سيلف ڊولپمينٽ

پرھہ جي پڪار

روبن شرما کي دنيا جي صف اول جي ليڊر شپ جي ماهرن ۾ شمار ڪجي ٿو. فائيو اي ايم ڪلب جو بنياد هڪڙي اهڙي تصور ۽ طريقي تي رکيل آهي، جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو تہ مشھور ڪاروباري (Entreprenueurs) (انٽرپرينرس) وڏين ڪمپنين جيCEOs ، سپراسٽار رانديگرن، ميوزڪ جي دنيا جي وڏن ماڻھن کي ئي اها ڪاميابي نصيب ٿي. ليکڪ هي ڪتاب اٽلي، ڏکڻ آفريڪا، ڪئنيڊا، سوئزلينڊ، رشيا، برازيل ۽ ماريشيس ۾ چئن سالن جي عرصي دوران لکيو.

  • 4.5/5.0
  • 15
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پرھہ جي پڪار

The 5 AM Club

Here is one of the most widely read passages from The 5AM Club [right now]. I do believe this time of enforced isolation brings many gifts with it, including the chance to remake yourself into your finest version of your greatest vision. Peace, Robin.

The 5 AM Club
By: Robin Sharma

Own your Morning
Elevate your Life

سمورا حق واسطا سنڌيڪار وٽ محفوظ

BOOK NO: (357)
سمورا حق واسطا سنڌيڪار وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: پرهه جي پُڪار
موضوع : موٽيويشن
ليکڪ: رابن شرما
سنڌيڪار: بلوچ صحبت علي
پهريون ڇاپو: اپريل 2023ع
ڪمپوزنگ: علي انور لغاري ۽ دائود ڪبير لغاري
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
© ڪنول پبليڪيشن/ پرنٽر & بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
: 0333-7523132

قيمت: 800 روپيه
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

The 5 AM Club
) Motivational (
Robin Sharma
TRANSLATED BY Baloch Suhbat Ali
1st Edition: April 2023
Published by: © Kanwal Publication
ISBN: 978-969-2252-40-1

ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ،
ڪنول پبليڪيشن& بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
ڀٽائي بڪ اسٽور، ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد - رومي ڪتاب گهر، گدو چونڪ حيدرآباد -
دانيال ڪتاب گهر، قاسم آباد. نئون نياپو ڪتاب گهر، سچل ڳوٺ ڪراچي. الاحسان ڪتاب گهر، ميهڙ

ارپنا

سنڌي ادب جي ، بي لوث خدمتگار
محترم سائين
ملوڪ لُنڊ صاحب
جي نانءُ


__________بلوچ صحبت علي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران روبن شرما جي لکيل موٽيويشنل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”پرھہ جي پڪار“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سنڌيڪار بلوچ صحبت علي آھي.
روبن شرما کي دنيا جي صف اول جي ليڊر شپ جي ماهرن ۾ شمار ڪجي ٿو. فائيو اي ايم ڪلب جو بنياد هڪڙي اهڙي تصور ۽ طريقي تي رکيل آهي، جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو تہ مشھور ڪاروباري (Entreprenueurs) (انٽرپرينرس) وڏين ڪمپنين جيCEOs ، سپراسٽار رانديگرن، ميوزڪ جي دنيا جي وڏن ماڻھن کي ئي اها ڪاميابي نصيب ٿي. ليکڪ هي ڪتاب اٽلي، ڏکڻ آفريڪا، ڪئنيڊا، سوئزلينڊ، رشيا، برازيل ۽ ماريشيس ۾ چئن سالن جي عرصي دوران لکيو.
ھي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنمبر پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون بلوچ صحبت علي ۽ سعيد سموري جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مصنف جي باري ۾ - رابن شرما

Robin Sharma is a Canadian writer, best known for his The Monk Who Sold His Ferrari book series. Sharma worked as a litigation lawyer until age 25, when he self-published Mega Living, a book on stress management and spirituality.

روبن شرما عالمي سطح تي هڪڙو معزز انسان دوست آهي ۽ ٻارڙن جي مدد ڪرڻ واري بنا منافي واري تنظيم جو باني آهي. هي ادارو خاص ڪري ضرورتمند ٻارن جي زندگين کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو.
هو دنيا جي صف اول جي ليڊر شپ جي ماهرن ۾ شمار ڪجي ٿو. هن جي ڪلائينٽس ۾ گهڻو ڪري هنڊريڊ 100 ڪمپني جي مشهور ارب پتي، پيشاور کلاڙي، گلوڪار ۽ ٻيا وڏي طبقي جا ماڻهوشامل آهن.
جيڪي ادارا پاڻ وٽ هن کي پنهنجي ملازمن جي غيرمعمولي ڪارڪردگي ۽ نمايان تبديلن جي ڪري گهرائيندا آهن، انهن ۾ ناساNASA ، مائڪروسافٽMicrosoft ، نائڪيNIKE ، جنرل اليڪٽرڪGE ، فيڊايڪسFedEx ، هيلووٽ پيڪارڊHP ، اسٽار بڪسStarbucks ، اوريڪلOracle ، يالي يونيورسٽيYale University ، آئي بي ايمIBM Watson ۽ ينگ پريزينڊنس آرگينائيزيشنYoung Presidents’ Organization شامل آهن.
دنيا ۾ سڀني کان گهڻو ٻڌڻ لاءِ جن مقررين کي گهرايو ويندو آهي، انهن مان روبن شرما به هڪڙو آهي. هن جي ڪتابن ۾ ”دي مونڪ هوسولڊ هيز فيراري“The Monk who sold His Ferrari ، ”دي گريٽس گائيڊThe Greatness Guide “ ۽ ”دي ليڊر هو هيڊ ٽائٽلThe Leader who had no title “ شامل آهن. جن جون ڪروڙين ڪاپيون دنيا جي ٻيانوي 92زبانن ۾ ترجمو ٿي ڪري هينئر تائين سڄي دنيا ۾ وڪامي چڪيون آهن. اهڙي ريت، هو زنده مصنفين ۾ سڀني کان گهڻو پڙهيو ويندڙ مصنف آهي.

ليکڪ طرفان پيغام / ارپنا

Message from the Author + Dedication
ليکڪ طرفان پيغام /ارپنا

مان ڏاڍو خوش آهيان ڇو جو منهنجو هي ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي. منهنجي وڏي اُميد اِها ئي رهي آهي ته اها سهڻي نموني سان توهان جي مڪمل جذبن جي اظهار ۽ ڏاهپ جي خدمت ڪري ۽ توهان جي اندر ۾ تخليقيت، پيداواريت، خوشحالي ۽ دنيا جي خدمت کي سورمائي انداز سان تبدلي ڪري انقلاب جو ڪارڻ بڻجي.
فائيو اي ايم ڪلب جو بنياد هڪڙي اهڙي تصور ۽ طريقي تي رکيل آهي، جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو ته مشهور ڪاروباري (Entreprenueurs) (انٽرپرينرس) وڏين ڪمپنين جيCEOs ، سپراسٽار رانديگرن، ميوزڪ جي دنيا جي وڏن ماڻهن کي ئي اها ڪاميابي نصيب ٿي.
مون هي ڪتاب اٽلي، ڏکڻ آفريڪا، ڪئنيڊا، سوئزلينڊ، رشيا، برازيل ۽ ماريشيس ۾ چئن سالن جي عرصي دوران لکيو. ڪڏهن ڪڏهن ته لفظ منهنجي ڪنهن به ڪوشش جي بغير ائين پيا وهن ڄڻ ته اونهاري جي ٿڌڙي هير منهنجي پٺي تي گهُلي رهي هجي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته وري، مان اڳتي وڌڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهيس. ڪڏهن ڪڏهن وري منهنجي دل چوي پئي ته سفيد رنگ جي تخليقي کوٽ واري جهنڊي کي ڦڙڪايان ۽ اهڙي قسم جي ٻين گهرن روحاني عملن جي مرحلن دوران مون اهو محسوس ڪيو ته مون وٽ هڪ اهڙي زميواري آهي، جيڪا منهنجي پنهنجي ضرورتن کان به وڌيڪ هجي ۽ ان عمل ئي مون کي هي ڪم جاري رکڻ تي همٿايو.
مون کي جيڪو ڪجهه هن ڪتاب ۾ توهان کي ڏيڻو هو، اهو مون لکت ۾ توهان جي حوالي ڪري توهان کي ڏنو آهي. دنيا کي وڌيڪ سورمن يا بهادر ماڻهن جي ضرروت آهي، پر توهان کي نه، ان ڪري توهان انهن جي اوسيئڙي ۾ ڇو رهو. جڏهن توهان جي اندر ۾ ئي بهادر ٿيڻ واري حس آهي ۽ جڏهن اها توهان کي ملي ويندي ته توهان به هيرو ٿي ويندو. پوءِ دير ڇا جي، اچو ته اڄ کان ان نيڪ عمل جي شروعات توهان کان ئي ڪيون.

پيار مان منجهان

روبن شرما

پنهنجي پاران

البرٽ آئسٽائن Albert Einstein ۽ ٿامس ايڊيسنThomas Edison ، شيڪسپير William Shakespearجي ڊرامن، ڪنگ ليئرKing Lear، هيمليٽ ,Hamlet وينس جو واپاريThe marchant of Venice ، ٻارنهين راتTwelfth Night ، چنڊي زال کي هرکائڻThe taming of the shrew ، ليئر بادشا هه King Lear۽ ”روين جي راند“ Attitude is everything جي ڪامياب ترجمي کان پوءِ، جڏهن هي ڪتاب ”فائيو اي ايم ڪلب“ The 5 AM Club منهنجي مطالعي هيٺ آيو ته دل سٽ کاڌي ته هن ڪتاب جي منهنجي سنڌي سماج کي اشد ضرورت آهي، خاص ڪري منهنجي ڌرتيءَ جي نوجوان کي. ان ڪري هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيم.
ترجمو ته شروع ڪيم پر پوءِ ائين لڳو ته انتهائي ڏکوئيندڙ، تڪليف ڏيندڙ، جبل جيڏي جوکائتي ڪم جو ٽارگيٽ کڻي ويهي رهيس. نه ڪنهن سان صلاح ڪيم، نه وري ڪنهن سان ان معاملي ۾ لهه وچڙ ۾ آيم. ترجمي دوران، وڪالت جي ور چڙهيل وقت مان وقت ڪڍڻ انتهائي ڏکيو ڪم هيو. ٻيو ته هن ڪم کي پايه تڪميل تائين پهچڻ به ضروري هو. سو ڪتاب جو ترجمو ڏينهن رات جاري رکيو. انهي وچ ته منهنجي پياري دوست اعجاز پنهور صاحب جو پڻ آفيس ۾ اچڻ ٿيندو هو ۽ جڏهن هن سان اها ڳالهه ڪيم ته،” هي جبل جيڏو پهاڙ سر تي کنيو ٿم“ ته هن به نه فقط حوصلا افزائي ڪئي پر ان سان گڏ پڻ هڪ ٻن بابن جي ترجمي ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. پر پوءِ وري به هن جون پنهنجون مصروفتيون ۽ منهنجون پنهنجيون، سو اعجاز صاحب به مڪمل ٽائيم نه ڏئي سگهيو. مون دل ٻڌي ۽ پوءِ وري اهڙو لمحو به آيو جو ڪيتريون ئي قسطون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ترجمو ڪري فيس بڪ تي اپ لوڊ ڪيم. مطلب ته جڏهن به مايوس ٿيس ته لطيف جي رسالي ۾ پناهه وٺي پاڻ کي فريش ڪري ڇڏيو پئي. پوءِ لطيف سرڪار جي هنن سٽن منهنجي رهنمائي ڪري منهنجو حوصلو بُلند ڪيو.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرين جو. شاهه
سو هڪ ڏينهن ٻيجل جي ڪلاس جا مڊ ٽرم امتحان ٿيا، سو هن جي تياري ۾ هن کي وقت ڏيڻو پيو. ٻيجل منهنجي آفيس جي پاسي ۾ ئي ”ارم برائيٽ اڪيڊمي“ ۾ ڪي جي ۾ پڙهندو آهي، ارم برائيٽ اڪيڊمي محترم سائين محمد خان پنهور صاحب جو لڳايل اهو ٻوٽو آهي، جيڪو اڄ به پنهنجي آب تاب سان علم جي روشني ڦهلائيندو پيو اچي. جس هجي محترمه ميڊم ڊاڪٽر ارم پنهور صاحبه کي، جيڪا سائين محمد خان پنهور جي علم جي جوت جلائيندي پئي اچي ۽ ان اداري کي قائم ۽ دائم رکيو پئي اچي. سو ٻيجل منجهند جو ٽيوشن تي پاڙي ۾ ويندو آهي، شام جو وري مون سان منهنجي آفيس ۾ ئي ريگيولر هوندو آهي، ڄڻ ته منهنجي ڊيوٽي نه هجي پر هن همراهه جي مٿان ڪا ذميواري هجي. ڇوته ڪڏهن ڪڏهن ڪورٽ جي ٿڪاوٽ کان پوءِ شام جو دل نه چوندي آهي ته آفيس اچان، پر هي همراهه پنهنجي وقت تي تيار ٿي اچي مون کي اٿاريندو ته بابا آفيس جو ٽائيم ٿي ويو آهي، توهان کي ليٽ ٿي ويئي آ، سو مان به هن کي انڪار ڪري نه سگهندو آهيان. پاڻ گڏجي آفيس پهچي ويندا آهيون. پوءِ وري رات جو نائين وڳي گڏ ئي واپس. مجال آ جو مون کي ڪاڏي ڇڏِي. اسان جو پرين پيارو ساٿي دوست ايڊووڪيٽ راشد حسين گهلو صاحب هن کي چوندو آهي ته ”بابا! اسان جي به ڪا Adjournment application قبول ڪر، ڪڏهن ته سائين کي ڇڏ، اسان جو به سائين تي حق آهي“ .
ڪرونا جي ڪروڌ اڃان تائين هلي ٿي، ڪرونا ۾ وليم شيڪسپيئر جي ڊرامن جو ترجمو ڪيو هو، پر ان ئي ڪرونا ۾ هن فائيو اي ايم ڪلب جو به ترجمو ڪرڻ نصيب ٿيو. حالانڪ هن بيماري ته سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو، ماڻهن جا بزنس ٺپ ٿي ويا. ڪاروبار ختم ٿي ويا. مسڪين ويتر مسڪين ٿي ويو ۽ مٿان هي عذاب الاهي مهانگائي جي صورت ۾، تنهن ته ماروئڙن جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي. فاقا، بکون، غربت، بيماريون، اسڪول بند، تعليم تباهه، ڄڻ ته اسان جي قوم کي هٿ وٺي تباهي جي ڪناري ڌڪيو پيو وڃي.
فائيو اي ايم ڪلب جون ٽوٽل 80 قسطون فيس بوڪ تي رکيل آهن. جنهن ۾ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪيئي قسطون ڊائون لوڊ ڪري ويس، ته ڪڏهن وري مهينن جا مهينا هڪڙي قسط به اپ لوڊ نه ٿي سگهي. هن ڪم جا ممڪن آهي ته جلدي ۾ نتيجا نه ملن، پر هي ڪم تاريخي طور تي اڳتي هلي مڃتا ضرور ماڻيندو، شايد منهنجي مرڻ کان پوءِ ئي. ڇو ته اسان مرده پرست قوم آهيون. جنهن ماڻهو جي مرتئي جي ماني، برياني، پلاءَ، يا وري زردو يا تانهري ڪري جنهن اعليٰ ڪوالٽي واري پليٽ ۾ سٺي نموني سان ڪنهن ماڻهو کي عزت ۽ مان مرتبي سان ويهاري کارايو ويندو آهي، ايترو مان مرتبو جيڪڏهن ان مرحوم کي حياتي ۾ ڏيون ته شايد هو اهو رنج کڻي نه مري ها. سو اهو وقت تي ڇڏيل آهي ته وقت ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿو قدر ڪري.
مون هيل تائين25 ڪتاب لکيا آهن، پر مون ڪڏهن به اها وڏي دعويٰ نه ڪئي آهي ته ڪو مان شاعرآهيان، اديب آهيان، نه ئي وري مون پنهنجي قوم کان ڪڏهن ان پورهئي/مزدوري/اجوري جي اميد رکي يا ان جي گهر ڪئي آهي. مان طفلِ مڪتب آهيان، مون ته پنهنجي ٻولي، ڌرتي، ثقافت ۽ ان جنم ڀومي جو حقيقي معنيٰ ۾ حق ئي ادا نه ڪيو آهي. بس هي جيڪي به رنڊا روڙيا آهن، نيڪ دل سان، سچائي سان، پنهنجن نوجوانن، استادن توڙي شاگردن لاٰءِ ئي آهن. شل قبول پون.
مون کي خوشي آهي منهنجي ڪم کي مان ڏيڻ وارا منهنجا دوست آهن. جن هميشه منهنجي ڪم جي ساراهه ڪري، منهنجي همت افزائي ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو لکڻ سان اٿاهه الفت آهي، بي پناهه پيارآهي، دلي سڪون ملي ٿو، ڄڻ ته هي ئي پنهنجي جنت هجي. ڀلا سنڌ جي سونهه ۽ ورنهن کان مٿي به ڪا جنت آهي ڇا؟
محترم سائين الطاف شيخ صاحب، راشد حسين گهلو ايڊووڪيٽ، نياز حسين پنهور صاحب، محترم فضل حسين جمالي، اعجاز پنهور، اعجاز سولنگي، ڊاڪٽر منير احمد عباسي، منصور علي چارڻ (جاني)، رياض نور پنهور، ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر، ايڊووڪيٽ خليل انصاري، اندرجيت لهاڻو، عبدالحڪيم جاکرو، پير غلام محمد عرف پير هني (جنرل سيڪريٽري دادو بار)، ڊاڪٽر زاهد علي بلوچ، اقبال احمد سولنگي ۽ ٻيا ڪيئي صاحب جيڪي منهنجا دلي دوست آهن، جن پنهنجي دوستي جي جذبي تحت مون کي همٿائي، هن وڏي ڪتاب جي ترجمي کي مڪمل ڪرڻ ۾ منهنجي حوصلا افزائي ڪري منهنجو مڪمل ساٿ ڏنو. ان ڪري ئي هن ڪتاب جو هي ترجمو مڪمل ٿيو. مان انهن سڀني دوستن جو دل سان شڪر گذار آهيان.

ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پو،
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون.

شيخ اياز

ڪي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي دوستن جي لسٽ ۾ نه آهن پر انهن سان ڪراچي ۾ اليڪ سليڪ ٿيندو رهيو، اهي ان خيال جا آهن ته ڪراچي ڇڏي دادو ۾ وڪالت ڪرڻ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇو ته ڪراچي انٽرنيشنل شهر آهي، هتي اڳتي وڌڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن. پر جيئن ته ڪراچي ۾ زندگي جا 16 سال ڏيئي تمام گهڻو ڦُرايو، پِرايو ۽ سکيو. رت ڏنو، ڪڙياسين، پڙهياسين پر پوبه آرشيفيشل ماڻهو. ساهه کڻندڙ مرده ماڻهو. پر هتي دادو ۾ جيڪي ڏينهن گذاريان ٿو، اهي ڪراچي کان بهتر آهن. جن جي بدولت علم جا چند داڻا پلئي پيا. پر وري به جنم ڀومي ۾ رهي ڪري ڪراچي کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ڪراچي ۾ رهندي ڇهه ڪتاب لکيا هيم، دادو ۾ ايندي هيل تائين 20 ڪتابن جي ڇپجڻ جو اعزاز مليو. يعني ٽوٽل 26 ڪتاب لکي چڪو آهيان ۽ 50 ڪتاب اڃان ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. پر مان چوان ٿو ته ماڻهو کڻي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾، ڪٿي به رهي، ڪراچي، دبئي يا وري دادو پر جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ماڻهن لاءِ ڪم نه ٿو ڪري ته ان جو اتي زنده رهڻ بلڪل بيڪارآهي. گاڏيون، بنگلا، پراپرٽي ٺاهڻ، ان سان ڪو ماڻهو وڏو بنهه نه ٿو ٿئي، نه ئي ان جو اهو عمل سنڌي سماج جي ترقي جي عمل ۾ ڳڻپ ۾ ايندو. منهنجا ڪيترائي دوست ڪراچي ۾ سالن کان رهن ٿا، پر اهي اڄ به ان ئي حالت ۾ انهن، ڇو ته اهي ايمانداري سان روزي ڪن پيا، پر ها جيڪي ٻه نمبر ماڻهو آهن انهن بنگلا ٺاهيا، بنئڪ بيلنس ٺاهيون، پر انهن جي وجود مان سنڌي سماج کي ڪيترو فائدو پيو، اهي پاڻ ٻڌائيندا يا اهي ٻڌائيندا جيڪي مون کان سوال ڪندا آهن.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪراچي جي مالڪي ڪجي پر ائين به نه ٿئي ته پنهنجن ڳوٺن کي مڪمل طور تي وساري ڇڏجي. اسان جون جڙون اسان جي ڳوٺن ۾ آهن. جتي اسان جو جنم ٿئي ٿو، جتي اسان جو ننڍپڻ پروان چڙهي ٿو. مون کي خبر آهي اسان جي ڪيئي ماڻهو جيڪي ڪراچي ويا يا ٻاهر ويا، انهن مڙي به پنهنجن ڳوٺن ڏي نه ڏٺو. اهو ئي اڄ جو سچ آهي، جيڪو هر دور جو سچ آهي. توهان وڏن شهرن ۾ ڀلي رهو، پر پنهنجن اباڻن ڪکن کي نه وساريو. ڇو ته وري به توهان کي آخري ۾ اوڏانهن ئي واپس ورڻو آهي، جي نه، ته پو ميوا شاهه بهتر رهندو.
ان کان علاوه مان ٿورائتو آهيان پنهنجي آفيس جي اسٽاف جو، جن ۾ محترم ايڊووڪيٽ الله بخش لنڊ صاحب، ايڊووڪيٽ مختيار احمد لنڊو صاحب، محترم اِيڊووڪيٽ توفيق احمد سولنگي صاحب، محترم ايڊووڪيٽ رميش ڪمار متلاڻي جن جا، جن مون کي ترجمي واري ڪم ۾ رڌل ڏسندي ڪڏهن به رخنو ناهي وڌو، بلڪه اڃان به ڪيسن ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ انهي کان علاوه مان ٿورائتو آهيان پنهنجي ڀائٽي غلام ياسين لنڊ جو، جنهن جو هميشه مون سان ساٿ رهندو آيو آهي.
مان نهايت ئي ٿورائتو آهيان پنهنجن مانوارن دلي دوستن جو، جن پنهنجي قيمتي ٽائيم مان چند گهڙيون ڪڍي هن ڪتاب ۽ هن ناچيز تي پنهنجي راءِ ڏني. انهن ۾ محترم سائين امجد علي اعواڻ صاحب، جان خاصخيلي صاحب، ڪوي شنڪر صاحب، انجينئير شيخ غلام سرور صاحب، مفيد احمد ناريجو صاحب ۽ ٻيا دوست اچي وڃن ٿا. دعا ڪجو ته شال ڌرتي لاءِ لکندي لکندي، ملڪ الموت پنهنجو ڪرم ڪري ۽ ائين ئي قلم جي قرب ۾ ڪسجي وڃجي.

فقط اوهان جو

بلوچ صحبت علي
دادو سنڌ جي دل

مهاڳ

ڪنهن به ڪتابي ترجمي جي باري ۾ روايتي خيال ان مخصوص ڪتاب جي لفظي ترجمي کي ئي تصور ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ترجمي جي اصل ڪاميابي صرف لفظن تائين محدود نه ٿي رهي، پر اصل ڪتاب جي صحيح اسلوب، مقصديت ۽ پيغام کي پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائڻ سان ئي ڪنهن ترجمان جي ڏاهپ ۽ ان جي ڪيل محنت جي خبر پوي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته ترجمان کي ٻنهي زبانن تي ڀرپور عبور هجي ۽ هو لفظن ۽ استعارن جي ترجماني دوران ڪتاب جي اصل روح معنويت تي سمجهوتو ڪندي نظر نه اچي.
زير نظر ڪتاب The 5 AM Club جنهن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو محترم بلوچ صحبت علي جي زير ڪاوش پنهنجي تڪميل تي پهتو، ان کي جيئن جيئن مان پڙهندو ويس، ته مون کي ڪنهن به جاءِ تي اهو احساس ئي نه ٿيو ته مان ڪنهن ڪتاب جو ٿيل ترجمو پڙهي رهيو آهيان. بلوچ صحبت جي محبت ۽ مروت جو قائل ته اڳ ۾ ئي هيس، مگر هن ڪتاب ۾ هڪ فطري وهڪرو، خيالن ۽ لفظن جون گلڪاريون ۽ ننڍن ننڍن لفظن ۾ مهارتي سلاست سان زندگي جي وڏن سبقن کي جنهن طرح هڪ لڙي ۾ پويو ويو آهي، ائين لڳو جيئن بلوچ صاحب پنهنجي ئي فن ۽ ڏات کي پنهنجي شوق ۽ ذات سان هم آهنگ ڪري ڇڏيو هجي.
مان ذاتي طور تي سمجهان ٿو ته اڄ ڪلهه جي معاشي، معاشرتي ۽ اخلاقي خلفشار جي هن دور ۾ جتي نوجوان نسل هڪ قسم جي وچڙاءَ ۽ ڪنفيوزن (complain) جو شڪار آهي، زير نظر ترجمو نوجوانن لاءِ ڪنهن ترياق کان گهٽ نه آهي. ڪتاب جو مرڪزي ڪردار اسپيلبائينڊر (spellbinder) پنهنجي نالي وانگر پوري ڪتاب ۽ ان جي مختلف مضامين دوران مسلسل هڪ گفت شنيد ۽ (Dialogue) جي ڪيفيت ۾ آهي ۽ اڄڪلهه جي دور جي مختلف مونجهارن، مشڪل ۽ بي ترتيبين کي هو هڪ تجربيڪار استاد وانگر سمجهائيندي نظر اچي ٿو. پوري ڪتاب ۾ صحبت صاحب هن ڪردار جو مسلسل ترجمان بڻيل آهي ۽ ان ڪردار جي نزاڪتن ۽ سلوڪن سان پوري طرح سان انصاف ڪندو نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۽ ڪتاب جي ترجمي جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته ڪنهن به مقام تي هي ڪتاب پاڻ کي (impose) نه ٿو ڪري، مگر پڙهندڙ کي پنهنجي اسلوب، انداز ۽ پيرائتي بيان جي ذريعي پاڻ ڏي متوجهه ڪري ٿو ۽ پڙهندڙ پاڻ کي به ڪتاب جي ڪردار جي شڪل ۾ ئي تصور ڪري ٿو. ڪردارسازي هر (motivational narratives) جو بنيادي مقصد هوندوآهي ۽ ان حساب سان هن ڪتاب جو مصنف ۽ مترجم پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچن ٿا. هن ڪتاب جي سنڌي زبان ۾ ترجمي جي ضرورت ان لاءِ به هئي ته جيئن گهربل معاشرتي تبديلي لاءِ ڪردار سازي تي نظرون مرڪوز ڪيون وڃن. مثلا هڪ جاءِ تي مصنف (Spartan) جي زبان ۾ پنهنجي نوجوان فوجين کي هن جملي جي شڪل ۾ حوصله افزائي ڪري ٿو ته ”جيڪو تربيت جي دوران وڌيڪ پگهر وهائي ٿو، ته ان کي جنگ جي دوران گهٽ رت وهائڻو پوي ٿو“. ان کان علاوه مختلف تاريخي حوالن کي پنهنجي سمجهاڻين ۾ تمام خوبصورت ۽ مهارت سان سمويو ويو آهي، جنهن سان ڪتاب جي اصل موضوع کي ڄڻ چار چنڊ لڳي ويا هجن.
مان خاص طور تي محترم بلوچ صحبت علي صاحب کي هنن جي هن فني ۽ ادبي ڪاوشن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ دعاگو آهيان ته پاڻ ان ساڳي دلچسپي ۽ همت سان قلم ۽ ادب جي هن ميدان ۾ سينه سپر رهندا. مان ان سان گڏ اهو به چاهيندس ته پڙهندڙ، خاص ڪري اسان جا نوجوان بلوچ صحبت علي جي هن ڪوشش ۽ ڪاوش سان پوري طرح سان مستفيد ٿيندا ۽ هن ڪتاب ۽ ان جي ترجمي مان زندگي جي تاريڪ رستن تي اميد جا ڏيئا ٻارڻ جو فن سکي سگهندا. واسلام

امجد علي اعواڻ
اسلام آباد

ليکڪ جي زندگي جو خواب

صحبت بلوچ هڪڙو اهڙو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڄڻ ته هڪڙو خواب ڏٺو هو ته هوُ اهڙو ڪجهه ڪرڻ ٿو چاهي جنهن سان ٻين کي زندگي گذارڻ جو ڍنگ اچي. انڪري هن نه صرف پنهنجي وڪالت واري پروفيشن کي مناسب وقت ڏئي ان کي برقرار رکيو آهي پر پنهنجي اندر جي شاعر کي به مطمئن رکيو آهي. جڏهن عالمي وُبا سڄي دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو ان وقت هن ”لاڪ ڊائون“ دوران پنهنجي تخليقي ۽ ترجمي واري ڪم کي جاري رکيو.
رابن شرما جي هن ڪتاب ”فائيو اي ايم ڪلب“کي هن ترجمو ڪري پڙهندڙن کي اتساهه ڏنوآهي ته پنهنجي زندگي سان ڪيئن پيار ڪجي. هن نيلسن منڊيلا حوالو ڏيندي چيو آهي ته ” اهڙي ريت جيئڻو آهي جو ماڻهو ٻين جي عزت ۽ آزاديءَ جو خيال رکي“، هي ڪتاب ٻڌائي ٿو ته ”ٻالڪپڻ ڪيترو خوبصورت هوندو آهي. رات جو تارن کي تڪڻ، پارڪ ۾ ڊوڙڻ، پوپٽن کي پڪڙڻ، ٽهڪ ڏيڻ ... پر وقت گذرڻ سان جڏهن ماڻهو وڏو ٿيندو ويندو آهي ته هوُ ننڍين ننڍين خواهشن جي حاصلات لاءِ ڊوڙندي پنهنجي ننڍپڻ کي وڃائي ويهندو آهي.“
اهو پڙهندڙن لاءِ پيغام آهي ته ”زندگي ۾ ايندڙ تبديلين مان سکجي ۽ پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ گذاريل لمحن کي ڪڏهن به نه وسارجي. پنهنجي پاڻ سان شناسائي واري ڏيئي کي اجهامڻ نه ڏجي“. مختصر عرصي ۾ ليکڪ سنڌي ٻولي ۾ جيڪي ڪتاب ڏنا آهن اهي وڏي اهميت رکن ٿا.

جان خاصخيلي
حيدرآباد

بلوچ صحبت علي قومي اثاثو

سنڌ جنهن کي صوفين جي ڌرتي سڏيو وڃي ٿو، ان ڌرتيءَ جي ڪُکِ مان هزارين بي بها موتين جنم وٺي، پويتر ڌرتي جي آغوش ۾ پالنا حاصل ڪري تاريخ رقم ڪئي آهي. سٻاجھڙي سنڌ ڌرتي جي اعلى ادبي مرتبو رکندڙ شهرن منجھان هڪ شهر دادو به آهي، دادو جنهن کي استاد بخاري جي نالي سان ڄاتو۽ سڃاتو وڃي ٿو.
ان شهر منجهه استاد بخاري جي محبتن جو عڪس رکندڙ انيڪ اديب علمي ادبي شعور ڦهلائي نوجوان نسلن ۾ شعور جي ارتقائي عمل کي اجاگر ڪرڻ ۾ رات ڏينهن پاڻ پتوڙيندڙ هڪ عاليشان شخصيت محترم بلوچ صحبت علي صاحب جن جي پڻ آهي، جن جو شمار سنڌ ڌرتي جي بهترين ۽ عظيم اديبن، دانشورن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن ۾ ٿئي ٿو.
سائين بلوچ صحبت علي صاحب طبيعت ۽ مزاج ۾ پنهنجو مٽُ پاڻ آهن، هنن جي اعلى ظرفي، نماڻائي، نهٺائي ۽ روشن خيالي جا قصا هرعام و خاص وٽان ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. سندن جو اهو خوبصورت مزاج ئي آهي جو پاڻ ننڊ وڏائي ۽ اميري غريبي جي تفاوت بغير هر ماڻهو کي محبتن ڀري موٽ ڏيندا آهن.
بلوچ صاحب جن جو ادب سان عشق ايترو ته پڪو ۽ پختو آهي جو پاڻ وڪالت جهڙي مصروف ترين پيشي سان وابستا هوندي به ڏينهن رات جي محنت ڪري 26 ڪتاب لکي ڇپرائي چڪا آهن ۽ ڪجهه ڪچن پڪن انگن اکرن موجب سائين جن جا 50 ٻيا اڻ ڇپيل ڪتاب اڃان به پائيپ لائين ۾ آهن، جن تي مشاهدا ڪندا قلم جي نوڪ تي آڻڻ ۾ نهايت ئي پرجوش نظرايندا آهن، وڪيل هجڻ جي ناتي ڪلائينٽس کي وقت ڏيڻ کان وٺي عدالتن ۾ ڪيس وڙهڻ ۽ ان ڪيسن متعلق تحريري توڙي زباني تياري ڪرڻ واسطي ايترو ته وقت گھربل هوندو آهي جو باقي سمورن ڪمن لئه بچيل وقت مان وقت ڪڍڻ مشڪل تر ٿي ويندو آهي، ۽ ان ڪمشمڪش ۾ وقت جي تيز ترين هلندڙ ٻيڙي ۾ سوار هڪ عام ماڻهو لاءِ اهو ڪيئن مناسب ۽ ممڪن آهي ته هو پنهنجي مختصر وقت ۾ علم و ادب کي وقت ڏئي 50 ڪتابن کي مارڪيٽ ۾ آڻي پنهنجي روشن خيالي جو ثبوت ڏئي نوجوان نسل کي روز بروز قيمتي تحفات ڏيندو رهي، حقيقتا اها ڳالهه جڏهن آءٌ گهرائي سان سوچڻ لڳندو آهيان ته حيران ٿي ويندو آهيان ۽ بلوچ صاحب جي ايتري وسيع ٽائيم مئنيجمينٽ جي پويان ڳجھن رازن ڄاڻڻ لاءِ جاکوڙي، بغيرڪنهن حقيقي مقصد حاصل ڪرڻ جي ۽ بغير ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي سوچن جي ساحل مان ٻاهر نڪري ايندو آهيان، ڇوته ايتري مختصرعرصي ۾ گھڻ رخا مشاهداتي جائزا ڪري، شين جي تڪميل تائين پهچي مختلف پهلو ۽ موضعن تي ڪتاب لکڻ ڪنهن عام ماڻهو جي وس کان بلڪل مٿاهين ڳالهه آهي، ۽ ان ڳالهه جو اهو ئي چٽو ثبوت آهي ته بلوچ صحبت علي صاحب هڪ عام ماڻهو نه پر قومي اثاثو آهن ۽ اهڙا اثاثا هن ڌرتي جا سورنهن سينگار هجڻ کان بنهه گھٽ ناهن هوندا.
روبن شرما ڪينيڊا ملڪ جو رهواسي جيڪو پاڻ به بلوچ صحبت علي صاحب جيان پيشي جي لحاظ کان وڪيل ئي آهي، جنهن جي لکيل هن ڪتاب “The 5 AM Club” کي بلوچ صاحب پاران آسان ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ به محظ اتفاق ناهي بلڪه ترجمينگار جي سوچن جي عڪس ۽ هن ڪتاب جي ليکڪ جي سوچ، سمجهه، مشاهدن، ۽ تحقيقن سان ملندڙ جلندڙ هجڻ جي پڪي پختي ثابتي آهي. هن جڳ مشهور ڪتاب جنهن ۾ دنيا اندر نفسا نفسي جي صورتحال ۽ پريشانين جي عالم مان نڪرڻ جا رستا ڏيکاري، انسانن لاءِ جيئڻ جو اتساهه پيدا ڪري، حوصلن کي هيٺ ڪرڻ کان بچائڻ جي اڻ ٿَڪ ڪوشش ڪئي آهي، اهڙي قسم جي ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ آڻڻ بلڪل به آسان ڪم ڪونه آهي. لڳ ڀڳ 17 باب ۽ 250 صفحن تي مشتمل ڌارِي ٻولي ۾ لکيل هي ڪتاب پنهنجي ٻولي اندر آسان ۽ سمجهه ۾ ايندڙ لفظن ۾ ترجمو ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه هرگذ به نه آهي.
جتي بلوچ صاحب جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جي پٽاندڙ سنڌي ادب کي کوڙ سارن مفيد ڪتابن جا تحفا مليا آهن، اتي سائين جن جي هي عظيم ڪاوش به ڪنهن وڏي ڪارنامي کان گھٽ ڪين آهي، ائين چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ٿيل عظيم ڪتابن مان هڪ آهي. بلوچ صحبت علي صاحب جي هن وڏي جستجو تي کين کي خراجِ تحسين پيش ڪيان ٿو۽ اميد ڪيان ٿو ته سندن لکيل ۽ ترجما ڪيل اڳين ڪتابن جيان هِي ڪتاب به نوجوان نسل لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.

مفيد ناريجو ايڊووڪيٽ
دادو

جيئڻ جو ڏس ڏيندڙ ڪتاب

بلوچ صحبت ڀلوڙ شاعر۽ نثر نويس هجڻ سان گڏ هڪ بهترين مترجم پڻ آهي. هن پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي گڏ ڪري گڏ ٻين ٻولين جي ناليوارن ليکڪن ۽ سندن جڳ مشهورڪتابن کي سنڌي ٻولي جو ويس ڍڪايو آهي. بلوچ صحبت جو ڪيل ترجمواهڙو وڻندڙ۽ سولو آهي جو پڙهندڙ ليکڪ جي اصل تخليق جي رنگ ۾ رنڱجيو وڃي.
”فائيو اي ايم ڪلب“ جڳ مشهور ليکڪ روبن شرما جو شاندار ڪتاب آهي. صحبت هي ڪتاب اهڙي وقت ترجمو ڪيو آهي جڏهن سڄي دنيا تي ڪورونا جا ڪارا ڪڪر پکڙيل آهن. لاڪ ڊاؤن جي وانڌڪائي دوران هن ”فائيو اي ايم ڪلب“ ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻولي جي خزاني ۾ واڌارو ڪيو آهي.
روبن شرما جو هي ڪتاب جيئڻ جو ڏس ڏي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٻاروتڻ، جواني ۽ پوڙهپڻي جي مختلف دورن جي منظرڪشي ڪيل آهي. هي ڪتاب پڙهندڙن کي اتساه ۽ ويساه ڏي ٿو۽ زندگي جي لاهن ۽ چاڙهن سان منهن ڏيڻ بابت سکيا ڏي ٿو.
هونئن به ماضي کي نه وساربو آهي خاص طور يادگار لمحا، پوءِ ڀلي اهي خوشگوارهجن يا دک دائڪ، انهن کي سامهون رکي هميشه پاڻ کي ماضي جي آئيني ۾ ڏسندو رهجي. روبن شرما جو هي ڪتاب پڻ اهڙو ئي آئينو ڏيکاري ٿو.

ڪوي شنڪر
ڪراچي

لازوال ڪردار

سنڌ اها ڌرتي آهي جيڪا هر محاذ تي پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪي مڙس منصور پيدا ڪندي آئي آهي. اها ئي ڌرتي تعليم جهڙي نازڪ ۽ انتهائي ڏکئي محاذ تي به اهڙا ته جوڌا پيدا ڪندي آئي آهي، جيڪي دنيا داري کي ترڪ ڪري قلم ۽ ڪاڳر کڻي ايندڙ نسلن جي ڪاميابي لاءِ پائدار رستو اختيار ڪيو ويٺا آهن.
بلوچ صحبت علي جو شمار به اهڙن ئي لازوال ڪردارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن سنڌي ادب لاءِ 26 ڇويهه ڪتاب لکي چڪو آهي. رابن شرما جو هي انمول ڪتاب ”فائيو اي ايم ڪلب“ پنهنجي ڏينهن رات جي اڻٿڪ محنت سان سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪري، حقيقت ۾ قوم جي ٻچن ۽ نئين ٽهي لاءِ/شاگردن/دوستن لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي.
آئون سمجان ٿو ته بلوچ صحبت سنڌ جي عام رواجي ليکڪن کان هٽي ڪري جيڪي اڪثر ڪري ثقافت کاتي کي ئي ڏوهي سمجهندا/ڪندا آهين، پر هي دوست پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻولي ۽ ادب جي جيڪا عملي طور تي خدمت ڪري رهيو آهي، ان تي کيس داد ڏجي ٿو.

انجنيئر غلام سرور شيخ
دادو

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا

زندگي گذارڻ به هڪ فن آهي، جنهن ۾ رڳو ساهه ئي کڻڻا ڪو نه هوندا آهن، رڳو ڏوڪڙ ئي ڪمائڻا ۽ ڳڻڻا ڪونه هوندا آهن، رڳو کائڻو ئي ڪونهي، رڳو جيئرو ئي رهڻو ڪونهي ۽ رڳو مرڻو ئي ڪونهي. ڄمڻ ۽ مرڻ جي وچ واري اِن سڄي پنڌ ۾ روح عالم جو ادراڪ به ضروي آهي.
وڪالت ڪو سولو ڪم ناهي. بلوچ صحبت علي نه فقط نالي وارو قانوندان ۽ اديب آهي پر ان سان گڏ شاعر ۽ تعليمدان پڻ آهي. پاڻ پهرئين جنوري 1974ع ۾ دادو جي پاڙي ڇاڻي شاهه آباد ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم دادو شهر مان حاصل ڪرڻ بعد ڪراچي جي مشهور ايس ايم لا ڪاليج مان LL.M ( ماسٽر آف لا) پڻ ڪئي. هن وڪالت جي شروعات 1999ع کان ڪراچي مان ئي سٽي ڪورٽ جي سامهون حور سينٽر ۾ پنهنجي استاد آغا ظافر علي جي رهبري ۾ ڪئي.
بلوچ صحبت علي جا هيل تائين ڇويهه (26) ڪتاب ڇپجي سنڌي ادب جي زينت بڻجي چڪا آهن ۽ هي ستاويهون (27)ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.هن جا لکيل مضمون، ڪيل ترجما ۽ لکيل ڪتاب مون جهڙا ڪيترائي علم جا طالب وڏي ذوق ۽ شوق سان پڙهن ٿا. عبدالقادر جوڻيجي چيو ته، ”دنيا جا وڏا وڏا تخليقي اديب به ڪڏهن ڪڏهن بلاڪيج جو شڪار ٿي ويندا آهن. اهو بلاڪيج هڪ هفتي جو به ٿي سگهي ٿو، ته ٻن ٽن سالن جو به ٿي سگهي ٿو“. خاص ڪري اوڀر يورپ مان ڪيتريون اهڙيون شڪايتون اينديون رهنديون آهن ته ادب جي مارڪيٽ ۾ ليکڪ گهٽ آهن ۽ پڙهندڙ وڌيڪ آهن ۽ پڙهندڙ کي گهربل مواد نه ٿو ملي. اهڙي شڪايت ڪڏهن ڪڏهنU.K ۾ به ٿيندي رهي آهي. پر هاڻي انهيءَ شڪايت ۽ مسئلي جو حل ڳولي لڌو ويو آهي. اهو علاج هيءُ آهي ته جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪا کوٽ ٽوٽ آهي ۽ بلاڪيج آيل آهي ته ٻين ٻولين جي ادب کي ترجمو ڪري اها کوٽ ٽوٽ پوري ڪئي وڃي.
اهڙي صورتحال ۾ اڄ جي دور جي پاپولر ليکڪ رابن شرما جي مشهور ترين ڪتاب THE 5.AM CLUB جو ترجموبلوچ صحبت علي جهڙو ذهين ۽ تخليقي ادب سان وابسته نوجوان ڪري چڪو آهي، اهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. بلوچ صحبت علي جي انهيءَ ڪوشش کي پڙهي ڪري پوءِ به داد نه ڏجي ته اها وڏي ادبي ڪنجوسي ٿيندي.
هي ترجمو ڪيل ڪتاب انتهائي معلوماتي ۽ دلچسپي سان ڀرپور آهي. مان ته رابن شرما جي ڪتاب The Monk who sold his Ferrari مان اڳ ۾ ئي تمام گهڻو متاثر هئس. ويتر محترم بلوچ صحبت علي جي ڪيل هن ترجمي کي پڙهڻ کان پوءِ کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
ترجمو ڪرڻ رت روئڻ جهڙو ڪم آهي. هن ترجمي ڪيل ڪتاب جو ڪمال اهو آهي ته هن ۾ بهترين ٻولي، سادا لفظ ۽ ادبي چاشني محسوس ٿئي ٿي. پڪ سان جيڪڏهن اهڙا ناياب موتي پنهنجي ٻوليءَ ۾ بلوچ صحبت علي جهڙا ليکڪ ترجمو ڪندا رهندا ته الائي ڪيترا نوجوان رابن شرما جهڙي پاپولر ليکڪ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهي ڪري پنهنجي زندگي ۾ ڏٺل خوابن جي ساڀيان ماڻيندا رهندا. اهو سچ آهي ته ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“.

نادر علي جمالي
دادو

پرھہ جي پڪار

---

جوکائتو ڪم/خطرناڪ عادت

1

The dangerous Deed
جوکائتو ڪم/خطرناڪ عادت

بندوق تمام خطرناڪ هٿيار آهي. هاڻي ته ڦاهو به تمام پراڻو طريقو ٿي ويو آهي. ڇُري سان ڪارائي (wrist) تي جِهير ڏيڻ سان به ڪجهه نه ٿيندو. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ شاندار زندگيءَ جو ڪيئن، آرام/سڪون سان، گهٽ کان گهٽ ۽ وڌ کان وڌ تڪليف جي بغير، خاتمو آڻجي.(خودڪشي ڪري)
صرف ڪجهه سال اڳ ۾حالتون حيرت جي حد تائين پراُميد هيون. هوءَ ڪاروباري عورت The entrepreneur پنهنجي صنعت جي هڪ واضح پروفيشنل، معاشري جي هڪ اثرائتي شخصيت/ ليڊر ۽ خدمتگار ۽ اعليٰ گڻن جي شخصيت واري عورت جي حيثيت سان سڃاتي وڃي پئي. هن جي عمر 30 سالن جي لڳ ڀڳ هُئي. ڪاليج جي زماني کان ئي ٽيڪنالاجي ڪمپني قائم ڪري چڪي هُئي ۽ مارڪيٽ ۾ تمام تيزي سان اڳتي وڌي رهي هُئي. هن جي پروڊڪٽ کي هن جا گراهڪ تمام گهڻي اهميت ڏين پيا.
پر هاڻي جن ماڻهن هن جي ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪئي هُئي، اهي سڀ هن کي مجبور ڪري رهيا هُئا ته هوءَ سڀ ڪجهه ختم ڪري وڃي ڪا ٻي نوڪري ڪري، ڇاڪاڻ ته اهي هن سان ساڙ ڪندا هئا.
ان تمام غيرمعمولي واقعن جي ڪري، هن ڪاروباري عورت لاءِ برداشت ڪرڻ کان ٻاهر ٿيندو پئي ويو. هن جي ٿڌن ساهن جي پُٺيان، هڪ تمام شفيق ۽ پيار ڪندڙ دل لڪل هئي. هن محسوس ڪيو ته زندگي هن سان جيڪا راند ڪري رهي آهي، هو ان جي اهڙي رويي کي برداشت ڪري نه سگهندي، . پر هوءَ چاهي ٿي ته هن سان سٺو رويو اپنايو وڃي.
هن آخرڪار اهو سوچيو ته هُو نشي وارين گورين جي سڄي بوتل کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏي ۽ ان معاملي کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي. هي خطرناڪ قدم هن جو رستو ئي صاف ڪري ڇڏيندو.” بس هي سڀ کائي ڇڏ، ته انهن سڀني مسئلن جو خاتمو ٿي ويندو“، هن فيصلو ڪيو ته هن کي هن عذاب مان نڪرڻو آهي.
پوءِ هوءَ صنوبر جي ڪاٺ مان ٺهيل نفيس ڊريسنگ ٽيبل ڏي وڌي، جيڪا هن جي بستر جي ڪنڊ کان رکيل هئي. جنهن تي رکيل ذاتي (پرنسل ڊيولپمينٽ) جي حوالي سان ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس جي ٽڪيٽ کي گهوري نهارڻ لڳي، جيڪا هن جي ماءُ هن کي ڏني هئي ته هوءَ ان ڪانفرنس ۾ وڃي شريڪ ٿئي. پر هي ڪاروباري عورت، خاص ڪري اهڙن پروگرامن ۾ شامل ٿيندڙ حاضرين تي ٽوڪ ڪندي کلندي هُئي ۽ انهن کي ”ٽٽي ويل پر“(broken winged) چوندي هُئي. هن جو چوڻ هو ته هي ماڻهو اهڙا مڪار (گرو) تلاش ڪندا آهن، جيڪي اهڙي قسم جي ڪوڙي دعويٰ ڪري اهو ٻڌائيندا آهن ته انهن جي ڪامياب زندگي آهي ۽ اهي جيڪو ڪجهه چاهن ٿا يا انهن جي ذهنن ۾ سوال اڀرن ٿا، انهن مڙني جا جواب هنن جي اندر ۾ ئي موجود هوندا آهن.(پر اصل ۾ ائين نه هوندو آهي).
شايد اهو لمحو هو يا وري اهائي ڪا گهڙي هئي، جڏهن هن پنهنجي ان خودڪشي ڪرڻ واري سوچ تي نظرثاني ڪئي. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته هوءَ هن سيمينار ۾ وڃي به يا نه ۽ اُتي متان ائين ٿي پوي جو هن جي زندگي بچي وڃي يا وري جهٽ پٽ واري موت جي ذريعي هوءَ اک ڇنڀ ۾ موجوده تڪيلفن کان پاڻ کي آجو ڪري.

عظيم انسان بڻجڻ لاءِ روز مرهه جو فلسفو

2

A daily philosophy On becoming legendary
عظيم انسان بڻجڻ لاءِ روز مرهه جو فلسفو


Do not allow your fire to go out, spark by irreplaceable spark in the hopeless swamps of the not quite, the not yet, and the not at all. Do not let the hero in your soul perish in lonely frustration for the life you deserved and have never been able to reach. The world you desire can be won. It exists. It is real. It is possible. It is yours” . Ayn Rand

پنهنجي اندر جي باهه کي وسامڻ نه ڏيو! شعلو بڻجي چمڪو اُن نااميدي واري دلدل ۾، جنهن جو وجود ڪونهي، جيڪا بلڪل نه آهي، جنهن جو ڪو به نعم البدل ناهي. پنهنجي خالي فرسٽيشن جي ڪري پنهنجي اندر جي هيرو کي ان زندگيءَ ۾ ختم نه ڪيو، جنهن زندگيءَ جا توهان مستحق آهيو. جنهن دنيا جي توهان تمنا ڪيو ٿا ۽ اتي توهان ڪڏهن به پهچي نه سگهيا هجو. توهان جنهن دنيا جي خواهش ڪيو ٿا، اها توهان ماڻي سگهو ٿا. ان جو وجود آهي. اها حقيقي آهي. اها ممڪن آهي. اها توهان جي آهي. ايني ريڊ


هو هڪ بهترين مقرر هيو، ڄڻ ته لفظن جو ڪو جادوگر هجي. ۽ هاڻي، 80 سالن جي ڄمار ۾، پنهنجي شاندار ڪيريئر جي پڄاڻيءَ تي بيٺل هيو. هن جي شهرت سڄي دنيا ۾ ڇانيل هُئي. هو تحريڪ ۽ ترغيب جو باڪمال ماهر ۽ ليڊرشپ جو ابو سمجهيو ويندو هو. ماڻهو هن کي مخلص سياستدان سمجهندا هُئا، جيڪو هرروز ماڻهن جي زندگين ۾ اتساهه بخشي، انهن ۾ نوان جذبا، جوش، جنون جو رنگ لڳائي، انهن کي غيرمعمولي بڻائي رهيو هو.
هڪ اهڙي معاشري ۾ جتي عدم استحڪام، غير يقيني واري حالت، عدم تحفظ چارسو ڦهليل هجي. اُتي اسپيلبائنڊر (Spellbinder) کي ٻڌڻ لاءِ، ان جي سيمينارن ۾ تمام گهڻي رش هوندي هئي ۽ اسٽيڊيم ماڻهن جي انبوهه سان ڀريل هوندا هُئا. هن جي محفلن ۾ نه فقط تخليقي(creativity)، بهترين پيداوار (productivity) ۽ خوشحالي (prosperity) جي ڳالهه ٿيندي هُئي. بلڪ ان ۾ نهايت ئي پيار سان انسانيت جي جذبي کي پڻ هٿي ڏني ويندي هئي. ته جيئن، ماڻهن ۾ اعتماد جي هوا اڃان به تيز گهلڻ سان گڏ محسوس به ٿئي ۽ انهن کي اهو محسوس به ٿئي ته انهن پنهنجي پٺيان شاندار ورثو ڇڏيو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجا نشان واضح ڇڏيا ۽ پوءِ اهو نسل ان جي پوئواري ڪندو.
هن شخص جو ڪم نج هيو. هن ۾ ڪا اهڙي شاندار بصيرت هئي، جيڪا جنگجوئن، بهادرن، جوڌن ۽ جوانن کي ان خيال سان مضبوط ڪري انهن ۾ روح ڦوڪي ٿي ڇڏيو.هن پنهنجن حوالن ۾ انهن عظيم ڏاهن ۽ شاعرن جو ذڪر ڪري اهڙن روحاني شاعرن جو مان وڌائي انهن جي دل سان عزت ڪئي. هي اهي تخليقار هيا جيڪي ماڻهن جي دلين ۾ راڄ ڪندا هيا. هن جي پيغامن مان عام ماڻهن کي اهو تاثر ملي پيو ته ڪاروبار جي وڏي منزل تي پهچڻ لاءِ ڪيئن ڪاميابي ماڻجي. اسان جا ماڻهو هن جون ڳالهيون ٻڌي اهو بانور ڪرائن پيا ته اسان جي زندگي جادو جيان پل جهپ ۾ گذري ٿي. جيڪا شاهاڻي انداز گذاري اسان پنهنجو وقت پورو ڪيون ٿا. ان لاءِ اهو ضروري هيو ته اسان پاڻ عقل کان ڪم وٺون ۽ جيترو جلد ٿي سگهي حقيقتن کي سمجهي، اصليت ڏانهن واپس ورون ته جيئن سرد جنگ ۽ گرم جنگ جي دورن کان پوءِ جنهن ڏيکاءَ واري ٽيڪنالاجي سان پنهنجي منتشر خيالن واري زندگيءَ ۾ ڦاٿل ڄار کان پاڻ کي آجا ڪري سگهون. ان کان اڳ ۾ جهڙي ريت فطري طور طريقن سان زندگي گذاري پئي وڃي، ٻيهر ان ئي زندگي ڏي واپس اچون“.
جيتوڻيڪ اسپيلبائنڊر قداور شخصيت جو مالڪ هو. هن جي وڏي عمر هن کي جهڪائي ٿورو ڪٻڙو ڪري وڌو هو. سيمينار دوران جڏهن هو اسٽيج تي هلندو هو ته آهستي آهستي قدم کڻي پُروقار نموني سان زمين تي رکندو هو. سرمئي رنگ جي ويس ۾ ۽ ان تي وري سفيد رنگ جون پٽيون تمام شاندار ڏيک ڏين پيون. جڏهن ته وري نيري رنگ جي چشمي هن جي خوبصورت شخصيت ۾ اڃان به اضافو ڪري ڇڏيو هو.
اسپيلبائنڊر هزارن جي تعداد ۾ موجود ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته، ”زندگي ايڏي مختصر آهي/ننڍي آهي/ ٿوري آهي جو توهان جو عقل ان سان راند نه ٿو ڪري سگهي“. توهان جي اها زميواري به آهي ۽ سمورا موقعا به اوهان وٽ موجود آهن ته توهان هن زندگيءَ ۾ غيرمعمولي(Legendary) ٿي وڃو. توهان کي هن ننڍڙي معمولي سياري /گرهه تي بهترين مهارت سان ڪم ڪرڻ ۽ چڱائي جي بهترين نمونو پيش ڪرڻ لاءِ تخليق ڪيو ويو آهي.
توهان جي اندر ۾ اهڙي قوت سمايل آهي جيڪا پنهنجي اصلي عظمت جي ذريعي هڪ اهڙي معاشري کي، جيڪو بد تهذيب ٿي چڪو آهي، ان کي مهذب بڻائي سگهي ٿي. اهڙي معاشري ۾ جتي ماڻهو عمده جوتا ۽ مهانگيون شيون خريد ڪن ٿا ۽ پنهنجي منهن سان پاڻ تمام وڏي سيڙپڪاري ڪن ٿا پر اهي مشڪل سان پاڻ تي خرچ ڪن ٿا.
توهان جي ذاتي ليڊرشپ کي ”ڪنهن به شي“جي ضرورت نه آهي. ان جي ضرروتن جي پورائي ڪرڻ لاءِ، توهان کي سائبرزومباءِ * (cyber-zombie) ٿيڻ کي ترڪ ڪرڻو پوندو. جنهن کي مسلسل ڊجيٽل اوزار پاڻ ڏانهن ڇڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجي زندگي کي جديد دور سان ٻيهر جوڙيو/ٺاهيو. اخلاقي مجسما بڻجي ماڻهن جون دليون فتح ڪري ڏيکاريو ۽ خود غرضي کي صفا ترڪ ڪري ڇڏي ڏيو. انهن براين جي ڪري ئي سُٺا ماڻهو توهان کان پري رهن ٿا. دنيا جا سڀ عظيم مرد ۽ عورتون ”ڏيڻ وارا“ هئا، نه ڪي ”وٺڻ وارا“. عام وهم/ڌوڪي کي ذهن مان ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ اهو سوچڻ بند ڪري ڇڏيو ته ”اهي ئي ماڻهو ڪامياب ٿين ٿا، جيڪي گهڻي دولت وارا آهن“. نه ائين بلڪل ڪونهي. ان منفي سوچ جي بدران اهڙو ڪم ڪيو جيڪو مثالي بڻجي وڃي. جيڪو توهان جي معشيت کي اصلي معيار ۽ ان جي توسط سان ملڻ واري مدد کي هيٺان کان مٿي ڪري. جڏهن توهان اهي ڪم ڪندا، ته ان لمحي منهنجي صلاح اٿو ته توهان ان سان گڏ هڪ اهڙي نجي زندگي به تخليق ڪيو ٿا، جيڪا اخلاق ۾ ايتري ته جاندار ۽ بلند هجي ٿي ۽ شاندار سونهن سان امير هجي ٿي ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ نه ٿي جهڪائي ۽ اها ئي ڳالهه توهان جي اندروني سڪون جي تحفظ لاءِ اڳيان اچي ٿي. منهنجا دوستو! اهڙي ريت ئي توهان کي فرشتن سان ملائي سگهجي ٿو ۽ خدائن جي ويجهي رهي سگهو ٿا.
اسپيلبائنڊر ٿورو بيٺو. جبل جيڏو وڏو ساهه ڇڪي ڪڍيو. جڏهن ساهه کي ٻاهران ڇڪيو ته هن آواز به وڏو نڪتو. هن جو ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويو ۽ هن سيٽيون لڳڻ وارو(whooshing ) آواز ڪڍيو، جيئن ئي هن ساهه مٿي کنيو. هن دوران هو پنهنجن ڪارن اسٽالش جوتن کي تڪي ڏٺو. جيڪي ڪنهن فوجي افسر جي بوٽن وانگي چمڪايا ويا هُئا.
جيڪي ماڻهو هن جي ويجهو ويٺا هُئا، انهن ڏٺو ته هن جي اک مان ڳوڙهو نڪتو ۽ هن جي ڳل تان ڳڙي ڪِري پيو.
اهي ماڻهو جيڪي اڳين صف ۾ بيٺل هيا، انهن هڪڙو ڳوڙهو هن جي ختم ٿيل چهري تان، جيڪو ڪنهن دور ۾ ڏاڍو سهڻو هيو، وهندي/ڪرندي ڏٺو.
هو مسقتل هيٺ گهوري رهيو هو، هن جي خاموشي طوفاني هُئي. ائين پيو لڳي ته اسپيلبائينڊر بيچين هجي.
تمام وڏي تڪليفده لمحن /گهڙين ۾، جڏهن ماڻهو پنهنجين جاين تي منتقل ٿيا هئا، هن پنهنجو مائڪرو فون هيٺ رکيو، جيڪو هن جي کاٻي هٿ ۾ هيو. پنهنجي ٻي هٿ سان هن پنهنجي ٽرائوزر واري کيسي ۾ هٿ وجهي ويڙهيل لينن جو رومال ڪڍيو، هن پنهنجا ڳل اگهيا.
ان مائڪروفون کي صاف ڪري چوڻ لڳو،” توهان مان هر ڪنهن جي زندگيءَ سان ملاقات ٿيندي آهي. توهان مان هر ڪو پنهنجي اندر رُوح ۾ مثالي جبلت کڻي هلندو آهي. هن ڪمري ۾ موجود ڪنهن به فرد کي پاڻ کي ايوريج ۾ ڄمائي محدود ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. يا وري معاشرتي سطحي روين سان گڏ اجتمائي غير پيشاوراڻي ڪاروبار جو شڪار ٿيڻ پسند نه ڪندو. ”محدوديت“ سواءِ هڪ ذهني ڪيفيت جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. جنهن جي مشق ڪيترائي سٺُا ماڻهو ايسيتائين روزاني ڪن ٿا جيسيتائين اهي حقيقت سمجهڻ شروع نه ٿا ڪن. اها ڳالهه منهنجي دل ٽوڙي ڇڏي ٿي ته ڪيترائي ماڻهو جيڪي تمام وڏي صلاحيت وارا ۽ وڏي اهليت ۽ قابليت رکن ٿا، خبر ناهي ڇو اهي ان ڳالهه ۾ ڦاسي پون ٿا ته اهي پيشاوراڻا ۽ ذاتي طور تي غير معمولي نه ٿا ٿي سگهن. توهان کي ياد رکڻ کپي ته توهان جا بهانا excuses توهان کي هرکائن، ڌوڪو ڏين ٿا، توهان جا خوف ڪوڙا ۽ توهان جا شڪ توهان جا چور آهن.
You need to remember that your excuses are seducers, your fears are liars and your doubts are thieves.
ڪيترن ماڻهن پنهنجا ڪنڌ لوڏيا/ ڌوڻيا. ڪيترن وري تاڙيون وڄايون. ڪيترن وري ان ڳالهه جي ساراهه ڪئي.
”مان توهان کي سمجهايان ٿو ته ڇا واقعي ئي ائين آهي“. اسپيلبائنڊر ڳالهه جاري رکي. ”مون کي خبر آهي ته توهان کي زندگي ۾ ڏکن کي منهن ڏيڻو پيو هوندو/ ڏکيو وقت به آيو هوندو. سڀني جي زندگين ۾ ڏکيو وقت ايندو آهي. توهان اهو محسوس ڪيو ته توهان جا ڪم ائين نه ٿيا آهن، جيئن توهان چاهيو پيا، جڏهن توهان ٻار هيو، باهه/ڪاوڙ، خواهش ۽ حيرت سان ڀريل. توهان هرروز ڪو به پلان/منصوبو نه ٺاهيو، ڇا ٺاهيو؟ اهڙي نوڪري جنهن مان توهان جي روح تي بار هئي. پنهنجين ڌڪاريندڙ پريشانين ۽ نه ختم ٿيندڙ زميوارين کي منهن ڏيندي ڏيندي، توهان جي اصليت تي رڪاوٽ وجهي ۽ توهان جي توانائي کي چورائي. غير اهم/بيڪار شين جي پُٺيان ڊوڙي ڊوڙي ۽ ننڍين ننڍين خواهشن ذريعي هڪدم سڪون لاءِ بي سڪون ٿين. اڪثر جديد ٽيڪنالاجي ۾ لڙهي ويندڙ آهن، جيڪي اسان کي آزادي ڏيڻ جي بجاءِ اسان کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏين. هڪ جهڙو هفتو ڪيترا ئي هزار ڀيرا ساڳيو گذاريندا آهيون ۽ پوءِ به اسان ان کي زندگي چوندا آهيون. مون کي توهان کي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته اسان ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي 30 سالن جي عمر ۾ مري چڪا هوندا آهن. جيتُوڻيڪ انهن جي تدفين وڃي 80 سالن جي عمر ۾ ٿئي ٿي.I need to tell you that too many among us die at thirty and are buried at eighty. ان ڪري مان توهان کي سمجهان ٿو.توهان ان ڳالهه جي اميد رکي ته معاملا مختلف ٿيندا. وڌيڪ دلچسپ. وڌيڪ مڪمل، خاص ۽ سحر انگيز هوندا“.
جڏهن اسپيلبائنڊر اهي آخري الفاظ چيا ته هن جو آواز ڀرجي آيو ۽ هن جي آواز ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي پئي، هن هڪدم ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پريشاني جي ڪري هن جا ڀرون ڇڪجي ويا. هو ڪريم ڪلر جي ڪرسي ۾ هڪدم ويهي رهيو. جيڪا هن جي ساٿين مان ڪنهن هڪڙي اسٽيج تي ڪنڊ ۾ رکي ڇڏي هُئي.
” ۽ ها، مون کي خبر آهي ته هتي اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن. جيڪي پنهنجي مرضي مطابق پنهنجي زندگي گذارين ٿا. توهان کي دنيا ۾ ڪاميابي ملي ۽ توهان جي خاندان ۽ ڪميونٽي کي اهڙي طاقت ملي، جنهن جي انتها ٻي دنيا تائين ڦهليل آهي. بهترين ڪم. شاباس. توهان پنهنجي زندگي ۾ اهڙا موسمن جا تجربا ڪري چُڪا هوندو، جڏهن توهان اونده جي خطرناڪ وادي ۾ گم ٿي ويا هوندو. توهان به اهڙي حادثي کان آگاهه ٿيا هوندو، جڏهن توهان جي تخليقي اهليت ۽ اعليٰ ڪارڪردگي بي آرام، خوف ۽ بيزاري جي واچوڙي ۾ ڦاسي چڪا هوندو. جنهن جي ڪري توهان جي اندر ۾ موجود مهارت جو محل ۽ جرئت جا خزانا، تباهه ۽ برباد ٿي ويا هوندا. توهان به ڪمزور زندگي جي سرد موسم ڪري ڏڪي رهيا هوندو. توهان به پنهنجي ننڍپڻ جي ڪيترن ئي خوابن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو هوندو. توهان کي به اهڙيون ڪيتريون ئي اهڙن ماڻهن کان لتون لڳيون هونديون، جن تي توهان ڀروسو ڪندا هوندو. توهان جا ارادا به چڪنا چور ٿيا هوندا. توهان جي معصوم دل به مجروح ٿي هوندي زندگي ۾ تڪليفون برداشت ڪيون هونديون، ان ملڪ جيان جنهن کي ٻاهرين فوجين حملو ڪري تباهه و برباد ڪري ڇڏيو هجي“
تمام وسيع ۽ ڪشادي ڪانفرس هال ۾ خاموشيءَ جو راڄ هو.
” ڪو مسئلو ڪونهي، توهان کڻي زندگيءَ جي ڪنهن به رستي/موڙ تي بيٺا هُجو. پنهنجي اڻپوري ماضيءَ جي تڪليف جي باهه کي پنهنجي شاندار مستقبل جي شان جي ويجهو اچڻ نه ڏيو، توهان هن وقت جيترو پاڻ کي طاقتور سمجهو ٿا، ان کان تمام گهڻو وڌيڪ طاقتور آهيو. عظيم فتحون، زبردست نعمتون / رحمتون. توهان جي رستي ۾ داخل ٿي رهيون آهن ۽ توهان بلڪل اُتي ئي موجود آهيو. جتي توهان کي اها شي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن جي مدد سان توهان پنهنجي زندگي جي تلخ تجربن کان پوءِ، غير معمولي ڪارڪردگي، حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا ۽ انتهائي متاثر ڪندڙ زندگي گذارڻ جي قابل آهيو. هينئر ڪجهه به غلط نه آهي. ڀلي کڻي توهان کي اهو لڳي به ته سڀ ڪجهه توهان کان پري ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن توهان کي ائين به لڳي ته توهان جي زندگي هاڻي بيڪار آهي. ته اهو صرف ان ڪري توهان کي لڳي رهيو رهيو آهي جو توهان جي اندر موجود/ويٺل ”خوف“ توهان جي ”يقين“ کان وڌيڪ مضبوط/طاقتور ٿي ويو آهي. ان لاءِ مشق ڪري توهان پنهنجي ڊنل ”پاڻ“ جي آواز کي گهٽ ڪري سگهو ٿا ۽ پنهنجي فاتح هئڻ واري آواز کي وڌائي سگهو ٿا. حقيقت اها آهي ته توهان جنهن به چيلينج ڪندڙ تجربي کان گذريا هوندو ۽ جنهن به غلط ماڻهوءَ سان مليا هوندو، جنهن توهان جي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي هوندي، انهن مڙني سببن جي ڪري توهان ائين ٿي ويو، جيڪو توهان اڄ آهيو. انهن تجربن ۽ فردن کان جيڪو سبق توهان سکيو، توهان کي انهن جي مدد سان پنهنجي اندر م لڪيل صلاحيتن، ٽيلينٽ ۽ ٻين قوتن کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪو به اتفاق يا حادثو نه هوندو آهي. ٻڙي به ضايع نه ٿي آهي. توهان بلڪل اُتي ئي موجود آهيو جتان کان توهان کي شروعات ڪرڻ جي ضرورت آهي. توهان هڪڙي شاندار عمارت تيار ڪري سگهو ٿا ۽ ان سان گڏ دنيا کي بدلائي سگهو ٿا ۽ شايد ڪا تاريخ به لکي وڃو“.
”اهي سڀ ڳالهيون، ظاهري طرح تمام سوليون لڳن ٿيون، پر حقيقت ۾ تمام ڏکيون آهن“. هڪڙي ماڻهو رڙ ڪري چيو، جنهن کي ڳاڙهي رنگ جي بيس بال ٽوپي پاتل هُئي ۽ پنجين قطار ۾ ويٺل هو. هن کي سرمُئي ٽي شرٽ پاتل هُئي ۽ ڦاٽل جينز جي پينٽ، جيڪا توهان پنهنجي شهر جي بازار مان آساني سان خريد ڪري سگهو ٿا. جيتوڻيڪ لهجي ۾ بي ادبي هُئي، پر هُن جي باڊي لينگوينج مان لڳي رهيو هو ته هو اسپيلبائنڊر کان متاثر آهي.
”مان توهان سان متفق آهيان اي عظيم انسان!“، اسپيلبائنڊر جواب ڏيندي چيو. هِن جا ٻڌندڙ هُن کان متاثر هئا ۽ هن جو آواز ڪجهه قدر ڳورو ٿي ويو هو، جيئن ئي هي پنهنجي ڪرسيءَ مان اٿيو. ”خيالن جي اوسيتائين ڪا به حيثيت نه آهي، جيسيتائين، انهن کي عمل جي بٺي ۾ نه تپايو وڃي. هڪ ننڍو عمل به انتهائي وڏي ارادي کان به وڏو هوندو آهي. جيڪڏهن حيرت ۾ وجهندڙ فرد ٿيڻ ۽ غير معمولي زندگي گذارڻ ايترو سولو هجي ها ته هر شخص اهو ڪم ڪندو هجي ها. منهنجي خيال ۾ ته توهان سمجهي ويا هوندو، جيڪو مان چوڻ چاهيان ٿو“.
”جي بلڪل يار!“، ڳاڙهي رنگ واري ٽوپي واري مڙس پنهنجي هيٺين چپ کي پنهنجي آڱر سان مهٽيندي چيو.
”معاشري اسان کي منافقاڻا ۽ غير حقيقي/ڪوڙا خيال کپائي ڏنا آهن“ اسپيلبائينڊر پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”خوشيءَ کي خوف تي ترجيح حاصل آهي پر تنهنجي باوجود جادوئي حقيقت اها آهي ته هر ممڪنات جي گهرج محنت آهي. مسلسل ٻيهر وجود ۾ اچڻ يا ٻيهر ايجاد ڪرڻ ۽ ارپي ڇڏڻ به بلڪل اهڙي نموني سان جيئن گهرو سمونڊ روزانو اسان جي منهوڙن کي محفوظ بنائيندو هجي. مان سمجهان ٿو ته ڪنهن کي اخلاقي طور تي گمراهه ڪرڻ بنسبت آسان زندگي گذارڻ جي هزار ڀيرا ظالماڻو/ خطرناڪ عمل آهي، ان زندگيءَ کان جنهن ۾ توهان پنهنجن روشن خوابن جي تعمير لاءِ بي پناهه ، ناقابل شڪست ڪوششون ڪندا آهيو/موقف اختيار ڪيو ٿا. عالمي سطح جو معيار اُتان کان شروع ٿئي ٿو جتان کان توهان جي آرام (ڪمفرٽ زون ) جي پُڄاڻي ٿئي ٿي، مطلب ته جتان کان توهان جو سڪون ختم ٿئي ٿو.‘‘
ان ماڻهو پنهنجو ڳاٽو لوڏيو، هال ۾ موجود ٻيا ماڻهو به ائين ئي ڪري رهيا هئا.
”ننڍي عمر کان ئي وٺي اسان جي سوچ جي اهڙي پروگريمنگ ڪئي ويندي آهي يا ننڍي عمر ۾ ائين اسان جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهاري ويندي آهي ته مهارت (mastery)، حڪمت(ingenuity) ۽ شائستگي/معقوليت (decency) جي قدرن واري زندگي گذارڻ لاءِ، اسان کي ٿوري محنت ڪرڻي پوندي. ان ڪري جڏهن روڊ خراب آهي ۽ ٿوري صبر جي ضرورت آهي ته اسان سمجهندا آهيون ته اسان سڌي رستي تي آهيون“. اسپيلبائنڊر پنهنجي ٻانهن ڪاٺ جي ڪرسي تي رکندي چيو.
”اسان اهڙن نرم (soft)، ڪمزور(weak) ۽ لطيف (delicate)مزاج رکندڙ ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي جيڪي پنهنجو واعدو نڀائي نه ٿا سگهن. جيڪي ٻين جي ڳالهين تي شڪايت ڪندا آهن ۽ ٿورڙي مشڪل اچڻ تي، هٿ پير ڍرا ڪري ويهي رهندا آهن“ اهو چئي مقرر ٿڌو ساهه ڀريو.
”سختي ته سُٺي شي آهي. توهان جي حقيقي عظمت ۽ اصل /خانداني ذهانت جي احساس جو مطلب اهو ٿئي ٿو ته راند ڏکي آهي. اهي جيڪي سڀني کان بلند چوٽين جي حدن تائين وڃڻ /پهچڻ جو ارادو رکن ٿا، اُهي ئي پاڻ کي اڳتي وڌائي سگهن/اهي ئي ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا ۽ پنهنجن خاص صلاحيتن، خاص خوبين جي انسپائر ڪرڻ واري منزلن ماڻن کي عملي شڪل ڏيڻ جي دوران جيڪي تڪليفون ملن ٿيون/ سفر دوران، جيڪي سختيون سهڻيون پون ٿيون، اهي ته انسان لاءِ اطمينان جو اصل ڪارڻ بڻجن ٿا. خوشي جي چاٻي ۽ دائمي سڪون اهو ڄاڻڻ آهي ته توهان پنهنجي شخصيت لاءِ اهو سڀ ڪجهه همت سان ڪيو جيڪو توهان لاءِ ضروري هو. موسيقي جي بي تاج بادشاهه جيز مائلز ڊيوس Miles Davis پنهنجي زندگي ۾ پاڻ کي تمام گهڻي تڪليف ڏيڻ کان پوءِ ڪاميابي سان همڪنار ڪيو/ پاڻ ۾ سمايل مڙني خوبين کي ڳولي ڪڍيو ۽ وڌايو. مائيڪل اينجلو Michelangelo پنهنجو زبردست فن ڏيکارڻ لاءِ، ذهني، جسماني، جذباتي ۽ روحاني طور تي تمام گهڻي قرباني ڏني. ڪارن ماڻهن جي حقن جي علمبردار عورت روزا پارڪس Rosa Parks/هڪ ڪاري رنگ جي درزڻ، تمام وڏي همت واري، تمام گهڻي بي عزتي برداشت ڪئي، جڏهن هن کي الڳ الڳ بس واري سيٽ ڪنهن گوري کي نه ڏيڻ تان گرفتار ڪيو. ان ڪري هن جو آواز انساني حقن جي هڪ تمام وڏي تحريڪ بڻجي ويئي. چارلس ڊارون Charles Darwin جيڪو انساني نظريو پيش ڪيو ”عينڪ“، جي ها عينڪ barnaclesتي خاموشي سان 8 سال تحقيق ڪندو رهيو. ان کان پوءِ ان جي ”نظرئي ارتقا“ کي شهرت ملي. اهڙن قسمن جي مضبوط ارادن وارن ماڻهن کي اڪثر ڪري دنيا وارا ”چريائپ“ جو نانءُ ڏيندا آهن ۽ وري پاڻ (پنهنجي زندگي جيڪا ٻيهر نه ٿي ملي سگهي)، ان ۾ پنهنجيون سيلفيون يا وري مجازي/خيالي دوستن سان ناشتا ڪندي ۽ خطرناڪ وڊيو گيمز کيڏندي نظر ايندا آهيون“. اسپيلبائنڊر جيئن ئي هال ۾ ائين گُهوري ڏٺو ڄڻ ته هو هر هڪ جي اکين ۾ اکيون وجهي گهوري نهاريندو هجي.
”اسٽيفن ڪنگ پنهنجو مشهور ناول ”ڪيري“(Carrie)، کپائڻ کان اڳ ۾ هڪ هاءِ اسڪول ۾ لکڻ ۽ سيکارڻ واري استاد طور ڪم ڪري خدمتون سرانجام ڏيندو هيو. هي اهو ناول هو جنهن هن کي مشهور ڪري ڇڏيو“. وڏي عمر واري پوڙهي شخص ڳالهائيندڙ پنهنجو ليڪچر/ ڳالهه جاري رکي. “مهرباني ڪري توهان اها ڳالهه پنهنجي ذهن ۾ رکو ته هن ناول جو ليکڪ پنهنجي ان ناول مان تمام گهڻو مايوس ٿي ويو هو. ڇو ته ان ناول کي ڪيترن ئي پبلشرن ڇپڻ کان انڪار ڪري رد ڪري ڇڏيو هو. ايتري قدر جو هن همت هاري ان ناول کي ڊسٽ بن ۾ اڇلي ڇڏيو هو. پوءِ ائين ٿيو جو هڪڙي ڏينهن هن جي غير موجودگي ۾ هن جي گهرواري جڏهن هن جي سگريٽن جي اِيش ٽري صاف ڪري رهي هُئي، ته هن ڊسٽ بن مان اهو ناول ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو، ۽ هوءَ حيران ٿي ويئي. هن پنهنجي مڙس کي چيو ته تو جيڪو ڪجهه لکيو آهي، غضب جو لکيو اٿو. ان کان پوءِ اسٽيفن ڪنگ پنهنجي ناول کي ڇپرائڻ لاءِ وري موڊ ٺاهيو. ان جي باوجود ان جي ٽائيٽل جي حقن لاءِ رقم پنجويهه سو ڊالرن کان به گهٽ رقم هُئي“.
”ڇا توهان سنجيده آهيو؟“، هڪڙي عورت جيڪا اسٽيج جي ڀرسان ويٺي هئي، چپن تي ڀڻ ڀڻ ڪئي. هن کي سائي رنگ جي ٽوپي پاتل هئي ۽ ان جي مٿان هڪڙو کنڀ به لڳل هو.
”مان بلڪل مطمئن آهيان“ اسپيلبائنڊر Spellbinder چيو، ” ۽ جڏهن ته ونسٽن وين گوف Vincent Van Gogh پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ نو سو پينٽنگ ۽ هزار کان مٿي ڊرائنگز ٺاهيون پر هن جي مشهوري جي شروعات هن جي موت کان پوءِ ٿي. تخليق ڪرڻ واري هن جي سوچ مشهور ٿيڻ جي اتان نه ٿي هئي پر پنهنجي ڏاهپ واري جبلت، جنهن هن کي فقط اهو ڏيکارڻ لاءِ هرکايو ته هو پنهنجي اندر ۾ لڪل تخليقيت کي ڪيترو وڌيڪ استعمال ڪري سگهي ٿو. کڻي ان لاءِ هن کي ڪيتري به محنت ڇو نه ڪرڻي پوي. غيرمعمولي ٿيڻ ڪڏهن به آسان نه رهيو آهي. پر مان ان سفر کي دلشڪتو ٿيڻ واري، ان عام انداز سان ترجيح نه ڏيندس، جن جو غيرمعمولي شخصيتن سان واسطو پوندو رهندو آهي“. اسپيلبائنڊر سٺي انداز سان بيان ڪندي چيو.
”بهرحال، مون کي سادن لفظن ۾ اهو چوڻ ڏيو ته جنهن جاءِ تي توهان جي بي آرامي شروع ٿئي ٿي، جتي توهان کي تڪيلف ٿئي ٿي، ان ئي جاءِ تي توهان لاءِ عظيم موقعا لڪل هوندا آهن. اهي يقين/ڀروسا/اعتماد جيڪي توهان کي پريشان ڪن ٿا، اهي احساس جيڪي توهان کي ڊيڄارين/ڌمڪائن ٿا، اهي منصوبا جيڪي توهان کي ٿڪائي وجهن ٿا/توهان کي دلشڪستو بڻائين ٿا ۽ توهان جي ذهانت جو انڪشاف جيڪو مزاحمت ڪري ٿو، اُتي ئي توهان کي وڃڻ جي ضرورت آهي. انهن دروازن مان داخل ٿي تخليقڪار، شخصي آزادي جا متلاشي ۽ موقع شناس ٿيڻ گهرائي سان سکي وٺي ٿو ۽ پوءِ توهان جي اها زندگي جيڪا مايوسي جي پيغامن تي بيٺل رهي آهي، ان جي بجاءِ، انهن اعتمادن، احساسن ۽ منصوبن کي جلدي دل سان قبول ڪيو . انهن مڙني شين ڏانهن وڌي وڃڻ، جيڪي توهان کي ڊيڄارين ٿيون، اصل ۾ اهو ئي طريقو آهي، جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي وڃايل قوت کي واپس آڻي سگهو ٿا. اهڙي ريت توهان پنهنجي ننڍپڻ جي وڃايل معصوميت ۽ تجسس جيڪو ننڍپڻ کان پوءِ توهان کان کسيو ويو هو، ان کي ٻيهر حاصل ڪري سگهو ٿا.‘‘
اوچتو اسپيلبائنڊر کنگهڻ شروع ڪيو، پهرئين آهستي آهستي، پوءِ تمام شديد زور سان، ڄڻ ڪنهن ڏائڻ /شيطاني روح هن کي گلي کان پڪڙي ورتو هجي ۽ هن کان پنهنجو پلاند وٺندي هجي.
هڪڙي ڪنڊ کان هڪڙو ڪاري وڳي ۾ ماڻهو هن ڏي تيزي سان ڊوڙڻ لڳو ۽ اچي اسپيڪر تي ڳالهائڻ لڳو. هال جون بتيون اڳ ۾ ئي ٻري وسامڻ ۽ وري وسامي ٻرڻ لڳيون ۽ چمڪا ڏيڻ لڳيون. اهي ماڻهو جيڪي اسٽيج جي ويجهو هيا، سي ماڻهو اٿي بيٺا هئا، پر اهي ان مونجهاري جو شڪار ٿي ويا ته هاڻي هنن کي ڇا ڪرڻ گهرجي،
ڪارن وارن واري هڪ خوبصورت عورت جنهن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا جنهن تي اڇي رنگ جو ڀرت ڀريل هو، پاتل هُيا، چپ ڀڪوڙيندي، ان لوهي ڏاڪڻ کان ڀڄندي آئي، جتان اسپيلبائنڊر تقرير ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو هو. هن جي هڪڙي هٿ ۾ فون ۽ هڪڙي هٿ ۾ هڪ نفيس نوٽ بوڪ پڪڙيل هيو. جڏهن هو ان طرف ڊُڪي رهي هُئي ته هن جي هلڪي ڳاڙهي رنگ جي سينڊل جي کڙي مان” ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ “ جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. تنهن باوجود، ان خاتون کي اُتي پهچندي ٿوري دير ٿي چُڪي هئي.
اسپيلبائنڊر فرش تي ائين ڌڙام سان اچي ڦهڪو ڪيو هيو، ڄڻ ڪنهن باڪسر وڙهندي پنهنجي فائنل رائونڊ ۾ هن کي زوردار ٺونشو وهائي، هن کي ڪيرائي وڌو هجي. هن جي مٿي مان ٿورو رت وهي رهيو هو. اهو پوڙهو مقرر هيئنر تائين ليٽل هو. فرش تي ڪِرڻ سبب هن جي مٿي مان رت وهي رهيو هو. هن جو چشمو هن جي ويجهو ئي ڪِريل هو. هن جو رومال هينئر به هن جي هٿ ۾ هو. هن جون چمڪندڙ اکيون، هينئر بند ٿي چڪيون هيون.

حيرت ۾ وجهندڙ اجنبي سان اوچتو ٽڪرائجي وڃڻ

3

An unexpected encounter with a surprising stranger
حيرت ۾ وجهندڙ اجنبي سان اوچتو ٽڪرائجي وڃڻ


“Do not live as if you have ten thousand years left. Your fate hangs over you, while you are still living, while you still exist in this Earth, strive to become a genuinely great person.” …Marcus Aurelius, Roman emperor.


”ائين نه جيو /ايئن زندگي نه گذاريو جو ڄڻ توهان کي اڃان ڏهه هزار سال وڌيڪ جيئڻو هجي. توهان جي قسمت توهان جي مٿان لامارا پئي ٿي ڏيئي(توهان جو ڀاڳ توهان جي اوسيئڙي ۾ آهي)، جنهن دور ۾/جيسيتائين توهان زنده آهيو، جيسيتائين ڌرتيءَ تي توهان جو وجود برقرار آهي، توهان حقيقي طور تي /دل سان هڪ غيرمعمولي انسان/عظيم انسان ٿيڻ جي جستجو/ ڪوشش ڪيو”!.
...مارڪس اوريليس، رومي بادشاه


ڪاروباري عورت (entrepreneur) سيمينار ۾ ايندڙ ماڻهن سان ڪوڙ ڳالهايو هو، ته هو اسپيل بائينڊر جي طرفان پيداواري صلاحيت ۽ شخصي مهارت جي هيٺيان، نيورو سائنس جي محرڪن جي حوالي سان شاندار فارمولا سکڻ آئي هئي. هوءَ خوش ٿي ۽ هن کي اها توقع هئي ته گرو جي مشورن تي عمل ڪري پنهنجي فرم کي ٻين مخالفن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر ڪري سگهي ٿي يا مٿي/اڳتي آڻي سگهي ٿي ۽ پنهنجي ڪاروبار کي غير متنازعه طور تي تيزيءَ سان اڳتي وڌائي سگهي ٿي، توهان کي هن جي اُتي موجود هجڻ واري اصل ڪارڻ جي خبر آهي. (هن کي هن جي ماءُ ٽڪيٽ ڏيئي هتي موڪليو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ خودڪشي ڪري رهي هئي). هن کي پنهنجي اميد کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي بچائڻ چاهي پئي.
آرٽسٽ (نالو آهي هڪڙي ماڻهوءَ جو/هڪڙو ڪردار آهي) هو ان تقريب ۾ ان ڪري آيو هو ته هو سمجهڻ چاهي پيو ته ڪيئن پنهنجي تخليق کي ٻارڻ مهُيا ڪري ۽ پنهنجين صلاحيتن کي ٻيڻو ڪري ۽ ان کي چار چنڊ لڳائي سگهي، ته جيئن هو پنهنجن پينٽنگز وسيلي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي سگهي.
۽ بي گهر شخص(Homeless man) (هي به هڪڙو ڪردار آهي) ان وقت ڪانفرس هال ۾ ماڻهن کان لڪندي ائين اچي داخل ٿيو هو جو هن کي ڪنهن به نه ڏٺو هو.
ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ ٻئي ان پروگرام ۾ تماشائين ۾ گڏ ويٺل هُئا. اهي هڪ ٻئي سان پهريون دفعو مليا هيا.
”توهان سمجهو ٿا ته هي مري چڪو آهي“. هن آرٽسٽ کان پڇيو، جيڪو باب مرلي جي اسٽائيل جهڙن پنهنجن وارن سان کيڏي رهيو هو.
ڪاروباري عورت جو منهن ڊگهو ۽ بيضوي (angular)وي شيپڊ هيو ۽ هو پريشان هُئي. هن جي پيشاني تي ڪيترائي گهنج پئجي ويا هُئا. جيئن ڪو هاري زمين ۾ هر ڏيندو ويو هجي ۽ زمين تي کيڙيون نڪرنديون ويون هجن. هن جا وچ وارا ڊگها ڀورا وار هُئا ۽ هڪڙي خاص نموني سان سيٽ ٿيل /ٺهيل هُئا. جن مان ائين لڳي پيو/اهو پيغام ملي پيو ته ”بس مان پنهنجي ڪم سان ڪم رکان ٿي ۽ مون ۾ دلچسپ وٺڻ جي همت نه ڪيو“. هو هڪ سنهي عورت هُئي، جيئن ڪنهن طويل مفاصلي جي ڪا ڊوڙ واري رانديگرياڻي. سنهڙيون ٻانهون ۽ ڦڙتيليون ٽنگون. هن جي اکين ۾ پراڻو ڪو درد جو سمونڊ هيو، جنهن جو ڪو ڪنارو ئي نه هيو ۽ هن جي ويجهڙائي واري مسئلي جي ڪري ، هن جي پياري ڪمپني تي خراب اثر ٿي رهيو هو.
”ڪجهه چئي نه ٿا سگهون. هي وڏي عمر جو ماڻهو آهي، هن کي تڪليف ٿي آهي ۽ هن کي درد محسوس ٿيو. ائين مون هن کان اڳ ۾ ڪنهن به شي کي ڪڏهن به ائين نه ڏٺو“. آرٽسٽ پنهنجي ڪن ۾ پيل والي کي هلڪڙو ڇڪيندي، پريشاني واري حالت ۾ چيو.
”مون لاءِ هي نئون ڪم آهي. منهنجو اهڙن ڪمن سان واسطو نه پيو آهي“. ڪاروباري عورت سمجهايو. هو پنهنجا هٿ ڪريم ڪلر جي چولي مٿان مسلسل هڪٻئي تي رکي اُتي ئي ويٺل رهي. هن جي گلي ۾ ڪاري رنگ جي بو ٽاءِ به ٻڌل هئي. ”پر اڄ جي هن مشيني دور ۾ ، پيداوري صلاحيت تي هن جي ڄاڻ تي گهڻو سوچيان ٿي. جيڪا اسان جي گهرائي ۾ سوچڻ جي صلاحيت ۽ توجهه کي تباهه ڪري رهي آهي. هن جي ڳالهين مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو/مون کي احساس ٿيو ته مون کي پنهنجي ذهني اثاثي جي تحفظ يا حفاظت لاءِ اڃان به بهتر نموني سان ڪم ڪرڻ گهرجي“. هن پنهنجي ڳالهه عام رواجي انداز ۾ جاري رکي. هن کي ان ڳالهه سان ڪا به دلچسپي نه هُئي ته هن سان جيڪو ڪجهه گذري رهيو آهي، ان جي باري ۾ هو ٻين سان گفتگو ڪري ٻين کي ٻڌائي. پر هو پنهنجون صلاحيتون، ڪاروباري جي حيثيت سان اڃان به نمايان ڪرڻ چاهي پئي، ڇو ته هو پنهنجي ڪاروبار کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار هُئي.
”ها، اِها ڳالهه ته آهي/هن جو انداز بيان اثرائتو آهي“.آرٽسٽ چيو. هو گهٻرايل نظر پئي آيو. هن منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي ، مون کي يقين نه ٿو اچي ، اهو ڇا ٿي ويو، حيرت ۾ وجهندڙ آهي نه“.
هو هڪ مصور هو، جيئن ته هو پنهنجي فنپارن سميت، پنهنجي ذاتي زندگي کي بهتر بنائڻ چاهي پيو. هن اسپيلبائنڊر جي ڪم جي پيروي ڪئي، پر ائين لڳي پيو ته هن جي اندر جو شيطان ڪنهن نه ڪنهن ڪارڻ ، هن جي عظيم فطرت تي رنڊڪ بڻيل رهيو آهي. ان ڪري هو پنهنجي جبل جيڏي شوق ۽ حيرت ۾ وجهندڙ خيالن کي تباهه ڪري رهيو هو.
آرٽسٽ ٿلهي قسم جو ماڻهو هو. هن جي کاڏي تي ڏاڙهي نمايان نظر اچي رهي هُئي. هن کي ڪاري رنگي جي ٽي شرٽ ۽ وڏو پاجامو پاتل هو. جيڪو هن جي ٽڻين کان به هيٺ پئجي رهيو هو. هن کي ڪاري رنگ جا جوتا پاتل هئا. جن جا ترا رٻڙ جا هُئا.آسٽريليا جا ماڻهو اهڙو لباس پائيندا آهن، ائين هن جو سمورو لباس تخليقي هيو. موهيندڙ آبشارن جا ٽيٽو ڏنڀ جيان نشان(Tatoos) هن جي ٻنهي ٻانهن ۽ سڄي کاٻي ٽنگ تي ٺهيل هيا. هڪڙي ماڻهو چيو،”امير ماڻهو جعلي/ ڌوڪي باز هوندا آهن“. ڪنهن ٻي وري مشهور هسپانوي آرٽسٽ سلوادر ڊالي ((Salvador Dali جو هي جملو چورايو،” مان نشو نه ڪندو آهيان، مان ته سڄو ٺهيل ئي نشي جو آهيان“.
”اي مَردو!“، بي گهر شخص اڻوندڙ لهجي ۾ رڙ ڪئي، جيڪو ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ جي پويان قطار ۾ بيٺو هو. آڊيوٽوريم ان وقت به خالي ٿي رهيو هو، ائين آڊيو وزيوئل وارا وڏي گوڙ سان اسٽيج کي ختم ڪري رهيا هيا. ڪجهه عملو وري فرش صاف ڪيو ۽ پس منظر ۾ اڃان به هلڪي موسيقي هلي رهي هُئي. انهن ٻنهين نون ماڻهن پوئتي مُڙي ڏٺو، ته هنن جي نظر هڪ اهڙي ماڻهوءَ تي پئي، جنهن جا گدلا وار، مٽي سان ڀڀوت هئا، هن جي چهري مان ئي لڳي پيو ته هن سالن کان وٺي ڏاڙهي نه ٺاهي آهي، يعني شيوو وغيره نه ڪئي آهي. ۽ انتهائي پراڻا، ڦاٽل، داغ لڳل ڪپڙا پاتل هئس.
”جي“ ڪاروباري عورت هلڪي آواز ۾ جواب ڏنو ، ”ڇا مان توهان جي مدد ڪري سگهان ٿي؟“.
”يار! ڇا ڳالهه آهي“. آرٽسٽ وڌيڪ همدردي واري آواز ۾ هن کي چيو.
بي گهر شخص، خاموشي سان اٿيو، اُنهن ماڻهو جي ويجهو ويو ۽ انهن ٻنهين جي ويجهي ويهي رهيو.
”ڇا هي مري ته نه ويو آ“، هن پنهنجي ڪارائي تي کنيدي /رهڙيندي چيو.
”يقين سان ڪجهه به نه ٿا چئي سگهون“. آرٽسٽ چيو ۽ وري ڪجهه دير کان پوءِ چوڻ لڳو، ”ڪا اُميد به ناهي“؟.
”ڇا توهان کي سيمينار پسند آيو؟، منهنجو مطلب آهي ته هن پوڙهي جيڪو ڪجهه چيو. هن بدتميز اجنبي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو.
”زبردست /شاندار“. آرٽسٽ چيو، ”مون کي هن جو ڪم تمام گهڻو پسند آهي، مان تمام ڏکيو وقت گذاري رهيو آهيان، پر هن جيڪو ڪجهه چيو ان ۾ تمام گهڻي گهرائي ۽ اثرائتو آهي“.
”مان نه ٿي سمجهان“، عورت چيو، ” مون جيڪو ڪجهه اڄ ٻڌو آهي، اهو مون کي تمام سُٺو لڳو، پر ڪيترن ٻين ڳالهين کان متاثر نه آهيان. انهن ڳالهين لاءِ اڃان ڪجهه وڌيڪ وقت کپي“.
”هي ناياب ماڻهو آهي“. بي گهر شخص ڏاڪار ڏيندي چيو. منهنجو ڀاڳ ڀلو ٿيو. مان اسپيلبائنڊر جي ڏنل ڄاڻ جو شڪر گذار آهيان. ڇو ته هن جي ڪري ئي مون ورلڊ ڪلاس زندگي گذاري. ڪيترن ئي ماڻهن جي خواهش هوندي آهي ته انهن جي زندگين ۾ ڪي حيرت ۾ وجهندڙ ڪارناما ٿين ۽ سڀني کان وڏي ڳالهه ته هن مون کي اهو فلسفو سيکاريو ته ڪيئن مان پنهنجن خوابن جي تعبير ڪري سگهان. بلڪه هن مون کي اها ٽيڪنالاجي، اوزار ۽ اهڙيون ٽيڪنيڪيون به سيکاريون جن جي مدد سان مان پنهنجي معلومات کي نتيجن ۾ بدلي سگهان ٿو. هن جي انقلابي بصيرت اها هُئي ته ڪئين تخليقي صبح جي پهر ۾ انتهائي فائديمند روٽين بڻائڻ لاءِ، هن جي انقلابي مشورن جي ڪري مون کي مارڪيٽ ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيو.
بي گهر شخص جي پيشاني تي، هن جي ساڄي پاسي واري اک جي بلڪل مٿان هڪڙو زخم جو نشان هو. هن جي وحشتناڪ ڏاڙهي سرمئي رنگ جي هُئي. هن کي ڳاٽي ۾ موتين وارو هڪڙو مڻيادار هار پاتل هو. جيئن انڊيا جي درويش جوڳين جهڙن ماڻهن کي ڳچي ۾ پاتل هوندو آهي. جيتوڻيڪ هن حد کان وڌيڪ تعريف هن کي غير مستحڪم ڪري ڇڏيو ۽ هن جي حليي مان اهو لڳي پيو ته هي سالن تائين گهٽين ۾ رهيو هوندو ۽ هن جي آواز مان لڳو ته هن وٽ ڪنهن به اختيار جو شعور نه آهي ۽ هن جي اکين مان شينهن جهڙي جرئت چمڪي رهي هئي.
And his eyes revealed the confidence of a lion.
”هي ته نيم پاڳل (crackpot) ٿو لڳي“.واپاري عورت آرٽسٽ جي ڪن ۾ سُس پُس ڪئي. ”جيڪڏهن هن جو ڀاڳ ڀلو آهي / خوش قسمت انسان آهي ته پوءِ مان ته مڌر ٽريسا ٿيس نه“.
”جي بلڪل، توهان صحيح سمجهيو، مون کي به مجذوب ٿو لڳي“.
آرٽسٽ عورت کي جواب ۾ چيو. ”پر هن جي ٻانهن ۾ ٻڌل ايڏي وڏي گهڙي ته ڏس“.
بي گهر شخص، جيڪو عمر جي 60 سالن جي ڏهاڪي ۾ هو، ان جي کاٻي ڪارائي تي اهڙي قسم جي تمام وڏي گهڙي ٻڌل هئي. اهڙي قسم جي گهڙي برطانوي عهديدار، جڏهن به ڪنهن وهانءَ، شادي مرادي ۾ شرڪت ڪرڻ ويندا هُئا ته اهي، ماڻهن تي پنهنجي شان شوڪت، روب، دٻدٻو جتائڻ لاءِ پائيندا هُئا. ان گهڙي جو ڊائل ريوالر جي اسٽائيل جو هو ۽ اُن جي چوڌاري زنگ نه لڳڻ واري اسٽيل جو فريم هيو. واچ جي سُئي ڳاڙهي رنگ ۽ منٽ جي سوئي نارنگي رنگ جي هُئي.جنهن تي مان وارو بيج ڪاري رنگ جي پٽي سان ٻڌل هو/ لڳل هو، جنهن مان هڪڙو ناقابل بيان احساس پيدا پئي ٿيو، بلڪ ائين کڻي چئجي ته اهو تاثر ملي پيو ته اها گهڙي پائڻ وارو معاشري جو هڪڙو انتهائي اهم ترين فرد آهي/وڏو ماڻهو آهي/خوشحال زندگي گذارڻ وارو ماڻهو آهي.
”گهٽ ۾ گهٽ اها هڪ سو گرانڊ *(grand) جي ته مزي سان ٿيندي“. عورت محتاط انداز سان چيو. ”گهڻن ماڻهن، ان جهڙيون، ان سان ملندر جلندڙ گهڙيون، اسان جي * IPO کان پوءِ، دڪان مان خريد ڪيون آهن. بدقسمتي سان اسان جو شيئر پرائيز گهٽ ٿي ويون، پر ان جي باوجود انهن پنهنجون بيهودا گهڙيون پوءِ به ڪاراين تي ٻڌل رکيون“.
”ته توهان کي اسپيلبائنڊر جي گفتگو جو ڪهڙو حصو سڀني کان وڌيڪ بهتر لڳو“.ان رولاڪ پوڙهي پڇيو، پر اڃان به هو پنهنجي ڪارائي کي کني رهيو هيو.
’’ڇا اها سڄي معلومات، جنهن سان هن شروعات ڪئي، نفسيات جي باري ۾ هئي؟ يا وري پيداواري صلاحيت جي باري ۾، جن مالڊز تي هن ارب پتي ماڻهن کي سبق پڙهايا. ممڪن آهي توهان جي اها نيورو بالاجي ڪنوٽرول ڪندي هجي، جيڪا تمام وڏي چوٽيءَ جي ڪارڪردگي تخليق ڪندي هجي. يا وري توهان هن نظرئي جي لهرن جي وسيلي، انسانيت جي بهتري لاءِ، ڪردار سان گڏ عظمت جي منزل تائين پهچندا آهيو، جيڪو توهان جي پڄاڻي کان اڳ ۾ اسان تائين پهچندي آهي؟‘‘ پوءِ بي گهر شخص پنهنجون اکيون ڇنڀيون ۽ هڪ نظر پنهنجي وڏي گهڙيءَ تي وڌي.
”دوستو! اهي سڀ ڳالهيون تمام مزيدار ٿي سگهن ٿيون. پر انساني زندگيءَ ۾ جيڪا شيءَ مون سکي آهي، ان ۾ سڀ کان اهم شيءَ ”وقت“ آهي. مون بليِٽ پروف کان سکيو آهي. وارن بفيٽ *Warren Buffet جنهن جو شمار دنيا جي ذهين ترين سرمائيدارن ۾ ٿئي ٿو، هن چيو هو ته امير ماڻهو” وقت“ ۾ سرمايو لڳائي ٿو the rich invest in time . ۽ جڏهن ته غريب ماڻهو وري ”پئسي“ جي سيڙپڪاري ڪري ٿو.( the poor invest in money) ان ڪري مان توهان سان گهڻو وقت بيهي نه ٿو سگهان. منهنجي جيٽ جهاز ۽ رن وي وارن سان ميٽنگ آهي. توهان سمجهو ٿا ته منهنجي چوڻ جو مطلب ڇا هي؟
”مون کي ته هي وڏو ڪو ڌوڪيباز delusional لڳي ٿو“. ڪاروباري عورت سوچيو.
”بفيٽ Buffet اهو به چيو،” مان مهانگا ڪپڙا خريد ڪندو آهيان، هي مون تي سستا لڳي رهيا آهن“. ممڪن آ ته توهان کي هي قول ياد هُجي ۽ هُن ڳالهائڻ شروع ڪيو،”اصل ۾ مان نخريباز (rude) ٿيڻ جو ارادو نه ٿي رکان، پر مون کي پڪ نه آهي ته توهان هتي ڪيئن پهتو ۽ مون کي اها به خبر ناهي ته توهان وٽ اهڙي قسم جي ڳري گهڙي ڪٿان آئي ۽ توهان ڪهڙي جيٽ جهاز جي باري ۾ پيا ڳالهايو. مهرباني ڪري پنهنجين ڳالهين کي مقرر جيان اثرائتو بنائڻ جي ڪوشش نه ڪر. صفا سڌي ۽ سوَلي ڳالهه ڪر. اها ڪا ڀوڳ چرچي جي ڳالهه نه آهي. مان بلڪل سنجيده ٿي ڪري اها ڳالهه ڪيان ٿي مون کي پڪ ناهي ته هو ماڻهو اڃان تائين ساهه کڻندو هجي.
”بلڪل سچي ڳالهه آ“، آرٽسٽ پنهنجي ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائيندي چيو. ”تنهنجي گفتگو آرام سان نه آهي. تون سرفر (surfer) جيان ڳالهائي رهي آهين“.
”ڀاءَ، آرام سان“، بي گهر شخص چيو.” سڀ کان پهرئين ته مان هڪ سرفر آهيان. مون پنهنجو ننڍپڻ ماليبو * Malibuجي جي ساحل تي گهاريو آهي. اڪثر ڪري ان پوائنٽ کان سواري ڪندو هئس، جتي لهرن ۾ چمڪندڙ لهرون آهن. هاڻي مان تمارين بي*Tamrain Bay جي ننڍڙين لهرن تي سرفرنگ ڪندو آهيان. اهو علائقو ٿي سگهي توهان ڪڏهن نه ڏٺو هُجي“.
”واقعي مون ان جاءِ جي باري ۾ ڪڏهن به ناهي ٻُڌو. توهان ته ڏاڍا عجيب ماڻهو(outrageous) آهيو“. ڪاروباري عورت بي رخي سان چيو.
بي گهر شخص ڪنهن جي روڪ کان مٿي هو.( اُتي نه بيٺو ۽ ڳالهائيندو رهيو).
”۽ ٻي ڳالهه ته مان ڪاروباري دنيا ۾ تمام ڪامياب ماڻهو رهيو آهيان. مان اهڙيون ڪيتريون ئي ڪمپنيون ٺاهيندو رهيو آهيان، جيڪي اڄ جي دور ۾ اربن جي ڪمائي ڪري رهيون آهن. پر انهن وٽ ڪجهه به نه آهي. ڪيڏو نه ڀوڳ آهي. دنيا مندي جو شڪار ٿيڻ واري آهي. انتها جي لالچ ۽ ٽڪي جو به عقل نه، ٽين ڳالهه اها ته .....“. اها ڳالهه چوندي ، هن جي ڏڪندڙ آواز ڀاري ٿيڻ لڳو. ” منهنجو جهاز انتظار ۾ آهي، ڪجهه ئي مفاصلي تي آهي، هتان کان پري ناهي. انڪري، ان کان اڳ ۾ جو مان هليو وڃان، مان اوهان ٻنهي کان ٻيهر پڇندس......، ڇاڪاڻ ته مان اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته توهان ٻنهي کي اسپيلبائنڊر جي پريزنيٽيشن جو ڪهڙو حصو سڀني کان وڌيڪ سُٺو لڳو؟“.
”سموريون ڳالهيون سُٺيون هيون، “، آرٽسٽ جواب ڏنو،” مون کي هن جون سڀ ڳالهيون ايتريون ته پسند آيون جو مون هن عظيم پوڙهي ماڻهو جو هر لفظ رڪارڊ ڪيو “.
” اهو غيرقانوني آهي“، بي گهر شخص خبردار ڪيو. هن جي ٻانهن کي وچان ٽپائيندي چيو، ” ائين ڪرڻ سان توهان کي ڪو هوشيار وڪيل به ڪرڻو پئجي ويندو“.
”اهو قانون جي خلاف آهي “، ڪاروباري عورت به ان جي حمايت ڪئي، ” توهان اهو ڇو ڪيو؟“
” ڇاڪاڻ ته منهنجي دل چوي پئي. مان جيڪو چاهيندو آهيان اهو ڪندو آهيان، قانون ته ٽوڙڻ لاءِ ئي ٺاهيا ويندا آهن، ڇا توهان کي خبر ناهي؟، پڪاسو Picasso چيو، ” ته توهان کي قانون ماهرن وانگر سکڻ کپن ته جيئن توهان انهن کي آرٽسٽ وانگي ٽوڙي سگهو. پاڻ کي پنهنجي پاڻ جي ٿيڻ جي ضرورت آهي. اهڙي رڍ ٿيڻ جو ڪهڙو فائدو، جيڪا ڌڻ ۾ ٻين کَسي رڍن جي پويان پويان هلي رهي هُجي ۽ کيس خبر نه هجي ته وڃڻو ڪاڏي آهي؟. تمام گهڻا ماڻهو خاص طور تي جن وٽ پئسو هوندو آهي، اُهي سواءِ ڌوڪي جي اهڃاڻ جي، ڪجهه به نه هوندا آهن“. آرٽسٽ وضاحت ڪئي، ”اها بلڪل ساڳي ڳالهه آهي جيڪا اسپيلبائنڊر چوندو آهي ته ” يا ته توهان ان ۾ سمائجي وڃو، يا وري دنيا بدلائي ڇڏيو. اوهان کي ٻئي ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ان لاءِ مون سڀئي ڳالهيون رڪارڊ ڪري ڇڏيون. هڻو مون کي گولي ۽ جيڪڏهن جيل هليو ويس، ته به اها مون لاءِ هڪ سٺي/دلچسپي واري جاءِ هوندي ڇاڪاڻ ته اتي منهنجي ڪيترن ئي ٿڌي دماغ وارن/سٺن ماڻهن سان ملاقات ٿي سگهندي.“
”چڱو، ٺيڪ آهي“، بي گهر شخص چيو. ”مان توهان جي فيصلي کي پسند نه ٿو ڪيان، پر مون کي اوهان جو جذبو سٺو لڳو. انڪري اڳتي وڌو. ان کي هلايو. سيمينار جو اهو حصو هلايو /وڄايو جنهن توهان کي جوش ڏياريو.“.
” مون جيڪو ڪجهه رڪارڊ ڪيو اهو توهان جي دماغ کي ڌوڏي ڇڏيندو“، آرٽسٽ اهو چوندي پنهنجي ٻانهن هوا ۾ مٿي ڪئي ته جيئن هو توهان کي ٻانهن تي ٺهيلJimi Hendrix جي گٽار جو نشان/ٽيٽو نمايان ڪري ڏيکاري سگهي. جنهن تي اها چوڻي لکيل هُئي ته ”جڏهن محبت/پيار جي طاقت، طاقت جي محبت/پيار تي غالب ٿي وڃي /حاوي ٿي ويندي، ته دنيا کي اُمن جي سُڌ پئجي ويندي
“when the power of love overcomes the love of power, the world will know the peace”.
اهو مئل سپراسٽار جي منهن تي ظاهر هيو.
”ها، اڳتي ٻڌايو ۽ اهي حصا هلايو/وڄايو جيڪي توهان کي وڻيا. ڪاروباري عورت هن جي همت افزائي ڪندي اٿي بيٺي.
هن کي يقين ته نه هيو پر خبر ناهي ڇو، پر هميشه کان ائين آهستي هن جي اندر ۾ ڪا شي داخلي ٿي رهي هئي. ” ٿي سگهي ٿو/ممڪن آهي ته زندگي مون کي ٽوڙي رهي هجي“. هن سوچيو. ”ان ڪري مان ان ۾ ڪا پيش رفت ڪري سگهان ٿي“.
ان پروگرام ۾ اچڻ، آرٽسٽ سان ملڻ، اسپيلبائنڊر جا الفاظ ٻڌڻ، جيتوڻيڪ هن کي کوڙ ڳالهين سان اختلاف هيو، جيڪو هن چيو هو، پر تنهن هوندي به انهن شين هُن کي يقين/احساس ڏياريو ته جيڪو تجربو هو پنهنجي فرم ۾ ڪري رهي هئي، اهو مممڪن آهي اهو ڪنهن تياري جو ڪو نمونو هجي، جيڪا هن جي عظمت جي گهرج هجي. واپاري عورت اڃان به ٻڏ تر ۾ هئي، پر هاڻي هن کي اهو لڳي رهيو ته هو کلي/ ٽڙي رهي آهي ۽ شايد اڳتي وڌي رهي آهي. ان لاءِ هن پاڻ سان واعدو ڪيو ته هو جنهن طريقي تي هو پهريائن عمل ڪري رهي هئي ۽ ان مان کيس گهڻو فائدو نه ٿيو هو ان ڏانهن پوئتي هٽڻ بجاءِ، هن عمل کي جاري رکندي. پر هاڻي تبديلي جو وقت اچي ويو هو.
ڪاروباري عورت ٿيوڊور روزويلٽ Theodore Roosevelt جو اهو قول جيڪو هن کي وڻندو هو، ياد ڪيو، ” اهو نقاد ناهي جيڪو اندازو لڳائي، نه ئي وري اهو ماڻهو جيڪو اهو ٻڌائي ته طاقتور ماڻهو ڪيئن ٿو ٿاٻڙجي يا وري ڪم جو ڪندڙ، ان کي تمام بهتر/ سٺي نموني سان ڪرڻ گهربو هو. اهو سڄو ڪريڊٽ ان ماڻهوءَ ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو اصل ۾ ميدان ۾ لٿل هوندو آهي. جنهن جي منهن تي ڌوڙ، پگهر ۽ رت آهي. جيڪو بهادري ڏيکاري ٿو، جيڪو غلطي ڪري ٿو، جيڪو ٿوري دير لاءِ هر هر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته غلطي ۽ خامين کان سواءِ، ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿي ٿئي، تمام وڏي قرباني اها آهي جيڪو ماڻهو پاڻ کي ڪنهن تمام وڏي مقصد لاءِ وقف ڪري ٿو، جيڪو سڀني کان بهترين آخر ۾ وڏي ڪاميابي جي فتح جي باري ۾ ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو تمام بدترين آهي، جيڪڏهن هو ناڪام ٿئي ٿو، يار وري وڏي همت کان پوءِ ناڪامي هن جي نصيب ۾ اچي ٿي، تنهن ڪري هن جي جاءِ ڪو به اهڙو شخص نه ٿو ڀري سگهي يا وٺي سگهي، جيڪو نه فتح کان ۽ نه ئي وري شڪشت کان واقف هجي“.
هن به اهو به جملو ياد ڪيو، جيڪو هُن اسپيلبائنڊر جي خطاب ۾ ٻڌو هو... جيڪو ڪجهه ريت هيو،” جنهن گهڙيءَ توهان اهو محسوس ڪيو ٿا ته هاڻي ڇڏي ڏجي، هي اها گهڙي آهي، ته اُن ئي گهڙي توهان کي اڳتي وڌي ان کي تلاش ڪرڻ گهرجي.“ تنهنڪري ڪاروباري عورت پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاتي۽ پاڻ سان اهو عهد ڪيائين ته پنهنجن جوابن جي تلاش جاري رکندي، پنهنجن مسئلن جا حل ڳوليندي ۽ گهڻي بهتر زندگي گذاريندي ۽ تمام سٺن ڏينهن جا وڏا تجربا ڪندي. هن جي اُميد آهستي آهستي وڌڻ شروع ٿي ۽ هن جون پريشانيون آهستي آهستي گهڻي قدر گهٽجي رهيون هيون. هن جي بهترين اندر ۾ هلڪو ۽ خاموش آواز سس پس ڪرڻ شروع ڪئي ته ڪو خاص ايڊوينچر هاڻي شروع ٿيڻ وارو آهي.

معمولي شين ۽ وچٿري سوچ کي ڇڏي ڏيڻ

4

Letting go of mediocrity and all that’s ordinary
معمولي شين ۽ وچٿري سوچ کي ڇڏي ڏيڻ


“Why, sometimes! I’ve believed as many as six impossible things before breakfast”.
Lewis Carroll, Alice in Wonderland.

”مون کي خبر ناهي ته ڇو، ڪڏهن ڪڏهن، ڇهن ناممڪن شين تي ناشتي ڪرڻ کان اڳ ۾ يقين اچي ويندو آهي“.
ليوس ڪيرول، ايلس ان ونڊرلينڊ

