شاعري

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

ارپنا

دادو، جوهي ۽ ميهڙ سميت

سنڌ جي انهن سڀني سُورمنِ ۽ سورميُنِ

صحافين، سياسي. سماجي ڪارڪنن، قلمڪارن

۽

شهرين جي نانءِ

جن جدوجهد ڪري

پنهنجي همت، حوصلي ۽ جوان مرديءَ سان

ڏينهن رات هڪ ڪري

پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻُڏڻ کان بچايو.

گڏو گڏ ٻُڏي آيلن جي سهائتا ۾ پڻ

ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.


سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جي وأين جو مجموعو ”منھنجي سنڌ لڙھي ويئي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2022ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ”علي محمد درد“ سولنگي ۽ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي  
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


پبلشر نوٽ:

پبلشر نوٽ:

علي محمد ”درد“ سولنگي هڪڙي هنڌ لکيو هو: ”هي منهنجو ’ٻارهو‘ آهي.“ اُنهن ڏينهن ۾ سندس ٻارهون ڪتاب ڇپائي هيٺ هو. پر مان سمجهان ٿو ته جيئرن جا ٻارها نه ٿيندا آهن. ادب ۽ آرٽ سان لاڳاپيل ماڻهو اوستائين جيئرا رهندا جيستائين هي جهان آهي.
علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها به ته هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي.
علي محمد سولنگي اهو بحث نه ڪيو آهي، هن برساتي ٻوڏ دوران ڪيهون/ڪوڪون ٻڌيون، ماروئڙن جا اهنج ڏٺا ته خاموش رهي نه سگهيو، مجبور ماڻهن سان وس وارن ۽ واڳ ڌڻين جون ناانصافيون، مجرماڻيون غفلتون قلم ذريعي وائکيون ڪيون اٿس.
علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعري ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت ته وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظهار به ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي ته هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان علي محمد درد سولنگيءَ جو ٽيون ڪتاب آهي. اسان کي خوشي ان ڳالهه جي به آهي ته ادب دوست ۽ قلم ڌڻين ۾ اداري جي مقبوليت وڌي رهي آهي. درد سولنگيءَ جو ٻوڏ تي لکيل وايون ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن ۾ ڏيندي اميد رکون ٿا ته پنهنجي قيمتي راءِ کان آگاهه ضرور ڪندا.
مهاڳ:

جيون سفر درد جو

جيون سفر درد جو


ٻه ھزار ڏھ جي مھا ٻوڏ کان پوءِ ٻه ھزار ٻارھن ۾ مون پھريون مھاڳ پنھنجي پياري دوست شاعر ۽ نثر نويس محبتي ملاح جي شاعريءَ جي ڪتاب: ”تُنھنجي خوشبو آئي ھوا مان“ جو لکيو ھو. انھيءَ مھاڳ کان پوءِ مخلتف شھرن مان شاعرن ۽ اديب دوستن پنھنجون لکڻيون موڪلي مھاڳ لکڻ لاءِ چيو ھو. مسلسل مھاڳ لکڻ جي ڪري، شاعريءَ جي نخريلي ديوي رُسي ايترو ڏور ھلي وئي آھي، جو ھن وقت تائين ڳولڻ جي باوجود به نظر نه ٿي اچي. محسوس ائين ٿي رھيو آھي ته، ڄڻ آئون شاعر ئي ناهيان، جَڏهن ته مان بنيادي طور تي شاعر آهيان، نثر نويس پوءِ، جيستائين شاعريءَ جي ديوي پنھنجي آغوش ۾ ٻيھر آڻي، تيستائين نثر جي ديويءَ سان ئي دل وندارئي رھيو آھيان.
اھو سچ آھي، ته، مھاڳ لکڻ انتھائي اوکو ڪم آھي. جتي صحيح ۽ خوبصورت مھاڳ لکجي رھيا آھن. اُتي ڪمزور مھاڳ پڻ اڻپوري صورت ۾ ملن ٿا. گڏوگڏ مبالغه آرائي به جھجھي انداز ۾ موجود آھي، جيڪا دوستيءَ جي دائري سان تعلق رکي ٿي، تنھن ڪري دوستيءَ جو نڀاءُ به ٿي رھيو آھي، ته ايمانداريءَ جو نڀاءُ به نظر اچي ٿو. دوستي نڀائڻ وارو سلسلو ڪڏھن بند ٿيندو، ان لاءِ ڪجھ چئي نه ٿو سگھجي؟ ٻه ھزار ٻارھن کان ٻه ھزار ٻاويھن تائين منھنجو ھيءُ پنجاهون مھاڳ آھي. اھڙو ذڪر مون ھن ڪتاب جي ليکڪ علي محمد ”درد“ سولنگيءَ سان فون تي پڻ ڪيو ھو. جنھن ماشاءَ اللھ چئي، خوشيءَ جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته مھاڳن جي گولڊن جوبلي منھنجي ھن ڪتاب جي نصيب ۾ آئي آھي، جنھن


کان پوءِ ھلڪڙا ٽَھڪَ ڏناسين.
اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته، ٻه ھزار ڏھ ۾ سنڌ جي سياسي وڏيرن پنھنجي مفادن خاطر مختلف ھنڌن کان بندن کي ڪَٽَ ڏياري، سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙائي تباھيءَ جو جيڪو ثبوت ڏنو ھو، اھو انھن ماڻھن کان وسريو ناھي، جيڪي اھڙي قھري ظلم جا شڪار ٿيا ھئا. سندن مال متاع، گھر جو سامان نياڻن ۽ پٽن جي ڏاج سان گڏ گھر جا ڀاتي پڻ لڙھي ويا ھئا. جن جي ڪا به قبر ٺھي نه سگھي ھئي. اھڙي قيامت خيز منظر ۾ سندن پونئرن پنھنجي پيارن ۽ جگر جي ٽڪرن لاءِ تڙپي تڙپي دم ڏنو. ڪِن پنھنجو ھوش حواس وڃائي ڇڏيو ھو، ڪي زندھ لاش بڻجي ويا ھئا. پر سنڌ جي ظالم سياسي وڏيرن کي اُنھن تي ڪا به ڪھل نه آئي ھئي، ۽ انھن جي ڦٽن تي شديد لوڻ ٻرڪڻ لاءِ ائين چوندا رھيا ته، انھن ماڻھن کي پنھنجن عملن جي سزا ملي رھي آھي. سندن اھڙي سوچ تي افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو!
اھا ڳالھ عالمِ آشڪار آھي ته بندن کي جيڪي به ڪَٽَ ڏياريا ويا ھئا، اُھي سندن مفادن ۾ ھئا. ھُو پنھنجي ٻنين، فيڪٽرين، بنگلن ۽ ڳوٺن کي بچائڻ لاءِ غريب، مسڪين ۽ بي پھچ ماڻھن جي ڳوٺن کي ٻوڙائي اُنھن کي بي گھر ڪيو. اھڙي عمل تي کين سياسي وڏيرن کي ڪو به پڇتاءُ محسوس نه ٿيو. بي گھر ماڻھن ته رُنو پر اُن سان گڏ آسمان پڻ مسلسل روئندو ۽ ڪنڌ جھڪائيندو رھيو.
ڀٽائي چواڻي:
ڌاريائي ڌاريا، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا.

اِن ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناھي ته سنڌ سان ڌارين ته ڪَلُورَ ڪيا ئي ڪيا آھن، پر پنھنجن به گھٽ ناھي ڪئي. سائين راشد مورائي پنھنجن جي اھڙي عمل تي لکيو ھو ته؛
”اھڙي ھَوا گھُلي نه ٿِو، دانگيءَ تي رَتُ وري،
ڌارين سان مُنھن ڏجي، مگر پنھنجن کي ڇا ڪجي!“

پاڻ سدائين ڌارين جي ظلم ۽ ڏاڍ تي ڳالھائيندا، تقريرون ڪندا ۽ لکندا رھيا آھيون، ۽ پنھنجي قوم کي سجاڳيءَ جا سبق ڏيندا رھيا آھيون. ته ڌارين اسان کي سدائين لٽيو ۽ ڦريو آھي پر پنھنجن تي چند ماڻھن، چنڊ اديبن شاعرن ۽ چند دانشورن کان سواءِ اڪثر ماڻھن چمچاگيريءَ کان ڪم وٺي، سچ چوڻ کان ڪيٻايو آھي. سچ کان ڪيٻائڻ ۾ سندن ذاتي مفاد موجود آھن، جن جي ڪري ھاري، ناري، غريب ۽ مسڪين ماڻھو ڌارين جي ظلمن سان گڏ پنھنجي سياسي وڏيري طرفان نه رڳو ٻه ھزار ڏھه جي مَھا ٻوڏ ۾ نظر اچي ٿي. پر موجود دؤر يعني ٻه ھزار ٻاويھ ۾ پڻ تاريخ جو اھڙو ورجاءُ ڪيو ويو آھي.
اسان کي خبر آھي ته، اھڙن مفاد پرست ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرن مان ڪجھ به حاصل ٿيڻو ناھي، جنھن جو مثال ٻه ھزار ڏھ جي ٻوڏ ۾ سندن ڪيل ظلم جو عمل ۽ ٻھ ھزار ٻاويھ ۾ اھڙو ڪُڌو عمل شامل آھي، جنھن ۾ ٻه ھزار ڏھ کان به وڌيڪ ظلم جي انتھا ڪئي وئي آھي. سياسي وڏيرن ۽ حڪمرانن پنھنجي مفادن خاطر سنڌ جا ڳوٺ ۽ زمينون ٻوڙائي، لکين سنڌي ماروئڙن کي بي گھر ڪري، پنھنجن بنگلن ۾ عياشي ڪئي! اسان جا سنڌي ماروئڙا ڪھڙي ڪَربَ مان گذريا، سندن، ڪيتريون تڪليفون ڏسڻيون پيون، پنھنجن اکين اڳيان ڳوٺ ٻُڏندي، گھر ڊھندي ۽ پنھنجن پيارن جا لاش ڏسندي ۽ لڙھندي ڏٺا. اھڙي ظلم جا گواھ اخبارن ذريعي ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪو سچ ٻڌائيندا رھيا سا ڳالھ لڪل ناھي پر سياسي وڏيرن کي انھن تي ڪا به ڪھل نه آئي!
سنڌ جي مسڪين ڳوٺاڻن ماڻھن جي اھڙي ڪَرب جي حقيقي ڪھاڻيءَ کي سنڌ جي حساس شاعر سٻاجھڙي اديب ۽ نثر نويس علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جھڙي ريت پنھنجي واين ۾ ڪيڏارو لکيو آھي، اُھو پڙھڻ کان پوءِ ھر حساس دل رکندڙ ماڻھوءَ کي ضرور رُئاريندو. مون جڏھن سندس ڪيڏاري واريون وايون مھاڳ جي لکڻ لاءِ پڙھڻ شروع ڪيون ته ويھن واين کان پوءِ منھنجي اکين جا بند ٽُٽي پيا ۽ مون وڌيڪ وايون پڙھڻ بند ڪيون. اتفاق اھو ٿيو ته پنجن منٽن کان پوءِ علي محمد ”درد“ فون ڪئي ۽ چيو ته مان سعودي عرب وڃڻو آھيان، اُن ڪري جيترو جلدي ٿي سگھي مھاڳ لکي ڏيو ته آئون مرتضى لغاري ڏانھن موڪلي سگھان. مون کيس چيو ته، اوھان واين ۾ به برسات متاثرن جي ڏکن، سُورن ۽ دردن کي اھڙو قلم بند ڪيو آھي، جو مون ويھ وايون پڙھي روئي ڏنو. آھي، ۽ فون تي به ڳالھائڻ دؤران اھڙي ڪيفيت جُڙي آئي، جنھن کي علي محمد”درد“محسوس ڪيو.ھن وڌيڪ ڪجھ به نه چيو.

مھاڳ جي نوٽس وٺڻ لاءِ ٻئي ڏينھن تي واين کي وري پڙھڻ شروع ڪيم ۽ ساڳي ڪيفيت مان گذريس. سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڪھڙي وائيءَ جو نوٽ وٺان ۽ ڪھڙيءَ جو نه. ڇاڪاڻ ته ھر وائيءَ ۾ ڪيڏارو موجود ھئو، پوءِ سوچيم ته، ٿوريون وايون کڻي مھاڳ لکان ٿو. اھو ان ڪري ته ھر وائي نوٽ ڪرڻ جھڙي ھئي.
اھو دُرست آھي ته ڪنھن به ڪتاب جو مھاڳ آئيني مثل ھوندو آھي. جنھن کي پڙھڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ جو تجسس وڌندو آھي يا گھٽبو آھي. مون کي يقين آھي ته علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جون ھيءُ وايون مھاڳ پڙھڻ کان پوءِ پرھندڙن وٽ تجسس ضرور پيدا ڪنديون. ”درد“ جي واين ۾ معشوق ڌاريجي جي واين جيئان عام ٻوليءَ جو استعمال مڪمل طور تي ٿيل آھي، عام ٻوليءَ جي اھڙي مڪملتا ۾ جيڪو سچ جو ڀرم رکيل آھي، يا ظالم ۽ مظلوم جو فرق ملي ٿو اُھو ھانءُ ڏاريندڙ آھي. ھنن واين ۾ ظالم ۽ مظلوم جو اھڙو فرق صاف ۽ شفاف نظر اچي ٿو.

ڳالھ اھا چوڌار،
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن!
ھيءَ ڪا آفت ڪانه ھئي،
پاڻي جي يلغار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن!
جاٿان ڪاٿان ڪَٽَ ڏئي،
ويٺا ھِي ڪمدار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن!
مُفلس نادارن سَندِي،
ڪانه لڌائون سار،
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن!
***
ھيڏي ھَٺَ ڌرمي،
ٻوڙايائون سنڌ کي.
آندائون ھِي اوچتي،
آفت بي شرمي.
ٻوڙايائون سنڌ کي.
***
ڪاري قھري رات،
محشر جو منظر ھُيو.
پاڻي گھرن آيو گھڙي،
ساھ سڀن سڪرات.
محشر جو منظر ھُيو.
اَلھُ تَلھُ ھليو ويو،
پرھ ڦُٽي پرڀات.
محشر جو منظر ھُيو.
***
ھئه ھئه منھنجو گھر،
ھنڌان ھنڌان پيو ڏري.
ڀتين. ڇتين ساڻ گڏ،
مُنھنجو ھِي اندر،
ھنڌان ھنڌان پيو ڏري.
انھيءَ ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناھي ته شاعر ۽ اديب معاشري جا حساس ماڻھو ھوندا. حساس ماڻھن تي عام ماڻھن کان وڌيڪ اثر ٿيندو آھي. اھڙي شاھدي بُخاري جي ھنن سٽن ۾ موجود آھي.
ھِي ماڻھو جيڪو ميڻ مٺا،
سي ڪِٿ ٿا سھن تِکو تئه سُھڻا.

حساس ماڻھو ميڻ جيئان نرم ٿيندا آھن. جن کي ٿوري تپش ڳاري ناس ڪري ڇڏيندي آھي، يا شاعر ۽ اديب اهڙي ئي حساسيت جو فطري حصو رھيا آھن. عام ماڻھو ڄائو وڏو ٿيو، نوڪري ڪري شادي ڪيائين، رٽائر ڪري چند سالن کان پوءِ وفات ڪري ويندو آھي. ڳالھ ختم!!.. سماج ۾چند گھر ڀاتين کان سواءِ سندس ٻيو ڪو به ياد ڪرڻ وارو نه ھوندو آھي. پر شاعر ۽ اديب سماج جو اھڙو فرد ھوندو آھي، جيڪو مٿين سڀني ڳالھين سان گڏ پنھنجي لکڻين ذريعي صدين تائين ساھ کڻندو آھي، ۽ ھميشه جيئرو رھندو آھي.
ھن وقت تائين اربين ۽ کربين ماڻھو ڄاوا ۽ وفات ڪري ويا. پر اُنھن اربن ۽ کربن ماڻھن مان انھن ماڻھن کي ياد ڪيو وڃي ٿو، جن پنھنجي قلم ۽ ڪردار سان گڏ حساسيت جو ڀرم رکيو.
علي محمد ”درد“ سولنگي به قلم، ڪردار ۽ حساسيت جي علم کي بُلند ڪري، ھن اھڙي بِگڙيل سماج ۾ سفر ڪري رھيو آھي، جتي انسانيت ۽ احساس جھڙا لفظ ڇوري ٻار جيئان روئندا ۽ رڙندا رھن ٿا. جن کي چند ماڻھن کان سواءِ ڪير به پرچائڻ ۽ ڳلي لڳائڻ لاءِ تيار ناھي. اھڙي سماج ۾ شاعر ۽ اديبَ اھڙا انسان آھن جيڪي پنھنجي لکڻين ۾ غريبن، مسڪينن، مظلومن ۽ بي بھچ ماڻھن جي سار لھي سندن دردن تي پھا رکي آٿت ڏين ٿا. اھڙي آٿت جي گواھي ”درد“ سوالنگي جي ھيٺين ھنن واين ۾ موجود آھي. جن کي پڙھڻ کان پوءِ مٿي ڄاڻايل الفاظن توڙي ڳالھ کي مضبوطي ملي ٿي.

