي جي حڪومت رهي. 1923ع ۾، اسان جو حاجي صاحب حج پهتو هو. ان ئي سال شريف گھراڻي جي حاڪم، حسين بن علي الهاشميءَ پاڻ لاءِ خليفي بنجڻ جو اعلان ڪيو، پر پوءِ 1925ع جي آخر ڌاري “ابن سعود”، شريف (هاشمي گھراڻي) کي ڀڄائي ڪڍيو. ان ڏينهن کان اڄ تائين، سعودي عرب تي سعود گھراڻي جي حڪومت آهي. هوڏانهن اسان ڏي انڊيا تي انگريزن جي حڪومت هئي. سنڌ ميرن جي حڪومت تائين الڳ مُلڪ هو. ان تي 1843ع کان انگريزن جي حڪومت ٿي، جيئن سنگاپور کي “مدراس پريزيڊنسي” ۾ رکيو ويو هو، ائين سنڌ کي ۽ يمن جي بندرگاھ عدن کي، (جنهن تي پڻ انگريزن جي حڪومت هئي) بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ رکيو ويو هو. عدن، انڊيا، سنڌ، سنگاپور، ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) ۾ انگريز سرڪار جو پاسپورٽ هليو ٿي. سڄي انڊيا جا ماڻهو، سنڌ سميت عدن ۾ به بنا ويزا جي ايندا ويندا رهيا ٿي. ڪيترا عدن جا، يمني عرب انڊيا جي، مختلف شهرن ۾ Settle هئا، جن مان هڪ جو احوال پنهنجي سئيڊن واري سفرنامي ۾ به ڪيو اٿم. عدن جي اُن انجنيئر محمد مبارڪ کي هنديءَ جا به ڪجھ لفظ آيا ٿي، جو هن ٻُڌايو ته هن جو ڏاڏو مدراس ۾ رهيو ٿي، جنهن وٽ ننڍپڻ ۾، هو گھمڻ ويندو هو.
ٻي ڳالھ اها ته، اڄ جي جھازن ۾، هڪ ته تيل رکڻ لاءِ، تمام وڏيون ٽانڪيون آهن. ايتري قدر جو ڪراچيءَ کان، ڪئناڊا سفر جيترو تيل اسٽور ڪري سگھجي ٿو ۽ رستي تي ڪا ايمرجنسي يا ڪم ناهي ته، ڪٿي به بنا بيهڻ جي، سِڌو ڪئناڊا به پهچي سگھجي ٿو. اهڙي طرح پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ لاءِ به، وڏيون ٽانڪيون آهن ته، هر جھاز تي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان، مٺو پاڻي ٺاهڻ لاءِ، مشينون Fresh Water Evaporators به آهن، جيڪي روزانو گھٽ ۾ گھٽ ٽيھ ٽن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهي سگھن ٿيون. جيتري قدر کاڌي جو سوال آهي ته، اڄ ڪلھ هر جھاز تي، طاقتور ريفريجريشن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ سسٽم آهي. جهازن جون ڪئبنون (ڪمرا) ايئرڪنڊيشنڊ ڪرڻ کان علاوه، گوشت ۽ مڇي رکڻ لاءِ، وڏا ڪمرا (Cold Storage) آهن. جن ۾ ٽن چئن مهينن. جو فروزن گوشت رکي سگھجي ٿو. هڪ ڪارگو (مال بردار) جھاز، جنهن تي 40 کن ماڻهو ٿين ٿا. ان جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ به گھٽ ۾ گھٽ ٽيھ چاليھ ذبح ٿيل ۽ کل لٿل ٻڪريون ۽ ڏهاڪو کن ڍڳيون ٽنگيل رهن ٿيون. سو اڄ ڪلھ جا جھاز ڪنهن رستي جي بندرگاھ تي ترسڻ بنا، دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين يڪساهيءَ سفر ڪري سگھن ٿا. پر 1923ع ۾، جڏهن حاجي نبي بخش چانڊئي صاحب حج ڪيو ته شجاع نالي هن جھاز يا ڪنهن ٻئي جھاز ۾ اهڙا بندوبست نه هئا. نه جھازن ۾ ايڏي ترقي آئي هئي نه بندرگاھن ۾ سامان لاهڻ چاڙهڻ جي. جھازن کي هر ٿورن ڏينهن بعد، ڪنهن بندرگاھ مان، اڳتي جي سفر لاءِ راشن پاڻي ۽ مشين جي ٻارڻ لاءِ، تيل خريد ڪرڻو پيو ٿي. ڪراچيءَ کان جدي ويندي تقريبن اڌ رستي تي جھاز وارن کي، عدن بندرگاھ سَڻائو پيو ٿي، جيڪو انگريز حڪومت جي هٿن ۾ هو. هونءَ به انگريزن جتي به حڪومت ڪئي ٿي، اتي جا شهر، بندرگاھ، جهازراني، ريلوي نظام ٺيڪ ڪري رکيو ٿي، جيئن بعد ۾ سنگاپور ۽ پينانگ بندرگاھن کي به هنن ٺاهي ڇڏيو هو. پر سائين! عدن جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي! انهن ڏينهن ۾ توڙي 1960ع واري ڏهاڪي تائين، جڏهن اسان تعليم حاصل ڪري رهيا هئاسين ته، اسان جي هن تر ۾ عدن جي وڏي هاڪ هئي، جيڪو ڊيوٽي فري بندرگاھ هجڻ ڪري، اتي هر وقت جھازن ۽ ٽوئرسٽن جي ڌم لڳي رهي ٿي. عدن جون مارڪيٽون، رات جو به کليل رهيون ٿي. خبر ناهي ڪهڙو مسافر جھاز، رات جو، ڪنهن وقت بندرگاھ ۾ اچي وڃي ۽ ٿي سگھي ٿو، اهو فقط چند ڪلاڪن لاءِ ترسي، جيئن حاجي صاحب جي، جھاز جو عدن ۾ فقط چئن ڪلاڪن جو Stay رهيو. دڪاندارن جھاز وارن مان خوب ڪمايو ٿي. ساڳي وقت عدن ڊيوٽي فري هجڻ ڪري مسافرن به خوب شاپنگ ڪئي ٿي.
ڪراچي بندرگاھ کان، عدن 1650 کن ناٽيڪل ميلن جي فاصلي تي آهي. انهن ڏينهن ۾ پاڻي وارا جھاز ڏھ کن ناٽن (knots) جي رفتار تي هليا ٿي. يعني هڪ ڪلاڪ ۾، هن ته 10 ناٽيڪل ميل سفر ڪيو ٿي. جيڪا رفتار انهن ڏينهن ۾، وڏي ڳالھ سمجھي وئي ٿي. رفتار جي حساب سان پاڻي وارن جھازن جي، اڄ به ڪا خاص رفتار نه آهي. جيڪي جھاز مون هلايا، انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ جپان، جرمني، يوگوسلاويه ۽ اسپين جا ٺهيل هئا. انهن ۾ ڪيترا نوان ۽ ان وقت جا ماڊرن هئا، پر انهن جي به سراسري رفتار، سورنهن سترنهن ناٽ رهي ٿي. يعني ڪلاڪ ۾ اهي سورنهن سترنهن ناٽيڪل ميل هليا ٿي. پر پٺيان جو سمنڊ ۽ پٺيان جي تيز هوا هوندي هئي ته، اهي ان ڏينهن 20 جي رفتار تي به هليا ويندا هئا. يعني انجڻ ته ساڳي رفتار تي هلندي هئي، پر جھاز، ڪار وانگر روڊ تي نه، پر پاڻيءَ ۾ هلي ٿو. جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن پٺيان يا اڳيان سمنڊ جون ڇوليون ۽ هوائون ڌڪين ٿيون. سو انهن جي رفتار، ڪڏهن 20 ٿي وئي ٿي ته ڪڏهن سامهون يعني مخالف جي ڇولين ڪري ڏھ يا يارنهن ناٽ به ٿي وئي ٿي. سمنڊ تي فاصلو ناٽيڪل ميلن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جيڪو ميل اسان جي زميني ميل کان ڪجھ وڏو ٿئي ٿو. ڪراچي کان عدن بندرگاھ 1650 ناٽيڪل ميلن جي فاصلي تي هجڻ ڪري، ڏھ ناٽ وارو جھاز ڇهن کان ست ڏينهن وٺي ٿو. حاجي نبي بخش چانڊئي صاحب جي جھاز، ڪراچي 15 شوال تي ڇڏي، ۽ 22 شوال تي عدن پهتو. يعني هنن کي ست ڏينهن لڳي ويا، معنيٰ هنن جي جھاز جي رفتار 10 ناٽ هئي.
ڪراچيءَ مان، لنگر کڻڻ تي، جھاز ڪجھ وقت پاڪستان وارو ڪنارو ڏئي مغرب ڏي هلي ٿو ۽ سامهون گڊاني آهي، ان بعد پاڪستان جا بندرگاھ اورمارا، پسني، گوادر، جيواني اچن ٿا. پر جھاز ڪناري کان، ڪافي پري اونهي سمنڊ مان هلي ٿو، جو ڪناري جي ويجهو تانگھو پاڻي رهي ٿو. ڪَلَ جي جھازن کان اڳ جڏهن سڙھ تي هلندڙ ٻيڙيون هُيون ته ان وقت ناکئن (Navigators) جي اها ڪوشش هوندي هئي ته، جيترو ٿي سگھي، ڪناري جي ويجھو هلجي ۽ ڪنارو ڪنارو ڏئي هلجي.
پاڪستان جي، آخري بندرگاھ جيواني بعد، ايران جي سرزمين شروع ٿئي ٿي. اسان جيڪڏهن اهوئي طرف يعني اولھ وٺي وينداسين ته، خليج عُمان ۽ آبنائي هُرمز (Strait of Hormuz) واري سامونڊي سوڙهي گھٽيءَ مان گذري خليج فارس (Persian Gulf) ۾ داخل ٿي ويندا سين، جنهن ۾ هڪ پاسي ايران جا بندرگاھ: ڇابهار، ماھ شهر، بندر لينگھ آهن ته، ٻئي پاسي دبئي، دوحا، دمام، جبيل، خافجي، عجمان، مناما ۽ آخر ۾ ڪويت جو پورٽ آهي. اسان دبئي يا سعودي عرب جي “دمام” بندرگاھ ۾ وڃڻ لاءِ هن سمنڊ (خليج فارس) ۾ گھڙندا هئاسين، جيڪو (دمام) سعودي عرب جو اتراهون بندرگاھ آهي. جدو ۽ ينبوع، سعودي عرب جا ڏاکڻا بندرگاھ آهن. جيڪي بحراحمر (Red Sea) سمنڊ ۾ آهن. هن ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڃڻ لاءِ ايران جي پاسا بندر وٽان جھاز کي ڏکڻ طرف موڙڻو پوي ٿو، ۽ عُمان جو ڪنارو ختم ٿيڻ تي، يمن جي سرزمين شروع ٿئي ٿي، ۽ جتي اها اولھ ڏي مُڙي ٿي، ان کان اڳ عدن بندرگاھ اچي ٿو.
عدن ۾ ترسڻ بعد، جھاز جدي لاءِ، لنگر کڻي ٿو، ۽ بيرام ٻيٽن بعد باب المنديب وٽ، ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. ڳاڙهو سمنڊ يعني بحيره احمر، جنهن کي ڪي بحر قُلزم به سڏين ٿا. عدن کان جدي باءِ روڊ به وڃي سگھجي ٿو، خاص ڪري ڪناري واري رستي کان، جيڪو حاجي صاحب جي، حج کان ٽيهارو سال پوءِ پڪو ٿيو، جنهن تان موٽر ڪارون ۽ بسون به هلن ٿيون، جيڪو سعودي عرب جا بحراحمر جي ڪناري وارا شهر، الشقيق، القحمة، البرڪ، القوز، القنفداہ، المظيلف، دوقہ، حفار، الزواهر، الوسقہ، الليث، الغالہ، القطان باشعيہ، جده، ڳنڍي ٿو.
عدن کان جدي تائين، باءِ روڊ 1440 ڪلوميٽر فاصلو آهي. سمنڊ رستي به ڪجھ ايترو ئي 756 ناٽيڪل ميل آهي يعني ڪناري جا 870 ميل ٿيا. 60 ميل هڪ سئو ڪلوميٽر برابر آهن، سو 870 ميل سي ٿيا 1450 ڪلوميٽر. ڏھ ناٽ رفتار وارو جھاز، عدن کان جدي ٽي ڏينهن وٺي ٿو.
حاجي صاحب پنهنجي سفر ۾ لکي ٿو ته، عدن کان 22 شوال تي نڪتا سين، ۽ ٻن ڏينهن بعد 24 شوال تي سندس جهاز ڪامران پهتو، اتي رات رهي، ڪراٽين ڪرائي. ڪراٽين ميڊيڪل چيڪ اپ آهي. ڪنهن ملڪ ۾ جھاز وڃڻ تي ان جھاز کي ان ملڪ جي بندرگاھ ٻاهر بيهاري جھاز ۾ سوار مسافرن ۽ جھاز جي عملي جي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪئي وڃي ٿي ته اهي صحتمند آهن يا نه. ائين نه ٿئي ته ڪنهن کي ڪا اهڙي وچڙندڙ بيماري هجي، جيڪا پوءِ ان بندرگاھ جي ماڻهن کي به لڳي وڃي. خاص ڪري حج تي آيل وڏي هجوم جي ته چيڪ اپ ضروري آهي، جو اهڙي رش ۾ ملڪ کان هر حاجي باءِ ايئر وڃي ٿو. ايئر پورٽ تي لهڻ بعد هر حاجيءَ جي اميگريشن، ميڊيڪل ۽ ڪسٽم ٿيو وڃي ۽ ثبوت خاطر ته، هو پنهنجي ملڪ مان، اهي مقرر ڪيل سُيون هڻائي آيو آهي، پنهنجي ڊاڪٽر جو هيلٿ ڪارڊ ڏيکاري ٿو. پر حاجي نبي بخش چانڊئي جي ڏينهن ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ حاجين جي جھاز کي بحرِ احمر ۾ ڪامران نالي ٻيٽ تي روڪيو ويو ٿي. (هن ٻيٽ جو نالو اسان جي سامونڊي نقشن ۾ ڪمران آهي، جنهن لاءِ حاجي صاحب، ڪامران لکيو آهي). بحرِ احمر ۾ هي يمن جو سڀ کان وڏو ٻيٽ، اٽڪل 108 چورس ڪلوميٽر آهي. جنهن جي ڊيگھ 18 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 7 ڪلوميٽر ٿيندي. هن ٻيٽ جي اڄ ڪلھ آدمشماري 2200 ماڻهو آهي. هن ٻيٽ جي هڪ پاسي کان پهاڙيون به آهن ۽ سڀ کان اوچي پهاڙي “جبل يمن” آهي. هن پاسي جي سمنڊ تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ، سورهين صديءَ ۾ پورچو گالين، هن ٻيٽ ڪمران تي Out post ٺاهي هئي، جيئن ايندڙ ويندڙ جھازن تي نظر رکي سگھجي. بعد ۾ اوڻهين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾، هن تي ترڪن جي سلطنت عثمانيه وارن جو قبضو ٿيو، جن اوڀر آفريڪا، ايراني نار ۽ انڊيا پاسي جي حاجين لاءِ ڪئارنٽائين اسٽيشن ٺاهي. 1949ع ۾ هي ٻيٽ برٽش وارن جي اثر هيٺ رهيو، ۽ هنن هن ٻيٽ جي انتظام هلائڻ، لاءِ عدن جي گورنر کي، هن ٻيٽ ڪمران جو به گورنر مقرر ڪيو. 1967ع ۾، هي ٻيٽ ڏکڻ يمن جو، حصو ٿيو. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ ٻه يمن هئا، ڏکڻ يمن ۽ اُتر يمن. 1972ع ۾ اتر يمن وارن، هي ٻيٽ ڏکڻ يمن وارن کان کسي، ان جو انتظام پنهنجي حوالي ڪيو. 1990ع ۾ اتر ۽ ڏکڻ يمن ملي هڪ ٿيو، ۽ هي ٻيٽ ان مليل يمن جي حڪومت هيٺ آيو.
آخر ۾ حاجي صاحب جي بيان ڪيل، “لم لم جبل” بابت به، ڪجھ سِٽون لکان ٿو، جيئن پڙهندڙ، خاص ڪري، اهي جيڪي عُمري يا حج تي، مڪي شريف نه ويا آهن، هيءَ ڳالھ سمجھي سگھن ته هيءَ اها جاءِ آهي، جتان جدي (مڪي) ڏي وڌڻ کان اڳ، احرام ٻَڌڻ کپي.
احرام بابت آئون، پنهنجي حج جي سفرنامي، “ڀلي پار تان ڀيرو” ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان ته “احرام” جي معنيٰ حرام ڪرڻ آهي. مڪي جي ايراضيءَ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، حاجي جڏهن حج يا عُمري جي نيت ڪري ٿو ۽ تلبيه پڙهي ٿو ته هن تي ڪجهه شيون حرام ٿيو وڃن، جيڪي هونءَ جيتوڻيڪ حلال آهن. مثال طور خوشبوءِ لڳائڻ، مٿو ڍڪڻ، ننهن ڪترڻ، جانورن يا پکين جو شڪار ڪرڻ، وغيره. ساڳي وقت “احرام” انهن سفيد اڻ سبيل چادرن کي به چئجي ٿو، جن کي حاجي احرام جي حالت ۾ استعمال ڪن ٿا. انهن مان هڪ چادر گوڏ طور استعمال ڪئي وڃي ٿي ته، ٻي جسم جو مٿيون حصو ڍڪڻ لاءِ. احرام جي حالت ۾ عورتون سبيل ڪپڙا پائي سگھن ٿيون. انهن مٿان عبايا يا وڏي چادر اوڍين ۽ رومال سان مٿي کي چڱي طرح ڍڪين، جيئن هڪ وار به نظر نه اچي.
مڪي وڃڻ وقت، حاجيءَ کي، ڪهڙي هنڌ کان اڳتي وڌڻ کان اڳ احرام ٻَڌڻ کپي، ان جاءِ کي ميقات سڏجي ٿو. ميقات جي معنيٰ ئي آهي “ٻُڌايل جاءِ” يا مقرر ڪيل جاءِ. مختلف طرفن کان عُمري يا حج لاءِ، مڪي پهچڻ لاءِ اهي جايون، پاڻ ڪريمﷺ جن مقرر ڪيون. مثال طور مديني منوره کان، مڪي ڏي ويندڙن لاءِ، احرام ٻَڌڻ لاءِ، جيڪا جاءِ (ميقات) مقرر ڪئي وئي آهي، اها ذوالحُليفهه آهي. اها مديني کان 6 ميلن جي فاصلي تي آهي. اهڙي طرح سعودي عرب جي نجد واري علائقي، يعني رياض، جبيل شهرن کان مڪي ڏي ويندڙن لاءِ، قرن المنازل نالي جاءِ مقرر آهي. يعني هن جاءِ کان اڳتي وڌڻ لاءِ احرام ٻَڌي عُمري يا حج جي نيت ڪرڻي آهي. اهڙي طرح مصر ۽ شام کان ايندڙن لاءِ، جُحفهه ميقات جي جاءِ آهي. اها جاءِ رابغ شهر جي ويجھو آهي. پاڪستان کان جيڪڏهن ڪو پيرين پيادو نڪري (اڳئين زماني ۾ ته حج لاءِ ماڻهو ائين ئي پيرين پيادا يا اُٺن تي نڪرندا هئا) ته هنن لاءِ ميقات جي جاءِ “يلم لم” آهي، (جنهن لاءِ حاجي نبي بخش صاحب لم لم لکيو آهي، جو عربيءَ جا ڪيترائي لفظ، مختلف ٻولين ۾ مختلف طريقن سان اچاريا وڃن ٿا). هيءَ جاءِ يلم لم مڪي جي ساڄي پاسي، يمن طرف آهي. جدو مڪي جي ٻئي طرف کاٻي پاسي آهي. اسان جڏهن هوائي جھاز ۾ جدي اچون ٿا ته، يلم لم ٽپڻ بعد، مڪو شريف ۽ پوءِ جدو اچي ٿو. ان ڪري اسان کي ڪراچي، اسلام آباد يا لاهور مان جھاز ۾ چڙهڻ کان اڳ، احرام ٻڌڻ کپي. هوائي جھاز ۾ جڏهن جدي ڏي روانو ٿيون ٿا ته، يلم لم مٿان لنگھڻ کان اڳ پائلٽ خبردار ڪري ٿو ته، اسان مڪي وڃڻ لاءِ ميقات واري جاءِ کي، ڪراس ڪرڻ وارا آهيون، جيئن ڪنهن کي نيت ڪرڻي هجي ته ان وقت ڪري وٺي. ڪنهن کان گھران يا ڪراچي ايئرپورٽ تان احرام ٻَڌڻ وسري ويو آهي ته، هو اُن وقت هوائي جھاز ۾ ٻَڌي سگھي ٿو. پر هوائي جھاز ۾ ڪپڙا لاهي، احرام ٻَڌڻ ڏکيو ڪم آهي ۽ جي هڪ يا ٻن کان وڌيڪ حاجي آهن ته هو ڪٿي ڪپڙا بدلائيندا، جڏهن جھاز تي ٻه کن واش روم مس ٿين ٿيون. باقي اهو آهي ته، پاڻي وارو جھاز بحرِ احمر ۾ جڏهن يمن ٽپي، “يلم لم” جي سِڌائي ۾ پهچي ٿو ته ڪئپٽن جھاز کي روڪيو ڇڏي، جيسين سڀ حاجي احرام ٻَڌي حج يا عُمري جي نيت ڪري وٺن. ان کان پوءِ، جهاز جدي ڏي وڌي ٿو. سو اها آهي، اسان ننڍي کنڊ کان ايندڙ ماڻهن جي لاءِ، ميقات جي جاءِ، جنهن لاءِ حاجي نبي بخش چانڊئي صاحب لکيو آهي ته جڏهن جھاز لم لم پهتو ته هنن شرعي حڪم موجب احرام ٻَڌو.
اميد آهي ته، منهنجي هيءَ لکڻي (Interpretation) پڙهندڙن کي, حاجي صاحب جو هڪ سئُو سال اڳ جي ڪيل حج جو، سفرنامو سمجھڻ ۾, آساني ۽ دلچسپي پيدا ڪندي.


9 آگسٽ 2019ع
الطاف شيخ ڪراچي

حاجين جو مشهور جهاز سفينه ”حجاج“

حج جو سفر ڪنهن به دور ۾ ڪو آسان نه رهيو آهي. هر دور ۾ هر حاجيءَ کي پنهنجي نوعيت جا مسئلا رهيا آهن. هاڻ کڻي اڌ صديءَ کان هوائي جهازن ڪري سفر آسان ٿي پيو آهي، پر اڄ جو سفر پئسي وارو ئي ڪري سگهي ٿو نه ته ان کان اڳ پاڻيءَ جي جهاز جو سفر سستو هجڻ ڪري غريب غربو مڪي هليو ويو ٿي. پاڻيءَ جي جهاز جو سفر به هڪ ڏيڍ صديءَ کان جڏهن کان جهاز ڪَلَ جا ٿيا، يعني انجڻ تي هلڻ لڳا ته وري به غنيمت سمجهيا ويا. يعني انهن ۾ سفر ڪرڻ وارن جي خوشيءَ جي حد نٿي رهي. جيتوڻيڪ اهي جهاز ڪي اڄ جي ڪروزو جهازن جهڙا آرامده ۽ سيون اسٽار هوٽلن جهڙي عياشي وارا نه هئا. اسان جي ملڪن (انڊيا، بنگلاديش، پاڪستان، سريلنڪا) جي حاجين ته جن جهازن ۾ سفر ٿي ڪيو انهن ۾ نوي سيڪڙو جهاز ته قيدين کي ڍوئڻ جهڙا هئا. ويندي پاڪستان جو حاجين جو وڏو جهاز “سفينه حجاج” به ڪارگو جهاز (مال بردار جهاز) ٿي لڳو ۽ سچ ته اهو آهي ته اهو هو به ڪارگو جهاز جنهن کي پراڻو ٿيڻ تي حاجين کي ڍوئڻ جي ڪم لاءِ رکيو ويو ۽ هن جهاز جو سفر بهتر موسم ۾ به ڪو فرحت انگيز نه هوندو هو جيڪو اڄ جي يورپ جي ٽوئر وارن ”مسافر جهازن“ جي لاءِ تصور ڪيو وڃي ٿو. سچ ته هي آهي ته هي سفر لگزريءَ بدران سزا هوندو هو. اسان جهازن هلائڻ وارا اهڙن جهازن کان ڀڄندا هئاسين پر شاباس هجي اسانجي حاجين ۽ انهن جي ايمان کي، جيڪي کلندا، ڪڏندا، دعائون ۽ نعتون پڙهندا روانا ٿيندا هئا ۽ ڀلي پار تان ورتل سوکڙين جون هڙون ٻڌي جنهن ۾ گهڻو هوندو هو سُريل تمر ۽ زمزم جو پاڻي، موٽندا هئا. هي جهاز سفينه حجاج مسافرن لاءِ نه، پر مال (ڪارگو) ڍوئڻ لاءِ 1936ع ۾ جرمنيءَ جي بندرگاهه “بريمن” ۾ ٺاهيو ويو هو. ان وقت هن جهاز جو نالو پوٽسڊم (Potasdam) هو. ٻي جنگِ عظيم دوران هي جهاز جرمن فوجي (Troops) ڍوئيندو رهيو. 1945ع ۾ انگريزن جي فوج جرمنن تي حملو ڪري انهن کان هي جهاز کسي ورتو ۽ پوءِ هن جو نالو Empire Jewel رکيو. هڪ سال کانپوءِ، يعني 1946ع ۾ هي جهاز P&O جهازران ڪمپنيءَ وارن حواالي ڪيو ويو، جن هن جو نالو Empire Fowey رکي هن کي وري “ٽروپ شپ” طور هلايو. ان کان پوءِ ٽي سال 1947ع کان 1950ع تائين نه فقط هن جهاز جي رهائش ۽ سامان رکڻ جي گدامن ۾ تبديلي آندي وئي پر پراڻي انجڻ به ڪڍي نئين لڳائي وئي ۽ پوءِ ڏهه سال هلائڻ بعد هي جهاز 1960ع ۾ پاڪستان جي هڪ جهاز ران ڪمپني “پئن اسلامڪ اسٽيم شپ ڪمپني” کي وڪيو ويو، جنهن هن جو نالو “سفينه حجاج” رکيو. جهاز تي فوجين جي لاءِ به ڪجهه ڪئبنون هيون جن کي مٿئين درجي جي مسافرن لاءِ رکيو ويو. باقي سوين حاجي “ڊيڪ” تي ٺهيل سامان رکڻ وارن هئچن (گدامن) ۾ رکيا ويا ٿي جن کي سنڌ جا حاجي “ديڳ” سڏيندا هئا ۽ واقعي سخت گرميءَ جي موسم ۾، بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ جتي ايئرڪنڊيشنر به ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏين اتي کلئي آسمان هيٺان هي لوهه جي جهاز جا هئچ (گدام) تپي، واقعي ديڳ ٿي ويندا هئا. پر اوٽ موٽ جي سئو روپين کان به گهٽ ڀاڙي ۾ بحري جهاز جي هن سفر جو سودو ڪو خراب نه هوندو هو. هڪ ڏهاڙي وارو مزور، ڪمي ڪاسبي به حج جي سفر جو خواب ڏسي سگهندو هو.
ڳالهه اها آهي جو هي ڪَلَ (انجڻ) وارا جهاز وري به غنيمت سمجهيا ويا ٿي جو هنن گهٽ ڏينهن ٿي ورتا ۽ ٺهيل ٺڪيل پروگرام موجب هنن لنگر ٿي کنيو ۽ واپس ٿي وريا. نه ته ان کان اڳ صدين تائين فقط ۽ فقط هوا جي رخ مطابق هلندڙ سڙهن وارا ئي جهاز هئا. مون جنهن حج جي آڳاٽي سفرنامي جا پيش لفظ لکيا آهن، اهو حج اڄ کان هڪ سئو سال اڳ 1923ع ۾ سڪرنڊ پاسي جي سرائي نبي بخش خان چانڊئي، هڪ ڪَل واري بحري جهاز ۾ ڪيو هو. حج اهڙي شيءِ آهي جيڪو هر سال ڪيترائي مسلمان ڪن ٿا. ڪَلَ وارا جهاز نه هئا ته هنن سڙهن ۽ چپوئن ذريعي هلندڙ جهازن ۾ سفر ڪيو ٿي. هر دور ۾ ڪيترائي اهڙا به ماڻهو هئا جيڪي ايران، عراق يا يمن کان ٿيندا مڪي ۽ مديني پنڌ پهتا ٿي.

بمبئي جي حاجي عليءَ جو حج جو سفر

ممبئي جي ڏاکڻي علائقي وورلي (Worli) ۾ “حاجي علي درگاهه” آهي، جنهن جي زيارت لاءِ روزانو هزارين ڏيهي ۽ پرڏيهي عقيدتمند اچن ٿا. وورلي دراصل ممبئي جي ستن ٻيٽن مان هڪ آهي. اهي ٻيٽ پورچوگالين جي هٿ ۾ هئا، جيڪي هنن 1661ع ۾ انگريزن کي ڏنا، جن اوڻيهين صديءَ ۾ ملائي هڪ چَڪُ (Piece) ڪيو ۽ هاڻ بسيون ۽ ريل گاڏيون هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هلنديون رهن ٿيون. وورلي واري علائقي ۾ سمنڊ سان لڳو لڳ لالا لجپت راءِ مارگ (روڊ) آهي جنهن تي “لالا لجپت راءِ ڪامرس ڪاليج” آهي جنهن جي ڀر ۾ “برڪتيا مدرسو” ۽ “اهل حديث مسجد” آهي. لالا لجپت راءِ روڊ ممبئي جي پيڊر روڊ (جيڪو هاڻ ڀولا ڀائي ڏيسائي روڊ سڏجي ٿو) سان جتي “ڪنارا مسجد” وٽ ملي ٿو، اتان سمنڊ ڏي سنهو رستو حاجي علي درگاهه ڏي وڃي ٿو. هيءَ درگاهه سمنڊ ۾ موجود هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي آهي. جنهن تائين پهچڻ لاءِ ماڻهن سمنڊ اندر مٽي ڀري هي سنهو رستو ٺاهي ڇڏيو آهي جنهن تان فقط ماڻهو پيرين پيادا درگاهه ڏي وڃي ۽ موٽي سگهن ٿا. سمنڊ اندر هلڻ جي هي سنهي پٽي (روڊ) اڌ ڪلوميٽر ٿيندي ۽ اهو روڊ “حاجي روڊ” سڏجي ٿو.
هن حاجي علي درگاهه تي هڪ ته مسجد آهي ۽ ٻيو مقبرو، جنهن ۾ چوڏهين صديءَ جو صوفي درويش “بابا حاجي علي” (سڄو نالو: پير حاجي علي شاهه بخاري) دفن ٿيل آهي. حاجي علي ازبڪستان جو هڪ امير سوداگر هو جنهن ممبئي ۾ اچي ايمان ۽ علم جي زور تي ڪيترائي ڪرامتن جا ڪم ڪري ڏيکاريا. هن ڪيترن ئي غريبن جا ڪم ڪيا ۽ ماڻهن کي دين جي ڄاڻ ڏني. هن لاءِ مشهور آهي ته هي جڏهن حج تي روانو ٿيو ته پنهنجو سڀ مال ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ويو. حج بعد هو اتي گذاري ويو ۽ وسيعت موجب هن جي پوئلڳن هن کي اتي دفن ڪرڻ بدران سمنڊ حوالي ڪيو. هن جي ڪفن جي پيتي ترندي اچي ممبئي جي هن ننڍڙي ٻيٽ تي پهتي جتي هن کي دفن ڪيو ويو. بعد ۾ هي مقبرو ۽ درگاهه ٺهرائي وئي. مسلمان توڙي هندو ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو روزانو هتي اچن ٿا، خاص ڪري جمعي ڏينهن ۽ جمعي رات قواليءَ جو به بندوبست رهي ٿو.
مون مٿيون قصو فقط ان ڪري لکيو آهي ته اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو هاڻ هوائي جهازن ذريعي حج لاءِ وڃن ٿا ۽ ان کان اڳ، صدي ڏيڍ، ڪَلَ وارن جهازن (آگبوٽن) ذريعي سفر ڪيو ٿي. پر ان کان به اڳ سڄو ٽائيم هنن سڙهه وارن ڪاٺ جي جهازن (Sailing Ships) ۾ سفر ڪيو. ممبئي جو هي پير “بابا حاجي علي” به امير سوداگر هجڻ جي باوجود هڪ اهڙي ئي سڙهن واري ڪاٺ جي جهاز ۾ سعودي عرب ويو هوندو، جو هن جي دور ۾، يعني چوڏهين صديءَ ۾ ته ڪَل جا جهاز ته اڃا ايجاد نه ٿيا هئا پر آمريڪا کنڊ به نه ڳوليو ويو هو. ڪولمبس سئو ڏيڍ سئو سالن بعد 1492ع ۾ اسپين جي بندرگاهه پالوس (Palos) کان آمريڪا ڏي نڪتو هو ته هن جا ٽئي جهاز: سانتا ماريا، نينا ۽ پنٽا به اهڙائي ڪاٺ جا هئا، جن ۾ ممبئي ۾ رهندڙ ازبڪستان جو امير سوداگر حج تي روانو ٿيو هو. اڄ ڪلهه مختلف شيون: ڪارون، هوائي جهاز، موبائيل فون، آءِ پئڊ وغيره ڪيڏو تيزيءَ سان تبديل ٿينديون رهن ٿيون. آئون اهو ئي سوچيندو آهيان ته هڪ پاڻيءَ جا جهاز هئا. جيڪي سالن، بلڪه صدين تائين حضرت نوح جي طوفان کان وٺي، ڏسجي ته اهي ئي ڪاٺ جا ئي رهيا، جيڪي چپوئن ۽ ڪپڙي جي سڙهن ذريعي هلندا رهيا. پوءِ وڃي ڪوئلو ۽ تيل ايجاد ٿيو ۽ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ۽ جهاز، ڪَلَ تي هلڻ لڳا.

هڪ مهاراجا جو مڪي پهچڻ ۽ مسلمان ٿيڻ

ننڍي کنڊ مان سڀ کان پهرين ڪهڙو مشهور ماڻهو عربستان پهتو؟ اهو انڊيا جي رياست ڪيرالا جو هندو بادشاهه “چيرامن پيرومل” هو جنهن لاءِ مشهور آهي ته هن حضور صلعم جن جي قدمن ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ اسلام قبول ڪيو. مشهور تاريخدان ناراين (M.G.S.Narayanan) ڄم جو سال 1932ع، جيڪو ڪيرالا جي ڪاليڪٽ يونيورسٽيءَ جي تاريخ جي ڊپارٽمينٽ جو 1976ع کان 1990ع تائين هيڊ رهي چڪو آهي اهو به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته اها ڳالهه نه فقط مسلمانن جي ڊاڪومينٽس (Chronicles) ۾ لکيل آهي ته “چيرا سلطنت” جو بادشاهه مڪي ويو ۽ مسلمان ٿيو، پر هندو برهمڻن جي مقدس ڪتاب “ڪيرالو پٽي” Keralolpatti ۾ پڻ آهي، جنهن ۾ ڪوڙ جهڙو عنصر ٿي نٿو سگهي، جو اها ڳالهه ته برهمڻ يا عام هندوءَ لاءِ ناموس جهڙي ناهي ته هنن جي برهمڻ بادشاهه پنهنجو مذهب ڇڏي ٻيو مذهب قبول ڪيو.
دراصل اها ڳالهه هرگز صحيح نٿي لڳي ته سنڌ کي محمد بن قاسم فتح ڪيو، ان بعد اسلام سنڌ ۾ آيو، جتان پوءِ باقي ننڍي کنڊ ۾ پکڙيو. سنڌ کي “باب السلام” سڏڻ پنهنجي جاءِ تي پر محمد بن قاسم جي حملي کان اڳ ئي سنڌ ۾ عرب رهيا ٿي. جن جو واسطو گهڻو ڪري واپار سان هو ۽ اسان جا ڪيترائي سنڌي هندو واپار جي سلسلي ۾ عربستان ڏي ويا ٿي ۽ ڪيترا اتي ئي رهي پيا ٿي ڪيترا ته پڙهيل ڳڙهيل ۽ عربي جي ڄاڻ هجڻ ڪري عربستان ۾ واپار کان علاوه ٻيا ڌنڌا ۽ لکڻ پڙهڻ جو ڪم پڻ ڪندا هئا. عربيءَ کان علاوه هو فارسيءَ جا به ڄاڻو هئا.
اهڙي طرح عرب واپاري سرانديپ، بنگال، جاوا، سماترا ۽ چين تائين آيا ويا ٿي. جهازرانيءَ ۾ يعني ان دوران جهڙا به جهاز هئا، انهن کي هلائڻ (Navigation) ۽ موسم جي معلومات، هوائن جي رخ ۽ سامونڊي ڇولين جي طرف کان عرب، چيني توڙي ملباري ۽ اسان جا انهن ڏينهن جا سنڌي وڏا قابل هئا. هونءَ اها ٻي ڳالهه آهي ته ان دور ۾ اسان جي ناکوئن توڙي بادشاهن جو ڪم “ڪجهه تورايو ڪجهه چورايو” تي هلندو هو. اسان جا يعني جيڪا دنيا ان وقت تائين ايجاد ٿي چڪي هئي، انهن جي حاڪمن جو ڪم ملڪ ۾ ائگريڪلچر ۽ ايريگيشن ۾ سڌارو آڻڻ يا ڪارخانا هڻي ملڪ هلائڻ نه پر اوسي پاسي جي ڏيهن تي حملو ڪري، ڦرلٽ ڪري، مال پنهنجي ملڪ ۾ آڻڻ هوندو هو. اهو ئي ڪم يورپ جي ملڪن ۾ به هليو پئي ۽ ناروي پاسي جا ”وائڪنگ” مشهور ڦورو سڏيا ويا ٿي. اهو ئي ڪم اسان جي عربي سمنڊ ۾ به هليو پئي ۽ عربن توڙي اسان جي سنڌين ۾ جتي وڻجارا ۽ واپاري مشهور هئا اتي قذاق (سامونڊي ڦورو) به ٽاپ جا هوندا هئا.
عربن جو ملبار ڪناري وارن بندرگاهن ۾ واپار جي سلسلي ۾ ڪافي اچڻ وڃڻ ٿيندو هو ۽ ڪيرالاجي هن بادشاهه جي عربن ۽ ايرانين سان سٺي دوستي هئي. هونءَ به انهن ڏينهن ۾ نه اخبارون هيون نه ريڊيا. مختلف ملڪن جون خبرون جهازرانن کان پونديون هيون. ڪجهه روايتن موجب اهو چيو وڃي ٿو ته چنڊ جو ٻه اڌ ٿيڻ وارو نظارو جنهن جو قرآن ۾ به ذڪر آهي، انڊيا جي هن راجا چيرامن پيرومل به ڏٺو. حيرتزده بادشاهه، هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه جي پنهنجن نجومين کان به پڪ ڪئي، پر هن کي اهو سمجهه ۾ نه آيو ته اهو ڇو ٿيو ۽ ان جي پس منظر ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. ڪجهه ڏينهن بعد مالابار بندرگاهه ۾ عربن جا ٻيڙا اچڻ شروع ٿيا. جو انهن ڏينهن ۾ هي علائقو واپار جي وڏي منڊي هو. مختلف ملڪن کان جهاز وڪري جو سامان کڻي آيا ٿي ۽ هتي خريد و فروخت ڪئي ٿي. ملبار ڪناري تي ٻارهوئي هڪ چهچٽو متل هوندو هو. موسم مطابق يعني هوائن جي بدلجندڙ رخن مطابق ڪڏهن اتراهن بندرگاهن (عربستان، ايران، سنڌ) کان جهاز پيا ايندا هئا ته ٻي موسم ۾ ڏاکڻن بندرگاهن (سريلنڪا، مالديپ، ملايا، خليج بنگال ويندي چين) کان جهاز اچي لنگرانداز ٿيندا هئا ۽ مال جي وڪري، سامان جي ادل بدل (Barter System) کان علاوه ناکئا پنهنجن جهازن جي مرمت ڪندا هئا ۽ ٿڪ ڀڃندا هئا. مالابار جي هن بادشاهه چيرامن پيرومل جو پري پري تائين، ويندي سرانديپ (اڄ واري سلون تي)، اثر رسوخ هليو ٿي. انهن عرب سوداگرن مان هڪ ٽولو بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ سرانديپ (سلون) وڃڻ جي اجازت گهري. ڳالهين دوران بادشاهه کي حضرت محمد صلعم جن بابت واقفيت ٿي ۽ هو پنهنجي پٽ کي سلطنت جو وليعهد (Regent) بنائي پاڻ هنن عربن جي موٽڻ تي هنن سان گڏ عربستان ڏي ڪوچ ڪيو جيئن حضرت محمد صلعم جن سان ملي سگهي.

انڊيا جي سڀ کان پراڻي مسجد

چيرامن پيرومل حضور صلعم جن سان ملي اسلام قبول ڪيو. ڪن جو چوڻ آهي ته هن پنهنجو نئون نالو تاج الدين رکرايو. مڪي کان موٽڻ تي هو سخت بيمار ٿي پيو ۽ اتي ترسي پيو. مالڪ بن دينار ۽ پيرومل جا ٻيا همعصر عرب ساٿي ڪجهه عرصي بعد پيرومل جي ڳوٺ ڪوڊ غلور (Kodungallur) پهتا ۽ هن جي حاڪم پٽ سان ملي هن کي پيرومل جا خط ڏنا، جن ۾ هن پنهنجي نئين مذهب اسلام بابت لکيو هو ۽ پنهنجي اولاد کي به اسلام قبول ڪرڻ ۽ مسجد ٺهرائڻ جي تلقين ڪئي هئي. ”ڪوڊغلور“ شهر انڊيا جي ڪيرالا رياست جي ترشور ضلعي جي سامونڊي علائقي ۾ واقع آهي. چيرامن جا پويان ته مسلمان نه ٿيا البته هنن مسجد ٺاهڻ جي موڪل ڏني جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ ننڍي کنڊ جي پهرين ۽ دنيا جي ٻيو نمبر جامع مسجد سڏي وڃي ٿي. هيءَ مسجد 629ع ۾ ٺاهي وئي، جنهن سن جي تختِي اڃا تائين ان مسجد تي لڳل آهي. جيستائين مالڪ بن دينار هندوستان ۾ هو ته هو هن مسجد جو امام ٿي رهيو. هن جي عربستان رواني ٿيڻ تي هن جو ڀائٽيو “حبيب بن مالڪ” هن مسجد جو امام ٿيو.
هيءَ مسجد ان تي لکيل سن مطابق جيڪڏهن 629ع ۾ ٺهي آهي، ته معنيٰ هيءَ مسجد مڪي جي فتح ٿيڻ کان اڳ جي آهي. حضور صلعم جن مڪي کان مديني (يثرب) 622ع ۾ هجرت ڪئي ۽ ان کان اسان مسلمانن جو هجري سال شروع ٿئي ٿو. ان جو مطلب آهي ته هيءَ مسجد هجرت بعد ستن سالن کانپوءِ ٺاهي وئي. هن مسجد جو اڄ تائين چيرامن پيرومل جو اولاد خيال رکندو اچي ۽ ضروري مرمت ڪرائيندو اچي. مسجد کي نمازين لاءِ جيتوڻيڪ وڌايو ويو آهي ۽ هاڻ 3000 ماڻهو هڪ ئي وقت نماز پڙهي سگهن ٿا پر ساڳي وقت مسجد جا ڪيترا حصا اڄ به اهي شروع وارا قائم رکيا ويا آهن. مسجد ڏسڻ لاءِ نه فقط مسلمان پر انڊيا جا هندو به اچن ٿا.
ڪيرالا جو هي بادشاهه چيرامن پيرومل اڄ به هتي جي ماڻهن جي دلين تي آهي ۽ هتي جي ٻوليءَ ۾ هن کي “مڪاتو پويا پيرومل” سڏين ٿا يعني “اهو بادشاهه جيڪو مڪي روانو ٿيو”. انگريزن جي وڃڻ بعد انڊيا نوابي رياستن جي نوابپائي ۽ راڄ ختم ڪري ڇڏيو. نه ته جيستائين ڪيرالا جا مهاراجا ٿيندا رهيا ته هو قسم کڻڻ واري حلف برداري Ceremony ۾ اهو جملو به چوندا هئا ته “آئون هي شاهي خنجر (Sword) پاڻ وٽ حفاظت سان رکندس جيستائين اسانجو انڪل جيڪو مڪي ويو آهي اتان موٽي اچي”.
دنيا جي هيءَ آڳاٽي مسجد چيرامن جامع مسجد جيڪا ڪوڊ غلور شهر ۾ آهي، اتي پهچڻ لاءِ توهان کي ڪيرالا رياست جي شهر ڪوچي (ڪوچين) ۾ اچڻ کپي. جتان ڪوڊ غلور (Kodungallur) شهر 30 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي نئشنل هاءِ وي 66 تي پيري يار (Periyar) نديءَ جي ڪناري تي آهي، جتي اها ندي ملبار ڪناري عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڪوڊ غلور پاڻ ته ريلوي اسٽيشن ناهي، پر 28 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي الووا (Aluva) نالي ريلوي اسٽيشن آهي. اتان ٽئڪسي يا بس ۾ ڪوڊ غلور شهر ۾ هيءَ 629ع جي پراڻي مسجد “چيرامن جامع مسجد” جيڪا جمعا مسجد به سڏجي ٿي، ڏسڻ لاءِ اچي سگهجي ٿو. مسجد اسان جي نبي ڪريم صلعم جن جي اصحابي مالڪ بن دينار ڪيرالا جي هندو مهاراجا جي اجازت سان ٺهرائي.
ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته هيءَ مسجد پيءُ جو خط ڏسي ان جي حڪم موجب هن جي مهاراجا پٽ 629ع ۾ ٺهرائڻ ضرور شروع ڪئي ۽ مسجد تي ان وقت جو اهو ئي سن لڳل آهي، پر هن کي گهڻو بعد ۾ مالڪ دينار 680ع ۽ 700ع جي وچ ۾ مڪمل ڪرايو ۽ مالڪ دينار صحابي نه پر تابعين مان هو. يعني هن حضور صلعم جن کي نه ڏٺو هو پر هن جي اصحابين کي ڏٺو. ان ۾ وڌيڪ حقيقت لڳي ٿي جو مالڪ دينار جي وفات جو سال 748 آهي. سندس ڄم جي سال جي خبر نٿي پوي پر حسن بصري جي ڄم جو سال 642ع هو جنهن جو مالڪ دينار شاگرد هو. هونءَ به مالڪ دينار جي وفات جي سال 748ع جي جڏهن پڪ آهي ته هن جي عمر اسان کڻي 100 سال ٻَڌون تڏهن به هن جي ڄم جو سال 648ع ٿيندو ۽ حضور صلعم جن جي وفات جو سال 632ع هو. سو مالڪ بن دينار اصحابين مان نه پر تابعين مان چئي سگهجي ٿو.
ٻي ڳالهه ته مالڪ دينار عربستان جو عرب نه هو، پر ڪابل جي هڪ فارسي ڳالهائيندڙ غلام جو پٽ هو. مالڪ دينار پنهنجي روزگار لاءِ بصري ۾ قرآن مجيد هٿ سان لکي ماڻهن کي ڏيندو هو. مالڪ دينار نالي نه فقط “مالڪ دينار اسلامڪ اڪيڊمي” آهي پر انڊيا جي شهر “ڪاسرا گود” (Kasaragod) ۾ مالڪ دينار مسجد به آهي جيڪا 730ع ڌاري جي ٺهيل آهي. هتي مالڪ دينار جي مزار به آهي جتي هر سال انڊيا جا مسلمان محرم جي مهيني ۾ مالڪ دينار جو انڊيا ۾ اچڻ جو عروس ملهائين ٿا، جيڪو مهينو کن هلندو رهي ٿو، جنهن ۾ آيل ماڻهن کي مزار جي زيارت ڪرائي وڃي ٿي، قبر تي پڙ چاڙهيو وڃي ٿو ۽ نئون جهنڊو کوڙيو وڃي ٿو.

چين جي شهر ڪئنٽن ۾ عربن جي اچ وڃ

بهرحال هي سڀ ڳالهيون ائين ئي نڪري پيون. اهم ڳالهه اها لکڻ ٿي چاهيم ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو عربستان ڏي ۽ عربن جو اسان ڏي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي. ماڻهو اٺن، گهوڙن، گڏهن تي ۽ پيادل به منزلون ڪندا عربستان پهچي ويا ٿي پر عام طرح ۽ گهڻن ماڻهن پاڻيءَ جي جهازن ۾ سفر ڪيو ٿي. سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ هوائن جو رخ ياد رکڻ ۾ اسان جا ماڻهو: سنڌي، بنگالي، گجراتي، ڪڇي، ملباري، ڪوڪني ته هوشيار هئا پر عرب وڏا قابل هئا جن جي تارن سيارن جي ڄاڻ مان اڄ به يورپي فائدو وٺن ٿا ۽ اسان انيڪ تارن جا Astronomy ۾ عربي نالا استعمال ڪريون ٿا. عرب نه فقط حبش، سوڊان، ممباسا، دارالسلام ۽ موزمبق (موسي بن بق) پهچي ويا ٿي پر سنڌ، هند ۽ بنگال جي بندر گاهن مان ٿيندا، ملايا، سيام ۽ چين جي بندرگاهن تائين پئي آيا ويا. ڪي اتي رهي پيا ٿي. اتي جون ٻوليون ڳالهايائون ٿي ۽ هي سلسلو اسلام بعد نه پر ان کان به گهڻو گهڻو اڳ کان پئي هليو. چين جي شهر ڪئنٽن (گوانگ زو) ۾ جن عربن پهرين مسجد ٺاهي، اهي ته حضور صلعم جن جي جنم کان اڳ چين ۾ پئي آيا جن ۾ نمايان نالو اصحابي سعد بن ابي وقاص جو آهي. هنن مقامي چيني ماڻهن کي حضور صلعم جن جي اسلام جي پرچار بابت اچي ٿي ٻڌايو ۽ هو پاڻ به مسلمان ٿيا ۽ پنهنجن چيني دوستن ۽ پاڙي جي ماڻهن کي اسلام جي دائري ۾ آندائون.
ڳوٺ ڇڏڻ بعد، بلڪه اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن تائين جيئن ته اسان اهو ئي پڙهيو ۽ ٻڌو هو، ته محمد بن قاسم جي حملي بعد، جيڪو هن 710ع ۾ ايران جي شهر شيراز کان اچي 711ع ۾ سنڌ تي ڪيو. سنڌ جو هندو راجا ڏاهر مارجي ويو ۽ سنڌ تي عربن جي حڪومت ٿي ۽ سنڌ ۾ اسلام پکڙيو ۽ اڳتي ننڍي کنڊ جي ٻين شهرن ۾ عام ٿيو. ان ڪري سنڌ کي ”بابِ السلام“ سڏين ٿا. سو اهي ڳالهيون پڙهي ۽ ٻڌي منهنجي ذهن ۾ اهو هوندو هو ته سنڌ ۾ ماڻهو 711 بعد مسلمان ٿيا ۽ پنجاب، گجرات، راجستان، ڪيرالا، بنگال وغيره جا ماڻهو ته ان کان گهڻو گهڻو پوءِ مسلمان ٿيا هوندا ۽ چين جيڪو سعودي عرب کان ۽ اسان جي ملڪ کان تمام ڏورانهون ملڪ آهي، اتي جا ماڻهو ته پڪ اسان کان سئو ٻه سئو سال رکي پوءِ مسلمان ٿيا هوندا.
ڪجهه سال اڳ ممبئي جي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران اتي جي گجراتي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ جڏهن ٻڌايو ته ڪيرالا ۾ ننڍي کنڊ جي آڳاٽي مسجد “چيرامن جامع مسجد” نالي آهي جنهن جو سنگ بنياد 629 ۾ رکيو ويو آهي. مون کي اهو ٻڌي حيرت ٿي هئي ۽ مون ان جو تصويرن سميت تفصيلي احوال پنهنجي هڪ انڊيا جي سفرنامي “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ڪيو آهي ۽ هتي به مختصر طور ڪري چڪو آهيان. پر مون کي ان کان به وڌيڪ حيرت اڄ کان 50 سال کن اڳ ٿي جڏهن تعليم مڪمل ڪري پنهنجي پهرين يا ٻي سامونڊي سفر ۾ چين جي بندرگاهه سئمڪانگ ۾ جهاز کي لنگرانداز ڪري باءِ روڊ ڪئنٽن گهمڻ ويا هئاسين.
هينئر ته ڪئنٽن شهر ۾ ميٽرو آهي پر تن ڏينهن ۾ گئانگتا روڊ تي بس مان لٿاسين ته هن شهر جي آڳاٽي مسجد هئائشينگ نظر آئي، جنهن جو منارو لائيٽ هائوس جهڙو هجڻ ڪري هيءَ مسجد “لائيٽ هائوس مسجد” به سڏي وڃي ٿي، ته انگريزيءَ ۾ “دي گريٽ ماسق آف ڪئنٽن” پڻ سڏجي ٿي. چين جي شهر ڪئنٽن ۾ مسجد جي هجڻ جي حيرت نه ٿي، جو مسجد ته هانگ ڪانگ ۾ به ڏسي چڪا هئاسين. پر حيرت ان ڳالهه جي ٿي ته هيءَ مسجد 1400 سال کن اڳ 627ع ۾ ٺهي. يعني ڪيرالا جي “چيرامن مسجد” کان به ٻه سال اڳ.
چيني مسلمانن جي دستاويزن (manuscripts) مطابق هيءَ مسجد 627ع ۾ سعد بن ابي وقاص ٺهرائي جيڪو پهريون دفعو 620ع ۾ به چين ۾ آيو هو. بهرحال ماڊرن تاريخدان، ابي وقاص جي ان وقت هجڻ جو نٿا مڃين. البت عرب سوداگر ستين صديءَ جي شروع کان نه فقط هن شهر “ڪئنٽن” (جيڪو ڪوانگ چو ۽ گئانگ زو به سڏيو ويو ٿي،) ۾، پر ڪوانزو (Quanzhou) جنهن کي عربن “مدينتِ زيتون” به سڏيو ٿي ۽ يانگزو (Yanzhou) جهڙن واپاري مرڪزن ۾ به ايندا ويندا رهيا ٿي. ڪي ته شاديون ڪري ٽِڪي به پيا هئا ۽ جيڪي عربستان جو چڪر هڻي وري موٽيا ٿي، ته هنن پنهنجي چيني دوستن ۽ پاڙيوارن کي نئين مذهب اسلام بابت خبرون ٻڌايون ٿي ۽ هو پاڻ به مسلمان ٿيندا ويا ته مقامي چيني ماڻهو به اسلام جي دائري ۾ ايندا رهيا. انهن ڏينهن ۾ چين تي تئنگ (Tang) سلطنت جو راڄ هو ۽ چيني شهنشاهه گائوزانگ (Gaozong) حاڪم هو جنهن وٽ عرب مسلمانن جو 620ع ۾ مِشن آيو ۽ مسجد ٺهرائڻ جي اجازت گهري. ها البت اهو به چيو وڃي ٿو ته حضرت سعد بن ابي وقاص ۽ ٻيا عرب جن ۾ اويس قرني، حسن ابن ثابت جن به شامل هئا، 637ع ۾ چين آيا هئا. هو مني پور، چٽگانگ وارو سامونڊي روٽ وٺي ڪئنٽن پهتا هئا. ان جو ذڪر بنگال جا اسڪالر به ڪن ٿا ۽ حضرت سعد ابي وقاص جي ياد ۾ بنگلاديش جي ضلعي لال مونير هاٽ ۾ 648ع جي ٺهيل مسجد کي اڄ تائين “مسجد ابو عقاص” سڏيو وڃي ٿو.
چين جي شهر ڪئنٽن ۾ گهمڻ لاءِ ايندڙن لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته ڪئنٽن جي هيءَ پراڻي مسجد جيڪا “هئا ئي شينگ” مسجد سڏجي ٿي، ڏسڻ لاءِ توهان گوانگ زو ميٽرو ريل ذريعي Ximenkou ريلوي اسٽيشن تي لهي سگهو ٿا، جتان اها سڏپنڌ تي آهي. اڄ ڪلهه ته ڪئنٽن شهر ۾ فقط اها مسجد نه پر ٻيون به ڪيتريون ئي مسجدون ٺهي ويون آهن ۽ ٺهنديون رهن ٿيون.

اصحابي ابي وقاص اڄ به چين ۾ مشهور آهي

هتي ٻه چار سٽون سعد بن ابي وقاص اصحابيءَ بابت لکڻ ضروري ٿو سمجهان، جنهن جو هونءَ ته اسلامي دنيا ۾ وڏو نالو ۽ درجو آهي، پر بنگلاديش ۽ چين ۾ هن اصحابيءَ کي خاص سڃاڻن ٿا جو سندن هنن ملڪن ۾ اچڻ ٿيندو رهيو ٿي، جتي سندن نالي يادگار مسجدون آهن ۽ چين لاءِ ته مشهور آهي اتي جي شروعاتي چيني مسلمانن کي اسلام جي دائري ۾ اچڻ جي تعليم حضرت سعد بن ابي وقاص ڏني. چينين سان سٺي Understanding هجڻ ڪري کيس اسان جي ٽئين خليفي حضرت عثمان غنيءَ پنهنجي دورِ خلافت (656ع- 644ع) ۾ 651ع ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص کي ڊپلومئٽ جي حيثيت ۾ چين ان ڪري موڪليو، جو هن جا چين سان پهرين کان سٺا تعلقات هئا. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو حضور صلعم جن تي وحي نازل ٿيڻ کان اڳ، يعني 609ع کان اڳ هڪ عام واپاريءَ جي حيثيت ۾ چين ايندو رهيو ٿي، جيئن حضور صلعم جن واپار جي سلسلي ۾ شام ويندا رهيا ٿي.
حضور صلعم جن جو سال پيدائش 570 آهي ۽ سعد بن ابي وقاص جن حضور صلعم جن کان 25 سال ننڍا هئا ۽ 595ع ۾ مڪي ۾ ڄاوا. پاڻ سترهن سالن جا هئا ته ٽي يا چوٿين نمبر تي اسلام قبول ڪيائون. پاڻ حضور صلعم جن سان گڏ جنگ بدر ۽ جنگ احد ۾ حصو ورتائون. پاڻ بهترين تير ڪماني (Archer) هئا. جنگ بدر ۾ سندس ڀاءُ عمير جي شهيد ٿيڻ جو قصو مشهور آهي، جنهن ننڍي عمر ۾ هن جنگ ۾ حصو وٺن لاءِ ضد ڪيو. نيٺ حضور صلعم جن کين اجازت ڏني. سعد هن جنگ جي ميدان تان مديني اڪيلي موٽيو. عمير انهن چوڏهن مسلمانن مان هڪ هو جيڪي جنگ ۾ شهيد ٿي ويا هئا.
حضور صلعم جن جي الوداعي حج تي حضرت سعد بن ابي وقاص سخت بيمار هجڻ ڪري ان حج ۾ شامل ٿي نه سگهيو. حضرت عمر رضه جي دور خلافت (644ع- 634ع) ۾ هن ايران جي ساساني فوج سان 642ع ۾ “جنگ نهاوند” ۾ حصو ورتو جنهن ۾ ساساني بادشاهه “يزدگرد ٽيون” شاهراهه ريشم تي ترڪمنستان جي شهر “مرو الشاهجهان” ڀڄي ويو هو. ان کان اڳ سعد بن ابي وقاص 636ع ۾ “جنگ القادسيه” ۾ به حصو ورتو، هو جنهن ۾ ايران جي ساساني فوج جو ڪمانڊر “رستم فرخزاد” مارجي ويو. انهن جنگين جي فتحيابيءَ بعد حضرت عمر رضه حضرت سعد کي ڪوفي ۽ نجد جو گورنر مقرر ڪيو. حضرت عمر پاڻ بعد خليفو بنجڻ لاءِ جيڪي ڇهن ماڻهن جا نالا Suggest ڪيا انهن ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص به هڪ هو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيڏي وڏي مان ۽ مرتبي وارو اصحابي هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته جن ڏهن اصحاب سڳورن کي هن جهان ۾ ئي جنت جي بشارت ملي، انهن ۾ حضرت سعد پڻ هڪ هو. هي اصحابي “العشرته المبشرون بالجنته” سڏجن ٿا ۽ سندن نالا آهن: ابوبڪر، عمر، عثمان، علي، طلحا، الزبير، عبدالرحمان بن عوف، سعد بن ابي وقاص، سعيد ابن زيد ۽ ابو عبيد بن الجراح رضه. ڪوفي ويندڙن جي ڌيان ۾ اها ڳالهه به هجي ته عراق جي هن شهر کي سعد بن ابي وقاص، حضرت عمر رضه جي خلافت وارن ڏينهن ۾ خوب ٺاهيو ۽ دنيا ۾ مشهور ڪيو.
چين جي مسلمان قوم هوئي (Hui) جي “هوئي اسلامي روايتن ۽ داستانن” موجب چين جي ماڻهن ۽ ان وقت جي ٽئنگ سلطنت جي شهنشاهه گوانگزو (Guangzhou) سان اسلام جي واقفيت حضرت سعد بن ابي وقاص ۽ هن جي ساٿي عربن جي وِزٽ ڪري ٿي. شهنشاهه چين اسلام جي تعليمات جي دل سان عزت ڪئي ۽ ساراهه جي اظهار لاءِ هن آيل عرب مهمانن کي مسجد ٺاهڻ جي اجازت ڏني. شهنشاهه گوانگزو پاڻ مسلمان نه ٿيو، پر هن حضرت سعد بن ابي وقاص ۽ هن جي ماڻهن کي سندس شهر ڪئنٽن ۽ ٻين ۾ اسلام جي تعليم پکيڙڻ ۽ تبليغ ڪرڻ کان منع نه ڪئي.
ملڪ جي بادشاهه ۽ مقامي ماڻهن جي مدد ۽ عزت ڏيڻ ڪري عربن کي ڪئنٽن ۽ چين جي ٻين شهرن ۾ رهڻ ۽ پنهنجي واپار کي وڌائڻ ۾ تڪليف نه رهي. نه رڳو عربن جا ٻيڙا پر چينين جا جهاز به واپار سانگي عربستان، عرب رياستن ۽ ايران (جتي هاڻ مسلمانن جي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي) تجارت لاءِ ويندا رهيا ٿي.

سامونڊي زندگي ڪا گلن جي سيڄ ناهي

اڄ اسان يعني اهي جهازران جيڪي سالن جي تعليم ۽ سکيا بعد جيڪي ماڊرن جهاز ٿا هلايون انهن ۾ هر قسم جي سک ۽ سهولت سان گڏ طاقتور انجڻيون ۽ نه فقط سمنڊ جي مَيل مَيل جو نقشو آهي پر رستي ڳولڻ ۽ پنهنجي جهاز جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ته دنيا جي گولي تي ڪهڙي هنڌ تي آهي جي خبر پوي ٿي. هڪ کان هڪ ماڊرن اليڪٽرونڪ اوزار آهن. اهي به اوزار ۽ انٽرنيٽ ڪمپيوٽر آهن جن ذريعي اسان هر وقت سمنڊ تي ٻين جهاز وارن ۽ ڪنارن تي رهندڙن سان Contact ۾ رهي سگهون ٿا. ايندڙ ٻئي ڏينهن جي ڇا هفتو اڳ جي موسم جي معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا ته Low پريشر ڪٿي ٺهي طوفان جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي ۽ اهو اسان جي جهاز کي ڪڏهن ۽ ڪهڙي هنڌ تي هِٽ ڪندو. جهاز تي کائڻ لاءِ ڇهه ڇهه مهينن جو کاڌو کڻي سگهجي ٿو، سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو ٺاهڻ واريون مشينون هر وقت ضرورت کان وڌيڪ پاڻي ٺاهينديون رهن ٿيون، رهائش لاءِ فائيو اسٽار هوٽلن جهڙا A.C ڪمرا (ڪئبنون) آهن ته وندر لاءِ هر شيءِ ميسر آهي. ان بعد به موسم خراب ٿيڻ مهل، سمنڊ ۾ ڇتائي اچڻ تي يا ڪن ڏکن هنڌن تان گذرڻ وقت حالت خراب ٿيو وڃي ۽ اسان اها ڳالهه سمجهون ٿا جيڪا جهاز راني جي دنيا ۾ گهڙڻ مهل مئرين اڪيڊمي جي پهرئين ڪلاس ۾ سڀ کان اڳ اسان کي ٻڌائي وئي هئي، بلڪه جنهن جو اسان کي چتاءَ ڏنو ويو هو ته:
Sea life is not a bed of Roses
(سامونڊي زندگي ڪا گلن جي سيڄ ناهي).
پنهنجين تڪليفن ۽ سمنڊ تي ايندڙ ڏکين ڏينهن کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجو حوصلو بلند رکڻ لاءِ ٻين جي ڏاکڙن جو سوچيندا آهيون ته 500 سال اڳ جن ڪاٺ جي سڙهن وارن جهازن ۾ ڪولمبس آمريڪا جو سفر ڪيو يا واسڪو ڊاگاما آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪيو انهن ۾ ته نه رستي ڳولڻ جا ماڊرن اوزار هئا ۽ نه کائڻ پيئڻ جي بنيادي ضرورت ٿي پوري ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته جهاز انجڻ بنا هئا. يعني اهي هلائيندڙ جي خواهش تي نه اڳيان وڌيا ٿي نه طرف تبديل ڪيائون ٿي. جهاز هلائيندڙ “هوائن جي رفتار” ۽ “رخ” جا غلام هئا. هنن جا ڪاٺ جا ڪمزور سڙهن وارا جهاز هوا جي رخ مطابق هليا ٿي. اڄ ڪراچيءَ مان هڪ ئي وقت اسانجي ڪمپنيءَ جو جهاز لنگر کڻي سريلنڪا وڃڻ لاءِ ڏکڻ جو رخ ڪري ٿو ته ٻيو ايران عربستان وڃڻ لاءِ اتر يا اتر اولهه ڏي روانو ٿئي ٿو. پر اڳئين زماني ۾ ناکئي لاءِ ائين ڪرڻ ناممڪن ڳالهه هئي. هو تڏهن ٺٽي، ديبل يا ڪراچيءَ کان نڪتو ٿي جڏهن هوا لڳي ٿي. تڏهن ته شاهه لطيف به چيو آهي ته ڏياري اچي وئي آهي، اتر جون هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن پنهنجو سفر شروع ڪيو پوءِ انهن اتر وارين هوائن تي ناکئن پنهنجا سڙهه سڌا ڪري ڪڇ، گجرات، ملبار، ڪيرالا ۽ سريلنڪا (سلون) ڏي وڃڻ شروع ٿي ڪيو. سڀني ڏکڻ جو رخ ٿي ڪيو ڪنهن به اتر جو نٿي ڪيو. جو انهن ڏينهن ۾ سڀ هوائن جي رخ جا غلام هئا. ساڳي وقت هو هوائن جي رفتار جا به غلام هئا. هوا تيز لڳي ٿي ته سندن ٻيڙن گهڻو سفر ڪيو ٿي. هوا بند ٿيڻ تي جهاز بيهي ويا ٿي، ناکئا ڪجهه نٿي ڪري سگهيا. ڀلي سندن جهازن تي ڦرلٽ لاءِ چور (سامونڊي قذاق) چڙهي پون.
ڪولمبس ۽ واسڪو ڊاگاما جهڙن کي سندن ملڪ اسپين ۽ پورچوگال جي حاڪمن ان دور مطابق ماڊرن جهاز ٺهرائي ڏنا، جن کي ڏسي ان وقت جي عوام جون اکيون ڦاٽي ويون هيون، پر اسان هنن سان همدردي ٿا ڪريون ته اهي ڪاٺ وارا سڙهن وارا جهاز ڇا هئا. منجهن ڪهڙي طاقت هئي، ڪهڙي ڪنٽرول ۾ رهيا ٿي؟ معمولي طوفانن ۽ ڇتين ڇولين ۾ ڇيتيون ڇيتيون ٿي ٿي ويا. ڪوچين کان موٽندي ممباسا تائين واسڪو ڊاگاما جي ٽن جهازن مان ٻه جهاز بگڙيل سمنڊ جي سٽ نه جهلي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا. کاڌي خوراڪ نه ملڻ ۽ مٺي پاڻيءَ سان مهينو به نه وهنجڻ ڪري اڌ کان وڌيڪ ماڻهو چمڙيءَ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي مري ويا. اهو ئي حال ڪولمبس جي جهازن ۽ ماڻهن سان ٿيو.
اڄ اسان انهن جو سوچي حيرت ٿا کائون ته ڪهڙين ته ڏکين حالتن ۾ ڪمزور جهازن تي هنن خودڪشين جهڙا سفر ٿي ڪيا. صحيح آهي، انهن ڏينهن ۾ هو اسان وانگر تيل جو خرچ ۽ وقت بچائڻ لاءِ وچ سمنڊ وٺي نٿي هليا. ديبل کان لنڪا وڃڻ لاءِ به هو ڪنارو ڪنارو ڏئي، رستي تي بندرگاهن ۾ ترسندا اڳتي وڌيا ٿي، پر هو ڪناري جي ايترو به ويجهو نٿي لنگهيا جو ڪناري تي هلندڙ ماڻهو ۽ ڍڳي گاڏيون ڏسي سگهن. ڪناري جي گهڻو ويجهو ٿيڻ تي ڪاٺ جا جهاز سمنڊ اندر موجود وڏن پٿرن، پهرين جي ٻڏل جهازن سان ٽڪرائجي ٽٽي به سگهيا ٿي، جو ڪناري جي ويجهو تانگهو پاڻي ٿئي ٿو.
ڪناري جي ٿورو گهڻو ويجهڙائي وٺي هلندا هئا! پوءِ اندر ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ هو ڇوڙ ڪندڙ درياهه ۾ گهڙي پوندا هئا. جيئن سکر يا ملتان وڃڻ لاءِ عربي سمنڊ ۾ پهتل جهاز سنڌو نديءَ جي ڪنهن ڊيلٽا واري شاخ ۾ گهڙي پوندا هئا ۽ اهي شاخون به ڪي سنهيون نه هونديون هيون. جهاز هلائيندڙ ڄاڻن ٿا ته دريائن جي شاخن ۾ به ڇا پاڻيءَ جي تک آهي ۽ ڇا ويڪر آهي. سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته اهو سمنڊ آهي يا سنڌوندي، دجله يا نيل نديءَ جو ڇوڙ آهي.

