تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نئين سنڌ جو سفر

نظرياتي سياست سان سالن جو ڳانڍاپو هئڻ ڪري علي حسن چانڊيي کي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. ھي ڪتاب علي حسن چانڊيي جي  لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي. ھنن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، سازشن، سنڌ جي سياسي مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪمت عملين ۽ عملي طريقن جو تفصيل ڏنو ويو آھي. ڪتاب ۾ شامل گهڻا ڪالم سنڌ جي موجودہ سياسي توڙي سماجي صورتحال جو عڪس آهن جيڪي علي حسن پنھنجي سوچ ۽ فڪر جي آڌار تي سڌن ۽ سادن لفظن ۾ ڪاغذ تي چٽيا آهن. هن پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر گهڻين جاين تي جدوجھد جو گس پڻ ٻڌايو آهي. ھن دور ۾ سندس ھي ڪالم سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جو ڪارج ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ نئون اتساھہ پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا. 

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book نئين سنڌ جو سفر

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ
ڪتاب نمبر 289

پهريون ڇاپو: 2011ع
ڪتاب جو نالو : نئين سنڌ جو سفر
ليکڪ: علي حسن چانڊيو
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
قيمت : 250/= رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

“NAEEN SINDH JO SAFAR”
(Columns)
By: Ali Hassan Chandio
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
Karachi-74400 Phone:021-32737290
www.sindhica.org
Email:sindhica_academy@yahoo.com

اسٽاڪسٽ
سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
سنڌيڪا بوڪ شاپ، روم نمبر1، مهراڻ هوٽل، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻوفون: 03468960942
العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-3431115
ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ- ممتاز ڪتاب گهر دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو


لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ

سنڌيڪا اڪيڊمي
B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
ڪراچي74400

ارپنا

ذلتن جي ماريل ماڻهن جي نانءِ،
جن لاءِ آزادي ضروري آهي

- علي حسن چانڊيو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري قومپرست سياستدان ۽ ليکڪ علي حسن چانڊيي جو لکيل ڪتاب ”نئين سنڌ جو سفر“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
نظرياتي سياست سان سالن جو ڳانڍاپو هئڻ ڪري علي حسن چانڊيي کي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. ھي ڪتاب علي حسن چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آھي. ھنن ڪالمن ۽ مضمونن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، سازشن، سنڌ جي سياسي مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪمت عملين ۽ عملي طريقن جو تفصيل ڏنو ويو آھي. ڪتاب ۾ شامل گهڻا ڪالم سنڌ جي موجودہ سياسي توڙي سماجي صورتحال جو عڪس آهن جيڪي علي حسن پنھنجي سوچ ۽ فڪر جي آڌار تي سڌن ۽ سادن لفظن ۾ ڪاغذ تي چٽيا آهن. هن پنھنجي ڪالمن ۾ نہ رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر گهڻين جاين تي جدوجھد جو گس پڻ ٻڌايو آهي. ھن دور ۾ سندس ھي ڪالم سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد جو ڪارج ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ نئون اتساھہ پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا.

ھي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نئين سنڌ لاءِ علي حسن چانڊيي جو سياسي سفر

علي حسن سان منهنجي ملاقات ايم آر ڊي جي ڏينهن ۾ سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ 1983-84ع ۾ ٿي. 20 سالن جو نوجوان هو. ساول ئي اڃا هاڻي آئي هئس. انهن ڏينهن ۾ اسان جيل ۾ سنڌي ادبي سنگت جيل برانچ جو بنياد وڌو هو، جنهن جا ڪلاس منهنجي کوليءَ ۾ ٿيندا هئا. علي حسن انهن گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيندو هو. طبيعت ۾ خاموش هو، ممڪن آهي ته کوليءَ کان ٻاهر سندس سرگرميون ۽ سياسي گفتار ٻي هجي، مون هن کي گهٽ ڳالهائو نوجوان ڏٺو. هائو! هن ۾ هڪ لڪل ٽئلنٽ هو، ايم آرڊي دوران جڏهن اسان جيل ۾ ڊرامو ”باهيون بيراڳين جون“ اسٽيج ڪيو ته علي حسن ان ڊرامي ۾ هڪ سپاهيءَ جو ڪردار ادا ڪيو. اهو ڊرامو تمام ڪامياب ٿيو هو. هڪ تمام وڏي بيرڪ ۾ 500 کان وڌيڪ قيدين اهو سياسي ڊرامو ڏٺو، جنهن ۾ سمورا اداڪار سياسي قيدي هئا. اهو ڊرامو منهنجي هڪ ڪهاڻي ”ٻُوساٽ“ تي ٻڌل هو جنهن جي ڊرامائي تشڪيل ۾ شبير شر منهنجي وڏي مدد ڪئي هئي. شبير شر ئي ان ڊرامي لاءِ سياسي قيدين مان ٽئلنٽ ڳولي ڪردارن جي چونڊ ڪئي، انهن کي اداڪاريءَ جي تربيت ڏني، ۽ خوب ريهرسل ڪرائي هئي.
ان کان پوءِ جڏهن جيل جون ڪاريون راتيون ختم ٿيون ته آئون پنهنجي ادبي ۽ صحافتي دنيا ڏانهن هليو ويس ۽ علي حسن پنهنجي سياسي دنيا ڏانهن هليو ويو! هن دور جي سياسي دنيا ۾ رهڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. اها ڏکي واٽ آهي، جنهن تي هلڻ وارو سر جو سانگو لاهي هلي ٿو. ”ابو غريب“ رڳو آمريڪا وارن ڪونه ٺاهيا، اهي اسان جي ملڪ ۾ به آهن. اسان کوڙ نوجوان ڏٺا جيڪي هن واٽ ۾، اونداهين راتين ۾ بگهڙن جو کاڄ ٿيا. ڪن ڦاهيون کاڌيون، ڪن ڦُٽڪا، ڪن موتمار ٽارچر ڪيپمون ڏٺيون، ڪن گوليون کاڌيون، ڪن قيد! ڪنهن جي گهريلو زندگي اجاڙ ٿي وئي، ته ڪنهن جي جمع پونجي! انهن سڀني جانثارن لاءِ وڏو احترام اٿم!
پاڪستان ۾ سياست جو سفر 1983ع ۽ 1986ع کان اڳتي هليو ته ان ۾ بندوق شامل ٿي وئي. هر ماڻهوءَ جي پنهنجي طبيعت آهي، آئون انهن ماڻهن کان پري رهندو آهيان، جن جي هٿن ۾ بندوق هجي! ڀلي ته کڻي هُو تترن جو شڪاري هجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي سڄي ملڪ ۾ بارود ۽ بندوقن جي وڏي پوک نسري چڪي آهي، ۽ ملڪ ۾ ايتريون بندوقون ۽ گوليون آهن، جيترا انسان به نه آهن. شايد هاڻي اسان جي سياسي اڳواڻن کي سڀ کان پهرين ان سوال تي ڪم ڪرڻو پوندو ته ملڪ مان بندوق جو ڪلچر ڪهڙيءَ طرح ٻُڙي سطح تي آڻجي! مڃون ٿا ته ظالم جي هٿ ۾ بندوق کان به ڳرا هٿيار آهن، پر ڇا مظلوم طبقو بندوق جو جواب بندوق سان ڏيندو؟ يا ڏيئي سگهندو؟ آئون سمجهان ٿو، هرگز نه! اسان جو رستو پُر امن ئي ٿي سگهي ٿو. عوام جو رستو پُر امن ئي هوندو آهي. ها! جڏهن وقت ايندو آهي ته اندر جو لاوا پاڻ ئي ڦاٽندو آهي، ۽ پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي، جيئن هر هنڌ ٿئي ٿو. خير!
علي حسن چانڊيو 22 جنوري 1963ع تي جنم ورتو، هي ايوب خان جي مارشل لا جا اهي سخت ڏينهن هئا جڏهن، آمريت جا چنبا پاڪستاني انسانن جي جسم ۾ پوريءَ طرح اندر تائين لٿل هئا. هر ڪنهن جو ساهه سُڪل هو، سياست سرڪاري وڏيرن جي پاڇي ۾ اوطاقن تائين محدود هئي. ٻيو ته ٺهيو مادرِ ملت به فوجي حاڪم جنرل ايوب خان جي آڏو بي وس هئي. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر هوندي ته وقت جو وڏو ڌاڙيل ٽوهه چانڊيو علي حسن چانڊيي جو سڳو چاچو هو. ٽوهه مفرور ڏوهاري قرار ڏنل هو، پوليس وارن ٽوهه جي بدلي ۾ سندس ڀاءُ علي شير چانڊيي (علي حسن جي پيءُ) کي يرغمال ڪري قيد رکيو هو. هنن جو اصل ڳوٺ نانگا چانڊيو آهي، اهو ڳوٺ نواب شاهه کان اتر ۾ ريلوي لائين سان 36 ڪلوميٽر پري دوڙ ۽ ٻانڌيءَ جي وچ ۾ آهي. اهي زمينون مِيرن جون هيون ۽ چانڊيا انهن جا هاري هئا. وقت وقت جي ڳالهه! علي شير چانڊيو پنج درجا پڙهيل هاري هو.
ٽوهه چانڊيو مفرور حالت ۾ اڪثر درياهه پار سن شهر ويجهو ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ رهندو هو. تڏهن اتي ستابو شاهه پاٿاريدار هو. اهو 1963ع جو ئي سال هو جڏهن ٽوهه چانڊيو مارجي ويو، پر اهو چوٻول به هليو ته ٽوهه کي نشو پياري مدهوش ڪيو ويو ۽ پوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن پوليس مقابلو ڏيکاري ٽوهه کي ماريو آهي!
ڌاڙيلن ۽ پوليس جي هن دنيا ۾ پريشان علي شير جي زال قاضي احمد ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ مائٽن وٽ پناهه ورتي هئي، اتي ئي علي حسن ڄائو. ٽوهه جي مارجڻ کان پوءِ علي شير آزاد ٿيو ۽ ڳوٺ نانگا چانڊيو ڇڏي ڪٽنب وٺي اچي دوڙ شهر ۾ رهيو، جتي علي حسن پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين پڙهيو. پوءِ، سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان انٽر آرٽس ڪيائين. غربت کيس آرٽس طرف وٺي وئي هئي. اڳتي هلي ان غربت کائنس مزدوري به ڪرائي. غربت جي صورتحال ان وقت اڃا به ڳنڀير ٿي وئي جڏهن سندس والد رندن ۽ چانڊين جي وچ ۾ زمين جي تڪرار تان زندگي وڃائي ويٺو. علي شير پنهنجي ننڍڙي راڄ جو چڱو مڙس هو. انڪري رندن هٿان ٽارگيٽ ٿيو. جهيڙو برادرين جو، قتل علي شير ٿيو! اهي 1976ع جا ڏينهن هئا ۽ ڀٽي صاحب جي عوامي حڪومت لوڏن ۾ هئي. والد جو قتل هن ڪٽنب لاءِ غربت جي شروعات ثابت ٿيو. والده اڻپڙهيل هئي پر روزگار لاءِ سڀڪجهه ڪرڻو پوي ٿو. هن هر قسم جو پورهيو ڪيو: ڪڻڪ جا لابارا، ڦُٽين جو چونڊو، رليون سبڻ، ڀرت ڀرڻ وغيرهه. ٻه وڏا ڀائر مزدوري ڪندا هئا. خود علي حسن به پورهيو ڪيو. ڪاٽن فيڪٽريءَ ۾ بار ڍويائين، رازن سان مدد ۾ بيٺو،’ساسو‘ ۽ مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيائين، ۽ ڪاٽن فيڪٽريءَ ۾ گودام ڪيپر ٿي رهيو. پر سڀني مائٽن جو زور هو ته علي حسن پڙهائي جاري رکي.
هن 1978ع ۾ ميٽرڪ ڪئي. هاڻي ضياءُ الحق جي مارشل لا شروع ٿي چڪي هئي، ڀُٽي صاحب جي حڪومت ڊهي چڪي هئي، ڀُٽو گرفتار هو ۽ ڀٽي صاحب جي حق ۾ عوامي ڪاوڙ جو مظاهرو ٿي رهيو هو. علي حسن ڪاليج جي ان جوش ڀريي ماحول ۾ هوريان هوريان تحريڪ جو حصو ٿيڻ لڳو. کيس سياست ۾ ان وقت جي شاگرد تنظيم SNSF اتساهه ڏنو، ان وقت ڪاليج ۾ صفت رند SNSF جو اڳواڻ ۽ تمام باڪردار شخص هو. انڪري علي حسن اڳتي هلي پوريءَ طرح SNSF ۾ شامل ٿي ويو.
چوٿين اپريل 1979ع تي ڀُٽي صاحب کي ڦاسي اچي وئي. عوامي رد عمل ۾ نواب شاهه ۾ نوجوانن هڪ جلوس ڪڍيو ۽ هڪ سرڪاري بس کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. ان الزام ۾ علي حسن به گرفتار ٿيو. اهو رڳو الزام ڪونه هو، پر علي حسن ان واقعي ۾ شامل هو. ان ڪيس ۾ سوڍل رند کي هڪ سال سزا آئي. ٻيا نوجوان مصطفيٰ ڪورائي (جيڪو پوءِ شهيد ڀٽو گروپ سنڌ جي شاگرد وِنگ جو صدر ٿيو)، هڪ نوجوان عارف ۽ ٻيو بروهي هو. بس ساڙڻ واري واقعي ۾ علي حسن 15 ڏينهن ٿاڻي ۾ پوليس جي مار کائيندو رهيو پر ڏوهه نه باسيائين.
ان واقعي کان پوءِ سندس شاگرد سياست باقاعدي شروع ٿي وئي. 9ـ آگسٽ 1980ع تي نذير عباسي ٽارچر ڪيمپ ۾ شهيد ٿيو ته ان جي رد عمل ۾ نوابشاهه ۾ هڙتال۽ اسڪول بند ڪرايائين، ۽ وري 12ـ14 ڏينهن لاءِ ٿاڻي تي پهچي ويو. نذير سان سندس فقط هڪ مختصر ملاقات هئي، سا به نذير جي شهادت کان ٿورا ڏينهن اڳ. نذير عباسيءَ کان پوءِ هو امداد چانڊيي کان متاثر ٿيو هو. هي 1981ع جو دور هو، امداد تيSNSF جو بار هو جيڪا هاڻي DSF ٿي چڪي هئي. امداد چانڊيو ۽ سندس ويجها ساٿي محمد خان سولنگي ۽ شير محمد مڱريو جيڪي اڪثر روپوش هوندا هئا، اهي به 2 يا 3 اپريل تي حيدرآباد مان گرفتار ٿي ويا. هنن وٽان چوٿين اپريل جي حوالي سان مارشل لا جي خلاف پمفليٽ پڪڙيا ويا هئا. کين ست ست سال ۽ ڏهه ڏهه ڦٽڪا سزا ٻڌائي وئي. سندن غير موجودگيءَ ۾ علي حسن تي DSF جون ڪي ذميواريون اچي ويون، ۽ هو وڌيڪ سرگرم ٿي ويو.
ڄام ساقي ۽ نذير عباسيءَ کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سنڀال جي ذميواري مير ٿيٻي تي هئي، علي حسن کي اتان ئي رهنمائي ملندي هئي. علي حسن هاڻي DSF سنڌ جو صدر هو.
1983ع ۾ ايم آر ڊي شروع ٿي ته DSF ان ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌ ۾ جتي جتي به DSF جا پاڪيٽ هئا، انهن کي جمهوري تحريڪ جو حصو بڻايائين. ان وقت سندس ساٿين ۾ ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش، ڊاڪٽر طالب لاشاري، اظهر عباس (هاڻي مشهور صحافي)، ڊاڪٽر حميد سومرو، معشوق ملاح، اقبال ملاح، منظور ٿهيم ۽ ٻيا کوڙ نوجوان هئا. ان ئي موقعي تي هن جو پارٽيءَ سان پهريون اختلافي موقف سامهون آيو ڇو ته پارٽيءَ تحريڪ ۾ گرفتاريون ڏيڻ کان پاسو پئي ڪيو. پارٽيءَ جو موقف هو ته گرفتاريون ڏيئي اندر وڃڻ ڪا بهادري يا بهتر حڪمت عملي نه آهي، پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي گهرجي ته اهي پاڻ کي گرفتارين کان بچائي، تحريڪ کي صحيح رخ ۾ موڙين، ۽ عوام ۾ رهي عوام جي رهنمائي ڪن. پر علي حسن سيپٽمبر 1983ع ۾ هڪ ڏينهن حيدرآباد جي سول اسپتال وٽان نڪتل هڪ جلوس مان پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيو. ان ئي رات کيس سينٽرل جيل اماڻيو ويو. ٻئي ڏينهن تي صبح سوير کيس سرسري سماعت واري فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
فوجي عدالت ۾ پڇيو ويو ته هن ڪهڙا نعرا پئي هنيا؟ عدالت کي ٻڌايو ويو ته هن ”ضيا تي لعنت، مارشل لا مرده باد ۽ جمهوريت زنده باد“ جا نعرا هنيا هئا. ميجر صاحب جڏهن علي حسن ڏانهن ڏٺو ته کيس سندس ننڍي عمر تي ترس آيو. کيس چيائين، ”جيڪڏهن تو ايئن چيو آهي ته ان جي سزا ملندءِ، پر جيڪڏهن انڪار ڪرين ته ڇڏي ڏيانءِ!“ پر، علي حسن انڪار نه ڪيو، چيائين،”انڪار نه ڪندس، مون ايئن چيو آهي!“ ميجر صاحب کيس واپس جيل اماڻي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن اخبار مان پتو پيو ته کيس هڪ سال سزا ڏني وئي آهي. حيدرآباد جيل ۾ هو سرويچ سجاولي، پير مظهرالحق ۽ مولا بخش چانڊيي وارن سان گڏ هو. هُو ڇهه مهينا حيدرآباد جيل ۾ هو، پويان ڇهه مهينا کيس ڪراچي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو، جتي هن جي ملاقات پروفيسر جمال نقوي، بدر ابڙي، سهيل سانگي، ڪمال وارثي، شبير شر، رفيق صفي، قاضي محمد بخش ڌامراهه، ممتاز ڀٽي، فتحياب علي خان سميت ڪراچي ۽ لاڙ جي علائقي مان گرفتار ٿيل بيشمار سياسي قيدين سان ٿي. اتي سندس سياسي تربيت ٿي ۽ سنڌي ادبي سنگت جيل برانچ جي تنقيدي ڪلاسن ۾ به شريڪ ٿيو.
ڪراچي جيل ۾ علي حسن کي سائي ۽ بُڪيءَ جي تڪليف ٿي ته کيس مهينو کن سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. اتي هڪ ڪامريڊ ڇوڪريءَ ’نازنين‘ سان سندس ويجهڙائي ڏسڻ ۾ آئي. هوءَ وٽس مختلف سياسي ادبي ڪتاب ۽ روسي ناول کڻي ايندي هئي. هوءَ ٽريڊ يونين ورڪر عبدالغفار جي ڌيءَ هئي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جيڪو لڳ ڀڳ سڄي عمر روپوش رهيو، اڪثر ان ڪٽنب وٽ اچي رهندو هو (اها ڳالهه علي حسن ٻڌائي) انهن جي رهائش لياقت آباد، عزيز آباد ۽ الڪرم اسڪوائر ۾ رهي.
علي حسن جيل ۾ ئي هو ته سندس مائٽن، هنجو مڱڻو ڪرائي ڇڏيو، علي حسن انڪار ڪيو ڇاڪاڻ ته بقول سندس ”هوءَ بلڪل اڻپڙهيل هئي“. اها مـڱڻي جلد ئي ٽٽي وئي، ڇو ته علي حسن جي دل ڪنهن ٻئي جاءِ تي اٽڪي چڪي هئي. هن 1987ع ۾ نازنين سان شادي ڪئي. شاديءَ واري رات لياقت آباد ۾ شيلنگ ٿي رهي هئي. اها ايم ڪيو ايم جي ابتدا هئي. ان وقت مهاجر، پنجابي ۽ پٺاڻن جي وچ ۾ شديد ٽڪراءُ ٿيو هو. ۽ ايم ڪيو ايم سڄي شهر ۾ منظم ٿي رهي هئي. هاڻي ٽي پٽ اٿس، جنهن مان هڪ لنڊن ۾ پڙهي رهيو آهي، ٻيا بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ سي. اي ڪري رهيا آهن.
1983ع ۾ مليل سزا کان پوءِ هو واپس سنڌ يونيورسٽي پهتو ته اتي سيمسٽر سسٽم جي بحاليءَ لاءِ شاگرد تنظيمن جي جدوجهد هلي رهي هئي. علي حسن کي گڏيل ايڪشن ڪميٽي جو اڳواڻ ڪيو ويو. ٻه مهينا لڳاتار دڙڪن دهمانن مان گذريو، نيٺ سيمسٽر سسٽم بحال ٿيو.
1986ع ۾ ايم آر ڊي جو ٻيو مرحلو شروع ٿيو ته هو وري هر هنڌ سرگرم نظر آيو. دوڙ ۾ هزارين ماڻهن جلوس ڪڍيو. جلوس جڏهن شهر ۾ داخل ٿيو ته پوليس ۽ مظاهرين جي وچ ۾ ٽڪراءُ ۽ فائرنگ ٿي. وڏي ڀڃ ڊاهه ٿي ۽ ريلوي اسٽيشن تي حملو ٿيو. ان واقعي ۾ پيپلز پارٽيءَ جو شير زرداري شهيد ٿي پيو. ان رات اها خبر بي بي سي به ڏني هئي ته دوڙ ريلوي اسٽيشن تي حملو ٿيو آهي، ٽڪراءُ ٿيو آهي ۽ ماڻهو مارجي ويو آهي. ان ڪيس ۾ 40 ڄڻا گرفتار ٿيا، چالان ٿيا ۽ ضمانتن تي آزاد ٿيا. ان ڪيس ۾ علي حسن به ملوث ڪيو ويو. اهو ڪيس ۽ تاريخون ان وقت تائين هلنديون رهيون جيستائين 1988ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت نه آئي. پوءِ ڪيس ختم ٿيو.
1988ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ اندروني طور شديد اختلاف ٿيا. آئون اختلافن جي اصل بنيادن کان واقف نه آهيان، شايد ايئن به هو ته سنڌ مان اڀريل قيادت ۽ ڪيڊر کي بي آواز ڪيو ويو هو ۽ هاڻي قيادت پختونن وٽ هئي، جنهن سنڌي نوجوانن جي سوچ کي مطمئن نه پئي ڪيو. ان موقعي تي علي حسن به ٻين وانگر اعتراض اٿاريو ته پارٽي قومي سوال تي واضح نه آهي. سندس دليل هو ته ڪميونسٽ پارٽي سائين جي ايم سيد جي سربراهيءَ ۾ ٺهيل ”سنڌ قومي اتحاد“ ۾ ميمبر ته ٿي، پر بهارين جي سوال تي پوئتي هٽي وئي.
سنڌي نوجوان ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ اندروني تضادن سبب سخت مونجهاري جو شڪار ٿي ويو هو. ايئن علي حسن به حيران هو. سياسي ڪارڪن کي عوام سان رابطي لاءِ ڪو نه ڪو پليٽفارم ضرور گهرجي، ان مونجهه ۽ سياسي خلا جي حالت ۾ علي حسن به هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو هو
1988ع ۾ سنڌي مهاجر فسادن جو سلسلو هلي پيو، اهو سنڌ ۾ واقعن جو هڪ خراب تسلسل هو. نتيجي ۾ 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر جا سنگين واقعا سامهون آيا. انهن واقعن ۾ اخباري رپورٽن موجب لڳ ڀڳ هڪ سئو ماڻهو بي درديءَ سان قتل ٿيا. سڀ کان گهڻو نقصان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سنڌي ماڻهن کي ٿيو. عام طور 30 سيپٽمبر وارو واقعو ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سان منسوب ٿيو. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جيڪو بنيادي طرح سائين جي ايم سيد جي ”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ سان تعلق رکندڙ هو، پنهنجي پارٽيءَ سان اختلاف رکي هڪ جدا لهجو ۽ مؤقف اختيار ڪيو هو. علي حسن کي ان لهجي ۽ مؤقف ۾ ذهني اطمينان محسوس ٿيو.
ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سان سندس ملاقات ڪيئن ٿي؟ علي حسن جو چوڻ آهي ته 1984-85ع ڌاري نذير عباسيءَ جي ورسيءَ واري تقريب ۾ سندس ملاقات ڊاڪٽر سان ٿي، هو اتي خاص مهمان جي حيثيت سان آيو هو. 1987ع ۾ ڊاڪٽر سان هن جي هڪ تفصيلي ڪچهري ٿي هئي جنهن ۾ عزيز ڪينجهرائي ۽ ڊاڪٽر طالب لاشاري به شامل ٿيا هئا. 1988ع وارن واقعن کان پوءِ علي حسن جو لاڙو ڊاڪٽر قادر مگسيءَ طرف ٿيو. هن کي ڊاڪٽر ۾ ڪهڙيون خوبيون نظر آيون؟ علي حسن ٽي خوبيون يا سبب ٻڌائي ٿو: 1ـ ان زماني ۾ تعليمي ادارن ۾ شاگرد تنظيمن جي غنڊه گردي هئي، ڊاڪٽر ان جي خلاف هو. 2 ـ تعليمي ادارن ۾ سڀني شاگرد تنظيمن کي سياست جو حق آهي، جيڪا ڳالهه ڊاڪٽر سڀني کان مڃائي. 3 ـ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ سائين جي ايم سيد سان قومي ۽ طبقاتي جدوجهد جي ڳالهه تي اختلاف رکيا، ان جي مؤقف جي پذيرائي ٿي. پوءِ ’جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي‘ ٺهي، ۽ علي حسن ان ۾ شامل ٿي ويو.
1995ع ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم تي ڪراچيءَ ۾ فوجي آپريشن ٿيو، تڏهن شانتي نگر ۾ ترقي پسند هائوس تي به پوليس ۽ رينجر چڙهائي ڪئي. علي حسن به گرفتار ٿيو. سندس اکين تي لڳاتار 20 ڏينهن پٽي ٻڌل هئي، ۽ ڪنهن کي به پتو ڪونه هو ته هو ڪٿي آهي؟ پوءِ پتو پيو ته اهو هاڻوڪو گلزار هجري ٿاڻو هو، جيڪو سهراب ڳوٺ جي پٺاڻ قبضه مافيا کان ڇڏائي ڪئمپ ۾ بدلايو ويو هو. هي عبدالله شاهه جو دور هو. علي حسن جو خيال آهي ته اهو پيپلز پارٽي جي مخالفت جو نتيجو هو.
نيٺ، علي حسن ڇا ٿو چاهي؟ ۽ وٽس ڇوٽڪاري جو رستو ڪهڙو آهي؟ علي حسن جي خيال ۾ ”ڇڙواڳ ٽولا سنڌ جو مستقبل ٺاهي نٿا سگهن، منظم تنظيمون انقلابي جذبي سان ڪا تبديلي آڻي سگهن ٿيون.“ هن وقت علي حسن چانڊيو ”سنڌ ترقي پسند پارٽي“ جو وائيس چيئرمين ۽ نظرياتي شعبي جو سربراهه آهي.
سندس لکيل اخباري مقالن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏيڻ ۽ سنڌ جي عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشش يقينا سنڌ بابت جبري ڏاڍ خلاف شعور ڏيڻ آهي. سندس سياسي۽ لکڻ واري پورهئي سان يقينا قومي جاڳرتا ۾ سنڌ جي قومي جمهوري تحريڪ ضرور ٻه وکون اڳتي وڌندي.

بدر ابڙو
پهرين مئي 2010
ڪراچي

نئين سنڌ جو سفر: نئون اتساهه

نظرياتي سياست سان سالن جو ڳانڍاپو هئڻ ڪري علي حسن چانڊيو کي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي قومپرست ڪارڪنن جيان علي حسن چانڊيو به پنهنجي حياتيءَ جا ڪيئي سال سنڌ جي آجپي واري جدوجهد کي ارپيا آهن. انهيءَ ڏوهه ۾ کيس ڪيئي ڀيرا قيد جون سختيون پڻ برداشت ڪرڻيون پيون آهن پر سنڌ جي ترقي پسند قومپرست سياست ۾ سندس ڪردار اڳ کان اڳرو آهي.
بينظيرآباد (نواب شاهه) ضلعي جي شهر دوڙ سان تعلق رکندڙ علي حسن چانڊيو نه فقط عملي سياست، تقريرن ۽ تربيتي ليڪچرن کي پنهنجي خيالن جي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي پر هن پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجا خيال ڀرپور ۽ اثرائتي نموني عوام آڏو پيش ڪري کين پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ هو ڪيتري حد تائين ڪامياب پڻ ٿيو آهي. علي حسن پنهنجي لکڻين کي اجائي لفاظي کان بچائيندي ماڻهن کي مختلف سياسي، سماجي ۽ قومي مسئلن توڙي سنڌ جي اهم ادارن ۽ ماڳن بابت ڄاڻ ڏيڻ سان گڏوگڏ انگن ۽ اکرن وسيلي ڌرتيءَ واسين سان ٿيندڙ زيادتين جي نشاندهي پڻ ڪئي آهي. سندس لکڻين جو موضوع نه رڳو سنڌ سان لاڳاپيل مسئلا ۽ هتان جي سياسي توڙي سماجي صورتحال آهي پر هو عالمي سياست، مسئلن ۽ واقعن بابت پڻ باخبر آهي جنهن جو اظهار هن پنهنجي مختلف ڪالمن ۾ ڪيو آهي.
“بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين” کانپوءِ سندس نئون ڪتاب “نئين سنڌ جو سفر” اوهان جي هٿ ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ شامل گهڻا ڪالم سنڌ جي موجوده سياسي توڙي سماجي صورتحال جو عڪس آهن جيڪي علي حسن پنهنجي سوچ ۽ فڪر جي آڌار تي سڌن ۽ سادن لفظن ۾ ڪاغذ تي چٽيا آهن. هن پنهنجي ڪالمن ۾ نه رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر گهڻين جاين تي جدوجهد جو گس پڻ ٻڌايو آهي. ان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سندس ڪالم سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جو ڪارج ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ نئون اتساهه پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجندا.


سميع ڪنڌر

پنهنجي پاران

سنڌ تاريخي وطن آهي. خوشحاليءَ سبب مشهوري ماڻڻ ڪري قبضاگيرن، ڦورن ۽ لٽيرن ڪاهون ڪري، لٽيو، ڦريو ۽ قبضو ڪيو آهي. وطن جي سرويچ ۽ بهادر پٽن سِر جو سانگو لاهي وڙهندي پنهنجي وطن جي سلامتيءَ لاءِ رت جو نذرانو ڏنو آهي.
غلامي نت نَون طريقن سان نروار ٿي رهي آهي. ڪالهه ڌارين جي غلام هئاسين ته اڄ وري غلاميءَ جي شڪل تبديل ٿي آهي پَرَ آهيون اڄ به غلام.
سنڌ جو غريب ۽ بي سهارا عوام ذلتن مان گذري رهيو آهي، غيرفطري ملڪ جو حصو هجڻ جي سزا ملين پئي، مهمان نوازيءَ جون ڀوڳنائون پلئه پيون اٿن. سنڌ جي عوام کي ذلتن ۽ ڀوڳنائن خلاف شعور جي ضرورت آهي. موقعي پرست، مفاد پرست شخص ، گروهه قوم کي صحيح دڳ لائڻ بدران گمراهيءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائڻ چاهين ٿا.
حقيقي طور سنڌين سان ٿيل ويساهه گهاتين جو شعور ڏيڻ جي ضرورت آهي. منهنجي قلم ذريعي دل ۽ دماغ مان نڪتل آواز ۽ سچ هِن ڪتاب ۾ موجود آهي. تمام گهڻن نقادن کي اختلاف ٿي سگهن ٿا. مختلف وقتن تي سنڌ سان ٿيل ڏاڍاين تي کنيل قلم اڄ ڪتابي صورت ۾ اوهان جي سامهون آهي.
اميد ٿو ڪريان ته هن پورهئي جي عزت افزائي ٿيندي ۽ هي ڪتاب سياسي، سماجي ساڃاهه وند ماڻهن تائين پهچندو. پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندا ته جيئن منهنجي به رهنمائي ٿي سگهي.
سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي افق جي روشن ستاري ۽ وشال ڪتابي خزاني جهڙي حيثيت رکندڙ اداري سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ ان جي سرواڻ نوراحمد ميمڻ جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان، جن جي سهڪار سان هي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. مون کي پنهنجو آئيڊيل شخص قرار ڏئي سنڌ لاءِ سياست کي پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين سمجهندڙ انيس دايو کي به نٿو وساري سگهان، جنهن هن ڪتاب جا پروف پڙهڻ ۾ مدد ڏني.

علي حسن چانڊيو
10 فيبروري 2011ع
ڪراچي

علائقائي صورتحال جي پس منظر ۾ اڄوڪي سنڌ

اڄوڪي عالمگير سماج جو اڀياس ڪنداسين ته ان ۾ ڪوبه شڪ نظر نه ايندو ته آمريڪا دنيا جي اڪيلي عالمي طاقت آهي. ان جا سبب ڪيترائي آهن. ڏکڻ ايشيا جي اڄوڪي اٿل پٿل واري حالت جو به مک ڪارڻ آمريڪا آهي. ستر (70)واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ آمريڪا پنهنجي مفادن خاطر سوويت يونين جي مخالفت ۾ هتي جي مذهبي قوتن جي هر محاذ کي طاقت بخشي. جنهن مفاد خاطر آمريڪا انهن کي سوشلسٽ سوويت يونين خلاف استعمال ڪيو، مذهب جي بنياد تي دنيا ۾ آمريڪا ان دور ۾ صرف ٻن ملڪن کي استعمال ڪيو، هڪ اسرائيل ٻيو پاڪستان.
معاشي لحاظ سان آمريڪا جي اک يورپ جي منڊي ۽ عرب ملڪن جي تيل واري ملڪيت تي کتل رهي پر عالمي تبديلي آمريڪا کي اڄ اڪيلو سپر طاقت بڻائي ڇڏيو آهي. خاص ڪري 11 سيپٽمبر واري واقعي کانپوءِ بغير ڪنهن شاهدين جي آمريڪا افغانستان ۽ طالبان سرڪار کي ۽ بغير ڪنهن شاهدين جي بنياد تي صدر صدام حسين جو خطرناڪ جنگ وسيلي تختو اونڌو ڪري ويهي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن علائقي ۾ ايران، عراق، پاڪستان ايٽمي سگهه وارا ملڪ آهن. آمريڪا کي اهو به خطرو آهي ته اها ايٽمي طاقت مسلم بنياد پرستن جي ور چڙهي وئي ته خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. آمريڪا اهو سوچي مٿي ڄاڻايل واقعا ڪيا آهن. هي آمريڪا جون ڊگهيون پاليسيون آهن جو اڄ لبيا به سرينڊر ڪيو آهي. ايران جيڪو آمريڪا کي شيطان نمبر ون چوندو آهي، اهو ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. پاڪستان ته آمريڪا جو ٻڌو ٻانهو آهي پر اڄوڪا دانشور بظاهر پاڪستاني پرڏيهي پاليسي کي يوٽرن جي اصطلاح سان اظهار ڪري رهيا آهن ۽ اُهو نعرو پاڪستان جي فوجي جنرل پرويز مشرف جو هيو. ”سب سي پهلي پاڪستان.“ ان جو مطلب اهو آهي ته پاڪستان جا هاڻوڪا حڪمران به قومي نظريي تان هٿ کڻي ويا آهن ڇاڪاڻ ته انهن ئي حڪمرانن جي ”ٻي ٽيم“ متحده مجلس عمل اهو نعرو هنيو ته ”سب سي پهلي اسلام.“ جيڪڏهن اسان رڳو هن نعري جو اڀياس ڪنداسين ته پاڪستان ۾ سال 1940ع واري اقرارنامي جي ڳالهه ڪندڙ ڌرين جو موقف چٽو ٿي بيهي ٿو ته جنرل پرويز مشرف جو نعرو ڇا آهي؟ ۽ ايم ايم اي جي نعري جو مقصد ڇا آهي؟ ساڳئي وقت عالمي تبديلين جي گهيري ۾ آيل پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ لاءِ ڪهڙا سوال پئدا ٿيا آهن. اهي دنيا جون تڪڙيون تڪڙيون تبديليون آهن جيڪي اسان ڏسي رهيا آهيون، اهي تبديليون اسان لاءِ پرامن بقاءِ باهمي وارو پيغام آڻين پيون. اڀياس رڳو اهو ڪرڻو آهي ته اسان سنڌ واسين کي ڪهڙي حڪمت عملي جوڙڻ کپي. ڇاڪاڻ ته عالمي قوتن جو تحرڪ اسان جي حق ۾ نظر اچي رهيو آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ تبديلين جو ٻيو پهلو هي آهي ته آمريڪا فوجي طاقت جو خاتمو چاهي ٿو، ايٽمي طاقت جو خاتمو چاهي ٿو. بنياد پرستي جو خاتمو چاهي ٿو. جمهوري روايتن کي ڏکڻ ايشيا توڙي وچ اوڀر ۾ اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. انهيءَ هوا جا جهوٽا اسان کي هند - پاڪ لاڳاپن جي هاڻوڪي نقشي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهي عالمي تبديلين جا مثبت پهلو آهن. منفي پهلو هي آهن ته معاشي ڦرلٽ جو خطرو وڌي ويو آهي. سوال هي ٿو پئدا ٿئي ته انهن عالمي تبديلين جي لهر ۾ اسان سنڌ واسي ڪٿي بيٺل هونداسين جو سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار جو اڻ کٽ سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ تيز ٿيندو پيو وڃي. سنڌ جون سرحدون پناهگير رولاڪن لاءِ کليل آهن سڀاڻي انهن عالمي مفادن جي صورت ۾ آمريڪا جيڪڏهن سنڌ جي گاديءَ جي شهر ڪراچي جي قسمت جو فيصلو يا حق حاڪميت لاءِ ڪو ريفرينڊم ڪرائي ته ڪهڙو ڀيانڪ نتيجو ايندو؟ ڇاڪاڻ ته هتي اسان پنهنجي اڪثريت، حق حاڪميت عملي طور وڃائي رهيا آهيون. سنڌ ۾ پارليامينٽ اڄ اهو ڏيک ڏئي رهي آهي ته ڪيترن ئي ڌارين نسلن ۽ قومن جا ماڻهو هتان پاڻ چونڊرائڻ جي طاقت حاصل ڪري ويا آهن. مثال طور تعيلم جو وزير عرفان الله مروت اسان جي حساس کاتي جو سربراهه رهي چڪو آهي. جنهن عظيم اداري جا سربراهه سائين جي ايم سيد، مخدوم طالب الموليٰ، غلام مصطفيٰ شاهه جهڙا عالم ۽ فاضل رهيا آهن اڄ ڌاريو ان اداري جي ڪرسيءَ تي ويٺو آهي.
سنڌ جي پارليامينٽ ڇا، سنڌ ڪابينا، وزارتي ڊويزن، اعليٰ پائي جي ڪامورن، ناڻي جي وزارت، ثقافت جي وزارت تي غير سنڌي قابض آهن، هي سنڌ جو انتهائي حساس ۽ ڀيانڪ دور آهي. ٻئي طرف پختون عوام ۽ پختون ليڊرشپ حامد ڪرزئي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. بلوچن کي خطرو آهي ته گوادر پورٽ سميت ميگا پراجيڪٽ سان هو پنهنجي هڪ وڏي علائقي کان محروم ٿي ويندا. حالتون ڪهڙيون به هجن. پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ سان پختون ۽ بلوچ مستقبل ۾ محفوظ آهن پر اسان سنڌ واسي غيرمحفوظ آهيون. انهن عالمي تبديلين جي روشنيءَ ۾ پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ جي کوٽ سبب وڏو خطرو سنڌي قوم کي آهي ڇاڪاڻ ته هندستان سنڌين کان مايوس ٿيڻ کانپوءِ سنڌ لاءِ ان پنهنجي بي ٽيم لاءِ نسل پرست الطاف حسين سان رابطو ڪري ورتو آهي. هتي هڪ خطرناڪ راند شروع ٿي آهي جنهن ۾ بيٽنگ جنرل پرويز مشرف ڪري رهيو آهي ۽ فيلڊنگ پنجاب ڪري رهيو آهي. بالر الطاف حسين آهي اسان ميدان کان آئوٽ آهيون. سنڌ پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ ۾ پنهنجي پوري قومي وحدت جي سڃاڻپ رکي ٿي پر سنڌ جا وسيلا طاقت، جبر ۽ ڏاڍ جي زور تي ڦٻايا ويا آهن. هڪ طرف سنڌي قوم کي نسلن، گروهن، گروپن ۾ ورهايو ويو آهي ته ٻئي طرف سنڌ کي ڄاڻي واڻي گهڻ نسلي ۽ گهڻ قومي قرار ڏيڻ لاءِ سازشون ٿيون آهن. جيڪي سازشون جاري آهن اهوئي سبب آهي جو 1947 کانپوءِ اڄ تائين سنڌ پنهنجي مرضي سان وڏو وزير به چونڊي نه سگهي آهي. جيڪو سنڌ جي شهيد حاڪم الله بخش سومرو جيترا اختيار رکي! جنهن انگريز سرڪار جي مخالفت جي پرواهه نه ڪندي سنڌي قوم پرست اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ان وقت سرڪاري استقبال ڪيو جڏهن هو جلاوطني ختم ڪري سنڌ اچي رهيو هو. سنڌ کي اسلام آباد جو مقرر ٿيل هڪ صوبيدار هلائي رهيو آهي. اڄ ته سنڌ جي حالت اها آهي ته سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي نام نهاد پارلياماني گروپ جي ميٽنگ به سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي چيمبر يا وزيراعليٰ هائوس ۾ سڏائڻ جي بجاءِ گورنر هائوس جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي. هي سنڌ جي پارلياماني ۽ جمهوري روايت جي لتاڙ آهي. صوبائي خودمختياري جي لتاڙ آهي جو وڏو وزير پارلياماني اجلاس سڏائڻ جيترو به اختيار نه ٿو رکي. علي محمد مهر کان اڳ سنڌ ۾ اهڙو ڪڏهن به واقعو پيش نه آيو آهي. سنڌ هڪ طرف اهڙن اڪيچار مسئلن ۾ جڪڙيل آهي، پنهنجن حقن کان محروم آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي عوام جو اهو رد عمل آهي جو پريس ڪلب آڏو پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي بغير ڪنهن سياسي پارٽي جي سڏ جي پنهنجا مسئلا اظهار ڪري رهيو آهي. مسئلو ڪالاباغ ڊيم جو هجي يا ٿل ڪئنال جو، اوٻاوڙو ۾ بينظير ڀٽو ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي سميت سياسي اڳواڻ هڪ صف ۾ بيٺل آهن. اڄ سياسي اختلافن باوجود اينٽي ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي ۾ ممتاز ڀٽو به شامل آهي پر پوءِ به انهن عالمي تبديلين سامهون اسان پنهنجو اڀياس ڪنداسين ته هڪڙيون ٺوس حقيقتون سامهون اينديون.
1. اسان وٽ ڪابه حڪمت عملي ڪانهي.
2. قومپرست تحريڪ اندر ڪجهه قيادت جهالت جو شڪار آهي.
3. سنڌ معاشي طور ڏيوالي طرف وڃي رهي آهي.
4. لٽريسي ريٽ گهٽجي رهيو آهي.
5. هڪ دفعو ٻيهر جاگيردار ڪلچر منظم ۽ متحرڪ ٿي رهيو آهي.
6. مڊل ڪلاس ۽ قومي سرمائيدار کان سنڌ محروم آهي.
هي اُهي خاميون آهن جنهن ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ کي فلسطين جهڙو نقشو ناهي ملي سگهيو، ڪنهن به هڪ ڳالهه تي اسان ۾ اتفاق ناهي، هڪڙا چون ٿا ته پاڪستان کان الڳ ٿيو سڀ مسئلا حل ٿي ويندا، ٻيا چون ٿا ته سنڌ جا قومي حق فيڊريشن ۾ ئي ملي سگهن ٿا. ٽيان چون ٿا ته سنڌ کي هن وقت قومي، جمهوري، پاپولر تحريڪ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ قوم جي هر سڄاڻ حصي کي پنهنجي پنهنجي ڪردار نڀائڻ لاءِ اها درد ڀري اپيل ڪجي ته اچو ته گڏجي سنڌ بچايون. مڊل ڪلاس اسان وٽ مصنوعي آهي، جنهن جي حالت اها آهي ته اوڙاهه جهڙي ناول جو ليکڪ غلام نبي مغل پنهنجي ڪتاب جو مهورت ان شخص کان ڪرائي ٿو جيڪو ڪنهن سياسي ڊيل ذريعي سنڌ جو گورنر ٿيو آهي. گورنر ٿيڻ کان اڳ سنڌ هائي ڪورٽ ان شخص کي خطرناڪ دهشتگرد قرار ڏيندي ڀاڄوڪڙ جو به ٺپو هڻي ڇڏيو هو. ان کي اڄ اسان مڊل ڪلاس سڏي رهيا آهيون، جنهن مڊل ڪلاس ڇاونجاهه سالن ۾ صرف ون يونٽ ۽ سنڌي ٻولي وارن ٻن واقعن ۾ ڪردار ادا ڪيو. جيڪو به قومي شعور آهي اها نج سياسي پارٽين جي انقلابي محنت آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هي سڀ برايون ۽ بڇڙايون ان ڪري به آهن ته هتي مڊل ڪلاس جي واضح ڪردار نه هئڻ سبب ترتيب بگڙيل آهي. دنيا جي قومن جي گائيڊ لائين يا رهبري جو وسيلو انهن جو وچولو ڪلاس هوندو آهي جيڪو وچولو ڪلاس علم عقل ۽ پنهنجي ڏاهپ سان پنهنجي قوم کي ڇڙواڳين کان بچائڻ لاءِ بار بار خبردار ڪندو رهندو آهي. بدقسمتيءَ سان اسان باخبر اداري کان محروم رهيا آهيون. ٻن شاعرن، ٽن ڪالم نويسن، چئن ڪتابن جي ليکڪن، بغير ڪنهن ايجنڊا تي مضمون نگاري ڪندڙ چند ماڻهن جي ٽولي کي اسان مڊل ڪلاس جو درجو نٿا ڏئي سگهون.
سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ايتري طاقت هئڻ کپي جو هر غلامي جو سياسي طرح جو اڀياس ڪري سگهي، عالمي تبديلين جي خطرن کي سمجهي سگهي. اهو سڀ عمل اسان کي سنڌ ۾ نظر نٿو اچي. ان لاءِ اهي سنڌ جي قومي تحريڪ جا منفي رجحان آهن. انهن جو خاتمو ضروري آهي. مثال طور عالمي تبديلين جي روشني ۾ پاڪستان ۽ هندستان جا لاڳاپا سڌرندي نظر اچن ٿا اها مثبت تبديلي آهي پر اسان لاءِ خطرو هي آهي جو اسان جي مرضي ۽ صلاح جي بغير اسان جي راءِ ۽ ڳالهه سمجهڻ کان بغير حڪمران چون ٿا ته اسان کوکراپار جو رستو کولينداسين. بلڪل جيڪڏهن سنڌ جي حق حاڪميت جا سمورا اختيار اسان وٽ هجن ته اسان رڳو هندستان ڇو سمورن پاڙيسري ملڪن ۽ ٻين عالمي منڊين سان ناتا ۽ رشتا جوڙڻ تي فخر محسوس ڪنداسين پر هتي ڳالهه ابتي آهي. سنڌ ۾ اڄ اسان وٽ سنڌ جي حاڪميت جو حق ناهي ۽ جيڪڏهن ان ماحول ۾ کوکراپار رستو کوليو ويو ته هندستاني پاڙيسري رياستون جتي مذهبي نفرتون، بک ۽ بدحالي آهي، اتان اسلام جي نالي تي هڪ ڀيرو ٻيهر لکين ماڻهو سنڌ ڏانهن منهن ڪندا جنهن نسل جا ماڻهو اڳيئي سنڌ ۾ آباد آهن پوءِ کوکراپار سرحد کولڻ جي حمايت ڪندڙ اهو ٻڌائي سگهندا ته مستقبل ۾ سنڌ جو نقشو ڪهڙو هوندو؟

اچو ته، بي سمجهي خلاف ويڙهه ڪريون

دنيا جي عظيم مفڪرن ڪارل مارڪس، اينگلس، ۽ لينن سميت بي شمار ڏاهن پنهنجي سوچ ۽ فڪر مان ثابت ڪيو ته سماج طبقاتي هجي ٿو، جنهن ڪري دنيا ۾ ڦرلٽ جو نظام برقرار آهي. ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ تائين پراڻي نظام جي خاتمي لاءِ مسلسل جدوجهد ٿيندي رهي آهي، اصل مقصد ته جديد سائنسي علم تحت طبقاتي نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهدد ڪرڻ ۽ اهڙو سماج اڏڻ جنهن ۾ ڪوبه ڦورو نه هجي، هر ماڻهو آزاد، خوشحال ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهي. جيئن معاشرن ۾ شعور آيو ته انهن دقيانوسي نظامن خلاف بغاوتون ڪيون ۽ جديد نظرين جي روشني ۾ جمهوري، قومي، عوامي ۽ انقلابي جدوجهدن ذريعي حاصلاتن لاءِ جاکوڙيو ۽ انهيءَ انقلابي نظرئي جي روشني ۾ وڏيون فتحون حاصل ڪيون، قومون آزاد ٿيون، انقلاب برپا ٿيا، ظلم ۽ جبر جا طلسم ٽُٽا.
لينن هڪ هنڌ چوي ٿو ته ”هڪ سماجوادي کي هن دنيا بابت پوري طرح سوچيل سمجهيل ۽ پڪو پختو نقطه نظر رکڻ گهرجي ته جيئن هو حالتن ۽ واقعن تي غالب اچي سگهي نه ڪي واقعا ۽ حالتون ان تي غالب اچي وڃن.“
اسان کي دنيا جي علم بابت ۽ حالتن متعلق وائڙو ٿي تماشبين ٿيڻ بجاءِ دنيا کي تبديل ڪرڻ ۽ ان لاءِ کرو موقف رکڻ لاءِ اڳتي وڌي علم، تحقيق ۽ سائنسي فڪر جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻو پوندو.
جڏهن اسان سماج کي طبقاتي سمجهون ٿا ته يقينن اُن نوعيت جي فڪر ۽ فلسفي جي آڌار تي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي.
اهڙي ريت اڄ جي تاريخ ۾ مارڪسي فلسفو ٻين سڀني فلسفن کان مختلف آهي، اهو هن دور جي انقلابي طبقي، پورهيت طبقي، محڪوم ۽ مظلوم قومن، هيسيل، ڊنل، ڏتڙيل ماڻهن جو فلسفو آهي. جيڪو حقيقي انقلاب ويڙهه ۾ وک وک تي شعوري رهنمائي ڪري ٿو.
اسين چاهيون ٿا ته:
سنڌ اسان جو وطن آهي، هزارين سالن کان سنڌي پنهنجي وجود جي جنگ وڙهندا اچن ٿا. هزارين سالن جي تاريخ ۾ سنڌ جي خوشحالي سبب سندس مٿان ڪيئي حملا آور قابض ٿيا. سڪندر يونانيءَ کان وٺي انگريزن تائين سنڌ کي غلام بڻايو ويو، سندس وسيلا لٽيا ويا ليڪن سنڌي ماريا ويا، اڄ به سنڌ غلام آهي، پنجاب جابر قوم جي طور تي حاوي آهي، سنڌ غير فطري ملڪ پاڪستان ۾ قيد آهي، نت نون ۽ جديد طريقن سان اسان جي وسيلن تي پنجاب قابض آهي.
سنڌ امير هوندي به سنڌي غريب آهن، اها غلاميءَ جي بدترين شڪل ٿئي ٿي. سنڌي ماڻهن جي اڪثريت شعور نه هئڻ ڪري اهڙِي غلامي جو حصو بڻيل آهي. سنڌي رڳو پنهنجي زندگي جو ٽائيم پاس ڪري رهيا آهن، حرفتن ذريعي سنڌ جي اڪثريتي عوام کي پنجوڙ ۾ ڦاسائي ٻٽي غلاميءَ جو شڪار بڻايو ويو آهي. (مذهب ۽ جاگيرداري نظام) رياست جا طاقتور هٿيار بڻجي غلاميءَ جي ڳٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهن، سنڌي عوام جي اقليت شعور جي آڌار تي ان ٻٽي غلامي خلاف مسلسل ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪري رهي آهي. پاڻ سنڌي ماڻهو سنڌ جي وسيلن جا مالڪ ٿيڻ چاهيون ٿا. سنڌ جا حق حاڪميت حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. آزاد وطن جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي جيئڻ چاهيون ٿا. اهڙو سماج اڏڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ڪو بکيو نه رهي سگهي. ڪو لٽڻ ڦرڻ وارو موجود نه هجي. امن سُک سان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا.
پاڻ جي اهو سڀ ڪجهه چاهيون ٿا ته پوءِ سوال هيءُ پيدا ٿئي ٿو ته اهو سڀ حاصل ڪيئن ٿيندو، جڏهن سنڌ جي سماج ۾ وڏيرا انتهائي طاقتور هجن هو رياستي ڏاڍ سان عوام کي پنهنجي اردگرد گڏ ڪريو ويٺا هجن، نام نهاد جمهوريت جي نالي ۾ به عوام کي دوکو ڏئي سندن ووٽ ۽ عوامي طاقت کي ڪوڙن دلاسن سان پاڻ سان جوڙي بيٺا آهن.
ملڪ جي اندر جمهوريت جي نالي تي جاگيردار شاهي جو قبضو هجي ته اهڙين حالتن ۾ تربيت ۽ تعليم ذريعي ئي آزادي ممڪن آهي.
سائنسي فڪر موجب اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو جاگيردار طبقو عوام کي اُنهن جا بنيادي حق فراهم ڪندو بلڪه اُهي جاگيردار ئي آهن جيڪي پورهيت، مسڪين، هارين ۽ وچين ڪلاس کي بُک ۽ بدحالي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رکيو ويٺا آهن.
دنيا ۾ جتي جتي انقلاب برپا ٿيا آهن. محڪوم طبقن ۽ مظلوم قومن آزادي حاصل ڪئي آهي، سو سڀ منظم پارٽي ڏاهي ليڊرشپ بُرجستن ۽ پڙهيل لکيل تربيت يافته ڪارڪنن جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. جيڪڏهن اسين اها ڳالهه ڪريون ته اسين پارٽي ميمبر آهيون، ليڊر آهيون، 20 سالن کان سياست پيا ڪريون، انقلابي آهيون، آزادي پسند آهيون. پهرين مورچي تي وڙهنداسين جيڪڏهن اڻڄاڻائي ۽ علم دشمنيءَ جي ورچڙهي وياسين ته پوءِ جيئن ماضيءَ جي قداور اڳواڻن ڪارڪنن جن جا قد ۽ بت ته وڏا بڻيا پر جهالت هوندي هو سنڌ جي تاريخ جي ڪٻاڙخاني جو حصو ٿي ويا آهن يا وري اُهي عوام مٿان ڏاڍ ڪندڙ وڏيراشاهي جي عوام دشمن جمهوريت جو حصو بڻجي ويا آهن، اُهي صرف رياست جا دلال ٿي سگهيا آهن اُهي مشير، وزير بڻجي سگهيا آهن. اُهي پنهنجي ضمير کي وڪڻي سٺي نوڪري حاصل ڪري سگهيا آهن، ڪيئي ڏهاڪا قوم جو درد رکندڙ ليڊر جيل جون صعوبتون برداشت ڪندڙ، ٻانهون لوڏي هلندڙ ليڊر سنڌي قوم کي ساڳي غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڇڏي ويا. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو جو سياست جيڪا سائنس ۽ آرٽ آهي، جيڪو علم آهي، شعور ۽ تربيت حاصل ڪرڻ کانسواءِ سماج کي تبديل ڪرڻ جي دعويٰ ائين آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير ملڻ جي اُميد.
ڇڙواڳ ڪارڪن هجي يا اڳواڻ، ڪنهن به پارٽي لاءِ ڪينسر جي بيماري وانگر آهي ۽ اُڏوهي وانگر ڪنهن به شيءَ کي دفن ڪري ڇڏيندي انهن حالتن ۾ حاصلات جا ڪي به امڪان موجود نٿا هجن.
ويٽنام جي عظيم انقلابي اڳواڻ هوچي منهه هڪ جلسي عام کي خطاب ڪري رهيو هو، جلسي گاهه ۾ هزارين ماڻهو موجود هئا. جن تقرير ٻڌي، آخر ۾ هوچي منهه چيو ته جن به ماڻهن اڄ منهنجي ڳالهه چڱي ريت سمجهي آهي سي پنڊال کان ٻاهر اچن ۽ مون سان ملن. صرف پنج ماڻهو هوچي منهه سان مليا ۽ چيائون سائين اسان اوهان جي ڳالهه سمجهي آهي ۽ هن ڏکي قومي جنگ ۾ اسين توسان گڏ آهيون. هوچي منهه واپس جلسي گاهه ۾ آيو ۽ ويٽنامين کي خطاب ڪندي چيو ته ويٽناميو اوهان کي مُبارڪون هجن، اوهين آزاد ٿي ويندا.
مطلب ته هزارين ڇڙواڳ ۽ شوباز، نعريباز ماڻهن کان عقلمند ڏاها سمجهه ڀريا پنج ڪارڪن بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
اهو ئي سبب هو جو ڪميٽيڊ ويٽنامي فرانسيسي فوجين کي ٻک هڻي درياءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ سان گڏ قوم جي دشمنن کي به ٻوڙي ڇڏيندا هئا.
1939ع ۾ هڪ ڪاٿي موجب ويٽنامي قوم 80 سيڪڙو جاهل هئي، 15 سيڪڙو ٻار معمولي اسڪولن ۾ پڙهندا هئا قوم کي اونداهه ۾ رکيو ويو هو، جنهن به ڪتابڙي ۾ ويٽنام جي آزادي جو ذڪر هوندو هو ته اهو ضبط ڪيو ويندو هو اهڙي صورتحال ۾ به ويٽنام جي انقلابي پارٽي پنهنجي ڪارڪنن جي سياسي تربيت ڪئي، انهن کي ويٽنامي قوم سان ٿيل ڏاڍاين متعلق آگاهه ڪيو، وطن جي غلامي خلاف وڙهڻ جو جذبو پيدا ڪيو، 1930ع تائين ويٽنام جي آزادي لاءِ تحريڪون هليون پر اُهي رجعتي خيالن يا شاهي خاندانن طرفان هلايون ويون ڪا جديد سائنسي پارٽي نه هئڻ ڪري کين ڪاميابيون پلئه نه پيون، آخر ڪار هوچي منهه جي اڳواڻي ۾ تربيت يافته انقلابي پارٽي جي رهنمائي ۾ اتر ويٽنام ۾ وٽ منهه اتحاد ۽ ڏکڻ ويٽنام ۾ ويٽ ڪانگ ذريعي فرانس، جاپان ۽ پوءِ آمريڪا جي غلامي مان آجا ٿيا ساڳي وقت جاگيرداري جي ڦرلٽ کان به ويٽنامي عوام کي آجو ڪرايو ويو. هوچي منهه جي پارٽي ڳوٺ ڳوٺ ۾ تربيتي اسڪول قائم ڪيا، ڪارڪنن ۽ عوام جي تربيت ڪئي ته اسين ڇو وڙهي رهيا آهيون. اسان جا مقصد ڪهڙا آهن؟ اهو سڀ ڪجهه تربيت سان ٿئي ٿو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ويٽنامي قوم منظم طريقي سان متحد ٿي پنهنجي وطن کي آزاد ڪرائي ڇڏيو.

سياسي ۽ نظرياتي تربيت ڇو ضروري آهي؟
پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته طبقاتي معاشري ۾ ڦرلٽ جو نظام هجي ٿو. ان نظام کي قائم رکڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ، سرمائيدار، جاگيردار گڏجي ويندا آهن. اُهي وقت ۽ حالتن پٽاندڙ پنهنجو نظريو تخليق ڪن ٿا. طاقت جو استعمال ڪن ٿا. ظاهري طرح هڪٻئي جا سخت مخالف هوندا پر وقت اچڻ تي دوست بڻجيو وڃن، مثال طور پ پ ۽ نواز ليگ سخت مخالف رهيا، جڏهن مُشرف سندن مخالف ٿيو ته هنن ۾ دوستي ٿي. پ پ ۽ نواز ليگ متفق طور مُشرف ۽ اُن جي اتحادين ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سان ٽڪراءَ ۾ آيا پر آمريڪا سرڪاري گڏيل گهڻ پاسائن مُفادن ڪري سمورن کي گڏ ويهاري ڇڏيو. اهڙي صورت ۾ هڪ طرف جمهوريت جي چاشني جي زبردست پروپيگنڊه ڪري عوام ۽ قوم کي دوکي ۾ رکيو وڃي ٿو، ٻئي طرف نام نهاد قومپرست، قوم جي آزادي جي نالي ۾ جاگيردارن جي دلالي ڪرڻ نسل پرست دهشتگردن سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ، جهڙا ڪم ڪرڻ تي به شرمنده نه ٿا ٿين گڏوگڏ قومي آجپي جي سياست ۾ غلط رُجحانن جي همت افزائي ڪرڻ پڻ پنهنجو قومي فرض سمجهن ٿا. مطلب ته سنڌ جي سياست ۾ هڪڙي سياست ظلم ۽ جبر ۽ ڦرلٽ جي نظام کي برقرار رکڻ لاءِ آهي ته ٻي سياست انهيءَ سموري سسٽم سان جهيڙڻ جو ڪم ڪري ٿي. مثال طور سنڌ ترقي پسند پارٽي قومي آجپي ۽ طبقاتي غلاميءَ کان نجات جو رستو ڏسي ٿي. مٿين سوال کي سمجهڻ ۽ دشمن قوتن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سائنسي بنيادن تي تربيت حاصل ڪجي ته جيئن صحيح ۽ غلط جي پروڙ پوي. علمي ڄاڻ نه هئڻ ڪري اسين غلط رجحانن جو شڪار ٿي سگهون ٿا.
اسان جي ڊگهي ورن وڪڙن واري پيچيده لڙائي هئڻ ڪري غير تربيت يافته ڪارڪن منزل کان اڳ رستي ۾ ڀٽڪي وڃي ٿو. ڪارڪنن ۾ فوري حاصلات نه هئڻ ڪري مايوسي پئدا ٿئي ٿي، نتيجي طور تيshort cut يا موقعي پرستي وارو رستو اختيار ڪيو وڃي ٿو، چڙواڳي جنم وٺي ٿي ۽ پوءِ قومي انقلابي تحريڪون پنهنجي ماڳ ۽ منزل تي پهچڻ بجاءِ رستي ۾ رليو ۽ ڀٽڪيو وڃن.
مثال طور ويجهي ماضي ۾ بينظير ڀٽو شهيد جا لکين ڪارڪن هُئا سندس پارٽي کي 50 سال گذري چڪا آهن، سندس شهادت تي ماڻهن جا سمنڊ اٿلي پيا، بي معنيٰ احتجاج سبب سندس قاتل نه گرفتار ٿيا نه ئي وري کين سزا ملي، بلڪه قاتلن سان سندن پارٽي NRO ذريعي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪئي. حاصلات ڇا ٿي، عارضي حڪومت جنهن ذريعي صرف مخصوص طبقا پنهنجا ڀڀ ڀري سگهن ٿا پر مسڪين ڏتڙيل سنڌين کي جن هنن کي ويساهه ڏنو، تن کي سواءِ بُک جي ٻيو ڪجهه به پلئه نه پيو.
ٻئي طرف وينزويلا جي صدر هوگوشاويز کي چونڊجڻ کانپوءِ فوج گرفتار ڪيو، عوام ڇڙواڳي بجاءِ لکين ماڻهن جي عوامي سگهه اقتدار تي قبضو ڪندڙ سرڪار جو گهيراءُ ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته هوگوشاويز آزاد ڪريو ۽ کيس صدر طور قبوليو ۽ ائين ٿيو عوام جي طاقت آڏو فوجي آمرن کي دنيا جهڪندي ڏٺو، صدر هوگو شاويز چند ئي ڪلاڪن ۾ ٻيهر وينزويلا جو آزاد صدر طور صدارتي محل ۾ موجود هو.
ويٽنام ۾ آمريڪا تباهي مچائي ڇڏي هئي، لکين ماڻهو ماريا ويا، هوچي منهه چيو هو ته ويٽناميو اهو ممڪن آهي ته اسان جون ٻنيون ٻارا ختم ٿي وڃن، ڪارخانا تباهه ٿي وڃن، اسان کي 5 سال يا 20 سال جنگ وڙهڻي پوي ته به وڙهنداسين ۽ ائين ٿيو، منظم پارٽي عوام کي منظم ڪري هٿين خالي عوام منظم آمريڪي فوج کي شڪست ڏئي آزادي حاصل ڪئي، فرق ڇا ٿيو ته جتي ڀلي اڪثريتي عوام اوهان سان گڏ هجي، جيڪڏهن اُها منظم تربيت يافته ناهي ته اُها ڇڙواڳ تحريڪ ته هلائي سگهن ٿا عارضي مفاد ته حاصل ڪري سگهن ٿا پر حقيقي قومي، طبقاتي يا جمهوري انقلاب نٿا آڻي سگهن.

تعليم تنظيم، جدوجهد
مٿئين بحث مان پڻ اهو طئي ڪيو ته جبر جي معاشري مان جان ڇڏائڻ لاءِ انقلابي پارٽي ضروري آهي، جيڪا ڪنهن به موقعي پرستي جو شڪار نه ٿي سگهي. اُها مسلسل ۽ اڻٿڪ جدوجهد ذريعي ڏتڙيل عوام جي حقيقي آزادي لاءِ آخري گهڙي تائين عوام جي رهنمائي ڪري سگهڻ جي اهل هجي.
انقلاب ۽ آزادي لاءِ ويٽنام، چين، روس سائوٿ آمريڪا، انگولا وانگر آزادي پسند ڪارڪنن کي نظرياتي ۽ سياسي تربيت ڏني، کين سائنسي فڪر سان روشناس ڪرايو، نظرياتي تربيت کانسواءِ ڪارڪن صرف ڇڙواڳ ٿي سگهي ٿو، اُن مان ڪابه انقلابي تحريڪ ۾ ڪنهن ڪردار جي اميد نٿي ڪري سگهجي. جيڪي پارٽي اڳواڻ يا ڪارڪن تعليم ۽ تربيت جي مخالفت ڪن، سمجيو وڃي ته انقلاب جي راهه ۾ رُڪاوٽ وجهن ٿا. سياسي ڪارڪن جي تربيت انقلاب جو بنيادي عنصر آهي، انقلابي بڻجڻ لاءِ تربيت يافته ڪارڪن شعوري يا غير شعوري طور ئي گهر گهر وڃي عوام جي رهنمائي وارو ڪردار اد اڪرڻ جي اهل بڻجي ٿو ۽ هن ۾ هر مشڪل کي منهن ڏيڻ جي سگهه پيدا ٿئي ٿي هو ضابطي جو پابند ٿي سگهي ٿو، غلط ڪارين کان بچي سگهي ٿو، صحيح ۽ غلط جو فيصلو آساني سان ڪري سگهي ٿو. حقيقي انقلابي قوت سان بيهي سگهي ٿو ۽ ڦاهي جي ڦندي کي چمي ڏئي پنهنجي وطن ۽ عوام لاءِ فخر سان ڦاهي چڙهي سگهي ٿو.
غير تربيت يافته ڪارڪن ڇڙواڳ ٿي پنهنجي مرضي يا خيال پارٽي تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪندو. جڏهن به سندس منشا موجب ڳالهه نه ٿي ته پارٽي کان الڳ ٿي ويندو، قيادت جو احترام نه ڪندو، سياسي ڪمن کان چورن وانگر لڪڻ جي ڪوشش ڪندو. تعليم ۽ تربيت، تنظيم ۽ جدوجهد کان پاسيرو رهندو بهانا بڻائيندو، پر ذاتي مفادن جي جنگ ۾ اڳ کان اڳرو هوندو، غريب ۽ پورهيت مسڪين ماروئڙن کان ڏور ڀڄندو.
جڏهن موقعو مليو ته اسٽيبلشمينٽ جو حصو بڻجي ويندو. پنهنجي الڳ حيثيت رکڻ جي ڪوشش ڪندو، ڪنهن به ڊسپلين ضابطي کي نه قبوليندو. اهڙا ماڻهو انقلاب ۽ آزادي لاءِ عملي طور ناڪاره ماڻهو ٿين ٿا.
ان ڪري انقلابي پارٽي جي ڪارڪن کي سياسي ۽ نظرياتي تعليم سان هٿياربند هجڻ گهرجي ۽ عملي طور تنظيم جو پابند ۽ ذميوار ڪارڪن بڻجي انقلابي تحريڪ ۾ ٻه وکون اڳتي وڌي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري، اهڙي پارٽي جا ڪارڪن رياست جي هر دهشتگردي ۽ رهزني جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا.

نذير عباسي شهيد جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو ۽ سندس ڪردار

نذير عباسي، سنڌ جو عظيم ڪردار ڪيئن بڻيو؟ هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ پرائمري، سيڪنڊري جي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽنڊوالهيار مان حاصل ڪئي. سندس جنم 10 اپريل 1953ع ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان انتهائي سادو، محنت ۽ محبت ڪندڙ، سماج ۾ رهندڙ ٻين ٻارن توڙي نوجوانن کان بنهه مختلف هو، غربت جي ڪري سندس تعليم اڌوري رهجي وئي، جنهن ڪري ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوالهيار ۾ نوڪري اختيار ڪيائين ۽ اُتي مسڪين مزدورن سان ڏاڍ ٿيڻ ڪري يونين ٺاهيائين. اڳتي هلي سنڌ ۾ ان وقت واحد شاگرد تنظيم سنڌ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو، ان ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ لڳو، ان دوران سندس شهيد ذوالفقار ڀٽو سان به ملاقات ٿي، ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلزپارٽي جو دور هو، شاگرد جدوجهد هلندڙ هئي، نذير عباسي ان ۾ گرفتار ٿيو ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد پهتو، جتي سندس ملاقات ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر اعزاز نذير ۽ مير ٿيٻو سان ٿي. هن جون سنڌ، پاڪستان، عالمي سياست، جمهوري سياست، قومپرست ۽ انقلابي فلسفي ۽ فڪر متعلق تفصيلي ڪچهريون ٿيون، جتي هي متاثر ٿي کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙجي ويو. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ هو شاگرد سياست ۾ وڌيڪ سرگرم ٿيو ۽ سنڌ ماروئڙا اسٽوڊنٽس تنظيم ۾ اختلاف هجڻ ڪري ٻه گروپ ٺهيا. هڪ کاٻي ڌر جي تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريش ”ايس اين ايس ايف“ ۽ ٻي سپاف.
نذير شهيد ايس اين ايس ايف جو پهريون مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيو، ان کانپوءِ نوابشاهه ۾ مرڪزي ڪائونسل سيشن جيڪو 1976 ع ۾ ٿيو، ان ۾ مرڪزي صدر چونڊجي ويو ۽ پنهنجي شهادت تائين مرڪزي صدر طور ڪم ڪندو رهيو. شاگرد سياست واري زماني ۾ هو سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو. هو ان عرصي دوران شاگرد سياست سان گڏ هارين ۽ مزدور طبقي کي به منظم ڪري رهيو هو ۽ ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. هو پنهنجي امڙ مان اڪيلو پڻ هو ۽ سندس هڪ ڀيڻ هئي.
سياسي جدوجهد دوران ڪُل وقت روپوش رهيو، ضياءَ جي مارشل لا جو زمانو هو. ان دوران ڪيئي ڀيرا گرفتار به ٿيو.
سندس شادي پارٽي جي سرگرم ڪارڪن ڀيڻ حميده گهانگهرو سان ٿي، جنهن جو محرابپور ۾ گهر هُيو. سندس شاديءَ جي ڪاڄ کي به سياسي سرگرمي ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ سرڪار اُن جو نوٽيس ورتو ۽ نذير به گرفتار ٿيو. نذير ڪوئيٽا جي قلي ڪئمپ ”فوجين جو ٽارچرسيل“ سميت سنڌ جي مختلف ٿاڻن ۽ جيلن ۾ قيد رهيو. مثال طور نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، نوابشاه حيدرآباد سينٽرل جيل وغيره. نذير عباسي کي هڪ نياڻي زرقا پيدا ٿي جيڪا اڃا ننڍڙي هئي ته سندس بابا رات جي رهزنن هٿان ماريو ويو.
نذير عباسي آگسٽ جي پهرين تاريخ تي ڪراچي جي سندن ڳجهي پارٽي آفيس مان پنهنجن ساٿين سميت ڳهجين ايجينسين هٿان گرفتار ڪيو ويو، مٿن ماڙيپور جي ٽارچر سيل ۾ لڳاتار تشدد ڪيو ويو.
جي لوڻ لڱين لائين چيري چيري چم
مون ڪر اڳي نه ڪيو اهڙو ڪوجهو ڪم
جان جان دعويٰ دم_ تان تان پرت پنهوار سين.
واري ڪردار وانگر هر قسم جو تشدد نذير ۽ ان جي ساٿين کي جهڪائڻ ۾ ناڪام ٿيو. نذير ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي. همت ۽ جرئت جو اعليٰ مثال ٿيندي 9 آگسٽ 1980ع تي شهيد ڪيو ويو. سندس جسم کي چيريو ويو، ڏنڀ ڏنا ويا، اوجاڳا ڏنا ويا، سندس سَنڌَ سَنڌَ کي چير ڏنا ويا. تشدد جا سمورا رستا اختيار ڪيا ويا ۽ مارڻ کانپوءِ ايڌي ذريعي رات جي انڌيري ۾ خاموشيءَ سان سخي حسن قبرستان ۾ دفنايو ويو.
نذير عباسي 27 سالن جي ننڍي ڄمار ۾ پنهنجي نظرئي قوم ۽ پورهيت عوام جي حقن لاءِ جان جي قرباني ڏئي امر ٿي ويو.
نذير شهيد جنهن وقت طبقاتي شعور حاصل ڪيو، اُن ڏينهن کان هڪ لمحي لاءِ به غيرذميداري جو مظاهرو نه ڪيو. هن پنهنجي زندگي جي هڪ هڪ لمحي کي انقلاب لاءِ ڪتب آندو. هن پهريان پنهنجي زندگي ۾ تبديلي آندي، هو انتهائي سادگي سان رهندو هو وسيلا نه هجڻ جي باوجود 10 کان 20 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري پارٽي ڪارڪنن سان گڏجاڻيون ڪندو هو. هُن ڪڏهن به وسيلن کي تنظيمي ڪم آڏو رڪاوٽ نه سمجهيو.
هڪ ڀيري کيس 103 ڊگري بخار هُيو، نوابشاهه کان چيزل رند جي ڳوٺ هارين جي گڏجاڻي ۾ پهچڻو هو، رستي ۾ بيهوش ٿي ڪري پيو، کيس ڏاند گاڏي واري همراهه سندس منزل تي پهچايو.
نذير عباسي جيڪو چوندو هو اُن تي هَرَ حال ۾ عمل ڪندو هو. هُو سمجهندو هو ته سياسي ڪارڪن جيڪر نظرياتي ۽ سياسي تعليم حاصل نه ڪندو ته اهو ڇڙواڳ ماڻهو انقلابي ڪردار ادا نه ڪري سگهندو. هو خاصيت “Quality” کي اهميت ڏيندو هو. نذير چوندو هو ته جيسين سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن پاڻ اخلاقي طور بُردبار – سهپ وارو ۽ هر قسم جي سماجي براين، انائن کان پاڪ صاف نه هوندو ته هو انقلابي پارٽي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري نه سگهندو ۽ نه وري ڪو سماج ۾ خاص تبديلي رونما ٿي سگهندي.
هن سڄي سنڌ ۾ تربيت لاءِ اسٽڊي سرڪل قائم ڪيا ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي سمورن ڪارڪنن کي اُن جو حصو بڻايو. سياست جي بنيادي کان بنيادي قسم جي سوالن تي بحث مباحثو ڪرائيندو هو. ڪارڪنن جي بهتر تربيت ٿيندي هئي. بااخلاق، باڪردار نوجوان پيدا ٿيندا هئا. نذير شهيد ڪڏهن به سياسي ڪارڪنن ۽ عوام آڏو پاڻ کي ليڊر ڪونه تصور ڪندو هو. ڪارڪنن سان رُکي سُکي ماني گڏجي کائيندو هو. پيرين پنڌ ميلن جا ميل هلندو هو. هو شوباز نه هو. هو گمنام سياسي ڪارڪنن وانگر ڪم ڪندو هو، کيس ڪڏهن به ڪريڊٽ وٺڻ جو شوق نه هو. ڪارڪنن سان پنهنجائپ واري انداز ۾ پيش ايندو هو. هڪ انقلابي اڳواڻ کي جيئن هجڻ گهرجي. نذير عباسي سنڌي ڪامريڊ هئڻ ناتي ڪنهن به ريت جدوجهد ۽ قرباني ۾ هوچي منهه ۽ چي گويرا کان گهٽ نه هو. مشهور ليکڪ طارق اشرف ”مرحوم“ پنهنجي جيل جي ڊائري ۾ لکيو آهي ته جيل ۾ نذير عباسي جهڙو بااخلاق ۽ باڪردار نوجوان اڄ تائين مون ناهي ڏٺو، خدا ڪري ته سنڌ جو هر نوجوان نذير وانگر ٿئي.“
ڪنهن به ماڻهو لاءِ اُن جي ڪردار جي گواهي ٻيا فرد ڏين ته اها پڪ ٿئي ٿي ته واقعي اهو فرد ان لائق آهي.
نذير عباسي ٿوري عرصي ۾ جڏهن ملڪ ۾ گهُٽ ٻوسٽ وارو ماحول هو، فوجي آمريت اقتدار تي قابض هئي. سياست ڪرڻ ڏوهه هجي، گهڻائي نام نهاد آزادي پسند ۽ انقلابي اڳواڻ، جنرلن جي ڇٽي هيٺ وڃي لڪا هئا. گهاٽ گهاٽ تي فوجي چونڪيون هجن، سر وڃڻ جو خطرو هجي ۽ کيس ڪيئي ڀيرا اهو چيو ويو ته سياست ڇڏ ٻيهر گرفتار ٿئين ته ماريو ويندين، پوءِ به پنهنجي ساڳي ڪِرت ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. اها علامت هجي ٿي شعور جي جڏهن خبر به هجي ته ڪروڙين ماڻهن منجهان اسان جي پارٽي وٽ اڃا سگهه ناهي، صرف ٿورڙا ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪارڪن هجن. انقلاب پري پري تائين به نظر نه اچي پوءِ به ايڏو ويساهه عوام ۽ انقلاب تي جو ڪمپرومائيز Surrender ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ئي نظرئي ۽ پارٽي تان قربان ٿي وڃڻ معمولي ڳالهه ناهي.
عوام تي پورو ويساهه ئي انقلاب جي صورت ۾ ايندو ۽ ان لاءِ قرباني ڏيڻ وارو جذبو تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. دنيا جي سمورن انقلابن جي تاريخ ان جذبي ۽ ويساهه سان ڀريل آهي. شعور، همت ۽ جرئت جي گڏيل عمل سان انقلاب برپا ٿيندا آهن.
دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ٿيو جو رڳو عوام کي جذباتي ڪري ڪنهن ڳالهه تي منظم ڪجي ته انقلاب اچي وڃن. جذبا ماٺا ٿي ويندا وقت گذرڻ سان پر جتي جتي شعور هجي ٿو سماج جي سمورين شين تي ادراڪ ٿئي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي وطن جي آزادي مسڪين ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي ڏاڍن ماڻهن کان آزادي وارو جذبو گڏي انقلاب برپا ڪري سگهجن ٿا. جيئن ويٽنام ۾ آمريڪا، فرانس ۽ جاپان جي سندن وطن تي قبضي خلاف جنگ ۽ سندن غريب ڏتڙيل ماڻهن کي ظلم جي چڪي مان آجو ڪرائڻ وارو رومانس ويٽنامين کي ڪامياب ڪيو. نذير شهيد سنڌ ۽ هن خطي جي مظلوم قومن ۽ مظلوم عوام لاءِ وڏو مثال ڇڏيو آهي. هو سنڌ جي سياسي ڪارڪنن لاءِ تاريخي ڪردار آهي، جنهن کي بنياد بڻائي اسين سنڌ جي آزادي ۽ انقلاب لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.

آگسٽ –2008

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي سلام

بي انصافيءَ جو بنياد
ٿئي نابود ۽ برباد
آ تاريخ جو هي آ انجام!
جيئي سنڌ – جيئي سنڌ

شاعري جي روپ ۾ هي لفظ سنڌ جي عظيم پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جا آهن. ڪامريڊ 7 آگسٽ 1901 ۾ بکو ديرو ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ پوءِ بي اي جي ڊگري ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي. هن 1931ع کان نوڪري جي شروعات ڪئي ۽ مختلف شهرن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏني اُن کان پوءِ 1941 ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو ۽ 1945 ۾ چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ استعيفيٰ ڏئي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو. ياد رهي ته ”سنڌ هاري ڪميٽي جو وجود 1932 ۾ پيو هو. 1948ع ۾ حيدربخش جتوئي سنڌهاري ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو اصل ۾ حيدربخش جتوئي پنهنجي نوڪري واري زماني ۾ جڏهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهيو ته هن مسڪين هارين سان ٿيندڙ وڏيرن جون ڏاڍايون پاڻ ڏٺيون ۽ هوريان هوريان کيس سنڌ ۾ وڏيرن جي ظلم ۽ جبر کيس بغاوت تي مجبور ڪيو. 1950 ڌاري هن هاري ڪميٽي پاران سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ پاس ڪرايو ويو 1955 ۾ جڏهن حڪمرانن پاڪستان جي صوبن ۽ قومن جي وجود کي مڃڻ کان انڪار ڪندي جبري طور ون يونٽ مڙهيو ته ڪامريڊ حيدربخش ون يونٽ جي خلاف قومي تحريڪ جي ڪارڪنن اديبن ۽ سنڌ جي سڄڻن سان گڏجي بي ڊپائي سان جدوجهد ڪئي. هن ڪيئي ڪتابچا لکيا، پمفليٽ ڇاپي سنڌي ماڻهن کي ون يونٽ جي خلاف اُڀاريو، سنڌين کي قومي جبر خلاف منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مظاهرا ڪيا ۽ ان ڏوهه جي پاداش ۾ کيس جيل به وڃڻو پيو، پر هن ڪڏهن هڪ لمحي لاءِ به نه پڇتايو ۽ نه ڪيٻايو بلڪ سورهيه اڳواڻن وانگر همتن سان سنڌ جي هاري ۽ مسڪين پورهيتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي ڄمي مُقابلو ڪندو رهيو.
اُن زماني ۾ سنڌ جو وڏيرو انتهائي طاقتور ۽ ڪروڌي هو. ڪامريڊ مٿان هارين کي وڏيرن خلاف منظم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪيئي ڀيرا حملا ٿيا، وڏيرن پاران ڪُتا بڇايا ويا، سندس مٿان تشدد ڪيو ويو پر ڪامريڊ جي حوصلي ۾ تِر برابر به پوئتي هٽڻ جي ڪمي نه ٿي. ڪامريڊ جو فڪر هُيو ته سنڌ ۾ برابري هجي ۽ هو “جو کيڙي سوکائي” واري فلسفي تي يقين رکندو هو.
ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سمجهيو پي ته جيسيتائين سنڌي ماڻهن جي شعور ۾ اضافو نه ٿيندو ته هو پنهنجا حق نه وٺي سگهندا. هارين کي سُجاڳ ڪرڻ لاءِ هن هفتيوار ”هاري حقدار“ نالي اخبار ڪڍي جنهن سان سنڌ ۾ وڏي سُجاڳي پئداٿي.
هن اخبار ذريعي سنڌي هارين کي اُهو نياپو پي ڏنو ته جاگيرداري سماج جي خاتمي کانسواءِ هارين جي ترقي ۽ خوشحالي مُمڪن ناهي.
ڪامريڊ زندگي جا سمورا ٺٺ، شان ۽ شوڪت ان ڪري ڇڏيا ته سندس وطن جو غريب هاري بُکون پيو ڪاٽي کين ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هِن ذاتي زندگيءَ جي عياشين کي قربان ڪندي سُٺي سماج اڏڻ لاءِ، سنڌ جي خوشحالي لاءِ، ۽ اڻ برابريءَ جي خاتمي لاءِ پنهنجي ذات جي قرباني ڏني.
هن خوشحال گهراڻي سان تعلق رکندڙ شخصيت هوندي هارين جهڙي مسڪين طبقي جي اڳواڻي قبول ڪئي. هو سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر هوندي به هارين سان پٽ تي ويهڻ وارو ماڻهو هوندو هو، هو سياسي زندگي جي 25 سالن ۾ ڪڏهن به مايوس نه ٿيو. هُن زندگي جا اَٺ سال جيل ۾ گهاريا ۽ هُن کي ڪڏهن به پڇتاءُ نه ٿيو هُن، ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ“ جهڙي شاندار نظم سميت سوين جذبا ڪندڙ نظم ڏنا ۽ جيستائين حيدر بخش جتوئي سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر رهيو تيسين هاري ڪميٽي سياسي ميدان ۾ ۽ هارين جي حقن لاءِ مُکيه ڪردار ادا ڪندي رهي ڪامريڊ 21 مئي 1970 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو اڄ اسان ۾ ناهي پر سندس سنڌي قوم لاءِ ڪيل خدمت ۽ سندس تاريخي شاندار ڪردار جي سبب اڄ سنڌ جي قومي تحريڪ جيڪا به ٻه چار وکون اڳتي وڌي آهي اُن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پورهيو پگهر ۽ سندس جيل جون راتيون ۽ ڏينهن به شامل آهن. ڪامريڊ جي وڇوڙي کان پوءِ سنڌ هاري ڪميٽي ختم ٿي چڪي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڄ به جاگيردار جابر آهن. نجي جيل موجود آهن هارين کي محنت جو اُجورو نٿو ملي وڏيرا شاهي جي خاتمي لاءِ سنڌ ۾ هڪ منظم هاري جدوجهد جي ضرورت آهي. هارين جي منظم ٿيڻ, اُنهن جي حقن جي حاصلات لاءِ ويڙهه سان ڪامريڊ جي روح کي آٿت ملندي.
اچو وچن ڪريون ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي رستي ۾ ڇڏيل مقصد کي منزل تي پهچايون اهڙو نظام قائم ڪريون جو اسان جي سنڌ وطن ۾ ڪو به ڪنهن تي حڪم نه هلائي ۽ هر قسم جي غلامي جو خاتمو هجي.