بچيو ڪجھ ڀي ڪونه،
سارو ڪجھ لُڙھي ويو.
ٿانوَ ٿپا ڪپڙو اَجھو،
مال متاع رھيو نه.
سارو ڪجھ لُڙھي ويو.
ڏاجو پُٽَ ۽ ڌيءَ جو،
ھنڌ وھاڻا سون.
سارو ڪجھ لُڙھي ويو.
***
ڳوٺن شھرن جا،
رستا سارا ويا لُڙھي.
جوھي، ميھڙ خيرپور،
دادو ڀانن جا.
رستا سارا ويا لُڙھي.
***
حالت ھيءَ ڏسي،
مونکي روئڻ ٿو اچي.
پَٽَ تي پيا آھن سُتا،
مُنھن ۾ ڌوِڙ مٽي.
مونکي روئڻ ٿو اچي.
خيمو، مڇر داني نه ئي،
تن وٽ آھِ رِلِي.
مونکي روئڻ ٿو اچي.
***
ڪنھنجو جاني ڀاءُ،
لوڙھي ٻوڙي ٻوڏ وئي.
ماڻھو بيٺا بند تي،
ڏسن ھيءُ لقاءُ.
لوڙھي ٻوڙي ٻوڏوئي.



***

سياسي وڏيرو پنھنجن ڪوڙن ۽ ڪُڌن ڪمن کي ڀلي ڪيترو به لڪائڻ جي ڪوشش ڪري، پر علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جي ڪيڏاري وارين ھنن واين کان پنھنجي يزيدي سوچ کي لڪائي ۽ بچائي نه ٿو سگھي. ھڪ حقيقي شاعر ۽ اديب جي اھا ئي ذميداري ھوندي آھي، جنھن کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪڻ جي باوجود به روڪي ناھي سگھندي.
علي محمد ”درد“ سولنگي اھڙي اديباڻي ۽ شاعراڻِي ذميداري کي پنھنجي قلم جي نِب سان پوري ديانتداري ۽ بھادريءَ سان نڀايو آھي. جنھن مان سندس اعلى ۽ اطلاقي سوچ جو دائرو اطلاق پسائي ٿو. اھڙي اطلاقي دائري جا عڪس نه رڳو مٿين واين ۾ موجود آھن پر ھيٺيون وايون به پڻ اھڙي اطلاق سان ھم آھنگ آھن، جن ۾ پڻ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي آھُن ۽ دانھُن جو چٽائيءَ سان ذڪر ملي ٿو.


منھنجي مٺڙي ماءُ،
مون کي ننڊ نه ٿي اچي.
ڪيڏي آھي بي حسي،
ڪھل نه ڪوڪھڪاءُ.
مون کي ننڊ نه ٿي اچي.
پنھنجن، پنھنجن کي ڏنو،
گِھرو آھي گھاءُ.
مون کي ننڊ نه ٿي اچي.
***
ٻيڙي ناھِ ملي،
ڇت تي رکيو لاش آ.
ڪفن بدران ويڙھيل،
اُن کي آھ رِلي.
ڇت تي رکيو لاش آ.
***
عزت لُٽيائونس،
راشن جو ڏئي آسرو.
رڙين، ڪُوڪن، دانھن تي،
گھوگھي گُھٽيائونس.
راشن جو ڏئي آسرو.
***

علي محمد ”درد“ جي ديانتداريءَ جا پيرا، تاجل بيوس جي ھنن سٽن جا ساکي آھن. جن ۾ تاجل لکيو آھي ته: ”اي دوست! تون چئين ٿو ته مان لکڻ ڇڏي ڏيان، سا ڳالھ منھنجي وس ۾ ناھي. جيڪڏھن تون منھنجي قلم کي غور سان ڏسندين ته، منھنجي قلم جي توکي زبان ڏسڻ ۾ ايندي، نه ٿو لکان ته قلم شور ٿو ڪري.“ تاجل جي انھيءَ خيال کي جواز بنائي، علي محمد ”درد“ لاءِ اھو چوندس ته، ھن جو قلم به شايد تاجل جي قلم جھڙو آھي. جنھن ۾ زبان موجود آھي ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. نه لکڻ سان اُھا قلم کي شور ڪرائي ٿي. علي محمد ”درد“ جي قلم جو شور، بور ڪندڙ نه پر انساني احساس جو اعلى احساس ڏياريندڙ آھي. ڇاڪاڻ ته اھو احساس ئي آھي، جنھن تي قومي ۽ انساني رشتا ساھ کڻي رھيا آھن. اھڙن احساسن جي آجيان شاعرن ھميشه مرڪي ڪئي آھي. احساس کان سواءِ انسان اياز گل جي سٽن جئيان ”پراڻي اخبار مثل ٿي پوي ٿو.“
اچو ته، علي محمد ”درد“ جي اھڙين احساساتي سٽن جو سير ڪريون.
بابا اوبابا،
ڏاڍي بُک آھي لڳي.
ڪالھاڪُر اُلٽي به آ،
ڦيري ۽ ٿاٻا.
ڏاڍي بُک آھي لڳي،
***
پاڻي گُھريو مانس،
ٿڦڙ وھائي ڪڍيائين.
بُکيو ننڍڙو ڀاءُ آ،
ڏک مان ڏسيو مانس.
ٿڦڙ وھائي ڪڍيائين.
***
اڇلي ڇو ٿا ڏيو،
اسان به ته انسان ھون.
ٻوڏ جا ھُون ٻڏل،
پاڻ وٽ سڀ ھُيو.
اسان به ته انسان ھُون.
***
لِيڙون ليڙون لٽا،
ٻوڏ متاثر ٻارڙا.
***
ڇولين ۽ ڇَرَ ۾،
ٻيڙي اونڌي ٿي پئي.
ڀريل ماڻھن ساڻ ھُئي،
ھئه ھئه منڇر ۾.
ٻيڙي اونڌي ٿي پئي.
***
ڪُوڪُون ۽ ڪِيھاٽ،
منھنجي سنڌ لُڙھي وئي!
آڌليءَ ڌاري اوچتو،
پاڻيءَ جا ڪڙڪاٽ.
منھنجي سنڌ لُڙھي وئي!
***

جنھن معاشري ۾ اھڙي بي حسي ھُجي، اُتي غريب ماڻھو ڪنھن وٽ وڃي ۽ ڪنھن کي دانھن ڏئي؟ استحصال ڪندڙ جھان خان بڻيل آھي، تنھن ڪري جھان خان ڏي وڃڻ مان به ڪجھ به حاصل ٿيڻو ناھي. اُن کي شڪست ڏيڻي آھي ته، اُنھن جوڌن شاعرن ۽ اديبن جا ھٿ مضبوط ڪرڻا پوندا، جيڪي اھڙن ظالمن ۽ لالچي سياسي وڏيرن سان ھوشوءَ جيئان ھميشه مھاڏو اٽڪائيندا رھن ٿا.
علي محمد ”درد“ سولنگي به اھڙن ئي جوڌن جو ھمسفر جوڌو رھيو آھي. جنھن سچ چوڻ کان ڪڏھن به ڪيٻايو ناھي. اُن جي ثبوتي شاھدي علي محمد ”درد“ جي ھن ڪتاب ”منھنجي سنڌ لُڙهي ويئي“ ۾ جا بجا موجود آھي.
سياسي وڏيرن ۽ مفاد پرستن لاءِ ھن ڪتاب جون سموريون وايون صدين تائين ايف آءِ آر وارو ڪم ڏينديون آھن. علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جي اھڙي بھادريءَ کي ساراھڻ ئي صحيح ۽ حقيقي بھادري آھي.
اھڙي بھادريءَ جا عڪس اڄ کان چار سؤ سال اڳ لطيف جي واين ۽ بيتن ۾ رقص ڪندي ملن ٿا. جنھن ۾ پاڻ پيرن، وڏيرن ۽ بادشاھن جي ساراھ کي ٿُڏو ھڻي پنھنجي ماروئڙن، جھانگيئڙن ۽ سانگيئڙن جي پکن، لانڍين، ڇپرن، ڍنگھرن، کِکِي ھڻن کارن، ڪچن گھرن، ڏھ ڏاتارن، جوڌن، دودن ۽ ھيٺين طبقي جي بھادرن جا قصا واين ۽ بيتن بي ڊَپائيءَ سان بيان ڪري، بھادريءَ جا اھڙا پيرا ڇڏيا، جنھن جا نشان اڄ تائين ڪا به طاقتور قوت مٽائي ناھي سگھي!
علي محمد ”درد“ جون ھي وايون پڻ لطيف جي اھڙي عڪسي اظھار جو اظھار آھن. جن ۾ لطيف جي شاعريءَ جيئان قومي ۽ انساني فطري سوچ سان گڏ انفراديت ملي ٿي. جنھن جي آجيان قومي فرض ۾ شمار ٿئي ٿي.....۽ بس!
ڳالھ جنھن ۾ ھُجي ديسَ مارُن سَندِي،
اھڙي اعلى اَمر شاعري ٿو گھران.
(رضا لانگاھ)

رضا لانگاهه
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ
مورو
11 آڪٽوبر 2022ع

منھنجي سنڌ لُڙھي ويئي

منھنجي سنڌ لُڙھي ويئي

شاعري سماج جي ڏک، سک ۽ دردن پيڙائن جي عڪاسي ڪندڙ ھڪ احساس آھي.
شاعر پنھنجي سماج جي شفاف آرسي پنھنجي شاعري ذريعي پنھنجي قوم آڏو آڻي تاريخ لکي ڇڏين ٿا. شاعري جتي خوبصورت لطيف جذبو آھي، اتي سماج ۾ ٿيندڙ ڏک، درد، پيڙائن ۽ ناانصافين کي نروار ڪرڻ جو ذريعو پڻ رھيو آھي.
شاعر يا ليکڪ بيحد حساس دل جا مالڪ ٿين ٿا، بنسبت ھڪ عام ماڻھو جي. اھو ئي سبب آھي جو سندن شاعري ۾ ھڪ درد ھوندو آھي. ھڪ اھڙو درد جيڪو پڙھندڙن جون اکيون نم ڪري ڇڏي ٿو. اڄ مان شاعري جي اھڙي مجموعي جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿي، جنھن ۾ موجود شاعري، شاعري نه پر ديس جي دانھن آھي. هن ڪتاب جي شاعري کي درد ئي چئجي ته وڌيڪ بھتر. ۽ اتفاق اھو آھي ته هن شاعري جي مجموعي جي تخليقڪار جو تخلص به ”درد“ آھي.
علي محمد ”درد“ سولنگي ادب جي افق جو ڪو نئون نالو نه آھي. هن سنڌي ٻوليءَ کي ڪيترائي شاهڪار ڪتاب ڏنا آھن پر 2022ع جي تازي آيل هن ٻوڏ کي ۽ ٻوڏ جي دردن سورن کي شاعري جي هڪ ئي صنف وائي ۾ ايتري خوبصورت انداز ۾ قلمبند ڪيو آھي جو هن ڪتاب ”منھنجي سنڌ لڙھي ويئي“ ۾ شامل تخليقن کي اگر ٻوڏ جي تباھڪارين جي تاريخ چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو.
سنڌ ۾ آگسٽ مھيني کان شروع ٿيندڙ برساتون ڏسندي ڏسندي پوري سنڌ کي پنھنجي تباھي جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو پھرئين درياءَ جي ويجھو وارا علائقا زير آب ايندا ھئا پر موجودہ ٻوڏ ۽ درياءَ جي چاڙھ ۽ برساتن پوري سنڌ کي تباہه ڪري ڇڏيو ڪيترا ئي گھر بلڪه شھرن جا شھر ان تباھي جي ور چڙھي ويا ھزارين ماڻھو بي گھر ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجن پيارن کي پنھنجن اکين سامھون لڙھندي ۽ مرندي ڏٺو. اھڙين حالتن ۾ ھڪ عام ماڻھو ڪيترو به سخت دل ڇو نه ھجي جُهري پيو ھئو. پوءِ ڀلا ھڪ حساس دل شاعر سماج ۾ ٿيندڙ اھڙي ڏکويل صورتحال تي ڪيئن نه دکي ٿيو ھوندو. بحيثيت ھڪ شاعرہ ۽ ليکڪه جي مون کي خبر آھي ته قوم، وطن ۽ انسانيت جي ھر ڏکئي وقت ۾ تخليق جي ديوي چئو يا ڏک چئو لفظن جو روپ وٺي لکندڙن جي اکين مان لڙڪن ۽ قلم مان مس ذريعي ڪاغذ تي پکڙجي وڃن ٿا. سنڌ جي اھڙي صورتحال تي ڪجھ اھڙو ئي درد سنڌ جي خوبصورت شاعر علي محمد ”درد“ سولنگي محسوس ڪيو ۽ اھو درد سندس قلم ذريعي ڪاغذ تي اوتجي ويو آھي جيڪو ”منھنجي سنڌ لڙھي ويئي“ جي ڪتابي صورت ۾ اسان جي هٿن ۾ آھي. منھنجو تعلق به دادوءَ سان آھي ۽ هن ٻوڏ ۾ ٻين ضلعن جي بنسبت بدقِسمتيءَ سان دادو ضلعي وڌيڪ ڀوڳيو آھي، مون جڏهن علي محمد ”درد“ سولنگي جي هيءَ وائي پڙھي ته ٻوڏ جو سمورو درد منھنجي اکين اڳيان اچي ويو ۽ مان نيڻ پُسائي ويٺس. اهو ماڻھو ئي ان درد کي محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪو گهر کان بي گهر ٿي ڪئمپن يا روڊ يا بندن تي پنھنجا ٻچا ويھاري بک تي رهي چڪو هوندو. خيرپور ناٿن شاه سان گڏ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن اهو درد ڀوڳيو جو کين اچانڪ رات جي پيٽ ۾ سر ۽ ساھ وٺي جهريل جهوپا ڇڏي کين ٻاهر نڪرڻو پيو.
ھاڻي جو ھاڻي،
نِڪرو ناٿن شاھ مان.
ڌوڪيندو پيو ٿو اچي،
پاڻي ڙي پاڻي.
نِڪرو ناٿن شاھ مان.
خطرو خُدا واھَ کان،
راڻا او راڻي.
نڪرو ناٿن شاھ مان.
الرٽُ آڌيءَ راتِ جو،
خلقت ويڳاڻي.
نڪرو ناٿن شاھ مان.
ٻوڙيائون ٻيھر وري،
ڄاڻي ۽ واڻي.
نڪرو ناٿن شاھ مان.

مان عذاب الاهي، الله پاڪ جي بندن سان پيارَ، تي ويچاريان ٿي ته منھنجو سڄو وجود ڏڪي وڃي ٿو ۽ گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ ان نتيجي تي پھچان ٿي ته الله پاڪ جي ٻاجهاري ذات ئي آھي جيڪا پنھنجي بندن سان بي پناه پيار ڪري ٿي. هن سيلاب ۾ سنڌ جي سڀني شھرن سان ٿيل نانصافين، ظلم ۽ ھٿ سان شھرن ۽ ڳوٺن ٻوڙڻ واري ان ظلم کي علي محمد ”درد“ سولنگي خوبصورت انداز سان هن وائي ۾ بيان ڪيو آھي، جنھن کي پڙھڻ سان ڳوڙھا ڳڙي پون ٿا. هن وائي ۾ پاڻيءَ جي ھٿرادو يلغار به بيان ڪيل آھي ته هٿرادو ڪٽ ھڻي ھٿ سان ٻوڙايل سنڌ جو درد به اوتيل آھي ۽ بکين اڃن مارن تي واسينگن جي وار مٿان وار جا پڻ ڪيئي قصا آھن. ڪنھن ڪنھن مفلس ۽ نادارن مارن جي سار لڌي ۽ ڪنھن ڪنھن کين ستايو ۽ ايذايو اهو به بيان ٿيل آھي.
ڳالھ اِھا چوڌار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن.
ھيءَ ڪا آفت ڪانه ھُئي،
پاڻيءَ جي يلغار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن.
جاٿان ڪاٿان ڪَٽَ ڏئي،
ويٺا هي ڪمدار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن.
بُکَ اُڃَ ۽ بيماريون،
واسينگن جا وار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن.
مفلس نادارن سندي،
ڪانه لڌائون سار.
ھَٿَ سان ٻوڙايو اٿن.

علي محمد ”درد“ سولنگي سنڌي ٻولي کي ڪيترائي ڪتاب ڏنا آھن، مان هتي سندس ڪيل ادبي خدمتن جو پورو پُنو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿي. هيءُ ”منھنجي سنڌ لُڙھي ويئي “علي محمد ”درد“ سولنگي جو مجموعي طور تيرنھون ڪتاب آھي، هن ڪتاب کان اڳ سندس ٻارنھن ڪتاب، ”ٻار گلن جا ھار“، ٻارن لاءِ شاعري 2005ع، ”چاھتن جا گلاب“ شاعري 2006ع، ”چاھتن جي موٽ“ شاعري 2008 ”سھڻا ٻار“ ٻارن لاءِ شاعري 2012ع، ”ھڪ شام جو الميو“ ڪھاڻيون 2012ع، ”موتين داڻا“ ٻارن لاءِ شاعري 2017ع، ”ڪاش!“ شاعري 2019ع، ”قلم جنين جي ھٿ ۾“ خاڪا 2020ع، ”وڃائجي ويل رنگن جو احساس“ نثري نظم 2020ع، ”ڪراچي سنڌ آ سائين“ شاعري 2021ع، ”قدر منجھ ڪنار“ پروفائيل انٽرويوز، 2021ع، ”ھنڌان ھنڌان جھير“ نثري ٽڪرا 2022ع، ڇپيل آھن. جيڪي سڀئي منفرد ۽ بھترين ڪتاب آھن، جن ۾ ”درد“ جي درد سان گڏ ڪيئي درد سمايل آھن.
پر 2022ع جي ٻوڏ جي تباھڪارين جي موضوع تي سنڌ جي درد تي مشتمل سندس ھيءُ ڪتاب ”منھنجي سنڌ لُڙھي ويئي“ درد جي حساس دلي جي دليل سان ديس جي مشترڪه درد جي دانھن تي مشتمل آھي، جنھن کي ”درد“ شاعراڻي صنف وائي جي ڏکين پيچرن تي نڀائيندي خوب ملھايو آھي. سندس هيءَ وائي ڀانُ، بدين جُهڏو، جوھي، وارھ، ميھڙ، ڏوڪري، خيرپور ناٿن شاه، ٺٽو، نوشھرو فيروز، مورو، مَچُرُ، وَرُ سجاول، ھاڪڙي ڪنڌي جا شھر ڳوٺ ڪاڇي، ڪچي، کاھيءَ سان گڏ سڄي سنڌ جي سورن کي شامل درد جي آلاپ کي عوام تائين پھچايو آھي.