هندي وڏي سمنڊ ۾ يورپين جو نالو نشان نه هو

ان وقت جي انهن بنا انجڻ جي طاقت وارن، بافتي جي سڙهن وارن، ڪاٺ جي جهازن جو سوچي انهن جي هلائڻ وارن کي شابس ڏيڻ تي دل چاهي ٿي پر اهو به سوچيو ته اسان واسڪوڊاگاما ۽ ڪولمبس جي ڏينهن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. يعني 1490ع ۽ 1500 واري ڏهاڪي جي جڏهن ان وقت جي ماڻهن جي وات تي پڪ اهي جملا هوندا ته “سامونڊي دنيا ۾ وڏي ترقي آئي آهي. انهن ڏينهن ۾ ويلڊنگ تائين ايجاد نه ٿي هئي جو ڪو لوهي جهاز جو سوچي سگهي. سو ماڻهو ان وقت جي انهن ڪاٺ جي جهازن کي ڏسي خوش ٿيندا هوندا ته ڇا ته گهرن جيڏا جهاز آهن. سي به ٻه ماڙ گهرن جيڏا وڏا ۽ سهڻا! اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيپ آف گڊ هوپ (ڏکڻ آفريڪا) تائين پهچڻ ۾ ئي ڪئين جهاز سالن جا سال ٻڏندا رهيا پوءِ وڃي واسڪوڊا گاما ڪيپ آف گڊهوپ ٽپڻ ۽ انڊيا پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پورچو گالين انڊيا تائين پهچڻ کي اهڙو راز ۾ رکيو جو ٻيون يورپي قومون منهن مٿو پٽينديون رهيون. پوري سئو سالن بعد انگريز انڊيا پهتا.
هاڻ انهن جو، يعني 1500ع واري سن جو سوچي، سعد بن ابي وقاص جهڙن عربن، ايرانين، چينين گجراتين، مڪرانين، سنڌين ۽ سريلنڪن جو ٿو سوچجي ته هنن جا ستين صديءَ ۾ ڪهڙا جهاز هوندا جو 650ع ڌاري عرب سوداگر اچي چين کان ٿي نڪتا. سچ ته انهن ڏينهن وارن جهازن ۽ جهازرانيءَ جي طريقن تي واسڪوڊاگا ۽ ڪولمبس به حيرت کائيندو هوندو. پر عرب، چيني ۽ بنگالي (جن ۾ سنڌي، گجراتي، مرهٺا، ڪڇي سڀ اچي ويا ٿي) ناکئن جو به جواب نه هو. سج تارن کي ڌيان ۾ رکي هو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچي ويا ٿي، جن وٽ طرف ڄاڻڻ لاءِ فقط ناس جي دٻليءَ جهڙي قطب نما مس هئي - سا به ڪنهن ڪنهن وٽ! پڙهندڙن جي ڌيان ۾ اها ڳالهه به آڻيندو وڃان ته صدين کان وٺي ويندي سورهين صديءَ جي شروعات تائين “هندي وڏي سمنڊ” تي عربن، چينين ۽ ٻين اسان ايشيائي ماڻهن جو راڄ هو. آفريڪا جا ماڻهو جهازراني (Navigation) يا جهازسازيءَ (Ship Building) ۾ ڪو هوشيار نه هئا سو آفريڪا جا ڪي چند ماڻهو، سو به ڪناري جا هن فيلڊ ۾ هئا نه ته اسان جي عربن، ايرانين، چينين جو هن سمنڊ (هندي وڏي سمنڊ) تي راڄ هو. يورپين جو نالو نشان ئي نه هو. پورچوگالين، هسپانوين، اطالوين، انگريزن، فرينچن، ڊچن ۽ ٻين يورپين گهڻو ئي هٿ پير هنيو ته هندي وڏي سمنڊ ۾ پهچون، جتي واپار وڙي جا خوب مزا هئا پر ڪيپ آف گڊهوپ واري سمنڊ کين اسان ڏي اچڻ ئي نٿي ڏنو. ان ڪري هو پنهنجي بادشاهه پير واري ليڪي، يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين محدود ٿيا پيا هئا ۽ هيڏانهن اسان واري پاسي اچڻ لاءِ منهن مٿو پٽيندا رهيا.

يورپي هندي سمنڊ ڳوليندا رهيا

ائين به نه هو ته يورپي قومن کي ڪا خبر نه هئي ته هندي وڏو سمنڊ (Indian Ocean) به آهي جنهن جو ڪنارو پراڻي تهذيب وارن ملڪن چين، انڊيا، ملايا، جاوا، سماترا، سريلنڪا، مالديپ، لکديپ، ممباسا، زنجبار ۽ موزمبق (موسيٰ بن بق)، ايران ۽ عربستان جي بندرگاهن کي ڇهي ٿو. هنن کي آمريڪا جي خبر نه هئي ته ڪو ان جو وجود به آهي. ان بابت ته ڪنهن کي خواب خيال ۾ به نه هو. پر هندي وڏي سمنڊ جي مٿين ملڪن، بندرگاهن، ٻيٽن کان هو چڱي طرح واقف ٿي چڪا هئا، جن جي ڄاڻ هنن (يورپين) مارڪو پولو جهڙن سياحن جي سفرنامن مان حاصل ڪئي. مارڪو پولو 1254ع ۾ وينس (اٽليءَ) ۾ ڄائو ۽ 70 ورهين جي ڄمار ۾ اتي ئي وفات ڪيائين. هن شاهراهه ريشم (Silk Road) ذريعي يعني خشڪيءَ رستي پيرين پنڌ، گڏهن، خچرن ۽ بيل گاڏين تي سفر ڪري ايشيا جو 1271ع کان 1295ع تائين (ٽيويهه چوويهه سال) سفر ڪيو، جنهن مان 17 سال ته هو چين ۾ ئي رهيو. وطن واپس اچڻ تي هن پنهنجي سفر جو احوال لکرايو جيڪو اطالوي ٻوليءَ ۾ Livre dee merveilles du monde نالي 1300ع ڌاري ڇپيو، جنهن جو ترجمو پوءِ ڪيترين ئي ٻولين ۾ شايع ٿيو. انگريزيءَ ۾ اهو “بڪ آف مارولس آف دي ورلڊ” ۽ “دي ٽريولس آف مارڪو پولو” نالي شايع ٿيو ۽ يورپ وارن کي چين، جپان، انڊيا جهڙن ملڪن ۽ اتي جي ثقافت ۽ تهذيب و تمدن جي خبر پئي. کين اها به خبر پئي ته ان پاسي ريشم، ڪپڙي، چيني ۽ ٽامي پتل جي ٿانون کان مصالحا جام ٿين ٿا ۽ انهن ملڪن کي سمنڊ ڇهي ٿو ۽ ان سمنڊ جي ڪناري وارن بندرگاهن جا عرب، ايراني، سومالي، حبش، گجراتي، سنڌي، ملباري، ڪوڪني، ملئي، جاواني، فلپينو، چيني، جپاني پنهنجن جهازن ۾ هڪ ٻئي جي ملڪن سان خوب واپار وڙو ڪن ٿا.
يورپي قومن کي آمريڪا ته ائين ئي نظر اچي ويو، پر هنن کي سالن کان جنهن سمنڊ تائين پهچڻ جي جستجو ۽ ڳولا هئي اهو “هندي وڏو سمنڊ” هو. هنن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته اٽلي، اسپين، يونان، انگلينڊ، پورچوگال، بيلجم، هالينڊ جهڙن يورپي ملڪن (جيڪي ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهن، انهن) جي بندرگاهن کان جهاز کي ڪڍي ڪهڙو طرف ڏئي هندي سمنڊ ۾ پهچون. اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن کي ان وقت اها به پڪ نٿي ٿي ته هندي وڏو سمنڊ (انڊين اوشن) ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ڪٿي گڏجي به ٿو يا بحراسود (Black Sea) وانگر هڪ ٽب مثل آهي. هو اتر طرف ٻيڙا هاڪاري ويا ٿي ته جرمني، پولينڊ، ڊئنمارڪ بعد ناروي ڦورن (Vikings) جو ملڪ آيو ٿي، جن کان هرڪو ڊنو ٿي ۽ پهلواني ڏيکاري هو اتر طرف وڌيڪ اڳتي وڌيا ٿي ته هنن کي سياري جا نو مهينا ته، سمنڊ ڄميل برف جهڙو مليو ٿي، جنهن ۾ سندن سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جا جهاز ان برف ٿي ويل سمنڊ ۾ ڦاٿا ٿي يا انهن برفاني ڇپن سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿيا ٿي.
يورپ جي ملڪن جا جهازران ميڊيٽرينين سمنڊ ذريعي اوڀر ڏي ويا ٿي (جو مارڪو پولو جي سفرنامي بعد هنن کي اها ته پڪ ٿي وئي هئي ته انڊيا، چين، جپان، انهي ئي پاسي آهي پر هنن کي اڳتي وڃڻ جي واهه نٿي مِلي جو انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال جهڙو گس نه هو جتان لنگهي اوڀر جي دنيا ۾ اچي سگهن جيئن اڄ ڪلهه اسان ٿا ڪريون. اسان يورپي ملڪن جي بندرگاهن مان ٿي پنهنجي ملڪ پهچڻ لاءِ ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ جبرالٽر وٽان داخل ٿي اوڀر ڏي آخري ڇيڙي واري ملڪ مصر تائين اچي، هٿرادو کوٽايل سئيز ڪئنال ذريعي ايشيا جي ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) ۾ داخل ٿيون ٿا. بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي هڪ پاسي سعودي عرب ۽ يمن آهي ته ٻئي پاسي سوڊان، اريٽيريا ۽ جبوتي آهن. عدن جي بندرگاهه بعد اسانجو “عربي سمنڊ” شروع ٿيو وڃي جيڪو هندي وڏي سمنڊ جو حصو آهي. پر سئيز ڪئنال جي کوٽائيءَ کان اڳ ميڊيٽرينين سمنڊ کان هندي سمنڊ ۾ پهچڻ ناممڪن ڳالهه هو ۽ سئيز ڪئنال ته گهڻو گهڻو پوءِ 1860ع واري ڏهاڪي ۾ کوٽيو ويو ۽ ان جي کوٽائي يعني ان ذريعي ميڊيٽرينين کي بحر احمر سان ملائڻ تڏهن ممڪن ٿي سگهيو جڏهن يورپين کي سڄي دنيا جي سمنڊن ۽ کنڊن (آمريڪا سميت) جي چڱيءَ طرح خبر پئجي چڪي نه ته انڊين اوشين ۾ پهچڻ لاءِ هنن سوين سال پئي ٻاٿون کاڌيون ۽ ڌڪا هنيا. بعد ۾ گهڻو گهڻو پوءِ پنڌرهين صديءَ جي آخري چوٿائي ۾ هنن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته دنيا گول آهي ۽ ٿي سگهي ٿو مغرب ڏي وڃڻ تي انڊيا جي ٻئي پاسي کان وڃي نڪرجي، نه ته ان کان اڳ ڪنهن کي به اها آئيڊيا نه هئي ته دنيا گول آهي. آئيڊيا به ڪيئن ٿئي جڏهن ته اڃا نه هوائي جهاز ايجاد ٿيا هئا ۽ نه ڪو ٻيڙي يا جهاز رستي دنيا جو ڦيرو ڪري چڪو هو. آمريڪا ۽ يورپ کنڊ جي وچ ۾ جي لڳاتار ٻيٽن جو سلسسلو هجي ها ته همٿ ڪرڻ وارا ناکئا هڪ هڪ ٻيٽ تائين ويندا رهن ها ۽ هڪ سال اندر نه ته ٻن ٽن اندر ڪڏهوڪو آمريڪا پهچي وڃن ها. پر يورپ يا آفريڪا کنڊ کان اولهه طرف وڃڻ تي “ڪيپ وردي” ٻيٽن جو جهڳٽو سو آيو ٿي باقي اڳي خير ئي خير هو. يعني سمنڊ بيڪران هو ۽ وڃڻ وارا ڊڄي ٿي ويا ته اڳتي ڪيترا ڏينهن وڌجي. جي ڌرتي ناهي ته پاڻيءَ ۽ کاڌي جو ڇا ٿيندو؟ ان زماني ۾ اڄ جي دور جهڙا وڏا لوهي جهاز نه هئا، جن جي ٽانڪين ۾ مهيني جو به پاڻي گڏ ٿي سگهي ٿو ۽ اڄ جي جهاز تي “فريش واٽر ايوو پريٽر” به آهن جيڪي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهيندا رهن ٿا. ان ڪري ڪنهن به ناکئي جي همت نٿي ٿي ته اولهه ڏي وڃي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪجي. انهن ڏينهن ۾ ماڻهن کي جيئن ته اها خبر نه هئي ته هيءَ دنيا گول آهي، ان ڪري هنن سمجهيو ٿي ته هيءَ دنيا رومال وانگر آهي جنهن جي اند (ڇيڙي) تي پهچڻ کانپوءِ جهاز هيٺ خلا ۾ ڪري پوندو. ڪيترن ائٽلانٽڪ سمند ۾ اولهه جو رخ ڪيو پر ان جو جوش ۽ نه کٽڻ ڏسي ٻن ٽن ڏينهن جي سفر بعد موٽي آيا ٿي. ڪي جوش ۾ اچي ڇهه ست ڏينهن اڳتي وڌندا رهيا ته اهي موٽي نه سگهيا جو آمريڪا کنڊ تائين پهچڻ لاءِ، اڃا به ڏهه ٻارهن ڏينهن وڌيڪ وڃن ها ته شايد برمودا يا ويسٽ انڊيز جو ڪو ٻيٽ نظر اچي وڃين ها. پر انهن ڏينهن ۾ هفتو سوا جو سفر به وڏي ڳالهه هو جو پاڻي ۽ کاڌو کٽڻ ڪري هنن جو موت ٿي ويو ٿي ۽ هنن لاءِ ايترن ڏينهن جو واپسي جو سفر ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو ٿي. ان کان علاوه انهن ڏينهن جا ڪاٺ جا ڪمزور سڙهن وارا جهاز ڪٿي ٿي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي سٽ جهلي سگهيا! ٻن ٽن ڏينهن بعد ئي ڪنهن سامونڊي طوفان يا ڇتين ڇولين جي ور چڙهي ٻڏي ويا ٿي ۽ پٺيان سندن پوين اهو ئي تصور ڪيو ٿي ته هو شايد ڌرتيءَ جي آخري حصي تي پهچڻ بعد هيٺ خلا ۾ ڪري پيا.

ڪيپ آف گڊ هوپ سمند يورپين کي روڪي رکيو

يورپ جي ملڪن جا خلاصي (Seafarers)، خاص ڪري اسپين، پورچوگال، اٽلي، برطانيا، هالينڊ وغيره جا، جيتوڻيڪ سخت جان ۽ قابل ناکئا هئا، پر دنيا جي ڄاڻ، يعني نقشو نه هجڻ ڪري هنن هندي سمنڊ ڳولڻ ۾، اونداهه ۾ تير پئي هلايا. هنن کي آخر ۾ اهو به شڪ ٿيو ته هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ بدران آفريڪا جو الهندو ڪنارو وٺي ڏکڻ ڏي وڃجي .... ٿي سگهي ٿو انڊيا کان وڃي نڪرجي. پر هنن کي آفريڪا کنڊ جي هيٺين ڇيڙي تائين پهچڻ ۾ ئي ڪئين سال لڳي ويا. هونءَ آفريڪا کنڊ کي قدرت ابتي ٽڪنڊي (اهرام) وانگر ٺاهي ها ته هنن يورپي ناکئن کي هيٺين ڪنڊ (ڪيپ ٽائون) تائين پهچڻ ۾ سهولت ٿئي ها، اڄ اسان وٽ نقشا آهن ۽ اسان يورپ جي بندرگاهن مان موٽڻ بعد پورچوگال ۽ موراڪو وٽان جهاز کي آٽو تي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي رکون ٿا ته ڇهه ست ڏينهن بعد اچيو ڪيپ آف گڊهوپ تائين نڪرون، پر اڳئين زماني جي ڪمزور ڪاٺاڻن جهازن لاءِ هڪ ته اتر توڙي ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي جبل جيڏين ڇولين کان بچڻ ڪرشمو هوندو هو ۽ ٻيو ته هنن کي خبر ئي نه هئي ته ڌرتي (زمين) ڪيتري آهي ۽ ڪٿي ختم ٿي ٿئي. آهستي آهستي ڪري ڪئين سالن بعد، جن ۾ ڪيترائي جهاز طوفانن ۽ سامونڊي ڇولين جو کاڄ ٿي ويا، هو مس مس سيراليون تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هو پورچوگال کان ڏکڻ وٺي آفريڪا جي اولهه ڪناري کي فالو ڪرڻ لڳا. موراڪو وٽان لنگهيا، اڄ وارو ويسٽرن صحارا ملڪ آيو، موريطانيا آيو. ان بعد سينيگال... هو ڏکڻ ڏي وڌندا رهيا..... اڄ وارو گئمبيا ملڪ جو ڪنارو شروع ٿيو، ان بعد گني بسائو ۽ پوءِ گني ۽ آخرڪار سيراليون. سيراليون بعد به هنن جيتوڻيڪ ڏکڻ جو رخ قائم رکيو پر ڪي ڏينهن گذرڻ بعد ڪو ڪنارو نظر نه اچڻ ڪري هو ڊپ ۾ پويان پير کڻي موٽي آيا. دراصل سيراليون بعد آفريڪا کنڊ جي ڌرتي پهرين واري سڌائيءَ ۾ وڃڻ بدران اتي ختم ٿي وڃي ٿي. ان بعد لائبيريا، آئوري ڪوسٽ (Cote Di Ivory)، گهانا، ٽوگو، بينن، نائيجيريا ۽ ڪئمرون تائين، سڀ ملڪ اوڀر طرف ٿا اچن. ان بعد گئبن، ڪانگو، ائنگولا ۽ آخر ۾ نميبيا، شروع وارن آفريڪي ملڪن وانگر هڪ ٻئي پويان ڏکڻ طرف اچن ٿا، جن بعد ڪيپ ٽائون (اڄ وارو ڏکڻ آفريڪا) ملڪ اچي ٿو، جتي ائٽلانٽڪ سمنڊ اڀرندي طرف وهندڙ هندي وڏي سمنڊ سان ملي ٿو.
بهرحال ڪئين سالن جي محنت، ائڊوينچر ۽ Risk (جوکم) کڻڻ بعد، جنهن ۾ ڪيترائي جهاز ۽ انهن ۾ سوار سمنڊ حوالي ٿي ويا، يورپي آفريڪا کنڊ جي هيٺين ڇيڙي تائين يعني ائنگولا بعد نميبيا تائين پهتا. ايتري قدر جو پورچوگالي جيڪي ٻين يورپين کان وڌيڪ تيز ثابت ٿيا، انهن ائنگولا ۽ نميبيا تي قبضو ڪري ورتو. جيئن انگريزن، ننڍي کنڊ کي، ڊچن انڊونيشيا کي، فرينچن ويٽنام کي بعد ۾ Colonized ڪيو.
نميبيا تائين پهچي سڀ يورپي اسٽاپ ۾ اچي ويا ٿي. آهستي آهستي سڀ سمجهي ويا ته هاڻ انڊيا وڃڻ لاءِ آفريڪا جي هيٺين ڇيڙي (جتي ڪيپ ٽائون شهر آهي) وٽان اوڀر طرف هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻو پوندو، پر اهو هنڌ جتي “ائٽلانٽڪ سمنڊ” ۽ “هندي وڏو سمنڊ” ملن ٿا سيارو هجي يا اونهارو، پاڻيءَ ۾ اهو جوش رهي ٿو جو اسان جا لوهي آفت جيڏا، وڏي طاقت وارين انجڻين وارا جهاز به هيءَ ڪيپ (Cape of Good Hope) ڪراس ڪرڻ وارا ٻه ڏينهن لڇندا رهن ٿا. رکي رکي ڪنهن ڏينهن، ڪجهه گهڙين لاءِ سمنڊ جو ڪجهه حصو ماٺو به ٿيندو هوندو پر مون کي ته ڏهه کن سالن ۾ هتان لنگهندي ڪڏهن به سمنڊ ماٺو نه مليو ۽ شروع وارن سالن ۾ مون کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن اهڙي Sea Sickness ٿيندي هئي جو آئون چوندو هوس ته مون کي “خليج بنگال”، “بي آف بسڪي” انگلينڊ پهچڻ کان اڳ وارو سمنڊ يا هي” ڪيپ آف گڊ هوپ” وارو سمنڊ سامونڊي نوڪري ڇڏرائيندو. اهڙن سمنڊن تي مون کي هر وقت پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جو ڪلاس ميٽ محمد ياد ايندو هو، ته هو خوش نصيب آهي جو ننڍي هوندي ئي پڙهائي ڇڏي هاڻ هالا جي پرائمري اسڪول ۽ طارق روڊ تي صبح جو ڇولا ۽ شام جو پڪوڙا وڪڻي سڪون جي زندگي پيو گذاري. سو جڏهن اسان جي ماڊرن ۽ آفت جيڏن انجڻ وارن لوهي جهازن جو ئي اهو حال هو ته واسڪو ڊاگاما يا ڪولمبس جي ڏينهن جي ڪاٺاڻن، ننڍن ۽ سڙهن ذريعي هوا جي زور تي هلندڙ ٻيڙن سان ڇا ويڌن هوندي. جيڪو ٿي هن ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ ۾ گهڙيو اهو اڇلجي ٿي ويو. جهاز ڀور ڀور ۽ سوار سمنڊ داخل ٿي ويا. سالن جا سال اهو ڪم هلندو رهيو پر يورپي: ڊچ، انگريز، پورچوگالي، هسپانوي رکي رکي پنهنجي پَر ۾ ماڊرن ۽ مضبوط جهاز ٺاهي، اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ته ڪنهن طرح ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي انڊيا جي ملبار ڪناري، جاوا، سماترا ۽ چين پهچجي.

يورپين هندي وڏي سمنڊ ڏي اچڻ ڇو ٿي چاهيو؟

ڳالهه اها آهي ته ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ به ڪو سنڌونديءَ جي پيٽ جيڏو (يعني ان وقت جي سنڌونديءَ جي پيٽ جيڏو) ناهي جو ڪلاڪ ٻن جي ڏاکڙن بعد ڪراس ڪري وٺجي. اڄ جي تيز رفتار جهازن کي به هي سمنڊ جو ٽڪرو (جنهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ جو پاڻي مڪس ٿي اٿل پٿل ٿو ڪري) ڪراس ڪرڻ ۾ ڏيڍ کان ٻه ڏينهن لڳيو وڃن، اتي ان وقت جي سڙهن وارن جهازن کي جن جي هلڻ جو سڄو مدار هوا جي رخ ۽ رفتار تي هوندو هو، گهٽ ۾ گهٽ هفتو کن ولوڙي رکندو هو ۽ جي سامونڊي ڇوليون سامهون جون هونديون هيون ته هو اڃا وڌيڪ تڪليف ۾ اچي ويندا هئا ۽ ڪراس ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا ٿي.
هيڏي موت ۽ مشڪل جي، يورپي هر قوم لڳي رهي ته نه فقط هوءَ پاڻ انڊيا پهچي پر ٻين کان اڳ پهچي. وڏن وڏن جهازرانن کي همٿائڻ لاءِ هنن جي ملڪ جي امير ماڻهن توڙي بادشاهه راڻين پنهنجي خرچ تي هڪ کان هڪ وڏا جهاز ٺاهي، وڏين سهوليتن ۽ انعامن جا وعدا ڪري قابل ناکئن کي وري وري ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي ڌڪيو پئي.
سوال آهي ته هنن يورپين هندي وڏي سمنڊ ۾ ڇو ٿي پهچڻ چاهيو؟ اهو ان ڪري جو هنن جي چين ۽ جپان ۾ ٺهندڙ چيني جي سامان ۽ ڪاٽن ۽ ململ جهڙي ڪپڙي ۽ ٻين شين ۾ دلچسپي هئي. خاص ڪري مصالحن ۾! سڄو يورپ لونگ، ڦوٽن، دار چيني، ڪمال پٽ، جانفل (Nutmeg)، جاوتري (Mace)، زعفران (Saffron)، سونف (Aniseed) لاءِ چريو هو. هي سامان ايشيا جي ملڪن کان شاهراهه ريشم ذريعي ميڊيٽرينين سمنڊ جي شهر روم اٽليءَ تائين پهتو ٿي. خشڪيءَ جو هي رستو “شاهراهه ريشم” Silk Route هڪ بيحد آڳاٽو ۽ اهم رستو آهي، جنهن بابت ڪجهه سٽون الڳ لکڻ ضروري سمجهان ٿو. هتي فقط ايترو لکندس ته هي رستو جپان ۽ چين جي اوڀر واري ڇيڙي کان اٽلي تائين 4000 ميل- اٽڪل 6800 ڪلوميٽر ٿو ٿئي ۽ پرشيا (هاڻ وارو ايران، افغانستان، پاڪستان جو اتر وارو حصو)، مڊل ايسٽ (بغداد، بصري، قاهري، سڪندريا وغيره) چين، ڪرغستان، قزاقستان، تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمنستان، آذر بائيجان، جارجيا، ترڪي، آرمينيا جهڙن ملڪن مان لنگهيو ٿي. ايشيا کان يورپ جيڪي شيون ويون ٿي انهن ۾ ريشم، مصالحا، چيني ڪراڪري ۽ پورسلين جي سامان کان علاوه ٽامي ۽ پتل جون شيون، سون ۽ چانديءَ جا ڳهه، جڙيون ٻوٽيون ۽ عاج جهڙو سامان هو. اهو سامان انڊيا، جاوا، سماترا يا چين مان نڪرڻ وقت ته سستو نڪتو ٿي پر رستي تي ايشيا جي مختلف شهرن مان لنگهڻ وقت، جن تي عربن، ترڪن ۽ ايرانين جو راڄ هو، تمام گهڻو ٽئڪس لڳايو ويو ٿي ۽ هر شيءِ اٽليءَ ۾ مهانگي پهتي ٿي، جن ان تي اڃا به وڌيڪ نفعو رکي سڄي يورپ کي سپلاءِ ڪيو ٿي.
ريشم شاهراهه ذريعي مٿيون واپار جو سلسلو ان وقت اوج تي هو، جڏهن عرب خليفن ۽ ترڪ سلطانن (سلطنت عثمانيا) جي حڪومت عروج تي هئي، جن جو نه فقط مشرقي يورپ جي ملڪن رومانيا، بلغاريا، روس، آسٽريا، هنگري، البانيا وغيره تي ڪنٽرول هو، پر مغربي يورپ جي ملڪن اسپين، پورچوگال ۽ فرانس تي پڻ. يورپين اهوئي ڏٺو ته جيڪڏهن هو سمنڊ رستي انڊيا تائين پهچڻ جو رستو ڳولي وڃن ته هنن کي اهي سڀ شيون بنا ٽئڪس ۽ رستي جي چوريءَ بنا، بنهه سستيون پئجي سگهن ٿيون ۽ ساڳي وقت هو يورپ جون به ڪيتريون ئي شيون شراب، بارود، بندوقون، جانورن جون کلون ۽ وول، آفريڪا مان ڦاسايل شيدي غلام وڏي اگهه تي انڊيا، چين، ملايا ڏي وڪڻي سگهن ٿا.
يورپين اهو به ڏٺو ته هي عرب ۽ ترڪ سلطنتون شاهراهه تان لنگهندڙ هن مال تي ٽئڪس هڻي اڻ سڌيءَ طرح اسان مان پئسو ڪڍي پنهنجي فوج لاءِ غلام ۽ سپاهي خريد ڪري اسان جي ئي خلاف استعمال ڪن ٿا. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ سلطنتن ۽ حاڪمن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪارخانا هڻي يا ائگريڪلچر ۽ ايريگيشن جا طريقا سڌاري عوام کي خوشحال ڪرڻ ۽ ملڪ سڌارڻ جهڙي ثقافت يا رسم و رواج نه هو. سڄو ڪم هليو ٿي ڦرلٽ تي. سو اميه توڙي عباسي خلافتن توڙي سلطنت عثمانيا جي سلطانن شاهراهه ريشم تان يورپ ڏي ويندڙ سامان تي ٽئڪس هڻي - يعني يورپين مان پئسو ڪڍي، پنهنجي فوج مضبوط ڪري انهن ئي يورپين کي کلا هنيا ٿي. سو يورپين اهو ئي محسوس ڪيو ته ان عذاب مان جان ڇڏائڻ لاءِ هر صورت ۾ انڊيا تائين پهچڻ جو ڪو سامونڊي گس (Sea Route) ڳولڻ ضروري آهي.

ڪيپ آف گڊ هوپ تائين پهچڻ ۾ ڪاميابي

انڊيا تائين سمنڊ جو رستو ڳولڻ جي جستجو ۾ ڏٺو وڃي ته يورپ وارن پنهنجا سوين جهازران، سوين جهاز ۽ سوين هزارين پائونڊ، ليرا، مارڪ ۽ پسيتا خرچ ڪري ڇڏيا. آخرڪار هنن هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ کين ڪاميابيون نظر اچڻ شروع ٿي ويون.
اولهه آفريڪا جو ڪنارو وٺي آخري ملڪ نئميبيا تائين ته هاڻ ڪيترن يورپي ملڪن جا جهازران پهچي چڪا هئا، پر ڪنهن جي اڳتي ڪيپ آف گڊهوپ ڏي وڃڻ جي همٿ نٿي ٿي جو اتي ٻن وڏن سمنڊن جي ملڻ ڪري سمنڊ ۾ ايڏو اڀام رهي ٿو، سمنڊ اندر ڪُن ۽ جبل جيڏيون ڇوليون رهيون ٿيون، جو ان وقت جا ڪاٺ جا جهاز انهن جو مقابلو ڪري نٿي سگهيا. آخرڪار پورچوگال جو هڪ ناکئو “بارتولوميو دياس” 1488ع ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان مڙي واپس نئميبيا ۽ ائنگولا ڏي موٽي آيو. هو اڳتي وڌي “هندي وڏي سمنڊ” ۾ ته داخل نه ٿي سگهيو پر گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ جهازرانن لاءِ راهه ۽ رستو کلي ويو ۽ هو سمجهي ويا ته ڪنهن نموني سان آفريڪا کنڊ جي هيٺين حصي کي ڦيرو ڪري سگهجي ٿو ۽ ان بعد “انڊين اوشن” (هندي وڏي سمنڊ) ۾ داخل ٿي انڊيا ۽ چين جهڙن ملڪن ۾ پهچي سگهجي ٿو.
بارتولوميو دياس (Bartolomeu Dias) جو تعلق پورچوگال جي نوابي خاندان سان هو. هو 1450ع ۾ لسبن (پورچوگال) ۾ ڄائو هو ۽ پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ 1500ع ۾ وفات ڪيائين. هن کي ان وقت جي پورچوگالي بادشاهه “جوَن ٻئي” (John II) هڪ مضبوط سڙهن واري جهاز جو ڪئپٽن بنائي قابل ۽ مضبوط قسم جا ناکئا ڏنا ته گهٽ ۾ گهٽ آفريڪا کنڊ جي هيٺين حصي (ڪيپ آف گڊ هوپ) وٽ پهچڻ جي ڪوشش ڪري اچ. جيئن ڪا آئيڊيا ٿي سگهي ته اڳتي وڃڻ سان انڊيا پهچڻ جي راهه نڪري سگهندي يا نه.
“بارتولوميو دياس” پنهنجي ماڊرن جهاز (يعني ان وقت جي ماڊرن) ۾ سوار ٿي آگسٽ 1487ع ۾ لسبن (پورچوگال) مان لنگر کنيو. ان کان اڳ جي سفرن ۾ بادشاهه جو چاچو “شهزادو هينري” جيڪو ماهر جهازران هجڻ ڪري The Navigator به سڏيو ويو ٿي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود ڪيپ وردي ٻيٽن، سيراليون، ويندي ڪانگو نديءَ جي منهن تائين ۽ هيٺ خط استوا جي ڏکڻ پاسي وارن آفريڪي ملڪن: ائنگولا ۽ نئميبيا تائين وڃي موٽي آيو هو. “بار تولو ميو” نئميبيا کان اڳتي آفريڪا کنڊ جي هيٺين پُڇڙي، يعني آفريڪا کنڊ کي جي “ماڻهوءَ” جو منهن سمجهيو ۽ ساڄو ڪن آفريڪا کنڊ جو مٿيون ملڪ موراڪو، ته ماڻهوءَ جي منهن جي کاڏي جتي منهن جو ساڄو ۽ کاٻو پاسو ٿو اچي ملي، “ڪيپ آف گڊ هوپ” ٿيندو. بارتولوميو هيٺ کاڏيءَ تائين پهچي وري منهن جي ٻئي پاسي يعني موزمبق، تنزانيا، ڪينيا ڏي وڃڻ بدران يڪدم موٽي آيو. هو لسبن ڇڏڻ بعد نون مهينن جي سفر کان پوءِ مئي 1488ع ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ پهتو ۽ واپسي جي موسم سڻائي ۽ “ٽريڊ ونڊس” جي ڪري هو ساڍن ستن مهينن بعد ڊسمبر 1488ع ۾ پنهنجي هوم پورٽ لسبن ۾ پهتو. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ Trade Winds ائين آهن، جيئن اسان وٽ هندي وڏي سمنڊ ۾ چوماسي (Monsoon) جون هوائون آهن، جيڪي سياري ۾ سنڌ کان سريلنڪا ويندڙ ٻيڙن کي رفتار ۾ فائدو رسائين ٿيون. اسان اڄ جي انجڻ وارن لوهي جهازن ۾ لسبن، جبرالٽر يا طنج (موراڪو جي بندرگاهه) کان نڪرندا آهيون ته بنا ساهي پٽڻ جي ڏهن ڏينهن اندر ڪيپ آف گڊ هوپ تائين پهچي ويندا آهيون. اسان کي رستي تي ڪنهن به ملڪ جي بندرگاهه ۾ ترسڻ جي ضرورت نه پوندي آهي جو اسان وٽ هر وقت ٻن مهينن کن جو راشن پاڻي موجود رهي ٿو، پر ان وقت جي هنن سڙهن وارن ٻيڙن کي ڪيترائي تڙ ڳولڻا پيا ٿي ۽ هنن لاءِ هر هر ساهي پٽڻ، جهاز جي ديک ڀال ڪرڻ ۽ راشن پاڻي کڻڻو پيو ٿي. بهرحال بارتولوميو دياس (Bartolomeu Dias) خوش نصيب ۽ قابل ناکئو هو. هو هوائن جي رخ مان صحيح فائدو وٺي ماڻهوءَ جي منهن جهڙي آفريڪا کنڊ جي نقشي تي ساڄي ڪن (پورچوگال) کان هيٺ آخري ملڪ نئميبيا تائين پهچي پوءِ اوڀر طرف ماڻهوءَ جي کاڏيءَ تائين پهچي ويو جيڪو ڪيپ آف گڊ هوپ سمنڊ ٿو سڏجي. ڪيپ آف گڊ هوپ نالو ته ان جو بعد ۾ رکيو ويو پر بارتو لوميو جيڪا دهشت هن درياهه ۾ ڏٺي ان هن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ کيس پاڻ تي حيرت ٿي ته هو ان مانڌاڻ مان ڪيئن بچي آيو. هن ههڙي خطرناڪ سمنڊ جو پنهنجي پورچوگالي ٻوليءَ ۾ نالو: Cabo das Tormentas يعني طوفانن جو سمنڊ (Cape of Storms) رکيو پر پوءِ پورچوگال جي بادشاهه “جون ٻئي” چيو ته: ”نه، ايستائين پهچڻ معنيٰ اڳتي انڊيا تائين پهچڻ جي سٺي اميد ٿي آهي. سو هن جو نالو Cabo de Bao Esperance يعني “ڪيپ آف گڊ هوپ” هجڻ کپي.... هاڻ سمجهو ته اسان لاءِ هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي انڊيا پهچڻ جون اميدون پيدا ٿيون آهن.“

 ڪيپ ڪراس ڪرڻ ۾ ڪاميابي.....
واقعي ائين ئي ٿيو. پورن ڏهن سالن بعد هڪ يورپي “ڪيپ آف گڊ هوپ” ڪراس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اهو يورپي ڪير هو؟ نه فرينچ، نه انگريز، نه جرمن، نه اطالوي. هن ڀيري به پورچوگاليءَ ڪاميابي ماڻي. واسڪو ڊاگاما 8 جولاءِ 1497ع تي پورچوگال جو ڪنارو لسبن بندرگاهه مان ڇڏيو. ان وقت پورچوگال جو بادشاهه “مئنيوئل اول” هو. پراڻو بادشاهه “جون ٻيو” (John II) ٻه سال اڳ 1495ع ۾ گذاري چڪو هو. شهنشاهه مئنيوئل 1469ع ۾ لسبن (پورچوگال) ۾ ڄائو ۽ 1495ع کان وفات (1521ع) تائين پورچوگال جو بادشاهه رهيو. هن بادشاهه جي به دماغ ۾ اهو ئي جنون هو ته ڪيڏو به خرچ ٿئي ته جهاز ۽ سٺو عملو تيار ڪري انڊيا پهچڻ جو سامونڊي رستو ڳولجي. هي ائين آهي جيئن اڄڪلهه آمريڪا، روس، چين، ويندي انڊيا به وڏو خرچ ڪري راڪيٽ ٺاهي چنڊ تي پيا موڪلين ۽ جيتوڻيڪ رکيو رکيو هنن جا موڪليل راڪيٽ ۽ ماڻهو تباهه ٿيو وڃن تڏهن به جستجو ۾ لڳا رهن ٿا. هو پهرين کان وڌيڪ مضبوط، طاقتور ۽ ماڊرن راڪيٽ ٺاهڻ جي تيارين ۾ ڪوشان رهن ٿا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پورچوگال جي هن بادشاهه مئنيوئل اول جي ڏينهن ۾ پورچوگال جو جهازن جو آڙماڙ (Armada) دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو هو، جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته پورچوگال ڪو وڏو ملڪ نه آهي. فرانس، اسپين ۽ اٽليءَ کان به ننڍو آهي. هي بادشاهه نه فقط انڊيا تائين پهچڻ جي مهم ۾ ڪامياب ويو پر برازيل ۽ ڏکڻ آمريڪا به 1500ع ڌاري حاصل ڪري ورتو. يعني جيڪي هن ائڊوينچر تي جهازن ۽ ناکئن پٺيان خرچ ڪيو ان کان هزارين دفعا وڌيڪ مال ملڪيت ڪمائي ويو. ويندي ملاڪا (ملايا) تي به 1511ع ۾ قبضو ڪري ورتو. ان کان علاوه چين جي ان وقت جي حڪومت، منگ گهراڻي ۽ پرشيا جي سلطنت سفوي گهراڻي سان به دوستي ڪري ورتي.
واسڪو ڊاگاما پورچوگال جو ڪنارو ڇڏڻ بعد، بارتولوميو واري واٽ وٺي ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ نه فقط پهتو، پر سمنڊ جو اهو حصو ٽپي هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي، آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري تائين پهچي ويو. هي انهن سمنڊن جا وڙ وڪڙ کائي اوڀر آفريڪا جي ڪناري تي پهچي ويو. جن راهن ۽ گسن کان هن کان اڳ ڪو به يورپي واقف نه هو ۽ نه اچي سگهيو هو. پورچوگال جي بندرگاهه لسبن کان اوڀر آفريڪا جي موزمبق ملڪ جي بندرگاهه موپوتو تائين اڄڪلهه جي جهاز کي پهچڻ ۾ ڏهه ٻارهن ڏينهن لڳيو وڃن ۽ اڄ جا جهاز فائو اسٽار هوٽل جهڙا ٿين ٿا، جن ۾ هر سک ٿئي ٿو، پر ان هوندي به آفريڪا کنڊ جهڙي ڦيري وارو هي سفر به ڊگهو لڳي ٿو ۽ کائي ٿو ۽ ايترن ڏينهن ۾ ڪو هڪ ٻه ڏينهن ته ضرور خراب سمنڊ ملي ٿو. ٻيو نه ته به ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪرڻ وارا ٻه ڏينهن کن. پر ان جو مقابلو واسڪو ڊاگاما وارن ڏينهن جي سڙهن وارن ڪاٺاڻن ننڍن جهازن سان ٿو ڪجي ته حيرت ٿي ٿئي جو انهن جهازن جو ته معمولي خراب سمنڊ به چيچاٽ ڪڍرائي ڇڏيندو هوندو ۽ ڪڏهن ته سامهون جون سامونڊي ڇوليون جن ۾ اسانجا اڄ جا آفت جيڏا جهاز به ڇوڏن وانگر لڳن ٿا، انهن ۾ واسڪو ڊا گاما جا پنڌرهين صديءَ جا جهاز ڇا لڳندا هوندا. ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي ڏينهن ۾ هڪ ميل به اڳيان وڌڻ بدران سوين ميل پٺتي ڌڪجي ويندا هوندا. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي اڄ جي جهازن جو ٻارهن ڏينهن جو سفر واسڪو ڊاگاما اٺ مهينن ۾ پورو ڪيو ۽ موزمبق ملڪ جيڪو تن ڏينهن ۾ رهندڙ هڪ عرب سوداگر “موسيٰ بن بق” جي نالي سان سڏبو هو (جيڪو هاڻ وقت سان گڏ موزمبق ٿي ويو آهي جيئن جبل الطارق جبرالٽر ٿي ويو آهي) ان جي اڳيان هڪ ٻيٽ وٽ پنهنجن ٽنهي جهازن کي 2 مارچ 1498ع تي لنگرانداز ڪيو.

جهاز راني ۽ هٿيارن ۾ هاڻ يورپي اڳ هئا

هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) ۾ داخل ٿيڻ سان واسڪو ڊاگاما ڏٺو ته هن طرف ته دنيا ئي بدليل آهي. ظاهر آهي ته هيڏانهن اچڻ کان اڳ هن جي دنيا محدود هئي. هن سڄي عمر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ جهاز هلايا، جتي هن کي جتي ڪٿي يورپي ملڪن جا جهاز نظر آيا ٿي، جن تي سوار خلاصي ۽ ناکئن انگريزي، فرينچ، جرمن، اطالوي ڊچ، پورچوگالي ۽ ٻيون سندس کنڊ “يورپ” جون ٻوليون ڳالهايون ٿي ۽ ان پاسي يورپي ملڪن تي ته انهن ۾ رهندڙ يورپين جي حڪومت هئي پر “ائٽلانٽڪ سمنڊ”، آفريڪا کنڊ جي اولهه واري ڪناري جي جن ملڪن کي ڇهيو ٿي انهن تي به يورپي قومون قابض ٿي ويون هيون، جيئن ته سينيگال تي فرينچ، سيرياليون ۽ گهانا تي انگريز، ائنگولا ۽ نئميبيا تي پورچوگالي وغيره. ظاهر آهي يورپي جهاز سازيءَ ۾ بهتر هجڻ کان علاوه هو هٿيار پنهوار: بندوقون بارود ٺاهڻ ۾ قابل ٿي ويا هئا، جن جي زور تي هو آفريڪا جي اولهه واري ڪناري جي ملڪن جي ماڻهن کي ڊيڄاري ڌمڪائي انهن جي ملڪن تي قبضو ڪري ويا. آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جا ملڪ يورپين کان ان ڪري بچيل هئا، جو ڪيپ آف گڊ هوپ جي خوفناڪ سمنڊ ڪري يورپي هندي سمنڊ ۾ نه پئي داخل ٿي سگهيا، جنهن سمنڊ جي پاڻيءَ، آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري کي ڇهيو ٿي. ساڳئي وقت عربي، ايراني، ملباري، گجراتي، مڪراني، بلوچ جن جا جهاز هندي وڏي سمنڊ ۾ ٿي هليا، انهن جو هندي سمنڊ جي ڪناري وارن بندرگاهن سان واپار هلي رهيو هو. هو پنهنجي هندي وڏي سمنڊ واري دنيا ۾ ئي مگن هئا. هنن ڪيپ آف گڊ هوپ وارو خطرناڪ سمنڊ اڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ جا خواب نٿي ڏٺا، جو هڪ ته هنن جا جهاز هندي وڏي سمنڊ ۾ ئي هيڏانهن هوڏانهن هلي سگهيا ٿي. هنن جهازراني ۽ جهازسازيءَ جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ وڌيڪ ترقي ڪري ڪيپ آف گڊ هوپ جهڙي سمنڊ اڪرڻ جي خواهش نٿي رکي ۽ ٻيو ته هو هٿيار ٺاهڻ ۾ به اڳتي نڪري نه سگهيا هئا. جهڙيون تهڙيون معمولي بندوقون ۽ منجنيقون مس ٺاهي سگهيا هئا. هوڏانهن يورپين لاءِ انڊيا پاسي اچڻ ان ڪري به ضروري ٿي پيو، جو يورپ ۾ سخت ٿڌ هجڻ ڪري ڪا خاص پوک نٿي ٿي ۽ هو بک پئي مئا ۽ نه ان زماني ۾ هو وڏي پئماني تي ڍور ڍڳا پالي سگهيا ٿي جو انهن لاءِ گاهه ۽ ٻي کاڌ خوراڪ ڪٿان اچي؟ اڄڪلهه ته ناروي، سئيڊن جهڙن اتراهن ملڪن ۾ به وهٽ پالين پيا جو بهتر جهازراني ڪري هو پنهنجي توڙي جانورن لاءِ کاڌ خوراڪ آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن مان گهرائين ٿا. 1960ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو ناروي وڃڻ ٿيو ته اسان هر دفعي جهاز کي گوار سان ڀري اتي جي بندرگاهه ٽرانڍهام پهچندا هئاسين. گوار جون ڦريون يا پائوڊر جي شڪل ۾ پيٺل گوار، ناروي وارا پنهنجن وهٽن کي کارائيندا هئا. سو اڳئين زماني ۾ يورپين جون نظرون انڊيا، چين، ملايا، جاوا، سماترا تي هيون جتي هر قسم جو نه فقط فصل ٿيو ٿي پر وڏي مقدار ۾ ٿيو ٿي.
مٿيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکي پڙهندڙ سمجهي سگهن ٿا ته واسڪو ڊا گاما جهڙا يورپي انڊيا پاسي “هندي وڏي سمنڊ” ۾ داخل ٿيڻ مان هنن جو مقصد ڪو سير تفريح ڪرڻ نه هو پر ڦرلٽ ڪرڻ هو. ايشيا ۽ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ هو ۽ هنن جي مسلمانن تي وڏي باهه هئي، جن جي اميه سلطنت اسپين، پورچوگال، فرانس ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن ٽيونيشيا، الجيريا کان موراڪو ۽ موريطانيا تائين سالن بلڪه صدين کان قبضو ڄمايو هو ۽ ٻئي پاسي سلطنت عثمانيه (Ottomon Empire) وارا اوڀر يورپ ۽ بحراسود جي ملڪن: البانيه، بلغاريا، رومانيا وغيره تي قبضو ڪري ويٺا هئا. هنن وٽ ايڏي فوج هئي جو يورپي مقابلو نٿي ڪري سگهيا ۽ ايڏي فوج مسلمانن (عربن توڙي ترڪن) ڪيئن ٿي افورڊ ڪئي؟ هنن شاهراهه ريشم تان يورپ ڏي ويندڙ کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، مصالحو ڳهه ڳٺن تي ٽئڪس هڻي يورپين مان پئسو ٿي ڪڍيو.
سو واسڪو ڊاگاما جنهن کي سندس ملڪ پورچوگال جي بادشاهه مئنيوئل اول جهاز ۽ ماڻهو ڏئي انڊيا تائين سامونڊي رستو ڳولڻ لاءِ ان ڪري موڪليو ته جيئن ايشيا جي مشهور شين مصالحن، ريشم، ڪپڙن، سون ۽ چاندي جي ڳهن، پتل ۽ ٽامي جي ٿانون سان جهاز ڀري پورچوگال کڻي اچي، جيئن هنن کي هر شيءِ سستي پوي ۽ ملڪ کي فائدو رسي. ساڳي وقت هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري وارن ايشيائي ۽ آفريڪي اهم ملڪن تي بندوق ذريعي قبضو ڪيو وڃي. اهو ئي مقصد ٻين يورپي ملڪن جو به هو ۽ هر ملڪ کي گوءِ کڻڻ ۾ تڪڙ ان ڪري هئي جو هنن ڏٺو ٿي ته هن مقابلي ۾ جيڪو اڳ نڪرندو اهو ئي وڌيڪ ڪمائيندو. ان جو ئي گهڻن ملڪن تي قبضو ٿيندو. ان ڪري هر يورپي ملڪ جي جهازرانن اڳتي جي رستي ڳولڻ ۾ معلومات ٿي حاصل ڪئي، ان کي راز ۾ ٿي رکيو ۽ پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهوءَ کي ٿي ٻڌايو. جيئن بارتولوميو دياس ڪيپ آف گڊ هوپ پهچڻ تائين جيڪو سامونڊي رستو ۽ واٽ تي لڳندڙ هوائن جو رخ Observe ڪيو، ان جي ڄاڻ واسڪو ڊاگاما کي ڏني وئي ته هاڻ اڳتي جي رستي جي ڳولها تون ڪر. اها ڄاڻ ايترو راز ۾ رکي وئي ٿي جو پني تي نقشي جي صورت ۾ به نٿي محفوظ ڪئي وئي جيئن متان ڪا ٻي يورپي قوم ان کي حاصل ڪري اڳيان نڪري وڃي. مهنجي خيال ۾ واسڪو ڊاگاما جو هي پهريون ئي سفر هو جنهن ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪرڻ وقت سندس خلاصين جي Sea Sickness کان حالت خراب ٿي وئي ۽ ڪيپ ڪراس ڪرڻ بعد خلاصي بغاوت تي لهي آيا ته اڳتي وڌڻ بدران وطن موٽجي. واسڪو ڊاگاما انهن ڏينهن جو نيويگيشن جو واحد اوزار قطب نما (ناس جي دٻليءَ جهڙي گول دٻلي) سمنڊ ۾ اڇلي هنن کي چيو ته جيڪي ڪرڻو اٿانوَ اهو ڪريو. واپس وٺي وڃڻ وارو آئون ئي آهيان جنهن کي رستي جي ڄاڻ دماغ ۾ آهي. توهان مان ڪنهن کي دم خم آهي ته اچي جهاز جو سکاڻ (Rudder) سنڀالي.

سڙهه وارا جهاز هلائڻ لاءِ موسم جي ڄاڻ ضروري آهي

“ڪيپ آف گڊ هوپ” وارو سمنڊ ٽپي “هندي وڏي سمنڊ” ۾ داخل ٿيڻ جي واسڪو ڊا گاما کي جتي خوشي ٿي، اتي هن جون اهو ڏسي وايون بتال ٿي ويون ته هتي چوڌاري جيڪي جهاز ۽ ٻيڙيون پيون نظر اچن اهي سڀ عرب نموني جا آهن ۽ آفريڪا جي ڪناري وارن ملڪن تي عربن جو راڄ آهي. هر جهاز يا ٻيڙي تي جيڪي خلاصي يا ناکئا آهن اهي عربي، فارسي، هندي، مڪراني، ملباري، گجراتي، سنڌي ٻوليون پيا ڳالهائين ۽ گهڻائي مسلمانن جي آهي. خاص ڪري انهن حاڪمن جي جن جو آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهن: موپوتو، ممباسا، زنجبار، ميلندي وغيره تي قبضو آهي. واسڪو ڊاگاما تي خوف طاري ضرور ٿيو جو مسلمانن عيسائين کي، خاص ڪري يورپين کي پنهنجو دشمن ٿي سمجهيو. بهرحال هنن ڏيهن تي چٺ يا لٺ ذريعي هن جو قبضو ڪرڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جو خواب ته ٿيو پوءِ جي ڳالهه، في الحال ٿورا گهڻا پير ڄمائڻ ۽ واپار جو ڊرامو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن ڪنهن کي به پنهنجي اصل حقيقت نٿي ٻڌائي ته هو عيسائي آهن. هو پاڻ کي مسلمان سڏائي موزمبق جي سلطان سان ملاقات ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر هو موزمبق واري علائقي ۾ 2 کان 29 مارچ تائين مس رهي سگهيو. هڪ ته واسڪو موزمبق جي سلطان کي جيڪي پنهنجي پورچوگالي بادشاهه “مئنيوئل اول” طرفان تحفا پيش ڪيا، اهي بيحد حقير ۽ سادا هئا. هي يورپي آفريڪا جي اولهه ڪناري وارن مقامي حاڪمن تي هريل هئا جيڪي ائين ئي غريب ۽ وائڙي قسم جا هئا جيڪي يورپين جي معمولي تحفن تي به هرکجي ويا ٿي. پر هن پاسي آفريڪا جي اوڀر پاسي عربن، عمانين، ايرانين جو قبضو هو ۽ اهي مال ملڪيت وارا هئا. سو موزمبق جو عرب سلطان به وائڙو ٿي ويو ته هي ڪهڙي قسم جا ٺڳ آهن جن جي بادشاهه هي ردي قسم جا تحفا موڪليا آهن. ٻي ڳالهه ته موزمبق جي ماڻهن کي هنن پورچوگالين جي چال چلن مان شڪ پئجي ويو ته هي مسلمان نه آهن جيڪي نه نماز ٿا پڙهن ۽ نه اسلامي ڪم اٿن. رڳو نالا اسلامي ٻڌائي رهيا آهن. “لارينس آف عربيا” به ڪوڙو مسلمان ٿي سعودي عرب ۾ پئي هليو پر هن ۾ ڪنهن جو شڪ نٿي ٿيو ته عيسائي آهي جو هن نماز روزن کان علاوه ٻولي به عربي ٿي ڳالهائي. پر پوءِ هڪ ٻار هن کي بيهي مُٽندو ڏسي “اِهو اِهو” ڪيو ۽ سڀني کي خبر پئجي وئي ته هي مسلمان ناهي. سو واسڪو ڊاگاما ۽ هن جي پورچوگالي خلاصين بابت سندن ڪجهه ڪمن ۽ ڳالهين مان مقامي ماڻهو شڪجي پيا ۽ پورچوگالي سمجهي ويا ته هاڻ ڀڄڻ کپي نه ته موچڙا کائينداسين. سو پنهنجن جهازن جا سڙهه کولي، لنگر کڻي وٺي اتر ڏي ڀڳا ۽ اچي ممباسا ۾ ساهه پٽيائون.
پڙهندڙ شايد اهو سوچي رهيا هجن ته واسڪو ڊاگاما کي جڏهن انڊيا وڃڻو هو جيڪا اوڀر طرف ٿي، پوءِ هو اتر طرف ڇو ويو؟ ان لاءِ هڪ دفعو وري لکندو هلان ته جيستائين ڪَل (انجڻ) وارا جهاز نه نڪتا هئا، جهاز سڙهن وارا هئا. يعني هوا جي زور تي هليا ٿي، ناکئي (نيويگيٽر) لاءِ فقط طرف معلوم ڪرڻ ضروري نه هو پر هوائن جو رخ ۽ موسم معلوم ڪرڻ به ضروري هئي. جيئن سنڌ جا ماڻهو سياري ۾ سريلنڪا ڏي روانا ٿيا ٿي. هنن کي خبر هئي ته ڪولمبو ديبل ۽ ٺٽي جي ڏکڻ ۾ آهي. سو هنن پنهنجا جهاز سياري جون هوائون لڳڻ تي هاڪاريا ٿي جو سياري ۾ انهن هوائن جو طرف اتر کان ڏکڻ ڏي هو ۽ اونهاري ۾ چوماسي (Monsoon) جون هوائون ڏکڻ کان اتر طرف لڳيون ٿي ته هو سريلنڪا ۽ هندستان جي ملبار ڪناري ۽ ڪڇ جي بندرگاهن کان سنڌ، ايران ۽ عربستان روانا ٿيا ٿي. سو واسڪو کي به اها ڄاڻ هئي ته انڊيا جو ملبار ڪنارو سامهون اوڀر طرف آهي ۽ هو اهو طرف پنهنجي قطب نما دٻي ۽ تارن ذريعي معلوم ڪري پهچي سگهيو ٿي، پر جهاز انجڻ وارا ته نه هئا جو هن جي مرضيءَ تي هلن. جهاز هوائن جي رخ موجب هليا ٿي ۽ انڊيا لاءِ اوڀر طرف وڃڻ بدران رستي تي هوائن جي رخ مطابق ڪٿي اوڀر جي ساڄي ته ڪٿي کاٻي لهوارو ٿي وڃڻو پوندو. هوائن جي انهن رخن ۽ وقتن (موسمن) کان هو اڻ واقف هو. ان ڪري هو آفريڪا ڪناري تان ڪو اهڙو سونهون ڳولي رهيو هو، جيڪو هڪ دفعو هن سان گڏ هوائن جي مطابقت سان هلي انڊيا پهچائي ۽ وري ڪهڙي موسم ۾ ڪهڙا رخ اختيار ڪري آفريڪا موٽڻ کپي اهو به ٻڌائي. ان سان گڏ واسڪو ڊاگاما اهو به چاهيو ٿي ته آفريڪا جي ڪناري تي ڪنهن علائقي تي قبضو ڪري پورچوگالين جي بيٺڪ ٺاهجي جيئن هنن کي اچڻ وڃڻ جي سهوليت رهي ۽ جتي هيڏانهن هوڏانهن کان ڦريل مال اسٽور ڪري بعد ۾ پورچوگال پهچائجي.
ممباسا جي ويجهو پهچي هنن پنهنجا قذاقي (ڦرلٽ) وارا ڌنڌا شروع ڪيا، جو هنن جو آندل مال کٽي ويو هو. ان ڪم لاءِ هنن عربن جي جهازن تي حملا ڪري ڪافي ڦر ڪئي. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين ته ڇا هنن جي دليري ۽ داداگيري هئي جو پنهنجي ڏيهه کان ڏور ٻين جي ديس ۾ اڪيلا هوندي به ڦرلٽ ڪري رهيا هئا. پر اهو سڀ ڪجهه هٿيارن ڪري هو. هو بندوقن ۽ بارود ۾ عربن، ايرانين، انڊين کان اڳتي نڪتل هئا. موزمبق ۾ به جڏهن مقامي ماڻهن هنن کي ڀڄائڻ خاطر حملو ڪيو، ته هو بندوقن ذريعي پنهنجو بچاءُ ڪري ويا ۽ بندرگاهه ڇڏڻ مهل شهرين تي گولا باري ڪندا رهيا ۽ هاڻ ممباسا وٽ به بندوقن جي زور تي عربن جي جهازن جي خوب ڦر ڪري مال ٺاهيو ۽ عربن ۽ ايرانين جا جهاز بنا بندوقن ۽ توبچين (Cannons) جي هئا. هنن اهو سوچيو به نه هو ته ڪو اهڙو وقت به ايندو. هو ته صدين کان هن سمنڊ تي سڪون سان واپار ڪري رهيا هئا.

واسڪو ڊاگاما ڪيپ ٽپڻ بعد ”ڪاليڪٽ“ جي تسبيح ڇو پڙهي؟

پورچوگالي 7 اپريل کان 13 اپريل (1498ع) تائين ممباسا ۾ هي پهريان يورپي هئا جيڪي مقامي ماڻهن (عرب ۽ شيدين) ڏٺا. هنن کي لفٽ صفا نه ڪرائيائون. بلڪه مقامي ماڻهن پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو ته هي هتي ڇو آيا آهن ۽ ڇو بندوقون کڻي رعب پيا ڪمائين. موقعو ملڻ تي هي ته ماڳهين اسان کي غلام بڻائي ڇڏيندا. هنن بلڪل صحيح ٿي سوچيو جو بعد جي سفرن ۾ پورچوگالين سڀ کان سڻائي هنڌ واري ملڪ موزمبق تي اهڙو قبضو ڪيو ۽ مقامي ماڻهن کي غلام بڻايو جو پوءِ پنج صدين بعد موزمبق جي 1975ع ۾ پچر ڇڏي.
بهرحال ممباسا ۾ هنن جي جڏهن دال نه ڳري ته هو وڌيڪ اتر طرف ميلندي (Melindi) ۾ آيا. ميلندي جي حاڪمن جي انهن ڏينهن ۾ جيئن ته ممباسا جي حاڪمن سان ڇڪتاڻ لڳل هئي، سو انهن تي رعب رکڻ لاءِ پورچوگالين کي کڻي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. جيئن بعد ۾ اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ٿيندو رهيو. انگريزن ٻن نوابن کي وڙهندو ڏسي هڪ جو پاسو وٺي خوب پئسو ۽ زمين ٿي حاصل ڪئي. ميلندي ۾ سڪون سان رهي پورچوگالين انڊيا هلڻ لاءِ هڪ قابل سونهون (Pilot) هٿ ڪيو، جيڪو هن پاسي جي چوماسي جي هوائن کان چڱيءَ طرح واقف هو. ڪي چون ٿا ته هي عيسائي هو ڪي چون ٿا ته مسلمان هو. ڪي گجراتي يا ڪڇي ٿا چون ته ڪي مشهور عرب ناکئي (Navigator) ابن ماجد جو به نالو کڻن ٿا. بهرحال هن سونهين جي رهنمائيءَ ۾ واسڪو ڊاگاما وارن پنهنجا ٽئي جهاز 24 اپريل 1498ع تي ميلنديءَ مان ڪڍي، انڊيا ڏي هاڪاريا. مهيني کن بعد 20 مئي تي هو ملبار ڪناري واري رياست ڪيرالا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ (Kozhikode) ۾ پهتا.
پڙهندڙن جي ذهن ۾ شايد اهو سوال اڀري ته واسڪو ڊاگاما هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ سان انڊيا جي مالابار ڪناري ڏي ۽ خاص ڪري اتي جي بندرگاهه ڪاليڪٽ جو رخ ڪرڻ جو خواهشمند ڇو هو. لڳي ٿو ته واسڪو ڊاگاما ۽ هن جي حاڪمن کي جيڪي پورچوگال ۾ هئا انهن کي هن بندرگاهه بابت گهڻي ڄاڻ هئي ۽ هنن سمجهيو ٿي ته سندن بزنيس ۽ ڪمائي هن بندرگاهه ذريعي ٿيندي. تڏهن ته واسڪو ڊاگاما ڪيپ وارو سمنڊ ٽپڻ شرط ڪاليڪٽ جي تسبيح پڙهڻ شروع ڪئي. انڊيا جو اولهه وارو ڪنارو جيڪو ”مالابار ڪوسٽ“ سڏجي ٿو اهو سنڌ جو ديبل، ٺٽو ۽ ڪڇ ۽ گجرات جا بندرگاهه: ڪنڊلا، مندرا، ماندوي، جاکائو، اوکا، پوربندر، سومناٿ وارو ويرا وال بندرگاهه ٽپڻ بعد گوا کان شروع ٿئي ٿو، ته ڏکڻ انڊيا جي هيٺين پڇ واري شهر ڪنهيا ڪماريءَ تائين هليو ٿو وڃي. سمجهو ته ممبئي به ان ۾ اچي وڃي ٿي، جيڪا مهاراشٽرا رياست ۾ آهي. ان بعد ڪارناٽڪا ۽ ڪيرالا رياستون آهن. ڪيرالا رياست جي سامونڊي ڪناري تي ٻه ته وڏا بندرگاهه آهن ڪوچين ۽ وزهين جام، ان کان علاوه 12 کن ننڍا ننڍا بندرگاهه به آهن جيئن ته منجيسوارا، ڪاسرا گود، ٿالا سري، ڪوڊ غلور (جتي پراڻي مسجد آهي)، مانا ڪورا ۽ ٻيا بندرگاهه، سو واسڪو ڪاليڪٽ جي سڌائي ڳولڻ بدران ائين ئي هليو وڃي ها ۽ مالابار جي ڪناري تي ڪنهن نه ڪنهن بندرگاهه ۾ پهچي وڃي ها. ڪي نوجوان جاگرافي ۽ تاريخ کان گهٽ واقف اهو به سوچيندا هجن ته واسڪو ڊاگاما ممبئي جهڙي وڏي بندرگاهه جو ڇو نه رخ رکيو جيڪو هن کي ڳولڻ ۾ ۽ پهچڻ ۾ سولائي ٿئي ها.
مٿيان سڀ سوال پنهنجي جاءِ تي، سڀ کان پهرين آخري سوال ممبئي (Bombay) وارو ته انهن ڏينهن ۾ ممبئي هو ئي ڪو نه. ان بندرگاهه جو نه وجود هو ۽ نه نالو. جتي اڄ وارو ممبئي آهي واسڪوڊاگا جي انڊيا پهچڻ وارن ڏينهن ۾ يعني 1498ع ۾ اتي ڌٻڻ ۽ گپ وارا ست کن ويران ٻيٽ هئا جنهن مان ڪن هڪ ٻن تي هيٺين هندو ذات جا مهاڻا رهيا ٿي. اهو ته هي پورچوگالي ئي هئا جن گوا ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن تي قبضي ڪرڻ سان گڏ هي گپ ۽ پوسل وارا ٻيٽ جن جي چوڌاري رڳو ڊڀ ڦٽيل هئا ۽ بيٺل پاڻيءَ ۾ ٻگهه پئي نظر آيا اهي به هنن پنهنجا ڪيا پر سئو سال گذرڻ بعد به انهن ٻيٽن کي جهڙو تهڙو بندرگاهه ته ڇا، صفائي به نه ڪرائي سگهيا. انڊيا ۾ ”انگريز“ پورچوگالين بعد، پورن سئو سالن بعد آيا. ان بعد پورچوگالي بادشاهه “جان چوٿين” جي ڌيءَ ڪئٿرين جي انگلينڊ جي بادشاهه “چارلس ٻئي” سان 1661ع ۾ شادي ٿي ته پورچوگالين هي ٻيٽ (جيڪي بعد ۾ ملائي بمبئي ٺهيو) انگلينڊ جي بادشاهه کي ڏاج ۾ ڏئي ڇڏيا. مزي جي ڳالهه ته انگريزن کي به سمجهه ۾ نه آيو ته هنن ٻيٽن کي ڇا ڪجي. بندرگاهه جي ته ڪنهن کي سوچ به نه آئي. اچي به ڇو جڏهن ڀر ۾ سورت جهڙو بندرگاهه هو جتان انگريزن جا جهاز خيرخوبيءَ سان پئي هليا. بعد ۾ هن بادشاهه چارلس ٻئي هي ٻيٽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حوالي ڪيا جنهن کي پڻ انهن جي استعمال جو ڪارج سمجهه ۾ نه پئي آيو پر بادشاهه کي خوش ڪرڻ لاءِ هر مهيني هن کي هنن ٻيٽن جي ڪجهه پائونڊ مسواڙ ڏيندا رهيا. گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن جهاز سازيءَ ۾ انقلاب آيو.... دنيا جا جهاز سائيز ۾ وڏا ٿيڻ لڳا ته وڏي بندرگاهه جي ضرورت محسوس ٿي ۽ پوءِ هُنن هِنن ڏاج وارن مڇرن ۽ ڌٻڻ سان ڀريل ٻيٽن ڏي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي بمبئي سڌرڻ لڳي ۽ بندرگاهه طور ڪتب اچڻ لڳي پر اهو سڀ ڪجهه 300 کن سال پوءِ ٿيو، جڏهن واسڪو ڊاگاما گوا جي مڇرن جا چڪ کائي مليريا کان 1524ع ۾ هتي انڊيا ۾ ئي مري ويو هو. هن کي هتي ئي دفن ڪيو ويو. بعد ۾ سندس لاش کي لسبن (پورچوگال) موڪليو ويو، جتي هاڻ سندس مقبرو آهي.