’’توهان هڪ پينٽر آهيو، ٺيڪ آ؟“ بي گهر شخص پنهنجي پُراڻي قميص جي ڍري بٽڻ سان کيڏيندي چيو.
”ها“ آرٽسٽ خاموش ٿي ويو. ”ٿورو ذهني دٻاءَ جو شڪار آهيان. مان ٺيڪ آهيان. پر گهڻو نه. ‘‘
”زيورخ ۾ منهنجي فليٽ ۾ مون وٽ ڪيترا ئي آرٽ جا نمونا پيا آهن“.
بي گهر شخص مسڪرائيندي چيو.
”بينهو فٽراس Bahnho fstrasse (زيورخ جو هڪ غير معرف علائقو آهي) ۾ جڏهن قيمتون تيزيءَ سان وڌڻ لڳيون ته ان کان اڳ ۾ ئي مون هڪڙي جڳهه خريد ڪئي هُئي. مان جتي به ويندو آهيان ته بهترين معياري شين جي اهميت جي چونڊ ڪرڻ سکيو آهي/معياري شين کي ترجيح ڏيندو آهيان. اها بهترين ڪاميابي جي چونڊ آهي، جيڪا مون ان زندگي جي تخليق لاءِ ڪئي آهي، جيڪا مون ڪاريگري سان ٺاهي آهي. مان پنهنجي ڪاروبار ۾ فقط چوٽيءَ جي رانديگرن کي اجازت ڏيندو آهيان. ڇاڪاڻ ته توهان کي اي ڪلاس جي ڪارڪردگي، سي ڪلاس وارا ماڻهو نه ٿا ڏيئي سگهن. اسان فقط انهن شين جي پيداوار ڪندا آهيون، جيڪا مڪمل طور تي اسان جي مارڪيٽ ۾ اهميت جي حامل هجي، ۽ پوءِ ان فيلڊ کي ان ڪري مٽائي ڇڏيندا آهيون ته اهي ڪيڏي نه اهميت جون حامل آهن. منهنجا ادارا فقط اهي ئي خدمتون سرانجام ڏيندا آهن، جيڪي اسان جي گراهڪن کي اخلاقي طور تي امير بڻائن ۽ اسان شاندار تجربو مهيا ڪندا آهيون ۽ اهڙا جنوني پوئلڳ پيدا ڪندا آهيون جيڪي ڪنهن ٻي سان ڪاروبار ڪرڻ جو سوچين به نه ۽ اهڙي قسم جو معاملو منهنجي ذاتي زندگي سان به آهي. مان بهترين کاڌو کائيندو آهيان، جيتوڻيڪ مان گهڻو نه کائيندو آهيان. مان صرف اصلي/ معياري، فڪر ۾ وجهندڙ ڪتاب پڙهندو آهيان. اهڙي جاءِ تي وقت گذاريندو آهيان جتي وڌيڪ روشني هجي ۽ متاثر ڪندڙ جاءِ هجي. اهڙين جاين جي سير ڪندو آهيان، جيڪي دل کي موهي ڇڏين ۽ جڏهن معاملو رشتن ۽ تعلقاتن جو هجي ته پوءِ فقط اهڙن انسانن سان تعلق جوڙيندو آهيان ۽ اهڙن انسانن سان وقت گذاريندو آهيان جيڪي مون کي خوشي ڏين، منهنجي سڪون ۾ اضافو ڪن ۽ هڪ بهتر انسان ٿيڻ لاءِ مون کي راضي/آماده ڪن. زندگي جي تمام گهڻي اهميت آهي جيڪا انهن ماڻهن سان نه ٿي گذاري سگهجي،جيڪي توهان کي سمجهن ئي نه. جن جو توهان تي ڪو خاص اثر ئي نه ٿئي. جن جا ويليوز مختلف ۽ توهان جي معيار کان گهٽ هجن. جن جي سوچ /ذهنيتheartsets, health sets, soulset, ۽ mindset مختلف هجي ٿي. هي هڪ ننڍڙو معجزو آهي، اسان جا رويا ۽ ماحول ڪيترو وڌيڪ اسان جي ڪارڪردگي ۽ نتيجن تي اثرانداز ٿيندا آهن“.
”دلچسپ“، ڪاروباري عورت چيو. هن پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ اهي اهم ڳالهيون نوٽ ڪيون ۽ ان سان گڏ هن جي فون تي پڻ گهري نظر هئي. ”لڳي ٿو ته هن کي خبر نه ٿي پوي ته هو ڇا ڳالهائي رهيو آهي“.هن جهيڻي آواز ۾ آرٽسٽ کي مخاطب ٿيندي چيو. هن جون نظرون اڃان به مسلسل فون جي اسڪرين تي هيون.
هن جي پيشاني تي ڪوريئڙي جي ڄار جهڙا گهنج وڌيڪ چٽا ٿي ويا. هن جي هڪ ڪارائيءَ تي چانديءَ جا ٻه بريسليٽ لڙڪي رهيا هُئا. هڪڙي تي لکيل هو، ”مان ’نه ٿو ڪري سگهان‘ کي ’ڪري سگهان ٿو‘ ۾ مٽائي سگهان ٿو“، جڏهن ته وري ٻي تي لکيل هو،” مان ’نه ٿو ڪري سگهان‘ کي ’مان ڪري ٿو سگهان‘ ۾ مٽائي ڇڏيو“ “ Turn I can’t into I cans”. جڏهن ته ٻي تي لکيل هو ”ڪجهه ڪرڻ، ڪامل /مڪمل perfect کان بهتر نه آهي“. ڪاروباري عورت اهي ٻيئي ڪڙا هڪ ئي ڀيري ۾ ان وقت خريد ڪيا هُئا، جڏهن هُن پنهنجي ڪمپني شروع ۾ کولي هُئي ۽ هو تمام گهڻو پُراعتماد موڊ ۾ هُئي.
”مان مائنڊ سيٽ Mindsets جي باري ۾ ڄاڻان ٿو“. آرٽسٽ چيو، ”پر ڪڏهن به هارٽ سيٽ، هيلٿ سيٽ ۽ سول سيٽ جي باري ۾ نه ٻڌو آهي“.
”جلدي توهان کي انهن جي باري ۾ خبر پئجي ويندي“.
بي گهر شخص راءِ ڏني
’’۽ هڪ دفعو جيڪڏهن توهان اهو ڪري ڇڏيندو ته پوءِ جنهن نموني سان توهان تخليق ڪيو ٿا يا پيدا ڪيو ٿا ۽ پنهنجي دنيا ۾ اهو ظاهر ڪيو ٿا، ته پوءِ توهان ساڳيا ڪڏهن به نه رهندو. ممڪل طور سنجيدگي سان چوان ٿو ته اهڙا تصور ڪنهن به معمارِملڪ ۽ معمارِقوم لاءِ تمام انقلاب هونداآهن ۽ اهڙي ريت ڪجهه ڪاروباري ماڻهو ۽ ٻيا ڌرتي جي گولي تي رهندڙ انسان، ويجهڙائي ۾ انهن کي هنن جي باري ۾ خبر آهي. ته جيڪڏهن هننُ کي اها خبر پئجي وڃي ته هن جي زندگي جو تمام اهم عنصر تيزي سان وڌي ويندو. هينئر ته منهنجي اردگرد جيڪا به شي آهي، ان جي بهترين ڪوالٽي کي پاڻ تائين محدود رکڻ چاهيان. توهان جي اردگرد جو ماحول، حقيقت ۾ توهان جي تصورن، سوچن ۽ توهان جي عملي ڪم جو هڪڙو خاڪو مهيا ڪري ٿو، آرٽ منهنجي روح جي غذا آهي. Art feeds my soul . بهترين ڪتاب منهنجي اُميد کي جلا بخشين ٿا. بامقصد گفتگو منهنجي تخليقي صلاحيت کي وڌائي ٿي. بهترين موسيقي منهنجي دل کي مضبوط ڪري ٿي. دل ڪش ۽ موهيندڙ منظر منهنجي روح کي طاقتور بڻائين ٿا ۽ انهن سڀني لاءِ فقط هڪ اهڙي صبح جي ضرورت آهي، جنهن ۾ يادگار تخليقي خيالن جي آمد ٿئي، جيڪو سموري نسل کي مٿي کڻي وڃي.
توهان کي خبر آهي ۽ هتي مون کي اهو چوڻ جي ضرورت آهي ته انسانيت جي اصطلاح/ترقي، ڪاروبار جي ڪنجي آهي. جنهن کي دنيا جا پنج سيڪڙو ماڻهو کيڏين ٿا. تجارت جو حقيقي مقصد فقط ذاتي معاش ڪمائڻ ناهي، ان راند جو اصل مقصد ته اهو آهي ته معاشري لاءِ مددگار ثابت ٿجي. منهنجي ڪاروبار جو بنيادي مرڪز خدمت ڪرڻ آهي. پئسو، طاقت ۽ عزت ته بلڪل ان پيداوار جي هٿان اڻ ٽر آهي جيڪو هن رستي ۾ هلڻ سان ئي ملي ٿو وڃي۽ اهو رستو مون کي منهنجي هڪڙي پُراڻي دوست اُن وقت ٻڌايو/سيکاريو هو، جنهن وقت مون جواني ۾ پير پاتو هو. هن منهنجي خوشحالي ڪيفيت ۽ ذاتي آزادي (پرائيويٽ فريڊم) جو انداز ئي تبديل ڪري ڇڏيو هو ۽ تڏهن کان ئي وٺي مان ڪاروبار جي ان فلسفي سان جڙيل آهيان، جيڪو منهنجي طريقيڪار تي حاوي آهي. ڪنهن کي خبر آهي، ٿي سگهي ٿو ڪڏهن مان توهان کي پنهنجي مينٽور سان ملاقات به ڪرايان“.
خانه بدوش خاموش ٿي ويو. هن پنهنجي وڏي گهڙيءَ تي گهري نظر وڌي. ان کان پوءِ هن پنهنجون اکيون ٻوٽيون ۽ هي لفظ چوڻ لڳو؛”پنهنجي صبح جا مالڪ ٿيو“، own your morning پنهنجي زندگي کي بلندين تائين پهچايو elevate your life!“. بلڪل جادو جيان، مناسب ننڍڙو، هڪ ٿلهو سفيد ڪاغذ ڪنهن پکي جي پر وانگر اڏرندو هن جي کاٻي هٿ جي تري تي پهتو. اِها بلڪل جادوگري ئي هُئي. جيڪڏهن توهان انهن ٽنهي ماڻهن سان گڏ بيٺا هجو ها ته توهان تمام گهڻو متاثر ٿيو ها. هن ڪاغذ تي ڪجهه هن قسم جي تصوير ٺهيل هُئي.
ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ ٻنهين جو وات پٽجي ويو ۽ ٻئي حيران ۽ پريشان ٿي ويا.
”توهان ٻنهي جي اندر به ڪو دلير ماڻهو رهي ٿو. توهان ننڍپڻ ۾ جيسيتائين توهان جي وڏڙن توهان کي پنهنجيون خوبيون محدود ڪرڻ، پنهنجي دماغ کي لغام ڏيڻ ۽ پنهنجي دل جي سچائيءَ کان باغي ٿيڻ لاءِ نه چيو هو“. بي گهر شخص هنن ٻنهين سان اسپيلبائينڊر واري تمام گهڻي ملندڙ جلندڙ لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو.
”وڏا، بگڙيل ٻار هوندا آهن،“ Adults are deteriorated children ، هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”جڏهن اوهان تمام گهڻا ننڍا هيو، ته اها توهان کي خبر هئي ته زنده ڪيئن رهجي. توهان تارن کي تڪيندي، خوش ٿيندا هيو. پارڪ ۾ ڊوڙندي توهان کي زندگي جو احساس ٿيندو هيو ۽ پوپٽن جي پويان ڊوڙندي توهان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هُئي، اوهه... مون کي پوپٽ ڪيڏا نه پسند هيا. پوءِ ، جيئن /جڏهن توهان وڏا ٿي وڃو ٿا ته توهان اهو وساري ويهو ٿا ته انسان ڪيئن بڻجي. توهان کان اهو وسري وڃي ٿو ته جوش، جرئت ، محبت ۽ جنون سان ڪيئن جيئجي؟. توهان جي اميد جا قيمتي ذخيرا ڌنڌلائجي ويا. توهان کي عام ماڻهو ٿيڻ قبول ٿي ويو. معاشري ۾ گهلي ملي وڃڻ ۽ ٻين جيان مشهوري ماڻڻ جي چڪر ۾ پوڻ جي ڪري، توهان جي تخليق، مثبت انداز ۽ توهان جي پنهنجي پاڻ سان شناسائي جو ڏيئو جهڪو ٿي ويو. چڱو!، مان هتي اهو ٿو چوڻ چاهيان ته؛ توهان بي حس انداز ۾ پرورش ٿيندڙ ماڻهن جي محفل ۾. ان جي کوٽ، بي حسي ۽ حدن سان شريڪ نه ٿيو. مان توهان کي دعوت پيو ڏيان ته زندگي جي هن حقيقي راز کي ڄاڻو، جيڪو تاريخ جي سچن ماهرن، عظيم دماغن ۽ عظيم ماڻهن کي معلوم هيو. ته جيئن توهان پنهنجي اندر ۾ موجود لڪل طاقتن کان واقف ٿيو. توهان پنهنجي ڪم ۽ ذاتي زندگي ۾ جادوئي تبديلي آڻي سگهو. مون کي يقين آهي ۽ ائين ڪرڻ ۾ توهان جي مدد لاءِ مان هتي موجود آهيان“.
ان کان اڳ ۾ جو ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ هڪڙو لفظ چپن تان چورين/ ڪجهه ڳالهائن، بي گهر شخص، پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، ”ٺيڪ آهي ته مان آرٽ جي اهميت تي بيهي رهيو هوس ۽ اهو ايڪو سسٽم جيڪو توهان جي زندگي پاڻ ۾ پيدا ڪئي، اهو مون کي پرتگالي مصنف فرنيندو پيسو Fernando Pessoa اُهي حيرت ۾ وجهندڙ لفظ ياد ڏياري ٿي،”آرٽ اسان کي ڌوڪي جي ذريعي هئڻ واري گندگي کان آزاد ڪري ٿو“، جڏهن ته غلطين ۽ ڀوڳنائن کي ائين محسوس ڪرڻ جيئن Hamlet ، ڊينمارڪ جي شهزادي برداشت ڪيو. اسان پنهنجي ذات کي/پنهنجي پاڻ کي محسوس نه ٿا ڪيون، اهي قابل نفرت آهن. مون کي ونسينٽ وين گوف Cincent van Gogh ، جا لفظ به ياد پيا اچن، جنهن چيو هو ته،”جيسيتائين منهنجو منهنجي ذات سان تعلق آهي ته مان ڪا به شي پڪ سان نه ٿو ڄاڻان پر تارن کي ڏسڻ جو منظر مون کي خواب ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿو“.
بي گهر شخص زور سان ڳيت ڏني ۽ هن جو اکيون تيزي سان چرڻ لڳيون. هن پنهنجو گلو گهٻرائيندي صاف ڪيو.
”دوستو! مون زندگي ۾ گهڻو ڪجهه برداشت ڪيو، زندگي مون کي ڪيئي ٽن هيٺ ڪيرايو، لتون هنيون، گاريون ڏنيون، بيمار ٿيس، حملا ٿيا. ناجائز فائدا ورتا ويا، غلط استعمال ڪيو ويس. مان ملڪ جي قومي تراني جيان وڄندو رهيس. جڏهن منهنجي محبوبه مون سان بي وفائي ڪئي ۽ منهنجو ڪتو مري ويو، ته مان بلڪل هن دنيا ۾ اڪيلو رهجي ويس“.
بي گهر شخص کليو. اها کِل عجيب سرڪس جي مشڪري وانگر ۽ پوءِ هن پنهنجو سلسلو جاري رکيو، ”خير/بهرحال سڀڪجهه ٺيڪ آهي، درد گهرائين/ اونهاين ۾ ويندڙ هڪ رستو آهي. ڇا توهان منهنجو مطلب سمجهو ٿا؟ ۽ الميو/ڏک/غم فطرت جي هڪ وڏي ڇاڻي آهي and tragedy is nature’s great purifier . اها ڌوڪي، خوف ۽ تڪبر کي ساڙي ڇڏي ٿي، جنهن جو تعلق انا سان هجي. اسان کي ڏاهپ ۽ روشني ڏانهن موٽائي ٿي، جيڪڏهن توهان وٽ، جيڪو توهان کي زخمي ڪري ٿو/تڪليف پهچائي ٿو ان ۾ داخل ٿيڻ جي همت آهي، ڏک/پيڙاءُ/ڀوڳنا ڪيترائي انعام ڏيئي ٿي، جنهن ۾ همدردي، اصليت، تعلق ۽ صداقت اچي وڃن ٿيون. جوناز سالڪ Jonas Salak چيو،” منهنجا ڪجهه خواب هيا ۽ ڪجهه وري خوفناڪ خواب. پر مون پنهنجن خوفناڪ خوابن تي پنهنجي خوابن ذريعي فتح حاصل ڪئي“.
”هي انتهائي عجيب ماڻهو آهي. نا قابل حد تائين نرالو/غيرمعمولي ماڻهو آهي. پر هن ۾ هڪ خاص ڳالهه آهي“. ڪاروباري عورت خاموشيءَ سان، مايوسيءَ واري ان خول/زرهه کي هٽائيندي آرٽسٽ جي سامهون قبول ڪيو، جنهن هن کي هن جي ستارن واري طرز عمل کان بچايو هو.”هن بلڪل اها ئي ڳالهه چئي، جيڪا مون کي ٻڌڻ جي ضرورت هئي/ٻڌڻ چاهيان پيو. مون کي لڳي ٿو /مان سمجهان ٿو ته هي گهٽين ۾ پيل ڪنهن پاٺي جي دٻي م رهي پيو، پر هن جي گفتگو ته ٻڌو، ڪيڏي ڪيڏي مهل هي ڪنهن شاعر جيان ڳالهائي ٿو. هي ايتريون منطقي ڳالهيون ڪيئن ٿو ڪري وڃي. هُن وٽ اها گهرائي ڪٿان آئي ؟ ۽ اهو پُراڻو دوست ڪير آهي، جنهن جي باري ۾ هن ٻڌايو ته هن کيس اهو سڀ ڪجهه سيکاريو آهي.؟ هن ۾ اهو جوش آهي، جيڪو مون کي منهنجي والد جي ياد ڏياري ٿو. مان اڄ به پنهنجي پيءَ کي ياد ڪندي آهيان، ان تي مون کي تمام گهڻو ناز هيو. هو منهنجو تمام وڏو سهارو هو ۽ منهنجو بهترين دوست به. مان هن جي باري ۾ روز سوچيندي آهيان“.
”ٺيڪ آهي،“آرٽسٽ ان هوشيار اجنبيءَ کي چيو،” توهان مون کان پڇيو ته مون کي اسپيلبائنڊر جي گفتگو جو ڪهڙو حصو سڀ کان وڌيڪ سٺو لڳو. مون کي اسپيلبائنڊر جي گفتگو جو اهو حصو تمام گهڻو پسند آيو، جتي هن اسپارٽا Spartan جي جنگجوءِ جي ڳالهه ٻڌائي، جيڪو چوي ٿو ته ”جيڪو تربيت جي دوران وڌيڪ پگهر وهائي ٿو ان کي جنگ جي دوران گهٽ رت وهائڻو پوي ٿو“. ۽ مون کي اهو جملو به تمام سٺو لڳو ته سڀ کان وڏي فتح صبح جي پهرئين پهرن ۾ حاصل ڪئي ويندي آهي. جڏهن توهان کي ڪير به ڏسي نه رهيو هوندو آهي. سڀئي سُتا پيا هوندا آهن. ان کان علاوه ورلڊ ڪلاس صبح جي معاملن جي اهميت جي باري ۾ هن جي تقرير/سبق تمام عظيم هيا“.
ڪاروباري عورت پنهنجي ڊوائس تي هڪ نظر وڌي، ” مون به ڪجهه چڱا ۽ اهم نڪتا نوٽ ڪيا آهن. پر مان اهي هيرا/جواهر/موتي/ نه ميڙيم. هن چيو، جيئن هن اهو محفوظ ڪيو، جيڪو هن هاڻي هاڻي ٻڌو هيو.
” اسان فقط اهو ئي ٻڌندا آهيون، جيڪو اسان ٻڌڻ چاهيندا آهيون“،
We only hear what we ‘re ready to hear
بي گهر شخص ڏاهپ واري انداز ۾ ڳالهايو،” اسان کي سڀ سبق اتان ئي ملندا آهن، جتي اسان پاڻ هوندا آهيون ۽ جيئن جيئن اسان وڏا ٿيندا ويندا آهيون، تئين تيئن بهتر سمجهندا ويندا آهيون.“.
اوچتو اسپيلبائنڊر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. بي گهر شخص جون اکيون تاج محل جيترون وڏيون ٿي ويون.ڪو ڏسي سگهي پيو هو ڏاڍو حيرت مان ان مشهور آواز کي هو ٻڌي سگهي پيو. هن هيڏانهن هوڏانهن مدد لاءِ نهاريو. جلد ئي هر شيءَ واضح ٿي وئي.
آرٽسٽ سيمينار جي دوران جيڪا غير قانوني رڪارڊنگ ڪئي هُئي، اها وڄائڻ شروع ڪئي، ” هي اهو حصو آهي جيڪو مون کي اسپيل بائنڊر جي گفتگو ۾ تمام گهڻو پسند آيو. ڀاءَ! توهان کي توهان جي سوال جو پورو جواب ملي ويو؟“.
هن سڌو سنئون پنهنجيون اکيون هن جي اکين سان ملائيندي چيو.
”سائبر زومبيز جي ڪلچر ۾ ماڻهن جي خلل وجهڻ واري عمل سان اثر ڪيو ۽ تباهي جو عادي بڻايو، سڀني کان ڏاهپ وارو رستو گارنٽي ڏيڻ آهي، ته توهان پنهنجي ذاتي ۽ پروفيشنل زندگي ۾ تمام اهم شعبن ۾ مسلسل وڏي ليول جا نتيجا ڏيو ٿا، ان ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته توهان صبح جي روٽين ولڊ ڪلاس ليول تي پاڻ سان لاڳو ڪيو. فتح توهان جي شروعات سان شروع ٿئي ٿي ۽ توهان جا پهريان پهر اهي آهن، جن ۾ هيرا/ڏاها /سورما جنم وٺن ٿا.
پنهنجن ڪمزورين جي خلاف اٿي بيهي رهو ۽ پنهنجي خوف جي خلاف هڪڙي مهم هلائڻ شروع ڪيو، يقينن توهان صبح جو سوير اُٿي سگهو ٿا ۽ بهترين زندگي لاءِ ائين ڪرڻ اڄ توهان لاءِ تمام ضرور ي آهي.
پنهنجي ڏينهن جي پهرئين شروعات جي پڇاڙي، انتهائي غيرمعمولي نگهباني سان ڪريو ۽ پوءِ وري پورو ڏينهن پاڻ توهان جي بهترين طريقي سان نگهباني ڪندو. پنهنجي صبح جا مالڪ بڻجو، پنهنجي زندگيءَ کي بُلند ڪيو.
اُن وقت اسپيل بائنڊر جي ساهه جي سهڪي جو ڌڌڪو ٻڌي سگهجي پيو. اهو بلڪل ائين هو جيئن ڪو نئون سکيڙاٽ تيراڪ تمام گهڻو پري تيزي سان پاڻي ۾ ترندو هجي، آرٽسٽ پنهنجي محفوظ ڪيل رڪارڊنگ جاري رکي ۽ اُن جو آواز اڃان وڌائي ڇڏيو.
”هڪ راز جيڪو ڪنهن به صنعت جي ماهر، ڪنهن به فن جي ڄاڻو ۽ انسانيت جي عظيم خدمتگار توهان سان ڪڏهن به بيان نه ڪيو هوندو ته غير معمولي نتيجن جو تمام گهٽ تعلق، توهان جي خانداني خوبين سان هوندو آهي، جڏهن ته هن جو گهڻو دارو مدار توهان جي روز مرهه جي عادتن تي مشتمل هوندو آهي ۽ توهان جي صبح جا معمول ئي هوندا آهن، جن تي عمل ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ پوءِ اهي پاڻ ڀرا ٿي وڃن ٿا.
جڏهن اسان وڏن ماڻهن کي عمل ڪندي ڏسندا آهيون ته اسان سمجهندا آهيون اسان تهذيب جي طرفان کپايل طاقتور رغبت اسان کي اهو سمجهڻ تي مجبور ڪندي آهي ته اهي ماڻهو عظيم هئا. اهي ماڻهو غيرمعمولي طور تي پيدا ٿيا آهن، انهن خوش قسمتيءَ جو ڊي اين اي جي لاٽري کٽي ورتي آهي، انهن کي ڏاهپ ورثي ۾ ملي آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته انهن جي چمڪ ڌمڪ هڪ تمام وڏي عرصي جي ڪوششن/ڪاوشن کان پوءِ ئي اهي ڏسڻ جي قابل هوندا آهن. هڪ فرد لاڳيتو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان عمل جي مشق ڪئي هوندي آهي، جڏهن اسان ڪاروبار، راندين، سائنس ۽ آرٽ ۾ شاندار ماڻهو/رانديگر ڏسندا/مشاهدا ڪندا آهيون ته اسان کي خبر پوندي آهي انهن جو ڌيان فقط واحد منزل /حدف تي هيو. هڪڙي ئي مهارت تي توجهه،، ٽارگيٽ لاءِ تمام گهڻي قرباني، گهري تياري، حد کان وڌيڪ صبر جي ضرورت هوندي آهي. ياد رکو هر پروفيشنل ڪنهن دور/ وقت ۾ نا تجريبڪار هوندو آهي ۽ هر ماهر هڪ سيکڙاٽ وانگر شروعات ڪئي هوندي.. معمولي ماڻهو، غيرمعمولي ڪارناما ڪري سگهن ٿا، پر هڪ دفعو اهي جيڪڏهن پنهنجن صحيح عادتن جي روٽين ٺاهي ڇڏين ته. ‘‘
”هي ڏاڍي پختي ڳالهه آهي“. بي گهر شخص چيو. ان سان گڏ هن پنهنجي ميرن هٿن سان تاڙيون ائين وڄايون جيئن ڪو ٻار ميلي /جشن ۾ تاڙيون وڄائيندوآهي. هُن پنهنجي واچ تي هڪدفعو ٻيهر نظر وڌي ۽ گڏو گڏ پنهنجن پيرن ۽ ٽنگن کي گيسائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي پولهه کي اڳتي پوئتي ڪرڻ لڳو. هن جا هٿ هاڻي هوا ۾ لڏي رهيا هيا ۽ ٻيهر اکيون ٻوٽي آڱرين سان چپٽيون وڄائي رهيو هو. توهان هن کي ان حالت ۾ ڏسي حيران ٿي وڃو ها.
” اڙي او! ڇا پيو ڪرين؟“ آرٽسٽ رڙ ڪئي .
”نچان پيو،“ بي گهر شخص جواب ڏنو، ”مون کي اهي خوبصورت ڳالهيون ٻڌائيندو وڃ، سقراط Socrates چيو ته،” علم باهه جي شعلي جي توءَ جهڙي آهي، ۽ آئزڪ آسيموو Isaac Asimov کيو ته،” پنهنجو پاڻ پڙهڻ /خود تعليمي، منهنجي خيال ۾ تعليم جو اهو ئي واحد قسم آهي، ان لاءِ مرشد جا لفظ ڪن ڏيئي ٻُڌو ڀائو. اهي تمام وڏيون ڳالهيون آهن“.
آرٽسٽ ٻيهر رڪارڊنگ شروع ڪئي.
”هن دنيا ۾ پنهنجي مهارتن جي چوري جي هرممڪن مزاحمت ڪيو. جيڪا توهان جي توجهه کي منتشر ڪري رهي آهي ۽ تمام گهڻي حد تائين ڊجيٽل ڊيمسينشيا جو سبب بڻجي رهي آهي. پنهنجي توجهه کي واپس ايوريسٽ جي چوٽي تي کڻي وڃو جيڪو پنهنجي مڪمل اظهار لاءِ ڏکي رهيو آهي. اهُي سڀئي سبب ڇڏي ڏيو، جن جي ڪري توهان جون خوبيون هڪڙي جاءِ تي بيهي رهيون آهن.تصورڪرڻ وارا/تخليقاتي ٿيڻ شروع ڪيو. هڪ اهڙي منفرد/مختلف انسان جي طور تي جيڪو توهان جي مستقبل جي مثالي حيثيت ڏانهن وڃي ٿو ۽ اهو وري برخلاف توهان جي ماضي جي قيدي جي آهي. اسان مان هر هڪ انهن ڏينهن جو پياسي آهي، جيڪي معمولي معجزن سان ڀريل آهن.اسان مان هر هڪ جي اها خواهش آهي ته هو پنهنجي خالص شخصيت جو مالڪ بڻجي ۽ نه تبديل ٿيندڙ استثنائي ڏانهن وڌڻ چاهي ٿو. سڀئي انسان جيڪي هن وقت زندهه آهن انهن سڀني جي نفسياتي ضرورت آهي ته هو ڪو اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين جنهن سان دنيا حيرت ۾ پئجي وڃي. ۽ روزانو ڪجهه اهڙو ڪم ڪري ڏيکارين جنهن مان ٻين کي فائدو پوي. شاعر ٿامس ڪيمپبيل Thomas Campbell تمام خوبصورت نموني سان پنهنجي تجربي جي بنياد تي چيو،” اسان پنهنجي پويان جيڪي دليون ڇڏي ٿا اچون، انهن دلين ۾ رهڻ، اهو مرڻ ناهي“.
اسان مان هر هڪ کي تاريخ ٺاهڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، پنهنجي ئي مستند طريقي سان. ڪنهن لاءِ ته هن جو مطلب شاندار ڪوڊ هوندو، يا وري بهتر استاد هوندو، جيڪو نوجوان ذهنن کي مٿي کڻي ٿو. جڏهن ڪنهن ٻي لاءِ وري، موقعي جو مطلب مثالي ماءَ يا وري لاجواب مينيجر هوندو آهي. ان کان علاه به ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جن لاءِ، ڀاڳ ڀلو/سٺي قسمت تمام وڏو واپار ڪرڻ، يا وري بهترين سيلزمين هجڻ، جيڪو گراهڪن جي بهترين نموني سان خدمت ڪري ٿو. هن موقعي کي ايندڙ نسلن کي ياد رکڻ گهرجي ۽ اهڙي زندگي گذارڻ گهرجي، جيڪا واقعي ئي اهميت جي حامل آهي. حقيقت ۾، هي هڪ سچ آهي. پر اسان مان ڪيترن ان کي ڳولهي لڌو آهي؟ ۽ پوءِ ان انسٽال ڪيو، ڪيترائي ذهن، صبح جون مشقون ۽ مسلسل حالتون، اهي نتيجا ڏيڻ لاءِ اسان کي گارنٽي ڏينديون. اسان سڀ ٽيلنٽ ۾ اضافي، لامحدود خوشي ۽ خوف کان آزادي لاءِ پنهنجن پيدائشي حقن تائين پهچڻ چاهيندا آهيون. پر اسان مان وري ڪجهه ماڻهو اهڙو ڪم ڪرڻ چاهيندا آهن جيڪي اسان جي لڪل صلاحيت کي اڀارڻ لاءِ ضروري آهن.
عجيب آهي نه ؟ ۽ اها ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي، اسان جي اڪثريت کي هيپناٽيئز ڪري روشني کسي وئي آهي.جيڪا اسان لاءِ انتهائي ضروري آهي. اسان مان تمام گهڻا ماڻهو پنهنجو قيمتي وقت نالي ماتر مصروفيت ۾ ضايع ڪري ڇڏيندا آهن. معمولي شين ۽ هٿراڌو آرائش جي پٺيان ڊُڪندا رهندا آهن. جڏهن ته حقيقي زندگيءَ کي نظر انداز ڪري ڇڏين ٿا. هي اهو فارمولو آهي جنهن جو نتيجو آخر ۾ مايوسي نڪرندو آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجا بهترين صبح ۽ ڪارائتا ڏينهن جبل تي چڙهندي گذاريو، ان وقت توهان کي هي ادراڪ ٿئي ته توهان اهو سڀ ڪجهه غلط ڪري رهيا هيو ۽ توهان ڪمزور ٿي وڃو ۽ توهان جي چهري تي گهنج پئجي وڃن ته ؟ تمام افسوس جو مقام آهي.
”هي حصو اڃان به منهنجي دماغ ۾ گونجي رهيو آهي“. ڪاروباري عورت جذباتي انداز ۾ پر جهيڻي آواز ۾ مداخلت ڪندي چيو. ”مان موجوده ٽيڪنالاجي جي نشي ۾ ڦاسي وئي آهيان. هر شي کي بار بار چيڪ ڪرڻ کان پاڻ کي نه ٿي روڪي سگهان. صبح جو پهريون ڪم ۽ رات جو وري آخري ڪم. ان جي ڪري منهنجي توجهه برباد ٿي رهي آهي. ان ڪري مان ۽ منهنجي ٽيم انهن ڪمن تي مشڪل سان توجهه ڏيئي رهيا آهيون، جن ڪمن جي اسان کي ضرورت آهي. خالي جو گوڙ ۽ شور منهنجي توانائي چوسي رهيا آهن. اهي مڙئي شيون مون کي منجهيل ٿيون لڳن. مون کي ائين لڳي ٿو مون وٽ پنهنجي پاڻ لاءِ به وقت هاڻي ناهي بچيو. اهو سڀ مون تي البته حاوي آهي، سڀ خط/پيغام، نوٽيفيڪيشن، اشتهار ۽ موڙ . ۽ اسپيلبائنڊر جيڪو ڪجهه چيو، ان مان به مان هڪ ليڊر جي حيثيت سان پرُاميد آهيان. منهنجي ڪمپني ايڏي تيزي سان اڳتي سفر طئي ڪيو آهي، جنهنجي مون کي ڪڏهن به اميد ڪانه هئي. مون پنهنجي سوچ کان به وڌيڪ ٿوري وقت ۾ ترقي ڪئي آهي. پر اهڙيون ڪيتريون ئي شيون آهن، جيڪي مون کي تمام گهڻي اسٽريس م مبتلا ڪري رهيون آهن“. هن هيڏي هوڏي نهاريو ۽ ٻيهر ٻانهن کي موڙي ڇڏيو.
ڪاروباري عورت سوچيو،” مان هنن کي نه ٻڌائيندس ته مان ڪهڙو ڪم ڪيان پئي“. پوءِ هن ڳالهه جاري رکي، ” مون ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏنو، جيڪي مون کي واقعي ئي پسند هيا. ڇو ته مون سکيو آهي ته جيڪي ماڻهو ڪاربار جي هڪڙي مرحلي ۾ بهتر آهن، اُهي ٿي سگهي ٿو ته اداري جي اڳيان وڌڻ واري مرحلي ۾ سُست/ڪم جا ثابت نه ٿين. اهو ڏاڍو مشڪل آهي. اهي ماڻهو اداري جي ابتدا وارن ڏينهن جي لحاظ کان ته بهتر هُئا، پر هاڻي ۽ هاڻي منهنجي دڪان ۾ جن منهنجي زندگيءَ کي اونڌو/ابتو ڪري ڇڏيو. مان وڌيڪ ان ڪم کي جاري رکڻ نه ٿي چاهيان. هي مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو وقت آهي“.
”ٺيڪ، توهان جي ليڊرشپ کي اڀارڻ جو جيسيتائين معاملو آهي”، بي گهر شخص جواب ڏنو، ”اها ڳالهه ياد رکو ته ليڊر جو ڪم اهو آهي ته اهي توهان جي نظرئي کي قبول ڪرڻ ۾ مدد ڪن. جن وٽ طاقت ناهي، انهن جي ڪمزورين تي غالب اچڻ ۽ مايوس ماڻهن جي يقين کي هٿي ڏين ۽ توهان جيڪا ڳالهه ڪئي ته توهان پسند وارن اهڙن ماڻهن جي ڇٽي ڪرائي ڇڏي، جيڪي توهان جي ڪاروبار جي حساب سان بهتر ناهن ته ڪنهن به هلندڙ ڪاروبار ۾ ائين ڪرڻ عام ڳالهه آهي ۽ اهو ان ڪري هوندو آهي ته ڪاروبار جي ترقي ڪرڻ سان گڏ، اهي ماڻهو پاڻ کي بهتر ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا. اهي اُتي ئي بيهي ويا ۽ سکڻ جو عمل، ايجاد ڪرڻ جو عمل ۽ هر اهو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو جيڪي اهي بهتري لاءِ ڪندا هيا ۽ ان جي نتيجي طور اهي توهان جي ڪاروبار لاءِ فائديمند نه رهيا. ممڪن آهي ته ان جو الزام انهن توهان تي ئي هڻي ڇڏيو هجي. پر اصل ۾ اهي پاڻ ان ڳالهه جا زميوار هيا/يا انهن پاڻ اهو ڪيو هو. اڻسڏئي اجنبئي پنهنجن ٻڌندڙن کي پنهنجي گهري ۽ حليم ڳالهين سان حيران ڪري رهيو هو.
”ها ، واقعي ئي/بلڪل “. واپاري عورت جواب ڏنو. ”اسان کي اهڙن ماڻهن کي ڪڍڻو پئجي ويو، جيڪي ماڻهو اهي نتيجا نه ڏيئي سگهيا، جن جي اسان انهن کي پگهار ڏيندا هئاسين. مان ڪيترائي ڀيرا اڌ رات جو 2 وڳي پگهر ۾ شل ٿي اٿان ٿي، ممڪن آهي ته هي اها ئي ڪيفت هجي، جنهن جي باري ۾ فارمولو ون ريسرماريوائنڊرتيMario Andretti چيو،”جيڪڏهن توهان کي ائين لڳي ته هر شي توهان جي ڪنٽرول ۾ آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته توهان تمام گهڻو تيز نه ٿا وڃو“. ڪيترن ئي ڏينهن تائين مون کي ڪجهه ائين ئي لڳندو رهيو. اسان پنهجين ڪارڪردگي جي اشارن کي ايڏو تيزي سان پوئتي ڌڪي رهيا هئاسين، جو مون کي چڪر اچي ويا. ٽيم جي نون ميمبرن جي ٽريننگ، نئين برانڊ جي سار سنڀار، نئين مارڪيٽ ۾ داخلا، نون سپلائيرز جي نگهباني، نون سرمائيدارن ۽ اسٽيڪ هولڊرن جو اسان تي يقين ۽ ان کان علاوه هزارين ٻيون زميواريون نڀائڻ ۽ واقعي ئي ائين لڳي ته اهي ڪم تمام گهڻا آهن. منهنجي اندر ۾ وڏا وڏا ڪم ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت آهي. پر منهنجن ڪلهن تي اڳ ۾ ئي گهڻو وزن پيل آهي.“
ڪاروباري عورت پنهنجون ٻانهون مضبوط ڪيون ۽ غير حاضر دماغ سان گڏ، پنهنجي مٿي ۽ پيشاني کي ڇڪيو. هن جا سنهڙا چپ پاڻ ۾ ائين ڇڪيل هيا، جيئن ڪنهن حملي ڪرڻ واري جي مٿان اچي ڪڙڪڻ جي خوف کان شقائق البحر (هڪڙي قسم جو سامونڊي ٻوٽو) پنهنجي پاڻ کي هڪدم سُسائي ڇڏيندو آهي. هن جون اکيون ڏسي لڳي پيو ته هو تمام گهڻي پريشان آهي.
”۽ توهان جيڪا ڳالهه ٽيڪاناليجي جي نشي/علت جي باري ۾ ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ان ٽيڪنالاجي جو استعمال دانشمندانه نموني سان ڪيو وڃي ته اهو انساني ترقيءَ کي وڌائي سگهي ٿو. دانشمندي سان ان ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري، پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بڻائي سگهو ٿا. اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ اسان کي حيرت ۾ وجهندڙ دُنيا اڃان به ننڍي ٿي سگهي ٿي. ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال جي ڪري ماڻهن جا دماغ تباهه ٿي رهيا آهن. ان جي ڪارڪردگي/تخيلقيت تباهه ٿي رهي آهي ۽ معاشري جو بنيادي ڍانچو تباهه وبرباد ٿي رهيو آ. توهان جو فون توهان جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي رهيو آهي. your phone is costing you your lifeڇا توهان کي خبر آهي. جيڪڏهن توهان سڄو ڏينهن هن سان ڪُڏي رهيا آهيو توهان هينئر هينئر اها ڳالهه ڪئي آهي ته توهان دٻاءُ ۾ آهيو، واه! تمام بهترين، دٻاءَ ته تمام بهترين شيءَ آهي“. ٽينس جي عظيم رانديگر بلي جين ڪنگ Billie Jean King، چيو“. بي گهر شخص پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪيو.” توهان وڏا ٿيو ٿا ۽ هڪڙي شخص جي حيثيت ۾ مٿي وڃڻ، باقي سڄي زندگي گذارڻ جو هڪڙو بهترين رستو آهي. هر موقع سان گڏ جيڪو چيلينج اچي ٿو، اهو توهان کي هڪ ليڊر، هڪ فنڪار ۽ انسان جي حيثيت سان اڳئين مرحلي تائين وٺي وڃڻ جو هڪ ذريعو هوندو آهي. رڪاوٽون بس ان حد تائين آزمائشون هونديون آهن ته توهان شوق جو انعام کٽڻ ۾ ڪيترو سنجيده آهيو. اهي ٻڌائينديون آهن ته توهان کي جنهن ڪاميابي جي گهرج آهي، اهڙي قسم جي انسان ٿيڻ خاطر، توهان پاڻ کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪيترا پُرعزم آهيو. ناڪامي بگهڙ جي کل ۾ وڏو ٿيڻ آهي ۽ ان جي زندگيءَ ۾ پنهنجي شخصي وسعت ۽ توهان جي پوٽينشل افزائش کان علاوه ڪجه به نه آهي. ٽالسٽائي لکيو ته ،”هر ماڻهو دنيا کي بدلائڻ جو سوچي ٿو، پر پاڻ کي بدلائڻ لاءِ ڪو به نه ٿو سوچي“ Everyone thinks of changing the world but no one thinks of changing himself . . سٺا انسان ٿيندو ته توهان بهتر ليڊر پاڻ ئي پاڻ بڻجي ويندا ۽ وڏا پروڊيوسر به. ۽ ها، ان ڳالهه سان ضرور اتفاق ڪيان ٿو ته واڌ ويجهه خطرناڪ عمل ٿي سگهي ٿو. پر منهنجي استاد مون کي هڪ دفعي چيو هو ته”توهان جي جسم جو اهو حصو جيڪو خوف سان چنبڙيل هوندو آهي/رهي ٿو، ان کي صليب تي چاڙهڻ جي تجربي جي سخت ضرورت آهي، ته جيئن توهان جي اندر جو اهو حصو جيڪو تمام عزت جي لائق آهي، ان کي نئون جنم ملي وڃي. هي بلڪل اهي ئي لفظن آهن جيڪي هن مون سان شيئر ڪيا. تمام وڏا گهرا ۽ پرجوش لفظ.، ٺيڪ آنه؟ هن سيلانيءَ hobo پنهنجي تسبيح کي مهٽيندي چيو.
ڪنهن جي به جواب اچڻ جي انتظار ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو.
”منهنجي خاص استاد مون کي اهو به چيو هو ته،” توهان کي پنهنجي بهترين ”پاڻ“ کي ڳولهي لهڻ جي لاءِ، پنهنجي ڪمزور ”پاڻ“ کي ڇڏي ڏيڻو پوندو. To find your best self you must lose your weak self ۽ اهو اڻٿڪ بهتري Relentless improvemen، مسلسل سوچ و ويچار continuous reflection ۽ پنهنجي ذات جي کوٽ self-excavation سان ممڪن آهي. جيڪڏهن توهان پاڻ کي روزانو بهتر نه ٿا ڪري سگهو ته توهان زندگيءَ ۾، سموري زندگي لاءِ ڪٿي رڪجي ويندا. مون کي صحافي نارمن ڪزنز Norman Cousins جا لفظ دهرائڻ ڏيو، جنهن چيو هو ته،” زندگي جو الميو موت ناهي، پر اسان پنهنجي اندر جي انسان کي، جيئري ئي، حياتي ۾ موت کان اڳي ئي ماري ڇڏيون ٿا“.
بي گهر شخص پنهنجي ڀدي آواز ۾ اها ڳالهه ڪري هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. ”منهنجي خاص استاد مون کي اهو به ٻڌايو هو ته جڏهن هڪ دفعو اسان پنهنجو ”بنيادي تعلق“ پنهنجي ”پاڻ“ سان جوڙي وٺنداآهيون ته تڏهن ئي اسان کي خبر پوندي آهي ته اسان جو تعلق ٻين ماڻهن سان ۽ اسان جو اثر بدلجندو رهندو آهي. ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجي پاڻ لاءِ بيهي نه ٿا سگهن. ڇو ته ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اهي ڪڏهن به تنها ۽ خاموش نه هوندا آهن. انهن ماڻهن کي پنهنجي اندر جي احساسن سان پاڻ کي بچائڻ لاءِ مسلسل ٻين سان گڏ رهڻ جي ضرورت هوندي آهي. يا وري اُهي مسلسل ٽي وي ڏسندا رهن ٿا ۽ انهن کي اهو احساس به نه ٿو ٿئي ته اهو عمل انهن جي تصور ڪاري کي برباد ڪري رهيو آهي ۽ ان سان گڏ انهن جي بنئڪ اڪائونٽ کي به خالي ڪندو رهي ٿو“.
”منهنجي زندگي ڏاڍي ڏکي نظر اچي ٿي ۽ مان پاڻ کي تمام گهڻي بي وس محسوس ڪريان ٿي. مون وٽ پنهنجي پاڻ لاءِ وقت ئي ناهي“،. ڪاروباري عورت چيو. ” مون کي خبر ناهي ته منهنجي جيون ۾ مون سان ڇا ٿيو آهي/ ڪهڙو مسئلو پيدا ٿيو آهي. زندگي جا معاملا تمام بگڙي ويا آهن/حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون آهن“.
”مان توهان کي سمجهايان ٿو“. آرٽسٽ پنهنجي هڪڙي ٻانهن پنهنجي نئين دوست جي ڪلهي تي رکندي چيو. ”مون کي الهام ٻڌائي ٿو ته توهان جيڪو ڪجهه مون کي ٻڌائي رهيون آهيو، ان کان گهڻو وڌيڪ توهان وٽ موجود آهي. اهو سڀ ٺيڪ آهي. توهان کي خبر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن زندگي ايتري ته خراب لڳندي آهي جو منهنجي دل هنڌ کان نڪرڻ لاءِ نه چوندي آهي. دل چوندي آهي ته مان بستر تي ليٽيو پيو هجان. مان اکيون بند ڪري اها خواهش ڪندو رهندو آهيان ته ڪاش منهنجي دماغ جو بار هلڪو ٿي پوي. ڪڏهن ڪڏهن وري سڄو سڄو ڏينهن مان ڪا به شي سڌي نموني سوچڻ کان قاصر هوندو آهيان ۽ انهن ڏينهن ۾ منهنجي اندر ۾ ڪو به اميد جو ڪرڻو به اڀرندو نه آهي. اها شيءِ منهنجو رت چوسي ٿي ۽ تمام گهڻا ماڻهو پڻ منهنجو رت چوسين ٿا. مان ڪو سماج دشمن anti social ماڻهو نه آهيان. اڄڪلهه اسان جي اردگرد تمام گهڻا گونگا/چريا ماڻهو آهن. جيڪي ان قسم جا اهڙا ڪپڙا پائي، فيشن واريون اهڙيون تصويرون ڪڍرائن ٿا، جيڪي اهي پاڻ افورڊ نه ٿا ڪري سگهن ۽ اهڙن ماڻهن جي پٺيان لڳل هوندا آهن، جن کي اهي پاڻ به پسند نه ڪندا آهن. البته مان ان جي جاءِ تي هڪڙي بامقصد زندگي گذاريان ٿو. هڪ خطرناڪ زندگي، هڪ حقيقي زندگي، هڪ آرٽسٽ جي زندگي، مون کي ماڻهن کي ڏسي ڏاڍو عجيب لڳي ٿو ته ماڻهو ڪيترا نه سطحي سوچ وارا ٿي پيا هن“.
پوءِ آرٽسٽ هڪڙي مُڪ پنهنجي ٻي هٿ تي وهائي ڪڍي. هن جي ڄاڙي تي گهُنج، ٿلهي ڳاٽي تي نيري رنگ جي رڳ ظاهر ٿي پئي هُئي.
”ها، مان توهان جي ڳالهه سمجهان پيو“، بي گهر شخص چيو. ”ڀائرو، زندگي سولي ناهي، گهڻو وقت ڏاڍي ڏُکي هوندي آهي. پر جيئن جان لينن John Lennon چيو هو ته،”آخر ۾ هر شيءَ ٺيڪ ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿي ٿئي ته پوءِ اڃان پُڄاڻي به ناهي“. هن وڏي نرم لهجي ۾ هڪڙو ٻيو محاورو به ٻڌايو، ائين لڳي پيو ته هن جي دماغ کي تمام گهڻي ڄاڻ ملي رهي آهي.
آرٽسٽ هڪدم ٿڌو ٿي ويو ۽ اهڙي نموني سان مسڪرائڻ لڳو، جيڪو گهڻي ڀاڱي پيارو لڳو. هن زور سان ساهه ٻاهر ڪڍيو. هن جيڪو ڪجهه هينئر ٻڌو هو، اهو هن کي پسند آيو.
”۽“، هن رولاڪ ماڻهو پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائي. ”جنهن پيشوراڻي نجي ڪمال جي مهارت لاءِ اسان ٽنهين هن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، اهو ڪنهن ڪمزور لاءِ نه آهي. پنهنجي زندگيءَ کي بلند تر ان ڪري به ڪجي ته جيئن توهان ان مان حقيقي مزو وٺي سگهو ۽ پنهنجي شعبي ۾ پنهنجي مهارت سان ڪم وٺي سگهن، جيڪو اڪثر ڪري آسان ڪم نه آهي. مون کي ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حساب ۾ مون هڪڙو اهم سبق پرايو آهي ته ترقي جي تلخي حسرت جي تباه ڪندڙ قيمت کان گهڻو گهٽ آهي.
”توهان اهو ڪٿان سکيا آهيو“؟ آرٽسٽ گفتگو کي پنهنجي نوٽ بوڪ تي اُتاريندي سوال ڪيو.
”مان هينئر توهان کي نه ٿو ٻڌائي سگهان“. بي گهر شخص جواب ڏنو.هو پنهنجي فڪر جي ان راز کي انهن ٻنهين کان لڪائي رکڻ چاهي پيو.
ڪاروباري عورت آرٽسٽ کان ٿورو پري هٽي بيٺي ۽ پنهنجي ڊوائس تي پنهنجن خيالن کي محفوظ ڪرڻ لڳي/لکي ورتو. هاڻي بي گهر شخص پنهنجي قميص جي کيسي ۾ پنهنجو هٿ وڌو ۽ ڪافي پراڻا ۽ استعمال ٿيل انڊيڪس ڪارڊ ڪڍيا. هُن اهي ڪارڊ اهڙي طرح کنيا ۽ ڏيکارڻ شروع ڪيا جيئن ڪي جي جي ٻارن کي ابجد جي ڪارڊن جي مدد سان پڙهايو ويندو آهي.”اها ڳالهه هڪ وڏي ماڻهوءَ مون کي ان وقت ٻڌائي هُئي جڏهن مان ننڍڙو هوندو هيس ۽ پنهنجي پهرين ڪمپني شروع ڪري رهيو هيس. مان ڪافي حد تائين توهان وانگر هيس، پنهنجي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ ۽ دنيا تي پنهنجو ديرپا اثر ڇڏڻ، زندگي جا پنجاهه سال پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ لاءِ ڪافي آهن، توهان ڄاڻو ٿا نه؟ اسان سڀ سماجي مڃتا لاءِ سڪون ٿا پيا. اسان چاهيون ٿا ته اسان جا ساٿي/همعمر اسان جي عزت ڪن. اسان اها اُميد ڪندا آهيون ته اسان جا پاڙيسري اسان کي پسند ڪن. اسان اُهي سڀ شيون خريد ڪندا آهيون، جن جي اسان کي ضرورت نا هي ۽ اهو پئسو ڪمائيندا آهيون، جنهن سان اسان کي ڪو به سڪون ناهي ملندو“.
”بلڪل صحيح“، آرٽسٽ چيو. هن ڪاوڙ مان پنهنجي مٿي کي لوڏيو جنهن جي ڪري هن جا وڏا وار هن جي ڪلهن تي لڏڻ لڳا.
هاڻي اهو هال خالي ٿي چڪو هو.
”جيڪڏهن اسان کي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ جي جرئت ٿئي ٿي ته اسان کي ڄاڻ ٿيندي ته اسان جي اندر ۾ لاتعداد سوراخ آهن. اسان ڪوڙو يقين ڪندا آهيون ته اسان ٻاهر جي مادي شين سان پنهنجي اندر جي خالي جڳهين کي ڀري سگهنداسين. پر ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، ڪڏهن به نه. بهرحال اسان مان ڪيترائي زندگي جي اڌ حصي ۾ پهچن ٿا، ته اسان اتي صحيح موڙ تي مڙي ٿا وڃون. ان وقت اسان کي ان وقت محسوس ٿيندو آهي ته اسان هميشه هتي رهڻ لاءِ نه آيا آهيون/ نه رهنداسين ۽ اسان جو وقت پورو ٿي چڪو آهي. پوءِ اسان موت/فنا سان پنهنجو رشتو جوڙيندا آهيو. هي تمام اهم ڳالهه آهي. ته اسان کي ائين لڳندو آهي ته اسان مرڻ وارا آهيون. جيڪا ڳالهه سڀ کان اهم آهي، اها اسان جي ڌيان جو حصو بڻجي ويندي آهي. اسان اڃان به وڌيڪ متفڪر (غور ويچار/سوچڻ) وارا ٿي ويندا آهيون. اسان ان ڳالهه تي حيران ٿيڻ شروع ڪندا آهيون ته ڇا اسان پنهنجي صلاحيتن سان، پنهنجن اخلاقي قدرن سان مخلص/سچا آهيون ۽ انهن شرطن جي حوالي سان ڪامياب ٿي ويندا آهيون جن کي اسان درست محسوس ڪري، بهتر سمجهندا آهيون ۽ اسان اهو سوچيندا آهيون ته جڏهن اسان هن دنيا مان هليا وينداسين ته اسان جا پيارا اسان جي باري ۾ ڇا سوچيندا. ان وقت تمام گهڻا ماڻهو پنهنجي اندر وڏيون تبدليون آڻيندا آهن. معاشري مان ملندڙ قانوني تشخص/سڃاڻپ/حيثيت کي بامعنيٰ/بامقصد ورثي جي تعمير جي تلاش ڪرڻ اهم جز آهي. گذري ويل پنجاهه سال وري پوءِ، اسان ”مان“جي جاءِ تي ”اسان“ ۾ تبديل ٿي ويندا آهيون. خودشناسي جي باري ۾ گهٽ پر خلق جي خدمت خاطر وڌيڪ هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ شيون شامل ڪرڻ ڇڏي ڏيون ٿا ۽ وري ڪٿي ڪٿي پنهنجي زندگي مان شيون خارج ڪرڻ شروع ڪندا آهيون، انهن کي سادو بڻائيندا آهيون، سادي حسُن مان سٺي نموني سان لطف اندوز ٿيندا آهيون. ننڍڙين ننڍڙين شين ۾ شڪر ڪندا آهيون. ذهني سڪون جي اڻمئي اهميت تي شڪر ڪندا آهيون. انسانن سان وقت وڌيڪ گذاريندا آهيون ۽ سمجهندا آهيون ته جيڪو سڀ کان وڌيڪ ڏيندو آهي، اهو ئي فتح حاصل ڪندو آهي. پوءِ توهان وٽ جيڪو ڪجهه بچي ٿو، اهو زندگيءَ سان بذات خود پيار جي اهڙي ارپنا ٿي ويندي آهي، جيڪا ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ رحمدلي جي ڄڻ ته وزارت هجي ٿي ۽ اهڙي ئي ريت اها لافانيت توهان جي طاقت جو دروازو بڻجي ويندي آهي“.
”هي ماڻهو ته زبردست آهي“. ڪاروباري عورت سُس پس ڪئي،”هن مهينن تائين ايترو پراميد، توانو ۽ ڀرپور بلڪل به محسوس نه ڪيو هو. منهنجو پيءَ مشڪل حالتن ۾ مون کي رستو ڏيکارڻ ۾ منهنجي مدد ڪندو هو“. هن آرٽسٽ کي ٻڌايو،”هن جي گذاري وڃڻ کان پوِءِ مون کي ڪو به اهڙو ناهي مليو، جنهن تي مان اعتبار ڪري سگهان“.
”ان کي ڇا ٿيو هو؟“ آرٽسٽ سوال ڪيو.
”مان اندران ٿوري ٽٽل آهيان، جيتوڻيڪ صبح جڏهن مان هتي آئي هيس، ان وقت جي مقابلي ۾ هاڻي پاڻ کي ڪافي بهتر/مضبوط محسوس ڪري رهي آهيان. پر ٿورن لفظن ۾ اها ڳالهه چوندس ته هُن پنهنجي زندگي پاڻ ختم ڪئي. منهنجو پيءَ تمام باڪمال شخص هيو، هڪ ڪامياب ڪاروبار جو باني هيو. هن هوائي جهاز اڏايا، تيز اسپيڊ واريون ڪارون ڊڪايون/ ڪار ريسنگ ۾ شرڪت ڪئي، بهترين قسم جو شراب پسند ڪندو هو. هو ائين ئي جيئندو هو. پوءِ هن جي ڪاروباري پارٽنر، هن کان سڄو ڪاروبار ڦري ورتو. اهو واقعو ان منظر کان گهڻو مختلف ناهي، جنهن مان، مان هن وقت گذري رهي آهيان. بهرحال، دردن ۽ صدمن هن کي ان حال تائين پهچائي ڇڏيو هو، جنهن لاءِ هن ڪڏهن سوچيو به نه هو. منهنجي خيال ۾ هن کي ٻيو ڪو به رستو ئي نه ٿي سجهيو“. ڪاروباري عورت پنهنجي پيءَ جي باري ۾ ڏکايل آواز ۾ ٻڌايو.
”اوهان مون تي ڀروسو ڪري سگهو ٿا“. آرٽسٽ همدردي واري لهجي ۾ چيو ۽ ائين چوندي هن پنهنجو منڊي پاتل هٿ پنهنجي دل تي رکيو.
بي گهر شخص هن محبت واري لمحي دوران، ان وقت اُتي موجود هيو، جنهن مداخلت ڪندي چيو ،” ٿورو هي ته پڙهو“. هن پنهنجي هٿ ۾ کنيل هڪ انڊيڪس ڪارڊ حوالي ڪندي چيو. ”هن کي پڙهڻ سان توهان کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ توهان پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جي اڳين مرحلي تائين پهچڻ جي قابل ٿي ويندو. توهان انساني اڳواڻي، شخصي مهارت ۽ غيرمعمولي ڪارڪردگي وارو اعليٰ ۽ معياري ڪيئرير ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.“
اُن ڪارڊ تي ڳاڙهي رنگ سان جيڪي لفظ لکيل هيا، سي وقت گذرڻ سان ڦڪي رنگ جا ٿي ويا هئا، ”هر تبديلي شروعات ۾ تمام ڏکي هوندي آهي، وچ ۾ ٿوري گهٽ ڏکي ۽ آخر ۾ صفا سولي/خوبصورت ٿي ويندي آهي!“
All change is hard at first, messy in the middle and gorgeous at the end.
”تمام سُٺو“ عورت چيو، ” مون لاءِ اها تمام قيمتي معلومات/ڳالهه آهي، اوهان جي وڏي مهرباني“.
آرٽسٽ ٻيهراسپيلبائينڊر جي غير قانوني رڪارڊنگ هلائڻ شروع ڪئي:
”اسان سڀني جي دلين جي اندر هڪ ذهين ۽ عظيم هيرو موجود هوندو آهي. توهان چاهيو ته هڪڙي پختي ۽ متاثر ڪندڙ انسان جي حيثيت ۾ هنن لفظن کي رد ڪري ڇڏيو. اسان جي دُنيا کي اسان مان گهڻن جي ضرورت آهي. ۽ تنهنجي باوجود مان بلڪل حقيقت پسند آهيان. تنهن ڪري سچ اهو آهي ته: ”هن دنيا واري سياري تي، بدقسمتي سان، تمام گهڻا ماڻهو پنهنجي باري ۾ ناهن سوچيندا. هو پنهنجي سڃاڻپ کي ان سوچ سان محفوظ ڪندا آهن ته اهي خارجي طور تي ڪير آهن. اهي پنهنجي حاصلات جي قيمت، انهن جيڪو ڪجهه گڏ ڪيو/ميڙيو آهي، ان سان لڳائيندا آهن ۽ اهو انهن جي ئي وري برخلاف هوندو آهي، جيڪو ڪردار انهن پوکيو آهي. اهي پنهنجي جي ڀيٽ اهڙن منظم، جعلي ۽ ظاهري ريلن سان ڪن ٿا، جن ماڻهن جي هي پوئواري ڪن ٿا. اهي پنهنجي نفعي/فائدي کي پنهنجي خالص قيمت سان تورين ٿا. اهي ڪوڙي سوچ ذريعي اغوا ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي ڪا به شي ڪڏهن به نه ٿي آهي ۽ اها ڪڏهن ٿي به نه ٿي سگهي. اهڙي ريت انهن جون زندگيون وڏيين ۽ متحرڪ موقعن کان محروم ٿي ختم ٿي وڃن ٿيون. ان مان ڪجهه خبر پوي ٿي ته ماڻهن جي اڪثريت غيريقيني، بيزاري/ پريشاني/ خلفشار ۽ پيچيدگي جي صحرا ۾ ڇا لاءِ ٻڏي رهي آهي.
”ڊراما ماما ؟“. بي گهر شخص ٻيهر مداخلت ڪئي،” اها ئي شي آهي جنهن کي مان چوان ٿو ته اهڙا مرد ۽ عورتون بهاني بازي واري وائرس ۾ مبتلا آهن. اهي ماڻهو پنهنجي اندر موجود بهترين صلاحيتون استعمال ڪري معاملن کي بهتر بنائڻ جي بجاءِ، پنهنجو روئڻو روئندا آهن. ته هنن سان ڪيترو برو ٿي رهيو آهي. هو ڏيڻ جي بدران وٺندا آهن، ڪا شي تخليق ڪرڻ جي بجاءِ تنقيد ڪندا آهن ۽ ڪم ڪرڻ بدران پريشاني ۾ مبتلا هوندا/ ٿيندا آهن. ان ڪري پنهنجي دفتري ۽ گهريلو زندگي ۾ پيشاوراڻي ڏينهن جي بنسبت هيٺين درجي واري ويڙهه سان وڙهڻ لاءِ، پنهنجي اندر ۾ اهڙيون اينٽي باڊيز ٺاهيو ۽ ڪڏهن ڊراماماما (ڊراماماما انگريزي ۾) نه بڻجو.“.
ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ هڪٻئي ڏانهن نهاريو.پوءِ انهن کلي ڏنو. جيڪي لفظ اجنبي استعمال ڪري رهيو هو. هن پنهنجا هٿ اهڙي ريت مٿي ڪيا ۽ ٻانهن جي آڱر اهڙي ريت ٺاهي جيئن امن جو نشان ٺاهيو ويندو آهي. ان کان پوءِ هن اهي لفظ جيڪي هن ٿوري دير اڳ ۾ شيئر ڪيا هئا، اهي ڳالهايا. جيڪڏهن توهان اُتي هجو ها ته توهان کي اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو عجيب لڳي ها.
ان بعد اسپيلبائنڊر جا رڪارڊ ٿيل اهي لفظ ڊرامائي انداز ۾ ٽيپ رڪارڊر مان گونجڻ لڳا:
”صاف چوان ٿو ته روزانو ... ۽ باقي توهان جي سڄي زندگي... توهان کي ليڊرشپ جي اظهار جي موقعي کي منهن ڏيڻو پوندو. توهان جتي به آهيو ۽ توهان جيڪو ڪجهه ڪيو ٿا. ليڊرشپ فقط ڪا عالمي علامت ناهي ۽ نه ئي وري مارڪيٽ ۾ ڪنهن وڏي عهدي جو نالو. هي اهو ميدان آهي جنهن ۾ هر شخص کيڏي سگهي ٿو. ليڊرشپ ڪنهن عهدي جي ٽائٽل، وڏي دفتر، يا بنئڪ ۾ تمام گهڻن پئسن کان به هيٺاهين درجي جي شي آهي پر انهن سڀني کان کان وڌيڪ آهي ته اهو آهي جيڪو ڪجهه توهان ڪريو ٿا ۽ ان ۾ توهان جي ڪهڙي حيثيت آهي، توهان ڪير آهيو. اها عام ماڻهن تي ظلم جي خلاف مزاحمت آهي، توهان جي احترام واري احساس کي يرغمال بنائڻ واري منفي قوتن کان انڪار آهي ۽ زندگي ۾ بگاڙ آڻيندڙ هر قسم جي غلامي کي روڪڻ جو نالو آهي. ليڊرشپ ڪجهه مختلف ڪرڻ جو نالو آهي. جتي توهان کي رکيو ويو آهي.حقيقي ليڊرشپ اهڙا دليراڻا ڪم ڪرڻ جو نالو آهي، جيڪو توهان جي سموري شعبي کي، ان جي اهميت کي واضح ڪري، جدت ۽ ان جي عمل ۽ اهڙي شاندار عمل جو نالو آهي جيڪو هر وقت لاءِ اثرائتو هجي.
۽ ها، صرف فائدي/پئسن لاءِ ڪڏهن به ڪم نه ڪجو. سٺا اثر ڇڏڻ لاءِ محنت ڪيو. هميشه غالب ٿيندڙ جستجو/تلاش کي قدر جي دلي طور تي آزاد ڪيو، جيڪو عجيب/مختلف/ غيرمعمولي جادو جي نمائندگي ڪري، جيڪو شاعري جي سرحدن سان ملي. تخليق لاءِ جيڪو ممڪن آهي ان جي اظهار جي ڀرپور نمائش ڪيو. بين الاقوامي معيار جي نتيجي لاءِ، پنهنجي عزم لاءِ صبر تي زور ڏيو/پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. پوءِ ڀلي کڻي توهان کي اهو اڪيلو ئي ان شاهڪار ٺاهڻ ۾ پوري زندگي لڳي وڃي. جيڪڏهن توهان اها خوبي پنهنجي زندگي ۾ پئدا ڪري ورتي ته توهان بلڪل صحيح رستي تي آهيو.
ٿورو سوچيو، پاڻ کي مٿانهون بنايو، پنهنجي شخصيت کي نمايان رکو. سڀني کان مٿان پنج سيڪڙو ماڻهن کي پنهنجي شهرت، پئسي، يا ماڻهن جي تعريف جي پرواهه نه هوندي آهي. پر اُهي پنهنجون توانايون ۽ پنهنجي ڌيان جي سرماياڪاري پنهنجي ٽيلينٽ ۽ فطري صلاحيتن تي لڳائيندا آهن. ته جيئن اهي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي ظاهر ڪري سگهن... ۽ لکين ماڻهن جي خدمت ڪري سگهن. اهو ئي سبب آهي جو اهي اڪثر لکين روپيا ڪمائي وٺندا آهن.
بي گهر شخص پنهنجون اکيون ٻُوٽيون. فرش تي هڪ ٻانهن سان پُش اپ ڪري رهيو هو ۽ ان وچ ۾ اها ڳالهه دُهرائي رهيو هو ته،” پنهنجي صبح جا مالڪ بڻجو، پنهنجي زندگيءَ کي مٿانهون ڪريو.“
own your morning. Elevate your life.
ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ هائوڪار ڪندي پنهنجا مٿا لوڏيا.
”منهنجي پسنديده ڪتابن مان هڪ : ”دي پروفٽ“ the Prophetآهي“. آرٽسٽ چيو. اهو شاعريءَ جو هڪ اهڙو بهترين نمونو آهي جيڪو ڪڏهن به نه لکيو ويو.. مون پڙهيو آهي ته خليل جبران ڪتاب جو مسودي چار سال پاڻ وٽ رکيو ۽ ان جي متن تي مسلسل ڪم ڪيو ۽ پوءِ به ڇپڻ کان اڳ ۾ ان تي نظرثاني ڪري ان کي بهتر کان بهتر بنائيندو رهيو. ان لحاظ کان هن جو ڪم خالص طور تي هڪ شاهڪار آهي. مون کي ان جا اُهي لفظ اڃان تائين به ياد آهن جڏهن هن کان هڪ صحافي انٽريو ورتو هو ۽ هن جي تخليقي عمل جي باري ۾ سوال ڪيا ها. ڇاڪاڻ ته جڏهن مان پنهنجي اسٽوڊيو ۾ هوندو آهيان ته اهي لفظ منهنجي رهنمائي ڪندا آهن. هڪ آرٽسٽ جي حيثيت سان هن جا اهي لفظ مون کي تمام گهڻي طاقت ڏيندا آهن. جيتوڻيڪ مان تاخيرواري ڪم/عمل سان جهيڙيندو رهندو آهيان. جيئن ته مون چيو،”مان گهڻو چڱو آهيان ۽ مان ڄاڻان ٿو ته مان عظيم انسان بڻجي سگهان ٿو، پر جيڪڏهن مان پنهنجي ذاتي تخريبڪاري self sabotage ۽ پنهنجي اندر جي خوف demons کي ختم ڪري سگهان ته“.
”هن ڇا چيو؟“، بي گهر شخص پڇيو. جيڪو هاڻي بيهي چڪو هو ۽ پنهنجي واچ ڏسي رهيو هو. پگهر جا ٽيپا هن جي پيشانيءَ تان ڳڙي هيٺ ڪري رهيا هُئا.
”هن بلڪل ائين چيو هيو“. آرٽسٽ بيان ڪيو،” مان هن ڳالهه کي يقيني، بلڪل يقيني بنائڻ چاهيان ٿو ته مان جيڪو ڪجهه هن ڪتاب ۾ لکان، ان جو هڪ هڪ لفظ بهترين هجي.“
”ڏاڍو سُٺو“،. بي گهر شخص جواب ڏنو،”هي اهو معيار آهي جنهن تي بهترين ماڻهو هميشه پاڻ کي برقرار رکندا آهن“.
هڪدم، اسپيلبائنڊر جي کنگهه جو آواز آئڊيو ۾ ٻُڌي سگهجي پيو. ائين پيو لڳي ڄڻ هو پنهنجا لفظ ڳالهائڻ لاءِ زور لڳائي رهيو هجي، جيئن هڪ تازو ڄمندڙ ٻار پنهنجي ماءُ جي پيٽ جهڙي محفوظ ۽ گرم جڳهه ڇڏڻ کان ڪيٻائيندو هجي.
مان جهڙي نموني هن جي همت افزائي ڪري رهيو آهيان، ان کي استعمال ڪندي، هر شخص روزمره جي زندگي ۾ ليڊر بڻجي سگهي ٿو، اهو آسان به آهي ۽ ڏاڍو ڏکيو پڻ. پر ٻنهي صورتن ۾ جيڪڏهن توهان اڄ کان ان جي شروعات ڪريو ٿا ته ان ڳالهه جي ضمانت آهي ته مستقبل ۾ فتح اوهان جي ٿيندي ۽ مون کي ان ڳالهه ۾ اهو اضافو به ڪرڻ ڏيو ته اڄ زنده ماڻهن ۾ هڪڙو ماڻهو اهڙو ناهي، جيڪو پنهنجي روز مرهه جي معاملن تي سٺي نموني سان عملي ڪم ڪري پنهنجي سوچ، ڪارڪردگي، توانائي ۾ بهتري ۽ گهڻِي دير تائين هلندڙ خوشي آڻي نه سگهي ۽ ان ڳالهه سان مان پنهنجي گفتگو جي سڀ کان خاص نقطي تي اچان ٿو: ”پنهنجي ڪم ۾ فتح ۽ شاندار زندگيءَ جو شروعاتي قدم اهو آهي ته توهان صبح 5 بجي جي ڪلب ۾ (فائيو اي ايم ڪلب) شامل ٿي وڃو. توهان تيسيتائين ڀلا غيرمعمولي ڪيئن ٿي ٿا سگهو، جيسيتائن توهان روزانو صبح جو ڪجهه وقت پنهنجو پاڻ کي غيرمعمولي بنائڻ لاءِ نه ٿا ڏيو؟.
ڪاروباري عورت ان وقت ايتري ڌيان سان نوٽس وٺي رهي هئي. جو ان کان اڳ ۾ هن ايڏو ڌيان ڪڏهن به نه ڏنو هو. آرٽسٽ جي چهري تي به هڪ واضح مسڪراهٽ موجود هُئي، جيڪو ”اهو مون کي مضبوط بنائڻ جو احساس ڏياري ٿو“. بي گهر شخص ڏاڪار ڏني ۽ فرش تي پيل تختي کي پڪڙي ورتو. اهڙا تختا اڪثر ڪري جم ۾ جسماني ڪثرت لاءِ، جسم کي مضبوط بنائڻ لاءِ رکيا ويندا آهن.
هاڻي اسپيلپائنڊر زور سان کنگهي رهيو هو. هن جي کنگهه خطرناڪ حد تائين تيز ٿي وئي هُئي ۽ پوءِ ٿورو وقفو اچي ويو. ان بعد هن هي لفظ چيا. ٿورو وقفو ڪندي. هن جي آواز ۾ سيٽيون لڳي رهيون هيون. هن جو آواز هاڻي ائين ڏڪي رهيو هو جيئن ڪو ٽيلي مارڪيٽر پنهنجي پهريئن سيلز ڪال ڪري رهيو هجي.
”صبح پنجين بجي اٿڻ يقينن ”اُم المعمولات“،(سڀني عملن جي ماءُ)آهي. فائيو اي ايم ڪلب ۾ شرڪت اهو فعل آهي جنهن سان ٻيا سڀئي انساني افعال جنم وٺن ٿا. هي ڪم توهان کي ناقابل شڪست انسان ۾ بدلائي ڇڏي ٿو. توهان پنهنجي ڏينهن جي شروعات جنهن انداز سان ڪريو ٿا. اهو توهان جي ڌيان، توانائي، جوش ۽ مهارت جو تعين ڪندو آهي. هر صبح سوير توهان جي ڪهاڻيءَ جو اهو صفحو آهي، جنهن سان توهان جي ڪهاڻي جو ورثو بڻجي ٿي. هر نئين صبح جو اڀرندڙ سج توهان جي عظمت کي کولي ڏيکاري ٿو، پنهنجي طاقت کي قيد مان ڇڏائي ٿو، ماهر رانديگر وري اهڙي راند کيڏي ٿو،جيڪا اها ظاهر ڪري ٿي ته توهان جي اندر ۾ اها قوت موجود آهي جنهن جو اظهار توهان جي ڏينهن جي پهرئين ڪرڻي سان ٿئي ٿو. مهرباني ڪري پنهنجي ماضي جي پڇتاون ۽ مستقبل جي پريشانين کي اجازت نه ڏيو ته هو توهان جي زندگي جي روشني کي ڌنڌلو ڪري ڇڏين. پنهنجي باڪمال جوهر ۽ پنهنجي وجود جي لازمي حصي واري امڪان کي تلاش ڪيو. هڪ اهڙي دنيا جيڪا توهان جون ٽنگون ڇڪڻ تي رُڌل آهي، ان کي پوئتي ڌڪي پاڻ کي اڳتي وڌائڻ جي ڪُوشش ڪريو. اهڙي دور ۾ جڏهن ٻيا چاهن ٿا ته توهان اوندهه ۾ رهو پر توهان هوشياري سان پنهنجا قدم پاڻ ئي روشنيءَ ۾ رکو. ان وقت ئي پنهنجي ذهانت کي واپس آڻيو. هن دُنيا ۾ هر هڪ کي ائين ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ڪم ۾ چئمپين بڻجڻ، جنگجو هجڻ ۽ پوري انسانيت لاءِ غير مشروت محبت جي محافظ بڻجڻ لاءِ توهان کي ايئن ڪرڻو ئي پوندو.
انهن سڀني ماڻهن جي عزت ڪريو، انهن سان پيار ڪيو، جيڪي سڀ هن ننڍڙي سياري تي رهن ٿا، چاهي اهي ڪهڙي به رنگ، نسل يا ذات سان تعلق رکندا هجن. انهن کي اهڙي معاشري/تهذيب ۾ مٿي بيهارڻ ۾ مدد ڪيو، جيڪا انهن کان توانائي کسي ٿي ڇڏي.. هنن کي اهو احساس ڏيارڻ ۾ مدد ڪريو ته انهن جي اندر جادو ئي خوبيون ستل آهن. اسان کي اهي خوبيون ڏيکاريو جن تي اسان سڀ عمل ڪرڻ چاهيون ٿا. مان جيڪو ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، اهو توهان جي شخصيت جي فعال حصي سان مخاطب هوندو. اهو توهان جو پنهنجي زندگي جي هيرو جي طور تي فرض آهي ته توهان ڪلچر ۾ تبديلي آڻيو ۽ تخليقي ڪاميابي جي حامل انسان جي حيثيت سان پنهنجي اندر انهن پهلوئن کي تلاش ڪيو. هڪدفعي توهان انهن کي تلاش ڪري ڇڏيو ته پوءِ سموري باقي زندگي انهن ٻيهر ڳنڍجي ويندو.
انساني ڪمال جي هن موقعي کي قبول ڪريو. منهنجو توهان سان واعدو آهي ته ان طرح توهان کي روزانا زندگي ۾ ڪاميابي ۽ فتح جا جيڪي امڪان ملڻ شروع ٿيندا، اهي توهان جي سوچ ۽ عقل کان گهڻي حد تائين وڏا آهن. توهان جي اندر جيڪي مهارتون لڪل آهن. اُهي باقائدگي سان سامهون اچڻ شروع ٿي وينديون. حقيقت اها آهي ته توهان پنهنجي زندگي ۾ معجزا ڏسڻ شروع ڪندو، جنهن ڪري توهان جا خواب سچ ٿيڻ شروع ٿي ويندا. اوهان کي روحاني روشني ملندي ۽ توهان سادي ڪم پنڌ ڪرڻ ذريعي پوري دنيا کي بهتر کان بهتر ڪري سگهندو.
ڪانفرنس هال ۾ هاڻي اوندهه ڇانئجي چُڪي هئي. ڪاروباري عورت مئڪسيڪو شهر جيتري وڏي آه ڀري. آرٽسٽ پنهنجن خيالن ۾ گم لڳو پيو هو. بي گهر شخص روئڻ شروع ڪري ڏنو.
پوءِ هو هڪ ڪرسي تي اٿي بيٺو. ڪنهن تقرير ڪندڙ جيان/ وانگر پنهنجون ٻانهون مٿي ڪيائين ۽ آئرش اديب جارج برنارڊ شاGeorge Bernard Shaw جي ڊرامي جا اهي لفظ دهرائڻ شروع ڪيائين:
”اهو زندگيءَ جو سچو لطف آهي، هڪ اهڙي مقصد لاءِ استعمال ٿيڻ/هئڻ جيڪو توهان لاءِ طاقتور هجي، ننڍين سطحي بيمارين کي فطرت جي قوت هئڻ جي بجاءِ ۽ اها شڪايت ڪرڻ ته دنيا توهان کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وقف نه ڪندي“.
منهنجي راءِ آهي ته منهنجي زندگي سموري ڪميونٽ سان تعلق رکي ٿي ۽ جيسيتائين مان زنده آهيان، ته اهو منهنجو فرض آهي ته مان اهو ڪيان جيڪو مان ڪري سگهان ٿو.
مان چاهيان ٿو ته جڏهن مان مران ته مان پنهنجي پوري زندگي گهاري چڪو هجان. مان جيتري وڌيڪ محنت ڪندو آهيان، اوتري وڌيڪ زندگي حاصل ڪندو آهيان
مان زندگي ۾ زندگي لاءِ /جي خاطر مزو وٺندو آهيان. مون لاءِ منهنجي زندگي ”مختصر ميڻ بتيءَ“ وانگر ناهي، اها هڪ شاندار مشعل(روشن ٽارچ) جو قسم آهي، جيڪا مون ڪجهه وقت لاءِ پڪڙي رکي آهي. جنهن کي مان مستقبل جي نسلن لاءِ، جيترو ممڪن ٿي سگهي، ٻاري روشن رکندس.
ان کان پوءِ بي گهر شخص گوڏن ڀر وڃي ڪريو، پنهنجي تسبيح کي چمي ڏنائين ۽ روئڻ جاري رکيائين.

صبح جو پهر ، مهارت لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ ڪارنامو

5

A bizarre adventure into morning mastery
صبح جو پهر ، مهارت لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ ڪارنامو


“Everyone holds his fortune in his own hands, like a sculpture the raw material he will fashion into a figure…. The skill to mold the material into what we want must be learned and attentively cultivated.”
–Jahann Wolfgang van Goethe

”هر ماڻهوءَ جي قسمت ان مجسمي ساز /نقاش وانگي هن جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، جيڪو ڪچي مٽيءَ مان مجسمو ٺاهيندو. البته اها مهارت/اهو هنر جڏهن هوان خام مال کي مروڙي جيڪو ٺاهڻ چاهي، اهو فن اسان کي سکڻ ۽ استعمال ڪرڻ گهرجي“.
جوهانن وولف گينگ وان گوئٽي


”جيڪڏهن توهان ٻئي ان ڳالهه ۾ دلسچپ آهيو ته“، بي گهر شخص چيو. ”پنهنجي سمونڊ جي ڪناري سان گڏ ڪمپائونڊ ۾ ڪجهه صبح توهان جي سکيا لاءِ صرف ڪرڻ تي مون کي خوشي ٿيندي. مان توهان کي ٻڌائيندس ته مان توهان کي پنهنجي ذاتي صبح بابت ڄاڻ ڏيندس ۽ اهو سمجهائيندس ته پنهنجي انفرادي ڪمالِ مهارت ۽ غير معمولي ڪاروباري ڪارڪردگي لاءِ پنهنجي ڏينهن جي شروعاتي پهرئين هڪڙي ڪلاڪ کي سڀني کان مٿين سطح تي گذارڻ ڇو ضروري آهي. مون کي ائين ڪرڻ جو موقعو ڏيو. توهان جون زندگيون، تمام گهٽ وقت ۾، چمڪڻ شروع ڪنديون/شاندار نظر اينديون. مون سان گڏ توهان جو سفر انتهائي مزي وارو گذرندو. جيتوڻيڪ هي سفر سدائين آرام وارو ته نه هوندو، جيئن هن پوڙهي ماڻهوءَ کي توهان اسٽيج تي ٻڌو، پر قابل قدر، منافع بخش ۽ خوبصورت ضرور هوندو. ممڪن آهي ته اهو سسٽين چپل Sistine Chapel جي ڇت کان به وڌيڪ دلڪش هجي“.
”جڏهن مون پهريون دفعو اها ڇت ڏٺي هئي ته مون روئي ڏنو هو“. آرٽسٽ پنهنجي ڏاڙهي جي وارن کي هٿ لڳائيندي چيو.
”مائيڪل اينجلو Michelangelo خراب دوست هيو. منهنجو مطلب سُٺي پاسي /رخ سان آهي“. بي گهر شخص به مٽي لڳل ڏاڙهي کنيندي چيو. پوءِ هن پنهنجي قميص، پنهنجي پيٽ جي يوناني خدا /ديوتا کي ڏيکارڻ لاءِ مٿي کنئي. هو پنهنجي هٿ جي آڱر مسلز جي اڀري آيل نسن تي ائين ڦيري رهيو هو، جيئن برسات ۾ پاڻيءَ جا ڦڙا ور وڪڙ ٿي ڪنهن گلاب جي ڏانڊيءَ تان ڪرندا آهن.
”مون کي لٺ سان ماري ڇڏيو“. آرٽسٽ انتهائي جوش ۾ رڙ ڪندي چيو، جيئن ڪنهن ٻلي کي طوطي جي دڪان تي ڇڏيو ويو هجي. جي پڃري مان ڪڍي آزاد ڪيو ويو هجي،”اڙي، هي توکي هي ڪيئن مليا ؟“.
”هي مون پلاسٽ ايب مشين سان نه ورتا آهن. مون اهي رات جو دير سان ٽي وي شو تان خريد ڪيا. ان جي مون کي پڪ آهي/ منهنجي ڳالهه جو يقين ڪجو. مون هن تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. پنهنجي خاص ساحل/سامونڊي ڪناري تي بيشمار، پش اپسpush-up ، پل اپس pull-up، ويهڪون planks، سٽ اپس sit-ups ۽ انتهائي شديد پگهر ڪڍڻ واريون ۽ دل کي ڌڙڪائي ڇڏيندڙ ورزشون“. بي گهر شخص چمڙي جو هڪڙو بٽون ڪڍيو ۽ پوءِ احتياط سان ان مان پلاسٽڪ جو هڪڙو ٽڪرو الڳ ڪيو، جنهن تي هڪڙي ڊرائنگ ٺهيل هُئي. ڪاروباري ۽ آرٽسٽ ان خاڪي کي غور سان ڏسڻ لڳا. جيڪو ڪجهه هن ريت هيو :


انهن ٻنهي ٻڌندڙن کي ڪنهن به قسم جي موقعي ڏيڻ بنا، اهو وکريل/ پريشان وارن وارDisheveled ، خانه بدوشdrifter ڳالهائيندو رهيو./پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
”عزم Commitment ، نظم و ضبط discipline ، صبر patience ۽ محنت work هي اُهي قدر آهن جن تي اڄڪلهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو يقين رکن ٿا. جتي اسان مان ڪيترائي ماڻهو، استحقاقي ذهنيت entitlement mentality، ڏيکاءُ واري سوچ رکن ٿا. اميراڻو/شاهاڻو، پيداواري، مفيد/ گهڻي ڪارڪردگي واري ۽ ڀرپور زندگيءَ جي توقع ڪن ٿا. صرف ان ڪري ته هڪ ڏينهن پاڻ کي اهڙي جهرڪي جيان پيش ڪري سگهن، جيڪا بهار جي موسم جي شروعات ۾ نظر ايندي آهي ۽ پنهنجي چوڌاري موجود ماڻهن کان اها توقع /اميد ڪري ٿي ته هن جي پاران ٻيا ماڻهو ڪوشش ڪن. اهڙي قسم جي زندگيءَ ۾ ليڊرشپ ڪٿي ٿي ملي؟.
”مون کي ڪڏهن ڪڏهن هي دُنيا/معاشرو اهڙن ماڻهن سان ڀريل نظر ايندي/ايندو آهي، جنهن ۾ وڏا بگڙيل ٻارن جيان هوندا آهن، اهي مشاهدو نه ٿا ڪن پر رڳو ڳالهيون ڪندا آهن. ڪا شڪايت نه ڪندا آهن، رڳو رپورٽنگ ڪندا آهن. دوستو! مان توهان کي هڪڙو نقطو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ته،”انهن ماڻهن لاءِ ڪا شي اثر نه ٿي رکي، جيڪي پاڻ ڪم نه ٿا ڪن. ڳالهيون گهٽ ڪيو ۽ ڪم وڌيڪ ڪيو، جيڪو مان چوان ٿو ۽ ٿورو هن کي به ته ڏسو“.
هي سنياسي مڙيو، پنهنجي ٽنگ پروڻ ٿيل شرٽ جا بٽڻ کوليا، هن جي پُٺي تي هڪڙو نشان ٺهيل هو، جنهن ۾ لکيل هو،”جن گهڻيون تڪليفون ڏٺيون آهن، اهي تفريح پسند ڪندا آهن ۽ جڏهن ته وري فاتح ماڻهو تعليم کي پسند ڪندا آهن“.
مون سان گڏ، شاندار سمونڊ جي وچ ۾ منهنجي ننڍڙي جادوئي ٻيٽ تي هلو، جيڪو ڪيپ ٽائون Cape Town جي سامونڊي ڪناري کان پنجن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي“. هن ڪاروباري عورت کي هڪ پلاسٽڪ جو ڪارڊ ڏنو، جنهن تي سامونڊي ڪناري جو منظر ٺهيل هيو،”هي منهنجون ڊالفن آهن“، هن هٿ سان ٺهيل هڪ تصوير ڏانهن خوشيءَ مان اشارو ڪندي چيو.
”هي سفر تمام گهڻو فائديمند هوندو“، هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو،”زندگي هڪ ائڊونچر آهي. يقينن اُتي توهان پنهنجي زندگي جا ڪجهه اهم ۽ يادگار لمحا گذاريندو. توهان کي مون سان چهل قدمي جي ضرورت آهي مان توهان کي اُهي سڀ ڳالهيون سيکاريندس جن سان توهان جي صبح جو وقت زبردست بڻجي سگهي ٿو. مان توهان ٻنهين کي فائيو اي ايم ڪلب جو ميمبر بڻجڻ ۾ مدد ڪندس. توهان باقائدگي سان صبح سوير جلدي جاڳڻ سکي ويندو. تنهنڪري توهان منجهند تائين هيئنر کان به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو، جيڪي ماڻهو هفتي ۾ ڪم ڪندا آهن. توهان جي صحت، خوشي ۽ سڪون سڀني ۾ بهتري ايندي. دنيا جا بيشمار عظيم فاتح هن سبب جي ڪري صبح جو سوير اٿندا آهن.... هي پوري ڏينهن جو سڀ کان خاص حصو هوندو آهي. مان توهان کي ٻڌائيندس ته مون ڪيئن پنهنجي رياست تعمير ڪرڻ لاءِ هن انقلابي طريقيڪار کي اختيار ڪيو ۽ ياد رکجو رياست جا ڪيترائي قسم هوندا آهن... معيشت انهن مان هڪ قسم آهي. توهان ڪنهن به قسم جي رياست تعمير ڪري سگهو ٿا... فن جي رياست، ڪارڪردگي، انسانيت، فلاح و بهبود، شخصي آزادي، ايتري قدر جو روحانيت جي رياست. منهنجي استاد مون کي جيڪي شيون سيکاريون، انهن جي ڪري منهنجي زندگي بدلجي وئي. مان اهي سڀئي شيون توهان کي سيکاريندس. توهان گهڻو ڪجهه دريافت ڪندو. توهان هڪ گهري سطح تائين پهچي ويندو. توهان بلڪل نون شين جي مدد سان دنيا کي ڏسڻ جي قابل ٿي ويندو. توهان کي بهترين کاڌا کائڻ لاءِ ملندا ۽ سج لهڻ جا بهترين منظر ڏسڻ لاءِ ملندا. توهان سمونڊ ۾ تري سگهو ٿا، ڊولفن سان وهنجي سگهو ٿا ۽ منهنجي هليڪاپٽر جي پرن سان گڏ رقص به ڪري سگهو ٿا. ڇا توهان ٻئي دل جي اٿاهه گهراين سان ڏنل منهنجي دعوت قبول ڪندو. مان توهان ٻنهين کي عرض ڪيان ٿو ته مون وٽ اچو“.
”او خدايا! توهان مون سان ڀوڳ/ مذاق ڪري رهيا آهيو؟ ٺيڪ آ؟“ آرٽسٽ جو آواز تيزي سان نڪتو. اها ڳالهه وڌندي واضح ٿيندي پئي وڃي ته، ٻين ڪيترن ئي ماڻهن جيان هي ماڻهو به پنهنجي شعبي ۾ جذباتي، تمام ننڍين شين تي به چوڪس ۽ لڪل درد مان جنم وٺندڙ حساسيت، جو حامل هو. اهي ماڻهو جيڪي اڪثر ماڻهن کان وڌيڪ محسوس ڪندا /ڪرڻ وارا هوندا آهن. سي ماڻهو سمجهندا آهن ته انهن تي ڦٽڪار آهي. دراصل انهن وٽ هڪ عجيب نعمت هوندي آهي/تحفو هوندو آهي، اها خاصيت جن جي انهن کي خبر پئجي ويندي آهي، ته ٻين ۾ ڪهڙي کوٽ آهي، اهي اهڙين خوشين جو تجربو ڪندا آهن، جن کي ڪيترا ٻيا ماڻهو نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن، جي ها، اهڙا ماڻهو تمام جلد تڪليف ۾ اچي ويندا آهن. ان ڪري اهي شاهڪار تخليق ڪندا آهن. اکين کي حيرت ۾ وجهندڙ عمارتون تعمير ڪندا آهن ۽ بيمارن جي بيماري جو اعلاج ڳولي لهندا آهن. ٽالسٽاءِ Tolstoyهڪ دفعو اها ڳالهه نوٽ ڪئي هُئي ته،” صرف اهي ماڻهو جيڪي حد کان وڌيڪ محبت ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا، اهي ئي انتهائي ڏک ۽ تڪليف مان گذري سگهن ٿا/اهي ئي ڀوڳين ٿا“. جڏهن صوفي شاعر روميRumi لکيو،”جيسيتائين توهان جي دل وڏي /ڪشادو نه ٿي ٿئي، تيسيتائين توهان کي اها ٽوڙڻي پوندي“ آرٽسٽ ۾ ڪجهه اهڙيون ئي علامتون نظر اچي رهيون هيون.
”نه نه، مان بلڪل سنجيده آهيان دوستو“، بي گهر شخص پُرجوش انداز ۾ چيو،” منهنجو گهر سوليٽيوڊ (تنهائي)/خلوت solitude نالي ڳوٺ کان گهڻو پري ناهي ۽ مون تي يقين ڪريو ته انهن هن ڳوٺ جو نالو صحيح رکيو آهي. اهو تڏهن ٿيندوآهي جڏهن توهان گوڙ ۽ عوامي آزار/بيزاري/پريشاني nuisance کان پري هوندا آهيو ۽ ان خاموشي ۽ سڪون واري حالت ۾ هجو/رهو/ٿيو، جيڪا توهان کي ياد ڪرائي/ڏياري ٿي ته توهان کي حقيقت ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي/ڪرڻو آهي. زندگي کي ڀليڪار چئو ۽ اچو، هي ڪم ڪري وڃو. جيئن اڳ ۾ پليٽفارم تي هُن استاد/گُرو چيو،”جيڪڏهن توهان خوفناڪ موقعن مان، جيڪي بظاهر اتفاق سان توهان جي رستي ۾ ايندا... فائدو وٺڻ شروع ڪندو ته اوهان جي سامهون جادوئي شيون ٿيڻ لڳنديون/ ٿينديون. توهان اها راند کٽيءَ ئي نه ٿا سگهو، جيڪا توها ن نه کيڏو. ٺيڪ؟ حقيقت اها آهي ته زندگي توهان کي سنڀالي چڪي آهي، ڀلي توهان کي اهو نظر نه اچي پر توهان کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو ۽ موقعن جون جيڪي دريون کلن انهن ۾ داخل ٿيڻو پوندو... ۽ جيڪڏهن توهان سمونڊ ڪناري تي ٺهيل منهنجي گهر ايندو ته مان توهان کان صرف اهو چاهيندس ته توهان ايترو عرصو ته مون وٽ ترسو جنهن ۾ مان توهان کي اهو فلسفو ۽ طريقڪار سيکاري سگهان، جيڪو منهنجي همراز صلاحڪار مون سان شيئر ڪئي. فائيو اي ايم ڪلب ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪجهه وقت ضرور لڳندو“.
بي گهرشخص وڌيڪ ڪجهه چوڻ کان پهريان ٿورو ترسيو ۽ وري چيائين،”مان توهان جو سڄو خرچ برداشت ڪندس/ڀرڻ وارو آهيان، جنهن ۾ سمورو خرچ اچي وڃي ٿو. جيڪڏهن توهان چاهيو ته مان پنهنجو پرائيوٽ جيٽ جهاز به توهان کي کڻي اچڻ لاءِ هتي موڪلي ڇڏيان“.
ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ هڪٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ سوچڻ لڳا، پريشان ٿي ويا ۽ بلڪل غيريقيني ڪيفيت ۾ اچي ويا.
”منهنجا ڀاءَ، جيڪڏهن توهان کي برو نه لڳي ته هيءَ ۽ مان ٻئي ڪجهه وقت الڳ رهي/ پنهنجي منهن سان ڪو صلاح مشورو ڪري وٺون؟“. آرٽسٽ درخواست ڪئي، جنهن هٿ ۾ اڃان به هڪ نوٽ بوڪ پڪڙي رکيو هو.
”ڪو مسئلو ناهي، ضرور، توهان کي جيترو وقت کپي/ چاهيو ڀلي وٺو، مان تيسيتائين پنهنجي سيٽ تي وڃي پنهنجي ايگزيڪيوٽو ٽيم کي فون ڪندس“. بي گهر شخص چيو ۽ اُتان هليو ويو.
”مون کي ته تمام گهڻو بيڪار لڳو، بيوقوف“. آرٽسٽ ڪاروباري عورت کي چيو، ”مان تو سان ان ڳالهه تي بلڪل متفق آهيان ته هن ۾ ضروري ڪا خاص ڳالهه آهي، ٿي سگهي ٿو ڪو جادو وغيره جو معاملو هجي. مون کي خبر آهي ته اها ڪيڏي نه چريائپ آهي ۽ مان هن جي استاد جي باري ۾ تمام گهڻو تجسس ۾ آهيان. هو جنهن استاد جو ذڪر گهڙي گهڙي ڪري رهيو آهي. هن جو اهو استاد اڄ جي جديد دور جو ماهر لڳي ٿو. مان اهو مڃيندس ته هن رول ماڻهو کي وڏي پرک آهي، پڪ سان. پر ٿورو هن کي ڏس ته سهي!، هي ماڻهو صفا ڪنگلو ۽ بکايل ٿو لڳي، مڪمل تباه حال. مون کي ته اهو به يقين ناهي ته هن کي وهنجدي به ڪافي هفتا ٿي ويا هوندا. هن جا ڪپڙا ڦاٽل آهن. هي چريو نه ٿو لڳي پر ڪڏهن ڪڏهن هي بلڪل ئي بيوقوفن واريون ڳالهيون شروع ڪري ٿو ڏيئي. اسان کي صفا خبر ناهي، ته هي ڪير آهي؟ هي ماڻهو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هن سان گڏ وڃڻ خطري کان خالي ناهي“.
”ها، ڏاڍو عجيب ماڻهو آهي، هتي اڄ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو عجيب آهي“. هن جي ساٿي عورت آرٽسٽ جي ڳالهه جي تصديق ڪئي. ڪاروباري عورت جو سنهڙو چهرو ٿورو نرم ٿي ويو، هن جي اکين مان، جيتوڻيڪ، اڃان به ڏک جهلڪي رهيو هو. ”مان هن وقت پنهنجي زندگي جي ان موڙ تي بيٺي آهيان جتي مون کي ڪجهه وڏين تبديلن جي ضرورت آهي. هن چوڻ شروع ڪيو. ”مان وڌيڪ هن طرح سان زندگي نه ٿي گهاري/ گذاري سگهان. توهان جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيو، اهو مان ٻڌان پئي. جڏهن مان يارنهن سالن جي عمر جي مس ٿي هيس، تڏهن منهنجو پيءَ مون کان وڇڙي ويو /جدا ٿي ويو هو. تڏهن کان مان هر فرد ۽ هر شيءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندي آهيان/انهن جي باري ۾ شڪ ۾ رهندي آهيان. هڪ ٻارڙي جيڪا پنهنجي پيءَ بنا پلي وڏي ٿي هجي، اها تمام گهڻي ڊنل ٿي سگهي ٿي. ايمانداري سان چوان ٿي/سچ ته اهو آهي ته منهنجي اندر ۾ اڄ به ڪيترائي جذباتي زخم موجود آهن. مان روزانو هن جي (پنهنجي پيءَ جي) باري ۾ سوچيندي آهيان. منهنجا ڪجهه تجربا تمام گهڻا تلخ رهيا آهن. مان گهٽ سيلف ورٿ سان گهڻي محنت ڪئي ۽ مون جيڪي به تعلقات ٺاهيا، انهن ۾ تمام خطرناڪ چونڊ ڪئي.
ذري گهٽ هڪ سال پهريان مون هڪ ٿيراپيسٽ کي ڏيکارڻ شروع ڪيو هو، جيڪا منهنجي ان ريي کان واقف هئي ۽ هن مون کي ٻڌايو هو ته منهنجو اهڙو رويو ڇو آهي؟“. ڪاروباري عورت پنهنجي گفتگو جاري رکي. ”نفسيات جا ماهر ان کي فادر ليس ڊاٽر سنڊروم يعني” بنا پيءَ واري ڌيءَ جي بيماري “ fatherless daughter syndrome چوندا آهن. هن زخم جي ڪري منهنجي اندر جي گهرائي ۾ حد کان وڌيڪ خوف ۽ انتهائي حد تائين تحفظ جي احساس جي به اڻاٺ آهي. ها، ان ڪري مون سان اهو ضرور ٿيو آهي ته ظاهري طور تي مان گهڻي سخت ٿي وئي آهيان ۽ ڪافي حد تائين بي رحم به ٿي وئي آهيان. منهنجي ڪلهن تي منهنجي والد جي وفات کان پوءِ جيڪو بار پئجي ويو، ان مون کي گهڻو اڳتي وڌايو ۽ ڪامياب پڻ بڻايو. ان سان گڏوگڏ ان نقصان مون کي اندران کوکلو به ڪري ڇڏيو. مون کي ائين لڳي ٿو ته هن خال جي ڪري، جيڪو منهنجي پيءَ جي وفات سان پيدا ٿيو، مان اهو سمجهڻ لڳس ته جيڪڏهن مان پاڻ کي تمام گهڻو ڪم ۾ مصروف ڪري تمام گهڻي ڪامياب ٿي وڃان ته مون کي منهنجو وڃايل پيار ٻيهر ملي ويندو. مون پنهنجي ان جذباتي خال کي، وڌ کان وڌ دولت جي پويان ڊوڙي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن ڪنهن هيرون جي نشئي کي سُئي جي ضرورت هوندي آهي، مان سوشل اسٽيٽس ۽ صنعتي مشهوري جي مون کي بک رهي آ. مان آن لائن تفريح جي آسان موقعن کان پري رهي آهيان، جيتوڻيڪ مان اهو سولائي سان ڪري سگهان پئي. جيئن ته مون اڳ ۾ به چيو ته مون محسوس ڪيو ته منهنجي ڊپ جو گهڻو حصو، ننڍي عمر جي عورت سان گهڻو ڳنڍيل آهي. مان ان وقت تمام گهڻي متاثر ٿيس، جڏهن اسپيلبائينڊر چيو ته ڪڏهن پئسن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، پر ان جي بدران اعليٰ ترين ليڊر ۽ فرد بڻجڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ان عمل مان ملندڙ موقعي کي دنيا بدلائڻ لاءِ ڪتب آڻيو. هن جي انهن لفظن منهنجي اندر ۾ تمام گهڻي اميد پيدا ڪئي. مان اهڙي ئي زندگي گذارڻ چاهيان ٿي، جهڙي هن ٻڌائي. پر مان هن جي ڏسيل جاءِ تي ڪٿي به پاڻ کي بيٺل نه ٿي ڏسان ۽ تازو ئي منهنجي ڪمپني مون کي بلڪل پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. مان اڄ ڪلهه زندگيءَ ۾ ڪجهه به نه ڪري رهي آهيان. مان هن پروگرام ۾ صرف ان ڪري آيس جو منهنجي ماءُ مون کي مفت ۾ هن جي ٽڪيٽ ڏني هئي. مان تبديلي لاءِ تمام گهڻي فڪرمند آهيان.“
ڪاروباري عورت ٿڌو ساهه کنيو،”معاف ڪجو“. هن معافي گهري، هوءَ ان وقت لڄي(شرمندو) ٿي رهي هئي،”مان توکي گهڻو نه ٿي سڃاڻان، پر خبر ناهي ته اهو سڀ مون تو سان ڇو بيان ڪيو. منهنجي خيال ۾ مون کي تو سان گڏ تحفظ جو احساس پيدا ٿيو آهي. خبر ناهي ڇو ۽ جيڪڏهن مون ڪجهه وڌيڪ به ڳالهايو هجي ته مان ان لاءِ تو کان معافي گهران ٿي.“
”ڪا ڳالهه ناهي“، ”آرٽسٽ چيو، هن جي باڊي لينگويج مان لڳي رهيو هو ته هو پوري طرح ڌيان سان ٻڌي رهيو آهي ۽ هاڻي هو ڏاڙهي ۽ وارن سان به نه کيڏي رهيو هو.
”اسان ٻئي ايڏا ايماندار/مخلص آهيون جو اسان جڏهن ٽيڪسي ڊرائيور ۽ ٻين ماڻهن سان ڳالهائيندا آهيون پر اسان انهن کي نه پيا سڃاڻون، ها نه؟“. ڪاروباري عورت گفتگو جو سلسلو جاري رکيو“.
” مان صرف اهو چوڻ چاهيان ٿي ته مان تبديلي لاءِ تيار آهيان ۽ منهنجي دل ٿي چوي ته هي اجنبي ڄٽ جيڪو اسان کي صبح جا اهڙا معمول سيکارڻ چاهي ٿو جن سان تخليقي عمل، ڪارڪردگي، پيسي ۽ خوشي سان ڀرپور رياست تعمير ڪري سگهجي، واقعي ئي مون لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هي شخص اسان جي مدد ڪري سگهي ٿو“.
” ۽....“. هن عورت پنهنجي ڳالهه ۾ اضافو ڪيو،” هن جي واچ ياد ڪر“.
”مون کي اهو شخص سٺو ٿو لڳي“، آرٽسٽ چيو. ”هي هڪ ڪردار آهي. هو جهڙي نموني ڪڏهن ڪڏهن شاعراڻي طريقي سان ۽ ڪڏهن وري جُوش ڀري لهجي ۾ ڳالهائي ٿو، مان ان کان تمام گهڻُو متاثر ٿيو آهيان. هو تمام واضح طور تي سوچي ٿو ۽ جارج برناڊ شا George Bernad Shaw جا قول ته ائين ٻڌائي ٿو، ڄڻ هن جي زندگي انهي تي ئي دارومدار رکي ٿي. تمام بهترين. پر اڃان به مون کي هن تي يقين نه ٿو اچي“. آرٽسٽ مُڪ پنهنجي تري تي هڻندي چيو، ”ٿي سگهي ٿو ڪنهن بيوقوف امير کان هن اها واچ ڦٻائي ورتي هجي“.
”ڏسو، مان سمجهي سگهان ٿي ته توهان ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهيو“، ڪاروباري عورت جواب ڏنو. ” مان به گهڻي حد تائين ائين ئي محسوس ڪري رهي آهيان. تون ۽ مان ته بلڪل هاڻي ٿوري دير اڳ ۾ مليا آهيون/ اسان ٻنهي کي ملئي به گهڻو وقت نه ٿيو آهي. مان نه ٿي ڄاڻان ته تو سان ان سفر تي وڃڻ مون لاءِ ڪيئن رهندو. مون کي اميد آهي ته توهان اها ڳالهه دل ۾ نه ڪندو. اوهان چڱا ماڻهو لڳو ٿا/نظر اچو ٿا ۽ ڪجهه کرا به/ سواءِ چند شين جي ۽ مان سمجهي سگهان ٿي ته ائين ڇو آهي. جيتوڻيڪ طبيعت ۾ نفيس انسان آهيو، مون کي خبر آهي“.
آرٽسٽ ٿورو خوش نظر آيو. هن بي گهر شخص ڏانهن نهاريو جيڪو هڪ پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ۾ رکيل ناشپتي جا ٽڪرا کائي رهيو هو.
”مون کي آفيس کان ٿورو پري رهي، ڪجهه وقت ڪڍڻو پوندو، ته جيئن اسان هن سان ڪجهه گهِڙيون گهاري سگهون،“. ڪاروباري عورت بي گهر شخص ڏانهن اشارو ڪندي چيو، جيڪو ان دوران ڪجهه چٻاڙيندي هڪ هٿ سان فون تي ڳالهائي رهيو هو ۽ ان سان گڏ ڇت ڏانهن پڻ تڪي رهيو هو. ”مون کي اهو خيال سُٺو لڳي رهيو آهي ته ساليٽيوڊ نالي ڳوٺ جي ويجهو سامونڊي پٽي تي وقت گذارجي، شاندار کاڌا کائجن ۽ ڊولفن سان گڏ پڻ ترڻ جو مزو وٺجي. مون کي ائين لڳي رهيو آهي ته اهو ڪم تمام دلچسپ ۽ مزي وارو پڻ هوندو. مان هن وقت پاڻ کي ٻيهر زنده محسوس ڪري رهي آهيان“.
”تو جيڪا ڳالهه جهڙي نموني سان ڪئي/ چئي، مون به سٺي لڳي رهي آهي،“. آرٽسٽ چيو، ” مان سوچي رهيو آهيان ته انهن سڀني ڳالهين ۾ هڪ عجيب بي وقوفي آهي، هڪ نئين حقيقي ڪائنات تائين پهچڻ جو خاص موقعو. ممڪن آهي ته اهو تجربو منهنجي آرٽ لاءِ به ڏاڍو خوبصورت شي رهي. اها ڳالهه مون کي ڪجهه اهڙي ئي سوچ ڏيئي رهي آهي، جيئن مصنف چارلس بوڪوسڪي Charles Bukowski چيو ،” ڪجهه ماڻهو ڪڏهن به چريائپ تي ناهن لهندا/ڪڏهن به چريا ناهن ٿيندا، اهي ڪيڏي نه هيبتناڪ زندگي گذاريندا آهن “. ۽ اسپيلبائينڊر به اسان کي پنهنجي عام زندگي جي حدن مان نڪرڻ جي سوچ ڏني آهي ته جيئن اسان پنهنجي اندر ۾ موجود فطري تحفن، صلاحيتن ۽ نعمتن مان فائدو حاصل ڪري سگهون. ڪجهه اشارا به مون کي اهو ڪرڻ جو چئي رهيا آهن، ان لاءِ جيڪڏهن تون وينديئن، ته مان به هلندس“.
” ٺيڪ آهي، پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته مان اُتي پاڻي ۾ تمام وڏو ٽپو ڏينديس؟ اهو طئي ٿي ويو، مان تيار آهيان، هلو ته هلون.“ ڪاروباري عورت وڏي آواز ۾ چيو.
”مان به تيار آهيان“، آرٽسٽ راضي ٿي ويو.
اهي ٻئي اٿي بيٺا ۽ بي گهر شخص ڏانهن ويا، جيڪو ان وقت اکيون ٻوٽي ويٺو هو.
”توهان هن وقت ڇا پيا ڪريو؟. آرٽسٽ آهستي پڇيو.
”انتهائي گهري تصور ڪاري! ته مان ڇا ٿيڻ چاهيان ٿو ۽ ڪيئن هڪڙي بهترين ٿانيڪي زندگي تخليق ڪرڻ جي خواهش رکان ٿو. ترڪي جي هڪ فائٽر پائليٽ هڪدفعي مون کي ٻڌايو هو ته پنهنجي هر اڏام کان اڳ ۾، هو هڪڙي اڏام وٺي ٿو. ٻين لفظن ۾ هو اهو ٻڌائڻ چاهي پيو ته هو ۽ هن جي ٽيم جنهن به مقصد لاءِ ويندا آهن ان کان اڳ ۾ پنهنجي مشين کي ڪمال جي حد تائين مڪمل ڪرڻ جو تصور ڪندا آهن. ته جيئن حقيقت ۾ به ايتري ئي مهارت سان ڪم ڪري سگهن. توهان جو مائنڊ سيٽ عظمت، تمام بهترين ڪارڪردگي ۽ هڪ تخليقي فتح جو طاقتور اوزار آهي. جنهن سان گڏ توهان جو هارٽ سيٽ، هيلٿ سيٽ ۽ سول سيٽ به شامل آهن. توهان جيڪڏهن منهنجي دعوت قبول ڪندو ته مان توهان کي اهي سڀ حيرت ۾ وجهندڙ تصور پڙهائيندس. بهرحال ان ئي سبب جي ڪري مون پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. تقريبا هن صبح جو مان پنهنجي سموري ڏينهن جي مثالي ڪارڪردگي جو تصور ڪندو آهيان. ان سان گڏ اُهي جذبا به محسوس ڪيان ٿو ته جيڪي ڪم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ محسوس ڪيان ٿو، جنهن جي منصوبه بندي مون هينئر ئي ڪئي هُئي. مان پنهنجي پاڻ کي انتهائي بهترين جذبن جي اهڙي ڪيفيت ۾ سمائي ڇڏيان ٿو، جتي ڪنهن ناڪامي جو شڪ به نه وڃي. پوءِ مان اتان ٻاهر اچان ٿو ۽ مثالي ڏينهن گذارڻ کان پوءِ، پنهنجي منهن سان بهترين ڪم ڪندو آهيان.“
”بهترين“، ڪاروباري عورت کي اها ڳالهه پسند آئي.
”هي منهنجا ڪجهه ايس او پيز (ايس او پي: اسٽينڊرڊ آپيريٽنگ پروسيجر) طور طريقا آهن، جيڪي مان پاڻ کي بهترين بڻائي رکڻ لاءِ استعمال ڪندو آهيان. سائنس به هاڻي اهو ثابت ڪري رهي آهي. ان مشق سان مون کي اُن جينز کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي، جيڪو ان کان اڳ ۾ ستل هوندا آهن. توهان جو ڊي اين اي توهان جو مقدر نه آهي ۽ توهان کي ان ڳالهه جي خبر به آهي. توهان کي ان ڳالهه جي باري ۾ پريشان ٿيڻ جي ضرورت به نه آهي. جڏهن توهان سمونڊ جي ڪناري تي هوندو ته توهان برتوليدي (اپيجينيٽڪس) دريافتن جي باري ۾ توهان کي خبر پوندي. توهان نيورو سائنس جي باري ۾ به سکندو ته منتشرتوجهه کي برباد ٿيڻ کان ڪئين بچائجي. مان توهان کي اهي سڀ گُر سيکاريندس، جيڪي مون پنهنجن منصوبن ۾ ڪتب آندا، اهي ڪيترن ئي نسلن جي نگاهن کان ڪوهون ڏور هُئا. توهان پنهنجي ذهني توجهه ۽ جسماني توانائي کي بحال ڪرڻ جا شاندار طريقا به سکندو. توهان کي اها به خبر پوندي ته دنيا جا بهترين ڪاروباري انسان ڪئين شاندار ادارا قائم ڪن ٿا. توهان اهو نظام سکندو جنهن جي ڪري هن سياري ۾ رهندڙ سڀني کان خوش انسان هر صبح پنهنجي زندگي کي سحر انگيز بنائڻ جو ڪم وٺن ٿا. توهان حيران نه ٿيو، ان سڀني جو ايس او پي آهي. هي هڪ اصطلاح آهي جيڪو اڪثر ڪري منهنجو خاص صلاڪار ڪتب آڻيندو هو ۽ جڏهن هو زندگي کي عاليشان بنائڻ لاءِ روز مرهه جي بناوت جي ڳالهه ڪند و هو. منهنجي خيال ۾ ته توهان ٻئي به هلو ٿا نه؟“.
”جي ها، اسان ٻيئي هلون ٿا“. ناقابل شڪست لهجه ۾ ڪاروباري عورت خاطري سان ها ڪئي.”توهان جي دعوت جي مهرباني“.
”جي توهان جي وڏي وڏي مهرباني“. آرٽسٽ اضافو ڪندي چيو، جيڪو هاڻي اڳ کان به وڌيڪ پراعتماد/مطمئن composed لڳي رهيو هو.
”مهرباني ڪري“، عورت سنجيدگي واري لهجي ۾ چيو،” اسان کي اهي سڀ شيون سيکارجان جيڪي تون انتهائي متاثر ڪندڙ ليڊرن ۽ ڪامياب ڪاروباري ماڻهن جي باري ۾ ۽ پرڀات جي معاملن جي باري ۾ ڄاڻين ٿو. مان پنهنجن ڪمن ڪارن کي بهتر بنائڻ جي باري ۾ بيچين آهيان. پنهنجي زندگي جي نئين سر سان شروعات ڪرڻ لاءِ به مون کي توهان جي مدد جي ضرورت آهي. مان ايمانداري سان چوان ٿي ته مان اڄ جيترو پاڻ کي توانو ۽ ڦڙتيلي ڀانئي رهي آهيان، ان ڪيفيت ۾ مان پاڻ کي وڏي عرصي کان پوءِ محسوس پئي ڪريان. پر مان اڄ به بهترين جاءِ تي نه آهيان“.
”ها ادا!“ آرٽسٽ چيو،”اسان کي پنهنجي عظيم صبح جا اهي راز ٻڌاءَ جن مان مون کي بهترين فنڪار ٿيڻ ۾ مدد ملي سگهي... ۽ مان ائين ٿي سگهان ٿو“. ائين چئي هن پنهنجو نوٽ بوڪ هوا ۾ مٿي اڇليو. ”پنهنجو جهاز موڪلي ڇڏ، اسان کي پنهنجي ڳوٺ وٺي وڃي، اسان کي ڪجهه ناريل کارائجانءِ، ڊولفن جي سواري ڪرائجانءِ ۽ اسان جي زندگيءَ کي بهتر ڪجانءِ! اسان تيار آهيون“.
”توهان کي اُتي جيڪو ڪجهه ملندو، اها ڪا تحريڪ يا وري موٽيويشن نه هوندي“. ان مرجهايل روح ڪنهن حد تائين سنجيندگي سان چيو. جيڪا ڪيفيت هنُ، اِن کان اڳ ۾ ظاهر نه ڪئي هُئي. اُتي سڀ ڪجهه تبديلي جي حوالي سان هوندو ۽ اها سڄي مڪمل ڄاڻ، جديد ترين تحقيق ۽ ڀرپور عملي مشقن تي مشتمل هوندو، جن کي هن صنعت جا استاد شديد جنگي بنيادن تي جاچي چُڪا آهن. دوستو هڪ اهڙي ايڊوينچر لاءِ تيار ٿي وڃو، جنهن جو توهان سان واسطو، هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به نه پيو هوندو“.
”تمام بهترين“، ڪاروباري عورت ظاهر ڪيو، جيئن هو اجنبي جي چمڙي جي پٽي سان ويڙهيل ٻانهن سان هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌي. ”مون کي اها ڳالهه مڃڻ جي ضرورت آهي ته اهو سڄو مانڊاڻ اسان ٻنهين لاءِ انتهائي منفرد/عجيب آهي پر ڪنهن به ڪارڻ جي ڪري، ....هاڻي اسان توتي ڀروسو ڪيون ٿا ۽ ها اسان هن نئين تجربي جي لا ءِ بلڪل تيار آهيون“.
”توهان اسان لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيو، ان لاءِ اسان توهان جا شڪرگذار آهيون“. آرٽسٽ چيو. هن جي لهجي مان به احسانمندي جهلڪي رهي هُئي. هو پنهنجي ان احسانمندي مان ڪنهن قدر حيرت ۾ پئي لڳو.
”زبردست، توهان صحيح فيصلو ڪيو “. بي گهر شخص گرم جوشيءَ مان جواب ڏنو،”مهرباني ڪري، سڀاڻي صبح جو هن ڪانفرنس هال جي ٻاهران اچي بيهي رهجو. ڪجهه ڏينهن جا ڪپڙا به پاڻ سان کڻي اچجو. بس اهو ئي ڪافي هوندو. جيئن مون چيو،”باقي مان توهان جون مڙئي گهرجون پوريون ڪرڻ جو پابند آهيان. سڄو خرچ مون تي آهي/مڪمل منهنجو خرچ آهي. ان تي مان توهان جو شڪر گذار آهيان“.
”توهان اسان جو شڪريو ادا ڇو ٿا ڪيو“ ڪاروباري عورت حيرت مان چيو.
بي گهر شخص نرمي سان مسڪرايو ۽ پنهنجي ڏاڙهي کي سوچڻ واري انداز ۾ کنڻ لڳو. ”مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر Martin Luther King Jr. کي جڏهن ماريو ويو هو، ان کان اڳ ۾ هن پنهنجي آخري خطاب ۾ چيو هو، ”هر فرد عظيم بڻجي سگهي ٿو، ڇو ته خدمت ته ڪو به ڪري سگهي ٿو،خدمت ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪنهن ڪاليج جي ڊگري جي ضرورت نه آهي. خدمت ڪرڻ لاءِ توهان کي فاعل ۽ فعل کي متفق ڪرڻ جي به ضرورت ناهي، توهان کي افلاطونPlato، يا وري ارسطو Aristotle جي باري م ڄاڻڻ جي به ضرورت نه آهي.خدمت ڪرڻ لاءِ توهان کي آئنسٽائن Einstein’s جي نظريه اضافيت Theory of Relativity باري ۾ ڄاڻڻ جي ضرورت نه آهي. بس توهان جي دل احساس سان ڀريل هُجي ۽ ان کان علاوه هڪڙو روح جنهن جو تخليقار محبت هجي“.
هن ناشپتي جي هڪڙي ڦاڪ کي پنهنجي وات وٽان صاف ڪيو ۽ پوءِ هن پنهنجي اها ڳالهه جاري رکي.
”هڪڙي اهم ڳالهه جيڪا مون سالن ۾ مس وڃي سکي، سا اها ته ٻين ماڻهو کي تحفو ڏيڻ، اصل ۾ توهان پاڻ کي ڏيندا آهيو. ٻين لاءِ لطف/مزي ۾ اضافو ڪيو/وڌائڻ جا ڪارڻ بڻجو ته توهان کي به وڌيڪ مزو ايندو. پنهنجن ساٿين/ ڪم ڪندڙن جي حالتن کي بهتر ڪيو، ته فطري طور تي توهان جي پنهنجي حالت به بهتر ٿيندي/مٿي ويندي. ڪاميابي سٺي ڳالهه آهي، ان جي اهميت Rad آهي. سخاوت هجي.... ڪنجوسي نه...انهن مڙني مردن ۽ عورتن جي خوبي آهي، جن هن دنيا کي بهتر کان بهتر بڻايو ۽ اسان کي ليڊرن جي، خاص ڪري خالص رهنمائن جي، اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي ضرورت آهي... نه ئي وري ان خودغرض ماڻهن جي، جيڪي فقط پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ڪم ڪندا آهن“.
بي گهر شخص آخري ڀيرو پنهنجي گهڙي تي نگاهه وڌي، ”جڏهن توهان مري ويندو ته توهان پاڻ سان نه پنهنجو ٽائٽل کڻي ويندو، نه دولت، نه ئي وري بهترين رانديڪا توهان سان گڏ هوندا. اها ڳالهه ته توهان ڄاڻو ٿا نه“. مون کي ته اڃان اها گاڏي به ڏسڻي آهي جنهن ۾ لاش کي دفنائڻ کڻي وڃبو آهي“. هن مسڪرايو. ٻئي ٻڌندڙ به وات پٽي کليا.
ته هي خزانو آهي“. ڪاروباري عورت سُس پُس ڪئي.
”زبردست“ آرٽسٽ ڳالهه مڃي.
” هر هر زبردست لفظ جي لانڍ نه هڻو“. ڪاروباري عورت چيو،” ان سان مون کي گهٻراهٽ ٿئي ٿي/اهو لفظ مون کي چيڙائي ٿو.
آرٽسٽ ان تي ڪجهه حيران ٿيو. ”ٺيڪ آ“.
”توهان جو جو به مسئلو زمين تي آخري ڏينهن ۾ ٿئي ٿو، هي اهو پوٽينشل هوندو آهي/ اها سورمائي هوندي آهي، جنهن جو توهان مظاهرو ڪيو، اهي انساني جيوت جن تي توهان رحم کاڌو“. بي گهر شخص فصاحت سان ڳالهائيندي چيو. پوءِ وري هو خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ هن وڏو ساهه کنيو/ ڀريو. ”بهرحال اها ڳالهه تمام سُٺي آهي ته توهان اچي رهيا آهيو. ڏاڍو مزو ايندو.
”ڇا مان پنهنجو رنگ ڪرڻ وارو/مصوري وارو برش به پاڻ سان آڻي سگهان ٿو“. آرٽسٽ نهايت ئي نرم لهجي ۾ پڇيو.
”فقط ان صورت ۾ ته توهان جيڪڏهن جنت ۾ پينٽ ڪرڻ چاهيو ته“. بي گهر شخص جهٽ پٽ جواب ڏنو.
”سڀاڻي صبح جو هن جاءِ تي ڪيڏي مهل توهان سان ملون؟“. ڪاروباري عورت پنهنجي ڪمزور ڪلهي تي پنهنجو پرس رکندي سوال ڪيو.
”صبح جو پنجين وڳي. 5. اي ايم 5.AM“. بي گهر شخص هدايت ڏني. ”پنهنجي صبح جا مالڪ بڻجو، پنهنجي زندگي کي تمام گهڻو بلند ڪيو“.
پوءِ هو غائب ٿي ويو.

پيداواري، فن شناسي ۽ ناقابلِ شڪست جي چوٽيءَ ڏانهن اڏام

6

A flight to peak productivity, virtuosity and indefeatability
پيداواري، فن شناسي ۽ ناقابلِ شڪست جي چوٽيءَ ڏانهن اڏام


“your time is limited, so don’t waste it living someone else’s life. Don’t be trapped by dogma- which is with the results of other people’s thinking. Don’t let the noise of other’s opinions drawn out your own inner voice. And most important, have the courage to follow your heart and intuition. They somehow already know what you truly want to become”. -Steve jobs

توهان جو وقت محدود آهي. ان ڪري ان کي ٻين جي زندگي گذاريندي نه وڃايو. ڪنهن اهڙي ماڻهو جي فڪر جي ڄار ۾ نه ڦاسو، جيڪو ٻين ماڻهن جي سوچ جو نتيجو هجي. ٻين جي آواز جي ڪري پنهنجي اندر جي آواز کي نه دٻايو ۽ سڀني کان وڏي ڳالهه ته پنهنجي دل ۽ اندر جي آواز جي پيروي ڪرڻ جي جرئت پيدا ڪيو. ڇو ته ان کي اڳ ۾ ئي خبر هوندي آهي ته توهان ڇا ٿا ٿيڻ چاهيو.
اسٽيو جوبس


”مان تمام گهڻو ٿڪجي پئي آهيان“. ڪاروباري عورت آهستي چپن ۾ ڀڻڪيو، جيئن ڪا جهوني ڪُمي، آرام جي ڏينهن کان اڳ ۾ ئي سست ٿي ويندي آهي. هن جي هڪ هٿ ۾ ڪافي جي پيالي هُئي. ”سفر منهنجي سوچ کان تمام گهڻو ڏکيو هوندو. مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ ته مان ڪنهن نئين دنيا ۾ داخل ٿي وئي هجان. جيئن مون ڪالهه، سيمينار جي ختم ٿيڻ کان پوءِ توهان کي چيو هو ته مان هاڻي تبديلي چاهيان ٿي. نئين شروعات ڪرڻ ٿي چاهيان. پر هاڻي مان تمام گهڻي بيچيني محسوس ڪري رهي آهيان....خوفناڪ....... ۽ ڪڏهن ته ڊيڄاريندڙِ خوفناڪ.............. خواب . ها هي تجربو، جنهن لاءِ اسان متفق ٿيان آهيون، اهو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو“.
”مان ته پنهنجو موت اکين سان پيو ڏسان“، آرٽسٽ چيو، ” صبح جو سوير اٿڻ مون کي ڏاڍو خراب لڳندو آهي. اهو خيال ئي ڏاڍو خوفناڪ آ/ اهو سوچڻ ئي مون لاءِ وڏو عذاب آهي“.
ٻيئي بهادر روح هن هال جي ساڄي پاسي واري رستي تي موجود هُئا، جتي ڪالهه اسپيلبائڊر پنهنجي شاندار مهارتن تي ڪم ڪيو هو ۽ ڪالهه، ڪِري پوڻ جي ڪَري ڪيترن ئي ماڻهن جو دليون ٽوڙي ڇڏيون هيون.
ان وقت صبح جا چار لڳي اوڻونجاهه منٽ ٿيا هُئا.
”هو نه ايندو“ آرٽسٽ منهن خراب ڪندي چيو. هن کي ڪارو وڳو پاتل هو. هن جي ساڄي ڪارائي ته ڳاڙهي رنگ جي نشانن وارو هڪڙو سوٽي رومال ٻڌل هو. جوتا ڪالهه جيان آسٽريليا جا ئي هيا. هن سُنسان گَلِي ۾ دل سان ٿڪون اڇلايون. آسمان ڏي نگاهه وجهي ڏٺو ۽ پوءِ ٽيٽو ٺهيل ٻانهن کي ورائي ڇڏيو.
ڪاروباري عورت جي ڪلهن تي هڪڙو نائلون جو ٿيلهو لٽڪيل هو. ۽ هن کي سلڪي چولو ۽ جينز پاتل هُئي، جڏهن ته پيرن ۾ وڏي کُڙيءَ وارا سينڊل پاتل هُئس. اکين ۾ اس جو وڏو چشمو پاتل هُئس. جيئن يوناني ماڻهن کي، ساحل تي سج لهڻ مهل، پاتل هوندو آهي. هن جا چپ ڀڪوڙيل هُئا، ۽ منهن تي موجود گهنج عجيب نموني سان وکريل هُئا.
”توهان ڀلي مون سان شرط رکو ته هو بي گهر شخص نه ايندو“. عورت ٽوڪ ڪري کلندي چيو،”هن جي گهڙي جي مون کي ڪا پرواهه ناهي.هن جي اظهار جو طريقو صاف آهي، اهو ڪو مسئلو ناهي. اهو مون لاءِ ڪا به معنيٰ نه ٿو رکي ته هن مون کي منهنجي والد جي باري ۾ ياد ڏياريو. الله! مان ٿڪجي پئي آهيان. هو سيمينار ۾ فقط ان ڪري ئي موجود هو ، ڇو ته هن کي اهڙي جاءِ جي ضرورت هئي، جتي هن کي ڪجهه ڪلاڪ آرام ڪرڻ لاءِ ملي وڃن. ان ڪري مان سمجهان ٿي ته فائيو اي ايم ڪلب جي صبح جي روٽين جي باري ۾ هن کي جيڪا ڄاڻ هئي، هي اهي ڳالهيون ٻڌي چڪو هو. .... ۽ يا ته هن چورايون هونديون، اهي سڀ هن اسپيلبائينڊر جي پريزنٽيشن جو حصو هيون ۽ جنهن ذاتي هيليڪاپٽر جي هو ڳالهه ڪري ٿو، اصل ۾ هن جي پسنديده وهم جو ڪو حصو هوندو“.
ڪاروباري عورت واپس پنهنجي شڪ شبي واري عادت ڏانهن موٽي آئي. جيڪو هن جي تحفظ واري قلعي ۾ لڪي رهيو هو. ڏينهن جي باري ۾ هن کي جيڪا اڳ ۾ اميد پيدا ٿي هئي، اها هاڻي مڪمل طرح سان غائب ٿي وئي هئي. پوءِ اوچتو ٻه تيز هيڊ لائٽس واري روشنيون نروار ٿيون جيڪي اونداهي جي ڀت تي کپي ويون.
ٻنهين ساٿين هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. ڪاروباري عورت جيئن تئين ڪري پنهنجن چپن تي مرڪ آندي. ”ٿي سگهي ٿو ته جبلت، عقلي توجهه کان وڌيڪ ذهين هجي“. هن پنهنجي پاڻ سان دل ئي دل ۾ ڳالهايو.
هڪڙي چمڪندڙ، روشن، رولز رائس، ڪوئلي جي رنگ واري، ا ڳيان اچي بيهي رهي، بلڪل سفيد ڪپڙا پاتل هڪڙو شخص ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو ۽ انهن ٻنهين کي پُراڻي انداز ۾ ڀليڪار ڪيو.
”ميڊم، توهان کي ۽ سر توهان کي به صبح جو سلام“، هن برطانوي لهجي ۾ هنن کي چيو ۽ ائين چوندي هنن جا ٿيلها وڏي مهارت سان گاڏي ۾ رکي ڇڏيا.
”هو بي گهر/لاوارث ماڻهو ڪٿي آهي“، آرٽسٽ ٻهراڙي واري انداز ۾ پڇيو، جيڪي ڪڏهن به جهنگل کان ٻاهر نه نڪتا هوندا آهن.
ڊرائيور پاڻ کي کلڻ کان روڪي نه سگهيو ۽ ان ڳالهه تي کِلي ڏنو، پوءِ وري هڪدم سنجيده ٿي ويو.
”معذرت سان سر، مسٽر رائلي Riley تمام ميرا گدلا/ ڪنا ڪپڙا پائيندو آهي، هو اُهو ان ڪري ڪندو آهي، جڏهن هن کي محسوس ٿيندو آهي ته هن کي ٿورو خشڪ ٿيڻو هوندوآهي. اهو هن جو پُراڻو ۽ عام فعل آهي. هو گهڻو ڪري هر وقت خالص/شاندار زندگي گذاريندو آهي، هو چاهيندو آهي ته هر شيءِ وڌ کان وڌ مختصر هجي. سو ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي ذات ۾ عاجزي ۽ انڪساري لاءِ اهڙو ويس اوڍيندو آهي. مون کي اهو چوڻ ڏيو ته اها هن جي دانشمندي جو هڪ حصو آهي. ، مسٽر رائليءَ اهي ڳالهيون توهان سان ڪرڻ لاءِ هن مون کي چيو آهي“.
ڊرائيور ٻه لفافا، بهترين معياري ڪاغذ مان ٺهيل جا ٻاهر ڪڍيا. جڏهن ڪاروباري عورت ۽ آرٽس اهي لفافا کوليا، ته انهن تي هي هيٺان الفاظ لکيل هُئا؛
دوستو! اميد ته توهان بلڪل ٺيڪ هوندو. منهنجو مقصد ڪنهن جن سان توهان کي مُلاقات ڪرائڻ ناهي، مون کي پنهنجي پاڻ کي زمين تي رکڻ جي ضرورت هُئي، اپيڪپٽس Apictetus جيڪو منهنجو پسنديده فلسفين مان هڪ آهي، ان لکيو ته؛”ماڻهو بدمعاش ۽ شريف النفس هڪ ئي وقت نه ٿو ٿي سگهي. هن کي پنهنجي پاڻ کي تيار ڪرڻ جي لاءِ، سخت سياري جي محنت ۽ تربيت وٺڻ کپي، ان لاءِ جيڪو مناسب نه آهي، ان کي پاڻ ڏي زوري نه ڇڪڻ کپي“. پاڻمرادو، پاڻ کي مون جيان ڪپڙا پائي بي آرام ڪجي، يا وري هفتي ۾ هڪ دفعو روزو رکي، يا وري مهيني ۾ هڪ دفعو هيٺ فرش تي سمهي پوي، اهي شيون مون کي مضبوط، منظم ۽ زندگيءَ جي ترجيحن ۾ اهم لڳن ٿيون. هر حال ۾، شاندار اڏام وٺو ۽ مان جلدي ئي توهان سان جنت ۾ ملندس. تمام گهڻو پيار/وڏو ڀاڪر“.
ڊرائيور پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، ”ياد رکو ته انسان جي ظاهري حالت ڪنهن کي ڌوڪي ۾ وجهي سگهي ٿي ۽ ڪپڙن سان ڪنهن جي ڪردار جي خبر نه ٿي پوي. ڪلهه رات توهان هڪڙي عظيم انسان سان مليا آهيو. ڏيکاءُ ماڻهن جي معيار کي ظاهر نه ٿو ڪري“.
”۽ منهنجي اندازي موجب، ائين ئي ڏاڙهي ڪوڙڻ به آهي،“ آرٽسٽ چيو ۽ هڪ ڦيٿي جي وچ ۾ لڳل رولز رائس جي نشاني تي پنهنجن ڪارن بوٽن سان لت وهائي ڪڍي.
”مسٽر رائلي توهان کي اهو ڪڏهن به نه ٻڌائيندا، جيڪو مان توهان کي ٻڌائڻ وارو آهيان، ڇو ته هو ان معاملي ۾ تمام شائستگي جو اظهار ڪندو آهي. ليڪن دوستو، توهان جنهن ماڻهو کي لاوارث/بيگهر چئو ٿا، اهو دنيا جي ٿورڙن ئي اميرترين ماڻهن مان هڪ آهي“.
”ڇا توهان سنجيده آهيو“، ڪاروباري عورت چيو، هن جون اکيون پٽجي ويون.
”جي هان بلڪ سنجيده ٿي چئي رهيو آهيان“. ڊرائيور دروازو کوليندي هلڪي مسڪراهٽ سان جواب ڏنو ۽ هن جي هٿن ۾ سفيد رنگ جا دستانا پاتل هئا، جن سان هن هٿ لوڏيو ۽ انهن ٻنهي مهمانن کي گاڏي ۾ ويهاريو.
ڪار جي سيٽن تي لڳل ڪَوَرن مان اصلي چمڙي جي شاندار خوشبو اچي رهي هُئي. ڪاٺ جا پينل ڏسي اندازو ٿئي پيو ته اهي هٿ سان ڪيڏي نه مهارت سان تراشيا ويا هُئا. ڪاٺ جو ڪم اهڙي نفيس نموني سان ٿيل هو جو لڳي پيو ته ڪنهن ننڍڙي خاندان نفاست سان ڪيو هجي. جن پنهنجو نالو هن هڪڙي ئي جنون سان ڪمايو هجي.
”مسٽر رائلي مختلف تجارتي ڪمن جي ذريعي ڪيترائي سال اڳ ۾ پنهنجي قسمت کي ننڊ مان بيدار ڪيو هو. هو ان ڪمپني جي پهريئن سرمائيدارن مان هڪ هو، جيڪي اڄ بين الاقوامي سطح تي ڄاتل سڃاتل آهن. مون کي هن ڪپني جي نالي ٻڌائڻ کان ڪجهه شين جي منع ٿيل آهي ۽ جيڪڏهن مسٽر رائلي کي اها خبر پئجي وئي ته مون توهان سان مالي معاملن جي باري ۾ ڳالهايو آهي ته هن کي تمام گهڻو ڏُک ٿيندو. هن جي هدايت فقط اها هُئي ته توهان کي انتهائي احترام ۽ پر وقار انداز سان آندو وڃي ۽ هن جي سچائي ۽ ڀروسي جي توهان کي پڪ ڏياري وڃي ۽ توهان کي سلامتي سان هينگر 21 تي پهچايون“.
”هينگر ايڪويهه Hangar 21“؟ آرٽسٽ حيران ٿيندي پڇيو. هو هن وقت آرام سان گاڏي جي پوئين سيٽ تي ڪنهن وڏي گلوڪار جيان ويهي چڪو هو، جيڪو ڄڻ پنهنجي ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانو ٿيندو هجي.
” هي اهو ٻيڙو آهي جتي مسٽر رائلي جا جيٽ جهاز بيهاريا ويندا آهن“. ڊرائيور مختصر جواب ڏنو.
”ٻيڙا Fleet “؟ ڪاروباري عورت سوال پڇيو. هن جون خوبصورت اکيون تجسس منجهان ڦاٽي پيون.
”جي“، ڊرائيور کي ايتري ئي اجازت هوندي.
خاموشي ڇانئجي ويئي جيئن ئي ڊرائيور صبح پهر ۾خالي روڊن تي گاڏي ڀڄائڻ شروع ڪيو. آرٽسٽ دري منجهان ٻاهر نهاريو ۽ هڪ هٿ سان پاڻي جي خالي بوتل کي بي ڌياني ۾ ڦيرائي رهيو هو. هن کي ڪيترائي سال ٿي ويا ها جو هن سج کي اُڀرندي نه ڏٺو هو. ”تمام بهترين، واقعي ئي هي تمام حسين منظر آهي“. هن قبوليندي چيو. ”هن وقت هر شيءَ ۾ سڪون آهي، ڪو شور نا هي، ڪيترو سڪون آهي، جيتوڻيڪ، مان هن وقت ٿڪل آهيان، پر پوءِ به مان سوچي سگهان ٿو. شيون واضح نظر اچي رهيون آهن. منهنجي سوچ منتشر/ڌنڌلي نه آهي ۽ ائين لڳي ٿو ته باقي سڄي دنيا سُتل آهي، ڪيڏي نه خاموشي آهي/ڪيڏو نه سُڪون آهي.
سج جي اڀرڻ مهل وارا روشني جا ڪرڻا، ڏينهن جي ابتدا جا پهريان لمحا، ۽ ان لمحن جي خاموش سڏ، هن جي همت حوصلي کي وڌائي ڇڏيو هو.
ڪاروباري عورت ڊرائيور کي سمجهڻ لڳي،”پنهنجي باس جي باري ۾ اسان کي وڌيڪ ٻڌايو نه“. هن پنهنجي ڊوائس سان کيڏندي ڊرائيور کي عرض ڪيو.
”مان ان کان وڌيڪ نه ٿو ٻڌائي سگهان. هو کرب پتي انسان آهي، هو پنهنجي گهڻي دولت خيراتي ڪمن ۾ ڏيئي چڪو آهي. مان جيترن به ماڻهن کي سڃاڻان مسٽر رائلي انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ سخي، شفيق انسان آهي. هن ۾ تمام وڏي خوداعتمادي آهي. ان سان گڏ هي ايماندار، همدرد، پروقار ۽ وفادار شخص آهي. حقيقت اها آهي ته هو هڪ عجيب ۽ غريب انسان آهي. جيتوڻيڪ اهو چوڻ گستاخي ۾ شامل ٿي ويندو ته هو تمام وڏو، وڏي ۾ وڏو امير ماڻهو آهي.
”اسان اها ڳالهه نوٽ ڪئي آهي“. ڪاروباري عورت اتفاق ڪندي چيو.”ان ڪري مان اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته اهو ڪهڙو ڪارڻ آهي جو توهان هن لاءِ لفظ ”عجيب“ جو استعمال ڪيو.
”توهان کي ان جي خبر پئجي ويندي“. ڊرائيور سُر سان جواب نه ڏنو.
رولز Rolls تمام جلدي نجي هوائي اڏي تي پهچي وئي. مسٽر رائلي جو ڪو اتو پتو نه هو. ڊرائيور ڪار جي رفتار وڌائي ڇڏي ۽ آئيوري جيٽ ڏي ڪار ڪاهي ويو. جيڪو هر لحاظ کان بي عيب نظر اچي رهيو هو. صرف هن جي پُڇ تي نارنگي رنگ جا ٽي اکر لکيل هئا،”5اي سي“.
”5 اي سي 5ACجو مطلب ڇا هي“.ڪاروباري عورت پريشان ٿيندي پُڇيو. هو پنهنجو gadget مضبوطي سان جهلي بيٺي هُئي.
”فايئو اي ايم ڪلبthe 5 AM Club . پنهنجي صبح جا مالڪ ٿيو، پنهنجي زندگي کي بلند ڪيو. هي مسٽر رائلي جي چند اصولن مان آهي. جن جي بُنياد تي هن پنهنجا ڪيترائي ئي ڪاروبار ٺاهيا ۽ هاڻي افسوس جو هتان کان مون کي توهان کي خداحافظ ڪرڻو پوندو“. ڊرائيور چمڪندڙ جهاز تي سامان رکندي چيو.
عملي جا ٻه حسين ڪارڪن، جهاز جي لوهي ڏاڪڻن تي بيهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا، جيڪا ڏاڪڻ جهاز جي ڪيبن تائين وڃي رهي هُئي. هڪ خوش اخلاق هوائي ميزبان خاتون، آرٽسٽ ۽ عورت کي چاندي جي ٽري ۾ رکيل ٽوال ڪافي پيش ڪئي ۽ روسي زبان ۾ هنن کي صبح جو سلام ڪيو.
”توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي“. ڪارڊرائيور پنهنجي ڪار ۾ واپس ويهندي چيو. ”جڏهن توهان جي مُلاقات مسٽر رائلي سان ٿئي، ته ان تائين منهنجا سلام پهچائي ڇڏجو، ماريشيس پهچي مزا ماڻجو“.
”ماريشيس“؟ ٻنهي رڙ ڪئي.
”ايڏو سڀ ڪجهه، يقين ئي نه ٿو اچي“. آرٽسٽ ڪيبن ۾ چڙهندي چيو.
”ماريشيس! منهنجي هميشه اها خواهش رهي ته مان ان جزيري تي وڃان. مون ان جي باري ۾ ٿورو ڪجهه پڙهيو آهي. هي تمام مٿانهين جاءِ آهي ۽ تمام حسين. چون ٿا ته هتي دنيا جا انتهائي خوش ماڻهو رهن ٿا“.
”مان خوشي ۾ ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپان“. عورت پنهنجي ڪافي جي چسڪي وٺندي چيو ۽ ڪاڪ پٽ ۾ جهاتي پاتي. هن پائليٽس تي نگاهه وڌي، جيڪي اڏام کان اڳ ۾ تياري ۾ رڌل هئا. ”مون ٻڌو آ ته ماريشيس تمام بهترين جاءِ آ ۽ هتان جا ماڻهو ڏاڍا محبتي، مددگار ۽ روحاني حساب سان تمام اڳتي آهن“.
وڏي مهارت سان فرسٽ ڪلاس جهاز اڏام ورتي ۽ پوءِ ڪڪرن ۾ گم ٿي ويو. ان کان پوءِ جڏهن جهاز هڪ خاص اوچائي تي پهتو (cruising altitude ) ته هنن کي شيمپين (فرانس جو شراب)champagne ڏنو ويو ۽ مڇي جي آچاري ٻوڙ جي پيشڪش ڪئي وئي ۽ ٻين ڪافي شين جي پڻ پيشڪش ڪئي وئي. ڪاروباري عورت تمام گهڻي حد تائين مطمئن محسوس ڪري رهي هئي ۽ پنهنجي ڪمپني جي سيڙپڪارن کان جن جي ظالماڻي ڪوشش اها هئي ته اهي هن کان ڪمپني کسي وٺن. سچ ته اهو آهي ته هن وقت ڪاروبار کان موڪل تي وڃڻ ۽ فائيو اي ايم ڪلب جي فلسفي ۽ هن جي طريقڪار کي سمجهڻ جو هي مثالي وقت نه هو، جنهن مسٽر رائلي کي ڪاروبار جي بلندين تي وٺي ويو ۽ عالمي سطح تي انتهائي تيزي سان ترقي ڪئي يا وري هي شايد اهو ئي ڪامل وقت هو ته پاڻ کان ان اڪثريت واري حقيقت کان ٻاهر ڪڍي اچون، ته جيئن اهو معلوم ڪري سگهون ته ماڻهو ڪئين پنهنجي ڪامياب ترين ۽ سڀني کان بهترين ۽ خوشحال ماڻهو پنهنجي ڏينهن جي شروعات ڪيئن ڪن ٿا.
ڪاروباري عورت شيمپين جا چند ڍُڪ ڀرڻ کان پوءِ فلم ڏسڻ شروع ڪئي. پوءِ هو گهري ننڊ ۾ پئجي وئي. آرٽس وٽ مائڪلو اينجلو Michelangelo Fiorentino et Rafael da Urbina: Master of Art in the Vaticanجي باري ۾ لکيل ڪتاب هو، جيڪو هن ڪلاڪن تائين پئي پڙهيو. توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هو ان وقت ڪيتري خوشي محسوس ڪري رهيو هو.
جيٽ جهاز ڪيترن ئي براعظمن ۽ ويران خطن کان گذرندو پئي ويو. سڄو سفر انتهائي احتياط سان جاري رهيو ۽ جهاز جي لينڊنگ به بهترين نموني سان ٿي. مطلب ته سڄو سفر انتهائي خوبصورت هو.
”انٽرنيشنل ايئرپورٽ Maritius and Sir Seewoosagur Ramgoolas International Airport تي ڀليڪار/خوش آمديد“، جهاز جي رن وي تي لهڻ وقت، پائلٽ اسپيڪر تي ڳالهائيندي اعلان ڪيو. هن جي لهجي ۾ مليل اعتماد ۾ لڳي رهيو هو ته هن پنهنجي زندگي جا ڪيترائي ورهه آسمان ۾ گذاري ڇڏيا آهن. ”توهان ٻنهي معزز مهمانن جو اسان سان گڏ هجڻ، اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي. مسٽر رائلي جي ذاتي صلاحڪار اسان کي چيو. هن موجب ايندڙ ڪيترا ڏينهن هو گڏ رهندا. توهان جي هڪ دفعو ٻيهر مهرباني جو توهان اسان سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪيو ۽ اسان کي اميد آهي ته توهان جو هي سفر انتهائي محفوظ ۽ شاندار گذريو هوندو”.
هڪ چمڪندڙ ايس يو وي (اسپورٽ يوٽيلٽي وهيڪل)SUV (Sport Utility Vehicle) ڊامبر سان ٺهيل روڊ تي اچي بيٺي ۽ هوائي ميزبان پنهنجن خاص مسافرن کي جهاز مان لاهي، گاڏي ۾ اچي ويهاريو.
”توهان جو سامان ٿوري دير ۾ پهچي ويندو...فڪر نه ڪجو...هي مسٽر رائلي جي ساحل سمندر تي موجود رهائش گاهه Spasiba جي مهمان خاني ۾ توهان کي ملي ويندو“. هن پُروقار لهجي ۾ ۽ تمام وڏي ادب ۽ اخلاق سان چيو.
”هي ته واهه جو ڪم ٿيو“. عورت چيو ۽ وڏي خوشي مان پنهنجون ڪجهه سيلفيون ڪڍي ورتيون، ڄڻ هو ڪنهن فيشن جي تقريب ۾ آئي هجي.
”تمام بهترين“ آرٽسٽ چيو ۽ پنهنجي زبان ائين ٻاهر ڪڍندي ڦوٽي واري سيلفي ۾ شامل ٿي ويو جيئن البرٽ آئنسٽائن پنهنجي مشهور تصور ڪڍرائيندي پنهنجي ننڍپن جي حيرت ۾ پوڻ مهل زبان ٻاهر ڪڍي ڪڍرائي هُئي.
جڏهن رينج رو (ڪار جو نالو) Range Rover هائي وي تي چڙهي، ٻنهي طرفن کان وڏن بيٺل ڪمند جي فصلن جيڪو بهر هند جي هوائن سان رقص ڪري رهيا هئا. خاموش ڊرائيور کي اڇي رنگ جي ٽوپي پاتل هُئي. جيئن پنجن ستارن واري هوٽلن ۾ ڊرائيورن کي پاتل هوندي آهي ۽ هڪ بهترين سليٽي رنگ جو استري ٿيل وڳو پاتل هو، جيڪو هن جي ڪم جي نشاندهي ڪري پيو. جتي رفتار گهٽ ڪرڻ جو اشارو پئي آيو، هن ڪنهن به اشاري کي نظرانداز نه ڪيو ۽ جتان به هن کي موڙ آيو، اتي هن پڪ سان اشارن جو استعمال پئي ڪيو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه واضح هئي ته هو وڏي عمر جو ڊرائيور هو. پر هو گاڏي ائين هلائي رهيو هو جئين ڪو جوان مهارت سان ڪار کي هلائيندو آهي. ڊرائيونگ دوران هن جي نظر سڌي روڊ تي کتل هئي، ته جيئن هن سان گڏ جيڪي مسافر ويٺل آهن، انهن کي سلامتي سان پنهنجي منزل تي پهچائي.
اهي ماڻهو ڪنهن ننڍن ڳوٺن کان گذرندي اڳتي وڌندا رهيا، جن کي وقت جو احساس ئي نه هيو. گهٽين جي ڪنارن سان بوگن ويليا جا ٻوٽا پوکيل هئا. جنگلي ڪُتا بيٺي بيٺي تڪي رهيا هُئا. جئين ايس يو وي ڪا مرغي جهڙي موتمار راند آهي ۽ ساڳي ريت زمين ته ڦٽيل گاهه تي ٻارڙا پاڻ ۾ راند روند ۾ رڌل نظر آيا. ڪٿي ڪٿي ٻانگي جي ٻانگ پڻ ٻڌڻ ۾ آئي. پوڙها ماڻهو جنهن جا ڏند ٽٽل هئا. اُن جي ٺهيل ٽوپي پائي موسم جي هٿان شڪست کاڌل ڪاٺ جي ڪرسي تي ويٺل هئا. هو ائين نظر اچي رهيا هئا ڄڻ انهن کي اڃان ڏينهن جا ڪيترا ئي ڪلاڪ گذارڻا آهن ۽ هڪدم زندگي جي سختين کان ٿڪجي پيا هجن. پر پوءِ به زندگي کي ماڻڻ جي تمنا رکندا هجن. پکين جي ٻولڙين جي هل ماحول کي اڃان به معطر بڻائي ڇڏيو هو.
هڪڙي ٻي ڪميونٽي جي ننڍي آبادي مان ايس يو وي لنگهي ته، سامهون سامهون واري دري مان لائوڊ اسپيڪر تي موسيقي پئي وڳي، جتي ٻه نوجوان ڇوڪرا ۽ ٽي نوجوان ڇوڪريون جن جي وارن تي اڇا ۽ گلابي گل لڳل هئا، ڊانس ڪري رهيا هئا. هڪڙي ٻئي ڪتي پٺيان، آهستي ڀونڪيو.
”شاندار ڪهاڻي“، ڪاروباري عورت نوٽ ڪيو. هن جي پاسي واري دري کليل هُئي ۽ هن جا گهنڊيدار وار هوا ۾ جهومي رهيا هئا. هن جو چهرو هاڻي ڪافي پرسڪون پئي لڳو. هن پنهنجا لفظ صاف نموني ظاهر ڪيا ۽ هن جي آواز مان شانتي جو سڀاءَ محسوس پئي ٿيو. هن جو هڪڙو هٿ سيٽ تي پيل هيو، جيڪو آرٽسٽ جي هٿ کان گهڻو پري نه هيو. جنهن جي وچين آڱر ۽ چيچ تي ٽيٽو ٺهيل هيا.
”مارڪ ٽوين Mark Twain لکيو ، ”ماريٽوريشس اڳ ۾ ٺهيو هو ۽ جنت بعد ۾، جنت جو ڪانسيپٽ ماريٽورشس مان ڪاپي ڪيو ويو آهي“. ڊرائيور آهستي آهستي کلي رهيو هو. هن جو چهرو اهڙو ڏيک ڏيئي رهيو هو جيئن ڪنهن ملڪ جو صدر پنهنجي پهرين تقرير کان اڳ ۾ نظر ايندو آهي.
”هن کان اڳ ۾ اهڙي شي ڪڏهن به نه ڏٺي“، آرٽسٽ چيو. ”هن پنهنجي ڪاوڙيل چهري کي مٽائي ان تي پرسڪون، بي پرواه، ريلڪسڊ چهرو لڳائي ڇڏيو هيو. مان هتي زندگي جون اهڙيون شعايون محسوس ڪري رهيو آهيان. جيڪي منهنجي اندر جي گهرائي کي جلا بخشي رهيون آهن“.
ڪاروباري عورت آرٽسٽ تي ٿورو مڙئي وڌيڪ وقت کان گهڻو نگاهه وڌي، جيڪا قبول ڪرڻ جوڳي هئي پوءِ هن نگاهه ڦيري سمونڊ ڏانهن نهارڻ لڳي. حالانڪ هن جي دل نه پئي چوي، پر پوءِ هو پنهنجي کل کي روڪي نه سگهي ۽ مسڪرائڻ لڳي.
ڊرائيور ايس يو وي جي فون تي ڪجهه سس پس ڪري رهيو هو. ”پنج منٽ پري آهيون“ پوءِ هن هر هڪ کي هڪڙو ٽيبليٽ ڏنو جيڪو سون جو ٺهيل لڳي رهيو هو. ”مهرباني ڪري هن جو مطالعو ڪري وٺو“. هِن هُنن کي چيو.
نفيس انداز سان نقش ٿيل، ظاهري طور تي قيمتي لوهه تي پنج بيان اڪريل هيا، جيڪي هن ريت هيا.
تباهي ڏانهن ويندڙ نشو، توهان جي تخليق صلاحيت کي ختم ڪري ٿو، سلطنت اڏيندڙ ۽ تاريخ ٺاهيندڙن، سج اڀرڻ کان اڳ ۾ هڪ ڪلاڪ پنهنجي لاءِ ڪڍندا هُئا ۽ ان سڪون/نرمي سان جيڪا پيچيدگيءَ جي چنبن کان پري آهي، ته جيئن پاڻ کي ورلڊ ڪلاس ڏينهن لاءِ تيار ڪري سگهن اهو ڪلاڪ گذاريندا هئا، جيڪو ميلي کان تمام گهڻو اڳتي جي شيءَ آهي، ته جيئن هو پاڻ کي شاندار ڏينهن لاءِ تيار ڪري ڇڏين.
قائدو نمبر: ٻيون Rule # 2
عذر/بهاني سان ڪا به ڏاهپ پيدا نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن توهان هِن کان اڳ پاڻ ۾ صبح جو سوير اٿڻ جي عادت انسٽال نه ڪئي آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان هاڻي اهو نه ٿا ڪري سگهو. پنهنجي انهن ڪمزورين کي/عقليت پسندي کي ڇڏي ڏيو ۽ ياد رکي ڇڏيو ته ننڍيون ننڍيون روز مرهه جون سُٺايون/بهتريون، جڏهن گهڻو وقت مسلسل ڪيون وينديون... ته اهي تمام وڏا نتيجا ڏينديون.
قائدو نمبر: ٽيون Rule #3
مڙئي تبديليون ابتدا ۾ تمام ڏکيون، پوءِ بيزار ڪندڙ ۽ آخر ۾ وري دلڪش ٿي وينديون آهن. توهان کي هن وقت هر اها شي جيڪا سولي لڳي ٿي، اها توهان کي شروع ۾ ڏکي لڳي هوندي، پر مسلسل مشق سان، سج جي اڀرڻ سان، اهو توهان جي زندگي جو معمول بڻجي ويندو.
قائدو نمبر: چار Rule # 4
نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ، پنج سيڪڙو وڏي ۾ وڏا پروڊيوسر،توهان 95 سيڪڙو انهن ماڻهن جيان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جيڪي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. جئين ئي توهان ائين زندگي گذارڻ شروع ڪندو ته ماڻهن جو وڏو انگ توهان کي چريو چوندي. ياد رکو ته پاڳل يا بي وقوف هئڻ وارو ٺپو توهان جي عظمت جي قيمت آهي.
قائدو نمبر: پنج Rule # 5
جڏهن توهان کي اهو محسوس ٿئي ته توهان هاڻي همت هارڻ وارا آهيو پر پوءِ به ڪوشش جاري رکو. ڇو ته فتح کي بي آرامي ۽ مشقت سان محبت هوندي آهي.




گاڏي جڏهن سمونڊ ڪناري ٺهيل اڇي رنگن جي گهرن وٽ پهتي ته ان جي رفتار گهٽ ٿي وئي. هڪ گهر جي ويجهو مٽي واري رستي تي هڪڙي ٽرڪ بيٺل هُئي. ان جا ڪجهه اوزار سامهون واري اڱڻ تي وکريل پيا هُئا. آخري گهر جي سامهون ٻارڙن جو ميڙ اڱڻ تي کيڏي رهيو هو ۽ اهي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي، تمام گهڻو راند مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا.
سمونڊ جون سائي ۽ نيري رنگ جون لهرون جنهن تي جهڳي پکڙيل هُئي، جهڳي جو شور ٿي رهيو هو ۽ سنهڙي ساحل سان ٽڪرائجي پئي ويون. هوا ۾ هاڻي سمونڊ جي ڌپ به گڏجي وئي هئي. تنهن جي باوجود به ان ۾ ميٺاج جو اثر شامل ٿي ويو هجي. وسيع تر ٿلهي مٿان ڪاٺ جي تختي تي هڪڙو سنٽا ڪلاس جي سفيد ڏاڙهي وارو/ سان ماڻهو ويٺو هو، جنهن کي خاڪي لباس پاتل هو ۽ پيرين اگهاڙو هو، پنهنجي گهروارن لاءِ رات جي ماني جو بندوبست ڪري رهيو هو. هن جي مٿي تي موٽر سائيڪل جو هيلميٽ پاتل هو.
سج لهڻ جي ابتدا ڪري هو، پاڻي جي لهرن تي سج لهڻ وارا سونهري ڪرڻا، اڃان به ماحول کي انتهائي خوبصورت ڪري رهيا هيا. پکي اڃان تائين ٻوليون ٻولي رهيا هئا. پوپٽ اڃان به اڏري رهيا هئا. اهو سڀ انتهائي سحر انگيز هيو.
اسان پهچي چڪا آهيون“. ڊرائيور هڪڙي لوهي پنڃري جي ٻاهران لڳل انٽر ڪام تي گفتگو ڪندي چيو. جئين شايد جنگلي جانورن جي خوف کان اهو حفاظتي جنهگلو لڳايو ويو هجي. گيٽ هوريان هوريان کُلي ويو.
ايس يو وي گاڏي وڏي روڊن کان آهيستي آهستي هليو، جيڪو بوگن ويليا، گل خيرو، فرينگنپاني(ٻوٽا)، وغيره جهڙن گلن سان ڀريل هو. ان گهر جي اندر داخل ٿي رهي هئي بوڪلي ڊيوريلي ماريٽشس جو قومي گل هو، روڊ جي ٻنهي پاسن کان لڳل هئا. ڊرائيور پنهنجي دري کولي، جتان سمونڊي هوا اندر داخل ٿيڻ جي دعوت ڏني، جنهن ۾/ ان هوا سان گڏ ياسمين ۽ گلاب جي گلن جي خوشبو به شامل ٿي وئي هجي. باغ جي مالهين کي سُٺا ڪپڙا پاتل هُئا ۽ اهي هٿ لوڏي ڀليڪار چئي رهيا هيا. جيئن ئي گاڏي انهن جي ويجهو گذري ته هڪڙي شخص رڙ ڪري چيو، بانجور (بي او ن جي او يو آر ) (فرانسيسي ٻوليءَ ۾ مهمانن کي ڀليڪار ڪرڻ جو انداز) ٻي وري چيو بانزور. اوڏي مهل ٻه ڳيرا روڊ تي به نظر آيا.
ارب پتي جو گهر انتهائي سادو هو. هن جي گهر جو اڳيون حصو جيڪو ساحل ڏانهن هيو، اهو ڊزائين ۾ ٺهيل هو. جيئن مارٿا جي وينيارڊ جهوپڙي ڄڻ ته سئيڊس فارم هائوس جو احساس نمايان نظر اچي رهيو هو. جيڪو گهر انتهائي خوبصورت ۽ مڪمل طور تي ذاتي لڳي رهيو هو.
گهر جي پٺيان ورانڊو سمونڊ تائين هليو ويو هو. هڪ مٽي سان ڀڀوت بائيڪ ديوار سان ٽيڪ ڏيئي بيهاريو ويو هيو. ڊرائيو ڪرڻ واري رستي جي آخر ۾ هڪڙو سرف/ بورڊ رکيل هو. فرش کان ڇت تائين وڏيون وڏيون دريون فن تعمير جون شهڪار هيون، ناياب، قيمتي گل انتهائي احتياط سان سجايا ويا هُئا. جتي هڪڙي ٽرالي پئي هئي، جنهن تي تازي ليمي سان ٺهيل چانهه ۽ انتهائي باريڪي سان ڪٽيل ادرڪ جا ٽڪرا، مهمانن جي اوسئڙي ۾ هئا. سج جي روشني سان چمڪندڙ حسين سليٽي رنگ جا ڏاڪا ساهه کڻڻ جي حد تائين هيٺ وڏي ترتيب سان سجايل هُئا ۽ هي ڏاڪا ايترا ته موهيندڙ هئا جو فقط ان کي ٽرويل ميئگزين ۾ ڇپجندڙ تصورن ۾ ئي ڏسي سگهجي پيو، جيئن وڏا ماڻهو پڙهڻ پسند ڪندا آهن.
انهن مڙني آسائشن جي وچ ۾ هڪڙو مجسمو کير جهڙي اڇي رنگ جي واري تي بيٺل نظر آيو. هو هڪڙو دفعو به نه چريو. مڪمل طور تي خاموش/بوتو بڻيل هو.
هي ماڻهو ايفل ٽاور Effel Tower جيترو قدآور هو. هن کي قميص پاتل نه هئي، پتل جهڙو، ڪيموفلوج جي ڊزائن جهڙو اُڪريل پاجامو پاتل، ڦڪي رنگ جا سينڊل ۽ اوبر اسٽائل اس جو چشمو، هن ماڻهو سمونڊ ۾ جهاتي پاتي ۽ اڃان تائين مڪمل طور تي ائين خاموش هو، جيئن ڪو آفريڪي آسمان تي ڪو ستارو.
”ڏسو“، ڪاروباري عورت ان شخص ڏي اشارو ڪندي چيو. ”آخرڪار اسان پنهنجي ميزبان سان اچي ملياسين. عظيم/شاندار مسٽر رائلي“. هن وڏي جوش سان اندازو لڳايو ۽ پنهنجي رفتار سمونڊ ڏانهن ويندڙ ڪاٺ جي ڏاڪن تي وڌائي ڇڏي ” ان کي ڏسو هو پاڻي جي اندران اچي رهيو آهي، اهي سج جي ڪرڻن کي آلو ڪري رهيا هئا ۽ مڪمل طور تي پيار ڪرڻ واري زندگي. مون چيو هو نه ته هو انتهائي اهم ماڻهو آهي. مان ان ڪري ڏاڍي خوش آهيان ته مون پنهنجي دل جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو/ مڃي ۽ هتي آئي آهيان. هي ته پنهنجي زبان جو پڪو نڪتو...هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي گهڻو ڪري ماڻهو جيڪو ڪجهه چون ٿا اهُو ڪري نه ٿا ڏيکارين ۽ اهڙا واعدا ڪري ويهي رهن ٿا، جيڪي هو وفا نه ٿا ڪن. هن شخص ته جيڪو چيو اهو ثابت ڪري ڏيکاريو، هي ته وڏو وفادار ماڻهو آهي. هن اسان جو سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو/ هن جو اسان سان سُٺو ورتاءُ رهيو آهي. جيتوڻيڪ هي اسان کي بنهه نه سُڃاڻي ۽ ان جي باوجود هو اسان جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مون کي پنهنجي سوچ تي ڪنهن به قسم جو ٿورو به شڪ ناهي، ته هو اسان جي مدد نه ڪندو. جلدي ڪيو، ڇا توهان تيار آهيو؟. هو پنهنجي سست رفتار ساٿي کي اڳتي وڌڻ لاءِ همت افزائي ڪري رهي هئي. منهنجي دل چوي ٿي ته مان جلدي سان مسٽر رائلي کي هڪڙو زوردار ڀاڪر پايان“.
آرٽسٽ هن تي کلڻ لڳو. هن پنهنجي ڪاري رنگ جي قميص تکي اس ۾ لاهي ڇڏي، پنهنجي ٻڌها جهڙي پيٽ کي ۽ لڙڪندڙ رسيلن انبن جهڙيون ڇاتين کي اڃان به نروار ڪيو.
”مان به... هو پنهنجي تبليغ تي هلندو آهي. مون کي ڪجهه روشني جي ضرورت آهي/کپي“.... پينٽر چپن تي ڀڻڪيو، جيئن هو ڪاروباري عورت جي ويجهو وڃي بيهڻ لاءِ وڌيو. هن زور سان ساهه کنيو.
جيئن ئي اُهي ٻيئي مهمان ان سامونڊي ڪمپائونڊ جي نروان جي ڪناري ان ماڻهو ڏانهن وڌيا، انهن ڏٺو/ انهن کي اندازو ٿيو ته اُتي اوسي پاسي ۾ ڪو به گهر ڪونهي، هڪڙو به نه. صرف ڪجهه پراڻيون ڪاٺ رنگ لٿل ٻيڙيون، ساحل جي ڪناري سالن کان بيٺل هيون ۽ ان وقت سج جي پوڄا ڪندڙ عظيم الشان ايمپاير اٽلي جي رياست کي اڏيندڙ بيٺل هو. هن کان علاوه اُتي، پري پري تائين ٻيو ڪو به انسان نه هو.
”مسٽر رائلي“ آرٽسٽ رڙ ڪري چيو. هاڻي واريءَ تي ڪنهن بکايل ماڻهو جيان پنهنجن انتهائي ناڪاره ٿيل ڦڦڙن ۾ ساهه ڇڪي رهيو هو/ هلندي هو سهڪي رهيو هيو.
اها شخصيت اُتي ئي ائين ڄمي بيٺي رهي، جيئن ڪو محل جو محافظ/چوڪيدار شاهي گاڏي جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ هوندو آهي.
”مسٽر رائلي“ ڪاروباري عورت وڏي جوش مان رڙ ڪري چيو.
اُتان ڪا به موٽ نه آئي، هو شخص مسلسل سمونڊ ڏانهن نگاهون وجهي گهوريندو رهيو. جتان فوٽ بال اسٽيڊيم جي سائيز جو هڪ بحري جهاز گذري رهيو هو. جيڪو افق تي چمڪي رهيو هو. .
آرٽسٽ تڪڙي هن شخص جي ڪلهن کان پويان اچي بيهي رهيو ۽ ٽي دفعا هن کاٻي پاسي ڪلهي تي هلڪي ٿپڪي لڳائي. ان شخص هڪدم پنهنجو منهن ڦيرائي هنن ڏي منهن ڪري بيهي رهيو. ٻنهي ڄڻن جو وات پٽجي ويو. ڪاروباري عورت پنهنجو سنهڙو هٿ حيرت مان پنهنجي وات ۾ وجهي ڇڏيو. ان کان اڳ ۾ جو، آرٽسٽ واري تي ڪرِي پوي، هڪدم پوئتي هٽي ويو.
اُنهن ٻنهين جيڪو ڪجهه ڏٺو، هنن جا وات پٽجي ويا ۽ هي بوکلائجي ويا.
هي ته اسپيلبائيڊر هو.