ڀان، بدين جُهڏو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
وارھ، ميھڙ، ڏوڪري،
ڪي۔ اين شاھ، ٺٽو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
نوشھرو، مورو، مَچُرُ،
هر هڪ شھر ٻڏو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
وَرُ، سجاول هاڪڙو،
ڪاڇو ۽ ڪچو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
پاڻي هي برسات جو،
کاهيءَ تاءِ پڳو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
لڙھندڙ لاشن کي ڏسي،
آيُن ڪين جهٻو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!
ناهي ڪجهه بچيو ڪٿي،
جيڪر سچ پُڇو.
ساري سنڌ ٻُڏي وئي!

ھن ٻوڏ کان پوءِ سڪاري سنڌ جي ڏکارن ڏوٿين مان ڪنھن جو به گهر ناھي بچيو، جيڪو هنڌان هنڌان نه ٽٽو هجي هن وائي ۾ ”درد“ علي محمد سولنگي سڀني ٽٽل گهرن کي پنھنجي گهر سان ڀيٽ ڏئي ان ڳالھ کي بانور ڪرايو آھي ته سنڌ ۽ سنڌين جا درد سُور منھنجا پنھنجا درد سور آھن، اها ڳالھ ان چوڻ ۽ مڃڻ لاءِ ڪافي آھي ته درد علي محمد سولنگي سنڌ جو سچو شاعر ۽ وطن ۽ قوم جو هڏ ڏوکي شاعر آھي وائي جي شروعات ۾ ڪتب آندل لفظ (هئه ھئه!) اهڙو ته ماتمي ۽ درديلو آلاپ پيدا ڪن ٿا جو وائي پڙھڻ سان پڙھندڙ غم جي ڪيفيت ۾ ڦاسي پوي ٿو.
هئه هئه! منھنجو گَهرُ.
ھنڌان هنڌان پيو ڏري.
ڀِتيُن ڇِتِيُن ساڻُ گڏُ،
منھنجو ھيءُ اندرُ.
ھنڌان هنڌان پيو ڏري.
قرض کڻي قسطون ڪري،
ٺھرايو هو پَرُ.
ھنڌان هنڌان پيو ڏري.
اھڙيون برساتون پيون،
ڇت وارو آڳُرُ.
ھنڌان هنڌان پيو ڏري.

هن وائي کي به ماتمي يا غم جي وائي ئي چئي سگهجي ٿو جنھن ۾ درد، سنڌ جي غم کي ڪربلا جي غم سان ڀيٽي پنھنجي اوچي ۽ اعليٰ عشق جو ثبوت ڏنو آھي.
مَنَ مَنَ ۾ ماتم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
سنڌ سڄي ٿي ڪربلا،
موٽيو ڄڻُ! مُحرم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
ٽھڪ ٽڙڻ بند ٿي ويا،
ھر ڪا اَکِ آ نَمُ.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
ڳوڙھا ڳوڙھا ڳالھيون،
هر ڪنھن سان گڏ غم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
مان پنھنجي ڀاءُ علي محمد ”درد“ سولنگي کي ٻوڏ جي تباھڪارين تي مشتمل هن ڪتاب تي کيس ڀليڪار چئي ڪتاب ڇپجڻ جون مبارڪون ڏيان ٿي ۽ يقين سان چوان ٿي ته سندس هيءُ ڪتاب دُکي دلين لاءِ درد جو دارون ثابت ٿيندو.
نھايت نيڪ دلي سان ادا درد لاءِ دعا آھي ته الله پاڪ هميشه کيس ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون نصيب فرمائي جيئن هو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندو رهي.
ساٿ سلامت سنڌ سلامت

خوشبو بلوچ
حيدرآباد سنڌ

شاعري جي آئيني ۾ زندگي جا عڪس

شاعري جي آئيني ۾ زندگي جا عڪس

شاعري جي باري ۾ ذھنن ۾ عام ھڪ تصور اهو به هوندو هو ته شاعري ۾ صرف گل باغ ۽ بلبل جا فرضي داستان بيان ٿيل هوندا آھن پر درحقيقت ائين هرگز ناهي وقت ۽ حالات جي پٽاندر جيئن هر شيءِ تبديلي ۽ جدت جي طرف وڃي رهي آھي، بلڪل ائين شاعري پنهنجا نت نوان گس ٺاهي ورتا آھن. محدود موضوعن جي قيد مان نڪري موجوده وقت جي تقاضن کي مدنظر رکندي نواڻ جي پرفضا ماحول ۾ ساھ کڻي رهي آھي، ائين کڻي چئجي ته شاعري حالات جي عڪاس هوندي آ يا آس پاس ۾ ٿيندڙ حالات جو اهو آئينو هوندو آھي جنهن ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي ڏسندو آھي موجوده حالات جي پٽاندر جتي هرانسان حيران ۽ پريشان آھي اتي حساس دل رکندڙ شاعر غم جانان کي ڇڏي غم دوران لاءِ فڪرمند رهن ٿا، موجوده وقت ۾ جتي سنڌ مسلسل تڪليفون ڏسي رهي آھي، اهڙي وقت ۾ وري سيلاب جي ڏکوئيندڙ صورتحال هڪ انساني الميي کي جنم ڏنو آھي. ان ۾ هرانسان پنهنجي پنهنجي حصي جون ڀوڳنائون سٺيون علي محمد ”درد“ سولنگي جو ڪتاب ”منهنجي سنڌ لڙھي ويئي“ ڏکن جو اهو دستاويز آھي، جنهن کي کوليندي دل ڏڪي ٿي وڃي، جتي ڪجھ به ڪڇڻ به ايترو سولو نه هجي اتي ڏکن کي لفظن جوويس پارائي شاعري جوروپ ڏيڻ ڪمال فن جواعجاز آھي، ٻوڏ جي حوالي سان سنڌجي صورتحال تمام ڏکائيندڙ ۽ اذيتناڪ آھي. اگر سوچيو وڃي ته جدت جو مفهوم ڇاهي يعني احساس ۽ تخيل کي ٻن اهم ترين عناصر ۾ تصورڪيو ويندو آھي، تخيل جي نواڻ يا انوکو پَنُ هڪ تخليقي عمل آھن لفظ قافيا ۽ موضوع ڀلي ساڳيا هجن پر خوبصورت انداز بيان جو فن ڪنهن ڪنهن وٽ ئي هجي ٿو علي محمد ”درد“ سولنگي جي شاعري انهن ماپن ۾ پوري لهي ٿي.
هاڻي جو هاڻي،
نڪروناٿن شاھ مان.
ڌوڪيندو پيوٿواچي،
پاڻي ڙي پاڻي.
نڪرو ناٿن شاھ مان.
خطرو خداواھ کان،
راڻا! او راڻي.
نڪرو ناٿن شاھ مان.

هي منظر ٽي وي اسڪرين تي اکين سان ڏٺا ويا، جتي لفظن ساٿ نه پئي ڏنو فقط ڳوڙھن ڳالهايو پئي علي محمد ان منظر کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. اهي جايون ڪکڙا اچانڪ ڇڏي ڏيڻ، جن سان انسان جو جذباتي لڳاءُ ھجي تن کي اوچتو ڇڏي ڏيڻ انسان جي اندر کي ضروراڌ ڪيوهوندو جيئن پکي، ڪک ڪک ميڙي هڪ آکيرو جوڙي ٿو، تئين انسان به سيمنٽ گاري ۽ سرن سان نه پر درحقيقت قربانين سان گهرڙو جوڙي ٿو سا سندس دل کي ئي خبر هوندي آ ته هڪ هڪ سر سان ڪيڏا خواب ڳنڍيل هوندا آهن، اچانڪ هر ڪک پن تان دستبردار ٿيڻ آيترو آسان ڪٿي هو؟
اهو منظر تمام ڏکائيندڙ ھو. جڏھن خيرپور ناٿن شاھ کي ڇڏڻ جو حڪم صادرٿيو ۽ اڳتي وک کڻڻ لاءِ ڪا واھ نه هجي ان بيوسي ۽ لاچاري کي علي محمد سولنگي تمام خوبصورت نموني شاعري جي ڪيئنواس تي چٽيو آهي.

ڪاري قهري راتِ،
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
پاڻي گهرن آيو گهڙي،
ساههَ سَڀِن سڪراتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
نِڪرو پنهنجا سِر وَٺي،
وائي هر ڪنهن واتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
اوهي واهي ڪونه ڪو،
سُڏڪي پيا جذباتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
اَلههُ تَلَههُ هليو وَيو،
پِرههَ ڦُٽي پرڀاتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
شاعري تخيل جي شادابي ۽ احساسن جي لطافت ۽ جذبات ۾ شدت جونالو آھي يا مختصرطورائين به چئي سگهجي ٿو ته ٻين جي دل جي ڳالھ پنهنجي لفظن ۾ بيان، ڪرڻ ئي اصل ۾ شاعري آھي. درحقيقت لفظن جي چونڊ، ترتيب انفراديت جو ثبوت ڏنو آھي، جيئن هي وائي:
ڏارون ڏارون ڏار،
منهن جوگهرڊھي پيو.
برساتون هيلوڪيون،
قيامت جا آثار.
منهن جوگهرڊھي پيو .
هي سنڌ جي تاريخ جي خوفناڪ صورتحال رهي جڏھن زميني رابطه ڪٽجڻ ڪري زندگي مفلوج ٿي وئي هئي، زندگي کي گذارڻ ايترو آسان نه هيو، دربدري هڪ وڏو ڏک بڻجي وئي هئي. بيوس انسان پنهنجا ئي ٻچڙا ائين پنهنجي اکين آڏو موت جي منهن ويندي ڏسندا رهيا ۽ پنهنجي پيارن کي ائين لڙھندي ڏسي هرجيءُ جهريو هوندو. اهي سانحه من کي جهوري وجهندڙ ھئا پر علي محمد ”درد“ سولنگي اهڙي ڪمال فن سان انهن جي منظر ڪشي ڪئي آھي، جو پڙھندي انسان جي ذھن جي اسڪرين تي اهي منظر چٽي طورنظراچن ٿا، پڙھندي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اُهي سڀ سانحه هن وقت پيش اچي رهيا آهن، لفظ، لفظ لڙڪ بڻجي پوي ٿو يا ائين کڻي چئجي ته شاعري جي آئيني ۾ زندگي جا عڪس نظراچن ٿا.

ڪوڪون ۽ ڪيهاٽ،
منهنجي سنڌ لڙھي وئي.

يا

بيوس ۽ لاچار،
رستن تي پيا ٿا رهون.

ويٺا ناهيون شوق سان،
ايئن ڇڏي گهرٻار.
رستن تي پيا ٿا رهون.

بي وسي ۽ بي حسي جيڪا ٻوڏ جي صورتحال ۾ نظر آئي سا پهريان تصور ۾ به نه هئي، هرسٽ ھڪ الڳ ڪهاڻي جيان آھي.
منهنجي مٺڙي ماءُ،
مون کي ننڊ نه ٿي اچي.
ڪيڏي آھي بي حسي،
ڪهل نه ڪهڪاءُ.
مون کي ننڊ نه ٿي اچي.

اهي سارا منظر جيڪي اکين سان ڏٺا ويا سي سڀئي منظر ڀاءُ علي محمد ”درد“ سولنگي جي شاعري جي هن ڪتاب جي شاعري ۾ نظراچن ٿا، جيڪي اکين ڏٺا.
علي محمد ”درد“ سولنگي هڪ سنجيده ۽ مستقل مزاجي سان لکندڙ آھي. خدا کيس اڃان ڏھوڻي ڏات ڏِئي لکندو رهي ۽ پروردگار سندس صحت کي سلامت رکي. آمين

فهميده شرف بلوچ
ڪراچي

هيءَ فقط شاعري ناهي...

هيءَ فقط شاعري ناهي...

برسات جي موسم خوشگوار ۽ ماڻهوءَ کي وڻندڙ ٿيندي آهي. هن موسم ۾ وڻ، ٽڻ، گل، ٻوٽا ماحول کي حسين بڻائي ڇڏيندا آهن. مٽيءَ جي خوشبو، پکين جون مٺڙيون لاتيون ساهه کي پيون سرور بخشينديون آهن.
برسات کي ڏسي واهڻ وسندين ۾ رهندڙ هاري به خوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن، ڇو ته برسات الله تعالي جي نعمت آهي. ان جي پوڻ سان نه صرف سونهن ۽ ساوڪ ۾ اضافو ٿيندو آهي پر پرسات انسانن، جاندارن ۽ ٻوٽن ۾ روح ڦوڪي ڇڏيندي آهي، پر سڀ قدرت جي هٿ وس آهي. خدا اگر چاهي ته بَرَ کي بهار بنائي ڇڏي، جي چاهي ته وَسِيَل آباديون پَٽُ ڪري، اجڙيل ميدانن جي صورت ڏئي.
2022ع هن سالَ ۾ پيل برسات مسڪراهٽون کسي سڏڪا ڏنا، هر پاسي آهون دانهون ۽ پڪارون ٻڌڻ ۾ آيون. مينهن هر گهر کي جهوري وڌو. ان پريشاني مان ماڻهو اڃان نِڪتا ئي ڪونه هيا ته مٿان ٻوڏ جي اچڻ جا اعلان شهرن کان ڳوٺن تائين ڪرايا ويا. هر پاسي ماڻهن جي چهرن تي اداسي، لاچاري ۽ خاموشي تاري ٿي وئي. ان سڄي دردناڪ صورتِحال جي عڪاسي سِنڌَ جي ماروئڙن لاءِ درد رکندڙ شاعر ”درد“ سولنگي شاعريءَ جي روپ ۾ ڪئي آهي. لکي ٿو ته:
ڏارون ڏارون ڏار،
منهنجو گهر ڊهي پيو.
برساتون هيلوڪيون،
قيامت جا آثار.
منهنجو گهر ڊهي پيو.
هي فقط شاعري ناهي پر اها ڪيفيت آهي، جيڪا هن محسوس ڪئي. برسات ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين هر هنڌ واويلا مچائي ڏني. ٻوڏ سان گڏ خوشيون لڙهندي نظر آيون، جنهن لاءِ شاعر لکيو:
ٽهڪ ٽڙڻ بند ٿي ويا،
هر اک آ نم.
خوشيون لڙهيون ٻوڏ ۾.
لکين ماڻهو بي گهر بي آسرا ٿي ويا، ضعيف ننڍڙا معصوم ٻارڙا، نياڻيون روڊن تي اچي وَيُون. جِن جي سار لهڻ وارو به ڪونه هو. شاعر ”درد“ لکيو ته:
بيوس ۽ لاچار،
رستن تي پيا ٿا رهون.
حالت کان مجبور ٿي،
ننگ وٺي نروار.
رستن تي پيا ٿا رهون.

”درد“ سولنگيءَ جي شاعري انهن سڀني تڪليفن، ڏکن ۽ سورن کي ظاهر ڪري ٿي، جيڪي ٻوڏ جي حالت ۾ ماڻهنِ تان گذريا. ٻوڏ ۽ برسات ۾ اهڙي صورتِحال هئي جو انسان ٻئي انسان سان ساٿ ڏيڻ بدران اُن جو مخالف بڻجي بيٺو. هٿ ساٿ واريون هستيون پنهنجي شان ۽ مال دولت گڏ ڪرڻ ۾ مصروف هئي. غريب ماني ڀور لاءِ محتاج ۽ پريشان هيا. ان کي ڏسندي علي محمد درد سولنگيءَ چيو ته:
ڪلهه کان بکيا هون،
سار لهي ڪو ڪونه ٿو.
خِيمي ۽ راشن سواءِ،
پَٽَ تي لُڇِيا هون.
سار لهي ڪو ڪونه ٿو.
سنڌ جا شهر ٻڏا. ٻهراڙيون رستا، زمينون پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون، مائن جون اميدون، نياڻين جون خواهشون، ٻارڙن جي تعليم ٻوڏ ٻوڙي ڇڏي. ”درد“ سولنگي جي هن ڪتاب ”منهنجي سنڌ لڙهي ويئي“ جي شاعري ۾ هر سٽ ۾ اهو سچ آهي، جيڪو سڀني تي گذريو ۽ ڪيترائي خاندان اڃان انهن کي ڀوڳين پيا.