ملبار ڪناري تي اسلام کان به اڳ عرب واپاري آيا ٿي

سو جن ڏينهن ۾ واسڪو ڊاگاما ڪيپ وارو سمنڊ ڪراس ڪري انڊيا جو رستو ڳوليو، انهن ڏينهن ۾ ممبئي واري ڪناري، يعني مالابار ڪوسٽ تي “ڪاليڪٽ” ئي مشهور بندرگاهه هو جيڪو نه فقط انهن ڏينهن ۾ پر صدين کان واپار کان مشهور هو، جتي اسلام کان به اڳ عرب سوداگر مصالحي، ڪپڙي، سونن ڳهن، پتل ۽ ٽامي جي ٿانون جي تجارت لاءِ آيا ٿي. جتي ڪيترائي سياح به آيا ٿي ۽ يورپين کي ته هن پاسي انڊيا، ملايا، چين، جاوا، بالي جي خبر انهن سياحن جي ڳالهين ۽ سفرنامن مان پئي. جيئن ته مارڪو پولو ۽ ابنِ بطوطا جهڙن سياحن جي سفرنامن مان. مارڪو پولو هن پاسي 1295ع ڌاري آيو. پر ڏيڍ سال بعد سندس هم وطني ڊي ڪونٽي (سڄو نالو: Niccolo de Conti) کي 1445ع ڌاري نه فقط عرب، انڊيا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ رهڻ جو موقعو مليو، پر هو هن بندرگاهه ڪوزي ڪوڊي (Kozhikode) جنهن کي ستين صديءَ کان به اڳ ايندڙ عرب تاجر “قالي قوت” سڏيندا هئا ۽ پورچوگالين ۽ انگريزن کي به ڪوزي ڪوڊي کان وڌيڪ ڪاليڪٽ (Calicut) لفظ وڌيڪ آسان ٿي لڳو، ان ۾ نڪولو ڊي ڪونٽي، ابن بطوطا (1342ع کان 1347ع تائين)، چيني جهازران، سوداگر ۽ ليکڪ “ماهئان” 1403ع ۾، هتان ٿي ويو - جيڪو لکي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ يعني 1403ع ۾ هن بندرگاهه ڪاليڪٽ ۾ ايندڙ عرب، عماني، ايراني سوداگرن ۽ جهازين لاءِ ٽيهارو کن مسجدون هيون.
هتي اهو به لکندو هلان ته مٿين سياحن (جن جو ڪاليڪٽ ۾ رهڻ ٿيو) کان علاوه ڪجهه ٻيا هنن جا همعصر سياح پڻ هتي رهي ويا، جن جي سفرنامن ۽ ڊاڪومينٽس مان هن شهر جي ڄاڻ ٿي پوي. جيئن ته پرشن شهنشاهه شاهه رخ (جنهن جو تفصيلي ذڪر مون پنهنجي ايران واري سفر نامي “ايران ڏي اڏام” ۾ ڪيو آهي) ان جو سفير عبدالرزاق 1442ع کان 1443ع تائين هتي رهي ويو ۽ هو لکي ٿو ته ڪاليڪٽ هڪ بيحد امن امان وارو بندرگاهه آهي جتي ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاهن کان وڪري لاءِ قيمتي مال اچي ٿو. ويندي آفريڪا جي ڏورانهن بندرگاهن زنجبار (Zanzibar) ۽ اديس ابابا (Abyssinia) کان. اهڙي طرح روسي سياح نڪيٽين (Afanasy Nikitin) 1468ع ۾ هن بندرگاهه ڪاليڪٽ ۾ آيو، جنهن هن لاءِ لکيو آهي ته “هن بندرگاهه ۾ اوچيون بازاريون آهن”.
شاهراهه ريشم ذريعي جيڪي يورپي سياح انڊيا آيا ٿي انهن مان ڪيترائي ڪاليڪٽ به پهتا ٿي، جن جون لکڻيون يورپي ماڻهو پڙهي هن بندرگاهه ڪاليڪٽ کان واقف ٿيا. هڪ ٻيو اطالوي سياح لڊوويڪوڊي (Ludovicodi Varthema) 1503ع ڌاري ڪاليڪٽ ۾ رهي ويو. خود هڪڙو هنن جو پورچوگالي ليکڪ دوارتي (Duarte Barbosa) ڄم جو سال 1480ع، ڪاليڪٽ ۾ رهي ويو، جنهن جو انگريزي ترجمي وارو سفرنامو The Book of Duarte Barbosa مشهور آهي.
سو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته يورپي انڊيا جي هن شهر ڪاليڪٽ جنهن کي مقامي ماڻهو “ڪوزهي ڪوڊ” سڏين ٿا، چڱي طرح واقف هئا ۽ هي شهر دنيا ۾ City of spices (مصالحن جو شهر) سڏيو ويو ٿي. پورچوگالي ۽ ٻيا يورپي چريا به مصالحن لاءِ هئا، جو ڪي ڪي مصالحا ڪاريون مريون، الاچي، دار چيني، لونگ وغيره يورپ ۾ انهن ڏينهن ۾ سون جي اگهه برابر هئا. هي ۽ ٻيو سامان خاص ڪري هٿ جو ڪاٽن جو اوڄي وارو ڪپڙو، آفريڪا کان ايندڙ عاج، چين کان ريشم ۽ شيشي جو سامان هتي ايندڙ عرب، ترڪ، ايراني سوداگرن خريد ڪري، شاهراهه ريشم ذريعي روم اٽليءَ تائين موڪليو ٿي. پوءِ روم کان ٻين يورپي شهرن ڏي روانو ٿيو ٿي.
جن ڏينهن ۾ 1498ع ۾ واسڪو ڊاگاما ڪاليڪٽ پهتو ته انهن ڏينهن ۾ ڪاليڪٽ ۾ مسلمان انڊين، عرب، ايراني، عيسائي، شامي، يهودي ۽ ٻيون قومون رهيون ٿي. ڪاليڪٽ هڪ خودمختيار بادشاهت هئي جنهن تي سموٿري بادشاهه حڪومت ڪئي ٿي، جيڪو “زمورين” به سڏيو ويو ٿي. سموٿري بادشاهه جي خذمت لاءِ ۽ حفاظت لاءِ رکيل فوجي، هتي جي اتم ڪميونٽي نائر (Nairs) جا هئا. هڪ ڌارئين ناکئي (Navigator) جي اچڻ جو ٻڌي ڪاليڪٽ جي بادشاهه پنهنجن 3000 نائر سپاهين جو جلوس ڪڍي واسڪو ڊاگاما ۽ هن جي ماڻهن کي عزت بخشي جو هن جي سلطنت ۾ هڪ ڏورانهين ڏيهه کان ڌاريان آيا هئا، جتي هيستائين فقط ڀروارن ملڪن چين ۽ عربستان، ايران پاسي جا جهازي اچي رهيا هئا. پر واسڪو ڊاگاما ۽ هن جي ماڻهن جا افعال سموٿري بادشاهه ۽ هن جي ڪورٽ جي ماڻهن کي متاثر نه ڪري سگهيا. واسڪو ڊاگاما کان جڏهن پڇيو ويو ته هن کي هتي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي ته هن وراڻيو ته “اسان مصالحن ۽ عيسائين جي ڳولا ۾ هتي آيا آهيون”. اها ڳالهه ڪاليڪٽ جي سموٿري راجا کي بنهه نه وڻي. ويتر واسڪو ڊاگاما پنهنجي پورچوگالي بادشاهه طرفان ڪاليڪٽ (Kozhikode) جي راجا کي جيڪي تحفا پيش ڪيا، اهي انڊيا جي راجائن جي معيار کان بلڪل حقير هئا. انهن تحفن جو ذڪر توهان کي هر تاريخ ۾ ملندو ته اهي هئا: چار چوغا (Cloaks)، ڇهه ٽوپلا، چار سامونڊي ٻوٽن (Corals) جون شاخون، هڪ دٻو جنهن ۾ ست ٽامي پتل جون ٿالهيون هيون، کنڊ جي برني، ٻه تيل جا ننڍي سائيز جا ڊرم ۽ هڪ ماکيءَ جو ڊرم! هاڻ اهي شيون اهڙيون هيون جن کي انڊيا ۾ ڪنهن ٿي پڇيو. پر هي پورچوگالي آفريڪا جي اولهه واري ڪناري جي ڪنگلن بادشاهن کان واقفڪار هئا جن جو هنن يورپين جي اهڙين شين تي وات پاڻي ٿي ٿيو. اهو ئي حال ان سامان جو هو جيڪو واسڪو ڊاگاما پنهنجن ٽنهي جهازن ۾ رکي هتي انڊيا ۾ وڪڻي، پئسو ڪمائي، ان مان مصالحو، ڪاليڪٽ جو ڪاٽن جو ڪپڙو ۽ چين جو ريشم ۽ هتي جي مارڪيٽن ۾ وڪامجڻ وارو عرب ۽ ايران ملڪن جو سامان وٺي وڃڻ ٿي چاهيو. پر افسوس جو واسڪو ڊاگاما جو هي وڪري وارو سامان به اهڙو ردي قسم جو هو جيڪو اولهه آفريڪا جي ملڪن سينيگال، گئمبيا، لائيبيريا، گهانا، گئبن، ڪانگو، ائنگوليا ۽ نئميبيا جهڙن مسڪين ملڪن جي عوام ته هنن کان خريد ڪيو پئي پر هتي انڊيا جي ماڻهن ۽ عرب ۽ چين کان ايندڙ سوداگرن جو معيار بيحد مٿاهون هو، سو پورچوگالين جي سامان ۾ ڪنهن به دلچسپي نٿي ورتي.

انڊيا ۾ هر دڪاندار مصالحو سون ۽ چاندي جي بدلي ڏنو ٿي

ڪاليڪٽ جي حاڪم سموٿري (جيڪو سنسڪرت جي لفظ سمودري مان آهي) جا عملدار ۽ سرڪاري آفيسر سوچيندا رهيا ته هي ڪهڙا واپاري آهن، جن وٽ سون يا چانديءَ جهڙي ڪا شيءِ ناهي. شهر ۾ موجود مسلمان تاجرن (جيڪي عرب ملڪن کان سودي لاءِ آيل هئا) هنن پورچوگالين کي پنهنجو مخالف (rival) ٿي سمجهيو، تن ڪاليڪٽ جي واسطيدار عملدارن ۽ بادشاهه جي ماڻهن کي چيو ته هي واسڪو ڊاگاما پورچوگال جي بادشاهه طرفان سفير ته نٿو لڳي پر قذاق (سامونڊي ڦورو) ٿو لڳي.
ڪاليڪٽ جي سمودري بادشاهه پورچوگالين کي تجارت ڪرڻ جي ته اجازت ڏني پر هنن جي سامان جو وڪرو ٿي نه سگهيو. واسڪو ڊاگاما چاهيو ٿي ته هن جي وڪرو نه ٿيل سامان جي بدلي ۾ هن کي مصالحو ڏنو وڃي. پر سمودري بادشاهه صاف صاف چين ته هڪ ته توهان هتي جيڪو سامان آندو آهي اهو وڪرو ٿئي يا نه ٿئي، توهان کي ان جو محصول (ڪسٽم ڊيوٽي) ڏيڻي پوندي. ٻي ڳالهه ته مصالحو خريد ڪرڻ لاءِ توهان کي ان جي ادائيگي سون ۽ چانديءَ ۾ ڪرڻي پوندي. پورچوگالي سخت مايوس ٿيا ۽ اندر ۾ نه فقط هتي جي بادشاهه ۽ ان جي ماڻهن لاءِ باهيون رکيون ٿي پر هتي رهندڙ مسلمانن ۽ عرب ملڪن جي سوداگرن سان به چڙي پي جو هو وڏا خوشحال نظر آيا ٿي ۽ هو اعليٰ قسم جي وکر جي خريد و فروخت ڪري رهيا هئا ۽ هنن گورن لاءِ ڌڪار جو اظهار ڪري رهيا هئا.
ڪاليڪٽ جي بادشاهه، واسڪو ڊاگاما کي ڪاليڪٽ ۾ گدام ڏيڻ جي آفر ڪئي، جيئن هو ان ۾ وڪرو نه ٿيل سامان ڇڏي وڃن ۽ جنهن جي سنڀال لاءِ سمودري بادشاهه پنهنجا ڪجهه نائر سپاهي رکڻ جي موڪل ڏني پر واسڪو ڊاگاما پنهنجا ڪجهه ماڻهو هتي ڇڏي وڃڻ ٿي چاهيا جنهن جي سمودري راجا اجازت بلڪل نه ڏني.
انهي دوران واسڪو ڊاگاما هن ملڪ جي ماحول کي سونگهي ورتو ته هتي چَپي چَپي تي نه فقط نوابي سلطنتون آهن پر انهن جي حاڪمن جي پاڻ سان خوب لڳي پئي آهي. جيئن ممباسا جي مسلمان حاڪم واسڪو کي ترسڻ نه ڏنو ته هو يڪدم ڪجهه اڳيان ميلندي بندرگاهه ۾ هليو ويو، جتي جي حاڪم جو ممباسا واري سان ٺاهه نه هو. جيتوڻيڪ هن سمجهيو ٿي ته هي يورپي چڱا ماڻهو نه آهن پر ممباسا جي بادشاهه جي ساڙ ۾ پورچوگالين کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ ڪاليڪٽ انڊيا تائين وٺي وڃڻ لاءِ هن واسڪو ڊاگاما کي سونهون ڳولي ڏيڻ ۾ پڻ پنهنجو ڪم سمجهي مدد ڪئي.
اهڙي طرح واسڪو ڊاگاما کي خبر پئجي وئي ته هتي ملبار ڪناري تي ئي ڪاليڪٽ ڀرسان ڪنور (Cannanore) جي نواب سان سمودري راجا جي اڻ بڻت آهي. سو واسڪو ڊاگاما اندر ئي اندر وچ وارن ماڻهن سان ڪنور جي ڪولاٿري راجا سان سُل مُٽ ڪري واپسي جي سفر ۽ سودي جو طيءِ ڪيو ۽ آگسٽ 1498ع ۾ ئي ڪاليڪٽ مان لنگر کڻي، وٺي ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي ڀڳو. پاڻ سان سندن جهاز تي موجود ڪاليڪٽ جا مڪووار (مهاڻا) به اغوا ڪري ويو.
اهو ته آئون پهرين به ٻڌائي چڪو آهيان ته اها موسم انڊيا کان آفريڪا ڏي وڃڻ جي نه هئي. واسڪو ڊاگاما محسوس ڪيو ته ڪاليڪٽ ۽ اوسي پاسي جي علائقن ۽ ڌارين ملڪن کان آيل مسلمان سوداگرن کي ڄاڻ ٿي وئي آهي ته پورچوگالين جي نيت صاف ناهي، سو هاڻ هنن ڪاليڪٽ ۾ وڌيڪ ترسڻ خطري کان خالي نه سمجهيو. ايندي وقت واسڪو ڊاگاما کي جيترا ڏينهن لڳا واپس ميلندي (آفريڪا جي بندرگاهه) ۾ پهچڻ ۾ چئوڻا ڏينهن لڳا. وڏي سفر ۽ بک اڃ ڪري ڪيترائي ماڻهو مري ويا ۽ مٺي پاڻيءَ سان نه وهنجڻ ڪري باقي بچيلن کي به چمڙيءَ جي بيماري Scurvy ٿي پئي. هو 132 ڏينهن جي سفر بعد 7 جنوري 1499ع تي ميلندي پهتا، ان بعد هو آفريڪا جو اوڀر وارو ڪنارو مڪمل ڪري، ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان ڦيرو ڪري آفريڪا جي اولهه ڪناري وٽ پهتا ۽ ڪنارو ڪنارو ڏئي هو، 29 آگسٽ 1499ع تي پنهنجي ملڪ پورچوگال جي بندرگاهه لسبن ۾ پهتا.
واسڪو ڊاگاما جو مال ميڙڻ جي غرض سان هي سفر ڪامياب نه رهيو، جو پورچوگال وارن سمجهيو ته ڪاليڪٽ جو راجا هنن کان ڊڄي نه فقط مال سان جهاز ڀري ڏيندو پر ساليانو ڏن به مقرر ڪندو. بهرحال پورچوگال جي بادشاهه واسڪو ڊاگاما کي هيرو وارو آڌر ڀاءَ ڏنو ۽ وڏا انعام ڏنا. هن اڳتي جي سفر ۾ وڌيڪ بارود ۽ طاقت جو مظاهرو ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي زمين تي قبضو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
واسڪو جي هن سفر بعد پورچوگال کان ٻه دفعا ٻيڙا انڊيا ڏي اچڻ شروع ٿيا. ان بعد چوٿين ٻيڙي ۾ واسڪو ڊاگام ٻيو دفعو وري انڊيا آيو.

پورچوگالين جي انڊيا اچڻ وقت مغل حاڪم ڪٿي هئا؟

اتي ٿورو اسٽاپ ڏيڻ چاهيان ٿو، جيئن هڪ اڌ ٻي ڳالهه لکي وٺان. ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪرڻ وقت اسان جي هر جهاز تي اڪثر واسڪو ڊاگاما جو به ذڪر نڪرندو رهي ٿو. اهو ئي ته اڄ جي ماڊرن جهازن ۾ ئي اسانجو تيل ٿو نڪري ۽ جڏهن اسان جا هيڏا وڏا لوهي جهاز 30000 ٽن ڊيڊ ويٽ (DWT) جا، ڊيگهه ۾ 500 کن فوٽ ويڪر ۾ اسي نوي فوٽن جا پنج ڇهه ماڙ - جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چوڏهن پنڌرهن هزار بريڪ هارس پاور جي طاقتور انجڻ ٿئي ٿي، اهي ڪيپ آف گڊ هوپ يا مئڊاگاسڪر چئنل جهڙن سدائين اتاهين ڇولين وارن خوفناڪ سمنڊن ۾ ڇوڏي وانگر لڳن ٿا ۽ ڇول جي پيٽ (Crest) تي چڙهڻ مهل چيچاٽن جي آوازن مان ائين لڳي ٿو ڄڻ ته وچ مان ٻه اڌ ٿيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن واقعي ٿيو پون. اتي ڪولمبس، بارتو لوميو دياس، پيڊروڪا برال ۽ واسڪو ڊاگاما جهڙن سان ڪاٺ جي هنن سڙهه وارن ننڍن جهازن کي سمنڊ اڪارڻ مهل ڇا حالت ٿيندي هوندي. منهنجي هر جهاز جا نوجون جونئر آفيسر اڪثر اهو سوال ڪندا آهن ته ڪاليڪٽ، ڪوچين يا ڪنور جا راجا ته ٿيا ننڍين سلطنتن جا حاڪم جن کان پورچوگالي (يورپي غنڊا) ڏاڍا ٿي ويا ٿي، مغل بادشاهه: اورنگزيب، جهانگير، شاهجهان يا جو به ان وقت جو حاڪم هو، ان پنهنجي وڏي لشڪر سان ڏورانهن ملڪن کان آيل ڌارين کي ڀڄائي ڇو نٿي ڪڍيو؟
پهرين ڳالهه ته جنهن جي طاقت هئي ان حڪومت ڪئي ٿي. عربن کي طاقت، ٻڌي، عقل هو ته هنن اسپين، پورچوگال ۽ فرانس تائين وڃي قبضو ڪيو. اهڙي طرح ترڪن ويجهو توڙي ڏورانهن ملڪن تي حملا ڪري فتح يابي حاصل ڪئي ۽ هاڻ اهڙو دور هو جو يورپي سياڻا ٿي ويا هئا ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سائنس ۾ وڌي ويا هئا. هنن نه فقط بهتر جهاز ٺاهي خطرناڪ سمنڊ ڪراس ڪري سامونڊي رستا ڄاڻي سڃاڻي ورتا، پر هنن ايجاد ڪيل طاقتور بندوقن ۽ بارودن ذريعي مختلف ملڪن ۾ خوف ۽ هراس برپا ڪري انهن ڌرتين تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان جو شڪار مغل بادشاهه به ٿي ويا جڏهن انگريز ننڍي کنڊ ۾ آيا. پر اها پوءِ جي ڳالهه آهي. گهٽ ۾ گهٽ ٻه صديون پوءِ جي، جن ڏينهن ۾ يعني 1498ع، واسڪو ڊاگاما انڊيا پهتو، انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هو اڪبر، همايون، عالمگير، شاهجهان يا اورنگزيب، وغيره؟ انهن جو وڏو ظهيرالدين بابر جنهن مغل سلطنت جو انڊيا ۾ بنياد رکيو اهو پنڌرهن سالن جو هو. هو اڄ واري ازبڪستان جي فرغانا ماٿري واري شهر انديجان (Andijan) شهر ۾ فرغانا جي گورنر مرزا عمر شيخ جي گهر ۾ 1483ع ۾ ڄائو. فرغانا ماٿري وارو علائقو هڪ ئي هو پر هاڻ جيئن پنجاب جو ڪجهه حصو انڊيا ۾ ٿو اچي ته ڪجهه پاڪستان ۾، تيئن فرغانا ماٿري اڄڪلهه وچ ايشيا جي ٽن ملڪن: ازبڪستان، ڪرغيزستان ۽ اتر تاجڪستان ۾ اچي ٿي، جتان نارين ۽ ڪارا درياهه وهن ٿا.
انڊيا ۾ مغل سلطنت جو پايو رکڻ کان اڳ هو ڪجهه سال فرغانا ۽ ڪابل جو به حاڪم ٿي رهيو. ان بعد هن انڊيا تي ڪاهه ڪئي جتي دهلي آگري پاسي ابراهيم لوڌيءَ جو راڄ هو ۽ راجپوتانا ۾ ميواڙ جي راڻا سنگهه جي بادشاهت هئي. ابراهيم لوڌيءَ سان پاڻيپٽ شهر ۾ بابر جو 1526ع ۾ مقابلو ٿيو. جنهن ۾ ابراهيم لوڌي مارجي ويو. پاڻيپٽ شهر شير شاهه سوريءَ واري گرانڊ ٽرنڪ روڊ (G. T.Road) تي آهي، جنهن جو تفصيلي ذڪر انڊيا واري پهرئين سفرنامي “دهليءَ جو درشن” ۾ ڪيو اٿم. اسان جي ملڪ جا ٽوئرسٽ جيڪي لاهور مان بس ذريعي دهلي وڃن ٿا، انهن جو پاڻيپٽ شهر مان لنگهه ٿئي ٿو. هي شهر اسانجي صدر ضياءُالحق جي جنم ڀومي “چنديڳڙهه” اچڻ کان 170 ڪلوميٽر پوءِ اچي ٿو. پاڻيپٽ پهچڻ بعد دهلي شهر ڪو 90 ڪلوميٽر مس آهي.
بهرحال بابر 1526ع ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺو، ايستائين پهرين پورچوگالي، واسڪو ڊاگاما جهڙن کي انڊيا ۾ قدم رکي 27 کن سال ٿي ويا هئا ۽ هنن ڪاليڪٽ، ڪنور، ڪوچين ويندي گوا تائين پنهنجا پير چڱي طرح ڄمائي ورتا هئا. پورچوگالي جي چاهين ها ته هنن لاءِ بابر ۽ همايون جهڙي چرسيءَ سان مقابلو ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو، جو پورچوگالين وٽ ان دور جي حساب سان اعليٰ قسم جا هٿيار هئا، بارود هو، Cannons (توپون) هيون جن جي ٺڪائن ۽ تباهيءَ سان شينهن مڙس به ڊڄي ٿي ويا ۽ هٿ ٻڌي آڻ ٿي مڃيائون. نه ته دادو ۽ خيرپور ضلعي جيڏي هڪ ڏورانهين ملڪ پورچوگال جي رهاڪن جي ڪهڙي مجال جو پنهنجي گهر کان هزارين ميل ڏور ککر ۾ اچي کڙو هڻن؟ ملبار ڪناري جا هي حاڪم جن وٽ سون ۽ چاندي ته جام هو، پر جي هٿيار هجن ها ته ڇا 1498ع ۾ پورچوگالي سندن ڌرتي تي قبضو ڪري سگهن ها؟ اسان جي سڄي ننڍي کنڊ جي اها ڪهاڻي آهي. سنڌ جي در وٽ ڪڇ، گجرات، راجستان، مهاراشتر ۾ سالن کان انگريز ڄمايو ويٺا هئا، سندن ٺڳين، بدمعاشين ۽ اٽڪل بازين جون ڪهاڻيون ۽ قصا اسان ٻڌندا رهياسين. اسان جا حاڪم جي همٿ ڪري هڪ بهترين فوج ۽ هٿيار گڏ ڪري وٺن ها ته 1843ع ۾ ڇا انگريز ايڏو آسانيءَ سان سنڌ تي قبضو ڪري سگهن ها؟ اهو ئي حال اڄ به آهي. اڄ جو هٿيار بم بندوقون ۽ نيوڪليئر پاور ناهي. اڄ جو هٿيار تعليم صحت ۽ معاشيات آهي. اسان جا حاڪم عوام کي انهن شين کان خالي رکي رڳو پنهنجي لاءِ وڏيون ڪارون، سونن ڪموڊن وارا گهر ۽ ڊالر پائونڊن جون ٿڦيون قبضي ۾ ڪري گد گد پيا ٿين. زمين هنن جي پيرن هيٺان پئي نڪري.... عوام جي ته هنن تباهي آڻي ڇڏي آهي پر هنن جا اهي خواب ته سندن ڦٻايل مال مان سندن ست پيڙهيون بنا محنت جي ويهي عيش ڪنديون، اهي خواب به چڪناچور ٿي رهيا آهن. هلاڪو خان جهڙو ڪو نه ڪو انسان يا ادارو سندن جمع ڪيل سڀ ڪجهه کڻي عباسي خاندان جي آخري خليفي المستعصم بالله جهڙي حالت ڪري هليو ويندو . جنهن سون چاندي خزاني جا اسٽور ته وڃائي ڇڏيا، پر بغداد کي به باهه ڏياري ڇڏي!

عربن جو شهر سُوٽا (Ceuta) اسپين ۾ آهي

ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ يا نڪرن وقت هڪ طرف آئيبيريا- يعني اسپين، اندلس، پورچوگال آهي ته ٻئي پاسي سُوٽا، موراڪو. موراڪو يعني مراڪش جو ملڪ - خاص ڪري ان جو ابنِ بطوطا وارو شهرطنج (Tangier) ٻئي پاسي اسپين جي سر زمين سان ايترو ويجهو آهي جو مٿان خلا مان- يعني پري کان نڪتل تصويرن ۾ ته ائين ئي لڳي ٿو ته موراڪو ۽ اسپين مليا پيا آهن ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ هڪ حوض مثل آهي جنهن مان نڪرڻ جي ڪا واهه ناهي. پر جبرالٽر وٽ سوڙهو ڳچي سمنڊ آهي، جنهن مان جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچن وڃن ٿا. سوڙهو رستو ۽ جهازن جي گهڻي ٽرئفڪ هجڻ ڪري هتان پار پوڻ جهاز هلائڻ وارن لاءِ ڪڙي آزمائش هوندي آهي، جيئن چوندا آهيون ته ڪراچي جي ٽرئفڪ توبهه زاري آهي پر جيڪو لياري، بغدادي، چاڪيواڙي ۾ بنا رهنڊ لڳرائڻ جي ڪار هلايو ٿو وڃي اهو قابل ڊرائيور آهي.
جبرالٽر جي هن ڳچي سمنڊ مان اڪرڻ کان اڳ ئي اسان ڪوشش ڪري جهاز جي رفتار به گهٽائي ڇڏيندا آهيون. هتان لنگهڻ وقت باوجود ڪوشش جي، باوجود پنهنجو ڌيان هٽائڻ جي مون کي مسلمانن جو، بلڪه عربن جو شان به ياد ايندو آهي ته هنن جو زوال به! هڪ طرف بصري، بغداد، دمشق، قاهري جهڙا عربي نالن وارا عرب دنيا ۾ شهر هئا ته ٻئي طرف غرناطا (Granada)، قرطبا (Cordoba)، اشبيليته (Seville)، قادس (Cadiz)، اندلس (Andalusia) جهڙا عربي هڳاءَ وارا يورپي شهر هئا، جيڪي مسلمانن اڏرايا ۽ انهن جي دور حڪومت ۾ دنيا جا بلي بلي شهر مڃيا ويا.
اهو به ڪو وقت هو جڏهن اميه خليفي الوليد اول جي ڏينهن ۾ 711ع ۾ طارق بن زياد جيڪو ان وقت طنج (Tangier) جو گورنر هو، 1700 کن ماڻهو ساڻ کڻي ٻيڙين رستي هي سمنڊ جو ٽڪرو ٽپي اسپين پاسي پهچي ويو ۽ هتي جي بادشاهه رودرق ۽ هن جي سپاهين کي شڪست ڏئي سڄي اپٻيٽ (Peninsula) جنهن ۾ اسپين ۽ پورچو گال به اچي ٿو وڃي، ان تي قبضو ڪري ورتو. مسلمانن يورپ جي هن علائقي تي ست صديون حڪومت ڪئي. اڄ ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا مسلمان هنن ملڪن ۾ نوڪري ۽ پورهئي لاءِ واجهائي رهيا آهن! ڪو دور هو جو هو هنن پَٽن جا حاڪم ٿي رهيا. سال ٻه به نه ست صديون! سندن شهرن تي رکيل عربي نالا اڄ به ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان ساڳيا آهن. ويندي قشتاله (Castile)، جنهن جي راڻي اسابيلا جيڪا 1451ع ۾ اسپين جي شهر “مادر ايغال دي لاس التاس ترس” ۾ ڄائي ۽ 1504ع ۾ “مدينا ڊيل ڪامبو” (Madina del Compo) ۾ وفات ڪئي. اهو به ڪو ڏينهن اچڻو هو جڏهن مسلمانن جي آخري بادشاهه ”محمد ٻارهين“ غرناطا شهر جون چاٻيون هن راڻيءَ حوالي ڪري هي شهر غرناطا، جتي هن آخري سال حڪومت ڪئي روئندڙ اکين سان ڇڏيو. جنهن لاءِ هن جي ماءُ تاج قشتاله جي مٿين راڻيءَ اسابيلا کي عرض ڪري چڪي هئي ته منهنجو پٽ غرناطا ڇڏي ويندو کيس ذليل نه ڪجانءِ. سڀني کي اهو ئي دل ۾ هو ته اسپين جي راڻي بدلي وٺڻ لاءِ هن کي عوام اڳيان قتل ڪندي، اگهاڙو ڪري ٽارچر ڪندي يا ڪجهه ٻيو. پر هن کي ڇڏيو ويو ته ڏيهه ڇڏي وڃي ۽ مسلمانن جو آخري بادشاهه محمد ٻارهون پنهنجي مختصر ڪٽنب سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ اسپين کان موراڪو وڃي رهيو هو (جتان ست صديون اڳ طارق بن زياد اسپين اچي هي علائقا فتح ڪيا هئا) ته هن کي روئڻ اچي ويو. سندس ماءُ جوان پٽ کي روئندو ڏسي ڇڙٻ ڏني ته جڏهن تون مرد ماڻهو ٿي ڪري همٿ سان حڪومت هلائي نه سگهئين ته اڄ رنن وانگر ڇو روئي رهيو آهين؟
مسلمانن جو هنن يورپي ملڪن ۾ اوجن جو سوچي ڏک ته اسان کي به ٿيندو آهي، پر ڇاهي جو ذاتي عياشي ۾ وڃڻ ۽ عوام سان واسطو ٽوڙڻ تي حاڪمن جو اهوئي حال ٿئي ٿو. اسپين ۾ اسان کي ڪيترائي جهاز وٺي وڃڻ جو موقعو مليو. اتي جي مختلف شهرن ۾ رهڻ ۽ بسين ڪارن ۾ سفر ڪرڻ جو تمام گهڻو موقعو مليو ان ڪري ۽ شايد اتي رهڻ ۽ اتي جي تاريخ پڙهڻ ڪري اڄ وڌيڪ تڪليف ۽ ڏک رسي ٿو. اسپين جو ڪنارو ڏئي هلڻ مهل اسپين جا نه فقط وڏا شهر پر ننڍا ننڍا عربي نالن وارا ڳوٺ ۽ اتي جون مسلمان مشهور شخصيتون ياد اچيو ٿيون وڃن.
اندلس جو ناميارو شهر “اشبيليه” جنهن کي ڪجهه ڦيرڦار سان انگريز ۽ اڄ جا اسپيني ماڻهو Seville ٿا سڏين، جنهن جي اهم مسلمانن سان عرب توڙي اسپين جي تاريخ ڀري پئي آهي. ويندي مشهور تاريخدان ابن خلدون جي فئملي هن شهر ۾ رهي. تيرهين صديءَ جو اندلس جو عظيم شاعر ابن سهل الاشبيلي هتي جو هو. هو 1212ع ۾ هڪ يهوديءَ جي گهر ۾ ڄائو بعد ۾ مسلمان ٿيو. هي جيڪو سمنڊ جي ٻئي پاسي موراڪو جي پوڇڙ وٽ سُوٽا (Ceuta) نالي بندرگاهه نظر اچي رهيو آهي، اميه سلطنت جي دور ۾ ابن سهل الاشبيلي 1248ع ۾ سوٽا جي گورنر ابو علي بن خلاص جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ٽن سالن بعد 1251ع ۾ 39 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. پنهنجن سفرنامن ۾ اندلس جي سامهون آفريڪا پاسي واري هن شهر Ceuta بابت ڪافي لکي چڪو آهيان. سوٽا کي عرب توڙي اندلسي اصل عربي نالي “سبته” سان سڏين ٿا. سُوٽا جيتوڻيڪ آفريڪي کنڊ جو شهر آهي پر يورپي ملڪ اسپين جي قبضي ۾ آهي. اسان جو جهاز جڏهن ميڊيٽرينين سمنڊ مان نڪري ائٽلانٽڪ ۾ داخل ٿيندو آهي ته ساڄي پاسي اسپين جا بندرگاهه Cadis، اندلس هوندو آهي، ته کاٻي پاسي سُوٽا (سبته) هوندو آهي. سوٽا ڊيوٽي فري بندرگاهه هجڻ ڪري اسان اڳتي جي سفر لاءِ راشن ۽ تيل پاڻي اڪثر سُوٽا مان خريد ڪندا آهيون ۽ پراڻيون عرب مسلمانن جون يادگار عمارتون ڏسي حيرت جو اظهار ڪندا آهيون. عرب دنيا جو مشهور امام قاضي عياض 1083ع ۾ سُوٽا ۾ ڄائو، اسلامي دنيا جو جاگرافر ”الادريسي“ هتي ئي سُوٽا ۾ دفن آهن. هو 1100ع ۾ سُوٽا ۾ ڄائو ۽ 1165ع ۾ هتي ئي وفات ڪيائين. موراڪو جو مشهور درويش ”ابوالعباس السبتي“ 1129ع ۾ هتي ڄائو ان ڪري السبتي (Ceuta) ٿو سڏجي. عرب دنيا جو مشهور جج، ليکڪ ۽ حديثن جو ڄاڻو محمد ابن رشيد 1259ع ۾ سوٽا ۾ ڄائو ۽ ٻيا ڪيترائي جن بابت 1970ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾، سُوٽا ۾ جهاز لنگرانداز ٿيندو هو ته موراڪو جو هڪ عرب گائيڊ اسان کي هي بندرگاهه گهمائڻ وقت ٻڌائيندو هو. بلڪه پنو پين به ڏيندو هو ته خاص عمارتن ۽ ماڻهن جا نالا لکندا هلو. پر افسوس جو ان وقت اسان کي هوش نه هوندو هو بلڪه اهڙي تاريخي ٽرپ کي سزا سمجهندا هئاسين. اسان جي مقامي آفيس طرفان هجڻ ڪري مجبورن بس ۾ چڙهي گائيڊ طرفان ڏيکاريل شهر جون اهم شيون ڏسندا هئاسين نه ته پنهنجي خرچ تي ڪڏهن به گائيڊ Hire نه ڪيوسين. ان جو اڄ افسوس اٿم ۽ اڄ جي ٽوئرسٽ ۽ انهن شاگردن ۽ نوڪري ڪندڙن کي جيڪي ولايت ۾ رهن ٿا، صلاح ڏيندس ته گائيڊ جي في ادا ڪري هن سان گڏ شهر گهمجي، ان ۾ شهر بابت وڏي ڄاڻ ملي ٿي ۽ ان سان گڏ پاڻ به تاريخ ۽ ان شهر ۽ ملڪ جي جاگرافي پڙهجي ڇو جوبنا معلومات جي ولايت گهمڻ ۾ اهو مزو نه آهي.

اسپين جا عربي نالن وارا شهر ۽ مشهور عرب

بهرحال مسلمانن جي سلطنتي دور جي يورپي ملڪن، انهن جي ڀر وارن سمنڊن، خشڪي جي روڊ رستن، بسن ٽرينن ۾ بار بار سفر ڪرڻ ۽ اتي جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي اندلس ۽ الحمرا، غرناطا ۽ قرطبه جي عرب دور جون ڳالهيون ۽ ماڻهو دماغ ۾ اچيو ٿا وڃن - خاص ڪري اسپين ۽ پورچوگال جهڙن يورپي ملڪن ۾ عربي نالا ٻڌي..... جيئن اسپين جو Beja شهر جيڪو دراصل عربي لفظ “باجه” آهي، جتي جا ڪيترائي عرب، بربر، مقامي مسلمان مشهور آهن. انهن مان هڪ ابوالوليد الباجي، جنهن جي سڃاڻپ هن شهر جي نالي ڪري “الباجي” آهي. اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ غلام نبي مورائي يا محمد عثمان ڏيپلائي.
اسپين جو شهر Albeerca جيڪو دراصل “البرکه” آهي معنيٰ “حوض”، ويندي اسپين جو ٻيو نمبر وڏو شهر بارسلونا (Barcelona) جنهن بندرگاهه ۾ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي جهاز وڃن ٿا دراصل عربي نالي برشلونه جو کار آهي. اهڙي طرح Burgos شهر “برغش” آهي ۽ Baza “بسطه” آهي، جتي جو مسلمان شاعر ابوالحسن علي بن محمد بن شفيع البسطي عرب دنيا ۾ مشهور آهي. هن ڏيپلائي ۽ مورائي وانگر پنهنجي سڃاڻپ “البسطي” اسپين جي هن شهر “بسطه” سان قائم رکي. اهڙي طرح اسپين جو شهر Badajoz “بطليوس” آهي جنهن جو بنياد عبدالرحمان بن مروان الحليقيءَ رکيو. اسپين جو شهر Alpujarras “البشرات” ۽ Valladolid “بلد وليد” آهي جيئن گجرات (انڊيا) جي شهر ”ودودرا“ کي انگريز ”بڙودا“ سڏين ٿا.
اسپين جي عرب شهر Baeza جيڪو دراصل “بياسه” آهي، جا ڪيترائي عرب مسلمان مشهور آهن ۽ ڪيترا ته پاڻ کي “سيف ٻنوي” ۽ “راز ناٿن شاهيءَ” وانگر بياسي ٿا سڏرائين. جيئن ته مشهور حسابدان ۽ ڪورٽ فزيشن ”ابو ذڪريا بن اسماعيل البياسيءَ“ جو واسطو هن شهر سان هو ۽ هڪ ٻئي مشهور اديب ۽ تاريخدان عرب ”ابوالحجاج يوسف بن محمد البياسي“ پڻ هن شهر Baeza (بياسه) ۾ رهيو ٿي. مشهور جج، شاعر، اديب ۽ فقهه جو ڄاڻو “آخيل بن ادريس الرندي”۽ هڪ ٻئي عرب شاعر “ابوالبقاءَ الرندي” جو واسطو اسپين جي شهر Rond سان هو جيڪو دراصل عربي نالي “رندته” جو کار آهي.
اهڙي طرح اسپين جو هڪ عربن جي دور جو ٺهرايل شهر “سرقسطه” آهي، جنهن کي هاڻ اسپيني ٻوليءَ ۾ Zaragoza اچاريو وڃي ٿو. جيڪو ”الطاهر محمد بن يوسف التميمي السرقسطي“ جو شهر آهي ۽ Silves شهر جيڪو اصل ۾ عربي لفظ “شلب” مان تبديل ٿيو آهي ٻن وڏن شاعرن جو ڳوٺ آهي. هڪ مريم الشلبيه ۽ ٻيو المنخل الشلبي. اهڙي طرح اسپين جي مشهور عربي شاعر ۽ ليکڪ ابن بسام الشنتريني ۽ ابن ساره الشنتريني جو شهر شنتريم آهي جيڪو اسپيني ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ Santarem لکيو وڃي ٿو.
مٿي اسپين جي شهر اشبيليه (Seville) جو ذڪر ڪندي اندلس (اسپين) جي هڪ مشهور عرب فزيشن، سرجن ۽ شاعر “ابن زهر” جو نالو ذهن تان لهي ويو جيڪو 1094ع ۾ هن شهر اشبيليه ۾ ڄائو ۽ 1162ع ۾ وفات ڪيائين. هو لئٽن ٻوليءَ جي نالي Avenzoar سان مشهور آهي. هي ائين آهي جيئن پرشيا (ايران) جو مسلمان فزيشن، ماهر فلڪ (Astronomer)، ليکڪ ۽ مفڪر ابن سينا (ابو علي سينا) مغرب جي دنيا ۾ Avicenna سڏجي ٿو. پاڻ 980ع ۾ بخارا (اڄ واري ازبڪستان) ۾ ڄائو ۽ 1037ع ۾ ايران جي شهر همدان ۾ وفات ڪيائين. بهرحال اسپين جي مشهور عرب سرجن ۽ شاعر جيڪو ابن سينا کان هڪ صدي پوءِ ڄائو، پڻ قابل ڊاڪٽر هو. خاص ڪري سرجريءَ ۾ جنهن ۾ هن انساني جسم جي وڍ ڪٽ جا ڪئين بهتر (Improved) طريقا ايجاد ڪيا. هن جو ان وقت جو عربيءَ ۾ لکيل ڪتاب “التاثير فِل لمداوات ولتدبير” جيڪو انهن ئي ڏينهن ۾ لئٽن ۽ هيبريو ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ سندس انگريزي ترجمو: Book of Simplification Concerning Therapeutics of Diet اڄ تائين هلندو اچي. ابن زهر جو سڄو نالو “ابو مروان عبدالمالڪ ابن زهر” آهي. توهان جي ڊاڪٽر آهيو ۽ ڪنهن عرب ملڪ يا فرانس، جرمني، انگلينڊ، اسپين جهڙي ملڪ ۾ نوڪري ڪريو ٿا ته توهان ڪنهن به ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ ۾ ابن زهر (Avenzoar) جو مٿيون ڪتاب ڏسي سگهو ٿا، يا ان جا ڪجهه چئپٽر Net تان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا. جنهن ويب سائيٽ تي مون ڏٺو هو اها سعودي عرب وارن جي هئي.

اسپين ۽ پورچوگال ست صديون عربن حوالي هو!

اسپين (اندلس) ۾ رهندڙ عربن ۽ انهن جي ٻڌرايل شهرن جو ٻڌي هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ اسان کي ته خوشي ۽ فخر ٿئي ٿو، پر سوچيو ته مقامي اسپيني يا پورچوگالي عيسائين کي ڇا باهيون لڳنديون هونديون ته هڪ جاهل قوم جا بدو هيڏو پري کان اچي سندن ملڪ تي قبضو ڪري ويا ۽ اهو به سال اڌ لاءِ نه پر سَتَ صديون، مقامي ماڻهن تي حڪومت ڪيائون. فردوسي عربن جي ايران فتح ڪرڻ واري خواب بابت شاهنامي ۾ پرشين حاڪم جي ترجماني ٿو ڪري ته اهو حاڪم عربن تي ٺٺولي ٿو ڪري ته “هي بدو عرب، ڳوهه جو گوشت کائڻ وارا! پرشيا جو تخت حاصل ڪندا!” پر يارو پوءِ دنيا ڏٺو ته ڄٽ، جاهل به جڏهن آرگنائيز ٿين ٿا ته دنيا فتح ڪريو وٺن. هيڏو پري کان آيل ڦورو ۽ بکايل انگريز سڄي ننڍي کنڊ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ويا. فقط ڊسيپلين، ٻڌي ۽ عقل کان ڪم وٺي. انگريز تعداد ۾ ته ڪي گهڻا نه هئا. 1857ع ۾ هنگامن (بلوي) جي ڏينهن ۾ انڊيا ۾ گهڻي ۾ گهڻا انگريز هئا. سو به فقط سورهن سئو!
۽ يارو دنيا جون سلطنتون ڏسو، جڏهن به حاڪم سست ٿيا، عياش ٿيا ۽ رعيت جو خيال ڪرڻ ڇڏي ڏنائون ته ان ئي رعيت کانئن به پاسو ڪري ڇڏيو ۽ وڏيون وڏيون سلطنتون تر پٽ ٿي ويون.
آئيبيريا اپٻيٽ (يعني اسپين ۽ پورچوگال) واري پاسي جي ماڻهن لاءِ سوچيان ٿو ته قدرت هنن کي واهه جا عيش ڪرائي ڇڏيا. ست صديون حڪومت ڪرڻ وارا عرب عياشيءَ ۾ اچڻ بعد تباهه ٿي ويا. جنهن شان شوڪت سان هنن اسپين تي قبضو ڪيو، ان جي مقابلي ۾ ڪو ڇا به چوي، سچ اهو آهي ته هو ذليل ٿي اسپين مان نڪتا ۽ اسپين ۽ پورچوگال وارا طاقتور ۽ امير ٿي اڀريا.
حيرت جي ڳالهه آهي ته 1500ع کان ڏهه پنڌرهن سال اڳ ۽ ڏهه پنڌرهن سالن بعد واري عرصي ۾ اسپين ۽ پورچوگال کاهيءَ مان ڄڻ مٿي اچي ويو. يورپ جا هي قابض ۽ غريب ملڪ طاقتور ۽ ڌن دولت جا مالڪ ٿي ويا. اڄ جي نوجوان کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته عربن جي يورپ تي حڪومت وارن ڏينهن ۾ توڙي بعد ۾ به، ڪافي عرصو اسپين ۽ پورچوگال هڪ ئي اپٻيٽ (Peninsula) جو حصو هئا ۽ هي اُپٻيٽ آئيبيريا سڏيو ويو ٿي. ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان مٽي مائٽي هئي ۽ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ملڪن وانگر پورچوگال ۽ اسپين جي ماڻهن جي ٻولين ۾ ڪو اوڻهينءَ ويهينءَ جو فرق آهي. عربن جي مٿن حڪومت هجڻ ڪري هو دٻيل رهيا ٿي. ذرا سوچيو ته انگريزن ننڍي کنڊ تي ڪي ٻه صديون کن حڪومت ڪئي ته اسان جو ڇا حال هو. آئيبيريا ۾ ته عربن سٺ صديون حڪومت ڪئي. عربيءَ جا ڪيئي لفظ سندن ٻوليءَ ۾ جذب ٿي ويا آهن. سندن شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا عربي، آهن ۽ اڄ به ٿوري ڦيرڦار سان انهن نالن سان سڏيا وڃن ٿا. 711ع ۾ طارق بن زياد سمنڊ ٽپي جبرالٽر (جبل الطارق) وٽ پهچي ڏکڻ اولهه يورپ جي هن اپٻيٽ تي قبضو ڪيو ته آخري عرب مسلمان بادشاهه/ ”امير محمد ٻارهين“ 1492ع ۾ غرناطا (جيڪو هاڻ (Granada) ٿو سڏجي، مان ٽپڙ کنيا. اسلامي دنيا کي ضرور ڏک رسيو، پر مقامي ماڻهن، پورچوگالي ۽ اندلسي (Spanish) ڇا ته خوشيون ملهايون ۽ مسلمانن مان باهيون ڪڍيون. ايتريقدر جو سندن گورا اسپيني ۽ پورچوگالي جيڪي پنهنجن ڏاڏن پڙ ڏاڏن کان مسلمان ٿي چڪا هئا انهن کي به ماريو ڪٽيو ويو يا ڏيهه نيڪالي ڏني وئي. هنن نٿي چاهيو ته سندن ملڪ ۾ ڪو مسلمان هجي. خاص ڪري عرب نسل جو جيڪو وري سندن ملڪن تي قبضو ڪري.
مون سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪندڙ، دنيا جي هن حصي مان لنگهڻ وقت جهاز جي ڊائيننگ سئلون (ميس) ۾ ماني کائيندي وقت يا جهاز جي ڊيڪ تي ڪچهري ڪندي ڪئڊيز ۽ سُوٽا جي لائيٽ هائوسن جي چمڪاٽ ڏيندي روشني ڏسي، يا ڏينهن جي وقت اندلس ۽ جبرالٽر جون ٽڪريون ۽ عمارتون ڏسي هن ملڪ تي عربن جي راڄ جون اڪثر ڳالهيون ڪندا آهن ۽ پوءِ جتي انهن جي دورِ حڪومت جي شان جي ڳالهه ڪندي گد گد محسوس ڪندا آهن اتي عربن جو اسپين مان خوار ٿي نڪرڻ جو ڏک به ڪندا آهن ته قدرت مسلمانن سان هيءَ حالت ڇو ڪئي؟ ان سوال جو جواب ته ڪو مفتي مولوي يا عالم ڏئي سگهي ٿو پر منهنجي ٿوري علم موجب آئون اهو ئي سمجهان ٿو ته قدرت نه پر اسان پاڻ پنهنجي حالت ٺاهيون ۽ ڦٽايون ٿا. جيستائين ۽ جتي به - چاهي سلطنت عثمانيه هجي، مغل سلطنت هجي يا عربن جي اميه، عباسيه يا ٻي سلطنت، جيستائين حاڪمن کي رعيت جو اونو رهيو، هنن غريبن جو خيال رکيو، Good Governance قائم رکي، هو شان سان رهيا. پر پوءِ جڏهن قدرت طرفان مليل هن trust يعني مال ملڪيت، شان، حڪومت ۾ گهوٻيون هنيون، شراب ۽ شباب جي نشي ۾ غلطان ٿي ويا ته پوءِ اميه سلطنت جي آخري امير محمد ٻارهين وانگر روئندي ملڪ ڇڏيائون. اهو ئي حال شاهه فاروق، شهنشاهه ايران، آخري عباسي خليفي المعتسم باالله، بهادر شاهه ظفر ۽ ٻين جو ٿيو.
بهرحال آئيبيريا (پورچوگال ۽ اسپين) جيڪو يورپ ۾ سڀ کان وڏو عرصو غلام رهيو، غريب رهيو، ڏکيو رهيو، ان کي قدرت نه فقط غلاميءَ مان آزاد ڪيو پر کيس سڄي يورپ ۾ امير ترين ملڪ بڻائي ڇڏيو. کيس آمريڪا جهڙا نوان ملڪ ۽ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن تي قابض بڻايو ۽ اهو سڀ ڄڻ اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو. ڏهه ويهن سالن ۾ اسپين ۽ پورچوگال ڇا مان ڇا ٿي ويو.

ڪولمبس جا آمريڪا ڏي چار سفر

نئون کنڊ (آمريڪا) ڳولڻ به هنن جي ڪُڻي ۾ آيو ته انڊيا تائين رستو ڳولڻ به هنن کي نصيب ٿيو. پورچوگال ملڪ کان ڪيترائي يورپي ملڪ، سائيز ۽ مال ملڪيت ۾ وڏا هئا ۽ انڊيا ڏي وڃڻ جو سامونڊي رستو ڳولڻ لاءِ ڇا ته يورپي ملڪن کي ڇتڪتائي هئي! اٽليءَ کان جرمني، هالينڊ کان انگلينڊ، فرانس کان بيلجم هڻ هڻان ۾ هئا. هنن جا هڪڙا جهاز ۽ ان ۾ سوار ناکئا (Navigators) ٻڏا ٿي ته ٻيا تيار ٿيا ٿي ۽ هر هڪ جي ڊوڙ ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي رهي ٿي، جيئن ڪنهن طرح سان انڊيا ۾ پهچڻ ٿئي ۽ پوءِ هڪ طرف اسپين وارن نئون کنڊ ايجاد ڪري ورتو، ته ٻئي طرف پورچوگال وارن برازيل ۽ ٻئي پاسي انڊيا پهچي ويا ۽ اهڙو پهتا جو انگريزن جهڙي دلير ۽ ڄاڻو جهازران قوم کي به پورچوگالين بعد انڊيا پهچڻ ۾ هڪ سئو سال لڳا. انڊيا مان مصالحي ۽ آمريڪا مان آندل سون ۽ چانديءَ اسپين ۽ پورچوگال کي يورپ جو امير ترين ملڪ بڻائي ڇڏيو .... ۽ اهو سڀ ڪم ڄڻ ته اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو.
1492ع ۾ هنن عرب حاڪمن کي ڀڄائي ڪڍيو. ان ئي سال يعني 1492ع ۾ ڪرسٽافر ڪولمبس آمريڪا لاءِ سڙهه سنڀاليا. هو نڪتو هو انڊيا وڃڻ لاءِ پر وڃي آمريڪا کان نڪتو. ڪولمبس 1451ع ۾ ڄائو ۽ اطالوي هو. هو پورچوگال جي شاهي خاندان جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڪيترن ئي سالن کان لسبن ۾ رهيل هو. سٺو ناکئو هو ۽ آمريڪا واري سفر تي نڪرڻ کان اڳ هو اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آئس لينڊ تائين ۽ ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هيٺ گهانا تائين وڃي چڪو هو. هن پنهنجي سامونڊي سفرن جي تجربن مان اهو اندازو لڳايو ته دنيا گول آهي ۽ انڊيا وڃڻ لاءِ ڪيپ آف گڊ هوپ وارو سمنڊ ڪراس ٿي نٿو سگهي ته ڇو نه پورچوگال کان اولهه جو رخ رکجي ۽ دنيا کي ڦري انڊيا جي اوڀر واري ڪناري تي پهچجي. هن جو ڏٺو وڃي ته خيال يا ليکو چوکو صحيح هو. ڌرتيءَ جو گولو جي ننڍو هجي ها ۽ ٻيو ته وچ ۾ ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا کنڊ آڏ طور نه هجي ها ته پوءِ ڪولمبس اچي ملايا، برما ۽ انڊيا کان نڪري ها. آمريڪا کنڊ جي آڏ ڪري ڪوبه ائٽلانٽڪ سمنڊ مان پئسفڪ ۾ ڪيئن داخل ٿئي؟ ڇو ته چين، ملايا ۽ انڊيا لاءِ ته پئسفڪ سمنڊ ۾ داخل ٿيڻو پوي ٿو. آمريڪا کنڊ جي آڏ هجڻ ڪري پئسفڪ ۾ گهڙڻ لاءِ يا اتر ڏي ڪئناڊا وڃي ڦيرو ڪرڻو پوي ٿو يا ڏکڻ ۾ چليءَ تائين وڃي ڦيرو ڪرڻو پوي ٿو جيڪا Cape به آفريڪا وانگر گهٽ ناهي. ڀلا جي وچ ۾ آمريڪا کنڊ جي آڏ نه هجي ها ته پوءِ ته ڪولمبس وارا مري وڃن ها، جو هو وڌ ۾ وڌ ائٽلانٽڪ سمنڊ جهاڳي سگهيا هئا. پئسفڪ ته ائٽلانٽڪ سمنڊ کان به وڏو آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هئا کاڌي رکڻ جا ڪولڊ اسٽور ۽ سمنڊ مان مٺو پاڻي ٺاهڻ جون مشينيون؟
ڪولمبس آمريڪا جا چار سفر ڪيا. پهريون سفر هن آگسٽ 1492ع ۾ ڪيو. اسپين جي عربي نالي واري قشتاله (Castile) بندرگاهه مان هو ٽن جهازن جي ٻيڙي سان نڪتو. رستي تي ڪَناري Cannary ٻيٽن تي ترسي اولهه ڏي هلندا ويا ۽ ڏينهن رات جي سفر بعد 12 آڪٽوبر 1492ع تي هو بهاما پهتا. ان کانپوءِ هو ڪيوبا ۽ هسپانيولا آيا ۽ هائتي (Haiti) ٻيٽ تي پنهنجو ٺاهه ٺڪاڻو ٺاهيائون ان کانپوءِ وطن وريا ۽ 1493ع ۾ قشتاله پهتا.
ڪولمبس آمريڪا جو ٻيو سفر ڪجهه مهينن بعد 1493ع ۾ ئي ڪيو ۽ هن ڀيري هن Antilles ڳولي لڌو. ٽيون سفر 1498ع ۾ ڪيو، جنهن ۾ هن ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ ٽرنيڊاڊ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اتراهين حصي ڪولمبيا، وينزوئلا وغيره تي قبضو ڪيو.
ڪولمبس جو آمريڪا ڏي آخري سفر 1502ع ۾ ٿيو جنهن ۾ هن “وچ آمريڪا” جي اڄ وارن ڪيترن ئي ملڪن تي اسپين لاءِ قبضو ڪيو. ڪولمبس پهرئين سفر ۾ لڳل سخت طوفان ۾ بيمار ٿي پيو ته وري بهتر نه ٿيو. چوٿين سفر بعد هو 1506ع ۾ اسپين جي عربي نالي واري شهر “بلد الوليد” جيڪو هاڻ بدلبو Valladolid (بيا وليد) سڏجي ٿو، ۾ وفات ڪيائين. ڪولمبس جا هي سامونڊي سفر وڏي اهميت رکن ٿا، جن اسپين جي قسمت بدلائي ڇڏي ۽ دنيا ۾ وڏي تبديلي آندي.
آمريڪا کنڊ تائين پهچڻ ۽ هن جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪرڻ، جيڪي اڄڪلهه ويسٽ انڊيز جا ٻيٽ، Antilles، بهاما، ڪولمبيا، نڪرا گئا، ميڪسيڪو، گئاٽمالا، ڪولمبيا وغيره سڏجن ٿا ۾ اسپين اوليت ڪئي. اسپين جي خوشحال ٿيڻ جو ٻڌي سڀني يورپي ملڪن ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي آمريڪا وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه کي (انگلنڊ، هالنڊ، فرانس، اٽلي وارن کي) ڪاميابي ٿي پر گهڻو گهڻو پوءِ! اسپين بعد ڪنهن کي يڪدم ڪاميابي ٿي ته پورچوگال کي ٿي، جيڪو ملڪ سمجهو ته اسپين جو سوٽ ماسات ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو سڄي ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾، سواءِ هڪ ٻن “سرينام” جهڙن ملڪن ۾، وچ آمريڪا جي ملڪن ۾ ۽ USA جي ڏاکڻين رياستن ٽيڪساز وغيره ۾، هسپانوي ۽ پورچوگالي ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون – جيڪي هڪ ٻئي سان ملن ٿيون.

