ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

پنو سو پڙهن

  سرمد کوسي جو هي چوٿون ڪتاب ”پنو سو پڙهن“ سندس ڊائري جا ورق آهن. هن پنھنجي ڊائريءَ تي جيڪو لکيو آهي، اُهو نہ رڳو سندس ڊائري آهي پر اُهو ادب آهي، جنھن مان نئين نسل لاءِ هڪڙو پيغام آهي. هنن ڊائريءَ جي ورقن ۾ ڪيتريون ئي امُلھہ ڳالھيون پڻ آهن، جن جي مطالعي سان نہ رڳو سندس شخصيت، صحبت، سنگت ۽ فطرت جي پرک پوي ٿي پر هن پنھنجي ڊائريءَ ۾ پراوا خيال ۽ احساس بہ اُڻيا آهن. سرمد جي هنن ڊائريءَ جي ورقن ۾ ڪُل ڪائنات آهي، ڪائنات جون ڳالھيون آهن، تيز، تلخ تجربا ۽ حقيقتون آهن، اُنهن تجربن جي آڌار تي انھن جا حل بہ آهن تہ نصيحتون پڻ آھن.

  • 4.5/5.0
  • 22
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پنو سو پڙهن

ارپنا

هي پيار جو پورهيو 

پنهنجي ڌرتيءَ جي

 اُنهن ڏُکويل ماڻهن کي ارپيان ٿو،

 جيڪي هن برساتي ٻوڏ ۾ انتظامي نااهلي،

 سماجي بيحسي، 

سماجي اڻبرابري

 ۽

 سياسي ويساهه گهاتي سبب

 پنهنجي وطن ۾ بي وطن آهن،

 پنهنجي ڌرتيءَ تي 

بي يارو مددگار ۽ بيوس آهن!


سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان ليکڪ سرمد کوسي جي لکيل ڊائريءَ جي ورقن تي مشتمل مجموعو ”پنو سو پڙھن“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.

  سرمد کوسي جو هي چوٿون ڪتاب ”پنو سو پڙهن“ سندس ڊائري جا ورق آهن. هن پنھنجي ڊائريءَ تي جيڪو لکيو آهي، اُهو نہ رڳو سندس ڊائري آهي پر اُهو ادب آهي، جنھن مان نئين نسل لاءِ هڪڙو پيغام آهي. هنن ڊائريءَ جي ورقن ۾ ڪيتريون ئي امُلھہ ڳالھيون پڻ آهن، جن جي مطالعي سان نہ رڳو سندس شخصيت، صحبت، سنگت ۽ فطرت جي پرک پوي ٿي پر هن پنھنجي ڊائريءَ ۾ پراوا خيال ۽ احساس بہ اُڻيا آهن. سرمد جي هنن ڊائريءَ جي ورقن ۾ ڪُل ڪائنات آهي، ڪائنات جون ڳالھيون آهن، تيز، تلخ تجربا ۽ حقيقتون آهن، اُنهن تجربن جي آڌار تي انھن جا حل بہ آهن تہ نصيحتون پڻ آھن.

ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2022ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سرمد کوسي ۽ مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي  
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 
sulemanwassan@gmail.com 
sindhsalamat.com  
 books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ:

پبلشر نوٽ:
سنڌ جي سماج، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي شعور، توڙي سنڌي ادب کي نئين اڳواڻي جي ضرورت آهي، نئين ليڊر شپ جي ضرورت آهي، نئين جدوجهد جي ضرورت آهي، جيڪڏهن انهن مڙني شعبن ۾ميريٽ تي چونڊ ڪجي ته ليکڪ، استاد ۽ باشعور نوجوانن ۾ سرمد کوسو پڻ اچي وڃي ٿو.
سرمد کوسو بهترين انسان، ڪچهرين جو مور، ماٺيڻو ۽ محبتي ماڻهو آهي. اخلاقيات سندس زيور آهي، ان کان وڌيڪ اڻڳڻيا ڳُڻ اٿس.
سرمد کوسو نه رڳو سُٺو ۽ محنتي استاد آهي پر هو بهترين ليکڪ پڻ آهي. هن ٿورڙي عرصي ۾ گهڻو ۽ سُٺو لکيو آهي. سندس حصي ۾ اڄ تائين چار ڪتاب اچي چڪا آهن. هو نظم به لکي سگهي ٿو پر نثر ڪمال جو اٿس، سندس لکڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي مهارت، خوبصورت رواني آهي، هو هن خطي جي مڙني مسئلن کي سمجهي ٿو، پر سندس فوڪس تعليم ۽ ادب آهي.
سرمد جو هي چوٿون ڪتاب ”پنو سو پڙهن“ سندس ڊائري جا ورق آهن. هن پنهنجي ڊائريءَ تي جيڪو لکيو آهي، اُهو نه رڳو سندس ڊائري آهي پر اُهو ادب آهي، جنهن مان نئين نسل لاءِ هڪڙو پيغام آهي. هنن ڊائريءَ جي ورقن ۾ به ڪيتريون ئي امُلهه ڳالهيون آهن، جن جي مطالعي سان نه رڳو سندس شخصيت، صحبت، سنگت ۽ فطرت جي پرک پوي ٿي پر هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ پراوا خيال ۽ احساس به اُڻيا آهن. سرمد جي هنن ڊائريءَ جي ورقن ۾ ڪُل ڪائنات آهي، ڪائنات جون ڳالهيون آهن، تيز، تلخ تجربا ۽ حقيقتون آهن، اُنهن تجربن جي آڌار تي انهن جا حل به آهن.
سرمد کوسو جيتوڻيڪ نوجوان ليکڪ آهي، پر سندس ليک سنجيده ۽ وڏ ماڻهپي وارا آهن، اُهو ئي سبب آهي جو هن جي ڪتابن کي وڏي پذيرائي ملي ٿي، نوجوان ۽ شاگرد طبقو سندس ڪتاب پڙهي ٿو. ان کان وڌ وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته سندس چئن ڪتابن ۾ ٽي مرڪ پبليڪيشن ڪراچي شايع ڪيا آهن. هي خوبصورت ڪتاب اوهان جي هٿن تائين رسائيندي اميد اٿئون ته پڙهي پنهنجي قيمتي راءِ ضرور ڏيندا.

