مختلف موضوع

سنڌي ادبي سنگت ضلعو دادو هڪ تاريخ

هن ڪتاب ۾ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ تعارف،  دادو ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي ادبي سنگت جي سڀني فعال ۽ غير فعال شاخن جو تعارف، تاريخ ۽ أحوال، ميمبرن،  عھديدار اديبن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف  پڻ ڏنل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌي ادبي سنگت  ضلعو دادو هڪ تاريخ

ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو : سنڌي ادبي سنگت ضلعو دادو هڪ تاريخ
ليکڪ : رجب آزاد
ايڊيشن : پھريون 2021ع
ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
ڪمپوزنگ : وقار علي سولنگي ادو (ايڊوڪيٽ)
لي آئوٽ : اشرف سولنگي
ڇپائيندڙ : الشفيع پبليڪيشن دادو



ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

ارپنا

• پنهنجي تڙ ناني حڪيم مولوي محمد صديق ولد عطا محمد سولنگي سيتائي.
• سڳي ناني مولوي عبدالواحد سولنگي سيتائي.
• ناناڻي خاندان سان نسبت رکندڙ جيد عالم ۽ صحافي مولوي عبدالغفور سيتائي.
• بهترين استاد سائين گل محمد سولنگي سيتائي جنهن ڄمڻ کان پوءِ ،منهنجي ڪن ۾ آذان چئي.
• ڏاڏي محمد بخشل سولنگي ۽ ڏاڏي عبدالحفيظ سولنگي.
• محترم چاچا ابوبڪر مگسي (مرحوم)، محترم شوڪت سنڌي (مرحوم) ، محترم محمد ملوڪ لنڊ، خليل عارف سومرو، علي محمد ”درد“ سولنگي، محمد عرس اظهر سولنگي، مشتاق ڀرڳڙي (مرحوم) ۽ سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادوء جي حال حيات ۽ وڇڙي ويل اديبن جي نالي سان منسوب.

رجب آزاد

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران رجب آزاد جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو ھڪ تاريخ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هن ڪتاب ۾ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ تعارف، دادو ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي ادبي سنگت جي سڀني فعال ۽ غير فعال شاخن جو تعارف، تاريخ ۽ أحوال، ميمبرن، عھديدار اديبن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف پڻ ڏنل آهي.
ھي ڪتاب الشفيع پبليڪيشن، دادو پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون رجب آزاد جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

الشفيع پبليڪيشن دادو سنڌي ادبي ميدان ۾ ڪجهه سالن کان پنهنجي حال آهر ڪم ڪري رهي آهي ۽ نتيجي ۾ ڪجهه معياري ڪتاب اوهان سڄڻن جي هٿن تائين رسائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.
هي ڪتاب “سنڌي ادبي سنگت ضلعو دادو هڪ تاريخ” به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ۽ هڪ تاريخي دستاويز پڻ آهي.
هن ڪتاب ۾ دادو ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ فعال ۽ غير فعال شاخن جو احوال ڏنل آهي ۽ پڻ ميمبرن، عهديدار اديبن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف پڻ ڏنل آهي.
هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت دادوءَ جي دوستن ڇپارائڻ جي حامي ڀري هئي پر ڪِن سببن جي ڪري ڪتاب ڇپجي نه سگھيو ۽ الشفيع پبليڪيشن هي ڪتاب ڇپرائي اوهان جي اڳيان پيش ڪيو.
اميد ڪجي ٿي ته هي ڪتاب اوهان ادب دوستن کي پسند ايندو ۽ معلومات جو سبب بڻبو.

ادارو

مهاڳ

جنهن شخص جي شخصيت گهڻ پاسائين هجي ۽ ان تي توهان کي لکڻ لاءِ چيو وڃي ته سمجهو توهان جا بجلي ۾ هٿ آهن، ۽ مان جنهن شخصيت تي لکي رهيو آهيان اهو پاڻ نه صرف بجلي، پر پاور هائوس آهي جنهن کان شايد ئي ڪو بچيو هجي، هن تي ڪيتريون ئي ادبي حلقن ۾ فتوائون به جاري ٿيون پر هن شخص پوئتي ڪنڌ ورائڻ يا ڪنڌ جهڪائڻ کي شايد پنهنجي توهين ٿي سمجهيو. ڪجهه ڪرڻ جو پڪو ارادو رکندڙ هي شخص پوئتي به ڇو نهاري، ۽ ڪنهن جي لاءِ نهاري! هونءَ ته هن جا هزارين دوست آهن پر هي پنهنجو دشمن پاڻ آهي، تنهن ڪري هن جو خوف کائڻ يا ڊڄڻ وارو سوال هن جي ڊڪشنري ۾ ئي نه آهي. جنهن گهڻ پاسائين شخصيت جو آئون ذڪر ڪري رهيو آهيان اهو آهي سولنگين ۾ سيد رجب آزاد جنهن کي مذاق ۾ (رجب آزار) سڏيندا آهيون، هن سدائين پنهنجي لاءِ ته آزار پيدا ڪيا آهن، پر ٻيا به هن کان بچي نه سگهيا آهن.
طنز ۽ ٿوري مزاح جو بند ٻڌڻ ان لاءِ به ضروري آهي ته، رجب آزاد خود طنز و مزاح جو بهترين شاعر آهي، هن هڪ ئي وقت فنونِ لطيف جي هر فيلڊ ۾ ٽنگ اڙائي آهي، هي اداڪار، صداڪار، ڪهاڻيڪار،شاعر، مضمون نگار، ڊرامه نگار ۽ بهترين نقاد به آهي. باقي رهيل هو آخري ڪم تاريخدان ٿيڻ سو اهو به ڪري ڏيکاريائين. تاريخ لکڻ ڪيترو اوکو ڪم آهي اهو تاريخدان ئي ٻُڌائي سگهن ٿا. ڪجهه به هجي پر هن شخص جي حوصلي کي سلام آهي، “سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو هڪ تاريخ” جي ڪتاب جي اهميت ته آهي ئي آهي، پر هي هڪ تاريخي دستاويز پڻ آهي، جيڪو اسان کي هميشه زنده رکندو ۽ مستقبل جي معمارن کي ضلع دادو جي اديبن، شاعرن، ادبي سنگت جي شاخن ۽ انهن جي ڪارڪردگي به محفوظ ٿيل يڪجاء ملي سگهندي ۽ اهي اڳتي وڌيڪ ڪم ڪري سگهندا.
”سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو هڪ تاريخ” ڪتاب جو ڪم هڪ “پي ايڇ ڊي ٿيسز” جيترو ڪم سمجهان ٿو ۽ اهڙي قسم جون ٿيسز لکي ڪيترن ئي دوستن پنهنجي نالي اڳيان ڊاڪٽر جو ليبل لڳايو آهي. پر هن يار کي ته شايد ئي ڪو عطائي ڊاڪٽر جو به خطاب ڏئي ته غنيمت سمجهي ويندي، پر وري شاباس اٿس جو ايڏي جاکوڙ ڪري هي وڏو ڪم سرانجام ڏنو اٿائين ۽ ان ۾ ڪنهن حد تائين سُرخرو به ٿيو آهي.
منهنجي سامهون رجب آزاد ڪيترن ئي دوستن کي ڪال ڪري سندن وڏڙن جا تفصيل ورتا آهن، ڪٿان مثبت موٽ ته ڪٿان نا اميدي، ته ڪٿان کيس ڇڙٻون به مليون آهن پر هن سائين همت نه هاري ۽ پنهنجي ڪم کي اڃان به دل و جان سان پايئه تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ جتن ڪندو رهيو. اگر هي ٿڪجي يا دل برداشته ٿي ويهي رهي ها ته شايد هي تاريخي ڪتاب اڄ اسان جي هٿن ۾ نه هجي ها. مون کي ٻڌائيندو هو ته ٻين شاخن جا سيڪريٽري ته ٺهيو،پر پنهنجي شاخ جا اڳوڻا سيڪريٽري به رڪارڊ لاء تعاون گهٽ ٿا ڪن. ٻين شاخن جي ته نه پر پنهنجي شاخ ۾ به رجب آزاد کي رڪارڊ کان پري رکيو ۽ کيس هٿ به لائڻ نه ڏنو، سندن ذهن ۾ الائي جي ڪهڙي ڳالھه کُٽڪي رهي هئي جو هن کي ائين تڙپائيندا رهيا ۽ دڙڪا به ڏيندا رهيا، هي ته هڪ تاريخي ڪم ڪري رهيو هو جنهن تي نه صرف دادو ضلع کي پر پوري سنڌ کي فخر ٿيندو. پر جڏهن مان 2019 ـ 2020ع سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو سيڪريٽري هيس ته مان نه صرف هن جي ڪم کي ساراهيو، پر آفيس جي چاٻي به سندس حوالي ڪري ڇڏيم ۽ سمورو رڪارڊ به سندس حوالي ڪيم ۽ چيم “توهان پنهنجو ڪم آفيس ۾ به ويهي ڪري سگهو ٿا”. منهنجو رجب آزاد تي ڪو ٿڌو ٿورو ڪو نه هو بلڪه منهنجو اخلاقي فرض هيو ۽ ان ڳالهه جي سُڌ هئي ته هي سنڌي ادبي سنگت جو گھڻگهرو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو وفادار رهيو آهي هي ضلعي رابطاسيڪريٽري رهندي به پاڻ کي ادبي سنگت جو ادنيٰ ڪارڪن ئي سمجهندو رهيو آهي.
پاڻ به هر ڪنهن سان تعاون ڪندو آهي. مون جيڪا سندس اخلاقي سپورٽ ڪئي اگر مان ائين نه به ڪيان ها ته رجب آزاد مُڙي وري به ڪو نه ها. بقول نيلسن منڊيلا جي ته : “هر شيءِ هميشه ناممڪن لڳندي آهي جيستائين ڪير ان کي ممڪن نه ٿو بڻائي” ۽ رجب آزاد هن ڏکئي ڪم کي ممڪن بڻائي اهو ثابت ڪيو آهي.
انهن دوستن لاءِ جن کي ادبي دنيا ۾ هن اڳتي آندو سي هن ڪم ۾ ان جا دلي خيرخواه نه هئا، تن سندس ڪم ۾ ڪجهه سوايون رنڊڪون وڌيون هيس. پر هي ته اهو به ثابت ڪري چُڪو آهي ته هي نه ٿڪو آهي نه ئي هن جا حوصلا پست ٿيا آهن.
هن تاريخي ڪم تي وري به کيس جس هجي. مان ايتري اميد ڪري سگهان ٿو ته رجب آزاد جون سنڌي ادبي سنگت ضلع دادوءَ لاءِ ڪيل خدمتون ۽ ڪاوشون هميشه ياد رکيون وينديون.

ملڪ وحيد

30 مارچ 2021ع
پوليس هيڊڪوارٽر دادو سنڌ

پنهنجي پاران

مان جڏهن 2003ع ۾سنڌي ادبي سنگت دادوءَ جو سيڪريٽري چونڊجي آيس ته دل ۾ خيال آيو ته، سنڌي ادبي سنگت دادو طرفان ڪو اهڙو ڪتاب اچي جنهن ۾ ماضيءَ ۾ ڪيل ڪارڪردگي، سنگت جي رهندڙ سيڪريٽرين ۽ ميمبرن بابت رڪارڊ هجي. هن سلسلي ۾ مون اڳ به ڪوشش ورتي هئي ۽ ڪجھه ڪم به ڪيو هو، پر منهنجو ٽينيوئر (مدو) پورو ٿي ويو ۽ ڪم اڌ ۾ رهجي ويو ۽ چارج ڏيڻ سان اهو نامڪمل ڪم پڻ سنگت جي آفيس ۾ چارج سان گڏ ڇڏي آيو هوس.
سال 2015ع ۾ جڏهن ضمير ڪوريجي سان سنگت سٿ ۾ شامل ٿيس ته ضمير ڪوريجو ان ڪم کي ٻيهر ڪرڻ لاءِ اتساهيو، ۽ مان مسلسل محنت سان مواد گڏ ڪرڻ لڳس.
مواد گڏ ڪرڻ جو اهو سلسلو هلندو رهيو پر دوستن وٽان موٽ گھٽ پئي ملي ۽ ڪم سست رفتاري سان پئي هليو.
سال 2017ع ۾ جڏهن ضلع رابطا سيڪريٽري چونڊجي آيس ته ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳس، ۽ پوءِ صرف دادو شاخ کان اڳتي نڪري سڄي ضلعي دادو جي ادبي سنگت جي شاخن تي ڪم ڪرڻ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، جنهن کي ڪتابي صورت ۾ اوهان آڏو پيش ڪري خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. هي ڪتاب حرف آخر ناهي ممڪن آ ته ٻيو ڪو دوست مون کان به وڌيڪ اڃان ڪا سٺي شيءِ سنگت بابت لکي سگھي، ۽ اهو به ممڪن آهي ته ڪيترا دوست متان رهجي به ويا هجن. مون کي جنهن به دوست کان جيڪو به نالو ملي پيو ان بابت تعارف هٿ ڪري لکيو اٿم. هن ڪم لاءِ ڪيترن دروازن تي وڃڻو پيو آهي، ڪيترن دوستن کان فون ذريعي مواد حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ دوستن کان انٽرنيٽ ذريعي پڻ مواد حاصل ڪيو آهي. مزي جي ڳالهه ته ڪن گذاري ويل اديبن جي قبرن جي ڪتبن تان به مدد حاصل ڪئي وئي آهي.
اگر ان جي باوجود ڪابه ڪوتاهي رهجي وئي آهي ته ان جي نشاندهي ڪرڻ اوهان جو ادبي فرض آهي ته جيئن مان ذاتي طور تي انهن دوستن بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيان ۽ ٻئي ايڊيشن ۾ ان کي شامل ڪري سگھان. ٿورائتو سنگت جي سڀني دوستن ضمير ڪوريجو، عمران سومرو، نياز جويو، نور محمد سومرو ۽ ملڪ وحيد جو جيڪي مون کي همت ۽ حوصلو ڏياريندا رهيا. بيحد ٿورائتو ادي وقار علي سولنگيءَ (وڪيل) جو جنهن هي سمورو ڪتاب ڪمپوز ڪري ڏنو ۽ منهنجي ڪچي ڦڪي لکت کي سمجھي ڪتاب کي پايه تڪميل تائين پهچايو.


رجب آزاد

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو وجود ۾ اچڻ

سنڌي ادبي سنگت جي قيام کان اڳ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ادبي بزمون ۽ انجمنون فعال هيون جيڪي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ سرگردان هيون. ان وقت ترقي پسند ليکڪن جي هڪ جماعت جو پڻ پتو پوي ٿو جيڪا سنڌ جي ترقي پسند ۽ روشن خيال اديبن ٺاهي هئي. ممڪن آهي ته انهن اهو به سوچيو هجي ته اهڙي ڪا تنظيم ٺاهجي جيڪا سنڌ ۾ جديد ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. انهن اديبن پنهنجي خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ خط و ڪتابت ذريعي به هڪ ٻئي سان رابطا ضرور ڪيا هوندا جنهن جو مثال هي خط به آهي.
ناميارو ليکڪ ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي ڪتاب “سنڌي ادبي سنگت هڪ تحريڪ” جي صفحي نمبر 90 تي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو جي خط جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو موصوف 1945ع تي مهراڻ رسالي ڏانهن لکيل هو. جنهن ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب سنڌي اديبن کي گڏ ڪرڻ لاءِ گذارش ڪري ٿو. لکي ٿو ته: “اچو يارو، هندو مسلم ڀائرو ته هڪ ٻئي سان ملي مهراڻ جي وسيلي اهڙي ادبي سنگت، ادبي ياري يا جمعيت ٺاهيون جنهن کي ملڪ جي ادبي اُنتيءَ جو اونو هجي.” ممڪن آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي قيام لاءِ اهو خط به ڪارائتو ثابت ٿيو هجي.
تاريخي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو قيام 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو اڳ ٿيو. جنهن لاءِ اسان جي ترقي پسند، سڄاڻ ۽ روشن خيال اديبن ڪجهه وقت کان ڪوششون پئي ڪيون. جن ۾ اڪثريت ڀائيبند اديبن جي هئي. تن وقتاً فوقتاً گڏجاڻيون ڪري هن وڏي ڪم کي پايئه تڪميل تي پهچايو. ان وقت جي ماهوار مئگزين “نئين دنيا” آگسٽ 1947ع جي پرچي ۾ ان قسم جي خبر شايع ٿيل آهي جنهن جو عڪس ڊاڪٽر ادل سومري صاحب پنهنجي ڪتاب “سنڌي ادبي سنگت هڪ تحريڪ” جي صفحي نمبر 95 تي ڏنو آهي. خبر ۾ لکيل آهي ته: “گذريل آرتوار تي ڪراچيءَ جي سنڌي ليکڪن جو ميڙ “بايرس اينڊ شپرس” چيمبر ۾ پروفيسر منگھا رام ملڪاڻي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جتي پروفيسر ايم ـ يو ملڪاڻي، لال چند امرڏ نومل، آسانند مامتورا، چوهڙمل هندوجا، منوهرداس ڪوڙومل، تيرٿ سڀاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، بهاري ڇاٻڙيا، آنند گولاڻي، ڪيرت ٻاڀاڻي، موهن پنجابي، ڀڳوان لالواڻي ۽ ٻيا ڪيترا جهونا خواه نوان سنڌي ليکڪ حاضر هئا. ان موقعي تي جناب گوبند مالهيءَ ترقي پسند ادب جي باري ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا، جنهن کان پوءِ منوهرداس ڪوڙي مل، آسانند مامتورا ۽ پروفيسر ملڪاڻيءَ به پنهنجا رايا پيش ڪيا آخر ۾ ليکڪن کي جماعت بندي ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ “سنڌي ادبي سنگت” جي نالي سان هڪ جماعت برپا ڪئي وئي. جيسين سنگت جون چونڊون ٿين ڪاروبار هلائڻ ۽ جوڙ جڪ ٺاهڻ لاءِ پنجن ڄڻن پروفيسر منگھا رام ملڪاڻي، آسانند مامتورا، چوهڙ مل هندوجا، بهاري لال ڇاٻڙيا ۽ گوبند مالهي (ڪنوينر) جي عارضي ڪاميٽي ٺاهي وئي. هي جماعت سڄي سنڌ جي ليکڪن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي اميد آهي ته ٻين شهرن ۾ به اهڙي قسم جون جماعتون جلد قائم ٿينديون. شڪارپور مان شيخ اياز جو احوال آيل آهي ته هو اپر سنڌ ۾ ترقي پسند ليکڪن جي جماعت بندي ڪري رهيو آهي. هو پنهنجي ڪوششن ۾ گھڻي حد تائين ڪامياب ٿيو آهي سربستو احوال آئنده اشاعت ۾ ڏنو ويندو.”
اهڙيءَ طرح آگسٽ 1947ع ۾ چونڊون ڪرايون ويون جن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي پهرين باڊي تشڪيل ڏني وئي. جنهن ۾ صدر ماستر آسانند مامتورا، نائب صدر پروفيسر منگھارام ملڪاڻي، جنرل سيڪريٽري گوبند مالهي، جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز ۽ بهاري لال ڇاٻڙيا چونڊيا ويا. ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي لال چند امر ڏنومل جڳتياڻي، سوڀو گيانچنداڻي، شيخ عبدالرزاق راز چونڊيا ويا. هتي اها ڳالهه واضح ڪجي ٿي ته 03 آگسٽ 1947ع جي نئين دنيا جي عڪس ۾ وائيس پريزيڊنٽ شيخ اياز جو نالو ڏنل آهي ۽ ليبريرين لاءِ ايسر ڪلياڻي شامل ڪيل آهي. اهڙي طرح مينيجنگ ڪاميٽيءَ ۾ احسان بدوي، ديو سڀاڻي، موهن پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، چوهڙ مل هندوجا ۽ پروفيسر ايم ـ يو ملڪاڻيءَ جا نالا به ڏنل آهن. پر ڊاڪٽر ادل سومري ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ هيٺين باڊي واضح نموني ڏنل آهي.

آسانند مامتورا: صدر
پروفيسر منگھارام ملڪاڻي: نائب صدر
گوبند مالهي: جنرل سيڪريٽري
شيخ اياز ۽ بهاري لال ڇاٻڙيا: جوائنٽ سيڪريٽري

ڪاروباري ڪاميٽي
لال چند امر ڏنومل جڳتياڻي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ شيخ عبدالرزاق راز جن جا نالا شامل آهن.
وري ساڳئي رسالي نئين دنيا ۾ مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو ميڙ 13 تاريخ تي ديو سڀاڻيءَ وٽ ڪيو ويو. جتي ادبي سنگت جي سرگرمين جو پروگرام ٺاهيو ويو . جنهن جا مکيه اسم هيٺيان آهن.
1. هر هفتي ادبي ڪلاس ڪيو وڃي جتي سنڌي ليکڪن جا مضمون، ليکڪ يا آکاڻيون پڙهيون وڃن ۽ انهن تي تنقيد ڪئي وڃي جيئن صحيح تنقيد جو مادو سنڌي اديبن ۾ پيدا ٿئي.
2. هڪ مڪمل لئبريري ٺاهي وڃي ته جيئن ميمبرن کي نڪرندڙ ادب جو پتو پوي.
3. وقت به وقت ايڪسسڪرشن ڪري ميمبرن ۾ ميل ميلاپ وڌائڻ گھرجي.
4. تُــزُ اکر ڳولڻ لاءِ اکر چونڊ ٻاري ٺاهي وڃي جنهن جو ڪم سڀاڻيءَ کي سپرد ڪيو ويو.
وري هڪ ٻئي خبر ادبي ڪلاس جي به ساڳئي هنڌ تي ڏنل آهي. جيڪا 20 تاريخ تي ٿي آهي. خبر جو عنوان “ادبي ڪلاس” واضع نموني لکيل آهي. لکيل آهي ته “سنڌي ادبي سنگت جو پهريون ڪلاس هندستاني ساهتيه آستان جي آفيس ۾ 20 تاريخ شري آسانند مامتورا جي صدارت هيٺ ٿيو شيخ اياز جو مضمون غلطي يا غلطفهمي (جيڪو ايندڙ مهيني جي نئين دنيا ۾ شايع ٿيندو)”.
اهڙيءَ طرح سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازيءَ لاءِ سڄاڻ ۽ روشن خيال اديبن سان رابطا ڪيا ويا. اسان جا ڪي ليکڪ سنگت جي وجود ۾ اچڻ جو سال 1952ع ته ڪي وري 1956ع پڻ چون ٿا. پر سواءِ هڪ ٻن جي ٻيا سڀ اديب 1947ع تي متفق آهن، ڇو ته ڊاڪٽر ادل سومري جي ڪيل گوبند مالهيءَ سان خط و ڪتابت ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين جا انٽرويو ۽ لکتون 1947ع جو سال ظاهر ڪن ٿيون. شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، تاج بلوچ جي لکتن ۾ به سنگت جي قائم ٿيڻ جو سال 1947ع آهي. ايترو ضرور آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لڏ پلاڻ شروع ٿي جنهن ڪري اسان جا هندو اديب هندوستان لڏي ويا جنهن ڪري ڪجھه ڪم ۾ ٿـڌائي ضرور ٿي جيڪا اڳتي هلي تحرڪ ۾ آئي ۽ 1952ع ۾ محترم نور الدين سرڪي ۽ عبدالغفور انصاريءَ جي دلچسپيءَ سان ادبي سنگت نئين سر ترتيب ۾ آئي ۽ پوءِ سڄي سنڌ ۾ شاخن کلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ڪيترائي ناميارا شاعر ۽ اديب بزمن ۽ انجمنن کي ڇڏي سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ادبي سنگت جون شاخون قائم ڪرڻ لڳا ۽ ڪن وري پنهنجن بزمن جا نالا مٽائي سنڌي ادبي سنگت رکيا.
11 آڪٽوبر 1952ع تي ڪراچيءَ ۾ ادبي سنگت جي گڏجاڻي نور محمد دائود پوٽي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ محترم احسان بدوي سنگت جي جوڙ جڪ پڙهي منظور ڪرائي جنهن کان پوءِ چونڊن جو مرحلو آيو، جنهن ۾ گڏيل راءِ سان هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
احسان بدوي سيڪريٽري
عبدالغفور انصاري جوائنٽ سيڪريٽري
فتح محمد سنديلو خزانچي
ڪاروباري ڪاميٽي تي هادي بخش لاڙڪ، غلام النبي ڏوگر، شمشاد جوڻيجو ۽ نجم عباسي کنيا ويا.
اها ڳالهه چٽي آهي ته 1952ع واري چونڊيل باڊي ادبي سنگت مرڪز جي آهي. مطلب ته سنڌي ادبي سنگت جو وجود هڪ روشن لاٽ مثل هو جنهن جي روشني سڄي سنڌ ۾ پکڙجڻ لڳي هئي پوءِ ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌيڪ.
1952ع دوران سنڌ جي ترقي پسند اديبن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ادبي سنگت جون شاخون جيڪي قائم ڪيون تن جي باري ۾ به اهڙو ڪو رڪارڊ نه ٿو ملي سگھي ته اهي ڪيترو فعال هيون. البته ڪن ضلعن ۾ سنگت جي سرگرمين جو پتو پوي ٿو.
سنڌي ادبي سنگت جي باقاعدي تنظيم سازي 1956ع کان ملي ٿي. جنهن جو رڪارڊ به موجود آهي. ان حوالي سان ادبي سنگت سنڌ هڪ سرگرم جماعت طور 1956ع کان ئي پنهنجو سفر شروع ڪيو.
17 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌ مدرسي ۾ ع ـ ق شيخ جي صدارت ۾ سنگت جي جوڙ جڪ ۽ ٻين معاملن بعد ساليانيون چونڊون ڪيون ويون جنهن ۾ اياز قادري (سيڪريٽري جنرل)، شمشير الحيدري (جوائنٽ سيڪريٽري)، موتي رام رامواڻي (خزانچي) ۽ ع ـ ق شيخ (آڊيٽر) چونڊيا ويا. هن ڪنوينشن ۾ سڄي سنڌ جي 11 ضلعن مان 33 عيوضين شرڪت ڪئي. اهڙيءَ طرح سنگت جو هي قافلو اڳتي وڌڻ لڳو.
ڪجھه وقت کان پوءِ اياز قادري صاحب استعيفا ڏني جنهن کان پوءِ قائم مقام سيڪريٽري محترم شمشير الحيدري 1966ع تائين رهيو. ان وچ ۾ سنگت جي گھڻ گھرن سان گڏجي 02 جون 1965ع تي “سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860 XXI” تحت جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز حيدرآباد ۾ رجسٽريشن نمبر 727 تحت سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي رجسٽرڊ ڪرايو ويو.
سنڌي ابي سنگت نه صرف ادب ۽ ٻولي لاءِ پئي جاکوڙيو آهي پر هن سنڌ جي وحدت ۽ بقا لاءِ هر دور ۾ پنهنجو مزاحمتي ڪردار ادا پڻ ڪيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته ون يونٽ خلاف تحريڪ کان ويندي هر سنڌ مخالف سرگرميءَ خلاف سنڌي ادبي سنگت عملي طور اڪيلي سر نه صرف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي پر سنڌ ۽ سنڌي قوم جي فائدي لاءِ هلندڙ تحريڪن سان سهڪاري پڻ رهي آهي.

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽرين ۽ ٻين عهديدارن جو تفصيل

1. 17 آڪٽوبر 1956ع
ڊاڪٽر اياز قادري (سيڪريٽري جنرل)، شمشير الحيدري (جوائنٽ سيڪريٽري)، موتي رام راهواڻي (خزانچي)، ع ـ ق شيخ (آڊيٽر) ڪجهه مهينن کانپوءِ اياز قادري استعيفا ڏني جنهن کان پوءِ لڳاتار ڏهه سال شمشير الحيدري سنگت جون واڳون سنڀاليون ۽ سنگت کي رجسٽر ڪرايو.

2. 12 آڪٽوبر 1966ع
تنوير عباسي (سيڪريٽري جنرل)، پروانو ڀٽي (جوائنٽ سيڪريٽري)، حميد سنڌي (خزانچي)، تاج بلوچ (آڊيٽر).

3. 1970ع
رشيد ڀٽي (سيڪريٽري جنرل)، تاج بلوچ (جوائنٽ سيڪريٽري)، محمد بخش سومرو (خزانچي)، منير سنڌي (آڊيٽر).
1979ع ۾ رشيد ڀٽي کان استعيفا ورتي وئي ۽ تاج بلوچ قائم مقام سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ هن پورا 05 سال اليڪشن نه ڪرائي. آخرڪار تاج بلوچ کي اليڪشن لاءِ زور وڌو ويو ۽ هن 1983ع ۾ اليڪشن ڪرائي.

4. 05 آگسٽ 1983ع
تاج جويو (سيڪريٽري جنرل)، شفيع محمد مخفى (جوائنٽ سيڪريٽري)، علي نواز ڦل (خزانچي)، امين ڀٽو (آڊيٽر).

5. 09 آگسٽ 1985ع
تاج جويو (سيڪريٽري جنرل ٻيو دفعو)، اياز گل (جوائنٽ سيڪريٽري)، رسول بخش درس (خزانچي)، اسير ملاح (آڊيٽر).

6. 01 اپريل 1988ع
غلام حسين رنگريز (سيڪريٽري جنرل)، راشد مورائي (جوائنٽ سيڪريٽري)، گل ملاح (خزانچي)، اختر درگاهي (آڊيٽر).

7. 23 مارچ 1990ع
تاج جويو (سيڪريٽري جنرل ٽيون دفعو)، اياز گل (جوائنٽ سيڪريٽري)، نياز پهنور (خزانچي)، پارس حميد (آڊيٽر).

8. 22 مئي 1992ع
ادل سومرو (سيڪريٽري جنرل)، منٺار سولنگي (جوائنٽ سيڪريٽري)، غلام النبي ناشاد (خزانچي)، نعيم شيخ (آڊيٽر).

9. 03 جون 1994ع
ڊاڪٽر شمس سومرو (سيڪريٽري جنرل)، ممتاز بخاري (جوائنٽ سيڪريٽري)، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال (خزانچي)، آزاد انور ڪانڌڙو (آڊيٽر).
ڪجھه وقت هلي شمس سومري استعيفا ڏني ۽ ممتاز بخاري قائم مقام سيڪريٽري جنرل رهيو.

10. 08 نومبر 1996ع
اياز گل (سيڪريٽري جنرل)، وسيم سومرو (جوائنٽ سيڪريٽري)، غلام النبي ناشاد (خزانچي)، معشوق ڌاريجو (آڊيٽر).

11. 13 ڊسمبر 1998ع
مختيار ملڪ (سيڪريٽري جنرل)، ضراب حيدر (جوائنٽ سيڪريٽري)، اختر درگاهي (خزانچي)، اصغر سجاڳ (آڊيٽر).

12. 19 فيبروري 2001ع
ادل سومرو (سيڪريٽري جنرل ٻيو دفعو)، گل ڪونڌر (جوائنٽ سيڪريٽري)، آزاد انور ڪانڌڙو (خزانچي)، اسد سولنگي (آڊيٽر).

13. 14 ڊسمبر 2003ع
تاج جويو (سيڪريٽري جنرل)، رياضت ٻرڙو (جوائنٽ سيڪريٽري)، آصف مٺياڻوي (خزانچي)، نور چاڪراڻي (آڊيٽر).

14. 19 جنوري 2006ع
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال (سيڪريٽري جنرل)، ڊاڪٽر مشتاق ڦل (جوائنٽ سيڪريٽري)، معشوق ڌاريجو (خزانچي)، غلام محمد غازي (آڊيٽر).

15. 27 اپريل 2008ع
يوسف سنڌي (سيڪريٽري جنرل)، محمد علي مانجھي (جوائنٽ سيڪريٽري)، زيب نظاماڻي (عورت ج س)، جبار ملاح (خزانچي)، منظور اڄڻ (آڊيٽر).

16. 11 جولاءِ 2010ع
ڊاڪٽر مشتاق ڦل (سيڪريٽري جنرل)، مشتاق بخاري (جوائنٽ سيڪريٽري)، مهرالنساء لاڙڪ (عورت ج س)، نبي بخش ناز (خزانچي)، بشير منگي (آڊيٽر).

17. 14 اپريل 2013ع
ڊاڪٽر مشتاق ڦل (سيڪريٽري جنرل)، ملهار سنڌي (جوائنٽ سيڪريٽري)، مهرالنساء لاڙڪ (عورت ج س)، نبي بخش ناز (خزانچي)، رضا ڏاهري (آڊيٽر).

18. 14 اپريل 2015ع
ڊاڪٽر مشتاق ڦل (سيڪريٽري جنرل)، پريل دايو (جوائنٽ سيڪريٽري)، مهرالنساء لاڙڪ (عورت ج س)، ذوالفقار گاڏهي (خزانچي)، فقير محمد انڙ (آڊيٽر).

19. 06 آگسٽ 2017ع
احمد سولنگي (سيڪريٽري جنرل)، زاهد راڄپر (جوائنٽ سيڪريٽري)، نسرين الطاف (عورت ج س)، عرس اوٺو (خزانچي)، ڄام محبت سهتو (آڊيٽر).

احمد سولنگي جي چونڊجڻ کان پوءِ چونڊيل باڊي جيڪا ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي اثر هيٺ هئي تنهن ساڻس تعاون نه ڪيو ۽ هارايل اميدوار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان ملي ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنگت کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ 04 مارچ 2018ع تي سنڌي ادبي سنگت جو نيو سعيدآباد ۾ غيرقانوني ۽ غير آئيني اجلاس ڪوٺائي غلط فيصلا ڪيا ويا جنهن تحت احمد سولنگيءَ کي هٽائي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي سيڪريٽري جنرل ٺاهيو ويو ۽ ٻيا عهديدار ساڳيا رهيا.
هن کان اڳ چونڊجي آيل سيڪريٽري جنرل احمد سولنگيءَ 18 مارچ 2018ع تي سنڌي ادبي سنگت جي اجلاس جو سڏ ڏنو هو پر ڊاڪٽر مشتاق ڦل آئين کي سپوتاز ڪري اڳواٽ اجلاس ڪوٺائي سنگت کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. سندن ڪوٺايل نيو سعيدآباد واري اجلاس ۾ هٿرادو ماڻهو ويهاريا ويا هئا جن جو سنڌي ادبي سنگت سان ڪوبه تعلق به هو. البته ايترو ضرور آهي ته ڪجھه اصلوڪيون شاخون جن جو تعداد 15 کان به گھٽ هيو سي غير آئيني اجلاس جو حصو رهيون. هنن دوستن ٻي چالاڪي اها ڪئي ته پهريون اجلاس جيڪو احمد سولنگيءَ ڪوٺايو هيو ان جي صحيحن وارو رجسٽر پريس ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته ان جڙتو اجلاس ۾ سنگت جون اصل شاخون تمام گھٽ شريڪ ٿيو ن هيون.

20. 11 آڪٽوبر 2020ع
احمد سولنگي (سيڪريٽري جنرل)، اعجاز شاهه (جوائنٽ سيڪريٽري)، ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ (عورت ج س)، مارو جمالي (خزانچي)، سجاد ميراڻي (آڊيٽر).
هن سال واري اليڪشن جي خاص ڳالهه اها آهي ته سدائين پينل جو پينل کٽي ايندو آهي، پر هن ڀيري مارو جمالي خزانچي ۽ سجاد ميراڻي آڊيٽر آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ چونڊجي آيا. جيڪو هڪ سٺو سنئوڻ آهي.
هن ڳالهه مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ادب جا سچا تخليقڪار ۽ سنگت جا متحرڪ ڪارڪن پيئنلن جي محتاجيءَ کان آزاد ٿي به اليڪشن کٽي سگھهن ٿا.

قصو سنڌي ادبي سنگت کي ٻه اڌ ڪرڻ جو

سال2017ع جي چونڊ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جي ڊاڪٽر بلوچ هال ۾ 06 آگسٽ 2017ع تي ٿي جنهن ۾ سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي چونڊجي آيو جڏهن ته سندس پينل جا ٻيا سڀ اميدوار ڊاڪٽر رخسانا پريت چنڙ، مير حاجن مير، پريم پتافي ۽ جبار ملاح هارائي ويا. احمد سولنگيءَ جي مقابلي ۾ سيڪريٽري جنرل جو اميدوار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال خود يارهن ووٽن تان هارائي ويو، جڏهن ته سندس پينل جا ٻيا سڀ اميدوار، محترمه نسرين الطاف، زاهد راڄپر، عرس اوٺو ۽ ڄام محبت سهتو ڪامياب ٿيا.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل صاحب کان پنهنجي پينل جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار جي شڪست برداشت نه ٿي ۽ هو احمد سولنگيءَ کان سواءِ چئني ڪامياب اميدوارن جو الڳ ڦوٽو سيشن ڪرائي کين موقعي تان وٺي هليو ويو، جيڪا ڳالھه جهموري عمل جي خلاف هئي. سيڪريٽري جنرل احمد سولنگيءَ سندن ساٿ حاصل ڪرڻ لاءِ هرهڪ جي ڳوٺ هار پارائڻ به ويو هو ۽ هنن سان ٻه گڏجاڻيون 12 آگسٽ 2017ع تي ٽنڊي محمد خان تي ۽ 12 آڪٽوبر 2017ع تي جم خانا حيدرآباد ۾ ڪيون. مرڪزي عهديدارن ٽن پروگرامن ۾ سندس ساٿ ڏنو. پر اڳتي هلي مزو نه ٿيو. اليڪشن کٽن کان پوءِ ڊاڪٽر مشتاق صاحب چارج ڏيڻ لاءِ دلي طور تي راضي نه هو. ليڪن جيئن تيئن ڪري چارج ڏيڻ وٺڻ وارو عمل به 10آگسٽ 2017ع تي خير سان هڪ مهيني چار ڏينهن بعد عمل ۾ آيو هو ۽ چارج واري عمل وقت ٻيا اميدوار احمد صاحب سان پڻ گڏ هئا.
اختلاف جو ٻيو وڏو سبب پريس ترجمان جي مقرري هئي، جيڪا آزاد انور ڪانڌڙي جي حصي ۾ آئي هئي. جنهن تي پڻ ڊاڪٽر ڦل صاحب کي اعتراض هو، جڏهن ته پريس ترجمان رکڻ ۽ هٽائڻ جا اختيار سيڪريٽري جنرل وٽ آئين ۾ خود ڊاڪٽر ڦل صاحب ئي ترميم ڪرائي پاڻ وٽ رکيا هئا.آزاد انور ڪانڌڙي تي اعتراض جو وڏو سبب اهو هو جو هو ڪيترائي سال هڪ مضبوط حزبِ اختلاف اڳواڻ رهيو هو.
ڊاڪٽر مشتاق ڦل صاحب پنهنجا اختيار ۽ اقتدار ويندو ڏسي پنهنجي چئني عهديدارن کي ريموٽ تي هلائڻ لڳو ۽ هو سيڪريٽري جنرل احمد سولنگيء کان سئو ڪوهن جي فاصلي تي بيٺل رهيا. نيٺ ميڙن منتن ۽ ايلازن بعد مس وڃي اجلاس لاء راضي ٿيا ۽ 18فيبروري 2018ع تي سنگت سنڌ جي ڪاروبار ڪاميٽيءَ جو اجلاس سنگت سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل پنهنجي دل جو دفتر کولي رکيو. اجلاس ۾ بدمزگي تڏهن پيدا ٿي جڏهن لڳ ڀڳ ٽيهن شاخن کي الحاق ڏنا ويا، جن ۾ اهي شاخون به شامل هيون، جيڪي انتقامي طور تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ سندس اثر هيٺ رهندڙ سيڪريٽرين ختم ڪيون هيون. وڏي هل هنگامي کانپوءِ اهو طئي ڪيو ويو ته سڀئي چونڊيل عهديدار گڏجي ان مسئلي کي حل ڪندا، پر اهو ڏينهن وري نه آيو جنهن ۾ عهديدار پاڻ ۾ ڪٿي گڏجن ۽ اهو مسئلو حل ڪن. جڏهن اختلاف وڌي وڻ ٿي ويا ته سيڪريٽري جنرل احمد سولنگيءَ 18مارچ 2018ع تي سنگت سنڌ جو ٻيهر اجلاس طلب ڪيو، ليڪن هن کان اڳ 04 مارچ 2018ع تي نيو سعيد آباد ۾ عبد راشدي جي صدارت ۾ اجلاس ڪوٺائي زاهد راڄپر کي قائم مقام سيڪريٽري جنرل مقرر ڪري غير آئيني عمل تحت اجلاس سڏايو ويو، جنهن ۾ هارايل اميدوار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي سيڪريٽري جنرل مقر ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنگت جي اصلوڪين شاخن مان ويهن جي لڳ ڀڳ شاخن شرڪت ڪئي هئي جيڪي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي اثر ۾ هيون، باقي جڙتو ۽ هٿرادو شاخون خانه پوريءَ طور ڏيکاريون ويون هيون. ان کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ اصلي شاخن جي جاءِ تي متبادل سٽي شاخون قائم ڪيون ويون. اهڙي طرح سنگت جي وحدت تي وار ڪري کيس ٻه اڌ ڪيو ويو.
ٻئي طرف چونڊيل سيڪريٽري جنرل احمد سولنگيءَ 18مارچ تي سڏايل اجلاس مقر ر تاريخ تي اعجاز شاه جي صدارت ۾ ڪوٺايو جنهن ۾ سنگت کي ٻه اڌ ڪندڙن عهديدارن ۽ سندن غير آئيني عمل ۾ ساٿ ڏيندڙ ميمبرن ۽ عهديدارن جي ميمبر شپ رد ڪئي وئي، سواءِ محترمه نسرين الطاف جي جنهن سندن ان عمل ۾ ساٿ نه ڏنو هو. ان کانپوءِ خالي ٿيل عهدن کي ڀرڻ ۽ سنگت جو ڪار وهنوار هلائڻ لاء ٻيهر هيٺين عهدن تي چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ چونڊ ڪاميٽيءَ تي محترمه زيب نظاماڻي، محترم سليمان ڏاهري ۽ محترم غلام مصطفي سولنگيءَ کي مقرر ڪيو ويو. چونڊ جي تاريخ 22 اپريل 2018ع مقرر ڪئي وئي. چونڊن ۾ ڪيترن ئي دوستن فارم ڀريا ۽ چونڊ عمل هلندي ڪجهه دوست هٿ به کڻي ويا. محترم ايوب کوسو جوائنٽ سيڪريٽريءَ تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيو ۽ محترم بخشل باغي آڊيٽر تي بنامقابلي چونڊجي آيو. باقي خزانچي جي عهدي لاءِ محترم پريم پتافي ۽ محترم معصوم بخاريءَ جي وچ ۾ ووٽنگ ٿي جنهن ۾ پريم پتافي صاحب ڪامياب ٿيو.
سنڌي ادبي سنگت کي هڪ ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مثبت سوچ رکندڙ اديبن ڪوششون ڪيون، ليڪن ڪامياب نه ٿيون. سڀني کان آخر ۾ مزاحمتي شاعر مهر ڊٻائيءَ ڪوشش وٺي محترم زين شاه وٽ مجيد ڪيريو ۾ ڌرين کي گڏ ڪيو، ڳالهيون ٿيون ۽ ڪنهن قدر ڪامياب به ٿيون ليڪن ٻنهي ڌرين اڳتي هلي عمل ۾ ڪوتاهي ڏيکاري ۽ جنهن جي نتيجي ۾ سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي عدالت ۾ ويو. عدالت سڳوريءَ سندس حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ کيس 2020ع جي چونڊ ڪرائڻ جا اختيار پڻ ڏنا. ليڪن چونڊ ۾ مخالف ڌر حصو نه ورتو ۽ تنازعو اڄ تائين برقرار رکيو پئي اچي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل صاحب بظاهر ته خاموش آهن پر اندر ئي اندر محترم پريل دايي کي اڳيان آڻي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو پاڻ کي سيڪريٽري جنرل سڏائي ٿو ۽ ٻين عهديدارن ۾ محترمه نظير ناز، خاڪي جاني ۽ نعيم ملڪ شامل آهن جيڪي ڪووڊ 19 دوران آن لائين اليڪشن دوران چونڊيل ٻڌايا وڃن ٿا. هيءَ ڳالهه به ڪندو هلان ته ٻيا سڀ عهديدار خاموش آهن البت پريل دايو صاحب پاڻ کي اڪيلي سر سرگرم رکيو پيو اچي.

سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادؤ جون شاخون

سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادؤ ۾ هن وقت ڪل چوڏهن شاخون فعال آهن.
1. سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو.
2. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن.
3. سنڌي ادبي سنگت شاخ پيارو اسٽيشن.
4. سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف.
5. سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتا روڊ.
6. سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ اسٽيشن.
7. سنڌي ادبي سنگت شاخ سوڀو خان مگسي.
8. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿرڙي محبت.
9. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ.
10. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪي اين شاهه.
11. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ.
12. سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي.
13. سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي.
14. سنڌي ادبي سنگت شاخ خدا آباد.
جيئن ته دادو ضلعو پکيڙ جي حوالي سان وڏو ضلعو هيو انڪري هن ضلعي ۾ ڪيتريون ئي ٻيون به شاخون هيون، جن مان سنگت شاخ ڀان ۽ سيوهڻ شريف شاخون دادو ضلعي جي رابطا سيڪريٽريءَ جي اثر هيٺ ڪم ڪنديون هيون. باقي ٻيون شاخون حيدرآباد ضلعي جي رابطا سيڪريٽريءَ جي انتظام هيٺ هيون. سال 2004ع جي ڊسمبر مهيني ۾ دادو ضلعي جي ڪک مان ڄامشورو ضلعو ڪڍيو ويو ته اهي شاخون ڄامشورو ضلعي ۾ شامل ٿي ويون. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڀان ۽ ڪجھه ٻيون شاخون گھڻو عرصو جاري نه رهي سگھيون ۽ ڄامشوري ضلعي ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون هيون.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڀان
هن شاخ جو بنياد 1995ع ڌاري حميد چنه ضلعي رابطا سيڪريٽريءَ جي وقت ۾ پيو. غلام مصطفى سولنگي هن شاخ جو پهريون سيڪريٽري هو جنهن سرگرميون ڏيکاري الحاق منظور ڪرايو. ٻين ميمبرن ۾ ميوو خان جتوئي، پرديپ ڪمار پريمي، رجب ٻگهيو، منظور سولنگي، عاجز الياس ڀٽو، خادم جلباڻي، شعور شاهاڻي، عاجز مصطفى ٿهيم، صديق ملاح، وسيم قادر ۽ ٻيا شامل هئا.
غلام مصطفى سولنگيءَ کانپوء ميووخان جتوئي سيڪريٽري ٿيو.آهستي آهستي هن شاخ جون سرگرميون گهٽجي ويون،ڇاڪاڻ جو غلام مصطفى سولنگي حيدرآباد هليو ويو. اهڙيءَ طرح هي شاخ پنهنجو الحاق وڃائي ويٺي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ
هن شاخ جو بنياد 1986ع تي پرواني سيوهاڻيءَ دوستن جي مدد سان وڌو. جيڪو هن شاخ جو پهريون سيڪريٽري هو. ٻين ميمبرن ۾ نظير حيات سيوهاڻي، پروانو ڀٽي، ناز ڀٽي، نثار اوٺو، اجيت ڪمار، غلام مصطفى بليدي، الهبچايو سنڌي، منظور سحر، اياز سمون ۽ ٻيا شامل آهن. ڪجهه سال هيءَ شاخ سرگرم رهي ليڪن اڳتي هلي پنهنجو الحاق وڃائي ويٺي.
وري پوءِ مير حاجن مير، رجب ٻگهئي، پرواني ڀٽي، همراز ڀٽي، نظيرحيات ۽ ٻين دوست هن شاخ کي ٻيهر سرگرم ڪيو آهي. جڏهن ڄامشورو ضلعو ٿيو ته هيءَ شاخ نئين ضلعي جي حصي ۾ آئي.
زميني حوالي سان دادو ضلعي جون ڪي ٻيون شاخون جيڪي انتظامي حوالي سان حيدر آباد ضلعي ۾ شامل هيون ۽ پوءِ ڄامشوري ضلعي ٺهڻ بعد ڄامشوري ضلعي جو حصو ٿيون.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڀريا وليج (ڄامشورو ڦاٽڪ)
هي شاخ 1988ع تي روشن جسڪاڻي، وزير راهوجو، بشير احمد شيخ، ذوالفقار سهارڻ، بشيراحمد ڪانڌڙي، شهزادي لغاري، مدني مگسي، يونس جويو، علي حسن ملاح، اقبال شيني، سراج تيوڻي، عبد الستار قنبراڻيءَ جن گڏجي قائم ڪئي. ڪجھه دستوري گڏجاڻين کانسواءِ اڳتي وڌي نه سگهي ۽ ختم ٿي وئي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو
هن شاخ 1982ع جي آخر ۾ ڪم شروع ڪيو. نياز پنهور، سائينداد ساند، پرويز پٺاڻ، عابد انڙ، الهڏتو وگهيو، راهي چنا ۽ ٻين اديبن جي مدد سان قائم ٿي. سال 1983ع ۾ هن شاخ کي الحاق مليو. هن جو پهريون سيڪريٽري نياز پنهور هو. سنڌ جا ناميارا ليکڪ هن شاخ جا ميمبر رهي چڪا آهن.

سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي هاسٽل ڄامشورو
هيءَ شاخ 1977ع ۾ سيد علي محمد شاھ لڪياري، عنايت هيسباڻي، نظام جتوئي، قادر بخش جتوئي، مسرور جوڻيجو، هيرا لال، منصورقادر جوڻيجو، غلام الرسول کوسو، حبيب الله ڪابورو، منير سنڌي اشرف ميمڻ، بشير ميمڻ ۽ ٻين دوستن گڏجي قائم ڪئي. شاخ جو پهريو سيڪريٽري علي محمد شاه لڪياري هو. 1979ع ۾ هن شاخ کي الحاق مليو، ان وقت سيڪريٽري منصور قادر هو. سرگرميون قائم نه رکڻ ڪري سندس الحاق رد ڪيو ويو. سال 1983ع ۾ننگر سومري، حليم باغي ۽ ٻين سنگتين هن شاخ کي منظم ڪيو ۽ سال 1984ع تي شاخ جو ٻيهر الحاق حاصل ڪيو. هن شاخ ۾ به ڪيترا ئي سنڌ جا سهڻا ليکڪ ميمبر رهيا.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي
هن شاخ جو بنياد سال1966ع ۾ عبدالله ادسي، علي بابا، شوڪت راهي، جوڳي سروري ۽ ٻين هم خيال دوستن رکيو، شاخ جو پهريون سيڪريٽري ناميارو ليکڪ علي بابا هو. ان بعد اسير ملاح، گل ملاح، غلام الرسول غرق، سرورشيخ، عبدالله ناز دائود پوٽو، سرور نواز، اختر رند، ڪونڌر سنڌي ۽ ٻيا ڪجهه دوست سيڪريٽري رهيا. شوڪت حسين شورو، مشتاق شورو، هارون رند، اختر رند، سرور نواز ٻگهيو، زوار نقوي، دلدار جانوري اهم ميمبر رهيا.
هيءَ شاخ گهڻو عرصو غير سرگرم به رهي پوءِ دادؤ جي دوست محبوب سنڌيءَ هتان جي پراڻن ميمبرن سان گڏجي شاخ کي ٻيهرسرگرم ڪيو ۽ سال 2014ع کان تمام گهڻي سرگرم شاخ آهي.طارق امام جوڻيجو، نعيم ملڪ، صائب ميمڻ، عبدالنبي آزاد، الطاف ملڪاڻي به هن شاخ سان منسلڪ آهن.

سنڌي ادبي سنگت شاخ مانجهند
هن شاخ جو بنياد 1989ع ۾ ڪريم ڏنو ملاح، ايوب عمراڻي، حيدر سنڌي، محمد صالح ميمڻ، سليم شهزاد، شير ملاح، رفيق احمد راز، مجرم سنڌي، وڪيو پيرزادو، قائم چنو ، سليم ميمڻ، عزيز ميمڻ، هاشم ميمڻ ۽ ٻين گڏجي وڌو. شاخ جو پهريون سيڪريٽري ڪريم ڏنو ملاح هو. اها معلومات ڪانه ٿي ملي ته هن شاخ کي الحاق به مليو هو يانه، البت هيءَ شاخ پنهنجو وجود برقرار نه رکي سگهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو
هيءَ شاخ 1976ع کان ڪم ڪرڻ لڳي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، خليل قاضي، غلام النبي ڏيپر، مولابخش جوڻيجو ۽ ٻين گڏجي هن شاخ جو بنياد وڌو.
خليل قاضي پهريون سيڪريٽري هو. ان بعد ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، منصور ملڪ به سيڪريٽري رهيا. ظفر عباسي ۽ ستار رند هن شاخ کي گهڻو سرگرم رکيو. ڪي شاگرد آيا پئي ته ڪي ويا پئي. هيءَ شاخ ڪڏهن گهڻي سرگرم ته ڪڏهن گهٽ سرگرم رهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ مارئي هاسٽل ڄامشورو
هن شاخ جو بنياد 1988ع ۾ رکيو ويو. فردوس مزناڻي ان جي سيڪريٽري هئي. ليلا پروين، گلبدن مصراڻي (جاويد مرزا)، شاهده چنڙ، آمنه ابڙو، شاهده مغل، خديجه مهر ۽ ٻين به ڪيترين ئي اديبائن، جيڪي ان وقت پڙهائيءَ جي سلسلي دوران مارئي هاسٽل ۾ رهائش هيٺ هيون گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪنديون هيون. 1993ع ۾ امر سنڌ‍ؤ ٻيهر هن شاخ کي سرگرم ڪيو ۽ پڪو الحاق ورتو. ليڪن اڳتي هلي هيءَ شاخ سرگرميون جاري نه رکي سگهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو

سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي قيام کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ اديبن ۽ سڄاڻ ماڻهن برانچن قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو. اهڙي طرح سان آهستي آهستي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سنڌي ادبي سنگت جون شاخون قائم ٿيڻ لڳيون. دادؤ ۾ 56-1955ع ۾ سائين تاج صحرائي، علي احمد قريشي، سائين شفيع محمد سولنگي، سائين احمد مجتبى غالب ۽ ٻين گڏجي ادبي سنگت جي برانچ قائم ڪئي ۽ سيڪريٽري سائين غالب ملڪاڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو. (اهو احوال سائين غالب ملڪاڻي جي ڪتاب “يادگيريون” جي صفحي نمبر 150 تي موجود آهي ۽ روبرو ڪچهرين ۾ به سائين غالب صاحب اهي ڳالهيون ڪندا هيا).
سائين غالب ملڪاڻيءَ جي لکت مطابق ته مان سنگت جو ٽن سالن تائين سيڪريٽري رهيس. اها خبر نٿي پئجي سگھي ته سائين غالب صاحب يا ٻيا اديب ڪهڙن ڪهڙن عهدن تي آيا ۽ ڪيترو وقت هيءَ سنگت فعال رهي. ڇاڪاڻ ته ادبي سنگت جي قائم ٿيڻ ڪري هڪ ته نظرياتي ٽڪراءَ پيدا ٿيا هئا. جنهن اديبن ۽ شاعرن کي ڌڙا بنديءَ ۾ ورهايو ويو. اڪثر بزمن ۽ صالح ادب سان تعلق رکندڙ اديبن سنڌي ادبي سنگت کي بي دينن جي جماعت به ڪوٺيو، پر ٻنهين ڌرين پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم جاري رکيو. لکين مخالفتن باوجود به سنڌي ادبي سنگت جون شاخون سڄي سنڌ ۾ قائم ٿي ويون.
مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته 56-1955ع کان سنڌي ادبي سنگت دادو جي شاخ کلي ان ڪهڙو ڪم ڪيو ۽ ڪيترو عرصو ڪيو. جنهن بابت ڪوبه رڪارڊ يا ٻيو ڪو ثبوت فراهم نٿو ٿئي ان ڪري اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته سنگت ڪيترو وقت فعال رهي، البت ايترو ضرور آهي ته شاخ ضرور قائم ٿي هئي.
اهو به هڪڙو سچ آهي ته ادبي سنگت دادو ڪنهن وقت ۾ گھڻو سرگرم ته ڪنهن وقت گھٽ سرگرم رهي آهي.

سنگت دادؤَ جي فعاليءَ جو ٻيو دور
سنگت دادؤ جي فعاليءَ جو ٻيو دور جولاءِ 1963ع کان شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ شوڪت سنڌيءَ دادؤ جي سڀني اديبن، شاعرن ۽ ادب دوستن کي ساٿ ۾ وٺي سنگت شاخ دادؤ کي فعال بڻايو. شوڪت سنڌي جيئن ته تمام گھڻو سوشل هو تنهنڪري هن ادبي سنگت دادؤ کي عروج تي رسايو. مشاعره، مذاڪره ۽ ٻوليءَ بابت ڪانفرنسون ڪوٺايون. هن پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ سنڌي زبان جو ڏهاڙو پڻ ملهايو جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا هئا.
شوڪت سنڌي کانپوءِ ٻيا به ڪيترائي نالا آهن جيڪي سنگت شاخ دادؤَ جا سيڪريٽري رهيا. انهن ۾ سعيد سنڌي، پروفيسر اعجاز قريشي (1970ع)، شمس الدين ملڪاڻي (1971ع)، احمد خان ملڪاڻي (1974ع)، سليم سولنگي، نور گھلو، اطهر منگي، شمس سومرو (جنوري 1975ع)، نازن کيڙو، استاد بخاري ۽ ٻيا جن جو ذڪر ڪڏهن ڪڏهن بزرگن جي واتان ٻڌجي ٿو، پر رڪارڊ موجود نه آهي. جنهن جي آڌارتي چئجي سگھجي ته ڦلاڻي سال ۾ ڦلاڻو سيڪريٽريءَ جي عهدي تي رهيو.
انهن وقتن ۾ ادبي سنگت جون ڇا سرگرميون هيون، ڪيتريون هيون ۽ ڪهڙو سيڪريٽري گھڻو سرگرم هو، ان بابت ڪجھه به چئي نٿو سگھجي. البت ايترو ضرور آهي ته شاخ دادو تمام گھڻو متحرڪ ضرور هئي.
1976ع کان پوءِ ملڪي صورتحال جو اثر سنڌي ادبي سنگت تي به پيو ۽ دادو ادبي سنگت جي اصلوڪي شاخ ڪجھه خاص سرگرميون ڏيکاري نه سگھي هئي، انڪري 1983ع ڌاري علي گوهر سومرو، نور محمد سومرو، ڊاڪٽر ناز ڪاظمي، علي اقبال سولنگي، ادل سولنگي، هوشو سنڌي، فضل لغاري، اميد سنڌي، گلشير سولنگي، شير محمد سومرو، وزير منگي، عباس سولنگي، ۽ ٻين گڏجي ڇاڻو شاهه آباد شاخ برپا ڪري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ادبي پروگرام ڪرڻ لڳا ۽ مرڪز ۾ الحاق لاءِ به درخواست ڏنائون. نامياري شاعر استاد بخاريءَ کين دادو شاخ ۾ ضم ٿيڻ لاءِ چيو جنهن جو چوڻ وٺندي مسٽر علي گوهر سومرو ۽ سندس ساٿي سنڌي ادبي سنگت دادو شاخ ۾ اچي ويا ۽ کين الحاق وٺڻ جي به ضرورت نه پئي.
ڇاڻو شاھ آباد جي نالي سان جيڪا دادؤ شهر ۾ ٻي شاخ کولي وئي هئي، ان جون دستوري گڏجاڻيون علامه آءِ آءِ قاضي لئبريري واري پارڪ ۾ ٿينديون هيون يا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪالوني دادؤ ۾ اطهر منگيءَ جن جي اوطاق تي به ٿينديون هيون. هن شاخ طرفان نالي واري شاعر “اطهر منگي” سان رهاڻ به رچائي وئي هئي. هن دؤر ۾ ميمبرن جو تعداد وڌڻ لڳو هو. سقراط سيتائي، شان راشدي، اختر برهماڻي، علي اڪبر شيخ، شير زمان سومرو سندس ڀاءُ شير احمد سومرو، وفا غلام شبير جمالي، نبي بخش سمون، رشيد تصور سومرو، غلام قادر لغاري، امين چانڊيو (ڊاڪٽر)، ڊاڪٽر روشن ڀٽي، خالد ميمڻ، علي اڪبر شيخ، موليڏنو چنو ۽ عزيز اميرالبحر (شان انقلابي) ۽ ٻيا به ڪيترا اديب ۽ ادب دوست شامل ٿيا ۽ هتان کان سنڌي ادبي سنگت شاخ دادؤ جو ٽيون دور شروع ٿئي ٿو.

سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ٽيون دور
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڇاڻو شاهه آباد ۽ دادو شهر جي اصلوڪي شاخ جي ميمبرن طرفان سال 1983ع ۾ اليڪشن ڪرائي وئي. جنهن ۾ شان راشديءَ کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. شان راشدي نامياري شخصيت پير علي محمد راشديءَ جو فرزند هو 1983ع کي آخر ۾ هو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. سندس سرگرميون ادبي سنگت مان گھٽجي ويون ۽ سال 1984ع لاءِ اليڪشن ڪوٺائي وئي جنهن ۾ محترم سقراط سيتائي سيڪريٽري چونڊجي آيو.

سنڌي ادبي سنگت شاخ دادؤ جي رهندڙ سيڪريٽرين جي ڪارڪردگي

سال 86 . 1985ع
سال 1986. 1985ع ۾ علي گوهر سومرو کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. ٻين عهدن تي مقبول گھلو جوائنٽ سيڪريٽري، ادل سولنگي خزانچي، شان انقلابي (عزيز اميرالبحر) آڊيٽر چونڊيا ويا. علي گوهر سومري جي محنت ۽ دوستن جي جاکوڙ سان ان وقت جي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي چيئرمين محترم آخوند شڪيل احمد کان سنگت دادو لاءِ موجوده آفيس ملي ۽ فرنيچر وغيره لاءِ 10 هزار روپيه ڪيش به ملي. اهڙيءَ طرح سان ڪجھه ٻين دوستن ان آفيس کي سهڻو بنائڻ لاءِ پڻ مدد ڪئي ۽ لئبريري لاءِ ڪتاب به ڏنا.
دادو ادبي سنگت سنڌ ۾ واحد ادبي سنگت هئي جنهن کي پنهنجي آفيس هئي، جنهن ۾ گڏجاڻيون وغيره ۽ ڪجھه ننڍا وڏا پروگرام منعقد ٿيندا هئا. محترم علي گوهر سومري سنگت کي تمام گھڻو فعال رکيو ۽ ڪيترائي پروگرام ڪرايا جن مان ڪجھه هيٺ ڏجن ٿا.
1. 23 آگسٽ 1985ع تي سعيد سنڌيءَ کان ليڪچر “هڪ ذميوار صحافيءَ جو موجوده سماج ۾ ڪردار” تي ليڪچر ڪرايو ويو.
2. 1985ـ09ـ27 حاڪم علي شاهه بخاري کان “مختلف دؤرن ۾ (انساني) سماجي ارتـقا” تي ليڪچر ڪرايو ويو..
3. 1986ـ01ـ31 تي خاڪي جويو کان ليڪچر “ترقي پسند ادب جا معيار”.
4. 1986ـ03ـ14 تاج صحرائي صاحب کان ليڪچر “سنڌو تهذيب جا خالق”.
سال88 . 1987ع
عادل سکيراڻي1987ع تي سيڪريٽري چونڊجي آيو، اميد سنڌي جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي شير ڀرڳڙي، آڊيٽر غلام الرسول سومرو، چونڊجي آيا.
1. 1987ـ01ـ09 تي استاد بخاريءَ جي ڪتاب “ڪوڪڻ يا ڪلياڻ” جي مهورت جنهن ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ف م لاشاري، انور پيرزادو، ڊاڪٽر گل محمد پٺاڻ، تاج جويو، گل ٻرڙو، ناظم منگي، جن خاص شرڪت ڪئي.
2. 1987ـ03ـ13 تاج جويو کان “جديد سنڌي شاعريءَ ۾ عڪسن ۽ اهڃاڻن جو استعمال” موضوع تي ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت استاد بخاري ڪئي.
3. 1987ـ04ـ10 تي “اديب جو تاريخي ڪرادار” تي ف م لاشاريءَ کان ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت عثمان ميمڻ ڪئي.
4. 1987ـ06ـ26 تي “سنڌي زبان کان ٻوليءَ تائين” جي عنوان هيٺ حاڪم علي بخاري کان تاج صحرائي صاحب جي صدارت هيٺ ليڪچر ڪرايو ويو.
5. 1987ـ08ـ 21 تي “سنڌي سماج ۽ اديب” جي موضوع تي ارباب سنڌيءَ کان ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت عبدالله مگسيءَ ڪئي.
6. 1987ـ12ـ25 تي “ڌارين جي آبادڪاريءَ” جي سلسلي ۾ اصتحابي طور تي مذاڪرو ڪوٺايو ويو. جنهن جي صدارت سرور نواز ڪئي جڏهن ته خاص مهمان بخش علي ڀنڊ هو.
سال 1988ع ۾ عادل سکيراڻي ٻيهر سيڪريٽري چونڊجي آيو. هن سان گڏ وزير منگي جوائنٽ سيڪريٽري، اميد سنڌي خزانچي، خالد ميمڻ آڊيٽر ۽ نور محمد سومرو ڪائونسلر چونڊجي آيا.
1. 1988ـ01ـ22 تي “پاڪستان کان اڳ سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي ڌارين جو اثر” جي موضوع تي ڊاڪٽر مبارڪ علي کان ليڪچر ڪرايو ويو، جنهن جي صدارت تاج صحرائي صاحب ڪئي.
2. 1988ـ04ـ15 تي سائين تاج صحرائيءَ کان “شاهه لطيف جي انفراديت” تي ليڪچر ڪرايو ويو. جنهن جي صدارت نامياري شاعر احمد خان آصف مصراڻيءَ ڪئي.
3. 1988ـ05ـ09 “سنڌي عوام جو وسيع اتحاد ۽ نـظريو” جي موضوع تي نامياري اسڪالر محمد ابراهيم جويو کان ليڪچر ڪرايو ويو.
4. 1988ـ05ـ20 تي “عيد ملن پارٽيءَ” جو پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ شهر جي هر مڪتب فِڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي.
5. 1988ـ05ـ27 تي “سنڌي ادب ۾ عورت جو ڪردار” تي محترمه شيرين قريشي صاحبه کان ليڪچر ڪرايو ويو. جنهن جي صدارت ڊاڪٽر ثُريا قاضي صاحبه ڪئي.
6. 1988ـ09ـ23 تي “سنڌ جي سماجي حالتن جي تبديليءَ ۾ سنڌي عورت جو ڪردار” جي موضوع تي نامياري ليکڪه نور الهدى کان ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب ڪئي.

سال 1989ع
وزير منگي 1989ع ۾ سيڪريٽري چونڊجي آيو. سندس باڊيءَ ۾ محمد ملوڪ لنڊ جوائنٽ سيڪريٽري، اميد سنڌي خزانچي، طارق آريجو آڊيٽر چونڊجي آيا. هن هيٺيان خاص پروگرام ڪرايا.
1. 1989ـ07ـ16 تي احمد خان ملڪاڻيءَ جي صدارت ۾ عيد ملن پارٽي منعقد ڪئي وئي جنهن جو خاص مهمان عبدالسبحان ميمڻ ڊي سي دادو هئا. هن ۾ مشاعرو به ٿيو هو.
2. 1989ـ09ـ02 تي رسول بخش پليجو صاحب کان ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت به احمد خان ملڪاڻيءَ ڪئي هئي.
3. 1989ـ12ـ01 تي “سنڌ جا مسئلا ۽ انهن جو حل” جي موضوع تي ڄام ساقيءَ کان ليڪچر ڪرايو ويو.

سال 1990ع
1990ـ01ـ19 تي سنگت جون چونڊون محترم قمر ڀان جي نگرانيءَ ۾ ٿيون. هن سال اميد سنڌي سيڪريٽري چونڊجي آيو جنهن سان ساٿ ۾ عادل سکيراڻي جوائنٽ سيڪريٽري، رفيق جمالي خزانچي، عزيز رانجھاڻي آڊيٽر ۽ علي گوهر سومرو ڪائونسلر چونڊجي آيا. جن پنهنجي دور ۾ هي خاص پروگرام ڪرايا.
1. 1990ـ10ـ11 تي استاد بخاريءَ جي ڪتاب “لهر لهر درياء” جي مهورت سرڪش سنڌيءَ جي صدارت ۾ ٿي، خاص مهمان مقصود گل ۽ اعزازي مهمانن ۾ ناز سنائي ۽ فيض ٻگھيو شامل هئا.
2. 1990ـ12ـ28 تي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻيءَ کان “سنڌ ايڪيهين صديءَ جي ڏهاڪي تي” ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت منظور بلوچ ڪئي، خاص مهمان احمد خان ملڪاڻي هو جڏهن ته رزاق مهر ليڪچرڪار جو تعرف پيش ڪيو.

سال 1991ع
هن سال غلام الرسول (ڪيبرال) سومرو سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽريءَ تي محمد عرس اظهر سولنگي، خزانچي تي اميد سنڌي، آڊيٽر تي نبي بخش سمون ۽ ڪائونسلر پروفيسر عبدالله مگسي چونڊجي آيا. هن پنهنجي ايام ڪارئي ۾ هيٺيان پروگرام ڪرايا.
1. 1991ـ02ـ08 تي حلف وفاداري تـقريب احمد خان ملڪاڻيءَ جي صدارت ۾ ٿي جنهن جو خاص مهمان تاج صحرائي، ۽ اعزازي مهمان الهنواز رڪڻائي هو.
2. 1991ـ03ـ29 تي “سنڌياڻي تحريڪ” جي وفد سان ادبي ڪچهري ٿي جنهن ۾ محترمه زاهده شيخ، خيرالنساء شاهه، شميم ٽالپر، شهزادي ڏيپر ۽ مسرت ڀنڊ صاحبا شامل هيون هن ڪچهريءَ ۾ ڪافي تعداد ۾ ٻيون به عورتون شامل ٿيون.
3. 1991ـ07ـ15 تي ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻي کان “سنڌ جي موجوده صورتحال ۽ دانشور جو ڪردار” تي ليڪچر استاد بخاريءَ جي صدارت ۾ ڪرايو ويو. اعزازي مهمانن ۾ محترم خاڪي جويو، عاجز جمالي شامل هئا.
4. 1991ـ11ـ24 تي سنڌ ۾ امن امان ۽ جھموريت جي بحاليءَ لاءِ لانگ مارچ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪئي وئي.