تاريخ جي ڪاغذن مان سبق حاصل ڪرڻ کپي

1498ع ۾ واسڪو ڊاگاما ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپڻ ۽ انڊيا جي ڪناري تائين پهچڻ جي مِشن تي نڪتو. 1500ع ۾ پورچوگال جي نئين بادشاهه “مئنيوئل اول” پنهنجي ملڪ جي هڪ ٻئي قابل ناکئي ۽ مليٽري ڪمانڊر پيڊرو ڪابرل (سڄو نالو: Pedro Alvares Cabrel) کي آمريڪا کنڊ ڏي نئين زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ موڪليو. ياد رهي ته هن ڪابرل ۽ واسڪو ڊاگاما کان اڳ بارتولوميو دياس جنهن 1488ع ۾ (يعني اسپين ۽ پورچوگال جي ڪجهه حصن تي اميه گهراڻي جي عربن جي حڪومت اڃا قائم هئي ته انهن ڏينهن ۾) ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ پهچي بعد ۾ ايندڙ ناکئن (Navigators) واسڪو ڊاگاما ۽ ڪابرل جهڙن جي همٿ افزائي ڪئي ۽ اڳتي وڌڻ جي راهه کولي، اهو به پورچوگالي ئي هو.
بهرحال پورچوگال جي بادشاهه جي حڪم تي هي شاهي گهراڻي سان واسطو رکندڙ پيڊرو ڪابرل تيرهن جهازن جو فِليٽ وٺي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپڻ لاءِ اولهه جو رخ ڪيو ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اڄ واري وڏي ۾ وڏي ملڪ برازيل ۾ اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ مڪاني ريڊ انڊين ۽ ٻين کي ڏڪائي ڌمڪائي هن ملڪ تي قبضو ڪيو ۽ اڄ ڏينهن تائين برازيل ۽ ٻيا قبضي ۾ ڪيل ملڪ پورچوگال جي اثر هيٺ ائين آهن جيئن آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڪئناڊا وغيره انگلينڊ جي هٿ ۾ آهن. يا آئس لئنڊ ڊئنمارڪ وارن جي قبضي ۾ آهي.
ڪابرل برازيل مان مال: ٽامو، پتل، سون، چاندي، مصالحو وغيره سان ڀريل جيڪي هڪ ٻه جهاز هئا، اهي لسبن (پورچوگال) موڪليا، جيئن پورچوگال جي بادشاهه کي آٿت ۽ خوشي ٿئي ته ڪامياب ٿي موٽيا آهن. باقي ڇهه ست جهازن کي وٺي هُو انڊيا پهچڻ لاءِ ڪيپ آف گڊ هوپ جو رخ رکيو جو ڪيپ ٽپڻ بعد ئي هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. اها ڳالهه آهي ته ڪابرل سان گڏ جيڪي ٻيا جهاز هئا انهن جا ناکئا به وڏا قابل ۽ همت وارا هئا. اهو ئي سبب آهي جو هنن سڙهه جي ٻيڙين ۾ ههڙا خطرناڪ سمنڊ پئي اورانگهيا. ان جو مثال حضرت عمر رضه ٻئي خليفي ۽ امير معاويه جي ڏينهن جي عرب ناکئن ۾ ملي ٿو جن چند سالن ۾ ميڊيٽرينين جي قبرص، مالٽا جهڙن ٻيٽن، آفريڪا کنڊ جي اتراهن ملڪن، ويندي يورپ جي اولهه وارن ملڪن: پورچوگال ۽ اسپين تي قبضو ڪري ورتو.
ڪابرل جي ٽولي جا جهاز ڪاميابيءَ سان ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪري ويا پر هڪ جهاز ٽولي کان وڇڙي گم ٿي ويو جيڪو “مئڊا گاسڪر” ٻيٽ تي وڃي پهتو ۽ هنن مئڊاگاسڪر کي به قبضي ۾ ڪري ورتو. ڇا ته ڀلارا ڏينهن هئا جو ڀلجي ڪنهن ملڪ ۾ ٿي پهتا ته اهو ملڪ سندن ٿي ويو ٿي! مئڊاگاسڪر پهچڻ وارو پورچوگالي ديوگو (Diogo Dias) هو. مئڊاگاسڪر بعد هي پهريون هو جيڪو بحر احمر (Red Sea) تائين وڃي پهتو. ڏسو ته صحيح چند سالن ۾ هي يورپي ڪٿي کان ڪٿي تائين نه رڳو وڃي پهتا پر انهن ملڪن تي قبضو به ڪيائون. بهرحال دياگو ان بعد ڪاليڪٽ (انڊيا) پهتو جتي سندس ليڊر ڪابرل باقي جهازن سان گڏ گهڻو اڳ پهچي چڪو هو.
هتي هڪ ڳالهه ڌيان ۾ اچي ٿي جيڪا پڙهندڙن لاءِ کڻي چئجي ته Food for thought سمجهي وڃي. پورچوگال ۽ اسپين تي 700 سال کن عربن جي حڪومت رهي. اهي به سٺا ناکئا هئا، سپاهي هئا، همت وارا هئا هو عربستان جي وارياسن پٽن تان، جتي سندن وڏن فقط اٺ تي سفر ڪيو، مضبوط نيوي ٺاهي، سٺا جهازران ٿي نه فقط پنهنجي ملڪ کي بچايو پر ڏورانهن ملڪن تي به قبضو ڪيو. اڄ اسان يورپين کي وڏو هوشيار، طاقتور، محنتي ۽ ڊسيپلينڊ ٿا سمجهون پر ڏٺو وڃي ته تن ڏينهن ۾، يعني حضرت عمر، حضرت عثمان، ويندي معاويه خلافت جي شروع وارن سالن ۾ اهي گڻ عربن ۾ هئا جو يورپي هنن اڳيان ڄٽ هئا ۽ اهو سلسلو هلندو هلي ها ۽ اسپين جي آخري خليفي امير محمد ٻارهين کي ذليل ٿي پنهنجي حڪومت ۽ غرناطا کي ڇڏڻو نه پوي ها جيڪڏهن اسان جا آخري مسلمان حاڪم گڊگورنس ڇڏي عياشيءَ ۾ غافل نه ٿين ها. ڏٺو وڃي ته جتي ڪولمبس، واسڪو ڊاگاما، بارتولو ميو، ڪابرل ۽ جان دوم ۽ مئنيوئل اول جهڙن ناکئن ۽ بادشاهن محنت ڪري آمريڪا، انڊيا، ملاڪا ۽ ملوڪو (انڊونيشيا) تائين نوان نوان ملڪ ۽ نيون سامونڊي راهون هٿ ڪري ورتيون، اتي اسانجا اندلس ۽ آئيبيريا جا مسلمان حاڪم پنهنجن عرب ناکئن کي اهڙين مهمن تي موڪلي ڇا ڪاميابي نٿي حاصل ڪري سگهيا؟ بلڪل ڪري سگهيا ٿي. پر هنن ان ڏي نه ڌيان ڏنو ۽ نه ضرورت محسوس ڪئي. هنن کي عياشيءَ لاءِ شباب ۽ شراب پئي مليو، هو ان ۾ ئي خوش هئا. هو عيش عشرت ۾ اهڙو مگن هئا جو هنن پنهنجي بچاءَ لاءِ به نه ڪا سٺي فوج ٺاهي ۽ نه رعيت جو خيال ڪيو ۽ پوءِ جڏهن ڌرتي سندن پيرن هٿان نڪري وئي .... بغداد سڙڻ لڳو ۽ کين هلاڪو خان جي گهوڙن جي سنبن هيٺان چچريو ويو، سندس شاهي خاندان کي دهليءَ جي گهٽين ۾ ڪٺو ويو ۽ ڏٻري بادشاهه کي ڏيهه نيڪالي ڏئي رنگون موڪليو ويو، غرناطا جو تخت و تاج کسي کيس موراڪو ڏي ڀڄايو ويو ته ان وقت سڀني بادشاهن روئي ڏنو. ويندي مصر جي فاروق ۽ ايران جي محمد رضا شاهه پهلويءَ، صدام ۽ قذافيءَ پڻ عوام کي مسڪين بڻائي ڇڏيو ۽ سندن گڏ ڪيل دولت جا سڀ انبار ٻين حوالي ٿي ويا. اڄ هو مڻين مٽيءَ هيٺان بنا کيسن جي ڪفن ۾ دفن ٿيل آهن. وڏي همت واري چئبي اها عورت جنهن پنهنجي بادشاهه پٽ محمد ٻارهين کي ٻيڙيءَ ۾ غرناطا ڇڏي طنج ڏي ويندي، پنهنجي تخت غرناطا کي ياد ڪري اوڇنگارون ڏئي رئندي ڏٺو ته هن کيس حقيقت کان آگاهه ڪيو ته “هاڻ رنن وانگر مِيڪڻ ڇڏ، جڏهن توکي مرد ٿي حڪومت ڪرڻ نه آئي”.
اهو سوچي مون کي پنهنجي ملڪ جا حاڪم ٿا ياد اچن. اڄ جي دور ۾ جڏهن تعليم لاءِ اعليٰ کان اعليٰ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٿي پيون آهن ته اسان جا حاڪم ۽ انهن جو اولاد ڇو نٿا اعليٰ تعليم حاصل ڪري ماهر انجنيئر، ڊاڪٽر، بزنيس مين، شپنگ مئگنيٽ ۽ ڪارخانا هڻي پاڻ به پئسو ڪمائين ۽ پنهنجي تر جي غريب عوام کي به سکيو ستابو بنائين؟ .... ڪنهن خوب جواب ڏنو ته هو ائين هرگز نه ڪندا. هو ائين ڪن به ڇو جو هو هر صورت ۾ وزير مشير رهندا، ان بعد سندن اولاد، ان بعد ان اولاد جو اولاد .... ۽ جڏهن هو عوام جي پئسي تي گهر ويٺي عيش ڪندا رهن ٿا ته پوءِ ڇو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪن ۽ ڊاڪٽر، انجنيئر، آءِ ٽي ايڪسپرٽ ٿين. هنن لاءِ ته مئٽرڪ ۽ بي اي جو امتحان به ٻيا ٿا ڏين. هنن لاءِ ڏينهن جو ٻارهين کان اڳ اٿڻ به مشڪل ڪم آهي. هو اهو ئي سوچين ٿا ته قدرت هنن جي نصيب ۾ عيش عشرت رکي آهي. عوام بکيو رهندو ايندو، ايڊس جو شڪار ٿيندو رهندو، عوام ڇتن ڪتن جا چڪ کائيندو رهندو، عوام جا ٻچا اغوا ٿيندا رهندا، ٺلهي ٻاجهر جي ڍوڍي کائڻ لاءِ واجهائيندا رهندا، پر قدرت هنن جي مقدر ۾ عيش جي زندگي رکي آهي .... هنن لاءِ شراب ۽ شباب رکيو آهي، اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود اعليٰ سرڪاري پوسٽون رکيون آهن جن تي براجمان ٿي عوام جي ٽئڪس تي موجون ماڻڻ هنن جو حق آهي، هو طاقتور آهن ۽ ڪو به هنن جو نالو نٿو وٺي سگهي ڪو به هنن جي مخالفت نٿو ڪري سگهي. يارو اهڙي سوچ رکندڙن لاءِ چتاءَ جا ٻه اکر اهي ئي ته اهائي سوچ بهادر شاهه ظفر، اسپين جي محمد شاهه ٻارهين، عباسي سلطنت جي المعتسم باالله، شهنشاهه ايران کان مصر جي شاهه فاروق رکي ٿي. اها ئي سوچ قذافي، صدام ۽ ٻين رکي ٿي جن جي طاقت کي ڏسي هر هڪ ڪنبيو ٿي ۽ پوءِ هنن سان سندن ئي ڪمزور ۽ ناتوان عوام ڇا ڪيو... ڪالهه ئي جي ته ڳالهه آهي. ايترو جلد وسارڻ ته نه کپي. تاريخ جي ڪاغذن مان سبق حاصل ڪرڻ کپي.

ڪاليڪٽ ۾ عرب سوداگرن تي حملو

پاڻ انڊيا ۾ پورچوگالين جي داخل ٿيڻ جي پئي ڳالهه ڪئي، ته پورچوگالي پهريان يورپي هئا، جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) ۾ داخل ٿيا ۽ سندن ليڊر ناکئو “واسڪو ڊاگاما” انڊيا جي “ڪاليڪٽ” بندرگاهه ۾ پهچي ويو. هنن واپار قائم رکڻ ٿي چاهيو ۽ پنهنجي ان وقت جي ماڊرن جهازن ۽ بندوقن بارودن جي رعب تي انڊيا جي حاڪمن کي مطيع ڪرڻ ٿي چاهيو، پر ان پهرين Voyage ۾ پورچوگالي ڪامياب نه ٿيا. هاڻ هن ٻي سفر ۾ “ڪابرل” انڊيا جي ڪاليڪٽ واري راجا سان واپار جون سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر اتي ڇا ٿيو جو ڪاليڪٽ ۽ ان جي آس پاس وارن بندرگاهن ۾ جيڪي عرب جهازران ۽ سوداگر هئا، جن جي ابن ڏڏن جي صدين کان هن علائقي ۾ واپار جي هڪ هٽي هئي، اهي هن يورپي قوم جي هتي اچڻ تي خطرو محسوس ڪرڻ لڳا. هنن اڳيان اهو ڪالهوڪو ڏينهن هو، جو هنن مسلمان حاڪمن کي يورپ مان ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي ۽ مسلمان رعيت جو قتل عام ڪري رهيا هئا. سو هنن اهو ئي چاهيو ته هنن ڌارين کي ڪنهن به صورت ۾ هتي پير ڄمائڻ نه ڏجي.
ڪاليڪٽ (مالابار جي ڪناري) ۾ رهندڙ عرب سوداگرن مقامي هندو واپارين سان گڏجي بندرگاهه جي ان علائقي تي حملو ڪيو، جتي پورچوگالي رهيل هئا ۽ جتي پورچوگالين کي سهولتون مليل هيون. هن حملي ۾ ڪيترائي پورچو گالي مري ويا ۽ سندن مال ۽ اڏاوتن کي نقصان رسيو.
ڪابرال ان جو بدلو وٺڻ لاءِ بندرگاهه ۽ ان جي آس پاس موجود عربن جي جهازن جي ڦرلٽ ڪري انهن جهازن کي ساڙي ڇڏيو. ان بعد ڪاليڪٽ شهر تي بمن جو وسڪارو ڪيو جو ڪابرال کي اها شڪايت رهي ته ڪاليڪٽ جو راجا عربن طرفان ڪيل حملي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ڇو نه ويو. ڪاليڪٽ جا عملدار ۽ عرب سوداگر ڪابرال وارن جو نه مقابلو ڪري سگهيا ۽ نه پنهنجو بچاءُ ڪري سگهيا ان ڪري جو پورچوگالين وٽ ماڊرن هٿيار هئا. بندوقون، بم، بارود، توپون هيون.
ڪاليڪٽ تي حملو ڪري ڪابرال ڀرواري سلطنت ڪوچين جي بندرگاهه ۾ آيو، جتي جي حاڪم سان دوستي ڪري ڪابرال پنهنجا جهاز مصالحن سان ڀرائي پورچوگال روانو ٿيو. اهو توهان کي جتي ڪٿي لکيل ملندو ته ڪابرال جي انڊيا کان آندل مصالحي مان پورچوگال جي بادشاهه کي هن سڄي سفر جي خرچ جو سٺوڻو فائدو رسيو. جنهن مان هن ڪجهه رقم اڃا وڌيڪ جهاز ٺهرائڻ تي ۽ بم بارود خريد ڪرڻ تي لڳائي ۽ اهڙي ريت پورچوگال جي جهازن جا هي ٻيڙا (Fleet) جيڪي آرماڙ (Armada)سڏبا هئا، دنيا ۾ طاقتور مڃيا وڃڻ لڳا. هن سفر بعد ڪابرال سامونڊي زندگيءَ کان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي.
1500ع ۾ ڪابرال انڊيا مان ٿي موٽيو ۽ 1501ع ۾ پورچوگال جي بادشاهه “مئنيوئل اول” انڊيا جي سفر تي ٽيون آرمڊا موڪليو جنهن جي ڪمانڊ “جوئائو ڊا نووا” Joao daNova حوالي ڪئي وئي. هي جهازن جا ٻيڙا ۽ انهن جو انڊيا ڏي سفر تاريخ ۾ (Portuguese India Armadas) جي نالي سان مشهور آهن.
پورچوگالي ناکئو (Navigator) جَوئائو (جيڪو انگريزي نالي John de Nueva سان به سڏيو وڃي ٿو) ملبار جي ڪناري تي “ڪنور” پهچي اتان “ڪوچي” روانو ٿيو. رستي تي ڪاليڪٽ وٽان لنگهندي يعني جنهن جي راجا سان گذريل سفر ۾ ڪابرال وارن جو ڦڏو ٿيو هو، ان بندرگاهه ٻاهر بيٺل مسلمانن جي هڪ جهاز تي حملو ڪري ان کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ان جي بدلي ۾ ڪاليڪٽ بندرگاهه مان مسلمانن، پنهنجن 180 جهازن ذريعي ڪوچيءَ ۾ بيٺل پورچوگالين جي جهازن تي حملو ڪيو. پورچوگالين جي هن آرمڊا ۾ پنج جهاز هئا. مسلمانن اهو ئي سمجهيو ته سندن هيڏي وڏي تعداد ۾ جهاز، تيرن ۽ باهه جي وسڪاري سان پورچوگالين کي نابود ڪري ڇڏيندا. پر افسوس هڪ دفعو وري اعليٰ ڄاڻ ۽ ٽيڪنالاجي اتم ٿي وئي. پورچوگالين وٽ اهي ماڊرن بندوقون ۽ بم هئا جو مسلمان وائڙا ٿي ويا. پورچوگالين بمن ۽ بارود ذريعي مسلمانن جي جهازن جو وڏو تعداد تباهه ڪري، ٻوڙي ڇڏيو باقي پنهنجي جان بچائي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا ۽ پوءِ هنن سڄي مالابار ڪناري (اڄ واري ڪيرالا رياست) جي واپارين کي سمجهايو ته هنن ڌارين پورچوگالين کي مصالحا ۽ ڪپڙو هرگز نه وڪڻجو. پر پورچوگالين طرفان مليل سونن ۽ چانديءَ جي سڪن کي ڏسي ۽ هن سان رکيل تازي دوستي ڪري ۽ سندن گذريل سفر ۾ ڪابرال جي ڪيل ڪاليڪٽ جي بندرگاهه کي تباهيءَ جي خوف کان هتي جي راجا پورچوگالين کي مصالحي سان جهاز ڀري ڏنا. ان مصالحي جا تفصيل پئي ڏٺم ته يورپ وارن ڪارين مرين، ادرڪ ۽ جائفل جاوتريءَ سان گڏ وڏي پئماني تي وڻن جي لاک به خريد ڪئي ٿي. سامان سان ڀرجي جهاز لسبن (پورچوگال) جو رخ ڪيو ۽ سيپٽمبر 1502ع ۾ وطن پهتا. هن Voyage (سفر) مان به پورچوگالين انڊيا کان آندل مال وڪڻي وڏو ناڻو ڪمايو ۽ ملڪ ۾ چوڌاري خوشحالي نظر اچڻ لڳي. ان کان علاوه پورچوگال جا غريب غربا برازيل، مئڊاگاسڪر، موزمبق جهڙن نون ڳوليل ۽ قبضي ۾ آندل ملڪن ۾ وڃي وڏا زميندار ۽ جاگيردار ٿي پيا. هن ٽئين سفر ۾ به جهاز جي ناکئي جوئائو (Joao da Nova) کي ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي ويندي ٻه ٻيٽ نظر آيا جن تي پڻ هنن قبضو ڪيو. هڪ اسينشن ٻيٽ ۽ ٻيو اڄ وارو سينٽ هيلينا ٻيٽ. ٻئي ٻيٽ ويران هئا. هِنن انهن ٻيٽن کي نقشي تي نشان هڻي پنهنجي ملڪ پورچوگال جي ملڪيت قرار ڏنو. اسينيشن ٻيٽ (Ascension Island) خط استوا کان 8 ڊگريون ڏکڻ ۾ آهي. هي ٻيٽ آفريڪا جي پورچوگالي ملڪن نئميبيا ۽ ائنگولا کان 1600 ڪلوميٽر اولهه ۾ برازيل کان 1400 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. جنهن ڏينهن تي هي ٻيٽ نظر آيو اهو 21 مئي هو ۽ عيسائين جو (Ascension Day) هو جنهن تي هو مذهبي دعوت ڪندا آهن جو هنن مطابق حضرت عيسيٰ ان ڏينهن تي ڌرتيءَ تان آسمان طرف روانو ٿيو. هن ڏينهن کي عربيءَ ۾ “صعود يسوع”، فارسيءَ ۾ “عروج عيسيٰ” سڏجي ٿو. چون ٿا ته اهو هنڌ پراڻي يروشلم شهر جي لڳ جبل زيتون (Mount of Olives) وٽ آهي. ٻيو ٻيٽ سينٽ هيلنا (St. Helena) منهنجي خيال ۾ دنيا جو ڏورانهون ٻيٽ چئي سگهجي ٿو. هي به ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي جنهن جي هڪ پاسي آفريڪا وارو ڪنارو 2000 ڪلو ميٽر پري آهي ۽ ٻئي پاسي ڏکڻ آمريڪا جو شهر ريو ڊي جنيرو 4000 ڪلوميٽر آهي. هن ٻيٽ جي پکيڙ 16 ڪلوميٽر باءِ 8 ڪلوميٽر آهي. آدم شماري 5000 اٿس. سا به اڄ ڪلهه، تعليم هر ٻار لاءِ ضروري ۽ مفت آهي. مختصر ٻيٽ اسڪولن سان ڀريو پيو آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپڻ مهل، يعني آفريڪا جي ڪنهن ملڪ ائنگولا، سيراليون، سينيگال، گهانا وغيره کان ڏکڻ آمريڪا جي ڪنهن ملڪ برازيل، چلي وغيره وڃڻ لاءِ رستي تي هي ٻيٽ ساهي پٽڻ لاءِ بهتر آهي. باقي پورچوگال کان ڪيپ آف گڊ هوپ، يعني سائوٿ آفريڪا ويندي پورچوگال جي هن ناکئي جو سينٽ هيلينا وٽان گذرڻ اڄ جي Navigator (جهازران) لاءِ حيرانگي جي ڳالهه آهي ته هو صحيح ڪورس (واٽ) کان ڪيڏو بتال ويا ٿي ۽ شابس هجين جو هنن ڪاٺ جي سڙهن وارن جهازن ۾ ايڏو وڏو سفر ڪيو ٿي ۽ طوفانن ۽ سامونڊي ڇولين کي منهن ڏنو ٿي. بهرحال هنن جي مجبوري هئي جو نقشا نه هئا. هنن رڳو هنن کان اڳ سفر ڪندڙن جي ڏنل زباني ڏس پتي تي منزل کي ڳوليو ٿي: هوا جي رخ به هنن کي مجبور ڪيو ٿي.
هي ٻئي ٻيٽ پورچوگال سئو سال کن استعمال ڪيا خاص ڪري آمريڪا يا ڪيپ ويندي هنن کاڌي پيتي لاءِ پنهنجا جهاز هتي لنگرانداز ڪيا ٿي ۽ گوشت لاءِ سامونڊي پکي ۽ سائي رنگ جون ڪميون ڦاسايون ٿي جن جي هتي گهڻائي هئي. بعد ۾ ته هنن هتي ٻڪريون ۽ سوئر به ڇڏيا هئا جيئن وڌن ويجهن ۽ واٽهڙن جي ڪم اچي سگهن. بهرحال پورچوگالين جي قبضي ۾ مولا جي ڌرتي ايتري ته اچي وئي جو هُنن هِنن ٻيٽن کي بيڪار سمجهي لادعوا ڪري ڇڏيا، جن تي پوءِ انگريزن قبضو ڪيو ۽ اڄ تائين انگريزن حوالي آهن. ائٽلانٽڪ سمنڊ جو هي ٻيٽ فرينچ حاڪم نئپولين بونا پارٽ کان به مشهور آهي، جنهن کي انگريزن جي حڪومت ڏيهه نيڪالي ڏئي هن ٻيٽ تي قيد ڪري رکيو.

واسڪو ڊاگاما جو حاجين سان ڪيل ظلم

پورچوگال کان انڊيا ويندڙ ٽن آرماڙن (جهازن جي ٻيڙن) وڃڻ بعد پورچوگال جي بادشاهه جهازن جو چوٿون فِليٽ (Armada) تيار ڪري 1503ع ۾ انڊيا روانو ڪيو. جهازن جي هن ٻيڙي جي ڪمانڊ لاءِ هڪ دفعو وري واسڪو ڊاگاما کي چونڊيو ويو.
هاڻ پورچوگالي پُراعتماد ٿي ويا هئا. هنن وٽ هڪ طرف برازيل کان مال اچڻ لڳو هو ته ٻئي طرف انڊيا کان. هنن ماضيءَ ۾ جيڪو خرچ ڪيو ان کان گهڻو گهڻو وڌيڪ ڪمائي ورتو ۽ هنن کي اها به Idea ٿي وئي ته آمريڪا پاسي جي مقامي آدم شماري ته جاهل ۽ چٽ آهي پر انڊيا توڙي اڄ جي عربن وٽ پئسو دولت ۽ مال ملڪيت سو آهي پر پنهنجي بچاءَ لاءِ نه هٿيار اٿن ۽ نه جديد ٽيڪنالاجي. اسان جو هڪ ڪمزور ناکئو به هڪ معمولي بندوق سان هنن جي ڏهه پهلوان سوداگرن کي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ بارود ذريعي ته نه فقط هنن جي بندرگاهن کي تباهه ڪري سگهون ٿا پر شهري آدمشماريءَ ۾ ڏهڪاءَ پيدا ڪري سگهون ٿا.... ٻين لفظن ۾ هاڻ فيصلو ۽ انصاف اهو ٿيندو جيڪو اسان چاهينداسين. اهوئي سبب آهي جو هنن پورچوگال کان وڪري جو سامان گهٽ پر بندوقون، بم ۽ بارود پاڻ سان خوب کنيا ٿي جو هنن جي دل ۾ اها ئي رٿ هئي ته انڊيا جي مقامي راجائن ۽ رعيت کي ڊيڄاري، ڏڪائي هنن جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻو آهي ۽ انهن تي حڪومت ڪرڻي آهي. آخر ان ۾ خراب ڳالهه ڪهڙي آهي. هو جڏهن ڪمزور، ڄٽ ۽ آرگنائيزڊ نه هئا ته ڏورانهين ڏيهه کان بدو عرب هنن جي ملڪ تي قبضو ڪري ست صديون حڪومت ڪندا رهيا.
واسڪو ڊاگاما کي پنهنجي پهرئين سفر ۾ ساڻس ٿيل جٺين جي ڳالهه ڌيان ۾ هئي. مسلمانن تي هنن کي اڳهين باهيون هيون جو انهن هنن جي ڌرتيءَ تي وڏو عرصو حڪومت ڪئي هئي ۽ ويتر جو هنن هتي ڏٺو پئي ته عربي سمنڊ بلڪه سڄي هندي وڏي سمنڊ تي عرب واپاري جهازن جي هڪ هٽي لڳي پئي آهي ۽ هو ايتري قدر جو انڊيا جي راجائن جا هنن (پورچوگالين) خلاف ڪن پيا ڀرين ته هنن لاءِ نه فقط مسلمان سوداگر پر مسلمان شهري به برداشت کان ٻاهر ٿي پيا. واسڪو ڊاگاما کي انڊيا جي ملبار ڪناري جي ويجهو جيڪو عربن جو واپاري جهاز ٿي نظر آيو ان کي هنن ٻوڙيو ٿي. انهيءَ ٻوڙ ٻوڙان ۽ مسلمانن کي مارڻ ۾ واسڪو ڊاگاما جيڪو سڀ کان وڏو ظلم ڪيو جنهن لاءِ هن جا پنهنجا تاريخدان به واسڪو ڊاگاما کي نِندين ٿا اهو حاجين جي جهاز تي حملو هو.
حاجين جي جهاز سان جنهن ظلم جو مظاهرو واسڪو ڊاگاما ڪيو ان جو سر بستو احوال هن جي آرماڊا ۾ سوار ٻن سندس ئي پورچوگالين لکيو آهي. هڪ طرف واسڪو ڊاگاما جي انڊيا تائين سمنڊ جو رستو ڳولڻ ۾ اوليت جي واکاڻ آهي ته ٻئي طرف هن جي حاجين جي جهاز ۽ حاجين سان ڪيل ظلم جي بدنامي ۽ گلا آهي. انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ ويجهو پهچڻ وقت هنن کي جيڪو عرب سوداگرن جو جهاز ٿي مليو، واسڪو ڊاگاما هن کي ٻوڙڻ جو حڪم ٿي ڏنو. اتي هنن کي هڪ حاجين جو جهاز نظر آيو جيڪو ڪاليڪٽ جي بندرگاهه مان لنگر کڻي مڪي ڏي پئي ويو. (واسڪو ڊا گاما سان گڏ سوار ٿومي (Thome Lopes) ۽ گاسپر ((Gaspar Correia) تاريخدان پنهنجي ڪتاب Lendas da India جنهن جو انگريزي ترجمو (Legends of India) ۾ اکين ڏٺو احوال لکيو آهي. هي ڪتاب پورچوگالين جي انڊيا تي حڪومت جي احوال جو اوائلي ڪتاب چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ هن هي ڪتاب تمام کهري انداز ۾ لکيو آهي. گاسپر انڊيا ۾ وڏو عرصو رهيو. اٽڪل ٽيهه پنجٽيهه سال ۽ خوب دولت ٺاهيائين. ان بعد هو ملاڪا اچي رهيو جتي پڻ پورچوگالين جي حڪومت هئي. چون ٿا ته هن کي دشمنيءَ ۾ ملاڪا جي گورنر ايسٽيوائو ڊاگاما (واسڪو ڊاگاما جي پٽ) مارائي ڇڏيو.
پاڻ حاجين جي جهاز جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جنهن ۾ 50 عورتن سميت 400 حاجي هئا. واسڪو ڊاگاما سڀني حاجين ۽ ان جهاز تي موجود جهاز جي مالڪ ۽ مصر جي سفير کي ڪمرن ۾ بند ڪري پهرين انهن جو پئسو ۽ قيمتي سامان لٽيو ۽ پوءِ ان کي باهه ڏني. عورتون پنهنجن ٻارن کي هٿن ۾ کڻي انهن جا واسطا ڏينديون ۽ رحم لاءِ منٿون ڪنديون رهيون پر واسڪو ڊاگاما پنهنجي جهاز جي Port Hole (گول دريءَ) مان نظارو ڏسندو رهيو. ان بعد هن پنهنجن جهازن کي ڪاليڪٽ بندرگاهه ۾ لنگرانداز ڪري ڪاليڪٽ جي راجا کي چيو ته هو هڪدم پنهنجي شهر ۾ رهندڙ عرب ۽ مقامي انڊين مسلمانن کي شهر نيڪالي ڏئي. هندو راجا زئمورين صلحنامي لاءِ پنهنجي مندر جو اعليٰ ٻائو واسڪو ڊاگاما ڏي موڪليو. ڊاگاما هن کي جاسوس قرار ڏنو ۽ حڪم ڏنو ته هن ٻائي جا چپ ۽ ڪن ڪپيا وڃن ۽ پوءِ ڪتي جا ڪن هن جي مٿي تي سبي کيس واپس ڪيو ويو.
ان بعد واسڪو ڊاگاما ڪاليڪٽ بندرگاهه ۾ داخل ٿي شهر تي بمباري ڪئي ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل هڪ چانورن سان ڀريل جهاز پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ ان ۾ موجود سڀني ناکئن جا هٿ، ڪن ۽ نڪ ڪپي گهر موڪليو. اوسي پاسي ۾ خوف طاري ٿي ويو ۽ هنن جي وات مان نڪتل لفظ قانون سمجهيو وڃڻ لڳو. هي سفاڪي ۽ ظلم جا هي ڪم ڪري واسڪو ڊاگاما جڏهن لٽ جي سامان سان ڀريل جهازن سان وطن پهتو ته هن جو هيرو جيان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.
ايران جي شهر مشهد ۾، امام رضا جي روضي ڀرسان نادر شاهه جو مجسمو ڏسي جيئن مون کي دهلي ياد ايندي آهي جنهن کي هن ساڙيو ۽ ماڻهن جو ڪوس ڪيو تيئن لسبن بندرگاهه ۾ واسڪو ڊاگاما جو مجسمو ۽ شهر جي روڊ رستن ۽ پل تي واسڪو ڊاگاما جو نالي پڙهي مون کي انڊيا جو ڪاليڪٽ شهر ۽ حاجين جو جهاز ياد ايندو آهي جنهن تي هن بمباري ڪئي، انسانن کي ساڙيو ٻاريو ۽ جسم جا عضوا ڪپيا.

“S.S Jeddah” جهاز تي حاجين سان ٽرئجڊي

پاڻ حاجين جي سفر بابت لکي رهيا هئاسين ته هنن کي هن سفر تي راهي ٿيڻ تي هر دور ۾ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو ٿي. عربستان پيادل پهچڻ ۾ پنهنجا مسئلا هئا جيئن ته ڦورن ڌاڙيلن کي هڪ طرف منهن ٿي ڏيڻو پيو، ته رستي ۾ بيمارين، بکن، واريءَ جي طوفانن کي ٻي طرف. هوائي جهاز ته ڇا اڃا سائيڪل به ايجاد نه ٿي هئي، سو مڪي مديني پهچڻ جو ٻيو طريقو سمنڊ ذريعي هو. ڪولمبس 1492ع ۾ آمريڪا پهتو يا واسڪو ڊاگاما 1498ع انڊيا تائين سمنڊ جو رستو ڳوليو. ان وقت تائين به ڪَل تي هلندڙ جهاز آگبوٽ” (اسٽيم شپ) ايجاد نه ٿيا هئا. ويندي ائٽلانٽڪ سمنڊ يا ڪيپ آف گڊ هوپ جهڙا خطرناڪ سمنڊ سڙهن وارن جهازن ۾ ڪراس ڪرڻا پيا ٿي. اسان جي ننڍي کنڊ جا حاجي به اهڙن سڙهن وارن جهازن ۾ ملبار ڪناري، بنگال ۽ ٺٽي ڪراچيءَ مان سوار ٿي عربستان يا يمن جي ڪنهن بندرگاهه ۾ لهي پوءِ ڪجهه پيرين پنڌ ته ڪجهه اٺن تي سفر ڪري حجاز (مڪي ۽ مديني) پهتا ٿي.
سڙهن وارن جهازن (Sailing Ships) ۾ سفر به ڪو آرام وارو سفر نه هوندو هو. جهاز ناکئي (ڪئپٽن) جي مرضيءَ تي نه پر هوا جي رخ ۽ رفتار موجب هليا ٿي. ٻه ٻه ڏينهن هوا بند ٿي وئي ٿي ته جهاز اتي ئي بيٺو رهيو ٿي. بلڪه سامهون جي تيز هوائن يا سامونڊي لهرن هن کي پٺيان ڌڪي ڇڏيو ٿي. طوفانن ۾ هي سڙهن وارا ڪاٺ جا جهاز اونڌا ٿي ٻڏي به ويا ٿي. ڪُنن ۾ غرق به ٿي ويا ٿي. کاڌي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ، جهاز ۾ سوار ماڻهن کي اجل جو به شڪار بنايو ٿي. خشڪيءَ تي جي ڌاڙيل هئا ته سمنڊ تي جتي ڪٿي قذاق (Pirates) هئا، جن کي خبر هئي ته حاجين وٽ پئسو به آهي ته کاڌو پيتو به، جو هو پاڻ سان ٻن ٽن مهينن جو راشن کڻي پيا وڃن. اهو ان ڪري جو عربستان اڳهين مسڪين ملڪ اتي ورلي ڪا شيءِ ملي ٿي. سو سمنڊ تي هڪ طوفانن جو ٻيو قذاقن جو ڊپ حاجين جون ننڊون حرام ڪندو هو. ان کان علاوه حاجين سان اهڙا به ظلم ٿيا ٿي جن ۾ هنن کان نه فقط سندن سفر جو سامان کسجي ويو ٿي، پر سندن زندگي پڻ. ان قسم جي ظلم جي ڪهاڻي گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته انڊيا جي ملبار ڪناري کان 400 حاجي کڻي هڪ جهاز عربستان وڃي رهيو هو، ته پورچوگالين سندن ليڊر واسڪو ڊاگاما جي حڪم تي هن جهاز جي مسافرن ۽ خلاصين کي نه رڳو ڦريو لٽيو، پر کين ڪمرن ۾ بند ڪري سڄي جهاز کي باهه ڏئي ڇڏي. عورتون واسطا ڏينديون رهيون، منٿون ڪنديون رهيون پر ڪنهن جي به جان نه بخشي وئي. هيءَ سال 1502ع جي ڳالهه آهي. ان وقت واسڪو ڊاگاما ٻيو دفعو انڊيا جي ڪناري ڪاليڪٽ پهتو.
خبر ناهي ان ريت ڪيترا جهاز لٽيا ويا، ٻوڙيا ويا .... مٿئين جهاز جي به تفصيلي خبر ڪا اسان کي پئجي سگهي ها ڇا؟ پر رڳو ان ڪري جو واسڪو ڊاگاما جي ٻيڙي (Armada) ۾ ٻه تاريخدان به هئا، جيڪي جيتوڻيڪ سندس ماڻهو هئا پر هنن هن ظلم جو سربستو احوال لکيو ۽ دنيا کي خبر پئي. هونءَ ته اسان اهو ئي وهنوار ڏسون ٿا ته تاريخ لکندڙ پنهنجن بادشاهن، حاڪمن ۽ ليڊرن جي تعريف ئي لکن ٿا پر هن 400 حاجين کي (جن ۾ 50 کن عورتون به هيون) جيئرو ساڙڻ واري واقعي هنن تاريخدانن جي دلين کي به ڏهڪائي ڇڏيو. تڏهن ته هنن اهو لکيو ته واسڪو ڊاگاما جي هن خونريزيءَ سڀني کي شرمسار ڪري وڌو.
هي ظلم ۽ مصيبتون نه فقط سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جي جهازن کي درپيش اينديون رهيون پر ڪَل (انجڻ) تي هلندڙ لوهي جهاز به انهن جو شڪار ٿيندا رهيا. حاجين جي جهازن جي ڳالهه نڪتي آهي ته تعليمي ڏينهن ۾ پڙهيل جهازن مان هڪ ايس ايس جده (S.S Jeddah) حاجين جي جهاز سان ٿيندڙ “بئڊلڪ” ياد اچي رهي آهي. هي واقعو “واسڪو ڊاگاما” جي مٿئين ظلم کان 380 سال پوءِ جو، يعني 1880ع جو آهي. يا کڻي چئجي ته اڄ کان 140 سال اڳ جو آهي، جڏهن جهاز ٻاڦ تي هلڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ هر جهاز جو رڪارڊ رکڻ جو وهنوار سڄي دنيا ۾ رائج ٿي ويو هو.
اڄڪلهه جا انجڻ وارا جهاز ڊيزل انجڻ يا ٽربائين تي ٿا هلن. يعني انهن انجڻين ذريعي جهاز جو پروپيلر (جهاز جي تري ۾ لڳل ٽن يا چئن پَرَن وارو پنکو) گهمايو ٿو وڃي، جنهن جي پاڻيءَ ۾ گهمڻ تي جهاز اڳتي وڌي ٿو. ڊيزل انجڻ ۾ ٻارڻ وارو تيل سلينڊر ۾ داخل ڪري ساڙجي ٿو ته ان ۾ موجود پسٽن هيٺ مٿي ٿئي ٿو ۽ ڪرئنڪ شئفٽ سان ڳنڍيل پروپيلر گول گهمي ٿو. شروع ۾ ايجاد ڪيل اسٽيم انجڻ (ٻاڦ جي انجڻ) ۾ به پسٽن کي هيٺ مٿي ڪرڻو پيو ٿي پر اهو ٻاڦ (Steam) ذريعي ڪيو ويو ٿي، جيڪا جهاز جي سائيز مطابق هڪ، ٻن يا ٽن چئن بئالرن ۾ پيدا ڪئي وئي ٿي. ان وقت تائين نه ڊيزل يا پيٽرول (ٻارڻ جو تيل) عام ٿيو هو ۽ نه ڊيزل يا پيٽرول انجڻ (Internal Combustion Engine) ايجاد ٿي هئي. جهاز تي ڪوئلن جا انبار رکيا ويا ٿي، جيڪي بئالرن جي کورن ۾ ٻاري پاڻي گرم ڪري ٻاڦ ٺاهي وئي ٿي، جيڪا پائيپن رستي سلينڊرن ڏي موڪلي وئي ٿي جيئن اها سلينڊرن اندر موجود پسٽنن کي هيٺ مٿي ڪري سگهجي.
انهن ڏينهن ۾ ٽيڪنالاجي وڌي نه هئي. اليڪٽرسٽي به نه هئي جو ويلڊنگ ٿي سگهي، ان ڪري جهاز جي ٻاهرين باڊي توڙي اندر جا ڪمرا وغيره ويلڊنگ بدران Rivet ڪيا ويا ٿي. يعني ڪوڪن ۽ ڪِلين ذريعي ڳنڍيا ويا ٿي. وڏين ڇولين ۽ طوفانن ۾ جهاز جي باڊي ٽٽي پئي ٿي ۽ پاڻيءَ جي اچڻ ڪري جهاز ٻڏي ويو ٿي. جهازن جا بئالر به اڃا ڪي ماڊرن نه ٿيا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻاڦ جي پريشر وڌڻ تي اهي ڦاٽي پيا ٿي. خراب موسم ۽ خراب سمنڊ ۾ جهاز کي وڏا لوڏا اچڻ تي ڪنهن ڪنهن بئالر جا ترا نڪرڻ تي اهو ڪري به پيو ٿي ۽ منجهائنس نڪرندڙ ٻاڦ جهڙي گرم پاڻيءَ اوسي پاسي ۾ موجود خلاصين ۽ انجنيئرن کي ساڙي رکيو ٿي. ياد رهي ته صدين تائين جهاز جيستائين سڙهن تي هلندا رهيا، جهاز هلائڻ لاءِ فقط ناکئا (Navigators) هئا. انجڻ جي ايجاد بعد جهازن تي مئرين انجنيئرن جي موجودگي ضروري سمجهي وئي ۽ منهنجي خيال ۾ ان کي به سوا صدي جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته ٻاڦ تي هلندڙ جهازن جي نالن اڳيان توهان کي S.S نظر ايندو يعني “اسٽيم شپ” ڊيزل انجڻ تي هلڻ وارا جهاز “موٽر ويسل” سڏجن ٿا. انهن جي نالن اڳيان M.V لکيل رهي ٿو. اهي جهاز جيڪي اسٽيم ٽربائين تي هلن ٿا انهن جي نالي اڳيان T.S يعني “ٽربو اسٽيم” لکيل رهي ٿو. حاجين جو هي بدنصيب جهاز جيڪو ٻاڦ تي هلندڙ اسٽيم جهاز هو، ان جو نالو “ايس ايس جده” هو.
هن جهاز کي 1872ع ۾ حادثو پيش آيو، يعني هي انگريزن جي حڪومت جو دور هو. هند، سنڌ، برما، ملايا، سلون، سنگاپور، عدن انگريزن جي هٿ ۾ هو. سمجهو ته هيءَ ڳالهه سنڌ فتح ٿيڻ کان 30 سال پوءِ جي آهي ۽ انگريزن کي سنگاپور جو ويران ٻيٽ خريد ڪرڻ کي 53 سال ٿي ويا هئا. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا وٽ سنگاپور ڪو اڪيلو ٻيٽ ناهي. سنگاپور جهڙا اڄ به سوين ٻيٽ ويران يا ٿورو گهڻو آباد حالت ۾ آس پاس پکڙيا پيا آهن. پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ وارا سمجهي سگهن ٿا ته انهن جو ڪيڏو وڏو تعداد آهي ۽ هن ايريا ۾ جهاز هلائڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي. سمجهو ته چاڪيواڙي يا لياريءَ جي علائقي ۾ ٽرڪ هلائڻ ٿي.
28 جنوري 1819ع تي برطانيا جو گورنر اسٽئمفورڊ رئفلس (Stamford Raffles) هن ٻيٽ تي گهمڻ آيو ته هن کي هن ٻيٽ جي لوڪيشن وڻي وئي. جيتوڻيڪ 720 چورس ڪلوميٽر هي ٻيٽ هڪ ويران ۽ ڌٻڻ وارو ٻيٽ هو، جنهن جي هڪ ڪناري جتي سنگاپور نديءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪيو، هڪ هزار کن مهاڻن، ماڇين، چورن، قذاقن جي آدمشماري هئي. اندر ڊَڀَ، گاهه، جهنگل، نانگ بلائون، وڇون، سئو پيريون، گپ ۽ مڇر هئا. پر رئفلس جي دماغ ۾ ڳالهه آئي ته هن ٻيٽ کي حاصل ڪري ڊيولپ ڪجي ته واهه جو بندرگاهه ٿي پوندو ۽ چين، جپان، ملايا، انڊونيشيا، فلپين، سيام کان هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ ڏي ايندڙ ويندڙ جهازن تي نظر رکي سگهبي. انهن ڏينهن ۾ هي ٻيٽ ملائيشيا جي ڇيڙي واري ڏاکڻي رياست “جوهور” جي سلطان جي ملڪيت هو ۽ جنهن جي هٿ ۾ جوهور جيڏي ملڪ کان علاوه سنگاپور جهڙا ٻيا به انيڪ ٻيٽ هئا. تنهن کي انگريزن چڱو خاصو پئسو آفر ڪيو ته هن خوشيءَ سان وڪڻي ڇڏيو ۽ رئفلس هي ٻيٽ 6 فيبروريءَ 1819ع تي پئسا ڏئي، پنهنجي ملڪ جي واپاري ڪمپني “ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ” لاءِ خريد ڪيو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن کي پنهنجن ڪجهه اصولن ڪري نوان ملڪ، نوان ٻيٽ، نوان بندرگاهه ٺاهڻ آيا ٿي جيئن بمبئي ڏسو، عدن ڏسو، ويندي ملايا (ملائيشيا) جو هڪ ٻيو ٻيٽ ۽ بندرگاهه “پينانگ” ڏسو! سنگاپور جو ٻيٽ خريد ڪري هنن جيئن ئي واپارين ۽ پورهيتن کي هتي اچي ڪمائڻ جي دعوت ڏني، ته چوڌاري جيڪي ملئي، چيني، فلپينو ۽ ٻيون قومون هيون انهن جا ته ڪيترائي ماڻهو اچي ويا، پر انڊيا کان گجراتي، سک، سنڌي، پنجابي ۽ پٺاڻ به اچي ويا. انڊيا جي ڪجهه ماڻهن کي ته انگريز پاڻ وٺي آيا جيئن ته ريلوي ۽ روڊن جي ڪم لاءِ تامل، مليالم (ڏکڻ هندوستاني)، پوليس ۽ سيڪيورٽي جي ڪم لاءِ گورکا ۽ پٺاڻ، جهنگلن جي ڪٽائيءَ لاءِ بنگالي، آفيسن ۾ ڪلارڪي ڪم ڪرڻ لاءِ سريلنڪن وغيره. ان کان علاوه پارسي، ايراني ۽ عرب (خاص ڪري يمن پاسي جا) سنگاپور کان اچي نڪتا، جو هنن کي خبر هئي ته جتي انگريز جي حڪومت هوندي اتي امن امان، انصاف، بنيادي سهولتون، واپار وڙي جون آسانيون پڻ هونديون.
انڊيا ۾ 1857ع واري بلوي بعد، جنهن ۾ آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي ڏيهه نيڪالي ڏئي برما موڪليو ويو، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هي سڀ ٻيٽ ۽ ملڪ برطانيا جي حڪومت حوالي ڪيا جن سنگاپور جو انتظام “مدراس پريزيڊنسي” حوالي ڪيو جيئن سنڌ ۽ عدن جو بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هو. سنگاپور هر فيلڊ ۾ ترقي ڪرڻ لڳو. پهرين ته هي ڪارين مرين (Pepper) ۽ ٻين مصالحن جي خريد و فروخت جو مرڪز ٿي پيو ۽ پوءِ جيئن ئي هن پاسي رٻڙ جي پوک شروع ٿي ته سنگاپور رٻڙ جي امپورٽ ايڪسپورٽ ڪري دنيا ۾ مشهور ٿيو. ملايا ۽ انڊونيشيا جو رٻڙ سنگاپور ۾ آيو ٿي، جتي عرب، پارسي، يورپي واپارين خريد ڪري دنيا جي مختلف ملڪن ڏي موڪليو ٿي. دنيا جا ڪيترائي واپاري سنگاپور ۾ ٺام ٺڪاڻو ٺاهي رهي پيا. واپار کان علاوه هنن سنگاپور توڙي ملائيشيا، انڊونيشيا ۾ هوٽلون ۽ دڪان خريد ڪيا، مال بردار ۽ مسافر جهاز هلايا، بئنڪون ۽ ٽريڊنگ ڪمپنيون کوليون ۽ ملائيشيا ۾ خاص ڪري، جاگيرون خريد ڪري پوک جو ڪم شروع ڪرايو. ملائيشيا ۾ ان ڪري، جو اتي به انگريزن جي حڪومت هئي، ان ڪري ملائيشيا ۾ انڊونيشيا کان (جتي ڊچن جي حڪومت هئي) وڌيڪ بهتر قاعدو قانون هو.
انگريزن جي سڏ تي جن سنگاپور کي اوائلي ڏينهن ۾ اچي وسايو انهن ۾ يمن جو عرب واپاري سيد عبدالرحمان السقاف (Al- Saqqaf) به هو جنهن کي سنگاپور ۾ السگاف (Al saggaf) به لکيو وڃي ٿو. هيءَ فئملي حضرمي مسلمان (Hadhrami) به سڏجي ٿي يعني هنن جو واسطو يمن جي ڏاکڻي علائقي “حضرالموت” (Hadhramaut) سان آهي، جتي جو اوساما بن لادن به هو. هن علائقي جا عرب سمنڊ جي ڪناري جا رهاڪو هجڻ ڪري هو هڪ ته سٺا جهازران ٿي گذريا آهن ۽ ٻيو سٺا واپاري پڻ. هنن جو واپار هندي وڏي سمنڊ جي آفريڪي توڙي انڊين بندرگاهن ۾ هليو ٿي ۽ وڏا امير ماڻهو هئا. هينئر به سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ سندن وڏيون جاگيرون، گهر ۽ ڪاروبار آهن. سخاوت ۾ به هو اڳيان اڳيان آهن. نه فقط ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پر ممباسا، زنجبار، صوماليا پاسي به توهان کي الحضارم (حَضرمي جو جمع) عرب ملندا. حَضرمي يهودي به مشهور آهن، جيڪي هاڻ اسرائيل ۾ ئي رهن ٿا.
انگريزن جيئن ئي 1819ع ۾ سنگاپور ٻيٽ خريد ڪيو ۽ 1824ع ۾ ان کي ڊيولپ ڪرڻ لاءِ واپارين کي دعوت ڏني ته ان ئي سال يعني 1824ع ۾ “سيد عبدالرحمان” پنهنجي پٽ “سيد احمد السقاف” سان گڏ سنگاپور اچي رهيو. هو مصالحي جو واپاري هو ۽ هن پنهنجي ڪاروبار ذريعي خوب ناڻو ڪمايو ۽ ماڻهن جي بهبودي (Welfare) جو به وڏو خيال ڪيو. سندس پٽ سيد احمد ته خير جي ڪمن ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. هن 1848ع ۾ سنگاپور ۾ “السقاف ڪمپني” به کولي، جنهن جو ڪم اسٽيٽ ايجنسي، بزنيس، امپورٽ ايڪسپورٽ وغيره رهيو. سيد احمد جي شادي 1930ع ۾ ملئي ڇوڪري “راجا سيتيءَ” سان ٿي، جيڪا حاجا (حاجاڻي) فاطمه نالي هڪ امير ۽ نواب عورت جي ڌيءَ هئي. ان ڪري سيد احمد وٽ وڏو پئسو اچي ويو. هيءَ “حاجا فاطمه” اها آهي جنهن جي نالي سنگاپور ۾ بيچ روڊ تي مسجد حاجا فاطمه آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته هن پاسي “عورت حاجي” کي حاجياڻي نه پر “حاجا” سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته ملئي ٻوليءَ ۾ “راجا” عورت جو ۽ “راڻي” مرد جو به نالو آهي، جيئن مٿي “راجا سيتيءَ” جو نالو آيو آهي ۽ “سيتي” نه فقط هندو ۽ ٻڌ ڇوڪرين جو پر مسلمان ڇوڪرين جو به عام نالو آهي.
سيد احمد السقاف ۽ راجا سيتيءَ کي هڪ پٽ سيد محمد السقاف ۽ نو ڌيئرون ڄايون. سيد محمد السقاف کي نانگ چِڪ (Nong Chik) نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. پاڻ 1836ع ۾ ڄائو هو ۽ 1906ع ۾ وفات ڪيائين، ملائيشيا جي جوهور رياست ۾ “نانگ چڪ” نالي ڳوٺ سيد محمد السقاف نالي آهي. اڪيلو پٽ هجڻ ڪري هن کي نه فقط پيءُ جي ملڪيت ملي، پر نانِي حاجا (حاجاڻي) فاطمه جي پڻ. سندس زمينداري ۽ بزنيس کان علاوه امپورٽ ايڪسپورٽ جو به ڪم هو. نانگ چڪ کان علاوه هو هڪ ٻئي ڳوٺ ڪُوڪپ (Kukup) جو به مالڪ هو. سنگاپور جي بيچ روڊ تي ٻين بنگلن سان گڏ اهو بنگلو به هن ٺهرايو جنهن تي بعد واري خريدار هوٽل رئفلس ٺهرائي، جيڪا انگريز ليکڪ “سمرسيٽ ماهم” جي دلپسند هوٽل هوندي هئي، جتي ايندڙ جهازرانن کان مختلف ملڪن جون خبرون ٻڌي هن ڪتاب لکيا. سيد محمد السقاف ڪيترن ئي مال بردار (Cargo) جهازن جو مالڪ پڻ هو. انهن جهازن کان علاوه هو هڪ پئسينجر جهاز “ايس ايس جده” جو به مالڪ هو، جنهن جي بدقسمتيءَ جي پاڻ ڳالهه ڪري رهيا آهيون.
سنگاپور جي هن امير عرب بزنيس مئن سيد محمد السقاف جو هي جهاز خاص حاجين لاءِ 1872ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي شهر ڊمپارٽن ۾ ٺهيو ۽ سيد محمد جي ٻين مال بردار جهازن سان گڏ سنگاپور کان جدي ۽ اوسي پاسي جي بندرگاهن ڏي سامان ۽ مسافر ڍوئي رهيو هو. سندس بدنصيب سفر 17 جولاءِ 1880ع تي سنگاپور کان شروع ٿيو، جڏهن هو ملايا جي بندرگاهه پينانگ مان ٿيندو هاڻ جدي ڏي وڃي رهيو هو. آئون پهرين به لکي چڪو آهيان ته جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جا مهينا اهي آهن، جن ۾ چوماسي (monsoon) جي هوائن ڪري هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جا ڪجهه حصا: خليج بنگال، عربي سمنڊ وغيره بيحد خراب ٿا رهن ۽ انهن مهينن ۾ حج ٿيڻ تي حاجين کي جهاز جي لوڏن ڪري “سِي سڪنيس” ٿئي ٿي ۽ کين سمنڊ جي سفر جو مزو اچڻ بدران تڪليف رسي ٿي. هن سفر ۾ جهاز هلائڻ وارن کان علاوه هڪ هزار کن مسافر به هئا. جن ۾ 778 مرد، 147 عورتون ۽ 67 ٻار هئا. ان کان علاوه جهاز تي 600 ٽن مختلف ڪارگو به هو جنهن ۾ کنڊ، هڪ خاص قسم جو ڪاٺ، مصالحو ۽ ٻيو سامان هو. جهاز جي مسافرن ۾ جهاز جي مالڪ جو ڀاڻيجو “سيد عمر السقاف” به هو. جهاز جو ڪئپٽن “جوزف ڪلارڪ” انگريز هو، ان بعد ٻئي ۽ ٽئي نمبر وارا نيويگيٽر: فرسٽ ميٽ ۽ سيڪنڊ ميٽ يورپي هئا ۽ ٿرڊ انجنيئر به يورپي هو. جهاز تي ڪئپٽن جي يورپي زال به موجود هئي.
“جده جهاز” پينانگ مان ٿي سڄو خليج بنگال سمنڊ لتاڙي، سلون (سريلنڪا) ٻيٽ جي هيٺان ڦيرو ڪري عربي سمنڊ ۾ داخل ٿي اتر جو رخ ڪيو. رستي تي لکديپ ٻيٽ ۽ بمبئي جو ڪنارو ڏئي ڪڇ ۽ ڪراچي ڏي وڌڻ بدران اتر اولهه طرف رخ اختيار ڪيو جيئن اهو جدي پهچڻ لاءِ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ داخل ٿي سگهي. 3 آگسٽ 1880ع تي بحر احمر جي منهن وٽ راس حافون (صوماليا) جي علائقن ۾ پهچڻ سان طوفاني هوائون (جن کي اسان Hurrricane force winds سڏيون ٿا) ۽ وڏيون لهرون جهاز کي سَٽڻ لڳيون. جهاز جي اڳيان پويان ٿيڻ (Pitching) ۽ ساڄي کاٻي لُڏڻ (Rolling) ڪري جهاز جا بئالر پنهنجي بنيادن تان اکڙي ويا. جهاز جي انجنيئرن ۽ خلاصين (آڳ وارن ۽ مسترين) بئالرن جي هيٺان چپرون ۽ ڪِلا ٺوڪي بئالرن کي ٻرڻ جوڳو ڪيو پر ٽن ڏينهن بعد، 6 آگسٽ تي موسم وڌيڪ خراب ٿي وئي، جنهن جهاز کي اهڙو ته ڪُڏايو جو بئالرن کي جيڪو جهڙو تهڙو مضبوط ڪيو ويو هو اهو ڊهي پيو ۽ بئالرن ۽ جهاز جي ڀتين ۾ ڏرا پوڻ ڪري هڪ طرف بئالرن جو ٻاڦ جهڙو گرم پاڻي انجڻ روم ۾ موجود ماڻهن کي ساڙڻ لڳو، ته ٻئي طرف سمنڊ جو پاڻي جهاز اندر داخل ٿي جهاز کي ٻوڙڻ لڳو. جهاز کي روڪيو ويو ۽ بئالرن ۽ انجڻ جي عارضي طور مرمت ڪئي وئي. ان بعد جهاز کي آهستي هلايو ويو، جيئن اهو هن طوفان واري علائقي مان نڪري ڪنهن ويجهي بندرگاهه تائين پهچي سگهي. بئالر به سڀ تباهه ٿي ويا هئا. فقط هڪ بئالر ٻري رهيو هو، جنهن ۾ جيڪا ٿوري گهڻي ٻاڦ تيار ٿي رهي هئي ان ذريعي انجڻ، جهاز کي ٻلي پير ڌِڪي رهي هئي. جهاز اندر جيڪو سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي رهيو هو، ان کي جهاز جي خلاصين سان گڏ حاجي مسافر به بالٽين ۽ دٻن ذريعي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رهيا. پر پاڻيءَ جو ليڪيج وڌي ويو ۽ رهيل بئالر به وڃي ڦهڪو ڪيو ۽ جهاز کي اڳتي ڌڪڻ واري انجڻ بيڪار ٿي وئي.
جهاز کي ائين هوائن ۽ لهرن جي رحم ڪرڻ تي ڇڏڻ به خطرناڪ هو، جو جهاز ڪناري جي ويجهو هو ۽ ڪناري تي يا سمنڊ اندر موجود پهاڙيءَ سان ٽڪرائي ڇيتيون ڇيتيون ٿي سگهيو ٿي. اهڙي ايمرجنسيءَ جي حالت ۾ جهاز جي بنگالي، ڪوڪني ۽ ڪڇي خلاصين سڙهه اڀا ڪيا، پر طوفاني هوائن جو ايڏو زور هو جو ڪپڙي جا هي سڙهه ڦاٽي پيا يا اڏامي ويا. ستين آگسٽ وارو سڄو ڏينهن جهاز توائي ٿي هندي وڏي سمنڊ ڏي رڙهندو (drift ٿيندو) رهيو. جهاز ۾ پاڻي داخل ٿيڻ ڪري اهو هڪ طرف list ٿيڻ لڳو يعني جهڪڻ لڳو. جهاز جو ڪئپٽن ۽ ٻيا آفيسر سمجهي ويا ته هن جهاز جو هاڻ بچڻ مشڪل آهي، ان ڪري ڀڄي جان بچائجي.
هتي اهو لکندو هلان ته ان وقت تائين سامونڊي زندگيءَ ۾ ڪي سلامتيءَ جا بين الاقوامي سخت قانون وجود ۾ نه آيا هئا. هاڻ ته UNO طرفان انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن آهي جنهن جي نظر هيٺ جهاز ٺهن ٿا، جهاز هلن ٿا، جهاز هلائڻ وارن جا امتحان ٿين ٿا. وغيره وغيره. جيئن ته جهاز ٻڏڻ مهل لائيف بوٽون ايتريون هجن جن ۾ جهاز جا سڀ ماڻهو سوار ٿي جان بچائي سگهن. جهاز تي هر سوار لاءِ لائيف جئڪيٽ جو هجڻ به ضروري آهي. پر انهن ڏينهن ۾ جهاز ۾ ان قسم جي سلامتي ۽ سهولتن جي ڪا سوچ نه هئي. جهاز تي موجود حاجين اهو ئي چاهيو ٿي ته جهاز جي ٻڏڻ تائين جهاز مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي جيئن ڪنهن وقت به طوفان هلڪو ٿيڻ تي ڪو گس ڪري وٺجي. پر جهاز هلائڻ وارن جي نيت کوٽي هئي ۽ هنن وڌيڪ کٽراڳ ۾ نٿي پوڻ چاهيو. جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ مسافرن- خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن کي پهرين بچائجي ۽ جهاز جي ڪئپٽن کي سڀ کان آخر ۾ جهاز ڇڏڻ کپي. پر هي اهو زمانو هو جنهن ۾ اهڙين ڳالهين جو پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪير به نه هو. ان مان اندازو لڳايو ته جهاز تي فقط هڪ ٻيڙي هئي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ 20 ماڻهو سوار ٿي سگهيا ٿي. لائيف جئڪيٽ جهڙي ته ڪا شيءِ اڃا ايجاد نه ٿي هئي، شايد.
جهاز جي ڪئپٽن، چيف انجنئير ۽ ٻين آفيسرن جڏهن ڏٺو ته جهاز جي بچڻ جي ڪا اميد ناهي ته هو جهاز جي ساڄي پاسي واري ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ان کي سمنڊ ۾ هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا جنهن جي مسافرن کي خبر پئجي وئي. حاجين جهاز وارن کي, کين ڇڏي نه وڃڻ جو چيو پر هنن نه مڃيو. ان تي مسافرن جو ٻيڙيءَ ۾ ڀڄي وڃڻ وارن سان زباني ۽ هٿن سان جهيڙو ٿيو. مسافرن کي ڊيڪ تي جيڪا شيءِ نظر آئي ٿي اها هنن ٻيڙيءَ وارن کي اڇلي هنئي ته جهاز تي هنن کي ڇڏي نه وڃو. طوفاني ۽ اونداهي رات واري هن جهيڙي ۾ ڪجهه جهازران ته ڪجهه مسافر سمنڊ ۾ ڪري ٻڏي ويا. ٻيڙيءَ ۾ سوار گورا (انگريز ۽ يورپي) باقي جهاز جي خلاصين ۽ مسافرن کي جهاز ۾ ڇڏي ٻيڙيءَ کي سمنڊ ۾ لاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته جهازن تي جيڪي بچاءَ لاءِ ٻيڙيون (Life Boats) ٿين ٿيون اهي ڪي بندرگاهه تائين پهچائڻ لاءِ نه هونديون آهن. چَپن تي هلائڻ واريون انهن ڏينهن جون لائيف بوٽس، توڙي اڄ جون ڊيزل انجڻ تي هلندڙ اهي ٻيڙيون فقط ان لاءِ ٿين ٿيون جيئن ماڻهن کي سلامتيءَ سان جهاز مان هيٺ لاهين ۽ پوءِ چپوئن ذريعي يا انجڻ ذريعي ٻيڙيءَ کي جهاز جي رينج کان پري ڪڍي وڃجي جيئن سڙيل جهاز جا ٽڪرا يا ٻڏندڙ جهاز پاسيرو ٿي ان ٻيڙيءَ مٿان نه ڪري. ان لائيف بوٽ ۾ ڪو ايترو تيل نٿو ٿئي ۽ نه ان ۾ ويٺل مسافرن کي ايڏي سگهه ٿئي ٿي جو چپون هلائي ٻيڙيءَ کي بندرگاهه تائين وٺي اچجي. سلامتي ۽ بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ ڪنهن لنگهندڙ جهاز جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو.
جده جهاز جي هيءَ ٻيڙي (Life Boat) سڄي رات لهرن جي رخ تي تڙڳندي رهي. ٻئي ڏينهن اتان لنگهندڙ هڪ قيدين جي جهاز (Convict Ship) ايس ايس سنديئن (S.S. Scindian) وارن جي هن ٻيڙيءَ تي نظر پئي جن هن ۾ سوار سڀني ماڻهن کي پنهنجي جهاز تي چاڙهي عدن اچي ڇڏيو، جو اهو ئي ويجهو بندرگاهه هو. عدن تي انگريزن جي حڪومت هئي ۽ هي جهاز سنديئن به انگريزن جو هو. هتي اهو به لکندو هلان ته انهن ڏينهن ۾ جڏهن انڊيا، برما، سلون، ملايا، ڪينيا، يوگنڊا وغيره تي انگريزن جي حڪومت هئي ته انهن ملڪن ۾، يا ويندي انگلينڊ ۾، چورن ڌاڙيلن کي سزا خاطر ڏيهه نيڪالي ڏني وئي ٿي ۽ ڪاري پاڻيءَ کان علاوه، خاص ڪري انگريزن کي، سزا طور آسٽريليا موڪليو ويو ٿي ته هو باقي زندگي اتي پيا هجن. سو اهي جهاز جيڪي هوندا ته عام جهازن جهڙا مسافر يا مال بردار جهاز هئا، پر قيدين کي کڻي وڃڻ ڪري اهي Convict Ships سڏبا هئا. جيئن اڄڪلهه آسٽريليا کان رڍون ٻڪريون ڍوئڻ وارا جهاز Cattle Ships سڏجن ٿا ۽ جپان مان ڪارون آڻڻ وارا جهاز Car Carriers سڏجن ٿا. عدن پهچي ”جده“ جهاز جي آفيسرن اهائي ڪهاڻي ٻڌائي ته جهاز جا حاجي مسافر طوفان ۽ انجڻ جي خرابيءَ ڪري ڇتا ٿي پيا. هنن اسان جهاز هلائڻ وارن گورن (انگريزن ۽ يورپين) سان خونريز جهيڙو ڪيو جنهن ۾ اسان جا ٻه مئرين انجنيئر قتل ٿي ويا. وڏي مشڪل سان اسان جان بچائي هتي پهتا آهيو. “جده” جهاز لاءِ ٻڌايائون ته بئالر ڦاٽڻ تي جهاز پاڻيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هنن جي اکين اڳيان ٻڏي ويو.
مزي جي ڳالهه ته جهاز ٻڏڻ کان بچي ويو هو. ان جي مسافر حاجين بعد ۾ هن حادثي مان بچڻ جي اسٽوري هن ريت ٻڌائي ته جهاز هلائڻ وارن آفيسرن جي ٻيڙي (لائيف بوٽ) ۾ ڀڄي وڃڻ بعد جهاز جي بچيل خلاصين حاجين سان گڏجي انجڻ روم مان ڏينهن رات پاڻي ڪڍي جهاز کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو. ان بعد هنن جهاز تي مصيبت مان ڪڍڻ جو جهنڊو (Distress Signal) اڀو ڪري ڇڏيو، جيڪو اتان لنگهندڙ هڪ جهاز “ايس ايس انٽينار” (S.S. Antenor) ڏسي ورتو. هي جهاز شنگهائيءَ کان 680 مسافرن کي کڻي لنڊن وڃي رهيو هو. هن جهاز وارن ڏٺو ته جده جهاز وارا پنهنجي جهاز کي صوماليا جي ڪناري راس فيلوق وٽ بيچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ظاهر آهي اهڙي جڏي جهاز کي جيڪو هوائن ۽ لهرن جي رحم و ڪرم تي هجي اهو سمنڊ ۾ رهڻ سان ٻڏي به سگهي ٿو، سمنڊ اندر موجود ٽڪرين سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي سگهي ٿو. ان کان بهتر اهو ئي ڪم هو ته ان کي Beach ڪيو وڃي يعني هن کي ڪناري تي چاڙهي ڇڏجي جيئن اهو جهاز پوءِ چُري پُري نه سگهي ۽ جهاز ۾ ڦاٿل مسافر خشڪيءَ تي لهي ڪنهن ويجهي ڳوٺ ۾ هليا وڃن.
“انٽينر” جهاز جده جهاز جي ويجهو آيو ۽ پنهنجن پمپن ذريعي هن ۾ موجود پاڻي ڪڍي هن جي list ختم ڪئي. يعني هن جو هڪ طرف ڏي جهڪاءُ ختم ڪري ان کي “Even Keel” تي آندو – يعني جهاز کي ليول تي بيهاريو ۽ پوءِ رسا ٻڌي ان جهاز کي ڇڪي (Tow ڪري) مسافرن سميت عدن بندرگاهه ۾ پهچايو. اها تاريخ 11 آگسٽ هئي. بندرگاهه وارا جهاز کي صحيح سلامت ڏسي حيران ٿي ويا. جهاز جا سڀ مسافر صحيح سلامت هئا!.
عدن ۾ هند سنڌ وانگر انگريزن جي حڪومت ۽ انهن جون ڪورٽون هيون، جتي جي ريزيڊنٽ ۽ سيشن جج ڪيس هلايو ۽ جهاز جي چيف انجنيئر، ڪئپٽن ۽ چيف ميٽ کي ڏوهاري قرار ڏئي هنن جي جهاز هلائڻ واري MOT سرٽيفڪيٽ کي ٽن سالن لاءِ رد ڪري ڇڏيو. هونءَ ڏٺو وڃي ته هي بدترين اخلاقي ڏوهه هو جو جهاز جو ڪئپٽن هزار کن جانين کي مصيبت ۾ ڇڏي پنهنجي زال ۽ آفيسرن کي ساڻ ڪري ٻيڙيءَ ۾ ڀڄي ويو. مسافرن کي ڪهڙي ڄاڻ ته ڇا ڪجي. بهرحال قدرت جا ڪمال آهن جو نه رڳو جهاز پر ان ۾ موجود حاجي به بچي ويا، جن مان پوءِ ڪجهه خشڪيءَ ذريعي عدن کان مڪي پهتا ته ڪجهه ڀاڙي جي ٻيڙين ۽ ٻين جهازن ذريعي عربستان جي بحر احمر جي بندرگاهه جدي ۽ ينبوع ۾ پهتا. جهاز جي مالڪ سيد محمد اسقاف کي بئالرن جي مرمت تي خرچ ضرور ڪرڻو پئجي ويو، پر سندس مهانگو جهاز بچي ويو. ان سان گڏ سندس پيارو ڀاڻيجو سيد عمر اسقاف پڻ جيڪو ان جهاز تي مسافر هو.
هتي ٻه سٽون “سيد عمر اسقاف” نالي لکڻ ضروري ٿو سمجهان، خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي سنگاپور گهمڻ، نوڪري يا تعليم لاءِ وڃن ٿا جتي هنن جو هر وقت لنگهه بيچ روڊ تي 1842ع جي ٺهيل حاجا فاطمه مسجد، جالان سلطان تي 1912ع جي مدرسه السقاف العربيه ۽ رئفلس هوٽل اڳيان ٿئي ٿو، جن اڳيان هو فوٽو به ڪڍرائين ٿا.... انهن عمارتن جو واسطو سيد عمر جي مامي سيد محمد (نانگ چِڪ)، نانَي سيد احمد، نانِي راجا سيتي جي والده حاجا فاطمه سان آهي.
سيد عمر بن محمد السقاف جيڪو پنهنجي مامي سيد محمد (نانگ چڪ) السقاف جي جهاز “ايس ايس جده” جي مٿئين حادثي واري سفر ۾ موجود هو، سنگاپور جي اهم شخصيت مڃيو وڃي ٿو. هو 1852ع ۾ سنگاپور ۾ ڄائو ۽ 1927ع ۾ جاوا ٻيٽ جي شهر سُڪا ڀومي (Sukabumi) ۾ وفات ڪيائين، جتي هو گهمڻ لاءِ ويو هو ۽ سندس لاش کي اتان گهرائي سنگاپور ۾ دفن ڪيو ويو. سيد عمر جي ناني کي هڪ پٽ سيد محمد (مامو) ۽ نو ڌيئرون (ماسيون) هيون: نور، لولو، ريگوئان، ماهاني، امينا، صفيه، رقيه، عائشه ۽ خديجا. انهن مان ٻن ٽن شادي ڪئي ٻين نه ڪئي. پر بزنيس ۽ خير جي ڪمن کان سنگاپور توڙي عرب دنيا ۾ مشهور آهن. سيد عمر عائشه جو پٽ هو جنهن جي پنهنجي ئي خاندان جي جنهن شخص سان شادي ٿي ان جو نالو پڻ سيد محمد اسقاف هو. پر عائشه جو ساڳي نالي وارو ڀاءُ پنهنجي اصلي نالي محمد کان علاوه Nong Chik سان پڻ مشهور هو - جيڪو ملئي نالو آهي. جيئن آئون ملاڪا جي سفرنامي ۾ اتي جي مشهور چيف منسٽر لاءِ لکي چڪو آهيان ته هن جو نالو عبدالرحيم آهي پر هو تامبي چڪ (Tambi Chik) جي نالي سان مشهور آهي. ٻي ڳالهه ته ملئي دنيا ۾- يعني سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي وغيره ۾ اهلبيت مرد “سيد” سڏجن ٿا جيئن اسان وٽ آهي، پر اسان وٽ عورتون به سيد سڏجن ٿيون پر هتي عورتن جي نالي اڳيان “شريفان” لکيو وڃي ٿو. مٿي سيد عمر جي والده ۽ 8 ماسين جا جيڪي نالا لکيا اٿم انهن جي اڳيان شريفان لکيو وڃي ٿو. جيئن ملائيشيا جي هڪ مشهور ۽ منهنجي دلپسند ڳائڻي” شريفان ائني” آهي. يعني هن جو نالو ائني ٿيو ۽ شريفان معنيٰ سيد يا شاهه. پر اسان وٽ شريفان نالو آهي جنهن جي ذات سيد به ٿي سگهي ٿي ته ميمڻ، شيخ، انصاري به. جيئن منهنجي والده جو نالو “شريفان سومرو” آهي. هوءَ ملائيشيا ۾ جڏهن به مون وٽ رهڻ ايندي هئي ته پاڙي جون ملئي عورتون يا منهنجي آفيس جون ڪلارڪ ڇوڪريون اهو سمجهي نه سگهنديون هيون ته “شريفان” نالو به ٿي سگهي ٿو. سيد عمر السقاف جي ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ حڪومت انگريزن جي هئي پر شان شوڪت وارو محل نما گهر سيد عمر وٽ هو، جنهن ۾ وڏي ڍنڍ به هئي جنهن ۾ هر وقت ٻيڙيون ترڳنديون رهيون ٿي. دنيا جون اعليٰ شخصيتون سيد عمر اسقاف جي “بڪت تُنگال” واري هن گهر ۾ اچي رهنديون هيون. پاڻ ڪامياب بزنيس مئن سان گڏ سخي مڙس پڻ هو. سندس مامي سيد محمد 1912ع ۾ جيڪو ”السقاف عرب اسڪول“ کوليو ان جو خرچ پکو هو سڄي زندگي ڏيندو رهيو. 1922ع ۾ پرنس آف ويلس سنگاپور گهمڻ آيو ته سيد عمر هن جو نه فقط آڌر ڀاءُ ڪيو پر هن جي شان ۾ HMS. Slamat (هزمئجيسٽي شپ سلامت) جهاز جو لانچ جيڏو ماڊل جهاز ٺهرائي ان تي يونيفارم سان آفيسرن کي بيهاري ويلس جي شهزادي کي سلامي پيش ڪئي. هن جهاز کي سنگاپور جي ٽائون هال تائين ٽرئڪٽر ڇڪي آيو هو جتي پرنس آف ويلس جو آڌر ڀاءُ ٿي رهيو هو.
سيد عمر جا نه فقط انگريز حاڪمن سان تعلقات سٺا رهيا پر حجاز جي سلطان “شريف” ۽ ترڪن جي سلطنت عثمانيه جي حاڪمن سان پڻ، جن طرفان کيس ايوارڊ به مليا.... هڪ ته Osmanieh Order of Turkey
۽ ٻيو High Order of Sheriff Hussain King Of Mecca.
کيس ٻن زالن مان ٽي پٽ: محمد، ابراهيم ۽ احمد ٿيا. السقاف فئملي ۾ احمد ۽ محمد نالا تمام گهڻا آهن. سڀ پٽ ۽ ڌيئرون: شريفان زينب ۽ شريفان عائشه (سندس ڏاڏيءَ جو نالو)سنگاپور جي مشهور ڪاروباري شخصيتن مان آهن. خاص ڪري ٻيو پٽ سيد ابراهيم عمر السقاف.
پڙهندڙن کي اهو سمجهڻ کپي ته يمن جي هن عرب خاندان السقاف جي سنگاپور ۾ ايتري ئي پراڻي تاريخ آهي جيتري سنگاپور ٻيٽ جي. السقاف فئمليءَ جا ماڻهو توهان کي نه فقط واپار ۾ پر سرڪاري نوڪرين، سياست ۽ فوج ۾ پڻ نظر ايندا.