جون 2008

عالمي صورتحال جي پس منظر ۾ آمريڪي ڪردار

1917 جي روسي انقلاب دنيا ۾ عوام جي حق ۾ تبديلي جو سبب بڻيو. دنيا جي هر خطي ۾ سرمائيداري، جاگيرداري، آمريتن جي خاتمي پورهيت راڄ قائم ڪرڻ ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ شدت آئي، جيئن جيئن سوويت انقلاب مظبوط ٿيو ته هن عالمي امن ۽ انقلاب ۽ آزادي جي تحريڪن جي پٺڀرائي ڪئي، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ آمريڪا جي طاقتور ٿي اُڀرڻ سان دنيا واضح طور تي ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي وئي، مظلوم ۽ محڪوم قومن جي تحريڪن جو حامي سوويت يونين جڏهن ته ظالم ۽ جابر حڪمرانن جو حامي آمريڪا، سويت يونين جي ٽٽڻ سان دنيا هڪ طرفي ٿي “Unipolar” ٿيو پوءِ آمريڪي حڪمرانن ذريعي ڦرلٽ ٿيندي رهي، آزاديءَ سان جمهوري تحريڪن کي هر هنڌ ڪُچليو ويو ”آمريڪي دوست“ قوتون سگهاريون ٿيون، نتيجي طور تي آمريڪا مخالف تحريڪن ۾ به شدت آئي پر رياستي ڏاڍاين جي ڪري اُهي تحريڪون اُڀري نروار نه ٿي سگهيون.
تاريخ ۾ جيڪڏهن جهاتي پايون ٿا ته خبر ٿي پوي ته سڄي دنيا ۾ جارحيتن جو اصل ڪارڻ معاشي ڦرلٽ آهي. اڳ گهٽ وسيلن باوجود هزارين ميل سفر ڪري يورپ جي حڪمرانن پورچوگيزي، ايران،قنڌار، منگول ڪابل جا حاڪم سنڌ تي، هند تي ۽ پري پري تائين هڪلي ويندا هئا، ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ به سالانه خراج وٺندا هئا ۽ پنهنجي رياست جي عوام ۽ پاڻ کي خوشحال ۽ سگهارو رکندا هئا.
خوشحال وطن جيڪڏهن فوجي طاقت ۾ ڪمزور هوندا هئا ته هميشه لٽبا هئا ۽ اهڙيءَ ريت غلاميءَ جو رواج پيو.
اڄ جڏهن اسان 21 صدي ۾ پير پاتو آهي ته ڦرلٽ جو نظام به جاري آهي، جارحيت ختم ناهي ٿي، قومن کي غلام بنائڻ وارو رواج اڳ کان اڳرو آهي. جتي وڌيڪ وسيلا موجود آهن اُهي اذيتناڪ صورتحال مان گذري رهيا آهن خاص ڪري اُهي قومون جيڪي غلاميءَ مان جان آجي ناهن ڪري سگهيون. آمريڪا اڄ ڪلهه سڄي دنيا تي يا ته حاوي آهي يا ٿي رهيو آهي سڌي ۽ اڻ سڌي طريقي سان فوجي طاقت ۽ معاشي طاقت ذريعي قومن تي ملڪن تي قبضو ڄمائي ويٺو آهي، IMF ۽ ورلڊ بئنڪ ذريعي پوئتي پيل ملڪن کي پنهنجي چنبي ۾ رکي ويٺو آهي. ۽ سياسي طور گڏيل قومن جي اداري ”يونائيٽيڊ نيشن“ هٿان دٻائي رهيو آهي. اهو دُرست آهي ته سويت يونين جي ٽٽڻ جو هڪ بنيادي ڪارڻ سندس معاشي تباهي به آهي اهڙي ريت آمريڪا جيڪو معاشي طور سگهارو ملڪ رهيو آهي. تنهن پاڻ کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ لاءِ عراق تي حملو ڪيو ته جيئن اُتان تيل جا ذخيرا هٿ ڪري سگهجن، سوچن جي اُبتڙ عراق جنگ ۾ جتي 50 ارب ڊالر خرچ ٿيڻا هئا اُتي 300 ارب ڊالر خرچ ٿيڻ کانپوءِ به اُهي حدف حاصل ناهن ٿي سهگيا.
9/11 کانپوءِ ڄاڻي واڻي افغانستان ۾ مداخلت ڪئي وئي ته اُسامه ۽ القائده Twin Tower تي حملي جا ذميوار آهن 2000 کان ڇڙيل جنگ جي نتيجي ۾ لکين ماڻهن جي قتل عام کانپوءِ به حاصلات نظر نٿي اچي ۽ هاڻ پاڪستان جا اُتريان علائقا جتي آمريڪي روز بمباري ڪري رهيا آهن ۽ چون ٿا ته جيسين پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل طور اُتر وزيرستان ۽ باجوڙ ۾ آپريشن نه ڪندا تيستائين حدف حاصل نه ٿيندو؟
اصل ۾ تازو آمريڪي معاشي بحران کُلي ڪري سامهون آيو آهي سندس مُلڪ جون بئنڪون بدحالي جو شڪار ٿي رهيون آهن. گذريل ٽن سالن ۾ اٺ ملين ماڻهو بي روزگار ٿيا آهن.
اصل ۾ “Subprime mortage” ڊفالٽر ماڻهن کي وڏي ريٽ تي رقمون ڏيڻ سان بئنڪون ڏيوالي جو شڪار ٿيو وڃن.
1 Fannie me فيني مي بينڪ
Fraddie mac 2 فريڊي ميڪ بئنڪ
3 lehman brothers ليهمين برادرس بئنڪ
A_I_G انشورنس ڪمپني جن مان ڪن کي ته سرڪار خريد ڪيو آهي ۽ ٻين کي 700 بلين ڊالر جي امداد ڪئي ته جيئن بحران تي قابو ڪري سگهجي. Marri linch مئري لنچ بئنڪ جي شيئر هولڊر پنهنجا اثاثا ڪڍي ڇڏيا آهن جيڪا به ڏيوالي جو شڪار ٿيڻ واري آهي آمريڪا جي معاشي بُحران ڪري اهي خدشا آهن ته عرب مُلڪن سعودي عرب، اومان، يو اي اي جي سرمائيدارن جن پنهنجو پئسو آمريڪي ادارن مان ڪڍڻ جو انديشو ڏيکاريو آهي جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ آمريڪي مُعاشي بحران اڃا وڌيڪ شدت اختيار ڪندو. هوڏانهن سائوٿ آمريڪا جي ملڪن وينزويلا جيڪو آمريڪا کي سڀ کان وڌيڪ تيل ڏيندڙ ملڪ آهي تنهن پڻ آمريڪا کي دٻاءُ ۾ رکيو آهي هڪ ته اُتي آمريڪا مخالف عوام دوست سرڪار آهي ٻيو ته روس وينزويلا جي عملي طور حمايت جو اعلان ڪندي پنهنجون فوجي مشقون شروع ڪيون آهن، ۽ تازو 8000 اٺ هزار ڪلوميٽر مار ڪندڙ ميزائل جو پڻ تجربو ڪيو آهي.
لاطيني آمريڪا جي ٻئي ملڪ بوليويا جتي پڻ تيل، گئس جا ذخيرا آهن انهن به آمريڪا کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آهن مطلب ته لاطيني آمريڪا ۾ عوام دوست حڪمرانن ڪري سامراج مخالف تحريڪ شدت اختيار ڪئي آهي جنهن ڪري آمريڪا کي اُتان ڪنهن قسم جي امداد ملڻ جا امڪان محدود ٿي رهيا آهن ان ڪري آمريڪا مستقبل ۾ Energy جي حاصلات لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي آمريڪا پنهنجي 30 ڪروڙ عوام جي خوشحالي لاءِ دنيا جي مختلف آزاد ۽ خودمختيار ملڪن ۾ جارحيت ڪري رهيو آهي ۽ اُن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه بچيو آهي. ان ڪري ئي عراق تي بي بنياد قبضو ڪري 300 ارب ڊالر خرچ ڪرڻ سان گڏ 20 هزار کان وڌيڪ پنهنجا فوجي مارائي چڪو آهي. افغانستان ۾ مداخلت ۾ اربين ڊالر خرچ ڪرڻ ۽ هزارين نيٽو فورسز جي مرڻ کانپوءِ به هو موجود آهي.

هاڻ پاڪستان ۾
اصل ۾ آمريڪا جي لاطيني آمريڪا مان اميدون گهٽجن پيون، کيس مستقبل قريب ۾ زبردست Challenges کي منهن ڏيڻو پوندو.
هاڻ آمريڪا وچ اوڀر سينٽرل ايشيا ۽ سائوٿ ايشيا جي ملڪن تي وڌيڪ ڌيان پيو ڏئي.
ڇاڪاڻ جو وچ اوڀر ۾ تيل جا ذخيرا موجود آهن سينٽرل ايشيا ۾ دنيا جي پنجين نمبر تيل ۽ گئس جا ذخيرا موجود آهن.
خود پاڪستان ۾ به تيل، گئس يورينيم، سون، ٽامون ۽ ٻيا ذخيرا موجود آهن، انهن جي حاصلات لاءِ چين، روس، هندوستان ۽ آمريڪا زور لڳائي رهيا آهن پاڪستان جي اهميت تمام وڌي وئي آهي هڪ ته سينٽرل ايشيا تائين لنگهه آهن. ٻيو ته چين کي منهن ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ به پاڪستان اهم آهي.
افغانستان ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ واڌ جو سبب آمريڪا خود آهي ڇو جو جيڪڏهن هن خطي ۾ دهشتگردي نه هوندي امن هوندو ته آمريڪا وٽ جارحيت جو ڪو به سبب نٿو بڻجي ۽ اُن جنگ ۾ دهشتگرد خود آمريڪا لاءِ محور بڻجي رهيا آهن هاڻ ته آمريڪا پاڪستان جي سرڪار کان پڇڻ بنا حملا ڪري رهيو آهي.
پاڪستان محتاج ملڪ آهي، هتي جمهوريت اصل روح ۾ نه هجڻ ڪري آمريڪا مخالفت بجاءِ آمريڪي دوستي کي وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي معاشي طور پاڪستان ڏيوالي جو شڪار آهي آمريڪا سان ٽڪراءُ جي صورت ۾ هڪ مهينو پاڪستان جَٽاءُ ڪري نه سگهندو تباهه ٿي ويندو ان ڪري ڪجهه ڪري جيسيتائين هن خطي ۾ دهشتگردي کي هٿي وٺائي بنياد بنائي امريڪا پاڪستان ۾ مستقل ويهندو ايئن جيئن عراق ۽ افغانستان ۾ پر فرق هي هوندو ته اُتي جارحيت ڪري قبضو ڪيو ويو ۽ هتي سرڪار جي سهڪار سان ويهندو.
۽ پوءِ هن خطي جا مالڪ بڻجي تيل، گئس، يورينيم، سون، ٽامون ۽ انيڪ وسيلن جي ڦرلٽ ڪندا ۽ ڊگهي عرصي تائين آمريڪي سامراج قبضو ڄمائڻ جي رٿابندي جوڙي آهي.
عالمي صورتحال جي پس منظر ۾ صورتحال جو پهلو هي به آهي ته لبنان جي حزب الله، ايران حڪومت ۽ روس جي نئين سوچ جنهن موجب دنيا ۾ خاص ڪري لاطيني آمريڪي ۽ هن خطي ۾ ايران لبنان جهڙن ملڪن لاءِ ڏڍ ثابت ٿيو آهي ڇاڪاڻ جو آمريڪا جارجيا سنٽرل ايشيا (سوويت يونين جون سابق رياستون) تي قبضو ڄمائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي.
نئين صورتحال موجب آمريڪا ايران تي حملو نه ڪري سگهندو ڇاڪاڻ جو کيس وچ اوڀر جا ڪيئي ملڪ کائنس ناراض ٿيندا ۽ ڪئمپ مان نڪري ويندا ۽ جيڪڏهن روس ايران جي مدد ۾ ٽپي پيو ته پوءِ آمريڪا جي هن خطي تي قابض ٿيڻ جي رٿا ناڪام ٿيندي ان ڪري ايران تي حملو ڪري نئون محاذ نه کوليو ويندو.
ٻيو پهلو هن خطي جي سامراج مخالف تحريڪن تي آهي ته جيڪڏهن اُهي آمريڪا کي دوست سمجهڻ بجاءِ لٽيندڙ سامراجي مُلڪ تصور ڪن ۽ سامراج مخالف تحريڪ ڪجهه اڳڀري ٿئي ته به آمريڪا هن خطي ۾ نه ويهي سگهندو. رهيو سوال آمريڪي چونڊن تي ته اهو کلي سامهون اچي ويو آهي ته اوباما ريپبليڪن پارٽي کان وڌيڪ انتها پسند نظر اچي ٿو هو اسرائيل کي وچ اوڀر ۾ سگهارو ڏسڻ چاهي ٿو هو پاڪستان ۽ ايران کي آمريڪا لاءِ وڌيڪ خطرناڪ تصور ڪري ٿو ان ڪري آمريڪا جي چونڊ ۾ ڪير به کٽي عالمي سياست ۾ ڪا وڏي تبديلي نظر نٿي اچي آمريڪا جيڪر ايڏو جمهوريت پسند هجي ها ته ميانمار (برما ) ۾ آمريت جي خاتمي لاءِ آنگ سانگ سوچي جي حمايت ڪري ها.
اڄ عالمي سرمائيداري نظام ۽ آمريڪي سامراج جي جارحيت ڪري امن ۽ انصاف نظر نٿو اچي، عالمي جنگ نه هوندي به لکين ماڻهو ماريا پيا وڃن وسيلن تي قبضي لاءِ آمريڪا کي ڪنهن به مُلڪ جي خودمختياري ختم ڪرڻ جو حق نٿو پهچي.
۽ عالمي امن، برابري، جمهوري راڄ، آزادي ۽ خودمختياري تڏهن ممڪن آهي جڏهن آمريڪي بالادستي جو خاتمو اچي عالمي سرمائيداري جي ڦرلُٽ جو نظام ختم ٿئي.

سنڌ جي حاڪميت وارو سوال، سنڌ، متحد قومي موومينٽ، سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ خدشا

سنڌ صدين کان موجود آهي ۽ صدين تائين موجود رهندي، اهو اسانجو ايمان آهي، پنهنجي صدين جي تاريخ ۾ سنڌ ڌارين حملي آورن جو به مقابلو ڪيو آهي ته اندروني طور تي اڀرندڙ مخالف قوتن کي پڻ منهن ڏنو آهي.
سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ تي جنگيون هميشه مڙهيون ويون آهن، پر اها پاڻ ڪڏهن به اڳرائي پسند يا جارحيت پسند نه رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي صدين کان امن ۽ پيار واري سڃاڻپ رهي آهي. تاريخ اهو پڻ ٻڌائي ٿي ته جيڪي به مختلف قومن ۽ نسلن جا گروهه هتي آيا ۽ سنڌين ۾ ضم ٿي ويا، سي اوتري عزت ۽ احترام حاصل ڪن ٿا. جيتري هتان جا قديم لوڪ، پر جيڪي سنڌ ۽ سنڌين سان مستقل ٽڪراءُ ۾ رهيا، تن جو اڄ سنڌ ۾ ڪوبه نالو ۽ نشان ناهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن خطي ۾ جيڪا وڏي ۾ وڏي تبديلي آئي اها هندستان جي مختلف علائقن مان مختلف قوميتن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ هئي. جيڪي هتي ”مهاجر“ جي شناخت سان اچي آباد ٿيا.
ان تاريخي سچائيءَ کان اڄ ڪنهن کي به انڪار ناهي ته جڏهن مهاجر سنڌ ۾ آيا هئا ته جيترو آڌر ڀاءُ ۽ سهڪار سنڌين ڪيو هو اهو پاڪستان جي ٻين صوبن ڏانهن ويل مهاجرن سان بلڪل ئي نه ٿيو هيو.
سنڌين ته پنهنجا گهر، ملڪيتون ۽ زمينون سندن حوالي ڪيون هيون. تنهن ڪري ٿيڻ ته ائين گهربو هيو ته انهن کي فوري طور تي سنڌ جي مفادن سان سلهاڙجي هن ڌرتي جو حصو ٿين ها پر هنن الڳ مهاجر سڃاڻپ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي. 1968ع جي ڏهاڪي ۾ مهاجر، پنجابي، پختون اتحاد جي پليٽ فارم تان مهاجرن جي نسل پرست سوچ کي هڪ تنظيمي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ 1971ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو ته اهي سڌو سنئون سنڌين جي ٽڪراءَ ۾ اچي ويا.
1971ع جا ٻوليءَ وارا جهڳڙا ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين تي ٿيل خوني حملا ۽ سندن مال ملڪيت جي لٽ مار جا قصا اڃا به تازا آهن.
ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ اها ”مهاجر سياست“ ڪنهن حد تائين پس منظر ۾ هلي ويئي. پر ان عرصي ۾ به مهاجرن پاڻ کي سنڌين ۽ انهن جي سيڪيولر ۽ قومي حقن واري سياست سان جوڙڻ بدران مذهبي انتهاپسند تنظيمن خاص طورتي جماعت اسلاميءَ سان جوڙي رکيو. جڏهن ڀٽي جي خلاف پي اين اي جي ڊالر برانڊ تحريڪ هلي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو. ان ۾ به اڳيان اڳيان مهاجرن جي اڪثريت ئي هئي.
ڀٽو حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ ۽ ملڪ ۾ مارشل لا جي نفاذ کان فوري پوءِ 1978ع ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ٺاهي ويئي. اي پي ايم ايس او جي ٺهڻ جي سنڌ جي قومپرستن ان ڪري آجيان ڪئي هئي ته ان شروع ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ پنجاب جي جبر، ڏاڍ ۽ سنڌ جي ٿيندڙ استحصال جي خاتمي جي ڳالهه پئي ڪئي.
80ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ هو ڪجهه وڌيڪ واضح ٿيندي پنجاب جي بالادستيءَ خلاف ڳالهائڻ لڳا. سندن ان پنجاب مخالفت کي سنڌي قومپرستن سمجهيو ته هاڻي هو سنڌ جي قومي تحريڪ سان جڙي سنڌ ۾ هڪ مضبوط قومي تحريڪ کي جنم ڏيندا ۽ سنڌ جي قومي آجپي جي لاءِ پنهنجو اهو ڪردار ادا ڪندا. جيڪو هو اڳ نه ڪري سگهيا هئا.
سنڌ جي قومپرستن سندن ماضيءَ جي ڪردار کي وساري سندن ڀرپور حمايت ڪئي. ان حمايت جي نتيجي ۾ هنن خاص طورتي سائين جي ايم سيد جي مدد سان پاڻ کي سنڌ ۾ آرگنائيز ڪري ورتو. ٿوري ئي عرصي گذرڻ کانپوءِ سندن مکيه ٽارگيٽ سنڌي بڻيا. انهن 1984ع ۾ مهاجر قومي موومنٽ ٺاهي سنڌين سان باقاعده جنگ شروع ڪري ڏني.
ڪراچيءَ ۾ لکيل پڙهيل سنڌي آفيسرن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو. ”سنڌيو، ڪراچي خالي ڪريو“ جهڙا نعره هنيا ويا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين کي ننڌڻڪو سمجهي ماريو پئي ويو. سندن مال ملڪيت لٽي ويئي. سنڌي نياڻين سان زيادتيون ڪيون ويون. ايستائين جو معصوم سحرش کي به نه بخشيو ويو. پر سنڌين مڙسيءَ سان ان دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪيو ۽ کين محسوس ڪرايو ته هن ڌرتيءَ جا رهواسي امن پسند ضرور آهن، پر هو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ننگن جي حفاظت ڪري ڄاڻن ٿا.
اڄ جڏهن ايم ڪيو ايم، 1997ع ۾ ”مهاجر“ مان ”متحده“ بڻجي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي حقن جي ڳالهه ۽ پنجاب تي سخت تنقيد ڪري رهي آهي ته اسين ان جو 15 سالن جو پراڻو ڪردار، موقف ۽ پاليسي ڪيئن ٿا وساري سگهون.
اڄ ايم ڪيو ايم سنڌ جي حقن جي چئمپين بڻجي سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن ۽ سنڌ جي قوم پرستن تي تنقيد ڪري اهو ثابت ڪري رهي آهي ته اها ئي سنڌ جي نمائنده تنظيم آهي ۽ اها ئي سنڌ کي پنهنجا حق وٺرائي ڏئي سگهندي.
سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”جيڪو آزمايل کي آزمائي، سو ڌوڙ منهن ۾ پائي“ ايم ڪيو ايم ڀل پنهنجو ظاهري لهجو تبديل ڪيو هجي، پنهنجا ظاهري نعره تبديل ڪيا هجن ۽ پاڻ کي مڊل ڪلاس جي امن پسند ۽ سنڌ جي اجتماعي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيم ظاهر ڪندي هجي، پر ان جي لڪل ايجنڊا تي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي سياسي شعور رکندڙ ماڻهن وٽ ڪي به ٻه رايا ناهن.
1980ع واري ڏهاڪي ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد ڪاررواين سنڌ ۾ قومي ۽ جمهوري تحريڪ کي ڪمزور ڪيو ۽ سنڌين کي سندن اصل مسئلن کي هٽائي هڪ ٻي جنگ ۾ منجهائي رکڻ جي ڪوشش ڪئي، هتان جي تاريخ جي سمورن شاگردن کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم جي اها دهشتگردي ۽ نسل پرست سياست اسٽيبلشمنٽ جي اشاري تحت ئي ٿي هئي.
نه صرف اهو، پر انهن 1988ع وارين عام چونڊن کانسواءِ هڪٻئي پٺيان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز شريف سان گڏجي سنڌ ۾ گڏيل حڪومتون ٺاهي به ان انهن سان وفاداري نه ڪئي ۽ ساڻن ويساهه گهاتي ڪئي. 1998ع تائين جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) سان اتحاد ڪرڻ تائين اهي اسٽيبلشمنٽ جو حصو ٿي ڪراچي سميت سموري سنڌ جو امن تاراج ڪندا رهيا.
1997ع ۾ جڏهن انهن پنهنجي قوت کي سڪڙجندو محسوس ڪيو ته انهن متحده قومي موومينٽ ٺاهي سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ان تنظيم جو اڳواڻ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ به پائڻ لڳو. ايم ڪيو، ايم جي سياست جي ان حيرت انگيز تبديليءَ سڄاڻ حلقن کي ڪو خاص متاثر نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته هو ايم ڪيو ايم جي سياسي چالاڪين کان واقف هئا.
جسقم سان اتحاد جي ذريعي انهن هڪ نئين چال کيڏندي پاڻ کي سنڌي ماڻهن جو خيرخواهه ظاهر ڪري پاڻ کي سموري سنڌ ۾ آرگنائيز ڪرڻ جي هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهي بيانن ۽ تقريرن جي حد تائين ته سنڌي قومپرستن کان به ٻه وکون اڳتي وڌندي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ لڳا، پر عملي طورتي اُتي ئي بيٺا رهيا، جتي اڳ بيٺا هئا. سنڌ جي انتهائي اهم مسئلن ڪالا باغ ڊئم، ٿل ڪينال ۽ پاڻيءَ جي مسئلي تي ايم ڪيو ايم ڪا فيصلائتي جدوجهد نه ڪئي ۽ نه وري سنڌين جي جدوجهد ۾ ڪا خاص شرڪت ڪئي. ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻن جلسن ۾ شرڪت ڪري انهن دراصل اسٽيبلشمنٽ وٽ پنهنجو اسڪور ٺاهڻ پئي گهريو. انهن جسقم سان اتحاد ڪري هڪ ئي وقت درحقيقت ٻه شڪار ڪرڻ پئي گهُريا سموري سنڌ ۾ پنهنجي تنظيم کي منظم ڪرڻ ۽ تنظيم کي سياسي ويڳاڻپ مان ٻاهر ڪڍڻو هيو، جنهن ۾ اها 1995ع ۾ بينظير ڀٽو جي دور ۾ نصيرالله بابر جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل رينجرس آپريشن ۾ هلي ويئي هئي ۽ ٻيو ته اسٽبليشمنٽ جي ڪنهن حد تائين ناراض حلقي کي اهو پيغام ڏيڻ پئي چاهيو ته کين وري ان انداز ۾ پنهنجو بڻايو وڃي، جيئن اهي 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هئا. ايم ڪيو ايم پنهنجي اڃا نئين سياسي حڪمت عمليءَ تحت سنڌي ماڻهن کي پنهنجي تنظيم جو حصو بڻائڻ شروع ڪيو پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم جا اهي سنڌي حصو بڻيا، جيڪي چور، ڌاڙيل ۽ بشني هئا. سنڌي اديبن ۽ دانشورن مان به انهن ماڻهن ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي، جيڪي پڌري پٽ اسٽيبلشمينٽ جو حصو رهيا آهن. هن وقت اليڪشن ۾ به ايم ڪيو ايم انهن تڪن تي سنڌين کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن، جتي ايم ڪيو ايم جا چند هزار ووٽ آهن ۽ جتي انهن جي کٽڻ جا ڪي به امڪان ناهن، پر صرف اهو ظاهر ڪرڻو آهي ته اها سموري سنڌ جي پارٽي آهي ۽ سنڌين کي به ٽڪيٽون ڏنيون اٿس. انهن مان جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ کٽي آيو ته اهو به اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار سان ڇاڪاڻ ته هاڻي ايم ڪيو ايم وري اسٽيبلشمينٽ وٽ پاڻ کي ڌوئي صاف ڪرائي چڪي آهي. اهوئي نتيجو آهي، جو ان جا لڳ ڀڳ سمورا گرفتار اڳواڻ ۽ ڪارڪن آزاد ڪيا ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم (آفاق گروپ) جي ڪجهه گرفتار ڪارڪنن جو اهو پڻ بيان اخبارن ۾ ڇپيو هيو ته طاقتور ڌريون مٿن دٻاءُ وجهي رهيون آهن ته مهاجر قومي موومنٽ کي ختم ڪريو ۽ متحده ۾ شامل ٿي وڃو.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌي قوم جو حصو ٿيڻ گهرجي ۽ جڏهن عام اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو هڪ تاريخي ۽ فطري عمل تحت سنڌي قوم جو حصو ٿي رهيا هئا ته اسٽيبلشمنٽ ايم ڪيو ايم جو بنياد وجهي، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ تضاد پئدا ڪرايا ۽ هڪ فطري ٻڌي، سگهه کي تضادن ۾ ورهائي ڇڏيو.

محڪوم قومن جا بنيادي حق

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن ۽ ريسرج (PILER) ڪراچي، مينارٽي رائٽس ڪميشن آف پاڪستان لاهور پاران ”قومي وسيلا، صوبن جا حق ۽ بلوچستان جي موجوده صورتحال“ عنوان تحت گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس ۾ بلوچستان ۽ سنڌ سميت ملڪ جي ناميارن دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن جي حيثيت ۾ پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪيو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين علي حسن چانڊيو جو پيش ڪيل نقطه نظر هو:
سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران هن سيمينار گول ميز ڪانفرنس ۾ بحث مباحثي کي خوش آمديد ڪيان ٿو ۽ شڪرگذار آهيان جو هن فورم تي مون کي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. مونکان اڳ سنڌ ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ دوستن تفصيلي طور ڳالهايو آهي. اهم اشو ۽ وسيلن جي حوالي سان هنن ڪي به رايا ناهن ڏنا ته پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي ۽ هي گهڻ قومي رياست هجڻ ڪري جيئن اسان جي دوست عبدالخالق جوڻيجو ۽ ابرار قاضي چيو ۽ ڳالهيون ڪيون. انهن ڳالهين تي اتفاق ڪندي مان چوان ٿو ته 57 سال پاڪستان کي ٺهي ٿي چڪا آهن. هن مهل تائين ننڍين قومن يا وحدتن سان جيڪي زيادتيون ٿيون آهن ۽ ظلم ٿيا آهن، اهي لڪل نه آهن. وسيلا فقط اهي ناهن ته قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ زيادتي ٿي رهي آهي، مان اهوبه چوان ٿوته جيئن ته بلوچستان جي دوستن چيو ته اسان جا وسائل ڦٻايا ويا آهن. بلڪل اهڙي ريت مان چوان ٿو ته ملڪ جي بجيٽ ۾ 70سيڪڙو سنڌ جا وسيلا شامل آهن ۽ جتان به جيترا وسيلا وڃن ٿا. انهن بنيادن کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ورهاست ڪئي وڃي ٿي. هيءَ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي حوالي سان ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي محڪوم ۽ مظلوم قومن جي اتحاد پونم جي طرفان اوپينين آهي ته سڀ کان پهرين اوپينين رکيو وڃي. ان کان علاوه سنڌ ۾ گئس وڏي تعداد جي نڪتي آهي. تيل آهي، ڪوئلو آهي. ان کان علاوه اسان جي پاڻي جو معاملو آهي. Resources جو معاملو آهي. انهن سڀني شين تي صرف اهو ناهي ته هو هتان لٽي پيا وڃن پر ان ۾ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن تيل ٽنڊو محمد خان مان نڪري ٿو يا ڪاڇي مان نڪري ٿو ته، هجڻ اهو کپندو ته اتي ئي ريفائنري (يعني صفائي) هئڻ کپي. آئل ريفائنري به سنڌ ۾ نه لڳائي وئي آهي. هتان ڪچو تيل ڪڍي لاهور کڻي ويندا آهن اتي ريفائنري ٺاهيل آهي ۽ اهي سڀ فائدا انهن کي ملندا آهن. ٻي ڳالهه ته قدرت سنڌ ۽ بلوچستان کي جيڪي وسائل ڏنا آهن انهن جي لٽ ڦر ڇو ٿي ڪئي وڃي ۽ ڇو ٿي رهي آهي. ٻيو اهو ته 99 سيڪڙو مزدور جنهن ۾ ٽيڪنيڪل، سيڪيورٽي گارڊ يا ٻيو ليبر اچي وڃي ٿو. اهو سمورو ٻاهران اچي ٿو ۽ نتيجي ۾ اهو ٿئي ٿو جو جمهوري سسٽم به پوءِ مسئلو بڻجي وڃي ٿو. آبادي جو توازن بگڙي وڃي ٿو. اسان اهو به چوندا رهيا آهيون ته آبادي جي بگاڙ جي ڪري ۽ ٻاهريان ماڻهو اچڻ جي ڪري، وسيلن تي قابض ٿيڻ جي ڪري هن خطي سنڌ جي جيڪا امن امان جي صورتحال خراب ٿي آهي ان جون ذميوار هتان جون محڪوم قومون ناهن پر آيل غيرقانوني ماڻهو ۽ قومون آهن. مان اهو به دعويٰ سان چوان ٿو ته 11/9 کانپوءِ القاعده ۽ دهستگردي خلاف جيڪا عالمگير جنگ هلي رهي آهي ان جنونيت ۾ هڪ به سنڌي ۽ بلوچ شريڪ ناهي. سوال هي آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪير ڪري رهيو آهي. اسان ۽ توهان سڀ سڃاڻون ٿا ته اهو سڀ ڪير پيو ڪري. سڄي امن امان جي صورتحال بگڙيل آهي. آمدني جا وسيلا هتي پيدا ٿيا، پورٽ ڪراچي ۾ ٺهيو. جڏهن پاڪستان 1947ع ۾ ٺهيو هو ان وقت ڪراچي جي آبادي 4 لک 50 هزار هئي. 1957ع ۾ آبادي 11 لک ٿي. جڏهن ٻاهريان ماڻهو آيا جيڪي غيرقانوني ۽ غيرفطري آيا، 1957 ۾ سڀ سرحدون بند ٿي ويون پاسپورٽ ٺهڻ شروع ٿي ويا، ويزا سسٽم رائج ٿي ويو، سڄو سسٽم ڪنٽرول ۾ رکيو ويو. ان کان پوءِ به اوهان ڏٺو ته هن پورٽ جي ڪري 2004ع تائين سرڪاري انگ ٻڌائين ٿا ته ڪراچي جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي ته ۽ معذرت سان رزاق بگٽي جو اهو موقف ٻڌو اٿم جنهن ۾ هن اسٽيبلشمينٽ جو دفاع ڪيو آهي ۽ بلوچستان جي ترقي بابت چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ بلوچستان جي ترقي ٺيڪ ڪري رهي اهي ۽ سردار اتي رخنو وجهي رهيا آهن. هتان جي ماڻهن جو مسئلو ناهي ان موقف تي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. جو رزاق بگٽي اها ڳالهه ٿو ڪري، ڇو ته هي هڪ وڏو قومپرست رهيو آهي ۽ ڏاڍو سرگرم رهيو آهي. رزاق بگٽي آئيڊيل رهيو آهي. ڪيئن ٿا توهان چئو ته گوادر جي پوزيشن اها نه هوندي جيڪا اڄ ڪراچي ۾ آهي؟ هتي جيڪي سنڌي ۽ بلوچ صدين کان آباد آهن اهي اقليت ۾ اچي ويا آهن هنن جي اڄ هتي ڪا حيثيت ناهي رهي. 40 لک بلوچ آبادي آهي. 50 سالن کان پوءِ جڏهن گوادر پورٽ ٺهي ويندو ۽ ڪا روڪٿام نه هوندي. ڪوئي قانون نه هوندو. ڪوئي سسٽم نه هوندو ته پوءِ بلوچستان جي آبادي ڪٿي وڃي بيهندي، بلوچستان جي آبادي وڃي سوا ڪروڙ، ڏيڍ ڪروڙ تي بيهندي. مان عبدالرزاق بگٽي کان پڇان ٿو ته پوءِ اوهان بلوچ ڪٿي هوندا؟ معاملو فقط سردارن جو ناهي. سردارن جا مفاد ضرور هوندا پر هڪ قومپرست ورڪر هئڻ جي ناتي مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ وسيلا آهن. ڪوئلو آهي، تيل آهي، گئس آهي. اسان وٽ سمنڊ آهي پورٽ آهي. انهن سمورن وسلين تي اڄ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. اڄ جو موضوع به اهو ئي آهي. هڪ قوم آهي ۽ هڪ قوم هجڻ جي ناتي هو تماشو پيا ڪن مظلومن جي حقن جو محڪومن جي وسيلن جو هو تماشو بڻائي ويٺا آهن، ان لاءِ اسان کي پنهنجن حقن لاءِ وڙهڻ گهرجي، جدوجهد ڪرڻ گهرجي، سياسي ايڪتا قائم ڪرڻ گهرجي. اسان جي ملڪ جي ڳالهه ڪئي وئي ته آئيني طرح معاملا حل ڪيا وڃن پر آئين آهي ڪٿي؟ 73ع جو آئين ڪيترا ڀيرا ڦاڙيو ويو ڪيترائي ڀيرا ان ۾ ترميمون ٿيون آهن. ڪيترائي ڀيرا ان کي جنرلن پنهنجي مرضي سان هلايو آهي ۽ اسان جنرل پرويز مشرف کي معاملا حل ڪرڻ جي گذارش ڪري رهيا آهيون ته حق ڏئي؟ ٽن صوبن جي اسيمبلين متفقه راءِ ڏني ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ کپي، ٿل ڪئنال نه ٺهڻ گهرجي. هيءَ زيادتي هوندي جنهن کي ڪابه اهميت نه ڏني وئي آهي، پر پرو اسٽيبلشمينٽ ۽ جلد بازي ۾ اسلام آباد جي ايوان ۾، سنڌ اسيمبلي ۾ يا ڪنهن ٻئي جڳهه ۾ وردي جي معاملي ۾ راءِ اچي ٿي ته ان کي قبول ڪيو وڃي ٿو ۽ قانون ۽ آئين جو حصو بڻجي وڃي ٿو. پر اسان جو معاملو نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ماڻهو جيڪي احتجاج ڪري رهيا آهن. زيادتين ۽ ظلم جي خلاف آهن انهن سان انصاف نٿو ٿئي. مان چوان ٿو ته ان حساب سان پاڪستان وڌيڪ هلڻ جي قابل ناهي رهيو. بچائڻ جي به ضرورت ناهي. بلوچستان ۾ ڪئمپون آهن يا ناهن، بلوچستان جا مسئلا ڇا آهن اسان سمجهون ٿا ته بلوچستان لاءِ تجربو ڪافي آهي ته سنڌ جيڪو سفر ڪري رهي آهي اهو سفر سڀ کان وڌيڪ ڪيو ويو آهي ۽ اسان خاموش رهياسين. اسان جي قومي جدوجهد سگهاري نه جڙي سگهي ۽ ويڙهه ۾ رهي آهي. اسان نه جهڳڙو ڪري سگهياسين نه نتيجي ۾ اڳتي وڌي سگهياسين. اسان هاڻي گهيري ۾ آهيون اسان جي سنڌ اسيمبلي ۾ 168 ميمبر آهن انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 68 ميمبر غير سنڌي آهن. اسان جي تهذيب، ثقافت، اسان جي تعمير ۽ رٿابندي، اسان جو ناڻو مطلب ته جيڪي بنيادي وزارتون آهن اهي سنڌين وٽ ناهن. هي ڳالهه مان انهيءَ لاءِ چئي رهيو آهيان ته حق حاڪميت جو سوال هاڻي پيدا ٿيو آهي. سنڌ لاءِ. ۽ اڳتي هلي اهو سنڌين لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويندو ته بلوچستان جو معاملو به اهو ئي آهي. جنهن طريقي سان روڊ ۽ رستا ٺهي رهيا آهن، جنهن طريقي سان بلوچستان ۾ ترقي ٿي رهي آهي، ترقي ڪهڙي قسم جي؟ فوجي ڇانوڻين ۾ ڪنهن ترقي ڪئي آهي. فوجي ڇانوڻيون ٺهڻ گهرجن بارڊر تي ڄامشورو ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ ڪهڙي اتي سرحد لڳي ٿي؟ خضدار ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جنهن جي اسان جو دوست رازق بگٽي دفاع ڪري رهيو آهي ۽ جتي جتي فوجي ڇانوڻي ٺهي آهي مطلب ته پنو عاقل ۾ فوجي ڇانوڻي ٺهي آهي ته اڄ ڏوهن ۾ اضافو به پنوعاقل ڇانوڻي جي حدن ۾ آهي. بک ۽ بدحالي پنوعاقل ڇانوڻي جي آسپاس آهي ۽ سنڌ جي تباهي ۽ بربادي به پنوعاقل ڇانوڻي جي آس پاس ٿي رهي آهي. ها ڇانوڻين جي ذريعي ترقي ٿي آهي ته انهن ماڻهن جي ٿي آهي جن جو سماج بهتر ٿئي ٿو ۽ انهن جو ئي ڌندو هلي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي وسيلن جي جيڪا ڦرلٽ ٿي رهي آهي ان جي خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام پنهنجي نفرت جو اظهار ٿو ڪري، جدوجهد ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ڇانوڻين جو ڄار وڇايو ٿو وڃي. حڪيم لهري صاحب چيو ته پوري بلوچستان ۾ ڪوئيٽا مان جيڪي روٽ بلوچ آبادين کان گذري رهيا آهن اتي ٽئنڪون ايندي ويندي ملنديون، هي ڇا آهي؟ ڪنهن کي فتح ڪيو پيو وڃي؟ سردار عطاء الله مينگل جي جيڪا آرگنائيزيشن آهي جيڪا مونکي معلومات آهي اها خضدار جي آسپاس آهي، نصيرآباد ۾ ته اهي ناهن. مڪران وغيره ۾ هنن/مينگل جو ايم پي اي به ناهي اتان جا ماڻهو احتجاج ڇو ڪري رهيا آهن يا نصيرآباد جا ماڻهو احتجاج ڇو ڪري رهيا آهن. ڪوهلو ۽ ڊيرا بگٽي ايريا جا ماڻهو ڇو جدوجهد ڪري رهيا آهن ان لاءِ منهنجو خيال آهي ته دوستو اسان جو موقف اهو آهي. اسان مهمانن جو احترام ڪيون ٿا پر اسان سياسي ماڻهو آهيون پنهنجو موقف ضرور رکنداسين ته پاڪستان جا فوجي جنرل پاڪستان ٺهڻ کان اڄ ڏينهن تائين انهن جرنلن جي حڪومت رهي آهي. جمهوري دور به آيا آهن پر اندروني طور غلبو اُنهن فوجي جنرلن جو رهيو آهي. انهن جي مفادن جي جنگ ٿي رهي آهي. ان لاءِ پاڪستان ۾ جيڪي محڪوم قومن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن. وسيلا، پاڻي، ناڻي جي حوالي سان زيادتيون ٿي رهيون آهن. پيٽرول، گئس جي حوالي سان زيادتيون ٿي رهيون آهن. اهي وفاق جي ملڪيت ڄاڻائي سڀ پنجاب پيو ڪري پنجاب ۾ چون ٿا ته جر جو پاڻي مٺو آهي. ان لاءِ اسان چئون ٿا ته ان کي به وفاق جي شيئر ۾ آڻيو ته چوندا آهن ته پاڻي ته پنجاب جو آهي. ڪنهن دوست چيو ته هي عالمي مداخلت ٿي رهي آهي. انويسٽمينٽ آهي. ڪي ماڻهو بلوچستان ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. منهنجو خيال اهو آهي ته جيڪو عالمي لابي ٺاهي ٿو اها الڳ ڳالهه آهي. اصل معاملو اهو آهي ته حقن جي لٽ مار ٿي رهي آهي ۽ لٽ مار رهي ته جهڳڙو ٿيندو. جهڳڙو ڪرڻ به گهرجي. مان آخر ۾ اها راءِ ڏيان ٿو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي معاملن تي جوائنٽ پوليٽيڪل ۽ سوشل ماڻهن جي هڪ ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي ۽ 1940ع جي جيڪا قرارداد پاڪستان آهي حڪمرانن کي ان تي عمل ڪرڻ کپي. ان کان بغير هي معاملا حل نه ٿيندا.

همتن ۽ جرئتن کي زندھ ڪرڻ جي ضرورت

پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن کي بنيادي، جمهوري، قومي ۽ انساني حقن کان محروم رکيو ويو آهي. اڄ تائين گهڻو عرصو فوجي جنرلن اقتدار ۾ رهي عوام کي چٿيو آهي ۽ جيترو به وقت ڪنهن حد تائين جمهوري دورن ۾ محڪوم قومن ۽ عوام سان ڀوڳ ٿيندا رهيا آهن. يعني هر دور ۾ ڦرلٽ ٿيندي رهي آهي، جنهن ۾ فوجي جنرل، سول آفيسر شاهي، جاگيردار ۽ اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو گڏجي ڪڌو ڪم ڪندا رهيا آهن. جن خلاف عوام طرفان وقت به وقت ڪڏهن ڪمزور ته ڪڏهن وري سگهاري جدوجهد هلندي رهي آهي. پر بدقسمتيءَ سان معمولي فتحن کان سواءِ اڪثر ناڪامين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ان جا ڪارڻ سنڌ ۾ سياسي پارٽين جو ڪمزور هجڻ، سرڪاري ادارن جو تمام گهڻو اثر رسوخ هجڻ، شعور جي گهٽتائي، جاگيرداري سماج هجڻ بنيادي حيثيت رکن ٿا. ان باوجود جڏهن به سنڌ جي عوام گڏجي عوامي مزاحمت ڪئي آهي ته ان سنڌ دشمنن کي ٽوٽا چٻايا آهن.
1983ع کان وٺي ضياءَ جي مارشل لا جي خاتمي تائين مسلسل عوام وڙهندو رهيو. ڪڏهن سڪرنڊ ۾ پنهون چانڊئي جي ڳوٺ وٽ ته ڪڏهن خيرپور ناٿن شاهه ۾ برهماڻي ڳوٺ، دادوءَ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوام وڙهيو آهي. هٿين خالي هجڻ باوجود ايم آر ڊي جي جمهوري تحريڪ سنڌ، ايشيا ۽ سڄي دنيا ۾ پنهنجا اثر ڇڏيا، سياسي ڪارڪنن سان جيل ڀرجي ويا، سوين ڪونڌر وڙهندي شهيد ٿيا، سرڪار طاقت جو هر وسيلو استعمال ڪندي رهي پر سنڌ جو عوام ڪمزور نه ٿيو. ماڻهو بي همت نه ٿيا، شعور ۽ جذبي سان مارشل لا مخالف ويڙهه ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هلندي پئي اچي. سڄي جدوجهد دوران سرڪار ڪيترن ئي ماڻهن کي ڌاڙيل قرار ڏئي قتل ڪيو. ماڻهن جي اکين تي جوتن جا پها ٻڌي کين انڌو ڪيو. گلشير تيوڻي جهڙي سنڌي فنڪار جو بي ڏوهي مٿو چٿي کيس ماريو ويو. سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري چيري چيري لوڻ ٻرڪيو ويو. نذير عباسي شهيد ٽارچر ڪئمپ ۾ ماريو ويو. سياسي ڪارڪنن کي پمفليٽ ڪڍڻ جي ڏوهه ۾ 7، 7 سال سزا ڏني وئي. لکين ماڻهن کي معاشي بدحاليءَ جي ڪري فاقه ڪشي ڪرڻي پئي. تعليمي ادارن کي رينجرز حوالي ڪيو ويو. پوءِ به سياسي جدوجهد ۾ تر جيتري به گهٽتائي نه ٿي. پوءِ ڇا سبب آهي جو اڄ سنڌ مڪمل غلام آهي، گيس، تيل، ڪوئلي جون کاڻيون، ڪارخانه، سمنڊ ۽ بيون گهڻيون شيون ڌارين جي حوالي ٿي ويون آهن. سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌ دشمن رٿائون پاس ٿي رهيون آهن. لکين غير قانوني پناهگيرن کي قانوني بڻائي سنڌين کي هميشه لاءِ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو سرڪاري فيصلو ڪيو ويو آهي. هنڌ هنڌ فوجي ڇانوڻيون ٺاهيون پيون وڃن. پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سِڪي رهيا آهيون، سنڌ جي ثقافتي، گهرو، صحت ٻين ڪيترن ئي اهم کاتن کي ڌارين وزيرن حوالي ڪيو ويو آهي. مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ جي اصل ڌڻين کي تڙڻ لاءِ ڳوٺ ڊاهيا پيا وڃن. ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ انگريزن جو روحاني اولاد هلاڪو ۽ چنگيز خان جا پوئلڳ نوس نوس ڪري سنڌين کي هيسائي، دٻائي ۽ مات ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
سنڌي اڄ يتيم آهن، مڪمل غلام آهن، هر قسم جو جبر مٿن مڙهيو ويو آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي بقاءَ جو سوال اچي پيدا ٿيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي خاموش ڇو آهن؟ سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ بس صرف هڪڙو جواب آهي، يا عزت جي موت مرجي يا وري ذلت جي زندگي گذارجي. اڄ سنڌين کي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ کي زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ امڙ آهي.
ان لاءِ همتن ۽ جرئتن کي زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر هوشو، هيمون، دودي، دولهه درياخان ۽ پنهون چانڊئي جهڙا ڪردار گهر گهر گهرجن ٿا، سنڌين کي گهڻ رخي عقلي ۽ بهادراڻي ويڙهه ۽ مزاحمت لاءِ تيار ٿيڻو پوندو.

ڇا بارڪ حسين اوباما سان اميدون وابستا ڪريون؟

20 جنوري 2009 جو ڏينهن آمريڪا جي تاريخ جو اهم ڏينهن هو، جنهن ڏينهن تي ڪاري نسل سان واسطو رکندڙ بارڪ حسين اوباما آمريڪا جي 44 هين صدر طور قسم کڻي رهيو هو.
هن پنهنجي ارڙهن منٽن واري مختصر تقرير ۾ افغانستان ۾ ڳري قيمت تي امن قائم ڪرڻ، عراق مان فوجون واپس ڪرڻ بدنام زمانا گواٽانامون جيل بند ڪرڻ سان گڏ معاشي سڌارن ۽ دنيا اندر انصاف ۽ امن لاءِ ڪوششون وٺڻ.
دنيا بارڪ حسين اوباما جي صدر چونڊجڻ کي مارٽر لوٿر ڪنگ جيڪو انساني حقن ۽ برابريءَ جي جدوجهد جو هيرو آهي. جنهن انسانن جي برابريءَ جو خواب ڏٺو ۽ ان جي لاءِ آمريڪا جي اندر 40 سالن تائين جدوجهد ڪئي، جي خواب جي ساڀيا قرار ڏئي رهي آهي.
دراصل آمريڪا پنهنجي جارحيت ۽ جنگي جنون ڪري سموري دنيا اندر اهڙي ته خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي جو دنيا ٽائم بم مٿان ويٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. وچ اوڀر ۾ فلسطين ۽ عراق جو مسئلو ڏکڻ ايشيا ۾ افغانستان تي قبضو ۽ پاڪستان تي راڪيٽ حملا جنهن سان لکين انسان ٻار، عورتون ۽ مرد متاثر ٿيا آهن. سڄي دنيا ۾ انتها پسنديءَ ۾ واڌ، غربت ۾ اضافو ۽ آمرن ۽ جنريلن کي مدد فراهم ڪري چونڊيل حڪومتن تي راتاها هڻڻ ۾ مددون ڪرڻ آمريڪا جي تاريخ رهي آهي.
هن وقت اوباما جي صدر چونڊجڻ سان جتي سموري دنيا اميدون وابستا ڪري رهي آهي اتي ڇا اسان به اميد ڪريون ته اوباما پاڪستان جي محڪوم قومن سنڌي، بلوچ، پختونن جي جمهوري ۽ قومي حقن جي جدوجهد جي اخلاقي مدد ڪندو. خطي اندر هٿ سان پيدا ڪيل مذهبي انتها پسنديءَ واري جن کي واپس بوتل ۾ وجهندو؟ پاڪستان توڻي ٽين دنيا جي ٻين ملڪن ۾ حقيقي جمهوري حڪومتون قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو؟ دنيا جي اندر آزادي پسند آمريتن ۽ جاگيردار شاهي خلاف هلندڙ تحريڪن جو ڀر جهلو بڻجندو؟ ڇا مستقبل ۾ آمريڪا جون فوجون عراق ۽ افغانستان مان ٻاهر ڪڍي انهن جي مستقبل جو فيصلو اتي جي عوام حوالي ڪندو.؟
انساني آزادين، انصاف ۽ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، آمريڪا جيڪو مختلف ملٽي نيشنل ڪمپنين ذريعي دنيا جي وسيلن تي جيڪي راتاها هڻي رهيو آهي، ڇا ان ڦرلٽ جي نظام جو خاتمو ايندو.
ڇا اهڙا سڀ خواب ۽ سڀ اميدون بارڪ حسين اوباما سان منسوب ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن اوباما آمريڪا جي نئين سوچ ۽ تبديليءَ واري نعري هيٺ دنيا مان پنهنجي جارحيت جو خاتمو آڻڻ شروع ڪيو ته، دنيا امن جي خوبصورت انڊلٺي رنگن سان جرڪي پوندي، ٻي صورت ۾ دنيا جي اندر ٻيهر سامراج مخالف تحريڪون سرگرم ٿينديون، جن کي روڪڻ شايد هاڻي معاشي بحران جي ور چڙهيل آمريڪي رياست لاءِ ممڪن نه هجي.

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جو سوال!

سنڌ صدين کان آزاد ۽ خوشحال رهي آهي، خوشحال تهذيب ۽ آمدني جي حساب سان امير هئڻ ڪري سدائين هن ڌرتي تي ڌارين جون ڪاهون ٿينديون رهيون آهن. ڪاهن جي نتيجي ۾ ڪيئي ڀيرا سنڌ قبضي هيٺ رهي. سندس لٽ مار ٿيندي رهي ان جي باوجود سنڌ پنهنجي آزاد حيثيت کي برقرار رکيو. ڌارين جي جارحيت ڪري آيل ماڻهن کي پنهنجي عظيم تهذيب ۽ ٻولي ۾ ضم ڪيو. سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به جارحيت پسند ناهن رهيا. سدائين امن پسندي جو راڳ ڳائيندا رهيا.
سنڌ سان جديد دور ۾ ويڌن تڏهن ٿيو جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو. سنڌ کي ڄاڻي واڻي يا اُڻ ڄاڻائي ۾ جبري طور پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. اُن ورهاڱي وقت هندستان مان هڪ وڏي لوڌ وطن ڇڏي سنڌ ۾ اچي آباد ٿي جنهن جو اڪثر تعلق يوپي، سي پيءَ دهلي سان هيو. جن کي پاڪستان جي ڪنهن صوبي برداشت نه ڪيو، بلڪ سمورن کي سنڌ جي راهه ڏيکاري وئي. اصولن امن امان کان پوءِ هندستان ۽ پاڪستان جي بلڪه الڳ ٿي وڃڻ ۽ حالتن جي سڌرڻ کانپوءِ هنن کي واپس پنهنجي ڏيهه موڪليو وڃي ها پر ائين نه ٿيو. ان کان پوءِ غير قانوني طور هزارين لکين هندستاني هتي غير قانوني اچي پناهه وٺندا رهيا. انگن اکرن موجب جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو هو ته ان وقت صرف ڪراچي جي آبادي 14000 هئي. جيڪي خالص سنڌي هئا. 1881ع ۾ اهي وڌي هڪ لک ٿي ويا. 1911ع ۾ هڪ لک ڇهاسي هزار، 1921ع ۾ اڍائي لک (250000) 1931ع ۾ وڌي ٽي لک ٿيا.
ورهاڱي وقت 450000 هئي. مٿين آبادي نج سنڌي ماڻهن جي هئي. جيڪا فطري واڌ هئي. ان دوران ڪراچي توڙي سنڌ جي ڪنهن به ڳوٺ يا شهر ۾ ڪا قتل غارت نه هئي. امن امان هو، هندو مسلم ڀائي ڀائي هئا. هڪ ٻئي جي ڏکن سکن، ڪاڄن توڙي ثقافتي پروگرامن ۾ مددگار هوندا هئا.
ڪراچي جو شهر ننڍڙو سهڻو ۽ سندس رستا روزانو پاڻي سان ڌوپيا ويندا هئا. سمنڊ ۾ ڪا گدلاڻ نه هئي. ماهيگير خوشحال هئا. وڻج واپار هلندو هو ڪو داداگيري ۽ دهشتگردي وارو ڪلچر نه هو.
پر ورهاڱي کان پوءِ 1957ع ۾ اها آبادي 11 لک ٿي 1961ع ۾ 20 لک 1987ع ۾ 53 لک 1998ع ۾ هڪ ڪروڙ ۽ هاڻ سرڪاري انگن اکرن موجب اها وڌي ڏيڍ ڪروڙ ٿي آهي وئي. ان کان سواءِ 25 لک غيرقانوني پناهگيرن جو حساب ڪتاب ڪنهن به ليکي ۾ ناهي.
انصاف ڏسو ورهاڱي کان پوءِ 1957ع تائين ڪراچي جي آبادي جا انگ اکر 20 لک ٻڌائين ٿا. ان کان پوءِ سرحدون بند ٿيون، ويزا سسٽم ٿيو غيرقانوني اچ وڃ تي بندش پئي. سنڌي فطري واڌ ذريعي چوڏهن هزارن مان لڳ ڀڳ 100 سال ۾ وڃي ٿيا ساڍا چار لک ۽ اندرون سنڌ مان سنڌين جي ڪراچي آمد (جيڪو کين قومي حق آهي) ذريعي سنڌين جي ڪراچي ۾ آبادي 30 لک جي آهي. پر حالت ڏسو 1947 ع ۾ پناهگير هئا 5 لک جيڪي 55 سالن جي عرصي ۾ وڌي وڃي ٿيا سوا ڪروڙ، اُن ڌاري آبادي ۾ هندستاني، بنگالي، بهاري، برمي، افغانين جو وڏو انگ آهي. جن کي هتي سنڌ دشمن منظم ڪيو. انهن جي هر سطح تي مدد ڪئي. انهن کي هتان جو قانوني شهري قرار ڏيڻ لاءِ سڀ حيلا هلايا ۽ اهو سڀ ڪجهه رڳو ان ڪري جو انهن سنڌ جي وسيلن تي نظر رکي، ان کي ڳڙڪائڻ طاقت کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ لاءِ ان گڏجي ڪم ۾ شريڪ ٿي. ان ۾ پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ ۽ مهاجر مفادن گڏجي سنڌين جي آزادي خوشحالي ۽ ثقافت تي راتاهو هنيو. مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو ته ورهاڱي کان اڳ ڪراچي سنڌ جي سماجي، معاشي شهر حالت ڇا هئي ۽ هاڻ ڇا آهي؟
ڌارين جي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ سان سنڌين جو ڪوس ٿيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر پاڻي ۽ خوشبوئن سان ڌوپبا هئا سي هاڻ رت سان رڱيا پيا وڃن. ماڻهن جا بيدردي سان ٻورين ۾ لاش وڌا پيا وڃن. مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ بم ڦاڙيا پيا وڃن. غير مسلم اقليتن جي عقيدي تي پابنديون مڙهيون ويون آهن.
انسانيت جي مڪمل تذليل ڪئي وئي آهي. سيڪيولر نظام بجاءِ رجعت پسندن کي هٿي ملي آهي. سنڌ جي سمورن وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي چڪا آهن. سمنڊ ۾ جتي سنڌي مهاڻا مڇي ماري روزگار ڪندا هئا اتي اڄ برمي، بنگالي ۽ افغاني ڇانيل آهن. ڪارخانن ۾ 99 سيڪڙو غير سنڌي ڌنڌي سان لڳل آهن. شهرن جي ڪاروبار تي ڌاريا مڪمل قابض آهن.
سنڌي پنهنجي وطن هوندي انهن ڌارين جي يلغار جي نتيجي ۾ بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي خودڪشين ڪرڻ تي مجبور آهن. ورهاڱي کان اڳ جمشيد مهتا جهڙو ماڻهو ڪراچيءَ جو رکوال هو. هاڻ ناظم اعليٰ ۽ نائب ناظم پناهگير پٺاڻ ۽ پنجابي آهن. ڪراچي جي 18 ٽائون ڪائونسلن ۾ وڌ ۾ وڌ چار سنڌي يا بلوچ ناظم آهن باقي سڀ ڌاريا آهن.
سنڌ اسيمبلي جي 168 ايم پي ايز مان لڳ ڀڳ 68 ايم پي ايز غير سنڌي آهن. وزارتن ۾ صحت، سماجي ڀلائي، معدني وسيلا، گهرو کاتو، ثقافت، فنانس، ترقي ۽ رٿابندي ۽ راندين جهڙا تمام اهم کاتا ڌارين کي ڏنا ويا آهن. سنڌ جو ايگزيڪيٽو عهدو گورنري پڻ غير سنڌي وٽ آهن.
ورهاڱي کان وٺي اڄ سوڌو تقريبا ڪراچي ۾ غير سنڌين جي حڪمراني رهي آهي. جتي 1300 ڳوٺ آهن انهن ڳوٺن کي بنيادي سهولتون به ناهن ملي سگهيون. ڪراچي جي سمورن اسڪولن مان سنڌي سبجيڪٽ ختم ڪيو ويو آهي. هو ته صرف هتي ڌارين کي آباد ڪرڻ انهن کي روزگار ڏيڻ ان جي ووٽ کي طاقت طور استعمال ڪري سنڌ تي مستقل طور حاڪميت قائم ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن.
اڄ 11 / 9 کان پوءِ دنيا ۾ دهشتگردي خلاف وٺ پڪڙ آهي پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي جيڪي بنياد پرست ۽ جنوني بنياد پرست ۽ جنوني دهشتگرد گرفتار ٿي رهيا آهن انگن اکرن موجب اهي سمورا غير سنڌي آهن. هڪ به سنڌي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ان مذهبي جنونيت واري دهشتگردي جو حصو نه ٿيو آهي. ان جو مطلب ته سنڌي ماڻهو ڪالهه به سيڪيولر ۽ امن پسند هئا ته اڄ به ساڳئي مثبت رجحانن جا حامي آهن.
سنڌ جي امن ۽ سڪون جي تباهي جو مکيه ڪارڻ ڌاري آبادي جو وڌي وڃڻ آهي. جنهن سان سنڌ جي سوچ ۽ فڪر جو توازن پڻ بگڙيو آهي. ان سموري ڌاري آبادي کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ وقت جي سمورن حاڪمن پنهنجن خسيس مفادن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ اسيمبلي مان ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ به ان جو تسلسل آهي جيئن غيرقانوني آيل سمورا ڌاريا سنڌ مان واپس نٿا ٿين، تيئن اتي امن ۽ خوشحالي جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
سنڌ جي قومي تحريڪ جي متفقه نقطه نظر موجب 1954ع کان پوءِ آيل سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي، پوءِ ممڪن ٿيندو ته سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر ۽ هيمشه لاءِ پنهنجن وسيلن، تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي سان سکي ستابي، امن ۽ سڪون سان ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهي.

عوامي جدوجهد ۾ ويساهه ئي منزل آهي

5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن فوجي جنرل جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قابض ٿيو ته پ پ سميت مختلف سياسي سماجي، وڪيلن توڙي صحافين ۽ انساني حقن جي تنظيمن ان ڏينهن کان جابر حڪمرانن جي خلاف لڳاتار سياسي تحريڪ هلائي، سڄي ملڪ جا اذيت گهر ۽ جيل خانه سياسي ڪارڪنن سان ڀرجي ويا. آمريت جي خلاف ايم آر ڊي پاران تحريڪ جي شروعات ٿي جيڪا هوريان هوريان طاقتور ٿيندي رهي ڪيئي ماڻهو ڦاهي تي چاڙهيا ويا، ڪي مقابلو ڄاڻائي ماريا ويا. آمريت خلاف ماڻهن پنهنجو غم ۽ غصو هر طريقي سان پئي ڪڍيو، انهن ننڍين تحريڪن هڪ وڏي تحريڪ کي جنم ڏنو جيڪا 88ع تي ختم ٿي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ اقتدار ۾ آئي، اهم ڳالهه هي ٿي ته پ پ سميت جيڪي به کاٻي ڌر ڪجهه قومپرست ڌريون يا جمهوريت پسند ماڻهن عوام جي جمهوري تحريڪ ۾ ويساهه هو ۽ هڪ رهزن جرنل کان مسڪين عوام جي جان آجي ڪرائي وئي پوءِ ڇا ٿيو، ان تفصيل ۾ ڪنهن ٻئي ڀيري بحث ڪنداسين اڄ موجوده حالتن تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي پاڪستان عالمي سياست جي منظر نامي تي تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ايران جي آمريڪا مخالف موقف، افغانستان ۾ مسلسل طالبان تحريڪ طرفان مزاحمت ۽ ان جو مکيه ڪارڻ پاڪستان جي ايجنسين پاران کين مدد فراهم ڪرڻ جي ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي، آمريڪا جو وچ اوڀر ۽ سينٽرل ايشيا، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪري ڦرلٽ کي يقيني بنائڻ بنيادي سبب آهن، جنهن ڪري آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ جي سهاري طور هو پاڪستان جي فوجي مدد ڪري رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو جمهوري طرز حڪومت جي مدد ڪرڻ بجاءِ فوج + لبرل جمهوري قوتن کي ملائي ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.
سوال هي آهي ته بنگال ۾ غيرجمهوري حڪمرانن مان جان آجي ڪيئن ٿي عوام رستن تي آهي جمهوري تحريڪ هلي پئي. ميانمار ۾ ڪجهه ڏينهن کان ڇا ٿي رهيو آهي. آنگ سانگ سوچي جيڪا ڊگهي عرصي کان قيد آهي فوجي آمريت جو مقابلو ڪري رهي آهي هن کي ڪيئي ڀيرا محدود جمهوريت "Controlled Democracy" لاءِ آڇون ٿيون هن سمجهوتو ڪرڻ بجاءِ هميشه فوجي آمريت مان ڇوٽڪاري جي ڳالهه ڪئي. ننڍين تحريڪن هاڻ وڏي تحريڪ کي جنم ڏنو آهي، ميانمار جا روڊ ۽ رستا رَت سان ريٽجي ويا آهن. آنگ سانگ سوچي جمهوري جدوجهد تي ويساهه رکيو آهي، نتيجا اچي ويندا برما جي عوام جي لانگ بوٽن مان هميشه لاءِ جان ڇٽي ويندي.
نيپال ۾ مائوسٽ باغين ڪميونسٽ پارٽي آف نيپال ۽ "PLA" پيپلز لبريشن آف نيپال جي اڳواڻي جڏهن بادشاهت Monorecy ۽ جاگيرداري خلاف ويڙهه وڙهي ۽ مقامي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو ته ٻه ڀاڱي ٽي علائقن ۾ شاندار عوامي مزاحمت جي نتيجي ۾ سرڪاراتي چونڊون نه ڪرائي سگهي ”ياد رهي ته پي ايل اي آف نيپال 1996 ۾ وجود ۾ آئي مطلب ته سائوٿ ايشيا جي انهن ملڪن ۾ عوام جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ "Peaceful transfer of power" پُرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي جي ڳالهه ڪنهن به نه ڪئي پر سمورين لاڳاپيل جمهوري قوتن ڏاڍ ۽ جبر خلاف وڙهڻ کي فوقيت ڏني ان ۾ نيپال جي پر چندا جي پارٽي جا 13000 کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ٿيا آهن جيتوڻيڪ اڃان فتح کان ڪجهه قدم پري آهن.
اهڙي طرح ميانمار ۾ هڪ هفتي جي تحريڪ دوران 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن جي شهادت ۽ هزارين ڪارڪنن جو قيد ۾ هجڻ پڻ آهي. پاڪستان جي مظلوم عوام ۽ محڪوم قومن جي بدقسمتي هي آهي ته هاڻ هن ملڪ ۾ ايم آر ڊيءَ جهڙي تحريڪ ڪونه پئي هلي ۽ نه وري اهڙي تحريڪ جي ڪا رٿابندي آهي.
ماضيءَ جي جمهوري تحريڪ جا روح روان اڄ فوجي جرنلن سان هٿ وڌائي رهيا آهن پرامن اقتدار جي منتقلي چاهين ٿا هو آمريڪي آشيرواد سان بغير رت ڦڙو وهائڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار جا مزا وٺڻ چاهين ٿا.
وڪيلن جي شاندار جدوجهد جنرل مشرف ۽ ان جي اتحادين کي سوڙهو ڪري وڌو پر ٻڏندڙ ٻيڙي کي جمهوريت پسند سهارو ڏئي رهيا آهن اڄ انهن کي عوام جي طاقت تان ئي ڀروسو کڄي ويو آهي ته هو آمريڪي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن ان کان سواءِ ٻيون جمهوري ڌرين جا ليڊر پڻ عدالتن جي سهاري تي ڀاڙي بيٺا آهن هو پڻ عوام کي روڊن رستن تي ڪڍڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن اصل ۾ معاملو هي آهي ته عراق ۾ آمريڪي مداخلت ۽ عوام جو قتل عام جو نه کٽندڙ سلسلو افغانستان ۾ آمريڪي جارحيت ايران کي ڌمڪائڻ وارن سببن ڪري پاڪستاني عوام "Anti America" آمريڪي مخالف سوچ رکي ٿو، جيڪڏهن آمريڪي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙ ”دهشتگردي خلاف ويڙهه“ ۾ سندس مضبوط اتحادي جنرل مشرف خلاف هڪ ڀيرو عوامي مزاحمت جي شروعات ٿي پوءِ ڀلي اها گهڻو وقت وٺي پر حقيقت ۾ اها تحريڪ فوجي آمريت سان گڏوگڏ آمريڪا مخالف پڻ ٿي ويندي ۽ ان تحريڪ کي دنيا جي ڪابه طاقت روڪي نه سگهندي ڇاڪاڻ جو موجوده سرڪار پاڪستان جي غريب عوام ۽ محڪوم قومن سان جيڪي ويڌن ڪيا آهن ماڻهو هر قسم جي جبر ۽ ڏاڍ خلاف وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. 29 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيل وڪيلن جي شديد مزاحمت اهو ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جو عوام ڊگهي ويڙهه وڙهي سگهي ٿو باشعور ماڻهن کي عقلي دليل جي روشني ۾ عارضي مفادن بجاءِ دائمي فائدن لاءِ سياسي قوتن جي رهنمائي ڪرڻ کپي.
جيڪڏهن ڪنهن به سياسي ڌر پنهنجن خصيص مفادن ”نظرئي ضرورت مطابق نام نهاد قومي مفادن لاءِ“ سمجهوتو ڪرڻ بجاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي جنرل مشرف ۽ ان جي رهزن حڪمراني مان جان ڇڏائڻ جو هڪ ئي رستو آهي ۽ ان جي هڪ ئي ڪمزوري آهي ته انقلابي تحريڪ هلائي جڳ مشهور نان جنگ جو "Achilles hell" ايڪليز هيل جنهن کي سندس امڙ ننڍي هوندي کڙي مان وٺي هلندڙ درياهه ۾ ٻوڙيو هو ۽ پوءِ هو نه مرندڙ انسان بنجي ويو ان ۾ اهڙي شڪتي اچي وئي هن جي جان تي ڪوبه گهاءُ کيس ماري نه سگهيو پر جڏهن سندس ان جي کڙي جيڪا پاڻي ۾ ڪان ٻڏي هئي ان تي تير لڳو ته زخمن جا سور نه سهي هو مري ويو اها کڙي "Hell" سندس ڪمزوري بڻجي وئي مشرف هلڪين ڦلڪين، تحريڪن ۽ سمجهوتن سان مرڻ وارو ناهي Unchallengeable ماڻهو ٿي ويو آهي، پر زبردست ۽ عظيم جدوجهد ئي سندس خاتمي ۽ ڪمزوري جو سبب بڻبي ۽ عوام آزادي ۽ سک جو ساهه کڻندو.

سنڌ صرف سنڌين جي آهي

پاڪستان جي وجود کان اڳ ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادي ساڍا چار لک هئي. جيڪا سنڌين ۽ ڪجهه بلوچ آبادي تي مشتمل هئي، سنڌي امن سان رهندا هئا ۽ خوشحال پڻ هئا، هندستان مان ۽ پوءِ سڄي دنيا ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن مان لکين پناهگير اچي ڪراچيءَ جي بندر تي آباد ٿيا آهن.
ڪراچي وسيلن جي اعتبار کان سمنڊ جي ڪري سڄي دنيا سان واپاري لاڳاپن ڪري امير ترين شهر هجڻ ڪري سڄي دنيا جون لوڌون هيڏانهن ڪاهي آيون آهن، ۽ هاڻ اُهي ايڏا طاقتور بڻجي ويا آهن جو معاشي ۽ افرادي قوت ۾ هو ڪراچي ۽ پوءِ سڄي سنڌ جي مالڪي جي دعويٰ ڪري رهيا آهن. عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ شاهي سيد جو بيان ته ڪراچي ۾ اسين اڪثريت ۾ آهيون!ايم ڪيو ايم اڳواڻ چوندا رهيا آهن ۽ عملي طور هٿيارن ۽ دهشت جي زور تي ڪراچي جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي صورتحال تي قابض آهن. جيڪي پڻ مسلسل ان رٿا بندي تحت عمل پيا ڪن ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري جناح پور جهڙو ديش ٺاهجي، ان سڄي لقاءُ ۾ اسين سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون؟
سنڌين جو وڏي ۾ وڏو معاشي وسيلو ۽ جياپي جو ذريعو ڪراچي سنڌين کان کسي سنڌين کي معاشي طور ڪنگال ڪري آفريڪي ملڪن جي عوام جهڙو حشر ڪرڻ چاهين ٿا جيڪي بُکن ۾ پاهه ٿي لکين ماڻهو مري ويا.
اسين شروع کان چوندا پيا اچون ته ڪراچي سنڌ جو اڻ ٽٽ شهر آهي مورڙي جو ماڳ آهي هتي سنڌين جا هزارين سالن کان نسل دفن آهن سمنڊ ۽ ٻيا وسيلا قدرت سنڌين کي تحفي ۾ ڏنا آهن.
تاريخ ۾ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ اڳي حملي آور ترخانن، ارغونن، مغلن، انگريزن جي شڪل ۾ ڪندا رهيا ۽ هاڻ مدد خان جو اولاد، پٺاڻ، ۽ يوپي، سي پي جا غنڊا سنڌ ۾ رهي اُن جو کائي سنڌين سان نمڪ حرامي ڪري سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن ۾ مصروف آهن، ڪراچيءَ جي ڪاروبار، نجي توڙي سرڪاري ادارن ۾ مڪمل طور تي قابض ٿي ويا آهن، سنڌين لاءِ روزگار جا دروازا بند آهن.
سنڌ وسيلن ۾ مالا مال هوندي سنڌي بُک بدحالي جو شڪار ٿيندي روزانه خودڪشيون ڪري رهيا آهن. هڪ طرف سنڌين کي معاشي بدحالي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي ته ٻئي طرف سنڌ وطن تي مالڪي جي دعويداري ڪري اُن تي حق حاڪميت جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ وطن کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ناپاڪ سازش ٿي رهي آهي.
سنڌي تاريخ ۾ ڪڏهن به بُرين کان برين حالتن ۾ به سنڌ جي حاڪميت واري سوال تان هٿ ناهي کنيو. هر دور ۾ وڙهيا آهن، ۽ سنڌ امڙ جو تحفظ ٿيندو رهيو آهي.
اڄ چيو وڃي ٿو ته سنڌ جا حاڪم جمهوريت پسند آهن، ۽سنڌين جي نمائنده پارٽي ئي حڪومت ۾ آهي.
1. پوءِ ڪراچي ۾ ڌارين جي يلغار ڇو نٿي بند ٿئي؟
2. سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڇو آهن؟
3. سنڌي شاگردن کان ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائڻ جو حق ڇو کسيو ويو آهي؟
4. سنڌي ڳوٺن کي مالڪاڻا حق ڇو نٿا ملن؟
پهرين آڪٽوبر 88ع ۽ اُن کانپوءِ ايم ڪيو ايم هٿان بي گناهه سنڌين جا قاتل اڃا آزاد ڇو آهن.
سنڌي ڪراچي ۾ ننڌڻڪا ڇو آهن؟
سوال هي آهي ته جمهوريت ۽ وڏي پارٽي جي دعويٰ ڪندڙ دراصل سنڌ دوست عوام دوست ڪردار وڃائي ويٺي آهي.
ڪرپشن انهن جو بنيادي اصول بڻيل آهي ان ڪري سنڌي ننڌڻڪا ٿي وسيلن کان محروم ٿي هر نئين ڏينهن نسل پرست اُهي ”مهاجر“ هجن ”يا پٺاڻ“ هٿان عتاب جو شڪار ٿي رهيا آهن.
سنڌيو ڪراچي سنڌ آهي هن جا سمورا وسيلا ۽ انچ انچ سنڌين جو آهي اُن کي بچائڻ ۽ حقيقي طور مالڪي جتائڻ لاءِ ڪراچي جي سنڌي ماڻهن کي هڪ پارٽي ۽ جهنڊي هيٺ منظم ٿي سنڌين خلاف ٿيندڙ هر قسم جي ڏاڍ ۽ جبر کي منهن ڏيڻ لاءِ ميدان تي اچڻو پوندو.
اصل طاقت عوام آهي، جڏهن اُهي گڏ ٿيا ته هي گدڙن واريون ڀڀڪيون ڏيندڙ ڌُريون نظر نه اينديون پر ان لاءِ شعور اجتمائي مقصد سنڌ وطن کي بچائڻ لاءِ سنڌين کي نظرياتي ۽ انقلابي پارٽي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شموليت ڪرڻ گهرجي.

جمهوريت جي مضبوطيءَ جو سوال؟

يورپ ۾ سجاڳي جي دور ۾ جڏهن جاگيرداري، ڪليسائيت، شهنشاهيت جي خاتمي ۽ سرمائيداري دور جي شروعات ٿي ته پراڻن فرسوده نظامن جي خاتمي سان ئي ڪي قدر بهتر نتيجا اچڻ شروع ٿيا. جمهوري ڪلچر ان دور جي پيداوار چئي سگهجي ٿو. جتي ماڻهن جي راءِ کي اهميت ڏني وئي اڄ دنيا ۾ مڃيل جمهوري حڪومت طور سڃاتي وڃي ٿي. معاشري ۾ تضادن جي ڪري اٿل پٿل رهي ٿي ۽ پراڻن دقيانوسي خيالن جي جاءِ تي نوان فڪر جاءِ والارين ٿا. يورپ ۾ سرمائيداري جي خلاف جڏهن پورهيتن تحريڪون هلائي پنهنجن بنيادي حقن لاءِ آواز اٿاريو ته اتي پهرين ڏاڪي طور جمهوريت کي به قبول ڪيو ويو.
جمهوريت جاگيرداري جي خاتمي سان شروع ٿئي ٿي عوام جي حڪمراني عوام لاءِ هجي ٿي. جيتوڻيڪ جمهوريت هڪ طرز حڪومت آهي. سرڪار هلائڻ ۽ ماڻهن جو ڪي قدر خيال رکڻ انهن جي راءِ جو احترام ڪرڻ ۽ ڪجهه رليف ۽ رعايتون ملن ٿيون پر جيسين نظامن جي تبديلي نه ٿي ٿئي تيسين معاشرن ۾ ننڍ وڏائي ۽ ڦرلٽ جو نظام جاري رهي ٿو. اڄ به دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ طبقاتي نظام ۽ سرمائيداري خلاف عوام تحريڪون هلائي رهيو آهي ۽ هڪ نئين سماج اڏڻ لاءِ قومون جتن ڪري رهيون آهن. پاڻ ذڪر ڪنداسين ته آخر ڪهڙا سبب آهن جو پاڪستان ۾ جمهوري ادارا مضبوط نه پيا ٿين؟ هي طئي آهي ته برصغير ۾ ڪانگريس، سڀاش چندر بوس جهڙن اڳواڻن عوامي تحريڪن کي جنم ڏنو جنهن ۾ عوامي مزاحمت سان گڏ هٿياربند مزاحمت به هئي، جنهن هن خطي مان انگريزن کي ڌڪي ڪڍيو، نئين جڙندڙ پاڪستان واري حصي ۾ مسلم ليگ ڳالهين، سمجهوتن تي گهڻو زور ڏيندي رهي، نتيجي ۾ جنهن خطي ۾ انگريزن کي ڀڄائڻ ۾ عوام جي شرڪت هئي اتي انهن جو مستقبل خطري کان ٻاهر نڪري آيو ۽ هن پار عوام جي شرڪت کان سواءِ ملڪ جي آزادي ٿوري عرصي ۾ ئي تار تار ٿي وئي سازشن منهن ڪڍيو عوام هڪڙي ڊگهي غلامي مان آجو ٿي نئين غلامي جي ڳٽ ۾ اچي ڦاٿو، جيڪو اڄ تائين ان مان آجو ناهي ٿي سگهيو.
هڪ منظم سازش تحت پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي وئي، جنهن ڪري جمهوريت جو ڦيٿو چرڻ ئي نه ڏنو ويو. ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو به نه ٿو چئي سگهجي ته ڪو مڪمل طرح سان شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن کي ڏنو ويو هجي. 1971ع جي چونڊن ۾ شيخ مجيب جي پارٽي عوامي ليگ اڪثريت سان کٽيو ته کيس اقتدار ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿيا. ڇاڪاڻ جو چونڊن جا نتيجا قابض ٽولي جي فڪر جي بلڪل ابتڙ هئا ۽ پوءِ پنهنجي مرضي سان بچيل پاڪستان ۾ هڪ نئين جاگيردار فڪر جي پارٽي پ پ کي اقتدار جون واڳون ڏنيون ويون. جڏهن ڀٽو صاحب به اسٽيبلشمينٽ جي دائري مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته منظم ۽ مضبوط غيرجمهوري ادارن پي اين اي جهڙي اتحاد کي جنم ڏنو، جنهن ۾ مذهبي انتهاپسندن سان گڏ جمهوريت ۽ قومي حقن جا دعويدار ولي خان وغيره به ساڻن گڏ هئا. جنهن تحريڪ کي ڪامياب ڪيو ويو، پي اين اي تحريڪ جو اڳواڻ پروفيسر غفور احمد اڪثر چوندو رهي ٿو ته ڀٽو سان معاملا طئي ٿي چڪا هئا پر خبرناهي ته ڇو ڀٽي جو تختو اونڌو ڪيو ويو.
جنرل ضياءَ الحق اقتدار جون واڳون سنڀاليون ۽ تيسين حاڪم رهيو جيسين آمريڪا ۽ پاڪستان جي سگهارن ادارن تبديلي نه چاهي، علائقي جي صورتحال تبديل ٿي چڪي هئي. افغانستان مان روسي فوجي واپس وڃي چڪا هئا، پاڪستان ۾ جمهوري تحريڪ طاقتور شڪل اختيار ڪندي پئي وئي. ان کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ضروري ٿي پيو ته هڪ دفعو ٻيهر نالي ماتر ڊيموڪريسي آڻجي ڇاڪاڻ جو عوامي هلچل ملڪ ۾ ڪا وڏي تبديلي آڻي پئي سگهي. خصوصن سنڌ ۾ عوام وڏي مزاحمت ڪئي. هڪ پاسي اقتدار بينظير ڀٽو کي ڏئي عوامي هلچل کي ماٺو ڪيو ويو ته ٻئي طرف وري ساڳيون سازشون ڪري آئين موجب پنجن سالن لاءِ اقتدار کي جاري نه رکيو ويو ۽ وري انجنيئرڊ چونڊون ٿيون. بينظير ڀٽو آئوٽ ۽ سگهارن ادارن جو ماڻهو نواز شريف داخل ٿيو ۽ اهو سلسلو پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ جاري رهيو آهي. جنهن سبب هر وفاقي پارٽي کي جيڪڏهن اقتدار ۾ رهڻو آهي ته پوءِ اصلي حڪمرانن سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ بجاءِ سمجهوتي سان هلڻ ئي انهن جي صحت لاءِ بهتر رهي ٿو، هاڻ ڪوبه شڪ باقي ناهي رهيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ هتان جي اسٽيبلشمينٽ ملوث نه هجي، ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا، انهن تي ڪنهن ٻئي ڀيري بحث ڪبو پر منهنجي خيال ۾ بينظير جو عوام سان ويجهو لاڳاپو عوام کي متحرڪ رکڻ جمهوري قدرن کي مضبوط ڪرڻ جي فڪر سبب کيس رستي تان هٽايو ويو، نين چونڊن کي ڏيڍ سال مس ٿيو آهي ته ماضي ۾ جن ڌرين کي اسٽيبلشمينٽ هِتان هُتان ميڙي چونڊي گڏ ڪيو هو اهي وري حرڪت ۾ اچي ويون آهن، ڪڏهن سيو سنڌ موومينٽ جڙي ٿي ته ان جي پذيرائي ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري هم خيال گروپ نالي مشرف دور جي طاقت ور ماڻهن کي گڏ ڪيو پيو وڃي. هي ڪو حادثو ناهي. مٿي ڪيل بحث جو تسلسل آهي ته پاڪستان جي اصلي حاڪمن کي جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت ناهي ڇاڪاڻ جو جمهوريت جي مضبوطي عوام کي سگهارو ڪندي. جاگيرداري جا قدر ٽٽندا. فوجي توڙي سول بيورو ڪريسي مالڪ نه پر ملازم بڻجي هدايتون ڏيڻ ۽ حڪمراني ڪرڻ بجاءِ حڪم جا پابند رهندا.
ڪالهه مشرف جو فڪر ۽ فلسفي کي وڌي چڙهي حمايت ڪرڻ وارا اڄ مطالبا ڪري رهيا آهن ته مشرف کي گرفتار ڪريو، هڪ نقطي نظر هي آهي ته موجوده سرڪار چونڊيل آهي جمهوري ناهي. هي اهي آهن جيڪي گهڻو وقت اقتدار کان ٻاهر نه ٿا رهي سگهن.
ٻي راءِ هي آهي ته چونڊيل حڪومت کي جمهوري رستي تي هلائڻ لاءِ ان جي سمورين غيرجمهوري حرڪتن خلاف واويلا ڪجي. آمرن جي دور ۾ ٿيل آئيني ترميمن کي واپس وٺجي ڇاڪاڻ جو موجوده سرڪار ماضي ۾ انهن سمورين ترميمن جي خلاف هئا، جيڪي عوام دشمن هيون ۽ جڏهن هاڻ کين اقتدار مليو آهي ۽ ايوان ۾ اڪثريت ان راءِ سان اتفاق ڪري ٿي ته صدر جي اختيارن ۾ گهٽتائي آڻجي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کي طاقتور بڻائجي. ڇاڪاڻ جو جمهوري سيٽ اپ ۾ عوام جا چونڊيل نمائندا ئي سگهارا هجن ٿا.
جيئن برطانيا ۽ هندستان ۾ آهن.
اهو درست آهي ته موجوده سرڪار آزاد ۽ خودمختيار ٿي فيصلا ڪرڻ بجاءِ آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي مشاورت کان سواءِ هڪ وک به اڳتي کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري عوام کي بک ۽ بدحالي مان ڪڍڻ بجاءِ غيرضروري ۽ غيراهم ۽ ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي ٻين آڏو وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.
پاڙيسري ملڪن سان امن ۽ پيار سان هلڻ بجاءِ هر وقت ٽڪراءُ رکي پاڻ کي غيرمحفوظ ڪيو آهي. بجيٽ جو 55 سيڪڙو دفاع تي جڏهن ته عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ روزگار کي ڪابه اهميت ناهي، جنهن ڪري معاشري ۾ خوشحالي بدران بدترين گهوٽالو پيدا ڪيو ويو آهي.
سادي طريقي سان ڳالهه رکڻ جو مطلب هي آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي مستحڪم نه ڪرڻ پٺيان وڏا هٿ آهن ۽ پوءِ اُهي جڏهن حرڪت ۾ اچن ٿا ته نوان اتحاد جڙن ٿا، انهن جي پذيرائي ٿئي ٿي ۽ هي اهي ماڻهو هجن ٿا جيڪي هر آمر حڪمران جي ساڄي ۽ کاٻي هجن ٿا. جمهوريت جا چئمپين هجن ٿا. سازشن ذريعي وقت کان اڳ چونڊن جو مطالبو ڪن ٿا ۽ طاقتور ڌريون ملڪي حالتن کي بهتر نه هئڻ جو راڳ آلاپي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏين ٿا ۽ نين چونڊن ۾ پنهنجي مرضي جا سوار ميدان تي لاهين ٿا، جن جو عوام سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي ۽ اهي ايڏا سگهارا به هجن ٿا جو جڏهن سندن آمراڻي دور جو خاتمو اچي ٿو ته کين ڪنهن ۾ به همت ناهي جو ان کي ڪرپشن ۽ عوام دشمن معاملن ۾ قابو ڪري سندن احتساب ٿئي.
هندستان ۾ به جمهوري چونڊن ذريعي اقتدار حاصل ڪجي ٿو. مخالف پارٽيون قبول ڪن ٿيون ۽ پوءِ پوري وقت لاءِ جمهوري حڪومت چڱن ڪمن جي ساراهه ۽ عوام دشمن معاملن تي جدوجهد ڪندا رهن ٿا، اهوئي سبب آهي جو بي جي پي جي غيرسيڪيولر مذهبي ڪٽرپڻي واري جماعت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته ڪانگريسين ۽ ٻين وقت جو انتظار ڪيو پر بي جي پي جي غلط ڪارين جي سخت مزاحمت ڪئي احتجاج سيمينار، جدوجهد هڪ گهڙي لاءِ به خاموش ٿي نه ويٺا ۽ انهيءَ جا نتيجا اهي نڪتا ته بي جي پي جو سيڪيولر نه هئڻ ڪري مذهبي ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ ڪري هاڻ هو اقتدار کان پري ٿي وئي آهي.
اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي پ پ مخالف اتحاد جوڙڻ بجاءِ عوام ۽ محڪومن قومن جي بنيادي حقن لاءِ مسلسل ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. مان جمهوريت جي حق ۾ دليل ان ڪري ٿو ڏيان ته سماج کي آزادي ۽ شعور لاءِ هي پهريون ڏاڪو هجي ٿو، جن ماڻهن کي سماجي تبديلي آڻڻي آهي، قومن جي آزادي جي تحريڪن کي سگهارو ڪرڻو آهي آهي ڪنهن به ريت جمهوريت مخالف ناهن هوندا پر جمهوري سوچ ۽ فڪر جا زبردست حامي هجن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو جمهوريت جي نالي ۾ آمريت دوست هجن ٿا جن جو سماجي تبديلي، غير طبقاتي سماج اڏڻ ۽ قومن کي برابري جي حقن جا مخالف هجن ٿا، اهي ئي اسٽيبلشمينٽ جا پرزا بڻجن ٿا.
ان ڪري ملڪ جي عمومي طور ۽ محڪوم قومن جي خصوصي طور تي سمورن آزادي پسندن، طبقاتي جدوجهد ڪندڙن کي جمهوري جدوجهد جو حصو بڻجڻ گهرجي ۽ جمهوريت مخالف نالي ۾ جمهوريت پسندن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي. انهن جي هر چرپر تي نظر رکڻ گهرجي ته جيئن هڪ ڀيرو ٻيهر آمريت پسند ڪوڙي جمهوريت جو چوغو پائي عوام کي دوکو نه ڏئي وڃن.