سال 1992ع
1992ـ01ـ31 تي سنگت جون چونڊون ضلع رابطا سيڪريٽري قمر ڀان جي نگرانيءَ ۾ ٿيون جنهن ۾ محمد عثمان ميمڻ سيڪريٽري، الهنواز رڪڻائي جوائنٽ سيڪريٽري، غلام الرسول سومرو خزانچي، پروفيسر عبدالله مگسي ڪائونسلر چونڊجي آيا، جڏهن ته آڊيٽر جي سيٽ خالي رهي. هن جي دور ۾ هيٺيان پروگرام عمل هيٺ آيا.
1. 1992ـ04ـ06 تي شهيد عادل سکيراڻيءَ جي ياد ۾ “تعزيتي ميڙاڪو” ڪوٺايو ويو جنهن جو خاص مهمان گل مهراڻ (عادل جو پٽ) هو. اعزازي مهمانن ۾ محترم تاج صحرائي ۽ اطهر منگي شامل هئا. جڏهن ته پروگرام جي صدارت ڪندڙ جي جاءِ تي عادل جي تصوير رکي وئي هئي.
2. 1992ـ04ـ17 تي نامياري مزاحيه شاعر سومري غلام الرسول سودائي ۽ ڪهاڻيڪار طارق اشرف جي ياد ۾ محترم تاج صحرائيءَ جي صدارت ۾ تعزيتي اجلاس ڪوٺائي کين ڀـيٽا ڏني وئي.
3. 1992ـ06ـ16 تي ضلع دادو جي سمورين ادبي سنگت جي شاخن جي سيڪريٽرين جو اجلاس محترم قمر ڀان جي صدارت ۾ ٿيو ۽ ان ۾ ضلعيءَ رابطا سيڪريٽري جي چونڊ بابت ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي.
4. 1992ـ06ـ26 تي ادبي سنگت دادؤ جي آفيس ۾ محمد عثمان ميمڻ، عبدالله مگسي ۽ صابر پريميءَ جي نگرانيءَ ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽريءَ جي چونڊ عمل ۾ آئي. ڊاڪٽر قربان جھتيال ۽ عبد مگسي جي وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ عبدالستار عبد مگسي ڪامياب ٿيو.

سال 1993ع
1993ـ02ـ05 تي عبد مگسي ضلعي رابطا سيڪريٽري دادؤ جي نگرانيءَ ۾ چونڊون ٿيون جن ۾ آخوند رحمت الله سيڪريٽري، وزير منگي جوائنٽ سيڪريٽري، غلام الرسول سومرو خزانچي، تابش بخاري آڊيٽر ۽ عثمان ميمڻ ڪائونسلر چونڊجي آيا.
1. 1993ـ02ـ10 تي محترم يوسف لغاريءَ کان “سنڌ ۾ انساني حقن جو بچاءُ ڪيئن ڪجي” جي عنوان هيٺ ليڪچر ڪرايو ويو. جنهن جي صدارت ڊاڪٽر امين چانڊيو ڪئي ۽ خاص مهمان ڪامريڊ ڄام ساقي هو اعزازي مهمانن ۾ محترمه سعيده بشير، ابرار قاضي ۽ ادريس چانڊيو شامل هئا.
2. 1993ـ07ـ23 تي عثمان ميمڻ جي صدارت ۾ نامياري ليکڪ فقير محمد لاشاريءَ جي وفات تي تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي.
3. 1993ـ10ـ01 تي “غزل جي فني ۽ فڪري ارتقا” تي محترم الهنواز رڪڻائيءَ کان ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت نامياري اديب منير گوزائيءَ ڪئي ۽ اعزازي مهمانن ۾ امام بخش گھرياڻي ۽ ڪمال الدين سولنگي شامل هئا.
4. 1994ـ01ـ19 تي محترم ڪمال الدين سولنگيءَ کان “موسيقيءَ جي ابتدا ۽ اوسر ۽ ان جا انساني زندگيءَ تي اثر” تي ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت ڊاڪٽر امين چانڊيو ڪئي، خاص مهمان محمد صادق قريشي هو ۽ اعزازي مهمانن ۾ پروفيسر بدر ملڪاڻي، خادم سکيراڻي ۽ انور شاد شامل هئا.

سال 1994ع
1994ع ۾ بهزاد سنڌي سيڪريٽري، عبدالڪريم ميمڻ جوائنٽ سيڪريٽري، عبدالنبي آزاد خزانچي، الهرکيو ڳورڙ آڊيٽر ۽ پروفيسر اقبال پهنور ڪائونسلر چونڊجي آيا.
1. 1994ـ02ـ25 تي نامياري ليکڪ عزيز ڪنگراڻيءَ کان “سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت” تي ليڪچر ڪرايو ويو، جنهن جي صدارت نامياري استاد ۽ اديب سائين شفيع محمد سولنگيءَ ڪئي جڏهن ته اعزازي مهمان محترم منير گوزائي هو.
2. 1994ـ03ـ23 تي شهيد عادل سکيراڻيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي وفد جي صورت ۾ سندس مزار تي چادر چاڙهي وئي ۽ فاتحه پڙهي وئي.
3. 1994ـ07ـ04 تي نامياري اديب ۽ آرڪيالاجسٽ محترم تاج صحرائيءَ کان “قديم آثارن جو علم ڇا آهي” جي عنوان تي ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جو خاص مهمان سيد حاڪم علي شاه بخاري هو ۽ اعزازي مهمان محترم محبتي ملاح هو.
4. 1994ـ06ـ30 تي سنڌ جي نامياري شاعر حافظ محمد احسن چنه جي ياد ۾ غريب آباد پرائمري اسڪول ۾ ادبي پروگرام محترم الهنواز رڪڻائيءَ جي صدارت ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن جو خاص مهمان رجب آزاد هو ۽ اعزازي مهمان سيد هدايت حسين شاه هو هن پروگرام ۾ حافظ صاحب جي فن ۽ فڪر تي مقالا پڙهيا ويا ۽ مشاعرو به ٿيو.
5. 1994ـ10ـ14 تي سنڌ جي سدا حيات شاعر استاد بخاريءَ جي ٻي ورسي نامياري دانشور رسول بخش پليجي صاحب جي صدارت ۾ غريب آباد هاءِ اسڪول ۾ ملهائي وئي پروگرام جو خاص مهمان ممتاز بخاري جوائنٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سنڌ هو ۽ اعزازي مهمانن ۾ حاڪم علي شاه بخاري ۽ تاج جويو هئا. هن پروگرام ۾ س.ا.س جا نمائندا ۽ استاد سان عقيدت رکندڙ شريڪ ٿيا. نامياري راڳي منظور سکيراڻي محفل ۾ رنگ رچايو.
6. سال 1994ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس به ٿيو.

سال 96ـ1995ع
اقبال حسين پهنور سيڪريٽري، عبدالنبي آزاد جوائنٽ سيڪريٽري، نعيم ملڪ خزانچي، آڊيٽر صائب ميمڻ ۽ الهنواز رڪڻائي ڪائونسلر چونڊجي آيا.
1. 1996ـ04ـ18 تي پريس ڪلب دادؤ ۾ پروفيسر عبدالله مگسيءَ جي ورسي ملهائي وئي جنهن جي صدارت سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ ڪئي مهمان خاص ڊاڪٽر شمس سومرو سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سنڌ هو اعزازي مهمانن ۾ احمد خان مدهوش، ميرل فقير جويو، ڊاڪٽر لياقت مگسي ۽ پروفيسر اقبال حسين پهنور هئا.
2. 1996ـ06ـ27 تي نامياري شاعر محترم الهنواز رڪڻائيءَ سان غريب آباد هاءِ اسڪول ۾ رهاڻ رچائي وئي صدارت مسرور پنائي، خاص مهمان سهيل اديب بچاڻي اعزازي مهمانن ۾ ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر ۽ امام بخش گھرياڻي شامل هئا. هي سنڌ ليول جو پروگرام هو جنهن ۾ رجب آزاد، اسد سولنگي ۽ ٻين ڪيترن اديبن مقالا پڙهيا. بعد ۾ مشاعرو ۽ محفلي موسيقي به ٿي.
3. 1996ـ08ـ16 تي غريب آباد هاءِ اسڪول ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم قربان جھتيال جي تعاون سان “سنڌي ٻولي قومي ٻولي” سيمينار ٿيو جنهن جي صدارت محترم الهنواز رڪڻائي ڪئي خاص مهمان جناب احمد خان مدهوش هو، اعزازي مهمانن ۾ محمد خان ڇڄڙو ۽ عبدالمجيد جمالي وڪيل شامل هئا. هن پروگرام ۾ ٻين مقررين تقريرون ڪيون جڏهن ته رجب آزاد “سنڌي ٻوليءَ ۾ بڳاڙ” بابت مقالو پڙهيو.
4. 1996ـ10ـ19 تي “ادب ۽ فن” جي موضوع تي نامياري اديب اڪبر لغاري کان ليڪچر ڪرايو، جنهن جي صدارت سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ ڪئي. اعزازي مهمانن ۾ محترم احمد خان مدهوش ۽ سائين ڪمال الدين سولنگي شامل هئا.

سال 1997ع
هن سال عبدالنبي آزاد جوڻيجو سيڪريٽري، صائب ميمڻ جوائنٽ سيڪريٽري، ڪريم ميمڻ خزانچي ۽ پروفيسر اقبال پهنور ڪائونسلر چونڊجي آيا.
1. 1997ـ04ـ12 تي شهيد عادل سکيراڻيءَ جي ورسي ملهائي وئي.
2. شاعريءَ بابت سنگت آفيس دادو اڳيان صدف حسينيءَکان ليڪچر ڪرايو ويو.

سال 1998ع
هن سال تابش بخاري سيڪريٽري، مصطفى مگسي جوائنٽ سيڪريٽري، صائب ميمڻ خزانچي، الهرکيو ڳورڙ آڊيٽر، پروفيسر اقبال پهنور ڪائونسلر چونڊجي آيا. تابش بخاريءَ اچڻ سان ادبي سنگت کي تمام گھڻو سرگرم ڪيو. سندس ٻه وڏا ڪم هڪ استاد بخاريءَ جي ورسي ۽ ٻيو سائين الهنواز رڪڻائيءَ جو پهريون ڪتاب “ڇليون منڇر ڇوليون” سنڌي ادبي سنگت دادؤ پاران شايع ڪرائي هڪ نئين روايت وڌي.
1. 1998ـ02ـ13 تي حلف وفاداري تقريب محترم امام بخش گھرياڻيءَ جي صدارت ۾ ٿي. خاص مهمان عبدالمجيد جمالي هو. اعزازي مهمانن ۾ غلام محمد کوسو صاحب، محمد حسين روشن منگي، طارق قريشي ۽ تاج صحرائي هئا.
2. 1998ـ02ـ23 تي آدم شماريءَ بابت گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ پندرهن دوست شريڪ ٿيا.
3. 1998ـ03ـ20 تي “سنڌ ۾ ٻارن جي اغوا” بابت احتجاجي مظاهرو ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.
4. 1998ـ03ـ27 تي “شاه لطيف ۽ سنڌ جي تاريخ” تي نامياري اديب محترم تاج صحرائي کان ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت حاڪم علي شاه بخاري ڪئي ۽ خاص مهمان الهنواز رڪڻائي هو.
5. 1998ـ06ـ21 تي “ڪالا باغ ڊيم” جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ٻين تنظيمن جي نمائندن به شرڪت ڪئي.
6. 1998ـ07ـ10 تي “ڪالا باغ ڊيم” خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي سماجي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.
7. 1998ـ07ـ29 تي حاڪم علي شاه بخاريءَ جي صدارت ۾ ڊاڪٽر دودو مهيريءَ کان “ڪالا باغ ڊيم ۽ قومپرست جدوجهد” جي موضوع تي ليڪچر ڪرايو ويو.

سال 1999ع
صدف حسيني 1999ع ۾ سيڪريٽري چونڊجي آيو. ساڻس ساٿ ۾ عبدالنبي آزاد، صائب ميمڻ ۽ علي نواز عباسي هئا. هن جي وقت ۾ متعدد پروگرام ٿيا، جن مان هڪ پروگرام ۾ سيڪريٽري جنرل مختيار ملڪ به شريڪ ٿيو هو.

سال 2000ع
سال 2000ع لاءِ نامياري ليکڪ مشتاق ڀرڳڙي سيڪريٽري، ابل اداس جوائنٽ سيڪريٽري، وفا ڪوڙل چنه خزانچي ۽ رجب آزاد ڪائونسلر چونڊجي آيو. مشتاق ڀرڳڙي جي وقت ۾ شاخ تمام گھڻو سرگرم رهي پر افسوس جو آفيس ۾ رڪارڊ موجود نه آهي جو سندس ڪارڪردگي لکي سگھجي.

سال 2001ع
سال 2001ع ۾ علي محمد درد سولنگي سيڪريٽري چونڊجي آيو جوائنٽ سيڪريٽري رجب آزاد،خزانچي الهرکيو ڳورڙ ، آڊيٽر مشتاق ڀرڳڙي ۽ ڪائونسلر وزير منگي چونڊجي آيا.
2001ـ05ـ13 تي نامياري اديب ۽ استاد سائين شفيع محمد سولنگيءَ جي صدارت ۾ حلف وفاداري تقريب ڪوٺائي وئي.
1. 2001ـ07ـ21 تي منظور سکيراڻي ۽ سندس سازندن جي اغوا خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.
2. آڪٽوبر 2001ع تي سدا حيات شاعر استاد بخاريءَ جي نائين ورسي نامياري اديب تاج جويو جي صدارت ۾ ملهائي وئي. خاص مهمان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل محترم ادل سومرو هو. اعزازي مهمانن ۾ ميرل فقير جويو، حافظ محمد بخش خاصخيلي ۽ ٻيا شامل هئا.
3. 2001ـ11ـ14 تي تاجل بيوس جي سنگت خلاف ڏنل بيان تي ردِ عمل ڏيکاريندي احتجاجي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي.
4. 2001ـ12ـ28 تي مهان شاعر شيخ اياز جي ورسي ملهائي وئي. جنهن جي صدارت محترم الهنواز رڪڻائيءَ ڪئي. هن پروگرام ۾ ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.
5. 2002ـ02ـ10 تي نامياري شاعر منٺار سولنگي ۽ ڪامريڊ حسين بخش ناريجو جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
6. 2002ـ02ـ12 تي نامياري ليکڪ علي بابا سان سنگت آفيس دادؤ ۾ “ادبي ڪچهريءَ” جو پروگرام رکيو ويو. پر علي بابا پروگرام ۾ شريڪ نه ٿي سگھيو جو سندس طبيعت ناساز ٿي پئي هئي. هن پروگرام ۾ 42 ميمبرن ۽ دوستن شرڪت ڪئي هئي.
7. 2002ـ03ـ09 شهيد عادل سکيراڻيءَ جي ڏهين ورسي سنڌي مين پرائمري اسڪول ۾ تاج جويو جي صدارت هيٺ ملهائي وئي. خاص مهمان سائين تاج صحرائي هو. محترم علي احمد قريشي، آصف مٺياڻوي، گلبدن جاويد مرزا، بينظير عادل ۽ شمع کيبر اعزازي مهمان هئا. هن پروگرام ۾ مختلف شعبن ۾ خدمت ڪندڙ اديبن، شاعرن ۽ سماجي ورڪرن کي عادل سکيراڻي ايوارڊ ڏنا ويا.

سال 2002ع
سال 2002ع لاءِ سيڪريٽري طور محترم الهنواز رڪڻائي چونڊجي آيو. جوائنٽ سيڪريٽري تابش بخاري هو. الهرکيو ڳورڙ خزانچي، وزير منگي آڊيٽر ۽ محمد عرس اظهر ڪائونسلر چونڊجي آيا.
1. 2002ـ05ـ15 تي حلف وفاداري تقريب ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت تعلقي ناظم سيد ظفر شاه ڪئي. مهمانن ۾ امام بخش گھرياڻي ۽ ڊاڪٽر لياقت مگسي شامل هئا.
2. 2002ـ08ـ16 تي محمود مسافر جي ڪتاب “مرڪون مينگھه ملهار” جي مهورت نامياري شاعر راشد مورائيءَ جي صدارت ۾ ٿي. جنهن جو خاص مهمان ميرل فقير جويو هو جڏهن ته اعزازي مهمان ناميارا شاعر احمد خان مدهوش ۽ الهنواز رڪڻائي هئا.
3. 2002ـ08ـ18 تي ڪتاب “نيڻ نه ننڊون ڪن” جي مهورت سنڌي ليئنگئيج اٿارٽي هال حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن جي صدارت چيئرمين ڊاڪٽر قاسم ٻگھيي ڪئي. مهورت ڪار ناميارو ليکڪ محمد ابراهيم جويو هو.
4. 2002ـ10ـ19 تي استاد بخاريءَ جي ڏهين ورسي محترم محمد ابراهيم جويو جي صدارت ۾ ٿي. ٻين مهمانن ۾ محسن ڪڪڙائي، ڊاڪٽر لائق زرداري، سرڪش سنڌي، تاج جويو ۽ ٻيا شامل هئا.
5. 2002ـ12ـ8 تي عيد ملن پارٽي ۽ مشاعرو سنگت محفل رچائي وئي.
6. 2002ـ12ـ19 تي سنگت آفيس ۾ نامياري شاعر تاجل بيوس جي اچڻ تي ادبي ڪچهري ٿي جنهن ۾ سنگت جي عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي.

سال 2003ع
سال 2003ع جي اليڪشن ۾ رجب آزاد سيڪريٽري چونڊجي آيو. سندس ساٿ ۾ مشتاق ڀرڳڙي جوائنٽ سيڪريٽري، علي گوهر آڊيٽر، نياز جويو خزانچي ۽ الهنواز رڪڻائي ڪائونسلر چونڊجي آيا.
1. 2003ـ02ـ14 تي عيد ملن پارٽي ۽ حلف وفاداري تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن جي صدارت نامياري ليکڪ ۽ وڪيل محترم علي احمد قريشيءَ ڪئي ۽ چونڊيل باڊيءَ کي حلف کڻايو. پروگرام جو خاص مهمان سائين احمد مجتبى غالب ملڪاڻي هئا. اعزازي مهمانن ۾ ڊاڪٽر شمس سومرو، سيد حاڪم علي شاهه، الهنواز رڪڻائي ۽ بشير سيتائي شامل هئا.
2. 2003ـ10ـ24 تي محترم علي احمد قريشيءَ جي صدارت ۾ نامياري آرڪيالاجسٽ ۽ استاد محترم تاج صحرائيءَ جي پهرين ورسي ملهائي وئي. خاص مهمان سائين شفيع محمد سولنگي هو. اعزازي مهمانن ۾ محترم بشير سيتائي ۽ علينواز عباسي شامل هئا. هن پروگرام ۾ ڊمانسٽريشن هال جي اڳيان تاج صحرائي صاحب جي نالي جو ڪتبو پڻ لڳايو ويو.
3. نامياري عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي 11 هين ورسي زبردست نموني ملهائي وئي. هن پروگرام ۾ صادق فقير به شامل ٿيو هو.
4. ڀارت ما ن آيل اديب ۽ سماجي ورڪر شري گرڌاري لال خوبچنداڻيءَ سان ادبي رهاڻ طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ رچائي وئي.

سال 2004ع
20 فيبروري 2004ع تي ڊاڪٽر قربان جھتيال جي نگرانيءَ ۾ اليڪشن ٿي جنهن ۾ ابل اداس ٻٻر سيڪريٽري، وفا ڪوڙل چنه جوائنٽ سيڪريٽري، رجب آزاد خزانچي، علي گوهر سومرو آڊيٽر ۽ مشتاق ڀرڳڙي ڪائونسلر چونڊجي آيا.
ابل اداس جي حصي ۾ ڪافي پروگرام آيا.
1. تاجل بيوس کان ليڪچر “صوفي ازم ڇا آهي” تي عنوان هيٺ ليڪچر طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ ڪرايو ويو.
2. نامياري شاعر وفا ناٿن شاهي جي ڪتاب “اکين ۾ الماس” جي مهورت پڻ طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ ڪرائي وئي.
3. سدا حيات شاعر استاد بخاريءَ جي 12 هين ورسي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل محترم مختيار ملڪ جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. هن پروگرام ۾ شفيع محمد جمن شامل ٿيو هو.
نوٽ: هن سال کان پوءِ استاد بخاريءَ جون ورسيون استاد بخاري اڪيڊمي (استاد بخاري ادبي ڪائونسل) ملهائڻ جون ذميواريون سرانجام ڏئي رهي آهي.

سال 2005ع
هن سال مشتاق ڀرڳڙي سيڪريٽري، رجب آزاد جوائنٽ سيڪريٽري، وزير منگي خزانچي ۽ نظير نياز ڪائونسلر چونڊجي آيا. مشتاق ڀرڳڙي تمام گھڻو متحرڪ ماڻهو هو ۽ هن ڪافي پروگرام ڪرايا ليڪن کيس هلڻ نه ڏنو جنهنڪري هن آڪٽوبر مهيني ۾ استعيفا ڏني جيڪا 13 نومبر 2005ع تي منظور ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ لهڻو خان سارنگ جمالي نگران سيڪريٽري مقرر ٿيو جيڪو تقريبن ڏيـڍ مهينو کن تائين رهيو. جنهن کان پوءِ اليڪشن ٿي ۽ وزير منگي سيڪريٽري ٿيو جيڪو 2 سال رهيو.
جيئن ته سال 2001، 2002، 2003، 2004 ۽ 2005ع جو مڪمل رڪارڊ آفيس مان ڪنهن سازش تحت گم ڪيو ويو آهي نه ته انهن سالن ۾ سنگت وڌيڪ فعال رهي ۽ ڪيترائي سنڌ ليول جا پروگرام ڪرايا ۽ دستوري گڏجاڻيون پڻ ڪرايون ويون هيون.

سال 07 ـ 2006ع
هن سال وزير منگي سيڪريٽري، غلام الرسول سومرو جوائنٽ سيڪريٽري، راجا رفيق پهنور خزانچي، شير ڀرڳڙي آڊيٽر ۽ تابش بخاري ڪائونسلر چونڊجي آيا.
1. 2006ـ06ـ04 تي ضلعي رابطا سيڪريٽري ضلعي جي شاخن جو اجلاس ڪوٺايو جنهن ۾ عبد مگسي، آزاد انور ڪانڌڙو، نظير ڀنڊ، ظفر پياروي، ايم بچل ڪلهوڙو، قربان شهباز، اعجاز ڀٽي، احسن ابڙو ۽ وزير منگيءَ سميت 15 ميمبر شريڪ ٿيا. جيئن ته دادو ضلعي ۾ ڪل 14 شاخون هيون جن مان ڇهن شاخن جي ميمبرن شرڪت ڪئي.
2. 2006ـ07ـ23 تي شهيد عادل سکيراڻيءَ جي ورسي تاج جويو جي صدارت ۾ ٿي. جنهن جو خاص مهمان سيد حاڪم علي شاه بخاري هو. سائين الهنواز رڪڻائي، آزاد انور ڪانڌڙو، ڊاڪٽر قربان جھتيال، ادل سولنگي ۽ گل لطيف سکيراڻي اعزازي مهمان هئا.
3. 2006ـ11ـ10 تي “سنڌ جي لوڪ ڪردارن جا نفسياتي رويا” جي عنوان تحت محترم سنڌو ميراڻيءَ کان ليڪچر ڪرايو ويو. صدارت الهنواز رڪڻائيءَ ڪئي ۽ ٻين مهمانن ۾ ڊاڪٽر قربان جھتيال، ڊاڪٽر لياقت مگسي، ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير ۽ نياز علي جتوئي شامل هئا.
4. 2006ـ12ـ03 تي شاهين ادبي فورم جي سهڪار سان شاه سائين جي “سرڏهر” تي سائين الهنواز رڪڻائيءَ کان ليڪچر ڪرايو ويو. صدارت ڊاڪٽر قربان جھتيال ڪئي.
5. 2006ـ12ـ20 تي لهڻو خان سارنگ جماليءَ جي سالگرهه جي موقعي تي محترم الهنواز رڪڻائي کان “سر زمين سنڌ تي ڌارين جا حملا ان جا سبب ۽ آباد ٿيندڙ قومون” جي عنوان تحت ليڪچر ڪرايو ويو. صدارت سيد حاڪم علي شاه بخاري، مهمان خاص احمد خان ملڪاڻي ۽ ٻين مهمانن ۾ ڪامريڊ گل محمد جويو، علي محمد درد سولنگي ۽ سنڌو ميراڻي شامل هئا.
6. 2007ـ01ـ03 تي دلبر جمالي جي ياد ۾ ادبي پروگرام ٿيو جنهن ۾ “بزم دلبر” ۽ “شاهين ادبي فورم” جو سهڪار هو. هن پروگرام جي صدارت احمد خان ملڪاڻيءَ ڪئي ۽ خاص مهمان عبدالرسول عباسي وڪيل هئا. ٻين مهمانن ۾ مارو جمالي، محمد قاسم جمالي ۽ نور محمد سومرو شامل هئا.
7. 2007ـ01ـ05 تي PTUDC تي سهڪار سان ڊاڪٽر حميد سومري کان “وينز ويلا جو عوامي اڀار ۽ سنڌ” جي موضوع تي ليڪچر ڪرايو. صدارت نور محمد سومرو ڪئي. اعزازي مهمان ڊاڪٽر قربان جھتيال هو.
8. 2007ـ01ـ13 تي نامياري شاعر انور پيرزادي ۽ شاعر ۽ چترڪار ظفر ڪاظميءَ جي وفات تي تعزيتي گڏجاڻي طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ منعقد ڪئي وئي. صدارت محترم الهنواز رڪڻائيءَ ڪئي ۽ خاص مهمان محترم محمد عرس اظهر سولنگي هو.
9. 2007ـ02ـ16 تي نامياري شاعر محترم الهنواز رڪڻائيءَ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيو. جنهن جي صدارت سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ ڪئي. خاص مهمان گل مورو ضلع رابطا سيڪريٽري نوشهروفيروز اعزازي مهمانن ۾ ميهر فقير، اعجاز ڪوريجو ۽ محمد حسن روشن منگي شامل هئا.
10. 2007ـ03ـ02 تي گرلس هاءِ اسڪول دادؤ ۾ “ادب جو سماجي ڪارج” موضوع تي نامياري ليکڪه محترمه امر سنڌؤ کان ليڪچر ڪرايو ويو. جنهن جي صدارت ڊاڪٽر حميد سومرو ڪئي ۽ خاص مهمان محترم احمد خان ملڪاڻي هو. اعزازي مهمانن ۾ محترمه گل بدن جاويد مرزا، آپا نور جھان سولنگي، محترمه شيرين قريشي ۽ ڊاڪٽر قربان جھتيال هئا.
11. 2007ـ04ـ05 تي محترم الهنواز رڪڻائيءَ جي چاليهي تي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. جنهن جي صدارت نامياري ليکڪ تاج جويو ڪئي. خاص مهمان ناميارو شاعر احمد خان مدهوش هو، اعزازي مهمانن ۾ صحافي غوث علي جھتيال، ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير ۽ اعجاز علي ڪوريجو شامل هئا.
12. 2007ـ04ـ13 تي نامياري تاريخ نويس پروفيسر عبدالله مگسيءَ جي چوڏهين ورسي محترم ادل سومرو جي صدارت ۾ ٿي. خاص مهمان ڪهاڻيڪار سائين بخش رند هو ۽ اعزازي مهمانن ۾ وڪيل غلام النبي مگسي ۽ پروفيسر عبدالرشيد ڏاهري شامل هئا.
13. 2007ـ07ـ22 تي نوجوان اديب مشتاق ڀرڳڙيءَ جي اوچتي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت محترم سرڪش سنڌيءَ ڪئي. خاص مهمان تاج جويو هو. اعزازي مهمانن ۾ محترم عزيز ڪنگراڻي ۽ ڊاڪٽر قربان جھتيال شامل هئا.
14. 2007ـ09ـ08 تي نامياري ليکڪ مشتاق ڀرڳڙيءَ جي چاليهي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي صدارت ۾ منعقد ٿي. خاص مهمان ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو هو. اعزازي مهمان ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير، محترم منير گوزائي ۽ ڊاڪٽر قربان جھتيال جن هيا.
15. 2008ـ02ـ15 تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. صدارت جي نشست تي محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير رکي وئي. خاص مهمان محترمه امر سنڌو هئي. اعزازي مهمانن ۾ ڊاڪٽرعرفانه ملاح، احمد خان مدهوش ۽ ڊاڪٽر قربان جھتيال قابل ذڪر آهن.

سال 2008ع
پهرين مارچ 2008ع تي سال 2008ع جون چونڊون ضلع رابطا سيڪريٽري ڊاڪٽر قربان جھتيال جي نگرانيءَ ۾ ٿيون جنهن ۾ گڏيل راءِ سان لهڻو خان سارنگ جمالي سيڪريٽري، طارق حبيب ساگر جوائنٽ سيڪريٽري، غلام الرسول سومرو خزانچي، وريام سنڌي آڊيٽر ۽ اميد سنڌي ڪائونسلر چونڊيا ويا.
1. 2008ـ03ـ16تي دادو جي شاعر محترم برج لال بيوس جي تعاون سان دادو شهر جي اديبن کي آجياڻو ڏنو ويو. جنهن جي صدارت سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ ڪئي. پروگرام جا خاص مهمان محترم الهرکيو ڳورڙ ۽ پروفيسر اعجاز قريشي هئا. جڏهن ته اعزازي مهمان محمد عرس اظهر سولنگي هو.
2. 2008ـ10ـ05 تي طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ عيدالفطر جي موقعي سان عيد ملن پارٽي ۽ مشاعرو ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت محترم احمد خان ملڪاڻيءَ ڪئي. خاص مهمان سيد حاڪم علي شاه بخاري ۽ اعزازي مهمان سائين علينواز عباسي هو.
3. 2008ـ10ـ19 تي نامياري قومپرست اڳواڻ محترم نواز خان زوئونر ۽ سندس ساٿين جي اعزاز ۾ آجياڻو پنچائت هال دادؤ ۾ ڏنو ويو.
4. 2009ـ01ـ18 تي “سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪانفرنس” سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. جنهن جي خاص مهمان ڊاڪٽر قربان جھتيال هو. جڏهن ته محترم خادم سوڍر، زخمي زاهد سهارڻ، علي زاهد ۽ اسير امتياز اعزازي مهمان هئا.
5. 2009ـ02ـ15 تي نامياري ليکڪ محترم الهنواز رڪڻائيءَ جي ٻي ورسي سيد جھنگل شاه لڪياري يادگار ڪاميٽيءَ جي تعاون سان ڪوٺائي وئي صدارت نامياري شاعر راشد مورائيءَ ڪئي. ٻين مهمانن ۾ سيد حاڪم علي شاه بخاري، ميهر فقير، قادر بخش قلندر، اصغر ڀريائي ۽ محمد رمضان خشڪ قابل ذڪر آهن.

سال 2009ع
12 مارچ 2009ع تي ڊاڪٽر قربان جھتيال جي نگراني هيٺ سنگت دادؤ جو چونڊ ٿي. جنهن ۾ گڏيل راءِ سان اميد سنڌي سيڪريٽري، شير ڀرڳڙي جوائنٽ سيڪريٽري، وزير منگي خزانچي، وريام سنڌي آڊيٽر ۽ لهڻو خان سارنگ جمالي ڪائونسلر چونڊيا ويا.
1. 2009ـ03ـ28 تي شهيد عادل سکيراڻيءَ جي ستين ورسي طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل محترم يوسف سنڌيءَ جي صدارت هيٺ ملهائي وئي. خاص مهمان محمد رمضان خشڪ وڪيل هو. جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ نظير احمد ڀنڊ، بينظير عادل، رشيد چارڻ ۽ ڊاڪٽر قربان جھتيال شامل هئا.
2. 2009ـ08ـ02 تي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس محترم فاروق سولنگيءَ جي وفات تي تعزيتي ميڙاڪو سنڌي مين اسڪول دادؤ ۾ منعقد ڪيو ويو. جنهن جي صدارت نامياري ليکڪ ۽ استاد سائين شفيع محمد سولنگيءَ ڪئي. خاص مهمان عبدالمجيد جمالي وڪيل هو. اعزازي مهمان سعيد سنڌي، علينواز عباسي ۽ احمد خان ملڪاڻي هئا.هن پروگرام رجب آزاد فاروق سولنگيءَ جي ادبي خدمتن ۽ شخصيت تي مقالو پڙهيو.
3. 2009ـ09ـ27 تي نامياري شاعر احمد خان مدهوش جي صدارت ۾ عيد ملن پارٽي ۽ مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو. خاص مهمان بشير سيتائي صاحب هو. جڏهن ته رشيد چارڻ ۽ خليل عارف اعزازي مهمان هئا.
4. 2009ـ10ـ31 تي نامياري تاريخ نويس ۽ آرڪيالاجسٽ سائين تاج صحرائيءَ جي ستين ورسي طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ نامياري ليکڪ ۽ وڪيل محترم علي احمد قريشيءَ جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. خاص مهمان ناميارو ڪهاڻيڪار محترم حميد سنڌي هو. اعزازي مهمان محمد علي مانجھي، احمد خان مدهوش ۽ نظام الدين ميمڻ جن هئا.
5. 2009ـ11ـ23 تي نوجوان راڳي قادر سنڌيءَ سان گيتن ڀري رهاڻ رچائي وئي. جنهن جي صدارت ڊاڪٽر الطاف بخاريءَ ڪئي. جڏهن ته خاص مهمان سنڌ جو سريلو راڳي محترم خادم سکيراڻي هو. سيد حاڪم علي شاه بخاري ۽ رشيد چارڻ اعزازي مهمان هئا.
6. 2009ـ12ـ13 تي “جديد سنڌي ادب ۽ مزاحمتي تحريڪون” جي عنوان هيٺ نامياري ليکڪ محترم احمد خان ملڪاڻيءَ کان ليڪچر ڪرايو ويو. جنهن جي صدارت نظير احمد ڀنڊ ڪئي. خاص مهمان ڊاڪٽر حميد سومرو هو.خليل عارف، سنڌو ميراڻي ۽ علينواز عباسي اعزازي مهمان هئا.
7. 2010ـ01ـ08 تي قوم پرست اڳواڻ محترم خالق جوڻيجي کان “موجوده صورتحال ۽ ان ۾ سنڌ جي مسئلن جو حل” جي سري هيٺ ليڪچر ڪرايو ويو. خاص مهمان ڪامريڊ هاشم کوسو ۽ اعزازي مهمان جناب الهرکيو ڳورڙ هو.
8. 2010ـ01ـ22 تي نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار غلام رباني آگرو جي وفات تي تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت محترم الهرکيو ڳورڙ ڪئي.
9. 2010ـ02ـ07 تي “سنڌي ٻولي قومي ٻولي” جي عنوان هيٺ سيمينار پروفيسر اعجاز قريشيءَ جي صدارت ۾ ڪوٺايو ويو. خاص مهمان احمد خان ملڪاڻي هو. اعزازي مهمانن ۾ محمد عرس اظهر سولنگي، ظفر ڪوريجو ۽ ڊاڪٽر قربان جھتيال شامل هئا.
10. 2010ـ06ـ04 تي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري محترم وزير منگيءَ جي اوچتي وفات تي تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي.

سال11 ـ 2010ع
10 جون 2010ع تي سنگت جون چونڊون ٿيون جنهن ۾ هيٺيان عهديدار گڏيل رضامنديءَ سان چونڊيا ويا. شير ڀرڳڙي سيڪريٽري، وريام سنڌي جوائنٽ سيڪريٽري، اميد سنڌي خزانچي، الهرکيو ڳورڙ آڊيٽر ۽ نظير نياز جويو ڪائونسلر مقرر ڪيا ويا.
1. 2010ـ07ـ03 تي نامياري شاعر جناب احمد خان مدهوش جي وفات تي خليل عارف سومرو جي صدارت ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. جنهن جو خاص مهمان ڊاڪٽر قربان جھتيال ۽ اعزازي مهمان شمن لاشاري هئا.
2. 2010ـ12ـ04 تي “ثـقافتي ڏينهن” جي موقعي تي مشاعرو ۽ محفلِ موسيقي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو.
3. 2011ـ02ـ23 تي قوم پرست اڳواڻ محترم سرور سهتي کان “سنڌ جي موجوده حالتن مطابق سماج ۾ اديب جو ڪردار” جي عنوان تي ليڪچر ڪرايو ويو. صدارت محترم الهرکيو ڳورڙ، خاص مهمان سرور سهتو ۽ اعزازي مهمان علي احمد لاکير هئا.
4. 2011ـ03ـ19 تي شهيد عادل سکيراڻيءَ جي اوڻويهين ورسي جناب حميد ڀٽو جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. جنهن جو خاص مهمان محترم ملوڪ لنڊ هو. اعزازي مهمانن ۾ رشيد چارڻ ۽ گل مهراڻ شامل هئا.

سال 2012ع
21 آڪٽوبر 2011ع تي سنگت جون چونڊون ضلع رابطا سيڪريٽري جناب شمن لاشاريءَ جي نگرانيءَ ۾ ٿيون. جنهن ۾ وريام سنڌي سيڪريٽري، وفا ڪوڙل چنه جوائنٽ سيڪريٽري، اميد سنڌي خزانچي، غني ٻٻر آڊيٽر ۽ لهڻو خان سارنگ جمالي ڪائونسلر ووٽنگ ذريعي چونڊجي آيا.
1. 2011ـ11ـ09 تي عيد ملن پارٽي، مشاعرو ۽ سرسنگيت جي مجلس سجائي وئي. جنهن جي صدارت ليکڪ ۽ وڪيل بلوچ صحبت علي ڪئي. خاص مهمان محترم عبدالله جيسر ۽ رشيد چارڻ هئا. اعزازي مهمانن ۾ محترم ملوڪ لنڊ، منير ڳوزائي، الطاف پهنور ۽ محمد حسين روشن منگي شامل هئا.
2. 2012ـ03ـ09 تي نامياري قومي ۽ مزاحمتي شاعر محترم سرڪش سنڌيءَ جي وفات تي سائين علينواز عباسيءَ جي صدارت ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي.
3. 2012ـ03ـ11 تي نامياري اديب شاعر ۽ سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر قربان جھتيال سان لطيف ليبر هال دادؤ ۾ رهاڻ رچائي وئي. صدارت نامياري اديب تاج جويو ڪئي ۽ خاص مهمان مشتاق بخاري هو. اعزازي مهمانن ۾ عبد مگسي، شمن لاشاري، قمر ڀان ۽ غوث جھتيال شامل هئا.
4. 2012ـ03ـ25 تي بهترين ليکڪ استاد ۽ سماج سڌارڪ سائين الهرکئي ڳورڙ جي وفات تي تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت ڊاڪٽر برڪت علي جتوئي ڪئي ۽ خاص مهمان سراج ڳورڙ هو. محترم بشير سيتائي ۽ عزيز الدين ڳورڙ اعزازي مهمان هئا.
5. 2012ـ08ـ21 تي دادؤ جي نامياري ليکڪ محترم ملوڪ لنڊ جي پنجن ڪتابن جي مهورت تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن جي صدارت قوم پرست اڳواڻ مولانا عزيز الله ٻوهيو ڪئي. خاص مهمانن ۾ پروفيسر عزيز ڪنگراڻي، پروفيسر آدم ٻٽ، سيد حاڪم علي شاه بخاري، ڪامريڊ محمد پناهه دايو ۽ پروفيسر عزيز قاسماڻي شامل هئا.
6. 2012ـ12ـ18 تي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اديبن، شاعرن، سگھڙن ۽ راڳين شرڪت ڪئي.

سال 2013ع
جون 2013ع ۾ گڏيل رضامنديءَ سان محترم عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ سال 2013ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. عاشق دادوي سيڪريٽري، علي گل ڪربلائي جوائنٽ سيڪريٽري، اميد سنڌي خزانچي، علينواز عباسي آڊيٽر ۽ وريام سنڌي ڪائونسلر بڻيا.
1. 2013ـ08ـ10 تي نامياري مزاحيه شاعر سومري غلام الرسول سودائيءَ جي ياد ۾ لطيف ليبر هال دادؤ ۾ ادبي پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن جي صدارت ضلعي رابطا سيڪريٽري جناب عبد مگسيءَ ڪئي ۽ خاص مهمان محترم بشير سيتائي هو. ضمير ڪوريجو، ممتاز مصطفى دوست ۽ محمد حسين روشن منگي اعزازي مهمانن ۾ شامل هئا.
2. 2013ـ09ـ24 تي دادؤ جي بهترين ليکڪ خطاط ۽ ڪارٽونسٽ جناب سنڌو ميراڻيءَ جي وفات جي حوالي سان شهري ايڪشن ڪاميٽي جي آفيس ۾ تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو. صدارت سائين فرقان حنيف ڪابورو ڪئي ۽ خاص مهمان محترم محمد عرس اظهر سولنگي هو. اعزازي مهمانن ۾ ڊاڪٽر جبار ٻٻر، دانش ملاح، جاويد ڳورڙ ۽ زاهد علي ملڪاڻي شامل هئا.
3. 2013ـ10ـ18 تي سرجڻهار پبليڪيشن ۽ پروگريسو انگلش فائونڊيشن جي تعاون سان طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ نامياري ليکڪ ۽ وڪيل بلوچ صحبت علي شعري مجموعي “تو کان پوءِ” جي مهورت جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن جي صدارت محترم بشير سيتائي ڪئي ۽ خاص مهمان ناميارو ليکڪ ۽ وڪيل محترم امداد سولنگي هو. اعزازي مهمانن ۾ خليل عارف، محمد ملوڪ لنڊ ۽ محمد عرس اظهر سولنگي شامل هئا. پروگرام جي ڪاروائي رجب آزاد هلائي.
4. 2013ـ11ـ01 تي سنگت آفيس ۾ ڀڳت ڪنور رام جي ورسي ملهائي وئي. صدارت جي ڪرسيءَ تي ڀڳت ڪنور رام جي تصوير رکي وئي. خاص مهمان ناميارو ليکڪ محترم بشير سيتائي هو. جڏهن ته مکي گرمکداس ۽ شري موهن لال اعزازي مهمان هئا.
5. 2013ـ11ـ24 تي شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ “محفلِ مسالمه” نامياري شاعر خليل عارف جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. خاص مهمان تابش بخاري هو. اعزازي مهمانن ۾ محمد عرس اظهر سولنگي ۽ صوفي غلام مصطفى مڱڻيجو شامل هئا.
6. 2013ـ11ـ28 تي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان جناب احمد خان ملڪاڻيءَ جي صدارت ۾ مشاعرو منعقد ڪيو ويو جنهن جو خاص مهمان نظير احمد ڀنڊ هو. شير ڀرڳڙي، خليل عارف، غلام حيدر گھايل ۽ علي محمد درد سولنگي اعزازي مهمان هئا.
7. 2014ـ01ـ11 تي عيد ميلاد النبي جي حوالي سان نعته مشاعري جي محفل سجائي وئي. صدارت احمد خان ملڪاڻي خاص مهمان سائين فرقان حنيف ڪابورو هو.
8. 2014ـ01ـ12 تي سنڌ جي وحدت ۽ تشخص بابت الطاف حسين جي غلط بيان ڏيڻ تي پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. جنهن ۾ هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي.
9. 2014ـ02ـ16 تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ان ئي ڏينهن تي قومي ڪارڪن صاحب خان گھوٽو جي رياستي تشدد سبب شهادت تي تعزيتي ميڙاڪو جناب ضمير ڪوريجي جي صدارت ۾ پڻ ڪوٺايو ويو.
10. 2014ـ04ـ14 تي سنڌ جي مزاحيه شاعر جناب غلام الرسول سومري سودائيءَ جي ورسي سنگت آفيس ۾ ڪوٺائي وئي.جنهن جي صدارت سماجي ورڪر نظير احمد ڀنڊ ڪئي. خاص مهمان جناب ضمير ڪوريجو هو ۽ لالا عبدالستار قريشي، شير ڀرڳڙي ۽ غلام حيدر گھايل اعزازي مهمان هئا.
11. 2014ـ08ـ03 تي سنگت دادو جي اڳوڻي سيڪريٽري محترم لهڻو خان جمالي جي حادثاتي وفات تي بلوچ صحبت علي جي صدارت ۾ تعزيتي پروگرام طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ منعقد ڪيو ويو. خاص مهمان پروفيسر آدم ٻُٽ هو. عاشق دادوي، ضمير جمالي ۽ غلام قادر جمالي اعزازي مهمان هئا.
سال 2014ع
2014ـ08ـ17 تي سنگت جو چونڊون ضلعه رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ ٿيون. جنهن ۾ صدف حسيني سيڪريٽري، رجب آزاد جوائنٽ سيڪريٽري، اميد سنڌي خزانچي، محمد عرس اظهر آڊيٽر ۽ عاشق دادوي ڪائونسلر ووٽن ذريعي چونڊجي آيا.
1. 2014ـ10ـ17 تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي 58 هين سالگرهه سنگت آفيس ۾ نامياري ليکڪ وزير فرهاد جي صدارت هيٺ ملهائي وئي. پروگرام جو خاص مهمان محمد حسين روشن منگي ۽ اعزازي مهمان محمد عرس اظهر سولنگي هو.
2. 2014ـ11ـ09 تي شهداءِ ڪربلا کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ “محفلِ مسالمه” جي محفل سجائي وئي. جنهن جي صدارت استاد الشعراءَ بشير سيتائيءَ ڪئي. خاص مهمان وزير فرهاد سولنگي هو. ٻين مهمانن ۾ شاعر افضل سولنگي، محمد عرس سولنگي ۽ فيضان محمد شاهه شامل هئا.
3. 2014ـ12ـ01 تي ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان محترم بشير احمد سيتائيءَ جي صدارت ۾ مشاعرو منعقد ڪيو ويو.جنهن جو خاص مهمان ضلعه رابطا سيڪريٽري غلام حيدر گھايل هو.سيد هدايت حسين شاه ۽ محمد عرس اظهر سولنگي اعزازي مهمان هئا.
4. 2015ـ03 ـ10 تي محترم الهرکيو ڳورڙ جي ورسي تقريب نامياري شاعر محترم بشير سيتائي صاحب جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. جنهن جو خاص مهمان قوم پرست اڳواڻ محترم خالق جوڻيجو صاحب هو. اعزازي مهمان ۾ محترم عبيدالله لاکير، شهاب الدين ملاح، سراج ڳورڙ، سيد حاڪم علي شاه، محمد يوسف سرهيو ۽ محمد حسن شاه شامل هئا.
5. 2015ـ03ـ23 تي “موجوده مذهبي ابتهاپسندي ۽ صوفي ازم جو ڪردار” جي موضوع تي صوفي حضور بخش صاحب کان ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت محترم اصغر لنڊ ڪئي. خاص مهمان محمد عرس اظهر سولنگي ۽ اعزازي مهمان محترم بشير سيتائي صاحب هو.
6. نوٽ: جيئن ته صدف حسينيءَ جي ايام ڪاريءَ ۾ محترم محمد عرس اظهر سولنگيءَ سان رهاڻ پڻ رچائي وئي هئي. جنهن جي صدارت محترم احمد خان ملڪاڻيءَ ڪئي هئي.

سال 16 ـ 2015ع
14 جون 2015 تي سنگت جي چونڊ ضلعي رابطا سيڪريٽري غلام حيدر گھايل جي نگرانيءَ ۾ ٿي. جنهن ۾ ضمير ڪوريجو سيڪريٽري، تابش بخاري جوائنٽ سيڪريٽري، رجب آزاد خزانچي، اميد سنڌي آڊيٽر ۽ وريام سنڌي ڪائونسلر ووٽن ذريعي چونڊجي آيا.
1. 2015ـ07ـ20 تي گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “هي پانڌيئڙا پيار جا” جي مهورت طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ ڪرائي وئي. جنهن جي صدارت سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ ڪئي ۽ خاص مهمان سائين علينواز عباسي هو.
2. 2015ـ08ـ09 تي ضلعي رابطا سيڪريٽري دادو ضلعي جي شاخن جو اجلاس سنگت شاخ دادؤ جي ميزبانيءَ ۾ سڏايو جنهن ۾ ضلعي جي سڀني (ٻارهن) شاخن شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ مرڪزي خزانچي ذوالفقار گاڏهي به شريڪ ٿيو هو.
نوٽ: ساڳئي ئي ڏينهن تي شام جو سنگت آفيس ۾ “غزل ويهڪ” رکي وئي جنهن جي صدارت دانش ملاح ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ غزل جي تاريخ تي صوفي خادم فقير مقالو پڙهيو ۽ شاعرن پنهنجا نڪور غزل پيش ڪيا.
ان بعد ڌرتي ڌڻين جي عالمي ڏينهن تي پريس ڪلب اڳيان هڪ ريلي به ڪڍي وئي.
3. 2015ـ08ـ10 تي نامياري ليکڪ ۽ صحافي محترم شمشيرالحيدريءَ جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو محترم اعظم ڇڻڪي جي صدارت ۾ سنگت آفيس ۾ سڏايو ويو جنهن ۾ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا گھري وئي ۽ کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
4. 2015ـ08ـ13 سنڌي جي نامور ڏاهي محترم محمد ابراهيم جويو صاحب جو هڪ سئو ساله جشن ولادت طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ ملهايو ويو. صدارت ڊاڪٽر لياقت مگسيءَ ڪئي. سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ کان پوءِ رجب آزاد مقالو پڙهيو بعد ۾ زبر دست مشاعرو به ٿيو.
5. 2015ـ08ـ30 تي دادو ضلعي جي نامياري شاعر ۽ استاد سيد عباس علي شاهه “اختر لڪياري” جي پنجين ورسي سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ جي صدارت هيٺ طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ ملهائي وئي. خاص مهمان محترم علينواز عباسي هو. سيد روشن شاه، خليل عارف، غلام حيدر گھايل ۽ ڊاڪٽر ناز ڪاظمي اعزازي مهمان هئا.
6. 2015ـ09ـ06 تي سنگت جي آفيس ۾ “نظم ويهڪ” ٿي جنهن جي صدارت جناب مارو جمالي ڪئي. مارو جمالي صاحب نظم بابت تفصيلي ڳالهايو ۽ شاعرن پنهنجا نظم پيش ڪيا.
7. 2015ـ09ـ20 تي سنگت جي آفيس ۾ “وائي ۽ ڪافي رنگ” ويهڪ ٿي جنهن جي صدارت محترم عاشق دادوي﷦ءَ ڪئي.جنهن ۾ رجب آزاد ۽ صوفي خادم فقير ڪافي ۽ وائيءَ تي پنهنجا مقالا پيش ڪيا ۽ شاعرن پنهنجون وايون ۽ ڪافيون پيش ڪيون.
8. 2015ـ10ـ02 تي سنڌ جي سدا حيات عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي 23 هين ورسيءَ جي مناسبت سان نامياري صحافي ۽ ليکڪ محترم گلڻ خان ڀنڊ کان “ڌرتيءَ ۽ زندگيءَ جو شاعر استاد بخاري” جي موضوع تي ليڪچر ڪرايو ويو جنهن جي صدارت خليل عارف سومري صاحب ڪئي.
9. 2015ـ10ـ18 تي شهداءِ ڪربلا جي عظيم قربانيءَ کي ڀيٽا پيش ڪندي طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ “محفلِ مسالمه” منعقد ڪري امام عالي مقام جن کي خراج پيش ڪيو ويو. محفل جي صدارت ڊاڪٽر ناز ڪاظمي ڪئي ۽ خاص مهمان خليل عارف هو.
10. 2015ـ11ـ01 تي نامياري اديب، محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ استاد سائين تاج صحرائيءَ جي 13 هين ورسي طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ ملهائي وئي جنهن جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل صاحب ڪئي ۽ خاص مهمان ناميارو تاريخ نويس ڊاڪٽر لائق ذرداري صاحب هو. ٻين مهمانن ۾ پروفيسر آدم ٻٽ صاحب، نظام الدين ميمڻ ۽ محمد صادق قريشي صاحب جن شامل هئا.
11. 2015ـ11ـ22 تي نامياري سياستدان ۽ شاعر مخدوم محمد امين فهيم جي وفات جي حوالي سان تعزيتي گڏجاڻي محترم نظير نياز جويو جي صدارت ۾ ٿي گذري جنهن ۾ اديبن ۽ شاعرن مخدوم صاحب جي سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن کي ساراهيو ۽ سندس مغفرت لاءِ دعا گھري وئي.
12. 2015ـ12ـ06 تي شاعرن جي سرتاج شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي حوالي سان طالب المولى اسڪول دادؤ “لطيف رنگ” ملهايو ويو. جنهن جي صدارت ضلع رابطا سيڪريٽري غلام حيدر گھايل لغاريءَ ڪئي، پروگرام هلندي مرڪزي خزانچي ذوالفقار گاڏهي به تشريف فرما ٿيو جنهن کي پڻ اعزازي ڪرسي ڏني وئي. هن پروگرام ۾ رجب آزاد ۽ صوفي غلام مصطفى خادم فقير مقالا پرهيا ۽ ٻين دوستن شاه سائينءَ کي منظوم ڀيٽا پيش ڪئي ۽ مقامي فنڪارن مهتاب چارڻ، عنايت عباس شاه سائين جون وايون پيش ڪيون.
13. 2015ـ12ـ28 تي شيخ اياز جي ورسيءَ جي مناسبت سان ادبي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت نوجوان اديب ۽ شاعر محبوب سنڌيءَ ڪئي. خاص مهمان جناب غلام حيدر گھايل لغاري، اعزازي مهمان شبيرڻ پاٽائي ۽ نظير احمد ڀنڊ هئا. هن پروگرام ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو نظير احمد سومرو به شريڪ ٿيو جنهن 15 ڪرسيون ۽ هڪ ٽيبل به سنگت لاءِ سيڪريٽريءَ جي حوالي ڪئي.
14. 2016ـ01ـ16تي سنڌ جي عوامي شاعر جناب استاد بخاري جي 86 هين سالگرھ جناب حاڪم علي شاھ بخاريءَ جي صدارت ۾ روميسا آرٽ گئلري ۾ ملهائي وئي. پروگرام جو خاص مهمان جناب خليل عارف سومرو هو. اعزازي مهمان ڊاڪٽر الطاف بخاري، غلام حيدر گھايل ۽ رشيد چارڻ هئا. هن پروگرام ۾ استاد بخاريءَ جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. بعد ۾ مشاعرو ۽ محفلِ موسيقي ٿي. جنهن ۾ قادر سنڌي، انصاف گل ۽ خادم سکيراڻيءَ استاد بخاريءَ جا ڪلام ڳائي محفل کي جھومائي ڇڏيو.
15. 2016ـ01ـ31 تي طنـز و مزاحيه شاعر اعظم ڇڻڪي جي علاج لاءِ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ اديبن سان گڏوگڏ شهرين ۽ صحافين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ کان مطالبو ڪيو ويو ته اعظم ڇڻڪي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.
16. 2016ـ02ـ13 تي نامياري شاعر سائين الهنواز رڪڻائيءَ جي نائين ورسي محترم علي نواز عباسيءَ جي صدارت ۾ ٿي گذري خاص مهمان روح رڪڻائي ۽ اعزازي مهمان عاشق دادوي لاله ستار قريشي ۽ صالح فقير هئا. هن پروگرام ۾ نواز صاحب جي فن ۽ فڪر تي روشني وڌي وئي ۽ بعد ۾ مشاعرو ٿيو.
17. 2016ـ02ـ21 تي ٻولين جي عالمي ڏينهن تي مذاڪرو پڻ ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت آخوند رحمت الله ڪئي. هن مذاڪري ۾ رجب آزاد، تابش بخاري، صوفي غلام مصطفى، اميد سنڌي، عاشق دادوي ۽ ٻين ٻوليءَ بابت ڳالهايو، شعر پڙهيا ۽ ٻولي کي قائم رکڻ جو وچن ورجايو.
18. 2016ـ03ـ23 تي شهيد عادل سکيراڻيءَ جي 24 هين ورسي سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ جي صدارت ۾ طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤَ ۾ ملهائي وئي. جنهن ۾ ڪوٽـڙي، قاضي احمد، مورو، مٺياڻي، ڦلجي، جوهي، خدا آباد ۽ دادؤ جي دوستن ڪثير تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن پروگرام ۾ ٽي نشستون ٿيون مقالا، مشاعرو ۽ راڳ رنگ. جنهن ۾ حسين بخش سکيراڻي، شبير سکيراڻي، سرور سکيراڻي ۽ ٻين شهيد عادل سکيراڻيءَ جي شاعري ڳائي داد حاصل ڪيو.
19. 2016ـ04ـ03 تي نامياري اديب ۽ تاريخدان محترم عبدالله مگسيءَ جي 23 هين ورسي پرمانند هرداس پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ جناب ڊاڪٽر لائق زرداريءَ جي صدارت ۾ ملهائي وئي. ادريس جتوئي، عظيم سنڌي، پروفيسر آدم ٻٽ، رضا لانگاھ، شمشاد سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي اديب جن جو تعداد 115 هو شريڪ ٿيا. هن تقريب ۾ مرحوم کي سندس خدمتن عيوض لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
20. 2016ـ04ـ12 تي استاد الشعراء حافظ محمد احسن چنه جي 116 هين سالگرهه طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ جناب علي نواز عباسيءَ جي صدارت ۾ ملهائي وئي. خاص مهمان منير احمد چنه ۽ اعزازي مهمان خليل عارف سومرو، محبوب سنڌي ۽ نظير احمد ڀنڊ هئا. هن تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، مشاعرو ۽ مقالا پيش ڪيا ويا.
21. 2016ـ06ـ19 تي ناليواري اديب شاعر حافظ محمد احسن چنه جي 30 هين ورسي روميسا آرٽ گئلري ۾ سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ جي صدارت ۾ ٿي. خاص مهمان رمضان راهي، عزازي مهمان رشيد چارڻ ۽ مشتاق احسن چنه هئا. هن پروگرام ۾ حافظ محمد احسن چنه کي ادبي خدمتن عيوض خراج پيش ڪيو يو ان بعد مشاعرو ٿيو.
22. 2016ـ07ـ08 تي مزاحيه شاعريءَ جي سرواڻ سومري غلام الرسول سودائيءَ جي ياد ۾ “عيد مزاحيه مشاعري” جو اهتمام طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ ڪيو ويو. جنهن جي صدارت دکي دائود سومري ڪئي. خاص مهمان محبوب سنڌي اعزازي مهمان صائب ميمڻ هئا. هن مشاعري ۾ سنجيده شاعرن به مزاح تي طبع آزمائي ڪئي ۽ مزاحيه شعر پيش ڪري داد حاصل ڪيو.
23. 2016ـ07ـ17 تي نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار مشتاق ڀرڳڙيءَ جي ورسي تقريب سنگت جي آفيس ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن جي صدارت شير ڀرڳڙيءَ ڪئي. خاص مهمان رمضان راهي هو. رجب آزاد، تابش بخاري، هارون برهماڻي، ڏاتل چنه، عاشق دادوي ۽ ضمير ڪوريجي مشتاق ڀرڳڙيءَ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. بعد ۾ مشاعرو ٿيو جنهن ۾ صالح فقير، عاشق دادوي، صوفي خادم فقير، غلام بلوچ، عمران سومري، شاهد ڀرڳڙي، راهب جمالي، شڪور چارڻ ۽ ٻين پنهنجي شاعري پيش ڪئي.
24. 2016ـ08ـ23 تي نامياري اديب ۽ شاعر جناب دلبر جماليءَ جي 11 هين ورسي سنڌي ادبي سنگت دادو جي ايوان ۾ ملهائي وئي، جنهن جي صدارت محترم جاني جماليءَ ڪئي. خاص مهمان سماج سڌارڪ محترم هارون برهماڻي هو. اعزاري مهمان صوفي غلام مصطفى خادم فقير هئا. هن پروگرام ۾ دلبر جماليءَ کي اسٽيج تي ويٺلن کان علاوه رجب آزاد، تابش بخاري، ذوالفقار زلفي، ضمير ڪوريجو ۽ ٻين لفظن جي ڀيٽا ڏني. بعد ۾ مشاعرو ٿيو جنهن ۾ غلام بلوچ، عاشق دادوي، صالح فقير، حضور بخش گوپانگ، سجاد يوسف، عمران سومرو، راهب جمالي، اعظم ڇڻڪو، پرنس ذوالفقار، امجد قنبراڻي ۽ ٻين شاعري پيش ڪئي.

سال 17 ـ 2016ع
23 سيپٽمبر 2016ع تي سنگت جي چونڊ ٿي گذري. جنهن ۾ تابش بخاري سيڪريٽري، صوفي غلام مصطفى مڱڻيجو جوائنٽ سيڪريٽري، رجب آزاد خزانچي، نور محمد سومرو آڊيٽر ۽ ڊاڪٽر لياقت مگسي ڪائونسلر چونڊجي آيا.
1. 2016ـ10ـ09 تي امام عالي مقام جي عظيم قربانيءَ کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ محفل مسالمه منعقد ڪئي وئي.
2. 2016ـ11ـ13 تي نامياري ليکڪ رمضان راهيءَ جي نيپال جي سفر نامي تي مشتمل ڪتاب “گنگا گوتم ۽ مان” جي مهورت سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ جي صدارت ۾ ٿي. ٻين مهمانن ۾ ڊاڪٽر نظير چارڻ صاحب، رمضان راهي، گھايل لغاري ۽ معشوق ڌاريجو شامل هئا. هي پروگرام لطيف ليبر هال دادؤ ۾ ٿيو.
3. 2016ـ11ـ18 تي نامياري ليکڪ ذوالفقار گاڏهيءَ جي صدارت ۾ روميسا آرٽ گئلريءَ ۾ ثقافتي مشاعرو ٿيو. جنهن جو خاص مهمان محترم نظير احمد سومرو A.C دادو هئا.
4. 2016ـ12ـ16 تي خليل عارف سومرو جي صدارت ۾ نعتيه مشاعرو منعقد ڪيو ويو. ٻين مهمانن ۾ سيد گلفام زيدي ۽ اقبال شينو شامل هئا.
5. 2016ـ12ـ30 تي “تخليڪارن سان ڪجھه پل” جي عنوان هيٺ پنجن بزرگن اديبن سيد حاڪم علي شاه بخاري، محترم منير گوزائي، محترم علينواز عباسي، محترم ڊاڪٽر نظير چارڻ ۽ محترم محمد عرس اظهر سولنگيءَ سان رهاڻ رچائي وئي. جنهن جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل صاحب ڪئي.
6. 2017ـ01ـ16 تي سنڌ جي سدا حيات عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي 87 هين سالگره طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ جناب ڊاڪٽر لائق زرداريءَ جي صدارت هيٺ ملهائي وئي. مهمانن ۾ سيد حاڪم علي شاه بخاري، رضا لانگاهه، رمضان راهي ۽ غلام حيدر گھايل لغاري شامل هئا.
7. 2017ـ02ـ01 تي نامياري شاعر ۽ ٽي وي پروڊيوسر “محترم اطهر منگيءَ” سان ادبي ڪچهري طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ رچائي وئي جنهن جي صدارت محترم ڊاڪٽر لائق زرداريءَ ڪئي.
8. 2017ـ03ـ19 تي طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ “بسنت مشاعرو” منعقد ڪيو ويو. جنهن جي صدارت سيد منظور علي شاه ڪئي ۽ خاص مهمان جناب آزاد انور ڪانڌڙو صاحب هئا.
9. 2017ـ05ـ05 تي نامياري شاعر ۽ قومپرست اڳواڻ “محترم خاڪي جويي” جي وفات تي سنگت آفيس ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي.
10. 2017ـ07ـ17 تي نامياري تاريخ نويس جناب ڊاڪٽر لائق زرداريءَ جي وفات تي “تعزيتي ريفرنس” سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ جي صدارت ۾ ڪوٺايو ويو.
11. 2017ـ08ـ11 تي رجب آزاد جي ضلع رابطا سيڪريٽري دادو چونڊجي اچڻ تي سندس عزاز ۾ کيس آجياڻو ڏنو ويو. جنهن جي صدارت محترم ميان محمد پيرزادي صاحب ڪئي.
12. 2017ـ08ـ13 تي نامياري اديب ۽ دانشور محترم محمد ابراهيم جويي صاحب جي 102 ين سالگرهه طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ ملهائي وئي.
13. 2017ـ08ـ21 تي روميسا آرٽ گئلري ۾ نامياري ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن ۽ ڪيترائي ڀيرا رابطا سيڪريٽري رهندڙ “ڊاڪٽر قربان جھتيال” جي پنجين ورسي ملهائي وئي. صدارت سائين حاڪم علي شاه بخاري ڪئي ۽ خاص مهمان جناب آزاد انور ڪانڌڙو هو.
14. 2017ـ09ـ04 تي عيد الاضحى جي موقعي تي زبردست مشاعرو ڪوٺايو ويو.
15. 2017ـ11ـ11 تي نامياري ليکڪ ۽ دانشور محترم محمد ابراهيم جويو جي وفات تي تعزيتي گڏجاڻي طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت راقم الحروف رجب آزاد ڪئي.
16. 2017ـ11ـ24 تي طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ “نعتيه مشاعري” جو اهتمام ڪيو ويو جنهن جي صدارت خليل عارف ڪئي ۽ خاص مهمان رجب آزاد هو.
سال 2018ع
14 جنوري 2018ع تي سنگت دادؤ جون چونڊون ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ ٿيون. چونڊ ڪاميٽيءَ ۾ وسيم آڪاش سيتائي ۽ اسير امتياز شامل هئا. ووٽن ذريعي چونڊ عمل ۾ عمران علي سومرو سيڪريٽري، سجاد يوسف جوائنٽ سيڪريٽري، نظير نياز خزانچي، ضمير ڪوريجو آڊيٽر ۽ عاشق دادوي ڪائونسلر چونڊجي آيا.
1. 2018ـ02ـ21 تي ٻن ناميارن شاعرن محترم الهنواز رڪڻائي ۽ محترم بشير سيتائيءَ جن جي گڏيل ورسي لطيف ليبر هال ۾ ملهائي وئي. صدارت نوجوان اديب معشوق ڌاريجو ڪئي ۽ خاص مهمان ناميارو دانشور تاج جويو هو. آزاد انور ڪانڌڙو، محمد عرس اظهر، رجب آزاد، رضا لانگاهه، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، محبوب سنڌي ۽ روح رڪڻائي اعزازي مهمانن ۾ شامل هئا.
2. 2018ـ03ـ25 تي دادو شهر جي ٻن ناميارين علمي ۽ ادبي شخصيتن محترم الهرکيو ڳورڙ ۽ شهيد عادل سکيراڻيءَ جي گڏيل ورسي لطيف ليبر هال دادؤ ۾ منعقد ڪئي وئي. صدارت محترم نور محمد سومري ڪئي ۽ خاص مهمان تاريخ نويس نياز وگھيو صاحب هو. جڏهن ته رجب آزاد، عابد ڪلهوڙو، گل سجاول ٻين مهمانن ۾ شامل هئا.
3. 2018ـ04ـ20 تي سنڌ جي ناليواري بزرگ شاعر محترم نشتر ناٿن شاهيءَ جي وڇوڙي تي سنگت دادو جي ايوان ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جنهن جي صدارت خليل عارف سومرو ڪئي ۽ خاص مهمان مارو جمالي هو. ٻين مهمانن ۾ ضلعه رابطا سيڪريٽري دادو رجب آزاد ۽ لالا ستار قريشي شامل هئا.
4. 2018ـ04ـ29 تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي حڪم تي سنڌ ۾ ڌارين ماڻهن کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ، سرڪاري ۽ غير سرڪاري سائن بورڊ سنڌيءَ ۾ نه لکڻ، سنڌ ۾ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد نه ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب دادؤ آڏو ڌرڻو هيون ويو.
5. 2018ـ08ـ12 تي دادؤ جي بهترين شاعر محترم تابش بخاريءَ جي ڪتاب “اداسيءَ جون شامون” جي مهورت طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ ملهائي وئي. پروگرام جي صدارت سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل محترم احمد سولنگيءَ ڪئي. خاص مهمان عوامي شاعر مهر ڊٻائي هو. اعزازي مهمانن ۾ آزاد انور ڪانڌڙو، عبد مگسي، پروفيسر جبار ملاح، رجب آزاد ۽ معشوق ڌاريجو شامل هئا.
6. 2018ـ10ـ09 تي سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي 26 هين ورسيءَ جي مناسبت سان نامياري شاعر ۽ اديب محترم رضا لانگاهه کان “استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ جبر ۽ جماليات جو فلسفو” جي موضوع تي طالب المولى هاءِ اسڪول ۾ ليڪچر ڪرايو ويو. جنهن جي صدارت خليل عارف سومري ڪئي. خاص مهمان رضا لانگاهه هو. سيد حاڪم علي شاهه بخاري، رجب آزاد، افضل ڪلهوڙو، لالا ستار قريشي اعزازي مهمان هئا.
7. 2018ـ08ـ26 تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو خزانچي محترم پريم پتافي دادو سنگت جي دوري تي آيو. جنهن سان ساٿ ۾ محترم فدا ملڪ، امر کهاوڙ، مير احمد مير ۽ يعقوب پتافي شامل هئا. مختصر وقت ۾ سنگت جا ڪجھه دوست آفيس ۾ گڏ ٿيا جتي هڪ ننڍڙو مشاعرو پڻ ٿي ويو.
8. 2018ـ09ـ29 تي سنڌ جي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ڏنو ويو.
9. 2018ـ11ـ04 تي سنگت دادؤ جي نامياري شاعر ۽ نثر نويس محترم منير ڳوزائيءَ جي وفات تي تعزيتي گڏجاڻي سنگت آفيس جي ايوان ۾ مزاحمتي شاعر عاشق دادوي جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي.
10. 2018ـ11ـ16 تي جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺ جي مناسبت سان خليل عارف جي صدارت ۾ سنگت آفيس آڏو نعتيه مشاعرو منعقد ڪيو ويو.
11. 2018ـ11ـ30 تي سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ڪاروباري ڪاميٽي ميمبر مشهور نعت خوان ۽ شاعر صوفي صالح فقير پهنور جي وفات تي سنگت آفيس جي ايوان ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. صدارت تابش بخاريءَ ڪئي خاص مهمان خليل عارف ۽ اعزازي مهمان رجب آزاد ۽ لالا ستار قريشي صاحب هئا.
12. 2018ـ12ـ14 تي سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي جي مشهور عوامي شاعر محترم انور قنبراڻيءَ جي وفات تي تعزيتي گڏجاڻي سنگت آفيس جي ايوان ۾ ڪوٺائي وئي. صدارت اميد سنڌيءَ ڪئي. ٻين مهمانن ۾ رجب قنبراڻي (ڀاءُ)، رضوان قنبراڻي (پٽ) ۽ ضلعه رابطا سيڪريٽري دادو رجب آزاد شامل هئا.
13. 2019ـ01ـ04 تي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ۽ بهترين شاعر محترم غلام الدين غلام جي اوچتو وڇڙي وڃڻ تي سنگت آفيس ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. صدارت خليل عارف سومرو ڪئي. ٻين مهمانن ۾ ڪاشف چانڊيو (پٽ)، رجب آزاد ۽ ڊاڪٽر لياقت مگسي شامل هئا.