جنت ۾ تبديلي لاءِ تياري جي شروعات

7

Preparation for a transformation begins in Paradise
جنت ۾ تبديلي لاءِ تياري جي شروعات


“A child has no trouble believing the unbelievable, nor does the genius or the madman. It’s only you and I, with our big brains and our tiny hearts, who doubt and over think and hesitate”.
–Steven Pressfield


”ڪنهن ٻار لاءِ ڪنهن اهڙي شي تي يقين ڪرڻ، جيڪو يقين ڪرڻ جي قابل نه هجي، ڪو مسئلو ناهي ۽ نه ئي وري ذهين ۽ چرئي ماڻهوء لاءِ. پر اهي صرف مون سان، توهان سان يعني اسان جي وڏن دماغن يا وري ننڍين دلين وارن سان ٿئي ٿو، جيڪي شڪ ڪنداآهن ۽ وڌيڪ سوچيندا آهن ۽ ڳڻتي ۾ پئجي ويندا آهن“.
اسٽيون پريسفيلڊ


”اوه وائو!“ ڪاروباري عورت عجيب خوشيءَ سان مسڪرائيندي چيو. جنهن ۾ حيراني سان گڏ خوشي پڻ شامل هئي.
اسان توهان جي سيمينار ۾ هئاسين، هون. توهان ته اسٽيج تي شاندار ڪم ڪري ڏيکاريو“. هن پنهنجن خيالن کي جيئن تيئن ڪري ظاهر ڪيو، ڪائناتي ڪاروبار جي مالڪ جي هلڪي جهٽڪي/نرم شاڪ جي محور جنهن هن کي متاثر ڪري ڇڏيو هو، هاڻي ان جي عادي بڻجي ويئي هئي.”مان هڪ ٽيڪنالاجي ڪمپني هلائيندي آهيان. اسان جي صنعت ۾ اسان ماڻهن کي پنڊت ”راڪٽ شپ“ چئي پڪاريندا آهيون. ڇو ته اسان کي تمام گهڻي واڌ جو تجربو ٿي رهيو آهي. مڙئي ڪارونهوار ڪجهه عرصو پهريائين ٺيڪ هلي رهيو هو. پوءِ وري....“. عورت جي آواز ۾ هٻڪ اچي وئي.
هن اسپيلبائينڊر کان نگاهه هٽائي ڇڏي ۽ آرٽسٽ کي گهوري نهارڻ لڳي. هڪڙي گهڙي لاءِ هو پريشاني جي حالت ۾ پنهنجي بريسليٽ سان کيڏڻ لڳي. هن جي چهري تي پئجي ويل گهنج وڌيڪ واضح ٿي ويا ۽ هن جي چهري مان هڪ ئي لمحي ۾ هو ٿڪل، ٿڪل ۽ ڪنهن زخمي ٿيل انسان وانگيان نظر اچڻ لڳي، خاص ڪري ان سامونڊي ڪناري تي.
” ڇا ٿيو“؟ اسپيلبائنڊر هن کا پڇيو.”توهان جي ڪاروبار جو“.
”ڪيترن ماڻهن منهنجي ڪمپني ۾ پئسو لڳايو هو، اهي سمجهن پيا ته منهنجا اختيار تمام گهڻا آهن ۽ سي اختيار اهي پنهنجا ڪرڻ چاهين پيا. انتها جا لالچي ماڻهو. سو انهن ڇا ڪيو جو منهنجي ايگزيڪِيوٽو ٽيم کي منهنجي خلاف ورغلايو ۽ منهنجن اهم ملازمن کان منهنجي خلاف احتجاج ڪرايو ۽ هاڻي اُهي مون کي منهنجي ئي اداري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن پيا، اُهو ادارو مون لاءِ منهنجي سموري ڪائنات آهي“. ڪاروباري عورت جو ساهه منجهي پيو.
ڪجهه حسين رنگ برنگي مڇين جو جهنڊ سامونڊي واري جي ويجهو کان لنگهي ويو.
”مان ته خودڪشي ڪرڻ وڃي رهي هيس“، عورت پنهنجي ڳالهه کي روان رکندي چيو. ”ايتري تائين جو مون توهان جو سيمينار ڏٺو، مون کي توهان جي معلومات مان تمام گهڻي اُميد ملي. توهان جي لفظن مون کي ٻيهر طاقت جو احساس ڏنو . مان يقين سان ته نه ٿي چئي سگهان ته اهو ڇا هو، توهان مون کي پنهنجي پاڻ تي ۽ پنهنجي مستقبل تي يقين ڪرڻ جي قابل بڻايو. ان لاءِ مان توهان جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿي“. اهو چئي هن اسپيلبائنڊر کي ڀاڪر پاتو، ”توهان مون کي پنهنجي زندگي کي بهتر بنائڻ جي سفر ۾ لڳايو آهي“.
”توهان جي ان پذيرائي وارن لفظن جي مهرباني“، اسپيلبائنڊر چيو، جيڪو هن ڀيري، گذريل دفعي جي ڀيٽ ۾ بلڪل مختلف انداز ۾ سامهون آيو هو، جيئن هن کي ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ آخري ڀيرو ڏٺو هو. هينئر نه هن جي چهري تي روشن چمڪ هئي جيڪي صحتمند ماڻهو سج کان حاصل ڪندا آهن، پر هن وقت خاموش بيٺو هو ۽ هن جو ٿورو وزن به وڌي چڪو هو.
”توهان جيڪو ڪجهه چيو، ان تي مان توهان جو ٿورائتو آهيان“ اسپيلبائنڊر ڳالهائيندو ويو. ”پر سچ ته اهو آهي ته مون توهان کي بهتر زندگي جي تلاش جو آغاز نه ڪرايو. توهان پنهنجي زندگي کي مون وارو طريقو استعمال ڪري بهتر بڻائي رهيا آهيو، جيڪو مون پڙهايو...۽ توهان منهنجي ڳالهين تي عمل ڪري اهو ڪم شروع ڪري رهيا آهيو. ڪيترائي گهڻا ماڻهو تمام سُٺيون ڳالهيون ڪندا آهن. اهي توهان کي اهي سڀئي ارادا ڏسي/ٻڌائي ڇڏيندا آهن، جيڪي هو ڪرائڻ وارا هوندا آهن ۽ پنهنجا اهي سڀ منصوبا ٻڌائي ويهي رهندا آهن. مان ڪنهن تي تنقيد نه ٿو ڪيان، مان ته بس ٻڌائي رهيو آهيان، مان ته ڪا شڪايت نه ڪري رهيو آهيان، مان ته بس چئي رهيو آهيان ته ڪيترائي ماڻهو سڄي زندگي هڪڙي جاءِ تي بيٺا هوندا آهن. اهي ايڏا ڊنل هوندا آهن جو هو اهو رستو جيڪو ڪالهه اپنايو هو، ان کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. عام نموني سان خوش ٿي شادي ڪئي ۽ اصولن جي هٿڪڙين ۾ ٻڌجي ويا ۽ ترقي، ارتقا ۽ ذاتي طور تي اڳتي وڌڻ جي مڙني موقعن جي خلاف اٿي بيهي رهيا. اسان جي وچ ۾ ڪيترا ئي سُٺا روح ايترو ته ڊنل هوندا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو زندگي ۾ ايندڙ موقعي واري سڏ کي رد ڪري ڇڏين ٿا، جيڪا انهن کي امڪانن جي نيري سمونڊ جيان، جتي مهارت، بهادري جي عظمت ۽ حقيقي بي باڪي انهن جي اوسيئڙي ۾ هوندي آهي. توهان جي اندر اها دانش آهي جيڪا سيمينار ۾ معلومات ڏني، ان تي عمل پيرا ٿي سگهو. توهان ان قليل اقليت منجهان هڪ آهيو. توهان اهو ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا، جنهن مان بهتر ليڊر، پروڊيوسر ۽ بهتر انسان ٿي سگهو. اهو سڀ توهان تي آهي ۽ مون کي اها به خبر آهي ته تبديلي ڪا اڪ جي ماکي نه آهي. البته تڏ جي زندگي جي خاتمي لاءِ، پوپٽ جي شاهاڻي زندگي جي چمڪ کي زنده رکڻ بهتر آهي. توهان جي پراڻي ”توهان“کي، توهان جي ”نئين توهان“ جنم ٿيڻ تي مرڻ گهرجي. توهان ايترا ذهين آهيو جو توهان کي لازوال زندگي تائين پهچڻ لاءِ مثالي حالتن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ ضروري نه آهي. عظيم قوت جي شروعات سادگي سان ٿي سگهي ٿي. جڏهن توهان پنهنجين خواهشن سان کيڏندڙ رستن کي بند ڪرڻ جي شروعات ڪيو ٿا ته توهان جي اندر لڪل/موجود مهاراڻا/سورمائي طاقت پاڻ کي ظاهر ڪري ٿي. قدرت توهان پراثر عملن جو نوٽيس وٺي ٿي ۽ پوءِ اڳتي وڌي ٿي ۽ توهان جي وفادار واعدن/ارادن جو جواب ڏيئي ٿي. توهان جي خود اعتمادي اڃان به وڌندي ويندي آهي ۽ توهان جو اعتماد آسمان تائين پهچي ويندو آهي. توهان جي قابليت هوائن ۾ اڏرڻ شروع ڪري ڏيندي آهي. اڄ واري هن سال کان پوءِ، توهان تمام گهڻو خوش هوندا“.
”مهرباني“ ڪاروباري عورت چيو.
”مون هڪڙي ماڻهوءَ کي چوندي ٻڌو هو ته ڀڄڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي وزن گهٽاڻ جي ضرورت آهي. ٿورو سوچيو. وزن گهٽجي وڃي ته جيئن هن کي ڀڄڻ جي هير پئجي سگهي. اهو ته ان قلمڪار جيان ٿيو، جيڪو انتظار ڪري ٿو ته ان کي ڪا انسپائيريشن ملي ته جيئن هو ڪو ڪتاب لکي سگهي. يا وري اهو مينيجر جيڪو پروموشن جي انتظار ۾ هوندو آهي ته اعليٰ عهدي تي پهچي، هو پنهنجي شعبي ۾ خدمت انجام ڏيندو. يا وري دنيا جو اهو ڪاروباري ماڻهو جيڪو ڪنهن ڪاروبار جي شروعات ڪرڻ کان اڳ ۾ ڀرپور فنڊ جي اوسيئڙي ۾ هجي. زندگي جو وهڪرو مثبت عمل کي انعام ڏيندو آهي ۽ جيڪو ڊڄي ويندو آهي، ان کي سزا لڳندي آهي. بهرحال مان ان لاءِ پرجوش آهيان، ته توهان جي بهتري ۽ ڪاميابي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه پنهنجو حصو شامل ڪري سگهان. البته توهان جي شخصي/ذاتي ايڊوينچر جو هي شاندار وقت آهي. هي ڳالهه ياد رکجو ته انا جو خراب ڏينهن، روح لاءِ عظيم ڏينهن هوندو آهي ۽ توهان جي ڊپ جو آواز دعويٰ ڪندو آهي جنهن جي معنيٰ اها هوندي آهي ته توهان جي دانش جي روشني هڪ شاندار تحفو آهي“.
”اسان سمجهيو هو ته توهان مري ويا آهيو“. عورت چيو. ”خدا جو شڪر آهي جو توهان خيريت سان آهيو ۽ توهان جي انڪساري/عاجزي جي ته اسان کي ساراهه ڪرڻ گهرجي“.
”مون کي ان ڳالهه تي ويساهه هوندو آهي ته جيڪو به عاجزي/انڪساري ڪري ٿو، اهو ئي، سڀني کان عظيم آهي. سچا ليڊر پنهنجي ذات ۾ ايترا ته محفوظ هوندا آهن جو انهن جو مقصد/مشين ٻين کي ڪامياب ڪرڻ هوندو آهي. انهن جي اندر ۾ خودداري، عزت نفس، خوشي ۽ دلين ۾ سڪون ملندو آهي، انهن کي معاشري ۾ پنهنجي جهيڻي ڪوشش سان ڪاميابي جي اشتهار ڏيڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. مون کي اهو به چوڻ کپي، جيڪڏهن مون کي چوڻ جي اجازت ڏيو ته،” حقيقي قوت/طاقت ۽ ڪوڙي قوت/پاور ۾ سڀ کان وڏو فرق آهي“. اسپيلبائنڊر وضاحت ڪئي ۽ اهو چوندي هو پنهنجي ماهراڻي ڪيفيت ۾ گُرو جي موڊ ۾ وڌيڪ گهرائي ۾ هليو ويو. جنهن جي ڪري هن کي دنيا ۾ شهرت ملي.
”اسان جو ڪلچر اسان کي ٻڌائيندو آهي ته ٽائٽل، انعام اڪرام، تعريف، آسائشون، پيسو ۽ بنگلن جي پٺيان ڊوڙو/انهن شين ڏانهن اسان کي راغب/مائل ڪري ٿو. اهي سڀ شيون سٺيون آهن... ٺيڪ آهن. اوسيتائين، جيسيتائين، توهان پنهنجو برين واش نه ٿا ڪيو، جنهن ۾ توهان انهن شين بجاءِ، انسان جي حيثيت سان انهن شين جو تعين ڪرڻ شروع نه ٿا ڪريو. اهي شيون ڀلي حاصل ڪريو، پر پنهنجي سڃاڻپ جو بنياد انهن جي ويجهو نه رکو. انهن شين جو قدر ڪيو، پر انهن کي پنهنجي ضرورت نه بڻايو. اهي جڙتو طاقت/پاور جا نمونا آهن، اسان جي تهذيب اسان کي ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ سکياري ٿي ته هي ڪاميابي......۽ سڪون لاءِ بهترين آهي. جڏهن ته حقيقت هي آهي ته جيڪڏهن توهان انهن شين مان ڪنهن هڪ کي به ڇڏيو/وڃايو ٿا ۽ ان جي بدلي ۾ جيڪا طاقت توهان حاصل ڪيو ٿا، ته اها ٻاڦ جيان اڏامي ويندي. لمحي ۾ اها ختم ٿي وڃي ٿي، جو توهان کي هڪدم اندازو ٿي ويندو ته اهو ته فقط هڪ وهم هو“.
” مهرباني ڪري اسان کي وڌيڪ ڪجهه ٻڌايو نه“، ڪاروباري عورت هن جي لفظن کي جذب ڪندي، فرمائش ڪئي.
”حقيقي قوت ڪڏهن به ڪنهن ٻاهرين شي سان نه ٿي ملي“، اسپيلبائنڊر ڳالهه جاري رکندي چيو، ”ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جن وٽ تمام گهڻي دولت آهي، پر اهي دولتمند نه آهن. هن جملي کي ياد ڪري ڇڏيو“. اسپيلبائنڊر اها ڳالهه ڪري پنهنجا پير ڦڪي رنگ جي جوتي کان ٻاهر ڪڍي، واري جي مٿان رکي ڇڏيا. ”اصلي قوت/حقيقي طاقت.... اهو مواد جنهن مان عظيم ماڻهو ٺهندا آهن... انهن شين سان حاصل نه ٿي ٿي سگهي، جيڪي توهان وٽ ٻاهرين سطح تي آهن ۽ توهان جن جا بظاهر مالڪ آهيو. هي دنيا هاڻي وڃائجي چُڪي آهي. سچي ۽ کري قوت ان وقت ظاهر ٿيندي آهي، جڏهن توهان پنهنجا فطري ۽ اصلي صلاحيتن سان ڳانڍاپيل هوندا آهيو ۽ انسان جي حيثيت سان پنهنجن قيمتي صلاحيتن (ٽيلنٽ) کي ڳوليندا آهيو. مون کي اهو چوڻ ڏيو ته حقيقي امير ۽ شاهوڪار ماڻهو اهي آهن، جيڪي پنهنجي ڪارڪردگي، خودنظمي (سيلف ڊسيپلن) جرئت، ديانتداري، همدردي ۽ ساک جهڙين خوبين سان پنهنجي زندگي گذاريندا آهن ۽ پنهنجا ڏينهن ۽ راتيون پنهنجي معيار مطابق گذارڻ جي قابل هوندا آهن. ان جي برخلاف/ابتڙ وري، عام ماڻهو اهي آهن. جيڪي رڍن جيان پنهنجيون اکيون ٻوٽي، بيمار معاشري جي پيروي ڪندا آهن. اسان جو معاشرو اهڙن ماڻهن جي تربيت ئي اهڙي ڪندو آهي. معاشري ۾ گهڻو ڪري اهڙيون ئي رڍون آهن. بهترين خبر اها آهي ته مون جنهن قسم جي قوت جي ڳالهه ڪئي آهي، اها هن سياري تي رهندڙ هر انسان وٽ موجود آهي. اسان اهڙي قسم جي قوت ۽ خوبي کي وساري چڪا آهيون ۽ ان کي سُٺو نه ٿا سمجهون، جنهن جي ڪري اسان جي زندگي پريشان، مايوس ۽ بي چين آهي. پر هي اڃان به اسان جي انتظار ۾ آهي ته اسان اُن ڏي وڌي ڪري هن سان پنهنجو تعلق ٻيهر جوڙيون ۽ ان کي مضبوط ڪندا رهون. توهان کي خبر آهي، انساني تاريخ جا سڀئي عظيم استاد تمام گهٽ شيون رکندا هُئا. جڏهن مهاتما گانڌي Mahatama Gandhi هن دُنيا مان گذاري ويا هئا، ته هن وٽ فقط ڏهه شيون هن جي ملڪيت ۾ هيون. هن جا سينڊل، هڪڙي واچ، هڪ چشمو، کائڻ پيئڻ لاءِ هڪ سادو پيالو، ... مڌر ٽريسا Mother Teresa دلي طور تي ايتري خوشحال ۽ امير هئي جو هن ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪيو، پر هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ئي هن جي پڄاڻي ٿي جتي شايد دنياوي ڪا به شي موجود نه هئي. جڏهن هو مسافري لاءِ نڪرندي هئي ته هن جو سڀ شيون فقط هڪڙي اڇي رنگ جي ڪپڙي جي ٿيلهي ۾ سمائجي وينديون هيون“.
”انسانيت جي ايڏن وڏن سورمن وٽ ايتريون ٿورڙيون شيون ڇو هونديون هيون“. آرٽسٽ هن کاپڇيو، جيڪو هاڻي واريءَ تي ليٽي پيو هو.
”ڇو ته اهي انفرادي سطح تي پختگي/ميئچوئرٽي جي ان مٿانهين سطح تي پهچي چڪا هيا، جو انهن کي خبر پئجي ويندي هئي ته انهن شين جي پٺيان ڊوڙڻ ۾ پنهنجو وقت برباد ڪرڻ کان علاوه انهن کي ڪجهه به نه ملندو ۽ انهن پنهنجو ڪردار ايتري حد تائين نفيس ۽ مضبوط ڪري ڇڏيو هو جو انهن سوراخن کي ڀرجڻ جي لاءِ، اهڙي قسم جي آسائشن، آرامن ۽ ظاهري ڏيکاءُ جي ضرورت نه ٿي پوي. جيتري انهن کي مادي قسم جي شين جي حاصلات جي بُک گهٽجندي ويئي، اوتري وڌيڪ انهن جي چاهت، انهن حقيقي شين جي باري ۾ وڌي ويندي آهي، اهي شيون هنن جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واريون هجن. جيئن تخليق سوچ، خانداني ذهانت جو اظهار ۽ انتهائي بهترين اخلاقي رويا. هاڻي هي چڱي طرح سمجهي ويا هئا ته ڪنهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ يا وري ماهر بنجڻ جي لاءِ، بيخوف بڻجڻ جا مڙئي معاملا انسان جي اندر سان تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ڀيرو جڏهن ڪنهن جو سچي قوت سان تعلق ٿي ويو ته ان جي برعس ٻاهريون قوتون جهيڻيو پئجي وينديون آهن ۽ تڪميل ۽ پيٽ ڀرجي وڃڻ جو احساس غالب ٿي وڃي ٿو ۽ ها، تاريخ جا اهي وڏا نالا جڏهن پنهنجي بهترين فطرت جي کوج لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، ياانهن کي پنهنجي بهترين خوبي جي خبر پئجي ويندي آهي ته انهن کي اهو به ادراڪ ٿي ويندو آهي ته هن حسين انساني زندگي جو سڀني کان وڏو مقصد حصو ونڊڻ (ڪنٽريبيوشن) آهي. اثر انگيزي/تاثر ڇڏڻ، اميد، فائديمند،. ڪاروباري ماڻهو جنهن کي (ان لاڪنگ اسٽيڪ هولڊ ويليو) چوندا آهن. جيئن مان ڪري پوڻ کان اڳ ۾ سيمينار ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته ”رهنمائي يا ليڊرشپ جو مطلب آهي خدمت ڪرڻ“. فلسفي رومي Rumi منهنجي ان ڳالهه کي اڃان به وڌيڪ فصاحت سان بيان ڪيو آهي ته ”هڪڙو ڦڙوڇڏي ڏيو، اهو سمونڊ ٿي ويندو.‘‘
Give up the drop, become ocean
”اهڙيون ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ توهان جي مهرباني“ عورت وڏي خلوص مان چيو ۽ هوءَ هن وقت آرٽسٽ جي ويجهو واري تي ويهي رهي ۽ هن پنهنجو هڪ هٿ آرٽسٽ جي هٿ کان ٿورڙو پرڀرو وڏي خبرداري سان رکي ڇڏيو هو“. ”اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته توهان اڃان به سٺو/بهتر ڪري رهيا آهيو“. آرٽسٽ ڳالهايو، جيڪو ان وقت پنهنجا جوتا لاهي چڪو هو. هن جي پيرن ۾ جوراب نه هيا. سج جي روشنائي سان تڙ ڪندي هن پڇيو،” اهو ته ٻڌايو ته توهان کي ٿيو ڇا هو“؟
”ٿڪاوٽ“، اسپيلبائنڊر اعتماد سان چيو. ”تمام گهڻا جهاز، تمام گهڻا شهر، تمام گهڻو ميڊيا جو ڏيک، تمام گهڻا پريزنٽيشن، مان پنهنجي مقصد جي حاصلات جي ڊوڙ ۾ پاڻ کي بلڪل هيٺين سطح تائين پهچائي ڇڏيو ته جيئن ماڻهن جي مدد ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي اڳواڻي/ليڊرشپ تي زور ڏين/وڌائن، پنهنجن خوبين/صلاحيتن کي جاڳائن ۽ پنهنجن زندگين جا سورما بڻجي وڃن. مان بهتر سمجهان ٿو“.
پوءِ اسپيلبائنڊر پنهنجو چشمو لاٿو ۽ پنهنجا ٻيئي هٿ انهن ٻنهي شاگردن ڏانهن وڌايا. ”توهان ٻنهين سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي“.
”ادا توهان سان ملي اسان کي به خوشي ٿي آهي“. آرٽسٽ جواب ڏنو. ”توهان جي ڪم منهنجي ڏکئي وقت ۾ تمام گهڻي مدد ملي آهي“.
جڏهن آرٽسٽ اهي الفاظ ڳالهايا، ته هن هڪ ننڍڙي ٻيڙي ڏي ڏٺو، جيڪا انهن کا ٿوري پري مفاصلي تي هُئي ۽ ان ۾ سوار سياح ڪنهن فيسٽيول (خاص ڏهاڙي) جي لباس ۾ هئا. ان سان گڏ مڇين جو هڪڙو ٻيو جُهنڊ اُتان لنگهيو، جيڪو ان صاف پاڻي ۾ ترندي، چٽي نموني سان ڏسي سگهجي پيو. اسپيلبائينڊر انهن تي هڪڙي نظر وڌي، کليل نموني سان مسڪرائي ڏنو ۽ پوءِ وري پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
”توهان کي حيرت ٿي لڳي ته مان هتي ڇو آيو آهيان/ڪئين“؟
هن وضاحت ڪئي.
”جي صحيح“ عورت پنهنجا جوتا لاهيندي چيو ۽ اڇي رنگ جي واري تي پنهنجون ٽنگون موڙي، پنهنجي ساٿيءَ سان گڏ ويهي رهي.
”مان مسٽر رائلي جو صلاحڪار انهن ڏينهن کان آهيان، جڏهن هو 33 سالن جو هيو“. جيئن تمام وڏا رانديگر ۽ غيرمعمولي ڪاروباري ماڻهن جا ڪوچ هوندا آهن. توهان اڪيلا ڪنهن وڏي منزل تي نه ٿا پهچي سگهو. جڏهن اسان پاڻ ۾ مليا هئاسين ته هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري رهيو هو. پر پوءِ آهستي آهستي هو اهو سمجهي ويو ته ماڻهو جيترو گهڻو سکندو ويندو آهي، هو ايترو ئي وڌيڪ حاصل ڪندو ويندو آهي. اصل ۾ وڌڻ (گروٿ) اُها راند آهي، جيڪا روزاني کيڏڻي پوندي آهي. تعليم سچ ته انتشار جو حل آهي. جيئن جيئن توهان بهتر ٿيندا ويندو، تيئن تيئن بهتر حاصل ڪندا ويندو. زندگي جي هر شعبي ۾...مان ان کي مائينڊ سيٽ 2*3* مائنِڊسيٽ چوان ٿو. پنهنجي آمدني ۽ اثر کي ٻيڻو ڪرڻ. پنهنجي سيڙپ کي ٻن مرڪزي شعبن ۾ ٽيڻو ڪرڻ... توهان جي شخصي مهارت/سورمائي ۽ توهان جي پيشوارڻه قابليت آهي“. ”مون کي اهو ڏاڍو وڻيو“، آرٽسٽ پنهنجي نڪتل پيٽ کي کنيدي چيو.
”مسٽر رائلي، اڳ ۾ سمجهي ويو هو ته غيرمعمولي بڻجڻ لاءِ توهان کي ورلڊ ڪلاس سپورٽ جي ضرورت آهي. اسان سالن کان وٺي تمام سُٺا دوست آهيون. اسان هڪٻئي سان شاندار خوشي ورهائي آهي، جيئن هن جي ذاتي ساحل تي پنج ڪلاڪ تمام طويل مانجهاندو، جتي سبزيون، ميوا، تازا جهينگا باهه تي سيڪيل ۽ شاندار فرينچ شراب، جهڙيون گهڻيون شيون پيون هيون“.
اسپيلبائنڊر پنهنجون ٻانهون هوا ۾ ڦهلايون/کوليون. هن جبلن جي اوچين چوٽين ڏي نهاريو، هو ڪجهه گهڙيون خاموشي ءَ جي ور چڙهي ويو.
”۽ اسان هڪٻئي جي گهرن غمن جا به ساٿي /سان غم ۾ به شريڪ رهيا آهيون. جڏهن منهنجو جگري يار پنهنجي 50 پنجاهوين سالگرهه جي موقعي تي ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو/ور چڙهي ويو .ائين لڳي پيو ته هن وٽ هر اها شي هئي، جيڪا ماڻهوءَ جي خواهش هوندي آهي. پر سٺي صحت کان بغير، هن کي احساس ٿيو ته، هن وٽ ڪجهه به نه آهي. ان هڪ ڳالهه هن کي بدلائي ڇڏيو. شايد توهان کي خبر هوندي ته صحت ماڻهو جي سر تي اهو تاج آهي، جنهن کي فقط مريض ئي ڏسي سگهي ٿو. هڪڙي روايتي چوڻي آهي ته ”جڏهن اسان نوجوان هوندا آهيون ته پنهنجي صحت کي دولت لاءِ قربان ڪري ڇڏيندا آهيون، ۽ وري جڏهن پوڙها ٿي ويندا آهيون ته پنهنجي سڄي دولت کي فقط هڪ ڏينهن جي صحت تي قربان ڪرڻ لاءِ نه ٿا ڪيٻايون“. توهان ڪڏهن قبر ۾ اميرترين ماڻهو ٿيڻ پسند نه ڪندو“.
”هن جيتوڻيڪ هن کي شڪست ڏيئي ڇڏي هُئي“‏، اسپيلبائنڊر تمام تڪڙي اضافو ڪيو ۽ ان دوران، هن جو ڌيان، انهن سياحن ڏانهن هليو ويو، جيڪي ٿورو پري ئي ٻيڙي ۾ هل هنگامو ڪري رهيا هيا.”ڄڻ هن پنهنجي انهن مڙني شين کي شڪت ڏيئي ڇڏي، جن هن جي خوابن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي. اسٽون هڪ عجيب ماڻهو آهي. مان هن کي ڀائرن جيان چاهيان ٿو“.
”ڏسو نه مون کي توهان ٻنهين سان هتي ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي“.
اسپيلبائڊر پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”مون کي خبر پئجي وئي هئي ته توهان هتي اچي رهيا آهيو. مسٽر رائلي ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو، ته هو توهان سان گڏجي وڌ کان وڌ پيداواريت، ڪارڪردگي کي برقرار رکڻ ۽ صبح اٿڻ واري نسخي جي ذريعي زندگي کي سنوارڻ جي معاملن ۾ تبديلي ڪرڻ جو واعدو پورو ڪري رهيو هو. مون کي خوشي آهي ته مون هن کي هڪ استاد جي حيثيت سان جيڪو ڪجهه سيکاريو آهي، ته هو ان کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، ۽ اهو ورهائي رهيو آهي. توهان اهي سڀ ادارڪ ۽ سکڻ جا طريقا سکي ويندو، جيڪي تمام جلدي توهان جي اڳيان پيش ڪيا ويندا/جڏهن اهي شيون توهان جي سامهون اينديون، ته توهان جلدي اهو فلسفو ۽ طريقا سکي ويندو. فائيو اي ايم ڪلب توهان ٻنهين لاءِ انتهائي انقلابي ثابت ٿيندو. مان ڄاڻان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه توهان اجنبين لاءِ يقين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو. پر جيڪو طريقو اسٽون توهان کي سيکاريندو، اهو توهان جي اندر ۾ وڏي تبديلي جو ذريعو بڻجندو. ان معلومات جي ڄاڻ کان پوءِ توهان کي اندارن جاڳائيندو/ اندر ئي اندر ۾ خاص قسم جي تبديلي محسوس ڪندو“.
سپيلبائنڊر پنهنجي اُس وارو چشمو ٻيهر اکين تي چاڙهي ڇڏيو.
”بهرحال مسٽر رائلي مون کي اهو چيو آهي ته مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته توهان ايندڙ ڪجهه ڏينهن هتي پنهنجي گهر جيان گذاريو. توهان مون کي گهڻو وقت هتي نه ڏسندو، ڇو ته مان گهڻو وقت سنورڪيلنگsnorkeling ، ٻيڙي هلائڻsailing ۽ مڇين جو شڪار fishing ڪندي مصروف رهندس. مڇي مارڻ منهنجن شوقن مان زندگي ۾ هڪڙو اهم شوق آهي. مان ماريشيس هن عظيم ماڻهو جي فقط ڪوچنگ ڪرڻ نه ايندو آهيان، جنهن سان توهان ملڻ وارا آهيو. بلڪ مان پنهنجي منجهيل دنيا کان ڏوري، گهڻن مشڪلن کان ڇوٽڪاري، تباهه ٿيل اقتصاديات، ڪمزو صنعت ۽ ماحولياتي تباهي جهڙن ڪمن کان ڇوٽڪارو به چاهيان ٿو. جن اسان جي تخليقي صلاحيت، توانائي، ڪارڪردگي ۽ خوشي ڦري ورتي آهي. مان هتي پنهنجي پاڻ کي نئين سر ٺاهڻ ۽ توانائي کي بحال ڪرڻ به ايندو آهيان. انتهائي اعليٰ پيداوار جيڪڏهن ڪنهن وقفي جي بغير ٿئي ته اهو انتهائي ڏڪار جو ڪارڻ بڻجي ٿو. آرام ۽ بحالي اهڙن ماڻهن لاءِ ڪا عياشي نه آهي. جيڪي مهارت سان ڪم ڪرڻ جا پڪا ارادا رکن ٿا. اها هن جي ضرورت آهي. مان اهي اصول سالن کان پڙهندو رهيو آهيان...جيتوڻيڪ پاڻ لاءِ اهي مون کان وسري ويا آهن. ۽ پوءِ ان تقريب جي دوران ان جي قيمت ادا ڪئي. مون اهو به سکيو آهي ته تحريڪ ۽ انسپائريشن تنهائي کان متاثر ٿيندي آهي.... ڊجيٽل تبديليون، جنهن مان دنيا جا اڪثر ماڻهو متاثر آهن، ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان جي فطري ذهانت/صلاحيت ان وقت جوڀن ۾ هوندي آهي/سامهون اچي ويندي آهي، جڏهن توهان خوش/مزي سان هوندا آهيو. اسان جا اهڙا/اهي خيال جيڪي دنيا مٽائي سگهن ٿا، ان وقت ذهن ۾ اڀري ايندا آهن. جڏهن اسان آرام ۽ سڪون جي حالت ۾ هوندا آهيون. مان ماريشس کي پسند ڪندو آهيان، تمام گهڻا ماڻهو اڄ به زندگي جي سادن خوشين جو قدر ڪندا آهن. جيئن خاندان سان ماني کائڻ، دوستن سان وهنجڻ ۽ ان کان پوءِ وري روسٽ ٿيل چڪن سان رات جي ماني، جيڪا سپر يو مان خريد ڪري آندي وئي، فوئينقس جي ٺهيل ٿالهه ۾ جنهن کي ٿڌي پاڻي سان ڌوتو ويندو آهي.
”فوئنقس؟“ آرٽسٽ پڇيو.
”هي ماريشيس جو مشروب beer آهي“. اسپيلبائنڊر جواب ڏنو. ”مون کي اهو چوڻ ڏيو ته مان هميشه جڏهن به هن جزيري مان ويندو آهيان ته اڳ جي ڀيٽ ۾ سو دفعا وڌيڪ، طاقتور، تيز، ڦڙتيلو ۽ خوش هوندو آهيان. مان روز مرهه جي زندگي ۾ تمام محنت وارا ڪم ڪندو آهيان. مون کي اميد آهي ته توهان ان کي منهنجي آڪڙ نه سمجهندو. پر مان معاشري کي مٿي آڻڻ ۾ تمام گهڻو پرواهه/خيال ڪيان ٿو ۽ مان پنهنجي ان حصي کي پورائي ڪرڻ ۾ تمام ڪميٽيڊ آهيان/منهنجا ارادا تمام مضبوط آهن. ته هتان کان لالچ، نفرت، فساد جي جڙ کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏجي. هتي اچڻ سان مون کي نئون حوصلو ملندو آهي. جيڪو مون لاءِ انتهائي اهم آهي. مان ان سان جڙيل هوندو آهيان. ان ئي ڪارڻ جي ڪري مان ٻيهر دنيا ۾ ٻيهر واپس وڃي ڪم ڪرڻ جي لائق ٿيان ٿو. اسان سڀ دنيا لاءِ ڪم ڪيون ٿا. ڇا توهان کي خبر آهي.؟. بهرحال، توهان هتان جا مزا وٺو، ٺيڪ؟ ۽ منهنجي سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ان جي ساراهه ڪرڻ لاءِ مان توهان جو ٻيهر دلي طور ٿورائتو آهيان. توهان اندازو ئي نه ٿا ڪري سگهو ته اهي شيون مون لاءِ ڪيڏي اهميت واريو ن آهن. تنقيد ته ڪو به ڪري سگهي ٿو. ٻين جي حوصله افزائي لاءِ جرئت کپي. هڪ انتهائي متاثر ڪندڙ رهنما کي ڪڏهن به بي ادب نه ٿيڻ کپي. منهنجي خواهش آهي ته اهو اصول وڌ کان وڌ ليڊرن کي سمجهه ۾ اچي“.
”اڙي ها، آخري ڳالهه“، اسپيلبائنڊر پنهنجي ڪيموفليج واري پاجامي تي لڳل واري کي ڇنڊيندي چيو.
”جي/ڇا“ ڪاروباري عورت با ادب ٿي پڇيو.
”سڀاڻي صبح جو هن ساحل تي اچي وڃجو. توهان جي تربيت جي شروعات تڏهن کان ٿيندي“.
”جي ضرور“ عورت جواب ڏنو، ”ڪهڙي وقت/ڪيڏي مهل“،؟
”صبح جو پنجين وڳي“. جواب مليو. ”پنهنجي صبح جا مالڪ ٿيو، پنهنجي زندگي کي ڪامياب بڻايو“.

دنيا جي اڏيندڙن جي صبح واري روٽين

8

The morning routine of world-builders
دنيا جي اڏيندڙن جي صبح واري روٽين


“It is well to be up before daybreak, for such habits contributing to health, wealth and wisdom” . Aristotle


”صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ اٿڻ بهتر آهي. ڇو ته اهڙيون عادتون، صحت، دولت ۽ ڏاهپ جو ذريعو بڻجن ٿيون“. ارسطو


”فائيو اي ايم ڪلب ۾ خوش آمديد !“ ارب پتيءَ سمونڊ جي ساحل تي موجود گهر جي ڏاڪڻين کان نڪرندي وڏي زور سان چيو. “بونزور! Bonzour ! هي صبح جي ڀليڪار جو فرانسيسي انداز آهي. توهان بلڪل صحيح وقت تي پهتو. مون کي اها ڳالهه پسند آهي. وقت جي پابندي ڪرڻ انساني شرافت جي دليل آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون سان ته ائين ئي آهي. اسٽون رائلي منهنجو نالو آهي.“ هن نهايت ئي پياري انداز ۾ ٻنهي مهمانن سان هٿ ملائيندي چيو.
ڦاٽل پراڻن ڪپڙن جي بدران هاڻي هن کي ڪاري رنگ جو چڍو ۽ سفيد رنگ جي ٽي شرٽ پاتل هُئي. جنهن ۾ لکيل هو،”ڪو به خيال ايسيتائين ڪم جو نه ٿو ٿئي، جيسيتائين توهان ان تي ڪم نه ٿا ڪيو“. هو پيرين اگهاڙي هو ۽ هن جي سنوارت ٿيل هئي. بلڪل صحتمند لڳي رهيو هو ۽ هڪ کلاڙي جو ڏيک ڏيئي رهيو هو. ان ئي سبب جي ڪري هو جيتري عمر جو سيمينار ۾ نظر اچي رهيو هو، پر هاڻي هن مهل، ان کان گهڻو گهٽ ننڍي عمر جو لڳي رهيو هو. هن کي مٿي تي ڪاري رنگ جي بيس بال واري ٽوپي پاتل هئي، جنهن جو رُخ پٺيءَ ڏي هو. هن جون سائي رنگ واريون اکيون اڃان به غيرمعمولي طورتي صاف هيون. ۽ هن جي مسڪراهٽ انتهائي نمايان طور تي حيرت ۾ وجهندڙ هئي. ها، ان شخص جي باري ۾ هڪ ٻي شي به خاص هُئي، جو جيڪا ڪاروباري عورت محسوس ڪري ورتي هُئي.
هڪ سفيد رنگ جو ڳيرو سيٺ جي سر تي لامارا ڏيئي رهيو هو ۽ ڏهه سيڪنڊن تائين ائين اڏرندو رهيو، ڄڻ ته ڪنهن جادو سان ئي هن کي غائب ڪيو ويو هجي. پوءِ هو اڏامي ويئي. ڇا توهان اُن جو تصور ڪري سگهو ٿا. اهو ڏسڻ ۾ ڪنهن به معجزي کان گهٽ نه هيو.
”مون کي اجازت ڏيو ته مان توهان ٻنهين کي ڀاڪر پايان“، جيڪڏهن توهان کي خراب نه لڳي ته“. ارب پتي انهن جي همت افزائي ڪندي چيو، ۽ هنن جي جواب اچڻ کان اڳ ۾ ئي، پنهنجون وڏيون ٻانهون انهن ٻنهين اينٽرپرينيئر ۽ آرٽسٽ لاءِ کولي ڇڏيون.
”ها توهان جي اندر ۾ ان جي ايڏي جرئت/همت آهي، توهان ڪري سگهو ٿا“.
هن ڪنن ۾ سس پس ڪئي“. توهان هڪڙي پريشان حال پوڙهي تي ڀروسو ڪيو. هڪ مڪمل اجنبي تي. مان ان ڏينهن بلڪل اڪيلو نظر اچي رهيو هوس. پر مون کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته مان ڪئين ٿو لڳان“. هن پنهنجي خود اعتمادي جي ڪمي تي مسڪرائي کلي ڏنو. ”مان شين کي حقيقتن جي نظر سان ڏسان ٿو. سادو ۽ سڌي نموني سان. مڪمل طور تي تصديق ٿيل/ڀروسي واريون. مون کي ان پراڻي سوچ تي غور ڪرڻ ڏيو. تمام گهڻو پئسو توهان جي اندر ۾ فرق نه ٿو آڻي سگهي. تمام گهڻو پئسو توهان کي هونءِ ئي اهڙو ڪري ڇڏي ٿو، جيئن توهان پئسي اچڻ کان اڳ ۾ هيو“.
ارب پتي سمونڊ جي ويجهو آيو. ته هن پنهنجي بدن کي سج جي تازن ڪرڻن سان ڌوئڻ شروع ڪري ڏنو. هن پنهنجون اکيون بند ڪيون ۽ وڏو ساهه کنيو، ان کان پوءِ هن جي پيٽ جا مسل هن جي پاتل ٽي شرٽ مان نمايان نظر اچي رهيا هيا ۽ پوِءِ هن پنهنجي ڪاري چڍي جي پوئين کيسي مان هڪڙو گل ڪڍيو. نه ئي ڪاروباري عورت ۽ نه ئي وري آرٽسٽ اهڙو گل اڳ ۾ ڏٺو هو ۽ اهو ارب پتي جي کيسي ۾ رکيل هجڻ سان به خراب نه ٿيو هو. عجيب هو.
”جيڪي ماڻهو پنهنجي ڪم ۽ نجي زندگي ۾ جادو تخليق ڪرڻ چاهيندا آهن، اهڙن ماڻهن لاءِ گل وڏي اهميت رکندا آهن“، هن گل جي پتين کي سنگهيو/پتين جي خوشبو وٺندي چيو. ”بهرحال مان توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته منهنجو پيءَ هڪ هاري هو. منهنجي پالنا هڪ ٻهراڙي جي علائقي ۾ ٿي. ان کان پوءِ اسان جنوبي ڪلوفورنيا لڏي وياسين. اسان سادو سوچيندا هئاسين، سادو ڳالهائيندا هئاسين، سادو کائيندا هئاسين ۽ سادي زندگي گذاريندا هئاسين. توهان ٻار کي ته ملڪ کان ٻاهر وٺي وڃي سگهو ٿا. پر توهان کي خبر آهي ته توهان ٻار کان ملڪ ٻاهر نه ٿا ڪڍي سگهو“. هن اها ڳالهه ڪندي ان جوش جو اُتساهه اظهار ڪيو، جڏهن ته هن جون نظرون سمونڊ تي کُتل هيون.
ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ، ارب پتي جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو. انهن هن کي ٻڌايو ته هن جو اهو ايڊونچر تمام گهڻو فطري انداز ۾ ٿيو ۽ سچائي سان اهو ظاهر ڪيو ته انهن هن جزيري ۽ خاص ساحل تي جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي، ايترو حسين ان کان اڳ ۾ هنن ڪڏهن به ڪجهه نه ڏٺو.
”ڪٿي هي يوٽوپيا/خواب Utopia ته نه آهي“. ارب پتي پنهنجو اُس وارو چشمو پائيندي چيو. ”اها قدرت جي مهرباني آهي، اها حقيقت آهي، مون کي ڏاڍي خوشي ٿي توهان ٻنهين کي هتي ڏسي“.
”ته ڇا توهان کي توهان جي والد صبح جو سوير سج جي اڀرڻ سان ئي اها اٿڻ واري عادت وڌي هئي“؟، آرٽسٽ پاڻي جي ڪناري سان هلندي هلندي، چهل قدمي ڪندي پڇيو“.
هڪ ننڍڙو کيکڙو ڀڄندي اُتان لنگهي ويو. جڏهن ته ٽي پوپٽ ان جي مٿان اڏامندا پئي ويا.
اوچتو ارب پتي هڪ مست صوفي درويش جيان گول ڦرڻ شروع ڪيو. جڏهن هو ڦري رهيو هو ته هي لفظ ان جي زبان تي هُئا. ”مان توهان جي ڪمري جي پردي تي هي اکر لکرائي ٿو ڇڏيان، جيڪڏهن توهان صبح جو سوير نه ٿا اُٿو ته ڪنهن به ڪم ۾ ترقي نه ٿا ڪري سگهو“!.
”اوه اهو توهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟“، ڪاروباري عورت پڇيو.
”هي وليم پٽ William Pitt دي ارل آف چاٿام جي شاندار قولن مان هڪڙو قول آهي. ڪنهن به سبب جي ڪري مون کي اهو ضروري لڳو ته اهو قول توهان سان شيئر ڪيان ها، بهرڪيف، مون کي منهنجي والد جي باري ۾ ڪيل سوال جي جواب ڏيڻ جي اجازت ڏيو“. ارب پتي خراب انداز ۾ چيو.
”ها به ۽ نه به، مان ننڍپڻ ۾ هن کي صبح جو سوير اٿندي ڏسندو هئس، ڪنهن به سُٺي معمول جيان، اهي هي ڪم ايترا ڀيرا ڪري چڪو هو جو ان لاءِ ائين نه ڪرڻ ممڪن ڪو نه هو. پر جيئن ته ٻارڙن جي اها عادت هوندي آهي، ان ڪري مان به جيڪو منهنجو پيءَ مون کان ڪم چاهيندو هو، اهو ڪرڻ ۾ ڪيٻائيندو هيس. مون هميشه هن سان ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي بغاوت ڪئي. ائين سمجهو ڄڻ ته منهنجي اندر ۾ ڪو قذاق (سامونڊي چور) هجي، هو مون کي روز اها ننڍِي جنگ وڙهڻ جي بجاءِ، ڪنهن به نموني مون کي اهو ڪم ڪرڻ ڏيندا هئا، جيڪو مان پاڻ ڪرڻ چاهيندو هئس. مان ان ڪري اڪثر ڪري ستو پيو هوندو هئس،...دير تائين“.
”ٿڌي مزاج جو والد توهان کي مليو هو“. عورت جواب ڏنو، جنهن کي يوگا جو لباس پاتل هو ۽ احتياط سان گفتگو دوران ڪم وارين ڳالهين کي نوٽ ڪندي وڃي پئي.
”ها هو بلڪل ائين هيو“. ارب پتي پنهنجي ڳالهه جاري رکي ۽ پنهنجن شاگردن جي ڪلهن تي ٻانهون رکي ساحل تي آهستي آهستي هلي رهيو هو.
مسٽر رائلي پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”دراصل، هي اسپيلبائنڊر هو، جنهن مون کي صبح جو پنجين وڳي اٿڻ جو طريقو سيکاريو. مان جڏهن هن سان پهريون ڀيرو مليو هيم ته مان نوجوان هيم. مون اڃان پنهنجي ڪمپني جي شروعات مس ڪئي هئي. مون کي ضرورت هئي ته ڪوماڻهو اهڙو هجي جيڪو مون کي ان انداز سان سيکاري، مون کي چيلينج ڪري ۽ ڪاروباري جي حيثيت سان، تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ وارو ۽ هڪ ليڊر جي حيثيت ۾ مون کي اڳتي وڌائي. هر ڪنهن اهو چيو ته هو دنيا جو بهترين ايگزيڪيوٽو ڪوچ آهي. هن وٽ ٽن سالن جي هڪڙي وڏي لسٽ هئي ۽ مان هن کي روزانو ڪال ڪندو رهيس، تيسيتائين ڪال ڪندو رهيومانس، جيسيتائين هو منهنجو استاد ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿي ويو. هو ان زماني ۾ بلڪل نوجوان هو. پر هن جي تعليم ۾ دانش جي گهرائي، خالص قوت (اصلي طاقت) ۽ تمام وڏو اثر هيو. جيڪو هن جي عمر کان تمام گهڻو اڳتي هو“. ڪروڙ پتي ماڻهو آرٽسٽ تي کليو ۽ پنڌ ڪرڻ روڪي ڇڏيو.

”هي اهو هڪڙو قدم/مشق هئي.... جنهن هر ٻي مشق/قدم ۾ تبديلي آندي .... ۽ ترقي آندي ... هاڻي تحقيق ڪندڙ اهڙي قسم جي ورتاءُ ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا تبديلي آڻيندڙ ان عادت کي ”ڪي اسٽون عادت“ جو نانءُ ڏين ٿا/ سڏين ٿا. ان راهه تي جيتوڻيڪ هلڻ ڏاڍو ڏکيو هو، پر منهنجي اندر ۾ هڪ مضبوط ارادو هيو. مان توهان کي سچي ڳالهه ٻڌايان ته ان عمل جي پورائي/تڪميل دوران، اهڙا اهڙا مرحلا به آيا جو، منهنجو مٿو هٿوڙي جيان وڄڻ لڳو ۽ دل چاهي پئي ته مان ننڊ ڪندو رهان. پر هڪ دفعو جڏهن مون باقائدگي سان صبح جو پنجين وڳي اٿڻ شروع ڪيو ۽ منهنجا ڏينهن وڌڻ لڳا ته مون ان کان اڳ ۾ ايترو سُٺو تجربونه ڪيو هو“.
”ڪيئن؟“ ٻيئي ٻڌڻ وارا حيرت ۾ پئجي ويا.
ڪاروباري عورت پنهنجي هڪڙي آڱر سان آرٽسٽ کي پيار منجهان ڇهيو، ڄڻ ته هو اهو چوڻ چاهيندي هجي ته اسان ٻيئي ان تجربي ۾ هڪٻئي سان گڏ آهيون ۽ هاڻي اُهي ٻيئي هڪڙي ٽيم جو حصو آهن ۽ هو دل سان ان ڪم ۾ دلچسپي رکي ٿي. آرٽسٽ اُن تي پنهنجي نگاهه کُپائي ڇڏي، هڪڙي هلڪي مسڪراهٽ ظاهر ٿي.
ارب پتي ڳالهائيندو رهيو. ”اسپيلبائينڊر مون کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ان غيرمعمولي تبديليءَ دوران طبيعت ۾ ٿڪ، انتشار ۽ انتهائي مصروفيت جي معمول جهڙيون شيون صبح پنجين وڳي اٿڻ دوران پيش اينديون.... هي منهنجي ابتڙ رويي جو توڙ آهن. صبح جو هٻڙ ڌٻڙ ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. صرف ان هڪڙي ڪم ڪرڻ جو تصور ڪيو، جيڪو توهان جي سڄي ڏينهن جي معيار کي بهتر ڪرڻ وارو آهي. پنهنجي ڏينهن کي آرام ۽ عياشي سان شروع ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته صبح سوير چپڙي ڪري ان جي شروعات ڪئي وڃي. پنهنجي ڏينهن جو آغاز، مضبوط ۽ آزاد محسوس ڪندي ڪجو. مون ڏٺو ته جيئن جيئن ڏينهن گذرندو پئي ويو، تيئن تيئن منهنجو ڌيان اڃان به وڌي ويو. تمام گهڻو ڪم ڪرڻ وارو عظيم ماڻهو، ڀلي کڻي هو چيمپين پلهواني ۾ هجي، وڏي ڪنهن عهدي تي ايگزيڪِيوٽو هجي، انجينيئر هجي، موسيقار هجي، ان ۾ اها خوبي ملندي آهي ته هو تمام گهڻي دير تائين پنهنجي توجهه ڪنهن تي ٽڪائي سگهي ٿو. اها قابليت انهن کي پنهنجي دنيا ۾ اهڙا ته عمل پيدا ڪرڻ جي قابل ڪري ٿي ڇڏي، جڏهن ته تمام گهڻا ماڻهو پنهنجي ذهني توانائي کي منتشر ڪري ڇڏين ٿا. جنهن جي ڪري انهن جي ڪارڪردگي گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ اهي وري هيٺين درجي جا ٿي ويندا آهن.“.
”مان بلڪل متفق آهيان“، آرٽسٽ اشارو ڏنو. ”اڄڪلهه اهڙا آرٽسٽ تمام گهٽ آهن. جيڪي ڪيترا ئي ڪلاڪ پنهنجي آرٽ تي توجهه ڏيئي سگهن. اسپيلبائينڊر پنهنجي سيشن دوران بلڪل درست ڳالهه ڪئي هُئي ته اڄڪلهه بيشمار ماڻهو انٽرنيٽ جا جنوني بڻجي ان علت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. مان اهڙن ماڻهن کي روزانو ڏسان ٿو، ائين لڳي ٿو ته اهي ماڻهو انسان ئي نه آهن. روبوٽ جيان پنهنجن اسڪرينن سان چهٽيل آهن. حال ۾ موجود ناهن. بس اڌ زنده ۽ اڌ مُئل آهن“.
”مان توهان کي ٻڌان ٿو“، ڪروڙ پتي چيو. ”جيڪڏهن توهان واقعي پنهنجي شعبي ۾ نمايان ٿيڻ لاءِ سنجيده آهيو ۽ پنهنجي ڪم جا فاتح بڻجڻ چاهيو ٿا ته توجهه /ڌيان کي ورهائڻ /انتشار کان تحفظ/بچائڻ لاءِ تمام ضروري آهي. اسان جنهن ڪيفيت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، نيورو سائينسٽ ان کي انتهائي ذهني ڪيفيت چون ٿا. هي اها حالت هوندي آهي، جتي اسان جي سوچ انتهائي بلندين تي هوندي آهي ۽ اسان جي اصلي آئيڊياز/خيالن جي موجودگي هوندي آهي ۽ اسان نئين سطح تي ان ڪم ڪرڻ جي قوت حاصل ڪري وٺون ٿا. وهڪرو (فلو) ۽ صبح پنجين وڳي جاڳڻ جو قدم وهڪري جي ڪيفيت کي تمام گهڻو وهائي ڇڏي ٿو ۽ جڏهن توهان جي ارد گرد جي ماحول ۾ موجود ماڻهو اڃان ستل هوندا آهن. منهنجي تخليقي صلاحيت به ڪٿي وڌي ويندي آهي. منهنجي توانائي بنا ڪنهن مغالطي جي ٻيڻي ٿي ويندي آهي، منهنجي ڪاڪردگي/پيداواري صلاحيت ٽيڻي ٿي ويندي آهي. منهنجي....“.
” توهان سنجيده آهيو“؟. ڪاروباري عورت وچ ۾ ٽپو ڏنو، جيڪا ان ڳالهه تي انتهائي حيران هُئي ته ڇا فقط صبح جو معمول بدلڻ جي هڪ سادي تبديلي انساني زندگي کي ايترو تبديل ڪري سگهي ٿي؟.
”يقينا، منهنجي ڪاروبار جي هڪڙي بنيادي خاصيت هميشه ديانتداري رهي آهي. رات جو جلدي سمهڻ سان ڪا به شي توهان جي دل يا ڌيان کي خراب نه ٿي ڪري سگهي. منهنجو خيال آهي ته اهو ته منهنجي ٻني تي رکيل ڇوڪري جي عادت جو حصو آهي.“ ارب پتيءَ اندازو لڳايو.
اوچتو ڪاروباري عورت جي فون تي هڪڙي ميسيج جو آواز آيو. ”مون کي ڏاڍو افسوس آهي، مون پنهنجي ٽيم کي ٻڌايو هو ته اهي مون کي هتي ڪال نه ڪن. مون کي خبر ناهي ته اهي هاڻي ڇو مون کي تنگ ڪري رهيا آهن“. جيئن ئي هن موبائيل فون جي اسڪرين تي ڪنڌ هيٺ نظر وڌي ته اهي لفظ وڏي اي بي سي ۾ هيٺين ريت لکيل هُئا.
Leave the company or else you die
”ڪمپني ڇڏي ڏي يا نه ته تون مري ويندينءَ“.
ڪاروباري عورت پنهنجي فون کي سنڀاري نه سگهي ۽ پوءِ فون هن جي هٿان هيٺ واريءَ تي ڪِري پئي. هو هڪدم ٿڌو ساهه کڻڻ لڳي.
”ڇا ٿيو“؟ آرٽسٽ تڪڙي هن کان پڇيو. هن کي اهو احساس ٿي ويو هو ته ضرور ڪا گڙٻڙ آهي.
هن عورت جي چهري تان ڳاڙهاڻ ختم ٿيندي ۽ ڏڪندڙ هٿ ڏسي معاملي جي نزاڪت کي سمجهي ورتو هو ۽ وڌيڪ همدردي سان هن کي زور ڏيئي ٻيهر پڇيو، ”ڇا ٿيو؟“.
ارب پتي به هن ڏي توجهه ڏني، ”ڇا توهان ٺيڪ آهيو؟ ڇا توهان کي پاڻي يا ڪا ٻي شي کپي“؟
”مون کي قتل جي ڌمڪي ملي آهي“ منهنجي ان...انويسٽرن جي طرفان. هو منهنجي ڪمپني تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. اهي مون کي اتان بي دخل ڪرڻ چاهن ٿا. ڇو ته انهن جي خيال ۾ ته مان تمام گهڻو حصو وٺي رهي آهيان. انهن لکيو ته جيڪڏهن مان اتان نه هلي ويس ته اهي مون کي قتل ڪرائي ڇڏيندا“.
اوچتو ارب پتي پنهنجو چشمو لاٿو ۽ ان کي هوا ۾ گول گول ڦيرائڻ لڳو. ٿوري دير کان پوء/سيڪنڊن کان پوءِِ، کجين جي وڻن جي پٺيان ٻه ڊگها طاقتور ماڻهو هٿيارن سان تمام تيزي سان ڊڪ پائي اچي پهتا.
”باس، سڀ خير ته آهي“، انهن ٻنهين ۾ جيڪو وڌيڪ قد آور شخص هو، ان ڳڻتي مان پڇيو.
”ها“، ارب پتي اعتماد ۽ اطمينان سان پنهنجي سيڪيورٽي کي تفصيل ٻڌايو. ”مان چاهيان ٿو ته توهان هڪدم ان معاملي جي جانچ پڙتال ڪري وٺو، ٿي سگهي ٿو، ان معاملي ۾ مان توهان لاءِ ڪجهه ڪري سگهان“. هن عورت ڏي نهاريندي چيو. مان ان معاملي کي حل ڪرڻ ۾ توهان جي مدد ڪندس“
ارب پتي وري پاڻ سان ڳالهائيندي ڀڻڪيو ۽ ڳيرا مٿان اڏرندي لنگهي ويا.
”جي بلڪل. مون کي اهڙي هر قسم جي مدد قبول آهي“. ڪاروباري عورت جواب ڏنو. هن جو آواز هينئر به ڀرجي آيو هو ۽ پيشاني تي موجود گهنجن تي پگهر جا ٽيپا موجود هئا.
”اهو توهان اسان تي ڇڏي ڏيو“، ارب پتيءَ دعويٰ ڪئي. ان کان پوءِ هو پنهنجي گارڊن سان مخاطب ٿيو، ۽ هلڪي آواز ۾، حڪمي انداز واري لهجي ۾ انهن کي چيو،”ائين لڳي ٿو ته منهنجي مهمان جي ڪمپنيءَ تي ڪجهه ماڻهو قبضو ڪرڻ چاهين پيا. ٿورو ان جو جانچ پڙتال وٺو ته اصل معاملو ڇاهي ۽ ان جو حل ٻڌايو“.
”توهان پريشان نه ٿيو“. هن عورت کي چيو، ”منهنجا ماڻهو ڪاروباري دنيا جا بهترين ماڻهو آهن، ڪو به مسئلو نه ٿيندو“ مسٽررائلي پنهنجي آخري جملي جو هڪ هڪ لفظ اهڙي ته پڪي انداز سان چيا جو، انهن ۾ واقعي طاقت نظر اچي پئي.
”توهان جي وڏي وڏي مهرباني“. ڪاروباري عورت جواب ۾ چيو، جيڪا هاڻي ڪجهه پرسڪون نظر اچي رهي هئي.
آرٽسٽ هن کي نهايت ئي آرام سان ٻانهن کان ورتو.
”ٺيڪ آ، ڇا مان اڳتي هلان؟“ ارب پتيءَ گذارش ڪئي، سج هاڻي صاف آسمان تي اڳين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اڃان مٿي اچي چڪو هو.
هن جي مهمانن هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو.
هڪ خدمتگار، جنهن کي سادا ڪپڙا پاتل هُئا، ساحل جي مٿاڇري تي ٺهيل جهوپڙي مان نڪري آيو. ان کي اڇو رنگ ڏنل هو. جنهن تي سفيد رنگ جا ليڪا پيل هُئا. جلد ئي انتهائي پرتڪلف انداز سان ذائقي واري ڪافي ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ کي پيش ڪئي ويئي. جيڪا هنن شايد ئي زندگيءَ ۾ ڪڏهن پيتي هجي.
”جڏهن هر صبح جو زبردست مشروف پيتو وڃي (ههڙي قسم جو ته) ذهني صلاحيت کي ڪافي حد تائين فائدو پهچائي ٿو/ صلاحيت پهچائي ٿي“. ارب پتي ان ڪافي مان چسڪي وٺندي ڪافي جي باري ۾ وضاحت ڪئي“، ۽ هي ته اينٽي آڪسيڊنٽس antioxidants سان ڀرپور آهي. ها، ڪافي حد تائين عمر ۾ اضافي جي عمل کي به گهٽ ڪري ٿي“.
”بهرحال، اسان ڇا جي باري ۾ پئي ڳالهايو/ڪٿي پهتا هئاسين؟. مان توهان کي ٻڌائي رهيو هوس ته جڏهن مون فائيو اي ايم ڪلب ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ صبح سوير اٿڻ جو طريقو اپنايو هو ته مون کي ڪهڙا زبردست فائدا پيا/پهتا. اسپيلبائنڊر مون سان اها ڳالهه ظاهري ڪئي هئي ته هي ويهه ويهه فارمولا20+20+20 چورائي ٿو ۽ توهان مون تي ويساهه ڪيو/مون تي ڀروسو ڪيو ته هڪ دفعو اهو تصور سکڻ کان پوءِ، توهان جيڪڏهن ان تي مستقل مزاجي سان عمل ڪرڻ شروع ڪيو ته توهان جي ڪارڪردگي، خوشحالي، ڪارڪردگي ۽ اثر ڪنهن حد تائين وڌي سگهي ٿو. مان نه ٿو سمجهان ته منهنجي ڪاميابي ۽ صحت ۾ ان روايت کان وڌيڪ ڪنهن ٻي عمل جو ايترو گهرو اثر پيو هجي. مون پنهنجي ڪاروبار ۾ جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي ان ۾ منهنجو ڪو به ڪمال نه آهي. مون هميشه ڏٺو آهي ته ڪنهن شخص جي ڪردار ۾ ڊاڙون هڻڻ جو عمل وڏي خامي هوندي آهي. ماڻهو جيترو وڌيڪ طاقتور هوندو اوترو ئي گهٽ ان جي ترويج جي ضرورت پئي ٿي ۽ جيڪو رهنما، جيترو وڌيڪ مضبوط هوندو، ان کي پنهنجي باري ۾ اوترو ئي گهٽ جتائڻ جي ضرورت پوندي“.
”اسپيلبائنڊر“ ان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي چڪا آهن ته توهان ڪهڙي ڪهڙي شي حاصل ڪرڻ جي قابل آهيو“. ڪاروباري عورت هاڻي اڃان به وڌيڪ بردبار ٿيندي چيو.
”۽ جيڪو جهنگلي نموني سان توهان خوبصورت لباس ڪانفرنس ۾ پاتو هو، ان مان به ان جي تصديق ٿئي ٿي“. آرٽسٽ وچ ۾ ٽنگ اڙائي ۽ ان سان گڏ ئي هن مسڪرائي ڏنو ۽ ان جي ڪري هن جا ٽٽل ڏند نظر آيا.
”صبح جو پنجين بجي اُٿڻ هي اها ذاتي مشق هُئي، جن مان مون کي سڀني کان وڌيڪ فائدو پيو. مون کي هڪ تصوراتي شخص بڻجڻ ڏيو، ان مون کي غير معمولي طور تي درست رکڻ ۾ ڪافي مدد ڏني ۽ ڊسيپلين مون کي فٽ ٿيڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. منهنجي نه فقط آمدني ۾ مدد ملي پر هڪ سٺي زندگي گذارڻ جي قابل ٿيس. صبح جو سوير اٿڻ واري عمل مون کي حيرت ۾ وجهندڙ ليڊر ڪري ڇڏيو. مون کي هڪ سٺي انسان بڻجڻ ۾ به مون کي سهارو ڏنو. ان وقت به مثاني جي ڪينسر مون کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اها منهنجي صبح جي اٿڻ جي ئي روٽين هئي، جنهن منهنجي بي عزتي ڪئي. اها واقعي ئي هئي. مان توهان کي اڳين سبق ۾ ويهه ويهه ويهه فارمولي جي باري ۾ اڃان به وڌيڪ تفصيل سان ٻڌائيندس ته حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ، ان سلسلي ۾ صبح جو سوير جاڳڻ کان هڪدم پوءِ، ڇا ڪرڻو پوندو. توهان کي اڳتي جيڪا معلومات ملڻ واري آهي، توهان يقين نه ڪندو ته اها ڪيتري طاقتور ۽ فائديمند آهي، مان توهان ٻنهي جي باري ۾ ڏاڍو پرجوش آهيان. هن جنت ۾ اوهان کي ڀليڪار ۽ زندگي جي پهرئين ڏينهن لاءِ به توهان کي ڀليڪار“.

ڪاروباري عورت ماريشيس ۾ ان رات ايڏي گهري ننڊ ڪئي جو شايد هن اهڙي ننڊ هن کان اڳ ۾ سالن تائين نه ڪئي هجي. قتل جي ڌمڪي ملڻ جي باوجود، هن اربتي جو ڳالهيون ٻڌيون هيون ۽ ان شاندار فطري ماحول ۾ هيون، صاف ۽ پاڪ ساحلي هوا هنن کي ميسر هُئي ۽ آرٽسٽ ۾ وڌندڙ دلچسپي وغيره اهي سڀ اهي ڪارڻ هئا، جن هن جي ڪيترين ئي پريشانين کي ليئي مٽي ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي هن سڪون جي هڪ نئين ڪيفيت به دريافت ڪئي هئي، جنهن کي زمانو ٿيو هو ۽ هو وساري چڪي هُئي.
پوءِ ٺيڪ ٽي لڳي ٽيٽيهه منٽن تي هن واري ڪمري جي دروازي تي زوردار کڙڪائڻ جو آواز ٿيو. هن کي ان وقت جي خبر ان ڪري هُئي، ڇو ته ان وقت هن جي نظر ڪاٺ جي لڳل گهڙيال تي پئجي وئي هئي، جيڪو اتي هن جي ميزبان هن لاءِ رکرائي ڇڏيو هو. ڪاروباري عورت سوچيو، هي آرٽسٽ هوندو، جيڪو جيٽ ليگ Jet lag جي ڪري سمهي نه سگهيو هوندو ۽ پوءِ وري گذريل رات جي انتهائي شاندار مانيءَ، پر گهڻي کائڻ جي ڪري هضم ڪري نه سگهيو هوندو، جيڪا هنن ٻنهين گڏجي کاڌي هئي. اهو پڇڻ بنا ته ٻاهر ڪير آهي هن دروازو کولي ڇڏيو.
اُتي ڪو به نه هو.
”هيلو“؟ هن تارن سان ڀريل آسمان جي هيٺان اعلان ڪيو.
ان ڪمري جي ويجهو ساحل تي موجود لهرون هڪٻئي سان ٽڪرائن پيون ۽ گلن جي خوشبو هوا ۾ وکريل محسوس ٿي رهي هئي.
”ڪير آهي“؟/ڪو آهي“؟
سڪون/خاموشي.
عورت احتياط سان دروازو بند ڪري ڇڏيو. هن دفعي هُن تالو به لڳائي ڇڏيو. جيئن ئي هو پنهنجي بستر تي واپس آئي، جنهن تي مصر جي ڪاٽن ۽ انگريزي لينن جي چادر وڇايل هئي، دروازي کي ٽي دفعا زور سان وري کڙڪايو ويو.
”جي“ عورت رڙ ڪري چيو.
”ميڊم، توهان صبح جي ڪافي جو آرڊر ڪيو هو، اسان اُها کڻي آيا آهيون“. ٻاهران آواز آيو.
ڪاروباري عورت جو چهرو هڪ دفعو ٻيهر گهنجن سان ڀرجي آيو. هن جي دل ٻيهر تڪڙي تڪڙي ڌڙڪي رهي هُئي. هن جي دل نه پئي چئي ته هوءَ دروازو کولي. هوءَ تمام گهڻي مايوس هئي ۽ هن جي پيٽ ۾ ولهوٽا پوڻ لڳا.
”اهي مون کي هن لمحي ڪافي ٿا پيارين، يقين نه ٿو اچي“.
هو ٻيهر مهمان خاني جي اڳين حصي ڏي مڙي، تالو کوليو ۽ ڊڄندي ڊڄندي دروازو کوليو.
هڪ ٿلهو ۽ گنجو ماڻهو، ڪوڙي مسڪراهٽ سان دروازي تي بيٺو هو. هن کي ڳاڙهي رنگ جي جيڪيٽ ۽ پاجامو پاتل هو. جيڪو هن جي ٽڻين کان به هيٺ اچي پيو. ڳاٽي تي سنهوڙو نيري رنگ جو پٽو پاتل هئس.جتي هن ماڻهو جي پلاسٽڪ ليمينيشن ٿيل تصوير لڳل هُئي. عورت اوندهه ۾ هن جو چهرو ڏسڻ لاءِ پنهنجون اکيون پٽيون ۽ جڏهن ڏٺو ته اها ته هڪ پوڙهي ماڻهوءَ جي تصوير هئي، هو هن کي چڱي طرح سڃاڻي پئي، هوءَ هن کي تمام گهڻو چاهي پئي، هو ان فرد کي وساري چڪي هُئي. پلاسٽڪ تي لڳل جيڪا تصوير هو ڏسي رهي هئي، اها هن جي وفات ڪيل پيءُ جي هئي.
”توهان ڪير“، ڊنل عورت سوال ڪيو . ”توهان کي هي تصوير ڪٿان ملي“.
” مون کي تنهنجي جي بزنس پاٽنر موڪليو آهي. اسان تنهنجي باري ۾ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا، جيڪو اسان ڄاڻڻ چاهيون. سڀ ڪجهه. اسان کي توهان جي مڪمل نجي زندگي جي باري ۾ خبر پئجي چُڪي آهي. اسان توهان جون مڙئي فائلون پڙهي چڪا آهيون“. هن گنجي پنهنجي بيليٽ سان ٻڌل هڪڙي ڇُري ڪڍي عورت جي ڳاٽي جي هيٺين کاڏي تي رکي ڇڏي.

”هاڻي توکي ڪو به بچائي نه ٿو سگهي. اسان جي پوري ٽيم تنهنجي نگراني ڪري رهي آهي. مان توکي ڪو به نقصان پهچائڻ وارو ناهيان...... تنهن باوجود..... هي وقت بلڪل منهنجي سوچڻ جو آهي. توکي ذاتي طور تي هڪڙو پيغام ڏيڻو آهي. پنهنجي ڪمپني ڇڏي ڏي. پنهنجي حق کان دستبردار ٿي وڃ. سڀني کي الوداع چئه. نه ته هي چاقو تنهنجي ڳچي ۾ اندر هوندو. جڏهن ته توکي ائين ٿيڻ جي اميد ئي نه هوندي... جڏهن تون پاڻ محفوظ سمجهي رهي هوندينءَ. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت تنهنجو اهو پيٽي دوست پينٽر ئي ....
ان ماڻهوءَ ائين چوندي پنهنجو چاقو واپس پنهنجي بيلٽ جي اندر رکيو.
”ميڊم سک جي رات سمهو!، توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. مون کي خبر آهي اسان هڪٻئي سان ٻيهر تمام جلد ملنداسين.“
پوءِ هو اڳتي آيو ۽ دروازو کي ڌڙام /زور سان بند ڪيائين. عورت تمام گهڻو ڏڪي وئي ۽ هوءَ گوڏن ڀر ويهي رهي.
”اي منهنجا رب! منهنجي مدد ڪر، هاڻي مان وڌيڪ برداشت نه ٿي ڪري سگهان، مان مرڻ نه ٿي چاهيان“.
دروازو ٽي دفعا وري ٻيهر کڙڪيو، پر ٿورو هلڪو، ” هلو مان آهيان، دوروازو کوليو.“.
”اڙي مان آهيان، مهرباني ڪري دروازو کوليو“.
هن کڙڪي عورت کي ڇرڪائي ڇڏيو. هوءَ ٻيهر جاڳي پئي. دروازو مسلسل وڄندو رهيو، هن پنهنجو اکيون کوليون، اونداهي ڪمري ۾ نظر وڌائين ۽ کيس اندازو ٿيو ته هو هڪ ڀوائتو خواب ڏسي رهي هُئي.
ڪاروباري عورت پنهنجي هنڌ تان اٿي، ڏڪندڙ قدمن سان دروازي تائين وئي ۽ دروازو کوليو. ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌي کيس اندازو ٿيو ته اهو آرٽسٽ هيو.
”مون ٿوري دير اڳ ۾ تمام ڀوائتو خواب ڏٺو آهي“، ڪاروباري عورت چيو، ”هڪ خطرناڪ ماڻهو هتي آيو هيو، هُن کي منهنجي پيءَ جي تصوير وارو ڪارڊ پاتل هيو ۽ هن چاقو ڏيکاري ڌمڪي ڏيندي مون کي چيو ته جيڪڏهن مون پنهنجي ڪمپني انويسٽرز جي حوالي نه ڪئي ته هو مون کي چاقو هڻي ماري ڇڏيندو ...“.
’’هاڻي ته تون ٺيڪ آهين نه ؟“ ، آرٽسٽ نرم لهجي ۾ پڇيو.
”ها، ٺيڪ ٿي وينديس.“
”مون به هڪڙو غيرمعمولي خواب ڏٺو آهي“. آرٽسٽ وضاحت ڪئي.
”ان کان پوءِ مان سمهي نه سگهيس ۽ ڪيترين ئي شين جي باري ۾ سوچڻ تي مجبور ٿيس، منهجي آرٽ جو معيار، منهنجي يقين واري نظام جي گهرائي، منهنجو بيوقوفاڻو رويو، منهنجو جهيڙڪار انداز ۽ منهنجي اڻکٽ دير، مان پنهنجي روزمرهه جي ڪمن جو تجزيو ڪري رهيو آهيان ۽ اهو ته مان ائين پنهنجي پوري زندگي ڪئين گذاريندس. اڙي!...ڇا توکي يقين آ ته تون بلڪل ٺيڪ آهين؟“. آرٽسٽ پڇيو، هن کي اندازو ٿي ويو هو ته هو ڪجهه گهڻو ڳالهائي ويو آهي ۽ هن جي توجهه پنهنجي فڪرمند ساٿيءَ تي نه آهي.
”مان ٺيڪ آهيان، تون هتي اچي ويو آهين ته مان بهتر محسوس ڪري رهي آهيان“.
”وري به سوچ... “
”ها “
”مون کي تون ياد اچي رهي هُئين“، آرٽسٽ چيو، ” جيڪڏهن مان پنهنجي خواب جي باري ۾ توکي ٻڌايان ته توکي خراب ته نه لڳندو“.
”ها ها، ٻڌاءِ“، ڪاروباري عورت هن جي همت افزائي ڪئي.
”مان ننڍي هوندي اسڪول ۾ پڙهندو هوس ته روزانو، ٻه ڳالهيون سوچيندو هوس. هڪ جن ۽ ٻيون سامونِڊي ڌاڙيلن جي باري ۾. سڄو سڄو ڏينهن مان اهو سوچيندو رهندو هوس ته مون وٽ جن جهڙي طاقت آهي ۽ مان سامونڊي ڌاڙيلن وانگر بي خوف قانون ٽوڙهي رهيو آهيان. مون پنهنجي ٽيچر کي انهن ٻنهي ڪردارن جي باري ۾ ٻڌايو ۽ گهر ۾ به پنهنجي والدين کي اها ڳالهه ٻڌائي. منهنجا استاد مون تي کلندا هُئا، مون کي مايوس ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته،”حقيقت پسند ٿيو ۽ ٻين ٻارن وانگر رهو“ ۽ اهي مون کي بيوقوفاڻا خواب ڏسڻ کان روڪيندا هئا“.
”تنهنجي والدين توکي ڇا چيو“؟، ڇا انهن توسان شفقت وارو ورتاءَ اختيار ڪيو“؟. ڪاروباري عورت پڇيو، جيڪا ان وقت صوفي تي يوگا جي انداز سان ويٺي هئي.
”ساڳيو ئي استادن وارو رويو هين، انهن مون کي ياد ڏياريو/ ٻڌايو ته مان جن ناهيان ۽ ظاهر آهي ته مان سامونڊي ڌاڙيل به نه آهيان. انهن مون کي ٻڌايو ته مان اڃان هڪ ٻار آهيان ۽ جيڪڏهن مان پنهنجي تصورن کي محدود نه ڪندس ته پنهنجي تخليق کي قابو ۾ نه آڻيندس ۽ چرين واريون ڊاڙون نه ڇڏيندس ته اهي مونکي سزا ڏيندا“.
”پوءِ ڇا ٿيو“؟
”مون اهو ئي ڪيو، جيڪو مون کي چيو ويو هو، مون هٿ ڪڍي ڇڏيا، مون ساڳيو ئي رويو اختيار ڪيو، جيڪو منهنجي وڏن جو هو. مون پاڻ کي وڏو بنائڻ جي بجاءِ، ننڍو ڪري ڇڏيو ۽ ائين مان هڪ سٺو ٻار بڻجي ويس. مون پنهنجن اُميدن، نعمتن ۽ طاقتن کي گهٽو ڏيئي ڇڏيو ته جئين مان فرمانبردار بڻجي وڃان... جئين ٻيا ڪيترائي ماڻهو روزانو پنهنجي زندگي ۾ ڪن ٿا. مان اهو غور ڪري رهيو آهيان ته اسان کي پنهنجين صلاحيتن ۽ ذهانتن کان پري ڪرڻ جي لاءِ، ڪيترو گهڻو، هيپناٽائيز ڪيو ويندو آهي. اسپيلبائينڊر ۽ سيٺ بلڪل صحيح ٿا چون.“
”پنهنجي خواب جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌاءِ“ عورت بيتاب ٿيندي چيو.
”مون پاڻ کي ان سسٽم جي مطابق سمائڻ شروع ڪري ڇڏيو، مون پيروي ڪرڻ شروع ڪري ڏني، مون اهو سوچڻ ڇڏي ڏنو ته مان هڪ طاقتور جن آهيان، يا سامونڊي ڌاڙيل. مان ڌڻ جي هل هلان ۾ شامل ٿي ويس. جيئن ٻيا سڀئي ماڻهو هيا. ايتري قدر جو مان هڪ اهڙو فرد ٿي ويس جو پئسن نه هوندي به خرچ ڪندو هوس، اهي شيون خريد ڪندو هوس، جن جي مون کي ضرورت ئي نه هئي. رڳو ان ڳالهه لاءِ ته ماڻهو مون کان متاثر ٿيندا، زندگي گذارڻ جو ڪيترو نه غريباڻو انداز.“
”مان به ڪجهه ائين ئي ڪندي آهيان“، ڪاروباري عورت مڃيو، ” مان پنهنجي باري ۾ گهڻو ڪجهه سکي رهي آهيان ۽ ان لاءِ مان هن عظيم ۽ فائديمند سفر جي ٿورائتي آهيان. مان اهو محسوس پئي ڪيان ته مان ڪيتري گهڻي هيٺاهين درجي جي عورت آهيان. ڪيتري گهڻي خود غرض آهيان ۽ زندگي ءَ ۾ ڪيتريون ئي سٺيون ڳالهيون مون سان ٿي رهيون آهن، مون وٽ اهي نعمتون آهن جن جو دنيا ۾ تمام گهڻا ماڻهو تصور به نه ٿا ڪري سگهن.“
”بلڪل صحيح سمجهيو“ آرٽسٽ چيو،” منهنجي خواب سان به ائين ئي آهي، مان هڪ کاتيدار بڻجي ويس، مون شادي ڪئي ۽ خاندان به بڻجي ويو. مان هڪ وڏي علائقي ۾ رهندو هوس. مان هڪ سٺي ڪار هلائيندو هوس، منهنجي زندگي تمام سٺي هُئي، ڪجهه سچا دوست هيا. مون کي جيڪا پگهار ملندي هئي، ان منجهان منهنجا بل ۽ ٻيا خرچ پورا ٿي ويندا هئا. منهنجو هر ڏينهن هڪجهڙو گذرندو هيو. دلڪشي جي بجاءِ بيزاري. جڏهن مان پوڙهو ٿيس، ته منهنجا ٻار پنهنجون پنهنجون زندگيون گذارڻ لاءِ گهر ڇڏي هليا ويا. منهنجي عمر وڌي ته منهنجي طاقت به گهٽجي وئي ۽ بدقسمتي سان خواب ۾ ئي منهنجي زال به مري وئي. جڏهن مان اڃان به وڌيڪ پوڙهو ٿيس ته منهنجي نظر به ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ مان ٻوڙو ٿيڻ لڳس ۽ منهنجي ياداشت تمام گهٽجي وئي“.
”مون کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو“، ڪاروباري عورت ڏکاري ٿيندي چيو.
”۽ جڏهن مان صفا پوڙهو ٿي ويس ته مان اهو به وساري ويٺس ته مان ڪٿي رهندو آهيان، مون کا پنهنجو نالو به وسري ويو. ۽ منهنجا سڀئي حواس جواب ڏيئي ويا. پر... هاڻي مون کي ياد اچڻ شروع ٿيو آهي ته مان واقعي ئي ڪير هيس.“.
”هڪ جن، هڪ سامونڊي ڌاڙيل، ها نه؟“.
”ها، واقعي ئي!“، آرٽسٽ جواب ڏنو .
”خواب مون کي اهو سمجهايو ته مان حيران ڪندڙ ڪم کان پاڻ کي نه ٿو روڪي سگهان. مان پنهنجي صحت، پنهنجي خوشي، پنهنجو اعتماد ۽ ايتري قدر جو پنهنجي پياري زندگي کي بهتر بنائڻ ۾ وڌيڪ دير نه ٿو ڪري سگهان“.
” واقعي ئي ؟“، ڪاروباري عورت حسرت ڀري لهجي ۾ حيرت جو اظهار ڪيو.
”واقعي ئي !“ آرٽسٽ جواب ڏنو
پوءِ هو اڳتي وڌيو ۽ هن جي پيشاني تي چمي ڏنائين.

عظمت جي اظهار جو فريم ورڪ

9

A framework for the expression of greatness
عظمت جي اظهار جو فريم ورڪ


“The men who are great live with that which is substantial, they do not stay with that which is superficial, they abide with realties, they remain not with what is showy. The one they discard, the other they hold”.
–Lao Tzu

اهي جيڪي عظيم ماڻهو هوندا آهن، اهي حقيقت سان گڏ زندگي گذارين ٿا/جيئن ٿا ، اُهي عام رواجي شين /يا جيڪي پائدار نه آهن ، انهن سان نه ٿا رهن/ انهن کان پاسو ڪن ٿا. اهي حقيقتن کي برداشت ڪن ٿا ۽ جيڪو اندران خالي آهن/ظاهري ڏيکاءُ ڪن ٿا، انهن سان گڏ نه ٿا بيهن/رهن. هڪڙي کي خارج ڪن ٿا ته وري ٻي کي حاصل ڪن ٿا.

لائو زو


” ها، دوستو!“ ارب پتيءَ نعرو هنيو.”توهان ٻئي، معمول مطابق وقت تي پهتا آهيو، تمام سُٺو“.
ان وقت صبح جا پنج ٿي رهيا هُئا. جڏهن ته چنڊ جي آخري جهلڪ اڃان به آسمان تي موجود هُئي ۽ صبح جي نون ڪرڻن، انهن ٽنهي کي جيڪي ڪناري تي بيٺا هُئا، ڀليڪار ڪئي هُئي.
ڪناري جي هوا، جهنگلي ڳاڙهن گلن ۽ لونگ جي واس سان واسيل هئي. ماريشيس جو هڪڙو پکي، (باز جو هڪڙو ناياب قسم) انهن جي مٿان لامارا ڏيندو هليو ويو... ۽ گلابي ڪبوتر جيڪو دنيا ۾ تمام گهٽ آهي، ويجهي کجيءَ جي وڻن جي پنهنجو ڪم ڪري رهيو هو. ڪِرڙيون قطار ڪري ڪنهن اهم جاءِ ڏانهن وڌي رهيون هيون ۽ هڪ وڏي ڪمي گاهه واري ڪناري تي رڙهي رهي هُئي. هن سڄي فطرتي منظر هنن ٽنهي فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبرن جي خوشي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، جيڪي ان وقت واريءَ تي بيٺا هُئا.
ارب پتيءَ هڪ بوتل ڏي اشارو ڪيو، جيڪا سامونڊيءَ پاڻيءَ تي تري رهي هئي، هن پنهنجي آڱر هيڏي هوڏي لوڏڻ شروع ڪئي ۽ اها بوتل به پاڻيءَ تي هيڏي هوڏي ڦرندي رهي. جڏهن هن پنهنجي آڱر کي ڦيرايو ته بوتل به پاڻي ۾ ڦري ويئي. جڏهن هن پنهنجو هٿ مٿي ڪيو ته بوتل به پاڻي جي مٿاڇري تي نڪري آئي.
جڏهن هن پنهنجو هٿ آهستي آهستي مٿي ڪرڻ شروع ڪيو ته، اها بوتل به پاڻي مان نڪري مٿاڇري تي نڪري نروار ٿي بيٺي. جلد ئي ان ڪنٽينر ان آلي واري کي ڌوئي ڇڏيو ۽ اها صاف ٿي ويئي ۽ هن جي اندر موجود ريشمي ڪپڙي جو هڪ گول ٽڪرو ظاهر ٿيڻ شروع ڪيو. تصور ڪيو ته اهو ڪيترو حيرت ۾ وجهندڙ هوندو.
”بوتل ۾ پيغام“ ارب پتيءَ خوش ٿي ٻڌايو. هن هڪ ننڍي ٻار وانگر تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون. هو يقيني طور تي هڪ غير معمولي ۽ عجيب ڪردار هو. ” هن سان اسان جي اڄ جي صبح جي هدايتي سيشن جو آساني سان آغاز ٿيندو.“ هن چيو.
صنعتڪار اها بوتل کنئي، ان جي ٻُجي لاٿي ۽ ڪپڙي جو ٽڪرو ٻاهر ڪڍيو، جنهن تي هن طرح جي فريم جو ڀرت ڀريل هو؛
The 3 step success formula
Step 01 Granularity
step 02 Learning
step 03 Income
Superfuiciality
”هي اهو تمام سادو پر پڙهائڻ ۾ هڪ منجهائيندڙ ماڊل آهي جنهن جو اسپيل بائنڊر مون سان ذڪر ڪيو هو ، جڏهن هن منهنجي جواني ۾ منهنجي تربيت شروع ڪئي هئي“. ارب پتيءَ وضاحت ڪئي.
”۽ هي فارمولا توهان جي ايندڙ تربيت ۾ بنيادي طور تي ڪم ڪندو، جيڪي اسان اڳتي هلي پڙهنداسين. تنهنڪري مان چاهيان ٿو ته توهان ٻئي هن کي سُٺي نموني سان سمجهي ڇڏيو. شروعاتي/پهرئين نظر ۾ اهو بلڪل ئي بنيادي ماڊل نظر اچي ٿو. پر جيئن جيئن توهان ان جو مطالعو ڪندو ته توهان ڏسندو ته هي ڪيترو اثر رکندڙ آهي يا ڪيترو اهم آهي.
مسٽر رائلي پنهنجون اکيون بند ڪيون، پنهنجا ڪن پنهنجي هٿن سان لڪايا ۽ اهي لفظ دهرائڻ شروع ڪيا؛
Mr.Riley then closed his eyes, covered his ears with his hands and recited these words:
” ارتقائي تبديليءَ جي شروعات اصل ۾ سوچ/ تصور ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻبو آهي، جيترو توهان گهڻو ڏسندو اوترو توهان وڌيڪ حقيقتن جي سامهون ايندو ۽ جڏهن توهان هڪدفعو بهتر ڄاڻ حاصل ڪيو ٿا ته توهان ڪاميابي حاصل ڪيو ٿا. دنيا جا عظيم مرد ۽ عورتون... شاندار موسيقي جون ڌنون ترتيب ڏيندڙ، خوبصورت مهم هلائيندڙ، سائنسي دريافتن ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جا ذميوار آهن... انهن پنهنجي سوچ جي شروعات ۽ پنهنجي ڄاڻ جي ابتدا هن طريقي سان ڪئي. روزانو جي بنياد تي ڪجهه نئين شين جو انتخاب ڪيو، ائين ڪري اهي هڪ اهڙي لڪل ڪائنات ۾ داخل ٿي ويا، جتي ماڻهن جي گهڻائي نه ٿي پهچي سگهي ۽ ان جي بدلي ۾ هنن کي روزمرهه جي چونڊ جو حق ملي ٿو، جيڪو پاڻ مرادو اهي نتيجا ڏيئي ٿو ۽ گهٽ کان گهٽ ماڻهن جي تجربي ۾ اچي ٿو“.
سيٺ پنهنجون اکيون ٻيهر کوليون. پنهنجي اشهد آڱر چپن تي رکيائين، ڄڻ ته هو ڪنهن گهري سوچ ۾ گم ٿي ويو هجي. ڪپڙي تي ڀريل فريم ورڪ تي نظر وجهندي هن پنهنجي گفتگو جاري رکي، ”توهان ڄاڻو ٿا ته هيرا، سورما، ۽ عظيم ماڻهو اهڙي شخصي خوبي رکندا هئا/اهي پنهنجا ڪي ذاتي راز رکندا هئا، جنهن ڏي عام ڪاڪردگي وارا ماڻهو نه ٿا پهچي سگهن“.
”ڪهڙي خوبي/ڪهڙو راز“؟ آرٽسٽ پڇيو، جيڪو هڪ مسل ٽي شرٽ ۽ ترڻ واري لباس ۾ هيو.
”سختي/مشقت rigor “، ارب پتي ءَ جواب ڏنو.
”دنيا جي بهترين ماڻهن ۾ هڪڙي قسم جي گهرائي هوندي آهي. ماڻهن جي اڪثريت گهڻو ڪري، پنهنجي ڪم جي سطحي مزاج ۾ ڦاسي پوي ٿي. انهن جي مڙئي پهچ هلڪي آهي. اهي ڪا حقيقي تياري نه ڪري سگهندا آهن. اهي گهٽ غور ۽ فڪر ڪندا آهن ۽ پوءِ تمام وڏي سوچ جو تعين، گهربل نتيجن جي لاءِ، ان جي ساٿ ۽ صبر آميز طريقن سان عملي قدمن جو تسلسل به يقيني بڻائيندا ۽ پوءِ شاندار نتيجا حاصل ڪندا آهن. پنجانوي سيڪڙو ماڻهو ننڍن ڪمن يا معاملن ۾ تڪليف ڏيندڙ ڌيان نه ٿا ڏين ۽ انهن ننڍڙين ننڍڙين شين کي بهتر بنائڻ ۾ ناڪام رهن ٿا. جيڪي عظيم ماهر ڪري سگهندا آهن. گهڻن ماڻهن لاءِ سچ اهو آهي ته هو چاهن ٿا ته منزل ڏانهن ويندڙ رستو گهٽ کان گهٽ مزاحمت وارو يا تڪليف ڏيندڙ هجي. مطلب ته اهي چاهيندا آهن ته اهو سڀ ڪجهه جلدي ۾ ئي هنن کي ملي وڃي ۽ خاموشي سان نڪري وڃن. ڪم ڪرڻ جي بجاءِ، روڪڻ جي عادت، ٻي پاسي وري غيرمعمولي تخليق ڪندڙ انسان هڪ ٻي فلسفي تي عمل پيرا هوندا آهن“.
”اسان کي اهي ٻڌايو“، آرٽسٽ التجا ڪئي.
”اُهي سطحي سوچ/گٺل پيٺل سوچ جي بدران سوچيل سمجهيل سوچ جو مزاج اختيار ڪندا آهن. انهن گهرائي جي رازن کي لائيف ٽائيم ويليو ۾ ڳولهي لڌو آهي ۽ عظمت سان ڀرپرور ڪم ڪن ٿا. غيرمعمولي ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻ آهي ته انهن جي تخليقي ڪارڪردگي... کڻي اهو پٿر ٽوڙڻ وارو مزدور ئي هجي، يا وري بيڪري هلائڻ وارو، يا کير ڏهڻ وارو، يا خلاباز، يا وري ڪو ڪيشئر ڇو نه هجي...اهي پنهنجي ساک برقرار رکندا آهن، ڪنهن به شعبي ۾ بهترين ماڻهو اهو ادراڪ رکن ٿا ته انهن جو نالو ئي ڪنهن به تخليقي ڪم جي ڪاميابي جي ضمانت آهي. انهن کي خبر هوندي آهي ته اهي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ تي پرائيس ٽيگ نه ٿا لڳائي سگهن، جيڪي چون ٿا ته اعليٰ ڪارڪردگي انهن جي وس جي ڳالهه نه آهي“.
ارب پتيءَ بوتل کي رڳڙيو ۽ پوءِ ان کي مٿي کڻندي ان منجهان غائب ٿيندڙ چنڊ جو آخري نظارو ڪيائين ۽ پنهنجي گفتگو جاري رکيائين.
”پر اهو معاملو/هي ڪم سماجي قبوليت کان وڌيڪ گهرو آهي“. هن وضاحت ڪئي. ”توهان جنهن معيار جو ڪم دنيا کي پيش ڪيو ٿا. ان سان دنيا کي خبر پوي ٿي ته توهان وٽ توهان جي پنهنجي ڪيتري عزت آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي عزت ڪرڻ جي جرئت نه ٿا ڪري سگهن، اهي هر معاملي ۾ وچٿرا رهجي ويندا آهن ۽ اها ڳالهه هنن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي“.
”جيڪڏهن توهان پنهنجي شعبي جي اڳواڻي ڪرڻ چاهيو ٿا ته“، مسٽر رائلي پنهنجي گفتگو جاري رکي،” ته اهڙي ڪم ڪرڻ وارا فرد ٿيو/بڻجو، جنهن ۾ گهرائي هجي. اهڙي قسم جو پڪو ارادو ڪيو ته توهان انتهائي ڪاميابي وارا غير معمولي ماڻهو بڻجندو، نه ڪي اهڙي قسم جا بزدل روح جيڪي پاڻ کان سواءِ هر ڪنهن تي يقين ڪندا رهن ۽ شاندار زندگي گذارڻ بجاءِ، عام قسم جا ڏينهن رات گذاري ۽ پنهنجي حقيقي زندگي گذارڻ جي بدران، ڪنهن ٻي جي زندگي جي نقل ڪري گذاري ڇڏين“.
”گهري ڳالهه“، آرٽسٽ ها ۾ ها ملائيندي چيو ۽ ڪجهه اسُ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي قميص لاٿي.
”انهن ماڻهن جي ڪمن ۾ موسيقي جا وڏا ماسٽر غير معمولي طور تي مفڪر هوندا آهن ۽ جامع انداز ۾ سوچيندا آهن ته اهي ڇا ڪري رهيا آهن. اهي پنهنجي محنت کي تمام وڏي معيار تائين برقرار رکندا آهن. جيئن عظيم سنگتراش گيان لورينزو برنينيءَ Gian Lorenzo Bernini چئن دريائن جو ڦوهارو Fontana de: Quattro Fiumi تعمير ڪندي ڪري ڏيکاريو. اهو هڪ شاهڪار آهي، جيڪو روم Rome جي علائقي پيازاناوونا Piazza Navona جي وچ ۾ واقع آهي. اهڙا تخليقار حيران ڪندڙ هوندا آهن ۽ بي لوث تخليق ڪندا آهن ۽ جيئن ته ان ڳالهه مان اندازو ٿيندو آهي ته اهي ماڻهو واقعي ئي، واقعي ئي ، واقعي ئي پنهنجي ڪم کي اهميت ڏين ٿا ۽ انهن جي ڪم ۾ ڪو به عيب/نقص نه هوندوآهي .“
”پراڄڪلهه جي ماڻهن کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي.“ ڪاروباري عورت وچ ۾ چپڙي هنئي/ڳالهايو. ”هي سورهين صدي نه آهي. منهنجو ان باڪس ڀريل هوندو آهي، منهنجو شيڊيول تمام گهڻو سٿيل آهي/ ڏينهن رات شديد مصروفيت آهي. گهڻو ڪري هڪٻئي مٿان ميٽنگون هلي رهيون هونديون آهن. ڪنهن وقت ته ائين لڳندو آهي ته جيترا ڪم رهيل آهن. مان سڀئي ڪم نه ٿي ڪري سگهان. گهڻي مهارت به سولو ڪم نه آهي.“
”مان سمجهان ٿو“. ارب پتيءَ نرم لهجي سان جواب ڏنو.”ڇا توهان ڄاڻو ٿا ٿورو ئي گهڻو ڪجهه آهي، توهان تمام گهڻي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. (ضرورت کان مٿي/وڌيڪ). ذهين ماڻهو اهو ڄاڻن ٿا/سمجهن ٿا ته هزار عام ڪم ڪرڻ جي بجاءِ هڪ هڪ شاهڪار تخليق ڪرڻ بهتر آهي. مون کي جيڪو آرٽ پسند آهي اهو هي آهي ته عقيدن جي نظام، جذباتي انس ۽ وڏن ماڻهن جي ڪم ڪرڻ جو انداز، منهنلاءِ فخر جي ڳالهه آهي پر مان توهان کي پڪ سان ٻڌائيندو هلان ته عظيم تخليقارن جي اندر ۾ بلڪل ئي مختلف دُنيا هوندي آهي. جيڪا اڄ ڪلهه جي اڪثر سماجي ۽ ڪاروباري دنيا جي ماڻهن ۾ ناياب آهي.“
اوچتو هڪ رنگ برنگي پوپٽ اڏامندو اچي اسٽون رائلي جي کاٻي ڪن جي بلڪل مٿان ويهي رهيو. هن مسڪرايو ۽ چيائين،” او منهنجا ننڍڙا دوست... تو سان ٻيهر ملي خوشي ٿي“.
پوءِ ارب پتيءَ پنهنجي گفتگو ۾ اضافو ڪندي چيو،”جڏهن توهان کي اها خبر پوندي ته سپر اسٽارس، فنڪار ۽ ذهين ترين ماڻهن جن زندگي ۾ گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو ۽ اهو ڪجهه حاصل ڪيو، ته توهان کي اندازو ٿيندو ته اها انهن جي روز مرهه واري عظمت جي موقعين جي باري ۾ تمام وڏي معلومات ئي هئي، جنهن جي ڪري اهي روزانو بهتر چونڊ ڪرڻ لاءِ پر جوش رهندا هيا ۽ ائين بهتر نتيجا حاصل ڪندا هيا“.
مسٽر رائلي ان خاڪي طرف اشارو ڪيو.
”هي آهي پاڻ کي پاڻ تعليم ڏيڻ جي قوت“ هن جاري رکيو، ” جڏهن توهان نون خيالن کان واقف ٿيندو ته توهان هڪ پروڊيوسر ۽ هڪ فرد جي حيثيت سان وڌڻ شروع ٿيندو. جڏهن توهان پنهنجي شخصي، انفرادي ۽ پيشيوراڻي ترقي ڪندو ۽ جنهن سطح تي توهان هوندو، ان ۾ اظافو ٿيندو ۽ توهان جو حوصلو پڻ وڌندو ۽ پوءِ ظاهرآهي ته پنهنجن خوابن کي حقيقت جي تعبير ڏيڻ جي اهليت ۾ اظافو ٿيندو ته توهان جي آمدني به وڌندي ۽ توهان جو اثر به وڌيڪ ٿيندو“. ارب پتيءَ اهو چوندي خاڪي جي ٽئين مرحلي تي آڱر رکي“.
”اهو ئي سبب آهي ته مون سان تربيت لاءَ توهان ٻنهي جو رضامند ٿيڻ هڪ عقلمندي ءَ وارو قدم آهي ۽ هي فريم ورڪ توهان کي سيکارڻ لاءِ ئي ڊزائن ڪيو ويو آهي“.
ارب پتي پنهنجو مٿو کنيو ۽ سامونڊي ٿڌڙي هوا جو ساهه محسوس ڪري ساهه کنيو.
”۽ مون کي اهو چوڻ جي اجازت ڏيو ته جيئن ته اهي غير معمولي ماڻهو جنهن انداز ۾ پنهنجي زندگيءَ گذارين ٿا ۽ پنهنجي شاهڪارن ۾ ان جو اظهار ڪن ٿا، دنيا جي باقي اڪثريت جي مزاج ۽ انداز کان مختلف ٿين ٿا. تنهنڪري، دنيا انهن کي خبتي، بيوقوف، چرياڻ وغيره جهڙن لقبن سان نوازي ٿي. پر اصل ۾ اهي اهڙا نه هوندا آهن.“ارب پتي زور ڏيندي چيو.
”اهي ته بس عام حالتن ۾ خاص سطح تي راند ڪندا رهيا هوندا آهن. اهي جيڪي ڪجهه ڪن ٿا، ان ۾ تمام گهڻي محنت ڪن ٿا. اهي هفتا، مهينا، ڪڏهن ڪڏهن ته سالن جا سال بهترين نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيندا آهن. جڏهن اهي پاڻ کي اڪيلو، ڊنل، يا بيزاري محسوس ڪندي ڏسندا آهن ته پاڻ کي پنهنجي ڪم ۾ مصروف رکڻ ۾ مجبور ڪري ڇڏيندا آهن. پنهنجي بهادريءَ واري تصور کي روز مره جي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته عام ماڻهو انهن کي سمجهي نه سگهندا آهن، ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن انهن تي حملا به ٿيندا آهن. اف خدايا! مان دنيا جي انهن عظيم ذهنن جي تعريف ڪيان ٿو، جيڪي واقعي ئي تعريف جي لائق آهن.“
”معاشرو جيترو گهڻو سچ کان پري ٿيندو آهي، اهو اوترو ئي وڌيڪ سچ ڳالهائڻ وارن کان نفرت ڪندو آهي.“ آرٽسٽ چيو. The further a society drifts from the truth, the more it will hate those that speak it.
ڪاروباري عورت هن ڏانهن نظرون کڻي نهاريو. جيڪا ان گفتگو دوران پنهنجي ٻانهن ۾ پاتل بريسليٽ کي مهٽي رهي هئي.
”جارج اورويل George Orwel چيو ته، ”جڏهن توهان پنهنجي اردگرد خوبصورتيءَ تخليق ڪندا آهيو ته دراصل توهان پنهنجي روح جي بحالي جو ڪم ڪندا آهيو“. آرٽسٽ وڌيڪ چيو، ” ايليس واڪر Alice Walker چيو ته ،”ماهر جنهن انداز ۾ تخليق ڪندا آهن، اهو عام ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر هوندو آهي، ان ڪري اهي ان کي جنوني هئڻ جو طعنو ڏيندا آهن.‘‘
صنعتڪار تفصيل ٻڌائيندي چيو، ”پر بهترين ٿيڻ جي حقيقت اها آهي ته پنجانوي سيڪڙو عام ماڻهو ان کي ”تنقيدي وارو رويو“ سمجهن ٿا، جڏهن ته پنج سيڪڙوٰ تخليقار اهو ڄاڻيندا آهن ته مٿاهين ڪلاس جي قيمت ڇا آهي؟ اچو ته اسان هڪ ٻيو نمونو ٿا ڏسون. جنهن سان اسان ان ڳالهه کي ڪافي بهتر طور تي سمجهڻ جي قابل ٿي سگهنداسين.“ ارب پتيءَ ريشمي ڪپڙي تي ٺهيل خاڪي کي ڇهندي ٻنهين کي هدايت ڪئي.
”هن سياري تي موجود انسانن جي اڪثريت وهم واري ڄار ۾ ڦاٿل آهي“، هن چيو،” ان کي ترقي جي طاقت جي غير حقيقي سمجهه ئي سڏيو. وچٿرائپ واري ڄاڻ، پنهنجي قوت کي وڌائڻ ۽ اڳتي آڻڻ، وچٿرائپ واري دلچسپي ۽ پنهنجي لڪل مهارت جي اظهار، مهارت جي نيوروبايولاجي، جيڪا دنيا کي ٺاهيندڙ ۽ تمام گهڻن پرجوش ماڻهن جو روزانو معمول هوندو آهي، اڪثريت غيرواضح ۽ غلط سوچ ۾ اٽڪيل آهي ۽ غير واضح ۽ غلط سوچ ته غير واضح ۽ غلط نتيجا ئي ڏيندي.and vague, imprecise thinking yields vague, imprecise results. هڪ مثال ٿو ڏيان: هڪ عام ماڻهو کان، ڪنهن رستي جو ڏس پڇو، گهڻو ڪري توهان کي خبر پوندي ته انهن جون هدايتون گهڻي ڀاڱي غير واضح آهن. ان جو سبب اهو آهي ته اهي جنهن نموني سان سوچي رهيا آهن، اصل ۾ اهو ئي غير واضح آهي.“ ارب پتيءَ ڪناري تان هڪ تيلي کڻندي، فريم ورڪ جي لفظ (گرينيوليرٽي) ڏانهن اشارو ڪيو.
”مثال حاصلات تائين پهچڻ وارا بلڪل مختلف هوندا آهن، اهي ڄاڻن/سمجهن ٿا ته ڄاڻ جي اڻپختي سطح تي رهندي، اهي ڪڏهن به بهترين پيشاوراڻا نتيجا حاصل ڪري نه ٿا سگهن. هڪ ٻيو مثال جنهن سان مون کي اُميد آهي ته توهان کي اهو اهم فلسفو سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. مان فارمولا ون ريسنگ جو تمام وڏو مداح آهيان. تازو ئي مون کي پنهنجي پسنديده ٽيم سان گڏ هڪ ڪار ريس ڏسڻ جي دعوت ڏني وئي. انهن ماڻهن جي توجهه صفا معمولي شين تي به ايتري هئي جو انهن پنهنجي پوري مهارت سان نهايت ئي خلوص جو اظهار ڪيو آهي، جنهن سان اها خبر پوي ٿي ته اهي جيڪو ڪجهه چاهن ٿا، ان لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. انهن جو اهو مزاج نه صرف بهترين هيو، پر حيران ڪندڙ حدتائين متاثر ڪندڙ پڻ هيو. ٻيهر مان هتي عام ماڻهو جو مثال ڏيندس ته ايتري باريڪ بيني سان شين تي توجهه ڏيڻ ۽ محنت جي اهميت سان جڙيل سوچ پنهنجي ذاتي ۽ پيشاوراڻي زندگي ۾، اهو عجيب هو. پر ايف ون ڪريو! ريس جي دوران انهن جو بنا جهول وارو عمل، سپر هيومن واري رفتار ۽ ايتري قدر جو ڪار جي وڃڻ کان پوءِ پِٽ ايريا ۾ انڊسٽريل ويڪيوم سان ايتري صفائي جو ذري برابر مٽيءَ جو نالو نشان نه رهي، اها ڳالهه انتهائي بهترين هئي. اهو ئي منهنجو نظريو آهي. بلند ترين نتيجا ڏيڻ وارا پنج سيڪڙو ماڻهو باريڪبيني، جڏهن ان جي مقابلي ۾ هيٺين درجي وارا ماڻهو پنهنجي روزاني زندگي ۾ ان ڳالهه جي برخلاف رويو ۽ سرگرميون اختيار ڪندا آهن.“
”ڇا هنن واقعي ئي انهن جاين تي پنهنجو پگهر وهايو آهي جو، ان جاءِ تي ڪار ريس کان پوءِ پِٽ ايريا مان مٽيءَ جي ذرڙي جو نالو نشان به نه هيو؟“. آرٽسٽ حيران ٿيندي پڇيو.
”ها“ ارب پتيءَ چيو.
”انهن سڄي جاءَ کي ٻهاري ڏني ۽ ويڪيوم سان صفائي به ڪري ڇڏي، جڏهن مون انهن کان پڇيو ته اهو ڇو؟“. ته انهن مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن مٽيءَ جو هڪ ذرڙو به ڪار جي انجڻ ۾ هليو ويو ته ان جي قيمت فتح کان محرومي جي قيمت ۾ چڪائڻي پئجي سگهجي ٿي، يا وري ان کان وڌيڪ... ڪنهن جي جان به وڃي سگهي ٿي. دراصل ڪنهن هڪ ٽيم ميمبر جي به هڪ ننڍڙي ڪوتاهي تمام وڏي نقصان جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڌيان نه ڏيندڙ ڪنهن فرد کي اُتي ڇڏجي ته اهو تباهيءَ جو سبب به ٿي سگهي ٿو. چيڪ لسٽ ۾ هڪ شيءَ به رهجي وڃي ته پورو پروگرام هيٺ مٿي ٿي سگهي ٿو ۽ ڪنهن هڪ ميمبر جي نظر کان به چڪ ٿي وڃي ته...ته ان جي قيمت فتح کان محرومي جي شڪل ۾ ٿي سگهي ٿي“.
”مان ان ڳالهه سان متفق ٿيندي پئي وڃان ته جيڪو ڪجهه توهان چئي رهيا آهيو، اهو تمام اهم آهي“. ڪاروباري عورت مڃيو.”تمام گهٽ ڪاروباري ماڻهو ۽ جيڪي ٻيا شعبا آهن، انهن ۾ آرٽس، سائنس ۽ اسپورٽس کي پسند ڪن ٿا ۽ منهنجي خيال ۾ ان کي عام ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو. اسان جي چوڌاري جيڪي شيون هونديون آهن يا اسين جيڪو ڪجهه ڪندا آهيون، ان جي باري ۾ گهري ڄاڻ رکڻ ۽ پنهنجي ڪم ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ جفاڪشي ڪرڻ، هر ڳالهه جي تفصيل ۾ وڃڻ، ننڍين ننڍين شين تي پگهر وهائڻ، غيرپيشوارڻي ۽ لاپرواهي وارو مزاج رکڻ بجاءِ صحيح نتيجا حاصل ڪرڻ، گهٽ دعويٰ ڪرڻ ۽ وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکارڻ، پنهنجي هنر تي فخرمند ٿيڻ، ٻين لفظن ۾ ... ابهام بمقابلا غيرحقيقت پسندي“.
Granularity versus superficiality.
”جتي جائز هجي اتي مون کي ڪريڊٽ به لازم ڏيڻ گهرجي“.
ارب پتيءَ عاجزي سان چيو،”اهي لفظ ۽ هي ماڊل مون کي اسپيلبائنڊر پڙهايو هيو. ها، ننڍڙيون شيون تڏهن مسئلو ڪنديون آهن، جڏهن اهي وڏيون ٿي وينديون آهن. مون ڪٿي پڙهيو هيو ته خلائي شٽل چيلنجر جو مصيبت ۾ پوڻ. جنهن ڪيترن ئي دلين کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. اهو واقعو ان ڪري ٿيو هيو جو ماهرن فقط هڪڙي O-Ring seal سيل لڳائڻ وساري ڇڏيو هو. جنهن جي ڪل قيمت فطق ستر سينٽ هئي.اهڙي ريت هڪ ننڍڙي شي کي غير اهم سمجهڻ جي ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون.
”ان ڳالهه سان مون کي ڊچ ورمير (ڊچ ) Vermeerمفڪر ورمير جو خيال آيو“، آرٽسٽ پنهنجي ڳالهه شامل ڪندي چيو،”هو هڪ اهڙو مصور هيو جيڪو بلند ترين معيار جو ڪم ڪندو هو. هن ڪيترائي دفعا اهو تجربو ڪيو ته هو فطري روشني کي ان انداز سان شڪل ڏيئي ته اها جتي به پوي ته ان سان ٽطرفي تاثر قائم ٿئي. ان ڪم ۾ تمام گهڻي گهرائي هُئي، هر ڇهاءُ ۾ انتها جي ڪشش ۽ هر حرڪت ۾ بهترين نفاست ... ته مان توهان جي ان ڳالهه سان اتفاق ٿو ڪيان ته هڪ عام آرٽسٽ پنهنجي تصويرن جي باري ۾ تمام هلڪي، بنيادي ۽ بي صبري واري سوچ رکندو آهي. انهن جي توجهه پنهنجي هنر کان وڌيڪ پئسن ڪمائڻ تي هوندي آهي. انهن جي توجهه شهرت تي هوندي آهي، پرڪم جي نفاست تي هر گز نه. منهنجو خيال آهي ته اهي ڪڏهن به پنهنجي ڪم جو شعور ۽ مهارت حاصل نه ٿو ڪري جنهن سان پنهنجي ڪم لاءِ اهي بهترين انتخاب ڪري سگهن ۽ پوءِ بهترين نتيجا حاصل ڪري سگهن. جيڪي هنن کي پنهنجي شعبي جو سورمو بڻائي ڇڏين. مان ٿورو ٿورو ان ڳالهه کي سمجهي رهيو آهيان ته هي ماڊل ڪيترو سادو پر ڪيترو زبردست آهي“.
”مون کي ورمير جي اها تصوير تمام گهڻي پسند آهي جنهن ۾ هڪ نيرو وڳو پاتل عورت خط پڙهي رهي آهي ۽ موتين سان جڙيل واليون پاتل ڇوڪري واري تصوير نهايت ئي اعليٰ آهي“. ارب پتيءَ ان عظيم فن جي تعريف ڪندي چيو.
”توهان جيڪو فلسفو بيان ڪري رهيا آهيو، اهو مون کي ڏاڍو سُٺو لڳو“، ڪاروباري عورت پنهنجون اکيون ڦاڙيندي چيو ۽ آرٽسٽ جي هٿ جو سهارو ورتائين. مسٽر رائلي اک ڀنڃي.
”مون کي خبر هئي، ائين ئي ٿيڻو هو“، ان وڌندڙ رومانوي تعلق کي ڏسندي، پنهنجي خوشي ءَ جو اظهار ڪيو پوءِ هن پنهنجون اکيون ٻيهر ٻوٽيون. پوپٽ اڃان به هن جي ڪن تي ويٺو هو، جڏهن هُن پنهنجا حسين رنگ برنگي پر ڦهلائڻ شروع ڪيا ته مسٽر رائلي عظيم صوفي شاعر رومي Rumi جا اهي شعر پڙهڻ شروع ڪيا.
Gamble everything for love, if you are a true human being. If not, leave this gathering. Half-heartedness does’nt reach into majest.
”محبت لاءِ جيڪا جوا توهان کيڏي سگهي ٿو ٿا، کيڏيو، جيڪڏهن سچا انسان آهيو ته، پر جيڪڏهن نه ته پوءِ تعلق ختم ڪري ڇڏيو، بي دلي ڪڏهن به معراج ماڻي نه ٿي سگهي“.
”ڇا مان توهان کا هڪ سوال ڪري سگهان ٿي“؟ ڪاروباري عورت حيراني منجهان پڇيو.
”بلڪل“، ارب پتيءَ جواب ڏنو.
”سخت محنت/شدت ۽ باريڪبيني /توازن جو اهو فلسفو انفرادي/ذاتي واسطي/ تعلق ۾ ڪيئن استعمال ٿي سگهي ٿو؟“
”تمام گهڻو نه“، بنا شرٽ جي ماڻهو جو صاف جواب هيو. ”اسپيلبائنڊر مون کي هڪ تصور پڙهايو هو، جنهن کي عظمت جو اونداهو پهلو (دي ڊارڪ سائيڊ آف جينيس) ‘The dark side of genius’ چوندا آهن، اصل ۾ خيال اهو آهي يا هن کي ائين کڻي چئجي ته هر انساني صلاحيت هڪ اونداهي پهلو سان گڏ اچي ٿي ۽ توهان جي هر اها خوبي جيڪا توهان کي ڪنهن خاص شعبي ۾ خاص بڻائي سگهي ٿي ته اها ئي خوبي ڪنهن ٻي ماڻهوءَ لاءِ وري ناموزون ٿي سگهي ٿي. حقيقت اها آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي عظيم ماڻهن جون نجي/ذاتي زندگيون تمام خراب رهيون. انهن جون تمام وڏيون خوبيون جن جي ذريعي اهي ٻين کي ڏسي سگهندا هيا، تنهنڪري، معيارن جي بلندين تي پاڻ کي قائم رکندي، پنهنجن پروجيڪٽس جي ننڍن ننڍن پهلوئن تي جنونين وانگر ڪم ۾ مشغول رهندا هئا ۽ پنهنجن منصوبن جي انتهائي گهراهين ۽ باريڪين جو به خيال ڪندا هئا. خودنظمي تي عمل ڪري، مشڪل سان پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌندا رهيا ۽ تنقيد کي به نظر انداز ڪندا هئا. جيڪا هنن جي ذاتي زندگين جي تعلقن کي مشڪل بڻائي ڇڏيندي هُئي، تنهنڪري انهن کي انهن روين جي ڪري ئي ”مشڪل/ڏکيو“، ”سخت“ ۽ ”غير متوازن“ سمجهيو ويندو هو.“
پوءِ ارب پتي واريءَ تي ڪريو ۽ تيز تيز پش اپ لڳائڻ شروع ڪيائين ۽ ان کان پوءِ، سفيد رنگ جي ڳيري کي گهوريندي، جيڪو هن جي سمونڊ ڪناري واري گهر جي ڇت تان لامارا ڏيئي رهيو هيو، ان ويل هن ويهه پش اپ لڳايا هئا ۽ پوءِ ٻيهر پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي.
”۽ انهن مان ڪيترائي تخليقيت ۽ پيداواريت وارا ورلڊ ڪلاس پرفارمنس ڪرڻ وارا /تخليقار ۽ اعليٰ سطح تي انتهائي ڪامياب فرد توازن کان هٽي ويا/ٻاهر ٿي ويا“، ارب پتيءَ وضاحت ڪئي،” اهي تنهائي پسند، آزاد خيال ۽ ڪٽر چيا ويا. اهو آهي ذهين ماڻهن جو اونداهو رخThis is dark side of genius . اها ئي خوبي جيڪا هڪ پاسي توهان جي فن کي حيران ڪندڙ بڻائي سگهي ٿي، ته وري ٻي پاسي توهان جي ذاتي زندگي/گهر کي تباهه ڪري سگهي ٿي ۽ توهان ٻنهين کي سچ ٻڌائي رهيو آهيان/حقيقت اهائي آهي“. ارب پتيءَ پاڻيءَ جي بوتل مان ڍڪ ڀريندي چيو، جنهن تي ننڍڙن اکرن ۾ ڪجهه لکيل هيو. جيڪڏهن توهان ان کي گهري نظر سان ۽ ويجهڙائي کان ڏسو ته توهان کي هيٺيان اکر پڙهڻ ۾ ايندا:
فلپ آف ميسيڊونيا، پنهنجو هڪ پيغام اسپاٽا کي موڪليو؛ توهان کي حڪم ڏنو ٿو وڃي ته بنا ڪنهن دير جي هڪدم آڻ مڃيو/پيش پئو/ حاضر ٿيو ٻي صورت ۾ جيڪڏهن مان پنهنجي فوج توهان جي زمين تي آندي ته توهان جون ٻنيون برباد ڪري ڇڏيندس ۽ توهان جا ماڻهو ماري ڇڏيندس ۽ توهان جي شهر کي تباهه ڪري ڇڏيندس.
Philp of Macedonia in a message to Sparta: “You are advised to submit without furthre delay, for it I bring my army into your land, I will destroy your farms, slay your people and raze your city”.
اسپارٽا جو جواب؛ جيڪڏهن...if
”پر صرف ان ڪري ته توهان جي فطري خوبين جا ڪمزور رُخ به آهن، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته توهان انهن جو اظهار نه ڪيو“. ارب پتيءَ جوش سان اظهار ڪيو. ”اوهان جي ڪرڻ جو ڪم اهو آهي ته اوهان کي ان ڳالهه جي خبر هجي ته اوهان جون اهي خوبيون ڪٿي ڪٿي اوهان جي ذاتي زندگي لاءِ ڏکيائون پيدا ڪري سگهن ٿيون ۽ پوءِ انهن کان بچڻ جي ترتيب ٺاهي وڃي ۽ اها ئي شي مون کي صبح جا معمول سکڻ طرف ڌيان ڇڪائي ٿي، جنهن جي ذريعي توهان فائيو اي ايم ڪلب جي غير معمولي اهميت جي باري ۾ سڀ ڪجهه سکڻ جي قابل ٿيو ٿا... ۽ ڄاڻو ٿا ته ڪيئن ان عادت کي مستقل طور تي جاري رکجي. “
صنعتڪار هيٺ جهڪيو، هڪ سامونڊي تيلي کنئي ۽ ان کي ريشمي ڪپڙي تي رکندي چيو.
”اعليٰ ڪاڪردگي ڏيکارڻ وارن جو هي بنيادي اصول مهرباني ڪري هميشه ياد رکو جنهن تحت شخصي عظمت جو هي فريم ورڪ ٺهيو آهي؛ روزانو بهتر ڄاڻ سان گڏ توهان روزانو بهتر انتخاب ڪري سگهو ٿا ۽ روزانو بهتر انتخاب سان روزانو بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي سگهو ٿا. اسپيلبائينڊر هن کي ڪاميابي جو ٽي مرحلي وار فارمولو چوي ٿو. عظيم شيون حاصل ڪرڻ جي فطري خوبي بهتر ڄاڻ سان گڏ، مثال طور فائيو اي ايم طريقو ڪيئن پنهنجي صبح جي معمول ۾ سمائڻو آهي ته جيئن توهان جي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي، توهان ان سطحي معاشري کان مٿانهان ٿي سگهو، جيڪو هن زمين تي نمايان آهي، ته جيئن گهرائي سان ڏسندجندڙن جو معاشرو قائم ٿي سگهي. نظر ۽ شعور جي اها اوچي سطح توهان جي روز مره جي فيصلن کي درست بنائيندي ۽ عقلي طور تي هڪ دفعو جڏهن توهان پنهنجي روز مره جي چونڊ کي درست ڪندو ته توهان جي ليدرشپ ۾ به اظافو ٿيندو، توهان جي ترقي ۽اثر حيرانيت جي حد تائين وڌي ويندو، ڇاڪاڻ ته اهي توهان جا ئي فيصلا آهن، جيڪي اوهان کي نتيجا ڏيندا آهن.“
”اسان جي هڪ تربيتي سيشن جي وچ ۾،“ ارب پتيءَ پنهنجي گفتگو جاري رکندي چيو،” اسپيلبائنڊر ۽ مان سوئٽرلينڊ Switzereland جي شهر لوسرن Lucerne ۾ ملياسين، ڇا ته پيارو شهر آهي، جيڪو عاليشان جبلن جي وچ ۾ هڪ ڍنڍ ويجهو قائم آهي ۽ ڪنهن ديومالائي ڪهاڻي ءَ واري جاِءِ لڳندي آهي، بهرحال هڪ ڏينهن صبح جو هن هڪ گرم پاڻيءَء جي ٿانو جو آرڊر ڪيو ۽ ڪجهه ليمي جا ٽڪرا ته جيئن ليمي جي تازي چانهن ٺاهي سگهجي. هو اڪثر صبح جو اها چانهه پيئڻ تمام پسند ڪندو آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته ...“.
”اها ڏاڍي دلچسپ ڳالهه هوندي“، آرٽسٽ پنهنجي ٽيٽو واري ٻانهن ٻاهر ڇڪيندي گفتگو ۾ مداخل ڪئي ۽ ايڊي وارهول Andy Warhol جي قول جو حوالو ڏنائين، ”مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ماڻهو ڪڏهن مرندا به آهن ، اهي ته ڊپارٽمينٽل اسٽور هليا ويندا آهن“. I never think that people die. They just go to department stores.
”ٽري اچي وئي،“ ارب پتيءَ پنهنجي گفتگو جاري رکي. چانديءَ سان ٺهيل بهترين ٿانو، شاندار چيني جي ٿانون جو معيار، هر شي بهترين ترتيب ۾ سجايل هئي ۽ ان ڳالهه تي به غور ڪجي ته جنهن به بورچي، رڌڻي ۾ ليما ڪٽيا، هن گهري هنر جي سخت مشق ڪئي آهي، جيڪا لاڳيتي مهارت جو بنياد آهي. ڇو ته ليمن جي کل خراب ڪرڻ بنا، ٽڪرن مان ليمي جو ٻج ڪڍيو ويو هو.... حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي، آهي نه “.
ارب پتيءَ وري پنهنجو تيز درويشاڻي انداز وارو رقص شروع ڪيو، جيڪو هن ڪانفرنس سينٽر ۾ ڪيو هيو، پوءِ هو بيهي ويو، ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ پنهنجا ڪنڌ لوڏيا.
” دنيا جي تمام گهڻي بي ڌياني ۽ لاپرواهي جي ڪري، سطحي ماڻهن ۾ مرده دلي ۽ بيچيني عام آهي.“ ڪاروباري عورت ائين ظاهر ڪيو ڄڻ ته هو ان هن جي رقص ۾ رخنو نه پئي وجهي.
”اڄڪلهه ڪاروبار ۾ جيڪا شي سمائجي چڪي آهي، ان کي اسپيلبائنڊر (ڪليڪٽو ڊي پروفيشينلائيزيشن آف بزنس) چوندو آهي the collective de-professionalization of business”“. ارب پتيءَ ڌيان ڇڪائيندي چيو، ”اچو مان هن جي وضاحت هڪ مثال سان ڪيان ٿو، ماڻهو هتي ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، پنهنجن گراهڪن کي خوش ڪرڻ گهرجي، غير معمولي مهارتن جو اظهار ڪرڻ گهرجي، پنهنجي اداري جون ٻيون خوبيون بيان ڪرڻ گهرجن ۽ پوءِ پنهنجي اداري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي پري ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجن فونن تي بيڪار وڊيوز ڏسي، بوٽن جي آن لائن خريداري ڪري يا پنهنجن سماجي رابطن ۾ وقت ضايع ڪري رهيا آهن. مون پنهنجي ڪم کان لاتعلقي جو اهڙو ماحول هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو، انتهائي ٿڪائيندڙ، بيزار ڪندڙ ۽ مون ان کان پهريائين ايترا غلطين ڪرڻ وارا ماڻهو به ناهن ڏٺا“.
ارب پتي ٻيهر پنهنجي لٺ سان ٽين مرحلن واري ڪاميابي فارمولي ڏانهن اشارو ڪيو.
”ليمي مان نهايت ئي دانائي سان ٻج ڪڍڻ جي هنر کي حقيقت پسندي کان بهتري ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ استعاري جي طور تي وٺي سگهجي ٿو. حقيقي محنت توهان جي اپروج جي ڀيٽ ۾ اها آهي ته توهان پنهنجي پيشي ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ، نجي/ذاتي زندگيءَ تي ڪيئن توجهه ڏيئي سگهو ٿا. سچي گهرائي جو تعلق ان ڳالهه سان آهي ته توهان ڪئين سوچيو ۽ ڪئين ورتاءُ ڪيو ٿا ۽ ڪيئن ڊليور ڪيو ٿا. صحتمند تڪميل اها آهي ته اندر ئي اندر توهان کي خبر هجي ته توهان جيڪو ڪجهه ٿي سگهو ٿا، ان ۾ بهترين ڪيئن ٿي سگهو ٿا. ان جي بنياد تي توهان اهي ٿي سگهو ٿا، جنهن کي اسپيلبائنڊر (جي سي اي؛ گرينيوٽين ڪامپيٽيٽو ائڊوينٽيج)A (Gargantuan Competitive Advantage) GC جو نالو ڏنو آهي. ڪاروبار ۾ يا وري راند ۾ پنهنجو نالو ڪمائڻ ڪڏهن به آسان ناهي رهيو ۽ انهي ڪري تمام گهٽ ماڻهو اهو ڪم ڪري سگهندا آهن، جنهن سان ماڻهو جي سڃاڻپ ٺهي ٿي. مهارت ۾ ڪمال هڪ انوکو ڪم آهي. جيڪڏهن توهان اها ئي جرئت ڏيکاري سگهو ٿا، جيڪا مان چئي رهيو آهيان ته پوءِ ميدان صرف توهان جو آهي. هتي هڪ طاقتور خيال آهي؛ عام ماڻهن وچ ۾ تمام گهڻو مقابلو آهي، پر غيرمعمولي فردن جي جاءِ تي ڪو به مقابلو نه آهي. اڄ جي منتشر خيال دنيا ۾ جتي ماڻهن کي نه قدرن جي خبر آهي ۽ نه ئي وري انهن جا ارادا واضح آهن، پنهنجي خانداني خوبين کي استعمال ڪندي، پاڻ کي اڻميو بنائڻ جو ان کان بهتر موقعو ڪڏهن به ناهي آيو. توهان ڪيترا دفعا ڪنهن دڪان يا وري هوٽل ۾ ڪنهن اهڙي فرد سان مليا آهيو، جيڪو مڪمل طور تي حاضر هجي، حيران ڪن حد تائين ٿڌي طبيعت جو هجي، غيرمعمولي معلومات رکندو هجي، ڀرپور طور تي جوشيلو هجي، نهايت ئي محنتي هجي، تمام گهڻا خواب ڏسڻ وارو هجي، ايجاد ڪندڙ مزاج رکندو هجي ۽ جيڪو ڪجهه ڪندو هجي ان ۾ مثالي هجي؟، شايد ڪڏهن به نه. ائين ئي آهي نه؟“.
”ها“، ڪاروباري عورت تسليم ڪيو.
”مون کي اهڙو ماڻهو ڳولهڻ لاءِ هزارين ماڻهن جا انٽرويو ڪرڻا پوندا.“.
” ته توهان کي جي سي اي GCA ملي ويو؟، توهان ته خوش قسمت آهيو“. ارب پتيءَ رِڙ ڪئي. ”توهان پنهنجي شعبي ۾ آسانيءَ سان نمايان ٿي سگهو ٿا. ڇاڪاڻ ته تمام گهٽ ماڻهو اهڙا هوندا، پنهنجي ارادي ۾ پڪا رهو، پنهنجا معيار وڌايو ۽ پوءِ توهان پاڻ کي ان ڪم ۾ مصروف ڪري ڇڏيو پر اها ڳالهه تمام اهم آهي ته توهان کي روزانو بهتر بڻجڻو پوندو. مستقل مزاجي مهارت جي بلندي جو ڊي اين اي DNA آهي ۽ جڏهن ننڍڙيون ننڍڙون بهتريون روزانو باقائدگي سان ڪيون وڃن ٿيون ته وقت گذرڻ سان گڏ بهترين نتيجا ملن ٿا، مهرباني ڪري اهو ياد رکو ته عظيم ڪمپنيون ۽ حيرت انگيز زندگيون هڪدم وجود ۾ ناهن آيون، نهNope ، انهن جستجو ڪري، پاڻ کي بهتر بڻائي، اهي نتيجا حاصل ڪيا. روزانو جي ننڍڙي ننڍڙي فتح وري وري ڊگهي عرصي تائين ملندي هلي ته نتيجو ڪمال جو پيدا ٿيندو آهي. پر اسان مان گهٽ ماڻهو آهن، جن وٽ ان ڊگهي عرصي تائين راند کيڏڻ لاءِ صبرآهي. نتيجو اهو ٿئي ٿو ته اسان مان گهڻا ڪڏهن به ليجنڊ (سورما) نه ٿي سگهيا“.
”اها سموري ڄاڻ/ معلومات تمام شاندار آهي، خاص ڪري منهنجي فن لاءِ ته تمام قيمتي“. آرٽسٽ پنهنجي قميص واپس پائيندي، ٿورائتي انداز ۾ چيو.
”اهو ٻڌي خوشي ٿي“، ارب پتيءَ به مڃيو. ”ڏسو، منهنجي خيال ۾ توهان ٻنهي نهايت ٿوري وقت ۾ علم جو ٽن /گهڻو ڪجهه سکيو آهي، مان سمجهان ٿو صبح سوير جلد اٿڻ جي عادت جيڪا توهان لاءِ نئين مهارت آهي، جيڪا توهان پاڻ ۾ سمائي رهيا آهيو/ اختيار ڪري رهيا آهيو، ۽ هر اها شي جيڪا توهان عظمت جي پويان پوڻ/تلاش ڪرڻ جي باري ۾ ٻڌي آهي، ،ميڙ کان پري ٿي بيهڻ، وچٿرائپ کي ڇڏي ڏيڻ ۽ عام ڪم کان هٿ ڪڍڻ، شايد اوهان لاءِ ڏکيو ڪم ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري مهرباني ڪري وڏو ساهه کڻو... ۽ پرسڪون ٿي وڃو. باقي ٻين سڀني کان هٽي ڪري هلڻ هڪ سفر آهي، نيڪي هڪ سامونڊي سفر آهي، آهي. ڇو ته روم هڪ ڏينهن ۾ تعمير نه ٿيو هو. ٺيڪ آ؟“.
”ٺيڪ آ “، آرٽسٽ اقرار ڪيو/قبول ڪيو.
”بلڪل“. ڪاروباري عورت به مڃيو.
”۽ مان اهو پڻ سمجهان ٿو ته پنهنجي گهڻي نج پهچ واري طاقت ۾ سوير اٿڻ ۽ پنهنجي اعليٰ ترين انساني خوبين تائين پهچڻ هڪ تمام تڪليف ڏيندڙ ۽ خوفناڪ عمل آهي. مون به تمام گهڻيون تڪليفون سٺيون آهن ۽ توهان کي ان رستي جا فائدا ان وقت ملڻ شروع ٿي ويندا، جڏهن توهان فائيو اي ايم طريقي تي مستقل مزاجيءَ سان هلندا رهندو. اهي فائدا وڏي مقدار ۾ پئسي، شهرت ۽ دنياوي طاقت ملڻ کان تمام گهڻا آهن ۽ اڄ مون توهان کي جيڪو ڪجهه سيکاريو آهي اهو صبح سوير جاڳڻ جي نظام جو بنيادي حصو آهي. جيڪو پاڻ کي نهايت ڪامياب ۽ طاقتور انسان بنائڻ جي تياري لاءِ لازمي آهي. ايندڙ تربيتي سيشنس ۾ اسان ان جي وڌيڪ گهرائي تائين وينداسين. ان کان پهريائين جو اوهان اڄ واپس وڃو، مان اوهان ٻنهي دوستن کي ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو اهو هي آهي ته هڪ پروڊيوسر ۽ يا وري هڪ انسان جي طور تي اهو ڪم ڏکيو ٿي سگهي ٿو، پر پوءِ به هي اهو بهترين ڪم آهي، جيڪو هڪ انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪري سگهي ٿو ۽ اها ڳالهه ياد رکو ته جڏهن توهان جي دل تيز تيز ڌڙڪي ٿي/جڏهن توهان زنده آهيو، ته ان جو مطلب آهي ته توهان ڀرپور طريقي سان زندهه آهيو ۽ اسان گهڻو ڪري جاڳون ٿا، جڏهن اسان جو خوف زور سان رڙيون ڪري ٿو.“
”ان ڪري اسان کي هميشه اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، ٺيڪ؟“. ڪاروباري عورت حسين سمونڊ جي ٿڌي هوائن ۾ پنهنجن ڀورن وارن کي لهرائيندي پڇيو.
”بلڪل“ ، سيٺ چيو. مڙئي تحفظ جا ڇانورا تسلسل جي گرم گولي ۾ حل ٿين ٿا.
”ٺيڪ آ“، هڪڙو آخري مثال توهان جي پيشيوراڻي ۽ گهريلو زندگي ۽ جي سي اي جي سخت حاصلات لاءِ... بنيادي مهارتن ۽ مقصد وارين سرگرمين دوران... ته ڪيئن ڪنهن اهم منصوبي ۾ باريڪبيني ٿي سگهجي ٿو. مان چاهيندس ته اوهان ٻيئي ترڻ وڃو ۽ اس سان تڙ ڪيو، ان کان پوءِ منجهند جو بهترين کاڌي جو مزو وٺو جيڪو منهنجي ٽيم خاص طور تي توهان لاءِ پچايو آهي. مون کي هڪ ميٽنگ جي سلسلي ۾ پورٽ لوئس Port Louis وڃڻو آهي پر مونکي اميد آهي ته توهان ٻئي هنکي پنهنجو گهر سمجهندو. تنهنڪري....“
مسٽر رائلي هڪ لمحي لاءِ ترسيو ۽ جهڪندي پنهنجي آنڱوٺن کي چار دفعا ڇهي اهو منتر پڙهيو،” اڄوڪو ڏينهن نهايت ئي شاندار آهي، مان هن کي شاندار نموني سان لامحدود جوش ۽ جذبي ۽ انتهائي عزت ڀري نموني سان گزاريندس جيڪو منهنجي محبت واري دل جي تمام ويجهو هوندو“.
”مون کي ياد آهي ته مون هڪ مضمون پڙهيو هيو“. ارب پتي پنهنجي ڳالهه جاري رکي،” جڏهن هڪ اٽلي Italian جي فيشن ڪمپني جي سي اي او مونڪلر Moncler کان پڇيو ويو ته هن جو پسنديده کاڌو ڪهڙو آهي ته هن جواب ڏنو ته ٽماٽن واري چٽڻي، پوءِ هن اها به وضاحت ڪئي ته جيتوڻيڪ هن جي کاڌو سادو آهي جنهن ۾ پشتا، تازا ٽماٽا، زيتون جو تيل ۽ نازبو هجي، پر ان کي بلڪل سهي تيار ڪرڻ لاءِ غير معمولي مهارت ۽ خاص ڄاڻ کپي، اسان ٽنهي لاءِ اهو لفظ نهايتي ئي اهم آهي ، پنهنجي ذهن ۾ رکون ته جڏهن به غيرمعمولي ماڻهو راند ۾ شريڪ ٿيندا آهن ته پنهنجي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪندا آهن ۽ دنيا کي وڌ کان وڌ ڏيندا آهن. ڪيليبريشن؛ سڀني کان بهترين روين جو معياري رستو اختيار ڪرڻ ۽ ننڍي کان ننڍي تفصيل جو خيال رکڻ ئي (گرينيوليرٽي) يعني باريڪبيني آهي. ۽ ائين ئي توهان پنهنجي خانداني ذهانت جي عروج تي پهچو ٿا ۽ جادو ئي زندگي جيو ٿا ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه آهي.“
پوءِ هن پرڪشش شخصيت ريشمي ڪپڙي جو ٽڪرو بوتل مان ڪڍي پنهنجي چڍي جي کيسي ۾ وڌو ۽ گم ٿي ويو.

تاريخدانن جا چار اهم مرڪز

10

The 4 focuses of history-makers
تاريخدانن جا چار اهم مرڪز


“The life given us, by nature is short, but the memory of a well-spent life is eternal” –Cicero

اسان کي قدرت طرفان مليل زندگي مختصرآهي.پر سٺي گذاري ويل زندگي جون ساروڻِيون اڻ وسرندڙ هونديون آهن. سيسيرو

سج آسمان تي بيٺل هيو، ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ گڏو گڏ ساحل تي هلندي هلندي ان جاءِ تائين وڃي رهيا هُئا، جتي انهن کي ارب پتيءَ سان گڏ سڀاڻي صبح جو ملڻ لاءِ ٻڌايو ويو هو.
جڏهن اهي اُتي پهتا ته مسٽر رائلي اڳ ۾ ئي اتي، واري تي پلٿي هڻي اکيون ٻوٽيل گهري مراقبي ۾ ويٺل هو.
هن کي قميص پاتل نه هئي ۽ ڪيموفلاج اسٽائيل جهڙو پاجا مو پاتل هو، جهڙو اسپيلبائنڊر پهرئين ڏينهن سمونڊ جي ڪناري تي آيو هو ته ان کي پاتل هو. پيرن تي رٻڙ جون جتيون پاتل هيون. جنهن تي مسڪرائيندڙ چهري وارا يموجي منتشر ٺهيل هيا. جيڪڏهن توهان جي نظر انهن تي پئجي وڃي ته توهان کلي ڏيو.
جيئن ئي ارب پتي فتح جو نشان ٺاهي آسمان ڏي پنهنجو هٿ مٿي ڪيو، ته هڪ مددگار ساحلي گهر مان ڀڄندو هن ڏي آيو. هن ُ ٽي ڪڙڪ ڪاغذ، وڏي احتياط سان رکيل چمڙي جي ٿيلهي مان ڪڍي، هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا ۽ بناڪجهه چوڻ جي واپس هليو ويو. اسٽون رائلي ٿورو هلڪو جهڪي هن جو ٿورو مڃيو. پوءِ هن پنهنجي ٻنهي شاگردن کي هڪڙو هڪڙو ڪاغذ ڏيئي ڇڏيو.
ان وقت صبح جا پنج ٿيا هُئا.
ان کان پوءِ ارب پتي هڪڙو سپ seashell کنيو ۽ ان کي پاڻيءَ ڏي پري اڇلي ڇڏيو. ائين لڳي پيو ته اڄ صبح کان هن جي ذهن ۾ ڪا خاص ڳالهه آهي.
”توهان ٺيڪ ته آهيو“؟ عورت پنهنجي بريسليٽ کي ڇهندي پڇيو. جنهن تي هي الفاظ اڪريل هُئا، ” تڪڙ ۾ اڳتي وڌو، ترقي ۽ اڻٿڪ محنت ڪيو، پاڻ آرام فقط تڏهن ڪنداسين، جڏهن مري وينداسين ته“.
نواب صاحب ان چوڙي تي لکيل الفاظ پڙهي ورتا. هن پنهنجي هڪڙي آڱر پنهنجي چپن تي رکي.
”تنهنجي موت تي ڪنهن کي ڏک ٿيندو“. هن پڇيو.
”ڇا“، آرٽسٽ سوال ڪيو
”توهان کي جيڪي سڃاڻين، اهي ڪهڙي قسم جي سُس پُس ڪندا، ته توهان زنده رهيو، جڏهن توهان هن دنيا ۾ نه هوندو؟. ارب پتيءَ هڪ ماهر اداڪار جيان هن جي سوال جو جواب ڏنو.”توهان اهڙي زندگي گذاريندا آهيو، جيئن توهان کي ڄڻ ته سدائين زنده رهڻو هجي، پنهنجي فنا هجڻ جو ڪو به خيال دل ۾ نه ٿو اچي توهان کي ۽ ائين ئي خبر ناهي ڪيترو وقت گذريو وڃي، توهان وقت ڇو ضايع ڪيو ٿا. ڄڻ وقت جو انتهائي گهڻو ڍڳ هجي ۽ ائين وهندو هجي“.
”اهي توهان جا خيال آهن؟ بهترين“ آرٽسٽ چيو.
آرٽسٽ ٿورو لڄي ٿيو، ”ڪاش! نه، اهي ته يوناني فلسفي سينيڪا Seneca جا الفاظ آهن. اهي هن جي ڪليات ” جيون جي کوٽ تي“ On the shortness of life ۾ موجود آهن.“
” ڀلا اسان ههڙي خوبصورت صبح جي پهر ۾ موت جون ڳالهيون ڇو ڪري رهيا آهيون“. ڪاروباري عورت سوال ڪيو، جيڪا ان وقت ڪجهه بيچين لڳي رهي هئي.
”ڇو جو اسان مان گهڻو ڪري جيڪي اڄ زنده آهن، اهي خواهش ڪري رهيا آهن ڪاش!ڪجهه اڃان گهڻو وقت زنده رهون. جڏهن ته اسان وٽ جيڪو وقت هوندو آهي، اهو اسان ضايع ڪري چڪا هوندا آهيون. موت جي باري ۾ سوچيندا آهيون ته اسان جي توجهه انهن شين ڏانهن هلي وڃي ٿي، جيڪي اسان لاءِ سڀني کان وڌيڪ اهم آهن. تنهنڪري اهڙي حالتن ۾ توهان ڊجيٽل انتشار (موبائيل فون، سوشل ميڊيا وغيره) سائبر تفريحون ۽ آن لائين هٻڙ ڌٻڙ وغيره ڇڏي ڏيندا آهيو، جيڪي سڀ کان وڏي نعمت يعني زندگي تي ناقابل تلافي ڪلاڪن تي ڌاڙو هڻون ٿا، توهان کي خبر آهي ته توهان جو ڪالهه وارو ڏينهن واپس نه ٿو اچي سگهي“. ارب پتيءَ دوستاڻي پر معقول لهجي ۾ چيو. ”مان ڪالهه ميٽنگ کان واندي ٿيڻ کان پوءِ چيسنگ ڊي لائٽ (Chasing daylight ) پڙهي. هي هڪ انتهائي پر اثر سي اي او يو جين او ڪيلي CEO Eugene O’ Kelly جي سچي ڪهاڻي آهي. جڏهن هن جي ڊاڪٽرن هن کي ٻڌايو ته توهان جي دماغ ۾ ٽي رسوليون آهن ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته توهان جي زندگي باقي چند ڏينهن آهي.“.
”پوءِ هن ڇا ڪيو“. آرٽسٽ آهستي پڇيو.
”هن آخري ڏينهن کي اهڙ ڊسيپلين سان ترتيب ڏنو جيئن هو پنهنجي ڪاروباري زندگيءَ ۾ گذاريندو هو. اوڪلي O’Kelly پنهنجي اسڪول جي هڪڙي فنڪشن ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو موقعو هو وڃائي چڪو هو. هن پنهنجن گهروارن سان ماضي ۾ گهمڻ ڦرڻ وارو وقت گذاريو هو ۽ اها دوستي جيڪا هو وساري چڪو هو. ڪتاب جي هڪ حصي ۾ هن ٻڌايو ته هن ڪيئن پنهنجي هڪڙي دوست کي فطري ماحول ۾ سير ڪرڻ جي گذارش ڪئي ته اهڙي پرسڪون چهل قدمي آخري دفعو ناهي، پر پهريون دفعو آهي“.
”افسوسناڪ“ ڪاروباري عورت پنهنجي بريسليٽ سان بي ڌياني ۾ کيڏندي چيو. هن جي پيشاني تي پريشانين جا گهنج پنهنجي جوڀن ۾ هيا.
”پوءِ مون ڪالهه رات ”The Diving Bell and the Butterfly ڏٺي، جيڪا منهنجي پسنديده فلمن منجهان آهي.“ ارب پتي ڳالهه جاري رکي. ”هي به هڪ سچي ڪهاڻي آهي. هڪ بهترين ماهر ماڻهو جي، جيڪو فرانسيسي ايلي Elle ميگزين جو ايڊيٽر هيو. جين دومينڪيو بابي Jean-Dominique Bauby وٽ سڀ ڪجهه هيو ۽ پوءِ هن کي اسٽروڪ ٿيو ۽ پوءِ هو پنهنجي جسم جو ڪو به عضوو چوري پوري نه پئي سگهيو. سواءِ کاٻي اک جي ڇپر جي. اها ڪيفيت لاڪڊ ان سائنڊروم (Locked in syndrome چوائي ٿي. جيتوڻيڪ هن جو ذهن اڄ به صحيح سلامت ڪم ڪري رهيو هو. پر هن جو سڄو جسم مفلوج هو ، ڄڻ ته هن جي سڄي جسم کي ڪنهن هڪڙي پيتيءَ ۾ بند ڪيو ويو هجي“.
”افسوس“ آرٽسٽ رحمدلي واري لهجي ۾ چيو.
”هن کي سمجهو“، مسٽر رائلي چيو. ”هن جي ٿيراپسٽ هن کي گفتگو جو هڪڙو طريقو /انداز سيکاريو. جنهن کي سائلينٽ الفابيٽ (خاموش الف ب) اکر چئجي ٿو. هن ٿيراپي جي ذريعي هن کي پنهنجي اک کي ڇنڀي ان مان الف ب جا اکر ٺاهڻا پوندا هئا، اهڙي ريت هو گفتگو ڪندو هو ۽ پنهنجي اوسي پاسي جي ماڻهن کي اهو ٻڌائيندو هو ته هي ڇا ٿو چاهي. هن ٿيراپي جي مدد سان هن پنهنجي تجربي جي باري ۾ هڪڙو ڪتاب لکي ورتو. جنهن جو زندگي جي لازمي مفهوم سان تعلق آهي. هن ڪتاب کي لکڻ لاءِ هن کي پنهنجن پنبڻين کي 2 لک ڀيرا ڇنڀڻو پيو، پر هن نيٺ ڪتاب لکي مڪمل ڪري ورتو”.
”مون وٽ ته شڪايت لاءِ ڪجهه به نه آهي“. ڪاروباري عورت خاموشي سان چيو.
”ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ، ٿوري عرصي ۾ ئي هو مري ويو“. ارب پتيءَ گفتگو جو سلسلو جاري رکيو.”پر اهو ٻڌائڻ جو منهنجو مقصد اهو آهي ته زندگي انتهائي تمام تمام گهڻي نازڪ آهي. هتي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي صبح جو اٿندا، پنهنجا ڪپڙا پائيندا، ڪافي پيئندا، ناشتو ڪندا.... ۽ پوءِ وري دفتر ويندي ڪنهن روڊ حادثي جو شڪار ٿي مري ويندا. ان ڪري، توهان ٻن انتهائي اهم ماڻهن کي منهنجي گذارش/صلاح آهي ته ڪو به اهڙو ڪم نه ڇڏيو، جنهن مان توهان جي فطري ذهن /سوچ جو اظهار ٿيندو هجي. اهڙي انداز واري زندگي جيئو جو، جنهن مان پاڻ سان سچا رهو، .... ۽ .... روزانو جي زندگي ۾ جيڪي ننڍا ننڍا معجزا ٿيندا آهن ان تي توجهه ڏيو“.
”مان توهان جي ڳالهه ٻڌي رهيو آهيان“. آرٽسٽ پنهنجي قميص کي درست ڪندي ۽ پاناما ٽوپلي کي صحيح ڪندي چيو، جيڪا هو اڄ صبح تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊ ڪري پائي آيو هو.
”مان به“ ، ڪاروباري عورت اداسي مان چيو.
”هر گرهه/سنبوسي جو مزو وٺو“ آرٽسٽ اضافو ڪيو.
”تمام گهڻي عقل واري ڳالهه“، مسٽر رائلي چيو.
”هي جملو منهنجو نه آهي“ آرٽسٽ گهٻرائيندي جواب ڏنو. هي گيتن جي شاعر وارن ويورن Warren Zevon جا الفاظ آهن. اهي الفاظ هن گهڻو بيمار رهڻ کان پوءِ چيا هئا“.
”هر لمحي جا ٿورائتا ٿيو ۽ جڏهن معاملو توهان جي شوق جو هجي ته پوءِ بزدلي نه ڏيکاريو، پنهنجو وقت غيراهم شين تي وڃائڻ ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي اندر موجود پنهنجي تخليقيت، جوش ۽ صلاحيتن کي نئين سر جنم ڏيڻ ۾ شامل ڪيو. ائين ڪرڻ تمام ضروري آهي. توهان اهو ڇو نه ٿا سوچيو ته افلاطون ڇو اسان کي ”پاڻ کي سڃاڻو know thyself “تي همٿايو. هو دلي طور اهو سمجهي چڪو هو ته اسان جي اندر خوبين جا ڍير لڳا پيا آهن، جن تائين پهچڻ ۽ استعمال لازمي آهي. ته جيئن اسان تازا توانا، مزي سان، پرسڪون ۽ مقصد واريون زندگيون گذاري سگهون. پنهنجي اندر ۾ لڪل ان قوت کي نظر انداز ڪرڻ، زندگي ۾ تڪليف، بيزاري ۽ پريشاني جي پوک جو لڻڻ آهي“.
هڪڙو لغڙ زوڪاٽ ڪندو مٿان اڏري ويو ۽ هڪڙو مڇين جو جهنڊ پاڻي ۾ ترندو اڳيان نڪري ويو، اهو اهڙو واضح هو، جئين ڀولڙي لنڪولنس Abe Lincoin’s conscience جو شعور.
هي اسان کي خوبصورتي سان اُتي پهچائي ٿو، جنهن جي باري ۾ اڄ صبح جو مان توهان سان ڳالهائڻ چاهيان پيو، پنهنجي پني کي غور سان ڏسو“. ارب پتي هدايت ڏني.
ان تي انهن ٻنهي شاگردن لاءِ هڪ ماڊل (لرننگ ماڊل) ٺهيل ڏٺو، جيڪو انهن کي سکڻو هو. هي ڪجهه هيٺين ريت نظر اچي رهيو هو.
تاريخدانن جي سوچ جا چار مرڪز
تاريخدان جي توجهه جو مرڪز؛ پهريون
هن وڏي سيڙپڪار (ڪيپيٽيلائيزيشن) ڪرڻ جو تصور واضح ڪيو، جيڪو مشهور نفسيات جي ماهر جيمس فلين James Flynnتشڪيل ڏنو هو. هن جيڪو قابل قدر ڪم پيش ڪيو، هن نفسياتدان اهڙو ئي تصور ڏنو، اهو هي هيو ته جيڪا شي ماڻهو کي صاحبِ حيثيت بڻائي ٿي. اهو اصل ۾ فطري صلاحيت يا ٽيلينٽ جي باري ۾ ناهي جيڪا پيدائشي طور ملنديون آهين. بلڪ ان جو تعلق ان ٽيلينٽ سان آهي، جيڪو هو پاڻ پيدا ڪري ٿو. ....۽ پوءِ ان کي اڳتي وڌائي ٿو.”دنيا ۾ ڪيترائي سُٺا کلاڙي، پنهنجي سامهون واري رانديگر کان گهٽ فطري مهارت رکن ٿا“. مسٽر رائلي ءَ ڳالهه شروع ڪئي. ”پر اهو انهن جي انتها واري محنت، پڪو ارادو ۽ اڻ ٿڪ جستجو جو نتيجو آهي، جيڪا هن کي ناليوارو بڻائي ٿي“.
پراڻي چوڻي آهي ته ڪتي جي لڙائي ۾ ڪتي جو قد ڪاٺ اهميت نه ٿو رکي. پر ڪتي جي دماغ ۾ لڙائي جو ڪيترو سائيز آهي، اهو اهم آهي“. ارب پتيءَ پنهنجي نڪتل پيٽ کي بي ڌياني مان سڌو ڪندي چيو ۽ نئون اُس جو چشمو لڳائي ڇڏيو. جيئن توهان جنوبي ڪليفورنيا جي سرفر سرفنگ ڪندي پاتل ڏٺو هوندو.
”فائيو اي ايم ڪلب ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ، اوائلي اسپيلبائنڊر مون کي اهو سيکاريو هو ته هر صبح جو مون وٽ موقعن جي وڏي دري کُلي ٿي، جيڪا منهنجي تمام وڏن اثاثن جي آبياري ڪري ٿي. ان لاءِ مون کي پنهنجي هر ڏينهن کي جوهر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ، روزانو ڪجهه وقت ڪڍڻو پوندو. انڪري مون کي اهو سمجهڻ ۾ منهنجي مدد ملندي ته ڪامياب ماڻهو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ اٿندا آهن ۽ پنهنجي صبح کي ڪيڏي نه سٺي نموني استعمال ڪن ٿا. مون کي پهرئين فتح حاصل ڪرڻي پوندي ته جيئن شاندار ڏينهن جو بنياد رکي سگهان“.
”مون وٽ ڪڏهن پنهنجي لاءِ وقت نه نڪتو“، ڪاروباري عورت چاپلوسي ڪندي چيو. ”منهنجي ڪم جون گهڙيون انتهائي مصروف رهيون آهن“ هن ڳالهه دهرائي. مون کي پنهنجين بيٽرين کي ريچارج ڪرڻ لاءِ صبح جو ڪجهه وقت ڪڍڻ، مون کي تمام گهڻو وڻندو ۽ مان ان دوران ڪجهه اهڙو ڪري سگهنديس جيڪو مون کي هڪ خوش ۽ بهتر انسان بڻائي سگهي“.
”بلڪل“ ارب پتي تبصرو ڪيو، ”اسان مان ڪيترائي ماڻهو ان ڳالهه جا هوندا آهن ته انهن وٽ وقت ٿورو آهي. اسان کي روزانو صبح جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ پنهنجي توانائي جي بحالي، وڌڻ، صحتمند ٿيڻ ۽ وڌيڪ پرامن /پرسڪون ٿيڻ لاءِ کپندو آهي. صبح جو پنجين وڳي اٿڻ ۽ ويهه ويهه ويهه واري فارمولي تي عمل ڪرڻ، جيڪو جلدي توهان مون کان سکندو. توهان جي ڏينهن جي غير معمولي شروعات جي بنياد وجهندو. توهان پاڻ تمام چوٽي وارين/وڏين سرگرمين ۾ توجهه ڏيڻ جي قابل ٿي ويندا، نه ئي وري ڏينهن توهان کي ڪنٽرول ڪندو. توهان اهڙا توانائي وارا تجربا محسوس ڪندو، جن جو توهان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو. توهان کي جيڪو مزو ايندو، اهو توهان کي زمين تي پير رکڻ نه ڏيندو ۽ توهان جي شخصي آزادي واري حس توهان کي چوٽين تائين پهچائي ڇڏيندي“.
ان کان پوءِ مسٽر رائلي هڪ عارضي ٽيٽو ڏيکارڻ لڳو جيڪو هن جي پُٺيءَ تي ٺهيل هو. ان تي هڪڙي فرانسيسي مفڪر البرٽ ڪيمس Albert Camusجو قول لکيل هيو؛ ” هڪ غلام لاءِ غير آزاد دنيا کي منهن ڏيڻ جو فقط هڪڙو ئي طريقو آهي، پاڻ کي مڪمل طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ توهان جو هر وجود هڪ باغياڻو قدم/عمل هجي“.
صنعتڪار جي پُٺيءَ تي انهن لفظن جي هيٺان فونيڪس جو خاڪو هيو جيڪو شعلن مان نڪري رهيو هيو، يا وري بلڪل ائين نظر اچي رهيو آهي.