جاگيرداري: سماج کي سُڌرڻ نه ڏيندي

پاڪستان جي وجود کي 62 سال ٿي رهيا آهن، جائزو وٺنداسين ته سماج ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ بجاءِ ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪجي رهيا آهيون. جاگيرداري ڪلچر سماج کي اَڏوهي وانگر تباهه ڪري رهيو آهي ۽ معاشري کي ترقي ڏانهن وٺي ويندڙ فڪر جاگيرداري فڪر ۽ فلسفي کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
جاگيرداري جمهوريت ۾ رُڪاوٽ آهي جيڪا جمهوريت رياست ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهن جي ڪنهن حدتائين ڏاڍ جو سبب بڻجي ٿي اڪثريت اقليت جو خيال رکي ٿي. مذهبي ٽڪراءَ کان پرهيز ڪندي سيڪيولر فڪر تحت هر ماڻهوءَ کي مذهبي آزادي ملي ٿي، ووٽ جي اهميت ۽ اُن جي طاقت اُڀري ٿي دهشت ۽ دٻدٻي جو دور ختم ٿيڻ ڏانهن وڃي ٿو.
ان ڳالهه سان اتفاق آهي ته جمهوريت ئي اڄ جو سڀ کان وڏو سچ آهي پر اهو ضرور آهي ته جيسين جاگيرداري ۽ سرمائيداري طبقن جو خاتمو ممڪن نٿو ٿئي سماج ۾ بهتر ۽ بنيادي تبديلي ناممڪن آهي.
هندستان ۽ پاڪستان هڪ رات جي فرق سان آزاد ملڪن جي حيثيت ۾ نمودار ٿيا. هندستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي، جاگيرداري جي خاتمي سان مشروط ٿي آهي، هندستان نهرو جي دور ۾ ئي هندستان جي جاگيرداري جو خاتمو ڪري ڇڏيو نتيجي ۾ سرمائيداري ان جي جاءِ والاري ۽ جمهوريت مستحڪم ٿي هندستان جي آزاد ملڪ طور سامهون ٿي اچڻ کان پوءِ جيڪي نسلي ۽ مذهبي ٽڪراءَ ٿيا آهن، جنهن ۾ هزارين مسلم توڙي هندو يا عيسائي ماريا ويا آهن، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ وڏا ڪيس ٿيا آهن پر هڪ لمحي لاءِ به فوج اتان جي اقتدار جو حصو ناهي بڻي.
پاڪستان جي 62 سالن جي تاريخ ۾ آرمي جي اقتدار کي ڇڏي باقي رهيل وقت جي حڪمرانن جي پارٽين جو بنياد جاگيرداري فڪر ۽ فلسفي تي ٻڌل آهي، جيڪي پنهنجي طبقي کي سگهارو ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ قانون پاس ڪندا رهن ٿا. نالي ماتر ته زرعي سڌارن جي ڳالهه ٿيندي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ خاندان رڳو گهٽ ۾ گهٽ 50 ايڪڙ ۽ وڌ ۾ وڌ 150 ايڪڙ زمين جو مالڪ ٿي سگهي ٿو پر عملي طور تي سنڌ پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ به هزارين ايڪڙن جا مالڪ موجود آهن. جيڪي هارين کي غلام بڻائي ويٺا آهن، اليڪشن ۾ جاگيردار دوست پارٽيون اڪثريت ۾ وڏيرن کي ٽڪيٽ جاري ڪن ٿيون ۽ اُهي جڏهن ايم پي اي ۽ ايم اين اي بڻجي اقتدار جو حصو بڻجن ٿا. پارليماني تاريخ گواهه آهي ته اهي وڏيرا اسيمبلين ۾ آرام ڪندي ڏٺا ويا. کين سماج ۾ بک بدحالي، تعليم جي تباهي جهڙا بنيادي مسئلا ياد نٿا رهن، هو رڳو پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا هجن ٿا. نتيجي ۾ عوام سان ڪمٽمينٽ نه هئڻ ڪري معاشرو ترقي بجاءِ تباهي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جتي جتي جاگيرداري ختم ٿي آهي اُتي معاشرن ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون آهن.
ملڪ جو اڪثريتي عوام ۽ سنڌ جي ته وڏي اڪثريت ان ڳالهه مان مطمئن هجي ٿي ته پيپلزپارٽي يا نواز ليگ ئي عوام کي بنيادي حق فراهم ڪري سگهندا. هو روزگار ڏيندا، هو تعليم ڏيندا، هو صحت جا مسئلا حل ڪندا پر ايئن ناهي جيڪي ماڻهو عوام ڏانهن جوابدار هجن ٿا ۽ جن کي اهو احساس هجي ٿو ته سندن احتساب ٿيندو ۽ وري عوام ڏانهن وڃڻو آهي اتي تبديليءَ جا امڪان هجن ٿا، پر هن ملڪ ۾ ان جي ابتڙ پارلياماني سياست ڪندڙ وڏيرن جي اڪثريت تي هي فلسفو حاوي رهي ٿو ته عوام اسان جي ماتحت آهي، اُهي غريب هجن ٿا انهن جي ڪابه مرضي ناهي هوندي، اُهي ته رڳو رڍون ۽ ٻڪريون آهن جن کي جيڏانهن به هڪليو هلنديون ۽ اُهي گهڻي حد تائين درست آهن. ڇاڪاڻ جو جاگيردار معاشري ۾ هي ڪوشش هوندي آهي ته عوام شعور کان وانجهيل رهي، انهن کي تعليم کان پري رکو، انهن کي جڏو بڻايون ته جيئن کين حقن کان واقفيت نه هجي تبديليءَ لاءِ ڪا ڪوشش نه ڪن ۽ پوءِ انهن تي راڄ ڪندا رهو، اڄ هندستان يا ٻين سڌريل ۽ ترقي يافته رياستن ۾ تعليم جي هئڻ ڪري شعور جي هئڻ ڪري اقتدار ۾ ويٺل هر ماڻهو عوام ڏانهن جوابدار هجي ٿو.
جيڪڏهن ڪو وزير اسڪينڊل جي ڪري وزارت تان هٿ کڻي ٿو، تڏهن به هو پاڻ کي ڏوهاري تصور ڪندي اقتدار کان پاسيرو ٿئي ٿو، پر هن پياري پاڪستان ۾ وزيرن تي بدترين ڪرپشن جا الزام ثابت ٿين ٿا پوءِ به کين پريشاني نٿي ٿئي. عالمي ادارا پنهنجين رپورٽن ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن جا الزام هڻي رهيا آهن، سٺي حڪومت نه هئڻ جا الزام لڳي رهيا آهن، ان جو مطلب ته 62 سالن ۾ اسان جون پارليماني پارٽين ۾ ڪابه مثبت تبديلي ناهي آئي ۽ اُن جو ڪارڻ اهو ساڳيو بحث آهي ته اقتدار ۾ ويٺل اڪثريت ماڻهن جي وڏيرڪي نظام سان سلهاڙيل آهي ۽ هو پنهنجي فلسفي ۾ مطمئن نظر اچن ٿا ته سڀ ٺيڪ آهي هي جيڪي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ ذريعي اربين ڊالر قرض وٺي ملڪ هلائن ٿا، ڪي موٽروي، انڊرپاس ٻه چار ميگا پراجيڪٽ جوڙين ٿا ته هي خوش آهن ته اسين ترقي ڪري رهيا آهيون، هي ملڪ قرضن کان سواءِ نٿو هلي سگهي. پر جيترا وسيلا آهن، جيڪر انهن ۾ ڪرپشن جو عنصر ختم ٿئي ته ڪوبه ماڻهو بک ۽ پريشاني جي سبب خودڪشي نه ڪندو.
اسان جو سماج تعليم کان محروم ٿيندو وڃي ٿو، سٺي تعليم صرف اميرن جا ٻار حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪي سماج جو صرف 2 سيڪڙو هجي ٿو، اڪثريت غربت جي سبب ڪري تعليم کان محروم آهي.
سنڌ جي تعليم وارو وزير پير مظهر الحق فرمائي ٿو ته تقريبن ساڍا ست هزار اسڪول رڳو وڏيرن جون اوطاقون ۽ مال جا وٿاڻ آهن ڇا اهو انڪري آهي جو سنڌ جو وڏيرو نٿو چاهي ته تعليم عام ٿئي ۽ سنڌ جي اها عوامي پارٽي به نٿي چاهي ته علائقي ۾ اثر رسوخ رکندڙ وڏيرو اسان جي پارٽي ڇڏي وڃي نتيجي طور اهي وڏيرا من ماني ڪن ٿا. اسڪول بند آهن تعليم وارو وزير چاهيندي به اسڪول وڏيري جي قبضي کان خالي نٿو ڪرائي سگهي.
ٻهراڙين ۾ قبيلائي جهيڙا جاگيرداري ڪلچر جو حصو آهن هڪ ته هو اهو سڀ ڪجهه ڪرائي علائقي جي ڏوهاري ماڻهن جي سرپرستي ڪرائي ٿو ۽ پوءِ عدالتن ۾ ڏوهاري ماڻهن جي سرپرستي ڪرائي ٿو ۽ پوءِ عدالتن ۾ ڏوهارين کي سزا جي بجاءِ وڏيرن جي جرڳن ۾ کين قتلن جو رليف ملي ٿو ۽ وري نوان ڏوهه ڪن ٿا. اُهي سمورا وڏيرا جاگيردار فڪر جي پارٽين جا ميمبر هجن ٿا. انهن جي علائقن ۾ جيڪڏهن تعليم عام هوندي ماڻهن جي شعور ۾ اضافو ٿيندو ته عوام صحيح ۽ غلط جي ڄاڻ رکي سگهي ٿو، وڏيرن جي غلامي مان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ان سان امن بحال ٿي سگهي ۽ خوشحالي به ان سان سلهاڙيل آهي، سنڌ جي وڏيرن جيڪي ڪروڙ پتي هجن ٿا اهي پنهنجن علائقن ۾ صنعت لڳائڻ جا مخالف هجن ٿا نه پاڻ اهڙو ڪم ڪندا ۽ نه وري ڪنهن ٻئي کي اهو ڪرڻ ڏيندا ۽ نه وري رياست اهڙي ڪوشش ڪندي، ڇاڪاڻ جو ڪارخاني لڳڻ سان به ماڻهو وڏيرڪي ڪلچر مان ٻاهر اچي ٿو، هو گهڻي حد تائين آزاد هجي ٿو. هو صنعتي سائنس سان لاڳاپي ۾ اچڻ ڪري هن جي شعور ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ پوءِ هو علائقي ۾ ڪنهن وڏيري جي غلاميءَ بجاءِ پنهنجو عقل ۽ ڏاهپ استعمال ڪندي مستقبل جو فيصلو ڪري ٿو ۽ صنعتي انقلاب سان جاگيرداري جو خاتمو ٿئي ٿو، سماج ترقي ڏانهن وڌي ٿو. عوام جي سوچ جي سفر ۾ تيزي اچي ٿي، سڄو ڏينهن ٻارين ٻچين وڏيري جي اوطاق تي چڪر هڻڻ بجاءِ هو پنهنجي مستقبل جا سفر طئي ڪري ٿو، ووٽ پنهنجي مرضيءَ سان ڏئي ٿو، چونڊيل نمائندن کان پڇڻ جو حق رکي ٿو. روزگار وٺي ٿو، تعليم ۽ صحت پنهنجو بنيادي حق سمجهي ٿو، ان ڪري سنڌ ۾ سمورين براين جو وڌ کان وڌ ذميوار جاگيردار طبقو ۽ ان جو فڪر آهي. جنهن خوبصورت سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرائي ڇڏيو آهي، پرامن سنڌ کي دهشت جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. سنڌ جي حاڪميت ڌارين حوالي ٿي وئي آهي، سنڌ جي باشعور عوام کي موهن جي دڙي واري خوبصورت ۽ ترقي يافته سنڌ بڻائڻ لاءِ جاگيرداري ڪلچر خلاف گهڻ رخي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جاگيرداري جي خاتمي سان مشروط آهي.

ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ماڻهن جي لڏ پلاڻ جنگ جي دور ۾ ٿيندي آهي يا وري معاشي بدحالي جي ڪارڻ سڄي دنيا مان ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي ويندا رهن ٿا، جتي کين امن سان گڏ خوشحالي نصيب ٿئي ٿي. سنڌ ورهاڱي کان اڳ به ڌاري آبادي جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي، اڄ وري جڏهن سوات وادي ۾ طالبانن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ته امن ۽ خوشحالي لاءِ وڏي لڏ پلاڻ ٿي رهي آهي، جنهن جي اڪثريت جو رخ سنڌ ڏانهن آهي، ”نواز ليگ“ جي پنجاب حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن به سواتي پناهگير کي پنجاب ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته ڌاري آبادي جي اچڻ سان مقامي سطح تي جيڪي ٻيا مسئلا کڙا ٿين ٿا، اهي انتهائي خطرناڪ هجن ٿا. سنڌ ان جو مثال آهي.
انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو هو ته ڪراچي جي مڪمل آبادي چوڏهن هزار هئي. 1856ع ۾ جڏهن انگريزن ڳڻپ ڪرائي ته مڪمل آبادي 48421 هئي ۽ ڪراچي ننڍڙو شهر هو پر انگريزن جڏهن ڪراچي پورٽ جو ڪم شروع ڪيو هو ته مڪران ڊويزن مان ليبر گهرايو ويو، جيڪي بلوچ نسل جا هئا، تن جو وڏو تعداد ڪراچي ۾ داخل ٿيو، 1941ع ۾ ڪراچي جي آبادي 386656 تي پهتي. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهڻ جو اعلان ٿيو ته سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي جي مڪمل آبادي چار لک ڇٽيهه هزار اٺ سئو ستاسي هئي. 1951ع ۾ ڪراچي جي آبادي ڏهه لک ڇهاسي هزار پنج سئو نوي هئي. 1952ع ۾ لياقت – نهرو پيڪٽ ٿيو، جنهن موجب هندستان ۽ پاڪستان جيڪي 1947ع ۾ آزاد ملڪ ٺهي چڪا ۽ ٻنهي ملڪن جي هندن ۽ مسلمانن جي وڏي لڏ پلاڻ ٿي، جيڪا بنا روڪ ٽوڪ هئي، طئي ٿيو ته هاڻ ويزا کانسواءِ ڪوبه ماڻهو ٻئي ملڪ جي سرحد پار نه ڪري سگهندو. 1952ع جي ايڪٽ دوران ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادي جو انگ ٻه لک چٽيهه هزار هو. ڇاڪاڻ جو ٻه لک هندو هندستان وڃي چڪا هئا. اٺ لکن جي لڳ ڀڳ مهاجر ڪراچي ۾ داخل ٿيا هئا. لڏ پلاڻ تي جڏهن قانوني طور بندش وڌي وئي ته پوءِ اٺن لکن واري آبادي اڄ هڪ ڪروڙ کان مٿي ڪيئن ٿي وئي؟ ان جو مطلب هي آهي ته غيرقانوني طور هندستان جي هر رياست مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ جاري رهي 1972ع ۾ ڪراچي ۾ اوچتو آبادي ۾ 15 لکن جو اضافو ٿيو، ڪارڻ هو بنگلاديش جو ٺهڻ، بنگالين ۽ بهارين جو وڏو تعداد سمنڊ پار ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيو، اهڙي ريت ڪراچي، جيڪو صرف سنڌين جو پرامن ۽ خوشحال شهر هو، سو ڌارين جي قبضي هيٺ اچي ويو، ياد رهي ته 1951ع کان 1972ع تائين ڪراچي جي آبادي ۾ 217 سيڪڙو واڌ ٿي.
1978ع ۾ افغانستان ۾ انقلاب آيو، مذهبي ڌرين مزاحمت ڪئي، نتيجي ۾ وڏي لڏ پلاڻ ٿي، هڪ اندازي موجب 30 لک افغاني رڳو سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ ان جو وڏي ۾ وڏو حصو ڪراچي ۾ آباد ٿيو، اهڙي ريت مختلف علائقائي تبديلين جي ڪري ايندڙ ڌارين جو سڄو بار سنڌ تي پيو. هندستان مان آيل لکين پناهگير ڪراچي جي سمورين نوڪرين ۽ ڪاروبار تي ڇائنجي ويا. ان کان پوءِ بنگلاديش جي ٺهڻ سان بنگالين ڪراچي ۾ ڪالونيون جوڙيون ۽ ڪراچي ۾ سنڌي مهاڻا مڇي جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ خوشحال هئا، تن جي روزگار تي لت ڏئي بنگالي ۽ برمي مڇي جي ڪاروبار تي قابض ٿي ويا. اڄ ڪراچي ۾ اصل ڌرتي ڌڻي مهاڻا بکون ڪاٽي رهيا آهن. انهن جي وسندين ۾ وڃڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هي ڌرتي ڌڻي نه پر پناهگير آهن.
افغانين جي اچڻ سان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مزدوري ۽ ننڍن ڪاروبارن مان مقامي سنڌي ٻاهر ٿي ويا. سستي مزدوري عيوض افغانين سنڌي ماڻهن جي روزي تي لت ڏني ۽ ڏسندي ڏسندي افغانين سنڌ جي چڱي خاصي ڪاروباري حصي ته قبضو ڪري ورتو، افغانسان ۾ انقلاب جي ناڪامي ۽ مذهبي جماعتن جي قبضي باوجود افغانين جو وڏو انگ واپس نه ٿيو، هندستان مان آيل غيرقانوني پناهگيرن بنگالين، برمين، افغانين کي مقامي ماڻهن شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺهرائي ڏنا.
جنرل مشرف جي دور ۾ 2004ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي 50 لک کان وڌيڪ غير قانوني طور رهيل پناهگيرن کي قانوني حيثيت ڏياري وئي، ياد رهي ته ان بل جي ايم ايم اي (متحده مجلس عمل) ۽ ڪجهه سنڌي وڏيرن جي حمايت پڻ هئي. اڄ جڏهن سوات، مينگورا ۽ باجوڙ ۾ فوجي آپريشن ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ جي سياسي پارٽين جي اڪثريت هن آپريشن جي حمايت ڪئي آهي ته ان جي نتيجي ۾ لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي سهائتا لاءِ سمورا متفق آهن، پر سوال هي آهي ته وفاق پرست سياسي پارٽيون نواز ليگ وغيره پنجاب ۾ انهن جي آمد ۽ ڪيمپن جي قائم ڪرڻ جي ڇو مخالفت ڪئي آهي؟ ۽ آپريشن متاثرن جو وڏو حصو سنڌ ڏانهن اچي رهيو آهي. انهن جي رجسٽريشن به نه پئي ٿئي، اهي هڪ ڏينهن ڪيمپ ۾ رهي ٻئي ڏينهن غائب ٿي وڃن ٿا. هڪ اندازي موجب 15 لکن جي لڏ پلاڻ جو ٽيون حصو ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جو رخ ڪندو، نتيجي طور سنڌ جيڪا اڳي ئي ڌاري آبادي جي ڪري پريشان آهي. اها ٻيهر هڪ ٻي سونامي کي منهن ڏيندي.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو نه هو، پنهنجن وسيلن تي سنڌ جا ماڻهو خوشحال زندگي گذاريندا هئا. مختلف دورن ۾ ڌارين جي بنا روڪ ٽوڪ جي اچڻ سان سنڌي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ڪراچي ان جو واضح مثال آهي، جتي پختون آبادي چوي ٿي ته ڪراچي جا مالڪ اسين آهيون ۽ اردو ڳالهائيندڙ چون ٿا ته هي شهر اسان جو آهي ته پوءِ اصلي ڌرتي ڌڻي ڪٿي آهن؟ ڌاري آبادي جي دٻاءَ ڪري صنعتي ادارن ۽ سرڪاري توڙي نيم سرڪار ادارن ۾ غير سنڌي ماڻهن کي روزگار ملي ٿو ۽ سنڌي ماڻهو روزگار کان محروم رهجي ويا آهن. ان جو سبب هي آهي ته صنعتڪار ڌاريا آهن، ٻيو ته شهري سماج ۾ ڌاري آبادي جي اڪثريت هجڻ ڪري نفسياتي دٻاءُ سبب اهي هر محاذ تي حاوي آهن ايتري قدر جو جڏهن چونڊون ٿين ٿيون ته اها غيرقانوني آبادي جيڪا ڌاري ٻولي ڳالهائي ٿي. پنهنجي نسلي برادري کي ووٽ ڪري ٿي. اهوئي سبب آهي جو اڄ ڪراچي جي 18 ٽائونن مان 14 ٽائونن جا ناظم غير سنڌي آهن.
ڌاري آبادي سبب معاشي نقصانن سان گڏ سماجي نقصان پڻ ٿين ٿا. سنڌ جي سماج ۾ منشيات جو واهپو ۽ جديد هٿيارن جو استعمال تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي رهيو، هيروئن، چرس جو واهپو ڌاري آبادي جي سبب ٿيو، جديد هٿيارن جي موجودگي افغانستان مان آيل پناهگيرن جو نتيجو آهي. هٿيار آساني سان ماڻهو کي سستي اگهه ۾ مليو وڃن. نتيجي طور سماج ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيو، هٿيارن جي ڏاڍ تي طاقتور گروهه ماڻهن کي يرغمال بڻائي ويٺا آهن. سڄو معاشرو هٿيارن جي ڇانوَ ۾ هلي رهيو آهي. معصوم ۽ مظلوم ماڻهو دهشت جي نفسياتي دٻاءُ ۾ جيئي ٿو، ان ڪري ئي سنڌ جا قومپرست ۽ حقيقي جمهوريت پسند سياسي ڌريون سوات مان آيل ڌاري آبادي جي سخت مخالفت ڪري رهيون آهن. سوات جي لڏ پلاڻ ڪندڙن جي صوبي سرحد جي وسيع علائقن ۾ ڪيمپون قائم ڪري سندن سهائتا ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن محب وطن پاڪستانين پاران پنهنجن علائقن ۾ کين قبول نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ سنڌ ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو ڌارين جو سمورو بار پاڻ برداشت ڪري. هاڻي گهڻو ٿيو، سنڌ جي حڪمران جماعت کي ان بابت سوچڻ گهرجي. سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي جو جتي به ڪا آفت اچي ته سنڌ پنهنجي جهولي آڇي، نتيجي ۾ سنڌ مهمان نوازي ڪندي ڪندي ٿڪجي پئي آهي، کيس گهاءَ مليا آهن. سنڌ جو مستقبل ان ڌاري آبادي جي ڪري خطري ۾ آهي. سنڌ جي عوام کي انفرادي عملن بجاءِ اجتماعي طور پنهنجي بقا لاءِ جاکوڙڻ گهرجي. گڏيل ۽ سگهاري آواز سان سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو.

پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ٺاهه سنڌ جو ڇا ٿيندو؟

27 ڊسمبر تي جمهوري حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي راڻي بينظير ڀٽو شهيد ٿي، 18 فيبروري تي سنڌ ۽ سڄي پاڪستان مان عوام اڪثريت سان ووٽ ڏئي پ پ کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪيو ۽ نيٺ اهو مرحلو به آيو جو اڪثريتي پارٽي بڻجڻ ڪري پ پ جي سرڪار جُڙي. شهيد بينظير جي قتل خلاف ماڻهن جي تاريخي مزاحمت به ڏٺيسين ۽ چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي به.
پاڪستان جي ٺهڻ کان اڄ تائين اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ڪري وڏو دور آمريتن جو رهيو آهي ۽ جيڪڏهن جمهوريت آئي ته به “Controled Democracy” رهي، اُن ڪري هڪ پارٽي سگهاري ٿي، اڪثريت ماڻي ۽ حڪومت ڪري اهو پاڪستان جي عوام جو في الحال خواب آهي. ڊگهي عرصي تائين Coalition Govt ”گڏيل سرڪار“ جڙنديون ۽ جيڪڏهن جمهوري Sprit ۽ واضح Vision رهيو ته انڊيا وانگر گڏيل سرڪار هلي سگهي ٿي ۽ عوام جمهوري حق حاصل ڪري سگهي ٿو.
پ پ کي سنڌ جي عوام جو واضح مينڊيٽ مليو آهي ۽ ان جو احترام ڪرڻ به سندس ذميواري ۾ شامل ٿئي ٿو.
گذريل مُشرف دور ۾ سنڌ جي عوام وڏو ظلم سٺو آهي، کين سنڌ جي ڪاروهنوار کان بلڪل ٻاهر رکيو ويو ۽ ان ۾ مُشرف جو ڪردار ته هو پر وڏو ڪردار ايم ڪيو ايم جو هو. ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي ۾ اقليت ۾ هجڻ باوجود سنڌ سرڪار ۾ اَڇي ڪاري جي مالڪ هئي. هُنن سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌ خلاف ڪيئي بل پاس ڪرايا.
1. ڪراچي ۾ آيل غير قانوني پناهگيرن بنگالي، برمي، افغاني، سيلوني ۽ هندستانين جن جو انگ 50 لک کن هُيو تن کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ لاءِ کين شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ، جنهن سان صرف ايم ڪيو ايم کي فائدو رسيو. هڪ ته ڌاري آبادي ۾ اضافو ٿيو ۽ سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿيا، ٻيو معاشي طور صنعتي ادارن مان سنڌين کي نيڪالي ٿي، ٽيون ايم ڪيو ايم جو ووٽ بئنڪ وڌيو.
2. اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو ويو ته جنهن ماڻهو جو ڊوميسائيل ڪراچي جو ناهي اهو ڪراچي جي ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن (گهڻ قومي ڪمپنيون) ۾ نوڪري نه ڪري سگهندو. ان سان سنڌي ماڻهو جن جي اڪثريت ٻهراڙي سان هئي تن کي ڪراچي ۾ روزگار جي وسيلن مان تَڙيو ويو.
3. هنن هي فيصلو به ڪرايو ته ڪراچي جو ڊوميسائيل نه رکندڙ شاگرد هتان جي اعليٰ ادارن ۾ داخلا نه وٺي سگهندا ۽ ان فيصلي سان هزارين سنڌي شاگرد جيڪي Merit تي ڪراچي ۾ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺندا هئا کين محروم ڪيو ويو.
سالن کان ڪراچيءَ جي اهم سرڪاري ادارن ۾ نوڪري ڪندڙ سنڌي ماڻهن کي ڊوميسائيل جي بنياد تي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زبردستي موڪليو ويو. اهڙي ريت ڪراچي جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو شهر آهي، ان ۾ غير قانوني ۽ غير آئيني طور غلط فيصلا ڪرائي سنڌين کي ڀت سان لڳايو ويو. ايم ڪيو ايم جي پنجن سالن واري اقتدار ۾ سنڌين سان جيڪي ناانصافيون ٿيون ان جو حساب ڪتاب ڪير ڏيندو؟
نوڪرين تي پابندين باوجود هنن پنهنجا هزارين ڪارڪن نوڪرين ۾ لڳايا ۽ هزارين سنڌي ماڻهو برطرف ڪيا.
هنن غير قانوني آيل ڌارين جي ڪچين آبادين کي ليز ڏئي پڪو ڪيو ۽ سموريون بنيادي سهولتون ڏنيون پر سنڌي ماڻهن جي سوين سالن کان قديمي ڳوٺن مان هڪ کي به ليز نه ڪيو. ان جي ابتڙ ڪافي ڳوٺ به ڊاٿا ويا، ڪيترن کي ڊاهڻ جا نوٽيس ڏنا ويا. مشرف جي هوڏ تي ٿل ڪئنال ٺاهيو ويو، ڪالاباغ ڊئم ۽ ٻين ڊئمن جي سنڌوءَ تي اڏاوت جون ڪوششون ۽ فيصلا ٿيا. ايم ڪيو ايم وارا سرڪار ۾ هوندي سنڌ جو راڳ ته آلاپيندا رهيا پر عملي طور تي ڊئمن جي حق ۾ وفاقي سرڪار سان گڏ رهيا، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڊئمن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج رهي پر هي ماڻهو هڪ ڏينهن به احتجاجي تحريڪ جو حصو نه بڻيا.
حيدرآباد کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪرائي حيدرآباد شهر ۽ پسگردائي تي قابض ٿيڻ لاءِ فيصلو ڪرايو ويو. ڪراچي، حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي حاڪميت کسڻ جي رٿابندي ٿيندي رهي.
ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي تاريخي ورثن سان هٿ چراند ٿي، مثال طور چوڪنڊي قبرستان جي زمين ڀڳڙن مٺ عيوض ڌارين کي الاٽ ڪئي وئي.شاهه سائين جي عظيم ڪردار مورڙي جي قبر ميساري ان مٿان باءِ پاس پُل ٺاهي وئي.
سنڌي ماڻهن جون 30 سالا ۽ 99 سالا، ۽ سروي زمينون رد ڪري ايم ڊي اي حوالي ڪري تئيسر ٽائون جهڙا سنڌ دشمن منصوبا جوڙي لکين ڌارين کي سستا ۽ مفت پلاٽ ڏئي سنڌين جي اڪثريت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌارين جي اڪثريت وڌائڻ جهڙيون رٿائون جوڙيون ويون. سٽي حڪومت جي 2020 ويزن واري رٿا تحت ڪراچي جون سموريون ديهون سرڪار پنهنجي قبضي ۾ وٺندي ۽ سنڌين کي ڳوٺن تائين محدود ڪيو ويندو يا لڏايو ويندو.
سمنڊ جا ٻيٽ ڏنگي ۽ بنڊاڙ به هنن ئي دبئي جي شيخن حوالي ڪيا ۽ وڏي ڪميشن حاصل ڪئي. هاڪس بي وٽ چاليهه هزار ايڪڙ زمين 60 ارب ڊالرن ۾ ”دبئي ورلڊ“ عمار ڪمپني کي ڏني پئي وڃي جتي دبئي جهڙي طرز تي شهر اڏبو جنهن کي Sugar City ۽ Waterfront city سڏيو پيو وڃي. اتان سمورن تاريخي قديمي سنڌي ڳوٺن کي ڊاٿو ويندو ۽ زمينون کسيون وينديون. ايم ڪيم ايم ڪراچي جون Constitaencies ۾ اليڪشن جون حدون اهڙي ريت ٺاهيون، جنهن سان کين فائدو رسي ٿو. چونڊن ۾ ڌانڌلي، داداگيري ذريعي هو 88ع کان پنهنجي اڪثريت ظاهر ڪندا پيا اچن. سڄي ڪراچيءَ کي بدنام زمانه عالمي طور ڀائي گيري ۾ مشهور شهر ممبئي وانگر ڪراچي به Target killing ۾ مشهور آهي، جنهن ۾ عبدالله مراد، منور سهروردي جهڙا جمهوريت پسند سياسي ڪارڪن ماريا ويا، کين ڪو انصاف نه مليو، حڪيم سعيد، صحافي صلاح الدين سميت سوين ماڻهو انهن جي دهشت جو کاڄ بڻيا آهن. ميڊيا جا ماڻهو به هنن جي دهشتگرديءَ کان بچي نه سگهيا آهن.
12 مئي، جڏهن مُشرف ۽ ان جي اتحادين طاقت جو مظاهرو ڪيو. اسلام آباد ۾ مُشرف جلسي عام ۾ چيو ته اسان جي طاقت ڏسو هتي به ڪراچي ۾ به، ڪراچي ۾ چيف جسٽس چوڌري افتخار جي استقبال لاءِ آيل هزارين جمهوريت پسند، قومپرست، وڪيل ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن تي رٿابندي سان گهيرو ڪري گوليون هنيون ويون. 50 ماڻهو ماريا ويا، سوين زخمي ٿيا. هڪ طرف آمريت جي خلاف جمهوري هلچل هئي ته ٻئي طرف ڊڪٽيٽر جا ساٿي سول آرمي طور ”بمبئي جي ڀائي گيرن“ وانگر جمهوري تحريڪ جي رستا روڪ لاءِ استعمال ٿيا.
12 مئي جي واقعي کانپوءِ جڏهن سڄي دنيا مان هنن تي تنقيد ٿي ۽ واضح طور پاڪستان ۾ ٻه ڪئمپون سامهون آيون.
1. آمريت ۽ ان جا اتحادي
2. جمهوريت پسند ۽ انهن جا اتحادي
18 آڪٽوبر تي جڏهن بينظير ڀٽو صاحبه جلاوطني ختم ڪري پاڪستان پهتي ته لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. جلوس دوران سٽي حڪومت پاران بجلي بند ڪئي وئي ۽ بمن جا ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ ماڻهو ماريا ويا، هي واقعو 12 ربيع الاول تي نشترپارڪ ۾ ٿيل واقعي جهڙو هو. آمريڪي ليکڪ سليگ لکيو ته ايم ڪيو ايم ان مان بري نٿي ٿي سگهي. خود شهيد راڻي بينظير ڀٽو لکيو آهي ته ڪراچي جو هڪ گروپ ان ۾ شامل آهي.
اي پي ڊي ايم جي لنڊن ڪانفرنس ۾ متفقه طور تي طئي ڪيو ويو هو ته ڪانفرنس ۾ موجود سموريون سياسي پارٽيون طئي ڪن ٿيون ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم سان ٺاهه نه ڪيو ويندو. ان جي پاسداري ضروري آهي. وفاق ۽ سنڌ ۾ جڏهن پ پ ۽ سندس اتحادي قوتون وڏي اڪثريت ۾ سرڪار ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهن ته پوءِ هنن جي ضرورت ڇو؟ هي آخر اقتدار کان ٻاهر رهڻ لاءِ تيار ڇو ناهن، حزب اختلاف ۾ رهڻ لاءِ تيار ڇو ناهن؟ هنن صفدر سرڪي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪئي ۽ اڳوڻي هوم منسٽر وسيم اختر فرمايو ته ڪوبه سياسي ڪارڪن قيد ۾ ناهي. اڪبر بگٽي شهيد جي قتل تي هي خاموش رهيا، بلوچستان ۾ فوج ڪشي تي هي خاموش رهيا. هنن سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ بيهي چيو هو ته اسان چاهيون ته ڪراچي ۾ سنڌين جي انٽري بند ڪري سگهون ٿا. هنن بينظير ڀٽو شهيد جي قتل خلاف عوام جي ردعمل تي چيو ته اسين چاهيون ها ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پنج هزار لاش وڃن ها.
منهنجو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي دور اقتدار ۾ پنهنجي نسل پرست ۽ دهشتگرد سوچ ۽ فڪر کي منظم ڪيو. هنن جناح پور جي نقشي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سازشون جوڙيون ۽ ان ۾ ڪاميابي ماڻيندا رهيا.
آمريڪي صحافي مائيڪل اي بليگ موجب هنن سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 2007 ع ۾ 35 ملين ڊالرز جا هٿيار خريد ڪيا آهن، جيڪي هندستان ۽ ويسٽ مان شپمينٽ ذريعي پهتا آهن. هٿيار ڇا جي لاءِ ۽ ڪنهن جي لاءِ؟ اهو پڻ هڪ انتهائي اهم سوال آهي؟
اڄ جڏهن سنڌ جي راڻي بينظير ڀٽو شهيد جي پارٽي عوامي سگهه حاصل ڪري اقتدار حاصل ڪيو آهي ته پوءِ سندن لاءِ مستقبل ۾ ڪهڙا چئلينجز آهن، اهو کين ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ جو حڪومت حاصل ڪرڻ کان اڳ آمريت خلاف پ پ قومپرستن سان گڏجي مُشرف ۽ ايم ڪيو ايم جي جارحيت ۽ دهشت خلاف جمهوري تحريڪ جو حصو هئي.
پ پ آڏو سندن ۽ سنڌ جي بي شمار معصوم ۽ بي گناهه شهيدن جو حساب ڪتاب آهي. اقليت اڪثريت تي غالب ٿي جيڪا سنڌين جي ڦرلُٽ ٿي، حق حاڪميت کان محروم رکيو، سنڌين کي نڌڻڪو ۽ يتيم بڻايو ويو، پنهنجن ئي شهرن ۾ سنڌي ڌارين وانگر محسوس ڪيا ويندا هجن، اهڙي صورتحال ۾ پ پ ايم ڪيو ايم اتحاد سنڌ کي فائدو ڪو پهچائيندو؟ جواب آهي ته “نه”.
جڏهن عوام جي هر طبقي جمهوري تحريڪ جو حصو ٿي آمرن کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ انهن جا اتحادي Isolate اڪيلا ڇو نه ٿا ٿين، انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر آڪسيجن ڏئي زندهه ڇو پيو ڪيو وڃي.
جن آمر سان گڏجي دهشتگردي ڪئي، قومن ۽ ماڻهن جا بنيادي حق صليب ڪيا، دهشت ۽ وحشت جي علامت بڻيل هر حال ۾ موجوده سرڪار جو حصو نه ٿيڻ گهرجن. جيسين سندن ڪيل ڪرتوتن جو حساب نٿو ورتو وڃي، جيستائين 12 مئي تي بي گناهه ماڻهن جي قتل جو حساب نٿا ڏين.
پ پ _ ايم ڪيو ايم ٺاهه مستقبل ۾ بحرانن کي جنم ڏيندو ۽ سنڌ کي فائدي ڏيڻ بجاءِ گهوٽالي ۾ وجهندو، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌين کي ڪا هڙ حاصل نه ٿيندي.

ٽارگيٽ ڪلنگ

1988 ع ۾ جيئن ئي چونڊون ٿيون ته سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو گروپ سامهون آيو جنهن کي ڪراچيءَ اندر وڏي ۾ وڏي اڪثريت ملي. ايم ڪيو ايم هر دور ۾ حڪمرانن سان گڏ رهي آهي، پوءِ اُها چونڊيل سرڪار هجي يا آمريت پر هنن کي سرڪار ۾ رهڻو آهي ۽ جڏهن وري هنن جي بدقسمتي جو اقتدار کان ڪجهه عرصي لاءِ ٻاهر رهن ٿا ته “بليڪ ميلنگ” “ٽارگيٽ ڪلنگ” جو دور شروع ٿئي ٿو.
90 ع واري ڏهاڪي ۾ به ائين ئي ٿيو. هنن ڪراچي ۾ شعوري طور مخالف سياسي ڌرين جي اهم ماڻهن يا وري سول سوسائٽي جي اهم ماڻهن کي قتل ڪيو.
ڪراچي جيڪو امن ۽ شانتي ۽ ڪاروباري شهر طور مشهور رهيوآهي، چوويهه ڪلاڪ شهر ۾ رونقون هونديون هيون ۽ قتل نالي ڪاشيءِ نه هئي، اُتي ٻورين ۾ پيل بند لاش، لاشن جا ٽڪرا ٽڪرا پهريون ڀيرو ڪراچي جي تاريخ ۾ مليا. اڄ وري جڏهن 18 فيبروري 2008 ع جون چونڊون ٿيون، فوجي آمرن کي بُري شڪست ملي، هر هنڌ عوام جي طاقت جمهوري سوچ ۽ فڪر کي اڳتي آندو ته هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد، رهزن ماڻهو ڪلاشنڪوف ۽ ٽي ٽي پسٽل کڻي نڪري پيا آهن ۽ ڪراچي جي انهن علائقن ۾ جتي انهن کي چونڊن ۾ شڪست آئي يا ماڻهن بهادري سان ساڻن مُهاڏو اٽڪايو انهن ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. قومپرست، جمهوريت پسند ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جو قتل ڳجهو ناهي، هڪ نسلي دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم ان ۾ ملوث آهي. ڇاڪاڻ جو سندن جياپو دهشتگردي کانسواءِ ممڪن ئي ناهي. هاڻي هي ڳالهه عالم آشڪار آهي ته انڊيا جي را، اسرائيل جي موساد ۽ آمريڪن سي آءِ اي کين پٺڀرائي ڪري رهي آهي. مُشرف دور حڪومت ۾ ٽريفڪ پوليس جي نالي ۾ غير قانوني طور ملنٽيٽ کنيا ويا ۽ ٽي هزار جي لڳ ڀڳ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن سٽي پوليس ۾ ضم ڪيو ويو. ٻيو ته ٻاهران گهرايل اسلحو ڪهڙي ڪم ايندو، جيڪو هاڻ نظر اچي پيو. ان ڪري “ٽارگيٽ ڪلنگ” ڪير ٿو ڪري مشڪوڪ ناهي رهيو ۽ نه ئي ان کي ڳجهو بنايو وڃي. غير قانوني ڪميونٽي پوليس ۾ ڀرتي ڪيل ماڻهو برطرف ڪيا وڃن ۽ سندن بليڪ ميلنگ ۾ اچڻ بجاءِ ڪراچيءَ جي امن پسند عوام تي ڀروسو ڪندي انهن کي منظم ڪندي دهشتگردن کي اڪيلو ڪيو وڃي.

اپريل 2008

سنڌ جي عوام کي اسان سان بيهڻ گهرجي

19 فيبروريءَ تي جڏهن سنڌ جي عوام پنهنجي شعور سان متفق طور تي پي پي کي اڪثريت سان ووٽ ڏئي اقتدار جو مالڪ بڻايو. اڄ صدر، وزير اعظم، قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر، بلوچستان جو چيف منسٽر، سنڌ جي وڏي وزير کان سواءِ پختون خواهه ۽ پنجاب ۾ گڏيل حڪومت هئڻ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ حڪمراني پيپلز پارٽيءَ جي آهي. ان کان اڳ بينظير ڀٽو شهيد ملڪ جي خصوصي طورتي سنڌي عوام سان وچن ڪيا هئا ته، هو اقتدار ۾ اچي:
آئين ۾ ٿيل 17 هين ترميم 2B / 58 کي ختم ڪري پارليامينٽ کي خودمختيار بڻايو ويندو.
بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ختم ڪري اڪبر بگٽي، بالاچ مري شهيد سميت سمورن بلوچن جي قتل ۾ ملوث جنرل مشرف ۽ ان جي حوارين تي ڪيس هلائي کين سزائون ڏنيون وينديون.
صوبن کي مڪمل صوبائي خودمختياري ڏني ويندي
نسل پرست دهشتگرد ٽولي ۽ آمر حڪمران جنرل مشرف جي اتحادين سان آئنده ڪوبه ٺاهه نه ڪبو.
12 مئي 2007 ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيل ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن هٿان وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن جي قتلام جو حساب ڪتاب ڪيو ويندو ۽ بيروزگاريءَ جو خاتمو آندو ويندو، اهڙا واعدا شهيد راڻي سنڌ جي عوام سان هر واهڻ ۽ وستيءَ ۾ لکن جي تعداد ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جي جلسن ۾ ڪيا هئا. ڇا موجوده حڪمرانن شهيد جي ڏنل واعدي تي عمل ڪيو آهي؟ جواب آهي نه، بلڪ ان جي ابتڙ آهي، دهشتگردن کي سرِعام ٻانهن ٻيلي ڪيو ويو آهي، ٿل ڪئنال لاءِ ڏيڍ ارب رپيا ملڪي بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين خراب ٿي چڪي آهي روزانو ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن قبائلي جهيڙا ڪرائي، سنڌ ۾ انارڪيءَ کي جنم ڏنو پيو وڃي ۽ جاگيردار طبقي ۽ ڪلچر کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو پيو وڃي، گڊگورننس بجاءِ موجوده سرڪار ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. جن اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري هيٺ ووٽ وٺي اقتدار ماڻيو آهي تن ماڻهن کان هڪ ويلي جي ماني به کسي ورتي آهي، اٽو، لٽو ۽ اجهو ته پري جي ڳالهه آهي.
اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب سنڌ جي دوري تي نڪتل آهي. سنڌ جو عوام جيڪو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي، سنڌ جو عوام امن لاءِ پڪاري رهيو آهي، سنڌ جو عوام روزگار لاءِ تڙپي رهيو آهي، سنڌ جي مسڪين ۽ ڏتڙيل عوام کي دوکي ۽ ٺڳيءَ سان هميشه غلام رکيو ويو آهي. جاگيردارن پنهنجون رياستون ٺاهي هارين ۽ پورهيتن کي جڪڙي رکيو آهي، ان ظلم ۽ جبر جي ڪاري رات کان ڏاڍ ۽ ڏمر کان سنڌي قوم کي نجات ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب سنڌ جي واهڻ وستيءَ ۾ پهچي رهيو آهي. حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري هاڻي عوام جو ويساهه ايس ٽي پي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي قيادت ۾ وڌي رهيو آهي.
سنڌ جي عوام کي باربار ٺڳجڻ ۽ دوکي ۾ اچڻ بجاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي سان گڏ بيهڻ گهرجي، جيڪا سنڌ جي ويساهه کي طاقت ۾ تبديل ڪري اهڙو انقلاب برپا ڪندي جو هن وطن ۾ هر ماڻهو خوشحال هوندو. عزت ۽ وقار سان جيئندو، ڪا ڪاري ڪري نه ماري ويندي، ڪو پنهنجو لخت جگر ٻه ويلا ماني حاصل ڪرڻ لاءِ بازار ۾ نه وڪڻندو. ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ امن سان سک جي ننڊ سمهي سگهندا. ڪو ڦورو ۽ لٽيندڙ نه هوندو، سنڌ آزاد ۽ خوشحال هوندي.

بلوچن پارليامينٽ کي ڇڏي پهاڙن جي چونڊ ڇو ڪئي ؟

8 اپريل تي تربت کان اٺ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٽن قومپرست اڳواڻن غلام محمد بلوچ، لالا منير بلوچ ۽ شير محمد بلوچ جا چچريل لاش هٿ آيا. کين ڇهه ڏينهن اڳ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ حزب اختلاف جي اڳوڻي ليڊر ڪچڪول علي جي آفيس مان اغوا ڪيو ويو هو، نتيجي ۾ اڄ سڄو بلوچستان احتجاج جي لپيٽ ۾ آهي. بلوچستان جي سمورين قومپرست پارٽين سخت احتجاج ڪيو آهي. پاڪستان جي قومپرست ۽ جمهوريت پسند ۽ انصاف پسند ڌرين پڻ پنهنجي غم غصي جو اظهار ڪيو آهي. چيو وڃي ٿو ته غلام محمد بلوچ جان سلوڪي (اقوام متحده جو ايلچي) جي بازيابي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن ڪري آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ اقوام متحده پڻ اهڙي عمل جي مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته انهن قتلن جي جاچ ڪرائي وڃي. انهن بلوچستان جي صورتحال تي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار پڻ ڪيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن قومي اڳواڻن جو ڪهڙو ڏوهه هو. جن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو؟ بلوچستان جيڪو اڃان اڪبر بگٽي ۽ بالاچ مري جي قتل واري صدمي مان ٻاهر نه نڪتو هو ته مٿان وري اهڙا گهاءُ ڏنا ويا آهن، جيڪي هاڻ ڀرجڻ مشڪل ٿو لڳي.
اچون ٿا بلوچستان جي صورتحال تي، پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ۽ اڳ بلوچ خودمختيار رهيا آهن. پاڪستان جي وجود کانپوءِ ان کي قبوليندي ساڻس گڏ رهڻ جو وچن ڪيو ويو، بلوچستان جاگرافي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو آهي. قدرتي ۽ معدني وسيلن تيل، گئس، زراعت ۽ قيمتي پٿر جي ڪري هيءَ مالامال صوبو آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 1952ع ۾ سئي جي علائقي مان گئس دريافت ٿي. اڄوڪي صورتحال ۾ 23 سيڪڙو گئس وفاق جي پول ۾ بلوچستان فراهم ڪري ٿو، چاغي جي مقام تي سون دريافت ٿيو آهي، جيڪو سالانا 1.5 ٽن هوندو ۽ اهو لڳاتار 19 سالن تائين هلندو رهندو. آسٽريليا ۽ چلي جي ٻن ڪمپنين کي سستي اگهه تي ٺيڪو ڏنو ويو آهي. بلوچستان جو قيمتي پٿر سنگِ مرمر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، سامونڊي پٽيءَ مان ٽي ارب رپين کان وڌيڪ مڇي ۽ جهينگي حاصل ڪرڻ مان آمدني ٿئي ٿي. گوادر پورٽ جي آمدني اڃا هاڻي شروع ٿي آهي. هر سال هڪ سئو ڪروڙ جي آمدني صرف جانورن جي کلن مان ٿئي ٿي. ماهرن مطابق ايندڙ ڪجهه عرصي ۾ بلوچستان تيل ۽ گئس جي وسيلن ۾ وچ اوڀر ۽ سينٽرل ايشيا کان گهڻو اڳتي نڪري ويندو، جنهن قوم وٽ ايترا وسيلا هجن ۽ انهن جا ٻچا بک مرن، بدحالي انهن جو مقدر هجي. تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي نعمتن کان هو محروم هجن، پاڻي جي حاصلات لاءِ هو ڪوهين ڏور وڃن ته پوءِ اُهي حقن لاءِ جدوجهد نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟ 23 سيڪڙو گئس فراهم ڪندڙ صوبي جو اڪثريتي عوام گئس کان محروم آهي، جڏهن ته پنجاب ٿوري گئس پيدا ٿو ڪري، پر 40 سيڪڙو کان مٿي استعمال اُتي ٿئي ٿو. بلوچ عوام جي اڪثريت ته بجليءَ کان به محروم آهي. بلوچستان ۾ ميگا پراجيڪٽس هلي رهيا آهن، مثال طور گوادر پورٽ، پر بلوچ عوام جو 5 سيڪڙو به ليبر ۾ ناهي. اڪثريت ٻاهرين ماڻهن جي ڪم ڪري رهي آهي. اهڙي طريقي سان بلوچن کي روزگار کان محروم رکيو ويو آهي.

تعليم ۾ بلوچن جي حصو:
ملڪ جي 29 ميڊيڪل ڪاليجن مان بلچستان ۾ فقط 2 ڪاليج آهن. 13 انجنيئرنگ ڪاليجن مان بلوچستان ۾ رڳو هڪ انجنيئرنگ ڪاليج آهي. ملڪ جي 91 يونيورسٽين مان بلوچستان ۾ رڳو ٻه يونيورسٽيون آهن. بلوچستان وسيلن سان مالامال آهي، پر ان جو عوام غربت جي بدترين حالت ۾ آهي، اتي 55 سيڪڙو کان وڌيڪ عوام غربت جي لڪير کان هيٺ گذاري ٿو. اهڙي صورتحال جي باوجود بلوچ قومپرستن جي اڪثريت پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين پارليامينٽ جو حصو رهي آهي، پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪرڻ جي باوجود هو ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر، چيف منسٽر ۽ وفاقي وزير طور قسم کڻي پاڪستان سان گڏ رهڻ جا وچن ڪندا رهيا آهن، هو دنيا جي مهذب قومن وانگر پارليامينٽ ۾ پنهنجن بنيادي قومي، جمهوري حقن لاءِ آواز اٿاريندا رهيا آهن، پر انهن سان ناروا سلوڪ ٿيندو رهيو آهي، 73ع جي آئين جي قبوليت کانپوءِ بلوچستان جي حڪومت غير آئيني طور ختم ڪري سمورن قومي اڳواڻن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو، اڪبر بگٽي جنهن هر مصلحت کي ڀليڪار ڪيو، پر ان کي به نه بخشيو ويو،80 سالن جي پوڙهي کي به بمن ۽ بارود سان ماريو ويو، هڪ طرف سرڪار پاران طالبان سان معاهدو ڪيو پيو وڃي جيڪي ماڻهو عورت جي به عزت نٿا ڪن، ماڻهن کي جانورن وانگر ذبح ڪن ٿا. ٻئي طرف بلوچ صرف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ايوانن کان ٻاهر ٿي ويٺا آهن، انهن کي قتل ڪيو پيو وڃي دراصل بلوچستان عالمي سطح جو اسٽريٽجڪ علائقو آهي، آمريڪا جنهن جا هن خطي ۾ مفاد وڌيا آهن، سينٽرل ايشيا جي گئس ۽ تيل ذخيرن تي قبضو ڄمائڻ، افغانستان، ايران ۽ پاڪستان ۾ بنياد پرستي کي منهن ڏيڻ ۽ سڄي علائقي جي وسيلن تي قابض ٿيڻ انهن جو هڪ خواب آهي، ان ڪري بلوچستان جون حالتون پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي بجاءِ اسٽيبلشمينٽ انهن کي بگاڙيو آهي، هو بلوچن جي پر امن پارلياماني قومي، جمهوري جدوجهد کي پرتشدد تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ چاهين ٿا.

بلوچستان مسئلي جو حل:
1940ع جي قرارداد پاڪستان ۾ اهو واعدو لکت ۾ ڪيو ويو هو ته پاڪستان جي تشڪيل ۾ سمورين قومن کي خودمختيار رياستن طور مڃيو ويندو، پر ان واعدي تي عمل نه ٿيو آهي، 1973ع ۾ ڀٽي صاحب واعدو ڪيو هو ته 10 سالن کانپوءِ ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪئي ويندي، اڄ تائين ان تي عمل نه ڪيو ويو، وسيلن جي مالڪي جي سوال تي بلوچ اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين کي خراب نظر سان ڏٺو پيو وڃي. کين ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ، ملڪ دشمن قرار ڏيڻ روز جو معمول آهي، جيڪي ماڻهو پاڪستان جي آئين تي قسم کڻن، انهن تي به ويساهه نه هجي ته پوءِ اعتماد ڪيئن بحال ٿيندو؟ اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان جي سياست آهستي آهستي پارليامينٽ کان پهاڙن ڏي منتقل ٿي رهي آهي، جنهن ملڪ ۾ جمهوريت حقيقي شڪل ۾ هجي ٿي، اتي اهڙا معاملا گهٽجن ٿا، مثال طور هندستان ۾ سکن جي علحدگي واري تحريڪ، جنهن ۾هزارين سک قتل ٿيا. جيل ويا ردِعمل ۾ اندراگانڌي جهڙي شخصيت قتل ڪئي وئي، پر مستقل جمهوري ادارن جي مستحڪم هجڻ سان سکن جي بنيادي قومي حقن کي تسليم ڪيو ويو، اڄ سکن جي عليحدگي پسند تحريڪ اوهان کي نظر نه ايندي، موجوده سرڪار چوي ٿي ته هي جمهوريت پسند آهن ۽ هو ماضي جي آمرن جي ڪيل ڪرتوتن کي ختم ڪندا، قومن کي رليف ڏيندا، ته پوءِ موجوده جمهوري سرڪار جي هوندي ٽن بلوچ اڳواڻن جو قتل ڇا ٿو محسوس ڪرائي؟
صرف 50_ ارب رپين جو پيڪيج بلوچن لاءِ ڪجهه به ناهي. بلوچن کي پيڪيج نه پر وسيلن جي مالڪي گهرجي ٿي، سندن زخمن تي پها رکڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن موجوده حڪومت عملي طور ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي ته انهن کي بلوچستان سميت ملڪ جي سمورن ننڍن صوبن جي ماڻهن لاءِ پارليامينٽ ذريعي ٺوس فيصلا وٺڻا پوندا. 1940ع جي قرارداد موجب دفاع، ڪرنسي ۽ پرڏيهي کاتا وفاق پاڻ وٽ رکي، باقي سمورا کاتا صوبن حوالي ڪري. نواب اڪبربگٽي، بالاچ مري،غلام محمد بلوچ، لالا منير ۽ شير محمد بلوچ جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪري عدالتن جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بلوچستان جي سياسي ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل ننڍو کنڊ ۽ بنياد پرستي!

ممبئي ۾ دهشتگردي جي واقعي خصوصي طور هن خطي ۽ سڄي عالمي برادري کي لوڏي ڇڏيو آهي. منظم رٿابندي سان قتل عام ڪرڻ کان پوءِ ڪشمير جي آزادي، حيدرآباد دکن جي آزادي ۽ اسرائيل سان ناتا ٽوڙڻ جهڙا مطالبا سامهون آيا آهن. ڀارت سرڪار سڌو سنئون پاڪستان تي الزام مڙهيو آهي ته اهي هن وارتا ۾ ملوث آهن. پاڪستان سرڪار اعليٰ سطحي جاچ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا الزام رد ڪيا ويآ هن. سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪهڙا ڪارڻ آهن جو 21 هين صدي جي پهرئين ئي ڏهاڪي ۾ مذهبي بنياد تي اهڙا خطرناڪ ۽ خوفناڪ واقعا هڪ ٻئي پٺيادن رونما ٿي رهيا آهن. 1978ع ۾ افغانستان ۾ انقلاب اچڻ کانپوءِ هن سڄي خطي جي صورتحال بدلجي وئي آهي. افغان انقلاب جون بنيادي ڪمزوريون هيون جنهن جي ڪري هن خطي ۾ انقلاب دشمن قوتون سگهاريون ٿيون ۽ انقلاب ناڪام ٿيو. انقلاب هميشه عوام جي اڪثريت سان برپا ٿيندا آهن. انهن جي خواهش ۽ شرڪت سان پر افغانستان ۾ فوجي بغاوت ڪري ۽ روسي ملٽري جي مدد سان تبديلي آئي عوام جي شرڪت نه هئڻ ڪري عوام ڪميونزم جي خلاف اٿي کڙو ٿيو، معروضي حالتن ۽ تيار نه هئڻ ڪري جيڪي نقصان ٿيا، سي اڄ تائين ڀوڳيون پيا.
اهو زمانو آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ سرد جنگ جو هو ۽ بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 77ع ۾ فوجي آمر اقتدار تي قبضو ڪري چڪو هو، مارشل لا مخالف تحريڪ زورن تي هئي. افغان انقلاب کي ڪمزور ڪرڻ جو واحد ذريعو پاڪستان هو. جڏهن کان ويڙهاڪن کي هر قسم جي مدد ٿي رهي هئي، دراصل هن خطي ۾ آمريڪي مفاد اڳ ئي نظر ۾ هئا افعان انقلاب جيڪر ڪاميابي ماڻي ها ته ان جا پاڪستان جي سياست تي گهرا اثر پون ها. ان ڪري فوجي جنرل ضياءُ الحق پاران مُجاهد پيدا ڪيا ويا. جن افغان انقلاب خلاف مزاحمت ڪئي. سڄي دنيا جا بنياد پرست افغانستان ۾ آمريڪي سهڪار سان گڏ ٿيڻ لڳا. قبائلي عوام کي ڪميونسٽ فلسفي کان ڊيڄاريو ويو، مدرسن ۾ طالبان پيدا ڪيا ويا. مسلمان ملڪن مان ننڍا ننڍا مذهبي گروپ هن تحريڪ جو حصو بڻجڻ لڳا، جن جي مدد ٿيندي رهي ۽ کين افغان وار ۾ موڪليو پئي ويو، سويت يونين جي ٽٽڻ سان افغانستان ۾ روسي فوج جي واپسي افغان انقلاب جي ناڪامي سان ئي افغانستان ۾ مذهبي ڌريون طاقتور ٿيون ۽ پوءِ ڳچ عرصي تائين طالبان افغانستان جي وڏي حصي تي حڪمراني ڪئي. جن جنون جي حد تائين پنهنجي مرضي جي حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن حڪم جاري ڪيو ته عورتون برقعي ۾ رهن، نياڻيون اسڪول نٿيون وڃي سگهن، تاريخي تهذيبي ماڳن مقامن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو.
ڏاڙهي ڪوڙڻ منع هئي، مطلب ته مڪمل بنياد پرستي ڇائنجي وئي ۽ پوءِ 11/9 ٿيو ۽ امريڪا افغانستان تي حملو ڪري قبصو ڪيو ته صورتحال بنهه تبديل ٿي وئي، ضيا آمر جي سڄي دور ۾ مذهبي ڪٽرپڻو رکندڙ ڌريون آمريڪا دوست ڪردار ادا ڪنديون رهيون. ان دور ۾ سمورين سهولتن ملڻ ڪري بنياد پرستي جون نرسريون پيدا ٿيون. جيڪي اڄ وڌي وڻ ٿيون آهن. اڄ آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ چئي رهي آهي ته مذهبي دهشتگردي جون پاڙون پاڪستان ۾ آهن، جو 11/9 جا مکيه ڪردار پاڪستان مان گرفتار ٿيا. القائده اڳواڻ اسامه بن لادن ۽ ايمن الزواهري جو ڏس به پاڪستان ۾ ملي رهيو آهي. القائده جي اڪثريتي اڳواڻن جو موت پاڪستان جي حدن ۾ وزيرستان بنون ۽ باجوڙ ۾ ٿي رهيو آهي. ڀارت الزام هڻندو رهيو آهي ته ڪشميري هندستان ۾ ٿيل بم بلاسٽ، قتل عام، گاڏين تي حملا، پارليامينٽ تي حملا اهو سڀ ڪجهه پاڙيسري ملڪ مان ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ انڊيا جو جهاز اغوا ڪيو ويو، جنهن بدلي ۾ هڪ ويڙهاڪ کي انڊيا جي جيلن مان آزاد ڪرايو ويو، ان وقت افغانستان ۾ طالبان حڪومت هئي. اهڙي ريت پاڪستان ۽ افغانستان ۾ گڏيل طور القائده وارا سرگرم عمل ٿيندي ڪڏهن سعودي عرب ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيا آهن ته ڪڏهن وري انڊونيشيا ۾.
پاڪستان جو معاشرو گهڻي حدتائين لبرل، جمهوري ڪلچر ۽ امن پسند رهيو آهي. هن خطي ۾ آمريڪي مفادن جي وڌڻ ڪري بنياد پرستي کي هٿي ڏني وئي. تجزئي نگارن جو هي به خيال آهي ته القائده جهڙي عالمي دهشتگرد تنظيم کي آمريڪي حمايت حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو هن خطي ۾ دهشتگردي نه وڌندي ته حڪمران ڪيئن مجبور ٿيندا عالمي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ، مثال طور پاڪستان جي اترئين علائقن وزيرستان، سوات، باجوڙ ۽ ٻين حصن ۾ ڪافي ڏينهن کان ويڙهاڪن ۽ پاڪستان ۽ آمريڪي فوج وچ ۾ ويڙهه هلي رهي آهي. آمريڪا وارا جاسوسي جهازن ذريعي Strike حملا ڪري پنهنجا حدف حاصل ڪري رهيا آهن. حڪمران صرف روايتي مذمت ڪري رهيا آهن. مطلب ته اڻ لکيل ٺاهه موجب اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. آمريڪا ان صورتحال کي ڊگهو رکندو ته جيئن پاڪستان معاشي طور تي ڪمزور ٿئي. سماجي طور تي بربادي جو شڪار ٿئي. امن نالي ڪا شيءِ نه هجي. دهشتگرد جڏهن چاهين جتي چاهين خودڪش حملا ڪري ماڻهن کي تباهه ڪن. پاڪستان ۾ اڪثريتي عوام امن چاهي ٿو، خوشحالي چاهي ٿو ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جو اڄ جي خوفناڪ صورتحال مان ٻاهر اچجي. مذهبي ڪٽرپڻي کي روڪجي. ترقي پسند فڪر کي سگهارو بڻائجي. اهڙي ريت هن خطي ۾ امن ممڪن بنجي سگهندو، نتيجي ۾ بک ۽ بدحالي جو خاتمو به ايندو.

سڀ ڪجهه سمجهون ٿا!

ڪنهن دور ۾ آمريڪا ۾ ڊوڊي نالي شخص قتل ٿيو. اُن قتل جي الزام ۾ سندس دوست بُڪرڊي گرفتار ٿيو. مقتول جا رت هاڻا ڪپڙا ۽ قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ آيو. پر مقتول جو لاش نه ملي سگهيو. قاتل گرفتار ٿي عدالت ۾ آندو ويو، فيصلي واري ڏينهن جيوري جيئن ئي فيصلو ٻڌائڻ واري هئي ته قاتل جي وڪيل جيوري کي چيو ته اوهين بُڪر ڊي کي ڪيئن ٿا سزا ڏئي سگهو ڇاڪاڻ جو ڊوڊي زندهه آهي ۽ سامهون واري دروازي کان ٺيڪ 10 منٽن ۾ اندر داخل ٿيندو. ججن فيصلو روڪيندي اُن دروازي تي نگاهه وڌي ڏهه منٽ گذري وڃڻ کان پوءِ ڊوڊي ظاهر نه ٿيو، جيوري ڏهه منٽن جي وقفي کانپوءِ قاتل کي سزا جو حڪم ڏنو. قاتل جي وڪيل ججن کان پڇيو ته مون اوهان کي شڪ ۾ وڌو ۽ شڪ جي بنيادن تي سزا نه ملندي آهي ته ججن وراڻيو ته انهن ڏهن منٽن دوران قاتل هڪ لمحي لاءِ به اُن دروازي ڏانهن نه نهاريو ڇاڪاڻ جو کيس پڪ هئي ته ڊوڊي قتل ٿي چُڪو آهي. اُن کي بنياد بنائي اسان فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان ۾ ڇا پيو ٿئي صورتحال ڪيڏانهن پئي وڃي، مستقبل ۾ ڪهڙا نتيجا اچڻا آهن، آمريڪا کي سڀ خبر آهي ڇاڪاڻ جو هتي جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، اُن ۾ آمريڪا مڪمل طرح سان ملوث آهي ۽ جيڪا به رزلٽ اچي رهي آهي اُن کان اڳ ئي هو باخبر آهن.
ڪيري لوگر بل اچڻ کان پوءِ شيون چٽيون ٿي سامهون آيون آهن. ملڪ جي سياست ۾ سياسي ڌارائون هڪ ڀيرو ٻيهر جمهوري قوتن ۽ غيرجمهوري قوتن جي وچ ۾ ورهائجي رهيون آهن چٽيون ٿي سامهون اچي رهيون آهن. هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي فوج ڪيري لوگربل تي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ پنهنجو اعتراض ڄاڻائي پاڪستان جي سياست ۾ داخل ٿي چُڪي ۽ ثابت ٿيو ته فوج جي مفادن تي جڏهن به ضرب لڳندي ته هو دانهون ڪندي. دنيا جي جمهوري ملڪن ۾ فوج جو ڪردار صرف دفاعي هجي ٿو يا وري حڪومتن ۽ هدايتن تي مددگار ٿين ٿا. پر هن ملڪ ۾ بنهه اُبتڙ آهي، چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ جمهوريت آهي. جي جمهوري نظام آهي ته پوءِ ڪنهن ملڪ جي امداد غيرفوجي هجي ته پوءِ فورن ڪمانڊر گڏجيو وڃن. اعتراض اچيو وڃن، سمجهه کان ٻاهر بلڪل ناهي ته هي ملڪ جمهوري ناهي.
هن خطي ۾ جيڪي به تبديليون آيون آهن، انهن ۾ آمريڪي سامراج جو مکيه ڪردار رهيو آهي. تاريخ ۾ اڳ گروهه، طاقتور حڪمرانن پنهنجون سرحدون اورانگهي ٻين قومن کي غلام بنائيندا هئا. انهن جي وسيلن جي لُٽ ڦر ڪندا هئا. ٻي عالمي جنگ جي خاتمي ۽ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ سڄي دنيا جي قومن جو اتحاد جڙڻ ۽ اُن ذريعي ڪي ضابطا رکڻ کان پوءِ نون طريقن سان قومن کي، ملڪن کي غلام ۽ قبضي هيٺ رکيو پيو وڃي. سويت يونين جي ٽٽڻ سان آمريڪي طاقت ۾ اضافو ٿيو. ۽ اڪيلي قوت جي طور تي سامهون آيو آهي. دنيا جا سمورا عالمي ادارا ڄڻ ته اُن جي ماتحت آهن. افغان انقلاب جي خاتمي ۾ آمريڪي ڪردار اهم رهيو، مڊل مين جي طور تي پاڪستان جي فوج مکيه ڪردار ادا ڪيو. اربين ڊالر جيڪي افغان انقلاب جي خاتمي لاءِ استعمال ٿيا، اُن مان هڪ طرف مُجاهدن فائدو ورتو ته ٻئي طرف پاڪ فوج به مزا ماڻيا. افغان انقلاب خلاف جنگ ۾ مُجاهدن جي ڪاميابي سندن همت جو سبب بڻي ۽ پوءِ ڪشمير ۾ ساڳيو ڪردار ادا ڪندا رهيا. اهڙي ريت سڄي دنيا ۾ مذهبي ڪٽرپڻو ۽ فلاسافي رکندڙ ماڻهو افغانستان ۽ پاڪستان ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. جهاد جي جذبي سان سرشار نوجوانن جي نظرياتي تربيت به ٿيڻ لڳي. اڄوڪي صورتحال جو اهوئي پسَ منظر آهي جو ماڻهو خودڪش حملا ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ٿا، مزاحمت ڪن ٿا.
سينٽرل ايشيا جي گئس ۽ تيل جي وسيلن جي موجودگي، پاڪستان ۾ تيل گئس ۽ ٻين ذخيرن جي موجودگي آمريڪا کي هن خطي ۾ ڇڪي آئي آهي، زبردست نقصان (فوجي توڙي معاشي) هوندي به هو هتان وڃڻ وارو ناهي. تقريبن 165 ارب ڊالر افغانستان ۾ خرچ ڪري رهيو آهي. جنرل مُشرف کي هٽائي اين آراو ذريعي فوج ۽ سياستدانن کي گڏ ويهارڻ به آمريڪي مُفادن وٽان آهي.
طالبان تحريڪ کي پهريان آمريڪي قوت سگهارو ڪيو ۽ اُن جو هڪ اهم حصو اڃان به آمريڪا لاءِ ئي ڪم ڪري رهيو آهي. پنجاب جي اهم ادارن، جي ايڇ ڪيو، اسلام آباد، لاهور ۾ حملا رٿا جو حصو آهن. ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته پاڪستان فوج کي ته مذهبي جنونيت پسند ويڙهاڪ ئي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. اُهي انهن کي ڀاڙي ڪري حملن ۾ تيزي آڻي ايٽمي اثاثا به پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ چاهين ٿا. انهيءَ ڊپ واري ڪيفيت کي وڌيڪ سگهارو ڪيو پيو وڃي ته جيئن آمريڪي بجيٽ، آمريڪي مدد ۽ اُن ۾ فوجي امداد پڻ گهرجي ته جيئن طالبان تحريڪ جي مزاحمت، کان بچي سگهجي. تازو آمريڪي قونصل جنرل اسٽيفن فرمايو آهي ته بلوچستان ۾ به پاڪستان جي فوج کي طالبانن جي اڏن کي نشانو بنائڻ گهرجي ۽ اهو به ته فوج کي هر صورت ۾ وزيرستان ۽ ٻين علائقن ۾ ويڙهه وڙهڻ گهرجي. ڊڪٽيٽ ڪيو پيو وڃي. ائين جيئن ڪو محڪوم ملڪ حاڪم جي چوڻ تي ڪري. ملڪ جون سياسي تبديليون به اُن پس منظر ۾ ٿي رهيون آهن.
ڊرون حملا پاڪستان جي حڪمرانن جي سهڪار کانسواءِ ناممڪن آهن. چين جي هن خطي ۾ وڌندڙ اثر کي روڪڻ لاءِ به پاڪستان تي آمريڪي قبضو بنيادي اهميت جو حامل آهي. گوادر پورٽ تي بلوچ مزاحمت کي سگهارو ڪرڻ، چينين کي قتل ڪرڻ، هندستان کي چين جي ڀيٽ ۾ مُتحرڪ رکڻ سگهارو بڻائڻ ۽ دفاعي سمجهوتا ان ڳالهه جو مظهر آهن ته هو هڪ طرف چين کي روڪڻ ۽ ٻئي طرف وسيلن تي قبضي لاءِ مڪمل طرح سان قابض ٿيڻ جي رٿا تي عمل ڪري رهيو آهي. خطي ۾ بنياد پرستي جي وڌڻ سان فوج اندر به بنياد پرستي ۽ آمريڪي مُخالفت ۾ اضافو ٿيو آهي. فوج جي اعليٰ ادارن جو امريڪا سان اعتراض صرف حصي پتي جو آهي ۽ فوجي قيادت کي سياست کان روڪڻ نه گهرجي وارو نقطي نظر آهي. سڄي ملڪ ۾ بنياد پرستي جي وڌڻ پويان آمريڪا آهي، جيئن اڳي ذڪر ڪري آيا آهيون. جيئن انگريزن سنڌ تي قبضو ڄمايو ڌنڌي جي نالي ۾ آيا ۽ پوءِ آهستي آهستي قابض ٿي ويا. هٿرادو پئدا ڪيل تحريڪ طالبان ۽ جاڙاٽاور سميت وڏا واقعا ڪرائي بهانو ڳولي هن خطي ۾ داخل ٿي ويا آهن ۽ سڄي دنيا کي هيسايو پيو وڃي ته مُلا دنيا کي ۽ غير مسلمانن کي تباهه ڪري ڇڏيندا. جديد وسيلن هوندي اسامه ۽ ايمن الزواهري نٿا مرن، ڇاڪاڻ جو انهن جو خاتمو تحريڪ طالبان جي عالمي تحريڪ کي ڪمزور ڪندو ۽ اهو ضروري آهي ته مذهبي ڪٽرپڻو جاري رهي ۽ سبب بڻائي مستقل نموني ڊگهي عرصي تائين آمريڪا هن خطي جو مالڪ بڻجي وڃي.
پاڪستان ۾ هڪ طرف ته مذهبي انتهاپسندي چوٽ چڙهيل آهي ۽ حالتن انهن کي آمريڪا مُخالف بڻايو آهي ته ٻئي طرف آمريڪا پاڪستان جي نئين جوڙجڪ لاءِ به ڪوشش ۾ رُڌل آهي. مثال طور ڊگهي عرصي کان آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ چئي رهي آهي ته پاڪستان 2015 کان پوءِ نقشي تي ناهي، مطلب ته ڪي نوان صوبا الڳ وطن ۽ الڳ حڪومتون پاڪستان جي ٽڪرن سان ئي مشروط آهن ۽ اُن ڏس ۾ سنڌ ۾ اصلوڪن ماڻهن سنڌين سان ويجهڙائپ جي بجاءِ اسٽريٽجڪ صورتحال مطابق ايم ڪيو ايم جهڙي تنظيم جي پٺي ٺپري رهيا آهن. رچرڊ هالبروڪ کان وٺي اعليٰ آمريڪي عملدارن تائين سٽي ناظم ۽ گورنر سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن. تازو آمريڪي اسٽيٽ گيسٽ طور تي گورنر سنڌ عشرت العباد ۽ مصطفيٰ ڪمال آمريڪا ويل هئا، جتي سندن آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ سان ڪچهريون ٿيون. آمريڪي ايم ڪيو ايم کي تمام گهڻو ويجها آهن ته جيئن مستقبل ۾ هڪ الڳ رياست جو قيام ڪري ان جي پٺيان بيهجي اِتي سمنڊ هجڻ ئي اهم آهي ۽ آمريڪي مفادن جو به تحفظ يقيني بڻجي سگهي ٿو. ٻئي طرف هو بلوچستان جي پشتون حصي ۽ پختون خواهه جي قومپرست ۽ سيڪيولر ڌرين اي اين پي ۽ پشتونخواهه پارٽي کي به پنهنجي اثر ۾ آندو آهي ته جيئن مستقبل ۾ هڪ افغانستان يا وري آزاد پختون خواهه کي حمايت ڏئي. اهڙي ريت جيڪڏهن پاڪستان جا حڪمران ۽ فوج آمريڪا جي مستقل اثر هيٺ نه رهي ته معاشي پابندين سان گڏ امن امان جا مسئلا پئدا ڪرڻ، معاشي طور تي ڪنگال ڪرڻ ۽ غير فطري نسلي ۽ گروهي تحريڪون هلائي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ چاهيندو. ايم ڪيو ايم لاءِ الڳ رياست غير فطري عمل آهي، جنهن جي مزاحمت ٿيندي.
آمريڪا هر صورت ۾ پاڪستان تي پنهنجي سڌي حڪمراني قائم ڪندو. هتي ڪک به آمريڪا جي هدايتن کان سواءِ نه چُرندو. هتان جا حڪمران اکيون ٻوٽي هدايتن تي عمل ڪندا رهندا. جيڪا بدقسمتي ۽ افسوس جو پهلو آهي، اهو هي ته ملڪ جي حقيقي جمهوريت پسند قوتون، قومپرست قوتون، سيڪيولر ۽ آمريڪي مُخالف ڌريون يا ته انتهائي ڪمزور آهن يا وري سندن مقصد واضح ناهي، هو آمريڪا جي مُخالفت جو جوکم کڻڻ لاٰءِ تيار ناهن. اهو طئي آهي ته آمريڪي پنهنجي پلاننگ تبديل ڪندا رهن ٿا. ڪالهه طالبان جا حامي اڄ مخالف پر هڪ شيءِ تي ڪو به اختلاف ناهي ته ملٽي نيشنل ڪارپورريشن جي نالي ۾ آمريڪي سامراج جيڪا ڦرلٽ ڪري پيو سا ڪنهن کان به ڳجهي ناهي. انقلابي فڪر جون پارٽيون پنهنجي منشور ۾ به آمريڪا مُخالف آهن پر عملي طرح سان ڇو خاموش، اهو وڏو الميو آهي. ساڳي وقت اهو سوال به انتهائي اهم آهي ته جهڙي ريت وينزويلاءِ سڄي لاطيني آمريڪا ۾ آمريڪا مُخالف تحريڪن شدت اختيار ڪئي آهي. ساڳي طرح سان استحصال ۽ پنهنجي خودمختياري جي مسئلي تي پاڪستان جون جمهوري ۽ انقلابي قوتن کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
معاشي طرح سان ڪمزور ملڪ پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن ٿا، پنڻ کان سواءِ ايران شهنشاهيت جي خاتمي کان پوءِ آمريڪي مُخالف ڪردار ادا ڪيو. عراق ايران تي اٺن سالن تائين جنگ مڙهي ايران معاشي طرح سان ڪنگال بڻجي ويو پر پنهنجي نظرياتي لائين تان هٿ ناهي کنيو. اڄ ايران آمريڪا لاءِ هڪ خطي ۾ وڏو چئلنج آهي. بهرحال موجوده ملڪي حالتن ۾ آمريڪا جو ڪردار اهم بڻجي ويو آهي. جيڪو ڪجهه پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي. ان کان آمريڪا بلڪل باخبر آهي، مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي، اُن کان به اڳواٽ باخبر آهي. پاڪستان جا حقيقي اشو محڪوم ۽ مظلوم قومن جي قومي خودمختياري داءُ تي لڳل آهي. سمورن وسيلن تي قابض فوج وزيرستان ۾ وڙهي سَرخُرو ٿي رهي آهي. حڪمرانن جي ساک عوام ۾ ختم ٿيندي پئي وڃي. جمهوري ادارا تباهه ۽ برباد آهن. آئين جي شڪل بگڙيل آهي. آمرن جون ڪيل ترميمون اڃان سوڌو عوام تي مڙهيل آهن. آمريڪي سي آئي اي، ايف بي آئي ۽ بليڪ واٽر پاڪستان ۾ هر هنڌ موجود آهن.
ملڪ جو مستقبل انتهائي خطرناڪ آهي. انڪري مستقبل ۾ ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ انقلابي قوتن کي پنهنجي وطنن جي حفاظت ڪرڻ، حقيقي جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ آمريڪا سامراج مُخالف تحريڪ جوڙڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ عالمي حڪمت عملي سنڌ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي!

آمريڪي مفادن سبب هن خطي ۾ امن ممڪن ناهي

تاريخ ٻڌائي ٿي ته ننڍيون توڙي وڏيون جنگيون اڪثر ڪري اقتصادي مفادن ڪارڻ لڳيون آهن، جنهن به ملڪ جي حاڪم کي خبر ٿي پئي ته ڪٿي ڪٿي وسيلا موجود آهن ته اتي ڪاهون ٿي ڪيائون، هزارين ماڻهن جو قتل عام ڪري به ڦرلٽ ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندا هئا ۽ اها تاريخي ڦرلٽ ڪندڙ مزاج اڄ به جاري آهي. ڪالهه وسيلن جي اڻهوند ڪري گهوڙن اٺن هاٿين، ٻيڙين جو استعمال هوندو هو ۽ هٿيارن ۾ تلوار، تير، نيزا ۽ پوءِ بندوقون استعمال ٿيون ته اڄ جديد کان جديد هٿيارن جو استعمال آهي ۽ فوجي طاقت ۾ ڪالهه جي نسبت کان سگهه آئي آهي.
اڳي هزارين ميل مهينن ۽ سالن م طئي ٿيندا هئا. هاڻ اکيون پوري وري کوليون ته منزل اچي ٿي وڃي، ٻي عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا پنهنجي طاقت ڏيکارڻ شروع ڪئي ۽ ڏسندي ڏسندي چالاڪي، وسيلن ۽ طاقت جي آڌار تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي سڌي اڻ سڌي طرح سان پنهنجو غلام بڻايو.
جڏهن ڪوبه حڪمران اهو طئي ڪري وٺي ٿو ته هن ملڪ يا خطي ۾ وڃڻو آهي ۽ اُتان هي فائدا حاصل ٿيڻا آهن ته وڏي کان وڏو نقصان برداشت ڪري به اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.
اقوام متحده جي چارٽر موجب هر ملڪ جي خودمختياري جو لازمي خيال ڪيو ويندو، اُهو ڪمزور ملڪ ڇو نه هجي. آمريڪا عراق ۾ بهانو بڻائي داخل ٿيو، هزارين آمريڪي فوجي قتل ڪيا ويا. لکين عام ماڻهو دهشتگردي جو کاڄ بڻيا، پر جنهن ظاهري مقصد لاءِ عراق ۾ مداخلت ٿي، انهن موت مار هٿيارن جو ڇا ٿيو رڳو بهانو هو. ڇاڪاڻ جو عراق مان تيل جي ذخيرن ۽ سڄي وچ اوڀر جي آمريڪا مخالف تحريڪن کي ماٺو ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن وسيلن تي قبضو ڄمائڻ آهي. اُن ڪري جاني توڙي مالي نقصان جي باوجود آمريڪا کي اهو ڪرڻو آهي. 11/9 جو بهانو بڻائي هڪ ڀيرو ٻيهر اسامه ۽ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ افغانستان ۾ مداخلت ٿي 2001ع کان لڳاتار اٺن سالن تائين افغانستان ۾ رت جي راند کيڏي پئي وڃي. هزارين بيگناهه ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، انسانيت لڄائي پئي وڃي. اسامه بن لادن ڇا دهشتگردي ۾ لاٿ آئي واڌ ٿي؟ ان کان پوءِ هاڻ پاڪستاتان جا اتريا علائقا جتي ٻيو افغانستان ٿي رهيو آهي. ڇا اهو سڀ ڪجهه پاڻ مرادو پيو ٿئي، ائين هرگز ناهي.
دراصل سائوٿ ايشيا، سينٽرل ايشيا ۽ وچ ۾ تيل، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن جي تمام گهڻي موجودگي ئي خطي ۾ جنگ جو سبب بڻجي رهي آهي، سينٽرل ايشيا ۾ هڪ اندازي موجب دنيا جي ٻئي نمبر تي تيل جا ذخيرا آهن، ان کان علاوه گئس، قيمتي پٿر، يورينيم، سون، تيل، لنگهه جا رستا، گوادر پورٽ وغيره، جنهن جي ڪري چين، هندستان، روس ۽ آمريڪا جي مفادن جي جنگ آهي، اهي سمورا ملڪ هن خطي ۾ پنهنجي طاقت وسيلي علائقي جو ڪنٽرول ڪرڻ چاهن ٿا، جنهن سان هو وسيلن جا مالڪ هئڻ سان گڏوگڏ جنگي حڪمت عملي جي حساب سان به هن خطي ۾ ويهڻ چاهين ٿا.
(1) آمريڪا ڇاڪاڻ جو انتهائي طاقتور آهي ۽ اڪيلو سڄي دنيا تي راڄ ڪري رهيو آهي، اقوام متحده ۾ ويٽو جي اختيارن ۽ دنيا جي اڪثر ملڪن جي آمريڪي دلالي ڪري اهو ادارو انصاف جون تقاضائون پوريون ڪرڻ بجاءِ آمريڪا کي قانوني مدد ڪري رهيو آهي.
(2) هن خطي ۾ اڪثر ملڪن ۾ غيرجمهوري حڪمرانن هئڻ ڪري آمريڪي مدد جي ضرورت پوي ٿي ۽ پوءِ اهي پاڻ بچائڻ لاءِ هر قسم جي غلامي ڪرڻ لاءِ تيار آهن مثال طور وچ اوڀر جي اڪثر ملڪن جا بادشاهه.
پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي تائين فوجي آمرن جو هجڻ ان ڪري افغانستان ۽ عراق ۾ آمريڪي مداخلت دوران سڄي خطي جي ملڪن نه رڳو مخالفت نه ڪئي پر آمريڪا کي پنهنجي ملڪ ۾ فوجي اڏا ۽ لاجيسٽڪ سپورٽ پڻ ڪئي ۽ جنهن ڪري آمريڪا وڌيڪ طاقتور انداز ۾ هن خطي ۾ پنهنجو جابرانه ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سوويت يونين جي موجودگي آمريڪا کي گهڻي حد تائين محدود ڪري رکيو هو پر ان جي ٽٽڻ سان صورتحال يڪسر تبديل ٿي وئي اڄ جڏهن هڪ طرف آمريڪا ۾ اقتصادي بحران وڌي رهيو آهي ۽ مٿس عوامي پريشر به وڌي رهيو آهي.
ٻئي طرف سائوٿ آمريڪا وينزويلا جهڙن ملڪن به کيس چئلينج ڏيڻ شروع ڪيو آهي ياد رهي ته وينزويلا وٽ تيل جا ذخيرا تمام گهڻا آهن. اتي آمريڪا مخالف حڪومت قائم ٿي آهي. انڪري سائوٿ آمريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ آمريڪي دشمن قوتن جي سگهاري هئڻ ڪري آمريڪا جو سڄو دارومدار سينٽرل ايشيا، وچ اوڀر ۽ سائوٿ ايشيا (پاڪستان ۽ افغانستان) خاص ڪري هدف آهن، ان ڪري وسيلن جي ڦرلٽ ڪندا ته پوءِ يقينن جيڪو به سگهارو ملڪ هوندو اهوئي هن خطي تي راڄ ڪندو، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين ملڪ ۾ فوجي راڄ هجي يا جمهوري راڄ، سڀ حڪمران آمريڪي مفادن جا رکوالا رهيا آهن، آمريڪا ۽ پاڪستان جو لاڳاپو آقا ۽ غلام وارو آهي، ان ڪري پاڪستان کي اهو ڪجهه ڪرڻو آهي جيڪو آمريڪي مفاد ۾ هوندو اسامه بن لادن القاعده جو مستقل هجڻ به هاڻي مشڪوڪ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ جو جيسين افغانستان جي هڪ حصي ۾ ۽ پاڪستان جي هڪ حصي ۾ ويڙهه نه ٿيندي ته پوءِ آمريڪي ڪهڙي بنياد تي هن خطي ۾ مستقل گهر ڪري ويهندا اهو سڀ ڪجهه آمريڪا جو پيدا ڪيل آهي ۽ پوءِ ردعمل ۾ سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي.
جيئن جيئن پاڪستان ۾ دهشتگردي وڌندي امن خطري ۾ پوندو ته آمريڪا لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا ۽ لڳ ڀڳ آمريڪن طئي ڪري چڪا آهن ته هاڻي افغانستان ۾ امن تڏهن ٿيندو، جڏهن پاڪستان مان دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽجي، ڇو ته افغانستان جي جنگ هاڻي پاڪستان شفٽ ٿي چڪي آهي، ان ڪري آمريڪي جنگين جي ماهر نيگرو پونٽي چيو ته هڪ طرفي جنگ سان حاصلات نه ٿيندي. مطلب ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي معيشت تباهه ٿيل آهي. مهانگائي ۽ بيروزگاري انتها تي آهي. عوام ۾ بيچيني وڌي رهي آهي، حڪمرانن وٽ اقتدار بچائڻ لاءِ به اهو ضروري آهي ته امن امان بحال ڪرڻ ۽ بک بدحالي کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي مدد ضروري آهي.
ان پنجوڙ ۾ پاڪستان اهڙو ڦاٿو آهي جو لڳي ٿو ته اتان ڏکيو نڪرندو، ڊگهي عرصي تائين آمريڪي مفادن ڪري پاڪستان افغانستان عراق ٿوري عرصي کان پوءِ ايران امن ڏسي نه سگهندا. هن خطي ۾ جنگين جي ڪري معاشي بحران وڌندا. لکين ماڻهن جو قتل عام نظر اچي ٿو، ايئن جيئن ٻن عالمي جنگين ۾ ويسٽ يورپ سان ٿيو، هر شئي اُجڙي وئي. معاشيات تباهه ٿي، لکين انسان ماريا ويا، قومون ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي ويون. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻن مهينن کانپوءِ آمريڪي چونڊن کان پوءِ جيڪڏهن ڊيموڪريٽس کٽي ويا ته علائقي ۾ حالتون تبديل ٿينديون. ان سان مون کي اختلاف آهي، آمريڪي پاليسي هن خطي لاءِ ساڳي رهندي. صرف هڪ رستو آهي ته هن خطي جو عوام جيڪڏهن آمريڪي جارحيت جي خلاف اٿي کڙو ٿئي ته ويٽنام وانگر کيس ڌڪي ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو ۽ ان ۾ سڄي دنيا جي جمهوريت پسند، عوام دوست ۽ سامراج مخالف قوتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته پوءِ گهڻي حدتائين امڪان موجود آهن. سامراجي مداخلت کي روڪي سگهجي ۽ امن بحال ڪري سگهجي ۽ هر ملڪ جي قومن جي خودمختياري بحال ٿئي.