مرتضيٰ لغاري

مھاڳ: سرھا ڏٺم سي

مھاڳ: سرھا ڏٺم سي

سنڌ ڌرتيءَ جي ناموَر عالم علامھ آءِ آءِ قاضي جي علمي صلاحيتن ۽ ڄاڻ جي ھر ھنڌ ھاڪ آھي، سندس چوڻ آھي تھ لکڻ جي ابتدا روز مرھ جي زندگي ۾ پيش ايندڙ واقعن، تجربن ۽ مشاھدن کي تحرير (لکڻ) جي صورت ۾ آڻڻ کپي. سندن موجب لکڻ جو اھو آسان ۽ ابتدائي نُسخو آھي.
محترم سرمد کوسو ادب جي ميدان جو شھسوار آھي، ھُو گذريل ڪجھھ سالن کان مختلف موضوعن تي مسلسل لکندو پئي رھيو آھي. ھي نؤجوان ھر لقاءُ کي پنھنجي پنھنجي مشاھدي ۾ آڻيندي پڙھندڙن جي اڳيان نھ فقط تحريري شڪل ۾ پيش ڪري ٿو پر جتي ضروري سمجھي ٿو، تنھن معاملن/ مونجھارن/ مسئلن/ لقائن جا حَل بھ تجويز ڪري ٿو.
سندس لکڻيون پُر اثر آھن. اُھو ئي سبب آھي جو اُنھن کي اول کان آخر تائين پڙھڻ کان سواءِ رھي نھ ٿو سگھجي. ايئن چئجي تھ سرمد جي لکڻين ۾ مقناطيسي ڪَشش آھي.
ھن کان اڳ سرمد جا ٽي ڪتاب ڇپيل آھن. انھن مان سندس پھرين ڪتاب ”تنين کي تعليم جي“ چڱي خاصي مقبوليت ماڻي چڪو آھي. انھي ڪتاب ۾ سرمد نھ فقط تعليم جي اھميت کي اُجاڳر ڪيو آھي پر گڏوگڏ بنيادي تعليم پرائمري کان وٺي يونيورسٽي جي سطح تائين تعليم پرائيندڙ شاگردن کي پيش ايندڙ مسئلن/مشڪلاتن جي نشاندھي ڪندي ڏاڍيون ڪارائتيون ۽ مفيد ڳالھيون لکيون آھن، سرمد جو تعلق ڳوٺاڻي زندگيءَ سان آھي، اُن ماحول ۾ ئي ھن پنھنجي تعليم مڪمل ڪئي آھي ۽ اُن حوالي سان سموري تعليمي سفر ۾ سندس انيڪ مشاھدا آھن. ھاڻي ھُو پاڻ شاگردن کي پاڙھي ٿو، تھ اُن دوران بھ ھُو شاگردن جي نفسيات کي باريڪ بينيءَ سان ڏِسي ٿو ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ھن انھن تجربن ۽ مشاھدن کي لفظن جو روپ ڏيئي ڏاڍا وڻندڙ ۽ دؤر حاضر سان ٺھڪندڙ عنوان ڏيئي نھ فقط تعليمي سرشتي ۾ ڪافي مسئلن جي نشاندھي ڪئي آھي پر ھن معاشري ۾ تعليمي ۽ ادبي حوالي سان پنھنجي سڃاڻپ ڏاڍي مانائتي انداز سان ڪرائي آھي. پڙھڻ، لکڻ سندس روزمرھھ جي معمولات ۾ شامل آھي. مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب سندس مطالعي جي ميز جو سينگار آھن. ڪتابن جي چونڊ ۾ بھ ھُو ڏاڍو باذوق آھي. ڪچھري دوران مختلف ڪتابن مان حوالا ڏيڻ مان لڳي ٿو تھ سندس مطالعو ڪيترو وسيع آھي!
سندس اندازِ بيان ٻڌندڙ کي ڏاڍو متاثر ڪري ٿو. جي نؤجوان سماج جو ھڪ اتساھيندڙ ڪردار (Inspiring Personality Character/ of Society) آھي. ٻي ماڻھو جي راءِ جو احترام ڪندڙ پر پنھنجو موقف پنھنجي رنگ ۽ ڍنگ سان پُراعتماد لَھجي ۾ پيش ڪندڙ اسانجو ھي نؤجوان اديب شخصي حوالي سان ڏاڍو قربائتو، نيڪ ۽ نفيس انسان آھي، پڙھائڻ جي پيشي سان واپستھ آھي. خيرخواھي، علم دوستي، رشتن ناتن، وابستگين سان نڀاءَ، پنھنجي فرض جي ادائگي، معاملھ فھمي، درگذر ڪرڻ، سھپ، رواداري، وفاداري ۽ سڀني ۾ پرين پسڻ وارو ھي نؤجوان پنھنجي عِلم ۽ قلم سان ڌرتيءَ جي خدمت ڪري رھيو آھي. ساڻس گڏجڻ، ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ لطيف سائين جي لفظن ۾ ھينئن چئجي تھ:
وٽان ويھي تِن، پيئج ڪي پياليون.
سرمد جي ڪتاب ”تنين کي تعليم جي“ تعليم جي موضوع تي مختصر مگر جامع مواد تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب ۾ ٻارن جي نفسيات ۽ ڪيفيتن کي سمجھڻ ۽ پڙھائڻ سان گڏوگڏ نصابي ھم نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جي اھميت ۽ افاديت تي ليکڪ پنھنجي تجربي ۽ مشاھدي جي آڌار تي شاگردن ۽ استادن جي وڏي رھنمائي ڪئي آھي.
مانوارو ليکڪ ھن ئي ڪتاب جي ھن ھڪ موضوع ”احساسن جو موت“ ۾ معاشرتي ۽ احساسن کان خالي وجودن جي زور تي ڏاڍو فڪرمند آھي، اھي احساس ئي آھن، جيڪي ھڪ فرد کي ٻي فرد سان جوڙي رکن ٿا. ايئن ئي معاشري ۾ اجتماعيت جنم وٺي ٿي ۽ معاشرو پنھنجي بنيادن کي ھَر حوالي سان مضبوط ۽ مستحڪم ڪري ٿو، جيئن اقبال چيو تھ:

فرد ربط ملت سے قائم ہے اور تنھا کچھ نہیں،
موج ہے دریاء ہیں اور بہروں دریاء کچھ نہیں۔