صبا شاهه
20 آڪٽوبر 2022ع

سونُ ورنِين سِٽنِ جي وَرکا

سونُ ورنِين سِٽنِ جي وَرکا

سنڌ جي ادبي اڀ تي ڪيترائي ستارا چمڪندي نظر اچن ٿا، انھن ستارن مان ڪيترائي ستارا اھڙا به آھن، جيڪي پنھنجي جوت سان نظرن جي ڌيان جو ھميشه مرڪز رھن ٿا.
انھن جڳمڳائيندڙ ستارن مان ڀاءُ علي محمد ”درد“ سولنگي به ھڪ آھي، جنھن جي ادبي توڙي سماجي سڃاڻپ جا ھونئن ته حوالا ڪيترا ئي آھن، پر سندس اھم ۽ مضبوط سڃاڻپ جو حوالو شاعر وارو ئي آھي. ڇو ته فطري ۽ سماجي شعور سان جھڙي ريت ھن جي شاعريءَ جو سفر جاري آھي، مون کي يقين آھي ته ھو مستقبل ۾ به پنھنجي سون ورنين تخليقي سٽن جي ورکا سان سنڌي ادبي اتھاس جو اھم حصو ٿي رھندو. انشاءَ الله
درد سولنگي جن ڪيترائي ڪتاب سنڌ امڙ جي جھوليءَ کي ارپيا آھن. ”منھنجي سنڌ لڙھي وئي“ سندس واين تي مشتمل ڪتاب آھي.
درد، خود علامت آھي شاعريءَ جي نزول جي، ڇوته درد ۽ احساس ئي اھي اھم محسوساتي ڳڻ آھن، جن جي طفيلي تخليقي ذھن جي آبياري ٿئي ٿي، علي محمد ”درد“ سولنگي ته آھي ئي درد، ۽ اھوئي درد، اھو ئي احساس ھن جي تخيل جو اصل جوھر آھي. اھوئي سبب آھي جو اڄ علي محمد ”درد“ سولنگي ھڪڙي اھڙي احساساتي درد جي شدت جو استعارو بڻيل موضوع ٻوڏ تي لکيل پنھنجي واين جي مجموعي سان گڏ حاضر ٿيو آھي.
وائي سنڌي شاعريءَ جي پنھنجي نج نبار اصلوڪي صنف آھي ۽ سنڌي شاعري جو اتھاس واين جي ورلاپ سان ڀريو پيو آھي. ڪالھ لکي ويندڙ وائي ڪلاسڪ جو اھم مقام ته ماڻي چڪي آھي. جنھن جو مھدار شاھ لطيف آھي، ڀلي کڻي شاھ لطيف کان اڳ وائيءَ جو وجود ھيو به کڻي پر ان کي موضوعاتي توڙي تخيل جي اعلي معيار ڏيارڻ جو ڪريڊٽ شاھ لطيف جي حصي ۾ ٿو اچي.
ائين ئي جديد سنڌي وائي کي جيترو شيخ اياز عروج ڏياريو، ان عروج تي پھچ اڃان ته ڪنھن جي حصي ۾ نه آئي آھي، پر ائين به ناھي ته ڪو صفا ڀينگ لڳي پئي آھي، ڪيترائي شاعر جديد توڙي قديم رنگ ۾ وايون لکي رھيا آھن ۽ تمام سٺيون وايون لکي رھيا آھن، انھن سٺين واين لکندڙن ۾ علي محمد ”درد“ سولنگي به شامل آھي. جنھن ڪالھ جڏھن وائي لکڻ شروعات ڪئي ھئي ته، ھو منفرد لب و لھجي ۽ وائيءَ جي اصل روح کي مڪمل اپنائي تمام خوبصورت وايون لکيون، ۽ سچ ته اھو به آھي ته درد سولنگي جتي واين جي صنف ۾ بي ساختگي ۽ اڏام ڀري آھي، اھا سندس ٻين صنفن تي به ڀاري آھي، ۽ ھو ھڪڙو مڪمل ۽ منفرد وائيءَ جو شاعر ٿي اڀريو آھي.
کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون ادا علي محمد ”درد“ سولنگي جي لاءِ، سڀني جي دعائن جي ھميشه طلبگار

ڪونج بلوچ
لانڍي ڪراچي

ڪيڏاري جي ڪَربَ جھڙي شاعري

ڪيڏاري جي ڪَربَ جھڙي شاعري

شاعري پنھنجي جوھر ۾ ٻن رُخن جي حامل رھي آھي. جنھن ۾ سماجي ۽ جمالي شاعري اچي وڃي ٿي. جمالي شاعريءَ جو تعلق سونھن يا خوبصورتيءَ سان جُڙيل آھي، جڏھن ته سماجي شاعريءَ جو واسطو سماج جي ڪَرب سان ڳنڍيل ھُجي ٿو. علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جو ھيءُ ڪتاب سماج جي سُورن ۽ دردن جو اطلاق داستان آھي، جنھن ۾ ڌرتي ڌڻين جي دانھن جو ذڪر چٽائي ۽ بي باڪي سان ملي ٿو.
علي محمد ”درد“ سولنگي سنڌ جو اھڙو سُڄاڻ شاعر آھي، جنھن پنھنجي قلم جي مس کي ڪڏھن بِه سُڪڻ ناھي ڏنو، پاڻ ھڪ مسلسل ليکاري رھيو آھي، مسلسل لکڻ جي ڪري سنڌ جي اندر جيڪا کيس مڃتا ملي آھي، اُھا سڀاويڪ نظر اچي ٿي.
سندس واين جي ھن ڪتاب ۾ پاڻ جيڪو ڌرتي ڌڻين تي ڪيڏارو لکي، شاعراڻو حق ادا ڪيو آھي، اُھو يقينن صدين تائين ساھهُ کڻندو.
ٻه ھزار ڏھه جي ٻوڏ کان پوءِ ٻه ھزار ٻاويھن جي برسات، سنڌ کي جيڪو نقصان رسايو آھي ۽ ان نقصان ۾ جيڪا وڏيرڪي سوچ ظاھر ٿي آھي، انھيءَ تي علي محمد ”درد“ سولنگي جئيان ھر ماڻھوءَ کي سوچڻ گُھرجي.
ڇاڪاڻ ته، انھن وڏيرن مان نه اڳ ۾ چڱائي ٿي آھي، نه ھاڻي ڪا چڱائيءَ جي اُميد ڪري سگھجي ٿي. اُھي وڏيرا صرف پنھنجن مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ غريب عوام سان کيڏندا رھيا آھن. ۽ اُنھن کي ڪُوڙن آسرن ۾ ڦاسائي ووٽ وٺندا رھن ٿا. وڏيرن جي اھڙي ڪُوڙي عمل ۽ کوکلين ڳالھين کي پنھنجي واين ۾ علي محمد ”درد“ سولنگي جھڙيءَ ريت ظاھر ڪيو آھي، اُن جي آجيان ڪرڻ گھرجي.
اُستاد بخاري، ”ڪاري ڪڪر ھيٺ“ ڪتاب لکي، پوري سنڌ جي ڀوتارڪي ڪلچر کي جھڙي طريقي سان ظاھر ڪيو ھو، اھڙي ئي طريقي سان سندس شھر دادؤَ سان تعلق رکندڙ بي باڪ شاعر علي محمد ”درد“ سولنگي پڻ پنھنجي شاعريءَ جي ذريعي ڀوتارن جي اھڙي گندي سوچ کي ظاھر ڪري، عوام کي جيڪو پيغام ڏنو آھي، اُھو اڳتي ھلي صدين جي تاريخ جو حصو بڻبو. اھڙي حصي جو حصيدار يقينن علي محمد ”درد“ سولنگي ھوندو، جنھن کي تاريخ ۾ ڪو به ميساري نه ٿو سگھي.


نجم سُرھيو
ڪائونسلر
سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو
16 آڪٽوبرر 2022ع

فيس بوڪ فرينڊ

فيس بوڪ فرينڊ

سوشل ميڊيا به ڪمال آھي، ڪٿان کان ڪٿي ٿا اچي ماڻھو ملن، سڄي دنيا جا ماڻھو پل ۾ دوست ٿيو وڃن. ائين مون سان جڙيل دوست جيڪو سٺو شاعر، سٺو نثر نويس، اوتروئي پاڻ سونھن ۽ سوڀيا جو مالڪ پڻ آھي. سائين جي مھربانين سان پوسٽ رستي موڪليل ڪتاب؛ 1. ”ھنڌان ھنڌان جھير“ (ڊائري جا ورق) 2. ”قلم جنين جي ھٿ ۾“ (خاڪا) سنڌ جي تخليقڪارن جا جو تعارف سھيڙي جنھن کي ڪتابي شڪل ڏيئي وڏو ڪم ڪيو آھي. 3. ”وڃائجي ويل رنگن جو احساس“ (نثري نظم) مون تائين پھتا. انھن ڪتابن جو خالق پيارو علي محمد ”درد“ سولنگي. درد سولنگي سان منھنجي ڪابه روبرو ملاقات ڪانه آھي، پر علمي ادبي سڃاڻپ جي ڪري اسين گھرا دوست آھيون. ”درد“ سولنگي ادبي کيتر ۾ پاڻ ملھايو آھي. صرف لکيو ڪونھي پر ان مواد کي ڪتابي شڪل ڏيئي ۽ ڇپائي پڙھندڙن تائين پھچايو آھي. درد جي شاعري ۾درد آھي، پيڙا آھي، سندس شاعري ۾ ڌرتي جو درد آھي ۽ سنڌ ۽ سنڌي مارن جي محبت نمايان آھي. درد جا جتي غزل خوبصورت آھن اتي نثري نظم به ڪمال آھن.
اچو ته ھي نثري نظم پڙھون:

تون پنھنجي مٿان
نڇاور ٿيل
گلن کي لتاڙيندي
اڳتي وڌندي ٿي وڃين
۽ آئون
تنھنجي پيرن ھيٺان چيڀاٽيل
گُلن، پتين
۽ پوءِ پنھنجي دل ڏانھن ڏسان ٿو
۽ سوچيان ٿو
ڇا
نڇاور ٿيڻ وارن جو
اھوئي مقدر آھي.

ھن نثري نظم ۾ ”درد“ لکي ٿو ته جيڪي ٻين مٿان پاڻ گھوري ڇڏيندا آھن ۽ نڇاور ٿيندا آھن، انھن جو نصيب انھن نڇاور ٿيل گلن جيان ھوندو آھي. ڪجھ وقت لاءِ اھي گل وڏي احترام سان رکيا ويندا آھن پر جڏھن نڇاور ٿيندا آھن ته پوءِ عام ماڻھن جي پيرن ھيٺان پيا لتاڙبا آھن.
بحر حال علي محمد ”درد“ سولنگي ادبي کيتر ۾ گھڻو پورھيو ڪيو آھي، ”درد“ سولنگي جتي درد جي ڳالھ ڪري ٿو، محبت ۽ پيار جي ڳالھ ڪري ٿو، ان سان گڏو گڏ ڌرتيءَ جي رنگن جي ڳالھ ڪري ٿو ۽ درد ھي نرم دل انسان ڪنھن جا درد ڏک ڪونه ٿو سھي سگھي، تازو سنڌ ۾ آيل طوفاني برساتن ۽ انھن برساتن جي ڪري دربدر ٿيندڙ سنڌي ماڻھو جن جا فصل اجھا به اجڙي ويا، مارو ويچارا گھر کان بي گھر ٿي ويا، ڪيتريون جانيون ضايع ٿي ويون، ڪيترا معصوم ماڻھو ٻڏي مري ويا، ڪيترا معصوم ماڻھو بيماري وگھي ھي دنيا ڇڏي ويا، سنڌ حڪومت ۽ سنڌي وڏيرن پنھنجون ملڪيتون بَچائڻ لاءِ پاڻيءَ جو رخ موڙي ڪيترن ئي شھرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙائي ڇڏيو. جيڪي لاوارث سنڌي جن جو ڪوبه والي وارث ڪونه ھو.
”درد“ سولنگي ٻوڏ ۽ برسات ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن تي ڪڙڪي پيل عذاب تي شاعري ڪئي آھي، درد سولنگي جون وايون ان سڄي تباھي جي عڪاسي ڪن ٿيون.
لاشَ ملن ٿا پيا،
جيئن جيئن پاڻي ٿو لهي.
نڪريو اچن ٿا اوچتو،
نانگ ڏنگن ٿا پيا.
جيئن جيئن پاڻي ٿو لھي.
شاعري ۾ مطالعو ۽ مشاھدو شاعري جي سونھن ٿيندا آھن، ھي درد جو مشاھدو آھي، پاڻي ۾ پيدا ٿيندڙ نانگ بلائون ۽ زھريلا جيت جن جي ڏنگڻ سان ڪيتريون معصوم جانيون ضايع ٿيون آھن.

ھاءِ ھاءِ
ھي خيال ڏسو:

ھڪ ننڍڙو نينگر،
ٽرڪ لتاڙي وئي ھلي .
ٻوڏ منجھان آيو بچي،
ھاءِ اھو ڪونڌر.
ٽرڪ لتاڙي وَئي هَلي.
ھن ڪيفيت کي پڙھو

سک سان ڪيئن سمھان،
ھر ھر ننڊ منجھان.
ڇرڪ ڀري اٿيو پوان.

پاڻي ئي پاڻي رڳو،
لڙھندي لاش ڏسان.
ڇرڪ پري اٿيو پوان.
درد جي دل ۾ ايڏو درد آھي، مون کي لڳي ٿو ته درد سولنگي جو وقت صرف ماروئڙن جي تڪليفن تي لکڻ لاءِ وقف آھي.
منھنجي دعا آھي ته علي محمد ”درد“ سولنگي آباد ھجي ۽ مارن جي اھِنجَن ۽ آزارن بابت آواز اٿاريندو رھي.

امين زرداري
03003226929

سنڌ ۽ سماج جو درد رکندڙ ”شاعر“

سنڌ ۽ سماج جو درد رکندڙ ”شاعر“

علي محمد ”درد“ سولنگي سنڌي ٻوليءَ جو اهو سهڻو، پڪو، پختو قلمڪار آهي، جنهن جون لکڻيون محبوب جي ماڻَنِ جيان هر عاشق دل کي ڌاڻن جي پوک مان اٿندڙ خوشبوءَ سان جڳ جي دلين کي سيراب ڪن ٿيون.
علي محمد ”درد“ سولنگي نه رڳو سگهارو شاعر آهي، پر شخصي طور تي به پنهنجي شهر دادوءَ جي دل ۾ ڌڙڪن جيان رهڻ جو فن پڻ ڄاڻيندو آهي. سندس قلم جي نوڪ مان سرجيل شاعري يا نثري ڪا تخليق پاڻ ڳالهائيندي آهي، علي محمد ”درد“ سولنگي جي تَخليقُن ۾ عشق، محبت، پيار، نهٺائي، نياز، نوڙت، پنهنجائپ به هوندي آهي ته، مزاحمت، بغاوت ۽ تبديلي به هوندي آهي، سندس شاعري قديم ۽ جديد شاعريءَ جو هڪ گڏيل خوبصورت سنگم هوندي آهي، سندس لکڻيون جديديت جي احاطي ۾ به اچن ٿيون. ته عام ماڻهوءَ جي مقبوليت واري پلاٽ ۾ به فٽ آهن. علي محمد ”درد“ سولنگيءَ جي ڪِوتائن ۾ نه رڳو لفظن جي جڙاوت هوندي آهي، پر انهن ۾ فن، فڪر، فلسفي جا ڪُوَرا مَٽ ڀريل هوندا آهن. جنهن ۾ سماج جا مسئلا ۽ انهن جو حل به عوامي ٻوليءَ ۾ ڏسيل هوندو آهي. علي محمد ”درد“ سولنگي پنهنجي گذريل حياتيءَ ۾ مايوس به رهيو آهي، پر هِن ڪڏهن همت ناهي هاري، سدائين جرئت ۽ قلم جي طاقت سان سنڌ ۽ سندين سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪندڙن کي پنهنجي مزاحمتي تخليقن ذريعي جواب به ڏنو آهي ته نديو به آهي. علي محمد ”درد“ سولنگي سنڌي ادب کي 12 (ٻارنهن) ڪتاب نظم توڙي نثر ۾ ارپي چڪو آهي. سندس هي تيرهون ڪتاب ”منهنجي سنڌي لڙهي وئي“ جيڪو هن سال آيل هٿرادو ٻوڏ ذريعي سنڌ ۾ ٿيل قيامت جهڙن منظرن تي آڌاريل آهي.
ڪنهن جو وَر ڪنهنجي وني،
ڪنهن جيجل ماءُ
لوڙهي ٻوڙي ٻوڏ وئي.
(درد)
***
خيرپور ناٿن شاهه
نقشو ئي مَٽجي ويو
پلٽي پيو هو شهر ڏي.
ڄڻ سنڌو درياهه
نقشو ئي مَٽي ويو.
(درد)
***
علي محمد ”درد“ سولنگي هڪ درد رکندڙ شاعر آهي. جيڪو ڏسي ٿو، پسي ٿو، ان کي قلمبند ڪري ٿو. مون کي اميد آهي ته سندس واين جو هي ڪتاب ”منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي“ اڳين ڪتابن جيان ادبي کيتر ۾ ضرور مڃتا ماڻيندو ۽ ادب جي آڪاس تي جوڳي جاءِ جوڙيندو.