ويساهه جو مرڪز تبديل ٿيڻ گهرجي

سنڌ جي مکيه قومي حقن جي حاصلات لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي جدوجهد جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو جتي پارٽي ڪارڪنن ۽ عوام سان رابطو ٿيو لاڙڪاڻي جي مختلف ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۾ هڪ نئين سوچ جنم وٺي رهي آهي، ماڻهن نئين انداز فڪر سان سوچڻ شروع ڪيو آهي حڪمران ڌُر جا جهنڊا لاهي ايس ٽي پي جا جهنڊا چاڙهيا ويا آهن، پاڪستان جي ڊگهي تاريخ ۾ هي نظارو نئين مستقبل جي نشاندهي ڪري رهيو هو، لاڙڪاڻو حڪمرانن جو شهر آهي، ۽ جتي حاڪم رهندا آهن اُتي انهن جي مرضي کانسواءِ پکي به پَر نه هڻي سگهندا آهن ِ، پر هتي صورتحال بنهه اُبتڙ ٿي رهي آهي، 1967 ڌاري لاڙڪاڻي جي رهواسي ذولفقار علي ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو هن پنهنجي پارٽي جو منشور سوشلزم رکيو روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو مشهور ڪيو ويو. سڄي ملڪ جي وڏن زميندارن جاگيردارن کي پارٽي ۾ شامل ڪندو رهيو، انهن جي ذريعي هزارين ۽ لکين ماڻهن تائين رسائي ڪيائين. جلسن ۾ ڀٽو صاحب هارين ۽ پووهيتن کي خطاب ڪندي انهن جي دلين جي ڳالهه ڪندو هو. چوندو هو ته منهنجي پارٽي اوهان پيرن ۽ مٿي اگهاڙن ماڻهن لاءِ آهي، مان پيٽ بکايل ماڻهن جو مسيحا بڻجي آيو آهيان. وڏيرن تي تنقيد ڪندو هو. اهڙي ريت 1970ع جي چونڊن ۾ ويسٽ پاڪستان جي 132 قومي اسيمبلي جي سيٽن مان 80 سيٽون کڻي اڪثريتي پارٽي بنجي اُڀريو. ۽ هوڏانهن ويسٽ پاڪستان بنگال ۾ عوامي ليگ 16٩ سيٽن مان 166 سيٽون کڻي ڪامياب ٿيو ۽ عوامي ليگ سڄي پاڪستان جي وڏي پارٽي ٿي اُڀري، جنرل يحيٰ عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ کان جواب ڏنو ذولفقار ڀٽو به ان راءِ جو هو ته ايسٽ پاڪستان عوامي ليگ ۽ ويسٽ پاڪستان اسان کي ڏنو وڃي. ملڪ جي اسٽيبلشمنٽ عوامي ليگ جي 6 نقطن جا سخت مخالف هئا، انڪري 22 مارچ تي ڍاڪا ۾ قومي اسمبلي جو اجلاس سڏايو ويو. جيڪو نه ٿيو 25 مارچ رات جو انڌيري ۾ جڏهن بنگالي اگهورننڊ ۾ سُتل هئا ته مٿانئن راتا هو هنيوويو. بنگال کي وڏي رت جي راند مان گذرڻو پيو پاڪستان جي فوج جمهوريت تي راتا هو هڻي بنگال کي الڳ ڪري ڇڏيو. بچيل ملڪ ويسٽ پاڪستان ۾ ذولفقار ڀٽو کي اقتدار ڏنو ويو. ڀٽو صاحب جيڪر چاهي ها ته ايڏو وڏو سانحو نه ٿئي ها ۽ 70ع کان پوءِ ڪڏهن به پاڪستان ۾ فوجي راڄ ۽ مارشلائون نه هجن پاڪستان هڪ جمهوري ڪلچر جو حصو ٿئي ها، ملٽري ۽ سول بيوروڪريسي جي هڪ هٽي ختم ٿئي ها ۽ عوامي جمهوري راڄ سان قومي جمهوري حق ملڻ جا امڪان ٿين ها، ترقي ٿئي ها. خوشحالي هجي امن هجي ها، طالبانائيزيشن ۽ بنياد پرستي جهڙي دهشتگردي جنم نه وٺي سگهي ها، پنهنجي خصيص اقتداري مُفاد لاءِ ڀٽو صاحب اُن جو حصو ٿيو بنگال جي صورتحال ۽ ڀٽو جي ڪردار تي تفصيل سان ٻئي ڀيري لکبو عوام جو ويساهه ته ڀٽي صاحب سان هو سنڌ ۾ انگريزن جي غلامي ۽ پوءِ ڊگهي عرصي تائين وڏيرن جي جبر ۽ غلامي جي خلاف ڀٽي صاحب ماڻهن کي هڪ ويساهه ڏنو ماڻهن غلامي جون زنجيرون ٽٽندي محسوس ڪيون گونگن کي زبان ملي وئي ماڻهو سمجهڻ لڳا ته هاڻ وڏي تبديلي ايندي اسان جي حقن جو رکوالو اچي ويو آهي، اهڙي ريت ماڻهو ڀٽي جي ان ويساهه سان سندس چوڌاري بيهي رهيا. اهڙي زنجير جيڪا نه ٽٽڻ واري هئي. 1977 جي چونڊن کانپوءِ ساڳي اسٽيبلشمنٽ ڀٽو مُخالف بڻجي وئي، پي اين اي جي تحريڪ جي ذريعي جيڪا ISI منظم ڪئي ڀٽي کي اقتدار کان الڳ ڪيو ويو ملڪ ۾ 3 جولاءِ تي مارشلا لاڳوڪيو ويو، ۽ نيٺ عوام جي ويساهن جي مرڪز اميدن ۽ آسرن کي پٺي ڏني وئي، حڪمرانن سمجهيو ته هو عوام جو مرڪز ٽوڙين ٿا پر نتيجا بلڪه اُن جي اُبتڙ آيا، ڀٽو جي ڦاهي ويساهه ۾ نئين جوت پئدا ڪئي، ڀٽي جي شهادت کان پوءِ بينظير ساڳيو ويساهه کڻي عوام وٽ پهتي اُن ويساهه جي مرڪز کي ٽوڙڻ نه ڏنو ۽ ڊگهي عرصي تائين قيد ۽ جبر کي منهن ڏيندي رهي مطلب ته ويساهه جو مرڪز نه ٽٽو. نيٺ هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمنٽ بينظير کي به رستي تان هٽايو، اُن مرڪز کي ٽوڙيو، هاڻ صورتحال ڪجهه مختلف نظر اچي رهي آهي، سنڌ ۾ عوام جي اميدن آسرن، ويساهن جا بنياد ئي لڏي ويا، شخص ۽ پارٽيون عوام جي اميدن جو مرڪز هجن ٿيون، ٽي سوء سال اڳ آفريڪا جي هڪ وسندي ۾ پيٽر نالي نوجوان پنهنجي ماڻهن جي غلامي خلاف گورن انگريزن خلاف ويڙهه جو اعلان ڪيو، هن پنهنجن ماڻهن کي ذلتن مان آجو ڪرائڻ لاءِ وڙهڻ کي ترجيح ڏني ذلتن جي ماريل ماڻهن ويساهه ڪيو جنگ وڙهي وئي، دشمن ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو، وسيلن جي اڻهوند، هٿيارن جو نه هجڻ، رٿابندي جي ڪمي باوجود ڪئي ڏينهن گورن حاڪمن کي ڀاڙيو ڪيو ويو هي جنگ ته پيٽر هارائي ويو، پر پنهنجي ويساهه ۽ ماڻهن جي ويساهه ۽ غم کي طاقت ۾ بدلائڻ لاءِ ٻيهر وڙهڻ جو وچن ڪيو، پيٽر جي پونئيرن صدين کان پوءِ سڄي آفريڪي کنڊ مان غلامي جو خاتمو ڪري ڇڏيو، (پڙهو نيگرو، عشق ۽ بغاوت)
1948ع ۾ فلسطين جي غلامي خلاف، پي ايل او جهڙو اتحاد وڙهي رهيو هو، جنهن فلسطينن جي آزادي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، فلسطين جي عوام جي ويساهه جو مرڪز پي ايل او رهي جنهن ۾ الفتح، ڪميونسٽ لبرل ۽ مذهبي آزادي پسند تنظيمون هيون، ڪرپشن، عياش پرستي، موقعي پرستي جي نتيجي ۾ 1987ع ۾ جڙيل مذهبي تنظيم حماس اڄ ماڻهن جي ويساهه جو مرڪز بڻجي وئي آهي جنهن ماڻهن سان ويجها لاڳاپا رکيا، فلسطيني عوام جي ڏک سُک ۾ ڀاڱيڀائيواري جي ڪري 2006 جي چونڊن ۾ حماس غزا ۽ ٻين علائقن ۾ وڏي پارٽي ٿي اُڀري، پي ايل او جي تاريخ به ڪارنامن سان ڀريل هئي وقت گذرڻ سان ڪوتاهين عوام جي راءِ کي تبديل ڪري ڇڏبو.
ڪامريڊ لينن چيو آهي ته مظلوم ۽ محڪوم قومن جا بنيادي قومي توڙي جمهوري طبقاتي حق صرف انقلابي پارٽي وٺي ڏئي سگهي ٿي” (قومن جو حق خود اختياري)
ڀٽو جي چالاڪيءَ سان ٺهيل پارٽي جنهن ۾ عوام سندس ڪارڪن ۽ همدرد هئا لکين، هاري ناري سندس مٿان سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا پر اُن پارٽي ۽ عوام جا اڳواڻ وڏيرا ۽ جاگيردار ڪيا ويا.
جاگيردارن جي پارٽي جمهوريت ۽ سوشلزم جي نالي ۾ سياست پئي ڪري ان هوندي قومي ۽ انقلابي سياست لاءِ وڏي رُڪاوٽ بڻيل هئا، اڻ سڌي طرح سان سڄي عوام کي ڪوڙن دلاسن ۽ پورهيت راڄ جي نالي ۾ اسٽبلشمنٽ وڏيرن جي ماتحت ڪري بيهاريو. جيڪو اڄ سوڍا اهو سلسلو جاري آهي. 62 سالن جي تاريخ ۾ سنڌ جي مسڪين پورهيت ماڻهن سان نا انصافي جي ڊگهي فهرست آهي، هڪ ڀيرو نئين انداز ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سندس پارٽي سنڌ ۾ پورهيت راڄ عزت آجپو ۽ خوشحالي لاءِ ميدان ۾ لٿل آهي، پاڻ مٿي بحث ڪري آيا آهيون ته جاگيردار فڪر جي ڪري نام نهاد سوشلزم ۽ پورهيت راڄ جو نعرو ماڻهن کي ڪجهه نه ڏئي سگهيو، نه ملڪ ۾ فوج جي مداخلت بند ٿي، نه وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ڦرلٽ بند ٿي نه آمريڪي سامراج جي مداخلت بند ٿي، سنڌ جو محڪوم مظلوم عوام اٽي جي لپ لاءِ تڙپي رهيو آهي ۽ پنهنجون جانيون وڃائي رهيو آهي، لکين نوجوان روزگار نه ملڻ ڪري پريشان ۽ خودڪشيون ڪري رهيا آهن، جمهوريت ماڻهن کي امن نه ڏئي سگهي آهي، ڀٽي شهيد ۽ بي نظير شهيد جو ويساهه به ماڻهن کي هاڻ هڪ وڏي پارٽي سان سلهاڙي ناهي رکي سگهيو مظبوط زنجيرن ۾ جڪڙيل عوام ڀٽو جي ويساهه واري مرڪز کان ٽٽي رهيو آهي نئين ويساهه، اُميدن ۽ آسرن جي تلاش ۾ آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين نظر آيو آهي جو حڪمران پارٽي جي مظبوط ۽ سرداري خاندان جي ڳڙهه ۾ مسڪين ڏتڙيل ماڻهن پنهنجي گهرن تان پراڻا جهنڊا لاهي نوان جهنڊا چاڙهيا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته اسين ماڻهو پڪي ڪمٽمنٽ هڪ زبان ۽ واعدو ڪرڻ وارا آهيون جنهن سان به وچن ڪندا آهيون اُن سان مرڻ گهڙي تائين بيهبو آهي ڀٽو سان واعدو ڪيوسين ۽ هر ڏکي صورتحال ۾ ساڻس گڏ رهياسين، بينظير سان واعدا ڪياسين ساڻس نڀايوسين، سنڌ جي حقن خاطر ڌرتي ۽ وطن جي عزت، وقار آزادي لاءِ هاڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سندس پارٽي سان بيهون ٿا. واعدو نڀائڻ ڏسجو. پ پ سرڪار موجوده دور ۾ عوام سان نڀائڻ ۾ بُري طرح سان ناڪام ٿي آهي، هن عوام سان واعدو ڪيو هو ته ڊئم نه ٺهندا، پر ڊئم ٺاهيا پيا وڃن هُن چيو ته نسل پرست ۽ دهشتگرد تنظيم سان نه ٺهبو پر انهن جا اتحادي آهن.
تاريخ ۾ سنڌ جا ماڻهو وفادار رهيا آهن، ڄام نندو جو سپه سالار دولهه درياخان جي اولاد هجڻ باوجود اقتدار کان ٻاهر هئا عتاب ۾ هُئا پر ٽلٽي وٽ سنڌ جي غلامي خلاف جارحيت پسندن سان مُهاڏو اٽڪايو هو. سنڌ جي عوام کي تاريخ سامهون نظر اچي ٿي، ته ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سندس پارٽي اقتدار ۾ ناهن، هو هميشه عتاب جو شڪار رهيا آهن پر سنڌ جي ناموس لاءِ ۽ ظلم جبر خلاف مسلسل وڙهي رهيو آهي، ان ڪري سنڌ جي عوام قومي، جمهوري ۽ طبقاتي حقن جي حاصلات لاءِ ويساهه جو مرڪز ايس ٽي پي کي بڻائي رهيو آهي، “دودا تنهنجو ساهه ته ويندو پر ماڻهو جو ويساهه نه ويندو” جيڪو ويساهه عوام کي اسين ڏيندا سون ساڳو ويساهه ۽ لاڳاپو موٽي ملندو، جنهن سان عوام جي سگهه ڪٺي ٿيندي ۽ عوامي طاقت ۽ ٻَل تي سنڌ کي غلاميءَ مان آجو ڪنداسين.
سنڌ جو عوام تيزي سان پنهنجي ويساهه جو مرڪز تبديل ڪري رهيو آهي، ڪنهن به فرد يا پارٽي کي نظرئي ۽ عمل جي ڪسوٽي تي پرکي سگهجي ٿو. انڪري ئي ويساهه جو مرڪز تبديل ٿئي ٿو، ۽ اُن تي پورو لهڻ اُن فرد پارٽي جو هجي ٿو ته هو اُنهن سان ڪيئن انصاف ڪن ٿا.
ياد رکڻ گهرجي ته تاريخ ۾ ڏاڍ ۽ جبر سان عوام ۽ قومون گڏ نه بيهنديون آهن، مقصد ۽ منزل سان پنهنجي اندر جي سمورين سچاين سان عوام مرڪز جي ارد گرد گڏ ٿئي ٿو. جڏهن عوام طئي ڪري وٺي ته هي فرد ۽ پارٽي ئي منهنجي اميدن جو سڀ ڪجهه آهي دل ۽ دماغ قبول ڪري وٺي ٿو ته پوءِ تبديلي اچي ٿي انقلاب برپا ٿين ٿا، ۽ ڊگهي عرصي تائين ويساهه کي قائم رکڻ رڳو انقلابي پارٽي جو ئي ڪم آهي.

تبديلي ڪيئن ممڪن آهي؟

انقلاب ڪو ڊنر پارٽي ناهي، مضمون لکڻ، تصوير ٺاهڻ، يا ڪشيده ڪاري ڪرڻ به ناهي، هي ڪو نازڪ، سادي يا خوبصورت شيءَ به ناهي، هي ته هڪ هنگامو آهي. تشدد جو هڪ اهڙو مرحلوجو هڪ گروهه ٻئي گروهه جو تختو اونڌو ڪري ٿو ڇڏي، چين جي انقلابي اڳواڻ مائوزيتنگ مونان ۾ هاري تحريڪ تي تحقيقي رپورٽ ۾ چيو جلد 1 صفحو 28 .
ڪارل مارڪس جي سائنسي ۽ انقلابي فلسفي جي روشني ۾ طبقاتي ڦرلُٽ جي خاتمي لاءِ انقلابي جدوجهد ذريعي تبديلي آڻي سگهجي ٿي. هن مطابق سرمايوئي بنيادي طورتي استحصال جو ڪارڻ هجي ٿو. جيڪو جيئن جيئن هڪ هٿ ۾ يا مخصوص گروهن وٽ اچي ٿو ته اڪثريتي عوام کي غلام بڻائجي ٿو ۽ پوءِ سڄي دنيا ۽ الڳ الڳ رياستن ۾ وڏا سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقا مسڪين ماڻهن جي پورهئي جو استحصال ڪن ٿا. پورهيت سڄي زندگي ڏينهن رات ٻچين ٻاري پورهيو ڪري ٿو پر اُن جي زندگي ۾ ڪابه تبديلي رونما نٿي ٿئي پر جيڪو ڪمائي نٿو عياشين ۾ زندگي گذاري ٿو صرف اُن جي هٿ هيٺ سرمائي جي چُرپُر آهي جنهن ڪري لکين، ڪروڙين انسانن جو هو رت پيئي ٿو پورهيت روز بروز غلامي جي مظبوط جڪڙ ۾ ڦاسي ٿو جڏهن ته ڦريندڙ هر نئين ڏينهن تازو توانو، سگهارو حاڪم بڻجندو وڃي ٿو. تاريخ اهوئي ثابت ڪيو آهي ته جيئن هن معاشري اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ترقي جون منزلون طئي ڪيون ته ڦرلُٽ جو نظام به شروع ٿي ويو ۽ پوءِ ان گندي سماج ڦرلُٽ واري طبقاتي سماج لاءِ عقل ۽ ڏاهپ جي دلين سان سائنسي علم ذريعي تحريڪ منظم ٿي. انقلاب برپا ٿيا ڦرلٽ جو نظام ڊانوڊول ٿيو. ڪامريڊ لينن پهريون ڀيرو مارڪس جي علم جي روشني ۾ سائنسي بنيادن تي انقلابي تنظيم ٺاهي زار شاهي جي خلاف زبردست تحريڪ پيدا ڪئي ۽ 1917ع ۾ روس ۽ قومن لاءِ غلامي جو ڳٽ ڳچي مان ڪڍڻ جي راهه ڏني. ۽ پوءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آزادي جون تحريڪن جنم ورتو، چين آزاد ٿيو، ويٽنام آزاد ٿيو، ڪيوبا آزاد ٿيو، مٿين ڄاڻايل ملڪن جي طبقاتي، قومي ۽ جمهوري آزادي پنهنجي انداز ۾ ٿي.
سنڌ ۾ به قومي، طبقاتي ۽ جمهوري تحريڪون موجود آهن سنڌ صدين کان آزاد ۽ خودمختيار رهي آهي. قبضا گيري خلاف سنڌي قوم هميشه وڙهندي پنهنجي آجپي جي جنگ ڪڏهن هارائي ته ڪڏهن وري ڪاميابي ماڻي سنڌ هڪ وطن جي شڪل ۾ اڄ به نمودار آهي ۽ نئين غلاميءَ جي خلاف اڄ به وڙهي رهي آهي. کيس نئين انداز ۾ غلام بنايو ويو آهي. پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾ قوم کي غلام بڻايو ويو ۽ چيو وڃي ٿو ملڪ جا توڙي سنڌ جا حاڪم ته سنڌي آهن پوءِ اوهين غلام ڪيئن؟ هن ملڪ ۾ جاگيردارن، سرمائيدارن، اشراقيه ۽ فوج گڏجي اقتدار هلائين ٿا پوءِ ڪڏهن ڪنهن جو وارو اچي ٿو ته ڪڏهن وري ڪو ٻيو سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پاڪستان جي ٺهڻ کان اڄ تائين سنڌ جي غريب ڏتڙيل ماڻهن جي زندگي ۾ ڪو ڦيرو آيو، ڪنهن هاري ۽ مزدور جي زندگي ۾ ڪا لمحي جي به خوشي نصيب ٿي. بلڪه طبقاتي معاشري ۾ اڄ به جاگيردار سگهارو ۽ غريب غربت جي چڪي ۾ پيسجي ٿو، وڏيري جو پٽ وڏيرو ۽ هاري جو پٽ هاري، مزدور جو هر ايندڙ نسل مزدور ان ڪري ئي ڪارل مارڪس چيو ته طبقاتي معاشري کي ڊاهڻ لاءِ زبردست انقلاب جي ضرورت هجي ٿي ۽ انقلاب جي قوتن هاري ۽ مزدور ۽ اُن جي اتحادي وچولو ڪلاس پڙهيل لکيل طبقو شاگرد، استاد، اديب سماج جو با شعور ماڻهو انقلابي ڪردار ادا ڪندي ناسور بڻيل سماج کي ڊاهي پٽ ڪندو. پر ان لاءِ لازمي شرط هجي ٿو ته هڪ انقلابي پارٽي ئي ڪا وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ جو انقلاب ڪو سادو معاملو ناهي هڪ طبقي کي ڊاهي ٻيو طبقو اُن جي جاءِ والاري ٿو. ۽ هر طبقو پنهنجي حيثيت کي بچائڻ لاءِ زندهه رهڻ لاءِ هٿ پير هڻندو، وڏي ويڙهاند ٿئي ٿي. رت جا درياهه پار ڪجن ٿا پوءِ ئي ڪا تبديلي رونما ٿئي ٿي. انقلاب يا ڪا تبديلي عام ماڻهن، ڇڙو اڳ ٽولن گروهن يا وچولي ڪلاس يا ووڪل ڪلاس جي وس جي ڳالهه ناهي. تبديلي ڪنهن به ريت ريفارمز سان نه ٿيندي آهي. تبديلي لاءِ سائنسي فڪر موجب پورهيت ماڻهن جي تنظيم ڪندي آهي. جيڪي پنهنجي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ منظم تحريڪ هلائين ٿا ۽ وري قرباني جي نتيجي ۾ انقلاب برپا ڪن ٿا.
سنڌ جي قومي انقلابي تحريڪ جي ناڪامي جا ڪارڻ به اِ هي ساڳيا آهن ته هتي فڪري طورتي پورهيتن جي ڳالهه ڪرڻ پر عملي طورتي هارين ۽ مزدورن جون تنظيمن جو نه هجڻ، انهن جي بنيادي مسئلن لاءِ جدوجهد نه ڪرڻ، وچولي ڪلاس کي منظم ڪرڻ ياد رهي ته مڊل ڪلاس موقعي پرست ٿئي ٿو هو ڪنهن وقت به جاگيردار ۽ سرمائيدار رياست جو حصو بڻجي وڃي ٿو پر جڏهن انقلابي پارٽي هارين ۽ مزدورن کي بنيادي انقلابي قوت سمجهندي انهن کي منظم ڪندي انهن کي اڳواڻي جو حق ڏيندي اُهي رهنمائي ڪندا ته جنگ آساني سان کٽي سگهبي آهي. وچولي ڪلاس جي ليڊر شپ دوران ڪرپشن، موقعي پرستي ۽ شخصيت پرستي وڌندي آهي جيڪا هر صورت ۾ پارٽي انقلاب ۽ آزادي لاءِ خطرناڪ هجي ٿي، ڪامريڊ لينن 1922 ڌاري ڪانگريس کي خط لکيو ته اسٽالن غير معمولي اختيارن جو مالڪ بڻجي ويو آهي جيڪا ڳالهه خطرناڪ آهي ان لاءِ ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 100 هڪ سئو نوان پورهيت ڪارڪن ڪانگريس جا ميمبر بنايو ٻي صورت ۾ پارٽي ٽٽي ويندي،
لينن جا خط 1922 – 1923

سنڌ ۾ رعايت يافته طبقو اقتدار جو مالڪ آهي. اُن خلاف سنڌ جي قومي انقلابي تحريڪ تبديلي لاءِ جدوجهد ۾ آهي هزارين ۽ لکين عوام اُن جو ساٿ ڏيئي رهيو آهي انهن جي تربيت نه هئڻ برابر آهي اِهي ماڻهو قومي تحريڪ سان ائين گڏجي رهيا آهن جيئن ڀٽو سان 1967ع ۾ گڏ ٿيا هئا. ذولفقار علي ڀٽو جاگيردارن کي تنقيد جو نشانو بنايو عوام کي پاڻ سان گڏايو پر ساڳي وقت ليڊرشپ وڏيرن جي حوالي ڪئي. نتيجي ۾ پ پ سنڌ ۾ وڏي پارٽي آهي پر نه انقلابي ۽ نه وري ڪا مظبوط جمهوري پارٽي. ڇڙو ڇڙواڳ ماڻهن جو انبوهه آهي جيڪي ڪابه بنيادي تبديلي نٿا آڻي سگهن.
سنڌ جي قومي انقلابي تحريڪ کي گهڙي پل لاءِ بيهي سوچ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. جذباتي طرح سان عوام کي پاڻ سان گڏ کڻڻ ڪنهن به ريت عقل مندي ناهي سڄي دنيا ۾ ڪيئي اهڙا تجربا موجود آهن.
وڏيون عوامي جمهوري پارٽيون فلسفي، فڪر ۽ تربيت کانسواءِ ڌوڙ ٿي ويون يا وري موقعي پرستي جو شڪار ٿيندي اسٽبلشنمنٽ جو حصو بڻجي ويون. انقلابي پارٽين کي روايتي حوالن جي بنيادن بجاءِ عملي طرح سان ڪارڪنن جي تربيت ڪرڻ گهرجي، ائين جيئن لينن ڪيئي سال يورپ ۾ روپوش رهڻ با وجود پنهنجن لکڻين ذريعي روسي عوام سان رابطي ۾ رهيو. ويٽنام جي عظيم اڳواڻ هو چي منهه عوام کي مسئلن تي گڏ ڪرڻ سان گڏو گڏ وک وک تي انهن جي رهنمائي لاءِ لکندو رهيو ۽ اهوئي ڪارڻ هو جو ويٽنام جاگيرداري جي عتاب مان به آجا ٿيا، جاپان، فرانس ۽ آخر ۾ آمريڪي سامراج سان به وڙهي پنهنجي قوم کي آزادي ڏياري ويا ته پاڻ بحث پي ڪيوسين ته تجربن جي روشني ۾ اسان کي هارين ۽ مزدورن جي تنظيم سازي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. انهن جي تربيت ڪرڻ گهرجي، انهن کي اڳواڻي وارو ڪردار ڏيڻ گهرجي، اُهي ئي شاندار طريقي سان جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ رياستن جي جبر جو مقابلو ڪري سگهندا.
مائو زيتنگ چيو آهي ته ” اسانجا دوست ۽ دشمن ڪير آهن انقلاب لاءِ هي اولين سوال آهي چين ۾ اڳ ناڪامين جو ڪارڻ حقيقي طرح سان دوستن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هڪ انقلابي پارٽي عوام جي رهنما هوندي آهي جڏهن ڪا انقلابي پارٽي عوام کي گمراهه ڪري ته ڪو به انقلاب ڪامياب نٿو ٿي سگهي، انقلاب لاءِ حقيقي دوستن ۽ قوتن کي مُتحرڪ ڪريون.
چيني معاشري ۾ طبقن جو تجزيو مارچ1926 جلد _ 1 صفعو 13

ان مان ثابت ٿيو ته سنڌ جي سياست ۾ رجعت پسند عوام دشمن، موقعي پرست فرد، گروهه، يا پارٽيون انقلابي تحريڪن جون دوست نٿيون ٿي سگهن سڄي توانائي عوامي قوتن تي صرف ڪجي انهن کي منظم ڪجي.
هڪ ٻيو نقطي نظر به ايندو رهي ٿو ته سنڌ جو ووڪل ڪلاس سماج ۾ وڏي ڪا تبديلي آڻي سگهي ٿوهن جي خيال ۾ پڙهيل لکيل روشن خيال طبقو جيڪڏهن چاهي ته تبديلي آڻي سگهي ٿو اهڙي قسم جو ڊگهي عرصي کان بحث هلندڙ آهي، آءُ ان نقطي نظر کي مڪمل طرح سان رد ڪريان ٿو، روشن خيال ماڻهو فلسفي ۽ فڪر جي روشني ۾ انقلابي قوتن جو ساٿاري ٿي سگهي ٿو، حقيقي قوت نه انقلاب آسان سا دو معاملو ناهي جيڪو مٿي بحث ڪري چُڪا آهيون. انقلاب ريفارمسٽ انداز ۾ به برپا ناهي ٿيندو، ڊرائينگ رومن ۾ ويهي انقلاب جون ڳالهيون ڪرڻ آسان آهن پر عمل بلڪل مشڪل هجي ٿو، سنڌ جنهن مرحلي مان گذري ٿي سمجهون ٿا ته مڪمل طرح سان غلام آهي، قومي، لساني سان گڏ طبقاتي غلامي جو شڪار آهيون پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ پارلياماني جدوجهد صرف هڪ حڪمت عملي جو حصو آهي اصل جدوجهد سنڌ کي غلامي مان آجو ڪرائڻو آهي. ۽ اهو سڀ ڪجهه انقلاب ۽ تبديلي ذريعي ممڪن آهي ۽ تبديلي جو مطلب ته پراڻن سمورين بُرين ريتن رسمن جي تباهي، قبضو ڪندڙ سمورن طبقن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ عوام جي حڪمراني، هارين ۽ مزدورن جي حاڪميت، ان جنگ ۾ حاڪم طبقا اڄ سگهارا آهن، انقلابي ڌُرين کي اُنهن کان ٻيڻو سگهارو ٿيڻ جي ضرورت آهي.
مائوز يتنگ چيو آهي ته چيانگ ڪائي شيڪ جي ٻنهي هٿن ۾ تلوار آهي انڪري اسان انقلابين جي به ٻنهي هٿن ۾ تلوار جو هجڻ ضروري آهي، چيو وڃي ٿو ته انقلابي پارٽي رياست اندر رياست هجي ٿي تڏهن وڃي سگهاري رياست جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، اسين جائزو وٺون ته ڇا سنڌ جون انقلابي ڌُريون ايڏيون سگهاريون، منظم ۽ مُتحرڪ آهن، جواب آهي نه ان ڪري اسان کي سنڌ جي انقلاب لاءِ هڪ وڏي تبديلي لاءِ لينن، مائو، هوچي منهه جهڙي مظبوط ڊسپلن واري پارٽي جوڙڻ جي ضرورت اهي، پارٽي سان لاڳاپيل ڪارڪنن ۽ همدردن کي پ پ جهڙو نه پر هڪ انقلابي ڪردار طور تربيت ڪرڻ جي ضرورت آهي، گڏيل فيصلن، گڏيل جدوجهد ۽ گڏيل ليڊرشپ طور تي سامهون اچڻ جي ضرورت آهي.
قومي سياست جو عملي پاسو مڪمل طرح سان عوامي رنگ ڍنگ جو ۽ انقلابي هجڻ ضروري آهي، وڏيرڪي ڪلچر مان ٻاهر نڪري مارڪس لينني انقلابي ڪلچر جو حصو ٿيڻ جي ضرورت آهي، تڏهن وڃي سنڌ ۾ ڪاوڏي تبديلي رونما ٿي سگهي ٿي بي صورت ۾ لکين ماڻهن جا هجوم ڪٿي ڇڙواڳ انبوهه ثابت نه ٿين.

ڪاميابي جو راز قومي عوامي سگهه ۾ سمايل آهي!

جڏهن پاڪستان تي ضِاءَالحق جهڙو پاور فل آمر حڪمران هُيو فوج ۽ سول بيوروڪريسي اقتدار جا مزا پي ماڻيا پاڪستان بُحران جي ور چڙهيل هو ته ذوالفقار علي ڀٽي سماجي حالتن جو جائزو وٺندي پنهنجي پارٽي جو اعلان ڪيو ۽ هو زبردست عوامي سرگرميون ڪري ويسٽ پاڪستان جي وڏي پارٽي طور منظرعام تي اُڀري آيو. عوام جيڪو معاشي ابتري جو شڪار هو هن زور شورسان مهم هلائي پيرين اگهاڙن ۽ انگ اگهاڙن ماڻهن کي موهي وڌو ۽ پوءِ اُن پارٽي عوام تي راڄ ڪيو. حقيقت ۾ ان وقت کيس عوام سان دلچسپي گهٽ اقتدار حاصل ڪرڻ جو شوق وڌيڪ هو. هڪ جاگيردار سياسي فڪر جي ماڻهو عوام کي انقلابي طور تي گڏ ڪيو.
پر عملن اڳتي هلي عوام کي جيڪي بنيادي فائدا ملڻ گهرجن ها سي نه مليا ۽ نه وري ملڻا هئا. سنڌ ۾ 70 جي ڏهاڪي واري تبديلي نظر اچڻ شروع ٿي آهي. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جنهن شدت سان عوام جا بنيادي مسئلا کڻي قوم ۽ عوام کي سُجاڳ ڪرڻ لاءِ هر ڏينهن واهڻ ۽ وستي ۾ جيڪا حيرت ناڪ چرپر ڪري رهيو آهي مونکي ڀٽو جي دور جي چرپر لڳي رهي آهي. فرق ڇا آهي ته ڀٽو جاگيردارن جي نمائندگي ڪئي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي وچولي ڪلاس جي نمائندگي ڪندي سنڌي قوم کي حقيقي مسئلن تي شعور ڏئي رهيو آهي. عوام کي هڪ وڏي تبديلي لاءِ منظم ڪري رهيو آهي. عوام پنهنجي شعور ۽ ويساهه جو مرڪز تبديل ڪري رهيو آهي. مائوزيتنگ چيو آهي ته عظيم جدوجهد ۾ پارٽي جو مطلب هوندو آهي ته اُن جا ادارا، ڪارڪن ۽ اڳواڻ اڳتي وڌڻ واري جذبي جو اظهار ڪن.
(قومي جنگ ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جو ڪردار)
ملڪ جا موجوده حڪمران عوام کي ڪجهه ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. سماج ۾ شديد بُحران موجود آهي. طبقاتي ۽ قومي ۽ جمهوري تضاد انتهائي شڪل اختيار ڪري چُڪا آهن ته ان تناظر ۾ سنڌ جي پنج قومپرست جماعتن جي اڻ لکيل اتحاد جيڪا قومي جدجهد جي شروعات ڪئي آهي. منزل ماڻڻ جي اُميد ۾ وڌيڪ پختگي پئدا ٿي آهي. جڏهن حڪمران عقلمندي سان اختيارن جو استعمال ڪندا هجن قومي جبر لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا وڃن سنڌ مُخالف سموريون قوتون پنهنجن مفادن لاءِ گڏ هجن ته پوءِ سنڌ جي محب وطن قوتن کي به ڏاهپ سان منظم ٿيڻ گهرجي. هڪ ته موجوده سرڪار جا سنڌ جي عوام سان ڪيل واعدن کي جيڪي اڃان سوڌو ناهن پاڙيا ويا تن کي اُجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي عوام کي وڏيرن جي تاريخي ڪردار متعلق ٻڌائڻ جي ضرورت آهي. ته ڪئين اُهي وقت سان پنهنجون وفاداريون مٽائن ٿا. هو عوام سان نه پر اقتدار سان بيهن ٿا. سنڌ پاڻي کان محروم ٿي رهي آهي. سنڌ وسيلن کان محروم ٿي رهي آهي. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. سنڌ جا ٻه ڀاڱا ڪرڻ جي رٿا جُڙي رهي آهي.
صرف هڪ ڏينهن جي زبردست قومي عوامي اُڀار ۽ قومپرستن جي گڏ بيهڻ سان سنڌ مخالفن واويلا شروع ڪري ڇڏي آهي. وطن جا ماڻهو جڏهن پنهنجي ڌرتي بچائڻ لاءِ منظم ٿي رهيا آهن ته دشمن قوتن به نئين صف بندي جوڙڻ جي تياري ڪئي آهي.
منهنجي خيال ۾ قومن ۽ عوام کي نالي ماتر جدوجهد نه پر عوام کي پاڻ سان ملائي سگهاري ۽ عظيم جدوجهدن جي پويان قومي حق، جمهوري حق يا مڪمل آزاديون نصيب ٿين ٿيون. بلوچستان جي قوم پاڪستان ٺهڻ سان ئي جدوجهد جو آغاز ڪيو هو. قربانين جي سندن ڊگهي تاريخ آهي. بلوچن پنهنجن بنيادي حقن ۽ آزادي لاءِ ويڙهه ۾ پيش پيش رهيا.
1958ع ۾ نوروز ۽ سندس اولاد شهيد ٿيو، 73ع ۾ بلوچن جي سرڪار ڊاهي نيب تي بندش هڻي سموري بلوچ قيادت کي جيل ۾ وڌو ويو. بلوچ ملڪ جي آئين جي ماتحت قومي حق گهري رهيا هئا، ۽ ان آئين تحت قسم کڻي وزارتون ماڻيون ۽ ان اميد سان ته هڪ ڏينهن بلوچ پنهنجي حدف يا آخري مقصد ماڻڻ ۾ ڪاماب ٿيندا. هڪ دور اچي ٿو جڏهن بلوچ رائلٽي گهرڻ تي ماريا وڃن. پيرسن اڪبر بگٽي کي قتل ڪيو وڃي ۽ بالاچ مري کي قتل ڪيو وڃي، بلوچ قومي تحريڪ جي سرواڻن کي غدار جا لقب ڏنا وڃن. ۽ ٻئي مرحلي ۾ پارليامينٽ ۾ ملڪ جا حاڪم بلوچن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار رهڻ جي دعوت ڏني. سندن ڪيس ختم ڪرڻ جا اعلان ٿين ته سالن کان گُم ڪيل سياسي ڪارڪن آزاد ڪرڻ جا وچن ڪيا وڃن تسليم ڪيو وڃي ته 1000 هڪ هزار سياسي ڪارڪنن ايجنسين جي تحويل ۾ آهن. ۽ چيو وڃي ٿو ته هي بلوچن کي رعايتون ڏيڻ جو آغاز آهي. اڳتي هلي بلوچن جا سمورا معاملا حل ڪيا ويندا. باوجود سرڪار جي نرم روي جي بلوچ في الحال ان پئڪيج کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن پر هي شيءَ طئي آهي ته رياست جي ايتري حدتائين مڃي وٺڻ بلوچ قومي مزاحمتي تحريڪ جو نتيجو آهي. ڇو ته ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ بلوچستان جو عوام قومي جدوجهد ۾ منظم ٿي بيٺو آهي هو فتح ۽ شڪست جي نتيجن کان سواءِ عظيم ويڙهه وڙهي رهيا آهن. ۽ رياست سمجهي ورتو آهي ته ڪٿي بنگال وانگر بلوچ به پنهنجي آخري منزل يعني آزادي جو رستو اختيار ڪندي آخري فيصلا ڪن جنگ جي شروعات نه ڪري وجهن. شايد پاڪستان جي اسٽبلشمنٽ بنگال جي صورتحال ۽ تجربي جي روشني ۾ پنهنجي روش ۾ تبديلي آندي آهي. جو اڄ پنجاب جا حاڪم طبقا (نواز ليگ) به بلوچن کي سهمت ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي.
جڏهن بلوچ قومي مزاحمتي تحريڪ عوام تائين رسائي ڪرڻ ۾ڪامياب ٿي آهي. بلوچ قومي تحريڪ، تنظيمي، سياسي طرح سان بلوچن عوام کي شعوري طرح سان ڊسپلين تحت قوم کي منظم ڪري رهي آهي. بلوچ قومي تحريڪ جو هڪ حصو آزادي جي تحريڪ هلائي رهيو آهي. جنهن جو انداز مزاحمتي آهي ۽ هو پهاڙن ۾ آهن ته ٻئي طرف جمهوري ۽ پارلياماني سياست ڪندڙ بلوچ قومي تحريڪ به پنهنجن وسيلن جي حاڪميت حاصل ڪرڻ لاءِ عوام سان گڏ کليل جدوجهد ڪري رهيا آهن.تحريڪ جي ٻنهي پهلوئن بلوچن کي منظم ڪيو آهي ۽ ان تحريڪ جا فائدا اچڻ شروع ٿيا آهن.
سنڌ جي قومي تحريڪ گهڻو ڪري الڳ الڳ انفرادي طرح سان ويڙهه وڙهي ٿي. ڪيئي ڀيرا سنڌ جي صورتحال پٽاندڙ منظم به ٿي آهي اتحاد به جُڙيا آهن. پر انهن مثبت رزلٽ ڏيڻ بجاءِ منفي رُجهانن کي جنم ڏنو آهي. پر اڄ هم آهنگي جي بنيادن تي پاڪستان جي حڪمرانن کان 1940ع جي قرارداد جي روشني ۾ قومي خودمختياري گهري رهيا آهن. گڏيل جدوجهد جو آغاز ٿيوآهي. سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن ۾ هڪ نئون جوش ۽ جذبو جاڳيو آهي. TOLERENCE پئدا ٿي آهي سهپ ۽ رواداري جو مادو پئدا ٿيو آهي. هڪ ٻئي جو احترام ڪندي اڳتي وڌڻ جو جيڪو جذبو پئدا ٿيو آهي. ان سان پنج جماعتي قومپرست اتحاد کي سنڌ ۾ زبردست موٽ ملڻ جا امڪان موجود آهن. مان جيئن اڳ ۾ چئي چُڪو آهيان ته هڪ ڊاڪٽر قادر مگسي جيئن عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو آهي. عوام کي مُتحرڪ ڪري رهيو آهي. سنڌ ۾ هڪ ٻي منظم ڌارا کي جنم ڏئي رهيو آهي ۽ سنڌ جي عوام ۾ ويساهه تبديل ٿي رهيو آهي ته ان ئي جذبي تحت گڏيل اتحاد کي شاندار طريقي سان اڻٿڪ انداز ۾ مستقل مزاجيءَ سان عوام وٽ وڃڻ گهرجي ۽ جڏهن عوام سمجهي ورتو ته هي اسان جا حقيقي نمائندا آهن ته پوءِ تبديلي ممڪن بڻجي ويندي. ان دوران قومپرست اتحاد کي محتاط طريقي سان متنازع معاملن کي ڇيڙڻ بجاءِ هڪ ٻئي جو احترام ڪندي اڳتي وڌڻ گهرجي هن ڳالهه جو به خيال رکڻ گهرجي ته سنڌ جي قومپرستن کي مڊٽرم چونڊن جو مطالبو نه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو ان جو فائدو اسٽبلشمنٽ جي ڇاڙتن کي ٿيڻو آهي. سنڌ جي قومپرستن کي سنڌ جي سياست تي مڪمل ڇانئجڻ لاءِ پارليامينٽ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ ٽي سال گهرجن ٿا ان دوران قومپرستن کي حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ عوام دشمن پاليسين تي زبردست تنقيد ڪرڻ گهرجي. عوام حڪمرانن کان بيزار آهي. کين امن نٿو ملي، اٽي لپ ۽ کنڊ لاءِ عوام پريشان آهي. روزگار ناهي ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن ۽ جيترو وقت به حڪمران اقتدار ۾ رهندا بُحران شدت اختيار ڪندو. عوام کي ڪجهه به نه ڏيندڙ ڪرپٽ وڏيرا عوام وٽ ٻيهر ووٽن لاءِ ڪهڙو سوال کڻي ويندا. ۽ پوءِ انهن سالن ۾ قومپرست عوام کي هڪ نئين قوت ۽ ويساهه ۾ تبديل ڪري چُڪا هوندا.پر جيڪڏهن ڪنهن به ريت پ پ سرڪار وقت کان اڳ اقتدار کان الڳ ڪئي وئي ته هي ماڻهو مظلوم بڻجي مظلوميت جو ساٿ ڏيندو. ان ڪري اسٽبلشمنٽ جي ان راند جو قومپرستن کي حصو نه ٿيڻ گهرجي. سمورن قومپرستن کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي قوت کي طاقتور بنائڻ جي ضرورت آهي.
هڪ ٻيو مثال به اسان وٽ موجود آهي ڀارت جي حڪمران پارٽي ڀارتيا جنتا پارٽي جي دور ۾ گُجرات ۾ هندو مسلم فساد ٿيا هزارين ماڻهو قتل ڪيا ويا. بي جي پي مسلم دشمني ۾ ان قتل عام جي حامي هئي. ڪانگريس سميت سمورين جمهوري قوتن انهي روش خلاف سخت مخالفت ڪئي عوام ۾ وڃي ان خلاف واويلا ڪئي پنجن سالن واري دور جو انتظار ڪندا رهيا. نيٺ چونڊن ۾ بي جي پي جنهن تيزي سان هنڌستان جي عوام ۾ پنهنجو اثر ڇڏيو هو اُنهي تيزي سان شڪست جي ڪنارن کي ڇهي رهي هئي نتيجي ۾ هاڻ ٻن چونڊن ۾ بي جي پي بُري شڪست کاڌي آهي. ۽ آءُ دعوا سان چئي سگهان ٿو انڊيا جي سيڪولر ۽ جمهوري قوتن کان ڪا وڏي غلطي نه ٿئي پر بي جي پي ڊگهي عرصي تائين وفاقي سرڪار نه جوڙي سگهندي اهڙي ريت پ پ سرڪار کي ڇڏيو وڃي ته هو پنهنجون سموريون صلاحيتن جو اظهار ڪن. جاگيردار ۽ ڪرپٽ سياسي حڪمرانن عوام جي امنگن تي پورا نٿا لهي سگهن پاڪستان جا اندروني سياسي سماجي ۽ معاشي بُحران خطرناڪ شڪل اختيار ڪري چُڪا آهن. انهن حڪمرانن جي وس ۾ ناهي ته پاڪستان جي محڪوم ۽ مظلوم قومن جا بنيادي حق بحال ڪن. انهن کي ڪنهن به ريت مظلوم ٿيڻ جو موقعو نه ملڻ گهرجي. سنڌ جي نئين قومي اتحاد کي ڪهڙي رُخ سان اڳتي وڌڻ گهرجي اهو انتهائي ڏاهپ ڀريو قدم هئڻ گهرجي.
(1) سنڌ جي پنج جماعتي قومپرست اتحاد کي واضع طرح سان پارلياماني سياست لاءِ عوام کي منظم ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام ۾ جمهوريت حقيقي جمهوريت جي نعم البدل جي اميد پئدا ٿئي.
(2) هن اتحاد کي جمهوري فڪر سان قومي ۽ طبقاتي جدوجهد کي ساڻ کڻي هلڻ گهرجي.
(3) هن اتحاد کي جمهوري ڪلچر جي مستقل پوئواري ۽ اسٽبلشمنٽ جي مخالفت ڪندي پنهنجي اصل هدف ڏانهن وڌڻ گهرجي.
(4) هن اتحاد کي قومي حقن سان گڏو گڏ عوام جي فوري ۽ بنيادي نوعيت جي مسئلن تي پڻ منظم جدوجهد جي تياري ڪرڻ گهرجي جيڪو بنياد بڻجي عوامي سگهه کي گڏ ڪرڻ جو.
(5) هن اتحاد کي سهپ ۽ رواداري جو مظاهرو ڪندي سنڌ ۾ (پي ايل او) جهڙو اتحاد ٺاهڻ گهرجي.

آزاد عدليه جو تاريخي فيصلو!

آمر جنرل مُشرف عالمي دٻاءَ جي نتيجي ۾ 5 آڪٽوبر تي 2007ع، نيشنل ريڪينسيليشن آرڊر، اين آر او ذريعي مختلف سياسي پارٽين ۽ شخصيتن کي زبردست فائدا فراهم ڪيا. 16 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ جي 17 رُڪني بئنچ تاريخي فيصلو ٻڌائيندي ان آرڊر کي رد ڪري ڇڏيو. فيصلي موجب جن ماڻهن به ان آرڊر مان فائدا ورتا هئا، تن کي هاڻ عدالتن جي مرحلي مان گذرڻو پوندو. دراصل سرڪار انگن اکرن موجب تقريبن 8041 ڪسين ۾ ماڻهن فائدا ورتا آهن. اربين رپيا عوام جا ڦٻايا ويا آهن. هزارين ماڻهن قتل ڪيسن ۾ ڏوهارين کي عدالت کان مٿانهون ٿي رعايتون ۽ آزاديون ڏنيون ويون. هن فيصلي کان پوءِ صورتحال ڪيڏانهن ويندي؟ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جو اقتدار ۾ ويٺل ڌُرين جي خلاف فيصلو آيو آهي. جيڪو سرڪار کي تسليم ڪرڻ کانسوءِ ڪو ٻيو رستو ناهي بچيو.
16 ڊسمبر 71ع جڏهن بنگال بنگلاديش بڻجي ويو هو اُن وقت جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چونڊن جي جمهوري ڪلچر جي حمايت ڪري ها. سو موٽو ايڪشن وٺي عوامي ليگ جي اڪثريت کي قبول ڪري ها، اقتدار مجيب الرحمان حوالي ڪيو وڃي ها ته اهڙي صورتحال جنم نه وٺي ها نه لکين ماڻهو مرن ها، نه هڪ وڏي قوم الڳ ٿئي ها ۽ نه وري فوج مستقل طور جمهوري ادارن مٿان تلوار جيان لٽڪيل هجي ها ۽ بار بار مارشلائون نه لڳن ها. يا مولوي تميزالدين ڪيس ۾ دُرست فيصلو اچي ها ته ملڪ ۾ پنجاب جي اهڙي طريقي سان هڪ هٽي نه رهي ها. ذوالفقار ڀٽو جي ڪيس ۾ به عدالت آزاد ۽ خودمختيار هجي ها ته کيس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي نه ملي ها ۽ پاڪستان هڪ جمهوري رياست طور ڪم ڪري ها. پر فوجي بيورو ڪريسي، سول افسر شاهي ۽ ڪرپٽ سياستدانن جي ڳٺ جوڙ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ آمريت رهي ادارا ڪمزور رهيا. عدالتن جي اهميت گهٽائي وئي. جنهن سان ملڪ ۾ انارڪي، بي حسي ۽ غير جمهوري روين جي ڪري تباهي ۽ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به پلئه ناهي پيو. ظاهري طرح سان ڪرپٽ معاشري ۾ ۽ آمريت جي گود ۾ پلجندڙ ملڪ ۾ هر وڏي ڳالهه نظر اچي ٿي، هاڻ سوال آهي ته ان تي عمل ڪرڻ جو به هن فيصلي سان هڪ طرف زرداري لاءِ سياسي طور خطرا وڌي ويا آهن. اسين اُن وقت چئي ڇڏيو هو ته جڏهن زرداري کان قرباني گهُري پئي وئي. مطلب ته زرداري مُخالف پارلياماني ڌُرين ۽ ٻاهر ويٺل اسٽبلشمنٽ جون حمايتي پارٽيون زرداري کي صدارت تان هٽائڻ جو مطالبو ڪندا رهيا. عدالت جي فيصلي اچڻ کان پوءِ زرداري وٽ استعيفا کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو. کيس کي آئيني تحفظ جون ڳالهيون ڪندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا هي سڀ ڪجهه ان لاءِ ئي ٿيو آهي. جيڪڏهن زرداري استعيفا ڏئي ٿو ته چٽا امڪان موجود آهن ته پارليامينٽ پنهنجو مُدو پورو ڪري ٻي صورتحال ۾ تڪرار جي ڪري نئين صورتحال جنم وٺي سگهي ٿي، انتهائي سنجيده فيصلي ڪرڻ جو مرحلو اچي ويو آهي. ٻئي طرف ڪرپشن ۾ ملوث انهن سمورن وزيرن، مشيرن، جنرلن کي عوام جي لٽيل دولت واپس ڪرڻ گهرجي. انهن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهڻ گهرجي. انهن تي سياست ۾ ڊگهي عرصي تائين سياست ڪرڻ، پارليامينٽ جو ميمبر بنجڻ تي پابندي مڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو عالمي معيار ۾ پاڪستان جا حڪمران انتهائي ڪرپٽ آهن. جنهن سبب سٺي حڪمراني نظر نٿي اچي ۽ وري ڪوبه ملڪ سندن مٿان اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ٽئين طرف اُهي ماڻهو جن معصومن جون جانيون ورتيون آهن. ڪرائيم ڪيا آهن. قتل وغارت جو حصو بڻيا آهن تن جا به هزارين ڪيس آمر معاف ڪري ڇڏيا آهن. گورنر، وزير ۽ مشير بڻيا گهمندا وتن ۽ چون ٿا ته شڪر آهي جو اسان تي ڪرپشن جا ڪيس ناهن، اسان قوم ۽ عوام جو پئسو ناهي کاڌو. ڏوهه ڏوهه هوندو آهي، اُهو پئسا ڦٻائڻ هجي يا وري ماڻهن جو بي گناهه قتل آهي، 302 جي ڪيس ۾ پاڪستان جي آئين ۾ ڦاهي آهي ۽ ٺڳي ڪري پئسا ڦٻائڻ ۾ عمر قيد جي سزا انڪري عدالت جي فيصلي موجب جتي آصف زرداري پنهنجي صدارت وڃائيندو، اُتي الطاف حسين، گورنر عشرت العباد کي به عدالت جي ڪٽهڙي ۾ اچي معصوم انسانن جي جانين جي زيان جو به حساب ڏيڻو پوندو. جمهوري فيصلي کي مڃڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ ٻه الڳ شيون آهن.
ٻئي پاسي سنڌ جي قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ قومپرست ڌُريون ان اين آر او کان بلڪل ٻاهر آهن. نه ڪنهن قومپرست ڪرپشن ڪئي آهي ۽ نه وري ڪنهن قومپرست جا هٿ ڪنهن بي وس ۽ معصوم ماڻهو جي رت ۾ ٻڏل آهن. ان ڪري اهو ثابت ٿئي ٿو ته قومپرست ان گندي سياست کان هٽيل آهن، هو جمهوري ڪلچر جو حصو آهن ۽ اُهي ڊگهي عرصي کان مطالبو ڪندا اچن ٿا ته قاتل ۽ اهڙن ماڻهن کي اقتدار جو حصو ڇو بڻايو ويو آهي؟ ڇاڪاڻ جو انهن جي اقتدار ۾ ويهڻ سان عوام جو فائدو ٿيڻ بجاءِ عوام دشمن حڪمت عمليون جڙين ٿيون.
ڪجهه عرصي کان آمريڪا جي ٿينڪ ٽينڪ ۽ رسالن ۾ هي بحث عام هُيو ته آصف علي زرداري پاڪستان جي فوج کي ناپسند آهي اُنڪري اُن کي وڃڻو پوندو ۽ پيو ته آمريڪا هاڻ ڪنهن شخص کي بچائڻ بجاءِ ادارن کي مستحڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ادارن جو مطلب پارليامينٽ ۽ فوجي ادارا، جن سان هم آهنگي ڪندي هو اڳتي وڌندا جڏهن ته هن کان اڳ آمريڪا، افغان جنگ دوران ضياءُ الحق سان ڏي وٺ ڪندا هئا. ۽ مُشرف جي دور ۾ به اهوئي سڀ ڪجهه هو جنهن جي نتيجي ۾ جمهوريت ۾ مستحڪم ٿيڻ بجاءِ آمر طاقتور ٿيا ۽ غير جمهوري قوتون سگهاريون ٿيون. ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي جيڪا انتهائي منظم شڪل اختيار ڪري چُڪي آهي سا به انهن عالمي قوتن جي غلط فيصلن جي ڪري ٿيو آهي، جو اڄ صوبو پختونخواه ۽ پنجاب دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهي. اڃان سنڌ به اُن جي ٽارگيٽ تي آهي. ان ڪري پاڪستان ۾ جمهوريت جي مستحڪم ٿيڻ لاءِ عدالت کي مڪمل آزادي ملڻ گهرجي. جيڪا سڀني ادارن کان مٿاهين هجي، جيڪا سگهارن ماڻهن جي ڳچي ۾ هٿ وجهي سگهي.
جيڪا ملڪ جي سگهاري ٽرائيڪا کي ٽوڙي سگهي، جيڪا مارشلائن جو رستو روڪي سگهي. جيڪا هزارين ماڻهن جي گم ٿيڻ جو نوٽس وٺي انهن کي انصاف ڏياري، جيڪا محڪوم قوم جي قومي خودمختياري ۽ وسيلن جي مالڪي ڏيارڻ لاءِ تاريخي فيصلا ٻڌائي سگهي. هن عدالت کي تاريخي فيصلو ڪرڻ کانپوءِ عوام جو ويساهه وڌيو آهي. هن ئي عدالت کي اڪبر بگٽي جي قتل ۾ ملوث جنرل مشرف کي گرفتار ڪرائي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏيڻ گهرجي ته جيئن وري ڪو به ٻيو آمر پنهنجي خواهشن جي تڪميل لاءِ قتل عام نه ڪري سگهي، جمهوريت کي راتاهو نه هڻي سگهي. ان کانسواءِ پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ مظلوم عوام ۽ محڪوم قومن سان جيڪي راتاها لڳا آهن انهن جو حساب ڪتاب وٺڻ جي ضرورت آهي. عدالت جي ان تاريخي فيصلي سان ملڪ جي ترقي پسند ۽ قومپرست ڌرين جي ان موقف جي پڪي پختي تائيد ٿئي ٿي ته جاگيردار طبقو، ملٽري توڙي سول افسر شاهي تباهي جو ڪارڻ آهن. انهن پنهنجن طبقاتي مفادن لاءِ بنگال کي الڳ ڪيو انهن بلوچستان تي بار بار فوجي آپريشن ڪيا. انهن ڀٽو کي ڦاهي چاڙهيو انهن رٿابندي سان بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرايو انهن اڪبر بگٽي جو قتل ڪرايو. اهي قومي ، جمهوري حق ڏيڻ کان نابري واري ويٺا آهن. انهي وري پورهيت طبقي ۽ وچولي طبقي روشن خيال ڪلاس جي منظم ۽ سگهاري تنظيم عوام کي اهڙي ڪرپشن ۽ معصومن جي قتل عام کان روڪي سگهي ٿي، جيڪا آمرن ۽ بيوروڪريسي جي جمهوريت دشمني جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. حقيقي جمهوريت جو سفر عدالتن جي آزاد ۽ خودمختيار فيصلن ۽ انهن تي عملن سان ٿيندو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي بحالي لاءِ ملڪ جي روشن خيال وڪيلن، ترقي پسند ۽ قومپرست سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽي پنهنجو تاريخي انقلابي ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن جي رت ۽ پگهر سان چيف جسٽس جي بحالي ٿي هڪ آمر ۽ عوام جي نمائندي طور سامهون ايندڙ چيف جسٽس جي بحالي ۾ عوام کي فتح نصيب ٿي ۽ آمر جنرل مشرف کي شڪست نصيب ٿي. اڄ تاريخي فيصلن کانپوءِ عوام خوش آهي ته اسان جي جدوجهد رنگ لاتو آهي. آمراڻا فيصلا رد ٿي رهيا آهن ۽ ثابت ٿي رهيو آهي ته عوام جو چيف جسٽس جي بحالي لاءِ جدوجهد ۽ قرباني وارو فيصلو درست هو. وقت اچي ويو آهي جو جمهوري قوتن کي منظم ٿي آمريت، جاگيرداري ڪلچر ۽ دهشتگردي نسل پرستي واري فڪر ۽ سياست جو زبردست مقابلو ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي قومپرست ڌرين کي عوامي شعور َهلائڻ، عوامي تحريڪن کي منظم ڪرڻ سان گڏوگڏ آزاد عدليه ڏانهن به رجوع ڪرڻ گهرجي ۽ مطالبو ڪرڻ گهرجي ته 1940ع جي تاريخي قرارداد تي عمل ڪرايو وڃي، اين ايف سي ۾ ٿيل سنڌ سان ناانصافي جو پاڻمرادو نوٽس وٺڻ گهرجي، عوام ۽ محڪوم قومن کي فائدو موجوده پارليامينٽ بجاءِ في الحال عدالت سان اميدون جڙيل آهن.
سپريم ڪورٽ جي 16 ڊسمبر جي تاريخي فيصلي مان ثابت ٿيو ته جيڪر عدالت آزاد هجي ٿي ته قومن ۽ عوام کي فائدو رسي سگهي ٿو، هي فيصلو 62 سالن جي تاريخ ۾ آمرن، فوجي توڙي سول افسر شاهي جاگيردارن ۽ نسل پرست دهشتگردن جي سوچ، فڪر ۽ فائدن جي بلڪل ابتڙ منظر عام تي آيو آهي، فيصلي سان جبر جي هڪ هٽي ٽٽندي نظر اچي ٿي پر فيصلي کان به اهم هاڻ عمل جي ضرورت آهي. فيصلي موجب.
1. ڪرپشن ۾ ملوث انهن سمورن ماڻهن کي بنا دير جي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ اچڻ گهري.
2. جمهوريت ۽ انساني قدرن موجب جيڪي به ان اين آر او مان فائدو وٺندڙ ماڻهو آهن تن کي سرڪاري عهدن تان فوري طور استعيفا ڏيڻ گهرجي.
3. جيڪي به ماڻهو معصومن جي قتلن ۾ ملوث آهن تن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ آندو وڃي. فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي ته هو ڏوهي آهن يا بي گناهه آهن.
4. جن ماڻهن اين آر او مان فائدو حاصل ڪيو آهي ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ کين سياست ۾ اچڻ تي پابندي مڙهي وڃي.
5. انا ۽ ٽڪراءُ جي سياست بجاءِ پنهنجي ڏوهن کي بي گناهي ۾ ثابت ڪرڻ لاءِ عدالت ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي.
6. عوام جو لٽيل پئسو فوري طور تي واپس ڪيو وڃي.
7. پارلياماني ۽ جمهوري سسٽم کي DE ESTABLISE ڪرڻ بجاءِ ان کي مستحڪم ڪيو وڃي.
وري به منهنجو نقطي نظر واضح آهي ته شال جمهوري سسٽم هلي سگهي. جنهن طريقي سان اسٽبلشمنٽ واريون ڌريون سرگرم آهن ڪي به خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، پر ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ جي ڌرتي ڌڻين حقيقي قومي انقلابي ڌرين کي منظم ٿيڻ گهرجي حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ غير جمهوري روش کي بنياد بڻائي عوام جي سگهه کي حتمي طور پاڻ سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي ته جيئن طبقاتي ۽ ڦرلٽ واري سماج کي عوام جي حق ۾ تبديل ڪري سگهجي اهڙو سماج جتي قومي ۽ طبقاتي جبر ڏاڍ ڦرلٽ جو خاتمو هجي.

سنڌ جي وسيلن جي مالڪي جو سوال؟

1973ع جو آئين، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ملڪ جو متنفقه آئين آهي جيڪو به هاڻ 17 ترميمن کانپوءِ پنهنجي افاديت وڃائي چڪو آهي باوجود اُن جي به ملڪ جي محڪوم قومن کي ان آئين سان کوڙ سارا اختلاف موجود آهن ۽ قومون چئي رهيون آهن ته اهو آئين ملڪ ۾ جمهوريت ۽ قومي حقن جي تحفظ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي. غير جمهوري حڪمرانن ۽ آمرن هر دور ۾ پنهنجي مخصوص مفادن کي نظر ۾ رکي ترميمون ڪيون جنهن سان سندس بنيادي ڳر يا روح به ختم ٿيو آهي. 73ع جي آئين جي منظور ٿيڻ کانپوءِ حڪمرانن پارليامنٽ ۾ عوام سان ۽ محڪوم قومن سان واعدو ڪيو هو ته 10 سالن کان پوءِ ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪئي ويندي، پر اڄ ٽن ڏهاڪن گذرڻ باوجود اُن تي عمل نه ٿيو، آئين ۾ آرٽيڪل 160، 161 ۽ 162 اين ايف سي ايوارڊ متعلق آهن. جنهن مطابق ملڪ جي ناڻي جي وفاق ۽ صوبن وچ۾ ورڇ ڪئي ويندي. ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ فيصلا ڪيا ويندا ۽ صدر کي به پورا اختيار آهن ته ڪهڙا ٽيڪس ڪنهن جي حوالي ڪيا وڃن.
73ع جي آئين ۾ اڳوڻي اين ايف سي ايوارڊ جي ورهاست اختلافن جي وَرَ چڙهيل آهي.
پنجاب پنهنجن مفادن لاءِ پاپوليشن کي بنياد بنائي ورهاست ڪري رهيو آهي، جيڪي صوبا سڀ کان وڌيڪ ناڻو ڪمائين ٿا انهن کي سڀ کان گهٽ ايوارڊ ملي ٿو. وفاق الڳ کڻي ٿو پنجاب کي الڳ ملي ٿو اهو ملائي سمورو پيسو پنجاب تي خرچ ٿئي ٿو.11 يارنهن سئو بلين رپيا ڪمائي ڏيندڙ سنڌ موٽ ۾ 180 بلين رپيا خيرات جي صورت ۾ حاصل ڪري ٿي جنهن سبب قومن جي وچ ۾ قومي تضادن شدت اختيار ڪئي آهي. اين ايف سي ايوارڊ جي تفصيلن تي ڪنهن ٻئي ڀيري تفصيل ڏبا.
اسان بحث پئي ڪيو سين ته آئين جيڪو ملڪ جي عوام کي ۽ اُن ۾ رهندڙ قومن کي تحفظ ڏيڻ جو ذميوار آهي. 1940ع جي قرارداد ۾ قومن سان هي واعدو ڪيو ويو هو ته آزاد ٿيندڙ ملڪ جي رياستن کي خودمختيار حيثيت ڏني ويندي. وفاق پاڻ وٽ صرف دفاع، پر ڏيهي پاليسي، ڪرنسي ۽ مواصلات جا کاتا رکندو باقي سمورا کاتا قومن جي حوالي ڪيا ويندا ان لحاظ کان پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ قائداعظم ۽ سندس پارٽي جي راءِ موجب چئن کاتن کانسواءِ ڪجهه به پاڻ وٽ نه رکڻ گهرجي ها.
ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ باقي سمورا کاتا وحدتن جي مرضي منشا موجب هجن ها ته اڄ هن ملڪ جي جيڪا صورتحال آهي اُها ائين نه هجي ها.
فيڊريشن جنهن اسپرٽ سان ڪم ڪري ۽ اُن جي جيڪا اهميت هجي ٿي سا هتي بلڪل مختلف آهي.
فيڊريشن ڪڏهن به وفاق جي حقيقي ڪردار مطابق عمل ناهي ڪيو پر اُن جي ابتڙ ملڪ جي آفيسر شاهي ۽ ٻن قومي نظرين تي ملڪ حاصل ڪرڻ وارن جي سوچ جي ڪري جبر ۽ زيادتين ۾ اضافو ٿيو آهي.
پاڪستان 1947ع ۾ وجود ۾ آيو جڏهن ته هن رياست ۾ رهندڙ قومون صدين کان پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار وجود سان حڪمراني ڪنديون رهيون آهن. قومن جي راضپي کانسواءِ پاڪستان ڪونه ٺهي سگهي ها. انڪري وفاق کي پاڪستان ۾ موجود رياستن کي صوبا قرار ڏيڻ بجاءِ قومن جا تاريخي وطن قرار ڏيڻ گهرجن ۽ انهن جي حق حاڪميت تسليم ڪئي وڃي. قومن کي طئي ڪرڻ گهرجي ته هو وفاق کي رياست کي هلائڻ لاءِ وفاقي پول ۾ ڇاٿا ڏين نه ڪي وفاق طئي ڪري ته هو صوبن کي ڇا ٿا ڏين.
سنڌ قدرتي وسيلن ۾ مالا مال آهي هن ڌرتي تي تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا بيشمار معدني وسيلا موجود آهن، جنهن جي آئين موجب ۽ عالمي تهذيب يافته قومن جي فڪر موجب انهن وسيلن جو مالڪ اهو هجي ٿو جتي موجود آهن. پر وفاق اهي سمورا معدني وسيلا ڦري لٽي پاڻ وٽ رکيو ويٺو آهي اسان کي معمولي رائلٽي به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
لاکڙا ڪول مائينز مان نڪرندڙ ڪوئلي تي سنڌ کي صرف 60 رپيا في ٽن رائلٽي ملي ٿي سال ۾ 2 ٻه ملين ٽن ڪوئلو نڪري ٿو. ڌاريو واپاري في ٽن 3 هزارن کان پنجن هزارن تائين مارڪيٽ ڪري ٿو اهڙِي طريقي سان ڀڳڙن جون کلون به سنڌ کي نصيب نٿيون ٿين. نتيجي ۾ سنڌ سورن ۾ ۽ ڌاريو واپاري ارب پتي بڻجي ويو.
اهڙي ريت جيستائين وفاق جي پاليسين ۽ آئين ۾ تبديلي نٿي اچي اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته جمهوري پاڪستان، جمهوريت جي نالي ۾ ۽ 73ع جي آئين موجب صوين کي بنيادي حق ڏيندو، ۽ اهائي وفاق جي برابري آهي ته سمورن قومن کي بنيادي حق فراهم ڪيا وڃن.
وفاق کي دُرست لائين تي هلائڻ لاءِ اهو سمجهڻو پوندو ته هي ملڪ هڪ قوم نه پر گهڻ قومي ملڪ آهي 73 ع جو آئين قومن جي حقن جو امين نه ٿي سگهيو آهي، صوبن بجاءِ قومي وحدتن جي بنياد تي نئين آئين ساز اسيمبلي جون چونڊون ڪرايون وڃن جنهن ۾ آئين جي نئين تشڪيل ڪري پاڪستان جي سمورن قومن جي وچ ۾ نئون سماجي ٺاهه ڪرايو وڃي. ۽ پوءِ قومون طئي ڪن ته پاڪستان وفاق هلائڻ ۽ ٽن کاتن کي هلائڻ لاءِ ڇا ڏجي،
باقي قومن جا جيڪي وسيلا ۽ انهن جي مالڪي مڪمل طرح سان قومن حوالي ڪئي وڃي انهن سان ڪابه هٿ چراند نه ڪئي وڃي. قومون جيڪي به ٽيڪس اُڳاڙين انهن جون هو خود مالڪ هجن هو سمورا وسيلا پنهنجي مرضي موجب پنهنجي قوم جي ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ڪن. وفاق کي ڪنهن به صورت ۾ اُن ۾ مداخلت جو حق نه هجڻ گهرجي، قومون پنهنجن وسيلن ۽ ٽيڪسن مان صرف 25% سيڪڙو وفاق کي ڏين.
سنڌ صدين کان آزاد ۽ خود مختيار رياست طور رهي آهي تاريخ ۾ گهٽ وسيلن جي باوجود پنهنجي قومي وجود برقرار رکيو . سنڌ جو معاشرو خوشحال ۽ تعليم يافته رهيو آهي. پرڏيهه کان ڪاروبار سانگي واپاري ايندا هئا، ڪيئي حملي آور به وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ سانگي حملا ڪندا رهيا. عربن کان ويندي انگريزن تائين سنڌ جي وسيلن تي قبضي کانسواءِ ٻيو ڪو به مقصد نه هو. ڦرلٽ ڪري هليا ويندا هئا يا وري قابض ٿي ڊگهي عرصي تائين غلام بڻائي رکندا هئا، پر سنڌي قوم هڪ لمحي لاءِ به غافل ناهي رهي سڄي تاريخ ۾ جڏهن جڏهن موقعا مليا آهن پنهنجي وجود ۽ پنهنجن وسيلن کي بچائڻ لاءِ وڙهندا رهيا آهن، 1947ع کان اڳ انگريزن غلام بنايو ۽ هڪ نئين غلامي جي شڪل ۾ ڏنو ويو ۽ پوءِ 62 سالن کان هڪ قوم اڪثريت جي نالي ۾ ننڍين قومن سان ڏاڍائي ڪري رهي آهي، نا انصافين جي ڪري هڪ قوم جدوجهد ڪري خودمختيار رياست طور آزاد ٿي وئي.
اڄ جڏهن دنيا ۾ Reunification جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته يورپ پاڻ ۾ گڏجي ويو آهي، ايسٽ برلن ۽ ويسٽ برلن گڏ ٿي ويا. سائوٿ ۽ نارٿ ڪوريا گڏجڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته پوءِ هتي پاڪستان ننڍڙو ملڪ وري اُن جون ننڍڙيون قومون علحدگي لاءِ ڇو تحريڪ هلائي رهيون آهن. اهو سوال برابري جي اصولن تي ٻڌل آهي مٿين قومن جو ذڪر ۽ انهن وچ ۾ اتحاد برابري جي بنيادن جي ڪري ٿيو هڪ ٻئي جي قومي حدن، وسيلن جو احترام ڪرڻ سان، جبر ۽ ننڍي وڏي قوم جي تصور ۽ ڦرلٽ کان سواءِ ئي ممڪن ٿئي ٿو ته گڏجي هلجي. جنهن ملڪي وسيلن تي مالڪي جو حق اُن قوم جو نه هجي ۽ وڏي ڀاءُ ۽ وفاق جي نالي ۾ زبردستي وسيلن تي قبضو ڪيو وڃي. آئين موجب ڏنل معمولي حق به کسيا وڃن، قدرت جو ڏنل سنڌ کي تيل، گئس، ڪوئلو قيمتي پٿر چائنا ڪلي، سمنڊ ذريعي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ مان مليل ٽيڪسن تي سنڌ کي ڪجهه به نه ملي ۽ سمورا ٽيڪس ۽ وسيلا پنجاب کڻي وڃي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هي پاڪستان وفاق جمهوري ۽ برابري جي بنياد تي هلي سگهندو.
سنڌ67% ستهٺ سيڪڙو وفاقي پول ۾ روينيو جمع ڪرائي ٿو، هي روينيو پنج ڪروڙ قوم جي خوشحاليءَ لاءِ ڪافي هجي ٿو.
سنڌ جيڪا وفاق کي هلائي ٿي. ان جون سموريون ضرورتون پوريون ڪري ٿي اُها سنڌ غربت جي چڪي ۾ پيسجي پئي.
امير سنڌ جا ماڻهو غريب ٿي ويا آهن.
وفاق جبري طريقي سان خوشحال ۽ وسيلن سان مالامال قومن کي پاڻ سان ملائي رکڻ جي ڪوشش پيو ڪري جڏهن ته وفاق ۾ موجود محڪوم قومون لڳاتار مطالبو ڪري رهيون آهن ته
وفاق 40ع جي قرارداد تي عمل ڪندي وسيلن جي مالڪي سميت قومي حق حاڪميت قومن حوالي ڪئي وڃي ته جيئن برابري جي بنياد تي هي ملڪ هلي سگهي.
سنڌ مسلسل مطالبو ڪندي رهي ٿي ته سنڌ مان نڪرندڙ معدني وسيلن تي حق صرف سنڌي قوم جو آهي. سنڌين کي رائلٽي ڏيڻ بجاءِ سمورن وسيلن جي مڪمل مالڪي جو حق کين ڏنو وڃي.
سنڌ مسلسل مطالبو ڪندي رهي ٿي ناڻي جي ورڇ هڪ وڏي قوم جي مُفادن کي نظر ۾ رکي ڪرڻ بجاءِ وسيلن جي بنياد ۽ غربت کي نظر ۾ رکي ڪئي وڃي پر وفاق هر صورت ۾ بضد آهي ته نه هي پاڪستان آهي ملڪ جي اندر جيڪو ڪجهه آهي اُهو اسانجو آهي ۽ اسانجي مرضي ته انهن کي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ورهايون. سوال ڪرڻ ڪفر ۽ غداري جي زمري اچي ٿو پر هي طئي آهي ته سنڌ پنهنجي وسيلن تان مالڪي جي حق تان ڪڏهن دستبردار نه ٿيندي ۽ سنڌ جي سُڄاڻ ڌُرين کي ايندڙ اين ايف سي ايوراڊ جي منصفاڻي ورهاست لاءِ زبردست آواز اُٿارڻ گهرجي ته جيئن سنڌ پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪري سگهي.

اعتراف

ڏيڊ سال جي ڊگهي خاموشي آخر ڪار هڪ اعتراف سان ٽٽي وئي. اسلامي جمهوري پاڪستان رياست جو صدر مملڪت جناب آصف زرداري فرمايو ته جنرل مُشرف جو اقتدار کان هٽڻ هڪ ڊيل جو نتيجو هئي ۽ اُها ڊيل آمريڪا، برطانيه سعودي عرب ۽ يو اي اي جي ذريعي ٿي ۽ پوءِ مُشرف کي Safe Passage مليو گارڊ آف آنر ڏئي کين باعزت طريقي سان اقتدار کان هٽايو ويو.
جڏهن 18 فيبروري جون چونڊون ٿيون هُيون ۽ اقتدار پ پ حوالي ڪيو ويو، زرداري صاحب صدر چونڊيو ويو اُن وقت کان هر باشعور ماڻهو ۽ سياسي ‎ڌُر چيو پي ته پاڪستان جي موجوده تبديلي عوام جي حقيقي جمهوري چونڊن ذريعي نه پر سب ڪجهه طئي ٿيل هو.
جنرل مشرف کي رليف ڏيڻ تي به ساڃاهه وندن ۾ ڪو مونجهارو نه هو. هو بلڪل واضح هئا ۽ آهن ته موجوده تبديلي ڊيل ذريعي ٿي آهي. اچو ته ان ڳالهه جو جائزو وٺون ته ڇا ان اعتراف کان پوءِ پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست آهي. ڪيئي ڀيرا اڳ بحث ڪري چُڪا آهيون ته وچ اوڀر ۽ ايشيا ۾ آمريڪي مُداخلت ڪن خاص سببن جي ڪري ٿي آهي، انهن سببن تي عمل پيرا ڪرڻ لاءِ جاڙا ٽاور ڪيرايا ويا. جنهن ۾ ڪئين آمريڪي ماڻهو ماريا ويا. ۽ پوءِ آمريڪا پاڻ ۽ اتحادي ڌرين کي ساڻ وٺي عراق ۽ پوءِ افغانستان ۾ ديرو ڄمايو ڪارڻ هڪ ئي آهي ته هن خطي ۾ رهي ڪري گئس ۽ آئل جي ذخيرن تي قبضو ڄمائڻو آهي، انڪري پاڪستان جي فوجي طاقت، علائقي ۾ اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي انڪري حالتون جوڙي پاڪستان جي اندروني صورتحال کي بحران ۾ وجهي ۽ پوءِ پاڻ داخل ٿي ويو آهي.
پاڪستان ۾ آمريڪي مداخلت ڪجهه مختلف آهي هو افغانستان عراق وانگر نه پر سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري ملڪ جي حاڪميت تي قابض ٿي ويو آهي.
بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ڪير ملوث آهي ساڃاهه وند ماڻهن ۾ ٻه رايا ناهن بينظير ڇا ڪاڻ جو پاپولر ليڊر هئي ۽ اهي چٽا امڪان هئا ته هو پنهنجي بهادر پيءُ وانگر ڪٿي آمريڪا مُخالف ڪردار ٿي بيهي . اُنڪري مفاهمت ذريعي عالمي طاقتن ملڪي صورتحال کي تبديل ڪرايو پر بينظير ڀٽو کي طئي شده فارمولي تحت رستي کان هٽايو ويو. ۽ اُن جي جاءِ تي هڪ unpopular شخص آصف زرداري کي ميدان تي لاٿو ويو. تاريخ ۾ اهڙا شخص عوام دوست ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ جن جو هر ڪردار هجي ٿو اُن لاءِ هو ڪم ڪري ٿو فائديمند ٿئي ٿو. آمريڪا پنهنجي سڄي تاريخ ۾ سندس ڪم ڪندڙ دلال حڪمران جڏهن ڪارائتا نٿا هجن ته انهن جو صفايو ڪيو ڇڏي. ائين جئين ضياءَ الحق افغان انقلاب مُخالف ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ ۽ جڏهن فارغ ٿيو کيس ماريو ويو پر هاڻ آمريڪا نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايو آهي. هو پاڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪردارن جو تحفظ ڪندو. انڪري جنرل مُشرف سان چونڊيل حڪومت کي ڊيل ڪرائي وئي اُن کي عزت ۽ آبرو سان سلامي ڏني وئي. 12 آڪٽوبر ١٩٩٩ع کان جمهوري اقتدار تي راتاهو هڻندڙ جنرل مُشرف اٺن سالن تائين جيڪو ڪجهه ڪيو اُهو کيس معاف ڪيو ويو. جنهن مان ثابت ٿيو ته پ پ هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن طاقتور ڌُر سان يا عالمي ادارن جي مداخلت سان ڊيل ڪري اقتدار ۾ اچي ٿي، جڏهن ته تاريخ ۾ جمهوري پارٽيون مختلف هجن ٿيون انهن جو ڪردار جمهوري هجي ٿو. عوام دوست ۽ آمريت دشمن هجي ٿو، جڏهن به عوامي پارٽين کي اقتدار ۾ اچڻ جو موقعو ملي ٿو ته هو جنرل شاهي کان سمورا حساب وٺن ٿا قاتلن ۽ رهزنن کي چونڪن تي ٽنگيو وڃي ٿو، عوام جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب ورتو وڃي ٿو. پر اسان جي چونڊيل حڪمرانن جيڪي پاڻ کي جمهوريت پسند سڏرائين ٿا تن ڪجهه ٻيو ڪيو آهي، جنرل مُشرف جي اٺن سالن جي دور ۾ جيڪي ڪيس ٿيا هاڻ انهن جو حساب ڪنهن کان وٺجي.
بلوچستان ۾ فوجي آپريشن اڪبر بُگٽي جو قتل ۽ 7هزار بلوچ ٽارچر سيلن ۾ موجود آهن، بينظير ڀٽو جو قتل جيڪو سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سان جنرل مُشرف تي آهي، سڄي ملڪ ۾ طالبا نائيزيشن کي هٿي وٺرائڻ، هزارين ماڻهن جو قتل عام ڪنهن جي کاتي ۾ ويندا. 12 مئي ۽ 9 اپريل تي ڪراچي ۾ پُرامن ماڻهن جو قتل عام ۽ وڪيلن کي ساڙي رک جو ڍير ٺاهڻ ۾ ڪير ملوث هو. ڊي سنٽر لائيزيشن جي نالي ۾ ٻهراڙي جي وڏيرن ۽ شهرن جي سگهارن ماڻهن کي وڌيڪ طاقتور بنائي بُک ۽ بدحالي جنم ڏيندڙ ۽ ملڪ جي ٽوٽل خودمختياري کي داءُ تي لڳائيندڙ جنرل مُشرف کي باعزت بري ڪندڙ ماڻهو ڇا عوام دوست ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
آمريڪا ۽ برطانيه خاص ڪري پاڪستان ۾ زبردست مُفادن جي نظر سان ڏسن ٿا انڪري آمريڪي عملدار رچرڊ هالبروڪ پاڪستان جي هاءِ آفيشل سان گڏجاڻيون ڪري ٿو انهن کي ڊائريڪشن ڏئي ٿو. وزيرستان ۽ سوات آپريشن جي پويان آمريڪي مُفاد هئا، ڪراچي ۾ ايمبسي جي توسيع ۽ فوجي ڇانوڻين جي امڪانن اهو ثابت ڪيو آهي ته هاڻ پاڪستان مڪمل طرح سان سڌي غلامي ۾ جڪڙجي ويو آهي اڳ IMF ۽ ورلڊ بئنڪ جي قرضن ذريعي اڻ سڌي ريت غلام بنايو ويو هو، هاڻ آمريڪي ماڻهن جي اچ وڃ هر معاملي تي مُداخلت اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست ناهي انڪري ملڪ جا حاڪم اهو اعتراف ڪرڻ ۾ منجهن ٿا ڇاڪاڻ جو سندن مستقبل جو فيصلو هو عوام تي نٿا ڇڏين بلڪه هو سمجهن ٿا ته عالمي قوتون ئي سڀ ڪجهه آهن جنهن کي وڻين سو اقتدار جو مالڪ بنائين ائين جيئن افغانستان ۾ حامد ڪرزئي.
هڪ طرف پاڪستان جا معاملا ڊيل ذريعي پيا ٿين سمورا معاملا آمريڪا، دُبئي يا شهزادي عبدالله جي محل ۾ ٿي رهيا آهن، ته اُهي جمهوريت جي نالي ۾ حڪمران عوام جي مسئلن کي ڪيئن منهن ڏيندا. سندن ئي تخليق ڪيل آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل ۾ لکيل آهي ته پنهنجا قومي معاملا ٻين کان حل ڪرايو، بلڪل واضح ٿي ويوآهي ته اسان جا حڪمران پوليٽيڪل ايجنٽ طور تي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن، ملڪ جي 16 ڪروڙ عوام جي اڪثريت بُک ۽ مهانگائي جي ور چڙهيل آهي، امن امان موڪلائي ويو آهي، ڪرپشن انتها تي پهتل آهي عوام جا چونڊيل حڪمران وزير مشير پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا هجن، جن ماڻهن غيض ۽ غضب خلاف ووٽ ڪيو جن ماڻهن جي اڪثريت اهو ٿي چاهيو ته هو اقتدار ۾ اچي بينظير جو پلئه ڪندو، اٺن سالن تائين فوج جيڪي جاوا ڪيا جنرل جيڪي عوام دشمن حرڪتون ڪيون قتل عام ڪيو ته اُنجو حساب وٺنداسين. پر بلڪل اُن جي اُبتڙ حڪمرانن ووٽن جي تقدس ۽ جمهوريت جي اصل روح جون ڌڄيون اُڏاري ڇڏيون آهن، هڪ جنرل سان ڊيل ۽ اُن کي سمورن ڏوهن مان بري ڪرڻ جو مطلب هي ٿيو ته آئين جي آرٽيڪل 6 سان خود حڪمرانن غداري ڪئي ٻيو ته فوج جي لاءِ ٻيهر Massage هوندو ته جڏهن چاهين وري اقتدار ۾ اچي سگهن ٿا.
فوج سياست کان ٻاهر ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ سگهاري ٿي آهي ۽ جمهوري قوتن جو ئي فرض هو ته هو جڏهن اقتدار ۾ آيا هئا ته عوام جي طاقت تي ڀروسو ڪري جنرل کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي ها. ۽ اهو رستو جمهوريت جي پٽڙي تي چڙهي ها. ۽ فوج جا سياست ۾ اچڻ جا رستا روڪيا وڃن، عوام جي اُمنگن ۽ اميدن تي پورو لهجي ها.
بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ جڏهن فوجين بغاوت ڪئي شيخ مجيب جي اقتدار تي قبضو ڪيو ويو آزادي پسندن ۽ جمهوريت پسندن جي رستا روڪ ڪئي وئي هڪ فوجي جنرل اقتدار تي ويٺو جمهوري قوتن ڊگهي ويڙهه وڙهي عوام مزاحمتي تحريڪ شروع ڪئي ۽ نيٺ ڪاميابي ملي اُن جنرل کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کيس سزا ڏني وئي عوامي ليگ جيڪا جمهوري پارٽي هئي اُن ڪوبه ڪمپرومائيز نه ڪيو ۽ اهوئي سبب آهي جو اڄ فوج کي ڪنهن حد تائين سياست ۾ مداخلت کان روڪيو ويو آهي.
هڪ ملڪ جا حڪمران ڪنهن ٻي عالمي قوت سان پنهنجي خود مختياري کي بحال رکندي هر قسم جا معاملا طئي ڪندا آهن پر پنهنجي اتدروني معاملن ۾ مداخلت کي برداشت نه ڪندا آهن، ايران جي تازين چونڊن ۾ جيڪي مخالف ڌُر تحريڪ هلائي ته آمريڪا کلي ڪري سندن حمايت جو اعلان ڪيو ته جيئن ايران جا اندروني معاملا ڪمزور ٿين.
هڪ جنرل مُشرف سان ڊيل سڄي ملڪ جي جمهوري سسٽم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هڪ اڻ چونڊيل آمر جنرل ۽ چونڊيل سول حڪمران ۾ فرق نظر نٿو اچي. عالمي مداخلت ۽ فوج سان ڊيل جو اعتراف ملڪ کي مڪمل غلامي ڏانهن وٺي ويندو عوام کي رليف ملڻ بجاءِ عوام مهانگائي، حقن کان محروم ٿيندو ۽ شايد ڪنهن ڊگهي اڻ وڻندڙ صورتحال ۾ عوام کي منهن ڏيڻو پوندو. صدر آصف زرداري جي ڊيل واري اعتراف جو کيس عوام کي جواب ڏيڻو پوندو. کيس عوام جي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ اچڻو پوندو. عوام جي غم ۽ غصي کي منهن ڏيڻو پوندو، بينظير، اڪبر بُگٽي، بالاچ مري، لال مسجد 12 مئي، 9 اپريل تي ٿيل سمورن شهيدن جي قاتلن سان ڊيل جو اعتراف زرداري صاحب کي ڏاڍو مهانگو پوندو. صدر صاحب پليجي پيو آهي ته ڪو صرف عالمي قوت آمريڪا ۽ برطانيه ئي طاقتور آهن اُهي ئي اڇي ڪاري جا مالڪ آهن جنهن کي چاهين عزت ڏين ۽ جنهن کي چاهين ذلت، ائين ناهي آمريڪا ۽ برطانيه تاريخ ۾ عوام جي طاقت آڏو گوڏا کوڙيا آهن انهن اُتان ڀاڄ کاڌي آهي، ڏکڻ ويٽنام ۾ هڪ دلال ويٽنامي کي ڪوڙي ريفرنڊ ذريعي حاڪم بنايو ويو پويان سڄي آمريڪي فوج موجود هئي پر دنيا ڏٺو ته هٿين خالي نٻل، ڪمزور ويٽنا مين آمريڪن کي ڀجائي ڪڍيو ۽ سندن دلال حاڪم نه ٽڪي سگهيو، برطانيه ننڍي کنڊ ۾هڪ صدي کان وڌيڪ حڪمراني ڪئي پر جڏهن عوام رد عمل ڪيو ته عالمي قوت برطانيه کي هتان به ڀڄڻو پيو. صرف عارضي مُفاد حاصل ٿين ٿا. صدر زرداري آمريڪي ۽ برطانيه جي ڏاڍ تي شايد گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهي ۽ هو وري ڪي نوان پهلوان ميدان تي لاهين انڪري وقت نه ويوآهي، ملڪ جي وڏي جمهوري پارٽي کي نئين سر فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي. مُشرف کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي عوام کي ويساهه ڏئي، فوج جي سياست ۾ انٽري کي روڪي اٺن سالن ۾ ٿيل جنرل جي زيادتين جو عوام کي انصاف ملي، عوام اقتداري ڌُرين کي ڏنل ويساهه واپس وٺي سگهي ٿو، اعتراف جيڪو وڏو جُرم آهي تنهن جو حساب ڪتاب وٺي سگهجي ٿو. اهو ايندڙ عام چونڊن ۾ به ٿي سگهي ٿو ته وري ڪنهن غير متوقع انقلاب ذريعي به ٿي سگهي ٿو.