جڏھن ھڪ ماڻھو، ٻي ماڻھوءَ کي ڪنھن تڪليف ۽ پريشاني واري حالت ۾ ڏسي ٿو تھ کيس مَٿس رحم اچي ٿو، اُن جي تڪليف کي پنھنجي تڪليف سمجھي اُن تڪليف مان کيس ڇوٽڪارو ڏياري ٿو، يا ڏيارڻ جي وَس آھر ڪوشش ڪري ٿو. احساس ان عمل جو نالو آھي، جنھن معاشري ۾ ھڪ ٻئي جي احساسن جو خيال ڪيو وڃي ٿو، اُتي باھمي احترام ۽ ربط پيدا ٿئي ٿو ۽ ماڻھو ماڻھوءَ جو ڀرجھلو ٿئي ٿو.
مختلف موضوعن تي مشتمل ڪتاب سرمد جي نظر مان گذرندا پئي رھيا آھن. سندس ھڪ ٻيو ڪتاب ”سٽون پڙھھ ساڃاھھ جون“ بھ پڙھڻ وٽان آھي. ھن ڪتاب ۾ انھن ڪتابن تي لکيل سندس تبصرا نھ فقط سندس عالمانھ سوچ ۽ فڪر جو ثبوت آھن پر کيس وسيع مطالعو رکندڙ ۽ بھترين نقاد جي صف ۾ آڻي بيھارين ٿا، ھن ڪتاب جي ھڪ مضمون: ”اندر مُلھھ اَ مُلھھ“ ۾ سرمد صاحب تبصرو ڪندي لکي ٿو تھ، سنڌي ادب ۾ ٻھ نالا نمايان لڳن ٿا. ھڪ سائين محمد ابراھيم جويو صاحب ۽ ٻيو سائين حيدر علي لغاري صاحب.
سائين حيدر علي لغاري صاحب جن جي تحرير پڙھڻ سان سُرت ۽ ساڃاھھ ۾ اضافو ٿئي ٿو پر گڏو گڏ تربيت بھ ٿيندي رھي ٿي. واقعي سنڌ جي ان ٻن عالمن جي لکڻين جي علمي گھرائي ۽ انفراديت آھي. ھن ڪتاب ۾ ڏنل مواد مطابق سرمد صاحب لکي ٿو تھ ڪتاب ۾ روشن خيالي، فلسفو، شعور، فڪر، ساڃاھھ ۽ سچائي جي پرچار ڪيل آھي. ھن مان ثابت ٿئي ٿو تھ مانوارو ليکڪ نھ فقط ڪتاب کي باقائدگي سان پڙھي ٿو پر اُن مان لاڀائتا نتيجا ڪڍي ٿو، ھُو پڙھندڙن کي پڙھڻ لاءِ ذھني طور تي آمادھ بھ ڪري ٿو. اھو ئي سبب آھي جو ھيستائين مختلف ڪتابن تي سندس پيش ٿيل تبصرا ڏاڍا پُر اثر، جاندار ۽ لاجواب آھن.
سرمد پنھنجي لکڻين ۾ ڏاڍو محتاط آھي، سندس اظھار جو انداز نرالو آھي. ھو نھ فقط تڪي توري لکي ٿو پر لکڻ مھل لفظن جي چونڊ انھن جي اھميت ۽ وقتائتي استعمال کان بھ بخوبي واقف آھي.
انتھائي حساس طبيعت جي مالڪ سرمد جو ھي ڪتاب سندس مشاھدن ۽ احساسن جو مجموعو آھي، اُنھن احساسن کي لفظن جو روپ ڏئي، انھن کي ڪتابي صورت ۾ پڙھندڙن اڳيان پيش ڪري رھيو آھي. ھي ڪتاب سندس ذاتي زندگي جي تاريخ آھي. عام طور تي تاريخ جي مضمون کي ماضي جو داستان سمجھيو وڃي ٿو. گذريل زماني ۾ ڇا وھيو واپريو؟ حڪمرانن جي حڪمراني جو انداز ڪھڙو ھيو؟ رعيت ڪھڙي حال ۾ ھئي؟ مجموعي طور تي علائقائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي طور تي حالتون ڪھڙيون ھيون تاريخ جو علم ماضي جي سماجي، سياسي، تعليمي، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي وھنوار جو آئيني دار ھوندو آھي. تاريخ لکندڙ يعني تاريخدان تاريخ جي حقيقتن کي ٽوڙڻ، مروڙڻ کان پاسو ڪري، اھائي حقيقي تاريخ آھي. ھڪ باضمير تاريخدان حڪمران طبقي جي اشارن جو منتظر نھ ھوندو آھي. ھو پنھنجي ضمير آڏو پاڻ کي جوابدار سمجھندي ”خاص“ نھ پر ”عام“ جي ڳالھھ ڪندو آھي. ھتي عام مان مراد عوام يعني پيڙھيل طبقو آھي، جيڪو عوام جي مفادن جي ڳالھھ ڪري ٿو، تاريخ اُن جي گواھي ڏئي ٿي. استاد بخاري جي لفظن ۾:
جو عام اُجاري سو جيئندو رھندو.
ھي ڪتاب سرمد جي ڊائري جا ورق آھن. ھن ڪتاب مان ھي سبق پرائجي ٿو تھ ڪوبھ پڙھيل لکيل شخص پنھنجي روزمرھھ جي ڪارگذاري/ ڪم ڪار کانسواءِ واندڪائي جي لمحن ۾ پنھنجي مُشاھدي کي لکت جو روپ ڏي. پر لکڻ مھل حقيقت پسند ضرور ٿئي. رڳو پنھنجي ڪاميابي کي ظاھر ڪرڻ ۽ ناڪامين کي لڪائڻ ھڪ سُٺي ليکڪ جي سڃاڻپ نھ آھي. روز مرھھ جي وھنوار ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي بھ نروار ڪجي تھ جيئن پڙھندڙ ٻنھي صورتن کان باخبر ھُجي. ڇاڪاڻ تھ ڪابھ لکڻي ڪنھن نصيحت، سبق ۽ ڄاڻ کان خالي نھ ھوندي آھي. ليکڪ لاءِ اھو بھ ضروري آھي تھ سندس زندگي جي مختلف موڙن تي کيس پيش ايندڙ ڏکيائين جا حَل بھ پيش ڪري يا سماج جي آڏو سوال جي صورت ۾ آڻي.
اھو اُن لاءِ ضروري آھي تھ ليکڪ نھ فقط سماجي سجاڳيءَ جو ذميوار آھي پر سماجي نبض شناس/ويڄ ۽ سونھون پڻ آھي. نؤجوان ليکڪ سرمد تعليم ذريعي سجاڳيءَ جو سڏ ڏئي ٿو.
تعليم جي حوالي سان سنڌ ۾ تعليم جي روشني پکيڙڻ، تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ۾ جن مھان ماڻھن پنھنجو ڪردار ادا ڪيو، انھن ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر، ديوان ڏيارام گدو مل، سيد الھندو شاھھ ۽ حسن علي آفندي جا نالا نمايان آھن. ان کان سواءِ انيڪ استادن، عالمن ۽ اديبن بھ پنھنجي وس آھر تعليم ذريعي پنھنجي قوم جي بھتري ۽ ڀلائي لاءِ جاکوڙيو آھي. اِھي سڀ تاريخ جا امر ڪردار آھن. اِھي پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري اسان لاءِ شاندار مثال قائم ڪري ويا. ھاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ کپي؟ اسان کي بھ انھن جي قائم ڪيل شاندار مثالن جي پيروي ڪندڙ ھلندڙ دؤر جي تقاضن مطابق خلوص، سچائي ۽ لگن سان تعليم سان آراستھ ٿي، جھالت جون پاڙون پٽڻيون پونديون. ڇاڪاڻ تھ حصول تعليم ئي اسان جي بقا جي ضمانت آھي.
اسان کي سرمد جي لکيل ھن ڪتاب کي نھ فقط پڙھڻ کپي پر ھَڻ وٺ واري ھن ماحول/ جھان مان ڪجھھ گھڙيون بچائي پنھنجي روز مرھھ جي ڪھاڻي ڊائري جي صورت ۾ پنھنجي زباني پاڻ لکڻ گھُرجي.
آئون سمجھان ٿو تھ سرمد جي ھِن ڪتاب جو بنيادي ڪارج بھ اُھو ئي آھي.
شل قلم سان سندس نينھن وارو ناتو قائم دائم رھي!
لطيف سائين جي لفظن ۾:
سَرَھا ڏِٺَم سي، جَن ساڃاءِ سراڻءِ سين،
تيغَ تَنين جي کي، ڪَٽُ نھ لڳي ڪڏھِمِ!