”مون کي ان جي تمام گهڻي ضرورت آهي“. ڪاروباريءَ عورت چيو. ”مون کي خبر آهي ان ڪري مون کي روزانو صبح جو ڪجهه وقت پاڻ لاءِ ڪڍي وٺڻ گهرجي...ان کان اڳ ۾ جو منهنجي مصروفيتون شروع ٿي وڌي وڃن....ائين ڪرڻ سان منهنجي پيداواري صلاحيت /ڪارڪردگي، احسانمندي ۽ خاموشي واري ڪيفيت ۾ بهتري ايندي“.
”مون کي به ائين ڪرڻ گهرجي“ آرٽسٽ چيو. ”صبح جو سوير پاڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ ڪڍڻ ۽ تياري ڪرڻ، منهنجي فن لاءِ انقلابي عمل ثابت ٿيندو ۽ منهنجي زندگي لاءِ به“.
”اسپيلبائينڊر مون کي سيکاريو هو ته صبح جي سوير اٿڻ وارن لمحن ۾ شروعاتي سٺ منٽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي اهم صلاحيتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ خرچ ڪرڻو آهي. انهن شروعاتي لمحن کي (The victor hour) چيو يعني ”فتح جو ڪلاڪ“، جيڪو منهنجي باقي سڄي زندگيءَ کي ذهني، جسماني، جذباتي ۽ روحاني طور تي بهتر ڪري ڇڏيندو. ان مان مون کي Gargantuan Competitive Advantages ان مان مون هڪڙو فائدو حاصل ٿيندو، جنهن جو ذڪر مان ڪري چڪو آهيان ۽ انسانيت جي تخليقيت، دولت، خوشي ۽ مدد جي هڪ مضبوط رياست تعمير ٿي سگهي ٿي. مون کي چوڻ ڏيو ته هو بلڪل درست هو“.
”بهرحال“ ارب پتي، ڏاڍو خوش ٿيو. اسان واپس سيڙپڪاري ۽ انهن قيمتي نعمتن جي اهميت طرف وڌون/ واپس اچون ٿا. جنهن سان توهان نوازا ويا آهيو. اسان مان تمام گهڻا ماڻهو ان ڳڻتي ءَ ۾ ورتل آهن ته غير معمولي مهارت رکڻ وارا ماڻهو مختلف ڪپڙن مان ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن کي خدا طرفان ڪي انتهائي اهم خوبيون عطا ڪيل هونديون آهن. پر، اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي“. ارب پتيءَ ڪنهن هاري/ٻهراڙي جي ڇوڪري جيان پنهنجي شخصيت جو اظهار ڪندي وضاحت ڪئي.
”هفتي جو هر ڏينهن، نظم وظبط، ۽ پڪو ارادو، ذهانت/صلاحيت ۽ ڏات /ڪارڪردگي کي مات /شڪست ڏيئي ڇڏي ٿو ۽ بهترين کلاڙي تيزيءَ سان خوش قسمت نه ٿا بڻجي وڃن. اهي خوش قسمت بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هر دفعي جڏهن توهان پنهنجي خواهش/شوق/هرکائڻ سان مزاحمت ڪندي، شخصيت جي اصلاح/ ان جي پيروي ڪيو ٿا/ان جي پٺيان ڊوڙو ٿا، ته ڄڻ ته توهان پنهنجي هيروازم ۽ سورميائي کي تقويت/آواز ڏيو ٿا. جڏهن توهان اهڙو ڪو ڪم/فعل ڪيو ٿا، جيڪو توهان سمجهو ٿا ته اهو درست آهي، توهان عاليشان ڪامياب ماڻهوءَ جي هال آف فيم ۾ داخل ٿي وڃڻ واري قطار ۾ شامل ٿي وڃو ٿا“.
ارب پتيءَ هڪڙي سامونڊي بدڪ کي گهوري ڏٺو، جيڪو گپ ۾ لٿ پٿ ٿيل ناشتو پڪڙي رهيو هو. پوءِ هن هڪ وڏو ڏاڪار ڏنو. ”او معاف ڪجو“ هن معافي وٺڻ واري لهجي ۾ چيو.
”جيئن ته مان پهريائين ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪامياب ماڻهن تي ٿيندڙ ڪيترين ئي تحقيقن اها تصديق ڪئي آهي ته اسان جي خوبين جي باري ۾ اسان جي نجي ڪهاڻي، اها بنيادي نشاني آهي جنهن مان خبر پوي ٿي ته آيا اسان پنهنجون لڪل مهارتون برباد ڪيون ٿا يا نه“.
”توهان جو ڇا مطلب آهي“. عورت پنهنجي ڊوائس تي نوٽ وٺڻ ڇڏي، ارب پتيءَ جي اکين ۾ نهاريندي پڇيو. هن کي ان وقت ڳاڙهي رنگ جي ٽي شرٽ پاتل هُئي. جنهن تي لکيل هيو: تڪليفن ۾ ايندڙ ماڻهو پاڻ وٽ وڏي سائيز جي ٽي وي رکندا آهن، جڏهن ته ليڊرن وٽ پنهنجي وڏي لائبريري هوندي آهي“. Victims have big TVs. Leaders own large libraries
جڏهن توهان جي ذهن ۾ ڪو خيال اچي، توهان کي چوي ته ڪاروباري ذهن يا وڏن ليڊرن يا فن جي مڃيل ماهرن جي اندر ۾ ڪا وڏي ڳالهه هوندي آهي ۽ اها توهان جي اندر ۾ ناهي...ته پوءِ توهان اوسيتائين پهچڻ جو ايڊوينچر به نه ڪري سگهندو، ڇا ڪري سگهندو؟ ورلڊ ڪلاس ٿيڻ تائين پهچڻ لاءِ هڪڙو طريقو آهي نه ئي وري ڪو ايونٽ. اهڙو نفسياتي پروگرام هلائڻ جيڪو توهان کي روزانو اهو چوي ته ماڻهو عظيم نه ٿا ٿي سگهن يا وري اهو چون ته عظيم ذهن ٺهندا ناهن، بلڪ اهي پيدا ٿيندا آهن. توهان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ته رڳو پنهنجي گهربل مقصدن جي حاصلات لاءِ پڙهڻ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ مشق ڪرڻ ۽ پنهنجي دلي خواهشن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي روز مرهه جي ترجيحن جو تعين ڪرڻ، اصل ۾ وقت جو زيان آهي. هي تمام مشقت، محنت ۽ وقت لڳائڻ جو نتيجو ڇا ٿيندو.... ته اهڙن قسمن جي يقينن مطابق توهان جهڙي ڪنهن به فرد لاءِ حاصل ڪرڻ ۽ ٿيڻ ناممڪن آهي ۽ جيئن ته توهان جو روز مرهه جو ورتاءٌ/رويو، هميشه توهان جي پختي ۽ گهري يقين جو پرتو ٿيندو آهي. ته اهو اندروني تصور آهستي آهستي، حقيقت بڻجي وڃي ٿو“. ارب پتيءَ توجهه ڇڪائي.”انسان هميشه پاڻ کي جيڪو سمجهي ٿو، ان جو عمل ان جهڙو ئي ساڳيو هوندو آهي. توهان پنهنجي شخصي ڪهاڻيءَ کان ڪڏهن به مٿي نه ٿا نڪري سگهو. هي تمام اهم پرک آهي“.
پوءِ وري هن سمونڊ جي اندر هڪڙي ننڍڙي ٻيڙي کي ڏسڻ شروع ڪيو. جيڪا مڇيون پڪڙڻ لاءِ هُئي ۽ هن جي هڪڙي پاسي کان ڄار ٻڌل هو. هڪڙو ملاح ڳاڙهي قميص پائي سگريٽ ڇڪي رهيو هو ۽ ان سان گڏو گڏ هو خطرناڪ جبلن سان ٽڪرائجي وڃڻ کان ماڻهن کي آگاهه ڪري سيٽيون وڄائيندو رهيو هو. ارب پتيءَ پنهنجي لاءِ چپن ۾ ئي هڪڙو منتر پڙهڻ شروع ڪيو.
”مان نهايت ئي ٿورائتو آهيان I am grateful ۽ مان معاف ڪرڻ وارو به آهيان And I am forgiving مان ڏيڻ وارو آهيان I am giving ، منهنجي زندگي حسينmy life is beautiful ، تخليقيcreative ، پيداواري productive (ڪنهن جي ڪم ايندِڙ)، خوشحال prosperous ۽ جادو جهڙي magical آهي“.
پوءِ هن وري ٻيهر سِيڙپڪاري بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”هاڪاري /مثبت ماهرِ نفسياتن، ان سوچ کي ته اسان ڪير آهيون ، اسان ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ پوءِ پنهنجي ان اندر ۾ يقين ڪيون ٿا جنهن ۾ خواب حقيقت بڻجي وڃن ٿا، ان عمل کي ”خود عملي جي پيشنگوئي“ جو نالو ڏنو آهي. اسان جو اهڙو خيال هوندو آهي، جيڪو اسان لاشعوري طور تي پنهنجي ابتدائي عمر ۾/ننڍپڻ ۾ ئي انهن ماڻهن کان وٺندا آهيون، جن کان اسان تمام گهڻا متاثر هوندا آهيون. اهي بااثر ماڻهو اسان جا پيءَ ماءَ، اسان جا استاد ۽ دوست هوندا آهن. اسان انهن جي ڏسيل راهه ۽ هدايتن تي عمل ڪيون ٿا ۽ اسان جيڪو ڪجهه ڪيون ٿا، سو ان جو ئي نتيجو هوندو آهي ۽ اسان جي اها غلطي اسان جي ذاتي ڪهاڻي بڻجي ويندي آهي ۽ پوءِ اسان ان حقيقت جا اسان پاڻ ئي ڪارڻ هوندا آهيون، اها حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي، صحيح آ نه؟. اسان مان گهڻا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جا سال ائين ئي گذاري ڇڏين ٿا. ڄڻ هي دنيا انهن لاءِ ڪو آئينو هجي.اسان سان ائين اڪثر ٿيندو آهي ته اسان کي زندگيءَ ۾ اهو ناهي ملندو، جيڪو اسان چاهيندا آهيون. پر اسان جيڪو آهيون اهو ئي حاصل ڪندا آهيون/اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو اسان آهيون.‘‘
The world is a mirror. And we get from life not what we want, but that which we are.
’’اسان جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيندا آهيون، ان جي بهترين نتيجن لاءِ، پنهنجي قابليت جي باري ۾ پنهنجي ڀروسي کي اسان جيترو وڌيڪ سمجهون ٿا، ايترو وڌيڪ اسان ان تي زور ڀريو ڏيون ٿا ۽ ائين ئي اهو ڀروسو اسان جي اندر ۾ اوترو ئي پڪو ۽ پختو ٿيندو ويندو آهي، ايستائين جو اها اسان جي روز مرهه جي عادت بڻجي ويندي آهي.“ صبح جي ان خاص تازي هوا ۾ آرٽسٽ مفسراڻي انداز ۾ گفتگو جاري رکندي چيو.
’’تمام سٺي ڳالهه ڪئي اٿو“، ارب پتيءَ جوشيلي انداز ۾ جواب ڏنو. ”تمام بهترين“. جيڪڏهن اڄ توهان جي مُلاقات اسپيلبائينڊر سان ٿي وڃي ٿي ته توهان هنُ کي اها ڳالهه ضرور ٻڌائجو. منهنجي خيال ۾ هو مڇيون پڪڙڻ ويو آهي ۽ ٿوري دير کان پوءِ هو سمونڊ ڪناري اُس وٺڻ ضرور ايندو“.
ارب پتيءَ ڳالهه جاري رکي. ”هر انسان ۾ عظمت ماڻڻ جي جبلت هوندي آهي. سورمي بڻجڻ جي بُک ۽ بهترين صلاحيت کي بُلند ڪرڻ جي آسمان ڏانهن اڏام، ڀلي کڻي اسان شعوري طور تي اها ڳالهه مڃون يا نه. اسان مان اڪثر ماڻهو پنهنجي اوسي پاسي جي اونداهي ۽ زهريلن اثرن کان متاثر ٿي هيٺ هليا ويا آهن. اسان اهو وساري ويٺا آهيون ته اسان حقيقي طور تي ڇا آهيون. اسان حالتن سان ٺاهه ڪرڻ جا ماهر ٿي ويا آهيون. آهستي آهستي، تسلسل سان ڪن پهلوئن/رخن کي ايترو حاوي ڪري ڇڏيندا آهيون، جو هي اسان جو اسٽينڊرڊ آپريٽنگ سسٽم( (standard operating system ايس او پي ٿي وڃي ٿو. پر حقيقي ليڊر پنهنجي معيار تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ٿو ڪري. ڇو ته هن کي خبر هوندي آهي ته هميشه بهتري جي گنجائش هوندي آهي. انهن کي ڄاڻ هوندي آهي ته جڏهن اسان پنهنجي بهترين نتيجن تائين پهچي رهيا آهيون ته اسان پنهنجي فطرت سان ٺهي ويندا آهيو. سڪندر اعظم Alexander the Great هڪ دفعي چيو هو ته ،” ڏهن شينهن جي فوج جي اڳواڻي ڪا رڍ ڪري ته مون کي ان شينهن جي فوج مان ڊپ نه ٿو لڳي، پر جڏهن، رڍن جي فوج جي اڳواڻي ڪو شينهن ڪري ته مون کي ان فوج مان ڊپ لڳندو آهي“.
“I am not afraid of an army of lions led by a sheep; I am afraid of an army of sheep led by a lion”.
ارب پتيءَ پنهنجي آواز سان گڏ ٿڌو ساهه ڀريو، هڪڙو پوپٽ اتان اڏرندو گذري ويو، ان سان گڏ وري هڪڙو ٻيو کيکڙو اتان ريڙهيون پائيندي لنگهي ويو.
”مان هتي توهان کي ياد ڪرائڻ چاهيان ٿو “، هن ڳالهه جاري رکي. ”ته اسان سڀني جي اندر ۾ ليڊر شپ جون خوبيون موجود هونديون آهن ۽ جيئن ته هاڻي توهان کي خبر پئجي ويئي آهي ته هتي ليڊرشپ جو مطلب ڪو ٽائٽل، ڪو عهدو، يا وري ڪو اعليٰ مقام نه آهي، مان هتي جنهن ليڊرشپ جي ڳالهه ڪيان پيو، اها ان کان گهڻي حد تائين وزندار ۽ ان کان وڏي ڳالهه آهي. هي وڏيون آفيسون، وڏيون ڪارون، وڏا بئنڪ بيلنس عارضي/وقتي طور تي ڪنهن به ٻي طاقت جي ڀيٽ ۾ انساني دل ۾ سچي ۽ حقيقي ”طاقت“ آهن. مان ڪم ڪرڻ واري جنهن طاقت يا پوٽينسي جي ڳالهه ڪيان ٿو، يا ڪري رهيو ، اها ايڏي وڏي آهي جو اسان پنهنجون نظرون ان کان هٽائي نه ٿا سگهون. مارڪيٽ ۾ تمام گهڻي ويليو پيدا ڪرڻ جي اهليت ۽ خوبي، ساک جي سڄي صنعت تي اثراندازي ۽ اهميت، خوبي ۽ ....عزت، شرافت، بي باڪي ۽ وقار سان جيئڻ جي ئي حقيقي اهميت آهي، ائين ڪرڻ سان توهان کي کي پنهنجي اصلي تاريخ لکڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. ان سان ان ڳالهه جو به تعلق نه آهي ته توهان ڪنهن ڪمپني جا مالڪ آهيو يا ان ۾ پٽيوالا آهيو يا توهان ڪنهن ڪمپني جا سي اي اوري ڪو چوڪيدار .يا ياBillionaire آهيو يا وري ڪو کڏ کوٽڻ وارو مزدور، Ditch digger ، فلم اسٽار Movie Star ، اداڪار آهيو يا ڪو شاگردstudent جيڪڏهن توهان جي اندر ۾ بغير ڪنهن ٽائٽل جي اڳواڻي ڪرڻ، رهنمائي ڪرڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو نالو پويان ڇڏڻ جي اهليت موجود آهي، ڀلي کڻي موجوده محدود تصور جي سبب جي ڪري توهان کي اهو يقين به نه هجي ته توهان ائين به ڪري سگهو ٿا. توهان جو تصور، توهان جي حقيقت نه آهي Your perception isn’t reality، پر ائين نه آهي. اهو توهان جي حقيقت تي مبني موجوده تصور آهي. اهو ته هڪڙو لينس آهي جنهن جي ذريعي توهان ان لمحي ورلڊ ڪلاس جي لاءِ، حقيقت کي اکين سان پسي رهيا آهيو. مون کي جرمن فلسفي آرٿر شوپنهار Arthur Schopenhauer جا لفظ ياد ٿا اچن، جنهن لکيو ته ”گهڻا ماڻهو پنهنجي نظرئي/سوچ کي دنيا جي حدن تائين محدود رکن ٿا، پر ڪجهه وري ائين نه ٿا ڪن، توهان انهن سان شامل ٿي ويندو.
“. Most people take the limits of their vision to be the limits of the world. A few do not. Join them.
”ان ڪري، حقيقت ۽ حقيقي تصور جي وچ ۾ تمام گهڻو فرق آهي، ٺيڪ آهي“. ڪاروباريءَ عورت پڇيو. ”ائين لڳي ٿو ته توهان اهو چوڻ ٿا چاهيو ته اسان دنيا کي هڪڙي فلٽر ذريعي ڏسون ٿا جيڪو اسان جي پنهنجي شخصي پروگرامنگ مان ٺهي آهي. پر جيئن ته اهو پروگرام اسان پاڻ اهڙي ريت هلائيندا آهيون، جو اسان برين واش ٿي اهو سوچڻ شروع ڪندا آهيون ته جنهن انداز سان اسان دنيا کي ڏسون ٿا ۽ ان کي حقيقي سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيون ٿا، صحيح آ نه؟. توهان مون کي منهنجي سوچڻ واري انداز تي ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو“. هن تسليم ڪيو، ان دوران هن جي پيشاني جي کل ائين سڪي وئي، جيئن سياري ۾ ڪو گلاب ڪومائجي ويندو آهي.
”مان تمام گهڻا سوال ڪرڻ چاهيان ٿي“، هوءَ ڳالهائيندي رهي، ”پهرئين ته مون پنهنجو ڪاروبار ڇو شروع ڪيو. مون لاءِ سوشل اسٽيٽس ايترو اهم ڇو آهي. انتهائي خوبصورت هوٽل ۾ ماني کائڻ، بهترين پاڙي ۾ رهڻ ۽ اسٽائلش ڪار هلائڻ جي تمنا منهنجي اندر ۾ ڇو ٿي پيدا ٿئي، منهنجي خيال ۾، منهنجي وڏي خواهش جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ڪمپني جي ملڪيت آهي ان ڪري مون پنهنجي سُڃاڻپ هڪ انسان جي حيثيت سان ڪرڻ جي بجاءِ، ڪمپني جي باني جي حيثيت سان ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي هئي، سچي ڳالهه اها آهي ته مان پنهنجي ڪريئر بنائڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويس جو، حقيقت ۾ مون سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ شايد شعوري سطح تي جيئڻ به ۽ ڪالهه جڏهن توهان اسان کي ٽن مرحلن وارو ڪاميابي بابت فارمولا پڙهايو هو ۽ ان کان پوءِ ئي مان پنهنجي سوچ کي روزاني جي بنياد تي بهتر شعور حاصل ڪرڻ جي قابل ٿيس ۽ اهو ڄاڻڻ شروع ڪيم ته مان جيڪو ڪجهه ڪيان ٿي، اهو ڇو ٿي ڪيان. مان روزانو بهتر چونڊ ان ڪري ڪنديس ته جئين مون کي روزانو نتيجا ملي سگهن.“
عورت خاموش رهڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي.
”مون کي پنهنجي حقيقي قدرن جو ڪو به ڇيڙو ئي نه ٿو ملي جو هڪ ليڊرشپ جي حيثيت سان چوڻ چاهيان، مان جيڪو ڪجهه ٺاهڻ چاهيان ٿي، اهو ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿي ٺاهڻ چاهيان، مون کي آخر ڪهڙي شي خوشي ڏيئي ٿي ۽ جڏهن مان هن دنيا ۾ نه هونديس، ته ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا مون کي يادگار بڻائيندي. اُن سي اِي او جي ڪهاڻي ۽ ميئگزين ايڊيٽر جي ڌڪ مون کي واقعي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. زندگي اصل ۾ انتهائي نازڪ آهي ۽ هاڻي مان اها ڳالهه کُلي عام ڪيان ٿي ته مان ڪافي عرصي تائين غلط شين جي پُٺيان ڊوڙي رهي هيس. مان پيچيدگي جي لُڙ ۾ ڦاسي پئي هيس، جيتوڻيڪ مون کي پنهنجي ڪيريئر ۽ نجي زندگي ۾ اعليٰ ترين قدرن جي نشانين تي ڌيان ڏيڻو هو، ڇو ته اهي قدر منهنجي زندگي ۾ نواڻ پيدا ڪن ها. مان پنهنجي ماضي جي باري ۾ به تمام گهڻو سوچي رهي آهيان. منهنجي ننڍپڻ ۾ مون سان ڇا ٿيو. مون وٽ ته ڪنهن سان دوستي ڪرڻ جو به وقت نه هو. منهنجي اندر ڪو به حقيقي شوق يا ڪو به جنون نه آهي. مون اڄ تائين سج کي اڀرندي نه ڏٺو آهي ۽ مون کي ڪڏهن سچو پيار نه مليو“. ڪاروباري عورت اهو چئي رهي هئي ۽ پريشاني جي حالت ۾ پنهنجي چوڙي کي به رڳڙي رهي هئي.
ڪاروباري عورت آرٽسٽ ڏي ڏسندي چيو،”اڄ ڏينهن تائين“.
هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
”هن ڪائنات ۾ کربين سيارا آهن“. آرٽسٽ چيو،” ان سياري تي اربين انسان آهن ۽ مان خوش قسمت آهيان جو تو سان منهنجي ملاقات ٿي وئي“.
عورت ٿورو مرڪي پئي ۽ هلڪي آواز ۾ جواب ڏنائين،” مون کي اُميد آهي ته مان توکي ڪڏهن به نه وڃائينديس“.
”پاڻ سان ايڏي سختي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي“. ارب پتي وچ ۾ ٽپو ڏنو،” اسان سڀ هن دنيا ۾ پنهنجي پنهنجي رستي تي آهيون. توهان منهنجو مطلب سمجهو ٿا“؟ اسان بلڪل ان جڳهه تي آهيون، جتي اسان اهو سڀڪجهه سکي سگهون ٿا، جيڪو اسان کي پنهنجي بقا لاءِ سکڻ گهرجي. مان توهان سان بلڪل متفق آهيان ته انسان جي اندر ۾ هڪ عادت آهي، ته هو اهڙيون شيون ياد ڪندو آهي، جنهن کي وسارڻ بهتر هوندو آهي ۽ اهڙيون ڳالهايون وساري ويهندو آهي، جيڪي ياد رکڻ گهرجن. بهرحال مان توهان جي ڳالهه سمجهان ٿو. مهرباني ڪري اعتبار ڪري منهنجي اها ڳالهه سمجهو ته توهان جي شخصيت جو سڀني کان سٺو ۽ اعليٰ حصو ئي توهان کي هلائي رهيو آهي/توهان جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. پنهنجي حيثيت ۽ زندگي کي اهم بنائڻ لاءِ، ڪو به رستي تي حادثو يا اتفاق نه هوندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان مون کا پڇو ته عاليشان گهرن ۾، بهترين ڪارن ۾ ۽ وافر مقدار ۾ پئسو هجڻ ۾ ڪا برائي ته نه آهي. مان چاهيندس ته توهان ان جي باري ۾ منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو. خدارا! جيئن هڪڙو پراڻو قول آهي ته بيشمار پئسو هجڻ اها شي آهي جيڪا زندگي توهان کان گهري ٿي. هن ڪائنات ۾ ڪنهن به شي ءَ جي کوٽ نه آهي. گلن جي، ليمن جي وڻن جي، آسمان تي موجود تارن جي. پئسو توهان کي ان قابل ڪندو آهي جو توهان پاڻ پنهنجي لاءِ، انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي توهان لاءِ تمام گهڻو اهم آهن، تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ۽ پيسي جي ئي بدولت توهان ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ جي قابل هوندا آهيو“.
انهي دوران هڪڙي ڪاري رنگ جو هوڙهو، اتان تيزي سان لنگهي ويو. توهان ان جي زندگيءَ جي ڀرپور خوشي مان نڪتل آواز ٻڌي سگهو ٿا.
”مان توهان سان هڪڙي راز جي ڳالهه شيئر ٿو ڪريان“، امير ماڻهو پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”مان پنهنجي تمام گهڻي دولت ورهائي چڪو آهيان. ان جي باوجود مون وٽ اڄ به جيٽ جهاز ۽ زيورخ ۾ فليٽ آهي ۽ هي سمونڊ جو ڪنارو به منهنجي ملڪيت آهي. جيتوڻيڪ مان اڄ به ان جي ڪري ئي ڪاروبار ڪندو آهيان ته مان ارب پتي ئي هجان، پر مون کي ان ۾ ڪنهن به شيءَ جي ضرورت نه آهي، مان انهن مان ڪنهن به شيءِ تي انحصار نه ٿو ڪيان“.
”مان توهان کي هڪڙي ڪهاڻي پڙهي ٻڌايان ٿو، منهنجي خيال ۾ ته اها توهان کي وڻندي“. آرٽسٽ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”ڪرٽ وون گٽ Kurt Vonnegut جيڪو هڪ مصنف آهي ۽ جوزف هيلر Joseph Heller جيڪو ڪيچ 22 Catch- 22, جو ليکڪ آهي، هڪڙي دعوت ۾ مدعو هُئا. هي دعوت هڪڙي وڏي جزيري Long Island جي مالڪ سرمائيدار ڪوٺائي هئي. وانا گٽ پنهنجي ساٿيءَ کان پڇيو ته توهان کي اهو ڄاڻي ڪيئن ٿو لڳي ته توهان جي ميزبان هڪڙي ڏينهن جي دعوت تي ايتري رقم خرچ ڪري ڇڏي، جيتري توهان سڄي زندگي پنهنجن سمورن ڪتابن کي کپائي به ڇڏيو پر توهان ايتري رقم ڪمائي نه ٿا سگهو. هيلر جواب ڏنو،”مون وٽ اها شيءَ آهي، جيڪا هو ارب پتي ڪڏهن به حاصل نه ٿو ڪري سگهي. وون گٽ پڇيو، ”زمين تي اهڙي ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا هو حاصل نه ٿو ڪري سگهي“؟ هيلر جو جواب لاجواب هو؟ مون وٽ جيڪو اڻ کٽ علم جو خزانو آهي“.
“ The knowledge that I’ve got enough”.
”لاجواب/زبردست“ ارب پتي پرجوش لهجي ۾ چيو. مون کي تمام گهڻو وڻيو. “Love it” هو زور سان ائين رڙيون ڪري چوڻ لڳو ڄڻ ته هو آرٽسٽ کي زوردار ڀيٽا ڏيندو هجي. پوءِ وري هو ٻيهر پنهنجي خاص ناچ ۾ مصروف ٿي ويو، جيڪو ناچ/رقص هو ان وقت ڪندو هو، جڏهن هو تمام گهڻو خوش هوندو هو. هن جون اکيون بند هيون ۽ هو ڪنهن مست جيان پنهنجي مستي ۾ مست هيو. ڏاڍي عجيب ڳالهه هئي.
آرٽسٽ پنهنجي ڳالهه جاري رکي،”بهرحال، مان اهو سمجهان ٿو ته توهان هن جاءِ تي اسان کي سيڙپڪاري ۽ پاڻ کي مڪمل ڪرڻ جو فلسفو سيکاري رهيا آهيو. ڪو به اسان تي ان وقت تائين يقين نه ڪندو، جيسيتائين اسان پنهنجي اندر موجود عظمت تي يقين نه ٿا ڪيون... ڪو به ماڻهو اسان جي وڏن ڪمن ڪرڻ واري صلاحيت تي يقين نه ڪندو ۽ پوءِ ان کي مخلصاڻي ۽ سخت محنت واري ڪوششن کي محسوس ڪرائڻو پوندو. ڇا توهان کي خبر آهي ته پيبلو پڪاسوءَ Pablo Picasso هڪڙي ڀيري ڇا چيو هو“.
”ٿورو اسان کي به ٻڌايو“، ڪاروباري عورت عرض ڪيو. هن جو انداز اهو ٻڌائي رهيو هو/ظاهر ڪري رهيو هو ته هوءَ ان معاملي ۾ گهڻي دلچسپي رکي پئي.
پڪاسو چيو هو ته، ”منهنجي والده مون کي چيو هو ته جيڪڏهن توهان فوجي/سپاهي آهيو ته توهان جنرل ٿي ويندو. جيڪڏهن توهان مونڪ (راهب) آهيو ته پادري بڻجي وڃو، پر ان جي جاءِ تي مان هڪ پينٽر هئس ۽ مان پڪاسو بڻجي ويس“.
”ڪمال جا ڳالهه آ “ ارب پتيءَ ڳالهه کي وڌائيندي چيو،” ائين ٿيندو آهي اهو ئي ڪنهنجي پوٽينشل تي يقين ۽ اعتماد جو اهڃاڻ آهي“.
ارب پتيءَ پنهنجي مُٺ پنهنجي کاڏي جي هيٺان رکي ۽ ٿوري دير لاءِ سفيد واريءَ تي نهارڻ لڳو.
”۽ اهي نه فقط اسان جا والدين ان محدود پرومنگ جا ذميوار هوندا آهن، پر اڪثر ماڻهو پنهنجن شاندار ڏينهن جي بهترين ڪلاڪن ۾ پنهنجن ذهنن ۾ هلندا آهن. پر مان ته چوندس ته تمام سٺا پر اڻڄاڻ استاد به اسان جي دماغن ۾ اهي خيال ٺوڪيندا آهن ته، آرٽس، سائنسز، اسپورٽس ۽ هيومينٽيز جي سورما بڻجڻ/ٿيڻ لاءِ، ڪنهن خاص ذهنن جي ضرورت هوندي آهي ان ڪري اسان کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻ کپي ته ”اسان عام ماڻهو “ آهيون ۽ اسان غير معمولي ٽيم ورڪ ڪرڻ ۽ لاجواب زندگي تشڪيل ڏيڻ جي به اهل نه آهيون. ان سان گڏ اسان جي دوستن جا مشورا، ارد گرد ميڊيا کان ايندڙ پيغام اسان کي اهڙو ئي احساس ڏياريندا آهن. بنيادي طرح سان اسان هڪڙي پاسي مسلسل هيپناٽائيز جي اثر هيٺ هوندا آهيون، جو ان جي ڄاڻ بنا ئي اسان جي اندر ذهانت جي باه ٺري وڃي ٿي ۽ اهي آواز جيڪي جذبي سان ٽمٽار هوندا آهن اهي چپ سبي ڇڏين ٿا ۽ اسان پنهنجين صلاحيتن کي پنهنجن هٿن سان گهٽا ڏيئي ماري ڇڏيندا آهيون ۽ سڄي زندگي ان مشتمل عمل جي ذريعي گذاري ڇڏيون ٿا ۽ پنهنجن قوتن/طاقتن جي چوڌاري قيد/جيل تعمير اڏي ڇڏيون ٿا. اسان ليڊر، تخليقار ۽ امڪان پيدا ڪندڙ فرد جو ڪردار ادا ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهيون ۽ ڏتڙيلن جو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون“.
” ڪيترن ئي ماڻهن سان اهڙي قسم جا جيڪي به معاملا ٿيندا آهن. اها انتهائي ڏک جي ڳالهه/ مايوس ڪندڙ ڳالهه آهي ۽ اسان مان اڪثر ماڻهو پنهنجي ذات /اندر جي خول ۾ بند هئڻ جي ڪارڻ، اهو برين واش نه ٿا ڏسي سگهن“. ڪاروباري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
”ها“، ارب پتيءَ جواب ڏنو. پر ان کان به بدتر، جيڪو پوٽينشل سامهون اچي ٿو اهو درد ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، مون کي ان تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي“.
”ان مان توهان جو ڇا مطلب آهي“. آرٽسٽ پنهنجي نگاهه حيراني ۽ پريشاني جي عالم ۾ ڏور ڪنهن شيءَ تي وجهندي پڇيو. ” هي ڪجهه نروس نظر اچي رهيو هو. هن بيچيني سان ڳالهه کي ڦيرائيندي چيو،”شايد مان پنهنجي تخليقي آرٽ کي حقيقي ۽ غيرمعمولي آرٽ، جيئن وڏي آرٽسٽ ڳالهه ڪئي، ان جي برعڪس سيبوتاج ڪري رهيو آهيان، ڇو ته مون پنهنجي پوٽينشل جي وڌاءُ تي زور ڏيڻ ڇڏي ڏنو ۽ ان عمل مون کي اندران ئي زخمي ڪري وڌو“.آرٽسٽ سوچيو.
”ها، اسان جي سڀ کان وڏي ذات selves ئي سچ ڄاڻي ٿي. اسان سڀني جي اندر پنهنجن انساني نعمتن کي استعمال ڪندي، حيرت ۾ وجهندڙ شيون تيار ڪرڻ ۽ پنهنجي ٽيلينٽ کان ڪم وٺندي، حيرت ۾ وجهندڙ ظاهري روپ ۾ سمائڻ جي اهليت هوندي آهي. لفظ ”ايسٽانش“ astonish (حيرت ۾ وجهڻ) لاطيني ٻولي جي لفظ ”ايڪسٽونيئر“ (Extonare) مان ورتل آهي. جنهن جو مطلب آهي ڪنهن کي گجگوڙ ۾ ڦاٿل ڇڏي ڏيڻ. هر انسان جيڪو اڄ زنده آهي. ان جي قلب ۽ روح ۾ ائين ڪرڻ جي گهري خوبي ۽ صلاهيت سمايل هوندي آهي. اسان جيترو گهڻو غير صحتمند نڪته نظر، جنهن کي (نيوروبايولاجيڪلي اسپيڪنگ) جنهن کي سائنسن جي ٻولي ۾ جسماني نظام جي تخليق چوندا آهيون. اوترو ئي اسان اهو آواز حياتي ۾ پنهنجي خاص سطح تي ٻڌندا آهيون. اهو سچ آهي، توهان ڀلي ڪنهن وڏي تنظيم جا سپروائزر آهيو/هجو، يا وري ننڍا پروگرامر، هڪ اسڪول ۾ استاد هجو، يا ڪنهن هوٽل جا بيرا. توهان جي اندر ۾ يقينن پنهنجي ڪم کي اعليٰ سطح تي پهچائڻ ۽ انسانيت جي بهتري لاءِ، ان کي اڳتي وڌائڻ جي قوت /صلاحيت موجود آهي ۽ تنهنجي باوجود اسان پنهنجين زندگين کي رحم جوڳي صورتحال ۾ ڇڏي ڏيون ٿا، ان ناقص تصور کي، اسان اصل ۾ ڇا آهيون ۽ ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا جي ڪارڻ اسان اڌ مرده زندگي گهاريندا آهيون. هتي هڪڙو واقعي وڏو خيال آهي؛ جڏهن اسان پنهنجي سچي قوت سان دغا ڪندا آهيون ته اسان جي اندر جو هڪ حصو مرڻ شروع ٿي ويندو آهي“. ارب پتيءَ توجهه ڏني.
”تمام حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه“، آرٽسٽ تسليم ڪيو. ”مون کي پنهنجي اندر واقعي ئي ڪجهه سنجيده تبديلين جي ضرورت آهي. مان ٿڪاوٽ محسوس ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهيان، I’m tired of feeling tired ۽ پنهنجين تخليقي خوبين کي نظر انداز ڪندي ڪندي. مون کي اهو محسوس ٿيڻ شروع ٿيو آهي ته مان سڀني کان خاص آهيان“.
”ها، توهان آهيو“. ڪاروباري عورت چيو. ”توهان آهيو“. هن نزاڪت سان پنهنجي ڳالهه دهرائي.
”مون کي اهو احساس ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ مون کي ان ڳالهه جو سڀني کان وڌيڪ اونهو آهي ته ماڻهو ڇا چوندا. منهنجا ڪجهه دوست منهنجن فنپارن تي چٿرون ڪندا آهن ۽ چون ٿا ته مان صفا احمق آهيان. مون کي لڳي ٿو ته مون کي، منهنجي سوچ ۽ منهنجي فن جي تصور کي اهي نه ٿا سمجهن“. ”توهان کي ته خبر هوندي ته ڪيترن ئي عظيم ذهنن کي هي دنيا نه سمجهي سگهي، پر انهن جي موت کان پوءِ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ انهن کي سمجهي سگهيا“. ارب پتي سس پس ڪرڻ واري انداز ۾ جهيڻو ڳالهايو.
. “Many of the great geniuses of the world were not appreciated until decades after they dies, you know.
”۽ جيتري قدر توهان جي ڳالهه ۽ توهان جي دوستن جو تعلق آهي، مون کي خبر ناهي ته آيا توهان جو صحيح ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ آهي يا نه ۽ ٿي سگهي ٿو ته وقت اچي ويو هجي ته توهان پنهنجي ٽيلينٽ ۽ زنده دليءَ کي فقط ان ڪري محدود ڪري ڇڏيو هجي جو توهان ٻين جي ڳالهه کي پنهنجي سر تي سوار ڪري ڇڏيو هجي، ڪرٽ ڪوبين Kurt Cobain مون کان وڌيڪ بهتر لفظن ۾ هي ڳالهه چئي ته ؛ مان ٻين سان گڏ هلڻ ۽ ٻين کي دوست بنائڻ خاطر ۽ انهن جيان ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهيان“.
”I was tired of pretending that I was someone else just to get along with people, just for the sake of having friendships”.
”هون.... آرٽسٽ بس ايترو ئي ردِعمل ڏيکاريو.
”مان توهان سان جيڪو ڪجهه ڳالهائي رهيو آهيان، اهو بلڪل صحيح آهي. اسان پاڻ ئي پنهنجا واسطيدار ٿي ويندا آهيون ۽ توهان جا پنهنجي دنيا ۾ ڪڏهن به هاڪاري/مثبت اثر نه هوندا ۽ جيڪڏهن توهان ناڪاري/منفي ماڻهن سان تعلق رکندا ته توهان کي ڪڏهن به خوبصورت زندگي نه ملندي. ارب پتيءَ گفتگو جاري رکي....”اوه ...۽ مان جنهن درد جي ڳالهه ڪيان ٿو، جيڪڏهن ان تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ ان کي ڇڏيو/آزاد نه ڪيو ويو ...ته ان مان اسان جي اندر خوف جي ۽ پاڻ سان حقارت ڪرڻ وارن ذخيرن جا ڍير لڳڻ شروع ٿي ويندا. اسان مان اڪثر ڪري ماڻهن کي ان خاموش عذاب جنهن کي بي ادبي تخليق ڪيو، جيڪو اسان پنهنجي حساب سان ظاهر ڪري چڪا آهيون، جي ڳالهه جو شعور ئي ناهي هوندو يا وري انهن کي اهو سليقو ئي نه ٿو اچي ته ڪيئن اُن دٻيل اذيت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون. ان ڪري اسان ان ڳالهه کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهيون، جڏهن به ڪو ماڻهو اسان کي صلاح ڏيندو آهي ۽ جڏهن اسان کي ان جي اظهار جو موقعو ملندو آهي ته اسان ميدان ڇڏي ڀڄي ٿا وڃون. اهڙي ريت اسان لاشعوري طور تي پنهنجي ٽيلينٽ جي انڪار کان ۽ پيدا ٿيندڙ درد کان فراريت حاصل ڪيون ٿا“.
”مثال جي طور؛“. عورت سوال ڪيو.
“Like what?” quizzed the enterpreneur
”مثال جي طور؛ نشو، لاڳيتو پيغام پڙهندي يا پنهنجي پوسٽ تي لائڪيس likes ڳڻندو رهڻ يا وري گهڻي حد تائين ٽي وي ڏسڻ، اڄڪلهه ٽي وي شو تمام دلچسپ ٿي ويا آهن. جو انهن جي ڄار ۾ ڦاسڻ نهايت ئي آسان ٿي ويو آهي ۽ جڏهن هڪڙي قسط ختم ٿيندي آهي ته ٻي قسط وري پاڻ ئي شروع ٿي ويندي آهي. اسان مان ڪيترائي ماڻهو ان ميدان مان ڀڄڻ لاءِ چيٽنگ ڪندا آهن يا وري گپ شپ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ضايع ڪري ڇڏين ٿا ۽ انهن کي اها خبر ئي نه پوندي آهي ته مصروفيت ۽ پيداواريت ۾ تمام وڏو فرق آهي“.
”گهڻو اثر رسوخ رکڻ وارا ماڻهو ۽ حقيقي دنيا ٺاهڻ وارن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ انهن کان وقت وٺڻ ايترو آسان نه آهي. انهن تائين پهچ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي، اهي تمام گهٽ گهڙيون ضايع ڪندا آهن ۽ حقيقي ڪمن ۾ تمام گهڻو ڌيان ڏيندا آهن. نه ئي وري ڪي هٿ ٺوڪين ڪوڙن ڪمن ۾ محو هوندا آهن. ان ڪري اهي ماڻهو اهڙا ته نتيجا حاصل ڪن ٿا، جو هڪڙي دنيا انهن کان فائدو وٺي ٿي. ان جي مقابلي ۾ پنهنجين لڪل مهارتن کي دٻائڻ سان جيڪو درد پيدا ٿئي ٿو، ان کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ٻين طريقن ۾ غائب دماغي سان گڏ مسلسل آن لائن سرفنگ، اليڪٽرونڪ شاپنگ، تمام گهڻي مصروفيت، تمام گهڻو نشو، تمام گهڻو کائڻ، تمام گهڻيون شڪايتون ۽ تمام گهڻو سمهڻ شامل آهي.“
رئيس پنهنجي بوتل مان پاڻي جو هڪ ڍڪ ڀريو. انهي دوران مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ واري هڪ ٻي ٻيڙي اُتان گذري، جيڪا عورت هلائي رهي هُئي، مسٽر رائلي کي اتان ڏسندي، سلامي ٿي ۽ مسٽر رائلي سر جهڪائي/ جهڪي ان جي سلام جو جواب ڏنو.
”اسپيل بائنڊر هن تمام عمل کي ”اعليٰ درجي جي مظلوميت (Learned Victimhood) جو نانءُ ڏين ٿا. ارب پتيءَ پنهنجي مخصوص جوشيلي انداز ۾ پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”جڏهن اسان پنهنجي نوجواني ڇڏي اڳتي نڪري اچون ٿا، يعني وڏا ٿيون ٿا، ته مروتون اسان کي پاڻ ڏي ڇڪي وينديون آهن. جڏهن اسان سمونڊ جي ڪناري طرف وڌڻ شروع ڪندا آهيون ته اهي شيون جن سان اسان آشنا آهيون، انهن سان ئي تعلق وڌائيندا آهيون ۽ پنهنجن سرحدن ۾ وسعت جي خواهش تي نظر ثاني ڪندا آهيون. پوءِ اسان بهانا ڪندا آهيون ۽ پوءِ انهن جو دور ايترا دفعا ڪندا آهيون ۽ پوءِ اسان پنهنجي لاشعور کي ان ڳالهه تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪندا آهيون ته اسان صحيح آهيون. اسان ٻين ماڻهن تي الزام لڳائيندا آهيون، پنهنجن ذاتي جهڳڙن تي پنهنجي ماضي جي واقعن کي ننديندا /لوئيندا آهيون. اسان ڏوهاري ٿيندا ويندا آهيون ۽ تجسس، حيرت، شفقت ۽ معصوميت جيڪا ٻارن کي خبر هوندي آهي، ان کي وڃائي ويهندا آهيون. اسان بيحس ٿي ويندا آهيون. تنقيدي. سختي. ان ذاتي ايڪو سسٽم جي اندر، اسان جي گهڻائي اسان لاءِ تخليق ڪندي اعتدال پنسد بڻجي ويندي آهي ۽ پوءِ اها شي قابلِ قبول بڻجي ويندي آهي ۽ ڇاڪاڻ ته اها مائينڊ سيٽ/سوچ هر روز اسان جي اندر ۾ پئي ڊوڙندي آهي، ته اهو نقطه نظر viewpoint اسان کي حقيقي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اسين ان ڳالهه تي سچائي سان يقين ڪندا آهيون ته جيڪا ڪهاڻي اسان گهڙي/هلائي رهيا آهيون، اهائي سچي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ان جي تمام گهڻا ويجها آهيون/ان سان گهرو تعلق آهي. ان ڪري پنهنجي شعبي ۾ ليڊرشپ جي اظهار ڪرڻ بجاءِ ۽ زندگيءَ کي پُرلطف ڪرڻ بجاءِ، اسان کي جيڪو ٿورو گهڻو ملي ٿو ان تي ئي راضي ٿي وڃون ٿا. ڏسو، اهو سڀ ڪئين ٿو ٿئي؟“.
”ها، اهو سڀ آخرڪار واضح ٿي رهيو آهي. ان ڪري هتي اهم نڪتو اهو آهي ته پنهنجي زندگيءَ جي شخصي ڪهاڻيءَ تي نظر ثاني ڪئي وڃي ۽ ٻيهر لکيو وڃي، ٺيڪ آ نه؟“. ڪاروباريءَ عورت سوال ڪيو.
”بلڪل“، ارب پتيءَ ڳالهه کي مڃيندي چيو،”هر دفعي جڏهن توهان کي اهو لڳي ته توهان پاڻ کي تڪليف ۾ وجهندا ٿا وڃو ته توهان وڌيڪ همت واري چونڊ ڪري پنهنجو داستان هاڪاري انداز ۾ ٻيهر لکو. توهان پنهنجي ذاتي سڃاڻپ کي وڌايو، پنهنجي عزت ۽ مان مرتبي (عزت نفس) کي وڌايو ۽ پنهنجي خود اعتماديءَ کي جلا بخشي امر بڻايو. هر دفعي جڏهن توهان پاڻ پنهنجي عاليشان شخصيت کي ووٽ ڏيندو، ايترو ئي ڀيرا توهان پنهنجي ڪمزور پهلو کي شڪست ڏيندا ايندو. ...پنهنجي خانداني (ورثي ۾ مليل) موروثي طاقت/ قوت کي غذا ڏيندو ۽ توهان جڏهن اهو ڪم پاڻ هر ڀيري تسلسل سان ڪندا ويندو، جيئن مهارت جو ڪمال ۽ ڪيپيٽيلائيزيشن آهي ڪيو، يعني پنهنجي پيدائشي صلاحيتن ۾ اظافو ڪندا وڃو.
ارب پتيءَ انهن ٻنهين شاگردن کي سامونڊي ساحل واري رهائشگاهه جي بالڪوني تي دعوت ڏني، ته جئين اهي تاريخ اڏيندڙن جي چئني مرڪزن ۾ صبح وارا سبق جاري رکي سگهن.
History-maker focus # 2: Freedom from distraction
تاريخ اڏيندڙ فوڪس نمبر 2؛ خلفشار/ڌيان هٽائڻ واري عمل کان آزادي
ارب پتيءَ مٿين ماڊل ڏانهن پنهنجي ننڍي آڱر سان اشارو ڪيو؛
”ڇا توهان کي ڪامياب ماڻهن جي سوچ ياد آهي؟ ”انتشار جي علت توهان جي تخليقي ڪارڪردگي جي موت آهي“ An addiction to distraction is the death of your creative production، اهو نڪتو اسان کي اڄ جي صبح واري سيشن جي اُن حصي ۾ اڳتي وڌڻ ۾ رهنمائي ڪندو ۽ مون فيصلو ڪيو آهي ته انتشار خلاف جنگ جي فتح ۽ سائبر انتشار جي معاملي ۾ گهرائي ۾ وڃان، ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي ڪلچر ۾ انتهائي اهم معاملو آهي. ڪنهن قدر نئين ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا نه صرف اسان جي ڪارڪردگي ۽ مهارت جي عاليشان ڪي ٽو جبل کي هڙپ/ختم ڪري رهيا آهن، بلڪ ان جي ڪري ئي اسان شايد انسان به نه رهي سگهيا هجون. اسان تمام گهٽ حقيقي گفتگو ڪندا آهيون، تمام گهٽ حقيقي تعلقات رکندا آهيون تمام گهٽ ڪنهن بامقصد ۽ نتيجي وارا رابطا رکندا آهيون“.
”اوه، ها، جيئن جيئن اهڙي قسم جا صبح وارا پهر هن سامونڊي ڪناري تي گذاري رهيا آهيون، تيئن تيئن مان اوترو ئي اها ڳالهه محسوس ڪندي پئي وڃان “. ڪاروباري عورت تسليم ڪيو.
”پنهنجي قيمتي وقت کي بي مقصد حرڪتن ۽ ڪمن ۾ گذاري ڇڏڻ تمام گهڻن ماڻهن جو نشو/شوق آهي“. ارب پتيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”جيسيتائين ڄاڻ جو تعلق آهي ته اسان کي اها ڀلي ڀَت خبر آهي ته اسان کي پنهنجو قيمتي وقت ڪنهن به غير ضروري ڪم ۾ ضايع نه ڪرڻ گهرجي. پر جذباتي طور تي اسان لالچ/هرکائڻ کي شڪست نه ٿا ڏيئي سگهون. اسان ان رڪاوٽ سان جهيڙو نه ٿا ڪري سگهون. اهو ورتاءُ/سلوڪ/رويو ڪاروباري ادارن کي ڪارڪردگي جي اعتبار سان اربن روپين جو نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ معيار جو به ٻيڙو غرق ٿي رهيوآ هي. جيئن ته مان اڳ ۾ صلاح ڏيئي چڪو آهيان ته ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻيون غلطيون ڪري رهيا آهن. ڇو ته اهي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان ۾ هو پاڻ حاضر ئي نه هوندا آهن.(حاضر دماغي سان ڪم نه ڪندا آهن). هنن جو قيمتي ڌيان ان بي تڪي ٽيڪنالاجي جي هٿان يرغمال ٿي چڪي آهي. ائين، اُن لاءِ پنهنجي ڪم کي بهترين بنائڻ ۽ زندگيءَ کي اڃان به سٺي گذارڻ جا ٿورا گهڻا امڪان به ختم ٿي وڃن ٿا“.
صبح جي شروعاتي ڪلاڪن واري خاموشي ۽ سڪون اڃان تائين واضح هيو.
ارب پتي بس ڪري بيهي رهيو. هن سڄي منظر جو جائزو ورتو، گهر جي اوسي پاسي ۾ ترتيب سان لڳل /رکيل گلن کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ وري ساحل تي بيٺل ڪارگو جهازن تي نظر وڌي ۽ سڀني کان آخر ۾ سامونڊي ڪناري کي گهوُري نهارڻ شروع ڪيو.
”ڏسو ڀائرو“، نيٺ هن ڳالهايو“. مون کي اها جديد دنيا پسند آهي... واقعي ئي پسند آهي، هن جديد ٽيڪنالاجي جي بغير اڄ جي زندگي تمام گهڻي ڏکي آهي. منهنجو ڪاروبار سڀاڻي ايترو ڪامياب نه ٿيندو جيترو اڄ آهي، مان سڀاڻي ايترو قابل نه هوندس/ٿيندس جيترو مان اڄ هن مهل آهيان ۽ اهو به ممڪن آهي ته مان توهان سان هتي به ...“
”ڇو“؟ آرٽسٽ حيرت ۾ پئجي ويو ۽ ان گهڙيءَ هڪڙي ڊالفن تمام نفاست سان ترندي اتان گذري ويئي. هو پاڻي ۾ وهنجدي، ٻاهر هوا ۾ نڪرندي چار دفعا اتان نڪتي وري ٽٻي ڏيئي پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويئي.
مسٽر رائلي خوش نظر اچي رهيو هو. ”مون کي ان تي خوشي آهي ته مون اهو دريافت ڪيو آهي ته ڪيئن حيرت ۾ وجهندڙ ڪمن ڪرڻ/معجزن لاءِ چقمق ڪيئن بڻجي“. هن پاڻ سان ڳالهايو ۽ مان انهن ٻنهي ماڻهن کي پاڻ جيان ڪامياب بنائڻ لاءِ سبق ڏيڻ ۾ گهڻي دير نه ٿو ڪري سگهان. پوءِ هن ڳالهه جاري رکي.
”جڏهن مان بيمار هئس ته صحت جي اصولن جي جديد ٽيڪنالاجيءَ منهنجي جان بچائي“. ارب پتيءَ وضاحت ڪئي. ”بهرحال، سٺي انداز سان ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ اصل ڳالهه آهي. هي اهو بيوقوفاڻو طريقو آهي جيڪي سڀ ماڻهو هن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي اختيار ڪندا آهن. ۽ مون کي ان ڳالهه تي ڏاڍي ڳڻتي آهي. تمام گهڻا ذهين ۽ قابل ماڻهو سوچ جي کوٽ جي بيماري /مسئلي جو شڪار آهن. ڇو ته انهن پنهنجون پيشيوراڻيون ۽ ذاتي زندگيءَ کي بيشمار گجيٽس، خلل ۽ ايپس ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي راند ۾ ڪاميابي چاهيو ٿا ته مهرباني ڪري تاريخ جي عظيم ماڻهن جي زندگي جا اصول اپنايو ۽ هر روز ايندڙ پيچيندگين جي ڳنڍين/تهن کي کولي/هٽائي ڇڏيو. رعمل کي سادو ۽ هر شيءَ کي ترتيب ڏيو. مڪمل خالص شخصيت رهو.” ٿورو“ واقعي ئي ”تمام گهڻو“ هوندو آهي. ڪيترن ئي ڪمن تي توجهه/ ڌيان ڏيڻ جي بجاءِ، چند ڪم ۽ منصوبن تي توجهه ڏيو . ايئن ئي سماجي سطح تي ڪي ٿورڙا ئي دوست ٺاهيو. پر انهن سان گهرائي ۾ وڃو ته جيئن توهان جا سٺا تعلق/واسطا پيدا ٿين. ٿوريون دعوتون قبول ڪيو، واندڪائي لاءِ وقت ڪڍو ۽ مطالعو ڪيو ۽ مطالعو اهڙو جو ڍڳ ڪتابن تي نظر وجهڻ بجاءِ چند ڪتاب پڙهو ۽ انهن کي پي وڃو. جن ماڻهن لاءِ واقعي ئي فتح اهم هوندي آهي، اهي انتهائي توجهه سان ڪم ڪندا آهن. سادگي، سادگي، سادگي“.
”پنهنجي وقت کي مينيج ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي توجهه کي مينيج ڪرڻ شروع ڪيو“. ارب پتيءَ وڌيڪ چيو.” اسان جنهن ضرورت کان وڌيڪ محترڪ معاشري ۾ رهون ٿا، ان ۾ هاڻي عظمت جواهو اصول آهي“.
”توهان جي ان سکيا جي وڏي مهرباني“. آرٽسٽ چيو. ”مان هاڻي سمجهي ويو آهيان ته مصروفيت جو مطلب اهو ناهي ته توهان تخليقار /ڪم ڪري رهيا آهيو، مون کي هاڻي اها به خبر پئي ته جڏهن مان ڪنهن نئين تصور/پينٽنگ تي ڪم ڪندو آهيان ۽ جڏهن مان ڪو شهپارو /شاهڪار تخليق ڪرڻ وارو هوندو آهيان ته ان وقت منهنجي اندر جو ڪو اونداهو پاسو منهنجي خيالن کي منتشر ڪري ڇڏيندو آهي، ان ڪري مان ڪو حيرت ۾ وجهندڙ ڪم نه ڪري سگهندو آهيان. مان سمجهان ٿو ته مون سان ائين اڪثر ڪري ٿيندو آهي. جڏهن مان ڪنهن زبردست ڪم کي مڪمل ڪرڻ وارو هوندو آهيان ته پوءِ مان پنهنجي ڪم جي ان تسلسل کي روڪي ڇڏيان ٿو. مان يا ته آئن لائن ٿي ويندو آهيان ۽ بس سرفنگ ڪندو رهندو آهيان. مان دير سان ئي سمهي پوان، يا وري پنهنجي پسند جي ٽي وي شو جو مڪمل سيزن/ قسط ڏسڻ ويهي رهندو آهيان ۽ پوءِ پنهنجن آن لائين دوستن سان سڄي رات گيمز کيڏندو رهندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن مان تمام گهڻو سستو ڳاڙِهو شراب پيئندو آهيان“.
”توهان جيترو وڌيڪ پنهنجي ذهانت جي ويجهو هوندو، اوترو ئي وڌيڪ توهان پنهنجي خوف کي سيبوتاج ڪندو“. ارب پتي مڪمل طور تي اتفاق ڪيو. ”توهان ماڻهن جي اڪثريت کان جان ڇڏائڻ ۾ خوف محسوس ڪندو/گهٻرائيندو ۽ توهان جي اندر پنهنجي ڀيٽ ۾ جيڪي اثر مثال جي طور ٻين ماڻهن کان مختلف نظر ايندڙ، پنهنجي مخالفن کان نفرت /ساڙ پيدا ٿيندو ۽ پنهنجي اڳين منصوبي کي بهتر ڪرڻ جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ کان ڪيٻائيندو. توهان ناڪامي جي باري ۾ محتاط ٿيندو/ توهان ناڪامين جي ور چڙهي ويندو ۽ توهان جي سٺي ڪارڪردگي نه هجڻ جو خوف توهان تي غالب رهندو ۽ اهڙي ريت دماغ ۾ بادام جي شڪل جو حصو Amygdala وري ٻيهر روشن ٿي ويندو ۽ توهان ان پيداواري قوت تائين ٻيهر پهچي ويندو، جيڪا توهان کي پيدائشي طور تي ملي. اسان جي اندر ۾ هڪڙو لاشعوري طاقت ويٺل هوندي آهي. اسان جي ڪمزور پاڻ selves جي اندر، توهان کي خبر آهي؟، سٺي خبر اها آهي جڏهن توهان ان صورتحال کان آگاهه ٿي ويندا آهيو.
”مان هر روز بهتر چونڊ ڪري سگهان ٿو، جيڪي مون کي روزانو سٺا نتيجا ڏيندا آهن“، آرٽسٽ ڳالهه ڪاٽي، هن جي ڪيفيت ايئن هئي جيئن ڪو ننڍو گلر پنهنجي مالڪ کي وڏي عرصي کان پوءِ ڏٺو هجي.
”بلڪل“ ارب پتيءَ چيو. ”هڪ دفعو جڏهن توهان ان حقيقت کان واقف ٿي وڃو ٿا، ته توهان پنهنجي تمام وڏي ٽيلينٽ جي ويجهو ٿي ويا آهيو ۽ توهان جي اندر جي ڊيڄاريندڙ/ڊنل شخصيت توهان جي ڌيان کي هٽائڻ ۽ منتشر ڪرڻ تي اثر ڇڏي ٿي ۽ توهان پاڻ ئي ان رويي کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿي سگهو ٿا ۽ توهان ان ڪيفيت کان ٻاهر اچي سگهو ٿا. توهان اُن کي ڪمزور ڪري سگهو ٿا، صرف پري ويهي ڪري ان جي ناڪام ڪوششن کي ڏسي ڪري.
”واقعي تمام بهترين سوچ آهي“. عورت به گفتگو ۾ شريڪ ٿي وئي. ان ڳالهه مان مون کي خبر پئجي وئي ته مان پنهنجي ڪمپني ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ پنهنجي اثر رسوخ کي ڇو محدود ڪري ڇڏيان ٿي.
هاڻي مان پنهنجو اهم ٽارگيٽ مقرر ڪنديس ۽ ان ڪم ۾ ٽيم سان ملنديس، اسان پيداوريت جي سپلاءِ جو طريقو طئه ڪيو، پوءِ مان ان ڪم ۾ مصروف ٿي وينديس. مان هن موقعي کي قبول ڪنديس يعني ”ها“ ڪنديس، جنهن جي ڪري اسان جي ڪاروبار ۾ وڌيڪ ڏکيائي پيدا ٿي ويئي، مان اهڙن ماڻهن سان هروڀرو به ملنديس جيڪي رڳو پنهنجي مرضيءَ جي ڳالهه ٻڌندا هجن. مان پنهنجو هر نوٽيفيڪيشن ڏسنديس، هر گهڙي جي ايندڙ خبر جي ڄاڻ رکنديس. اڄ جي صبح مون تي اهو بلڪل واضح ڪري ڇڏيو آهي ته مان ڪيڏو نه بيدردي سان پنهنجي ذهانت کي تباهه ڪري رهي آهيان ۽ اهو به طئي آهي ته توهان جنهن ڊجيٽل غلاظت جي ڳالهه ڪيو ٿا، ان جي علت ۾ به تمام گهڻو ڦاسي چڪي آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته مان انهن شين کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه سگهي آهيان ۽ ٻين جي زندگين کي سوشل ميڊيا تي ڏسڻ، مون لاءِ تمام آسان آهي. مان اها ڳالهه سمجهي ته مان جيترو وقت آن لائن مصروف رهان ٿي، جيڪڏهن ائين نه ڪيان ته اهي ڪيئي ڪلاڪ استعمال ڪري مان نهايت ئي تخليقي ٿي سگهان ٿي. مسٽر رائلي جيئن توهان ٻڌايو ته اها هڪڙي قسم جي فراريت جي شڪل آهي، مان پنهنجي ڊوائس تي آن لائين شاپنگ کان پاڻ کي روڪي ئي نه ٿي سگهان. ڇو ته اها تمام آسان آهي ۽ ائين ڪرڻ سان مون کي خوشي به تمام گهڻي ٿئي ٿي. ... چند منٽن لاءِ. هاڻي مون کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته ايپل ڪمپني جي باني اسٽيو جوبس جيڪا شي ( آئي فون، آئي پيڊ) سڄي دنيا کي کپائي ڇڏي، پر پنهنجن ئي ٻارن جي هٿن تائين ڇو نه پهچائي. هن کي خبر هُئي ته هي شيءَ، جيڪڏهن هن جو صحيح استعمال نه ڪيو ويو ته ڪيتري تيزي سان نشو ڪندي، ۽ ان آلات جي ڪري اسان انسان گهٽ ٿيندا وينداسين ۽ زنده به گهٽ رهنداسين“.
ارب پتيءَ پنهنجو هٿ مٿي ڪيو. هڪڙو ٻيو خدمتگار ساحلي پٽي جي جهوپڙي کان ڀڄندو ، اُس تي چمڪندڙ، راهه تي هليو آيو. هن کي سفيد قميص، سُرمئي پاجامو ۽ چمڙي جا ڪارا سينڊل پاتل هُئا.
” سائين! اچي هي وٺو“، نوجوان هڪڙي ٽري ارب پتيءَ کي ڏيندي، فرانسيسي لهجي ۾ چيو. ان ٽري تي عجيب قسم جا نقش ٺهيل هُئا. وچ ۾ انساني دماغ جو نمونو ٺهيل هيو.
”جوان !تنهنجي وڏي مهرباني ۽ هاڻي اسان پاڻ کي سيبوتاج ڪرڻ جي عمل جي سائنس (نيورو سائنس) جي باري ۾ ڄاڻينداسين.
توهان دوستن کي ائين اها ڳالهه بهتر نموني سان سمجهڻ ۽ پوءِ ان کي منهن ڏيڻ ۾ گهڻي مدد ملندي.۽ پوءِ ان کي شڪست ڏيئي سگهو ٿا. ياد رکو، اسان سڀني جي اندر جيئن اسپيلبائنڊر چيو ته هڪڙو قديم ۽ موروثي دماغ هوندو آهي. هي جسماني دماغ / نظام ( لمبڪ سسٽم) Limbic systemمان ٺهيل هوندو آهي. دماغ جو اهو ڍانچو جيڪو وچ دماغ (ٿيلي مس) thalamus جي ٻنهي طرفن کان سيربرم cerebrum جي بلڪل هيٺ موجود هوندو آهي. ان جو هڪڙو حصو، لوزتان (ايميگڊالا) Amygdala آهي جو جيڪو بادام جي شڪل جو هوندو آهي. جنهن جو ذڪر مان ٿورو اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان، هي بنيادي ۽ هيٺين فعل جو دماغ هوندو آهي، جيڪو اسان کي ڪيترن هزارن سالن کان محفوظ رکندو اچي پيو ۽ ابتدائي زماني/دنيا کي پيش آيل تڪليفن جهڙوڪ ڏُڪار، تمام وڏي گرمي، مخالف قبلين جي ماڻهن جا حملا ۽ وحشي جانورن (وڏن ڏندن وارن شينهن کان) جي حملن کان اسان جي حفاظت جي لاٰءِ، مسلسل تحرڪ ۾ رهندو آهي. ان دماغ جا ٻه بنيادي ڪم آهن: هڪڙو وڏو ڪم اهو هوندو آهي ته اسان کي ڪنهن خطري جي موقعي مهل اسان کي خطري کان آگاهه ڪندي، هميشه هوش ۽ حواس ۾ رکندو آهي ته جيئن اسان پنهنجي بقا ڪري سگهون ۽ پنهنجي نسل کي اڳتي وڌائي سگهون“.
”ڇا توهان منهنجي ڳالهه سمجهو پيا؟“ ارب پتيءَ نرمي منجهان آهستي پڇيو.
”جي سمجهون ٿا“. عورت ۽ آرٽسٽ هم آواز ٿي جواب ڏنو. انهيءَ دوران هڪڙي خدمتگار هنن کي ليمي جي چانهه ۽ ادرڪ جا ٽڪرا پيش ڪري چڪو هو.
”تمام سٺو. اسان جي قديم دماغ جي هڪ خاصيت ان جو منفي تعصب هجڻ آهي. اسان کي محفوظ رکڻ لاءِ هن کي شايد ئي ڪو ان ڳالهه سان مطلب/دلچسپي هجي ته اسان جي ماحول ۾ /زندگيءَ ۾ مثبت سوچ ڇا آهي ۽ وڌيڪ اهم ڳالهه جيڪا اسان کي اها ڄاڻ ڏيئي ٿي ته برائي ڇا آهي؟.
”دماغ جو اصل ڪم اسان کي خطري کان آگاهه ڪرڻ آهي“. ارب پتيءَ پنهنجي ڳالهه وڏي خوشيءَ سان جاري رکي.” ان ڪري جيڪڏهن اسان ٿورو پوئتي هلون ته اسان کي خبر پوندي ته زندگي ڏاڍي ظالم هئي، اسان نرمي سان/آرام سان پنهنجو ردعمل ڏيکاريو ۽ زنده رهياسين. ان ميڪينزم اسان جي ابن ڏاڏن جي تمام گهڻي مدد ڪئي، پر، اڄ جي دنيا ۾، اسان مان گهڻن کي، هر روز موت کي منهن نه ٿو ڏيڻو پوي. اصل حقيقت اِها آهي ته عام ماڻهو اعليٰ معيار جي زندگي گذاري رهيو آهي، جيڪا اڄ کان ڪجهه سو سال اڳ تائين بادشاهن کي به ميسر نه هُئي. ٿورو ان نعمت جي باري ۾ سوچيو“.
سيٺ چانهن جو ڍُڪ ڀريو.
”۽ تنهنجي باوجود اسان جي قديمي دماغن ۾ منفيت، مخالفت، فطري تعصب جي ڪري ئي اسان مستقل طور تي پنهنجي حفاظت جي ڳڻتي ۾ مسلسل رڌل رهون ٿا. اسان انتهائي خبرداري جي موڊ ۾ رهندا آهيون، جيتوڻيڪ سڀ ڪجهه صحيح هلي رهيو هجي، تڏهن به اڪثر پريشاني ۽ ڳڻتي واري حالت رهي ٿي. ائين ئي آهي نه، دلچسپ ڳالهه؟“.
”ها ان ڳالهه مان گهڻي حد تائين وضاحت ٿي وڃي ٿي ته /ان مان خبر پوي ٿي ته اسان اهڙي ريت ڇو ٿا سوچيون؟“. ڪاروباري عورت نوٽ ڪيو. ان سان گڏ هو چانهه جو به مزو وٺي رهي هُئي. ”هاڻي مون کي خبر پئي ته مان ڇو هر وقت اهو محسوس ڪندي رهان ٿي ته مان گهڻو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهي آهيان، حالانڪ مان جيترن ماڻهن کي سڃاڻان ٿي، انهن مڙني کان مون وٽ تمام گهڻو ڪجهه آهي“. عورت ڳالهه جاري رکي.
”مون وٽ ايترو ڪامياب ڪاروبار آهي، وڏي دولت آهي ۽ پنهنجي سيڙپڪاري جي لالچي سازش ڪرڻ کان اڳ ۾ منهنجي زندگي تمام بهترين هُئي. تنهنجي باوجود هاڻي سڀڪجهه هوندي به منهنجو دماغ فقط ان ڳالهه تي توجهه ڏيئي ٿو، جيڪو مون وٽ نه آهي، جيڪو مون وٽ تمام گهٽ آهي ۽ پوءِ مايوس ٿيندي وڃان ٿي ته مان اهو حاصل ڪري نه سگهنديس. اها وڏي بيوقوفي آهي، مون کي سڪون وڏي مشڪل سان ملندو آهي“.
ڪاروباري عورت پنهنجون ٻانهون سيني تي ورائي ڇڏيون. جڏهن ته آرٽسٽ هن ڏي نهاري هڪڙي فلائنگ ڪس (چمي) اشارن ۾ موڪلي.
”ٿيوڊور روز ويلٽ Theodore Roosevelt چيو هو ته/ان جو قول آهي ته، جيڪو منهنجي خيال ۾ توهان لاءِ ٻڌڻ ضروري آهي“. ارب پتيءَ اضافو ڪيو.
”هن ڇا چيو؟“، عورت پڇيو، جنهن جا هٿ زور سان سيني تي مڙيل/ ويڙهيل هئا.
”ڀيٽ ڪرڻ خوشي جو دشمن آهي“. ارب پتيءَ جواب ۾ چيو. ”ڪيترا ماڻهو ته اهڙا هوندا، جن وٽ توهان کان به گهڻي دولت، شهرت ۽ ٻيون شيون هونديون، منهنجي پهرئين نڪتي تي غور ڪجو ، جنهن ۾ مون عرض ڪيو هو ته ان ڏاهپ کي اختيار ڪيو، جڏهن گهڻو تمام گهڻو هوندو آهي“.
”ها، مون کي ياد آهي“. ڪاروباري عورت وڏي مهذب انداز ۾ چيو.
”توهان وٽ جيترو گهڻو ايندو ويندو، کوٽ جي وڏي احساس جي باوجود ايترو حرس ۽ بُک وڌندي ويندي آهي ۽ اُن جون اڪثر پاڙون توهان جي قديمي دماغ سان جڙيل آهن. اهو توهان جي ارد گرد جي ماحول جو جائزو وٺندو/ڪندو آهي ۽ منفيت جي تعصب کي متحرڪ رکندي، ته جيئن توهان کي ان وقت به خوشيءَ/سٺين شين کان مزو وٺڻ نه ڏي، اوڪي/ ٺيڪ“. ارب پتيءَ چيو. ”هلو اڃان به هيٺ گهرائي ۾ هلون ٿا، جيئن جيئن زماني ترقي ڪئي، اسان جو دماغ به ترقي ڪندو ويو. دماغ جي پري فرنٽل ڪوريٽيس prefrontal cortex جي به واڌ ٿيندي رهي. هي اسان جي دماغ جو اهو حصو آهي، جيڪو بهترين سوچ جو زميوارآهي. نيورو سائنٽسٽ جو خيال آهي ته هي توجهه جو ماهر آهي. اسپيل بائنڊر هُن کي” ماسٽر برين“ چون ٿا. ائين سمجهو ته اهو انسان جي مهارت وارو دماغ آهي. پر هتي هڪڙي ٻي شي به آهي: جڏهن اسان وڏا خواب ڏسڻ شروع ڪيون ٿا، تڪڙي سکون ٿا ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيت ۽ قابليت کي بلند ڪيون ٿا، تڏهن قديم دماغ ۽ مهارتي دماغ ۾ جنگ لڳي ٿي وڃي. اُهي هڪٻئي سان جهيڙو جوٽي ويهي رهن ٿا. پراڻو دماغ اسان جي ارادن کي محسوس ڪري وٺي ٿو ۽ اهو ڄاڻي ٿو ته اسان پنهنجي محفوظ پناهه گاهه کي ڇڏي رهيا آهيون ۽ ٿي سگهي ٿو ڪٿان کان حملو ٿي وڃي، ڇو ته اسان پنهنجن روايتي ۽ مانوس طريقن کان هٽي رهيا آهيون. هو خطري کي اڳ ۾ ئي محسوس ڪري وٺي ٿو... کڻي اهو خطرو اسان جي شخصي ترقي ۽ پيشوراڻي بلندي لاءِ ضروري ئي ڇو نه هجي. اسان کي انهن مڙني دريافت نه ٿيل جڳهن کي کوٽي کولڻ گهرجي، جتي اسان کي اهي موقعا ملن، جن جي ذريعي اسان ان لائق ٿيون، جنهن لاءِ اسان جي ذهانت بيتاب ۽ تجسس ۾ رهندي آهي. اهو سمجهي وٺو ته اسان جي اندر تمام گهڻو ٽيلينٽ ۽ وڏي جرئت موجود آهي. مشهور نفسيات جي ماهر ابراهيم ماسلو Abrham Maslow هڪ دفعي چيو هو ته ؛ جيڪڏهن توهان پاڻ کي ان صلاحيت کان گهٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو/ ڪرڻ محسوس ڪندو، جيڪو توهان حقيقت ۾ آهيو ته شايد زندگي جي هر ڏينهن ۾ توهان خوش نه رهو/هجو. پر جڏهن اسان مايوسي جي دائري مان نڪري ۽ ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته اسان جي دماغ جو ايمگڊالا اسان کي لت هڻي ٿو ڪڍي. ويڪس نرو (ويڪس نروَ) جهٽڪو ڏيئي بيدار ٿئي ٿي ۽ خوف جو هارمون ڪاٽيسول خارخ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو. ۽ پوءِ اسان پنهنجي نيت ۽ ارادن جيڪي اسان جي مهارتي دماغ سان تعلق رکن ٿا، انهن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃون ٿا“.
”ان مان خبرپوي ٿي ته ڇو ٿورڙا ماڻهو تمام گهڻي تخليقي ۽ انتهائي ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارا هوندا آهن“. آرٽسٽ غور ڪيو. ”جيئن ئي اسان پنهنجي حد آرام ( ڪمفرٽ زون Comfort zones ) ڇڏيندا آهيون، قديم دماغ جاڳي پوي ٿو، جيئن ئي اسان پنهنجي مشق وڌائيندا آهيون ۽ پنهنجو اثر مٿي ڪندا آهيون، ته هي تبديلي مان گهٻرائجي ويندو آهي“.
”بلڪل“، مسٽر رائلي تعريف ڪئي، ”پوءِ ڪارٽيسول cortisol خارج ٿيندو آهي. اسان جو تصور سوڙهو ٿي ويندو آهي. اسان دل جي ڌڙڪڻ وڌي ويندي آهي ۽ اسان ”وڙهو يا ڀڄو“ (فائيٽ آر فلائيٽ Fight or flight ) جي حالت ۾ هليا وڃون ٿا. دراصل خوف جا ٽي اختيار آهن. ڀڄو (فلائيٽ)، وڙهو (فائيٽ) يا وري ڄمي وڃو (فريز)“.
آرٽسٽ اضافو ڪيو، ”اسان جي اعليٰ سوچ اسان کي سوچ ڏيڻ، اڳتي وڌائڻ ۽ وڌيڪ مهارت وارو ڪم ڪرائڻ چاهي ٿي. ته جيئن اسان بهتر زندگي جي سگهون ۽ دنيا کي متاثر ڪري سگهون.“. آرٽسٽ ڳالهه جاري رکي. ”پر انهن ٻنهي دماغن جي جنگ جاري رهندي آهي ۽ قديمي، گهڻو پراڻو ۽ هيٺون دماغ، ... جيڪو اسان سڀني جي اندر ملي ٿو، اسان جي ارتقا کي روڪڻ چاهي ٿو“.
”بلڪل ائين ئي آهي“ ارب پتيءَ آرٽسٽ کي مُڪ هڻندي چيو.
”۽ ان ڪري، تاريخدانن جي نگاهه جي ٻئين فوڪس جي بابت ڳالهائيندي، جنهن ماڊل تي توهان اسان سان گڏ هلي رهيا آهيو.... پريشاني کان آزادي.....(freedom from distraction) مان سمجهان ٿو ته اهو خوف جي ڪري ئي آهي جنهن کي اسان منهن ڏيون ٿا، اهو اسان بهتر محسوس ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ موڙ مٽائيندا/ بدليندا آهيون. پوءِ کڻي اهو هڪڙي منٽ لاءِ ئي ڇو نه هجي“ ڪاروباري عورت سوال ڪيو.
”سچ آ“ ارب پتيءَ تصديق ڪئي ۽ اسان سان گڏ ايندڙ ان بي آرامي ڏانهن راغب رهڻ جي ڪري، اسان جي موروثي ذهانت جي انداز جو خيال مٿانهون هوندو آهي“.
”اها ڳالهه مون لاءِ تمام اهم آهي“، آرٽسٽ پنهنجو شوق/اتساهه دٻائي نه سگهيو. ”توهان اتان ڳالهه شروع ڪئي هُئي ته ڇو اسان جو معاشرو پريشاني جي علت ۾ مبتلا آهي ۽ ڇو اسان جي اڪثريت عظمت جو تجربو نه ٿي ڪري. ان لحاظ کان منهنجي خيال ۾ تخليقار ۽ پيداواريت وارا ماڻهو ئي هن معاشري جا حقيقي جنگجو/جوڌا آهن. اسان کي نه رڳو تنقيد ڪرڻ وارن کي منهن ڏيڻو پوندو، جيڪي اسان جي فن کي نه ٿا سمجهن، پر اسان کي پنهنجي ماضي جي دماغ کي به دٻائڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي، جيڪو هميشه تنبيهي گهنٽي وڄائيندو رهي ٿو ۽ اسان کي اسان جي فطري ذهانت تائين پهچڻ نه ٿو ڏيئي“.
”توهان تمام بهترين نموني سان شاعراڻي ڳالهه کي پورو ڪري ويا“. ارب پتي ساراهه ڪندي چيو. هو وري نچڻ لڳو. نوڪرياڻي جيڪا ان وقت ورانڊي ۾ ٻهاري ڏيئي رهي هُئي، ان به پنهنجي سر لوڏيو.
”سچي شخصي ۽ پيشاوراڻي سوچ جي دهشت کي محسوس ڪرڻ ۽ ان کي جاري رکڻ لاءِ زبردست جرئت کپي. ..اڳتي وڌڻ جاري رکو... خاص ڪري جڏهن توهان کي لڳي ته هاڻي بس، توهان مرڻ تي آهيو“. سورمي هڪ نڪتو سيکاريو. پر جڏهن توهان خوف ۾ ورتل هئڻ جي باوجود پنهنجو سفر جاري رکو ٿا، تڏهن ئي وڃي ڪا حيثيت ماڻيو ٿا. توهان عظيم معمار ۽ تخليقار بڻجي سگهو ٿا ۽ سڀئي وڏا معمار هميشه هر روز پنهنجي سڀني کان مٿانهين جرئت جي سطح کي محسوس ڪن ٿا ته جيئن اعليٰ درجي جي بلندي، انساني آزادي ۽ اثر حاصل ڪري سگهن ۽ ها... جڏهن توهان پنهنجين خوبين جو اظهار حقيقي طور طريقن سان/ڀرپور نموني سان ڪندو ته ان جي نتيجي ۾ ملندڙ ڪاميابي فقط توهان جي سورمائي ڪوششين جو سلو نه هوندو، بلڪ توهان پاڻ ئي هوندو، جيڪي پنهنجي خوف/ڊپ جي باهه ۽ پنهنجي ٽرائل جي تپش جي عمل جي دوران امتحان جي وحدت ۾ ڪاميابي سان گڏ هوندو. توهان کي خبر پئجي ويندي ته توهان ڪير آهيو. توهان کي پنهنجيون خوبيون واضح طور تي چٽيون نظر اينديون. توهان جو اعتماد وڌندو، توهان بناوتي زندگي جي جاءِ تي مستند ۽ اهل زندگي جيئڻ شروع ڪندو، اها هٿراڌو زندگي جيڪا هن دنيا ٺاهي، جيڪا توهان کي آزاد ڪرڻ نه ٿي چاهي“.
ارب پتي ءَ پنهنجي پاڻي جي بوتل مان ڍڪ ڀرڻ کان اڳ ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ شروع ڪئي ته حالات جي مايوسي ۽ ڊجيٽل موڙ ۽ ان جي قاتلاڻي حملي کان بچي وڃڻ جي اهميت تي ڳالهايو.
”۽ هتي فائيو اي ايم ڪلب جو ميمبر ٿيڻ توهان لاءِ جادو جهڙن نتيجن جو ذريعو ٿيندو“. هن پنهنجن ٻن ٻڌندڙن کي ٻڌايو. ”دنيا جا عظيم مرد ۽ عورتون هر روز جي تڪليفن کان جهڙي طرح پاڻ کي بچائين ٿا ۽ سڪون وٺندا رهن ٿا. هي انهن طريقن مان ئي آهي. هي خوبصورت عمل انهن کي زندگي جي مزي جو وقت مهيا ڪري ٿو. اهي پنهنجي تخليقي خزاني کي ڀرڻ جي قابل ٿيا ۽ اهي پنهنجي ”پاڻ“ کي ترقي ڏين ٿا، پنهنجن نعمتن کي شمار ڪن ٿا ۽ انهن چڱاين کي جاءِ ڏين ٿا، جو انهن کي پنهنجي روز مره جي زندگيءَ بهتر لڳي ٿي. اسان جي تهذيب جي ترقيءَ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ وارن جي گهڻائي صبح سوير اٿڻ واري عادت کان آگاهه هئي“.
”ڇا توهان انهن مان ڪجهه نالا ٻڌائي سگهو ٿا“؟ عورت سوال ڪيو/ پڇيو.
”مشهور ناول نگار جان گريشم John Grishamانهن مان هڪ آهي“ ارب پتيءَ جواب ڏنو. ”ٻيا ماڻهو جيڪي صبح جو سوير اٿندا هُئا، انهن ۾ هي ماڻهو شامل آهن. وولف گينگ اماڊيس موزارٽWolfgang Amadeus Mozart ، او ڪيفي O Keeffe، فرينڪ لائڊ رائٽ Frank Lloyd Wright ۽ ارنيسٽ هيمنگوي Ernest Hemingway, جن چيو هو ته صبح جو سوير، ان وقت توهان کي مداخلت ڪرڻ وارو ناهي هوندو. ان وقت ٿڌ هوندي آهي ۽ جڏهن توهان ڪم تي ايندا آهيو ۽ پوءِ توهان لکندا ويندا آهيو، گرم ٿيندا ويندا آهيو“.
”بيٿوون Beethoven به صبح جو سوير اٿندو هو“. آرٽسٽ چيو.
”تمام عظيم ماڻهو پنهنجو گهڻو وقت اڪيلائي ۾ ئي گذاريندا هُئا“. ارب پتيءَ چيو.
”تنهائي، اها گهڙي آهي، جنهن تائين توهان صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ئي پهچي سگهو ٿا. ....اها طاقت جيڪا توهان جي قوت ۽ مهارت کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڪري ڇڏي ٿي ۽ انسان ٿيڻ /پنهنجي پاڻ سان ملائي ڇڏي ٿي. پنهنجي پاڻ کي عروج تائين وٺي وڃڻ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي ۽ توهان جي ايڪسيليريشن توهان جي تنهائي جي ضرورت آهي. ڏسو، سڄو ڏينهن توهان فون تي ماڻهن سان هزارين بيڪار ڳالهيون ڪندي، ڏينهن گذاري سگهو ٿا..يا وري توهان پنهنجي ٽيلينٽ جو بهترين استعمال ڪندي/ پنهنجي مهارت کي بهتر ڪندي/، پاڻ کي ٻين کان بهتر ڪندي/، دنيا کي بدلائي سگهو ٿا. پر ائين ٿي نه ٿو سگهي. توهان ٻئي ڪم نه ٿا ڪري سگهو. پرنسٽن جي نفسيات جي ماهر ايلڊر شافر Eldar Shafir هڪ اصطلاح استعمال ڪئي آهي ته ڪاگنيٽِوَ بئنڊوِد (Cognitive bandwidth) جنهن جي تحت هو ٻڌائي ٿو ته هر صبح جو جڏهن اسان اٿون ٿا ته اسان وٽ محدود ذهني گنجائش هوندي آهي ۽ جڏهن اسان تمام گهڻن ڪمن ۾ پنهنجي توجهه ڏيون ٿا ته ....حالات حاضره جون خبرون، پيغام ۽ آن لائن پروگرامن کان وٺي ڪري ، پنهنجي گهر جي ڪمن، صحت ۽ روح جي ڄاڻ....ته انهن سڀني سرگرمين تي اسان پنهنجي سموري توجهه نه ٿا ڏيئي سگهون. ان سلسلي ۾ سڀني کان اهم ڳالهه اها غور ڪرڻ جي آهي ته اڪثر ڪري ماڻهو منجهند تائين پنهنجي ڪمن تي ڌيان نه ٿا ڏيئي سگهن. اسان پنهنجي توانائي ماڻي چڪا آهيون.. سوفي لورائي Sophie Leroy جيڪا يونيورسٽي آف ميني سوٽا University of Minnesota ۾ بزنس پروفيسر آهي، ان اهو معلوم ڪيو ته جڏهن ماڻهو سڄو ڏينهن پنهنجي توجهه هڪڙي ڪم کان ٻي ڪم ۾ منتقل ڪن ٿا ته گهڻن ئي اهم ڪمن ۾ انهن جي توجهه وڃي ئي نه ٿي. ڇو جو انهن جي توجهه ٻين اهم ڪمن ۾ صرف ٿي چڪي هوندي آهي. ان جو حل اهو ئي آهي جيڪو مان ٻڌائي رهيو آهيان ته هڪڙي وقت ۾ هڪڙو ئي اهم ڪم ڪيو وڃي. نه ئي وري ڪيترن ڪمن کي هڪڙي وقت ۾ ڇيڙيو وڃي ....۽ اهو ڪم بلڪل خاموش ماحول ۾ ڪيو وڃي. البرٽ آئنسٽائن Albert Einstein بلڪل اها ئي ڳالهه لکي آهي،”صرف اهو ئي ماڻهو سچو ماهر ٿي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي سوچ، سڀني صلاحيتن ۽ روحن کي هڪ ئي مقصد تي ترجيح ڏيئي. ان سبب جي ڪري مهارت جي ڪمال لاءِ ماڻهو کي ان ڪم ۾ پاڻ کي کپائي گم ڪري ڇڏڻ انتهائي لازمي آهي. اهو بنا ڪنهن شڪ جي تاريخدانن جي زندگي جو هڪ تمام وڏو راز آهي. اهي پنهنجي ذهني توانائي، جنهن کي اسان ڪاگنيٽو بيڊ وڊٿ جو نالو ڏيون ٿا، اها ضايع نه ٿا ڪن. اهي پنهنجين تخليقي خوبين/صلاحيتين کي رستي ۾ ايندڙ هر ڪم ۽ هر دلڪش موقعي جي پٺيان برباد نه ٿا ڪن. ان جاءِ تي اهي ٿورڙا ئي ڪم پر تمام سٺي نظم و ضبط سان گڏ... پر تمام وڏي معيار سان. اهو بلڪل ائين ئي آهي جيئن مان اڳ ۾ چئي چڪو آهيان. عظيم ماڻهو اها ڳالهه سمجهي ٿو ته هڪڙو شاندار اهڙو فن پارو تخليق ڪرڻ جيڪو نسلن کي متاثر ڪري، اهو ان کان تمام گهڻو بهتر آهي جيڪو ماڻهو هزار فن پار تخليق ڪري ۽ انهن مان هڪڙو به ڪم جو نه هجي ۽ ڪنهن کي بنهه نه وڻي ساڳي ريت مهرباني ڪري اهو به ياد رکو ته پنجانوي سيڪڙو ماڻهو پنهنجو وقت ضايع ضايع ڪن ٿا، پر عظيم انسانن جا پنج سيڪڙو ماڻهو ان کي وري خزانو بنائي ڇڏين ٿا. صبح جو پنجين وڳي جو وقت انتهائي گهٽ گوڙ گمسان وارو وقت هوندو آهي، ان وقت انسان جوڀن تي هوندو آهي ۽ تمام پرسُڪون. ان ڪري فتح جي ان هڪڙي ڪلاڪ مان تمام گهڻو فائدو وٺو. توهان پنهنجي ڪارڪردگي ۽ شخصي مهارت ۾ ڪيترا ئي دفعا اڳتي وڌڻ ۾ قابل ٿيندا. مون اڄ صبح جو جيڪي نيورو سائنس جون توهان سان ڳالهيون ڪيون آهن، ان جي باري ۾ وڌيڪ نه ٿو ڳالهائڻ چاهيان. مون هڪ اهڙو منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن جو توهان ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويندا. پر ان کان اڳ ۾ مان توهان سان هڪڙو تصور بيان ڪرڻ چاهيان ٿو. ان کي ٽرانسيئنٽ هاءِ پوفرنٽيلٽي (Transient Hypofrontality) چيو وڃي ٿو“.
”ٽرانسيئنٽ Transient عارضي جو ڇا مطلب آهي“؟ آرٽسٽ کلندي سوال ڪيو.
ارب پتي هڪڙي وڏي قداآور کجي جي وڻ ڏانهن هليو ويو، جنهن جو ٿلهو ٿُڙ هن جي وڏي عمر ٻڌائي رهيو هو. ان جي هيٺيان ڪاٺ جي ٺهيل هڪڙي ميز رکيل هُئي. ان ميز تي هڪڙو شاندار ماڊل ٺهيل هو. جيڪڏهن توهان هن کي ڏسو ها ته توهان جون اکيون ٺري پون ها.
سيٺ پنهنجو ڳلو صاف ڪيو ۽ ٿوري ليمي واري چانهن پيتي. چند سيڪنڊن کان پوءِ هو گراڙا ڪرڻ لڳو، جي ها گراڙا.. پوءِ وري هن پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي،”جڏهن توهان صبح جو سوير اٿو ۽ توهان بلڪل اڪيلا هجو ۽ گوڙ گمسان کان ڪوهين ڏور، توهان جو ذهن /ڌيان ٽيڪنالاجي، ميٽنگز ۽ ٻين اهڙين مداخلتن کان آزاد هجي، ڇوته انهن جي ڪري توهان جي ڪاڪردگي گهٽجي ٿي“. ارب پتي سرگوشي ڪئي. ”۽ ائين توهان جي دماغ جو منطقي سوچ وارو حصو... ان کان علاوه مستقل فڪرمندي... سوچ جو ذميدار حصو، پري فرنٽل ڪارٽيڪس...prefrontal cortex پريشانين جي ڪري ٿوري دير لاءِ رڪجي ويندو آهي. تمام سٺي معلومات ؟ صحيح آ نه؟. هي ٽرانسيئنٽ transient آهي، جيڪو هائپوفرونٽيلٽي ٽرانسيئنٽ Hypofrontality جو حصو آهي. ائين عارضي طور تي ٿيندو آهي. توهان جو مسلسل تجزياتي/مشاهداتي عمل ۽ فڪر آميز سوچون بيهي رهن ٿيون. توهان هر شي تي ڌيان ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندو ۽ ان جي جاءِ تي اهڙين شين تي غور ڪندو، جيڪي وري ٻيهر توهان جي سامهون نه اينديون.توهان جون دماغي لهرون اصل ۾ بيٽا Beta کان الفا Alfa ڏانهن منتقل ٿينديون آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن وري ان کان به هيٺ ٿيٽا Theta جي حالت ڏانهن هليون وينديون آهن. صبح سوير واري تنهائي، خاموشي ۽ سڪون نيوروٽرانسميٽرز ۾ تيزي جو ڪارڻ بڻجن ٿيون. ايئن توهان پاڻمرادو فطري طور تي ان صورتحال ۾ داخل ٿي ويندا آهيون، جنهن کي مان ”وهڪري واري حالت The Flow State “ چوان ٿو.
مسٽر رائلي ءَ کاٻو هٿ ميز تي رکيل خاڪي تي رکيو جيڪو ڪجهه هن ريت ڏسجي پيو.
”وهڪري جي ڪيفيت اهو چوٽي جو مائنڊ سيٽ آهي جيڪو تمام غير معمولي فنڪار (سارنگي نوازViolinists)، مشهور کلاڙي(Iconic athletes ، ممتاز/چيدا بورچي(Elite chefs، ناليوارو سائنسدان، انتهائي وڏا ڪاروباري ماڻهو ۽ وڏي حيثيت وارن ليڊرن جي اندر ان وقت اسان کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي جڏهن اهي پنهنجي بهترين ڪم کي تڪميل تائين پهچائيندا آهن يا انهن جي پيداواري صلاحيت پيش ڪندا آهن. صنعتڪار جوشيلي انداز ۾ چيو.
”جڏهن توهان پنهنجي مصروفيتن کان وقت ڪڍي، صبح جي سڪون واري لمحي جو تحفو پنهنجي پاڻ کي ڏيو ٿا ته انساني دماغ ۾ خالص ذهانت وارو حصو هڪدم حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو. تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه اها آهي ته درست قدم کڻي توهان ان ڪيفيت کي پنهنجي اندر پيدا ڪري سگهو ٿا ۽ ان جي عادت وجهي سگهو ٿا. ائين توهان پنهنجو مٿيون ارادو استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي سگهو ٿا“.
”ٽرانسيئنٽ هائيپو فرنٽيلٽي هڪ تمام اهم مددگار ماڊل آهي“.Transient hypofrontality يعني عارِضي دماغي جمود، ڪاروباريءَ عورت واضح ڪيو، جيڪا هن وقت پنهنجو فون احتياط سان پنهنجي کيسي ۾ رکي رهي هُئي.
”جيڪڏهن ماڻهن کي اها خبر پئجي وڃي ته سڄي دنيا بدلجي سگهي ٿي“. آرٽسٽ چيو.
”اهي سڀ شيون ته ٻارن کي اسڪول ۾ پڙهايون وڃن“. ڪاروباري عورت پنهنجي راءِ ڏني.
”بلڪل درست“، ارب پتيءَ اتفاق ڪيو. ”پر هڪ دفعو ٻيهر مان جيڪو توهان کي معلومات ۽ حيرت ۾ وجهندڙ فلسفو ٻڌائي رهيو آهيان ۽ منهنجي وڃڻ کان پوءِ توهان ان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ استعمال ڪندو. مون کي ٻيهر اهو تسليم ڪرڻ ڏيو ته اهو سڀ ڪجهه مون کي اسپيل بائنڊر مان ئي مليو آهي. هو عظيم استاد آهي ۽ بنا ڪنهن ڳالهه جي مان جيترن ماڻهن کي ڄاڻان ٿو، هو انهن مان سڀني کان بهتر آهي. هنر سان گڏ جيڪڏهن وقار نه هجي ته منهنجي نظر ۾ اهو فضول آهي. اهو ڪم جنهن ۾ همدردي نه هجي، بي حسي آهي ۽ ها، جيڪڏهن سڄي دنيا کي هي معلومات ڏني وڃي ۽ ان کان پوءِ ان تي عمل ڪرڻ جو ارادو ڪيو وڃي ته سڄي دنيا اڳتي وڌي ويندي. ڇو ته اسان مان هر هڪ پنهنجي زندگي جي هڪ زميواري پاڻ قبول ڪندو آهي ۽ پوءِ غير معمولي نتيجن لاءِ پنهنجين قوتن جو استعمال ڪندو ته اهي ماڻهو به انتهائي بهترين ٿي ويندا.
History-maker focus # 3: personal Mastery Practice
ذاتي ماسٽري واري مشق
ارب پتيءَ پنهنجن ٻنهي شاگردن کي وٺي، اُن قيمتي ٽيرس ڏي روانو ٿي ويو. جتان هن جي گهر جي سامهون، سمونڊ جو دلچڪش منظر نظر اچي رهيو هو. هڪ خوبصورت، پياري ايس يو وي ڪاري رنگ جي رستي ۾ نظر آئي، جنهن تي سج جي ڪرندڙ ڪرڻن، هن کي وهنجاري ڇڏيو هو.
”اسان ڪاڏي وڃي رهيا آهيون؟“، ڪاروباري عورت پڇيو.
”مون توهان ٻنهي سان پنهنجي پهرين حيرت ۾ وجهندڙ مُلاقات ۾ هي وعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان مون وٽ ماريشيس ۾ آيو ته مان توهان کي ڊالفن تي چڙهائي، سمونڊ جو سير ڪرائيندس ۽ هاڻي مان پنهنجو اهو واعدو پورو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. اسان هن جزيري جي اولهندي طرف وڃي رهيا آهيون. جيڪو هن ڳوٺ فلڪ ان فليڪ جو ننڍڙو ڪنارو آهي. ٻه نوجوان خوشي ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيا آهن. اهي ڀلي ڀت واقف آهن ته ڊولفن کي ڪئين ڳولهجي/انهن کي خبر آهي ته ڊولفن ڪٿي هونديون آهن. مطلب ته اهي ڊولفن جي تلاش جا ماهر آهن. دوستو، هاڻي جيڪو تجربو توهان ڪرڻ وارا آهيو، ان لاءِ پنهنجا سندرا ٻڌي ڇڏيو، هي تجربو توهان ڪڏهن به وساري نه سگهندو؟“.
انهن جي ايس يو وي گاڏي جلد ئي اتان نڪري هڪ ننڍڙي حسين ماڳ ڏانهن وڌڻ لڳي، ارب پتي پنهنجي ڊرائيور سان اڳين سيٽ تي ويٺو هو ۽ ان کان هنُ جي ٻار ن ٻچن بابت پڇي رهيو هو ۽ هن جي مستقبل ۽ هن جي خواهشن جي باري ۾ پڻ پڇي رهيو هو، ان سفر جي دوران مسٽ رائليءَ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سوال ڪيو هوندو ۽ پوءِ هو پوئتي هٽي ڌيان سان سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو. جيڪڏهن ڪو به هُن کي ڏسي ها ته، اندازو ڪري سگهي ها ته هن جي شخصيت ۾ گهرائي آهي ۽ هو وڏي دل جگر وارو ماڻهو آهي.
جڏهن گاڏي هڪڙي خوبصورت وارِي واري بندرگاهه وٽ بيٺي ته اتي ڪجهه جهوپڙيون نظر آيون، عجيب نموني جون هوٽلون ۽ ڪيتريون ئي ٻيڙيون پاڻي تي پينگهه لڏي رهيون هيون. هڪڙو ٻانگو صبح جي ٻانگ ڏيئي رهيو هو ۽ آسمان تي انڊلٺ جا خوبصورت رنگ نظر اچي رهيا هئا.
ٻن ملاحن ارب پتي کي ڀاڪر پائي ڀليڪار ڪيو. پوءِ اهي سڀ وڏي بحر هند سمونڊ ۾انهن ڊولفن جي تلاش ۾ نڪري پيا، جن سان هنن کي هينئر ترڻو ۽ کيڏڻو هو. ٻيڙي ۾ هڪڙو پراڻي زماني جو ٽيپ لڳل هو جنهن تي هڪڙو اُتان جي ٻولي ۾ اتان جي فنڪار شيگي Shaggy جي آواز ۾ گانو”عورت جي طاقت“ strength of womanهلي رهيو هو. موٽر جي پوئين حصي مان اڇل کائي ايندڙ پاڻي، هنن جي چهرن تي ڇڻڪار ڪري رهيو هو، جيئن بارش کان پوِءِ ننڍن ٻارن جي چهرن تي پاڻي جا ڦڙا پيل هوندا آهن.
ٿوري دير جي ڪوشش کان پوءِ، هنن کي هڪ مختصر علائقي ۾ خوشي سان ترندي هڪڙي ڊولفن نظر اچي وئي، جنهن جي پاسي ۾ ٽڪريون هيون جيئن توهان پيسفڪ ساحل تي ڪلوفورينيا جي هاِءِ وي ته ڏسندا آهيو. اهي جنهن انداز سان خوشي ملهائي رهيون هيون، انهن کي ڏسي اهو لڳي پيو ته هن ننڍڙي جاءِ ۾ هي هزارن جي تعداد ۾ آهن. پر انهن جو انگ يارنهن يا ائين ڪو هو.
ارب پتي تيزي سان هڪڙو ڊائونگ (ٽٻي ڏيڻ وارو) ماسڪ (ٻوٿاڙو) پاتو ۽ ٻيڙي جي پوئين حصي کان پاڻي ۾ ٽپو ڏنو. ”اچو دوست“، هن جوشيلي آواز ۾ چيو، ”اچو نه، هليا اچو“.
ان کان پوءِ ڪاروباري عورت پاڻي ۾ ٽپو ڏنو، هن جون اکيون جاڳيل هيون، هن جي دل خوشي جي ڪري زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ڇو ته هو اهڙي ڪيفيت جو تجربو ننڍپڻ کان پوءِ نه ڪري سگهي هُئي. هن جي ساهه کڻڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هُوش هوش هوش.
ڪاروباري عورت کان پوءِ آرٽسٽ به سمونڊ ۾ لهي پيو.
هڪڙي نوجوان ملاح هنن ٽنهي جي رهنمائي ڪئي،جنهن کي سامونڊي رنگ برنگي چڍو پاتل هيو، رٻڙ جا بوٽ هن کي پاتل هيا ۽ پاڻي جي هيٺان مزي سان ڊولفن سان گڏ آساني سان تري رهيا هئا. جڏهن اهي پاڻي ۾ هيٺ وڃن پيون ته هي ٽيئي به پاڻي ۾گهرائي ۾ هليا وڃن پيا. جڏهن اهي گول ڦرن پيون ته فائيو اي ايم ڪلب جا هي ماڻهو به گول ڦرڻ لڳن پيا. جڏهن اُهي هڪٻئي سان حرڪتون ڪن پيون ته آرٽسٽ ۽ عورت به پاڻ ۾ اهڙيون مڇين واريون حرڪتون ڪن پيا.
اهو تجربو ڪو پندرنهن منٽ ئي جاري رهيو هوندو، پر تمام مزيدار ۽ حيرت ۾ وجهندڙ.
”يقين نه پيو اچي“، آرٽسٽ وڏي مشڪل سان ساهه کڻندي چيو. هو ڪوشش ڪري پاڻيءَ کان ٻيڙي جي اندر اچي چڪو هو ۽ موٽر جي ويجهو واري پاسي کان . ويهي رهيو.
”منهنجي زندگيءَ جو انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ تجربو“ عورت جي واتان بي اختيار نڪري ويو ۽ هن کي جوش مان چمي ڏيندي چيائين.
ارب پتي جلدي ئي مٿي اچي ويو. هو انهن ٻنهين سان کلي مزاق ڪري رهيو هو. ”دوست ڪيڏو نه زبردست هيو .
بندرگاهه کان واپسي تي صبح جو ڪلاس ٻيهر سمونڊ ڪناري شروع ٿي ويو. جتي مڇي کي ترسائڻ لاءِ پٿرن جو ڍڳ لڳايل هو. جيڪو مڇي جي شڪار کي باربي ڪيو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. آسمان هينئر به انتهائي خوبصورت انڊلٺي رنگن سان سهڻو لڳي رهيو هو.
ارب پتيءَ پنهنجو هڪڙو هٿ آسمان ڏي کنيو، چار ڳيرا خبر ناهي ڪٿان کان نمودار ٿيا، پوءِ وري گلابي ۽ ڦڪي رنگ جي پوپٽ جو ميڙ اُتان اڏرندو نظر آيو.
”بهترين“، رئيس انهن کي ڏسندي چيو. ڪجهه ڀيرا کنگهڻ کان پوءِ، هن تاريخدانن جي چئن مرڪزي نگاهن جي موضوع مطابق، مرڪز نگاهه چوٿون ”تاريخي فوڪس“، جو ذڪر شروع ڪيو. هن جي سامهون مٿيون خاڪو هو. جنهن تي ”شخصي مهارت جي مشق“ جا لفظ اُڪريل هيا.
”اسان هتي ڇا ڳالهائڻ آيا آهيون“؟ آرٽسٽ حيرت جو اظهار ڪندي پڇيو. هن جي مٿي تان وڏا وار لڙڪي رهيا هئا، ۽ هن جو هڪڙو هٿ ڪاروباري عورت جي ڪلهي تي هو جيڪا ٿڌ جي ڪري ڏڪي رهي هئي.
”توهان جي بهترين رخن جي تربيت“، سڌو جواب ملي ويو. ”اسپارٽن جنگجو جو عقيدو توهان کي ياد آهي، جيڪو اسپيلبائنڊر سيمينار ۾ ٻڌايو هو؟. مشق جي دوران وڌ کان وڌ پگهر وهائيندو ته جنگ جي دوران گهٽ رت وهائڻو پوندو“. توهان جي صبح جي سرگرمين جو معيار، توهان جي سموري ڏينهن جي ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري ٿو. جنگيون شروع کان ئي بهترين تياري جي ذريعي ئي کٽي سگهجن ٿيون، جڏهن ڪو به ڏسڻ وارو نه هوندو آهي. فتح ته جوڌن جي ميدان جنگ تي لهڻ کان اڳ ۾ ئي طئي ٿي ويندي آهي. بادشاهي ان کي ملندي آهي، جيڪو ان لاءِِ پاڻ کي تيار ڪندو آهي. ان ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ، جيڪڏهن توهان ڪنهن به ڪاروبار يا فن ۾ بهترين بڻجڻ چاهيو ٿا ته توهان جي پنهنجي مهارت ۾ اضافو ڪرڻ جي مشق ۾ تمام گهڻو وقت لڳائڻو پوندو. خاص ڪري هڪڙي ڪم ڪار واري کي پنهنجي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي لاءِ، روزانو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ ۽ چوويهه منٽ پنهنجي روزاني جي ترقي لاءِ ڪڍڻ ڪرڻ گهرجن. ...ايندڙ ڏهن سالن تائين. فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي Florada State University جي ماهر سائيڪولوجسٽ اينڊرس اِرڪسن Anders Ericsson پنهنجي نئين تحقيق مان اسان کي اهو سيکاريو آهي ته ڪنهن به ڪم يا ميدان ۾ مهارت ۽ ذهانت جي اظهار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اهو ئي عرصو آهي. ان کان پوءِ ماڻهوءَ جي اندر هن ڪم جي مهارت جون نشانيون نظر اچڻ شروع ٿين ٿيون. جڏهن تمام گهٽ ماڻهو ڏهه هزار ڪلاڪ به ڪنهن به ڪم جي تربيت لاءِ صرف ڪرڻ تي اهميت ڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان مان ڪيترائي ماڻهو پنهنجي اندر جي تخليقت، جرئت، ڏاهپ، محبت ۽ اندروني سڪون جي تالي کي ٽوڙڻ جي قابل ٿيندا آهن. اهو به ممڪن آهي ته اسان پنهنجين زندگين کي بهتر ڪريون. منهنجو مطلب سمجهيو. مان توهان ٻنهين کي دراصل اهو چوڻ چاهيان ٿو ته توهان کي پاڻ پنهنجي شخصي مهارت جي ڪمال لاءِ روزانو ئي ڪم ۽ مشق ڪرڻي پوندي. جئين اسان دنيا جي ٻين غيرمعمولي ۽ شاندار مهارت وارن ماڻهن کي ڏسون ٿا. پنهنجي اندروني زندگي جي مرڪزي رخن کي مضبوط ۽ توانو ڪيو.... ۽ پوءِ منهنجي ڳالهه جو يقين ڪيو ته توهان پنهنجي زندگيءَ کي سو دفعا بهتر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. توهان پنهنجي ٻاهرئين دنيا ۾ ڪجهه ڪيو ٿا، اهو ٺيڪ نتيجو ٿئي ٿو، ان عمل جو جيڪو توهان جي اندر ۾ هلي رهيو هوندو آهي. ان ڪري هن جاءِ تي توهان کي پنهنجي صبح جي تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي. پوءِ توهان ٻاهرئين دنيا ۾ روزانو ان سطح تي سوچڻ، محسوس ڪرڻ، ۽ ڪم ڪرڻ جي قابل هوندو ته ڪو به توهان کي مات نه ڏيئي سگهندو. ان نعمت ۽ خوبي جا مالڪ توهان پاڻ آهيو“.
[1] Hypofrontality is a state of decreased cerebral blood flow (CBF) in the prefrontal cortex of the brain. Hypofrontality is symptomatic of several neurological medical conditions, such as schizophrenia, attention deficit hyperactivity disorder (ADHD), bipolar disorder, and major depressive disorder.
”اسپيلبائنڊر جي ڪانفرنس کان اڳ ۾ مون ڪڏهن به پاڻ سان پيار ڪرڻ تي يقين نه ڪيو“. عورت چٽي لهجي ۾ واضح ڪيو. ”مون کي ڪڏهن به انهن شين ۾ حقيقت نظر نه آئي“.
”ڇا توهان ڪڏهن ان تي عمل ڪيو“، منهنجو مطلب آهي ته سنجيدگي سان گهڻي عرصي تائين؟“. ارب پتي آهستي هن کان پڇيو. جڏهن ان گهڙي هڪڙو ٻيو ڳيرو مٿان اڏرندو هليو ويو ۽ جڏهن ارب پتيءَ سج ڏي ڏٺو ته اهو بادلن جي پٺيان کان ٻاهر اچي چمڪي رهيو هو.
”اهڙو ڪو خاص نه“، عورت تسليم ڪيو. ”هينئر تائين ته نه ڪيو، ها، هاڻي مان فائيو اي ايم ڪلب کان لطف اندوز ٿي رهي آهيان“.
”ٺيڪ، بلڪ بهتر، ته پوءِ اچو ته اڳتي هلون، ڳالهه هي آهي ته ...“. ارب پتيءَ چيو،” اسان جي فتح جي ڪلاڪ جي دوران، صبح پنجين وڳي کان صبح ڇهين وڳي تائين روزانو....انهن شين کي بهتر ڪرڻ لاء مڪمل ڌيان ڏيو، جن کي اسپيلبائنڊر ”دي فور انٽيريئر امپائرس“ The 4 Interior Empires يعني چار اندروني رياستن جو نالو ڏنو آهي. هي توهان جي زندگي جا سڀ کان سياڻپ واريون/آسان ۽ ممڪن آهي سڀ کان ڏکيو ڪم هجي. پنهنجي اندر ۾ گهرائي سان ڪم ڪرڻ ...پنهنجي اندر جي چئن مرڪزي زمينن جي سارسنڀار...جن جي باري ۾ مان اڳتي هلي ڳالهائيندس. هي تبديلي جا سنهري بنياد آهن. هي ڪم آسان نه هوندو.... مان ان ڳالهه تي ٻيهر زور ڏيئي رهيو آهيان، پر هي نهايت ئي اهم ۽ ضروري آهي.
”ڇو؟“ ڪاروباري عورت حيرت مان پڇيو. هو بحر هند جي ٿڌي پاڻي سان حرڪت ڪرڻ بند ڪري چڪي هئي. آرٽسٽ هينئر به هن سان گڏ هو. هن جا وار هينئر به پيشاني کان هيٺ ڪري رهيا هئا، ڪڪڙين جو ميڙ هينئر به موجود هو.
”ڇو ته بيروني دنيا ۾ پاڻ کي غيرمعمولي ڏسڻ کان اڳ ۾ ان اندروني زمينن تي هر هلائڻ ضروري هوندو آهي. توهان جي قسمت هميشه توهان جي بي خوفي، طاقت ۽ ساک جي پويان اچي ٿي. توهان جو دنيا ۾ اثر، توهان جي نفاست، عظمت، شرافت، زنده دلي جي عڪاسي ڪري ٿي. جنهن تائين توهان پنهنجو پاڻ پهچي چڪا هوندا آهيو. تمام گهٽ ماڻهو آهن اڄ جي سطحي دنيا ۾ جتي ماڻهو مشيني ۽ هٿ ٺوڪي زندگي گذاري رهيا آهن. اُن بنيادي، سچي زندگي کي ياد ڪن ٿا. ٻاهريون ڏيک هميشه اندرئين ڏيک جو اظهار ڪندو آهي. توهان جي تخليقي صلاحيت، خوشحالي، ڪارگذاري ۽ اثر جيڪو توهان دنيا تي وجهو ٿا، هميشه توهان جي اندر جو برتر تاثر هوندو آهي. مثال جي طور جيڪڏهن توهان کي پنهنجين صلاحيتين تي يقين، گهٽ آهي، جن ڪري توهان پنهنجو شوق پورو ڪيو ٿا، ته توهان ڪڏهن به پنهنجو شوق پورو نه ڪري سگهندو. جيڪڏهن توهان اهو محسوس نه ٿا ڪيو ته توهان مقصد حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ توهان ڪڏهن به اهو ڪم نه ڪندو، جنهن جي ڪري توهان کي تڪليف اچي ۽ جيڪڏهن توهان جي اندر، پنهنجي ذهانت کي پئسي ڪمائڻ جي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت ڪمزور آهي ۽ تربيت جي باهه جو شعلو دٻيل آهي ۽ توهان جي اسٽيمنا گذاري جي لائق آهي ته پوءِ اها ڳالهه واضح آهي ته توهان ڪڏهن مهارت جي ڪمال جي، اڏام ڪرڻ جي قابل نه هوندو. ٻاهرين شي هميشه اندرين شي جو اظهار ڪندي آهي. ان ڪري پنهنجي ٻاهرين زندگي ۾ سلطنت اڏاڻ کان اڳ ۾ پنهنجي اندر جي دنيا کي وڌائڻو پوندو“. ارب پتيءَ زور ڏنو.
مسٽر ريلي ان وقت پنهنجي هڪڙي بوتل مان سائي رنگ جو جوس پيئڻ شروع ڪيو، جيڪا هن کي هڪڙي ملاح ان وقت ڏني هُئي، جڏهن هو مشين واري ٻيڙي ۾ سوار هو. جيڪڏهن توهان هن بوتل کي ويجهڙائي کان ڏسندو ته ان تي لفظ لکيل هيا،”هن دنيا ۾ شيطان اسان جي پنهنجن ئي دلين ۾ ويٺل آهن ۽ اها ئي جاءِ آهي، جتي اصلي جنگ وڙهڻ کپي.‘‘
The only devils in the world are those running in our own hearts. That is where the battle should be fought.
”جڏهن توهان پنهنجي اندر ۾ موجود موروثي قوت کي مسلسل وڌائيندو“، مسٽر رائلي ڳالهه جاري رکي،” ته ان جي بدلي ۾ توهان تمام گهڻا موقعا ۽ عاليشان امڪان ڏسڻ جي لائق ٿي ويندا. توهان حيرتن جي ڪائنات ۾ کيڏڻ شروع ڪندو، جتان جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته انهن جون اکيون، شڪ، بي يقيني ۽ خوف جي ڪري انڌيون ٿي چڪيون آهن. عظمت اندر جي هڪڙي راند آهي“. ارب پتيءَ هڪڙو ٻيو خاڪو (ماڊل) واريءَ تي ٺاهيندي چيو.
چار اندريون سلطنتون The 4 interior empires
سلطنت 1؛ سوچ (نفسيات) مائينڊ سيٽ Mind set (psychology)
سلطنت 2؛ دلي جذبات (هارٽ سيٽ ) (Emotionality) Heart set
سلطنت 3؛ صحت (جسماني) هيلٿ سيٽ Health set (Physicality)
سلطنت 4؛ روحانيت (سول سيٽ) Soul set ( Spirituality)
”هلو هن فريم ورڪ جي باريڪبينيءَ تي نظر ٿا وجهون، ته جيئن توهان جي فتح جي ڪلاڪ دوران پنهنجي اندروني زندگيءَ جي پهلوئن جي باري ۾ بلُند ۽ بلڪل واضح شعور حاصل ڪري سگهو. جلد توهان کي صبح جي باري ۾ مڪمل معلومات مهيا ڪندس، جڏهن مان توهان کي ويهه ويهه ويهه فارمولا جي باري ۾ پڙهائيندس. في الحال ته توهان اهو سمجهو ته توهان کي سج اُڀرڻ کان اڳ ۾ هنن چئني زمينن کي تيار ڪرڻو آهي. مائنڊ سيٽ Mind set ، هارٽ سيٽ Heart set ، هيلٿ سيٽ Health set ۽ سول سيٽ Civil set . هي چارئي نجي ميدان يا وري يا سلطنتون گڏ ٿي ڪري سچي اندروني قوت کي بنياد مهيا ڪن ٿيون. جيڪا هر زنده انسان جي اندر ۾ ملي ٿي. اسان ۾ گهڻا ماڻهو بيروني شين جي پويان ڊوڙي ڊوڙي پنهنجو سڄو ڏينهن وڃائي ڇڏين ٿا. پر اسان سڀني جي اندر اهي چار حيرت ۾ وجهندڙ قوتون پڻ موجود آهن ۽ پنهنجن انهن چئني زمينن جي تياري ۽ آب ياري جو بهترين وقت صبح پنجين وڳي کان ڇهين وڳي تائين آهي. اهو ڏينهن جو سڀني کان اهم وقت هوندو آهي. پنهنجي ”صبح جا مالڪ بڻجو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي بلند ڪيو“، رئيس حوصله افزائي ڪئي.
”هڪڙو سوال؛ جيڪڏهن مان اهو ڪم هفتي ۾ صرف پنج دفعا ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ هفتي جي آخري ڏينهن ۾ نه ڪيان ته ؟ هي فائيو اي ام ميٿڊ ڪيترو ڏکيو آ؟“ ڪاروباري عورت چيو. هڪڙو ڪُتو اتان گذريو، انهي دوران مڇي واري هوٽل کان قديم اطالوي موسيقار جو گانو ٻڌڻ ۾ آيو. توهان کي منظر ڏاڍو عجيب لڳندو پر ائين ئي آهي.
”هي توهان جي زندگي آهي. اهو ڪيو جيڪو توهان جي حساب سان توهان لاءِ بهترين هجي ۽ توهان کي درست محسوس ٿي. مان ته توهان کي اها ڄاڻ ڏيئي رهيو آهيان جيڪو اسپيلبائنڊر ءَ مون کي ٻڌائي هئي. هن جي ڪري منهنجي ته قسمت ئي کُلي پئي ۽ مون کي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ لطف ۽ مسلسل سڪون حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملي. يقينن انهن سڀني جي ڪري، مون کي شخصي آزادي به نصيب ٿي. توهان پنهنجا قدر، دلچسپي ۽ زندگي جي مناسبت سان هي معلومات جتي ۽ جيئن منتقل ٿي سگهي ٿي، ان کي استعمال ڪيو ۽ اتي، توهان کي اها ته خبر آهي نه جزُ وقتي ڪم جا نتيجا به جز وقتي هوندا آهن“Yet also know that part-time commitment truly does deliver part-time results ارب پتيءَ هڪڙي مک پنهنجي مُٺ ۾ پڪڙيندي، پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪئي.
”ڇا توهان اندروني زمينن/سلطتنن جي تفصيل ۾/گهرائي ۾ وڃڻ پسند ڪندو“. ڪاروباري عورت چيو.
”توهان جيڪو ڪجهه مون کي سمجهائي رهيا آهيو، ان جي ذريعي مان ايتري مضبوط ٿي سگهان ٿي جو مان پنهنجن مخالف سرمائيدارن سان وڙهي سگهان ۽ ڪٿي وڌيڪ خوشي ۽ اعتماد واپس حاصل ڪيان. مون توهان کي اهو ناهي ٻڌايو ته مان جڏهن کان توهان سان گڏ آهيان ۽ توهان جيڪو ڪجهه اسان کي سچي دل سان سيکاري رهيا آهيو، مان ان تي عمل پئي ڪيان ۽ جيئن توهان ڏٺو، مان پهريان اسپيلبائنڊر جي خلاف هئس ۽ هن جي سيمينار ۾ وڃڻ ئي پسند نه پئي ڪيان. پر گهٽ ۾ گهٽ ان جي ۽ توهان جي تعليم/ليڪچرن جي باري ۾ سمجهه رکان ٿي. ڀلي کڻي مان دل سان اهو ڪم نه به ڪيان. توهان کي خبر آهي، مون کي زندگيءَ سان محبت آهي ۽ مان هاڻِي گهڻو وقت زنده رهڻ جي منصوبه بندي پئي ڪيان.“
”بهترين“، آرٽسٽ چيو ۽ پاڻيءَ مان هڪڙي دل جي شيپ جهڙي سپ کڻي ڪاروبارو عورت جي هٿ تي انتهائي نفاست مان رکيو ۽ هن جي آڱرين کي پنهنجي هٿ سان بند ڪري ڇڏيو ۽ هن جو هٿ پنهنجي سيني تي رکيو.
”مان اڳ ۾ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ بهتري ڏسي رهي آهيان“. عورت ڳالهه جاري رکي.
”پنجين وڳي اٿڻ سان مان پاڻ کي ڪجهه وڌيڪ، حاضر دماغ، گهٽ ڳڻتي، گهڻو تحفظ ۽ گهڻي صحتمند محسوس ڪري رهي آهيان. منهنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه مثبت آهي، مان ان تي گهڻو شڪر گذار ٿي وئي آهيان ۽ پنهنجي ڪمپني جي باري ۾ گهٽ پريشان آهيان. ۽ پنهنجي مستقبل جي باري ۾ وڌيڪ پُرجوش آهيان. ڏسو اهي سرمائيدار ماڻهو ڏاڍا خراب آهن ۽ انهن کي هينئر تائين منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيان. مان ان جي باري ۾ سوچينديس، پر ان جي باري ۾ اڳ ۾ جيڪو خوف ۽ نااُميدي ۽ اونداهي مان محسوس ڪندي هُيس، اها هاڻي گهڻي حد تائين، ڌنڌلو ٿي چڪي آهي“.
”زبردست“ ارب پتي چيو، هڪڙو سلينگ ورڊ استعمال ڪندي چيو. ارب پتيءَ پنهنجي سامونڊي ڪناري تي پنهنجي ٽي شرٽ مٽائي. ايس يو وي واپس اچي چڪي هُئي ۽ ڊرائيور ان کي بلڪل هوٽل جي سامهون اچي بيهاريو.
”توهان عقلمند ماڻهو آهيو“، ارب پتي اضافو ڪيو. ”هي سڄي ڄاڻ انمول آهي، پر جيئن ته توهان کي خبر آهي ته جيسيتائين توهان اڻٿڪ مشق ۽ روزانو ان تي عمل نه ڪندو،....صرف هي معلومات توهان کي هڪڙو غير معمولي انسان ۽ ڪاروبارو جو متاثر ڪندڙ ليڊر نه ٿي بڻائي سگهي. مان توهان کي ان ڳالهه تي مبارڪ پيش ڪيان ٿو ته توهان پنهنجي ماضي کي ڇڏي ڏنو. ڪو به توهان کي غير ذميدارڻو طريقڪار اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪمپني جي مخالفن سان منهن نه ڏيڻ جي صلاح نه ڏيندو، جيتوڻيڪ توهان جو ماضي توهان جي اها جاءِ آهي، جتان توهان کي سکڻو آهي پر اُتي توهان کي رهڻو ناهي“.
ٽيئي دوست اوسيئڙي ۾ بيٺل گاڏي ءَ ۾ اچي ويهي رهيا، جيڪا هنن کي ساڳي رياست ۾ واپس وٺي آئي.
”اچو ته ماڊل جي باري ۾ وڌيڪ ڳالهايون، ڇو ته اها توهان جي ڪاميابي ۽ خوشيءَ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي“. ارب پتيءَ تبصرو ڪيو جڏهن ته ايس يو وي، سمونڊ ڪناري سان گڏو گڏ هلي رهي هُئي. ”ڪيترائي گُرو مائينڊ سيٽ جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن. اهي مفروضن جي نفسيات کي اختيار ڪرڻ جي اهميت تي ڳالهائينداآهن. هارڊ ورڊ جي نفسيات جي ماهر ايلن لينگر Ellen Langer جو به ائين ئي چوڻ آهي...اهي توهان کي روزانو اميد پسند سوچ رکڻ جي تربيت ڏيندا آهن. هي استاد ٻڌائيندا آهن ته توهان جي سوچ توهان کي حقيقي ظاهر ڪندي آهي ۽ پنهنجي ذهن کي بهتر ڪري، توهان پنهنجي زندگي کي بهتر ڪري سگهو ٿا. يقينن پنهنجي مائينڊ سيٽ کي بهتر بنائڻ شخصي مهارت ڏانهن هڪڙو لازمي قدم آهي. جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي بيروني حقيقت کي عاليشان بڻائي سگهو ٿا“.
”تنهن جي باوجود“، ارب پتيءَ گفتگو جاري رکي. ”هڪڙي پوائنٽ هن سلسلي ۾ تمام ضروري آهي ۽ توهان ٻنهي لاءِ انتهائي ضروري آهي، ان ڪري اها چڱي طرح سان سمجهي وٺو. ڇو ته گهڻو ڪري اڪثر ماڻهو اها ڳالهه نه ٿا سمجهي سگهن؛ اسپيلبائنڊر مون کي سيکاريو ته پنهنجي مائنيڊ سيٽ (دماغ جي مثبت سوچ) کي بهتر کان بهتر رکڻ... جيڪو چئني اندروني سلطنتن مان هڪڙو آهي. شخصي مهارت جي مساوات ۾ صرف پنجويهه سيڪڙو آهي“.
” واقعي ئي“؟ آرٽسٽ پڇيو. ”مان ته هميشه اهو ئي سوچان ٿو ته اسان جي سوچ ئي سڀ ڪجهه طئي ڪندي آهي، ان کان سواءِ ٻي ڪا به شي نه هوندي آهي، بس، ”پنهنجي سوچ کي مٽايو ۽ پوءِ ڏسو ته توهان جي زندگي ڪيئن ٿي بدلجي ۽ ٻڌايو ويو ته توهان جو رويو ئي توهان جي منزل طئي ڪندو آهي“.
”ڏسو“، ارب پتيءَ چيو،” اها يقينن سچي ڳالهه آهي ته توهان جا گهرا ۽ پخته ارادا ئي توهان جي روزانو جي ورتاءُ کي قابو ڪن ٿا. توهان کي خبر آهي ته منهنجو به ان تي يقين آهي ۽ توهان کي اها به خبر آهي ته مان ان ڳالهه سان به متفق آهيان ته توهان جنهن انداز سان تصور ڪيو ٿا، انهيءَ انداز سان دنيا توهان کي موٽ ڏيئي ٿي، پر هڪ پڪي مائنڊ سيٽ سان گڏ جيڪڏهن مضبوط هيرٽ سيٽ (دل) نه هوندو ته اها شان ۽ شوڪت بيڪار ويندي. فقط پنهنجي مائنڊ سيٽ سان ڪم ڪرڻ سان توهان پنهنجي ذهانت جو اظهار نه ٿا ڪري سگهو ۽ نه ئي وري پنهنجي آزادي ءَ جو استعمال ئي ڪري سگهو ٿا“. صنعتڪار وڏي وضاحت سان چيو.
”منهنجي خيال ۾ مان توهان جي ڳالهه سمجهان پيو“. آرٽسٽ ڌيان ڏيندي چيو.”چارلس بوڪو وسڪي جو قول آهي ”پنهنجي کوپڙي جي صفائي ڪرڻ تي زور نه ڏيو....ان جي جاءِ تي پنهنجي دل کي صاف ڪيو.
“Charles Bukowski said, “ Stop insisting on clearing your head…..Clear your heart instead”.
”هو بلڪل درست هو“، ارب پتي اتفاق ڪيو ۽ ايس يو وي جي چمڙي سان ٺهيل سيٽن تي اڃان به زور ڏيئي هيٺ ويهي رهيو.
”هن صحيح چيو هو“ ارب پتيءَ متفق ٿيندي چيو ۽ هن پنهنجي ايس يو وي جي چمڙي واري سيٽ تي پرسڪون ويهندي چيو.
”اڙي ٿورو مون کي به سمجهايو ته هي هارٽ سيٽ ڇا هي“؟ ڪاروباريءَ پڇيو.
هو اسڪول ويندڙ ٻارن جي هڪڙي گاڏي کي راند جي ميدان ۾ ڀڄندي ڏسي رهي هُئي، هن جي سوچ هن کي پنهنجي ننڍپڻ ڏانهن ڇڪي وئي.
”هارٽ سيٽ توهان جي جذباتي زندگي آهي، توهان جو يقين کڻي ڪيترو به هجي ۽ توهان جو مائنڊ سيٽ کڻي ڪيترو نه واضح ۽ نمايان هجي، جيڪڏهن توهان جي دل، ڪاوڙ، غم، مايوسي، استحصال ۽ خوف سان ڀريل آهي ته توهان کي هن دنيا ۾ فتح ناهي ملڻي. ٿورو ان جي باري ۾ سوچيو؛ جيڪڏهن توهان جا زهريلا جذبا توهان کي شڪت ڏيڻ جا زميوار آهن ته پوءِ، توهان ڀلا ڪيئن غير معمولي ڪارڪردگي ڏيئي سگهو ٿا ۽ حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا آڻي سگهو ٿا؟. اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اڄڪلهه هر هڪ صحتمند، ڪڏهن به شڪست نه کائيندڙ مائنڊ سيٽ تشڪيل ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. توهان اها ڳالهه هر جاءِ تي ٻڌندا هوندو، پر ڪو به هارٽ سيٽ جي ڳالهه نه پيو ڪري... نه ئي وري هيلٿ سيٽ ۽ سول سيٽ جي. توهان جي اندر جيڪا حيرت ۾ وجهندڙ قوت موجود آهي، ان کي چمڪائڻ ۽ ان مان ڪم وٺڻ لاءِ انهن چئني اندروني زمينن کي تيار ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن توهان پنهنجي اندر ۾ موجود ان فطري طاقت سان پنهنجو رشتو مضبوط نموني سان ڳنڍيو ٿا. اها طاقت توهان کي توهان جي ماهرين ۽ سورمن جي محفل ۾ پهچائي سگهي ٿي. جڏهن توهان پنهنجي اندروني چئني زمينن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪندو ته توهان ان جي باري ۾ سوچيو به نه هوندو ته ايئن به ٿي سگهي ٿو. ان کي ائين سمجهو ته توهان جي هٿ ۾ جادو جي لٺ اچي ويئي آهي. توهان پنهنجي موجودگي جي ذريعي، ٻين جي قوت وڌائڻ شروع ڪندو. توهان کي توهان جي روز مره جي زندگي ۾ مسلسل يقين نه ايندڙ ڪرشما ڏسڻ ۾ ايندا. توهان جي عمل ڪرڻ جي ئي نتيجي ۾ زندگي توهان کي انتهائي مزو ڏيندي ۽ سڄي دنيا اوهان جي خدمت ۾ لڳي ويندي“. مسٽر رائليءَ گاڏي جي دريءَ مان ٻاهر ڏٺو ۽ پنهنجي گفتگو جاري رکي.
”ان ڪري اسان مان گهڻا ماڻهو اهو ته ڄاڻن ٿا، ذهني سطح تي ڇاڪرڻ گهرجي، پر ڪجهه غيرمعمولي نه ٿو ٿي سگهي، ڇو جو انهن جي جذباتي زندگيءَ ۾ اڃان بگاڙ هوندو آهي. اسان ماضيءَ ۾ ڦاٿل هوندا آهيون. اسان ماضي مان هٿ نه ڪڍيا آهن. اسان اُهي مڙئي غير صحتمنداڻا جذبا، جيڪي اسان کي نقصان پهچائيندا آهن. انهن کي ڇڪي دٻائي رکندا آهيون. سگمنڊ فرائڊ Sigmund Freud لکيو ته ”جن جذبن جو اظهار نه ڪري سگهجي، اهي ڪڏهن به ختم نه ٿيندا آهن، بلڪ اهي زنده اسان جي اندر دفن ٿيندا رهندا آهن. ۽ جڏهن به وري انهن کي موقعو ملي ويندو آهي، اهي غلط اندازي سان ظاهر ٿيندا آهن ۽ پوءِ اسان حيرت ۾ پئجي ويندا آهيون ته اسان جون مثبت سوچ واريون ڪوششون ڇو ڪامياب نه ٿيون وڃن“. Unexpressed emotions will never die. They are buried alive and they will come forth later in uglier ways”. مان توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو پنهنجي تعريف پاڻ ڪرڻ وارا ڪتاب اڪثر ڪري گهڻي دير تائين اثرائتا نه ٿا ٿين پر فقط ڪجهه ڪانفرنسون مستقل تبديلي آڻي ڇڏين ٿيون. جيستائين اسان جي ذهن جو تعلق آهي ته اسان جي نيت صاف هوندي آهي، اسان يقينن هڪڙا نمايان ڪارگذار ۽ بهتر انسان بڻجڻ چاهيون ٿا. پر اسان جيڪا معلومات حاصل ڪيون ٿا، اها فقط سوچ تائين ئي محدود هوندي آهي ۽ پوءِ مايوسي سان اسان پنهنجون شاندار خواهشون ماري ڇڏيون ٿا. ان ڪري نه ڪجهه بدلجندو آهي ۽ نه ئي وري ڪجهه اڳتي وڌندو آهي. نتيجن ڪا به تبديلي نه ٿي اچي. پر جيڪڏهن توهان پنهنجي سٺي سوچ جو تجربو ڪرڻ ۽ بي مثال ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهيو ٿا ته توهان کي مائينڊ سيٽ ۾ مهارت سان گڏو گڏ هارٽ سيٽ تي به توجهه ڏيڻو پوندو. ماضي جي تڪليفن سان جڙيل سڀئي ڪارا ۽ زهريلا جذبا، اتان نڪري هليا ويندا. دل پاڪ، صاف ۽ سٺي ٿي وڃي ٿي، هميشه لاءِ ۽ ائين توهان جي دل جيڪا زندگيءَ ۾ مليل ڏکن ڏولاون جي ڪري پڪي ٿي وڃي ٿي، اها ٻيهر ڪائنات جي رنگينين ۾ گم ٿي وڃي ٿي“.
”وڏي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي“، عورت ساراهه ڪئي، ”پر مان پنهنجي فتح واري هڪڙي ڪلاڪ پنج کان ڇهه اي ايم جي دوران اهو ڪم ڪيئن ٿي ڪري سگهان“.
”توهان کي تمام جلدي اهو سيکاريو ويندو ته فائيو اي ايم ميٿڊ جو استعمال ڪئين ڪجي“. ارب پتيءَ جواب ڏنو. ”توهان ٻيئي هاڻي پاڻ ۾ هري مري ويا آهيو، ان ڪري توهان کي جلدي ويهه ويهه ويهه فارمولي جي خبر پئجي ويندي ۽ جيئن مان اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته هڪ دفعو جڏهن توهان کي ان جي خبر پئجي ويندي ۽ توهان کي ان جي استعمال جي به ڄاڻ پوندي، پوءِ توهان جون زندگيون ائين نه رهنديون. ويهه ويهه ويهه 20x20x20 وارو فارمولو يقين ڪيو ته زندگي بدلائڻ وارو فارمولو آهي. مهرباني ڪري اها ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪجو ته منهنجي نظر ۾ سُٺا ماڻهو ان ڪري ڪاميابي ماڻڻ ۾ ناڪامي جي ور چڙهي ويندا آهن جو، هڪ ته هو عظيم مائنڊ سيٽ ته رکن ٿا پر پنهنجي هارٽ سيٽ کي مضبوط نه ٿا ڪن. مائنڊ سيٽ جيڪڏهن مضبوط آهي ۽ هارٽ سيٽ ڪمزور...ته پوءِ اهو مسئلو ٿيندو“.
”۽ ها“ ارب پتيءَ وڌيڪ اضافو ڪندي ڳالهايو،” مون کي هتي اها ڳالهه به واضح ڪري ڇڏڻ گهرجي ته هارٽ سيٽ تي ڪم ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته توهان پنهنجن منفي جذبن کي پنهنجي اندران ٻاهر ڪڍو، جيڪي زندگيءَ جي مايوسين، پريشانين ۽ تڪليفن جي ڪري وجود ۾ آيا. بلڪ هن لاءِ صحتمند رهڻ به ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي جو صبح جي معاملن ۾ توهان کي ٿورائتي ٿيڻ جي هڪڙي مشق ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. ته جيئن توهان پنهنجي اندر ۾ ٿورائتي ٿيڻ وارو احساس پيدا ڪري سگهو“.
”مون کي اها ڳالهه تمام گهڻو وڻي“، آرٽسٽ جواب ڏنو. ”ڀاءُ، جيڪو توهان ٻڌائي رهيا آهيو، اها تمام بهترين آهي، انقلابي. مان مڃان ٿو“. هن پرُزور انداز ۾ چيو.
”ها، بلڪل، اسپيلبائنڊر مون کي فتح جي ڪلاڪ واري هر صبح ڪجهه ڪم پنهنجي هارٽ سيٽ تي ڪرڻ سيکاريا. ان ڪري هتي به هڪڙو اهم نڪتو آهي؛ جيڪڏهن توهان پنهنجي هارٽ سيٽ کي مائنڊ سيٽ سان گڏو گڏ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو ٿا ته تڏهن به توهان پنهنجي شخصي مهارت جي مد ۾ پنجاهه سيڪڙو ئي ڪم ڪندا آهيو. مائنڊ سيٽ ۽ هارٽ سيٽ کان پوءِ، توهان کي هر صبح جو هيلٿ سيٽ جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو“.
”هيلٿ سيٽ....مون لاءِ ته اهو بلڪل نئون لفظ آهي. عورت سوچيو.”پسند آيو“.
”ان کي ائين ڪري سمجهو ته ان جو تعلق توهان جي جسماني پهلو سان آهي“. ارب پتيءَ واضح ڪيو. ان وقت ايس يو وي ماريشيس جي چانهه واري فصل جي ويجهو کان گذري رهي هُئي. ”حيثيت وارن ماڻهن ۾ شامل ٿيڻ ۾ هڪڙو عرصو لڳي ٿو. جيڪڏهن توهان پنهنجي شعبي ۾ رهنمائي ڪرڻ ۽ تسلسل سان اڳتي وڌڻ چاهيو ٿا ته توهان کي مان هڪڙو گُر ٻڌايان ٿو؛ مرجو نه. جيڪڏهن توهان مري ويو، ته توهان ڪڏهن به پنهنجي شعبي جي عظيم ماهر، نالي وارن، جن تاريخ ٺاهي، نه ٿا ٿي سگهو“.
ارب پتيءَ جهنگل ۾ نورئيڙن جي هڪڙي خوش خاندان کي کيڏندي ڏٺو. ته هن زور سان تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون. عورت ۽ آرٽس هن جي ان حرڪت کي ڏسي اندر ئي اندر ۾ کلڻ لڳا.
”مان سنجيده آهيان، سٺيون شيون تڏهن ئي وجود ۾ اينديون آهن، جڏهن سنجيدگي سان پڪو پهه ڪندا آهيو ۽ پنهنجي عمر کي گهٽ رکڻ ۾ سخت محنت ڪندا آهيو. ٿورو سوچيو ته توهان کي اڃان ڪجهه سال زنده رهڻو آهي ۽ اهڙي ئي چستي سان ڪم ڪندا رهو، جهڙو توهان هينئر ڪيو پيا، اهڙي طرح توهان کي پنهنجي فن کي مضبوط ڪرڻ، نکارڻ ۽ اثرائتي بنائڻ، شاهڪار تخليق ڪرڻ، پنهنجي خوشحالي کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڪرڻ ۽ انسانيت لاءِ تمام وڏو ورثو ڇڏي وڃڻ جا تمام گهڻا موقعا ملندا. حيرت ۾ وجهندڙ، تمام عظيم ماڻهو ان نڪتي کي چڱي طرح سمجهن ٿا، ته توهان جيسيتائين توانا ۽ تندرست نه آهيو، تيستائين مهارت جي ڪمال درجي تائين نه ٿا پهچي سگهو. ان سلسلي ۾ جيسيتائين توهان روزانو ڪا مشق ڪندو، ته توهان جو هر ڏينهن بهتر کان بهتر گذرندو. جڏهن توهان بلڪل تندرست هوندو، ته توهان جون ٻيون شيون به سٺيون نظر اينديون. مان توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان جو هيلٿ سيٽ توهان جي جسماني پهلو کي بهتر ڪرڻ جي باري ۾آهي ۽ جڏهن توهان اهو ڪندو ته پوءِ توهان جو دماغ پنهنجي تمام اوچائي تي پهچندو، پوءِ توهان جي توانائي وڌي ويندي، پوءِ توهان جو ذهني دٻاءُ (اسٽريس) گهٽجندو ۽ پوءِ وري توهان جي خوشي ۾ اضافو ٿيندو. توهان کي خبر ناهي ته صحتمند ۽ مثالي تندرستي مان مون کي منهنجي ڪاروبار ۾ تمام گهڻي مدد ملي“.
ارب پتي بيهي ويو. هن پنهنجن ٻنهي ٻانهن کي ملائي نمستي چئي سلام عرض ڪيو.
”دوستو سٺي صحت مون کي روحاني سوچ سول سيٽ تائين پهچايو آهي. . مرد ۽ عورت! مون اهو سکيو آهي ته اسان مان هر هڪ جي اندر هڪڙو نفيس ۽ صاف روح موجود آهي. جيڪا اسان جي ذات جي بلڪل وچ ۾ موجود آهي. دنيا جي اڪثريت جي ان جي ڪمن ۽ ضرورتن ۾ ڪا به دلچسپي نه هوندي آهي. هڪ انسان جي طور تي اسان پنهنجي ذات جي هن رخ کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، حالانڪ هي پاسو مڙني پاسن کان تمام گهڻو ڏاهپ، حيرت ۾ وجهندڙ ۽ لافاني آهي. دنيا جي ماڻهن جي گهڻائي معاشري جي پروگرامنگ تحت هلندي آهي. جنهن جي مطابق اهڙو سامان گڏ ڪرڻ جنهن سان انهن جي مشهوري وڌي ۽ انهن کي قانوني جواز ملي سگهي. پر تنهن جي باوجود اصلي ليڊرشپ جي ايمانداراڻي سرگرمي اها به هوندي آهي ته هو پنهنجي روح کي روزانو غذا مهيا ڪري “.
”۽ مسٽر رائلي مون کي ٿورو اهو به ٻڌايو ته جڏهن توهان سول سيٽ soul set روحاني سوچ جي ڳالهه ڪيو ٿا ته ان مان توهان جو ڇا مطلب هوندو آهي؟“. عورت سوال ڪيو، جيڪا آهستي آهستي اسپيلبائينڊر جي تعليم جي لائق شاگردياڻي ٿيندي پئي وڃي. هو هاڻي اڳ کان ٿورو وڌيڪ حاضر، مضبوط ۽ پرسڪون/آزاد لڳي رهي هئي.
”ها ادا، مان به ان معاملي ۾ اڃان گهڻو ڪليئر نه آهيان “. آرٽسٽ سچي ڳالهه ڪئي ۽ گاڏي جي سيٽ تي ڄمي ويهي رهيو، جيڪا ان وقت رئيس جي گهر ڏانهن روان دوان هُئي.
ڪيترائي پوپٽ پاسي مان اڏرندي لنگهي ويا. آسمان تي هينئر ڊبل انڊلٺ صاف شفاف نظر اچي رهيو هو. ارب پتي هڪڙي نظر ان تي وڌي پوءِِ وري شروع ٿي ويو.
”اجنبيت جي احساس جي بغير حسن ۾ ايتري ڪشش نه هوندي آهي “. جيئن ئي هن پنهنجي مالهي کي هٿ لوڏي ڀليڪار چيو ۽ ڏيڏر کي پنهنجي زبان ٻاهر ڪڍي ڏيکاري. ”انگريزي شاعر ڪرسٽوفر مارلو Christopher Marlow اها ڳالهه ڪئي ۽ دوستو! حقيقت اها آهي ته هن وڏي سچي ڳالهه ڪئي، بهرحال، چوٿين اندروني زمين کي سمجهڻ جي لاءِ، مون کي اجازت ڏيو ته مان انهن چئني جو ذڪر ڪندو هلان. مائنڊ سيٽ Mind set جو تعلق توهان جي نفسيات سان آهي. هارٽ سيٽHeart set جو تعلق توهان جي جذبن سان آهي، هيلٿ سيٽ Health set جو تعلق توهان جي جسماني وجود سان آهي، جڏهن ته سول سيٽSoul set جو تعلق توهان جي روحانيت سان آهي. هي آهي ڳالهه. هن ۾ ڪابه صوفياڻو رنگ ڪونهي، ڪو به مذهبي پهلو نه آهي، جادو ئي ۽ حرامپاين وارو ڪو به ڪم ڪونهي، هن۾ “.
”ٿورو اڃان به گهرائي ۾ ٻڌايو“ عورت انگل ڪيو. ”انهن سڀني ڳالهين سان توهان منهنجي تصور/سوچ کي نئو ن رخ ڏيئي رهيا آهيو“.
”هي سڀ اسپيلبائنڊر جو ڪم آهي، پر منهنجو ناهي، مهرباني ڪري اها ڳالهه ضرور ياد رکجو .مان اهو هر حال ۾ چاهيندس ته مان هڪ عملي روحانيت پسند ٿي وڃان. ڇا انهن لفظن توهان کي ڊيڄاري ته نه ڇڏيو آهي....متان توهان اڳتي سکڻ کان ڪيٻايو. منهنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان جي اندر جيڪا جرئت ۽ همدردي آهي، ان کي واپس آڻڻ جي لاءِ، روزانو صبح جو ڪجهه وقت خاموشي سان گذاريو.ان دوران سج اڀرڻ کان اڳ ۾ توهان پنهنجي روح سان مُلاقات ڪيو ۽ جيڪو توهان جي اندر سڀ کان سچو ۽ سخت آهي، ان کي سلام پيش ڪيو. ان کان پوءِ ئي توهان پنهنجي اندر جي سڀ کان بهترين روشني کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي قابل هوندا. سول سيٽ Soul set اهو ياد ڪرڻ جي باري ۾ آهي ته توهان واقعي ئي ڇا آهيو. اوليا، صوفي ۽ درويش جيڪي تاريخ ۾ ٿي گذريا آهن، اهي سڀ پنهنجي اندر جي بٺيءَ کي ڀڙڪائڻ لاءِ صبح جو سوير اٿندا رهيا ۽ اهو سڀ اسان جي اندر ۾ به موجود رهيو آهي. عدم تحفظ جو احساس، وحشت، خود غرضي ۽ ناخوشي سڀ خوف جي پيداوار/ٻچا/اولاد آهن. اهي خوبيون توهان کي سيکاريون ويون آهن. اهي حقيقت ۾ توهان جون پيدائشي خوبيون ناهن. اسان پيدا ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي روحاني قوت کان انڪار ڪرڻ شروع ڪندا آهيون ۽ هي بيڪار دنيا جيڪو ڪجهه اسان کان چاهيندي آهي، ان طرف سفر ڪندا آهيون. اسان پنهنجي ڀيٽ الائي ته ڪهڙن ڪهڙن شخصيتن سان ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهيون ۽ جڏهن ته ان جي جاءِ تي اسان کي تخليق ڪرڻ، ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ دنيا کي دريافت ڪرڻ گهرجي. صبح جو سوير ان خاموش گهڙين ۾ جاڳندڙ انسان ، سڪون، خاموشي ۽ تنهائي جي عالم ۾ پنهنجي روحاني سوچ کي جلا بخشڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پنهنجي ذات جي اميد واري اصلاح جي ذريعي، پنهنجي ڪردار ۾ خامين ۾ خامين جي بنا باقي واندڪائي واري وقت ۾ اميد ڀريل مراقبو ڪندا آهن ۽ زندگيءَ جي تيز رفتاري ۽ موت جي اداسي تي غور ۽ پنهنجي عملن جي گهرائي سان ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ته جيئن دنيا کي ان بهتر حالت ۾ ڇڏي سگهو. بلڪل ائين جيئن توهان جي پيدائش وقت حالت هئي. هي اُهي چند طريقا آهن، جن جي مدد سان توهان پنهنجي سول سيٽ (روحاني سوچ) کي سڀني کان مٿانهون ڪري سگهو ٿا“.
”۽ ها“، ارب پتيءَ هلڪي آواز ۾ پنهنجي دل جي گهرائي سان گڏ ڳالهه ڪندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”توهان ٻنهين جي اندر هڪڙو بهادر، پيار ڪرڻ وارو، انتهائي طاقتور سورمو ويٺل آهي. مون کي خبر آهي ته گهڻن ماڻهن لاءِ اها ڳالهه تمام بيوقوفياڻي هوندي. پر مان جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهيان، اهو بلڪل سچ آهي ۽ فتح جي ڪلاڪ جي دوران پنهنجي سول سيٽ (روحاني سوچ) سان گڏ پنهنجو ڪجهه وقت روزانو گذاري... توهان پنهنجي سڀني کان بهترين سوچ واري حصي ۽ ڏاهپ سان سٺو تعلق جوڙي سگهو ٿا. ان ڪري توهان پنهنجي بُکايل انا جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جو الهه تلهه کائي چٽ ڪري ڇڏڻ جي بجاءِ، معاشري جي خدمت ۾ محو ٿي سگهو ٿا“.
”۽ توهان پنهنجي مائنڊ سيٽMind set، هارٽ سيٽHear set ، هيلٿ سيٽ Health set ۽ سول سيٽSoul set سان گڏ روزانو بهتر شعوري ڪوششن جي ڪري بهتر شروعات ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ ان جي ڪري اسان جي روزه مرهه جا معاملا اڃان به بهتر کان بهتري جي طرف ويندا. ائين ئي آهي نه“؟. عورت جو آواز اڀريو، جيڪا ان وقت هڪ صبح جي سيشن ۾ بيان ڪيل ڪاميابي جو ٽن مرحلن وارو فارمولا پڙهي رهي هُئي.
”ٺيڪ آ “، ارب پتيءَ ساراهه ڪئي. ”بلڪل صحيح“. هن سر لوڏيندي چيو.
”۽ ها، مهرباني ڪري انهن شين سان هميشه سچا رهو. جيڪو عظيم زندگي گذارڻ جي لاءِ، سڀ کان اهم آهي“. ارب پتيءَ گذارش ڪئي.
”انهن هلڪين شين جي ڄار ۾ نه ڦاسو، جيڪي انساني روح جي نڙي تي لت ڏيئي ۽ اسان جي بهترين پاڻ سان ڳانڍاپو ٽوڙي ڇڏين ٿا“.
هن پنهنجي کيسي مان هڪڙو ننڍڙو بٽون ڪڍيو ۽ اتان هڪڙي ڪاغذ جو ننڍڙو ٽڪڙو ڪڍي ان تي ٽالسٽاءِ Tolstoy جا لکيل لفظ پڙهڻ شروع ڪيا. جيڪڏهن توهان ايس يو وي SUV ۾ هجو ها ته توهان هن جي پروقار آواز ۾ هي الفاظ ٻڌو ها؛
هڪ خاموش ڪنڊائتي/ٻهراڙي واري زندگي جتي انهن ماڻهن جي مدد جو امڪان هجي، جيڪو ڪم جن لاءِ آساني سان ڪري سگهجي پر انهن سان چڱائي نه ٿي ڪئي وڃي، پر پوءِ وري اهڙو ڪم جنهن سان ڪو اميد جو ڪرڻو اڀري پوي، پوءِ آرام، فطرت، ڪتاب، موسيقي ۽ پاڙيوارن لاءِ محبت....هي آهي خوشيءَ لاءِ منهنجو خيال/خواب آهي.
اهي ٽيئي ساٿي هاڻي ان قدآور شخص جي گهر جي ٻاهر بيٺا هئا. هڪڙو چٻرو ليمي جي وڻ جي ٽار تي ويٺو هو. هن ارب پتيءَ کي ڏسي، عجيب آواز ۾ رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. ارب پتيءَ چيو؛ ”تو سان ملي خوشي ٿي، گهر پهچندي پهچندي ايڏي دير ڇو ڪري ڇڏيئي؟“.

