سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران رحمت الله وساڻ پاران تاليف ڪيل قرآن شريف جي 114 سورتن جي خلاصي ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”نور الاھي“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھن ڪتاب ۾ قرآن پاڪ جي سڀني سورتن تي مضمون، سورتن جي لغوي معنيٰ، سورتن جي نالن جو سبب ۽ انھن جو شان نزول ۽ ھر سورت بابت مضمون لکيو آھي. ھي مضمون سڀني مڪتبہ فڪر جي ڪيترن ئي تفسيرن کي آڏو رکي آسان ۽ ٿورن لفظن ۾ پيش ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ علم دوست ادبي سنگت پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي رحمت الله وساڻ جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.