ھيرو مل
تلھار، سنڌ
05 نومبر 2022ع

پنھنجي پاران:

پنھنجي پاران:
احساسن، جذبن ۽ زندگيءَ جي مختلف ڪيفيتن کي قلم کڻي ڊائري تي لکڻ سان مونکي سُڪون جو احساس ٿيندو آهي. زندگيءَ ۾ انسان مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو. ڪڏهن سردي ته ڪڏهن گرمي، ڪڏهن ڏک ته ڪڏهن سُک....! ايئن سلسلو هلندو ٿو رهي. انسان هر پَل، هر ورتاءُ، هر لقاءُ توڙي هر منظر مان گهڻو ڪجهه سِکندو رهي ٿو ۽ اِهو سِکڻ جو عمل به زندگي ڀر جاري رهي ٿو.
اڄ منهنجو چوٿون ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. جنهن جو موضوع ”ڊائري جا ورق“ آهي. ڪو به ليکڪ جڏهن پنهنجي احساسن کي لکت جو روپ ڏئي ٿو ته پوءِ اُها لکت، اُهي لفظ ڪيترن ئي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪندي نظر ايندا آهن.
مون به پنهنجي لکڻين ذريعي هميشه اِها ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي سماج جي نمائندگي ڪجي، سماج جي ڏکن سورن جو نه رڳو ذڪر ڪجي پر اُن جي سببن تي به سوچجي ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم به کڻجن.
هن وقت اسانجو سماج گهڻ رخي بحران جو شڪار آهي. گهر کان وٺي تعليم، صحت ۽ ثقافت تائين هر ادارو تباهه ٿيل آهي. ماڻهو ماڻهو جو ويري بڻيل آهي. ساڙ حسد ۽ ڪينو عروج تي آهي... ڪائو ڪچ اگهائجي پيو، ماڻڪن موٽ ٿئي پئي... سڀ ڪجهه ڏسون پيا، سَهون پيا، سمجهون پيا... حال سارو اڳتي وڌڻ جي به ڪوشش ڪريون پيا. ظلم تي لکت جي صورت ۾ احتجاج ڪريون پيا. حرامخوري جي نندا ۽ هر چڱائي جي آجيان ڪريون ٿا... اهڙي طرح ئي اسان هڪ بهتر سماج جوڙي سگهون ٿا... هي ڪتاب بس اهڙن احساسن جو ئي اولڙو آهي. منهنجا لفظ، منهنجا احساس پڙهندڙن جي امانت آهن. اُهي انهن سان پيار به ڪن ٿا ۽ عزت به ڪن ٿا.
ڳالهيون ته ڪيتريون ئي آهن پر هتي بس قصو مختصر ڪندي، انهن دوستن جا ٿورا ضرور مڃيندس، جن مونکي هي ڪتاب لکڻ لاءِ اتساهيو. محترم غلام نبي سومرو صاحب منهنجو محسن آهي. هُن مونکان هي ڊائري جا ورق وٺي همسري مئگزين ۾ شايع ڪيا. اُن سان گڏ محترمه زاهده ابڙو صاحبه جي به مهرباني، جنهن جي ايڊيٽر شپ ۾ هي مئگزين شايع ٿئي ٿو. مونکان لکڻ ۾ سُسُتي ٿيندي هُئي ته غلام نبي سومرو صاحب ڪال ڪري يادگيري ڏياريندو هو ته ”ڊائري جا ورق“ نه پهتا... اهڙي طرح ڊائري جا ورق سلسلي لاءِ ٻن سالن تائين همسري ۾ مستقل طور لکندو رهيس...
هِن ڪتاب جو مهاڳ ۽ بئڪ ٽائيٽل نوٽ اهڙن ماڻهن لکيو آهي، جن سان آءٌ بيحد پيار ڪريان ٿو. هڪ مونکان عمر ۾ وڏو آهي، ٻيو مونکان عمر ۾ ننڍو آهي. اُن ڪري ٻئي منهنجي دل کي ويجها آهن. مهاڳ منهنجي محسن سائين هيري مل صاحب لکيو آهي، جيڪو نه رڳو هڪ عظيم استاد آهي پر هڪ عظيم انسان به آهي. سائين جهڙا ماڻهو جديد سنڌ جا رول ماڊل آهن، جيڪي لِڪا ڀُڻنِ لوڪ ۾... هڪ ڪُنڊ وٺي پنهنجي حصي جو ڪم بخوبي ڪري رهيا آهن. سائين مونکي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو آهي.
مون زندگيءَ ۾ تمام ٿورن ماڻهن سان حجتون ۽ انگل ڪيا آهن، سائين هيرو مل به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي. سائين منهنجي هر حجت ۽ انگل کي هميشه مان ڏنو آهي ۽ جيئن مون چيو آهي تيئن ڪيو آهي. سو، سائين جا ٻه اکر مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهن. بئڪ ٽائيٽل نوٽ منهنجي ننڍڙي ڀاءُ هالار کوسي جو لکيل آهي. هالار لاءِ مون مٿي لکيو آهي ته مونکان عمر ۾ ننڍو آهي پر عقل، فهم، فڪر ۽ مزاج جي حساب سان مونکان گهڻو وڏو آهي. مونکي هميشه پيار ئي آڇيندو رهيو آهي. جيڪا سندس وڏائي آهي. ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ٺاهڻ لاءِ پياري نعيم ديسوالي ۽ ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ مُرڪ پبليڪشن ڪراچي جي سموري سٿ، خاص طور تي پياري مرتضيٰ لغاري جي تمام گهڻي مهرباني. جنهن هر وقت محبتن جي موٽ ۾ محبتون ئي ڏنيون آهن.
مونکي اميد آهي ته منهنجا مانوارا پڙهندڙ منهنجي اڳ وارن ڪتابن وانگر هن ڪتاب کي به ساڳي محبتن ۽ پيار سان نوازيندا، جيڪو مون لاءِ ڪنهن انعام کان گهٽ ناهي...!

ساٿ سلامت سنڌ سلامت

سرمد کوسو
ڳوٺ ڊاڪٽر سومار کوسو، ضلعو بدين
8 نومبر، 2022ع جي ٿڌڙي شام.