سال 20 ـ 2019ع
27 جنوري 2019ع تي سنگت جون چونڊون اڳوڻي سيڪريٽري عمران سومري ڪرايون. چونڊ ڪاميٽيءَ ۾ محترم مارو جمالي ۽ مقصود چانڊيو شامل هئا. انڪري جو رجب آزاد خود ڪائونسلر جو اميدوار هو ۽ صرف دادو شاخ جي چونڊن نه ڪرائڻ تان دستبردار ٿيو هو. هن چونڊن ۾ ووٽن ذريعي ملڪ وحيد سيڪريٽري، مير منظور جويو (بنا مقابلي) جوائنٽ سيڪريٽري، سجاد يوسف (بنا مقابلي) خزانچي، تابش بخاري آڊيٽر ۽ رجب آزاد ڪائونسلر چونڊجي آيا. جيئن ته ڪووڊ 19 جي وبا سبب لاڪ ڊائون وغيره جي ڪري اليڪشن ڪانه ٿي ۽ ملڪ وحيد ۽ سندس ساٿي مسلسل ٻه (2) سال عهدن تي رهيا.
1. 2019ـ02ـ15 تي ٻين عظيم بزرگ شاعرن سائين الهنواز رڪڻائي ۽ محترم بشير سيتائيءَ جن جي ورسين جي مناسبت سان لطيف ليبر هال ۾ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. جنهن جي صدارت سنگت سنڌ جي پريس ترجمان محترم آزاد انور ڪانڌڙي ڪئي. خاص مهمان نوجوان اديب معشوق ڌاريجو هو ۽ اعزازي مهمانن ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد ۽ ٻيا شامل هئا.
2. 2019ـ03ـ17 تي نامياري ليکڪ، سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر محترم الهرکيو ڳورڙ جي ورسي پريس ڪلب دادؤ ۾ ملهائي وئي. صدارت قومپرست اڳواڻ مولانا عزيز الله ٻوهيو صاحب ڪئي. ٻين مهمانن ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد، ڪامريڊ هاشم کوسو، پروفيسر شهاب الدين ملاح، پاول جوڻيجو ۽ سراج ڳورڙ شامل هئا.
3. 2019ـ03ـ29 تي روميسا آرٽ گئلري ۾ شهيد عادل سکيراڻيءَ جي ياد ۾ ادبي پروگرام منعقد ڪيو ويو. صدارت خليل عارف ڪئي ۽ خاص مهمان سنگت سنڌ جو پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو هو. اعزازي مهمانن ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد شامل هو.
4. 2019ـ04ـ19 تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر وفا ولي محمد پليءَ جي وفات تي تعزيتي ميڙاڪو سنگت آفيس جي ايوان ۾ ڪوٺايو. صدارت محترم تابش بخاريءَ ڪئي.
5. 2019ـ04ـ28 تي سنڌي ادبي سنگت دادؤ جي اڳوڻي سيڪريٽري محترم علي گوهر سومري سان هڪ رهاڻ رچائي وئي جنهن جي صدارت خليل عارف سومري ڪئي. خاص مهمان خود صاحبِ رهاڻ هو. اعزازي مهمانن ۾ محمد عرس اظهر سولنگي، مارو جمالي، سيد هدايت حسين شاهه ۽ حاجي غلام قادر سولنگي هئا.
6. 2019ـ05ـ12 تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل پاران سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري بيان جي خلاف سنگت مرڪز جي سڏ تي پريس ڪلب دادؤ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيون ويو.
7. 2019ـ06ـ14 تي پريس ڪلب دادؤ ۾ محترم ڊاڪٽر لياقت مگسي ۽ شاعر مسڪين ملاح جي وڇوڙي تي تعزيتي گڏجاڻي نظم جي سهڻي شاعر مارو جماليءَ جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي. خاص مهمان خليل عارف هو. اعزازي مهمانن ۾ محترم ضمير ڪوريجو، رجب آزاد، نياز الاهي ابڙو ۽ سهراب مگسي شامل هئا.
8. 2019ـ06ـ21 تي دادو شهر سان تعلق رکندڙ نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس محترم “نور گھلو” جي دک دائق وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو سنگت آفيس جي ايوان ۾ سڏايو ويو جنهن جي صدارت خليل عارف سومري ڪئي.
9. 2019ـ11ـ17 تي دادو ضلعي جي نامياري ليکڪه محترمه “شبانه نواز پهنور” جي ڪتاب “وفائون ماٺ ٿي ويون” جي مهورت لطيف ليبر هال ۾ محترم آزاد انور ڪانڌڙو جي صدارت ۾ ٿي. خاص مهمان ليکڪه شبانه نواز پهنور هئي. ٻين مهمانن ۾ مير حاجن مير، رجب آزاد ۽ مرتضى لغاري شامل هئا.
10. 2019ـ11ـ29 تي تابش بخاريءَ جي صدارت هيٺ سنگت آفيس جي ايوان ۾ “ثقافتي مشاعرو” منعقد ڪيو ويو. مهمانن ۾ لالا ستار قريشي، خليل عارف سومرو ۽ رجب آزاد شامل هئا.
11. 2020ـ03ـ01 تي سنڌي ادب جي ٻن کاهوڙي ڪردارن محترم الهنواز رڪڻائي ۽ محترم بشير سيتائيءَ جي ياد جي حوالي سان ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جنهن جي صدارت پروفيسر انور ساگر ڪانڌڙي ڪئي. ٻين مهمانن ۾ ذوالفقار گاڏهي، همراز ڀٽي، آزاد انور ڪانڌڙو، خليل عارف، روح رڪڻائي، حميد آس ٻٻر ۽ علي محمد درد سولنگي شامل هئا.
12. 2020ـ10ـ17 تي “ڏنگي ۽ ڀنڊار” ٻيٽن تي وفاق جي ناجائر قبضي خلاف مرڪزي خزانچي محترم مارو جمالي جي قيادت ۾ پريس ڪلب جي آڏو احتجاج ڪيو ويو.
13. 2020ـ11ـ29 تي پريس ڪلب دادؤ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي خزانچي محترم مارو جماليءَ جي صدارت ۾ “ثقافتي مشاعرو” منعقد ڪيو ويو. خاص مهمان نور محمد سومرو هو. رجب آزاد ۽ خليل عارف اعزازي مهمان هئا.

سال 2021ع
سنڌي ادبي سنگت شاخ دادؤ جون چونڊون ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ ٿيون. چونڊ ڪاميٽيءَ ۾ محترم نياز الاهي ابڙو ۽ گلزار ڪلهوڙو ميمبر هئا. هن عمل ۾ سنڌي ادبي سنگت جو خزانچي محترم مارو جمالي به شامل ٿيو. جيتوڻيڪ چونڊ عمل 16 ڊسمبر 2020ع تي ٿيڻو هو پر مصلحتن 13 ڊسمبر 2020ع تي هيٺين باڊي چونڊي وئي.
علي گوهر سومرو سيڪريٽري، زاهد منگي جوائنٽ سيڪريٽري، سجاد يوسف سومرو خزانچي، اياز سيفي آڊيٽر ۽ عمران علي سومرو ڪائونسلر بڻيا. هي پهريون ڀيرو هو جو مخالفت ۾ ڪنهن کي به فارم ڀرڻ لاءِ همتايو نه ويو ۽ سنگت کان هٽي ڪري هڪ ٻئي اداري ۾ ويهي فيصلا ڪيا ويا. جيڪو جھموري عمل هرگز نه هو.

سنڌي ادبي سنگت شاخ دادوءَ جا ميمبر

شمشاد جوڻيجو
شمشاد احمد ولد عصمت الله جوڻيجو 02 سيپٽمبر 1927ع ۾ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم B.A LL.B هئي ۽ وڪالت جي شعبي سان منسلڪ هو. ڪيترين ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن جو ميمبر رهيو. سال 1952ع ۾ سڀ کان پهريائين ڪراچي شاخ ۾ ميمبر ٿيو ۽ ان ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ به ميمبر رهيو. پاڻ افسانه نگار ۽ شاعر هو. عمر جي آخري حصي ۾ انجمن آفتاب ادب دادؤ جو صدر به رهيو. جوڻيجو صاحب شوڪت سنڌي سان صحبت هجڻ ڪري سندس ايام ڪاريءَ ۾ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو هو. هن ڪيترائي عام ڀلائيءَ جا ڪم پڻ ڪيا، سندس وفات 06 مارچ 2012ع تي ٿي. سندس مزار لال هندي قبرستان دادؤ ۾ آهي.

مخدوم احمد مجتى غالب ملڪاڻي
مخدوم احمد مجتى غالب ولد محمد ملڪاڻي 15 مئي 1920ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادؤ ۾ ڄاوا. پاڻ عربي ۽ فارسي جا عالم هئا. ادب جي شروعات 1940ع ڌاري ڪيائون. پاڻ شاعر، نثر نويس ٿي گذريا آهن. سنڌي ادبي سنگت جو بنياد 56-1955ع ۾ تاج صحرائي، علي احمد قريشي ۽ سائين شفيع محمد سولنگي ۽ ٻين دوستن سان گڏجي وڌائون. سندن ڪيترائي ادبي، مذهبي ۽ فلسفي تي ڪتاب شايع ٿيل آهن. جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
فتاوى ملکاني، يادگيريون، سانحه ڪربلا، ارمغان غالب، شهاب ثاقب، سخن عارفانه، برڪاتِ نقشبند، مادو مذهب ۽ خدا، مشهور مسلمان فلسفي.
سائين غالب صاحب 21 جنوري 2008ع ۾ وفات ڪئي.

علي احمد قريشي
سائين علي احمد قريشي ولد رحمت الله قريشي جنوري 1921ع تي بختيارپور ڳوٺ تعلقي سيوهڻ ۾ ڄاوا. پيشي جي لحاظ کان تمام مشهور وڪيل رهيا. لکڻ جي شروعات جي باري ۾ وثوق سان نٿو چئجي سگھجي سندن ادبي سڃاڻپ هڪ نثر نويس طور هئي. سندن ڪتاب جمنا ڪناري سفر نامو، انگريزيءَ ۾ G.M Sayyed ۽ يادگيريون شايع ٿيل آهن. پاڻ ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن مان هئا. قريشي صاحب 06 سيپٽمبر 2013ع ۾ وفات ڪئي. کين ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.

سائين شفيع محمد سولنگي
سائين شفيع محمد سولنگي ولد غلام حسين سولنگي 7 آڪٽوبر 1920ع تي دادو شهر ۾ ڄاوا. پيشي جي حوالي سان استاد هئا. علمي ۽ ادبي خدمتن جي حوالي سان سندن وڏو نانءُ آهي. سائين شفيع محمد سولنگي نثر نويس، ڊرامه نويس، اداڪار، گلوڪار ۽ تاريخ نويس ٿي گذريا آهن. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جي باني ميمبرن ۾ سندن نالو ڳڻجي ٿو. آخري دم تائين ادبي سنگت جي پروگرامن کي چار چنڊ لڳائڻ لاءِ ضرور ايندا هئا. سائين جن 92 سالن جي عمر ۾ 02 فيبروري 2011ع تي وفات ڪئي. کين لعل هندي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.

تاج صحرائي
سائين تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ المعروف “تاج صحرائي” 11 سيپٽمبر 1921ع ۾ شڪارپور ۾ ڄاوا. ڪجھه عرصو سيوهڻ ۾ گذاريائين ۽ بعد ۾ لڏي اچي دادو شهر ۾ رهيا. 1940ع کان ادبي ميدان ۾ آيا. سندن سڃاڻپ شاعر محقق ۽ تاريخ نويس آهي. سندس ڪتاب “تصوير درد”، “سرسارنگ جو مطالعو”، “سنڌو تهذيب”، “ليڪ منڇر”، “پڻي لوڪ” ۽ “نيڻين ننڊ اکوڙ” ڇپيل آهن. سائين تاج صحرائيءَ جو تعلق درس و تدريس سان هو ۽ پاڻ طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ جا باني هيڊماستر رهيا. سندن وفات 28 آڪٽوبر 2002ع تي ٿي. تاج صاحب ادبي سنگت جا بنيادي ۽ باني ميمبر هئا.

ابوبڪر خان مگسي
ابوبڪر خان مگسي ولد مولوي عبدالرحيم مگسي ويٺل ڳوٺ گل محمد مگسي 1920ع تي ڪراچي شهر ۾ پيدا ٿيو جو سندس والد صاحب سنڌ مدرسي ۾ فقه جو استاد هو. سندس تعليم ۽ تربيت به ڪراچيءَ ۾ ٿي، جتي عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ بي اي، ايل ايل بي پڻ ڪيائين. هو ڪجھه وقت ڪراچي ۽ دادؤ جي مختلف اسڪولن ۾ استاد جي حيثيت سان به رهيو. ان بعد وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ پراسيڪيوٽر به ٿيو. علم وادب سان بيحد لڳاءُ هيس هن ڪيترائي مضمون لکيا ۽ ترجمو به ڪيا.
ميان ابوبڪر مگسيءَ ڪجھه ڪتاب به لکيا ۽ ڪجھه ڪتاب ترجمو به ڪيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “پاڪستان ڪي قومي زبان عربي” اردؤ ۾ 1970ع ۾، “ڪٽنب رياست ۽ ذاتي ملڪيت” ترجمو 1996ع ۾، ۽ “اسلامي فلسفو ۽ تصوف” 2001ع ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس ٻيا ٽي چار ڪتاب اڻ ڇپيل به هئا. جن ۾ “عربن جي جديد تاريخ” ۽ “اسلامي تهذيب ۽ تمدن” شامل آهن. ابوبڪر خان مگسي سنڌي ادبي سنگت دادؤ جي باني ميمبرن مان هو. شوڪت سنڌيءَ سان انسيت هجڻ ڪري ادبي سنگت ۾ سندس ساٿ ڏنائين. سائين ابوبڪر مگسيءَ چوٿين اپريل1981ع ۾ وفات ڪئي.

استاد بخاري
سائين سيد احمد شاھ ولد سيد حاجن شاھ بخاري 16 جنوري 1930ع ۾ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ڄاوا. پاڻ سنڌ جا ناليوارا شاعر ٿي گذريا آهن. پيشي جي حوالي سان پهريائين استاد ۽ پوءِ پروفيسر جي عهدي تان رٽايرمينٽ ورتائون. استاد بخاري جن لکڻ جي شروعات 1942ع کان ڪئي. سندن شاعريءَ ۾ 40 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڇپيل آهن.
استاد بخاري ادبي سنگت دادؤ جا تاحيات ميمبر رهيا ۽ پاڻ ڪائونسلر ۽ ڪاروباري ڪاميٽي جي عهدن تي پڻ رهيا. بخاري صاحب 19 آڪٽوبر 1992ع تي وفات ڪئي سندس تربت واڌن شاهه قبرستان دادؤ ۾ آهي.

نواز رڪڻائي
محترم الهنواز ولد محمد عرس ڪوريجو ملاح المعروف “نواز رڪڻائي” 10 مئي 1930ع تي پراڻو رڪڻ تعلقي دادؤ ۾ ڄاوا. پاڻ استاد هئا. 1951ع کان ادب ۾ بحيثيت شاعر ۽ نثر نويس طور داخل ٿيا. سندس ڪتاب “ڇليون منڇر ڇوليون”، “درياهي ٻولي”، “ڄام هٿ ۾ ڄار” ۽ “نيڻ نه ننڊون ڪن” ڇپيل آهن. دادؤ ۾ رهڻ ڪري ادبي سنگت دادؤ جا ميمبر ٿيا ۽ سال 2001ع ۾ سيڪريٽري به رهيا. سندن وفات فيبروري 2007ع تي ٿي.

سيد حاڪم علي شاھ بخاري
سيد حاڪم علي شاھ بخاري ولد سيد حاجن شاهه بخاري صاحب 15 فيبروري 1938ع ۾ ڳوٺ غلام چانڊيو تعلقه دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي آرڪيالاجي هئي. پاڻ چار سال روينيو کاتي ۾ رهيو، ۽ ٻه سال تعليم کاتي ۾ استاد پڻ رهيو. ان بعد آرڪيالاجي کاتي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ 1998ع ۾ رٽاير ٿيو. رٽاير ٿيڻ کان پوءِ به کيس مختلف پراجيڪٽس ۾ خدمتون ورتيون پئي ويون. سيد حاڪم علي شاهه 1964ع کان ادبي ميدان ۾ آيو. پاڻ تاريخ نويس هيو ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌ جي رسالن وغيره ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڏهه ڪتاب ڪو رائيٽر جي حيثيت سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيل آهن. جيڪي پڻ مختلف موضوعن تي آهن. پاڻ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مهارت سان لکي سگھندو هو. “کير ٿر”، “ڪلهوڙا پيرڊ ايگريڪلچر” انگريزيءَ ۾ “آرڪيالاجيءَ جي لغت” ۽ موسيقي تي به ڪتاب ڇپيل اٿس. سيد حاڪم علي شاهه بخاري 13 مئي 2021ع تي ڪورونا وبا سبب وفات ڪري ويو. سندس مزار پير محمد مراد قبرستان ۾ آهي.

بشير سيتائي
بخشل ڀٽي ولد محمد موسى ڀٽي ادبي نالو “بشير سيتائي” 08 جولاءِ 1949ع تي سيتاوليج ۾ تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب ۽ ايل ايل بي هئي. پاڻ بلڊنگس کاتي ۾ ملازم هو. 1966ع کان ادب ۾ پير پاتائين سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. “سج سريکو سچ”، “جھرڻو منهنجو جيءُ”، “ڏات نه ٿيندي مات”، “ڏاها ڏات ڌڻي”، “اکر اکر ۾ اٿاھ الفت”، “اداس من جي اداس موسم” ۽ “عشق عجب سوغات” وغيره ڇپيل آهن. 1998ع ۾ ادبي سنگت دادو جو ميمبر ٿيو هن کان اڳ شاخ سيتا روڊ جو 1989ع ۾ سيڪريٽري به رهيو. سندس وفات 5 فيبروري 2016ع تي ٿي. کيس محسن شاهه قبرستان ڇاڻو شاهه آباد دادؤ ۾ دفنايو ويو.

شوڪت سنڌي
شوڪت علي ولد حاجي محب علي قريشي ٽين جنوري 1939ع ۾ ڄائو. شوڪت سنڌي سياسي ڪارڪن رهيو. سنگت دادؤ کي 1963ع ۾ ٻيهر منظم ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي ۽ هو واحد سيڪريٽري هو جنهن ٻولي ۽ ادب ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو. ان حوالي سان سنگت دادو سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي. شوڪت سنڌي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪراچيءَ جي اجلاسن ۾ به شريڪ ٿيندو هو. هن سياسي حوالي سان ڪيترا ڀيرا قيد به ڪاٽيو. شوڪت سنڌيءَ سال 2002ع ۾ وفات ڪئي.

ڊاڪٽر نـظير چارڻ
نظير احمد ولد رسول بخش چارڻ 02 جون 1947ع تي ڳوٺ ٻٽڙا پهنور ۾ پيدا ٿيا. ڊاڪٽر نظير صاحب علمي ۽ ادبي توڙي پيشي جي حوالي سان تمام گھڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ هاڻي به ڏئي رهيو آهي.
سندس ڪيترائي ميڊيڪل ۽ سماجيات تي لکيل مضمون اخبارن جي زينت بڻجي چڪا آهن ۽ اڄ به زينت بڻجندا رهن ٿا. سندس هن وقت ٻارن جي بيماري تي ڪتاب “ٻارن جون عام بيماريو ۽ انهن جو هوميوپيٿي ۽ بايوڪيمڪ علاج” ٻه جلد ۽ ڊاڪٽر ولمار شوابي جو “مٽيريا ميڊيڪا باءِ ڊاڪٽر وليم بورڪ” ترجمو ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. اڄڪلهه سنڌيءَ ۾ “ميڊيڪل ڊسڪرپٽو ڊڪشنري” تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا جي جلدن ۾ 80 کان مٿي ميڊيڪل بابت تحقيقي مضمون پڻ لکيا آهن. هو دادو ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ڪارڪن آهي ۽ اها رڪنيت اڄ به جاري رکيو پيو اچي.

پروفيسر عبدالله مگسي
پروفيسر عبدالله ولد ڌڻي بخش مگسي 17 ڊسمبر 1947ع تي ڳوٺ گل محمد مگسيءَ ۾ پيدا ٿيو. 1960ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس سڃاڻپ هڪ محقق ۽ تاريخ نويس آهي. سندس ڪتاب “عالمي امن ۾ سنڌي اديبن جو حصو”، “سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو” ۽ “جان جان هئي جيئري” شايع ٿيل آهن. مگسي صاحب سنڌي ادبي سنگت جو گھڻو عرصو سرگرم ميمبر ۽ عهديدار به رهيو. سندس وفات 01 اپريل 1993ع ۾ ٿي. سندس مزار پير محمد مراد قبرستان ۾ آهي.

عادل سکيراڻي
شهيد غلام الرسول ولد محمد خان سکيراڻي المعروف “عادل سکيراڻي” 10 مارچ 1957ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. هو ساسو ۾ آفيسر هو ادب جي شروعات 1970ع کان ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو بهترين ۽ جاکوڙي ورڪر هو. شهيد عادل سکيراڻيءَ سنگت جو 88 ـ1987ع ۾ ٻه سال سيڪريٽري به رهيو ۽ ادبي سنگت دادؤ کي تمام گھڻو فعال ڪيائين. سندس ٻه ڪتاب “نيڻ ٿڪجي پيا” ۽ “سنڌ جون رانديون” شايع ٿيل آهن.
کيس 23 مارچ 1992ع تي گھرجي دروازي آڏو شهيد ڪيو ويو.

شان راشدي
عادل راشدي ولد پير علي محمد راشدي 12 فيبريوري 1961ع ۾ ڄائو. هو گھڻو وقت دادؤَ ۾ به رهيو. سندس تعليم ايم-اي جرنلزم (يونيورسٽي آف ٽورينٽو) آهي. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار طور آهي. پاڻ “شان راشدي” تخلص استعمال ڪندو آهي. اڄڪلھه سندس وابستگي جيئو نيوز چينل سان آهي. شان راشدي دادؤَ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. عزيز رانجھاڻي جي چوڻ موجب ته هن مائوزي تونگ سان پڻ ملاقات جو شرف حاصل ڪيو هو. شان راشدي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر به هو ۽ سال 1983ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهيو. اڄڪلھه هو ڪئناڊا ۾ رهائش پذير آهي.

رحمت الله آخوند
حڪيم رحمة الله ولد حڪيم محمد عبدالعزيز آخوند 29 جنوري 1951ع ۾ دادو شهر جي آخوند محله ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم-اي ايڪنامڪس، فاضل طب وجراحت آهي. 1968ع کان صحافت سان وابسته رهيو. 1971ع کان آر-ايم-اي پرنٽرس نالي پريس کولي ماهوار رسالو “روشن طب” جاري ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي هفتيوار اخبار جي صورت ۾ نڪرڻ لڳو. آخوند صاحب حريت، مهراڻ، سنڌ ٽائيم، مارننگ نيوز ۾ پڻ ڪم ڪري چڪو هو ۽ پوءِ A.A.P سرڪاري نيوز ايجنسي سان منسلڪ رهيو.. پاڻ ڪجھه وقت P.T.V ۽ ريڊيو پاڪستان نيوز ۾ به ڪم ڪيائين. سماجي حوالي سان سگا دادو ۾ صدر ۽ روشن تارا اسڪول جو وائيس چيئرمن پڻ رهيو. هو پهريائين شوڪت سنڌي جي وقت ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو هو، پر وچ تي ڪجھه عرصو غائب رهيو وري شهيد عادل سکيراڻيءَ جي دؤر ۾ ٻيهر ميمبر ٿيو. پاڻ سال 1993ع ۾ سنگت جو سيڪريٽري به رهيو. اهڙي طرح ٻين به ڪيترن ئي عهدن تي ادبي سنگت جو ساٿ ڏنائين. عمر جي پوئين عرصي ۾ پنهنجي والد صاحب جي مطب “عزيز دوا خانه” کي سنڀاليائين. آخوند رحمت الله جي وفات 17 فيبروري 2021ع تي ٿي.

شمس الدين ملڪاڻي
شمس الدين ملڪاڻي ولد سرائي غلام دستگير ملڪاڻي 14 آگسٽ 1940ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي ايل ـ ايل ـ بي ۽ ڊپلوما ان بينڪنگ هئي، شروعات ۾ نيشنل بئنڪ ۾ ڪجھه وقت نوڪري ڪيائين پوءِ وڪالت شروع ڪيائين. پاڻ ٻه ڀيرا ڊسٽرڪٽ بار جو صدر رهيو. 1992ع ۾ اسپيشل ڪورٽ جو جج به رهيو. سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو. سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ فعال ڪردار ادا ڪيائين. پاڻ 1970ع ۾ سيڪريٽري به رهيو. ڪجھه مضمون ۽ ڪهاڻيون به لکيائين. سندس وفات 02 فيبروري 1993ع ۾ ٿي.

خالدميمڻ
محمد خالد ولد مولوي محمد سليمان “صدائي” ميمڻ دادو شهر ۾ 13 مارچ 1953ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب، اسلامڪ ڪلچر ۽ بي ـ ايڊ آهي پيشي جي لحاظ کان ايڇ ايس ٽي استاد هو، پر وقت کان اڳ رٽايرڊ آهي. 1972ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس طور آهي. 1975ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر هو ۽ 1986ع ۾ آڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڪتاب “خالد چوي” 2019ع ۾ ڊاڪٽر محمود مغل ترتيب ڏئي امرتا پبليڪيشن پاران شايع ڪيو آهي. خالد ميمڻ اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

احمد خان ملڪاڻي
احمد خان ولد غلام دستگير ملڪاڻي 11 جون 1944ع ۾ ملڪاڻي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن ۾ بهرو وٺندو پيو اچي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ مقالا نگار واري آهي. اڄ تائين سنگت جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي. ماضيءَ ۾ سنگت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آهي.

اظهر سولنگي
محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي المعروف “اظهر سولنگي” 13 جنوري 1942ع ۾ ڳوٺ ميوو خان ۾ ڄائو. پاڻ رٽايرڊ استاد آهي. هو 1962ع کان نثر نويس ۽ شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ٻه ڪتاب دادو “ضلعي جو ماضي ۽ حال” ۽ “دادو ضلعي جو اڀياس” ڇپيل آهن. پاڻ ادبي سنگت جو ميمبر آهي ۽ تقريبًا سيڪريٽريءَ کان سواءِ ٻين سڀني عهدن تي رهي چڪو آهي.

سومرو سودائي
غلام الرسول ولد محمد يوسف سومرو 10 اپريل 1938ع ۾ جنم ورتو. فائينل پاس هو ۽ ميونسپل ۾ آڪٽراءِ ڪلارڪ هو. 1954ع کان ادب ۾ مزاحيه شاعر طور داخل ٿيو ۽ تخلص “سودائي” اختيار ڪيائين. “چهنڊريون”، “ٽاڪوڙا” ۽ “تنهنجا ڏاڍ منهنجي ماٺ” ڇپيل آهن. ان کان علاوه هن ڪيترائي اسٽيج ڊرامه پيش ڪيا. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر پڻ رهيو. هن 14 اپريل 1992ع ۾ وفات ڪئي.

اطهر منگي
علي نواز ولد محمد فاضل منگي 28 اپريل 1948ع تي ڳوٺ واسو ڪلهوڙو تعلقه نصيرآباد ضلع قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو. پاڻ پهريائين استاد هو ۽ بعد ۾ P.TV تي پروڊسر رهيو. اطهر منگي جي سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. هو 1969ع کان باقاعدي لکندو پيو اچي. سندس مواد ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ آهي. سنڌي ادبي سنگت سان سندس گھڻو واسطو هو. سال 1983ع ۾ ادبي سنگت جي فعاليءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. اڄڪلهه هو ڪوئيٽا ۾ رهائش پذير آهي.

ملوڪ لنڊ
محمد ملوڪ ولد نٿو خان لنڊ 25 مارچ 1957ع ۾ دادو شهر جي شاھ آباد ڇاڻو ۾ پيدا ٿيو پاڻ ايم-اي پوليٽڪل سائنس آهي. پاڻ ٽريزي آفيسر هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. 1980ع کان ادبي ميدان ۾ آيو. پاڻ سٺو نثر نويس ۽ مترجم آهي. سندس ترجمي ۽ طبع زاد جا درجن کن ڪتاب ڇپيل آهن. هو ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر آهي ۽ اڄ تائين مصروفيتن مان وقت ڪڍي سنگت جي سڏ تي حاضر ٿئي ٿو. پاڻ ذاتي خرچ تي “سيف الملوڪ” نالي ذاتي لائبرري قائم ڪئي اٿائين. جنهن ۾ ڪتابن ۽ رسالن جو تعداد سٺ هزار جي لڳ ڀڳ آهي.
مشتاق ڀرڳـڙي
مشتاق علي ولد محمد ڇٽل ڀرڳڙي 16 سيپٽمبر 1974ع ۾ ڳوٺ اٺين شاخ جوهي ۾ جنم ورتو. 1990ع کان ادبي ميدان ۾ آيو، هو هڪ سٺو نثر نويس، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هو. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب “پاڇي”، “سفر”، “لفظ ناهن کيڏوڻا” ۽ “ايئن ئي جيئندا رهون ٿا” ڇپيل آهن. هو ادبي سنگت جو 2000ع ۽ 2005ع ۾ سيڪريٽري رهيو. ان کان علاوه ڪيترائي ڀيرا ٻين عهدن تي به رهيو سنگت جو تمام سرگرم ڪارڪن هو. مشتاق ڀرڳڙي ماهوار مئگزين “رم جھم” به ڪڍندو هو جنهن طرفان لڳاتار 6 شمارا شايع ٿيا. زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو ۽ جوانيءَ ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ اسان جو ساٿ ڇڏي ويو. سندس وفات 18 جولاءِ 2007ع ۾ ٿي. کيس جمال شاهه ستي جتي قبرستان مرکپور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ضمير ڪوريجو
ضمير احمد ولد محمد ابراهيم ڪوريجو 08 فيبروري 1968ع تي بُٺ محله دادؤ ۾ پيدا ٿيو. 1983ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين شاعري، مضمون ۽ ڪالم لکندو آهي. لکڻ ۾ پهريائين “سچل سنڌي” ۽ “آزاد دادوي” تخلص استعمال ڪندو هو. پر هاڻي “ضمير ڪوريجو” جي نالي سان لکي ٿو. ضمير سياسي ۽ سماجي ڪارڪن پڻ رهيو آهي ۽ ڪيترين ئي تنظيمن جو ميمبر ۽ عهديدا رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت دادؤَ ۾ اهم عهدن تي رهيو آهي. ضمير ڪوريجو دادو ادبي سنگت شاخ جو سال 2015ع ۾ سيڪريٽري رهيو. سندس تعليم ايم-اي ايڪانامڪس آهي ۽ واپڊا ۾ ملازم آهي. هو ڪجھه عرصو ڏهيسر اخبار ۾ تعلقي رپوٽر به رهيو آهي.

ملڪ وحيد
وحيد علي ولد الهورايو ملڪ 12 مارچ 1981ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب آهي ۽ پاڻ خانگي ملازم آهي. 2000ع ۾ ادب ۾ پير پاتائين. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. سندس ٻه ذاتي ڪتاب “آءُ منسوب تنهنجي نالي سان” 2006ع ۽ “ڪجھه ته ڳولينِ ٿيون اکيون” 2017ع ۾ ڇپيل آهن ۽ ٻيو ڪتاب “گلن سرهاڻ آندي آ” 2015ع ۾ ترتيب ڏنل آهي. ملڪ وحيد سنگت دادؤ جو سال 20 ـ2019ع لڳاتار ٻه سال سيڪريٽري رهيو. هن ادبي سنگت کي تمام گھڻو فعال رکيو.

صدف حسيني
شمس الدين ولد الهداد پهنور 15 فيبروري 1964ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. 1986ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعري آهي ادبي سنگت جو 1994ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ سال 1999ع ۾ سيڪريٽري رهيو ليڪن رڪارڊ ۾ هير ڦير سبب سندس ميمبر شپ ختم ڪئي وئي هئي. پر 2014ع ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل سيڪريٽري جنرل سنڌ ۽ دادؤ جي هڪ اديب جي مدد سان تيرهن سالن کان ميمبرشپ ختم ٿيل کي ميمبر شپ ڏئي ٻيهر سيڪريٽري چونڊرايو ويو. اهڙي طرح سندس مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ وري به سندس ميمبر شپ ڪاروباري ڪاميٽي سال 2015ع جي آخر ۾ ختم ڪري ڇڏي جو هن سنگت جو رڪارڊ، ڪيش بڪ، رسيد بڪ ۽ ڪجھه ٻيو سامان چارج ۾ نه ڏنا ۽ نه سنگت سان رجوع ڪيو.

ڊاڪٽر چندر لال
ڊاڪٽر چندر لال ولد پرڀداس اداسي 1954ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم بي بي ايس هئي ۽ پاڻ ڊاڪٽر هو. اڄڪلهه شايد پاڙيسري ملڪ ۾ رهي ٿو. هو تمام سماجي ۽ ادبي ڪمن ۾ سرگرم هوندو هو. ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکندو هو. ڊاڪٽر چندر لال سٺو مصور به هو ۽ ڪيتريون ئي شاندار پينٽنگس ٺاهيائين. ڊاڪٽر چندر لال ادبي سنگت ۾ باقاعدي سرگرم ميمبر رهيو.

امام بخش گهرياڻي
امام بخش گھرياڻي 1932ع ۾ ڳوٺ شاهه حسن تعلقي جوهي ۾ ڄائو. ميٽرڪ پاس ڪري سيشن ڪورٽ ۾ ڪلرڪ ٿيو نوڪري دوران وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. پوءِ نالي واري وڪيل ديوان آسنداس جو اسسٽنٽ ٿيو. ورهاڱي بعد ديوان صاحب هندستان ويندي کيس پنهنجي آفيس به ڏئي ويو. گھرياڻي صاحب هڪ ادب دوست انسان هو، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ گھڻو حصو وٺندو هو. شام جو سندس آفيس ۾ وڏي ڪچهري ٿيندي هئي جنهن ۾ مختلف مڪتبِ فڪر جا ماڻهو شريڪ ٿيندا هيا. پاڻ ادبي سنگت جو ميمبر به رهيو. گهرياڻي صاحب پيپلز پارٽيءَ جو خاص ڪارڪن رهيو. سندس وفات 2009ع تي ٿي.

شرجيل
عبدالفتاح ولد ڪرڙ خان ذات هاليپوٽو تخلص “شرجيل” 13 ڊسمبر 1938ع تي قاضي احمد شهر ۾ ڄائو. سندس پيدائش کانپوءِ سندس وڏا لڏي اچي دادؤ ۾ رهيا. سندس تعليم گريجوئيشن سان گڏوگڏ AMC, ET آهي پاڻ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ڊرائنگ جا استاد رهيا. جتان 1998ع ۾ رٽارير ڪيائون. شرجيل جي ڪهاڻين جو ڪتاب “پن ڇڻ کانپوءِ” ۽ نظمن جو ڪتاب “ڇوليون” شايع ٿيل آهن. فائن آرٽ جي دنيا ۾ فتاح هاليپوٽو هڪ وڏو نان آهي. اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

صاحب خان چنه
صاحب خان چنه لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ الهيار آگاڻيءَ ۾1941ع ۾ پيدا ٿيو. پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم.اي ڪري دادوڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1965.66ع دوران سنڌي ادبي سنگت دادؤ سان منسلڪ رهيو. هن بعد ۾ پي ايڇ ڊي به ڪئي ۽ ڪيترن ئي وڏن عهدن تي رهيو. سال 2002ع ۾ رٽاير ٿيو. سندس علمي ۽ ادبي سڃاڻپ محقق ۽ تواريخ نويس طور آهي. چنه صاحب ڪيترن ئي ملڪن جا مطالعاتي دورا پڻ ڪري چڪو آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس. سندس هڪ ڪتاب تازو انگريزي زبان ۾ “The Sepration of Sind to Bomby” آهي. اڄڪلهه پاڻ ڪراچي شهر ۾ رهي ٿو.

اعجاز قريشي
اعجاز احمد ولد علي احمد قريشي جو جنم نامياري وڪيل ۽ اديب علي احمد قريشيءَ جي گهر ۾ پهرين جنوري 1948ع تي ٿيو. سندس تعليم ايم اي اڪنامڪس آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پروفيسر جي عهدي تان رٽاير ٿيو. دادؤ ۾ رهڻ دوران پهرين مارچ 1970ع ۾ ادبي سنگت جو سيڪريٽري چونڊيو ويو ليڪن مئي 1970ع تي حيدرآباد لڏي وڃڻ ڪري شمس الدين ملڪاڻيءَ کي ان جي جاءِ تي سيڪريٽري بڻايو ويو. اعجاز قريشي بنيادي طور تي نثر نويس آهي ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ “تاريخ سنڌ ارغون ۽ ترخان دور”، “هو جي واڪا واءَ ۾”، “اچو ته نئين سنڌ تعمير ڪريون” وغيره شامل آهن.

گل حسن ”گل ٻرڙو“
پروفيسر گل محمد ولد محمد صالح ٻرڙو تخلص “گل” پهرين جنوري 1936ع تي ڳوٺ بگو دڙو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ، اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي اسلامڪ ڪلچر هئي. پاڻ دادو ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرر هو ان بعد گورنمينٽ بوائز ڪاليج مورو ۾ پرنسيپال رهيو. دادو ۾ رهڻ دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ دادؤ ۾ ميمبر رهيو. جڏهن رٽاير ٿيو ته ڪوٽڙي شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.

يار محمد جھانگي
يار محمد ولد عمر پهنور تخلص “جھانگي” 17 جولاءِ 1937ع ۾ ڄائو. سندس تعليم سنڌي فائنل هئي. بعد ۾ ڪجھه ٻيون ڊگريون حاصل ڪيائين پاڻ استاد هو. 1958ع کان شاعر جي حيثيت ۾ ادب ۾ آيو. وريام سنڌي کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو سندس ڪافي مواد ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهي. يار محمد جھانگي 19 مئي 2017ع تي وفات ڪئي.

سنڌو ميراڻي
محمد صالح ولد محمد حسين المعروف “سنڌو ميراڻي” 15 فيبروري 1948ع ۾ دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم M.A انگلش هئي. 1963ع جي دور کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ شوڪت سنڌيءَ جي ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر رهيو. هن دادؤ مان هڪ رسالو “ليکڪ” نالي سان جاري ڪيو. هو سٺو ڪارٽونسٽ، شاعر ۽ نثر نويس هو سندس جملي لکڻيون ۽ ڪارٽون اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدي ڇپيا. سنڌو ميراڻي سال 2013ع ۾ وفات ڪئي.

روشن سولنگي
روشن علي ولد شفيع محمد سولنگي پهرين اپريل 1947ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. جواني جي دور ۾ فاروق سولنگي، احمد خان ملڪاڻي ۽ غلام علي سومرو جن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري کيس به لکڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ ڪجھه مضمون ۽ ڪهاڻيون به لکيائين، شوڪت سنڌيءَ جي وقت ۾ ادبي سنگت دادو جو ميمبر رهيو. روشن سولنگي حيدرآباد حبيب بئنڪ ۾ آفيسر هو سندس وفات 10 جولاءِ 2017ع تي ٿي.

علي دادا سومرو
غلام علي ولد دين محمد سومرو 08 فيبروري 1937ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو هي بنيادي طور تي اداڪار هو. ڪيترائي اسٽيج ڊرامه ڪيائين بعد ۾ T.V تي به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريائين. هو ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هو ۽ شوڪت سنڌيءَ جي وقت ۾ ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر پڻ رهيو. غلام علي “پمپي” طور مشهور هو ۽ پنسارڪو دوڪان هلائيندو هو. غلام علي سومري 24 آگسٽ 1984ع ۾ وفات ڪئي.

غلام الرسول (ڪيبرال) سومرو
غلام الرسول ولد بخشل سومرو المعروف “ڪيبرال” پهرين فيبروري 1969ع ۾ ڳوٺ شادڻ تعلقي جوهي ۾ تولد ٿيو. اڄڪلهه دادؤ ۾ رهي ٿو سندس تعليم ايم اي، ايم ايڊ آهي ۽ درس و تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. 1986ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ نثر ويس ۽ ڪالم نگار طور آهي. هو 1991ع ۾ سنگت جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.

حاجي محمد اسماعيل چارڻ
حاجي محمد اسماعيل چارڻ ولد غلام عباس چارڻ 1950ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ بهرو وٺندو پيو اچي. پاڻ ادب دوست آهي ۽ سنگت دادؤَ جو پراڻو ميمبر آهي. سنگت سان سندس اهو ساٿ اڄ تائين برقرار آهي.

شير ڀرڳڙي
شير محمد ولد محمد ڇٽل ڀرڳڙي 08 آگسٽ 1949ع تي ڳوٺ اٺين شاخ تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو. ادبي دنيا ۾ 1983ع ۾ داخل ٿيو. سندس سڃاڻپ نثر نگار آهي. پيشي جي حوالي سان استاد هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. شير ڀرڳڙي سنگت شاخ دادؤَ جو سال 11 ـ 2010ع ۾ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي ۽ هر سال ڪنهن نه ڪنهن عهدي تي چونڊ جي ايندو آهي.

طارق قريشي
طارق قريشي ولد نيڪ محمد قريشي 17 سيپٽمبر 1969ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور آهي. سندس ڪتاب “ٽين اک” ۽ “آسمان ڇا ٿو چئي” شايع ٿيل آهن. ان کان علاوه ڪافي ٽيلي پلي لکي چڪو آهي، اڳ ادبي سنگت دادو سان لاگاپيل هو، پر هاڻي هو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. ان ڪري سنگت کان ٿورو پري آهي.

الهرکيو ڳورڙ
محترم الهرکيو ولد بشارت علي ڳورڙ تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ سوجھرو گورڙ ۾ ڄائو. پاڻ تعليم کاتي ۾ اعلى آفيسر رهيا. لکڻ جي شروعات 1962ع کان نثر لکي ڪيائون. سندن هڪ ڪتاب “جيون سفر سڪ جو” ڇپيل آهي. سائين ڳورڙ صاحب سنڌي ادبي سنگت جو آخري دم تائين ميمبر رهيو ۽ هو ڪاروباري ڪاميٽي ۽ ننڍن عهدن تي رهيو. سندن وفات 13 مارچ 2012ع ۾ ٿي.
شمس سومرو
ڊاڪٽر شمس الدين ولد غلام حيدر سومرو المعروف “ڊاڪٽر شمس سومرو” پهرين جولاءِ 1954ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ادب ۾ 1970ع کان آيو هو شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران چانڊڪا ۾ قائم ڪيل سنگت شاخ جو سيڪريٽري رهيو. 1975ع ۾ سنگت دادؤ جو پڻ سيڪريٽري رهيو. ڊاڪٽر شمس سومرو 1994ع ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي به رهيو. سندن ڪتاب “موهن جو دڙو ادبي تنقيد جو مهاڳ” شايع ٿيل آهي. ڊاڪٽر شمس سومرو 2003ع ۾ وفات ڪري ويو.

سقراط سيتائي
شبير احمد ولد محمد حسن سومرو المعروف “سقراط سيتائي” 15 ڊسمبر 1963ع تي مرکپور دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس مستقل رهائش سيتا روڊ ۾ هئي ۽ هاڻي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. سندس تعليم ايم ـ اي پاس آهي. پيشي جي حوالي سان صحافي ۽ پريس فوٽو گرافر آهي. 1979ع کان ادب ۾ پير پاتائين هڪ شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت سان. سندس اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جيڪي شايع ٿيل آهن. هو سنگت دادو شاخ جو سال 1984ع ۾ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

اختر لڪياري
سيد عباس علي شاه ولد سيد عالم شاه لڪياري 21 ڊسمبر 1948ع تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي ۾ ڄاوا. پاڻ تدريسي شعبي سان لاڳاپيل هئا. 1965ع ۾ بحيثيت هڪ شاعر جي ادبي ميدان ۾ آيا ۽ ڪجھه نثر ۾ به لکيو اٿن. سندن مواد ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهي. سائين اختر لڪياري سنڌي ادبي سنگت جو آخري دم تائين ميمبر رهيو. سندن وفات 10 آگسٽ 2010ع ۾ ٿي ۽ کين محسن شاه قبرستان ڇاڻو شاهه آباد ۾ دفن ڪيو ويو.

ناز ڪاظمي
ڊاڪٽر ڪرم علي شاه ولد سيد عالم شاه 07 مارچ 1955ع تي کوسه وليج نوشهروفيروز ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان ڊاڪٽر آهي. هاڻي دادؤ ۾ رهائش پذير آهي. 1967ع کان بحيثيت شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ناز ڪاظمي سنگت شاخ ڇاڻو شاهه آباد ۾ به شامل هو ۽ هاڻي دادو ادبي سنگت سان لاڳاپيل آهي. سندس ٽي شاعريءَ جا ڪتاب شايع ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن.

سعيد سنڌي
سعيد احمد ولد محمد پريل ميمڻ مارچ 1947ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. صحافت سان تعلق رکندو هو. 1968ع ۾ ادبي سنگت ۾ داخل ٿيو ۽ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ۽ سيڪريٽري به رهيو. سندس سڃاڻپ ڪالم، ڪهاڻي ۽ شاعري هئي. سعيد سنڌي 18 مئي 2014ع تي وفات ڪئي. سندس مزار پير محمد مراد قبرستان ۾ آهي.

نور گھلو
نور محمد ولد محمد عالم گھلو المعروف “نور گھلو” پهرين جنوري 1949ع تي ڄائو. پاڻ درس و تدريس جي شعبي سان واڳيل هئا. نور گھلوءَ جي سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، مقالا نويس، مزاح نگار ۽ ڊرامه نويس طور هئي. سندس ڪتاب “مان زنده هوندس”، “پيارا فتاح” ۽ “ ڀڳل شيشا، ٽٽل آڱريون” ڇپيل آهن. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ميمبر هو ۽ سيڪريٽري به رهي چڪو هو. سندس وفات 14 جون 2019ع تي ٿي، کيس نانگو شاهه قبرستان حسين آباد حيدرآباد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سليم سولنگي
پروفيسر عبدالسليم ولد حڪيم محمد هاشم سولنگي 14 جنوري 1945ع تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻيءَ ۾ تولد ٿيا. ڊگري ڪاليج دادؤ ۾ انگريزيءَ جا پروفيسر رهيا. ڪيتريون ئي عملي ۽ ادبي خدمتون سر انجام ڏنائون. ادبي سنگت دادؤ جا ميمبر رهيا. شاهه سائين ۽ شيخ اياز جي ڪجھه شاعري انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيائون. سندن سڃاڻپ نثر نويس طور هئي. سائين سليم سولنگي پاڪستان ٽيليويزن جي ادبي پروگرامن ۾ ميزبان به رهيو. سندن وفات 2008ع تي ٿي کين لال هندي قبرستان دادؤ ۾ دفن ڪيو ويو.

ڊاڪٽر لياقت مگسي
ڊاڪٽر لياقت علي ولد ڌڻي بخش مگسي پهرين اپريل 1953ع تي ڳوٺ گل محمد مگسي لڳ دادؤ ۾ ڄائو. 1968ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. ڊاڪٽر لياقت مگسي هڪ مؤرخ ۽ مضمون نويس هو. سندس ڪتاب “خدا آباد جي سياسي ۽ سماجي حيثيت” شايع ٿيل آهي ۽ ڪجھه مقالا پڻ. پاڻ ادبي سنگت دادؤ جو سال 2017ع ۾ ڪائونسلر رهيو. سندس وفات 13 مئي 2019ع تي ٿي کيس پير محمد مراد قبرستان دادؤ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

شير زمان سومرو
شير زمان ولد شير محمد سومرو 2 اپريل 1962ع تي ڇاڻو شاھ آباد دادؤ ۾ ڄائو. 1979ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ بحيثيت شاعر جي پير پاتائين. هو ننڍن وڏن عهدن تي به رهيو. سندس ڪوبه ڪتاب ڇپيل نه آهي. شير زمان سومري سال 2013ع ۾ وفات ڪئي.

محمد بخش سميجو
محمد بخش سميجو ولد فقير محمد سميجو 1945ع تي ڳوٺ پٽيجيءَ ۾ ڄائو. سندس وڏا دادو شهر جي جڳت آباد محلي ۾ اچي آباد ٿيا. سميجو صاحب پهريائين استاد هو. بعد ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي سينيئر پروڊيوسر جي عهدي تي رهيو. علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ شوق سان شريڪ ٿيندو هو. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر به رهيو سندس ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار هئي. محمد بخش سميجي 13 آگسٽ 2004ع تي وفات ڪئي. سندن مزار لال هندي قبرستان دادؤ ۾ آهي.

عبدالله افضل
شيخ عبدالله پنهور ولد غلام الرسول تخلص “افضل” جو جنم 1932ع ۾ ڳوٺ دڙو تعلقـي دادو ۾ ٿيو. سندس تعليم سنڌي فائينل، عربي ۽ فارسي هئي. هو اناج جو واپار ڪندو هو. پاڻ فنونِ لطيف جي هر صنف سان پيار ڪندو هو ۽ پاڻ سٺي شاعري به ڪندو هو. ادبي سنگت ۽ بزم صوفياء سنڌ سان واڳيل رهيو.23 آگسٽ 2001ع ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه لال هندي قبرستان ۾ آهي.

مسرور ملڪاڻي
غلام هادي ولد علي حيدر “حيدري” ملڪاڻي ادبي نالو “مسرور ملڪاڻي” 20 مارچ 1936ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادؤ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي پاس هئي ۽ ايگريڪلچر کاتي مان آفيس سپرنٽينڊنٽ ٿي رٽاير ڪيائين. ڳوٺ ۾ ادبي ماحول ملڻ سبب مئٽرڪ کان ئي شاعري ڪرڻ لڳو. پاڻ سائين احمد مجتبى غالب کان اصلاح وٺندو هو. سال 1965ع ۾ سنگت دادؤ جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو. مسرور ملڪاڻي 22 اپريل 1994ع تي هن دنيا کي الوداع ڪيو.

احمد خان سهاڳ
احمد خان ولد ڪمال خان سهاڳ 21 سيپٽمبر 1959ع ۾ ڳوٺ الهرکيو سهاڳ ۾ ڄائو. پاڻ پيشي جي حوالي سان هاءِ اسڪول ٽيچر هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. سندس سڃاڻپ لوڪ ادب تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو لوڪ ادب جي محفلن ۾ ڪثرت سان شرڪت ڪندو آهي ۽ پاڻ به اهڙي قسم جا پروگرام ترتيب ڏيندو آهي. سنڌي ادبي سنگت دادو جو پراڻو ميمبر آهي پر اڄڪلهه غير سرگرم آهي.

طارق امر آريجو
طارق حسين ولد ڊاڪٽر غلام مرتضى آريجو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آريجا ۾ پيدا ٿيو. سندس والد دادؤ ۾ ڊاڪٽر هو ۽ آخري دم تائين دادؤ ۾ رهيو. طارق امر آريجو 87-1986ع کان دادو ادبي سنگت جو ميمبر هو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ مضمون نويس آهي. پاڻ مشهور رسالي “شعور” جو سب ايڊيٽر به رهيو آهي ۽ عبرت مئگزين ۾ پڻ سب ايڊيٽر رهي چڪو آهي. اڄڪلهه ادبي سنگت کان ٿورو پاسيرو آهي. ليڪن ڪڏهن ڪڏهن سنگت جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو آهي.

اميد سنڌي
اميد علي ولد محمد يعقوب لنڊ 18 اپريل 1963ع تي شاھ آباد ڇاڻو دادؤ ۾ ڄائو. پاڻ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور تعليم جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. 1981ع کان ادب ۾ آهي ۽ ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن آهي. هو سنگت دادؤ جو 1990ع ۽ 2009ع ۾ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر ۽ ٻين ننڍن عهدن تي به رهي چڪو آهي. هينئر ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ نثر نويس آهي.

تابش بخاري
سيد غلام شبير شاھ ولد سيد رسول بخش شاھ تخلص “تابش بخاري” ڳوٺ شير محمد ڏاوڇ تعلقي دادؤ ۾ 12 جولاءِ 1965ع تي ڄائو. پاڻ طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ استاد آهي. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ ميمبر ٿيو. هو اڄ تائين سنگت سان هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان واڳيل آهي. 1998ع ۽ 2017ع ۾ شاخ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. سندس ٽي ڪتاب “منهنجا شعر منهنجون تصويرون”، “اداسيءَ جون شامون” ۽ “اظهار عقيدت” نعتون شايع ٿيل آهن. تابش بخاري اڄڪلهه ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

نور محمد سومرو
نور محمد ولد عبدالله خان سومرو 29 مارچ 1953ع تي ڳوٺ شادڻ تعلقي جوهي ۾ ڄائو. سندس تعلق درس و تدريس سان رهيو هاڻي رٽايرڊ آهي. پاڻ سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن ۾ حصو وٺندو پيو اچي. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. ادبي سنگت دادؤ ۾ اڄ تائين سرگرم ڪارڪن آهي ۽ مختلف عهدن تي پڻ رهيو آهي. هاڻي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

رجب آزاد
رجب آزاد سنگت دادؤ جو اهم عهديدار رهيو آهي. سندس ذڪر ضلعي رابطا سيڪريٽرين واري حصي ۾ ڪيل آهي.

محبوب سنڌي
محبوب عالم ولد غلام مصطفى ڪنڀر المعروف “محبوب سنڌي” 24 مارچ 1982ع ۾ دادو شهر ۾ جنم ورتو. تعليم پرائي پوليس کاتي ۾ ملازم بڻيو. هو هڪ ئي وقت اداڪار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين. 1998ع ۾ مشتاق ڀرڳڙيءَ واري دؤر ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. نوڪريءَ سانگي ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتان جي بند پيل شاخ کي ٻيهر فعال ڪري سيڪريٽري بڻيو. سندس ايام ڪاريءَ ۾ تمام گھڻا پروگرام ٿيا.

اصغر جمالي
اصغر علي ولد غلام النبي جمالي پهرين مارچ 1986ع ۾ ڳوٺ شاھ محمد جمالي ۾ ڄائو. 2001ع ۾ رجب آزاد کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور آهي. هو ادبي سنگت کان ڪجھه وقت ڪٽيل رهيو، پر هاڻي ٻيهر فعال ٿيو آهي ۽ هن سال ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

عاشق دادوي
عبدالغفور ولد حاجي عبدالڪريم چارڻ غريب آباد دادؤ ۾ 12 مارچ 1958ع ۾ ڄائو . دادؤ جو هي پورهيت شاعر 1968ع کان شاعري ڪري پيو. عاشق دادوي سنگت دادو جو سال 2013ع ۾ سيڪريٽري رهيو. هن کان اڳ به تمام گھڻو سرگرم ڪارڪن پئي رهيو آهي. سال 2018 ع ۾ ڪائونسلر جي عهدي تي به رهيو. سندس هڪ ڪتاب “سچو آ نانءُ سنڌ جو” 2021ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد مان ڇپجي رهيو آهي.

عبدالستار کوسو
عبدالستار ولد عبدالله خان کوسو 10 جنوري 1980ع تي گھرام خان گوپانگ دادو ۾ ڄائو. سندس تعليم ميٽرڪ پاس هئي ۽ خانگي ڊاڪٽر وٽ ڊسپينسر هو. ادبي دنيا ۾ 1999ع ۾ آيو ۽ سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو هو. تمام سٺو شاعر هو ۽ صالح ادب جو حامي هو. پر زندگي ساڻس وفا نه ڪئي. عبدالستار کوسي 22 ڊسمبر 2005ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

گل حسيني
گلاب خان ولد حاجي خان ابڙو قلمي نالو “گل حسيني” جو جنم 06 جون 1979ع تي ڳوٺ شير محمد ابڙو ۾ ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. 2012ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ۾ ميمبر آهي.

اسد سومرو
اسد علي ولد نور محمد سومرو 11 سيپٽمبر 1982ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. پاڻ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر ۽ تعليم کاتي ۾ استاد آهي. 1998ع کان ادب ۾ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ داخل ٿيو. هو سنگت جو ميمبر آهي ۽ اڪثر ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهندو آيو آهي.

نظام شيخ
نظام الدين ولد احمد علي شيخ 15 آڪٽوبر 1975ع ۾ دادو ڀرسان ڳوٺ ٻڍو شيخ ۾ ڄائو. هاڻي دادو شهر ۾ رهي ٿو. هو صحافي آهي ۽ 1989ع کان ڪاوش گروپ سان لاڳاپيل آهي. K.T.N نيوز ۽ ڪاوش اخبار جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر آهي. نظام شيخ دادو ادبي سنگت جو ميمبر آهي، سندس ڪالم ۽ مضمون اخبارن جي زينت بڻبا آهن. نظام شيخ ادبي سنگت دادؤ جو گذريل 20 سالن کان ميمبر آهي.

نواز عباسي
سائين علي نواز ولد خدا بخش ڪلهوڙو عباسي 16 فيبروري 1941ع تي ڳوٺ عرض محمد لغاريءَ ۾ جنم ورتو. حافظ محمد احسن چنه صاحب جي صحبت ۾ ادب ۾ پير پاتائين. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ پاڻ رٽايرڊ استاد آهي. پاڻ ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ميمبر آهي ۽ مختلف عهدن تي پڻ رهيو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي سندس ڪجھه ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ واجھائي رهيا آهن.
نور محمد ڪنڀر
نور محمد ولد محمد اسماعيل ڪنڀر 30 آگسٽ 1980ع ۾ ڳوٺ محب علي چانڊيو تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. هاڻي دادو شهر ۾ رهي ٿو. پاڻ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي. 1993ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. هو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس پڻ آهي. 1998ع کان ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. ڪجھه وقت غير سرگرم رهيو، هاڻي وري سرگرم آهي. ڊرامن جي حوالي سان مختلف چئنلس تي سندس سوپ سيريل ڊرامه هلي چڪا آهن. نور محمد اڳ “آدرش” تخلص استعمال ڪندو هو.
نـظير نياز جويو
نظير احمد ولد علي بخش جويو المعروف “نظير نياز جويو” 07 مئي 1959ع تي ڳوٺ حاجي عبدالرسول جويو لڳ پيلو پتڻ ۾ ڄائو. 1982ع کان لکندو پيو اچي. سندس سڃاڻپ شاعري آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو “گيت چياسين جھومي جھومي” شايع ٿيل آهي. هو ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر آهي ۽ اليڪشن ۾ سدائين سوڀارو ٿيندو آهي. نظير نياز سنگت جو ڪائونسلر، خزانچي ۽ آڊيٽر جي عهدي تي رهي چڪو آهي. هن سال ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

سمير علي گوپانگ
سمير علي عرف مست علي ولد ڪفايت علي گوپانگ 12 اپريل 1981ع ۾ ڳوٺ گھرام خان گوپانگ ۾ جنم ورتو. 2000ع کان ادب ۾ پير پاتائين ۽ ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو، پر هاڻي هو سيوهڻ شهر ۾ رهي ٿو. سنگت ۾ سرگرم نه آهي.

مقسوم ثناگر
محمد اسماعيل ولد حاجي محمد ادريس ملاح تخلص “مقسوم ثناگر” ٽين مارچ 1976ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. سائين عباس علي شاه اختر لڪياريءَ جي صحبت ۾ ادبي سفر شروع ڪيائين ۽ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو. اڄڪلهه پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ مصروف آهي ۽ ادبي سنگت کان پاسيرو آهي.

ابل اداس ٻٻر
عبدالله ولد محمد سچل ٻٻر المعروف “ابل اداس ٻٻر” 16 مارچ 1980ع ۾ ڇاڻو شاھ آباد ۾ ڄائو. 1995ع کان شاعر بڻجي اسان جي سامهون آيو. 1998ع ۾ سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو ۽ اڄ تائين ميمبر آهي. سال 2004ع ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ رهيو. سندس هڪ ڪتاب “اسان کي اکيون بس روئڻ لئه مليون” ڇپيل آهي.

صالح فقير
سوڍل پهنور ولد محمد عرس پهنور “صالح فقير” 08 فيبروري 1953ع ۾ ڳوٺ بچل پهنور تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم مڊل پاس هئي. 1973ع کان هڪ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو. هو ادبي سنگت جو پراڻو ميمبر هو. غزل، ڪافيون، وايون ۽ نعتون تمام گھڻيون لکيون اٿس. سندس نعتن جو نذرانو، “نعت وڏي سوغات”، “مون اکر وهايو حق جو”، “نعت آهي ڏات”، “سراپا نور اسان جو حضورﷺ” ڇپيل آهن. صالح فقير سنگت جو سرگرم ميمبر رهيو. هر سال ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهندو هو. سندس وفات 20 نومبر 2018ع تي ٿي.

منظور برهماڻي
منظور علي ولد حسين بخش برهماڻي 15 اپريل 1967ع ۾ شاھ آباد ڇاڻو دادؤ ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم بي-اي ايل ايل بي آهي. پاڻ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي. 1992ع کان ادب ۾ پير پاتائين. پاڻ هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار آهي. مشتاق ڀرڳڙي کيس سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر بڻايو. اڄڪلهه سنگت کان ڪجھه پاسيرو آهي.

منير گوزائي
ڄام منير احمد راهوجا ولد شمس الدين راهوجا 20 جولاءِ 1941ع ۾ ڳوٺ حاجي لعل بخش راهوجا ۾ ڄائو هو. پاڻ دادؤ ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ ڪجھه وقت پير الاهي بخش لا ڪاليج جو پرنسيپل پڻ رهيو. 1959ع کان بحيثيت شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت مشهور ٿيو. سندس ڪتاب “پانڌي”، “منهنجي منزل تنهنجي مرڪ”، “چنڊ ڦرين ڇو گول” 2003ع ۽ “راهون رت ڦڙا” 2008ع ۾ شايع ٿيل آهن منير ڳوزائي ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر هو. سندس وفات 30 آڪٽوبر 2018ع ۾ ٿي.
صائب ميمڻ
غلام مصطفى ولد عبدالغفور ميمڻ تخلص “صائب ميمڻ”11 جنوري 1965ع تي ڳوٺ دواٻو تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. 1990ع کان شاعر جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين. ادبي سنگت دادؤ جو سرگرم ميمبر ۽ عهديدار رهيو. هو اڄڪلھه ڪوٽڙيءَ ۾ رهي ٿو ۽ اتي سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ ۾ سرگرم آهي. سال 2017ع ۾ ڄامشوري ضلعي لاءِ رابطا سيڪريٽري چونڊجي آيو هو. سندس هڪ ڪتاب “ڏاڍ نه رهندو ڏيهه ۾” ڇپيل آهي.

مولا بخش آزاد
مولا بخش ولد بخشل خان سولنگي تخلص “آزاد” 9 آڪٽوبر 1973ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. 1992ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 2000ع ۾ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي. اڄڪلهه هتان لڏي ڪوٽڙيءَ ۾ رهي ٿو ۽ سنگت کان ڪٽيل آهي.
علي گوهر سومرو
علي گوهر ولد غلام حسين سومرو ڳوٺ شادڻ تعلقه جوهيءَ ۾ پهرين جون 1952ع ۾ ڄائو. ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ڪارڪن آهي. هو شاعر ۽ مقالا نويس جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. 1985ع ۽ 1986ع ۾ لڳاتار ٻه سال سيڪريٽري رهيو. سال 2021ع ۾ ادبي سنگت دادؤ جو يڪراءِ طور سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي. هو اڄ تائين سنگت سان سلهاڙيل آهي. هن جي ايام ڪاري ۾ سنگت دادؤ کي ميونسپل ڪاميٽيءَ کان بنا ڪرايي تي آفيس ملي، جيڪا اڄ تائين موجود آهي.

علي محمد درد سولنگي
علي محمد ولد مير محمد سولنگي تخلص “درد” 21 نومبر 1965ع تي ڳوٺ قاضي پير محمد تعلقه دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ پاڻ هڪ استاد آهي. سال 1989ع کان ادب سان واڳيل آهي. هو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس آهي سندس ڪتاب “چاهتن جا گلاب”، “چاهتن جي موٽ”، “ٻار گلن جا هار”، “سهڻا ٻار” 2012ع، “هڪ شام جو الميو” 2012ع، “ڪاش” 2019ع، “قلم جنين جي هٿ ۾” ۽ “وڃائجي ويل رنگن جو احساس” 2020ع، “قدر منجه ڪنار” ۽ “ڪراچي سنڌ آ سائين” 2021ع ۾ ڇپيل آهن. درد سولنگي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. هو سال2001ع ۾ سيڪريٽري ۽ ٻين عهدن تي به رهي چڪو آهي. پاڻ پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل آهي.

عثمان ميمڻ
محمد عثمان ولد محمد بچل ميمڻ پهرين اپريل 1952ع تي بوبڪ شهر ۾ ڄائو. 1978ع کان ادبي دنيا ۾ آهي. پاڻ ڊرامه نگار، ترجمه نگار ۽ شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. شاعريءَ ۾ “بيخود” تخلص استعمال ڪندو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن هو. سال 1992ع ۾ سيڪريٽري به رهيو. ان کان علاوه مختلف عهدن تي پڻ رهيو آهي. اڄڪلهه ٻوليءَ جي با اختيار اداري ۾ ٻوليءَ لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
محمد رمضان خشڪ
محمد رمضان خشڪ ولد سعيد خان خشڪ پهرين آڪٽوبر 1954ع تي ڳوٺ جان محمد خشڪ لڳ خداآباد ۾ جنم ورتو. پيشي جي لحاظ کان پاڻ وڪيل آهي. ادبي ۽ سماجي خدمتن ۾ اڳي کان اڳرو آهي. شهيد عادل سکيراڻيءَ جي دور ۾ سنگت جو ميمبر ٿيو ۽ اڄ تائين سنگت سان سلهاڙيل رهي ٿو.
وحيد قريشي
وحيد الزمان ولد لطف الله قريشي 12 فيبروري 1962ع تي ڳوٺ ڪنڊي لڳ دادؤ ۾ ڄائو. 1978ع کان ادبي کيتر ۾ بحيثيت شاعر طور داخل ٿيو. سندس استاد حافظ احسن چنه آهي. هو ادبي سنگت جو ميمبر آهي. پاڻ استادي پيشي ۽ مطالعي کي گھڻو وقت ڏئي رهيو آهي.

وريام سنڌي
غلام مصطفى ولد بخش علي پهنور 02 آگسٽ 1971ع ۾ ڳوٺ درويشاڻي پهنور ۾ ڄائو. عاشق دادويءَ کيس ادبي سنگت ۾ آندو ۽ هو سال 12-2011ع لڳاتار ٻه سال کن سيڪريٽري رهيو. سندس سڃاڻپ نثر نويس آهي. هو سنگت ۾ ڪائونسلر به رهيو آهي ۽ اڄڪلهه ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

وزير منگي
وزير منگي ولد محمد فاضل منگي 10 مارچ 1965ع تي ڳوٺ واسو ڪلهوڙو تعلقه نصيرآباد ضلع قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو. 1979ع ۾ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار جي حيثيت سان ادب ۾ داخل ٿيو. هو سال 1989ع ۽ 2006ع ۽ 2007ع ۾ لڳاتار ٽي سال سنگت شاخ دادؤ جو سيڪريٽري رهيو. وزير منگيءَ سال 2010ع ۾ وفات ڪئي. هو استادي پيشي سان تعلق رکندو هو.

راجه رفيق پهنور
رفيق احمد ولد محمد صديق پهنور 23 مارچ 1972ع تي ڳوٺ آدم پهنور دادو تعلقي ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان سول اسپتال دادؤَ ۾ ملازم آهي. هو هڪ سماجي ڪارڪن سان گڏوگڏ بهترين اداڪار به آهي ڪيترائي ڊرامه T.V تي ڪري چڪو آهي. ادبي سنگت جو بهترين ڪارڪن آهي ۽ باقاعدي سنگت جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهي ٿو. هو خزانچي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي عهدن تي به رهي چڪو آهي.

قادر سنڌي
قادر بخش ولد محرم الدين کوکر چوٿين اپريل 1967ع تي ڳوٺ سيال لڳ دادو شهر ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. سندس سڃاڻپ گلوڪار طور آهي. ريڊيو ۽ ٽي- وي تي پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو ويهن سالن کان وٺي ميمبر آهي.

وفا ڪوڙل چنه
وفا ڪوڙل چنه ولد محمد ڇٽل چنه پهرين مارچ 1977ع ۾ ابڙان ڳوٺ ضلع نوشهروفيروز ۾ ڄائو. 1993ع ۾ ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو. هو شاعر ۽ ڪمپيئر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ادبي سنگت جو ميمبر آهي. پر اڄڪلهه گھٽ سرگرم آهي. سندس گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب “نيڻ نه ننڊون ڪن” ڇپيل آهي.
وفا ياسين چارڻ
غلام ياسين ولد محمد صالح چارڻ 08 سيپٽمبر 1971ع ۾ غريب آباد دادو ۾ ڄائو. 1990ع کان شاعريءَ ۾ پير پاتائين. پهريائين هو “يگانو” تخلص استعمال ڪندو هو پر هاڻي هو “وفا” تخلص استعمال ڪري ٿو. وفا ياسين ادبي سنگت دادؤ جو سرگرم ڪارڪن آهي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر رهندو ايندو آهي.

گل محمد شادان
گل محمد ولد احمد خان سومرو پهرين آڪٽوبر 1949ع ۾ سيتا روڊ ۾ جنم ورتو. پاڻ سول اسپتال ۾ ملازم پڻ رهيو. هو تاريخ نويس، مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو. عربي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي عبور هيس. عام طور تي کيس “گلاب سومرو” سان سڃاتو وڃي ٿو، پر تخلص “شادان” استعمال ڪندو هو. 1974ع کان ادبي افق تي براجمان ٿيو. هو سنگت دادو جو ميمبر هو. هن ادب جي خدمتگار 06 آگسٽ 2017ع تي هن فاني دنيا کي خيرباد ڪيو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ “قرآن شريف جو سرائڪي ۽ سنڌي زبان ۾ ترجمو” ۽ “استاد بخاريءَ جي لفطن جي لغت” شامل آهي.