ڪاميابيون يا ناڪاميون؟

9 سيپٽمبر 2009ع تي آصف علي زرداري کي صدر ٿيندي سال پورو ٿيو سندس پارٽي جي هڪ اڳواڻ لکيو آهي ته مشڪلاتن جي باوجود ڪاميابيون ماڻيون آهن، پاڻ جائزو وٺنداسين ته ڇا حاصل ڪيو آهي.
27 ڊسمبر تي بينظير جي شهادت کان اڳ ملڪ جي عوام سان ۽ خاص ڪري مظلوم ۽ محڪوم قومن سان واعدا ڪيا ويا ته هو اقتدار ۾ اچي ظلم ۽ جبر جو خاتمو آڻيندا. مسڪين ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪندا. بلوچستان مان فوجي آپريشن ختم ڪيو ويندو. اڪبر بُگٽي سميت سمورن شهيدن جي قاتل مُشرف کي سزا ڏياربي، چيف جسٽس کي بحال ڪيو ويندو. 73ع جي آئين مان 17 هين ترميم ختم ڪري پارليامينٽ مٿان لٽڪيل 58/2B جو خاتمو ڪبو. جمهوريت کي پنهنجي اصلي روح ۾ بحال ڪبو.
ڇا ملڪ جي موجوده صدر جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته هن پنهنجي ڏاهپ سان سمورن معاملن کي حل ڪري ورتو آهي، هن سوات ۽ اُتر وزيرستان مان طالبان دهشتگردن جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون؟ دراصل افغانستان ۽ پوءِ پاڪستان ۾ طالبان جي موجودگي ۽ انهن جو سرگرم ڪردار آمريڪي Issue آهي. انهن خلاف جنگ به آمريڪي مُفاد وٽان هئي اُهي سگهارا به ٻاهرين قوتن جي ڏاڍ ۽ هر قسم جي مدد سان ٿيا. 9/11 دوران آمريڪا مُشرف سرڪار کي چيو هو ته هو اسان جي مدد ڪن ٻي صورت ۾ هو به تيار رهن اسان جي حڪمرانن وٽ ٻيو ڪوبه چارو نٿو هجي ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي سياسي تبديلي ڊگهي عرصي کان مقامي سياست ۽ عوام جي طاقت تي ڀروسي بجاءِ ٻاهرين قوتن جي هدايتن تحت ٿي رهي آهي ته طالبان جي پاڪستان مان گهڻي حد تائين خاتمو آمريڪي مُفادن ۽ انهن جي چوڻ سان ٿيو.
چيو وڃي ٿو ته ملڪ جا حڪمران پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان ڳالهائين ٿا. اُن کان ٻاهر ڪابه ڪمپرومائيز ناهي ٿيندي.
هڪ اهڙي پارٽي جيڪا اڳ ڪيئي ڀيرا اقتدار ۾ رهي چڪي کين سرڪار هلائڻ جو پورو تجربو حاصل آهي. ائين نٿو چئي سگهجي ته اسان جي اقتدارکي ٿورو وقت گذريو آهي سنڌي ۾ چوڻي آهي ته جنهن اُڀرندي تاءُ نه ڪيو سو لهندي ڪهڙو ڪندو.
بينظير ڀٽو شهيد جو ڪيل هڪ به واعدو وفانه ٿيو. جمهوريت اصلي روح ۾ بحال ڪرڻ جو مطلب هي آهي ته 17هين ترميم ذريعي وقت جي غاصب حڪمران 58/2B هڻي پارليامينٽ جا سمورا اختيار پاڻ وٽ رکي ڇڏيا جنهن لاءِ موجوده سرڪار جيڪا پاڻ کي جمهوريت جي چئمپين چورائي ٿي هڪ لمحي لاءِ به ان ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ۽ صدارتي اختيار تلوار بڻجي پارليامينٽ مٿان لٽڪي رهيو آهي، حقيقي جمهوريت پسند اڳواڻ جو هي ويزن هجي ته ڪهڙا ايڪٽ جمهوريت لاءِ هاڃيڪار آهن جڏهن پارليامينٽ ۾ اڪثريت هجي ٿي ۽ پوءِ به عوام دشمن، جمهوريت مُخالف ائڪٽ ختم نه ٿئي ته ڇا سمجهبو.؟
جمهوريت پسندي يا ڪجهه ٻيو اُن کانسواءِ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ضيا آمر جي دور ان پ پ مسلسل تحرڪ ۾ رهي بينظير شهيد جي سڀ کان وڏي ويڙهه اها رهي ته پارليامينٽ آزاد ۽ خود مختيار بڻجي. ڇاڪاڻ جو 73ع جي آئين ۾ جيڪو پڻ سندن اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي تخليق هئي جيتوڻيڪ هاڻ اُن جي افاديت وقت گذرڻ سان گڏ گهٽجي پئي قومون ۽ عوام ان آئين مان مطمئن نظر نه پيو اچي اُن آئين مُطابق پارليامينٽ خودمختيار رهندي ۽ اٿارٽي هوندي بينظير ڀٽو مُشرف خلاف ويڙهه به ان ترميم جي خاتمي لاءِ ڪندي رهي جنهن سان هڪ شخص طاقتور ٿئي ٿو ۽ عوام جا چونڊيل نمائندا ڪجهه به نه ته پوءِ صدر صاحب جمهوريت کي پنهنجي اصلي روح ۾ بحال ڪري سگهيو آهي يا ته ان عمل ۾ کيس ڪهڙي رُڪاوٽ آهي. کيس ڪهڙي مُشڪل آهي. ملڪ جي هر پارٽي ۽ سنڌ جا اتحادي به حامي آهن.
حقيقي جمهوريت پسندي جو تازو هڪ مثال ڏيندا هلون نيپال ۾ 2006 جي عام چونڊن ۾ ڪميونسٽ پارٽي مائوسٽ حڪمرانن سان يارنهن سالن جي ڊگهي ويڙهه وڙهي پنهنجا تيرنهن هزار ڪارڪن شهيد ڪرايا. عام چونڊن ۾ حصو ورتو اڪثريت سان کٽي اچڻ کانپوءِ گڏيل جمهوري حڪومت پهريون اهو فيصلو ڪيو ته 240 سالن جي بادشاهت جي خاتمي جو اعلان ڪيو انهن کي بادشاهي محل خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. مائوسِٽ پارٽي جو اڳواڻ پرچندا وزير اعظم ٿيو هنن ٻيو نقطي نظر هي رکيو ته فوري طور تي نيپال جو نئون جمهوري آئين جوڙيو وڃي. ان کانپوءِ هن پنهنجي ويڙها ڪن کي فوج ۾ ضم ڪرڻ جو مُطالبو ڪيو فوج جي چيف ڳالهه نه مڃي صدر به مُخالفت ڪئي پرچندا وزير اعظم جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. گڏيل حڪومت ۾ موجود آهي جمهوريت کي طاقت ور بنائڻ لاءِ ڪوشش ۾ مصروف آهي. پر ڪنهن به ريت پنهنجي ويچارن کي پٺي ناهي ڏني هن کي صرف اقتدار جا مزا ناهن وٺڻا پر ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت آڻڻ لاءِ سمورا جمهوري طريقا استعمال ڪري رهيو آهي.
چيو وڃي ٿو پاڪستان جي حاڪم پارٽي پاڪستان کي بچائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ مختلف خيالن جي پارٽين کي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائي وار ڪيو آهي.
اهو ساڳيو نقطي نظر مُشرف جو هُيو جنهن جي اتحاد ۾ ايم ڪيو ايم به هئي ۽ ق ليگ کان فنڪشنل ليگ تائين سمورا هئا _ انهن به پاڪستان ۽ جمهوريت کي بچائڻ جي ڳالهه پئي ڪئي.
جن اتحادين بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ڪرايو، اڪبر بُگٽي کي شهيد ڪرايو، جن چيف جسٽس کي هٽائي 12 مئي جهڙا واقعا ڪرايا انهن مان اها اميد ڪئي پئي وڃي ته اهي افهام تفهيم جي ذريعي جمهوريت ۽ ملڪ سگهارو بڻائيندا.
سنڌي ۾ چوڻي آهي ته چوري ڪرڻ ۾ به گڏ ته وري ڀاڳين سان گڏ پيرا به کڻجن ملڪ جي جمهوريت جا بَکيا اُڊيڙڻ وارا اڄ وري جمهوريت پسند چورائيندڙ ڌُر جو اهم حصو آهن.
ڪاميابيون ٻڌايون پيون وڃن ته چيف جسٽس جي بحالي لاءِ مُشرف جي دور ۾ وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن سان جٺيون ڪيون ويون ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، احتجاجن کي روڪيو ويو، وڪيل ساڙيا ويا، ماريا ويا، ۽ ساڳيو عمل 18 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ پ پ سرڪار ۾ به ٿيو، چيف جسٽس جي بحالي عوام جي ڊگهي ويڙهه سان ٿي. ڊگهي لانگ مارچ سان ٿي، پنجاب جي اڪثريتي پارٽي جي احتجاج ۽ فوج جي سهڪار سان ٿي اهو ڪريڊٽ ڪنهن به طرح سرڪار کي نٿو وڃي، اُن ڪري موجوده سرڪار کي ڪيئن جمهوريت پسند چئي سگهجي ٿو؟ مُشرف جي دور ۾ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن شروع ٿيو جيڪو اڃان سوڌو جاري آهي.
جمهوريت پسند عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهن، بينظير شهيد هي واعدو ڪيو هو ته اڪبر بُگٽي جي قتل جو حساب وٺبو ڪيڏانهن ويو اُهو واعدو، ست هزار بلوچ گُم آهن جيڪي ٽارچر سيلن ۾ قيد آهن، بلوچستان ۾ فوجي ڇانوڻيون ٺاهي هڪ ٻيو بنگلا ديش ٺاهڻ جي رٿا ٿي رهي آهي، بلوچن پارلياماني ڌارا کان ڪٽي بلوچ ۽ عوام دشمن قوتن کي اقتدار جو حصو بڻايو ويو آهي، بلوچ عوام پُر اميد هُيو ته پ پ جي اقتدار ۾ اچڻ سان کين ظلم ۽ جبر کان آجو ڪيو ويندو . پر ان جي اُبتڙ جبر ۾ اضافو ڪيو ويو آهي سنڌين ۽ بلوچن کي ڪجهه ارب رپيا ڏئي پنهنجن حقن کان محروم رکندي ڄڻ ته ڪنهن فقير کي خيرات ڏني پئي وڃي. احسان ڪيو پيو وڃي.
ان ڪري اهم مُکيه مسئله _ چيف جسٽس جي بحالي، آئين ۾ 17 هين ترميم جي خاتمي ۽ ٿل ڪئنال جي اڏاوت رو ڪرائڻ، بلوچستان فوجي آپريشن ختم ڪرائڻ، جمهوري حڪومت جي ذميداري هئي ۽ پاڻمرادو ھمت ڪري جيڪڏهن صدر صاحب عمل ڪري ها ته اڄ سندس گراف سڀ کان مٿي هجي ها. ملڪ ۾ مُخالف قوتون ڪمزور هجن ها.
جمهوريت مظبوط ٿئي ها، اسٽيبلشمنٽ دم ٽوڙڻ ڏانهن وڃي ها. ڪنهن جمهوري حڪومت جي جاچڻ جو معيار اُن مان ڪري سگهجي ٿو جيئن پاڻ نيپال جي پرچندا حڪومت جو ڪري آياسين. صدر زرداري پنهنجي دور اقتدار ۾ هڪ به اهڙو جمهوري ڪم ناهي ڪيو جو واهه واهه ٿئي. هڪ سال ۾ ساڻس سامهون فارمولو اچي رهيو آهي، وزير اعظم پارليامينٽ ۾ واعدا ڪري اچي ٿو ته زرداري صاحب اُن کي ليڪ ڏيو ڇڏي، ڊگهي بحث ۾ پوڻ بجاءِ اسين اهو ثابت ڪنداسين ته موجوده سرڪار صرف چونڊيل آهي، جمهوري ناهي سندن واڳون ڪنهن ٻئي وٽ آهن، هو پاڻ آزاد ۽ خودمختيار ناهي نسليءِ دهشتگرد فڪر وارا ٽولا ننڍن معاملن تي کين جڪڙيو ويٺا آهن، مهانگائي چوٽ چڙهائي بُک ۽ بدحالي انتها تي آهي، سنڌ جي ٻهراڙي ۾ غربت جو انگ 52% ٻاونجها سيڪڙو آهي، هڪ ٿيلهي اٽي جي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ واسين کي جنهن ذلت مان گذرڻو پوي ٿو اهو هاڻ ڪنهن کان به لڪل ناهي، امن سنڌ مان موڪلائي ويو آهي، شهرن ۾ دهشتگردن هٿان ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ آفيسن ۾ آفيسر شاهي جي ڪرپشن سنڌ جي عوام کي يتيم ننڌڻڪو ۽ بي وس بڻائي ڇڏيو آهي، انڪري اهو دُرست آهي ته اڳواڻن جو ويزن ئي قومن ۽ عوام کي منزل تي رسائي ٿو پر اهو ويزن عوام دوست ۽ قوم دوست هجي، هن پاڪستان جي اقتداري ڌرين وٽ ويزن واضح ناهي جمهوريت نالي ماتر هجي ٿي، آمريڪا ۽ برطانيه جي پارليامنٽ سرڪار هلائي رهي آهي، ملڪ جي اسٽبلشمنٽ جمهوري فڪر کي سگهارو ڪرڻ بجاءِ شخصن کي طاقتور بڻائي ٿي آصف زرداري اڄ سگهارو صدر آهي.
جيڪڏهن عوام سگهارو ٿئي ته ڪنهن کي به مجال ناهي ته هو عوام مُخالف عمل ڪن. اڄ پارليامنٽ سگهاري هجي ها، ته بينظير جا سمورا واعدا وفا ٿين ها. انڪري سکڻي لٻاڙ بند ٿيڻ گهرجي موجوده سرڪار ڪجهه به ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، جمهوري قوتن، پارليامنٽ ۾ ويٺل يا ٻاهر انهن جي ذميداري ٿئي ٿي ته عوام طاقت جو مظاهرو ڪندي هڪ واضح خيال سان جمهوريت کي پنهنجي اصلي روح سان بحال ڪرڻ ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد کي تيز ڪن.

سنڌ جو کسيل سڀ ڪجهه واپس ڪريو!

آزاد، خودمختيار ۽ امن واري سنڌ کي انگريزن ١٨٤٣ع قبضو ڪري غلام بڻائي ڇڏيو انگريزن خلاف ابتدا ۾ ننڍيون توڙي وڏيون لڙايون ٿيون پر ڪاميابي انگريزن جي ٿي انهن جي ڪاميابي پويان سندن هر قسم جي طاقت سان گڏوگڏ سنڌ جي وڏيرن جي پٺڀرائي به هئي سنڌ ۾ اُن وقت ڪا منظم تنظيم نه هئڻ ڪري اسانجو سماج وڏيرن، ميرن ۽ پيرن جي قبضي هيٺ هئڻ ڪري سؤ سالن جي غلامي سنڌ کي ڀوڳڻي پئي. اصولي طور تي هي انگريزن جي واپسي سان سنڌ کي آزادي ۽ خودمختيار رياست طور آزاد ڪيو وڃي ها پر ائين نه ٿيو، 3 مارچ 1943ع سنڌ اسيمبلي ۾ سائين جي ايم سيد قرار داد ذريعي هندستان جي اڪثريتي مسلمان علائقن جي الڳ رياست ٺهڻ جي حق ۾ راءِ ڏني، سنڌ اسيمبلي فيصلو ڏنو. سائين جي ايم سيد اُن وقت اهو فيصلو ان ڪري ڪيو جو مسلم ليگ 23 مارچ 1940ع لاهور ۾ قرارداد ذريعي هي ويساهه ڏنو ته نئين ٺهندڙ ملڪ ۾ سموريون رياستون آزاد ۽ خود مختيار هونديون. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مٿين قرارداد کي ڪابه اهميت نه ڏني وئي بلڪ اُن جي اُبتڙ هڪ نئين جبر ۽ ڏاڍ جي شروعات ٿي. 1954 جي پڇاڙي ون يونٽ لاڳو ڪري ويسٽ پاڪستان جي قومن جي حيثيت ختم ڪئي وئي. پاڪستان ٺهڻ سان جيڪي نا انصافيون شروع ٿيون سنڌ اُن ڏينهن کان پنهنجن قومي حقن لاءِ وڙهندي رهي آهي. شروعات ۾ وفاقي توڙي سنڌ جي افسر شاهي جو 70 سيڪڙو پناهگير ۽ باقي 30 سيڪڙو پنجابي ۽ پٺاڻ رکيا ويا. اُن جو سبب هي هو جو جيئن ئي انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪيو ويو سنڌ ۾ هنڌن جي اڪثريت تعليم يافته هئي، سنڌ جي ٻهراڙي تعليم کان صفا محروم هئي، نوان ڪاليج نه ٺاهيا ويا سنڌ جي ترقي رُڪجي وئي. مڊل ڪلاس هندو واپاري تعليم ۾ اڳتي هو. 1936ع تائين سنڌ ۾ ڪو به گورنمنٽ ڪاليج نه هو. جيڪي پرائيويٽ تعليمي ادارا هئا سي هنڌن جوڙيا هئا انهن ادارن ۾ سنڌي مسلمانن جي داخلا ڏکي هئي. انڪري ئي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به سرڪاري نوڪرين ۾ هنڌن جو وڏو تعداد هو. پير علي محمد راشدي موجب ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هنڌن جو سرڪاري نوڪرين ۾ 70 کان 80 سيڪڙو حصو هو پڙهيل لکيل جيڪي سنڌي مسلمان هئا سي نوڪرين لاءِ دربدر هئا.
پروفيسر عزيزالدين احمد پنهنجي مقالي ”سنڌ پاڪستان کان پوءِ“ ۾ لکيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي پنجاب جي ماڻهن سنڌ ۾ نوڪريون وٺڻ شروع ڪيون. خاص ڪري پوليس ۾ پنجابي ۽ پختون عنصر واضح اڪثريت سان هو. 1935 ۾ سنڌ جي پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ 5000 پنج هزار پوليس آفيسرن ۾ سنڌي صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ هنڌن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي ڪري نوڪريون پئدا ٿيون پر بد قسمتي سان پنجاب جي ڏاڍائي ڪري مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه مليون هنڌن جي ڇڏيل نوڪرين تي به پنجاب قابض ٿي ويو.
محمد موسيٰ ڀٽي موجب 1980ع ۾ مرڪزي حڪومت ۾ ڪُل ملازمن جو تعداد ڏيڊ لک هو اُن وقت سنڌ جي ڪوٽا 20 سيڪڙو هئي شهري آبادي 8 ۽ ٻهراڙين 12 سيڪڙو هئي. ان موجب سنڌ کي 30 هزار نوڪريون ملڻ گهرجن ها پر صرف چار هزار نوڪريون ڏنيون ويون جنهن ۾ سنڌي صرف اڍائي هزار هئا. اهڙي ريت ڏاهپ سان پنجاب سان مفادن ۾ ڀاڱي ڀائيوار پشتونن سنڌ سان ڏانهن رُخ ڪيو. پوليس ۾ خاص ۽ اُن کان پوءِ سمورن سرڪاري ادارن ۾ اهم عهدن تي قابض ٿي ويا اُن جو مکيه ڪارڻ هي به هو ته پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ جو وفاق ۾ ڪوبه عمل دخل نه هو جنهن ڪري فوج ۽ سول افسر شاهي تي پنجاب ۽ پشتون قابض رهيا ۽ اهو سلسلو ايستائين جاري رهيو جيئن 71ع ۾ ذولفقار ڀٽو اقتدار ۾ آيو سنڌ کي نوڪرين ۾ ڪنهن حد تائين رليف مليو. وفاقي ادارن ۾ صوبي سنڌ جي نوڪرين ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر سنڌي نظر اچڻ لڳا. ۽ اهوئي سبب آهي جو پنجاب ۽ پٺاڻن جي نوڪرين ۽ سنڌ ۾ هجڻ ڪري هڪ معاشي ماهر موجب 20 ارب رپيا پوسٽ آفيسن ذريعي سنڌ مان ناڻو ٻاهر وڃي ٿو، هُنڊي، بئنڪون ۽ ٻيا غير قانوني طريقا اُن کان الڳ آهن اڄ به سنڌ جي گهڻ قومي ڪمپنين، سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ سنڌي نالي ماتر نوڪرين ۾ آهن. سنڌ ۾ بئراجن جي ٺهڻ سان ڌارين جي آبادڪاري شروع ٿي وئي 1936ع ڌاري جڏهن سکر بئراج جُڙي راس ٿيو ته پنجابين ۽ پٺاڻن جا ڪٽڪ اچي سنڌ ۾ لٿا.زمينن جي ورهاست جو فائدو فوجي جرنيل، پٺاڻ ۽ پناهگير آفيسر شاهي ورتو هڪ اندازي موجب ون يونٽ جي قيام دوان ( 1955ع کان 1958 ع) تائين غير سنڌين کي هڪ لک 53 ٽيونجاهه هزار ۽ ڪجهه سئو ايڪڙ زمين ملي. 1958ع کان 1963ع جي عرصي دوران زمين حاصل ڪندڙ هر 100 ماڻهن مان پنجهتر ماڻهن جو تعلق سنڌين سان هو.
حُرن جي روحاني رهنما صبغت الله شاهه راشدي “سورهيه بادشاهه” کي 20 مارچ 1943 تي انگريزن مزاحمتي جنگ جي پاداش ۾ ڦاهي چاڙهيو، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٿيڻ هي کپندو هو ته حڪمران آزادي جي متوالن کي پنهنجي زمين واپس ڪن ها پر اُن جي اُبتڙ مُکي ڍنڍ جي ارگرد ڏيڍ لک ايڪڙ زمين فوجي آفيسرن کي انعام اڪرام ڏئي ڇڏي. اُن وقت سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي زمين جيڪا لکين ايڪڙ ڌارين کي ڏني وئي ان جي قيمت 50 رپيا يا 250 رپيا في ايڪڙ جي حساب سان هئي. پڙهو ”سنڌ ڪيس پروفيسر عزيزالدين“
ڪجهه فوجي آفيسر نوڪرين ۾ هئا اُن باوجود کين زمينون ڏنيون ويون انهن فوجي آفيسرن آڙي پاڙي جي سنڌي آبادگارن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ علائقي تي قابض ٿيڻ لڳا. ڪوٽڙي بئراج جي تقريبن هڪ لک ٻائتاليهه هزار ايڪڙ پنجابين ۽ پٺاڻن کي ڏني وئي. مطلب ته عقلمندي سان سنڌ جي تمام گهڻي تازي زرخيز زمين ڀڳڙن مُٺ انعام ۽ نيلام ۽ تحفن طور تي ڏني وئي جنهنجي نتيجي ۾ انگريزن جي غلامي کان اڳ سنڌ جي زمين جا سنڌي وارث هيا. پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ هڪ ته لکين ايڪڙ زمينون وڃايون سين ٻيو ڌاري آبادي جي اچڻ سان سنڌين کي معاشي طرح سان ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ سماجي طورتي به مُشڪلاتن جو شڪار ٿياسين.
پاڻي جا مسئلا: سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جي زندگي آهي. سنڌ وصدين کان ڪيلاش پربت مان مانسرور ڍنڍ مان ٿيندي جبلن مان پنهنجو لنگهه ٺاهي تبت مان نڪرندي لداخ مان پنهنجو لنگهه ٺاهنيدي سنڌ ڏانهن سفر ڪندي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌو درياهه جي ڊيگهه تقريبن 1800 ميل آهي. سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي معاملا طئي ڪرڻ لاءِ 1945 ۾ راءِ ڪميشن جوڙي وئي ان تحت سنڌ پنجاب معاعدو ڪيو ويو.
سنڌ پنجاب معاهدي تحت سکر بئراج وٽ گهٽ ۾ گهٽ 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي موجودگي کانپوءِ پنجاب پاڻي کڻدو پر اُن تي اڄ تائين عمل نه ٿيو 1945ع جي معاهدي تحت پنجاب سنڌو درياهه تي ڪوبه منصوبو پاڻ لاءِ نٿو ٺاهي سگهي جيسين سنڌ اُن جي منظوري نه ڏئي. اُن معاهدي تحت سنڌو درياهه تي سنڌ جو 75 سيڪڙو حق هوندو ۽ 25 سيڪڙو پنجاب جو حق هندو. جڏهن ته پنجاب جي درياهن تي سنڌ جو 25 سيڪڙو ۽ پنجاب جو 75 سيڪڙو حصو هوندو. پنجاب سرڪار سنڌ کان پڇڻ بنا پنهنجا ٽي درياهه وڪرو ڪيا 1961 ڌاري کين 8.1 ڪروڙ ڊالر مليا.
پنجاب راوي ستلج ۽ بياس هندستان کي وڪرو ڪيا ۽ پوءِ سڄو يار سنڌو درياهه تي ٿيو. پنجاب معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌو تي ٻه بئراج قائم ڪيا. (1) چشما جهلم لنڪ ڪئنال (2) تونسا چنجنري لنڪ ڪئنال اهڙي ريت سنڌ کان لکين ايڪڙ فوٽ پاڻي کسيو ويو.
هڪ ڀيرو ٻيهو 1972 ۾ ڪامن انٽريسٽ ڪميشن پاران هڪ عارضي معاهدو ڪيو ويو جنهن تحت پنجاب 33 سيڪڙو ۽ سنڌ 67 سيڪڙو حصو قبول ڪيو ويو. ان معاهدي تحت هي طئي ڪيو ويو ته جهلم هڪ ڪئنال تيسين نه کوليو ويندو جيسين سنڌ جون مڙئي ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين پر ان تي اڄ سوڌو عمل ناهي ٿيو. ان کانپوءِ 1991ع جي معاهدي تحت سنڌ کي 48.76 سيڪڙو ڏنو ويو، ٿل ڪئنال جي ٺاهڻ جي رٿا به جاري آهي. سنڌ کي 1991 موجب مليل حصو به نٿو ملي. گهٽ ۾ گهٽ 10 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ڇڏڻو آهي پر اهو نٿو ڇڏيو وڃي پنجاب سرڪار جو موقف آهي.ته اهو پاڻي ضـايع ٿئي ٿو پر تازو سروي موجب سينيٽ ڪميٽي جي رپورٽ موجب 1.5 ملين ايڪڙ يعني 15 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. 80 ايڪڙ روزانو سمنڊ زمين کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ٿو. تقريبن 250 اسڪوائر ڪلوميٽر ٻيٽ ڊيلٽا تباهه ٿي وئي آهي لکين سنڌي ماڻهو زمين جي تباهي جي ڪري بي روزگار ٿيا آهن. مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن. سنڌو درياهه ۾ ٻوڏن نه اچڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين غير آباد رهي ٿي. لکين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وئي آهي. سنڌ ۾ زير زمين پاڻي جو 80 سيڪڙو کارو ۽ زهريلو ٿي ويو اهي جنهن ڪري پيئڻ سان ڪيئي بيمارين جنم ورتو آهي اهڙي ريت پنجاب هوڏ ڪري سنڌو جو پاڻي چوري ڪري سنڌ کي معاشي طور ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي. اڃان زور ڏنو پيو وڃي ته ڪالاباغ ڊئم ٺهڻ گهرجي. جي ائين ٿيو ته سنڌ جي زراعت سان سلهاڙيل آهي. سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته پنجاب جتي ٻين طريقن سان سنڌ کي غلام بنائي ويٺو آهي اُتي پاڻي جي چوري به ان ڪري عمل جو حصو آهي.
نوڪرين، زمينن، پاڻي تي قبضا گيري کانپوءِ اين ايف سي ايوارڊ ۾ به سنڌ سان نا انصافي ٿيندي رهي آهي. سنڌ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ وطن آهي پر کيس صرف 130 ارب رپيا ملي رهيا آهن. سنڌ 67.35 سيڪڙو ڏئي ٿي کيس کي پالوليشن جي بنياد تي 25 سيڪڙو واپس ملي ٿو باقي وفاق ۽ پنجاب جي نالي ۾ ڦريو وڃي ٿو. سنڌ جو اهو مطالبو رهيو آهي ته وفاق کي صرف 20 سيڪڙو ڏنو وڃي باقي 80 سيڪڙو مان جيڪو به صوبو جيتري آمدني ڏئي ٿو اُها کيس واپس ڪئي وڃي. پر 62 سالن جي تاريخ ۾ ائين ناهي ٿيو. پاپوليشن کي بنياد بنائي ورهاست ڪئي وڃي ٿي. سنڌ وسيلن ۾ مالامال آهي گئس، تيل ۽ ڪوئلي جا سڀ کان وڌيڪ ذخيرا سنڌ وٽ آهن انهن جي مالڪي به سنڌ کي نه ملي رهي آهي صرف 12 سيڪڙو رائلٽي يعني خيرات ڏني وڃي ٿي. مطلب ته پاڪستان جي ٺهڻ سان سنڌ جي ڦرلٽ جاري آهي ۽ هر سبجيڪٽ ۾ لٽيو پيو وڃي. اڄ سنڌ جي قومي تحريڪ وسيلن جي مالڪي، ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌي ٻولي قومي ٻولي لاءِ تحريڪ هلائي رهي آهي. ڪالاباغ ڊئم روزگار لاءِ ۽ ٿل ڪئنال لاءِ ۾ تاريخي جدوجهدون ٿي گذريون ڪاميابيون ۽ ناڪاميون ٻئي حصي ۾ آهن. پر سوال هي ٿو پئدا ٿئي ته ڇا پاڪستان ٺهڻ سان جيڪي ناانصافيون ٿيون آهن انهن کي وساري ويهون غيرقانوني طرح سان نوڪرين ٿي قبضو، زمينون ڦٻايون ويون، پاڻي تي ڌاڙو، وسلين جي ڦرلُٽ کي پٽي پويان ورائي ڇڏيون. ان ڪري تمام ضروري آهي ته سنڌ سان تاريخ ۾ جيڪي به زيادتيون ٿيون آهن انهن جو حساب ڪتاب وٺڻ گهرجي، سنڌ ۾ ۽ وفاق ۾ جمهوريت جا دعويدار ويٺا آهن انهن کان مطالبو ڪريون ته سنڌ سان ٿيل ڏاڍاين جو ازالو ڪيو وڃي. مطالبو ڪرڻ گهرجي ته:
(1) پاڪستان ٺهڻ سان غير قانوني طورتي سنڌ ۾ آيل ڌارين کي فوري طور ڏيهه نيڪالي ڏني وڃي.
(2) پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بئراجن کان اڳ ۽ پوءِ زمينن جي غير قانوني ورهاست دوران لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين پنجابي، پٺاڻ ۽ پناهگيرن کان واپس ورتي وڃي.
(3) پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مرڪز ۽ سنڌ غير سنڌين کي ڏنل غيرقانوني طريقي سان سموريون نوڪريون ختم ڪيون وڃن.
(4) 1945ع پاڻي معاهدي تي عمل ڪندي سنڌو درياهه تي ڪو بند نه ٻڌو وڃي. چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال فورن بند ڪيا وڃن. ۽ ٿل ڪئنال جو ڪم فوري طور تي روڪيو وڃي.
سنڌ جي قومي تحريڪ کي اڌ صدي کان وڌيڪ سنڌين سان ٿيل ڏاڍاين جو حساب چُڪائڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته سنڌ آزاد ۽ خودمختيار هئي سندس سمورن معاملن ۽ وسيلن جو ڪُلي اختيار سنڌو وطن کي هجڻ گهرجي.
سنڌ جي قومي تحريڪ کي سنڌ جو کسيل سڀ ڪجهه واپس وٺڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.

سنڌين جو مستقبل ڇا ٿيندو؟

ڪراچي جي شهري حڪومت K.S.D.P ڪراچي اسٽريٽجڪ ڊولپمينٽ پلان 2020 جوڙيو آهي. جنهن مطابق ڪراچي جي ماڻهن کي هر قسم جي بنيادي سهولتن ڏيڻ جون رٿائون جوڙيون پيون وڃن. شهري حڪومت مطابق ايندڙ 12 سالن ۾ هڪ ته ڪراچي جي آبادي وڌي ويندي ۽ ٻيو ته ان وڌندڙ آبادي جي بنيادن کي نظر ۾ رکندي ترقي ڪرڻي آهي ته جيئن اچڻ وارين حالتن کي منهن ڏئي سگهجي. سٽي حڪومت پاران جيڪي رٿائون جوڙيون ويون آهن، ڇا انهن مان ڪراچي ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻي فائدو حاصل ڪري سگهندا. يا اُلٽو اُهي پنهنجن سمورن وسيلن کان محروم ٿي ويٺل اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ بنيادي سهولتن جي نالي ۾ پنهنجي قومي حيثيت وڃائي ويهندا. ان پس منظر ۾ اسين چٽائي سان شيون سامهون رکنداسين ته جيئن غور فڪر ڪري ڪراچي ۾ رهندڙ سمورن سنڌين ۽ سڄي سنڌ جي مستقبل کي بچائي سگهون.
ميرن پنهنجي دور ۾ ڪراچي جي ڳڻپ ڪرائي هئي. هنري پوٽنجر واري 1809ع ۾ ڪرايل ڳڻپ مطابق ڪراچي جي آبادي 5600 هئي. اُن کانپوءِ ٻي ڳڻپ 1813ع ۾ ٿي ۽ اُن وقت گهر شماري پڻ ڪئي وئي، اُن مطابق آبادي 13000 هئي ۽ 250 گهر هُئا. انهن ڏينهن ۾ شهر کان ٻاهر ٻهراڙيون الڳ هيون ۽ انهن جي الڳ سڃاڻپ هئي. ڪئپٽن هارٽ موجب 1839ع ۾ ڪراچي جي آبادي 13850 هئي.
انگريزن جي قبضي وقت ڪراچي جي آبادي 14000 هئي. انگريزن 1856ع ۾ ڳڻپ ڪرائي، اُن مطابق 48421 هئي. جنهن ۾ ڪراچي ڪوٽ کان ٻاهرين علائقن کي به شامل ڪيو ويو هو، صرف انگريزن جي قبضي دوران ڪراچي شهر جيڪو صرف 33 ايڪڙ تي مشتمل هو سو 1861ع ۾ 14 ملين تي ڦهلجي ويو. ان دوران ايران جا بلوچ مزدوري لاءِ ڪراچي ڏانهن آيا جيڪي لياري ۾ اچي آباد ٿيا. 1872ع ۾ شهر جي آبادي 56753 هئي. 1881ع ۾ ڪراچي جي آبادي 73560 هئي ڏهن سالن کانپوءِ 1891ع ۾ ڪراچي جي آبادي جي ڳڻپ موجب 736297 هئي. 1920ع ۾ ڪراچي جي آبادي 244192 هئي. 1941ع موجب 386655 آبادي هئي. 1931ع کان 41ع تائين ڪراچي جي آباديءَ ۾ 44.9 سيڪڙو واڌ ٿي.
ورهاڱي وقت ڪراچي جي آبادي 436887 هئي. شهر جي پکيڙ 233 چورس ڪلوميٽر هئي. اردو ۽ هندي ڳالهائڻ وارن جو تناسب 6.3 هو. ورهاڱي کانپوءِ 1951ع ڌاري ڪراچي جي ڪُل آبادي 1086590 هئي. ياد رهي ته ورهاڱي وقت ڪراچي جي اڌ آبادي ٻه لک جي لڳ ڀڳ سنڌي هندو لڏپلاڻ ڪري هندستان هليا ويا. هندستاني پناهگيرن جي ڪٽڪن جي ڪري ڪراچي جي آبادي ۾ زبردست واڌا ٿي 1959ع ۾ هي شهر 3000 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙجي وئي.
1957ع ۾ ڪراچي ڊولپمنٽ اٿارٽي قائم ڪئي. جنهن ترقي جي نالي ۾ ڪراچي جي اصلوڪن ماڻهن جي ڳوٺن جي تباهي ڪري ڇڏي، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هن اداري جي ‎ٺهڻ سان ئي غير قانوني آيل پناهگيرن کي منظم طريقي سان آباد ڪيو ۽ انهن کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون.
1972ع ۾ ڪراچي جي آبادي ۾ 15 لکن جو واڌارو ٿيو. هن واڌاري جو ڪارڻ بنگلاديش مان بهارين جي وڏي تعداد ۾ اچڻ، جنهن ڪري ايشيا جي سڀ کان وڏي غير قانوني ڪچي آبادي به هتي ٺهي. ٻيو سبب ون يونٽ دوران پنجاب ۽ سرحد مان به لڏپلاڻ ٿي.
1951ع ۽ 1972ع دوران ڪراچي جي واڌ ۾ 217% واڌارو ٿيو.
1998ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي جي آبادي 9802134 ٿي وئي. سيپٽمبر 2004ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم هڪ قرارداد ذريعي سمورن غيرقانوني طور آيل پناهگيرن کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ لاءِ بل پاس ڪيو، جنهن جي ايم ايم اي ۽ ق ليگ جي سنڌي ميمبرن پڻ حمايت ڪئي، نتيجي طور لکين غيرقانوني ڌاريا شناختي ڪارڊ ملڻ سان ڪراچيءَ جا بنيادي شهري ٿي ويا، ان ۾ بهاري، بنگالي، انڊيا مان آيل پناهگير ۽ افغانين وڏي انگ ۾ فائدو حاصل ڪيو ۽ ڪراچي جي شهريت جا حق حاصل ڪرڻ کانسواءِ روزگار جي وسيلن کان وٺي سياسي، سماجي معاملن تي به حاوي ٿي ويا ۽ سنڌي جيڪي ورهاڱي تائين مڪمل اڪثريت رکندڙ هئا. سي ڌارين جي لوڌن ڪري اقليت ۾ تبديل ٿي ويا. (ياد رهي ته کوکراپار مونابائو ٽرين جي اڪثر قومپرستن حمايت ڪئي هئي سواءِ ڊاڪٽر قادر مگسي ترقي پسند پارٽي جي) 2006ع دوران انڊيا مان آيل ان ٽرين ذريعي اڪثر هندستاني ڪراچيءَ ۾ ترسي پيا. اها سرڪاري پڌرائي هئي. صرف 59 سالن ۾ سنڌي ماڻهن جي مرضي ۽ منشا خلاف رٿابندي ۽ ڏاڍ مُڙسي سان ڪراچي جي آبادي ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو اضافو ٿيو آهي. امن جو شهر جنهن جا رستا، روزانو پاڻي سان ڌوپيا هجن اتي انهن غيرقانوني ماڻهن جي اچڻ سان گهٽي گهٽي مقتل گاهه بڻيل آهي. هر ماڻهو هر گهر هيسيل، دٻيل رهي ٿو، روڊ ۽ رستا اڄ به ڌوپجن ٿا پر بيگناهه انسانن جي رت سان.
جنرل مُشرف جي اقتدار ۾ اچڻ ڪري بلدياتي نظام ۾ تبديلي آندي وئي، ان نئين نظام مطابق هيٺين سطح تي اختيار ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، جنهن مطابق ناظم سسٽم متعارف ڪرائي وڏين آبادين کي ورهائي ماڻهن کي گهرجي دروازي تائين انصاف پهچائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. سڄي سنڌ ۾ ته ضلعا ٽوڙي تعلقا وغيره ٺاهيا ويا، پر ڏيڍ ڪروڙ جي شهر ڪراچي کي سٽي حڪومت نالي ۾ ٺاهيو ويو، جنهن ڪراچي جي پکيڙ وڏي هئڻ ڪري پري ماڻهن تائين رسائي نه هئڻ ڪري حصن ۾ ورهائڻ بجاءِ اُن کي سٽي حڪومت ۾ تبديل ڪيو ويو. مُشرف پنهنجي اتحادي تنظيم کي تحفي ۾ سڄو شهر حوالي ڪري ڇڏيو. پنجن ضلعن ۾ ورهايل ڪراچي کي هڪ ڪيو ويو. ان جا جيڪي منفي نتيجا سامهون آيا، اَن تي اڳتي هلي بحث ڪريون ٿا ته سٽي حڪومت جي نالي ۾ ڪراچي جي ترقي جي نالي ۾ سنڌي ماڻهن جي مرضي ۽ مَنشا کانسواءِ انهن جي زمينن، ڳوٺن ۽ وسيلن تي ڪيئن راتاها لڳا آهن.
هاڻ اچون ٿا ڪراچي جي اسٽريٽجڪ پلان تي هنن جي چوڻ موجب 2005ع تائين جي آدمشماري 15.1 ملين آهي، يعني ڏيڍ ڪروڙ کان به ڪجهه سُرس جيڪا 2020ع تائين 27.55 ملين ٿي ويندو يعني ٻه ڪروڙ 75 لک جي لڳ ڀڳ مطلب ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ سوا ڪروڙ جو اضافو ٿيندو ۽ اُهي ماڻهو ڪٿان ايندا اهو طئي آهي ته هندستان، افغانستان، بنگلاديش، مطلب ته سڄي سائوٿ ايشيا مان لڏپلاڻ ڪري ڪراچي ايندا ۽ اهو انگ وڌي به سگهي ٿو، ورهاڱي کان وٺي ڌارين جي اچڻ جو سلسلو هڪ لمحي لاءِ به بند ناهي ٿيو، نتيجي طور جڏهن ڏيڍ ڪروڙ جي آبادي ۾ صرف 18 ٽائونن ۾ ٽن ٽائونن جا ناظم مقامي ماڻهو آهن ته پوءِ جڏهن سوا ڪروڙ جو اضافو ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿيندو، اهو طئي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ آئينده هڪ به مقامي ماڻهو نه ناظم ٿي سگهندو ۽ نه وري ايم پي اي يا ايم اين اي ۽ نتيجي طور هتان جا نج مقامي ادارن جا ڪرتا ڌرتا اُهي ٻاهران ايندڙ ڌاريا ئي بڻجي ويندا، جيڪي فاتحن وانگر فيصلا مڙهي سگهندا.
ڪراچي سٽي سرڪار جو چوڻ آهي ته جمشيد ٽائون، لياقت آباد ٽائون ۾ ماڻهن جي اڪثريت رهي ٿي، اُتي گنجان آبادي آهي، جنهن ڪري انهن کي به اُتان ٻئي هنڌ شفٽ ڪيو ويندو. جن لاءِ 2 ملين يعني 20 لک گهر به ٺاهيا ويندا. جيڪي سستي اگهه تي غريبن کي ڏنا ويندا، ان کان علاوه شهر جي ڪاروباري حلقن جي شڪايتن سمورن هول سيلرن کي شهر مان ٻاهر شفت ڪيو ويندو.
ڪراچي جي آبادي جي واڌ جي ڪري ڪراچي جي پکيڙ ۾ به اضافو ڪيو ويندو ۽ ان لاءِ ڪراچي جي پسگردائي ۾ مقامي ماڻهن جي سروي زمينن تي غيرقانوني قبضو ڪيو پيو وڃي. ڳوٺاڻن کي ايم ڊي اي ذريعي هيسائي دٻائي زمينون خالي ڪرايون پيون وڃن ته جيئن 2020 ويزن لاءِ ڌارين جي آبادي کي محفوظ ڪرڻ ۽ ڪراچي جي پسگردائي ۾ سنڌين جي افرادي قوت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ غيرقانوني طور آيل سمورن پناهگيرن کي ڪنهن مخصوص جڳهه تي رهائي ووٽ جي طاقت ۽ اڪثريتي تناسب سان سنڌين کي ڪراچي ۾ هميشه لاءِ اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي.
ان لاءِ رهائشي اسڪيمن لاءِ بن قاسم ٽائون، گڏاپ ٽائون، ڪياماڙي ٽائون ۽ ڪورنگي ٽائون جي آبادي ۾ اضافو ٿيندو، انهن چئني ٽائونن ۾ سنڌي اڪثريت ۾ رهن ٿا، انهن جي اڪثريت ٽوڙڻ لاءِ اسڪيمون جوڙيون پيون وڃن. مثال طور (1) بن قاسم ٽائون جي موجوده آبادي 480854 آهي، جيڪي ڏهن سالن ۾ وڌي 2153553 ٿي ويندي. اها تقريبا 348% سو سيڪڙو واڌ هوندي. (2) گڏاپ 439674 مان وڌي 77718 ٿي ويندي. يعني 600% واڌارو. (3) ڪياماڙي 583640 جيڪا 1923912 ٿي ويندي، 230% جي واڌ سان. (4) ڪورنگي 829813 مان وڌي 1825489 ٿي ويندي. يعني 120% واڌ سان. مطلب ته صرف سنڌين جي اڪثريتي علائقن ۾ 6646791 ماڻهن جو اضافو ٿيندو. جيڪا 100% ڌارين جي آبادي هوندي. ان وڌندڙ آبادي جو دٻاءُ صرف سنڌي Area Based ڏانهن آهي، مختلف اسڪيمون جوڙي ان ۾ ماڻهن کي آباد ڪيو ويندو.
(1) تائيسر ٽائون (2) هلڪاڻي اسڪيم، (3) هاڪس بي اسڪيم، (4) اسڪيم 33، (5) ايم ڊي اي اسڪيم گهگهر ڦاٽڪ، (6) شاهه لطيف ٽائون، (7) اسڪيم 42، (8) اسڪيم 25-A، (9) اسڪيم 43، (10) اسڪيم 45.
مٿين اسڪيمن ذريعي سموري غيرقانوني آبادي کي رهايو ويندو، اُن لاءِ مٿين اسڪيمن جي ڪجهه علائقن ۾ شاندار انفرا اسٽرڪچر جوڙيو ويو آهي، انهن اسڪيمن لاءِ تقريبا هڪ لک ايڪڙ زمين جي والار ڪئي پئي وڃي. ان کان سواءِ گڏاپ ٽائون ۾ 7000 ايڪڙن تي مشتمل ٻه نوان ايئرپورٽ ٺاهيا پيا وڃن. انهي کان علاوه 9000 ايڪڙ زمين ڪراچي جي ڪاروباري ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ هول سيل مارڪيٽ کي ٻاهر ڪڍڻ جي رٿابندي ٿي آهي. 9000 هزار ايڪڙ زمين ٽرانسپورٽ اڏن، ڪارخانا، ڪٻاڙخانه، سلاٽر هائوس، سمال انڊسٽري، فنانس ادارا وغيره لاءِ ڦٻائڻ جي رٿا آهي.
ايجوڪيشن سٽي جي نالي ۾ 9000 ايڪڙ زمين ديهه چوهڙ ۾ پلان ڪئي وئي آهي، جيڪا پرائيويٽ ادارن ۽ سرڪار جي گڏيل سهڪار سان جوڙي ويندي. ياد رهي ته ڪراچي جي سمورن پروفيشنل ڪاليجن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي بندش مڙهيل اهي ۽ انهن کي صلاح ٿي ڏني وڃي ته اوهين پنهنجن علائقن ۾ داخلا وٺو. ان ڪري اها ڳالهه بلڪل چٽي آهي، ايجوڪيشن سٽي صرف ڌاري آبادي لاءِ جوڙي پئي وڃي. تقريبا 29800 ايڪڙ زمين ڪراچي شهر مان هول سيل مارڪيٽون شفٽ ڪرڻ ۽ شهرين لاءِ وڌيڪ قبرستان جوڙڻ لاءِ حاصل ڪئي پئي وڃي. ان زمين جو اڪثر حصو گڏاپ ٽائون، بن قاسم، ڪياماڙي ٽائون، ڪورنگي ٽائون ۽ لانڍي ٽائون جي 48 ديهن ۾ آهي، سڄي ساري زمين سنڌي ماڻهن جي مالڪاڻي زمين آهي. ان کان علاوه ديهه کديجي ۾ 9000 ايڪڙ زمين ڊفينس هائوسنگ اسڪيم کي سستي اگهه تي ڏني وئي آهي. سٽي ڊسٽرڪٽ حڪومت ڪراچي اهو طئي ڪيو آهي ته هر سال هڪ لک گهر ٺاهي بي پهچ ماڻهن کي ڏنا ويندا. جنهن مطابق 75% غريب ۽ وچولي طبقي کي فراهم ڪبا، جڏهن ته 25% سيڪڙو خوشحال ماڻهن کي وڏي رقم تي ڪمرشل پلاٽ ڏنا ويندا.
جيئن ته پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته 1957ع ۾ KDA جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌين جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا. سنڌين جا ڳوٺ ڊاهي ۽ اُن جي برعڪس ڌارين جون آباديون ٺهيون، انهن کي پڪو ڪيو ويو، کين سموريون بنيادي سهولتون فراهم ٿيون.
اهڙي ريت پ پ جي دور ۾ ايم ڊي اي ٺهي ته جيئن ضلعي ملير کي ترقي ڏياري سگهجي، سنڌي ڳوٺن کي ليز ڪري بنيادي سهولتون فراهم ڪجن پر مُشرف سرڪار ملير ضلعي کي ختم ڪيو، ڇاڪاڻ جو اهو سندن مفادن وٽان نه هو. جتي سڄي نمائندگي سنڌي ماڻهن جي هئي، پر ايم ڊي اي جهڙي راڪاس کي پاليو ويو، ڇاڪاڻ جو هي ادارو سندن فائدن ۾ هو ڪي ڊي اي وانگر ايم ڊي اي هڪ به سنڌي ڳوٺ پڪو نه ڪيو، ڪابه بنيادي سهولت نه ڏني وئي، اُلٽو طاقت جو استعمال ڪندي ڪيئي ڳوٺ ڊاٿا ويا. ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي هيسائي ڪوڙا ڪيس ڪري زمينن تان اٿڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان هڪ غير سنڌي آفيسر ايم ڊي جو ايم ڊي آهي.
ڪراچي اسٽريٽجڪ پلان موجب کين 2020ع تائين ڪراچي جي ڄاڻايل زمين اڻپوري هوندي. اُن ڪري کين لسٻيلو، ٺٽو ۽ ڄامشورو ضلعن مان به ڪجهه ديهون گهرجن ٿيون.
هنن جو هي به خيال آهي ته نيشنل هاءِ وي، سپرهاءِ وي ۽ آر سي ڊي هاءِ وي تي منظم فورسز قائم ڪيا ويندا ته جيئن شهر مان آبادي جي منتقلي، ڪاروباري سرگرمين لاءِ امن امان بحال رکي سگهجي. جيڪو هنن اڳ ئي ڪميونٽي پوليس جي نالي ۾ پنهنجن سمورن ويڙهاڪ ڪارڪنن کي ڀرتي ڪري ان کي قانوني بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ان ۾ واڌارو ڪيو پيو وڃي، جيڪو اڳتي هلي کين مددگار ثابت ٿيندو. ياد رهي ته تازو آيل ڌاريا پڻ ان فورس ۾ شامل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪميونٽي پوليس ۾ هڪ به سنڌي ماڻهو نه آهي.
اچو ته هاڻي مٿي ذڪر ڪيل سٽي حڪومت جي ويزن 2020 ع تحت ٿيندڙ رٿابنديءَ جو جائزو وٺون ته ان رٿا ۾ سنڌين کي ڇا ملڻو آهي؟
تسنيم صديقي اڳوڻي بيورو ڪريٽ سائبان نالي هڪ تنظيم جوڙي آهي، جيڪا غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏيندي، ان جو ڪراچي ۾ پهريون ڪارنامون هي آهي ته انهن گڏاپ ٽائون ۾ خدا ڪي بستي ٺاهي آهي، اوهان کي حيرت ٿيندي ته اُتي هڪ به بي پهچ ذلتن جو ماريل غريب سنڌي هن کي نظر نه آيو، سمورا گهر بنگالين، بهارين ۽ هندستانين حوالي ڪيا ويا. انهن کي سموريون بنيادي سهولتون مُيسر آهن. انهيءَ تسنيم صديقي جي سازشن تحت ئي سٽي هڪومت، في الحال ”سڌي راند سونٽي“ جي بجاءِ وڏي عقلمندي ۽ ڏاهپ سان وڏو پلان جوڙي لکين غيرقانوني پناهگيرن کي ڪراچي جي وسيع تر علائقي ۾ قابض ڪري سنڌين کي مڪمل يرغمال ۽ غلام بڻائي پنهنجي مرضي ۽ مَنشا سان جڏهن چاهين ڪراچي کي الڳ وطن جو نالو ڏئي ڇڏين. تسنيم صديقي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سٽي حڪومت جي سمورن ڊيولپمينٽ ڪميٽين جو ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪميٽين جو باضابطه ميمبر آهي.
تائيسر ٽائون جي جڏهن ڪمپيوٽر قرعه اندازي ٿي ته ڪمپيوٽر سنڌين کي سُڃاڻڻ کان جواب ڏنو ۽ 98% سيڪڙو ڌارين جا پُکا نڪتا ۽ هو پلاٽن جا مالڪ بڻيا ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪي ماڻهو سنڌ اسيمبلي مان ڌارين کي قانوني بڻائڻ لاءِ بل پاس ڪرائين جيڪي ماڻهو شهر جي تعليمي ادرن ۾ سنڌي شاگردن لاءِ دروازا بند ڪندا هجن، جن ماڻهن لاءِ ڪراچي جي ڪارخانن ۾ جيڪي به سندن ابن ڏاڏن جي زمينن تي ٺهيا نوڪرين جا دروازا بند هجن. جن ماڻهن جي تاريخي ورثن مورڙئي جي ماڳ ۽ چوڪنڊي قبرستان کي ميساري ڇڏين سي ڪراچي ويزن ۾ سنڌين لاءِ ڪهڙيون بهارون کڻي ايندا. ڪراچي جا ڌرتي ڌڻي صرف 60 سالن ۾ پنهنجي حق حاڪميت وڃائي ويٺا آهن.
لياري ايڪسپريس وي متاثرين جي حقيقي ماڻهن کي ڪوبه پلاٽ نه مليو اهي ۽ اُهي ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، جڏهن ته لياري ندي ۾ غيرقانوني ويٺل ڌارين کي پلاننگ ذريعي ديهه نانگڻ گڏاپ ٽائون ۾ 75 هزار گهر لياري ايڪسپريس متاثرين سٽي نالي اسڪيم ۾ ٺاهي ڏنا ويا آهن، انهن کي بجلي، گئس، پاڻي، اسڪول ۽ ڪاليج سميت سموريون سهولتون ملي رهيون آهن.
سٽي حڪومت جي ايجوڪيشن پاليسي:
سٽي حڪومت جي نئين پلان موجب ايجوڪيشن سٽي جوڙي پئي وڃي، جنهن ۾ پرائيويٽ ۽ سرڪاري ادارن جي ماتحت تعليمي ادارا جوڙيا ويندا ته جيئن تعليم جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.
پاڪستان کان پهرين ڪراچي جي سمورن تعليمي ادارن ۾ سنڌي تعليم پڙهائي ويندي هئي. سٽي حڪومت سمورن سرڪاري ادارن مان سنڌي تعليم ختم ڪري ڇڏي، شهر جي اندر سنڌي تعليمي ادارا ختم ڪري ڇڏيا، پرائيويٽ ادارن ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو نانءُ نشان ناهي. ڊائو ميڊيڪل ڪاليج سميت وڏن پروفيشنل ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي انٽري تي بندش وڌي وئي آهي. سمورا وڏا ادارا، يونيورسٽيون گورنر جي ماتحت آهن، جتي جمهوري سرڪار جي وڏي وزير جي هڪ به نه ٿي هلي.
هڪ طرف شاندار ايجوڪيشن سٽي ٺاهڻ جا سانبا ها ته ٻئي طرف سنڌي ماڻهن جا ٺهيل تعليمي ادارن مان کين نيڪالي اها ثابت ٿي ڪري ته هي نيون تعليمي سهولتون صرف ڊرامو آهن. زمين جي والار لاءِ ڪاروباري مقصدن ۽ سنڌين جي اڪثريت کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو نئين ايجوڪيشن سٽي جيڪا 9000 ايڪڙن تي ٺهي رهي آهي، ڪو هڪ به سنڌي ٻار اتي پڙهي سگهي يا هڪ به ايڪڙ ڪنهن سنڌي ماڻهو کي اسڪول ٺاهڻ لاءِ ڏين.
ڪراچي جي ٻهراڙي ۾ جيڪي سنڌي اسڪول آهن، انهن کي ته پڪا ڪمرا به ناهن، ٻار ته جهوپڙين ۽ کليل آسمان هيٺ ويهي پڙهن ٿا. سٽي حڪومت جو اوڏانهن ڌيان ڇو نٿو وڃي.

سٽي حڪومت جي صحت پاليسي:
ڪراچي ۾ صحت جي سهولتن لاءِ وڏن ماڻهن لاءِ وڏيون اسپتالون ۽ پرائيويٽ اسپتالون موجود آهن، سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن، ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ ڌارين ڊاڪٽرن جي Business تعصب پرست ڊاڪٽرن ڪري غريب سنڌي ماڻهو صحت جي سهولتن کان محروم آهن. مريض اسپتالن جي درن تي، فوٽ پاٿن تي رڙيون ڪري مريو وڃن. پهچ نه هئڻ ڪري پرائيويٽ اسپتالون سندن وس ۾ ناهن. ڪراچي جي ٻهراڙي ۾ هڪ به 24 ڪلاڪ لاءِ کليل اسپتال ناهي، موئيدان، گهگهر جي ڳوٺن، بابا ڀٽ جا ماڻهو سهولتن کان محروم آهن ته پوءِ هزارين ايڪڙ زمين تي اسپتالون ٺاهي ڇا هي حڪومت سنڌين لاءِ صحت جون سهولتون فراهم ڪندي اِهو ناممڪن آهي.

سٽي حڪومت جي ترقي جو پلان:
سٽي حڪومت تعصب پرستي جي بنياد تي ڪراچي جي ترقي ڪري رهي آهي، 18 ٽائونن کي ظاهري طور تي هڪ جيتري بجيٽ ڏني پئي وڃي، پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو سنڌي Based area سمورين سهولتن کان محروم آهن، نه سٺا روڊ، نه سيوريج، نه پاڻي، نه بجلي، نه صحت، نه اسڪول، صرف 14 غير سنڌي علائقن ۾ ايڏي وڏي ترقي ڪيئن ممڪن بڻجي ٿي.
اصل ۾ 14 ٽائون ناظمن جيڪي ايم ڪيو ايم سان سلهاڙيل آهن، تن کي هڪ ته ورهاست واري بجيٽ ۽ ٻيو خصوصي پئڪيج جيڪا (اربن روپين جي آهي) مان به پنهنجن علائقن ۾ خرچ ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري انڊر پاس پليون، سٺا روڊ نظر اچن ٿا. اڄ به هاڪس بي ۽ لياري جا ماڻهو روڊن، رستن کان محروم آهن، پاڻي پئسن تي پيئن ٿا. اُن ڪري سنڌي علائقا هر ترقي ۽ خوشحالي کان محروم، جڏهن ته ڌارين جا علائقا شاندار ترقي ۽ خوشحالي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. اهڙي ترقي ڪهڙي ڪم جي جيڪا ڌرتي ڌڻين جي ڪم نه اچي.

ڪراچي اسٽريٽجڪ پلان جا سنڌين لاءِ نقصان
هن پلان سان ساحلي ڪپ تي واٽر فرنٽ سٽي نالي نئون شهر اڏڻ سان جيڪو 40000 چاليهه هزار ايڪڙن تي مشتمل هوندو، جيڪو دبئي جا بزنس مين عمار ڪمپني ۽ دبئي ورلڊ ٺاهينديون، اُن جي پورائي لاءِ 20000 ايڪڙ زمين سنڌ سرڪار کان ورتي پئي وڃي، جڏهن ته 20000 ايڪڙ زمين مقامي سنڌي ماڻهن کي اٿاري بي گهر ڪري قبضو حاصل ڪيو ويندو. نتيجي ۾ صدين کان آباد سنڌي ماڻهو مڇي جي روزي کان محروم ٿيندا، دربدر ٿيندا ۽ اُتي عاليشان ماڙين، بزنس سينٽر غيرسنڌين حوالي ٿيندا. سنڌين جا تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ ماڳ کسيا ويندا. اهڙي طرح سان گڏاپ، بن قاسم، ڪياماڙي ٽائون جي سنڌي ماڻهن جون هزارين ايڪڙ سروي، 30 سالا زمينون ضبط ٿينديون. ماڻهو لڏپلاڻ ڪندا. سندن زمين تي پوک ڪرڻ جو معاشي حق کسي کين بيروزگار ڪيو ويندو. گرين بيلٽ جي تباهي سان مالوند ماڻهو تباهي جو شڪار ٿيندا، اهڙي ريت هڪ اندازي موجب 10 سالن ۾ 10 لک سنڌي ماڻهن کي ڪراچي مان لڏائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو. ڪراچي صنعتي مرڪز هئڻ ڪري اهي سمورا فائدا غير سنڌين کي مُيسر ٿيندا.

ڇا هن پلان لاءِ مقامي ماڻهن سان صلاح مشورو ڪيو ويو؟
ڪراچي جيڪو نج سنڌين جو ماڳ آهي. جڏهن 1943ع ۾ انگريزن قبضو ڪيو ته هن شهر جي آبادي 436000 جي لڳ ڀڳ هئي ۽ هڪ به غير سنڌي نه هو، پر اڄ ٦٢ سالن ۾ سنڌين کي اِن حق کان به محروم ڪيو ويو آهي ته ڪو ڪراچي جي ترقي ۽ ٻين معاملن ۾ ساڻن ڪو صلاح مشورو ڪيو وڃي. سٽي ناظم هڪ گهڙي لاءِ به ضرورت محسوس ناهي ڪئي ته ڪو ڪنهن چونڊيل سنڌي ناظم سان يا ڪنهن مقامي سماجي شخصيت کان يا وري جن جي زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، جتي اسڪيمون جڙنديون ڪو انهن سان صلاح ڪبي، بس حڪمن ۽ داٻن جو استعمال ڪندي، اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. اوهان کي هي ٻڌي حيرت ٿيندي ته ڪراچي سٽي ناظم ڌاٻيجي يوسي حاصل ڪرڻ لاءِ ٺٽي جي ناظم کي لکت م آرڊر ٿو ڪري ته اها اسان جي حوالي ڪريو. کيس اهڙو ڪوبه اختيار ناهي، تاريخ ۾ قبضاگير، حملي آور اهڙي ڪرت ڪندا آهن، جيئن يهودي، فلسطين جي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اڄ به فلسطين غلام پنهنجي وطن ۾ يهودي حاڪم، اهڙي روش سنڌين جي نمائندن سان ڳالهائڻ بنا عمل سنڌ دشمني ۾ اچي ٿو.

ڪراچي اسٽريٽجڪ پلان لاءِ تجويزون
سٽي حڪومت جنهن جي خيال تي تفصيلي بحث ڪرڻ کان پوءِ اسين ان نتيجي تي پهتا آهيون ته اهو پلان مڪمل طرح سان سنڌين جي خلاف آهي، ان کي روڪڻ، ان جي مزاحمت ڪرڻ جي ضرورت آهي، ائين نه ڪرڻ سان ڪراچي سنڌي ماڻهن جي هٿان هر لحاظ سان نڪري ويندي ۽ جي ائين ٿيو ته پوءِ سنڌي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي بربادي کي ڪير به روڪي نه سگهندو.
ان ڪري ڪراچي جي ويزن 202٠ تحت ٿيندڙ غيرقانوني منصوبي کي سنڌي اسيمبلي ۾ بحث هيٺ آڻجي ۽ اڪثريتي راءِ سان مڪمل طرح رد ڪجي.
ان کان اڳ ڪياماڙي، گڏاپ، بن قاسم ۽ ڪورنگي جي 30 سالا ليز زمين کي 99 ۾ تبديل ڪري سنڌين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.
ڪراچي جي ٻهراڙي کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ گرين بيلٽ ڏيئي ان کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو وڃي.
سڄي دنيا ۾ وڏن شهرن بجاءِ ننڍا شهر جُڙي رهيا آهن، اُن ڪري ڪراچي کي وڌائڻ بجاءِ ان کي پنجن ضلعن ۾ تبديل ڪيو وڃي ته جيئن هر ماڻهو تائين آساني سان رسائي ٿي سگهي ۽ سمورن ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن. جڏهن ته پنهنجن ذاتي قبضاگيري وارن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو، جيڪو صرف 20 لک ماڻهن جي آبادي جو ضلعو آهي. جڏهن ته ڪراچي ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو شهر آهي. ان ڪري فوري طور Decentralisation پاليسي تي عمل ڪندي ڪراچي کي پنجن ضلعن ۾ ورهائي ڪراچي جي قديمي حيثيت بحال ڪئي وڃي.
سڄي دنيا مان آيل غيرقانوني پناهگيرن کي فوري طور تي ڏيهه نيڪالي ڏني وڃي، ڪنهن به ڌارئي جو شناختي ڪارڊ يا پاسپورٽ ٺاهڻ بند ڪيو وڃي.

سنڌي عوام کي گمراهه نه ڪريو

سياست علم ادب، فن ۽ سائنس آهي سياست عبادت آهي سماج ۾ اڻ برابري ڏاڍ ۽ جبر جو خاتمو صرف سياسي جاکوڙ جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيندو آهي، جيڪي قومون محڪم ۽ مظلوم هجن ٿيون جن جو عوام بک ۽ بدحالي جي چڪي ۾ پسجي ٿو انهن قومن جا اڳواڻ سياسي تحريڪن ذريعي تبديلي آڻين ٿا. عوام جا خواب ۽ اُميدون هجن ٿيون، جيڪي سائنسي طريقي سان جدوجهد ۽ حڪمت عملي ۽ آرٽ سان منزلون ماڻين ٿيون. فرد سمجهي وٺي ته هُن جي گهر ويهڻ سان هن جي ڪالمن لکڻ سان يا اڄ جي دور جي انتهائي طاقتورهٿيار اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي قومن کي سُجاڳ ڪري سگهي ٿو، انهن کي مُتحرڪ ڪري سگهي ٿو. ۽ هڪ ٻن واقعن ۾ لکين ماڻهن جي نڪري اچڻ سان ڪو نئون دَڳ سمجهي وٺي ٿو ته شايد سندس ڀُل آهي.
ڪافي عرصي کان علي قاضي صاحب مختلف ڪالمن ذريعي سنڌي سماج ۾ تبديلي لاءِ ووڪل ڪلاس جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي. هُن جي خيال ۾ صرف پڙهيل لکيل ماڻهو آواز اُٿاريندڙ فرد گڏ ٿيندا ته هو وڏو ڪو ڪارنامو ڪري سگهندا ۽ سماج کي تبديل به اهي ڪري سگهندا، يا ته هو ڄاڻي واڻي اهڙي ڳالهه ڪري تاريخ ۽ سياسي سائنس جي ابتڙ لائين ڏئي عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهي، يا کيس تاريخ جي سائنسي علم جي ۽ سياست جي تاريخ جي واقعي به ڪا ڄاڻ ڪانهي. ڇاڪاڻ جو هي طئي آهي ته سماج ۾ تبديلي انقلابي پارٽيون آئي سگهنديون آهن، باقي سمورا عام مروج طريقا هجن ٿا. سادا جمهوري طريقا يا اصلاح پسندن ذريعي معمولي رعايتون ڏيارڻ ان ڪري علي قاضي جي ووڪل ڪلاس وارو سبجيڪٽ سنڌي سماج ۾ رد ٿيو هاڻ هڪ ٻي ڪهاڻي شروع ٿي آهي جيڪا به انتهائي چالاڪيءَ سان سنڌي سماج تي ڪئي پئي وڃي انجو پَسَ منظر سادو ناهي ان تي ڳوڙهي اڀياس جي ضرورت آهي جو هن لکڻ پڙهڻ جي آزادي آهي ته تنقيد ۽ خود تنقيد جو جائزو وٺڻ ضروري آهي ته سنڌي قوم کي اسين ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا اکيون ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش گروپ طرفان 6 ڊسمبر 2009ع تي ڪلچر ڏينهن ملهائڻ ۽ پوءِ 24 جنوري تي سنڌو درياهه ڏهاڙو ملهائڻ چڱي ڳالهه پر لکين ماڻهن جو مُتحرڪ ٿيڻ ڪنهنجو ڪارنامو هو. سنڌو جو پاڻي ۽ ٽوپي سنڌ جو مان ۽ شان آهن سنڌي عوام انهن تي انتهائي جذباتي هجي ٿو. ٻنهي ڏهاڙن جي سڏ تي سنڌ جون اڪثر قومپرست ۽ جمهوريت پسند سياسي ڌُريون، ساڃاهه وند ماڻهو ٻاهر نڪري، آيو جن جهومريون لڳايون، ناچ ڪيا. خوشيون ملهايون ۽ بنهي موقعن تي موجوده سرڪار کي فائدو پهچايو ويو. ڇاڪاڻ جو هڪ مرحلي تي پ پ سرڪار خلاف وٺ پڪڙ ۾ اضافو ٿيو ته کيس ڪلچر ڊي نالي ۾ مخالفن کي ٻه قدم پوئتي هٽڻو پيو ٻئي ڀيري جيڪا پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ٿل ڪئنال لاءِ بجيٽ رکي وٺي هجي، سندس وزير سنڌو تي ڊئم اڏڻ جا سانبا ها ڪري رهيا هجن، سنڌي عوام پاڻي لاءِ واجهائي رهيو هجي، ٻن سالن جي عرصي دوران پاڻ مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ سنڌ ڏهاڙي تي جهومريون هڻندا هجن ڄڻ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويو ياد رهي ته سنڌو جي دفاع ۽ پاڻي جو جائز حق وٺڻ لاءِ ان کان اڳ ۾ سنڌي عوام زبردست تحريڪون هلائي چڪو آهي. هر قسم جي ڏاڍ کي منهن ڏنو آهي. ڪالاباغ ڊيم خلاف واهڻ واهڻ وستي وستي تحريڪ هلي پاڻي ۽ سنڌو سان محبت جو اظهار پُرامن حالتن ۾ نه پر ڏکين حالتن ۾ جانچبو آهي. جڏهن جنرل مُشرف سنڌ ۾ ڊئمن جي حق ۾ سرگرميون ڪيون ته کيس سنڌ مان موٽ نه ملي پر افسوس جو ڪي ٽي اين ميزبان ٿي جنرل مُشرف جو موقف سنڌ جي عوام تائين پهچايو. تڏهن سنڌو ڏهاڙو ڇو نه ياد آيو.ياد رهي ته مُشرف جي دوست جي سنڌي اخبار خبرون ۾ ڊئم جي حق ۾ اشتهار ڇاپڻ تي 60 سنڌي باضمير صحافي نوڪري ڇڏي ڏني هئي. ان ڪري تاريخ کي صحيح ٿيڻ گهجي.
علي قاضي صاحب جو تازو ڊيلي ڪاوش ۾ ڪالم ڇپيو آهي هن اُن ۾ اظهار ڪيو آهي ته سنڌ کي پيار ڀريل سياسي ڪلچر گهرجي. هن جي خيال ۾ 15 سالن کان سندس ڪالمن ذريعي مشبت سوچ جو ادراڪ جو نتيجو 6 ڊسمبر ۽ 24 جنوري تي لکين ماڻهن جو نڪري اچڻ سان ٿيو آهي.
سائين جن کي ياد ڏيارڻ تمام ضروري آهي ته جيئن هو خيالن جي دنيا مان نڪري اچي. سنڌ جي غلامي خلاف هوريان ڏاڍيان سنڌ جو عوام جدوجهد ڪندو رهيو آهي. پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ ون يونٽ جي خلاف ساڃاهه وند ماڻهن جي اڻ ٿڪ جدوجهد، جنرل ضياء الحق جي بدترين مارشلا جي خلاف عوام جي تاريخي جدوجهد ۽ خاص ڪري سنڌي عوام جي بي مثال شاندار جدوجهد جيڪا ڏکي گهڙي ۾ لکين ماڻهن جو روڊن رستن تي مارچ ڪرڻ، گرفتار ٿيڻ، ڪوڙا کائڻ، پنهنجون حياتيون وڃائڻ، رو پوش ٿيڻ، ڦاسي جي ڦندي کي چُمي ڦاهي تي چڙهي وڃڻ اذيتن گهرن ۾ اذيتون سهڻ کانپوءِ وري واپس ٿي ساڳي ڪرت ڪرڻ، سياسي جدوجهد ڪرڻ مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ سان ناتو جوڙڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو. ڇا اهو سڀ ڪجهه ان دوست جي ڪالمن جي نتيجي ۾ ٿيو آهي. جيڪو صلاح ٿو ڏئي ته سنڌ کي دٻدٻي نه پر پيار جي ضرورت آهي، ۽ چوي ٿو ته هر ڪو نڪري اچي ۽ سنڌ کي پيار ڏئي ته لکين ماڻهو سندس پويان هلندا. تاريخ کي دُرست ڪرڻ گهرجي. 6 ڊسمبر ۽ 24 جنوري تي جيڪڏهن سنڌ جون قومپرست پارٽيون، جمهوريت پسند پارٽيون ۽ ساڃاهه وند ماڻهو نه نڪرن ها ته باقي خير هو. ان جو مطلب ته سنڌ ۾ سياسي ڌُريون ئي مُتحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هو ڪلچر ڊي ۽ سنڌو ڊي پنهنجو ڏينهن سمجهي اُن جو حصو بنيا خام خيالي مان نڪري اچڻ گهرجي سنڌ جي عوام تمام مُشڪل حالتن ۾ ان کان وڏي تعداد ۾ اڳ نڪري چُڪو آهي.
اوٻاوڙي وٽ، ڊئمن خلاف ڌرڻو، سنڌي عوام جو قومي اتحاد طرفان ڪراچي ۾ مارچ، سنڌ ۾ غير سنڌي وڏي وزير کي هٽائڻ خلاف ڏينهن جي تاريخي هڙتال، 7 نومبر، 22 نومبر ۽ 21 جنوري تي ڪراچي ۾ تاريخي ريليون ۽ مارچ ان کان اڳ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران لکين ماڻهن جو جيل وچڻ، ثابت ٿو ڪري ته ڊگهي عرصي کان سياسي پارٽين، اديبن، دانشورن جي ڪيل پورهئي، ۽ سياسي ڪارڪنن جي مستقل مزاجي سان جدوجهد، عوام سان لاڳاپي جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو. ان ڪري سبق ڏيڻ جي ضرورت ناهي بلڪه سنڌ جي سياسي تاريخ مان سبق وٺڻ جي ضرورت آهي. باقي سياسي تحريڪ ۾ ڪمزوريون، ڪوتاهيون، اُهي انقلابي جدوجهد جو لازمي حصو هجڻ ٿيون. آءُ وري هن ڳالهه کي ورجايان ٿو ته امن جي حالتن ۾ جتي ڪوبه خطرو نٿو هجي اُتي ميلا ملاکڙا ڪرڻ ۽ عوام کي گڏ ڪرڻ ڪو ڪارنامو ناهي. ڪارنامو هي آهي ته سياسي حقن جي حاصلات لاءِ مارچ ڪرڻ، ۽ خطرو هجي ته زندگي کي نقصان ٿي سگهي ٿو پوءِ به وڃڻ سر تري تي رکي ڪُڏي پوڻ زبردست ڪارنامو هجي ٿو. منهن جي خيال ۾ هڪ سوچيل سمجهيل رٿا تحت سنڌ جي عوام کي De Politicise غير سياسي بنائڻ لاءِ عمل ڪيو پيو وڃي.
ماڻهو تاڙيون وڄائن، جهومريون هڻن، پنهنجو فوٽو ٽي وي تي ڏسي خوش ٿين، ۽ بَسَ غلام قومن کي ته مزاحمتي ڪلچر جي ضرورت آهي. جتي سنڌ جو سڀ ڪجهه قبضي هيٺ هجي. اُتي جشن ملهائڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو. باقي رهيو ته انهن ڏينهن ملهائڻ سان سنڌي قوم کي شعور ملي ٿو. ته پوءِ اچو ته بنيادي نوعيت جي معاملي تي ڏينهن ملهايون ۽ اُن لاءِ جدوجهد ڪريون.
سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ميڊيا ۽ ساڃاهه وند ماڻهو جدوجهد ۾ مدد ڪن.
سنڌو تي صرف سنڌين جو حق آهي ۽ 1945 جي پاڻي معاهدي تي عمل ڪرائڻ لاءِ کين ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي ڪري سنڌي عوام اقليت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ معاشي ڦرلٽ جي ڪري سنڌي فاقاڪشي ۽ خودڪشين تي مجبور آهن. ان ويڙهه کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي شهرن تي نسل پرست دهشتگردن جي قبضو آهي. سنڌي ماڻهو شهرن ۾ اوپرا ۽ ڌاريا محسوس ٿي رهيا آهن.
دهشتگردي ذريعي چونڊيل سرڪار کي بليڪ ميل ڪري شهرن تي حاڪميت قائم ڪري رهيا آهن. ان تي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي مزاحمت ڪرڻ ۽ ڏهاڙا ملهائڻ گهرجن.
سنڌ جي بي پناهه وسيلن تي سنڌي عوام جي مالڪي تسليم ڪرائڻ لاءِ ٻه وکون کڻي جدوجهد ڪندڙ قومپرست ڌُرين سان اتحاد، ٻڌي، ۽ ساٿ ڏيڻ جو ڪو وچن ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ جو عوام پنهنجن وسيلن جو مالڪ بڻجي خوشحالي جي زندگي گذاري سگهي. اسان ۾ ته ايتري به جرئت ناهي جو لکين ماڻهن جي جلسن جلوسن کي مڃتا ڏجي ۽ سنڌي عوام ۾ ويساهه پئدا ڪجي ته اهي ئي آهن، جيڪي هر مُشڪل گهڙي ۾ آمريتن خلاف بيٺا آهن. اهي ئي آهن جيڪي ذلتن جي خلاف پنهنجون سموريون عياشون رد ڪري عوام سان پيار محبت جي اظهار طور پگهر ۽ رت وهائي انهن ذلتن جي ماريل ماڻهن جي وقار لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن. جيڪي اوجاڳا ڪن ٿا، جيڪي جيل وڃڻ کان نٿا ڪيٻائين، جيڪي ماڻهو ڦاهي جا ڦندا ڳچي ۾ وجهن ٿا، اهي سڀ سنڌي ماڻهن سان پيار ڀريل سياسي ڪلچر ناهي ته ٻيو ڇا هي؟ سائين جي ايم سيد، فاضل راهو، نذير عباسي ڪهڙي رستي تي پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي؟ ان ڪري هاڻ اهو راڳ بند ٿيڻ گهرجي ته ڪو سنڌ ۾ سنڌي عوام لاءِ سياست نه پئي ٿئي، ڪي ماڻهو سنڌي قوم کي پنهنجي حقيقي منزل ڏانهن نه پيا وٺي وڃن. سنڌ ۾ قومي تحريڪ موجود آهي. پنهنجن اوگڻن سميت سنڌي عوام جي ويساهه تي هو سڀ ڪجهه قربان ڪري رهيا آهن. ان ڪري سياست جي خلاف ڳالهائڻ ۽ نئين راهه ڏيکارڻ سنڌ سان ويساهه گهاتي کانسواءِ ڪجهه به ته ناهي. سنڌ جو ساڃاهه وند ڪردار ۽ سندي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي صرف ٿنڪ ٽئنڪ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ليڊر ٿيڻ ۽ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ڇڏي ڏيو.

هي ڇا پيو ٿئي؟

ذوالفقار ڀٽو جي جمهوري دور ۾ ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ هاڻوڪو بن قاسم ٽائون / ڊيپ سي پورٽ ٺاهيو ويو. پورٽ بن قاسم جو 1973ع ۾ پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. ابتدائي چر پر ۽ سرگرمي کان پوءِ 1975 ۾ باقائده آغاز ڪيو ويو. سنڌ ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کان پوءِ هي ٻيو وڏو پورٽ ٺهيو جتي وڏا شپ هزارين ٽن مال کڻي لنگر انداز ٿين ٿا. پورٽ قاسم ٺهڻ کان اڳ ان جاءِ تي 31 ڳوٺ هئا. جتي گهٽ ۾ گهٽ 592 خاندان رهندا هئا، ڪجهه خاندان مال سانگي ٻين علائقن ڏانهن به عارضي طور لڏپلاڻ ڪئي هئي. تقريبا 1010 هڪ هزار ڏهه ايڪڙ مقامي ماڻهن جي قبولي زمين هئي ۽ 12000 ٻارنهن هزار ايڪڙ مال لاءِ چراگاهه، قبرستان وغيره هئا.
پورٽ قاسم اٿارٽي جو ڪنسٽرڪشن ۽ ڪنٽرول ايريا چوڏنهن هزار ايڪڙ تي مشتمل آهي جڏهن ته پورٽ جي دعويٰ موجب ڏنگي، ڀنڊار ٻيٽن سميت پکڙيل زميني، سامونڊي ايريا تقريبا هڪ لک 1،00،000، ايڪڙ آهي. وفاقي سرڪار پاران پورٽ جو ايريا قبضي ۾ وٺڻ کانپوءِ سيڪيورٽي ادارن مقامي سنڌي ماڻهن کي اُتان زبردستي لڏائڻ شروع ڪيو جيڪي صدين کان اُتي آباد هئا. غريب پورهيت ماڻهو، مال چاريندا ۽ مزدوريون ڪندا هئا. پورٽ جي شروعاتي ڪم ڪار ترقياتي ڪمن، سيڪيورٽي نظام لاءِ صرف مقامي سنڌي ماڻهن مان 79 مزدور کنيا ويا جڏهن ته باقي سموري لوڌ ڪراچي شهر ۽ ملڪ جي ٻين علائقن مان گهرائي وئي. 1988 ۾ بي نظير ڀٽو جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عارضي ڀرتي ڪيل سنڌي مزدورن جو چڱو انگ پڪو ڪيو ويو اندازي موجب پهريون ڀيرو 700 ست سئو سنڌي مزدور ڀرتي ڪيا ويا. پر ساڳي وقت ايم ڪيو ايم جي دٻاءُ تحت وفاقي سرڪار سندن تنظيم جا 350 ٽي سئو پنجاهه مزدور پڻ کنيا ويا مطلب ته سنڌين جي پيٽ ۾ اڌو اڌ جڏهن ته ان کان اڳ به ڌاريائي نوڪرين ۾ هئا.
2003ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اداري ايڊورٽائيزمنٽ ذريعي نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هزارين درخواستون جمع ٿيون پر فوري رزلٽ نه ڏني وئي ۽ ٿوري عرصي کانپوءِ نوڪرين جو سلسلو شروع ٿيو تقريبا هن مهل تائين 800 اٺ سئو مزدور ۽ 200 آفيسر ڀرتي ڪيا ويا. 1000 هزار جي انگ ۾ سنڌي ماڻهو اٽي ۾ لوڻ برابر به ناهن سي به لڳي ٿو ته غلطيءَ سان ڀرتي ڪيا ويا. 2002 ع کان جنرل مُشرف جي دور ۾ نسل پرست تنظيم جي ماڻهن وٽ پورٽس ۽ شپنگ واري منسٽري هجڻ ڪري انهن جي ڪوٽاتي صرف ئي صرف پناهگير ڀرتي ڪيا ويا آهن موجوده پ پ جي ٻن سالن واري دور ۾ به وزارت بابر غوري وٽ آهي پر پ پ جي ڪوٽا تي به پنجابي، پٺاڻ ۽ شهري پناهگير ڀرتي ڪيا پيا وڃن تازو پنج انجنيئر ڀرتي ٿيا تنهن مان سنڌي صرف هڪ هو.
ايم ڪيو ايم پنهنجن شهيد ڪارڪنن جي ڪوٽا مقرر ڪئي آهي انهن جي جاءِ سندن تنظيم جا ويڙهاڪ ڀرتي ڪيا ويا آهن جنهن جو وڏو انگ جاب تي به نه ايندو آهي. گهر ويٺي پگهار کڻن ٿا. پورٽ قاسم ۾ ميرٽ جي ۽ مقامي ماڻهن سان طئي ٿيل اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڌارين کي نوڪريون ملن پيون جڏهن ته طئي ٿيل فارمولا جي لتاڙ ٿي رهي آهي. جن مقامي ماڻهن پورٽ لاءِ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏيا، قبرستان ڇڏيا، مال جا چراگاهه ڇڏيا تن کي نوڪرين کان بنهه جواب آهي. ٻئي طرف ڊاڪ ليبر جيڪي جيٽين تي ڪم ڪندا آهن. جهازن ۾ مال چاڙهڻ ۽ لاهڻ جو ڪم ڪندا آهن. ٻنهن مزدور ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.
1700 سترنهن سؤ ليبر ۽ آفيسرن ۾ صرف 50 پنجاهه سنڌي مزدور آهن. جنهن مان به مقامي ماڻهن جو انگ صرف 5 آهي. باقي سموري شهري پٺاڻ ۽ پنجابي هزاريوال ماڻهن جي آهي. هي عالمي اصول هجي ٿو ته جتي به ڪو ڪارخانو لڳي اُتي مقامي پورهيتن کي اهميت ڏني وڃي ٿي پر سنڌ ۾ قصو بنهه اُبتڙ آهي. اسين سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آهيون ته جيڪڏهن هي پاڪستان آهي ۽ هر ماڻهو کي ڪٿي به وڃي نوڪري ڪرڻ جو حق آهي ته پوءِ منهنجا سائين ٻڌايو وڃي ته پنجاب جي صنعتي زون ۾ سنڌي ماڻهن جو ڪيترو انگ آهي؟ جواب آهي هڪ به نه؟ ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو انهن جي روزگار جي وسيلن تي راتاهو هنيون پيو وڃي. ڪراچي ۾ رهندڙ مقامي مسڪين ماڻهو وٽ روزگار جا ٻيا ڪهڙا ذريعا آهن.
ڪراچي جي سرڪاري توڙي ٻين ادارن ۾ سنڌين لاءِ روزگار جا دروازا بند هجڻ ڪري سنڌي معاشي طرح سان تباهه حال آهن.
ان کان پوءِ پورٽ قاسم اٿارٽي پنهنجي زمين سرمائيڪارن کي صنعت ايريا لاءِ وڪرو ڪئي آهي. تقريبن 3600 يونٽ لڳايا ويا آهن.
جنهن مان 400 چار سئو ڪارخانا ڪم ڪري رهيا آهن. ان تيل، گيهه، ڀاڻ، ڪيميڪل جا يونٽ آهن باقي ڪارخانا ٺهڻ جي مرحلي ۾ آهن. پورٽ اٿارٽي انهن سان طئي ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ 5 سيڪڙو مقامي سنڌي رکيا وڃن. انهن ادارن ۾ 40 هزار مزدور ۽ آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن سنڌي هڪ سيڪڙو به ناهن. جڏهن 3600 هزار يونٽ لڳندا ته اندازو هڻو لکين ماڻهو نوڪرين ۾ هوندا ۽ سنڌي ماڻهو غائب هوندو. هن کان وڌيڪ زيادتي ڪاٻي ٿي سگهي ٿي.
پورٽ ۾ هن مهل 253 آفيسر آهن ان ۾ سنڌي ناهي.
اسٽاف جي ليول ۾ 1764 ملازم آهن سنڌين جو انگ صرف 600 آهي.
ڊي جي ليول جا آفيسر 5 غير سنڌي آهن.
پورٽ کي هلائيندڙ ٻه اهم پوسٽون (1) ڊائريڪٽر فنانس (2) ڊائريڪٽر هيومن ريسورسز ٻئي آفيسر ڌاريا آهن.
سڄي پورٽ کي هلائڻ لاءِ بورڊ آف ڊائريڪٽر جو ڪم آهي.
جيڪي ٽوٽل 7 آهن. چيئر مين بورڊ ايڊمرل ريٽائرڊ اسد قريشي آهي. جيڪو آمر جنرل مشرف جي ساٿي راشد قريشي جو ڀاءُ آهي ستن ڊائريڪريڪٽرز مان صرف هڪ ٻاهران کنيل سنڌي شير محمد بلوچ ايم اين اي آهي. جنهن جو تعلق پ پ سان آهي. بابر غوري جي چوڻ تي ٻاهرين ڊجنگ ڪمپني کي ڊجنگ لاءِ ڏنو ويو آهي. 14 چوڏنهن ارب رپين جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي. وڏي ڪميشن وٺڻ جي ڪري ڊيجنگ ڪمپني سمنڊ جي کوٽائي ٿيل مٽي کي وچ ۽ انهي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪرڻ بجاءِ اُتي جو اُتي پاسي ۾ اڇلايو پيو وڃي نتيجي ۾ ڪمپني ته اربين ڊالر ڪمائي ٿي پر سمنڊ جا مينگروز تباهه ٿي رهيا آهي. مڇي، جهينگو، پکي مري رهيا آهن. آلودگي پئدا ٿي رهي آهي. انهن کي ڪوبه چوڻ وارو ناهي کين ڪوبه پڇاڻو نه پيو ڪري. پورٽ جي ستن ڀرتن مان چار ڀرٽ جيٽيون ٻاهرين ڪمپني بي پي ورلڊ دُبئي جي ڪمپني کي ليز تي ڏنو ويو آهي. جنهن جا سمورا اختيار انهن حوالي آهن. انهن جي اختيار ۾ آيل ليبر ۽ آفيسر ڀاڻ، ڪنٽينر، ڪيميڪل، آئل وغيره ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ٿئي ٿو. پورٽ قاسم اٿارٽي تقريبن هڪ لک ايڪڙ زمين جي والار ڪئي آهي. جيڪا قانوني طرح سان سنڌ ۽ سنڌين جي ملڪيت آهي. پورٽ غيرقانوني طرح سان ڪجهه سال اڳ جنرل مُشرف جي دور ۾ نسل پرست شهري تنظيم جي چوڻ تي ڳريون ڪميشن ڪيونس ڏنگي ۽ ڀندار ٻيٽ دُبئي جي ڪمپني کي وڪرو ڪيا هئا. پرسنڌ جي غيرت مند ۽ باشعور عوام اُٿي کڙو ٿيو ٻاهرين ڪمپني کي ڀڄڻو پيو. پورٽ مقامي ماڻهن سان ڪيل واعدا. بينظير ڀٽو دور ۾ ٺهيل ڪميشن کي به مان ناهي ڏنو. سنڌين پنهنجي وڃايل ڳوٺن ۽ زمينن جي عيوض نوان ڳوٺ ٺاهي ڏيڻ انهن جي تعمير لاءِ هڪ لک رپيا في خاندان کي ڏيڻ گهٽ ۾ گهٽ 15 سيڪڙو هر ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جا سمورا وعديٰ وفانه ٿيا. اڄ ملڪ ۾ ذوالفقار ڀٽو پارٽي اقتدار ۾ آهي جنهن پورٽ قاسم اٿارٽي جو قيام آندو چونڊيل حڪومت جنهن کي ملير جي ماڻهن چونڊرائي اقتدار ۾ آندو اُهي نوڪرين کان محروم آهن.جنهن جي ڏاڏن جي هڏڙن مٿان بلڊنگون ٺاهي ملڪي ترقي ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي اُهي بي وس سنڌي ماڻهو ڏٻرن چهرن سان پنهنجن اباڻن جي ڪکن ڏانهن منهن ڪري روئي رهيا آهن. ملير جي هر طرف صنعتن ترقي ڪئي آهي لکين ماڻهو روزگار سان لڳل آهن پر ڌرتي ڌڻي بي يارو مددگار آهن. حقن لاءِ آواز اُٿارين ٿا ته کين ماريو وڃي ٿو. اهڙي صورت ۾ جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جون ڊاڙون هڻندڙ ڪيڏانهن ويا. ڌارين جي لوڌن کي ڪير روڪيندو، جيڪي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي منظم ۽ سگهارا ٿي سنڌ کي ٽوڙڻ جا سانڀاها ڪري رهيا آهن ته ڪٿي آزاد عدليه جتي سالن کان مقامي ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ وڙهي رهيا آهن ۽ عدالتون فيصلا ڏيڻ بجاءِ ٽاري رهيا آهن. سنڌ جا حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا آهن، جن کي سنڌين جو آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. بقول سماجي اڳواڻ ۽ پورٽ جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندڙ سائين خدا ڏنو شاهه جي ته ٿڪجي پيا آهيون سنڌي ننڌڻڪو، اڪيلو ۽ بي وس آهي. سواءِ زبردست قومي، جمهوري جدوجهد جي حق نه ملي سگهندا. سنڌ واسيو سنڌ جي هر اداري جي صورت حال اهڙي آهي. سنڌ کي اصل صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڌارين کي روڪڻ لاءِ ۽ پنهنجن بنيادي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ شاندار جدوجهد جي تيار ڪرڻ گهرجي.

(انگن اکرن لاءِ خدا ڏنو شاهه جي مضمون مان به مدد ورتي وئي آهي.)