History Maker Focus # 4: Stacking
تاريخدانن جي نگاهه جو چوٿون مرڪز ؛
”ياد رکو، توهان جو هر قيمتي ڏينهن ، توهان جي قيمتي زندگيءَ جو هڪڙو نمائندو آهي“ ارب پتيءَ جواب ڏنو. ”توهان هرروز جيئن گذاريندا آهيو، اهڙي ئي توهان جي سڄي زندگي ٺهي وڃي ٿي. اسان سڀني جو پنهنجي مستقبل ۾ ايترو فوڪس ٿيل هوندو آهي جو اسان هڪڙي ڏينهن جي اهميت کي نظر انداز ڪري ويهندا آهيون. ان ڪري، اسان اڄ جيڪو ڪري رهيا آهيون، اهو اسان جو مستقبل تخليق ڪري پيو، ان جو مثال ان ٻيڙي جيان آهي.“. مسٽر رائليءَ هٿ سان سمونڊ تي ترندڙ ٻيڙي ڏي اشارو ڪندي چيو.
”ٻيڙي ۾ چپو هلائڻ ايڏو اهم ناهي، پر جيڪڏهن مستقبل مزاجي سان سفر جاري رکيو وڃي ته وڏا سفر طئي ٿي ويندا. اهو سفر ڪڏهن برازيل تي ختم ٿيندو آهي، يار وري ڪڏهن بهترين جاپان تي. توهان جيڪي ڪم ڪندا آهيو اهي وڏي ڪاميابي جي ضمانت ۽ انتهائي مقصد واري زندگي جو هڪ ڪرڻو آهي. پنهنجي سفر ۾ هي هڪڙي درستگي ڪري بهتري ڪيو. توهان چوويهه ڪلاڪن ۾ فقط هڪ سيڪڙو بهتري ۽ صحيح ڪيو، ته اها سوچ، ڏينهن ۾، ڏينهن وري هفتن ۾ ۽ وري هفتن کان مهينن ۾ ۽ مهينن کان سالن ۾ تبديل ٿي وڏي تبديلي آڻيندا. اسپيل بائنڊر روزاني جي ان شخصي ۽ پيشاوراڻي درستگي کي”مائڪرو-ونز“ Micro wins مطلب ته ننڍي ڪاميابي چون ٿا. پنهنجي روزاني جي صبح واري ڪاروباري مهارت کان وٺي ڪري، پنهنجي ذاتي تعلقات تائين، سڀ ڪجهه شامل ڪري سگهو ٿا. هي هڪ سيڪڙو جي بهتري توهان جي ٽيهه سيڪڙو جي بهتري آهي ... جي ٽيهه سيڪڙو ....پهرئين ئي مهيني ۾ ٽيهه سيڪڙو بهتري جو ذريعو ٿي سگهي ٿو. هن پروگرام کي ايندڙ هڪ سال تائين جاري رکو ته توهان جي هي بهتري وڌندي وڌندي، ٽي سو پنجهٺ سيڪڙو تائين هلي ويندي. ان سلسلي ۾ منهنجو اصل نڪتو اهو آهي ته پنهنجي عظيم ڏينهن جي تشڪيل لاءِ، توهان انتهائي توجهه سان ۽ پنهنجو ڌيان هڪڙي پاسي ۾ ئي ڌريو. توهان جي توجهه ان ڪم کان علاوه ٻي ڪنهن ڪم ڏانهن نه وڃي... ته توهان زندگيءَ ۾ ڪشادگي ۽ وسعت حاصل ڪري وٺندو“.
”روزانو ظاهر ۾ ننڍڙيون ۽ ڏسڻ ۾ نه ايندڙ بهتريون، جڏهن لڳاتار ڪنهن محدود وقت لاءِ ڪيون وڃن ته، ان جا نتيجا حيرت ۾ وجهندڙ ٿيندا“، عورت هن کي ٻيهر چيو.
”جي“ ارب پتيءَ خوشيءَ مان چيو، هو پوءِ هيٺ جهڪيو ۽ پيرن جي آنڱوٺي تي هٿ رکيا ۽ وري پوءِ پاڻ سان هم ڪلام ٿيو. ”زندگي سُٺي آهي ۽ ان کان اڳ ۾ جو دير ٿي وڃي، مون کي هنن ٻنهي پيارن جي مدد ڪرڻي پوندي“.
”۽ هاڻي ڳالهايون ٿا اصلي فائدي تي“، ارب پتيءَ ڳالهه جاري رکي.
”انتهائي ڪم ڪار وارا ماڻهو ۽ سورما اهو بخوبي سمجهن ٿا ته توهان روزانو جيڪو ڪجهه ڪيو ٿا، اهو هڪ دفعو تمام گهڻو ڪرڻ سان (يعني وري وري ڪرڻ سان) تمام گهڻو اهم هوندو آهي. لڳاتار ڪنهن به ڪم کي ڪرڻ، اصل ۾ ان کي ڪاميابي ڏانهن وٺي وڃڻ جي برابر آهي ۽ جيڪڏهن توهان جا ارادا پڪا آهن ۽ توهان کي تاريخ ٺاهڻي آهي ته پوءِ، ان ۾ باقائدگي تمام ضروري آهي“.
ان گهڙيءَ عورت جي فون جي اسڪرين روشن ٿي ويئي ته هن جو ڌيان ارب پتيءَ کان هٽي ڪري فون ڏي هليو ويو. حيرت ۾ وجهندڙ لفظ جيڪي هن جي فون جي اسڪرين تي هن کي نظر آيا، اهي هن کي دلي صدمي رسائڻ لاءِ ڪافي هُئا ۽ هوءَ اهو پڙهي صفا ڏڪي ويئي.
”قاتل اچي رهيو آهي“
” بيبي ڇا ٿيو؟“، آرٽسٽ تجسس مان پڇيو. هن بي تڪلفي سان انهن ٻنهين جي وچ ۾ موجود تعلق جي ويجهڙائي جو انڪشاف ڪيو.
”ها ٻڌايو نه ڇا ٿيو“؟، ارب پتيءَ عورت جي چهري جا تاثر پڙهي حيران ٿيندي پڇيو.
” هي...هون.....مون.....کي..... هو صفا مُنجهي پيئي.
هو پنهنجن گوڏن تي، هيٺ گلن جي ٻوٽن تي ڪري پئي،جتي ايس يو وي اچي بيٺي هُئي ۽ پوءِ وري تڪڙي اٿي بيٺي.
”قتل جي هڪڙي ٻي ڌمڪي...هو مون کي ٻڌائن پيا ته ڪو ماڻهو مون کي قتل ڪرڻ هيڏانهن اچي رهيو آهي. سرمائيدار! وري مون کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. اهي مون تي ڪمپنيءَ کي ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن“. ڪاروباريءَ عورت چيو، جيڪا ان وقت انتهائي اعتماد ۽ دفاءَ واري انداز ۾ بيٺي هُئي“. مان نه ڇڏينديس. مون اها ڪمپني ٺاهي آهي. مان پنهنجي ٽيم لاءِ سڀ ڪجهه ڪنديس. اسان جو شيون انتهائي بهترين آهن ۽ هن اداري کي ٺاهڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، مان انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، هلو ڏسون ٿا، مان ڏسان ٿي انهن کي“.
”ان کي منهن ڏنو ويندو“، ارب پتي آهستي ڳالهايو ۽ جيڪا ڳالهه اڳ ۾ هلي رهي هُئي، ان کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو،” توهان جيڪو ڪجهه سکي رهيا آهيو ۽ فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبر جي حيثيت سان، توهان کي جيڪو خاص موقعو مليو آهي، ان تي مڪمل ڌيان ۽ حاضر دماغ رهو. هتي ماريشيس ۾ مون سان گڏجي مزا وٺو“، ارب پتي مسڪرائي ڏنو. ”۽ هڪ ليڊر، ڪم ڪار وارو ماڻهو ۽ انسان جي حيثيت ۾ پنهنجي فطري قوت جي ڏاهپ کي وڌائيندا رهو. مان توهان ٻنهين ۾ همت ڏسي تمام گهڻو خوش آهيان. توهان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهادر، هلڪا ڦلڪا ۽ خوش نظر اچي رهيا آهيو. توهان سڌي رستي تي آهيو“.
”جيئن جيئن ڏينهن گذرندا وڃن ٿا، تئين تئين صبح جو سوير پنجين وڳي اٿڻ اڃان به سولو ٿيندو وڃي ٿو“، ڪاروباري عورت چيو، جيڪا پاڻ کي هينئر بهتر محسوس ڪري رهي هئي ۽ هن جو آواز به بهتر هو.
”توهان اسان سان جيڪي ڳالهيون ۽ اسان کي جيڪو ڪجهه سيکاري رهيا آهيو، اهو انتهائي اهم آهي، مون کي ته ان مان گهڻو فائدو ٿيو. مان ويهه ويهه ويهه 20x20x20 جو فارمولا سکڻ ۽ باريڪ بيني جي عادت وجهڻ لاءِ ڏاڍي بيتاب آهيان. ان ڪري مان اهو چڱي طرح ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته مون کي پنهنجي فتح واري ڪلاڪ ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. مان ڪنهن دور ۾ سج اڀرڻ کان اڳ ۾ اونداهي ۾ سامونڊي ڪناري تي يوگا ۽ چهل قدمي ڪندي هيس. پر مون کي ان جي باري ۾ اڃان به مدد جي ضرورت آهي. مون کي خبرآهي ته توهان ائين ڪري سگهو ٿا. بلڪه توهان جي ٻڌايل فلسفي سان مون کي تمام گهڻي مدد ملي آهي“.
”ٺيڪ ۽ بهتر طريقي جي باري ۾ توهان کي تمام جلد خبر پئجي ويندي. في الحال مان توهان ٻنهين کي اهو ٻڌائي ڇڏيان ٿو ته مون توهان ٻنهين کي جيڪو فارمولو سيکاريو آهي، ان کي ڏينهن جي ترتيب واري بنياد The day stacking Foundation چئجي. فتح جي شروعات يقينن ابتدا کان ئي ٿئي ٿي. پنهنجي صبح جي ملڪيت ۽ پنهنجي ڏينهن جو معيار، گڏجي اڳتي وڌن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ زندگي تيزي سان اڳتي وڌندي بلندين ڏي وڃي ٿي. توهان تمام گهڻو توانا، ڪم ڪار وارا، پرُاعتماد، ماهر، خوش ۽ مطمئن ٿي ويندا... ڀلي کڻي توهان کي ڪيتريون ئي ڏکايون ڇو نه هجن...اسان ٽيئي گڏجي اهي حيرت ۾ وجهندڙ ڏينهن گذاري رهيا آهيون. مون کي هن موقعي تي جان ڪيٽس Keats جا خوبصورت لفظ ياد ٿا اچن ؛ ”مان خواهش آهي ته ڪاش!، ته مان پوپٽ هجان ها ۽ موسم/اونهاري جا فقط ٽي ڏينهن زنده هجان ها.... انهن ٽنهي ڏينهن ۾ مون کي اها خوشي ملي ها، جيڪو مون کي پنجاهه عام سال به نه ڏئي سگهن ها“. توهان جو ڇا خيال آهي“؟
“I almost wish we were butterflies and lived but three summer days –three such days with you I could fill with more delight than fifty common years could ever contain”.
”بلڪل“ آرٽسٽ پنهنجو آواز بلُند ڪيو، جيڪو ان وقت پنهنجي قميص جو بٽڻ هڻي رهيو هو. پوءِ هن پنهنجي پيٽ تي ٿپڪي هنئي ۽ پنهنجن جوتن جون ڪهيون ٻڌڻ لڳو.”بلڪل متفق“. Totally agree
”۽ ها، ڀائرو، سڀاڻي صبح جو پاڻ ڪيڏي مهل ملون“؟. ارب پتيءَ سوال ڪيو، جنهن جي اکين مان لڳي پيو ته هن کي خبر آهي ته جواب ڇا ملندو.
”صبح پنجين وڳي“. عورت ۽ آرٽسٽ جوشيلي انداز ۾ جواب ڏنو.

زندگي جي موجن جي رهنمائي ڪرڻ

11

Navigating the tides of life
زندگي جي موجن جي رهنمائي ڪرڻ

“The best and most beautiful things in this world cannot be seen or even heard, but must be felt with the heart”. Helen Keller


”دنيا جون سڀئي حسين شيون ڏسي ۽ ٻڌي نه ٿيون سگهجن. پر انهن کي دل سان محسوس ڪري سگهجي ٿو“. هيلن ڪيلر

ڪاروباري عورتءَ ننڍپڻ ۾ ئي ٻيڙي هلائڻ سکي هئي، چهري تي لوڻ وارين ڦڙين جي آواز جو شور ۽ وسيع سمونڊ جي وسعت واري آزادي جو احساس هن کي تمام گهڻو پسند آيو. هو حيرت ۾ هئي ته هن ٻيڙي هلائڻ ڇو ڇڏي ڏني هئي، ان گهڙيءَ هوءَ ان تي ئي غور ڪري رهي هئي ته هن اهڙا ڪيترائي ڪم ڇڏي ڏنا هُئا، جن جي ڪري هن جي زندگي ورن وڪڙن جو شڪار ٿي ويئي هئي ۽ هاڻي جڏهن هو بي ڪنار بحر هند جي پاڻي ۾ هڪڙي ننڍڙي ٻيڙي ۾ هئڻ جو لطف وٺي رهي هُئي، ان گهڙي هن کي اهو احساس ٿي رهيو هو ته هو واقعي ئي زنده آهي.
”اسان جو معاشرو اسان جي ڪاميابي جو تعين ان ڳالهه سان ڪري ٿو ته اسان جو ڪلچر ۽ پيسو ڪيترو آهي، اسان ڪيتريون شيون حاصل ڪري سگهيا آهيون ۽ هيل تائين ڪيترن تي اسان جو اثر ٿيو آهي“. عورت سوچيو. ”جڏهن ته اسپيل بائنڊر ۽ مسٽر رائلي ان ڳالهه تي متفق آهن ته جيتوڻيڪ اهي شيون به ضروري آهن ۽ انهن ان جي باري ۾ منهنجي حوصلا افزائي ڪئي آهي ته مان جهڙي سٺي انداز ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهي آهيان، پنهنجي فطري قوت سان گڏ رهي، پنهنجي شخصيت ۽ هن دنيا ۾ ٻنهين جي تڪميل ڪري سگهان ٿي ۽ ان سان گڏو گڏ سڪون به حاصل ڪري سگهان ٿي“.
اسپيلبائنڊر جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ کان وٺي هيل تائين هن عاليشان جزيري تي جيڪو وقت گذريو، انهن اجنبي دوستن سان پرخلوص ملاقاتيون، انهن سڀني هن کي حقيقي جوش ۽ جذبي سان همڪنار ڪيو ۽ پوءِ ننڍي ۽ وڏي تبديلين هن جي بهترين زندگيءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي.
ڪاروباري عورت اهو محسوس ڪري رهي هئي ته هن جي مشيني زندگي ۾ گهڻي حد تائين ڪمي آئي آهي ۽ هوءَ هاڻي انسانن جيان زندگي گذارڻ لڳي آهي. هو جڏهن پنهنجي ٽيڪنالاجي وارن اوزارن کي ملسل چيڪ نه ڪري سگهندي هُئي پر هو زندگيءَ ۾ حيرت ۾ وجهندڙ تمام گهڻن ڪمن تي گهڻو توجهه ڏيندي هُئي. هو زندگي کي ڪڏهن به روزانو ايتري دلچسپيءَ سان نه گذاريندي هئي ۽ هن کي ياد ٿو اچي ته هو ڪڏهن ايتري ٿورائتي ٿي هجي، ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن زندگي جو شڪر ادا ڪيو هجي ته ٻي ڳالهه آهي. هن ٻڌايو ته هن جي زندگي جي سخت حالتن هن کي مضبوط ڪيو ۽ هو وڌيڪ سوچڻ سمجهڻ، شين ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ ڏاهپ وارا ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي. هو اهو نڪتو سمجهڻ لڳي ته ڪيترن ئي زخمن جي باوجود هن جي زندگي ڪيتري شاندار ۽ حسين آهي.
هن پاڻ کي اهو سمجهايو /واعدو ڪيو ته پنهنجي سرمائيدارن جي ڪري، هن کي جن حالتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هوُ هن چيلينج کي پنهنجي جرئت ۾ اضافي جي لاءِ، استعمال ڪرڻ سان هن جو شوق اڃان به وڌي ويو آهي. هن جي اداري تي قبضي جي ڪوشش اصل ۾ هن جي اندر ۾ لڪل فطري خوف جو هجڻ آهي. جيڪو زندگي گذارڻ سان گڏو گڏ، خوف beneath the layers of fear, insecurity and limitation ، عدم تحفظ ۽ محدوديت جي تهن جي هيٺان ڪٿي دٻجي وڃن ٿيون. انهن سرمائيدارن جو ورتاءَ هن کي اڃان به وڌيڪ بهادرbrave، بهتر better ۽ نفيس more decent بنائڻ لاءِ آهي. اڪثر ڪري هڪڙو خراب مثال اسان کي ڪنهن سُٺي مثال کان وڌيڪ سٺو سيکاري/ بڻائي ڇڏي ٿي. هن دنيا ۾ اهڙا لاتعداد بي حس ماڻهو ملي ويندا، جيڪي پنهنجي اصلي ۽ سچي فطرت کي وساري ويٺا.
عورت ۽ آرٽسٽ جڏهن ڪاٺ جي ٻيڙي تي صاف شفاف پاڻيءَ تي سفر ڪندي اڳتي وڌي رهيا هيا، پر عورت اُن خشڪ ٽڪري جيڪا سامهون هئي، ان کي خطرناڪ محسوس ڪري رهي هئي ۽ سوچي رهي هئي ته جيڪڏهن هنن جي ٻيڙي ان ٽڪري سان ٽڪرائجي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو. هي اها جاءِ هئي، جنهن تي مسٽر رائليءَ ٻنهي نون محبت ڪرڻ وارن کي پڪنڪ ملهائڻ لاءِ موڪليو پئي ويو.
هن عورت جا جذبا پنهنجي پاسي ۾ ويٺل مرد لاءِ وڌي چڪا هُئا، جيتوڻيڪ اهي ٻيئي مختلف دنيا سان تعلق رکن پيا پر انهن جي جسماني ڪيمسٽري بنا ڪنهن مغالطي جي بلڪل مختلف هُئي، اهو سمجهو ته ڄڻ ٻه ڪهڪاشائون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون هجن. جيتوڻيڪ انهن ٻنهين جو طريقيڪار بنهه هڪٻئي کان مختلف هيو، پر جيڪا شي گڏيل نظر اچي رهي ئي، اها هن عورت، هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو.
هن جي ساٿيءَ جون موهيندڙ خوبيون هن جي دل کي موهي وڌو هو. آرٽسٽ جي پنهنجي زندگي ۾ عظيم بڻجڻ واري جيئڻ جي خواهش ظاهر ڪري هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو هو. آرٽسٽ جي ڪڏهن ڪڏهن سخت لهجي هن کي چيلينج پڻ ڪيو هيو. آرٽسٽ جي کل ڀوڳ واري طبيعت به هن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪيو هو ۽ ان جي ڪري عورت دلي طور تي زخمي ٿي چڪي هئي ۽ هن جي تيز ڪارن اکين ته هن کي ميڻ ڪري وڌو هو.
”اها هڪڙي سُٺي سوچ هئي/اسان جو اهو فيصلو ته اسان هتي اچي پڪنڪ ملهايون، درست هيو“. آرٽسٽ ٻيڙي کي مهارت سان هڪڙي پاسي موڙيندي عورت کي چيو. صبح جي پهر ۾ ملاح مڇي مارڻ ۾ محو هيا. ” هر شيءَ کي ڇڏي، هتي پري نڪري اچي ڪري، مون کي سکڻ واري عمل ۾ ڪجهه وقفي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي سڄي ڄاڻ مون کي تمام سُٺي ٿي لڳي. مسٽر رائلي کان تمام گهڻو فائدو ٿي رهيو آهي. هو اصل ۾ تمام وڏو خزانو آهي. پر منهنجو دماغ خراب ٿيڻ لڳو آهي، مان چاهيان ٿو ته مان ڪجهه گهڙين لاءِ بلڪل نه سوچان. مان ڪجهه گهڙين لاءِ زندگي مان لطف اندوز ٿيڻ چاهيان ٿي.”تو سان گڏ هتي اچڻ، خاص ڪري توهان سان گڏ رهڻ مون کي خاص لڳي رهيو آهي“.
”مهرباني“ عورت سادگي سان هٿ لوڏيندي جواب ڏنو ۽ هن جون نظرون مسلسل وهندڙ پاڻيءَ تي کُتل رهيون.
”مون جڏهن کان توکي ڪانفرنس ۾ ڏٺو آهي، تڏهن کان تون ڏاڍي خوش نظر اچي رهي آهين“. آرٽسٽ سوچيو. هن پنهنجو هڪڙو هٿ عورت جي هٿ تي رکيو. عورت ڪنهن به رد عمل جو اظهار نه ڪيو. ان جي برعڪس هن سمونڊ تي ترندڙ ٻيڙيءَ تي ٺهيل نقش و نگار تي پنهنجي نظر ڄمائي ڇڏي. ٿوري دير ۾ اهو ننڍڙو جزيرو، جيڪا هنن جي منزل هئي، هنن کي صاف نظر اچڻ لڳو.
”سيٺ جي ٽيم هتي اسان جي ضرورت جو مڙئي سامان ميڙي رکيو آهي. ته جيئن اسان هڪڙي سُٺي پڪنڪ جو مزو وٺي سگهون“. عورت ڌيان ڇڪايو. ”ڇا خيال آهي، جيڪڏهن اسان هن کليل علائقي ۾ پڙ لڳايون ۽ منجهند جي ماني هن سفيد واري تي ئي ويهي کائون“.؟
هي جزيرو بلڪل ويران/سُنسان نظر اچي رهيو هيو، جتي ڦڪي رنگ جا چهنب وارا سفيد پکي مڇيون پڪڙيندي نظر اچي رهيا هُئا. ان سان گڏ وري وڏيون وڏيون ڪميون، سمونڊ تي ائين مستيءَ سان ريڙهيون پائيندي نظر اچي رهيون هيون ڄڻ ته هنن جي هتي بادشاهي هجي.
”واهه واهه. مون کي ته تمام سٺو لڳي رهيو آهي“. آرٽسٽ چيو ۽ بي خيالي ۾ پنهنجي قميص لاهي پاڻي ۾ ٽپو ڏنو.
مزيدار ۽ لذيد کاڌو هن صحرا لاءِ گڏ کنيو ويو هو، جنهن ۾ ڀُڳل کيکڙا ۽ انهن تي وري تازي انبن جو سلاد سجايو ويو هو. ان سان گڏ قيمتي پنير جا وڏا وڏا ٽڪڙا به رکيا ويا هُئا، جيڪي اڄ صبح جو ئي اٽليءَ کان هتي پهتا هئا. گدرو، اناناس، ڪيوي جي مڪس چاٽ به موجود هئي. جڏهن آرٽسٽ ۽ عورت مزيدار کاڌو کائي بس ڪيو ته عورت پنهنجي عاليشان ڪاروبار جي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي. هن ان خواهش جو اظهار به ڪيو ته هو پنهنجي ڪمپني کي دنيا جو هڪ حقيقي ادارو بنائڻ جو خواب دل ۾ رکي ٿي ۽ پوءِ وري فلاحي ڪمن لاءِ رٽارئٽمينٽ وٺي ۽ پوءِ اوري ابيزا جي سمونڊ ڪناري زندگي جا باقي ڏينهن گهاري سگهي. هن پنهنجي ننڍپڻ جون ساروڻيون به ٻڌايون، ته ڪيئن هن جي والدين جي وچ ۾ طلاق ٿي، هو انتهائي گهري نفسياتي اذيت کان گذري ۽ پوءِ ان جي پياري والد جو وڇوڙو ٿيو. هنُ اهو به ٻڌايو ته هن جي پنهنجي ازدواجي زندگي ناڪام ويئي ۽ جيسيتائين ڪاروبار اڳتي نه وڌيو، تيسيتائين هن پنهنجي زندگي جو گهڻو وقت تنهائي ۾ ئي گذاريو.
”اصل ۾ اها تعلقاتن جي ناڪامي نه هُئي،“ آرٽسٽ هلڪي آواز ۾ چيو، پر ان سان گڏ وري تون اها بڻجي ويئن، جيڪا تون آهين/يعني ان مان توکي خبر پئي ته تون ڪير آهين، ٺيڪ؟ آرٽسٽ گدري مان مزو وٺندي چيو ۽ تون ڪير به هجين، پر مون کي ته وڻين ٿي نه“.
هن جهڪي ڪاروباري عورت کي چمي ڏني. He leaned over and kissed the entrepreneur
”اها ڳالهه چوڻ ۾ توکي ايترو عرصو ڇو لڳو“. هن پڇيو. What took you so long to say that? She asked
”مون کي خبر ناهي، وڏي عرصي کان وٺي منهنجي همت ڏاڍي ڪمزور هُئي“.آرٽسٽ اعتراف ڪيو.
”پر اسپيلبائنڊر کي سيمينار ۾ ٻڌڻ ۽ تو سان ملڻ ۽ تو لاءِ پنهنجن دلي جذبن کي محسوس ڪرڻ تائين.... ان دوران مون کي ٻيهر پنهنجي اعتماد کي وڌائڻ جو موقعو مليو. منهنجو خيال آهي ته انهن مڙني شين سان مون کي ٻيهر پنهنجي زندگي ۾ ڀروسو ڪرڻ ۾ مدد ملي. ڪنهن ٻئي سان دل جو ڳالهيون ڪرڻ ۾ مزو اچي رهيو آهي. اڄ مون کي ڪا تصوير ٺاهڻ گهرجي. ڪا خاص شي ڏيکارڻ تي دل ٿي ڪري، ...مون کي خبر آهي....“.
”ها، توکي ضرور تصوير ٺاهڻ گهرجي“. ڪاروباري عورت هن جي حوصله افزائي ڪئي، ” مون کي به ائين لڳي ٿو ته توهان هڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ويندو ۽ هڪ مشهور مصور ٿيندو“.
۽ پوءِ هڪ وڏي وقفي کان پوءِ عورت ڳالهايو، ”هون ته تون به مون کي وڻين ٿو“. And then, after a lengthy pause, she added, “I love you, too, by the way”.
فائيو اي ايم ڪلب جي هنن ٻنهين معتبر ميمبرن جي پيار ڀرين ڳالهين ۾ ان وقت هڪدم رخنو پئجي ويو، جڏهن هنن کي ڪٿان کان تيز /پاپ موسيقيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سامهون پاڻي مان ڪڏهن زگ زيگ ۾ ته ڪڏهن سڌو ڪو ماڻهو هنن ڏانهن تيزيءَ سان ايندي نظر اچي رهيو هو. جلدي ۾ ئي خبر پئجي وئي ته اهو اڻڪوٺيو حملي آور ڪير آهي؛ اسٽون رائلي، جنهن کي مٿي تي ٽوپلو /ٽاپ هيٽ پاتل هو. جنهن کي ويجهڙائي کان ڏسڻ مهل هن جي کوپڙي تي هڏين جي ڪراس جي نشاني نظر اچي پئي جيئن سامونڊي ڌاڙيلن جي جهنڊي ۾ لڳل نظر ايندو آهي.
اهو ماڻهو جلدي ئي سامونڊي ڪناري تي هنن وٽ پهچي چڪو هو. ان ماڻهو هنن ٻنهي سان هٿ ملايو ۽ پوءِ هو هنن سان گڏجي ماني کائڻ ۾ لڳي ويو. هي ماڻهو به ڏاڍو عجيب قسم جو هو، مطلب ته ڪو سورمو پئي لڳو. عورت ۽ آرٽسٽ هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ارب پتيءَ سان گڏجي، هنن ٽنهين پنهنجا مٿا لوڏيا ۽ پوءِ ٽپو ڏيئي هڪ ٻئي سان تاڙا مليا ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
”ڀائرو!، ارب پتيءَ تيز موسيقي ءَ جي آواز کان به وڌيڪ تيز ڳالهائيندي چيو.” توهان ٻيئي ڏاڍا ياد آيا. مان توهان ٻنهين جي پڪنڪ جي دوران ڪباب ۾ هڏي بڻجي ويو آهيان ۽ اميد آهي ته مون کي معاف ڪري ڇڏيندو“. هو ڳالهائي رهيو هو، ان سان گڏ، هو وات ۾ گرهه به چٻاڙي رهيو هو. ڪنهن جواب جي انتظار ڪرڻ بنا، هو گيت سان گڏ پاڻ به وڏي آواز سان ڳائي رهيو هو.
انهن ٽنهي ساٿين منجهند جو وقت، ڳائيندي، خوش ٿيندي، وهنجدي ۽ ڳالهيون ڪندي گذاريو. ان رات ساحل تي ارب پتيءَ هنن لاءِ خاص قسم جي طعام جو انتظام ڪيو هو. چئني پاسن کان لالٽينون ۽ هزارين ميڻ بتيون ٻري رهيون هيون.
”ڪيڏي نه پياري موسيقي آهي، آهي نا“؟ مسٽر رائلي وڏي توانائي استعمال ڪندي چيو.
”ٿي سگهي ٿو“ آرٽسٽ غير ارادي طور چيو. ”منهنجو مطلب آهي ته ”يقينن“ هن هڪدم هاڪار ڪئي.
ڪاٺ جي هڪڙي وڏي ميز تي وڏي اهتمام سان تيار ڪيل کاڌا سجايا ويا هُئا. ان کاڌي تي اسپيل بائنڊر به موجود هو ۽ ارب پتيءَ کي ڪهاڻيون ٻڌائي رهيو هو. جڏهن ته مسٽر رائلي جا ڪجهه ٻيا دوست، اُتي مانيءَ کان پوءِ، بونگو کيڏڻ لڳا.
جيتوڻيڪ انتهائي ماهر نوڪرن کي به چيو ويو ته اهي به هن تقريب ۾ شامل ٿي وڃن. اهو سڀ ڪجهه تمام حقيقي ۽ خاص هو.
مثال جي طور، عورت پنهنجي والد جو هڪڙو قول ٻڌايو، جيڪو هن پنهنجي گهر جي فرج تي لڳائي ڇڏيو هو. هي سيلف هليپ self-help جي مصنف ڊيل ڪارنيڪي Dale Carnegie جي ڪتاب مان ورتل هيو. هن پڙهيو؛ انساني فطرت جي سڀ کان وڏي الميئ جيڪو منهنجي علم ۾ آهي، اهو آهي ته اسان سڀ جيئڻ ڇڏي ڏيندا آهيون. اسان سڀ پنهنجي دريءَ مان ٻاهر خوبصورت گلن سان پيار ڪرڻ جي بجاءِ، ڪنهن جادوئي گلاب جا خواب ڏسندا هوندا آهيون“.
“One of the most tragic things I know about human nature is that all of us tend to put off living. We are all dreaming of some magical rose garden over the horizon instead of enjoying the roses that are blooming outside our windows today”.
عورت پاڻ تي کلي، هن کي لڳو ته هاڻي ڪڏهن به نيم زندگي نه گذاريندي، ڇو ته هن جي هاڻي هڪ سٺي انسان سان محبت ٿي چُڪي آهي، هُن زندگي جي تجربي مان تمام گهڻو مزو وٺڻ شروع ڪري ڏنو هو.
ٻي ڏينهن صبح جو پنجين وڳي هيليڪاپٽر جي چڀندڙ آواز ننڊ ڦٽائي ڇڏي، جنهن جو آواز فقط ڏينهن جو ئي ٻڌڻ ۾ ايندو هو. عورت ۽ آرٽسٽ سمنڊ تي انتظار ۾ بيٺا هُئا، ڇو ته انهن ارب پتيءَ کان ان جو واعدو ورتو هو. هو هٿ ۾ هٿ ڏيئي، اڳين سبق جو انتظار ڪري رهيا هُئا. جيڪو ارب پتي کي بيان ڪرڻو هو. پر هن جو ڪٿي به ڪو اتو پتو ئي نه هو.
ارب پتي جي هڪڙي عورت ملازمه /مددگار جنهن کي نيري رنگ جي قميص ۽ پاجامو پاتل هو، پيرن ۾ سينڊل پاتل هئس، رئيس جي گهران تڪڙي اچي نڪتي.
هن اچڻ سان سلام پيش ڪيو ۽ هنن ٻنهين کي چيو،”مسٽر رائلي گذارش ڪري رهيو آهي ته توهان ٻنهين کي هيلي پيڊ تائين وٺي وڃان. هُن وٽ توهان ٻنهين لاءِ تمام گهڻا تحفا آهن. توهان ٻنهين کي جلدي ڪرڻي پوندي. اسان وٽ وقت تمام گهٽ آهي“.
اُهي ٽيئي سمونڊ جي ڪناري تان، گهاٽن وڻن تان، رستي ۾ ايندڙ جڙي ٻوٽين جي هڪڙي باغ منجهان اڳتي وڌندا رهيا. جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪاٺ جا تختا لڳل هُئا ۽ انهن تي مشهور ليڊرن جا قول لکيل هئا. ان سان گڏو گڏ هڪڙو خوبصورت چراگاهه به هيو.هنن جي سامهون هڪڙو هيلي ڪاپٽر بيٺو هو، ۽ هنن جي پرن تي صبح جي هلڪي روشني پئجي رهي هئي.
هيلي ڪاپٽر جي اندر هڪڙو پائليٽ ويٺل نظرآيو ۽ هوائي جهاز لاءِ مخصوص چشمو، بيس بال جي ٽوپي ۽ ڪاري رنگ جي يونيفارم ۾ هيو. جڏهن جهاز ۾ مسافر اندر داخل به ٿي ويا، تڏهن به پائلٽ خاموش رهيو. ڪنٽرول بورڊ کي ڏسندي ۽ ڪجهه تفصيلي چيڪ لسٽ تي لکندو پئي ويو، هن جي مٿان کان هڪڙو ڳاڙهي رنگ ۾ هي جملو لکيل هو؛ ”اٿو ۽ چمڪي پئو ته جيئن توهان شرمندگي کان بچي وڃو“. هن جملي جي هيٺان هڪڙو مسڪرائيندڙ ايموجي موجود هو.
“Rise and shine so you’ll escape the misery of mediocrity”
”صبح جو سلام“ عورت جوش مان پائليٽ کي سلام ڪيو. ”مسٽرا رائلي ڪٿي آهي“.
پائليٽ ڪو به جواب نه ڏنو. هن هڪڙو ڊائل ڦيرايو، هڪڙو بٽڻ دٻايو ۽ سفيد ڪاغذ تي هڪڙو ٻيو اوڪي جو نشان لڳايو.
”خير سان سفر ڪيو، دعا آهي ته توهان جو سفر خير سان گذري“Good luck and have a safe flight, you two, مددگار هنن کي سيٽ بيلٽ ۽ هيڊ فون ۽ ان تي لڳل مائڪرو فون کي درست ڪندي چيو.
”اسان آخر وڃي ڪاڏي رهيا آهيون“ آرٽسٽ هڪڙي ڪاوڙيل ماڻهوءَ وانگي ضد ڪندي پڇيو. ٻي پاسي کان ڪو به جواب نه آيو ۽ ٺڪ جي آواز سان دروازا بند ٿي ويا.
انجڻ جي آواز ۾ تيزي اچڻ لڳي ۽ پرن جي رفتار وڌندي وئي، ڪر ڪر....ڪرڪر....ڪرڪر... جو آواز وڌي ويو...پائلٽ ڪنهن سوچ ۾ منجهيل پئي لڳو ۽ دوستي جهڙو ماڻهو به نه هو. جهٽڪي سان هن جهاز کي مٿي کنيو. گاهه جي ميدان ۾ هيلي ڪاپٽر مٿي ٿيندو ويو. يقين ئي نه هو، ته اوچتو هيلي ڪاپٽر کاٻي پاسي کان جهڪي ويو ۽ هو تڪڙي هيٺ ٿي ويو، جيئن ڄڻ ته هو زمين تي ڪِري رهيو هجي ۽ هڏڪيون کائيندو ويو هجي پر پوءِ وري هڪدم جهٽڪي سان مٿي ٿي ويو.
”مري وياسين“، آرٽسٽ رڙ ڪري چيو. ”هي پائليٽ اناڙي آهي، مون کي هن کان نفرت آهي“. “Total disaster, shouted the artist. “This pilot is incompetent. I hate him”.
”ساهه کڻو، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو“ عورت دلاسو ڏنو. هوءَ پرسڪون ۽ بلڪل پُر اعتماد نظر پئي اچي. هن جي صبح واري ورتل تربيت ڪم اچي رهي هُئي. هن آرٽسٽ کي ڇڪي ويجهو ڪري ڇڏيو. ”مان جو آهيان، اسين محفظو ظ آهيون، هي هينئر ٺيڪ ٿي ويندو“.
She looked relaxed, secure and in complete control. Her morning training was working. She pulled the artist closer to her. “ I’m here. We’ll be safe. This will end well”.
ٿوري دير ۾ ئي هيلي ڪاپٽر آسمان جي بُلندين ۾ هو ۽ وڏي رفتار سان اڏامي رهيو هو. پائليٽ پنهنجن ڪنٽرول ڪندڙ بٽڻن سان رڌل هيو ۽ ظاهري طور لڳي رهيو هو ڄڻ ته هن کي پنهنجي جهاز ۾ ويٺل ٻن مسافرن جي ڪا خبر ڪانهي.
” مون کي لڳي ٿو ته مان هي گهڙي/واچ اڳ ۾ ڪٿي ڏسي چڪو آهيان“. آرٽسٽ پائلٽ جي سنهڙي ڪارائي تي ٻڌل گهڙي تي جاسوسن واري نگاهه وجهندي چيو.
”اسپيل بائنڊر جي پريزينٽيشن ۾ مسٽر اسٽون جي هٿ ۾ به اهڙي ئي گهڙي هُئي. مون کي ته ڪجهه دال ۾ ڪارو ٿو لڳي“ آرٽسٽ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو. فنڪار ان وقت ايڏي پگهر ۾ شل هو جو جيئن ڪو برفاني رڇ ڪنهن گرم علائقي ۾ ڦاسي پيو هجي.
”پنهنجي صبح جا مالڪ ٿيو، پنهنجي زندگي کي اڳتي وڌايو“، Own your morning. Elevate your life. جي آواز سان ئي هيلي ڪاپٽر جي اڳين حصي کان گنگنائڻ جو آواز اچڻ لڳو.
”ها، ڀائرو! خوش آمديد، فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبرن کي اڄ مزو آيو“؟ هن چيڙائيندي انهن ٻنهين کان پڇيو. ”ها ڀائرو، ٻڌايو، مزو آيو نه هن تجربي مان. مان توهان کي هڪڙو سرپرائيز ڏيڻ وارو آهيان توهان کي مزو ايندو. نامور شخصيتن جي صبح جي باري ۾ هڪڙو ٻيو سبق ۽ هڪڙو ٻيو ملڪ“.
پائليٽ پنهنجو ڳاٽو پوئتي ورايو، پنهنجو چشمو لاٿو ۽ پوءِ پنهنجو مشهور رواجي وڏو ڏاڪار ڏنائين.
هي ارب پتي هو.
”ها دوستو، منهنجو مقصد ڪڏهن به توهان کي ڊيڄارڻ جو نه هو. ڇا توهان کي خبر آهي ته مون وٽ منهنجي هيلي ڪاپٽر هلائڻ جو لائيسنس آهي.“. مسٽر رائلي وڏي پيار منجهان بلڪ وڏي حد تائين معذرت ڪندي چيو.
”جي بلڪل“ آرٽسٽ چيو، جيڪو اڃان تائين چڱي طرح هوش ۾ نه آيو هو.
”مون وٽ هي ڪيترن سالن کان آهي“، ارب پتي ڳالهه جاري رکي. ”هيلي ڪاپٽر انتهائي بهترين سواري آهي، پر، پنهنجي ڪاروبار دوران مان هن کي نه ٿو هلائي سگهان، غلط اڏام ڪرڻ جي مان توهان کان معاف ٿو وٺان، منهنجي خيال ۾ ته مون کي وڌيڪ مشق جي ضرورت آهي“.
”ته پوءِ اسان هينئر ڪاڏي پيا وڃون“‏، ڪاروباري عورت پڇيو، جيڪا ان وقت آرام سان چمڙي جي سيٽ تي ويٺي هُئي.
”آگره“ Agraارب پتيءَ جواب ڏنو.
”ڇا مطلب؟“ آرٽسٽ پڇيو،”آگره ڇا آهي“؟
”دوستو، مان توهان کي واپس هوائي اڏي وٺي پيو وڃان“، ارب پتيءَ چيو. ”اسان زندگيءَ جي واحد ايڊوينچر ۾ هڪڙو ٻيو سفرشامل ڪرڻ وارا آهيون“.
”ڇا اسان ماريشيس کي ڇڏيون ٿا“، عورت مايوسي مان پڇيو. جڏهن هو اهو پڇي رهي هئي ته هن جا بريسليٽ پاڻ ۾ ٽڪرائجي رهيا هُئا.
”ته انهن سڀني ڳالهين جو ڇا ٿيندو، جيڪو توهان کي اڃان اسان کي ٻڌائڻيون آهن“. آرٽسٽ پڇيو. ”توهان اڃان اسان کي ويهه ويهه ويهه 20x20x20 جو فامولو به ناهي ٻڌايو،جنهن جي باري ۾ توهان چيو هو ته اسان جي زندگين ۾ انقلاب آڻي ڇڏيندو. توهان ته چيو هو ته اهو فائيو اي ايم فارمولا جو بنياد آهي. مان ته ان فارمولي جي باري ۾ سکڻ لاءِ ماندو آهيان.“ آرٽسٽ پنهنجي هٿ ۾ مڪ هڻندي چيو، ”۽ مون کي ماريشيس ڏاڍو گهڻو وڻيو آهي، مان ته ان کي ڇڏي وڃڻ نه ٿو چاهيان“.
”مان به نه ٿي چاهيان“، عورت به متفق ٿي. ”توهان ته اسان سان واعدو ڪيو هو ته جڏهن اسان صبح جو پنجين وڳي اٿڻ شروع ڪنداسين ته توهان اسان کي ان جي باري ۾ تفصيل ٻڌائيندو ته ان وقت اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ اسپيل بائينڊر جي ڪانفرنس ۾ توهان واعدو ڪيو هو ته توهان ڪاڪردگي وڌائڻ لاءِ ڪجهه عملي چالون ٻڌائيندوته جيئن مان اهي ڪتب آڻي پنهنجي ڪاروبار ۽ زندگي کي بهتر بڻائي سگهان ۽ اسان ٻنهين نه فقط هڪڙي پڪنڪ گڏجي ڪئي آهي ۽ ان ۾ توهان پنهنجي بيڪار موسيقي سان اسان ٻنهين جي وچ ۾ ٽنگ اڙائي، اسان کي ذهني منتشر ڪيو“.
ڪجهه ٽائيم ته ڪنهن به نه ڳالهايو. پوءِ هيلي ڪاپٽر ۾ موجود سڀني وڏا ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا.
”آرام سان ڀائرو“، ارب پتي ڳالهايو،” منهنجو گهر توهان جو گهر آهي، توهان جڏهن به چاهيو ته ٻيهر ماريشيس اچي سگهو ٿا، مان توهان سان واعدو ڪيان ٿو ته توهان لاءِ اهو ئي ساڳيو ڊرائيور ۽ اهو ئي جيٽ جهاز موڪليندس، ته جيئن توهان کي ٻيهر به بلڪل ائين ئي محسوس ٿئي، پريشاني جي ڪابه ڳالهه ناهي، مون کي ماڻهن جي مدد ڪري خوشي محسوس ٿيندي آهي. ....هميشه“.
هن ڪجهه چوڻ کان اڳ ۾ هڪڙو ٻيو ڊائل ڦيرايو. ”هڪڙو جهاز رن وي تي اسان جي اوسيئڙي ۾ آهي. توهان ٻيئي انتهائي بهترين شاگرد آهيو. واقعي. توهان ٻنهين اسپيلبائينڊر جي تعليم کي دل سان سکيو آهي. توهان هر صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ جاڳيو، وقت تي پهتو. مون توهان جي دلچسپي ڏٺي. ان ڪري مون اڄ توهان کي تمام وڏو تحفو ڏيڻ پئي چاهيو“.
”تحفو“؟ آرٽسٽ سوال ڪيو. ”مون کي جيترو جلد ٿي سگهي پنهنجي گهر وڃڻو پوندو. اُتي منهنجي هڪڙي ڊرائنگ اڌوري پئي آهي، ان کي مڪمل ڪرڻو آهي ۽ ڪجھه ٻيا ڪم به ڪرڻا آهن“.
”مون کي به جيترو جلدي ٿي سگهي پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ وڃڻو پوندو “، عورت چيو. هوءَ جڏهن اهي لفظ چئي رهي هُئي، هن جي منهن تي ڳڻتيءَ جا ڪجهه گهنج پيشاني تي پئجي ويا هئا، جيئن فائي اي ايم ڪلب ۾ شرڪت ڪرڻ مهل هن کي پئجي ويا هئا.
”اڃان نه....اڃان نه دوستو“! ارب پتيءَ وضاحت ڪئي، ”اسان هينئر آگره وڃي رهيا آهيون“.
”مون کي خبر ناهي ته هي ڪٿي آهي“، عورت پڇيو.
”آگره هندستان ۾ آهي“ Agra is in Indiaارب پتيءَ واضح ڪيو. ”مان توهان کي اُتي دنيا جا ست عجائب The seven wonders of the world ڏيکارڻ وڃي رهيو آهيان ۽ ها، فائيو اي ايم The 5 AM Methodجو اڳيون ميٿڊ سکڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. توهان هيل تائين جيڪو ڪجهه سکيو آهي، اهو اصل ۾ هن حصي جي تياري هُئي، تمام اهم ڪارڪردگي، وڌيڪ ڪم ڪار، ليڊر شپ جا ڪارڻ ۽ بهترين زندگي گذارڻ جي مدد لاءِ، اڳواٽ ڄاڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. اهو انتهائي عملي معلومات جيڪو توهان صبح جي ڄاڻ جي باري ۾ ڪڏهن به نه ٻڌي هوندي، توهان کي ملڻ واري آهي“.
ارب پتيءَ پنهنجو هيلي ڪاپٽر شاندار نجي جيٽ جي ويجهو لاهي ڇڏيو، جنهن جا ٽربائن هلي رهيا هُئا. اڳين جيٽ جي ڀيٽ ۾ هي هوائي جهاز صفا ڪاري رنگ جو هو. اڳيئن جهاز جيان هن جي پڇ تي به 5 اي سي جا لفظ نارنگي رنگ جي اکرن ۾ لکيل هُئا.
”اچو ته انڊيا هلون“. ارب پتيءَ جوش مان اعلان ڪيو.
”ٺيڪ آ، هلو ته هلون“، عورت آرٽسٽ جواب ڏنو.
اسٽون رائلي، جادوئي شخصيت واري ماڻهو مسٽر رائلي سان گڏ هنن جو هڪ انتهائي غيرمعمولي ۽ بلڪل اهم تجربي وارو سفر شروع ٿيڻ وارو هو.

فائيو اي ايم ڪلب مجلس آداب جي مقرري ڪرڻ واري عادت جي کوجنا ڪرڻ

12

The 5 AM Club discovers the habit installation protocol.
فائيو اي ايم ڪلب مجلس آداب جي مقرري ڪرڻ واري عادت جي کوجنا ڪرڻ


“I hated every minute of training. But I said, ‘Don’t quit. Suffer now and live the rest of your life as a champion”. –Muhammad Ali

مون کي پنهنجي تربيت جي هر هڪ هڪ منٽ کان نفرت هئي/ڪئي. پر مون چيو، ”ڇڏڻو نه آهي، اڄ تڪليف برداشت ڪري وٺ، باقي سڄي زندگيءَ چيمپئين بڻجي گذار“. محمد علي

ٻي ڏينهن صبح جو اهو سبق سيکاريو ويو هو ته ڪيئن بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارا ليڊر/وڏن ڪاروباري ماڻهن جون اهي ڪهڙيون عادتون هونديون آهن، جيڪي انهن کي سُپر اسٽار بڻائي ڇڏين ٿيون ۽ پوءِ اهي شاندار ايڊوينچر واريون، با مقصد ڀرپور زندگيون گهارين ٿا، مسٽر رائلي جي گذارش تي ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ ٻنهين پنهنجو وقت وڌائي ڇڏيو. اُهي تربيت جي اهميت کان با خبر هُئا. اُنهن کي اها به ڄاڻ هُئي ته هنن کي اها معلومات ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي.
”اڙي دوستو“، ارب پتيءَ رڙ ڪري چيو، جيڪو پنهنجن ساٿين سان ڀڄندو پئي آيو ان مهل سامهون کان افق تان سج اڀرڻ تي هو. ان وقت صبح جا پنج ٿيا هُيا.
سيٺ کي ڪالر واري قميص، پاجامو ۽ پيرن ۾ سادو سينڊل پاتل هو. هن جي چهري تي تمام گهڻي مسُڪراهٽ هئي ۽ ماريشس جو سج چمڪاٽ سان هينئر به روشن هو . اڄ وري هن کي مٿي تي پٽڪو به ٻڌل هو.
”اڄ جي صبح جو مان توهان کي اسپيلبائنڊر جي ڄاڻ/فڪر جي مطابق تمام وڏي ڪارڪردگي واري اها عادت اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ٻڌائيندس، جنهن جي مدد سان توهان پنهنجي ڪاروباري ۽ ذاتي زندگي ۾ عظمت واري عنصر کي متحرڪ ڪري سگهو ٿا. جيئن مان شروعاتي سبقن ۾ بيان ڪري چڪو آهيان ته عظيم ماڻهن کي انهن جي ميراث عظيم نه ٿي بڻائي، پر انهن جو عادتون انهن کي عظيم بڻائينديون آهن. What makes the best, the best is not their genetics, but their habits ۽ صرف انهن جون فطري خوبين جو هجڻ ڪافي نه آهي. بلڪ انهن ۾ تحمل/مثبت سوچ به ضروري آهي. And not the extent of their gifts, but the strength of their grit. اڄ جي سبق ۾ اسان اها سائنس ۽ تحقيق جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪنداسين جيڪا اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسان کي ڪهڙا ورتاءُ ڇڏي ڏيڻ گهرجن، جيڪي اسان کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿا ۽ ڪهڙا اسان کي اختيار ڪرڻ گهرجن، جيڪي اسان جا مددگار ثابت ٿين ٿا“.
”تحمل/مثبت سوچ“ what grit?عورت پڇيو، جيڪا هن وقت ارب پتيءَ جي هڪڙي لفظ کي ڌيان جو مرڪز بڻائي ويٺي هُئي، اڄ هن پنهنجن وارن کي ننڍڙي پونيءَ سان ٻڌي رکيو هو ۽ پيرن ۾ ساده چمپل پائي ڇڏيا هئا.
”هي هڪ اصطلاح آهي جيڪو ماهر سماجي نفسيات اينجلا ڊڪورٿ Angela Duckworth ٻڌايو هو. هن خاتون ڪاروبار busines، تعليم education ، فوج military ۽ راند sports جي انتهائي پيچيدن پيچرن بابت مطالعو ۽ تحقيق ڪئي هُئي. هن کي اها ڄاڻ پئي ته ڪامياب ماڻهن کي جيڪا اهم شي ڪامياب ڪري ٿي، اها انهن جي موروثي يا پيدائشي ٽيلينٽ نه هوندي آهي، بلڪ انهن جو پڪو ارادو commitment ، نظم discipline, ، لچڪ resilience, ۽ استقامت perseverance هوندو آهي. جيڪا انهن ۾ اسان کي نظر ايندي آهي. اينجلا ڊڪورٿ هن خوبي جي لاءِ، گِرٽ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. جنهن کي اسان سنڌي ۾ ”تحمل يا وري صبر يا وري مثبت سوچ چئون ٿا“
”واهه ڀاءُ“ آرٽسٽ چيو. ”ان ڳالهه ته مون کي ان تي آماده ڪيو آهي ته مان جڏهن به مايوس ٿي پوان، ته مون کي پنهنجي پينٽنگ کي ختم ڪرڻ/ڇڏي ڏيڻ نه گهرجي/جيڪڏهن مون کي ڪا تصوير مزو نه ٿي ڏيئي ته مان ان کي اڌ ۾ ڇڏي نه ڏيان يا وري جڏهن مان پنهنجي ڪم مان مطمئن نه ٿيان ۽ مايوس ٿيان، يا وري جڏهن مون کي اهو خوف ٿئي ته ماڻهو منهنجي ڪم تي کلندا، ڇو ته مان اهو آرٽ تخليق ڪري رهيو آهيان، جيڪو تازو ۽ اصلي آهي، نه ڪي وري اهو ڪاپي ٿيل آهي يا ڪو ٻي ڪنهن جو خيال ورتل آهي“.
”بهتر“، ارب پتيءَ جواب ڏنو ۽ پنهنجي ٻانهن جي ڏورن کي مهٽيو، ”البرٽ آئنسٽائن Albert Einstein لکيو آهي، عظيم ارادن /سوچن وارن کي هميشه گهٽ سوچيندڙن وارن ماڻهن جي سوچ جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. جيڪو روايتي ترجيحن جي اڳيان، اکيون بند ڪري جهڪڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ ان جاءِ تي پنهنجو مافي الضمير ديانتداري ۽ جرئتمندي سان بيان ڪري ٿو“.
”مزو اچي ويو“، آرٽسٽ پرجوش لهجي ۾ چيو. ائين پئي لڳو ته هو پنهنجين ڳالهين کي فن جي روشنائي ۾ پرکي رهيو آهي.
”بهرحال، اسين پنهنجي موضوع ڏي واپس اچون ٿا ۽ اهي عادتون اختيار ڪرڻ جا اثرائتا طريقا سمجهون ٿا، جن جي ڪري نيون عادتون هميشه جاري رهنديون آهن ۽ نه وري اهي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ غائب ٿي وڃن ٿيون. اڄ صبح جو هي تربيتي ڪلاس توهان لاءِ انتهائي ضروري آهي، جيتوڻيڪ توهان صبح جو روزانو پنجين وڳي اٿڻ شروع ڪري ڏنو آهي، پر اسان چاهيون ٿا ته توهان کي اهڙي نظم و ضبط جي ضرورت آهي، جيڪو توهان جي سڄي زندگي جو معمول بڻجي وڃي/ اهو توهان جو سڄي زندگي جي عادت بڻجي وڃي ۽ ورلڊ ڪلاس عادت /عادتون اختيار ڪرڻ جي هڪڙي اهم شي هي به آهي ته انتهائي اثرائتا ماڻهو ڪيئن حيرت ۾ وجهندڙ پنهنجا سيلف ڪنٽرول پيدا ڪن ٿا، پوءِ وري خود اعتمادي حاصل ڪن ٿا. ته اچو ته اسان پنهنجي ڪم جي شروعات اتان کان ڪري ڇڏيون“.
ٽيئي دوست تاج محل جي سامهون بيٺا هُئا، انهن کان علاوه اُتي ڪو به ٻيو ماڻهو نه هيو. جڏهن انهن هن عمارت جي تعمير کي غور سان ڏسڻ شروع ڪيو ته هنن کي ائين لڳو ته تاج محل فن تعمير ۽ انجنيرنگ جي مهارت جو هڪڙو اعليٰ مثال آهي.
”مون کي انڊيا تمام گهڻو پسند آهي“. ارب پتيءَ چيو.
”هتي دنيا جون عظيم قومون رهن ٿيون ۽ هي جڳهه، دنيا جي ستن عجائب گهرن مان هڪڙي آهي، سمجهيو“؟
”صحيح“ عورت قبول ڪيو ۽ ان سان گڏ انتهائي گرم ڪافي جو ڍُڪ ڀريو.
ارب پتيءَ جي کاٻي هٿ ۾ پاڻيءَ جي هڪڙي وڏي بوتل هُئي، جنهن تي هيٺيان لفظ اُڪريل هيا. هن پنهنجن شاگردن جي لاءِ، اهي لفظ زور سان پڙهڻ شروع ڪيا؛
سورما آرام جي ڏينهن ۾ عظيم نه ٿيندا آهن. دنيا جا تابناڪ ۽ نفيس انسان تڪليفن، مشڪلاتن ۽ شڪ جي طوفان جي دوران مضبوط، پڪا ۽ با ڪردار بڻايا آهن. جنهن لمحي توهان پنهنجين ڪمزورين کي سامهون رکو ٿا، اهو ئي موقعو هوندو آهي پنهنجي مضبوط صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جو. حقيقي قوت زندگي ۾ آرام ڪرڻ سان نه ٿي اچي، بلڪ صحيح طرف ڏانهن وڏي ڪوشش، ثابت قدمي ۽ پڪو ارادو ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي. جڏهن توهان جي خواهش هجي ته ڪم ختم ڪجي، ته بيهي نه رهو بلڪ اڳتي وڌندا رهو. اهڙي لمحي جڏهن توهان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ڪيفيت محسوس ڪيو ته ان وقت توهان ڄمي بيهي رهيو، اها شي توهان کي قابل احترام انسانن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جي ضمانت ڏيئي ٿي، جن پنهنجي سحر انگيز شخصيت جي ڪري دنيا کي بهتر بنائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي“.

”واه،واه“، آرٽسٽ رڙ ڪري چيو، ”ڇا هي ڪنهن شاعر جا شعر آهن“؟
”نه“ ، ارب پتيءَ واضح ڪيو. ”هي منهنجا پنهنجا الفاظ آهن. مسٽر رائلي پنهنجا هٿ هوا ۾ مٿي ڪيا، ...۽ ڇا توهان کي معلوم آهي، ...پوءِ ڇا ٿيو. صبح جي ڪوهيڙي ۾، نفيس لباس ۾، هڪڙي معصوم ۽ پُرڪشش چهري واري ڪنيز سامهون اچي ويئي. ”اسان کي توهان جي انڊيا اچڻ تي ڏاڍي سُرهائي ٿي، سائين. اسان توهان کي ياد ڪري رهيا هُئاسين“. هن چيو. ”واه، توهان جيڪو گهريو، توهان کي ملي ويو“.
ارب پتي ٿورو هلڪو جهڪيو ۽ مسڪرائي ڪنيز کي سامهون سلام پيش ڪيو. پشم جي ٺهيل هڪڙي خوبصورت شال رئيس جي حوالي ڪئي وئي. توهان کي خبر آهي ته پشم ڪشمير جي هڪڙي قسم جي خاص، نرم و ملائم اُن آهي. ڪشميري زبان ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”نرم سون“ soft gold . جڏهن توهان اهو ڏسندو ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته ها واقعي ئي ائين آهي.
هي شال ڀرپور مهارت سان هٿ سان سبي ويئي ۽ ٻيئي شاگرد ان کي غور سان ڏسي رهيا هُئا. انهن ڏٺو ته هن شال ۾ ” دي فائيو-3-1، ڪريڊ آف دي وِل پاور ويريئر“ The 5-3-1 Creed of The willpower Warrior ڪارن اکرن سان لکيل هو. ان کي جيڪڏهن سنڌي ۾ سمجهڻ چاهيو ته اهو آهي انتهائي خود اع+تمادي رکڻ وارن جو اعتقاد/اعتماد، هن جي هيٺيان چند جمله لکيل هُئا، جن مان اندازو لڳائي سگهجي پيو ته 5-3-1 جو مطلب ڇا آهي. هي سڀ بلڪل منفرد هو.
دستڪاري تي هي ڳالهيون واضح لکيل هيون.

The 5 scientific truths behind excellent habits
ڪمال جي عادتن پويان پنج سائنسي سچ

پهريون سچ؛ Truth # 1 ورلڊ ڪلاس قوت ارادي يا پُختي خود اعتمادي، اصل ۾ ڪا پيدائشي صلاحيت ناهي، پر هڪ مهارت آهي، جنهن کي سخت محنت ۽ مشق سان وڌائي سگهجي ٿو. صبح جو سوير سج اڀرڻ مهل اٿڻ، سيلف ڪنٽرول جي مڪمل تربيت آهي.
ٻيون سچ؛ truth # 2 شخصي يا ذاتي نظم و ضبط هڪڙي مسل (ڏورو) جيان آهي. توهان هن کي جيترو وڌيڪ ڇڪيندو، اهو ايترو وڌيڪ وڏو ٿيندو ويندو، ان ڪري پنهنجي فطري قوت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ، باقائدگي سان ۽ تسلسل سان۽ سخت محنت سان ئي اهڙا حالات پيدا ڪري سگهجن ٿا.
ٽيون سچ: truth # 3 ٻين عضوون جيان خود اعتمادي به جڏهن ٿڪجي يا وري ڪمزور ٿي وڃي ٿي، ان جو حل اهو آهي ته مهارت جي ڪمال جي اظهار لاءِ ان ارادي جي قوت جي بحالي ضروري آهي ۽ ان سان وري گڏ ٿڪاوٽ کي به پري ڀڄايو وڃي.
چوٿون سچ؛ truth # 4 ڪنهن به عظيم عادت کي ڪاميابي سان اختيار ڪرڻ جي لاءِ، چئن حصن تي مشتمل معلومات جي ڄاڻ جو هڪڙو واضح طريقو اختيار ڪرڻو پوندو. گهڻي دير تائين هلندڙ نتيجن لاءِ هن طريقي تي دل سان عمل ڪيو وڃي.
پنجون سچ؛truth # 5زندگي جي ڪنهن به هڪڙي شعبي ۾ وڌندڙ سليف ڪنٽرول، زندگي جي مڙني شعبن ۾ سيلف ڪنٽرول ۾ اضافو ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو فائيو اي ايم ڪلب ۾ شرڪت ڪرڻ هڪ اهڙي عادت آهي، جنهن جي ذريعي توهان جي زندگي جي هر شي تبديل ٿئي ٿي.

The 3 values of Heroic Habit-makers
سورمن جي عادتن جون ٽي خاصيتون

پهرئين خاصيت؛ Value # 1 فتح مستقل مزاجي ۽ تسلسل گهرندي آهي Victory demands consistency and persistency.
ٻين خاصيت؛ Value # 2جيڪو ڪجهه شروع ڪيو ويو آهي يا توهان جنهن شي جي/ڳالهه جي شروعات ڪئي آهي، ان مان پيدا ٿيندڙ شخصي احترام/خود احترامي جي قد ڪاٺ جو اندازو ٿيندو آهي/يا اهو جنم وٺندو آهي، ان جو تعين ڪندو آهي.
ٽين خاصيت: Value # 3: توهان جنهن انداز سان نجي زندگي ۾ عمل/مشق ڪندا آهيو، بلڪل ائين ئي توهان ماڻهن جي ميڙ ۾ به اهو ئي ساڳيو عمل ائين ئي ڪندو.

The 1 General Theories Of Self-Discipline Spartans
اسپارٽن جي ذاتي ضابطي جا عام نظريا
جيڪا شي، جيڪو ڪم ڏکيو پر اهم هجي، اهو باقائدگي سان ڪرڻ، خاص ڪري جڏهن اهو ڪم ڪرڻ ۾ توهان کي تمام گهڻي تڪليف ٿئي، اهائي جوڌن جي، سورمن جي فطرت يا عادت هوندي آهي.
ارب پتي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجو جملو دهرايو.؛ ”مان آسان زندگيءَ جي خواهش نه ٿو ڪيان/رکان، ڇو ته ان ۾ منهنجي قوت جي ڪابه واڌ نه ٿيندي آهي/ڪا سوچ يا ڪا نئين قوت نه آهي، مون کي هڪڙي چيلنج واري زندگي عطا ڪر، ....جيڪا منهنجي اندر جي بهترين شيءَ کي ٻاهر آڻي، ان لاءِ پڪو ارادو ۽ اهڙو ڪردار کپي جنهن کي شڪست نه اچي سگهي.“
The billionaire closed his eyes and repeated this phrase: “I don’t wish for any easy life because there is no growth of my powers there. Give me a challenging life- one that brings out the finest in me. For this makes an iron will. And an unconqurable character.
”هي شال (shawl) منهنجي طرفان اوهان لاءِ تحفو آهي“، صنعتڪار پنهنجي ڳالهه جاري رکي. مهرباني ڪري اهي پنج سائنسي سچاين ۽ ٽن خاصيتن کي جنرل ٿيوري سان ملائي ڪري پڙهو. اهي سڀئي پاڻ ۾ ملي، پڪي ارادي جي قوت/طاقت جي 5/3/1 جي دي ول پاور ويريئر The 5-3-1 Creed of the will power Warrior، اهو توهان کي زبردست فائدو پهچائيندو ۽ توهان جي برداشت واري عادت کي مضبوط ڪندي ويندي.
ڪجهه گهڙين ۾ هڪڙو آٽو رڪشا خالي پارڪنگ ۾ اچي بيٺو. ان مان هڪڙو نوجوان مسڪرائيندي، هيٺ لٿو. جنهن کي تيز سُرمائي جيڪيٽ، بهترين استري ٿيل پينٽ ۽ پالش ٿيل ڀوري رنگ جا جوتا پاتل هُئا.
”نمستي ارجن“، ارب پتي پنهنجا ٻيئي هٿ ملائيندي ايندڙ نوجوان کي چيو.
”هاءِ باس“، ٻيئي پاسي کان مددگار جو جوشيلو جواب آيو. جيتوڻيڪ هن جا الفاظ عام هيا، ليڪن، هن جي لهجي مان پنهنجي مالڪ جي لاءِ، تمام گهڻو احترام نظر اچي رهيو هو.
Though his words were casual, the way he articulated them demonstrated immense respect for his employer.
”ڇا توهان ٻنهين کي تاج محل جي پٺيان ڪهاڻي جي باري ۾ ڄاڻ آهي“؟ ارب پتيءَ پڇيو، جنهن جي پويان هن جي ملازم عورت الرٽ بيٺي هُئي ۽ انتظار ۾ هئي ته مسٽر رائلي جيئن ئي ڪو حڪم ڪري ته هوءُ ان حڪم جي تعميل ڪري سگهي.
”ها، بلڪل، مهرباني ڪري اسان کي ٻڌايو“، ڪاروباري عورت گذارش ڪئي. هن وٽ هڪڙو نوٽ پيڊ ۽ سادي قسم جي ڪاري رنگ جي بال پين پاڻ سان کڻي آئي هُئي. ارب پتيءَ هيل تائين جيڪا ٽيڪنالاجي جي باري ۾ ڳالهايو هو ته ڪيئن هن جو غلط استعمال انسان جي تخليقي صلاحيت کي تباهه ڪري ٿو ۽ ڪارڪردگي ءَ کي گهٽائي ٿو. ان گفتگو عورت تي تمام گهڻو اثر ڪيو. اڄ هن جيڪا چوڙي پاتي هئي، ان تي لکيل هيو؛ ”جيسيتائين توهان سُتا پيا هوندو، توهان کي خوابن جي تعبير نه ملندي“.
“Dreams don’t come true while you are sleeping”
”ضرور ....هي هڪ عجيب ڪهاڻي آهي“، ارب پتيءَ پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو.
”توهان ٻنهين جيان، مغل بادشاهه شاهه جهان، جيڪو هن شاهڪار عجوبي جو ماسٽر مائينڊ آهي، ڪنهن جي محبت ۾ تمام گهڻو ڦاٿل هو. پنهنجي گهرواري ممتاز سان محبت جي نشاني جي طور هن جي وفات کان پوءِ، 1631ع ۾ هي عمارت تعمير ڪرائي، پنهنجي پيار جي اظهار جو ثبوت پيش ڪيو، پر هوءَ هن کان اڳ ۾ دنيا مان گذاري ويئي هئي. ان ڪري بادشاهه هن عمارت جي تعمير تي پيسو پاڻي جيان وهايو ۽ ان جو نقشو انتهائي مختلف رکيو ته جيئن ڪو به هن کي ڏسي ڪري ان ماڻهوءَ جي گهرن جذبن/پيار کي محسوس ڪري سگهي“.
”مان جڏهن ان عمارت کي ڏسان ٿو ته منهنجي دل ۾ ڪجهه نه ڪجهه محسوس ٿئي ٿو.“ آرٽسٽ سُس پس ڪئي، جيڪو پنهنجي سامهون بيٺل سنگ مرمر جي عمارت کي گهوري نهاري رهيو هو. هن جون اکيون ائين ٿي پٽيل رهيون هيون، جيئن ڪو ماڻهو صبح جو سوير جاڳي پوي ۽ اکيون مهٽي. هو بلڪل پرسڪون، پراعتماد ۽ باوقار نظر اچي رهيو هو، جيڪو هن کان اڳ ۾ ڪاروباري عورت نه ڏٺو هو.
”مان به“، ارب پتيءَ متفق ٿيندي چيو“. تاج محل فقط هڪڙو تفريحي ماڳ نه آهي، ان جو نظارو روح جي سڪون جو ذريعو به آهي، هي بي حس کان بي حس ماڻهو کي به جاڳائي ڇڏي ٿو. خير، جڏهن وڏي راجه پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ته هن جي ماڻهن، هن جي عاليشان سوچ کي عملي جامو پهرائڻ جو سوچڻ شروع ڪري ان تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڇو ته ...جيئن ته توهان ٻنهين کي خبر آهي ته ....شوق جو جيڪڏهن عملي حق ادا نه ٿئي ته اها پوءِ خالي سوچ ئي رهجي ويندي آهي. توهان ٻيئي اهو سمجهي سگهو ٿا ته ڪنهن به عظيم شيءَ جي وجود جي لاءِ، هنرمندي، فن، ڏاهپ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. مهارت حاصل ڪرڻ ڪو اتفاق يا اتفاقي حادثو نه هوندو آهي، يا اوچتو عمل ۾ نه ايندو آهي، پر هي هڪ لڳاتار مسلسل ڪنهن عمل جو نتيجو هوندو آهي، جنهن ۾ هنرمندي، مشق، قرباني ۽ تڪليفن سان گڏ سالن جا سال رهڻو پوي ٿو/ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ان کان پوءِ وڃي ٿورو ڪي گهڻو ڪو ڪم يا وري ڪو منصوبو ، دنيا کي ڏيکارڻ جي قابل هوندو آهي“.
”هي هڪ ٻيو جي سي اي GCA (گارگئنٽائون ڪاپيٽيٽو ائڊوينٽيج Gargantuan Competitive Advantage ) آهي“. مسٽر رائلي ڳالهه جاري رکي. ” خواب ڏسڻ کان پوءِ، فقط ڪيترن ئي هفتن تائين ڪنهن عظيم مقصد سان وفادار رهڻ ضروري نه آهي، پر ايندڙ ڪيترن ئي مهينن بلڪ ڪيترن ئي سالن تائين تخليق جي عمل دوران، هر قسم جي رڪاوٽن، تنقيدن، پنهنجن جي ساڙ، پيارن جي اعتراضن ۽ ٻين خوبصورت شين جي ڪشش جي باوجود پنهنجي پنهنجي سٺي خيال سان مخلص رهڻ ۽ شڪ ۽ وهم واري مزاج ۾ پنهنجي لاءِ رستو تلاش ڪرڻ، هي اهي شيون آهن، جيڪي هڪ فاتح کي شڪت کاڌل ماڻهو کان الڳ رکن ٿيون. هڪ منٽ لاءِ ته هر شخص عظيم ٿي سگهي ٿو. پر پڪو فاتح اهو آهي، جنهن جي ڪارڪردگي، سالن پڄاڻان پوءِ به جاري رهي ۽ ان لاءِ هن کي صبر جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي. جيڪو توهان جي هيٺين درجي جي معاشري ۾ ڪونهي، افسوس، هي اها خوبي آهي، جيڪا اڄ جو سماج پنهنجي اندر ۾ پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. ڇا توهان کي خبر آهي ته ان جو مطلب ڇا آهي؟“.
ارب پتي ان وقت تمام گهڻي جوش ۾ نظر اچي رهيو هو. هن پنهنجو هڪڙو هٿ هوا ۾ مٿي کنيو ۽ پنهنجي ٻه آڱريون فتح جي نشان وانگر وي V ٺاهي ڏيکاريون. ائين لڳي پيو ته هُن اها حرڪت پنهنجي انسپائيريشن جي بچاءُ ۾ ڪئي هجي ۽ جيڪا باهه هن جي دل ۾ لڳل هجي ۽ هو ان کي مچائي رهيو هجي. ڪيترا سال اڳ ۾ البرٽ اي اين گري ءَ Albert E.N Gray انشورنس انڊسٽري سان تعلق رکڻ واري سليز واري ماڻهن جي سامهون هڪڙي تقرير ڪئي هُئي، هن ان کي”ڪاميابي جو عام قدرنامو“ The common denominator of success چيو هو. هن ٽيهن سالن جي مطالعي کان پوءِ، هڪڙي شيءَ کي ڪاروباري Business، خانداني Family،صحتي Health، معاشي Financial ۽ روحاني spiritual خوش قسمتيءَ جو عظيم ڪارڻ قرار ڏنو هو.
”اهو ڇا هو “؟ what was it? عورت هڪڙو ڍڪ ڪافي جو پيئندي چيو.
”ٻڌايان ٿو“، ارب پتيءَ چيو. ”مون وٽ هن جي خطابن ۽ تقريرن جا جيترا پفليٽ آهن، جيڪي هن سيلز جي تمام وڏن ماڻهن کي ڏنا، ان جي مطابق، هو چوي ٿو ته ”مان ان ڳالهه جو قائل هئس ته ڪاميابي جو راز سخت محنت ۾ آهي. پر مون ڏٺو ته ماڻهو سخت محنت ڪن ته ٿا پر ڪامياب نه ٿا ٿين، ته پوءِ مان سوچيندو آهيان ته سخت محنت اصلي راز نه آهي“.
”تو پوءِ ٻيو ڇاهي“؟ آرٽسٽ بي صبري مان پڇيو.
”ها ها، مان ان طرف ئي اچان پيو“ ارب پتيءَ چالاڪيءَ سان جواب ڏنو. ”البرٽ گري چيو، ”ڪاميابي جو راز تمام وڏو طاقتور ۽ لڪل آهي.....“.
”۽ اهو ڪهڙو راز هيو...“؟ عورت بي صبري مان پڇيو، جيڪا جواب اچڻ جو انتظار نه ڪري سگهي.
”گري وضاحت ڪئي ته ڪاميابي جو اڪثر ڪري پيمانو/گڏيل راز....هر اهو مرد يا عورت جيڪا ڪامياب ٿي آهي، ان جي ڪاميابي جو راز.... ان حقيقت ۾ لڪل آهي ته اهي پنهنجي عادت اها بنائين، جيڪي ناڪام ماڻهو ڪرڻ پسند نه ٿا ڪن“.
”انتهائي سادو ۽ اهم“ آرٽسٽ ڪافي جو هڪڙو ڍُڪ ڀريندي چيو.
”بهترين ڪم ڪرڻ وارا، اهڙن اهم ڪمن ۾ مصروف رهڻ کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏين ٿا. جيڪو گهڻا ماڻهو ڪرڻ پسند نه ٿا ڪن ۽ هي ماڻهو، جن کي اهي ڪم پسند نه به هجن پر پوءِ به ڪندا آهن“. ارب پتيءَ ڳالهه جاري رکي” ۽ مٿين ورتاءُ تي، وري وري عمل ڪندي ڪندي، انهن جي مهارت ۽ پُختگي اڃان به گهري ٿيندي وڃي ٿي ۽ پوءِ هڪڙو وقت اهڙو به ايندو آهي جو انهن جو نئون معمول پاڻهي ٺهي پوندو آهي. يعني ان ڪم کي ڪرڻ لاءِ هنن کي ڪابه مشق ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي“.
آرٽسٽ ڳاٽو ڌوڻيو ۽ پنهنجي ڏاڙهي کنڻ لڳو. هو پنهنجي آرٽ جي باري ۾ سوچي رهيو هو.
”مان پنهنجي غير يقيني واري سوچ جي ڪري پاڻ کي محدود ڪندو رهيو آهيان“. هن هڪ دفعو ٻيهر سوچيو. ”مان ان ڳالهه تي پريشان آهيان ته جيڪڏهن مان تمام گهڻي تخليق نه ڪندس، ته ٻيا ماڻهو منهنجي ڪم جي باري ۾ ڇا چوندا. مسٽر رائلي ٺيڪ ٿو چوي، منهنجي اندر ۾ا هو صبر ۽ سيلف ڪنٽرول نه آهي، جيڪو جيتوڻيڪ ڏکيو آهي، پر ان جي ئي ذريعي قابل قدر شيون وجود ۾ اچن ٿيون. مان جيڪو چاهيان ٿو اهو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي اندر ۾ ائين ڪرڻ جي ٻاڙ لڳندي آهي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن مان ڊرائيونگ ڪندو آهيان ته ڪڏهن وري مان سڄو سڄو ڏينهن سُتو پيو هوندو آهيان. ڪڏهن ته مان بلڪل سُست ٿي ويندو آهيان ۽ ڪڏهن وري مان سخت محنت ڪندو آهيان. منهنجو معاملو پاڻيءَ تي ترندڙ ان ڪارڪ (پاڻي جي بوڻيئ) جيان آهي جيڪو پاڻي جي لهرن سان گڏو گڏ هيٺ مٿي ٿيندو رهي ٿو ۽ هن جي ڪابه منزل نه هوندي آهي. منهنجو ڪو به حقيقي ڍانچو نه آهي. مون وٽ پنهنجي لاءِ ڪو به ڊسيپلين، ڪو به نظم و ضبط نه آهي. مان ڪڏهن ڪڏهن ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ وڊيو گيمز کيڏندو رهندو آهيان ۽ ان عادت جي ڪري ئي ....جڏهن مون کي ڏوڪڙن جي ضرورت هوندي آهي ته تڪڙ ڪري هڪڙي پينٽنگ مُڪمل ڪري وٺندو آهيان، ته جيئن ان کي کپائي پنهنجي گهرجن جو پورائو ڪري سگهان. مان پنهنجي فن کي صبر ۽ تحمل وارو وقت ئي نه ٿو ڏيئي سگهان، جو اها هڪڙي شاهڪار ۾ بدلجي وڃي ۽ جنهن مان منهنجي قابليت جو به پتو پئي“.
”پوءِ“ ارب پتيءَ جو آواز ٻيهر آيو، 22 سالن کان پوءِ....22 ڏينهن نه، نه ڪي 22 مهينا... 22 سالن تائين هزارين مزدورن ۽ ڪاريگرن پئي ڪم ڪيو. هڪڙو هڪڙو سنگ مر مر هزارن ميلن جي مفاصلي کان هاٿين تي رکي آندا ويا، هنرمندن جي هڪڙي فوج، انهن پٿرن کي ٺاهي وڏي مهارت ۽ هنرمندي سان ڀتين تي لڳائيندا رهيا، جيئن توهان هتي پاڻ اکين سان پسي رهيا آهيو، پر اهي انتهائي ڌيان سان، بي خوف ۽ حيران ڪندڙ حد تائين پرُ اعظم هيا ته اهي بادشاهه جي خواب جي تعبير لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو اهي ڪندا ۽ پنهنجون سڄيون توانايون ۽ صلاحيتون ان ڪم ۾ وقف ڪري ڇڏيندا“.
”واقعي ئي ڏاڍو حيرت ۾ وجهندڙ ڪم آهي“، آرٽسٽ عمارت جو جائزو وٺندي چيو. هڪڙو پوپٽ اُتان اڏرندي گُذري ويو. برسات جي ڪري ڪجهه ڦڙيون هن جي چهري تي به پيون ۽ توهان يقين ڪيو يا نه ڪيو، ڪجهه ڳيرا هن جي مٿي مٿان ڦرندا ۽ اڏرندا رهيا.
”هي اڪثري ڪري توهان جي سر مٿي ڳيرڙا، انڊلٺ جا رنگ ۽ پوپٽ اڏامندا رهن ٿا، هي ڪهڙي ماجرا آهي“؟. عورت پنهنجو چولو درست ڪندي ارب پتيءَ کان سوال ڪيو، ان جي چولي تي آسڪر وائلڊ Oscar Wilde جو هڪڙو قول لکيل هو، جيڪو هن جي نئين ڄاڻ موجب بلڪ درست هو؛ ”پنهنجا ٿيو، باقي جنهن کي جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي چڪو آهي “.
Be yourself. Everyone else is alrady taken
”اسان سڀني وٽ جادو آهي، اسان مان گهڻا اهو نه ٿا ڄاڻن ته، ان کي استعمال ڪيئن ڪجي. “ انگريز جاگيردار جو جواب جادوگراڻو هو.
”اسان واپس تاج محل ڏي اچون پيا، 30 سالن کان پوءِ هي مقبرو تعمير ٿيو“. هن تاڪيد ڪندي ٻڌايو، ” ۽ ائين انسانيت کي اهڙي شاعراڻي تعمير ملي ويئي، جيڪا هن کان اڳ دنيا ۾ نه هئي“.
”مان ته هن کان ڏاڍو متاثر آهيان“. ڪاروباري عورت اعتراف ڪيو، ”توهان، اسان کي آگره آندو، ان لاءِ توهان جي وڏي مهرباني“.
”بادشاهه يقينن پنهنجي گهرواريءَ جو تمام گهڻو خيال رکندو هوندو“، آرٽسٽ سُس پُس ڪئي، جنهن مان لڳي پيو ته هن جو اشارو ڪهڙي پاسي هو. ائين چئي هُن هڪدم عورت کي ڏسڻ شروع ڪيو، هن جو حسن گليمر جي دنيا جي وڏي کان وڏي فيشن ماڊل کان به وڌيڪ چمڪي رهيو هو. هو تمام گهڻي فرمانبردار، محبت ڪرڻ واري ۽ هڏڏوکي هُئي. هن سوچيو ته ان عورت جي چهري تي هڪڙي وڏي ڪشش هئي، جيڪا مسلسل درد مان ڦاٽي نڪرندڙ برقي توانائي، ذهانت جي سرچشمي مان نڪرندڙ توانائي ۽ پنهنجي ڪاروبار ۾ ملندڙ تڪليف هن کي سچي طاقت، ڏاهپ ۽ پيار عطا ڪيو.
”توهان ٻنهين جي سامهون، تاج محل هڪڙو مثال آهي، ته توهان پنهنجي نئين عادت کي اختيار ڪرڻ جو عزم، ارادو، کڻي ڪيڏي به رڪاوٽ هجي، ڪيتري نه سختي هجي، پر گڏ بيهڻو آهي. پنهنجي آئيڊيل سان گڏ، نه صرف عام سڪون وارن ڏينهن ۾ گڏ رهڻو آ پرڪيڏيون به کڻي تڪليفون اچن، پر ڄمي بيهڻو آ. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جي صبح جي ٽريننگ توهان لاءِ تمام گهڻي اهم آهي. توهان هن ۾ جيڪو ڪجهه سکندو، ان مان توهان کي هيل تائين سکيل فلسفن تي عمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، مان توهان کي جيڪو ماڊل هاڻي ٻڌائڻ وارو آهيان، اسپيلبائنڊر تمام وڏي احتياط سان ڪيترن ئي ڪاروبارين، ڪامياب ماڻهن ۽ ماهر ماڻهن سان ملي ڪري، تيار ڪيو آهي، اڄ جو سيشن ان جي باري ۾ نه آهي ته توهان کي ڇو صبح جو سوير اٿڻ کي معمول بڻائي ڇڏڻو آهي، پر ان سلسلي ۾ ان معمول کي ڪئين جاري رکيو وڃي،...سڄي زندگيءَ جي لاءِ“. صنعتڪار پنهنجي ڪن کي کنندي چيو، جيئن ڪو ننڍڙو ٻار جادو جي چراغ کي رڳڙيندو هجي.
”زبردست“، آرٽسٽ چيو، ”مون کي ان جي ضرورت آهي، اهي عملي طريقا جنهن مان، ايئڊوينچر جيڪو مون کي صبح جو پنجين وڳي اٿڻ جو عادي بڻائيندو “.
”بهتر“، ارب پتيءَ چيو، ”ته پوءِ هلو ته هلون“‏.
ٻه ڏٽا مُٽا محافظ، ارب پتي، ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ کي هڪڙي خاص رستي مان وٺي ڪري عمارت ۾ داخل ٿيا، هي رستو خاص ڪري سرڪاري ملازمن ۽ عالمي رهنمائن ۽ ٻاهرين خاص مهمانن لاءِ رکيل هو. عمارت جي هڪڙي پاسي، مڪمل اونداهي ۽ خاموشي ڇانيل هُئي.ارب پتيءَ پنهنجو خطاب شروع ڪيو؛
”هي دنيا جي تاريخ جو تمام دلچسپ fascinating ، مڪمل طور تي ڌيان ڇڪائيندڙ ، Riveting، مبهم confusing ۽ جوشيلو exciting دور آهي، ڇو ته اهي ماڻهو هر صبح ۽ هر ڏينهن جو پاڻ کي مظلوم سمجهن ٿا، انهن جو مستقبل تمام ڏکيو، خطرناڪ ۽ ڀيانڪ آهي، ڇو ته انهن کي خبر ناهي ته اهي ڪهڙي شي جا نشانو بڻجڻ وارا آهن ۽ اهي ايندڙ وقت ۾ پنهنجي ماحول، معاشي لاٿ چاڙهه ۽ سماجي انقلاب ۾ پاڻ کي تمام گهڻو غير محفوظ محسوس ڪندا. پر ٻي پاسي وري اهي ماڻهو جن ۾ صبح جو سوير اٿڻ جي عادت آهي، انهن سخت ڪوشش ۽ تربيت وٺندي، پنهنجا ڏورا ٺاهي پنهنجي طاقت بڻايو، پنهنجي فطري خوبين جي حفاظت ڪئي، پنهنجي سورميائي خوبين جي آب بياري ڪئي ۽ اهڙو ڪردار ٺاهيائون جنهن کي ڪو به شڪست نه پيو ڏيئي سگهي. اهي ماڻهو ايندڙ وقت ۾ تمام بهترين، محنتي ۽ خوش هوندا. جن ماڻهن پنهنجي سامهون ايندڙ رڪاوٽن لاءِ پاڻ کي صبح جو غير معمولي ۽ سٺن ڪمن سان تيارڪيو، ته پوءِ انهن کي تمام گهڻين تڪليفن ۽ ڏکن جي باوجود، گهڻا موقعا ملندا. اهي پنهنجي تمام ڳڻتين کي، ذهني سڪون، صاف سٿري ماحول ۾ تبديل ڪرڻ جي قابل هوندا، جنهن مان هو هميشه فتح جي قابل هوندا“. ارب پتي ڪنهن سبب جي ڪري پنهنجي مٿي کي مهٽيو ۽ پوءِ سُس پس ڪئي، جيڪو ٻنهي شاگردن مان ڪنهن جي به علم ۾ نه هو.
”سوچڻ وارو پهريون ڪم اهو آهي ته، توهان جي دماغ اصل ۾ وسعت ۽ ڪشادگي لاءِ ٺاهيو ويو آهي، توهان ان ڳالهه سان متفق هوندو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي پيشاوراڻِي نجي زندگي ۾ ڦاسي پيا آهن ۽ جيڪي ماڻهو ”نه ٿو ڪري سگهان“ جي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪن ٿا، اهي توهان سان بحث ڪندا، ته فقط فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبر ٿيڻ سان اهي پاڻ کي بهتر نه ٿا ڪري سگهن. اهي پنهنجي موت تائين ان حقيقت سان وڙهندا ڇو ته انهن لاءِ پنهنجي تخليقيت، ڪارڪردگي، جذبي ۽ اثر وٺڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ ممڪن نه رهيو آهي. اهي پنهنجي پوري ڪوشش ڪندا ته توهان کي پنهنجو منطق سمجهائي سگهن ته حيرت ۾ وجهندڙ ڪريئر کي حقيقت جو روپ ڏيڻ ۽ پنهنجي ذاتي زندگي کي ٺاهڻ ممڪن ناهي. گهڻو وقت ٿيو جو اهي پنهنجي پاڻ کي مٽائڻ واري قوت کان تمام پري نڪري وڃي چڪا آهن۽ هاڻي اهو ثابت ڪرڻ لڳا آهن ته اهي بي اختيار آهن. ان ڪري اهڙا ماڻهو اهو چوندا آهن ته پنهنجي قوتن ۽ صلاحيتن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو پوءِ توهان کي يقين ايندو ته توهان وٽ ڪابه قوت ناهي. پر ان جي حقيقت بلڪل الڳ ۽ منفرد آهي. حقيقت اها آهي ته هي ماڻهو تمام ڀلا هجڻ، مخلص هجڻ، بهترين ٽيلنٽ رکڻ جي باوجود، اڪثر پنهنجي پاڻ کي جمود واري ڪيفيت ۾ رکن ٿا. جي ها، ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ موجود شوق جي پورائي ڪرڻ بجاءِ، ان کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏين ٿا ۽ پوءِ وري لاشعوري طور تي حيلا بهانا پيا ڪندا. ڇو ته اهي ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ سُٺا ليڊر نه ٿي سگهيا ۽ اهي پنهنجي زندگي کي بهتر نه ڪري سگهيا. اصل ڳالهه هي آهي ته اهي پنهنجي جمود جي حفاظت کي ڇڏڻ ۽ زندگي کي بهترين بنائڻ وارن ڪمن، ڪوششن، ڪاوشن کان ڊڄن ٿا“.
ارب پتي هوا ۾ هڪڙو وڏو ساهه کڻندي بيهي رهيو. تاج محل تان سج جا سونهري ڪرڻا جهاتي پائي رهيا هئا ۽ پوءِ وري هن پنهنجي ڳالهه ٻيهر شروع ڪئي.
”سائنس هاڻي هي ثابت ڪري رهي آهي ته اسان جا دماغ سڄي زندگي، مسلسل وڌندا ويجهندا رهن ٿا. هن خوبصورت فطرت کي نيورو پلاٽسٽي neuroplaticity چيو ويندوآهي. ان جو مطلب اهو آهي ته انساني دماغ ذاتي قوت ارادي جيان، ماضي جي خيال جي برعڪس هڪڙي عضووي جيان آهي/مسل آهي. مطلب ته هڪڙي قسم جواهو رٻڙ آهي، ان کي زور ڏيندو ته اهوڦهلجندو ۽ ڇڪيندو ته وري وڌندو ويندو.... ۽ توهان جي شاندار صلاحيتن جي ڀرپور استعمال لاءِ وڌيڪ فعال بڻجي ويندو. ان ڪري توهان جيڪڏهن پنهنجي دماغ جي مشق کي يقيني بڻائيندو، مثال جي طور؛ صبح جو جلدي اٿڻ....ته توهان پنهنجي دماغ کي ورزش ڪرايو ٿا. ڇا توهان کي خبر آهي ته نيورونز گڏ نڪرندا ۽ وري گڏ ئي ويندا آهن ۽ جڏهن توهان ڪو ڪم بار بار دهرائيندو، ته اهو ڪم توهان جي زندگي جو حصو بڻجي ويندو ۽ پوءِ اهو ڪم توهان تمام سولائي سان ڪري سگهندو. ان نڪتي تي غور ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي ۽ پوءِ وري ان تي عمل ڪيو“.
”مون کي ڪڏهن به خبر نه پئي ته اسان جي دماغ ۾ وڌڻ ۽ سسڻ جي صلاحيت موجود آهي“. عورت جوش مان چيو. ”۽ توهان جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيو، ان مان، مان مطلب اهو ڪڍي سگهي آهيان ته اسان جيترو گهڻو ڪنهن نئين عادت جي مشق ڪندا آهيون، اسان جا دماغ اوترو ئي ان تي ڪم ڪندا رهن ٿا، ايتري قدر جو اها عادت اسان جي ذات جو حصو بڻجي ويندي آهي. ٺيڪ“؟
”بلڪل.“ ارب پتي جواب ڏنو. هن کي اهو ڏسي خوشي پئي ٿئي ته هي ٻيئي شاگرد هن جي تربيت مان ڪيترو سکي رهيا آهن. ”حقيقي ليڊر جڏهن ٻين جي ٽيلينٽ کي چمڪائيندا آهن ته انهن کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي“.
”تمام بهترين خيال“. هن پنهنجي هڪڙي آڱر تاج محل جي ديوار تي رکي. ”توهان وٽ اهو دماغ ناهي هوندو جيڪو توهان چاهيندا آهيو، بلڪه توهان وٽ اهو دماغ هوندو آهي جيڪو توهان حاصل ڪندا آهيو يا وري توهان کي قدرت طرفان مليو آهي. ان ڳالهه کي کڻي ائين سمجهو ته توهان جا اُهي دماغ نه آهن، جيڪا توهان جي خواهش آهي/جنهن جا توهان مستحق آهيو، پر توهان وٽ اهي دماغ آهن، جيڪا توهان جي ضرورت آهي.... ۽ ان انحصار/بنياد ان طرز عمل تي آهي جيڪو توهان زندگيءَ ۾ اختيار ڪيو ٿا. سڄو ڏينهن اهڙن آلاتن سان گذاريو، جيڪي توهان جي ذهن کي پيا منتشر ڪن. ٽي وي جي اڳيان ڄمي ويهي رهڻ ۽ غائب دماغي سان شين جي پٺيان پيا ڊوڙندا وتو، ته توهان جي ان بري عادت مان توهان جو دماغ ڪمزور کان ڪمزور پيو ٿيندو ويندو. ٻين عضون جيان هي به بيڪار ٿيندو ويندو. ان جي نتيجي ۾ توهان جي ذهني قوت ڪمزور ٿيندي ويندي. سکڻ جي رفتار گهٽ ٿيندي ويندي. ۽ سمجهڻ جو عمل سُستي جو شڪار ٿي ويندو. توهان مقابلو ڪرڻ جي قابل نه رهندو ۽ توهان جا خواب توهان جي اکين جي سامهون ڌنڌلا ٿي ويندا. ٻي پاسي، جڏهن توهان پنهنجي دماغ کي ذهانت سان گڏ استعمال ڪندو ته ۽ ان جي حدن کي وڌائيندو ۽ ان کي سورمن جيان سخت تڪليف ڏيندو ته توهان جي سوچڻ ۽ سمجهڻ واري صلاحيت، تخليقيت، ڪارڪردگي ۽ توهان جي شخصيت ۾ وڏو اثر ٿيندو. لنڊن جي ٽيڪسي ڊرائيورن جي دماغن جو مطالعو ڪيو ويو، خاص ڪري هيپو ٿيليمس جيڪو جاين جي تعين ڪرڻ جي ڪم ايندو آهي ته ڏٺو ويو ته ان ڊرائيورن جي دماغ جو اهو حصو عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٿورو وڏو هو، ڇا توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته ڇو؟“.
The brains of London taxi drivers were studied and the area responsible for spatial reasoning, the hippocampus, was found to be significantly larger in them compared to the brains of ordinary people. Guess why?”
”ڇو ته لندن جو گليون تمام گهڻيون سوڙهيون آهن“ آرٽسٽءَ وڏي اعتماد سان جواب ڏنو.
Because of the complexity of the street system in London.
”توهان جو جواب صحيح آ“، ارب پتيءَ ساراهه ڪندي چيو. ”جيئن توهان پنهنجن جسماني عضون کي ورزش ڪرائي، پنهنجي جسم جي ڏورن کي مضبوط ڪندا آهيو، اهڙي ريت لنڊن جي ڊرائيورن جي ڊرائيو ڏينهن رات وڌندو ويندو آهي. جيئن ته مون اڳ ۾ به توهان کي ٻڌايو ته دماغ هڪڙي مسل جيان آهي، ڏسو نه اسان انسان ڪيترا طاقتور آهيون، جيڪو نيروايناٽامسٽس neuroanatomists سمجهيو ويندو هو، جيڪو اسان سڀني وٽ آهي، دماغ کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو، بدلائي سگهجي ٿو ۽ روان ڪري سگهجي ٿو.....جيڪڏهن اسان اها چونڊ ڪري وٺون. جڏهن توهان گهر واپس وڃو ته تفصيل سان نيورو جينيسس neuogenesis جي ان ڳالهه جو مطالعو ڪجو، نيورو سائنس جي اها تحقيقات ٻڌائي رهي آهي ته هر زنده انسان جي اندر ۾ موجود آهي. ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، ته اهو هن وقت ڪٿي ٿو رهي، ڪهڙي عمر جو آهي ۽ ماضيءَ م هن ڪهڙا ڪارناما ڪيا آهن، آهي نه دلچسپ ڳالهه؟، سيٺ جوشيلي انداز ۾ چيو.
هن وڌيڪ چيو ،” بهرحال، اها ڳالهه سمجهي وٺو ته دماغ لچڪدار آهي ۽ مسل جيان آهي. ان ڪري عظيم ماڻهو کي جيڪا شي عظيم بڻائي ٿي، اُها اِها آهي ته هو سمجهي ٿو وٺي ته پائيدار ۽ مستقل ڪاميابي جي قيمت اها آهي ته هرروز پاڻ کي بي آرامي ۽ تڪليف ۾ وجهي ۽ پاڻ کي تڪليف ڏيڻ سان اهڙو دماغ ٺهندو، جنهن ۾ فوجين جهڙي نظم و ضبط پيدا ٿيندو، اها تمام وڏي مٿ/ڪهاڻي آهي ته انتهائي وڏا ڪامياب ماڻهو (سپر پروڊيوسررز Superproducers) آسان زندگيون گذاريندا آهن“.
ارب پتيءَ پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو، ان مان هڪڙو بند لفافو ڪڍيو ۽ ڪاروباري عورت کي ڏيئي ڇڏيو.
”هن کي ٿورو کولجو، دل سان، خوشي ۽ جوش سان، ....هن کي پڙهي ٻڌايو“. سيٺ نرم لهجي ۾ هدايت ڏيندي چيو.
هن لفافي جي اندر وڏي نفاست سان چنبڙايل ڪاغذ جو هڪڙو ٽڪرو هو، ڪاروباري عورت ڏٺو ته هن تي مشهورجرمن فلسفي فريڊريخ نائزي Friedrich Nietzsche جا هي الفاظ لکيل هيا: ”خداداد قابليت/قدرتي صلاحيتين، پئدائشي خوبي جي ڳالهه نه ڪيو، اهڙن عظيم ماڻهن جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جن وٽ تمام گهٽ قابليت هُئي، پر انهن عظمت حاصل ڪئي ۽ اهي تمام وڏا ذهين ٿيا. انهن عظمت ۽ جينيس انهن خوبين مان حاصل ڪئي، جن جي ڄاڻ جي بنا ڪو به پنهنجي ذات جي خوبين کان واقف نه ٿو ٿي سگهي. انهن ان مقصد جي ڪري پنهنجو وقت وقف ڪيو، ڇو ته انهن رات پيٽ ۾ منزل حاصل ڪرڻ جي بجاءِ، آهستي آهستي اڳتي وڌڻ ۾ خوشي محسوس ڪئي.
”هن ڪاغذ کي پلٽيو“ ارب پتيءَ گذارش ڪئي، تاج محل ۾ داخل ٿيڻ تي هن جو اکيون خوشي منجهان چمڪي رهيون هيون.
عورت هن ڪاغذ جي ٻي پاسي احتياط سان لکيل قول پڙهيو. هي لفظ انگريزي ٻوليءَ جي شاعر وليم ارنيسٽ هينلي William Ernest Henley جا هئا، تصور ڪيو ته اهي لفظ توهان جي روح جي گهرائين ۾ چرپر ڪندا وڃن پيا.
ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته رستو ڪيترو ڏکيو آهي،
فرد جرم تي ڪيتريون سزائون تجويز ڪيون ويون
مان پنهنجي قسمت جو مالڪ آهيان،
مان پنهنجي روح جو ڪپتان آهيان.
”سماج جا مڙني ماهرن، ذهين انسانن سخت زندگيون گذاريون آهن“. ارب پتيءَ وڌيڪ چيو ته ”انهن سختيءَ ۾ ئي تربيت ورتي. اُنهن تڪليفن سان گڏ راند ڪئي ۽ انهن به ايڏا ڪشالا ڪاٽيا، جيترا اڄڪلهه سپر اسٽار ۽ ڪامياب کلاڙي تربيت دوران ڪاٽيندا آهن. انهن حد درجي تائين پنهنجن لڪل مهارتن کي سامهون آندو. اهي ڏاڍا پرجوش هئا ۽ جڏهن معاملو سرمائيداري جو آيو ته انهن پنهنجي سڀني کان وڏي خوبي کي تمام وڏي جوش، تسلسل، همت سان ڳنڍي ڇڏيو. انگريزي ۾ هڪڙو لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو ته ”پيشن“ passion . هي لاطيني لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب آهي ”سفر suffer “ يعني تڪليف، اذيت، ايذاءُ. انهن ماڻهن پنهنجي سوچ، آئيڊيل ۽ خوابن لاءِ تڪليفون سٺيون. انهن پنهنجي مهارتن کي وڌائڻ جي لاءِ، مصيبتون سٺيون ۽ پنهنجن قوتن کي جلا بخشڻ لاءِ قربانيون ڏنيون. انهن پنهنجي هنر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا عذاب سٺا. توهان کي خبر آهي ته ان عزم سان مذاق ڪرڻ دنيا جي زوال جي برابر آهي. ڇو ته جيڪڏهن توهان جي عظمت شامل نه هوندي ته دنيا هڪڙي بيڪار جاءِ بڻجي ويندي“.
اوچتو ارب پتي پنهنجن گوڏي تي اچي ڪريو، هو فرش تي اچي ليٽي پيو، ۽ پنهنجون اکيون بند ڪري، پنهنجون ٻيئي ٻانهون پنهنجي دل تي رکي ڇڏيون. پوءِ وري زور زور سان کونگهرا هڻڻ شروع ڪيا.
Suddenly, the billionaire fell to his kness. He lay flat on the floor and closed his eyes, folding his arms over his heart. The tycoon then began to snore loudly.
”اڙي يار، هي ڇا پيو ڪرين“؟ آرٽسٽ پڇيو. هو ۽ عورت پريشان نظر اچي رهيا ها.
”رضاڪاراڻي بي آرامي/تڪليف“ voluntary discomfort ارب پتيءَ تڪڙو جواب ڏنو .
اڃان به کونگهرا جاري رهيا.
”مون کي منهنجو teddy bear رانديڪو کپي“، هو روئڻ لڳو ”۽ منهنجو پاجامو jimmies ڪٿي آهي“.
پوءِ اسٽون رائلي پنهنجو آنڱوٺو وات ۾ وجهي ٻارن جيان چوسڻ لڳو.
”هي ته سڄو ڍونگ آهي“. عورت کلڻ لڳي. ڪو به جيڪڏهن ڏسي ها ته ارب پتي هاڻي مسڪرائي رهيو هو ۽ بظاهر پنهنجي مزاج ۾ سمايل مزاح واري اداڪاري جو اظهار ڪري رهيو هو ۽ ان سان گڏ هنن کي سبق به پڙهائي رهيو هو.
زمين تي ليٽي ليٽي هن آخر چيو،” پنهنجي خود اعتمادي ۾ اضافو ڪرڻ جو واحد بهترين طريقو هي آهي ته پاڻ کي رضاڪاراڻي طور تي بي آرامي واري حالت ۾ مبتلا ڪيو وڃي. اسپيلبائنڊر هن کي اسٽريتٿننگ سينياريو “Strengthening scenario” چوندو آهي. اسان هن کي سنڌي ۾ ”مضبوطي جو منظرنامون “ چئون ته ڪو خراب نه ٿيندو. جڏهن مان تمام ننڍڙو هوس ۽ اهو ڪم نه پئي ڪري سگهيس جيڪو مان ڪرڻ چاهيان پيو ۽ جڏهن مون کي لڳندو هو ته مان نه ٿو ڪري سگهان ته مان سولائي سان روئڻ شروع ڪري ڇڏيندو هئس. منهنجا پنهنجا ضبط ۾ رکڻ وارا عضووا/مسل (سيلف ڊسپلين self-discipline وارا تمام گهڻو ڪمزور هئا، ڇو جو مان اڃان تائين انهن کي مشق نه ڪرائي سگهيو هئس. اسپيلبائنڊر کي خبر هئي ته اڃان مون کي مضبوط ٿيڻ جي وڏي ضرورت آهي. ان ڪري مون کي صبح پنجين وڳي واري معمول کي اختيار ڪرڻ گهرجي... ان انداز سان ته اهي منهنجي سڄي ڪيريئر ۾ مون سان گڏ رهن. ان ڪري هنن مون کي سخت محنت سان لڳائي ڇڏيو، جنهن وري جادو جو ڪم ڪري ڏيکاريو“.
”ڪهڙي صورتحال؟“. آرٽسٽ جواب ڏنو.
”هفتي ۾ هڪ دفعو مان فرش تي ليٽي پوان پيو“
”ڇا توهان واقعي ئي سنجديده آهيو؟ عورت جواب ڏنو.
”يقينن“ ارب پتيءَ ڳالهه کي سمجهندي چيو. ”۽ هر صبح جو مان يک ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجندو آهيان، هفتي ۾ ٻه ڏينهن روزو رکندو آهيان، جيئن دنيا ۾ ڪامياب مرد ۽ عورتون ڪندا آهن. ڇو ته اهڙي ريت پنهنجي بُنيادي قوتن کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. توهان کي يقين نه ايندو ته روزي جي دوران، جڏهن مان کائڻ پيئڻ نه ڪندو هئس ته ڪيترو گهڻو وقت بچائي سگهيس پئي، ان سان گڏ ئي منهنجي سوچ تمام گهڻي واضح ٿي ويئي ۽ توانائي تمام گهڻي وڌي ويئي ۽ ها، جڏهن مان زيورخ ۾ هئس ته اتي ته وري حد ئي ويندي هئي، مان پنهنجي سخت ڪوشش ۽ صبر جي عادت کي زنده ڪرڻ جي لاءِ، برف تي ڀڄندو وتندو هئس ۽ منهنجي بدن تي فقط هڪڙي ٽي شرٽ ۽ ننڍو پاجامو پاتل هوندو هو“.
ارب پتي اٿي بيهي رهيو.
”اسان جڏهن تاج محل آياسين ته مان توهان کي اهو نقطو سمجهائيندو رهيو آهيان ته توهان جي اندر غير معمولي/ورلڊ ڪلاس سيلف ڪنٽرول جي قابليت آهي. سائنس به ان جي تصديق ڪري چُڪي آهي. Science confirms it. اصل ڳالهه اها آهي ته توهان پنهنجي دماغ کي نون رستن تي لڳايو ۽ خود اعتمادي وارن عضون کي ڇڪيو ۽جهنجهوڙيو ته جيئن توهان جا هي فطري وسيلا مٿانهين درجي تائين پهچن. اهڙي ريت هر ماڻهو تمام مضبوط، بهادر ۽ جنهن کي شڪست نه اچي سگهي، بڻجي سگهي ٿو...کڻي رستي ۾ ڪيترن ئي رڪاوٽن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي، هو پنهنجي منزل ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکي سگهندو آهي. توهان اهو ڇو نه ٿا سوچيو ته نيوي سيل navy selas ۽ members of the SAS سچي خود اعتمادي رکندڙ جنگجو true willpower warriors پاڻ کي اهڙين سرگرمين ۾ مصروف رکندا آهن، جن کي ڏسي ماڻهوءَ جو روح ڪانڊارجي وڃي. اهي ماڻهو مينهن ۾ پري تائين ڊوڙندا آهن ۽ انهن جي پٺيءَ تي تمام گهڻو وزن هوندو آهي. اُهي رات جي اونداهيءَ ۾ گپ ۾ ريڙهيون پائيندا آهن ۽ خراب شيون کائيندا، انتهائي خطرناڪ جاين تي رهندا آهن. پنهنجي خوف جو مقابلو وڏن جبلن تان سمونڊ ۾ اکيون بند ڪري ٽپو ڏيڻ جهڙيون مشقون ڪندا رهندا آهن. ڏسو، بهادريءَ ۽ مشڪل ڪم ڪرڻ جي جريت....جيڪا پنهنجي عظمت جي ڀرپور اظهار لاءِ لازمي آهي. اِها ڪا الهامي شي ناهي، نه ، بلڪل به نه، اها هڪ رضاڪاراڻي مشق آهي. سخت پورهيو ۽ فولادي پڪو ارادو. ان لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻو پوندو آهي. ان لاءِ منهنجي گذارش آهي ته پنهنجي اندر جي بدروح جو خاتمو آڻيو ۽ پنهنجي اندر جي خوف کي ڦاهو ڏيو ۽ اهو تڏهن ئي مُمڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن توهان پاڻ اهڙو ڪم شروع ڪيو، جيڪو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي پوري مهارت سان، پيشوراڻي ڪم ۽ شاندار نجي زندگي جي حاصلات لاءِ اهو پڪو طريقو آهي. ان ڳالهه مان مون کي آئرش ڊرامي نگار جارج برناڊ شا George Bernard Shaw جو خيال آيو، ڇا ته ڀلي ڏاڙهي هُئي هُن کي، ها نه؟“
”ڪڏهن هُن کي ڏٺو“؟.
”مون ته ڪونه ڏٺو“، آرٽسٽ جواب ڏنو.
”توهان کي ڏسڻ کپي“، اها باريڪ بيني آهي. هُن توجهه ڏياري.
پوءِ هن اٺ دفعا چپٽي وڄائي، ان کان پوءِ، مقبري ۾ هڪ اڻڄاتل آواز گونجيو.
”عقلمند ماڻهو پاڻ کي دنيا جي مقابلي ۾ ان جهڙو ٿي ويندو آ/پاڻ کي ان جيان سمائي ڇڏيندو آهي، بيوقوف ماڻهو ان تي ضد ٻڌي بيهندو آهي ته دنيا هن جي مرضي مطابق هلي. ان ڪري سڄو ڪم بيوقوف ماڻهو کي ڪرڻو پوندو آهي“.
آواز خاموش ٿي ويو.
”جارج برنارڊ شا اها ڳالهه پنهنجي ڊرامي، ”مين ائنڊ سپر مين“ Man and Superman ۾ لکيو آهي ته اهو ڊرامو 1903ع ۾ پيش ڪيو ويو، مان توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جڏهن به معاملو پنهنجي فطري نعمتن، ٽيلينٽ، شوق ۽ دنيا کي بدلائڻ واري جبلت جو هجي ۽ ڪا شي توهان جي اندر ۾ گونجندي هجي، ته ڪڏهن به پاڻ سان عام رواجي سلوڪ نه ڪجو“.
ارب پتي بيهي رهيو. پوءِ هن اهو ڪم ڪيو، جيڪو هن جي شاگردن ڪڏهن به هن کي ڪندي نه ڏٺو هيو. هن پنهنجي کاٻي هٿ جي آنڱوٺي ۽ اشهد آڱر جي وچ واري گوشت/ماس کي چمي ڏني،”ان کان اڳ جو توهان دنيا کي مٿانهون ڪري سگهو، توهان کي سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي پاڻ سان محبت ڪرڻي پوندي“. هن جهيڻي آواز ۾ چيو.
”تمام متاثر ڪندڙ ڳالهه چئي آهي جارج برناڊ شا“، آرٽسٽ تسليم ڪيو.
”تحقيق ثابت ڪري ٿي ته پنهنجي خود اعتمادي جي تربيت ڪرڻ سان، اُن ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ زندگي شاندار ٿي سگهي ٿي“. ارب پتيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”ويلش ماهر هينري مورٽن welsh explorer Henry Mortion Stanley اهو ڏٺو ته جنگ جي دوران بارود کان وڌيڪ اهم شي وڙهڻ واري جو سليف ڪنٽرول هوندو آهي.“.
The self control is more indispensable than gunpoweder
”تمام بهترين ڳالهه آهي اها“، عورت جو آواز گونجيو.
”ڏسو،“ ارب پتيءَ چيو، ”اهو ته بس هڪڙو خام خيال ئي آ، ته خوبصورت فنڪار ۽ بهترين کلاڙي باقي ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ فطري طور تي وڌيڪ خود اعتماد هوندا آهن، اهو تمام وڏو ڪوڙ آهي“.
. Its myth that celebrated athletes and legendary artists and revered statemen and stateswomen had more natural willpower than the rest of us. That’s just a big lie. What’s real”.
هن چيو، ” حقيقت اها آهي ته انهن ماڻهن عام ماڻهن جهڙي زندگي شروع ڪئي ۽ پوءِ اهي روز مرهه جي بنياد تي سخت ڪوشش، مشق ۽ لاڳيتي محنت ڪري انهن پنهنجي اندر اُها طاقت پيدا ڪئي جنهن انهن کي هڪ بهترين مثال بڻائي ڇڏيو“.
”هرروز، ننڍيون ننڍيون، ظاهري طور تي نظر نه اچڻ واريون سوچون، جڏهن اهي مسلسل گهڻي وقت تائين هلنديون آهن ته اهي ڪجهه وقت کان پوءِ حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا ڏينديون آهن.آرٽسٽ ارب پتيءَ وارا لفظ دهرائيندي چيا. ان کان پوءِ هو اڳتي وڌيو ۽ ڪاروباري عورت جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ رکيو.
”بلڪل ٺيڪ“ ارب پتيءَ اعتراف ڪيو.”جيڪا شي توهان جي مضبوط ارادي جي درستگي جي عمل کي انساني اک ڏسندي آهي، اها تربيت روزاني جي بنياد تي حاصل ڪري، توهان مائيڪل اينجلو Michel angelo ۽ ڊاونسي Da Vinci يا ڊزني Disney يا چوپن Chopin يا ڪوڪو چينل Coco Chanel يا روجربينسٽن ROGER Bannister يا پيلي Pele يا مارڪس ايليس Marcus Aurelius يا ڪوپرنيڪس Copernicus ٿي سگهو ٿا. انهن مڙني ذهين ماڻهن، پنهنجي زندگيءَ جو آغاز هڪڙي عام ۽ معمولي ماڻهوءَ جي حيثيت سان ڪيو. پر انهن پنهنجين صلاحيتن جي تعمير لاءِ تمام گهڻي مشق ڪئي ۽ پاڻ کي غير معمولي سطح تائين کڻي وڃڻ جي لاءِ، انتهائي جتن ڪيا، ايتري قدرجو اهي شيون هن لاءِ ڪارآمد بڻجي ويون. اچو مان توهان کي هتي هڪڙو ٻيو نڪتو به ٻڌائيندو هلان، جيڪو مون کي اسپيل بائينڊر سيکاريو هو. ” اعلي ٰ ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارا ماڻهو، ايڏي شاندار انداز سان، طويل عرصي تائين ڪم ڪندا آهن، جو انهن کي ياد به نه رهندو آهي ته اهي عام ماڻهن جي طريقي سان ڪيئن ٿا هلن“.
”ته پوءِ اسان کي ٻڌايو ته اسان ان جي شروعات ڪٿان کان ڪيون“، عورت پڇيو. ”ڇو ته مان ڄاڻان ٿي ته اسان ٻنهين کي تمام گهڻي نظم و ضبط جي ضرورت آهي ۽ سڄي حياتي جاري رهڻ واري بهترين عادتون به رکون ٿا، خاص ڪري صبح پنجين وڳي جي“
”اچو منهنجي پُٺيان اچو“، صنعتڪار هنن کي چيو.
مسٽر رائلي مقبري جي هڪڙي راهداري کان ٿيندو، اونداهن ڪمرن جي پاسي مان گذرندو، هڪڙي ننڍڙي چيمبر ۾ داخل ٿيو. هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪڙو ڪاري رنگ جو تختو رکيل هو. ارب پتيءَ هڪڙو چاڪ کڻي ان تختي تي هڪڙو خاڪو ٺاهيو.
”هي سادو خاڪو يا ماڊل اُن جديد ترين مطالعن جي بنياد تي ٺاهيو ويو آهي، ته عادتون ڪيئن ٺهنديون آهن“. هن ڳالهائيندي وضاحت ڪئي. ”توهان جي شروعات ان ڳالهه کان ٿئي ته توهان ڪهڙي عمل سان شروعات ڪرڻ چاهيو ٿا. صبح سوير جاڳڻ کي پنهنجي ڏينهن جي ابتدا جي عادت بڻائي وڃي ۽ اهو ايترو ئي سولو آهي، جيئن توهان اسڪول جي زماني ۾ هڪڙو الارام پنهنجي سيراندي کان لڳائي سمهي پونداهيا ۽ اهو صبح جو پنجين وڳي توهان کي اُٿاريندو هو. جڏهن اسان روم Rome هلنداسين ته مان توهان کي ٻڌائيندس ته پنهنجي ڪمري ۾ توهان کي ٽيڪنالاجي ڇو رکڻ نه کپي“.
”روم Room“؟ عورت ۽ آرٽسٽ ٻنهي هڪڙي آواز ۾ حيرت ۾ پوندي پڇيو.
ارب پتيءَ هي سوال نظر انداز ڪري ڇڏيو.
”هڪ دفعو جيڪڏهن توهان الارام ڪلاڪ پنهنجي وهاڻي جي هيٺان رکي ڇڏيو تو پوءِ.....جيئن توهان هن خاڪي ۾ مٿي ڏسي سگهو ٿا، ....ته انهن شين تي عمل ڪرڻو آهي جيڪي شيون توهان اختيار ڪرڻ چاهيو ٿا“.
”کڻي اسان هنڌ مان اٿي به وڃون، ٺيڪ؟“ عورت پڇيو.
”ها“، ارب پتيءَ چيو، ”ظاهري طور تي اها ڳالهه ڪرڻ بي تُڪي ٿي لڳي، پر توهان کي هڪدم پنهنجي هنڌ مان ٽپ ڏيئي اٿي بيهڻو آهي، نه ته توهان جو بهانو بنائيندڙ ذهن....پري فرنٽل ڪورٽيڪس Prefrontal cortex....توهان کي لارا لپا ڏيندو ته بستر تي واپس ليٽي پوڻ ڇو بهتر آهي، ان لمحي هڪدم بستر کان اٿڻ تي، توهان نيورو پلاسٽيسيٽي neuroplasticity جي قوت جي مدد سان فوري جاڳڻ جو هڪڙي عصبي سرڪٽ ٺاهي وٺندو ۽ ياد رکو، دماغ جا اهي رستا جيڪي گڏ کلندا آهن ۽ گڏ جڙندا آهن، اهي وقت گذرڻ سان اثرائتي نيورل پاٿ وي ۾ بدلجي ويندا آهن ۽ هي اها ئي گهڙي هوندي آهي جيڏي مهل توهان صبح جو سوير اٿڻ شروع ڪندا آهيو ۽ ائين توهان جي خود اعتمادي کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي. ها، مان به ان ڳالهه کان واقف آهيان ته شروع ۾ اهو ڪم سولو ناهي“.
” ها مون کي خبر هوندي آهي هر تبديلي شروع ۾ مشڪل هوندي آهي، وچ ۾ ٿورو گهٽ ۽ آخر ۾ وري آسان ٿي ويندي آهي“. آرٽسٽ اسپيل بائنڊر جو هڪڙو ٻيو نڪتو بيان ڪندي مداخلت ڪئي.
All change is hard at first, messy in the middle and gorgeious at the end.
”ها، “ ارب پتيءَ اتفاق ڪيو. ”چئن حصن تي مشتمل هن پروگرام جو اڳيون قدم پنهنجي لاءِ انعام/ awardآهي. انعام ان ڳالهه تي ته توهان هڪڙي نئين عادت جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ ان تي عمل ڪري ڄمي بيٺل رهيو. اهو هڪ وڏو ڪم آهي. جڏهن به اڳتي وڌو، پنهنجي لاءِ انعام حاصل ڪرڻ جهڙي قوت کان ڪم وٺو. هلو فرض ڪيو ته توهان لاءِ جيڪو آسان آهي، ان جي ڪرڻ جي بجاءِ توهان اهو ڪم ڪيو ٿا جيڪو توهان لاءِ ڏکيوآهي ۽ اهو ڪم ڪيو ٿا ۽ جئين ئي الارام وڄي ٿو ، هڪدم ٽپ ڏيئي بستر کان ٻاهر اچي ٿا وڃو، جڏهن مان توهان کي ويهه ويهه ويهه 20/20/20 فارمولي تي وٺي ويندس، ته توهان کي بلڪل صحيح صحيح ٻڌائيندس ته صبح پنجين وڳي کان ڇهين وڳي جي فتح واري ڪلاڪ ۾ توهان کي ڪرڻو ڇاهي؟“.
”اڙي يار...توهان اسان کي اهو پڙهائڻ وارا آهيو“؟ آرٽسٽ مداخلت ڪئي.
هو بي ادبي نه ڪري رهيو هو، پر جيڪڏهن توهان به هن چيمبر ۾ انهن ٽنهين سان گڏ هجو ها ته توهان کي احساس هجي ها ته هو ان انداز سان ان ڪري ڳالهائي رهيو هو ته فائيو اي ايم ميٿڊ The 5AM Method ۾ دلچسپي وٺي رهيو هو. اهو ئي سڀ ڪجهه هيو، بس.
”ويهه ويهه ويهه 20x20x20 وارو فارمولو سڀاڻي صبح جي سيشن جو موضوع آهي“. ارب پتيءَ وڏي دلچسپيءَ سان چيو. ”اڄ اسان موجوده ٽين قدم تي ڌيان ڌريون ٿا. توهان کي پنهنجي لاءِ انعام پاڻ طئي ڪرڻو آهي، خود اعتمادي جي وڏن ماهرن موجب نئين عادت کي جاري رکڻ ۽ پنهنجي رويي ۾ تسلسل قائم رکڻ لاءِ هي ضروري اپاءَ آهن. صبح جو سج اڀرڻ مهل ئي توهان جو انعام اهو ٿي سگهي ٿو ته توهان منجهند جي ماني ءَ کان پوِءِ مٺي چاڪليٽ جو سواد وٺو، يا ڏينهن جو هلڪي ننڊ ڪرڻ جو، يا وري توهان پنهنجي پسند جو ڪتاب پنهنجي لائبريري لاءِ وٺو/ وٺجي. اهو توهان تي آهي ته توهان کي ڪهڙي شي سُٺي ٿي لڳي“.
”سمجهي ويس“، عورت چيو. هن کي هاڻي ان تي يقين ٿيڻ لڳو هو ته اها سڄي ڄاڻ هن کي ڪاروبار ۾ مدد ڏيندي ۽ هن جي مائنڊ سيٽ mind set ، هارٽ سيٽ Heart set ، هيلٿ سيٽ Health set ۽ سول سيٽ Civil set کي شاندار ڪري ڇڏيندي. ... ۽ ائين ئي هن جي سڄي زندگي ڪمال جي ٿي سگهي ٿي.
”بهترين ۽ هاڻي اسان هن خاڪي جي آخري نڪتي ڏانهن اچون ٿا“. ارب پتيءَ چاڪ جو ٽڪڙو کنيو ۽ اهو لفظ ”ٻيهر“ (repetition) تي اڇلي بليڪ بورڊ تي هنيو.
”توهان کي پنهنجي ڪمزور سيل کي تباهه ڪرڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي انهن حوالن کان آزاد ڪرڻ جيڪو توهان جي بهترين سوچ جي نڙي تي لت ڏيئي رهي آهي. ان لاءِ توهان کي پنهنجي نئين ورتاءُ کي بار بار دهرائڻ گهرجي ۽ ان لاءِ توهان پاڻ کي تڪليف ۾ وجهو. ان لاءِ مون وٽ مناسب لفظ استقامت ۽ ثابت قدمي steadfast آهن. فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبرشپ کي سڄي حياتي ثابت قدمي سان گذاريو/سان رکندا اچو. ان انقلاب واري قدم کي وچڙيل رهو ۽ ان کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ ڪو به هيلو يا بهانو نه ڪيو. هر دفعي جڏهن توهان هن تي عمل ڪندو، توهان جو پاڻ سان تعلق اڃان به پڪو ٿيندو ويندو. هر صبح جو جڏهن توهان ننڊ مان اٿندو ته توهان جو موڊ سٺو ٿيندو، توهان جي خود اعتمادي کي جلا ملندي ۽ توهان جي روح ۾ هڪڙي چنگاري ٻري پوندي. منهنجو خيال آهي ته مان توهان ٻنهين بهترين انسانن کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهيان ته توهان جي ذات جي سڃاڻپ ماڻهن جي ڀيڙ ۾ نه ٿيندي.. توهان کي خلوت جي هلڪي ۽ جهيڻي روشنائيءَ ۾ مشق ڪرڻي پوندي. جڏهن توهان تنهائي ۾ هوندو ۽ توهان کي ڏسڻ وارو ٻيو ڪو به نه هجي، تڏهن توهان ڪم ڪيو، تڏهن توهان ڏسندڙن جي نظرن ۾ اهڙا ئي ماهر ٿي ويندو جو توهان کي ڪو به شڪست نه ڏيئي “.
”مون چيمپين شپ اسپورٽس Championship sports teams ٽيمن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه پڙهيو آ“، عورت ڳالهايو. ”ان مان مون کي منهنجي ڪميٽي جي ٽيم تيار ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملي. ان مان مون هڪڙي شيءَ سکي آهي ته ڪنهن ٽيم کي ڪامياب بنائڻ ۾، راند جي آخري گهڙين ۾ سٺي راند کان وڌيڪ ٽيم جي منظم ٿيڻ جي مشق هوندي آهي.“
”بلڪل“، ارب پتيءَ تسليم ڪيو. ”راند جي آخري گهڙين ۾ چيمپينز championship جي اپاءَ پاڻمرادوautomatic هوندا آهن. ڪلاڪن جي تربيت دوران اڻٿڪ محنت ۽ مشق ئي مشق ئي زندگي آهي“.
”تمام اهم نڪتو coop point “، آرٽسٽ پنهنجي منهن سان سوچيو.
”ان کان اڳ ۾ جو مان توهان کي اڄ صبح جو وڃڻ جي اجازت ڏيان، مان توهان کي هڪڙو ٻيو ماڊل سيکارڻ چاهيان ٿو. هن ماڊل مان خبر پوندي ته ڪنهن نئين عادت کي اختيار ڪرڻ لاءِ 66 ڏينهن عمل ڪرڻو پوندوآهي. ان کان اڳ ۾ جو مان توهان کي ان عمل جي باري ۾ ٻڌايان، مان توهان ٻنهين کي خود نظمي جون ڪجهه ڳالهيون تڪڙي تڪڙي ٻڌائڻ چاهيان ٿو“.
”واهه، تمام بهترين great “، آرٽسٽ جواب ڏنو” اڄ جو سبق مون لاءِ تمام اهم آهي، ان مان مون کي پنهنجي دير سان اٿڻ واري عادت کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ مون کي يقين آهي ته مان پنهنجي آرٽ جي معيار کي بهتر ڪري سگهندس. هونءُ مون پنهنجي جسماني صحت ڏانهن اڳ ۾ ئي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي“.
“ها، ائين ته آهي“ عورت اک جي اشاري سان اتفاق ڪيو.
“He has”, agreed the entrepreneur with a wink
”اهو ياد رکو ته جڏهن خود اعتمادي ٿڪجي ڪمزور ٿي پوندي آهي،. سائنسدان ان کي ”ايگو ڊيپليشن ego depletion “ جو نالو ڏين ٿا. ڏسو توهان هر صبح جو سليف ڪنٽرول جي فل بيٽري سان گڏ اُٿندا آهيو. اهو ئي سبب آهي جو مان چاهيان ٿو ته.توهان اهڙي وقت ۾ صبح پنجين وڳي هنجي اندروني زمينن تي بار وجهي ڪم وٺو، جڏهن توهان جي قوت/طاقتور هوندي آهي/ ڀرپور هجي. هتي هڪڙو اهم نڪتو آهي؛ جيئن جيئن توهان جو ڏينهن گذرندو آهي، .....ميٽنگز ۾ وڃڻ، پيغام ڏسڻ/مسيجز پڙهڻ، مختلف ڪم ڪرڻ، پاڻ کي باقائدي ڪم ۾ محو رکڻ اصل ۾ توهان جي پنهنجي اهليت/صلاحيت کي ڪمزور ڪندي رهي ٿي.. ٿڪاوٽ جي باوجود ڏورا/مسل ڪمزور ٿيڻ سان، ڪارڪردگي متاثر ٿيڻ سان، حقيقت جي خبر پوي ٿي ته انتهائي ڪامياب انسان، آخر ۾ ايترو/اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ڪامياب ماڻهو پنهنجي ڪريئر جي آخري حصي ۾ اهڙيون بيوقوفيون ڇو ڪري ويهندا آهن، جن مان انهن جو ڪريئير ئي برباد ٿي ويندو آهي. اصل ۾ اهي سڄو ڏينهن اهم فيصلا ڪندا رهندا آهن ۽ پوءِ ٿڪجي پوندا آهن. شام ٿيندي ئي انهن جي بيٽري ۾ جان ئي نه ٿي رهي، ته هو پنهنجي خواهشن کي قابو ڪري سگهين“.
”تمام بهترين“، عورت اشارو ڪيو. ”ان مان تمام گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ويو“.
”ان سلسلي ۾ اهم نڪتو اهو آهي ته وقفي سان آرام ڪجي، ته جيئن سليف ڪنٽرول مسلز جي توانائي بحال رهي“. ارب پتيءَ واضح ڪيو. ”ان کي ڪڏهن تمام گهڻو ٿڪجڻ نه ڏجو. جڏهن توهان ٿڪل هوندا آهيو، ته توهان جي خود اعتمادي ڪمزور ٿي ويندي آهي. ان مان با خبر رهڻ تمام ضروري آهي، اسان پنهنجا بدترين فيصلا ۽ گهٽ پسند جا ڪم ان وقت ڪندا آهيون، جڏهن اسان صفا ٿڪجي چُور ٿي پئون ٿا. ان ڪري پاڻ کي ٿڪجڻ نه ڏيو ۽ ڪم دوران ٿورو وقفو ڪيو. مون وٽ نهايت ئي ڪمال جي تربيت وارو سيشن آهي، جيڪو مان توهان کي ڪنهن ٻي ڀيري ٻڌائيندس ته دنيا ۾ ڪامياب ماڻهو پنهنجا انمول اثاثا مثال جي طور؛ خود اعتمادي کي ڪيئن محفوظ رکجي، ان تي وري ڪنهن ٻي دفعي ڳالهائينداسين“.
مسٽر رائلي کنگهڻ شروع ڪيو. کنگهه معمولي نه هئي، ڌيان طلب هئي.
Mr.Riley began to cough. A concerning throaty cough. Not an insigant once.
”اوهه“، هن پنهنجي آواز کي سهيڙيندي چيو.” مهرباني ڪري اها ڳالهه به ياد رکو ته تحقيق ان خيال جي تصديق به ڪندي آهي، بيروني نظم وضبط توهان جي اندروني نظم وضبط جي ڊسپلين ۾ اضافو/مددگار آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسٽيوجوبسSteve Jobs جڏهن ”نيڪسٽ“ NeXT ۾ ملازم هو ته هو پنهنجي ڪم واري جاءِ تي گهٽ کان گهٽ شيون رکندو هو. سڄي جاءِ کي سفيد رنگ ڪرائي ڇڏيو هو. بي ترتيبي توهان جي سيلف ڪنٽرول کي تباهه ڪري ٿي ڇڏي ۽ توهان جي سوچڻ واري قوت کي چوري ڪري ٿي ڇڏي“.
”شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو ذهين ماڻهو ڪيترن ڏينهن تائين هڪڙو ئي يونيفارم پائيندا آهن“. آرٽسٽ تبصرو ڪيو. ”اهي پنهنجي زندگي ۾ سڪون ۽ راحت قائم رکڻ چاهيندا آهن ۽ اهو سمجهن ٿا ته هر صبح جو اهي محدود خود اعتمادي ۽ گهٽ ذهني توجهه سان گڏ اُٿندا آهن. ان ڪري پنهنجي اهم خوبين جي توانائي کي ڪپڙن جي چونڊ، کائڻ پيئڻ جي پسند ناپسند تي ضايع ڪرڻ جي بجاءِ، اهي جيترو گهڻو ممڪن ٿي سگهي، بنيادي شين تي ڪم ڪندا آهن. اهي پنهنجون مضبوط قوتون پنهنجين ڪجهه اهم سرگرمين تي ختم ڪري ڇڏين ٿا. هاڻي مونکي سمجهي ۾ اچي ٿو ته ذهين ماڻهو گهڻو ذهين ڪيئن ٿا ٿين. جيڪڏهن مان سڄو ڏينهن پنهنجي آرٽ ۾ مصروف رهان ۽ ٻيا ڪم به ضرورت موجب ڪيان ته مان فيصلي جي ٿڪاوٽ جو شڪار نه ٿيندس ۽ غلط چونڊ ڪري نه سگهندس. جئين بي وقوفاڻا ٽي وي پروگرام ڏسڻ، تمام گهڻا غير صحت بخش کاڌا کائڻ، سگريٽ پيئڻ... جهڙن ڪمن ۾ ڦاسي شام وارو وقت به ضايع نه ڪندس“.
”ٺيڪ“، ارب پتيءَ چيو. ”توهان ٻيئي ڄڻا ايتري ڳالهه ته سمجهي ويا آهيو ته هر تبديلي ابتدا ۾ مشڪل، وچ ۾ ٿوري گهٽ ۽ آخر ۾ آسان ٿي ويندي آهي. جڏهن نئين عادت تي عمل ڪرڻ ۾ وقت لڳي ته هي ڳالهه توهان جي مدد ڪري سگهي ٿي. هلو هاڻي اسان اسپيل بائينڊر جي ٽن مرحلن واري ماڊل جي گهرائي ۾ هلون ٿا، جيڪا هر عادت اختيار ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. ائين توهان صبح سوير اٿڻ واري عادت تي بيٺل رهندو. توهان جيڪو ڪجهه سکڻ وڃي رهيا آهيو، توهان کي ان ۾ سچي ۾ ڏاڍو مزو ايندو. واعدو ڪيو ته توهان ان تي مڪمل توجهه ڏيندو. پوءِ اسان ان کي حقيقي صبح چئي سگهون ٿا“.
” اسان واعدو ڪيون ٿا “، عورت ۽ آرٽسٽ ٻنهي گڏجي اقرار ڪيو.
” پڪو واعدو“ ارب پتيءَ پنهنجو سامان کڻندي چيو.
”جي ها پڪو واعدو“ عورت به ها ۾ ها ملائيندي چيو.
”جي ها بلڪل پڪو ارادو“ آرٽسٽ به اتفاق ڪيو.
”تمام بهترين“، سيٺ جوش ۾ اچي ويو.
ان موقعي تي هڪڙو چوڪيدار جيڪو ٽنهين کي هتي وٺي آيو هو هن پنهنجي پٺي تي لڙڪيل ٿيلهي مان هڪڙو چارٽ ڇڪي ڪڍيو. ان ڪاغذ تي هن قسم جو فريم ورڪ ٺهيل هو.
عادت وجهڻ جو پروٽوڪول
”ڪابه نئين عادت اختيار ڪرڻ لاءِ توهان کي پُراڻي عادت جي خاتمي جي ابتدائي دور/مرحلي مان گذرڻو پوندو“. مسٽر رائليءَ خاڪي جي پهرئين فيز ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”ان تي ڪم جاري رکنداسين، ته يقينن توهان هن جي اڳئين فيز تي پهچي ويندا، جتي نئين عادت جا رستا (نيورل پاٿ وي neural pathways)) ٺهڻ شروع ٿي ويندا آهن. اهو ئي سڀ کان وڌيڪ ڏکيو مرحلو آهي ۽ جڏهن توهان پنهنجي مشق جاري رکندو ۽ نئين معمول کي عمومي معمول جو حصو بڻائي ڇڏيندا ته توهان ٽين فيز تي پهچي ويندا. جيڪو نهايت ئي زبردست مرحلو آهي.؛ تڪميل (انٽيگريشن integration) ان پوري مشق ۾، يونيورسٽي آف لنڊن University college of Londonجي تحقيق جي مطابق تقريبن 66 ڏينهن لڳندا آهن. اسپيلبائينڊر پنهنجي علم موجب ان طاقتور عمل کي (دي 66 ڊي منيممThe 66 days Minimum ) چون ٿا. ڪا نئين عادت بنائڻ لاءِ توهان کي گهٽ ۾ گهٽ 66 ڏينهن جي مشق ڪرڻي پوندي. ان ڪري ڪجهه ڏينهن پوءِ ، ڪجهه هفتن کان پوءِ ۽ ويندي ٻن مهينن کان پوءِ به اهو ڪم نه ڇڏيو ۽ جڏهن معاملو فائيو اي ايم ڪلب ۾ شامل ٿيڻ جو آهي ته ان لاءِ به پنهنجي پاڻ سان واعدو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ 66 ڏينهن لڳاتار ڪندا رهندو. کڻي ڇا به ٿي پوي. توهان بس، هي هڪڙو ڪم ڪري وٺو. توهان جي باقي زندگي انتهائي طور تي بهتر ٿيندي. هي مان توهان کي دل جي گهرائين سان چئي رهيو آهيان“. ارب پتيءَ چيو.
”ڏسو، هر تبديلي ابتدا ۾ ڏاڍي ڏُکي هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسپيل بائينڊر پهرئين فيز کي ”destruction“ جو نالو ڏنو. جيڪڏهن نئين عادت کي شروع ۾ اختيار ڪرڻ ڏکيو نه هجي ته ان جو مطلب آهي ته هي حقيقي تبديلي نه ٿيندي. اها مشڪل ان ڪري هوندي آهي ته توهان پراڻي عادت کي جڙ مان ختم ڪندا هوندا آهيو ۽ نئن عادت کي نئين جڳهه ۾ منتقل ڪندا آهيو. توهان پنهنجي دل ۽ جذبن جي نئين سر سان وائرنگ ڪندا آهيو. ان دوران توهان جا پراڻي عادت وارا جذبا ۽ احساس به دم ٽوڙي رهيا هوندا آهن. ڇا توهان ڄاڻون ٿا ته جڏهن خلائي شٽل کي خلا ۾ زمين کان ڇڏيو ويندو آهي ته هو زمين جي چوڌار ڦرڻ شروع ڪندو آهي ۽ ان ۾ هن جو جيترو تيل خرچ ٿيندو آهي، ان کان وڌيڪ تيل ان کي زمين ڇڏي ڏيڻ تي هن کي ايندڙ 60 سيڪنڊن اندر استعمال ڪرڻو پوندو آهي“.
”ڇو ته جڏهن هي زمين کان مٿي اٿندو آهي ته هن کي زمين جي ڪشش ثقل کان ڇڏائڻ لاءِ، وڌيڪ قوت ۽ توانائي جي ضرورت پوندي آهي“. آرٽسٽ اعتماد سان چيو.
”بلڪل صحيح“، ارب پتيءَ ڳالهه وڌائيندي چيو. ”هن کي زمين جي ڪشش وارين قوتن کان نڪرڻ ۽ پنهنجي رفتار تي پهچڻ لاءِ تمام گهڻي تيل جي ضرورت هوندي آهي. پر جڏهن به هو پنهنجي اسپيڊ کي تيز ڪري ڇڏيندي آهي ته جهاز هلندو رهندو آهي. ڪنهن به نئين عادت کي اختيار ڪرڻ وارو پهريون مرحلو ...خاتمي جو مرحلو... ان جو مثال بلڪل ائين ئي آهي جيئن ڄڻ ته توهان جي اندر ۾جن پرُاڻين عادتن جون پاڙيون کپي ويون آهين، پراڻيون رسمون توهان تي مسلط آهن ۽ عام رواجي نموني جيان زندگي گذري رهي آهي. توهان کي انهن کي ضابطي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. توهان کي پنهنجي ثقل جي قوتن کان مٿانهون ٿيڻو پوندو. ايتري قدر جو توهان کي پنهنجي رفتار (اسڪيپ ويلاسٽي escape valacity ) تائين پهچي وڃو. شروع ۾ اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي، مان توهان سان ڪو ڙ نه ٿو ڳالهايان. توهان ٻيئي جڏهن کان مون سان گڏ آهيو، صبح جو سوير اٿڻ واري معاملي ۾ تمام سٺو نڀايو آهي. تنهن جي باوجود جيسين تائين توهان ان پهريئن مرحلي ۾ آهيو، توهان کي گهٽ ۾ گهٽ 22 ڏينهن ان ۾ لڳائڻا پوندا. گهٻرائڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي. هي نئين عادت کي پاڻ ۾ سمائڻ جو هڪڙو حصو آهي ۽ ان کان پوءِ ڪو به پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۽ شاندار زندگي حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو. گهڻن لاءِ هن پهريئن فيز ۾ روزانو صبح جو سوير اٿڻ تمام ڏکيو آهي. ان جي دل چوندي آهي ته اهي ان کي اِتي ئي ڇڏي ڏين. انهن کي اها شڪايت هوندي آهي ته صبح جو سوير اٿڻ هنن لاءِ فائديمند نه آهي ۽ اهُي ان معمول لاءِ نه ٺهيا آهن. ان جي ڪري ئي انهن کي اها تڪليف ٿئي ٿي. ان حوالي سان منهنجي هڪڙي ننڍڙي راءِ آهي ته اهو عمل هر قيمت تي جاري رکو. جيڪي شيون ڏکيون لڳن ٿيون، اهي ايتريون اهم به هونديون آهن. اهو ياد رکو ته دنيا جي ڪامياب ماڻهن ۽ فاتحن تڏهن ڪاميابي ۽ فتح حاصل ڪئي، جڏهن انهن پنهنجا اهم ڪم، کڻي ڪيڏا نه ڏکيا ڇو نه هجن، ڇڏي، پنهنجو ڪم جاري رکيو ۽ ان کي مڪمل ڪري ڏيکاريو. هي ڳالهه به ياد رکو ته جڏهن به توهان کي ڪنهن شيءَ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته هميشه ان شي جي چونڊ ڪيو جيڪا توهان کي سڀ کان اڳتي وٺي وڃي. توهان جي سوچ ۾ اضافو ڪري ۽ توهان جي فطري خوبين، ٽيلينٽ ۽ شخصي قوتن کي ٻاهرڪڍي نکاري. ان ڪري جڏهن به توهان جي دل چوي ته اهو ڪم ڇڏي ڏيو ۽ توهان اهو ڪم جاري رکو. توهان پوءِ تمام جلدي اڳئين مرحلي ۾ هوندو. ان سان گڏ اهو به ياد رکو ته پاڻ کي پراڻي طبيعت وارا بيڪار خيال، ٿڪل احساس ۽ پڪا جذبا ان عمل جو لازمي حصو آهن. ان کان هٽي ڪري ناهن. هي پهريان 22 ڏينهن اهڙو ئي سمجهو ڄڻ ته توهان کي ڪنهن هلڪو ٽارچر ڪيو هجي“.
”پُراڻي عادت جو خاتمو يا تلفي پهرئين فيز ۾ ان ڪري به ضروري آهي جو ان تي نئين عادتن جي تعمير ڪري سگهجي. ائين ئي آهي نه؟“ عورت پڇيو.
”ائين ئي آهي“. مختصر طور تي ارب پتيءَ تصديق ڪئي، ”۽ اهو به ته توهان جيڪڏهن ڪو ڪم اڳ ۾ نه ڪري سگهيا ته ان جو مطلب اهو به ناهي ته توهان اهو ڪم وري نه ڪري سگهندو؟. هن حوصلي کي بلند ڪندي پنهنجي ڳالهه جاري رکندو چيو.” مون جيڪا ڳالهه اڳ ۾ ڪئي هُئي، اُها وري دهرايان پيو ته جيئن توهان ان کي پنهنجي ذهن ۾ ويهاري سگهو. جيڪڏهن اهو شروع ۾ مشڪل نه هجي ته پوءِ سمجهو ته اها حقيقي ۽ اهم تبديلي نه هوندي. معاشريءَ اسان کي اهو سيکاريو آهي ته ڪو ڪم توهان کي شروع ۾ ڏکيو لڳي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو نقصانڪار آهي، ان ڪري اسان جيڪو ڪجهه ڪيون ٿا، اهو اسان کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ واپس پنهنجن پُراڻن خيالن ۽ ساڳين ڪم ڪارين سان جنبي ونڃي. ان صورت ۾ ڪا به سوچ بهتري ڏانهن نه ويندي ته اسان کي اهو ڪم بند ڪرڻ گهرجي، جيڪو اسان ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي ان نارمل گهر ڏانهن موٽڻ گهرجي، جيڪو اسان لاءِ محفوظ آهي. بهترين شخصيت سازي جي عمل ۾ ٻُڙي جيتري ترقي ۽ ارتقا جو نتيجو به اهو ئي ٻُڙي نڪرندو“.
” ڪيڏو نه سچ ٿا چئو“، عورت اتفاق ڪيو. مان جن ماڻهن کي سُڃاڻان ٿي، اهي روزانو ساڳيا ڪم دهرائيندا رهن ٿا. سڀ ته نه پر اڪثر ماڻهو ، اُهي ئي خيال، اهو ئي رويو ۽ وري اُهي ئي حرڪتون“.
”سچ ته اهو آهي ته ائين ناهي ته اهي پاڻ کي بدلائي نه ٿا سگهن“. مسٽر رائليءَ چيو. بلڪ انهن پنهنجي سوچ کي مٽائڻ ۽ بهتري ڏانهن وڌڻ جو پڪو ارادو ئي ناهي ڪيو، پوءِ وري آسرو ڪيو ويٺا هوندا آهن ته انهن جي زندگي ۾ ڪو معجزو ٿئي، توهان سمجهو ٿا ته جيڪا شيءَ توهان لاءِ اڄ آسان آهي، اها ڪنهن وقت توهان لاءِ ڏاڍي ڏُکي هئي“.
پوءِ ارب پتيءَ محافظ کي چيو، ته اهي مٿين خاڪن جي ٻيئن مرحلي ۾ پنهنجي ٽارچ سان روشني وجهن. ”ڪرشنا تنهنجي مهرباني“ هن محافظ جو ٿورو مڃيو.
”هتي ڏسو.. مڙئي تبديلون وچ ۾ گهٽ تڪليفده ۽ ٿڪائيندڙ هونديون آهن. ان عمل جي خاڪي ۾ ٻيون فيز ؛(انسٽاليشن installations) جو آهي، هي بلڪل اهڙو ئي آهي، ڄڻ توهان پنهنجون اندريون شيون صاف پيا ٿا ڪيو. پراڻين بنيادن کي جيڪڏهن ڦاڙي/پٽي اڇلايو وڃي ته نوان بنياد ان کان وڌيڪ بهتر ۽ سٺا ٿي سگهن ٿا. توهان کي ائين محسوس ٿيندو ته توهان کي ٻيو ڪجهه به ڇڏڻو نه پوندو....۽ پوءِ توهان فائيو اي ايم ڪلب ۾ داخل ٿيڻ کان ڪيٻايو ٿا. توهان هن فيز ۾ گهڻو وقت پنهنجي نرم بستر تي اڃان به ليٽيل رهندو ۽ تارا ڳڻيندا رهندو ۽ پاڻ کي اهو دلاسو ڏيندو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، پر اڃان به ائين به ٿيندو آ. ڪو فرق نه ٿو پوي. توهان کي نظر نه ٿو اچي. پر ان مرحلي تي توهان پنهنجي نئين عادت ڏانهن وڌندا رهو ٿا، پوءِ توهان سڄي زندگي صبح جو معمول بنائڻ جي قابل ٿي وڃو ٿا. شيون آهستي آهستي آسان ٿينديون وڃن ٿيون. پر ڪجهه ٿڪل ۽ تڪليفده به هونديون آهن. گهٻراهٽ به ٿئي ٿي. حقيقت هي آهي ته هن مرحلي ۾ توهان جي سوچ بهتري ڏانهن وڌندي ويندي. توهان ڪنهن نئين بلندين تي پهچڻ جي قابل ٿي رهيا هوندا آهيو، مشهور نفسيات جي ماهر ڪارل يونگ Carl Jung جي قول موجب؛ ”ڪنهن به بيترتيبي ۾ به هڪڙِي لڪل ترتيب هوندي آهي“.
In all disorder there is a secret order
”ان ڪري جڏهن توهان پاڻ کي صبح جي معمول جي هن انمول عادت کي پاڻ ۾ سمايو ٿا ته توهان جي دماغ جو سڄو ڍانچو مخالف رستا ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو. توهان جو سڄو نظام نئين سر ترتيب وٺي ٿو. توهان ڪنهن ڌارئي رياست ۾ داخل ٿي ويندا آهيو. ساوا گونچ ڦٽي رهيا هوندا آهن. Sprouting green shoots نيرو سمونڊ مستيءَ ۾ آهي going blue ocean. توهان پنهنجي لڪل مهارتن جي حدن کا واقف ٿي فتح حاصل ڪري رهيا آهيو ۽ انساني قوتن جي نئين دنيا دريافت ٿي رهي آهي. ان دوران خوف جو هارمون ڪارٽيسولCortisol؛ the fear harmoneوڌي ويندو آهي. ان ڪري توهان ڪيترائي ڀيرا ڊڄي ويندا آهيون. اهو ان ڪري ٿيندو آهي ته ان دوران توهان جو دماغ پنهنجي ميڙيل توانائي کان به وڌيڪ توانائي استعمال ڪندو آهي، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته گهڻا ماڻهو ٻين مرحلي ۾ پهچڻ تي ٿڪجي پوندا آهن، قديم فلسفي ۽ درويش ان قسم جي تبديلي کي ”روح جي ڪاري رات“ Dark night of the soul سان ڀيٽ ڏيندا آهن. ڇا توهان نه ڏٺو ته هڪڙو صفا خصيص ڪيڙو لاروا....حيرت ۾ وجهندي پاڻ کي مٽائي ويندو آهي ۽ پوءِ اهو وري پوپٽ بنجي ويندو آهي. صوفي حقيقي تبديلي جي سفر کي هلڪن هلڪن موتن سان ڀيٽ ڪندا آهن. اسپيلبائنڊر چوي ٿو ته ”پاڻ کي عظمت جي مقام تي بلند ڪرڻ جي لاءِ، توهان کي پنهنجين ڪمزورين جي قبر ۾ لهڻو پوندو“
.For you to upgreat to greatness you must undergo an annihilation of your wakness.
تمام وڏا لفظ آهن. منهنجو گرو سچ ٿو چوي. ٻين مرحلي ۾ ٿي سگهي ٿو، ڪٿي وري توهان کي ڀلي لڳي ته سڀ ڪجهه برباد ٿي رهيو آهي. پر حقيقت هي آهي ته هاڻي توهان کي حوصلو ملندو، بلڪ تمام گهڻو حوصلو ملندو. توهان سکي چڪا آهيو ته انسان جو تصور اڪثر حقيقت نه هوندو آهي. توهان دنيا کي فقط هڪڙي انگ سان ڏسي سگهو ٿا. حقيقت اها آهي ته حفاظت جو فريب مهارت جي بلندين کان گهڻو مٿي خطرناڪ هوندو آهي. ان ٻيئي مرحلي ۾ اسان توهان تقريبن 22 ڏينهن گڏ رهيا آهيون ۽ بس، ياد رکو ته ان کان پوءِ، توهان کي اهڙا انعام Unfathomable ملندا جن جو ذڪر نه ٿو ڪري سگهجي“.
”توهان جيڪو ڪجهه چيو، اهو مون کي ڏاڍو وڻيو. آرٽسٽ مداخلت ڪئي. ”مان صبح سوير اٿڻ وارو معمول سڄي زندگي جاري رکندس... ڀلي ان ڪوشش ۾ مان مري به پوان،“. هن پاڻ سان واعدو ڪيو.
I love all that you just said, “Interjected the artist. I’ll intall the early rising ritual for the rest of my life-even if it kills me trying”. He promised.
ارب پتيءَ خاموش ٿي ويو.
”مان تبديلي جي ان عمل مان ڪيترا ئي ڀيرا گذري چڪو آهيان. هر دفعي جڏهن مان ڪا نئين عادت، وڏي مهارت، ويندي ڪابنيادي يقين به منهنجي ذهن ۾ اچي ٿو ته مون کي موت ۽ پيدائش نو جي عمل مان گذرڻو پوي ٿو. مون کي چوڻ ڏيو ته ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ائين لڳي ٿو ته مان موت ۽ نئين جنم واري دنيا ۾ داخل ٿي ويندو آهيان. اهو ئي سبب آهي جو تمام گهٽ ماڻهو عاليشان زندگي تائين پهچي سگهن ٿا ۽ معاشري کي ڪجهه ڏيئي سگهن ٿا. اها راند موت جا رانديگر ئي کيڏي سگهن ٿا. ان لاءِ تمام گهڻي بهادري، انتهائي اعتماد ۽ هڪڙو مضبوط ڪردار کپي. توهان جي اندر ۾ اهو سڀ ڪجهه هئڻ کپي. تڏهن وڃي توهان ان جو اطلاق ڪري سگهو ٿا. پر جيئن ته مان اڳ ۾ چئي چڪو آهيان ته اهو سڀ مشق ۽ صبر سان توهان لاءِ انتهائي سولو ۽ دلچسپ ٿيندو ويندو.“
”ها ته منهنجا ڀائرو“، ارب پتيءَ همٿائيندڙ فٽ بال جي ڪوچ وانگيان پنهنجا ٻئي هٿ ملائي، تاڙي وڄائيندي چيو. ”مون کي خبر آهي ته توهان ٻنهين کي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ اچي رهيون آهن. ان ڪري اچو ته ان کي اڳتي وڌايون. پنهنجي پُراڻي عادت کي ڇڏيندي، نئين عادت اختيار ڪرڻ جو عمل جاري رکڻ آهي ۽ اهو پهرئين مرحلي ۾ هوندو. پوءِ پنهنجي دماغ ۾ نئين سرڪٽ جي تشڪيل جاري رکڻو آهي. جيڪو نيوروپلاسٽيسٽي ۽ نون رستن کي تعمير ڪرڻ جي ڪري ٿيندو. هي ٻين فيز جو عمل آهي. هي ڪم ڪري وڃو ته پوءِ توهان يقينن ٽيئن مرحلي ۾ داخل ٿي ويندو. توهان جي شخصيت سازي جو آخري مرحلو ”اتحاد“ integrationآهي. ياد رکو هر تبديلي شروع ۾ مشڪل، وچ ۾ گهٽ ۽ آخر ۾ وري سولي/شاندار ٿي ويندي آهي“.
ارب پتيءَ وقفو ڪيو، ٿورو کليو، پوءِ پنهنجن آڱوٺن کي ڇهيو، هن وري ٻيهر پنهنجين آڱرين جي وچ م گوشت کي چمي ڏني ۽ پوءِ وري هن ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو.
The billionaire paused, smiled gently and then touched his toes. He kissed the flesh between his fingers again. Then he went on.
”جڏهن آخري مرحلو اچي ٿو ته توهان کي فائيو اي ايم ڪلب جي تاحيات ميمبرشپ جو فائدو ٿئي ٿو. توهان جا 66 ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن...جيڪو نئون معمول انساني دماغ کي ڄمائڻ لاءِ گهرجي. ان ڪري اهو هڪڙي قسم جو ڪاميابي جو وقت آهي. توهان ابتدائي انتشار کان اڳتي وڌي چڪا آهيو ۽ مضبوط قوت ارادي جا وڏا ماهر بڻجي نڪتا آهيو. هاڻي توهان جي سوچ بهترين ٿيندي. هاڻي توهان وڏي راند، گهڻن ماڻهن تي اثر وجهڻ ۽ دنيا کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ واري قابليت حاصل ڪري چُڪا آهيو. توهان تسلسل ۽ بهادريءَ سان جيڪي سختيون سٺيون آهن، جيڪي قربانيون ڏنيون آهن ۽ تڪليفن کي منهن ڏنو اٿو، هن مرحلي تي هڪڙي نئين عادت جي شڪل ۾ سامهون نظر اچي رهيون آهن ۽ ان جا اثر توهان پنهنجي نفسياتي، جذباتي، جسماني ۽ روحاني پهلوئن ۾ محسوس ڪندو. توهان ۾ نواڻ توهان جي عادت بڻجي چڪي آهي“.
”معمول Normal “، آرٽسٽ حيراني مان پڇيو. ”زندگي آسان ٿيندي پئي وڃي“،.
ارب پتي هڪدم تاج محل جي فرش تي ڪري پيو ۽ وڌيڪ پش اپ push up شروع ڪري ڇڏيا.
هو اهڙو باڪسر نظر اچي رهيو هو، ڄڻ هو ڪنهن سان هينئر مقابلي لاءِ تيار هجي.
”اڙي توهان هي ڇا ڪري رهيا آهيو“، عورت سوال ڪيو. ”هي ته منهنجي تصور کان به وڌيڪ احمق آهي“. عورت دل ۾ سوچيو. ”پر هي مون کي پسند آهي“.
” زندگيءَ جو بنيادي مقصد اڳتي وڌڻ/ترقي ڪرڻ آهي؛ پنهنجي طاقت کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ مسلسل ڪوشش، منهنجا روزانا ڏنڊ ڪڍڻ /پش اپ ڪرڻ، پاڻ کي ورلڊ ڪلاس لاءِ پنهنجي جسماني درستگي/ باقائدگي سان بهترين تربيت جو ڪارڻ بڻجي ٿو. بلڪ مان ان مشق جي ڪري پاڻ کي جوان به محسوس ڪيان ٿو، خوش ۽ زندگي سان ڀرپور، پنهنجن لڪل صلاحيتن کي مادي شڪل ڏيان ٿو. منهنجا روز جا تجربا نه فقط مون کي غير معمولي ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪن ٿا. بلڪ ان جي ڪري ئي مان پاڻ کي نوجوان، خوش ۽ زنده محسوس ڪيان ٿو جڏهن ته بوريت انساني روح جو خون ڪري ٿي ڇڏي /بيزاري ته انساني روح کي ختم ڪري ٿي ڇڏي“.
صنعتڪار اُٿي بيٺو.
”ڪامياب رانديگر جڏهن ڪنهن جبل جي چوٽيءَ تي پهچي ٿو، ته اُتان وري ٻي چوٽي هن جي اوسيئڙي ۾ هوندي آهي. هڪ نئين عادت جي پالنا، هڪ ٻي سُٺي عادت اختيار ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪري ٿي. ڇا توهان کي خبر آهي ته مان روزانو هڪ هزار پُش اپ لڳائيندو آهيان. تمام بهترين مشق آهي هي. بلڪ ڪجهه بهترين مشقن مان هڪ آهي ۽ تمام سولي به. هي مون کي سنهڙو ۽ چست رکي ٿي. هي منهنجي ڪمن لاءِ ضروري آهي. ورزش سنڌن کي چست ۽ صحتمند رکي ٿي“. ارب پتيءَ پنهنجي هڪڙي مخصوص انداز ۾ چيو.
”روزانو هڪ هزار پش اپ ڪرڻ سان مون کي اهو به ياد رهي ٿو ته مون کي اڳتي وڌڻ گهرجي. پاڻ کي ڪامياب ڪرڻو آهي. پنهنجي مائنڊ سيٽ mind set ، هارٽ سيٽ heart set ، هيلٿ سيٽ health set ۽ سول سيٽ soul set کي بلنديءَ تي پهچائڻو آهي. ته جيئن مان بهترين کان بهترين ٿي سگهان. سچ اهو آهي ته مان ڪِرڻ/ناڪامي کان نه ٿو ڊڄان. Honestly, I am not afraid of failing. هي ته اڏام سکڻ لاءِ لازمي آهي. هي شيءَ مون کي سوچڻ کان نه ٿي ڊيڄاري“.
”جي، مان توهان جي ڳالهه سمجهي ويس Got you “، ڪاروباري عورت پنهنجي نوٽ بوڪ تي تيزيءَ سان لکندي چيو.
ارب پتيءَ پنهنجي اشهد آڱر خاڪي ڏانهن موڙي ۽ هڪڙي جاءِ تي رکي ڇڏي، جتي لکيل هو،”پاڻمراديت جي جاءِThe automaticity point “، (دي آٽوميٽيسٽي پوائنٽ). پاڻ مراديت واري جاءِ جو حسُن اهو آهي ته، جڏهن توهان هڪ دفعي ان جاءِ تي پهچي ويو ته پوءِ توهان کي صبح جو پنجين وڳي اٿڻ جي لاءِ، اڃان به وڌيڪ خود اعتمادي ۽ پڪي ارادي جي ضرورت نه پوندي. توهان جي آپريٽنگ سسٽم ۾ نئين عادت جي داخل ٿيڻ وارو عمل هاڻي مڪمل ٿي چڪو . سج اڀرڻ کان اڳ ۾ اٿڻ توهان جي عادت بڻجي چڪي آهي. تمام سولو. 66 ڏينهن جي مشق ۽ خلوص جو انعام آهي. ته توهان جي اندر واري قوت توهان کي صبح جو سوير اُٿڻ کان منع ڪري رهي هُئي. پر هاڻي توهان ان کان آزاد ٿي چُڪا آهيو ۽ نئون غير معمولي ورتاءُ اختيار ڪري چُڪا آهيو. ان ڪري توهان وٽ وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکارڻ، وڌيڪ محنت ڪرڻ، وڌيڪ خوش رهڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ جا گهڻا موقعا اچي ويندا. اهو سڀ انهن سڀني غير معمولي فاتح رانديگرن جو هڪڙو ڳجهو راز آهي. صرف اهو نه ته ان جي اندر ۾ عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خود نظمي ملندي آهي. پر هو 66 ڏينهن تائين پنهنجي اندر ۾ اها عادت پيدا ڪرڻ جي جستجو به ڪري ٿو، جيڪا ان کي راند ۾ ڪامياب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ان کان پوءِ هو پنهنجي خود اعتمادي کي ڪنهن اهڙي شي ڏانهن موڙين ٿا، جيڪا انهن جي مهارت کي بهتر کان بهتري ڏانهن وڌائي ٿي. مشق کان مشق تائين جو سفر انهن کي اڳتي وڌائڻ ۽ فاتح ڪرڻ جي عمل ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. وقت سان گڏو گڏ انهن جو فاتحاڻو ورتاءُ ۽ فاتحاڻو ڪردار، خودڪار ٿي وڃي ٿو. اهي هڪڙي ڊسيپلين، ۽ هڪڙي سسٽم مطابق ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو. تڏهن انهن کي ڪنهن به اضافي ڪُوشش ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي پوي. هي سپر اسٽار فاتحن جي عادتن جي مشق، ايتري وڌيڪ ڪن ٿا جو، هو اهو وساري ويهن ٿا ته ڪيئن ان عادت تي عمل نه ڪجي“.
”اهي هڪ اهڙي اسٽيج تي پهچي ٿا وڃن جو، جتي انهن لاءِ ڀڄڻ، نه ڀڄڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان ٿي ويندو آهي. ٺيڪ؟“ عورت تبصرو ڪيو.
They got to a point where it was easier to run them than not to run then, right?
”بلڪل درست“ absolutely correct، ارب پتيءَ جواب ڏنو
آرٽسٽ کي به جوش اچي ويو. ”اها ڳالهه مون لاءِ هڪڙي فرد جي حيثيت رکي ٿي ۽ منهنجي ڪم جي لحاظ کان وڏي فائديمند آهي. مان ان پروسيس process کي مڪمل طور تي سمجهي چڪو آهيان. ٽي مرحلا آهن. ....ڊاهڻ، (ڊيسٽرڪشن destruction)، ٺاهڻ (انسٽاليشن installation ) ۽ تڪميل (انٽيگريشن integration ) ۽ هر مرحلي ۾ تقريبن 22 ڏينهن لڳن ٿا. ائين ئي آهي نه“؟.
”ائين ئي آهي ۽ وڃي 66 ڏينهن کان پوءِ توهان جو نئون معمول پڪو ٿئي ٿو. اها آئي آٽوميٽيسٽي پوانئٽThe automaticity Point ، ڇو ته عادت کي جڙ پڪڙڻ ۾ تقريبن 9 هفته لڳي ٿا وڃن. ان ڪري هڪڙي هفتي کان پوءِ صبح جو پنجين وڳي اُٿڻ نه ڇڏيو ۽ جڏهن انهيءَ دوران توهان ڪراهت ۽ بوج محسوس ڪرڻ لڳو ته ان کان جان نه ڇڏايو. کڻي توهان جي رستي ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون ۽ چيلينج ڇو نه اچن. مسلسل پنهنجي مشق ۽ محنت جاري رکو. جيئن شاهه جهان Shah Jahan ۽ هن جي ڪارڪنن تاج محل Taj Mahal تعمير ڪرڻ وقت ڪيو. ان ڪري ئي تاج محل دنيا جي ستن عجوبن مان هڪڙو عجوبو wonders بڻجي ويو. ڪنهن به شيءَ عجيب و غريب بنائڻ لاءِ صبر کپي. ذهانت لاءِ وقت کپي. صبح سوير واري هڪڙي ڪلاڪ دوران، جڏهن دُنيا سُتل هوندي آهي ته توهان پنهنجي پڪي ارادي سان پنهنجي چئن زمينن جي تياري جي لاءِ، پنهنجي محنت جاري رکو. پنهنجي ڀرپور ٽيلنٽ جي ترقيءَ لاءِ جيڪا توهان جي اندران توهان کي صدا هڻي رهي آهي ان کي نظرانداز نه ڪيو. پنهنجي شان ۽ صلاحيتن کي اڃان به وڌايو. پنهنجي خوشي کي به ٻيڻو، ٽيڻو بلڪ ڪيترا ڀيرا وڌايو ۽ توهان جي اندر ۾ جيڪا سڪون جي جنت آهي، ان کي ائين دريافت ڪيو، جيئن ڪو بيروني واقعو ان شيءَ کي ڪمزور نه ڪري سگهي. اهڙي ريت منهنجا دوستو، توهان کي ڪو به شڪست نه ڏيئي سگهندو undefeatable ۽ ڪو به ٽوڙي نه سگهندو unbreakable توهان ميدان ۾ لهي شهسوارtrue master of your domain بڻجي ويندو. ان سان گڏ پنهنجي منفرد رستي تي عجوبه به as weel as a wonder of the world, in your own unique way“.
”مزو اچي ويوlove it “، عورت مزو وٺندي چيو. ”تمام گهڻو فائدو ٿيو، اڄ خبر پئي ته ڇو چند ماڻهو ئي اهڙيون عادتون اختيار ڪن ٿا، جيڪي مهارت جي ڪمال جي حاصلات لاءِ ضروري آهن. اڪثر ڪري گهڻا ماڻهو، وڏي عرصي تائين ان ڪم لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم نه ٿا رهي سگهن، جيڪا شيءَ ڪنهن مهارت جي گهرج آهي. حالانڪ اُهي ائين ڪري سگهن ٿا. پر اُهي ائين نه ٿا ڪن“.
”ها“. ارب پتيءَ اتفاق ڪيو.
”اهو ئي سبب آهي جو معلومات information ۽ تعليم educationi ، سکڻ learning ۽ اڳتي وڌڻ growing ايترو ضروري ڇو آهي. دُنيا ۾ انسانن جي اڪثريت Majority ، زندگي بدلجڻ وارا ماڊلlife chaning model ۽ عملي ادراڪ practical insights کان واقف نه آهن، جيڪو مان توهان سان هيل تائين ذڪر ڪري چڪو آهيان. پر جيئن ته هنن کي خبر ڪانهي، ان ڪري ان تي عمل نه ٿا ڪري سگهن ۽ جنهن معلومات کي عملي شڪل نه ڏني وڃي. ته اهڙي خوبيءَ مان سرمائيڪاري نه ٿي ڪري سگهجي. اسان سڀ تخليق لاءِ ويا آهيون. جيتُوڻيڪ هر ڪنهن ماڻهو وٽ ان جي وصف الڳ الڳ آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته گهڻن ماڻهن کي اهو فلسفو ۽ طريقو سيکاريو ئي نه ٿو وڃي. جيڪو اسپيل بائنڊر مون کي ٻڌايو يا وري سيکاريو. هاڻي مان اها ساڳي ڄاڻ توهان تائين منتقل ڪريان پيو. توهان به جيترو ٿي سگهيوَ، وڌ کان وڌ ماڻهن تائين اسپيل بائينڊر جي علم کي ڦهلايو. خدارا!، جيڪو ماڻهو بي وسي جي انڌيرن leave the darkness of apathy، اوسط حيثيتmediocrity ، خوف scarcity کان ڪڍي اعليٰ ڪارڪردگيءَ لاءِ ضروري آهي ته موروثي طاقت جي استعمال ۾ مدد مهيا ڪري سگهن ٿا. اسان هن دنيا کي بهتر better ، صحتمندhealthier ، محفوظ safer ۽ محبت ڪرڻ واري جاءِ more loving place بنائڻ چاهيون ٿا“.
”يقينن“، عورت ۽ آرٽسٽ گڏ چيو.
پوءِ هو ان منظر ۾ گم ٿي ويئي جيڪو هُن جي سامهون هو. هو دنيا جي ستن عجوبن مان هڪڙي عجوبي جي اندر بيٺي هُئي. جتي سڄي دنيا جا ماڻهو، هن جي فقط هڪڙي جهلڪ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هن جي خوش قسمتي جو هو هن وقت ان عظيم تعمير جي اندر موجود پنهنجي اکين سان ڏسڻ جي قابل هُئي. هو پنهنجي عام دنيا جي باري ۾ سوچڻ لڳي. هيراڦيريmanipulations, ، ڦرلٽ thievery ، خيانت disloyalties ۽ بيوفائي treachery . ان گهڙي هن کلي ڏنو. ان ڪري نه ته ڪو هن کي ڪنهن مجبور ڪيو هجي، جئين اسان اڪثر ڪري دفتري ميٽنگ ۾ ڏسون ٿا ته ماڻهو اندر کان ٿڪل، غمگين ۽ پريشان هوندا آهن. پر پاڻ کي خوش، مطئمن ۽ شادان ظاهر ڪرڻ جي لاءِ، لطيفا ٻڌائڻ، ۽ ٽهڪ ڏيندا آهن. ائين اُهي پنهنجي مٿان سماجي ٻوٿاڙو چاڙهي ٿا ڇڏين. نه، هي هڪ اهڙي فرد جي خوشي هُئي، جنهن تي هاڻي جو هاڻي، ڏاهپ واري انداز سان زندگي جيئڻ جو سچو راز کُلي پيو هو.
ڪاروباري عورت اچانڪ محسوس ڪيو ته هُن تي هِن وقت ڪيڏيون نه رحمتون نازل آهن.
ڪمپني تي قبضي ڪرڻ واري ڪوشش پاڻ ئي حل ٿي ويندي، ڇو ته زندگي پنهنجي اندر پاڻ کي بهتر ڪرڻ واري راهه ۾ گامزن هوندي آهي. هُن پنهنجي ڪاوڙ، مايوسي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏک جي فطري احساسن کي نه دٻائڻ سکيو هو. جڏهن هو پنهنجي صورتحال جي باري ۾ سوچيندي هُئي ته اهي احساس هن جي اندر ۾ وقتن به وقتن پيدا ٿيندا هُئا. اهو ته هن جي حقيقي ۽ بهادر انسان هئڻ جي ناتي سان ٿيندو هو، نه ڪي ان جي ڪمزوري جي علامت. ان سان گڏ هُن اهو سمجهي ورتو هو ته هن دنيا ۾ دولت، شهرت ۽ عزت کان وڌيڪ اهم شيون به آهن ۽ ڪيترائي معاشي طور تي امير ماڻهو حقيقت ۾ انتهائي حد تائين غريب هوندا آهن.
And that many financially rich people are actually desperatedly poor.
”منهنجي خوشيءَ کان وڌيڪ ڪا به ٻي شي اهم نه آهي ۽ منهنجي ذهني سڪون کان وڌيڪ ٻي ڪا به شي نه آهي“، عورت سوچيو.
“nothing’s as valuable as my happiness. Nothing’s as priceless as my peace of ming”.
هن کي محبت ملي هُئي، هوءَ هاڻي تمام گهڻي صحتمند هُئي، هوءَ تمام گهڻين شين جي ڪري، جيڪي هن وٽ هيون، وڏي ٿورائتي هُئي. ٻه اکيون جنهن جي ڪري هُو هن حسين دنيا کي ڏسي سگهي پئي. ٻه ٽنگون جن سان مختلف جايون دريافت ڪري سگهي پئي. هر ڏينهن رات دسترخوان تي کاڌي تي هجڻ، جڏهن ته اربين انسان بکي پيٽ سُمهي پون پيا، گهر جي ڇت ۽ بهترين رهائش. هن جي لائبريري ۾ معياري ڪتاب ڀريل هئا ۽ جيئن ارب پتي اڪثر ڪري ڪندو هو جو مهارت جي ڪمال جي لاءِ، صرف پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ ناهي، بلڪ معاشري جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ هن عظيم مقبري جي اندر جنهن ۾ سڄي دنيا کان ايندڙ لاتعداد سياحن کي راحت بخشي، هن عورت به پنهنجي دل ۾ اهو جوهر سوچي ڇڏيو، جيڪو اسان مان هر ڪنهن جي اهم ضرورت آهي.
هن معاف ڪري ڇڏيو She forgave.
هُن پنهنجي سرمائيدارن جي باري ۾ پنهنجي اندر موجود مخالف جذبن کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ هن کي جنهن کان به ٿوري گهڻي مايوسي ٿي هُئي يا ڪا شڪايت هئي، هن اها ڇڏي ڏني. زندگي تمام مختصرآهي/ايڏي وڏي ناهي جو، هتي معمولي معاملن تي سنجيده ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي ۽ زندگي جي پڄاڻي تي ان ڳالهه جي ڪا به اهميت نه هوندي ته پنهنجي ڪمپني لاءِ ڪيڏو پئسو گڏ ڪيو. پر اصل هي هوندي ته ڪيڏو سٺو انسان آهي ۽ اهو ته هن ڪهڙي معيار جو ڪم ڪيو ۽ اهو ته هن ڪيترن ماڻهن کي زندگي ڏني. اهو ته هو پاڻ ڪيڏي خوش آهي ۽ اهو ته هن ڪيڏي سُٺي زندگي گذاري.
ارب پتيءَ بلڪل صحيح چيو هو؛ هر فرد پنهنجي باري ۾ جيترو ڄاڻي ٿو، ان سطح جي مطابق پنهنجي زندگي گذاري ٿو. پرجيڪڏهن هن جي باري ۾ سرمائيدارن کي بهتر ڄاڻ/علم هجي ها ته اهي بهتر عمل ڪن ها/بهتر انسان ٿي سگهن ٿا. انهن ماڻهن هن لاءِ تڪليف، مصيبت پيدا ڪئي. ڇو ته انهن جي لاشعور جي گهرائين ۾ اهي پاڻ تڪليفن ۾ رهيا آهن/يا اهو درد لڪل آهي. ڇو ته اهي پاڻ اذيت ۾ مبتلا آهن. جيڪو ماڻهو ٻين کي تڪليف ڏيندو آهي، اهو خاموشي سان پاڻ کي اذيت ڏيندو آهي. /اها هن کي به ڄاڻ نه هوندي آهي ته هو پاڻ کان نفرت ڪندو آهي. پر ان سوچ جا ماڻهو اسان جي معاشري ۾ تمام گهٽ آهن/يا زندگي کي ان رخ سان ڏسڻ اسان جي معاشري ۾ عام ناهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان جي دنيا ۾ ايتريون جنگيون، ايترا ڊپ ۽ ايترن نفرتن سان ڀريل آهي. هن سوچيو، ٿي سگهي ٿو ته اهي لٽيرا هن کي سيکارڻ لاءِ هجن/هن جا استاد هجن. هنن حالتن کي ان حد تائين پهچائي ڇڏيو جو، جنهن کان پوءِ هو ان ڪناري تي پهچي ويئي، جتي هو زندگي ۾ تبديلي جو سوچڻ لڳي. اڳتي وڌڻ جو سوچڻ لڳي، شايد اهو به هيو جو هن جيڪو تجربو حاصل ڪيو هو، اهو بقول ارب پتي جي ڪاروباري عورت جي اندرين طاقتن ۾ ترويج ۽ اڃان به وڌيڪ ترقي جي بهترين تياري هئي. اهڙي ريت انسانيت جي به خدمت ٿيندي ۽ شايد اهو ئي اهو لمحو هوندو آهي، جڏهن اسان هر شي وڃائي، پنهنجي عظيم ترين سيلفز کي جاڳائيندا آهيون.
هڪ انتهائي عجيب، هوشيار ۽ ذهين استاد هن جي سامهون موجود هو. .... مسٽر اسٽون رائلي،... جنهن هن جي دل وڏي ڪري ڇڏي هُئي. هن ٻڌايو هو ته توهان خالي فائيو اي ايم ڪلب جا ميمبر ٿي ڪري، چند آسان ۽ بنيادي ڪم ڪري، ڪو به ماڻهو پنهنجي ڪارڪردگي ۽ صحت کي بهتر ڪري سگهي ٿو. اسپيلبائنڊر جي سحر انگيز ڪانفرنس جي موقعي تي پهريئن ئي نظر ۾ هو انتهائي عجيب و غريب لڳي رهيو هو. پر هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هي هڪڙو وڏو سورمو آهي... نه صرف هڪ صنعت جو پر وقار جو به ۽ نفاست جو به.
”اسان کي هن جهڙن ٻين ماڻهن سان ملڻ جي به ضرورت آهي.“. عورت سوچيو. ”اهي مرد ۽ عورتون جيڪي خاص ڪري ليڊر هجن، اهڙا ماڻهو جيڪي محض پنهنجي وڏن نالن ۽ عهدن جي ڪري، ٻين کي متاثر ڪندڙ نه هجن، پر انهن جو ڪردار ئي متاثر ڪندڙ هجي، انهن جي مهارت مٿانهين هجي، انهن جي دلين ۾ شفقت ڀريل هجي ۽ هر ملڻ واري ماڻهو کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي جذبي جي موج ۾ مست هجي، ليڊر پنهنجي خود غرضي ۽ انا جي علت جي تحت ڪم ڪرڻ جي بجاءِ، بغير ڪنهن غرض، لالچ، لوڀ جي زندگي گذاريندو هجي.
ڪاروباري عورت کي مايا اينجلو Maya Angelou جا الفاظ ياد آيا؛ ”منهنجي خواهش آهي ته توهان جاري رکو، ايسيتائين پنهنجو ڪم جاري رکو جو توهان کي خبر پئجي وڃي ته توهان ڪير آهيو ۽ پنهنجي شفقت ڀريل عملن سان بيڪار دنيا کي حيران ڪري وجهو.“.
“My wish for you is that you continue. Continue to be who you are, to astonish a mean world with your acts of kindness”.
مڌر ٽريسا Mother Teresa جون هدايتون به هڪدم عورت جي دماغ ۾ گهمڻ لڳيون؛ ”جيڪڏهن هر ڪو ئي پنهنجي گهر جي اڱڻ کي صاف ڪري ڇڏي ته سڄي دنيا صاف ٿي ويندي“.
“If everyone would only clean their own doorstep, the whole world would be clean”.
۽ اهڙي طرح، هڪ خاص صبح مهل دنيا کي حيرت ۾ وجهندڙ لمحي تي هن نه صرف پاڻ کي معاف ڪري ڇڏيو... پر هن پنهنجي پاڻ سان هڪڙو واعدو به ڪيو. هو هن کان اڳ ۾ اهو نه سمجهي سگهي هُئي ته دنيا کي بهترحالتن ۾ آڻڻ لاءِ هن کان بهترين طريقو ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو. هڪ فرد پاڻ کي درست ڪري وٺي ۽ هن جي اندر ۾ جيڪا ذهانت موجود آهي ان سان پنهنجو تعلق مضبوط ڪري ڇڏي، ته جيئن بيروني دنيا سان هُن جو تعلق بهتر ٿئي. عورت پاڻ سان هڪڙو معاهدو ڪيو هيو. هن پاڻ سان هڪڙو واعدو به ڪيو ته هاڻي هو ڪڏهن به خودڪشي نه ڪندي/پنهنجي جان نه وٺندي. هُن پاڻ سان اهو به وچن ڪيو ته هو هر صبح جو اٿي پاڻ کي اهو ياد ڏياريندي ته هو صبح جو سوير پنجين وڳي اُٿندي ۽ پاڻ کي فتح واري ڪلاڪ ۾ ذهني انتشار، غير اهم مداخلتن ۽ غير ضروري پيچيدگين کان آزادي جو تحفو ڏيندي. هو پنهنجي مائينڊ سيٽ mind set سان ٻڌل رهندي. پنهنجي هارٽ سيٽ heart set کي بهتر ڪري صاف و پاڪ ڪندي، پنهنجي هيلٿ سيٽ health set جي آبياري ڪندي ۽ پنهنجي سول سيٽ soul set کي توانائي ڏيندي/بخشيندي.
هن اهو به طئي ڪيو ته هو پاڻ پنهنجي شخصيت کان اهو گهرج به ڪندي ته هن جي شخصيت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ، هن وٽ ڪيترا نه بهانا موجود آهن. پر هو انهن مان ڪنهن تي به زور نه ڏيندي. ڇو ته عظمت جو تجربو ڪرڻ هن جو حق آهي ۽ هو پاڻ کي سورمو بنائڻ جي اميد سان آهي. جنهن جو اسان سڀني کي انتظار آهي.
”بهرحال“، ارب پتي چيو، ”ٽي حتمي ۽ انتهائي عملي ڳالهيون جيڪي نئين عادتن کي مسلسل اختيار ڪري رکڻ جي لاءِ، توهان کي تمام گهڻو ڪم اينديون. مون هن تي هڪڙو سڄو دور خرچ ڪيو، ڇو ته اهي توهان جي ڪاميابي لاءِ نهايت ئي ضروري آهن، مان توهان کي جلدي جلدي اهي ٽيئي ٽيڪنيڪس ٻڌائيندس. تحقيق به اهو ثابت ڪري ٿي ته صبح پنجين وڳي اٿڻ واري معمول ۾ هي تمام مددگار ثابت ٿينديون. پوءِ اسان ٻاهر هلنداسين“.
هن هڪڙي فليش لائيٽ هنئي ۽ ان جي روشني ڪمري جي ڇت ڏانهن بيهاري ڇڏي. اُتي هي لکيل هو؛
پهريون؛ ڪنهن به عادت کي گهڻُ وقت جاري رکڻ لاءِ ان کي ڪڏهن به اڪيلي سر اختيار نه ڪيو.
To make a habit last, hnever install it alone.
ٻيون؛استاد ئي سڀ کان وڌيڪ سکندو آهي.
The teacher learns the most.
ٽيون؛ جڏهن توهان کي تمام گهڻو اهو محسوس ٿيڻ لڳي/توهان جي دل چوي ته توهان ڪم مان هٿ ڪڍي ڇڏيوته اصل ۾ اهو ئي وقت هوندو آهي، ته ان وقت پاڻ کي بهتر بنائڻ لاءِ مضبوط رکڻو پوندو.
When you most feel like quitting is the time you must continue advancing.
ارب پتي ٻيهر مسڪرايو،”تمام سادي ڳالهه آ، آهي نه ؟، انتهائي سادي ڳالهه، ڇو ته توهان ۾ سادگي ڏاڍي آهي. پهريون نڪتو توهان کي اهو ٻڌائيندو ته ڪنهن به ڪم جي جڙ کي پڪڙڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان کي گروپ جي شڪل ۾ ڪيو وڃي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو فائيو اي ايم ڪلب جو ميمبر ٿيڻ تمام گهڻو فائدي واري ڳالهه آهي. توهان صبح سوير اٿڻ وارو معمول تنها/اڪيلا پاڻ تي حاوي نه ڪري رهيا آهيو، اسان سڀ هن گروپ ۾ گڏ آهيون ۽ توهان ٻنهين کي منهنجي گذارش آهي ته جڏهن به توهان ٻئي پنهنجي پنهنجي گهر وڃو ته ان لاءِ جيترا وڌ کان وڏ ماڻهو گڏ ڪري سگهو ڪيو. جيڪي ماڻهو اصل ۾ صبح جو سوير اٿڻ لاءِ تيار هوندا ۽ اهُي ئي دنيا ۾ غير معمولي ڪم ۽ هنر پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪنهن به ڪم کي گهڻي دير تائين جاري رکڻ جي لاءِ، سپورٽ گروپ جو طريقو لاجواب آهي. ان ڪري مهرباني ڪري، هن تصور کي باقائدي جذبي سان اڳتي وڌايو“.
ارب پتي کنگهيو، پوءِ هن پنهنجو سينو مهٽيو، ڄڻ ته هن کي سينيءَ ۾ سور پيو هجي، هن ائين ظاهر ڪيو ڄڻ ڪنهن به هن کي نه ڏٺو هوندو، پوءِ وري هن پنهنجي گفتگو جاري رکي.
”ٻي پوانٽ اها ڳالهه سمجهائي ٿي ته توهان جيڪو فلسفو يا طريقو مون کان سکيو آهي، اهو ٻين کي به سيکاريو ۽ پڙهايو، جڏهن توهان ائين ڪندو ته خود توهان جو فهم ان شيءِ تي گهرائي ۾ لهندو ويندو. مون توهان کي جيڪو ڪجهه پڙهايو آهي، اهو توهان ٻين کي پڙهائيندو ته توهان کي هر لحاظ کان ان جو فائدو ٿيندو“.
”مون ڪڏهن به ان جي باري ۾ سوچيو ناهي“، عورت چيو.
”هي سچ آهي“، ارب پتيءَ ڄاڻ ڏني. ”۽ آخري سٽ جيڪا توهان ڇت تي پڙهي، اها سڀني کان اهم آهي. ياد رکو ته هر قسم جي مهارت جي لاءِ، ثابت قدم رهڻ انتهائي ضروري آهي. جنهن لمحي توهان اها ڳالهه محسوس ڪندا آهيو، ته هاڻي اڳتي نه ٿو وڌي سگهجي ته ان وقت توهان کي پنهنجي خود اعتمادي کي اڳتي وٺي وڃڻ جو بهترين موقعو ملي ويندو آهي. جڏهن توهان اهو محسوس ڪيو ٿا ته هاڻي مان اڳتي ڪم نه ٿو ڪري سگهان ته سوچ ڪجهه وڌي ويندي آهي. توهان جا جذبا اڃان به وڌيڪ مضبوط ٿيندا ويندا ۽ توهان جي سوچ ۾ پختگي سان گڏ وڏو اضافو به ٿيندو. ثابت قدمي، پنهنجي شعبي ۾ اڳواڻي ۽ من پسند زندگي لاءِ وڌيڪ ڪجهه شيون اڃان به ضروري آهن“.
”توهان ٻيئي پنهنجي بهترين سيلف کي ظاهري ۽ مادي شڪل ڏيڻ ۽ اعليٰ ۽ وڌ کان وڌ ڪاميابيون ماڻڻ جو حق رکو ٿا“. ارب پتيءَ اهو چئي واپس هيٺ زمين تي اچي ويو. ”توهان جي اندر ۾ جيڪي قوتون ننڊ ڪري رهيون آهن، انهن کي نرم بستر تي ليٽي گهڻي دير تائين ننڊ ڪرائي برباد نه ڪيو. دنيا جا عظيم مرد ۽ عورتون ان ڪري ائين نه ٺهيا جو اهي نرم بستر تي ليٽل رهن. پر ان ڪري ان جاءِ تي پهتا جو انهن پنهنجن ارادن کي انتهائي مٿي رکيو، ان لاءِ ئي ڪم ڪيو....ڀلي اڪثريت ان کي پاڳل يا ڌوپار چوندي رهي. غيرمعمولي ۽ بهترين بڻجڻ لاءِ وقت، عزم ۽ قرباني ۽ صبر کپي. ... جيئن اسان کي هن تاج محل ۾ نظر اچي رهيو آهي. سورمائي (جوانمردي) هڪڙي ڪنهن خاص موسم جي پيداوار ناهي، صبح پنجين وڳي جي عادت کي اپنايو، ان پراسيس سان گڏ قدم وڌائيندا رهو ۽ جڏهن توهان کي اهو محسوس ٿئي ته توهان کي ڪو روڪي رهيو آهي ته ان وقت اڃان به زور لڳائي اڳتي وڌو، ائين ڪرڻ سان توهان جو ارادو ۽ عزم اڃان به پختو ۽ اڻٽر بڻجي ويندو“.
پوءِ اسٽون رائلي اُٿي بيٺو، پنهنجن ٻنهي شاگردن کي ڀاڪر پاتو ۽ سنگ مرمر سان ٺهيل هڪڙي راهداريءَ ۾ گم ٿي ويو.
Stone Riley then stood up. Hugged his two students. And disappeared down a marble passageway.