محبتي ملاح
ڏيپارجا

ڏاھو ڏات ڌڻي

ڏاھو ڏات ڌڻي

مکڙيون ٽڙي جڏهن گل جي شڪل اختيار ڪري وٺنديون آهن، تڏهن اھي گُلَ ڀَنئور ۽ پوپٽن سميت باذوق ماڻھن جي نظر جو به مرڪز بنجي وڃن ٿا.
ڪلا جڏهن ڪنھن ڪلاڪار جي من مان نڪري نکرجي نروار ٿيندي آهي ته عام ماڻهوءَ جي روح جو آواز بنجي گونجي اٿندي آهي.
چوندا آهن ته ليکاري بڻجڻ لاءِ مطالعي جي سخت ضرورت هوندي آهي، شايد ان ڪري جو ليکڪ کي پنھنجي لکڻين کي جاندار بنائڻ لاءِ حوالا ڏيڻ جي ضرورت پوندي آهي، ڪنھن قدر اھو درست به آهي، پر مان سمجهان ٿو ته جيستائين ڪنھن ليکاريءَ ۾ مضبوط مشاھدو ناھي تيسيتائين ھو پنھنجي ڪنھن بہ لکڻيءَ ۾ جانِ نه ٿو وجھي سگھي.
ڏات ڏاتار طرفان عطا ٿيندڙ تحفو آهي ۽ ڏاتار ھر ڪنھن تي راضي به ناھي ٿيندو ۽ جنھن تي راضي ٿي وڃي ته ان کي ”ڏات ڌڻي“ بڻائي ڇڏي ٿو.
علي محمد المعروف درد سولنگي کي ڏاتار ڏات ڌڻي بڻائي دنيا آڏو اھو ظاھر ڪيو تہ ھو مٿس راضي آھي. اُن ربِ ڪائنات ھن ھڪ شخص کي گهڻ رخو بنائي ڪيترين ئي شخصيتن جو مالڪ بنائي ڇڏيو.
علي محمد جڏهن ٻارن لاءِ لکڻ ويٺو ته ٻار بنجي ويو، نوجوانن لاءِ لکڻ شروع ڪيائين ته انھن جي دلين جو ترجمان بڻجي ويو. ھن جنھن به عنوان کي ھٿ ۾ کنيو، ان سان ڀرپور نباھ ڪيو.
مون کي چيو ويو ته مان سندس ھن تيرھين ڪتاب ”منهنجي سنڌ لڙهي ويئي“ ۾ شامل شاعريءَ تي ٻه اکر لکان، ھن گھڻ رخي شخصيت تي لکڻ منھنجي لاءِ ڪنھن اعزاز کان گهٽ ناهي پر ساڳي وقت ٻه اکر لکڻ به ممڪن نه ٿو ڀانيان، ڇو ته جيڪو ھڪ شخص ڪيترين ئي شخصيتن جو مالڪ ھجي ان جو خاڪو ٻن اکرن ۾ تيار ڪرڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو.

علي محمد جو واين تي مشتمل مجموعو به اڳين ڪتابن جيئان منفرد آهي، جنھن ۾ شامل واين ۾ علي محمد پنھنجي ڌرتيءَ جي اھنجن کي پنھنجن خوبصورت لفظن جي مالھا ۾ پوئي ڪتابي ھار جي شڪل ڏئي اسان کي ناياب تحفو ڏنو آهي.
ڪيڏي نه جيءُ جهوريندڙ منظرڪشي آهي:

ھَئه ھئه منھنجو ھانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏ آ.
گھر م جيڪو ڪجھ ھيو،
انُ، گُندِي ۽ ٿانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏ آ.
رٿيل ھو ھن ماھ ۾،
پٽ سندو تہ وِھانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏ آ.
ڀِتِ تي لنوندو ھو اچي،
ڪَان ڪَان ڪندڙ ڪانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏ آ.
ڪو نه رھيو آھي ڪٿي،
فصلن نالو نانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏ آ.

۲.
من من ۾ ماتم،
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
سنڌ سڄي ٿي ڪربلا،
موٽيو ڄڻ محرم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
ٽھڪ ٽڙڻ بند ٿي ويا،
ھر ڪا اک آ نم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.
ڳوڙھا ڳوڙھا ڳالھيون،
ھر ڪنھن سان گڏ غم.
خوشيون لُڙھيون ٻوڏ ۾.

۲۰۲۲ع واري برساتي ٻوڏ کان پوءِ پيدا ٿيل ڀيانڪ صورتحال ۽ ماروئڙن جي پيڙائن کي محسوس ڪندي علي محمد واين جو روپ ڏئي پنھنجي ڏات ڌڻي ھجڻ جو ثبوت ڏنو آهي.

رضوان ڪابورو
حيدرآباد

پنهنجي پاران:

پنهنجي پاران:
ڇا لکي ڇا لکان...!؟

سنڌ ڌرتي صدين کان ڀوڳيو آهي، ڀوڳيندي پئي اچي ۽ شايد ڀوڳيندي رهندي. (جيڪڏهن اسان اڃا به سڄاڳ نه ٿياسين ته....!)
سنڌ کي ڌارين ته نقصان رسايو ئي رسايو آهي پر پنهنجن به هن کي الاهي سارو ايذايو ۽ ڏاڍو نقصان پهچايو آهي. سنڌ کي لڳندڙ ڌاڙن تي، ڌارين سان گڏُ پنهنجا به اڳڀرا رهيا آهن.
”مون پڪ سڃاتا پنهنجا هُئا،
ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.“

سنڌ کي مالِ غنيمت سمجهي، هر ڪنهن اُن مان پنهنجو حصو پَتِي ورتو آهي، جنهن کي جتان هٿ آيو اُن اُتان کيس لُٽيو آهي.
2010ع جي مها ٻوڏ، هُجي يا ٻارنهن سالن کان پوءِ 2022ع جي ٻوڏ، برسات! سنڌ کي ايترو نقصان دريائي ٻوڏِ نه رَسايو، جيترو نقصان برساتي پاڻي/برساتي ٻوڏ رَسايو. غلط پلاننگ ۽ پنهنجا نوازي سبب سموري سنڌ پاڻي پاڻي ٿي ويئي. قدرتي لنگهن کي بند ڪري غيرفطري لنگهه ٺاهڻ ڪري نه ٻڏندڙ شَهر به ٻڏي ويا ۽ انهن ڳوٺن ۽ شهرن جي ٻُڏڻ سان جيڪي اذيتون اتان جي اِنسانَنِ کي رَسيون انهن جو ازالو، ڪو تدارڪ نه ٿيو.
الاهي سارن المناڪ المين جنم ورتو، الاهي سارا انسان گهرن کان بي گهر ٿيا، انهن جا اجها، ٻچا، ڍڳا ڍور انهيءَ هٿرادو ٻوڏ ۾ لڙهي ويا، انهن کان اٽو. لٽو ۽ اجهو ته کسجي ويوپر انهن کان انهن جون اميندون، آشائون ۽ مستقبل جا سندر سپنا پڻ اِن ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويا. ڏيندڙ هٿ، پنندڙ هٿ بڻجي ويا، جن جي گهرن ۽ درن تان ڪڏهن ڪو سوالي خالي نه موٽيو، اهي پاڻ خالي هٿين سوالي بڻجي ويا. جن نياڻين در کان ٻاهر ليئو نه پاتو، اهي اگهاڙي مٿي، اگهاڙي پيرين روڊن، رستن تي ڊڪندي، ڳوڙها ڳاڙيندي رئندي نظر آيون. ٻار بک ۽ اُڃ ۾ پاهه، تڙپڻ، لُڇڻ ۽ مرڻ لڳا. کين پيارڻ لاءِ کير ته ڇا پر صاف پاڻي به مُيسر نه هيو. بيمارين جو مُنهن ڪڍيو ته اسپتالون ڀرجي ويون، پر علاج لاءِ اتي به ڪو جوڳو بندوبست نه هُيو.
ڀَرِيَلنِ جا وري وري ڀِڀ پريا پئي ويا، پر روڊ ڪناري رلي ٽنگي ويٺل ٻوڏ متاثرن جي واهر ئي ڪانه ٿي، اُهي هڪ ويلي لاءِ رُلندا رئندا ۽ رڙندا رهيا، پر ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءِ به ڪانه سُري. اهي سڀُ حقيقتون/اذيتون اکين آڏو آيون ته حساس دل رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي، سيني مان سڏڪن جا سمنڊ ۽ اکين مان آبشار وهي/ڦٽي نڪتا. بي اختيار ڪاغذ ۽ قلم کڻي انهن سورن کي سِٽن ۾ سموئڻ لڳس. جيئن ڏٺم، جيئن محسوس ڪيم، بغير ڪنهن رک رکاءُ ۽ وڌاءُ جي ان کي ايئن لکي ورتم. ايئن پئي محسوس ڪيم اهو لڙهندڙ لاش منهنجو لاش هجي، اهو ڪرندڙ گهر، منهنجو گهر هيو. اها روئندڙ ماءُ منهنجي ماءُ هئي. اهو سڀ مون سان ٿيو آهي. اهو سڀ منهنجو درد آهي. اهو سڀُ مون ڀوڳيو آهي. ڪيتريون راتيون منهنجي ننڊ ڦٽل رهي، مان ڇرڪ ڀري اُٿي ويهندو، روئندو ۽ لکندو رهندو هيس.
مون لکڻ لاءِ وزن بحر تي به ڌيان نه ڏنو، بس ان درد ۽ انهن ڪيفيتن ۽ ديس واسين جي درد کي قلمبند ڪرڻ ۽ روح کي رسيل رهنڊن ۽ رهڙن کي رقم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهيُس، ڪيترو ڪامياب ويس اهو ته اوهان پڙهندڙ ئي بهتر ٻڌائي سگهو ٿا، باقي مون ديس واسين جي دانهن ۽ دردن کي شَعِرَنِ/ واين جي شڪل/صورت ۾ سموئڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي ۽ هي سَڀُ لکڻ ايترو آسان به نه هيو. پيڙائن جون ڪيتريون ئي پُلصراطون پار ڪرڻيون پيون
”هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان؟
ڇا لکي ڇا لکان؟ ڇا لکي ڇا لکان؟“
(بيوس)

ڪٿي ڪٿي ته لکڻ لاءِ لفظ ئي نه ٿي مليا، ها پر لڙڪ هُيا جيڪي وهندا رهيا. آئون مسلسل سوچيندو رهيس ته ڪراچيءَ کان ڪي اين شاهه موٽندڙ ٻوڏ متاثرن جي بس سان ٿيل سانحي تي لکان ليڪن مون کان سٽ به نه ٿي سرجي. ان سانحي تي دل جي ڌرتي ئي ڏُٻي ويئي. ڳوڙها ڳڙندا رهيا، لُڙڪ ٽمندا رهيا، نيڻ وسندا رهيا پر هيءَ درد ڪٿا لکجي نه سگهي.
پر جيڪو لکيم، جيئن لکيم اهو اوهان پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۽ ان کي تاريخ جو حصو بڻائڻ جو سوچيم.
آئون ٿورائتو آهيان مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ جي سرواڻ مرتضيٰ لغاريءَ ۽ سعيد مرتضيٰ لغاريءَ جن جو، جِن هن ڪتاب کي پنهنجي اداري پاران ڇپرائي اوهان پڙهندڙن تائين پهچايو. گڏوگڏ ٿورائتو آهيان، محترم رضا لانگاهه جو جنهن هن ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏيڻ جي مهرباني ڪئي. احسانمند آهيان ادي خوشبوءِ بلوچ، فهميده شرف بلوچ، صبا شاهه، نجم سرهيو، عمران سومرو، ڪونج بلوچ، امين زرداري، رضوان ڪابُورو ۽ محبتي ملاح جو، جن پنهنجي قيمتي وقت مان وقت ڪڍي منهنجي شاعريءَ/ ڪتاب تي پنهنجا ويچار ونڊيا.
شڪر گذار آهيان ڀاءُ انجنيئر عزيز رانجهاڻيءَ جو جنهن بئڪ ٽائيٽل لکي ڏيڻ جي مهرباني ڪئي. ڪروڙين قرب ادا اقبال بلوچ ۽ ادي شائسته آرزو گجر جا جن فليپ لاءِ پنهنجن تحريرن سان نوازيو. ڪتاب بابت اوهان پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو.

علي محمد ”درد“ سولنگي

03013459545
03322795990

ادب جو متحرڪ نانءُ

ادب جو متحرڪ نانءُ


اها قوم ۽ ٻولي ڪڏهن به ميسارجي نه ٿي سگهي، جنهن ادب ۾ ليکاري وافر مقدار ۾ موجود هُجن. اسان جو سنڌي ادب پڻ اديبن سان مالا مال آهي.
علي محمد درد سولنگي سنڌي ادب جو اُهو متحرڪ نانءُ آهي، جنهن جو قلم پڻ سندس طبيعت وانگر هميشه ڪجهه ڏيڻ وارو رهيو آهي ۽ وقت بوقت سنڌي ادب جي جهول ۾ پنهنجو قلمي پورهيو شامل ڪندو رهيو آهي. شاعري سندس پسنديده مشغلو رهيو آهي، پوءِ اها ٻاراڻي شاعري هُجي، عشقيه شاعري هجي يا قومي شاعري.
علي محمد شاعريءَ جي سڀني صنفُن تي خوبُ پاڻ نڀايو آهي، نثر تي پڻ کيس سُٺي دسترس رهي آهي، هينئر تائين مُختلف صنفن تي سندس ٻارنهن عدد ڪتاب ڇپجي ادب جي زينت بڻجي چڪا آهن، جن جي بهترين موٽ کان پوءِ سندس تيرهون ڪتاب ”منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي“ اوهان جي هٿن ۾ آهي، سندس هيءَ ڪتابُ شاعريءَ جي نج سنڌي صنف ”وائي“ تي مشتمل آهي. واين تي سندس هي پهريون مڪمل مجموعو آهي.

عمران سومرو
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو

وايون

---

ڪاري قهري راتِ،

ڪاري قهري راتِ،
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
پاڻي گَهرَنِ آيو گِهڙِي،
ساههَ سَڀِن سڪراتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
نِڪرو پنهنجا سِر وَٺي،
وائي هر ڪنهن واتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
اوهي واهي ڪونه ڪو،
سُڏڪي پيا جذباتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.
اَلههُ تَلَههُ هليو وَيو،
پِرههَ ڦُٽي پرڀاتِ.
مَحشرَ جو مَنظَرُ هُيو.

ڳالهه اِها چوڌارَ،

ڳالهه اِها چوڌارَ،
هَٿَ سان ٻوڙايو اَٿَنِ.
هيءَ ڪا آفتَ ڪانه هُئي،
پاڻِيءَ جي يلغارَ.
هَٿَ سان ٻوڙايو اَٿَنِ.
جاٿان ڪاٿان ڪَٽَ ڏئي،
ويٺا هِي ڪمدارَ.
هَٿَ سان ٻوڙايو اَٿَنِ.
بُک اُڃَ ۽ بيماريُون،
واسينگن جَا وارَ.
هَٿَ سان ٻوڙايو اَٿَنِ.
مُفلسِ، نادارَنِ سَندي،
ڪانه لڌائون سارَ.
هَٿَ سان ٻوڙايو اَٿَنِ.

هاڻيِ جو هاڻي،

هاڻيِ جو هاڻي،
نِڪرو ناٿن شاههَ مان.
ڌوڪيندو پيو ٿو اچي،
پاڻيِ ڙي پاڻي.
نِڪرو ناٿن شاههَ مان.
خطرو خُدا واهه کان،
راڻا، اوراڻي!
نِڪرو ناٿن شاههَ مان.
اَلرٽُ آڌيءَ راتِ جو،
خلقتَ ويڳاڻي.
نِڪرو ناٿن شاههَ مان.
ٻوڙِيائون ٻِيهر وَري،
ڄاڻي ۽ واڻي.
نِڪرو ناٿن شاههَ مان.

* ناٿن شاهه= خيرپور ناٿن شاهه.

هَٿراڌو ڏئي ڪَٽَ،

هَٿراڌو ڏئي ڪَٽَ،
ٻوڙي ڇَڏِيُنِ سنڌُ کي.
ڦودني ۾ ڪو ڦيرُ هو،
يا کوٽا هئا وٽَ.
ٻوڙي ڇَڏِيُنِ سنڌُ کي.
ڪانهَ رَهي آهي ڪِٿي،
ڪائي حڪومتي رِٽَ.
ٻوڙي ڇَڏِيُنِ سنڌُ کي.
بيمارين گهيري وَتو،
جِسمُ سَڄو ئي ڦٽَ.
ٻوڙي ڇَڏِيُنِ سنڌُ کي.
ڳوٺن ۽ شهرن سندا،
گهَر ڊَهِي ٿِيا پَٽَ.
ٻوڙي ڇَڏِيُنِ سنڌُ کي.
ٻاڪارن ٿا ٻارُ پيا،
ٻڪرِيُنِ ۾ ٻيڪَٽَ.
ٻوڙي ڇَڏِيُنِ سنڌُ کي.

ڪِين ڇڏي تِن هوڏ.

ڪِين ڇڏي تِن هوڏ.
ٻوڙايائون سِنڌُ کي.
ٽوپي، اجرڪ ويو لڙهي،
بَچي بُت تي گوڏِ.
ٻوڙايائون سِنڌُ کي.
پُوري پلاننگ سان،
آندائون هي ٻوڏِ.
ٻوڙايائون سِنڌُ کي.
هيرا سڏجنِ سي پيا،
جي مِٽيءَ جا ڪوڏ.
ٻوڙايائون سِنڌُ کي.

هيڏي هَٺ ڌرِمِي.

هيڏي هَٺ ڌرِمِي.
ٻوڙايائون سِنڌُ کي.
آندائون هي اوچتي،
آفت- بي شرمي.
ٻوڙايائون سِنڌُ کي.
تَرِسايائون روڊ تي،
ڪيڏي آ گرمي!؟
ٻوڙايائون سِنڌُ کي.
وارث آهيون سنڌ جا،
ناهيون ڪي برمي.
ٻوڙايائون سِنڌُ کي.