ڪريم ميمڻ
عبدالڪريم ولد عبدالحڪيم ميمڻ 07 فيبروري 1954ع ۾ ڳوٺ دين محمد شاهاڻيءَ ۾ ڄائو. 1983ع کان ادب ۾ پير پاتائين. هو ساسو ۾ ملازم هو ۽ شهيد عادل سکيراڻيءَ کيس ادبي سنگت ۾ آندو. هو مختلف وقتن ننڍن عهدن تي پڻ رهيو آهي. ڪريم ميمڻ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

غني ٻٻر
عبدالغني ولد حاجي نياز ٻٻر 11 مارچ 1977ع ۾ ڳوٺ ستين شاخ تعلقه جوهي ۾ پيدا ٿيو. ادب ۾ 1998ع ۾ داخل ٿيو بحيثيت هڪ شاعر جي. اڄڪلهه دادو شهر ۾ رهي ٿو. هو مزاحيه ۽ اصلاحي انداز ۾ وڏي مهارت سان لکي رهيو آهي. سنگت دادو ۾ هر سال ڪنهن نه ڪنهن عهدي تي سرگرميءَ سان ڪم ڪندو آهي.

فقير صوفي غلام مصطفى مڱڻيجو
غلام مصطفى ولد محمد صفر مڱڻيجو 28 نومبر 1962ع ۾ ڳوٺ يار محمد مڱڻيجو تعلقه دادؤ ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان استاد آهي. سندس تخلص “صوفي خادم فقير” آهي. هن جي سڃاڻپ شاعر، مقالا نگار ۽ صوفي راڳيءَ طور آهي. سندس بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل ڪتاب “مخزنِ عشق” سال 2020ع ۾ ڇپيل آهي. سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو ڪجھه سالن کان ميمبر هو ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ رهيو. سال 2018ع ۾ سنگت جي آئيني خلاف ورزيءَ جي ڪري ميمبر شپ ختم ڪئي وئي.

مسڪين ملاح
محمد ابراهيم ولد احمد خان ملاح المعروف “مسڪين ملاح” پهرين مئي 1947ع تي ڳوٺ ملڪ تعلقه مورو ۾ ڄائو. هو روينيو کاتي ۾ ملازم هو. مسڪين ملاح شاعر جي حيثيت سان سنڌي ادبي سنگت ۾ آيو ۽ آخري دم تائين سنگت سان منسلڪ رهيو. سندس ڪلام ممتاز لاشاري ۽ اڪثر فنڪار به محفلن ۾ ڳائيندا آهن. مسڪين ملاح ٽي چار سال اڌرنگ جي بيماريءَ ۾ رهيو ۽ هن 25 مئي 2019ع تي وفات ڪئي.

صلاح الدين پهنور
صلاح الدين ولد حڪيم محمد صالح پهنور 08 جون 1947ع ۾ ڄائو. سندس وڏا ڳوٺ ابراهيم ڪچي مان لڏي اچي دادؤَ ۾ رهيا. پاڻ سوشل ويلفيئر کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽايرمينٽ ورتائين. صلاح صاحب شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪمپيئر ۽ اداڪار به رهيو. هو سنڌي ادبي سنگت جو پراڻو ميمبر آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. صلاح صاحب ڪيتريون ئي ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

غلام مصطفى مگسي
غلام مصطفى مگسي ولد حبيب الرحمان مگسي پهرين ڊسمبر 1976ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ادبي دنيا ۾ 1993ع کان داخل آهي ۽ سنگت شاخ دادؤَ جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. شاعري ۽ نثر نويس تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. هن وقت سرڪاري ملازم آهي.

پرديسي غلام الرسول ٻٻر
غلام الرسول ولد محمد خان ٻٻر 07 ڊسمبر 1971ع ۾ ٿرڙي جادو شهيد ۾ ڄائو. پاڻ سول اسپتال دادؤ ۾ ڊسپينسر آهي. 1993ع کان ادبي دنيا سان واڳيل آهي بحيثيت شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي. سندس تخلص “پرديسي” آهي. پاڻ ادبي سنگت ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ اڪثر چونڊ جي ايندو آهي.

عمران سومرو
عمران علي ولد علي حسن سومرو المعروف “عمران سومرو” پهرين اپريل 1970ع ۾ دادو شهر جي غريب آباد محله ۾ ڄائو. سال 2000ع کان شاعر جي حيثيت سان ادب سان لاڳاپيل آهي. سال 2018ع ۾ سيڪريٽري هو ۽ 2021ع ۾ ڪائونسلر جي عهدي تي آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن آهي ۽ استادي پيشي سان لاڳاپيل آهي.

شاهد علي سولنگي
شاهد علي ولد محبوب علي سولنگي 1972ع ۾ دادو شهر جي مارڪيٽ محلي ۾ اک کولي. شاعري جي حيثيت سان ادبي سنگت ۾ آيو. اڄڪلهه ملڪ کان ٻاهر آهي.

دلشاد ڀٽو
دلشاد ڀٽو ولد محمد بخش ڀٽو پهرين اپريل 1972ع ۾ ڳوٺ سعيد خان ڀٽو تعلقه دادو ۾ ڄائو. دلشاد ڀٽو سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آهي. ماضيءَ ۾ ميونسپل ۾ ڪلارڪ هو. ان دوران ادبي سنگت جو پڻ ميمبر هو. مضمون، مقالا ۽ ڪالم ڪثرت سان لکندو هو. پر اڄڪلهه سنگت کان پاسيرو آهي.


مقبول گھلو
مقبول احمد ولد دائم الدين گھلو 24 نومبر 1971ع دادؤ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي آهي. مقبول گھلو ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس آهي. ٻارڙن جون ڪهاڻيون “روبوٽ” نالي ڪتاب 1982ع ۾ سرهاڻ پبليڪيشن مان ڇپيل اٿس. اڄڪلهه ملڪ کان ٻاهر آهي.

عبدالنبي آزاد جوڻيجو
عبدالنبي ولد محمد عارف جوڻيجو تخلص “آزاد” پهرين مارچ 1966ع ۾ ڳوٺ مراد جوڻيجو لڳ ڪڪڙ ۾ جنم ورتو. پاڻ استاد آهي. 1992ع ۾ ادبي سنگت دادو جو ميمبر ٿيو ۽ سال 1997ع تي سنگت جو سيڪريٽري رهيو. ان کان علاوه ٻين عهدن تي به رهي چڪو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، مقالا نويس طور آهي، اڄڪلهه ڪوٽڙي شاخ ۾ ميمبر آهي.

عبدالشڪور چارڻ
عبدالشڪور ولد عبدالڪريم چارڻ 25 آگسٽ 1974ع ۾ غريب آباد ۾ ڄائو. سندس تعلق ايجوڪيشن کاتي سان آهي. ڪافي سالن کان شعر و سخن جو محفلون اٽينڊ ڪندو پيو اچي هڪ شاعر جي حيثيت ۾. عبدالشڪور چارڻ ادبي سنگت جو ميمبر آهي. هو ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ به رهيو آهي.

هارون برهماڻي
هارون برهماڻي تخلص “مسرور” 25 فيبروري 1963ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. سندس سڃاڻپ سماجي ڪارڪن طور آهي. ان کان علاوه ادبي سرگرمين ۾ هڪ شاعر ۽ مضمون نگار جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيندو آهي. ڪافي سالن کان ادبي سنگت جو ميمبر آهي. سال 2019ع جي اليڪشن ۾ آڊيٽر جي عهدي تي فارم ڀريائين ليڪن اليڪشن جو بائڪاٽ ڪري ويو ۽ پنهنجي استعيفا ڏياري موڪليائين جيڪا چونڊيل ڪاروباري ڪاميٽيءَ منظور ڪئي. هارون مسرور سدائين تحرڪ ۾ رهندڙ شخص آهي.

حسين بخش سکيراڻي
حيسن بخش ولد ڪانڊيرو خان سکيراڻي تخلص “منصور سکيراڻي” 25 اپريل 1963ع تي ڇاڻو شاه آباد ۾ ڄائو. پاڻ پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ملازم آهي. سندس سڃاڻپ گلوڪار ۽ شاعر آهي. عادل سکيراڻيءَ جي دور ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو، پر هاڻي هو غير سرگرم آهي جو دادؤ ۾ گھٽ رهي ٿو ۽ نوڪري سانگي اڪثر کيس ٻاهر رهڻو پوي ٿو.

شاهد کوسو
شاهد حسين ولد يار محمد کوسو دادؤ شهر ۾ گھرام خان گوپانگ پاڙي ۾ سن 1980ع ۾ ڄائو. 2000ع ۾ ادبي دنيا ۾ آيو ۽ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر جي حيثيت سان هئي، ڏاڍو پڪو پختو شاعر هو پر حياتيءَ وفا نه ڪيس سال 2007ع ۾ وفات ڪيائين.

سلامت جويو
سلامت علي ولد نبي بخش جويو پهرين مارچ 1981ع ۾ ڄائو. 1998ع کان ادبي سنگت ۾ ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. پاڻ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي ۽ هينئر ادبي سنگت کان ٿورو ڪٽيل آهي.

عزيز رانجھاڻي
عبدالعزيز ولد گاهي خان رانجھاڻي 07 سيپٽمبر 1968ع ۾ ڳوٺ ڇني ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان انجنيئر آهي. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ڪافي سالن کان ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ محقق، تاريخ نويس ۽ ڪالم نگار طور آهي. سندس ڪتاب “سنڌ جون ڍنڍون“ ۽ “مهاٻوڏ” شايع ٿيل آهن. عزيز رانجھاڻي دادو منجھان حيدرآباد شفٽ ٿي ويو آهي.



ارشاد سفير لغاري
ارشاد علي ولد روشن علي لغاري المعروف “ارشاد سفير لغاري” 09 مئي 1969ع تي ڳوٺ فتح محمد لغاري تعلقه جوهي ۾ پيدا ٿيو. هو شاعر ۽ نثر نويس هو. ريلوي ۾ ملازمت سبب دادو سنگت ۾ ايندو هو ليڪن ميمبر نه هو. سال 2015ع ۾ کيس ميمبر ڏيکاريو ويو. ارشاد لغاري سال 2019ع ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.

ساگر شهزاد جاگيراڻي
شهزاد خان ولد غلام اڪبر جاگيراڻي المعروف “ساگر شهزاد جاگيراڻي” لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 04 آگسٽ 1986ع ۾ ڄائو. ڪن سببن جي ڪري سندن وڏا دادؤ ۾ اچي رهيا. ساگر شهزاد سال 2001ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر جي حيثيت سان آهي. اڄڪلهه هو حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ سنگت کان ڪٽيل آهي.

رياض شاھ.
پير رياض احمد شاه ولد پير محمد عارف شاه 10 فيبروري 1967ع تي ڳوٺ پير بدرالدين تعلقي جوهي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب ۽ بي ايڊ هئي. پاڻ ايجوڪيشن کاتي ۾ ملازم هو ۽ سال 2018ع ۾ طبيعت جي ناسازيءَ سبب رٽايرمينٽ ورتائين. لکڻ جي شروعات 1991ع کان ڪيائين ۽ ادبي سنگت دادؤ جو 1998ع ۾ ميمبر ٿيو. هو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي، پر اڄڪلهه ادبي سنگت کان ڪٽيل آهي.

رفيق جتوئي
رفيق احمد ولد امام الدين جتوئي دادو جي گھرام خان گوپانگ پاڙي ۾ 03 اپريل 1984ع ۾ ڄائو. سال 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ شاعر جي حيثيت سان ميمبر بڻيو. اڄڪلهه غير سرگرم آهي.

راهي سانوڻاڻي
فدا حسين ولد محمد بخش سانوڻاڻي 15 فيبروري 1971ع ۾ دادو شهر جي ڇاڻو شاهه آباد ۾ ڄائو. سال 1992ع کان لکندو پيو اچي. راهي ادبي سنگت جو ميمبر آهي ۽ هڪ شاعر طور سڃاڻپ رکي ٿو. پاڻ واپڊا کاتي ۾ ملازم آهي. ڪجھه سالن کان راهي سنگت کان ڪٽيل آهي.

آسي بدر چنه
بدر الدين ولد حافظ شاه محمد چنه ڳوٺ نئين ڪلري تعلقي دادؤ ۾ 16 فيبروري 1984ع تي پيدا ٿيو. سٺو خاصو پڙهيل ۽ حافظِ قرآن آهي. پاڻ سرڪاري ملازم آهي. هو هڪ شاعر طور سڃاڻپ رکي ٿو. سال 2015ع جي اليڪشن ۾ معجزانه طور ميمبر ٿيو. اڄڪلهه غير آئيني ادبي سنگت شاخ جو ميمبر آهي.

غلام الدين غلام چانڊيو
غلام الدين ولد محمد موريل چانڊيو تخلص “غلام بلوچ” 10 مئي 1958ع تي ڳوٺ پير ترهو ۾ جنم ورتو. هو شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ادبي سنگت سان تمام گھڻي عرصي کان وابسته هو. ڪجھه وقت غير سرگرم هو ليڪن سال 2015ع کان وري هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان ميمبر ٿيو ۽ ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ باقاعدي ايندو رهيو. هن 23 ڊسمبر 2018ع تي وصال ڪيو.
ذوالفقار ساحل
ذوالفقار علي ولد بخشل خان شاهاڻي 08 آڪٽوبر 1974ع ۾ ڇاڻو شاهه آباد ۾ پيدا ٿيو. 1995ع کان لکڻ شروع ڪيائين. هو 1999ع ڌاري ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو پر هاڻي هو ادبي دنيا کان ڪٽيل آهي.

دلبر جمالي
شمس الدين ولد محمد ابراهيم جمالي 12 جنوري 1950ع ۾ ڳوٺ امام بخش جمالي ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان وڪيل هو. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. دلبر جمالي پنهنجي نالي پويان “بزم دلبر” به قائم ڪئي هئي، هن هڪ ڪتاب “ماڪ ڦـڙا” بزمِ غالب طرفان ترتيب ڏنو. دلبر جمالي ادبي سنگت جو ميمبر هو ۽ ننڍن عهدن تي به رهيو. سندس وفات 2004ع ۾ ٿي.

فاروق سولنگي
ساماڻو خان ولد ڪريم بخش سولنگي المعروف “فاروق سولنگي” 10 آگسٽ 1947ع تي سيتا روڊ شهر ۾ ڄائو. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ مقالا نويس آهي. هن ڪيترائي T.V ڊرامه به لکيا. سندس هڪ ناول “وکريل ماڻهو” سال 2008ع ۾ ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب “سرد هوائون” شايع ٿيل آهن. سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر رهيو بعد ۾ حيدرآباد ۾ وڃي رهيو. فاروق سولنگي 2009ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

نازن کيڙو
محمد نواز ولد غلام نبي کيڙو المعروف “نازن کيڙو” 1945ع ۾ جنم ورتو. ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ سندس وڏو نالو هو. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو سرگرم ميمبر رهيو. ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هو. سندس ڪا به تصنيف سامهون نه آئي. نازن کيڙو ڪجھه سالن کان هن دنيا ۾ موجود نه آهي.

دکي دائود سومرو
محمد دائود ولد ساماڻو خان سومرو 16 اپريل 1961ع تي ڳوٺ شادڻ تعلقه جوهي ۾ ڄائو. بعد ۾ لڏي اچي مرکپور کي پنهنجو مسڪن بڻايائين. 1982ع کان ادب ۾ شاعر جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. هو ادبي سنگت سان به واڳيل رهيو. دائود دکي ڪجھه وقت ڪراچيءَ ۾ رهيو ليڪن هاڻي وري دادؤ ۾ واپس آيو آهي ۽ 2020ع ۾ ٻيهر ادبي سنگت ۾ ميمبر شپ ورتي اٿائين.

دانش ملاح
غلام شبير ولد محمد هاشم ملاح دادو جي ملاح پاڙي ۾ سن 1964ع ۾ ڄائو. 1983ع کان لکندو پيو اچي. دانش ملاح شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. عاشق دادويءَ جي دور کان ادبي سنگت دادؤ جو باقاعدي ميمبر ٿيو. هو پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو. دانش ملاح بزِم غالب دادو ۾ پڻ سيڪريٽري رهيو. پاڻ بهترين شاعر هو ۽ سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن پڻ ڳائي آهي. دانش ملاح ڪافي عرصو بيمار رهندي 4 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي. کيس لال هندي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

خادم زئونر
خادم حسين ولد شاھ علي زئونر 07 آڪٽوبر 1961ع ۾ دادؤ لڳ فتح خان زئونر ۾ ڄائو. 1998ع ۾ ادبي سنگت ۾ بحيثيت هڪ شاعر طور ميمبر بڻيو. پاڻ سرڪاري ملازم آهي ۽ اڄڪلهه سنگت کان پري آهي.

حاجن چارڻ
عبدالرسول ولد حاجي عبدالڪريم چارڻ سن 1961ع ۾ غريب آباد پاڙي ۾ جنم ورتو. گھڻي وقت کان لکندو پيو اچي. سال 1998ع کان ادبي سنگت ۾ شموليت اختيار ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر طور آهي. حاجن چارڻ اڳ “زخمي” تخلص استعمال ڪندو هو. سندس ڪافيون، ڪلام، گيت ۽ غزل ڇپائيءَ جا منتظر آهن.

سجاد يوسف
سجاد علي ولد رياض احمد سومرو المعروف “سجاد يوسف” ڦلجي اسٽيشن ۾ 05 اپريل 1995ع ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 14ـ 2013ع کان ڪئي اٿائين. هڪ شاعر ۽ مضمون نويس طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. دادو ادبي سنگت ۾ 2015ع کان ميمبر شپ حاصل ڪئي اٿائين. سال 2018ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي رهيو ان بعد سال 2019ع، 2020ع ۽ 2021ع ۾ خزانچيءَ جي عهدي تي آهي.

مقصود چانڊيو
مقصود احمد ولد امام بخش چانڊيو 07 جولاءِ 1973ع تي ڳوٺ ميانداد چانڊيو ۾ ڄائو. ادب ۾ 1988ع ۾ داخل ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪالم نگار آهي. ان کان علاوه صحافت ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ قومپرست ۽ سماجي ورڪر پڻ آهي، سندس شاعري ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپي آهي اهڙي طرح مضمون ۽ ڪالم به لکندو رهي ٿو.

جاويد اختر
جاويد اختر ولد بخشل خان سولنگي 04 ڊسمبر 1979ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين ۽ 1998ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي. اڄڪلهه ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.

تبسم ماجد علي چنه
سليم علي ولد محمد ابراهيم چنه المعروف “تبسم ماجد چنه” 02 آڪٽوبر 1975ع ۾ دادو جي ڪنڀر محلي ۾ ڄائو. 1987ع کان لکڻ جي ابتدا ڪيائين ۽ 1998ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو. هو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي، اڄڪلهه ادبي سنگت کان ڪٽيل آهي.

نبي بخش سمون
نبي بخش سمون ولد شادي خان 15 جولاءِ 1965ع تي دادؤ ۾ ڄائو. ادب جي ميدان ۾ 1990ع ۾ آيو. پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. نبي بخش سمون سگا دادؤ جو صدر به رهي چڪو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ سماجي ورڪر طور آهي. پاڻ هڪ سرگرم ڪارڪن هو ۽ سنگت جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. نبي بخش اڄ به سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو پيو اچي.
اخلاق چارڻ
اخلاق احمد ولد نصرالله چارڻ پهرين مارچ 1976ع ۾ غريب آباد دادو ۾ جنم ورتو. عاشق دادوي کيس بزمِ غالب ۾ وٺي آيو ۽ پوءِ لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1998ع کان “اخلاق چارڻ” جي تخلص سان شاعري ڪري ٿو. 2000ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو هو. پر اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

سرور شيخ
غلام سرور شيخ ولد غلام الرسول شيخ ادبي نالو “سرور شيخ” 12 جنوري 1976ع ۾ ڳوٺ عارب شيخ ۾ ڄائو. پاڻ پيشي جي حوالي سان انجنيئر آهي. 2005ع کان ادب جي ميدان ۾ آيو. سندس سڃاڻپ هڪ مضمون نگار ۽ ڪالم نگار طور آهي. 2005ع کان ئي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر آهي. سال 2021ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيل آهي.

بدر جاگيراڻي
بدر الدين ولد غلام حيدر جاگيراڻي 12 جون 1981ع تي لاڙڪاڻي ضلع ۾ ڄائو. 2000ع کان ادب جي دنيا ۾ آيو. سال 2000ع ۾ ئي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر ٿيو. ڪجھه عرصو دادؤ ۾ رهيو پر هاڻي حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

بخت رضا
بخت علي ولد محبت علي گوپانگ پهرين جنوري 1982ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 1998ع کان ڪيائين ۽ ادبي سنگت ۾ شاعر جي حيثيت سان داخل ٿيو. پاڻ واپڊا کاتي ۾ ملازم آهي. هو ادبي سنگت ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهندو آهي.

محمد حسين روشن منگي
محمد حسين ولد محمد صديق منگي تخلص “روشن منگي” پهرين سيپٽمبر 1948ع ام ڳوٺ پيارو آرائين ۾ ڄائو. تمام گھڻو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهي ۽ صحت کاتي ۾ اعلى عهدي تي رهيو. ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ميمبر آهي ۽ اڄ تائين سنگت کي باقاعدي وقت ڏئي رهيو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي.

سارنگ جمالي
لهڻو خان ولد غلام قادر جمالي “سارنگ جمالي” 20 ڊسمبر 1975ع ۾ ڳوٺ سيوو خان جمالي تعلقي جوهي ۾ ڄائو. هو سياسي ۽ سماجي ڪارڪن هو. 2000ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو ۽ سال2005ع ۾ ٻه مهينا کن نگران سيڪريٽري به رهيو ۽ سال 2008ع ۾ کيس باقاعدي سيڪريٽري چونڊيو ويو. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. هن سارنگ جي نالي سان هڪ ماهوار رسالي جا ٻه ٽي پرچا به شايع ڪيا. سارنگ جمالي 2014ع ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.

ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير
ڊاڪٽر صلاح الدين ولد شمس الدين لاکير پهرين جنوري 1959ع ۾ ڳوٺ دائود ديرو تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. پاڻ رٽايرڊ ڊاڪٽر آهي ۽ سماجي خدمتن ڪري مشهور آهي. سنڌي ادبي سنگت جو پراڻو ڪارڪن رهيو آهي، پر اڄڪھه سنگت کان پري آهي، باقي وقتًا فوقتَا سنگت لاءِ حال حاضر ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو آهي.

اقبال شينو
اقبال حسين ولد محمد مٺل شينو 26 جون 1953ع تي ڳوٺ “ابراهيم جي” ۾ ڄائو. پاڻ سب انجنيئر هو. 1973ع کان بحيثيت شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب “جھڙا گل گلاب جا”، “سرها گل رابيل” ۽ “سنڌڙي ۽ سونهن” ڇپيل آهن. اقبال شينو 1988ع ۾ ڀريا وليج ڄامشورو ڦاٽڪ جو ميمبر رهيو ۽ بعد ۾ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو. اقبال شينو ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد 4 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪري ويو. کيس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.

حضور بخش گوپانگ
حضور بخش ولد حاجي ميرل گوپانگ 29 نومبر 1961ع ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ جو هنڌ ڳوٺ مريد گوپانگ آهي. سندس تعليم ميٽرڪ پاس آهي پيشي جي حوالي سان ميونسپل ڪاميٽي ۾ ملازم آهي. هو ڪيترن ٽي-وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪو آهي ۽ هڪ استاد فنڪار جي حيثيت رکي ٿو. حضور بخش نه صرف فنڪار پر هو سٺو مزاحيه شاعر به آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ سال 2000ع کان ميمبر آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. سندس مزاحيه شاعريءَ جو هڪ ڪتاب “عاشقن سان ڌانڌلي” شايع ٿيل آهي.

رشيد چارڻ
عبدالرشيد ولد شفيع محمد چارڻ 1953ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. سندس سڃاڻپ فنون لطيفه جي حوالي سان آهي. هو ڪجھه وقت صحافتي ميدان به رهيو. پنهنجا مزاحيه لطيفه وغيره پاڻ لکندو آهي ۽ اخبارن ۾ به ڪالم لکيا اٿس. سنڌي ادبي سنگت جو پراڻو ڪارڪن آهي ۽ اڄ تائين سنگت سان نڀائيندو پيو اچي توڙي جو هو تمام گھڻو مصروف آهي.

پروفيسر اقبال پهنور
اقبال حسين ولد حسين بخش پهنور 02 جون 1952ع تي ڳوٺ ٻڍو پهنور تعلقه داد‍ؤ ۾ ڄائو. 1988ع کان ادبي شعبي ۾ آيو سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، مقالا نويس ۽ ترجمه نگار آهي. پروفيسر اقبال پهنور ادبي سنگت جو سال 95 ۽ 1996ع ۾ ٻه سال مسلسل سيڪريٽري رهيو هاڻي هو حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ سنگت کان ڪٽيل آهي.

بهزاد سنڌي
رحمت الله ولد عبدالمجيد ملاح 12 ڊسمبر 1971ع تي ملاح پاڙي دادؤ ۾ ڄائو. 1989ع کان ادب ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس آهي. سال 1994ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. هن “ڇليون منڇر ڇوليون” جي نالي سان هڪ مئگزين به جاري ڪيو ۽ هڪ ڪتاب “ريلا ريلا رت جا” پڻ ترتيب ڏنو. ڪجھه عرصو ڪوٽڙيءَ ۾ به رهيو ۽ اتي شاخ ڪوٽڙي سان واڳيل رهيو. هاڻي وري دادؤ ۾ رهي ٿو ليڪن سنگت جو ميمبر نه آهي.

بلوچ صحبت علي
صحبت علي ولد محمد يعقوب لنڊ 01 جنوري 1974ع ۾ شاھ آباد ڇاڻو ۾ پيدا ٿيو. 1995ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار آهي. 2000ع کان ادبي سنگت دادو جو ميمبر آهي. وچ تي ڪراچيءَ ۾ سندس رهائش هئي. اتي به سنگت جو سيڪريٽري رهيو ۽ ادبي سرگرميون جاري رکيائين، پيشي جي لحاظ کان پاڻ وڪيل آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل ۽ ترتيب پڻ ڏنل آهن. بلوچ صحبت علي “سرجھڻهار” پبليڪيشن جو پڻ باني آهي. اڄڪلهه سنگت ۾ سرگرم نه آهي.
نعيم ملڪ
غلام مصطفى ولد مير خان ملڪ المعروف “نعيم ملڪ” 15 مئي 1965ع تي ڳوٺ فيض محمد ملڪ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق استادي پيشي سان آهي. ادبي سنگت دادؤ جو 1993ع کان ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. هو ادبي سنگت دادؤ ۾ خزانچي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي. اڄڪلهه ڪوٽڙيءَ ۾ رهي ٿو ۽ ڪوٽڙي شاخ جو ميمبر آهي.

غلام سرور ڀنڊ
غلام سرور ولد عبدالله ڀنڊ 1961ع ۾ ڳوٺ سلطان ڀنڊ ۾ جنم ورتو. سماجي ورڪر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ ادب سان چاھ پڻ رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هو ادبي سنگت دادؤ ۾ ميمبر پڻ رهيو.

محمد يوسف سرهيو
محمد يوسف ولد حاجي خان سرهيو 11 سيپٽمبر 1944ع تي دادو شهر جي سرهيه محله ۾ ڄائو. شروعات ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ پوءِ ڪجھه وقت سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ۾ پڻ ملازمت ڪيائين. سماجي ڪمن جي حوالي سان سرهيو صاحب پڻ مشهور آهي. هو سگا دادو جو صدر پڻ رهيو. علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ هي انسان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر به رهيو آهي.

ادل سولنگي
لعل بخش ولد محمد حسين تخلص “ادل سولنگي” 08 مارچ 1966ع تي ڳوٺ محراب پور ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم محراب پور ۽ مئٽرڪ دادو ضلعي جي مخدوم بلاول هاءِ اسڪول مان ڪيائين. سندس زندگيءَ جو گھڻو عرصو دادؤ ۾ گذريو جتي سندس ادبي ۽ سياسي اوسر ٿي. ادل سولنگي 1982ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ ادبي سنگت شاخ ڇاڻو شاهه آباد جو ميمبر ٿيو.1983ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 1984ع ۾ دادو شاخ جو خزانچي پڻ رهيو سندس هڪ ڪتاب 2015ع ۾ “خانه بدوش لفظن جا قافلا” ڇپايو ويو آهي. ادل سولنگي اڄڪلهه محراب پور ۾ رهي ٿو.

اعظم ڇڻڪو
محمد اعظم خان ولد غوث محمد خان ترين پٺاڻ 14 فيبروري 1961ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. سندس وڏا ڪوئيٽا مان هتي لڏي آيا هئا. اعظم خان “ڇڻڪو” تخلص استعمال ڪري ٿو. سندس سڃاڻپ مزاحيه شاعر طور آهي. 1998ع کان ادبي دنيا ۾ آهي ۽ سنگت دادؤ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ پڻ ميمبر رهندو آهي.

دلشاد ڀٽو
دلشاد ڀٽو ولد محمد بخش ڀٽو پهرين اپريل 1972ع ۾ ڳوٺ سعيد خان ڀٽو تعلقي دادؤ ۾ جنم ورتو. دلشاد ميونسپل دادؤ ۾ ڪجهه وقت ڪلارڪ به رهيو. هو سياسي، سماجي ۽ ادبي ڪمن ۾ پيش پيش هوندو هو. ڪيترين ئي سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۾ اهم عهديدار به رهيو. دلشاد ڀٽو ڪجهه وقت صحافت سان به منسلڪ رهيو ۽ وڏين توڙي ننڍين، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ مضمون ۽ ڪالم به لکيائين. سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي کيس گهڻيون ئي تڪليفون آيون. هو سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ به ڪيترا سال ميمبر رهيو، مگراڄڪلهه سرگرم نه آهي.

رشيد تصور سومرو
عبدالرشيد ولد حاجي محمد سومرو دادو شهر ۾ 8 آگسٽ 1970ع ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ٽيڪ سول ۽ ايل ايل بي آهي. پاڻ هاءِ ويز ۾ سب انجنيئر جي عهدي تي فائز آهي. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو. اڄڪلهه مصروفيتن سبب ادبي سنگت کي ايترو وقت نٿو ڏئي سگھي.

سهيل اختر ملاح
سهيل اختر ولد محمد ادريس ملاح 30 مارچ 1981ع تي ڳوٺ پير بخش مير بحر ۾ اک کولي. 1999ع کان ادبي سنگت ۾ آيو سندس پسنديده صنف شاعري آهي اڄڪلهه ادبي سنگت کان پاسيرو آهي.

حامد علي حامد
حامد علي ولد بشير احمد قريشي 20 مارچ 1997ع تي غريب آباد محله دادؤ ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 2014ع کان شاعر جي حيثيت سان ڪيائين سندس ادبي نالو “حامد قريشي” آهي. حامد 2015ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو سندس ادبي استاد عاشق دادوي ۽ عمران سومرو آهن.

امين جمالي
محمد امين ولد عطا محمد جمالي المعروف “امين جمالي” دادو شهر ۾ 30 نومبر 1965ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي، پوليٽيڪل سائنس ۽ مسلم هسٽري ۽ ايم ايڊ آهي. پاڻ استاد آهي. 1985ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين نظم ۽ نثر ۾ طبع آزمائي ڪري ٿو. سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو 1986ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ ڪيترا دفعا ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر چونڊيو ويو آهي.

ڊاڪٽر اشرف آصف مصراڻي
ڊاڪٽر محمد اشرف ولد احمد خان آصف مصراڻي ڪڪڙ جي ڀرسان ڳوٺ مٺو ٻٻر ۾ 08 مئي 1954ع ۾ پيدا ٿيو . سندس تعليم ايم بي بي ايس هئي ۽ هو پاڪستان فوج ۾ ڊاڪٽر هو پوءِ هو سول سروسز ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو ۽ سول اسپتال دادؤ ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسر رهي رٽاير ٿيو. دادو ۾ رهڻ دوران ادبي سنگت شاخ دادؤ جو ميمبر بڻيو. شاعري کيس ورثي ۾ ملي هئي ان ڪري پاڻ به هڪ بهترين شاعر هو. سندس وفات 13 مئي 2017ع تي ٿي.

رفيق راز
محمد رفيق ولد عطا محمد جمالي المعروف “رفيق راز” 08 آگسٽ 1970ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 1985ع کان ڪيائين ۽ 1986ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو. هو سنگت دادؤ ۾ خزانچي ۽ ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. پاڻ نظم ۽ نثر ۾ لکندو آهي. ادبي سنگت کان علاوه وطن دوست ٻار تنظيم جو پڻ عهديدار رهيو.

فاروق ڀرڳڙي
فاروق احمد ولد محبوب علي ڀرڳڙي 08 مارچ 1982ع ۾ ڄائو. پاڻ سٺو ڪهاڻيڪار ٿي سامهون آيو ۽ شاعري به ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1998ع ۾ ڪئي ۽ 2000ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. اڄڪلهه ادبي سنگت ۾ سرگرم نه آهي.

رضوان غني
رضوان غني ولد عبدالغني منگي المعروف “رضوان غني” دادو شهر ۾ 12 جون 1990ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ايس سي آهي ۽ صحافت جي شعبي سان واڳيل آهي. لکڻ جي شروعات 2010ع ۾ ڪيائين ۽ 2012ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ مضمون نويس ۽ ڪالم نگار آهي.
علي گوهر لغاري
علي گوهر لغاري ولد حڪيم محمد يعقوب لغاري ڳوٺ شير محمد سولنگيءَ ۾ 30 سيپٽمبر 1966ع ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر ۽ P.T.C آهي ۽ پاڻ پرائمري استاد آهي. لکڻ جي شروعات 1991ع کان ڪيائين. ادبي ۽ طبي مضمون لکڻ سان گڏوگڏ مضمون گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق اٿس. سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ 2012ع کان ميمبر آهي.

عابد سولنگي
عابد حسين ولد محمد صديق سولنگي 04 اپريل 1986ع تي ڳوٺ گل حسن سولنگي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم-اي انگلش آهي. هن لکڻ جي شروعات سال 2000ع کان ڪيائين ۽ سال 2013ع ۾ ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر بڻيو. عابد سولنگيءَ جي سٽي شاخ ۾ وڃڻ جي ڪري ميمبر شپ ختم ڪئي وئي.

علي گل ڪربلائي
علي گل ولد پيرل خان گوپانگ 15 آگسٽ 1979ع تي ڳوٺ وزير خان گوپانگ تعلقه جوهي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم-اي سوشالاجي آهي. 1999ع کان ادبي دنيا ۾ آيو ۽ “ڪربلائي” تخلص اختيار ڪيائين. پاڻ هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس آهي. سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ 2000ع ۾ ميمبر ٿيو. هو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.

شڪيل آخوند
عبدالسميع ولد آخوند غلام قادر المعروف “شڪيل آخوند” 17جولاءِ 1953ع تي دادو شهر جي آخوند محلا ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ پاس ڪري پنهنجي بابا سان زمينداري، ٺيڪيداري ۽ ڪاروبار سنڀالڻ جي ڪم لڳي ويو. روشن سولنگي، احمد خان ملڪاڻي، فاروق سولنگي، شوڪت سنڌي ۽ ٻين دوستن سان سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ پڻ گڏ هوندو هو. 1965.66ع ۾ ادبي سنگت دادؤ ۾ ادب دوست هجڻ جي ناتي ميمبر رهيو. شڪيل آخوند ميونسپل ڪاميٽي دادؤ جو چيئرمين به رهيو. هن پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ 1985ع ۾ ادبي سنگت لاءِ موجوده آفيس بنا ڪرائي جي ڏني ۽ فرنيچر لاءِ مالي مدد به فراهم ڪئي. آخوندصاحب اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

راجه روشن
روشن علي ولد پيرل خان گوپانگ ڳوٺ وزير خان گوپانگ ۾ 1984ع ۾ جنم ورتو. سندس تعليم B.A آهي ۽ هو ريلوي کاتي ۾ ملازم آهي. سال 2003ع ۾ شاعر جي حيثيت سان ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر ٿيو. هو ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر رهي چڪو آهي. سندس تخلص “راجه” آهي.

شعيب ٿهيم
محمد شعيب ولد غلام مصطفى ٿهيم المعروف “شعيب ٿهيم” 01 مارچ 1991ع تي مزدور آباد محله ۾ پيدا ٿيو. پاڻ بي ڪام پاس آهي ۽ صحافت جي شعبي سان منسلڪ آهي. ڪافي سالن کان اخبارن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندو رهيو آهي. اڄڪلهه “سچ” نيوز چينل جو ضلعي رپوٽر آهي. ادب سان چاھ هجڻ ڪري سال 2012ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ دادؤَ جو ميمبر آهي.

مير منظور صنم جويو
منظور علي ولد بشير احمد جويو پهرين جون 1988ع ۾ غريب آباد محلي دادو ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ڪام ايل ايل بي آهي ۽ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل آهي. مير منظور صنم شاعر ۽ مقالا نگار جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو هن لکڻ جي باقاعدي شروعات 2004ع کان ڪئي. هو 2011ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو سرگرم ڪارڪن آهي. سال 2019ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري رهيو.

پرنس ذوالفقار چارڻ
ذوالفقار علي ولد زوار غلام حسين جعفري چارڻ 07 مارچ 1965ع ۾ دادو شهر جي بُٺ محلي ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم M.A مسلم هسٽري ۽ ماسٽرس ان ڊرائنگ آهي. پاڻ ڊرائنگ استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪيائين. ڪجھه ڪهاڻيون ۽ ڊرامه پڻ لکيا اٿائين. هو سٺو اداڪار ۽ هدايتڪار پڻ آهي ڪيترن ئي ٽيلي فلمن ۾ ڪم ڪيو اٿائين. سال 2000ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر آهي.

رضا محرم جتوئي
محرم علي ولد سانوڻ خان جتوئي المعروف “رضا محرم جتوئي” 20 مارچ 1970ع تي ڳوٺ احمد خان جتوئي ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم ايم-اي بي ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان سلهاڙيل آهي. بحيثيت هڪ شاعر جي ڪافي سالن کان لکندو پيو اچي. رضا محرم جتوئي سال 2015ع کان سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن آهي.

پروفيسر بدرالدين ملڪاڻي
بدرالدين ولد سرائي غلام دستگير ملڪاڻي دادو تعلقي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ 02 جون 1946ع ۾ پيدا ٿيو. جوانيءَ ۾ مضمون ۽ ڪالم به لکيائين. پهريائين استاد ۽ بعد ۾ ڪاليج ۾ پروفيسر رهيو. سوشل هجڻ ڪري گسٽا جو صدر ۽ سپلا ۾ پڻ عهديدار رهيو ۽ استادن لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون سر انجام ڏنائين. پاڻ ڪجھه سال استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادؤ جو پرنسيپال پڻ رهيو. سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت سندس پسنديده تنظيمون آهن ۽ پاڻ انهن جو ميمبر به رهيو. پروفيسر بدر ملڪاڻي ڪجھه عرصو بيمار رهيو سندس وفات سال 2019ع ۾ ٿي.

اقبال چارڻ
محمد اقبال ولد الهورايو چارڻ المعروف “اقبال چارڻ” 16 جنوري 1964ع تي ڳوٺ نهال خان چارڻ تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم مڊل پاس آهي ۽ پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ فنڪار طور آهي. يڪتاري تي ڳائيندو آهي. شاعريءَ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين ۽ سال 2013ع کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر آهي.

روح رڪڻائي
محمد عرس ولد الهنواز ڪوريجو تخلص “روح رڪڻائي” 05 اپريل 1953ع تي ڳوٺ پير بخش ميربحر ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر سائين “الهنواز رڪڻائيءَ” جي اڱڻ تي اک کولي. سندس تعليم ايم اي ايم ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان لاڳاپيل هو. 2013ع ۾ رٽاير ڪيائين. شاعري ته کيس ورثي ۾ مليل هئي. پر منظر تي 2008ع کان آيو. سال 2013ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر آهي.

سڪندر آصف ملڪاڻي
سڪندر علي ولد عرضي خان ملڪاڻي 12 اپريل 1965ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادؤ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم-اي-ايم-ايڊ آهي ۽ استاد طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. هن لکڻ جي شروعات 1992ع کان ڪهاڻيون ۽ مضمون لکي ڪئي. 1993ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر آهي ۽ ڪيترائي دفعا ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

علي عباس سولنگي
علي عباس ولد نظير احمد سولنگي پهرين آگسٽ 1962ع تي ڇاڻو شاھ آباد دادو ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم B.A ۽ PTC آهي ۽ استادي پيشي سان منسلڪ آهي. لکڻ جي شروعات 1978ع کان ٻاراڻي ادب سان ڪهاڻيون لکي ڪيائين تخلص “علي” استعمال ڪندو آهي. 1980ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت شاخ ڇاڻو شاهه آباد جو ميمبر ٿيو هو. 1983ع ۾ دادو شاخ ۾ ڇاڻو شاه آباد شاخ ضم ٿي ته هن دوست به سرگرمي ڇڏي ڏني.

وجئه ڪمار
وجئه ڪمار ولد ڀڳوانداس نانڪاڻي 15 سيپٽمبر 1968ع ۾ دادو جي شاهاڻي محله ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم B.E آهي ۽ پاڻ انجينئر آهي نظم ۽ نثر ٻنهن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. 1986ع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر آهي ۽ مختلف وقتن تي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

جاني جمالي
عرفان شمس ولد شمس الدين “دلبر جمالي” 28 مارچ 1981ع ۾ غريب آباد محله دادؤ ۾ ڄائو. 2006ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين هڪ شاعر طور سندس سڃاڻپ آهي. تخلص “جاني” استعمال ڪري ٿو. سال 2007ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر آهي. اڄڪلهه غير سرگرم آهي.

عزيز سنڌي
عبدالعزيز ولد سردار الحاج محمد هاشم امير البحر دادو تعلقي ۾ واقع سندن والد جي نالي قائم ڪيل ڳوٺ ۾ 1959ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم B.A آهي پاڻ رينجرز ۾ آفيسر ۽ بعد ۾ ايجوڪيشن ۾ ملازم رهيو. لکڻ جي شروعات 1973ع کان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور ڪيائين. پهريائين عزيز سنڌي ۽ بعد ۾ “شان انقلابي” تخلص استعمال ڪندو هو، پر هاڻي “عبد العزيز امير البحر” استعمال ڪري ٿو. 1975ع کان ادبي سنگت ڇاڻو شاه آباد جو ميمبر ٿيو ۽ ڪافي سرگرمي ڏيکاريائين. هن سنڌي ادبي سنگت کي فعال رکڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو، ۽ 1985ع ۾ آڊيٽر جي عهدي تي رهيو. هن وقت غير سرگرم آهي.

فرقان حنيف ڪابورو
فرقان احمد ولد محمد حنيف ڪابورو تعلقي دادؤ جي ڳوٺ “ڳڙهي” ۾ پهرين جنوري 1952ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي ۽ ڊپلومان ان فزيڪل ايجوڪيشن آهي. پاڻ فزيڪل انسٽرڪٽر هو ۽ اڄڪلهه رٽايرڊ آهي. لکڻ جي شروعات 1976ع کان ڪيائين سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. لکڻ ۾ تخلص “فرقان حنيف ڪابورو” استعمال ڪندو آهي. 1985ع کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر آهي. ان کان علاوه سماجي تنظيمن ۾ پڻ عهديدار آهي ۽ فلاحي ڪم پڻ ڪندو رهي ٿو.

نثار لاشاري
نثار احمد ولد ڪوڙو خان لاشاري ڳوٺ واهي پانڌي تعلقي جوهي ۾ پهرين جنوري 1970ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم-اي سوشيالاجي آهي ۽ پاڻ سول اسپتال دادؤَ ۾ بلڊ بئنڪ ليبارٽري ٽيڪنيشن جي عهدي تي فائز آهي. لکڻ جي شروعات 1988ع کان ڪيائين بحيثيت ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس جي. تخلص طور “نثار لاشاري” استعمال ڪندو آهي ادبي سنگت ۾ 2011ع ۾ ميمبر ٿيو.

تاج جمالي
تاج محمد ولد حاجي امان الله 1963ع ۾ ڳوٺ سيوو جمالي تعلقي جوهي ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي. 1988ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيائين. تاج جمالي سنڌي ادبي سنگت سان 2005ع کان لاڳاپيل آهي. هو ڪيترا ڀيرا ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي.

عبدالمجيد جمالي
عبدالمجيد جمالي ولد فقير محمد جمالي ڳوٺ فقير محمد جمالي تعلقي جوهي ۾ تولد ٿيو. سندس جنم جي تاريخ 10 آگسٽ 1950ع آهي. تعليم بي-اي ايل ايل بي هئي. هو وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو ۽ سماجي ڪمن ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺندو هو. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران مضمون وغيره لکندو هو. سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ کيس عادل سکيراڻي وٺي آيو سندس انتقال سال 28 جنوري 2014ع ۾ ٿيو.

احمد علي ٻٻر
احمد علي ولد ڄام خان ٻٻر ڳوٺ احمد خان ٻٻر ۾ پهرين مئي 1969ع ۾ اک کولي. سندس تعلق استادي پيشي سان آهي ۽ غريب آباد هاءِ اسڪول ۾ ايڇ ايس ٽي طور خدمت ڪري رهيو آهي.لکڻ جي شروعات 1984ع کان مضمون ۽ شاعري سان ڪيائين ۽ ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو. هو ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي، پر اڄڪلهه غير سرگرم آهي.
منظور جمالي
منظور علي ولد دلشاد جمالي ڳوٺ الهرکيو جمالي تعلقي جوهي ۾ 16 مئي 1975ع ۾ پيدا ٿيو. 1992ع کان لکڻ جي شروعات مضمون ۽ شاعريءَ سان ڪيائين. ادبي ذوق هجڻ ڪري 2007ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر بڻيو اڄڪلهه غير فعال ميمبر آهي.

نثار خشڪ
نثار احمد ولد علي شير خشڪ ڳوٺ محمد خان خشڪ ۾ 13 ڊسمبر 1973ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مذهبي ماڻهو آهي ۽ نعتيه شاعري ڪندو آهي. ادبي سنگت ۾ 2012ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ اڄڪلهه غير سرگرم آهي.

اختر برهماڻي
علي اختر ولد محمد الياس برهماڻي 27 ڊسمبر 1965ع تي ڇاڻو شاھ آباد ۾ جنم ورتو. سندس تعليم MSc ۽ M.P.A آهي. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين بحيثيت شاعر ۽ مضمون نگار جي. 1983ع کان ادبي سنگت دادو ۾ ميمبر بڻيو. هن کان اڳ ڇاڻو شاه آباد شاخ ۾ ميمبر هو.

نور محمد عباسي
نور محمد ولد فقير محمد عباسي ڳوٺ گنجا تعلقه ميهڙ ضلع دادو ۾ 08 فيبروري 1957ع ۾ ڄائو. ميٽرڪ وارهه هاءِ اسڪول ۽ انٽر نصيرآباد ڪاليج مان ڪيائين. سندس ڪل تعليم بي ڪام پاس آهي. 1981ع کان مليريا کاتي ۾ ملازم هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. کيس آثار قديمه سان چڱي خاصي دلچسپي هوندي هئي. 1993ع ۾ هي دوست اڳئي ميمبر هو. گھڻو ڪري ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ به ميمبر چونڊبو هو. 1984ع کان مضمون ۽ مقالا لکڻ جي شروعات ڪيائين جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. هاڻي ڄامشوري ۾ رهائش پذير آهي. نور محمد عباسي ادبي سنگت دادو جو گھڻو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي.

ڊاڪٽر امين چانڊيو
ڊاڪٽر محمد امين ولد خير محمد چانڊيو ٻي اپريل 1962ع ۾ ڳوٺ ڏڱر تعلقي ڪي-اين شاه ۾ ڄائو. 1984ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر بڻيو بحيثيت هڪ نثر نويس جي. سندس تعليم ايم-بي-بي-ايس آهي ۽ ڊاڪٽري جي شعبي سان سلهاڙيل آهي. هو ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. اڄڪلهه غير فعال آهي.

علي اڪبر شيخ
علي اڪبر شيخ ولد قائم الدين شيخ ڳوٺ دڙو ۾ ڇهين آڪٽوبر 1955ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم¬ـ اي بي ايڊ هئي. سندس استادي پيشي سان تعلق هو. پاڻ مختلف اسڪولن ۾ پنهنجون خدمتون ڏئي چڪو جنهن ۾ گورنمينٽ پائليٽ (پرمانند هرداس) هاءِ اسڪول، طالب المولى هاءِ اسڪول ۽ غريب آباد هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تي پڻ رهيو ۽ ڪراچيءَ ۾ A.D.O پڻ رهيو. شهيد عادل سکيراڻيءَ جي وقت ۾ ادبي سنگت جو ميمبر هو ۽ ڪيترا سال ادبي سنگت سان نڀائيندو رهيو. محترم علي اڪبر شيخ دل جي تڪليف سبب 08 جون 2021ع تي وفات ڪري ويو.

موليڏنو چنو
موليڏنو چنو جوهي تعلقي جو رهواسي هو ۽ S.A.S.O کاتي ۾ ملازم هو. شهيد عادل سکيراڻيءَ سان ويجھڙائي هئڻ ڪري ادبي سنگت دادؤ ۾ شموليت اختيار ڪيائين هي هڪ ادب دوست هو.
غلام قادر لغاري
غلام قادر لغاري صاحب به شهيد عادل سکيراڻيءَ جو دوست هو ۽ جوهي تعلقي سان تعلق هيس. صرف ادب دوست انسان هو. اڳ ڇاڻو شاه آباد ۾ رهندو هو. عادل کانپوءِ به هو سنگت جو ميمبر رهيو اليڪشن جي ورڪ دوران ان وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ وڃڻ ٿيو هو. خبر پئي آهي ته هو 2016ع ۾ انتقال ڪري ويو آهي.

اياز سيفي چارڻ
اياز ولد شفيع محمد چارڻ ڇهين فيبروري 1970ع ۾ چارڻ محله دادؤ ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان پرائمري استاد هو پر هاڻي رٽاير آهي. 1979ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ “البيلو” تخلص سان شاعري ڪرڻ لڳو. پر هاڻي هو “اياز سيفي” تخلص استعمال ڪري ٿو. سال 2013ع ۾ ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر بڻيو ۽ 2015ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. ايازسيفي هن سال آڊيٽر جي عهدي تي آهي. سندس حمد، نعت ۽ منقبتن تي مبني ڪتاب “سرڪارِ مدينه” 2021ع ۾ ڇپيو آهي.

دوست علي زئونر
دوست علي ولد ڪرم علي زئونر ڳوٺ بلاول خان زئونر لڳ دادؤ ۾ 1958ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مڊل پاس هئي. بنيادي طور تي پاڻ سگھڙ طور ڄاتو سڃاتو ويندو هو. پاڻ ڏور بيت، سينگار ۽ ٻين صنفن تي لکندو هو، 2013ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر هو ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ پڻ رهيو هو. سماجي ڪمن ۾ تمام گھڻو سرگرم هو. سندس وفات 06 نومبر 2020ع تي ٿي.

جاويد ميراڻي
الهداد ولد محمد حسين ميراڻي 14 آگسٽ 1942ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. پاڻ يو- بي- ايل ۾ مينئجر پڻ رهيو. ۽ اتان رٽاير ڪيائين. پوءِ وڃي حيدرآباد ۾ رهيو. مزاحيه شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون ڪثرت سان لکيائين هن پنهنجي هڙان وڙان به ڪيترائي ادبي پروگرام ڪرايا.
شوڪت سنڌيءَ جي وقت ۾ ادبي سنگت دادؤَ سان به لاڳاپيل رهيو. وفات کان اڳ “بزمِ روح رهاڻ” حيدر آباد ۾ ڪم ڪندو هو. سندس وفات سال 2007ع ۾ ٿي.

طارق ساگر ميمڻ
طارق حبيب ولد حبيب الله ميمڻ ادبي نالو “طارق ساگر” 08 آگسٽ 1973ع تي ڳوٺ دواٻي ۾ ڄائو. پاڻ تعليم کاتي ۾ ملازم آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، سياسي ۽ سماجي ورڪر طور آهي ۽ “طارق ساگر” تخلص رکي ٿو. 1994ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ 1997ع کان ميمبر آهي ۽ 2006ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. هو ڪيترائي دفعا ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو آهي ۽ هن سال به ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

جاويد ڳورڙ
جاويد اقبال ولد الهرکيو ڳورڙ ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ تعلقي ميهڙ ۾ 15 اپريل 1974ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سول انجنيئر آهي. لکڻ جي شروعات يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ ڪيائين انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ مضمون لکيا اٿس ۽ هڪ پنهنجي والد تي ڪتاب “سڄڻ ڏٺو جن” پڻ ترتيب ڏنو اٿائين سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر آهي. 2011ع کان ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ پڻ چونڊجي ايندو آهي.

شير محمد سومرو
شير محمد ولد آخوند احمد سومرو 15 فيبروري 1937ع تي ڇاڻو شاهه آباد ۾ جنميو. سندس تعليم ايم- اي بي- ايڊ هئي ۽ استادي پيشي سان واڳيل رهيو. هو شاعر، مضمون نويس ۽ اداڪار پڻ هو. P.T.V تي به ڪيترائي ڊرامه ڪيائين. والي بال راند متعلق سندس هڪ ڪتاب لکيل آهي. هو ماضيءَ ۾ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر رهيو ۽ شاخ ڇاڻو شاھ آباد ۾ پڻ ميمبر رهيو. سندس وفات 2012ع ۾ ٿي.

سڪندر ڀرڳڙي
سڪندر علي ولد محمد ڇٽل ڀرڳڙي 1968ع ۾ اٺين شاخ تعلقي جوهي ۾ ڄائو. سندس تعليم B.A پاس آهي. شاگرديءَ واري زماني ۾ 1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر ٿيو جيڪو عادل سکيراڻيءَ دور هو. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور هئي گھڻو ڪري ڪهاڻيون لکيائين جڏهن پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ لڳو ته سنگت کان پاسيرو ٿي ويو. اڄڪلهه هو ملڪ کان ٻاهر رهي ٿو.

وفا جمالي
غلام شبير ولد راوت خان جمالي 03 اپريل 1965ع تي ڳوٺ موريو تعلقي جوهي ۾ پيدا ٿيو. سندس ادبي سفر شاعريءَ سان شروع ٿيو ڇاڻو شاهه آباد شاخ ۾ ميمبر هو ۽ بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ شامل ٿيو ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر به رهيو. هو پوليس کاتي ۾ ڊي ايس پي جي عهدي تي آهي. نوڪريءَ جي سانگي ٻاهر رهي ٿو.

گلشير سولنگي
گلشير سولنگي 28 آڪٽوبر 1960ع تي ڳوٺ بچل سولنگيءَ ۾ ڄائو. هي سماجي ڪارڪن آهي. ڇاڻو شاهه آباد شاخ ۾ ميمبر ٿيو هو ۽ ڪجھه سال دادو ادبي سنگت ۾ پڻ رهيو. پيشي جي حوالي سان استاد آهي، مضمون ۽ ڪالم اڄ به لکندو آهي، پر سنگت ۾ فعال نه آهي.

مقبول پهنور
مقبول احمد ولد قمرالدين پهنور 15 اپريل 1962ع تي ڳوٺ ابراهيم ڪچي ۾ پيدا ٿيو. تعليم ايم- اي سنڌي ادب اٿس. پاڻ ايويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي کاتي ۾ سينئر انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز آهي. 1973ع کان لکڻ جي شروعات مضمونن ۽ ڪالمن لکڻ سان ڪيائين. 1975ع ڌاري دادو ادبي سنگت جو ميمبر رهيو. اڄڪلهه ادبي دنيا ۾ غير سرگرم آهي.

ديدار سومرو
ديدار علي ولد صحبت خان سومرو پهرين نومبر 1982ع تي سومرا ڪالوني دادؤ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ڪام هئي ۽ اڪائونٽس کاتي ۾ آڊيٽر هو. سندس سڃاڻپ شاعر طور هئي. 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. ديدار سومري جگر جي تڪليف ۾ مبتلا رهندي 19 جولاءِ 2020ع تي وفات ڪئي.

خادم کهرو
خادم حسين ولد حاجي خان کهرو 19 سيپٽمبر 1958ع تي جڳت آباد محله ۾ ڄائو. پاڻ اديب ته نه، پر ادب دوست ضرور آهي. علي انور دائود پوٽي جي صحبت ۾ هجڻ ڪري 1974ع ڌاري ادبي سنگت دادو جو ميمبر ٿيو. پر هاڻي سرگرم نه آهي.

انور دائود پوٽو
علي انور ولد محمد علي دائود پوٽو ٽلٽي ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس والد ۽ پاڻ دادؤ ۾ گھڻو عرصو رهيا. جنهن ڪري دادؤ جي علمي ادبي حلقن ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. انور دائود پوٽو دادو ادبي سنگت ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ عهديدار پڻ رهي چڪو آهي.

ڊاڪٽر روشن ڀٽي
ڊاڪٽر روشن علي ڀٽي 9 نومبر 1954ع ۾ دادو تعلقي جي ڳوٺ پراڻي ديري ۾ پيدا ٿيو. جيتوڻيڪ پاڻ ليکڪ نه هو ليڪن ادب سان چاھ هجڻ ڪري 1987ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر ٿيو. هو شهيد عادل سکيراڻيءَ جو دوست هو. عادل کان پوءِ به ڪيترا سال سنگت جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو، پر اڄڪلهه نوڪريءَ سانگي شهر کان ٻاهر آهي.

آزاد سولنگي
نزاڪت علي ولد غلام الرسول سولنگي 28 جنوري 1971ع ميهڙ شهر ۾ ڄائو. نهايت ئي جاکوڙي ماڻهو آهي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور سڃاتو وڃي. ٿو. تخلص “آزاد سولنگي” استعمال ڪندو آهي. تعليم انٽر پاس اٿس. هو هن وقت اسلام آباد ۾ رهي ٿو، ۽ اتان هن 2000ع ۾ هڪ ادبي رسالو “سونهن” جاري ڪيو هيائين. 2001ع ۾ ميهڙ شهر ۾ هن “سونهن ايوارڊ” تقريب به ڪئي هئي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. آزاد عادل سکيراڻيءَ جي دور ۾ دادو ۾ سنگت جو ميمبر ٿيو ان بعد ڦلجي اسٽيشن تي به ميمبر ٿيو هو.

زاهد لنڊ
زاهد علي ولد محمد اسماعيل لنڊ 25 آگسٽ 1992ع تي ڇاڻو شاهه آباد دادؤ ۾ ڄائو. هينئر ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ۾ D.I.M ڪئي اٿائين. 2004ع ۾ ادبي سنگت جو معجزانه طور ميمبر ٿيو.

قربان بخاري
سيد قربان علي شاه ولد سيد احمد شاه (استاد بخاري) ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ پهرين جنوري 1952ع ۾ پيدا ٿيو. کيس علم و ادب سان گھڻو چاھ هو. ان ڪري هو سنڌي ادبي سنگت دادو شاخ جو ميمبر بڻيو. لکڻ جي حوالي سان شاعري به ڪندو هو ته مضمون وغيره به لکندو هو. هو سنگت دادؤ ۾ ڪائونسلر به رهيو ته ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. هن 31 ڊسمبر 1999ع ۾ وفات ڪئي.

جاويد اختر گھلو
جاويد اختر ولد شير محمد گھلو 25 نومبر 1968ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي ايڪانامڪس ۽ پوٽيڪل سائنس آهي سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ ويهن ٻاويهن سالن کان ميمبر آهي. ليڪن اڄڪلهه غير فعال آهي.

منير جمالي
منير احمد ولد اميد علي جمالي جو جنم 03 مئي 1981ع تي دادو شهر جي ڀرسان ڳوٺ شاهه محمد جماليءَ ۾ ٿيو. سال 2000ع کان نظم ۽ نثر ۾ لکڻ شروع ڪيائين. سال 2003ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس ڪافي مواد اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو هو. پر هاڻي سنگت ۾ سرگرم نه آهي.

دوست علي جيسر
دوست علي ولد نور محمد جيسر 15 آگسٽ 1956ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم-اي ايل ايل بي آهي. سٺو زميندار هجڻ سان گڏوگڏ سندس سڃاڻپ سماجي ورڪر طور آهي. پاڻ سگا جو سرگرم ڪارڪن آهي. ادب دوست هجڻ ڪري شهيد عادل سکيراڻيءَ جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر بڻيو. اڄڪلهه سنگت ۾ فعال نه آهي.

نواز جويو
علي نواز ولد گل محمد جويو المعروف “نواز جويو” 16 جنوري 1979ع ۾ سونارا محله دادؤ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر هئي ۽ ذريعه معاش سونارڪو ڌنڌو هو. نواز جويو جي سڃاڻپ مزاحيه شاعر ۽ مضمون نويس طور هئي. شروع ۾ “مجاهد” تخلص استعمال ڪندو هو . پوءِ “نواز جويو” استعمال ڪيائين. سال 2001ع ڌاري ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس وفات سال 03 اپريل 2011ع ۾ ٿي.

رزاق ملڪ
عبدالرزاق ولد غلام قارد ملڪ پهرين جولاءِ 1979ع ۾ پوليس لائين دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم B.A آهي ۽ ادبي سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. ادبي سنگت دادؤ ۾ سندس ميمبرشپ 1985ع ڌاري ٿي. اڄڪلهه هو غير فعال ميمبر آهي.

اڪبر سولنگي
علي اڪبر ولد محمد عرس اظهر سولنگي جو جنم 31 جولاءِ 1966ع ۾ ٿيو. سندس جنم جو هنڌ ڳوٺ جنگو جمالي تعلقه جوهي آهي. سندس تعليم انٽر ۽ پي ٽي سي پيشي جي حوالي سان استاد هو پر مارچ 2017ع ۾ رٽاير ٿيو. سندس سڃاڻپ نثر نويس، شاعر، ريڊيو ۽ اسٽيج آرٽسٽ طور آهي. لهڻو جمالي جي وقت ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو پر اڄڪلهه غيرسرگرم آهي.

نثار جويو
نثار احمد ولد شبير احمد جويو 14 مئي 1994ع ۾ غريب آباد دادؤ ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم BSc پاس آهي. سال 2013ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو. صرف ادب دوست هجڻ ڪري کيس ميمبرشپ ملي، پر اڄڪلهه غيرسرگرم آهي.

الهه بخش سولنگي
الهه بخش سولنگي ولد ڪريم بخش خان سولنگي 15 جون 1955ع تي سيتا اسٽيشن ۾ جنم ورتو . سندس تعليم M.A پوليٽيڪل سائنس آهي. پيشي جي حوالي سان پاڻ بئنڪ آفيسر رهيو آهي.
سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ شوڪت سنڌي جي وقت ۾ آيو پاڻ مطالعي جو شوقين ۽ بهترين ادب دوست رهيو آهي. هو ادبي سنگت ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن ۾ بهترين ورڪر رهيو آهي. سندس وڏو ڀاءُ “فاروق سولنگي” بهترين ڪهاڻيڪار، ڊرامه ليکڪ ۽ ناول نگار هو. الهه بخش سولنگي اڄڪلهه رٽاير آهي ۽ حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

رفيق قريشي
رفيق احمد قريشي ولد الهورايو قريشي ٽين آگسٽ 1952ع تي دادو شهر ۾ ڄائو . سندس تعليم B.A آهي ۽ پاڻ بئنڪ آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رٽاير ٿيو. ادبي سنگت دادؤ ۾ شوڪت سنڌيءَ جي توسط سان آيو ۽ خزانچي پڻ رهيو. بنيادي طرح قومپرست آهي. ڪجھه ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيائين جيڪي ان وقت جي رسالن ۾ شايع پڻ ٿيا. پاڻ اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

برج لال بيوس
برج لال ولد تارا چند شامناڻي تخلص “بيوس” 27 مارچ 1955ع تي دادو شهر جي جگت آباد محلي ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ ايس ـ سي جاگرافي آهي، پيشي جي حوالي سان زميندار آهي. 1972ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، پاڻ شاعر ۽ نثر نويس طور سڃاتو وڃي ٿو. سال 2018ع ۾ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر بڻيو.

زاهد منگي
زاهد حسين ولد عبدالعزيز منگي المعروف “زاهد منگي” 17 نومبر 1995ع مزدور آباد دادو ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ پاس آهي ڪجھه سالن کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پيشي جي حوالي سان پورهيت انسان آهي. زاهد منگي سال 2018ع ۾ دادو سنگت جو ميمبر بڻيو، ۽ اڄڪلهه سنگت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي آهي.

يامين شاد
محمد يامين ولد محمد اڪرم چارڻ ادبي نالو “يامين شاد” 1981ع ۾ مدينه مسجد لڳ ملڪاڻي پاڙي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ پاس آهي ۽ کيس پنهنجو ذاتي ڪاروبار آهي. 2015ع کان شاعر جي حيثيت ۾ ادبي دنيا ۾ آيو ۽ سال 2018ع ۾ ادبي سنگت دادوءَ جو ميمبر بڻيو.

صدر الدين جوڻيجو
صدر الدين جوڻيجو پاٽ جي جوڻيجو خاندان سان تعلق رکي ٿو. سندس اولاد محترم تنوير جوڻيجو، تبسم جوڻيجو ادبي حوالي سان ڄاتل سڃاتل آهن. صدر الدين جوڻيجو صاحب دادؤ ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو، ادبي سنگت جي شروعاتي دور ۾ ميمبر رهيو.

نثار ميمڻ
نثار احمد ولد محمد هاشم ميمڻ 31 مئي 1946ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم پوسٽ گريجوئٽ ان سوشل ورڪ آهي. 1974ع تي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ پروڊيوسر بڻيو ۽ 2006ع ۾ رٽايرمينٽ ورتائين. ڪاليج جي زماني ۾ ڪجھه مضمون پڻ لکيائين دوستن جي صحبت ۾ ادبي سنگت دادوءَ ۾ ميمبر ٿيو. ڪراچي ۾ رهڻ دوران سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو هو. نثار ميمڻ ريڊيو پاڪستان تي پڻ ڪيترائي ادبي پروگرام پيش ڪيا. هن وقت هو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

عطا ميمڻ
عطاء الرحمٰن ولد پير بخش ميمڻ دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ وڪالت ڪندو هو. پيپلز پارٽيءَ جو شاگرديءَ جي زماني کان خاص ورڪر هو. ايم آرڊي تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هجڻ ڪري ادبي سنگت ۾ ميمبر پڻ رهيو. عطا ميمڻ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ رجسٽرار به رهيو. ان کان پوءِ هو بينظير ڀٽو صاحبه جو پوليٽيڪل سيڪريٽري پڻ رهيو. هاڻي شايد ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

راز ميمڻ
محمد پريل ولد جيئندل خان ميمڻ تخلص “راز ميمڻ” جو جنم 10 مارچ 1962ع تي آخوند محله دادو ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي ايڪانامڪس هئي ۽ پاڻ الائيڊ بيئنڪ ۾ آڊيٽر جي عهدي تي هو. سندس سڃاڻپ شاعري ۽ گلوڪاري هئي. راز ميمڻ ادبي سنگت جو ميمبر رهيو. هن 21 آڪٽوبر 2013ع تي وفات ڪئي .

حميد راهي
عبدالحميد ولد محمد ايوب ميمڻ تخلص “حميد راهي” 1948ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي سوشيالاجي هئي ۽ پاڻ اسسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تي فائز هو. ڪاليج جي زماني کان اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ ڪهاڻيون به لکندو هو. حميد راهي سنڌي ادبي سنگت جو هڪ فعال ميمبر رهيو. هن کي تمام مختصر عمر ملي. هو 28 سالن جي عمر ۾ 29 جون 1976ع تي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.

خدا بخش پنهور
خدا بخش پنهور ولد حاجي محمد عيسى پنهور جو جنم پهرين اپريل 1972ع تي ڳوٺ آدم پنهور ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي ۽ ڊپلوما هئي. خدا بخش ASI ٿي ڀرتي ٿيو هيو ۽ پوءِ انسپيڪٽر ٿيو. شاگرديءَ جي زماني کان شعر و شاعري ڪندو هو ۽ ادبي سنگت جو ميمبر هو. خدا بخش 06 مئي 2018ع تي هن فاني دنيا کي خير باد ڪيو.

منير قريشي
منير احمد ولد نيڪ محمد قريشي نامياري ڪهاڻيڪار طارق قريشي جو وڏو ڀاءُ هو. سندس جنم 24 نومبر 1951ع تي ٿيو. پاڻ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس هو. سندس تعليم ايم ـ اي ـ بي ـ ايڊ هئي. پيشي جي حوالي سان استاد هو ۽ پوءِ رٽاير ٿيو. هو حيدرآباد لڏي ويو هو. جڏهن دادؤ ۾ هيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم ميمبر رهيو. سندس انتقال 23 جون 2020ع تي ٿيو.

گل محمد سکيراڻي
گل محمد سکيراڻي ڳوٺ باغبان “مخدوم بلاول” جو رهاڪو هو. هن ڪجھه وقت ساسو ۾ نوڪري به ڪئي کاتي بند ٿيڻ کانپوءِ درزڪو ڪم ڪندو هو. هو سوشل ورڪر ۽ ادب دوست انسان هو. شهيد عادل سکيراڻي جي وقت ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. هو ڪاروباري ڪاميٽي جو پڻ ميمبر رهيو. گل محمد سکيراڻي هن دنيا ۾ موجود نه آهي، الله پاڪ سندس مغفرت ڪري.

عابد گھلو
عابد حسين ولد دائم الدين گھلو 09 نومبر 1960ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم گريجوئيشن آهي. سندس سڃاڻپ زمينداري، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن طور آهي. عابد گھلو سگا ۾ رهي چڪو آهي ۽ شهيد عادل سکيراڻي جي وقت ۾ دادو سنگت جو ميمبر پڻ. پر اڄڪلهه فعال نه آهي.

خادم سکيراڻي
خادم حسين ولد محرم علي سکيراڻي 21 ڊسمبر 1961ع تي ڦڪا ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي ـ ايل ـ ايل ـ بي آهي ۽ پاڻ واپڊا کاتي ۾ ملاز آهي. خادم سکيراڻي جي سڃاڻپ راڳ داري آهي. ان ڏس ۾ پاڻ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪري چڪو آهي. هو هڪ ادب دوست انسان آهي شهيد عادل سکيراڻي کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو. خادم سکيراڻي اڄڪلهه ڪوٽڙي ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجون فني خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.