فائيو اي ايم ڪلب 20/20/20 فارمولا سيکاري ٿو

13

The 5 AM Club Learns The 20/20/20 Formula
فائيو اي ايم ڪلب 20/20/20 فارمولا سيکاري ٿو


“Early in the morning, when you are reluctant in your laziness to get up, let this thought be at hand. I am rising to do the work of a human being”.
–Marcus Aurelius, Roman Emperor

صبح جو سويربستر تان جڏهن توهان جي دل نه چوي يا سستي ٿئي ته اهو خيال دل ۾ رکي اٿو ته ”مان ته انسان ذات جي ڪم ڪرڻ (خدمت ڪرڻ ) لاءِ جاڳي رهيو آهيان“.
مارکس اوريليس رومن بادشاهه

”روم منهنجي رڳن ۾ آهي، هي مون کي توانائي بخشي ٿو ۽ هن جي منفرد جادوئي ڪيفيت منهنجي روح کي تازگي بخشي ٿي“. ارب پتيءَ سوچيو، ان وقت هن جو ذاتي جهاز شهر جي ڪنهن ذاتي اڏي تي لهي رهيو هو. اطالوي ميوزڪ گروپ نيگريتا جي گيت ”ميگنوليا“جو آواز هوائي جهاز جي اسپيڪرن مان وڄي رهيو هو ۽ سيٺ ان موسيقي جي ڌن تي پنهنجو ڪنڌ به لوڏي رهيو هو.
”روم جي ماڻهن جو فخر، زبردست شوق/صبر، روشن قلب مون کي تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا.“ هن خودڪلامي ڪئي. جنهن انداز سان هسپانوي طرز تعمير جي شهڪار چرچ جاءِ تي اسپين جا چرچ ”ٽيرينٽي دي مونٽي“ Trinita dei Monti جي روشني پوي ٿي/ڪري ٿي. اها ڪڏهن به منهنجي دل کي راحت بخشڻ کان سواءِ نه ٿي نڪري سگهي....پر اڪثر ڪري منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ٿا وڃن. هتان جا لذيذ کاڌا، موزريلا ڊي يوفالا mozzarella de bufala، ڪيشيو اي پيپي cacio e pepe، اميٽريشيانا amatricina ، ڪاروباوناراcarbonara ۽ باهه تي ڀڳل آباچيو abbacchio، منهنجي کائڻ واري ذوق جو پورائو ڪن ٿا/زندگي جو مزو وڌائي ڇڏين ٿا ۽ هتان جي عجائب گهرن ۾ جيڪي انتهائي باريڪبيني ۽ مهارت سان تيار ڪيا ويا آهن، جتي مان مينهن وسڻ دوران پنڌ ڪرڻ پسند ڪندو آهيان، اهي منهنجي اندر موجود باريڪ جنگجو ۽ شاعر ٻنهين سان هڪ ئي وقت ڳالهيون ڪندي آهي“. جڏهن هنن جو جهاز گيٽ جي سامهون پهتو ته سيٺ ان جو اظهار ڪيو.
ارب پتي پنهنجي زندگي جا ڪيترائي بهترين سال روم جي تاريخي مرڪز وايا وٽوريا Via Vittoria زيورخ Zurich ۾ واقع هڪ فليٽ ۾ گذاري چڪو هو. هن جا گهر ٻي هنڌ به هيا، جتي هو پنهنجي ڪاروباري ڪمن جي سلسلي ۾ ويندو رهندو هو. پر روم، ها روم ان جي شوق جي آبياري ڪندو هو ۽ اُن سان گڏ ئي هن جي خوشي جي بُک جوپورائو به ٿيندو.
بهار جي موسم ۾، ڪنهن باغ ۾ گلن جي خوشبو سنگهڻ ۽ پارڪ Villa Borghese ۾ ٺهيل ڍنڍ جي ويجهو مندر ۾ ماضيءَ جو طويل سفر ڪرڻ...هن جا ٻه ئي مشغلا هُئا، روم جي وڏي ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ جي بجاءِ، صبح جو سوير پنجين وڳي اٿڻ ۽ سائيڪل تي ٽيريوي فائوٽين Trevi Fountain ڏانهن سفر ڪرڻ ۽ وري اُتان مونٽيMonti تائين پهچڻ، پوءِ وري سفر ڪندي آخر ۾ پيازانا دونا Piazza Navona اچي سحر انگيز چرچ جو نظارو ڪرڻ، اهي شاندار تجربا صبح جو سوير اٿڻ جي ڪري ئي ممڪن ٿيا، هن جي دولت کان گهڻو وڌيڪ، هن جا هي تجربا ۽ زندگي جون رونقون هن کي تمام گهڻو احساس ڏيارين ٿيون ۽ زنده رکن ٿيون.
توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته هن جي زندگي ۾ سڀني کان وڌيڪ محبت روم ملڪ سان هئي، ارب پتي هن کي هڪڙي انگريزي ڪتابن جي دڪان، تي مليو هو. جيڪو دڪان اٽلي جي دلڪش گهرن جي وچ ۾ هو. جيتوڻيڪ هو ٽين ڏهاڪي جي آخر ۾ هو پر اڃان تائين ڪنوارو هو ۽ بهترين شخصيت جي مالڪ هئڻ جي ناتي دنيا جا مزا ماڻيندو رهيو. هن کي اڄ به ياد آهي ته ڪهڙو ڪتاب ڳولهڻ لاءِ هنِ ڇوڪري هن جي مدد ڪئي هُئي.
Jonathan Livingston Seagull by Richard Bach.
وينيسيا هڪدم اهو ناول کڻي هن کي هٿ ۾ ڏنو هو. هو ڏاڍي نرم ۽ جهيڻي لهجي ۾ ڳالهائيندي هُئي. حيرت ۾ وجهندڙ حد تائين محنتي هئي ۽ ان کان پوءِ وري ٻي گراهڪ ڏانهن ڌيان ڏيندي هُئي.
ارب پتيءَ کي هڪ سال ٿي ويو، ان ڪتاب گهر جا چڪر هڻندي ۽ ان ۾ لڳل ڪاٺ جي خانن کي تڪيندي تڪيندي، تڏهن وڃين هوءَ هن سان هڪ رات جي ماني گڏ کائڻ تي راضي ٿي. ارب پتيءَ کي هن جو حسن ۽ انداز موهي وڌو هو، ڇو ته هوءَ نه فقط ذهين هُئي پر ان سان گڏ وري هن جو حسن به ڪمال جو هو. جڏهن هو کلندي هئي ته ائين لڳندو هو ته ماکي جي مکين جي سڄي خاندان کي هڪڙي وڏي ماکي جو ٿالهه هٿ لڳي ويو.
انهن ٻنهين جي شادي مونوپولي Monopoliجي موهيندڙ سمونڊ ڪناري ڳوٺ ۾ ٿي، جيڪو ڏکڻ اٽلي جي علائقي پگليا Puglia ۾ واقع آهي.
”ڪيڏو نه خاص ڏينهن هيو اهو“، انگريز جاگيردار حسرت مان چيو. ڳوٺ جا ماڻهو ميلي مان مزو وٺي رهيا هُئا، موسيقيءَ جون جهيڻيون ڌنون، ڪنن کي سرور بخشي رهيون هيون. ماڻهو نچي رهيا هُئا. چانڊوڪي رات ۾ روايتي کاڌن جي پچڻ جي خوشبو هن سڄي منظر کي معطر بڻائي رهيو هو.ڳوٺ جا ماڻهو خاص قسم جو شراب Negroamaro and Primitivo wine پنهنجن گهران ٺاهي شادي ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ تحفي طور کڻي اچي رهيا هُئا. هي تجربو اڄ به هن جي احساسن کي ڇهي رهيو هو.
ارب پتي ۽ وينيسا Vanessa جي وچ ۾ محبت جو رشتو ٻين محبت وارين ڪهاڻين، قصن جيان انتهائي جوشيلو ۽ جوان هو، ڪڏهن ڪڏهن...يا شايد اڪثر ڪري.... گهرو ۽ شديد روحاني تعلق گهري درد جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي. هن خاص فرد سان گڏ، اسان هن سماج ۾ اڏام وٺڻ کي محفوظ محسوس ڪيون ٿا ۽ بلڪ سچا رهون ٿا. ان ڪري ان ۾ اسان جو ڀرپور شوق، اکين ۾ روشني ۽ جذبن ۾ جوش کي ڏسڻ وٽان هوندا آهن. پر ان سان گڏ اسان جي پرڇائين جي جهلڪيون اسان سان گڏو گڏ هلنديون رهن ٿيون. اهي جهلڪيون زندگي جي مختلف موقعن تي اسان جي زخمن جي ڪري ئي ظاهر ٿين ٿيون.
پنهنجي ڪتاب ”دي پروفٽ“ The Prophet ۾ خليل جبران Khalil Gibran لکيو آهي ته ”محبت جڏهن تو هان کي پڪاري ته ان ڏي هلڻ /وڌڻ شروع ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ اهو رستو سخت ۽ ڪٺن آهي پر ان رستي تي لڪل تلوار توهان کي زخمي ڪري سگهي ٿي. هن جو آواز توهان جي خوابن کي برباد ڪري سگهي ٿو، جئين اتر جي تيز هوا سڄي باغ کي تباهه ڪري سگهي ٿي. ائين ئي اهي سڀ شيون محبت لاءِ لازمي آهن. ته جئين توهان پنهنجي دل جا راز ڄاڻي سگهو“. هن جي هنگامه خيز ازدواجي زندگي جي باوجود، هُن ۽ هن جي خوبصورت گهرواري ڪيترن سالن تائين پئي نڀايو.
جيتوڻيڪ هوءَ ڪيترائي سال اڳ ۾ اوچتو گذاري ويئي، پر ارب پتيءَ ان کان پوءِ ٻي شادي نه ڪئي. هن ٻيهر پاڻ کي ڪنهن ٻي جي محبت ۾ گرفتار ٿيڻ نه ڏنو. پر پنهنجي توجهه پنهنجي ڪاروباري دنيا کي وڌائڻ تي لڳائي ڇڏي ۽ تنها پنهنجي زندگي مان لطف اندوز ٿيڻ لڳو.
Mogul سيٺ پنهنجي کيسي مان هڪڙو بٽون ڪڍيو ۽ آهستي آهستي ان مان وينيسيا Vanessa جو ڦوٽو ڪڍي، ان کي غور سان نهارڻ لڳو. هو ان ۾ گم ٿي ويو، پوءِ هن کي کنگهه ورائي وئي، ....صفا تيز کنگهه.
”باس، توهان ٺيڪ ته آهيو نه“، ڪاڪ پٽ ۾ ويٺل هڪڙي هواباز هن کان پڇيو.
ارب پتي خاموشي سان ان ڦوٽو کي تڪيندو رهيو.
ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ روم لاءِ اڏام وٺي چڪا هُئا ۽ ها هٿ ۾ هٿ ڏيئي هتان جي خوبصورت نّظارن مان لطف اندوز ٿيڻ سان گڏو گڏ، روم جي توانائي ۽ حسن کي پنهنجي اندر سمائي رهيا هئا.
اڄ اهو خاص ڏينهن هو جنهن جو انتظار ڪافي عرصي کان ٿي رهيو هو. اڄ صبح جو هنن ويهه ويهه ويهه فارمولا جي باري ۾ سکڻو هو. جيڪو فائيو اي ايم ميٿڊ جو مغز هو. ٻنهي شاگردن کي باريڪيءَ سان اهو سيکاريو ويو هو ته فتح واري ڪلاڪ ۾ ڇا ڪرڻُوآهي. هي اها موقعي ۽ مهل واري دري آهي، جيڪا صبح جو پنجين وڳي کان ڇهين وڳي جي وچ ۾ کُلي ٿي. ان ڪري اهُي تمام بهترين ڏينهن مان لطف اندوز ٿيندا رهيا.
اڄ اُهي پوري تفصيل سان ڄاڻيندا ته پنهنجي صبح کي ڪيئن سٺي نموني سان گذارڻو آهي ۽ ان کي غير معمولي معيار تي تخليق ڪرڻو آهي .
جيئن ارب پتيءَ گذارش ڪئي هُئي، ته هي ٻيئي اسپينش اسٽيپس Spanish Steps (هڪ جاءِ جو نالو) جي هڪڙي چوٽيءَ تي بيٺا هُئا. ان وقت صبح جا ٺيڪ پنج ٿي رهيا هُئا. جيڪڏهن توهان ”اوبيلسڪ“ obelisk جي بلڪل هيٺ پليٽفارم تي بيهي ڪري هيٺين ڏاڪڻ ڏي جهاتي پائي نهاريو ته توهان کي اها جڳهه صاف صاف ڏسڻ ۾ ايندي، جتي اهي ٽيئي ساٿي، اڄ صبح جو مليا هيا.
روم ۾ داخل ٿيڻ واري صبح جي پهرئين ڪرڻي ٽرينيٽاڊي مونٽي Trinita dei Monti کي چمي ڏني، ٻنهي پيار ڪندڙن هن شهر جي ڪلچر تي هڪڙي گهري نظر وڌي. قديم رومي اڏاوت جا تمام گهڻا شوقين ۽ ماهر هُئا. ان جو اندازو قديم رومي جاين کي ڏسي ڪري چڱي طرح ڪري سگهجي پيو. اهي ٻيئي ايس ٽي پيٽرBasilica St.Peter’sجو بيسيليڪاBasilica ڏسي سگهن پيا ۽ شهنشاهه آگسٽس Augustus جو مقبرو به ۽ ان سان گڏ وري ست پهاڙيون (سيون هلس) Seven Hills جيڪي سلطنت جي تحفظ لاءِ تمام مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا هيا ۽ اهي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جي ٽبرTiber River ندي جي ڪناري تي ٺهيل هئا، جيڪي مختلف ملڪن ۾ ڦهلجي ويا جئين يورپ Europe ، ايشياAsia ۽ آفريڪ Africa . هتان جي هوا ۾گلن جي خوشبو ۽ ڪنهن ڏورانهين ڏيهه مان مهڪندڙ دونهين به هئي ته معطر هئي.
”ڀلي ڪري آيا/ صبح جو سلام Buongiorno ، خاموشي واري ماحول مان هڪڙو آواز آيو. ”پنهنجي صبح جا مالڪ ٿيو، پنهنجي زندگيءَ کي بلند ڪيو Own your morning Elevate your life “. ارب پتي جوشيلي لهجي ۾ ائين رڙ ڪئي، جئين توهان رومي فوجين کي ڪنهن اهم فتح کان پوءِ رڙيون ڪندي ٻڌو هوندو.
مسٽر رائلي هلڪي روشني ۾ هنن ڏانهن هلندو اچي رهيو هو. هن جي منهن ۾ وڏي مرڪ سمايل هُئي. هن اڄ جي اهم تربيت واري سيشن لاءِ اطالوي اُس جي چشمو جي چونڊ ڪئي هئي. جيڪو هن کي ان وقت پاتل هو. ان سان گڏ هن کي ڪاري رنگ جي ٽي شرٽ هڪڙو جبو پاتو هيو جنهن تي SPQR لکيل هو. جنهن جي هيٺان هن کي ڪاري رنگ جي پتلون پاتل هُئي ۽ پيرن ۾ نارنگي رنگ جا جوتا هُئا.
” Tutto bne “، هن خوشيءَ مان پڇيو. ” توهان ڪيئن آهيو“.
”اسان ٺيڪ آهيون“، عورت خوش ٿيندي جواب ڏنو.
”دوستو!، اڄ جو ڏينهن تمام گهڻو اهم آهي، اڄ مان توهان کي ويهه ويهه ويهه 20x20x20 واري فارمولي جي باري ۾ پڙهائيندس، آخرڪار اسان سڀ هتي پهچي ويا آهيون. هاڻي اسان پنهنجي صبح جي معمول کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ته جيئن توهان ٻيئي پنهنجن ذهنن کي استعمال ڪري سگهو ۽ لامحدود خوشيءَ واري زندگي جيئو. توهان جيڪو ڪجهه ٻڌڻ وارا آهيو، ان ۾ توهان کي تمام گهڻو مزو ايندو. ان کان پوءِ توهان جي زندگي اڳ واري نه رهندي“. صنعتڪار سرعام چيو.
جيئن جيئن سج اڀرڻ/چڙهڻ شروع ٿيو، روشني وڌي ته ارب پتي جي کاٻي هٿ جي پويان پهريون ڀيرو هڪڙو نشان (ٽيٽو) نظر آيو. ان تي ڪجهه انگ لکيل هُئا. اهي ويهه ويهه ويهه جا لفظ هُئا.
هن جي مٿي تي ڪرندڙ روشني جي ڪرڻن جي ڪري هڪڙو حلقو/ميڙ ٺهي ويو هو. سڄو منظر نهايت ئي نوراني بڻجي ويو هو، جيڪڏهن توهان ڏسو ها ته سچي ڳالهه آهي ته توهان ضرور متاثر ٿيو ها.
”ڇا هي نئين شي آهي“، آرٽسٽ حيران ٿيندي پڇيو.”اسان اڳ ۾ ته اها شيءَ نه ڏٺي/ڌيان ۾ نه هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به نه آندو“.
”ها“، رئيس جواب ڏنو. ” مون ڪالهه رات ٽراسٽي ويري Trastevere (هڪڙي جڳهه جو نالو) ۾ ڪنهن ماڻهو کان ٺهرايو/ڪنهن مون سان ائين ڪيو آهي. سمجهيو؟“ ارب پتيءَ چيو. هو ان وقت هڪڙي تازي نئين ڄاول ٻار جيان معصوم لڳي رهيو هو. Appearing as innocent as a newborn
”اهڙي قسم جو“، هن هڪڙي خوفناڪ اوٻاسي ڏني ۽ پوءِ ڪافي جي ڪپ مان ڍڪ ڀرييندي چيو. ”اٽلي جي عظيم ڪافي“ هن ٻڌايو.
”ٻڌو ،هي ٽيٽو عارضي آهي“ Well, the tattoo is temporary ارب پتيءَ تسليم ڪيو. ”مون اهو ان ڪري ٺهرايو آهي ته اڄ اسان جو موضوع ئي ويهه ويهه ويهه فارمولي جي باري ۾ آهي، هي موضوع اسان جي هيل تائين ڪيل سڀني تربيتن کان وڌيڪ اهم آهي. توهان سان هن موضوع تي ڳالهائڻ مون لاءِ تمام وڏي نعمت آهي. مون کي ائين لڳي ٿو ته اسان جو تعلق هڪڙي ئي خاندان سان آهي ۽ خاص ڪري هتي روم ۾ ته اڃان به حيرت ۾ وجهندڙ آهي. پنهنجي گهرواري وينيسيا Vanessaجي وفات کان پوءِ مون ته هتي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. مان هتي پاڻ کي هن جي بغير وڏي پيڙاءُ ۾ محسوس ڪري رهيو آهيان.“ ٻي ڪنهن هنڌ ڏسڻ کان اڳ ۾ هن اعتراف ڪيو.
پوءِ اسٽون رائلي پنهنجي پينٽ جي کيسي مان هڪڙي مرغي جي سيني واري هڏي wish bone ڪڍي. هن اها وڏي احتياط سان انهن ڏاڪن جي هڪڙي ڏاڪي تي رکيو جن جي عجيب وڏي قطار جي ڊرائنگ ٺهيل هئي ۽ ان تي ٺهيل هڪڙو پراسرار خاڪو سامهون اچي ويو جيڪو هن ريت نظر اچي رهيو هو.
ارب پتيءَ انهن ٻنهي مهمانن کي هڪڙي خواهش/ڪا به تمنا دل ۾ ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ چيو ته اها خوش قسمتي جي نشاني کي ڇڪي ڌار ڪري ڇڏي ٿي.
”هي مان اڄ جي صبح جي سيشن لاءِ خاص طور تي کڻي آيو آهيان، صرف ان لاءِ نه ته توهان جي اندر مضبوط جذباتي ڪيفيت پيدا ٿئي، بلڪه مان اهو به چاهيان ٿو ته توهان اهو ياد رکو ته چيلهه جي هڏي، خواهش جي هڏي بغير ڪنهن به ڪم جي ناهي“. هن واضح ڪيو.
”وقتي طور يا عارضي طور تي ٿيل واعدا يا ڪمٽمينٽ جو نتيجو به عارضي هوندو آهي، ان ادراڪ جي باري ۾ اسان پهريائين ئي پڙهي چڪا آهيون نه“ آرٽسٽ سوال ڪيو.
”اها سوچ ته ڪو به خيال ان وقت تائين ڪم ڪرڻ جو ناهي، جيسيتائين ان تي عملي طور تي ڪم نه ڪيو وڃي“، ڪاروباري عورت سج جي روشني ۾ يوگا ڪندي ٻڌايو.
”ها، ان سان ملندڙ جلندڙ“، ارب پتيءَ جواب ڏنو، مون کي خبرآهي ته توهان ٻيئي بهترين ڪارڪردگي وارا، مهارت سان ڀرپور، خوش ۽ معنيٰ واري زندگي گزاريندا. ان لاءِ جن عادتن جي گهرج آهي، فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبرشپ جو هجڻ، انهن مان هڪڙي عادت آهي....جنهن لاءِ پنهنجي جنون کي حقيقت جو روپ ڏيڻ ضمانت آهي. پنهنجي شاندار زندگي جي خواهش کي روزاني واري زندگيءَ ۾ حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ، مون جيڪو پهريون ڪم ڪيو، هي اها واحد مشق آهي، جي هان، اسان جا خواب ۽ خواهشون اسان جي خواهشن جون هڏيون ته آهن. جڏهن ته صبح جو سوير اٿڻ انهن جي تعبير ڪرڻ لاءِ چيلهه جي هڏي جيان آهن“.
”صبح جو سوير اٿڻ ۾ قوت ان وقت ايندي آهي، جڏهن اُن دوران هر روز ويهه ويهه ويهه جي فارمولي تي عمل ڪيو وڃي“ سيٺ چيو”۽ هاڻي توهان کي ان طاقتور معمول جي باري ۾، ٿوري ئي دير ۾ خبر پوڻ واري آهي“.
”ان جو تعلق وقت سان آهي“ آرٽسٽ پنهنجي سائي رنگ جي شيشن وارو چشمو پنهنجن اکين تي لڳائيندي/چاڙهيندي چيو. اس هاڻي اسپنش ڏاڪن جي ان جاين تي به ڦهلڻ لڳي، جتي ٿوري دير اڳ ۾ روشني نه هُئي.
”ان کان اڳ ۾ جو مان ان موضوع تي ڳالهايان، مون کي ڀاڪر پايو“. ارب پتي انتهائي پيار واري لهجي ۾ گذارش ڪري ڪاروباري ۽ آرٽسٽ ڏي نهاريو. ”ڀلي ڪري آيا منهنجا پيارا روم!“، هن ترنم سان ڳائڻ شروع ڪيو.
”ياد رکو، فقط صبح جو پنجين وڳي اٿڻ سان توهان جي تخليقيت creativity ، ڪارڪردگي productivity ، خوشي prosperity ، جفاڪشي performance ، مشقت usefulness سان گڏو گڏ توهان جي نجي زندگي جو معيار بهتر نه ٿيندو. صرف صبح جو پنجين وڳي جاڳڻ سان، توهان کي بادشاهت نصيب نه ٿيندي، پر صبح جو اٿڻ کان پوءِ، انهن سٺ منٽن دوران، توهان جيڪو ڪم ڪندو، اها ئي اصل ۾ تبديلي جي راند آهي، اها ڳالهه ياد رکو ته توهان جي فتح جو ڪلاڪ توهان لاءِ زندگيءَ ۾ موقعن جي سڀني کان وڏي دري کولي ٿو. توهان کي هاڻي اها خبر پئجي چڪي آهي ته جڏهن توهان صبح جو پنجين وڳي جاڳو ٿا ۽ ان انداز سان پنهنجي ڏينهن جو آغاز ڪيو ٿا ۽ هي عمل ان ڪم ۾ حيرت جي حد تائين اثر وجهي ٿو. ڪيترائي ماڻهو صبح جو اٿي ته ويندا آهن، پر ان کان پوءِ وري ٽي وي تي خبرون ڏسي، آن لائن سرفنگ ڪري، سوشل فيڊز پڙهي پڙهي ڪري، ميسيجز ڏسي ڏسي ڪري، صبح واري اثر کي برباد ڪري ڇڏين ٿا. مون کي يقين آهي ته توهان اها ڳالهه سمجهو ٿا ته هي تباهه ڪندڙ ورتاءُ انهن جي پنهنجن ارادن جي ڪري ٿئي ٿو، جيڪو انهن کي هڪدم لطف واري ماحول ۾ لڳائي ڇڏي ٿو... ۽ ائين ئي اهم شين کان فرار جي شڪل ٺهي وڃي ٿي. اهڙي ريت اهي ماڻهو صبح جو سوير اٿڻ جي باوجود ان وقت جي ذريعي پنهنجي شخصيت ۽ ڪم ۾ عظمت آڻڻ ۽ تسلسل برقرار رکڻ جي قابل نه ٿا رهي سگهن“.
”اسان جيئن ته هرروز پنهنجو ڏينهن تخليق ڪيون ٿا، ان ڪري اسان پنهنجي زندگيءَ کي تيار ڪيون ٿا. ٺيڪ؟“ آرٽسٽ ڳالهه وڌائي ۽ اهو ظاهر ڪيو ته هن ارب پتيءَ کان هيل تائين جيڪو ڪجهه سکيو آهي، اهو محفوظ آهي. ”هي ڊي اسٽيڪنگ فائونڊيشن“ That’s the day stacking Foundation آهي ۽ هي تاريخدانن جي چئني مرڪز نگاههThe 4 History makers مان هڪڙو آهي، جيڪو توهان اسان سان بيان ڪيو هو. مون کي اڄ به هي ماڊل ياد آهي“.
”بلڪل درست“، ارب پتيءَ تعريف ڪئي. ”مون کي هي چوڻ جي ضرورت آهي ته پنهنجو ڏينهن تمام بهتر نموني سان، صحتمنداڻو ۽ پُرسڪون انداز سان شروع ڪرڻ جي لاءِ، صرف عوامي ۽ نجي ڪاميابي جي حاصلات ئي ڪافي نه آهي، ان جو تعلق تحفظ سان به آهي“.
اوچتو هڪڙو گهوڙيسوار جنهن کي گليڊيٽرgladiator جو لباس پاتل هو، پيازاڊي اسپڪنا Piazza di Spagna نالي جي عمارت کان نڪتو ۽ هن رڙ ڪري چيو، ”مسٽر رائلي ڀلي ڪري آئين“Buongiorno Mr.Riley ۽ پوءِ پنهنجي رستي سان اڳتي هليو ويو.
”خداحافظ“ A dopo ارب پتيءَ ايترو زور سان چيو جو اهو گهوڙيسوار ٻڌي سگهيو. ”ڪيڏو نه سنهڙي وڳي ۾ هو، هون؟“ هن پنهنجن شاگردن کي چيو.
ارب پتيءَ پنهنجي نقلي ٽيٽو کي رهڙيو ۽ مقبري ڏانهن نهاريو. ”هينئر جيڪو مرد هتان مٽي ويو آهي اهو مون کي ڏسڻ سان رٿ بان Auriga لڳو. قديم زماني ۾ هي هڪڙي قسم جا غلام هوندا هيا. هي غلام خاص طور تي منتخب ٿيندا هُئا يا ڪيا ويندا هئا ۽ رومي رهنمائن جي چرپر جا زميوار هُئا. رٿ بانن جي هڪڙي ٻي زميواري فوجي جنرل جي پٺيان بيهڻ جي به هُئي. جيڪو هن جنرل جي تاج پوشيءَ جي وقت هن جي پويان بيهي رهڻ وارو ڪردار ادا ڪيو هو، لڪي لڪي هن جي ڪن ۾ احتياط سان ”هومو ميمنٽو“ Memento homo جهڙا الفاظ پيا دهرائيندا هيا“.
”ان جو ڇا مطلب آهي؟“ عورت پڇيو. اڄ هن کي هڪڙي ڦٽل رنگ جي جينز، ڳاڙهي رنگ جي ٽي شرٽ وي واري ڳچي سان ۽ سفيد ورزشي جوتا پاتل هيا. هن وارن ۾ ٻارن وانگي پوني ٻڌي ڇڏي هُئي، جيڪا هن کي پسند هُئي. هن کي هٿ ۾ بريسليٽ به پاتل هو، هن جي شخصيت مان اميدپرستي جهلڪي رهي هُئي.
”هومو ميمينٽو“ Memento homo هڪڙو لاطيني لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ياد رکو ته” توهان ئي فقط مرد آهيو“ Remember you are only a man . ارب پتيءَ جواب ڏنو. ”رٿ بان اهو ڪم پنهنجي ليڊر جي آڪڙ کي قابو ۾ رکڻ لاءِ ڪندا هُئا. ته متان اهي ههڙي وڏي عهدي ملڻ کان پوءِ آپي مان نه نڪري وڃن. اهڙي قسم جي شيءَ اڪثر ڪري وڏن عهدن وارن ۾ ئي اچي ويندي آهي. ان رسم جو مقصد اهو هوندو آهي ته رياست جي سربراهه کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته هو پنهنجي رياست کي جنهن تي هو حڪومت ڪري رهيو آهي، ان کي وڌ کان وڌ بهتر ڪندو رهي. ....۽ پنهنجي ست کي ائين ضايع نه ڪري، نه ته ائين ممڪن آهي ته هي بادشاهت ئي تباهه ٿي وڃي“.
”توهان کي ڪهڙي ڄاڻ آهي/توهان ڇا ٿا ڄاڻيو“، آرٽسٽ اشارو ڪيو. ”مان اهڙن ڪجهه ذهين ۽ ماهر آرٽسٽن کي سڃاڻان ٿو، جن پنهنجي تخليقي عروج ۽ وقار کي برباد ڪري ڇڏيو، ڇو ته هنن پنهنجي ڪاميابي کي درست طور تي منظم يا ٿانيڪو نه ڪيو. ان ڪري مان توهان جي ڳالهه کي بهتر سمجهي سگهان ٿو“.
”تمام سٺو“، عورت جواب ڏنو. مون اهڙيون ڪيتريون ئي ڪامياب ڪمپنيون ڏٺيون آهن، جن تيز ترقي ڪئي، پر پوءِ وري مارڪيٽ مان ئي غائب ٿي ويون. ڇو ته اهي پنهنجي ڪاميابين جي نشيءَ ۾ ڌت ٿي ويون ۽ انهن جي اندر جيڪا اڳتي وڌڻ جي تِڙپ هُئي، اها ختم ٿي وئي. اُهي ان غلط فهمي جي ڪري لاچار ٿي ويا ته اهي وڏي عرصي کان بهترين شيون ڏيئي رهيا آهن ۽ اڳتي به ائين ئي پيش ڪندا رهندا ۽ ائين ئي اهي پنهنجن شين جي معيار کان بي خبر ٿي ويا ۽ آخر ۾ ڪِري پيا. مسٽر رائلي مان توهان جي ڳالهه چڱي ريت سمجهان ٿي“.
”جڏهن توهان ويهه ويهه ويهه فارمولا تي عمل ڪرڻ شروع ڪندو ته ان کي هر صبح جو بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندا رهجو. اڳتي وڌڻ جي تمنا کي به جاري رکجو. ياد رکو، ڪاميابي کان وڌيڪ خراب ناڪامي ڪنهن جي به نه ٿي ٿي سگهي. هڪ دفعو جڏهن توهان تبديلي جي هن مشق جو تجربو ڪري ڇڏيندو ته هلڪو ٿيڻ آسان ٿي ويندو...۽ ٿي سگهي ٿو....چند قدم هلڻ کان پوءِ....توهان انهن شين کي نظر انداز ئي ڪرڻ لڳندو“.
ارب پتيءَ پنهنجي اشهد آڱر سان ڏاڪڻ کي ڇهيو. هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ هي الفاظ زبان تي آندا؛ ”هي وقت آهي ته توهان پنهنجي بلُندترين شخصيت جي فرار کان بيهي وڃو ۽ پنهنجي اندر ۾ موجود قابليت، بهادري ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ کي قبول ڪيو“.
It’s time to stop being a fugitive from your highest self and accept membership into a new order of ability, bravery and understanding of the call on your lives to inspire humanity.
ان کان پوءِ هو اسپينش اسٽيپس تي ٺهيل پليٽ فارم تي هلڻ لڳو ۽ پنهنجي ساڄي هٿ جون ٻيئي آڱريون مٿي ڪري امن جي عالمي نشاني ٺاهي ورتي. ان کان پوءِ هُن ان عمارت جي هڪڙي پاسي بيٺل ماڻهو ڏانهن هٿ لوڏي اشارو ڪيو، جنهن کي سرمائي ٽي شرٽ پاتل هُئي. سيني واري جاءِ تي گهنج پيل هيس. هيٺ گهري نيري رنگ جو پاجامو ۽ ڦڪي رنگ جا ورزشي جوتا پاتل هئس. عمارت ڏانهن ٽي شيون اڇليون...جيڪي هن ڏانهن هيون، جتي ارب پتي بيٺو هو. هن پنهنجي پرنٽيڊ قميص کنئي جنهن جي هيٺان کان بليٽ پروف جيڪيٽ نظر اچڻ لڳي...۽ ان جي هيٺان ڪاغذ جو چمڪندڙ ٽڪڙو نظر آيو.
ان ماڻهوءَ اطالوي لهجي ۾ ارب پتيءَ کي ڀليڪار ڪئيGrazi mille! Molto gentile, Adriano ۽ ارب پتيءَ ان جو جواب ڏنو ٻنهين سان هٿ ملائڻ کان اڳ ۾ ، ان ماڻهوءَ جي هٿ کي چمي ڏني. جڏهن ته ان دوران ارب پتي جون نظرون پنهنجي ڪاغذ تي کُتل هنيون.
”ايڊريانو Adriano منهنجي سيڪيورٽي ٽيم سان تعلق رکي ٿو. مسٽر رائلي جيڪو پنو هن کي ڏنو ويو هو ان کي پڙهندي چيو. ”هي منهنجن خاص ماڻهن مان آهي“.هي هڪڙي ايڪسيپشنل قوم ۾ ڄائو ۽ البا جي شهر پيمونٽي ريجن Piemonte region ۾ وڏو ٿيو، ڇا توهان کي ٽارٽوفو پسند آهي“.
You cats like tartufo?
”اهو ڇا هي“، آرٽسٽ سوال ڪيو، ٿورو ان موقعي کان پريشان ٿيندي، جيڪو ٿورو دير اڳ ۾ هليو هو.
”ٽرفليز بيبي!“ ڪروڙپتي چيو. الله يا ان جو ذائقو ڏاڍو سٺو هوندو آهي. پاستا ۽ رجيل مکڻ يا وري فرائيڊ انڊن سان گڏ، اي منهنجا رب! هي شهنشاهن جي خوراڪ هئي. ارب پتيءَ جون اکيون ائين بند هيون، جيئن هو تصور ۾، خيالن ۾ پنهنجي پسنديده ڊش ڏسي رهيو هجي، هن جي وات مان هلڪي گگ به ڳڙي رهي هئي، جي ها گک، آهي نه عجيب ڳالهه؟
آرڊينو جيڪو ويجهي بيٺو هو، ان پنهنجي مالڪ کي رومال ڪڍي ڏنو. هن آرٽسٽ ۽ ڪاروباري عورت کي اهڙي نظرن سان گهوري ڏٺو، ڄڻ هو چوندو هجي،” مان ڄاڻان ٿو ته هي اجنبي آهي پر مون کي هن سان محبت آهي“.
پوءِ اهي چارئي ان خوبصورت موهيندڙ جاءِ تي زوردار ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا.
”باس! هڪ عظيم صبح مبارڪ“، ايڊريانو Adriano ويندي ويندي چيو. ”مان اڄ شام ٽيسٽاشو Testaccio۾ توهان سان ملندس. اڄ رات مون کي پاڻ سان رات جي ماني جي دعوت تي گهرائڻ لاءِ توهان جي وڏي مهرباني، ڇا توهان معمول جي مطابق ڪيڪيشو اي پيپ cacao e pepe کائيندا آهيو“.
”سائي si “ (بلڪل لازمي ) ارب پتيءَ پڪ ڪئي، ”اي پريسٽو A presto “.
”البا Alba اهو ڳوٺ آهي جتان سفيد ٽرفلس ايندا آهن. ارب پتي وَضاحت ڪئي. ”خاص تربيت يافته ڪتا ان کي سُگهندا آهن. يا وري سوئر. ممڪن آهي/ٿي سگهي مستقبل ۾ مان توهان کي پاڻ سان ٽرفلز جي شڪار لاءِ توهان کي وٺي وڃان. مان واعدو ٿو ڪيان ته اهو موقعو توهان لاءِ يادگار هوندو. بهرهال هن زبردست ماڊل تي هڪ نظر وجهو. دراصل اسپيلبائينڊر اسان لاءِ هي فتح وارو ڪلاڪ ۽ ويهه ويهه ويهه وارو فارمولو تشڪيل ڏنو هو. ته جيئن ان جي باري ۾ ڪو به ابهام نه رهي ته پنهنجي صبح جي معمول کي ڪيئن هلائجي. ڪو به بهانو نه هلي/بهاني جي ڪا به گنجائش نه آهي. اهو سڀ ڪجهه توهان جي سامهون کولي رکيو ويو آهي. بس، اهو ڪم ڪيو ۽ توهان پنهنجي ڏينهن جا مالڪ بڻجي ويندو. ڇا توهان کي خبر آهي ته تاخير بذات پاڻ هڪڙو نفرت آميز عمل آهي“.
Procrastination is an act of self-hatred, you know?
”واقعيreally “؟ آرٽسٽ پڇيو.
”يقينا absolutely جيڪڏهن توهان پاڻ سان واقعي ئي محبت ڪئي هوندي ته توهان انهن مڙني احساسن کان دستبردار ٿي ويندو، جن جي ڪري توهان پاڻ کي سٺو محسوس نه ڪيو ۽ پنهنجي ڪمزورين جا غلام بڻيل رهيو. توهان پنهنجي گهٽتائين تي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ ۾ موجود حيرت ۾ وجهندڙ خوبين جون خوشيون ملهائيندو. ٿورو ان جي باري ۾ سوچيو؛ توهان وٽ جيڪي منفرد فطري ذخيرو آهي، اهو سڄي ڌرتي تي ڪنهن به ٻي ماڻهوءَ وٽ نه آهي. بلڪ سڄي انساني تاريخ ۾ توهان جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو نه ٿي گذريو آهي ۽ نه ئي گذرندو. توهان سڀني کان وڌيڪ خاص آهيو. اها هڪ غير متنازعه حقيقت آهي، ان ڪري، پنهنجي شاندار ٽيلينٽ، عاليشان صلاحيتن ۽ قوتن کي ڀاڪر پايو. توهان پاڻ سان جيڪو واعدو ڪيو ٿا، انهن کي ٽوڙڻ واري عادت ڇڏي ڏيو. پاڻ سان ڪيل واعدن جي پاسداري نه ڪرڻ جو هڪڙو ڪارڻ اهو به هوندو آهي ته اسان پنهنجي پاڻ سان محبت نه ٿا ڪيون. اسان جيڪو ڪجهه پاڻ کي ٻڌائيندا آهيون، ان جي مطابق عمل نه ٿا ڪيون ۽ ائين پنهنجي خود توقيري ۽ شخصي سوچ کي تباهه ڪندا رهندا آهيون. پوءِ وري لاشعوري طور تي اهڙو ورتاءَ ڪرڻ ۽ يقين ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون، ته اسان ڪنهن به شيءَ جي قابل نه آهيون ۽ اسان جيترو گهٽ پنهنجي پاڻ کي پنهنجي قوتن کي اهميت ڏيندا سين، اوترو ئي گهٽ قوتن کي استعمال ڪنداسين“. ارب پتيءَ پنهنجي ڳالهه وڌيڪ جاري رکڻ کان اڳ ۾ پوپٽن جي هڪڙي ميڙ کي اڏرندي ڏٺو.
The billionaire watched a group of butterflies fly by before continuing.
”اهي شيون ان انداز سان ڪم ڪن ٿيون. ان ڪري منهنجي گذارش آهي ته شين کي رکي ڇڏڻ ڇڏي ڏيو. پنهنجي خود اعتماديءَ وارين سوچن کي تاڻيو، جن جي باري ۾ اسان تاج محل ۾ ڳالهائي چڪا آهيون ۽ پاڻ کي ياد ڪرائيندا رهو ته توهان جي زندگي سخت محنت، غيرمعمولي ڪارڪردگي ۽ خوبصورتي جي گواهي هجڻ گهرجي. پنهنجي پاڻ جي خاص هئڻ واري شي کي رد ڪري ، پنهنجي پاڻ کان نفرت ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي سچي ذهانت ۽ سچي صلاحيتن سان گڏ زندگي گذاريو، اهڙي ريت توهان پنهنجي عزت ۽ پاڻ سان محبت ڪندو. ”تاخير بذات خود نفرت جو عمل آهي“. ارب پتيءَ پنهنجي ڳالهه دُهرائي. ”ان ڪري پنهنجي صبح کي ٿانيڪو ڪرڻ لاءِ ويهه ويهه ويهه فارمولي کي مڪمل احتياط سان عمل ۾ آڻيو“.
ان کان پوءِ ارب پتيءَ، ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ کي هڪڙو فريم ورڪ ڏيکاريو، جيڪو ڪجهه ان ريت نظر اچي رهيو هو؛
ويهه ويهه ويهه وارو فارمولو
THE 20/20/20 FORMULA
DECONSTRUCTION
”جيئن توهان ڏسي سگهو ٿا ته هن خاڪي يا ماڊل ۾ ويهه ويهه ويهه منٽن جا ٽي خانا آهن. جنهن جي روح جي گهرائين کي سمجهڻ لاءِ وڏي مشق ڪرڻي پوندي. اهي ٽيئي خانه، اصل ۾ ٽي وقفا آهن. ويهه ويهه ويهه واري فارمولي جي پهرئين خاني ۾ ”حرڪت Move “ آهي ۽ ان دوران ڪجهه منٽن لاءِ اهڙي ورزش ڪيو، جو توهان پگهر ۾ شل ٿي وڃو. ان سان توهان جي سڄي ڏينهن جي معيار ۾ انقلاب اچي ويندو. ٻيون خانو وري ”عڪس/پاڇولو Reflect “ جو آهي، جيڪو توهان کي اڳين ويهن منٽن لاءِ تيار ڪري ٿو، اهو پيرڊ پنهنجي فطري قوت جي سڃاڻپ، پنهنجي پاڻ جي ڄاڻ جي ترويج، ذهني دٻاءُ ۾ ڪمي، خوشي ۽ اندروني سڪون جو ڀرجهلو ٿئي ٿو. هن حصي ۾ عمل ڪرڻ جي ڪري توهان کي موجوده انتشار ۽ مصروفيتن جي دور ۾ پاڻ کي سنڀالڻ ۾ تمام وڏي مدد ملندي. ان کان پوءِ فتح جي هن آخري ويهن منٽن ۾ وري توهان جي ترقي/واڌ Grow جي لاءِ، ان جو مطلب اهو آهي ته توهان ان مرحلي ۾ ڪو سٺو ڪتاب پڙهي وٺو، جنهن مان توهان کي خبر پوي ته بهترين زندگيون ڪيئن ٺهيون، يا وري ڪا تحرير جيڪا توهان جي پيشوارڻي ڪم ۾ اضافو ڪري، يا وري ڪو آڊيو پروگرام ئي ڏسي وٺو، (مثال پوڊ ڪاسٽ) جنهن مان توهان جي ڄاڻ ۾ اهو اضافو ٿئي ته ڪيئن غيرمعمولي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. يا وري ڪا تعليمي وڊيو ڏٺي وڃي، ته جيئن پنهنجن رشتن کي ڳنڍي رکڻ جي سليقي جي خبر پوي يا وري پنهنجي معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ جو سوچيو وڃي. يا وري پنهنجي روحاني ترقيءَ جون تدبيرون ڄاڻيون وڃن. دوستو! اهو سمجهي وٺو ته جيڪي ليڊر تمام گهڻو سکن ٿا، اهي ئي سڀ کان وڌيڪ کٽن ٿا“. As you cats now know, the leader who learns the most wins.
”مون جيڪا ڳالهه اسپيل بائينڊر کان سکي، ته توهان ڏينهن جي شروعات سخت ورزش سان ڪرڻ سڀني کان وڌيڪ فائديمند آهي. خاص ڪري بستري کان اٿڻ کان هڪدم پوءِ، ان جو تمام گهڻو فائدو ٿئي ٿو ۽ اهو ئي وقت سڀ کان وڌيڪ اهم به آهي. مون کي هن جا لفظ اڄ به ياد آهن ته جيڪي انتهائي پيارا هُئا؛ توهان کي پنهنجي ڏينهن جي شروعات مشقي وزن سان ڪرڻ کپي، ان ڳالهه تي ڪو به سودو نه ٿو ٿي سگهي، ٻي صورت ۾ ويهه ويهه ويهه وارو فارمولو ڪم نه ڪندو ۽ مان توهان کي فائيو اي ايم واري ميمبرشپ واپس وٺي ڇڏيندس“.
You must begin your dady with intense exercise. This is non-negotiable. Otherwise The 20/20/20 Formula won’t work. And I’ll take back your membership in The 5 Am Club.
ٽي ڳيرا ارب پتي جي مٿي تان اڏامندي گذري ويا،three doves flew over the billionaire هُن انهن تي پنهنجي نگاهه وڌي، هڪڙي جي هوائي چمي ورتي ۽ تاريخدانن جي صبح جي معمولاتن جي باري ۾ پنهنجي ڳالهه جتان هن ڇڏي هُئي، اتان وري شروع ڪئي.
”صبح جي پهر ۾ سخت تربيت ئي راندين کي مٽائي ڇڏڻ وارو ڪم آهي، جڏهن توهان صبح جو سوير اٿي، هڪدم سخت ورزش ڪيو ٿا، ته دماغ ۾ جيڪي ڪيميائي تبديليون اچن ٿيون، ان سان نه فقط توهان جو ڌيان، پر توهان جي قوت/توانائي پڻ وڌندي، بلڪ توهان جي ٿانيڪي ٿيڻ واري قوت ۾ به اضافو ٿيندو ۽ توهان سڄو ڏينهن پنهنجي اندر ۾ باهه کي ڀڙڪندي محسوس ڪندو. توهان جيڪا به ورزش ڪندو، توهان جي جسم مان پگهر نڪرڻ شروع ٿيندو“.
”ڇو“، آرٽسٽ پڇيو، جيڪو ڪاپي تي خاص پوائنٽ نوٽ ڪري رهيو هو.
”ان جي ڪارڻ کي ڄاڻڻ لاءِ توهان کي خاڪو ڏسڻو پوندو. ڪارٽيسول Cortisol خوف جو هارمون آهي. هي اينڊرينل گلينڊ adrenal glands جي ڪورٽيڪس ۾ ٺهي ٿو ۽ پوءِ وري خون ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. ڪارٽيسول انهن چند شين منجهان آهي، جيڪو توهان جي ذهانت کي محدود ڪري ٿو ۽ تاريخسازي جي وڏي موقعي کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو. ڪيترن ئي سائنسي تحقيقن مان ان ڳالهه جو اندازو ٿئي ٿو ته صبح جي وقت توهان جي ڪارٽيسول جو مقدار تمام گهڻو بلند هوندو آهي“.
Very good scientific data confirms that your cortisol levels are highest in the morning.
”حيرت ۾ وجهندڙ ڄاڻFascinating information “، عورت غور ڪيو ۽ روم جي صبح جي روشني ۾ يوگا جو هڪڙو ٻيو انداز اختيار ڪيو.
”ها، اهو ته آهي، صبح پنجين وڳي کان پنج ويهن تائين.... صرف ويهن منٽن جي لاءِ...توهان جي ورزش ڪرڻ جي ڪري، توهان جي ڪارٽيسول جي مقدار تمام گهڻي حد تائين گهٽجي ويندو ۽ ائين توهان، پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جي قابل ٿي سگهندو. اهو آهي پنهنجي صبح جي آغاز جو شاندار طريقو. سائنس اهو به ثابت ڪري چڪي آهي ته انسان جي جسماني تندرستي ۽ ذهني قابليت ۾ گهرو تعلق آهي. سخت جسماني ورزش ڪرڻ سان بي ڊي اين ايف ( برين ڊرائويڊ نيوروٽروفڪ فيڪٽر) BDNF (brain derived neurotrophic factor خارج ٿئي ٿوجيڪو دماغ جي فتحمندن لاءِ تيار آهي“.
”وا ڙي واهwow “.. عورت تيزي سان نوٽ بوڪ ۾ لکندي رڙ ڪندي چيو.
”ذهني دٻاءُ جي ڪري دماغي خليات خراب ٿي وڃن ٿا، بي ڊي اين ايفBDNF ان جي مرمت ڪري ٿو ۽ عضون جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط ڪري ٿو. جنهن جي ڪري توهان بهتر سوچڻ ۽ تڪڙي ڪم ڪرڻ جي قابل ٿيو ٿا. ارب پتي واضح ڪيو. ”هڪڙو ٻيو (گارگينٽوان ڪامپيٽيٽو ائڊوينٽيج)Gargantuan Competitive Advantage به آهي ان جي ڪري نون دماغي خلين جي پيدائش به شروع ٿي وڃي ٿي، هي تمام وڏي فائدي واري ڳالهه آهي“.
”واهه، يعني هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار!، آرٽسٽ چيو.
”توهان جيڪي ڳالهيون اسان سان ڪيون آهن، جيڪڏهن مان ان تي عمل شروع ڪري ڇڏيان ته منهنجو ڪاروبار ته آسمان سان ڳالهيون ڪندو ۽ پوءِ مون کي ذاتي طور تي ڪو به شڪست نه ڏيئي سگهندو“...
عورت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. مون مسٽر رائلي کي ڏٺو هو، ته هو ٻين جي عزت افزائي لاءِ پنهنجو سر جهڪائي رکن ٿا، هاڻي به هن پنهنجي استاد جي ٿوري کي مڃڻ جي لاءِ، هن جي سامهون پنهنجو سر جهڪايو.
”يقينن absolutely “ ارب پتيءَ اتفاق ڪيو ۽ جڏهن توهان صبح جو ويهه ويهه ويهه فارمولي تي عمل ڪندي، پهريائن ويهه منٽ سخت ورزش ڪندو، ته توهان جي بدن مان ڊوبا مينDopamine خارج ٿيندو. ڊوبا مين حرڪت ڪرڻ/چرپر ڪرڻ جو نئون ٽرانسميٽر آهي. ان سان گڏ وري سيروٽونن serotonin جي مقدار به وڌائي ٿو، جيڪو هڪڙي حيرت ۾ وجهندڙ ڪيميڪل آهي. خوشيءَ کي وڌائي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته صبح جو پنج لڳي ويهه منٽن تي، جڏهن توهان جي ڀيٽ ۾ ڪي ماڻهو گهوڙا کپائي لت ڏيئي ستا پيا هوندا، ته توهان پنهنجي ميدان ۾ گهوڙيسواري، غيرمعمولي نتيجن ۽ پنهنجي ڏينهن کي شاندار ڪرڻ جي تياري ڪري چڪا هوندو“.
”ڇا توهان لاءِ اهو ممڪن هوندو ته توهان اسان کي خاص طور تي اهو ٻڌايو ته سج سان گڏ اڀرڻ وقت اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي“؟ عورت گذارش ڪئي. منهنجو مطلب اهو آهي ته، ڇا توهان اسان کي ان ورتاءُ ۽ عمل جو تفصيل ٻڌائي سگهو ٿا، ته اسان اهڙو ڇا ڪيون، جنهن جي ذريعي، اسان صبح جو الارام گهڙيال جي وڄڻ سان ئي ٽپو ڏيئي اٿي پئون؟. منهنجي خيال ۾ ته اهو سوال بي تڪو نه آهي. پر انتهائي اهم سوال آهي، آهي نه؟“.
”تمام سٺو سوال آهي اهو“، آرٽسٽ پنهنجي گرل فرينڊ جي پٺيءَ تي هٿ هڻندي چيو.
“It’s a great question!”, said the artist as he stroked his girlfrien’s back
”ها، هي واقعي هڪڙو بهترين سوال آهي It’s a fabulous question! “. سيٺ وضَاحت ڪئي. ”جيئن ته مان اڳ ۾ ئي تجويز ڪري چڪو آهيان ته هڪڙو پراڻي قسم جواسڪول الارام خريد ڪري ڇڏيو. ...جيئن مان استعمال ڪندو آهيان. جيئن ته مون توهان کي آگره Agra ۾ چيو هو ته مان پنهنجي خواب گاهه ۾ ڪڏهن به ٽيڪنالاجي سان گڏ سمهڻ نه چاهيندو آهيان. مان جلد توهان کي ٻڌائيندس ته ان جو ڪارڻ ڇا آهي. هڪدفعي جيڪڏهن توهان وٽ توهان جو الارام ڪلاڪ اچي ويو ته ان جو وقت درست وقت کان 30 منٽ اڳتي ڪري ڇڏيو. پوءِ صبح جو پنج لڳي ٽيهن منٽن جو الارام ڪلاڪ لڳايو“.
Once you have your alarm clock, advance the time on it from the actual time to thirty minutes ahead. Then set the alarm for 5:30 AM
”واقعيReally “ آرٽسٽ حيراني جو اظهار ڪيو. ”اهو ته ڏاڍو عجيب ٿو لڳيthis seems odd“.
”مان ڄاڻان ٿو i know “، ارب پتيءَ تسليم ڪيو، پر هي جادو وانگي ڪم ڪندو. توهان پنهنجي پاڻ کي اها ڳاله.ه مڃايو ته توهان کي ننڊ مان اٿڻ ۾ دير ٿي ويئي آهي. پر حقيقت ۾ ته توهان پنجين وڳي اٿيا هوندو. اها تمام ڪم جي ڳالهه آهي. ان کان پوءِ توهان هڪدم پنهنجي بستر مان ٽپو ڏيئي اٿي ٻاهر نڪري اچو، پر توهان جو ڪمزور سيلف توهان کي بستر تي ليٽي رهڻ لاءِ ڏاڍا حيلا بهانا پيو ڳوليندو. ان کان اڳ ۾ جو توهان جو عقل ان سببن ۽ ڪارڻن مان متاثر ٿي، توهان کي قائل ڪري ته وري بستر تي ليٽي رهڻ ۾ ئي مزو آهي...توهان پنجين وڳي اٿندي ئي ويهه ويهه ويهه واري فارمولي تي عمل شروع ڪيو، اهو ڪم توهان کي مسلسل 66 ڏينهن ڪرڻو پوندو. ايتري تائين جو توهان کي دير تائين ليٽيل رهڻ جي ڀيٽ ۾ جاڳڻ آسان ٿي پوندو. جڏهن مان فائيو اي ايم ڪلب ۾ داخل ٿيو هئس ته مان ورزش جي ئي ڪپڙن ۾ سمهندو هئس،“.
When I first joined The 5 AM Club, I slept in my workout clothes.
مسٽر رائليءَ رائلي ٿورڙو لڄي ٿيو ۽ پوءِ ڪيترا ئي ڳيرا ۽ پوپٽ هن جي پاسي کان اڏامي ويا ۽ اسپينش ڏاڪن Spanish Steps تي پر پري پري تائين رينبو جي روشني ڦهليل هُئي.
” دوستو توهان مون سان مذاق ڪري رهيا آهيو“، آرٽسٽ کليو جيئن هن پنهنجن وارن کي ويڙهيندي جهٽڪو ڏنو. ”توهان واقعي ئي پنهنجي مشق واري جوتن ۾ ئي سُتا؟“
”ها مان ستس“ ارب پتيءَ ڳالهه تسليم ڪئي ۽ منهنجا ورزشي جوتا منهنجي هنڌ جي بلڪل ئي ويجهو رکيل هوندا هئا. مون هر اهو ڪم پاڻ ڪيو جنهن جي ڪري ئي مان پنهنجي سر تي طاري ٿيندڙ ڪنهن به حيلي بهاني کي شڪست ڏيئي سگهان“.
عورت پنهنجو مٿو ڌوڻي رهي هئي، جيئن جئين ڏينهن گذرندو رهيو پئي، تئين تيئن هو گهڻو مضبوط ۽ خوش نظر اچي رهي هُئي.
”بهرحال، مون کي صبح جي پهرئين ڪم يعني ورزش جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ معلومات ڪرڻ ڏيو. جڏهن توهان صبح جو سوير اٿي، سخت ورزش ڪندو ته توهان جي جسم ۾ جيڪا فطري ڪيميائي تبديلي ايندي، ان جي ڪارڻ توهان اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو. اهو به اهم آهي ته پنجين وڳي جاڳڻ تي توهان جيڪو محسوس ڪندو، اهڙو پنج لڳي ويهن منٽن تي محسوس نه ڪندو. ڇو ته اهو وقت ته توهان جي حياتي کي بهتر ڪرڻ جو آهي. جيڪڏهن توهان هن کان اڳ ۾ پنهنجي جسم کي حرڪت نه ڏني ته توهان ٻي مرحلي ۾ به گهڻو فائدو نه ٿا وٺي سگهو. ياد رکو، توهان جو پگهر وهڻ، توهان جي جسماني بهتريءَ سان گڏ، نفسياتي جلا جو ذريعو به بڻجي ٿو. جيتوڻيڪ توهان هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به صبح جو سوير نه اٿيا آهيو ۽ هاڻي ان معمول جي ڪري، توهان جي مزاج ۾ چڙ پيدا ٿي وئي آهي. تڏهن به هن وقت پنهنجي ڏينهن جي آغاز لاءِ توهان جا نيورونس ۽ ان جي باري ۾ سڀئي معاملا ٺيڪ ٿي ويندا. توهان اها خود اعتمادي محسوس ڪرڻ لڳندو، جيڪا هر رهنما ڪنهن به لقب جي بغير ئي محسوس ڪري ٿو. توهان ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪڙي ڪم تي توجهه ڏيڻ جي قابل ٿي ويندو. ان ڪري توهان تمام معياري ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا. توهان پاڻ کي ٿانيڪو ٿيندي محسوس ڪندو. صبح جو سوير اٿي جسم کي چرپر ڏيڻ سان نورايپنفرائن norepinephrine جو وڌاءُ ٿئي ٿو. جيڪو نه فقط توجهه وڌائي ٿو پر گهڻي حد تائين سڪون جي احساس کي پڻ وڌائي ٿو. وڌيڪ معياري تحقيق ان ڳالهه جي پڻ شاهدي ڏيئي ٿي ته ورزش ڪرڻ سان جسماني نظام ۾ تمام گهڻي تبديلي ايندي آهي. هي اهو قديمي دماغ آهي، جنهن جي باري ۾ اسان ماريشس Mauritius جي سامونڊي ڪناري تي هڪڙي ڪنهن ڪلاس ۾ تفصيل سان گفتگو ڪري چڪا آهيون. ان ڪري ڪنهن وڏي ۽ مشڪل منصوبي جي ذميداري کان وٺي ڪنهن عام ڪار جي ڊرائيور ۽ روئندڙ ٻار تائين، توهان کي دماغي رد عمل ڏيکارڻ جي بجاءَ ڪٿي پرسڪون ۽ نفيس انسان ٿيندي محسوس ٿيندو “.
”تمام حيرت ۾ وجهندڙ فائدو آهي هي“، عورت چيو.” توهان درست آهيو مسٽر رائلي. توهان جيڪي بهترين ڪارڪردگي جا اوزار ٻڌايا آهن، ان جي قيمت ادا نه ٿي ڪري سگهجي“.
”بلڪل صحيح ٿا چئو“، ارب پتيءَ خوشي مان عورت کي ڀاڪر پائيندي چيو.”توهان ٻيئي ڏاڍا سُٺا آهيو، مان توهان ٻنهين کي ڏاڍو ياد ڪندس“.
ان وقت استاد جي اميد پرُاميد مان بدلجي نااُميدي ڏانهن هلي ويئي“. اسان ٽنهي جي جدا ٿيڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي. خبر ناهي اسان ٻيهر ملي سگهون به يا نه، پر مون کي اُميد آهي ته اسان ضرور ملنداسين. پر ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي“.
هُن جي آواز ۾ درد ڀرجي آيو، هن پري نهارڻ شروع ڪري ڇڏيو. يا وري چرچ ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو، جيڪو هن جي پويان موجود هُيو ۽ ڪنهن جي عميق نظر جو سڀني کان روشن تعميراتي نمونو. ارب پتيءَ پنهنجي ڪاري رنگ جي پينٽ مان هڪڙي گوري ڪڍي وات ۾ وجهي ائين چٻارڻ لڳو جيئن ننڍڙو ٻارڙو کٽمٺڙو کائيندو آهي.
”بهرحال، توهان تڪليفون به ڏسي سگهو ٿا“، هن هٿ ۾ ماڊل پڪڙيندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”صبح جو سوير ڪم شروع ڪرڻ سان، توهان جو ڏينهن به وڏو ٿي وڃي ٿو ۽ جسماني چٻرٻي سڙڻ جو عمل به تيز ٿئي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن بدن ۾ ڪا اضافي/واڌو چرٻي آهي ته اها ڳرڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ٿولهه ختم ٿي وڃي ٿي. آهي نه هڪڙو وڏو فائدو/شاندار فتح/ڪاميابي؟. ۽ جڏهن توهان هڪڙو ڀيرو پنهنجي تندرستي جو خيال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو ته سڄي زندگي صحتمند رهڻ جا خواب پيا لهندو. مون پنهنجي ڪاروبار لاءِ اهو هڪڙو پڪو اصول ٺاهي ڇڏيو آهي ته ”سخت تربيت، وڏي صحت“، Train harder, Live Longer توهان کي هاڻي اها خبر آهي ته ڪنهن صحتمند ماڻهو جي خاصيت اها به هوندي آهي ته هن جي عمر وڏي هوندي آهي. مرڻو ناهي، جيڪڏهن توهان جو هڪڙو پير قبر ۾ به آهي ته پوءِ توهان دنيا کي نه ٿا بدلائي سگهو“. صنعتڪار وڏي جوش سان اها ڳالهه ڪئي.
”مطلب ته، صبح واري معاملي ۾ مان توهان کي اهو سمجهائڻ چاهيان ٿو ته اهو هڪڙو پڪو نقطو آهي ته جڏهن توهان بهترين جسماني ڪيفيت ۾ (توهان وڌ کان وڌ جنهن ڪيفيت ۾ ٿي سگهو ٿا) هوندو، ته توهان سو دفعا بهتر ڪم ڪري سگهو ٿا ۽ زندگي ۾ تمام گهڻو بهتر محسوس ڪندو. صبح مهل اٿڻ کان پوءِ سڀ کان اول ڪم پگهر وهائيندي ورزش ڪرڻ آهي....اهو قدم توهان جي زندگيءَ کي بلڪل مٽائي ڇڏيندو. ان ڪري، ان عادت کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بنائڻ جي لاءِ، جيڪو جتن ڪرڻو اٿو ڪيو، جيڪو به“.
”ڇا مان توهان کان هڪڙو ٻيو سوال پڇي سگهان ٿي، مسٽر رائلي“؟، عورت آهستي پڇيو.
”پڇو“ go for it ارب پتي چيو.
”جيڪڏهن مان ويهه منٽن کان وڌيڪ ورزش ڪرڻ چاهيان ته پوءِ “؟
”اڃان به سٺو عمل ٿيندو totally cool “، ارب پتيءَ جواب ڏنو، ”صبح جو اهو معمول ڪو پٿر تي ليڪ ناهي، مان جيڪو توهان کي ٻڌائي رهيو آهيان، ان کي پاڻ وٽ محفوظ رکو ۽ پوءِ پنهنجي لحاظ سان ان تي عمل به ڪيو، پنهنجي ترجيح جي مطابق ان ۾ ڪا ڦير ڦار به ڪري سگهو ٿا ۽ پنهنجي زندگي جي مطابق ان کي گذاريو“.
ارب پتي روم جي تازي هوا ۾ ساهه کنيو،...ان ئي تازي هوا جو، جيڪا هزارين سال اڳ ۾ بادشاهن، جنگجو/ويڙهاڪن ۽ هنر مندن ساهه کنيو هو. ٿورو تصور ڪيو ته توهان ان تازه هوا ۾ ساهه کڻڻ تصور ڪيو، ۽ توهان سان گڏ فائيو اي ايم ڪلب جا اهي ٽيئي عظيم ساٿي بيٺا هجن.
”ان کان پوءِ ويهه ويهه ويهه فارمولي جي ٻين مرحلي ۾ اچون ٿا، جيڪو توهان کي فتح واري ڪلاڪ جي دوران اختيار ڪرڻو آهي. صبح جو پنج لڳي ويهه منٽن کان وٺي پنج لڳي چاليهن منٽن تائين جي دوران توهان کي ”عڪس“ (ريفليڪشن) ڪرڻو آهي“.
”ريفليڪشن (عڪس/پاڇولو) مان توهان جو ڇا مطلب آهي. آرٽسٽ پنهنجي ڏاڙهي تي هٿ ڦيريندي پڇيو، جنهن جي حليي مان لڳي پيو ته هن جو اعتماد وڌيو آهي.
”جيئن ته مان اڳ ۾ به ڪٿي چئي آيو آهيان ته پنهنجي صبح کي ٿانيڪو ڪيو، ثابت قدمي زندگيءَ جو بنياد آهي. پنهنجي ڏينهن جي شروعات کي ماهراڻي انداز سان استعمال ڪرڻ به توهان جي ڪاروبار ۽ توهان جي شخصيت تي وڏو اثر وجهندو ۽ پنهنجي صبح جي نازڪ معاملن مان هڪڙو عنصر صبح جي گهري سڪون جي گهڙي آهي. سڄي ڏينهن جي تڪليفن ۽ اذيتن جي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي لاءِ ڪجهه سڪون ۽ سلامتي وارا لمحا تلاش ڪيو. اطمينان/شانتي/سک توهان جي معاشري جي نئين آسائش آهي Tranquility is the new luxury of your society. ان ڪري، فتح جي ان ڪلاڪ جي دوران، ٿوري دير لاءِ بيهو ۽ ان تي غور ڪيو ۽ پوءِ ان مان مزو وٺو. ٿورو غور ڪيو ته توهان ڪهڙي زندگي گذاري رهيا آهيو ۽ ڇا ٿا ٿيڻ چاهيو. سوچو ته ايندڙ ڪلاڪ جيڪو توهان جي سامهون اچڻ وارو آهي، ان ۾ توهان ڪيئن پرعزم ۽ مخلص رهندو پاڻ سان ۽ ان گهڙين ۾ توهان جو ورتاءُ ڪيئن هوندو. غور ڪيو ته پنهنجي زندگي کي ڪنهن به شيءَ لائق بنائڻ توهان کي ايندڙ چند ڪلاڪن دوران، ڪهڙي شي ڪرڻ جي ضرورت آهي“.
”هي مرحلو/هي گهڙي/هي وقت ته مون لاءِ انتهائي اهم آهي“. عورت اظهار ڪيو، هن جا ٻيئي بريسليٽ پاڻ سان ٽڪرائجي کڙڪي جو آواز ڪري رهيا هئا. انهن مان هڪڙو نئون ۽ چمڪندڙ هيو، جنهن تي لکيل هو؛ ” مڙئي صبح مون کي هڪڙي ڏينهن مثالي بڻائي ڇڏيندا“
All these early mornings will make me an icon someday.
”مان توهان سان متفق آهيان“، ارب پتي اظهار ڪيو، ”اهو غور ڪرڻ ته خوبصورت زندگي کي گذارڻ لاءِ ڪهڙي شيءَ اهم آهي، اسپيل بائنڊر جا قول به ڏاهپ وارا آهن، مثال طور؛ ان ڪم بابت سوچڻ ته جيڪو توهان لاءِ اهم آهي ۽ توهان کي مهارت ڏي ٿو ۽ وري ماڻهن سان سٺي ورتاءُ ۽ اخلاق سان پيش اچڻ جو عزم وارو طور طريقو ۽ جڏهن توهان زندگي جا باقي ڏينهن گذاريندو ۽ ان ڏاهپ جو توهان سان تعلق رهندو ته توهان کي هر لمحي ۽ هر چونڊ مان رهنائي ملندي“.
هڪڙو ٻيو پوپٽ مٿان لنگهي ويو ۽ ان جي پويان ٽي ٻيا به اتان لنگهي ويا. عرب پتيءَ پاڇولي/ عڪس جي باري ۾ وڌيڪ سمجهائڻ جو فيصلو ڪيو. پر، ان کان اڳ ۾ ان هڪ گوري کائي ڇڏي. ان پنهنجي دل تي هٿ رکيو ۽ روم جي موهيندڙن منظرن جو ديدار ڪيو. ”هتي جنهن انداز سان روشني پوي ٿي، اهڙي ڪٿي ٻي جڳهه تي نٿي پوي“. هن سوچيو، ” the way the light falls here really is like nowhere else. روما، مان توهان کي ياد ڪندس“.I’ll miss you Roma
ارب پتيءَ هيٺ سفيد ٻيڙي تي نظر وڌي ، جنهن جو تخليقار پيترو برنيني Pietro Bernini ۽ پوءِ وري گلن جي دڪان تي نظر وڌي ۽ هيٺ چورس تي پڻ.
”ڪيترن ئي طريقن سان ڪرندڙ عڪس/ پاڇولو گهڻي لحاظ کان تبديلي جو ذريعو آهي، ڇو ته جڏهن توهان هڪ دفعو سٺي نموني سان ڪنهن ڪم جي باري ۾ ڄاڻي وٺو ٿا ته پوءِ يقينن اهو ڪم توهان سٺي نموني سان ڪري سگهو ٿا. فتح جي ڪلاڪ Victory Hour جي هن 20 منٽن واري مرحلي ۾ توهان کي اهو ڪرڻو آهي ته توهان مزي سان ويهي رهو، توهان پنهنجي منتشرٿيل ڌيان کي سهيڙي، پريشاني کي ختم ڪري اهو سوچيو ته توهان هن بيڪار دنيا کي ڪهڙو تحفو ڏيندو“.
”اهو ته تمام وڏو تحفو آهي جيڪو مان پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪاروبار کي ڏينديس“ ڪاروباري عورت تسليم ڪيو. ”مونکي لڳي ٿو ته مون تمام گهڻو وقت ردِ عمل ۾ وڃائي ڇڏيو جڏهن ته سوچ ويچار ۽ منصوبا بنديءَ کي تمام گهٽ وقت ڏنو. توهان اها ڳالهه ڪئي هئي ته عظيم ماڻهو پنهنجن تنهائين جون گهڙيون ڪيئن گذارين ٿا. مون پڙهيو آهي ته تمام مشهور ماڻهن جي اها عادت رهي آهي ته اهي پنهنجي تنهائين واريون گهڙيون بنا ڪم ڪار جي گهاري ڇڏين ٿا ۽ اهي انهن لمحن ۾ فقط سوچين ٿا، فڪر ڪن ٿا ۽ انهن جي تصور ۾ ڪا شيءَ جنم وٺي ٿي. اهڙي ريت اهي هر خيال، هر ادراڪ ۽ هر سوچ کي ڪاغذ تي پلٽي ڇڏين ٿا“.
”ها“ ارب پتي تبصرو ڪيو. ”تصور ڪرڻ بذات خود خوش قسمتي جو هڪڙو وڏو در آهي. روم جهڙي تاريخي ملڪ کي جن شين خاص بڻايو انهن ۾ هڪڙي هنن جي عمارتن جو ٺهڻ به آهي. انهن کي ڏسي ڪري اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته رومين جو تصور ۽ انهن جو اعتماد ڇا هيو جو انهن اهڙيون عمارتون ٺاهيون ۽ اها ڪهڙي شيءَ هئي جنهن هڪڙي خيال کي حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو. منهنجو پنهنجو خيال آهي ته هن شهر جي هر شيءَ کي ايتري ٺيڪ انداز سان استعمال ڪيو ويو آهي جو اهو فقط انساني سوچ جو ئي نتيجو ٿي سگهي ٿو، ان ڪري، توهان کي پنهنجي عڪس واري مرحلي دوران سوچ جي سرماياڪاري، تصور ۽ خواب لهڻ واري سوچ استعال ڪرڻ گهرجي. مان سجهان ٿو ته اهو مارڪ ٽوائن Mark Twainجو قول آهي ته ”20 سالن کان پوءِ توهان کي انهن ڪمن تي وڌيڪ افسوس ٿيندو جيڪي ڪم توهان اڄ نه ڪيا، بنسبت انهن ڪمن تي افسوس ڪرڻ جيڪي توهان اڄ ڪري رهيا آهيو“، ان لاءِ تيرهلايو، محفوظ سامونڊي ڪناري کي ڇڏي ڪري ٻيڙي کي اڳتي وڌايو، ٻيڙيءَ جي سامهون واري رُخ تي ايندڙ هوائن کان ڪم وٺو، تلاش ڪيو،Explore خواب لهو/ ڏسو Dream ۽ دريافت ڪيو Discover “.
”سڀئي عظيم فنڪار مستقبل جا خواب ڏسندا آهن پر انهن مان چند ممڪنات تي يقين ڪندا آهن ته انهن خوابن جي تعبير ممڪن آهي“ آرٽسٽ جواب ڏنو.
”ها“ ارب پتي ڳاٽو ڌوڻيو، ”ان دوران هڪڙو ٻيو ڪم توهان جيڪو ڪري سگهو ٿا، اهو لکڻ آهي ته جيئن اسپيل بائنڊر ان کي Pre-performance Blue print جو نالو ڏنو آهي. ان کي سنڌي ۾ ڪو ڪم يا ڪارڪردگي کان اڳ ۾ جو ’نقشو‘ چئي سگهون ٿا. سادن لفظن ۾ ائين چئو ته توهان پنهنجي ڏينهن کي پنهنجي مرضي مطابق/يا جيئن توهان چاهيو ٿا گذاريو، ان جو هڪڙو لکت ۾ خواهش نامو آهي. تحقيق ثابت ڪري ٿي ته ڪنهن به ڪم کي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ لکت وارو عزم سڄي ڏينهن جي ڪمن جو ڌيان ۽ ٿانيڪو ٿيڻ جو ذريعو آهي. توهان وٽ توهان جي سڄي ڏينهن جو واضح لکت ۾ متن هوندو ۽ توهان جڏهن به چاهيندو اهو کولي پڙهي سگهو ٿا. توهان کي خبر پئجي ويندي ته توهان پنهنجو ڏينهن ڪيئن ٿا گذارڻ چاهيو. يقيناً ڪاروبار ۽ زندگي ۾ ڪابه شيءَ مڪمل ناهي، ان جي باوجود ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان کي پنهنجي سوچ کي بهترين ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. دنيا جا تمام وڏا سورما، مرد ۽ عورتون سڀ محنتي هئا ۽ اهي وڌ کان وڌ ڪم ڪرڻ چاهيندا هئا ۽ جيڪو ڪجهه ڪندا هئا ان کي انتها تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ان ڪري، گهٽ ۾ گهٽ 10 منٽ پنهنجي لکڻ ۾ صرف ڪيو/گذاريو“.
مغل ٻيهر گلن جي دڪان جي سامهون بيهي رهيو. هن پنهنجي کاٻي هٿ جي هڪڙي آڱر رومي آسمان ڏي کنئي. هڪڙي انتهائي حسين نوجوان ڳاڙهن ڳلن واري خاتون هڪڙي لوهي بيگ کنيو پئي آئي. جنهن کي ڪمي جي کوپن وارو چشمو، ليلن جون سليٽي رنگ جو چولو ۽ فيشن وارو پاجامو پاتل هيو ۽ پوءِ وري تڪڙي ڏاڪڙيون چڙهي ويئي. جئين بکايل چيتو پنهنجي شڪار ڏانهن ڊوڙندو آهي.
”هائي ويانا Hi Vienna “، ارب پتيءَ هن کي ڏسندي ئي کيڪاريو.
”ڀلي ڪري آيا مسٽر رائلي“، هن نوجوان عورت عزت سان جواب ڏنو. ”اسان توهان کي ٻيهرروم ۾ ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا آهيون. سائين، مون وٽ توهان جون ڪجهه شيون رهجي ويون آهن“.
خدمتگار لاڪ تي ڪوڊ لڳايو ۽ بيگ جهٽڪو ڏيئي هڪدم کلي پيئي . ان جي اندر ٽيئي انتهائي حسين انداز سان نقش ٿيل جرنل هئا، جيڪي اطالوي چمڙي سان بائنڊنگ ٿيل هئا/ ٻڌل هئا. ارب پتيءَ انهن مان هڪڙو عورت کي ۽ هڪڙو آرٽسٽ کي ڏيئي ڇڏيو. ٽيون ۽ آخري جرنل هن پاڻ کڻي سيني سان لاتو ۽ ان کي زبان سان چٽيو، ها ، هن اهو جنرل چٽيو.
He lifted the last one, clutched it close to his heart and licked it. Yes, he actually licked his journal.
”جڏهن اسان ڏکڻ آفريڪي جي انگورن جي جادو واري باغ ۾ هونداسين ته مان توهان کي ان جو ڪارڻ ٻڌائيندس ته مون پنهنجي ڊائري تي پنهنجي زبان ڇو دوڙائي/رکي“. ارب پتيءَ اهو چئي تجسس اڃان به وڌائي ڇڏيو هو.
“when we’re at the magical vineyards of South Africa, I’ll explain why I just ran my tongue over my diary”.
”ڏکڻ آفريڪا“، آرٽسٽ وڏي آواز ۾ پڇيو. ”اسان اوڏانهن ڪڏهن ٿا هلون“؟
”جادوئي باغ magical vineyards “؟ عورت کان به خاموش رهڻ نه پُڳو.
ارب پتيءَ انهن ٻنهين کي نظر انداز ڪري ڇڏيو.
The billionaire ignored them both
”ويانا Vienna ، توهان ته بلڪل ٺيڪ آهيو نه“؟، ارب پتيءَ پنهنجي معاون کان پڇيو.
جڏهن عورت ۽ آرٽسٽ ءَ پنهنجا پنهنجا جرنل کوليا ته انهن کي پهرئين ئي صفحي تي هڪڙو تفصيلي فريم ورڪ مليو.
”هڪڙو ٻيو خاڪو اسان جي سکڻ جي لاءِ؟“ آرٽسٽ خوشيءَ ۾ چيو.
”ها“ ارب پتيءَ جواب ڏنو.
”مون کي هي خاڪا تمام گهڻو پسند آهن، بهائي جان“، آرٽسٽ چيو. ”انمول تعليمي اوزار جن جي ڪري مشڪل تصور حيرت جي حد تائين واضح ٿي ويندا آهن“.
وضاحت ڳجهه کي جنم ڏيندي آهي. ٺيڪ؟“، عورت اضافو ڪيو.
”صحيح“، صنعتڪار ڳالهه کي وڌائيندي چيو،” دوستو! توهان ٻنهين کي ڀليڪار. اهو ته اسپيلبائينڊر جو ڪمال آهي جنهن فائيو اي ايم ڪلب جو فلسفو ۽ طريقو سادي انداز ۾ سمجهائڻ لاءِ پنهنجي زندگي جا ڪيئي سال لڳائي ڇڏيا. اهي ايترا سادا ان ڪري لڳن ٿا جو انهن کي قابل فهم ۽ آسان بنائڻ جي لاءِ، شديد توجهه ۽ انتها جي اڪيلائي کپي. جيئن ڪنهن معمولي ڪم جي اهميت وڌائي ڇڏڻ، اهي شيون ان ڪري انتهائي ساديون نظر اچي رهيون آهن جو انهن مان تمام غيرضروري ۽ تفصلي پهلو الڳ ڪيا ويا آهن. غير بُنيادي ۽ غير لازمي مواد الڳ ڪرڻ جي لاءِ، سالن جي صبر ۽ تحمل جي گهرج هوندي آهي ۽ وري سالن جو پورهيو. ڪنهن به ڪم کي سادو ڪري پيش ڪرڻ ڪنهن وڏي ماهر جي نشاني هوندي آهي“.
هي ماڊل، هي خاڪو جيڪو چمڙي جي جرنل ۾ موجود آهي، جيڪو روم جي ان صبح جو ٽنهي ساٿين گڏجي ڏٺو هو.
جرنل لکڻ جي عادت The journaling Habit
ڊيڪنسٽرڪشن ؛ اڏاوت
(تنقيدي تجزئي جو هڪ عمل جيڪو فلسفي ۽ ادبي زبان تي ڪيو ويندو آهي).
”منهنجي ساٿي جيڪا توهان لاءِ تحفو کڻي آئي آهي، مون کي اجازت ڏيو ته توهان کي ان جي باري ۾ ٿورو ٻڌايان“، ارب پتيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”ويهه ويهه ويهه فارمولي ۾ عڪس/پاڇولي جي ٽائيم پيرڊ جي هڪڙي ٻي فاتحاڻي چال وري جرنل لکڻ آهي. ان ڪري مون هي ٽي جرنل توهان لاءِ اطالوي ڪاريگر کان ٺهرايا، اُميد آهي ته توهان کي هن کان گهڻو فائدو پهچندو“.
“Let me get to the point of these gifts my assistant brought us”, the billionaire continued. “During the reflection pocket of The 20/20/20 Formula, another absolutely winning move is to write in a journal. And so I had these made for you by an Italian craftsperson. Hope they work wonders for you.

سيٺ هيٺ گهٽيءَ ڏانهن ڏٺو. ٻالا محنت سان گهٽيءَ کي ٻهاري ڏيئي رهيا هئا. سياح به مختلف گهٽين مان نڪري رهيا هُئا ۽ سير تفريح ڪري رهيا هُئا. سيلفيون ڪڍي رهيا هُئا ۽ گهٽين ۾ کپائيندڙ گهورڙين کان شيون خريد ڪري رهيا هئا.
”اسپيلبائنڊر کي مون سان روم ۾ گهمڻ ڏاڍو سٺو لڳو. جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ته اسان سڀاڻي هن سان ملي سگهنداسين. هو هتان کان ٿورو پري، هڪڙي درياءَ تي صبح جو سوير مڇيون پڪڙڻ ويو آهي. اڙي، ها ته مان توهان کي ان جرنل جي باري ۾ ٻڌايان پيو. اسپيلبائڊر اهو طريقو ٻڌايو آهي ته پنج لڳي ويهه منٽن کان پنج چاليهن جي وچ ۾ چند صفحا لکي وٺو. هو ان کي ”ڊيلي ڊائري “ چوي ٿو. يعني روزانو ڊائري لکڻ. ان ۾ هڪڙي بنيادي ڳالهه اها آهي ته بس، توهان لکو. لکو، تمام گهڻو سوچڻ جي ضرورت ناهي. ايندڙ وقت ۾ توهان جا جيڪي واعدا/ارادا آهن. اهي ياد ڪري وٺو. پنهنجا انمول شوق رڪارڊ ڪري وٺو ۽ توهان جون ڪهڙيون شيون توهان جي زندگي ۾ اڃان سٺيون آهن، انهن کي ياد ڪري انهن جي فهرست ٺاهيندي ٿورائتا ٿيو. اهڙي ريت توهان حيرت جي حد تائين بلڪ جادوئي انداز سان پنهنجي زهريلي جذبن کي پنهنجي اندران ٻاهر ڪڍڻ جي قابل ٿي ويندو/هوندو. پنهنجي گهٽ توانائي کي وڌائي سگهو ٿا.“ عورت چيو.
”واهه واهه،“ ارب پتيءَ تاڙيون وڄايون، جيڪو ان وقت جرنل جي پهريئن صفحي تي ٺهيل خاڪي تي آڱر رکي ويٺو هو.
”جڏهن توهان فتح وار ي ڪلاڪ جي پنهنجي ڏهه يا وري سڄا ويهه منٽ پنهنجي ڊيلي ڊائري لکڻ ۾ لڳائيندو ته توهان کي ان جو ثمر ملڻ شروع ٿي ويندو ۽ مان توهان کي اهو به عرض ڪندس ته ان دوران توهان پنهنجي ڏينهن جا خالي مثبت (پازيٽو) خيال ئي نه لکو پر پنهنجي تجربي جو اهو پهلو به لکو جيڪو توهان جي بي آرامي ۽ تڪليف جو ڪارڻ بڻجن ٿا. ڇو ته تڪليف ۾آيل جذبن جي ڪري، هڪڙي صورت ۾ انهن کي منهن ڏيڻ جي جرئت هجي. مان توهان کي ٻڌايان ته اهو هڪڙي قسم جو دردناڪ درد آهي. ڇو ته توهان جا زهريلا جذبا ۽ ماضيءَ جا تلخ تجربا توهان جي قوت کي ليٽائي ويٺا آهن، پر جيڪڏهن هڪ دفعي توهان ان قوت کي آزاد ڪرڻ جي قابل ٿي ويو ته توهان جو مائنڊ سيٽMindset ، هارٽ سيٽHeart set ، هيلٿ سيٽHealth set ، سول سيٽsoul set ڪٿي تمام بلند پرواز ڪري ويندا. ۽ جڏهن توهان جون اهي چار ئي ز مينون توهان جي ڪوششن سان زرخير ٿي وڃن ته توهان جو سپريم سيلف ان جي قابل ٿي ويندو، جو هو پاڻ تي حڪومت ڪرڻ لڳندو. ان کان پوءِ توهان بيروني ميدانن ۾ پنهنجي حڪمراني جي قابل ٿي ويندو، جنهن جي هميشه توهان کي خواهش هوندي آهي. مان توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ”مشڪل احساس جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ، توهان کي ڪو صحمنداڻو طريقو نه ٿو ملي، اُهي توهان جي اندر دٻجندا ويندا آهن، پوءِ وري اسٽريس stress ڪارڪردگي ۾ کوٽ poor productivity ۽ ويندي وڏي بيماري even disease جو ڪارڻ بڻجي ويندا آهن“.
” هي تمام بهترين خاڪو آهي“، آرٽسٽ تسليم ڪيو. ”ڇا توهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته جيڪڏهن مان تڪليف ۾ وجهندڙ احساس کي محسوس نه ٿو ڪريان ته اُهي منهنجي اندر گڏ ٿي مون کي ڏاڍو ڏکيو ڪندا“.
”ها، توهان جيڪا ڳالهه ڪئي، مان تقريبا اها ئي ڳالهه ڪرڻ چاهيان پيو“. مسٽر رائليءَ تصديق ڪئي. ”اهي زهريلا جذبا، توهان جي فطري خوبيون، ٽيلينٽ ۽ ڏاهپ کي هڪڙي خول ۾ بند ڪري ڇڏين ٿا. اهو هڪڙو وڏو سبب آهي جو ڌرتيءَ تي رهڻ وارا گهڻو ڪري ماڻهو اهو وساري ويهندا آهن ته انهن جي اندر ۾ ڪيڏو وڏو سورمو، ڪيڏو وڏو هيرو لڪل ويٺو آهي. جڏهن اسان پنهنجن جذبن کي نظر انداز ڪيون ٿا، ته اسان پنهنجي طاقتور سليف تائين پهچ جي قابل نه ٿا ٿيئون ۽ پنهنجي زندگي جو اهو سچ وساري ويهون ٿا ته اسان مان هرهڪ تمام گهڻو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ غير معمولي نتيجا ڏيئي سگهي ٿو. ڀرپور صحت حاصل ڪري سگهي ٿو، سچي محبت ماڻي سگهي ٿو ۽ شاندار زندگي گهاري سگهي ٿو ۽ ان سان گڏو گڏ وڌ کان وڌ انسانن جي مدد ڪري سگهي ٿو. مان توهان سان حقيقت بيان ڪري رهيو آهيان. پر گهڻا ماڻهو پنهنجي مٿان، وڌيڪ خوف، درد، غصو ۽ غم کي حاوي ڪري ٿا ڇڏين ۽ اُهي اِهو احساس ئي نه ٿا ڪري سگهن ته انهن جي سامهون ڪيترا وڏا موقعا موجود آهن. اها ڪاري رنگ جي توانائي اسان کي انڌو ٿي ڪري ڇڏي. پنهنجي بُنيادي ذهانت تائين وٺي ويندڙ رستا ئي محدود ٿي وڃن ٿا. تاريخ جي عظيم ماڻهن جي، انهن رستن تائين پهچ هوندي هُئي. اڄ دُنيا جي اڪثريت انهن کي وڃائي چُڪي آهي“.
”جادوئي زندگي a magical life “،عورت چيو، ”توهان جادو جي باري ۾ ڳالهائي رهيا هئا، ڪجهه عجيب لڳي ٿو“.
”ها، جادوئي زندگي“، ارب پتيءَ آهستي جواب ڏنو. ”جڏهن اسان ڏکڻ آمريڪا ويندا سين ته مان توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ان جادوئي زندگيءَ ۾ ڪئين داخل ٿي سگهو ٿا. جيڪو اسان سڀني لاءِ دستياب آهي. مان انگور جي باغ ۾ توهان کي جيڪو ڪجهه ٻڌائيندس، توهان ان کي جيڪڏهن هڪڙي دفعي سکي ويو ته توهان لاءِ وڌيڪ پئسا، بهتر صحت، وڌيڪ خوشي ۽ گهرو اندروني سڪون، ڊرامائي حد تائين وڌڻ شروع ٿي ويندو. پر مان هينئر توهان کي ان جادوئي زندگي جي باري ۾ نه ٿو ٻڌائي سگهان. مون کي ان جي اجازت نه آهي“. ارب پتي تجسس واري انداز ۾ گم ٿيل هو.
”زخم جي احساس لاءِ توهان کي ڌڪ کائڻو پوي ٿو“you need to feel a wound to heal a hurt . ارب پتيءَ وڌيڪ وضاحت لاءِ پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻيون تڪليفون ڏٺيون آهن. ڪاروبار ۾ ناڪاميونbusiness defeats ، ذاتي نقصان personal losses ، جسماني ناڪاميون/ظاهري اذيتونphysical failures ، ڪڏهن ڪڏهن ته اهي غم منهنجي دل ۾ واسو ڪري ويهن ٿا. ارب پتيءَ جي عظيم شخصيت اچانڪ مرجهائڻ لڳي. مثال جي طور، هو پوڙهو لڳي رهيو هو. هن جي چيلهه جهڪي ويئي هُئي ۽ هو سهڪي رهيو هو. پر وري پوءِ هن پاڻ کي ٻيهر سنڀالي ورتو.
For an instant, he looked older. He hunched over. And his breathing grew labored. But then he recovered.
”بهرحال، هي هڪڙي سُٺي خبر آهيAnyhow, the good news“، هن توانائي سان چيو، ته هن ٻيئي ٻانهون رومي هوا ۾ بلند ڪيون، ”۽ اهو هي ته پنهنجي شاندار حال ۽ بهترين مستقبل لاءِ مان پنهنجي ماضيءَ جي پيڙائن کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي نه ٿو گهمان.
is that I’m not carrying much past pain in my wonderful present and into my fantastic future.
مان ويهه ويهه ويهه فارمولي جي ٻين مرحلي جي دوران ڊيلي ڊائري جي مشق ڪيان ٿو. ائين مان انهن شين کي پٺتي ڇڏيندي اڳتي نڪري وڃان ٿو. ايترو زبردست، پرسڪون، شڪرگذار هجڻ جو هڪڙو واحد سبب اهو آهي . ان جي ڪري مون لاءِ اهو ممڪن ٿيو آهي ته مون ايتريون گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪري ورتيون. ڇا توهان کي خبر آهي ته ماضي ۾ رهڻ سان اسان جي اندر ۾ موجود تمام گهڻي توانائي ضايع ٿي وڃي ٿي. تمام گهڻي تعداد ۾ ماڻهن جو ڪجهه نه ڪري سگهڻ هڪڙو تمام وڏو ڪارڻ اهو آهي. مان جيترن به ماڻهن سان مليو آهيان، اسپيلبائنڊر اهو واحد شخص آهي، جنهن ٻڌايو ته ناقص ڪارڪردگي poor performance ۽ جذباتي عدم استحڪام emotional turbulence جي وچ ۾ هڪڙو گهرو تعلق آهي. ٿورو ان جي باري ۾ سوچيو ڇوته اهو بلڪل سچ آهي. ان ڪري تصور ڪيو ته هر صبح جو ڊيلي ڊائري لکڻ جي ڪري توهان پنهنجي ڪاروبار ۽ ٻين ڪمن کي گهڻو بهتر ڪرڻ جي قابل هوندو. خاص ڪري، اهي ڪم جيڪي توهان کي اڄ ڪرڻا آهن “. ارب پتيءَ ٻنهي هونهار شاگردن جا هٿ پڪتا ۽ رستي تي هلندي هلندي پيار سان چوڻ لڳو؛
”ماضيءَ جي درد کي سِر تي سوار ڪرڻ انتهائي ٿڪائيندڙ ڪم آهي“، آرٽسٽ ءَ اتفاق ڪيو. “And carrying past pain is so exhausting”
”اسان سڀ ان کان شڪست کاڌل آهيون... ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته زندگي ئي ويران ٿي ويندي آهي“.
ارب پتيءَ پنهنجو خطاب جاري رکيو. ”مان توهان کي ان ڳالهه جي به ترغيب ڏيندس ته ٻي مرحلي جي دوران، صبح جو پنج لڳي ويهن منٽن کان چاليهه منٽن تائين، مراقبوmeditate به ڪيو. اسپيلبائنڊر مون کي سيکاريو ته مراقبو ڪيئن ڪجي ۽ ان مان مون کي منهنجي توجهه concentration بهتر ڪرڻ، خود اعتمادي confidence وڌائڻ، ڪارڪردگيperformance وڌيڪ ڪرڻ ۽ پرسڪون calm ٿيڻ ۾ ڪافي مدد ملي. ياد رکو، پرسڪون ڪيفيت ۾ ڪم ڪرڻ وارا تمام گهڻُو حاصل ڪن ٿا. پنهنجي توجهه کي مضبوط ڪرڻ، پنهنجي فطري قوت کي بحال رکڻ ۽ پنهنجي اندروني سڪون سان ڳانڍاپيل رهڻ جو بهترين طريقو مراقبو Meditation آهي. اڄ تمام گهڻيون سائنسي شاهديون، مراقبي جي فائدن جي باري ۾ موجود آهن. ان ڪري جيڪڏهن توهان کي اهو طريقو نه ٿو وڻي ته تڏهن به حقيقتون اهي آهن ته اها تمام گهڻي ڪم واري انساني عادت آهي. جديد تحقيق اهو ثابت ڪري ٿي ته باقائدي مراقبو ڪرڻ سان ڪارٽيسول cortisol جي سطح کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ائين اسٽريس گهٽ ٿئي ٿو. پنهنجي پاڻ سان تعلق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ به مراقبو تمام بهترين شي آهي. پاڻ کي گهڻو وقت ڏيڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن توهان پنهنجي فطرت ۽ جبلت سان پنهنجو ڳانڍاپو بلند ڪيو. مراقبي جي ذريعي توهان پنهنجي بهترين حصي سان ڳنڍجي وڃو ٿا. جتي روشنيluminosity ، جرئت audacity ۽ محبت love جا خزانا کُلي وڃن ٿا. ڀلي کڻي توهان کي گل جو جواب پٿر سان ڏنو ويو هجي، هر روز صبح جو 20 منٽ گوشه نشين ٿي خاموشيءَ ۾ هليا وڃو ۽ ياد ڪيو ته توهان ڪيڏا نه کرا ماڻهو آهيو. پوءِ ان معلومات کي سڄي ڏينهن دوران پاڻ سان گڏ رکو“.
ارب پتي فرش تي ڪِري پيو ۽ تيزي سان پش اپ لڳائڻ لڳو.
The billionaire fell to the ground. And did a series of rapid push ups.
”هاڻي منهنجي خيال ۾ مون کي ويهه ويهه ويهه جي ٽئين خاني يا وري ٽين مرحلي ۾ هلڻ گهرجي. ان ڪري اسان اڄ صبح جو تربيتي سيشن ختم ٿا ڪيون. ان کان پوءِ منهنجون وري ڪجهه ميٽنگس آهن ۽ پوءِ وري ايڊيارنو، اسپيلبائنڊر ۽ ڪجهه پراڻن دوستن سان هڪڙي بي حجاباڻي ملاقات رکيل آهي، جنهن ۾ رات جي ماني ۾ مون کي مدعو ڪيو ويو آهي“. ارب پتيءَ مسڪرائيندي چيو.
”ضرور“، آرٽسٽ چيو، ”ڪا ڳالهه ناهي“
”اسان ويجهڙائي ۾ ئي هڪڙي هوٽل جي باري ۾ ٻڌو آهي. ته اُتان جو ڪيمپوڊي فيوري Campo di Fiori تمام گهڻو مزي وارو آهي. اسان اڄ رات اُتي وڃڻ جو سوچيون ٿا“.
”تمام لذيذ yummy “، ارب پتيءَ هڪڙي پنجن سالن جي ٻارڙي واري انداز ۾ ڳالهايو.
ان کان پوءِ هن سلطنت جي اڏيندڙن، انتهائي ڪامياب ماڻهن ۽ مختلف تهذيبن جي ماڻهن جي صبح جي معمولات جي باري ۾ ڳالهه جاري رکي. اوچتو ارب پتيءِ پنهنجا ٻيئي هٿ پيٽ تي رکيا ۽ درد جي شدت جي ڪري رڙيون ڪرڻ لڳو .
”مسٽر رائلي توهان ٺيڪ ته آهيو نه؟“، عورت پنهنجي استاد ڏانهن ڀڄندي چيو.
”بلڪل“، هو پاڻ کي ائين ڏيکارڻ چاهي پيو ته جيئن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. ”هلو اڳتي هلون. مون پنهنجي پاڻ سان هڪڙو پڪو واعدو ڪيو آهي، ته توهان کان الڳ ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي توهان کي فائيو اي ايم ڪلب جي باري ۾ سڀ ڪجهه پڙهائي ڇڏيان. مهرباني ڪري توهان ان ڳالهه کي پڪ سمجهو ته اسپيلبائينڊر جي تعليم کي جيترو توهان وڌ کان وڌ اڳتي ڦهلائيندو ۽ جڏهن توهان اهو ڪم ڪندو ته ان جي ڪري دنيا بهتر کان بهتري ڏانهن ويندي. هاڻي مان هن ڪم جي قابل ناهيان“، هو جڏهن اهو چئي رهيو هو ته هن جو آواز ڏڪي رهيو هُو.
”ٺيڪ Okay “، صنعڪار گفتگو جاري رکيthe industrialist carried on .. ”هلو ته اڳتي هلون، Let’s keep moving. ويهه ويهه ويهه واري فارمولي جو ٽيون خانو.
ٽيون خانو توهان کي روزاني جي بنياد تي، چست بنائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ٿورو 2X3X مائينڊ سيٽ ياد ڪجو؛ پنهنجي آمدني پنهنجي اثر کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ ٻن بنيادي شعبن ۾ پنهنجي سيڙپ ٻيڻي ڪري ڇڏيو... توهان جي پنهنجي شخصي مهارت ۽ توهان جي پيشيوراڻا قابليتون. ان ڪري فتح جي ڪلاڪ واري ٽين مرحلي ۾ صبح جي پنج لڳي چاليهه منٽ کان صبح جي ڇهين وڳي تائين،هي اهو وقت آهي، جڏهن توهان پنهنجي معلومات جي گهرائي ۾ وڃو ٿا، پنهنجي قابليت کي وڌايو ٿا ۽ پنهنجي علم کي بهتر ڪيو“. The Victory Hour is when you deepen your base of knowledge, increase your acumen, improve your expertise
”ليونارڊونچيLeonardo da vinci چيو هو ته ؛ ڪنهن وٽ به پنهنجي ذات کان هٽي ڪري ڪا به مهارت نه آهي“. آرٽسٽ چيو.
”منهنجو توهان سان اڃان به پيار وڌي ويو آهي“، عورت چيو. I love you even more today,
”اڇا، ته مان ته هرروز توکي ان کان به وڌيڪ پيار ڪندو آهيان“ ، هن جواب ڏنو.
هن پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ سينيڪا Seneca جيڪو هڪڙو رومي اهلڪار هو، جو هي روايتي فلسفو پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو؛ ”هر روز توهان کي ڪنهن اهڙي شي جي ضرورت آهي، جيڪا توهان کي غربت جي خلاف، موت جي خلاف ۽ ٻين آفتن جي خلاف قلعي کي بند ڪري ڇڏي ۽ ڪيترن ئي خيالن جي وهڪري ۾ ڦاسڻ کان پوءِ، ڪنهن به هڪ جو انتخاب ڪيو، جيڪو ان ڏينهن توهان جي هضم ڪرڻ جي لائق هجي“.
ارب پتيءَ پنهنجون اکيون کوليون ۽ سادن لفظن ۾ واضح ڪيو ، ”بيروني طور تي ليڊر شپ جو آغاز اندران هوندو آهي،Leadership on the outside begins within. “ هن وڌيڪ چيو ته، ”ويهه ويهه ويهه فارمولي جي آخري خاني ۾ صبح جي پنج لڳي چاليهه منٽن کان ڇهين وڳي تائين، جي دوران، پنهنجي ڪاروباري صنعت ۽ معاشري لاءِ وڌيڪ محنت ڪش بڻجو ۽ ڪم ڪيو. ڏسو، توهان جيڪو ڪجهه چاهيو ٿا، اهو حاصل ڪري توهان ڪامياب ۽ متاثر ڪندڙ انسان نه ٿا ٿي سگهو. توهان...هڪ فرد ۽ پيشوار جي حيثيت سان...اندران جيڪو ڪجهه آهيو، اهو ئي ٻاهران به محسوس ڪيو ٿا. ذاتي خواهشن جا خواب ڏسو ٿا ۽ پنهنجو شخصي احتساب به ڪيو ٿا، اهو سڀ ڪجهه ائين هوندو جيئن ٻج پوکڻ بنا ئي ڪو خوش نما خواب ڏسندو هجي. اسان پنهنجون ڪوششون جيتري قدر وڌائينداسين، ان جي بدولت اسان کي انعام ملندو. مون ان خيال سان پنهنجي قسمت مٽائي، جڏهن مان بهتر ٿيس ته ....منهنجي خدمت جو معيار وڌيو...۽ پوءِ وري ٻين جي زندگيءَ کي بهتر ڪرڻ واري اهليت ۾ به اضافو ٿيو/منهنجي خدمت جو معيار وڌيو....۽ پوءِ ٻين جي زندگي کي بهتر بنائڻ جي منهنجي اهيلت به بهتر ٿي. جڏهن مون وڌيڪ علم حاصل ڪيو ته ان سان مون کي اهو فائدو ٿيو ته مون کي پنهنجي شعبي ۾ وڌيڪ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو، جنهن جي مدد سان منهنجو ڪاروبار، منهنجي آمدني ۽ منهنجي شخصي دٻدٻي/روب ۾ به اضافو ٿيو. اڄ جي دور ۾ هي تصور به بهتر ٿي ويو آهي ته ڪتاب پڙهو، عظيم مردن ۽ عورتن جي زندگين جي باري ۾، grow پاڪيٽ جي دوران، انهن جون آتم ڪهاڻين جو مطالعو ڪيو، نفسيات جي ميدان ۾ ٿيندڙ پيش رفتن/نواڻ کان آگاهه رهو. ابلاغcommunication ، ڪارڪردگيroductivity ، ليڊرشپleadership ، prosperity خوشحالي ۽ تاريخ history جي موضوعن جي باري ۾ تمام گهڻي ڄاڻ رکو. اهڙيون دستاويزي فلمون documentaries ڏسو جنهن مان خبر پوي ٿي ته عظيم ۽ ڪامياب ماڻهن جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو ته اهو ڪيئن حاصل ڪيو. شخصي مهارت، تخليقيت ۽ ڪاروباري ترقي تي مبني audio books ڪتاب ٻڌو. منهنجن مڙني دوستن ۾ هڪڙي شي هڪجهڙي آهي، اها اِها ته اهي سڀ سکندا رهن ٿا/سکڻ سان پيار ڪن ٿا. اسان جڏهن سوچون ٿا ته اسان جون فطري خوبيون ۽ ٽيلينٽ پاڻ ئي بهتر ٿيندا رهن....۽ ان مان وڌيڪ پئسا ڪمائڻ واري اهليت پيدا ٿي. اسان مستقل طور تي پاڻ کي بهتر کان بهتر ڪرڻ تي پئسو خرچ ڪيون ٿا، اسان پڙهڻ، سوچڻ، غور ڪرڻ ۽ پنهنجي بي لغام تجسس کي غذا کارائڻ ۾ محُو رهون ٿا. اسان تفريحي ڪانفرنسن ۾ گڏ وڃون ٿا. اسان ٽن مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪدفعو ته اهڙي پرورگرام ۾ شرڪت ڪندا آهيون، جنهن جي ڪري متحرڪ، خوش ۽ چست رهون ٿا. اسان پنهنجو وقت بي فائدي تفريحن ۾ ضايع نه ٿا ڪيون، ڇو ته اسان ان وقت جي سيڙپڪاري پنهنجي تعليم تي ڪري چڪا آهيون“.
”توهان کي خبر آهي ته زندگي انتهائي جابر آهي“، مغل چيو. ان وقت هن جي آواز ۾ ڪنهن فلسفي جي جهلڪ هُئي ۽ هو تمام مضبوط نظر اچي رهيو هو“. توهان کي ان مان اهو ئي ملندو، جيڪو توهان ان کي ڏيندو. هي بلڪل بنيادي فطري قانون آهي. ان ڪري توهان جيڪڏهن تمام گهڻو بهتر ٿيڻ چاهيو ٿا ته توهان تمام گهڻو ڏيو“
“you’ll receive from it what you give to it. Key natural law there. So give a lot more by becoming a lot better”. .
”ٺيڪ، توهان کي انهن ڳالهين جي باري ۾ خبر پئجي ويندي“. مسٽر رائلي ڳالهه کي سوڙهو ڪيو. ”هڪ خير وارو ڪاروبار ۽ انفرادي زندگي لاءِ صبح جي معاملن جو تمام بهترين انداز سان منظم ٿيڻ ۽ بي جهول ثابت ٿيڻ ضروري آهي. ان کي ڏندن سان پڪڙي وٺو. ان جي روزانو مشق ڪيو. يا وري هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج دفعا ته هجي، توهان جي ڪارڪردگي productivity,، prosperity خوشحالي، خوشي جو احساس sense of joy ۽ شوق serenity تمام گهڻو وڌي ويندو ۽ ان سان گڏ ئي توهان دنيا کي تمام گهڻو ڪجهه ڏيڻ جي قابل ٿي ويندو“.
”ان کان پوءِ؟“ آرٽسٽ چيو. What’s next?
”هاڻي اسان ٽيئي مئلن ڏانهن هلنداسين“ ارب پتيءَ جو جواب هو.
“we’ll now go to visit the dead”

فائيو اي ايم ڪلب ننڊ جي گهرجن کي پورو ڪري ٿو

14

The 5 AM Club grasps the essentialness of Sleep
فائيو اي ايم ڪلب ننڊ جي گهرجن کي پورو ڪري ٿو

“You cannot imagine the craving for rest I feel –a hunger and thirst. For six long days, since my work was done, my mind has been a whirlpool, swift, unprogressive and incessant, a torrent of thoughts leading nowhere, spinning round swift and steady”. –H.G.Wells

“مان آرام لاءِ ايترو تڙپي رهيو آهيان، توهان ان جو تصور به نه ٿا ڪري سگهو...جيئن ماڻهو بُک ۽ اُڃ ۾ تڙپندو آهي. ساندهه ڇهه ڏينهن ٿي ويا آهن، جڏهن کان منهنجو ڪم پورو ٿي چڪو آهي، منهنجو ذهن ڄڻ واچوڙي جيان سستي سان ڦيراٽيون پائي اچانڪ تيز ٿي ويو آهي ۽ مسلسل منهنجن خيالن جي ٻوڏ مون کي ڪاڏي به نه ٿي وٺي وڃي، بس رڳو، لڳاتار پئي تيزي سان گول ڦري.“. ايڇ جي ويلز