* برمِي= برمي پناهگير.

ڀانَ، بَدِينِ، جُهڏو،

ڀانَ، بَدِينِ، جُهڏو،
ساري سنڌ ٻُڏي وَيَئي.
وارهه، ميهڙ، ڏوڪري،
* ڪي اين شاهه، ٺَٽو.
ساري سنڌ ٻُڏي ويئي.
نوشهرو، مورو، مَچرُ،
هر هڪ شهر ٻُڏو.
ساري سنڌ ٻُڏي ويئي.
کاهِي، سجاول، هاڪڙو،
ڪاڇو ۽ ته ڪچو.
ساري سنڌ ٻُڏي ويئي.
لُڙهندڙ لاشن کي ڏسي،
آيُنِ ڪين جهُٻو.
ساري سنڌ ٻُڏي ويئي.
شهر، نه هِڪِڙو ڳوٺ ڪو،
جيڪر سَچ پُڇو.
ساري سنڌ ٻُڏي ويئي.

* ڪي اين شاهه = خيرپور ناٿن شاهه.

هَئِه هَئِه منهنجو گهرُ،

هَئِه هَئِه منهنجو گهرُ،
هَنڌان هنڌان پيو ڏَري.
ڀِتِيُنِ ڇِتِيُنِ ساڻُ گڏ،
مُنهِنجو هي اَندرُ.
هَنڌان هنڌان پيو ڏَري.
قَرضُ کڻي، قسطون ڪري،
ٺهرايو هو پَرُ.
هَنڌان هنڌان پيو ڏَري.
اهڙيون برساتون پيون،
ڇِتِ وارو آڳُرُ.
هَنڌان هنڌان پيو ڏَري.

ڏارون ڏَئِي ۽ ڏارَ

ڏارون ڏَئِي ۽ ڏارَ
منهنجو گهر ڊهي پيو.
برساتون، هيلوڪيون،
قيامت جا آثارَ.
منهنجو گهر ڊهي پيو.
چارِ ڏهاڙا مِينهُن هو،
وَسيو تارو تارَ.
منهنجو گهر ڊهي پيو.
اڳُ ئي غربت هُئي گَهڻِي،
ويتَرِ هي آزارَ،
منهنجو گهر ڊهي پيو.
خِيمو ۽ نه ڪَلي مِلي،
اُسَ ۾، بک ۾ ٻارَ.
منهنجو گهر ڊهي پيو.

بَچِيو ڪُجهه ڀي ڪونهَ.

بَچِيو ڪُجهه ڀي ڪونهَ.
سارو ڪُجهه لُڙهي ويو.
ٿانوَ ٿِپا، ڪپڙو اَجهو،
مالُ متاعُ رهيو نهَ.
سارو ڪُجهه لُڙهي ويو.
ڏاجو پُٽَ ۽ ڌِيءُ جو،
هِنڌ، وهاڻا، سونَ.
سارو ڪُجهه لُڙهي ويو.
آهُون ۽ دانهون ڪري،
روئان آئون ڇو نهَ؟
سارو ڪُجهه لُڙهي ويو.
سالن تائين سچُ پڇو،
هاڻيِ هِي ٺهندو نهَ.
سارو ڪُجهه لُڙهي ويو.

هَئه هَئه مُنهنجو هانءُ.

هَئه هَئه مُنهنجو هانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏِ آ.
گهَر ۾ جيڪو ڪُجهه هيو،
اَنُ، گُندي ۽ ٿانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏِ آ.
رِٿيل هو هن ماهَه ۾،
پُٽَ سندو ته وهانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏِ آ.
ڀِتِ تي لوندو هو اچي،
ڪان ڪان ڪَندَڙُ ڪانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏِ آ.
ڪونه رهيو آهي ڪٿي،
فصلنِ نالو نانءُ.
ٻوڙي ڇڏيو ٻوڏِ آ.

مَنَ مَنَ ۾ ماتَمُ.

مَنَ مَنَ ۾ ماتَمُ.
خُوشيون لُڙهيون ٻوڏِ ۾.
سِنڌُ سڄي ٿي ڪربلا،
موٽيو ڄڻ محرم.
خُوشيون لُڙهيون ٻوڏِ ۾.
ٽهڪ ٽِڙڻ بند ٿي ويا،
هرِڪا اکِ آ نَمُ.
خُوشيون لُڙهيون ٻوڏِ ۾.
ڳوڙها ڳوڙها ڳالهيون،
هر ڪنهن سان گڏ غَمُ.
خُوشيون لُڙهيون ٻوڏِ ۾.

هيءَ نه هئي آفَتَ.

هيءَ نه هئي آفَتَ.
هَٿَ سان قهِري ڪَٽَ لڳا.
نِنڊَ سُتَلَ ماروئڙنِ،
ساڻُ ڪَيَنِ حالتَ.
هَٿَ سان قهِري ڪَٽَ لڳا.
جي نه هُئا ٻُڏڻا، ٻُڏا،
ڪا تَه هُئي طاقت.
هَٿَ سان قهِري ڪَٽَ لڳا.
مولا! مِسڪينن سَندي،
توکي آ پارتَ.
هَٿَ سان قهِري ڪَٽَ لڳا.

او منهنجا الله!

او منهنجا الله!
ٻوڏِ صفا ٻوڙي ڇڏيو.
ڪونهي ساههُ سَرير ۾،
بارِي بيپرواههَ!
ٻوڏِ صفا ٻوڙي ڇڏيو.
ٺوڳي ٺاهن ٿا پيا،
روزُ ٺڳيءَ جا ٺاههَ.
ٻوڏِ صفا ٻوڙي ڇڏيو.
مهنگائي آهن صفا،
کوٽي ڪڍيا لاههَ.
ٻوڏِ صفا ٻوڙي ڇڏيو.

ڪوُڪُون ۽ ڪيهاٽَ.

ڪوُڪُون ۽ ڪيهاٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.
تَڙِپَنِ بُک ۾ جانور،
ٻڪريُن ۾ ٻيڪاٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.
پاڻيءَ ڍُڪَ ۽ کير لئهِ،
ٻارنِ ۾ ٻرِ ڙَاٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.
آڌيءَ ڌاري اوچتو،
پاڻيءَ جا ڪڙڪاٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.
بيوس ۽ لاچار ٿي،
ڇڏيائون گهر گهاٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.
مارو منهنجي سنڌ جا،
ويٺل هر هِڪَ واٽَ.
مُنهنجي سنڌُ لُڙهي ويئِي.

ڇولِيُن ۽ ڇَرَ ۾،

ڇولِيُن ۽ ڇَرَ ۾،
ٻيڙِي اُونڌي ٿي پَئِي.
ڀَريَل ماڻهن ساڻُ هُئِي،
هَئه هئه منڇَرَ ۾.
ٻيڙِي اُونڌي ٿي پَئِي.
ڪيئي لال لُڙهي ويا،
ماتمُ گهَر گهَر ۾.
ٻيڙِي اُونڌي ٿي پَئِي.
ٻوڏِ! ٻُڏي تون شَل مرين!
پنهنجي ئي پگهر ۾.
ٻيڙِي اُونڌي ٿي پَئِي.

ٻُڏي وَيو *گوزو،

ٻُڏي وَيو *گوزو،
** ذُلفي بي گهر ٿي ويو.
پاڻي بلوچستانَ جو،
لُڙهي ويو گوزو.
ذُلفي بي گهر ٿي ويو.
ڄڻ ڪو آيو زلزلو،
ڌُڏي ويو گوزو.
ذُلفي بي گهر ٿي ويو.
رينهون، راڙو روڄُ هو،
لُڇي ويو گوزو.
ذُلفي بي گهر ٿي ويو.

* گوزو= تعلقي خيرپورناٿن شاهه جو هڪ ڳوٺ
** ذلفي= سنڌ جو ناميارو شاعر ذوالفقار علي ’ذلفي‘ گاڏهي

خيرپور ناٿن شاههُ.

خيرپور ناٿن شاههُ.
نقشو ئي مَٽجي ويو.
ريهون، ڪيهون، لڏپلاڻ،
سُڪيو ماڻهن ساههُ.
نقشو ئي مَٽجي ويو.
پلٽي پيو هو شهر ڏي،
ڄَڻَ سنڌو درياههُ.
نقشو ئي مَٽجي ويو.
هر ڪنهن کي پنهنجي لڳي،
وقتُ هيو بيگاههُ.
نقشو ئي مَٽجي ويو.

بيوسِ ۽ لاچارُ،

بيوسِ ۽ لاچارُ،
رَستن تي پيا ٿا رَهُون.
حالت کان مجبورُ ٿي،
نَنَگَ وَٺِي نروارُ.
رَستن تي پيا ٿا رَهُون.
ويٺا ناهيون شوقَ سان،
ايئن ڇڏي گهُر ٻارُ.
رَستن تي پيا ٿا رَهُون.
گهر سارا ويڙا لڙهي،
اهڙو انڌوڪارُ.
رَستن تي پيا ٿا رَهُون.
ڪا به سهولت ڪانه آ،
سَڀُ ڀاتي بيمارُ.
رَستن تي پيا ٿا رَهُون.

ٿيلها ڇو ٿا ڏيو،

ٿيلها ڇو ٿا ڏيو،
فقِيرَ ته ناهيون.
هيڏي هوڏي پيا،
دربدر ٿا ڪيو.
فقِيرَ ته ناهيون.
ٻنيون ٻارا هيا،
ڳوٺُ پنهنجو هيو.
فقِيرَ ته ناهيون.
پنهنجي اوطاق تان،
ڪو، نه بُکيو ويو.
فقِيرَ ته ناهيون.
هي اسان ساڻ آ،
ڇا منجهان ڇا ٿيو!؟
فقِيرَ ته ناهيون.

اُڇلي ڇو ٿا ڏيو!؟

اُڇلي ڇو ٿا ڏيو!؟
اَسان بِه اِنسانَ هُون.
واسطي اَلَههَ جي،
ٿورڙو سوچيو.
اَسان بِه اِنسانَ هُون.
ٻوڏ جا هُون ٻُڏل،
پاڻ وٽ سڀُ هيو.
اَسان بِه اِنسانَ هُون.
هينئن هِتِ دَربدر،
آهي قسمت ڪيو.
اَسان بِه اِنسانَ هُون.

لَتُون هَنيائون.

لَتُون هَنيائون.
مانِيءَ ڳڀي جي لَئِه.
ماروئڙن کي،
پينو چيائون.
مانِيءَ ڳڀي جي لَئِه.
بِنا ڏَسِڻَ جي،
پاڻي ڀڳائون.
مانِيءَ ڳڀي جي لَئِه.
هاءِ! اَسان سان،
ڪيڏِي ڪَيائُون.
مانِيءَ ڳڀي جي لَئِه.

لِيڙون لِيڙون لَٽا.

لِيڙون لِيڙون لَٽا.
ٻوڏِ متاثر ٻارڙا.
گوڏِ بدران اَٿنِ،
پَهرِيل ڏِسُ ڪَٽا.
ٻوڏِ متاثر ٻارڙا.
روزُ امدادَ جا،
آسرا ۽ ڏَٽا.
ٻوڏِ متاثر ٻارڙا.
هاءِ! ڏئي ويو اَٿن،
بُک تي مُنهُن پَٽا.
ٻوڏِ متاثر ٻارڙا.

پاڻي گهُريومانسِ.

پاڻي گهُريومانسِ.
ٿڦڙُ وَهائي ڪڍيائين.
مانيءَ جي هِڪ گِرههُ لئهِ،
جهولُ به جَهليومانسِ.
ٿڦڙُ وَهائي ڪڍيائين.
بُکيو ننڍڙو ڀاءَ آ،
ڏُک مان ڏَسِيومانسِ.
ٿڦڙُ وَهائي ڪڍيائين.
مٿي تان لاهي رَئو،
پيرنِ رَکيومانسِ.
ٿڦڙُ وَهائي ڪڍيائين.
آيو ڪارِي ڪارِ تي،
سُڏڪي سَڏِيومانسِ.
ٿڦڙُ وَهائي ڪڍيائين.

ٿيلهيءَ ۾ ڏئي ڀَتُ.

ٿيلهيءَ ۾ ڏئي ڀَتُ.
ڦوٽو بيٺا ٿا ڪَڍنِ.
تنگِ اَچِي آهيون وِيا،
ڏاڍو ڪيو ٿَنِ رتُ.
ڦوٽو بيٺا ٿا ڪَڍنِ.
ڪيئن ڪَيون، ڪاڏي وڃون؟
رهيو ساهه نه ستُ.
ڦوٽو بيٺا ٿا ڪَڍنِ.
مسڪينن کي ائن ڏبو،
آهي ڇا آٿتُ؟
ڦوٽو بيٺا ٿا ڪَڍنِ.

فونِ تي تون ڳالهاءِ.

فونِ تي تون ڳالهاءِ.
راشَنُ مِلندءِ اڻَ مَيو.
هيءَ جا تنهنجي ڌيءَ آ،
بنگلي تي پهچاءِ.
راشَنُ مِلندءِ اڻَ مَيو.
توکي ٺهرائي ڏِيبِي،
تنهنجي ڊَهِيَلَ جاءِ.
راشَنُ مِلندءِ اڻَ مَيو.
پيسو، ڏوڪڙ هر شيءِ،
هوندي تنهنجي لاءِ.
راشَنُ مِلندءِ اڻَ مَيو.
جيئن چوان ٿو تيئن ڪر،
رَکجُ اها دلجاءِ.
راشَنُ مِلندءِ اڻَ مَيو.

عزت لُٽِيائونسِ.

عزت لُٽِيائونسِ.
راشنَ جو ڏئي آسرو.
ڪُتن وانگي هُن سَندو،
جوڀَنُ چَٽِيائُونسِ.
راشنَ جو ڏئي آسرو.
واري واري سان پئي،
هُن کي پٽيائُونسِ.
راشنَ جو ڏئي آسرو.
رَڙين، ڪُوڪُنِ، دانهَن تي،
گهوگهي گهُٽيائُونسِ.
راشنَ جو ڏئي آسرو.
جڏهين وئي بيهوشُ ٿي،
تڏهين ڇڏيائُونسِ.
راشنَ جو ڏئي آسرو.

ٻيڙي ناههِ مِلي.

ٻيڙي ناههِ مِلي.
ڇِتِ تي رکيو لاشُ آ.
ڪفن بدران ويڙِهيلَ،
اُنَ کي آهِه رِلي.
ڇِتِ تي رکيو لاشُ آ.
ڏهه ڦوٽ پاڻي چؤطرف،
ڪانهي ڪا بِه ڳلي.
ڇِتِ تي رکيو لاشُ آ.
وَسَ وارنِ تائين پُڄي،
منهنجي دانهَن دِلي.
ڇِتِ تي رکيو لاشُ آ.

بابا او بابا!

بابا او بابا!
ڏاڍي بُک آهي لڳي.
ڪالهاڪُرُ اُلٽي به آ،
ڦيرِي ۽ ٿاٻا.
ڏاڍي بُک آهي لڳي.
ماني ناهي جيڪڏهن،
آڻي ڏي پاپا.
ڏاڍي بُک آهي لڳي.
هاڻ هلن هي ڪين ٿا،
چانور پاروٿا.
ڏاڍي بُک آهي لڳي.
کيڏڻ لاءِ نه ٿي گهُران،
گڏيون، رانديڪا.
ڏاڍي بُک آهي لڳي.

ڪلهه کان بُکيا هُون،

ڪلهه کان بُکيا هُون،
سارَ لهي ڪو ڪونه ٿو.
خيمي ۽ راشن سِوا،
پَٽَ تي لُڇيا هُون.
سارَ لهي ڪو ڪونه ٿو.
خُوش خُوش هئاسين ڳوٺَ ۾،
هِتڙي ڏکيا هُون.
سارَ لهي ڪو ڪونه ٿو.
پاڻي پيون ٿا ٻوڏِ جو،
ايڏا اُڃيا هُون.
سارَ لهي ڪو ڪونه ٿو.

مُنهنجي مٺڙي ماءُ.

مُنهنجي مٺڙي ماءُ.
مون کي نِنِڊَ نه ٿي اچي.
مُنهنجن مارن سان ٿيو،
آهي هيءُ انياءَ.
مون کي نِنِڊَ نه ٿي اچي.
ڪيڏي آهي بي حَسِي،
ڪَهَل نه ڪو ڪهڪاءُ.
مون کي نِنِڊَ نه ٿي اچي.
پنهنجن پنهنجن کي ڏِنو،
گهِرو آهي گهاءُ.
مون کي نِنِڊَ نه ٿي اچي.
سڀ ڪجهه تن جو ويو لُڙهي،
بَچِيو نه اَٽي پاءُ.
مون کي نِنِڊَ نه ٿي اچي.

نيڻ وهائن نارَ.

نيڻ وهائن نارَ.
حالَتِ آ ڪئمپَن اندر.
ڳوڙها رُڪجن ئي نه ٿا،
روئان زارو زار،
حالَتِ آ ڪئمپَن اندر.
پوڙها پَڪا، جُوان ۽،
تَڙِپَنِ پيا ٿا ٻارَ.
حالَتِ آ ڪئمپَن اندر.
بيماريُن آ ڪَرُ کنيو،
لِيلائن لاچارَ.
حالَتِ آ، ڪئمپَن اندر.
هيءُ لقاءُ ڏِسي ڪري،
دلِ چئي ڪَڍِجَنِ پارَ.
حالَتِ آ ڪئمپَن اندر.