پَنو سو پڙھن

صبر، سهپ ۽ ساڃاهه!

صبر، سهپ ۽ ساڃاهه!
• اسان جي اقتصادي حالتن، اسان جي مزاجن کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
• هاڻي صبر، سهپ ۽ ساڃاهه آخري پساهن ۾ آهن.
• مون جيستائين خاموشي سان توکي ٻُڌو پئي، تيستائين تو لاءِ سُٺو هئس. جڏهن پنهنجي اندر جو حال اورڻ شروع ڪيم، تڏهن کان تو لاءِ ڪِنو ٿي پيس.
• مون کي گمنامي وڻندي آهي، منهنجو نالو ڪنهن کي ياد نه هُجي ته سُٺي ڳالهه آهي.
• چوڌاري آواز وڌي وڃڻ، گوڙ ۽ شور ٿيڻ جي ڪري بهتر آهي ته خاموش ٿي وڃجي.
• فضول بحث کان خاموشي لک ڀيرا بهتر آهي.
• ڪڏهن ڪڏهن خاموشي ئي سُٺو جواب هوندي آهي.
• خاموشي کي جنهن ماڻهو پنهنجي دل جي ڪَنن ٻُڌو هوندو، تنهن کي خاموشي ۾ وڌيڪ موسيقيت ۽ سڪون محسوس ٿيو هوندو.

اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري...!

اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري...!
• دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي ناممڪن آهن.
• ڪنهن جي نظرن ۾ ڪري پوڻ کان پوءِ، سندس نظرن ۾ ساڳي جڳهه تي اچڻ ممڪن آهي؟
• هڪ خوددار ۽ شريف ماڻهو جي سڄي زندگي جي ڪمائي عزت هوندي آهي. ڪنهن جي وڃايل عزت واپس آڻڻ ممڪن آهي؟
• ڪنهن جو اعتماد ٽوڙڻ کانپوءِ، وري ان اعتماد کي بحال ڪرڻ ممڪن آهي؟
• ڪنهن جي دل تان لهڻ کان پوءِ، ان دل ۾ وري پنهنجو گهر اڏڻ ممڪن آهي؟
• دل ڏاڍي نازڪ ٿيندي آهي، هڪ ڀيرو ٽُٽي پئي ته وري نه جُڙندي. جيڪڏهن جُڙي به وئي ته به سَنڌو ضرور رهجي ويندو.
• جيڪي ماڻهو دلين ۾ سمايل هوندا آهن، ڀٽائي سائين واري ڳالهه ته ”اَندر رُوح رهيام، سَڄڻ اوطاقون ڪَري“، اُنهن ماڻهن جي يادن کي دل مان ڪڍڻ ممڪن آهي؟
• ماڻهو، ٽِشو پيپر ته ناهي، جو ان کي استعمال ڪري ڪنهن ڪنڊ ۾ ڦِٽو ڪري ڇڏجي.
• احساسن جي ڪا به قيمت ناهي هوندي.
• بيحس کي ڪهڙي خبر ته ڪنهن جي احساسن سان کيڏڻ، ڪيڏو وڏو ڏوهه آهي!
• ڪڏهن ڪڏهن ڪو جواب نه ڏيڻ به، هڪ جواب ئي هوندو آهي.
• جيڪڏهن محسوس ڪري سگھين ته منهنجي خاموشي به، تنهنجي لاءِ هڪ جواب ئي آهي.

زهريلا رڳو نانگ ناهن هوندا!

زهريلا رڳو نانگ ناهن هوندا!
• اسان پنهنجي رَوَين ۾ ڏاڍا غير سنجيده آهيون.
• اسان سنجيده ڳالهين کي به مذاق طور وٺي، سماج کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي.
• اها غير سنجيدگي ۽ ڇڙواڳي تيزي سان اسان جو جهڳو جهڻ ڪري رهي آهي.
• پنهنجي ڳالهايل ۽ لکيل لفظن جو سڄي عمر ڌڻي ٿيڻ، وڏي بهادري جو ڪم آهي.
• اسان ڳالهائڻ مهل اهو وساري ويهندا آهيون ته اسان جا لفظ ڪهڙو اثر پيا ڇڏين.
• اڄ جو انسان، هڪٻئي کي هٿن ذريعي ڏنگڻ جي ته ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو. پر جِتي سندس هٿ نٿو هلي، اُتي زبان، لفظن ۽ رَوَين ذريعي ضرور ڏنگي ٿو.
• زهريلا رڳو نانگ ناهن ٿيندا.
• ڏکئي وقت ۾ ڪنهن جا ٻه همٿائيندڙ ٻول به وڏو سهارو هوندا آهن.
• اسان جي سماج جي اڪثر ماڻهن جي اها عادت رهي آهي ته ٻئي جي ڪلهي تي بندوق هلائڻي آهي. پنهنجي ڪا به راءِ ناهي رکڻي. پاڻ ڪا به ذميواري ناهي کڻڻي.
• اڄ جو ماڻهو هر ٻيڙي ۾ سوار ٿيڻ جو عادي آهي. ان ڪري هن لاءِ ڪنهن به نظريي، آدرش ۽ اصول جي ڪا به معني ناهي.
• فضيلت پڻو ۽ ماڻهپو ماضي جي ڳالهه ٿيندو پيو وڃي.
• فتح جو هر ڪو ڌڻي هوندو آهي، جڏهن ته هار لاوارث هوندي آهي.
• لفظ وڏي معني ٿا رکن، اسان اُنهن جو هميشه غير ضروري استعمال ڪيو آهي.

لهندڙ سج ۽ جهڙالي شام

لهندڙ سج ۽ جهڙالي شام
ڪالهه سڄو ڏينهن پنهنجي ٻَني تي گذريو. جتي گهمندي ڦِرندي فطرت سان ڪچهري جو موقعو ملي ويندو آهي. ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هاري، مال چاريندڙ ڌراڙ، وڻن تي ويٺل پکين جي ٻولين جا آواز، آسمان تي ڇانيل ڪارا ڪڪر، تيز هوائون ۽ وري جڏهن اهي هوائون وڻن جي پنن سان ٽڪرائي مڌر موسيقي کي جنم ڏين ٿيون ته اهي سمورا منظر اندر ۾ لهي ٿا وڃن. ماڻهو، ڪجهه گهڙيون هن نفسانفسي، وٺ پڪڙ ۽ گوڙ گهمسان کان ڪافي ڏور هليو ٿو وڃي ۽ دل چوي ٿي ته ائين ئي قدرتي نظارن جو لطف وٺندي، سموري زندگي گذاري ڇڏجي.
سج لٿي جو هاري ٻني جو ڪم ڪار مڪمل ڪري گهرن ڏانهن واپس هليا ويا، ڌراڙ مال ڪاهي واپس وٿاڻن ڏي وريا ۽ پکين به پنهنجا آکيرا وڃي وسايا. ان ويل آئون به انهن خوبصورت منظرن سان ڪچهري ڪندي واپس گهر آيس پئي ته ان وقت آسمان تي لهندڙ سج جي لالاڻ ۽ مختلف رنگن جي ڪڪرن جي پينٽنگ ٿيل هئي ۽ ان وقت ئي هلڪي بوند به وسڻ شروع ٿي. ان وقت، مون وٽ موجود ريڊيي تي استاد محمد يوسف جي سدا بهار آواز ۽ انداز ۾ تنوير عباسي صاحب جا هي ٻول وڄڻ شروع ٿي ويا...
”اوھان ناهيو ته پنهنجي دل، بهارن سان ٿا وندرايون.
اسان ڏي جي اوهان ايندئو، بهارن کي نه ڏسنداسين.“