اُهي ٽيئي ويٽيڪن Vatican جو نظارو ڪري رهيا هُئا، ته روم جو سج مٿي ٿي چڪو آهي. گهٽين ۽ روڊن تي شور وڌي چڪو هو. شهر ۾ زندگي ڊُڪي رهي هُئي.
سيٺ جو هٿ ٻيهر هوا ۾ مٿي ٿيو. وري ٻيهر هڪڙو مددگار خبر ناهي ڪٿان اچي نڪتو. هن دفعي هڪڙو ماڻهو، جنهن جي عمر چاليهه سالن جي لڳ ڀڳ هُئي، هو عمارت ڏانهن ڊڪندو آيو ۽ ان جي وچ ۾ اچي بيهي رهيو ۽ هڪڙو اوزار ڪڍي ان مان زور سان وڏي آواز سان ڳالهائڻ لڳو. هڪ منٽ ۾ ئي مٿي کي پوتين سان ڍڪيل ٽي عورتون، جيئن توهان پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ اطالوي فلمن ۾ ڏٺيون هونديون، ڳاڙهي رنگ جي ويسپا ۾ نڪري آيون. هنن پنهنجون گاڏيون اسپينش ڏاڪن جي هيٺان اچي بيهاريون.
”هلو، هلو دوستو! “، ارب پتيءَ چيو.”هاڻي وقت آهي سواري ڪرڻ جو“. It’s time to ride.
”۽ اهو جيڪو اسان مئلن ڏانهن هلڻ جي ڳالهه ڪئي هُئي“. عورت پڇيو، جيڪا ان وقت هٿ ٻڌي بيٺل نظر اچي رهي هُئي.
”مون تي ڀروسو رکو. پنهنجي پنهنجي اسڪوٽر تي ويهي رهو ۽ منهنجي پٺيان اچيو“. ارب پتيءَ هدايت ڪئي.
ٽيئي ساٿي روم جي قديمي گهٽين مان گذري رهيا هُئا. سج جي روشني ان وقت نمايان هُئي ۽ ڇانورن وارا روڊ، رومي ماڻهن ۽ سياحن سان ڀريل هُئا. شهر زنده محسوس ٿي رهيو هو. اهُي هڪڙي عمارت جي پاسي کان گذريا ته هڪڙي فنڪارا، هڪڙي ڪنڊ تي ڪو گيت اهڙي ته مڌر آواز ۾ پئي ڳايو جو ماڻهو هن تي پئسا گهوري رهيا هئا ۽ جنهن مان لڳي پيو ته شايد سڀاڻي هن کي موقعو نه ملندو. ارب پتي، ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ روم جي روڊن تي پنهنجو سفر جاري رکندي هڪڙي ٻي عجيب عمارت ڏٺي؛ سيشيس جو احرام pyramid of Cestius ، جيڪو اڙهين ۽ ٻارنهين صديءَ دوران هڪڙي گنبّذ جيان تعمير ڪيو ويو هو.
”ايٽرنل سٽي The Eternal City جي وچ ۾ مصري نموني جو حرم... يقين نه ٿو اچي“. آرٽسٽ پنهنجون اکيون ان عمارت تي ڄمائي نهارڻ جي ڪُوشش ڪندي چيو.
هاڻي هي شهر جي حدن کان ٻاهر هُئا. ارب پتي هاڻي به انهن سڀني کان اڳتي هو. ايترا صبح گذرڻ جي باوجود اڄ پهريون دفعو عورت جي نظر هن جي ڪاري رنگ واري ٽي شرٽ جي پٺيان پئي، جتي بينجمن فرينڪلنBenjamin Franklin آمريڪا جي باني ميمبرن مان هڪڙو ميمبر هي به هيو، جنهن جا هي الفاظ لکيل هُئا؛ ”صبح سوير جي منهن ۾ سون ڀريل آهي“ The early morning has gold in its mouth ۽ هن جي هيلميٽ جي پٺيان هي اکر لکيل هُئا؛ اڳ ۾ جاڳو، آخر ۾ مرو“. Rise first, die last.
”هي ماڻهو ته ڏاڍو عجيب آهي، پنهنجي اسٽائل جو مختلف ماڻهو“، هُن عورت کان پڇيو.
هن کي اندازو هو ته هي حسين ۽ جذباتي ا يڊوينچر تمام جلد ختم ٿيڻ وارو آهي. پر، هن کي امُيد هُئي ته مسٽر رائلي هن جي زندگي ۾ هميشه رهندو. هن کي پنهنجي ترقي فقط مسٽر رائلي کي متاثر ڪرڻ لاءِ ناهي ڪرڻي، پر هن کي هن جي شديد ضرورت به آهي.
اهي ڪجهه دير تائين سفر ڪندا رهيا، پوءِ ارب پتيءَ اشارو ڪري ٻڌايو ته هن کي گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ بيهڻ گهرجي. ڪجهه چوڻ بنا هُنن پنهنجا اسڪوٽر اُتي بيهاريا ۽ سيٺ پنهنجن شاگردن کي پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪيو. روم جي عظيم جنرل جوليس سيزر Julius Caesar جي ڪتبي جي اڳيان پٿر جي ٺهيل ڏاڪن جو هڪڙو طويل سلسلو هو، جيڪو هڪ اونداهي ۽ مٽيءَ سان ڀريل سرنگهه ۾ اندر وڃي پيو.
”هي اسان ڪٿي اچي ويا آهيون“ آرٽسٽ پڇيو. هن جي اکين جي هيٺيان پگهر جا ڦڙا صاف نظر اچي رهيا هُئا. ٿورو تصور ڪيو ته توهان به انهن ٽنهي ماڻهن سان گڏ اُتي موجود آهيو ۽ تصور ڪيو ته ان وقت آرٽسٽ ان جو نظارو ڪهڙي نموني سان ڪري رهيو آهي.
”اسان Catacomb“ ۾ آهيون،“ ارب پتيءَ اعلان ڪيو. هي قبرستان زمين جي اندر آهي، جتي قديم رومي پنهنجن مُردن کي دفنائيندا هُئا. هي سڀئي زيرِ زمين رستا تدفين جون جايون آهن...جيڪي ٻين کان پنجين صدي عيسوي سان تعلق رکن ٿا“.
”۽ اسان هتي ڇو آيا آهيون“؟ عورت سوال ڪيو.
”مان توهان کي هڪڙي خاص سبب جي ڪري هن مقام ۾ وٺي آيو آهيان.“ ارب پتيءَ جواب ڏنو.
ان لمحي ڪنهنجي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪا سرنگهه مان اچي رهي هُئي. آرٽسٽ عورت ڏي گهري نگاهه سان ڏٺو. ٻنهين جا دوڏا نڪري آيا هُئا. ارب پتيءَ هڪڙو لفظ نه ڳالهايو. قدمن جو آواز ويجهو اچي رهيو هو ۽ گهڻو تيز ٿيندو پئي ويو ۽ پوءِ مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي.
هڪ ڊگهي قد جو ماڻهو جنهن جي هٿ ۾ هڪڙي وڌي ميڻ بتي هُئي، مٿي تي چادر پاتل هئس، جيئن ڪو ملو مٿي کي ويڙهيندو آهي، اهو ٻاهر نڪري آيو. ڪنهن به هڪڙو اکر نه ڳالهايو. هي منظر انتهائي تجسس ۾ وجهندڙ هو. نئون ماڻهو اچي انهن ٽنهي ماڻهن سان گڏ ويهي رهيو. ميڻ بتيءَ کي اڃان به مٿي بُلند ڪري ڇڏيو ۽ چئني پاسن کان هڪڙي دائري جي شڪل ۾ چرپر ٿيڻ لڳي. پوءِ هن پنهنجو جبو لاٿو. هاڻي ان ماڻهو جو منهن نظر اچي رهيو هو. اهو ڏٺل وائٺل پئي لڳو. هڪڙو اهڙو چهرو جنهن سڄي زمين ۾ پنهنجي ڪم جي ڪري ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪيو هو ۽ پنهنجي وڏن خوابن جي تعبير کي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي زندگي جي ڪارڻ کي تشڪيل ڏيڻ ۾ مدد ڪئي هُئي.
هي اسپيلبائينڊر هو It was The Spellbinder.
”الله، توهان ته مون کي صفا ڊيڄاري ڇڏيو هو“. آرٽسٽ جواب ڏنو، جيڪو هينئر پگهر ۾ شل ٿي ويو هو.
”معذرت، اسٽون مون کي هيٺ اچڻ جو چيو هو.“ اسپيلبائينڊر معافي ورتي.
”انتهائي غيرمعمولي جڳهه آهي، هي رومين جي زمين جي هيٺ قبرستان آهي، هن کي ڏسي ماڻهن کي ڏڪڻي وٺي ويندي آهي“. جيڪو ڏاڍو صحتمند، خوش ۽ مطمئن نظر اچي رهيو هو.
”ٻيو ٻڌايو دوست“ ارب پتيءَ پنهنجي ساٿي ۽ دوست کي ڀاڪر پائيندي چيو.
”هتي اچڻ لاءِ وڏي مهرباني“.
”يقينا“، اسپيل بائنڊر جواب ڏنو. ”مان اوهان ٻنهين کان اهو پڇڻ چاهيان ٿو، جيڪو توهان جي دل ۾ آهي. توهان کي خبر آهي ته مان هميشه ڪنهن نه ڪنهن ڪم سان ئي ايندو آهيان“. هُن وڌيڪ چيو.
”مسٽر رائليءَ مون کي چيو آهي ته مان توهان سان گهري ننڊ جي اهميت جي باري ۾ ڪجهه ڳالهايان ته ان جو اعليٰ تخليقيت، چوٽيءَ جي ڪارڪردگي ۽ ڪم سان ڪهڙو تعلق آهي ۽ منهنجي دوست مون کي اهو به ٻڌايو آهي ته توهان ٻنهين کي هتي آڻڻ جو مقصد فقط اهو ناهي ته انهن مُردن کي ڏٺو وڃي، بلڪ اهي سائنسي شاهديون به پيش ڪيون وڃن. جلدي موت اچي وڃڻ جو هڪڙو وڏو ڪارڻ گهڻي ننڊ نه ڪرڻ به آهي“.
”واقعي؟“، ڪاروباري عورت پڇيو، جنهن هڪڙي دفعي پنهنجا هٿ ٻڌي ڇڏيا هُئا. ميڻ بتيءَ واري روشني هن جي هٿ ۾ پاتل چاندي جي مُنڊي تي پئي پئي ۽ اها چمڪي رهي هُئي. هي اشارو هيو ته هن منڱڻو ڪري ڇڏيو هو. ارب پتيءَ اها ڏٺي ته خوشيءَ مان رڙ نڪري ويس.
”نه! ڇا توهان ٻنهين ....“ هن جوشيلي آواز ۾ چيو ۽ زور زور سان ائين نچڻ لڳو، جيڪو هن ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڪيو هو.
”ها، اسان منڱڻو ڪري ڇڏيو آهي“. عورت ۽ آرٽسٽ جواب ڏنو.
”۽ توهان ٻنهين کي اسان شاديءَ ۾ گهرائينداسين. تمام ننڍڙي تقريب ڪرڻ جو ارادو آهي. پر اسان لاءِ تمام خاص هوندي“. آرٽسٽ جواب ڌنو.
هن تقريب لاءِ ماريشيس جي سامونڊي ڪناري تي موجود منهنجي جڳهه حاضرآهي“. ارب پتي پيشڪش ڪئي. ”۽ ها دوستو!ان تي جيترو به خرچ ايندو، هتي توهان ۽ توهان ٻنهين جا مٽ مائٽ ۽ سڀني دوستن جي رهائش، کائڻ پيئڻ، سڀ منهنجي طرفان هوندو. هي ته گهٽ ۾ گهٽ آهي، ڇو ته مان فائيو اي ايم ڪلب جي ٻن نون ميمبرن لاءِ اهو ڪري سگهان ٿو. توهان بظاهر هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ تي اعتماد ڪيو آ جيڪو بظاهر ته چريو پئي لڳو . توهان مون سان گڏ سفر ڪيو. توهان سڄي علم کي اکين تي رکيو. توهان تمام سٺو ڪم ڪيو. توهان ٻيئي منهنجا هيرو آهيو، سورما آهيو“.
ارب پتي ءَ کي اوچتو کنگهه اچي ويئي. مون کي لڳي ٿو ته اها رستي ۾ هلڻ دوران اڏامندڙ دز جي ڪري ئي هُئي. پوءِ هُن پنهنجون ٽي آڱريون پنهنجي سينيءَ تي رکيون...بلڪل پنهنجي دل جي مٿان ۽ ٻيهر کنگهيو.
”توهان ٺيڪ ته آهيو نه؟“، عورت پنهنجو هٿ ٻاهر ڪري هن جي پٺي ٺپيندي چيو.
”ها“
”تنهنڪري، اسپيلبائنڊر چيو، ”اچو ته مان توهان کي ٻڌايان ته ليڊرشپ ۽ ۽ غيرمعمولي پيداواريت لاءِ توهان جي ڏينهن جي پهرئين ڪلاڪ جي درستگي ضروري آهي، اُتي وري بهترين نتيجن جي تجربي ڪرڻ لاءِ، ننڊ جي آخري ڪلاڪ جو خيال رکڻ، به انتهائي اهم آهي.“.
هن ميڻ بتي پنهنجي منهن تان هيٺ ڪري ڇڏي. جنهن جي ڪري هن جو چهرو وڌيڪ پراسرار نظر اچڻ لڳو. ”سڀني کان بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري فن جي ماهر کي هن جاءِ تي پهچائڻ وارو هي عامل جيڪو پنهنجي صبح جي معمول ۽ رات جي معمول جي وچ ۾ رهي ٿو. توهان کي اسٽون جيڪو ويهه ويهه ويهه وارو فارمولو ٻڌايو آهي، توهان کي ان مان ان وقت تائين فائدو نه ٿو ٿي سگهي، جيسيتائين توهان رات جو مڪمل ننڊ نه ٿا ڪيو.“
”منهنجي ته هميشه ننڊ گهٽ رهي آهي“، ڪاروباري عورت اعتراف ڪيو. ”ڪيڏي مهل ته مون لاءِ پنهنجو ڪم ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي وڃي ٿو. ياداشت ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿي وڃي ۽ مان ڏاڍي ٿڪجي پوان ٿي“.
”ها“، آرٽسٽ به تسليم ڪيو.”منهنجي ننڊ به ڏاڍي خراب آهي، مان رات جو ڪيترائي ڀيرا جاڳندو آهيان ۽ ها جڏهن کان مان هن سفر تي نڪتو آهيان، منهنجي ننڊ تمام سٺي ٿي ويئي آهي.
”اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، ڇو ته اسان عالمي سطح تي ننڊ جي کوٽ جي ڄار ۾ ڦاٿل آهيون“. اسپيل بائينڊر پنهنجي ڊرامائي انداز ۾ چيو، جنهن جي ڪم جي ڪري سڄي دنيا ۾ هن جي شهرت آهي. ”انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ۽ ان سان گڏ تيزيءَ سان وڌندڙ برقي اوزار هن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهن. تمام گهڻي تحقيق هاڻي اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته انهن اوزارن جي اسڪرين مان جيڪا نيري رنگ جي روشني نڪري ٿي، ان جي ڪري اسان جي جسم ۾ ميلاٽونن Melatonin جو مقدار گهٽ ٿي وڃي ٿو. ميلاٽونن اهو ڪيميائي هارمون آهي، جيڪو اسان جي جسم کي اهو آگاهه ٿو ڪري ته هاڻي اسان کي ننڊ جي ضرورت آهي.Melatonin is the chemical that informs your body that it needs to get sleep. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سڄو ڏينهن پنهنجي موبائيل کي چيڪ ڪندو رهڻ ۽ ڏسڻ سان سوچڻ/سمجهڻ جي اهليت گهٽ ٿئي ٿي. ان ۾ ڪي به ٻه ڳالهيون نه آهن. رات جو بستري تي سمهڻ وقت اسڪرين ( موبائيل، ٽيپ، ٽي وغيره) ڏسڻ سان ننڊ ۾ خلل پيدا ٿئي ٿو. مان توهان کي وڌيڪ گهرائي ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آلات ڪئين اسان جي اندر فوٽو ريڪيٽرز photo rectors جن کي intrinsically photosensitive retinal ganglion cells چون ٿا. ميلاٽونن جي تياري کي محدود ڪري ٿا ڇڏين. جنهن جي ڪري ننڊ جي نظام تي منفي اثر مرتب ٿين ٿا ۽ ظاهر آهي ته ننڊ خراب ٿئي ٿي. منهنجي خيال ۾ توهان منهنجي ڳالهه سمجهو ٿا“.
”جي بلڪل“ عورت تصديق ڪئي. ”جي ها مان سمجهي رهي آهيان. مان پنهنجي بستري تي وڃڻ کان اڳ ۾ پنهنجن معاملن کي درست ڪنديس ته جيئن صبح جو پنجين وڳي فريش ٿي اُٿان. مان واعدو ٿي ڪيان ته گهڻي ننڊ ڪنديس ته جيئن ويهه ويهه ويهه جي فارمولي تي سُٺي نموني سان عمل ڪري سگهان“.
”گهٽ ۾ گهٽ 66 ڏينهن...For The 66 Day Minimum, until it becomes an automatic habit جيسيتائين توهان جي عادت پڪي نه ٿي ٿئي“. آرٽسٽ جواب ڏنو. ”۽ پوءِ سڄي زندگي بستر تي ليٽيل رهڻ جي برعڪس، صبح پنجين وڳي اٿڻ تمام سولو هوندو اوهان جي لاءِ“.
”جڏهن اسان گهڻي ننڊ نه ٿا ڪيون،“ اسپيلبائينڊر چيو، ”ته نه صرف صبح سوير اٿڻ انتهائي مشڪل ٿي وڃي ٿو، بلڪ توهان سان گهڻي جٺ ٿئي ٿي، جيئن توهان جي ڪارڪردگي ۽ ڪارگذاري ۾ خلل، خوشي جي احساس ۾ ڪمي reducing your happiness ۽ صحت جا مسئلا eroding your health “.
”ٿورو اسان کي ٻيو به ٻڌايوTell us “. ارب پتيءَ حوصلي افزائي ڪئي جيڪو ان وقت قبرستان ۾ پلٿي هنيو ويٺو هو. ”هي پوسچر توهان جي چيلهه جي هڏي کان علاوه توهان جي هاضمي واري نظام لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي.“ هن سمجهائيندي چيو.
This posture’s really good for your lower back as well as for your digestions.
”چڱو، جڏهن توهان ننڊ ڪندا آهيو ته ....۽ هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکجو ته ننڊ جو مقدار ئي اهم نه آهي، پر ان جو معيار به تمام گهڻُو اهم آهي. ....توهان جي چيلهه جي هڏي جي مک توهان جي دماغ جي صفائي ڪري ٿي ۽ توهان جا نيورونز 60 فيصد تائين سُسي وڃن ٿا، اهو به دريافت ڪيو ويو آهي ته توهان جو اندر جو نظام ....جنهن جي باري ۾ اڳ ۾ اهو خيال هيو ته اهو فقط جسم ۾ ئي ملي ٿو....پر هاڻي ان جي باري ۾ خبر پئي آهي ته اهو دماغ ۾ به ملي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته انسان جي حيثيت سان اسان جي دماغ جي صفائي لاءِ هڪڙو باقائدي نظام موجود آهي، جنهن جي صفائي سٿرائي ٿيندي رهي ٿي. ته اهو درست ڪم ڪري ٿو ۽ اها صفائي سٿرائي فقط سمهڻ جي دوران ئي ٿئي ٿي“.
”صفا يقين ئي نه ٿو اچي، ڏاڍي وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي اٿو“ عورت حيرت ۾ پئجي ويئي.
”هنن کي HGH جي باري ۾ ٻڌايو،“، ارب پتيءَ استاد کي التجا ڪئي.
”ضرور“ ، اسپيلبائينڊر چيو. ”ايڇ جي ايڇ انسان جي اندر وڌڻ جو هڪڙو هارمون (گروٿ هارمون) growth hormone آهي، هي دماغ جي ان حصي ۾ هوندو آهي جنهن کي پيچوٽري گلينڊpituitary gland of the brain and is important for health--- چوندا آهن ۽ جسم جي صتحمند هئڻ لاءِ تمام ضروري آهي. جيڪڏهن اهي هارمون صحتمند آهن ته سڄي جسم جو نظام درست ڪم ڪندو ۽ عمر ۾ به اضافو هوندو. ايڇ جي ايڇ مٿانهين سطح تي خوش مزاجي، سوچڻ جي اهليت، توانائي وڌي ٿي. ان جي ڪري تڪيلفن ۾ به گهٽتائي ٿئي ٿي. هتي هڪڙي اهم ڳالهه؛ ايڇ جي ايڇ ورزش جي دوران خارج ٿيندي آهي. ان ڪري ويهه ويهه ويهه فارمولي جو پهريون مرحلو توهان جي زندگيءَ ئي مٽائي ڇڏيندو. 75 سيڪڙو ايڇ جي ايڇ ننڊ جي دوران ٺهندو آهي. ۽ هتي به هڪڙي اهم ڳالهه؛ جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جي دماغ جي صفائي ۽ سٿرائي چڱي طرح ٿي وڃي ۽ ايڇ جي ايڇ به سٺي نموني سان تيار ٿي وڃي ته توهان کي 90/90 منٽن جا پنج ڀرپور چڪر کپن. هي اهي ڳالهيون آهن، سائنس جن جي تصديق پئي ڪري، اها هر رات جو ساڍن ستن ڪلاڪن جي ننڊ ٺاهي ٿي. توهان کي اهو به معلوم هئڻ کپي ته ننڊ جي کوٽ ايتري خطرناڪ آهي جو ان جي ڪري موت ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه وري گهڻي ننڊ ڪرڻ به....9 يا ان کان وڌيڪ ڪلاڪن جي ننڊ به زندگي کي مختصر ڪري ٿي“.
”ڇا توهان وٽ ان جي باري ۾ ڪو اهڙو ماڊل آهي، ته جيئن اسان ان جي باري ۾ خوب آگاهه ۽ باشعور ٿي وڃون“. آرٽسٽ پڇيو.
”تمام بهترين، اسٽون؟ توهان هنن کي ڪاميابي وارو ٽن فيزن وارو فارمولو پڙهائي ڇڏيو آهي“. اسپيلبائينڊر ساراهه ڪئي.
ارب پتي جيڪو مسلسل مٽي سان ڀريل فرش تي ڄميو ويٺو رهيو، هن ڳاٽو ڌوڻيو.
”ها، مون وٽ توهان لاءِ هڪڙو فريم ورڪ آهي“، اسپليبائينڊر چيو،. ”مون پاڻ پنهنجي شام جي معاملن کي ترتيب ڏني آهي. جن جي ڪري ڪافي وقت ٿي ويو، مون کي رات جو سٺي ننڊ اچي ٿي“.
ان کان پوءِ اسپيلبائنڊر پنهنجو ٽارچ ڪڍي، جيڪا هن جي ڪپڙن ۾ ڪٿي لڪل هُئي.هن ان ٽارچ جي مٿان لڳل هڪڙو پيچ ڍرو ڪيو، ته هڪڙو لڪل حصو سامهون اچي نڪتو. ان مان هن ويڙهيل ٻه گول پرچيون ڪڍيون ۽ هڪڙي پرچي عورت ۽ هڪڙي آرٽسٽ کي ڏيئي ڇڏيون. هر پرچي تي هي خاڪو ٺهيل هو.

وڏن ڪمن ڪندڙن لاءِ سمهڻ کان اڳ ۾ جو معمول
The pre-sleep ritual of iconic producers
ڊيڪنسٽرڪشن (تعمير) Deconstruction

”مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته توهان ٻنهين جو مان ڪئين ٿورو مڃان“، عورت ڳالهايو. هن پهريائين ارب پتيءَ ڏي نهاريو، جيڪو في الحال ويهڪ جا مزا ماڻي رهيو هو ۽ ان سان گڏ هلڪي آواز ۾ پڻ ڳالهائي رهيو هو. ”قسمت هميشه منهنجو ساٿ ڏئي ٿي ۽ مان درست سوچڻ جي قابل ٿيان ٿو، مان هميشه ليڊر آهيان، ڪڏهن به ڏک ۾ ورتل نه رهيو آهيان. هڪڙو شينهن آهيان، ڪڏهن به گدڙ نه ٿيو آهيان. مان پنهنجي زندگيءَ سان پيار ڪيان ٿو ۽ هر روز ان کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهندو آهيان. جيترن گهڻن ماڻهن جي مان مدد ڪندو آهيان، مون کي ايتري گهڻي خوشي ملندي آهي“.
”مان به هن جي ٿوري حمايت ڪريان ٿو“. آرٽسٽ چيو. I second my beloved’s gratitude,
”جيڪڏهن دُنيا کي فائيو اي ايم جي فلسفي ۽ طريقي جي خبر پئجي وڃي ۽ اهي اِن تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين، ته پوءِ هر انسان جيڪو زنده آهي، اُن جي زندگي بدلجي ويندي“، عورت ڳالهه اڳتي وڌائي ۽ ان سان گڏ مان هڪڙي ٻي ڳالهه به سمجهي ويئي آهيان ته صبح جو سوير سج اڀرڻ مهل اٿڻ، جي ڪري اهو نه ٿو چئي سگهجي ته ننڊ پوري نه ٿي، پر ان لاءِ جئين هڪڙي پُراڻي چوڻي آهي ته ”سوير سمهڻ، سوير اٿڻ“ تي عمل ڪرڻو پوندو“. Early to bed, early to rise
”۽ اسان مان هر هڪ جڏهن پنهنجي اندر ۾ انقلاب آڻي ٿو ته ان جي زندگيءَ جو هر رشتو، هر تعلق ۽ رويو،....پنهنجي فن کان وٺي ڪري پنهنجن ملندڙ ويجهن دوستن، مٽن مائٽن توڙي پري وارن تائين ....اسان سان بهتر ٿيندو رهندو آهي“. آرٽسٽ چيو.
” مهاتما گانڌي جي قول مطابق، دنيا کي جئين ڏسڻ چاهيو ٿا، ائين پاڻ به ٿي وڃو‘‘ Be the change you wish to see in the world،
ڪاروباري عورت چيو، جيڪا ان وقت هلڪي روشني ۾ پنهنجي منڊيءَ کي مهٽي رهي هئي. .
”مون ڪالهه رات جو سمهڻ کان اڳ ۾ گانڌي جي باري ۾ پڙهيو هيو“.
”نهايت احترام ۽ عزت سان ٻڌايان ٿو ته مهاتما گانڌي جي اصل لفظن کي ماڻهن ويجهڙائي ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب تبديل ڪري ڇڏيو آهي“. ان جا اصل لفظ هي هيا.
ارب پتيءَ ڳالهه ڪاٽينديَ چيو؛ ”جيڪڏهن اسان پنهنجي پاڻ کي بدلائي ڇڏيون ته سچ پڇو ته سڄي دنيا بدلجي ويندي. جڏهن هڪڙو انسان پنهنجو رويو بدلائي ٿو، ته ان جي باري ۾ سڄي دنيا جو رويو بدلجي ويندو آهي. اسان کي ان اوسيئڙي ۾ نه رهڻ کپي ته ٻيا ڇا ٿا ڪن“.
“What he actually said”, interrupted the billionaire, “was, if we could change ourselves, the tendencies in the world would also change. As a man changes his own nature, so des the attitude of the world change toward him. We need not wait to see what others do”.
”تمام زبردست، اسٽونAwesome job, Stone “، اسپيلبائينڊر مسڪرائيندي پنهنجي دوست کي شاباس ڏني. ”پر مان توهان جي ڳالهه کي اڃان به اڳتي وڌايان ٿو“، هن عورت سان مخاطب ٿيندي چيو. ”توهان بلڪل صحيح چيو، منهنجي توهان کي ذاتي گذارش آهي ته توهان جيترا به اصول ۽ ذهني نمونا (مينٽل ماڊل) هتي سکيا آهيو، توهان کان جيترو گهڻو ٿي سگهي، ان کي اوترو ئي گهڻن ماڻهن تائين پهچايو ۽ انهن کي سيکاريو. ڇو ته توهان هتي صبح جي باري ۾ گهڻو ڪجهه سکيو آهي، جيڪڏهن هن دنيا جو هر ڪاروباري، هر کلاڙي، هر ملازم، هر سائنسدان، هر فنڪار، هرآرڪيٽيسٽ، هر سياستدان، هر استاد، هر ماءُ، هر فائر فائٽر، هر پيءَ، هر ٽيڪسي ڊرائيور، هر ڌي، ۽ هر پُٽ ان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ آڻي ته هي سڄي دنيا ئي مٽجي وڃي. غم sadness، تلخيrudeness، منافقت mediocrity ۽ نفرت hate ختم يا وري ڪٿي گهٽ ٿي وڃي ۽ تخلقيت creativity خوبصورتي beauty ، شانتي peacefulness ۽ محبت love ڪٿي وڌي وڃي“.
”۽ هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي“، اسپيلبائينڊر اعلان ڪيو. ”اسٽون، رات جو توسان رات جي مانيءَ تي مُلاقات ٿيندي. ٺيڪ“؟.
”بلڪل“، ارب پتيءَ اٿي بيهي جواب ڏنو. هن جي کنگهه ٻيهر شروع ٿي چُڪي هئي ۽ ڪجهه دير تائين مسلسل جاري هئي. هن جي ٻانهن ٿڙڪڻ لڳي ۽ ٽنگون به لڏڻ لڳيون. اسپيلبائنيڊر ٻي طرف ڏٺو.
”مون کي هلڻ کپي“، غالبان هو مقبري جي اونداهي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ اتان نڪري وڃڻ چاهي پيو.
باقي ٽيئي قبرستان جي خارجي رستي تي اچي ويا ۽ ڏاڪڻون چڙهڻ لڳا. ايتري تائين جو ان تي رومي سج جي روشني پوڻ لڳي.
ارب پتيءَ پنهنجي اسڪوٽر ڏي ڏٺو ۽ پنهنجن مهمانن کي ان جي پويان هلڻ جو چيو. اهي سڀئي سوڙهين گهٽين مان گاڏيون ڊوڙائيندا رهيا، ايتري تائين جو هڪڙي پراڻي، ڌپاري پُل تي پهچي ويا، جيڪو شهر جي پوئين ديوار جي ويجهو هو. جلدي ئي اهي سوڙهين ۽ اونداهين گهٽين مان گذرندي ويا وي ڊي ڪنڊو ٽي Via dei condotti جي تاريخ مقام تي پهچي ويا. عورت ۽ آرٽسٽ پنهنجا پنهنجا اسڪوٽر هڪڙي ڪُنڊ تي بيهاري ڇڏيا ۽ ارب پتيءِِ سان گڏ اسپينش ڏاڪن ڏانهن هلڻ شروع ڪيو.
”ڏسو“، ارب پتيءَ ٻڌائڻ شروع ڪيو. ”اهڙي ريت اسان گول دائري ۾ گهمندي گهمندي بلڪل اُتي پهچي وياسون، جتان صبح جو پنجين وڳي پنهنجو سفر شروع ڪيو هيوسين. ان کان اڳ ۾ جو اڄ اسان هتان نڪري هلون، دوستو! توهان ٻنهين کي انتهائي باريڪبيني سان آخري ماڊل پيش ڪيان ٿو. اسپيلبائينڊر مون کي هي نمونو ان وقت پڙهايو هو، جڏهن هو صفا جوان هيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان اهو ثابت ٿي ويو ته اهو انمول آهي“. ارب پتيءَ پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
ارب پتيءَ زوردار آواز سان ٻنهي هٿن سان تاڙي وڄائي ۽ ان سان گڏ ئي ڪنهن شي جي تيز رفتاري سان چڪر ڪاٽڻ جو آواز ڪنن تي پوڻ لڳو، جيڪو هتان کان ٿورو ڏور ويلابورغيز کان اچي رهيو هو. جلد ئي هي آواز زور وٺڻ لڳو. ڪا شيءَ ارب پتي، آرٽسٽ ۽ عورت جي مٿان اڏامڻ/ڦرڻ لڳي. هي سياح جيڪي ڏاڪڻن تي ويٺي اسپريسو expressso ڪافي ۽ جيلاٽو gelato مان لطف اندوز ٿي رهيا هُئا، اُهي آسمان ڏانهن نهارڻ لڳا ته اها آخر ڪهڙي شي آهي، جيڪڏهن توهان به اُتي هجو ها ته ان منظر مان ڏاڍو لطف اندوز ٿيو ها.
گلن ۽ ٻوٽن جي پرنٽ جا ڪپڙا پاتل هڪڙي پوڙهي عورت جنهن جي هڪڙي هٿ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻار ۽ ٻي هٿ ۾ گلن جو دستو هو، حيرت مان رڙ ڪري چوڻ لڳي؛،” هي ته ڊرون آهي“ ويجهڙائي ۾ ئي هڪڙو ٻارڙو، جيڪو اسپورٽس جي ٽوپيءَ تي مٿو رکي، ڊينم جي جيڪيٽ ۽ جينز پاتل، اُتان گذري رهيو هو، رڙ ڪئي، ڪنهن اڻ ڄاڻ سبب جي ڪري هن جا پير ننگا هُئا.
ارب پتيءَ ڪنهن ماهر پائليٽ جيان، ان ننڍڙي هوائي جهاز کي ڍنڍ جي سطح تي لاٿو ۽ پنهنجن ٻنهي شاگردن کي اک هڻي چيو ته ، ”توهان لاءِ اڃان ٻيا به تحفا آهن“
ڊرون کي جڏهن کوليو ويو ته ان ۾ ڪاٺ جا ڊٻا رکيل هُئا ۽ ان ۾ شيشي جي اندر سجايل هڪڙو ماڊل پيل هو. هي نمونو هڪڙي جدول جيان هيٺين انداز ۾ لکيل هيو.
The amazing day Deconstruction
”دوستو، مون سوچيو جيڪڏهن مان توهان کي سڄي ڏينهن جو تفصيلي منصوبو ڏيئي ڇڏيان ته اُن مان توهان کي تمام گهڻُو فائدو ٿيندو. يقينا هي حرف آخر نه آهي، پر هڪڙو مثال آهي ۽ توهان پنهنجن ضرورتن ۽ اوليتن جي مطابق هن ۾ رد و بدل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي خود مختيار آهيو. ان ۾ جيڪي معمولات ڏنا ويا آهن، اهي مڪمل طور تي توهان سان ٺهڪي اهو چون ٿا ته توهان ان کي ڪيئن استعمال ڪيو. هي توهان جي زندگي آهي... ان کي جيئڻ جو اختيار توهان جو پنهنجو آهي. پر هن فريم ورڪ جي مدد سان ويهه ويهه ويهه فارمولي جي سڀني عنصرن کي ڀرپور نموني سان استعمال ۽ اختيار ڪرڻ جي قابل ٿيو. پوءِ هن جي روشني ۾ پنهنجو سڄو ڏينهن سٺي نموني سان ترتيب ڏيڻ جو موقعو هٿان نه وڃايو ۽ ان خاڪي ۽ فريم ورڪ جي مدد سان هر فرد پنهنجي سموري ڏينهن کي بهترين بنائڻ ۾ مدد وٺي سگهي ٿو. هي ڪنهن ”ترڪيب تياري“ (ريسيپي) جيان آهي؛ ڏنل مرحلن موجب عمل ڪندا وڃو، توهان کي نتيجا ملي ويندا.
”۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڏينهن...هڪ کان پوءِ وري ٻيو....حيرت ۾ وجهندڙ هفتو...هڪ کان بعد وري ٻيو....۽ وري هفتي کان پوءِ وري حيرت ۾ وجهندڙ مهينو.....هڪ کان پوءِ وري ٻيو.... لڙي جي شڪل ۾ اهو سلسلو هلندو رهي ٿو“. آرٽسٽ پنهنجو جرنل بند ڪندي چيو.
”۽ وري حيرت ۾ وجهندڙ مهينا....هڪ کان بعد ۾ وري ٻيا....حيرت ۾ وجهندڙ ٽماهي ۾ بدلجندا رهن ٿا....۽ وري حيرت ۾ وجهندڙ ٽماهي.....هڪ کان بعد وري ٻيو، ....حيرت ۾ وجهندڙ سال....هڪ کان بعد وري ۾ ٻيو.....حيرت ۾ وجهندڙ ڏهه سال ترتيب وٺن ٿا ۽ هي هر عشري کان ٻي عشري ....“ عورت پنهنجو جرنل بند ڪندي آرٽسٽ جي ڳالهه کي اڳتي وڌايو.
”۽ پوءِ وري حيرت ۾ وجهندڙ زندگي،“ ٽنهي گڏجي هڪڙو نعرو لڳايو.
””هر روز، هر قدم تي، هڪڙو شاهڪار وجود ۾ اچي ٿو“، ارب پتي ڳالهه ڪئي. ويجهڙائي ۾ بيٺل سامونڊي پکي پنهنجا پر ڪڍي پنهنجي مخصوص آواز ۾ ٻولڻ لڳا، جنهن مان لڳو ته اصل ۾ هنن پنهنجي خوشي جو اظهار پئي ڪيو.
ارب پتي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انتهائي شفيق انسان ۽ محبت ڪرڻ وارو دوست آهي، نه فقط پئسي جي اعتبار کان هو هڪڙو دولتمند ماڻهو هو، پر هن جو دل به امير هيو ۽ هن کي اها ڳالهه تمام خراب پئي لڳي، انهن پکين گذريل ڪجهه سالن ۾ روم جي ڇتن تي قبضو ڄمائي ڇڏيو هو.
”ان پکين لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي“، هن پنهنجي راءِ ڏني. هن جي ڳالهائڻ مان لڳي پيو ته هو ڪنهن ڳالهه ۾ منڌل آهي. ”بهرحال، توهان ٻنهين کي خبر پئجي وئي هوندي ته مان توهان ٻنهين کي اسپينش ڏاڪن تي ڇو وٺي آيو آهيان. شاندار ڪارڪردگي Explosive productivity, ، بهترين صحتelite health, ، خوشحاليexceptional prosperity ، خوشي sustained joy ۽ اندر جي راحت boundless inner peace جي لاءِ، سچ اهو آهي ته اسان کي هر قدم تي ضرورت آهي، ننڍڙيون، معمولي، نظر ايندڙ روز جون خوشيون ۽ ترقيون، ...جڏهن هڪڙي خاص وقت تائين مسلسل جاري رکيون وڃن ته پوءِ بهترين نتيجا ملندا آهن. ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون جيڪي توهان لڳاتار جاري رکو ته اهي آخر ۾ ايڏا وڏا نتيجا ڏينديون آهن، جن جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. هي جڳهه منهنجي پسند جي جاين مان سڀني کان پهرئين نمبر تي آهي. هتي مان توهان کي فقط ويهه ويهه ويهه فارمولو پڙهائڻ لاءِ نه وٺي آيو آهيان، پر اهو به ڏيکارڻ ته غير معمولي ۽ شڪايت ڀريل حقيقت لاءِ هر قدم تي اڳتي وڌڻ ۽ هڪ ڏاڪي کان ٻي ڏاڪي تائين ننڍيون ننڍيون ڪاميابيون حاصل ڪرڻيون پونديون آهن. توهان پاڻ ان جا گواهه آهيو ته توهان جي سوچ هر قدم تي توهان جي سالن واري ڪم کي بهتر ڪري ڇڏي ٿي ۽ يقينن ان جو فائدو توهان جي ذات کي ٿيندو“.
شيشي تي ٺهيل لرننگ ماڊل کي احتياط سان اسڪين ڪرڻ کان پوءِ، عورت حيرت مان وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو،” هي نوي نوي هڪ جوقانون (90/90/1 Rule)ڇا آهي؟ ۽ وري 60/10 method جو طريقو ڇا آهي ۽ مان ڪجهه مخفف به سمجهي نه ٿي سگهان“.
”۽ فريم ورڪ تي 2ww ۽ 2mp جو مطلب ڇا آهي؟ آرٽسٽ پڇيو.
”ان جي توهان کي جلد خبر پئجي ويندي“. ارب پتيءَ تجسس برقرار رکندو چيو.
”توهان ٻنهين کي خبر هئڻ گهرجي اسان ٽيئي جيترو وقت گڏ آهيون، ان جو مقصد آهي ۽ اهي فارمولا ڏاڍا اهم آهن، انهن جو ڪم تمام بهترين....۽ سڀ کان اهم آهي. توهان اهي فارمولا ڏکئي وقت لاءِ به رکي ڇڏيو.
پوءِ، هو، ڪاروباري ۽ آرٽسٽ اڳ کان به وڌيڪ خوشي ۾ ڪپڙن ۾ نه پيا ماپن ۽ خوشيءَ مان هنن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
”مون کي توهان ٻنهين سان محبت آهي“. ارب پتي چيو ۽ پوءِ هو غائب ٿي ويو.

سڄي حياتي جي 10 وڏن گُرن تي 5 اي ايم ڪلب جي رهبري

15

The 5 AM Club is mentored on the 10 tactics of lifelong genius
سڄي حياتي جي 10 وڏن گُرن تي 5 اي ايم ڪلب جي رهبري


If you knew how much work went into it, you would not call it genius. Michelangelo


”جيڪڏهن توهان کي اها خبر پئجي وڃي ته هن تي ڪيترو ڪم ٿيو، ته توهان ان کي ذهين نه چوندو”. مائيڪل اينجلو


سائو پائلو ڏاڍو خاص آهي، آهي نه؟ ارب پتيءَ چيو، هن جي ڀرسان هڪڙي اڪانامي ڪلاس جي ڪار کي هڪڙي ڊرائيور اچي بيهاريو. ڊرائيور کي شارٽ سِليو (اڌ ٻانهن واري قميص پاتل هُئي) ۽ هن شهر جي گُنجان آبادي واري شهر مان هلڻ شروع ڪيو. هي ماريٽوريشس جيان اڳيان سيٽ تي ويٺو.
ٽيئي ساٿي ايئرپورٽ تي اچي لٿا ۽ اهي لاطيني آمريڪا Latin America جي مرڪزي گادي واري هنڌ واري هوٽل ڏانهن هلڻ لڳا.
”هي هڪڙو وڏو شهر آهي“، آرٽسٽ وڏي بلڊنگ ڏانهن ڏسندي اشارو ڪيو.
”توهان اسان کي هتي برازيل Brazil جي شهر شادي لاءِ وٺي آيا آهيو، اسين توهان جا دل سان ٿورائتا آهيون“. عورت جوش ۾ چيو.
”ادا توهان جي مهرباني“، آرٽسٽ چيو.
”هن جي خواهش هُئي ته شادي جي رسم توهان جي گهر جي ڪمپائونڊ ۾ سمونڊ جي ڪناري تي ٿئي“ عورت پنهنجي منڱيندي آرٽسٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”بلڪل ائين ئي آهي“، آرٽسٽ متفق ٿيندي چيو. ”اها جاءِ جنت هُوندي، جنت“. That place paradise
”مان به اهو ئي چوان ٿي پر، سچي ڳالهه اها آهي ته مان هتي صرف ان ڪري آئي آهيان ته مان برزايل ۾ پنهنجي والد کي هن ريت اعزاز ڏيئي هن جو ڪنڌ فخر کان بلند ڪرڻ چاهيان ٿي“. ڪاروباري عورت واضح ڪيو.
”۽....جيڪڏهن زال خوش ته زندگي خوش“ آرٽسٽ ڏند ڪڍيا.
And a happy wife means a happy life.
آرٽسٽ پنهنجي زال جي باري ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي، ته ارب پتي کي پنهنجي زال جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. هاڻي هو هر روز هن جي باري ۾ سوچيندو هو. صرف اهو نه ته هن کي هُن سان گڏ ڪيل سفر ياد هجن، پر مزيدار کاڌن ۾ پڻ هن جي ياد هن جي جيءَ کي جهوري وجهي ٿي ۽ هن کي اڃان به اهي يادگيريون تڙپائن ٿيون، جيڪي هن پنهنجي گهر واريءَ سان عام ۽ سادن حالتن ۾ زندگي جا ڏينهڙا گهاريا ها. جڏهن هڪڙو سستو پر لذيذ پيزا جنهن مان زيتون جو تيل ڳڙِي رهيو هو. هن جي گهرواريءَ هن لاءِ ٺاهيو هو. سياري جي سرد راتين ۾ جڏهن هو باهه تي هٿ سيڪيندي هئي، ان مهل هڪڙو شاندار ڪتاب هن جي سامهون پڙهڻ وارو منظر به هن کان نه ٿو وسري، صبح جو وري قدرتي هوا ۾ چهل قدمي ڪرڻ ۽ وري ڪنهن رات جو گڏجي فلم ڏسڻ، يا وري مقامي دڪان کان خريداري. ياد ڪرڻ ته هن ڪئين نه وڏي صبر سان ارب پتيءَ کي اطالوي ٻُولي سيکاري هئي. ڪاوڙ ۾ اچي ڪري کنگهڻ، جڏهن هو کلڻ لاءِ صفا تيار نه هجي ۽ پنهنجي اڪيلي پُٽ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏڻ. هو هن جي زندگي جي سڀني کان وڏي دولت هُئي، جيڪو سڀني کان سادن لمحن ۾ به گڏ رهي آهي. هي روزاني جي زندگي جا اهي واقعا آهن، جن کي اسان ڪنهن به نموني ڳاڻيٽي ۾ نه ٿا آڻيندا آهيون ۽ جڏهن اهي اسان جي هٿ مان نڪري وڃن ٿا، پوءِ اسان ان تي هٿ مليندا آهيون.
عورت پنهنجي منڱڻي واري مُنڊي مٿي ڪري خوشي مان ان تي ٽڪ ٻڌي نهارڻ لڳي ۽ آرٽسٽ وري هن کي محبتن جي گهرائي واري نگاهه سان نهاري گهوري ڏٺو. ڪار پنهنجي رستي ۾ سفر تي محو هئي.
”مان هن سان ڏاڍي محبت ٿو ڪيان“ I love her hard آرٽسٽ مسٽر رائلي سان مخاطب ٿيندي چيو. ”هي مون کي سج جي اڀرڻ جيان عزيز آهي. هاڻي جيڪڏهن هي مون سان گڏ آهي ته مون کي ٻي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت نه آهي. مون کي ڪڏهن به اندازو نه ڪيو هو ته حقيقي محبت ڇا آهي. هاڻي ته مان هن جي بغير جيئڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهان.“
ڪاروباري عورت غور ڪيو ته هن تي ڪيڏي نه مهرباني آهي. اسپيلبائينڊر جي سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ، هن جو مانئيڊ سيٽ mindset ، هارٽ سيٽ heart set ، هيلٿ سيٽ health set ، ۽ سول سيٽsoul set ڪيڏو نه ٿانيڪو ۽ بهتر ٿي چڪو آهي. هن جي ننڍپڻ ۾ جيڪو هن تي پورو اعتبار به نه پئي ڪيو وڃي، جيڪي زهريلا جذبا ماضي جي تلخ تجربن جي ڪري پنهنجون پاڙون پختيون ڪيو ويٺا هئا. اهي هاڻي نيڪال ٿي رهيا هئا. هن کي پنهنجن سرمائيدارن جي طرفان ڏنل تڪليفن ۽ خطرن کي به خدا حافظ چئي ڇڏيو هو. ارب پتي بلڪل صحيح هو. هو هڪڙي واقعي جي گهڻي گهرائي ۾ وڃي پئي. اسان سڀ پنهنجي ڏاهپ، پختگي ۽ شخصي تحفظ جي سطح تي پنهنجي سوچ کي بهتر کان بهتر ڪيون ٿا. جيڪي ماڻهو ٻين کي نقصان پهچائن ٿا، اصل ۾ اهي پهريائن پاڻ کي نقصان پهچائن ٿا. جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي ان عظمت جي ليلول تي جاچڻ جي ۽ ڏسڻ جي قابل ٿي وڃن ته اهي ان شي کان بچي سگهن ٿا ۽ ڪاروباري عورت ائين ڪري پنهنجي اندر معافي جا ٻج ڇٽي ڇڏيا هُيا. جڏهن هُن پهريون ڀيرو اسپيلبائينڊر کي اُن ڪانفرنس ۾ ٻڌو هو ته اُن وقت ان جي اندر علم جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي مزاحمت موجود هُئي. پر هُن جيڪو هتي اچي ڪري پڙهيو ۽ سکيو ان تي غور ڪندي رهي، ايتري قدر جو هاڻي هوءَ ان علم جو دل سان قدر ڪري ان سان پيار ڪري ٿي. هي اهو انقلاب هيو، جيڪو ان جي اندرمان ئي سکي سگهجي پيو.
روم مان ايندي ٽي ڏينهن گذري ويا ها. ان دوران ڪاروباري عورت صبح جو پنجين وڳي، ويهن منٽن لاءِ چهل قدمي ڪندي هُئي، ٿورو وزن کڻڻ واري مشق به ڪندي هُئي، ان کان پوءِ وري پنج لڳي ويهه منٽن تي ٻين مرحلي ۾ سڪون ۽ آرام وٺندي هُئي. پنهنجي جرنل ۾ اهڙين شين جي فهرست ٺاهيندي هئي جيڪا هن وٽ موجود هئي ۽ ان تي وري ٿورائتي ٿيندي هئي ۽ پوءِ وري مراقبو ڪندي هُئي. آخري ويهه منٽ، يعني پنج لڳي چاليهن منٽن ۾ ڪاروباري موضوع تي مشتمل ڪو ڪتاب ڊائون لوڊ ٿيل آڊيو ۾ ٻڌندي هُئي. ٽيم ورڪ ۽ ليڊرشپ جي باري ۾ ڪو ڪتاب پڙهي وٺندي هُئي. هن هڪڙو ٻيو ڪم به ڪيو...جيڪو هن لاءِ ڏاڍو مشڪل هيو، جنهن جي ڪري هن ٽيڪنالاجي واري عادت کان جان ڇڏائي ڇڏي هئي. هي نشو هن کي اڳ ۾ به هيو...جنهن جي ڪري هو ڪا به ڪارڪردگي نه پئي ڏيکاري سگهي. اهڙي ريت هوءَ واپس پنهنجي حقيقي زندگيءَ ڏانهن اچي ويئي هُئي. پنهنجي دفتر کان پري رهڻ وارن شاندارن ڏينهن ۾ هن پنهنجي ڪريئر جا بهترين ڪم ڪيا. ارب پتيءَ هن کي جيڪي قائدا پڙهايا ها، انهن کي سمجهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي قابل ٿي ۽ اهو دانش ۽ فهم هن حاصل ڪيو، جنهن جو تجربو هن پهريان اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڪيو هو. ان ڪري اندروني آسودگي...جيڪا ڪيئي سال اڳ ۾ وڃائجي ويئي هُئي، ....ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويئي.
هوءَ جن جن شين تي عمل ڪري رهي هُئي، ان جا شاندار نتيجا هن کي هاڻي ملي رهيا هُئا. ايئن لڳي پيو ته هن جي زندگي جي رونق واپس اچي وئي هجي. هو سالن کان ايتري خوش، تندرست نظر نه پئي آئي، جيڪا هو گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ نظر پئي آئي.
اهو سڀ فائيو اي ايم ڪلب جو ڪرشمو هو، جنهن جي ڪري هوءَ ٻيهر پنهنجي ٽيلينٽ ۽ خوبين کي ادا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي. نه ته ڪاروباري ۽ تجارتي دنيا جون تڪليفون، ڪرڀ ۽ بيجا مداخلتن هن کي پاڻ کان ئي ڏور ڪري ڇڏيو هو. فتح واري ڪلاڪ جي ڪري ئي هوءَ ڏينهن جي ابتدا ۾ ئي خلوت نشيني اختيار ڪري، هوءَ پنهنجون چار ئي زمينون تيار ڪرڻ جي قابل ٿي. جيتوڻيڪ هوءَ پنهنجي بيروني دنيا، بيروني زندگي ءَ کي سنوارڻ لڳي.
هن کي اُميد Hopefulness، اعتماد confidence ۽ معافي forgiveness جي جرئت ملي ته هو پنهنجن سرمائيدارن سان بهتر حل لاءِ ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ جي لائق ٿي. هن کي هن ڳالهه جي ڏاڍي خوشي ٿي ته هاڻي هن جي خطرناڪ آزمائش جلدي ختم ٿي ويندي.
جلدي هن جي شادي ٿي ويندي. هوءَ هميشه اهو چاهيندي هئي ته هوءَ پنهنجين خوشين ۽ ڪاميابين جو ڪنهن خاص ماڻهو سان ذڪر ڪري، شيئر ڪري،. هن جي هميشه اها خواهش رهي ته هو پنهنجي ڪاروبار ۽ خاندان جي باري ۾ هڪڙي متوازن زندگي جي واڳ يا ڏور سنڀالي. اهڙي قسم جي خاندان جو ننڍپڻ کان ئي اها خواهش رهي هُئي.
ڪاروباري عورت اڃان انهن سوچن ۾ ئي گم هئي ته اوچتو هڪڙو فائر ٿيو، واقعي ئي اهو گولي جو آواز هُو. ڪار جو شيشو ٽٽي پيو هو، پر اهو مکين جي ڪنهن ڄار وانگر بڻجي ويو هو. ٻاهر ٻه ڏنڊا مُٽا ماڻهو جن جي منهن تي ٻوٿاڙو لڳل هو، جن جي هٿ ۾ مشين گنون هيون، اُهي وحشياڻي انداز سان رڙيون ڪري رهيا هُئا. لاڪ کوليو، دوروازو کوليو ۽ پوءِ انهن وري هڪڙو ٻيو فائر ڪيو، جيڪو ڊرائيور جي ڪن جي مٿان/ پاسي کان سرراٽ ڪندي گذري ويو ۽ هن جي ڪن کي گولي جو ڇهاءَ محسوس ٿيو، جنهن جي ڪري هن جي ڪن مان رت وهي رهيو هو.
”دروازو کولي ڇڏيو“ open the door مسٽر رائلي اطمينان سان ڊرائيور خاتون کي چيو. ”مون کي خبر آهي هي ڪير ماڻهو آهن“، ۽ ائين چئي هن پنهنجن ٻانهن جي پويان لڳل لڪل بٽڻ کي دٻائي ڇڏيو.
دروازا کُلي چڪا هئا. انهن مان هڪڙو همراهه جنهن وٽ بندوق هئي، سو اندر آيو ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳو، ” توهان سڀئي گاڏي ءَ مان ٻاهر نڪري اچو، هينئر ئي، نه ته سڀ مارجي ويندو!“. Everyone out of the car. Now! Or you die.
جڏهن سڀ يرغمال بڻايل مسافر گاڏيءَ مان ٻاهر نڪري آيا ته هڪڙي بندوق واري همراهه ڪاروباري عورت کي ڳچي مان وٺي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو، ”اسان توکي چيو هو نه ته تون ڪمپني ڇڏي وڃ، اسان توکي ٻڌايو هو نه ته اسان توکي ماري ڇڏينداسين، اسان توکي چيو هو نه ته اسان ائين ضرور ڪندا سين“. We told you to leave the firm. We told you we’d kill you. We told you this was gonna happen.
اوچتو هڪڙي وڏي ايس يو وي SUV جيئن جنگ جي دوران ليڊر استعمال ڪندا آهن، اِن دهشتناڪ منظر ۾ داخل ٿي. وڌيڪ چار ماڻهو ٻه مرد ۽ ٻه عورتون پڻ موٽر سائيڪل تي پهچي ويا. هي ارب پتيءَ جي حفاظتي ٽيم هُئي، روڊ تي لڙائي شروع ٿي ويئي، ڇريون نڪري آيون ۽ گوليون هلڻ لڳيون. سيٺ هينئر به هڪڙي جاءِ تي بيٺو هو، جيئن ڪنهن جنگي مشين جي دوران ڪو جنرل پنهنجن سپاهين کي حڪم ڏيندو هجي. بس، هن لاءِ اهي الفاظ هيا. ”منهنجن مسافرن کي بچائجو هي منهنجي گهر جا ڀاتي آهن“.
هاڻي هڪڙو هيلي ڪاپٽر به مٿان کان اڏامي رهيو هو. جي، هيليڪاپٽر، هن جي هڪڙي پاسي سفيد رنگ تي، نارنگي اکرن سان 5 AC لکيل هو. سيٺ جي حفاظتي دستيءَ ٻن بندوق وارن مڙسن کان هٿيار کسي ورتا ها. جيڪي عورت کي دٻائي ڌمڪائي رهيا هُئا ۽ هن کي ايس يو ويSUV تائين حفاظت سان پهچايو هو. پر آرٽسٽ، بدقسمتيءَ سان غائب هو.
”مون کي هن کي ڳولڻو آهي“، عورت هٿيارن وارن همراهن کي روئي چئي رهي هُئي.
”مون کي پنهنجي مڙس کي ڳولڻو آهي، هن اهڙي پختي لهجي ۾ چيو جو سڀ ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا.
”اتي بيهو“ هڪڙي هٿيار واري همراهه هن کي نرمي سان پڪڙيندي التجا واري آواز ۾ چيو.
Stay there, ordered one of the security agents, firmly, holding her by the arm.
پر ڪاروباري عورت جيڪا هن وقت پنهنجي نئين سوچ، نئين جذبي، پختي ذهني ڪيفيت ۽ جسماني تندرستي ۽ روحاني بي خوفي جي ڪري وڌي طاقتور ٿي پئي هئي، جيڪو سڀ صبح جي سوير واري فارمولي جو نتيجو هو. .... هن پاڻ کي ان محافظ کان ڇڏائي ورتو، لت هڻي دروازو کوليو ۽ ٽريفڪ جي سمونڊ جي باوجود، روڊ تي ڪنهن وڏي رانديگر جيان ڀڄڻ شروع ڪيو. هو هڪڙي ڪيفي ۾ گهڙي پئي، هن کي اُتي به پنهنجو ماڻهو نظر نه آيو. پوءِ وري هوءَ هڪڙي ريسٽورنٽ ۾ هلي ويئي، پوءِ وري هو ڀڄندي ڀڄندي هڪڙي گهٽيءَ ۾ داخل ٿي، جيڪا ڪاسائين جي دڪانن جي ڪري مشهور هئي.آرٽسٽ اتي به هن کي نظر نه آيو.
پوءِ هڪڙي جاءَ تي هن جي منڱيندي جو نوٽ بوڪ مليو. هن نوٽ بوڪ تي هو اسپيل بائينڊر ۽ ارب پتيءَ جا سبق ۽ چيده چيده ڳالهيون نوٽ ڪندو ويندو هو. هي نوٽ بوڪ عورت پهريون دفعو هن جي هٿ ۾ ان وقت ڏٺو هو، جڏهن هي ٻيئي اسپيلبائينڊر جي ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو مليا هُيا ۽ جڏهن هي عورت پنهنجي زندگي جي اونداهي دور مان گذري رهي هئي ۽ جڏهن هو هن کي ملي هُئي، ڪجهه ئي وقت ۾ هوءَ پاڻ کي هن سان محفوظ، مطئمن ۽ خوش محسوس ڪرڻ لڳي هُئي.
پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ڏاڍو دُکدائڪ آهي، ڪاروباري عورت جڏهن هڪڙي سوڙهي گهٽي ۾ داخل ٿي ته اُتي هن کي رت نظر آيو. هي رت....تازي رت جا دُٻا هئا، جيڪي هڪڙي جاءِ کان شروع ٿي، اڳتي تائين هلندا پئي ويا.
”اي منهنجا رب، ائين نه، منهنجا خدا“ هن رڙيون ڪيون.
هوءَ چرين جيان رت جي نشانن جي پٺيان ڊُڪندي پئي ويئي، هوءَ ڪارن، انسانن ۽ عاليشان گهرن جي هجوم جي وچان لنگهي پئي، پر هن کي هُن جي ڪابه خبر نه هئي.
”منهنجا رب رحم ڪجانءِ، هن کي مرڻ نه ڏجان،“ عورت رڙيندي چيو. ”يا خدا، ڪرم ڪر“،
”مان هيڏي آهيان هيڏي“، هڪڙي مريل آواز آئي.
عورت ان طرف نهارڻ لڳي، جتان آرٽسٽ جو آواز آيو هو. هوءَ هن ڏي وڌڻ لڳي ته هڪدم ئي هن کي پنهنجي سامهون هڪ ماڻهو هٿيار سان بيٺو هو، جنهن جي هٿ ۾ ريوالور هيو، جيڪو ريوالور هن جي منڱيندي جي پيشاني تي رکيل هو. بدمعاش پنهنجو نقاب/ٻوٿاڙو لاهي چڪو هو. هن جي چهري کي ڏسي سولائي سان اهو اندازو لڳائي سگهجي پيو ته هو ڏاڍو ڊنل نظر اچي رهيو هو.
”منهنجي ڳالهه ٻڌ“، عورت جرئت سان ڳالهائيندي چيو، ”ڏس منهنجي ڳالهه ٻڌ“، عورت پنهنجي ڳالهه دهرائي، ”مون کي خبر آهي ته تون هن کي نقصان پهچائڻ نه ٿو چاهين، مون کي اها به خبر آهي ته تون پنهنجي باقي زندگي جيل ۾ گذارڻ نه چاهيندي، مون کي هي بندوق ڏيئي ڇڏ ۽ تون هتان ڀڄي وڃ، مان تنهنجي باري ۾ ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪنديس“.
”هٿيار بند همراهه ڏاڍو ڊنل هو. هن جي زبان مان ڪو به لفظ نه پيو نڪري، ڊپ مان ڏڪي رهيو هو. هن جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته آهستي آهستي پنهنجو هٿيار آرٽسٽ جي پيشاني کان هٽائي ڇڏيو ۽ پوءِ عورت جي سيني ڏي تاڻي ڇڏيو.
”آرام سان“ هن منٿ واري انداز سان چيو ۽ ان سان گڏ وري اڳتي پڻ هلڪو هلڪو چرڻ لڳي.
”مان توکي ماري ڇڏيندس“، بدمعاش رڙ ڪئي، ”اتي ئي بيٺي رهه، اڳتي نه وڌ“.
عورت احتياط سان اڳتي قدم وڌائڻ جاري رکيو، هن جون نظرون مسلسل ان هٿار بند ماڻهو سان ڪانٽيڪٽ ۾ هيون ۽ چهري تي هلڪي مسڪراهٽ به هئي. هي اها جرئت هئي، جيڪا هن گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ئي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪئي هئي. ان جرئت هن جي اعتماد ۾ واضح اضافو ڪيو هو.
هڪڙي وڏي وٿيءَ کان پوءِ مجرم اٿي بيٺو، عورت کي عجيب نظرن سان گهُوري رهيو هو. جنهن ۾ انتهائي عزت ۽ اڻڄاڻ بي يقيني جا گڏيل جذبا شامل هُئا. پوءِ هو تڪڙي اُتان ڀڄي ويو.
”۽ توهان ٺيڪ ته آهيو نه“، عورت آرٽسٽ جي ويجهو پهچي هن کي هڪڙو زوردار ڀاڪر هنيو.
آرٽسٽ جو پگهر نه پيو بيهي، پر پوءِ به هن پنهنجي پاڻ کي سموري هوش ۽ حواس کي گڏ ڪري جواب ڏنو،” ها، ها، مان بلڪل ٺيڪ آهيان، تو منهنجي جان بچائي، تو مون کي بچائي ورتو“ آرٽسٽ ٿورائتو ٿيندي چيو.
”مون کي خبر آهي“، عورت چيو. ”هي مون ان ڪري نه ڪيو جو اسان ٻنهين جي شادي ٿيڻ واري آهي ۽ نه ئي وري ان ڪري مون اهو ڪم ڪيو جو مان توهان کي سڃاڻان ٿي“.
”ڇا“، آرٽسٽ حيران ٿيندي چيو. ”ته پو توهان اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪيو“؟ منهنجو مطلب آهي ته تو انهن بدمعاشن جي سامهون اچي پنهنجو سر خطري ۾ وڌو، ڇو؟“.
”اهو مون ڪلب جي ڪري ڪيو“،
”اهو تون ڇا ٿي چوين“، آرٽسٽ بيچين ٿيندي پڇيو.
”مون جيڪو ڪجهه ڪيو ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اها قوت منهنجي اندر فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبر ٿيڻ کان پوءِ پيدا ٿي. ان جي ڪري ئي مان ان قابل ٿيس، جو اهو سڀ ڪري سگهان. واقعي هي شيون ڪم ڪن ٿيون. سڀئي. اسان جيڪو ڪجهه ماريشيس، انڊيا ۽ روم ۾ سکيو، اهو سڀ ڪم جو نڪتو ۽ توهان کي بچائڻ جو ڪارڻ اهو نه آهي ته اسان ٻيئي شادي ڪري پنهنجو گهر وسائڻ وارا آهيون ۽ هڪڙي خوشحال ازدواجي زندگي گذارڻ چاهيون ٿا“. عورت ڳالهه جاري رکي.
”۽ وري ان ڪري به پنهنجي جان جوکي ۾ نه وڌم ته توهان فائيو اي ايم ڪلب جا ڪارڪن آهيو ۽ وري ان ڪري به نه جو مسٽر رائلي تاڪيد ڪئي هُئي ته اسان کي هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ کپي“.
”ڇا تون سنجيده آهين“، آرٽسٽ بلند آواز ۾ چيو. هوءَ جيڪو ڪجهه چئي رهي هُئي، هي ان مان صفا خوش نه هو.
”بلڪل ائين ئي آهي“، عورت کلڻ لڳي. ”مان تنهنجي تمام گهڻي عزت ڪندي آهيان، منهنجي سڄي زندگي توکي لڳي وڃي، چڱو، هلون، هاڻي هلي مسٽر رائليءَ کي ڏسون ته هو به ٺيڪ آهي نه“.
****
اڳئين ڏينهن جڏهن هي ڪالهوڪي ڊرامائي انداز واري تجربي مان هن جا هوش بحال ٿيا ته هي سڀ گڏجي ارب پتي جي عاليشان محل ۾ مليا. مسٽر رائلي تمام خُوش نظر اچي رهيو هو.
”ڀاءُ!، ڪالهه ته ڪمال ٿي ويو“، سيٺ ان انداز سان چيو، ڄڻ ته هن لاءِ اهو واقعو پارڪ ۾ چهل قدمي جي هڪ تجربي کان وڌ ٻيو ڪجهه به نه هيو.
”خطرناڪ“ آرٽسٽ جواب ڏنو، ”سِر ويو هو“،
”دوستو، توهان ڪالهه جي واقعا جا سورما آهيو“، ارب پتيءَ عورت ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”مائي، تو ته معجزو ڪري ڏيکاريو“.
”مهرباني“ عورت ٿورائتي ٿي.
”مان توهان کي ڏسي رهيو هوس، توهان بلڪل مطئمن هيا، ايڏي وڏي دٻاءُ جي باوجود، توهان جي اندر ۾ غضب جي توجهه هُئي. توهان سپر هيومن جيان ڪم ڪري ڏيکاريو“.
”هن خدا جي بنديءَ منهنجي جان بچائي آهي“، آرٽسٽ شڪرگذار ٿيندي چيو.
”هينئر تائين توهان فائيو اي ايم ڪلب جو ذائقو چکيو آهي، ٿورو تصور ڪيو ته 66 ڏينهن تائين مسلسل توهان جڏهن هن کي استعمال ڪندو ته توهان کي ڪهڙو ڪهڙو فائدو نه پوندو ۽ پوءِ وري ڇهن مهينن کان پوءِ، صبح جي مشق ڪندي ڪندي توهان ڪيڏا نه غيرمعمولي فرد بڻجي ويندو. تصور ڪيو ته توهان ان عادت جي ذريعي ايندڙ هڪ سال ۾ پنهنجن لڪل مهارتن ۽ ڪارڪردگين کي استعمال ڪندي سرمائيڪاري ڪري سگهندو. اها ڳالهه هميشه ياد رکو ته تاريخ جا مڙئي عظيم رهنما (ليڊرز) اصل ۾ خادم هيا. توهان جيترو گهڻو پنهنجي لاءِ ڪرڻ جي بجاءِ، ٻين کي فائدي پهچائڻ جوجيترو ڪم ڪندو، توهان کي اوتري سڃاڻپ ملندي ۽ پوءِ، توهان هڪڙي تاريخي شخصيت بڻجي ويندو“.
”جي سمجهي وياسين“، عورت تصديق ڪئي ۽ پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيل پاڻي جي بوتل مان ڍُڪ ڀرڻ لڳي. هو ان ڳالهه جو خيال رکندي هُئي ته هن جي جسم ۾ پاڻي جي مقدار بلڪل پورو رهي ته جيئن هو بهترين توانائي محسوس ڪري سگهي.
”توهان جيڪو ڪالهه بهادري جو مظاهرو ڪيو، مان اُن تي توهان کي هڪڙو انعام ڏيڻ چاهيان ٿو“، ارب پتيءَ پيشڪش ڪئي، ”توهان لاءِ هڪڙي خاص خبر آهي، ۽ مان سمجهان ٿو ان جي ڪري توهان جي زندگي ۾ اڃان به مزو پيدا ٿيندو“.
”جي ضرور ٻڌايو“، عورت چيو. ”جيتوڻيڪ هاڻي مون کي ڪنهن به شي جي ضرورت ناهي، توهان کي به خبر آهي، مون اهو ڪيو جيڪو مون کي سُٺو لڳو. بس، فقط ڳالهه ايتري هُئي.
”اڇا ته توهان ٻيئي تيار آهيو“ سيٺ پڇيو.
”جي تيار آهيون“.
”اڄ منهنجن ماڻهن اهي سڀ شيئر خريد ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي توهان جي ڪمپني ۾ ٻين سرمائيدارن جا حصا هئا. ائين سمجهو مون انهن کي اهڙي پيشڪش ڪئي، جو اُهي انڪار ڪري نه سگهيا ۽ ان سان گڏ هڪڙو قانوني معاهدو به ڪيو ويو، ته اهُي ٻيهر هن ڪمپني جي ويجهو به نه ايندا ۽ ان کان پوءِ انهن جو نه توهان سان ۽ نه ئي وري توهان جي مڙس سان ڪو تعلق رهندو“.
”ڪمال ڪري ڇڏيو“، ارب پتيءَ فرش تي بيٺي بيٺي ڊانس ڪرڻ شروع ڪئي، بلڪ هو سڄي ڪمري ۾ نچي رهيو هو، جهومي رهيو هو.
”مان جيترن ماڻهن سان ملي آهيان، لکن ماڻهن سان، هي ماڻهو انهن سڀني ۾ عجيب ۽ نرالو آهي.“ ڪاروباري عورت چيو. ”پر هي نهايت ئي عظيم انسان آهي ۽ ڪنهن حد تائين سحر انگيز به“.
عورت ۽ آرٽسٽ هڪٻئي ڏانهن نهاريو ۽ ڏند ڪڍڻ لڳا ۽ پوءِ اهي ٻيئي به مسٽرا رائلي سان رقص ۾ شريڪ ٿي ويا. مسٽر رائلي ڪڏهن ڪڏهن آزاد منش ۽ عاجزي جو مرڪب نظر آيو. رقص کان پوءِ انهن ٽنهين ڀاڪر پاتا، جيڪي هاڻي هڪٻئي جا زبردست رهبر، زنده دلي پيدا ڪرڻ وارا ۽ مخلص دوست بڻجي چُڪا هُئا.
ڪاروباري عورت پنهنجي محسن جي ٿورائتي ٿي، خاص ڪري اهڙي ڪٺن صورتحال مان نڪري اچڻ ۾ هن جي مدد ڪئي. ان مشڪل مان ٻاهر نڪري اچڻ سچ پڇو ته هن لاءِ ته هڪڙو معجزو ئي هو. هر شي بهتر کان بهتر ٿي رهي هُئي. هُن تصور به نه ڪيو هو ته هن جي زندگي جا معاملا ايڏا سُٺا ٿي ويندا. هاڻي هوءَ انتهائي مشڪل مرحلي کان نڪري آئي هُئي ۽ زندگيءَ جي اوچين چوٽين تائين اڏامي رهي هئي.
هن گهڙي هُن کي اندازو ٿيو ته ڏکن ۽ ڏولاون جي پٺيان يا وري انهن جي ٻي پاسي عظمت ۽ راحت جون رهائشون آهن. واقعن جي اڳيان فتح جي دنيا تائين وٺي وڃڻ واري پل آهي. ....جيڪڏهن ڪو هن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ چاهي ته....
”بهرحال.“ ارب پتيءَ چيو، اڄ جو سيشن ٿورو جلدي ۾ ٿيندو. مون جئين ته اڳ ۾ چيو هو ته منهنجي اسٽاف جو چيف توهان جي شادي جي مڙني معاملن کي ڏسي رهيو آهي. توهان جن گلُن جي خواهش ڪئي هئي، اُهي توهان کي ملي ويندا. توهان جي پسند جي موسيقي جو انتظام ٿي ويندو ۽ سڀ ڪجهه بهتر کان بهترين ٿيندو. مان ۽ منهنجي ٽيم اهڙي ريت ڪم ڪندا آهيون. توهان جا سڀ مهمان مختلف جهازن جي ذريعي هتي پهچايا ويندا. هڪ هڪ ماڻهو هتي هوندو. سڀ خوش آهن، خاص ڪري مان پاڻ“.
سيٺ کي هڪدفعو وري ٻيهر زور سان کنگهه آئي، هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ هو ويجهي پيل ڪاٺ جي هڪڙي ڪُرسي تي ويهي رهيو. هي ڪرسي سوئيڊن ۽ ڊينمارڪ جي جنڊيءَ جي ڪم جي شاهدي ڏيئي رهي هُئي. جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪرسي تي اڇي رنگ جو غلاف چڙهيل هو جيڪو ان انتهائي دلڪش بڻائي رهيو هو. هن جي اکين ۾ پهريون ڀيرو خوف جو رنگ جهلڪي رهيو هو.
”مان ان خبيث کي شڪست ڏيئي ڇڏيندس“، هن پنهنجي منهن سان ڳالهايو، ”تو غلط ماڻهوءَ ۾ هٿ وڌو آهي“.
هن پنهنجو پرس ڪڍيو، ان مان پنهنجي گهرواري جي تصوير ڪڍي، جيڪا ڪيئي سال اڳ ۾ هن دنيا ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هُئي ۽ پنهنجي دل جي جاءِ تي رکي، هن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”فائيو اي ايم ميٿڊ جي باري ۾ جيڪو ڪجهه ڄاڻڻ جي ضرورت آهي، توهان اهو سڀ ڪجهه هاڻي ڄاڻو ٿا. مان توهان کي هتي هڪڙو اهڙو گُر ٻڌايان ٿو، جيڪا توهان جي پيشيوراڻي ۽ نجي زندگي ٻنهي جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيندو. هي روزانو بهادري واري مزاج جا ڏهه اشارا آهن. ويهه ويهه ويهه فارمولا توهان کي توهان جي صبح شاندار اندازسان گذارڻ ۾ مدد ڪندا ته هي ڏهه گُر وري ان ۾ رهي سهي ڪسر به پوري ڪري ڇڏيندا. ائين توهان جو سڄو ڏينهن شاندار گذرندو. هن کي پنهنجي روزاني زندگيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو ته جئين توهان کي زندگي ۾ ڪو به شڪست نه ڏيئي سگهي ۽ پوءِ اهڙي ريت پنهنجي ڪاميابي جي مٿين چڙهندڙ ڏاڪڻ تي ڄمي بيٺل رهندو، جتي توهان جي زندگي جو هر پهلو، هر عنصر، هر ڪلاڪ کان پوءِ بهتر کان بهتر ٿيندو“.
ٻيهر معمول جي مطابق هڪڙو هٿ وري مٿي ٿيو. هڪڙو خدمتگار هڪڙي عمارت مان هن ڏي اچڻ لڳو، جنهن جي هٿ ۾ هڪڙي وڏي فريم ۾ هڪڙي ڊرائينگ هُئي. ارب پتيءَ اڳتي وڌي ان کي پڪڙي ورتوته جيئن خدمتگار جي مدد ڪري سگهي. سامهون سفيد ٽي شرٽ پاتل نوجوان، تندرست، خوش شڪل خدمتگار هيو. جنهن ان ڊرائنگ تي لکيل الفاظ پڙهڻ شروع ڪيا؛ هر فرد جو اهو خواب هوندو آهي ته هو ليجنڊ بڻجي، ايسيتائين جو وقت اچي ويندو آهي جو ماڻهو ليجنڊ بڻجڻ وارا ڪم ڪندو آهي“.
Everyone dreams of being a legend until it comes time to do the work that legends do.
”هي منهنجي طرفان توهان جي شادي جو هڪڙو تحفو آهي،“ ارب پتيءَ عظيم سائنسدان ٿامس ايڊسين Thomas Edison جي تيار ڪيل شاهڪار پينٽنگ ڏي اشارو ڪندي چيو. ايڊيسن جي چهري تي پراڻي اسٽائل ۾ سائنسدان جا پنهنجا اکر لکيل هيا. ”بهترين خيال خلوت ۾ سوچي سگهجي ٿو، ۽ بدترين خيال وري افراتفري واري ويل ۾“،
The best thinking has been done in solitude. The worst has been done in turmoil:
”هي مون توهان ٻنهين کي جيڪو تحفو ڏنو آهي، اهو مون خاص طور تي برلن جي هڪڙي ماهر مصور کان ٺهرايو آهي. هُن منهنجي زيورخ واري فليٽ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي هو شايد ئي ڪا شي ٺاهيندو هجي. هي تصوير ٺاهڻ هن جو خاص احسان آهي، جيڪڏهن توهان هن کي کپائي ڇڏيو ته ....توهان سڄي زندگي ويهي کائو. هن کي ابتو ڪري ڏسو.“. ارب پتيءَ آهستي گذارش ڪئي ۽ ٻيهر ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. هو ان وقت شهر جي سڀ کان وڏين عمارتن تي نظر وجهي رهيو هو. جن مان اڪثر جي ڇتن تي هيلي پيڊ ٺهيل هيا، جيڪي هتان جي امير ترين صنعتڪار ۽ سرمائيدار استعمال ڪندا هيا. ڇو ته توهان کي خبر آهي ته وقت سڀ کان وڏي قيمتي شي آهي ۽ اڄ تمام گهڻو وقت ٽريفڪ ۾ ۽ هل هنگامي ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو. پر، ڪم ڪار وارا ماڻهو پو به ان کان ئي ڪم وٺن ٿا“.
ان تصوير جي چوگرد ٺهيل بي عيب فريم کي ڦيرائي ابتي ڪرڻ سان ڪا شي لکيل نظر پئي اچي، جنهن ۾ لکيل هيو؛ تا حيات ذهين ماڻهن جا ڏهه گُر.
ارب پتيءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”ٿامس ايڊيسن تاريخ جي ڪجهه ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪو انتهائي ذهين ۽ مثالي زندگي گزاري ويو. هڪ هزار ٽيانوي ايجادون ته خود هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيون، جن ۾ بجلي جي بلب کان وٺي ڪري 1901 ع ۾ تيار ٿيندڙ، متحرڪ ڪيمرا، بيٽري، وغير شامل آهن. هو فقط هڪڙو سائنسدان نه هو، پر هن هڪڙي مستحڪم ڪمپني به ٺاهي هُئي“.
”ها“، ارب پتيءَ ڳالهائڻ جاري رکيو. ”هن جي زندگي اصل ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي قابل آهي. هن کي توهان پاڻ پنهنجي جرنل ۾ لکي وٺو ته جئين توهان کي جوش، ولولو ۽ شوق ٿئي ته ڪئين هن شخص ترقي ڪئي. ايڊيسن هڪڙي دفعي چيو هو؛ ته مصروف هئڻ جو مطلب اهو ناهي ته واقعي ئي ماڻهو سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهي، هر ڪم جو مقصد ڪارڪردگي، يا پيداوار يا تڪميل/حاصلات آهي.“.
Being busy does not always mean real work. The object of all work is production or accomplishment.
”۽ جڏهن توهان هن سائنسدان جي تفصيل ۽ گهرائي ۾ وڃو ٿا ته توهان کي هن جي لاتعداد خوبين جي خبر پوي ٿي. ايڊيسن اهو به چيو هو،” توهان سڄو ڏينهن ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهندا آهيو. ائين نه؟ هرڪو ڪم ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن توهان صبح جو ستين وڳي اٿندا آهيو ۽ رات جو يارنهين وڳي سمهندا آهيو ته توهان يارنهن ڪلاڪ ڪم ڪيو ٿا ۽ يقينن هر ماڻهو انهي دوران ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهي ٿو. مسئلو اهو آهي جو اهي سڀئي ماڻهو تمام گهڻو اهم ڪم ڪندا آهن، پر مان فقط هڪڙو ڪم ڪندو آهيان. جيڪڏهن اهي سوال ڪرڻ ۽ سکڻ لاءِ وقت ڪڍن ۽ پوءِ ان تي عمل ڪن، ته اهي به ڪامياب ٿي ويندا“.
“You do something all day long, don’t you? Everyone does. If you get up at seven o clock and go to bed at eleven
”اها آهي نڪتي جي ڳالهه“، آرٽسٽ ساراهيو، جيڪو اڄ ڪارا ڪپڙا پائي آيو هو. اڄ هو پنهنجي مخصوص ڏاڙهي به ڪوڙائي آيو هو. ”توهان اسان کي اها ڳالهه ماريشس ۾ ٻڌائي چڪا آهيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو محدود ذهني سوچ سان جاڳي ٿو ته هن جي سامهون ايندڙ هر مداخلت ان جي توجهه کي روڪي ڇڏي ٿي ۽ نتيجي جي طور مهارت واري سوچ جا امڪان گهٽجي ويندا آهن. جيڪڏهن اسان هن جي پرواهه نه ڪئي ته اسان ڊجيٽل ڊيمينشيا Digital Dementia جا شڪار ٿي وينداسين، جنهن جو ذڪر توهان روم جي رهائش دوران پنهنجي آخري خاڪي ۾ ڪيو هو. مون کي توهان جي اها ڳالهه اڄ چڱي ريت سمجهه ۾ اچي رهي آهي. مان جڏهن واپس پنهنجي گهر ويندس ته پنهنجي اسٽوڊيو جو ماحول اهڙو ٺاهيندس جو، جتي بلڪل خاموشي هجي، ڪو به اوزار نه هجي، مان ٽيڪنالاجي جي خطرناڪ اثرن جي باري ۾ پڻ تدبيرون به ڪندس. نه ڪا سوشل ميڊيا، نه ئي وري ڪا سائبر سرفنگ...گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه هفتن لاءِ ته بلڪل به نه. اهڙي ريت، مان پنهنجي توجهه واپس پنهنجي ڪمن ۾ ڏيڻ جي قابل ٿي سگهندس.جيڪڏهن مان توهان جي ڳالهه سمجهه رهيو آهيان ته ان جو مطلب هي آهي ته مون کي بلڪل سڪون ۽ خاموشيءَ واري جاءِ ۾ رهڻ گهرجي. هڪڙي وقت ۾ فقط هڪڙي ئي منصوبي تي فوڪس ڪرڻ گهرجي. ....نه ئي وري پنهنجي ڪائي تخليقي قوت ۽ جسماني توانائيءَ کي ڪيترين ئي شين ۾ ورهائي ڇڏجي. مان ته ايڊيسن جي لفظن مان اهو ئي سمجهي سگهيو آهيان. جيڪڏهن مان هڪڙي ئي ڪم تي پنهنجي توجهه لڳائي ترقي ڪري سگهان ٿو ته مون کي پنهنجي ذهانت ۽ توجهه کي ڪيترن ئي سٺن ڪم ۾ لڳائي ان کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي“.
”مان به ان ڳالهه کي سمجهي سگهان ٿي ته جيڪڏهن مان هڪ اهم نئين منصوبي جي باري ۾ سوچي رهي آهيان ته انهي دوران هڪڙي مداخلت به مون کي لکن ڊالرن جو نقصان پهچائي سگهي ٿي. ... يا شايد وري ان کان به وڌيڪ.“ ڪاروباري عورت جوشيلي انداز ۾ چيو.
”جيڪڏهن پنهنجي فطري ٽينلينٽ کي بهتر بنائڻ ۽ پنهنجي ذهني عظمت کي انتها درجي تائين پهچائڻ لاءِ واقعي ئي سنجيده آهيو ته توهان ٻنهين جيڪو ڪجهه چيو، اهو توهان ٻنهين لاءِ تمام اهم آهي.“. ارب پتي خوش ٿي پنهنجن شاگردن جي دليلن جي ساراهه ڪئي.
”ايڊيسن جبل ۾ پنهنجي مينلو پارڪ جي ليبارٽري ۾ بند ٿي ويندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته وري هفتن جا هفتا پنهنجي ڪم ۾ محو رهندو هو. هي شخص باريڪ بيني جو متوالو هو.“
ارب پتيءَ پينٽنگ جي پٺي تي ٺهيل فريم ورڪ ڏانهن اشارو ڪيو.
”مون کي خبر آهي، اڃان توهان ٻنهين کي تقريب جون تمام گهڻيون تياريون ڪرڻيون آهن. هي تحفو به پاڻ سان گڏ کنيو وڃو. پر ان کان اڳ ۾ مان چاهيندس ته هن تي جيڪو ڪجهه لکيل آهي، ان کي توهان هڪ دفعو اڳ ۾ پڙهي وٺو، ڇو ته اهي ڏهه اشارا توهان کي فائيو اي ايم ڪلب ۾ توهان جي سوچ جي رفتار کي تيز ڪندا ۽ توهان جو پنهنجو فطري ٽيلينٽ، توهان جون خوبيون ۽ ٻيون قوتون به نڪري نروار ٿينديون. پنهنجي ذاتي زندگي کي بهتر کان بهتر بنائڻ جي لاءِ، صبح جو سوير اٿڻ ۽ پوءِ وري ويهه ويهه ويهه واري فارمولي تي عمل ڪرڻ ته لازمي آهي. هي ڏهه عادتون توهان کي اڃان به وڌيڪ شوق ۽ جذبو ڏيارينديون.

فريم جي پويان پٺ تي لکيل لرننگ ماڊل هيٺين ريت هيو.
سڄي حياتي ياد ڪرڻ وارا ڏهه گُر
The 10 tactics of lifelong genius
”سڄي حياتي ذهن نشين ڪرڻ جا ڏهه گُر“ واري هن نموني سان گڏ، هر خاصيت سان تفصيل گڏ هئا. جيڪا عورت ۽ آرٽسٽ پڙهڻ شروع ڪيا. ان تفصيل مان خبر پئجي سگهي پئي ته، هر گُر مان حقيقتن ڇا مطلب آهي ۽ ان تي عمل ڪئين ڪري سگهجي ٿو.


Tactic # 1: The light bubble of total focus (TBTF)
پهريون گُر: مڪمل توجهه جو ننڍڙو بوڻيو
پرکThe Insight : مداخلت جو نشو توهان جي تخليقي صلاحيت جو موت آهي. توهان جي ڊجيٽل اوزار ۾ جيڪا ڪشش محسو س ٿئي ٿي، ان سبب جي ڪري توهان جي معاشي بيچيني، جسماني ۽ روحاني طور تي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ توهان جي توانائين کي وري زنگ لڳندو ويندو آهي. هن وقت دنيا ۾ تمام گهڻا ماڻهو اهڙا آهن، جن جي آمدني ۽ انهن جي شخصيت جو اثر ٻئي تمام گهڻا آهن. جيڪڏهن توهان ائين چاهيو ٿا ته توهان کي ان انداز سان پنهنجو ڏينهن گهارڻو پوندو، جيئن هي ڪجهه ماڻهو گذارين ٿا. ”مڪمل توجهه جو ننڍڙوبوڻيو“ هڪڙو استعارو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته توهان پنهنجي ذهانت وارن اثاثن جي چوڌاري هڪڙو قلعو تعمير ڪيو...ته جيئن نه فقط اهي محفوظ رهن، پر وڌن ويجهن پڻ. وڏن ماڻهن ۽ گهڻي ڪم ڪندڙن جا پنج بنيادي اثاثا هوندا آهن... ذهني توجهه، جسماني توانائي Physical energy، شخصي قوت ارادي personal will power ، اصلي ٽيلينٽ (فطري ۽ پيدائشي خوبي)original talent ، ڏهاڙي وارو وقت and daily time. توهان جي ان بوڻيي جي ويجهو هڪڙي سنهي ڄاري هوندي آهي، جن مان مختلف شيون ان بوڻيي جي اندر اچي سگهن ٿيون. ان ڪري توهان کي هي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته ڪهڙي ڄاڻ، ڪهڙي ماڻهوءَ ۽ ڪهڙي قسم جي سرگرمين کي توهان هن ڄاري جي ذريعي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيو ٿا ۽ ڪهڙن کي روڪيندو. بيڪار، ناڪاره ۽ زهريلي شين کي رستي ۾ ئي روڪي ڇڏيو. بنيادي طور تي، اهڙي طرح توهان اهڙين شين جي خلاف پنهنجي دفاع ۾ بُليٽ پروف نظام تيار ڪيو ٿا، جيڪو بيروني دنيا کان توهان کي متاثر ڪري ٿو ۽ توهان کي توهان جي عظمت تائين پهچ ۾ رڪاوٽ ٿي ويندو آهي.
عملThe implementation : ”مڪمل توجهه جو ننڍڙو بوڻيو“، جي حڪمت عملي توهان جي حرڪت ۽ بهترين ڪارڪردگي کي سيبوتاج ڪرڻ وارن سڀني ڪمن کان توهان کي آزاد ڪري ٿي. اهڙي ريت، توهان جي توجهه ۽ بنيادي ذهانت کي تقويت ملي ٿي. هر صبح جو توهان ان بوڻيئي جي دنيا ۾ داخل ٿيو ٿا ۽ ان وقت ان ۾ توهان جي لڪل خوبين کي برباد ڪرڻ وارن پيغامن، ڪوڙين خبرن، افواهن، چُغلين، اشتهارن، بيوقوفياڻين فلمن، بيڪار ڪچهريون ۽ ٻيون شيون موجود نه هونديون. هي توهان جي ڏينهن جو ڄڻ ته مينلو پارڪ هوندو آهي. جنهن ۾ توهان ٿامس ايڊيسن جيان پنهنجي دنيا کان بيخبر ٿي پنهنجي ڪم ۾ جنبي وڃو ٿا ۽ توهان لاءِ تڏهن پنهنجي صنعت ۾ نمايان نتيجا، ڏيڻ ۽ عالمي سطح جو اثر پيدا ڪرڻ ممڪن ٿئي ٿو. ان حڪمت عملي جو مرڪزي نڪتو پنهنجي لاءِ سڄي ڏينهن ۾ خلوت جو هڪ اهڙو مرحلو طئي ڪري ٿو، جتي توهان مثبت ماحول ۾ رهندي، پنهنجي تخليقيت، توانائي، خوشي ۽ ڪم جو اصل مزي وٺڻ جي لائق ٿيو ٿا ۽ اهڙي ريت، انسانيت جي بهتري لاءِ ڪجهه قدم کڻي سگهو. توهان جا هي ڏهاڙي وارا وقفا، توهان جي ڪارڪردگي جي تشڪيل ڪن ٿا. ان تصور يا گُر کي توهان پنهنجي پيشاوراڻي زندگيءَ کان علاوه به استعمال ڪري سگهو ٿا. ان ڪري توهان جو نجي وقت، منفيت، توانائي چوسڻ وارن ڪمن ۽ روح کي مجروع ڪرڻ واري فڪر کان آزاد ٿي سگهي ٿو. حقيقت هي آهي ته ان قسم جي اسلحي سان گهٽ ماڻهو پنهنجن پنجن اثاثن کي ڪو محفوظ پناهه گاهه مهيا ڪن ٿا ۽ ائين ئي ان جا سماجي ۽ معاشرتي اثرن سان زندگي عجيب ٿي ويندي آهي. ائين به ناهي ته توهان دنيا کان پاسيرا ٿي ڪري، گوشه نشين ٿي ويا هجو. بلڪ، اصل حڪمت عملي کي استعمال ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان وٽ زندگي جي مختلف گهڙين ۾، مختلف شين سان، لطف اندوز ٿيڻ جا تمام گهڻا موقعا آهستي آهستي توهان کي ملي رهيا آهن. ياد رکو ته ان پاڻي جي بوڻيئي جي ويجهو هڪڙي سنهڙي ڄاري لڳل آهي. ان ڪري ان ڄاري ۾، موجود سوراخن مان ڪنهن به شي ءَ کي اندر اچڻ يا نه اچڻ جو اختيار توهان جو ذاتي معاملو هوندو آهي. اهڙي مخصوص ايپليڪيشنس، جن مان توهان کي خبر پوي ته ٽيلي وزن يا گهر جي سامان کي کپائڻ جي تاريخ اچي پهتي آهي، يا وري ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻو آهي، اهڙي قسم جي بيڪار ڪمن جي توهان کي ضرورت نه آهي. ائين ئي سوشل ميڊيا تي اهڙن ماڻهن کي ان فرينڊ ڪري ڇڏيو، جيڪي توهان جي دماغ جي دهي ٺاهيندا هُجن. سڀني نوٽيفيڪشنس کي آف ڪري ڇڏيو جيڪي مسلسل اعلان کڻي ڪنهن ويب سائيڊ کان ايندا هجن يا وري توهان جي ڪنهن اڪائونٽ مان، انهن کي ختم ڪري ڇڏيو.
Tactic # 2: The 90/90/1 Rule
ٻيون گُر؛ 90/90/1 جو قانون
پرک: هرروز ڀرپور تسلسل سان گڏ مصنوعي ڪم ڪرڻ جي جاءِ تي، اصل ڪم ڪرڻ تي توهان کي، gargantuan competitive advantage ٿيندو. برتري مهارت مان ئي پيدا ٿيندي آهي. انتهائي مهارت جي معيار جي ڪارڪردگي ڏاڍي اڻ لڀ آهي ۽ مارڪيٽ ۾ جيڪا شيءَ ناياب هوندي آهي، ان جي وڏي قيمت ورتي ويندي آهي. وڏا ماڻهو پنهنجي سڄي توجهه ۽ توانائي ان ڳالهه تي خرچ ڪي ڇڏيندا آهن ته اهي هڪڙي منصوبي يا وري هڪڙي ئي ڪم تي سڄو ڌيان ان تي ئي ڌرين ان ئي شعبي ۾ ان جي ناماچار ٿئي. ان انداز ۽ معيار سان ڪم ڪرڻ لاءِ توهان کي پنهنجي وقت جو بهترين حصو استعمال ڪرڻو پوندو ته جيئن توهان کي پنهنجي ڪارڪردگيءَ مان مڪمل نتيجا ملن. جڏهن توهان پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندو، ته پوءِ ان وقت کي آن لائن شاپنگ to shop online، دوستن يارن سان ڪچهري to gossip ، يا چيٽنگ check messagesوغيره لاءِ توهان وٽ بلڪل وقت نه هجي. اهو ته بس ڪم جو وقت آهي. ڪم، ڪم ۽ بس ڪم. اهو ئي عظيم انسانن جو انداز هوندو آهي.
عملThe implementation : ايندڙ 90 ڏينهن اهڙي ئي طريقي سان سيٽ ڪيو، جو ڏينهن جا پهريائن 90 منٽ صرف هڪ ئي سرگرمي ۾ گذري وڃن. تڏهن ئي توهان جو ڪم توهان جي ميدان ۾ توهان کي سڀني کان بهترين ۽ غيرمعمولي معيار جو بڻائيندو. هي نوي منٽ هر قسم جي گوڙ گمسان، ۽ مداخلت کان پاڪ هجن. پنهنجا اوزار (موبائيل، ٽيپ وغيره)هڪڙي ٿيلهي ۾ رکي ڇڏيو ۽ ان تي لکي ڇڏيو، ”منهنجو نوي /نوي/نوي/1 منٽ جو پيرڊ“، ۽ پوءِ ان بيگ کي ڪنهن ٻي ڪمري ۾ رکي ڇڏيو. پنهنجي ويجهو اهڙي واضح ۽ سخت حدن جو تعين ڪري وٺو، جو جن کي توهان جي غير ضروري خواهش حاصل ڪري نه سگهي. اهي خواهشون ان گُر کي خراب ڪري ڇڏينديون.

Tactic # 3: The 60/10 Method
ٽيون گُر: 60/10 جو طريقو
پرکTactic : تحقيقون ٻڌائن ٿيون ته عظيم ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ فرد، سڌي رستي تي ڪم نه ٿا ڪن. ... يعني اهي مسلسل سخت محنت نه ٿا ڪن (ڇو ته عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته جيڪڏهن مان سخت محنت ڪندس يا وري مسلسل ڪنهن ڪم ۾ مصروف رهندس ته وڌيڪ معياري ڪم ڪري سگهندس. اها غلط فهمي آهي) پر اهي جنهن انداز سان ڪم ڪن ٿا، ان کي توهان چڪر يا گردش جي قوت سان سمجهي سگهو ٿا. اهي ماڻهو پنهنجي ڪمن کي مختلف وقتن ۾ ۽ مرحلن ۾ ورهائيندا آهن ۽ پوءِ ان مرحلن ۾ ڪم کي وقفي وقفي سان ڪندا ويندا آهن. انهن جي توجهه يا ڪارڪردگي جڏهن گهٽجڻ لڳندي آهي ته اهي ڪم ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ان جي ڪري انهن جي توجهه ۽ ڪارڪردگي بهتر ٿيندي آهي. پوءِ وري پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويندا آهن. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته اهي توازن سان گڏ ڪم ڪن ٿا ۽ پنهنجين سرگرمين کي اهڙي وقفن ۾ ورڇ/ورهائن ٿا جو انهن جون قابليتون ۽ صلاحيتون ضايع نه ٿيون ٿين. انهن کي اها خبر هوندي آهي ته جڏهن ماڻهو خوش هوندو آهي ته هو تمام بهترين ڪم ڪندو آهي. پر جڏهن وري ٿڪاوٽ ۽ ڪرڀ جي ڪيفيت ۾ ڪارڪردگي گهٽجي وڃي ٿي ۽ معيار به ڪِري پوي ٿو.
عمل The implementation: جڏهن توهان پنهنجي ڏينهن جي دوران نوي نوي نوي /ون 90/90/1 جو گُر استعمال ڪرڻ شروع ڪندو ته هڪڙي ٽائمر جي مدد سان پهريان سٺ منٽ مڪمل خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪيو. هي توهان جي ”مڪمل توجهه جو ننڍڙو بوڻيو “ آهي. پنهنجي تربيت ڪيو ته ان دوران توهان جو ڌيان ڪنهن ٻي ڪم ڏانهن نه وڃي نه ئي وري ڪا اهڙي قسم جي حرڪت ڪيو. ان ئي ڪم تي مڪمل ڏيان ڏيو ۽ معياري کان معياري ۽ وڌ کان وڌ نتيجا، ان دوران توهان لاءِ جيڪو ممڪن هجي، اهو ڪيو. سٺ منٽ ائين ئي ڪم ڪرڻ کان پوءِ، ايندڙ ڏهه منٽ وري پاڻ کي ٻارڻ مهيا ڪري ڏيو، يعني توانائي وٺو. انهن ڏهن منٽن جي دوران، توهان مثال جي طور تي، تازي هوا ۾ چهل قدمي ڪري وٺو، شخصي تصور، يا شخصي مهارت تي ڪنهن معياري ڪتاب جو مطالعو ڪري وٺو، مراقبي يا وري شخصي تصورڪاري جي ڪا مشق ڪري وٺو، ڪو مناسب گانو گنگنايو. ان ريت توهان جي دماغ جي توجهه ٻيهر بحال ٿي ويندي، جيڪا ان ڪلاڪ دوران ڪم ڪرڻ جي ڪري گهٽ ٿي ويندي آهي. ڏهن منٽن جي سڪون واري وقفي کان پوءِ، ايندڙ سٺ منٽ ٻيهر مسلسل پنهنجي ڪم ۾ ڌيان، گيان، خلوص ۽ محنت سان جنبي وڃو. ان کان پوءِ ايندڙ ڏهه منٽن ۾ وري پنهنجي توانائي کي نئين ڪم ۾ استعمال ڪيو.

Tactic # 4: The daily 5 concept
چوٿون گُر: روزانو پنجون تصور

پرک: مطالعو ٻڌائي ٿو ته انتهائي ڪامياب ڪاروباري جيڪي پنهنجي توجهه پنهنجي ترقي ۽ ڪاميابين تي لڳائين ٿا، انهن جا ڪيڏا به حالات خراب ٿي ويا هجن، ڀلي ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڇو نه ڦاٿل هجن، پر تنهنجي جي باوجود تمام بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا. اهڙي ريت اهي پنهنجي دماغ تي ڇانيل منفي اثرن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا. اهو اثر ماڻهوءَ کي پنهنجي سوچ کي نه استعمال ڪرڻ ڏانهن مائل ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي توجهه، خامين، مسئلن ۽ مايوسين تي خرچ ڪندو رهي ٿو. سڀني کان اعلي ٰ ڪارڪردگي جي خوبي اها آهي ته پنهنجي توجهه جي مسلسل اهڙي طرح تربيت ڪئي وڃي جو توهان روزانو هڪ سيڪڙو بهتري ڏانهن ۽ ننڍيون ننڍيون ڪاميابيون حاصل ڪندا رهو. جڏهن هي ڪم جيڪو جيتوڻيڪ تمام معمولي نظر ايندو آهي، مسلسل طويل عرصو ڪيو وڃي ته ان جا بهترين نتيجا توهان جي سامهون ايندا. ائين، توهان جنهن رخ ڏي وڌندا هوندو، توهان کي ان ميدان ۾ گهڻو اعتماد ملندو ۽ توهان خوف کي شڪست ڏيڻ جي قابل ٿي ويندو. ان ڪري توهان کي مختلف ڪاميابيون نصيب ٿينديون وينديون.
عمل؛ هر صبح جو فتح جي ڪلاڪ دوران اهڙن پنج ڪمن يا پنج ٽارگيٽن جي فهرست ٺاهي وٺو، جن کي توهان جڏهن مڪمل ڪندو ته توهان کي اهو احساس ٿئي ته ها مون اهي ڪم پورا ڪري پنهنجي وقت جو صحيح استعمال ڪيو آهي. توهان جيڪو ڪجهه سکيو آهي، ان کي عملي شڪل ڏيڻ جو هي هڪڙو طريقو آهي. توهان هي ڪم جيترو وڌيڪ بهتر ڪندو،اها عادت ايتري آسان ٿيندي ويندي... ۽ توهان جي جذبي کي وڌائيندي. ان ڪري ان طريقي تي عمل ڪندا رهو. صرف ٽيهن ڏينهن کان پوءِ توهان ڏيڍ سو ڪم مڪمل ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو ۽ صرف هڪ سال ۾ توهان 1825 اهم ڪم، ٽارگيٽ حاصل ڪري چڪا هوندو. توهان پنهنجن ٻارنهن مهينن کي پنهنجي زندگي جي سڀ کان ڪارائتا مهينا بڻائي چڪا هوندو.
Tactic # 5: The 2nd Wind Workout(2WW)
پنجون گُر: دي سيڪنڊ ونڊ ورڪ آئوٽ ( 2 ورزشيون) wind workout
پرک: توهان هرروز جي ورزش جي پٺيان موجود خوبصورت نيورو سائنس کان واقف ٿي چڪا آهيو. جسم کي باقائدگي سان هر ڏيندو رهڻ سان، توهان جي توجهه وڌي ٿي، دماغ جي ڪم ڪرڻ جي رفتار تيز ٿئي ٿي ۽ ان جي سمجهڻ ۽ سکڻ جو عمل به وڌندو رهي ٿو. باقائدي ورزش سان توهان جي توانائي ۾ اضافو ٿئي ٿو. مزاج ۾ اميد پئدا ٿئي ٿي. ننڊ بهتر ٿئي ٿي، ڇو ته ورزش ڪرڻ سان ميلاٽونن جو تعداد وڌي ٿو ۽ هيومن گروٿ جي خارج ٿيڻ جي اضافي جي ڪري عمر وڏي ٿئي ٿي. ان سان گڏ ئي وري (Telomere) جي ڊيگهه به وڌي ٿي. ٽيلومر اسان جي ڪروموز جي مٿن کي، اڍيڙڻ کان محفوظ رکندا آهن. ياد رکو ته اهي جوتن جي ڪهين جي منڍين ۾ لڳل پلاسٽڪ جي سورراخن جيان هوندا آهن، عمر ۾ اضافي سان ٽيلومر ننڍا ٿي ويندا آهن ۽ ائين سمجهو ته بم جي فيوز جيان خطرناڪ هوندا آهن. تحقيقي دستاويز ٻڌائن ٿا ته جسماني ڪثرت يا ورزش ڪرڻ سان ان جي ننڍي ٿيڻ جي رفتار گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ ائين توهان کي صحت مند رهڻ ۾ مدد ملي ٿي. توهان کي اهو به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته مراقبو meditation ، نامياتي جنسن سان ڀرپور غذا، ڪافي معياري ننڊ ۽ آهستي آهستي روز (جنهن کي اسپيلبائيڊر 16/8 چون ٿا، ڇو ته سورنهن ڪلاڪ روزانو جنهن جي دوران توهان ڪجهه به کايو پيو نه ٿا ۽ باقي اٺن ڪلاڪن جو وقفو) وغيره اهڙا معاملا آهن، جن جي ڪري به ٽيلومر جو بگاڙ گهٽ ٿئي ٿو. توهان کي ورزش جا حيرت جي حد تائين فائدن جي خبر پئجي وڃي ته توهان اهو سوچڻ لڳندو ته سڄي ڏينهن ۾ فقط هڪڙي ئي وقت ورزش ڇو ڪئي وڃي؟ پنهنجي توانائي کي تمام گهڻو وڌائڻ لاءِ هن نسخي جو استعمال وڌ کان وڌ ڇو نه ڪيو وڃي، ته جئين نه صرف پنهنجي شعبي ۾ سڀني کان وڏو نالو ڪمايو، بلڪ تمام گهڻي خوشي ۽ ڪارڪردگي واري زندگيءَ جو به مزو وٺو.
عمل:پنهنجي صبح جيان پنهنجي شام کي به شاندار بنائڻ جي لاءِ، پنهنجي ڪم جي وقت شام لاءِ به هڪڙو وقت جسماني ورزش لاءِ به مقرر ڪيو. اهڙي ريت توهان ان ٿڪاوٽ کي مارڻ جي قابل ٿي ويندو، جو اڪثر ماڻهو سڄي ڏينهن جي ڪمن ڪارين کان پوءِ شام جو محسوس ڪن ٿا. خالي توهان جي خود اعتمادي کي ٻيهر قوت ملندي ۽ توهان شام جي ڪمن جي چونڊ به بهتر نموني سان ڪري سگهو ٿا. جيتوڻيڪ رات جو توانائي گهٽ هئڻ جي ڪري، پيدا ٿيندڙ مٺي شي جي طلب ۾ به واضح گهٽتائي ٿيندي. شام جو توهان جيڪي بهترين ڪارڪردگيون اختيار ڪري سگهو ٿا انهن مان هڪڙي فطري ماحول ۾ هڪڙي ڪلاڪ جي چهل قدمي آهي. انهي دوران توهان کي هڪڙو ڪلاڪ ٻيو به ملي ويندو، جنهن ۾ توهان ڊجيٽل مداخلتن کان بلڪل آزاد هوندو ۽ توهان خيالن جي گهرائي سان سوچڻ جي قابل ٿي ويندا. انهي دوران توهان کي پوندڙ سج جا هلڪا هلڪا ڪرڻا، توهان جي مائينڊ سيٽِ Mind set ، هارٽ سيٽHeart set ، هيلٿ سيٽ health set ، ۽ سول سيٽ soul set کي به فرحت بخشيندا. فطرت جي ماهرن (نيچرلسٽ) جان موئير John Muir ان ڳالهه کي اهو چئي بهتر بيان ڪيو آهي ته،” فطرت جي وچ ۾ چهل قدمي سان ماڻهو کي پنهنجي تلاش ۽ توقع کان گهڻو وڌيڪ ملندو آهي“In every walk with nature one receives far more than he seeks. ان کان علاوه جيڪڏهن موقعا مليا ته ان ڪلاڪ جي دوران جبل تي سائيڪل هلائي سگهجي ٿي. اهڙين قسمن جي سرگرمين سان توهان جي جسم جي اضافي چرٻي به جلندي ۽ توهان جي صحت به بهتر ٿيندي. جسماني سڻڀ به گهٽ ٿيندي ۽ توهان ۾ چستي ايندي. ٻن وقتن ۾ جسماني ڪسرت انقلاب آڻي ڇڏيندو.


Tactic # 6: The 2 massage protocol (2 MP)
ڇهون گُر: ٻه مالشون

پرک: مطالعيءَ مان خبر پئي ٿي ته مساج ٿيراپي يعني مالش ٿيراپي ڪرڻ سان دماغي ڪاڪردگي، مزاج، ذهني دٻاءُ سان وڙهڻ جي اهليت سان گڏو گڏ، سڄي صحت ۾ تمام گهڻي بهتري ايندي آهي. مالش ڪرائڻ سان هي فائدا حاصل ٿيندا آهن. ڪارٽيسول (خوف جو هارمون) ۾ ايڪٽيهه سيڪڙو گهٽتائي، ڊوپامين (مووٽيويشن جو نيوروٽرانسميٽ) ۾ ايڪٽيهه سيڪڙو اضافو، سيروٽونن (اينگزائٽي کي قابو ڪرڻ ۽ خوشيءَ کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۾ نيوروڪيميڪل ) ۾ اٺاويهه سيڪڙو اضافو، جسماني اسٽريس ۾ گهٽائي، درد کان نجات جي اهليت ۾ اضافو، مائٽوڪونڊرريا ٺاهڻ وارن خلين جي اشارن ۾ اضافو. ان سلسلي ۾ اصل نڪتو اهو آهي ته جسم جي کل جي گهرائي ۾ مالش ڪئي وڃي، جيڪڏهن مساج يا مالش ڪرڻ سان، هلڪي تڪليف يا درد جو احساس ٿيندو ته اهو وڌيڪ فائديمند ٿيندو. اهڙي طرح ٽيلومر کي بگاڙڻ واري اسٽريس ۾ گهٽائي ٿيندي آهي ۽ اصل صحت بهتر ٿيندي.
عمل: پنهنجي سڄي هفتي دوران نوي نوي منٽ جو مساج ڪرايو. ڇو ته جنهن ڪم کي پنهنجي روز مره هي روٽين ۾ شامل ڪيو ويندو ته اهو ڪم ٿيندو. مبهم منصوبا بندي سان مبهم ڪارڪردگي ملي ٿي ۽ تمام وڏي نيت ڪرڻ کان بهترآهي ته ننڍو عمل ئي ڪجي. سڀني کان ماهر ماڻهو اهي ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي وزن سان هم آهنگ ٿيندي، پنهنجي پاڻ کي عمل لاءِ وقف ڪري ڇڏين ٿا. توهان اهو به چئي سگهو ٿا ته مان ته تمام گهڻو مصروف رهندو آهيان ان ڪري هر هفتي ٻه ڪلاڪ مالش لاءِ نه ٿو ڪڍي سگهان. پر حقيقت اها آهي ته انهن ٻن ڪلاڪن جو جيڪو فائدو توهان جي ذهني سطح تي ٿيندو ۽ جنهن لطف، صحت ۽ وڏي عمر جو احساس توهان کي ٿيندو، اهو ايڏو ته زبردست آهي جو توهان ان عادت کي اپنائڻ بنا نه ٿا رهي سگهو. ها، اهو ضرور آهي جو، نوي نوي منٽن جي ٻن سيشن تي تمام گهڻو خرچ اچي ويندو، پر توهان جي بيماري تي ايندڙ خرچ کان اهو گهڻو گهٽ هوندو.

Tactic # 7: Traffic University
ستون گُر: ٽريفڪ يونيورسٽي

پرک: جيڪي ماڻهو روزانو ڪم تي ايندي ۽ ويندي پورو ڪلاڪ وڃائن ٿا، ته هڪڙي عام زندگي ۾ اهي تقريبن 1200 ڏينهن ان سفر ۾ خرچ ڪن ٿا. ان جو مطلب اهو آهي ته اهي پنهنجي زندگي جا ٽي ڀرپور سال ٽريفڪ، يا بس يا وري ٽرين ۾ گزاري ڇڏين ٿا ۽ جيئن جيئن فاصلا وڌن ٿا ۽ ان وقت ۾ به اضافو ٿئي ٿو. ان دوران گهڻو ڪري ماڻهو زهريلون خبرون، ريڊيو تي هلندڙ تباهي وارا پروگرام ۽ ٻين منفي سرگرمين ۾ مصروف رهندا آهن، جو جن جي ڪري انهن جي اندروني سڪون وارو ٻيڙو غرق ٿي ويندو آهي. جيڪي ماڻهو دوران سفر اهڙن ڪمن ۾ مصروف رهندا آهن يا وري ٽٽل ڦٽل ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اهي زندگي ۾ شديد سردمهري جو شڪار ٿي ويندا آهن. پاڻ کي انهن کان الڳ ڪيو.
عمل: ٽريفڪ يونيورسٽي ۾ شرڪت ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان سفر جي وقت کي بهتر ڪيو.... خود توهان گهريلو خريداري لاءِ ايندا ويندا رهيا آهيو، يا وري ڪنهن ٻي مقصد لاءِ سفر ڪري رهيا آهيو....ان وقت کي سکڻ لاءِ استعمال ڪندا ڪيو. پنهنجي پيشوراني ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ استعمال ڪيو. پنهنجي ذاتي معلومات ۾ اضافي لاءِ استعمال ڪيو. ان لاءِ توهان سفر جي دوران ڪو معلوماتي ڪتاب (آڊيو بوڪ) ٻڌي سگهو ٿا. يا وري ڪو آن لائين ڪورس ڪري سگهو ٿا. يا وري ڪا مفيد پوڊ ڪاسٽ جيڪو اڄڪلهه تمام عام ۽ مفت آهي، سان پنهنجي علم ۽ ڏاهپ ۾ اضافو ڪري سگهو ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سفر جي دوران، توهان جيڪو به نئون ڪتاب، نئون ڪورس مڪمل ڪندو، اهو توهان جي ان وقت جو بهترين استعمال هوندو. گهٽ ۾ گهٽ توهان جي تخليقيت creativity ، ڪارڪردگي productivity ، ڪارگذاري، توانائي energy، روحاني تسڪين spirituality exponentially ته ڪاڏي نه وئي. اڄ جي دور ۾ پنهنجي تعليم ۽ سوچ تي سرمائيڪاري ڪرڻ کان بهتر ٻي ڪابه سرمائيداري نه آهي.

Tactic # 8: The dream team technique
اٺون گُر: خوابن جي ٽيم جي ٽيڪنڪ

پرک: پيشاور کلاڙي عالمي سطح تي بهترين کلاڙي ٿيڻ لاءِ پاڻ سان گڏ هڪڙي ڀرپور ٽيم تيار ڪن ٿا. اهڙي طرح اهي پنهنجي ذهانت جي پنج اثاثن کي چڱي ريت مانجهين ٿا ته جيئن اهي پنهنجي راند ۾ ڪٿي نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي قابل ٿي سگهن. مائيڪل جارڊن Michael Jordan پنهنجو اسپورٽس ڊاڪٽر پاڻ نه هيو. نه ئي وري محمد علي ڪُلي پنهنجي باڪسنگ جو پاڻ ٽرينر هو. وڏا ڪم ڪندڙ ماڻهو جنهن ڪم ۾ پاڻ کي ماهر بنائڻ چاهين ٿا، اهي ان لاءِ ٻيا ماهر تلاش ڪن ٿا ۽ ائين انهن جون مڙئي سرگرميون ان کي مهارت جي ضمن ۾ خودڪفيل ڪري ڇڏين ٿيون. اهي پنهنجي وقت کي تمام گهڻي ڌيان سان استعمال ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا آهن. نتيجي طور انهن جا نتيجا گهٽ وقت ۾ مددگار ٽيم استعمال نه ڪرڻ سان گهڻو اڳتي ۽ گهڻو نمايان ٿي ويندا آهن.
عمل: اهڙا ڪم جنهن ۾ توهان جو وقت گهڻو لڳي يا وري توهان جي خوشيءَ کي چوسڻ وارا آهن، اهي ٻين جي ذمي لڳايو. پنهنجي سڄي زندگي ان انداز سان ترتيب ڏيئي ڇڏيو، ته جيئن توهان کي انهن ڪمن لاءِ وقت ملي وڃي، جيڪي توهان لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهن ...۽ اهي ڪم ڪرڻ سان توهان کي مزو ٿو اچي. اهڙي ريت، توهان جي ڪارڪردگي ۾ واضح طور تي اضافو ٿيندو. ڇو ته توهان پنهنجي وقت کي اهم ڪمن جي حساب سان سيٽ ڪندو ۽ ان لاءِ توهان پنهنجا اهي مخصوص چند ڪم ئي ڪندو. ان سان گڏ ئي وري توهان کي شخصي آزادي ءَ جو مزو ۽ اطمينان پڻ ملندو. ڇو جو توهان جي ٽيم ۾ اهي ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجي ڪم ۾ ماهر آهن. توهان صبح جو جڏهن ننڊ مان اٿندو ته توهان جي طبيعت ۾ نرمي هوندي. ڇو جو توهان کي اطمينان هوندو ته توهان کي جيڪي سڄي ڏينهن ۾ ڪم ڪرڻا آهن، ان لاءِ بهترين ماڻهو توهان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهن. توهان جي ان ٽيم جو مخصوص ميمبر توهان جي فٽنيس جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، جنهن سان گڏجي توهان روزانو جسماني ڪسرت ڪندو. غذائيت جي ماهر، مساج ٿيراپسٽ، هڪ فئنانشل ڪوچ جيڪو توهان کي معاشي ۽ مالي معاملن ۾ مدد ڪري توهان جي رهنمائي ڪندو، اهو رشتن جو صلاحڪار جيڪو توهان کي خاندان ۽ ٻين اهم فردن سان گڏ توهان جي تعلقاتن کي مضبوط ۽ متوازن رکڻ ۾ توهان جي مدد ڪندو ۽ هڪ روحاني رهنما جيڪو توهان جي روحاني جلا لاءِ ابدي قانون کان آگاهه رهندو.
Tactic # 9: The weekly design system (WDS)
نائون گُر: هفتيوار ڊزائن

پرک: هاڻي توهان کي خبر پئجي ويئي ته جن ڪمن کي پنهنجي شيڊيول ۾ ترتيب سان آندو ويو، اهي ڪم ٿي ويندا آهن. پنهنجي ايندڙ هفتي جي ستن ڏينهن کي باريڪ بيني سان ڊزائن نه ڪرڻ ائين ئي آهي، جئين ڪي ٽي کي ڪنهن به حڪمت عملي ۽ تياري بنا ان کي سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، يا وري ڪنهن گهاٽي جهنگل ۾ قطب نمان جي بغير نڪرڻ. ها، چڱائيءَ جي اميد ڪرڻ ۽ اچتو ٿيندڙ معجزن جو به اميد رکڻ به ضروري آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي جو توهان انسان جي حيثيت سان ڪا به زميواري نه کڻو. توهان جي پختگي ۾ ان وقت اضافو ٿيندو، جڏهن توهان سوچ ويچار کان پوءِ واضح طور تي، پنهنجي هفتي جي ڪمن ڪارين کي تعين ڪرڻ جي مشق ڪندو، جنهن مان توهان جي توانائي ۽ توازن ۾ بهتري ايندي.
عمل: ايندڙ ”خوبصورت هفتي جو نقشو“/چارٽ تيار ڪيو ۽ ان لاءِ هر آچر جي صبح جو ٽيهه منٽ ڪڍو. پنهنجي جرنل تي گذري ويل هفتي جي ستن ڏينهن جون جهلڪيون ڪهاڻي واري انداز ۾ لکو ۽ پوءِ وري ايندڙ هفتي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي لاءِ، انهن سبقن کي ياد ڪيو جيڪي توهان سکيا. پوءِ هڪڙي وڏي ڪاغذ تي، جنهن تي صبح جو پنجين وڳي کان وٺي رات جي يارنهن وڳي تائين جا ڪلاڪ لکيل هجن، ان ۾ سڀ ڪم لکي ڇڏيو. هتي اهم ڳالهه اها آهي ته ان فهرست ۾ پنهنجي ڪاروباري ملاقاتن ۽ منصوبن کان به وڌيڪ فهرست ٺاهيو. پنهنجي فتح جي ڪلاڪ، نوي نوي هڪڙو سيشن، سٺ ڏهن جي گردش ۽ ٻيهر ڪسرت کان علاوه پنهنجي زال سان وقت گذاريو ۽ پنهنجي شوق لاءِ مخصوص وقت جو تعين ڪرڻ.... سڀ ڪجهه ان ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. توهان هرهفتي اهو ڪندو ته توهان جي ڏينهن ۾ توهان جي توجهه غيرمعمولي وڌندي ويندي. حيرت جي حد تائين تسلسل پيدا ٿيندو/برقرار رهندو، ڪارڪردگي تمام گهڻي نمايان ٿي ويندي ۽ زندگي ءُ ۾ واضح توازن اچي ويندو.
Tactic # 10: The 60 minute student
ڏهون گُر: 60 منٽن جو شاگرد

پرک: توهان کي جيتري گهڻي ڄاڻ ٿيندي ويندي، اوترو ئي وڌيڪ توهان بهتر ڪري سگهو ٿا. ذهين ليڊرن ۾ بيحد تجسس ۽ سوچ جي لامحدود خوبي ملندي آهي/موجود هوندي آهي. تعليم انتشار جي خلاف تحفظ مهيا ڪري ٿي. چوٽيءَ جا محنتي ماڻهو سڄي زندگي سکندا رهندا آهن. پاڻ کي دنيا جي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪيو، جيڪي پنهنجي هنر ۽ فن کي بهتر ڪرڻ ۽ پاڻ کي اڃان به وڌيڪ ماهر ڪرڻ /بنائڻ لاءِ اهي هميشه شاگرد ئي رهندا آهن. يعني سکندا رهندا آهن.
عمل؛ روزانو گهٽ ۾ گهٽ 60 منٽن تائين مطالعو ڪيو. اهو سڀ ڪجهه ڪيو، جنهن جي ذريعي توهان مسلسل ترقيءَ جي قابل ٿي سگهو. روزانو سيکارڻ سان توهان جي فنڪاري وڌندي ۽ دانش ۾ گهرائي ايندي ۽ پاڻ کي اڃان به اڳتي وڌائڻ جو جذبو پيدا ٿيندو. توهان جي سوچ ۾ وزن هوندو ۽ توهان پنهنجي شعبي جا سپر اسٽار ٿي ويندو. انهن سٺ منٽن جي دوران توهان ڪو به ڪتاب پڙهي سگهو ٿا ۽ پنهنجي استاد کان مشورو وٺي سگهو ٿا. فن جي ماهرن جون وڊيوز به ڏسي سگهو ٿا. جڏهن توهان پنهنجين فطري خوبين ۽ ظاهري صلاحيتن تي سيڙپڪاري ڪندو ته نه صرف توهان هڪڙا سٺا ماڻهو ٿي ويندو، پر ماڻهن جي ضرورت به بڻجي ويندو. توهان پنهنجي ڪم ۾ ايڏا ته ماهر ٿي ويندو جو توهان جو ادارو، توهان جو شعبو، توهان جي بنا، ٻين جي هلائڻ جي وس جي ڳالهه نه هوندي. توهان پنهنجي ميدان جا شهسوار بڻجي ويندو. توهان پنهنجي ساٿين، گراهڪن ۽ دوستن يارن کي تمام گهڻو فائدو ڏيڻ جي قابل ٿي ويندو. ان سيڙپڪاري جا نتيجا، توهان کي توهان جي آمدني، ۾ اضافو، منفرد حيثيت ۽ خوشيءَ جي صورت ۾ ملڻ شروع ٿي ويندا. توهان هڪڙا نفيس فرد، غير معمولي ڪارڪن ۽ زندگي جي عظيم مقصد رکڻ واري انسان جي حيثيت سان اڀرندا.
________________
”توهان کي پنهنجي شادي ۾ وڃڻ کان اڳ ۾، مان توهان ٻنهين کي هڪڙو ٻيو تحفو ڏيڻ چاهيان ٿو.“، ارب پتيءَ اظهار ڪيو. ” هي هڪڙو نظم آهي، جيڪو مون وينيسيا Vanessa لاءِ ياد ڪيو هو“، هو ان وقت پنهنجي گهرواري جي تصوير کي هٿ ۾ نپوڙي رهيو هو. He was clutching her picture as he said this.
”هر ويلنٽائن ڏينهن تيEvery Valentine’s Day ، اها اسان جي ريت هئي ته هن کي هڪ سو اٺ گلابن جا گل، مزيدار چاڪليٽ ۽ ڪنهن پسند واري هوٽل تي ماني کارائيندو هئس. ان کان پوءِ مان هنجي سامهون گوڏا کوڙي ويهي هي شعر پڙهندو هئس“.
اهو چئي ارب پتي هڪڙي ميز جي پٺيان هليو ويو، جيئن ننڍڙا ٻار وڏن کان لڪي ڪري راند ڪندا آهن. هن پنهنجن ٻنهي اکين تي پنهنجا هٿ رکي ڇڏيا ۽ پوءِ اسپينسر مائڪل فري Spencer Michael Free جو نظم وڏي جوش سان پڙهڻ شروع ڪيو؛

“Tis the human touch in this world that counts,
The touch of your hand and mine,
Which means far more to the fainting heart
Than shelter and bread and wine.
For shelter is gone when the night is o’er,
And bread lasts only a day.
But the touch of the hand and the sound of the voice
Sing on in the soul always.
ترجمو؛
اهو هن دنيا ۾ انساني ڇهاءُ آهي، جيڪو ڪائونٽ ٿئي ٿو،
تنهنجن ۽ منهنجن هٿن جو ڇهاءُ،
جنهن جو مطلب مرجهائيندڙ دلين ،
پناهه گاهه، ۽ ماني ڳڀو،
۽ شراب کان به گهڻو پري،
۽ ماني ڳڀو بس رڳو هڪڙو ڏينهن ئي هلي ٿو،
پر هٿن جو ڇهاءُ ۽ وري اهو آواز،
روح ۾ وڄندو رهي ٿو هميشه.

”تمام بهترين شعر آهن هي“، آرٽسٽ چيو.
مسٽر ريلي ان ڳالهه جا قائل ٿيندا پئي ويا. هي هپي نما مصور جيتوڻيڪ ظاهري طور تي کرو هيو، پر دل جو تمام نرم هيو. ظاهري طوري تي لڳي رهيو آهي ته آرٽسٽ جي دلچپسي ايتري ناهي، پر حقيقت ۾ ڪاروباري خاتون/عورت لاءِ هن جي چاهت هن جي انا جي گهرجن تي حاوي آهي. هن جي جيڪا به مهرباني آهي ان کي هن جي ڪمزوري سان ڀيٽ نه ڪئي وڃي. آرٽسٽ حقيقت ۾ هڪ تمام وڏو ماڻهو/طاقتور انسان هو.
”مون پاڻ به تولاءِ هڪڙو نظم لکيو آهي، اهو تنهنجي لاءِ آهي، منهنجي پياري“.
”مهرباني. اسان کي اهو پڙهي ٻڌايو“ ڪاروباري عورت التجا ڪندي چيو.
”ٺيڪ آ“آرٽسٽ پنهنجو گلو صاف ڪندي چيو. ان جو عنوان آهي، ”شال اسان هڪٻئي کي ڪڏهن به الوداع نه چئون“، هن نظم شروع ڪيو.
May we never say goodby

جنهن لمحي مون پهريون ڀيرو توکي ڏٺو،
A chance encounter and that very first glance,
تنهنجي سونهن مون کي متاثر ڪيو، Your beauty moved me
And your strength calmed me,
۽ تنهنجي طاقت مون کي سڪون بخشيو
Life’s unexpected window of opportunity
زندگي ۾ موقعن جون غير متوقع دريون هونديون آهن.
Sent by a knowing intelligence
جيڪو اسان پنهنجي ذهن جي مطابق استعمال ڪندا آهيون
Asking us to do our part. By Taking a risk.
اهي موقعا اسان کي عمل ڪرڻ ۽ رسڪ کڻڻ جو چون ٿا،
Only those who dare will win.
فقط اهي ئي کٽيندا آهن، جيڪي همت ڪندا آهن،
Only those willing to face rejection will find their salavation.
نجات انهن جي مقدر هوندي، جيڪي رد ڪندڙن کي منهن ڏيندا،
Only those who reclaim their power will experience a resurrection.
۽ پنهنجي طاقت کان آشنا هئڻ وارا ئي حشر برپا ڪري ڇڏيندا
I’ve never known true love.
مون کي سچي محبت جي صفا خبر ڪانه هئي،
I’ve never believed in double rainbow.
مون ڪڏهن به ٻٽي انڊلٺ تي يقين نه ڪيو هو،
Romantic walks and holding hands at sunrise.
هٿن ۾ هٿ وجهي سج اڀرڻ مهل پيار سان چهل قدمي ڪرڻ
I never imagined that first kiss would lead to this.
مون کي خبر نه هئي ته مون کي پهريئن چمي هتي وٺي ايندي.

When you fall, I will support you.
جڏهن تون ڪرندي ته مان تنهنجو ٻانهن ٻيلي ٿيندس،
Should you be scared, I will hold you.
جڏهن تون ڊپ ۾ ڊڄندي ته مان تنهنجو ساٿ ڏيندس
When you are in doubt, I will stand by you.
۽ جڏهن تون وهمن وسوسن ۾ مبتلا ٿيندي ته مان تو سان گڏ بيٺو هوندس،
When you enjoy success, I will raise my glass to you.
جڏهن تون ڪاميابي جو مزو ماڻيندي ته مان پنهنجنجو گلاس/جام کڻي ايندس
And when you feel like leaving, I won’t let you go.
۽ جڏهن تون مون کان پري وڃڻ چاهيندي ته مان توکي ائين ڪرڻ نه ڏيندس.
I think of you constatntly.
مان هر وقت تنهنجي باري ۾ ئي سوچيندو آهيان
I feel you deep within me.
مان پنهنجي اندر جي گهرائي ۾ توکي محسوس ڪندو آهيان
I’m not sure what I ‘ve done to deserve you.
مون کي خبر ناهي ته تون جنهن شي جي مستحق آهيان، اهو مان ڪري رهيو آهيان يا نه،
But my dream now is to grow old with you.
پر منهنجا خواب هاڻي تو سان گڏ وڌي پوڙها ٿي ويا آهن.
May we never say goodbye.
شال اسان هڪٻئي کي ڪڏهن به الوداع نه چئون.

آرٽسٽ گوڏا کوڙي ويهي رهيو ۽ پنهنجي ٿيڻ واري گهرواري/ڪنوار جي هٿ کي چمي ڏني. شرم وچان هن جو چهرو صفا ڳاڙهو ٿي ويو (شرم وچان). پوءِ اوچتو وري هال ۾ ڪنهن جي زور سان روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. انهن ٻنهي شاگردن پنهنجي استاد کي هٿ ۾ ٽشو پيپر ڏنو ته جيئن هو پنهنجا ڳوڙها اگهي سگهي.