ڌرتي ڌڻين سان ويڌن ڇو؟

قومون تاريخي مرحلن مان گذري جُڙنديون آهن. انهن جي خاص وصف ٿئي ٿي. جنهن وطن جا هو مالڪ بڻجن ٿا، اُتان جي سمورن وسيلن جا مالڪ به هو هجن ٿا. تاريخ ۾ وسيلن جي ڦرلٽ لاءِ ڏورانهن کان حملي آور قبضاگيري واري سوچ سان حملا ڪندا آهن. وطن دوست قومون پنهنجي وطن ۽ وسيلن جي دفاع لاءِ ڀرپور مزاحمت ڪنديون آهن. ڪڏهن ڪامياب ته وري ڪڏهن ناڪامي پلئه پوندي آهي. پر اهو طئي آهي ته ڌرتي ڌڻي جڏهن به متحرڪ ٿين ٿا، وڙهن ٿا ته هو آزادي ماڻين ٿا. دنيا جي سموري تاريخ اهڙين حالتن سان ڀريل آهي. اڄ عربن جي جارحيت ۽ ڊگهي عرصي تائين هن خطي ۾ حڪمراني جا نقش اوهان کي نظر نه ايندا. سنڌي عربن ۽ ٻين جارحيت پسندن جي غلامي مان پاڻ کي آجو ڪرايو آهي.
ڪالهه طاقت جي زور تي قبضاگيري ٿيندي هئي ۽ وسيلن جا مالڪ بڻجي ويندا هئا، پر هاڻ صورتحال بنهه مختلف ٿي وئي آهي. هڪڙيون قومون، ملڪ يا ملٽي نيشنل ڪمپنيون هزارين ميل پري هوندي به قومن کي غلام بنايو آهي. وسيلن جي ڦرلٽ جاري آهي. اڻ محسوس ٿيندڙ انداز ۾ قومن کي يتيم لاچار۽ بي وس بڻايو پيو وڃي.
تاريخ ۾ ڪي حادثا ٿيندا آهن، انهن حادثن جي ڪري به قومون غلامي جي پنجوڙ ۾ اچيو وڃن. حالتون اهڙيون پئدا ٿيو وڃن جو هر ڪو چوي ته ٺيڪ پيو ٿئي، پر جيڪڏهن پٺي ورائي ڏسجي ته ڪجهه به ناهي بچيو هر شيءِ تي ڌاريا قابض ٿي ويا. اسين رڳو نالي ۾ نهال وڏي قوم، تاريخي قوم جي دعويٰ ڪرڻ ۾ رُڌل آهيون.
1947ع جي واقعي حقيقت ۾ سنڌ کي هڪ غلامي مان ڪڍي ٻي غلامي ۾ ڌڪي ڇڏيو، نين مسلمان رياستن جي قيام يا ائين کڻي چئجي ته نئين پاڪستان جي وجود لاءِ سنڌ سڀ کان پهريان سنڌ اسمبليءَ ۾ قرارداد پاس ڪرائي. پاڪستان ٺهيو. هندستاني لکين مهاجرن جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ٿي ۽ سنڌ مان لکين سنڌي هنڌن جي لڏ پلاڻ ٿي. سنڌ جي عوام دل کولي ڀارت مان آيل پناهگيرن کي ڀليڪار ڪيو. جيء ۾ جايون ڏنيون. اُهي سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ رهڻ لڳا ۽ اُتان جي سڄي ڪاروبار ۽ افسر شاهي تي قابض ٿي ويا. مان اڳ به لکي چڪو آهيان ته لياقت علي خان جي دور ۾ پاڪستان جي افسر شاهي جو 70 سيڪڙو يو پي ۽ سي پي يعني ڀارتي رياستن سان لاڳاپو هو. سنڌي ماڻهو ته اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. سول سروسز ۾ سنڌين سان ناانصافي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جنهن لاءِ جنرل مُشرف چيو هو ته سنڌي ويچارا پڙهيل ناهن ڪو باصلاحيت سنڌي نظر نٿو اچي، جنهن کي ڪنهن اهم عهدي تي رکجي. ان تي ٻئي ڀيري انگن اکرن سان ثابت ڪبو ته سنڌ سان ڪيئن ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ٿي رهيو آهي.
جنرل مُشرف جيئن ئي اقتدار سنڀاليو ته نئون بلدياتي نظام متعارف ڪرايو. جنهن کي هن اختيارن جي هيٺين سطح تي منتڦلي واري فارمولي تحت عوام کي سستو ۽ فوري رليف ڏيڻ لاءِ اهڙو نظام لاڳو ڪيو ويو. سنڌ جي اڪثر قومپرست پارٽين ۽ جمهوري ۽ سول سوسائٽي ان کي تنقيد جو نشانو بڻايو، پر جنرل مُشرف ڇاڪاڻ جو جمهوريت پسند نه هو، هو آمر هُيوهُن زبردستي عوام جي مُخالفت باوجود ان نظام کي لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ سڄي ملڪ مان پنهنجا اتحادي ڳوليا، انهن کي سڏايو. اچو ته پاڻ جائزو وٺون ته ان نظام سان ڇا سنڌ جي عوام ڌرتي ڌڻين کي ڪو فائدو رسيو يا وري اُن جي اُبتڙ سمورن وسيلن تي ڪو ٻيو قابض ٿي ويو.
ڪراچي 1947ع ۾ 436000 چار لک ڇٽيهه هزار ماڻهن جو شهر هو. پُرامن هو، خوشحال هو. 1954ع ۾ پناهگيرن جي آمد ڪري اهو انگ 11 يارنهن لک ٿي ويو ۽ سنڌي ان ڏينهن کان ڪراچي ۾ اقليت ۾ اچڻ لڳا. 30 ٽيهه اسڪوائر ميل وارو شهر هاڻ 2400 چوويهه سئو اسڪوائر ميل تي ڦهلجي ويو آهي. هڪ اندازي موجب 20 ملين ٻه ڪروڙ آبادي موجود آهي، جنهن مان اڪثريت غيرقانوني ماڻهن تي مشتمل آهي نه رڳو اندرئين پاڪستان مان پر سڄي سائوٿ ايشيا جا ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري هتي اچن ٿا. ڪاروبار ڪن ٿا ۽ پوءِ مالڪ بڻجي وڃن ٿا. مورڙي جو ماڳ اڄ مڪمل طرح سان پنهنجي سُڃاڻپ وڃائي چڪو آهي. اڄ ڪراچي جي ٽي هٽي، لالو جا کيٽ، ڳجڙو واهه، موکي ۽ متارا شهر جي ٻاهران پوکيل هر قسم جون ڀاڄيون گل خوشبو اڄ رت ۽ نفرت ۾ تبديل ٿي چُڪيون آهن. ڀاتت ياتت جا ماڻهو ڪراچي جي ٻولي، سنڌي ٻولي تي راتاهو هڻي، نين ٻولين کي مارڪيٽ جي ٻولي بنائي ڇڏيو آهي. صدين کان سمنڊ تي روزگار ڪندڙ ملاح اڄ ان روزي کان محروم ٿيندا وڃن. ڌارين اُن تي به قبضو ڪري ڇڏيو. خوشحال ڪراچي سنڌي ماڻهن لاءِ اڄ رڳو موت جو پيغام آهي. پناهگيرن کي ڀاڪر پائي ڀليڪار ڪندڙ اڄ مٿي کي هٿ ڏيو کنگهيو، بُک وگهي مريو وڃن.
تاريخ ۾ ٿيندو آهي ته جارحيت ڪندڙ يا پناهگير ٿي ويندڙ فرد گروهه قوم جو حصو بڻجي ويندا آهن. جيئن احمد شاهه ابدالي جي دور ۾ آيل پٺاڻ جيڪي هاڻ سنڌي قوم جو حصو بڻجي ويا، جيئن مير، ٽالپر ڪلهوڙن جي دور ۾ هتي آيا نسلن بلوچ هئا سنڌي قوم جو اڻ ٽُٽ حصو بڻجي ويا. پر بدقسمتي سان ڀارت مان آيل ماڻهو سنڌي قوم ۾ ضم ٿيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ انهن نه رڳو ضم ٿيڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي پر هٿرادو طرح سان ان عمل کي روڪيو ويو آهي. جنهن ڪري عملي طرح سان 62 سال گذرڻ کان پوءِ به سنڌي ۽ هندستان مان آيل پناهگيرن ۾ هڪجهڙائي، ويجهڙائپ نه ٿي سگهي آهي، اُن جو ڪارڻ هڪ نسلي فڪر آهي، جنهن سازش تحت اهو سڀ ڪجهه ڪيو. اسان ذڪر پئي ڪيو ته وسيلن جي ڦرلٽ ڪيئن ٿي ٿئي. مُشرف جي دور ۾ نئين نظام تحت اٺن سالن کان ۽ پوءِ هاڻ پ پ دور ۾ به هڪ تنظيم ايم ڪيو ايم سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ هلائي رهي آهي. مُشرف سرڪار ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ 29 ارب رپيا خصوصي پئڪيج ڏنو، جيڪو ڪئين ۽ ڪٿي خرچ ڪيو ويو. مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪراچي 2400 چوويهه سئو پکڙيل (اسڪوائر) تي ڦهليل آهي.
گڏاپ ٽائون جيڪو نج ٻهراڙي تي مشتمل علائقو آهي، تنهنجي پکيڙ 1100 يارنهن سئو اسڪوائر ميل آهي، بن قاسم ٽائون به گهڻي حدتائين ٻهراڙي جي علائقن تي مشتمل آهي، جنهن جي پکيڙ 700 ست سئو اسڪوائر ميل آهي. 600 اسڪوائر ميل ڪراچي جو نج شهر آهي، اوهان کي حيرت ٿيندي ته 29 ارب رپيا ۽ هاڻوڪا مليل پئسا صرف 600 ميلن تي خرچ ڪيا ويا، جتي ڌرتي ڌڻي 5 سيڪڙو به نه آهن. جتي اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي سائوٿ ايشيا مان لڏ پلاڻ ڪري آيا هڪڙا 47ع ۾ ته ٻيا وري ڪالهه تائين مونابائو ٽرين ذريعي آيل ماڻهن جي بستين کي فائدو ڏنو ويو آهي. تقريبن 350 ڳوٺ گڏاپ جا بجلي کان محروم آهن. 600 ڳوٺن ۾ گئس ناهي. جڏهن ته بجلي ۽ گئس جون لائينون گڏاپ مان گذري شهرن تائين رسن ٿيون.
واٽر سيوريج بورڊ سڄي ڪراچي جي لاءِ آهي پاڻي ۽ سيوريج جو نظام اُن جي هٿ ۾ آهي حيرت جهڙي ڳالهه هي آهي ته گڏاپ جي ڳوٺن کي هڪ به ڪنيڪشن ناهي مليو. اٺ سال گذري وڃڻ کان پوءِ به هو محروم آهن. گڏاپ ٽائون جا سمورا وسيلا پاڻي پيئڻ لاءِ کوهه کوٽيا وڃن ٿا ۽ اُهوئي انهن جو واحد ذريعو آهي. زندگي جو جڏهن ته اهو ڪم واٽر بورڊ جو آهي، گڏاپ ٽائون جي نين آبادين غير سنڌي وسندين، جيڪي هاڻ جڙي راس ٿيون آهن. (1) تئيسر ٽائون، (2) خدا ڪي بستي، (3) سورجاڻي هائوسنگ اسڪيم، (4) لياري ايڪسپريس وي جا متاثر وارين بستين جي سئو سيڪڙو ڌاريا آباد آهن، سمورين کي بنيادي سهولتون مليل آهن. گڏاپ ٽائون هن مهل 10 لک ماڻهن جي آباديءَ تي مشتمل آهي پر صحت ۽ تعليم کان به محروم آهن. سمورو نظام سٽي حڪومت وٽ آهي. ڪراچي جي ٻهراڙي صحت جي سهولتن کان مڪمل محروم آهي. ڪوبه ميڊيڪل يونٽ نه آهي ۽ جيڪڏهن آهي ته دوائون اڻ لڀ آهن. ڊاڪٽر موجود ناهن. هاڻ سوال هي ٿو پئدا ٿئي ته ڇا صرف 600 اسڪوائر ميلن تي رهندڙ ماڻهو ئي ڪراچي جو عوام آهي ڇا پليون، اندر پاس ئي عوام لاءِ بنيادي سهوليتون هجن ٿيون. ڪراچي شهري علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ پارڪ ٺاهيا ويا آهن. روڊن کي ويڪرو ڪيو پيو وڃي، هڪ طرف شهر جي غيرسنڌي آبادين کي تحفظ ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف مڌو ڳوٺ صدين کان آباد ماڻهن کي پارڪ، تعليم، صحت جون سهولتون ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهن جي کيڏڻ جي ميدان فٽبال گرائونڊ کي به زبردستي پُل ۾ تبديل ڪيو ويو. والار ڪئي پئي وڃي. ترقي ۽ خوشحالي جي نالي ۾ هڪڙي نسل جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. جڏهن ته ڌرتي ڌڻي جن کي لطيف ڳايو. جتان لطيف پنڌ ڪري گذريو، اُهي ماڻهو انگ اگهاڙا، بيمارين ۾ وڪوڙيل، جن کي جناح، عباسي ۽ سول اسپتال ۾ به سورن سان ڪا دوا ملندي هوندي. اهڙا ڪلور تاريخ ۾ قومن سان ڄاڻي واڻي ڪيا ويندا آهن. سڄي دنيا کي ٻڌايو پيو وڃي ته سٽي حڪومت زبردست ڪم ڪيو آهي. ڪراچي ۾ اصلوڪا ماڻهو ڌرتي ڌڻي 5 ملين کان وڌيڪ ماڻهو جبر جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن. شهر جي پلين تي ڪنهن به قومي هيري جو نالو ناهي رکيو ويو. وسيلن کان محروم سنڌي قوم کي نفرت جي بٺيء ۾ اڇلايو پيو وڃي. ڪياماڙي ٽائون جا سنڌي ماڻهو ته پاڻي پئسن تي وٺي پيئندا آهن. روڊن رستن تي بيهي پاڻي جي ٽئنڪرن کان پاڻي جي خيرات گهرندا آهن. ٻڌايو وڃي 30 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ ڪنهن هڙپ ڪئي. ڪراچي وفاق کي 68 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ آخر صرف ڌرتي ڌڻي سهولتن کان محروم ڇو، جيڪي ماڻهو زباني چون ٿا ته اسين غربت پورهيت ڏتڙيل ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پوءِ ٻڌايو وڃي ته 5 ملين مقامي سنڌي ماڻهو پاڻي، بجلي، گئس، تعليم، صحت ۽ روزگار کان محروم ڇو آهن. موجوده نالي ماتر جمهوري سرڪار جا چپ ڇو سبيل آهن، جن جي قائد وچن ڪيو هو ته غاصب حڪمرانن جي دور جي عوام دشمن نظام کي ختم ڪبو. ڳوٺ ليز ڪبا، کين بنيادي سهولتون ڏبيون.
اڄ جي ڳالهه هي آهي ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي، سنڌين جو ماڳ آهي، عارضي طرح سان سازش تحت اقليت ۾ اچي ويا آهيون. منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي، قومي ٻڌي ۽ جدوجهد لاءِ مُتحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌ سڄڻن کي ظاهري طرح سان ننڍيون پر انتهائي بنيادي قسم جي شين تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي جي اصلي روپ کي نروار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن مقامي سنڌي حاڪم هجن سمورا وسيلا پاڻ وٽ هجن.

سنڌ سان لساني متڀيد ڇو؟

اُن وقت ماحول جذباتي ٿي ويو دل روئڻ لاءِ اٿلي رهي هئي ۽ ڪيترن جي اکين ۾ لڙڪ نظر اچي رهيا هئا جڏهن 24 چوويهه ڏينهن جو سرويچ ٿيٻو پنهنجي امڙ جي ڇاتيءَ سان چنبڙيل ۽ سندس پيءُ شاگرد سرفراز ٿيٻو ۽ ٻيا نوجوان سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا.
جڏهن معصوم سرويچ جي پيءَ ماءُ کان پڇيو ويو ته اوهين جيڪا جدوجهد ڪريو پيا اُن جو مقصد ۽ معصوم کي کڻي اچڻ جو مقصد؟ ته ٻنهي وراڻيو ته سنڌ کي جنهن جبر جو نشانو بنايو پيو وڃي حقن تي ڌاڙا آهن، اسين هن معصوم جي آئيندي لاءِ وڙهي رهيا آهيون هن جي شاندار مستقبل لاءِ جاکوڙيون پيا ۽ ساڳي وقت هن کي راهه به ڏيکاريون پيا ته اسانجو ايندڙ نسل به پنهنجن بنيادي حقن لاءِ آواز اُٿاريندو. اڄ صورتحال خطرناڪ آهي. سڀاڻ ڇا هوندو؟ اهو وقت تي ڇڏيل آهي ۽ ساڳي وقت سنڌ جي عوام جي جدوجهد تي ڇڏيل آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي تعليم پرائڻ ڪو مسئلو نه هو، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيئن جيئن وقت تيزيءَ سان اڳتي وڌيو آهي ڌارين جي قبضا گيري جي ڪري سنڌي ماڻهو ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ اچي ويا آهن. پاڪستان جو ڪوبه آئين ۽ قانون ان غير قانوني آباد ڪاري کي روڪي نه سگهيو ۽ اُن جا اثر جتي سنڌ جي اقتصادي صورتحال تي پيا اُتي سنڌي ماڻهن جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ سان حق حاڪميت به کسجي وئي آهي. سنڌ ۾ پناهه وٺندڙ پناهگير اڄ حاڪميت جو تصور پيش ڪري رهيا آهن ۽ هر قسم جون پاليسيون جوڙي رهيا آهن، جيڪي ڪالهه اسان جي رحم ڪرم تي هئا، هاڻ اکيون ڏيکاري رهيا آهن.
وسيلن تي ته اڳ ۾ ئي قابض هئا. افسر شاهي ۾ به سنڌي ماڻهن جي شراڪت نالي ماتر آهي. پر هاڻ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي مڪمل بندش مڙهي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ اسٽوڊنٽس ويلفيئر تنظيم پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو 72 ڪلاڪن جي بُک هڙتال ڪئي وئي سندن موقف آهي ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن لاءِ داخلا تي بندش وڌي وئي آهي. اچو ته پاڻ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگرد جي صورتحال جو جائزو وٺون.
ڪراچي يونيورسٽي ۾ هن وقت چوويهه هزار شاگرد پڙهي رهيا آهن. هر سال 6000 شاگردن جي داخلا ٿيندي آهي. هن سال سنڌ جي گورنر ۽ سينڊيڪٽ فيصلو ڪيو آهي ته سنڌي شاگردن کي صرف 30 سيٽون ملنديون. انهن لاءِ سنڌي ، اپلائيڊ ڪيمسٽري، سوشالاجي، فارسي، بنگالي۽ نفسيات ۾ پڙهي سگهندا.
ڪراچي يونيورسٽي ۾ 9 فيڪلٽيز آهن. جتي تمام اهم سبجيڪٽ ۽ ٻين سائنس جي شعبن ۾ به سنڌي نه هئڻ برابر آهن.
ڪراچي يونيورسٽي ۾ 500 اُستاد پڙهائي رهيا آهن. سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ اُستاد سنڌي شعبي کانسواءِ صرف ٻه آهن. چيو وڃي ٿو ته ميرٽ تي عمل ٿيڻ گهرجي. ان کانسوءِ ڊاوءَ ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن لاءِ 10 شاگردن جي ڪوٽا هڻي 60 سيٽون سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ هونديون. هُيون. هاڻ I-B ٽيسٽ ڪرائڻ کانپوءِ ميرٽ قرار ڏيندي هڪ به سنڌي شاگرد کي انٽري نه پئي ڪرائي وڃي ۽ آهستي آهستي ڪراچي جي پروفيشنل تعليمي ادارن مان سنڌي شاگرد کي مکڻ مان وار ڪڍڻ واري انداز ۾ ڪڍيو پيو وڃي بلڪ هي چوڻ دُرست ٿيندو ته تڙيو پيو وڃي.
ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج لاءِ جيڪي شرط لاڳو ڪيا ويا آهن اُهي هي آهن ته مئٽرڪ، انٽر ڪراچي مان پاس هجي، اُن کانپوءِ ٻار جي پيءَ ۽ سندس ڊوميسائل ۽ پي آر سي به ڪراچي جو هجي اُن کانپوءِ هو ٽيسٽ ۾ ويهي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ ڪوبه شاگرد انٽري ٽيسٽ ۾ به نٿو ويهي سگهي.
ياد رهي ته ڊائو ۽ ايس ايم سي ۾ مليل سيٽن جي مقابلي ۾اوترائي شاگرد يعني 10 ۽ 60 سنڌي جي ٻهراڙي جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائون وٺندا هئا کين ڪابه روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي. هن کان اڳ 1984ع ۾ به سنڌي شاگردن تحريڪ شروع ڪئي هئي 1988ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه جي آڏو به شاگردن بُک هڙتال ڪري مطالبو ڪيو هو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ تعليمي پاليسي تي نظر ثاني ڪئي وڃي اُن کي بدلايو وڃي. جيڪا پاليسي سنڌي شاگردن جي خلاف هئي. ان وقت جماعت اسلامي هي پاليسي جوڙائڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي ته داخلائن ۾ اي ڪيٽيگري صرف ڪراچي جي اردو اسپيڪنگ شاگردن لاءِ هوندي جيڪڏهن سيٽون بچيون ته سنڌين کي B ڪيٽيگري ۾ داخلائون ملنديون ٻي صورت ۾ نه ملي سگهنديون. سوال هي ٿو پئدا ٿئي ته ڪراچي ۾ ڌارين جي اڪثريت هئڻ ڪري ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي آفيسر نه هئڻ ڪري اهو ممڪن ئي نه پئي ٿي سگهيو جو سنڌي شاگردن لاءِ سيٽون بچي سگهن. ۽ اهو ڊپ انڪري به پئدا ٿيو ته جيڪڏهن سنڌي قومي سياست جو حصو بڻجندا، قومي تحريڪ ڪراچي جهڙي شهر ۾ سگهاري ٿيندي آمريت پسند ۽ سنڌ مخالف قوتون پريشان رهيون آهن ته اهي سنڌي شاگرد ڪراچي ۾ اڪثريت هئڻ ڪري ڪو وڏو ممڻ مچائي سگهن ٿا. ٻيو پهلو هي آهي ته فوج جي % 2 سيڪڙو ڪوٽا مقرر آهي. ايمپلائيز لاءِ % 2 سيڪڙو مخصوص آهي. ناردرن ايرياز گلگت بلتستان، پنجاب،فاٽا، صوبو سرحد جي شاگرد لاءِ به ڪوٽا موجود آهي ۽ هزارن جي تعداد ۾ اُهي پڙهي رهيا آهن. انهن لاءِ ڊوميسائل نه PRC نه مئٽرڪ ۽ انٽر، پر سنڌي ڪراچي ۾ نٿا پڙهي سگهن. انهن لاءِ ڳرا شرط لاڳو ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي موجوده تعليمي پاليسي سنڌ حڪومت جوڙي آهي يونيورسٽيز جو چانسلر گورنر سنڌ آهي گورنر جو تعلق هڪ نسلي جماعت سان آهي. ۽ ان جماعت جو تعليمي پاليسي تي بلڪل واضح موقف آهي ته ڪراچي ۾ ڪالهه جيڪو به ٿيو سو ٿيو پر هاڻ اسانجي مرضي هلندي ۽ اسين ميرٽ کي بنياد بنائي داخلائون ڏينداسين. هو سنڌي شاگردن لاءِ ميرٽ جو تصور رکن ٿا. اچو ته صورتحال جو جائزو وٺون ته ميرٽ بنيادن تي سنڌي شاگرد ڪراچي ۾ ڪيئن اچي سگهندا. سنڌ جا ماڻهو وسيلن هوندي غريب ۽ ڏتڙيل آهن. اڪثريت پورهيو ڪندڙ ماڻهن جي آهي. جيڪي ٻه ويلا ماني لاءِ به پريشان آهن هو پنهنجن پيارن جو علاج به نه ڪرائي سگهندا آهن. سنڌ ٿر آهي، سنڌ ڪاڇو آهي، سنڌ ڪوهستان آهن زراعت جيڪو واحد ذريعو آهي روزگار جون 15 لک ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي ٻار کي ڪيئن تعليم ڏياري، سرڪاري اسڪولن جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي. پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ ڳريون فيسون هئڻ ڪري اڪثريتي سنڌي داخل نٿا ٿي سگهن. شهرن ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ وڏن پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگرد اٽي ۾ لوڻ برابر به نه آهن. جتي سُٺي ۽ اعليٰ تعليم هجي ٿي انهن ادارن سان اسان جي اسلام ڪوٽ جي اسڪول يا ڪاڇي ۾ پڙهندڙ شاگرد ڪراچي جي گرامر اسڪول سٽي اسڪول ۽ بيڪن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهندو. ۽ پوءِ چيو وڃي ٿو ته ميرٽ تي اچو. سهولتون برابر ناهن، تعليم جو معيار برابر ناهي، غريبن ۽ اميرن جي تعليم ۾ بلڪل واضح فرق آهي. عيسي، موسي، ڪرڙ ۽ ڪانڊيرو جنهن سڄي ڄمار هارپو ڪيو تنهن جي ٻار کي سٺي اسڪول ۾ ڪيئن اچڻ ڏنو ويندو جتي پرائمري تعليم جي ماهوار فيس 6 هزار هجي ٿي.
ميرٽ جو روڄ راڙو ڪندڙ ماڻهو ڇو وساري ويٺا آهن ته انهن جي سياست 98 سيڪڙو پورهيت ماڻهن لاءِ آهي بقول انهن جي جڏهن اڪثريت عوام غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿو. سنڌ جي شهرن کي ڇڏي ٻهراڙي ۾ 55 سيڪڙو غربت جي شرح آهي. عورتن جي تعليمي شرح صرف 2 سيڪڙو هجي ٿي، اهڙي سماجي بيهڪ ۾ ڪراچي ۾ تعليمي پاليسي جو جوڙڻ سنڌ دشمني ناهي ته ٻيو ڇا آهي.
ان سڄي صورتحال ۾ سنڌي قوم جي مسڪين ڏتڙيل ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ کِل کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ٻئي طرف موجوده سرڪار جنهن کي سنڌ جي اڪثريت چونڊرائي اقتدار ڏياريو آهي تن جا وري حال هي آهن جو تعليم وارو وزير پير مظهر الحق صاحب چوي ٿو ته اسان پنهنجي دور ۾ سنڌي شاگردن لاءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ 30 سيٽون وٺي ڏنيون آهن ٻيو ڇا کپي. پير صاحب سنڌ جي ماڻهن کي خيرات وٺي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي حق گهرجي يا خيرات؟ پ پ سرڪار جي مُخالف ڌُر يعني متحده قومي موومينٽ نسلي بنيادن تي جنرل مُشرف جي دور ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪرائي سنڌين جا بنيادي حق کسي ورتا. مان اڳ چئي چُڪو آهيان.1984ع ۾ تعليمي پاليسي ٺاهڻ ۾ جماعت اسلامي ملوث هئي اُن جو حدف قومي سياست کي روڪڻ هو پر هاڻوڪي تعليمي پاليسي ۾ ايم ڪيو ايم جي ملوث هجڻ جا به ساڳيا مقصد ۽ هدف آهن ته جيڪڏهن سنڌي شاگردن جي اڪثريت ڪراچي جي تعليمي ادران ۾ ايندي ته هو سنڌ جي قومي تحريڪ جو حصو بڻبا، باشعور طبقي هئڻ ڪري ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌين سان ناانصافين تي احتجاج ڪندا، جدوجهد ڪندا اُن کانسواءِ ڪوالٽي جي بنيادن تي ڪراچي ملٽي نيشنل ڪارپوريشن ۾ نوڪري حاصل ڪندا. ان ڪري ميرٽ جو راڳ آلاپيو پيو وڃي، ۽ قانون سازي ذريعي هميشھ لاءِ سنڌي شاگردن جي ڪراچي جي پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ داخلا تي مڪمل بندش ڪرائي پئي وڃي. هي ائين پيو محسوس ٿئي جيئن سائوٿ آفريڪا ۾ قابض گورن جي دور ۾ هڪڙن تعليمي ادارن ۾ ڪارن شاگردن جي داخلا مڪمل بند ڪئي وئي، نسلي متڀيد جي بنياد تي ڪارن ماڻهن کي جيڪي ڌرتي ڌڻي هئا انهن کي نفرت جي بنيادن تي بندشون وڌيون ويون جيڪو سبب بڻيو غلامي جي خلاف آزادي جو، هي معمولي ڳالهه ناهي ته سنڌي شاگرد وڃي ٻهراڙي جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهن دراصل سنڌ جو قومي پڻ هن معاملي سان ڳنڍيل آهي ۽ اهو سنڌ جي سمورن قومپرست ڌُرين لاءِ فڪر جو لمحو آهي ته سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ ڌُر سنڌي شاگردن جي داخلا جي مُخالف آهي ۽ اسين اُن نسلي ڌُر کي پنهنجو اتحادي بنائي رهيا آهيون.
ٿيڻ ته هيئن گهربو هو جو ڇهن ڏهاڪن کانپوءِ لڏ پلاڻ ڪري ايندڙ اڄ سنڌي قوم جو اڻ ٽٽ حصو هجن ها پر اُن جي اُبتڙ اسان جي ٻچن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا کان محروم ڪيو وڃي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ جو واضح پيغام ڏنو وڃي.
ڇا هي عمل سنڌ ۾ سنڌي مهاجر تضاد کي گهٽائيندو يا وڌائيندو؟ جيڪڏهن تضاد وڌيو ته اُن جا ڪارڻ ۽ سبب ۽ ذميدار ڪير هوندو؟ سنڌ جي ماڻهن کي ڪراچي ۾ اچڻ، روزگار ڪرڻ ۽ پڙهڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. سنڌ جي قومپرست، جمهوريت پسند ۽ دانشور حلقي کي هن قومي مسئلي تي ڌيان ڏئي ٻين قومي مسئلن وانگر قومي مسئلو سمجهندي جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
سنڌ مطالبو ٿي ڪري ته:
1 ڪراچي يونيورسٽي لاءِ نئين تعليمي پاليسي جوڙي سنڌ جي ٻهراڙي جي شاگردن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 40 چاليهه سيڪڙو ڪوٽا رکي وڃي.
2 ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي شاگردن لاءِ 33 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي.
3 ٻين صوبن جي شاگردن جون داخلائون رد ڪري غير قانوني ڏنل ڪوٽا ختم ڪئي وڃي.
4 سائوٿ ايشيا جي ملڪن مان آيل غير قانوني شاگردن جون داخلائون رد ڪيون وڃن.
5 تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جون چونڊون ڪرائي جمهوري ڪلچر کي وڌايو وڃي.
سنڌ واسيو قوم سان ٿيل ننڍي کان ننڍي نا انصافي خلاف منظم ٿيڻ، آواز اُٿارڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ تمام ضروري آهي.

خوشفهمي جي گهيري مان نڪري اچو!

جاگيرداراڻي سماج واري ڪلچر ۾ ڪنهن فرد کي معمولي ڪاميابي ملي ته ڄڻ هن سومناٿ جو مندر فتح ڪري ورتو هاڻ هوئي اڳواڻ هجي ٿو ۽ پنهنجي راءِ ذريعي سڄي قوم کي پيو صلاحون ڏيندو ته بس مون جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ڪاميابيون ماڻيون آهن، مان ئي سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو، تنهن ڪري اچو مونسان گڏ ٿيو. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نجي ٽي وي تي چئنل جي مالڪ سان Opinion with Ali Qazi پروگرام ڏٺم. صاحب موصوف فرمايو پئي ته جيئن سنڌ ۾ ٽوپي ڏهاڙي ۽ سنڌو ڏهاڙي تي پُرامن طريقي سان لکين ماڻهن مونکي موٽ ڏني آهي، اهڙي سنڌ جي سماج ۽ ظلم ۽ جبر ۽ وڏيرا شاهي جي خاتمي لاءِ ايندڙ ننڍين چونڊن ۾ “Panal for the change” تبديلي لاءِ پئنل جوڙي آرام سان يو سي ليول کان سڄي سنڌ جي بلدياتي خونڊن ۾ شاندار ڪاميابي ماڻي سگهجي ٿي. اُن ۾ خاص گاڏين جي ضرورت نٿي پوي، صرف ماڻهو نڪري پون ۽ تبديلي لاءِ ووٽ گهرن ته عوام ماضي وانگر وڏي تبديلي آڻي سگهن ٿا. علي قاضي صاحب جو سٺو خواب آهي جيڪو صرف سمهڻ مهل ڏسي سگهجي ٿو عملي طور تي ان جي ڪا رزلٽ ملي سگهي ممڪن ناهي. اصل ۾ سنڌ ۾ ڪجهه فرد سياسي جدوجهد کي ناڪام سمجهي غيرسياسي طريقن سان ريفارمز جي حق ۾ هجن ٿا. قومن جي تاريخ جو جيڪڏهن کيس ادراڪ هجي ها ته ايتري ٻاراڻي ڳالهه نه ڪري ها.
ڇاڪاڻ جو صدين کان سنڌ جي سماج تي جاگيردارن جو قبضو رهيو آهي. سنڌ جا مسڪين پورهيت ماڻهو انهن جي قبضي هيٺ رهيل آهن. انهن جي مرضي کان سواءِ اُهي ساهه به نٿا کڻن. رياست انهن وڏيرن جي حامي رهندي اچي ۽ وڏيرا به رياست جي هر ظلم ۽ ڏاڍ سان سهمت رهيا آهن. ان ڪري جائز يا ناجائز طريقي سان غريبن جو اليڪشن ۾ پاڻ مُرادو کٽي اچڻ بنهه مُشڪل آهي. ان ڪري دنيا ۾ غريبن جي حڪمراني پاڻ مُرادو ٿيڻ بجاءِ ڏهاڪن جون جدوجهدون، قربانيون ڏيڻ کان پوءِ ممڪن ٿي سگهيون آهن.ڏاڍي مُڙس جي خلاف چونڊن ۾ بيهڻ سو به ڪنهن سياسي پارٽي جي پليٽ فارم ۽ جهنڊي ۽ مدد کان سواءِ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟
مائي جوري جمالي جو مثال ڏنو پيو وڃي. ٺيڪ آهي ته هڪ هارياڻي وڏيري جي مقابلي ۾ بيهي رهي ۽ هارجي وئي. هُن جو بيهڻ وڏي همت جي ڳالهه آهي پر ياد رکڻ گهرجي ته اُن پٺيان سياسي پارٽي هئي، ڪمزور ئي سهي، جنهن رياست ۾ فوج، سول ڪاموراشاهي ۽ جاگيردارن جي ٽرائيڪا ڪم ڪندي هجي، سمورن معاشي وسيلن تي انهن جو قبضو هجي. سياست ۾ مداخلت هجي اُتي تبديلي سادي طريقي سان ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي. قاضي صاحب دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو مثال نه ڏئي سگهندو ته سياسي ۽ انقلابي ياريفارمسٽ قوتن جي پٺ ڀرائي ۽ رهنمائي کانسواءِ ڪا تبديلي اچي سگهي هجي.
شعور تبديلي جو مُحرڪ بڻجي ٿو، جنهن سماج ۾ ڦرلٽ هجي ٿي، مسڪين ماڻهو جو جيئڻ محال بڻجي وڃي، ٿورڙا ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا زندگي جون سموريون نعمتون حاصل ڪندا هجن ۽ اڪثريت عوام جي بکن ۾ پاهه هجي، جن جا ٻچا تعليم کان محروم هجن، غلامي جي آخري ۽ غليظ شڪل ۾ رهندا هجن، اُتي تبديليون اينديون آهن، سي به پاڻمرادو نه انهن ذلت جي ماريل ماڻهن کي ڪا انقلابي پارٽي هجي ٿي، ڪو فڪر ۽ فلسفو هجي ٿو، جنهن جي روشني ۾ ماڻهن کي منظم ڪجي. انهن کي شعور سان سگهارو بڻائجي. انهن کي هڪ انقلابي سگهه ملي ٿي، هو بيهي رهن ٿا وڙهن ٿا، مرن ٿا، مارين ٿا ۽ پوءِ تبديلي رونما ٿئي ٿي. 1960ع ۾ 21 مارچ جي ڏينهن تي ڌرتي ڌڻين ڪاري چمڙي وارن جي جلوس تي قابض گورن گوليون هلايون هيون، جنهن ۾ ٨ عورتن ۽ ١٠ معصوم ٻارن سميت 78 ماڻهو شهيد ٿيا،. سي ڇو ماريا ويا. پنهنجي ڌرتي تي غيرن جي ڏاڍ جي خلاف پُرامن احتجاج جي ڪري ماريا ويا. ڳالهه اتي نٿي رڪجي. سوين ڪاراجيل واڙيا ويا. لڳاتار ويڙهه جي نتيجي ۾ ڪارن کي پنهنجي مرضي جو ووٽ جو حق مليو ۽ پنهنجي مرضي جو اڳواڻ چونڊڻ حڪومت جوڙڻ جو حق نصيب ٿيو. پاڪستان جي رياست ۾ سنڌ غلامي جي شڪل ۾ آهي. اسين آفريڪا جي ڪارن کان ڪيئن مختلف آهيون. ڇا سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جي حاڪميت آهي؟ سنڌ جو وڏيرو ڪالهه انگريزن سان بيهي پنهنجا مفاد حاصل ڪندو رهيو هو، سو اڄ فوج ۽ اسٽيبلشمنٽ سان بيهي پنهنجا مفاد حاصل ڪري رهيو آهي. جتي به وڏيرن جي گروهه کي خطرو هجي ٿو، اُتي اُهي ٻٽ بڻجيو وڃن. سنڌ ۾ تبديلي لاءِ ڊاڪٽر قادر مگسي، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا ڪيترائي قومي ۽ انقلابي اڳواڻ چونڊن ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. ڪاميابيون نه ملڻ جو ڪارڻ ڇا آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سندن قرباني ڏنل آهي. سندن تنظيم آهي، ڪارڪن آهن، سندن سنڌي قوم جي حقن لاءِ زبردست پورهيو ٿيل آهي. پوءِ به ناڪامي؟ ڪارڻ هي آهي ته تبديلي آڻيندڙ ڌرين جون دشمن قوتون اڃان سوڌو سگهاريون آهن. انهن وٽ وسيلا آهن، بقول امر جليل جي ته بودلا جاگيردار جا پٽ پوٽا ۽ ڏوهٽا اڃان سوڌو اقتدار ۾ رهندا اچن. جڏهن ته تبديلي آڻيندڙ قوتون ڪمزور سندن تنظيم ڪمزور، هيٺين سطح تائين عوام تائين پهچ اڃان نه ٿي سگهي آهي، وسيلا نه هئڻ برابر آهن. اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ناهي، هو سنڌ جي سماج ۾ غريبن ۽ پيڙهيل ماڻهن کي اقتدار جو مالڪ بڻائڻ چاهين ٿا. اهوئي بنيادي تضاد آهي، جيڪو ڊگهي تاريخ ۾ هلندو اچي ظالم ۽ مظلوم حاڪم ۽ محڪوم فرد ۽ قومن جو ٽڪراءُ جيڪو نيٺ پنهنجي منطقي انجام تي پهچڻو آهي. ڪاميابي وري به انقلابي قوتن سماج کي تبديل ڪندڙ قوتن جي ٿيندي. چين، روس، ويٽنام، ڪيوبا، وينز ويلا، هاڻ نيپال جون تبديليون رت جا درياهه پار ڪري حاصل ڪيون ويون آهن. عام ۽ سادي اُڀريل تضادن تي عوام کي گڏ ڪرڻ سولو ڪم آهي. جيڪو صرف عارضي طرح سان نظر اچي ٿو. پر جيڪو نانءُ آهي تبديلي جو سو چيندا صلاحون ڏئي سادا مثال پيش ڪري تبديلي آڻي سگهجي،سا خام خيالي آهي ۽ ماڻهن کي سياست کان الڳ ڪرڻ ۽ ريفارم وارن طريقن کي اپنائڻ جا گس ٻڌائڻ سنڌ سان، انقلاب سان دشمني کان سواءِ ڪجهه به ناهي. سنڌ ۾ تبديلي بلڪل ممڪن آهي. هيٺين سطح تائين پهچڻ تمام سٺي ۽ اعليٰ پائي جي منظم انقلابي تنظيم، آئڊيالاجي واضع هجڻ ۽ رياست سان ٽڪراءَ جون تياريون ڪرڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.
تاريخ ۾ انقلاب يا تبديلين جي روشني ۾ عوام جي صحيح طريقي سان رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو ٺيڪ آهي ته ماڻهن کيCourage ڪجي، انهن کي همت ڏيارجي ته ظلم ۽ جبر ۽ وڏيري ڪلچر کي شڪست ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ اچي. پر ساڳي وقت هي صلاح ڏيڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪا تبديلي چاهيو ٿا ته تبديلي لاءِ جاکوڙيندڙ قومي انقلابي پارٽين ۾ شامل ٿي وڃو، هڪ ٿي وڃو. ڪنهن هڪ پارٽي کي پنهنجو ويساهه ڏيو. منظم ٿيو، نظرئي سان مسلح ٿيو ۽ پوءِ طبقاتي ننڍ وڏائي کي ختم ڪريو. پورهيت راڄ قائم ڪريو. ڦرلٽ جو نظام برباد ڪريو. پر جڏهن اوهين پنهنجي ٽي وي چئنل ۽ پاپولر اخبار جو سهارو وٺي غير منطقي، غير سائنسي ڳالهيون ڪري ماڻهن کي راهه ڏيڻ بجاءِ ڌُٻڻ ۾ ڦاسائڻ، انارڪي ڏانهن وٺي وڃڻ رياست جو پرزو بڻجي، انهن لاءِ استعمال ٿي عوام کي خوشفهمين ۾ وجهڻ خطري جي گهنٽي آهي. پنهنجا عوام تائين رسائي جا غلط ذريعا استعمال نه ڪريو. ننڍين ۽ سنڌ جي عوام جي مفاد ۾ نه هجڻ وارا ناٽڪ رچائي عوام کي دڳ ڀلائڻ بند ڪريو. اوهين پنهنجي پيشي جا ماهر آهيو. ڪمايو ۽ کائو، خوش گذاريو.
تبديلي سياسي پارٽيون ۽ انقلابي فڪر ئي آڻي سگهن ٿيون. ڇو ته جدلياتي اصول موجب سرمائيدار پنهنجو دشمن پنهنجي ڪُک مان پئدا ڪيو مزدور. اهڙي ريت هن وڏيرڪي سماج ۾ وڏيري تهذيب جي خاتمي لاءِ سندن ڪُک مان ئي تبديلي جو اُهڃاڻ هاري پورهيت پئدا ٿيو آهي ۽ باشعور وچولو طبقو جيڪو تبديلي رونما ڪندو. ايندڙ چونڊن ۾ يقينن تبديلي نظر ايندي، اسين 21 صدي ۾ داخل ٿيا آهيون، صدين جي ظلم ۽ ڏاڍ سان جيڪو شعور پئدا ٿيو آهي. اُهو ٻرانگهون ڀري پنهنجي منزل ڏانهن وڌيو آهي. مستقبل ۾ شعور ۽ محڪومن جي ڪاميابي جا نغارا آهن. پر سنڌ جي عوام کي بي پاڙي وَل وانگر غير سياسي غير نظرياتي فڪر رکندڙ سفيد پوش خوشحال گهراڻي جي چوڻ تي راءِ قائم ڪرڻ بجاءِ مشن جو حقيقي طرح سان جائزو وٺي. انقلابي پارٽي سان گڏجن ڇو ته سياست ئي تبديليءَ جو حقيقي محرڪ آهي.

بي حسي.....!

تاريخ هي ثابت ڪيو آهي ته ڪرپٽ ۽ بي پرواهه حڪمرانن جي دور ۾ رياست جي اندر ڪرپشن، اقربا پروري، بک بدحالي ۽ بي حسي جنم وٺندي آهي. جڏهن حڪمران مٿي جي چوٽيءَ تائين ڪرپشن ۾ ملوث هجن ٿا ته سماج جو هڪ ننڍڙو حصو پڻ ان جو ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو. لٽ مار ۾ حياءَ شرم جا سمورا ليڪا لتاڙين ٿا. جڏهن سماج جو اڪثر حصو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿئي ٿو. ۽ ڏسندي ڏسندي سماج غير يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿئي ٿو. هر ماڻهو دانهين ٿو هن رياست جو الائي ڇا ٿيندو؟
رياست جا سمورا طاقتور ٿنڀا پنهنجن خصيص مفادن لاءِ هڪ ٻئي کي هڪ عرصي تائين ٽيڪ ڏين ٿا طبقاتي سماج جا سگهارا ماڻهو اُن حڪمراني ذريعي لاپرواهي جو سبب بڻجن ٿا ۽ پرورپئگنڊا جي مشينري ذريعي ۽ کاٽائو پٽن ذريعي عوام تائين رسائي ڪري چيو وڃي ٿو ته سڀ ٺيڪ آهي جمهوريت حاصل ٿئي اڃان ٿورو عرصو ٿيو آهي. وقت ڏيو ته کير ۽ ماکي جون نديون وهائينداسين، جڏهن اڪثريتي عوام اِنفرادي ۽ اجتماعي طور دانهون ڪرڻ شروع ڪري ته سمجهي وٺو ته عوام دُرست آهي. ڇاڪاڻ جو تاريخ ۾ عوام جي اڪثريت ڪڏهن غلط ثابت ناهي ٿيندي. تاريخ عوام جي اڪثريت جي فيصلن کي مان ڏنو آهي ۽ دُرست قرار ڏنو آهي. هو نئن ته پاڪستان جو عوام سڄي ڪريٽ حڪمرانن جي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهي. ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ملڪ ۾ ڪيئي قومي ۽ جمهوري تحريڪون به هلي چُڪيون آهن. جيڪي اڄ به مختلف شڪلين ۾ جاري آهن. هڪ طرف 1950ع جي ڏهاڪي ۾ سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي ۽ حڪمران طبقو پاڻ ۾ هم آهنگ ٿيا ٽڪراءُ کان پوءِ جيڪي اڄ سوڌو اها ڪوليشن (اتحاد) جاري آهي ته ٻئي طرف جمهوري قوتون کاٻي ڌُر، قومپرستن جو وڏو حصو ان اتحاد جا مُخالف رهيا آهن ۽ سماج جي سموري خراب صورتحال جا ذميدار انهن کي ئي قرار ڏنو پيو وڃي.
سنڌ جي ڊگهي عرصي کان قومي، طبقاتي ۽ جمهوري حقن لاءِ مختلف ڌُريون سياسي جدوجهد ڪري رهيون آهن، سندن خيال ۾ طبقاتي سماج کي هڪ نئون سماج اڏڻ جي ضرورت آهي. قومي غلامي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ۽ حقيقي جمهورت لاءِ جاکوڙ جي ضرورت آهي. اڄ سماج ۾ انتها درجي بي حسي نظر اچي رهي آهي 1985ع ۾ جڏهن اٽو صرف اٺ آنا قيمت وڌائي وئي ته کاٻي ڌُر جي ڪارڪنن زبردست مُظاهرا ڪيا. احتجاج ڪيو عوام طرفان کين پذيرائي ٿي. 1985 ڌاري آمريڪي ٻيڙو ڪراچي بندرگاهه تي اچي رهيو هو ته آمريڪي سامراج جي مداخلت جي خلاف ساڳي طبقاتي جدوجهد ڪندڙ ماڻهو ميدان تي نڪتا. تمام ڪمزور آواز هئڻ جي باوجود سماج ۾ اهڙي عمل جي ساراهه ٿي. اڄ کنڊ اڻلڀ آهي جيڪا 40 رپيا ڪلو ملڻ گهرجي اُها 100 رپين ۾ به نٿي ملي. اٽو اڻ لڀ ٿي ويو. اٽي ۽ کنڊ جي حاصلات لاءِ ڪراچي ۾ 18 غريب عورتون چيڀاٽجيچڪيون آهن. سڄي سنڌ جي واهڻ وستين ۾ ڏتڙيل ماڻهن پيٽ جي بک اُجهائڻ لاءِ لٺيون کاڌيون. تشدد سٺو، لکين ماڻهو اڄ به اٽي ۽ کنڊ، جي لاءِ سخت پريشان آهن. روز اخبارن ۾ پڙهون ٿا ته ڪنهن ماءَ پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي ماني ڳڀي لاءِ بازار ۾ وڪڻڻ جا هوڪا ڏنا. ڪنهن ٻه ويلا ماني نصيب نه ٿيڻ تي ڳچي ۾ ڦاهوکائي پنهنجي جان آجي ڪئي. ڪنهن وري پنهنجن گلڙن جهڙن معصوم ٻارن کي پاڻ سان گڏ زهر پياري هميشه لاءِ ماني ڳڀي جي پريشاني کان آجو ڪري ڇڏيو.
سنڌ ۾ غربت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. نتيجي ۾ ڏوهه وڌڻ لڳا آهن. ٻن پئسن لاءِ ماڻهو مارڻ کاٻي هٿ جو کيل ٿي ويو آهي. جنهن ڌرتي تي ماڻهو مارڻ عيب رهيو هجي. اُن پُرامن ڌرتي تي روز رت جا ريلا وهن ٿا. پوءِ به حڪمران چون ٿا ته اٽو ناهي ته چانور کائو. جمهوري ملڪن ۽ انسان دوست رياستن ۾ صورتحال بنهه مختلف هجي ٿي. هندستان ۾ ڪرپشن جي الزام تي وزير استعيفائون ڏين ٿا. ڪنهن حادثي ۾ ماڻهن جي مرڻ سان وزير نوڪري ڇڏيو ڏين. سنڌ ۾ اٽي ۽ کنڊ جو شديد هٿرادو بُحران ٿيو، چيو وڃي ٿو ته 70 شگر ملن مان 58 حڪمرانن جون آهن، سڄو بُحران وڌيڪ رقم ڪمائڻ خاطر آهي. 20 کان مٿي معصوم ماڻهن جي اٽي لپ لاءِ موت تي اسان جي حڪمرانن کي ڪوبه لهس نه آيو ڪنهن ۾ به ايتري جرئت ۽ غيرت نه هئي جو اهڙي انڌوهناڪ حادثي تي وزارت کان الڳ ٿي وڃي. ٻئي طرف اڪثريت عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ مونکي هڪ به اهڙو مظاهرو نظر نٿو اچي ته اٽو ڇو مهانگوآهي کنڊ ڇو گدامن ۾ رکي وئي آهي ڪنهن سيٺ جي ڪارخاني کي باهه نه ڏني وئي آهي، بقول علامه اقبال جي
جس کيت سي دهڪان ڪو مُيسرنه هوروٽي.
اُس کيت ڪه هر خوشه گندم ڪو جلادو.
ٿيڻ ته هيئن گهربو هو ته سنڌ جي سماجي ۽ معاشي بدحالي، طبقاتي سماج جي انتهائي بري شڪل جڏهن سامهون هجي، عوام حڪمرانن کان بيزار هجن، پاڻمرادو احتجاج ٿيندا هجن، معروضي حالتن جي نشاندهي ٿئي ٿي ته انقلاب اچڻ گهرجي. انقلابي قوتون عوام جي اڪثريت هاري ۽ مزدورن سان ٿيل ڏاڍاين کي بنياد بنائي عوامي هلچل هلائين ٿيون.
انقلابي قوتون عوام جي بنيادي مسئلن جيڪي انهن جي روز مره جي زندگي ۾ اچن ٿا ان تي ايجنڊا جوڙين ٿيون ۽ پوءِ انهيءَ هاري مزدور جي طاقت سان سماج ۾ وڏي تبديلي رونما ٿئي ٿي.
اڄ سنڌ ۾ هڪ طرف حاڪميت جو سوال آهي، سنڌ جي غلامي جو سوال آهي؟ سنڌ جي وڏيرا شاهي جي جبر جو سوال آهي، هڪ طرف نسلي ۽ مذهبي ڪٽر پڻي ۽ جارحيت جو سوال آهي جنهن تي سنڌ جون قومپرست ۽ ترقي پسند ڌريون جو يڪراءِآهن.
پر ڪو سبب آهي جو ساڍا چار ڪروڙ عوام جي اڪثريت قومي حقن جي جدوجهد ڪندڙ ڌرين کان پاسيرو بيٺل آهن،
”ڪامريڊ لينن چيو آهي ته جيسين اوهين ماڻهن جي ٻولي، نه سمجهندا انهن جي مسئلن تي ويچار نه ڪندا هو ڇا ٿا چاهين ته اوهان کي ڪاميابي نه ملندي“ سنڌ جي اڪثريت عوام جو فوري مسئلو بُک جو خاتموآهي، کين امن گهرجي جيڪو يقينن انقلاب ۽ آزادي سان ممڪن آهي پر جيسين انقلابي ڌُريون عوام جي مسئلن کي ويجهي کان نه ڏسنديون، انهن جي ننڍي کان ننڍي مسئلي تي ويڙهه نه ڪنديون ته عوام انهن سان گڏ نه بيهندو.
فلسطين جي آزادي پسند پارٽين 1948ع کان اڄ تائين جارحيت ۽ غلامي خلاف وڙهندا رهيا آهن، جن وڏيون قربانيون ڏنيون سڄي دنيا ۾ پاپولر قومي تحريڪ طور سڃاتي وڃي ٿي. پر 1987ع ۾ حماس فلسطينين عوام جي مشڪلاتن انهن بنيادي کان بنيادي مسئلن لاءِ عملي ڪوششتون ڪندا رهيا نتيجي ۾ 2006ع ۾ حماس سڄي علائقي جي سياست ۾ ڇائنجي وئي غزا جي فلسطينين ، ڪئمپن ۾ رهندڙ فلسطينن حماس لاءِ خودڪش ماڻهو پئدا ڪيا. جڏهن اوهين عوام جي مسئلن سان پاڻ کي ڳنڍي بيهاريو ٿا ته عوام آخري حد تائين ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار هجي ٿو. انگريزن جي سڌي غلامي کان پوءِ هاڻ وري آمريڪن جي سڌي غلامي جو شڪار ٿيڻ وارا آهيون قوم ۽ عوام کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ بجاءِ بينظير سپورٽ پروگرام ذريعي هڪ هزار مهيني ۾ ڏئي لکين پيناڪ پئدا ڪيا پيا وڃن اُن ۾ به ڪرپشن جا سمورا ليڪا لتاڙيا ويا آهن ٻئي طرف مجموعي طرح سان عوام جي بي حسي نظر اچي ٿي ته انفرادي طرح سان ريل هيٺان خودڪشي ڪرڻ ڦاهو کائي مرڻ، زهر جا ڍُڪ پي رت جا ڍُڪَ اوَڳاڇي مرڻ لاءِ ته تيار آهي پر اجتماعي طرح سان زبردست عوامي مزاحمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ٽئين طرف ان سڄي صورتحال مان عوام کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ انتهائي ڏاهپ ڀري، ليڊر شپ ۽ تنظيم جي وڏي کوٽ نظر اچي ٿي. جيڪا تنظيم حڪمرانن جي بي حسي ۽ عوام مٿان ڪيل جبر جو فائدو وٺندي گهر گهر وڃي عوام کي سجاڳ ڪرڻ، انهن کي بي حس ٿي خاموش زندگي گذارڻ، هميشه الله جي رضا تي راضي رهڻ خود ڪشيون ڪرڻ کان روڪين، انهن ۾ هڪ نئون ويساهه پئدا ڪن، اميد جي چڻنگ پئدا ڪن، گهٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول مان ٻاهر ڪڍي اچن، هارين جون مظبوط ۽ منظم تنظيمون جوڙين پورهيتن جون تنظيمون جوڙين، انهن جي هر مُشڪل ۾ گڏ بيهن انهن جي مرڻي پرڻي ۾ گڏ هجن، وڏيرن جي اوطاقن تي ٻانهون ٻڌي بيهڻ وارن لاءِ سهارو بڻجن، جڏهن 18 عورتون ڪراچي ۾ ۽ سنڌ جي ٻهراڙي ۾ مسڪين ماڻهو اٽي جي لپ لاءِ پنهنجون جا نيون وڃائي ويٺا ته سنڌ جي طبقاتي جدوجهد ڪندڙ ۽ سرمائيدارانه، جاگيردانه سماج جي باغين کي زبردست تحريڪ هلائڻ گهرجي، هر هنڌ ماتم لاءِ تڏا وڇائجن ها. انهن ماڻهن لاءِ تحريڪ ايتري شدت اختيار ڪري ها جو لاڳاپيل وزير مشير گهر ڀيڙا ٿين. پر منهنجي خيال ۾ مرڻ وارن جا نالا ڪنهن به انقلابي پارٽين کي ياد نه هوندا انهن جي گهرن ۾ وڃي سندن پونئيرن سان تعزيت به نه ڪئي، انهن جي لڙڪن ۾ ٻه لڙڪ به نه هاري سگهيا ته پوءِ ڪيئن سنڌ جو اڪثريتي عوام ان بي حسي تي ساٿ ڏيندو. باقي گهر ويٺي هر ماڻهو ڏک جو اظهار ڪيو.
هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار کان ٻاهر ويٺل جاگيردار سياست ڪندڙ ڌُريون ان سڄي صورتحال مان فائدو وٺندي اقتدار ۾ ايندا ۽ عوام کي يقين ڏياريندا ته اسين اوهان جي ڏکن جي خاتمي جو سبب بنياسين.
سنڌ واسيو! سنڌ ۾ غير يقيني واري صورتحال ٽٽڻ گهرجي، سنڌ جي ماڻهن جي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ گهڻ رخي ۽ ڏاهپ ڀري تحريڪ جي ضرورت آهي. سنڌ جا وڏا قومي مسئلا يقينن انقلاب ۽ آزادي جا گهُر جائو آهن، جيسين انقلابي تنظيمون ان معيار جون ٿين تيسين سنڌين کي اٽو لپ وٺي ڏيو، ڊسپرين گوري وٺي ڏيو، غريبن جي ٻارن کي تعليم ۽حق وٺي ڏيو، سنڌي ماڻهن جڏهن غربت ۽ افلاس خلاف خودڪشيون ڪرڻ بند ڪيو ته سمجهنداسين ته سنڌي عوام انقلابي پارٽين تي ويساهه ڪرڻ لڳو آهي ۽ هن ڏاڍ ۽ جبر واري طبقاتي رياست خلاف ڏتڙيل ماڻهو اجتماعي ويڙهه کي اهميت ڏئي ٿو اُن ۾ هو پنهنجو ڇوٽڪارو سمجهي ٿو، بي حسي واري صورتحال رڳو سنڌ کي نصيب ۾ ناهي ملي پر دنيا جي تمام گهڻن ملڪن ۾ اهڙي ڪيفيت رهي آهي عقل مند ماڻهن اُن جو گس ڳوليو شعور کي هٿيار بنايو ماڻهن ۾ همت ۽ حوصلو پئدا ڪيو ڏکين گهڙين ۾ وقت وڃائڻ کانسواءِ عوام سان ڏکن ۾ ڀرجهلو ٿي بيٺا سنڌ جي موجوده معروضي ڪيفيت انقلاب جو مطالبو ڪري ٿي. اسان کي تاريخ جي انقلابي ڪردارن ۽ پارٽين ڏانهن رجوح ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌي سماج ڪٿي بيٺو آهي؟

سنڌ هزارين سال پراڻي تاريخ رکي ٿي. سنڌي سماج جي سولائيزيشن دنيا جي چند اهم تهذيبن مان امير ترين تهذيب رهي آهي. سماج پنهنجن اندروني ۽ ٻاهرين ٽڪرائن جي نتيجي ۾ ڊهندا ٺهندا سڌاري ڏانهن وڌڻ لڳندا آهن. شاندار تهذيبن ۾ تمام گهڻا امڪان هجن ٿا ته اُهي تهذيبون مستقبل ۾ به شاندار ۽ ترقي يافته سڌريل مُعاشرن کي جنم ڏين ٿيون. موئن جي دڙي واري تهذيب جيڪا ساڍا چار هزار سال اڳ واري تهذيب دنيا جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. جڏهن اڃان يورپ جي سماج به ايڏي ترقي، خوشحالي ۽ مهذب پڻو نه ڏٺو هو ته سنڌي سماج ۾ ترتيب، ترقي ۽ مهذب پڻو موجود هو. تاريخ جي بي رحم حالتن اڄ سنڌي سماج کي ڪٿي بيهاريو آهي. سنڌي سماج ۾ جيڪا به اُٿل پُٿل آئي آهي ان ۾ سنڌ کان ٻاهران مسلسل حملي آورن جو ڪردار اهم رهيوآهي. خوشحال سنڌ کي لٽڻ ڦرڻ ۽ ان جي علم ۽ ادب کي بار بار تاراج ڪرڻ، ڌارين جي آبادڪاري جيڪي پاڻ سان گڏ مثبت گهٽ منفي وڌيڪ گهٽ تهذيب يافته قومن ۽ گروهن جي قبضي ۽ انهن جي مختلف وقتن ۾ سنڌ تي حاڪميت به بنيادي سببن مان هڪ سبب آهي. اهودُرست آهي ته سنڌي سماج سگهارو هئڻ ڪري پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ حدن کي ته بچائي رکيو آهي. عرب، ارغون، افغان، پٺاڻ، مغل سنڌ ۾ آيا ته سنڌي تهذيب جو حصو بڻيا. پر سنڌي قوم ڊگهي تاريخ هئڻ ڪري پنهنجا کوڙ سارا مثبت رواج تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن. نتيجي ۾ اڄ سنڌ کان ٻاهر ويٺل ماڻهو ۽ قومون سنڌ تي سماجي براين تي تنقيد ڪري رهيون آهن.

ڪالهه جو سنڌي سماج
صدين کان اسين پنهنجن وڏڙن کان پهاڪن ذريعي سنڌي سماج جون بهترين رسمون رواج ٻڌندا اچون ٿا ۽ انهن کان ٻڌندڙ ڳالهيون تاريخ جو حصو آهن ته سنڌ هر لحاظ سان خوشحال ۽ مالا مال هئي. تيل، گئس ڪوئلي جا ذخيرا جيڪي لکين سالن کان هن ئي سنڌ جي زمين ۾ دفن آهن پر صديون اڳ ان جي پروڙ نه هئي ۽ نه وري اهي وسيلا سنڌ جي خوشحالي جو سبب هئا. سنڌي مالوند هئا. محنتي هئا. سڄو ڏينهن پنهنجي ڪم ڪار سان واسطو رکندا هئا. واندڪائي جي مهل ڪي چڱا ڪم ڪندا هئا. هوٽلن تي ويهي چانهه پيئڻ ۽ پوءِ سڄو ڏينهن ويهي ڪنهن جي گِلا خوري ڪونه ڪندا هئا ته شهري سماج گهٽ هو. بنيادي سهولتن کان ماڻهو محروم هو. تعليم عام نه هئي، پر پوءِ به اُن دور جا پڙهيل (شعوري) طرح سان اڄ جي پي ايڇ ڊي کان وڌيڪ ذهين هوندا هئا. عقل مند هوندا هئا. سندن ڏاهپ پري پري تائين مشهور هوندي هئي.
ٻهراڙين ۾ زبردست منظم اوطاق ڪلچر هوندو هو. جتي شام جو سمورن ڪمن جي واندڪائي کان پوءِ ڳوٺ وارا حال احوال اوريندا هئا. ڪچهريون ٿينديون هيون. هڪ ٻئي جا ڏک سور ٻڌبا هئا. حال سارو هڪ ٻئي جي مدد ڪبي هئي. ڏور بيت، ڳجهارتون، راڳ رنگ، رات جي محفلن جو حصو هوندو هو. ڳوٺ جو بزرگ سمورن نوجوانن لاءِ رهنمائي وارو ڪردار هوندو هو. ننڍا وڏن جي عزت ڪندا هئا. غير ضروري بحث مُباحثي کان پاسو ڪندا هئا. ڳوٺ جي شادي ۽ غمي ۾ سڄو ڳوٺ راڄ مددگار هوندو هو. هٿ هٿ ڪري ڪنهن به غريب جو ڳهو چاڙهي ڇڏيندا هئا. خوشين جي موقعن تي رانديون ٿينديون هيون. ونجهه وٽي، ڪوڏي ڪوڏي، مَلهه، گهوڙن جي ريس، ڏاندن جي ڊوڙ، سنڌي وڏا پٽڪا ٻڌي، ٽوپيون پائي، اچي محفلون سجائيندا هئا. واهه واهه هوندي هئي. ڪيترن ڏينهن تائين پئي تبصرا ٿيندا هئا. ننڍن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ راڄوڻي ڪندا هئا. ڪوشش هوندي هئي ته رُٺل دلين کي پرچائجي. پري پري تائين چوري ڌاڙي جو تصور نه هوندو هو. انفرا اسٽر ڪچر جديد نه هئڻ ڪري سفري سهولتن جي کوٽ ڪري ماڻهو جي خوشي ۽ ڏک ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪوهين ڏور پيرين پنڌ ڪري وڃبو هو. مهمان نوازي تمام گهڻي مشهور رهي آهي. سنڌي ماڻهو ڀلي غريب هجي پر سندس مهمان نوازي سندس مانَ ۽ مرتبي کي وڌائندي رهي آهي.
ٻهراڙي جي اسڪول ۾ پڙهائيندڙ اُستاد جو ڪردار به تاريخي رهيو آهي. هو رڳو ٻارن کي نصاب نه پڙهائيندو هو، پر سنڌ جي تاريخ کان واقف ڪرڻ، ۽ سنڌي تهذيب جي چڱاين کان پڻ کيس روشناس ڪندو هو. هڪ سٺو انسان پئدا ڪرڻ لاءِ هو جتن ڪندو هو. مطلب ته سنڌ جي شاندار ڪلچر ۾ ڊگهي تاريخ جو حصو رهيو آهي. سنڌ جا ماڻهو رات هجي يا ڏينهن سندن لاءِ امن جو مسئلو نه هوندو هو. چوري، ڌاڙو سنڌ جي تهذيب جو حصو نه هو. ننڍڙي ڳالهه تان ماڻهو قتل ڪرڻ اسان جي تهذيب جو حصو نه هو. سنڌ جي نياڻين کي عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ڏسندڙ سماج کيس ڪاري ڪري ڪونه ماريندو هو. مطلب ته جتي اقتصادي خوشحالي هجي، امن هجي، اُن معاشري کي سڌريل معاشري سان ڀيٽ ڏبي آهي. سنڌ جا شهر روزانو پاڻي ۽ خوشبو جي پاڻي سان ڌوپبا هئا. گهرن جا دروازا کليل هوندا هئا. گارڊ، بندوق بازن، جو تصور نه هوندو هو. پري پري تائين ڏوهن جو تصور به نه هوندو هو. بُک ۽ بدحالي نظر نه ايندي هئي. غربت ضرور هئي امير ۽ غريب جو تصور ته بلڪل هو پر ان حد تائين نه جو سنڌ جي ڪا نياڻي بُکن ڪري پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ٿئي. يا وري سڄو خاندان مُشڪلاتن جا ٻه ويلا ماني نه هئڻ ڪري زهر کائي هميشه لاءِ موڪلائي وڃن. ڪالهه جي سنڌ ۾ امن هو، پيار هو، رهنمائي هئي، قيادت هئي، پنهنجائپ هئي، خوشيون هُيون. عزت ۽ وقار هو. هڪ ٻئي جي مدد هئي. علم ۽ ادب هو، ٻڌي هئي. ڪمٽمنٽ هئي.

اڄوڪي سنڌ
مختصر طور تي عام رواجي طرح سان اسين ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪالهه واري سنڌ ڇا هئي ۽ اڄوڪي سنڌ ڪيئن آهي.
سڄي سنڌ ۾ اوطاق ڪلچر جو خاتمو اچي ويو آهي، ٻهراڙيءَ ۾ ڳوٺاڻو بزرگ پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺو آهي، ڪچهرين مان رهنمائي ختم ٿي وئي آهي. ڏور بيت ۽ ڳجهارتون موڪلائي ويون. ٻهراڙي ۾ رانديون ڪونه ٿين ٻيلهاڙا ختم ٿي ويا. شادين غمين ۾ اچڻ وڃڻ گهٽجي ويو آهي. ڳوٺ جو اُستاد مددگار ۽ رهنمائي ڪندڙ ڪردار بجاءِ اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. اُهو هاڻ رڳو وڏيري جو ڪمدار بڻيل آهي. چوريون ۽ ڌاڙا معمول بڻجي ويا آهن. ماڻهن پنهنجي گهرن کي وڏا لوڙها ۽ وڏيون ديوارون ڏيڻ تي مجبور آهن. هٿيار خريد ڪرڻ سندن لاءِ لازمي آهي. ڳوٺ ڳوٺ، چونڪ چونڪ ۽ شهر ۾ ڊش ۽ ڪئبل سسٽم ماڻهن لاءِ تفريح جو سبب آهن.
سام لاءِ سر قربان ڪندڙ سنڌي سماج ۾ اُن ست قرآنن جي برابر نياڻي کي بنا سبب جي ڳڀا ڳڀا ڪيو پيو وڃي، ڪاري جا مٿس الزام هڻي سندس عزت ۽ وقار مجروح ڪيو پيو وڃي. اڻ سڌريل غير تهذيب يافته سماج ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. قاتل کي وري غيرت مند بهادر ۽ سورهيه ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. لطيف سائين ته سورهيه ڪردار سهڻي، سسئي کي قرار ڏنو آهي.
راڄ برادريون پاڻ ۾ وڙهن ٿيون، بي گناهه ماڻهو مرن ٿا. ڳوٺن ۾ ۽ شهرن ۾ ته هاڻ بارود جي بوءِ هر هنڌ جاءِ ورتي آهي. گلن جي خوشبو عطر عنبير نظر نٿا اچن. هر ڳوٺ پاڙو ۽ راڄ الڳ رياست بڻيل آهي. خوشحال سنڌ جا ماڻهو غريب ترين ٿيڻ تي مجبور ٿيا آهن. صدين کان آباد ڳوٺ ويران ٿي ويا آهن. سج لٿي کان پوءِ ماڻهو گهر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ناهي. هن خطي جي وڏي منڊي شڪارپور جا شهري گهر کان ڏينهن جو به ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ناهن. شڪارپور جتان افغان بلوچ ايراني هندستاني ڪاروبار ڪندا هئا. اهو اڄ دهشت ۽ وحشت جي ور چڙهي ويو آهي. ماڻهن جو صفا ساهه مُٺ ۾ رهي ٿو.
سنڌي سماج ۾ نشي نالي ڪا شي نه هوندي هئي. اڄ سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ هر قسم جو نشو ڪاهي پيو آهي، جيئن ڌاري قوم جا حملي آور حملو ڪري قومن کي تهسس نهس ڪري ڇڏيندا هئا. پر انهن جنگين ۾ ماڻهو ٿڏي تي جسماني طور مري ويندا هئا. پر هاڻ هن نئين جنگ ۾ ماڻهو ظاهري طور تي زندهه هجي ٿو، پر سندس ذهن، عقل، شعور صفا مري چُڪو آهي. سندس جسم خالي بوتو رهجي وڃي ٿو. شراب ٺرو ڪلچر سنڌي سماج تي حاوي ٿي ويو آهي. گٽڪو، پان، تماڪ، 2100 سئو وغيره جهڙا نشا ماڻهن کي ڪنهن ڪم جو ڪونه ٿا ڇڏين. انهن نشن جي واهپي سان سندن مان هر قسم جي عزت ۽ وقار ڇڏايو وڃي. محبت موڪلائي وئي، ماڻهن مان محنت ۽ پورهيو ته بلڪل ڇڏائي ويو آهي.
سنڌ جي مسلسل ڦرلٽ ۽ وسيلن تي راتاها، غربت جو ڪارڻ ضرور آهن، جنهن مان سنڌي سماج ۾ مزاحمت بجاءِ فرسٽريشن حاوي ٿي آهي. سنڌي سماج مان مستقل مزاجي، اڻٿڪ محنت، ختم ٿي وئي آهي. غير يقيني، عدم اعتماد، ڀروسو، ويساهه صفا ختم ٿي چُڪو آهي. ان سڄي شاندار تهذيب کي تار تار ڪندڙ سنڌي وڏيري، رياستي ادارن ۽ ڇڙواڳ ماڻهن وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
وڏيرن کي دلالي عيوض رياست مددگار رهي ٿي. وڏيرو پنهنجي سگهه کي ٻيڻو ڪرڻ، بي پهچ عوام کي پنهنجي رعايا سمجهي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ضرور ٿيو پوي ته راڄن ۾ جهيڙا هجن. ڪارو ڪاري رسم عام هجي. جهيڙيندڙ بهادر ۽ سورهيه ليکيو وڃي، تعليم نه کپي اسڪول اوطاقون ۽ مال جا وٿاڻ هجن، هر ماڻهو سندس سلامي هجي. ڏهه ماڻهو ماري اچو اوهان کي ٿاڻو، جيل عدالت نه وڃڻو پوندو. راڄوڻي ڪري چٽيون وجهي کين باعزت بري ڪرايو ويندو ته جيئن وري ٻئي ڀيري 20 ماڻهو مارڻ جي همت پئدا ٿئيس. سنڌ جو امن ختم ٿي ويو آهي. سنڌ جا ماڻهو اذيت جي انتهائي ذلت واري دور ۾ گذاري رهيا آهن. ميلا ملاکڙا موڪلائي ويا، شهرن جا روڊ رستا پاڻي سان ڌوپجڻ بجاءِ رت سان رڱجي رهيا آهن. هر طرف موت جو راڪاس گهمي رهيو آهي. شهري وڏيرا به رياست جي مدد سان هر سزا کان بچيل آهن. سنڌ جي افسر شاهي مددگار ٿيڻ بجاءِ ڪرپشن جا ريڪارڊ قائم ڪرڻ ۾ پوري آهي. سنڌ تهذيبي طور تي امير هئڻ باوجود گهڻو ڪجهه وڃائي چُڪي آهي. ڪالهه جي سنڌ ۾ ڌارين کي سنڌ جا ماڻهو للڪار بڻجي مزاحمت ڪندا هئا. ۽ اڄوڪي سنڌ جا ماڻهو ڌارين جي يلغار لاءِ نرم گوشو رکن ٿا. سنڌ کي هڪ سٺي بزرگ، سٺي اُستاد، سٺي آفيسر جي ضرورت آهي. سنڌ کي تهذيب جي حساب سان 4000 سال پوئتي وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي. سنڌ کي تبديل ڪندڙ سياسي ڌُرين کي انقلاب ۽ آزادي لاءِ جاکوڙڻ سان گڏ سنڌ ۾ بدترين بُراين جي خاتمي لاءِ غيرمعمولي ويڙهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.

تاريخ جو عظيم ڪردار بينظير ڀٽو شهيد!

سڀاڻ 27 ڊسمبر آهي ان منحوس ڏينهن تي سنڌ، پاڪستان ۽ ايشيا جي عظيم شخصيت کي ماريو ويو هڪ اهڙي ڪردار کي جسماني طرح سان ختم ڪيو ويو جيڪو ڪردار پاڪستان ۾ جمهوريت جي اُهڃاڻ طورتي مشهور هو جنهن پنهنجي پيءَ ذوالفقار ڀٽو جي ظالماڻي قتل کانپوءِ ۽ شعوري طرح سان جمهوري حقن لاءِ آمريت سان مُهاڏو اٽڪائڻ لاءِ دوزخ جهڙي ڌرتي تي آئي ۽ هر ڏاڍائي ۽ جبر کي منهن ڏنو.
تاريخ مردن جي عظيم ڪردارن جي جدوجهد سان ته ڀريل آهي پر عورتن جي عظيم ڪردارن ۾ به ڪا ڪمي ناهي تمام ٿورڙن ڪردارن جي باوجود اُهي تاريخ جو عظيم ڪردار بنجي ويون.
پنهنجي ڏاهپ، بردباري، سهپ ۽ بهادري جي سنگم سان هو تاريخ جون عظيم نياڻيون اڄ به دنيا جي عوام تي راڄ ڪري رهيون آهن. جڏهن امام حسين عليه اسلام جابرن سان مُهاڏو اٽڪايو ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏيو معصومن کان ويندي بزرگن تائين سمورا حق جي راهه تي شهيد ٿيا ته امام حسين جي مقصد کي جنهن بهادري ڏاهپ سان سندس ڀيڻ بي بي زينب يزيد جي عدالت ۾ منهن ڏنو اهو خطبو تاريخ جو حصو بنجي ويو ته هر قسم جي ڏاڍ جي باوجود همت ڪري بيهڻ تي تاريخ جو حصو ٿئي ٿو. ڀٽو جي ڦاسي کانپوءِ پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي عوام ۾ غم ۽ غصو هو. ملڪ ۾ فوجي راڄ هو. ماڻهن کي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ تي ڪوڙا لڳي رهيا هئا. اذيتن مان گذرڻون پئي پيو. معمولي جمهوريت لاءِ وڙهندڙ کي گولين جو نشانو بنايو پئي ويو. ملڪ ۾ مارشلا جي نالي ۾ قيامت برپا هئي. پر پوءِ به ڪردار آمريت سان مُهاڏو اٽڪائي رهيو هو بادشاهي گهراڻي سان جنهن جو تعلق هو. لاڏ ڪوڏ سان پليل يورپ ۾ جيڪا پڙهي هجي تنهن همت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پارٽي جي قيادت ڪئي. آمر ضياءَ جي دور ۾ هن هر قسم تشدد سٺو، جيل ۾ قيد ڪاٽيو. پر وڙهندي رهي. پهرين صف ۾ بيهي خطرن کي منهن ڏيندي رهي. اڳتي وڌندي رهي. ان دوران ڪجهه حادثن ۽ سندس جمهوريت لاءِ جاکوڙ جي نتيجي ۾ ٻه ڀيرا اقتدار جي مالڪ به بڻي پر پاڪستان روايت موجب وڏي سرڪار اسٽيبلشٽمينٽ کيس گهڻو عرصو اقتدار ۾ رهڻ نه ڏنو جنرل مُشرف جي آمرانه دور ۾ هو گهڻو وقت ملڪ کان ٻاهر رهي عالمي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ جنرل مُشرف اين آر او کي جنم ڏنو جنهن سان بينظير ڀٽو ۽ ٻين لاءِ ملڪ اچي سياست ڪرڻ لاءِ رستو صاف ٿيو.
18 آڪٽوبر 2007ع تي بينظير ڀٽو جڏهن ڪراچي آئي ته سندس لکين ماڻهن استقبال ڪيو. پر سندس دشمن تاڙ ۾ هئا شاهراه فيصل تي زوردار ڌماڪا ڪري سندس پارٽي جا جانثار ڪارڪن شهيد ڪيا ويا. بينظير ڀٽو ان خوفناڪ حادثي ۾ محفوظ رهي بينظير ڀٽو لاءِ اهو ڀيانڪ اشارو هو ته هو ماري ويندي، جنهن ماڻهو کي ڌمڪيون ملنديون هجن موت جون، جنهن ماڻهو تي حملا ٿيندا هجن ۽ سندس ساٿي ماريا وڃن. پوءِ به هڪ قدم پوئتي نه هٽڻ بهادري جي انتها ناهي ته ٻيو ڇاهي. بينظير ته سنڌ جي ٻاگهل ٻائي بنجي موت کي ڳلي لڳائڻ لاءِ شعوري طرح سان تيار ٿي وئي. هو عوام ۾ رهي، عوام لاءِ پتوڙيندي رهي. هو جيڪو عوام سان جلسن ۾ وچن ڪندي هئي ته آئون پنهنجو رت ڏئي به اوهان جا حق حاصل ڪندس بينظير واعدن ۽ وچنن جو عملي مظاهرو ڪري وئي. هو ته مردن جي بهادري جي قصن ۽ ڪهاڻين کان به ٻه وکون اڳتي نڪري وئي. آمريڪي ليکڪ مارڪ اي سيگل بينظير ڀٽو جي ڪتاب سَرچاءُ ۾ لکيو آهي ته منهنجو بينظير ڀٽو جهڙي بهادر عورت سان واسطو پيو ان کان اڳ منهنجو ڪنهن به اهڙي بهادر عورت سان واسطو ناهي پيو. هي مڃتا آهي ته دنيا جا ڏاها ماڻهو عظيم ڪردار جي ساراهه ڪن.
18 آڪٽوبر تي بينظير ڀٽو ويساهه کڻي ملڪ موٽي هئي ۽ چيو هو ته آءُ ويساهه کڻي آئي آهيان ۽ تبديلي ممڪن بڻائينديس. اهو ويساهه کيس ڪراچي ۾ نظر آيو جڏهن لکين ماڻهن سندس پُرجوش استقبال ڪيو ۽ سرن جا نذرانا ڏئي سندس ويساهه ۾ اضافو ڪيو. بينظير ضرور هڪ ٺاهه ذريعي جيڪو اُن وقت ڳجهو ٺاهه ڪيائين پر عوام جي ڏاڍ، طاقت ۽ ڀروسي سندس راءِ تبديل ڪري ڇڏي. جنرل مُشرف کيس مشورو ڏنو ته هو چونڊن کان پوءِ ملڪ وري هنن اُن کي ٺڪرائي ڇڏيو. کيس چيو ويو ته هو عوامي جلسا نه ڪري هن جواب ڏنو کيس چيو ويو ته ايئرپورٽ تي لهڻ بجاءِ سڌو بلاول هاؤس وڃي. بينظير جواب ڏنو. آمر هر وک تي بينظير کي عوام کان الڳ ڪرڻ ٿي چاهيو، ساڳي وقت کيس امتحان ۾ وجهي رهيو هو. پر بينظير ڀٽو پنهنجي پيءَ وانگر مختلف هئي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي 70ع جي چونڊن کان اڳ ڀٽو صاحب يحييٰ ۽ اسٽيبلشمينٽ جو حصو هو. اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هو بدلجي ويو. ڪمزورين ڪوتاهين جي باوجود هو آمر آڏو نه جهڪيو. ڦاهي قبولي ويو.
تاريخ جو هڪ عظيم ڪردار بڻجي ويو، پر گيدي ٿي مرڻ سندس لاءِ موت کان اڳ ئي موت هو. ۽ اهو سبب آهي جو ٽي ڏهاڪا گذري وڃڻ باوجود ڀٽو جي موت عوام جي دلين مان نه نڪري سگهي آهي.
مان ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي قتل پويان ساڳيا هٿ ڏسان ٿو. آمريڪا پنهنجن غلام ملڪن ۾ غلام حڪمرانن کي ته پسند ڪري ٿو، پر آزاد ۽ خودمختيار ۽ عوامي حڪمران سندن لاءِ پريشاني جو ڪارڻ هجي ٿو، ڇاڪاڻ جو اُهي عوام جي طاقت تي ڀروسو ڪن ٿا. اُهي عوامي سگهه جي بنيادن تي ڪنهن به وقت مزاحمت يا انڪار ڪري سگهن ٿا. بينظير ڀٽو جي عوامي مقبوليت آمريڪا ۽ انهن جي ايجنٽن کي پسند ڪانه هئي.
بهادر ڪردار هن خطي ۾ آمريڪي حڪمت عملي لاءِ چئلينج بڻجي وڃي، اها ان ڪري هڪ گهري سازش تحت جيڪا عالمي هئي ۽ ڪجهه ڪردار پاڪستان منجهان هئاتن بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو.
بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ”سرچاءَ اسلام، جمهوريت ۽ سرمائيدار دنيا“ ۾ لکيو آهي ته مُشرف مونکي روبرو ۽ منهنجن ماڻهن ذريعي مونکي ڊيڄارڻ ۽ روڪڻ لاءِ جيڪي اُپاءُ وٺي رهيو هو ته آءُ چوڪس ٿي ويس ته مونکي مارڻ لاءِ انتظامي قبائلي علائقن ۽ سرحد صوبي کان ڪي آپگهاتي موڪلي سگهجن ٿا. ڇاڪاڻ جو مونکي اڳ ئي هڪ مسلمان ملڪ کان آپگهاتي حملو ڪندڙن جا موبائيل نمبر ۽ نالا ملي چُڪا هئا. ۽ مونکي معلوم هو ته حڪومت ۾ به ڪي ماڻهو آهن جيڪي منهن جي موت جي سازش ۾ ملوث ٿي رهيا آهن. بي نظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ۾ 18 آڪٽوبر جي ريلي دوران بجلي بند ٿيڻ جو به ذڪر ڪري ٿي ۽ چوي ٿي ته اهو عمل به ٿيل حملي جي ڪڙي سمجهي سگهجي ٿو. بينظير ڀٽو جي ڪيل اڳ ڪٿين مان چٽو ظاهر ٿئي ٿو ته کيس ڄاڻ هئي ته ڪي ڌُريون عوام جي هن عظيم جدوجهد مان هٽائڻ چاهين ٿيون.
بينظير پنهنجي موت جي باري ۾ ڄاڻ رکندي هئي ته هو ماري ويندي. اهڙي صورتحال ۾ ته چڱا ڀلا ماڻهو پاڻ کي وڏا بُت سمجهندڙ ڪوٽن جي ٻرن ۾ لڪي ويندا آهن. موت جي ڊپ کان هو ملڪ ۾ نه ايندا آهن، ٻاهر ويهي گدڙ واريون ڀڀڪيون ڏيندا آهن. ماڻهو ته موت جي ۽ قيد جي ڊپ کان معافيون وٺي پرڏيهه هليا ويندا آهن. سياسي عمل ۽ جدوجهد کان توبهه تائب ٿي ويندا آهن. ۽ وري معجزن جو انتظار ڪندا آهن. حالتن سان سمجهوتو ڪري پنهنجو پاڻ وڪڻي عوام سان ٺڳي ڪري عوام جو ويساهه وڃائي وري سياسي ميدان ۾ لهي پوندا آهن.
آنگ سانگ سوچي ڊگهي عرصي کان آمرن جي قيد ۾ آهي. عوام دشمن سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، عورت هوندي ڊگهي قيد بهادري ناهي ته ٻيو ڇا هي؟ اڄ هي سڄي دنيا جي عظيم ڪردار طور سُڃاتي وڃي ٿي.
ڪنهن به رياست جي حڪمران جي ذميداري بڻجي ٿي ته هو سماج جي هر فرد کي تحفظ فراهم ڪري بينظير ڀٽو کي چونڊن لاءِ هلچل هلائڻ جو جمهوري حق هو ۽ رياست جي ذميداري هئي ته هو بينظير ڀٽو ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪري. پر ائين نه ٿيو، قتل جي سازش سٽيندڙن کي کلي ڇوٽ مليل هئي ته هو پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪن ۽ ائين ٿيو. 27 ڊسمبر 2007ع تي هڪ عظيم نياڻي بهادر اڳواڻ سنڌ ڄائي ڀاڙي ماڻهن هٿان مارجي وئي. بينظير ڀٽو عوام لاءِ ڏڍ هئي، هو جمهوري تحريڪ جي سرواڻ هئي. هو آمرن سان ويڙهاند ۾ پهرين صف جي سپه سالار هئي. بينظير ڀٽو شهيد سان سياسي اختلاف هئا. هو ملڪ ۾ سرمائيداري واري جمهوريت لاءِ وڙهي رهي هئي، جيڪا عوام جي اميدن ۽ اُمنگن جي ترجماني ناهي ڪندي. جمهوريت سڀ ڪجهه ناهي هوندي ملڪ ۾ جمهوري، انساني، قومي ۽ طبقاتي حق ڦٻايا ويا آهن. سماج ۾ مڪمل طبقاتي ڦرلٽ جي خاتمي ۽ نئين تبديلي کان سواءِ عوام ۽ محڪوم قومن جي آزادي ممڪن نٿي هجي. پر اڄ ڳالهه آهي بينظير جي موت جي اُن جي بهادرانه ڪردار جي، جنهن سر ڏئي ويساهه ڏنو، پر سندس پارٽي سندس وفادار ڪٿي آهن، جيڪا پاڻ چئي وئي ته مونکي ڦلاڻا ڪردار مارائڻ چاهين ٿا. اڄ جي سرڪار انهن کي معاف ڪري ڇڏيو. عظيم ڪردار جو موت جو ڪو حساب ڪتاب ناهي. قاتل آزاد گهمي رهيا آهن. عوام جي اڪثريت هوندي عظيم اڳواڻ جي قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. صرف روايتي طرح سان جاچ ڪميٽيون جوڙيون ويو آهن. ان کان اڳ جانچ لاءِ بنيادي نشانيون ته سڀ مٽجي ويون. ته پوءِ جانچ اڳڀري ڪيئن ٿيندي قاتلن تائين رسائي ڪيئن ممڪن آهي. تاريخ ۾ عظيم ڪردارن جي قاتلن جي سُڃاڻپ ٿيل تاريخ عظيم ماڻهن کي ياد ڪندي، پر ٻڌايو وڃي ته تاريخ ۾ بينظير ڀٽو جا قاتل ڪير ليکيا ويندا. ڪنهن تي لعنت جو وسڪارو ٿيڻو آهي. اها ذميداري ڪنهن جي آهي ته هو قاتلن کي عوام جي ڪٽهڙي ۾ بيهارين.
بينظير ته پنهنجو ڪردار ادا ڪري وئي، هو ته لطيف جو عظيم ڪردار هئي، جنهن ڳاٽ اوچو ڪري زندهه رهڻ سکيو ۽ هر جبر ۽ ڏاڍ جي باوجود آڻ نه مڃي. بينظير ڀٽو شهيد تاريخ ۾ عظيم ڪردارن جي صف ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي. عوام مطالبو ٿو ڪري ته شهيد راڻي جي اصل قاتلن جي چهرن تان پردو کڻو. ذميدار فردن جيان پنهنجو بنيادي ڪردار ادا ڪندي قاتلن کي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ته جيئن حسين جو موت به ياد رهي ۽ يزيد جو ڪردار به ياد رهي.

پاڪستان جي سياست ۾ نئين صف بندي!