اهڙي طرح، لهندڙ سج ۽ جهڙالي شام سان گڏ، آئون اِنهن خوبصورت نظارن ۽ استاد يوسف جي ڳايل اِن سدابهار گيت جي سحر ۾ گُم ٿي ويس...

استاد جي خوشنصيبي!

استاد جي خوشنصيبي!

اُستاد، دُنيا جو اُهو خوشنصيب فرد آهي، جنهن کي منظم انداز ۾ ڪيترائي ئي تازا ذهن مِلن ٿا. جيڪي روزاني سندس ادب ۾ اُٿي بيهي سندس آجيان ڪن ٿا، جيڪي روز اُن استاد کان ڪجهه نه ڪجهه نئون پِرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. نه ته اڄ جي دؤر ۾ ڪنهن مثبت ڪم لاءِ پنج ماڻهو گڏ ڪري کين ڪا ڳالهه سمجهائڻ ايڏي سولي ڳالهه ناهي.
هڪ استاد لاءِ سڀ کان وڏو انعام اِهو آهي، جو سندس شاگرد سندس سمجهايل ڳالهه سمجهي وڃي ۽ پوءِ اُن شاگرد جي چهري تي اطمينان سان ڀرپور مُرڪ تري اچي. شاگرد ۽ استاد جي ان خوشي کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.

شاگردن لاءِ اتساهه

شاگردن لاءِ اتساهه

اُستاد جي ذميواري ۾ اِهو به شامل آهي ته هُو شاگردن کي ڪتابن ۾ موجود سبق پڙهائڻ سان گڏ زندگي جو سبق به پڙهائين. اُستاد، شاگرد تائين رڳو معلومات پهچائڻ جو ذريعو نه هجڻ گهرجي. پر اُستاد پنهنجي ڪردار سان شاگردن ۾ اتساهه پيدا ڪري، سندن ڪردار سازي به ڪري. باقي، اڄ جي دؤر ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جا ذريعا تمام وڌي ويا آهن. گوگل تي سرچ ڪري ڪا به معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
اُستاد، شاگرد جو رول ماڊل هوندو آهي. شاگرد، اُستاد جي هر عمل مان سِکندو آهي ۽ اُن کي چڱي طرح نوٽ به ڪندو آهي. اڪثر شاگرد، استادن جي هر عمل جي ڪاپي ڪري انهن جهڙو ٿيڻ چاهيندا آهن. تنهنڪري اُستاد کي ڪوشش ڪري پنهنجي هر عمل کي مثبت ڪرڻ گهرجي ته جيئن سندس شاگرد، سندس شخصيت مان سُٺيون ڳالهيون سِکي سگهن.

استاد جي شفقت

استاد جي شفقت

اُستاد کي آهستي سِکندڙ شاگردن (Slow Learners) تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙا ٻار وڌيڪ پيار جا طلبگار هوندا آهن. سندن ڳالهين کي غور سان ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت هوندي آهي. اُستاد کي، پنهنجو پاڻ کي اِهڙن شاگردن جي جڳهه تي رَکي، سندن تڪليفن کي دل سان محسوس ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.
اُستاد کي پنهنجي شاگرد کي هر ننڍي ڪوشش ۽ ڪاميابي تي همٿائڻ ۽ شاباش ڏيڻ گھرجي. ان سان گڏوگڏ شاگرد مان مثبت اميد رکڻ گهرجي ته، هي سماج جو هڪ سُٺو فرد ثابت ٿيندو. ممڪن ٿي سگهي ته شاگرد کي سندس اُن ننڍڙي ڪاميابي تي نوٽ بڪ، پين يا ڪنهن ڪتاب جي صورت ۾ ننڍڙو انعام به ڏيڻ گهرجي. اهي شاباشي جا ٻه لفظ، اهو ننڍڙو انعام شاگرد جي ذهن تي سُٺا اثر ڇڏيندو ۽ شاگرد وڌيڪ محنت ڪندو.
”اُستاد جي مار، ٻار جي سنوار“، منهنجي خيال ۾ اِن ڳالهه کي هاڻي ”اُستاد جي تربيت ۽ شفقت، ٻار جي سنوار“ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي. ڪابه ڳالهه عزت ۽ پيار سان سُٺي نموني سمجهائي سگهجي ٿي، مار ڏيڻ سان نٿي سمجهائي سگهجي. مار ڏيڻ وارو عمل، ٻار ۾ به ضد ۽ ڪاوڙ سان گڏ انتقامي رَوَيي کي جنم ڏي ٿو. جيڪو ٻار جي ذاتي زندگي سميت اسان جي سڄي سماج لاءِ نقصانڪار آهي. جڏهن ته عزت، احترام ۽ پيار سان ماڻهو هڪٻئي جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ٿو. اِها عزت ۽ احترام، اسان کي هڪ فضيلت ڀريو سماج اڏڻ ۾ ضرور مدد ڪندي.

زندگي تحرڪ جو نالو آهي!

زندگي تحرڪ جو نالو آهي!

• زندگي، تحرڪ جو نالو آهي.
• زندگي، وهندڙ پاڻي وانگر آهي. جيڪو پنهنجو رستو ٺاهيندو اڳتي وڌندو رهي ٿو. جنهن ۾ توانائي آهي، تازگي آهي، خوشبوءِ آهي، جوش ۽ جذبو آهي.
• وهندڙ پاڻي، هر شيءِ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو آهي.
• متحرڪ ماڻهو، سماج جو وڏو اثاثو هوندو آهي.
• غير متحرڪ ماڻهو، بيٺل پاڻي جي دُٻي وانگر آهي. جنهن ۾ ڌپ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جيڪو بيمارين جو سبب بڻجي ٿو.
• غير متحرڪ ماڻهو مان نه رڳو سماج پر سموري ڪائنات بيزار هوندي آهي.
• زندگي ۾ الائي ته ڪيتريون ڳالهيون درگذر ڪرڻيون پونديون آهن.
• اسان، دنياداريءَ جي نالي ۾ هر روز پنهنجي ضمير جو قتل ڪريون ٿا.
• ماڻهن کي نه رڳو سوشل ميڊيا تي اَنفرينڊ، اَن فالو، بلاڪ ۽ ڊليٽ ڪيو ويندو آهي، پر ڪجهه ماڻهن کي زندگي مان به اَنفرينڊ، بلاڪ ۽ ڊليٽ ڪرڻو پوندو آهي.
• جنهن محفل ۾ ويهندي مَن ۾ مونجهه پيدا ٿئي، ان محفل کان جيترو جلد پاڻ کي الڳ ڪجي، ايترو بهتر ٿيندو.