غلام سرور لغاري
غلام سرور لغاري ولد الهڏنو خان لغاري دادؤ شهر ۾ 11 فيبروري 1962ع تي جنم ورتو. سندس تعليم ايم ـ ايس ـ سي باٽني آهي. پاڻ هن وقت خيرپور ناٿن شاهه ڪاليج جو پرنسيپال آهي. شهيد عادل سکيراڻيءَ جي صحبت ۾ 1987ع ڌاري سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. پاڻ ڪيترائي مضمون لکي چڪو آهي ۽ اڄڪلهه سنگت ۾ سرگرم نه آهي.

حافظ غلام محمد چنه
حافظ غلام محمد چنه ولد حافط مبارڪ چنه جو احوال خداآباد شاخ ۾ آيل آهي.
ڊاڪٽر سڪندر نائچ
سڪندر علي ولد محمد حسن نائچ ڳوٺ محمد حسن نائچ تعلقه جوهيءَ ۾ پهرين جنوري 1969ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ بي ـ بي ـ ايس آهي ۽ پاڻ ڊاڪٽر آهي. ڪاليج لائيف کان شعرو شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون لکندو پيو اچي. 1988ع ۾ شهيد عادل سکيراڻي کيس سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ ميمبر ڪيو. هو تمام گھڻو فعال ميمبر هو. پر اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

اشرف سکيراڻي
اشرف علي ولد محمد ابراهيم سکيراڻي المعروف “اشرف سکيراڻي” جو جنم 1963ع ۾ ڦلجي وليج ۾ ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪري ٿو. شهيدعادل سکيراڻيءَ جي دور ۾ سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو. پاڻ ادب دوست ۽ سماجي ورڪر آهي. اڄڪلهه سنگت ۾ سرگرم نه آهي.

الهورايو سمون
الهورايو سمون ولد محمد صفر پهرين فيبروري 1968ع تي پياو اسٽيشن شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ڊپلوما ان اليڪٽرڪ ۽ بي ـ اي آهي ۽ پاڻ ورڪشاپ انسٽرڪٽر جي عهدي تي آهي. هو مختلف ادبي، سماجي ۽ سياسي جماعتن کان ٿيندو ادبي سنگت دادؤ ۾ آيو. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي، پر اڄڪلهه غير سرگرم آهي.

نور الدين چارڻ
نور الدين ولد حاجي عبدالله چارڻ غريب آباد محلي ۾ ڄائو. ذهين ۽ پڙهيل لکيل انسان هو ڪاليج جي دور ۾ ڊرامه به پرفارم ڪيائين ۽ ڪهاڻيون وغيره به لکندو هو. هو بئنڪ ۾ ملازم هو ان بعد سعودي عرب هليو ويو جتي به بئنڪ جي نوڪري ڪيائين سال 2016ع جي آخر ۾ سندس انتقال ٿيو.

فتاح شمس چارڻ
عبدالفتاح ولد عبدالستار چارڻ تخلص “فتاح شمس” 1982ع تي غريب آباد محلي دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم گريجوئيشن هئي. شاگردي جي زماني کان شاعري ڪندو هو ۽ ٻارن لاءِ هڪ رسالو “شمس” به جاري ڪيائين. 1994ع ڌاري دادو سنگت جو ميمبر ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪوٽڙي لڏي ويا جتي سنگت شاخ ڪوٽڙي ۾ ميمبر ٿيو ۽ مختلف عهدن تي به رهيو. هن ڪجھه وقت صحافت به ڪئي. فتاح شمس چارڻ 06 سيپٽمبر 2019ع تي هيپاٽائيٽس جي بيماري سبب وفات ڪئي. کيس پير محمد مراد قبرستان دادؤ ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.

رميش ڪمار
رميش ڪمار ولد ڀڳوان داس نانڪاڻي 30 آگسٽ 1956ع ۾ جنميو. سندس تعليم ايم اي اڪنامڪس ۽ ايم ايڊ آهي ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽاير ٿيو.سندس سڃا ڻپ صوفي شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. سندس هڪ ڪتاب “نت نيم ٻاڻي” ترتيب ڏنو اٿائين ۽ دادوشهر تي پڻ ڪتاب لکيو اٿس، جيڪو جلد شايع ٿيندو.
ڀٽڪيل ۽ ڀليل هي،آهن سڀ انسان.
ڳولن ٿا ان راول کي جيڪو اٿن ساڻ
رميش تون ڇاڪاڻ، ڀٽڪين پيو هن ڀونء ۾.

انور قنبراڻي
علي انور ولد ميوو خان قنبراڻي 1960ع ڌاري ڳوٺ ڦلو قنبراڻي تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو.تعليم پنج ڪلاس هيس ۽ ٻني ٻارو ڪندو هو. دادو لڏي اچڻ کانپوءِ ڪاروبار ڪرڻ لڳو.1980ع کان شاعري شروع ڪيائين ۽ ڪيسيٽن جي دنيا ۾ مشهور ٿيو. استاد بخاريءَ کان اصلاح ورتائين ۽ سنگت دادؤ ۾ به آيو، ليڪن ميمبرشپ جاري نه رکي سگهيو. 10ڊسمبر2018ع تي وفات ڪيائين.

مٺا خان مري
مٺا خان مري جو تعلق ميرپور خاص سان هو ۽ هو ڊگري ڪاليج دادؤ ۾ فلاسافيءَ جو ليڪچرر هو. دادؤ ۾ رهڻ دوران ادبي سنگت دادؤ ۾ ميمبر رهيو.

غلام الرسول کوکر
غلام الرسول ولد محمد عارب کوکر 16 آگسٽ 1966ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ ايس ـ سي ڪميسٽري ۽ بي ايڊ آهي ۽ دادو ڊگري ڪاليج ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي. سال1981ع کان شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ شهيد عادل کيس سنگت ۾ ميمبر ڪيو. سال1987ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر پڻ رهيو.

لعل محمد صديقي
لعل محمد ولد غلام النبي صديقي 1912ع ۾ دواٻو ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس هئي ۽ سنڌ مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪيائين. دادو شهر ۾ سندس بوڪ بائينڊنگ جو دڪان هو، جتي اديبن ۽ شاعرن جون ڪچهريون متل هونديون هيون. پاڻ به اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. شوڪت سنڌي کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو. لعل محمد صديقيءَ سال1994ع ۾ وفات ڪئي.

نظام الدين ميمڻ
نظام الدين ولد تاج محمد صحرائي ميمڻ دادو شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي هئي. هو سنگت دادؤ جو ميمبر رهيو. ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس هو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تان رٽايرمينٽ ورتائين.
لالا فيروز ڪنڀر
لالافيروز ولد محمد اسماعيل ڪنڀر ڳوٺ محب علي چانڊيو تعلقي دادؤ ۾ 30 ڊسمبر1980ع ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ خانگي ملازم آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ هدايتڪار طور آهي. سال 2001ع ڌاري سنگت دادؤ ۾ ميمبر ٿيو، پر هاڻي سرگرم نه آهي.

خير محمد انڙ
خير محمد انڙ ولد نور محمد انڙ ڳوٺ انڙپور ضلعو ڄامشورو ۾ 16 آگسٽ 1936ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ڊپلوما ان ايسوسيئيٽ سول انجنيئرنگ هئي. پاڻ ايريگيشن کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هو. گھڻو عرصو دادو شهر گذاريائين. هو تمام گھڻو سرگرم ماڻهو هو. فنونِ لطيف سان خاص دلچسپي هوندي هيس. پاڻ سٺو ڪهاڻيڪار، اداڪار ۽ والي بال جو رانديگر هو. سنڌي ادبي سنگت دادو ۾ فاروق سولنگي، روشن سولنگي ۽ شوڪت سنڌي وارن سان هر ڪم ۾ اڳڀرو هوندو هو. سندس وفات 29 مارچ 1995ع تي ڦڦڙن جي ڪينسر سبب ٿي. سندس خاندان حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

راهب جمالي
راهب خان ولد حاجي صحبت خان قلمي نالو “راهب جمالي” 1959ع تي ڳوٺ دوداڻي جمالي لڳ دادو شهر ۾ ڄا ئو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي ۽ سندس سڃاڻپ شاعر ۽ گلوڪار طور آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب “سچ آئون چوندس” سال 2005ع ۾ ڇپيو. سنگت دادؤ جو 20 سالن کان ميمبر آهي، پر اڄڪلهه سنگت کان پاسيرو آهي.

عبدالله اداسي
عبدالله ولد حاجي صحبت خان جمالي تخلص “اداسي” ڳوٺ دوداڻي جماليءَ ۾ 1975ع ڌاري ڄائو. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. پهريائين “اياڻو” تخلص استعمال ڪندو هو. راهب جماليءَ سان گڏ سنگت دادؤ ۾ ميمبر ٿيو هو. پر هاڻي هو ڪيترن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

محمد عرس سومرو
محمد عرس ولد رسول بخش سومرو 09 آڪٽوبر 1972ع تي مستري محمد ابراهيم گھٽي ميمڻ محلا دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي بي ـ ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان منسلڪ آهي. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور آهي. شهيد عادل سکيراڻي جي ٽينيوئر دوران سنگت دادو جو ميمبر ٿيو. پر اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

ذلفي ميمڻ
ذوالفقار علي ولد جيئندل خان ميمڻ دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پوليس ۾ ملازم آهي 25 سالن کان شاعري ڪندو پيو اچي. طنز و مزاح به سٺي لکندو آهي. سندس هڪ ڪتاب “تنهنجا ٺينگ منهنجا ٽپا” ڇپيل آهي.

علي اقبال سولنگي
علي اقبال ولد نظير احمد سولنگي ڇاڻو شاھ آباد دادو ۾ پيدا ٿيو. پاڻ رٽائرڊ استاد آهي. 1983ع ۾ ادبي سنگت ۾ ميمبر رهيو ڪجهه ڪهاڻيون ۽ ڪالم به لکيائين. اڄڪلهه هو سنگت ۾ سرگرم نه آهي.



دادو سنگت جا اعزازي ميمبر

طارق امام جوڻيجو
طارق امام ولد حڪيم دين محمد “اڪرم ٻورڙائي” دادو ضلعي جي ڳوٺ ٻورڙيءَ ۾ 19 آڪٽوبر 1967ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سوشيالاجي ۽ ايل ايل بي آهي. پاڻ روينيو کاتي ۾ هن وقت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عمر ڪوٽ آهي. سال 2018ع ۾ دادو ۽ جوهيءَ ۾ مختيارڪار هئڻ دوران سنگت دادؤ ۾ اعزازي ميمبر ٿي رهيو ۽ سنگت دادؤ جي پروگرامن ۾ هر ممڪن مدد ڪيائين. طارق امام جي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. بنيادي طور سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو آهي.

غلام الرسول غرق
غلام الرسول ولد محمد ابراهيم قنبراڻي 09 سيپٽمبر 1956ع تي ڪوٽڙي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندن وڏڙا اصل سيتاروڊ جا هئا. سندس تعليم ايم ـ اي جنرلزم ماس ڪميونيڪشن آهي. پاڻ انفارميشن آفيسر جي عهدي تي دادو، شڪارپور، ڄامشورو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو ۽ سال 2016ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽاير ٿيو. غرق صاحب سيد قائم علي شاهه وزير اعلى سنڌ جو پرسنل رليشن آفيسر به رهيو. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، اداڪار، هدايتڪار ۽ آرٽسٽ طور آهي. دادؤ ۾ ملازمت دوران سنگت دادؤ جو اعزازي ميمبر رهيو. سندس اصل وابستگي سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ سان آهي جنهن جو چار ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. هو سال 2017ع ۾ ڄامشوري ضلعي جو رابطا سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

ڊاڪٽر نثار شيخ
نثار احمد ولد لعل بخش شيخ نصير آباد ضلعو قمبر شهداد ڪوٽ شهر ۾ 03 آڪٽوبر 1962ع ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان پاڻ ڊاڪٽر آهي ۽ يورولاجي ۾ اسپيشلسٽ آهي. دادو سول اسپتال ۾ نوڪريءَ دوران 2006ع کان وٺي ادبي سنگت دادؤ ۾ اعزازي ميمبر رهيو. ڪاليج جي زماني کان وٺي مضمون لکندو پيو اچي، گردن جي بيماري تي سندس ٻه ڪتاب لکيل آهن هڪ انگريزيءَ ۾ ۽ هڪ سنڌيءَ ۾. اڄڪلهه هو لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتا روڊ ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتا روڊ جو بنياد قمر ڀان، پيرل پرديسي، فياض بلوچ ۽ ٻين هم خيال اديبن 15جون 1984ع تي گڏجي وڌو. الحاق ملڻ تائين فياض بلوچ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن بعد اليڪشن ڪرائي وئي جنهن ۾ فياض بلوچ (سيڪريٽري)، سهڻل سيتائي (جوائنٽ سيڪريٽري)، ذوالفقار حقير گاڏهي (خزانچي) ۽ وزير علي راجا (آڊيٽر) چونڊيا ويا. هي سيتاروڊ شاخ جي پهرين باڊي هئي. هن شاخ جي بهترين ڪارڪردگي ڏسندي 10 آگسٽ 1984ع تي حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل اجلاس ۾ کيس پڪو الحاق ڏنو ويو. اهڙي طرح هن شاخ طرفان مشاعرا، ليڪچر، مذاڪرا، راڳ رهاڻيون ۽ اديبن سان رهاڻين جا زبردست پروگرام ڪرايا ويا، جن ۾ سنڌ جي ناميارن ليکڪن، اديبن شاعرن ۽ اسڪالرن جي ڪثرت سان شرڪت ٿيندي رهي.
سال 1997ع ۾ مشهور ميمڻ سيڪريٽري هو جنهن جي عدم دلچسپي ۽ ڪن ٻين سببن ڪري هن شاخ جو الحاق خود به خود ختم ٿي ويو. پوءِ به هيءَ شاخ سرگرم رهي ۽ منصور سيتائي ۽ ٻين دوستن هن شاخ کي متحرڪ رکيو. سال 2015ع ۾ هن شاخ طرفان ٻه ڪتاب “اکيون مينگھه ملهار” ۽ “ڏهر منجھه ڏيئا” پڻ شايع ٿيا. ان کان علاوه سنڌ سطح جا وڏا وڏا پروگرام ڪرايا ويا. دوستن الحاق حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون ڪوششون ورتيون ويون ليڪن ڊاڪٽر مشتاق ڦل صاحب الحاق ڏيڻ لاءِ صفا نابري واري بيٺو. آخرڪار گھڻي چوڻ کان پوءِ مجبور ٿي موري ۾ ٿيل آڪٽوبر 2015ع واري اجلاس ۾ هن شاخ کي ٻيهر الحاق ڏنو ويو ۽ شاخ پنهنجي ساک برقرار رکندي سنڌ سطح جا پروگرام منعقد ڪرڻ لڳي. ان وقت سيڪريٽري وسيم آڪاش هو جيڪو 2015ع کان 2020ع تائين لڳاتار پنج سال سيڪريٽري رهيو.
31ڊسمبر2017ع تي سالياني چونڊ بابت اجلاس ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سال 2018ع لاءِ ووٽنگ ذريعي چونڊ ٿي.
وسيم آڪاش سيتائي سيڪريٽري، ربنواز سولنگي جوائنٽ سيڪريٽري، ذاڪر سيتائي آڊيٽر، انعام انڙ خزانچي، قمرڀان ڪائونسلرچونڊجي آيا.
05 مارچ 2019ع تي چونڊ بابت اجلاس سيڪريٽري جنرل محترم احمد سولنگيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، ڇو جو دوستن ۾ ڪجھه بدمزگي پيدا ٿيل هئي ۽ ڪيترا ڀيرا اليڪشن کي پوئتي ڪيو ويو هو. هن اجلاس ۾ مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو، ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد، گل مورو، غلام مصطفي سولنگي به موجود هئا. سنگت ۾ پيدا ٿيل ڪشيدگي ۽ غلط فهمين کي ختم ڪيو ويو ۽ يڪراءِ طور ساڳي 2018ع واري باڊيءَ کي هڪ دفعو ٻيهر موقعو ڏنو ويو ۽ اها باڊي ڪووڊ 19جي ڪري سال 2020ع تائين رهي.
سال 2021ع لاءِ چونڊ جو عمل ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسي جي نگرانيءَ هيٺ 10جنوري 2021ع تي ايندڙ سال لاءِ جنهن ۾ سليمان سومرو سيڪريٽري، آصف سيتائي جوائنٽ سيڪريٽري، عابد علي آس خزانچي، منور ملاح آڊيٽر ۽قمر ڀان ڪائونسلر چونڊيا ويا.
محترم قمرڀان (86 ـ1985ع)، فياض بلوچ (88 ـ19887ع)، صابر پريمي (91ـ 1992ع)، فدا سومرو (1993ع)، بشير سيتائي (1989ع)، منصور سيتائي (96ـ 95ـ 1994ع)، مشهور ميمڻ (1997ع)، غريب گل سيتائي (1998، 1999، 2000ع)، منصور سيتائي (2001، کان 2014ع)، عزيز سيتائي (2014ع مئي کان ڊسمبر)، منصور سيتائي (2015ع)، وسيم آڪاش (مئي 2015ع کان 2020ع) هن شاخ جا سيڪريٽري رهي چڪا آهن. سال 2021ع ۾ سليمان سومرو سيڪريٽري چونڊجي آيو آهي.

فياض بلوچ
سندس اصل نالو شاهه پسند ولد فيض محمد چانڊيو آهي ۽ تخلص “فياض بلوچ” اٿس. فياض بلوچ پهرين جنوري 1952ع ۾ ڳوٺ مصري چانڊيو تعلقي ڪي اين شاهه ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي، بي ايڊ آهي ۽ هاءِ اسڪول ٽيچر جي عهدي تان رٽارمينٽ ورتي اٿائين. ادبي دنيا ۾ 1980ع کان شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت سان شامل آهي. سندس ڪتاب “ڪير جوڀن کي سنڀالي” 2017ع ۾ سنڌي ادبي سنگت خيرپور ناٿن شاهه طرفان شايع ٿيو آهي. “ڳالهيون ڳڻن واريون” 2018ع ۾ شايع ٿيل آهي. فياض بلوچ سيتا روڊ سنگت شاخ جو 1984ع ۾ آرگنائيز ٿيو ۽ پوءِ اليڪشن کٽي پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان بعد وري سال 1987ع ۽ 1988ع ۾ پڻ سيڪريٽري رهيو. اڄڪلهه سندس رهائش خيرپور ناٿن شاهه ۾ آهي ۽ خيرپور ناٿن شاهه شاخ جو ميمبر آهي. هو سال 1997ع ۾ ڪي اين شاهه شاخ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

پيرل پرديسي سيتائي
محمد پيرل ولد محمد پريل سولنگي تخلص “پيرل پرديسي سيتائي” پهرين نومبر 1947ع تي ڳوٺ گرماڻي چانڊيا ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس هئي. سندس وڏا لڏي اچي سيتا روڊ ۾ رهيا. سندس ادبي سفر 1965ع کان شروع ٿيو ۽ 2002ع تي ختم ٿئي ٿو. سندس هڪ ڪتاب 1992ع ۾ “دل آئينو پٿر دنيا” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ۽ ٻيو ڪتاب سندس شاگرد “اصغر سيتائيءَ” شايع ڪرايو آهي. پيرل پرديسيءَ جو ادبي استاد “صوفي سعدل فقير اسراڻ” هو. پيرل پرديسي سيتا جي تقريبن گھڻن شاعرن جو استاد آهي. سندس وفات 29 ڊسمبر 2002ع ۾ ٿي.

قمر ڀان
محترم قمر ڀان سيتا روڊ شاخ جو ڪائونسلر آهي سندس تفصيلي ذڪر ضلعي رابطا سيڪريٽرين واري حصي ۾ آيل آهي.

غريب گل سيتائي
گل محمد ولد حافظـ حاجي خان ڪلهوڙو تخلص “غريب گل سيتائي” 27 مارچ 1976ع تي سيتا روڊ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي-اي آهي. 1993ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي. سيتا روڊ ادبي سنگت جو اهم ڪارڪن آهي ۽ لڳاتار ٽي سال 1998، 1999 ۽ 2000ع ۾ سيڪريٽري رهي چڪو آهي.

منصور سيتائي
ميهر علي ولد غلام عباس سولنگي تخلص “منصور سيتائي” 26 آڪٽوبر 1971ع ۾ ڄائو. منصور سيتائي سنڌي ۽ اردو ادب ۾ ايم- اي پاس آهي. پيشي جي حوالي سان استاد هو، پر هاڻي رٽايرمينٽ ورتي اٿائين 1988ع کان ادبي ابتدا ڪيائين بحيثيت هڪ شاعر جي، پر نثر به سٺو لکندو آهي. منصور پهريائين “ميهر ناشاد” تخلص استعمال ڪندو هو. منصور سيتائي سنگت سيتا روڊ جو اهم ڪارڪن رهيو آهي. هو 1991ع، 1992ع، 1994ع ۽ 2001ع کان مئي 2014ع تائين سيڪريٽري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب “رنگين تنهائي” 2016ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو. اتان ادبي رسالو “رومي” نالي سان شايع ڪري ٿو.

شهزاد سيتائي
شير محمد ولد حاجي عبدالله سولنگي ڳوٺ رامبڪو لڳ سيتا روڊ ۾ پهرين اپريل 1967ع ۾ ڄائو. سندس تخلص “شهزاد سيتائي” آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور آهي. شهزاد جي تعليم ايم ـ اي سوشيالاجي آهي ۽ گورنمينٽ ملازم جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. 1984ع کان سندس ادبي سفر جاري ساري آهي ۽ سيتا روڊ ادبي سنگت جو بنيادي ميمبر آهي.

مجبور ميمڻ
غلام قادر ولد محمد علي ميمڻ تخلص “مجبور ميمڻ سيتائي” 11 مارچ 1960ع تي ڳوٺ ويجيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي. هن جا وڏڙا ويجيءَ مان لڏي سيتا روڊ ۾ اچي رهيا. مجبور سيتائي 1979ع کان ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي پاڻ سيتا روڊ جو ميمبر به رهي چڪو آهي. سندس هڪ ڪتاب “ٻرندي ٻرندي لاٽ” ڇپيل آهي. مجبور سيتائي قومي ۽ مزاحمتي شاعر طور مشهور آهي.

حقير ذوالفقار گاڏهي
ذوالفقار علي ولد حڪيم غلام حيدر گاڏهي المعروف “حقير گاڏهي” ڳوٺ بگ ٻرڙا تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ 02 اپريل 1964ع ۾ پيدا ٿيو. ذوالفقار گاڏهي ايم ـ اي پاس آهي ۽ ڪمرشل ڪاليج دادؤ ۾ انسٽرڪٽر پڻ رهي چڪو آهي. 1980ع کان شاعر جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ آيو ۽ ادبي سنگت شاخ سيتا روڊ برپا ٿيڻ کانپوءِ ان جو ميمبر ٿيو. هو ڪجھه وقت دادو شهر ۾ رهيو وري اتان حيدرآباد لڏي ويو هو. سندس وفات 2020ع تي ٿي.

وسيم آڪاش
محمد صديق عرف وسيم آڪاش ولد ممتاز علي ميمڻ تخلص “وسيم آڪاش سيتائي” 10 اپريل 1984ع ۾ سيتاروڊ ۾ پيدا ٿيو. سال 2003ع کان ادبي ميدان ۾ هڪ شاعر طور داخل ٿيو. سندس ٻه ڪتاب “هوائن ڇير ڇمڪائي” 2004ع ۾“آلا نيڻ آڪاش جا” 2015ع ۾ شايع ٿيا آهن. سندس ترتيب ڏنل گڏيل شاعريءَ تي هڪ ڪتاب “ڏهر ۾ ڏيئا” 2015ع ۾ شايع ٿيو. وسيم سنگت سيتا روڊ جو سال 2016ع کان وٺي 2020ع تائين سيڪريٽري رهيو.

رزاق سولنگي
عبدالرزاق ولد عبدالقادر سولنگي پهرين فيبروري 1971ع ۾ سيتا روڊ ڀرسان ڳوٺ صوف ماڇي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايل ايل بي آهي ۽ پاڻ وڪالت سان منسلڪ آهي. عبدالرزاق سولنگي سيتا روڊ شاخ جو بنيادي ميمبر آهي ۽ ڪائونسلر به رهي چڪو آهي. پاڻ نثر ۾ ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکيائين.

مقبول انجم
مقبول احمد ولد محمد هاشم جانوري ادبي نالو “مقبول انجم”جو جنم 15 آڪٽوبر 1973ع تي تاريخي شهر پاٽ ۾ ٿيو. پاڻ اقتصاديات ۾ پوسٽ گريجوئيٽ آهي ۽ بئنڪ آفيسر آهي. ادب ۾ سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. 98 ـ1997ع کان سنگت سيتا روڊ جو ميمبر رهيو آهي. پاڻ خزانچي ۽ آڊيٽر جي عهدن کان علاوه ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

وزيرعلي راجا
وزير علي ولد محمد رمضان سولنگي قلمي نالو “وزير علي راجا” جو جنم 10 آڪٽوبر 1957ع تي سيتاروڊ ۾ ٿيو. سندس تعليم اڪنامڪس ۽ سو شيالاجي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ايل ايل بي آهي ۽ سنڌ لوڪل گورنمينٽ مان آفيسر جي عهدي تان رٽاير ٿيو. هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران رسالي “گل ڦل” ۾ لکڻ جي ابتدا ڪيائين. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور رهي. پاڻ سيتاروڊ ادبي سنگت ۾ ميمبر ٿيو ۽ آڊيٽر جي عهدي تي به رهيو. اڄڪلهه ڪراچي شهر ۾ رهي ٿو.

سليمان سومرو
غلام مرتضى ولد غلام مصطفى سومرو ادبي نالو “سليمان سومرو” 14 سيپٽمبر 1978ع ۾ سيتا روڊ شهر ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ استادي پيشي سان واڳيل آهي. 1992ع کان نثر نويس جي حيثيت سان ادبي ماحول ۾ آيو. سال 2014ع کان سنگت شاخ سيتا روڊ جو ميمبر آهي. سليمان سومرو آڊيٽر ۽ خزانچي جي عهدي تي رهي چڪو آهي. سال 2021ع لاءِ سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي.

فياض منصور
فياض علي ولد ميهر علي “منصور سولنگي” ادبي نالو “فياض سيتائي” 26 جون 1991ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي آهي سال 2005ع کان ادبي دنيا ۾ شاعر ۽ نثر نويس طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. فياض منصور سيتا روڊ سنگت جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهي چڪو آهي ۽ اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ اتي حيدرآباد شاخ ۾ ميمبر آهي.

ربنواز سولنگي
رب نواز ولد محمد روشن سولنگي 29 آڪٽوبر 1978ع ۾ سيتا روڊ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ڊپلوما ان سول اينڊ اليڪٽرڪ آهي. پيشي جي حوالي سان واپڊا ۾ ملازم آهي. لکڻ جي شروعات 2012ع کان ڪيائين بحيثيت نثر نويس جي. ساڳئي سال سنگت شاخ سيتا روڊ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ هن کان اڳ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي.

دلشاد بلوچ
گل محمد ولد لال بخش چانڊيو تخلص “دلشاد بلوچ” 1955ع ۾ ڳوٺ گل حسن چانڊيو لڳ سيتا روڊ ۾ ڄائو. 1987ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس شاعريءَ جو ڪتاب “سسي نيزي پاند” 2017ع ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. دلشاد ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر هو. سندس وفات 08 مئي 2020ع تي ٿي.

بچل بيوس
محمد بچل ولد خدا بخش سولنگي تخلص “بچل بيوس سيتائي” 1957ع ۾ پيدا ٿيو. 1980ع ۾ پيرل پرديسيءَ جي صحبت ۾ ادبي ميدان ۾ هڪ شاعر جي حيثيت سان آيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ جو ميمبر آهي ۽ مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجھندو آهي. سندس ڪتاب “نيهن نگر تي چنڊ” 2021ع ۾ رومي پبليڪيشن پاران شايع ٿيو آهي.

اصغر سيتائي
اصغر حسين ولد محمد حسن سولنگي تخلص“اصغر سيتائي” سال ڳوٺ عيسو ماڇي ۾ پيدا ٿيو. تعليم مڊل پاس ۽ ڪرت سرڪاري ملازم پر هاڻي رٽاير آهي. سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جو 1980ع کان سرگرم ميمبر رهيو آهي. هاڻي ڪوٽـڙيءَ ۾ رهي ٿو ۽ شاخ ڪوٽـڙيءَ جو ميمبر آهي. سندس ڪتاب “اکڙيون اوسيئڙا” 2002ع، “موتي مون ميڙيا (نعتون)” 2012ع ۽ “سونهن کي سلام” 2014ع ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

مشهور ميمڻ
خادم حسين ولد خمسيو خان ميمڻ تخلص “مشهور ميمڻ سيتائي” 17 سيپٽمبر 1973ع تي ڳوٺ ويجي تعلقه ڪي اين شاه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي- ايڊ آهي ۽ پاڻ استاد آهي. 1990ع کان ادبي ۽ سماجي خدمتن ۾ حصو وٺندو پيو اچي. پاڻ شاخ سيتا روڊ جو سال 1995ع، 1996ع ۽ 1997ع لڳاتار ٽي سال سيڪريٽري رهي چڪو آهي.

سقراط سيتائي
محمد حسن المعروف سقراط سيتائي جو مڪمل تعارف دادو شاخ ۾ آيل آهي.
انجنيئر احمد نواز سولنگي
احمد نواز سولنگي ولد محمد روشن سولنگي 31 ڊسمبر 1971ع تي سيتا روڊ ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم M.E آهي ۽ سرڪاري ملازم جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. سال 2012ع کان سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر آهي.

منظور سيتائي
منظور علي ولد بخشل خان سولنگي تخلص “منظور سيتائي” ڇهين جنوري 1983ع ۾ سيتا روڊ ۾ ڄائو. سال 1997ع کان ادبي سفر جي شروعات ڪيائين. پاڻ هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار، اداڪار، هدايتڪار ۽ ڪمپيئر پڻ آهي، 2013ع کان ادبي سنگت جو ميمبر آهي. محنت سبب ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا اٿس. سندس گڏيل شاعري جو ڪتاب “ڏهر منجھه ڏئيا” ڇپيل آهي ۽ ٻيو ڪتاب “جھڙي سنڌ تهڙي سيتا” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي.

بشير سيتائي
بخشل خان ولد محمد موسى ڀٽي تخلص “بشير سيتائي” جو مڪمل تعارف دادو شاخ ۾ آيل آهي.

ذاڪر سيتائي
ذاڪر حسين ولد بشير حسين سولنگي تخلص “ذاڪر سيتائي” 05 اپريل 1980ع ۾ سيتا روڊ ۾ ڄائو. سال 2013ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب “ڏهر منجھه ڏئيا” ڇپيل آهي. پاڻ سيتا روڊ ادبي سنگت جو ميمبر آهي ۽ آڊيٽر جي عهدي تي به رهي چڪو آهي. هو سال 2007ع کان سيتا روڊ شاخ جو ميمبر آهي.

سڄڻ سيتائي
محمد هاشم ولد خير محمد چنه تخلص “سڄڻ سيتائي” 1972ع ۾ سيتا روڊ ۾ جنم ورتو. تعليم پرائمري پاس ۽ ڪرت مزدوري اٿس. سيتا روڊ سنگت جو ميمبر رهي چڪو آهي. اڄڪلهه خيرپور ناٿن شاهه ۾ رهي ٿو ۽ هينئر سنگت ڪي اين شاهه ۾ ميمبر آهي.

گھايل غلام مصطفى
غلام مصطفى ولد محمد يوسف سولنگي پهرين اپريل 1976ع تي ڳوٺ پريا ۾ جنم ورتو. سندس تعليم انٽر سائنس آهي. پيشي جي حوالي سان خانگي ملازم آهي. 1998ع ۾ ادب ۾ پير پاتائين. گھايل سيتا روڊ سنگت جو سرگرم ڪارڪن آهي.

شاڪر عزيز سيتائي
عزيز احمد ولد محمد علي خان ٻگھيو تخلص “شاڪر عزيز سيتائي” پهرين فيبروري 1968ع ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي آهي. شاڪر عزيز استادي پيشي سان منسلڪ آهي. سال 1993ع کان ادب ۾ داخل ٿيو. هو هڪ برجستو شاعر آهي. گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “ڏهر منجھه ڏئيا” ۾ سندس ڪجھه مواد ڇپيل آهي. ادبي سنگت سيتا روڊ جو 1994ع کان ميمبر آهي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي.

صابر پريمي
صابر حسين ولد غلام حسين سولنگي ادبي نالو “صابر پريمي” 15 جون 1971ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. صابر پريمي سال 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. اڄڪلهه غير فعال آهي.

عزيز سيتائي
عبدالعزيز ولد قادر بخش سومرو تخلص “عزيز سيتائي” 15 فيبروري 1979ع ۾ سيتا روڊ ۾ ڄائو. 1998ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين بحيثيت شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي، عزيز سيتائي ملازمت سبب حيدرآباد ۾ رهي ٿو. عزيز سيتائي 2014ع ۾ ڇهه مهينا سنگت سيتا روڊ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي.

غلام عباس سومرو
غلام عباس سومرو ولد تاج محمد سومرو 30 ڊسمبر 1960ع تي ڳوٺ سيتاوليج ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي ـ ايل ايل بي هئي ۽ هو ڪسٽم ۾ آفيسر هو. 1976ع ۾ ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس آهي. سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جو بشير سيتائيءَ جي دور ۾ ميمبر رهيو. سندس وفات ڪورونا وبا سبب 2020ع ۾ ٿي.

انعام انڙ
انعام محمد ولد محمد شريف انڙ المعروف “انعام انڙ” پهرين آڪٽوبر 1979ع تي ڳوٺ چڀڙ انڙ ۾ ڄائو سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ استادي پيشي سان منسلڪ آهي. لکڻ جي شروعات 2010ع کان شاعر طور ڪيائين. سال 2013ع کان سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو. سال 2018ع کان 2020ع تائين خزانچي جي عهدي تي رهيو. انعام انڙ نهايت ئي سرگرم ڪارڪن آهي. انعام جي ٻي سڃاڻپ هڪ اداڪار طور پڻ آهي.

مور سولنگي
مور سولنگي ولد جاڙو خان سولنگي ادبي نالو “مور سيتائي” پهرين جنوري 1978ع تي سيتا ننڍيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي ۽ کيتي ٻاڙي سان لاڳاپيل آهي. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين بحيثيت هڪ شاعر جي ۽ سال 2012ع کان سنگت شاخ سيتا روڊ جو ميمبر آهي.

امر ملاح
غلام الرسول ولد محمد عارب ملاح تخلص “امر ملاح” 10 مارچ 1973ع ۾ سيتا روڊ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ڪام آهي. 1993ع کان ادبي ڌارا ۾ داخل ٿيو بحيثيت هڪ شاعر جي. امر ملاح سنگت شاخ سيتا روڊ جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

ساحل سيتائي
محمد خان ولد الهوسايو جانوري تخلص “ساحل سيتائي” 22 جون 1983ع تي سيتا روڊ ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس هئي 1998ع ۾ ادبي دنيا ۾ شاعر ۽ مضمون نگار طور شامل ٿيو. ساحل سيتائي سيتا روڊ شاخ جو ميمبر آهي.

سليم سيتائي
محمد وارث ولد الهڏنو سولنگي تخلص “سليم سيتائي” 1966ع ۾ سيتا روڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي ۽ پنهنجي ذاتي ڪاروبار سان سلهاڙيل آهي. سندس سڃاڻپ شاعر آهي. 1985ع کان شاعر جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو. اڄڪلهه سندس سنگت ۾ سرگرمي خاص نه آهي ڇاڪاڻ ته هو دادؤ ۾ لڏي آيو آهي. سندس شاعري فياض منصور جي ترتيب ڏنل ڪتاب “چوڏس ميگھه ملهار” ۾ ڇپيل آهي.

سڄڻ سيتائي
محمد هاشم ولد خير محمد چنه تخلص “سڄڻ سيتائي” 26 جنوري 1973ع تي سيتا روڊ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ پاس آهي. 1993ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين هڪ شاعر جي حيثيت سان. ادبي سنگت شاخ سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو. اڄڪلهه هو خيرپور ناٿن شاهه ۾ رهي ٿو ۽ شاخ ڪي اين شاهه ۾ ميمبر آهي.

حق نواز سولنگي
حق نواز ولد محمد روشن سولنگي جو جنم سيتا روڊ ۾ 1986ع ۾ ٿيو. سندس تعليم B.Tech آهي ۽ پاڻ سرڪاري ملازم آهي. لکڻ جي شروعات 2014ع کان ڪيائين ۽ انهيءَ سال سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. حق نواز سولنگي شاخ سيتا روڊ ۾ ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهيو آهي.

علي رضا پليجو
علي رضا ولد علي بخش پليجو پهرين مارچ 1961ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. 1983ع کان شاعر ۽ ڪالم نويس طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. 1986ع ۾ سعودي عرب ويو اتي به “بزم طالب لغاري جده” ۾ ميرل فقير جويو سان وڏو ڪم ڪيائين. هو سنڌ نيشنل فرنٽ ضلع دادوءَ جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. اڄڪلهه غير سرگرم آهي.

علي اڪبر شاد
علي اڪبر ولد تاج محمد راهوجو تخلص “شاد راهوجو” ڳوٺ لونگ راهوجا لڳ سيتا روڊ ۾ 15 اپريل 1965ع ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ تعليم کاتي ۾ ملازم آهي. 1987ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين هڪ شاعر جي حيثيت ۾. استاد پيرل پرديسيءَ کان اصلاح ورتائين. شاد راهوجو سنگت سيتا روڊ جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي.

سهڻل سيتائي
محمد عمر ولد حاجي احمد سيال ادبي نالو “سهڻل سيتائي” سيتا روڊ ۾ جنم ورتو. پيرل پرديسيءَ کان اصلاح وٺندو هو سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. هن کان اڳ مهراڻ ادبي ڪلب نالي تنظيم برپا ڪئي هئائين. اڄڪلهه هو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

عاشق امر سيتائي
عاشق علي ولد ڪريم بخش سومرو المعروف “عاشق امر سيتائي” 24 اپريل 1965ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. تعليم B.A پاس اٿس ۽ سرڪار ملازمت سان لاڳاپيل آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ مضمون نگار طور آهي. سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر رهي چڪو آهي. سندس هڪ ڪتاب “عشق الستي” ترتيب ڏنل آهي.

شمس پريمي
شمس الدين ولد محمد ابراهيم سولنگي تخلص “شمس پريمي” پهرين آڪٽوبر 1968ع ۾ ڳوٺ بچو واهڻ تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم B.A آهي ۽ لاڙڪاڻه انٽرميڊيئٽ ۽ سيڪنڊري بورڊ ۾ ملازم آهي. 1987ع کان پيرل پرديسيءَ جي رهبري هيٺ شاعري ڪرڻ لڳو سنجيده ۽ مزاحيه شاعر هجڻ سان گڏوگڏ ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪندو اچي. سنڌي ادبي سنگت جو فعال ميمبر رهيو، پر اڄڪلهه گھٽ سرگرم آهي.

عاجر فهيم ميمڻ
فهيم احمد ولد رسول بخش ميمڻ تخلص “عاجز” پهرين مئي 1984ع ۾ سيتا روڊ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ سرڪاري ملازم آهي. سال 2005ع کان لکڻ جي شروعات شاعر جي حيثيت سان ڪيائين. ساڳئي ئي سال ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر ٿيو.

آصف سيتائي
آصف علي ولد سڪندر علي خاصخيلي ادبي نالو “آصف سيتائي” پنجين نومبر 1984ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي سنڌي ادب آهي. صحافت ۽ ذاتي ڪاروبار ۾ مصروف آهي سال 2000ع کان ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر ٿيو ۽ جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي. هي اسٽيج اداڪار به آهي سندس سڃاڻپ نثر نويس ۽ شاعر طور آهي.

نويد سکيراڻي
نويد علي ولد نياز حسين سکيراڻي پهرين جنوري 1986ع تي سيتا روڊ شهر ۾ ڄائو. تعليم پرائمري پاس اٿس ۽ پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو. نويد سکيراڻي ادب دوست آهي ۽ سريلو راڳي پڻ آهي. 2014ع کان سيتا روڊ شاخ جو ميمبر آهي.

منور ملاح
منور علي ولد محمد عمر ملاح ادبي نالو “منور ملاح سيتائي” 26 اپريل 1984ع تي سيتا روڊ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي ۽ هو ذاتي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهي. 1998ع کان ادبي دنيا ۾ شاعر جي حيثيت سان پير پاتائين ۽ ساڳئي ئي سال سيتا روڊ شاخ جو ميمبر ٿيو. هو ڪاروباري ڪاميٽي ۾ به ميمبر رهيو آهي.
دين محمد سولنگي
دين محمد ولد پريل سولنگي 1974ع ڌاري ڦلجي اسٽيشن ۾ جنم ورتو. روزگار سانگي هو سيتا روڊ ۾ اچي رهيو. 1994ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. پيرل پرديسيءَ جي صحبت هيٺ شاعري ڪرڻ لڳو ۽ ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو هو، پر هاڻي مورو شهر ۾ رهي ٿو.

منظور آڪاش
منظور علي ولد محمد حسن سولنگي المعروف “منظور آڪاش” پهرين مارچ 1973ع تي ڳوٺ مريد لاکير ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم B.A آهي ۽ پيشي جي حوالي سان پاڻ مارڪيٽ ڪاميٽي انسپيڪٽر آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ اداڪار طور آهي. 1990ع کان ادبي ۽ فني دنيا ۾ آيل آهي. منظور آڪاش سيتائي سال 2018ع ۾ سيتا روڊ سنگت جو ميمبر بڻيو.

راشد انقلابي
راشد حسين ولد الهڏنو ميمڻ ادبي سڃاڻپ “راشد انقلابي” 27 فيبروري 1984ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ادب ۾ ابتدا 2006ع ڌاري ڪيائين سندس سڃاڻپ شاعر ۽ سماجي ورڪر طور آهي. پيشي جي حوالي سان ذاتي ڪاروبار ڪندو آهي. راشد انقلابي سال 2018ع ۾ سنگت سيتا روڊ جو ميمبر ٿيو.

وحيد نواز کوسو
وحيد علي ولد علي نواز کوسو ادبي نالو “وحيد نواز کوسو” ڳوٺ ڊامڻ کوسو ۾ ڄائو. درزڪو ڪم ڪري ٿو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. سال 2018ع ۾ سنگت سيتا روڊ جو ميمبر ٿيو.
عابد علي آس
عابد علي ولد مير محمد ميمڻ 10 جنوري 1980ع ۾ سيتا روڊ ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي، ايل ايل بي آهي ۽ پيشي جي حوالي سان ذاتي ڪاروبار اٿس. ڪافي سالن کان لکندو پيو اچي. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. عابد علي آس سال 2018ع ۾ سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو.

محبتي ميمڻ
ساجد علي ولد روشن علي تخلص “محبتي ميمڻ” 15 مئي 1985ع تي سيتا روڊ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي. لکڻ جي شروعات 2002ع کان ڪيائين. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. محبتي ميمڻ سال 2018ع ۾ سنگت سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو.

انور سيتائي
انور علي ولد غلام قادر “مجبور ميمڻ سيتائي” 21 آگسٽ 1990ع تي سيتا روڊ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم بي اي پاس آهي. ڪافي سالن کان شاعري ڪندو پيو اچي جو شاعري کيس ورثي ۾ مليل آهي. انور سيتائي پڻ سال 2018ع ۾ سيتا روڊ سنگت ۾ ميمبر ٿيو.

آزاد ميراڻي
آصف علي ولد نبي بخش ميراڻي تخلص “آزاد ميراڻي” ٽين فيبروري 1983ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي پاس آهي ۽ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي. سال 2018ع ۾ آزاد ميراڻي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو.

ساگر سعيد ميمڻ
سعيد احمد ولد بخشل خان ميمڻ ادبي نالو “ساگر سعيد ميمڻ” 10 آڪٽوبر 1984ع تي سيتا روڊ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ خانگي ملازمت ڪري ٿو. سندس سڃاڻپ هڪ سگھڙ طور آهي. ساگر سعيد ميمڻ به سال 2018ع ۾ سيتا روڊ سنگت جو ميمبر بڻيو.

الهڏنو قنبراڻي
الهڏنو ولد قربان علي قنبراڻي پهرين مئي 1987ع تي ڳوٺ مير خان لڳ “پاهي” ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مڊل پاس آهي ۽ ڌنڌو زمينداري اٿس. شاعر جي حيثيت طور سندس سڃاڻپ آهي ۽ سال 2018ع ۾ ادبي سنگت سيتا روڊ ۾ ميمبر ٿيو.

مسعود رند
مسعود احمد ولد محمد عمر رند 10 آگسٽ 1993ع تي سيتا روڊ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم BS ڪمپيوٽر سائنس آهي ۽ اڳتي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. ڪجھه سالن کان ادبي دنيا ۾ هڪ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر جي حيثيت ۾ پير پختا ڪيا اٿائين. ماهوار “رومي” ميگزين جو سب ايڊيٽر آهي. سال 2018ع ۾ سنگت سيتا روڊ جو ميمبر ٿيو.

ادنى جانوري
محمد صادق ولد الهوسايو جانوري تخلص “ادنى جانوري” 29 فيبروري 1961ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ ذاتي ڪاروبار سان منسلڪ آهي. 1979ع کان شاعر جي حيثيت ۾ ادبي دنيا ۾ آيو. جڏهن سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جي شاخ کلي ته ان ۾ ميمبر ٿيو. پر هاڻي سنگت سيتا روڊ ۾ سرگرم نه آهي.

مظهر راز سيتائي
مظهر حسين ولد امير الدين قريشي المعروف “مظهر راز سيتائي” پهرين فيبروري 1978ع تي سيتا روڊ ۾ جنميو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ خانگي ملازمت سان منسلڪ آهي. 1997ع کان ادبي دنيا ۾ شاعر طور سڃاپجڻ لڳو. ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر هو. اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

درد جانوري
عبدالرسول ولد الهوسايو تخلص “درد جانوري” 10 جنوري 1969ع ۾ سيتا روڊ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ سرڪاري ملازم آهي. 1981ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. درد جانوري سنگت سيتا روڊ ۾ ميمبر رهيو آهي پر اڄڪلهه سرگرم ناهي.

جاني لنڊ بلوچ
عبدالغني ولد مولوي خان محمد لنڊ تخلص “جاني لنڊ” پهرين جنوري 1974ع تي سيتا روڊ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ پاڻ مووي ميڪر ۽ سائونڊسٽ آهي. 1997ع کان شاعري ڪرڻ لڳو ۽ ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. اڄڪلهه هو دادو شهر ۾ رهي ٿو.

صداقت شاه
سيد صداقت علي شاه ولد سيد ڪوڙل شاه 21 سيپٽمبر 1962ع تي سيتا روڊ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايل ايل بي ۽ بي ايڊ آهي ۽ ادبي سڃاڻپ ڪالم نويس ۽ مضمون نگار طور آهي. هو صحافت سان لاڳاپيل پڻ رهيو آهي. اڳ سيتا روڊ سنگت جو ميمبر هو. پر هاڻي سرگرم نه آهي.


غلام حسين غازي
غلام حسين ولد حاجي محمد ساجن سولنگي المعروف “غازي” 1950ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس هئي. پيرل پرديسيءَ جي صحبت ۾ 1982ع کان شاعري ڪرڻ لڳو اهڙي طرح سنگت سيتا روڊ ۾ ميمبر به رهيو، پر اڄڪلهه هن دنيا ۾ موجود نه آهي.

آس سيتائي
محمد اسماعيل ولد غلام النبي سولنگي تخلص “آس سيتائي” 1969ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. 1990ع کان ادبي دنيا ۾ شاعر جي حيثيت ۾ آيو ۽ سنگت سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو . اڄڪلهه سندس سرگرمي گھٽجي وئي آهي.

پنهل قنبراڻي
پنهل ولد محمد خان قنبراڻي 10 جون 1977ع تي سيتا روڊ ۾ پيدا ٿيو. سٺو پڙهيل آهي ۽ استادي پيشي سان سلهاڙيل آهي. 1994ع کان سر شفيع ۽ بيوس بچل سيتائي جي صحبت ۾ ادبي دنيا ۾ آيو. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ شايع ٿي. هو ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر رهيو، پر اڄڪلهه غير سرگرم آهي.

سجاد ميمڻ
سجاد حسين ميمڻ ولد محمد حسين ميمڻ 23 مارچ 1984ع تي سيتا روڊ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ 1997ع کان مجبور ميمڻ سيتائي جي اصلاح هيٺ شاعري ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه مقالا ۽ مضمون پڻ لکيا اٿس. سنگت سيتا روڊ ۾ ڪجھه عرصو ميمبر به رهيو، پر اڄڪلهه فعال نه آهي.

قادر پريمي
غلام قادر ولد محمد رمضان ملاح ادبي نالو “قادر پريمي” ستين مارچ 1983ع ۾ پيدا ٿيو. 1999ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. قادر پريمي سيتا روڊ سنگت ۾ ميمبر به رهيو، پر اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

ساحل سيتائي
محمد خان ولد الهوسايو جانوري تخلص “ساحل سيتائي” 22 جون 1983ع ۾ سيتا روڊ ۾ ڄائو. جنهن وقت ادب ۾ آيو ته ان وقت انٽر پڙهندو هو. سندس سڃاڻپ 1998ع کان شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. سنگت سيتا روڊ ۾ ميمبر به رهيو، پر هاڻي سرگرم نه آهي.

شهباز شبير احمد چانڊيو
شبير احمد ولد محمد بچل چانڊيو تخلص “شهباز” 12 جولاءِ 1986ع تي ڳوٺ راوت خان چانڊيو تعلقه ميهڙ لڳ سيتا روڊ ۾ ڄائو. 1998ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس تعليم انٽر سائنس آهي ۽ ذاتي ڪاروبار اٿس. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. اڳ سيتا روڊ سنگت جو ميمبر هو، پر هاڻي فعال نه آهي.

وفا مشتاق سيتائي
مشتاق حسين ولد محمد روشن سومرو تخلص “وفا” پهرين نومبر 1975ع ۾ سيتا وليج ۾ ڄائو. 1992ع ۾ ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ سماجي ورڪر طور آهي. وفا مشتاق سيتا روڊ سنگت جو ميمبر به رهيو، پر هاڻي سرگرم نه آهي.

فقير ظفر مخدومي
فقير ظفر مخدومي ولد محمد ابراهيم سولنگي پنجين آڪٽوبر 1975ع تي ڳوٺ بچو واهڻ تعلقه ميهڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي آهي. 1989ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. هو ڪجھه وقت سيتا روڊ سنگت سان لاڳاپيل رهيو، پر اڄڪلهه ڪنارا ڪش آهي.

گلزار ڪلهوڙو
گلزار علي ولد روشن علي ڪلهوڙو ادبي نالو “گلزار ڪلهوڙو” 15 سيپٽمبر 1975ع تي سيتا روڊ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم ـ اي سوشيالاجي آهي. پيشي جي حوالي سان هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ اسٽاف نرس جي عهدي تي فائز آهي. سندس سڃاڻپ نثر نويس ۽ سماجي ورڪر طور آهي. سگا سيتا روڊ جو صدر به رهي چڪو آهي. 1994ع ڌاري ادبي سنگت سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو، اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

معشوق سيال
معشوق علي ولد تاج محمد سيال پهرين جنوري 1984ع تي سيتا روڊ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي سوشيالاجي آهي ۽ ميونسپل ڪاميٽي سيتا روڊ ۾ ملازم آهي. سال 2001ع کان سنڌي ادب ۾ ڪالم نگار ۽ شاعر جي حيثيت ۾ پير پاتائين ۽ سال 2014ع ۾ سنگت سيتا روڊ جو ميمبر بڻيو.

انور چانڊيو
علي انور ولد ميان محمد علي چانڊيو جو جنم 1951ع تي ڳوٺ سوجھرو خان ميرواڻي لڳ فريد آباد ۾ ٿيو. سندس تعليم پرائمري پاس ۽ ديني تعليم آهي. پيشي جي حوالي سان محنت مزدوري ڪندو آهي. گذريل ويهن سالن کان نعت خواني ۽ ناصحانه شاعري ڪندو پيو اچي، ٻين لفظن ۾ ته سگھڙ شاعر آهي. هي ادبي سنگت سيتا روڊ جو بنيادي ميمبر آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڦلجي اسٽيش 1993ع ۾ وجود ۾ آئي. هن جو پهريون سيڪريٽري ڊاڪٽر مرتضى کوسو هو. ڊاڪٽر قربان جھتيال، وفا ياسين آرائين، اصغر ساگر، قربان شهباز پهنور ۽ خادم جويو هن شاخ جا بنيادي ميمبر آهن. ڊاڪٽر قربان جھتيال، مرتضى کوسو، قربان شهباز ۽ وفا ياسين هن شاخ جا ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر رهي چڪا آهن. ڊاڪٽر قربان جهتيال هن شاخ جو تمام سرگرم ڪارڪن هو ان جي وفات بعد ممتاز مصطفى دوست هن شاخ کي سرگرم رکيو ليڪن سال 2017ع واري مرڪزي اليڪشن کان پوءِ ادبي سنگت جي ٻئي ڌڙي ۾ شامل ٿيو. جيئن ته سال 2019ع ۾ وفا ياسين آرائين سيڪريٽري ٿيو ته هن آئين جو ڀرم رکندي مخالف ڌڙي مان سنگت کي ڪڍي آيو. شاخ جي ٻين ميمبرن ۾ نديم مغل، فياض ملهار، جھانگير آرائين، ذاڪر کوسو، محمد نواز چانڊيو، وقاص ياسين آرائين، يعقوب پنهور، عمر خيام، وحيد پنهور، غلام البني عباسي، مجيد صابر، عثمان پنهور، غلام مصطفى سومرو، شبير سنڌي سپاهي ۽ ٻيا شامل آهن. جن مان ڪي غير سرگرم ٿي ويا آهن. ڦلجي شاخ ماضيءَ ۾ تمام وڏا ادبي پروگرام ڪرايا، جن ۾ ليڪچر پروگرام، ادبي رهاڻيون ۽ مشاعرا شامل آهن.
چونڊون
19جنوري2018ع تي ضلع رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
ممتاز مصطفي دوست سيڪريٽري، جهانگير جاني جوائنٽ سيڪريٽري، ذاڪر کوسو خزانچي، آس رمضان آڊيٽر، نديم مغل ڪائونسلر.
سال 2019ع تي ضلع رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا هيٺيان عهديدار چونڊجي آيا.
وفا ياسين سيڪريٽري، محمد نواز نازجوائنٽ سيڪريٽري، آخوند نور احمد ڏهوٽ خزانچي، ذاڪر کوسو آڊيٽر ۽ خادم جويو ڪائونسلر.
هي باڊي ڪووڊ 19جي ڪري ٻه سال رهي. ان وچ ۾ ممتاز دوست غير آئيني سنگت ڏانهن رجوع ٿيو ۽ آئيني سنگت کان ڪناره ڪش ٿي ويو.
سال 2021ع جي اليڪشن ضلع رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ ٿي جنهن ۾ محمد نواز ناز سيڪريٽري، وفا ياسين جوائنٽ سيڪريٽري، خادم جويو خزانچي، جهانگير جاني آڊيٽر، آخوند نوراحمد ڏهوٽ ڪائونسلر.

ڊاڪٽر مرتضى کوسو
غلام مرتضى ولد احمد بخش کوسو 06 جون 1962ع تي ڳوٺ ميوو کوسو لڳ الهه آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ بي ـ بي ـ ايس آهي ۽ پاڻ ڊاڪٽر آهي. 1983ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين چانڊڪا ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران “نوري پبليڪيشن” طرفان “دادو ميڊيڪل ميگزين” جون ٻه ڪڙيون شايع ڪيائين. 2010ع ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب “آزادي او آزادي” شايع ٿيو. وٽس هڪ ناول به قلمي نسخي ۾ موجود آهي سنگت ڦلجي اسٽيشن جي بنياد وجھڻ ۾ سندس اهم ڪوششون رهيون. پاڻ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر به رهي چڪو آهي. اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

ڊاڪٽر قربان جھتيال
ڊاڪٽر قربان جھتيال جو ذڪر ضلعي رابطا سيڪريٽرين واري حصي ۾ آيل آهي.
وفا ياسين آرائين
سندس اصل نالو غلام ياسين ولد محمد حسن آرائين آهي. سندس جنم 02 مارچ 1970ع تي ڳوٺ پيارو خان آرائين تعلقه دادو ۾ ٿيو. تعليم جي حوالي سان بي ايس سي پاس آهي. سندس تعلق پيغمبري پيشي سان آهي يعني استاد آهي. ادب ۾ 1990ع کان داخل ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. سنگت ڦلجي ۾ ٽي دفعا سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر به رهيو آهي.

محمد نواز ناز
محمد نواز چانڊيو ولد حاجي نور محمد چانڊيو تخلص “ناز” 16 نومبر 1968ع تي ڳوٺ پيرترهو تعلقي دادؤ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ڪام، بي ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان سلهاڙيل هو ليڪن تازو رٽايرمينٽ ورتي اٿائين. 1990ع کان ادبي سفر شروع ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. ڦلجي اسٽيشن ادبي سنگت جو ميمبر آهي ۽ ننڍن عهدن تي پڻ رهي چڪو آهي. سال 2021ع ۾ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي آهي.

اصغر ساگر
اصغر علي ولد محمد اسماعيل چانڊيو قلمي نالو “اصغر ساگر” 06 جون 1971ع ۾ ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم گريجوئيشن آهي ۽ پيشي جي حوالي سان استاد آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار مضمون نويس ۽ سماجي خدمتگار طور آهي. سنگت ڦلجي اسٽيشن جو بنيادي ميمبر آهي ۽ عهديدار پڻ رهي چڪو آهي.

مجيب صابر
مجيب الرحمان ولد محمد سچل سومرو تخلص “مجيب صابر” 12 فيبروري 1974ع تي ڳوٺ شير محمد ڏاوڇ تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. هو ڪنهن ميڊيڪل ڪمپنيءَ ۾ آفيسر آهي.1991ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس وابستگي ڦلجي اسٽيشن شاخ سان رهي 98 ـ 1997ع ۾ شاخ جو سيڪريٽري به رهيو. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي.
خادم جويو
خادم حيسن ولد محمد اسماعيل جويو اٺين جنوري 1959ع تي باڊهه شهر ۾ ڄائو ليڪن اڄڪلهه ڳوٺ ڪمال خان جھتيال ۾ رهي ٿو. سندس تعليم بي اي پاس آهي. پاڻ ايريگيشن کاتي جو رٽاير ملازم آهي. لکڻ جي شروعات شاعر ۽ مضمون نويس جي حيثيت ۾ سال 1989ع کان ڪيائين. خادم جويو سياسي ۽ سماجي ورڪر طور به مشهور آهي. خادم جويو سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن جو بنيادي ميمبر آهي ۽ هو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي.

آس رمضان
محمد رمضان ولد محمد صالح پهنور المعروف “آس رمضان” 15 مئي 1967ع تي ڳوٺ حاجي الهڏنو لاکو پهنور ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي ايڪانامڪس آهي ۽ استادي پيشي سان لاڳاپيل آهي. 1985ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، هڪ شاعر جي حيثيت ۾ سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن جو پراڻو ميمبر آهي ۽ پاڻ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر پڻ رهي چڪو آهي. سال 2018ع ۾ آڊيٽر جي عهدي تي پڻ رهيو.

ممتاز مصطفى دوست
ممتاز علي ولد حاجي احمد بخش کوسو 15 آگسٽ 1966ع ۾ ڳوٺ ميوو کوسو لڳ الهه آباد ۾ ڄائو. نالي سان گڏ “مصطفى دوست” تخلص استعمال ڪري ٿو. سندس تعليم ايم ايس سي اليڪٽرانڪ آهي ۽ سوئي گئس ڪمپنيءَ ۾ آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي زماني ۾ سندس ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس آهي. سندس شاعري “ٽاريءَ ٽاريءَ گل ٽڙي پيا” ۾ ڇپي آهي ۽ سندس ڪهاڻين جو مجموعو “اٽي، اجھي ۽ لٽي جي ڳولا” 2017ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قمبر مان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڊاڪٽر قربان جھتيال کانپوءِ ممتاز مصطفى ڦلجي اسٽيشن ادبي سنگت کي سنڀاليو ليڪن اڄڪلهه غير آئيني ڌڙي سان بيٺل آهي.

اداسي ڦلجائي/ ڏاتل چنه
ڏاتل خان ولد غلام قادر چنه پهرين مئي 1969ع ۾ ڳوٺ محمد عثمان چنه لڳ ڦلجي وليج ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي آهي. 1990ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. سندس سڃاڻپ مضمون نگار ۽ شاعر طور آهي اڳ اداسي “ڦلجائي” تخلص استعمال ڪندو هو، پر هاڻي “ڏاتل اداسي” استعمال ڪري ٿو. سنگت شاخ ڦلجيءَ جو ميمبر آهي.

نور الدين ساگر
نور الدين ولد شفيع محمد پهنور تخلص “ساگر” 19 جنوري 1985ع تي ڳوٺ غلام پهنور ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي آهي. هو پنهنجو ذاتي ڪاروبار سنڀالي ٿو. سال 2000ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. سال 2007ع کان ڦلجي اسٽيشن ادبي سنگت سان لاڳاپيل آهي. سيڪريٽري ۽ ٻين عهدن تي رهي چڪو آهي.

آزاد اسلم سومرو
محمد اسلم ولد علي اصغر سومرو تخلص “آزاد” 02 فيبروري 1985ع تي ڦلجي اسٽيشن ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ پاس آهي ۽ ڌنڌي جي حوالي سان ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو. سال 2001ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. بحيثيت هڪ ڪالم نويس ۽ ڪهاڻيڪار طور. هو سال 2013ع کان سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن جو ميمبر آهي.

قربان شهباز پهنور
قربان علي ولد گل شير پهنور تخلص “شهباز” جو جنم 05 مارچ 1976ع ۾ ڳوٺ ٻڍو پهنور ۾ ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي آهي. لکڻ جي شروعات 1990ع کان شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت ۾ ڪيائين. هو صحافت جي شعبي سان به لاڳاپيل آهي ۽ سماجي ورڪر پڻ آهي. قربان شهباز 1992ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڦلجي اسٽيشن جو ميمبر بڻيو ۽ هو جوائنٽ سيڪريٽري، ڪائونسلر ۽ آڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

فياض ملهار
فياض حسين ولد محمد صالح پهنور المعروف “فياض ملهار” 04 فيبروري 1987ع تي ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي ۽ دڪاندار آهي. سال 2007ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. هو شاعر ۽ نثر نويس طور سڃاتو وڃي ٿو. سال 2013ع کان ادبي سنگت ڦلجي اسٽيشن جو ميمبر آهي.

جھانگير جاني
جھانگير خان ولد خير محمد خان آرائين 04 فيبروري 1987ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايم ـ ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان سلهاڙيل آهي. 2010ع کان شاعر جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 2012ع ۾ سنگت شاخ ڦلجيءَ جو ميمبر بڻيو. سال 2018ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري رهيو.
ذاڪر کوسو
ذاڪر حسين کوسو تخلص “ذاڪر کوسو” 15 آگسٽ 1973ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان لاڳاپيل آهي. 1993ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. ذاڪر کوسو 1999ع کان ادبي سنگت ڦلجي شاخ سان منسلڪ آهي ۽ ننڍن عهدن تي پڻ رهي چڪو آهي.

شاداب پهنور
محمد قاسم ولد عبدالحڪيم پهنور جو جنم پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ اسماعيل اڇڙا ۾ ٿيو. تعليم جي حوالي سان گريجوئيٽ هو ۽ طب جو ڪورس به ڪيل هوس. ڦلجي شهر ۾ پنهنجو مطب هلائيندو هو. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، اداڪار ۽ سماجي خدمتگار طور هئي. هن ڪيترن ئي ڊرامن ۽ فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو. شاداب پهنور سنگت ڦلجي اسٽيشن جو ميمبر پڻ رهيو. سندس وفات 2020ع ۾ ٿي.

نديم ڪوثر مغل
نديم احمد ولد بخشل خان عرف آچر ڪنڀر (مغل) تخلص “نديم ڪوثر مغل” 04 نومبر 1993ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي پاس آهي ۽ پاڻ دڪاندار آهي. 2011ع کان ادبي دنيا ۾ شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت ۾ شامل ٿيو. سال 2013ع کان سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن جو ميمبر آهي ۽ سال 2016ع ۽ 2017ع ۾ ڪائونسلر پڻ رهيو.

عامر عاجز
سيد عامر علي شاه ولد نظام الدين شاه تخلص “عامر عاجز” 05 فيبروري 1987ع تي ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ڪام پاس آهي ۽ دوڪاندار آهي. سال 2004ع کان شاعر جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ سال 2007ع کان سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن جو ميمبر بڻيو. اڄڪلهه سندس سرگرمي ڪجھه گھٽ آهي.

آخوند نور احمد ڏهوٽ
آخوند نور احمد ڏهوٽ ولد محمد سليمان ڏهوٽ 20 ڊسمبر 1967ع تي ڳوٺ پيارو آرائين تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب آهي. پاڻ پي ايس ٽي استاد آهي. 2016ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڪتاب “ڦلجي اسٽيشن ۽ آس پاس جو منظر” 2020ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻارڙن جي ڪهاڻين تي مشتمل ٻيو ڪتاب “سونهري پيتي (ترجمو)” 2021ع ۾ ڇپيو آهي. آخوند نور احمد ڦلجي اسٽيشن ادبي سنگت جو ميمبر آهي ۽ هن سال ڪائونسلر جي عهدي تي آهي.

منير ڏهوٽ ڦلجي
منير احمد ولد محمد سليمان ڏهوٽ قلمي نالو “منير ڏهوٽ” 05 جون 1972ع تي ڳوٺ پيارو آرائينءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي ايڪنامڪس آهي ۽ پاڻ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سال1993ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 1994ع ۾ سنگت ڦلجي اسٽيشن جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. اڄڪلهه گهٽ سرگرم آهي.

محمد يعقوب پنهور
محمد يعقوب ولد محمد ٻڍل پهنور پهرين مارچ 1963ع تي ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم فل ڪيمسٽري آهي ۽ پاڻ هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. سنڌي ادبي سنگت ڦلجي اسٽيشن ۾ 1993ع ۾ شموليت اختيار ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر، مضمون نويس، سياسي ۽ سماجي ورڪر طور آهي. هو سنگت ڦلجي اسٽيشن ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو آهي.

دودو جهتيال
دودو درياء خان جهتيال ولد غوث علي جهتيال ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ پهرين فيبروري 1991ع تي پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي آهي. سال 2006ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ نثر نويس، صحافي ۽ سماجي ورڪر طور آهي. سال 2018ع کان سنگت شاخ ڦلجي اسٽيشن جو ميمبر آهي.

وقاص ياسين
وقاص ياسين ولد وفا ياسين آرائين جو جنم 02 نومبر1995ع تي ڦلجي اسٽيشن ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، نثر نويس، بهترين سماجي ورڪر ۽ صحافي طور آهي. سال 2019ع کان سنگت ڦلجي اسٽيشن جو ميمبر آهي.

هالار ياسين
هالار ياسين ولد وفا ياسين آرائين 29 آگسٽ 1998ع ۾ ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم ايس سي فزڪس آهي. سندس ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس طور آهي. سال 2019ع کان سنگت ڦلجي اسٽيشن سان واڳيل آهي . هو هڪ بهترين سماجي ورڪر به آهي.

غم سومرو
غلام مصطفى ولد علي گوهر المعروف “غم سومرو” پهرين جنوري 1968ع تي ڦلجي اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. تعليم ايم ـ اي ايڪنامڪس اٿس. سندس سڃاڻپ شاعر، مترجم ۽ سماجي ورڪر طور آهي. پاڻ ڦلجي اسٽيشن ادبي سنگت جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.

وحيد پهنور
عبدالوحيد ولد مولوي عبدالقادر پهنور مجيدآباد ڳوٺ لڳ غلام پهنور تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. وحيد پهنور 1985ع ۾ ڪراچي شاخ ۾ پڻ ميمبر هيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. هو ڪجھه وقت ڦلجي اسٽيشن شاخ جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ سال 2006ع ۾ مارو جمالي، علي زاهد، نثار شاهه، نظر جمالي، غني غريب ٻٻر، ڊاڪٽر عبدالرحيم سارو، لياقت ٻٻر، ۽ ٻين اديبن جي ڪوشش سان وجود ۾ آئي. ڊاڪٽر ذوالفقار سال هن شاخ کي 2007ع ۾ الحاق ڏنو. مارو جمالي سنگت شاخ ڪڪڙ جو پهريون سيڪريٽري منتخب ٿيو ۽ علي زاهد ڪائونسلر. اهڙي طرح غني غريب، علي زاهد، نثار شاهه ۽ ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر رهي چڪا آهن. سال 2017ع ۾ سيڪريٽري مارو جمالي ۽ ڪائونسلر نثار شاهه هو. هينئر شاخ ۾ ڪجھه نوان ميمبر به کنيا ويا آهن. جن ۾ رحمـٰن ٻٻر، عباس جمالي، امير حسن ملاح، علي گل نوداڻي وغيره شامل آهن. ڪڪڙ شاخ پنهنجي سرگرمي جاري رکيو پئي اچي. هنن سائين محسن ڪڪڙائيءَ جي ورسي، ثقافتي ڏهاڙو، رجب آزاد جي 56 سالگرهه ۽ تابش بخاريءَ سان نئين گاج تي رهاڻ ۽ زبردست مشاعرو ڪرايو. ان کان علاوه وفا ياسين آرائين سان ادبي رهاڻ پڻ رچائي چڪي آهي. سنگت ڪڪڙ ماهوار دستوري گڏجاڻيون به ڪرائيندي ٿي رهي. سال 2021ع ۾ عبدالرحمان ٻٻر سيڪريٽري چونڊجي آيو آهي ۽ هن شاخ جو روح روان محترم مارو جمالي سال 2021ع ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز ۾ خزانچي چونڊجي آيو آهي.