5 اي ايم ڪلب ٻن اعليٰ درجي جي ڪاردگين وارين جاڙن چڪرن کي قبول ڪري ٿو

16

The 5 AM Club embraces the twin cycles of elite performance
5 اي ايم ڪلب ٻن اعليٰ درجي جي ڪاردگين وارين جاڙن چڪرن کي قبول ڪري ٿو


“With freedom, books, flowers, and the moon, who could not be happy”. Oscar Wilde

” ڪتابن، گلن ۽ چنڊ جي آزادي هجي، پوءِ ڪهڙِو ظالم آهي، جيڪو خوش نه هوندو“. آسڪر وائلڊ

ارب پتي ڏکڻ آفريڪا جي علائقي فرينشوڪ Franschhoek ۾ واقع پنهنجي ذاتي گهر جي ڪشادي اڱڻ م اڪيلو ويٺو هو. جڏهن هو پنهنجي ڊيلي ڊائري لکي رهيو هو ته مسٽر رائلي، ساو پلاءُ ۾ ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ جي شادي جي موقعي تي موجود انتهائي خوشي، غير معمولي جوش ۽ خوبصورتيءَ ياد ڪري ان جو لطف محسوس ڪري رهيو هو.
”ڪائنات انتهائي دلچسپي ۽ وڏي ذهانت سان ڪم ڪري ٿي“.”The universe works in interesting and absolutely intelligent ways” هن سوچيو. ”۽ جيڪڏهن ڪوساٿ گهڻي وقت لاءِ هلندو ته اهو هي هوندو“. And if there was a union that would go the distance, it would be this one.
جڏهن سيٺ پنهنجي جرنل تي ڪجهه لکي رهيو هيو ته ان وقت باغ ۾ مالهي نيري وردي پائي، انگورن جي ولين کي چمڪندڙ بيلچن سان گُڏ ڏيئي رهيا هئا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي مختلف لهجي ۾ ڳالهائي به رهيا هئا ۽ پکي پنهنجي آزاد گيتن جون لاتيون لنوي رهيا هئا. انهن ڪاٺ جي تختن تي سهڻي نموني سان شراب جا گلاس/ٿانو اهڙي نموني سان سجائي رکيا هئا، جنهن جي سونهن فقط فطرت ئي افورڊ ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته هي فرينشاڪ جي واديءَ کان دونهين جا ڪڪر چوڌاري جبلن جي چوٽين تائين لاڏاڻا/هجرت ڪري رهيا هئا.
ان کان ٿوري دير اڳ ۾ صبح جو پنجين وڳي، ارب پتي پاڻ سان عورت ۽ آرٽسٽ کي وٺي، جبلن تي سائيڪل سواري ڪندا، انگور جي باغ ۾ وٺي ويو هو. سڀ کان اڳ ۾ هو ڊينيئل هگيو اسٽريٽ Daniel Hugo Street مان لنگهيو ۽ پوءِ وري هڪڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿيو....رستي ۾ گهوڙا طبيلن ۾ ٻڌل نظر آيا. سست ڪُتا ايڏا سست جو جيت سنيل Snail ۽ ڪچي رستي جي ٻنهي پاسن لوڙها هئا، انهن جي اندر گلن جا ٻوٽا هئا، گلن جا ٻوٽا خاردار تار سان ويڙهيل هئا، جيڪي دز واري روڊ جي ٻنهي پاسن کان لڳايا ويا هئا، هي تمام بهترين جڳهه هئي، جنهن جي چونڊ ارب پتيءَ ڪئي هئي، هاڻي اهي پنهنجو سيڪنڊ لاسٽ سبق سکي رهيا هئا.
ان سفر جي دوران هنن کي ارب پتيءَ جيڪو سبق پڙهايو هو اهو پنهنجي پاڻ کي ٻيهر دهرائڻ (سيلف رينيوول self renewal) سان گڏ وري شخصي ڪارڪردگي ۾ توازن جي اهميت جي باري ۾ هيو. سيٺ بيان ڪيو ته مشڪل گهڙي ۾ جڏهن دنيا ڪاميابيءَ جي پٺيان هجي، اهڙي حالت ۾ متبادل وقت جي اهميت ڇا هي؟... ڪم ۾ ڪاميابي ۽ پوِءِ ڀرپور زندگي جي وچ ۾ پڪي هم آهنگي پيدا ڪرڻ ضروري آهي. ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ، هن جا شاگرد پنهنجي ذهانت جي اثاثن کان وڏي عرصي تائين جو ڪم وٺندا هيا. پتيءَ واضح ڪيو ته وڏي دلabundant heart ، لطف جو اصلي احساس an authentic sense of joyfulness ۽ اندروني سڪون and enduring inner peace جي بغير، معاشري ۾ وڏي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ائين منجهيل راند جيان آهي جئين hamster هڪڙي قسم جو ڪوئو ڦيٿن واري پنڃري ۾ بند ٿيل هوندو آهي ان ۾ ئي هلندو رهندو آهي، هو سمجهندو آهي ته هو هلي رهيو آهي، پر اصل ۾هو ته ان ئي پنڃري ۾ بند هوندو آهي. (يعني اسان وٽ هڪڙو مثال گهاڻي ۾ چاڪي جي ڏاند جو ساڳي جاءِ تي ڦرڻ آهي، هو اهو سمجهي ٿو ته هو اڳتي وڌي رهيو آهي، پر هو ته هڪ ئي دائري ۾ بند هوندو آهي. هو سڄو ڏينهن هلندو رهندو آهي. پر شام جو جڏهن هن جي اکين جي پٽي لاٿي ويندي آهي ته پوءِ خبر پوندي آهي ته هو ته اتي جو اتي ئي بيٺو هوندو آهي، جتي هو صبح جو هيو.
…no different from the game a hamster plays on running wheel. It thinks it’s moving, yet it remains in a cage.
جڏهن صبح جي ڪرڻن چمڪندڙ ماڪ جي ڦڙن کي پگهارڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ارپتي پنهنجي چمڪندڙ سائيڪل کي هلائيندي، جوشيلي انداز سان ڳالهايون ڪندي ۽ ٽهڪ ڏيندي اڳيان وڌي رهيو هيو. اهڙا ٽهڪ اسان زندگيءَ ۾ ٻڌندا رهيا آهيون. وري پوءِ هن کنگهڻ شروع ڪيو...تمام زور سان کنگهڻ. هڪڙي دفعي ته ان کي ٿڪ ۾ رت به آيو هو. پر جيئن ته ارب پتي تمام هوشيار غيرمعمولي طور تي تندرست نظر پئي آيو. ان ڪري عورت ۽ آرٽسٽ پنهنجي استاد جي صحت جي باري ۾ تمام گهڻا فڪرمند هيا. پر شايد اها هنن جي غلطي هئي. هون به نئون وهانءُ ٿيل جوڙو اهڙي ڪيفيت ۾ هو جو، هو اهڙن ڪمن ڏانهن ڌيان نه پيو ڌري سگهي.
جڏهن ٽيئي ساٿي سائيڪل هلائيندي هلائيندي ٿوري دير لاءِ بيٺا، ته اسٽون رائلي ٻنهي زال مڙسن کي هڪڙو لرننگ ماڊل (خاڪو) پيش ڪيو، جيڪو هن هڪڙي نيري ڊٻي مان ڪڍيو هيو. اهو خاڪو ڪجهن هيٺين ريت نظر اچي رهيو هو:
اعليٰ ڪارڪردگي جا گڏيل ڦيرا
The twin cycles of elite performance
ذهانت جي پنج اثاثن جي حفاظت
Protection of the assets of genius
1. ذهني فوڪس
2. جسماني قوت
3. ذاتي قوت ارادي
4. حقيقي ٽيلينٽ
5. روزاني جون گهڙيون
ارب پتيءَ انهن کي اهو سيکاريو هو ته ”انساني اثاثن جي حفاظت جي پيمانا بندي جي بغير انتهائي تخليق ڪارگذاري سان ڪارڪردگيءَ ۾ واضح گهٽائي ايندي آهي“. ان مان هن جو مطلب اهو هو ته پنهنجي شعبي، پنهنجي صنعت ۾ واضح نالو ڪمائڻ وارن سڀني جو تعلق استحڪام sustainability سان آهي ۽ غير معمولي ۽ سڀني کان بُلند ڪارڪردگي جو اظهار هڪڙي مهيني يا وري هڪ سال جو ناهي هوندو. ڪاروبار جي حقيقي جفاڪشي real sport of the captains of commerce، عظيم فنڪار the great masters of arts ، ويزنري سائنسدانن visionaries of the sciences, ، انسانيت جي سورمن heroes of the humanities ۽ عظيم کلاڙي giants of athletics سڄي زندگي بهترين راند a game over a life time ۽ ڪارڪردگي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهندا آهن.
” ڏاهي ماڻهو بنجڻ لاءِ وڏي عمر ضروري آهيLongevity really is a key to legendary “، هن صاف چيو. ”اهڙي ريت توهان پنهنجي ڪم ۾ پنهنجي سڃاڻپ بڻجي سگهو ٿا. توهان کي اهو سکڻو پوندو ته توهان ڪئين پنهنجي ڪم ۾ شدت ۽ ذهانت جي وچ ۾ توازن برقرار رکي سگهو ٿا، ته جيئن توهان پنهنجي ڪيريئر ۾ وڏي عرصي تائين خوش، تازا توانا ۽ سٺي صحت جا مالڪ ٿي جسماني طور تي مضبوط بڻجو. جڏهن توهان ايئن ڪندو ته پاڻ کي بيحد ٿڪائي پنهنجي فطري خوبين کي گسائي نه ڇڏيندو. جيئن ڪيترائي رانديگر، ايتري گهڻي محنت ڪندا آهن جو انهن جا گوڏا ۽ ٻيا جوڙ بيڪار ٿي ويندا آهن ۽ وڌيڪ کيڏڻ جي يا وري مقابلو ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهن. ذهين ماڻهن کي انهن اهم اصولن جي خبر هوندي آهي. ان ڪري ان تي چڱي ريت عمل به ڪندا آهن“.
ارب پتيءَ تيز ڪاري رنگ جي ڪافيءَ مان هڪڙو ڍڪ ڀريندي ٻڌايو ته ڪيئن عظيم مرد ۽ عورتون بيپناهه ڪارڪردگي ظاهر ڪري پنهنجو وجود برقرار رکين ٿا. اهو هي آهي ته اهي ماڻهو super-compensation جي روح تي عمل ڪندا آهن اسان هن کي سنڌيءَ ۾ چوڻ چاهيون ته “اعليٰ تلافي/انتهائي ازالو” جو ترجمو مناسب ٿيندو. هي ڇا هي. هي بلڪل ائين ئي جيڪڏهن توهان پنهنجي پنجن اثاثن کي ڇڪيندو ته ان کي وري ٿورو وقفو به ڏيندو ته توهان جا اهي اثاثا تمام گهڻو وڌندا ويندا. مسٽر رائليءَ ڪاغذ تي ٺهيل فريم ورڪ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته “ڏسو طويل عرصو انتهائي ڪاميابي جو راز هڪڙي سادي لفظ ۾ لڪل آهي. گردش. هي ڳالهه مان سائو پائلو Sao Paulo ۾ چئي چڪو آهيان، پر هاڻي توهان ٻيئي ان کي گهرائي ۾ سمجهڻ لاءِ تيار آهيو”.
”جي بلڪل“، عورت اظهار ڪيو.
”هن کي سمجهو“، ارب پتيءَ چيو. “جڏهن سائنسدانن عظيم روسي ويزن ڀائرن ( ويٽ لفٽرز)weightlifters جو مطالعو ڪيو ته انهن کي خبر پئجي ويئي ته انهن کي ڪو به شڪست نه ٿو ڏيئي سگهي ۽ ان جي پويان راز اهو آهي ته اهي مشق ۽ آرام جي وچ ۾ هڪڙو مناسب فرق رکن ٿا“.
”ان جو مطلب ڇا ٿيو“،آرٽسٽ جواب ڏنو
”آرام جي دوران توهان جي سوچ وڌي ٿي“ your growth happens when you’re resting . ارب پتيءَ صفا سادو جواب ڏنو.“ ان لاءِ توهان کي عقل جي گهوڙن کي ڀڄائڻ جي ضرورت نه آهي”. ارب پتيءَ ڳالهه جاري رکي. “اصل ۾ ڪارڪردگيءَ جو هي قانون سچ آهي. جڏهن مان پنهنجي ڪاروبار کي عالمي سطح تي وسعت ڏيئي رهيو هوس ته اسپيل بائيندر مون تي اهو احسان ڪيو هو. عام سوچ اها آهي ته جيڪڏهن توهان کي گهڻو حاصل ڪرڻو آهي ته توهان کي گهڻو وقت ڪم ڪرڻو پوندو. گهڻي جي حاصلات جي لاٰء، اسان کي گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.to achieve more, we need to do more پر اصل ۾ مڪمل تحقيقون ان سوچ جي تائيد نه ٿيون ڪن، بهتر ۽ گهڻي ڪارڪردگي لاءِ سخت ۽ گهڻو ڪم ڪيو ويندوwork harder to produce better ... اهو بلڪل ڪوڙ آهي/ان ۾ خامي آهي it is seriously flawed. گهڻي دير تائين اها ڳالهه نه لڪندي.it isn’t sustainable. ٿورن ئي ڏينهن ۾ توهان ڀٽڪي ويندو، ٿڪجي ويندو توهان جو جوش گهٽجي ويندو.
”توهان جيڪا ڳالهه ڪري رهيا آهيو، ان مان مون کي سٺ ڏهن وارو طريقو ياد اچي ويو“، آرٽسٽ خوشي سان مسڪرائي جواب ڏنو. هن کي سوارن وارو وڳو پاتل هيو، جيڪو هن کي ارب پتيءَ ڏنو هو. فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبر جي حيثيت سان، ڇو ته هو باقائدگي سان ويهه ويهه ويهه جي فارمولي تي عمل ڪري رهيو هو، گهڻو تندرست، ڌيان ڏيندڙ، توانو ۽ پراعتماد نظر اچي رهيو هُو. ان ۾ جيڪا بهتري آئي هئي، ان ته حيران ڪري ڇڏيو هو.
”تمام بهترين نڪتوsuper point “، ارب پتيءَ تعريف ڪئي. ” توهان جي ڳالهه صحيح آهي. جيتوڻيڪ جيڪو لرننگ ماڊل مان توهان کي پڙهائڻ وارو آهيان، اهو ان کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. اڄ توهان کي خبر پوندي ته توهان پنهنجي ڪم ۽ آرام جي وقفي کي ڪيئن سٺي ڪارڪردگي لاءِ استعمال ڪيو ٿا. اڄ صبح جو توهان کي اها به خبر پئجي ويندي ته ڪيئن ڪم ڪري توهان وڌيڪ سٺا نتيجا حاصل ڪري سگهو ٿا. جنهن کي پروفشنل رانديگر وقفه ڪاري ( periodization) جو نالو ڏين ٿا. جڏهن توهان اهو ڪري ويندو ته توهان ٻئي تمام گهڻو وڌيڪ شان ۽ شوڪت جا مالڪ ٿي ويندو. جڏهن ان سان گڏ وري توهان جي باقي زندگي به تمام خوبصورت بڻجي ويندي “.
ارب پتيءَ پنهنجي فريم ورڪ ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن جو عنوان ”ذهانت جا پنج اثاثا“The 5 assets of genius هيو. توهان هيل تائين اهو سکي چڪا آهيو ته هر صبح فل بيٽري سان، مڪمل توانائي سان ڪئين جاڳجي. هر صبح جو جڏهن توهان جاڳو ٿا ته توهان وٽ پنج ذاتي خزانه هوندا آهن. جيڪڏهن توهان انهن کي مناسب نموني سان استعمال ڪندو ته توهان پنهنجن حيلن بهانن کي قابو ڪري سگهندو. ماضي جي مليل زخمن کي ٺيڪ ڪري سگهندو. ان ڪري، توهان پنهنجي روح ۾ بند عظيم سورمن سان ڏينهن جي روشني ۾ ملاقات ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. پوءِ، توهان اهو بڻجڻ جي قابل ٿي ويندو، جيڪو توهان بڻجڻ چاهيو ٿا“.
”جي مان ته تيار آهيان“. آرٽسٽ رڙ ڪري چيو.
”جيئن ته توهان ذهانت جي پنج اثاثن جي باري ۾ ڄاڻو ٿا“، مسٽر رائلي خاڪيdiagram تي نظر وجهندي ڳالهه جاري رکي. ”توهان جا اهي پنج اثاثا، ذهني توجههmental focus ، توهان جي جسماني توانائي your physical energy، توهان جو شخصي اعتماد personal will power ، توهان جو اصلي ٽيليٽ your original talent ۽ توهان جو روزانو وارو وقت daily timeآهي. مون اها ڳالهه ان ڪري دهرائي ته جيئن توهان کي اها ياد رهي. توهان جا اهي ذاتي بنيادي اثاثا، صبح سوير بلندين تي هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو توهان پنهنجي بهتر صبح سان بهتر شروعات ڪرڻ ۽ پنهنجن اهم ڪمن کي بهترين پڄاڻي تائين پهچائڻ چاهيو ٿا... نه ڪي وري پنهنجي پاسي ۾ موجود ٽيڪنالجي ۾ گهڙي ڪر fooling around with your technology خبرون ٻڌي watching the news يا وري دير تائين سمهي ڪريover sleeping ، پنهنجي ان انمول موقعي کي ضايع ڪري ڇڏيو“.
”جي سمجهي ويسgot you “، عورت متفق ٿيندي چيو، جيڪا ان وقت روم ۾ مليل جرنل تي تڪڙي تڪڙي اهم پوائنٽ/نقطا نوٽ ڪري لکي رهي هئي. هن جي وارن جي چوٽي ٻڌل هئي ۽ ان مٿان وري رنگين اسڪارف، ان مهل صبح جو هن جي سونهن ۽ سوڀيا کي اڃان به سندر بڻائي رهيو هو/اڃان به سهڻي لڳي رهي هئي..
اڄ جي سبق جو لازمي نڪتو اهو آهي ته ”، ارب پتيءَ هن ماڊل جي مرڪز ۾ اشارو ڪندي چيو. “ اعليٰ ڪارڪردگي ڪا سولي راند نه آهي. وڏي حاصلات به هڪڙي دل جي ڌڙڪن، ڪنهن رڌم کان به وڌيڪ ۽ هڪڙي نبض جيان آهي، جيڪڏهن توهان پاڻ کي عظيم ماهر جيان سڀني جي سامهون آڻڻ چاهيو ٿا ته .....سالن تائين توهان پنهنجي شعبي ۾ نمايان ڪيريئر سان سڃاتا وڃو ۽ ڀرپور زندگي گذاريو ۽ پوڙهائپ ۾ ان مان خوش رهو ٿا...ته توهان کي يقينن ڪمال جي سطح جي مختلف گردشن تي عمل ڪرڻو پوندو. اهي گردشون اهي مرحلا آهن، جن ۾ توهان بهترين ۽ حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا ڪڍي ڏيندو ۽ ان سان گڏ ئي وري وقت ڪڍندو ۽ آرام به ڪندو. ائين ئي توانائي جي بحاليءَ جون گردشون، ان ۾ توهان شديد نتيجن واري مرحلي ۾ خرچ ٿيندڙ توانائي جي تلافي ۽ بحال ڪندو. مهرباني ڪري ان کي پڙهي وٺو“. ارب پتيءَ اشهد آڱر سان فريم ورڪ ڏانهن اشارو ڪندي گذارش ڪئي.
”مون تي اها ڳالهه بلڪل واضح ٿي ويئ آهي ته HEC جو مطلب اسان جو High Excellence Cycle آهي ۽ DRC جو مطلب Deep refueling cycle آهي“.
”ها“، ارب پتيءَ جواب ڏنو. اڄ هن جي ڪاري رنگ جي ٽي شرٽ تي سفيد لفظن ۾ هي لکڻي لکيل هئي، ”هان مان رشتو پڪو ڪري چڪو آهيان....پاڻ سان“، ان جي خوبصورتي کي ڏسڻ سان تعلق رکي پيو.
”ان ڪري توهان پيشاوراڻي ۽ ذاتي سطح تي دائمي فتح چاهيو ٿا ته توهان جي ڪرڻ لاءِ ڪم اهو آهي ته ....تسلسل جاري رکو”. سيٺ ڳالهه جاري رکي. “ پرشوق کي هڪڙي پاسي رکي سخت ڪم ڪرڻ جا مرحلا مقرر ڪيو ۽ پوءِپنهنجي توانائي ۽ توجهه جي تلافي ۽ بحالي جي لاءِڪجهه وقت ڪڍو. اهو بلڪل ائين ئي آهي جئين توهان جي دل ڌڙڪي ٿي ۽ نبض هلي ٿي“.
”توهان جيڪو تصور بهترين نموني سان پڙهائي رهيا آهيو، اهو مون کي تمام گهڻو پسند آهي“. ڪاروباري عورت جواب ڏنو. ”هي شيءَ منهنجي ڪاروباري ۽ ذاتي زندگي ۾ ترقيءَ جي لاءِهڪڙو ٻيو اهم قدم ثابت ٿيندو“.
”ها بلڪل، ائين آهي“، ارب پتيءَ تسليم ڪيو. ”سوچ جو وڌڻ ويجهڻ مختلف وقفن ۾ آهستي آهستي ٿيندو آهي. اها ڳالهه ڪجهه تقراري آهي نه“؟ اسان کي ته اهو سيکاريو ويو آهي ته اسان جيڪڏهن ڪوبه ڪم نه ڪنداسين ان جو اهو مطلب ٿيندو ته اسان وقت کي ضايع ڪري ڇڏينداسين. پر، ٿورو هيڏي ڏسو”. نواب پنهنجي چيلهه سان ٻڌل نائلون جي هڪڙي ڊبلي کولي. انهن مان سون جا ٻه ٻلا ڪڍيا ۽ هڪڙو عورت ۽ ٻيو آرٽسٽ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيا. ڄڻ ته ڪنهن چيمپينشپ جي پڄاڻي جي تقريب ٿيندي هجي. هر ميڊل تي هيٺيان الفاظ اُڪريل هئا:
وڏي/اعليٰ ڪارڪردگي جي مساوات
The legendary performance equation;
دٻاءُ x توانائي جي بحالي = واڌ ويجهه + برداشت
Pressure x refueling + growth + Endurance
”ٽينس جي وڏي رانديگر بيلي جين ڪنگ Billie Jean King جي مطابق، دٻاءُ توهان جو تحفو آهي. ارب پتيءَ پنهنجي شاگردن کي ياد ڏياري. ڏسو، دٻاءُ ۽ اسٽريس خراب ناهن“. See pressure and stress aren’t bad
”ڇا واقعي خراب ناهن؟“ عورت سوال پڇيو.
”نه. اهي ته توهان جي اهليت ۽ قابليت کي وڌائڻ لاءِ لازمي آهن“. ارب پتيءَ جي آواز بلند ٿي.
. Nope. They’re actually absolutely necessary for the expansion of your capacity.
”توهان کي پنهنجي ٽيلينٽ کي اڳتي وڌائڻ ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪرڻي پوندي، ڀلي توهان چاهيو يا نه چاهيو“. ارب پتيءَ ڳالهه جاري رکي. “پنهنجي آرام جي تخت کي خداحافظ چيو. تڏهن ئي توهان اڳتي وڌندو. اها ڳالهه هميشه ياد رکو؛ جڏهن توهان کي اهو محسوس نه ٿو ٿئي ته ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو وقت ڪجهه ڪرڻ لاءِ بهترين هوندو آهي. انهي سبب جي ڪري جڏهن توهان پنهنجي خود اعتمادي جي جذبن کي هڪڙي اهم حصي ۾ وڌايو ٿا ته ان سان گڏ ئي ٻين شعبن ۾ به توهان کي خود نظمي (سيلف ڊسيپلين) نصيب ۾ اچي. مان دراصل هتي توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته دٻاءُ يا اسٽريس وڏن رانديگرن لاءِ وڏي نعمت آهي. جڏهن اسان حفاظتي حصار ۾ رهون ٿا ته پوءِ اسان جون خوبيون نه ٿيو وڌن. اڪثريت مان نڪري پنهنجي اهليتن کي چيلينج ڪيو ۽ انهن کي ڇڪيو. جسماني عضوا به ان وقت وڌندا آهن جڏهن انهن کي ان مخصوص حالت مان ڪڍي ڇڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ڪجهه وقت ڳن جي توانائي جي تلافي و بحالي لاءِ انهن کي آرام ڏيو”.
ارب پتيءَ باغ جو جائزو ورتو ۽ پوءِ وري ائين ٿيو جو، “ هڪڙي دفعي ڪنهن دعوت ۾ هڪڙو وڏو پروفيشنل رانديگر به شريڪ ٿيو. توهان کي خبر آهي هن پنهنجي گفتگو جي دوران مون سان مخاطب ٿيندي ڇا چيو“.
“ڇا”؟ آرٽسٽ حيران ٿيندي پڇيو.
“مان پنهنجي سڄي ٽريننگ کي اثرائتي بنائڻ لاءِ آرام ڪندو آهيان. ارب پتيءَ واضح ڪيو. “اهڙي طرح شيون وڌيڪ نمايان ٿين ٿيون. مسلسل بغير وقفي جي ڪم ڪندو رهڻ سان وقت سان گڏوگڏ توهان جي عظمت ۽ اثر گهٽجندو رهي ٿو“.
”هون“، ڪاروباري عورت چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ ٻيهر پنهنجي سائيڪل کي هڪڙي جاءِ تي بيهاري ان جي گديءَ تي ويهي رهيو.
“جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان پنهنجي پيٽ جي مسلز کي مضبوط بڻايو ته توهان انهن کي موجوده حدن کان وڌائي، انهن تي دٻاءُ وجهو ٿا”، ارب پتي ڳالهايو. “جيڪڏهن توهان سو کن ويهڪون sit ups ڪيو ٿا ته هاڻي توهان ٻه سو ويهڪون ڪندو. جيڪڏهن توهان جو روزاني جي ڪوٽا ٻه سو جوآهي ته توهان ان کي وڌائي ٽي سو ڪري سگهو ٿا. اصل ۾ توهان پنهنجن muscles کي وقفن ۾ ورهائي ڇڏيو ٿا. اهي شيون ڊاڪٽرن جي اڳيان micro-tearing چوائن ٿيون. جيڪڏهن توهان پنهنجن عضوون کي وڌائڻ چاهيو ٿا ته انهن کي مسلسل اڻٿڪ مشق ڪرائي نه ٿا وڌائي سگهو ۽ اهي ڦاٽي پوندا. ان ڪري توهان کي هڪڙو يا ٻه ڏينهن انهن کي وري آرام ڏيڻ جي ضرورت آهي.
“۽ جڏهن عضووا نشونما جي مرحلي ۾ هوندا آهن ته ان دوران اهو وقت گهٽجڻ يا وري وڌڻ جو هوندو آهي”. آرٽسٽ وچ ۾ ڦاٽ کاڌي جيڪو ان وقت انهن سڀني اصولن کي هضم ڪري رهيو هو، جيڪي هن هيل تائين سکيا هيا.
“بلڪل صحيح ڳالهه آهي”، ارب پتيءَ جوش ۾ چيو. “سوچ وڌندڙ آرام ۽ وقفي جي دوران پيدا ٿيندي آهي.... نه ئي وري اسٽيج تي جوهر ڏيکاريندي.. دوستو! مان توهان کي ماريشيس Mauritius ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته منهنجي ابتدائي پرورش هڪڙي ٻهراڙي جي علائقي ۾ ٿي آهي ۽ پوءِ وري مان ماليبوMalibu آيس”.
“ها، مون کي ياد ٿو اچي”، عورت ڳالهايو. “هاڻي ته ماريشيس جو سفر ائين لڳي ٿوڄڻ خبر ناهي ڪيڏا سال لنگهي ويا هجن”.
“مون پنهنجي ٻنين ۾ هڪڙي ڳالهه سکي هئي جنهن منهنجي ٻٽي ڪارڪردگي کي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي. توهان ڪنهن به هاريءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڏسو، هو توهان کي پوکائي جي موسم جي باري ۾ ٻڌائيندو. ان کان اڳ ۾ هڪڙو سخت دور گذرندو آهي، جنهن ۾ مٽي ۾ هر لڳايو ويندو آهي. ان ۾ کيڙيون ٺاهيون وينديون آهن. فصل جو ٻج پوکيو ويندو آهي ۽ سخت محنت سان ڪڙمي ٻنين ۾ ڪم ڪندو آهي
پوءِ وري آرام جي موسم اچي ويندي آهي.
ايئن لڳندو آهي ته هو ڪجهه به نه ٿو ڪري ۽ هو پنهنجو وقت ضايع پيو ڪري پر هتي هڪڙو باريڪ بيني وارو نڪتو آهي. اها پوکائي جي وقت جي ئي ڪيل محنت هوندي آهي جو فصل پنهنجي وقت تي تيار ٿي ويندو آهي. سرءُ جي موسم ۾ ڪجهه سانواڻ ۽ رنگيني نظر ايندي آهي. اهو دراصل حتمي نتيجو هوندو آهي. ان موسم کان اڳ ۾ جي ڪيل سخت محنت جو”.
ارب پتي سڄي ڪافي ڍڪ ڍڪ ڪري پي ويو. ڪجهه هن جي ٽي شرٽ تي به هارجي پيئي. جنهن ڊٻي ۾ ڪافي ڀريل هئي، ان تي هي اکر اُڪريل/کيل هيا.“ وڏا خواب- ننڍا قدم- شروعات هينئر”. Dream big, Start small. Begin now.
هڪڙي ڦڪي رنگ جو پوپٽ جنهن جي نازڪ پرن تي ڳاڙهي رنگ جون رڳون نظر اچن پيون، سو هنن ٽنهين جي مٿان اڏامندي لنگهي ويو ۽ هنن سڀني جون نظرون ان تي ڄمي ويون.
“خدا جي قدرت، هي ڪيڏا نه پيارا پوپٽ آهن، مون کي پوپٽ تمام گهڻو وڻندا آهن”. ارب پتيءَ نرم لهجي ۾ چيو. “انڊلٺ Rainbows، چمڪندڙ ستاراshooting stars ، چوڏهين جو چنڊ full moons ، روشن سج لهڻ glorious sun sets جا ڪيڏا نه خوبصورت منظر آهن. جيڪڏهن توهان ڀرپور زندگي نه ٿا جيئو ته پوءِ توهان ڀلا زنده ڇو آهيو”. Why be alive if you’re not going to be totally alive?
“جڏهن مان ويهن سالن جو هيم ته هڪڙي روبورٽ جيان هيم”، هن اعتراف ڪيو. “مان پنهنجي باري ۾ تمام گهڻو سنجيده هيس، هڪڙو منٽ به ضايع نه ڪندو هيس، هڪ هڪ ڪلاڪ مقرر ۽ متعين هيو. ڪارجي هر سفر ۾ ضرور ڪونه ڪو ڪتاب هوندو هيو. هر اڏام ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو تمام گهڻو خيال رکندو هيس. ڳالهه هي آهي ته...” هن جو آواز اٽڪي پيو ۽ هن جي اکين ۾ ويٺل تنهائي واضح طور نظر اچڻ لڳي.
“مان ڪيترائي ڀيرا ٿڪجي چور ٿي پوندو هيم. اسپيلبائنڊر منهنجي جان بچائي. اها حقيقت آهي ته جيڪو فارمولو/ماڊل مان توهان کي اڄ صبح جو پڙهائڻ وارو آهيان، ان منهنجي ايڏي مدد ڪئي جو مان اڄ به حيران آهيان”.
ارب پتيءَ هڪڙو ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پوءِ وري ڳالهه شروع ڪيائين. “وقت سان گڏو گڏ منهنجن پنجن ئي اثاثن کي زنگ لڳڻ شروع ٿي ويو. منهنجو تخليقي عمل به ٺپ ٿي ويو ۽ منهنجوشخصي اثر به گهٽ ٿيڻ لڳو. منهنجون سڀ ڪمپنيون مون کي سوچڻ لاءِ پئسا ڏينديون هيون ته جيئن مان پنهنجي ويزن ۽ آئڊيا سان سڄي دنيا ۾ موجود پنهنجن گراهڪن لاءِ بهترين شيءَ پيش ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهان. پر مان اهو سمجهڻ کان قاصر هيس ته اهو سڀ ڪجهه آخرڪئين ٿيندو. ان سلسلي ۾ منهنجي اسپيلبائينڊر ايڏي وڏي مدد ڪئي جو مان اڄ به حيران آهيان. هن مون کي پهرئين ئي سيشن ۾ ٻٽن گردشن جي ڪارڪردگي جي باري ۾ سيکاريو. پوءِ وري مسلسل اهو اصرار ڪندو رهيو ته مان ان تي هڪدم بنا ڪنهن دير جي عمل ڪيان ۽ اهوعمل جاري رکان. پر منهنجا دوستو! خبر ٿو ڇا ٿيو؟ ڇا مان هڪڙي ڏينهن هن سان وڙهي پيس!. منهنجي طبيعت ۾ آرام، ساهه کڻڻ، يا وري ڪو ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ ممڪن نه هيو. وري اڄ اهو حال آهي جو پنهنجي بنيادي عظمت ۽ صلاحيت کي ادا ڪرڻ لاءِ مان آرام ڪيان ٿو”.
عورت ڳاٽو ڌوڻيو، ڄڻ هو سڀ ڪجهه سمجهي رهي آهي. “ جيڪڏهن مان ڪم نه ڪيان ته مون کي تمام گهڻي بيچيني ۽ شرمندگي ٿئي ٿي. ائين لڳي ٿو ڪٿي ڪا شي غلط ٿئي پئي”.
“پنهنجي پاڻ سان محبت لاءِ پنهنجي حفاظت ۽ نگهداشت ضروري آهي”. ارب پتيءَ واضح ڪيو. “ سڄي ڳالهه جيڪا مون کي سمجهه آئي آهي، اها هي آهي ته غيرمعمولي ڪمن لاءِ توازن نهايت ضروري آهي. ڏينهن رات ڪم ڪري مان گهڻو اثرائتو نه بڻجي سگهيو آهيان. ان مان ته مون کي تمام گهڻي ٿڪاوٽ ٿي پيئي ۽ مان بدمزاج بڻجي پيس. ان ڪري هاڻي مان پنهنجي لاءِ وقت ڪڍندو آهيان. ڏينهن جو آرام ڪندو آهيان. پاڻ کي خوراڪ ڏيندو آهيان. جبلن واري سائيڪل هلائيندو آهيان، اهي ڪتاب پڙهندو آهيان. جيڪي منهنجي دل پڙهڻ لاچوندي هئي. بهترين شراب جو مزو وٺندو آهيان. جڏهن مون ان معمول جي شين جو مڪمل بندوبست ڪيو ته منهنجي تخليقي صلاحيت ٻيڻي ٿي ويئي. منهنجي ڪارڪردگي گهڻو وڌي ويئي. مون کي راڪيٽ جي تيزي جيان نتيجا حاصل ٿيڻ لڳا. اها ڳالهه واضح آهي ته مان ڪم گهٽ ڪندو آهيان ۽ مزو وڌيڪ وٺندو آهيان، اڪثر ڪري گهڻو ڪم پورو ڪري وٺندو آهيان”.
پوءِ مسٽر رائليءَ نيري رنگ جي پيڪيٽ ۾ هٿ وڌو ۽ ان مان هڪڙو اڇي رنگ جو ڪپڙو ٻاهر ڇڪي ڪڍيو. جيڪو لڳي پيو ته ڪنهن اسڪونر ڪشتيءَ جي سڙهه مان ڪڍيو ويو هجي. ان تي البرٽ آئنسٽائين جي ڊرائنگ ٺهيل هُئي. جيڪڏهن توهان انگورن جي هن باغ ۾ هجو ها ته توهان کي اهو هيئن نظر اچي ها.
صنعتڪار ان حسين باغ ۾ پنهنجو سبق جاري رکيو. “۽ ها ته دوستو! پنهنجو ميدان، پنهنجي شعبي ۾ سڀني کان اڳتي رکڻ ڪري، مزو وٺڻ ڪري، پاڻ کي بهتر کان بهتر ڪرڻ ڪري ۽ دنيا کي متاثر ڪرڻ ڪري توهان کي بي انتها فائدو ملندو. تاريخ ۾ جيترا به تخليقار ۽ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارا مها ماهر گذريا آهن، ڇا توهان کي خبر آهي انهن سڀني ۾ ڪهڙي گڏيل خاصيت هوندي هُئي”؟
“مهرباني ڪري اسان کي ٻڌايو”، عورت پنهنجن چوڙين کي هٿ هڻندي چيو، جن مان ڇن ڇن جو آواز بلند ٿي رهيو هئو.صبح جي روشني ۾ هن جي شادي جي نئين منڊي به چمڪي رهي هئي. ارب پتي اٿي بيٺو ۽ پنهنجي سيني تي هٿ هڻندي پنهنجي پاڻ سان هنن لفظن جي سرگوشي ڪرڻ لڳو:
اڄ جو ڏينهن يادگار آهي، سڄي دنيا جي دولت به هن ڏينهن کي واپس نه ٿي آڻي سگهي. ان ڪري مون ان کي پنهنجي دل ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي ان جو قدر آهي. اڄ جي ڏينهن مان پنهنجي ذهن کي وڏن خوابن سان ڀري ڇڏيندس ۽ ڪنهن به شڪ کي هتي ٽڪي پوڻ جي اجازت ئي نه ملندي. “مان نه ٿو ڪري سگهان” جي نفسيات جي جاءِ تي “ڪري سگهان ٿو” جو مزاج اختيار ڪندس ۽ مون کي خبر آهي ته منهنجو وڌڻ منهنجي سڀني کان مٿي بلندين جي حدن سان ئي آهي. اڄ جو ڏينهن مان ياد ڪندس جيسيتائين منهنجو مشين منهنجو شوق نه ٿو بڻجي وڃي، منهنجون خوبيون منهنجي سڃاڻپ نه ٿيون بڻجي سگهن ۽ جيسيتائين ٻين جي خدمت جو شوق منهنجي دل ۾ وڌي نه وڃي مان ان وقت تائين ڪيترن ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي قابل نه ٿو ٿي سگهان.
اڄ جي ڏينهن مان واعدو ڪيان ٿو ته مان پنهنجي ڪم سان سچورهندس....ته مان هوائن ۾ نه اڏامان. مون تي تنقيد ڪرڻ وارن ۽ پٿر هڻڻ وارن کي مان همدرديءَ سان جواب ڏيندس ۽ ان جي ورتاءُ کي محبت جي هٿيار سان منهن ڏيندس... ڀلي کڻي اهي ان جا مستحق به نه هجن. مذاق اڏائڻ وارا ڀلي منهنجو مذاق اڏائن ....جئين اهي ننڍپڻ کان ئي مون سان ڪندا آيا آهن...مان انهن جي طرفان مليل پٿرن کي گڏ ڪري، ان مان مهارت جو هڪڙو مجسمو ٺاهيندس. ۽ جيڪڏهن ڪومون کي اجنبي چوندو ....جئين اهي اڪثر ڪري ڪندا رهندا آهن.....ته مان پنهنجي قلب ۾ ڏاهپ سان انهن کي مسڪرائي جواب ڏيندس، ڇو ته عجيب ماڻهو ئي هن دنيا کي مٽائي سگهن ٿا. بلڪ مختلف هئڻ ته تمام بهتر آهي ۽ نرالو هجڻ پڻ هڪڙو وڏي وصف آهي.
اهو تمام گهڻو جذباتي منظر هو. اسٽون رائلي پنهنجي سيني کي مٿي کان هيٺ مهٽي رهيو هو ڄڻ هو پنهنجي دل ۾ چرپر پيدا ڪرڻ چاهيندو هجي. ۽ ان سان گڏ ئي وري پنهنجي شاعري به پڙهي رهيو هيو.
“لفظ تخليقي هوندا آهن، ڇا توهان کي خبر آهي”، هو اٿي بيٺو۽ تازي هوا ۾ ساهه کڻڻ لڳو. “ نه ختم ٿيندڙ سورمن وارا لفظ ڳالهايو. اميدن واري گفتگو ڪيو. قوت وارا جملا ۽ ليڊرشپ جي زبان...۽ تمام گهڻي محبت. مان هر روز صبح جو پنهنجن لفظن کي ٿانيڪو ڪري رکان ٿو.”.
ارب پتيءَ انگورن ڏانهن اشارو ڪيو. “بهرحال”، هن اضافو ڪيو. “سڀئي ذهين ۽ ڏاها ماڻهوتمام گهڻي راند کيڏڻ پسند ڪندا آهن. يعني ان ڪم سان انهن کي عشق هو. هو اها ڳالهه سمجهن پيا ته پنهنجي ڪم ۾ لطف، توانائي، ۽ توجهه جي بحالي جو هڪڙو طريقو آهي، هو پنهنجي آرام ۽ تفريحي سرگرمين جي ذريعي پنهنجي بيٽري کي ريچارج ڪندا هئا. آئنسٽائن Einstein کي ٻيڙي هلائڻ تمام گهڻو پسند هئي. ارسطو Aristotle ۽ چارلس ڊڪنس Charles Dickensروزانو چهل قدمي ڪندا هئا. هاليوڊ جي سپر اسٽار ميري اسٽريپ Meryl Streep سوئيٽر اڻيندي هئي. اسٽيودوزنياڪ Steve Wozniak پوليو کيڏندو هو. بل گيٽس Bill Gates تاش جو ماهر آهي. ڪم کان پري هئڻ جو مطلب اهو ناهي ته وقت ضايع ٿي ويو”. سيٺ اصرار ڪيو. ”اهو لازمي آهي ته ان وقت جي ذريعي توهان هڪڙي قسم جي تنهائي ۾ هليا ٿا وڃو ۽ پنهنجي مستقبل لاءِ نوان نوان خيال حاصل ڪيو ٿا. ان ڪري گهڻي ڪم جي پورائي لاءِ ٿورو ڪم ڪيو. هي ٻٽي ڪارگذاري جي گردش جو نمونو ان جي باري ۾ آهي.”.
“مان سٺ-ڏهه واري طريقي کي چڱي ريت سمجهي ويو آهيان.”، آرٽسٽ به گفتگو ۾ حصو ورتو. “ منهنجي خيال ۾ ان جو مطلب اهو هيو جو هر هفتي ڪجهه ڏينهن ڪم نه ڪرڻ درست آهي”.
“نه صرف درست، پر جيڪڏهن توهان پنهنجي ذهانت جي پنجن اثاثن جي حفاظت ڪرڻ چاهيو ٿا ته ائين ڪرڻ لازمي آهي. توهان کي هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن پورا ڪم کان مڪمل طور تي پري رهڻ گهرجي.Not only okay but necessary to guard your five assets of genius. ان دوران توهان وٽ ڪنهن به قسم جي ٽيڪنالاجي نه هجيZero Device Day . ڪو به اوزار نه هجي.No technology مڪمل بحاليFull recovery ۽ هر چ وٿين حصي ۾ وڌيڪ وقت وٺو/ڪڍو ۽ هر ٽن مهينن ۾ ڪجهه وقت لاءِ مڪمل طور تي الڳ ٿي وڃو. سالن کان وٺي منهنجو اهو روزمرهه جو معمول آهي ته جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ موڪلون ڪندو آهيان. ان دوران مان ٻيڙي هلائيندو آهيان.سائيڪل هلائيندو آهيان، ننڊ ڪندوآهيان، ڪتاب پڙهندو آهيان، ترندو آهيان، دوستن سان کل ڀوڳ ڪندو آهيان ۽ زندگي مان ڀرپور مزو وٺندو آهيان. توهان شايد ايترو گهڻو وقت نه ڪڍي سگهو.پر مان توهان کي ٻڌايان ته هي اهو ئي وقت هوندو آهي جو جڏهن مون کي بهترين خيال، منصوبا ۽ سوچون ملن ٿيون. مان هميشه ڪيترائي هزار ڀيرا تحريڪ ۽ جوش سان گڏ پنهنجي دفتر واپس ايندو آهيان. منهنجي اندر زندگي جي باهه ڀڙڪا پئي ڏيندي آهي.”
هڪڙو ٻيو پوپٽ ويجهڙائي کان اڏامندي لنگهي ويو. انگور جو باغ سرگوشي ڪري رهيو هو ته ڪو معجزو ٿيڻ وارو آهي. سج هاڻي پنهنجي سموري آب ۽ تاب سان چمڪي رهيو هو. آفريڪي آسمان تي هڪڙي ڪنڊ کان چنڊ ليئا پائي نهاري رهيو هو. ڇا ته خوفناڪ منظر هيو. عورت پنهنجي مڙس جو هٿ پڪڙي ورتو.
“ڪيڏونه جادو وارو منظر آهي هي”. ڪاروباري عورت چيو.
مسٽر رائليءَ پنهنجي سائيڪل کنئي ۽ ڪاري رنگ جي راهه تي هلڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڳالهائڻ به جاري رکيو.“دوستو ڇا توهان کي خبر آهي ته زمين تي جنت ڪنهن ماڻهو کي متاثر ڪرڻ ڪو روحاني يا صوفياڻي ڳالهه نه آهي /ٺاهڻ ممڪن آهي؟ بلڪل به نه. اها فقط نيڪوڪارن، فرشتن ۽ ملن لاءِ نعمت ناهي مون کي منهنجي تجربي مان اهو صاف ثابت ٿي مليو ته هر انسان جنت پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي تخليق ڪري سگهي ٿو”.
That Heaven on Earth is a state, that anyone can create.
ارب پتي پنهنجي اڃان به وڌيڪ فلسفي جي خيالن ڏانهن اچي ويو ۽ “ڪم ۽ زندگي” جي وچ ۾ توازن جي سبق جي تفصيل ۾ وڃي هو اهو ٻڌائڻ چاهي پيو ته بهترين ڪارگذاري ۽ خوش زندگيءَ جو وجود ممڪن آهي. ڇو ته پرمسرت دل جي بغير ڪاروبار ۾ ڪاميابي جا موقعا نه ٿا ملن.
Because business victory without a joyful heart misses the opportunity.
“مان پنهنجي زندگي ۾ تمام تمام گهڻو وڌيڪ رحمت محسوس ڪندو آهيان” اسٽون رائلي واضح ڪيو. “مان گهڻو ڪري جادو واري زندگي گذاريندو آهيان”.
“ها، اجا جادو واري زندگي”، ارب پتيءَ توثيق ڪئي. هو هن وقت ٿورو وڌيڪ پراعتماد، پرسڪون ۽ ڏاهو نظر اچي رهيو هو. “ مون اهو سکيو آهي ته روحاني جلا جي بغير ڪامياب ٿيڻ تمام وڏي شڪست جي برابر آهي”.
عورت ۽ آرٽسٽ انگوري باغ تي گڏ ويهي رهيا.
ارب پتيءَ ڳالهه جاري رکي. “هڪڙي پاسي مان هميشه ان جي باري ۾ ڪوشش ڪندو رهندو آهيان ته پنهنجين ڪمپنين کي ترقي ڏيان ۽ پنهنجي تجارتي ڪم کي وڌايان...۽ ان کان وڌيڪ مان اهو به ڏسندو رهيو آهيان ته مان پنهنجي فلاحي ڪمن کي ڪيسيتائين وٺي وڃي سگهان ٿو....جيت جي مزي سان نه ٿئي ته بيڪار آهي...”
“مون کي توهان جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي”، عورت تسليم ڪيو ۽ ان سان گڏ ئي هڪڙو ٽرڪ ڪجهه مزدور کڻي اتان گذريو، جن جي چهرن ته مسڪراهٽ جو راڄ نمايان نظر اچي رهيو هيو.
”هي تمام شاندار صبح آ“، هڪڙي رڙ ڪئي. It’s a great morning!
“مون کي منهنجي ڪم سان تمام گهڻي محبت آهي ۽ منهنجي گهر ۾ جيڪو ڪجهه آهي، سامان، رانديڪا ۽ تمام گهڻو، مون کي ان ۾ تمام گهڻو مزو ٿو اچي. پر مون کي انهن مان ڪنهن به شيءَ جي ضرورت نه آهي. مون کي عالمي سطح تي هڪڙي ڪامياب ڪاروباري جي نالو به مليل آهي. پر، مان ان کي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ استعمال نه ٿو ڪريان. مون پنهنجو اهڙي ڪنهن به قسم جي شي سان ڳانڍاپو نه رکيو آهي. جيئن جيئن مان پوڙهو ٿيندو ٿو وڃان مون کي هن دنيا ۾ تمام گهڻو مزو اچي رهيو آهي. پر اهو سڀ ڪجهه مون کي پنهنجي خوشي ۽ سڪون لاءِ نه کپي.”.
“ مان پنهنجين شين کي پنهنجو ڪيان ٿو، پر اهي مون کي پنهنجو نه ٿيون ڪن/منهنجي ملڪيت ۾ تمام گهڻيون شيون آهن، پر اهي شيون مون کي مالڪ نه ٿيو سمجهن” I own my things but they don’t own me. ، نواب ڳالهه جاري رکي. “ جيتوڻيڪ مان هن دنيا ۾ زندگي گذاريندو رهيو آهيان، پر مون کي گمنامي ۽ رولاڪيون پسند آهن. اها ڳالهه مان ائين ئي نه ڪري رهيو آهي پر حقيقت ۾ ائين ئي آهي. جيئن هن وقت مان فرينشوڪ Franschhoek جي هن ڏورانهن ڳوٺ ۾ ويٺو آهيان. اهڙي ريت مان جاڙن گردشن جي ماڊل تي عمل ڪيان ٿو. مان پنهنجي زندگي مان ڀرپور مزي وٺڻ خاطر وقت ڪڍندو آهيان”.
“۽ جادو”، ارب پتيءَ پکين جي چيهاٽن ڏانهن ڏسندي چيو. ان گهڙي ءِ وڌيڪ پوپٽ به ان گفتگوءَ ۾ شامل ٿي ويا. “ اي منهنجا رب! زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي. ان کي خير آفيت ۽ حيرت انگيزي کان محروم نه ڪيو. هي سڀ توهان لاءِ آهي. توهان ڪجهه به ڪندا هجو، ان مان مزو وٺي سگهو ٿا. ڏسو، اسان سڀني وٽ ڪجهه وقت آهي. زندگي ڪيڏي نه تيزي سان گذري وڃي ٿي. توهان ٻنهين کي خبر ئي نه پوندي ته ڪيڏو نه جلدي توهان ٻيئي پوڙها ٿي ويندو، سوين پوٽن کي پيا گهمائيندا وتندو، ممڪن آهي. هن کلندي چيو.
“بهرحال”، مسٽر رائليءَ سرگوشي ۾ چيو،“ يوٽوپيا Utopia، شنگريلا Shangri-la، نروانا Nirvana ، ۽ زميني جنتHeaven on Earth...اهي سڀ نالا ڪنهن خاص مقام يا جڳهه جا ناهن، پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي پنهنجي پاڻ جي ٿيئڻ جي ڪيفيت جا مختلف نالا آهن. توهان زندگي جي جادو ۽ فوري رحمت ‏۾ داخل ٿيو ٿا، روزانو هڪدفعو پنهنجي من ۾ ٽٻي هڻي اندر ۾ لڪل قوتن ۽ مهارتن جي پوڄا ڪيو ۽ جڏهن توهان روزانو جي ننڍڙين ننڍڙين نعمتن جي ٿورائتي ٿيڻ تي نظر نه وجهندو ته توهان زندگي ۾ ڪنهن جادوگر جيان جادوئي شين جي ڪوشش ڪرڻ لڳندو”.
“ارب پتي ان وقت ڪنهن ڪجهه پراسراريت واريون ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو”، عورت جواب ڏنو.
”زمين جي جنت“،Heaven on Earth صنعتڪار چيو. ”ڇا توهان کي خبر آهي ته منهنجي زندگي ۾ اڪثر ڪري هڪڙو خوبصورت وهڪرو آهي. ۽ ان جو منهنجي دولت سان ڪو به واسطو ڪونهي. ان جو وڏو تعلق ننڍي کان ننڍي شي ۾ مزو تلاش ڪرڻ آهي. مثال جي طور ڪالهه شام جو جهڙي ريت منهنجي اندر ۾ باهه ڀڙڪي ۽ منهنجي اندر ۾ چرپر پيدا ٿي، ائين ان ڪري آهي جو مان پنهنجو گهڻو وقت فطرت ۾ گذاريندو آهيان. ڀلي کڻي پوءِ اهڙن انگورن جي باغ ۾ رهان، يا وري جهنگل ۾ گهمان ڦران يا وري جبل تي سائيڪل هلايان”. هن چيو. ”اهڙي ريت مان پنهنجي پاڻ کي هن زبردست جبلت سان ڳنڍيندو آهيان ۽ هم آهنگ ٿيندو آهيان. جيڪو هر انسان جي اندر ۾ موجود آهي ۽ ان جو سبب ذهين ۽ ڪامياب ماڻهو پنهنجو مائنڊ سيٽ mind set ، هارٽ سيٽheart set ، هيلٿ سيٽ health set ۽ سول سيٽ soul set کي ڌڪو ڏين ٿا. ان جو تعلق تازن کاڌن سان آهي، جيڪي سادگي سان تيار ڪيا ويا هجن. ان جو تعلق حقيقي، پُرمغز، تخليقي ۽ غمگسار سان ميل ملاقات آهي، جنهن سان ملي ڪري سٺو ٿو لڳي. ان جادوئي زندگي ۾ داخلي ڪيفيتين جو طريقو، پنهنجي ماضيءَ کي خيرآباد ڪرڻ، حال کي گلي لڳائڻ، ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي تصور، معصوميت ۽ محبت کي واپس آڻڻو آهي. بالغ ۽ وڏا ماڻهو بگڙيل ٻار هوندا آهنAdults are deteriorated children جڏهن توهان پنهنجي دل ۾ موجود جرئت ۽ ذهانت کي ٻيهر ميڙڻ شروع ڪندا آهيو ته توهان کي زمين تي جنت نظر ايندي آهي. جيئن توهان جي ننڍپڻ ۾ توهان سان ٿيندو هيو“.
”پڪاسوءَ Picasso هڪڙي دفعي چيو هو ته ”رافيل Raphael جيان کي پينٽ ڪرڻ ۾ مون کي چار سال لڳا، پر هڪڙي ٻار جيان نقش ڪڍڻ لاءِ سڄي حياتي کپي“.It took me four years to paint like Raphael, but a lifetime to paint like a child آرٽسٽ جوشيلي لهجي ۾ پنهنجي ڳالهه کي جاري رکيو. ”مان ان ڳالهه سان اتفاق ڪيان ٿو ته پنهنجي اندر ننڍپڻ جي معصوميت آڻي اسان پنهنجين زندگين ۾ جادو جڳائي سگهون ٿا“.
I’d agree that getting back to being more innocent brings the magic back to our lives.
ارب پتي بيهي ويو. هن پنهنجي بائيڪ بيهاري، پنهنجن ٻنهي شاگردن کي اشارو ڪندي باغ ۾ لڳل هڪڙي ڪاري رنگ جي لوهي تختي کي ڏسڻ لڳو. اسٽون رائلي گوڏا کوڙي هلي رهيو هو. عورت ۽ آرٽسٽ ڏٺو ته هن تي هڪڙو نئون لرننگ ماڊل موجود هيو .جيڪو ڪجهه هن ريت هيو.
Joy as a GPS
”جادو“، ارب پتي گم ٿيل پر پوءِ وري ڪنهن فوجي جوان جيان سڌو بيهي رهيو. هاڻي هن جون اکيون بند هيون. هن جا گهاٽا وار هوا ۾ هلڪو هلڪو لڏي رهيا هئا. جئين ئي هُن پنهنجو هڪڙو هٿ دل ۾ رکيو، وڌيڪ ڪبوتر نظر اچڻ لڳا.
”مان اڄڪلهه تمام گهڻي هوا کائي رهيو آهيان. توهان کي نعمتن جو احساس تڏهن ٿيندو، جڏهن اهي توهان وٽ نه هونديون. جئين مون چيو هو ته زندگي ۾ تمام گهڻو /وڏو جادو آهي. اها شيءَ توهان جي سامهون موجود آهي ۽ هر ڪنهن لاءِ دستياب آهي. اسان سڀ پنهنجي سوچ سان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جادوگر بڻجي سگهون ٿا. پر، ان جو حقيقي تجربو ڪرڻ لاءِ جئين مان توهان کي چئي رهيو آهيان، ان ڪري توهان کي دنيا کي تمام گهڻو ڪجهه ڏيئي وڃڻو آهي. ان ڪري توهان دنيا کي ڪڏهن به پنهنجو نه ٿا ڪري سگهو. ڇو ته هن دنيا ۾ گهڻو ڪري اڪثر ماڻهو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن. اهو سڀ سراب آهي... جيئن ننڊ ۾ خواب... ۽ ائين هر صبح جو دنيا جا اڪثر انسان دولت کي مقصد تي money over meaning، منافعي کي ماڻهن تيprofits over people ، شهرت کي وقار تي Popularity over integrity، مصروفيتن کي خاندان تيbeing busy over family ، فتحن کي موجوده بنيادي نعمتن جي چاهت تي achievement over loving the basic miracles of the now ترجيح ڏيندا آهن“.
ارب پتيءَ پنهنجيون اکيون بند ئي رکيون. پوءِ هن پنهنجا ٻئي هٿ آسمان ڏانهن مٿي ڪيا، جئين هو اڪثر ڪندو هيو.
”توهان پنهنجي ”جي پي ايس (GPS) کي استعمال ڪندي، هن جادوئي دنيا ۾ داخل ٿي سگهو ٿا“. ارب پتيءَ انڪشاف ڪيو ۽ ان لمحي هن واريءَ تي هي خاڪو ٺاهي ڇڏيو. ”خوشي جي وڌندڙ مقدار کي ڄاڻڻ جي لاءِ، ان تي ڀروسو ڪيو، جنهن سان توهان کي خوشي ملندي هجي. توهان جي دل کي خبر آهي ته توهان کي ڪٿي هجڻ گهرجي. توهان جي دل توهان جي مٿي کان وڌيڪ سڄاڻ آهي. توهان جي جبلت توهان جي علم سان ڄاڻي ٿي ۽ توهان جو وجدان توهان جي توجهه کان به وڌيڪ ذهين آهي. اسان جي ذهانت ته انهن شين سان ٺهي ٿي، جيڪا اسان پنهنجي ارد گرد کان سکندا آهيون. اهو محدود آهي. ان جي پهچ ان عقلي شين تائين آهي، جيڪي اڳ ۾ ٿي چڪيون آهن. پر توهان جو حاڪم اعليٰ توهان کان وڌيڪ بهتر ڄاڻي ٿو. اهو پاسيبليٽيز تي عمل ڪري ٿو، نه ئي وري عملن تي.هو نظر کان به پري ڏسي سگهي ٿو، اهو لامحدود آهي“. It’s unlimited
”مون کي توهان جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي” ڪاروباري عورت چيو.
”پاڻ کي سڪون بخشي، ان جي پوئواري ڪيو، پنهنج دل جي ڳالهه ٻڌو“. مسٽر رائلي هدايت ڪئي. ”صرف انهن ئي ماڻهن کي پنهنجي اردگرد گڏ ڪيو، جنهن جي ڪمپني مان توهان کي سٺو لڳندو هجي. صرف انهن جاين تي وڃو جتي وڃڻ سان زندگي جو احساس ٿئي. ڏسو! مون کي خبر آهي ته ان ماڊل تي عمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. البته ان فريم ورڪ کي توهان اڳتي وڌڻ لاءِ هڪڙي مثالي نموني جي طور استعمال ڪيو. ائين جئين ته مون توهان کي هن کان اڳ ۾ جيڪو ڪجهه پڙهايو، ان سڀني شين جيان هي خاڪو به هڪ مسلسل عمل آهي... ڪو به هڪڙو واقعو ناهي. ان تي وقت لڳندو. هن ماڊل جي شعور سان شروعات ڪيو ۽ پوءِ وري پنهنجي لطف کي پنهنجو جي پي ايس ٿيڻ ڏيو“.
ارب پتيءَ پنهنجي جابلو سائيڪل هلڻ شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي پنهنجن شاگردن کي به پنهنجي پويان اچڻ لاءِ چيو.
”واهه اهو جادو جيڪو زندگي جي جوهر ۾ آهي. مون کي تمام گهڻو پسند آهي. مون وٽ جيڪي به مادي شيون آهن، انهن سڀني کان وڌيڪ ان مان ئي مون کي اطمينان ۽ سڪون ملندو آهي ۽ اها هي آهي ته ڪامياب ٿيڻ ۽ روحاني سوچ رکڻ جي وچ ۾ توازن جي اهميت”
ارب پتي پنهنجا مُٺ زور سان ڀڪوڙي ڇڏيا. ائين لڳي پيو ته هي اڃان تائين شديد درد برداشت ڪري رهيو آهي. پوءِ هن آهستي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ” توهان جي دل هميشه توهان جي دماغ کان وڌيڪ عقلمند هوندو آهي. هن کي خبر هوندي آهي ته توهان کي ڪٿي هجڻ کپي. ان جي پيروي ڪيو. ان جي پٺيان هلو. توهان کي جادو هٿ لڳي ويندو“.
ارب پتيءَ تيزيءَ سان هڪڙو اشارو ڪيو ۽ هن جي پٺيان بيٺل عملي مان هڪڙو ماڻهو هن ڏي ڀڄندو آيو. ان ارب پتي کي چانديءَ جو ٿالهه هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. سيٺ خوشي مان زمين کي کوٽڻ شروع ڪيو. جلدي ئي ڪنهن شي جي وڄڻ جوآ واز اچڻ لڳو جيئن ڪو لوهه ڪنهن لوهه سان ٽڪرايو هجي. مسٽر رائلي گوڏا کوڙي ويهي رهيو ۽ هڪ فولادي ڊٻي ۾ واري ڀرڻ شروع ڪئي. جيڪو زمين تي رکيل هيو. ائين ڪندي هو مقامي گانو به گنگنائي رهيو هيو. هن کي گنگنائيندي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو هڪڙو عجيب تجربو ٿي رهيو هو.
ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ حيرت ۾ پئجي ويا. ڊٻيءَ کي وڏي احتياط سان کوليو ويو. ان جي اندر يارنهن دلڪش پُتلا هيا. سڀ ئي هڪڙي ئي سانچي ۾ ٺهيل هئا. ان وقت سج جي روشني ارب پتيءَ جي منهن تي پئجي رهي هُئي. جنهن جي ڪري هن تي هڪڙي قسم جونشان ٺهي رهيو هو.
”مان هن جو هڪڙو حصو آهيان“، ارب پتيءَ پاڻ سان مخاطب ٿيندي چيو. ”ڪائنات جي عظيم قوت منهنجي اندر ۾ آهي ۽ متحرڪ يقينactive faith ، اثباتpositivity ، اميدexpectancy ۽ مقصدpurposeful conviction مون سان گڏ آهن ۽ جيڪڏهن ڪا شي منهنجي خواهش جي مطابق نه ٿي هجي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان کان به وڌيڪ بهتر مون کي ملڻ وارو آهي. مون کي خبر آهي ته يقين سچو آهي. هر جادوگر کي اها خبر آهي“. I know this belief to be true. All wizards know it to be true.
عورت ۽ آرٽسٽ هڪٻئي کي گهورڻ لڳا. انهن جون اکيون کليل رهجي ويون. آرٽسٽ پڇيو،” توهان ڇا پيا ڪيو“؟
”مان پنهنجو منتر پڙهي رهيو آهيان.“،I’m using one of my incantations ارب پتيءَ جو جواب هيو. هن ان کان پوءِ وڌيڪ ڪجهه جملا وڌايا، ”توهان ان وقت تائين پنهنجي زندگيءَ ۾ جادو نه ٿا آڻي سگهو، جيسيتائين توهان حقيقي جادوگر جو تابناڪ فن سکي نه ٿا وٺو“.
اوچتو دٻو مٿي ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ وري هڪ لمحي لاءِ مٽيءَ تي ڍير ٿي ويو. عورت ۽ آرٽسٽ ٻنهين جا وات ائين پٽِجي ويا جيئن بهار جي موسم ۾ گلاب جو گل ٽڙندو آهي..
آرٽسٽ ٿورو گهٻرائجي ويو/پريشان ٿيو ۽ چيو ”توهان کي ڪنهن ”فريب نظري“ (Optical illusion ) جو فن سيکاريو آهي، صحيح آ؟“.
“ها، ائين ٿي به سگهي ٿو .... ۽ نه به” مسٽر رائليءَ جي جواب پراسراريت کي اڃان به وڌائي ڇڏيو.
“هي يارنهن جادو وارا پُتلا، توهان کي يارنهن قول ياد ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. جيڪي مان گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي معاشي حيثيت کي بهتر بنائڻ ۽ مطمئن زندگي گذارڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهيان. جيئن ته مان چئي چڪوآهيان ته منهنجي روزاني زندگي ۾ مون کي مسلسل سونهن، روبدار عزت/ احترام سان گڏحيرت به ملندي رهي ٿي “. مان توهان ٻنهين کان اهو چاهيان ٿو ته توهان به اهڙي ئي زندگي گذاريو. هي اهو ڪم آهي جيڪو هر شخص پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪري سگهي ٿو. پر زمين جي ٽڪري تي تمام گهٽ زنده ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي ائين ڪن ٿا”.
“هر پتلي سان گڏ هڪڙو خط آهي جيڪو بنيادي ۽ اهم موضوع کي اڳتي وڌائيندو آهي، جيڪو اسان ابتدا کان اڄ ڏينهن تائين هن حيران ڪندڙ ايڊوينچر جي دوران سکندا رهيا آهيون ۽ ائين توهان کي هن سفر جي پڄاڻي تي ڪجهه پنهنجا سبق به ملي ويندا. “مغل چيو.
پهريون پتلو ننڍڙو آئينو آهي. ان سان گڏ هڪڙو خط به لڳايل هو. ان ۾ هي ڳالهه لکيل هئي:
The Billionaire’s Maxim # 1
ارب پتيءَ جو پهريون قول
دنيا ۾ جادوجڳائڻ لاءِ اول پنهنجي اندرجي جادوءَ جا مالڪ بڻجو؛
To create Magic in the world, own the magic within yourself.
آئيني ۾ ڏسو. توهان جو پاڻ سان تعلق دنيا جي تعلق جي عڪاسي ڪري ٿو. ياد رکو ته توهان جي اندر جبري خاموشي ۽ خلوت جو لاڙو موجود آهي... ۽ ان سڪون واري حالت ۾ خود آگهي/ خود شناسي Self-awareness پروان چڙهي ٿي. فرانسيسي رياضي دان بليز پاسڪلBlaise Pascal لکيو آهي، “ انسان جو ڪمري ۾ خاموشيءَ سان اڪيلو ٿي ويهي رهڻ ئي سڀني مسئلن جو جڙ آهي، ڇو ته پيچيدگي جي گهرائي کي ڇڏي ڏيڻ ۽ سڪوت ۾ ٽٻي ڏيڻ صرف صبح جي وقت ئي ممڪن آهي ۽ ائين ئي توهان پاڻ ٻيهر ڄاڻڻ شروع ڪري ڇڏيو ٿا. ڇو ته خلوت کان فرار اصل ۾ پنهنجي آزادي کان فراريت آهي. Because a flight from solitude really is an escape from freedom.
هرروز پنهنجي زندگيءَ ۾ جادوگر ٿيڻ لاءِ، توهان جي زندگيءَ صبر، گهڻي جنون، شوق، فراواني ۽ سڪون سان ڀريل هئڻ گهرجي. پرسڪون ڪيفيت ۾ توهان ياد ڪري سگهو ٿا ته واقعي ئي توهان ڇا آهيو. توهان ٻيهر پنهنجي عظيم تر ذات supreme self ، وسعت تخليقيتabundant with creativity ، توانائي potency ۽ غير مشروت محبت a love that has no conditions تائين رسائي حاصل ڪري ويندو. خاموشي جي ان مرحلي ۾ توهان کي اهو سڀ ڪجهه ملي ويندوجيڪو توهان جي دور ۾ ناپيد ٿي چڪو آهي. پنهنجي بڻجڻ جو وقت ۽ توهان جيترو گهڻو ڪندو، اوترو ئي توهان کي خبر پوندي ته هي زندگي ڪئين ڪم ڪري ٿي. توهان پنهنجي ڪلچر جي پيدا ڪيل يقينن ۽ حقيقي سچ جي وچ ۾ فرق ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. توهان پنهنجي وجدان جي قابل اعتماد آواز ۽ خوفن جي چوڻ جي وچ ۾ تميز ڪري سگهندو. خلوت جي دوران توهان پنهنجي اها پرک به ڪري سگهندا جيڪا توهان جي شعبي، توهان جي ڪريئير کي بدلائي سگهي. مون کي خبر آهي ته توهان کي ڳالهه ٿوري عجيب به لڳندي پر ان جي بدلي ۾ اها حقيقت حاصل ڪري سگهندو، جيڪو نڪولاٽيسلان Nikola Tesla ، آئن سٽائنAlbert Einstein ، گريس هوپرGrace Hopper، ٿامس ايڊيسن Thomas Edison ، جان ڊي راڪي فيليرJohn D. Rockefeller ، ماري ڪيوريMarie Curie ، اينڊريوڪارنيڪيAndrew Carnegie ، Katharine Grahamڪيٿرائين گرهام، اسٽيو جابس Sam Walton, Rosaline, Franklin, and Steve jobs ۽ ٻين ماڻهن وڏو وقت لڳائي حاصل ڪئي. توهان اهو ڇو نه ٿا سوچيو ته دنيا جا ڏاها سائنسدان، صنعتڪار ۽ فنڪار پاڻ کي تنها رکڻ جي ايتري ڪوشش ڇو ٿا ڪن؟. مان توهان سان اها ڳالهه اڳ ۾ به ڪري چڪو آهيان ته گوڙ گمسان کان پري، خاموش جڳهه تي گهڻو وقت گذارڻ، ترقي يافته ذهنن جو هڪ وڏو راز آهي. ڪجهه به هجي، توهان ئي اهي واحد فرد آهيو جنهن سان توهان کي سڄي زندگي گذارڻي آهي. ته پوءِ پاڻ سان، پنهنجا تعلقات مضبوط ڇو نه ٿا ڪيو. ته جيئن توهان پنهنجي ذهانت کي مڪمل طور تي ڄاڻي سگهو ۽ پنهنجي جبلت ۽ فطرت سان محبت ڪندي، پنهنجي زندگي جئيو.

ٻيو پتلو گل جي شڪل ۾ هيو. ارب پتيءَ ان جي خوشبو سنگهي. پوءِ هن مسڪرائيندي ان سان چهٽيل خط پنهنجن ٻنهي شاگردن جي حوالي ڪري ڇڏيا ته جيئن اهي ان کي ڏسي ۽ پڙهي سگهن.
The Billionaire’s Maxim # 2
ارب پتيءَ جو ٻيو قول
مادي شين جي مقابلي ۾ جادوئي تجربا گڏ ڪيو!
Collect miraculous experiences over material things.
هن دُنيا توهان تي تمام وڏا بار وجهي توهان جي زندگي ڏکي ڪري ڇڏي آهي. ٻار جي حيثيت سان توهان برف جا گولا، ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڀاڳ تلاش ڪرڻ ۽ خزان جي موسم ۾ صبح جو وڻن تان ڪرندڙ پنن سان پيار ڪرڻ جيان آهيو. اها ڳولها انهن شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه هئي. ان جو مطلب زندگيءَ جي تلاش هئي. توهان جو نقطه نظر اهو هيو ته انهن شين کي ڏسي ڪري اهڙي ئي قسم جو ٻيون جادو واريون شيون تيار ڪيون وڃن. پر، توهان جي جواني کان اڳ ۾ هن معاشري توهان جي خلوص کي توهان کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو ۽ لطف، خوشيءَ جي جاءِ تي شين ۽ پيسي جي اهميت سيکاري. ان ڪري، مهرباني ڪري گهڻو کلو، خوشي ملهايو ۽ گهڻي راند ڪيو.
“مستقبل پراسرار نتيجن جو ضامن آهي. رات پيٽ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو”. اها ڳالهه فلورنس اسڪوولFlorence Scovel Shinn شين چئي آهي. انهن حيرانين کي ڀليڪار چئوجيڪي توهان وٽ ڏينهن جو اينديون آهن”. ٿڌي هوا، باغ ۾ هڪ ٻئي جي پٺيان ڊڪندڙ نوريئڙا ۽ موسيقي جيڪا ايڏي ته بهترين شي آهي جو توهان جي دل کي باغ وبهار ڪري ٿي ڇڏي. جڏهن توهان پنهنجي بنيادي قوتن کي تمام گهڻو مضبوط ڪندو ته توهان جي صبح ۾ وڌيڪ جادو ايندو۽ توهان وڌيڪ وقار سان جيئڻ جي قابل هوندو. پنهنجي سالياني آمدني ۽ سڀني قيمتي اثاثن ۾ گهڻائي جي ڪري پنهنجي صحت ۽ زندگي جي معيارجي قرباني نه ڏيو. واضح عظيم الشان زندگي صدين کان ئي هڪڙي رهي آهي. اهو احساس ته توهان ترقي ڪري رهيا آهيو ۽ پنهنجي ڪاروبار ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيو؛ اها محنت جنهن مان توهان کي شاندار ڪارڪردگي ملي، جيڪا انسانيت لاءِ به فائدمند هجي، مثبت ماڻهن سان پڪو تعلق جوڙيو، جنهن سان ملي خوشيءَ جو احساس ٿئي ۽ اهو وقت جنهن ۾ توهان جي روح کي جلا ملڻ سان گڏو گڏ توهان جي قلب کي به قرار واري تقويت ملي.
ها مان روم ۾ پنهنجو جرنل چٽيو هو. هي منهنجو هڪڙو خاص طريقو آهي، جنهن جي ذريعي مان ان ڳالهه جو اظهار ڪيان ٿو ته مون وٽ جيڪي نعمتون آهن ان جي ڪري ئي مان زنده آهيان ۽ مان انهن مڙني نعمتن جو ٿورائتو به آهيان. منهنجي زندگي ۾ جيڪي به شيون آهن مان انهن جي جيتري گهڻي قدر ڪيان ٿو، ايترو وڌيڪ منهنجي زندگي ۾ انهن شين جي اهميت وڌيندي وڃي ٿي.
ان ڪري مادي شين جي خريدار ٿيڻ جي بجاءِ، زندگي جي زبردست ۽ حسين تجربن کي گڏ ڪيو. زندگيءَ کي سادو ڪيو ۽ انهن بنيادي خوشين ۽ مزي ڏانهن موٽي اچو، جيڪي بلڪل توهان جي اکين جي اڳيان پيون آهن. جيئن ئي توهان ائين ڪندو، توهان انهن قوتن کي زير ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو، جيڪي توهان جي اندر جي باهه ۽ تڙپ کي دٻائي ويٺيون هونديون آهن. پوءِ اسان مان ڪيترن جا روح اتي ئي ڄمي ويندا آهن. جڏهن توهان اهو سلسلو جاري رکندو ته توهان کي اندازو ٿيندو ته توهان جي زندگي ڪيترين شڪايتن سان ڀريل آهي.
۽ خدارا اهو به ياد رکو ته توهان جو ماضي توهان جو خادم آهي. جيڪو توهان کي اهو ٿيڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جيڪو توهان اڄ آهيو...اهو توهان جو ساٿي ناهي جو توهان جي حال سان گڏ توهان جو گهڻو وقت ضايع ڪري يا وري توهان جو دوست به ناهي جيڪو توهان جي بي داغ مستقبل تائين توهانکي هٿ مان جهلي وٺي هلي پهچائي. جيڪڏهن توهان پنهنجي زندگي جي انهن حصن کي سيني سان لڳائي ويٺا آهيو جنهن سبب جي ڪري توهان جي اندر پراڻي مايوسيold disappointments ، ناراضگيون Resentments ۽ Hurts محروميون پيدا ٿين ٿيون.... ته توهان لاءِ ممڪن نه آهي جو توهان هر صبح جو جادوئي دنيا ۾ داخل ٿي وڃو. اها ڳالهه هاڻي توهان پاڻ چڱي طرح ڄاڻو ٿا.
لطيف قلبي (Light-heart ness) ۽ وري پراڻو درد/ڪرڀ هڪٻئي سان گڏ نه ٿا هلي سگهن. ان ڪري، پنهنجي تربيت اهڙي ريت ڪيو جو توهان مڪمل طور تي پاڻ کي ان لمحي لاءِ قابل ۽ تيار هجو. جي ها، ان لاءِ محنت ۽ صبر جي ضرورت آهي. البته ان جو ذائقو چکڻ ان بهترين زندگي ڏانهن پهريون قدم هوندو آهي. هي ئي اهو وقت آهي جو توهان وٽ سڀجڪهه آهي ۽ هي ئي اهو سرمايو آهي جو دنيا جي سڄي دولت گڏ ڪري به توهان ان کي ٻيهر نه ٿا حاصل ڪري سگهو. هڪڙي ڏينهن، توهان پاڻ ڏسندو.

ٽيئن پتلي جي نشاني هڪڙي دروازي جي شڪل جهڙي هئي.
“هر پڄاڻي سان گڏ هڪڙي شروعات ٿئي ٿي. اسان جيڪي به تجربا ڪندا آهيون انهن جي پٺيان هڪڙو مددگار سبب بڻيل هوندو آهي ۽ جڏهن هڪڙو دروازو بند ٿيندو آهي ته ٻيو دروازو هميشه کُلي پوندو آهي”. ارب پتيءَ توجهه ڏياري. “هميشه ان تي ڀروسو رکو ته زندگي توهان جي پشت پناهه آهي...کڻي ڪنهن واقعي جي ڪا تُڪ ئي نه ٺهندي هجي، تڏهن به ان سان چنبڙيل رهو“، خط تي هي تحرير هئي.

The Billionaire’s Maxim # 3
ارب پتيءَ جو ٽيون قول
ناڪامي بي خوفي پيدا ڪندي آهي!
Failure inflates fearlessness

جي ڪي رولنگ جو قول آهي: “اهو ناممڪن آهي ته توهان ڪو به ڪم نه ڪيو ۽ زندگي گذاريو، يا ائين ئي زندگي گذاريو، سواءِ ان جي جو توهان ايتري ته احتياط سان زندگي گذاريو جو ڄڻ ته توهان زندگي گذاري ئي نه هجي...
جيڪڏهن توهان اهو سوچيندا رهندو ته “ ماڻهو الائي ڇا چوندا”What would people think?؟ يا وري مان ناڪام ٿي ويس ته ...what if I get rejected?”؟ يا وري ائين ڪرڻ سان مان بي تڪو لڳندس.I’ll probably look silly if I try this”..” ته توهان جي اندر موجود جن ٻين خوابن جي سورمن جو ساهه گهٽجي ويندو ۽ اهي مري ويندا. توهان تنقيد ۽ ترديد جي خوف کان پاڻ کي معذور ڪري سگهو ٿا يا وري پنهنجي خول کان ٻاهر نڪري دنيا کي حيرت ۾ وجهي سگهو ٿا...ٻيئي اختيار توهان وٽ آهن. البته اهي ٻيئي ڪم توهان هڪڙي وقت نه ٿا ڪري سگهو. زندگي جي هي هڪ وڏي حقيقت آهي ته توهان جي سامهون ڪو مقصد هجي يا ڪو افضل منزل هجي. جيڪا ان پيچيده دنيا ۾ توهان جي ڌيان لاءِ تڙپي پئي. پنهنجي عظمت کي زوري دٻائي ويهڻ ۽ ان جي شڪل کي مٽائي ڇڏڻ ڇڏي ڏيو. پنهنجي شخصيت جي جادو کي برو ڀلو چوڻ ڇڏي ڏيو، اسان سڀني کي خبر آهي ته هر نظر ايندڙ رڪاوٽ/ناڪامي جي اندر عظيم ڪاميابي جا موقعا لڪل هوندا آهن.
ان ڪري، زندگي ۾ جيڪو ڪجهه آهي، ان کي ”ڀليڪار چوڻ“/ها ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. مايوسين جي فوج کي شڪست ڏيڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ اثرائتو هٿيار جرئت آهي.
اڳيون جادوئي چاهه اهو آهي ته ڪاٺ جو هڪڙو پينٽ برش آهي، جنهن جو قد آڱر جي برابر آهي. مسٽر رائليءَ احتياط سان ان برش کي لوهي ڊٻي مان مٿي کڻي ٻاهر ڪڍيو.
استاد پنهنجو اڳيون خط پنهنجن شاگردن جي حوالي ڪندي چيو، “هي توهان کي ان ڳالهه جي يادگيري ڏياريندو ته توهان پنهنجي زندگي کي ترتيب ڏيڻ ۾ چڱي مهارت رکي سگهو ۽ توهان جي چاهت جي چوڌاري هڪ ديو جيڏي فنڪار جو بسيرو هجي. هي تمام وڏو ڪوڙ آهي ته اعليٰ ڪارڪردگي وارا، خوشحال، تندرست ۽ اميدپرست ماڻهو تمام گهڻا خوش قسمت هوندا آهن. مان توهان کي اهو نڪتو سمجهائڻ لاءِ پنهنجي وقت جي ڪيڏ نه سيڙپڪاري ڪري چڪو آهيان/ڪيترائي ڀيرا سمجهائي چڪو آهيان ۽ اهو خيال ته دنيا جي ڪامياب ۽ امير ماڻهن کي ايترو پئسو، توانائي، شهرت ۽ مشهوري ملي جو انهن جي ستارن جون چالون، تمام گهڻيون شاندار آهن. مهرباني ڪري هيڏي ڏسو. ”ارب پتيءَ شڪل سان گڏ سلهاڙيل خط ٻنهين جي حوالي ڪندي چيو“.


The Billionaire’s Maxim # 4
ارب پتيءَ جو چوٿون قول
پنهنجي بنيادي قوتن جو درست استعمال جي ڪري ۽ توهان جو پنهنجو ذاتي خيال ئي دنيا جي خوبصورت شين کي تخليق ڪرڻ جو ڪارڻ آهي!
ڪيترائي انسان پنهنجي ڏينهن جا بهترين ڪلاڪ اطمينان جي تلاش ۾ گذاري ڇڏيندا آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته اهي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ۽ چون ٿا ته اهي خوش آهن. پر حقيقت اها هوندي آهي ته اهي اداس جي ڄار ۾ ڦاٿل هوندا آهن. اهي ان حقيقتن کي نظر انداز ڪري ڇڏين ٿا ۽ اهي سمجهن ٿا ته انهن پنهنجن خوابن سان ڌوڪو ڪيو آهي/ مطلب ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. هي اها حقيقت ڄاڻي وڃن ٿا ته انهن پنهنجن خوابن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجن انساني خزانن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو اٿن ۽ پاڻ کي وري اهو چئي دنيا جي بهتري جي جذبي سان سرشار ٿيا ته انهن وٽ جيڪو ڪجهه آهي/توهان وٽ جيڪو ڪجهه آهي، ان تي تمام گهڻو شڪر ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي/ڪيو ۽ ان سان گڏ پڻ اهڙن ماڻهن تي غور ڪيو جيڪي پنهنجين پيدائشي ۽ موروثي خوبين کي هڪ نظر سان ئي نظر انداز ۽ مسترد ڪري پاڻ کي مردار ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ نتيجو اهو هوندو آهي جو اهي پنهنجي شخصي آزادي جي احساس ۽ خودمختياري جي اميد کان محروم ٿي وڃن ٿا.
پنهنجي زندگي جي جادو ءِ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ توهان کي انهن چار تخليقي اوزارن کان واقف ٿيڻو پوندو.جيڪو توهان جي خواهشن کي ظاهري ۽ مادي نتيجن ۾ مٽائي ڇڏين ٿا. اهي چار وسيلا جيڪي توهان جي دنيا ۾ مادي اعتبار کان معجزاتي حيثيت سان رکن ٿا. توهان جا خيال، توهان جا احساس، توهان جا الفاظ ۽ توهان جا افعال ئي آهن. صرف انهن ئي خيالن ۾ سوچڻ جي مشق ڪيو جن مان توهان کي مهارت ۽ خوشي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. باقائدگي سان شڪر، مثبت اميد ۽ سڀني سان محبت جي احساسن سان ئي ويهو. صرف اهي ئي لفظ ڳالهايو جن مان ماڻهانپ ملي، وسعت ۽ ڪشادگي ۾ اضافو ٿيندو هجي. جئين توهان مون کي ڏٺو هوندو ته جڏهن مان اداس ٿيندو آهيان ته ائين ئي ڪندو آهيان ۽ صرف اهوئي ڪم ڪيوجيڪو توهان جي اندر ۾ بنيادي طور تي قوت بخشڻ جهڙا هجن.
اهڙن شخصيتن جو مطالعو ڪيو، جيڪي پنهنجي پوشيده مهارتن سان گڏ ننڍي راند کيڏي رهيا آهن. توهان کي خبر پئجي ويندي ته اهي ايڏي مشڪل ۾ ڇو آهن. اهي پنهنجي سوچ جي ذريعي محتاط ٿيڻ جي بجاءِ صرف قلت تي ئي توجهه ڏين ٿا. اهي پنهنجي حالتن کي “مشڪل” قرار ڏين ٿا ۽ ٻين وٽ جيڪا ڪاميابي، مالي دولت، اطمينان ۽ توانائي آهي، انهن کي “ناممڪن” قرار ڏين ٿا. اهڙي قسم جا ماڻهو اهو سمجهڻ کان قاصر هوندا آهن ته ڇا اها خود هنن جي پنهنجي زبان آهي جيڪا پاڻ انهن کي پنهنجي زندگي ۾ جادو جڳائڻ کان روڪي ڇڏي ٿي. لفظ وڏا خالق هوندا آهن. روزاني جي سطح تي، اهي سخت محنت ۽ مشقت نه ٿا ڪن، بلڪ جيترو گهٽ ممڪن هجي، ان تي گذارو ڪن ٿا ۽ ان سان گڏ وري خوبصورت زندگي جي اميد پڻ رکن ٿا. اهي سمجهندا آهن ته ڪو به انهن جي ان جرم کي نه ڏسندو، جيڪو اهي انسانيت سان ڪري رهيا آهن. جڏهن ته “وڏا جادوگر”.... پنهنجي شعور ۽ لاشعور ۾....اهو سڀ ڪجهه ڏسندا آهن ۽ ان چوري جا چشم ديد گواهه ٿيندا آهن.
ٻي شي ”نظر بد“، تعويز، جيڪو اسان وٽ اڪثر ماڻهو بدروحن ۽ براين کي پاڻ کان پري ڪرڻ لاءِ لڳائيندا آهن.
”ڏسو دوستو! مان نه ٿو سمجهان ته هر شخص مڪمل طور تي خراب هوندو آهي“. ارب پتيءَ پنهنجن شاگردن کي چيو. ”ها ٿي سگهي ٿو ڪجهه اهڙا هجن، پر گهڻا ماڻهو....جن کي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺو آهي، سڀ ڪنهن نه ڪنهن ڏکي مسئلي ۾ گهريل هوندا آهن. مان جيئن ته اڳ ۾ به ٻڌائي چڪو آهيان ته صرف تڪليف ۾ رهڻ وارا ماڻهو ئي ٻين کي تڪليف ڏيندا آهن ۽ انفرادي طور تي جن ماڻهن جو ورتاءَ تمام گهڻو پريشان ڪندڙ هوندو آهي، اهي اڪثر ڪري پاڻ ئي ڏاڍو پريشان هوندا آهن. حقيقت ۾ اهي پاڻ کي نقصان پهچائي چڪا هوندا آهن ۽ جڏهن انهن سان ڪجهه هوندو آهي ته اهي پاڻ ئي ڊڄي ويندا آهن ۽ پوءِ انهن جي اندر ۾ موجود سچائي به سُسي ويندي آهي ۽ دفن ٿي ويندي آهي. انهن ماڻهن کي خطرناڪ چوڻ هڪڙي قسم جي مٿاهين درجي جو مثال آهي. اهي ان کان به وڌيڪ گهرا هوندا آهن. بهرحال، جئين ته مون اڳ ۾ چيو هو گهڻي کان گهڻي پيداواريتMaximum productivity ، بهترين ڪارڪردگيTop Performance ، لامحدود خوشي boundless joyfulness ۽ ذهني سڪون peace of mind لاءِ اهو تمام گهڻو ضروري آهي ته خراب ماڻهن کان بچيو وڃي. هي اهي ماڻهو هوندا آهن جن جي پنهنجي ڪابه سڃاڻپ نه هوندي آهي ۽ اهي پنهنجي ماضي جي زخمن سان ڀريل هوندا آهن. مان هڪڙي دفعي بارباڊوس Barbados جي دوري تي هئس، جتي هڪڙي ٽيڪسي ڊرائيورمون کي وڏي عقل جي ڳالهه ٻڌائي، جنهن مان مون کي تمام گهڻي مدد ملي،”خراب ماڻهن کان بچجانءِ“. Avoid bad people



The Billionaire’s Maxim # 5
ارب پتيءَ جو پنجون قول
خراب ماڻهن کان پاسو ڪر!avoid bad people
پنهنجي صحت جي قوت کي ڪڏهن به هلڪو نه وٺجو. جذباتي لڳاءَ emotional contagion هڪڙو اهڙو منظر آهي جيڪو ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ سان لڳي وڃي ٿو ۽ دماغ ۾ مرر نيورانس neurons کي متحرڪ ڪري ٿو. ان صورت ۾ اسان جن ماڻهن سان پنهنجو گهڻو وقت گذاريندا آهيون، اهڙي ئي ورتاءُ جي نمونيبازي ( ماڊلنگ) ڪندا آهن. غيرمعمولي، صحتمند، جدت پسند، مثبت، با اخلاق ۽ پرخلوص محبت ڪندڙ ماڻهن سان ئي پنهنجي زندگيءَ گذاريو. وقت سان گڏو گڏ توهان جي زندگي ۾ اهي خوبيون وڌنديون وينديون. خوابن جا ڌاڙيل dream stealers، توانائي چورنenergy thieves ، ۽ شوق جي رهزنن enthusiasm bandits کي پنهنجي توجهه جي ننڍڙي بوڻيئي کان تمام پري رکو. ڇو ته توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن توهان انهن ماڻهن کي ان بوڻئي ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ته توهان به ان جهڙا ٿي ويندو.
اصل ڳالهه هي آهي ته مسئلو پيدا ڪندڙ وارن ماڻهن کان بچجي. The real key is to avoid trouble creators جيڪي ماڻهو پريشان حال ۽ مسئلن واري ماحول ۾ جنم وٺن ٿا، اهي شعوري ۽ لاشعوري طور تي ٻين لاءِ پريشانيون ۽ مسئلا پيدا ڪندا آهن. اهو ان ڪري وڌيڪ سولو هوندو آهي جو، اهي ان حالت کان چڱي ريت واقف هوندا آهن ۽ پاڻ کي گهر جيان محفوظ سمجهن ٿا. ڊرامن جي راڻين ۽ منفي سوچ جي بادشاهن کان دوري ڀلي. جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندو ته دير يا سوير ته توهان جي نالو ۽ اهڙي قسم جا ماڻهو توهان جي زندگي برباد ڪري وجهندا. انهن ماڻهن جو ڪم ئي اهو هوندو آهي.
هرهڪ سان جيترو گهڻو ممڪن هجي، احترام ۽ ادب سان ملو. جيتوڻيڪ هڪڙو دشمن به توهان جا ڪيترائي دشمن پيدا ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن ڪو توهان سان خراب نموني سان پيش اچي ٿو ته توهان کي ان وقار سان پيش اچڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو توهان سان غلط ڪري ٿو ته ان جو معاملو قدرت تي ڇڏي ڏيو. قدرت پاڻ حساب وٺندي. ٻي انتقام جو هڪڙو طريقو پنهنجي پاڻ کي بلند زندگي گهارڻ جي لائق بڻايو.

لوهه واري ڊٻي ۾ ڇهون خط ڪاغذ جي ڪرنسي هئي. هي هڪ ٽڪنڊي جي شڪل ۾ هيو....ان جو ڪارڻ؟ عورت ۽ آرٽسٽ کي خبر نه هئي. هي خط ان کان اڳ وارن خطن کان وڌيڪ طويل هيو. ان تي لکيل هيو.

The Billionaire’s Maxim # 6
ارب پتيءَ جو ڇهون قول
پيسو سخاوت جو ثمر آهي، نه ئي وري قلت جو!
Money is the Fruit of Generosity, Not Scarcity.
دنيا جي تسلط ٿيل/گهڻي مڙهيل فلسفي مان گمراهه نه ٿيو. غربت انسان جي اندر جي هڪڙي حالت جو نتيجو هوندي آهي ۽ نه ئي وري بيروني حالتن جو. شين جي شڪايت ڪرڻ ائين ئي آهي ڄڻ توهان جي اندر فراواني جي جادو کي جاڳائڻ جي جيڪا اهليت آهي، ان مان هٿ ڪڍي ڇڏيو.
پيسو اهو سڪو رائج الوقت آهي، جنهن کي برقي توانائي/بجلي جيان وهڻ گهرجي. جي هان، پيسو ڪرنٽ آهي، بجلي جو وهڪرو آهي. ان کي بهتر نموني سان رهڻ کپي. ان کي ڪٿي بند ڪرڻ سان يا وري روڪڻ سان توهان جي ڪاروبار ۽ زندگي ۾ ان جو سڌي سمت ڏانهن وهڪرو رڪجي ويندو آهي. سڀئي ذهين جادوگر ان ڳالهه کان واقف آهن. ان ڪري وڌيڪ ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ ڏيو. هوٽل ۾ بيرن کي، خادمن کي ۽ ٽيڪسي ۾ وري ڊرائيورن کي ٺيڪ ٺاڪ ٽپ ڏيئي ڇڏيندا ڪريو. ان سان گڏ خيرات ۽ چندو ڏيندا ڪيو. توهان ڏانهن وسعت ۽ خوشحالي هري پوندي.
توهان کي اها ڳالهه ٻڌي حيرت ٿيندي ته دنيا ۾ ايترا گهڻا ماڻهو ڇو کوٽ جو شڪار ٿي پوندا آهن. هي ڪيفيت اسان جي مالي زخمن جي ڪري آباد هوندي آهي. هي اها خفيا پروگرامنگ آهي جيڪا اسان جي لاشعور ۾ اسان جي والدين، استادن ۽ ٻين واسطيوارن ماڻهن ڪئي آهي. انهن جا عام جملا ڪجهه هن ريت جا هوندا آهن. ”توهان وٽ جيڪو ڪجهه آهي انهي ۾ خوش رهو“ Be happy with what you have يا وري ”امير ماڻهو ڪرپٽ هوندا آهن“Rich people are dishonest ، يا وري ”پيسو وڻن تي نه ڦٽندو آهي“ Money does not grow on trees وغيره وغيره. اهي لفظ اسان جي اندر غربت جا بيڪار ٻج پوکيندا آهن.
چئن ڪمن منهنجي زندگي ۾ معاشي بهتري پيدا ڪئي ۽ مان توهان کي تحفو ڏيڻ چاهيان ٿو. مثبت اميدpositive expectancy, ، متحرڪ يقينactive faith، وڌندڙ شڪرگذاريever-increasing gratitude ۽ ٻين کي وڌ کان وڌ ڏيڻ extreme value delivery . مثبت اميد مان منهنجو سادو مطلب اهو آهي جيڪو مون توهان کي اڳ ۾ ٻڌايو آهي ته هميشه اها اميد رکو ته مون وٽ پئسو باقائدگي سان ۽ بغير ڪنهن توقع واري ذريعن جي ايندو. متحرڪ يقين جو مطلب اهو آهي ته جڏهن توهان ان انداز سان عمل ڪندا آهيو جو ائين لڳندو آهي ته توهان جي زندگي ۾ فياضي ۽ سخاوت ڀريج ويئي آهي. هي ڪائنات توهان سان تمام گهڻي محبت ڪندي آهي. ان ڪري جڏهن توهان ان حالات ۾ به دوستن کي دعوت کارائينداآهيون ۽ جڏهن توهان لاءِ اهو تمام ڏکيو هوندو آهي. تڏهن ڪائنات توهان کي ان جو بدلو ڏيندي آهي يا وري توهان اهڙي صورت ۾ پنهنجي مهارت واري فن کي وڌائڻ لاءِ اوزار خريد ڪندا آهيو ۽ خاص ڪري جڏهن توهان جو کيسو خالي هجي. مان قطعي طور تي اهو چوڻ نه ٿو چاهيان ته توهان پاڻ کي قرض جي بار ۾ ماري وجهو. بلڪل به نه. پنهنجي سگهه کان مٿي پاڻ تي بار وجهڻ، اڄ اسان جي معاشري جي عام ڳالهه ٿي ويئي آهي. بس فطرت کي اهو ڏيکاريو ته توهان وٽ جهجهائي ڪيئن نه ڀڄندي اچي ٿي ۽ اهڙي انداز سان عمل ڪيو ڄڻ ته توهان وٽ تمام گهڻو ڪجهه آهي. اسين هيل تائين وڌندڙ شڪرگذاري تي پنهنجي سموري سفر جي دوران تمام گهڻو ڳالهائي چڪا آهيون. پنهنجي دل کي پنهنجي زندگي ۾ ايندڙهر شيءَ ۽ هر فرد لاءِ کليل رکون ٿا. جڏهن توهان ڪو بل ڀرڻ لاءِ تيار ٿيو ٿا ته توهان اها رقم ادا ڪري ڇڏيو ٿا. جڏهن توهان ڀاڄي وٺڻ کان پوءِ پئسا ڏيو ته ڪيشيئر ۽ ان گڏ هاريءَ جا به ٿورا مڃو، جنهن اهو فصل پوکي تيار ڪئي ۽ اها ڀاڄي توهان تائين پهچائي. ان موٽرسائيڪل سوارجو به شڪريو ادا ڪيو، جيڪو توهان کي هڪڙي جاءِ کان ٻي جاءِ تي پهچائي. پنهنجن پيرن جا به ٿورائتا ٿيو، جن تي توهان هيترن سالن کان وٺي هلي رهيا آهيو. پنهنجين اکين جا به ٿورائتا ٿيو جن جي ذريعي توهان دنيا جو حسن ڏسڻ جي قابل آهيو. پنهنجي دل جو به شڪريو ادا ڪيو. جنهن جي ڪري توهان پاڻ کي زنده محسوس ڪيو ٿا ۽ ٻين جي زندگيءَ ۾ انتهائي فائديمند ٿيڻ جو مطلب آهي ته ٻين کي ڏيڻ... پنهنجن ساٿين کي teammates ، پنهنجن گراهڪنcustomers کي، پنهنجي خاندان family members کي، اجنبين strangers کي...ان کان وڌيڪ ڏيڻ جيتري اهي توهان کان اميد ڪن ٿا. ڇو ته اسان اهو ئي لڻيندا آهيون، جيڪو اسان پوکيندا آهيون.
Because we reap what we sow.
پنهنجي ترقي جي شعور کي تشڪيل ڏيڻ ۽ پوءِ ان کي بهتر بنائڻ کان پوءِ توهان کي اندازو ٿيندو ته توهان جي آمدني ۽ ذاتي اثاثن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ان ڪري ان حصي کي مضبوطي سان پڪڙي وٺو. ترقي کان اڳ ۾ اداسي ۽ غم جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته گهڻو پئسو نه آهي. ائين نه هئڻ گهرجي.

”۽ اڳتي ڇا آهي“؟ آرٽسٽ انگورن جو هڪڙو ڇڳو کنيو ۽ ان کي کائيندي ارب پتيءَ کان پڇيو.
ارب پتيءَ هڪڙو ننڍڙو جوتو ڪڍيو، جنهن تي هي لفظ لکيل هئا،” ورزش يقينن هڪڙو جادوجو پتلو آهي. هي خط پڙهو جيڪو مون توهان ٻنهين لاءِ لکيو آهي.
ان خط ۾ لکيل هيو.


The Billionaire’s Maxim # 7
ارب پتيءَ جو ستون قول
مناسب صحت سان توهان جي جادو جڳائڻ واري قوت وڌندي آهي!
Optimal Health maximizes your power to produce magic.

صبح جو سوير ورزش، اها پهرئين شي آهي، جيڪا توهان جي فتح جي دوران توهان جي ياد ڪرڻ واري صلاحيت/قوت ۾ مدد ڪري ٿي. هي سڀ کان اهم ڪم جيڪڏهن ڪيو ويو ته توهان جو ذهن، توانائي، جسم ۽ روح سڄو ڏينهن توهان کي بهترين نتيجا ڏيندو.
جڏهن توهان روزانو صبح جو باقائدگي سان ڪثرت ڪندا آهيو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن توهان اهو نه ڪري سگهو ته توهان حيران ٿي ويندو ته ان جي ڪري توهان جو اهو سڄو ڏينهن ڪيئن خراب گذريو. توهان کي اندازو ٿيندو ته هي اهو احساس آهي جو توهان ورزش جي عادت اختيار ڪرڻ کان اڳ ۾ روزانو تجربا ڪندا آهيو، پر، توهان ان کان ان ڪري آگاهه نه هيو جو ان ورزش واري عادت جي احساس کي پٺيان رکڻ توهان جي معمول جي ڪيفيت بڻجي وئي هئي.
سٺي صحت واقعي ئي هزار نعمت آهي. جيڪي ماڻهو سٺي صحت کان محروم هوندا آهن، اهي سڄي زندگي ان جي بحالي جي ڪوشش ۾ رڌل رهندا آهن. غيرمعمولي جوش ۽ ولولو پنهنجي خوشحالي ۽ ترقي کي وڌائڻ جو به هڪ زبردست ذريعو آهي. جڏهن توهان زندگي ۾ بهترين تندرستي سان هوندو، پنهنجي غذائيت/کاڌي کي مهارت جي درجي تائين پهچائيندو، پنهنجي ننڊ جي معمول کي باقائدي رکندو ۽ وڌندڙ عمر جي عمل کي سست ڪندو ته توهان کي اندازو هوندو ته توهان جو تعلق خود پنهنجي پاڻ سان مضبوط ٿيندو ويندو. ان ڪري توهان دنيا کي پنهنجي ذهانتGenius ، تابناڪي glory/عظمت ۽ شفقت compassion کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ ڏيڻ جي قابل هوندا آهيو. ان جي بدران توهان کي مالي فائدا به ٿيندا. سڀ کان اهم اهو ته توهان اهڙي جاءِ تي پهچي ويندو، جتي توهان وڌ کان وڌ ڏيڻ جي قابل هوندو ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ کان وڌيڪ خوشي واري ٻي ڪابه ڳالهه ناهي. هر جادوگر ان ڳالهه کان ڀلي ڀت واقف آهي.
اٺون پُتلو هڪڙو ننڍڙي جبل تي چڙهندڙ چاڙهو جو هيو.
The eighth symbol was of a tiny mountain climber.
”بهتري ۽ ترقي...پنهنجي صبح جو ۽ زندگي جو ڪمال آهي...ڪڏهن به ڇڏي نه وڃو“. ارب پتي ڳالهايو ۽ پوءِ هن پنهنجو آخري گيت وڏي آواز سان گنگنائڻ شروع ڪيو. انگور جي باغ ۾ ڪم ڪرڻ وارا هن کي ڏسي مسڪرائڻ لڳا. مسٽر رائليءَ انهن سان گڏ نچڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ هن پنهنجو سبق اڳتي وڌايو.
”عظيم کلاڙين جو اصل ڪم پاڻ کي مسلسل اڳتي وڌائيندو رهڻ هوندو آهي. جڏهن توهان ڪنهن جبل جي چوٽيءَ تي پهچندو ته ان کان اڳتي هڪڙي ٻي چوٽي توهان جي انتظار ۾ بيٺل نظر ايندي. ان مثال کي ڳنڍ ڏيئي ٻڌي ڇڏيو، دوستو“. (يعني هر منزل ٻي منزل جو ڏس پتو ڏيندي آهي).
هن ان خط تي پيل دز کي ڦوڪو ڏيئي هن کي اهڙي نموني جهلي بيٺو جو هن جا شاگرد ان کي پڙهي سگهن. ان تي هي لکيل هيو.

The Billionaire’s Maxim # 8
ارب پتيءَ جو اٺون قول
پنهنجي زندگي جي معيارن کي انتهائي اعليٰ ترين فردن جي حد تائين وڌائيندا رهو.
Continue raising your life standards toward absolute world class
هڪ نفسياتي مظهر آهي ته انسان ماحولياتي ۽ حياتياتي تبديلن جي مطابق پاڻ کي ان ۾ سمائي ڇڏي ٿو. توهان سالن کان جنهن پگهار جي وڌڻ جي اُميد رکيو ويٺا آهيو، اهو ڪم توهان جو ٿي ويو، توهان سڄو ڏينهن ان خوشي ۾ تمام گهڻو مزو ورتو ۽ پوءِ وري اها توهان جي نئين آمدني به روز مرهه جيان پراڻي ٿي ويئي. توهان جي جيڪا پگهار وڌي، اهي ڏوڪڙ ٻين ڏينهن تي توهان کان ڪٿي ڪِري پيا يا وري توهان ڪنهن اهڙي جاءِ تي شفٽ ٿي ويو جتي ويجهڙائي ۾ وري ريل جي پٽڙي آهي ۽ جڏهن ٽرين اُتان لنگهندي آهي ته اُن جي تيز شور جي ڪري توهان جا حواس جواب ڏيئي ويندا آهن. يا وري توهان وڏي محنت ڪري پنهنجي پسنديده ڪار خريد ڪئي، پر وري چند ئي هفتن ۾ توهان جي خوشي مرجهائجي ويئي. اهي مثال نفسيات جي اصطلاح ۾ hedonic adaptation چورائن ٿيون.
ان مسئلي جو هڪڙو حل اهو آهي ته شخصي معيار کي مسلسل وڌائيندو رهجي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي بهتر کان بهتر بڻائيندو رهجي. پنهنجي هر ٽماهي کي گذريل وقت کان بهتر ڪيو وڃي ۽ پنهنجي هر سال کي گذريل سال کان بهتر بڻايو. هي اهو ڪم آهي جيڪو عظيم ۽ ڏاها ماڻهو سڄي زندگي ڪندا رهندا آهن.
ان معاملي ۾ هڪڙي اهم فلسفي منهنجي وڏي مدد ڪئي: پاڻ کي بهترين معيار جي زندگيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جو سعيو ڪندا رهيا. زندگي تمام ٿوري آهي، ان ڪري جيترو ممڪن ٿي سگهي، ان کي مثالي بڻايو وڃي. جڏهن توهان پاڻ پنهنجي بهتر نگهباني ڪندو ۽ ٻين سان پنهنجن واسطن کي بهتر ڪندو، پنهنجي پئسي ۽ پنهنجي دنيا سان پنهنجا تعلق بهتر ڪندو ته توهان جي زندگي ان حساب سان بهتر ٿيندي ويندي. ڇو ته ٻاهرئين دنيا جي هر شي سان توهان جا واسطا آهن“ ۽ توهان جي پنهنجن واسطن جي عڪاسي ڪندا آهن، هي اهڙي ريت جو معاملو آهي.
بهترين ڪتاب جيڪي توهان خريد ڪري سگهو ٿا، انهن تي سيڙپ ڪيو، توهان کي ان جو تمام گهڻو فائدو ٿيندو. بهترين خوراڪ کائو، جيڪڏهن توهان جو کيسو توهان کي اجازت ڏيئي ته تازي سلاد سان کائڻ جي شروعات ڪيو. توهان جي شهر جي جنهن هوٽل ۾ سڀ کان سٺي ڪافي ٺهندي آهي، اُتي وڃي ڪافي پي ايندا ڪيو. جيڪڏهن توهان کي ڪا راند پسند آهي ته ان جي ويجهڙائي واري ڪلب ۾ داخل ٿي ان جا ميمبر بڻجو. بهترين ڪار، جنهن جو وڌ کان وڌ خرچ توهان برداشت ڪري سگهو، ان ۾ سفر ڪيو. روزانو اهي ڳالهيون يا اهڙا گيت ٻڌو جنهن سان توهان جا جذبا جاڳن. علائقي جي آرٽ گيلري ۾ وڃو ته جيئن دنيا جي بهترين تخليقارن جون تخليقون ڏسي توهان جي تخليقي وجدان کي به سڪون ملي ۽ اڪثر گلن کي ڏسو، ڇو ته ائين ڪرڻ سان توهان جي اندر ۾ خوشي محسوس ٿيندي ۽ ٻين ڪيترن ئي منزلن جي مختلف رستن تي ڏسڻ جي اهميت وڌندي ۽ هي خاصيت دنيا جي وڏن مصورن ۾ به ڏٺي ويئي آهي. توهان اهو ڇو نه ٿا سوچيو ته دنيا جا گهڻو ڪري عظيم صوفي، اوليا، حڪيم ۽ ڊاڪٽر پاڻ سان گڏ گُل ڇو رکندا آهن.
Why do you think so many of the great saints, seers, healers and sages kept flowers beside them?
توهان حيران ٿي ويندو ته ان ريت، توهان جي پنهنجي اندر، پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي قوتن جو ڪيترو فائدو ٿيندو.

نائون پتلو انساني دل جو هو. ان سان گڏ جيڪو خط چهٽيل هيو، سو هي هيو.
The Billionaire’s Maxim # 9
ارب پتيءَ جو نائون قول
گهري محبت سان ناقابل تسخير لطف کي جنم ڏيندو آهي!

توهان کي جيڪو به موقعو ملي، ماڻهن سان محبت جو اظهار ڪيو. وليم پين William Penجي هڪڙي قول ان حساب سان منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي ۽ مون کي ان مان ڏاڍي رهنمائي ملي. ”مون کي توقع آهي ته هي زندگي مان هڪڙي ئي دفعو گذارندس. ان ڪري جيڪڏهن مان ان دوران رحمدلي شفقت جو اظهار ڪري سگهان يا پنهنجن ماڻهن لاءِ ڪجهه چڱو ڪري سگهان، ته مون کي هينئر به اهو ڪرڻ ڏيو. ان کي ملتوي يا نظرانداز ڪرڻ نه ڏيو. ڇو ته مان ٻيهر هتي نه ايندس“.
ماڻهن کي اهو ٻڌايو ته توهان کي انهن تي ڪيترو فخر آهي ۽ توهان کي انهن سان ڪيڏو پيار آهي، ... ۽ اهو پيار رهندو، جيسيتائين توهان ۽ اسان زندا آهيون. مون کي هڪڙي دفعي هڪڙو شخص مليو، جنهن مون کي ٻڌايو ته ان کي جيڪڏهن ڪو به زنده ماڻهو ملي ٿو ته هو ڏاڍو خوش ٿئي ٿو.
”ڇو“؟ مون هن کان پڇيو.
ان تي هن جواب ڏنو،”ڇو ته مون پنهنجي زندگي ۾ تمام گهڻا مرده ڏٺا آهن، ته ان ڪري ڪنهن زنده سان ملڻ مون لاءِ تمام وڏو تحفو هوندو آهي“.
Because I ‘ve seen so many dead people in my life that meeting someone alive is a special gift.
اسان مان ڪنهن کي به خبر ناهي ته اسان جي زندگيءَ جي پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي. ته پوءِ پنهنجي سڀ کان اهم خوبي کي قيد ڪري ڇو رکيو وڃي....انسان هئڻ جي ناتي توهان جي تمام گهڻي محبت ڪرڻ واري خوبي زنده رهڻ گهرجي.
Not one of us knows when we’ll face our end. So, why hold back that which is most valuable: your human capacity to love deeply?.
هڪ زنده انسان جي حيثيت سان توهان جي اها ذميواري آهي ته توهان ماڻهن کي اهو احساس ڏياريو ته اهي پنهنجي باري ۾ بهتر محسوس ڪن... ۽ ٻين کي مسڪرائڻ جي قابل بڻائن. توهان حيران ٿي ويندو ته ڪنهن کي خوش ڪرڻ ۾ ڪيتري گهٽ محنت لڳندي آهي. توهان جن جن ماڻهن کي پنهنجو سمجهو ٿا، انهن سڀني کي اسڪول جي زماني جو خط لکو. انهن ماڻهن جا ٿورا مڃيو جن توهان جي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن به حالت ۾ مدد ڪئي هوندي. انهن کي بنا ڊپ جي ٻڌايو ته توهان پاڻ ڪيئن محسوس ڪيو ٿا. هميشه ٻين ۾ انهن کان وڌيڪ دلچسپي وٺو. جيتري توهان ڪنهن کان به پنهنجي لاءِ اميد رکو ٿا. توهان جيترن به انسانن سان ملو، هر ماڻهوءَ کان سکڻ لاءِ ڪو نه ڪو سبق، ڪانه ڪا ڪهاڻي، يا وري ڪو نه ڪو خواب دل ۾ ضرور رکجو. جنهن مان توهان کي تمام گهڻي مدد ملندي. اسان جيڪڏهن پنهنجا پيار ڀريا لفظ چئي نه سگهون، پنهنجي جوشيلن جذبن جو اظهار ڪري نه سگهون ۽ جيڪڏهن سٺن ڪمن تي عمل به نه ڪري سگهون ... ته اسان پاڻ کي پاڻ ۾ قيد ڪري ڇڏينداسين.

”ٿورو ، هن طرف به توجهه ڪيو“، سيٺ آهستي پنهنجن ٻنهي مهمانن کي هڪڙي درويش ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ” هن صفحي تي ڪهڙي شيءِ خاص آهي؟ منهنجي خواهش آهي ته توهان ان کي پنهنجي روح جي گهرائين سان پڙهو“.
هن خط تي هيٺين لکڻي موجود هئي.



The Billionaire’s Maxim # 10
ارب پتيءَ جو ڏهون قول
جنت زمين تي هڪڙي رياست آهي، نه ئي وري ڪا جاءِ/جڳهه! Heaven on Earth is a State, not a place.

روزاني جي سفر کي حيراني ۾ ۽ باقائدي ايڊوينچر ۾ تبديل ڪيو، تعجب خوشي جو هڪڙو لڪل راز آهي ۽ توهان جي وڌندڙ ذهانت جي مهارت. دنيا جا عظيم مرد ۽ عورتون اهو جادو سکندا آهن ته پنهنجي ڏينهن کي دلڪشي سان گذاريندي ڪيئن پرسڪون رهون. پنهنجي زندگيءَ جي اهم تجربن کان پوءِ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته دنيا جي عظيم صوفين، دانشورن، ڏاهن، بزرگن، چيو ته جنت ڪا رهڻ يا گهمڻ جي جاءِ جو نالو نه آهي بلڪ هڪڙي حالت/عادت جو نالو آهي/جنهن شيءَ کي زمين جي جنت چيو آهي اها ڪنهن ظاهري يا مادي جاءِ جو نالو نه آهي. بلڪ هڪڙي اندروني ڪيفيت آهي، جنهن کي توهان پنهنجي اندر پيدا ڪري سگهو ٿا. مون تي ڀروسو ڪيو جڏهن توهان پنهنجي مائينڊ سيٽ mind set جي آبياري cultivate ڪندو، پنهنجي هارٽ سيٽheart set کي توانو purify ڪندو، هيلٿ سيٽ health set کي مضبوط/بهترين بنايوoptimize ڪندو ۽ پنهنجي سول سيٽ soul set کي وسيعelevate ڪندو ته توهان پنهنجي زندگي کي جنهن انداز سان ڏسندا ۽ تجربا ڪندا رهندا آهيو، اهو تجربو بدلجي ويندو. پر جيڪڏهن توهان اهو اهم ڪم نه ڪندو ته توهان کي ڪڏهن به خبر نه پوندي ۽ منهنجا لفظ توهان کي هڪڙي ديواني جو خواب لڳندا. هڪڙو باشعور ماڻهو جيڪڏهن چريو ٿي وڃي ته ان کي هميشه چريو ئي سمجهيو ويندو.
And my words will seem like the ramblings of an old eccentric. A sane person is a world gone crazy has always been considered insane, you know?
ان ڪري توهان پنهنجي شخصي مهارت لاءِ جيڪڏهن گهڻو وقت ڪڍندو ته توهان جي ذهن ۾ محبت جي احساس واري حس وڌندي ويندي ۽ سڀني ڪاميابين ۽ انفرادي خوشين جو انحصار توهان جي پنهنجي پاڻ سان محبت تي آهي. توهان کي جيڪي شيون خوف، عدم تحفظات ۽ شڪن ۾ مبتلا رکن ٿيون، اهي اصل ۾ توهان جي پنهنجن سوچن کي گهٽ اهميت ڏينديون ٿيون. ڇو ته ننڍپڻ ۾ توهان کي ٻڌايو ويو هو ته انهي ڪارڻ جي ڪري توهان جي لاشعور توهان جي بهادريءَ واري حس کي گهٽائي، توهان جي بلند نظر کي ڪمزور ڪري توهان جي عظمت کي هٿڪڙي لڳائي ڇڏي هئي.
Because of what people told you about yourself in your early childhood, your subconscious mind discounts your braveness, smothers your highness and chains your greatness.
توهان کي جيڪي ڪوڙا يقين سچا ڪري پڙهايا ويا ها ۽ توهان انهن کي ڇڏي ڏنو هو، توهان محبت جي اڳيان رڪاوٽ بڻجڻ واري جذباتي زخمن کي الوداع ڪري ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ توهان ان حقيقت جو ذائقو چکڻ لڳندوجنهن جو مان توهان سان ذڪر ڪري رهيو آهيان. ائين ئي هميشه ٿيندو آيو آهي. پر انهن ڌنڌلن شيشن جي ڪري جنهن جي پٺيان توهان دنيا کي ڏسي رهيا آهيو، توهان اهو ڄاڻڻ کان قاصر آهيو.
اڃان به ڪجهه ناهي بگڙيو/جيڪڏهن ڪجهه به غلط نه ٿيو. اڃان ڪجهه ضايع نه ٿيو، سڀ ڪجهه جئين هجڻ کپي ها، اهو ائين ئي توهان جي سوچ تائين واضح ٿي رهيو آهي، توهان کي لڳندو ته جيڪو ڪجهه توهان سان ٿيو، اهو ته هڪڙو حادثو هو. پر اهو سڀڪجهه توهان جي ترقيءَ لاءِ هيو ۽ بعد ۾ ان جو فائدو ئي فائدو هيو.

ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ کي جڏهن يارنهون جادو جو پتلو ڏيکاريو ويو ته ڪجهه پوئتي هٽي ويا.
”جيڪڏهن توهان زندگيءَ ۾ واقعي ئي جادو جڳائڻ چاهيو ٿا ته توهان کي گهڻو ڪري هن تي انحصار ڪرڻ گهرجي“. ارب پتيءَ ڪفن جو هڪڙو نمونو انهن کي ڏيندي چيو. ٻين خطن جي برخلاف هن خط ۾ وري ڳاڙهي رنگ جي روشنائي سان لکيو ويو هو.


The Billionaire’s Maxim # 11
ارب پتيءَ جو يارنهون قول
سڀاڻي وارو اچڻ، هڪڙو بونس آهي، توهان جو حق ناهي!
Tomorrow is a Bonus, not a right
سورمو بڻجڻ جي خواهش ۽ سڪون کي به منسوخ يا وري محدود نه ڪيو. توهان جي زندگي ايندڙ اڌ ڪلاڪ ۾ ختم ٿي سگهي ٿي. مان هڪ اميد پرست آهيان I am an optimist ۽ اميد جو ئي واپاري آهيان. Yet I am realist ۽ ان سان گڏ وري حقيقت پسند به آهيان. حادثاaccidents ، بيماريونillness ، نقصانloss ۽ موت death روزانو ٿيندا آهن. انسان جي فطرت آهي ته هو اهو سمجهندو آهي ته اهو سڀ مون سان ڪڏهن به نه ٿيندو، جڏهن ته دنيا جا وڏا عقل وارا ڏاها، فلسفي اسان کي زندگيءَ جي بي اثباتيءَ جي باري ۾ ٻڌائيندا رهيا آهن.
ان شعور سان پاڻ کي ليس ڪيو ته موت آهي. اهو سمجهي وڃو ته توهان جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن/پورا ٿي چڪا آهن. Understand that your days are numbered. ۽ هر گذرندڙ روشن صبح سان گڏ توهان پنهنجي اختتام/پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهيو.
And with the passage of each glorious morning, you grow closer to your end.
پنهنجي فطري خوبين ۽ ٽيلينٽ جي اظهار کي ملتوي put off نه ڪيو. هن سفر جي لطف کي يقيني بڻايو. جڏهن توهان پنهنجين حيران ڪندڙ خوبين جي حق ۾ هجو، ته اهو توهان جو سٺو وقت هوندو. اهو ڪيڏو نه الميو آهي جو ڪيترائي ماڻهو موجوده وقت جي خوبصورت، پرلطف ۽ جادو واري زندگي کي سڄي زندگي موقوف ڪندا رهندا آهن. ايسيتائين جو اهي ايڏا ته پوڙها ٿي ويندا آهن جو ان سان گڏجڻ جي قابل ئي نه هوندا آهن.
زندگي نشيب ۽ فراز جو سفر آهي. پر، هي گهڻي قدر تمام سٺي آهي. هر هيرو کي ان رستي ۾ هڪڙي ولن جي ضرورت هوندي آهي ۽ دلڪش الميا، ان سان گڏ خوشيون ۽ پوءِ وري فتح....ته جيئن اها ڪهاڻي ڏسڻ جي قابل بڻجي وڃي.
ان ڪري، زندگي جي اختصار/مختصر کي توهان کي نظرن جي سامهون رهڻ کپي. پنهنجي خوشيءَ کي اعليٰ عهدي تي ترقي يا وري وڌيڪ بئنڪ بيلينس واري انتظار ۾ ملتوي نه ڪيو. اهي بهانا ان احساس ڪمتري مان پيدا ٿيندا آهن، ته توهان ان جا حقدار نه آهيو. ان جو احساس ڪيو ۽ پوءِ وري ان کي پنهنجي مدار کان ڪڍي ڇڏيو ته جئين توهان پنهنجي اهليت ۽ اهميت کي بهتر کان بهتر ڪري پنهنجو ڪم جاري رکي سگهو.
”سڀاڻي“ هڪڙو واعدو آهي پر اصل ۾ حقيقت نه آهي. Tomorrow is a promise, not a fact. . هر صبح جو مزو وٺو ۽ هن ڌرتيءَ تي پنهنجي هر ڏينهن جو شڪريو ادا ڪيو. وڏا خطرا کڻو ۽ انهن کي پنهنجي عقل سان حل ڪيو. زندگيءَ ۾ توازن اهڙو ته آڻيو/رکو ڄڻ توهان سڀاڻي زنده نه رهندو ۽ وري عمل اهڙو ڪري ڏيکاريو جو ڄڻ توهان هميشه هتي زنده رهندو. انڪري اختتام ايندو ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته توهان پنهنجي زندگي سٺن ماڻهن جيان شاندار نموني سان گذاري آهي ۽ جيڪا هر انسان جي اندر ۾ پاتي وڃي ٿي.
ان کان پوءِ ارب پتيءَ پنهنجن شاگردن کي چمي ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو.
”مون کي توهان ٻنهين سان محبت ٿي ويئي آهي. توهان کي خبر آهي. توهان مون کي سچي ڏاڍو ياد ايندو“.
I love you two, you know. I’ll really miss you.
پوءِ وري هو پنهنجي جابلو سائيڪل کي اتي ئي ڇڏيندي پاڻ باغ ۾ غائب ٿي ويو.

پنجين وڳي جي ڪلب وارا ميمبر پنهنجين زندگين ۾ هيرو بڻجي وڃن ٿا

17

The 5 AM Club Members become Heroes of their lives
پنجين وڳي جي ڪلب وارا ميمبر پنهنجين زندگين ۾ هيرو بڻجي وڃن ٿا


“Live like a hero. That’s what the classics teach us. Be a main character. Otherwise what is life for?”
J.M. Coetzee

”هيرن جيان زندگي گذاريو. اهائي اصل شِيءَ آهي اسان کي ڪلاسڪ اهو ئي سيکاري ٿي. اهم تاريخي ڪردار بڻجي وڃو. نه ته اها زندگي ڪهڙي ڪم جي“. جي . ايم. ڪوئٽزي

ڪيپ ٽائون ڏکڻ آفريڪا ۾ هيلي پيڊ V & A جي واٽر فرنٽ تي واقع آهي. هي اها جڳهه آهي جتي سياح Cape Wheel تي سواري ڪن ٿا. ٻيڙي وارا سامونڊي مقابلن لاءِ، سامان جمع ڪن ٿا. مڇين جي شڪار ڪرڻ وارا جهاز بڪ ڪري سگهجن ٿا ۽ صبح جي ڪڙڪ ڪافي هتي ملي سگهندي آهي.
ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ارب پتي ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ پنهنجي وچ ۾ معاهدن تي پنهنجون صحيحون ڪري ڇڏيون هيون. پوءِ عورت چمڙي جي هڪڙي صوفي تي اٿي بيٺي ۽ پنهنجي چيڪ لسٽ تي ڪجهه پوائنٽس لکيون جيڪي هن جي ٽن اهم گراهڪن هن کي ڏنيون هيون. ان سان گڏ وري حفاظتي وضاحت به ڏني وئي جيڪا روبن آئي لينڊRobben Island تي هيلي ڪاپٽر تي وڃڻ کان اڳ ۾ لازمي هو.
روبن آئي لينڊRobben Island هڪڙو بنجر، ننڍو پر خطرناڪ جزيرو آهي جنهن جي ارد گرد شارڪ مڇيون موجود هونديون آهن. جيڪو ڪيپ ٽائون جي ڪناري کان گهڻو پري ڪونهن. نيلسن منڊيلا Nelson Mandela کي ان جي قيد جي پنجويهن سالن مان 18 سال ان جاءِ تي هڪڙي ننڍي جيل ۾ قيد رکيو ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان عظيم سورمي تي حملا به ڪيا ويندا ها، هن کي ماري ڪٽي، ٽارچر ڪري وري ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويندو هو. ان غليظ ورتاءُ جي جاءِ تي، هو صبر ڪندو هو، ڇو ته هو اهڙي آزاد قوم کي پنهنجي اکين اڳيان ڏسي رهيو هو جتي سڀني انسانن جا حق برابر هوندا. مهاتما گانڌي جي باري ۾ هڪڙي ڀيري آئنسٽائن چيو هيو،” ايندڙ نسل شايد ئي ان ڳالهه تي اعتبار ڪري ته هن زمين تي گوشت ۽ رت جو ٺهيل هڪڙو انسان هلندو هيو.‘‘
Generations to come will scarce believe that a such a one as this ever in flesh and blood walked upon this Earth”.

اها ڳالهه منڊيلا لاءِ به ڪري سگهجي پئي.
”هن جزيري جو مختصر دورو منهنجي خوشي جو باعث آهي“. عورت هلڪي لهجي ۾ اظهار ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جا ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويندڙ حد تائين لحاظ ۽ شعور وارا ماڻهو رهياآهن.
ارب پتيءَ کي ويهن بالن واري ڪاري رنگ جي ٽوپي پاتل هئي، جنهن تي هي لکيل هيو” رهنمائي جو مطلب آهي ته توهان قابل اعتبار آهيو“ مطلب ته قيادت ڪرڻ فائديمند آهي.
”جڏهن توهان هيلي پيڊ مان نڪرو ته هن کي لاهي ڇڏجو، ڇوڪرا“، عورت ارب پتيءَ کي چيو. ان وقت هن جي اک ۾ شرارت ڀريل سونهري چمڪ هئي.
حفاظتي اپائن کان پوءِ ارب پتي، عورت ۽ آرٽسٽ عمارت مان ٻاهر نڪتا ته انهن جي سامهون وسيع فرش هيو، جتي موسمي اثرن جي ڪري پاروٿي پئجي ويل ڪاٺ جون ٻه ميزون رکيل هيون. جيتوڻيڪ ان وقت اس نڪتل هُئي، هوا تيز هئي، ان ڪري ارب پتيءَ پنهنجي ٽوپي لاهي ڇڏي.
”مون کي ڪجهه گهٻراهٽ محسوس ٿي رهي آهي“، ارب پتيءَ سوچيو. ”مان ڪڏهن به روبن آئلينڊ نه ويس. مون اتان جي غير انساني ۽ شيطاني نسلي ساڙ /متڀيد باري ۾ تمام گهڻو ڪجهه پڙهيو آهي، ته ڪو زمانو هو جو هت ظلم وغيره انساني رويي جي حڪومت هئي. هتي ماڻهن جي جسم جي رنگ جي حساب سان ورتاءُ ڪيو ويندو هو.
هڪڙو سنجيده قسم جو نوجوان، جنهن کي باراني ڪوٽ، خاڪي پتلون ۽ ٻيڙي هلائڻ وارا جوتا پاتل هئا، اهو هڪڙي پاسي کان نڪري آيو ۽ هن ارب پتي ۽ هن جي شاگردن کي گزارش ڪئي ته اهي هن جي پويان پويان هيلي پيڊ ڏي هلن. ان جاءِ تي فوجي سائي رنگ جو هڪڙو هيلي ڪاپٽر بيٺو هو. جنهن جا پر ڦري رهيا هئا. پائلٽ ڪنٽرول تي هيو، ۽ سامهون لڳل بٽڻن کي ڊائل ڪري صحيح ڪري رهيو هيو.
نوجوان ان ڳالهه مان مطئمن ٿي ويو ته ٽيئي مسافر صحيح نموني سان ويهي ويا آهن ۽ وزن به متوازن ٿي ويو آهي. ته هن هڪڙو مائڪرو فون ڪڍي ارب پتيءَ جي مٿي تي لڳائي ڇڏيو.
”صبح جو سلام“ ارب پتيءَ جوشيلي انداز ۾ هيلي ڪاپٽر جي پائلٽ کي ڀليڪار ڪيو.
مٿي تي هيلميٽ پاتل، اکين تي اُس جو چشمو چڙهيل هجڻ ڪري پائليٽ جو چهرو نظر نه پئي آيو. ان ارب پتيءَ جي ڳالهه تي ڪو به ڌيان نه ڏنو.
”دوست! اهو مزاج نا هي“،ارب پتي چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي. اهي ٽيئي ڪجهه سهميل سهميل هئا، پر ان سان گڏ وري خوش به هيا، ڇو جو اهي هڪ اهڙو تجربو ڪرڻ وڃي رهيا هئا، جيڪو زندگيءَ ۾ فقط هڪڙو ئي ڀيرو ٿيندو آهي.
هيلڪاپٽر مٿي ٿيڻ شروع ٿيو. پهريائن ته آهستي آهستي پر پوءِ وري تمام تيزيءَ سان.
”هي دورو سڀاڻي فقط پنجن منٽن جو هوندو. هوائون ۽ سامونڊي لهرون اڄ تمام گهڻيو ن تيز آهين“. پائلٽ ڳالهايو. هن جو لهجو سخت هيو.
ارب پتي، ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ خاموش رهيا. انهن روبن آئليڊ جا نظارا اکين سان ڏسڻ شروع ڪيا..... جيئن جئين اهي شخس هن جي ويجهو ٿيندا ويا، تيئن تيئن هي زمين وڌيڪ ڪشادي ۽ ان کان به وڌيڪ دهشتانڪ ٿيندي پئي وڃي.
جهاز هڪڙي هيلي پيڊ تي لهي ويو، جيڪو ننڍن ننڍن وڻن سان گهيريل هيو. جيئن ئي هو لٿو، ست هرڻSpringboks ٽپا ڏيئي/ٽاهه کائي اُتان ڀڄي ويا. جي ها، ست هرڻ، هڪڙي ئي وقت. انهي دوران بارش به شروع ٿي ويئي ۽ ٻيڻي انڊلٺ جهڙي ماريشيس ۾ ظاهر ٿي هئي، اها آسمان تي ڦهلجي ويئي.
”تمام زبردست“، آرٽسٽ پنهنجي گهرواري جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي چيو.
”اسان يقينن جادوئي دنيا ۾ داخل ٿي چڪا آهيون“، ارب پتيءَ معززاني لهجي ۾ چيو.
پائلٽ پاڻ کي ڪاڪ پٽ مان کوليو، ڪجهه بٽڻ دٻايا ۽ هيلي ڪاپٽر بند ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٽيئي مسافر اسفالٽ جي ٺهيل جڳهه تي اٿي بيهي منظرن جو جائزو وٺڻ لڳا. اوچتو خبر ناهي ڪٿان هڪڙو ٽرڪ جنهن تي KSA جا لفظ لکيل هئا، تيزي سان اچي نڪتو. ان جي اچڻ جي ڪري ان جاءِ تي ڌوڙ ئي ڌوڙ ٿي ويئي.
”توهان کي هتي نه اچڻ گهربو هو“، ڊرائيور رڙ ڪري چيو، جيڪو سيڪورٽي گارڊ هيو. هو هيلي ڪاپٽر تائين پهچي ويو . هو اڃان تائين پنهنجي ٽرڪ ۾ هيو.
”سخت موسم جي ڪري روبن آئي لينڊ عام ماڻهن لاءِ بند آهي“، هن ڏاڍي ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو. ”ٻيڙيون بند آهن، ننڍن بحري جهازن تي به بندش آهي ۽ هيلي ڪاپٽر کي به هتي اچڻ جي اجازت نه آهي. توهان کي ان جي باري ۾ خبر هئڻ گهرجي ها، توهان کي هتي نه اچڻ گهرجي ها“، آفيسررڙ لري چيو ۽ وڌيڪ پڇيو ته ،” توهان آهيو ڪير“؟.
گارڊ مڪمل طور تي پيشاوراڻي وقار سان بيٺو هو. تنهنجي باوجود هو ڪجهه پريشان نظر پڻ اچي رهيو هو. ان جي ذهن ۾ ٿورو هلڪو خوف اهو هيو ته ڪٿي هيلي ڪاپٽر وارن ان جاءِ تي حملي ڪرڻ جو منصوبو نه بڻايو هجي. هو سوچي رهيو هو ته ايندڙ ماڻهن جي نيت خطرناڪ نه هجي.
”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي“، پائلٽ اطمينان ۽ اعتماد سان چيو. هو هاڻي هيلي ڪاپٽر مان ٻاهر نڪري آيو هو. آهستي آهستي هلندي ٽرڪ ۾ ويٺل ماڻهوءَ ڏانهن هلڻ لڳو. هن پهريائن پنهنجي قميص صحيح ڪئي پوءِ پنهنجي مٿي تي پيل هيلميٽ کي ٺيڪ ڪيو. پائليٽ جوان نه هيو. هن جي چال مان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي پيو.
”هي انهن لاءِ انتهائي خاص ڏينهن آهي“، پائلٽ چيو. هن جي آواز ۾ زور اچي ويو هو.
”هي ماڻهو تمام پري کان اهو جيل ڏسڻ آيا آهن، جتي نيلسن منڊيلا کي باندي بڻايو ويو هو. هي ماڻهو اها جاءِ ڏسڻ چاهن ٿا، جتي نيلسن منڊيلا کي چن جي پٿر کي ڪاٽڻ جو چيو ويو هو ۽ ڇتي اس ۾ هن کي لوڙايو پئي ويو ۽ اتان جي جبل سان منسلڪ ٿيندڙ ڇتي اس جي ڪري هن جي اکين جي روشنائي متاثر ٿي رهي هئي. هي ماڻهو اهو احاطو ڏسڻ چاهن ٿا، جتي سائنسدان ورزش ڪندا هيا ۽ پنهنجي ساٿي سائنسدان قيدين سان لڪل پيغام پهچائڻ لاءِ ٽينس بال اڇلائيندا هيا. هي ماڻهو اها جاءِ ڏسڻ جي خواهش رکن ٿا، جتي نيلسن منڊيلا پنهنجي آتم ڪٿا، The long walk to freedom لکيو هو ۽ پوءِ ان کي زمين ۾ کڏ کوٽي پوري ڇڏيو هو. نيلسن منڊيلا جنهن اڙنهن سال ڏکيا ۽ تڪليفن ۾ ڪاٽيا، هي ماڻهو ان جو ڪجهه مشاهدو ڪرڻ چاهن ٿا. انهن کي اها خبر هئڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ هن انسان سان ڪيترائي وحشياڻا ورتاءُ ڪيا ويا، پر جڏهن هو عظيم رهنما جيل مان آزاد ٿيو ته هن انهن سڀني ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيو“.
پائلٽ بيٺل ٽرڪ جي سامهون بيٺو هو. ”مون ٻڌو آهي ته هي ماڻهو به پنهنجي ڪاروباري ۽ ذاتي زندگي ۾ پاڻ کي هيرو بنائڻ چاهين ٿا. انهن جي خواهش آهي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جا رهنما بڻجي وڃن ۽ بهتر انسانيت لاءِ رستا روشن ڪن. اڄ دنيا کي جيتري مخلص هيرن جي ضرورت آهي. ايتري ڪڏهن به نه هئي ۽ جڏهن به مان ڪنهن پليٽفارم تي ڳالهايان ٿو ته اهو ئي چوان ٿو ته ،” توهان جيڪو ڪجهه ٿيڻ چاهيو ٿا اهو پاڻ ٿيو ۽ ڪنهن ٻئي جو انتظار ڇو ڪرڻ گهرجي؟“.
Why wait for them when you have it in you to become one of them?
”ڇا توهان ان ڳالهه سان متفق نه ٿيندو، مسٽر اسٽون؟“، پائلٽ ارب پتيءَ ڏانهن منهن ڦيرائي چيو. اوچتو هن جو وات پٽجي ويو. پوءِ پائلٽ پنهنجو آهستي آهستي هيلميٽ لاهي ڇڏيو. ارب پتيءَ، عورت ۽ آرٽسٽ جيڪو ڏٺو، ان تي ٽيئي ڄڻا حيران ٿي ويا.
اهو اسپيل بائنڊر هيو .
ڪجهه ٻرندڙ قمقمن/روشنيءَ جي باوجود روبن آئيلنڊ جي جيل جا منظر وڌيڪ ڀيانڪ نظر پئي آيا، جيتوڻيڪ ڏينهن ۾ به دهشت، وحشت ۽ بي رحميءَ جو احساس ٿئي پيو/ وارو ماحول نظر پئي آيو.
ڏکڻ آفريڪا جي شاندار صبح جو هڪڙو اجنبي هٿ فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبرن جي رهنمائي ڪندي نظر اچي رهيو هو. ڪنهن سبب جي ڪري ارب پتيءَ ان کي جادو جو نالو ڏنو هو. ٽرڪ جو سيڪيورٽي گارڊ اسپيلبائنڊر جو وڏو مداح هيو. هو اسپيلبائنڊر جي ڪم کي ايڏو پسند ڪندو هيو جو پاڻ کي سڀني کان وڏو يا وري ان جي اوسي پاسي جو مداح سمجهندو هيو.
ان ڪري...ٿي سگهي ٿو، توهان يقين نه ڪيو...پر واقعي ئي اهو ٿيو ته ...ان جڳهه جي هائوس ڪيمپنگ جي سربراهه گارڊ کان سائي رنگ جو اشارو ملندي ئي ان بس کي جيڪا موسم جي خرابي جي ڪري نه هلائي وئي هئي، ٻاهر ڪڍي آيو ۽ جتي سياح بيٺا هئا، اُتي ڪاهي آيو، ان وڌيڪ هدايتن جي روشنيءَ ۾ نجي دوري لاءِ جيل به کولرائي ڇڏيو. اهو سڀ ڪجهه صرف ئي صرف ارب پتي، عورت، آرٽسٽ ۽ اسپيل بائينڊر لاءِ هيو.
هر زندگيءَ ۾، خاص ڪري وڏي مشڪل زندگيءَ ۾، امڪان جا دروازا ۽ رستا پاڻهي کلندا ويندا آهن ۽ ان مان اها ڳالهه صاف ظاهر ٿئي ٿي ته هر اهو تجربو جيڪو اسان ڪيون ٿا، ڪنهن نه ڪنهن دانش جو حصو هوندو آهي.... ۽ ها، اڪثر عقل ۽ سمجهه کان بالاتر به... ۽ اسان کي اسان جي عظيم قوتن، بهترين حالتن ۽ بهترين شين تائين وٺي ويندو آهي. اسان جي زندگي جي سفر ۾ اسان سان جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو اهو ايڏو ته منظوم ۽ ترتيب سان هوندوآ هي جو اسان کي اسان جي لڪل خوبين ۽ ٽيليٽ سان متعارف ڪرائيندو آهي ۽ اسان کي اسان جي اندر لڪل عاليشان هيرو سان ملائي ملاقات جو شرف بخشيندو آهي.
ٽور گائيڊ جيڪو پاڻ به هڪڙو اڳوڻو سياسي قيدي هيو، هڪڙو جانٺو، وڏي آواز وارو قدآوار مڙس هيو، جڏهن هو مهمانن کي جيل جي ان ڪمري ڏانهن وٺي وڃي رهيو هو، جتي ڪيئي سال نيلسن کي سخت مشقت واري قيد ۾ رکيو ويو هو، ته ان دوران هن جيڪو به سوال ڪيو، گائيڊ انهن سڀني سوالن جا جواب ڏنا.
”ڇا توهان نيلسن منڊيلا کي سڃاڻو ٿا“؟. اسپيل بائينڊر پڇيو.
”جي، مون روبن آئلينڊ ۾ هن جي اٺ سال خدمت ڪئي.“.
”هو هڪڙي فرد جي حيثيت سان ڪئين هو“؟ آرٽسٽ پڇيو، جنهن کي ڏسي ائين پئي لڳو ته جئين جئين هو ان وحشناڪ رستي مان پئي لنگهيو، ان تي نسلي تعصب جي ان دور ۾ ٿيندڙ ظلمن جي احساس جو بار وڌندو پئي ويو.
”اڙي يار“، گائيڊ، هلڪي مسڪراهٽ چپن تي آندي ، ”هو انتهائي قسم جو ٿڌي طبيعت جو مالڪ هو“.
”۽ نيلسن منڊيلا هڪڙي رهنما ۽ ليڊر جي حيثيت سان؟“. عورت پڇيو.
”شاندار، پروقار، هن جنهن انداز سان پاڻ کي سنڀاليو ۽ سڀئي تڪليفون برداشت ڪيون، هو تمام گهڻو متاثر ڪندڙ هو. هو جڏهن به پنهنجي ماتحت ليڊر سان ملندو هو ته اڪثر هن احاطي ۾ هن جون ملاقاتون ٿينديون هيون“. گائيڊ هڪڙي وسيع احاطي ۾ قدم رکندي چيو، جتي سياسي قيدي چهل قدمي ڪري سگهن پيا، گفتگو ڪري سگهن پيا، منصوبابندي ڪري سگهن پيا ۽ اتي اٿي بيهي سگهن پيا. هو اڪثر ڪري چوندو هو،” هرڪو ڪنهن نه ڪنهن هڪ کي پڙهائي. Each one, teach one ” اهڙي ريت هو پاڻ کان هيٺين جي رهبري ڪندا رهندا هيا ۽ جيڪو ڪجهه روزانو سکندا هيا، اهو ٻين ماڻهن کي ورڇ ٿي ويندي هئي. مسٽر منڊيلا اهو سمجهندو هيو ته تعليم آزادي جو آخري رستو آهي“. Education is the ultimate highway into freedom
”ان ماڻهوءَ سان ڏاڍو خراب سلوڪ ڪيو ويو. هر وقت هن کان چن جي پٿر ٽوڙڻ جو ڪم ورتو ويندو هو، جيڪو چيلهه کي چٻي ڪري ڇڏڻ وارو ڪم هيو. ڪيڏي نه بي رحمي ۽ بي شرمي جهڙي ڳالهه آهي. ڪجهه سال اڳ ۾ هو جڏهن هتي آيو ته هتي هڪڙي قبر کي کوٽڻ جو حڪم ڪيوويو... ۽ پوءِ ان ۾ ليٽي پوڻ لاءِ چيو ويو“. ٽور گائيڊ ٻڌايو.
He was ordered to dig a grave in the prison yard and then toile in it.
”هن سوچيو هوندو ته هي هاڻي هن جي پڄاڻي آ“. ارب پتيءَ هلڪي آواز ۾ چيو.
”شايد“گائيڊ جواب ڏنو. ”پر....ڇا ٿيو جو محافظن پنهنجن پينٽن جون زنجيرون کوليون ۽ ان تي پيشاب ڪيائون“.
اسپيل بائيڊر، ارب پتيءَ، عورت ۽ آرٽسٽ سر جهڪائي ڇڏيا.
ارب پتي سوچڻ لڳو،” منهنجي خيال ۾، اسان سڀني جي اندر ۾ هڪڙو روبن آئلينڊ آهي، جيڪو اسان کي اسان جي ئي اندر ۾ قيد رکيو ٿو اچي“.
”جيئن جئين اسان زندگي گذاريندا آهيون، اسان جو تعلق آزمائشن، نا انصافين سان پوندو رهي ٿو. هتي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کان وڌيڪ خراب ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو. مون نيلسن منڊيلا جي باري ۾ پڙهيو آهي، هن کي سڀني کان وڌيڪ ڏک ان ڳالهه جو هو ته جڏهن هن جي وڏي پٽ جو ڪار حادثي ۾ موت واقع ٿي ويو ته هن کي پٽ جي تدفين ۾ شامل ٿيڻ جي به اجازت نه ڏني وئي”. ارب پتيءَ بيان ڪيو، هن آسمان ڏانهن نهاريو،” منهنجي خيال ۾ اسان سڀني کي پنهنجا پنهنجا ڏک محسوس ٿيندا آهن ۽ ڪو به فرد ڏکين مرحلن ۽ حادثن جي بغير اڳتي نه ٿو وڌي سگهي“.
I read that Nelson Mandela said his greatest regret was not being allowed out of this prison to attend the funeral of his eldest son after he was killed in a car accident.
ٽور گائيڊ احاطي جي داخلي رستي جي ساڄي پاسي چوٿين دريءَ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيو ،” هي هيو نيلسن منڊيلا جو ڪمرو، اچو ته اندر هلون“.
هي ڪمرو تمام ننڍو هيو. ڪو به بسترو نه هيو، ڪاٺ جي هڪڙي ننڍي ميز هئي، جنهن تي ڪاغذ رکي قيدي ڪجهه لکي سگهن پيا. پر ڪا به ڪرسي نه هئي. ڪنڪريٽ جو فرش هيو ۽ هڪڙو ڀوري رنگ جو ان جو اُڻيل ڪنبل جنهن تي سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جا پٽا ٺهيل هئا.
”قيد جي پهرئين سال ته نيلسن منڊيلا کي وڏي پتلون به پائڻ جي اجازت نه ڏني ويئي هئي. ڀلي کڻي هتي پارو ڇو نه پوندو هجي. هن کي فقط هڪڙو پهراڻ ۽ ننڍڙو پاجامو ڏنو ويو هو. جڏهن هو وهنجندو هو ته محافظ هن کي اگهاڙو ڏسندا هئا...۽ اها هن کي جهڪائڻ ۽ تڪليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ماني جو وقت ٿي ويندو هو ته هن کي اهڙي ماني آڻي ڏيندا هيا، جيڪا حيوانن جي به کائڻ جي قابل نه هوندي هئي. جڏهن هن کي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جا خط ايندا هئا ته اهي اڪثر ڪري هن کي نه ملندا هئا. يا وري اهي تمام گهڻو سينسر ڪيا ويندا هئا. اهو سڀ ڪجهه مسٽر منڊيلا جي روح کي رنجائڻ لاءِ ڪيو ويندو هو“. گائيڊ واضح ڪيو.
”مون کي ائين لڳي ٿو ته هن ڪال ڪوٺڙي جي تڪليفن، مشقتن ۽ ذلتن ئي هن کي ايترو مضبوط، طاقتور ۽ وڏو ماڻهو بڻايو هو. هن جيل هن جي سڃاڻپ ٺاهي. بي رحمي هن جي آزادي بڻجي ويئي. هو پنهنجي فطري قوت، انسانيت ۽ هيروازم جي ڀرپور ڪيفيت تائين رسائي جي قابل ٿيو. ان خودغرض، بي رحم ۽ انسانيت کان عاري ماڻهن هن سان جيڪو سلوڪ ڪيو، ان سموري حالتن دوران نيلسن منڊيلا پنهنجي سوچ کي بهتر ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو. هن ظلم برداشت ڪري، ثابت قدم رهي اهو ثابت ڪيو ته ليڊرشپ، برداشت ۽ محبت ڇا ٿيندي آهي. ان جي نتيجي ۾ هو معافي جي علامت بڻجي ويا ۽ اهو امن جو نهايت ئي عمده مثال آهي“. اسپيلبائينڊ چيو.
”جي، بي شڪ“، ٽور گائيڊ جواب ڏنو. ”جڏهن مسٽر منڊيلا جي روبن آئلينڊ کان مڪمل آزادي ٿي ته هن کي پارل ۽ فرينشوڪ جي وچ ۾ ڊرينڪسٽائن ڪريڪشنل سينٽر منتقل ڪيو ويو. اهو واضح هو ته هن جي اڳين منزل ڏکڻ آفريڪا جي صدارت جو عهدو سنڀالڻو هو. جيتوڻيڪ هن جي باري ۾ اهو خيال ڪيو ويندو هو ته هڪڙو انتهائي غريب شخص هيڏي وڏي قوم جو ليڊر ٿي، ڪيئن ملڪ کي هلائيندو. پنهنجي اسيري جي آخري ڏينهن ۾ هن کي اتي شفٽ ڪيو ويو هو، جتي وارڊ رهندا هيا. جنهن ڏينهن هن کي آزاد ڪيو ويو، هو پنهنجي رهائشگاهه مان نڪتو ۽ گارڊ پوسٽ کان وٺي هو آخري گيٽ تائين پيدل هلندو آيو. جيل جي اهلڪارن هن کان پڇيو ته ڇا توهان کي هن سفر جي ڏانهن گاڏي ڏني وڃي، پر هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سادگي سان وراڻيو ته،” نه!، مان هي سفر پنڌ ڪندس“ ،هو اهو سفر پنڌ طئي ڪندو، ان جاءِ تي پهتو هو. اهڙي ريت، هي انقلابي رهنما ۽ تاريخي شخصيت جنهن هڪڙو تاريخي مثال قائم ڪري، وڏي روايت قائم ڪيئي/هڪڙي وراثت ڇڏي ڏني. پنهنجي طويل جدوجهد تي مشتمل آزادي جي ذريعي ايندڙ نسلن لاءِ تحريڪ ۽ جدوجهد جو وڏو مثال بڻجي ويو“.
ٽور گائيڊ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پوءِ پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
”مسٽر منڊيلا کي هي ملڪ جنگ جي حالتن ۾ ڏنو ويو هو. پر هُن هِن ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي بجاءِ، پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪيو. مون کي هن جا اهي لفظ اڄ به چڱي طرح ياد آهن. جيڪي هن هڪڙي تقرير ۾ چيا هئا؛
”مون پنهنجي زندگي آفريڪي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. مان انگريزن جي برتري جي خلاف وڙهيو آهيان. مان ڪارن جي تسلط جي خلاف وڙهيو آهيان. مون جهموري ۽ اهڙي آزاد معاشري کي خيالن ۾ رکيو آهي، جتي سڀني ماڻهن کي هڪجهڙا موقعا ملن ۽ گڏ زندگي گذارين. هتي اهو مثالي معاشرو هجي، جنهن جو مان تصور ڪيان ٿو. هتي رهڻ جي اميد ڪيان ٿو. پر.... جيڪڏهن ضرورت پئي ته ان لاءِ مان سر ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان“.
During my lifetime I have dedicated myself to this struggle of the African people. I have fought against white domination, and I have fought against black domination. I have cherished the ideal of a democratic and free society in which all persons will live together in harmony and will equal opportunities. It is an ideal for which I hope to live for and to see realized. But….if it needs be, it is an ideal for which I am prepared to die.
مسٽر رائليءَ پنهنجي نڙي صاف ڪئي. هن ننڍڙي ڪمري کي جيڪو سيمينٽ سان ٺهيل هو، ان تي هن هڪڙي گهري نظر وڌي.
”مسٽر منڊيلا هڪڙو بهادر ۽ سچو هيرو هو“، گائيڊ ڳالهه پڪي ڪئي. ”هن جي رهائي/آزاديءَ کان پوءِ، هن هڪ اهڙي وڪيل کي پاڻ وٽ ماني جي دعوت تي گهرايو، جنهن هن لاءِ موت جي سزا جي گهر ڪئي هُئي.After his release he invited the prosecutor who demanded the death penalty for him to dinner. ڇا توهان کي يقين ايندو؟ نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريڪا جي صدر جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ لاءِ هڪ اهڙي جيلر کي به گهرايو، جيڪو روبن آئي لينڊ ۾ هن جي پٺي تي چڙهي سوار ٿيو هيو“.
”واقعي“؟ عورت خاموشيءَ سان هن کان پڇيو., the
”ها، اها حقيقت آهي“ گائيڊ جواب ڏنو. ”هو هڪ سچو ليڊر هيو، دل سان معاف ڪرڻ وارو انسان“.
اسپيل بائينڊر پنهنجي آڱر مٿي ڪري اشارو ڪيو ۽ پوءِ چيو ته هو هڪڙي ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ چاهي ٿو.
”نيلسن منڊيلا لکيو آهي ته جڏهن مان دروازي کان هن گيٽ تائين آيس، جيڪو منهنجي آزاديءَ ڏانهن وڃي رهيو هو، جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته مان پنهنجون تلخيون ۽ نفرتون اُتي ڇڏي نه ويندس ته مان اڄ به جيل ۾ هجان ها“.
”هن اهو به چيو هو ته آزادي زنجيرن سان جڙيل ناهي، بلڪ اهڙي ريت جيئڻو آهي جو ماڻهو ٻين جي عزت ۽ آزاديءَ جو خيال رکي“.
He also said that to be free is not merely to cast off one’s chains, but to live in a way that respects and enhances the freedom of others.
گائيڊ پنهنجي ڳالهه ۾ اضافو ڪندي چيو ته،”ڪير به ان جي جسم جي رنگ يا ان رنگ جي پسمنظر يا وري ان جي مذهب جي بنياد تي نفرت ڪندي پيدا نه ٿيو. ماڻهن کي نفرت ڪرڻ سکڻو پوي ٿو ۽ جيڪڏهن ماڻهو نفرت ڪرڻ سکي سگهن ٿا ته پوءِ ائين ئي وري انهن کي محبت ڪرڻ به سيکاري وڃي ٿي. جيتوڻيڪ محبت ڪرڻ خود انساني دل ۾ فطري طور موجود آهي، پر معاملو الٽو آهي“.
No one is born hating another person because of the color of his skin or his background or his religion. People must learn to hate, and if they can learn to hate, they can be taught to love, for love comes more naturally to the human heart than its opposite.
”مون پڙهيو آهي ته هو صبح جو پنجين وڳي اٿندو هو ۽ پنجيتاليهه منٽ ڊُڪندو هو ۽ پوءِ هو 200 ويهڪون ڪندو هو ۽ سو فنگر پش اپ لڳائيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو سدائين صحتمند رهيو“، ارب پتيءَ چيو.
”هون ن ن “، ٽُوئر گائيڊ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو. ” مسٽر منڊيلا جڏهن هن قيد خاني ۾ آيو ته هو هڪڙو ڪاوڙيل، گرم دماغ وارو نوجوان ڇوڪرو هو. اسان جنهن نيلسن منڊيلا سان بي انتها محبت ۽ عزت ڪندا آهيون، اهو منڊيلا ان جاءِ تان منڊيلا ٿيو ۽ هن کي هڪڙي سڃاڻپ ملي“.
”سڀني بهترين مردن ۽ عورتن ۾ هڪڙي شي ساڳي هئي“ اسپيلبائينڊر چيو.
”انتهائي تڪليفون، انهن سڀني ماڻهن پنهنجن تڪليفن کي پنهنجي عظمت ۾ بدلائي پاڻ کي ان سانچي ۾ سمائي ڇڏيو، ان ڪري اهي حالتن کي پنهنجن زخمن جي ٽڪور ڪرڻ جي ِ لائق ٿيا“.
پوءِ اسپيلبائينڊر پنهنجي جيڪٽ مان هڪڙو لرننگ ماڊل ڪڍيو، جيڪو سڀ کان آخري خاڪو هيو ۽ ٻنهي شاگردن کي ڏيکاريو. ان جو عنوان هيو. The heroic human circle جنهن کي اسان سنڌي ۾ انسان جي سورمائي جو دائرو چئ سگهون ٿا. هي خاڪو ڪجهه هن ريت نظر اچي رهيو هو.


انساني سورمائي جو دائرو
”هي اهي نيڪ ڪم آهن جيڪي اسان سڀني کي متاثر ڪن ٿا، اسان کي غيرمعمولي تبديلي جا حامل بڻائن ٿا ۽ معاشري ۾ ٻين کي فائدي پهچائڻ لاءِ سورمن ۾ سمائي ڇڏين ٿا“، اسپيلبائينڊر چيو. اڄ صبح کان هن جي آواز ۾ طاقت، جنبش ۽ جوش سمايل هو.
”ليڊرشپ هرماڻهو لاءِ آهي. اسان مان هرماڻهو جي اها خواهش هوندي آهي ته هو چاهي ڪٿي به رهندو هجي، ڪجهه به ڪندو هجي، هن سان ماضيءَ ۾ ڪجهه به ٿيو هجي ۽ هاڻي هو ڪو به تجربو ڪري رهيو آهي، هن کي پنهنجي اندر جي شڪن جي هٿڪڙين، نفرت جي زنجيرن، بي رحمي وارن ڏنڊا ٻيڙين ۽ سطحي زندگيءَ جي قيد کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ اسان کي پٺتي پيل جبلت کي اونداهي قوتن جي غلامي واري جيل ۾ بند ڪري ڇڏڻ گهرجي. اسان مان هرهڪ کي صبح جوسوير پنجين وڳي اٿڻ گهرجي ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جيڪو پنهنجي ڏاهپ کي نکاري نروار ڪرڻ، پنهنجي ٽيلينٽ کي وڌائڻ، پنهنجي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ ۽ پنهنجي روح کي جوان رکڻ لاءِ ممڪن ٿي سگهي ٿو. اسان سڀني کي پنهنجي دنيا جي چوڌاري اهو ڪرڻ گهرجي“.
اسپيلبائينڊر ڳالهائيندي ڳالهائيندي روئڻ شروع ڪري ڏنو. ”اسان سڀني کي پنهنجن ذاتي ذهني جيلن مان آزاد ٿيڻ گهرجي. جنهن جي ڪري اسان پنهنجي روشني کي قيد ڪري ٿا ڇڏيون ۽ پنهنجي اشرافيت کي جڪڙي ٿا ڇڏيون. ياد رکو، اسان جون فطري خوبيون ۽ ٽيلينٽ جيڪڏهن نظر انداز ڪيا ويا ته اسان لاءِ نحوست ۽ پڇتاوا بڻجي اسان جي روح کي ڇيهو رسائيندا.
اسپيلبائينڊر ڏڪي پيو.
”اهو توهان جو وقت آهي“، هن ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي چيو.
سورمائي دائري جو خاڪو ڪمري ۾ موجود دريءَ جي شيخن سان گڏ ننڍي ميز تي پڻ سجائي ميز تي وڇائي ڇڏيو هو ۽ اڄ هن خاص ڏينهن تي سڀني جي توجهه ان ڪمري ۾ موجود خاڪي تي هئي.
اسپيل بائينڊر ارب پتي، عورت، آرٽسٽ ۽ ٽوئر گائيڊ کي چيو، ته اهي هن خاڪي جي چوڌاري ميڙ ڪري بيهي رهن ۽ هڪٻئي جو هٿ پڪڙين.
”ان کان هٽي ڪري ته اسان پنهنجي زندگي ۾ ڪهڙي تڪليف سهندا آهيون ۽ اسان جي رستي ۾ ڪهڙيون مصيبتون اينديون آهن. ان کي ڇڏي ڪري ته اسان تي ڪهڙا حملا ٿيندا آهن ۽ ڪنهن بي رحمي ۽ تشدد سان اسان جو واسطو پوي ٿو. اسان کي اڳتي قدم وڌائڻ گهرجي، اسان کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي. اسان کي مضبوط رهڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي فطرت مطابق جيئڻ گهرجي ۽ اسان کي پنهنجي ذاتي سوچ کي گهڻي کان گهڻو مضبوط ڪرڻ گهرجي. ڀلي کڻي اسان کي پوءِ ائين لڳي ته سڄي دنيا اسان جي مخالف آهيEven if it feels the whole world is against us. هي اها شي آهي جيڪا اسان کي اصل ۾ انسان بڻائي ٿي.This is truly what makes us human beings. جيتوڻيڪ ڀلي کڻي ائين به لڳي ته روشني ڪڏهن اونداهين کي جهيڻو نه ڪندي آهي، تڏهن به آزادي ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائجي،Even if it seems the light will never transcend the darkness, keep making your walk to freedom. توهان ٿورو ان ڳالهه تي غور ڪيو ته اسان لاءِ سڀني کان سٺي شي ڪهڙي آهي. اهو توهان جو اخلاقي فرض آهي ته توهان ڪوشش ڪري ماڻهن جا خيرخواهه بڻجو. سچي محبت جو اظهار ڪيو، هر هڪ کي عزت ڏيو“.
”هاڻي توهان جو وقت اچي ويو آهي“، اسپيلبائينڊر پنهنجو هڪڙو هٿ آرٽسٽ جي هٿ مٿان رکندي چيو. جڏهن ته ٻيو هٿ وري عورت جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو. هن جي چهري تي هڪڙي خاموش مسڪراهٽ ڦهلجي ويئي. هو مطئمن ۽ پرسڪون نظر اچي رهيو هو.
”ڇا جو وقت“، آرٽسٽ حيرت مان پڇيو.
”پنهنجي زيارت جي شروعات ڪرڻ جو وقت“ جواب سادو هيو.
”ڪٿان جي زيارت؟ ڪهڙي زيارت؟“ عورت جي چهري تي پريشاني جا آثار نظر اچڻ لڳا.
”هن سرزمين جي زيارت جنهن کي ”ميراث“ چون ٿا.“ اسپيل بائينڊر واضح ڪيو.
”هن جڳهه جا تمام گهڻا ماڻهو سياح آهن. پنهنجي قيمتي صبح جي چند منٽن مان ڪجهه گهڙيون ڪڍو. توهان جو هي خاڪي جسم، جنهن جي باري ۾ اڪثر ماڻهن جي اها راءِ هوندي آهي ته جڏهن به ماڻهو مري ويو ته هن جو جسم اتي ئي رهندو. ان کان اڳ ۾ جو اهي ماڻهو ذهني طور تي ٻي ڳالهه سوچين۽ ان راءِ کان منتشر ٿي وڃن، اهي پنهنجي ڪارڪردگي جي معيار، پنهنجي شائستگي جي سطح ۽ پنهنجي اثر جي گهرائي تي توجهه ڏين. ان کان اڳ ۾ جو اهي پنهنجي ڏينهن جي ڪمن ۾ ٻيهر مصروف ٿي وڃن. اهڙي قسم جا ماڻهو پنهنجي مصروف وقت مان ٿورو وقت ڪڍي، وقفو ڪري غور ڪندا آهن ته انهن ڪيڏي نه خوبصورت زندگي گذاري آهي ۽ زندگي جا هي پل جنهن ۾ جيئرا آهن، اهي لمحا جيون گهارڻ ۾ ڪيتري گهڻي مدد ڪندا رهيا آهن. اهي ئي هن ڌرتي جا سچا سياح آهن“.
مسٽر رائليءَ پنهنجي استاد جا اهي لفظ ٻڌي پنهنجون ٻانهون مٿي ڪيون. ”مان پنهنجي زندگي سان پيار ڪيان ٿو، مان ان کان به وڌيڪ سٺو ليڊر ٿيندس“، هن چپن ئي چپن ۾ مسڪرايو.
I love my life. I will become an even better leader.
”انسانيت جي ممتاز سورمي”ميراث“ نالي هن رياست جا تا حيات رهاڪو ۽ شهري هيا. هي ان جي اباڻي رهائش گاهه هئي ۽ هي اها ئي شي آهي. جنهن هن کي ان جي لائق بڻايو. ان جو سڀ کان وڏو مشن اهو هيو ته هو پنهنجي زندگي ۾ پاڻ کان وڏي مقصد لاءِ جيئن. ان ڪري اهي جڏهن هن دنيا مان هليا ويا ته ان مهل هي دنيا اوندهه نه پر به ان کان به وڌيڪ روشن هئي. جيڪا هن شاندار نموني سان گذاري هئي“.
”اسان سڀني جي هڪڙي تاريخ اختتام (ايڪسپائري ڊيٽ) آهي“. ارب پتيءَ اضافو ڪيو. ”اسان مان ڪنهن کي به اها خبر ناهي ته اسان جي ڪيتري حياتي آهي“.
”بلڪل صحيح“، عورت اتفاق ڪيو.
اسپيلبائينڊر پنهنجي ڳالهه جاري رکي” اڄ ۽ خاص هن لمحي جو اهو حق آهي ته توهان پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ تخليقي، انتهائي ڪارگذار ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي خدمت لاءِ تيار ڪري ڇڏيو. مهرباني ڪري پنهنجي مهارت جي ڪمال کي معطل ڪرڻ نه ڏيو. پنهنجي فطري قوت ۽ طاقت جي خلاف هاڻي مزاحمت نه ڏيکاريو. پنهنجي خوف، استرداد ،شڪ، مايوسين جي ذريعي پنهنجي ذات جي روشني کي وسامڻ نه ڇڏيو. هي توهان جو وقت آهي ۽ توهان جو ڏينهن آهي... ته توهان پنهنجي اصلي انداز سان ٽپو ڏيو ۽ اهڙا بهترين رهنما بڻجي وڃو، جيڪو هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به وجود ۾ نه آيو هجي. سچن ماهرن ۽ مستند هيرن جي دنيا ۾ داخل ٿيو جيڪي تهذيب جي سموري ترقيءَ جا زميوار آهن“.
اهي پنجئي هاڻي هڪڙي دائري ۾ بيٺا هيا.
”رهنمائي ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته توهان جنهن انداز سان کٽي آيا آهيو، ان جي ذريعي ٻين کي متاثر ڪيو. رهنمائي اها ڪرڻي آهي ته توهان پنهنجن ڏکين ڏينهن ۾ باهه ۾ لنگهندي معافي جي دنيا ۾ قدم رکو. رهنمائي اها آهي ته پنهنجي زندگي جي ڪنهن به قسم جي ننڍي/گهٽ سوچ کي خارج ڪري ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي عظيم بڻجڻ واري واٽ تي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏيو. قائداڻي ڪردار جو مطلب آهي ته پنهنجي اندر جي خوف ۽ دهشت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سموري مايوسي کي هيرو بنائڻ جي ڪوشش ۾ منتقل ڪيو ۽ سڀني کان وڌي ڪري رهنمائي اها ڪرڻي آهي ته توهان هن ننڍڙي سياري تي چڱائي جي نشاني بڻجي وڃو. اڄ، توهان کي پنهنجي زندگي جي معيار کي وڌائڻ تي لبيڪ چوڻو پوندو ۽ پوءِ ان جي مطابق ئي پنهنجي سموري زندگي گذاريو“.
”يا وري گهٽ ۾ گهٽ سڀاڻي کان شروع ڪري ڇڏجو“. ارب پتيءَ مسڪرائيندي چيو.
”صبح جو پجين وڳي کان شروعات ڪري“، سڀني هڪڙي ئي آواز ۾ چيو. ” پنهنجي صبح جا مالڪ ٿيو، پنهنجي زندگيءَ کي بلند ڪيو“!