شجرو اسقاف فئملي سنگاپور

سيد عبدالرحمان السقاف
(حاضرالموت جو عرب سوداگر، يمن کان 1824ع ۾ پنهنجي پٽ سيد احمد سان گڏ سنگاپور آيو.)

سيد احمد السقاف
هو ملئي خطاب “انگڪائو جنتا” سان سڏيو ويو ٿي ڄم جو سال 1804ع، وفات 1875ع.
زال: راجا سيتي ڪارائنگ چندا پوليح (ملاڪا جي امير واپاري عورت حاجا فاطمه سليمان جي ڌيءَ - ڄم: 1775ع، وفات: 1865ع.
(سنگاپور جي مسجد فاطمه هن سيد احمد السقاف جي سس فاطمه نالي آهي).
اولاد: هڪ پٽ سيد محمد السقاف ۽ 9 ڌيئرون: خديجه، عائشه، رقيه، صفيه، امينا، ماهاني، ريگوئان، لولو ۽ نور
سيد محمد السقاف جيڪو Nong chik سڏجي ٿو ڄم 1836ع وفات 1906ع، زال: چڪ آسيه
اولاد: داتو سيد احمد السقاف وڏو واپاري ۽ سخي مڙس
زالون: 1. شريفان علويا السقاف 2. فاطمه نيلي
انهن جو اولاد:
ميجر جنرل سيد محمد السقاف فوج مان 1970ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
ليکڪ: “From Third World to First … The Singapore Story.”
عائشه بنت احمد اسقاف جو اولاد
1. سيد علي ۽ 2. سيد عمر ڄم 1852ع وفات 1927ع اولاد:
محمد، ابراهيم، احمد، عائشه ۽ زينب

آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ هن حاجين جي جهاز جده سان واسطو رکندڙ هڪ ٻي ڳالهه به لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪا دلچسپيءَ جو باعث آهي. پر ان کان اڳ پنهنجي پڙهندڙن کان اهو سوال ڪندس ته هنن انگريزي ناول Lord Jim يا ان جو ترجمو پڙهيو آهي؟ ان ناول جي آڌار تي ان ئي نالي ”لارڊ جم“ سان انگريزي فلم به ٺهي آهي - هڪ 1925ع ۾ جنهن جي مون کي خبر ناهي ته اسان وٽ پاڪستان ۽ انڊيا ۾ هلي هئي يا نه، پر ساڳي نالي واري فلم 1965ع ۾ به هلي هئي، جنهن ۾ اسانجو انهن ڏينهن جو دلپسند اداڪار “پيٽر اوٽول” به آهي. اها فلم ڪراچيءَ جي اسڪالا يا بامبينو سئنيما ۾ ۽ حيدرآباد ۾ مئجيسٽڪ سئنيما ۾ هلي هئي جنهن جو ذڪر اسان جا حيدرآباد جا فلمن جا شوقين دوست پروفيسر قاضي خادم، نعيم بروهي (حليم بروهي جو ننڍو ڀاءُ) جن به ڪندا آهن. مون اها فلم ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ ٽرنيڊاڊ جي گاديءَ واري شهر ۽ بندرگاهه “پورٽ آف اسپين” ۾ ڏٺي هئي جيڪو انگريزي جي مشهور ناول نگار ۽ سفرناما لکندڙ وي. ايس. نائپال جو ڳوٺ آهي. سندس ڏاڏو ٻني ٻاري لاءِ انڊيا کان هتي ٽرنيڊاڊ ۾ آيو هو ۽ سندس پيءُ صحافي ٿيو هو ۽ اخبار ۾ ڪم ڪندو هو. وديا دهر سورج پرساد (وي ايس نائپال) مون کان 12 سال کن وڏو هو. سندس ننڍو ڀاءُ شيوادهر، جيڪو پڻ وڏي ڀاءُ وانگر لکڻ پڙهڻ جو شوقين هو، منهنجو هم عمر هو. هو 40 سالن جي ڄمار ۾ 1985ع ۾ گذاري ويو.
1960ع واري ڏهاڪي جا آخري سال ۽ 1970ع جا شروع وارا سال منهنجي جن جهازن تي نوڪري ٿي انهن جو روٽ ويسٽ انڊيز، USA ۽ ڪئناڊا پڻ رهيو ۽ ٽرنيڊاڊ جي هن بندرگاهه “پورٽ آف اسپين” ۾ انهن سالن ۾ به ۽ بعد ۾ به هتان لنگهڻ وقت جهاز کي راشن ۽ تيل پاڻيءَ لاءِ ترسائيندا هئاسين جو هي “ڊيوٽي فري” بندرگاهه هو جتي اسان ڌارين کي ڪنهن به شيءِ خريد ڪرڻ تي ٽئڪس نه ڏيڻو پوندو هو. هر قسم جا انگريزي ڪتاب پڻ سستي اگهه تي ملي ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ شيوادهر جو پهريون ناول Fire Flies ڇپيو هو. بعد ۾ A Hot Country ۽ ٻيا ڪتاب به ڇپيا. منهنجي ساڻس ۽ اتي رهندڙ ٻين سنڌي هندن ۽ سکن سان به ملاقات ٿيندي هئي. شيوادهر (سڄو نالو: شيوادهر سري نِواسا نائپال) مون کي جيڪي ڪتاب پڙهڻ لاءِ Suggest ڪندو هو، انهن ۾ “لارڊجم” پڻ هو. هن ٻڌايو ته لارڊ جم ناول جو مصنف جوزف ڪنراڊ (Joseph Cunrad) نه فقط هن جو پر سندس وڏي ڀاءَ وِديا دهر سورج پرساد نائپال (V.S.Naipal) جو به فئوريٽ ليکڪ آهي.
بعد ۾ مون کي اها به خبر پئي ته “لارڊ جم” ناول جو ليکڪ جوزف ڪنراڊ نه فقط مٿين نائپال ڀائرن جو فئوريٽ رهيو پر ٻين به ڪيترن ئي وڏن اديبن جو رهيو آهي جن تي ڪنراڊ جي ڪردارن جو اثر رهيو آهي. جيئن ته: ٽي ايس ايليٽ، گرهام گريني، ماريا دابروسڪا، ايف، اسڪاٽ فٽزگرالڊ، ويندي ارنيسٽ هيمنگوي، فلپ راٿ، وليم باروز ۽ ٻيا ڪيترائي ادب هن کي مڃين ٿا. 1985ع ۾ جڏهن هو 38 سالن جو هو ته هن جو پهريون ناول Almayer,s folly ڇپيو هو، جنهن انگريزي پڙهندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو، ڇو جو جوزف ڪنراڊ پولينڊ جو رهاڪو هو جنهن جي مادري ٻولي پولش هئي. ويهن سالن بعد هو انگريزي ڳالهائڻ سکيو سا به اسڪول مان نه پر ماڻهن سان، خاص ڪري جهاز جي خلاصين ۽ بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ دڪي جي مزورن ۽ ملاحن سان ڳالهائي ڳالهائي سکيو. توهان ڪيترائي اهڙا ڊاڪٽر ڏٺا هوندا جيڪي ٺلها MBBS هوندا پر هو ماهر سرجنن کان بهتر اکين جو آپريشن، ڊليوري وغيره ڪندا هوندا. هالا ۾ سائين غلام رضا ڀٽو صاحب جو هڪ مائٽ شيرل ڀٽو هوندو هو جيڪو انگريزيءَ جا ٻه لفظ به پڙهيل نه هو پر هو هر قسم جي جراحي ڪري ويندو هو. سندس پٽ ناصر ۽ علي ڏنو به سٺا جراح ۽ ڊاڪٽر ثابت ٿيا. ماڻهو پڙهيل لکيل ڊاڪٽرن کي ڇڏي هنن وٽ ويندا هئا. ائين ته شاهه لطيف به ڪهڙو ايم فل يا پي ايڇ ڊي هو، پر ان جهڙو ڪو شاعر پيدا نه ٿي سگهيو آهي. آصف زرداريءَ سان کڻي ڪيترا به اختلاف هجن پر جتي ٻيا پڙهيل ڳڙهيل سياستدان پٺيان رهجي ويا اتي هي پاڪستان جو پهريون صدر آهي جنهن نه برابر تعليم جي باوجود ملڪ جي فوجين، ڪورٽن ۽ مخالف ڌر جي سياستدانن کي منهن ڏئي پنهنجو پنج سال ٽرم مڪمل ڪيو. اهڙي طرح پنهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ محمد رفيع ڪاڇيلو سڃاڻان جنهن شايد انٽر به نه ڪئي پر ڇا سندس مطالعو، مشاهدو، تجربو ۽ ڄاڻ هئي جنهن سان نه فقط ملڪ جا وڏا وڏا سياستدان، فوجي جرنيل، اعليٰ تعليم يافته ماڻهو پر انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ به ڳالهائيندي محظوظ ٿيندي هئي. سو اسان جو هي اديب جوزف ڪنراڊ هو جنهن ڪنهن يونيورسٽيءَ مان ته ڊگري حاصل نه ڪئي پر ڪنهن ڪاليج يا هاءِ اسڪول مان به نه پڙهيو. پاڻ ڪير هو. يعني سندس پروفيشن ڇا هئو؟ هو جهازن جو ڪئپٽن هو ۽ جهازن جو ڪئپٽن ٿيڻ لاءِ نيويگيشن، سي مئن شپ، Astronomy، چارٽ ورڪ، ڪارگو هئنڊلنگ ۽ Stability جهڙا اهم سبجيڪٽ هو دنيا جي ڪهڙي نيول اڪيڊميءَ مان پڙهيو؟. ڪٿان به نه! هن کي ننڍي هوندي کان سامونڊي زندگيءَ سان لڳاءُ هو. هو 17 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو ملڪ پولينڊ ڇڏي فرانس جي بندرگاهه مارسيلي (Marseille) ۾ آيو ۽ فرانس جي جهازن تي خلاصي ڇوڪري (Seaman) جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو. هو مختلف جهازن تي مختلف ملڪن جا سير ڪندو رهيو. رسا ڇڪڻ ۽ ڊيڪ ڌوئڻ واري خلاصي بعد هو رڌڻي ۾ ڀاڄيون ڇلڻ ۽ ٿانوَ ڌوئڻ جي ڪم تي لڳو. ان بعد اسٽيورڊ ٿيو. ان بعد ڪئپٽن لاءِ جهاز جو اسٽيئرنگ ويل جهلي بيهڻ وارو سکاڻي (ڪوارٽر ماسٽر) ٿيو. پوءِ ٿرڊ ميٽ، سيڪنڊ ميٽ ۽ چيف ميٽ ٿيندي ٿيندي جهاز جو ڪئپٽن ٿي ويو!
مختلف ملڪن جي بندرگاهن جي ماڻهن ۽ پنهنجي جهاز جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي ۽ اکين سان مشاهدا ڪري هن لکڻ شروع ڪيو. سندس ناولن جا ڪيترائي ڪردار ته سندس جهازران ساٿي هئا، جن سان گڏ هن جهاز تي سفر ڪرڻ وقت ڏکيا سکيا ڏينهن گذاريا. ڪٿي ڪانگو نديءَ جي ماڻهن هن کي متاثر ٿي ڪيو ته ڪٿي بورنيو ٻيٽ جي ملئي ماڻهن. ڪٿي انڊيا جي بنگالي ۽ تاملن، ته ڪٿي سري لنڪا جي ٻڌ سنهالين هن جي حساس دل تي اثر ٿي ڇڏيو، جن جو احوال هن پنهنجن ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ ٿي لکيو.
جوزف ڪنراڊ 1874ع کان 1894ع تائين ويهه سال کن سامونڊي زندگيءَ سان وابسته رهيو، ان بعد به هن خوشيءَ سان نه پر بي دليءَ سان جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي جو هڪ ته هن جي صحت صحيح نه رهڻ لڳي ۽ ٻيو ته هن کي لکڻ سان ايڏي چاهت ٿي پئي جو هن نوڪري ڇڏي هڪ مَنو ٿي گهڻي کان گهڻو لکڻ چاهيو ٿي.
جوزف ڪنراڊ جا ڪيترائي ناول، ڪهاڻين، مضمونن ۽ جگ بيتين جا ڪتاب آهن. اڄ جي نوجوانن، خاص ڪري يونيورسٽين جي شاگردن کي هيٺيان ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، جيئن ته:
* (1895ع) Almayer’s Folly هي ناول بورنيو ٻيٽ تي رهندڙ هڪ ڊچ جي ڪهاڻي آهي جيڪو اتي سون جي ڳولا ڪري ٿو. سندس زال مقامي ملئي آهي جنهن مان هن کي هڪ ڌيءَ نينا آهي جنهن تي اتي جو هڪ ملئي شهزادو عاشق ٿئي ٿو ۽ شادي ڪري ٿو. هي ناول بورنيو ٻيٽ، صباح، سراواڪ، برونائي پاسي جي بئڪ گرائونڊ ۾ آهي. هن پاسي جوزف جو جهاز ڪيترائي دفعا ايندو ويندو رهيو. هن ناول جي آڌار تي فرينچ ٻوليءَ ۾ فلم ٺهي چڪي آهي ۽ ڪجهه سال اڳ ملائيشيا ۾ Hanyut نالي سان ملئي ٻوليءَ ۾ ٺاهي وئي آهي. جوزف ڪنراڊ جو هي پهريون ناول هو.
An Outcast of Islands جوزف ڪنراڊ جو هي ٻيو ناول جنهن جو واسطو سندس سامونڊي سفرن سان آهي. هن ناول تي ان ئي نالي سان انگريزي فلم ٺهي چڪي آهي.
Children of the sea- سال 1897ع ۾ ڇپيو
Heart of Darkness- 1899ع ۾ ڇپيو
Lord Jim- 1900ع ۾ ڇپيو
Typhoon- 1902ع
Nostromo- 1904ع
Chance- 1913ع
Victory- 1915ع ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب آهن جن مان ڪيترن تي انگريزي، فرينچ ۽ ٻين ٻولين ۾ فلمون ٺهي چڪيون آهن.
اسان “لارڊ جم” ناول جي ڇو ٿا ڳالهه ڪريون؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جوزف ڪنراڊ جو هي هڪ بهتر ناول آهي ۽ ويهين صديءَ جي هڪ سئو بهترين انگريزي ناولن مان هڪ آهي پر هتي اسان هن ناول جو ذڪر ان ڪري کنيو آهي جو هي ناول مٿي بيان ڪيل حاجين جي جهاز “ايس ايس جده” جي حادثي کان متاثر ٿي جوزف ڪنراڊ لکيو آهي. هن حادثي جي ڪهاڻي لکڻ لاءِ جوزف سنگاپور ۾ اچي رهيو هو. هي ناول ۽ سندس فلم بلڪل مٿئين “جده” جهاز واري حادثي مطابق آهي پر ليکڪ پنهنجي ناول Lord Jim ۾ جيڪو حاجين جو جهاز ٻڌايو آهي ان جو نالو S.S. Jeddah بدران S.S.Patna (اسٽيم شپ پٽنا) ڪيو آهي.
پولينڊ جنهن ملڪ سان هن ليکڪ “جوزف ڪنراڊ” جو واسطو هو انهن پنهنجي ملڪ جي بندرگاهه گڊانيا (Gdynia) ۾ جوزف جي ياد ۾ بالٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي لنگر جي شڪل جو هڪ وڏو يادگار ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن جي هيٺان پولش ۽ انگريزي ٻولين ۾ جوزف جي هيءَ Quotation ڏني آهي:
“There is nothing more enticing, disenchanting & enslaving than the life at sea…”
اهو جملو ’لارڊ جم‘ ناول جي ٻئي باب جو پهريون جملو آهي.

حاجين جي ڪهاڻي هڪ آمريڪن جي زباني

حج هر ان صحتمند مسلمان تي فرض آهي، جنهن جون معاشي حالتون بهتر هجن. گذريل 14 سئو سالن کان دنيا جا مسلمان هن سفر تي راهي آهن. اهو ڪهڙو مسلمانن جو گهر آهي جنهن ۾ پنهنجي وڏن جي حج جي سفر جي ڳالهه نه ٿيندي هجي يا آئندي جي سفر جا اميدوار پنهنجي سفر جو پروگرام نه ٺاهيندا هجن. شروع جي ڏينهن ۾ جڏهن اڃا سائيڪل به ايجاد نه ٿي هئي ته مڊل ايسٽ جهڙن ويجهن ملڪن جا ماڻهو حج جي ادائيگيءَ لاءِ پيرين پنڌ يا گڏهن، گهوڙن ۽ اٺن تي حجاز پهچي ويا ٿي، ڏورانهن ملڪن جا ڪجهه خشڪي رستي تھ ڪجهه سڙهه وارين ٻيڙين ۽ جهازن ذريعي “بحر احمر” (سمنڊ) ۾ پهچي ويا ٿي جتي جي جدي، ينبوع يا ٻئي ڪنهن ننڍي بندرگاهه ۾ لهي اٺن ذريعي مڪي ۽ مديني پهتا ٿي. ان بعد يعني گهڻو گهڻو پوءِ ڪَل جا جهاز، يعني ٻاڦ تي هلندڙ “آگبوٽ” نڪتا جن سفر ۾ سهوليت ڪئي، جنهن ڪري حاجين جو تعداد وڌيو. ان بعد ڊيزل انجڻ تي جهاز هلڻ لڳا جيڪي رفتار ۽ سلامتيءَ ۾ بهتر هئا ۽ هاڻ گذريل اڌ صديءَ کان هوائي جهازن ذريعي حج جو سفر مهانگو ضرور ٿيو آهي پر آسان ٿي پيو آهي. ان سان گڏ حاجين جو تعداد به وڌي ويو آهي. هڪ اندازي موجب اڄڪلهه فقط حج لاءِ هر سال ٽيهه لک کن حاجي مڪي پهچن ٿا. انهن کان علاوه مڪي ۽ مديني ايندڙ مسافرن جو تعداد الڳ آهي جيڪي سڄو سال دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان ايندا رهن ٿا. هڪ ريسرچ مطابق حج ۽ عمري لاءِ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو عرب دنيا، يعني مڊل ايسٽ مان نه، پر هندي وڏي سمنڊ جي ٻي ڪنڊ ملائيشيا، انڊونيشيا، ڏکڻ ٿائلينڊ، ڏکڻ فلپين، برونائي، سنگاپور، ڪمبوڊيا کان اچن ٿا. ان بابت مون کي به ڄاڻ ڪارنيل يونيورسٽي، آمريڪا جي “پروفيسر ماڊرن سائوٿ ايسٽ ايشين هسٽري” ڊاڪٽر ايرڪ تاگليا ڪوزو (Eric Tagaliacozzo) جي ڪتاب:
“The Longest Journey: South East Asians & the Pilgrimage to Mecca.”
مان پئي. 432 صفحن جو هي ڪتاب آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس وارن ڇپرايو آهي جنهن جي قيمت 60 پائونڊ يعني 12000 رپيا آهي پر مون وانگر ٿوري محنت ڪندائو ته توهان کي ريگل بس اسٽاپ، فريئر هال يا گلشن اقبال جي آچر بازار مان هي ڪتاب 500 روپين اندر ملي سگهي ٿو. پروفيسر ايرڪ (تاگلياڪوزو ڏکيو نالو آهي سو پاڻ فقط “ايرڪ” تي گذارو ڪنداسين). سندس نالي مان لڳي ٿو ته هو پولينڊ پاسي جو آهي. يعني هاڻ ته هو آمريڪا (USA) جو شهري آهي پر سندس والد يا ڏاڏو پولينڊ مان لڏي اچي آمريڪا ۾ پناهه ورتي جيئن ٻين ڪيترن ملڪن جا رفيوجي آمريڪا جا شهري ٿي ويا آهن. جيئن اسانجا ماڻهو ڪئناڊا ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن جا سٽيزن ٿي ويا آهن ۽ آمريڪن يا ڪئناڊين ٿيڻ تي هو پاڻ کي جارج، فلپ، جوزف، ڊئوڊ ته نه سڏائيندا. نالو پنهنجي دين ڌرم ۽ ثقافت موجب ئي رکندا جيئن آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جو ”ڊاڪٽر مقبول سائينڏنو هاليپوٽو“ يا ”ڊاڪٽر نزهت آرا مرکياڻي“ يا ”نورالنساءِ گهانگهرو“ وغيره آهن جن جا نالا اسان لاءِ اُچارڻ ته سولا آهن پر ٻين ملڪن جا ته حيرت کائيندا هوندا ته هي ڪهڙن آمريڪن جا نالا آهن!
بهرحال اسان جي ليکڪ پروفيسر ايرڪ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن: برما، ٿائلينڊ، ملائيشيا کان انڊونيشيا، بورنيو، برونائيءَ ۾ ڏهاڪو کن سالن جو عرصو، مختلف ماڻهن کان هنن جو ۽ هنن جي وڏن جو ٻڌل احوال حاصل ڪري ان کي ڪتابي صورت ڏني آهي. منهنجي خيال ۾ مٿين ملڪن بابت حج جي احوال جو ڪو ٻيو ڪتاب نظر نٿو اچي.
گهڻو اڳ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ته منهنجي پروفيسر ايرڪ سان، هڪ ٻه دفعا ملاڪا ۽ هڪ دفعو پينانگ ۾، ملاقات ٿي هئي. هو اڪثر چيني ۽ تامل سيڌي جي دڪاندارن سان هنن جي دڪانن تي مصالحن جي اگهن ۽ انهن جي امپورٽ ايڪسپورٽ بابت خبرون پڇندي نظر آيو ٿي. نه فقط دڪاندارن کان پر ملاڪا ۽ ان جي آس پاس جي ننڍن بندرگاهن ۾ جهونن جهازرانن کان به مصالحي بابت پڇندو رهيو ته ماضيءَ ۾ انڊونيشيا جي ڪهڙن شهرن مان مصالحو هتي آيو ٿي ۽ هن پاسي جي هن تاريخي ۽ تجارتي مرڪز واري بندرگاهه مان ڪهڙن ملڪن ڏي روانو ٿيو ٿي. هو هن پاسي وڏو عرصو رهڻ ڪري ملئي کان ته چڱي طرح واقف هو پر چيني به سٺي ڳالهايائين ٿي. جن پوڙهن ملئي، چينين، انڊين ۽ ٻين مقامي ماڻهن کي انگريزي نٿي آئي انهن سان هن ملئي ۽ چينيءَ ۾ خبرون ڪيون ٿي.
منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن آمريڪا جي رياست پين سلوانيا جي بندرگاهه واري شهر فلڊلفيا جي هئور فيلڊ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد “واٽسن فائونڊيشن” وارن طرفان هن کي “ٿامس واٽسن اسڪالرشپ” ملي. “ان وقت منهنجي عمر 22 سال هئي. مون آمريڪا ڇڏي، جيئن آئون “هندي وڏي سمنڊ” ۽ “ڏکڻ چيني سمنڊ” ۾ مصالحن جي واپارين جا انٽرويو ڪري خبر چار حاصل ڪري سگهان يعني ٿيسز لکي سگهان”.
پروفيسر ايرڪ ٻڌايو ته هو نه فقط جپان کان مشرقي آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن ۾ پر مختلف مصالحو کڻي هلندڙ ڪارگو جهازن تي به سفر ڪندو رهي ٿو جيئن هن کي دنيا ۾ مصالحي جي وڪري ۽ اهميت بابت گهڻي کان گهڻو مواد حصل ٿي سگهي.
پروفيسر ايرڪ تاگلياڪوزو مصالحن جي تاريخ بابت Yale يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي پر بعد ۾ سندس حاجين وارو the longest Journey ۽ هڪ ٻيو ڪتاب سمگلنگ بابت: Secret Trades, Porous Borders جو ٻڌي مون کي حيرت ٿي. پر پوءِ سندس هڪ انٽرويو ۾ پڙهيم ته هو جڏهن برما، ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي مصالحي جي تجارت بابت ريسرچ ڪري رهيو هو ته هن کي آئيڊيا ٿي ته هنن علائقن ۾ اندروني طرح ٻين شين جو واپار ۽ ڪاروبار پڻ هلي ٿو ۽ اصل وڏي ڪمائي ان مان ٿئي ٿي.
“آئون جڏهن مصالحي بابت چيني دڪاندارن وٽ ويندو هوس ته انهن مان ڪنهن ڪنهن دڪان تي مون کي لوهه جو يا ڪاٺ جو گينڊو (Rhino) نظر ايندو هو”. پروفيسر ايرڪ ٻڌايو، “منهنجي پڇڻ تي هو ٽال مٽول ڪندا هئا پر پوءِ آهستي آهستي مون ۾ اعتماد ٿيڻ تي هنن ٻڌايو ته دڪان ۾ اهو رانديڪو رکڻ سان اهو نياپو ڏيڻ آهي ته اسان گينڊي جو سڱ خريد ڪريون ٿا”.
ياد رهي ته ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي توڙي ڏور اوڀر جي ملڪن ڪمبوڊيا، ويٽنام، چين کان هانگ ڪانگ، جپان، ڪوريا ۾ گينڊي جي سِڱ جو پائوڊر سون جي اگهه کان به مهانگو وڪامي ٿو. هن پاسي جي ماڻهن خاص ڪري چينين کي اهو وهم آهي ته ان پائوڊر جي ٽيبليٽ يا ڪئپسول ڦڪڻ سان شهوت وڌي ٿي. جيئن اسان وٽ ڪيترا ماڻهو سچن موتين (Pearls) جي پائوڊر کي طاقت ۽ شهوت وڌائڻ جو ڪشتو سمجهن ٿا جيتوڻيڪ اڄ جي سائنس ثابت ڪري چڪي آهي ته گينڊي جو سڱ وارن جو مُٺو (bunch) آهي. سِڱ انهي ئي شيءِ مان ٺهيل آهي جنهن مان اسان جا مٿي جا وار. اهڙي طرح سچا موتي توڙي سمنڊ جي ڪناري تي پکڙيل سپون ڳالهه ساڳي آهي. ٻنهي جو پائوڊر هڪ ئي شيءِ آهي. سچا موتي کائڻ واري کي کپي ته انهن تي هزارها روپيا خرچ ڪرڻ بدران سمنڊ تي پکڙيل ٻه ٽي سپون (پڙ) جن ۾ ڪينئان رهن ٿا، کڻي، ڪُٽي يا پيهي ڦڪي ڇڏي. ٻنهي شين، يعني گينڊي جي سڱ ۽ سچن موتين ۾ ڪو اهڙو ڪيميڪل ناهي جيڪو دل کي تراوت ڏئي يا ڪومايل مردانگي واپس ورائي. پر سائين تعليم جي باوجود اڄ به هن پاسي (ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا) جي ملڪن ۾ چيني توڙي ملئي مسلمان گينڊي جي سِڱ، سانڊي جي تيل، نانگ بلائن جي تازي رت (Blood)، ٻٽيرن جي بيضن ۽ ڇيلن ۽ گهيٽن جي ڪپورن کائڻ لاءِ چريا آهن ۽ پروفيسر ايرڪ مصالحي تي کوجنا ڪندي اهو ئي ڏٺو ته هن پاسي جي دنيا ۾ مصالحن جو واپار ته هلي ٿو پر مٿين شين جو ڪاروبار ان کان به وڌيڪ ٿئي ٿو. ان ڪري هو پنهنجي ٿيسز سان گڏ مٿي بيان ڪيل ڪاروبار (سمگلنگ) بابت به فائيل ٺاهيندو رهيو جنهن کي پوءِ هن ڪتابي صورت ڏني.
مٿين ڳالهين کان علاوه پروفيسر ايرڪ پنهنجي ريسرچ ورڪ دوران اهو به نوٽ ڪيو ته هي علائقو يعني بورنيو، ڏکڻ فلپين، ملائيشيا، انڊونيشيا، ڏکڻ ٿائلينڊ وغيره سعودي عرب کان پري هجڻ جي باوجود حج تي سڀ کان گهڻا مسلمان هتان وڃن ٿا. هر گهر ۾جوان توڙي پوڙهو، عورت توڙي مرد، وڏي سڪ سان پنهنجي حج جي سفر جو احوال ٻڌائي ٿو ته هن کي هن عبادت دوران ڪهڙا ڪهڙا تجربا ۽ مشاهدا ٿيا. سو پروفيسر صاحب پنهنجي اهم ڪم “مصالحن جي ڪاروبار جي تاريخ” سان گڏ هن پاسي جي حاجين جو احوال به قلمبند ڪندو ويو جيڪو هاڻ
“The longest Journey: South East Asians & the Pilgrimage to Mecca.”
مٿيون ڪتاب 2013ع ۾ ڇپيو جنهن جو ISBN نمبر آهي: 9780195308280
ائين ته هن پاسي جي حاجين بابت مائيڪل پيئرسن به لکيو آهي، جنهن جي ڪتاب جو نالو آهي:
The Pilgrimage to Mecca: the Indian Experience ۽ هڪ ٻيو ڪتاب مائيڪل وولف جو پڻ ان سلسلي ۾ آهي. نالو اٿس: One Thousand Roads to Mecca بقول ڪئمبرج يونيورسٽي جي ماڊرن هسٽري جي پروفيسر ڊاڪٽر جان سلائيٽ (John Slight) جي ايرڪ تاگليا ڪوزو جو هي حج بابت ڪتاب: “دي لانگيسٽ جرني” اسڪالر شپ جي وڏي سوڀ آهي ۽ حج جي تاريخ سمجهڻ لاءِ پروفيسر ايرڪ جي هڪ وڏي خذمت آهي. وڌيڪ لکي ٿو:
The Longest Journey is essential reading for people who want to see how state of the art world history is crafted & executed.
ڊاڪٽر جان سلائيٽ پاڻ به ليکڪ آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب آهن جن مان هڪ جيڪو 2015 ۾ هارورڊ يونيورسٽي پريس وارن ڇپرايو ۽ تمام گهڻو مشهور ٿيو، حج بابت ئي آهي.... ڪتاب جو نالو آهي:
The British Empire and the Hajj, 1865-1956.

حج تي رواني ٿيندڙ پهرين انگريزياڻي

منهنجي خيال ۾ سڀ کان گهڻا سفرناما حج بابت آهن، جيڪي دنيا جي انيڪ ٻولين ۾ لکيا ويا آهن. اسان ٻين ٻولين کان ته واقف نه آهيون .... وڌ ۾ وڌ انگريزيءَ ۾ لکيل ٿا ڏسجن ته انيڪ نظر اچن ٿا، جن ۾ حاجين سفر جو ۽ اتي گهاريل ڏينهن جو احوال لکيو آهي. Pilgrimage to Mecca. اهو سفرنامو آهي جيڪو پهرين مسلمان انگريزياڻيءَ “زينب ڪوبولڊ” 66 سالن جي ڄمار ۾ 1933ع ۾ حج ڪرڻ بعد لکيو ۽ 1934ع ۾ ڇپيو هو.
زينب ڪوبولڊ ڪا جهڙي تهڙي عورت ناهي پر هن جو تعلق برطانيه جي شاهي خاندان سان آهي. عمر ۾ هوءَ اسانجي قائداعظم محمد علي جناح ۽ ڊاڪٽر علامه اقبال کان ڏهه سال وڏي هئي. يعني هن جي ڄم جو سال 1867ع هو. سمجهو ته انگلينڊ جي شهنشاهه جارج پنجين جي زال “راڻي مئريءَ” جي همعمر هئي جيڪا پڻ ساڳي سال 1867ع ۾ ڄائي هئي. هي شهنشاهه (جارج پنجون) اڄ جي راڻي ايلزبيٿ جو ڏاڏو ٿيو. جارج پنجين بعد سندس وڏو پٽ “ايڊورڊ اٺون” سال کان به گهٽ عرصي لاءِ شهنشاهه ٿيو جنهن بعد 1936ع کان 1952ع تائين ٻيو پٽ “جارج ڇهون” شهنشاهه ٿيو جنهن جي ڏينهن ۾ انڊيا جو ورهاڱو ٿيو. سندس وفات بعد سندس ڌيءَ ايلزبيٿ انگلينڊ جي راڻي ٿي ۽ اڃا هلندي اچي. بهرحال Pilgrimage to Mecca جي ليکڪا زينب (اصل نالو Evelyn Cobbold) راڻي مئري جي سوٽ ماسات جي خاندان جي هڪ امير عورت چئي سگهجي ٿي ۽ هوءَ پهرين مسلمانانگريزياڻي آهي جنهن حج ڪيو ۽ پنهنجي حج جو احوال (سفرنامو) لکيو.
هوءَ لکي ٿي ته مڪي وڃڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ هن ڪجهه ڏينهن جدي ۾ انگريز فئملي فِلبي (Philby) وارن سان گڏ گذاريو، جيڪي پڻ مسلمان ٿيا هئا.
سينٽ جان فِلبي جيڪو جئڪ فِلبي به سڏبو هو ۽ مسلمان ٿيڻ بعد هن پنهنجو نالو الشيح عبدالله رکيو. پاڻ برٽش انڊيا فوج ۾ برگيڊيئر هو، ان کان علاوه هو ليکڪ، عربي دان، explorer، انٽيليجنس آفيسر ۽ ابن سعود جو صلاحڪار پڻ ٿي رهيو. پاڻ سريلنڪا جي شهر بادولا (Badulla) ۾ 1885ع ۾ ڄائو ۽ 1960ع ۾ لبنان جي شهر بيروت ۾ وفات ڪيائين. سندس زندگيءَ جي ڪهاڻي به عجيب دلچسپ آهي ۽ پڙهڻ وٽان آهي. هتي مختصر اهو ته هن يونيورسٽي آف ڪئمبرج مان مشرقي (Oriental) ٻولين ۾ گرئجوئيشن ڪري انڊيا سول سروس ۾ نوڪري حاصل ڪئي. کيس لاهور ۾ رکيو ويو جتي هو پنجابي، اردو، بلوچي، فارسي ۽ آخر ۾ عربي چڱي طرح ڳالهائڻ سکيو. 1930ع ۾ مسلمان ٿيو ۽ شاهه ابن سعود هن کي پاڻ وٽ صلاحڪار مقرر ڪيو جنهن کي هن فِلبيءَ (شيخ عبدالله) فقط حجاز کي نه پر سڄي عربستان کي سندس نالي (سعودي عرب) سان، هڪ ڪري حڪومت ڪرڻ جي صلاح ڏني. 1938ع ۾ پيٽرول ملڻ تي هن انگلينڊ ۽ آمريڪا وارن سان فيصلا ڪري عرب بادشاهه جي حق ۾ مدد ڪئي.
جان فِلبي (شيخ عبدالله) جي ڊورا نالي هڪ زال اڳهين هئي جنهن مان هڪ پٽ ڪِمِ فلبي ۽ ٽي ڌيئون: ڊائنا، هيلنا ۽ پئٽريشا ٿيون. Kim Philby (ڄم جو سال 1912ع ۽ وفات 1988ع) ٻي جنگ عظيم جي حوالي سان تمام مشهور ڊبل ايجنٽ جاسوس ٿيو. شيخ عبدالله مسلمان ٿيڻ بعد هڪ عرب ڇوڪري روزيءَ سان به شادي ڪئي جنهن مان چار پٽ ٿيس: فهد، سلطان، فارس ۽ خالد. اهي سڀ مسلمان ٿيا باقي پهرين زال جا ٻار عيسائي ئي رهيا. جان فلبي (شيخ عبدالله) مشهور ليکڪ به هو. سندس ڪيترائي ڪتاب آهن. نموني خاطر ڪجهه جا نالا لکان ٿو:
* The Heart of Arabia- سفرنامو. 1922ع
* Arabia of Wahhabis- 1933ع. (عربستان جي وڏي بيابان “رب الخالي” جو احوال)
* Sheba’s Daughters- 1939ع (ڏکڻ عربستان جو سفر.)
* A Pilgrim in Arabia- 1943ع (حج جو احوال.....) وغيره.
فلبيءَ (شيخ عبدالله) جدي ۾ رهي عربن سان گڏ ڪاروبار به ڪيو. جدي ۾ سندس نالي واريون ڪيتريون ئي عمارتون آهن، جيڪي توهان جو جدي ۾ رهڻ ٿئي ته شهر جي پراڻي حصي ۾ ڏسي سگهو ٿا. زينب ڪوبولد حج لاءِ آئي ته جدي ۾ لهي ڪجهه ڏينهن فلبيءَ جي گهر ۾ آرام ڪيو، جتي هن سان سعودي عرب ۾ رهندڙ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون ملڻ آيون، جن جو احوال هن پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي. انهن مان هڪ بادشاهه جو پٽ “شهزادو امير فيصل” به هو جيڪو بعد ۾ بادشاهه ٿيو. زينب پهرين انگريز عورت آهي، جنهن جو عربن جي گهرن جو لکيل احوال پهريون دفعو ٻاهر جي دنيا پڙهيو. تن ڏينهن ۾ سعودي عرب ۾ اعليٰ معيار جون هوٽلون نه هيون سو زينب مڪي، مديني، مِنا وغيره ۾ عربن جي گهرن ۾ رهي.
زينب (اصل نالو ايولين) اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ واري شهر ايڊنبرگ ۾ 1867ع ۾ جنم ورتو. ايولين جو ننڍپڻ مصر جي شهر قاهره ۽ الجيريا جي شهر الجزائر ۾ گذريو، جتي هن جي سارسنڀال لاءِ مسلمان آيائون (ٻارن جو نيپاج ڪرڻ واريون) هيون جن سان گڏ رهڻ ڪري هوءَ عربي به سکي وئي ۽ بقول سندس، گهر ۾ ڪم ڪندڙ مسلمان ڇوڪرين کي قرآن ۽ نمازون پڙهندو ڏسي هن پاڻ کي به مسلمان سمجهيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ هن جو خاندان هر سال سياري جا ٽي چار ٿڌا مهينا گذارڻ لاءِ انگلنڊ کان اتر آفريڪا جي ملڪن ۾ اچي رهيو ٿي. هن پاڻ کي اڃا مسلمان نٿي سڏرايو. پنهنجين يادگيرين ۾ لکي ٿي ته هوءَ هڪ دفعي پنهنجي دوست سان گڏ روم (اٽلي) آئي جتي پوپ هن کان پڇيو ته هن جو عيسائي ڪهڙي فرقي سان واسطو آهي - پروٽيسٽنٽ سان يا ڪئٿولڪ سان. ان جي جواب ۾ هن پوپ کي چيو ته هوءَ نه پروٽيسٽنٽ آهي ۽ نه ڪئٿولڪ. هوءَ مسلمان آهي.
ليڊي ايوِلين لکي ٿي ته ان بعد هوءَ آفيشلي مسلمان ٿي ۽ هن اسلام بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ پنهنجو اسلامي نالو زينب رکيو. حج تي وڃڻ ڪري هوءَ يورپ ۾ مشهور ٿي وئي. سندس حج جو سفرنامو “Pilgrimage to Mecca” پهريون سفرنامو آهي، جيڪو ڪنهن انگريز عورت لکيو آهي. زينب دنيا جو ڪافي سير ڪيو ۽ سندس هڪ ٻيو سفرنامو: “Kenya- Land of Illusion.” جيڪو ڪينيا، يوگنڊا پاسي جو سفر آهي، پڻ مشهور ڪتاب آهي.
زينب جي شادي John Dupuis Cobbold نالي هڪ انگريز سان مصر جي شهر قاهره ۾ 1891ع ۾ ٿي جنهن مان هن کي ٽي ٻار ٿيا. 1922ع ۾ هوءَ مڙس کان جدا ٿي، جنهن بعد هن ٻي شادي نه ڪئي. 1963ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي پهاڙي علائقي ۾ هن جي سندس جاگير تي وفات ٿي. اتي ڪو مسلمان مولوي موجود نه هجڻ ڪري سندس وصيت مطابق سندس جنازي نماز پڙهائڻ لاءِ سندس پوءِ وارن ”مسجد شاهجهان“ جي مولوي کي ”ووڪنگ“ فون ڪيو ته هو اسڪاٽلينڊ اچي جنازي نماز پڙهائي. انگلينڊ جو شهر ووڪنگ (Woking) لنڊن کان 30 ملين (50 ڪلوميٽرن) جي فاصلي تي آهي جتي اورينٽل روڊ تي برطانيا جي هيءَ پهرين مڪمل مسجد آهي جيڪا شهر جي نالي ڪري ووڪنگ مسجد به سڏجي ٿي. پهرين مون سمجهيو هو ته هيءَ مسجد به ٺٽي جي شاهجهان مسجد وانگر مغل بادشاهه ٺهرائي آهي پر پوءِ خبر پئي ته هيءَ مسجد 1889ع ۾ سلطان شاهجهان بيگم ڀوپال ٺهرائي هئي. هنن حاڪم بيگمات جو تفصيلي احوال مون پنهنجي سفرنامي “بنارس کان برمودا” ۾ ڏنو آهي. انهن ڏينهن ۾ ووڪنگ جي مسلم مشن جو هيڊ مولانا يعقوب خان هو. هن جنازي نماز پڙهائڻ لاءِ مسجد جي امام مولانا شيخ محمد طفيل کي موڪليو. هن ان بابت پاڪستان جي ڪنهن رسالي ۾ مضمون پڻ لکيو جنهن جو عنوان هن ريت هو ۽ نيٽ تي پڙهي سگهجي ٿو.
Lady Cobbold - the Islamic Funeral of a Scottish Convert to Islam.
An Islamic grave on top of a Scottish hill,
Headstone inscribed with “Allah is the Light of the heavens & the earth.”
ياد رهي ته محترمه زينب ڪوبولڊ مرڻ کان اڳ اها به وصيت ڪري وئي هئي ته سندس قبر جي ڪتبي تي عربي ۾ اهو به لکرايو وڃي ته: “الله نورالسموات و الارض”. هن اها به وصيت ڪئي ته “منهنجي قبر تي ڪو به عيسائي پادري نه اچي ۽ قبر ۾ دفن ڪرڻ وقت منهنجو منهن ڪعبي طرف رکجو”.

مڪو: هڪ ڀلارو شهر

حج تي لکيل ڪتابن ۾ ضياءُالدين سردار جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب: “Mecca the Sacred City” به ڳڻائڻ چاهيان ٿو. مڪو شريف اهو شهر آهي جتي حضور صلعم جن جنم ورتو، هي ڌرتيءَ جو اهو مرڪز آهي جنهن ڏي دنيا جا ماڻهو منهن ڪري نماز پڙهن ٿا. هي اهو هنڌ آهي جتي هر سال ٽيهه لک کن ماڻهو حج جي ادائيگيءَ لاءِ هڪ ئي وقت اچيو گڏ ٿين. هن ڪتاب ۾ ”ضياءُالدين سردار“ مڪي جي تاريخ بيان ڪري ٿو - ان وقت کان جڏهن هي شهر هڪ بيابان ۽ ويران ماٿري هو .... اڄ اهو نه رڳو اسلام جو مرڪز آهي پر واپار وڙي ۽ ماڊرن عمارتن جو شهر آهي.
ضياءُالدين سردار هڪ پڙهيل ڳڙهيل، مفڪر ۽ اسلام جي ڄاڻ رکندڙ آهي. هو ڪجهه رسالن جو ايڊيٽر، ٽي وي تي اسلام بابت ليڪچر ڏيڻ وارو ۽ دنيا جي اهم اخبارن جو جرنلسٽ ۽ انهن ۾ مضمون ڏيڻ وارو آهي. منهنجي ساڻس ملاقات ملائيشيا ۾ ٿي، جتي هو انهن ئي سالن ۾ هو جن ۾ آئون رهيس ٿي. 1985ع ۾ هن ملائيشيا جي TV 3 (تيگا) چئنل تان تيرهن کن، اڌ اڌ ڪلاڪ جا اسلام بابت انٽرويو نموني جا ليڪچر ڏنا هئا جن جو عنوان هو: Faces of Islam. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ ٽوٽل ٽي چئنل هئا ۽ ماڻهن پروفيسر ضياءُالدين جون اسلام بابت ڳالهيون وڏي شوق سان ٻڌيون هيون. خاص ڪري حج جي ارڪانن بابت. جنهن جي هي اٿارٽي سمجهيو وڃي ٿو. هو ڪافي سال ملائيشيا جي ڊپٽي وزيراعظم داتڪ انور ابراهيم جو صلاحڪار ٿي رهيو. انور ابراهيم اڄ ڪلهه مخالف پارٽين جو ليڊر آهي.
ضياءُالدين سردار 1951ع ۾ پنجاب (پاڪستان) جي شهر ديپالپور ۾ ڄائو. ديپالپور اوڪاڙا شهر کان 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ بزرگن ۽ درويشن جي آرامگاهه کان مشهور آهي. تاريخ ۾ پڙهي چڪا آهيون ته 1578ع ۾ مغل بادشاهه اڪبر پنهنجي پٽ سليم سان گڏ بابا فريد گنج کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ديپالپور آيو هو. هن شهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته بابا گرونانڪ به هتي رهي ويو، جنهن جي نشاني ڊٺل گوردواري جي شڪل ۾ اڃا تائين موجود آهي.
اسانجو پاڪستاني اسڪالر، ايوارڊ يافته ليکڪ، ذهين ۽ گهڻن سبجيڪٽن جو ڄاڻو ”ضياءُالدين سردار“ ڄائو سو پاڪستان ۾، پر هو پليو نپنيو ۽ تعليم برطانيا ۾ حاصل ڪيائين. هن سٽي يونيورسٽي لنڊن مان فزڪس ۽ ان بعد انفارميشن سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد هن ڪنگ عبدالعزيز يونيورسٽي، جده مان تعليم حاصل ڪئي ۽ هو حج The Pilgrimage to Mecca تي اعليٰ اٿارٽي ٿيو. ان بعد هو مڊل ايسٽ ۾ سائنس جي مخزنن جو خاطو ٿي رهيو. 1982ع ۾ سال ٻن لاءِ لنڊن ٽي ويءَ سان وابسته رهيو. ان بعد هو ملائيشيا آيو هو. جتان 1990ع جي ڏهاڪي ۾ لنڊن آيو ۽ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ به لڳو ته اخبارن لاءِ ڪالم ۽ مختلف ٽي وي چئنلن تان پروگرام به ڪرڻ لڳو. جن ۾ مختلف پروگرام اسلام بابت ئي ڪيا ٿي. خاص ڪري BBC2 چئنل تان. پاڻ شڪاگو (USA) ۽ هيگ هالينڊ ۾ ڪجهه عرصو قاهره (مصر) ۽ فيض (موراڪو) ۾ به رهيو، جتي هن اسلام تي ليڪچر ڏنا ۽ اسلام بابت مقامي اخبارن ۾ مضمون به لکيا.
ضياءُالدين سردار اڄڪلهه ستر سالن جو ٿيندو، هن ٽيهن سالن ۾ 50 کن ڪتاب لکيا آهن. انهن ڪتابن ۾ Mecca: The Sacred City کان علاوه ٻيا ڪجهه هن ريت آهن:
* The Future of Muslim Civilization- 1979ع
* Islam, Science & Cultural Relations- 2006ع
* Desperately Seeking Paradise- هي ڪتاب يادگيرين جو آهي.
* Balti Britian هن ڪتاب ۾ برطانيا ۾ رهندڙ ايشين ۽ انگريزن جي خيالن جو اظهار ڪيل آهي.
* What do Muslims Believe?، وغيره.

هڪ غير مسلم انگريز جو حج

دنيا ۾ 1856ع ڌاري جو هڪ حج بابت سفرنامو ان وقت به ۽ اڄ به حيرت جو باعث آهي. نالو اٿس:
“Personal Narrative of a Pilgrimage to El- Medinah & Meccah.”
هي سفرنامو برٽن (سڄو نالو: رچرڊ فرانسز برٽن) جو آهي، جيڪو انگريز ۽ عيسائي هو. عربي ٻولي ۽ مسلمانن جي ڪلچر کان واقف هجڻ ڪري هو 1853ع ۾ روپ بدلائي سنڌ جي حاجين سان گڏ مڪي ۽ مديني کان وڃي نڪتو. انهن ڏينهن ۾ غيرمسلم لاءِ ان قسم جو سفر ڪرڻ خطري کان خالي نه هو جنهن جي سزا قتل هو. پر رچرڊ برٽن اهو انگريز هو جنهن هي خطرو کڻي حج جي سفر ۽ اتي جي ارڪانن، رسمن، رواجن جو احوال مٿئين سفرنامي. “The Pilgrimage to Mecca & Madina” ۾ لکيو، جنهن سان هڪ طرف سندس مشهوري ٿي ته ٻئي طرف يورپين کي خبر پيئي ته مسلمان حج جو سفر ڪيئن ڪن ٿا ۽ مڪي، مديني، منا، مزدلفه ۽ عرفات وغيره تي ڇا ڪن ٿا. هن قسم جي سفر ۾ جتي ٻيا به سوين ماڻهو گڏ گڏ هجن ۽ وڏو عرصو رهڻو پوي پنهنجي اصليت لڪائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. برٽن فخر ٿو محسوس ڪري ته هن اهو سفر ڪيو، جنهن ۾ پل پل تي خطرو هو جنهن ۾ اصليت معلوم ٿيڻ تي زندگي تان هٿ کڻڻو هو جو ڪو به مسلمان اهو برداشت نه ڪندو ته هن سان گڏ ڪو غير مسلم هجي. پر برٽن اهو ثابت ڪرڻ ٿي چاهيو ته هو ائڊوينچر ۽ خطرن سان کيڏڻ جو شوقين ۽ ماهر آهي. بقول هن جي:
“In this journey to Mecca, I wanted to prove, by trial that what might be perilous to other travelers, was safe to me…”
هن سفر لاءِ هن پهرين کان وڏي ڪوشش ڪئي هئي جيئن جيتري قدر ٿي سگهي ڪنهن کي شڪ نه ٿئي ته هو غيرمسلم آهي. هن اهڙو نمونو اختيار ڪرڻ ٿي چاهيو جيئن هر هڪ هن کي به ٻين مسلمانن وانگر مسلمان سمجهي. ان لاءِ هن وڏي تياري ڪئي. پهرين ته هو مهينو ڏيڍ مصر جي شهر السڪندريا ۾ هڪ مسلمان وٽ اچي رهيو جتي هو اسلام جون سڀ ڳالهيون سکيو ته مسلمان ڪيئن کائين ٿا، ڪيئن ويهي ڪچهري ڪن ٿا، سمهن ٿا ويندي نماز پڙهن ٿا. ايتري قدر جو هن اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکي ته مسجد ۾ داخل ٿيڻ مهل پهرين ساڄو پير رکجي. اهو آهي ته برٽن کي ڪيتريون ئي ٻوليون آيون ٿي. نه رڳو يورپي ٻوليون انگريزي، فرينچ، جرمن، اطالوي، هسپانوي، پورچوگالي، يوناني ۽ هيبريو پر ايشيا ۽ آفريڪا جون پڻ چڱي طرح آيون ٿي جيئن ته، عربي، فارسي، اردو، سنڌي، سرائيڪي، سنسڪرت، پشتو، مرهٺي، سواحلي وغيره وغيره. ان ڳالهه ۾ برٽن ڪمال جو ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو، جو کيس 29 ٻوليون آيون ٿي. هو جاگرافر، فوجي، ليکڪ، شاعر، صحافي، سفارتڪار ۽ explorer ٿي گذريو آهي. هن ايشيا، آفريڪا، يورپ ۽ آمريڪا جو تمام گهڻو سفر ڪيو، جن بابت هن جا 90 کن ڪتاب آهن. ٽي چار ڪتاب ته سنڌ جي جاگرافي، رسم و رواج، ڪلچر ۽ ثقافت تي آهن، جن جا سنڌي ۽ اردو ۾ ترجما بار بار ڇپبا رهن ٿا.
برٽن حج جو ڏکيو سفر ڪرڻ لاءِ بيحد خبرداريءَ کان ڪم ورتو. ايتريقدر جو ان شڪ کان به نڪرڻ لاءِ ته متان ڪو هن کي اگهاڙو وهنجندو ڏسي وٺي هن طهر به ڪرايو حج تي وڃڻ لاءِ هن پهرين پاڻ کي ايراني شهزادو سڏرائڻ ٿي چاهيو پر پوءِ هن اهو فيصلو ڪيو ته ان صورت ۾ وڃڻ صحيح نه ٿيندو. ان ڪري هن صوفي درويش جو روپ اختيار ڪيو جيڪو جيئن وڻي ائين ڪپڙا پهري سگهي ٿو، جتي وڻي اتي رهي سگهي ٿو ۽ ڪو به مسلمان هن کان سوال نٿو ڪري سگهي. هن پنهنجي ماضيءَ جي به ڪهاڻي ٺاهي ڇڏي ته جيئن ڪو پڇي ته هو ٻڌائي ته هو افغان ڇوڪرو هو جيڪو انڊيا ۾ رهيو، برما ۾ تعليم حاصل ڪيائين. اهو ان ڪري جو هن کان فارسي، اردو، سنڌي يا ٻي ڪا ٻولي ڳالهائڻ ۾ خامي رهجي وڃي ته ماڻهو شڪ نه ڪن.
ان هوندي به برٽن جي هن سفر ۾ ائين ناهي ته هن کان ڪي غلطيون نه ٿيون. قاهره ۾ هو هڪ البانيءَ سان گڏ شراب جو پيگ پي ويو جيڪو هڪ مسلمان لاءِ حرام آهي. ماڻهن کي جيئن ئي شڪ ٿيو ته هو قاهره ڇڏي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته رچرڊ برٽن شراب پيئڻ کان رهي نٿي سگهيو. هو حج تي به لڪ ڇپ ۾ شراب جا ڍڪ ڀريندو رهيو. هو حج جا سڀ ارڪان ٻين حاجين کي ڏسي پورا ڪندو رهيو جيتوڻيڪ هو ڪٿي ڪٿي ٿڙيو ٿاٻڙيو پئي ۽ کائنس غلطي به ٿي وئي ٿي پر وڃي پار پيو ۽ حاجي ٿي ويو جنهن جي نشاني ٻين وانگر آرَ جي سائي ٽوپي پاتائين.
حج دوران، هڪ دفعي ته هو ذري گهٽ زندگيءَ کان هٿ ڌوئي ويٺو هو ۽ سندس راز فاش ٿيڻ تي هو ته هو پڪ غير مسلم آهي ۽ ممڪن آهي جاسوس هجي،آهي، پر بچاءُ ٿي ويو. ٿيو هينئن جو هڪ دفعي هن کي زور جو پيشاب لڳو. چوڌاري ڪو ماڻهو نه ڏسي هو مسلمانن وانگر اوڪڙون ٿي ويهي پيشاب ڪرڻ بدران چوغو مٿي ڪري بيٺي بيٺي شروع ٿي ويو. نڄاڻ پري کان ڪنهن ٻار هن کي ائين مُٽندي ڏسي ورتو تنهن حيرت مان اندر ويٺلن کي ٻڌايو پر اها ڳالهه ائين ئي دفن ٿي وئي. ڪي اهو به چون ٿا ته ٻار جي ڏسڻ ۽ رڙيون ڪري ٻين کي ٻڌائڻ کان اڳ برٽن هن کي قتل ڪري ڇڏيو پر ان ڳالهه لاءِ ڪٿي ثبوت نٿو ملي.
رچرڊ برٽن هن سفر ۾ پنهنجو خبر ناهي اسلامي نالو ڇا رکرايو. هونءَ سندس ٻه نالا مشهور آهن: مرزا عبدالله شري ۽ حاجي عبداليزدي - رچرڊ برٽن جنهن کي بعد ۾ برطانيا حڪومت Sir جو به خطاب ڏنو، 1821ع ۾ ڄائو ۽ ستر سالن جي ڄمار ۾ 1890ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ ڪئپٽن جي رئنڪ سان فوجي ٿي رهيو ۽ جنرل چارلس نيپيئر جنهن 1843ع ۾ سنڌ تي حملو ڪيو، ان جي ڪمانڊ هيٺ، ”18 بمبئي انفئنٽري” ۾ گجرات ۾ رهيو.
مٿي لکيو اٿم ته سر رچرڊ برٽن پهريون غير مسلم انگريز هو جنهن حج ڪيو. پر ائين ناهي. برٽن 1853ع ڌاري حج ڪيو، ان کان اڳ 1503ع ۾ يعني ساڍيون ٽي صديون اڳ، ورٿيما (سڄو نالو Ludovico di Varthema) پهريون يورپي هو جيڪو مڪي ۾ داخل ٿيو ۽ حج ڪيو. هو اٽليءَ جي نواب خاندان جي ڊائري لکڻ وارو ۽ سفر ڪرڻ جو شوقين هو. هو 1470ع ۾ ڄائو ۽ 1517ع ۾ وفات ڪيائين. هن پنهنجي ان حج ۽ زندگيءَ جو احوال سندس اطالوي ٻوليءَ ۾ لکيل سفرنامي ۾ ڏنو آهي جنهن جو پهريون ڇاپو 1510ع ۾ روم ۾ ڇپيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ان ڪتاب جا ايڊيشن ايندا رهن ٿيا. هن ڪتاب لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي پنجاهه کن ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته هن هر ڳالهه صحيح معلومات حاصل ڪري لکي آهي. ان ڪري هن جو هي سفرنامو هن کان پوءِ جي همراهن (سفر جي شوقينن) لاءِ سٺي رهنمائي ثابت ٿيو. ورٿيما جي هن سفرنامي ۾ مون کي ڪٿي ڪٿي ابنِ بطوطا جي سفرنامي جي به جهلڪ نظر اچي ٿي جيڪو هنن ساڳين پٽن تان پورا 200 سال اڳ ٿي ويو هو ۽ سفرنامو لکيو هئائين.
ورٿيما (هن کي ڪي برٿيما به سڏين ٿا) اٽليءَ جي اتراهين شهر بولونيا (Bologna) ۾ 1470ع ۾ ڄائو. اٽليءَ جو هي شهر صدين کان پڙهيل لکيل ماڻهن جو شهر سڏيو وڃي ٿو. هن شهر جا ڪيترائي اديب، شاعر، پروفيسر، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان..... ويندي رانديگر، آرٽسٽ، اداڪار دنيا ۾ مشهور آهن. شايد هتي جي آڳاٽن تعليمي ادارن ڪري به هي شهر هتي جي اطالوي ٻوليءَ ۾ La Dotta يعني “پڙهيل ڳڙهيل” پڻ سڏجي ٿو.
ڏورانهن ملڪن ڏي سفر ڪرڻ کان اڳ ورٿيما لڳي ٿو ته پنهنجي ملڪ ۾ فوجي هو. هن 32 سالن جي ڄمار ۾، يعني 1502ع ۾ يورپ ڇڏيو ۽ سڙهه واري ڪنهن ٻيڙي يا جهاز ذريعي مصر جي ڀونچ سمنڊ جي ڪناري واري شهر السڪندريا ۾ پهتو. ياد رهي ته هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اڃا ڪَل وارا جهاز (آگبوٽ) ايجاد نه ٿيا هئا. پورچوگال کان واسڪو ڊاگاما ۽ اسپين کان ڪرسٽافر ڪولمبس به هنن ئي ڏينهن ۾ انڊيا ۽ آمريڪا پهچڻ جو رستو انهن Sailing Ships ذريعي ڳوليو هو. هي اهي سال هئا جن ۾ يورپين (اسپين ۽ پورچوگال وارن) مسلمانن (عرب حاڪمن) کي پنهنجي ڌرتيءَ تان ڀڄائي ڪڍيو جنهن ڌرتيءَ تي عربن ڏورانهين ڏيهه کان اچي ٻه چار سال نه پر 700 سال حڪومت ڪئي.... ۽ 1502ع جو سال ته اهو هو جنهن ۾ واسڪو ڊاگا ٻيو دفعو انڊيا جي ملبار ڪناري تي وڏي لاو لشڪر سان نازل ٿيو هو. صدين کان هندي وڏي سمنڊ ۾ ڪڏهن ڪنهن کي يورپين جو ڪو ٻيڙو نظر نه پئي آيو، سو هاڻ بمن بندوقن سان جَڙيل پورچوگالي جهازن هن سمنڊ جي بندرگاهن ۾ تجارت ڪندڙ عرب سوداگرن ۽ انهن جي جهازن جي ناکئن، ملاحن، خلاصين ۽ وڻجارن کي بي چين ڪري رکيو هو. ويتر جو واسڪو ڊاگاما بمن بندوقن جي زور تي هتي جي جهازن جي ڦرلٽ ڪئي جنهن ۾ هن حاجين جي جهاز کي به نه بخشيو، منجهس سوار مرد حاجين سان گڏ عورتن ۽ ٻارن کي به جيئري ساڙي ڇڏيو. ان ڳالهه عرب دنيا توڙي ايشيا ۽ آفريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن جي دلين ۾ خوف ۽ ڏهڪاءَ سان گڏ يورپين لاءِ نفرت پيدا ڪري وڌي هئي. بقول ڪنهن جي ورٿيما هن سفر جي تياري ستن اٺن سالن کان ڪئي هوندي. ان وقت حالتون ٻيون هيون پر هن کي به کُٽي ٿي کڻي، جو هو ان سال ٿو نڪري جڏهن هي حاجين جي سڙڻ جو معاملو ٿيو ۽ مسلمان هر گوري چمڙي واري کي يورپي سمجهي پورچوگالين جو جاسوس تصور ڪرڻ لڳا هئا. بهرحال آئون ته اهو چوندس ته ورٿيما کي واقعي سفر جو شوق، بلڪه Craze هو جو هڪ مصيبت مان بچي ٿي ويو ته گهر موٽڻ جو نالو وٺڻ بدران اڳتي ٿي وڌيو. سندس سفر جا تفصيل ته توهان هن جي ڪتاب جي انگريزي ترجمي ۾ پڙهي سگهو ٿا. ٿي سگهي ٿو ورٿيما جو هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿيو هجي، جنهن جي خبر مختيار ملاح صاحب کي ئي هجي جيڪو سرڪاري آفيسر سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ ريسرچر به آهي جنهن جو هر آچر تي ترجمو ٿيل ڪتابن جي ترجمي بابت ڪاوش ۾ ايندڙ ڪالم پڙهي مون کي پڻ حيرت ٿيندي آهي ته اسان وٽ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ٿي چڪا آهن. ڪي ڪتاب ته هڪ بدران ٻن ٻن ٽن ٽن اديبن ڪيا آهن.
ورٿيما جون سفر جي فقط شروعات جون ٻه چار سٽون لکان ٿو ته گهر بولونيا (اٽلي) ڇڏڻ بعد هو اسڪندريا آيو جتان نيل نديءَ ذريعي قاهره پهتو. پوءِ مصر مان هو جهاز ذريعي بيروت (لبنان) آيو جتان هو طرابلس (Tripoli) پهتو. ياد رهي ته هيءَ ٽرپولي (طرابلس) لبيا واري نه پر لبنان واري آهي جيڪا بيروت جي بندرگاهه ڀرسان آهي جنهن جو ذڪر مون پنهنجي 1969ع واري پهرئين سفرنامي “منهنجو ساگر، منهنجو ساحل” ۾ ڪيو آهي. ان بعد ورٿيما شام (Syria) جي شهرن اليپو، (Aleppo) حلب ۽ دمشق ۾ آيو جتي هن پاڻ کي يونس نالي سان مسلمان سڏرائي مملوڪ پوليس گئريشن ۾ ڀرتي ٿيو. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ مصر کان حجاز تائين مملوڪ سلطنت جو راڄ هو جيڪا 1517ع تائين قائم رهي. ورٿيما جي ڏينهن ۾ مملوڪ سلطنت جي آخري بادشاهه کان هڪ اڳ وارو الاشرف قانصوه الغوري هو جنهن 1501ع کان 1516ع تائين حڪومت ڪئي. 1503ع ۾ دمشق کان جيڪو شامي مسلمانن جو قافلو حج لاءِ نڪتو انهن جي بچاءَ ۽ سلامتي لاءِ، گڏ هلندڙ مملوڪي پوليس ۾، هي ورٿيما به شامل هو. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ مختلف ملڪن کان حجاز اچڻ ۾ خشڪي توڙي سامونڊي رستن تي ته امن امان نه هو پر مڪي کان مديني تائين به چورن، ڌاڙيلن، مختلف عرب قبيلن جي سردارن ۽ ڀوتارن جي ماڻهن، حاجين جي قافلن جي ڦرلٽ ڪئي ٿي. هاڻ عربستان “سعودي عرب” ٿيڻ بعد قانون سخت ٿيو آهي نه ته ويهين صديءَ جي شروعاتي چوٿائي ۾ به سخت ڦرلٽ ۽ بدامني هئي جنهن جو ذڪر سڪرنڊ جي حاجي نبي بخش چانڊيو پڻ پنهنجي 1923ع واري حج جي سفرنامي ۾ ڪيو آهي جنهن ڪتاب لاءِ لکيل منهنجا پيش لفظ، پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي هن ڪتاب ۾ به ڏنا اٿم.
ورٿيما شام ملڪ جي حاجين جي ٽولي سان گڏ مڪي بعد مديني جو به سير ڪيو ۽ هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هُن انهن شهرن بابت ۽ حج جي ارڪانن جو جيڪو تفصيلي احوال لکيو آهي اهو صحيح ۽ سربستو لکيو آهي. ورٿيما بنا شڪ جي پهريون غيرملسم يورپي چئي سگهجي ٿو جنهن هي شهر ڏٺا ۽ احوال قلمبند ڪيو.
مڪي شريف ۾ هجڻ دوران ورٿيما جو هڪ ڌارئين ملڪ کان آيل مسلمان واپاريءَ سان مهاڏو ٿي پيو جنهن ۾ مسلمان واپاريءَ کي شڪ ٿيو ته ورٿيما (جيڪو پاڻ کي يونس سڏرائي رهيو هو) مسلمان نه پر عيسائي جاسوس آهي. ان تي ورٿيما (يونس) احتجاج ڪيو ته هو مملوڪ آهي ۽ شام کان آيو آهي. بهرحال ورٿيما نمونو سمونو ڪري پنهنجو نه رڳو بچاءُ ڪري ورتو، پر مسلمان واپاريءَ کي ذري گهٽ شرمندو ڪيو ته هو هڪ مسلمان ڀاءُ تي اهڙي تهمت ڪيئن ٿو هڻي! واپاريءَ افسوس ڪندي ورٿيما (يونس) کي چيو ته ڇا ڪريون. پورچوگالين جي حملن ۽ حاجين کي ساڙڻ بعد اسان مسلمان نفسياتي طرح پريشان آهيون. هن مسلمان واپاريءَ ورٿيما کي پورچوگالين جو ملبار ڪناري جي بندرگاهن تي قبضو ۽ اتي جي ماڻهن، خاص ڪري مسلمانن سان ڪيل ظلمن جون ڳالهيون ٻڌايون.
اهي ڳالهيون ٻڌي ورٿيما دل ئي دل ۾ انڊيا وڃڻ لاءِ ڊرامو رچايو ۽ مسلمان واپاريءَ کي چيو ته هو بندوقون (Cannon) ٺاهڻ جو ماهر آهي ۽ هو پنهنجيون خذمتون دکن جي مسلمان بادشاهه “سلطان آف بيجاپور” کي پيش ڪرڻ ٿو چاهي جيئن هن لاءِ هو مضبوط آرٽلري فوج تيار ڪري سگهي، جنهن سان هو پورچوگالين جو چڱيءَ طرح مقابلو ڪري سگهن.
عربستان ۾ رهندڙ هي ٻاهريان مسلمان واپاري جيڪي انڊين لڳن ٿا ڏاڍو خوش ٿين ٿا ۽ ورٿيما کي انڊيا موڪلڻ لاءِ پنهنجي گهر ۾ لڪائي رکن ٿا. شام کان آيل حاجي ۽ انهن جي سارسنڀال لهڻ لاءِ آيل مملوڪ سپاهي (Escorts) يونس کي ڇڏي رونا ٿي وڃن ٿا. مڪي جي هنن ڌارين سوداگرن جي مدد سان يونس (ورٿيما) کي جدي مان هڪ عرب جي مال بردار جهاز تي انڊيا لاءِ سوار ڪيو وڃي ٿو. مٿي به لکي آيو آهيان ته انهن ڏينهن ۾ اڃا ڪَلَ وارا جهاز ايجاد نه ٿيا هئا. انهن ڏينهن ۾ جهاز سڙهن (Sails) وارا هئا جيڪي هوائن جي رفتار ۽ رخ جي آڌار ۽ رحم و ڪرم تي هليا ٿي. هي جهاز به جدي مان لنگر کڻي بحر احمر مان ٻاهر نڪتو ۽ بابِ منديب (ڳاڙهي سمنڊ جي پوڇڙ واري حصي) مان ٿي عدن پهتو.
عدن پهچڻ تي اتي جا عرب حاڪم يونس (ورٿيما) تي شڪجي پون ٿا ۽ هن کي مسلمان سمجهڻ بدران عيسائي جاسوس سمجهي قيد ڪن ٿا. هن تي اهو الزام هڻن ٿا ته هو ڪنهن پورچوگالي جهاز جو خلاصي آهي ۽ پورچوگالين جي ڦرلٽ لاءِ جاسوسي ڪري رهيو آهي. ورٿيما جي احوال مطابق هن کي عدن ۽ يمن جي هڪ ٻي شهر رداع (Radaa) جيل مان هن کي يمن جي هڪ دوشيزه شهزاديءَ ڇڏرايو جنهن جو هن سان عشق (Love affair) ٿي پيو. سلطانا هن کي پنهنجي رداع واري محل ۾ ڪجهه عرصي لاءِ پاڻ وٽ رکيو پوءِ ورٿيما ڪنهن ڪوڙي بيماريءَ جو بهانو جوڙي ماهر حڪيم کان علاج ڪرائڻ لاءِ عدن وڃڻ جي سلطانا کان موڪل ورتي. هو يمن جي ڪنڊ ڪڙڇ جو- صنعا شهر سوڌو، سير ڪري عدن پهتو، جتان مارچ 1504ع ۾ هڪ جهاز انڊيا پئي ويو. سلطانا لڪ چوريءَ پنهنجي هن عاشق جا کيسا ڏوڪڙن سان ڀري ڇڏيا هئا. انهن مان هو ڀاڙو ڀري يمن مان ڀڄي ويو.
عدن مان نڪرڻ بعد جهاز کي پهريون اسٽاپ ايراني نار جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ڪرڻو هو پر جهاز اتر طرف ايران ڏي وڌڻ بدران مخالف پاسي جون هوائون لڳڻ ڪري ڏکڻ ڏي بتال ٿي وڃي صوماليا جي ڪناري کان نڪتو جتي جهاز زيلع (Zeila) ۽ بربره (Barbara) بندرگاهن تي به ترسيو جيڪي صوماليا جا آڳاٽا ۽ ڪنهن زماني تائين واپار وڙي کان امير بندرگاهه رهيا. بعد ۾ انجڻ وارن جهازن جي سائيز وڏي ٿيڻ تي نوان بندرگاهه ناميارا ٿيا جيئن انڊيا ۾ سورت بدران بمبئي مشهور ٿيو، ملايا (ملائيشيا) ۾ ملاڪا بدران پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ ٿيو. تعليم دوران پڙهندا هئاسين ته بربره بندرگاهه دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊيوٽي فري رهيو آهي، يعني هتي هر شيءِ ڪارخاني جي اگهه تي ملي ٿي. ڌارين ملڪن کان آيل جهاز وارن کان هتي جي حڪومت ڪنهن به شيءِ تي ٽڪو به ٽئڪس نٿي وٺي. جيئن اڄڪلهه سنگاپور، هانگ ڪانگ، دبئي، لاس پامال جهڙا بندرگاهه پاڻ کي ڊيوٽي فري سڏرائين ٿا پر اهي فقط نالي ماتر رهيا آهن. اهو به پڙهندا هئاسين ته صوماليا جو هي بندرگاهه بربره سڄي خليج عرب ۾ واپار وڙي ۾ اهم جاءِ آهي ۽ ٻئي نمبر تي زيلع. 1854ع ۾ رچرڊ فرانسز برٽن به هن بندرگاهه بربره ۽ اٿوپيا جي بندرگاهه هرار ۾ آيو هو جنهن پنهنجي سفرنامي ۾ هنن بندرگاهن لاءِ هتي جي ٻولي هراري جي هڪ مشهور چوڻي لکي آهي ته: “اهو جيڪو بربره تي راڄ ڪري ٿو ان جو سمجهو ته هرار شهر جي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ آهي.....”
زيلع بندرگاهه ۾ هجرت بعد يڪدم اسلام آيو. زيلع جي ٻن محرابن واري “مسجد القبلتين” جيڪا Labo Qibla mosque به سڏجي ٿي ستين صديءَ ۾ ٺهي ۽ آفريڪا جي پراڻي مسجد چئي وڃي ٿي. هن مسجد جي محرابن مان به هڪ مڪي شريف ڏي آهي ته ٻيو يروشلم (بيت المقدس) ڏي. بهرحال اسان وارو اطالوي سياح يونس ورٿيما هنن ٻن بندرگاهن جو احوال به صحيح سربستو بيان ڪري ٿو.
موسم جي تبديلي بعد ورٿيما وارن جو جهاز ايران جو رخ ڪري ٿو اتي به هن سان ۽ هن جي جهاز سان ڪئين ڳالهيون ٿين ٿيون. ان بعد انڊيا جي مالا بار ڪناري تي اچن ٿا ۽ ڪجهه جهاز ذريعي ته ڪجهه خشڪي رستي هو ڪولمبو (سلون)، ان بعد بنگال، برما ۽ ملايا اڳتي وڃي ٿو جيڪو احوال هن جو سفرنامو پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو. اسان سندس ذڪر ان ڪري شروع ڪيو ته هو پهريون غير مسلم يورپي هو جنهن حج ڪيو.