گُل زندگي جي علامت آهن!

گُل زندگي جي علامت آهن!

• معصوميت جي به پنهنجي ٻولي آهي.
• ٻار، نيچر جو نمائندو آهي.
• ٻار، مِٽي مان رانديڪا ٺاهي، پاڻي سان راند کيڏي، نيچر سان پيار جو ثبوت ڏي ٿو.
• ٻار، گُلن ۽ پوپٽن جي ويجهو هوندو آهي.
• ٻار کي گُل پٽڻ ۽ پوپٽ پڪڙڻ، اسان سيکاريندا آهيون. جنهن ذريعي اسان ٻار کي دنياداريءَ سمجهائيندا آهيون.
• اسان پنهنجي انهن سڀني ڪارنامن کي تربيت جو نالو ڏيندا آهيون.
• گُل، زندگي جي علامت آهن.
• منهنجا شاگرد، منهنجا استاد آهن.
• اسان جي ٻني جي ڀر سان هڪ ڍنڍ آهي، جنهن ۾ مينهن وسڻ کان پوءِ پاڻي جمع ٿي ويندو آهي. پوءِ ان ۾ مڇيون، پکي ۽ ڪي ننڍڙا جانور به اچي پناهه وٺندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ، آئون ٻني تي چڪر ڏئي رهيو هئس ته هڪ سَهو ڊوڙندي نظر آيو. جيڪو مون کي ڏسي فصل ۾ لڪي ٿي ويو ۽ وري ظاهر ٿي ٿيو. مون کي سندس لڪ لڪوٽي راند، معصوميت ۽ مستي ڏاڍي وڻي.
• هر رشتي جو بنياد، اعتماد هوندو آهي. جڏهن اعتماد ئي ختم ٿي ويندو آهي ته رشتا به پنهنجي موت مري ويندا آهن.

گهڻن ماڻهن جو سج لهي ويو آهي!

گهڻن ماڻهن جو سج لهي ويو آهي!

• ڪنهن ڳالهه کي سمجهڻ کان پهرين ٻُڌبو آهي.
• اسان ٻُڌندا گهٽ ۽ ڳالهائيندا جام آهيون.
• هن سماج جي اڪثر ماڻهن کي ڪميونيڪيٽ ڪرڻ ئي ناهي ايندو. جيڪا ڳالهه هڪ جملي جي هوندي آهي، ان تي اڌ ڪلاڪ ڳالهائيندا آهن.
• اسان سڀ اهو چاهيندا آهيون ته اسان جي ڳالهه کي سڀ ٻُڌن پر اسان ڪنهن جي نه ٻُڌون.
• اڄ جو الميو: جيڪو مون سان متفق ناهي سو منهنجو دشمن آهي. باقي جيڪو منهنجي غير ضروري ڳالهه تي واهه واهه ٿو ڪري، سو منهنجو دوست آهي.
• اسان لفظن ذريعي سامهون واري شخص کي ايذائي، پوءِ سموري زندگي پيا پڇتائيندا آهيون.
• اسان جا لفظ اسان جي سڃاڻپ آهن.
• اسان وٽ، وقت جي ڪا به اهميت ناهي. گهڻا ماڻهو ته اهو سوچيندي ڏينهن گذاري ڇڏيندا آهن ته سج ڪيڏي مهل ٿو لهي.
• وقت، پئسو آهي.
• گهڻن ماڻهن جو به سج لهي ويو آهي.

خاموشي به وڏي نعمت آهي!

خاموشي به وڏي نعمت آهي!

• پِرهه ڦُٽي جو، ٻني ۾ ڍڳن سان هَر ڪاهيندڙ هاري ۽ سج لٿي مهل ڌنار جي مال جي ڌڻ سان واپسي وارا منظر به ڏاڍا دلفريب هوندا آهن.
• مون کي جهڙو سِڪون ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي ڪتاب پڙهڻ ۽ پکين جو ٻوليون ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي. اهڙو سڪون ڪٿي به ناهي ايندو.
• خاموشي به وڏي نعمت آهي.
• چنڊ سان چانڊوڪي ۾ ڪچهري جو به پنهنجو مزو آهي.
• وڻن جي پنن مان تيز ھوا جو گذر به سُريلين ڌُنن کي جنم ڏيندو آهي.
• ماڻهن جي اڪثريت پيار کان محروم آهي. جنهن جي ڪري ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سندن وجود جو حصو ٿي وئي آهي.
• مون ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجو پاڻ کان ناراض ڏٺو آهي.
• بيوسي جهڙي ظالم ڪيفيت ٻي ڪا به ناهي.
• ماڻهو، ٻئي جي بيوسي مان فائدو وٺڻ لاءِ هر وقت آتا هوندا آهن.
• رات جي پوئين پهر ۾ اک کُلڻ سان، پري پري کان لتا جو گانو 'يارا سيلي سيلي' ڪنن تي پوڻ کان پوءِ دل ۾ لهي وڃي. ڇا ان کان وڌ زندگي جي خوبصورتي جو ڪو مثال ٿي سگهي ٿو؟!

انسان جيڏو مضبوط آهي، ايڏو ئي ڪمزور به آهي!

انسان جيڏو مضبوط آهي، ايڏو ئي ڪمزور به آهي!

• زندگي ۾ ماڻهو، جنهن کي سڀ کان وڌيڪ پيار ڪندو آهي. سو ئي هر ڀيري نئين درد جو سبب بڻبو آهي.
• ماڻهو خبر ناهي ڪيئن ايڏا سماجي ٿيندا آهن، هر روز نوان رشتا پيا ٺاهيندا آهن ۽ پُراڻا رشتا پيا ڊاهيندا آهن.
• رشتا مذاق ته ناهن هوندا، جو پيا ڪپڙن جي جوڙي وانگر تبديل ڪجن. ڇا رشتا رکڻ ۽ رشتا ٽوڙڻ ايڏو سولو ڪم آهي؟!
• مون کي هر وقت اهو احساس هوندو آهي ته منهنجو پنهنجي سڀني پيارن سان پيار وارو رشتو قائم رهي.
• سچا رشتا ئي پيار جو سبب هوندا آهن. جن کي برقرار رکڻ لاءِ تمام گهڻي سهپ، درگذر ۽ وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو آهي.
• ننڍو ٿيڻ يا وڏو ٿيڻ، انسان لاءِ اهي ٻئي ڳالهيون ڏکيون آهن.
• مون لاءِ اُهو ڪلهو وڏي آٿت جو سبب هوندو آهي، جنهن تي مان پنهنجو ڪنڌ رکي ٻه لڙڪ لاڙي سگهان.
• ڪڏهن ڪڏهن سُور ماڻهو کي طاقتور بڻائيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ذرن ۾ ورهائي ڇڏيندا آهن.
• انسان جيڏو ئي مضبوط آهي، اوڏو ئي ڪمزور به آهي.
• منهنجي امڙ جو چهرو، مون لاءِ زندگي آهي، مون لاءِ اتساهه جو سبب آهي.