گهوڙا ڙي گهوڙا.

گهوڙا ڙي گهوڙا.
مُنهنجي سنڌ لُڙهي ويئي.
وَستيُون، واهَڻَ شهرَ سَڀُ
ڳوڙها ئي ڳوڙها.
مُنهنجي سنڌ لُڙهي ويئي.
هاءِ! ٻُڏي ويا ٻوڏِ ۾،
ٻارُ، جوان، پوڙها.
مُنهنجي سنڌ لُڙهي ويئي.
مارُو، مُنهنجي مُلڪ جا،
سُورَ ڪيا سوڙها.
مُنهنجي سنڌ لُڙهي ويئي.
دانهون ديس جي درد جون،
ڪونهَ ٻُڌن ٻوڙا.
مُنهنجي سنڌ لُڙهي ويئي.

سُڏ ڪائي سُڏڪا.

سُڏ ڪائي سُڏڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
ميهڙ، جوهِي، خيرپور،
دادوءَ ۾ ڌڌِڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
واهڙُ، ٽِلٽِي، ڪرمپور،
ڀانَنِ ۾ ڀُڻڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
راڻيپور، محرابپور،
وارههِ کي کُٽڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
ڪَڪَڙ، جهُڏو، بَدِينِ ۽،
جاتيءَ ۾ جهجهڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
نوشهرو، مورو، ٺٽو،
گوڙِ، کنوڻِ ڪڙڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.

باجارن، جهانگارن ۾،

باجارن، جهانگارن ۾،
گاج سندا گڙِڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
سِم نالي جون ڇوليون،
دانهون ۽ پِٽڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
گاجي کُهاوڙ، خانپور،
ڦُلجيءَ ۾ ڦَٽِڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
آئي جا امدادَ سا،
کائي ويا ڄَرِڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
ڪيٽيءَ کان ڪشمور تاءِ،
مينهن سندا ڇڇڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.
ٻوڙي ساري سنڌُ کي،
پيئن ٿا وُڊڪا.
مُنهنجي سنڌُ ٻُڏِي ويئِي.

ڪنهن جو جانيِ ڀاءُ!

ڪنهن جو جانيِ ڀاءُ!
لوڙهي، ٻوڙي ٻوڏِ وَئِي.
ماڻهو بيٺا بندَ تي،
ڏِسنِ هِيءُ لقاءُ.
لوڙهي، ٻوڙي ٻوڏِ وَئِي.
ڪَنهن جو وَرُ، ڪنهن جي وَني،
ڪنهن جي جيجل ماءُ.
لوڙهي، ٻوڙي ٻوڏِ وَئِي.
زَر، زيور، گهر گهاٽ ۽،
ڪنهن جو شرمُ حياءُ.
لوڙهي، ٻوڙي ٻوڏِ وَئِي.

حالتِ هيءَ ڏسي،

حالتِ هيءَ ڏسي،
مون کي روئَڻِ ٿو اچي.
پَٽَ تي پيا آهن سُتا،
مُنهن ۾ ڌوڙِ مِٽي.
مون کي روئَڻِ ٿو اچي.
خيمو، مڇرداني، نه ئي،
تِن وٽ آههِ رِلي.
مون کي روئَڻِ ٿو اچي.
کائن بُکئي پيٽَ ۾،
کاڌو روز پِني.
مون کي روئَڻِ ٿو اچي.
آئي جا امدادَ سا،
تِن کي ناههِ ملي.
مون کي روئَڻِ ٿو اچي.
اومولا! ڪجهه رحمُ ڪَرِ،
پوندو هانُ ڇِڄِي.
مون کي روئَڻِ ٿو اچي.

ڳوٺَنِ شَهِرَنِ جا.

ڳوٺَنِ شَهِرَنِ جا.
رستا سارا وِيا لُڙهِي.
جوهِي، ميهڙِ، خيرپور،
دادُو، ڀانَنِ جا.
رستا سارا وِيا لُڙهِي.
جهُريل مُنهن جا جهنگَ جهر،
ٻيلَن، پَتَڻَنِ جا.
رستا سارا وِيا لُڙهِي.
ڪانَه بَچِي ڪا واٽَ آ،
ٻارَنِ ٻَنِيَنِ جا.
رستا سارا وِيا لُڙهِي.

مارُن هيڻا حالَ.

مارُن هيڻا حالَ.
دل روئي ٿي رتُ ڦُڙا.
بندَن تي ٻارين ٻَچين،
بيوسِ ۽ بيحالَ.
دل روئي ٿي رتُ ڦُڙا.
پِنَندي پيو سيئِي ڏِسان،
جيڪي هئا خوشحال.
دل روئي ٿي رتُ ڦُڙا.
سُکيا ماڻهو سنڌ جا،
بُکيا اڄ بدحالَ.
دل روئي ٿي رتُ ڦُڙا.

ٻهراڙيون ٻُڏيون.

ٻهراڙيون ٻُڏيون.
جلَ ٿَل ٿي وئي سنڌڙي.
سُڏڪا سُڏڪا ساهَه ۾،
رتُ روئن اَکِيُون.
جلَ ٿَل ٿي وئي سنڌڙي.
شهرن ۾ ڪاهي پيون،
ڄڻ ڪيئي نَندِيُون.
جلَ ٿَل ٿي وئي سنڌڙي.
لاڳيتو هي اهڙيون،
برساتيون وَسِيُون.
جلَ ٿَل ٿي وئي سنڌڙي.

بُک ۽ بِيمارِي.

بُک ۽ بِيمارِي.
روزُ مرنِ ماڻهو پيا.
گيسٽرو واري وَبا،
۽ ڪامڻ ڪارِي.
روزُ مرنِ ماڻهو پيا.
ڊينگي بخار، مليريا،
جا وارَ به جارِي.
روزُ مرنِ ماڻهو پيا.
ڪيمپ واري زندگي،
موتُ مَٿان مارِي.
روزُ مرنِ ماڻهو پيا.

آيو جو آگَمُ.

آيو جو آگَمُ.
سنڌُ سموري سُور ٿي.
هيلَ وُٺو اهڙو صفا،
اکيُون ٿي ويُون نَمُ.
سنڌُ سموري سُور ٿي.
ڇِتِيُون، ڀِتِيُون پيون ڊَهِي،
مارُن ۾ ماتمُ.
سنڌُ سموري سُور ٿي.
لال لُڙهي ويا ڪيترا،
گهيري ويو آ غَمُ.
سنڌُ سموري سُور ٿي.
گونجي پيو هر گامَ تي،
سُڏڪن جو سرگمُ.
سنڌُ سموري سُور ٿي.

ڦڻيون ڪَڍي ۽ ڏنگَ.

ڦڻيون ڪَڍي ۽ ڏنگَ.
نِڪري آيا نانگَ هن.
قِسمين قِسمين جا وِڇُون،
واسينگن جا ونگَ.
نِڪري آيا نانگَ هن.
هڪ ته ٻُڏاسين ٻوڏِ ۾،
ٻيو هي زهري زَنگ.
نِڪري آيا نانگَ هن.
جاڏي ڪاڏي ٿو ڏِسان،
روپ نرالا رنگَ.
نِڪري آيا نانگَ هن.
ويٺا آهيون واٽَ تي،
وَٺِيُون پنهنجا ننگَ.
نِڪري آيا نانگَ هن.
مالِڪ! مارُن مالَ تي،
ڌنڌوڙين جا ڍنگَ.
نِڪري آيا نانگَ هن.

نانگ جي ڪَکئي جي.

نانگ جي ڪَکئي جي.
ناهي سُئي اسپتال ۾.
رات کان پئجن رُوڻِيون،
پيٽَ جي بُکئي جي.
ناهي سُئي اسپتال ۾.
تڙپي پيو تڪليفَ ۾،
ڏيهه جي ڏُکئي جي.
ناهي سُئي اسپتال ۾.
مُقدرُ مارايو وِجهي،
* لوح جي لکئي جي.
ناهي سُئي اسپتال ۾.

* لوح= لوح قلم، لوحِ محفوظ

لاشَ مِلنِ ٿا پيا.

لاشَ مِلنِ ٿا پيا.
جيئن جيئن پاڻي ٿو لَهي.
نِڪريو اچن ٿا اوچتو،
نانگَ ڏنگنِ ٿا پيا.
جيئن جيئن پاڻي ٿو لَهي.
نَعشُ گَهرَنِ اندر پِيَلَ،
ڪُتا پَٽنِ ٿا پيا.
جيئن جيئن پاڻي ٿو لَهي.
مُنهن ڪڍيو بيمارين،
ماڻهو مرنِ ٿا پيا.
جيئن جيئن پاڻي ٿو لَهي.

لوڙينداسين سالَ.

لوڙينداسين سالَ.
آيلَ هن عذاب ۾.
ڪانه رهي ڪا چيزَ آ،
ٿي وياسين ڪنگالَ.
آيلَ هن عذاب ۾.
جو ڪجهه هو سو ويو لُڙهي،
ماڻهو وِيا ۽ مالَ.
آيلَ هن عذاب ۾.
سارَ لَڌي ڪنهن ڪينڪي،
آهيُون ڪهڙي حال؟
آيلَ هن عذاب ۾.

ڪيڏي نِٽهڻ اُس.

ڪيڏي نِٽهڻ اُس.
ويٺا کَٽُون اُڀيون ڪري.
ماني پاڻيءَ لئه لُڇَنِ،
بندَ تي هي بيوسِ.
ويٺا کَٽُون اُڀيون ڪري.
شهرُ سمورو ويو لڙهي،
گهرَ رهيا نا گس.
ويٺا کَٽُون اُڀيون ڪري.
ڏينهن جو گرمي، رات جو،
مڇرن جي سُس پُس.
ويٺا کَٽُون اُڀيون ڪري.
خِيمَنِ ۽ خوراڪَ لئه،
آههِ هِتي هَٿَ کَسَ.
ويٺا کَٽُون اُڀيون ڪري.

ڏاڍِ ۽ ڏاڍايُون.

ڏاڍِ ۽ ڏاڍايُون.
آخر رهنديُون ڪيترو؟
مالَ، هَڏن ۽ ڍونڍَ تي،
ويڙهه، اُونايُون.
آخر رهنديُون ڪيترو؟
پيسي تي ايڏي مَڳي،
هي جي اَرِڏايُون.
آخر رهنديُون ڪيترو؟
ربَّ وٽ دير ضرور آ،
هي ڏوههَ، ڏنگايون.
آخر رهنديُون ڪيترو؟

ڪيمپ جي اندرِ.

ڪيمپ جي اندرِ.
ڪابه سَهَولَت ڪانَه آ.
سرڪاري اسپتالَ ۾،
ڏاڍو آههِ حشر.
ڪابه سَهَولَت ڪانَه آ.
ٿاٻا، ٿيلها ۽ ڌڪا،
بڻيا هِنِ مقدر.
ڪابه سَهَولَت ڪانَه آ.
جادو واري شَهَرَ جا،
رستا سڀُ کنڊر.
ڪابه سَهَولَت ڪانَه آ.
چوڌاري حَدَ دَخليُون،
اُٿلن روز گٽر.
ڪابه سَهَولَت ڪانَه آ.
ڪانه لڀي لائيٽ ٿي،
گئس به لو پريشر.
ڪابه سَهَولَت ڪانَه آ.

پاڻي ڪڍرايو.

پاڻي ڪڍرايو.
ڪُجهه به ٻيو گهُرجي نه ٿو.
مڇرن وارو اسپري،
جَلدي ڪَرِرايو.
ڪُجهه به ٻيو گهُرجي نه ٿو.
جيڪي آهن ڪَٽَ لڳلَ،
سارا ٻَڌِرايو.
ڪُجهه به ٻيو گهُرجي نه ٿو.
بجلي، پاڻي، گئس ۽،
گاڏيون هلرايو.
ڪُجهه به ٻيو گهُرجي نه ٿو.
نالي الله رسول جي،
ڇوٿا پنرايو؟
ڪُجهه به ٻيو گهُرجي نه ٿو.
موٽي وڃبو ماڳَ تي،
ڇوٿا گهٻرايو!؟
ڪُجهه به ٻيو گهُرجي نه ٿو.

هڪُ نَنڍڙو نينگرُ.

هڪُ نَنڍڙو نينگرُ.
ٽرڪ لَتاڙيُون وَئِي هَلِي.
ٻوڏِ منجهان آيو بچي،
هاءِ! اُهو ڪونڌرُ.
ٽرڪ لَتاڙيُون وَئِي هَلِي.
ٻاڪاري ٿي ماءُ پئي،
ڦاٽي ٿو اندرُ.
ٽرڪ لَتاڙيُون وَئِي هَلِي.
دادُ نه ڪو فريادُ ٿيو،
ڇورو ڇِنو ڇوڪرُ.
ٽرڪ لَتاڙيُون وَئِي هَلِي.

جوهِيءَ جا جوڌا.

جوهِيءَ جا جوڌا.
جَسُ اوهان جي جوشَ کي.
هيڏي ساري ٻوڏِ کي،
کوڙايَوَ گوڏا.
جَسُ اوهان جي جوشَ کي.
بيشڪ مُنهنجي ديسَ جا،
آهيو سَڀُ دودا.
جَسُ اوهان جي جوشَ کي.
ڪينڪي هاريُوَ حوصلو،
آيا ڪَئِي لوڏا.
جَسُ اوهان جي جوشَ کي.
پاڻُ ملهايُوَ مُڙسُ ٿي،
سِرَ جا هُئا سودا.
جَسُ اوهان جي جوشَ کي.

جيڪو هو آيو.

جيڪو هو آيو.
وِڪجي ويو سامانُ سَڀُ.
ماڻهن کي مليو نه آ،
عامَ اِهو رايو.
وِڪجي ويو سامانُ سَڀُ.
ڪَنَ ۾ ڪُراڙي ڪالهه هو،
سُڏڪي سمجهايو.
وِڪجي ويو سامانُ سَڀُ.
سرمائيدارن وري،
لُٽيو سرمايو.
وِڪجي ويو سامانُ سَڀُ.

گُم ٿي ويو ٿَسِ ٻارُ.

گُم ٿي ويو ٿَسِ ٻارُ.
ماءُ رڙي پئي راتِ کان.
ڪاٿي هُوندو هن مَهل،
مُنهنجو هِيرن هارُ.
ماءُ رڙي پئي راتِ کان.
نِنڊ نه ڪو آرام ٿسِ،
هڪُ سئوچار بُخارُ.
ماءُ رڙي پئي راتِ کان.
ڪينَ آهي ڪاٿان پيو،
هُنَ جو پتو پارُ.
ماءُ رڙي پئي راتِ کان.
ڇا به ڪري ڳولي ڏِيو،
مُنهنجو نيڻن ٺارُ.
ماءُ رڙي پئي راتِ کان.

ٻولي ٿو ٻيجل.

ٻولي ٿو ٻيجل.
سنڌ گهُري ٿي سِرَ وري.
هئه هئه پنهنجن جي هٿان،
جهُريل آ جيجل.
سنڌ گهُري ٿي سِرَ وري.
شورَ شرابا،سازشون،
وک وک تي مقتل.
سنڌ گهُري ٿي سِرَ وري.
سوچن تي پابنديون،
هرڪا دل، گهايل.
سنڌ گهُري ٿي سِرَ وري.
واٺن جي وَيُون وَر چڙهي،
بختاورِ، ٻاگُهل.
سنڌ گهُري ٿي سِرَ وري.
نڪري پئو هٿ ۾ کڻي،
حق سچ جي مشعل.
سنڌ گهُري ٿي سِرَ وري.

راتِ جو اوچتو.

راتِ جو اوچتو.
* سُپرِيو جَو ٽُٽو.
ڳوٺَ لوڙهي وَيو.
گوڙِ گجگوڙ سان،
مِينهُن اهڙو وُٺو.
ڳوٺَ لوڙهي وَيو.
ايڏو پاڻِيءَ جو،
تيزُ هو وَهڪُرو.
ڳوٺَ لوڙهي وَيو.
تَر سَڄي تي اچي،
قَهرُ ڄَڻُ ڪَڙِڪِيو.
ڳوٺَ لوڙهي وَيو.

* سُپرِيو= سُپريو بند تعلقو ميهڙ

لُڙڪَنِ جون لارُون،

لُڙڪَنِ جون لارُون،
آهُون اُوڇگارُون.
ڳوٺُ ٻُڏِي وِيو ٻوڏِ ۾.
چينُ ڦِٽَلُ چئنِي طرف،
ڪُوڪُون * ڪِيهارُون.
ڳوٺُ ٻُڏِي وِيو ٻوڏِ ۾.
هَرِ ماڻهوءَ جو هِينئَڙو،
ڦارُون ئِي ڦاروُن.
ڳوٺُ ٻُڏِي وِيو ٻوڏِ ۾.
سُکَ سارا هَليا وِيا،
ڏُکَ ڪَڍِيُون ڏارُون.
ڳوٺُ ٻُڏِي وِيو ٻوڏِ ۾.
دردَ، بُکون، بيماريون،
ناههِ دَوا دارُون.
ڳوٺُ ٻُڏِي وِيو ٻوڏِ ۾.

* ڪيهارون= ڪيهون، ڪيهاٽَ.