چونڊون
28 جنوري 2018ع تي ضلع رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ سال 2018ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
مارو جمالي سيڪريٽري، عباس جمالي جوائنٽ سيڪريٽري، عبدالرحمان ٻٻر خزانچي، ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو آڊيٽر ۽ غني غريب ڪائونسلر.
20 جنوري 2019ع تي ضلع رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ سال 2019ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
مارو جمالي سيڪريٽري، امير حسن ملاح جوائنٽ سيڪريٽري، نثار شاهه خزانچي، ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو آڊيٽر ۽ عبدالرحمان ٻٻر ڪائونسلر. هيءَ باڊي ڪووڊ 19جي ڪري سال 2020ع تائين برقرار رهي.
24 ڊسمبر 2020ع تي شاخ جي چونڊ ضلع رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ ٿي ۽ سال 2021ع لاءِ هيٺين باڊي چونڊي وئي.
عبدالرحمان ٻٻر سيڪريٽري، عباس جمالي جوائنٽ سيڪريٽري، ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو خزانچي، غني غريب آڊيٽر ۽ نثار شاهه ڪائونسلر چونڊيا ويا.
ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ سان لاڳاپيل اميدوارن جو هيٺ تعارف ڏجي ٿو.

مارو جمالي
سڪندر علي ولد فيروز خان جمالي تخلص “مارو جمالي” پهرين مارچ 1970ع تي ڳوٺ فقير محمد جمالي تعلقه جوهي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي اردو آهي پيشي جي حوالي سان استاد آهي. 1989ع ۾ سائين محسن ڪڪڙائيءَ جي صحبت ۾ ادبي کيتر ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي، پر نثر به سٺو لکندو آهي. سندس ڪتاب “پرين جو اکيون”، “سنسار وڏو منڊ آ”، “ڪوڪ ڪڪوريو چنگ”، “مڻيادار ماڻهو” ڇپيل اٿس ۽ ڪيترائي ڪتاب “چوٽا تيل چنبيليا”، “ڪنهن جي ماٺ معيار” 2012ع ترتيب پڻ ڏنا اٿس جيڪي اڏام پبليڪيشن طرفان ڇپرايا اٿائين، جنهن جو پاڻ مدرالمهام آهي. مارو جمالي شاخ ڪي اين شاه ۾ 1998ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ هاڻي ڪڪڙ شاخ جو باني ميمبر آهي ۽ ان کي هلائي رهيو آهي. هو ڪيترائي ڀيرا شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر پڻ رهيو آهي. سال 2021ع ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو خزانچي پڻ چونڊجي آيو آهي.

علي زاهد
زاهد علي ولد ميان غلام محمد عباسي تخلص “علي زاهد” 15 آگسٽ 1973ع تي خانپور شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي، ڊي اي اِي آهي. پاڻ صحافي آهي ۽ اين جي اوز ورڪر طور پڻ ڪم ڪندو رهيو آهي. 1990ع کان ادبي دنيا ۾ آيو ۽ ادبي سنگت ڪي اين شاهه سان لاڳاپيل رهيو. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس آهي. سنڌي سان گڏ اردو زبان ۾ به شاعري ڪري ٿو. اڄڪلهه سنگت شاخ ڪڪڙ جو ميمبر آهي. سندس ڪتاب “ناچڻي” شاعري 2001ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيا به ڪتاب ڇپيل اٿس.

ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو
ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو ولد مولا بخش ساريو 03 مئي 1962ع تي ڳوٺ ڪلو لڳ ڪڪڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم بي بي ايس آهي ۽ سرڪاري مسيحا طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ ڪڪڙ شاخ جو باني ميمبر آهي ۽ مختلف وقتن تي هر ننڍي ۽ وڏي عهدي تي رهندو ايندو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي.

لياقت ٻٻر
لياقت علي ولد يار محمد ٻٻر تخلص “لياقت ٻٻر” ڳوٺ مريد ٻٻر تعلقي جوهي ۾ پهرين اپريل 1961ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايم ايڊ آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان سيڪنڊري استاد آهي، پر تازو رٽاير ٿيو آهي. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي ۽ 2001ع کان لکندو پيو اچي. سال 2014ع کان سنگت شاخ ڪڪڙ جو ميمبر آهي ۽ ڪاروباري ڪميٽي ۽ ننڍن عهدن ته به رهي چڪو آهي. سندس شاعري نامور فنڪارن پڻ ڳائي آهي. سنجيده شاعريءَ سان گڏ مزاحيه شاعري به ڪري ٿو.

غني غريب
عبدالغني ٻٻر تخلص “غني غريب” ڳوٺ ميوو خان ٻٻر ۾ 20 آڪٽوبر 1968ع ۾ ڄائو. سندس تعلق پيغمبري پيشي سان آهي. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ شاعر جي حيثيت سان ادبي حلقي ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. غني غريب سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ جو بنيادي ميمبر ۽ سيڪريٽري ۽ ٻين عهدن تي به رهي چڪو آهي.

رحمان ٻٻر
عبدالرحمان ولد سهراب خان ادبي نالو “رحمان ٻٻر” پهرين آڪٽوبر 1971ع تي ڳوٺ مريد ٻٻر ۾ اک کولي سندس تعليم ايم ـ اي، ايم ايڊ آهي ۽ تعليم کاتي ۾ ايڇ ايس ٽي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. لکڻ جي شروعات 1996ع کان ڪيائين. هو شاعر ۽ نثر نويس آهي. رحمان ٻٻر سال 2016ع کان سنگت شاخ ڪڪڙ جو ميمبر آهي ۽ سال 2018ع ۾ خزانچي عهدي تي هو، ۽ هاڻي 2021ع ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي آهي.

جاويد محسن هاشمي
جاويد محسن هاشمي ولد نياز علي شاهه “محسن ڪڪڙائي” جو جنم 29 مارچ 1981ع تي ڪڪڙ شهر ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي انگلش ۽ ايم ـ فل آهي. سال 2004ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس طور آهي. سال 2018ع ۾ سنگت ڪڪڙ جو ميمبر ٿيو. جاويد محسن “سرهاڻ” ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي.

نثار شاهه
نثار احمد شاه ولد سيد حاجن شاه جيلاني 10 جنوري 1980ع تي ڪڪڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي آهي ۽ اين ـ جي ـ اوز ۾ ملازمت ڪندو آهي. لکڻ جي شروعات شاعري ۽ مضمون نگار جي حيثيت سان 1998ع کان ڪيائين. نثار شاه ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ جو بنيادي ميمبر آهي ۽ هو سال 2017ع ۾ ڪائونسلر رهيو. اهڙي طرح سان هو ٻين هيٺين عهدن تي به رهندو آيو آهي.

امير حسن ملاح
امير احمد ولد محمد حسن ملاح جو ادبي نالو “امير حسن” آهي. امير حسن ملاح ٻين فيبروري 1984ع ۾ ڳوٺ ٻيلو پتڻ ۾ ڄائو. سندس تعليم گريجوئيشن آهي ۽ صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. لکڻ جي شروعات شاعر ۽ ڪالم نويس طور سان 2006ع کان ڪيائين ۽ سال 2012ع ۾ شاخ ڪڪڙ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر ۽ ننڍن عهدن تي رهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي.

عباس جمالي
عباس علي ولد ڏتل خان جمالي تخلص “عباس جمالي” 08 فيبروري 1972ع ۾ ڳوٺ فقير محمد جمالي ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر ۽ نثر نويس آهي. سال 2006ع کان لکندو پيو اچي ۽ سنگت شاخ ڪڪڙ جو بنيادي ميمبر آهي. هو ڪاروباري ڪميٽيءَ ۾ ميمبر هوندو آهي.

نادر جهنجھه
نادرعلي ولد محبوب علي جهنھ ڪڪڙ شهر۾ 08 جنوري 1996ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس آهي. هو ادب دوست ۽ گلوڪار آهي. سال 2018ع کان ڪڪڙ شاخ جو ميمبر آهي.

نظر جمالي
نظر علي ولد محمد وارث جمالي تخلص “نظر” ڳوٺ حاجي بچل جماليءَ ۾ پهرين سيپٽمبر 1974ع ۾ پيدا ٿيو. تعليم ايم ـ اي سوشيالاجي اٿس ۽ پاڻ بئنڪ آفيسر آهي. ادبي سڃاڻپ نثر نويس طور اٿس. سنگت ڪڪڙ جي بنيادي ميمبرن مان آهي ۽ هيٺين عهدن تي رهيو آهي.

علي گل نوداڻي
سندس اصل نالو گل حسن ولد محمد جمن نوداڻي آهي پر “علي گل” جي نالي سان مشهور آهي. سندس پيدائش پهرين مارچ 1982ع تي ڪڪڙ شهر ۾ ٿي. تعليم مئٽرڪ اٿس ۽ صحافت سان لاڳاپيل آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ جو بنيادي مميبر آهي. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي.

علڻ نائچ
علڻ خان ولد آندل خان نائچ 09 فيبروري 1982ع تي ڪڪڙ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پاڻ صحافي آهي. سال 2019ع کان سنڌي ادبي سنگت ڪڪڙ شاخ جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ ڪالم نگار طور آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهيءَ جو بنياد مارچ 1977ع ۾ نامياري شاعر راهي چنه رکيو. سندس ٻين هم خيال دوستن ۾، اڪبر جسڪاڻي، شريف سنڌي، غلام الحيدر رستماڻي ۽ ٻيا شامل هئا. 1979ع ۾ هن شاخ کي سکر ۾ پڪو الحاق مليو ليڪن هي شاخ صرف دستوري گڏجاڻين کان سواءِ ڪي وڏا پروگرام نه ڪري سگھي ۽ ڪجھه عرصو غير سرگرم رهي ۽ سندس الحاق ختم ڪيو ويو.
سال 1983ع ۾ عزيز ڪنگراڻي، خليل عارف سومرو، علي احمد رند، سائين بخش رند، شريف سانول، سارنگ ٿهيم، عاجز جمالي، جمن باهوٽو ۽ ٻيا دوست قابل ذڪر آهن. هن تنظيم جو پهريون سيڪريٽري ناليوارو ليکڪ عزيز ڪنگراڻي هو. جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري خليل عارف سومرو، خزانچي علي احمد رند چونڊيا ويا. هن شاخ کي سال 1983ع ۾ تاج جويو صاحب جي ايام ڪاريءَ ۾ ٻيهر الحاق مليو. جوهي ادبي سنگت شاخ سنڌي ادب جو واڌ ويجھه لاءِ هر دؤر ۾ پاڻ پتوڙيندي پئي اچي. هن ڪيترائي سنڌ ليول جا پروگرام منعقد ڪيا جن ۾ ليڪچر پروگرام، ڪتابن جون مهورتون ۽ اديبن سان رهاڻيون شامل آهن. محترم عزيز ڪنگراڻي 1983ع کان 1985ع تائين لڳاتار ٽي سال سنگت جو سيڪريٽري رهيو جنهن سنگت کي تمام گھڻو متحرڪ رکيو.
24 ڊسمبر2017ع تي ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيء ۾ چونڊ ٿي جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊجي آيا.
غلام حيدر گهايل (سيڪريٽري)، خادم جسڪاڻي (جوائنٽ)، مير محرم لغاري (آڊيٽر)، عثمان فقير (خزانچي) ۽ عبدالحميد آس ٻٻر (ڪائونسلر)
بعد ۾ هيءَ شاخ غير آئيني طور ادبي سنگت کي ورهائيندڙ ڌڙي سان شامل ٿي وئي.
سنگت شاخ جوهيءَ کي ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ آفيس 2014ع ۾ ملي آهي. جتي ننڍي سطح جا پروگرام ۽ دستوري گڏجاڻيون ٿينديون آهن. جيئن ته سال 2018ع ۾ سنگت مرڪز ۾ ٿيل ڌڙا بنديءَ ۾ هيءَ شاخ آئين جي خلاف مخالف ڌڙي سان بيٺل رهي ۽ اڄ تائين ان سان شامل آهي.

راهي چنه
محمد پريل ولد محمد ڇٽل چنه قلمي نالو “راهي چنه” 06 جنوري 1950ع تي جوهي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ، اديب فاضل هئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليب اٽينڊنٽ هو. 1970ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ سٺي شاعر طور هئي. جوهي شهر ۾ هم خيال دوستن سان گڏجي ادبي سنگت جي شاخ کوليائين ۽ پاڻ پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو. هن پنهنجي دور ۾ سنگت جوهيءَ کي تمام گھڻو سرگرم رکيو پر نوڪري ملڻ کان پوءِ سرگرمي جاري نه رکي سگھيو. راهي چنه 16فيبروري1997ع تي وفات ڪئي.

عزيز ڪنگراڻي
عزيز الله ولد سومر خان ڪنگراڻي المعروف “عزيز ڪنگراڻي” چوٿين جنوري 1958ع تي ڳوٺ ماڻڪ خان ڪنگراڻي تعلقي جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي آهي ۽ پاڻ واهي پانڌهي گورنمينٽ ڪاليج ۾ پرنسيپال جي عهدي تي فائز آهي. لکڻ جي شروعات 1974ع کان ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ تنقيد نگار آهي. ان کان علاوه ريسرچ ورڪ به سندس خاص سڃاڻپ آهي. سندس ڪيترائي ڊرامه ريڊيو، پي ٽي وي ۽ مختلف چينلز تي هلي چڪا آهن ۽ هلندا رهن ٿا، ۽ سندس ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾ “تڙ تڙ تي طوفان” 2005ع ، “گورک مٿي چنڊ” 2006ع، “Dadu at Grance” 2013، “پيار گرهڻ” ڪهاڻيون 2017ع، “عشق عقل استاد” 2018ع، “محبتن جو الميو” 2019ع، “Indus Script in Stone” 2019، ۽ “THE IMPULSE TO ADORN” 2020. ٻاراڻي ادب تي هڪ ڪتاب “سنڌ پري” شامل آهن. محترم عزيز ڪنگراڻي کي ادبي سنگت شاخ جوهيءَ جو ٻئي دور ۾ پهريون سيڪريٽري هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.

اڪبر جسڪاڻي
اڪبر جسڪاڻي ولد ڄام خان جسڪاڻي 1957ع تي جوهي شهر ۾ ڄائو. سندس والد ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو ۽ کيس ناناڻن نپائي وڏو ڪيو ۽ پڙهائي منزل تي رسايو. اڪبر جيئي سنڌ تحريڪ، وطن دوست پارٽي ۽ هاري تحريڪن ۾ پڻ ڪم ڪيو. جوهي شهر ۾ قومي شعور لاءِ وڏو ڪم ڪيائين. اڪبر جسڪاڻي سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن مان آهي. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور آهي. ٻاراڻي ادب ۾ سندس وڏو نالو آهي. هو ماهوار رسالي “گل ڦل” جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڪتاب “بيتن واري ناني”، “رمون پيٽي”، “گلڙن جا گھاءَ” ۽ “خيرو حجم” ڇپيل آهن. اڪبر جسڪاڻي 13 آگسٽ 1999ع تي حيدرآباد ۾ مئل حالت ۾ مليو.

خليل عارف سومرو
خليل حسين ولد احمد خان مدهوش سومرو ادبي نالو “خليل عارف سومرو” 18 نومبر 1965ع تي جوهي شهر ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 1978ع کان ڪيائين بحيثيت شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار جي سندس ٻارن جي شاعري جو ڪتاب “مهڪار” 1984ع، “موتي ۽ مکڙيون” ۽ “روشني آهيون اسين” ڇپيل آهن. ان کان علاوه گڏيل شاعري جي ڪتاب “چوٽا تيل چنبيليا” ۾ سندس شاعري پڻ ڇپيل آهن. خليل عارف جو استادي پيشي سان تعلق هو، پر هاڻي رٽاير آهي. خليل سنگت جوهيءَ جو پهريون جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 1995ع ۽ 1997ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهيو.

عاجز جمالي
ڇٽو خان ولد بخشل خان جمالي ادبي نالو “عاجز جمالي” پهرين فيبروري 1967ع ۾ پيدا ٿيو. 1986ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪالم نگار ۽ مضمون نويس طور آهي ۽ پيشي جي حوالي سان صحافي آهي. سندس ڪيترائي ڪالم ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ چپجندا رهن ٿا. اڄڪلهه ڪنهن ٽي ـ وي چينل سان وابسته آهي. عاجز جمالي ادبي سنگت جوهيءَ جو 1995ع ۾ سيڪريٽري به رهيو پر ڪراچي شفٽ ٿيڻ ڪري خليل عارف کي منصب تي رکيو ويو.

جاني اسحاق ملاح
محمد اسحاق ولد احمد خان ملاح ادبي نالو “جاني اسحاق ملاح” پهرين اپريل 1967ع تي ڳوٺ رحيم ملاح تعلقي جوهيءَ ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس هئي ۽ ذريعه معاش ٽيلر ماسٽر هو. سندس ادبي سڃاڻپ ڊرامه نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر طور هئي. سنگت شاخ جوهيءَ جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ ٽي ڀيرا سيڪريٽري رهيو. سندس هڪ ڪتاب “خوشبوءِ جي پٺيان” شايع ٿيل آهي. ساڻس زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ 17 مئي 2011ع ۾ انتقال ڪري ويو.

سائين بخش رند
سائين بخش ولد محمد ايوب رند پهرين آڪٽوبر 1962ع تي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوهيءَ ۾ جنم ورتو. لکڻ جي شروعات 1983ع کان ڪيائين ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ جوهي ڪاليج ۾ پوليٽيڪل سائنس جو پروفيسر هو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب “ڪارو پاڻي” ڇپيل آهي.سائين بخش رند سنگت جوهيءَ جو روح روان هو ۽ ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو. سائين بخش رند سال 2018ع تي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. سندس وفات 23 فيبروري 2019ع تي ٿي.

عبدالحميد آس ٻٻر
عبدالحميد ولد واحد بخش تخلص “آس ٻٻر” پنجين مارچ 1977ع تي ڳوٺ حر ڪئمپ تعلقي جوهي ۾ اک کولي. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ کيتي ٻاڙي جي پيشي سان سلهاڙيل آهي. تقريبن 1990ع کان لکندو پيو اچي نظم ۽ نثر ۾ سندس وڏو نانء آهي. جوهي شاخ جو ميمبر آهي ۽ 1994ع ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي ۽ سال 2018ع ۾ ڪائونسلر چونڊيو ويو هو.

ڊاڪٽر علي احمد رند
ڊاڪٽر علي احمد ولد محمد ڇٽل “مشتاق” رند 15 فيبروري 1969ع تي ڳوٺ بچل رند تعلقي جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم بي بي ايس آهي ۽ پاڻ ڊاڪٽر آهي. 1983ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور آهي. ادبي سنگت جوهيءَ جو بنيادي ميمبر آهي ۽ کيس شاخ جو پهريون خزانچي هئڻ جو اعزاز حاصل آهي.

محمد علي ماجد
محمد ولد علي تخلص “ماجد” المعروف “محمد علي ماجد” 15ڊسمبر 1969ع تي ڳوٺ هئيروخان تعلقي جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي سنڌي ادب آهي. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب سان ڪيائين. سندس سڃاڻب شاعر، نثر نويس ۽ بپلشر طور آهي. هن وقت تائين مختلف ليکڪن جا 70 کن ڪتاب شايع ڪرائي چڪو آهي. ماجد سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ جو سال 1991ع ۾ سيڪريٽري رهيو آهي ۽ مختلف وقتن تي آڊيٽر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو آهي.

غفار ٿهيم
عبدالغفار ولد مولابخش ٿهيم المعروف “غفار ٿهيم” 10مارچ1973ع تي جوهي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي انٽر نيشنل رليشنس آهي ۽ NGO ۾ ڪم ڪري ٿو. سال 1988ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ سال1990ع ۾ ادبي سنگت جوهيءَ جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ سماجي ورڪر طور آهي. غفار ٿهيم سال 1999ع ۾ ادبي سنگت شاخ جوهيءَ جو سيڪريٽري به رهيوآهي. اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ پروگريسو رائيٽرس ايسوسيئيشن حيدرآباد چيپٽر سان منسلڪ آهي.

مير محرم لغاري
محرم علي ولد ميان بخش لغاري تخلص “مير محرم” 09 آڪٽوبر 1974ع تي ڳوٺ ميان بخش لغاريءَ ۾ پيدا ٿيو. پيشي جي حوالي سان استاد آهي. 1990ع کان ادبي حلقي ۾ شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. مير محرم سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ جو ميمبر آهي ۽ 2011ع ۽ 2013ع ۾ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

شريف سانول ٿهيم
محمد شريف ولد محمد بخش ٿهيم المعروف “شريف سانول ٿهيم” جوهي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو ادبي سنگت جوهيءَ جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل آهي. شاعر ۽ مضمون نويس جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۾ آفيسر هو. هاڻي شايد رٽاير آهي ۽ حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

غلام حيدر گھايل
غلام حيدر گھايل لغاريءَ جو ذڪر ضلعي رابطا سيڪريٽرين واري حصي ۾ آيل آهي.

ٻاجھي خان لغاري
ٻاجهي خان ولد عبدالرحمان لغاري 05 آگسٽ 1970ع تي ڳوٺ خير محمد لغاريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي ۽ ذاتي ڪاروبار سان واڳيل آهي. ادبي حلقي ۾ 1990ع ۾ شامل ٿيو. ٻاجھي خان پهريائين سنڌي ادبي سنگت جوهي سان واڳيل هو، پر پوءِ شاخ واهي پانڌي برپا ڪرڻ ۾ ڪرادار ادا ڪيائين ۽ پهريون سيڪريٽري ٿي رهيو. پر اڄڪلهه جوهي شاخ ۾ واپس آيو آهي ۽ سال 2016ع ۾ ڪائونسلر چونڊجي آيو هو.

ابراهيم ملاح
محمد ابراهيم ولد حاجي غلام محمد ملاح تخلص “مسڪين ابراهيم ملاح” 07 جون 1982ع تي ڳوٺ غلام محمد ملاح لڳ جوهيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي ۽ کيتي ٻاڙي سان لاڳاپيل آهي. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر آهي ۽ 2000ع کان لکندو پيو اچي. سال 2016ع ۾ سنگت شاخ جوهيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي.

ابنِ لائق سومرو
محرم علي ولد محمد لائق سومرو ادبي نالو “ابنِ لائق سومرو” 13 ڊسمبر 1961ع تي جوهي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان لاڳاپيل آهي. 1995ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ احمد خان مدهوش کان شاعريءَ جي اصلاح ورتائين، نظم ۽ نثر ٻنهي ۾ لکي ٿو. سنگت شاخ جوهيءَ جو ميمبر آهي.

لياقت علي لياقت
لياقت علي ولد داد محمد لنڊ 1952ع ۾ ڳوٺ ٽڀائي لنڊ تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو. سندس تخلص “لياقت” آهي ۽ هڪ سٺي شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. 1990ع کان باقاعدي لکندو پيو اچي. سندس هڪ ڪتاب “تــقـدير ملي نه ملي” ڇپيل آهي. لياقت علي لياقت جوهي شاخ جو ريگيولر ميمبر آهي.

نقاد ٿهيم
غلام حيسن ولد ولي محمد ٿهيم تخلص “نقاد ٿهيم” 25 مئي 1962ع تي ڳوٺ ولي محمد ٿهيم ۾ جنم ورتو. 1986ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ قومي ۽ مزاحمتي شاعر جي حيثيت سان آهي. نقاد ٿهيم سياسي ورڪر پڻ آهي ۽ اڄڪلهه جوهي ميونسپالٽيءَ جو وائس چئرمين آهي. نقاد ٿهيم سنگت جوهيءَ جو اهم ميمبر آهي ۽ هيٺين عهدن تي رهي چڪو آهي.

وفا برهماڻي
غلام حيدر ولد جمع خان برهماڻي ادبي نالو “وفا برهماڻي” 05 جولاء 1964ع تي ڳوٺ آباد لڳ ڀان سيدآباد ۾ جنم ورتو. سندس تعليم گريجوئيشن آهي ۽ صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. ڪافي عرصي کان لکندو پيو اچي. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪالم نگار ۽ سماجي ورڪر طور آهي. ڪاڇو بچايو تنظيم جو اڳواڻ آهي. هن تنظيم طرفان ڪجھه سنڌ سطح تي ادبي پروگرام به ڪرايا، جن ۾ طالب لغاريءَ سان رهاڻ، لياقت علي لياقت سان رهاڻ شامل آهن جن ۾ سنڌ جا ناميارا اديب شريڪ ٿيا هئا. وفاپريس ڪلب جوهيءَ جو صدر به رهيو آهي ۽ ڪافي سالن کان جوهي شاخ جو ميمبر آهي ۽ هو آڊيٽر جي عهدي تي به رهيو ، پر هاڻي سنگت کان پاسيرو آهي.

انور ٻٻر
سعد الله ولد عبدالواحد ٻٻر تخلص “انور ٻٻر” 26 ڊسمبر 1965ع تي ڳوٺ بهاول ٻٻر ۾ ڄائو. تعليم بي ـ اي پاس اٿس ۽ سرڪاري ملازم آهي. 1987ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، سنگت شاخ جوهيءَ جو ميمبر آهي. هو جوائنٽ سيڪريٽري، آڊيٽر ۽ ننڍن عهدن تي پڻ رهي چڪو آهي. پر هاڻي سنگت ۾ غير فعال آهي.

خادم جسڪاڻي
خادم حسين جسڪاڻي ولد الله بخش المعروف “خادم جسڪاڻي” 20 جولاءِ 1974ع تي جوهي شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ڊپلوما آهي ۽ خانگي ملازمت ڪري ٿو. 1993ع کان نثر نويس ۽ شاعر طور ادبي حلقي ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو سنگت جوهيءَ جو سرگرم ڪارڪن آهي ۽ پاڻ ڪائونسلر به رهي چڪو آهي. سندس شاعري “وڻ وڻ منجھان واس” ۾ ڇپيل آهي.

رفيق بلوچ
رفيق احمد ولد دين محمد لنڊ تخلص “رفيق بلوچ” 20 جنوري 1978ع تي ڳوٺ محبت خان لنڊ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم ـ فل سنڌي ادب ۾، ۽ Phd هلندڙ آهي ۽ پاڻ چار مختلف سبجيڪٽس ۾ ايم اي پڻ ڪري چڪو آهي. پيشي جي حوالي سان زڪواة کاتي ۾ ڊسٽرڪٽ آفيسر آهي. 1996ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين شاعر، نثر نويس ۽ ڪهاڻيڪار طور. 1999ع کان س ـ اـ س جوهي جو ميمبر آهي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ پڻ رهي چڪو آهي.

ابراهيم جمالي
محمد ابراهيم جمالي ولد حاجي خان جمالي ادبي نالو “ابراهيم جمالي” 10 فيبروري 1980ع تي ڳوٺ حاجي علي جمالي لڳ جوهي ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم گريجوئيشن آهي ۽ خانگي استاد آهي. سال 2005ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين بحيثيت هڪ شاعر جي. سنگت شاخ جوهيءَ ۾ سال 2015ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ سال 2016ع ۾ خزانچي جي عهدي تي به رهيو.

اداس لنڊ
سڪندر علي ولد الهرکيو لنڊ تخلص “اداس لنڊ” پهرين جنوري 1973ع تي ڳوٺ خان جي ڪور جوهي لڳ پيدا ٿيو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي ۽ سندس ڌندو کيتي ٻاڙي آهي. 1995ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين بحيثيت هڪ شاعر جي. سال 2016ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ اڄ تائين هو سٺو ڪارڪن آهي.

جانب کوسو
جانب علي ولد حمزو خان کوسو تخلص “تنها جاني” 1982ع ۾ ڳوٺ لعل بخش کوسو ۾ ڄائو. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري خانگي ملازمت اختيار ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعري آهي. هو هاڻي “جانب کوسو” ئي تخلص استعمال ڪري ٿو ۽ سنگت شاخ جوهيءَ جو فعال ميمبر آهي.

راز شاهاڻي
رب ڏنو ولد سائين بخش شاهاڻي ادبي نالو “راز شاهاڻي” 15 جولاءِ 1976ع تي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي سنڌي آهي. 1995ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين هو شاعر، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ ڪالم نگار جي حيثيت سان مشهور آهي. ڪيترائي ڊرامه ريڊيو ۽ ٽي وي چينلز تي هلي چڪا آهن. سندس ڪجھه ڪتاب ترتيب ڏنل آهن. هن ڪجھه ڪتابن جا به ترجما ڪيا آهن جيڪي شايع ٿيل آهن. “راز” جوهي شاخ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.

زين کوسو
زين العابدين ولد مينهون خان تخلص “زين کوسو” پنجين سيپٽمبر 1971ع تي ڳوٺ چنجاڻي تعلقي جوهيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايل ـ ايل ـ بي آهي ۽ قانون کاتي ۾ سرڪاري ملازم آهي. لکڻ جي شروعات 1987ع ڌاري ڪيائين بحيثيت هڪ شاعر ۽ نثر نويس جي. سال 2018ع ۾ سنگت شاخ جوهيءَ جو ميمبر بڻيو.

عثمان فقير
عثمان ولد محمد خان کوسو ادبي نالو “عثمان فقير” 1959ع تي ڳوٺ گل محمد گنب لڳ جوهيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس هئي ۽ ڌنڌي جي حوالي سان دوڪاندار هو. سال 1999ع کان ادبي ماحول ۾ آيو ۽ پاڻ شاعرهو. سال 2016ع ۾ ادبي سنگت جوهيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ سال 2018ع ۾ خزانچي جي عهدي تي رهيو. سندس شاعري گڏيل شاعري جي ڪتاب “جوهيءَ جا جر ڦل” ۾ شايع ٿيل آهي. فقير عثمان ساهه جي تڪليف سبب 06 اپريل 2021ع تي وفات ڪري ويو.

ڏتل رودناڻي
الهڏنو ولد جيتو خان رودناڻي پهرين جنوري 1975ع تي ڳوٺ مولوي نور محمد رودناڻي تعلقي جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم پرائمري ٽي درجا آهي ۽ کيتي ٻاڙيءَ جي ڌنڌي سان لاڳاپيل آهي. سال 2000ع کان شاعر جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ سال 2013ع ۾ س ـ اـ س جوهيءَ جو ميمبر بڻيو.

مير بلوچ
مولا بخش ولد عبدالله لنڊ تخلص “مير بلوچ” 26 آگسٽ 1978ع تي ڳوٺ محبت خان لنڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان وابسته آهي. 1998ع کان شاعر جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سال 2012ع کان ادبي سنگت جوهيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ سال 2016ع ۾ خزانچي جي عهدي تي پڻ رهيو.

حيدر سيال
غلام حيدر ولد پير بخش سيال ادبي نالو “حيدر سيال” پنجين جون 1965ع تي پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ ذاتي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهي. 1988ع کان ادبي حلقي ۾ داخل ٿيو بحيثيت ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس جي. حيدر سيال ڪجھه وقت صحافت سان به منسلڪ رهيو ۽ ڪالم پڻ لکيائين. سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ جو پڻ ميمبر رهيو، پر اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

مير چند اوڏ
مير چند ولد نماڻو اوڏ 08 اپريل 1986ع تي جوهي شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ـ ايڊ آهي ۽ پاڻ استاد آهي. سال 2004ع کان شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيائين. سندس مواد اخبارن ۽ رسالن ۾ اڄ به ڇپجندو رهي ٿو. سال 2005ع کان ادبي سنگت جوهيءَ جو ميمبر آهي. هو جوائنٽ سيڪريٽري، آڊيٽر ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.

راجا اياز ڀٽو
اياز علي ولد حبيب الله ڀٽو تخلص “راجا اياز” 03 مارچ 1988ع ۾ جوهي شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم مڊل پاس آهي ۽ پاڻ فرنيچر جو دوڪان هلائي ٿو. 2008ع کان شاعري ڪري ٿو ۽ 2012ع کان جوهي شاخ جو ميمبر آهي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي. هو بهترين اداڪار به آهي. اڄڪلهه سنگت ۾ فعال نه آهي.

گل حسن ساگر ڪوري
گل حسن ولد غلام محمد ڪوري 14 سيپٽمبر 1975ع تي ڳوٺ جنگو جمالي تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو. هو انٽر پاس آهي ۽ خانگي ملازمت ڪري ٿو. 1990ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. هن شاعريءَ جو ڪتاب “دونهان جن دکائيا” ترتيب ڏنو آهي. جوهي شاخ جو بهترين ورڪر آهي. هو هيٺين عهدن کان علاوه ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ پڻ ميمبر رهيو آهي.

وهاب حسيني
عبدالوهاب ولد فيض محمد سومرو سنڌي ٻٽڙا تعلقو ڪي اين شاهه ۾ سن 1968ع ۾ ڄائو. سندس وڏا لڏي اچي جوهي شهر ۾ رهيا. هو انٽر پاس آهي ۽ شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. خليل عارف جي سيڪريٽري هجڻ دوران سنگت جوهيءَ جو ميمبر ٿيو. وهاب حسيني هڪ سياسي ۽ سماجي ورڪر پڻ آهي.

زاهد ميمڻ
زاهد حسين ولد علي بخش ميمڻ المعروف “زاهد ميمڻ” 25 ڊسمبر 1979ع ۾ جوهي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ ايس سي، بي ـ ايڊ آهي ۽ پاڻ استاد آهي. سال 2000ع کان لکڻ شروع ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. 2018ع ۾ سنگت جوهيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ پاڻ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ به ميمبر رهي چڪو آهي.

اشرف امر لاشاري
اشرف علي ولد مٺو خان لاشاري قلمي نالو “اشرف امر” 03 فيبروري 1971ع تي جوهي شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، سنڌي ادب ۽ بي ايڊ آهي ۽ پاڻ انگريزي استاد آهي. سال1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. اشرف امر جوهي شاخ جو ميمبرآهي ۽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پڻ رهيو آهي.

ماڻڪ ڪنگراڻي
ماڻڪ خان ولد محمد سومر المعروف “ماڻڪ ڪنگراڻي” 26 مارچ 1978ع ۾ ڳوٺ حاجي ماڻڪ ڪنگراڻي تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ مترجم طور آهي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب “ردي پنا” ڇپيل آهي. سندس هڪ ٻيو ڪتاب “ڪبير جي شاعري فن ۽ فڪر” ترجمو پڻ ڇپيل اٿس. ڪيترائي سال جوهي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهيو.

هارون پهنور
محمد هارون ولد محمد آچر پهنور 1953ع ۾ ڳوٺ الهداد فقير لنڊ تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم مختصر آهي ۽ محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندو آهي. سندس سڃاڻپ قومپرست ورڪر، شاعر ۽ سماجي ورڪر طور آهي. هارون سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ جو پراڻو ميمبر آهي.

ذلفي جمالي
ذوالفقار علي ولد محمد حسن جمالي تخلص “ذلفي جمالي” پهرين اپريل1979ع تي ڳوٺ حاجي قاسم جمالي لڳ جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو. سال 1999ع کان شاعر جي حيثيت ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ سنگت جوهي شاخ جو ميمبر به رهي چڪو آهي.

درياء خان دلگير
درياء خان ولد مينهون خان کوسو پهرين ڊسمبر 1969ع تي حاجي خان تعلقي جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي، بي ـ ايڊ آهي ۽ استاد آهي. 1990ع کان شاعر جي حيثيت ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1990ع ۾ جوهي شاخ جو ميمبر ٿيو. هو ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي عهديدار پڻ رهيو آهي.

سڪندر سرواڻ
سڪندر علي ولد ڪوڙو خان تخلص “سرواڻ” جو جنم هيئرو خان ڳوٺ ۾ 22 جون 1957ع ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي “سنڌي ادب” آهي، لکڻ جي شروعات 1876ع کان ڪيائين پاڻ شاعر ۽ نثر نويس آهي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آهن. نوڪريءَ جي سانگي ڪراچيءَ ۾ رهيو ته اتان جو ٿي ويو، اڄڪلهه نوڪريءَ رٽائر آهي ۽ ريڊيو پاڪستان تي ميزبانيءَ جا فرائض ڏئي ٿو. سڪندر سرواڻ ادبي سنگت جوهي جو بنيادي ميمبر ۽ عهديدار به رهي چڪو آهي.

1. علي نواز انجم
2. مخدوم ساحل
3. غلام حيدر رستماڻي

سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌهي احمد خان مدهوش ، شمن لاشاري، گلزار تبسم، غلام شبير لاشاري ۽ ٻين اديبن سال 1999ع ۾ قائم ڪئي. شاخ جو پهريون سيڪريٽري ٻاجهي خان لغاري ٿيو ۽ احمد خان مدهوش ڪائونسلر چونڊيا ويا. سال 2000ع ۾ مختيار ملڪ جي ايام ڪاريءَ ۾ هن شاخ کي پڪو الحاق مليو، ان وقت سيڪريٽري شمن لاشاري هو. اهڙي طرح اڄ تائين هن شاخ ۾ هيٺيان اديب سيڪريٽري رهي چڪا آهن.
سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌهي ادبي ڪارج ۾ پيش پيش آهي. مشاعرا، ليڪچر ۽ شامون ملهائڻ ۾ پاڻ پتوڙي ٿي. هتي شمشيرالحيدري، تاجل بيوس جھڙا ڪيترائي اديب به پروگرامن جي زينت رهيا آهن.
هن شاخ پاران شمن لاشاريءَ جو ڪتاب “يادن جو ڪوهيڙو” شايع ٿيو ۽ ان جي زبردست مهورت به ڪرائي وئي هئي. هن شاخ طرفان گلزار تبسم جي ڪتاب جي مهورت به ٿي هئي. اسير امتياز جي سيڪريٽري شپ ۾ سنگت واهي پانڌيءَ تمام زبردست پروگرام ڪرايا. کيرٿر جبل جي دامن ۾ “نئين نريءَ” جي ڪناري تي نظم جي بهترين شاعر گلزار سيال سان جنوري 2018ع تي رهاڻ ملهائي وئي. 28 اپريل 2018ع “ڪجھه پل ڪرادارن سان” جي عنوان هيٺ ٻن سماجي ورڪرن وقار مستوئي ۽ عباس برهماڻي سان سرهي سانجھه رجب آزاد جي صدارت ۾ ملهائي وئي. اهڙيءَ طرح هن سلسلي جا ٻيا به پروگرام مختلف وقتن تي منعقد ڪيا ويا. 06 جنوري 2019ع ۾ نامياري شاعره روبينا ابڙو سان “نئين نري” جي ڪناري تي آڪاش انصاري جي صدارت ۾ رهاڻ رچائي وئي. 30 اپريل 2019ع تي سنڌ جي ڪوهه مري گورک چوٽيءَ تي “لٽريچر فيسٽيول” احمد سولنگي سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي صدارت هيٺ ملهايو ويو. جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا هئا. هن پروگرام ۾ چئن شاعرن مارو جمالي، ذوالفقار گاڏهي، خليل عارف ۽ عمر تيوڻو سان رهاڻ رچائي وئي ۽ مير حاجن مير، رحيم داد جوڳي، احمد شاڪر جي ڪتابن جي مهورت پڻ ڪرائي وئي. پسمانده علائقو هجڻ جي باوجود هتان جي ادبي سنگت تمام گھڻي سرگرم رهي ٿي ۽ ڪيترائي ننڍا وڏا پروگرام هر وقت منعقد ڪندي رهي ٿي.

چونڊون
24 ڊسمبر2017ع تي ضلع رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ ٿي. سال2018ع لاءِ هيٺين باڊي چونڊي وئي
اسير امتياز سيڪريٽري، وفا عنايت رستماڻي جوائنٽ سيڪريٽري، فاروق سومرو خزانچي، حسين بخش رستماڻي آڊيٽر ۽ امير پريمي ڪائونسلر .
28 جنوري2019ع تي ضلع رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ سال2019ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
اسير امتياز سيڪريٽري، امير پريمي جوائنٽ سيڪريٽري، حسين بخش رستماڻي خزانچي، باغي بشير آڊيٽر ۽ وفا عنايت رستماڻي ڪائونسلر.
هيءَ باڊي ڪورونا وائرس جي ڪري سال 2020ع تائين رهي.
سال2021ع لاءِ ضلع رابطا سيڪريٽري عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ هيٺيان عهديدار چونڊجي آيا.
اسير امتياز سيڪريٽري، اسلم جمالي جوائنٽ سيڪريٽري، مدهوش ٿهيم خزانچي، حسين بخش رستماڻي آڊيٽر ۽ امير پريمي ڪائونسلر چونڊجي آيا.

احمد خان مدهوش
احمد خان ولد حاجي خان سومرو تخلص “مدهوش” جو جنم 15 اپريل 1931ع تي ڳوٺ سلطان چانڊيو نزد خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٿيو. سندس تعليم اديب عالم، اديب فاضل هئي ۽ استادي پيشي سان لاڳاپيل هو. ادب ۾ 1960ع کان ابتدا ڪيائين فيض بخشاپوري سندس استاد هو. احمد خان مدهوش سنڌ جو بهترين شاعر هو. سندس ڪتاب “دل جون ڳالهيون” 1993ع، “نظر ۾ نظر بند” 2003ع ۽ “اکين جا سنيها” 2010ع ۾ ڇپيل آهن. مدهوش صاحب 1999ع ۾ سنڌي ادبي سنگت واهي پانڌي برپا ڪئي ۽ ان ۾ ڪائونسلر جي عهدي تي رهيو. مدهوش صاحب 26 جون 2010ع ۾ وفات ڪئي.

ٻاجھي خان لغاري
ٻاجهي خان لغاري پهرين ادبي سنگت جوهي جو ميمبر هو ۽ پوءِ ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي کوليائين ۽ هاڻي وري اسنگت جوهي شاخ جو ميمبر آهي سندس تعارف جوهي شاخ ۾ آيل آهي.

شمن لاشاري
محترم شمن لاشاري شاخ واهي پانڌيءَ جو باني ميمبر آهي سندس ذڪر ضلعي رابطا سيڪريٽرين واري حصي ۾ آيل آهي.

گلزار تبسم
گلزار علي ولد مينهون خان لاشاري ادبي نالو “گلزار تبسم” 16 نومبر 1981ع تي واهي پانڌيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي پاس آهي. اسڪول جي زماني کان ڪهاڻي ۽ شاعري لکڻ جي ابتدا ڪيائين. سندس شاعري جو ڪتاب “هاڻي جاڳو کڻي” ڇپجي آيو آهي. گلزار تبسم شاخ واهي پانڌيءَ جو بنيادي ميمبر آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر پڻ رهي چڪو آهي.

اسير امتياز
امتياز علي ولد الاهي بخش برهماڻي ادبي نالو “اسير امتياز” ڳوٺ دودو برهماڻي تعلقي جوهيءَ ۾ 29 مارچ 1986ع ۾ ڄائو. ڪافي سالن کان ادبي سفر جاري رکيو پيو اچي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ تنقيدگار طور آهي. سندس پنج ڪتاب “نگاهون شام جو منظر” شاعري 2008ع، “نثر بيقراريءَ جو” 2009ع، “بند اکيون آوارا سپنا” 2012ع، “ڪا واڪا واٽ” 2015ع ۽ “شاعريءَ جي مفلسي” 2019ع ۾ ڇپيل آهن. هو “چانڊوڪي” مئگزين به جاري ڪري رهيو آهي. اسير امتياز سال 2008ع ۽ 2011ع، 2017ع کان 2021ع تائين شاخ واهي پانڌيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.

قادر لاشاري
عبدالقادر ولد عبدالمجيد لاشاري 1970ع تي واهي پانڌيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم ميٽرڪ آهي ۽ صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. قادر لاشاريءَ جي سڃاڻپ مضمون نگار ۽ ڪالم نويس طور آهي. ادبي سنگت واهي پانڌيءَ جو 2000ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ سرگرم رهيو. هو اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ ڪي ٽي اين نيوز چينل سان لاڳاپيل آهي.

امير پريمي
امير بخش ولد ٻاجھي خان برهماڻي ادبي نالو “امير پريمي” ڳوٺ دودو برهماڻيءَ ۾ پنجين آڪٽوبر 1969ع ۾ جنم ورتو. سندس تعليم انٽر آرٽس آهي ۽ استادي پيشي سان تعلق رکي ٿو. 1992ع کان شاعر جي حيثيت ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ سال 2000ع کان سنڌي ادبي سنگت واهي پانڌيءَ جو بنيادي ميمبر آهي ۽ مختلف عهدن تي پڻ رهيو آهي. سال 2018ع ۾ ڪائونسلر رهيو.

راهي رستماڻي
رسول بخش ولد حسين بخش رستماڻي قلمي نالو “راهي رستماڻي” جو جنم 17 فيبروري 1983ع تي واهي پانڌي شهر ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم .اي اردو ادب ۽ ايم ايڊ آهي. لکڻ جي شروعات سال 2000ع کان ڪيائين سندس سڃاڻپ نثر نويس، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس ۽ مترجم طور آهي سنگت شاخ واهي پانڌي ۾ سال 2000ع ۾ ميمبر ٿيو. راهي رستماڻي سال 2003ع ۾ ادبي سنگت واهي پانڌيءَ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي .

ميان بخش
ميان بخش ولد محمد حسين رستماڻي تخلص “صاحب رستماڻي” پهرين جنوري 1969ع ۾ ڳوٺ فتح خان رستماڻي ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي. لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ سال 2000ع ۾ ادبي سنگت واهي پانڌيءَ جو ميمبر بڻيو. هو ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ هميشه ميمبر رهندو آهي.

حسين بخش رستماڻي
حسين بخش رستماڻي ولد سائين بخش رستماڻي المعروف “ڪامريڊ حسين بخش” 15 مئي 1972ع تي ڳوٺ مٺو خان رستماڻي ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ استادي پيشي سان وابسته آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪالم نگار آهي. سنگت شاخ واهي پانڌيءَ جو بنيادي ميمبر آهي. هو ڪيترائي ڀيرا ننڍن عهدن تي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي ميمبر پڻ رهيو آهي.

باغي بشير
بشير احمد ولد گل حسن برهماڻي تخلص “باغي” 04 ڊسمبر 1981ع ۾ ڳوٺ دودو برهماڻي ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي. لکڻ جي شروعات 2000ع کان ڪيائين مضمون نويس ۽ ڪالم نگار طور. ادبي سنگت ۾ سال 2017ع کان ميمبر آهي. باغي بشير سنگت واهي پانڌيءَ جو سرگرم ڪارڪن آهي.

وفا عنايت رستماڻي
عنايت الله ولد روشن علي رستماڻي ادبي نالو “وفا عنايت رستماڻي” 14 جولاءِ 1985ع تي ڳوٺ ميوو خان رستماڻي ۾ پيدا ٿيو. تعليم ايم ـ اي بي ايڊ اٿس ۽ استاد آهي. 1999ع کان نثر نويس، شاعر ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين. شاخ واهي پانڌي ادبي سنگت جو بنيادي ميمبر آهي. هو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جي عهدن تي به رهي چڪو آهي.

فاروق سومرو
غلام فاروق ولد ڪوڙو خان سومرو 02 فيبروري 1972ع تي واهي پانڌيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ صحت کاتي ۾ ڊسپينسر آهي. 2009ع کان شاعر جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ آيو. سال 2010ع ۾ شاخ واهي پانڌيءَ جو خزانچي ۽ سال 2013ع ۾ سيڪريٽري رهي چڪو آهي.

عنايت لاشاري
عنايت علي ولد مير خان (اڪبر لاشاري) المعروف “عنايت لاشاري” 25 جنوري 1994ع تي دودو برهماڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ اينٿراپا لاجي ۾ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ماسٽرس آهي. 2012ع کان نثر نويس طور لکڻ جي شروعات ڪيائين. ڪاڇي مان نڪرندڙ مئگزين “گورک” جو ايڊيٽر به رهيو آهي ۽ “زندگي خوشي ۽ ڏک” ڪتاب پڻ ترتيب ڏنل اٿس جيڪو شهيد عاشق برهماڻيءَ جي زندگيءَ تي مشتمل آهي. عنايت سال 2018ع ۾ واهي پانڌي شاخ جو ميمبر ٿيو اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

اختيار لاشاري
اختيار علي ولد محمد موسى لاشاري پهرين نومبر 1991ع تي ڳوٺ دودو برهماڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس آهي. سال 2009ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين هڪ شاعر جي حيثيت طور ۽ ساڳئي سال شاخ واهي پانڌيءَ جو ميمبر ٿيو. هو سال 2010ع ۾ خزانچي جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي.

معصوم مختيار
مختيار علي ولد محمد حسن رستماڻي تخلص “معصوم مختيار” 18 آڪٽوبر 1974ع تـي ڳوٺ مٺو خان رستماڻيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ سنڌي لينگئيج ٽيچر آهي. 1990ع کان ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس طور لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 1999ع ۾ شاخ واهي پانڌيءَ جو ميمبر بڻيو. سال 2011ع ۾ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي پاڻ آڊيٽر ۽ ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.

صدر برهماڻي
غلام الرسول ولد بخشل برهماڻي المعروف “صدر برهماڻي” 06 جون 1974ع تي ڳوٺ پير بخش لاشاريءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ پاڻ شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سال 2018ع کان سنگت واهي پانڌيءَ جو ميمبر آهي.

غلام علي برهماڻي
غلام علي ولد ولي محمد برهماڻي 03 آڪٽوبر 1972ع تي ڳوٺ پير بخش لاشاريءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي پاس آهي. 1988ع کان نثر نويس جي حيثيت ۾ ڪالم ۽ مضمون لکندو پيو اچي. سنگت شاخ واهي پانڌيءَ جو بنيادي ميمبر آهي.

ڪامريڊ گل حسن برهماڻي
ڪامريڊ گل حسن ولد واحد بخش برهماڻي 1951ع ڌاري ڳوٺ دودو برهماڻيءَ تعلقه جوهي ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي. سندس سڃاڻپ سياسي ۽ سماجي ورڪر ۽ ادب دوست طور آهي. ادبي سنگت واهي پانڌيءَ جي پروگرامن ۾ هميشه نظر ايندو آهي. سال 2019ع کان شاخ واهيءَ ۾ ميمبر شپ ورتي اٿائين.

ڀٽو برهماڻي
ذوالفقار علي ولد حاجي مير رحم علي برهماڻي المعروف “ڀٽو برهماڻي” پهرين جنوري 1980ع ۾ ڳوٺ دودو برهماڻي لڳ واهي پانڌيءَ ۾ ڄائو. پاڻ مئٽرڪ پاس آهي ۽ سماجي ورڪر ۽ ادب دوست آهي. سال 2019ع کان سنگت واهي پانڌيءَ جو ميمبر بڻيو آهي.

شبير لاشاري
غلام شبير لاشاري واهي پانڌيءَ ۾ پهرين اپريل 1984 ع ۾ڄائو. سندس سڃاڻپ شاعر، صحافي ۽ گلوڪار طور آهي. شاخ واهي پانڌيءَ جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو آهي. اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ سنڌ ٽي وي چينل جو رپورٽر آهي.

مدهوش ٿهيم
مشتاق ٿهيم ولد گدا حسين تخلص “مدهوش ٿهيم” جو جنم پهرين جنوري 1985ع تي واهي پانڌي شهر ۾ ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي. لکڻ جي شروعات سال 2002ع کان ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر، اداڪار ۽ صحافي طور آهي. سال 2004ع ۾ واهي پانڌي شاخ جو ميمبر ٿيو ۽ پاڻ خزانچي جي عهدي تي به رهي چڪو آهي.

اشفاق امير
اشفاق امير ولد امير بخش برهماڻي (امير پريمي) ڳوٺ دودو برهماڻي تعلقي جوهيءَ ۾ 04 فيبروري 2001 ع تي پيدا ٿيو. پاڻ شاگرد آهي ۽ بي ايس سي پاڪستان اسٽڊيز ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پڙهي رهيو آهي. لکڻ جي شروعات 2017ع کان ڪيائين. سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس طور اٿس. سال 2019ع کان ادبي سنگت شاخ واهي پانڌيء جو ميمبر آهي.

گهايل غلام الرسول
گهايل غلام الرسول برهماڻي واهي پانڌي ڀرسان ڳوٺ دودو برهماڻيءَ ۾ ڄائو. هو شاعري ڪندو هو ۽ ادبي سنگت واهي پانڌيءَ جو ميمبر هو ۽ خزانچي به رهيو. کيس 2012ع ۾ شهيد ڪيو ويو.

اسلم جمالي
سنگت شاخ واهي پانڌيءَ جو ميمبر آهي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ خداآباد ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ خداآباد جو بنياد 1990ع ۾ ادل سومري جي دور ۾ پيو. هن شاخ جي باني ميمبرن ۾ اعجاز علي ڀٽي، نظير احمد ڀنڊ مرحوم، محمد ابراهيم پهنور، محمد ملوڪ پهنور، الهبچايو پهنور، محمد يعقوب پهنور، امر ڀنڊ، غلام النبي قريشي، بشير احمد قريشي، پير بخش جلباڻي، عبدالواحد بروهي ۽ ٻيا شامل آهن. شاخ جو پهريون سيڪريٽري امر ڀنڊ مقرر ٿيو. هي شاخ دادؤ جي ويجھو هجڻ ڪري ڪافي سرگرم رهي ۽ بهترين پروگرام ڪرايائين. جهڙوڪ شيخ اياز، استاد بخاري جي ياد ۾ پروگرام، مشاعرا ۽ ليڪچر پروگرام “سنڌي شاعري غزل کان دوهي تائين” ڪرايا.

چونڊون
17جنوري 2018ع تي ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ چونڊ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سال2018ع لاءِ يڪراءِ طور اعجاز ڀٽي سيڪريٽري، وقار خشڪ جوائنٽ سيڪريٽري، احسان سيال خزانچي، محمد ابراهيم ڀنڊ آڊيٽر، افضل ڪلهوڙو ڪائونسلر چونڊيا ويا.
19جنوري2019ع تي سالياني چونڊ ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ هيٺ ٿي جنهن ۾ افضل ڪلهوڙو سيڪريٽري، خالد جميل جوائنٽ سيڪريٽري، الهبچايو اداسي خزانچي، احسان سيال آڊيٽر ۽ اعجاز ڀٽي ڪائونسلر چونڊيا ويا. هي عهديدار ڪووڊ19جي سبب ٻن سالن تائين رهيا.
10جنوري2021ع تي سال 2021ع لاءِ ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ هيٺيان عهديدار چونڊجي آيا. افضل ڪلهوڙو سيڪريٽري، خالد جميل جوائنٽ سيڪريٽري، الهبچايو اداسي خزانچي، حافظ غلام محمد چنه آڊيٽر ۽ محمد ابراهيم ڀنڊ ڪائونسلر.

محمد ابراهيم پهنور
محمد ابراهيم ولد محمد اسحاق پهنور ڳوٺ ڌوتڙا پهنور لڳ خداآباد ۾ 06 جون 1934ع ۾ پيدا ٿيو. گورنمينٽ D.J سائنس ڪاليج مان انٽر پاس ڪري خانگي ڪاروبار ۾ لڳي ويو. ڏاڍو روشن خيال انسان هو ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندو هو. ادبي حوالي سان مقالا نگار ۽ تاريخدان هو. ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيائين سندس مدد سان ادبي سنگت شاخ کلي ۽ هو تادم سرگرم ڪارڪن ۽ عهديدار رهيو. محمد ابراهيم پهنور 2014ع ۾ وفات ڪئي.

نظير احمد ڀنڊ
نظير احمد ولد بلاول خان ڀنڊ 26 جولاءِ 1947ع ڳوٺ بلاول خان ڀنڊ لڳ خداآباد ۾ ڄائو. تعليم جي حوالي سان گريجوئيٽ هو ۽ سندس ڌنڌو زمينداري هو. سماجي حوالي سان خداآباد ۾ تمام گھڻو ڪم ڪيائين. علم وادب ۾ 1964ع کان نثر نويس طور شامل ٿيو. سنڌي ادبي سنگت ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو ۽ پاڻ وڏن ۽ ننڍن عهدن تي پڻ رهيو. نظير ڀنڊ سال 2016ع ۾ هن فاني دنيا مان ڪُوچ ڪيو.

اعجاز ڀٽي
اعجاز علي ولد حاجي نبي بخش ڀٽي ادبي نالو “اعجاز ڀٽي” 27 آگسٽ 1965ع تي ڳوٺ موريو خان ڀٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي آهي. پاڻ خداآباد هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي. 1992ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. اعجاز ڀٽي سنگت خداآباد شاخ جو باني ميمبر آهي. هو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جي عهدي کان علاوه ٻين عهدن تي به ڪيترائي ڀيرا رهي چڪو آهي. سال 2018ع ۾ پڻ سيڪريٽري رهيو.

محمد ملوڪ پهنور
محمد ملوڪ ولد کبڙ خان پهنور 18 آگسٽ 1935ع ۾ تاريخي شهر خداآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم گريجوئيشن هئي ۽ پاڻ ايجوڪيشن کاتي ۾ ملازم هو . سيپٽمبر 1980ع ۾ رٽاير ٿيو. پاڻ هڪ سماجي خدمتگار ۽ ادب دوست انسان هو ۽ ان جذبي تحت سِگا خداآباد ۽ سنگت خداآباد شاخ جو باني ميمبر هو ۽ اهو ناتو مرڻ گھڙي تائين برقرار رکيائين. سندس وفات 14 جون 2019ع ۾ ٿي.

محمد يعقوب پهنور
محمد يعقوب ولد کبڙ خان پهنور نومبر 1942ع ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي ۽ پيشي جي لحاظ کان آبادگار آهي. پاڻ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آهي. ادب دوست هئڻ ڪري ڪافي سالن کان ميمبر آهي ۽ ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهندو ايندو آهي.

محمد يعقوب پهنور
محمد يعقوب پهنور ولد گل محمد پهنور جو جنم 12 ڊسمبر 1963ع تي ڳوٺ پيارو ڀنڊ ۾ ٿيو. پيشي جي حوالي سان ايجوڪيشن کاتي ۾ ملازم هو. هو ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ دادؤ ۾ انسٽرڪٽر ۽ پوءِ پرنسيپل پڻ رهيو ۽ سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر به ٿي رهيو. سنگت خداآباد جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر به رهيو. پاڻ ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هو. اڄڪلهه هن دنيا ۾ نه آهي سندس وفات سال 2016ع ۾ ڪينسر سبب ٿي.

محمد يوسف پنهور
محمد يوسف ولد خدا بخش پهنور قلمي نالو “يوسف پهنور” 28 جنوري 1971ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايل ايل بي آهي ۽ هاء ڪورٽ ۾ آفيسر آهي. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. سال 1998ع ۾ خداآباد شاخ جو سيڪريٽري رهيو ۽ هو ڪائونسلر به رهي چڪو آهي.

امر ڀنڊ
عباس علي ولد مراد علي قلمي نالو “امر ڀنڊ” ڳوٺ غلام علي ڀنڊ نزد خداآباد ۾ 28 مارچ 1973ع ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پاڪستان نيوي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طورآهي. پاڻ خداآباد شاخ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

الهبچايو اداسي
الهبچايو ولد قادر بخش پهنور تخلص “اداسي” 25 آگسٽ 1955ع ۾ ڳوٺ ڌوتڙا پهنور ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ پاڻ رٽايرڊ ٽيچر آهي. 1974ع کان ڪهاڻيون ۽ شعر و شاعري لکي پيو. 1990ع کان ادبي سنگت شاخ خداآباد جو ميمبر آهي ۽ سال 17 ـ 2016ع ۾ سيڪريٽري رهيو. ان کان علاوه ٻين ننڍن عهدن تي به رهي چڪو آهي.

عبدالواحد عاجز
عبدالواحد ولد غلام الرسول بروهي تخلص “عاجز” پهرين مارچ 1958ع تي ڳوٺ محمد رمضان بروهيءَ ۾ پيدا ٿيو. تعليم گريجوئيٽ اٿس ۽ پاڻ ايريگيشن کاتي مان ڪينال اسسٽنٽ جي عهدي تان رٽاير ٿيو. عبدالواحد خدا آباد شاخ جو سيڪريٽري ۽ خزانچي به رهيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي.

محمد ابراهيم ڀنڊ
محمد ابراهيم ولد امام بخش ڀنڊ قلمي نالو “ابراهيم ڀنڊ” پهرين سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ بلاول خان ڀنڊ لڳ خداآباد ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ پيشي جي حوالي سان استاد آهي. هو هڪ سماجي ڪارڪن ۽ متحرڪ انسان آهي. سندس ادبي سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. 1995ع کان ادبي سنگت جو ميمبر آهي ۽ هيٺين عهدن تي رهندو آيو آهي. سال 2018ع آڊيٽر رهيو.

پياسي جلباڻي
پير بخش ولد رسول بخش جلباڻي تخلص “پياسي” جو جنم 28 آگسٽ 1970ع تي پاروءَ جو کوھ نالي ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي آهي ۽ پاڻ درس و تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. ڪيترن ئي سالن کان ادبي سنگت خداآباد سان واڳيل آهي ۽ ڪائونسلر کانسواءِ سڀني عهدن تي رهيو آهي. سال2015ع ۾ سيڪريٽري رهيو. سال 2021ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

افضل ڪلهوڙو
محمد افضل ولد عبدالله خان ڪلهوڙو تخلص “افضل ڪلهوڙو” ڏهين سيپٽمبر 1969ع تي ڳوٺ حافظ مير محمد ڪلهوڙو ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ پاڻ استاد آهي. لکڻ جي شروعات 2011ع کان ڪيائين بحيثيت نثر نويس جي “ڦڪا شهر تاريخ جي آئيني ۾” ڪتاب لکيل آهي ۽ “خداآباد جو کاهوڙي” ڪتاب ترتيب ڏنل اٿس. ادبي سنگت جو سال 2015ع کان ميمبر آهي ۽ سال 2018ع ۾ ڪائونسلر هو. سال 2019ع ۾ سيڪريٽري رهيو. سال 2021ع ۾ به سنگت شاخ خداآباد جو سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي.

غلام النبي قريشي
غلام النبي ولد محمد ڇٽل قريشي خداآباد ۾ 28 مئي 1956ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايم ـ ايڊ آهي. پيشي جي حوالي سان استاد طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کان پوءِ مختلف هاءِ اسڪولن ۾ هيڊماستر به رهيو. هو سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر به رهيو ۽ ڊپٽي ڊي او جي پوسٽ تان رٽاير ڪيائين. خداآباد شاخ جو بنيادي ميمبرآهي پاڻ سيڪريٽري، ڪائونسلر ۽ ٻين عهدن تي به رهيو آهي. اڄڪلهه دادؤ ۾ رهي ٿو.

الهڏتو خشڪ
الهڏتو ولد شير محمد خشڪ 13 سيپٽمبر 1962ع ۾ ڳوٺ حمزو خان خشڪ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي، بي ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان واڳيل آهي. سندس موسيقي سان لڳاءُ آهي ۽ سنڌي سنگيت تي اڻ ڇپيل ڪتاب اٿس. 1980ع کان نثر نويس طور لکندو پيو اچي. سال 2017ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سال 2018ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو.

خالد جميل
خالد جميل ولد نظير احمد ڀنڊ ادبي نالو “خالد جميل” 25 سيپٽمبر 1968ع تي ڳوٺ بلاول خان ڀنڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ خانگي استاد آهي. لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪيائين ۽ شاعر جي حيثيت طور ادبي سنگت شاخ خداآباد ۾ 1992ع کان آهي. خالد جميل به جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي ۽ آڊيٽر به رهي چڪو آهي. سال 2018ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو.

بهاول بي بها
بهاول خان ولد محمد خان خشڪ المعروف “بهاول بي بها” 1962ع ۾ ڳوٺ مراد علي خشڪ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي. لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪيائين. هو سٺو سگھڙ شاعر آهي. سال 2017ع کان ادبي سنگت جو ميمبر آهي.

حافظ غلام محمد چنه
حافظ غلام محمد چنه ولد حافط مبارڪ چنه ڳوٺ ڦڪا تعلقي دادؤ ۾ 10 جنوري 1960ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي ايم ـ ايڊ آهي. پاڻ ايڇ ـ ايس ـ ٽي ٿي رٽاير ٿيو آهي. 1980ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. اطهر منگي جي سيڪريٽري هئڻ دوران دادو شاخ جو ميمبر ٿيو. هاڻي سنگت خداآباد ۾ ميمبر آهي ۽ آڊيٽر جي عهدي تي آهي.

امير محمد
امير محمد ولد علي محمد پهنور 07 آگسٽ 1968ع تي ڳوٺ ميوو خان پهنور ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي، بي ـ ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان منسلڪ آهي. 1995ع کان لکڻ شروع ڪيائين سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. 2017ع کان ادبي سنگت خداآباد جو ميمبر آهي.

محرم علي
محرم علي ڪلهوڙو ولد عبدالغفور ڪلهوڙو پهرين جنوري 1978ع ۾ ڳوٺ حافظ مير محمد ڪلهوڙو ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ استاد آهي. سندس ادبي سڃاڻپ مضمون نويس طور آهي. 2012ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 2017ع کان سنگت خداآباد جو ميمبر آهي.

وقار خشڪ
وقار علي ولد ارباب علي خشڪ جو جنم 1966ع تي ڳوٺ حمزو خان خشڪ تعلقي دادؤ ۾ ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي. لکڻ جي شروعات 2014ع کان ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر طور آهي. وقار 2017ع کان سنگت شاخ خداآباد سان سلهاڙيل آهي ۽ سال 2018ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري رهيو.

بشير قريشي
بشير احمد ولد علي گوهر قريشي ڳوٺ يار محمد ڪلهوڙي جو رهواسي هو. سوئي گئس ڪميٽيءَ ۾ ملازم هو. خداآباد کي ويجھو هجڻ ڪري سنگت خداآباد جو بنياد وجھندڙن ۾ شامل هو. ڪجھه وقت دادؤ شهر ۾ رهيو رٽاير ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد لڏي ويو جتي سال 2014ع ۾ انتقال ڪيائين.

احسان سيال
احسان علي ولد حاجي علي حسن سيال المعروف “احسان سيال” پهرين فيبروري 1999ع تي ڳوٺ پليو لوهر ۾ ڄائو. تعليم انٽر پاس اٿس. سال 2013ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 2016ع ۾ سنگت خدا آباد جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. هو سنگت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچيءَ جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي.

غلام علي ڪلهوڙو
غلام علي ولد ڪرم علي ڪلهوڙو 14آگسٽ1967ع تي ڳوٺ حافظ مير محمد ڪلهوڙو ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم .اي، بي ايڊ آهي ۽ استاد آهي. سال 2018ع کان خداآباد شاخ جو ميمبر آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو بنياد 1990ع ۾ سبحان سوز جتوئي، معصوم بخاري جي ڪوششن سان پيو، بعد ۾ عاجز سرگاڻي، اسير جسڪاڻي، بسمل راڌڻائي، مجاهد راڌڻائي، خاور قبولائي، ۽ ٻيا به ساٿ ۾ گڏجي پيا. الحاق کان اڳ مجاهد راڌڻائيءَ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. جنهن پهرين چونڊ ڪرائي. اسير جسڪاڻي هن شاخ جو پهريون سيڪريٽري بڻيو. پوءِ اڪبر بروهي، حاذق حڪيم، نور احمد گلال، علي مراد تبسم ۽ ٻيا پڻ سنگت سٿ ۾ شامل ٿي ويا. هن وقت تائين سنگت شاخ راڌڻ ۾ علي مراد تبسم، حاذق حڪيم، مانجھي زرداري، گوهر گل ڳورڙ، بيدل بروهي، عاجز سرگاڻي، مجاهد راڌڻائي، راجه نواب سولنگي، بشير ڀنڊ، سبحان سوز جتوئي، خاور قبولائي، مهراڻ شاهه، عظيم سومرو ۽ ٻيا عهديدار رهي چڪا آهن.

چونڊون
28جنوري 2018ع تي ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ سال 2018ع لاءِ متفق طور هيٺين باڊي چونڊي وئي.
معصوم بخاري سيڪريٽري، راجا نواب سولنگي جوائنٽ سيڪريٽري، سيد مهراڻ شاهه خزانچي، ممتاز سومرو آڊيٽر ۽ بشير ڀنڊ ڪائونسلر.
24 فيبروري 2019ع تي ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ سال2019ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
معصوم بخاري سيڪريٽري، بشير ڀنڊ جوائنٽ سيڪريٽري، ممتاز سومرو خزانچي، راجا نواب سولنگي آڊيٽر ۽ الطاف جانوري ڪائونسلر چونڊيا ويا. هي باڊي سال 2020ع تائين يعني ٻه سال هلي.
سال 2021ع لاءِ چونڊ اجلاس ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عبدمگسيءَ جي نگرانيءَ هيٺ تاريخ 24 جنوري 2021ع تي عمل ۾ آيو، جنهن ۾ متفق طور هيٺين باڊي چونڊي وئي.
معصوم بخاري سيڪريٽري، ارشاد آڪاش جوائنٽ سيڪريٽري، راجا نواب سولنگي خزانچي، الطاف جانوري آڊيٽر ۽ بشير ڀنڊ ڪائونسلر.

سبحان سوز جتوئي
سبحان علي ولد جعفر خان جتوئي المعروف “سبحان سوز جتوئي” 16 مئي 1972ع تي ڳوٺ ٺوڙها لڳ نوان جتوئي ضلع نوشهرو فيروز ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي. 1986ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور آهي. سنڌي ادبي سنگت راڌڻ شاخ جي بنياد وجھڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. هو ڪائونسلر ۽ ننڍن عهدن تي به رهيو. اڄڪلهه سنڌي ادبي سنگت نوان جتوئي جو ميمبر ۽ ڇهن سالن کان سيڪريٽري آهي. سال 2020ع ۾ مرڪزي اليڪشن ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري نوشهروفيروز چونڊجي آيو آهي.

معصوم بخاري
سيد غلام حيدر شاه ولد سيد محسن شاهه تخلص “معصوم بخاري” 13 اپريل 1968ع تي ڳوٺ مرزو جانوري لڳ راڌڻ اسٽيشن ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب ۽ بي ايڊ آهي. پيشي جي حوالي سان هاير سيڪنڊري اسڪول راڌڻ ۾ H.S.T جي عهدي تي فائز آهي. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ مضمون نگار آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ادبي دنيا ۾ 1990ع ۾ آيو ۽ هر اخبار ۽ رسالي ۾ سندس شاعري ڇپجي چڪي آهي. سندس نثر جو هڪ ڪتاب “مٽيءَ جا شاهڪار” سال 2018ع ۾ شايع ٿيل آهي. معصوم بخاري سال 2019ع ۾ به سيڪريٽري رهيو.