جزا توڙي سزا جي بدلي ۾ حج

ڪجهه سال اڳ انڊيا جي شهر پوني ۾ هوس ته اتي مغل بادشاهه اڪبر تي ٺهيل فلم “جوڌا اڪبر” ڏٺي هيم. ايشوريا راءِ فلم ۾ جوڌا ٿي هئي ۽ هرتيڪ روشن اڪبر بادشاهه ٿيو هو. راجستان (جتي راجپوت رهن ٿا) ۽ ڪجهه ٻين صوبن ۾ جتي راجپوتن جي گهڻائي آهي، اتي هن فلم کي ان بنياد تي هلڻ نه ڏنو ويو جو ان ۾، بقول راجپوتن جي، حقيقت پسنديءَ کان ڪم نه ورتو ويو آهي. هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ هن فلم ۾ ڪي ڳالهيون مون کي به نه وڻيون.... پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ۾ فلم ٺاهڻ وارن جو ڏوهه نه هجي، هنن سچائيءَ کان ڪم ورتو هجي. ڪم جڏا اسانجي مسلمان بادشاهه جا هجن. ان فلم بابت تفصيل سان ته انڊيا واري سفرنامي “هلي ڏسجي هندوستان” ۾ لکيو اٿم. هتي فقط اها ڳالهه ٿو لکان ته فلم ۾ اڪبر پنهنجي فوج جي سپهه سالار جي صلاحن ٻڌڻ کان ٿڪجي، هن کي حڪم ڪري ٿو ته “تون هاڻ مهرباني ڪري فوج جي جوابدارين کان آجو ٿي مڪي هليو وڃ.”
درٻار جو مولوي صاحب جيڪو اڪبر کي جيتوڻيڪ اسلام مطابق صحيح ڳالهيون ٻڌائي ٿو پر اهي اڪبر جي مرضيءَ جي خلاف هجڻ ڪري اڪبر کي پسند نٿيون اچن. هڪ ڏينهن اڪبر بيزار ٿي مولويءَ کي به چوي ٿو “درٻار جي نوڪري ڇڏي هاڻ تون مڪي هليو وڃ”. سئنيما ۾ ويٺل اهو ٻڌي ٽهڪ ٿا ڏين. يعني مڪي وڃڻ جو مذاق ٿا اڏائين.
ان بعد جدي ۾ سعودي عرب جي قومي ڏينهن واري فنڪشن تي اوصاف سعيد نالي انڊيا جي سفارت خاني جو هڪ قونصل جنرل مليو جنهن لاءِ ٻين ٻڌايو ته تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل آهي. خاص ڪري حج جي معاملي ۽ ڄاڻ ۾ اٿارٽي آهي. مون هن سان کلندي کلندي فلم ”جوڌا اڪبر“ واري مٿين ڳالهه ڪئي ته هن ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته ان زماني ۾ مغل حاڪم ڪنهن مان خوش ٿيندا هئا ته هن کي انعام طور پنهنجي خرچ تي حج موڪليندا هئا. ساڳي وقت هو ڪنهن مان بيزار ٿيندا هئا ۽ ان مان جان ڇڏائڻي هوندي هين ته هن کي حج تي وڃڻ جي صلاح ڏيندا هئا جنهن کي صلاح گهٽ، شاهي حڪم وڌيڪ سمجهيو ويندو هو ۽ اهو بادشاهه سلامت جي دل وٽان ڪم يا فتوا نه ڏيڻ جي سزا هوندي هئي.
بنا شڪ جي ڊاڪٽر اوصاف سيد هڪ پڙهيل لکيل ڊپلومئٽ آهي. هن ٻڌايو ته هو حج بابت ماڻهن جي مشاهدن ۽ تاريخ جو ڪتاب:
Haj: An Indian Experience لکي رهيو آهي. ان ڳالهه کي چڱا سال ٿي چڪا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو هاڻ اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪو هجي جيتوڻيڪ سال ٻه اڳ تائين مون کي نظر نه آيو. البت هن جا حج بابت مٿئين عنوان سان واسطو رکندڙ مون ڪجهه مضمون ڪنهن هنڌ ضرور پڙهيا جيڪي مون کي بيحد دلچسپ لڳا. حج بابت سندس اهي ڳالهيون هتي پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو جيئن هنن کي اسانجي ننڍي کنڊ ۾ ماضيءَ جي ڪجهه صدين ۾ اسان وٽ حج بابت سوچ ۽ سفر جي آگاهي ملي سگهي.
پڙهندڙن کي هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته جيئن “ايران” لفظ جو وجود ويهين صديءَ ۾ آيو نه ته اهو “پرشيا” سڏيو ويو ٿي. اهڙي طرح سعودي عرب به هاڻ وجود ۾ آيو آهي نه ته هي علائقو صدين کان “عربستان” سڏيو ويو ٿي. اسلام بعد مڪي ۽ مديني جي اهميت ڪري اهو علائقو “حجاز” سڏجڻ لڳو ۽ اسان وٽ چيو ويندو هو ته حاجي حجاز روانا ٿيا آهن يا مڪي يا مديني ويا آهن. اهو هاڻ اٽڪل هڪ صديءَ کان “سعودي عرب” جي نالي سان سڏجڻ لڳو آهي.
سعودي عرب جو حجاز وارو اهو علائقو آهي جنهن ۾ اسان مسلمانن جا پاڪ شهر مڪو ۽ مدينو آهن، جتي اسلام جي تاريخ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون، ان ڪري هي علائقو سڄي دنيا جي مسلمانن، ننڍي کنڊ سميت، ڪشش ۽ احترام جو باعث رهيو آهي. بحر احمر (Red Sea) جو بندرگاهه “جدو” لوڪيشن جي خيال کان مڪي وڃڻ جو دروازو سڏيو وڃي ٿو، جو جدي کان مڪو 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. ائين ته بحر احمر جو هڪ ٻيو بندرگاهه ينبوع به حاجين لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو، خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي پهرين مديني پهچڻ چاهين ٿا. ينبوع بندرگاهه کان مدينو 230 ڪلوميٽر آهي. جدي ۽ ينبو (ينبوع) بندرگاهن جي وچ ۾ 340 کن ڪلوميٽر فاصلو آهي. مڪي کان مديني خشڪي رستي 450 ڪلوميٽر فاصلو آهي. ينبو ۽ جدو اسان جي ماڻهن لاءِ نه فقط حج جي ڪري پر صدين کان - ويندي اسلام کان اڳ کان اهي بندرگاهه واپار وڙي جو مرڪز به رهيا آهن. حجاز جي ماڻهن هر وقت انڊيا کان ايندڙ جهازن جو انتظار ڪيو ٿي جن پاڻ سان مصالحا، هيرا، قيمتي پٿر، ريشم، صندل وڊ، عود ۽ عطر آندا ٿي. ساڳئي وقت عربن جا جهاز، سنڌ فتح ڪرڻ 712-664ع کان به اڳ سنڌ هند ۾ آيا ويا پئي. سو اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن ڪڏهن کان عربستان وڃڻ شروع ڪيو.
مغلن جي دور حڪومت کان وٺي ارڙهين صديءَ تائين ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي حج تي وڃڻ لاءِ ٻه رستا هئا. هڪ خشڪي رستي ۽ ٻيو سڙهه تي هلندڙ جهازن رستي. خشڪي جو رستو جيڪو افغانستان کان يعني اتر اولهه پاسي کان ٿي وڃڻو پيو ٿي، ڏکيو ۽ خطرناڪ هڪ طرف هو ته ٻئي طرف رستي تي ڪجهه اهڙا علائقا به آيا ٿي جتي ڦورن ۽ ڌاڙيلن جو راڄ هو. ڏکيو ۽ خطرناڪ ان خيال کان ته جابلو علائقا ۽ سڃ هئي. جهنگلي جانورن جو گذر رهيو ٿي. اسان جي ماڻهن گهڻو ڪري سمنڊ رستي مڪي مديني ۾ پهچڻ ۾ وڌيڪ بهتري سمجهي ٿي جنهن لاءِ هو پنهنجو عربي سمنڊ ڪراس ڪري، عدن وٽ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ داخل ٿيا ٿي جنهن سمنڊ ۾ جدي ۽ ينبو جهڙا بندرگاهه آهن. ڪجهه ماڻهو عربي سمنڊ بعد ايراني نار واري سمنڊ ۾ ئي داخل ٿيا ٿي جيڪو ڪجهه ننڍو سامونڊي سفر آهي پر ايراني نار ۾ جيڪو دمام جهڙو سعودي بندرگاهه آهي، اتان اٺن، گڏهن، خچرن تي مڪي ۽ مديني پهچڻ ۾ وڏو فاصلو طيءِ ڪرڻو پيو ٿي. 1500 ع کان پوءِ هندي وڏي سمنڊ ۾ پورچوگالين جي موجودگي ڪري انهن جي ڀتي خوريءَ ۽ قذاقيءَ بحر احمر سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ مسئلو بڻائي ڇڏيو. پورچوگالي قزاق مسافر توڙي مال بردار جهازن کان پئسو ڦرڻ لاءِ هنن کي پنهنجي بمن ۽ بندوقن ذريعي ڏڪائڻ لڳا. هونءَ ئي شروع ۾ جو هنن ڪيترن ئي مال بردار جهازن کي لٽيو ۽ هڪ حاجين جي جهاز جي 400 کن مسافرن کي جيئري ساڙي ڇڏيو، انهن وارداتن سڀني جي دلين ۾ خوف پيدا ڪري وڌو هو. پورچوگالين جيڪو حڪم ٿي ڪيو سو اسانجي ماڻهن: هندو، مسلمان واپارين اکين تي ٿي رکيو. هو ته ڇا پر هند سنڌ جي ڪناري وارا راجا به ڪجهه نٿي ڪري سگهيا جو انهن کي مصالحن جون ٻوريون، هيرا جواهر، ڀلا گهوڙا ۽ هاٿي، تلوارون ۽ بڻڇيون ته هيون پر هنن وٽ پورچوگالين وارا بم ۽ بارود نه هئا جن جي هڪڙي ئي ٺڪاءَ تي سندن هاٿين به ٽاهه کاڌو ٿي ۽ اڳتي وڌڻ بدران پنهنجي ئي لشڪر کي چپي ماريو ٿي. اهي آهن زندگيءَ جون ڳالهيون ۽ حقيقتون! جڏهن بدو عرب، بقول ايراني شاعر فردوسيءَ جي “ڳوهه کائڻ وارا جاهل” آرگنائيزڊ ٿيا، عقل کان ڪم ورتائون ته قيصر ۽ ڪسرا- روم ۽ پرشن حڪومتن تي ته حاوي ٿي ويا پر هنن اسپين ۽ پورچوگال جهڙن ڏورانهن ملڪن تي به وڃي قبضو ڪيو ۽ هاڻ جڏهن يورپي هوشيار ۽ خبردار ٿيا ته هنن اسپين مان مسلمانن جي آخري بادشاهه کي به ڀڄائي ڪڍيو ۽ پاڻ سامونڊي رستا ڳولهي آفريڪا، ايشيا ۽ عرب ملڪن ۾ پهچي هنن کي سندن ئي گهرن ۾ ڊيڄارڻ لڳا. هندي وڏو سمنڊ جنهن تي صدين کان هن تر جا ماڻهو جهاز هلائي رهيا هئا ۽ سڪون سان واپار ڪري رهيا هئا انهن کي هر ڪم لاءِ هنن ڌارين کان اجازت وٺڻي پئي ٿي.
پورچوگالين ايڏي داداگيري شروع ڪئي، جو هنن هندي وڏي سمنڊ ۾ هلندڙ هر جهاز لاءِ ضروري ڪري ڇڏيو ته هو کانئن “پاس” جيڪا پورچوگالي ٻوليءَ ۾ ڪارٽ (Cartaz) سڏي وئي ٿي، اها وٺڻي پوندي ۽ پنهنجي واپار جو تقريبن پنجون حصو پورچوگالين کي ڏيڻو پوندو، جنهن جي بدلي ۾ پورچوگالين کين سمنڊ تي سلامتي مهيا ڪئي ٿي. سلامتي ڇا- هنن پنهنجن ئي پگهاردار قذاقن ذريعي بنا پاس واري جهاز جي ڦر لٽ ڪئي ٿي. هنن ان معاملي ۾ حاجين جي جهازن سان به رعايت نٿي ڪئي ۽ هنن خوف ۽ خطري جون اهڙيون حالتون پيدا ڪيون جو هڪ اهڙو به وقت آيو جو مغل درٻار جي عالمن ۽ مفتين اها فتويٰ ڏيڻ جو سوچيو ته اهڙي حالت ۾ حج لاءِ مڪي وڃڻ فرض ناهي.
مغل حاڪمن حج جي سهوليت ۽ بندوبست لاءِ ڪافي ڪم ڪيا. هنن هر سال حج لاءِ ويندڙن جي نه فقط جهازن جو بندوبست ڪيو پر ڪيترن کي سفر جو ۽ مڪي ۾ رهائش جو خرچ مهيا ڪيو. گجرات صوبي جو پراڻو بندرگاهه سورت “باب المکه” سڏيو ويو ٿي جو ننڍي کنڊ جا گهڻي ڀاڱي حاجي هن بندرگاهه کان جهاز ۾ سوار ٿي مڪي روانا ٿيا ٿي. شهنشاهه اڪبر پهريون حاڪم هو جنهن حج جو سفر رياست جي خرچ تي ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ سبسڊي ڏني. مڪي ۾ بيمار حاجين لاءِ اسپتال ۽ دوا درمل جو بندوبست ڪيائين. 1570ع ۾ هن درٻار جو هڪ اعليٰ عملدار حاجين جو اڳواڻ ٿي وڃڻ لاءِ مقرر ڪيو جيڪو “ميرحج” سڏيو ويو ٿي ۽ هن پنهنجي صلاحڪارن مان هڪ اعليٰ درجي جو “عبدالرحيم خان خانان” مقرر ڪيو ته هو حاجين لاءِ هر سال ٽن جهازن: رحيمي، ڪريمي ۽ ٽيون سالاري جو بندوبست ڪري جيڪي حاجين کي مفت ۾ جدي کڻي وڃن. شهنشاهه جهانگير ۽ شاهه جهان جي ڏينهن ۾ به، جيتوڻيڪ ڪجهه گهٽ، حاجين جي حج جي سفر ۾ مدد ڪئي وئي ٿي. شاهه جهان لاءِ ته اهو به مشهور آهي ته هو هر سال مڪي خيرات ۽ زڪوات موڪليندو هو. آئون پهرين به لکي چڪو آهيان ته سعودي عرب جي حالت ويهين صديءَ جي اڌ بعد ئي بهتر ٿي جڏهن عربستان ۾ پيٽرول نڪتو. نه ته ان کان اڳ عربستان معاشي طرح سخت غريب هو.
شهنشاهه اورنگزيب جيڪو مغل بادشاهن ۾ بيحد الله لوڪ ۽ درويش صفت چيو وڃي ٿو، حج جي معاملي ۾ حاجين جي دل کولي مدد ڪندو هو. هر سال هن جا ٻه جهاز سورت مان حاجي کڻي جدي پهتا ٿي. اورنگزيب بادشاهه جي ڌيءَ زيب النساءِ پڻ حج تي ويندڙ مسافرن جي مدد ڪئي ٿي. ڪيترن جو ته سڄو خرچ هن ڏنو ٿي. انهن مسافرن ۾ 1676ع ۾ هن صفي بن ولي القزنوي کي به حج لاءِ اسپانسر ڪيو جيڪو اسڪالر ۽ عالم هو. القزنوي هن سفر جو تفصيلي احوال قلمبند ڪيو، جيڪو “انيس الحج” جي نالي سان ممبئي جي پرنس آف ويلس ميوزيم ۾ موجود آهي.
مغل سلطنت جي ڏينهن ۾ ماڻهن کي مختلف سببن ڪري حج لاءِ موڪليو ويو ٿي جيئن ته: هو پنهنجو فرض ادا ڪري سگهن، ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، شاهي خاندان جي سٺي طرح خذمت ڪرڻ لاءِ هنن کي انعام طور موڪليو ويو ٿي ۽ جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته اهي ماڻهو يا سرڪاري ڪامورا جن مان حاڪم بيزار هئا، انهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ مغل بادشاهه انهن کي سزا طور حج تي روانو ڪري ڇڏيندا هئا. حج کي سياسي هٿيار طور به استعمال ڪيو ويو ٿي. اهي ماڻهو جن مان حاڪمن کي خوف رهيو ٿي ته متان اهي حاڪم خلاف نفرت پيدا ڪن يا متان ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ڪن ته هنن کي هڪ قسم جي سياسي ڏيهه نيڪالي ڏيڻ لاءِ حج موڪليو ويو ٿي.
شهنشاهه همايون لاءِ مشهور آهي ته هن پنهنجي ڀاءُ ڪامران کي انڌو ڪرڻ بعد 1553ع ۾ حج تي روانو ڪري ڇڏيو جتي هو 1557ع ۾ گذاري ويو. همايون شهنشاهه بابر جي پهرين زال “ماهم بيگم” مان هو. بابر جي وفات بعد همايون تخت تي ويٺو پر سندس ويڳو ڀاءُ ڪامران (بابر جي ٽي يا چوٿين زال گل رخ بيگم جو پٽ) سندس تخت پويان لڳو رهيو. مرڻ وقت بابر همايون کان وعدو ورتو هو ته پنهنجي ڀاءَ جو قتل هرگز نه ڪجانءِ. سو همايونءَ ڪامران مان جان آزاد ڪرڻ لاءِ کيس قتل ته نه ڪيو باقي ٻئي اکيون ڪڍي حج تي روانو ڪري ڇڏيو. مٿي پڻ لکي چڪو آهيان ته اڪبر بادشاهه به ڪيترن کي پيار محبت سان پنهنجي درٻار مان دفع ڪرڻ لاءِ حج تي موڪليو هو جيئن ته بئرام خان کي جيڪو هن جي فوج جو نه رڳو ڪمانڊر هو، پر اڪبر جو استاد ۽ صلاحڪار به هو پر پوءِ اڪبر جڏهن ڏٺو ته هي بادشاهه جي ڪمن تي ڪجهه وڌيڪ ئي حاوي پيو ٿئي ته هن کي حج جي تياري ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. شهنشاهه جهانگير پنهنجي پرشن ڊاڪٽر حڪيم مادرا جي علاج مان ناخوش ٿي ڏيهه نيڪاليءَ لاءِ مڪي ڀڄائي ڪڍيو. پڙهندڙن کي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ کپي ته انهن ڏينهن ۾ پاسپورٽ يا ويزا جو رواج شروع نه ٿيو هو. اڄ اسان کي سعودي عرب نه فقط دين ايمان جي ڪري بهتر لڳي ٿو پر روزگار ڪمائڻ ۽ رهائش لاءِ ماڊرن لڳي ٿو ۽ ڪنهن به مسلمان کان پڇبو ته هو اتي رهڻ کي ترجيح ڏيندو پر پيٽرول نڪرڻ کان اڳ تائين اسان جا ماڻهو مڪي ۽ مديني فقط فرض جي ادائيگيءَ خاطر ويا ٿي. هنن لاءِ ننڍي کنڊ (اڄ جي انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش) جا شهر وڌيڪ خوشحال ۽ سکيا ستابا هئا. اسانجو ننڍو کنڊ دريائن ۽ ماٿرين، ميون ۽ موسمن ڪري عربستان توڙي ملائيشيا جهڙن ملڪن کان به بهتر هو. سو انهن ڏينهن ۾ اسانجي پاسي کان روزگار لاءِ ته ڪو ورلي عربستان ويو ٿي. امير ماڻهو مڪي ۽ مديني جي سڪ ۾ اتي وڃي رهيا ٿي ۽ خرچ پکي لاءِ پنهنجو وڏو پئسو کڻي ويا ٿي. ان ڪري عربستان جي ماڻهن هنن جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ٿي جو هنن مان انهن جو به فائدو هو. جيئن همايون جو ڀاءُ ڪامران مڪي ويو ته هو ڪو عام ماڻهو ته نه هو. کڻي هندوستان جو بادشاهه نه هو پر ڪابل ۽ قنڌار جو ته حاڪم هو. سو پنهنجي ۽ پنهنجي فئملي ۽ مددگارن لاءِ وڏي دولت ۽ مال کڻي ويو هوندو ۽ مرڻ تائين، يعني جيڪي چار سال رهيو ان ۾ به رکي رکي خوب پئسو گهرايو هوندائين. سو انهن ڏينهن ۾ اسان جي ماڻهن جو هر ملڪ ۾ مان ۽ آڌر ڀاءُ هو. اڄ ڪلهه اسان لاءِ، ويندي اسان جي مسلمان ملڪن ۾ ئي، نفرت ان ڪري آهي جو هر ملڪ سمجهي ٿو ته اسانجي انهن جي ملڪن ۾ رهڻ سان هنن جو ڪو فائدو نه ٿيندو بلڪه اسان اتي پهچي روزگار حاصل ڪري مقامي ماڻهن کي بيروزگار ڪنداسين. نه فقط ايترو پر ڪمايل پئسو اتي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجي ملڪ موڪلي ڏينداسين. يعني هنن جي فارين ايڪسچينج کٽائينداسين.
مٿين مغل بادشاهن سان گڏ هڪ ٻيو بادشاهه اورنگزيب جو نالو به کڻندو هلان ته هن به پنهنجي سلطنت جي جج (قاضي) قاضي القضات کان زبردستي استيعفا وٺي مڪي روانو ڪري ڇڏيو. مطلب ته انهن ڏينهن جي حاڪمن لاءِ حجاز هڪ بهترين جاءِ هو جتي هنن ڦڏي باز مائٽن، عتاب هيٺ آيل نوابن (Nobles) ۽ تخت کي کسڻ جون اٽڪلون ڪرڻ وارن کي ڀڄائي ڪڍيو ٿي.
مزي جي ڳالهه اها ته هنن، مغل حاڪمن، حج تي ويندڙ عوام کي پئسي ڏوڪڙ يا سفر جي ته سهولت ڏني ٿي، انعام خاطر يا همدردي خاطر توڙي سزا خاطر ماڻهن کي حج ڪرڻ جي صلاح يا تلقين ته ڪئي ٿي پر مون کي مغلن بادشاهن توڙي شاهي خاندان جي ماڻهن يا نوابن ۽ سردارن ۾ ڪو مرد نٿو ملي جنهن پاڻ حج ڪيو هجي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته حالت اها رهي ٿي جو ڪو بادشاهه گادي ڇڏي رڳو ڀر واري شهر ڏي ويو ٿي ته ٻئي ڪنهن پهلوان مڙس اچي ان جي تخت تي قبضو ڪيو ٿي. جيئن همايون بنگال ۾ دشمنن سان وڙهڻ ويو ته پٺيان سندس ڀاءَ ڪامران سندس تخت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابل کان دهلي پهچي ويو. بئرام خان حج تان موٽيو ته هن جي جاءِ تي فوج جو ٻيو ڪمانڊر ٿي ويو ۽ کيس وري نوڪري نه ملي. سو ڪو به بادشاهه، شهزادو، سردار، اداري جو اڳواڻ پنهنجي مرضيءَ سان حج تي نٿي ويو..... کيس زوريءَ يا اهاني بهاني موڪليو ويو ٿي. عام رواج اهو ئي هو ته شاهي خاندان جون عورتون اڪثر حج يا تجارت لاءِ ويون ٿي.
مغل شاهي خاندان جي پهرين عورت جنهن حج ڪيو اها همايون بادشاهه جي راڻي - جيڪا هن جي پهرين زال پڻ هئي، “بيگا بيگم” هئي. حج ڪرڻ کانپوءِ هوءَ حاجا بيگم به سڏي وڃڻ لڳي. همايون جو دهليءَ ۾ مقبرو هُن جي هِن زال بيگا بيگم (حاجي بيگم) ٺهرايو. همايون جو پٽ اڪبر جيتوڻيڪ همايون جي ٻي زال زبيده مان هو پر بيگا بيگم کيس نپايو ۽ ايڏو پيار ڏنو ۽ گڏ گڏ رکيو جو ڪيترا ماڻهو بيگا بيگم کي اڪبر جي ماءُ ٿا سمجهن.
مغل گهراڻي جي شاهي عورتن ۾ شهنشاهه بابر جي ڌيءَ “گلبدن بيگم” کي به شامل ڪري سگهجي ٿو جنهن 1576ع ۾ اڪبر اعظم جي زال “سليمان سلطان بيگم” ۽ 40 ٻين ساهيڙين ۽ خذمتگار عورتن سان گڏ “سليمي” نالي جهاز تي حج جو سفر ڪيو. هن ٽولي جي سيڪيورٽي لاءِ “الاهي” نالي هڪ ٻئي جهاز تي سرڪاري عملدار ۽ سپاهه به روانو ٿيو. گلبدن بيگم وارا 1582ع تائين مڪي ۾ رهيا. هنن ان دوران چار حج ۽ ڪيترائي عمرا ڪيا. گلبدن جيڪا بابر جي ٻي زال دلدار بيگم مان همايون جي ويڳي ڀيڻ هئي، “همايون ناما” لکڻ کان مشهور آهي جنهن ۾ هن همايون جي زندگيءَ جو احوال لکيو آهي. اهو ڪتاب هن پنهنجي ڀائٽي شهنشاهه اڪبر جي چوڻ تي لکيو. هتي اهو به لکندو هلان ته مڪي کان واپسي تي عدن وٽ گلبدن جي جهاز جو ڪنهن زير آب ٽڪريءَ سان ٽڪر ٿي پيو ۽ جهاز جي مرمت لاءِ کين ڇهه ست مهينا عدن ۾ رهڻو پيو.
انهن ڏينهن ۾ اسانجي ننڍي کنڊ جي خوشحالي ۽ عرب ملڪن جي مسڪيني حالت جو اندازو توهان هن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته جڏهن گلبدن بيگم ۽ شهنشاهه اڪبر جي زال سليمان سلطان بيگم مڪي لاءِ انڊيا کان نڪتا ته اڪبر بادشاهه هنن کي ڪيترائي تحفن جا پئڪيٽ ٺهرائي ڏنا ته جيئن هو مڪي ۾ رهائش دوران خيرات طور ڏيندا رهن. انڊيا کان آيل هن شاهي ٽولي جي خبر مڪي جي آس پاس ته ڇا شام ملڪ تائين مشهور ٿي وئي، جتان پڻ ڪيترائي ماڻهو بيگمن کان خيرات (تحفا) وٺڻ آيا.
اهڙي طرح ننڍي کنڊ جون ٻيون اهم عورتون جن حج ڪيو انهن ۾ بجاپور جي راڻي آهي جنهن 1616ع ۾ حج ڪيو، ڀوپال جون بيگمات، سڪندر بيگم (جنهن 1863ع ۾ حج ڪيو) ۽ سلطان جهان جنهن 1903ع ۾ حج ڪيو. انهن سڀني ۾ سڪندر بيگم جي مختلف حيثيت چئي سگهون ٿا جو هوءَ ڪنهن بادشاهه جي راڻي نه هئي پر بذات خود رياست جي حاڪم سربراهه (Ruling Head of State) هئي. سو اهو چئي سگهون ٿا ته انڊيا جي بادشاهن ۽ حاڪم راڻين ۾ هيءَ پهرين هئي جنهن حج ڪيو. هن هي سفر پنهنجي والده قدسيه بيگم (جيڪا ڀوپال جي سابق راڻي هئي) ۽ 1500 کن ٻين ساهيڙين، جيڏين، خذمتگار عورتن سان گڏ ڪيو. چار ڏهاڪا بعد سلطان جهان بيگم جيڪا 1901ع کان 1926ع تائين ڀوڀال رياست جي حاڪم هئي، اها 1903ع ۾ پاڻ سان 300 کن ٻانهيون، ساهيڙيون ۽ مائٽياڻيون وٺي اسٽيم شپ اڪبر (S.S. Akbar) ذريعي حج تي رواني ٿي پر هوءَ پنهنجي ماءُ وانگر جدي بندرگاهه تي لهڻ بدران، اڳيان ينبوع ۾ لٿي، جتان هوءَ پهرين مديني وئي ۽ پوءِ مديني کان خشڪيءَ رستي مڪي آئي.
رامپور رياست جي نواب “قلب علي خان” 1872ع ۾ حج ڪيو. واپسيءَ تي هن ڪيترائي هٿ جا لکيل اسلامي نسخا آندا جن ۾ ستين صديءَ جو لکيل قرآن شريف به هو جنهن جو تعلق چون ٿا ته حضرت عليءَ سان آهي. مغلن جي حڪومت ٿي ته هنن به اڳتي هلي حاجين جي سفر تي ڌيان ڏنو. 1885ع ۾ برطانيا جي حڪومت ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي سهوليت لاءِ جيڪي حج لاءِ مڪي وڃن يا زيارتن لاءِ ڪربلا وڃن ٿا، “ٿامس ڪڪ” نالي هڪ مشهور ٽريول ايجنسيءَ کي مقرر ڪيو. برٽش حڪومت اهو قبول ڪيو ته هنن تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هتان جي حاجين جي سفر جي سلامتيءَ جو بندوبست ڪريون. انهن ڏينهن ۾ سڀ کان وڏي شپنگ لائين “مغل لائين” هئي جنهن جي جهازن ننڍي کنڊ جي مختلف بندرگاهن: ڪراچي، سورت، مدراس، چٽگانگ، ممبئي وغيره مان حاجي ۽ ٻيا مسافر کڻي سعودي عرب، ايران، عراق يا انگلينڊ ۽ يورپ پهچايا ٿي. مسافرن سان گڏ هن ڪمپنيءَ جا مال بردار جهاز به هئا. مغل لائين جا سڀ کان پراڻا جهاز ”ايس ايس علوي“ ۽ ”ايس ايس رضوي“ هئا. انهن کان علاوه ٻين جهازن جا نالا هئا ايس ايس سعودي، ايس ايس محمدي، ايس ايس مظفري، ايس ايس اسلامي، ايس ايس نورجهان، ايس ايس نڪوبار ۽ ايم وي اڪبر.
انڊيا جي ورهاڱي بعد حاجين جي سهوليت لاءِ هر ملڪ پنهنجا پنهنجا جهاز مقرر ڪيا. پاڪستان جي بندرگاهن ڪراچي ۽ چٽگانگ مان سفينه حجاج، سفينه عرب، شمس، رستم جهڙا جهاز ڪجهه سالن لاءِ حاجين کي جدي پهچائيندا رهيا پر پوءِ 1980ع ڌاري انڊيا توڙي پاڪستان ۽ بنگلاديش مان سمنڊ رستي حج تي وڃڻ بند ٿي ويو. ان جي جاءِ تي هاڻ هوائي جهاز حاجين کي مڪي ۽ مديني وٺي وڃن ٿا.

صحرائي جهاز کان هوائي جهاز تائين

حج هر صحتمند ۽ صاحب حيثيت مسلمان لاءِ فرض آهي جنهن جي ادائيگي ذوالحج جي مهيني ۾ ٿئي ٿي. ان لاءِ هن کي مڪي اچڻو پوي ٿو ۽ حج جا ضروري ارڪان پورا ڪرڻ لاءِ هن جو گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار ڏينهن اتي هجڻ گهرجي جيئن ته ڪعبي جي چوڌاري ڦيرا (طواف)، صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ تکو تکو هلڻ (سعي)، منا ۾ رهڻ، عرفات جبل تي خطبو ٻڌڻ ۽ ظهر ۽ عصر نماز گڏ پڙهڻ، ان بعد مزدلفه ۾ اچي مغرب ۽ عشا نمازون گڏ پڙهڻ، رات اتي پٽ تي گذارڻ، ٻئي ڏينهن شيطان کي پٿريون هڻن، قرباني ڪرڻ وغيره وغيره.
حج جي ادائگي اسلام کان اڳ به قائم هئي جيڪا چون ٿا ته حضرت ابراهيم جي ڏينهن کان هلندي آئي ٿي. اسلام کان اڳ وارو زمانو جيڪو جاهليت جو دور سڏجي ٿو، ان ۾ ڪعبي ۾ مختلف قسم جا بت رکيل هئا جن جي پوڄا لاءِ حج جي ڏينهن ۾ آس پاس کان مختلف قبيلن جا عرب آيا ٿي ۽ مختلف دورن ۾ مختلف طريقن سان ڪعبي جو طواف ۽ پوڄا پاٺ ڪئي وئي ٿي.
مڪي کي فتح ڪرڻ بعد 630ع ۾ حضور صلعم جن ڪعبي ۾ موجود سڀ بت ڊهرائي ڇڏيا ۽ 632ع ۾ پاڻ ڪريم صه جن وڏي تعداد ۾ مسلمانن کي ساڻ ڪري زندگيءَ جو پهريون ۽ آخري حج ڪيو ۽ حج ڪرڻ جا طور طريقا سمجهايا. حج جو اڄ وارو طريقو حضور صلعم جن جي انهن ڏسيل طريقن مطابق سرانجام ڏنو وڃي ٿو.
اڄڪلهه ته هر ڪو پنهنجي ملڪ جي ڪنهن وڏي شهر جيئن اسان وٽ ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، اسلام آباد وغيره مان هوائي جهاز ۾ سوار ٿي چند ڪلاڪن ۾ مڪي (جدي) پهچيو وڃي. يا اڄ کان سٺ ستر سال اڳ جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته اسانجي ڳوٺ هالا جا ماڻهو رمضان مستريءَ جي کيکڙي جهڙي ٽڙڪاٽ ڪندڙ بس ۾ سامان رکي روانا ٿيندا هئا. اها بس کين شهدادپور ريلوي اسٽيشن تي اچي لاهيندي هئي. پوءِ ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿي ڪراچي پهچندا هئا جتي حاجي ڪئمپ ۾ هڪ يا ٻه راتيون رهي پوءِ بندرگاهه مان سفينه حجاز، سفينه عرب يا ڪنهن ٻئي حاجين جي جهاز ۾ سوار ٿيندا هئا، جيڪو کين ستن اٺن ڏينهن بعد جدي اچي ڇڏيندو هو - جي لڳاتار هلندو رهندو هو ته - نه ته حاجين جي سفر لاءِ رکيل اهي جهاز اڪثر پراڻا هوندا هئا جن جي رستي تي هڪ ٻه دفعو انجڻ ضرور خراب ٿيندي هئي جنهن کي سمنڊ تي مئرين انجنيئر ورڪشاپ جي بنا مدد جي مڙيئي جهڙو تهڙو هلڻ جوڳو بڻائي بندرگاهه تائين پهچائيندا هئا. ان مرمت ۾ ڏينهن ٻه ڪڏهن ته اڃا به وڌيڪ ڏينهن لڳي ويندا هئا پوءِ جهاز ڪڏهن آهستي آهستي “ڍڳو پير پيران” هلندو اچي جدي کان نڪرندو هو يا وري ڪڏهن بيهندو هلندو، بيهندو هلندو، اچي منزل تي پهچندو هو. پر ان هوندي به حاجي سڳورا خوش هوندا هئا ته هو ماڊرن دور ۾ ڪل وارن جهازن ۾ سفر ڪري رهيا آهن جو هنن جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن سڙهه وارن جهازن ۾ سفر ڪيو جن ۾ ڪراچي کان جدي پهچڻ ۾ مهينو به لڳي ويو ٿي جو انهن جي رفتار ۽ رخ جو مدار هوا جي “تکائي” ۽ “طرف” تي هوندو هو. هن کان اڳ وارن مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته اهي سڙهن وارا جهاز جدي مان لنگر کڻڻ بعد ڳاڙهي سمنڊ مان نڪرڻ تي ڪڏهن هوا جي رخ ۾ تبديلي اچڻ ڪري ايران يعني مڪران ڪناري ڏي وڌڻ بدران ابتي طرف صوماليا پهچي ويا ٿي.
اسلام کان اڳ جيڪي حج لاءِ آيا ٿي اهي فقط اوسي پاسي جا عرب هئا پر اسلام بعد حج لاءِ اچڻ وارن جو دائرو بيحد وسيع ٿي ويو. هڪ طرف چين، انڊيا، ايران، افغانستان پاسي کان ته ٻئي پاسي مصر، ترڪي ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن جا مختلف قومن ۽ ٻولين جا مسلمان حج تي اچڻ لڳا. سو اڄ کان گهڻو اڳ، يعني وچ واري Medieval دور جي ڳالهه ڪجي - يعني ڏهن کان پنڌرهين سورهين صدي واري عرصي جي ته حج جي سفر لاءِ تيار ٿيل مسلمان شام، مصر ۽ عراق جي وڏن شهرن ۾ ٽولن جي صورت ۾ گڏ ٿي پوءِ قافلن جي شڪل ۾ مڪي روانا ٿيا ٿي. اهڙي طرح اتر آفريڪا جي ملڪن الجيريا، لبيا، ٽيونيشيا کان قافلا نڪري پوءِ ڪجهه خشڪيءَ رستي ته ڪجهه ميڊيٽرينين سمنڊ ذريعي مصر جي شهر سڪندريا پهتا ٿي. سئيز ڪئنال اڃا نه ٺهيو هو سو اتان خشڪي رستي بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) پهچي پوءِ سڙهه وارن جهازن ذريعي ينبو يا عربستان جي ٻئي ڪنهن بندرگاهه ۾ لٿا ٿي. موٽر لاريون ته ايجاد نه ٿيون هيون ۽ نه هوائي جهاز، سڄو سفر گهوڙن، گڏهن، اٺن، خچرن تي ٿيو ٿي. يا وري پيرين پنڌ.
اڄ جو ماڻهو ته ان سفر بابت سوچي به نٿو سگهي. توهان پاڻ ئي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي يا سچل ڪالوني جي ڪنهن گهر مان، يا سکر جي شمس آباد محلي يا جاگيراڻي پاڙي جي ڪنهن گهر مان ڪو همراهه هڙ ۾ ٻه ويلا ماني ۽ ٻه وڳا ٻڌي گڏهه تي گهران نڪري .... پڇڻ تي ٻڌائي ته هو حج لاءِ مڪي شريف پيو وڃي ته توهان کي کل ئي ايندي! پر اڳ ۾ ته ائين ئي ٿيندو هو. دنيا جو مشهور traveller ابنِ بطوطا به حج لاءِ پنهنجي ڳوٺ الطنج (Tangiers موراڪو) مان حج لاءِ ائين نڪتو هو. هو هڙ ۾ ماني کڻي گڏهه تي سوار ٿي گهر کان نڪتو. گهر جي در وٽ سندس ماءُ پيءُ اکين ۾ ڳوڙها آڻي کيس خدا حافظ چيو. هو گڏهه تي منزلون ڪندو. ڪڏهن ڪنهن مسجد يا مسافر خاني ۾ ته ڪڏهن وڻ هيٺان رات گذاري آلجيريا يا شايد ٻئي ملڪ ۾ حج ويندڙ قافلي ۾ شامل ٿيو. جيڪو قافلو پوءِ سڪندريا ۾ مهينو ڏيڍ ترسيو هو ۽ ابن بطوطا اتي ڪيل بزرگن سان ملاقات ۽ گهميل لائيٽ هائوس جو احوال پڻ لکيو - جنهن بابت مون پنهنجي سفرنامي “رنگ رنگيلي دنيا” ۾ تفصيل سان لکيو آهي.
شروع ۾ ڪيترن هنڌن تي لکي آيو آهيان ته هي حج جو سفر- خشڪي رستي يا بحري جهازن رستي ڪو آسان ۽ سلامتي وارو نٿي رهيو. سفر دوران ٻين ملڪن ۾ ته ڇا پر عربستان ۾ به بدو عربن قافلن تي حملا ڪيا ٿي ۽ ڦرون ڪيون ٿي، جيئن سڪرنڊ جي سرائي حاجي نبي بخش چانڊئي پنهنجي 1923ع واري حج جي سفر ۾ به لکيو آهي ته مڪي کان مديني جي سفر ۾ هن جي قافلي جي ٽن هنڌن تي ڌاڙيلن ڦر ڪئي. انهن ڏينهن ۾ نه هيون فئڪٽريون ۽ ڪارخانا ۽ نه ٻني ٻاري جو صحيح انتظام ۽ ايريگيشن سسٽم .... سو روزگار ۽ ڪمائيءَ جو طريقو نه هجڻ ڪري عوام توڙي حاڪمن جو گهڻو زور بار “ڦر” تي هو. نه فقط نادر شاهه يا محمود غزنويءَ ڀر وارن ملڪن مان مال ڦري پنهنجي ملڪ ۾ آيا ٿي پر سڄي ايشيا ۽ يورپ جي حاڪمن جو اهو حال هو. هي سعودي عرب ۾ قاعدو قانون هاڻ سخت ٿيو آهي ۽ ماڻهو حج دوران امن امان ۾ رهن ٿا نه ته حاجين جون ننڊون حرام هونديون هيون. خاص ڪري سفر دوران.
ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ قافلن جي شڪل ۾ نڪرندا هئا جن قافلن جي سارسنڀال جو ذمو ان ملڪ: شام، عراق، مصر وغيره جي سرڪار کڻندي هئي. مملوڪ سلطنت جي ڏينهن ۾ ۽ ان بعد سلطنت عثمانيه جي دور ۾ قافلن جي حفاظت لاءِ ملٽري به گڏ هلندي هئي. ان کان علاوه حڪيم، معالج، جراح پڻ هلندا هئا. اهي قافلا جنهن مقرر اڳواڻ جي نظر هيٺ هلندا هئا اهو “امير الحج” سڏبو هو. اهو سڄو بندوبست ان ڪري ڪيو ويو ٿي جيئن هڪ طرف بدو عربن جي ڌاڙن کان بچاءُ ٿئي، ان کان علاوه قدرتي آفتن ۾ در پيش آيل حادثن کي به منهن ڏئي سگهجي. اميرالحج جو اهو به ڪم هو ته نظر ۾ رکي ته قافلي ۾ هر هڪ کي کائڻ پيئڻ لاءِ ملي پيو. مسلمان سياحن (travellers) ابن بطوطا ۽ ابن جبير ان بابت تفصيلي احوال لکيو آهي. حج جي قافلن مقرر رستا وٺي حج جو سفر ڪيو ٿي جيڪي رستا عربيءَ ۾ “ضرب الحج” سڏيا ويا ٿي. گهڻو تڻو سفر خشڪيءَ رستي ٿيو ٿي ۽ سواريءَ لاءِ سڀ کان گهڻو جانور اٺ استعمال ٿيو ٿي.
حاجين جي سهولت لاءِ مسلمان حاڪمن عراق کان مڪي مديني تائين 900 کن ميل (1500 ڪلوميٽر) رستو ٺاهيو. ان روڊ جو وڏو حصو ٽئين عباسي خليفي المهديءَ (پنجين عباسي خليفي هارون الرشيد جي والد) جي ڏينهن ۾ ٺهيو، اٽڪل 780ع ڌاري. هن روڊ جو بعد ۾ نالو “ضربِ زبيده” هارون الرشيد جي زال نالي رکيو ويو. هن کي حاجين جو وڏو فڪر رهيو ٿي ۽ هن حاجين جي سهولت لاءِ هن روڊ تي پاڻي جي نادين کان علاوه ٿوري ٿوري فاصلي تي رڌ پچاءَ جا گهر به ٺهرايا. هارون الرشيد ۽ سندس زال زبيده ڪيترائي حج ڪيا. هوءَ هر وقت حاجين لاءِ بهتري ڪندي رهي. انهن ڏينهن ۾ عراق ۾ حاجين جي گڏجاڻي جن ٻن شهرن ۾ ٿيندي هئي اهي هئا: ڪوفو ۽ ٻيو بصرو. ڪوفو حجاز سان هن زبيده روڊ سان ڳنڍيل هو. اهڙي طرح شام جا حاجي دمشق ۾ اچي گڏ ٿيا ٿي. اتان هو ۽ انهن جو سامان هزارين اٺن تي چڙهڻ بعد حجاز ڏي قافلو روانو ٿيو ٿي. مصر ۾ گڏ ٿيڻ جو هنڌ قاهره هوندو هو جتان پوءِ حاجي قافلي جي صورت ۾ حجاز ڏي روانا ٿيا ٿي. هنن سان گڏ هنن جي ملڪ جي پوليس يا فوج جا ماڻهو به هليا ٿي پر ڪي ڪي بدو قبيلا ايڏا طاقتور هئا جو انهن جي علائقي مان سلامتيءَ سان لنگهڻ لاءِ حاجين جي قافلي جا امير کين ڀتي ۾ چڱو خاصو مال ڏنو ٿي. ان هوندي به ڪيترا اهڙا قصا رونما ٿيا جن ۾ بدو ڌاڙيلن ڪيترن ئي حاجين کي ماري رکيو ٿي.
اوڻهين صديءَ جي ٻي اڌ ۾ (يعني 1850ع کانپوءِ) ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ وارا جهاز (آگبوٽ) حج لاءِ استعمال ٿيڻ لڳا جيڪي حاجين کي کڻي مڪي پهتا ٿي. ڪَل تي هلندڙ جهازن ڪري حاجين جو تعداد به وڌڻ لڳو ۽ 1869ع ۾ سئيز ڪئنال کلڻ بعد سفر جو مدو به گهٽجڻ لڳو. هن ڪم لاءِ پهرين برطانيا جي جهازران ڪمپنين جا جهاز هلڻ لڳا. 1886ع ۾ برٽش انڊيا جي حڪومت انڊيا جي حاجين لاءِ به سهولتون پيدا ڪيون. ويهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ سلطنت عثمانيه جي سلطان عبدالحميد دوم دمشق (شام) ۽ مديني جي وچ ۾ “حجاز ريلوي” شروع ڪئي جنهن سان عراق، شام، مصر پاسي جي حاجين لاءِ وڏي سهولت ٿي ۽ حاجي دمشق کان 1300 ڪلوميٽرن جو سفر چئن ڏينهن ۾ ڪري مديني پهچي ويا ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته هنن ريل گاڏين ۾ سئٽزرلئنڊ جي “سئز لوڪوموٽو ائنڊ مشين ورڪ” جون انجڻيون استعمال ٿيون ٿي. هي ريل روڊ پهرين جنگ عظيم ۽ عرب انقلاب ۾ تباهه ٿي ويو. هن انقلاب کان اڳ عربستان تي (حجاز تي) ترڪن جي “سلطنت عثمانيه” وارن جي حڪومت هئي پوءِ پهرين جنگ عظيم ۾ ترڪيءَ جي پوزيشن کي ڪمزور ڏسي عرب ٻڌي ڪري ترڪن جي خلاف ٿيا. فرانس ۽ انگلينڊ به سلطنت عثمانيا جي خلاف هئا. هن ويڙهه ۾ هڪ نوجوان انگريز ڪئپٽن لارينس (سڄو نالو: ٿامس ايڊورڊ لارينس: ڄم جو سال 1888ع ۽ وفات 1935ع) اهم ڪردار ادا ڪيو. هن کي 1916ع ۾ مصر ۾ موجود انگريز حڪومت حجاز موڪليو ته حجاز جي هاشمي فوج سان گڏ ڪم ڪري هنن کي ترڪن خلاف وڙهڻ لاءِ تيار ڪري. لارينس کي عربي به سٺي آئي ٿي ان ڪري هو عربي لباس پهري عرب ٿي پئي هليو. 1962ع ۾ هن تي ٺهيل فلم Lawrnece of Arabia بعد هو اڄ ڏينهن تائين ان نالي “لارينس آف عربيا” سان مشهور آهي، هن فلم ۾ “پيٽر اوٽول” اداڪار لارينس آف عربيا ٿيو هو. هي اداڪار اسان جي ڪاليج وارن ڏينهن ۾ يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اسان نوجوانن جو دلپسند اداڪار هو.
لارينس سٺو ليکڪ به هو ۽ هن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن جن مان هڪ Seven Pillars of Wisdom اسانجي ڪاليج جي لائبريري ۾ به موجود هو جنهن کي اسان شاگردن وڏي شوق سان پڙهيو هو. اسانجو انگريز فوجي پرنسپال “ڪرنل ڪومبس” جيڪو ٻي جنگ عظيم ۾ وڙهيو هو ۽ جپانين جو قيدي POW (پرزنر آف وار) ٿي پيو هو ميس ۾ مانيءَ تي اهو ٻڌي خوش ٿيندو هو ته اسان سندس هم وطني فوجيءَ جو ڪتاب شوق سان پڙهي ان تي ٽيڪا ٽپڻي ٿا ڪريون جيڪو ڪرنل ڪومبس کان عمر ۾ 18 سال وڏو ۽ برٽش فوج ۾ هن جو آفيسر هو. ڪرنل ڪومبس 1906ع ۾ ڄائو ۽ 1978ع ۾ وفات ڪيائين. لارينس جي مٿئين ڪتاب وانگر ڪرنل ڪومبس جو جپانين جي قيد ۾ لکيل ڪتاب Banpong Express به مشهور آهي. اسانجي پرنسپال ڪرنل ڪومبس (سڄو نالو: (Col. John Harold Henry Coombes تي 400 کن صفحن جو ڪتاب آمريڪا ۾ اميزان بڪ پبليڪيشن“ وارن ڇپيو آهي. هي ڪتاب ڪئڊٽ ڪاليج جي هڪ ايڪس ڪئڊٽ پروفيسر قاضي ذوالقدر صديقيءَ لکيو آهي. منهنجي لاءِ خوشي ۽ عزت افزائيءَ جي ڳالهه آهي ته هن هي ڪتاب مون کي منسوب ڪيو آهي. قاضي ذوالقدر صديقي اسان جي “پيٽارين ايسوسيئيشن” جو صدر به رهي چڪو آهي. هو 1952ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد هن ڪئمبرج ماساچوسيٽس USA مان ڪيميڪل انجنيئرنگ ڪئي، ان بعد McGill يونيورسٽي مانٽريل (ڪئناڊا)، مان اسلامڪ اسٽڊيز ۾ گرئجوئيشن ڪئي. آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان اڳ هن انقره (ترڪي) جي MET يونيورسٽيءَ مان به تعليم حاصل ڪئي هئي.
ڪيترن سالن بلڪه صدين تائين مختلف ملڪن جا ماڻهو خشڪي رستي حج لاءِ اٺن تي چڙهي آيا ٿي. آفريڪا کنڊ جي ملڪن کان حج لاءِ ايندڙن ڪٿي ڪٿي “بحر احمر” سمنڊ يا ميڊيٽرينين ٽپيو ٿي ته سڙهه وارين ٻيڙين يا جهازن ذريعي، جيڪي پڻ هوا جي زور ۽ رخ تي هليا ٿي. انڊيا، ملايا چين پاسي کان مسافر به ڏکڻ چيني سمنڊ، خليج بنگال، عربي سمنڊ ۽ ايراني نار سمنڊ اڪريو ٿي ته انهن سڙهه وارن ٻيڙن ۾. 1850ع کانپوءِ مڙيئي ڪٿي ڪٿي ٻاڦ انجڻ تي هلندڙ جهاز شروع ٿيا. هي سلسلو ڪجهه عرصو هليو. ڪجهه عرصو معنا صدي سوا، ان بعد هوائي جهاز هلڻ لڳا. مصر پهريون ملڪ هو جنهن 1937ع ۾ حاجين لاءِ هوائي جهاز سروس شروع ڪئي. اڄ ڪيتريون ئي هوائي ڪمپنيون (Air Lines) ۽ ٽريول ايجنٽ “حج پئڪيج” آفر ڪن ٿا جن ۾ حاجين جي سفر ۽ مڪي ۽ مديني ۾ رهائش جو بندوبست ڪن ٿا. حاجين جي اچڻ ۽ موٽڻ لاءِ جدي جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئر پورٽ تي ۽ مديني جي پرنس محمد بن عبدالعزيز ايئرپورٽ تي خاص ٽرمينل آهن. دنيا جي ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ حاجين جي سهولت لاءِ هوائي اڏن تي الڳ ٽرمينل مقرر ٿيل آهن، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ جناح ايئرپورٽ تي، نيو دهليءَ ۾ اندرا گانڌي، حيدرآباد دکن ۾ راجيو گانڌي يا جڪارتا (انڊونيشيا) ۾ سڪارنو هاتا ايئرپورٽ تي حج جي ڏينهن ۾ ڪيتريون ئي ايئر لائينون حاجين جي سهوليت ۽ وڏي تعداد ۾ کڻڻ لاءِ وڌيڪ اڏامون هلائين ٿيون. اٺن ذريعي جيڪو حاجي مڪي کان مديني ويندا رهيا ٿي سعودي عرب حڪومت اهو سلسلو 1950ع کان بلڪل بند ڪرائي ڇڏيو.
بهرحال اڄ ڪلهه هوائي جهاز وارو سفر جيڪڏهن ماضي ۾ پاڻي جي جهازن يا اٺن جي سفر سان ٿو ڀيٽجي ته تمام گهڻو سهوليت وارو آهي. البت جدي يا مديني ايئرپورٽ تي اميگريشن ۽ ڪسٽم Clearance ۾ ڪافي ڪلاڪ ورتا وڃن ٿا ۽ حاجين کي پريشاني ٿئي ٿي. اها تڪليف هئڻ اسان پاڪستانين لاءِ ملڪ جي نئين وزيراعظم عمران خان سعودي شهزادي محمد سلمان کي چئي ختم ڪرائي آهي ۽ هاڻ اها جدي ۽ مديني واري چيڪ اپ هتي ڪراچي ۽ لاهور ۾ ئي ٿئي ٿي ۽ سعودي عرب جي ايئرپورٽ تي پهچي حاجي يڪدم آزاد ٿيو وڃي. ان کان علاوه مڪي کان مديني لاءِ سعودي عرب حڪومت تيز رفتار ريل گاڏي به شروع ڪئي آهي جيڪا هن سفر لاءِ 3 ڪلاڪ مس ٿي وٺي نه ته بسين ذريعي پهچڻ ۾ اٺ ڏهه ڪلاڪ لڳي ويا ٿي ۽ سڪرنڊ جي حاجي نبي بخش چانڊئي جو هڪ صدي اڳ جو (1923ع جو) سفرنامو ٿو پڙهجي ته هنن کي مڪي کان مديني اٺن ذريعي ڏهه ڏينهن لڳي ويا ٿي. اهڙي ئي قسم جو احوال ابنِ بطوطا پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي جڏهن هن 1326ع ڌاري حج ڪيو. يعني اڄ کان پورا 700 سال اڳ. “دمشق کان خشڪيءَ رستي مديني 820 کن ميل فاصلو ٿيندو. حاجين جي هن ڪافلي ۾ هزارين ماڻهو هئا. هر هڪ ماڻهو جي پنهنجي جوابداري هئي ته پنهنجي خرچ تي اٺ جو بندوبست ڪري ۽ پنهنجي ۽ جانور جي کاڌي پيتي جو خيال ڪري. ”جيئن ته آئون بنا پئسي جي بيروزگار هوس ان ڪري مون وٽ هن سفر جي خرچ جي پهچ نه هئي سو مون کي ڪنهن خيرات طور ڏيڻ چاهيو ٿي ته مون وٺڻ کان انڪار نٿي ڪيو. هڪ شريعت جي ڄاڻو عالم (پروفيسر) مون لاءِ مسواڙ تي اٺ وٺي منهنجي حوالي ڪيو، رستي جي لاءِ کاڌو خوراڪ ڏنو، ان کان علاوه ڪجهه پئسا به ڏنا ۽ چيو ته ٿي سگهي ٿو رستي تي ڪنهن شيءِ جي توکي ضرورت پوي. پئسا هوندئي ته خريد ڪري سگهندين. الله هن کي ان جو اجر ڏئي”. اهڙي طرح ابنِ بطوطا حج جو سفر شروع ڪيو. “هي سفر 50 کان 60 ڏينهن جو ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ قافلي جي بچاءَ لاءِ مملوڪ سلطان جا سپاهي به گڏ هلن ٿا پر تنهن هوندي به ڦرلٽ جو خطرو رهي ٿو”.
ابن بطوطا جي ڏينهن جي هڪ ليکڪ جو چوڻ آهي ته هن ٻن مهينن کن جي سفر ۾ رستي تي ڪيترائي مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا ٿي.... مسافري جي ٿڪ کان، پاروٿو کاڌو خاص ڪري گوشت کائڻ ڪري، وبا پکڙجڻ ڪري، ويندي قبيلائي ماڻهن ۽ بدو عرب ڌاڙيلن جي حملن کان. هنن کي ذرو به ان جو خيال نه هو ته هي مسافر هڪ مذهبي فرض جي ادائيگيءَ لاءِ پيا وڃن. هنن کي مصيبت ۾ وجهڻ کان بهتر آهي ته هنن جي مدد ڪجي ۽ هنن جي سفر ۾ آساني پيدا ڪري ثواب کٽجي پر ڌاڙيل چاهي عراقي هجن يا شامي، مصري هجن يا پاڪ سرزمين جا بدو عرب، هنن جي دماغ ۾ فقط هڪ ئي ڳالهه هوندي هئي ته هنن مسافرن کي ڦريو وڃي ۽ ڳالهه نه مڃڻ تي کين قتل به ڪيو وڃي.
1361ع واري حج جي سفر ۾ 100 کن شامي حاجي سخت سيءُ ۽ ٿڌيون هوائون لڳڻ تي رستي تي مري ويا. 1430ع ۾ 3000 مصري سخت گرمي ۽ اڃ وگهي مري ويا. سو اڄ جي هوائي جهازن واري سفر جي مقابلي ۾ شروعاتي يا وچ دور وارا حج جا سفر بيحد تڪليف ۽ خطري وارا رهيا ٿي.