وستِيوُن سَڀَ وِيرانُ،

وستِيوُن سَڀَ وِيرانُ،
شَهَر ٿِيا سُنسانُ.
ٻوڙي ڇڏيا ٻوڏِ سَڀَ.
چوڌاري پاڻي رُڳو،
مَسجِد، قبرستانُ.
ٻوڙي ڇڏيا ٻوڏِ سَڀَ.
گهَرَ ڊَهي پَٽُ ٿي ويا،
رهيو ڪونهَ نِشانُ.
ٻوڙي ڇڏيا ٻوڏِ سَڀَ.
آکيرا، اِنسانيَتَ،
گُندِي ۽ گُذِرانُ.
ٻوڙي ڇڏيا ٻوڏِ سَڀَ.

سِنڌُ سڄي سارِي،

سِنڌُ سڄي سارِي،
جِيجلِ ويچارِي.
وَر چڙهي وَئي ٻوڏِ جي.
ٽرڪ، ٽرالي، ٽِرِيڪٽرُ،
ڪوچُ ۽ بس لارِي.
وَر چڙهي وَئي ٻوڏِ جي.
گاجي کُهاوَڙ کان وٺي،
وَرُ، گهوڙا ٻاري.
وَر چڙهي وَئي ٻوڏِ جي.
جَلدُ سندس شادي هُئي،
سا، سُندرُ نارِي.
وَر چڙهي وَئي ٻوڏِ جي.
هيڏو پاڻي * حَمَلَ جو،
ڌَرتي چوڌاري.
وَر چڙهي وَئي ٻوڏِ جي.

حَمَلَ= حَمل ڍنڍ، ضلعو قمبر شهدادڪوٽ

سِنڌُ رُڳو ئِي سُور.

سِنڌُ رُڳو ئِي سُور.
پِيڙائون ۽ پُورَ.
نِنڊ نَه آهي نُور سان.
ڪيڏا آهِنِ ٿِي پيا،
ماروئڙا مجبُورَ.
نِنڊ نَه آهي نُور سان.
گهَٽَجَن ڪين عَذاب ٿا،
سُور ٿيا ناسُور.
نِنڊ نَه آهي نُور سان.
روزُ نَئين آ ڪربلا،
روزُ نوان عاشُورَ.
نِنڊ نَه آهي نُور سان.

گهَر، سَرَ، ڪانهَن، لَئِي،

گهَر، سَرَ، ڪانهَن، لَئِي،
ٻوڙي ٻوڏِ وَئِي.
ڪائِي شيءِ ناهي بَچِي.
سِنڌُ سان سَسُئي وانگِيان،
”جَتنِ جاڙَ ڪئِي“
ڪائِي شيءِ ناهي بَچِي.
ڪَڙڪِي ڪوهِستان کان،
قَهري قِيامَ پَئِي.
ڪائِي شيءِ ناهي بَچِي.
لُڙهيون ساريون حسرتون،
ٿِي وِيا خواب رَئِي.
ڪائِي شيءِ ناهي بَچِي.

ٻوڏ متاثر ٻارُ.

ٻوڏ متاثر ٻارُ.
روئي زارو زارُ.
کيرُ سُڪي ويو ماءُ جو.
پاههُ بُکنِ ۾ ٿي وئي،
ويتر تيزُ بُخارُ.
کيرُ سُڪي ويو ماءُ جو.
سِيزرَ ڄاول ٻارڙو،
مڇرن جو آزارُ.
کيرُ سُڪي ويو ماءُ جو.
تڙپي پئي ٿي مامتا،
ڦَٿِڪي نيڻن ٺارُ.
کيرُ سُڪي ويو ماءُ جو.
ڪئن ڪَري، ڪنهن کي چوي،
ڏاڍو ڏيههَ ڏُڪارُ.
کيرُ سُڪي ويو ماءُ جو.

سُک سان ڪِينَ سُمهان.

سُک سان ڪِينَ سُمهان.
هرهرننڊَ مَنجهان.
ڇِرڪَ ڀَري اُٿيو پوان.
پاڻي ئي پاڻي رُڳو،
لُڙهندي لاشَ ڏِسان.
ڇِرڪَ ڀَري اُٿيو پوان.
بُک مان دانهون ٻارُ جون،
آڻيان کيرُ ڪِٿان!؟
ڇِرڪَ ڀَري اُٿيو پوان.
هيٺيان هيڏِي ٻوڏِ ۽،
آيو مِينُهن مَٿان.
ڇِرڪَ ڀَري اُٿيو پوان.
رُوڻيون ڇَنڊَڻِ بندَ کي،
سَتِين شاخَ وَٽان.
ڇِرڪَ ڀَري اُٿيو پوان.
ذِهنُ ٿيو مفلوجُ آ،
ڪنهن جا دردَ لِکان؟
ڇِرڪَ ڀَري اُٿيو پوان.

جوهيءَ جون اَدِيُون.

جوهيءَ جون اَدِيُون.
يادِ ڪندي صديُون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.
ڀائرن سان رِنگ بندَ تي،
ڀينر ڀي ڪَٺيُون.
ياد ڪندي صديون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.
ٽُوئا، لڪڙا، ڪوڏَرُون،
تَڏِيُون کڻي پُڳيون.
ياد ڪندي صديون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.
بند ڪرڻ لئه روڻيون،
پاڻيءَ ۾ لٿيون.
ياد ڪندي صديون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.



ڀَرِينِ بيٺيون پاچڪا،
ننڍيون ۽ وڏيون.
ياد ڪندي صديون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.
راتو ڏينهان چوڪسي،
ڏينديون هي رهيون.
ياد ڪندي صديون.
سنڌ اوهان جو حوصلو.

اَکِ ٿي وَئِي آلِي.

اَکِ ٿي وَئِي آلِي.
حالُ ڏسي ڪئمپن سندو.
پيئڻ لئه پاڻي نه آ،
بُکَ ۽ بدحالِي.
اک ٿي وئي آلِي.
حالُ ڏسي ڪئمپن سندو.
جيڪي ڪالهه امير هُئا،
اڄ خالِي خالِي.
اک ٿي وئي آلِي.
حالُ ڏسي ڪئمپن سندو.
اَٽو، لَٽو ۽ اجهو،
سڀُ خواب خيالِي.
اک ٿي وئي آلِي.
حالُ ڏسي ڪئمپن سندو.
آهنَ اِنهيءَ آسَ ۾،
اِيندي خوشحالِي.
اک ٿي وئي آلِي.
حالُ ڏسي ڪئمپن سندو.

سُڏڪا سُڏڪا ٿي.

سُڏڪا سُڏڪا ٿي.
ساري مُنهنجي سنڌڙي.
سوچُون، صَدِما، ڳَڻتِيُون،
اُلِڪا اُلِڪا ٿِي.
سُڏڪا سُڏڪا ٿي.
ساري مُنهنجي سنڌڙي.
واهڻ، وستيون ويون ڊَهِي،
پُرزا پُرزا ٿي.
سُڏڪا سُڏڪا ٿي.
ساري مُنهنجي سنڌڙي.
ڪيڏا قَهر ڪلُورَ ويا،
برپا برپا ٿي.
سُڏڪا سُڏڪا ٿي.
ساري مُنهنجي سنڌڙي.

آئي جا امدادَ.

آئي جا امدادَ.
تَنهن کي ڪَٽَ لڳي ويا.
قهر ڏِسو ۽ ڪِيس هِي،
ظُلم ڏِسو بغدادَ.
آئي جا امدادَ.
تَنهِن کي ڪَٽَ لڳي ويا.
دانهن ڏِجي ڪنهن کي وڃي،
ڪاٿي ڪجنِ فرياد.
آئي جا امدادَ.
تَنهِن کي ڪَٽَ لڳي ويا.
ڀَرِيَلَ کي پيا ٿا ڀرنِ،
فرعوني اولادَ.
آئي جا امدادَ.
تَنهِن کي ڪَٽَ لڳي ويا.
ڀاڳيا گڏيا چور سان،
ساڌَ ٿِيا صيادَ.
آئي جا امدادَ.
تَنهِن کي ڪَٽَ لڳي ويا.

هيلوڪي برساتِ.

هيلوڪي برساتِ.
قهرَ ڪيرايا سنڌُ تي.
ڳوڙهن ۾ ويئي ڳري،
دل جي هر هڪ باتِ
هيلوڪي برساتِ.
قهرَ ڪيرايا سنڌُ تي.
چوماسو آيو کڻي،
سورن جي سوغاتِ.
هيلوڪي برساتِ.
قهرَ ڪيرايا سنڌُ تي.
جهُڳيون، جهوپا، ڪوٽَ ۽،
ڪونه بِچيا باغاتِ.
هيلوڪي برساتِ.
قهرَ ڪيرايا سنڌُ تي.

ٻارڙي دَمُ ڏِنو.

ٻارڙي دَمُ ڏِنو.
ماءُ جي هنجَ ۾.
هاسپيٽل اندر،
قهرُ ڪيڏو ڪِنو.
ٻارڙي دَمُ ڏِنو.
ماءُ جي هنجَ ۾.
ڪانه مليَس دَوا،
هوجو ڇورو ڇِنو.
ٻارڙي دَمُ ڏِنو.
ماءُ جي هنجَ ۾.
رڙيُون رينهون ڪري،
هوته ممتا رُنو.
ٻارڙي دَمُ ڏِنو.
ماءُ جي هنجَ ۾.

هنڌان هنڌان جِهيرَ.

هنڌان هنڌان جِهيرَ.
جيجل! مُنهنجي جيءَ کي.
پُٺِ ۾ هِن پنهنجن هنيا،
ڀالا ڀڻڇُون تيرَ.
هنڌان هنڌان جِهيرَ.
جيجل! مُنهنجي جيءَ کي.
جيئن ڪُڪَڙُ کي ڪا ڏِيجي،
تيزُ ڇُريءَ سان سِيرَ.
هنڌان هنڌان جهيرَ.
جيجل! مُنهنجي جيءَ کي.
ٻيڙي ٻوڙي ٻوڏِ وئي،
پوڄيم گهڻئي پيرَ.
هنڌان هنڌان جِهيرَ.
جيجل! مُنهنجي جيءَ کي.

هِن واري، هِن مِينهَن.

هِن واري، هِن مِينهَن.
گهر ٻَر ڊاهي پَٽَ ڪَيا.
روئندي گُذِرَنِ راتيون،
ڏُکندي گُذِرَنِ ڏِينهَن.
هِن واري، هِن مِينهَن.
گهر ٻَر ڊاهي پَٽَ ڪَيا.
ڪَڪَر ڏسي هاڻي ڊِڄُون،
اڳُ ته هياسين شِينهُن.
هِن واري، هِن مِينهَن.
گهر ٻَر ڊاهي پَٽَ ڪَيا.
هاءِ ٽُٽي ٽُڪرا ٿيا،
ننڍپڻ وارا نِينهَن.
هِن واري، هِن مِينهَن.
گهر ٻَر ڊاهي پَٽَ ڪَيا.

سنڌُ ڏِسي ٿي پئي.

سنڌُ ڏِسي ٿي پئي.
روزُ نئون هِڪ سانِحو.
گهاوَ مٿان نئون گهاءُ ٿسِ،
تڙپي لُڇي ٿي پئي.
سنڌُ ڏِسي ٿي پئي.
روزُ نئون هِڪ سانِحو.
صوفياڻي هيءَ سنڌڙي،
سُورَ سهي ٿي پئي.
سنڌُ ڏِسي ٿي پئي.
روزُ نئون هِڪ سانِحو.
ظُلم صفا بغدادُ آ،
دانهون ڪري ٿي پئي.
سنڌُ ڏِسي ٿي پئي.
روزُ نئون هِڪ سانِحو.
بيڏوها ۽ بي ڪفنُ،
لاشَ کڻي ٿي پئي.
سنڌُ ڏِسي ٿي پئي.
روزُ نئون هِڪ سانِحو.

موٽي وينداسين.

موٽي وينداسين.
پاڻي ڪڍرائي ڏِيو.
پنهنجو گهر، پنهنجو اجهو،
ٺاهي رهنداسين.
موٽي وينداسين.
پاڻي ڪڍرائي ڏِيو.
ڪونه کپي امداد ٿي،
بُک تي ويهنداسين.
موٽي وينداسين.
پاڻي ڪڍرائي ڏِيو.
محنت مزدوري ڪري،
پيٽُ پالينداسين.
موٽي وينداسين.
پاڻي ڪڍرائي ڏِيو.

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپيل شعري مجموعا

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپيل شعري مجموعا



 برکا بوند بهار جي (گڏيل 16شاعرن تي مشتمل ڪتاب) رتب: مرتضيٰ لغاري
 نئون نئون مڌ آ (گڏيل16شاعرن تي مشتمل ڪتاب) مرتب: مرتضيٰ لغاري
 ڪڏهن ته ملندي (شاعري) سرڪش ناريجو
 ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾ (شاعري) انجم قاضي
 دردن ڦولاريا ڦول (شاعري) وفا صالح راڄپر
 رهيل چار ڳوڙها (شاعري) استاد پيرل قمبر
 روهيڙي جا رتا گُل (گڏيل 17 شاعرن تي مشتمل ڪتاب ) مرتب: مرتضيٰ لغاري
 ادب آبِ حيات (گڏيل شاعري) مرتب: بلال تبسم
 جن عشق سين آگاهه ”ج ع منگهاڻي کي منظوم ڀيٽا“ شاعري، درد هوش محمد ابڙو
 درد نگر جا ماڻهو (شاعري) عاجز غلام رسول
 پهڻ پير پٿون ڪيا (شاعري) فرزانا شاهين
 آڪاس آ اکين ۾ (شاعري) شبانا عالماڻي
 هانءُ هاريو متان (شاعري) شاهده کوکر
 ساڃاهه جا سرچشما (ڀٽائي جي بيتن جي چونڊ ۽ تشريح) عيد احمد چانڊيو
 مينهن ڪڻيون (شاعري) سڪندر هاڙهو
 ملندو نيٺ پنهل (شاعري) ”درد“ هوش محمد ابڙو
 اوجاڳن جا عڪس (شاعري) انجم قاضي
 نينهن جو نوحو (شاعري) فرزانا شاهين
 ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا (ٻارڙن لاءِ شاعري) وحيد محسن
 هوا جو رنگ ناسي آ (شاعري) رحمت پيرزادو
احساسن جو ديس (گڏيل 36 شاعر) مرتب: انجم قاضي
 روشني جا رنگ: ”شهدادڪوٽ جا شاعر“ (گڏيل شاعري) مرتب: سڪندر هاڙهو
 گيت گونگا نه ٿيا (شاعري) شبانه عالماڻي
 رات وهامي ٿي (شاعري) نسرين الطاف
 ڏُک کي ڏُک آ (شاعري) وسيم گبول
 Shah Jo Risalo Transleted By: Dr. Ali Akbar Dhakan
 سنيهو سچ جو (شاعري) منور علي منور ڪيهر
 ديوان وريام فقير (شاعري) وريام فقير شيخ
 وفائون ماٺ ٿي ويون (شاعري) شبانه نواز
 آسرا جاڳي پيا (شاعري) عبد سنڌي
 سونهن جو رد عمل (چونڊ غزل) مرتب: رحمت پيرزادو
 آهين تون هن پار (شاعري) شاهده کوکر
 لهر لهر خوشبو (شاعري) آڪاش ميراڻي
 اعتراض (شاعري) بيخود بلوچ
 پيڙا جي پاتار ۾ (شاعري) خالده نسرين
 ڪونج قطارون ڏات جون (گڏيل شاعري) ڪونج بلوچ
 نظم جدائي جا (اڪبر کرل جي شاعري) مرتب: نادر دايو
 ريزا ريزا روح اسان جو (شاعري) بشير سيتائي
 جهونڪو هوا جو آهيان (شاعري) عاجز عاشق تنيو
 نينهن نجات نعت صفات (شاعري) سگهڙوريام فقير
 عشق جي عنايت (سگهڙ علي گوهر وڳڻ جو ڪلام) مرتب: ڊاڪمال ڄامڙو
 ڳولا (شاعري ۽ ڪالم) منور سلطانه
 محبتون پيالا ۽ پئمانا (تاثير ناٿن شاهي جي شاعري) مرتب: ذوالفقار گاڏهي
 تون ئي منهنجو محور آن (شاعري) بينا مسرور
 ڪنهن موڙ تي ملنداسين (شاعري) عظيم جلباڻي
 ڪورونا جنگ جهڙي آ (شاعري) وحيد محسن
 آزاديءَ جي عشق ۾ (شاعري) ”ناشاد“ رشيد سنڌي
 چنڊ مٿي آڪاس (شاعري) خالده نسرين
 وفائن ۾ هُڳاءُ آ (شاعري) آصف اصغر ڀنڊ
 الف الک من ۾ (شاعري) عبد سنڌي
 سپنا منهنجي ساهه جا (آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعري) هيڙ: ذوالفقار گاڏهي
 روشني آهي حسين (شاعري) شبانه عالماڻي
 ڪاروجهر تي مور (شاعري) سليم چانڊيو
 سنڌ سموري گهايل ڇو؟ (شاعري) ارشاد سومرو
 قلبي فڪر (شاعري) قاضي غلام مصطفيٰ
 ديوانِ نسرين غزل خالده نسرين
 احساس عاشقيءَ جو (شاعري) ڪوڙل قربدار
 اکيون آرسيون (محمد علي مفتون جي شاعري) سهيڙ: ذوالفقار گاڏهي
 نرالا نوان نينهن (شاعري) اسير ڏاهري
 آرسيءَ جا عڪس (شاعري) اقبال شاهين
 ڪربلا کان ڪربلا تائين (شاعري) سرمد چانڊيو
 منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي (وايون) علي محمد درد سولنگي