اسير جسڪاڻي
عبدالنبي ولد مولوي حزب الله جسڪاڻي تخلص “اسير جسڪاڻي” ڳوٺ صوبدار سرگاڻي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پهرين اپريل 1959ع تي ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان منسلڪ هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. لکڻ جي شروعات 1978ع کان شاعر جي حيثيت سان ڪيائين. سال 1990ع ۾ جڏهن سنگت راڌڻ شاخ جو بنياد پيو ته هو پهريون سيڪريٽري بڻيو. اڄڪلهه سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ ڪنهن به شاخ ۾ سندس ميمبر شپ نه آهي.

عاجز سرگاڻي
عبدالرسول ولد عبدالمالڪ سرگاڻي ادبي نالو “عاجز سرگاڻي” ڳوٺ صوبدار سرگاڻي تعلقو باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي 15 اپريل 1961ع ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس ۽ درس نظامي عالم آهي ۽ استادي پيشي سان وابسته رهيو ۽ 2007ع ۾ رٽايرمينٽ ورتائين. لکڻ جي شروعات 1976ع کان ڪيائين ۽ سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. 1991ع کان سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو بنيادي ميمبر آهي، ۽ پاڻ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر پڻ رهي چڪو آهي. ۽ اڄڪلهه سنگت کان ٿورو پاسيرو آهي. سندس ڪتاب “آزاديءَ جا ڳاڙها جھنڊا” 2011ع ۽ “دل خدا هڪڙي ڏني” ڇپيل آهن.

الطاف جانوري
الطاف حيسن ولد عنايت علي جانوري قلمي نالو “الطاف جانوري” 04 سيپٽمبر 1976ع تي ڳوٺ غلام جانوريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ميٽرڪ ۽ ڌنڌو مزدوري اٿس. 2001ع کان شاعر جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين ۽ سال 2005ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو آهي. سال 2019ع ۾ ڪائونسلر رهيو.

گوهر گل ڳورڙ
گوهر علي ولد ڊاڪٽر نياز علي ڳورڙ تخلص “گوهر گل ڳورڙ” ڳوٺ وليو کوسو تعلقه ميهڙ ۾ 12 ڊسمبر 1962ع ۾ پيدا ٿيو. تعليم B.A پاس هيس. پيشو زمينداري هو. 1992ع کان ادبي کيتر ۾ پير پاتائين. سندس سڃاڻپ شاعر جي حيثيت سان هئي. گوهر گل پهريائين سنگت راڌڻ شاخ جو ميمبر هو ۽ سيڪريٽري به رهيو. ان بعد شاخ ٿرڙي محبت ۾ ميمبر ٿيو. سندس وفات پهرين جنوري 2018ع ۾ ٿي. وفات بعد سندس شاعريءَ جو ڪتاب “منهن موڙي ڇڏيئي” جنسار پبليڪيشن طرفان مئي 2018ع ۾ ڇپجي آيو.

بشير ڀنڊ
بشير احمد ولد محرم علي ڀنڊ ادبي نالو “بشير ڀنڊ” پهرين جنوري 1980ع ۾ ڳوٺ مير محمد ڀنڊ تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. شاعر جي حيثيت سان سال 2000ع کان سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر آهي. سندس شعرو سخن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهندو آهي. سندس هڪ ڪتاب “ڏونگر هڪ ڏاڪڙو” سال 2021ع ۾ ڇپجي آيو آهي. بشير ڀنڊ جي تعليم ميٽرڪ آهي ۽ کيتي ٻاڙي ڪري گذر بسر ڪري ٿو. هو سنگت شاخ راڌڻ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي به رهي چڪو آهي ۽ سال 2018ع ۾ ڪائونسلر ۽ وري سال 2021ع ۾ به ڪائونسلر جي عهدي تي آهي.

مانجھي زرداري
معشوق علي ولد ڪريم بخش تخلص “مانجھي زرداري” ڳوٺ ڄام خان زرداريءَ ۾ 15 اپريل 1962ع ۾ ڄائو. تعليم پرائمري پاس آهي ۽ پيشي جي حوالي سان کيتي ٻاڙي ڪندو آهي. مانجھي زرداري سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو پراڻو ميمبر آهي ۽ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب “جوڀن رت جون سوکڙيون” رم جھم پبليڪيشن دادو طرفان 1999ع ۾ ڇپيو ۽ سال 2017ع ۾ “بي رخي ٽانڊا ڏنا” ڇپيو آهي.

امير الطاف
الطاف حسين ولد امير بخش سميجو قلمي نالو “امير الطاف” 10 آگسٽ 1973ع تي راڌڻ وليج ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي اردو ادب آهي. خانگي ملازم آهي. 1990ع کان ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين. 1996ع ۾ ادبي سنگت راڌڻ جو ميمبر ٿيو ۽ اڄ تائين سنگت سان ناتو نڀائيندو پيو اچي. هو هيٺين عهدن تي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ رهي چڪو آهي.

اختر عادل رند
اختر حسين ولد علي انور تخلص “اختر عادل رند” 07 فيبروري 1975ع تي راڌڻ اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي پاس آهي ۽ پرائمري استاد آهي. 1993ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ شاعر ۽ نثر نويس آهي ادبي سنگت راڌڻ جو پراڻو ميمبر آهي ۽ خزانچي جي عهدي تي پڻ رهيو آهي.

مجاهد راڌڻائي
محمد احسان ولد حاجي محمد عرس سميجو ادبي نالو “مجاهد راڌڻائي” 07 آگسٽ 1956ع تي راڌڻ وليج ۾پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب آهي ۽ سال 2017ع ۾ سيڪنڊري استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رٽاير ڪيائين. 1977ع کان شاعري ۽ نثر لکڻ جي ابتدا ڪيائين. جنهن وقت راڌڻ شاخ کلي تڏهن کان ميمبر آهي ۽ الحاق حاصل ٿيڻ کان اڳ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. اڄڪلهه سنگت ۾ غير فعال آهي.

حاذق حڪيم سولنگي
عبدالحڪيم ولد مغل خان سولنگي تخلص “حاذق حڪيم” 15 مئي 1969ع تي راڌڻ اسٽيشن ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم B.A آهي ۽ جوڊيشري ۾ ڪلارڪ آهي. 1992ع کان ادبي کيتر ۾ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو سيڪريٽري، ڪائونسلر ۽ ٻين عهدن تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون اٿائين.

راجه نواب سولنگي
نواب علي ولد محمد ابراهيم سولنگي المعروف “راجه نواب سولنگي” 1961ع ۾ باڊهه شهر ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. باڊهه ۾ پنج ڪلاس پرائمري جا پاس ڪيائين. سندس وڏا راڌڻ ۾ لڏي آيا وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگھيو ۽ محنت مزدوري ڪرڻ لڳو. راجه نواب جي ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ـ ڊرامه ليکڪ آهي. فن اداڪاري سندس اهم مشغلو آهي ڪيترن ئي T.V ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي اٿائين ۽ ٽيلي فلمن جي هدايتڪاري پڻ ڏني اٿائين. سال 2003ع کان حاذق حڪيم سولنگي کيس سنگت راڌڻ ۾ ميمبر ڪيو. سال 2016ع ۾ ڪائونسلر پڻ رهيو. اهڙي طرح هو ٻين عهدن تي به رهي چڪو آهي ۽ نهايت ئي سرگرم ڪارڪن آهي.

وفا زرداري
ولي محمد ولد انور علي زرداري تخلص “وفا زرداري” 27 مارچ 1985ع تي ڳوٺ ڄام زرداريءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي. ادبي کيتر ۾ 2000ع کان شاعر جي حيثيت سان پير پاتائين. وفا زرداري سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر آهي.

نظر سولنگي
نظر علي ولد علي اڪبر سولنگي قلمي نالو “نظر سولنگي” 15 مئي 1983ع ۾ شهر راڌڻ اسٽيشن ۾ ڄائو. سندس تعليم مڊل پاس آهي ۽ خانگي ڪاروبار اٿس. سال 2015ع کان نثر نويس جي حيثيت ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال ادبي سنگت راڌڻ جو ميمبر ٿيو. نظر شاخ راڌڻ جو فعال ميمبر آهي.

مهراڻ شاهه
سيد مهراڻ شاهه ولد سيد غلام حيدر شاه بخاري 10 فيبروري 1992ع تي ڳوٺ غلام جانوريءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي، بي ايڊ آهي ۽ ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو. مهراڻ شاه جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو آهي ۽ سال 2018ع ۾ خزانچي جي عهدي تي رهيو.

محبتي منظور
منظو علي ولد محمديوسف زرداري تخلص “محبتي منظور” 14 جولاءِ 1961ع تي ڳوٺ ڄام خان زرداري لڳ راڌڻ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي ۽ ريلوي کاتي ۾ ملازم آهي. 1990ع کان شعر وشاعري ڪري ٿو. راڌڻ شاخ جو ميمبر آهي.

ممتاز سومرو
ممتازعلي ولد محمد قبول سومرو المعروف “ممتاز سومرو” 31 مئي 1961ع تي راڌڻ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي آهي ۽ پاڻ لوڪل گورنمينٽ ۾ سرڪاري ملازم آهي. ادب دوست ۽ سماجي ورڪر هجڻ ڪري ادبي سنگت شاخ راڌڻ سان لاڳاپيل آهي ۽ مختلف عهدن تي رهندو آيو آهي.

علي گل ڪروڙ پتي
علي گل ولد مير محمد کوسو تخلص “ڪروڙ پتي” 08 مارچ 1977ع تي ڳوٺ کوندي تعلقه ميهڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري ٽي درجا پاس آهي. ناظم منگي جي صحبت ۾ شاعر بڻيو ۽ 1990ع کان ادب ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو اڳ سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو ميمبر هو. پر هاڻي غير سرگرم آهي.

ساگر قبولائي
نثار احمد ولد سڄڻ علي سرگاڻي (سڄڻ قبولائي ) پھرئين فيبروري 1969ع تي ڳوٺ سائين ڏنو جوڻيجو قبوليو ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايم ايڊ آهي ۽ پاڻ هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. لکڻ جي شروعات 1990ع کان شاعر جي حيثيت سان ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو شروعات ۾ ڏهن سالن تائين سرگرم ميمبر رهيو. سال 2004ع کان لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.

خاور قبولائي
محمد موسى ولد سڄڻ علي سرگاڻي تخلص “خاور قبولائي” سول اسپتال لاڙڪاڻو رڪاڊ مطابق ڳوٺ سائين ڏنو جوڻيجو قبوليو تعلقه ڏوڪري ۽ ضلع لاڙڪاڻو ۾ پهرين اپريل 1971ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪيائين ۽ راڌڻ ادبي سنگت شاخ جو ميمبر ٿيو. 1996ع ۾ سيڪريٽري ۽ 2002ع ۾ ڪائونسلر به رهيو، سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس آهي. اڄڪلهه لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو ۽ ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ هن سال جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي آهي.

بيدل بروهي
محرم علي ولد مولا بخش بروهي تخلص “بيدل بروهي” تاريخ 3 جنوري 1975ع تي راڌڻ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي. ادب ۾ 1991ع ۾ پير پاتائين ۽ 1992ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. بيدل سنگت شاخ راڌڻ جو ٽي ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. اڄڪلهه سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿرڙي محبت جو ميمبر آهي. بيدل ڪراچيءَ ۾ هڪ خانگي ملازم جي حيثيت سان ڪم ڪري ٿو.

حيدر رضا
خليل احمد ولد محمد رمضان ميمڻ تخلص “حيدر رضا” 10 فيبروري 1981ع تي ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ صحت کاتي ۾ ملازم آهي. سال 2003ع کان شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين. سال 2013ع کان سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر آهي.

علي لاکير
علي احمد ولد غلام مصطفى لاکير ادبي نالو “علي لاکير” پهرين اپريل 1964ع تي ڳوٺ ڪريم ڏنو لاکير ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پاڻ پرائمري استاد آهي. 1981ع کان شاعر ۽ نثر نويس طور لکڻ جي ابتدا ڪيائين ۽ 1992ع کان ادبي سنگت شاخ راڌڻ سان منسلڪ آهي.

عظيم سومرو
محمد عظيم ولد دوست محمد سومرو 25 جنوري 1973ع تي راڌڻ اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر آهي ۽ ڌوٻڪي ڌنڌي سان واڳيل آهي. سندس سڃاڻپ هڪ راڳيءَ واري آهي. سال 2016ع کان ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر آهي ۽ پابنديءَ سان پروگرامن ۾ حصو وٺندو آهي.

حبدار چنه
حبدار علي ولد رسول بخش چنه المعروف “حبدار چنه” 20 نومبر 1984ع تي راڌڻ وليج ۾ اک کولي. سندس تعليم بي ايس سي آهي. 2014ع کان لکڻ جي شروعات نثر نگار طور ڪيائين سال 2014ع ۾ ئي راڌڻ شاخ جو ميمبر ٿيو.

تيمور چانڊيو
تيمور علي ولد ڪوڙا خان چانڊيو تخلص “تيمور چانڊيو” 10 اپريل 1973ع ۾ ڳوٺ نيرهه شريف لڳ راڌڻ اسٽيشن ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر آهي. لکڻ جي شروعات 1998ع کان ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ڪيائين ۽ سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو ميمبر ٿيو. تيمور چانڊيو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ آڊيٽر جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي.

محمد علي سولنگي
محمد علي سولنگي ولد گلشير سولنگي 23 مارچ 1984ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پاڻ فيلڊ اسسٽنٽ آهي. سال 2013ع کان شاعر طور لکڻ شروع ڪيائين ۽ سال 2014ع کان سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر آهي.

ڊاڪٽر عبدالغفار منگي
عبدالغفار ولد حاجي عبدالرشيد منگي ٿرڙي محبت شهر ۾ 12 ڊسمبر 1974ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي جنرل ازم ۽ بي ـ ايڇ ـ ايم ـ ايس ـ آر ـ ايم ـ پي آهي ۽ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر آهي. 1986ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ شاعر ۽ نثر نويس آهي. 1990ع ۾ راڌڻ شاخ جو ميمبر ٿيو. اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

علي مراد تبسم
علي مراد ولد خدا بخش عباسي ادبي نالو “علي مراد تبسم” پهرين جولاءِ 1947ع تي ڳوٺ مانگڙو تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي هئي ۽ پاڻ وٽرنري اوورسيئر جي عهدي تان 2007ع ۾ رٽاير ٿيو. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. سنگت شاخ راڌڻ جو سيڪريٽري به رهيو. علي مراد تبسم 27 جولاءِ 2008ع ۾ وفات ڪئي.

بسمل راڌڻائي
سندس اصل نالو لعل الدين هو ۽ “بسمل راڌڻائي” تخلص استعمال ڪندو هو. بهترين شاعر هو ۽ استادي پيشي سان سندس تعلق هو. رٽاير ٿيڻ کان ڪجھه سال پوءِ هو گذاري ويو. بسمل راڌڻائي سنگت راڌڻ شاخ جو سيڪريٽري به رهيو.

ارشاد آڪاش
ارشاد علي عرف دلدار ولد علي مراد تبسم عباسي پهرين جنوري 1980ع تي ڳوٺ مانگڙو تعلقو ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي سوشيالاجي ۽ ايل ايل بي آهي ۽ هڪ پرائيويٽ اسڪول هلائي ٿو. 2016ع کان شاعر جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ ادبي سنگت راڌڻ جو ميمبر ٿيو.

اسير اياز چنه
اياز حسين ولد محمد بخش چنه ادبي نالو “اسير اياز چنه” چوٿين مارچ 1975ع تي راڌڻ اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پاڻ سرڪاري ملازم آهي. 2004ع ۾ سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. اڄڪلهه سنگت ۾ سرگرم نه آهي.

اڪبر بروهي
اڪبر بروهي سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو سرگرم ميمبر هو. راڌڻ شهر ۾ درزڪو ڪم ڪندو هو. پاڻ بهرين شاعر هو. اڪبر بروهي اڄڪلهه خضدار شهر ۾ رهي ٿو.

نور احمد گلال
نور احمد گلال سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر هو. سندس سڃاڻپ شاعر طور هئي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿــرڙي محبت ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿرڙي محبت 1992ع کان پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون. شاخ جو بنياد وجهندڙن ۾ ناظم منگي، حميد چنو، منير سومرو، رحيم بخش راز، ڊاڪٽر آزاد منگي ۽ ٻيا هم خيال دوست شامل هئا. هن شاخ کي 10آگسٽ 1994ع ۾ الحاق مليو. حميد چنو هن شاخ جو پهريون سيڪريٽري هو جيڪو الحاق ملڻ کان اڳ به گھڻو سرگرم هو ۽ لڳاتار 1997ع تائين سيڪريٽري رهيو. ڊاڪٽر آزاد منگي به شاخ جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري رهيو. شاخ ٿرڙي محبت جون سرگرميون تڏهن گهٽ ٿيون جڏهن حميد چنو، آزاد منگي دنياداريءَ ۾ مصروف ٿي ويا ۽ ناظم منگي صاحب وفات ڪري ويو ته هيءَ شاخ خود بخود ختم ٿي وئي.
ٻيهر هن شاخ کي نماڻي صديق مهيسر سال 2015ع ۾ فعال ڪيو ۽ الحاق وٺي ڪم شروع ڪيائين ۽ ٻه سال سيڪريٽري رهيو. سال 2017ع ۾ ڊاڪٽر آزاد منگي سيڪريٽري رهيو.

چونڊون
28جنوري 2018ع تي رجب آزاد ضلعي رابطا سيڪريٽريءَ جي نگرانيءَ ۾ چونڊ ٿي، جنهن ۾ سال 2018ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
احسان زنگيجو سيڪريٽري، ڊاڪٽر آزاد منگي جوائنٽ سيڪريٽري، حافظ عبد چنو خزانچي، انعام کوسو آڊيٽر ۽ نماڻو صديق مهيسر ڪائونسلر.
هيءَ شاخ غير آئيني ڌڙي جي اثر هيٺ اچي وئي ۽ سندس سرگرميون جهڙوڪ ختم ٿي ويون آهن.

حميد چنا
محترم حميد چنه جو ذڪر ضلعي رابطا سيڪريٽرين واري حصي ۾ آيل آهي.

ڊاڪٽر آزاد منگي
علي گوهر ولد محمد رمضان منگي تخلص “آزاد منگي” پهرين آگسٽ 1967ع تي ٿرڙي محبت ۾ جنم ورتو. سندس تعليم D.V.M آهي ۽ وٽرنري کاتي ۾ آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. 1983ع کان ادبي ميدان ۾ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سال 2016ع ۽ 2017ع ۾ شاخ جي سيڪريٽريءَ جا فرائض سرانجام ڏنائين.

نماڻو صديق مهيسر
محمد صديق ولد محمد عثمان مهيسر تخلص “نماڻو صديق مهيسر” 10 آڪٽوبر 1977ع ۾ ڳوٺ پپري ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ پاس آهي. 1995ع کان ادبي دنيا سان وابسته آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب “تنهنجي سهڻي سار” 2010ع ۽ “سونهن جي بارگاهه” 2013ع ۾ ڇپجي چڪا آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿرڙي محبت کي ٻيهر فعال ڪرڻ ۾ نماڻي صديق مهيسر جو وڏو هٿ آهي ۽ پاڻ ان جو 16 ـ 2015ع ۾ سيڪريٽري به رهيو. سال 2019ع ۾ ڪائونسلر به رهيو.

ناظم منگي
امان الله ولد محمد بچل منگي تخلص “ناظم منگي” 10 آڪٽوبر 1939ع تي ٿرڙي محبت ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي هئي پيشي جي حوالي سان زرعي کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ هو. ادب ۾ 1972ع کان شاعر جي حيثيت سان سڃاپجڻ لڳو. سندس استاد احمد خان آصف مصراڻي هو. ناظم ٿرڙي محبت ۾ بزمِ لطيف به قائم ڪئي هئي، پوءِ جڏهن ادبي سنگت جي شاخ کلي ته ان جو ميمبر ٿيو. سندس ٻه ڪتاب “سنڌؤ ڇوليون” ۽ “داستان محبت” ڇپيل آهن. ناظم صاحب 13 جولاءِ 1998ع تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو.

احسان زنگيجو
احسان علي ولد الهورايو تخلص “احسان زنگيجو” 14 جون 1974ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ايس سي آهي ۽ صحت کاتي ۾ ملازم آهي. 1996ع کان ادب سان وابسته آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿرڙي محبت جو نماڻي صديق مهيسر جي سيڪريٽري شپ کان ميمبر آهي ۽ 2016ع ۾ ڪائونسلر پڻ رهيو. هو سال 2018ع ۾ سنگت جو سيڪريٽري به رهيو.

گلاب گل ڳن
گلاب خان ولد ڏاڙهون ڳن تخلص “گل” 23 سيپٽمبر 1967ع تي ڳوٺ صديق ڳن تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ وٽرنري شعبي ۾ ملازم آهي. 1992ع کان ڪهاڻي لکي، لکڻ جي ابتدا ڪيائين. 1995ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿرڙي محبت جو ميمبر ٿيو. گلاب گل ڳن سال 17 ـ 2016ع ۾ سنگت جو ڪائونسلر پڻ رهيو.

حافظ عبد چنه
عبدالله ولد غلام مصطفى چنه ادبي نالو “حافظ عبد چنه” 08 ڊسمبر 1997ع تي ڳوٺ جمع ناريجو ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي. 2010ع کان شاعر جي حيثيت سان لکڻ شروع ڪيائين ۽ 2014ع کان سنگت شاخ ٿرڙي محبت جو ميمبر ٿيو. هو سنگت شاخ ٿرڙي محبت ۾ سال 18ـ 2017ع ۾ خزانچي جي عهدي تي رهيو.

محبوب جانوري
محبوب علي ولد گل محمد جانوري تخلص “محبوب جانوري” پنجين جنوري 1974ع تي ڳوٺ ڪنڊي ور تعلقه ميهڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ سرڪاري ملازمت سان واڳيل آهي. 1989ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين. محبوب جانوري شاخ ٿرڙي محبت جو ميمبر آهي ۽ سال 2015ع ۾ ڪائونسلر پڻ رهيو.

مير جسڪاڻي
مير خان جسڪاڻي ولد الهداد جسڪاڻي ڳوٺ ڌڻي بخش جتوئي تعلقي ميهڙ ۾ 04 اپريل 1972ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس هئي ۽ پاڻ رٽاير استاد هو. 1990ع کان ادب جي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ شاعر طور سڃاڻپجڻ لڳو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿرڙي محبت جو ميمبر هو. سال 2017ع ڌاري نوان جتوئي لڏي ويو. مير جسڪاڻي 30 مارچ 2019ع تي روڊ حادثي دوران گذاري ويو.

سرور چنه
منير احمد ولد دين محمد قلمي نالو “سرور چنه” 12 آگسٽ 1961ع تي فريد آباد شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ڊپلوما آهي ۽ واپڊا کاتي ۾ ملازم آهي. لکڻ جي شروعات 2000ع کان شاعر جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ سال 2014ع ۾ سنگت ٿرڙي محبت جو ميمبر بڻيو.

انعام کوسو
انعام علي ولد علي شير کوسو المعروف “انعام کوسو” پهرين جولاءِ 1970ع ۾ ڳوٺ شوراپور تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ايس سي آهي ۽ بيروزگار آهي. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. انعام کوسو 1994ع کان سنگت ٿرڙي محبت جو ميمبر آهي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهندو آيو آهي.

علي گوهر ساهڙ
علي گوهر ولد علي نواز ساهڙ پهرين مارچ 1964ع ۾ ڳوٺ ملوڪ ڪلهوڙو ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي آهي ۽ استادي پيشي سان اڳيل آهي. اسڪول جي عمر ۾ گل ڦل رسالي ۾ ڪهاڻي لکي، لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور آهي. 1993ع کان سنگت ٿرڙيءَ جو ميمبر آهي ۽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي.

مسرور ڀٽو
الهڏنو ولد محمد حاجن ڀٽو ادبي نالو “مسرور ڀٽو” پهرين جنوري 1962ع ۾ ميهڙ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليمB.E آهي ۽ خانگي ڪاروبار سان وابسته آهي. 2013ع ۾ شاعر ۽ مضمون نويس طور ادبي ڌارا ۾ شامل ٿيو. سال 2014ع کان سنگت ٿرڙي محبت جو ميمبر ٿيو. مسرور ڀٽو سنگت ۾ آڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

شبير منگي
غلام شبير ولد محمد حسن منگي قلمي نالو “شبير منگي” 1954ع ۾ ٿرڙي محبت ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي ۽ صحافت سان وابسته آهي. 1994ع کان ڪالم ۽ مضمون لکندو پيو اچي ۽ نثر نويس طور سڃاڻپ رکي ٿو. سال 2014ع کان سنگت ٿرڙي محبت جو ميمبر آهي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر پڻ رهندو ايندو آهي.

ادبي سنگت ٿرڙي محبت جا ڪجھه ٻيا ميمبر
فيض الله سميجو، ابراهيم سهتو، رحيم بخش راز، ڊاڪٽر تاج محمد لوهر، عبدالرحمان سومرو، شاهنواز، منير سومرو، عبدالغفور سميجو ۽ بشير ڀنڊ.
نوٽ: بشير ڀنڊ سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر ۽ عهديدار آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور ناٿن شاهه ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور ناٿن شاه جو قيام 21 ڊسمبر 1990ع تي ٿيو. هن جي باني ميمبرن ۾ شهاب عباسي مرحوم، وفا منظور پنهور، شير گاڏهي، ممتاز ڪلهوڙو، ذوالفقار گاڏهي، مختيار چانڊيو، قمر ناٿن شاهي، مصطفى چنا، آزاد سچل اعواڻ، تاثير ناٿن شاهي، عبدالقادر ٻگھيو، اصغر گوزائي، اي آر ناٿن شاهي، علي رضا ڪلهوڙو، ظهور ميمڻ آزاد، منصور ٻرڙو ۽ نور حسين ڪلهوڙو شامل آهن. مرحوم شهاب عباسيءَ کي شاخ جو پهريون سيڪريٽري هجڻ جو اعزاز آهي. سنڌي ادب جي حوالي سان هن شاخ جون ڪيل خدمتون ساراهه لائق آهن. اديبن ۽ شاعرن سان رهاڻيون، سنڌ ليول جا مشاعرا، ليڪچر پروگرام، ورسيون ۽ سالگرهه جون تقريبون هن شاخ جي خدمتن جي ساک ڀرين ٿيون. هي شاخ نهايت ئي متحرڪ شاخ آهي.
سنگت شاخ خيرپور ناٿن شاه طرفان ڪجھه شاعرن جي قلمي پورهئي کي يڪجاءِ ڪري ذوالفقار گاڏهيءَ ڪتابي صورت ۾ پڻ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ غلام قادرعطاش جو “جميل اشعاري” 2015ع ۾ ۽ فياض بلوچ جو ڪتاب “ڪير جوڀن کي سنڀالي” 2017ع شامل آهن. هن شاخ ۾ گھڻو وقت رهندڙ سيڪريٽري ذوالفقار گاڏهي آهي جيڪو 08 سال سيڪريٽري جي عهدي تي رهيو آهي ۽ پڻ مرڪز ۾ سال 16ـ 2015ع ۾ خزانچي جي عهدي تي پڻ رهيو.

چونڊون
13 ڊسمبر 2017ع تي ضلع رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ سال2018ع لاءِ هيٺين باڊي چونڊي وئي.
شبير لغاري سيڪريٽري، مصطفي چنه جوائنٽ سيڪريٽري، بخت ٻرڙو آڊيٽر ۽ ذوالفقار گاڏهي ڪائونسلر.
20 فيبروري 2019ع تي رجب آزاد ضلع رابطا سيڪريٽريءَ جي نگرانيءَ ۾ سال2019ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
ذوالفقار گاڏهي سيڪريٽري، ساٿي محبوب جوائنٽ سيڪريٽري، بخت ٻرڙو خزانچي، عرفان لطيفي آڊيٽر ۽ دليپ ڪمار اوڏ ڪائونسلر. هي باڊي ڪووڊ 19 جي ڪري 2020ع تائين رهي.
سال 2021ع لاءِ ضلع رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ سال 2021ع لاءِ هيٺيان عهديدار عمران انجم سيڪريٽري، بخت ٻرڙو جوائنٽ سيڪريٽري، عرفان لطيفي آڊيٽر، مصطفي چنو خزانچي، آزاد زنگيجو ڪائونسلر چونڊيا ويا.

شهاب عباسي
شهاب الدين عباسي جو تعلق خيرپور ناٿن شاه سان هو. تعليم انٽر پاس هيس ۽ پاڻ درزڪو ڪم ڪندو هو. هو ترقي پسند سوچ جو مالڪ هو ۽ عوامي تحريڪ جو بهترين ڪارڪن هو. هن ايم آر ڊي تحريڪ دوران 09 مهينا قيد به ڪاٽيو. سندس ڪوششن سان سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور ناٿن شاه جو بنياد پيو ۽ کيس پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور هئي. هن ننڍيءَ عمر ۾ ڪينسر جي مرض سبب 29 آڪٽوبر 2003ع تي وفات ڪئي.

ذوالفقار گاڏهي
ذوالفقار علي ولد امداد علي گاڏهي تخلص “ذوالفقار گاڏهي” پهرين سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ شير محمد گاڏهيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ايس سي آنرس ۽ بي ايڊ آهي استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، سنگت شاخ ڪي اين شاه جو بنيادي ميمبر آهي ۽ اٺ دفعا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ان کان علاوه ڪيترائي ڀيرا ڪائونسلر پڻ رهيو آهي. ذوالفقار گاڏهي سال 16 ـ 2015ع ۾ مرڪزي خزانچي پڻ رهيو. هو تمام محنتي ۽ يار ويس انسان آهي. ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس ۽ ڪيترائي ترتيب پڻ ڏنا اٿس. هو رم جھم پبليڪيشن دادو کي به سنڀاليندو پيو اچي. “مان اماس ۽ چنڊ”، “هينئڙو ٻيڙيءَ جيان” ڇپيل اٿس ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لاتعداد مضمون ۽ شاعري ڇپائي چڪو آهي. هن ڪيترائي ڪتاب سهيڙي عوامي هٿن تائين پهچايا آهن.

مصطفى چنه
غلام مصطفى ولد عبدالله چنه المعروف “مصطفى چنه” 25 جون 1968ع تي ڪي اين شاه شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ استاد طور هاءِ اسڪول ڪي اين شاهه ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. 1990ع کان ڪهاڻيون لکي لکڻ جو آغاز ڪيائين. 1990ع کان سنڌي ادبي سنگت خيرپور ناٿن شاه جو ميمبر ٿيو. مصطفى چنه سال 2000ع ۽ 2004ع ۾ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

بخت ٻرڙو
بخت حسين ولد غلام الرسول ٻرڙو المعروف “بخت ٻرڙو” 20 فيبروري 1967ع تي خيرپور ناٿن شاه ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي، ايم ايڊ آهي ۽ هاءِ اسڪول ٽيچر طور خدمتون ڏئي رهيو آهي. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. بخت ٻرڙو ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو سنگت ڪي اين شاهه ۾ ڪائونسلر ۽ ٻين عهدن تي پڻ رهي چڪو آهي.

علي زاهد
علي زاهد جو تعارف ڪڪڙ شاخ ۾ آيل آهي.

ساٿي محبوب زنگيجو
محبوب علي ولد محمد بچل زنگيجو المعروف “ساٿي محبوب” 05 مئي 1969ع ۾ ڳوٺ ٻيڙو خان گاڏهي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ ايس سي (آنرس ايگري ڪلچر) آهي پيشي جي حوالي سان سرڪاري ملازم آهي. لکڻ جي شروعات 1993ع کان ادبي سنگت ۾ ميمبر ٿيڻ سان ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. ساٿي محبوب سال 1998ع ۾ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

گلزار
گلزار احمد ولد شاهنواز سيال تخلص “گلزار” 08 اپريل 1965ع ۾ ڳوٺ ٿلهو ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي، بي ايڊ آهي ۽ سيڪنڊري استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. گلزار هڪ سريلو شاعر آهي، سندس شاعري “موکيءَ مٽ اپٽيا” ۽ “چوٽا تيل چنبيليا” گڏيل شاعريءَ جي ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهي. گلزار کي سال 2018ع ۾ بهترين شاعري ڪرڻ تي شهباز ايوارڊ سان نوازيو ويو. هو ڪيترن ئي سالن کان سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪي اين شاه سان لاڳاپيل آهي. 2001ع، 2016ع ۽ 2017ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي.

مارو جمالي
مارو جمالي شاخ ڪي اين شاهه ۾ 1998ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي، سندس ذڪر ڪڪڙ شاخ ۾ ڏنل آهي.

دليپ ڪمار
دليپ ڪمار ولد ٻانهو مل اوڏ تخلص “دليپ” پهرين اپريل 1973ع تي ڳوٺ مٺو ديرو ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ فوٽو گرافر طور ڪم ڪري ٿو. 1993ع کان شاعر جي حيثيت سان لکڻ شروع ڪيائين ۽ 1994ع ۾ ادبي سنگت ڪي اين شاهه جو ميمبر بڻيو. دليپ ڪمار 2003ع ۾ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي، ان کان علاوه ڪيترائي ڀيرا ڪائونسلر پڻ رهي چڪو آهي.

عمران انجم
عمران علي ولد غلام حيدر سومرو ادبي نالو “عمران انجم” 25 فيبروري 1987ع ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 2003ع کان ڪيائين سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نگار آهي. ادبي استاد گلزار اٿس. سندس تعليم ايم ـ اي، ايل ايل بي آهي ۽ وڪالت ڪري ٿو. عمران انجم سنڌي ادبي سنگت خيرپور ناٿن شاهه جو 2003ع کان ميمبر آهي. سال 17ـ 2016ع ۾ آڊيٽر رهيو ۽ هن کان اڳ ڪائونسلر پڻ رهي چڪو آهي. سال 2021ع لاءِ سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي.

عرفان لطيفي
عرفان علي ولد غلام النبي لنڊ قلمي نالو “عرفان لطيفي” جو جنم ڳوٺ ڪريمداد لنڊ (جروار) ۾ ٽين جولاءِ 1993ع تي ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ سرڪاري ملازم آهي. سال 2016ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس طور آهي. سال 2017ع ۾ سنگت ڪي اين شاهه جو ميمبر ٿيو. سال 2021ع ۾ آڊيٽر جي عهدي تي آهي.

آزاد زنگيجو
غلام محمد ولد ڪمال الدين زنگيجو تخلص “آزاد زنگيجو” 16 آڪٽوبر 1981ع تي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڄائو. سندس تعليم مڊل پاس ۽ محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪري ٿو. 2004ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار طور آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪي اين شاه ۾ 2012ع کان ميمبر آهي ۽ ڪائونسلر ۽ آڊيٽر جي عهدن تي پڻ رهي چڪو آهي. سال 2021ع ۾ ڪائونسلر چونڊيو ويو آهي. سندس هڪ ناوليٽ “خالي بينچ” 2020ع ۾ شايع ٿيو آهي.

سڪايل ملاح
محمد يونس ولد محمد ابراهيم ملاح تخلص “سڪايل ملاح” 04 جنوري 1975ع تي ڳوٺ دالي جي مياڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي آهي. 1992ع کان ادبي دنيا سان واڳيل آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. 1990ع کان ادبي سنگت ڪي اين شاه جو بنيادي ميمبر رهيو. زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو هن 31 جنوري 1999ع ۾ وفات ڪئي.

اصغر گوزائي
علي اصغر ولد ميرل خان ڪلهوڙو 03 نومبر 1958ع تي ڳوٺ ٺوڙهي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي آهي ۽ استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رٽاير ٿيو آهي. 1987ع کان ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. 1990ع کان سنگت ڪي اين شاه جو بنيادي ميمبر آهي، پر اڄڪلهه سندس سرگرميون گھٽجي ويون آهن.

بخشل لڌاڻي
بخشل لڌاڻي ولد امير بخش چانڊيو10 نومبر 1962ع تي ڳوٺ لڌاڻ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي ـ سي ـ ٽي آهي ۽ هڪ استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. 1978ع کان شاعريءَ جي ابتدا ڪيائين ۽ 1990ع کان سنگت شاخ ڪي اين شاه ۾ ميمبر ٿيو ۽ اڄ تائين باقاعدي سرگرم نظر اچي ٿو.

آزاد سچل اعواڻ
محمد سچل ولد رانجھو خان اعواڻ تخلص “آزاد سچل اعواڻ” 14 آگسٽ 1962ع تي ڳوٺ بيگوديرو ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايل ـ ايل ـ بي آهي. شروع ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏنائين. پر پوءِ وڃي حيدرآباد وسايائين جتي وڪالت ڪري ٿو. لکڻ جي شروعات 1987ع کان ڪيائين. 1990ع ۾ سنگت سان واڳجي ويو. اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ ادبي سنگت کان ڪٽيل آهي.

وفا منظور پهنور
منظور علي ولد محمد رمضان پهنور المعروف “وفا منظور پهنور” 02 جنوري 1956ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ پاڻ فيلڊ اسسٽنٽ هو، هاڻي رٽايرڊ آهي. 1976ع کان ادب سان لاڳاپيل آهي ۽ سنگت شاخ ڪي اين شاهه جو بنيادي ميمبر آهي. پاڻ 2015ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي.

وقار ناٿن شاهي
عبدالرزاق ولد محمد رمضان پهنور تخلص “وقار ناٿن شاهي” پهرين اپريل 1953ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي، ايل ـ ايل ـ بي هئي وڪالت جي شعبي سان واڳيل هو. ادب ۾ 1967ع کان شاعر جي حيثيت سان آيو. سنگت شاخ ڪي اين شاه جو بنيادي ميمبر هو. وقار ناٿن شاهيءَ جا شعر معتبر رسالن جي زينت بڻيا. حياتيءَ ۾ سندس ڪوبه ڪتاب نه آيو البت 2016ع ۾ سندس ڪتاب ذوالفقار گاڏهيءَ “ميڻ بتيءَ جي لاٽ” ڇپايو آهي. وقار ناٿن شاهي 28 ڊسمبر 2005ع تي وفات ڪئي.

قمر ناٿن شاهي
محمد بخش ولد عبدالمجيد چنه تخلص “قمر ناٿن شاهي” پهرين جنوري 1949ع ۾ ڳوٺ ماڏو ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس هئي ۽ پاڻ رٽايرڊ اسڪول ٽيچر آهي. ڪيتري ئي وقت کان شاعري ڪندو پيو اچي. قمر ناٿن شاهي سنڌي ادبي سنگت خيرپور ناٿن شاه جو بنيادي ميمبر آهي ۽ اڄ تائين سنگت سان سلهاڙيل آهي.

تاثير ناٿن شاهي
امير علي ولد غلام جعفر چانڊيو تخلص “تاثير ناٿن شاهي” پهرين جنوري 1967ع ۾ ڳوٺ ماڏو ۾ ڄائو. سندس اد بي سڃاڻپ شاعر طور آهي. 1992ع کان لکندو پئي آيو ۽ سنگت شاخ ڪي اين شاه سان لاڳاپيل هو. 20 مئي 2015ع تي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو.

شبير لغاري
شبير احمد ولد محمد صديق لغاري ادبي نالو “شبير لغاري” ڳوٺ شير محمد لغاري تعلقي ڪي اين شاهه ۾ 15 اپريل 1982ع ۾ ڄائو. ادب ۾ 1992ع کان شاعري ۽ ڪهاڻيون لکڻ سان ابتدا ڪيائين. شبير لغاري سنگت ڪي اين شاه جي بنيادي ميمبرن ۾ شامل آهي. هو سال 2018ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهيو.

نديم واڍو
نديم علي ولد واحد بخش واڍو (سومرو) قلمي نالو “نديم واڍو” پهرين فيبروري 1982ع تي ڳوٺ لعل بخش واڍو ۾ ڄائو. سندس تعليم ڊپلوما سول انجنيئرنگ آهي ۽ خانگي ملازمت ڪري ٿو. 2008ع کان شاعر جي حيثيت سان لکڻ شروع ڪيائين ۽ ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو ۽ اڄ تائين سرگرم ڪارڪن آهي.

خادم سوڍر
خادم حسين ولد محمد مٺل سوڍر المعروف “خادم سوڍر” 14 مارچ 1976ع تي خيرپور ناٿن شاهه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي آنرس سوشيالاجي آهي ۽ ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. 1989ع کان ادبي دنيا ۾ آيو ۽ جڏهن سنگت ڪي اين شاه جي شاخ کلي ته ان ۾ ميمبر ٿيو، ۽ 2008ع ۾ سيڪريٽري رهيو.

نور ڪلهوڙو
نور حسين ولد غلام محمد ڪلهوڙو ادبي نالو “نور ڪلهوڙو” ڳوٺ سنگھڙ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ 1968ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، سوشيالاجي آهي ۽ پاڻ پيغمبري شيوي سان لاڳاپيل آهي. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار طور آهي. 1990ع کان ادبي سنگت ڪي اين شاه جو ميمبر بڻيو. نور حسين ڪلهوڙو 93ـ 1992ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهيو. اڄڪلهه سنگت ڪوٽڙي شاخ جو ميمبر آهي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب “ڀنل اکڙيون” 2018ع، “جيءُ منهنجو جن سين” 2018ع، “منهنجو ڪاڇو ” 2019ع، ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

سڄڻ سيتائي
سڄڻ سيتائي جو ذڪر سنگت شاخ سيتا روڊ ۾ آيل آهي.

ڪوثر ناٿن شاهي
اڪبر علي ولد مهرالدين قريشي 03 سيپٽمبر 1946ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس هئي ۽ ڌنڌي جي لحاظ کان زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ ليبارٽري اسسٽنٽ هو. 1964ع کان شاعر ۽ ڊرامه نويس جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ آيو. جڏهن خيرپور ناٿن شاهه شاخ کلي ته ان جو ميمبر ٿيو. هو اسٽيج تي اداڪاري به ڪندو هو.

شير گاڏهي
شير محمد ولد احمد علي گاڏهي 04 مئي 1969ع تي ڳوٺ شير محمد گاڏهي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ ايس سي پاس آهي ۽ پاڻ ايڇ ايس ٽي آهي. 1987ع کان ادبي سنگت ڪي اين شاهه جو ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي. يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران اتي به ادبي سنگت برانچ جو ميمبر رهيو. هاڻي ڪجھه گھٽ سرگرم آهي.

ظهور آزاد
ظهور احمد ولد محمد رمضان ميمڻ ادبي نالو “ظهور آزاد” 1967ع تي شهر ڪي اين شاهه ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ پاس آهي ۽ پورهيت آهي. شهاب عباسي جي وقت ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو بحيثيت هڪ شاعر جي. پر اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

ممتاز ڪلهوڙو
ممتاز علي ولد ڪوڙو خان ڪلهوڙو ادبي نالو “ممتاز ڪلهوڙو” ڳوٺ الهرکيو جوڻيجو تعلقي قمبر ۾ 05 فيبروري 1973ع ۾ ڄائو. شهاب عباسيءَ جي وقت ۾ سنگت جو ميمبر ٿيو. ممتاز جي تعليم انٽر پاس آهي ۽ ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ مضمون نويس طور آهي اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

اي آر آزاد
اشوڪ ڪمار ولد تارا چند ڪالاڻي 18 نومبر 1970ع تي ڪي اين شاه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايل ايل بي آهي ۽ وڪالت ڪري ٿو. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، شاعر ۽ نثر نويس طور ڪجھه وقت ادبي دنيا ۾ رهيو. اڄڪلهه شڪارپور کي وسايو اٿائين. ان ڪري سنگت ۾ فعال نه آهي.

منظور ميراڻي
منظور احمد ولد نور محمد ميراڻي المعروف “منظور ميراڻي” ڏهين آڪٽوبر 1968ع تي ڪي اين شاه شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ماسٽرس ان فائين آرٽ آهي. 1988ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس ادبي سڃاڻپ ڪالم نگار طور آهي. پاڻ ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن ۾ ملازمت ڪري ٿو. سنگت ڪي اين شاه ۾ 1990ع يا 1991ع ڌاري ميمبر ٿيو، پر اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

عبدالقادر ٻگھيو
عبدالقادر ولد ٻانهون خان اصل ۾ اخباري هاڪر هو ۽ پوءِ ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ ملازمت ملي ويس. پنهنجي محنت سان ميونسپل ڪي اين شاهه يونين جو تعلقي صدر به رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ ڪجھه وقت قيد به ڪاٽيائين. آخري دم تائين ميونسپل ۾ خدمت جاري رکيائين. ادبي سنگت ۾ به ميمبر رهيو. هو ڪجھه وقت صحافي پڻ رهيو. مضمون ۽ ڪالم لکيائين. اڄڪلهه هن دنيا ۾ جسماني طور موجود نه آهي.

منصور مگسي
انير احمد ولد منير احمد مگسي ادبي نالو “منصور مگسي” پهرين مارچ 1990ع تي ڳوٺ گل محمد مگسيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ پي ـ پي ـ ايڇ آءِ ميهڙ ۾ ملازم آهي. پاڻ شاعر آهي ۽ 2005ع ۾ سنگت ڪي اين شاهه جو ميمبر رهيو.

ساقي منصور
منصور علي ولد منظور علي کوسو تخلص “ساقي منصور” پهرين آڪٽوبر 1991ع تي ڳوٺ حاجي شاه محمد کوسو تعلقي ڪي اين شاه ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس آهي 2008ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ سال 2016ع ۾ سنگت ڪي اين شاه ۾ ميمبرشپ ورتائين.

راجا رام بجاج
راجا رام بجاج ولد مرليڌر بجاج 1982ع ۾ ڪي اين شاه شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي ايڪنامڪس آهي ۽ سيڪنڊري استاد آهي 2006ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيون ۽ طنزو مزاح شاعر طور آهي. سنگت ۾ خزانچي جي عهدي تي به رهي چڪو آهي.

مختيار چانڊيو
مختيار علي ولد غلام محمد چانڊيو المعروف “مختيار چانڊيو” 30 نومبر 1962ع تي ڳوٺ نورنگ چانڊيو ۾ جنميو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب آهي ۽ پيشي جي حوالي سان ٺيڪيدار آهي ۽ صحافت جي شعبي سان پڻ لاڳاپيل آهي. مختيار چانڊيو سنگت ڪي اين شاه جو بنيادي ميمبر آهي ۽ 93 ـ 1992ع ۾ ڪائونسلر پڻ رهي چڪو آهي. هو سگا جو به سرگرم ڪارڪن آهي، صدر ۽ جنرل سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي. کيس هميشه انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي ڏٺو ويو آهي ۽ عورتن تي تشدد خلاف پڻ سرگرم رهيو آهي. مختيار چانڊيو آءِ ـ آرـ سي ۽ سي ـ آر ـ سي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هڪ بهترين سماجي ڪارڪن آهي.

راجا بي ـ ايڇ ڪلهوڙو
بخت حسين ولدغلام حسين ڪلهوڙو المعروف “راجا بي ـ ايڇ ڪلهوڙو” جو جنم 07 جنوري 1973ع تي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٿيو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ پاڻ زميندار آهي. ادب ۾ 1993ع کان پيرپاتائين ۽ پاڻ ڪهاڻيڪار آهي. راجا بي ـ ايڇ ڪلهوڙو سال 1999ع ۾ سنگت ڪي اين شاه جو ميمبر ٿيو.

رسول بخش بروهي (وڪيل)
رسول بخش بروهي پهرين فيبروري 1953ع تي خيرپور ناٿن شاه شهر ۾ جنم ورتو. پاڻ قانون دان هو، ۽ سماجي ڪمن ۾ سڀني کان اول بيٺل هوندو هو. بروهي صاحب جي سڄي زندگي پيڙهيل انسانن جي خدمت ڪندي گذري. هو هڪ آدرشي انسان هو. نوجوان ۾ اتساهه پيدا ڪندڙ ۽ هر فيلڊ ۾ کين همتائيندڙ هو. تڏهن ته کيس هر ڪو پيار مان “ماما” سڏيندو هو. ان قرب ۽ محبت ۽ اتساهه واري جذبي کيس ادبي سنگت ۾ آندو ۽ پاڻ ان جو بنيادي ميمبر هو. مضمون نويس طور سندس سڃاڻپ هئي. ماما رسول بخش بروهي پهرين مئي 2015ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

اياز ٻرڙو
اياز علي ولد قادر بخش ٻرڙو 25 مارچ 1987ع تي خيرپور ناٿن شاهه ۾ پيدا ٿيو. ادب ۾ ابتدا 2000ع کان ڪيائين سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. اياز ٻرڙو سنگت ڪي اين شاه سان واڳيل رهيو آهي ۽ سال 2005ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.

فيروز اختر شاه
اختر علي ولد سيد علي انور شاه “اجمل” المعروف “فيروز اختر شاه” 24 فيبروري 1971ع تي بهادر پور ۾ جنم ورتو. سندس تعليم بي ـ اي پاس آهي ۽ پاڻ پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل آهي. شاعريءَ جي ميدان ۾ 1990ع کان آهي. سال 1994ع کان سنگت ڪي اين شاه سان واڳيل آهي.

اعجاز چنو
اعجاز علي ولد حزب الله چنه 08 فيبروري 1987ع تي ڳوٺ ابراهيم چنه ۾ ڄائو. 2001ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. 2002ع ۾ سنگت ڪي اين شاه ۾ ميمبر ٿيو.

پاويل جوڻيجو
پاول جوڻيجو 1995ع ۾ سنگت ڪي اين شاه ۾ ميمبر رهيو. سندس احوال ميهڙ شاخ ۾ آيل آهي.

عادل لغاري
عبدالرسول تخلص “عادل لغاري” 7 فيبروري 1972ع ۾ ڄائو. شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي.

محمد انور
محمد انور المعروف “انور لاکير” 1993ع ۾ سنگت ڪي اين شاه ۾ ميمبر رهيو.

علي رضا ڪلهوڙو
علي رضا ولد محمد حسن ڪلهوڙو ڪي اين شاهه تعلقي جي ڳوٺ سنگھڙ ۾ پيدا ٿيو. هو انٽر پاس هو ۽ ٻني ٻارو ڪندو هو. سنگت ڪي اين شاهه جو ميمبر هو ۽ جوانيءَ ۾ کيس شهيد ڪيو ويو.

سڪايل سليمان پهنور
سڪايل سليمان پهنور 1993ع ۾ سنگت ڪي اين شاه ۾ ميمبر رهيو.

وفا الهرکيو
وفا الهرکيو کوسو پڻ 1993ع ۾ سنگت ڪي اين شاه ۾ ميمبر رهيو.

علي رضا گاڏهي
علي رضا گاڏهي 1991ع ۾ سنگت ڪي اين شاه ۾ ميمبر رهيو.

رفيق چانڊيو
رفيق چانڊيو سنگت ڪي اين شاه ۾ ميمبر رهيو.

گلشير چانڊيو
گلشير چانڊيو 1994ع ۾ سنگت ڪي اين شاه ۾ آيو.

فياض بلوچ
فياض بلوچ جو ذڪر سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتا روڊ ۾ ڪيل آهي.

مخلص سنڌي
سندس اصل نالو مشتاق مشوري هو. 2005ع ۾ خزانچي رهيو.
مٿين ميمبرن کان علاوه حافظ محمد رمضان، نثار ساکاڻي ۽ امر ناٿن شاهي پڻ سنگت ۾ ميمبر رهيا.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ دادو ضلعي جي اهم شاخن مان هڪ آهي، جيڪا تمام گھڻو سرگرم رهي ٿي. هن شاخ جو بنياد 1992ع ۾ سيڪريٽري جنرل ادل سومري صاحب جي دور ۾ پيو. ان وقت ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسي هو.
هن شاخ جي بنياد وجھندڙن ۾ سائين اسحاق راهي، آزاد انور ڪانڌڙو، غلام حسين ساحر ڏيپر، اسماعيل ساقي چانڊيو، ستار تاثير سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شامل هئا. شاخ ميهڙ جو پهريون آرگنائيزر ستار تاثير سومرو هو. جڏهن ته پهريون سيڪريٽري 1992ع ۾ غلام حسين ساحر ڏيپر چونڊيو ويو. 1993ع ۾ آزاد انور ڪانڌڙو سيڪريٽري چونڊجي آيو. 1994ع ۾ جڏهن آزاد انور ڪانڌڙو مرڪزي آڊيٽر چونڊجي ويو تڏهن عبدالهادي بروهي قائم مقام سيڪريٽري رهيو. عبدالهادي بروهيءَ کانپوءِ ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر سنگت جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ مارچ 1995ع ۾ آزاد انور ڪانڌڙو وري ٻيهر سيڪريٽري چونڊجي ويو اهڙيءَ طرح آزاد انور ڪانڌڙو ارڙهن ڀيرا سنگت جو سيڪريٽري رهيو آهي. ٻين سيڪريٽرين ۾ ديدار دانش کوسو ٽي ڀيرا، سليم مگسي ٻه ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪا آهن. هن شاخ جي ڪائونسلرن ۾ اي ـ بي لطيفي، اسماعيل ساقي چانڊيو، اسحاق شيخ دانش، آزاد انور ڪانڌڙو، ديدار دانش کوسو، سليم مگسي، پاويل جوڻيجو، جوهر بروهي ۽ ڊاڪٽر آدم ٻٽ جن جا نالا قابل ذڪر آهن.
هن شاخ جو روح روان آزاد انور ڪانڌڙو آهي جيڪو اڄ تائين مختلف وقتن تي ارڙهن ڀيرا سيڪريٽري رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جون سرگرميون ايتريون گھڻيون آهن جو ان تي الڳ هڪ وڏو ڪتاب لکي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ ته آزاد انور ڪانڌڙي هن شاخ جي طرفان هڪ ڏينهن ۾ ٻه ٻه پروگرام به پئي ڪرايا آهن. هن شاخ طرفان ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو به باقاعدي جاري رکيو پيو اچي. هن وقت تائين شاخ ميهڙ طرفان ڏيڍ درجن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

چونڊون
07جنوري 2018ع تي سنگت ميهڙ جي چونڊ سال 2018ع ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار گڏيل مشاورت سان چونڊيا ويا.
آزاد انور ڪانڌڙو سيڪريٽري، طاهر محزون جوائنٽ سيڪريٽري، امتياز عادل سومرو خزانچي، سرمد بروهي آڊيٽر ۽ ڊاڪٽر آدم ٻٽ ڪائونسلر .
23ڊسمبر 2018ع تي چونڊ اجلاس ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ ٿيو جنهن ۾ گڏيل راءِ سان سال 2019ع لاء هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
آزاد انور ڪانڌڙو سيڪريٽري، سرمد بروهي جوائنٽ سيڪريٽري، جاني غفور ڇٽو خزانچي، اسد بروهي آڊيٽر ۽ ڊاڪٽر آدم ٻٽ ڪائونسلر.
ڪورونا وائرس جي ڪري هي باڊي سال 2020ع تائين مسلسل ٻه سال رهي.
سال 2021ع لاءِ ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ تاريخ 24 جنوري 2021ع تي هيٺيان عهديدار چونڊجي آيا.
آزاد انور ڪانڌڙو سيڪريٽري، امتياز عادل سومرو جوائنٽ سيڪريٽري، جبران دانش خزانچي، سليم مگسي آڊيٽر ۽ سرمد بروهي ڪائونسلر.

ساحر غلام حسين ڏيپر
غلام حسين ولد حبيب الله ڏيپر المعروف “جي ايڇ ڏيپر” تخلص “ساحر” 1958ع ۾ ڳوٺ حاڪم ڏيپر هاڻوڪي تعلقي نصيرآباد ۾ پيدا ٿيو. پوءِ سندس وڏا ميهڙ ۾ لڏي آيا. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ اداڪار طور هئي، ڪيترن ئي اسٽيج ۽ ٽي ويءَ جي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. ان کان علاوه ڪجھه سنڌي فلمن ۽ ٽيلي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيائين. غلام حسين ڏيپر 04 نومبر 2008ع ۾ هڪ ٽيلي فلم جي شوٽنگ دوران دل جي دوري پوڻ سبب گذاري ويو.


اسحاق راهي
محمد اسحاق ولد محمد صالح سومرو تخلص “اسحاق راهي” 09 اپريل 1935ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم سنڌي فائينل هئي ۽ پاڻ سرڪاري ملازم هو. 1964ع کان ادبي سٿ ۾ بهترين شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي ۽ بنيادي ميمبرن مان آهي. سندس ڪتاب “گلدستو”، “مجموعه غزل” ۽ “رباعيات راهي” ڇپيل آهن. اسحاق راهيءَ 06 جون 1994ع تي وفات ڪئي.

آزاد انور ڪانڌڙو
علي انور ولد محمد هاشم ڪانڌڙو تخلص “آزاد انور ڪانڌڙو” 06 مارچ 1980ع تي ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙو ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي آهي ۽ پيشي جي حوالي سان صحافي آهي. لکڻ جي شروعات 1988ع کان ڪيائين بحيثيت شاعر ۽ نويس جي. سندس شاعري ۽ مضمون اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبا رهندا آهن. سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جي باني ڪارڪنن مان آهي ۽ اڄ تائين سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جي عهدن تي رهيو آهي. ان کان علاوه سنگت مرڪز ۾ آڊيٽر، خزانچي ۽ پريس ترجمان رهي چڪو آهي. هن سال به کيس مرڪز ۾ پريس ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي. هن ميهڙ جي علمي ۽ ادبي ورثي کي سنڀاليندي ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪيا آهن. اڄڪلهه ميهڙ شاخ جو سيڪريٽري آهي. آزاد انور ڪانڌڙو سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۾ سال 22 ـ 2021ع لاءِ مرڪزي پريس ترجمان چونڊيو ويو آهي.

جوهر بروهي
مولوي عبدالقيوم ولد مولوي عبدالڪريم ساسولي بروهي تخلص “جوهر بروهي” 29 جنوري 1950ع تي ڳوٺ ٿريچاڻي تعلقه پنو عاقل ضلعي سکر ۾ ڄائو. هاڻي فريد آباد ضلعي دادؤ ۾ رهائش پذير آهي. سندس تعليم مئٽرڪ ۽ درس نظامي آهي. جوهر بروهي تاريخ نويس، مترجم، شاعر ۽ نقاد آهي. هن سنڌي ۽ براهوي ٻوليءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ ديني حوالي سان به تمام گھڻو ڪم ڪري رهيو آهي. محترم جوهر بروهيءَ جا 75 کان مٿي ڪتاب لکيل ۽ ڇپيل آهن. سائين جوهر بروهي فريد آباد شهر ۾ درس ۽ تدريس ڏيڻ لاءِ مدرسو پڻ هلائي ٿو ۽ ديني، علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏئي ٿو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر پڻ رهي چڪو آهي. سال 17ـ 2016ع ۾ پڻ ڪائونسلر جي عهدي تي رهيو.

امتياز عادل سومرو
امتياز علي ولد عبدالخالق سومرو تخلص “امتياز عادل سومرو” 14 آگسٽ 1969ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ايس سي آهي ۽ استادي پيشي سان تعلق رکي ٿو. 1990ع کان ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ميمبر آهي ۽ ننڍن عهدن تي رهندو ايندو آهي.

منظور مولائي
منظور علي ولد حاجي علي محمد کوسو 14 جنوري 1966ع تي ڳوٺ ڪريم بخش کوسو تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري چار درجا آهي. 1983ع کان شاعري ڪري ٿو. سندس استاد ناظم منگي هو. منظور مولائي شاخ ميهڙ جو ڪافي سالن کان وٺي ميمبر آهي.

آدم مظهر ٻٽ
پروفيسر محمد آدم مظهر ٻٽ ولد فقير محمد جو جنم 27 فيبروري 1955ع تي ڳوٺ ٻٽ سرائيءَ ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب ۽ پي ـ ايڇ ڊي آهي. پيشي جي حوالي سان پروفيسر هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. 1990ع کان لکڻ جي ابتدا ڪيائين سندس ادبي سڃاڻپ محقق، مقالا نگار، شاعر ۽ تاريخ نويس طور آهي. شاعريءَ ۾ “مظهر” تخلص استعمال ڪندو آهي. سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر آهي ۽ سال 2018ع. 2019ع ۽ 2020ع ۾ لڳاتار ٽي ڀيرا ڪائونسلر رهيو.

سليم مگسي
سليم مگسي ولد محمد مومن مگسي 18 آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ پيدا ٿيو. سن 1990ع کان لکڻ جي ابتدا ڪيائين. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو “پياسو دريا پياسا ماڻهو” سال 2004ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سليم مگسي لڳاتار چار سال سنگت شاخ ميهڙ جو سيڪريٽري ۽ بعد ۾ ٻين عهدن تي به رهي چڪو آهي. پيشي جي حوالي سان هاءِ ويز کاتي ۾ ملازم آهي.

ڊاڪٽر محمد خان شيخ
ڊاڪٽر محمد خان شيخ ولد غلام حيدر شيخ پهرين سيپٽمبر 1961ع ۾ ميهڙ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم بي بي ايس آهي ۽ پاڻ ڊاڪٽر آهي. بنيادي طرح سان هي هڪ سماجي ڪارڪن آهي. ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ نثر نويس ۽ ترجمي نگار طور آهي. هو ڪونج رسالي جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي. محمد عرس اظهر جي لکت موجب ته هن سگا ميهڙ ۽ ادبي سنگت شاخ ميهڙ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس ڪتاب جھڙوڪ: “رياست ۽ انقلاب”، “ڪاميابيءَ جاگر” ۽ “پوليٽيڪل آئيڊيل” ڇپيل آهن.

ستار تاثير سومرو
عبدالستار ولد روشن علي سومرو ادبي نالو “ستار تاثير سومرو” پهرين نومبر 1969ع ۾ ميهڙ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي پاس آهي ۽ سرڪاري ملازم آهي. 1988ع کان ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس طور آهي. ستار تاثير کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جي پهرئين آرگنائيزر جو اعزاز حاصل آهي.

م ـ ن محزون
محمد نواز ولد شفيع محمد ڀٽي المعروف “م ـ ن محزون” 10 جولاءِ 1933ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايل ايل بي هئي. فوج، ڪسٽمز ۽ ٻين کاتن کان ٿيندو اچي استاد بڻيو. سنڌي ۽ انگريزي ادب تي ڪافي عبور حاصل هيس. سندس سڃاڻپ مترجم ۽ نثر نويس طور هئي. هن خليل جبران ۽ مولانا ابو الڪلام آزاد جا ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ آندا. محزون صاحب ادبي سنگت ميهڙ جي باني ميمبرن مان هو. محزون صاحب 09 نومبر 1995ع ۾ وفات ڪئي.

اسحاق دانش
محمد اسحاق ولد غلام قادر شيخ المعروف “شيخ اسحاق دانش” ميهڙ شهر ۾ 10 مارچ 1974ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي پوليٽيڪل سائنس آهي. 1980ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. سندس هڪ ڪتاب “هيءَ نه ويل وڃڻ جي” ڇپيل آهي. سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ميمبر آهي ۽ ميهڙ شاخ ۾ ڪائونسلر به رهي چڪو آهي.

ديدار دانش کوسو
ديدار علي ولد حاجن خان کوسو سنڌي ادبي سنگت ميهڙ ۾ سرگرم ميمبر رهيو. مختلف وقتن تي ٽي ڀيرا سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر پڻ رهيو. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ۾ گلشن حديد شاخ ۽ ادبي سنگت قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه جو سيڪريٽري پڻ رهيو. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ شاعر، نثر نويس ۽ اداڪار طور پنهنجي سڃاڻپ ڪرايائين. سندس وفات 14 جولاءِ 2019ع تي ٿي.

پاويل جوڻيجو
الهڏنو ولد محمد سليمان جوڻيجو المعروف “پاويل جوڻيجو” 03 مئي 1962ع ۾ ڳوٺ گھاڙي تعلقي ميهڙ ۾ پيدا ٿيو. تعليم بي ـ اي پاس اٿس ۽ صحافت جي شعبي سان واڳيل آهي. ادبي سٿ ۾ 1979ع کان شامل آهي. هو سٺو مضمون نويس، ڪالم نگار ۽ تاريخ نويس آهي. “ڏينهن ڏٺي جا سپنا” سندس ڪتاب ڇپيل آهي ۽ 2016ع ۾ سندس دادو ضلعي بابت تاريخي ڪتاب شايع ٿيو آهي. پاويل 1995ع ۾ شاخ ڪي اين شاهه جو پڻ ميمبر رهي چڪو آهي ۽ سنگت شاخ ميهڙ جو سيڪريٽري به رهيو آهي.

اظهر جسڪاڻي
عبدالحميد ولد عبدالمجيد جسڪاڻي تخلص “اظهر جسڪاڻي” 27 مئي 1973ع تي ڳوٺ ٻاڙيا پهنور ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي ۽ زراعت جي شعبي سان واڳيل آهي. ادبي سڃاڻپ شاعر جي حيثيت طور آهي. سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر رهيو آهي، پر هاڻي غير سرگرم آهي.

اظهر هيسباڻي
اظهر علي ولد درمحمد هيسباڻي تخلص “اظهر هيسباڻي” 15 فيبروري 1965ع تي ميهڙ شهر ۾ ڄائو. تعليم مئٽرڪ ۽ پي ـ ٽي ـ سي هيس ۽ پرائمري استاد هو. 1984ع کان ادبي سٿ ۾ شامل ٿيو. شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ اداڪار هو. سنگت شاخ ميهڙ ۾ ميمبر هو. سال 2017ع ۾ وفات ڪئي.

محمد علي پٺاڻ
محمد علي ولد حبيب الله پٺاڻ 03 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب آهي ۽ پاڻ پروفيسر آهي 1972ع کان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ ادبي سفر شروع ڪيائين. سندس شاعري، ترجمي، ڊراما ۽ ڪهاڻين جا لڳ ڀڳ 22 ڪتاب شايع ٿيل آهن. ليڪچراري دوران سنگت ميهڙ جو ميمبر ٿيو ۽ اڄ تائين ان کي برقرار رکيو پيو اچي. سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي.

رحمت سومرو
رحمت الله ولد هدايت الله سومرو ادبي نالو “رحمت سومرو” پهرين جنوري 1989ع ۾ ميهڙ شهر ۾ ڄائو. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. 2005ع کان ادبي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “نيڻ آلا ٿي ويا” 2012ع، “صليب جاڳ اسان جي” ترتيب ۽ “پن ڇڻ رت جو پيار” شامل آهن. سنگت شاخ ميهڙ سان سندس وابستگي رهي آهي.

احمد شاڪر
احمد ولد محمد خان گائنچو ادبي نالو “احمد شاڪر” 05 فيبروري 1997ع ۾ سعودي عرب ۾ ڄائو. 2014ع ۾ ادب ۾ پير پاتائين. شاعر، مترجم ۽ نثر نويس طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. “قديم دور جون فلسفي عورتون” ترجمو 2018ع ۾ “ڪوتا جي ڪلا” (جڳ مشهور ڪتاب پوئٽڪس جو ترجمو) 2018ع، “هڪ نظر هيڏانهن بهِ” (مضمون) سال 2019ع، “پور وڇوٽ پاڇا” (لاڪ ڊائون ۾ لکيل خطَ) سال 2020ع، “ڪَڙو منَجِهه ڪڙي” (خطَ) سال 2020ع ۽ “چچريل لاش” (ناول) سال 2021ع ۾ ڇپيل اٿس. ان کان علاوه “روشني آهيون اسين” خليل عارف سومري جي شاعري جو ڪتاب ترتيب ڏنل اٿس. هو سال 2019ع کان نوجوان شاعر رحمت سومري سان گڏ “ابابيل” نالي سان ڪتابي سلسلو پڻ سهيڙيندو آهي، جنهن جا هن وقت تائين اٺ شمارا اچي چڪا آهن. پاڻ ميهڙ شاخ جو ميمبر آهي.

ابنِ محزون
صفدر نواز ولد محمد نواز (م ـ ن محزون) ڀٽي تخلص “ابنِ محزون” 08 سيپٽمبر 1967ع ۾ ميهڙ شهر ۾ م ـ ن محزون جي گھر ۾ اک کولي. سندس تعليم ايم ـ بي ـ بي ايس ۽ پيشي جي حوالي سان پاڻ هڪ ڊاڪٽر آهي. ادب ۾ 1982ع کان پيرپاتائين بحيثيت شاعر ۽ مترجم جي. سندس ڪو به ڪتاب شايع ٿيل نه آهي. هڪ ناول ۽ شاعريءَ جو مجموعو اڻ ڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهي. سنگت ميهڙ ۾ ڪيترائي ڀيرا عهديدار به رهيو آهي.

اويس قرني
محمد اويس ولد دوست محمد مهيسر ادبي نالو “اويس قرني” ڳوٺ سينڌل مهيسر ۾ 29 آگسٽ 1970ع ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پرائمري استاد آهي. 1999ع ۾ ادبي دنيا ۾ شاعر جي حيثيت سان آيو. سندس چار ڪتاب “نيرانا ئي نيڻ” 2004ع، “ڳل نه سڪا ڳوڙها” 2007ع، “نيڻ پرينءَ جي آسري” 2013ع ۽ “وفا جي رڻ ۾” 2017ع ۾ ڇپيل آهن. هو سنگت ميهڙ جو ميمبر آهي ۽ سال 2019ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر رهيو.

عبدالهادي بروهي
عبدالهادي ولد محمد رمضان بروهي 08 فيبروري 1968ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. 1984ع کان ادبي ميدان ۾ آيو. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ اداڪار طور آهي. اسٽيج ۽ ٽيليويزن تي اداڪاري پڻ ڪري چڪو آهي. سندس تعليم ايم ـ اي ايڪنامڪس آهي ۽ ايگريڪلچر کاتي ۾ ملازم آهي. ادبي سنگت ميهڙ ۾ قائم مقام سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. هن وقت ڪوٽڙي ۾ رهي ٿو.

ساقي اسماعيل چانڊيو
محمد اسماعيل ولد غلام علي چانڊيو پهرين جنوري 1965ع تي ڳوٺ احمد خان چانڊيو تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم انٽر ۽ پي ٽي سي آهي ۽ پاڻ استاد آهي. هن ڪجھه شاعري به ڪئي آهي، پر ان شغل کي جاري رکي نه سگھيو. سندس سڃاڻپ اداڪار طور آهي ۽ ڪيترين ئي فلمن، ٽي ـ وي ۽ اسٽيج ناٽڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪندو پيو اچي. سنگت ميهڙ جو بنيادي ميمبر آهي ۽ ڪائونسلر به رهي چڪو آهي.

ديدار خادم سمون
ديدار حسين ولد محمد بچل سمون تخلص “خادم” پهرين جنوري 1966ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر سائنس آهي ۽ ريلوي کاتي ۾ ملازم آهي. 1980ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار طور آهي. سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر رهي چڪو آهي.