حاجين جي قتل جو وڏي ۾ وڏو واقعو

اڄ سخت قاعدي قانون ۽ ان تي عمل ٿيڻ ڪري سعودي عرب هڪ پُرسڪون ملڪ آهي. ماڻهو مڪي کان مديني ته ڇا ڪنهن ڏورانهين وڏي شهر يا ڳوٺڙي ڏي ڏينهن جو ته ڇا رات جو اڪيلو به سفر ڪري سگهي ٿو. اڄ جو يورپي ملڪن جو نوجوان يا سنگاپور، ملائيشيا، جپان جهڙن ايشيائي ملڪن جو نوجوان، جنهن جي ملڪ ۾ Law & Order جي حالت بهتر آهي اهو تصور به نٿو ڪري سگهي ته صدين تائين حج لاءِ ويندڙ حاجين کي رستي تي بدو عرب ڪيئن ڦريندا هئا. ويندي قتل ڪري ڇڏيندا هئا. اڄ ڪلهه جا مسلمان ته حيرت کائين ٿا ته بدو عرب مسلمان ٿي ڪري عربستان، شام، عراق، مصر ۽ ٻين ملڪن کان ايندڙ مسلمانن کي، جيڪي حج جهڙي فرض جي ادائگيءَ لاءِ ايندا هئا انهن کي ٻين هنڌن تي ڇا پر حجاز ۾ به، يعني مڪي کان مديني ويندي به ڦريو ويو ٿي.
منهنجي خيال ۾ منهنجي سنڌي توڙي اردو پڙهندڙن لاءِ هي Situation سمجهڻ ڏکيو ڪم نه هجڻ کپي. اڄڪلهه رينجرس ۽ پوليس جي سختيءَ ڪري حالتون بهتر ٿي پيون آهن نه ته مون کي ٻڌايو شام جو دير سان خاص ڪري رات جو ڪو سفر ڪري سگهيو ٿي؟ خاص ڪري سکر، گهوٽڪي، شهدادڪوٽ، ڪشمور جهڙن ضلعن ۾؟ رات جو ته ڇا ڏينهن جو به بسن ڪارين کي بيهاري ڦر ڪئي وئي ٿي. ماڻهو اغوا ڪري ڪچي ۾ لڪايا ويا ٿي. پوليس به ڪنهن جي مدد ڪرڻ کان پريشان هئي يا انهن ڌاڙيلن سان مليل هئي. ڪٿي ڪٿي ته اها ڊڄندي هئي جو هنن کي پوليس کان بهتر هٿيار ۽ جديد “ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي” هجڻ ڪري هو پوليس کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيا ٿي. ان معاملي ۾ اسان جي پوليس جا ڪيترائي ڪنگلا ۽ بکيا سپاهي ۽ آفيسر توڙي وڏيرا، ڀوتار، سردار انهن ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪري هنن کان حصو پتي ورتو ٿي.
اهوئي حال ڪراچيءَ جو هو. نه رڳو ملڪي واپاري، ڪارخانيدار ۽ پئسي وارا پر ڌارين ملڪن جا سفارتڪار به دهشتگردن کان ڊنا ٿي. ٽي وي جي ائنڪرن ۽ اخبارن جي مالڪن کان وٺي پوليس ۽ جوڊيشري جا عملدار به ڪجهه نٿي ڪري سگهيا. پنهنجو ڪاروبار، ڪارخانو ۽ دڪان هلائڻ لاءِ هنن کي ڀتو ڏيڻو پيو ٿي نه ته هنن جي دڪانن ۽ ڪارخانن کي ماڻهن سميت ساڙيو ويو ٿي يا کين ۽ سندن ٻارن کي اغوا ڪيو ويو ٿي. يورپ يا آمريڪا ۾ ويهي ڀلي ڪو اهو سوچي ته هن صديءَ ۾ ته ملائيشيا، ٿائلينڊ، ويٽنام ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن ۾ به امن لڳو پيو آهي، جتي ڪٿي حڪومت جو رعب تاب هلي ٿو. ڪيترن ملڪن ۾ ته رستن تي پوليس ناهي تڏهن به ڏوهاري سگنل ڀڃندي ڊڄن ٿا اتي پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جيڪو نيوڪليئر پاور آهي، جنهن جي دنيا جي بهترين فوج آهي، جنهن جي پوليس کي انڊيا، سريلنڪا جهڙن ملڪن جي پوليس وانگر انگريزن بهتر ٽرينڊ ڪيو ان هوندي به ڇا ته ڏوهه ٿي رهيا آهن! نه پڪڙ ڌڪڙ ٿي ٿئي ۽ نه انصاف ٿو ملي. اهو ان ڪري به جو ويندي سياسي پارٽين جا اڳواڻ، وزير مشير به انهن سان مليل رهيا آهن. ماڻهو ڪنهن کي دانهن ڏين!
اڄ کان سئو سال اڳ تائين به عربستان (سعودي عرب، شام، عراق، جارڊن وغيره) جو اهو حال هو ۽ اهو صدين کان هلندو آيو ٿي. مملوڪن جي حڪومت هجي يا سلطنت عثمانيا، حاجين جي سفر دوران ڦر لڳي رهي ٿي. اميه توڙي عباسي خلافت ۾ به اهو ڪم جاري هو. حڪومتن حاجين سان گڏ پنهنجا ماڻهو ۽ سپاهي موڪليا ٿي پر تڏهن به بدو عرب زور هئا. هنن جي پٺيان انهن جا قبيلائي سردار هئا. حڪومتن خرچي ۽ چانهه پاڻيءَ جي نالي ۾ ڀتو پيش ڪيو ٿي تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ مال حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن جي بدوئن سندن علائقن مان گذرندڙ قافلن تي حملا ڪري هنن کان پئسا ڏوڪڙ ۽ کاڌي پيتي جو سامان ڦريو ٿي. باقي رهيو اهو سوال ته بدو مسلمان ٿي ڪري مسلمان حاجين کي ڦريو ٿي! ان جو جواب اهو آهي ته ڌاڙيل، ڦورو يا ڪنهن ڪرمنل (ڏوهاري) جو دين ايمان يا ٻولي نه ٿيندي آهي. ڇا ڪچي جا ڌاڙيل سنڌ جي سنڌي مسلمانن کي ڇڏيو ڏين؟ ڇا ڪراچيءَ جا دهشتگرد پنهجن کي بخش ڪريو ڇڏين؟ ڪڏهن به نه.
حجاز- يعني مڪي ۽ مديني ويندڙ حاجين سان رستي تي بدوئن جي ٿوري گهڻي ڦرلٽ ته هميشه لڳي رهي ٿي پر تاريخ ۾هڪ واقعو اهڙو به آهي جنهن جو مثال نٿو ملي. هن ڦرلٽ ۾ بدوئن سندن علائقي مان لنگهندڙ حاجين جي قافلي جا ٽي چار نه پر ويهه هزار حاجي ماري وڌا. اهو واقعو 1757ع ۾ ٿيو جڏهن حاجين جو قافلو حج ڪرڻ بعد مڪي کان واپس دمشق (شام) وڃي رهيو هو.
هتي ٻه اکر عرب بدوئن بابت لکندو هلان جن کي انگريزيءَ ۾ Bedouins سڏين ٿا. انگريزيءَ جو لفظ بيڊوئن عربي جي لفظ بداوي مان نڪتو آهي. معنيٰ صحرا (ريگستان) جو رهاڪو. عربي لفظ باديه معنيٰ ريگستان، سڄو عربستان ريگستان ۽ واري آهي. عراق ۽ مصر مٿان هوائي جهاز ۾ اڏامندي هيٺ نظر ڪبي ته نيل، دجله، فرات جهڙين ندين جي ڪنارن کي ڇڏي باقي ملڪ واري ئي واري آهي. اهو به هاڻ پيٽرول جو پئسو اچڻ ڪري، ايريگيشن جا طريقا بهتر ٿيڻ ڪري ۽ ڪجهه موسم جي تبديليءَ ڪري - يعني بارشن ڪري ڪٿي ڪٿي شهر ۽ ساوڪ نظر اچي ٿي ۽ هاڻ ته جتي ڪٿي پڪا رستا ۽ لاريون موٽرون آهن نه ته صدين تائين عربستان توڙي ان جي آس پاس جي علائقن (جن ۾ اڄ وارو مصر، فلسطين، اردن، شام، عراق وغيره اچي وڃن ٿا، انهن) جا حاجي اٺن ذريعي پيچرا وٺي حجاز پهتا ٿي. بعد ۾ دمشق کان مڪي مديني تائين هارون رشيد جي زال زبيده جهڙو تهڙو روڊ ٺهرايو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي ۽ مسافر اهو فالو ڪري حجاز پهچي ويا ٿي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڀٽڪڻ ۽ گم ٿيڻ کان بچي ويا ٿي. بدو عرب اهي خانه بدوش عرب هئا جيڪي شهرن ۾ رهڻ بدران رڻ پٽ بيابانن ۽ پهاڙي علائقن ۾ رهيا ٿي. اسان ننڍي کنڊ ۾ انيڪ ندين ڪري، يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ گهڻين بارشن ڪري ساوڪ آهي ۽ ٻني ٻاري جو ڪم هلي ٿو پر عربستان ۾ رهائش فقط اتي ٿي سگهي ٿي جتي چشما هئا يا کوهه کوٽيو ويو ٿي. اسان جي ٿر وانگر سڄي عربستان ۾ پاڻيءَ جو مسئلو هو. رڻ پٽ مان هلندڙ قافلن به اتي ٿي ساهي پٽي جتي جتي ڪو کوهه هو. پوءِ ڪنهن هنڌ تي حاجين کي پيئڻ لاءِ مفت پاڻي ملي ويو ٿي ڪٿي ته پئسن تي به منٿن سان مليو ٿي. ٻني ٻارو يا ڪو ڪارخانو نه هجڻ ڪري چوڌاري غربت جو راڄ هو. هنن رڻ پٽن ۾ رهندڙ بدوئن کي ٻه ويلا به مشڪل نصيب ٿيا ٿي. هنن جو روزگار اٺ ۽ ٻڪريون پالڻ تي هو. جن تي هنن پاڻ به سفر ڪيو ٿي ته حج جي موسم ۾ سندن علائقي مان لنگهندڙ حج جي قافلي وارن کي به وڪڻي ڏنا ٿي، جن جا اٺ بيمار ٿي پيا ٿي يا مري ويا ٿي. ان کان علاوه هنن جي ڪمائي لنگهندڙ حاجين جي قافلن جي ڦرلٽ مان هئي. اڪيلي سر يا ٻن ٽن جي ٽولن ۾ ته ڪو سفر ڪري نٿي سگهيو. هنن ڌاڙيلن (بدوئن) ته قافلن کي به نٿي ڇڏيو.
ريگستان ۾ رهندڙ هنن بدوئن جو هڪڙو ٺام ٺڪاڻو نه هو. هو گهرن بدران تنبن ۾ رهيا ٿي ۽ پنهنجي مال کي چارڻ لاءِ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، هر وقت پاڻي ۽ گاهه جي چئن ڪانن جي تلاش ۾ رهيا ٿي. منجهن شهرن ۾ رهندڙ عربن وارو حال افعال نه هو ۽ بدوءَ جي اڄ به عرب دنيا ۾ ٻي معنيٰ “جاهل” سمجهي وڃي ٿي. جيئن اسان وٽ لفظ “ڄٽ” استعمال ٿئي ٿو. تيئن عرب دنيا ۾ ڪنهن کي بدو سڏڻ آهي. ينبوع ۾ جنهن عرب ڪلاس ميٽ دوست جي گهر ٻه مهينا کن رهيس اهو ته ٻهراڙي کان آيل هر عرب کيي ته بدو سڏيندو ئي هو پر آفيس ۾ پنهنجي ماتحت جي ڪم مان خوش نه ٿيندو هو ته منهنجي اڳيان ئي هن کي بدو چوندو هو ۽ پوءِ مون کي چوندو هو “بس قدرت کڻي تيل ڏياريو آهي ۽ اسان وٽ هر ڪو اوچي گاڏي ۽ بنگلو رکيو ويٺو آهي نه ته اسان عربن ۾ نوي سيڪڙو اڄ به بدو آهيون. آئون سندس ڳالهين تي کلندو هوس ۽ پاڻ کي ڪنٽرول ۾ رکندو هوس ته ڪٿي منهنجي وات مان اهو لفظ نه نڪري جو مون سمجهيو ٿي ته هو عرب ٿي ڀلي ٻين عربن کي بدو چون پر منهنجي چوڻ تي دل ۾ ڪندو. جيئن اسان وٽ وڏا ماڻهو ۽ شهري ٻين کي ڄٽ چوندا. ويندي اهو به چونداسين ته “ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌو ڀلو”. پر ٻئي ڪنهن ڌارئين واتان ٻڌنداسين ته اسان کي چڙ ۽ ڏک ٿيندو. جيئن برمودا ۾ هڪ هندوءَ جي واتان پنهنجي ڌيءَ کي اهو ٻڌائيندي مون کي ڏک ٿيو هو ته سنڌ جا مسلمان “ڄٽ” سڏبا هئا. جيئن هڪ دفعي ڪنهن ڦورو سنڌي هندو دڪاندار کي پڪو واڻيو سڏڻ تي منهنجي اوڏ دوست دل ۾ ڪيو هو. پر مون ڏٺو ته پاڻ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻين کي “واڻيو” سڏيندو هو.... چي شل نه واڻيو ٻن پئسن جو فائدو ڏسي، هن کان دوستي ۽ مائٽي به وسري ويندي ان معاملي ۾ انگريز پهلوان آهن، هو پاڻ تي به چرچا ڪندي نٿا ڪيٻائين.
بهرحال ڪجهه به هجي، اڄ عرب دنيا ۾ اسان کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جا ڄاڻو ٿي پيا آهن پر هنن کي اڄ به ڪيترائي بدو سڏين ٿا ۽ انهن بدوئن عربستان جي ريگستان ۾ ڪئين صديون خانه-بدوشن واري زندگي گذاري قافلا ڦريا ۽ قتل ڪيا. مسلمانن هوندي به روزگار خاطر اهي اهي ڪم ڪيا جنهن کان اسلام منع ڪري ٿو. يعني ڦريون، ڌاڙا، قتل .... ڀلي صوم و صلوات جا پابند هجن. هو ڇا چوندا آهن ته “چوري منهنجو ڌنڌو، نماز منهنجو فرض”. هنن اهي ڪم يعني ڌنڌا صدين تائين ڪيا. هاڻ قاعدي قانون جي سختيءَ ڪري وڃي ٺاپر آئي آهي نه ته اڄ کان ستر سال اڳ به جڏهن آئون ڇهن سالن جو هوس ته اسان جي ڳوٺ جا حاجي ٻڌائي رهيا هئا ته هنن جو مڪي کان مديني اٺن جي سفر دوران رستي تي بدو الهه تلهه ڦري ويا. پر شاباس هجين. هو ڇا چوندا آهن ته “پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي، ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري”. هنن لاءِ مٺي محبوب جي ديس جا ڌاڙيل به ڀلارا هئا. هو اهو ئي ٻڌائي رهيا هئا ته “بدو سڳورا” هنن جو سڀ ڪجهه ڦري ويا. ڪنهن سنڌيءَ جي اها ڳالهه ته توهان ضرور ٻڌي هوندي جيڪو عربن مان متاثر ٿي هنن جي تعريف ڪري رهيو هو ته هن جو ڪنهن عرب سان جهيڙو ٿي پيو. “ آئون عرب کي سنڌيءَ ۾ گاريون ڏيندو رهيس پر شاباس هجي عرب کي هو مون کي عربيءَ ۾ دعائون ئي ڏيندو رهيو”.
بهرحال حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ بدو عرب ڦرلٽ کان مشهور هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪيترن کي رب پاڪ اهڙي هدايت نصيب ڪئي جو هو نيڪ ۽ ڀلارا انسان ٿيا جيئن ته حضرت ابوذر غِفاري جنهن جو قبيلو “بنو غِفاري” ۽ ڪنيت “ابوذر” هئي. بنو غِفار قبيلو چوري ۽ رهزنيءَ ۾ شهرت رکندو هو. خود ابوذر بابت راوي خفاف جو بيان آهي: “هو رهزني ڪندو هو يعني ڦرلٽ ڪندو هو. دلير مڙس هو، يڪي سر قافلا ڦريندو هو. ڀنڀرڪي مهل بستين تي غارتون ڪندو هو ۽ وڳن جا وڳ هڻيو ويندو هو. ڪڏهن گهوڙي جي پٺ تي سوار ٿي ماڻهن جا مال ڪاهيندو هو ۽ ڪڏهن خونخوار جانور وانگر پيدل حملا ڪندو هو....”
اسلام جي ظهور وقت ابوذر جي عمر ٽيهه سال کن هئي. انهيءَ ڦوهه جوانيءَ واري زماني ۾ جڏهن هو دليري ۽ غارتگريءَ ۾ پنهنجي قبيلي کان ٻاهر مشهور ٿي چڪو هو تڏهن هن جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو انقلاب آيو جو هو اسلام کان اڳ ئي بت پرستي، رهزني ۽ ٻين جاهلي رسمن کي ترڪ ڪري هڪ اڻ ڏٺل خالق ۽ مالڪ جو پوڄاري بنجي ويو. عربن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي هڪ اُمي (الهامي تعليم کان اڻ واقف ۽ اڻ پڙهيل) ۽ بدو قوم هئا. هنن جي معاشري ۾ بت پرستي، جنسي آزادي، شراب، قبائلي تعصب، ڦرمار، غارتگري ۽ قتل عام هو. اهڙي بگڙيل جاهل معاشري ۾ ابوذر غِفاريءَ ۾ جيڪا تبديلي آئي سا حيرت انگيز هئي. هڪ ڀيري هنن جي علائقي ۾ سخت ڏڪار پيو. ابوذر جو قبيلو غِفار “منات” جي بت جو پوڄاري هو. ان ڪري قبيلي جي سردار سڄي قبيلي کي حڪم ڏنو ته ڏاچين ۽ گڏهن تي سامان ٻڌو ۽ سڀئي “منات” جي مندر تي هلو. منات جي راضي ٿي ويو ته مينهن کي موڪل ٿيندي ۽ سڄو ملڪ ملير ٿي ويندو. ٻئي ڏينهن هو سڀ منات جي تيرٿ لاءِ روانا ٿيا. ڪجهه ڏينهن جي سفر بعد بنو غِفار جو قبيلو منات ديوتا جي چرنن ۾ پهچي ويو ۽ جاهلي طريقي مطابق ان جو طواف ۽ سجدو بجا آندائون ۽ نذر نياز باسيائون جڏهن رات ٿي ته سڀ سمهي رهيا. ابوذر کي ننڊ نه آئي. هو جاڳندو رهيو. هن کير جو پيالو کڻي وڃي منات بت اڳيان رکيو ۽ سامهون واريءَ تي ليٽي سوچڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ لومڙي آئي ۽ منات اڳيان رکيل سڀ کير پي، مٿس پيشاب ڪري وري ريگستان ۾ غائب ٿي ويئي. ان منظر ابوذر تي ڏاڍو اثر ڪيو. روايت آهي ته هن اتي جو اتي هڪ شعر چيو: “ارَب يبول لثعلبان عقلي راس ه لَقَد ذَل منَ بالت عَلي ه الثعالب”. (ترجمو: “ڇا اهو خدا ٿي سگهي ٿو جنهن جي مٿي تي لومڙيون پيشاب ڪن؟ جنهن جو اهو حال هجي سو ته پاڻ ئي ذليل و خوار آهي”).
ان کانپوءِ هن ڪجهه پٿر منات ڏانهن اڇلايا ۽ پاڻ پاسا ورائيندي رات ڪاٽيائين. صبح جو پنهنجي قبيلي وارن سان گڏ پنهنجي بستيءَ ڏي روانو ٿي ويو.
آهستي آهستي هن جي قلب ۾ توحيد جو نور چمڪڻ لڳو. هن اعلان ڪيو ته هن ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ، هنن جبلن، بيابانن، سج، چنڊ، تارن ۽ آسمان کان مٿانهون هوندو. اهو ئي عبادت جي لائق آهي ۽ نه ڪه لات، منات ۽ عزيٰ جا بت، بنو غِفار جي ڏاڍي مڙس ابوذر جي دل ۾ توحيد جي تجلي ٿي ته هن بتن ۽ مندر ڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنو. راوي ابو معشر چوي ٿو ته ابوذر جاهليت جي زماني ۾ ئي هڪ خدا جو قائل هو. جيئن ئي اسلام جي روشني ڦهلجڻ لڳي ته ابوذر اسلام ۾ داخل ٿيو. ٻين ماڻهن تائين دين جو پيغام رسائڻ لاءِ حضور صلعم جن پاڻ يا سندن قاصد ويا، پر ابوذر رضي الله عنه سلمان فارسي رضه وانگر حق جي تلاش ۽ هدايت جي جستجو ۾ سندن خذمت اقدس ۾ ازخود پهتو. پاڻ پنجون شخص هو جنهن اسلام قبول ڪيو ۽ مشهور اصحابي ٿي گذريو آهي.
ابوذر غِفاريءَ جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم ته ڪيترا بدو وقت سان گڏ عالم، ديندار، سياستدان ۽ سائنسدان به ٿيا. عرب دنيا ۾ تيل نڪرڻ ڪري جتي ڪٿي جدت اچي وئي. اڄ بيابانن ۾ اهڙا پڪا روڊ ۽ وڏين عمارتن وارا شهر، ايئرپورٽ ۽ گاڏيون آهن جو جتي ڪٿي يورپ جو ڏيک ٿو نظر اچي. هر عرب روزگار کي لڳل آهي ۽ سندس اولاد اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي پر گذريل صديءَ جي شروع واري چوٿي تائين سعودي عرب ۾ بيروزگاري ۽ بک هئي. ريگستان ۾ رهندڙ بدو عرب- بقول اسان سنڌين جي “بدو سڳورا” پيٽ گذر لاءِ ڇا ڪن؟ هنن لاءِ حج لاءِ ايندڙ مسافرن جي ڦرلٽ ڪرڻ ئي وڏو روزگار جو ذريعو هو. 1757ع وارو جيڪو بدو عربن وارو ڦرلٽ وارو واقعو ٿيو هو، انهن ڏينهن ۾ اڄ واري مصر، عراق ۽ سعودي عرب تي حڪومت ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيا جي هئي. سلطنت عثمانيا وارن حاجين جي بچاءَ لاءِ نه فقط گڏ گڏ سپاهي ۽ فوج موڪلي ٿي پر دمشق کان مديني تائين رستي تي بدوئن جي اهم قبيلن جي سردارن کي ڀَتي خاطر پئسو به ڏنو ٿي. شام، ترڪي، وچ ايشيا ۽ اوسي پاسي کان حج لاءِ هلندڙ مسافر دمشق ۾ اچي گڏ ٿيا ٿي ۽ پوءِ اتان قافلي جي صورت ۾ هزارين اٺن جو قافلو مديني لاءِ روانو ٿيو ٿي. سلطنت عثمانيا جا سپاهي صوبي جي گورنر جي اڳواڻي ۽ حڪم هيٺ هليا ٿي جيڪو “والي” يا “امير الحج” به سڏيو ويو ٿي. رستي تي بدو قبيلن جي ڀتي لاءِ پئسو هٿ ڪرڻ به هن جو ڪم هو. سفر شروع ڪرڻ کان اڳ هن “اميرالحج” دمشق شهر جي ماڻهن کان ڀتي لاءِ چندو ورتو ٿي.
دمشق ۽ مديني جي وچ ۾ سڀ کان وڏو ۽ خطرناڪ بدو قبيلو “بني صخر” جو آيو ٿي. هونءَ حاجين جو نالو نه وٺڻ لاءِ هنن کي پئسو ڏيڻ جو اهو طريقو هليو ٿي ته هنن جي ڊمانڊ موجب اڌ پئسا مديني ويندي وقت ڏنا ويا ٿي ته اڌ پئسا حج تان موٽڻ تي ڏنا ويا ٿي. هن بدنصيب سفر ۾ حج جي اڳواڻ “اميرالحج” بدوئن جي سردار کي ويندي وقت پئسا نه ڏنا. شايد هن واپسي تي ڏيڻ ٿي چاهيا يا هن پنهنجي کيسي ۾ رکڻ ٿي چاهيا. ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته هنن بدوئن جي قبيلي “بني صخر” جو مخالف قبيلو ان ايريا ۾ ڪافي مضبوط ٿي چڪو هو، جنهن قافلي جي ڪمانڊر “اميرالحج” تي زور آندو ته هو هاڻ بني صخر وارن کي ڀتو ڏيڻ بدران کين ڏئي.
حج تان واپسي تي بگڙيل بني صخر جي بدوئن هن قافلي تي حملو ڪري ڏنو. پهرين ته اڳيان هلندڙ سپاهين تي ان کان پوءِ جيڪي ٿي سامهون آين انهن تي. سڀ حاجي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا پر جيڪي هنن جي ور چڙهيا انهن کي ڦريائون ۽ قتل ڪيائون. ڪيترن ئي مردن توڙي عورتن کي اگهاڙو ڪرڻ ڀڄائي ڪڍيائون. رڻ پٽ جي گرمي ۽ اڃ ۾ ڪيترائي تتل واريءَ تي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا. جڏهن آخر ۾ دمشق ۾ ڳڻپ ڪئي وئي ته خبر پئي ته ويهه هزار جي آسپاس ماڻهو مري ويا. يعني انهن ۾ ڪي قتل ڪيا ويا ته ڪي اڃ بک ۽ تتل واريءَ ڪري فوت ٿي ويا.
هن حملي ڪري سڄي سلطنت عثمانيا صدمي ۾ اچي وئي. هلڪا ڦلڪا حملا ته هر سال حاجين جي قافلن تي ٿيندا رهيا ٿي پر ڪنهن به هيڏي وڏي قتل عام جو نه سوچيو هو. دمشق توڙي سلطنت عثمانيا جي گادي واري شهر استنبول ۾ حاڪمن کي چپ لڳي وئي. هر سال ڪعبي جو غلاف ترڪي جي حاڪم لاءِ کڄي ويندو هو. بدو ڌاڙيل اهو به کسي ويا جيڪا سلطنت عثمانيه جي وڏي بي عزتي سمجهي وئي ته هو غلاف ڪعبه کي به بچائي نه سگهيا. هن قافلي جي حاجين ۾ ڪيترائي دمشق ۽ استنبول جا اعليٰ عملدار ۽ درٻار جا ڪامورا ته هئا پر وقت جي سلطان جي ڀيڻ به ان قافلي ۾ شامل هئي جيڪا پڻ مارجي وئي. انهن ئي ڏينهن ۾ 30 آڪٽوبر 1757ع تي ترڪيءَ جو حاڪم سلطان عثمان سوم گذاري ويو ۽ سلطان مصطفيٰ سومر تخت تي وهڻ سان دمشق جي صوبائي عملدارن ۽ شاهي ڪامورن کي، جن جي ڪري هن سفر جو بندوبست صحيح طرح نه ٿي سگهيو، سخت سزائون ڏنيون. نون مقرر ڪيل آفيسرن علائقي جي ٻين قبيلن جي سردارن ۽ ڀوتارن جي معرفت بني صخر قبيلي جي اڳواڻن جون خوشامدون ڪري ۽ پئسا ڏئي هنن کان ڦر ڪيل ڪجهه اهم سامان ۽ غلاف ڪعبه واپس حاصل ڪيو ۽ سلطان ڏي استنبول موڪليو. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جنهن جو رعب تاب هڪ پاسي رومانيا، بلغاريا تائين ته ٻئي پاسي انڊيا ۽ ملايا تائين هليو ٿي، جنهن جي حڪومت شام، مصر ۽ سعودي عرب تي به هئي ۽ جنهن جي دوستي چين ۽ جپان جهڙن ڏورانهن ملڪن جي حاڪمن سان به هئي پر هو صحرائي بدوئن کي ڪجهه به نه ڪري سگهيا .... هنن جو مقابلو نه ڪري سگهيا.... ايتريقدر جو غلاف ڪعبه حاصل ڪرڻ لاءِ به هنن ويتر پئسو ڀريو.
هن قافلي جو اميرالحج حسين پاشا انهي ئي سال ٿيو هو، جو اهو حادثو ٿيو. نه ته ان کان اڳ اسد پاشا چوڏهن سالن تائين امير هو پر ڪو وڏو حادثو نه ٿيو. ترڪي جي سلطان کي ان تي به شڪ ٿيو ته شايد هن کي نوڪريءَ تان لاهڻ ڪري هن بني سخر قبيلي جي بدوئن کي حملي لاءِ بڇ ڪئي هجي. سو سزا خاطر اسد پاشا کي يونان جي هڪ ٻيٽ Crete (ڪريٽي) تي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. ڪريٽي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ پنجون نمبر وڏو ٻيٽ آهي. يونان ۽ ترڪي ٻئي پاڙيسري ملڪ آهن ۽ تاريخ ۾ ڪي ٻيٽ ڪڏهن ترڪيءَ حوالي رهيا ٿي ته ڪڏهن يونان حوالي، جيئن قبرص (Cyprus) ٻيٽ تي ترڪ به رهن ٿا ته يوناني به ۽ اتي ٻئي ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون. قبرص به ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ هڪ مشهور ٻيٽ آهي.
بهرحال سابق اميرالحج (گورنر) کي ڪريٽي ٻيٽ تي پهچائڻ کان اڳ هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري استنبول موڪليو ويو ۽ ڪيترائي ڏينهن شاهي محل جي ٻاهران بانس جي ڏنڊي تي لڙڪندو رهيو.
ڪيڏو عجيب اتفاق آهي جو ايترن حاجين جو هي قتل 1757ع ۾ ٿيو ۽ ترڪ حڪومت گورنر کي ڏيهه نيڪاليءَ جو حڪم ڏنو. پورن سئو سالن بعد 1857ع ۾ انگريز حڪومت بهادر شاهه ظفر کي رنگون ڏيهه نيڪالي ڏئي ٿي ۽ دهليءَ جي گهٽين ۾ بادشاهه جي خاندان سان گڏ هزارين مسلمانن کي قتل ڪيو وڃي ٿو!.

اسانجو جهاز مالي ملڪ جو سامان لاهڻ لاءِ ڊڪار بندرگاهه ۾ پهتو

منهنجا هي مضمون پڙهندڙن لاءِ آفريڪا نقشي جو سامهون هجڻ ضروري آهي. ٿي سگهي ٿو اخبار وارا يا ڪتاب ڇپڻ وارا تصويرن سان گڏ ڪجهه نقشا به ڏين جن سان پڙهندڙن کي ملڪن ۽ شهرن جي جاگرافيءَ جي ڄاڻ ٿي سگهي. اهي، جن اڳيان آفريڪا جو نقشو ناهي انهن کي اهو ئي چوندس، جيڪو آئون پنهنجن شاگردن کي چوندو آهيان ته آفريڪا کنڊ جو نقشو ماڻهوءَ جي منهن وانگر آهي. ان ڪري هن جو نرڙ سمجهو ته مصر، لبيا، ٽيونيشيا، الجيريا ۽ موراڪو آهي ۽ مٿو ۽ ان جا وار ميڊيٽرينين سمنڊ ٿيو. هن جي کاڏي سائوٿ آفريڪا ٿي جتي منهن جو ساڄو ۽ کاٻو پاسو ملي ٿو. منهن جو ساڄو پاسو آفريڪا جو اولهه وارو ڪنارو سمجهو جنهن تي مٿان ڪن کان وٺي کاڏي (سائوٿ آفريڪا) تائين ماريطانيا، سينيگال، لائيبيريا، گهانا، ڪئمرون، گئبن، ائنگولا ۽ نميبيا جهڙا ملڪ آهن ۽ منهن جي کاٻي پاسي يعني آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري تي صوماليا، ڪينيا، تنزانيا، موزمبق جهڙا ملڪ آهن. هاڻ آفريڪا کنڊ جي اولهه ڪناري، يعني منهن جي ساڄي پاسي واري ڳل کي جيڪو سمنڊ ڇهي ٿو اهو ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي جيڪو آمريڪا کنڊ تائين پکڙيو پيو آهي. منهن جي کاٻي پاسي (يعني آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري) کي جيڪو سمنڊ ڇهي ٿو اهو “هندي وڏو سمنڊ” (Indian Ocean) آهي جيڪو ملائيشيا ۽ هيٺ آسٽريليا تائين هليو وڃي ٿو. منهن جي ٻنهي پاسي جيڪي اهي مختلف سمنڊ آهن اهي هيٺ کاڏيءَ وٽ هڪ ٻئي سان ملڻ ڪري ڪافي مانڌاڻ مچائين ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو صدين تائين جهازرانن ان کاڏيءَ واري هنڌ تي - يعني سائوٿ آفريڪا ملڪ تائين پهچڻ يا ان سمنڊ (ڪيپ آف گڊ هوپ) کي اڪرڻ جي همٿ نٿي ساري. جن همٿ ڪئي ٿي اهي سمنڊ اندر هليا ويا ٿي ۽ پوءِ واسڪو ڊاگاما پهريون جهازران (ناکئو، Navigator) هو جنهن پنهنجي سڙهه واري ڪاٺائين جهاز کي ائٽلانٽڪ سمنڊ مان ڇڪي “ڪيپ آف گڊ هوپ” سمنڊ ٽپرائي ماڻهو جي منهن جهڙي آفريڪا کنڊ جي ٻئي پاسي يعني هندي وڏي سمنڊ ۾ پهچي ويو.
اڄ به سمنڊ ساڳيا آهن، ڌرتيءَ جو شيپ ساڳيو آهي، ساڳيا طوفان ساڳيون سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون آهن، پر اڄ لوهه جا آفت جيڏا وڏا ۽ مضبوط جهاز آهن جيڪي ڪپڙي ۽ ٽاٽ جي سڙهن ۽ هوائن جي رحم ڪرم تي نه پر طاقتور انجڻن تي هلن ٿا. سمنڊ جو هڪ هڪ ميل مئيل ۽ ماپيل آهي، سمنڊ جي چپي چپي جي ماڊرن اوزارن ذريعي خبر پوندي رهي ٿي ته هيٺ ڇا آهي، سخت ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ به راڊار ۽ ٻين اوزارن ذريعي خبر پوندي رهي ٿي ته سامهون کان ۽ اوسي پاسي کان ڪيڏا وڏا ۽ ڪيڏي رفتار سان جهاز لنگهي رهيا آهن ۽ جيتوڻيڪ جهڙ ۽ مينهن ۾ چنڊ تارن ذريعي رستو معلوم نٿو ڪري سگهجي پر “سئٽلائيٽ نيويگيٽر” ذريعي اسان کي هر وقت خبر پوندي رهي ٿي ته اسانجو جهاز ڪهڙي رفتار سان اڳيان وڌي رهيو آهي ۽ اهو ان وقت دنيا جي گولي تي ڪهڙي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي ۽ ڪهڙي ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي آهي.
اسان جي ڏينهن ۾، يعني جيڪي سال آئون جهازن تي رهيس، اسان جا جهاز کاڌي پيتي جون شيون به ٻين ملڪن ڏي کڻي ويندا هئا. هڪ ٻه دفعا آئون اهڙن جهازن تي رهيس جيڪي چانور کڻي جپان ويندا هئا ۽ ٻئي پاسي آفريڪا جي آئوري ڪوسٽ ملڪ جي بندرگاهه “عابد جان” ۽ ڪيوبا جي بندرگاهه “هوانا” ڏي به ويا ٿي. گوار جو چورو ناروي جي جانورن جي چاري لاءِ ٽرنڍهام ۽ بودو نالي بندرگاهه ۾ کڻي وياسين. هڪ دفعي پٽاٽن سان ڀريل جهاز ڪولمبو (سريلنڪا) وٺي وياسين.
آمريڪا کان جڏهن ڪراچي وطن موٽندا هئاسين ته اتان، رستي تي لاهڻ لاءِ، جدي (سعودي عرب) ۽ پورٽ سوڊان (سوڊان) بندرگاهن لاءِ موٽر ڪارون ۽ ٻيو سامان کڻي ايندا هئاسين. پر جي سئيز ڪئنال مان ٽپي بحر احمر ۾ اچڻ بدران ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان آفريڪا جو ڦيرو ڪرڻو پوندو هو ته ڊڪار (سينيگال) يا ائنگولا ۽ موزمبق لاءِ سامان کڻي نڪرندا هئاسين جو اتي جهاز لاءِ تيل ۽ جهاز وارن لاءِ راشن پاڻيءَ لاءِ هون ئي ترسڻو پوندو هو. ڊڪار (سينيگال) تي فرينچن جي حڪومت رهي هئي ۽ ائنگولا ۽ موزمبق ۾ پورچوگالين جي. انهن سڀني ملڪن کي اسان کان گهڻو پوءِ، پر جن ڏينهن ۾ اسان ويندا هئاسين، انهن جي ويجهڙائيءَ ۾ يورپين کان آزادي ملي هئي. انهن ملڪن ۾ انگريزي گهٽ ٿي ڳالهائي وئي. سڀني فرينچ ۽ پورچوگالي ٿي ڳالهائي. ڊڪار اسان لاءِ وڌيڪ سڻائو بندرگاهه هو جتي ڪڏهن ڪڏهن ڀر وارن يا اندروني ملڪن جو سامان به لاهي ويندا هئا سين.
هڪ دفعي آمريڪا مان واپسي تي آمريڪا وارن اسان جي جهاز تي ڪڻڪ چاڙهي جيڪا سينيگال جي بندر گاهه “ڊڪار” ۾ ڀر واري ملڪ مالي (Mali) لاءِ لاهڻي هئي. اها ڳالهه اسان کي بعد ۾ ٻڌائي وئي. پهرين مون سمجهيو ته اها ڪڻڪ ڪراچيءَ لاءِ پئي چڙهي. هاڻ ته ڪڻڪ يا چانور جهڙو اناج ڦوهارن ذريعي يا ڪنٽينر دٻن ۾ پئڪ ٿيل آهي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ جهاز ڀريو وڃي ٿو، پر انهن ڏينهن ۾ اهي طريقا شروع نه ٿيا هئا سو ڳوڻين ذريعي جهاز تي لوڊ ٿيڻ ۾ اسان کي هفتو ڏيڊ بندرگاهه ۾ رهڻ جو موقعو ملي ويو ٿي ۽ خوش هئاسين ته ڪراچيءَ ۾ لهڻ ۾ به ايڏو وقت لڳندو، يعني هوم پورٽ ۾ جهاز کي ترسڻ ۾ وڌيڪ ڏينهن لڳي ويندا. پر آمريڪا جو بندرگاهه ڇڏڻ کان ڏينهن ٻه اڳ جهاز جي “سيڪنڊ ميٽ” (ڪئپٽن کان ٻه رئنڪون هيٺ) ٻڌايو ته اها ڪڻڪ ڪراچي لاءِ ٿي نٿي سگهي جو اسان جو ملڪ اناج پاڻيءَ ۾ Self Sufficient آهي. اها سُريل ڪڻڪ پڪ ڪنهن آفريڪي ملڪ کي آمريڪا خيرات طور ڏني هوندي يا آفريڪي ملڪ جي ڪنهن ڪرپٽ سرڪاري ڪاموري ڪميشن کائي پنهنجي ملڪ لاءِ وڏي اگهه تي خريد ڪئي هوندي.
اسان کي منزل ٻڌائڻ بدران في الحال ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ چيو ويو. منزل (Destination) جو فيصلو ڪنفرم نه ٿيڻ جي صورت ۾ ائين به ٿيندو آهي. مثال طور ڪي جهازن جا مالڪ يا جهاز کي چارٽر ڪرڻ وارا ائين به ڪندا آهن ته جهاز کي ڪراچيءَ مان سيمينٽ سان ڀرائي اسان کي جهاز کي خليج فارس يا بحر احمر سمنڊ ڏي هلڻ لاءِ چوندا آهن جنهن لاءِ اسان کي چار پنج ڏينهن ته لڳي ويندا آهن تيسين هو ڏينهن ٻه آفيس ۾ ميٽنگون ڪري فيصلو ڪندا آهن ته اهو سيمينٽ ايران جي ڪنهن بندرگاهه ۾ لاهڻو آهي يا دوحا، دبئي عدن ۾ لاهڻو آهي يا جدي يا پورٽ سوڊان ۾.... يا اڃا اڳيان سئيز ڪئنال لتاڙي ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪنهن بندرگاهه بيروت، طرابلس، سڪندريا بندرگاهه ۾ لاهڻو آهي ۽ پوءِ فيصلو ڪرڻ تي اسان کي اطلاع ڪيو ويندو آهي ۽ ان بندرگاهه ۾ اسانجي جهاز ران ڪمپنيءَ جي نمائندي کي به اطلاع ڪيو ويندو آهي، جيڪو اسان جي جهاز جي پهچڻ تي ڪسٽم، اميگريشن ۽ بندرگاهه ۾ بيهڻ جي ڪاررواين جو بندوبست ڪندو آهي. جهاز ۽ جهاز جي ديک ڀال ۽ سيمينٽ جي خريدارن سان ڏيتي ليتي ڪرڻ ان مقامي نمائندي جو ڪم هوندو آهي، جيڪو شپنگ جي دنيا ۾ “ايجنٽ” سڏبو آهي. هر جهازران ڪمپنيءَ کي دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾، جن ۾ هن جا جهاز وڃن ٿا، مقامي ايجنٽ هوندا آهن جيڪي پگهار تي يا ڪميشن تي جهازن جي مالڪن طرفان خرچ پکو ۽ حساب ڪتاب ڪن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته سامان موڪلڻ وارو مالڪ، مثال طور ڪراچيءَ مان جهاز کي چانورن سان ڀري يا بئنڪاڪ مان سوپارين کي ڀري پاڻ ان وقت باءِ ايئر عرب ملڪن ۾ پهچي اتي جي واپارين سان چانورن جو سودو ڪندو يا ڪراچي پهچي ڪراچي جي مختلف واپارين سان سوپارين جي اگهه جي ڳالهه ڪندو پوءِ اسان جهاز هلائڻ وارن کي ڪويت، دمام يا ڪنهن بندرگاهه ۾ چانور لاهڻ لاءِ جهاز کي لنگر ڪيرائڻ لاءِ چوندو. باقي سوپارين لاءِ مون کي نٿو سجهي ته جهاز کي ڪراچي يا پورٽ بن قاسم کان علاوه ٻيو ڪو بندرگاهه هجي جتي ٿائلينڊ جون اهي سُريل ۽ سنياريل، زهريليون سوپاريون لاٿيون وڃن جو اهي پان ۽ گهٽڪا اسان وٽ ئي هلن ٿا. انڊيا ۾ ته گٽڪا ڇا پر پان تي به ڪڏهن کان بندش آهي. ڳالهه نڪتي آهي ته هتي اهو به لکندو هلان ته سوپاري ڪو ميوو ناهي پر ڀاڄيءَ جو قسم آهي جنهن ۾ يڪدم فنگس لڳيو وڃي ۽ برما ۽ ٿائلينڊ جهڙن ملڪن ۾ اهي ڀولڙا ئي کائين ٿا ۽ وڌيڪ خراب ٿيڻ ۽ سڪڻ تي اهي ٻارڻ جي ڪم اچن ٿيون. سوپارين بابت تفصيلي مضمون ۽ انهن مان نقصان وغيره اڄ کان 35 سال اڳ “اي جرني ٽو ٿائلينڊ” ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان.
بهرحال ٽن چئن ڏينهن بعد، اسان اڃان وچ ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين پهتا هئاسين ته اسان کي اهو سو ٻڌايو ويو ته “اها ڪڻڪ مالي حڪومت لاءِ آهي”. مالي آفريڪا جو هڪ وڏو ملڪ آهي. سندس پکيڙ 1240000چورس ڪلوميٽر آهي. يعني پاڪستان کان ڏيڍوڻو ۽ ناروي ۽ نيوزيلنڊ جهڙن ملڪن کان چئوڻو ٿيندو. پر افغانستان وانگر Land Locked ملڪ آهي - يعني اهو سمنڊ جي ڪناري تي ناهي ۽ جيئن افغانستان جو سامان پاڪستان يا ايران جي ڪنهن بندرگاهه ۾ لهي ٿو، جتان پوءِ ٽرالرن ۽ ٽرين ذريعي افغانستان پهچايو وڃي ٿو تيئن مالي سامان موڪلڻ لاءِ جهازن کي اهو سندس پاڙي وارن ملڪن ۾ لاهڻو پوي ٿو، جيڪي سمنڊ جي ڪناري تي آهن. جيئن ته موريطانيا، جي ٻن بندرگاهن، نواذيبو ۽ نواڪشوط (Nouakchott) مان ڪنهن ۾ اسانجو وڃڻ نه ٿيو هو. سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار ۾ ڪيترائي دفعا هي ۽ ٻيا جهاز وٺي وڃڻ جو موقعو مليو هو ۽ اهڙي طرح آئوري ڪوسٽ جي بندرگاهه “عابد جان” ۾ پڻ. “مالي” هونءَ ته وڏو ملڪ آهي پر سندس اڌ کان وڌيڪ حصو خاص ڪري اتر وارو رڻ پٽ صحارا آهي جتي ميلن جا ميل واريءَ جو ڊٻون آهن. اهو به شڪر آهي ته آفريڪا جي نيل ۽ ڪانگو ندين بعد ٽيون نمبر وڏي ندي نائيجر (اٽڪل 4200 ڪلوميٽر ڊگهي) ماليءَ مان به لنگهي ٿي جنهن ڪري ڪجهه ٻني ٻارو ٿئي ٿو. جيئن سنڌ جو نالو سنڌونديءَ تان پيو تيئن آفريڪا کنڊ جي ٻن ملڪن: نائيجر ۽ نائيجيريا تي هن ندي نائيجر تان نالو پيو آهي جيڪا انهن ٻنهي ملڪن مان به لنگهي ٿي. نائيجر نديءَ جي هڪ ڳالهه خوب آهي ته اها سمنڊ جي ڪناري واري ملڪ گني (Guinea) جي جبلن تان شروع ٿئي ٿي جيڪو هنڌ سمنڊ کان 150 ميلن (250 ڪلوميٽرن) جي فاصلي تي آهي. سو 250 ڪلوميٽر ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بدران ملڪ جي اندروني حصي يعني سمنڊ جي مخالف پاسي، صحارا رڻ پٽ ڏي وهڻ شروع ڪري ٿي ۽ گني بعد مالي جتي جي شهر ٽمبڪٽو وٽان ڦرندي، نائيجر ۽ نائيجيريا مان ٿيندي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچيو ڇوڙ ڪري. نيل يا سنڌو نديءَ ۾ لٽ هجڻ ڪري انهن جو پاڻي ڌوڙاٽيل يعني ميرو آهي، پر نائيجر ندي جبلن ۽ واريءَ مٿان هلڻ ڪري صاف ۽ شفاف آهي.
اسانجو جهاز هاڻ جڏهن آفريڪا کنڊ جي ڏينهن اڌ پنڌ تي وڃي پهتو ته اسان کي آمريڪا جي آفيس طرفان فائنل شيڊول پهتو ته اسان سينيگال جي ڊڪار بندرگاهه ۾ لنگرانداز ٿي مالي وارو ڪارگو اتي لاهيون. اسان کي به اهو ئي کُکيو پئي ڇو جو آفريڪا کنڊ جي ملڪن ۾، خاص ڪري آفريڪا جي اولهه ڪناري وارن ملڪن ۾ Inland ٽرانسپورٽ جو ڪو بهتر نظام نه آهي. خاص ڪري اهي ملڪ جيڪي فرينچن ۽ پورچوگالين جي قبضي ۾ رهيا. مالي ۽ سينيگال فرينچ ڪالونيون ئي هيون. فرانس وارن پنهنجن هنن ملڪن، جن جو هنن رت خوب چوسيو، انهن تي اهو سو ٿڌو ٿورو ڪيو جو 1930ع ڌاري (پنهنجي ئي سک ۽ پنهنجي لاءِ اندروني آفريڪا مان مال سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار ۾ پهچائڻ لاءِ) 1287 ڪلوميٽرن جي “ڊڪار- نائيجر ريلوي” ٺاهي جيئن ڊڪار مان جهازن رستي مال کي فرانس پهچايو وڃي. هيءَ ريلوي لائين فقط سينيگال ۽ ماليءَ ۾ آهي. سندس نالي ۾ نائيجر لفظ ضرور آهي پر اهو نالو نائيجر نديءَ تان آهي. نائيجر ۽ نائيجيريا کي هيءَ ريلوي لائين نٿي ڳنڍي. 1287 ڪلوميٽرن مان 641 ڪلوميٽر ريلوي مالي ملڪ ۾ آهي، جيڪا ماليءَ جي گاديءَ واري شهر باماڪو (Bamako) مان به لنگهي ٿي - جيڪو لاگوس، عابد جان، ڪانو، ابادان، ڊڪار ۽ اڪرا بعد ستين نمبر تي مغربي آفريڪا جو وڏو شهر آهي. (هونءَ بامڪو جي مقامي ٻوليءَ ۾ معنا “واڳونءَ جو پڇ” آهي).
جهاز ڊڪار بندرگاهه ۾ لڳو ته مقامي سينيگالي ڪارا مزور جهاز جا رسا ٻڌڻ ۽ سامان کي جهاز تان لاهڻ لاءِ ڇڪا ۽ ڄاريون تيار ڪرڻ لڳا جن ۾ ڪڻڪ جون ڳوڻيون وجهي جهاز جي گدامن (Hatches) مان ڪڍي ٻاهر رستي تي يا ايندڙ ٽرڪن ۾، رکڻ جو بندوبست ڪرڻ لڳا. اسان جي مقامي فرينچ گوري ۽ ان جي سينيگالي شيدي اسسٽنٽ ايجنٽ سان گڏ ڪجهه مالي ملڪ جا سرڪاري ڪامورا ۽ ڪلارڪ به جهاز تي چڙهيا جيڪي سينيگالي شيدين کان ڪجهه وڌيڪ ڪارا ۽ بندرا ٿي لڳا. جهاز ست اٺ ڏينهن سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار ۾ بيٺو رهيو. سامان اڄ جي ماڊرن مشينرين ذريعي جلد لهڻ بدران تن ڏينهن جي طريقن موجب “ڍڳو پير پيران” يعني آهستي آهستي لهندو رهيو. سينيگال جي سرڪاري آفيسرن (ڪسٽم، اميگريشن، پورٽ اٿارٽي) سان گڏ مالي آفيسرن به ماني ٽڪي اڪثر اسان جي جهاز تي اسان سان گڏ ڊائيننگ سئلون ۾ کائيندا هئا. هو پاڻ ۾ فرينچ ۽ مقامي ٻوليون ڳالهائيندا هئا ۽ اسان سان ڀڳل سڳل انگريزي.
مالي ملڪ جي ڪامورن ۾ هڪ نوجوان به هو جيڪو بامڪو جي يونيورسٽيءَ مان تازو گرئجوئيشن ڪري آفيسر ٿيو هو. هن کي نه رڳو سٺي انگريزي آئي ٿي پر هو تاريخ، جاگرافي ۽ جنرل ناليج ۾ به هوشيار هو. آئون مانيءَ تي يا ڪڏهن ڪڏهن جهاز جي ڊيڪ تي هن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ بيهي رهندو هوس ۽ عادت موجب هن کان ڪيترن ئي ڳالهين جي پُڇ پُڇ ڪندو هوس. هو هوشيار هو، ذهين هو ۽ حساس دل رکڻ وارو نوجوان هو. هن دنيا جي ملڪن ۽ انهن جي حڪومتن جو پوليٽيڪل سائنس ۾ چڃي طرح اڀياس ڪيو هو. پنهنجي ملڪ ۽ سياستدانن مان خوش نٿي لڳو. رکي رکي هن ڏک جو اظهار ڪيو ٿي. منهنجي پهرين ڏينهن کان اها رَٽ هلي رهي ٿي ته توهان جو ملڪ ته امير آهي. توهان ته خوشحال هوندائو.... وغيره وغيره..... اهو ان ڪري جو مون ننڍي هوندي مالي (Mali) ملڪ جي خوشحالي ۽ اتي جي بادشاهن جي سخاوت ۽ اميري بابت ٻڌو هو. سو ان جي آڌار تي مالي ملڪ لاءِ اڄ به منهنجي دماغ ۾ اهو نقشو هو. منهنجي دماغ ۾ اڄ به مالي ملڪ هڪ وڏي ڳالهه هو. منهنجي تعريف تي، ماليءَ جي هن حساس ۽ حقيقت پسند نوجوان آفيسر جو مزو خراب ٿي پيو ۽ ڪجهه جواب ڏيڻ بدران هن منهن کي موڙو ٿي ڏنو. پر هڪ ڏينهن سندس صبر شايد جواب ڏئي ڇڏيو ۽ منهنجي مالي ملڪ جي خوشحاليءَ جي ڳالهه ڪرڻ تي چيو: “سر! ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪيو! سياستدانن، فوجين، سردارن، ڀوتارن اسان جي خوبصورت ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. عوام بنيادي سهولتن لاءِ به سڪي ٿو. سرڪاري خزاني جا ڪٻٽ خالي ٿيا پيا آهن. توهان اسان جي ملڪ کي امير ۽ خوشحال ٿا سمجهو! ائين جي هجي ها ته هي سُريل ڪڻڪ جيڪا ساڙڻ لائق آهي، کائڻ لاءِ اسان ڇو گهرايون ها؟ سستي هجڻ جي باوجود اسان قيمت جي فل ادائيگي نٿا ڪري سگهون. قسطن تي، وياج سان ادائگيءَ لاءِ منٿون ڪيون اٿئون”. اهو چئي هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ته ڪنهن، خاص ڪري سندس ملڪ جي ڪنهن آفيسر، سندس ڳالهه ته نه ٻڌي ۽ هن لاءِ مسئلو پيدا ٿئي. آئون به سندس ڳالهه ٻڌي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس. مون کان رهيو نه ٿيو سوچيومانس: “نوجوان! توهان ته امير يورپين کان به امير هئا، توهان ته خيرات ۾ به سون ورهائڻ وارا هئائو؟”
“بلڪل صحيح ٿا چئو پر اهي ماضيءَ جا ڏينهن هئا، جن کي گذرئي ڇهن صدين کان به مٿي ٿيو. توهان شايد اسانجي بادشاهه “حاجي منسا موسيٰ” جي حج جو سفر پڙهيو آهي”، هن چيو. جواب ۾ مون ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي.
“اهو ٻيو زمانو هو جڏهن ماڻهن لاءِ صحارا لتاڙڻ جو ذريعو اٺ هو. تجارتي قافلا جڏهن سامان سان ڀرجي رڻ پٽ اڪريا ٿي ته هنن لاءِ ساهي پٽڻ لاءِ اسان جي ملڪ مان ٽمبڪٽو ۽ جِني شهرن ۾ ساهي پٽڻ ضروري هئي. هِتان هُتان کان ايندڙ قافلن کان اڪٽ (ٽئڪس) وصولي ڪري ۽ لوڻ جي واپار ڪري اسان جي ملڪ ماليءَ جي وڏي ڪمائي هئي”.
ياد رهي ته لونگ، ڦوٽا، دارچيني، ڪاريون مِريون، جائڦل، جاوتري وغيره مصالحو پنهنجي جاءِ تي اهم هو جنهن لاءِ جنگيون لڳيون ۽ واسڪو ڊاگاما جهڙن يورپين کي سر جو سانگو کڻي “ڪيپ آف گڊ هوپ” ڪراس ڪري انڊيا، جاوا، سماترا اچڻو پيو پر انهن ڏينهن ۾ لوڻ به اهم شيءِ هو جنهن جو قدر سون برابر هو ڇو جو لوڻ نه فقط کاڌي جي سواد لاءِ استعمال ٿيو ٿي پر مڇي ۽ گوشت کي لوڻ هڻي سڪايو ويو ٿي جو انهن ڏينهن ۾ بجلي يا ريفريجريٽر نه هئا، لوڻ preservative طور استعمال ٿيو ٿي. هاڻ نه ان لوڻ جي ضرورت رهي آهي نه اٺن جي، صحرا جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پهچڻ لاءِ هاڻ ٽرڪون ۽ هوائي جهاز آهن. سامان ۽ ماڻهو سامونڊي ڪنارو ڏئي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پاڻي واري جهاز ۾ پهچن ٿا.
هن جو مطلب هو ته وقت وقت جي ڳالهه آهي. اهو به ڪو وقت هو جو مالي ملڪ جي وڏي ڪمائي هئي، جنهن جي دولت جو ڪو ڪاٿو ئي نٿي لڳائي سگهيو، جنهن جو بادشاهه حج تي روانو ٿيو هو ته هن خيرات ۾ سون جون مٺيون ڀري سوالين کي ڏنيون هيون. هن سمجهيو ته وقت ۽ حالتون ائين ئي رهنديون. هن مستقبل جو سوچي ڪو اهڙو طريقو يا سڌارو نه ڪيو، جنهن مان ايندڙ نسل جو ڀلو ٿي سگهي. منهنجي ڪلڪتي ۾ هڪ اهڙي غريب فئملي سان ملاقات ٿي جنهن Claim ڪيو ٿي ته هو آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي پوٽاڻ جو اولاد آهي. جنهن ڪسمپرسي جي حالت ۾ هو گذاري رهيا هئا، ان تي سڀني کي حيرت هئي. انهن جا فوٽو به مون ”دنيا رنگ رنگيلي“ ڪتاب ۾ ڏنا آهن. تاج محل جهڙيون عمارتون اڏڻ وارن جو اولاد ڪچن ۽ باٿ روم به پاڙي جو ڪامن استعمال ڪري رهيا هئا انهن مان هڪ نوجوان ٽوڪ طور چيو ته “سرڪار اسان جا وڏا ڇڇورا ٿي عشق جي اظهار لاءِ تاج محل نه اڏين ها ته اڄ اسان جا به بئنڪ بيلنس هجن ها”، ۽ يارو اهڙا مثال توهان کي به ڪيترن ئي خاندانن جا ملندا جن وٽ هڪ دور ۾ بي انتها پئسو هو ته ٻئي دور ۾ هنن جو اولاد زڪوات ۽ خيرات وٺڻ لاءِ مجبور هو. هڪ دور ۾ هنن وٽ جڏهن سڄو ملڪ ۽ اڻ مئي دولت هئي ته ان جي لاءِ هنن کي وارث نه پئي مليو ۽ پوءِ جڏهن وارث ٿيو، جوان ٿيو ۽ پاڻ پوڙها ٿي مرڻ جي ڪنڌيءَ تي پهتا ته هنن کان سڀ ڪجهه هليو ويو. ٻه فوٽ زمين دفن لاءِ نه ملي!
بهرحال اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي هتي اسان حج ۽ حج جي سفر جو احوال ڪري رهيا آهيون. سو مالي جي بادشاهه “منسا موسيٰ” جي حج جي سفر جو ذڪر ڪنداسين، جيڪو شان شوڪت وارو سفر ڇهه ست صديون گذرڻ بعد اڄ به سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ان وقت اڃا آمريڪا کنڊ ته دريافت نه ٿيو هو پر جيڪا دنيا هئي ان کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته آفريڪا کنڊ جيڪو غربت ۽ جهالت جي علامت آهي، جنهن کي اونداهو کنڊ سڏيو وڃي ٿو ان ۾ هڪ ملڪ “مالي” به آهي جنهن جو دولت ۽ ٺاٺ باٺ سان دنيا جو ڪو به ملڪ مقابلو نٿو ڪري سگهي.