ڊگهي عرصي کان ٻڌنڌا اچون ٿا ته موقعي پرست ۽ مفاد پرست ماڻهو وقت اچڻ تي ٻڏندڙ ٻيڙي مان لهي ويندا آهن، ۽ وري نئين ٻيڙي ۾ چڙهي اڳين منزل جا راهي ٿين ٿا. تاريخ ۾ ڪيئي وفادار ماڻهو مشڪل گهڙي ۾ يا ٻڏندڙ ٻيڙي واري قيامت جي گهڙي ۾ به وفاداري نڀائين ٿا. پاڪستان جي سياست ۾ بلڪل ان جي اُبتڙ وفا نالي ته ڪنهن شيءَ جو وجود ڪونهي سمورا معاملا مخصوص مفادن جي تابع ٿين ٿا. ڪالهه جا دوست اڄ جا دشمن ۽ اڄ جا دوست سڀاڻ اُهي دشمن جي صفن ۾ هوندا. بنيادي طورتي پاڪستان جي اقتداري سياست طبقاتي آهي ننڍڙو گروهه اڪثريتي عوام تي حڪمراني ڪري ٿو هڪ مخصوص گروهه آهي، جيڪو هميشه اقتدار ۾ رهي ٿو. جيڪو به طبقاتي سماج جي دفاع ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪو جاگيردار طبقي جي مفادن سان ٽڪراءُ ۾ نه اچي جيڪو پنجاب جي مفادن سان سهمت هجي. جيڪو اسٽبلشمنٽ جي چوڻ کان ٻاهر نه هجي اُهيئي اقتدار ماڻيندو باقي ٻيا آئوٽ. اها رسم پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هلندي اچي ٿي.
جائزو وٺبو ته جڏهن به نام نهاد جمهوري نظام اسٽبلشمنٽ جي مفادن سان ٽڪراءَ اچي ٿو ته فوري طور تي مارشلا لڳي ٿي ۽ جيڪڏهن ملڪي حالتن ۾ ڪا تبديلي اچي ٿي ڪو جمهوري سيٽ اپ اچڻو آهي ته اُن لاءِ به طئي هجي ٿو ته هاڻ حڪمران ڪير هوندا. پاڪستان جي سياست ۾ issue هٿرادو پئدا ڪيا وڃن ٿا ۽ ٻيو ته ڇاڪاڻ جو جبري رياست ۾ جتي جمهوري نظام پنهنجي اصل روح ۾ نه هجي ته اُتي عوام جي اُمنڱن بجاءِ مخصوص ماڻهن جي مفادن وٽان تبديليون رونما ٿين ٿيون. ڀلي پوءِ عوام جي اڪثريت اُن تبديلي جي خلاف راءِ رکندي هجي. مثال طور ڀٽو جي حڪومت جي تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ پي. اين. اي جي تحريڪ جنم ورتو، انهن هاڻ مڃي ورتو آهي ته اها تحريڪ اسان جي تحريڪ هئي.
ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو پاڻ ڪالهه اسٽبلشمينٽ جي اکين جو تارو هو تنهن نين چونڊن جو اعلان ڪيو پر جنرلن اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، جمهوري نظام کي هلڻ نه ڏنو ويو ۽ پوءِ ڊگهي عرصي تائين جنرل ضياءُ الحق اقتدار ۾ رهيو پي اين اي تحريڪ جون اڪثر پارٽين سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سان فوجي آمريت جو ساٿ ڏنو.
ڊسمبر 2007ع ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سياسي صف بندي واضح هئي. اڪثريتي ۽ مُتاثر پارٽي کي اقتدار ڏنو ويو. جنرل مُشرف جا اتحادي اڄ اُن جي ٻيڙي مان لهي زرداري جي ٻيڙي جا سوار ٿيا. پارلياماني پارٽين ۾ تمام گهٽ پارٽيون اهڙيون هيون، جيڪي حزب اختلاف ۾ هُيون، آهن.
پاڪستان جي موجوده سياسي صورتحال ماضي جي سموري سياست کان ڪجهه مختلف آهي. اڄ پاڪستان جي سياسي تبديلين ۾ آمريڪي سڌي طرح سان ملوث آهن، نئين حڪومت ٺهڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن به اهڙو ناهي جو آمريڪي عملدار پاڪستان جي سياستدانن سان نه ملندا هجن ۽ ملڪي صورتحال جو تجزيو نه ڪندا هجن، راءِ نه ڏيندا هجن. اهڙي صورتحال ۾ 18 فيبروري 2008ع جي چونڊن ۾ ٺهيل نئين حڪومت ڄڻ ته وقت کان اڳ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ وڃي رهي آهي. ڪيري لوگربل، اين آراو ان جا سبب بڻجي رهيا آهن. ڪجهه عرصي کان اليڪٽرانڪ ميڊيا اردو ۽ انگريزي ٽاڪ شو ذريعي اشارا ملڻ شروع ٿيا هئا ته مائنس ون فارمولو اچي رهيو آهي. يعني آصف علي زرداري صدر پاڪستان کي مائنس ڪري باقي جمهوري نظام ۽ سسٽم کي بچايو وڃي. اها ڳالهه تيزيءَ سان ائين جيئن جهنگ ۾ باهه پکڙجي وڃي يڪدم اين آر او جي Issue تي پ پ جون اڪثر اتحادي پارٽيون اختلاف رکي صلاحون ڏيڻ شروع ڪيون آهن. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ رعايت يافته اين آر او ذريعي ۽ ٻين معاملن ۾ به متحده قومي موومينٽ ٻه وکون اڳتي وڌي پنهنجو ردعمل ڏيکاريو آهي.
يعني هنن جو موقف آهي ته بنا دير صدر زرداري اقتدار ڇڏي. ٻئي طرف نواز ليگ ۽ ق ليگ جي ويجهڙائپ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. عوامي نيشنل پارٽي ۽ جميعت علماءِ اسلام ۽ فنڪشنل ليگ پڻ منهن موڙڻ شروع ڪيو آهي.
هي دُرست آهي ته پ پ جي ليڊرشپ عوام جي اميدن ۽ آسرن تي پورا ناهن لٿا. ملڪ ۾ بدامني، بُک بدحالي چوٽ چڙهيل آهي. سماج ۾ انارڪي ۽ دهشت گردي وڌي رهي آهي. مهانگائي غربت ڏتڙيل ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي. حڪمرانن جي گڊ گورننس، سٺي حڪمراني تي سواليه نشان لڳل آهي. ملڪ جو صدر ۽ پ پ جو ڪو چيئرمين اسٽبلشمينٽ ۽ عوام ۾ غير مقبول شخصيت ۽ ڪرپٽ ترين شخص طور سُڃاتو وڃي ٿو. جنهن کي بينظير صاحبه پنهنجي دور ۾ سياست کان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو. ياد رهي ته 2008ع جي چونڊن ۾ شهيد بينظير ڀٽو آصف زرداري کي ڪنهن به سيٽ تان اميدوار نامزد نه ڪيو هو ۽ هن پنهنجي ڪتاب Islama….، Reconciliation Democracy ۾ لکيو آهي ته مون ۽ آصف طئي ڪيو ته مونکي سياست ڪرڻي آهي ۽ آصف کي ٻارن سان رهڻو آهي سارسنڀال لاءِ.
آصف جي خوشقسمتي جو بينظير جو قتل ٿيو هن جي سياست ۾ آمد ٿي عوام جو شديد رد عمل هو. اسٽبلشمنٽ ۽ آمريڪا وٽ ٻيو ڪوبه چارو نه هو سواءِ هن جي ته پ پ حڪومت ڪري زرداري صدر ٿئي ڪجهه عرصي لاءِ جيڪو هاڻ وقت اچي ويو آهي. آمريڪا ۽ ملڪ جي وڏي سرڪار پنهنجا پهلوان ميدان تي لاٿا آهن، جيڪي پهرئين مرحلي ۾ نئين سياسي صف بندي نظر اچي رهي آهي. مثال طور: نواز ليگ، ق ليگ، ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ پارليامنٽ ۾ ويٺل ڌريون اين. آر. او ۽ صدر جي اختيارن ۾ ڪمي تي متفق نظر اچن ٿيون. پارليامينٽ کان ٻاهر ويٺل ڌُريون شيخ رشيد، عمران خان، جماعت اسلامي پڻ مٿين ڌُرين سان متفق آهن ۽ تيزي سان موجوده سرڪار تي پريشر وجهي رهيون آهن. ٻئي مرحلي ۾ پارليامينٽ جي اندر مٿيون اين. آر. او، صدارتي اختيارن جي گهٽائي لاءِ اتحاد جوڙيو ويندو ۽ ساڳي وقت ٻاهر به پارليامنٽ کان ٻاهر سياسي ڌريون ملڪ گير اتحاد جوڙي، جيڪو پي اين اي، اسلامي جمهوري اتحاد جهڙو هوندو، سرڪار تي دَٻاءُ وڌايو ويندو ۽ ان سڄي نئين سياسي صف بندي ۾ پاڪستان جي جاگيردارن جون نمائنده پارٽيون، بنياد پرست پارٽيون، شاٽ ڪٽ ذهن رکندڙ سياسي ڌُريون، ان اتحاد جون اتحادي ٿيون ۽ پويان سهڪار آمريڪا ۽ اسٽبلشمنت ڪندي.
لڳي هئين ٿو ته پ پ سرڪار جو عوام تي اعتماد گهٽجڻ ڪري عوامي مفادن وٽان ڪم ڪرڻ جي ڪرپٽ سياسي اڳواڻن کي اڳيان آڻڻ جي ڪري پ پ عوام مان ساک وڃائي چُڪي آهي، جئين سياسي صف بندي ۾ جيڪا به تبديلي رونما ٿيندي ته عوام حڪمرانن سان گڏ نه هوندو.
نئين سياسي صف بندي جي نتيجي ۾ سڀ کان پهريون شڪار آصف علي زرداري هوندو، جيڪو پنهنجي صدارت وڃائيندو. ٻئي مرحلي ۾ پ پ پنهنجي حڪومت وڃائيندي. قومي حڪومت ٺهڻ جا آثار نمايان نظر اچن ٿا. پ پ سرڪار اسمبلي اندر نمبر گيم ۾ به پوئتي رهجي ويندي. جيئن مون اڳ ذڪر ڪيو ته 62 سالن جي تاريخ ۾ جيڪي به تبديليون آيون آهن ان ۾ عوام جو عمل دخل گهٽ رهيو آهي. سموريون تبديليون اصل سرڪار جي حڪم تي ٿينديون رهيون آهن. هاڻ سوال هي ٿو پئدا ٿئي ته ڇا موجوده جمهوري سسٽم کي اهڙي ريت De Rail پٽڙيء تان لاهڻ ڪو چڱو عمل آهي؟ جڏهن ملڪ جون اڪثر سياسي ڌُريون تجزئي نگار چوندا رهن ٿا ته جمهوريت جي مضبوطي ان ۾ آهي ته اُن کي پنهنجو وقت پورو ڪرڻ گهرجي ۽ وري صاف شفاف چونڊن ذريعي جيڪا ڌُر به عوامي مينڊيٽ سان کٽي اچي اُها پنهنجو مُدو پورو ڪري. ائين جيئن دنيا جي سمورن جمهوري ملڪن ۾ هجي ٿو.
ڀارت جي جمهوريت نظام جي پختگي جو اهو ڪارڻ آهي ۽ ڪاميابيون ان ڪري آهن جو اتي فوجي مداخلت نٿي ٿئي آمريڪي يا ڪنهن ٻي رياست جي اندرين معاملن ۾ فوج جي مداخلت ناهي. اقتدار ۾ ويٺل ڌُرين سرڪار جي خلاف پاليسين کي زبردست طريقي سان چئلينج ڪرڻ گهرجي.
وک وک تي عوام دشمن پاليسيون لاءِ رُڪاوٽ بڻجي ديوار چين ٿي بيهجي. انهن ڪمزورين ڪوتاهين کي عوام ۾ اگهاڙو ڪجي ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ هو سياسي پارٽيون شڪست کائي وڃن. بي جي پي هندستان ۾مذهبي ٽڪراءَ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو سخت تنقيد ڪئي. پر بي جي پي کي پنهنجو مُدو پورو ڪرڻ ڏنو ويو. ڪانگريس آمريڪا سان ائٽمي ٽيڪنالاجي سميت ٻيا اهم ٺاهه ڪيا ته سندن اتحادي ڪميونسٽ اتحاد کان الڳ ٿي ويا. پر ڪڏهن به سرڪار کي سازشن ذريعي، De. Rail ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي.
پاڪستان جي سياست ۾ سموريون اقتداري سياست ڪندڙ ڌُريون اسٽبلشنمٽ جي آسري تي ۽ انهن جي رهنمائي سان ميدان عمل ۾ هُجن ٿيون، ان ڪري ئي ملڪ جي سياست ۾ جمهوري تهذيب، جمهوري نظام جو وڌڻ ويجهڻ جا امڪان تمام گهٽ هجن ٿا. موجوده پ پ سرڪار سان بنيادي اختلافن جي باوجود وڏي سرڪاري سازش جو حصو بنجي حڪومت ڊاهڻ جمهوريت دشمني عوام دشمني کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، انڪري اهو دُرست آهي ته زرداري اينڊ ڪمپني جي ڪار گذارين جي خلاف عوام منجهه نفرت پئدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام کي جاگيردارن جي طبقاتي سياست کان بيزاري لاءِ آماده ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام ۾ نئين ويساهه اميد ۽ جذبن کي پيدا ڪري سموري وفاقي سياست عوام دشمن سياست جي خلاف منظم عوامي بغاوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ عوام اهڙن سياستدانن کي رد ڪري حقيقي جمهوريت پسند عوام دوست قوم دوست ڌُريون اقتدار ۾ اچن، سنڌ جي حقيقي جمهوريت پسند قومي ۽ طبقاتي سياست ڪندڙ ڌُرين کي منهن جي مورچي کي سگهارو بنائڻ گهرجي روايتي طبقاتي مفادن جي ور چڙهيل سياست کان بيزاري جو اعلان ڪن انهن جي اتحادن کان پري رهن نئين سياسي صف بندي جو ڪنهن به ريت حصو نه بنجڻ گهرجي، عوام دوست قوتن کي وڏي سرڪار جي اشارن واري سياست بجاءِ انهن جي انهيءَ ڪُڌي سوچ جي به مزاحمت ڪرڻ گهرجي، ان نئين صف بنديءَ سان عوام جو ڀلو ناهي ٿيڻو، اسٽبلشمنٽ سگهاري ٿيندي، آمريڪا پنهنجا پير پختا ڪندو، پ پ سرڪار ان سڄي صورتحال کي منهن ڏئي سگهي ها جيڪر هو عوام جي ويساهه ته پورو لهي ها. ڪالهه جي جبر خلاف وڙهندڙ قومي عوامي سياسي ڌُرين سان پارليامنٽ کان ٻاهر اتحاد ۾ هجي ها، جنرل مُشرف جي اتحادين سان ٺاهه نه ڪري ها ته پ پ ملڪ جي مزاحمت ڪندڙ سرڪاري ڌُر طور سامهون هجي ها. ۽ سندس خلاف هر سازش جو مقابلو عوام ۽ قومپرست اتحادي ڌُريون ڪن ها.

ڳوٺ بچايو سنڌ بچايو

جديد شهرن جي وجود ۾ اچڻ جو پسمنظر ڳوٺ آهن. اڄوڪو ڪراچي شهر ماضيءَ جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو ۽ پوءِ اهو ننڍڙو ڳوٺ وڌي شهر بڻجي ويو. هتي صدين کان سنڌي ماڻهو آباد آهن. جن جي روزگار جو ذريعو سمنڊ مان مڇي مارڻ تي هو. ڏيهه پرڏيهه کان ماڻهو هن ڪراچيءَ جي بندر تي ڪاروبار ڪرڻ ايندا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪراچي جي ٽوٽل آبادي ساڍن چئن لکن جي لڳ ڀڳ هئي. جيڪي انتهائي سڪون، امن ۽ خوشحاليءَ سان رهندا هئا. ڪا ڳڙ ٻڙ نه هئي، هر طرف امن امان هو. پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ 1954ع۾ ڪراچي جي آبادي 11 لک ٿي وئي. هندستان مان آيل پناهگيرن جو تعداد تقريبن 6 لک هو. سرحدون بند ٿيون، ويزا جي پابندي لڳي پر پوءِ به اڄ سوڌو هندستان توڙي ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان ڌارين جا ڪٽڪ سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ مقامي سنڌي ماڻهو ۽ ڌارين جي افرادي قوت ۾ واضح فرق اچي ويو آهي. جيڪا ڌارين جي ان غيرفطري واڌ جي ڪري سنڌي قوم اقليت ۾ ٿبديل ٿي وئي آهي، ٻيو ته ڪراچي جي سڄي تهذيب کي تباهه ڪيو ويو آهي. بندرگاهه توڙي سمورن وسيلن تي قبضو ٿي ويو آهي، جنهن سان سنڌي ماڻهو معاشي طور بدحال ٿيا آهن. ڳوٺن کي ڊاهي مسمار ڪري اتي رٿابندي سان سوسائٽيون جوڙي ڌارين کي آباد ڪيو ويو.
ڪالهه جي ٽه هٽي اڄ تين هٽي ٿي ويو آهي. لالو جا کيت اڄ لالو کيت بڻجي ويو. بلديا سائيٽ ٽائون قائدآباد افغانستان جا شهر ڪابل جلال آباد جو ڏيک ڏين پيا. ڳوٺ اسان جو ڪلچر آهن. اڳ ڳوٺن ۾ اسان جون ڪروڙن جون زمينون هُيون. انهن کان اسان کي محروم ڪري ڌڪي شهر کان ٻاهر ڪڍيو ويو. وچ شهر ۾ ڪيترائي ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن، مثال طور تي لياقت آباد ٽائون ۾ هزارين ووٽن تي ٻڌل حاجي مريد ڳوٺ به ائين آهي ڄڻ ڪراچي شهر جو ڳوٺ نه پر گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪو ڳوٺ هجي. هڪ طرف لگزري ۽ شاهوڪار زندگي آهي ته ٻئي طرف گندگي جا ڍير حاجي مريد ڳوٺ جو منظر ٻڌائي رهيا آهن. سنڌ جو قديمي قبيلو بڪڪ هن ڳوٺ جا رهواسي آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پريس ڪلبن آڏو پلي ڪارڊ کڻي بک هڙتال يا مظاهرو ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن. حالت اها آهي ته پرامن سنڌين جي بينر تي لکيل اکرن کي حڪمران پڙهڻ لاءِ تيار نه آهن ته سنڌي ماڻهو ڇو بينر کڻي ٻاهر نڪتا آهن ۽ نعرا هڻي رهيا آهن. هي حڪمران سنڌي ٻولي پڙهن به ڇو؟ جو هتي ته سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آهي. باوجود ان جي ته سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي ٻولي آهي، پر ڪراچيءَ ۾ هزارين اسڪول سنڌي ٻولي نئين نسل کي پڙهائڻ عيب سمجهن ٿا. اها نسل جي وڇوٽي اسان نٿا ڪيون پر پاڻ پيدا ڪري رهيا آهن. سنڌين جي ڳوٺن جون سندون جيڪي نه عدالتن ۾ قابل قبول آهن، ۽ نه وري انهن تي ڪو غريب سنڌي بئنڪ مان قرض کڻي پنهنجو اجهو ٺاهي سگهي ٿو نه وري رياست جو ڪردار سنڌ دوست نظر اچي ٿو. اڄ ڪراچي جي اڪثر ڳوٺن کي ڊاهڻ جو حڪم نامون ڪڍيو ويو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي توڙي ٻين قومپرست جمهوريت پسند ۽ سنڌي ماڻهن جي شديد ردعمل جي نتيجي ۾ عارضي طرح ته ان فيصلي تي عمل ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. سنڌين سان اڄ حالت اها آهي ته هو پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سڃاڻپ لاءِ قانون سازي لاءِ آواز بلند ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. سنڌ اسيمبلي ڳوٺن جي تحفظ لاءِ قرارداد پاس ڪئي آهي. ڪراچي جي ڳوٺن کي ڊاهڻ، انهن کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ اصل ۾ سنڌ جي وجود ۽ بقا سان هٿ چراند آهي، اسين ڳوٺن جي ڊهڻ کي قومي بقا جو مسئلو سمجهون ٿا ۽ سمجهڻ گهرجي ۽ جيڪو هي ڳالهه نٿو سمجهي اهو بي عقل آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي بنيادي معاملن تي قومي جاڳرتا، مستقل مزاجي ڊگهي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ڪراچي جي سمورن ڳوٺن کي پڪو ڪيو وڃي، سمورن ڳوٺن کي بنيادي سهولتون، تعليم، سيوريج، پاڻي پيئڻ جي سهولتن روڊ، بجلي، گئس، وغيره ملڻ گهرجي. ڌارين جي ڪالونين کي ڏنل ليزليٽر رد ڪري سنڌين جي ڳوٺن کي ليزون ڏنيون وڃن. ڪراچي شهر اندر پراڻن ڳوٺن جي آبادي وڌڻ ڪري ڳتيل آبادي هجڻ ڪري کين ٻئي هنڌ مفت ۾ زمينون الاٽ ڪري ڏنيون وڃن. سمورين ڌارين جي غيرقانوني آبادين کي مسمار ڪري کين ڏيهه نيڪالي ڏني وڃي. فوجي فائونڊيشن کي پاور پلانٽ لاءِ ڏنل زمين رد ڪري سمنڊ ڪناري اٺن ڳوٺن کي بچايو وڃي. اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي پاران ڊاٿل ڳوٺن کي مڪمل معاوضو ۽ زمين جي فراهمي ڪئي وڃي. ڪراچي جي پسگردائيءَ ۾ سمورن ڪارخانن ۽ ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي. موجوده سياسي سماجي صورتحال جي پسمنظر ۾ سنڌ جي ماڻهن کي منظم ٿي، ڌرتي ڌڻي محسوس ڪندي بقا خلاف ٿيندڙ رٿابندي کي گڏيل جدوجهد سان منهن ڏيڻ گهرجي. سنڌ جي قومپرست، جمهوريت پسند سياسي ڌرين ۽ شخصيتن کي درگذر جي پاليسي تي عمل ڪندي پارٽي مفادن کان هٽي قومي ذميواري محسوس ڪندي ڪراچي جي ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.

ڇا هيءَ جمهوريت آهي!!!

12 مارچ 200٩ع تي وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ سياسي ڪارڪنن چيف جسٽس جي بحالي ۽ آزاد عدليا جي قيام لاءِ لانگ مارچ شروع ڪيو ته چونڊيل حڪومت جيڪا جمهوريت جي چئمپين آهي، تنهن مُشرف ڊڪٽيٽر جي دور جي ياد تازي ڪندي 12 مارچ 2007ع وانگر روڊن رستن تي فورسز بيهاري ڇڏيا پُرامن لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙ وڪيلن، سياسي ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي ماڻهن عورتن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. سندن رستا روڪ ڪري مٿن لٺيون وسايون، گرفتاريون ڪيون، صرف سنڌ مان هزارين ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. ترقي پسند هائوس جو ٽن ڪلاڪن تائين فورسز ذريعي گهيراءُ ڪيو ويو. ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ مان هزارين ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا.
اصل ۾ 18 فيبروري جي NRO تحت ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ پ پ اڪثريتي پارٽي ٿي اقتدار حاصل ڪيو، جنهن پارٽي جا ڪارڪن مشرف جي آمريت جي جگري سان مقابلو ڪندا رهيا، تشدد سهندا رهيا، قتل ٿيندا رهيا ته جيئن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ٿئي، عوام کي انصاف ملي. بينظير شهيد چونڊن کان اڳ هٽايل چيف جسٽس افتخار چوڌري جي گهر وڃي اهو واعدو ڪيو هو ته مان اقتدار ۾ اچي فوري طور چيف جسٽس کي بحال ڪنديس پر افسوس جو سندس شهادت کان پوءِ چيف جسٽس جي بحالي ته ٺهيو پر ان جي برعڪس آمر مُشرف جي سمورين پاليسين جو ورجاءُ ڪيو پيو وڃي. حڪمرانن جي روين مان محسوس ٿئي ٿو ته پري پري تائين جمهوريت نظر نٿي اچي. ملڪ ۾ 17هين ترميم موجود آهي. سيڪيورٽي ڪائونسل جي نالي ۾ فوج جي حڪمراني ۾ ڀاڱي ڀائيواري آهي. عوام سان ڪيل سمورا واعدا نه نڀايا ويا. پنجاب ۾ چونڊيل سرڪار ڊاهي گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو آهي. مشرف دور جا سمورا گورنر اڄ به موجود آهن. عوام سان اٽو، لٽو ۽ اجهي جوڪيل واعدو به پورو نه ٿي سگهيو آهي ۽ جمهوريت ۾ هر ماڻهوءَ کي احتجاج جو حق آهي، پر اهو انسان جو بنيادي حق به هن نام نهاد جمهوريت ۾ کسيو ويو.
آمريت رڳو وردي ۾ نه هوندي آهي. آمريت شلوار قميص پائي به مڙهي سگهجي ٿي. ”ايس ٽي پي چيئر مين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته عدليا جي آزادي کانسواءِ ملڪ هلي نه سگهندو. محڪوم قومن ۽ عوام کي انصاف پلئه نه پوندو، ان ڪري جمهوريت پسند هئڻ جي ناتي سان اسين عدليا جي آزادي ۽ چيف جسٽس جي بحالي يا وري تحريڪ جو حصو رهنداسين. هن چيو هو ته 16 مارچ 2009ع واري اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ۽ ڌرڻي ۾ جيڪڏهن 5 لک ماڻهو گڏ ٿي ويا ته تاريخي فيصلا ٿي ويندا.
چيف جسٽس بحال ٿي ويندو، پر موجوده حڪمران ائين ڪرڻ نه ڏيندا ۽ هو لانگ مارچ کي رستن ۾ روڪي ڇڏيندا ۽ ائين ئي ٿيو ڊاڪٽر صاحب جي راءِ سورنهن آنا سچ ثابت ٿي. هڪ طرف سرڪار آمرن جي تاريخ کي ورجائيندي تشدد ۽ گرفتاريون ڪري عدليا جي آزادي جي شاندار تحريڪ جي رستا روڪ ڪئي آهي ۽ هو سمجهن ٿا ته هو لانگ مارچ کي ناڪام ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ته اها سندن ڀُل آهي. ٻن سالن کان هلندڙ هي تحريڪ ڏينهون ڏينهن نئين جذبي ۽ ولولي سان اڳتي وڌي رهي آهي، مشرف پنهنجي طاقت ۽ ڏاڍ سان روڪي نه سگهيو ته هي ڪير ٿيندا آهن جو عوام جي تحريڪ کي روڪي سگهن. جنهن تحريڪ ۾ عوام جو رت شامل هجي، 12 مارچ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ضرور رنگ لائيندو. چيف جسٽس بحال ٿيندو، عدليا آزاد ٿيندي، ٻي صورت ۾ هي ڪرپٽ ۽ آمر حڪمران گهر ڀيڙا ٿيندا.
اڄ بينظير ڀٽو شهيد جو روح تڙپي رهيو هوندو ته جنهن جمهوريت لاءِ هُن ۽ هزارين ڪارڪنن رت جو نذرانو ڏنو آهي، اهي ڄڻ ته بي مقصد ٿيندي نظر اچي ٿو. جمهوريت جي نالي ۾ رهزن ڪرپٽ ۽ آمر حڪمران اقتدار تي قابض ٿي ويا آهن. حقيقي جمهوريت لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. عوام کي بينظير ڀٽو شهيد جي خوابن جي ساڀيان لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. بدمست حاڪمن جي غير جمهوري روين خلاف بغاوت جو علم بلند ڪرڻو پوندو. تڏهن وڃي حقيقي جمهوريت ملندي، عوام ۽ محڪوم قومن کي انصاف پلئه پوندو.
اسين گهر ٿا ڪريون ته:
1. 2 نومبر 2007ع واري پوزيشن کي برقرار رکندي چيف جسٽس چوڌري افتخار کي فوري طور بحال ڪيو وڃي.
2. ترقي پسند هائوس تي فورسز جي چڙهائي جي مذمت ڪندي گهر ٿا ڪريون ته ملوث اهلڪارن کي معطل ڪيو وڃي.
3. لانگ مارچ ۾ گرفتار ايس ٽي پي ڪارڪنن سميت سمورن سياسي ڪارڪنن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي آزاد ڪيو وڃي.

نيٺ حڪمرانن کي عوام جي طاقت آڏو گوڏا کوڙڻا پيا
9 مارچ 2007ع تي آمر مُشرف چيف جسٽس افتخار چوڌري کي زبردستي برطرف ڪيو. چيف جسٽس همت ٻڌي جنرل جي حڪم کان انڪاري ٿيو. سڄي ملڪ جا وڪيل، سياسي ڪارڪن سول سوسائٽي لڳاتار ان غيرجمهوري آمرانه فيصلي خلاف چيف جسٽس جي بحالي لاءِ تحريڪ شروع ڪئي. ان شاندار جدوجهد دوران 12 مئي تي مُشرف جي حامي دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ 45 سياسي ڪارڪن شهيد ڪيا، 9 اپريل تي ساڳي تنظيم وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن مٿان حملا ڪري ڪيترن ئي انسانن کي زندهه جلائي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ ريلي دوران بم ڌماڪو ڪرائي درجن کان وڌيڪ وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن شهيد ڪيا ويا. هزارين وڪيل، سياسي ڪارڪن، سول سوسائٽي جا ماڻهو جيلن ۾ وڌا ويا. 3 نومبر جي ايمرجنسي ۾ سڀ کان پهرئين ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي کي گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو ويو. سنڌ ۾ ايس ٽي پي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو. 12 مارچ 2009ع تي ڪراچي مان شروع ٿيل لانگ مارچ جي تشدد کي سڀ کان پهرين ايس ٽي پي ڪارڪنن منهن ڏنو. 20 ڪارڪن گرفتار ٿيا، ڪيترائي زخمي ٿيا. چيف جسٽس جي بحالي ۽ عدليا جي آزادي جي تحريڪ ۾ عوام لازوال قربانيون ڏنيون ۽ هڪ گهڙي لاءِ به ان اصولي موقف تان نه هٽڻ سبب چيف جسٽس جي بحالي ۽ عدليا جي آزادي جي تحريڪ ۾ عوام لازوال قربانيون ڏنيون ۽ هڪ گهڙي لاءِ به ان اصولي موقف تان نه هٽڻ سبب چيف جسٽس جي بحالي جو حڪمرانن کي فيصلو ڪرڻو پيو. سياسي پارٽين وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي مستقل مزاجي اصولن تي سوديبازي نه ڪرڻ لڳاتار جدوجهد ۾ يقين رکڻ سان ئي فتح ممڪن ٿي سگهي.
پاڪستان جي 61 سالن جي تاريخ ۾ هميشه اسٽيبلشمينٽ راڄ ڪندي رهي آهي، هي پهريون موقعو آهي جو اسٽيبلشمينٽ جيڪا پردي پويان ويهي چونڊيل سرڪار کان غلط فيصلا ڪرائي رهي هئي، عوام جي شاندار ۽ تاريخي جدوجهد آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا.
ايس ٽي پي عوام جي تاريخي ۽ شاندار قربانين ۽ جدوجهد ذريعي چيف جسٽس جي بحاليءَ تي چيف جسٽس افتخار چوڌري وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ عوام کي مبارڪون ڏئي ٿي، آخر فتح عوام جي ٿي.
ان کانسواءِ اڃان بي شمار اشو موجود آهن، مثال طور 1. پارليامينٽ کي جمهوري ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ 58/2_B جو خاتمو.
2. پنجاب مان گورنر راڄ جو خاتمو.
3. عدليه کي مڪمل آزاد ۽ خودمختيار بڻائڻ جهڙا معاملا موجود آهن، جيڪي پڻ عوامي جدوجهدن ذريعي حل ڪري سگهبا.
اسين چونڊيل حڪومت کان توقع رکون ٿا ته هو آمرن جي نقش قدم تي هلڻ بدران جمهوري سوچ ۽ فڪر تي عمل ڪندي ملڪ جي عوام ۽ محڪوم قومن جا بنيادي حق بحال ڪن.

عائشه صديقه ڇا ٿي فرمائي؟

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اخبار ۽ سنڌي ٽي وي چئنل تي جڳ مشهور ليکڪا عائشه صديقه لکيو ۽ فرمايو آهي ته پاڪستان جي نئين سر تشڪيل نو ٿيڻ گهرجي. هن جي خيال ۾ پاڪستان جا موجوده صوبا نئين ترتيب ۾ اچڻ گهرجن چئني صوبن کي تقسيم ڪري نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا. هُن سنڌ ۽ پنجاب تي وڌيڪ زور ڀريو آهي ۽ پنهنجي موقف سگهارو بنائڻ لاءِ دليل ڏنو اٿس ته ڇا سنڌي مهاجرن کي سمنڊ ۾ دفن ڪري سگهن ٿا. جي نه ته پوءِ اهو بحث ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي ڪو نئون صوبو ٺاهي ڏيڻ گهرجي.
گريٽ گيم جي حوالي سان جيڪي نوان بحث ڇڙي رهيا آهن، اُن موجب آمريڪي سامراج سائوٿ ايشيا ۽ سينٽرل ايشيا تي نه رڳو گهري نظر رکي ٿو پر مڪمل طرح سان تياريون ڪري ڪي نوان خطا ۽ علائقا جوڙڻ لاءِ سرگرم آهي، ان پٺيان سندس استحصالي سوچ موجود آهي.
پاڪستان ۾ رهندڙ قومن، نسلي گروهن ۽ صوبن جي جوڙجڪ بابت سمجهڻ جي ضرورت آهي. سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي کان اڳ آزاد ۽ خود مختيار رياست هئي. مير حڪمران هئا. انگريزن جي قبضي دوران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سنڌي ماڻهن شاندار مزاحمتون به ڪيون، ان کان اڳ به سنڌ جو عوام هر جارحيت پسند ۽ قبضاگيري جي خلاف ويڙهه وڙهندو رهيو ۽ پنهنجي قومي بقا ۽ سنڌ جي وحدت جي حفاظت ڪندو رهيو، ان لاءِ کين تمام وڏي قرباني ڏيڻي پئي. سنڌين رت جا درياهه وهائي پنهنجي قومي سڃاڻپ کي بچائي رکيو. ساڳي ريت پاڪستان ۾ بلوچ پڻ انگريزن جي قبضي کان اڳ قلات رياست آزاد ۽ خود مختياري سان بلوچ عوام جي حڪمراني هيٺ هئي. اُهي پڻ سنڌ وانگر انگريزن ۽ اُن کان اڳ ڪيترن ئي جارحيت پسند قومن ۽ گروهن جو مقابلو ڪندا رهيا. پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ اُن جي حدن جو تحفظ ڪندا رهيا. انگريزن خلاف ننڍي کنڊ ۾ عوام جي شاندار تحريڪن جي نتيجي ۾ انگريزن کي هي علائقو ڇڏڻو پيو، پر وڏي چالاڪيءَ سان مذهب جي نالي ٻه قومي نظرئي جي نالي ۾ هندو ۽ مسلمان رياستن جو وجود رکي ويا. ٿيڻ هي کپندو هو ته انگريزن جيئن جيئن قومن کي غلام بنايو، تيئن انهن جي وحدتن کي آجو ڪن ها. پر ائين نه ٿيو سازشي نظرين پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ ۽ جبري طور شامل ڪيل رياستن کي هڪ نئين غلامي ۽ جبر ۾ ڦاسائي وڌو.
اهو دُرست آهي ته جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي ۾ قراردار پيش ڪئي ۽ مسلمانن جي نئين رياست (پاڪستان) جو وجود پيو، پر اُن پٺيان جيڪي جذبا ۽ اُميدون هيون ته قائد اعظم محمد علي جناح 1940ع جي قرارداد ذريعي هي واعدو ڪيو هو ته پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ نيون رياستون مڪمل طرح سان آزاد ۽ خودمختيار هونديون، سمورا کاتا قومن وٽ هوندا، سواءِ ٻه چار کاتن جي جيڪي فيڊريشن پنهنجي هٿ ۾ رکندي.
بلوچستان 11 آگسٽ 1947ع تي پنهنجي چونڊيل ايوان اندر پاڪستان سان الحاق جا مخالف هئا، انهن متفق طور تي اعلان ڪيو ۽ غوث بخش بزنجو قرارداد پيش ڪئي ته اسين پاڪستان سان الحاق لاءِ تيار ناهيون، پر جيڪڏهن اسان کي زبردستي شامل ڪرڻ جي رٿا آهي ته پوءِ فيڊريشن دفاع، خارجه پاليسي، ڪرنسي ۽ مواصلات پاڻ وٽ رکي باقي سمورا کاتا قومن جي حوالي ڪيا وڃن پر حڪمرانن نه مڃيو پهريان لسٻيلو خاران ۽ پوءِ قلات تي به قبضو ڪري سڄي بلوچ قيادت کي جيل ۾ بند ڪيو ويو. ڪيترائي روپوش ٿي ويا.
مٿيون بحث انڪري ضروري پئي لڳو ته عائشه صديقه کي اها پروڙ پوي ته انگريزن جي قبضي کان اڳ سنڌ مڪمل آزاد ۽ خودمختيار هئي، هُن جون فطرتي حدون مقرر هيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قائداعظم وارو پاڪستان ٿيڻ بجاءِ لياقت علي خان ۽ پوءِ اسٽبلشمنٽ جو پاڪستان ٿي ويو، جنهن کي ڪڏهن ون يونٽ جي نالي ته ڪڏهن وري پاڪستاني قوم جو نالو رکيو پئي ويو آهي. رضاڪارانه طور شامل قومن سان ناانصافين جي ڪري بنگال جلدي پنهنجي جان ڇڏائي ويو، پر انهن کي آزادي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. لکين بي گناهه ماڻهن جو قتل عام ان جو مثال آهن. پاڪستان ٺهڻ دوران سنڌ ۾ صرف سنڌي رهندا هئا. مذهب جي نالي ۾ رياست جو وجود پوڻ سان هن پار ۽ هُن پار جنونيت پسندن وڏا قهر ڪيا. هڪ اندازي موجب سنڌ مان لکين سنڌي هندن کي ماري ڀڄايو ويو. سنڌي خوشحال ماڻهو ۽ مڊل ڪلاس ڪاروباري سمورا سنڌ مان جبري طور تڙيا ويا ۽ وري لکن جي تعداد ۾ پناهگير هندستان مان هجرت ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. 1٩52ع ۾ لياقت نهرو پئڪٽ ۾ طئي ٿيو ته هاڻ قانوني دستاويزن کان سواءِ ڪوبه ماڻهو لڏ پلاڻ نه ڪري سگهندو، جيڪو به اهڙي ڪوشش ڪندو چاهي اُهو هندو هجي يا مسلمان، غير قانوني تصور ڪيو ويندو، ان دوران انگن اکرن موجب 1954ع ۾ ڪراچي جي ڪُل آبادي ساڍا يارنهن لک (11,50,000) هئي، اُن ۾ اڪثريت بهرحال هندستان مان ايندڙ مهاجرن جي هئي، پر چار لک سنڌي هئا. مسلسل غيرقانوني پناهگيرن جي آمد جي ڪري اڄ صرف ڪراچي جو انگ ٻه ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن سبب اسين سنڌ جا حقيقي ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي چُڪا آهيون.
چيو وڃي ٿو ته باهران آيل مهاجرن کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي. هڪ هندستاني اسڪالر موجب 1947ع کان پوءِ پاڪستان جي ڪاموراشاهي ۾ 70 سيڪڙو يوپي ۽ سي پي جا ماڻهو هئا. وڏن آفيسرن کان ويندي ننڍي گريڊ تائين اُهي ماڻهو قابض هئا. جيڪي اڄ تائين نوڪرين جي اڪثريت پاڻ وٽ رکي ويٺا آهن. مثال طور ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي 11 يارنهن بورڊ آف ڊائريڪٽرس مان هڪ به سنڌي ناهي. ڪوڙن ڪلمين ذريعي سنڌ جون زمينون ۽ محل ۽ ماڙين، ڪارخانن جا مالڪ به اُهي ئي ٿيا. سنڌي مڊل ڪلاس جيڪو وڌندڙ ۽ ترقي ڏانهن وکون کڻندڙ طبقو هو، جيڪو اڄ سٺ سالن کان پوءِ قومي سرمائيدار جي شڪل اختيار ڪري وڃي ها. انهن سازشن جي نتيجي ۾ سنڌ وڏي برباديءَ کي منهن ڏنو آهي.
تاريخ ۾ هيئن ٿيو آهي جو قدرتي آفتن ۽ جنگين جي نتيجي ۾ ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ لڏ پلاڻ ۽ ڊگهي عرصي تائين ڪنهن نئين وطن ۾ رهڻ ڪري اُهي پنهنجي قومي شناخت تبديل ڪندا آهن، انهن جا سماجي ۽ قومي مفاد تبديل ٿيندا آهن.
مثال طور سنڌ ۾ آيل بلوچ قبيلا سالن ۽ صدين کان پوءِ سنڌي قوم جي ڪلچر جو حصو بڻجي ويا. افغانستان مان احمد شاهه ابدالي جي دور ۾ آيل افغاني ۽ پٺاڻ سنڌ جي ڌرتي جو حصو بڻجي ويا. ٿيڻ هيئن گهُربو هو ته هنڌستان مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ مهاجر سگهاري تهذيب جو اڻ کٽ حصو بڻجڻ ها. پر اهي سازشي نظرين جي وَرَ چڙهي ويا. هڪ مخصوص طبقي سڄي مهاجر نسل کي سنڌي قوم ۾ ضم ٿيڻ کان روڪيو. سنڌي تعليم کان پري رکيو، سنڌي ٻولي کان پري رکيو، سنڌ جي تهذيبي سرگرمين کان الڳ رکيو، نتيجي ۾ هڪ اهڙي گروهه جنم ورتو جيڪو اڄ سنڌ جي حقيقي ڌرتي ڌڻين سان ٽڪراءَ ۾ بيٺو آهي.
عائشه صديقه فرمائي ٿي ته ڇا سنڌي مهاجرن کي سمنڊ ۾ اڇلي سگهن ٿا ته اُن جو جواب آهي نه ۽ نه ئي وري ڪو سنڌي ماڻهو مهاجرن بابت اهڙو فڪر رکن ٿا. اهو خيال به دُرست ناهي ته مهاجرن کي Space ڏنو وڃي. انهن کي بنيادي حقن کان محروم نه ڪيو وڃي. مون 47ع کان پوءِ جا انگ اکر ڏٺا آهن، پر هاڻ به سنڌ جو گورنر ڪير آهي؟ ڪراچي جي سمورن وڏن تعليمي ادارن جا سربراهه ڪير آهن؟ سنڌ جي سيڪريٽري ليول جا ماڻهو سنڌي گهڻا آهن؟ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي، سٽي حڪومت جا ناظم ڪير آهن؟ انهن ٻنهي ميگا سٽي شهرن جي وسيلن جا مالڪ ۽ انهن وسيلن جي ورهاست ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟ سنجيدگي سان جائزو وٺنداسين ته سنڌ جا ڌرتي ڌڻي ته پنهنجي حاڪميت وڃائي چُڪا آهن. رڳو عددي اعتبار سان سنڌ جي اڪثريت ليکيا وڃن ٿا.
پاڪستان جي فوج ۾ سنڌ کي 3-3 ٽي ڀاڱي ٽي حصو پتي آهي، ان ۾ شهري آبادي به آهي، اسان کي ٻڌايو وڃي ته 62 سالن جي تاريخ ۾ سنڌي ان ڪوٽا تي ڪيترا برگيڊيئر يا جنرل ٿيا آهن ۽ جڏهن ته اردو آبادي جا جنرل گهڻا آهن. فرق صاف ظاهر ٿي ويندو. انڪري اها ڳالهه ڪرڻ ته اردو آبادي سان ناانصافيون نه ٿيڻ گهرجن، انهن کي بنيادي حق ڏيو، هو حقن کان محروم آهن. سازشي ٿيوري کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
ٻيو هي ته اردو ڳالهائيندڙ ملڪ جو صرف 5% سيڪڙو هئڻ باوجود پاڪستان جي قومي ٻولي جو درجو اردو کي حاصل آهي.
هاڻ اچون ٿا ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺهن سنڌ ۾ به ٻن صوبن جي گُنجائش آهي. اسين اڳ ئي بحث ڪري چُڪا آهيون سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست رهي آهي. صدين کان عربن کان انگريزن تائين قبضا ٿيندا رهيا ۽ سنڌي پنهنجي شناخت کي بچائيندا رهيا. اردو آبادي سنڌ جي عوام کان وڌيڪ خوشحال ۽ ترقي ڏانهن وڌندڙ گروهه آهي، هو سنڌي قوم جو اڻ ٽٽ حصو بنجي رهن ۽ بنيادي حق ملڻ گهرجن. پر غيرقانوني آبادي جي ذريعي اڪثريت ثابت ڪري سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري سازش اصل ۾ سنڌ وطن جي تاريخي حيثيت کي چئلينج ڪرڻ برابر آهي. پنجاب ۾ سرائيڪين جي آزاد وطن واري موقف ۾ وزن ان ڪري آهي جو هو الڳ قوم ۽ تاريخي قوم جي حيثيت وارو وجود رکن ٿا. هنن جي ٻولي، علائقو، رسم رواج پنجاب کان بلڪل مختلف انڪري پاڪستان جي محڪوم قومن جي اتحاد پونم جو موقف هو ته ملڪ ۾ پنج قومون آهن، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، پشتون ۽ بلوچ، انهن جي وحدتن کي تسليم ڪندي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي تصور تسليم ڪيو وڃي. دنيا م ڪٿي به مهاجر نالي ڪنهن به قوم جو تصور ناهي. هندستان جي الڳ الڳ رياستن مان آيل ماڻهو 60 سالن ۾ هڪ قوم نٿا بڻجي سگهن ۽ انهن کي ٻي تاريخي قوم پنهنجي وطن کي ورهائڻ هرگز نه ڏيندي. قومن لاءِ بنيادي سبب، تاريخ، وطن جون حدون، مارڪيٽ، ٻولي، تهذيب جو هئڻ لازمي آهي، جيڪا شيءِ ٻاهران ايندڙ ڌارين ۾ ناهي. انڪري جيڪي به ماڻهو سنڌ وطن ۾ هڪ الڳ صوبي يا وطن ٺاهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، اُهي ڪنهن وڏي سازش جو حصو آهن. سنڌ ۾ رهندڙ لساني گروهن جي بنيادي حقن کان ڪنهن کي به انڪار ناهي. مهاجر هاڻ سنڌ جو حصو آهن پر انهن کي سنڌ جي امير ترين تهذيب جو هر حال ۾ حصو ٿيڻو پوندو. کين سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي رسم رواجن جو حصو ٿيڻ گهرجي.

اچو ته سنڌ بچايون

سنڌ جي ڏاهي امر جليل 25 اپريل 197ع ۾ هڪ مضمون لکيو هو جنهن جو عنون هو ”اچو اچو سنڌ ۾ وسو“ آرٽيڪل جو ڳر آهي ته نيپال مان بنگال ۾ فرار ٿيل. بهارين جو جيڪي غير قانوني طرح سان پاڪستان ۾ اچڻ ۽ اُن کانپوءِ انهن بهارين جو جن جو تعداد هزارن ۾ هو سنڌ ۾ اچن ٿا هو هتي رهن ٿا ۽ هتان ويهي مطالبو ڪن ٿا ته نيپال ۾ رهجي ويل پاڪستاني بهاري به هيڏانهن موڪليا وڃن. 47ع کان لڳاتار اهو سلسلو هڪ گهڙي لاءِ رُڪيو ناهي سائوٿ ايشيا مان مسلمان ڀائر پاڪستان ۾ داخل ٿين ٿا انهن کي ڪا روڪ ٽوڪ ناهي ڇاڪاڻ جو هو نه پنجاب وارن لاءِ مسئلا آهن نه سرحد صوبي لاءِ مشڪلاتون ٿا پيدا ڪن ۽ نه وري بلوچستان لاءِ، انهن جا مٽ مائٽ ۽ راڄ ڀاڳ ماشاءَالله سنڌ ۾ جهجو آهي. انهن کي هتي اچڻ سان ڪابه تڪليف ناهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي انٽرنيشنل ائيرپورٽ تي وڃڻ ٿيو اُتي هڪ همراهه مليو جيڪو اميگريشن جي معاملن ۾ ڪافي ڄاڻ پيو رکي هن جي انفارميشن موجب هر هفتي هڪ يا ٻه فلائيٽس ڍاڪا مان اچن ٿيون ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 بنگالي پاڪستان اچن ٿا انهن جو پنج سيڪڙو ڪارو باري ماڻهو هجن ٿا جيڪي واپس وڃن ٿا 95 سيڪڙو ڪراچي ۾ گُم ٿي وڃن ٿا، انهن مان به ڪجهه هتان جو پاسپورٽ ٺهرائي ايران ۽ ترڪي جي رستي يورپ وڃڻ چاهين ٿا پوءِ ڪي ڪامياب ته وري ڪي ناڪام ٿين ٿا. پر 90 سيڪڙو بنگالي سنڌ ۾ رهجي وڃن ٿا اُهي ڪارو بار ڪن ٿا. نوڪريون ڪن ٿا. ووٽ داخل ڪرائي ڪائونسلر، ناظم ۽ ايم پي اي به بنجي وڃن ٿا. سنڌ جي حڪمرانن جي مجال ناهي جو هو ڪنهن به بنگالي کي هٿ وجهي سگهن.
ڇاڪاڻ جو انهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ هڪ منظم تنظيم موجود آهي جنهن غير فطري واڌ ذريعي ڪراچي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري پنهنجي اڪثريت ٺاهي آهي. اهم ڳالهه وري هي آهي ته جڏهن هي بنگالي ايئرپورٽ تي پهچن ٿا ته ايف آئي اي وارا کين في فرد جي حساب سان 300 سو ڊالر وٺي انهن کي ڪليئرنس ڏين ٿا. اُن کانپوءِ جڏهن رجسٽريشن آفيس ۾ 1500 رپيا ڏئي ڪوڙين ائڊريسن جي تصديق ڪندڙ ۽ پوءِ اُهي غير قانوني آيل بنگالي بهاري برمي هتان جا قانوني دستاويز ٺهرائي سنڌ ڄاوا بنجي وڃن ٿا. هو ڌاري آبادڪاري جو حصو بڻجي انهن جي اڪثريت کي سگهه بخشن ٿا ۽ هو سنڌ جي سمورن وسيلن تي قابض ٿي وڃن ٿا. ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ڇاڪاڻ جو سنڌين جي واڌ صرف فطرت جي مرحلن مان ٿئي ٿي. جيڪا هوريان هوريان وڌي رهي آهي. دنيا مان ڪٿان به سنڌي پناهگير هتي اچي آباد نه پيو ٿئي جو اسان جي غير فطري واڌ ۾ اضافو ٿئي جنهن ڪري سنڌ جي سياست ۾ جيڪي، جمهوريت جا معاملا آهن، قومي ۽ طبقاتي حقن جي صورتحال هجي نسل پرست قوتن جي انهيءَ غير فطري واڌ جي ڪري سمورا مونجهار پيدا ٿيا آهن. دنيا ۾ جتي به ڌاري آبادي جو دٻاءُ وڌي ٿو ته مقامي قوم پنهنجن تاريخي حيثيت وڃائي ويهي ٿي. صرف 62 سال اڳ آيل پناهگير ٽولا هن وطن جو مالڪ بڻجي عالمي فورمن توڙي سنڌ جي اهم ادارن ۽ اسيمبلين ۾ وڏيون دعوائون ڪري رهيا آهن. ۽ چون ٿا ته جئين اسين چاهينداسون تيئن ٿيندو، سنڌ اسمبلي ۾ اڪثريت رکندڙ پيپلز پارٽي جا سربراهه مٿي کي هٿ ڏئي ويٺا آهن پريشان آهن ته جيڪڏهن نسل پرستن جا مطالبا نه مڃيا ويا ته سندن حڪومت جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بگڙجي ويندي. سڄي تاريخ ۾ دهشتگرد فڪر ۽ فلسفي دٻدبي سان اُهي جمهوري فڪر لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن. ظاهري طرح سان اُهي جمهوريت پسند هجن ٿا پر عملي طرح سان هو ڏاڍا مُڙس ۽ دهشت جي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ پنهنجي مرضي جا نتيجا وٺن ٿا، انهن جي نفسيات مڪمل طرح سان قبضي گيري واري هجي ٿي.
انهي نفسيات ۽ دادا گيري ڪلچر جي ڪري سنڌ کان لکين سنڌي هندستان لڏپلاڻ ڪري ويا ۽ انهن جي مال ملڪيت تي ڪوڙن ڪليمن ذريعي قبضو ڪيو ويو جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي صرف حڪمت عملي تبديل ٿي آهي. مون اڳ به لکيو هو ته دنيا ۾ پناهگير جتي به وڃن ٿا ته هو ڌرتي ڌڻين جي ٻولي ۽ ڪلچر جو حصو بڻجي وڃن ٿا. جيئن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ عربن افغانين جي ٻين قومن، نسلن جي ماڻهن پنهنجو پاڻ کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سنڌي ۽ بلوچ قوم ۾ ضم ڪري ڇڏيو اُن جو حصو بڻجي ويا.
نسل پرست تنظيم هڪ طرف ڌاري آبادي کي تحفظ ڏئي پنهنجي سگهه کي وڌايو آهي. ٻئي طرف سنڌي قوم ۾ ضم ٿيڻ واري تاريخي عمل کي روڪيو ويو آهي. ته ٽئين پاسي عالمي قوتن آمريڪا، برطانيا جي آشيرواد سان سرڪار مٿان دٻاءُ وجهي ايترو ڪجهه حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن ته جيئن مستقبل ۾ هڪ نئين آزاد رياست جي پيڙهه جو پٿر ثابت ٿئي. مثال طور جنرل مُشرف جي دور ۾ 2001ع واري مڪاني نظام جي سسٽم تحت شهري حڪومت جوڙي سمورا اختيار انهن حوالي ڪيا ويا. جنهن جي ڪري ڌرتي ڌڻين کي وڏا نقصان پهتا انهن گهڻو لوڙيو. ڀوڳيو سنڌي ڪراچي ۾ محتاج بڻجي ويا سموري ترقي ڌارين لاءِ روزگار ڌارين لاءِ تعليم ڌارين لاءِ سنڌي شهرن ۾ ٻئي درجي جا شهري بڻجي ويا. جنهن سبب هنن کي ذلتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. روز جيئن ٿا روز مرن ٿا. هاڻ اُن تنظيم سنڌ ۽ وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته سٽي حڪومت برقرار رهڻ گهرجي. اُن جو ميمبر سنڌ اسمبلي جو ميمبر سمجهيو وڃي تعليم، صحت، روينيو، پوليس جهڙا اهم کاتا اسان کي ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ نظام هلڻ نه ڏيندا سون، حڪومت به هلڻ نه ڏينداسون ۽ سنڌ ويچاري لاچار بڻجي پريشان حال آهي. ڊگهيون ملاقاتون، گڏ جاڻيون بحث مُباحثا جاري آهن. شهري تنظيم پُر اُميد آهي سندن اڳواڻ چئي رهيا آهن ته اسان جا مُطالبا مڃيا ويندا.
اسين صرف ايترو چئون ٿا ته گذريل پنجن سالن ۾ شهري سرڪار کي ڏنل محدود اختيارن سان سنڌين کي فائدو پهتو يا نقصان؟ جواب آهي ته تباهي کانسواءِ ڪجهه به ناهي مليو. ڌرتي ڌڻي جي گهر جو الهه تلهه کڄي ويو آهي. مان اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته سٽي حڪومت ڪراچي جي ناظم ويندي ويندي هڪ قانون پاس ڪري ويو ته جن به ماڻهن کي ڪي ڊي اي جا پلاٽ مليا هئا اُهي ڪنهن به سبب حاصل ناهن ڪري سگهيا. هاڻ انهن کي ڪراچي جي ڪنهن به علائقي ۾ صرف 30 هزارن ۾ 120 گز جو پلاٽ ملي ويندو ۽ اهو انگ 5 لک ماڻهن جو آهي مطلب ته پنج لک ڌارين کي شهر جي پسگردائي ۾ سنڌين جون زمينون کسي انهن حوالي ڪيون وينديون اڃان جڏهن سٽي سرڪار کي اختيار گهٽ آهن ۽ هو جتي جتي به پنهنجو اثر رکن ٿا اُتي سنڌين جو نانءَ نشان مٽجي وڃي ٿو. پورٽ قاسم اٿارٽي هنن حوالي آهي. بي ڌڙڪ ٿي سمورا اختيار استعمال ڪندي پنهنجن ماڻهن کي نوڪريون ڏين ٿا ۽ سنڌي در بدر آهن. سائيٽ آفيس ۾ هڪڙي ڏينهن همراهه اٺين گريڊ ۾ ڀرتي ٿئي ٿو. ٽن مهينن ۾ 18 گريڊ ۾ اچي وڃي ٿو. ڪميونٽي پوليس غيرقانوني طورتي جوڙي وئي 16000 ملازمن مان هڪ به سنڌي ناهي جڏهن پوليس جا اختيار هنن کي ملي ويا ته پوءِ انهن جي طاقت ۽ دٻدٻي سان هر غير قانوني ڪم کي قانوني بنائڻ هنن جي کاٻي هٿ جو کيل هوندو. صحت کاتو ڊگهي عرصي کان هنن وٽ آهي پر سنڌي ماڻهو لاءِ سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ سهولت ناهي جتي غريب سنڌي ماڻهو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن.
نسل پرست تنظيم هڪ رٿا تحت عالمي دَٻاءُ ذريعي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا سانباها ڪري رهي آهي. ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو مطلب آهي سنڌ ٻه ڀاڱا ٿئي ڇا بچندو سنڌين وٽ ڪراچي کانسواءِ؟
ڪراچي سنڌ آهي. ڪراچي کانسواءِ سنڌ اڻپوري آهي. منظور سولنگي چواڻي آهي ته ڪراچي شهر سنڌين جو محبوب شهر آهي ۽ سنڌي محبوب ڏانهن ميري اک ڪڏهن به برداشت نه ڪندا.
نسل پرست تنظيم ۽ سنڌ سرڪار جي وچ۾ مٿين اهم اشوز تي ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ هر دور اقتدار ۾ هلنديون رهن ٿيون، جيڪڏهن پ پ سرڪار بليڪ ميلنگ ۾ اچي مطالبا مڃي ورتا ته سمجهو هڪ الڳ آزاد رياست جي قيام لاءِ پهريون ۽ اهم قدم ثابت ٿيندو. هنن چواڻي ته آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا ۾ ائين آهي. ته پوءِ هنن کي هي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته آمريڪا جون رياستون آزاد ۽ خودمختيار ٿين ٿيون. ڪراچي کي نسل ۽ ٻولي جي بنياد تي سنڌ کان الڳ ڪرڻ ڪنهن قوم ۽ وطن جي وجود سان جنگ جو اظهار هجي ٿو. سنڌ مان انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ جي تاريخ ۾ سنڌ جي حڪمرانن ۽ وڏيرن جي بي حسي، وائڙائپ عروج تي هجڻ ڪري ۽ ڏاهپ نه هئڻ ڪري سنڌين کي ڏکين ڏينهن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اڄو ڪا ڏکيا ڏينهن سنڌ لاءِ ماضي جي روشن جو نتيجو آهن.
امر جليل جي سنڌ ۾ ڌارين جي اچڻ تي طنز ڀريل مقالي اڄ مزاحمت لاءِ تياري جي ضرورت آهي اچو اچو سنڌ ۾ وسو. هاڻ اچو اچو ته سنڌ کي بچايون جي محاوري تحت ڪراچي کان ڪشمور تائين سياست جي هيرا ڦيري کان بچندي سنڌ وطن کي پنهنجي حيثيت ۾ بچائڻ، ڌارين جي يلغار کي روڪڻ ۽ سنڌين جي حاڪميت لاءِ شعور ۽ عمل ذريعي هر سازش کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ جي حقيقي ماڻهن ۽ ڌرتي ڌڻين کي عالمي ادارن ۾ پنهنجو ڪيس رکڻ گهرجي، جيئن ته اڄ چالاڪي سان ڌارين ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪري، شهرن جا مالڪ بڻجي پنهنجو سگهارو ڳڙ بڻائي ڇڏيو آهي.
هنگامي کان پاسو ڪندي ميچوئر، سمجهدار ليڊر شپ انهي راءِ کي تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ان کانسواءِ جمهوري قوتن کي ڪنهن به بليڪ ميلنگ ۾ اچي مطالبا مڃڻ بجاءِ انهن کي سنڌ سان سنڌ جي عوام سان بيهڻ گهرجي ٻي صورت ۾ غلط فيصلي جي ڪري تاريخ کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي. سنڌ واسيو سنڌ بچائڻ پاڻ سمورن جي ذميواري آهي.

وسڪاري کانپوءِ!

ڪجهه ساٿين فيصلو ڪيو ته ٿر تي مينهن وٺا آهن ۽ چون ٿا ته وسڪاري کانپوءِ ٿر ۾ هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آهي، گاهه ڦٽندا آهن وڻن ۾ ساوڪ اچي ويندي آهي، سڄو ٿر اڇي ۽ ڪاري واري ڪاري ۽ ڳاڙهي جبل کي سائي لوئي ۾ لپيٽي ڇڏيندو آهي. اهڙي ئي خيال سان ٿر ڏانهن رخ ڪيوسين ٿر ۾ داخل ٿيڻ سان ئي بلڪل جيئن چيو وڃي ٿو ائين ئي نظر آيو هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ اکين کي وڻندڙ منظر ۽ دل کي ڀائيندڙ منظر تمام گهڻي خوشي پئدا ڪئي. مينهن جي وسڻ ڪري هيٺاهين تي ترايون پاڻي سان ڀريل نظر آيون جتان ٿر جون ناريون مٽ مٿي تي رکي پاڻي ڀرڻ ٿي آيون ۽ ٻڪرين، رڍن ڳئن ۽ اٺن جي ولرن به اتان ئي پاڻي ٿي پيتو. ٿر ۾ مينهن وسن ٿا ته اُتان جي ماڻهن ۾ خوشي جي لهر پئدا ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ جو ٿر بر آهي. جي مينهن نٿو وسي ته بَرَ کائڻ اچي ٿو اکين کي نٿو ڀاسي دل چوي ٿي ته ڏيهه ڇڏي پرڏيهه وڃجي. موت لامارا ڪري ٿو جڏهن ٿر ۾ ڏڪار اچي ٿو ته هزارين جانور مريو وڃن، جيڪي ٿر جي عوام جي معاشيات جو وڏي ۾ وڏو ۽ واحد ذريعو آهي. ٿرپارڪر جي ڪُل آبادي 13 لک آهي، هڪ اندازي موجب 40 لک جانور ٿر ۾ موجود هجن ٿا. ٿر ۾ بئراج جي پاڻي نه هئڻ ڪري لکين جانورن جو کاڌ خوراڪ جو ذريعو صرف مينهن وسڻ تي آهي. جڏهن ٿر وسي ٿو ته هر طرف خوشحالي نظر ايندي آهي. ماڻهن سان ملياسين چيائون ته وسڪارو ٿيو آهي، هاڻ خوش آهيون، جولاءِ ۾ ٻه چار ڀيرا سٺا مينهن پوڻ سان 40 لک جانورن لاءِ چئن مهينن جي خوراڪ جو بندوبست ٿيو وڃي.
پر جڏهن ڏڪار ٿئي ٿو ۽ اڪثر ٿئي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ٿر جي ماڻهن کان مينهن رسي ويندا آهن ۽ پوءِ هر طرف بي وسي لاچاري نظر ايندي آهي ٿر جي 13 لک آبادي جو تقريبن 45 سيڪڙو آبادي لڏ پلاڻ ڪندي آهي جو انهن کي سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ جو نالو ڏين ٿا اها لڏ پلاڻ به آءِ پي پي ايس وارن اصولن ۾ اچي ٿي. ڇاڪاڻ قدرتي آفتن يا ڪي هٿرادو معاملن جي ڪري لڏ پلاڻ ٿيڻ جي ڪري رياست جي حڪمرانن جي ذميواري هجي ٿي ته هو انهن جي مدد ڪن، ٿر وارن جو چوڻ آهي ته هڪ طرف آفت جي ڪري مال مريو وڃي ٿو جنهن تي روزگار ٿئي ٿو ٻيو ٿر ۾ ڪوبه وسيلو نه هئڻ ڪري ماڻهو بکن ۾ تباهه ٿين ٿا. بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا ۽ سرڪار طرفان ڪابه سهائتا نه هئڻ ڪري لڏ پلاڻ کانسواءِ ڪوبه ٻيو چارو ناهي، ٿر پارڪر 21 هزار چورس ڪلو ميٽر جو علائقو آهي ان بر ۾ ساڍا 9 هزار چورس ڪلوميٽرن ۾ ڪوئلو دفن آهي، جنهن جي مٿان صرف 123 ميٽر واري جو تهه آهي ان کان پوءِ ڪوئلو جيڪو بجلي پئدا ڪري سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جي 50 سالن کان به مٿي انرجي جا معاملا حل ڪري سگهي ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿر جي ڪوئلي کان به گهٽ ڪوالٽي وارو ڪوئلو نڪري ٿو اهو پنهنجي ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو پر ٿر جي پيٽ ۾ پيل هي ڪارو سون جيڪو ٿرين جي ائين تقدير تبديل ڪري سگهي ٿو، جيئن سعودي عرب ۾ يو اي اِي دبئي جي بکايل غريبن جي جيڪي پڻ تيل جي پئداوار کان اڳ سنڌ جي ٿرين کان مختلف نه هئا. بلڪل ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته ٿرين تي وري رب رحمان ٿيندو هو جو وسڪارو ٿرين کي ساهه وجهي ڇڏيندو هو، پر مٿين عرب ملڪن ۾ مينهن نالي ڪا شيءِ نه هوندي آهي سالن پٺيان مڙئي ڪو ڪارو ڪڪر ڀلجي وسڪارو ڪري وري اڳتي وڌي ويندو آهي. اقتصادي ماهرن جي راءِ موجب ڪوئلي، گرينائيٽ پٿر ۽ ٻين ذخيرن جي نڪرڻ سان ٿر ۽ سنڌ دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ شمار ٿيندا. افسوس هي آهي ته وقت جا حاڪم مسڪين ڏتڙيل ماڻهن جي زندگي ۾ ڪابه تبديلي نٿا آڻڻ چاهين.
ڄاڻي واڻي ٿر جي ماڻهن کي پوئتي رکيو پيو وڃي. ٿر مان اعليٰ ڪوالٽي جي چائنا ڪلي نڪري ٿي پر پنجاب جا صنعتڪار 75 سيڪڙو ٻاهران گهرائن ٿا، جيڪڏهن هو ٿر جي چائنا ڪلي کي اهميت ڏين هڪ ته کين سستي پوندي ٻيو ته ٿر جي خوشحالي ڏانهن هڪ قدم هوندو. ٿر گهڻو وقت تاريخي ڪردارن ڀالوا جي ماروي جيڪا عمر بادشاهه جي لالچن کي قبول نه ڪرڻ مزاحمت ڪرڻ جو بنيادي ڪارڻ ڪنهن دوست چواڻي ته اهڙي خوبصورت وطن ۽ نينهن جن ماروئڙن جي محبت ۽ آزاد هوائن کي ڀلا هو ڪيئن ڇڏي سگهي ٿي. روپلو ڪولهي جيڪو ڪارونجهر جي جيلن کي مورچو بنائي دشمن جي لاءِ للڪار بنجي ويو ۽ وطن تان قربان ٿي ويو، سامي ديري ڳوٺ جو مسڪين جهان خان کوسو جنهن پنهنجي زندگي جو سمورو وقت ٿري ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهندي گذاريو پر سندس خاندان بکون پيو ڪاٽي پاڻ ساهه ڏئي ويساهه پئدا ڪري ويو پر هن جا پويان ڪهڙي حالتن ۾ آهن ڪنهن کي ڪا به خبر ناهي، پر خير دنيا جا سمورا عظيم ماڻهو پنهنجو رت ست ڏئي پاڻ ملهائي ويا ۽ امر ڪردار بنجي ويا. اُهو ٿر جتي وک وک تي ڳجهن ادارن جا ماڻهو گهمن ٿا. ڇاڪاڻ جو پاڙي ۾ اهڙو ملڪ آهي جيڪو شايد سڀ کان وڏو دشمن هجي اها ٻي ڳالهه آهي ته محمود غزنوي ننگر ڀرسان ڀوڏيسر ۾ جين مذهب جو تاريخي مندر ڊاهي مسجد جوڙائي. هن پار ۽ هن پار جا ماڻهو ۽ جانور صدين کان هيڏانهن هوڏانهن ايندا رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو وطن ساڳيو هو. ساڳي ٻولي، ساڳي تهذيب، مور هن پار به ٽهڪي ٿو ۽ آزاد هيو ۽ هن پار به ساڳي ٽهڪ ڏئي ٿو، بس فرق اچي ويو ته مذهب ۽ سياست وطن کي ورهائي تارن جا لوڙها لڳائي ڇڏيا آهن.
ٿر جي هر ماڻهو جي چرپر تي ائين نظر رکي وڃي ٿي جيئن باز پري کان پنهنجي خوراڪ تي نظر رکي ٿو، قاصبو ۾ تاريخي مندر ڏسڻ وقت نابين يوسف ۽ سندس ساٿين جو راڳ ٻڌوسين، مائي ڀاڳي جا ٻول ٻڌي ٿر سان انسيت ۽ محبت ۾ اضافو ٿيو.
رات به مينهڙا اُٺا
۽ کڙي نيم ڪي نيچي مين تو هيڪلي.
واپسي تي ڪارونجهر جي ڪور مٿان ڌاٻو ڪيو سين، نابين يوسف جي پٽ جمال سان ملاقات ٿي ان ٻڌايو ته هتان کان صرف ٽن ڪلو ميٽرن تي ساڳيو ئي ٿر آهي پر اتي پاڻي هر وقت موجود آهي، سموريون ميداني زمينون سرسبز آهن ۽ اتان جا ماڻهو خوشحال آهن. هن چيو ته ميٽرڪ ۾ پڙهان ٿو پر بابا سان ڍولڪ به وڄايان ٿو، ڇو جو اسان مڱڻهارن جو واحد ذريعو راڳ آهي. ماڻهن کي خوش رکون ٿا ۽ پنهنجي پيٽ جي بک اجهايون ٿا. مٺي پريس ڪلب ۾ صحافي دوست کاٽائو جاني سان ڪچهري ٿي، هو لاجواب آهي کلي کيڪاريائين دل سان ويهاري حال اوريائين ٿر متعلق کوڙ ساري معلومات ڏنائين. هن جي خيال ۾ ٿر جي مسڪين ماڻهن سان سياستدانن سميت سماجي اڳواڻن ۽ ٿر ۾ اين جي اوز جا ڄار وڇايل آهن ۽ ٿرين جي نالي تي ڪروڙين روپيا حاصل ڪن ٿا پر ٿرين جي تقدير ۾ تبديلي اڃان اچڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي...! مطلب ته ٿر وسيلن ۾ مالا مال آهي. 175 ارب ٽن ڪوئلو آهي. چائنا ڪلي جا اڻ کٽ ذخيرا آهن. دنيا جو مڃيل گرينائيٽ ۽ ٻيا قيمتي پٿر موجود آهن. ٿر جي جاگرافي جي لحاظ سان ننڍن وڏن پهاڙن ۽ واري جي دَڙن ۽ ميداني علائقن ۾ مينهن وسڻ کان پوءِ ان جي سونهن يورپ جي لنڊن کان مانچسٽر وڃڻ وقت وارن نظارن ۽ سوئيزر لينڊ کان ڪنهن به طريقي سان گهٽ ناهن جتي دنيا مان لکين ماڻهو سياحت لاءِ وڃن ٿا پر هتي ڪو به بندوبست نه هئڻ ڪري ٿر کي پوئتي رکيو ويو آهي. ٿر جو 85 سيڪڙو پاڻي زهريلو آهي، جيڪو پيئڻ لاءِ منع آهي، جنهن سان ڳوٺاڻن ۾ بيماريون جنم وٺن ٿيون. ننگرپارڪر جي نياڻين جو اسڪول جيڪو 13 سالن کان بند پيل آهي. ٿرپارڪر ۾ ٻه سيڪڙو مشڪل سان نياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون. ٿرپارڪر جا 23 سئو ڳوٺ آهن، 95 سيڪڙو آبادي ٻهراڙي ۾ رهي ٿي. مونکي حيرت ٿي ته خوشحال ٿر جا ماڻهو روڊن تي ٻيهر نه رڳو کنڀيون ۽ سبزيون وڪڻي رهيا هئا. پر ماڻهو پنندي به ڏٺاسين. سندن منهن تي مرڪون نظر نه ٿي آيون هن ٿر مان ڪيئي ماڻهو وزيراعليٰ ۽ وزيراعظم بڻيا. ٿر جي ماڻهن پنهنجي ووٽ جي طاقت سان ماڻهن کي ته سگهه بخشي پر پنهنجي آئيندي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. قدرت ٿر تي ڪڏهن ڪڏهن مهربان ته ٿئي ٿي پر ٿر جي وسيلن جو تڪڙو استعمال ڪري صدين جي بک ۽ اڃ ختم ڪئي وڃي. ماروي جي هن ديس جي ماڻهن کي محبت جي ضرورت آهي. غير معمولي معاشي استحڪام لاءِ ڪوششون وٺي هر سال ٿيندڙ لڏ پلاڻ کي روڪيو وڃي. بک ۽ بدحالي جي باوجود ٿرين جي محبت نه وساري سگهبي. وسڪاري کانپوءِ ۽ ٿرين لاءِ روحاني خوشي نظر آئي پر سندن ٻار بکايل ڏٺم حقيقي خوشين کان محروم نظر آيا. شال ٿري ٿر ۾ هميشه آباد رهن پنهنجن وسيلن جا مالڪ بڻجن.(آمين)

ڪراچي جا سنڌي ڳوٺ ڊاهڻ جو پس منظر ڇا آهي؟

ڪراچي جي ڪُن جي ڪري هن جو پهريون نالو ڪلاچي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪراچي ٿي ويو. هي شهر اصل سنڌي ماڻهن جو هو، پرامن ۽ ڪاروبار جي لحاظ سان خوشحال شهر هو، 1839ع ۾ جڏهن انگريزن منهوڙي جي قلعي تي حملو ڪيو ته ڪراچي جو دفاع ڪندڙ پندرنهن منٽن ۾ قلعو ڇڏي فرار ٿيا، جيڪي بعد ۾ گرفتار ڪيا ويا ۽ اهڙي طرح سان انگريز ڪراچي ۾ داخل ٿيا. انگريز حڪمرانن قابض انگريزن کي اها تلقين ڪئي هئي ته ڪراچي جي سيٺ نائو مل، ان جي خاندان ۽ سندس ڪاروبار جو خيال رکجو ڇاڪاڻ جو هو اسان جو وفادار آهي.
اهڙي ريت ڪراچي غلامي جي جڪڙ ۾ ڦاٿي، برصغير جي انگريزن خلاف هلايل هلچل جي نتيجي ۾ 1947ع ۾ جڏهن هندستان ۽ پاڪستان ڌار ڌار ملڪ ٺهيا ته ان وقت ڪراچي جي ڪل آبادي ساڍا چار لک هئي ۽ پوءِ هندستان ۾ هندو مسلم فسادن جي نتيجي ۾ لکين پناهگير سنڌ ڏانهن ڪاهي آيا ۽ انهن جو سڄو بار ڪراچي تي پيو. 1954ع ۾ جڏهن لياقت علي خان ۽ نهرو سمجهوتو ١٩٥٤ع Liaqat Nehru Pact ٿيو، جنهن موجب پاڪستان ۽ هندستان مان اچ وڃ قانوني طريقي يعني پاسپورٽ ذريعي ٿيندي ۽ ڪنهن به ماڻهو جي غيرقانوني طرح اچ وڃ تي پابندي مڙهي وئي، ٻنهي ملڪن پنهنجا بارڊر سيل ڪري ڇڏيا، ان وقت ڪراچي ۾ جيڪي به مهاجر لڏي آيا، انهن سميت ڪل آبادي يارنهن لک ٿي وئي، اڄ ڪراچي جي چوڏهن ملين، يعني هڪ ڪروڙ چاليهه لک آبادي آهي، جنهن ۾ اڪثريت غير سنڌين جي آبادي تصور ڪئي وڃي ٿي ۽ عملي طور تي ڪراچي جي 18 ٽائونن مان صرف ٻن ٽائونز جا ناظم سنڌي بلوچ آهن باقي سمورا ٽائون پناهگيرن جي ناظميءَ هيٺ آهن. 60 سالن جي ان دور ۾ غير قانوني طور تي ڌارين جي يلغار ڪراچي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو. ڪراچي جي وسيلن ۽ روزگار جي سمورن ذريعن تي به ڌارين جو قبضو آهي. ڪراچي ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي ڪابه رنڊڪ ناهي نتيجي طور تي ڪراچي هڪ گهڻ قومي، Multinational City بڻجي ويو آهي.
ڪراچيءَ ۾ 11 سؤ جي لڳ ڀڳ ننڍا توڙي وڏا سنڌي ڳوٺ آهن، ابتدائي طور تي انهن ڳوٺاڻن جي روزگار جو ذريعو مڇي مارڻ تي هوندو هيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪراچي جي ترقي ۾ به سندن ڪردار رهيو آهي. انهن 11 سؤ ڳوٺن کي بنيادي سهولتون مثال طور پاڻي، سيوريج، بجلي، گئس، روڊ، رستا پڪا ڪري ڏيڻ ته ٺهيو پر وقفي وقفي سان انهن کي ڊاهي پٽ ڪندا رهيا آهن.
هجڻ ته هيئن گهرجي ته Son of the soil ڌرتي ڄاون کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ها ڪارخانن ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ بنيادي حق انهن جو مڃيو وڃي ها. ڳوٺن کي پڪو ڪري انهن کي ليز ڏني وڃي ها. اتي رهندڙ بيروزگار نوجوان کي اوليتي بنيادن تي روزگار ڏنو وڃي ها!
73-1972ع ۾ ڀٽو جي دور اقتدار ۾ لينڊ روينيو ايڪٽ تحت ڪراچي ۾ جيڪي به ڳوٺ هوندا، انهن کي ريگيولر ڪيو ويندو، ايستائين جو جيڪڏهن ڪو پراڻو ڳوٺ آهي ۽ Congested ڳتيل آبادي جي ڪري کين وڌيڪ زمين جي ضرورت آهي ته به سرڪار کي ان جو بندوبست ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اها زمين ان ڳوٺ ۾ نٿي ملي سگهي ته ان جو متبادل طور تي سرڪار کي زمين الاٽ ڪرڻي آهي.
ان کان پوءِ 1980ع ڌاري بورڊ آف روينيو هڪ پاليسي جوڙي هئي ۽ ان جو نوتيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن موجب جتي به 10 گهر موجود آهن ته ان کي ڳوٺ جو درجو ڏئي ريگيولرائيز ڪيو ويندو پر انهن سمورن قانونن ۽ ضابطن جيڪي خود سرڪار مختلف وقتن ۾ جاري ڪندي رهي جون ان ڌڄيون اڏايون ويون آهن، ڪراچيءَ جا اصلوڪي باشندا غيرن وانگر رهي رهيا آهن. کين ڪوبه قانوني تحفظ ناهي. ۽ جڏهن ته هر قسم جي پناهگيرن جي غيرسنڌي آبادين کي پهرئين درجي جي حيثيت حاصل آهي.
اصل ۾ ڪراچي جي سؤ سالن کان به قديم انهن ڳوٺن کي بلڊوز ڪرڻ جا ٻيا مکيه ڪارڻ هي آهن ته 80ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ نسل پرست تنظيم جو سنڌ جي سياست ۾ اچڻ سان انهن جا سنڌين سان ويڇا ٿيا. سنڌي ماڻهن جو سياسي تڪرار هئڻ ڪري جڏهن اها تنظيم اقتدار ۾ آئي ته:
1. ڪراچي مان سنڌين جو ووٽ بئنڪ ختم ڪرڻ لاءِ ڳوٺن کي مسمار ڪيو ويو.
2. سنڌي ماڻهو جمهوري ڌارا جو حصو هجڻ ۽ جمهوري پارٽين کي ووٽ ڏيڻ جي ڪري.
3. ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن ۾ اجتماعي شعور پيدا ٿيڻ ڪري.
4. ڪراچي جي سنڌين ۽ بلوچن جو سنڌ جي قومپرست ڌرين سان قومي تحريڪ جو حصو ٿيڻ ڪري.
5. ڳوٺن جون زمينون قيمتي هجڻ ڪري بلڊر مافيه سان زمينن جا سودا، جتان کين ڳريون قيمتون ملي رهيون آهن.
1988ع ڌاري جڌهن ڪراچي ۾ سنڌي مهاجر تڪرار ٿيو هو ته سڄي ڪراچي مان سنڌي ماڻهن کي ننڌڻڪن وانگر ماريو ويو هو، ان جي رد عمل ۾ سنڌين پنهنجو پاڻ کي منظم ڪرڻ لاءِ ڳوٺن جي صورت ۾ هڪ هنڌ گڏجي ويهڻ کي ترجيح ڏني، بنيادي طور تي سنڌي ماڻهو منظم ٿي رهيو آهي، کانئن جيڪا حق حاڪميت کسي وئي آهي هو شعوري طور تي منظم ٿيڻ لاءِ وکون کڻي رهيو آهي، جيڪا ڳالهه نسل پرست تنظيم کي چڱي نٿي لڳي. هن ڪراچي شهر ۾ غير فطري طور تي واڌ هئن ڪري افغاني، پٺاڻ، برمي، بنگالي کانسواءِ سڄي دنيا مان تڙيل غير قانوني پناهگير “Illegal Immigrants” اچي رهيا آهن، انهن جون وڏيون وڏيون غير قانوني بستيون ٺهي رهيون آهن جن جو هن ڌرتي سان ڪوبه واسطو ناهي، هو سنڌو درياهه جي پاڻي، سندس چيڪي مٽي مان ڳوهيل ناهن، انهن جي آبادين ڏانهن ڪوبه بلڊوزر نٿو وڃي. پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين صرف ڌارين جون ڪالونيون ۽ ڪچيون آباديون ريگيولرائيز ڪيون ويون آهن، انهن کي سموريون بنيادي سهوليتون فراهم ڪيون ويون آهن، ان جي ڀيٽ ۾ ڌرتي ڌڻين جون وسنديون هڪ سيڪڙو به ريگيولرائيز ناهن ٿيون بلڪه هر روز هڪ مشينري ۽ فورسز ذريعي ڳوٺن تي راتاها هڻي سنڌين کي هيسائي ڪراچي مان تڙڻ جا سانڀاها ٿي رهيا آهن. بنيادي سهولتون ته لياري ايڪسپريس جي نالي ۾ ترقي جي نالي تي پرڏيهين کي مليون آهن. هزارين بلوچن کي بي گهر ڪيو ويو. تئيسر جتي 35 هزار گهر ڏنا ويا آهن پر ان ۾ هڪ سيڪڙو به سنڌي مشڪل سان آهن تيسر ٽاؤن نالي آباديءَ ۾ زبردست Structureانفرادي اسٽرڪچر جوڙيو ويو آهي ۽ جيڪي صدين کان ڳوٺ آهن، انهن ڳوٺن جا ماڻهو سهولتن کان محروم آهن. ڳوٺن ۾ سنڌي اسڪول ختم ڪيا ويا آهن.
مان هي چوڻ چاهيان ٿو ته جي حق حاڪميت جي ٿيندڙ مستقبل جي ويڙهه ۾ ڪراچي اهم ڪردار ادا ڪندو، دشمن سنڌين جي ڳوٺن کي ڊاهي کين اقليت ۾ ڪري، معاشي طور تباهه ڪري ڪراچي مان ڌونس ۽ دٻدٻي سان تڙڻ چاهين ٿا. ٻئي طرف سنڌين کي عقل ۽ شعور سان مستقل جي رٿا تحت منظم ٿي هر قسم جي سازشن جو مقابلو ڪرڻو آهي. انگريز سرڪار جي دور ۾ دلالي مان پيدا ٿيل نائو مل جهڙن کي به وائکو ڪرڻو آهي.
جهڙا به هيڻا حال آهن، ڪراچي رهڻو آهي، ڳوٺ بچائڻا آهن ۽ پنهنجا بنيادي، انساني، قومي ۽ جمهوري حق حاصل ڪرڻا آهن.

گهڻ قومي ڪمپنيون ۽ غريب ملڪن جون زمينون

انساني تاريخ جي هر دور ۾ طاقتور قوتن انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي ڦرلٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
امن ۽ جنگ واريون قوتون هر دور ۾ هڪ ٻئي سان مقابلي ۾ رهيون آهن، ظلم هميشه پنهنجي طاقت ۽ دولت جي نشي ۾ مطلوم عوام جي زندگي جو دائرو تنگ ڪندو رهيو آهي. اڄ به تمام گهڻيون نام نهاد ۽ سامراجي قوتون مختلف انداز ۾ مسڪينن، مظلومن ۽ محڪومن ۽ قومن جي تهذيب، ثقافت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي آڙ ۾ پهريان کان وڌيڪ غير محسوس انداز ۾ ڦرلٽ ڪري رهيون آهن، دنيا جا نام نهاد چوڌري با اثر ادارا ۽ قومون پنهنجي مفادن خاطر اهڙا قانون ۽ پاليسيون جوڙي رهيا آهن جن سان انهن جي مفادن کي تحفظ ملي ٿو. انهن پاليسين سان غريبن کي نقصان پهچي ٿو.
ويٽو پاور وارين قوتن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي مفادن کي نظر ۾ رکي قرادادون پاس ڪرايون وڃن ٿيون ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي قيام ۽ دنيا ۾ آزاد منڊي جو قيام عمل ۾ آڻي صرف چند بااثر ۽ خوشحال ملڪن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هاڻ صرف مخصوص الزامن جي بنيادن تي ڪمزور ملڪ ۽ قومن تي حملا به عام ٿي ويا آهن جنهن تي دنيا جون سموريون انساني حقن جون تنظيمون ۽ قومون جتي جانور جو نسل ختم ٿيندي نّظر اچي ته اُتي سرگرم ۽ پريشان هجن پر کين عراق، انغانستان، فلسطين ۽ آمريڪي ملڪن ۾ لکين بي گناهه مظلوم ماڻهن جو قتل عام ۽ نسل ڪشي نظر نٿي اچي.
هڪ دور اهو هو جو يورپ جي مختلف قومن ايشيا، افريڪا جي مختلف ملڪن کي سڌو سنئون غلام بنايو هو ۽ اڄ اهوئي ڪم ملٽي نيشنل ڪمپنيون سرانجام ڏئي رهيون آهن، غير محسوس انداز ۾ ڪم شروع ڪيو آهي، انهن سازشن جي نتيجي ۾ ٽين دنيا جي زرخيز زمين ۽ ان ۾ پئدا ٿيندڙ فصلن تي قبضو ڪرڻ آهي.
ان جو تازو مثال ڏکڻ ڪوريا جو ڊائيو ڪمپني طرفان مڊگا سڪر جي 25 لک ايڪڙ زرعي زمين جي خريداري آهي جيڪا هنن 99 سال ليز تي خريد ڪئي آهي، هي ڪنهن ڪمپني طرفان خريد ڪيل سڀ کان وڏي زمين آهي. هي زمين آفريڪي ملڪ مڊگاسڪر جي %50 سيڪڙو ٿئي ٿو. يعني هڪ ڪمپني ڪنهن ملڪ جي اڌ حصي کي خريد ڪري ورتو، جنهن دنيا ۾ هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي.
اقوام متحده جي زراعت جي سربراهه (اينذ اي او) کي خبردار ڪيو آهي ته امير ملڪ ۽ وڏين ڪارپوريشن طرفان غريب ملڪن ۾ وسيع پئماني تي زمينون حاصل ڪري هڪ نئون ڪالوني سسٽم (غلامي) رائج ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته هن نئين نظام تحت غريب ملڪن جي زمين تي امير ملڪن جي شهرين لاءِ پئدا ٿيندو جڏهن ته غريب ملڪن جا شهري بُک مرندا، کاڌي جي جنسن جي وڌندڙ قيمتن ۾ افريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن منجهه اڳ ئي بُحران آهي.
اطلاع موجب ڊايو ڪمپني 20 لک ايڪڙ تي مڪئي ۽ 5 لک ايڪڙ تي پام آئل پوکيندي، زرعي زمين جي خريد جو اهڙو مثال اڳي ڪٿي به نٿو ملي، هن کان اڳ ٻه لک 50 هزار ايڪڙن جا سودا ٿيل آهن.
عرب ملڪ به اهڙن پراجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيا آهن. سعودي عرب جو بن لادن گروپ انڊونيشيا ۾ باسمتي چانور پوکڻ لاءِ سرمائيڪاري ڪري رهيو آهي.
جڏهن ته ابو ذهبي جي سرمائيدارن به هن مقصد لاءِ پاڪستان ۾ لکين ايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي.
متحده عرب امارات جي صدر خليفه بن زيد چئي چُڪو آهي ته هو ڪاغستان ۾ زرعي شعبي ۾ سرمائيداري ڪندا.
عالمي ادارو خوراڪ زراعت هن کان اڳ به خبردار ڪيو آهي ته هن معاهدي سان زرعي زمينون حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڊوڙيا مقابلو ٿي سگهي ٿو.
ملٽي نيشنل ڪمپنين پاران ٻين ملڪن ۾ زمين خريدڻ ۽ پوک ڪرڻ سان ميزبان ملڪ تي خراب اثر پوندا. پر جيڪڏهن زمين فراهم ڪندڙ ملڪ کي پنهنجا مفاد نظر ۾ رکي شرط رکي ته اهي نقصان فائدي ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. پر آمريڪا ۽ ڪجهه يورپي ملڪ زراعت تي قبضو ڪرڻ واري منصوبي تي عمل ڪري رهيا آهن، آمريڪا جي ڪجهه تحقيقاتي ۽ زرعي ڪمپنين زراعت ۾ هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان مڪئي ۽ ڪپهه جي ٻج ۾ جينياتي ترميم ڪئي جنهن سان اهو ٻج آبادگارن ٻئي ڀيري ساڳيو ٻج ڀاڻ ۾ پاڙيسري آبادگار کي فراهم ڪري سگهي ٿو ان سان آمريڪي ڪمپنين کي گهاٽو نظر آيو ان ڪري اُن ۾ ترميم ڪري ”ٽرمينيٽر ٽيڪنالاجي“ متعارف ڪرائي جنهن ٻج کي صرف هڪ ڀيرو استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن سان آبادگار نقصان ۾ ويندو ۽ سامراجي ڪمپنيون خوشحال ٿينديون ان کانسواءِ ان ٽيڪنالاجي سان اهو ٻوٽو ايستائين گل نه ڏيندو جيستائين ساڳي ڪمپني جي وري دوا استعمال نه ڪئي وڃي اهڙي طريقي سان مڪمل طور تي سامراجي ڪمپنين جو آبادگارن کي ڪنگال ڪرڻ لاءِ محتاج بڻايو ويو آهي.
ڪمپنين جي انهن چالبازين کي ڏسندي برازيل، اٽلي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن لاڳاپيل آمريڪي ڪمپني جي ٻجن تي پابندي وجهي ڇڏي آهي.
باوثوق ذريعي موجب آفريڪا جا ڪجهه ملڪ غربت جو شڪار آهن بلڪه کاڌي جي شين جي ڪمي جي ڪري تباهي ٿي وئي آهي انهن ملڪن به اهڙن ٻجن کي مفت ۾ فراهمي کان به انڪار ڪيو آهي جڏهن ته فرانس جي هارين انهن ٻجن جي سخت مزاحمت ڪندي مظاهرا ڪيا ۽ رياستي تشدد برداشت ڪيو جنهن کان پوءِ فرانس جي حڪومت عوامي دٻاءَ ۾ اچي مجبور ٿي ٻجن تي پابندي لڳائي ڇڏي پر بدقسمتي سان 1990ع ۾ هي ٻج غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ اسمگل ڪيو ويو ۽ اُن جو استعمال به ٿيو.
ٽرانس جين فصلن جي پوکڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي چئو طرف 20 سيڪڙو ايراضي تي Refuge فصل پوکيو وڃي ٻي صورت ۾ اُن جي آس پاس جي فصلن کي شديد نقصان پهچندو ڇو ته ٽرانس جين فصلن تي ڪيڙن مڪوڙن جي حملن خلاف شديد مزاحمت هوندي آهي ان لاءِ ڪيڙا مڪوڙا آس پاس جي فصلن تي شديد حملو ڪن ٿا. جيڪڏهن ٽرانس جين ٻج 26 سيڪڙو ايراضي تي نٿو پوکيو وڃي ته ٻين آبادگارن سان جهيڙو ٿي سگهي ٿو زرعي ماهر ۽ جنسياتي ماهرن مطابق جيڪڏهن ڪنهن زرعي ملڪ ۾ چانور، ڪڻڪ ۽ ٻين کاڌي وارن فصلن جا ٽرانس جين ٻج ڦهلايا ويا ته اهو زرعي ملڪ هئڻ باجود زرعي فصلن لاءِ آمريڪي ڪمپنين جا محتاج هوندا ۽ جيڪڏهن اُن ملڪ جا آمريڪا سان تعلقات خراب ٿيا ته اُن ملڪ کي زرعي جنسون پئدا ڪرڻ لاءِ محروم ٿيڻو پوندو ۽ روايتي پوک ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت لڳي ويندو جنهن ڪري کاڌ خوراڪ جو بحران پئدا ٿي سگهي ٿو.