خادم ٿيٻو
خادم حسين ولد ڪريم بخش ٿيٻو 1967ع تي ڳوٺ ٿيٻا تعلقه ميهڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم پنج ڪلاس پاس آهي ۽ ڌنڌو دوڪانداري اٿس. 1987ع کان شاعري ڪري ٿو. اسحاق راهي صاحب کان اصلاح وٺندو هو. سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر به رهيو، پر اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

اي ـ بي لطيفي
احمد بخش پتوجو ولد حبيب الله المعروف “ اي ـ بي لطيفي” 27 اپريل 1964ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. تعليم بي ـ اِي اٿس ۽ سوئي سڌرن گئس ۾ زونل مينيجر آهي. هو هڪ سياسي ۽ سماجي ورڪر آهي. پاڻ حبيب الله پتوجو ايجوڪيشنل اڪيڊمي ميهڙ جو چيريٽي خانگي اسڪول به هلائي ٿو جنهن ۾ غريبن جي ٻارن کي مفت تعليم ڏني وڃي ٿي. هُن اڳ شاعري ۽ مضمون پڻ لکيا ۽ ميهڙ جي مهراڻ ادبي سنگت، بزمِ اڪبر ۽ ادبي سنگت جو ميمبر به رهيو. اي ـ بي لطيفي سنگت شاخ ميهڙ ۾ ڪائونسلر به رهي چڪو آهي، پر اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

ضمير زين تنيو
ضمير حسين ولد مولائي نياز حسين تنيو المعروف “ضمير زين تنيو” 12 مئي 1967ع تي ميهڙ ڀرسان ڳوٺ لونگ تنيو ۾ پيدا ٿيو. 1985ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر طور آهي. سندس ڪتاب “گونگا ڳوڙها” ڇپيل آهي. سنگت ميهڙ جو ميمبر به رهيو. ڪوٽـڙيءَ ۾ لڏي اچڻ کانپوءِ ڪوٽڙي شاخ جو ميمبر ٿيو. ضمير زين تنيو 12 ڊسمبر 2017ع ۾ وفات ڪئي.

غلام النبي مهيسر
حاجي غلام النبي ولد عبدالخالق مهيسر ڳوٺ باگو تعلقو ميهڙ ۾ 1938ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس تعليم پرائمري پاس ۽ ديني تعليم هئي. هو ذاتي ڪاروبار ڪندو هو. 1950ع کان شاعر جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين. سندس نعتيه شاعري ۽ نعت خواني سندس اهم سڃاڻپ آهي. سندس شاعريءَ ۾ اصلاحي پهلو به ملي ٿو. سندس ننڍا ننڍا نعتن جا ڪتاب ته ڪيترائي ڇپيل آهن پر وڏا ڪتاب پنج عدد آهن. ان کان علاوه ڪيترائي نعتن جا آڊيو البم مارڪيٽ ۾ موجود آهن. مهيسر صاحب 26 نومبر 2000ع ۾ وفات ڪئي.

نالي مٺو مهيسر
محمد نصير ولد حاجي غلام النبي مهيسر المعروف “نالي مٺو مهيسر” 04 فيبروري 1968ع تي ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي اسلامڪ ڪلچر آهي ۽ پاڻ سرڪاري ملازم آهي. 20 سالن جي عمر کان شاعر ۽ نعت خوان آهي. سندس هڪ ڪتاب “ثناءِ مصطفى” ڇپيل آهي ۽ 15 البم نعت خوانيءَ جا مارڪيٽ ۾ موجود آهن ۽ مختلف ٽي وي چينلز تي نعت خواني ڪندي نظر اچي ٿو. سندس وابستگي سنگت شاخ ميهڙ سان آهي.

نظر محمد چنا
نظر محمد ولد حاجي احمد خان چنا دادو ضلعي جي پاٽ شهر ۾ 02 آگسٽ 1939ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي، ايل ايل بي هئي ۽ پيشي جي حوالي سان وڪيل هو. نظر محمد چنا هڪ ڪلاسيڪل گلوڪار ۽ شاعر به هو. گھڻو عرصو ميهڙ ۾ رهيو، اتي ادبي ۽ سماجي خدمتون پڻ سرانجام ڏنائين. ميهڙ جي اڪثر ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو. هو سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ميمبر پڻ رهيو. زندگيءَ جي پوئين عرصي ۾ دادو شهر ۾ پنهنجون ساڳيون سرگرميون جاري رکيائين. سندس مسند تي ڪيترائي فنڪار، شاعر ۽ سازندا موجود هوندا هئا. نظر محمد چنا 14 جولاءِ 2007ع ۾ وفات ڪئي.

اصغر امر ڪانڌڙو
علي اصغر ولد محمد هاشم ڪانڌڙو ادبي نالو “اصغر امر ڪانڌڙو” ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙو ۾ 28 ڊسمبر 1979ع ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي اردو ادب آهي ۽ پاڻ سرڪاري ملازم آهي. 1994ع ۾ شاعر جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ آيو. پاڻ بهترين شاعر آهي. اصغر امر سنگت شاخ ميهڙ جو سرگرم رڪن آهي.

اياز لاکير
اياز حسين ولد محمد يوسف “ستايل” لاکير 15 مارچ 1973ع تي ڳوٺ صفر لاکير تعلقي ميهڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب آهي ۽ پاڻ زميندار آهي. 1988ع کان شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. سندس ڪجھه ترتيب ڏنل ڪتاب ڇپيل آهن. هو ڪجھه وقت سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر به رهيو، پر اڄڪلهه ڪجھه پاسيرو آهي.

جاني غفور ڇٽو
عبدالغفور ولد محمد عيسى ڇٽو ادبي نالو “جاني غفور ڇٽو” 10 مارچ 1974ع ۾ ڳوٺ گھاڙ جاگير تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي. 1990ع کان ادب جي دنيا ۾ شاعر جي حيثيت ۾ داخل آهي. سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر آهي ۽ ننڍن عهدن تي چونڊجي ايندو آهي. سال 2019ع ۾ خزانچي جي عهدي تي رهيو.

علي مراد جتوئي
علي مراد ولد غلام محمد جتوئي 06 جولاءِ 1974ع تي ڳوٺ علي مراد جتوئي تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. پاڻ انٽر پاس آهي. علي مراد جتوئي فنِ گلوڪاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ آيون. هو ريڊيو ۽ ٽي وي چيئنلز تي پڻ پنهنجي فن جو جادو جاڳائيندو رهي ٿو. سنگت شاخ ميهڙ جو ڪافي سالن کان ميمبر بڻيل آهي.

نديم بروهي
عبدالمجيد ولد عبدالحميد بروهي تخلص “نديم بروهي” پهرين فيبروري 1997ع تي فريدآباد شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ڪام ۽ ديني تعليم آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نگار آهي. سنگت ميهڙ جو فعال ميمبر آهي.

عبدالغفار همدم
عبدالغفار ولد عبدالغني بروهي تخلص “همدم” 28 فيبروري 1994ع تي فريدآباد شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ڪام پاس ۽ ديني تعليم آهي. ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي سنگت ميهڙ جو سرگرم ميمبر آهي.

سهيل عباسي
عبدالمجيد ولد غلام عباس عباسي تخلص “سهيل عباسي” 22 فيبروري 1975ع ۾ اسٽيشن باليشاه تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ايس سي آهي ۽ ذاتي پريس هلائي ٿو. ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ مضمون نگار طور اٿس ۽ سنگت ميهڙ جو ميمبر آهي.

عبدالغفار ايري
عبدالغفار ولد غلام اڪبر ايري 08 مارچ 1972ع تي ڀٽائي محله ميهڙ ۾ ڄائو. پاڻ گريجوئيٽ آهي. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. عبدالغفار ايري “سنڌ پلس رسالي” جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. هو سنڌي ادبي سنگت ميهڙ سان سلهاڙيل آهي.

عزيز عارفي
حافظ قاضي عزيز الله ولد قاضي لطف الله مهيسر تخلص “عزيز عارفي” 10 اپريل 1950ع تي ڳوٺ قاضي عارف ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم حافظِ قرآن ۽ سنڌي فائنل آهي. قاضي صاحب سنگت ميهڙ جو ميمبر آهي ۽ سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي 1967ع کان شاعري ڪندو پيو اچي.

ممتاز لاشاري
ممتاز علي ولد سونهارو خان لاشاري پهرين جنوري 1964ع تي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ سڃاڻپ گلوڪار طور اٿس. ممتاز لاشاري 1973ع کان ڳائيندو پيو اچي ۽ تمام مشهور ۽ معروف فنڪار آهي. ميهڙ سنگت جو اعزازي ميمبر رهيو آهي.

شمس ابن ضياء
شمس الدين ولد ضياء الدين “ايس بلبل” المعروف “شمس ابن ضياء” 18 جنوري 1935ع ۾ ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي، ايل ايل بي هئي. 1970ع کان ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ محقق طور آهي. سندس ڇپيل ڪتاب “محسن قوم”، “شمس الدين بلبل”، “وياج ۽ ان جون تباھه ڪاريون” ڇپيل آهن. شمس ابن ضياء سنگت شاخ ميهڙ سان سالن کان سلهاڙيل هو. هن 2018ع ۾ وفات ڪئي.

گورڌن شرما گهايل
گورڌن ولد نامديو شرما تخلص “گورڌن شرما گھايل” پهرين ڊسمبر 1937ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي هندي ۽ سنڌي آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. سندس ڏهاڪو کن ڪتاب چپيل آهن. ورهاڱي کان پوءِ هندستان هليو ويو ۽ جڏهن سنڌ گھمڻ آيو ته ادبي سنگت شاخ ميهڙ ۾ اعزازي ميمبر طور شموليت ڪيائين.

اسد بروهي
محمد خان ولد محمد حسين بروهي المعروف “اسد بروهي” جو جنم 27 مارچ 1998ع تي ڳوٺ گل محمد واهه بنگلي ميهڙ تعلقي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي پاس آهي ۽ پرائيويٽ بئنڪ ۾ آفيسر آهي. سال2011ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 2014ع ۾ سنگت ميهڙ ۾ ميمبر ٿيو. اسد جديد شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سال 2018ع ۾ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي ۽ سال 2019ع لاءِ کيس آڊيٽر چونڊيو ويو هو.

سرمد بروهي
احمد خان ولد محمد سومر بروهي قلمي نالو “سرمد بروهي” ڳوٺ قائم جتوئي ۾ 06 جولاءِ 1970ع ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ پاس آهي ۽ سرڪاري ملازم آهي. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نگار طور آهي سندس هڪ ڪتاب “سيلاني” براهويءَ مان ترجمو ٿيل ڇپيل آهي ۽ گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “ٽاريءَ ٽاريءَ گل ٽڙي پيا” ۾ سندس ڪلام پڻ شايع ٿيل آهي. سرمد سنگت ميهڙ جو فعال ميمبر آهي ۽ سال 2019ع لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. هو هر سال ڪنهن نه ڪنهن عهدي تي رهندو آهي. سال 2021ع لاءِ ڪائونسلر چونڊيو ويو آهي.

روشن سومرو
روشن علي ولد محمد ابراهيم سومرو المعروف “روشن سومرو” 14 آگسٽ 1947ع تي حيدر آباد شهر ۾ جنم ورتو. سندس مستقل رهائش ميهڙ شهر ۾ هئي ۽ پاڻ ڀرت جو ڪم ڪندو هو. احمد خان مدهوش جي شاگرديءَ ۾ ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو. پاڻ سٺو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار هو. روشن سومرو سنڌي ادبي سنگت ميهڙ سان سلهاڙيل رهيو.

اختر سهول
اختر حسين ولد در محمد سهول ادبي نالو “اختر سهول” ڳوٺ چاڪر خان سهول ۾ 15 مارچ 1963ع تي ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي آهي ۽ ايجوڪيشن کاتي ۾ ملازم آهي. ڪيترن ئي سالن کان لکندو پيو اچي. هن تعليمي ميدان ۾ گائيڊون، گرامر، ڊڪشنريون ۽ مختلف ڪورسن ۽ عام معلومات جا ڪتاب لکيا آهن. سنگت ميهڙ شاخ جو ميمبر آهي سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي.

اختر بروهي
عبدالڪبير ولد محمد يوسف بروهي تخلص “اختر” 12 جولاءِ 1971ع تي شهر فريد آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي، پي ٽي سي هئي ۽ پاڻ استاد هو. 1990ع کان جوهر بروهيءَ جي شفقت هيٺ لکڻ شروع ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر طور هئي ۽ پاڻ سنڌي ۽ براهوي زبان ۾ شعر لکندو هو. سنگت ميهڙ سان لاڳاپيل رهيو. 12 ڊسمبر 2012ع تي ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.

طاهر محزون
طاهر نواز ولد محمد نواز ڀٽي (م ـ ن محزون) 28 اپريل 1985ع تي ميهڙ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ وڌيڪ تعليم جاري اٿس. سال 2000ع کان ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار جي حيثيت ۾ سندس وابستگي ادبي سنگت ميهڙ سان آهي ۽ هميشه هيٺين عهدن تي رهندو آهي.

مير ٿيٻو
مير محمد ولد عبدالباقي ٿيٻو 15 ڊسمبر 1946ع تي ڳوٺ گھاڙي تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. سٺو پڙهيل لکيل انسان آهي. هو سياسي ۽ سماجي ورڪر آهي. لکڻ جي حوالي سان ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکي چڪو آهي. بنيادي طور تي کاٻي ڌر جو اهم اڳواڻ ۽ سياستدان آهي. سنگت ميهڙ سان سندس گھڻو وقت وابستگي رهي.

محسن رضا چانڊيو
محمد موسى ولد رسول بخش چانڊيو ادبي نالو “محسن رضا چانڊيو” 19 نومبر 1969ع ۾ ڳوٺ گرڪڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي، بي ـ ايڊ آهي ۽ پاڻ استاد آهي. 1995ع کان ادب ۾ شاعر جي حيثيت ۾ نمودار ٿيو. سندس شاعري گڏيل ڪتاب “موتي مڻيادار” ۾ شايع ٿيل آهي. محسن رضا چانڊيو جي وابسگتي سنگت شاخ ميهڙ سان آهي.

منصور اڪبر ڪانڌڙو
علي اڪبر ولد محمد هاشم ڪانڌڙو تخلص “منصور اڪبر” 12 اپريل 1974ع ۾ ميهڙ لڳ ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙو ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ ايس ـ سي ۽ ايل ـ ايل ـ بي آهي. 1985ع ۾ ادبي دنيا ۾ آيو سندس سڃاڻپ هڪ شاعر ۽ مضمون نگار طور آهي. سنگت شاخ ميهڙ سان منسلڪ آهي.

ساگر غلام حسين پهنور
غلام حسين ولد دين محمد پهنور تخلص “ساگر” 17 آگسٽ 1975ع ۾ ميهڙ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم گريجوئيشن اٿس. 1998ع کان ادبي دنيا ۾ شاعر ۽ نثر نگار جي حيثيت ۾ پير پاتائين. ساگر غلام حسين پهنور سنگت شاخ ميهڙ ۾ ميمبر آهي.

ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر
ڊاڪٽر غلام عباس ولد يار محمد مهيسر ڳوٺ پپري تعلقي ميهڙ ۾ 07 ڊسمبر 1972ع تي پيدا ٿيو. پاڻ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي. لکڻ جي شروعات ڪاليج جي زماني کان ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس طور آهي. سندس ڪل چار ڪتاب ڇپيل آهن، جن مان ٻه ڪتاب تصوف تي “عشق الوٽ” ۽ “اظهارِحق” هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب “آشا نراشا جا ڀيانڪ روپ” ۽ هڪ ڪتاب ميڊيڪل تي “ڪووڊ 19 جو انفيڪشن ۽ ان جو علاج” ڇپيل آهن. سال 1992ع کان سنڌي ادبي سنگت ميهڙ سان سندس وابستگي رهي آهي. پاڻ سال 1994ع ۾ آرگنائيزر به رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته آزاد انور ڪانڌڙو سنگت مرڪز ۾ چونڊجي ويو هيو. ڊاڪٽر صاحب اڄڪلهه سنگت ميهڙ ۾ فعال نه آهي.

خليل لاکير
محمد ابراهيم ولد پير بخش لاکير ادبي نالو “خليل لاکير” 23 آڪٽوبر1958ع تي ڳوٺ صفر لاکير تعلقي ميهڙ ۾ پيدا ٿيو. تعليم انٽر پاس اٿس ۽ پاڻ رٽاير استاد آهي. 1978ع کان لکڻ شروع ڪيائين. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. سنگت ميهڙ جو ميمبر هيو پر هاڻي سرگرم نه آهي. خليل لاکير جڏهن سعودي عرب جده ۾ رهندو هو ته اتي به سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي هئائين.

بدر سهول
بدرالدين ولد حاجي محمد دائود سهول قلمي نالو “بدر سهول” ڳوٺ حاجي ماهي خان سهول تعلقي ميهڙ ۾ 04 آگسٽ 1959ع ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ ايس سي پاس آهي ۽ پاڻ زميندارآهي. سندس تعلق صحافت سان به رهيوآهي. 1990ع کان شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. بدر سهول سنگت ميهڙ جو پراڻو ميمبر آهي، پر اڄڪلهه ٿورو پاسيرو آهي.

محبوب ڏيپر
محبوب علي ولد محمد صادق ڏيپر المعروف “محبوب ڏيپر” 1947ع ۾ ڳوٺ قادر بخش ڏيپر ۾ پيدا ٿيو. تعليم پرائمري پاس اٿس.1975ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ سگهڙ شاعر طور آهي. سندس وابستگي ميھڙ شاخ سان به رهي آهي.

عبدالمجيد پياسي
عبدالمجيد ولد عزيز الله ٿيٻو تخلص “پياسي” پهرين جنوري 1941ع تي ڳوٺ گهاڙي تعلقي ميهڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم سنڌي فائينل آهي ۽ پاڻ رٽاير استاد آهي. 1966ع کان شاعر طور لکڻ جي شروعات ڪيائين بزم لطيف ميهڙ جو صدر۽ پ ٽ الف ميهڙ جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. هو ڪجهه وقت ميهڙ ادبي سنگت ۾ به رهيو. هن وقت دادؤ ۾ رهي ٿو.

آزاد عبدالستار کچي
عبدالستار ولد حمزه علي کچي المعروف “آزاد عبدالستار” ڳوٺ شفيع محمد کچي تعلقي ميهڙ ۾ 05سيپٽمبر1981ع تي جنم ورتو. سال1995ع ۾ شاعر جي حيثيت ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. سندس هڪ ڪتاب “منظر اداس آهي” ڇپيل آهي. ڪجهه وقت سنگت ميهڙ ۾ ميمبر رهيو، پر هاڻي سرگرم نه آهي.

ڇٽل سومرو
محمد ڇٽل ولد عبدالله سومرو07 آڪٽوبر1959ع تي ميهڙ شهر ۾ ڄائو .سندس تعليم مئٽرڪ آهي ۽ اسٽامپ وينڊر آهي. سال 1974ع کان بحيثيت شاعر جي لکڻ جي شروعات ڪيائين. ڇٽل سومرو ادبي سنگت ميهڙ ۾ ميمبر رهيو، پر هاڻي سرگرم نه آهي.

جبران دانش
جبران دانش ولد ديدار دانش کوسو تاريخ 22 مارچ 2002ع تي مدينه ڪالوني ميهڙ ۾ ڄائو. پاڻ مئٽرڪ جو شاگرد آهي. لکڻ جي شروعات نائين ڪلاس کان مضمون نويس جي حيثيت ۾ڪيائين. سال 2019ع ۾ ادبي سنگت ميهڙ ۾ ميمبر ٿيو ۽ سال 2021ع ۾ خزانچي چونڊجي آيو آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو بنياد 1998ع ۾ پيو. گلزار ڪلهوڙو هن شاخ جو پهريون سيڪريٽري آهي. گلزار ڪلهوڙو هڪ محنتي انسان آهي. هو ادبي ذوق سان گڏوگڏ تاريخ ۾ به دلچسپي رکي ٿو. سندس محنت سان اڄ به هي شاخ سرگرم آهي، هن شاخ جو سال 2006ع ۾ الحاق رد ڪيو ويو هو. هن شاخ جي پروگرامن ۾ سنڌ جا وڏا اديب ۽ شاعر به شريڪ ٿي چڪا آهن جن ۾ راشد مورائي، محسن ڪڪڙائي، احمد خان مدهوش، نواز رڪڻائي، آصف مٺياڻوي، ڊاڪٽر قربان جھتيال ۽ ٻيا ڪيترائي اديب شامل آهن. انهن مان ڪي هن دنيا ۾ موجود نه آهن. هي شاخ اڄ به پنهنجي وس ۽ وت آهر سرگرم آهي ۽ دل سان ادبي خدمتون بجا آڻي رهي آهي.
سنڌي ادبي سنگت پاٽ شريف کي 18 فيبروري 2018ع تي رجب آزاد ضلعي رابطا سيڪريٽريءَ جي ڪوشش سان ٻيهر الحاق بحال ٿيو. ان وقت سيڪريٽري اياز ملاح هو ۽ ڪائونسلر گلزار ڪلهوڙو پاٽائي هو.

چونڊون
26 فيبروري 2019ع تي رجب آزاد ضلع ربطا سيڪريٽريءَ جي نگرانيءَ ۾ چونڊ اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سال 2019ع لاءِ يڪراءِ طور گلزار ڪلهوڙو پاٽائي سيڪريٽري، حاڪم علي بٺڙ جوائنٽ سيڪريٽري، حميد ميمڻ خزانچي، صدام چنه آڊيٽر ۽ شبيرڻ پاٽائي ڪائونسلر چونڊيا ويا.
ڪووڊ وبا ڦهلجڻ سبب هيءَ باڊي 2020ع تائين رهي.
20 ڊسمبر2020ع تي چونڊ اجلاس ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ ٿيو جنهن ۾ سال 2021ع لاءِ گلزار ڪلهوڙو سيڪريٽري، اسلم پاٽائي جوائنٽ سيڪريٽري، اياز ملاح خزانچي، حاڪم علي بٺڙ آڊيٽر ۽ شبيرڻ پاٽائي ڪائونسلر چونڊجي آيا.

گلزار ڪلهوڙو
غلام حيدر ولد پير بخش ڪلهوڙو تخلص “گلزار ڪلهوڙو” 24 آڪٽوبر 1971ع تي پاٽ شريف تعلقي دادؤ ۾ پيدا ٿيو. پيشي جي حوالي سان استاد آهي. گلزار 1989ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ اداڪار طور آهي. گلزار جي ڪوششن سان 1998ع ۾ پاٽ شريف ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کلي ۽ پاڻ پهريون سيڪريٽري بڻيو. هو سگا پاٽ جو به سرگرم ڪارڪن آهي. سندس هڪ تاريخي ڪتاب “پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾” سال 2018ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ان جي ٻئي حصي تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. گلزار ڪلهوڙو کي سال 2021ع لاءِ سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي.

شبيرڻ پاٽائي
غلام شبير ولد الهداد خان چانڊيو 19 مئي 1962ع تي ڳوٺ بهرام چانڊيو تعلقه دادؤ ۾ جنم ورتو. 1984ع ۾ ادبي دنيا ۾ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پهريائين “مسڪين پاٽائي” تخلص استعمال ڪندو هو ۽ هاڻي “شبيرڻ پاٽائي” استعمال ڪري ٿو. پيشي جي حوالي سان هو پوليس کاتي ۾ ملازم آهي. شبيرڻ سال 2021ع ۾ ڪائونسلر جي عهدي تي چونڊجي آيو.

فدا ڪلرائي
فدا حسين ولد احمد خان تخلص “فدا ڪلرائي” 02 مئي 1961ع تي ڳوٺ ڪلري لڳ پاٽ شريف ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايم ـ ايڊ آهي ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور هاير سيڪنڊري اسڪولن ۾ خدمتون سر انجام ڏئي تازو رٽاير ٿيو آهي. فدا ڪلرائي سنگت پاٽ جو باني ڪارڪن آهي. پاڻ 2003ع ۾ پاٽ شاخ جو سيڪريٽري به رهيو آهي. 1980ع کان شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت سان ادبي حلقي ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪتاب “اندر جا اتساهه” 2017ع ۾ شايع ٿيو آهي. اڄڪلهه ڪوٽڙي شهر ۾ رهي ٿو.

وفا بهادر چانڊيو
بهادر خان چانڊيو ولد الهداد چانڊيو تخلص “وفا” 28 جنوري 1973ع تي ڳوٺ بهرام خان چانڊيو لڳ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو. 1993ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس آهي. 1998ع کان پاٽ شريف ادبي سنگت سان لاڳاپيل آهي. هو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جي عهدن تي پڻ رهيو آهي.

مير ممتاز برهماڻي
ممتاز علي ولد محمد نواز برهماڻي 07 ڊسمبر 1984ع تي پاٽ شريف ۾ جنم ورتو. 1988ع ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيائين. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي. تخلص “مير ممتاز” استعمال ڪري ٿو.

اسلم پاٽائي
محمد اسلم ولد محمد اسماعيل ملاح المعروف “اسلم پاٽائي” 23 مارچ 1986ع ۾ پاٽ شريف تعلقي دادؤ ۾ پيدا ٿيو. 1999ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس استاد پيرل پرديسي سيتائي آهي. اسلم پاٽائي سنگت پاٽ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

خليل ميمڻ
خليل الله ولد الهبخش ميمڻ پهرين نومبر 1977ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي آهي. 1995ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. ادبي سنگت پاٽ جي باني ميمبرن ۾ سندس نالو شامل آهي. تخلص طور “خليل ميمڻ” استعمال ڪري ٿو. سندس سڃاڻپ نثر نويس آهي.

ايم بچل ڪلهوڙو
سندس اصل نالو محمد بچل ولد پير بخش ڪلهوڙو آهي. ايم بچل 07 جنوري 1984ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو. 1998ع کان ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ اداڪار طور آهي. پاڻ سگا شاخ پاٽ شريف ۽ ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر آهي.

حميد ميمڻ پاٽائي
عبدالحميد ولد محمد رمضان ميمڻ 23 اپريل 1963ع تي ڳوٺ ويجي تعلقي ڪي اين شاه ۾ ڄائو. سندس تعليم پنج ڪلاس پاس آهي ۽ دوڪاندار آهي. 1983ع کان شاعري لکڻ شروع ڪيائين. سنگت پاٽ جو پراڻو ميمبر آهي. هو خزانچي ۽ ٻين عهدن تي رهي چڪو آهي.

ضياءُ الحق صديقي
مخدوم ضياءُ الحق ولد مخدوم شمس الحق صديقي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو. سنڌي ادبي سنگت پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر هو ۽ تقريبن هيٺين عهدن تي رهيو. پاڻ ڪالم نگار ۽ شاعر هو. هو ڪجھه وقت صحافت سان به وابسته رهيو. سندس وفات 2019ع ۾ ٿي.

شهيد افتخار الحق صديقي
مخدوم افتخار الحق صديقي ولد مخدوم شمس الحق صديقي پهرين آگسٽ 1972ع ۾ مخدوم محلا پاٽ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم گريجوئيشن هئي. پاڻ زميندار ۽ سياسي سماجي ڪارڪن هو. لکڻ پڙهڻ جو به شغف رکندو هو. ادبي سنگت پاٽ جو بنيادي ميمبر هو. کيس 16 آگسٽ 2016ع تي شهيد ڪيو ويو.

صدام چنه
صدام حسين ولد عنايت حسين چنه تاريخي شهر پاٽ شريف ۾ 22 نومبر 1991ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي ايم ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان واڳيل آهي. سندس ادبي سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. 2016ع کان سنگت شاخ پاٽ جو ميمبر آهي. سال 2018ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سال 2019ع ۾ آڊيٽر جي عهدي تي رهيو.

حاڪم بٺڙ
حاڪم علي ولد الهه بخش بٺڙ جو جنم پراڻي ڪلري لڳ پاٽ شريف ۾ 15 مارچ 1979ع تي ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي، بي ـ ايڊ آهي ۽ استاد آهي. 2014ع کان مضمون نويس ۽ ڪالم نگار جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سال 2017ع ۾ سنگت پاٽ شريف جو ميمبر بڻيو ۽ سال 2019ع تي جوائنٽ سيڪريٽري رهيو.

اظهار ڪلهوڙو
اظهار علي ولد غلام حيدر (گلزار ڪلهوڙو پاٽائي) 07 مئي 1996ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ شاگرد آهي. 2017ع کان شاعري ڪري ٿو ۽ نثر به لکي ٿو. سال 2016ع کان سنگت پاٽ شريف جو ميمبر آهي. هو سال 2017ع ۾ پاٽ شريف شاخ جو ڪائونسلر پڻ رهيو.

سيد خوش محمد شاهه
سيد خوش محمد شاهه ولد سيد علي شاھ 1944ع ۾ پاٽ شريف ڀرسان ڳوٺ ناصراڻيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم سنڌي فائينل هئي ۽ پاڻ زميندار هو. سال 1972ع ۾ ڳوٺ ما ن پاٽ شريف لڏي آيو. سندس سڃاڻپ اسٽيج اداڪار طور هئي ۽ پاڻ ادب دوست به هو. هو ڊرامن جو هدايتڪار به هو ۽ بهترين ڊرامه پيش ڪيائين. فنون لطيف سان واسطو هجڻ ڪري 1999ع ۾ سنگت پاٽ شريف جو ميمبر ٿيو. سيد خوش محمد شاه 22 مارچ 2021ع تي وفات ڪئي.

اياز ملاح
اياز علي ولد علي نواز ملاح پهرين آگسٽ 1989ع تي پاٽ شريف تعلقي دادؤ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سوشيالاجي آهي. سندس سڃاڻپ ادب دوست ۽ سماجي ورڪر طور آهي. سال 2016ع کان سنگت پاٽ شريف جو ميمبر آهي ۽ سال 2017ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. اياز ملاح جي ايام ڪاريءَ ۾ سنگت پاٽ شريف جو سال 2018ع ۾ ٻيهر الحاق بحال ٿيو.

سيد فدا حسين شاهه
سيد فدا حسين شاهه ولد سيد باقر علي شاهه پهرين جنوري 1985ع تي پاٽ شريف تعلقي دادؤ ۾ جنم ورتو. تعليم مئٽرڪ پاس اٿس ۽ پاڻ ٽيلر ماسٽر آهي. سندس سڃاڻپ گلوڪار ۽ ادب دوست طور آهي. سال 1999ع کان ادبي سنگت پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر آهي.

اسد بٺڙ
اسد علي ولد حاڪم علي بٺڙ ادبي نالو “اسد بٺڙ” 01 سيپٽمبر 1997ع تي ڳوٺ پراڻي ڪلري لڳ پاٽ شريف ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس ۽ پيشي جي حوالي سان دوڪاندار آهي. 2016ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نعت خوان طور آهي. سال 2018ع ۾ سنگت پاٽ شريف جو ميمبر ٿيو.

اعظم ميمڻ
محمد اعظم ولد محمد حسن ميمڻ پهرين اپريل 1977ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي، بي ايڊ آهي. هن مختلف شعبن ۾ ملازمت به ڪئي، پر گهڻو ڪري اين جي اوز ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو. هن وقت NCHD ۾ لٽرسي ڪوآرڊينيٽر آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، مضمون نويس ۽ سماجي ورڪر طور آهي. ادبي سنگت پاٽ ۽ سگا ۾ خدمتون سر انجام ڏيندو رهي ٿو. هو سنگت پاٽ شريف ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو آهي.

خالد منگي
خالد حسين ولد گلزار علي منگي 03 جنوري1979ع تي پاٽ شريف ۾ پيداٿيو. پاڻ گريجوئيٽ آهي ۽ استاد آهي. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، ڪمپيئر ۽ سماجي خدمتگار طور آهي. 1998ع کان سنگت پاٽ شريف جو ميمبر آهي.

شاهنواز برهماڻي
شاهنواز ولد ڪنڊو خان برهماڻيءَ جو جنم پاٽ شريف ۾ 28 جولاءِ 1977ع تي ٿيو. تعليم ايم اي ايل ايل بي اٿس ۽ ريلوي کاتي ۾ پوليس عملدار آهي. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور آهي. سال 1999ع کان سنگت پاٽ شريف جو ميمبر آهي.

ذاڪر ميمڻ
ذاڪر حسين ولد محمد روشن ميمڻ پهرين جنوري1979ع تي پاٽ شريف تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم ـ اي آهي ۽ ڀان ڊگري ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور آهي. سال1999ع ۾ سنگت پاٽ شريف جو ميمبر ٿيو. اڄڪلهه ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.

غلام الله پاٽائي
غلام الله ولد غلام الرسول چانڊيو پاٽ شريف ۾ 22 جون 1989ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ آهي. سال 2010ع کان شاعر جي حيثيت ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ پاٽ شريف ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سال 2015ع ۾ خزانچي ۽ سال 2021ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

سنگت پاٽ جا ميمبر
فقير غلام الرسول ڪنڀر گلوڪار، ميرل فقير سگهڙ، مولا بخش ملاح، محمد اسماعيل ميمڻ، محمد زمان چنه، امير بخش سولنگي سگهڙ، آزاد اسلم ڪلرائي، اڪبر سولنگي، غلام قادر چانڊيو “مرحوم”، نواب علي ڀرٽ “مرحوم”، فقير غلام النبي سگهڙ “مرحوم”، الهبچايو برهماڻي “مرحوم” ۽ تيمور جوڻيجو.

سنڌي ادبي سنگت شاخ سوڀو خان مگسي ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ سوڀو خان مگسي 1984ع ۾ وجود ۾ آئي. هن کي الحاق تاج جويو صاحب جي سيڪريٽري شپ دوران ڏنو ويو هو. هن شاخ جو روح روان سائين عبدالستار عبد مگسي صاحب آهي، جنهن هيڏي ڏورانهين علائقي ۾ علمي ۽ ادبي شمع کي ٻاري رکيو آهي ۽ اها ادبي لاٽ اڄ به پنهنجي آب تاب سان ادبي خدمت جي حوالي سان ٻرندي ٿي رهي. شاخ سوڀو خان مگسي دادو ضلعي جي سرگرم شاخن مان هڪ سرگرم شاخ آهي ۽ هميشه بهترين ۽ سرگرم شاخ جو ايوارڊ پڻ ماڻيندي رهي آهي. هن شاخ ۾ ناميارن اديبن جي پڻ آمد رهي آهي. ليڪچر پروگرام، رهاڻيون، مشاعره ۽ ورسيون ڪثير تعداد ۾ ملهائڻ جو شرف پڻ هن شاخ کي حاصل آهي. هن شاخ ۾ ميمبرن جو تعداد ڪڏهن وڌيڪ ته ڪڏهن گھٽ ٿيندو رهيو آهي، پر پوءِ به اڄ تائين سائين عبد مگسي ادبي آبياري جاري رکيو پيو اچي. هن شاخ جو ڪجھه بار زخمي زاهد سهارڻ جي ڪلهن تي پڻ آهي. جيڪو عبد مگسيءَ جو ساٿي ۽ ادب جو سچو خدمتگار آهي.

چونڊون
07 جنوري 2018ع تي سالياني چونڊ بابت اجلاس ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ھيٺ ٿيو، جنهن ۾ متفق طور تي سال 2018ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
زخمي زاهد سهارڻ سيڪريٽري، سانول عزيز جوائنٽ سيڪريٽري، عابد آگرو خزانچي، وفا اشفاق آڊيٽر ۽ عبد مگسي ڪائونسلر.
20 جنوري 2019ع تي چونڊ اجلاس ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ ٿيو. جنهن ۾ سال 2019ع لاءِ يڪراءِ طور هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
عبد مگسي سيڪريٽري، وفا اشفاق مگسي جوائنٽ سيڪريٽري، سانول عزيز خزانچي، عابد آگرو آڊيٽر ۽ زخمي زاهد سهارڻ ڪائونسلر.
هي عهديدارڪورونا جي سبب ڪري لڳاتار ٻه سال رهيا.
سال2021ع لاءِ ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ هيٺيان عهديدار چونڊجي آيا.
نوراحمد مجاهد لاکير سيڪريٽري، حڪيم سڪندر ساٿي جوائنٽ سيڪريٽري، سانول عزيز خزانچي، عمران مگسي آڊيٽر ۽ زخمي زاهد سهارڻ ڪائونسلر.
هن شاخ جي ميمبرن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

عبد مگسي
محترم عبد مگسيءَ جو ذڪر ضلعي رابطا سيڪريٽرين واري حصي ۾ آيل آهي.

زخمي زاهد سهارڻ
زاهد حسين ولد ڄام خان سهارڻ تخلص “زخمي” پهرين جون 1972ع ۾ ڳوٺ امام بخش سهارڻ لڳ سوڀو خان مگسي تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم B.A آهي. 1992ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. هو بهترين شاعر سان گڏ نثر نويس پڻ آهي. سائين عبد مگسي سندس ادبي استاد آهي. زخمي زاهد سهارڻ جو شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب “مرڪ جو منظر” 2014ع ۾ شايع ٿيل آهي. اڄڪلهه ادبي سنگت سوڀو خان مگسيءَ جو ڪائونسلر آهي.

سانول عزيز مگسي
عزيز الرحمّن ولد شريف الدين مگسي المعروف “سانول عزيز مگسي” 06 جنوري 1964ع تي سوڀو خان مگسي ڳوٺ ۾ ڄائو. تعليم ايم ـ اي، ايل ايل بي اٿس ۽ استادي پيشي سان سلهاڙيل آهي. 1982ع کان ادبي سنگت سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي ۽ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. سندس ادبي سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. سندس هڪ ڪتاب “تنهنجي سونهن صنوبر جهڙي” 2019ع ۾ شايع ٿيو آهي.

ناچيز نعيم لاکير
نعيم احمد ولد نور محمد لاکير تخلص “ناچيز” 04 جنوري 1989ع تي ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ پيدا ٿيو. تعليم انٽر پاس اٿس ڳوٺ ۾ هارپو ڪري ٿو. سال 2015ع کان ادبي سنگت شاخ سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي.

قوي مگسي
محمد قوي ولد مشتاق احمد مگسي المعروف “قوي مگسي” 20 مارچ 1990ع ۾ سوڀو خان مگسي ڳوٺ ۾ ڄائو. تعليم بي ـ اي پاس اٿس. قوي مگسي جو تعلق راڳداريءَ سان آهي، پر هو ادب سان به چاهه رکي ٿو. ان ڪري هتان جي سنگت شاخ سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي ۽ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو آهي.

وفا اشفاق مگسي
اشفاق احمد ولد محمد اسماعيل مگسي ادبي نالو “وفا اشفاق مگسي” 23 مارچ 1979ع ۾ ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ پاس آهي ۽ محنت مزدوري ڪري گذر بسر ڪري ٿو. 1992ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. 1995ع کان سنڌي ادبي سنگت سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي. هو آڊيٽر ۽ خزانچي جي عهدي تي رهي چڪو آهي ۽ سال 2018ع ۾ پڻ آڊيٽر چونڊيو ويو.

شفيق چنا
شفيق احمد ولد صاحب ڏنو چنه المعروف “شفيق چنه” 02 فيبروري 1966ع تي ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايم ايڊ آهي ۽ پاڻ استاد آهي. 1988ع کان شاعر ۽ نثر نويس طور لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڪتاب “آس” ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي. 1990ع کان سنگت شاخ سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي ۽ خزانچي به رهي چڪو آهي.

مخمور ماجد مگسي
ماجد علي ولد عبدالباقي مگسي ادبي نالو “مخمور ماجد” 08 فيبروري 1981ع تي ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر سائنس آهي ۽ ميل نرسنگ سان صحت کاتي سان واڳيل آهي. سال 2018ع کان ادبي سنگت سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي.

شوڪت سهارڻ
شوڪت علي ولد بهادر خان سهارڻ 24 جولاءِ 1974ع ۾ ڳوٺ امام بخش سهارڻ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي مسلم هسٽري آهي ۽ صحت کاتي ۾ ٽيڪنيشن آهي. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر طور آهي. سنگت شاخ سوڀو خان مگسيءَ جو بنيادي ميمبر آهي ۽ ڪائونسلر به رهي چڪو آهي.

بهاول بيقرار
بهاول خان ولد ڪليم الله مگسي ادبي نالو “بهاول بيقرار” پهرين جنوري 1981ع تي ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر پاس آهي. 2015ع کان لکڻ شروع ڪيائين. پاڻ هڪ سٺو شاعر آهي. سال 2015ع کان سنگت سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي.

ساٿي وحيد مگسي
وحيد الزمان ولد حاجي خان مگسي ادبي نالو “ساٿي وحيد مگسي” 06 مارچ 1976ع تي سوڀو خان مگسيءَ ۾ پيدا ٿيو. تعليم ايم ـ اي اٿس ۽ پاڻ بئنڪر آهي. 1993ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. هو شاعر ۽ نثر نويس آهي. سنگت شاخ سوڀو خان مگسيءَ سان سندس وابستگي آهي.

الهڏنو اداسي
الهڏنو ولد محمد سومر لاکير تخلص “اداسي” پهرين اپريل 1963ع تي ڳوٺ سوڀو خان مگسي تعلقي ميهڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم پنج درجا پاس آهي. 1980ع کان شاعري ڪري ٿو. سنگت سوڀوخان مگسيءَ جو بنيادي ميمبر آهي.

مجاهد لاکير
سندس اصل نالو نور محمد ولد عبدالجليل لاکير آهي. سندس جنم ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ پهرين جنوري 1961ع تي ٿيو. پاڻ شاعر آهي ۽ 1990ع کان سنگت سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي. مجاهد لاکير سنگت ۾ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر جي عهدي تي پڻ رهيو آهي. سال 2021ع لاءِ سنگت سوڀو خان مگسيءَ جو سيڪريٽري چونڊجي آيو آهي.

ڪامران مگسي
ڪامران مگسي ولد عبدالستار عبد مگسي چوٿين مارچ 1984ع ۾ ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ ايس ـ سي ۽ ايل ايل بي آهي. پيشي جي حوالي سان وڪيل آهي. ڪامران جي سڃاڻپ نثر نويس طور آهي پاڻ اٺن سالن کان سنگت سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي.

عمران مگسي
عمران خان ولد عبدالستار عبد مگسي جو جنم 24 مارچ 1982ع ۾ ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب آهي. لکڻ جي شروعات 2000ع کان ڪيائين. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. ادبي سنگت سوڀو خان مگسيءَ ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

صادق لغاري
صادق علي “صادق” جو جنم 1934ع ۾ ڳوٺ راوت خان لغاري تعلقي ڪي اين شاه ۾ ٿيو. سندس تعليم ورنيڪيولر فائنل آهي ۽ پاڻ رٽاير استاد آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. صادق لغاري سنڌي ادبي سنگت شاخ سوڀو مگسيءَ جو بنيادي ميمبر آهي. اڄڪلهه ڳوٺ ڪرڙ کوسو لڳ سوڀو خان مگسي ۾ رهي ٿو.

سڪندر ساٿي
سڪندر علي ولد پيار علي سومرو تخلص “ساٿي” پهرين جنوري 1958ع ۾ ڳوٺ سهارڻ پور لڳ سوڀو خان مگسيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ يو ـ ايم ـ ايس آهي ۽ حڪمت ڪري ٿو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. ساٿي سنڌي ادبي سنگت شاخ سوڀو خان مگسيءَ جو بنيادي رڪن آهي. هو مختلف عهدن تي رهيو آهي. سال 2021ع لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجي آيو آهي.

دلشاد پيرزادو
نواب پيرزادو ادبي نالو “دلشاد پيرزادو” جو جنم 05 مارچ 1958ع تي ڳوٺ محراب لاکير تعلقي ميهڙ ۾ ٿيو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي ۽ کيتي ٻاڙي جو ڪم ڪري ٿو. 1997ع کان شاعر جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر ٿيو.

ڊاڪٽر مسرور سومرو
شبير احمد ولد محمد عالم سومرو تخلص “مسرور” جو جنم پهرين مئي 1953ع تي ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم ـ بي ـ بي ـ ايس آهي ۽ پاڻ ڊاڪٽر آهي. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي ۽ سنگت سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي.

عابد رشيد
عابد رشيد ولد عبدالله لاکير جو جنم 08 فيبروري 1973ع تي سوڀو خان مگسيءَ ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم ـ ايس ـ سي ايگريڪلچر اينٽامولاجي آهي ۽ پاڻ انگريزي استاد آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪالم نگار طور آهي. پاڻ سنگت شاخ سوڀو خان مگسيءَ سان سلهاڙيل آهي.

سارم مگسي
عدنان مگسي ولد عبدالستار مگسي قلمي نالو “سارم مگسي” 10 مئي 1989ع ۾ ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي انگريزي ادب ۽ ايم ـ فل (چائنا) آهي. پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار آهي. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. سال 2017ع کان سنگت شاخ سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي.

وفا عابد آگرو
عابد حسين ولد غلام شبير آگرو ادبي نالو وفا عابد آگرو 21 جنوري 1998ع تي ڳوٺ مريد تنيو لڳ سوڀو خان مگسيءَ ۾ پيدا ٿيو. تعليم انٽر پاس اٿس ۽ پنهنجو ذاتي ڪاروبار سنڀالي ٿو. پاڻ شاعرآهي ۽ سنگت سوڀو خان مگسيءَ جو ميمبر آهي. وفا عابد سال 2019ع ۾ خزانچي جي عهدي تي رهيو.

سنڌي ادبي سنگت شاخ پيارو اسٽيشن ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ پيارو اسٽيشن نوجوان اديب ظفر احمد لهٻر (ظفر پياروي) جي محنتن ۽ ڪوشش سان 2003ع ۾ وجود ۾ آئي. ظفر پياروي هن شاخ جو پهريون سيڪريٽري هو. هن ڪافي محنت سان هن شاخ طرفان ادبي پروگرام، ليڪچر، مذاڪرا ۽ مشاعرا ڪرايا. ظفر کانپوءِ جيڪي سيڪريٽري آيا تن ڪجھه سستيءَ جو مظاهرو به ڪيو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 2006ع ۾ هن شاخ جو الحاق رد ڪيو. سال 2015ع ۾ ظفر پياروي، نياز الاهي ابڙي، احسن ابڙي، امان الله لهٻر ۽ قلندري اڪبر کوسو جن گڏجي هن شاخ کي ٻيهر فعال ڪيو ۽ سال 2016ع ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي ايام ڪاريءَ ۾ کيس ٻيهر الحاق مليو. هن شاخ طرفان ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا پروگرام منعقد ٿيا آهن ۽ هڪ ڪتاب جيڪو گڏيل شاعري تي مشتمل آهي “ٽاريءَ ٽاريءَ گل ٽڙي پيا” 2016ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سال 2017ع ۾ سيڪريٽري امان الله لهٻر هو ۽ سال 2018ع کان نياز الاهي ابڙو لڳاتار سيڪريٽري چونڊبو پيو اچي. نياز الاهي ابڙي هن شاخ طرفان 23 مارچ 2019ع تي نامياري تعليمدان ۽ استاد سيد عبدالرحمان شاهه اظهر جي پهرين ورسي سنڌ ليول تي ملهائي، جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ خدمتون ڪندڙ ماڻهن کي سيد عبدالرحمان شاهه اظهر يادگار ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. 07 اپريل 2019ع تي نامياري شاعر پير علي محمد اظهر ريلائي جي ياد ۾ پير رکيل ريلائي ڳوٺ ۾ ادبي ڪانفرنس سيد حاڪم علي شاهه جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. خاص مهمان ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد هو. هن شاخ ٻولي، ادب ۽ ٻين سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي پنهنجو آواز هميشه بلند پئي ڪيو آهي.

چونڊون
30 ڊسمبر2017ع تي ضلع رابطا سيڪريٽريءَ رجب آزاد چونڊ ڪرائي ۽ هيٺيان عهديدار چونڊجي آيا.
امان الله لهٻر (سيڪريٽري)، عبدالستار ڪلوئي(جوائنٽ)، احسن ابڙو (آڊيٽر)، ممتاز خادم پاٽائي (خزانچي) ۽ همدرد اوڏ (ڪائونسلر) چونڊجي آيا.
07 ڊسمبر2018ع تي اليڪشن رجب آزاد ضلع رابطا سيڪريٽريءَ دادؤ جي نگرانيءَ ۾ ٿي جنهن ۾سال2019ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
نياز الاهي ابڙو سيڪريٽري، بشارت ابڙو جوائنٽ سيڪريٽري، صوفي عبدالقادر خزانچي، امان الله لهٻرآڊيٽر ۽ ظفر پياروي ڪائونسلر .
هيءَ باڊي ڪووڊ 19جي ڪري ٻه سال هلي.
سال 2021ع لاءِ چونڊون ضلع رابطا سيڪريٽري عبد مگسيءَ جي نگرانيءَ ۾ ٿيون. جنهن ۾ نياز الاهي ابڙو سيڪريٽري، بشارت ابڙو جوائنٽ، رزاق بلبل خزانچي، امان الله لهٻر آڊيٽر ۽ ظفر پياروي ڪائونسلر چونڊجي آيا.

ظفر پياروي
ظفر احمد ولد حاجي غلام الرسول لهٻر تخلص “ظفر پياروي” 10 مارچ 1982ع تي ڳوٺ صاحب خان لهٻر ۾ جنم ورتو. 1996ع ۾ ادبي دنيا ۾ آيو. ظفر پياروي جي نالي سان مشهور آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. ظفر 2003ع ۾ پيارو اسٽيشن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي ۽ هو شاخ جو پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو هو. شاخ کي سرگرم رکندي مختلف عهدن تي پڻ رهيو آهي. سندس هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب “ڀرندڙ وجود” 2020ع ۾ ڇپجي آيو آهي. ظفر پياروي هن وقت شاخ جو ڪائونسلر آهي.

نياز الاهي ابڙو
نياز احمد ولد الاهي بخش ابڙو 03 جنوري 1979ع تي ڳوٺ عبدالرحيم ابڙو ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪري پيارو اسٽيشن شگر مل هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. سندس تعليم ايم ـ فل ايجوڪيشن ۽ ايل ايل بي آهي. سال2001ع ۾ پرائمري استاد، 2004ع ۾ ايڇ ايس ٽي ۽ 2017ع کان گورنمينٽ پرائمري ڪيمپس اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ هيڊ ماستر مقرر آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، نثر نويس ۽ سماجي ڪارڪن طور آهي. سال 2006ع کان سنگت پيارو اسٽيشن سان لاڳاپيل آهي ۽ سال 2018ع، 2019ع، 2020ع ۽ 2021ع ۾ سنگت پيارو اسٽيشن جو سيڪريٽري رهيو آهي. ان کان علاوه سگا پيارو اسٽيشن جو ايجوڪيشن ۽ شهري ايڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين پڻ آهي.

احسن ابڙو
محمد هارون ولد حافظ دين محمد ابڙو تخلص “احسن ابڙو” 28 آڪٽوبر 1972ع تي ڳوٺ عبدالرحيم ابڙي تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. 2001ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين سندس استاد محسن ڪڪڙائي هو. جنهن کيس “احسن” تخلص ڏنو. احسن ابڙو سنڌي ادبي سنگت شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر به رهي چڪو آهي. 2016ع ۾ سندس ايام ڪاريءَ ۾ گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب “ٽاريءَ ٽاريءَ گل ٽڙي پيا” شايع ٿيو آهي. جيڪو پاڻ ترتيب ڏنو اٿائين. سال 2018ع ۾ آئيني ادبي سنگت کان الڳ ٿي سٽي پيارو اسٽيشن شاخ کوليائين جنهن تي سندس ميمبرشپ ختم ڪئي وئي آهي.

امان الله لهٻر
امان الله ولد الهرکيو لهٻر 02 نومبر 1983ع تي ڳوٺ صاحب خان لهٻر لڳ پيارو اسٽيشن تعلقي دادؤ ۾ پيدا ٿيو. 2000ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ صحافي آهي. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. اڄڪلهه “سوڀ” اخبار جو رپورٽر پڻ آهي سنگت ۾ سرگرم آهي ۽ ننڍن وڏن عهدن تي رهي چڪو آهي. سال 2017ع ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي رهيو آهي.

قلندري اڪبر کوسو
قلندري اڪبر کوسو 1975ع ڌاري پيارو ڳوٺ لڳ حاجي خان کوسو ۾ ڄائو. سندس تعليم مڊل پاس هئي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران لکڻ جي شروعات ڪيائين. سال 2015ع ۾ جڏهن پيارو اسٽيشن شاخ ٻيهر فعال ٿي ته ان ۾ هن جو به وڏو هٿ رهيو. قلندي اڪبر کوسو سٺو شاعر هو پر افسوس جو سندس عمر ٿوري ٿي پئي ۽ خدا جي سڏ کي لبيڪ چئي 07 نومبر 2016ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيائين.

بشارت ابڙو
بشارت علي ولد محمد دائود ابڙو 16 فيبروري 1977ع تي ڳوٺ کيڙو تعلقو دادو ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي آهي ۽ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي. سال 2004ع کان ادبي سنگت سان لاڳاپيل آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ مضمون نويس طور آهي. بشارت ابڙو ادبي سنگت پيارو اسٽيشن ۾ مختلف عهدن تي رهندو ايندو آهي.

حاڪم حقير سمون
محمد صالح ولد حاجي مينهون خان سمون تخلص “حاڪم حقير سمون” 23 مارچ 1940ع تي ڳوٺ ابڙان ضلعو نوشهرو فيروز ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي اديب عالم فاضل آهي. پاڻ رٽايرڊ استاد آهي. 1967ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس ادبي سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. سندس شاعري جا ڪجھه اسم ڪتاب “موتي مڻيادار” ۾ ڇپيل آهن. سنگت پيارو اسٽيشن جو اصلوڪو ميمبر آهي.

علي شير گداگر
علي شير ولد امام بخش ابڙو تخلص “گداگر ابڙو” پهرين مئي 1934ع ۾ ڳوٺ عبدالرحيم ابڙو ۾ ڄائو. سندس تعليم اديب فاضل آهي ۽ ادبي سڃاڻپ شاعر طور آهي جميعت الشعراء سنڌ ۽ بزم طالب المولى جو ميمبر پڻ رهيو سال 2015ع کان ادبي سنگت پيارو شاخ جو ميمبر آهي.

ثناء لهٻر
ثناءُ الله ولد الهرکيو لهٻر تخلص “ثنا لهٻر” 25 فيبروري 1998ع تي ڳوٺ صاحب خان لهٻر ۾ جنم ورتو. تعليم انٽر پاس آهي. 2013ع کان بحيثيت شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي لکندو رهي ٿو. سندس استاد قلندري اڪبر کوسو هو. سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبي رهي ٿي ۽ گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب “ٽاريءَ ٽاريءَ گل ٽـڙي پيا” ۾ به ڇپجي پڌري ٿي آهي. سندس ٻه ناول “ڀٽڪيل ماڻهو” 2020ع ۾ ۽ “وڃايل چاهت” 2021ع ۾ شايع ٿيا آهن. هن جي به شاخ مان ميمبرشپ سٽي شاخ ۾ وڃڻ ڪري ختم ڪيل آهي.

همدرد اوڏ
حاڪم اوڏ ولد راڻو مل تخلص “همدرد اوڏ” پهرين اپريل 1974ع تي ڳوٺ ٽڳا ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ پيشي جي حوالي سان پوليس کاتي ۾ ملازمت اٿس. 1990ع کان پيرل پرديسيءَ جي صحبت ۾ ادبي ميدان ۾ داخل ٿيو. سندس شاعري ٻن گڏيل شاعري جي ڪتابن “گلن سرهاڻ آندي آ” ۽ “ٽاريءَ ٽاريءَ گل ٽـڙي پيا” ۾ ڇپيل آهي. سنڌي ادبي سنگت پيارو اسٽيشن جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سال 17ـ 2016ع ۾ ڪائونسلر رهي چڪو آهي. هن جي به آئين جي خلاف ورزي ڪرڻ سبب ميمبرشپ ختم ڪئي وئي.

گلاب ابڙو
گلاب ابڙو اڄڪلهه سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جو ميمبر آهي ۽ تخلص “گل حسيني” اٿس. سندس تعارف دادو سنڌي ادبي سنگت ۾ آيل آهي.

عبدالستار ڪلوئي
عبدالستار ڪلوئي ولد الهورايو ڪلوئي 15 مارچ 1996ع تي ڳوٺ پنهل خان ڪلوئيءَ ۾ پيدا ٿيو. تعليم انٽر پاس آهي ۽ استادي پيشي سان لاڳاپيل آهي. سندس ادب ۾ سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي ۽ سال 2018ع جي اليڪشن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو .

ممتاز پاٽائي
خادم حسين ولد غازي خان چانڊيو ادبي نالو “ممتاز خادم پاٽائي” پهرين جنوري 1975ع ۾ ڳوٺ بچل چانڊيو لڳ پاٽ شريف ۾ جنم ورتائين. تعليم پرائمري پاس اٿس ۽ هڪ شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سال 2004ع کان سنگت پيارو اسٽيشن جو ميمبر آهي ۽ سال 2018ع ۾ خزانچي جي عهدي تي هو. سندس ميمبرشپ سٽي شاخ ۾ وڃڻ ڪري ختم ڪئي وئي.

يار محمد سمون
يار محمد سمون ولد محمد عمر سمون 1950ع ۾ ڳوٺ محمد پريل سمون تعلقي ڪي اين شاه ۾ ڄائو. پاڻ پرائمري پاس آهي ۽ سماجي ورڪر ۽ شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سال 2015ع کان سنگت شاخ پيارو اسٽيشن سان لاڳاپيل آهي.

مختيار ملاح
مختيار علي ولد شير محمد ملاح پهرين جولاءِ 1988ع تي پيارو اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 2007ع کان ڪيائين پاڻ شاعر آهي ۽ سنگت جو 2017ع ۾ ميمبر ٿيو. سال 2019ع تي ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر رهيو.

بيوس چانڊيو
احمد علي محمد عيسى ادبي نالو “بيوس چانڊيو” 04 مارچ 1975ع تي شهر پيارو اسٽيشن ۾ پيدا ٿيو. 2008ع کان شاعر جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين ۽ ادبي سنگت پيارو اسٽيشن جو ميمبر ٿيو. پاڻ سماجي سڌارڪ به آهي.

صوفي عبدالقادر
صوفي عبدالقادر ولد محمد علي پهنور 10 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ محب پهنور ۾ پيدا ٿيو. پاڻ استاد آهي 2004ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ سندس سڃاڻپ نثر نويس آهي. سنگت پيارو اسٽيشن جو ڪافي سالن کان ميمبر آهي ۽ سال 2019ع ۾ خزانچي چونڊجي آيو. پاڻ گھڻو سرگرم آهي، سماجي ڪمن ۾ به تمام گھڻو بهرو وٺندو آهي.

فقير معظم ابڙو
معظم علي ولد محمد دائود ابڙو ادبي نالو “فقير معظم ابڙو” 29 جنوري 1998ع تي پيارو اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. پاڻ شاگرد آهي. نظم ۽ نثر ۾ 2015ع کان لکي رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو سال 2017ع ۾ سنگت پيارو اسٽيشن جو ميمبر ٿيو ۽ سال 2019ع ۾ ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو.

اياز لاهوتي
اياز علي ولد راوت خان زرداري تخلص “لاهوتي” 26 مارچ 1988ع تي ڳوٺ راوت خان زرداري لڳ پيارو اسٽيشن ۾ ڄائو. سال 2004ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس سڃاڻپ نثر نويس آهي. سال 2017ع کان سنگت پيارو اسٽيشن سان سلهاڙيل آهي. ادبي سنگت جي ميمبر هجڻ سان گڏوگڏ سماجي ڪمن ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو.

رزاق بلبل
رزاق حسين ولد علي اڪبر پهنور المعروف “رزاق بلبل” پهرين آگسٽ 1978ع تي ڳوٺ شڪلُ پهنور ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي سنڌي ادب ۽ بي ايڊ آهي ۽ پاڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن سنڌ ۾ استاد آهي. سال 2000ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين پاڻ نثر نگار ۽ شاعر آهي. ادبي سنگت پيارو اسٽيشن جو 2003ع ۾ ميمبر ٿيو.

منظور ڪلوئي
منظور احمد ولد الهورايو ڪلوئي ڳوٺ پنهل خان ڪلوئيءَ ۾
17 فيبروري 1993ع ۾ ڄائو. تعليم گريجوئيٽ اٿس ۽ ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو. لکڻ جي شروعات سال 2012ع کان ڪيائين. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور آهي. 2016ع کان سنگت پيارو اسٽيشن ۾ ميمبر ٿيو.

غلام الرسول ابڙو
غلام الرسول ولد احمد خان ابڙو ڳوٺ عبدالرحيم ابڙو تعلقي دادؤ ۾ 1953ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم پرائمري آهي ۽ پاڻ گلوڪار آهي. 1973ع کان هن فيلڊ ۾ آهي ۽ سٺو نالو ڪمايو اٿائين. پاڻ ادبي سنگت پيارو اسٽيشن جو فعال ميمبر آهي.

سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادؤ جا ضلعي رابطا سيڪريٽري

قمر ڀان
قمر الدين ولد الهورايو ڀان تخلص “قمر ڀان” 08 جون 1949ع تي ڳوٺ ڏڱر لڳ سيتا روڊ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ـ ايڊ ۽ ايل ايل بي آهي. پيشي جي حوالي سان انگريزي استاد ۽ پوءِ هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽايرمينٽ ورتائين. ادبي دنيا ۾ 1970ع کان بحيثيت شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه ليکڪ طور شامل ٿيو. پاڻ اسٽيج ۽ ٽي- وي تي به ڊرامه ڪيائين . ادبي سنگت سيتا روڊ جو بنيادي ميمبر ۽ عهديدار رهيو. 1985ع ۽ 1986ع ۾ سيڪريٽري به رهيو. ۽ اڄڪلهه شاخ جو ڪائونسلر آهي. محترم قمر ڀان 1983ع کان 1994ع تائين دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جو ضلعي رابطا سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي.

عبد مگسي
عبدالستار ولد محمد علي مگسي المعروف “عبد مگسي” پهرين جنوري 1951ع ۾ ڳوٺ سوڀو خان مگسي تعلقه ميهڙ ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ پاس ڪري استادي پيشو اختيار ڪيائين ۽ خانگي طور تي ڊبل ايم ـ اي (سياست ۽ اسلامي ڪلچر) ۾ ڪيائين. اڳتي وڌڻ جي جستجو ۾ بي ـ ايڊ پڻ ڪيائين ۽ ترقي ڪري انگريزي استاد ٿيو ۽ هيڊ ماسٽر ٿي رٽاير ڪيائين. سماجي ڪمن ۾ سندس شروع کان وٺي دلچسپي رهي آهي. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ “ڳوٺ سڌار سنگت” جو بنياد وڌو. ڪيترو عرصو ڳوٺ ۾ ٻارن کي مفت ٽيوشن ڏيندو رهيو. علم وادب سان دلچسپي هجڻ ڪري 84ـ 1983ع ۾ ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ ادبي سنگت شاخ جو بنياد وجھي ادبي خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. عبد صاحب ادبي سنگت جو ضلع رابطا سيڪريٽري به رهيو آهي. سندس ڪتاب “صحرا ۾ سج” 2012ع ۾ ڇپجي چڪو آهي ۽ سٺن فنڪارن سندس ڪلام ڳايو پڻ آهي. سائين عبد مگسي سال 2021ع ۾ پنجون ڀيرو ضلعي رابطا سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي.

ڊاڪٽر قربان جھتيال
قربان علي ولد احمد خان جھتيال المعروف “ڊاڪٽر قربان جھتيال” پهرين جنوري 1957ع ۾ ڳوٺ ڪمال خان جھتيال لڳ ڦلجي اسٽيشن ۾ پيدا ٿيو. پيشي جي حوالي سان ايم ـ بي ـ بي ـ ايس ڊاڪٽر هو. 1975ع کان علم وادب جي شعبي سان سلهاڙيو. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، نثر نگار، صحافي ۽ سماجي ورڪر طور هئي. ڦلجي اسٽيشن ادبي سنگت شاخ جو اڪثر سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر پڻ رهيو ۽ ضلع دادؤ لاءِ پڻ چار دفعا ضلع رابطا سيڪريٽري رهيو. هن “ريڊيو پبليڪيشن” نالي هڪ مئگزين پڻ جاري ڪئي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب “سارون سپنا” 2013ع ۾ سندس وفات کان پوءِ ڇپايو ويو. جڏهن ته ڊاڪٽر قربان جھتيال 21 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪئي. سندس تربت مخدوم بلاول واري قبرستان ۾ آهي.

شمن لاشاري
شمس الدين ولد حاجي عبدالله لاشاري 12 مارچ 1972ع تي واهي پانڌيءَ ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي، بي ايڊ آهي ۽ پاڻ استاد هو ۽ هاڻي وقت کان اڳ رٽاير ٿيو آهي. 1994ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب “يادن جو ڪوهيڙو”2003ع ۾ ڇپيو. شمن لاشاري سال 2000ع ۾ واهي پانڌي شاخ جو سيڪريٽري به رهيو. ان کان علاوه ڪائونسلر به رهي چڪو آهي. هو سال 2011ع ۾ دادو ضلعي لاءِ رابطا سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو هو.

غلام حيدر گھايل لغاري
غلام حيدر ولد فيض محمد لغاري 15 نومبر 1976ع ۾ ڳوٺ بچل لغاري، تعلقه جوهيءَ ۾ جنم ورتو. 1993ع ۾ ادب جي ميدان ۾ آيو. جوهي شاخ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. سال 16-2015 ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽريءَ جي عهدي تي رهيو. هن 13 اپريل تي امن مشاعرو ڪوٺايو ۽ پسند جي اديبن ۽ آفيسرن کي بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ پڻ ڏنا. دادو شاخ سان سندس ٻه اکيائي وارو رويو رهيو ۽ هن سيتا شاخ کي بهترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏنو، جڏهن ته ان شاخ کي 11 آڪٽوبر 2015ع تي ٻيهر الحاق مليو هو. ان کانپوءِ هڪ ٻيو پروگرام ڪتاب “اٽي لٽي ۽ اجھي جي ڳولا” جي مهورت پڻ ڪرائي هئي ۽ امن مشاعري ۾ گڏ ڪيل شاعري جو ڪتاب “امن جو پورٽريٽ” به سندس ڪارڪردگيءَ ۾ شامل آهي.

حميد چنه
عبدالحميد ولد امام بخش چنا تخلص “حميد چنا” پهرين مئي 1966ع تي ڳوٺ ٿرڙي محبت ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم ايم اي سنڌي آهي ۽ پيشي جي حوالي سان استاد آهي. 1983ع کان ادبي دنيا ۾ هڪ ڪهاڻيڪار طور سڃاڻپ رکي ٿو. هي ٿرڙي محبت شاخ جي بنيادي ميمبرن ۽ عهديدارن ۾ شامل آهي. حميد چنا سال 95 ـ 1994ع ۾ دادو ضلعي لاءِ رابطا سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. اڄڪلهه سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.

رجب آزاد
رجب علي ولد محمد بچل سولنگي 15 سيپٽمبر 1961ع ۾ سيتا ننڍي تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان استاد آهي. ادب ۾ باقاعدي ابتدا 1979ع کان ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ ڊرامه نويس، شاعر، ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ مقاله نگار آهي. سندس مزاحيه شاعريءَ جا ٻه ڪتاب “رانڀوٽا”، “ڌمچر” ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب “ڪارو چشمو” ڇپيل آهن. رجب آزاد سنڌي ادبي سنگت جو 1992ع کان سرگرم ڪارڪن آهي ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. رجب آزاد 06 آگسٽ 2017ع جي ٿيندڙ مرڪزي اليڪشن ۾ ضلعي دادؤ لاءِ ضلع رابطا سيڪريٽري چونڊجي آيو. هو تمام گھڻو فعال رابطا سيڪريٽري رهيو جنهن سنگت ضلعي دادؤ جي سڀني شاخن کي باقاعدي سنڀاليو ۽ هر ڪنهن شاخ جي ميمبر توڙي عهديدار سان ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيو. ان کان علاوه شاخن ۾ ٿيندڙ سرگرمين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو.
رجب آزاد سنگت ضلعي دادؤ جي حوالي سان به ڪجھه پروگرام ڪرايا جن ۾ محترم دين محمد اڪرم ٻورڙائيءَ جي ورسي، نامياري شاعر خليل عارف سومرو جي ڪتاب “روشني آهيون اسين” جي مهورت ۽ سيد حاڪم علي شاه بخاريءَ کان “قديم شاعري” تي هڪ ادبي ڪچهري منعقد ڪرائي ۽ ان کان علاوه سندس ڪارڪردگيءَ ۾ هڪ مشاعرو به شامل آهي. سال 2019ع ۾ سيوهڻ ادبي ڪانفرنس ۾ مقالو پيش ڪرڻ تي کيس بهترين مقالا نويس جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

مددي ڪتاب

1. “انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا” سنڌي لينگئيج اٿارٽي حيدرآباد
2.سنڌي شاعريءَ جو سفر (مرتب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال) سنڌي ادبي سنگت سنڌ
3.“دادو ضلعو هڪ اڀياس” (محمد عرس اظهر سولنگي) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
4.“سنڌي ادبي سنگت سنڌ هڪ تحريڪ” (ڊاڪٽر ادل سومرو) ماءِ پبليڪيشن سکر
5. “ڏاهاڏات ڌڻي” (بشير سيتائي) سرجڻهار پبليڪيشن دادو
6. “هوءَ جا ٻري هير” (ليکڪ آزاد انور ڪانڌڙو) سنڌي ادبي سنگت ميھڙ
7. “دادو تعلقو ماضي ۽ حال” (ليکڪ محمد عرس اظهر سولنگي)
8. “پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾” (ليکڪ گلزار ڪلهوڙو) سگا سنڌ
9. “ڏهر منجھه ڏيئا” گڏيل شاعري (مرتب وسيم آڪاش سيتائي) سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ
10 “هي پانڌيئڙا پيار جا” (مرتب صدف حسيني) سنڌي ادبي سنگت دادو
11.(ٽاريءَ ٽاريءَ گل ٽڙي پيا” (مرتب احسن ابڙو) سنڌي ادبي سنگت شاخ پيارو اسٽيشن
12. “يادگيريون” (علامه احمد مجتبي غالب ملڪاڻي) غالب پبليڪيشن دادو
13. “دادو ضلعي جي مختلف شاخن جو رڪارڊ .سينيئر اديبن سان ڪچهريون وڪي پيڊيا ويب سائيٽ، فون، انٽر نيٽ، مختلف اخبارون ۽ رسالا.