دنيا جي امير ترين شخص جو تاريخي حج

آفريڪا کنڊ جي مٿئين اڌ ۾، کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ هڪ چڱو وڏو ملڪ آهي “مالي”. جنهن جي اتر ۾ الجيريا ۽ موريطانيا آهي، اولهه ۾ سينيگال ۽ گني (Guinea)، ڏکڻ ۾ آئوري ڪوسٽ ۽ برڪينا فاسو ۽ اوڀر ۾ نائيجر ملڪ آهي جنهن جي اوسي پاسي ۽ ٿورو پرڀرو نائجيريا، بينن، ٽوگو، گهانا، سيرياليون، لائيبيريا ۽ ٻيا ننڍا وڏا ملڪ آهن. مالي جو مٿيون، اڌ کان وڌيڪ حصو رڻ پٽ بيابان آهي. يعني صحارا جو حصو آهي. هيٺين حصي ۾ ماڻهن جي رهائش ۽ وڏا شهر آهن جيئن ته “باماڪو” جيڪو گاديءَ جو شهر آهي ۽ ڏکڻ ماليءَ مان وهندڙ ندي نائيجر جي ڪناري تي آهي. ان کان علاوه ماليءَ جو هڪ آڳاٽو شهر “ٽمبڪٽو آهي جيڪو چوڏهين صديءَ ۾ دنيا ۾ مشهور ٿيو جڏهن ملڪ جو بادشاهه منسا موسيٰ 1324ع ۾ حج تي روانو ٿيو. ٽمبڪٽو کان علاوه “جِني” شهر پڻ مشهور آهي ۽ ٽمبٽڪو وانگر هن ۾ مسجدون ۽ ديني مدرسا آهن. صحارا ٽپندڙ اٺن جا قافلا جيڪي ٽمبٽڪو ۾ آيا ويا ٿي اهي جني (Djenne) شهر مان به لنگهيا ٿي.
مالي جو 1312ع کان 1337ع تائين سلطان “منسا موسيٰ” نالي هو، جيڪو 1280ع ۾ ٽمبڪٽو ۾ ڄائو هو. 44 سالن جي ڄمار ۾ 1324ع ۾ حج تي روانو ٿيو جتان 1325ع ۾ يعني سال بعد وطن (مالي) پهتو. انهن ڏينهن ۾ آفريڪا جي ملڪن الجيريا، موراڪو، ماريطانيا، گهانا، نائيجيريا وغيره کان اٺن ذريعي حج تي سال سوا لڳي ويو ٿي جيئن ويهين صديءَ ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن پاڻي جي جهازن سفينه حجاج، سفينه عرب وغيره ۾ وڃڻ ۽ موٽڻ ۾ چار مهينا ٿي ورتا ۽ پوءِ 1980ع بعد جڏهن هوائي جهاز جو سفر عام ٿيو ته حج جو ٽائيم پيرڊ ٽيهن کان چاليهه ڏينهن تائين ٿي پيو آهي. جن ڏينهن ۾ سلطان منسا موسيٰ (Mansa Musa) حج لاءِ نڪتو. يعني 1324ع ۾، اهو دور مالي سلطنت جو سونهري دور هو جنهن لاءِ نيهيميا (سڄو نالو Nehemia Levztion) تاريخ نويس “The 13th & 14th Century Kings of Mali” ڪتاب ۾ لکي ٿو ته منسا موسيٰ جا 25 سال حڪومت وارو دور “…was the golden age of the empire of Mali”. مالي جو هي بادشاهه جڏهن حج لاءِ نڪتو ته وڏي شان شوڪت سان نڪتو. ظاهر آهي بادشاهه ماڻهو هيڏي وڏي سفر تي هڪ عام ماڻهوءَ وانگر اڪيلو ته نه نڪرندو. جيئن هن کان اڳ وارن مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته مغل بادشاهه بابر جي ڌيءَ گلبدن جڏهن شهنشاهه اڪبر جي زال سليمان سلطان بيگم سان گڏ 1576ع ۾ حج تي وئي هئي ته هن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ 40 ٻانهيون گڏ هليون هيون. ڀوپال جي راڻي سڪندر بيگم 1863ع ۾ جڏهن پنهنجي ماءُ، سابقه راڻي قدسيه بيگم سان حج تي رواني ٿي ته هنن جي خذمت ۽ ٽهل ٽڪور لاءِ 1500 عورتون شامل هيون ۽ ڀوپال جي هڪ ٻي راڻي سلطان جهان جڏهن 1903ع ۾ اسٽيم شپ اڪبر” نالي جهاز تي رواني ٿي هئي ته هن سان گڏ 300 ماڻهو هئا. بادشاهه جي ڌيءَ، زال يا ڀوپال رياست جي حاڪم راڻيءَ کي، پاڻ سان گڏ، ايترا ماڻهو وٺي وڃڻ تي ئي حيرت ٿا کائون سو چوڏهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ آفريڪا جي هڪ بادشاهه کي پاڻ سان هزارين ماڻهو وٺي حج تي نڪرڻ ۽ انهن جو رستي تي توڙي مڪي مديني ۽ ٻين شهرن ۾ ترسڻ دوران کاڌي پيتي سان گڏ رهائش جو بندوبست ڪرڻ ڇا حيرت ۾ وجهدڙ ڳالهه ناهي. در اصل هن بادشاهه جي ان شاهي سفر سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ دنيا کي خبر پيئي ته آفريڪا کنڊ ۾ مالي نالي به ملڪ آهي جنهن جي شان مان ۽ خاص ڪري دولت جو ڪو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهي.
سلطان پنهنجي لائو لشڪر سان، اٺن تي سوار قافلي سان ٽمبڪٽو مان نڪتو ۽ انهن ڏينهن جو صحرائي روٽ اختيار ڪري پهرين نائيجر ندي جو ڪنارو ڏئي ميما شهر ۾ پهتو جتان پوءِ قافلن جي وڌيڪ ترسڻ وارين مالي، موريطانيا ۽ الجيريا وارن منزلي شهرن ولاته، تغازي ۽ توات (الجيريا) ۾ منزلون ڪندا، آخرڪار مصر ۾ پهتا. توات اهو شهر آهي جتي انهن ڏينهن ۾ ڏورانهن ڏيهن مصر ۽ اسپين جي ميورڪا ٻيٽن کان مسلمان ۽ يهودي واپاري آيا ٿي. سلطان موسيٰ جي هن قافلي ۾ هن سان گڏ 60000 ماڻهو هئا. ان مان توهان اندازو لڳايو ته اٺن جو تعداد ته ان کان به وڌيڪ هوندو جو ڪيترن اٺن تي ته کاڌي پيتي، رڌ پچاءَ، هنڌ بسترن ۽ خيمن جهڙو سامان رکيو ويو هو. مٿين ماڻهن ۾ 12000 ته بادشاهه ۽ ان جي ٽولي جي خذمت چاڪريءَ لاءِ غلام هئا. سڀني مسافرن (غلامن سميت) کي بروڪيڊ ۽ پرشن سلڪ جا چوغا پهريل هئا. غلامن مان هر هڪ ٻن سيرن واريون سونيون سرون کنيون هيون. اٺن کان علاوه هن قافلي ۾ گهوڙن جو به چڱو تعداد هو. سلطان موسيٰ قافلي ۾ هلندڙ هر ماڻهوءَ ۽ جانور جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو هو. قافلي ۾ ٻين اٺن سان گڏ 80 اٺ اهي هئا جن مان هر هڪ تي 50 کان 300 پائونڊ (يعني 23 کان 136 ڪلو) سون جي ڀرڪٽ (ٻُورو Dust) رکي وئي هئي. سلطان منسا موسيٰ اها سون جي ڀرڪٽ (Dust) رستي تي ملندڙ هر غريب ماڻهوءَ کي مٺيون ڀري ڏيندو هليو. هن اها سون جي ڀرڪٽ نه فقط خيرات ۾ ڏني ٿي پر ان سان مختلف هنڌن تي سوکڙيون ۽ سوغاتون به خريد ڪيون ٿي. هر جمعي ڏينهن جنهن هنڌ تي قافلو پهتو ٿي اتي هن مسجد ٺهرائي ٿي.
سلطان منسا موسيٰ جي هن حج جي سفر جو احوال ڪيترن ئي ماڻهن لکيو آهي ۽ ٻين زباني بيان ڪيو آهي. مصر ۾ ترسڻ دوران هو ان وقت مصر جي مملوڪ حاڪم “الناصر محمد” سان به مليو. مصر ۾ پهچڻ تي هن پهرين مصر جي اهرامن وٽ ٽي ڏينهن ڪئمپ هنئي. ان بعد هن مصر جي سلطان الناصر محمد ڏي 50000 دينار نذراني طور موڪليا ۽ قاهره ۾ 3 مهينا رهڻ جو ارادو ڪيو. هن سلطان ”مالي جي بادشاهه“ کي اونهاري جون گرميون گذارڻ لاءِ پنهنجو محل ڏنو ۽ پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته منسا موسيٰ سان گڏ آيل سڀني ماڻهن جو چڱي طرح خيال رکيو وڃي. پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي لکندو هلان ته انهن ڏينهن ۾ مصر تي مملوڪ گهراڻي جو راڄ هو ۽ هي مملوڪ “بحري مملوڪ” سڏيا ويا ٿي. هونءَ ته مملوڪن جي مصر، شام، اردن ۽ لبنان ۾ 1250ع کان 1517ع تائين حڪومت رهي پر مصر ۾ جنهن مملوڪ خاندان (البحري) جي حڪومت رهي اها ع1250 کان 1382ع تائين سوا صدي کن رهي جن مان سلطان الناصر محمد نائون بحري مملوڪ حاڪم هو جنهن مصر تي 1293ع کان 1341ع تائين 48 سال حڪومت ڪئي. پاڻ 1285ع ۾ قاهره ۾ ڄائو ۽ 1341ع ۾ قاهره ئي ۾ وفات ڪيائين. سندس والد ترڪ نسل جو هو ۽ ماءُ منگول خاندان جي.
هتي اهو به لکندو هلان ته مشهور سياح ابن بطوطا به انهن ئي ڏينهن ۾ قاهره آيو هو. ابن بطوطا 1304ع ۾ موراڪو جي شهر الطنج ۾ ڄائو ۽ 1377ع ۾ وفات ڪيائين. هو 21 سالن جو هو ته 1325ع ۾ حج جي ارادي لاءِ پنهنجي ڳوٺ الطنج (Tangiers) کان مڪي ڏي روانو ٿيو. 1326ع ۾ هو مصر جي بندرگاهه واري شهر سڪندريا پهتو. ڪجهه هفتا اتي رهي پوءِ هو مملوڪ سلطنت جي گاديءَ واري شهر قاهره (Cairo) ۾ پهتو جتي هو مهينو کن رهيو.... يعني مالي جي بادشاهه منسا موسيٰ جي قاهري مان روانگي بعد، سگهو ئي ابن بطوطا قاهره آيو. ابنِ بطوطا پنهنجي سفرنامي ۾ ان وقت جي مصر جي هن بادشاهه سلطان الناصر محمد جي وڏي تعريف لکي آهي ته “هو ديندار ۽ پرهيزگار هو. مصر مان جيڪي حج جا قافلا گذرندا هئا انهن جي وڏي مدد ڪندو هو. جن وٽ سفر لاءِ اٺ نه هئا، ڪمزوز ۽ پوڙها هجڻ ڪري هنن کان پيرين پنڌ حج تائين وڃڻ ۾ تڪليف ٿي ٿي انهن کي نه فقط اٺ مهيا ڪندو هو پر انهن تي رستي جي سفر لاءِ کاڌي پيتي جو سامان به رکرائي ڏيندو هو.....”
هڪ ٻئي مصري تاريخ نويس “ابن الياس” مصر جي حاڪم “سلطان الناصر محمد” لاءِ لکيو آهي ته.... “مصر ۾ بادشاهه الناصر جو ذڪر جتي ڪٿي هلي ٿو ۽ اوسي پاسي جي ملڪن جا حاڪم به هن جي عزت ڪن ٿا ۽ کيس تحفا موڪليندا رهن ٿا....”
سلطان الناصر محمد جو والد ۽ وڏو ڀاءُ به مصر جا ناميارا سلطان ٿي رهيا. الناصر جي وفات بعد سندس اَٺَ پٽ ۽ چار پوٽا مصر جا سلطان ٿيا. سلطان حاجي الصالح نالي سندس پوٽو 1382ع ۾ البحري مملوڪ گهراڻي جو آخري سلطان ٿيو. مالي جي بادشاهه سلطان منسا موسيٰ نه فقط مصر جي سلطان الناصر محمد ۽ هن جي خاندان کي تحفا ڏنا پر غريبن ۾ به سون ورهايو. هن پنهنجي ماڻهن توڙي جانورن لاءِ کاڌو پيتو يا گاهه پٺو خريد ٿي ڪيو ان لاءِ هن سون جا بسڪيٽ ڏنا ٿي. مصر جا واپاري به مال مفت ڏسي هر شيءِ جو ٻيڻو ٽيڻو اگهه وڌائي وڪڻڻ لڳا. منسا موسيٰ جي سون جي خرچ ڪرڻ ڪري مصر ۾ ايترو ته سون وڌي ويو جو ان جو 25 سيڪڙو ملهه ڪِري پيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ماليءَ جو هي بادشاهه حج ڪري موٽيو ته هن وٽ خرچ لاءِ پئسو ڏوڪڙ گهٽجي ويو ۽ هن کي مصر جي واپارين کان اوڌر وٺڻي پئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماليءَ جو هي حاڪم هڪ امير ترين ماڻهو هو جنهن لاءِ ٽائيم مئگزين به لکيو ته هي دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ هو. 30 جولاءِ 2015ع واري TIME رسالي ۾ هڪ مضمون آيو هو ته The 10 Richest People of All Times يعني اڄ ڏينهن تائين جيڪي دنيا ۾ 10 امير ترين ماڻهو ٿي گذريا آهن انهن مان ماليءَ جو هي بادشاهه هڪ هو جنهن لاءِ مضمون نگار لکي ٿو ته:
“There’s really no way to put an accurate number of his wealth.” ابن بطوطا قاهري ۾ اچي جيڪي ماليءَ جي بادشاهه سلطان منسا موسيٰ بابت ڳالهيون ٻڌيون، ان جي آڌار تي هو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته ”منسا موسيٰ کان هر ڪو ڊنو ٿي. ملڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن پهرين هن جي اڳيان سجدو ڪري پنهنجي مٿان ڌوڙ جي ڇڻڪار ڪئي ٿي. بادشاهه جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي به پيرن ۾ سئنڊل سپاٽو پائڻ جي اجازت نه هئي. ڀُل چڪ ٿيڻ تي به هن جو قتل ڪيو ويو ٿي. بادشاهه جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي ڇڪ ڏيڻ جي اجازت نه هئي پر جيڪڏهن بادشاهه کي ڇڪ اچي وئي ٿي ته ان وقت سڀني پنهنجو سينو پٽيو ٿي”.
منسا موسيٰ مغربي آفريڪا جي ٻين بادشاهن وانگر حج ڪرڻ لاءِ مڪي ڏي هڪ خاص اسٽائيل ۾ روانو ٿيو. هن سان گڏ وڏو تعداد باڊي گارڊن ۽ ڪورٽ جي اهم ماڻهن جو پڻ هو. هنن پاڻ سان گڏ سينگاريل گهوڙا ۽ رنگين جهنڊا به کنيا هئا. هن سان گڏ وڏي زال “اناري ڪناتي” پڻ هئي جنهن جي خذمت لاءِ 500 ٻانهيون هيون.
سلطان منسا موسيٰ لاءِ مملوڪ ڪورٽ جو “ابن امير حاجب” لکي ٿو ته “جتي منسا موسيٰ نماز روزي جو پابند هو ۽ قرآن جو ڄاڻو هو اتي هن پنهنجي وڏن کان هلندڙ ان رسم کي به برقرار رکيو جنهن مطابق هن جي رعيت مان ڪنهن کي سهڻي ڌيءَ هوندي هئي ته هن کي ڪجهه عرصي لاءِ بادشاهه سلامت جي حوالي ڪرڻي پيئي ٿي”.
ابن امير حاجب لکي ٿو ته هُن منسا موسيٰ کي آگاهه ڪيو ته ”سرڪار! ڪنهن به ڇوڪريءَ سان بنا نڪاح جي هم بستري ڪرڻ جي اسلام ۾ اجازت نه آهي”. جنهن تي منسا موسيٰ وراڻيو: “ڇا بادشاهن کي به نه آهي؟”
ابن امير حاجب چيو: “جي ها! بادشاهن کي به ان جي اجازت ناهي”. ان کانپوءِ منسا موسيٰ ان رسم کان سختيءَ سان پرهيز ڪئي.
منسا موسيٰ جي هن تاريخي حج جي ڪري سندس ملڪ مالي ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن تي، توڙي يورپ تي وڏو اثر ٿيو ته حج پڻ اسلام ۾ فرض آهي جنهن جي ادائيگيءَ لاءِ دنيا جا مسلمان مڪي شريف وڃن ٿا. حج تان واپسي تي منسا موسيٰ پاڻ سان گڏ هڪ اندلسي عمارتساز به آندو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ٽمبڪٽو ۾ مسجد ڊيزائين ڪئي. هن بادشاهه حجاز مان حضور صلعم جن جي اولاد مان چئن ڄڻن کي مالي ۾ اچي رهڻ جي به دعوت ڏني جيئن سندس ڌرتيءَ تي هنن جي قدمن ڪري رحمت رهي.
تاريخدان نيهيميا مطابق، منسا موسيٰ جي حج جي هن سفر جو احوال ڪيترن ئي مسلمانن ۽ غير مسلمانن بيان ڪيو آهي ۽ نه رڳو آفريڪا ۽ مصر جي ماڻهن جي دلين جي نقشي ۾ پر يورپ جي عيسائين ۽ يهودين جي پڻ، مالي ملڪ، هن حج جي سفر بعد جڳهه حاصل ڪئي.
ماليءَ ۾ مسجدون ٺهرائڻ ۽ دنيا جي مسلمان ملڪن مان اسلامي عالمن کي پنهنجي سلطنت ۾ گهرائڻ جو ڪريڊٽ پڻ منسا موسيٰ کي ڏنو وڃي ٿو. منسا موسيٰ پنهنجي ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مدرسا به ٺهرايا، جيڪي اڄ يونيورسٽين جي صورت ۾ موجود آهن جن کي لڳ ڀڳ 700 سال اچي ٿيا آهن.
ماليءَ ۾ اڄ ڪلهه تعليمي معيار کان هي يونيورسٽيون ٽاپ جون آهن:
“دي يونيورسٽي آف بامڪو” جنهن ۾ 60 هزار شاگرد ۽ 600 استاد آهن.
University of Sankore جيڪا جامعه سنڪوري ۽ سنڪوري مدرسو به سڏجي ٿي جيڪا ٽمبڪٽو ۾ آهي. اها 989ع ۾ مسجد سنڪوري بعد ٺهي ۽ منسا موسيٰ جي ڏينهن ۾ ته هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ آفريڪا جي سڀني ملڪن جا شاگرد آيا ٿي. هن يونيورسٽي جي لائبريري انهن ڏينهن ۾ مصر جي “سڪندريا لئبريري” بعد ٻئي نمبر تي مڃي وئي ٿي. هن ۾ چئن کان ستن لکن تائين ڪتابن جا نسخا هئا. هن مدرسي ۾ تعليم وٺڻ لاءِ مسجد سنڪوري ۾ 25 هزار کٿابين جي رهائش جو پڻ بندوبست هو.
يونيورسٽي آف ٽمبڪٽو. هن يونيورسٽيءَ ۾ ٽمبڪٽو جي ٽن مسجدن جا مدرسا اچي ويا ٿي.

حاجين جي جهاز رحيمي جو قصو

حاجين جي جهازن ۽ حج جي ادائيگي لاءِ پانڌيئڙن جي پهچڻ جون خبرون، ڳالهيون، قصا ۽ ڪهاڻيون کوڙ - جن مان پنهنجن ۽ پروان جون ڪجهه اهم ڳالهيون ڪري چڪا آهيون. نموني خاطر اهي ڪافي سمجهان ٿو پر آخر ۾ هڪ وڌيڪ حاجين جي جهاز رحيمي (Rahimi) جو هتي ذڪر ڪريان ٿو جنهن جو مالڪ ڪو انگريز يا يورپي نه پر هڪ ديسي هندو عورت هئي، جيڪا ملڪ جي طاقتور مغل بادشاهه جي راڻي ٿي رهي. رحيمي حاجين جي جهاز سان هي اغوا ٿيڻ جو واقعو 1613ع ۾ عربي سمنڊ تي ٿيو جڏهن اهو “جدي” ۽ رستي تي “موخا” بندرگاه مان حاجي ۽ مال کڻي گجرات جي بندرگاهه “سورت” ڏي موٽي رهيو هو.
1502ع ۾ واسڪو ڊاگاما ۽ هن جي پورچوگالي ساٿين حاجين جي جهاز “ميري” کي ڦري ان ۾ سوار ٻارن ۽ عورتن کي جيئري ساڙڻ بعد پورچوگالي قذاقن طرفان، رحيمي جهاز جي هيءَ اغوا جي واردات تقريبن هڪ سئو ڏهه سال بعد 1613ع ۾ ٿي. هي واقعو سمجهو ته شاهه لطيف جي ڄمڻ کان منو صدي اڳ رونما ٿيو، جو شاهه لطيف 1689ع ۾ جنم ورتو هو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. حاجين جو جيڪو قافلو مديني کان دمشق ويندي بدو عربن 1757ع ۾ ڦريو هو ۽ جنهن ۾ سلطنت عثمانيه جي امير جي ڀيڻ سميت 20 هزار حاجي قتل ٿي ويا هئا، اهو البت شاهه لطيف جي وفات کان 5 سال پوءِ پيش آيو هو. رحيمي نالي هي مالبردار ۽ حاجي کڻڻ وارو جهاز (Passenger Cum Cargo) پنهنجي وقت جو هڪ وڏو ۽ سونهن ۽ سائيز ۾ هڪ نمايان جهاز هو. ان وقت جيڪي حاجين جا جهاز هئا انهن سڀني ۾ هي سڀ کان گهڻا حاجي ۽ ڪارگو (سامان) کڻي سگهيو ٿي ۽ هن جي ڪمائيءَ تي سڀني جي نظر هئي ۽ اها قابل داد ڳالهه هئي ته هن جهاز جي مالڪڻ توڙي انتظام هلائڻ واري هڪ عورت هئي جنهن وٽ ٻيا به ڪيترائي جهاز هجڻ ڪري وڏي امير ليکي وئي ٿي.
هن جهاز (Rahimi) کي ڊچ جهازرانن (Navigators) ۽ عرب، انڊين (گجراتي، ملباري، ڪڇي ۽ ڪوڪني) خلاصين (Sailors) هلايو ٿي. هن جهاز تي هڪ ئي وقت 1500 مسافر ۽ 1700 ٽن سامان چڙهي سگهيو ٿي. هڪ ٽن ۾ سمجهو ته 28 کن مڻ ٿين ٿا - جيڪي 11 کن اڍائي مڻيون چانورن يا ڪڻڪ جون ڳوڻيون ٿيون. مطلب ته هي جهاز مسافرن کان علاوه سامان جون ارڙهن اوڻهين هزار ڳوڻيون به کڻي سگهيو ٿي. هن جو مسافر کڻڻ جو بندرگاهه “سورت” هو جيڪو بمبئي کان اڳ انڊيا جو وڏو بندرگاهه هو جنهن تي اتر انڊيا جي حاڪم شهنشاهه اڪبر جو قبضو هو. سامان به اتان چاڙهيو ويو ٿي جيڪو گهڻو ڪري بايانا (Bayana) کان گڏهن، خچرن، اٺن ۽ ننڍين ٻيڙين ذريعي سورت بندرگاهه ۾ پهتو ٿي. بايانا اڄ به انڊيا جي راجستان رياست جي ڀرتپور ضلع جو مشهور ۽ تاريخي شهر آهي، جنهن بابت تفصيل سان انڊيا جي ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. گمڀير نديءَ جي کاٻي ڪپ تي هي شهر راجستان جي هڪ ٻئي مشهور شهر هندائو (Hindaun) کان 33 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. بايانا ريلوي جنڪشن به آهي جيڪا دهلي ۽ ممبئي ريلوي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل آهي.
پاڻ سترهين صديءَ جي اوائلي سالن جي مشهور حاجين جي جهاز رحيميءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. هي جهاز Rahimi ڊيگهه ۾ 52 ميٽر يعني ڏيڍ سئو فٽ هو. سندس ويڪر 15 ميٽر يعني 45 کن فٽ هئي. ان وقت سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جي جهازن جي حساب سان هي جهاز وڏو ئي سمجهڻ کپي جنهن ۾ 6 فٽن جون ڪئبنون (ڪمرا) ٺاهجن ته ويڪر ۾ هر قطار ۾ ست کن ٺهي وڃن ۽ اهي جهاز گهڻو ڪري ٻه ماڙ ٺاهيا ويا ٿي. هن جهاز جي مالڪن کي مسافر ۽ مال کڻڻ مان جيڪا ڪمائي ٿِي ٿي، ان جو اندازو توهان ان مان لڳائي سگهو ٿا ته جهاز کي هر ڦيري ۾ 15000 ريال فقط ٻاهرين بندرگاهن ۾ ٽئڪس ڏيڻو پيو ٿي. ان ڪري هي جهاز هر وقت قزاقن جي اک ۾ رهيو ٿي. هيءَ سترهين صديءَ جي ڳالهه آهي جنهن ۾ سمنڊ (خاص ڪري عربي سمنڊ، بحر احمر، خليج فارس، خليج سوماليه، خليج بنگال وغيره) تي ڦر عروج تي هئي. سورهين صديءَ ۾ ته فقط پورچوگالي قزاق (Pirates) هئا پر هاڻ انگريز ۽ ٻيا فرنگي به تمام گهڻو متحرڪ ٿي ويا هئا ۽ هنن لاءِ عربن، ايرانين يا انڊين جهازن تي ڦر ڪرڻ يا اغوا ڪرڻ آسان ڪم هو جو بم، بارودن ۽ بندوقن جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ يورپي اڳيان هئا جن جو مقابلو اسانجا ماڻهو نٿي ڪري سگهيا. شاهه لطيف انهن حالتن جي سر سريراڳ ۾ هن طرح عڪاسي ڪئي آهي:
دَنگِي وچ درياهَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
هُو جي واڍي واڻيا، سي سونهَڻَ سڀ سَڙيا،
مُعِلمَ ماڳِ نه اڳئين، فِرَنگي منجهه ڦِرِيا،
ملاحَ! تنهنجي مَڪُڙِيءَ، اچي چورَ چڙهيا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تتي تارِي تُنهنجي!
1498ع ۾ جڏهن پورچوگالي ناکئو “واسڪو ڊاگاما” ڪيپ آف گڊ هوپ وارو خطرناڪ سمنڊ اُڪري انڊيا پهچڻ وارو رستو ڳولي ورتو ته هنن جي هن پاسي اچڻ کان اڳ ئي اها نيت هئي ته ڏنڊي (طاقت) جي زور تي ڌارين ملڪن جي زمينن تي قبضو ڪبو. عربن، هندن، مسلمانن جي جهازن جي ڦر ڪبي، ڇو جو هنن وٽ اهو ماڊرن اصلح ناهي جيڪو پورچوگالين وٽ آهي ۽ ٽئي نمبر تي مصالحي جو واپار به ڪبو جنهن جو يورپ جي ملڪن ۾ وڏو اگهه هو.
واسڪو ڊاگاما 1498ع ۾ پهريون دفعو انڊيا پهتو ته هو مڪاني راجائن کي پنهنجو زيردست نه بنائي سگهيو. بلڪه پورچوگالين کي ذليل و خوار ٿي ڀڄڻو پيو هو. ٻن سالن بعد 1500ع ۾ پيڊرو ڪابرال جي ڪمانڊ ۾ پورچوگال کان آرمڊا (ٻيڙو) هڪ دفعو وري ملبار ڪناري پهتو. ڪابرال اچڻ سان ڪاليڪٽ بندرگاهه جي آس پاس ۾ بيٺل عرب سوداگرن جي ڏهه کن جهازن جي ڦرلٽ ڪري انهن تي موجود 600 کن خلاصين کي قتل ڪيو. ان بعد ڪاليڪٽ بندرگاهه تي بمباري ڪري مقامي ماڻهن کي چڱي طرح ڊيڄاريو. ظاهر آهي پورچوگالين وٽ انڊين ۽ عربن جي مقابلي ۾ ماڊرن اسلح هو. اسان جا ماڻهو تير ڪمان ئي استعمال ڪندا رهيا يا وري نعرا هڻندا رهيا.
ان بعد ٽيون دفعو 1502ع ۾ واسڪو ڊاگاما هڪ دفعو وري آيو ۽ هن به پنهنجي پهرين سفر جون خارون ڪڍڻ لاءِ عرب يا انڊين سوداگرن جو جيڪو جهاز هن جي ور چڙهيو ٿي ان جي ڦر ڪئي ٿي. ان وقت حاجين جي “ميري” نالي هڪ وڏي جهاز کي ڦرڻ بعد ان ۾ موجود ٻارن ٻچن سميت 400 کن حاجين کي جيئري ساڙي ڇڏيو .... يعني هن سڀني اوسي پاسي جي تاجرن (واپارين)، وڻجارن، راجائن ۽ رعيت کي صاف صاف نياپو ڏنو ته اسان گورن جو توهان مقابلو ڪري نه سگهندائو.
پوءِ اڳتي هلي پورچوگالين مڪاني سڀني ماڻهن کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون ۽ پاڻ ڄڻ ته سڄي هندي سمنڊ جا مالڪ ٿي ويهي رهيا. هنن سڀني جهازن لاءِ قانون ڪڍيو ته تجارت ڪرڻ لاءِ هر جهاز کي هر سفر ۾ پئسا ڏئي، پورچوگالين کان “پاس” (جيڪا ڪارٽاز سڏبي هئي) وٺڻي پوندي، جيڪو هڪ قسم جو سمجهو ته “ڀَتو” هو. بنا پاس وارن جهازن تي پورچوگالي قزاقن حملو ڪري ڦرلٽ ڪئي ٿي ۽ احتجاج ڪرڻ وارن کي قتل ڪندي به ويرم نٿي ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي جو هنن ڦورن جو ڪو اصول نه هو. هنن ڪڏهن ڪڏهن دل چوڻ تي انهن جهازن جي به ڦر ڪري ٿي ورتي جن وٽ پاس هئي.
سئو سالن تائين هندي سمنڊ ۽ ان جي مختلف حصن جهڙوڪ عربي سمنڊ، بحر احمر، خليج فارس، خليج بنگال وغيره ۾ فقط پورچوگالي راڄ ڪندا رهيا جو ٻي ڪا يورپي قوم هن پاسي پير ڄمائڻ ۾ ڪامياب نه پئي ٿي. پر پوءِ آهستي آهستي ڊچ، فرينچ ۽ خاص ڪري انگريز ڪامياب ٿي ويا جيڪي پڻ وجهه لڳڻ تي ننڍيون وڏيون سامونڊي ڦرون ڪرڻ لڳا جو بارود، بم ۽ ماڊرن اسلح انهن وٽ به هو. ايتريقدر جو وقت جو حاڪم مغل شهنشاهه اڪبر به ماٺ مٺوڙي ۾ پورچوگالين کي ڀتو ڏئي پاس حاصل ڪندو رهيو - ٻاهر عوام تي سو رعب رکندو رهيو. کلئي عام نه اڪبر ٿي پورچوگالين سان مهاڏو اٽڪايو ۽ نه پورچوگالين اڪبر سان سينه زوري ٿي ڪئي. اهو ئي وهنوار ٻيا مغل بادشاهه به رکندا هليا جن جي حڪومت انڊيا جي اتراهين حصي ۾ هئي. هيٺ ڏکڻ ۾ مغلن جو قبضو فقط سورت جهڙي بندرگاهه تائين محدود هو. پورچوگالين پاڻ کي فقط ڏکڻ هندوستان جي ڪناري تائين رهڻ ۾ عافيت ٿي سمجهي. هنن مالابار ڪوسٽ (هندوستان جي اولهه ڪناري) جي بندرگاهن ۽ ڪرومنڊل (Coromandel Coast) هندوستان جي اوڀر ڪناري جي نوابن ۽ راجائن کي موچڙا هڻي هنن جي ننڍين ننڍين سلطنتن تي قبضو ڪري ورتو. ڪننور (Cannore)، ڪوچين، ڪاليڪٽ وغيره تي ته اچڻ سان يعني 1502ع کان قبضو ڪيائون ته ڏيڍ صدي تائين اهي علائقا هنن جي هٿ ۾ رهيا. اهڙي طرح سورت بندرگاهه تي قبضو ڪيائون. منگلور ۽ بئسين (Bassein) تي ته سندن ٻه ٻه صديون قبضو رهيو. گوا، دِيو (Diu)، دمان (Daman) جهڙيون رياستون ۽ علائقا ته ساڍين چئن صدين بعد 1961ع ۾ ڇڏيائون - يعني هندوستان جي ورهاڱي کانپوءِ. کين جيئن ٿي وڻيو تيئن مقامي آدم شماريءَ سان ظلم ٿي ڪيائون. ڪڏهن ڪو شهر مسلمان آباديءَ کان خالي ٿي ڪرائيائون ته ڪڏهن ان شهر جا مندر ۽ مسجدون ٿي ڊهرايائون. سرزمين کان علاوه سڄي هندي وڏي سمنڊ تي ويا قبضو ڪندا. چوڌاري خوف ۽ هراس جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هئائون.
مٿين حالتن جو پڙهي آئون اڪثر اهو سوچيندو هوس ته مغل سلطنت هيڏي طاقتور هئي، انهن هنن ڪمينن کي ڇو نٿي دٻ پٽي ته توهان ڇو اچي اسانجي ڌرتيءَ تي قبضو ڪيو آهي - خاص ڪري مسلمانن کي ڇو پيا ماريو...؟ پر پوءِ اهو ئي سوچيندو آهيان ته هيءَ اقتدار جي جنگ هئي. چور يا ڌاڙيل لاءِ ڪو دين ڌرم يا ٻولي نه هوندي آهي. بابر پاڻ ڪهڙو چڱو مڙس هو. پاڻ ڪهڙو هن ڌرتيءَ جو سپوت هو. محمود غزنويءَ ته وري به سومناٿ مندر جو سون لٽڻ جو اهو ئي بهانو ڪيو ته هو بت شڪن آهي هو اسلام جي خذمت ڪرڻ آيو آهي پر بابر پنهنجي ملڪ مان هلي ڌارين جي ملڪ ۾ پاڻيپٽ جي ميدان ۾ جنهن ابراهيم لوڌي نالي بادشاهه سان جنگ ڪري هن کان حڪومت کسائين، اهو ته مسلمان هو! يا اسانجي ڪچي جا سنڌي ڌاڙيل ڇا سنڌين کي ڇڏيو ڏين؟ اسان جا سنڌي مسلمان حاڪم جن کي اسان جي ماڻهن ئي ووٽ ڏئي مٿي آندو آهي انهن ۾ جيڪي ڦورو ۽ پئسو ٺاهڻ وارا آهن، اهي پنهنجي ۾ ئي مگن آهن - هنن کي ڪهڙو فڪر پنهنجي هم زبان ۽ هم مذهب جو، جيڪي ڀلي Aids جو شڪار ٿي وڃن، ڪتن جي چڪن کان ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃن. ترقياتي ڪمن جو پئسو به سندن اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندو رهي، غريب عوام لاءِ اسپتالون ۽ اسڪول، روڊ ۽ رستا ٺهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. سو بابر پاڻ ئي غاصب هو جنهن ڌارين جي ڌرتيءَ تي اچي راڄ ڪيو. اهڙي طرح پورچوگالي به مغلن وانگر ئي ٿيا. بلڪه ڏٺو وڃي ته پورچوگالي ته مغلن کان به اڳ آيا. واسڪو ڊاگاما جڏهن 1498ع ۾ ڪاليڪٽ آيو - يعني جڏهن هو هندوستان جي ڪناري تي پهتو ته ان وقت ته انڊيا ۾ ڪنهن مغل بادشاهه جو نالو نشان به نه هو. بابر به پنهنجي افغاني/ اذبڪستاني ڳوٺ سمرقند ۽ فرغانا جي وچ ۾ ڌوڙ پئي پاتي. هو ان وقت 15 سالن جو هو. واسڪو ڊاگاما جي پهچڻ کان 28 سال پوءِ بابر پاڻيپٽ جي ميدان ۾ ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي انڊيا جو حاڪم ٿيو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته ان وقت جي پورچوگالي چاهين ها ته هنن جا ڏهه ماڻهو پنهنجي جديد اصلح (بندوقن ۽ Cannons) سان بابر جي لشڪر تي اڌ ڪلاڪ ٺڪا ٺوڪي ڪن ها ته مغلن جا سڀ وڏا پهلوان تتر بتر ٿي وڃن ها. مغل بادشاهه ته سئو سالن بعد به اهڙا هٿيار تيار ڪري نه سگهيا ۽ نه فوج ٺاهي سگهيا.... نه تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏئي سگهيا ۽ نه وري ڪارخانا يا اريگيشن سسٽم ٺاهي عوام کي روزگار مهيا ڪري سگهيا. بس گهڻو زور هنن ڪبوتربازي، ملهه بازي، حرم وڌائڻ ۽ نشي – ڀنگ ۽ آفيم تي ڏنو.
پوچورگالي بنا ڪنهن شڪ جي اڪيلي يورپي قوم جي حيثيت ۾ انڊين اوشن (هندي وڏي سمنڊ) جي مختلف حصن تي هڪ صديءَ کان جهازن جي ڦرلٽ ڪندا رهيا. هنن جا اهم شڪار اُهي جهاز هئا جيڪي بحر احمر (ڳاڙهي سمند) جي بندرگاهن کان نڪتا ٿي جو اهي عربستان، يمن ڏي مال وڪڻي سون ۽ چاندي جي سڪن جي صورت ۾ ناڻو کڻي موٽيا ٿي.
تقريبن هڪ سئو سالن بعد ٻيا يورپي، خاص ڪري انگريز ۽ ڊچ هندي وڏي سمنڊ جي منظر تي آيا. انگريزن جي انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو انڊيا ۾ پهريون جهاز 24 آگسٽ 1608ع تي انگريز ڪئپٽن وليم هاڪنس (William Hawkins) جي ڪمانڊ ۾ گجرات جي بندرگاهه سورت ۾ پهتو هو. انهن ڏينهن ۾ انڊيا تي حڪومت مغل شهنشاهه جهانگير جي شروع ٿي هئي. انگلنڊ ۾ ڪِنگ جيمس بادشاهه هو جنهن طرفان وليم هاڪنس 25000 سون جون مهرون (سڪا) ۽ خط جهانگير بادشاهه لاءِ کڻي آيو، جيئن ان تحفي ذريعي انڊيا ۾ انگريزن لاءِ سهولتون حاصل ڪري سگهجن. هن جي بدبختي چئجي جو سورت ۾ لنگر انداز ٿيڻ تي ڪجهه ڏينهن اندر گجرات جي گورنر طرفان هنن جي آندل سون جي ڦر ڪئي وئي. ان بعد هاڪنس جهانگير جي درٻار ڏي روانو ٿي ويو. هن کي ترڪ ٻولي آئي ٿي جنهن ذريعي هن جهانگير کي بيحد متاثر ڪيو. ايتري قدر جو جهانگير خوش ٿي هن انگريز کي هڪ آرمينين عيسائي دوشيزه تحفي طور ڏني. هاڪنس مغل ڪورٽ ۾ ڪيترائي مهينا ڦرندو رهيو پر هو انگريزن لاءِ انڊيا ۾ واپار ڪرڻ يا ڪارخانا هڻڻ جي سندَ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. آخرڪار 1611ع ۾ انگلنڊ ڏي روانو ٿي ويو.
ڪجهه مهينن بعد 1612ع ۾، انگلنڊ جي ڪنگ جيمس اول جي حڪم تي انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڪئپٽن بيسٽ کي سورت موڪليو جيئن هو مغل شهنشاهه جهانگير کان انگريزن جي واپار لاءِ اجازت حاصل ڪري.
ڪئپٽن بيسٽ جي سورت پهچڻ تي، انڊيا ۾ موجود پورچوگالين، هن کي داٻو ڏيارڻ ۽ ڊيڄارڻ خاطر هن جي جهازن تي حملو ڪرايو جنهن جي جواب ۾ ڪئپٽن بيسٽ هنن کي ملهه ماري وڌي ۽ سڀ حيران ٿي ويا. سورت جي گورنر جهانگير بادشاهه سان هن مقابلي جو سربرستو احوال ڪيو. ان بعد سڀني محسوس ڪيو ته بادشاهه سلامت جي طبيعت جو انگريزن ڏي لاڙو بهتر ٿي ويو. گورنر جي چوڻ تي جهانگير بادشاهه جنوري 1613ع ۾ انگريزن کي واپار جون سهولتون ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو. پورچوگالين کي جهانگير جي اها ڳالهه پسند نه آئي ڇو جو پورچوگالين انڊيا ۾ اڪيلي موج مزا ڪرڻ ٿي چاهيا. يعني اڪيلي ڦرلٽ ڪرڻ ٿي چاهي. هنن نٿي چاهيو ته هن ديڳ مان ڪنهن ٻئي کي به ڪو فائدو رسي - پوءِ اهو ٻيو ڀلي سندن عيسائي ڀاءُ انگريز هجي يا هم علائقائي يورپي هجي. اهو سوچي پورچوگالين قزاقيءَ (سامونڊي ڦر) جي هڪ اهڙي واردات جي رٿا ٺاهي جنهن ۾ جهانگير بادشاهه جي خواري ۽ گهٽتائي ٿئي. جيئن جهانگير جي ناموس ۽ رعب تاب کي ڇيهو رسي. هنن جهانگير بادشاهه جي خاندان جي هڪ مشهور جهاز رحيمي (Rahimi) کي هاءِ جئڪ (اغوا) ڪيو جيڪو حاجين ۽ مال کي عربستان ۽ واپس سورت (انڊيا) پهچائڻ مان خوب ناڻو ڪمائي رهيو هو. سندن جهازن جي ٽولي ۾ هي جهاز سڀ ۾ وڏو ۽ ناليرو هو.
جهانگير بادشاهه کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ - جيئن هو هنن (پورچوگالين) جي ڳالهه مڃي انگريزن کي واپار جي اجازت نه ڏئي، سيپٽمبر 1613ع ۾ پورچوگالين “رحيمي” جهاز کي اغوا ڪيو. جيتوڻيڪ هن جهاز وٽ پورچوگالين طرفان ڏنل پاس (Cartaz) موجود هئي جنهن تحت پورچوگالين جي ذميواري هئي ته اهڙي جهاز کي ڪي به ڌاريان يا پورچوگالي قذاق ڦرلٽ نٿا ڪري سگهن. پر ان هوندي به پورچوگالي قزاقن هن جهاز تي حملو ڪري، هن کي اغوا ڪيو. هن جهاز تي هڪ ته حاجي هئا جيڪي حج ڪري پنهنجي وطن (انڊيا) ڏي موٽي رهيا هئا. ان کان علاوه هن جهاز تي ٽي لک پائونڊن جو ڪارگو (سامان) پڻ هو. پورچوگالي قزاقن حاجين ۽ جهاز کي گرفتار ڪري گوا موڪليو.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن جهاز جي مالڪڻ، تجارت جي ماهر ۽ جهازراني جي ڄاڻو عورت – جنهن جو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان، هڪ مشهور شخصيت “مريم زماني” هئي.
ڏٺو وڃي ته تڏهن توڙي اڄ، جهاز هلائڻ ڪو اهڙو ڏکيو ڪم ناهي- چاهي نيويگيشن جي خيال کان يا جهاز جي مشينري صحيح رکڻ کان. البت جهاز جو ڪاروبار هلائڻ ڏکيو ڪم آهي. اڄ به اسان ورتل تعليم ۽ سکيا موجب جهاز کي هڪ بندرگاهه کان ٻئي تائين وٺي وڃون ٿا. رستي تي طوفانن ۽ خراب سمنڊن جون به مصيبتون اچن ٿيون... يا وڌ ۾ وڌ سمنڊ تي جهاز جي خراب ٿيڻ تي اسان کي اها خرابي دور ڪري جهاز کي بندرگاهه تائين پهچائڻو پوي ٿو. بس! پوءِ اهو جهاز جي مالڪ جي مٿي جو سور آهي جيڪو ان جهاز جي وڏي خرابيءَ جي حالت ۾ بندرگاهه جي مقامي ورڪ شاپ ذريعي مرمت ڪرائي ٿو. جهاز تي چڙهيل سامان لهرائي ٿو ۽ اڳتي جي لاءِ سامان هٿ ڪري ٿو. يعني ڀاڙي جي ڳولا ڪري ٿو. هو جهاز وارن لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ٿو، ڪيترن ئي قانوني ڦڏن کي ڪورٽ ۾ منهن ڏئي ٿو. جهاز هلائڻ وارن لاءِ پگهار ۽ دوا درمل جا بندوبست ڪري ٿو.... وغيره وغيره. اهي سڀ ڪم جهاز جي مالڪ جا آهن. اهي سڀ مونجهارا “شپ اونر” جا آهن. تڏهن ته چوان ٿو ته جهاز هلائڻ سولو ڪم آهي پر جهاز جو ڪاروبار هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، مالڪ کي جهاز جون پريشانيون هارٽ اٽيڪ ڏيو ڇڏين. اڳئين زماني ۾ ته “رحيمي” جهڙا سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جا ڪمزور جهاز هئا جيڪي اڪثر سمنڊ جي لهرن ۽ مخالف هوائن ڪري بتال ٿي ويا ٿي، جن کي هر وقت قذاقن جو خوف هو... جهاز جي مالڪن کي انهن جهازن جي مرمت جو به بندوبست ڪرڻو پيو ٿي ته قزاقن کي به وقت تي ڀتو پاڻي پهچائڻو پيو ٿي. ان کان علاوه جهاز تي چاڙهڻ لاءِ سودي جي چونڊ ۽ خريداري به پاڻ ڪرڻي پئي ٿي ۽ سوچڻو پيو ٿي ته ڪهڙي وکر مان چار پئسا ڪمائي سگهبا ۽ اهو ڪم وري هڪ عورت لاءِ هلائڻ ته اڃا به ڏکيو سمجهڻ کپي.
مريم زمانيءَ وٽ نه فقط اهو هڪڙو “رحيمي” نالي جهاز هو پر ٻيا به ڪيترائي مالبردار جهاز (Cargo Ships) هئا جن کي هن پنهنجي ملڪ (انڊيا) جي عربي سمنڊ، بحر احمر ۽ خليج فارس سمنڊن جي بندرگاهن جي وچ ۾ هلايا ٿي. مريم زماني جي هن “ڪارگو ڪَم پئسينجر” جهاز رحيمي سان هن 1613ع واري واردات کان اڳ، ٻيا به ڪيترا دفعا پورچوگالي ۽ هڪ دفعو انگريز قذاقن ننڍيون ننڍيون ڦريون ڪيون هيون.
1609ع ۾ مريم زمانيءَ جو هڪ مالبردار جهاز انڊيا جي ملبار ڪناري وارن بندرگاهن مان سامان چاڙهي موچا (Mocha) ڏي وڃي رهيو هو. موچا جنهن کي عرب، ايراني توڙي اسان “مخا” سڏيون ٿا، بحر احمر ۾ يمن جو انهن ڏينهن ۾ مشهور بندرگاهه هو. عدن گهڻو گهڻو پوءِ مشهور ٿيو. اسان ڪراچيءَ کان جيئن ئي جدي ڏي بحر احمر سمنڊ ۾ داخل ٿيون ٿا ته بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) شروع ٿيڻ کان پهرين يمن جو بندرگاه عدن اچي ٿو. ان بعد ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ تي “موخا” اچي ٿو. بهرحال عدن ۽ هديده (Hydaydah) بندرگاهه اوڻهينءَ صديءَ ۾ مشهور ٿيا نه ته پنڌرهين کان ارڙهين صديءَ تائين هن علائقي ۾ “موخا” اهم ترين ۽ مشغول بندرگاهه هو جتان دنيا جي مشهور ڪافي “موخا ڪافي” يورپ ڏي وئي ٿي. اها ڪافي پنهنجي خاص سواد ۽ سڳنڌ ڪري اڄ به مشهور آهي ۽ هن تي اهو نالو هن بندرگاهه موخا تان پيو. جيتوڻيڪ اها ڪافي موخا ۾ نه پر اوسي پاسي جي علائقن ۾ ٿئي ٿي پر ان جو نالو ”موخا ڪافي“ ان ڪري مشهور ٿيو جو اها ڪافي هن بندرگاهه مان جهازن تي چڙهي ٿي، جيئن سمجهو ته پاڻ وٽ ڪُنريءَ جا مرچ يا ٺيڙهيءَ جي کجي مشهور آهي، جيڪا انهن شهرن ۾ نه پر آسپاس جي ٻهراڙيءَ ۾ ٿئي ٿي. موخا بندرگاهه “سلطنت عثمانيه” جي به قبضي ۾ رهيو جن جو سڀني جهازن کي سختيءَ سان چيل هو ته بحر احمر ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ وقت هر جهاز کي اڪٽ (ٽئڪس) جي ادائيگي ڪرڻي آهي. موخا ۾ يمني عربن کان علاوه ڪيترن ئي ڌارين ملڪن ۽ مذهبن جا واپاري رهيا ٿي. سترهين صديءَ ۾ رڳو يهودي واپارين جا موخا ۾ 400 گهر هئا.
افسوس جو ارڙهين صديءَ ۾ پليگ وگهي موخا شهر جي اڌ آدمشماري مري وئي. ان بعد موخا شهر وري نه اڀري سگهيو. فرينچ، ڊچ ۽ انگريز بس جيئن تيئن ڪري پنهنجا ڪافي ٺاهڻ جا ڪارخانا هلائيندا رهيا. بهرحال رحيمي جهاز واري واردات پليگ کان اڳ وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي جو مريم زمانيءَ جو جهاز موخا ۾ مال جو وڪرو ڪري پئسو کڻي پئي موٽيو ته پورچوگالين جهاز وارن کي ڌمڪي ڏني ته هيترو يا هيترو ڀتو ۽ ڪمائي آيل رقم جو ويهه سيڪڙو ڏيو نه ته توهان جي جهاز کي گرفتار ڪري دِيو (Diu) وٺي هلنداسين. انڊيا جي گوا شهر وانگر ان جي ڀرسان اولهه ڪناري تي شهر دِيو تي به پورچوگالين جو قبضو هو جتي هنن جو پورچوگالي ۽ مقامي ماڻهن جو سپاهه رهيو ٿي. بهرحال ڏينهن ٻن اندر ڏيتي ليتي مقرر ٿي جنهن جي ادائيگيءَ بعد مريم زماني جي جهاز کي ڇڏيو ويو.
ٻن سالن بعد، 1611ع ۾ مريم زمانيءَ جي هڪ ٻئي جهاز تي وري ڦڏو ٿي پيو. هن جي جهاز تي انڊيا جي بندرگاهه بايانا (Bayana) تان گُلي (نيل، Indigo) لوڊ ٿيڻي هئي. مريم زمانيءَ پنهنجي ايجنٽ کي گُليءَ جو سودو ڪرڻ لاءِ بايانا موڪليو ته ان جي رقم ادا ڪري جهاز تي چاڙهي، ان کي موخا (يمن) پهچايو وڃي. هاڻ جڏهن سڄو سودو طئي ٿي ويو ۽ مريم زماني جو جهاز پهچي ويو ته ان وقت وليم فنچ نالي هڪ انگريز واپاري اتي پهتو ۽ ڪجهه پئسا وڌيڪ ڏئي سودو پنهنجي نالي ڪري ورتو. ان تان ظاهر آهي مريم کي ڪاوڙ لڳي پر في الحال زهر جو ڍڪ پي وئي.
ان قصي کان ٻه سال پوءِ 1613ع ۾ جڏهن پورچوگالين مريم زمانيءَ جو هيفلئگ شپ يعني مهانگو ۽ اهم جهاز رحيمي (Rahimi) قبضي ۾ ڪيو ته مريم آپي مان نڪري وئي. هن ان وقت جي مغل بادشاهه جهانگير سان شڪايت ڪئي جنهن جڏهن ڏٺو ته پورچوگالي “رحيمي” جهاز نه ڏيندا ته هن پورچوگالين لاءِ سورت بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هڻي ڇڏي جيڪو ان وقت انڊيا جو سڀ کان وڏو بندرگاهه هو. ان کان علاوه پورچوگالين جي شهر دامان (Daman) کي به بند ڪرائي ڇڏيو. آگري ۾ پورچوگالين جو گرجا گهر (چرچ) هو. جهانگير ان کي به تالا لڳرائي ان جي پادرين کي مغل سلطنت طرفان قائم ٿيل الائونس روڪرائي ڇڏيو.
پورچوگالين دراصل رحيمي جهاز کي اغوا ان ڪري ڪيو جو هنن کي اها ڳالهه نه پئي وڻي ته ڪنهن ٻي يورپي قوم کي انڊيا ۾ سهولتون ملن. سو پورچوگالين جهانگير بادشاهه تي حاجين جو جهاز رحيمي واپس ڪرڻ جو اهو شرط وڌو ته هو سڀني انگريزن کي انڊيا مان ڪڍي ڇڏي. اها ڳالهه جهانگير قبول نه ڪئي، ان ڪري فيصلو نه ٿي سگهيو. 1614ع ۾ پورچوگالين جي اصلح سان ڀريل جهاز گوا ۾ بيٺل عربن ۽ انڊين جي 120 جهازن کي ساڙي ڇڏيو جن ۾ رحيمي (حاجين جو جهاز به هو) . بعد ۾ پورچوگالين کي شايد پڇتاءُ ٿيو جو هنن ان جهاز جي بدلي ۾ جهانگير کي 3 لک روپيه ڀري ڏنا جو اهو جهاز رحيمي نه فقط حاجين جو جهاز هو پر ان جي مالڪڻ “مريم زماني” وقت جي شهنشاهه جهانگير جي والده محترم ۽ وفات ڪري ويل اڪبر اعظم شهنشاهه جي لاڏلي راڻي هئي.
اجورو وٺڻ جي باوجود جهانگير پورچوگالين کي بعد ۾ لفٽ نه ڪرائي. هن پنهنجي درٻار ۽ سلطنت ۾ ڪم ڪندڙ سڀني پورچوگالين کي ڪڍي انگريزن جي مٿي تي هٿ رکيو.
هتي اسان مٿي بيان ڪيل ان تاجر (Trader) عورت “مريم زمانيءَ” جي ڳالهه ڪنداسين جيڪا شهنشاهه جهانگير جي والده هئي ۽ شاهي خاندان جي هجڻ جي باوجود واپار وڙي ۽ انتظاميه ۾ وڏي قابل عورت هئي. هوءَ نه فقط جهازن جي مالڪڻ هئي پر انهن تي چڙهندڙ ۽ لهندڙ مال جو سودو ۽ مختلف بندرگاهن ۾ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو به پاڻ ٿي ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو ٿي. يعني اهي سڀ ڪم جهاز جي مالڪ کي ئي ڪرڻا پيا ٿي. بلڪه ان کان اڳ ته جهاز هلائڻ وارا Navigators به اهي ئي هوندا جيڪي جهازن جا مالڪ ۽ مال جو سودو ڪرڻ وارا هئا. يعني شاهه لطيف جنهن وڻجاري جي ڳالهه ڪري ٿو اهو “ٿري اِن ون” هوندو هو. يعني هو جهاز جو مالڪ هو، جهاز تي چاڙهيل سامان جو به مالڪ هو ته هوائن جي رخ مطابق هو ئي جهازن کي پرڏيهه هاڪاري ويو ٿي يعني ناکئو (Navigator) به هو. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مريم زماني ان دور جي وڏي قابل عورت هوندي جنهن سوچي سمجهي مال جي خريداري ڪئي ٿي ۽ ان جي وڪري لاءِ بندرگاهن جي چونڊ ڪئي ٿي، جهاز هلائڻ لاءِ يورپي توڙي لوڪل ناکئن جي چونڊ ڪئي ٿي، جهازن جي ضرورت موجب مرمت ڪرائي ٿي ۽ مختلف بندرگاهن ۾ ٽئڪس جي ادائگي ڪئي ٿي.
هتي اهو به لکندو هلان ته شهنشاهه جهانگير جي ماءُ جو اهو نالو “مريم زماني” جيڪو اسلامي لڳي ٿو سندس “نالو” نه پر “خطاب” آهي جيڪو سندس مڙس شهنشاهه اڪبر اعظم پٽ ٻار (جهانگير) ڄڻڻ جي خوشيءَ جي موقعي تي هن کي عطا ڪيو هو. هن جو اصل نالو “جوڌا ٻائي” هو ۽ هوءَ مرڻ گهڙيءَ تائين هندو رهي. ايتري قدر جو پوڄا پاٺ لاءِ هن کي سندس مڙس اڪبر اعظم شاديءَ کان اڳ ڪيل وعدي مطابق محل ۾ ذاتي مندر ٺاهي بتن جي پوڄا ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.
اسانجو پڙهندڙ جنهن اٺين يا نائين ڪلاس ۾ “انڊو پاڪ” جي جيڪا تاريخ پڙهي آهي - يا پڙهائي وئي آهي، ان ۾ ڏنل مغل بادشاهن مان هر هڪ تي اڌ اڌ صفحي جي ڪهاڻيءَ ۾ هر بادشاهه لاءِ فقط اهو ئي آهي ته هي مغل بادشاهه به نيڪ نمازي ۽ تهجد گذار هو ته هو بادشاهه به ديندار ۽ نيڪ هو. هي بادشاهه به انصاف پسند ۽ فقير طبيعت جو هو ته هو بادشاهه به هٿ جي پورهئي سان ٽوپين تي ڀرت ڪري گذر سفر ڪندو هو... سي شاگرد وڏا ٿي جڏهن ان قسم جي ڳالهه دنيا جي تاريخن ۾ پڙهن ٿا ته اڪبر جهڙي کي قرآن شريف پڙهڻ ته ڇا پنهنجو نالو “اڪبر” به پڙهڻ نٿي آيو، جن مغل بادشاهن جو سڄو زور حرم وڌائڻ تي هو ۽ جيڪي همايون کان جهانگير ۽ هيٺ تائين ڪچي شراب ۽ ڀنگ ۽ چرس ۾ غرق رهيا ٿي - جن حڪومتون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀائرن ۽ چاچن کي به قتل ڪري ٿي ڇڏيو يا اکيون ڪڍرائي ٿي ڇڏيون، جن پنهنجي والد محترم کي به جيل ۾ اڇلائي ٿي ڇڏيو... اهي ڳالهيون پڙهي هو وائڙا ٿيو وڃن. انهن پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته ان وقت جي بادشاهن لاءِ ته اهي عام ڳالهيون هيون. ان جي باوجود هو اسان جا مسلمان ڀائر ٿي سمجهيا ويا. وڏا ديندار ۽ نيڪ سمجهيا ويا ٿي جو طاقت هنن جي هٿ ۾ هئي. عوام هنن جو محتاج هو. جيئن اڄ اسان جي مسلمان حاڪمن ۾ ڪيترا شراب، شباب ۽ رشوت خوري جا پوڄاري آهن. بقول ملائيشيا جي هڪ سياستدان - شايد مهاتير - خوب چيو ته پاڪستاني حاڪم ۽ ڪامورا رڳو حلال کاڌو کائڻ کي مسلماني سمجهن ٿا، حلال رزق حاصل ڪرڻ جو فڪر نه اٿن. مغل بادشاهن جو به اهو حال هو. اسلامي ڪم ڪو به نه پر هر هڪ پاڻ کي سڀ کان وڏو مسلمان سڏيو ٿي. مثال طور اسلام ۾ وڌ ۾ وڌ چئن شادين جي اجازت آهي پر هتي توهان کي ڪيترن ئي مسلمان بادشاهن جي زالن جي ڊگهي لسٽ ملندي جن مان درٻار جي پگهاردار مولوين حرم جي انهن عورتن کي ڪنيزائون ۽ ٻانهيون سڏي پنهنجي حاڪم بادشاهه سلامت کي تحفظ ۽ مذهبي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي.
مغل بادشاهه جهانگير جي نه فقط والده مريم زماني (اصل نالو جوڌا ٻائي) هندو هئي پر پاڻ به جتي ٻه ڊزن کن مسلمان عورتن سان آفيشلي شادي ڪيائين اتي گهٽ ۾ گهٽ ست زالون ته هندو ڌرم جون هيون جن جا نالا تاريخ ۾ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. (سرتين، ٻانهين جو ته ڪاٿو ئي نه هو). جهانگير بادشاهه 1569ع ۾ ڄائو (يعني شاهه لطيف کان پورا 120 سال اڳ) ۽ هن سورهن سالن جي ڄمار ۾ يعني 1585ع ۾ جيڪا پهرين شادي ڪئي اها سندس مامي ڀڳونت داس (جوڌا ٻائي جي ڀاءَ) جي ڌيءَ “راجڪماري مَان ٻائي” سان ڪئي، جنهن مان کيس “خسرو مرزا” ڄائو. هڪ سال بعد 1586ع ۾ هن ٻي شادي پڻ هڪ راجپوت شهزادي “جڳت گوسين بيگم” سان ڪئي جيڪا “تاج بيبي بلقيس” جي نالي سان مشهور ٿي. شهزادو خرم (شاهجهان) جيڪو جهانگير بعد تخت تي ويٺو هن هندو زال مان هو. هوءَ مارواڙ جي “راجا اُڌئي سنگهه” جي ڌيءَ هئي. ان ئي سال، يعني 1586ع ۾ شهنشاهه جهانگير بڪانير جي مهاراجا “راجا راءِ سنگهه” جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ ٻئي سال 1587ع ۾ هن جيسلمير جي مهاراجا جي ڌيءُ “ملڪ جهان بيگم” سان شادي ڪئي. ان بعد ٻئي سال 1988ع ۾ هن “راجا دريا ملڀاس” جي ڌيءَ سان شادي ڪئي جيڪا ڪا اهڙي اهم راڻي نٿي لڳي جو هن جي نالي جي خبر نٿي پوي. 1591ع ۾ جهانگير راجا ڪشوداس راٺوڙ جي ڌيءَ “ڪرم ناسي بيگم” سان شادي ڪئي ۽ 1608ع ۾ امبر جي راجا جڳت سنگهه جي ڌيءَ “ڪوڪا ڪماري بيگم” سان شادي ڪئي. انهن شادين جي وچ ۾ ۽ بعد ۾، هن ڪيترين ئي مسلمان عورتن سان پڻ شادي ڪئي، پر هتي آئون سندس فقط هندو زالون ان ڪري لکي رهيو آهيان ته پڙهندڙن کي Idea ٿئي ته ان دور جي مسلمان بادشاهن ۾ ڪنهن ڌارئين مذهب مان شادي ڪرڻ يا چئن کان وڌيڪ زالون رکڻ ڪا عيب جهڙي ڳالهه ئي نه هئي. وقت جي مولوين، يعني درٻاري پگهاردار مولوين پنهنجي حاڪمن جي هر ڳالهه کي عين اسلامي قرار ٿي ڏنو. توهان جي بالي ووڊ جي فلم “جوڌا اڪبر” ڏٺي هوندي (جنهن ۾ ايشوريا راءِ جوڌا ٻائي ٿي آهي) ته ان فلم ۾ شهنشاهه اڪبر جي شوق کي ڏسي درٻار جو مولوي اڪبر جي ان ڪم يعني هندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ کي گهمائي ڦيرائي اهڙي فتوا ٿو ڏئي جو هو نه فقط ان شاديءَ کي عين ثواب ٿو ثابت ڪري پر جوڌا ٻائيءَ جي ان ضد کي ته هوءَ هندو ئي رهندي ۽ گهر ۾ مندر ٺاهي بتن جي پوڄا کي قائم رکندي، واري ڳالهه تي به مولوي صاحب اعتراض نٿو ڪري. ظاهر آهي هن کي بادشاهه سلامت طرفان پگهار ٿي مليو. ان معاملي ۾ هڪ ٻيو مولوي ٿوري اڙي ٿو هڻي ته اڪبر هن کي يڪدم چوي ٿو ته تون هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهين. تنهنجو دماغ ڪم نٿو ڪري. مهرباني ڪري مَڪي هليو وڃ .... يعني درٻار جي نوڪريءَ جي پچر ڇڏ.
بهرحال پاڻ شهنشاهه جهانگير جي والده مريم زماني (جوڌا ٻائي) تاجر - اسان جهاز وارن جي زبان ۾ “شپنگ مئگنيٽ” جي ڳالهه پئي ڪئي، جيڪا منهنجي نظرن ۾ پنهنجي فيلڊ ۾ هڪ بيحد قابل عورت چئي سگهون ٿا - جنهن نه فقط ٻين راڻين کان وڌيڪ پاڻ وڻايو ۽ شهنشاهه اڪبر جي فئوريٽ زال ٿي رهي .... پر عورت ٿي ڪري شپنگ جهڙو پيچيدو ۽ ڏکيو ڪاروبار به سنڀاليو.
مريم زماني 1542ع ۾ ڄائي. هوءَ امبر جي راجا ڀارمل ۽ سندس زال راڻي چمپاوتيءَ جي ڌيءَ هئي. سندس ڄمڻ وقت ڪهڙو نالو هو ان جي لکت ۾ ڪا معلومات ناهي. هوءَ مختلف نالن سان سڏي وئي ٿي جيئن ته هِيرا ڪنواري، هرکا ٻائي ۽ خاص ڪري جوڌا ٻائي جي نالي سان.
جيئن پهرين لکي آيو آهيان ته هوءَ مرڻ گهڙيءَ تائين هندو ئي رهي. “مريم زماني” سندس نالو نه پر لقب آهي جنهن سان هوءَ تاريخ جي ڪتابن ۽ مختلف Chronicles ۾ سڏي وئي آهي.... ويندي جهانگير جي آتم ڪٿا “تزڪ جهانگيري” ۾ به سندس اهو نالو “مريم زماني” آيو آهي. پر ماڊرن دور ۾ هوءَ جوڌا ٻائي نالي سان وڌيڪ مشهور رهي. هاڻ ته بالي ووڊ جي فلم “جوڌا اڪبر” بعد ته نه فقط پاڻ پر ايشوريا راءِ به جوڌا ٻائي سڏجڻ لڳي آهي جنهن هن فلم ۾ “جوڌا ٻائيءَ” جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
چون ٿا ته 1562ع ۾ اڪبر بادشاهه اجمير ۾ حضرت معين الدين چشتي جي مزار تي حاضري ڀري آگري وڃي رهيو هو ته رستي تي سمڀار (راجستان) ۾ هن جي هيءَ شادي ٿي. شهنشاهه اڪبر لاءِ مشهور آهي ته هن ڪيترين ئي راجپوت ڇوڪرين سان شادي ڪئي ۽ نه فقط جوڌا ٻائي (مريم زمانيءَ) کي پر ٻين کي به مسلمان ٿيڻ تي زور نه ڀريو ۽ هو پنهنجي ڌرم جون سموريون ريتون رسمون محل ۾ ادا ڪنديون رهيون.... بلڪه ڪيترا دفعا اڪبر بادشاهه پاڻ به انهن رسمن ۾ شريڪ ٿيو ٿي. ساڳي وقت هن راجپوت راڻين (زالن) جي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته هنن مان ڪنهن به درٻار جي ڪمن ۾ دخل اندازي نه ڪئي. هو ٻيا شوق - گهمڻ ڦرڻ يا سير شڪار کان ويندي شپنگ جهڙا ڌنڌا ۽ واپار ضرور ڪنديون رهيون.
1623ع ۾ مريم زماني، يعني جوڌا ٻائي جي وفات ٿي. سندس مقبرو آگري جي علائقي سڪندريا ۾ آهي، جيڪو سندس پٽ جهانگير ٺهرايو. جهانگير سندس نالي سان لاهور ۾ “مسجد مريم زماني بيگم صاحبه” پڻ ٺهرائي. هيءَ مسجد لاهور جي پراڻي علائقي ۾ مستي گيٽ اندر آهي. هيءَ مسجد 1611ع کان 1614ع تائين ٺهي راس ٿي هئي يعني هي اهي سال آهن جن ۾ حاجين جي جهاز رحيميءَ وارو واقعو ٿيو هو. هن مسجد جي ڪجهه حصي ۾ مهاراجا رنجيت سنگهه پنهنجي دورِ حڪومت ۾ بارود (Gun powder) جي فئڪٽري به ٺاهي هئي. ان ڪري هيءَ مسجد “بندوقخاني واري مسجد” به سڏجي ٿي.
جوڌاٻائي- يعني مريم زماني 2008ع جي فلم “جوڌا اڪبر” ۾ مشهور ٿي پر ان کان اڳ 1960ع جي فلم “مغل اعظم” ۾ به ڏيکاري وئي آهي جنهن ۾ سندس رول فلم ائڪٽريس درگا کوٽي انجام ڏنو آهي. هينئر تازو اسٽار انڊين ٽي وي تان ايڪتا ڪپور جو تاريخي ڊراما سيريز هلي رهيو آهي جنهن ۾ جوڌا ٻائيءَ جو پارٽ ٽي وي ائڪٽريس پاريڌي شرما ڪري رهي آهي.

الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

1. اناميڪا
2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
3. پيار جي گُهٽَ
4. وايون وڻجارن جون
5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
6. دنيا آهي ڪاڪ محل
7. سمونڊ جن ساڻيهه
8. بندر بازاريون
9. سمونڊ جي سيوين
10. سي جوڀن ڏينهن
11. بندر ديسان ديس
12. خبرون کيڙائن جون
13. ڪويت ڪنارا
14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس
15. جاني ته جهاز ۾
16. جپان جن جي جيءَ ۾
17. ڳالهيون تنهن جپان جون
18. خدا ڏي خط
19. جپان رس
20. سانڀاهو سمونڊ جو
21. موج نه سهي مَڪڙي
22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
23. بهترين سفرناما
24. لنڊن تائين لفٽ
25. ٻارن جون آکاڻيون
26. ٽوڪيو جي گيشا گرل
27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين
28. سنگاپور ويندي ويندي
29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
31. دُنگيءَ منجهه درياهه
32. ڏاهي جهرڪي
33. جت جر وهي ٿو جال
34. يادن جي انڊلٺ
35. ڳالهيون آهن ڳچ
36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ
37. Proverbs Of Far East
38. اوهريا جي عميق ڏي
39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
40. ملير کان مالمو
41. جت برف پئي ٿي جام
42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
43. ارائونڊ دي ورلڊ
44. رٺي آهي گهوٽ سان
45. يورپ جا ڏينهن راتيون
46. اي روڊ ٽو مدينا
47. هيلسنڪي جي حسينا
48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري
49. آل ابائوٽ سنگاپور
50. ملائيشيا منهنجي من ۾
51. ڀلي ڀار تان ڀيرو
52. هي ٻيٽ هي ڪنارا
53. بوتلن جو سفر
54. سوزيءَ سان پيار
55. جل پريون
56. ملائيشيا 12 سالن بعد
57. تيستائين گڊ باءِ
58. جپان پنجويهه ورهين بعد
59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
60. دهليءَ جو درشن
61. نيو هالا کان نيويارڪ
62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
63. ايران ڏي اُڏام
64. چنڊ چوانءِ سچ
65. هلي ڏسجي هندستان
66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
67. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر
69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
71. مونکي موهيو ملائيشيا
72. وٺو وڏ ڦڙو
73. نه سي سڙه سُکان
74. بنارس کان برمودا
75. برونائيءَ کان برازيل
76. گهاتو گهر نه آيا
77. جل پريءَ جي جيون ڪٿا
78. ڪئمپس جا ڏينهڙا
79. تاريخ جو سفر
80. جيءَ اندر جهاتي
81. واٽ ويندي...
82. ڳوٺ جروار کان جپان
83. جي وڃين تون جپان
84. وري ياد آيا
85. آرڪٽڪ سرڪل جي آسپاس
86. دنيا رنگ رنگيلي
87. جهونا ٿيا جهازUnder Print
88. پهتا اُت پانڌيئڙا
89. چين ڪيو بي چين Under Print
90. جپان جپان آهي
91. زئنزيبار … جهنگٻار Under Print

اردو میں

92. سمندر کے دن
93. ملائیشیا کے دن
94. یورپ کے دن
95. کراچی سے کوپن ہیگن
96. ایران کے دن
97. گيشائون کے ديس مين
98. جہاز چلانے کے دن
99. جپان کے دن
100. کنارے کے دن
101. میں چلا ممباسا
102. چلو چلیں ہندوستان
103. ملائیشیا نے مجھے موھ ليا