ڪراچي ۾ دهشتگردي جو پس منظر

10 محرم الحرام 2009 تي ماتمي جلوس ۾ ٿيل ڌماڪي سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾ نوان سوال پيدا ڪيا آهن. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ خاص ڪري ماضي قريب ۾ جيڪي به خودڪش يا ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪا ڪيا ويا. جانين جو نقصان ٿيو حملو ڪندڙ ڌُر ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ذميواري قبولي وٺندي هئي، ٻيو ته حملي کانپوءِ جنهن طريقي سان ڪراچي جي واپاري مرڪز کي لٽيو،باهه ڏني وئي ۽ مڪمل تباهه ڪيو ويو، اهڙو مثال ملڪي تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي. پاڪستان جي رياستي سگهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي اها هن مهل منظم دهشتگرد تنظيم طالبان ۽ القاعده سان وڙهي رهي آهي ۽ انهن کي پوئتي ڌڪڻ ۽ انهن جي خاتمي لاءِ ڪاميابيون ماڻي رهيا آهن. ماتمي جلوس ۾ ڪراچي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو منظم طريقي سان رياستي مشنري استعمال ٿي پوءِ به ايڏي وڏي واردات ٿي وئي. اکين ڏٺي شاهدن جو چوڻ آهي ته هڪ منظم گروهه جديد هٿيارن سان واپاري مرڪزن ۾ ڪاهي پيو لٽ مار ڪرڻ کانپوءِ انهن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو پوليس ۽ رينجرز ڏسندي رهي انهن جي مجال نه هئي ته هو هڪ به گولي فائر ڪري سگهن ۽ ڪلاڪن تائين اها رهزني جاري رهي. اهو منظم گروهه امن بحال ڪندڙ قوتن کي چيو ته ويجهي نه اچو. ڇا رياست ايتري ڪمزور آهي يا اهڙو عمل ڪندڙ قوتون ايتريون سگهاريون آهن. جواب بلڪل واضح ۽ چٽو آهي ته هڪ رٿابندي تحت اهو عمل ڪيو ويو ڇاڪاڻ جو ان پٺيان ڪيئي مفاد جڙيل آهن. آمر ضياءَ جي دور کان وٺي پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ سياسي تنظيمون ( نسلي ۽ مذهبي ) بنيادن تي جوڙيون ويون تن کي گروهي مفادن تحت منظم ڪيو ويو. سندن تربيت ٿي، هٿيارن جا انبار گڏ ڪيا ويا. اسٽبلشمنٽ هر دور ۾ (ضياءَ کانپوءِ به) انهن جي رهنمائي ۽ مدد ڪندي رهي آهي. جمهوري حڪومتن جي خلاف استعمال ٿيڻ، قومي عوامي، جمهوري، تحريڪن لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ، سماج ۾ دهشت ۽ وحشت جو راڄ پيدا ڪرڻ انهن جي فڪر ۽ فلسفي جا بنياد رهيا آهن ۽ اڄ تائين مذهبي جنونيت پسند جن کي ضيا، مشرف جي حمايت رهي سي هاڻ دهشتگردي جو سبب بڻجي رهيا آهن. معاشري جي تباهي جو مکيه ڪارڻ رهيا آهن ته ٻئي طرف شهري نسل پرست دهشتگرد به دهشت جي علامت رهيا آهن. جيڪي جنرلن، آمرن ۽ مارشلائن جو ساٿ ڏيندي جمهوري تحريڪن، قومي تحريڪن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندا رهيا آهن. اهي عالمي سازشن جو حصو بڻجندي ملڪ ۾ افراتفري، ڌمڪيون ۽ غير جمهوري طور طريقا استعمال ڪندا رهيا آهن. جمهوريت ۽ انساني حقن ۽ وچولي طبقي جا نمائندا هجڻ جي دعوا ڪندڙ مذهبي جنونيت پسند طالبانائيزيشن کان بنهه مختلف ناهن.
ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي. ڪراچي تاريخ ۾ پرامن شهر رهيو آهي، ڪراچي پاڪستان جو اقتصادي حب آهي. 70 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ ڪراچي کي ڪنٽرول ڪرڻ جا طريقا ڪيئي ڏهاڪا اڳ طئي ڪيا ويا. نج سنڌين جو شهر اڄ سنڌين لاءِ اوپرو بڻيل آهي. مون ذڪر پئي ڪيو ته آمرن جي دور ۾ وڏي انگ ۾ هٿيار موجود هئا. ان کان علاوه ڌارين جي مسلسل آمد جي نتيجي ۾ پناهگير ۽ پشتون فيڪٽر ۾ زبردست افرادي قوت ۾ اضافو ٿيو آهي. مارڪيٽن ۽ اختيارن جو مالڪ بڻجڻ لاءِ ٽڪراءُ موجود آهي. نتيجي ۾ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ڪراچي مستقبل ۾ بيروت بڻجي سگهي ٿو.
اسين اچون ٿا پنهنجي موضوع تي ته 10 محرم تي ٿيل واقعو ڪنهن به صورت ۾ خودڪش نه هو. طالبان تحريڪ ان کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ قبول ڪيو ۽ وري ٻئي ڏينهن تحريڪ ان کان لاءِ تعلقي جو اظهار ڪيو. خودڪش بمبار جو لاش هٿ نه آيو، متحده کانسواءِ ڪا به اهڙي ڌر ناهي جيڪا چوي ته هي خودڪش حملو هو. ٻيو ته تحريڪ طالبان جو طرز عمل بلڪل مختلف هجي ٿو ته هتي حڪمت عملي بلڪل مختلف نظر آئي، ڪراچي ۾ 12 مئي تي چيف جسٽس کي روڪڻ مهل جيڪي ڪارروائيون ٿيون 9 اپريل تي ڪراچي جي وڪيلن تي ٿيل حملا ۽ انهن کي ساڙڻ واري واردات ۾ استعمال ڪيل ڪيميڪل ساڳيو آهي جيڪو 10 محرم تي دڪانن کي ساڙيو ويو. روينيو بورڊ ڪراچي ۽ پي ايس ايس سي جي آفيسن جو ريڪارڊ ساڙڻ ۾ به ساڳيو طريقي واردات ڪيو ويو هو.
ڇا ان ۾ طالبان هئا؟ ڪراچي جي سول سوسائٽي ۽ سموريون سياسي پارٽيون متفق آهن ته 10 محرم جي خوفناڪ واقعي ۾ شهري نسل پرست تنظيم ملوث آهي. صدر آصف علي زرداري تازو هڪ نجي ٽي وي ۾ انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته نئون ديرو ۾ منهنجي تقرير جي رد عمل ۾ ڪراچي جو واقعو ڪرايو ويو آهي. جيڪي جمهوريت نٿا چاهين. ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نسلي گروهه دهشتگردي ذريعي ڪراچي تي حاڪميت ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ان عمل ۾ اهي ئي ملوث آهن. سنڌ جي قومپرست سياسي سربراهه طور پهريون اڳواڻ هو جنهن کلي طرح سان ان عمل جي مذمت ڪئي ۽ واضع ڪيو ته طالبان نه پر نسلي دهشتگردن جو واقعو ٿيل آهي.
دراصل ان واقعي پويان ڪهڙا محرڪ آهن 1. هڪ ته 31 ڊسمبر تي ناطم جو اقتدار ختم ٿي رهيو هو ۽ هنن گهر تي ڪئي ته سنڌ جي اڪثر شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص جا ائڊمنسٽريٽر هو ئي رهندا. 2. ڪجهه عرصي کان هي افواهه عام آهن ته پ پ سرڪار وڃڻ گهرجي يا گهٽ م گهٽ صدر زرداري کي هٽايو وڃي، ان ڪري ڪراچي جي ان واقعي سان مذهبي جهيڙا ٿي سگهيا ٿي. امن امان جو مسئلو بنائي، اسٽبلشمنٽ وچين مدي واريون چونڊن جو اعلان ڪري ها ۽ اهڙي ريت جمهوريت کي DE-RAIL ڪرڻ لاءِ جمهوريت مخالف ايجنسيون ۽ جمهوريت دشمن قوتن جي هي راند آهي. اهڙا واقعا ڪرائي پاڪستان ۾ جمهوريت نالي شئي کي هلڻ نه ڏجي ۽ هو ان سڄي راند ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. بدقسمتي سان پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ اهڙن سياسي موڙن وقت جمهوري قوتون هميشه ڪمزور رهيون آهن ۽ عوام دشمن جمهوريت دشمن قوتون وڌي سگهاريون ٿي رهيون آهن. جنهن جي ڪري مارشلائون ۽ سول آمرن جي دور اقتدار ۾ اضافو ٿيو آهي محڪوم ۽ مظلوم عوام تباهي جو شڪار ٿي رهيو آهي. متحدا ظاهري طور سان حڪومت جو وفاق ۽ سنڌ ۾ حصو آهي. گڏجي سرڪار هلائي رهيا آهن. متحده ماضي ۾ آمر مشرف سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي ان عرصي دوران ملڪ جي محڪوم ۽ مظلوم عوام سان بلوچن ۽ سنڌين سان جيڪي ويڌن ٿيا اهي ڪنهن کان به وسريا ناهن. هاڻ پ پ سرڪار سان هوندي پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري ڪلچر تحت هو اهڙن عملن جو حصو آهن جنهن سان جمهوري ڪلچر وڌڻ بجاءِ دهشت جي نفسياتي برتري کي مدد ٿي رهي آهي. 10 محرم جو واقعو به دهشت جي نفسياتي برتري آهي ڌمڪي آهي ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ آئنده جي ڊگهي ۽ زبردست ويڙهه وڙهڻ جي تياري آهي. ڪن تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته هنڌستان جي ايجنسي را _ بليڪ واٽر ۽ نسلي دهشتگردن جو گڏيل پلان هو. جنهن تي عمل ٿيو آهي.
ڪراچي جي 2 ڪروڙ انسانن کي دهشتگرد فڪر ذريعي ڊگهي عرصي تائين غلام نٿو بڻائي سگهجي وقت سر سول سوسائٽي ۽ عوام دوست سياسي ڌرين مزاحمت ڪئي آهي. ان جي نتيجي ۾ هاڻ اها ڳالهه چٽي ٿي رهي آهي ته جيڪڏهن ڪراچي جو اڪثريتي پر امن شهري منظم ٿئي، دهشت کان ٻاهر نڪري اچي مزاحمت کي پنهنجو هٿيار بنائي، چور کي چور، دهشتگرد کي دهشتگرد چوي ته اهو ممڪن آهي ته عالمي سطح جي ٿيل سازش چڪنا چور ٿي وڃي. اسين چوندا رهيا آهيون ته هٽلر ۽ مسوليني جهڙا نسل پرست ۽ دهشتگرد به اڄ دنيا ۾ موجود ناهن ته هي معمولي نوعيت جون قوتون عوام جي سگهه آڏو ڪيئن بيهي سگهنديون. 21 صدي جي دور ۾ ويٺا آهيون گهڙين ۾ خبر پئجيو وڃي ته (سچ) ڇاهي ڪوڙ ڇاهي. اردو ميڊيا جي زوردار پروپگنڊا جي باوجود ڪراچي جو ۽ سنڌ جو اڪثريتي عوام هي ڳالهه ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته 10 محرم واري دهشتگردي پويان طالبان نه پر نسلي دهشتگرد آهن جيڪي سرڪار کي ڪمزور ڪري عوام کي انهن خلاف ڀڙڪائي مذهبي ٽڪراءُ پيدا ڪري اسٽبلشمنٽ جي راند کي ڪامياب ڪرائڻ چاهين پيا. جيڪي هاڻ به مختلف طريقن سان ان معاملي جو حصو بڻجي ڪجهه حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. ۽ واضع صف بندي جڙي رهي آهي ته دهشتگرد فڪر ۽ فلسفي وارا ماڻهو ۽ امن پسند قوتن کي ڌار، ڌار، ڌارا، ۾ ڏسڻ گهرجي. جمهوري سياست، اقتدار جو حصو ٿيڻ اصل ۾ سياست ۽ حقيقي جمهوريت ناهي هوندي پر عملي پاسن کي ڏسڻ جي ضرورت هوندي آهي.
هڪ طرف عالمي سامراجي قوتن پاڪستان ۽ سنڌ ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائي ڇڏيو آهي اهي سمورا گروهه سياسي توڙي مذهبي ۽ غير رياستي سرگرم گروهن انهن جي ايجنڊا تحت ڪم ڪري رهيا آهن. ايران جهڙي پرامن ملڪ ۾ به غير جمهوري قوتون سرگرم ٿيون آهن ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل سندن مددگار آهن. يورپ ۽ اولهه جي سجاڳي کانپوءِ ٻي عالمي جنگ جي خاتمي، سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ گهٽ امڪان رهيا آهن ته جتي سامراجي مفاد ( اقتصادي ۽ سياسي ) هجن ٿا ته اتي ڪو عوامي جمهوري سرڪار قبول هجي ٿي بلڪه ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي ۾ آمريڪي مداخلت وڌي آهي. سنڌ ۾ نسل پرست انهن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪي انهن جي هدايتن تي گهري ڪارروايون ڪن پيا. ان سڄي صورتحال ۾ يا ته رياست جو ڪردار سگهارو هجڻ ضروري آهي يعني وقت جا حاڪم جمهوري هجڻ سان گڏ فيصلي ڪرڻ جي سگهه رکندا هجن ته اهي دهشتگردي کي روڪي سگهن ٿا يا ان جو گهيراءُ ڪري انهن کي مڪمل طرح سان I SOLATE تنها ڪري سگهن ٿا. پر بدقسمتي سان حڪمران جو ويزن صاف ۽ چٽو ناهي انهن جا اتحادي عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن آهن اهي عالمي قوتن جا ونگاري آهن. سڄي سول سوسائٽي ۽ غير جانبدار ادارا 10 محرم واقعي ۾ نسل پرستي کي ملوث قرار ڏيئي رهيا آهن. پر سرڪار ڪنهن سمجهوتي سبب انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ائين ڪرڻ سان دهشتگرد سگهارا ٿي رهيا آهن. انهن جي مستقبل لاءِ پريڪٽس وڌي رهي آهي. مونکي نظر اچي پيو ته جيڪڏهن موجوده حالتن ۾ اهڙن عملن کي روڪيو نه ويو ته مستقبل ۾ ڪراچي بيروت بڻجي ويندو ۽ سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ٿيندو. سنڌ سرڪار کي سنڌ بچائڻ لاءِ فوري طور تي غيرروايتي ۽ غير معمولي فيصلا ڪرڻا پوندا.
1. 12 مئي، 9 اپريل ۽ 18 آڪٽوبر جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهارو وڃي.
2. 10 محرم جي واقعي جي غير جانبدار جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججن کان عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.
3. شهري نسل پرست ۽ دهشتگردن سان اتحاد متعلق ٻيهر غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. ائين نه ڪيو ويو ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ لاءِ تباهي جو وسيلو استعمال ڪندي هو پنهنجن منزل ڏانهن وڌڻ چاهيندا. اهو ئي ڌماڪن جو پس منظر آهي.

سنڌ جاڳي پئي!

21 جنوري 2010 تي سنڌ هڪ ڀيرو بيهر جاڳي پئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي قومي حقن جي حاصلات لاءِ ڪراچي سنڌ آهي، جي عنوان تحت تاريخي ريلي ڪڍي سنڌي ماڻهن جي وڏي انگ لکين ماڻهن جي شرڪت ان سوچ کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجن بنيادي قومي جمهوري حقن کان غافل ناهن. انهن کي جڏهن جڏهن به سنڌ لاءِ آواز اچي ٿو ته هو سندرا ٻڌي ڪاهي پون ٿا، اُن ميدان ڏانهن جتي جنگ جو طبل وڄڻو آهي. سنڌ جي سموري تاريخ ۾ پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ ڌارين جي جارحيت خلاف سنڌ جي عوام هميشه سندرا ٻڌا آهن. هو وڙهيا آهن. وقتي طرح سان ناڪاميون ضرور ٿينديون رهيون آهن، پر اڄ جڏهن سنڌ ۾ ڪروڙين سنڌي پنهنجي ٻولي، ثقافت سان زنده آهن، اهو ثبوت ڪافي آهي ته فتح سنڌي قوم جي ٿي آهي.
قومون پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ هر وقت تيار هجن ٿيون، سازشن ۽ حادثن جي ڪري قومون غلام بڻجن ٿيون. پوءِ ڪو هوشو، ڪو هيمون، ڪو دولهه درياخان پئدا ٿين ٿا. جيڪي سِرَ ڏئي ويساهه وٺن ٿا ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ انقلابي ۽ غيرت جو پيغام ڇڏين ٿا، رياست ۽ اُن جا اتحادي نت نون طريقن سان قومن کي حقن کان محروم رکن ٿا. اسين اڳ ڪئي ڀيرا بحث ڪري چُڪا آهيون ته انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته جيئن قومون غلام ٿيون ته انهن کي آزاد ڪيو وڃي ها پر هڪ سازش تحت پاڪستان نالي هڪ (Therocratic state) مذهبي ۽ پاڪستان قوم جي نالي ۾ هڪ ملڪ جو اعلان ڪيو ويو. هنڌستان مان آيل لکين پناهگير ملڪ جا حاڪم بڻجي ويا. 70 سيڪڙو نوڪر شاهي تي پناهگيرن جو قبضو هو. فوج تي پنجاب قبضو ڪيو. رياست جا مضبوط ادارا ڌارين حوالي ٿي ويا. ۽ پوءِ لڳاتار سازشن ۽ ڏاڍ سان سنڌ کي پوئتي ڌڪيو ويو. پر سنڌ هر وقت ڪمزور ئي سهي آواز اُٿاريندي رهي. جڏهن بنگالين جو قتل عام ٿيو تڏهن به سنڌ مان ڪا چڻنگ ٻري هئي. قتل غارت جي مذمت ٿي هئي. سنڌ جي حيثيت ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو تڏهن به سنڌ جا ساڃاهه وند ماڻهو اُٿي کڙا ٿيا هئا.ڪمزور تحريڪ باوجود سگهارو آواز هو. جنهن ون يونٽ ٽوڙيو. پاڪستان ۾ لڳندڙ هر مارشلا کي سڀ کان وڌيڪ مزاحمت سنڌ ڏني. سنڌ جا ڪئي نوجوان ڦاهي گهاٽ تي پهچايا. جنهن کلندي ڦاهي کي چُمي موت کي قبوليو ۽ اهڙي ريت هڪ طرف رياست جي جبر ۾ اضافو ٿيو آهي ته ٻئي طرف معروضي حالتن جي ڪري سنڌ جي قومي جاڳرتا ۽ قومي تحريڪ ۾ به سگهه پيدا ٿي آهي. جيڪا اڻٿڪ ۽ مستقل مزاجي سان اڳتي وڌي رهي آهي. ايس ٽي پي سنڌ جي اهم معاملن تي گذريل هڪ سال کان عوام سان رابطي ۾ آهي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف جدوجهد ڪندي ٻن ڪارڪنن جي ريٽي رت کيس سگهه بخشي آهي. ڌارين جي مسلسل اچڻ سان هڪ طرف سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ ٽيون خطرو هي موجود آهي ته ڌاريا ڪا طاقت وٺي نئين تهذيب ۽ ٻولي جي بنياد تي هڪ نئون اسرائيل نه جوڙي وٺن جنهن جو سنڌ کي ڪيترو نقصان ٿيندو اُن جو اندازو فلسطين کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. هڪ نسل پرست تنظيم پنهنجي نظرياتي لائين تي عمل ڪندي عالمي ادارن جي مدد سان پاڻ کي منظم ڪري رهي آهي.
”ڪراچي سنڌ آهي“ جڏهن چئجي ٿو ته ان جو مطلب هي آهي ته ڪراچي سنڌين جو تاريخي شهر آهي، جنهن تي ڌارين قبضو ڪري سمورن وسيلن تي قبضو ڄمايو آهي. هڪ رپورٽ موجب ڪراچي جي سمورن صنعتي ادارن ۾ ڌرتي ڌڻي صرف 2 ٻه سيڪڙو آهن. ڪراچي جي نجي ادارن ۾ سنڌي ماڻهو 5 پنج سيڪڙو آهن. سٽي حڪومت جي ڪميونٽي پوليس جنهن جو تعداد 16000 سورنهن هزار آهي سنڌي هڪ به نه آهي. گذريل پنجن سالن ۾ سٽي حڪومت 400 چار سو ارب رپين مان 10 سيڪڙو به سنڌي ماڻهن تي خرچ نه ڪري سگهيا. دهشت ۽ وحشت جي فضا ۾ سنڌي ماڻهو روز جيئن ٿا ۽ مرن ٿا. ڪراچي جي حق حاڪميت سنڌ وٽ ناهي اُنڪري سنڌ جي تعليم، صحت، ۽ تهذيب ميسارجي رهي آهي ۽ محروم ٿي رهيا آهيون. ڪراچي ۾ نسلي فڪر اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته ڪراچي ۽ سنڌ مطلب ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪيو وڃي ته جيئن سڀاڻ ڪراچي کي الڳ ڪري نئون وطن جوڙڻ ۾ مُشڪل نه ٿئي.
ڊگهي عرصي تائين سنڌ جي قومپرستن ۽ ساڃاهه وندن ڪراچي جي معاملن کان لاتعلقي جو اظهار پي ڪيو آهي. اڄ جڏهن عملي طرح سان ڪراچي کي سنڌ کان الڳ رکيو پيو وڃي ته سنڌ به جاڳي پئي آهي. تن قومپرست پارٽين جي پنهنجي پنهنجي نوعيت جي تاريخي ۽ عظيم ريلين ۽ لانگ مارچن ثابت ڪيو آهي ته “ڪراچي سنڌ آهي” اُن کان لاتعلقي سنڌ کان لاتعلقي برابر آهي. سنڌ جي وڏي پارٽي پ پ آهي. سنڌ جو اڪثريت عوام اڃان سوڌو اُن سان گڏ بيٺو آهي. پر بدقسمتي سان اڪثريت ۾ هوندي اقتدار ۾ هوندي، سنڌ سان ٿيل ويڌن جو ازالو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ايم ڪيو ايم ڏنڊي جي زور تي ۽ فوجي جنرلن جي حمايت سان ڪراچي ۾ سگهاري پارٽي نظر اچي ٿي، ان جي سگهه ٽن ڏهاڪن کان غير فطري طور تي ثابت ڪئي پئي وڃي ۽ وقت گذرڻ سان هو اهڙا مطالبا ورجائي ٿي، جنهن سان لڳي ٿو ته هو مڪمل طرح سان هڪ الڳ ۽ آزاد رياست ٺاهڻ ڏانهن وڌي رهيا آهن. مثال تازو پ پ ايم ڪيو ايم جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ گهُر ڪئي وئي ته تعليم روينيو ۽ پوليس جا اختيار به سٽي حڪومت کي ڏنا وڃن. جڏهن ڪميونٽي پوليس ۾ سنڌي نه هجن ته پوءِ باقي زمينن، تعليم ۽ پوليس جا اختيار وٺي هو ڇا ٿا ڪرڻ چاهين. سنڌ جي قومپرست سياست ۽ ساڃاهه وندن ۾ اڃا سوڌو ڪراچي جي معاملي تي وڏا اختلاف موجود آهن. هڪ ڌُر چوي ٿي ته ايم ڪيو ايم دُرست آهي ۽ اُهي سنڌ جي قومپرستن جا فطري اتحادي آهن. هڪ ڌُر وچون رستو اپنائي ٿي. ڪڏهن حامي ته وري ڪڏهن مُخالف. ڪجهه دانشور حلقا به ايم ڪيو ايم جي سگهه کان مُتاثر ٿي، انهن جي حمايت ۾ لکڻ ۽ ڳالهائڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهن. سائين جي ايم سيد چئي ويو آهي ته پاڪستان ۾ پنجابي ۽ پناهگير مستقل مفادن جي ڪري سنڌ تباهه ٿي آهي. سنڌ جا وسيلا قبضي هيٺ آهن. جيستائين ڪراچي جي سياست ۾ نسلي مت ڀيد ڪندڙ سياست جو ڇيد نه ٿيندو، سنڌ ڪيئن بچائي سگهبي، تازن انگن اکرن موجب پورٽ ۽ شپنگ جي وزير بابر غوري پورٽ قاسم ۾ Out of turn ڀرتيون ڪيون آهن. سندس ٽن ڀاڻيجن کي 18 گريڊ ۾ نوڪريون مليون آهن. پورٽ قاسم اداري ۾ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ آندو ويو آهي. جيڪي به وزارتون ڌارين وٽ آهن، اُهي پنهنجن ادارن ۾ هڪ به سنڌي ماڻهو کي روزگار ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. مون اڳي لکيو هو ته پناهگيرن کي هميشه ڌرتي ڌڻين جي تهذيب جو حصو ٿيڻو پوي ٿو پر هندستان مان آيل مهاجرن پنهنجي شناخت کي برقرار رکيو، اهوئي بنيادي تضاد بڻجي ٿو، سنڌ وطن جي ماڻهن سان، ٻيو ته ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ پُرامن شهري الڳ وجود رکن ٿا ۽ نسلي تنظيم جي الڳ فنامنا آهي. نسل پرست تنظيم جي خلاف بيهڻ جو مطلب اردو آبادي خلاف نه وٺڻ گهرجي.
سنڌ جا جيڪي حق صليب ٿيا آهن، اُن ۾ پنجاب ۽ نسلي تنظيم برابر جي شريڪ آهي. اُنڪري قومي حقن جي ويڙهه ٻنهي خلاف ٿيڻ گهرجي. هڪ طرف سنڌ جون ننڍيون توڙي وڏيون قومپرست ڌُريون جاکوڙي رهيون آهن ته ٻئي طرف سنڌ جو عوام منظم ٿي رهيو آهي. ڪلچر ڏينهن تي لکين ماڻهن جو نڪري اچڻ، بينظير ڀٽو جي شهادت تي سنڌي عوام جو مزاحمت ڪرڻ، سنڌو درياهه جو ڏينهن ملهائڻ تي عوام جو مُتحرڪ ٿيڻ ۽ ايس ٽي پي جي “ڪراچي سنڌ آهي” تي سنڌي عوام جو جهومي اُٿڻ، اهو ويساهه ڏيڻ جي برابر آهي ۽ محسوس ڪرايو پيو وڃي ته ڪو اڳواڻي ڪري سنڌي عوام جاڳي پيو هو هر وقت تيار آهي. 2١ جنوري تي ڪراچي شهر ۾ دهشتگردي جي باوجود لکين ماڻهن جي سمنڊ اهو ثابت ڪيو ته ڇا به ٿئي سنڌين کي پنهنجي شناخت ڪرائڻي آهي. ڪراچي جي دهشت ۾ آيل عوام کي نفسياتي دٻاءَ ۾ آڻي ۽ چالاڪيءَ سان انهن جي ووٽ جي طاقت کي عالمي ادارن وٽ پيش ڪرايو پيو وڃي. انڪري جيڪا ڌُر قومي سياست کي نسلي سياست جي تابع ڪرڻ چاهي ٿي، اُها مڪمل طرح سان ڀليل آهي. اُهي ذاتي مفادن جي حاصلات کان سواءِ ڪجهه به نه ڪري رهيا آهن. سنڌ جي اهم قومپرست سياسي پارٽين کي پنهنجو سياسي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، ايڊهاڪ بنيادن تي نه پر مستقل بنيادن ۽ نظرياتي بنيادن تي لائين جوڙڻ جي ضرورت آهي. قومپرست ڌُرين جي اتحاد جي ضرورت هڪ حدتائين هجي ٿي پر اصل قوت سنڌي عوام آهي، جنهن کي منظم ڪري طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪالاباغ ڊئم جي تحريڪ کان وٺي ڌارين جي آبادڪاري خلاف ۽ سنڌ ۾ حق حاڪميت لاءِ ڪيل جدوجهد هاڻ نئين رنگ ڍنگ سان سامهون اچي رهي آهي. ڀٽو جي ابتدائي دور واري شعور وارا رنگ نظر اچي رهيا آهن. هيٺين سطع تائين عوامي سرگرمين ماڻهن کي منظم ڪيو آهي، شعور ڏنو آهي، جنهن ڪري لکين ماڻهو تحرڪ ۾ اچي رهيا آهن. بُک بدحالي عوام کي پهرين صف ۾ بيهي وڙهڻ لاءِ مجبور ڪري رهي آهي. تاريخ ۾ معروضي حالتن پٽاندڙ عوام وڏا انقلاب برپا ڪيا آهن. پر شرط هجي ٿو انقلابي تنظيم ۽ انقلابي قيادت جو جيڪا همت سان فيصلا ڪري، رياست جي جبر کي منهن ڏئي، عوام جي تربيت ڪري انهن کي منظم ڪري منزل ڏانهن وٺي وڃي. ڇاڪاڻ جو هي طئي آهي ته لکين ماڻهن جا ڇڙواڳ هجوم ڪا تبديلي نه آڻي سگهندا آهن. اڄ جڏهن سنڌ جو عوام جاڳيو آهي. ايس ٽي پي انهن کي منظم ڪري رهي آهي ته پوءِ انهن جي تربيت ۽ شعور جو به بندوبست به ڪيو ويندو. ڪڏهن ڪڏهن شاندار ۽ عظيم ليڊرشپ هجي ۽ تنظيم ڪمزور بي ترتيب ته پوءِ ڪاميابيون ناڪامين ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. ان ڪري تاريخ مان سکڻ جي ضرورت آهي. ماڻهن جي ڇڙواڳ هجومن کي منظم ڪري اڳتي وٺي هلجي ۽ اها صلاحيت ايس ٽي پي وٽ موجود آهي ته اها ڪري سگهي ٿي. هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي. 90ع جي ڏهاڪي وارو اعتماد ۽ ويساهه هڪ ڀيرو ٻيهر واپس اچي رهيو آهي. قومي تحريڪ جي جدت ۾ عوام جي شعور ۽ ويساهه بنا جنگ کٽڻ ڏاڍو مُشڪل آهي تاريخ جي غلطين مان سکندي نئين راهه وٺڻ جي ضرورت آهي زبردست پورهئي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ جو گهيرو ڏاڍو تنگ ڪيو ويو آهي. دشمن قوتون صف بندي ڪري رهيون آهن ته پوءِ سنڌ دوست قوتن کي به نئين صف بندي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسين به ته ذميدار آهيون!

رني ڪوٽ تاريخي قلعو آهي
سنڌ جي تهذيب جو اُهڃاڻ آهي، سنڌ جو تاريخي ماڳ هجڻ ڪري قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ اُن کي ڏسڻ ۽ تاريخ جي ورقن کي سمجهڻ جي شوق جي ڪري رني ڪوٽ روانو ٿياسين ساٿي حيدر، ملاح، عزيز ڪنگراڻي، اعجاز ساميٽو سان گڏجي هڪ رات رستي ۾ ڳوٺ مير محمد کوسو ۾ ترسياسين، رات جي پهرئين پهر ۾ ڳوٺ جا چڱا مُڙس سريلا ۽ سياسي ڪارڪن اچي سهڙيا سياست، ۽ ٻين موضوعن تي ڪچهري ۽ کل ڀوڳ ٿيندي رهي، پر هڪ اهڙو لمحو اچي ويو جڏهن سمورا ڪچهري ۾ ويٺل ساٿي سنجيدا ٿي بحث ڪرڻ لڳا ۽ ڌيان سان ٻڌڻ ۽ اُن ۾ حصو وٺي رهيا هئا.
سنڌ صدين کان غلامي جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل رهي آهي، نئين سنڌ، پنجاب ۽ اُن جي دلالن، جاگيردارن جي گهيري ۾ آهي ڦرلٽ، سندن ڪلچر آهي، آزاد ۽ خودمختيار سنڌ کي وسيلن جي لٽ مار لاءِ قبضي هيٺ رکيو ويو آهي، سنڌ جو عوام مختلف مرحلن تي ۽ مختلف شڪلين ۾ جدوجهد ڪندو رهيو آهي، ڪاميابين سان گڏ ناڪاميون به پلئه پيون آهن، سنڌ جي ماڻهن ۾ ماضي جي دورن کان شعور ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، هو سياست ڪن ٿا. ووٽ ڏين ٿا، پنهنجي راءِ جو کلي ڪري اظهار ڪن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ته زبردست مزاحمت به نظر اچي ٿي جيئن ايم آر ڊي جي جمهوري تحريڪ ۾ ضيا آمريت جي خلاف سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عام هاري ۽ پورهيت جيڪا ويڙهه وڙهي سا تاريخ ۾ ياد رکي ويندي ۽ دنيا جي انقلابي ويڙهين کان ڪنهن به ريت گهٽ نه هئي، سنڌ جي قومي تحريڪ ڪالهه جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سگهاري ۽ گهڻ رُخي ٿي آهي گهڻي حد تائين سنڌ جو ماڻهو جاگيردار جي ڀيٽ ۾ هاڻ قومپرست قيادت تي ويساهه ڪرڻ لڳو آهي، سنڌ ۾ ائين کڻي چئجي ته وڏا ڇال اچي رهيا آهن، سنڌ ڄڻ ته تبديلين ڏانهن ڪر موڙي اُٿي آهي پر ان سڄي صورتحال جي باوجود سنڌ جي تعليم جي تباهي جو ڪارڻ به اسين پاڻ آهيون، چون ٿا ته جنهن قوم جي تعليم تباهه هجي ٿي اُن قوم وٽ باقي ڪجهه به نٿو بچي، سنڌ جي حڪمرانن هٿ وٺي اڻ پڙهيل، جاهل ماڻهن کي سياسي رُشوت جي عيوض اُستاد بنائي ڇڏيو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليمي ادارن ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿيندڙ، مئٽرڪ، انٽر يا بي اي پاس نوجوانن کي ماستري جون نوڪريون مليون، جن جو سماج ۾ رويو انتهائي شرمناڪ رهيو آهي.قوم جو ايندڙ نسل جنهن جي تربيت جي ذميواري هڪ اُستاد تي بڻجي ٿي، جڏهن اُن استاد جي پنهنجي تربيت ٿيل نه هجي ته هو ٻار جي تربيت ڇا ڪندو. سنڌ جي سماج ۾ هر قسم جي بُرائي جو ٻج اسڪولن ۾ ڇٽيو پيو وڃي. پڙهائي نالي ماتر آهي، اسڪولن ۾ ماستر وڃن ئي ڪونه، ماستر وڏيرن جو اوطاقون سنڀالي ويٺا آهن يا وري ڪمداري جا فرض پيو نڀائي. اڄ جي مقابلي واري راند ۾ سنڌي نوجوان اڪثريت ۾ پوئتي بيٺو آهي، اهو طئي آهي ته باشعور فرد ئي معاشري ۾ تبديلي جو ڪارڻ بڻجي ٿو، سنڌ ۾ ڪارو ڪاري رسم، راڄوڻي جهيڙا، بي درديءَ سان هڪ ٻئي جو قتلام شعور نه هئڻ جون علامتون آهن، برداشت نه ڪرڻ اڻ سهپ رواداري جو نه هئڻ به بُرايون هجن ٿيون، اسان جا وڏڙا معمولي تعليم هجڻ جي باوجود مڪمل درسگاه نظر ايندا هئا، اُن جو ڪارڻ ان دور ۾ سٺي ۽ تربيت يافته معياري اُستاد هجڻ هُيو جنهن ڪري معاشري ۾ بُراين جو گهٽ هجڻ ۽ شعور جو وڌيڪ هجڻ سبب هئا. هن معاشري ۾ وڏيرو، سنڌ جا حڪمران ٻارن جا والدين، ۽ اسان جي سول سوسائٽي تعليم جي ان روشن تي مڪمل خاموش آهي، هر ماڻهو جي اها خواهش آهي ته سندس ٻار کي ماستريءَ جي نوڪري ملي پوءِ چاهي هو ان جي اهل نه هجي ته غير تربيت يافته ماڻهو، معاشري جي تربيت ڪري سگهن اهو ناممڪن آهي.
ان ڪري سنڌ جي تعليم جي تباهين جا ذميوار جتي رياست ۽ حڪمران آهن اُتي اسين پاڻ به ذميوار آهيون، سنڌ جي قومي تحريڪ کي ان اهم اشوتي زبردست مزاحمت جي ضرورت آهي، تعليم جي ميدان ۾ تبديلي جي ضرورت آهي ته جيئن ايندڙ نسل ڪنهن بهتر شڪل ۾ سامهون اچي ۽ معاشري جي تبديلي لاءِ پنهنجو ڪو تاريخي ڪردار ادا ڪري سگهي. تعليم جي معاملي تي سنڌ جي سول سوسائٽي کي ۽ هر باشعور فرد کي ڪمپرومائيز ڪرڻ گهرجي رات جو پويون پهراڃڻ تي هو ۽ ڳوٺاڻي ڪچهري ۾ ويٺل سمورا ساٿي متفق ٿياسين ته ان معاملي تي آواز اُٿارڻ جي ضرورت ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
صبح جو سوير تياري ڪري جڏهن رني ڪوٽ پهتاسين ته آرڪيالاجسٽ اشتياق انصاري سان ملاقات ٿي، ان کان علاوه سيد منير شاهه (سڪرنڊ وارو) مظفر چانڊيو ۽ صفر چانڊيو سان به حادثاتي ملاقات ٿي وئي هي سڀ دوست تاريخي ماڳ رني ڪوٽ ڏسڻ آيا هئا، رني ڪوٽ تي بدرابڙو ۽ ٻين جا تفصيلي ڪتاب لکيل آهن انهن جي لکڻ کان پوءِ في الحال آءُ تبصرو نه ڪندس (ڪنهن ٻئي مضمون ۾) مٿي ذڪر ڪيل ساٿين سان چانهه جي پيالي تي خبر پئي ته ڪراچي ۾ امام حسين جي چاليهي جي ڏهاڙي تي بم ڌماڪن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، اسين سڀ گهڙي پل لاءِ سوچن ۾ گُم ٿي وياسين ۽ پوءِ تبصري ۽ بحث کان رهي نه سگهياسين ۽ ڳوڙهي انداز ۾ سوچڻ ۽ ڳالهائڻ لڳاسين ته سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي صورتحال ڪڏهن ناهي رهي، سنڌ سُکي ۽ ستابي هئي جنهن ڪري ڌاريا قابض ٿيندا هئا ۽ سنڌ مزاحمت ڪندي هئي. پر سنڌ وطن ۾ دهشت ۽ وحشت بلڪل نه هئي، صوفي منش ماڻهو رهندا هئا، برداشت سندن فلسفو هوندو هو، اڄ به سنڌي ماڻهن جي مڪمل اڪثريت موجوده دهشتگردي کان الڳ ٿلڳ. سنڌ ۾ دهشت ۽ دٻدٻي جو ڪلچر ٻاهران آيل آهي. 1947ع جي ورهاگي کان پوءِ ڌاري آبادي جي آمد هتان جي تهذيب ۾ وڏا ڏار وڌا آهن امن جي واسطي، رت جي درياهن ۾ وهنجي رهي آهي، امن دشمن وحشي ماڻهو پنهنجو ڪلچر ٻي ڌرتيءَ تان کڻي سنڌ ڏانهن منتقل ڪيو آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ، سندن روايت جو حصو آهي، اڄ هي چوڻ ۾ ڪابه قباهت ناهي ته 1947 جي ورهاڱي سنڌ کي وڏو نقصان ڏنو آهي، پاڪستان جي ٺهڻ سان سنڌي قوم جي نيلامي ته پري جي ڳالهه آهي پر دهشتگردي جي راڄ ماڻهن کان سڪون کسي ورتو آهي.
وانا ۽ وزيرستان ۾ مدرسن جي تعليم ۽ انهن جي تربيت خوبصورت وادي سوات کي به پنهنجي دهشت جي زد ۾ آڻي ڇڏيو. سنڌ ۾ جنهن تيزيءَ سان ساڳي سوچ ۽ فڪر وارا مدرساٺهي رهيا آهن، هزارين سنڌي ۽ غير سنڌي مدرسن جا طالب آهن، انهن جي اُتي تربيت ائين ٿي رهي آهي جيئن افغانستان ۽ پاڪستان جي علائقا غير ۾ طالبان جي. جيڪي نياڻين جي تعليم جا دشمن آهن، جيڪي عورتن کي ڪوڙا ٿا هڻن، جيڪي بنا ڏوهه جي ماڻهن جون سسيون ڌڙ کان ڌار ٿاڪن، جيڪي مذهب جي نالي جبر ۽ ڏاڍ مڙهين ٿا اهو ساڳو حشر سنڌ ۾ في الحال ته ٻاهران ايندڙ ماڻهو ڪري رهيا آهن، پر هڪ احساسيت ۽ ڊپ موجود آهي ته سنڌ جي مدرسن ۾ ڏنل تربيت سڀاڻ سنڌ کي تهس نهس ڪري ڇڏيندي. اڄ جڏهن هو ڪمزور آهن ته سنڌ ۾ روايتي ميلن جي مخالفت ڪري رهيا آهن، هارين، پورهيتن جي جلسن ۾ قومي گيتن ۽ اسٽيج ڊرامن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سڀاڻ جڏهن اهي طالبان تحريڪ وانگر سگهارا ٿيا ته هو سنڌ ۾ قومي، جمهوري تحريڪ، ثقافت، ڊرامي، ميلي ملاکڙي جا سخت مخالف ٿي ڪلاشنڪوف هٿ ۾ کڻي مذهبي فڪر جي پاسداري ڪندي نظر ايندا ۽ تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ عربن جي ڪاهه وانگر غلامي جي شڪل ۾ تبديل ٿيندي، ان ڪري سنڌ جي باشعور عوام کي غير قانوني مدرسن کي بند ڪرائڻ ۽ روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، حقيقي شعور کي ڦهلائجي.

اچو ته خوف کي مات ڏيون

رات جو ٽين وڳي گهر جي بيل وڳي منهنجي پاڙيسري جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ٻاهر نڪتس ته ڪجهه ماڻهو ٻاهر ڳلي ۾ بيٺل هئا پڇڻ تي ٻڌايائون ته اڄ وري ڪو چور گهرن جي ڇتن تي نظر آيو آهي. سجاڳ ٿيون ته ڪنهن نقصان کان بچي پئون ڪجهه عرصي کان محلي ۾ چورن ماڻهن جي ننڊ ڦٽائي آهي، ماڻهن ۾ خوف رهي ٿو پر رات جي انڌيري مونکي ماڻهن منجهان خوف نڪتل نظر آيو. ٻانهن ٻيلي ٿيڻ ۽ هر قسم جي دٻاءُ ۽ خوف کي للڪارڻ سماج کي نئين واٽ تي وٺي ويندو آهي. سمجهڻ کانپوءِ مونکي ذهن تي ڪيئي سوال تري آيا ته دنيا ۾ يورپ ۾ سجاڳي جي دور کان اڄ تائين انسان خوف جي دٻاءُ ۾ رهيو آهي، جن خوف کي ذهن مان ڪڍيو ان خلاف مزاحمت ڪئي ته هو اڄ زندهه قومن وانگر رهڻ لڳن ٿا. ڇاڪاڻ جو خوف موت آهي. جنهن خوف ۽ دٻاءُ کي هضم ڪيو، خاموش رهيا سي ته ڊگهي عرصي تائين عام انساني آزادي کان قومن جي آزادي تائين تڙپي تڙپي مرندو.
سنڌ جي اهم شهر ڪراچي ۾ ٽن ڏهاڪن کان ڌرتي ڌڻين جي ذهنن ۾ هڪ زبردست خوف ڇانيل آهي، دهشتگردي جو هڪ اهڙو احساس ته يار هي اسان کي ماري ڇڏيندا جيئن ڪالهه ماريائون. هڪ نه کٽندڙ نفسياتي جنگ جيڪا اسان جي ماڻهن، امن پسند ماڻهن مٿان لامارا ڪري رهي آهي. ان جا ڪارڻ ضرور آهن پر ان خوف جي موت کي مات ڏيڻ کانسواءِ ڇا ڪو ٻيو رستو آهي زندگي کي خوشگوار ۽ خوشحال بنائڻ جو؟ جواب آهي ته نه ! 10 محرم تي ڪراچي ۾ ٿيل ڌماڪي ۽ لٽمار تي اڳ مضمون لکي چڪو آهيان ۽ ان کانپوءِ تفصيلي رپورٽون به منظر عام تي اچي چڪيون آهن. ڪا به حقيقت باقي ناهي رهي ۽ ان اڀ ڏاريندڙ دهشتگردي ڇرڪائيندڙ دهشتگردي کي ڪن ماڻهن همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي ڪنهن خوف ۽ لالچ کانسواءِ حقيقتون سامهون آڻي ڇڏيون ته هن قهري ڪارروائي پٺيان ڪهڙو پس منظر هو ۽ ڪير ملوث هئا. مطلب ته خوف جي سامهون بيهي رهڻ سان اوهين ايندڙ نسلن کي نئين زندگي خوف بنا جيئڻ جي زندگي ڏئي سگهو ٿا. ڪراچي جي واقعي ۾ (10 محرم ) بليڪ واٽر ۽ ايم ڪيو ايم جي ملوث هجڻ جا چٽا ثبوت ته ملي ويا آهن _ بليڪ واٽر ڇا آهي ؟
بليڪ واٽر ورلڊ وائيڊ پرائيويٽ ( نجي) ملٽري ڪمپني آهي. هن جو بنياد ٻن آمريڪي ماڻهن ايرڪ پرنس ۽ ايل ڪرارڪ 1997ع ۾ نارٿ آمريڪا جي ڪيرولينا ۾ بنياد وڌو. جتي اڄ تائين هيڊ ڪوارٽر موجود آهي. هي دنيا جي وڏي ٽريننگ سروس ڪمپني آهي، جيڪا سال ۾ 40 هزار ماڻهن کي ٽرينڊ ڪن ٿا. هي ڪمپني آمريڪي فوجي ۽ پوليس کي تربيت فراهم ڪري ٿي، سندن تربيت ڪنهن تي به حملي يا دفاع جا گر سيکاري ٿي. سندن بجيٽ جو 90 سيڪڙو آمريڪا پاران مليل CONTRACTS مان ملي ٿو. بليڪ واٽر جي پاڪستان ۾ چوٻول کانپوءِ ان تنظيم جون سرگرميون ۽ راز سامهون اچي ويا آهن. هي ادارو ايتروته منظم ۽ تربيت يافته آهي جو عراق ۾ فوج هوندي فيڊرل حڪومت کي سڪيورٽي فراهم ڪري ٿو 2004ع ۾ عراق جي شهر فلوجا تي هنن منظم حملا ڪيا، مخالفن کي بيدردي سان قتل ڪيو ۽ انهن کي مارڻ کانپوءِ پلين تي سندن لاش ابتا ٽنگي ڇڏيا. عراق جي نئين حڪومت 2009ع ۾ هنن کي اتان تڙي ڪڍيو پر اندازي موجب ڪجهه انگ اڃان موجود آهن. بليڪ واٽر هڪ لک جي لڳ ڀڳ عراق ۾ موجود هئا. هڪ اندازي موجب امريڪا هنن کي سروس جي مَدَ ۾ 320 ملين ڊالر فراهم ڪيا. 2007ع کانپوءِ بليڪ واٽر پنهنجو نالو تبديل ڪري XE رکيو آهي پر سندن ڪم ۽ عمل اهي ساڳيا آهن، دهشت ۽ وحشت ڦهلائڻ پنهنجي ٽارگيٽ کي حاصل ڪري مخالفن کي آرام سان قتل ڪرڻ.
پاڪستان جي شهر پشاور ۾ چنار روڊ تي هڪ اين جي او جي دفتر ۾ هنن جي موجودگي ظاهر ٿي. ظاهري طرح سان (CREATIVE ASSOCIATION INTERNATION INCORPORATION) (CAII) هن تنظيم جو تعلق واشنگٽن ڊي سي سان آهي. اصل ۾ هي تنظيم مڙئي هڪ نالي ماتر بليڪ واٽر تنظيم کي لڪائڻ لاءِ کيس چوغو پارايو ويو آهي. پر بليڪ واٽرXE ئي آهي جيڪا افغانستان ۽ پاڪستان جي بارڊر ۽ ٽرائيبل ايرياز ۾ طالبان ۽ القاعده خلاف ايف بي آئي اي جي سرگرمين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي. ٻئي طرف پشاور يونيورسٽي ايريا ۾ اندازي موجب 200 گهر ورتا ويا آهن، جتي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ (آمريڪي) لاءِ آهن ۽ انهن کي پڻ سڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي. مسٽر ڊيوس ان ڪمپني جي انچارج کي وفاقي سرڪار غلط ڪارين جي ڪري ڏيهه نيڪالي ڏني هئي. (جنگ جي رپورٽ) ان کان علاوه نيويارڪ ٽائمز پڻ ڪنفرم ڪيو ته بليڪ واٽر XE پاڪستان ۾ ڪم پيو ڪري. بليڪ واٽر دراصل سابق آمر حڪمران جنرل مشرف جي دور ۾ پاڪستان آيا انهن کي پروٽوڪول ڏنو ويو. اڄ جي سرڪار چوي ٿي ته بليڪ واٽر جو پاڪستان ۾ ڪو وجود ڪونهي اهي ته صرف ڊپلوميٽس آهن.
دراصل اڄ دنيا ۾ آمريڪي هڪ هٽي آهي. هو پنهنجي مرضي سان جتي چاهين وڃي سگهن ٿا عراق، افغانستان ۽ هاڻ پاڪستان ۾ آمريڪي جنگ ٿي رهي آهي. بليڪ واٽر دهشت جي علامت آهن. هو هر آمريڪي مخالف کي پئسن عيوض نشانو بنائين ٿا. هنن بينظير ڀٽو شهيد کي پڻ آفر ڪئي هئي ته اسين اوهان کي سيڪيورٽي فراهم ڪيون پر شهيد بينظير ڀٽو جواب ڏيندي چيو ته مونکي پاڪستان کي عراق ناهي بڻائڻو ۽ پوءِ جڏهن بينظير جو موت ٿيو ته دنيا وارن جو آڱريون بليڪ واٽر ڏانهن کڄن ٿيون. ڇاڪاڻ جو AFFENCIVE ڪرڻ جا ماهر آهن. ڪو به نشانو ڪونه ٿا ڇڏين. 10 محرم جي واقعي ۾LONDON POST اخبار ۾ شاهد صديقي لکيو آهي ته ان واقعي جي طريقي ڪار سان چٽيون نشانيون بليڪ واٽر ۽ ايم ڪيو ايم جون لڳن ٿيون. پاڻ جيڪر ماضي قريب ۾ وينداسين ته 18 آڪٽوبر 2007ع ۾ شاهراهه فيصل ڪراچي ۾ بينظير ڀٽو تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ به ساڳيا هٿ ملوث نظر ايندا. حملي کان اڳ ۾ بجلي جو غائب ٿيڻ، بينظير جي گاڏي ۾ لڳل جيمر جو ڪم ڇڏي وڃڻ، سڪيورٽي جو رستي مان گاڏي نه هٽائڻ، مان ثابت ٿئي ٿو ته منظم طريقي سان هڪ دهشتگرد تنظيم جيڪا پئسا وٺي ماڻهو ماري ٿي جو ئي ڪم هو. جيڪي هاڻ پاڪستان ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي. نه رڳو آمريڪا مخالف قوتن کي رستي تان هٽائڻو آهي، پر پاڪستان ۾ آمريڪي مفادن جي رکوالي ڪندڙ ڌرين جي مخالفن کي به رستي تان هٽائڻ اهم بڻجي ويو آهي ۽ ٻيو ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا به ان خطري کان ٻاهر ناهن.
پاڪستان جي سياست ۾ ڪيئي دهشت پسند عنصر ۽ نفسيات موجود آهن جنهن ڪري جمهوري نظام جي پٽڙي تي چڙهڻ بجاءِ هڪ اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي ته خوف جي علامت تنظيمون سماج کي مڏو بي حس ڪري ڇڏين ٿيون، فاٽا جي علائقن سوات، مالاڪنڊ، وزيرستان ۽ جنهن ريت هٿياربندن منظم گروهن جي شڪل اختيار ڪري ماڻهن کي خوف ۾ متبلا ڪري حڪمراني ٿي ڪئي ان خوف کي ڪير هٽائي ها. ڪراچي ۾ ڊگهي عرصي کان جيڪا دهشت ۽ خوف جي فضا آهي اها هميشه چيلينج ٿيندي اچي ان جو حق ۽ سچ جي رکوالن ماڻهن کي خوف جي دنيا مان ڪڍڻ وارن گهڻو ڀوڳيو به آهي. هٽلر ۽ مسوليني جي دهشت جيڪڏهن چيلينج نه ٿئي ها ته ڇا يورپ ۾ جيڪا اڄ ترقي، خوشحالي ۽ امن آهي اهو نظر نه اچي ها. لکين ماڻهن پنهنجي جان ڏئي هٽلر جي دهشتگردي کي منهن ڏنو ۽ ان کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. يورپ جي پادرين جي نفسياتي دٻاءُ کي انصاف پسند، ماڻهن پنهنجي اندر مان خوف ڪڍي مقابلو ڪيو جو اڄ پادرين ۽ عليسائن جي راڄ بجاءِ عوام جي حڪمراني آهي. مسوليني جو ترجمان گوئبلز ڪوڙ جو ماهر هو، وڏا ڏوهه ڪري وري دانهون ڪندو هو ته گهوڙاڙي گهوڙا ظلم ٿي ويو. اسين ماريا پيا وڃون. جڏهن حقيقتون سامهون اچي ويون ته پوءِ ڪراچي شهر جو ناظم صاحب به گوئبلز وانگر فرمائي ٿو ته ظلم ٿي ويو، ماڻهو به اسان جا مئا، شهر اسان جو تباهه ٿيو ۽ ماڻهو وري تنقيد به اسان تي ڪن ٿا. ان خوف کي پهرئين ٻن ڏينهن ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ٽوڙيو جنهن چيو ته هي خودڪش حملو ناهي ان حملي ۾ ڦرلٽ ۾ صرف نسلي تنظيم ئي ملوث آهي. ان پريس ڪانفرنس کانپوءِ هڪ سينئر صحافي مونکي چيو هو ته ڊاڪٽر صاحب کي سمجهايو ۽ کيس خيال رکو هي وڏا خطرناڪ آهن ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. مون چيو ته عوام کي دهشت جي نفسيات سان قيد ڪري رکڻ کي ڪو ته هجي جيڪو ٽوڙي، غلامي ۽ دهشت ۾ ڦاٿل انسانن هر حال ۾ ڪو مسيحا گهرجي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي تاريخ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ماڻهن کي خوف جي دنيا مان ڪڍڻ لاءِ بي حس، ڪمزور ۽ ويزن کانسواءِ ماڻهو جو ڪم ناهي. ماڻهن کي بروقت حوصلو ڏيڻ، انهن جي اڳواڻي ڪري، دشمن کي نروار ڪرڻ سان ئي خوف مان نڪري سگهجي ٿو.
بنياد پرست ۽ رُجحت پسند قوتون دهشت جو سهارو وٺنديون آهن، جن جو نظريو ۽ فڪر جديد سائنسي هجڻ بجاءِ دقيانوسي خيالن جي پرچار ڪن ٿا، ماڻهن کي علم ۽ تربيت کان پري رکن ٿا، جنهن ڪري آساني سان دهشت پسندي معاشري ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ٿي. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سنڌ ۾ فوج جي دهشت ماڻهن کي هيسائي وڌو هو. پر جڏهن ڪنهن هڪ انگ بوٽن جي ڏهڪاءُ خلاف آواز اٿاريو ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو بنا خوف جي للڪار بڻجي قاتل ۽ رهزن ماڻهن جي سامهون ٿي بيٺا. هزارين ماڻهون جيلن ۾ هئا، هزارين ماڻهن ڦٽڪا کاڌا، هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، پر واهڻ واهڻ وستي وستي ۾ ماڻهو بي خوف ٿي جرئت سان ڏاڍ جي نفسيات خلاف خوف مان نڪري موت سان اکيون ملائي بيهي رهيا ته اڄ تاريخ جو ظالم حڪمران ڪٿي بيٺو آهي. عوام فتح ماڻي، بنگال جي ماڻهن سان جيڪي جٺيون ٿيون، قتلام ٿيو مسڪين ماڻهو جڏهن خوف کي ٽوڙي بيهي رهيا ته دنيا ڏٺو ته ڪيئن منظم تنظيم طاقتور هٿياربند فوج انهن هٿين خالي ماڻهن آڏو ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيا، فتح عوام جي ٿي، سنڌ ۾ ٽن ڏهاڪن کان اسان کي خوف ۾ رهڻ جو چيو وڃي ٿو. اهڙا عمل ڪري سنڌ جي عوام کي خوف ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي. ڪڇندو ته مارينداسين. ڳڀا ڳڀا ڪيا ويندو، اوهان جو لاش به نه لڀندو، اسين مٿي ذڪر ڪري آياسين ته اڄ هٽلر ۽ مسولني کان وڌيڪ طاقتور دهشتگرد موجود ناهي. جڏهن اهي تاريخ جي ڪٻاڙخاني جو حصو بڻجي ويا ته پوءِ هي ڪهڙي باغ جي موري آهن. عوام جي سگهه ۾ وڏي طاقت آهي. جڏهن به اهي منظم ٿين ٿا ته هر قسم جي ڏاڍ واري طاقت کي ٽوڙي ڇڏين ٿا. سنڌ کي اڄ ۽ مستقبل ۾ بليڪ واٽر XE ۽ نسلي دهشتگردن کي مُنهن ڏيڻو آهي، اهي تيزي سان منظم ٿي رهيا آهن. ڪراچي جي واقعي تي آمريڪي سفير پيٽرسن جو وفد 90 ۽ گورنر سان ملڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو. عالمي مفادن جي نقطي نظر سان سنڌ مخالف قوتون منظم ٿي رهيون آهن. سنڌ جي عوام کي هر قسم جي خوف مان نڪري منظم ٿيڻ گهرجي. دهشتگرد فڪر ۽ وحشت خلاف منظم ٿيڻو پوندو. منظم تنظيمون قومن کي خوف مان ڪڍي انقلاب ڏانهن وٺي وينديون آهن. بليڪ واٽر ۽ نسلي تنظيمن جي ترتيب ۽ تربيت کان وڌيڪ وطن جي ماڻهن کي شعور ۽ تربيت سان دهشت جي علامت خوف کان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت آهي.

بنگلاديش ۾ عوام جي فتح

1971 ع ۾ بنگال جي عوام پاڪستان جي فوجي جنتا خلاف عوامي تحريڪ هلائي. بنگالي مظلوم قوم جنهن چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪئي پر فوجي جنرلن جمهوري حق کي مڃڻ بجاءِ فوجي ڏاڍ ۽ آپريشن ڪري لکين بيگناهه بنگالين جو قتل عام ڪيو، نتيجي ۾ بنگال غير فطري پاڪستان کان وڙهي جان آجي ڪرائي، پر اڳتي هلي بنگلاديش جي فوجي آمرن جيڪي پڻ انگريز فوج جي ڪک مان پيدا ٿيل هئا تن شيخ مجيب جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو. عوام جي لڳاتار جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪڏهن جمهوريت ته ڪڏهن وري آمريت جي اکٻوٽ هلندي رهي. نيٺ 2006ع ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي. جمهوريت پسند پارٽين ۽ اڳواڻن تي پابندي مڙهي وئي کين جلاوطن ڪيو ويو، هزارين سياسي ڪارڪن قيدي بڻايا ويا. احتجاجن دوران هزارين ڪارڪن زخمي ڪيا ويا. حڪمرانن ۽ فوج جي روش ڪري عالمي راءِ تبديل ٿي بنگلاديش ۾ عوامي هلچل جي نتيجي۾ 2008ع ۾ عام چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ شيخ مجيب جي نياڻي شيخ حسينه واجد جي پارٽي عوامي ليگ اڪثريت سان کٽي آئي آهي، عوامي ليگ ۽ سندس اتحادي گرينڊ الائنس 230 سيٽون کڻي ڪامياب ٿيو آهي گرينڊ الائنس پنهنجي چونڊ مهم مذهبي جنونيت جي خلاف غربت جي خاتمي، عوام جي حڪمراني، آمريت جي خاتمي جي بنيادن تي هلائي نتيجي ۾ عوامي ليگ سندس اتحادي پارٽيون اڪثريت سان کٽي ويون، مطلب ته 2008ع جي سال ۾ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن نيپال ۾ عوام جي فتح ۽ بادشاهت جو خاتمو، بنگلاديش ۾ عوام جي فتح ۽ پاڪستان ۾ جنرل مشرف جي آمراڻي سوچ ۽ فڪر کي شڪست ملي آهي. هن وقت هن خطي جي اندر حقيقي جمهوريت جي لاءِ وڌيڪ پاڻ پتوڙڻ جي ضرورت آهي. جيئن هن خطي ۾ مظلوم عوام ۽ محڪوم قومن کي پنهنجا تاريخي حق حاصل ٿي سگهن. آئون بنگلاديش جي جمهوري پارٽي عوامي ليگ ۽ انجي سربراهه شيخ حسينه واجد کي شاندار ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيندي اميد اٿم ته هوءَ پنهنجي وطن جي مسڪين ماڻهن جي ڏکن ۽ تڪليفن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، جيئن هتي 1971 ع ۾ پاڪستان جهڙي غير فطري ملڪ مان جان ڇڏائڻ ۾ سوڀارا ٿيا تيئن هو هن ملڪ ۾ وڌيڪ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل سنڌي قوم جي اخلاقي مدد ۽ حمايت ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا، سنڌي قوم کي بنگلاديش جي عوام وانگر آزدي ڏيارڻ ۾ مدد ڪندا. آئون سنڌي عوام کي هي چوڻ چاهيان ٿو ته مستقل مزاجي، قربانين ۽ جدوجهد سان نه صرف آمرن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، پر قومون پنهنجي آزاديءَ واري منزل تي به آسانيءَ سان پهچي سگهن ٿيون.

سوات ٺاهه

نيٺ مذهبي دهشتگردن اڳيان گوڏا کوڙيندي سرڪار سوات ۾ هٿيار ڦٽا ڪري شرعي نظام لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
افغان انقلاب جي ناڪامي کانپوءِ افغانستان ۽ پاڪستان جا بنياد پرست طالبان وڌيڪ منظم ۽ سگهارا ٿي ويا. سموري اسلامي رياستن مان مسلمان انتهاپسند پاڪستان جي اُترين علائقن ۾ گڏ ٿيندا رهيا. مدرسن ذريعي طالبانن جي مذهبي ڪٽرپڻي بنيادن تي تربيت ڪئي وئي. نتيجي ۾ هزارين ماڻهن جي منظم فوجي شڪل جڙي راس ٿي آهي. هي طالبان ڪجهه وقت اڳ تائين صرف افغانستان ۾ اتحادي قوتن خلاف ويڙهه ڪري رهيا هئا پر هاڻ هو پاڪستان سرڪار لاءِ چئلينج بڻجي ويا آهن. هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني فوج مُلان صوفي محمد ۽ ملا فضل الله جو مقابلو نه ڪري سگهي. نتيجي طور تي قائداعظم محمد علي جناح جو پاڪستان جيڪو جمهوري ۽ سيڪيولر هو انهن بنيادن تي رياست خيرباد ڪري چند مذهبي دهشتگردن هٿان شڪست کائي وئي ۽ طئي ڪري ويٺا آهن ته سوات ۾ شريعت لاڳو ڪري قاضي عدالتون قائم ڪيون وڃن ۽ عدالتن جي ججن کان مُلا صوفي انٽرويو ڪندو. اهڙي ريت مذهبي انتها پسندن لاءِ رستو صاف ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي طاقت ذريعي رياست کي گوڏن ڀر جهڪائي هڪ علائقي ۾ پنهنجي حڪمراني کانپوءِ هو آهستي آهستي اڳتي وڌندا. سوات کان پوءِ سڄو صوبو پشتونخواه انهن جو ٽارگيٽ آهي.
اڄ اسين 21هين صدي ۾ رهون ٿا. جمهوريت، سيڪيولر ۽ انسانن جي بنيادي حقن جي صدي آهي. هي مُلا جيڪي نياڻين کي اسڪول وڃڻ تي پابندي ٿا هڻن، هي مُلا عورتن کي گهرن ۾ قيد رکڻ ٿا چاهين. هي مُلا عوام کي علم، ادب ۽ سائنسي تعليم کان ڏور رکڻ چاهين ٿا. جيڪي دهشتگرد بم ٻڌي مسجد ۽ امام بارگاهه ۾ گهڙي معصوم ماڻهن جو قتلام ڪندي نٿا گهٻرائين سي جيڪڏهن پاڪستان جي رياست تي قابض ٿي وڃن ڏنڊي جي زور سان ۽ ملڪ جي ايجنسين جي مدد سان ته پوءِ تباهي ٿي ويندي. انساني حق صلب ٿيندا. عوام ۽ محڪوم قومون پنهنجن بنيادي حقن کان محروم ٿيندا. ثقافت کي ائين تباهه ڪيو ويندو، جيئن باميان ۾ صديون پراڻا مجسما ۽ تاريخي افغان تهذيب کي تار تار ڪيو ويو. موجوده سرڪار ۽ باچا خان جي پوئلڳن ڀاڙيائپ جو مظاهرو ڪندي دهشتگرد گروهن سان سمجهوتو ڪري غفار خان جي روح کي رنجايو آهي. انهي ٺاهه سان خوبصورت وادي جي پُر امن عوام کي ٻوهي ۾ وڌو ويو آهي. ان سان امن بحال نه ٿيندو. جمهوريت ۽ سيڪيولر سوچ ۽ فڪر پروان نه چڙهي سگهندي. ان ٺاهه پويان عوام دشمن، جمهوريت دشمن ۽ سيڪيولر فڪر جا مخالف ادارا سرگرم آهن. ان ڪري اهو ٺاهه فوري طور تي ختم ڪري مذهبي دهشتگردي کي چٿيو وڃي ۽ عوام کي امن فراهم ڪيو وڃي. سوات ۽ اُتر وزيرستان جو اڪثريتي عوام پُرامن، جمهوريت پسند ۽ سيڪيولر آهي، رياست مذهبي جنونيت کي روڪي ته عوام سندن ساٿ ڏيندو ۽ هر صورت ۾ ٿوري نقصان سان فتح عوام جي ٿيڻي آهي. اُتان جي پُرامن عوام کي دهشت ۽ وحشت جي ماحول مان هر صورت ۾ آزاد ڪرائڻ گهرجي.

گڏيل جدوجهد سان ئي حقن جي حاصلات ممڪن آهي

سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار ڀرسان ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ قومپرست شخصيت جناب جي ايم سيد جي گهر جي آڏو قومن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ملڪ جي مختلف قومپرست سياسي ڌرين جي اتحاد پونم پاران اڄ جلسو ٿي رهيو آهي. هن جلسي جي اڄوڪي دور ۾ افاديت ڪجهه نرالي آهي، ڇاڪاڻ ته عالمي تبديليءَ واري هن دور ۾ پونم جو پوليٽيڪل مينيفيسٽو ڄڻ ته هڪ اتحاد جو نالو نه پر پاڪستان ۾ شامل سنڌي، سرائيڪي، بلوچ، پختون مظلوم ۽ محڪوم قومن جي گڏيل ملڪ گير تحريڪ جو نالو آهي. جنهن جو بنياد 1940ع واري قرارداد تي بيٺل آهي. اڄ پونم 1940ع واري قرارداد تي عمل ڪرائڻ جو نعرو بلند ڪيو آهي، جيڪو 66 سال اڳ ننڍي کنڊ جي سياستڪارن نعرو ڏنو هو ۽ جنهن نعري جي بنياد تي پاڪستان ٺهيو. هر سال 23 مارچ وارو ڏينهن وڏي طم طراق سان ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن کي پاڪستان جي اقتداري ڪيلينڊر ۾ قومي ڏينهن جو درجو مليل آهي. پر هيءَ ڳالهه قابل احتجاج آهي ته 1940ع واري قرارداد جا هي حڪمران عملي طور انڪاري رهيا آهن. پونم کان اڳ 1940ع واري قرارداد جي بنياد تي سنڌي، بلوچ، پختون فرنٽ ٺهيو. هن ڌر جڏهن ان نعري کي بلند ڪيو ته انهن تي وڏا وڏا ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته پونم قيادت اسلام آباد ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته ساڳين الزامن سان پونم قيادت کي نوازيو ويو. قومپرستن جي جدوجهد جو اڀياس ڪبو ته سنڌ قيادت ڪندي نظر ايندي. اڄ پونم ۾ پڻ سنڌ جي قيادت وڌيڪ فعال نظر اچي رهي آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومي تحريڪ کي گهڻ رخي انداز سان هلايو وڃي ۽ عالمي تبديلين کي سامهون رکندي انفراديت بجاءِ اجتماعيت کي اوليت ڏني وڃي. سنڌ جي قومي تحريڪ خاص طور تي ۽ عام طور تي سنڌ جو عوام اهو موقف رکي ٿو ته هن جبري پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ظلم ۽ زيادتيون سنڌين سان ٿيون آهن ۽ اهي زيادتيون هڪ وڏي صوبي ڪيون آهن. جيڪو هن وقت وفاق تي قابض آهي. جنهن سان اقتداري جاگيردار طبقو ۽ سنڌ جو نسل پرست دهشتگرد ٽولو ڀاڱي ڀائيوار آهي. سنڌ سان زيادتين جو اهو سلسلو پنجاب جي ڇپر ۽ ڇانوءَ ۾ جاري رهيو، سنڌ کي ون يونٽ جي نالي ۾ ختم ڪيو ويو ته هڪ ڀيروٻيهر اڄ ناظمي نظام کي وفاقي اداري اين آر بيءَ جي معرفت هلائي سنڌ کان مقامي انتظام کسيو ويو آهي. هي اها احساس محرومي آهي، جنهن سنڌ جي نج سياسي قومپرستيءَ کي جنم ڏنو آهي، جنهن جو احساس سياسي نعرن جي بنياد تي ڪٽر سنڌ مخالف سياسي ڌرين مسلم ليگ (ن)، متحده مجلس عمل ۾ شامل مذهبي ڌرين سان گڏ مضبوط وفاق جي هام هڻندي پاڪستان پيپلز پارٽي به اڄ سنڌ جي انهن محرومين مان ڦٽي نڪرندڙ نعرن، ڪالاباغ ڊيم نامنظور، ٿل ڪئنال نامنظور، ناڻي جي ڪوڙي ورڇ نامنظور جي صورت ۾ سامهون اچن ٿيون. هي ڌريون پنهنجي پنهنجي دور ۾ سنڌ سان ظلم ۽ زيادتين ۾ شريڪ رهيون آهن. اڄوڪي سنڌ ۾ جيڪا محرومي خودڪشين تائين پهتي آهي. انهن ۾ اهڙين سياسي ڌرين جو به ماضيءَ ۾ هٿ رهيو آهي، اهو سنڌ جي ماضيءَ جي ويجهڙائيءَ واري سياست جو اولڙو آهي، جنهن اولڙي جو آئينو انهن محرومين جي خاتمي لاءِ سنڌ واسين کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجا دوست ۽ دشمن ڳولين. ان ڳولا جي بنياد تي پونم اتحاد قائم ٿيو.
هي اتحاد گڏيل قيادت، گڏيل جدوجهد جي بنياد تي ٺهيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جا سڄڻ، بلوچستان جا بهادر، پختونن جا خيرخواه ۽ سرائڪين جا ساٿي شامل آهن، جنهن جو بنياد هي آهي ته اسان کي پنهنجا آفاقي ۽ ڪائناتي حق کپن. هي حق بطور خيرات نه پر اسان جا فطري حق آهن. اڄ حالت اها آهي ته ماضيءَ ۾ لياقت علي خان، ايوب خان، جنرل ضياءَ سنڌ سان زيادتين جا سلسلا شروع ڪرايا، اڄوڪي دور ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار ڌڻي صرف سنڌ کي ورهائڻ لاءِ سنڌين جو آواز دٻائڻ لاءِ چون ٿا ته ملڪ ۾ ڊويزنل سطح تي نوان صوبا ٺاهڻ تي حڪومت غور ڪري رهي آهي. سنڌ اهڙي ڪنهن به ورهاست واري سازش قبول نه ڪندي. ڇاڪاڻ ته يوسي ناظم جي نامزدگي به اڄ اسلام آباد مان ٿي رهي آهي. هڪ مارڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ به وزيراعظم هائوس مداخلت ڪري رهيو آهي ته اهڙي صورت ۾ خاص طور تي سنڌ وڌيڪ خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي، ملڪ ۾ گهڻا صوبا ٺاهڻ جا سنڌ واسي ان ڪري به مخالف آهن ته سنڌ گهڻ نسلي ۽ گهڻ لساني تفريق واري وحدت آهي، جتي لکن جي تعداد ۾ مختلف ثقافتي اقليتون رهن ٿيون. جيڪي نسلي بنيادن تي سنڌ تي پنهنجو دائمي حق جتائڻ لاءِ سياست ۽ معيشت ۾ پنهنجو حصو وٺڻ لاءِ هر طرح جي دهشتگردي، غنڊاگردي، داداگيري ۽ نفسياتي حربا هلائي سنڌ جي وحدت کي ڪمزور ڪرڻ آهي. ان سازش پويان سنڌ جي وحدت ٽوڙڻ وارو خواب ڪو اڄوڪو ناهي. ون يونٽ جي صورت ۾ لفظ ”سنڌ“ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، پر سنڌ واسين جدوجهد سان اهو پنهنجو سياسي، دائمي ۽ آفاقي حق واپس ورتو. صدين جي سنڌ تاريخ، تهذيب ۽ تمدن واري وحدت آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪالهوڪو لياقت علي خان ۽ اڄوڪو پرويز مشرف ۽ ان جا ساٿي هن سهڻيءَ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جا خواب ڏسن ٿا.
پونم ۾ شامل ڌريون 1940ع جي قرارداد کي ان ڪري بنياد بڻائين ٿيون ته هي اهو اقرار نامو آهي، جنهن اقرار نامي جي بنياد تي پاڪستان ٺهيو، جنهن قرارداد کي سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو ۽ اسان جي وڏن خان عبدالغفار خان، سائين جي ايم سيد، عبدالصمد اچڪزئي، حيدربخش جتوئي، مظلوم قومن جي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ حقيقي قومي جمهوري آواز طور جدوجهد ڪئي، پونم جو اڄوڪو جلسو مظلوم قومن جي تحريڪ جي شروعات به آهي. هي حيرت جي ڳالهه آهي ته اسٽيبلشمينٽ وفاق ۽ پنجاب سنڌ خلاف، سنڌوءَ خلاف حرڪت ۾ آهن. ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ اڃا بند نٿو ٿئي. باوجود ان جي ته گذريل 10 سالن کان ڪالاباغ ڊيم خلاف لکين ماڻهو احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن. پختونن بلوچن ۽ سنڌين جي ووٽ سان چونڊيل اسيمبليون هن رٿا خلاف ٺهراءَ پاس ڪري چڪيون آهن پوءِ به حڪمران بضد آهن ته ”ڊيم ٺاهيو ويندو!“ اڃا ڪالاباغ ڊيم جي مصيبت کان سنڌ آجي ئي نه ٿي آهي ته سنڌ کان پڇڻ بغير گريٽر ٿل ڪئنال جو بنياد سامهون آيو آهي. اڃا بلوچن کي پنهنجا قومي حق نه مليا آهن ته سندن شعور کي چٿڻ لاءِ ڇانوڻين جو قيام سامهون آندو ويو آهي. اڃا اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچ گيس جي رائلٽي گهري رهيا آهن ته بلوچن کان بغير پڇا جي گوادر ميگا پروجيڪٽ جي بنياد تي ڌرتي کسي پئي وڃي. هن عالمگيريت واري دور ۾ گهڻ قومي ملڪ کي ظلم ۽ زيادتين ۽ ڏاڍ جي بنياد تي بچائڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته هي اهو عالمي دور آهي، جڏهن واشنگٽن جي دڙڪن تي وانا ۾ آپريشن ڪيو ويندو آهي. جڏهن نيويارڪ جي دٻاءَ تي افغانستان بابت پاڪستان جي يو ٽرن فارين پاليسي سامهون ايندي آهي، جڏهن اسلامي بم ٺاهيندڙ پاڪستان عراق جي مسئلي تي پراسرار خاموشي اختيار ڪئي تڏهن اها حقيقت سامهون ٿي اچي ته عالمي پسمنظر ۾ پاڪستان ڪٿي بيٺل آهي.
قومي تحريڪ ۽ قومي جدوجهد جا بنياد ميچوئر ٿي چڪا آهن. هتي ٿوري به ڇڙواڳي خاص ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پهچائي سگهي ٿي. اڄ سنڌ کي عقل ۽ فهم جي بنياد تي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪرڻي پوندي. هاڻ ڪنهن به غلطيءَ جي گنجائش ناهي رهي. قومي تحريڪ کي گهڻ رخي انداز سان منفي پهلوئن کان آجو ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ جي حالتن جو اڀياس ڪرڻو پوندو ته ماضيءَ جي شاهوڪار سنڌ جو نئون نسل ڇو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي. ڪوئلي ۽ گئس سان مالامال سنڌ ڇو اڄ پنهنجي قدرتي وسيلن کان محروم آهي. دهشتگردي جي ڏهڪاءَ ۾ اچي ڇو نئون نسل ڇڙو اڳيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي. سنڌ جو شاعر، اديب، سياسي ڪارڪن ۽ دانشور سنڌ جي قومي وحدت بچائڻ لاءِ هڪ وک به اڳتي وڌائي ته اهو وقت پري ناهي جڏهن اهي پنجن قدم سنڌ جي پنج محرومين کي ختم ڪرڻ جو مثال قائم ڪري سگهي. جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو ايم آر ڊيءَ ۾ وڙهي سگهن ٿا، جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو ون يونٽ خلاف وڙهي سگهن ٿا ته اڄ ته سنڌ جي قومي وحدت اسان کان وڌيڪ ويڙهه جي توقع رکي ٿي. هي اها ويڙهه آهي جنهن جو مثال فلسطينين جي تحريڪ انتفاده ۾ ملي ٿو. اها مزاحمت ئي آهي، جيڪا قومن جا وجود بچائي ٿي. اها مزاحمت ئي آهي جيڪا قومن جي سلامتيءَ کي بلند رکي ٿي. اها مزاحمت ئي آهي جيڪا قومن جي ڌرتيءَ کي ڌارين کان نجات ڏياري ٿي ۽ اها مزاحمت انفرادي نه پر اجتماعي ٿيندي آهي، جڏهن فلسطينين وانگر هڪ ٻار به پٿر کڻي هڪ پوڙهو به پٿر کڻي هڪ عورت به پٿر کڻي، هڪ مرد به پٿر کڻي تڏهن قومن جي تقدير تبديل ٿي ويندي آهي. پونم جو اڄوڪو جلسو ان عالمي اڀياس ۾ ٿي رهيو آهي. هن جلسي کي بلوچستان جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندڙ پونم ڪنوينر سردار عطا الله خان مينگل، بلوچن جي وچولي طبقي جو قومي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، سنڌ وحدت جو پونم سرواڻ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، سنڌ نيشنل فرنٽ جو اڳواڻ گل محمد جکراڻي، پونم جا مرڪزي اڳواڻ جلال محمود شاهه، محمود خان اچڪزئي، حميد اصغر شاهين ۽ ٻيا عهديدار خطاب ڪندا. هن جلسي جي افاديت اها آهي ته وڏي عرصي کان پوءِ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ قومپرستن جو هڪ منفرد جلسو ٿي رهيو آهي، جنهن جو جوهر سنڌ جي قومپرست جدوجهد مان ڦٽي نڪرندڙ نعرو آهي. ”مرسون مرسون - سنڌ نه ڏيسون.“

لساني وڳوڙ: ڪراچي تي قبضي جي سازش

نومبر جي آخري ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ ٿيل ٻن لساني گروهن ايم ڪيو ايم (پناهگير) ۽ اي اين پي (پٺاڻ) جي پُر تشدد واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 45 ماڻهو قتل ٿيا، هڪ ٻئي جا ڪاروباري مرڪز بند ڪرايا ويا، سڄو شهر دهشتگردن جي گهيري هيٺ رهيو، انهن تازن جهيڙن جو مکيه ڪارڻ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟
ڪراچي جيڪا سنڌ جي تختگاهه رهي آهي، ڏيڍ صدي اڳ جڏهن اڃان انگريزن جي غلامي نه آئي هئي ته سنڌي ماڻهو خوشحالي ۽ امن سان رهندا هئا، تمام گهٽ آبادي هئي.
هزارن جي انگ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو سمنڊ جي مڇي جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ ڪراچي جا بندر وچ ايشيا ايران ۽ عرب ملڪن جي واپار جو مرڪز هئا. پري پري تائين امن ۽ خوشحالي هئي.
انگريزن جي واپسي ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان ڪراچي ڪاروباري مرڪز هئڻ ڪري هندستان مان ايندڙ پناهگيرن جي سڄي لڏ پلاڻ هتي ٿي ۽ پوءِ جيئن جيئن ڌاريا هتي سگهارا ٿيا ته اُهي سڄي ڪاروبار، نوڪرين تي قابض ٿي ويا سمورن وسيلن کان حقيقي ڌرتي مالڪ اقليت ۾ تبديل ٿيا سڄي سائوٿ ايشيا جا پناهگير به هت اچڻ لڳا ڏسندي ڏسندي ڌاريا هتان جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويا، ١٩٨٠ع جي ڏهاڪي ۾ ايم ڪيو ايم جي جنرل ضياءَالحق جي دور ۾ ISI جي رهنمائي ۽ تربيت هيٺ تنظيم سازي ٿي. شروع ۾ سنڌين سان ويجهڙائپ قائم ڪئي وئي پر فورن پنهنجن آقائن جي اشاري تي سنڌي مخالف بڻجي بيٺا ۽ اُن ڏينهن کان سنڌين جو جنهن ريت قتل عام ڪيو ويو، حيدرآباد ۽ ڪراچي شهر مان سنڌين کي تڙيو ويو، سندن ڪاروباري ادارن تي قبضو ڪيو ويو نت نون طريقن سان تشدد جا رستا اختيار ڪيا ويا جنهن سان انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيا ويا، بي گناهن کي قتل ڪري انهن جا ڳڀا ڳڀا ڪري ٻورين ۾ وجهي گٽرن ۾ اڇلائي ڇڏڻ جهڙا واقعا ايم ڪيو ايم ڪيا، جن هٽلر ۽ مسوليني جي دهشتگردي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر منظم رٿا تحت پٺاڻن کي مهاجر اڪثريتي علائقن مان ڪاروبار بند ڪري وڃڻ جا حڪم ڏنا ويا، هڪ هفتي تائين پٺاڻ دانهون ڪندا رهيا.
نيٺ پُر تشدد ڪارروايون شروع ٿيون خونريز واقعن ۾ سرڪاري انگن موجب صرف 5 مهاجر ماريا ويا جڏهن ته 35 پٺاڻ اجل جو شڪار ٿيا ۽ 4 ڄڻا معصوم سنڌي به شهيد ڪيا ويا، هڪ ٻئي جا دُڪان ساڙيا ويا، ايم ڪيو ايم ان کان اڳ اهو الزام هڻندي رهي ته ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن ٿي وئي آهي پناهگير هٿيار خريد ڪن ۽ موجوده جهيڙن جو ڪارڻ به هنن اهو ئي ٻڌايو ته مذهبي ڪٽر پڻو رکندڙ پٺاڻ سان جهيڙو آهي پر ڳالهه اُن جي بلڪل اُبتڙ آهي، موجوده سرڪار جي دور ۾ هڪ به طالبانائيزيشن جو ثبوت هٿ ناهي آيو دراصل ايم ڪيو ايم مشرف جي دور کان منظم رٿا بندي ڪري رهي آهي اربن ڊالرن جا جديد هٿيار خريد ڪرڻ، هندستان، آمريڪا ۽ اسرائيل جي انٽيليجنس اداري طرفان اسلحي جي زبردست مدد ڪرڻ مان پتو پوي ٿو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري پنهنجو الڳ وطن، جناح پور يا لياقت پور وغيره ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿي جنهن لاءِ کيس مٿين ڄاڻايل ملڪن جي مدد ملي رهي آهي. ڪراچي هن سڄي خطي ۾ اسٽريٽجڪ شهر آهي جيڪو وچ اوڀر سائوٿ ايشيا لاءِ تمام اهم آهي، ان لاءِ ايم ڪيو ايم استعمال ٿي رهي آهي، ايم ڪيو ايم جڏهن متحده جي نالي ۾ سامهون آئي ته کيس ملڪ جي ٻين قومن مان ڪا خاص موٽ نه ملڻ ڪري هاڻ هو ان تي زور آزمائي ڪري رهي آهي ته هو هڪ الڳ وطن ٺاهي آزاد رياست ۾ مهاجر ديش جو جهنڊو چاڙهين هنن ان ڪُڌي ڪم لاءِ جيڪا رٿا جوڙي ۽ اُن تي عمل شروع ڪيو آهي اُن جا ثبوت هيٺ ڏجن ٿا.
1) مُشرف جي دور ۾ هي آمر سان گڏ رهيا.
2) سنڌ اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرائي 50 لک ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪري انهن کي سنڌ جو شهري تسليم ڪرايو.
3) سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي جنهن به ماڻهو وٽ ڪراچي جو ڊوميسائيل نه هجي اُن کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا تي بندش وڌي وئي.
4) ان تي عمل ڪندي ڊاؤميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ هڪ به سنڌي کي داخلا نه ڏني وئي.
5) نسلي بنيادن تي ڪميونٽي پوليس جوڙي 25000 هزار دهشتگردن کي اُن ۾ ڀرتي ڪيو ويو.
6) ڪراچي جي هڪ به سنڌي ڳوٺ کي ليز ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي.
7) 2020 ويزن سٽي حڪومت جي رٿا موجب هڪ لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪرڻ.
در اصل هي سمورا عمل يهودي رياست اسرائيل وانگر ٿي رهيا آهن، هنن پنهنجي سوچ موجب انتهائي هوشياري سان ۽ قانوني طريقي سان قدم به قدم اڳتي وڌندي پنهنجي نام نهاد رياست لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن، ان ڪري ئي پهريان هي پٺاڻ سان وڙهي انهن کي هڪ پاسي ڪري پوءِ هو پنهنجي دهشت جي نفسياتي برتري جي بنياد تي سنڌين سان مُهاڏو اٽڪائيندا ۽ ان ڪُڌي ڪم لاءِ کين سنڌين مان ڪجهه نام نهاد جوڌا ملي ويا آهن تاريخ ٻُڌائي ٿي ته جڏهن جڏهن سنڌ تي ڪاهون ٿيون ته ديسي دلالن نائومل، ميرصوبدار، مير علي مُراد جهڙا ماڻهو موجود هئا جن ڌارين جي دلالي ڪري سنڌين جي ٻڌي طاقت ۽ گڏيل ويڙهه کي نقصان پهچايو ۽ ڊگهي عرصي تائين سنڌي ڌارين جا غلام رهيا. اهو درست آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ڌارين پنجابي، پٺاڻ، افغانين کي سنڌ مان بغير دير جي نڪرڻ کپي، پر اسانکي سڄي سائوٿ ايشيا مان آيل بنگالي، بهاري، هندستاني ڇوٿا وسرن، جن ڪراچي جي امن کي تباهه ڪيو آهي جن ڊرل مشينن ذريعي سنڌين جي لڱن تي سوراخ ڪڍيا، جن سنڌين کي ڳترا ڳترا ڪري گٽرن ۾ لوڙهي ڇڏيو. جيڪي نسل پرست دهشتگرد سي آئي اي ۽ موساد جي ايجنٽ تنظيم کي سگهه بخشين ٿا، جيڪي ڪراچي جي سڄي ڪاروهنوار مان سنڌين کي آئوٽ ڪرڻ چاهين ٿا، حيرت آهي ان ڳالهه تي ته پاڻ کي قومپرست ۽ مها انقلابي چوندڙ تاريخ جي مطالعي کان اڻ واقف ماڻهو ڪنهن جي چوڻ تي سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ مخالفن جي حمايت ڪري رهيا آهن، لينن جي چواڻي ته سڀ کان وڌيڪ اُڀرندڙ تضاد ئي بنيادي تضاد سمجهي ويڙهه ڪبي آهي، اڄ ڪراچي جي 18 ٽائونن ۾ ناظم ڪير آهن سٽي ناظم ڪير آهي ڪراچي جون سنڌي وسنديون ليز ۽ بنيادي سهولتن کان محروم ڇو آهن؟ ڪراچي جي پروفيشنل تعليمي ادارن مان سنڌي شاگردن کي ڪنهن تڙيو؟
اسان کي اهو ٻڌايو وڃي ته ڪميونٽي پوليس ۾ ڪو هڪ به سنڌي آهي؟ جواب آهي نه. ان ڪري هي خيال دُرست آهي ته پاڪستان جي مستقبل ۾ ٽوڙڦوڙ جي نتيجي ۾ ڪي عالمي ادارا ڪراچي کي الڳ ڪرڻ ٿا چاهين. ۽ ساڳي جاءِ تان پگهار کڻندڙ ڌريون هڪ ٻئي کي سپوٽ ڪري رهيون آهن، اسين سمجهون ٿا ته ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي، سنڌين جو تاريخي شهر آهي وسيلن جو مرڪز آهي. زندگي ۽ موت آهي، ايم ڪيو ايم پٺاڻن ۽ ٻين ڌرين سان وڙهي ننڍيون جنگيون فتح ڪري آخري جنگ سنڌين سان ڪرڻ جي رٿا جوڙي آهي، اها سُڌ هجي ته سنڌين صدين کان ڌارين جي يلغارن کي پئي منهن ڏنوآهي، سنڌين احمد شاهه ابدالي، نادر شاهه، شاهه شُجاعُ، رنجيت سنگهه، مُغل، ترخان، ارغون، انگريزن خلاف هر دور ۾ بهادري سان جنگ وڙهي، اڄ به وڙهندا سڀاڻ به وڙهندا، سنڌ جي انچ انچ جو تحفظ ڪندا.
ڪراچيءَ جي بقاءَ جي جنگ سنڌين کي وڙهڻي آهي، ڪراچي مان سمورن ڌارين جي نيڪالي ايم ڪيو ايم نه پر ڌرتي ڌڻين جو سوال آهي ۽ هو پنهنجي جنگ پاڻ وڙهندا، ان ڪري اها ڳالهه چٽي آهي ته ڪراچي ۾ ٿيل رتوڇاڻ ممبئي ڊرامي جو حصو هئي ۽ هو هتي به اهڙيون حرڪتون ڪرائي هتان جي ماڻهن جو امن ڦٽائڻ چاهين ٿا ۽ ڪراچي جو اصل مالڪ ڌارين کي ڄاڻائڻ چاهين ٿا ۽ ان ڪري هاڻ اهو صاف ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن به ريت ايم ڪيو ايم کي اهو حق نه ملڻ گهرجي ته هُو ئي اڇي ڪاري جا مالڪ آهن هو صرف نسل پرست سنڌ مخالف ۽ دهشتگرد آهن جيڪي نفسياتي برتري جي ڪري ۽ هر دور ۾ جمهوري ڪئمپ جي بجاءِ ڊڪٽيٽرن جا حامي رهيا آهن، ان ڪري سنڌين جو اُڀرندڙ تضاد ايم ڪيو ايم جي فاشسٽ سوچ فڪر ۽ انهن جي عمل خلاف ويڙهه هئڻ گهرجي. ڪراچي جا سنڌي جيڪي سڌي ريت هنن جي جبر جا مُتاثر آهن، ان ڪري سمورن سنڌين کي منظم ٿي ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌڻ گهرجي، لٻاڙباز ۽ دلالي ڪندڙ ڪردارن کي نه رڳو وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي پر انهن کي isolate ڪرڻ گهرجي، ڪراچي جي حق حاڪميت لاءِ سنڌين کي انتهائي ڏاهپ سان منظم ٿي سامهون اچڻ گهرجي.