انسانن جو هڏڏوکي هجڻ!

انسانن جو هڏڏوکي هجڻ!

• ٻيلا ۽ جهنگ ته پاڻ ئي پيا وڌندا ويجهندا آهن پر هر باغ جو ڪو نه ڪو مالهي هوندو آهي. جيڪو ان باغ ۾ موجود هر وڻ، ٻوٽي ۽ گُل جي نفسيات ۽ مزاج کان بخوبي واقف هوندو آهي. نه رڳو واقف هوندو آهي پر هو انهن سڀني جي مزاج ۽ نفسيات جو خيال به ڪندو آهي.
• مالهي ئي ڄاڻيندو آهي ته گُلاب جي ڪهڙي اهميت ۽ موتئي جي ڪهڙي اهميت آهي.
• اسان وٽ اڄڪلهه گُلن کي چيڀاٽڻ عام ٿي ويو آهي. هر روز ڪنهن نه گُل جو چيڀاٽيل چهرو اسان جي سامهون ايندو رهندو آهي.
• اسان ڪنهن تي ٿيندڙ ظلم کي ننديندا به ناهيون ۽ نه ئي مظلوم جا ساٿي ٿيندا آهيون پر اسان پنهنجي مزاج ۾ موجود وحشي پڻي ذريعي مظلوم تي ٿيندڙ ظلم ڏسي مزو وٺندا رهندا آهيون.
• ان کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جو اسين هڪٻئي جي ڏُک کان لاتعلق ٿي وڃون.
• اڄ جي ماڻهو جا ڏک ۽ سور هڪٻئي کان الڳ آهن. ان جي نتيجي ۾ انسان اڪيلو ٿيندو پيو وڃي.
• اڄ جي دور ۾ ڪنهن مان چڱائي جي اميد رکڻ بيوقوفي ئي آهي. ڪو وڙلي اهڙو ماڻهو ملندو، جيڪو چڱائي جو سبب بڻجي.
• انسانن جو هڏڏوکي هجڻ، فضيلت واري ماڻهو جي ئي عادت ۾ شامل هوندو آهي.
• اڄڪلهه صلح ڪرائيندڙ گهٽ، معمولي ڳالهه کي هوا ڏئي نفرتون پکيڙيندڙ عام جام ملندا.
• مون ذاتي تجربي مان اهو سکيو آهي ته، ڪنهن به شخص لاءِ جلدي ۾ ڪا به راءِ نه ٺاهيو. اسان جلدي ۾ ماڻهن مان متاثر به ٿيندا آهيون ۽ جلدي ئي ماڻهن مان بيزار ٿي پوندا آهيون. هر ماڻهو کي وقت ڏيو، هُو توهان جي سامهون پاڻ ئي ظاهر ٿي پوندو ته هُو ڪير آهي. توهان کي اڳ ۾ ان بابت ڪا راءِ ٺاهڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.

سوشل ميڊيا اسانجو سماجي آئينو آهي!

سوشل ميڊيا اسانجو سماجي آئينو آهي!
• سوشل ميڊيا اسان جو سماجي آئينو آهي. جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي چهرا ۽ ڪي منظر ڏاڍا ڀيانڪ نظر ايندا آهن.
• سوشل ميڊيا ذريعي اسان جي سماجي سهپ، ساڃاهه، عقل، فهم، علم، عمل ۽ ٻين کوڙ سارين ڳالهين جي خبر پوي ٿي.
• اسان جي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا وٽ ڪنهن به قسم جي علمي، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي لاءِ ڪا به جڳهه ناهي.
• اسان کي فضول ۽ مدي خارج سياسي تجزين جي نالي ۾ ٽاڪ شوز ذريعي نفرت جو زهر پيئاريو ٿو وڃي.
• اسان جي ميڊيا وٽ ڪنهن به چئنل وٽ ٻارن ۽ نؤجوانن لاءِ ڪو به پروگرام ناهي. ساڳي طرح اخبارن ۽ رسالن وٽ به انهن ڳالهين لاءِ ڪا به جڳهه ناهي.
• ميڊيا هڪ وڏو پليٽ فارم آهي، جنهن ذريعي اسان جي ٻارن ۽ نؤجوانن جي ڪهڙي تربيت ٿي رهي آهي. اهو توهان پاڻ اندازو لڳايو.
• اسان ٻارن جي سامهون سڄو ڏينهن ۽ رات موبائيل فون پيا هلائيندا آهيون. اسان کي ڏسي ٻار به سڄو ڏينهن ۽ رات موبائيل فون پيا هلائين.
• اسان جيڪڏهن ٻارن جي سامهون ڪتاب پڙهون ته ٻار به اسان کي ڏسي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو.
• اسان جي نؤجوانن کي لائبررين ۽ راندين جي ميدانن جي ضرورت آهي. جنهن ذريعي هو پنهنجي جسم ۽ ذهن کي چُست رکي سگهي ٿا.
• اسان جي نؤجوانن کي مختلف طريقن سان عجيب مسئلن ۾ الجهائي کين ذهني ۽ جسماني طور تي معذور ڪيو ويو آهي. جيڪو ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي.

اکين ۾ موجود پاڻي کي هر ڪو ڏسي ناهي سگهندو!

اکين ۾ موجود پاڻي کي هر ڪو ڏسي ناهي سگهندو!

• اڄ صبح سوير جيئن ئي ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ گهران نڪتس ته، توکي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ، بس اسٽاپ تي ڏٺم. تون، مون کي اڳي کان به وڌيڪ خوبصورت لڳئين.
• ڪيترائي سال اڳ به، تنهنجي اکين جي ٻولي سمجهڻ لاءِ، معمول موجب جنهن بس ۾ سفر ڪندو هئس، تنهن کي ڇڏي، اُن بس جو انتظار ڪندو هئس، جنهن ۾ تون ايندي هُئين.
• تو کي ڏسڻ کان پوءِ، ان ڳالهه ۾ ويساهه پڪو ٿيندو اٿم، ته پهريون پيار ماڻهو کان ڪڏهن به ناهي وسرندو.
• پهريون پيار ته ماڻهو جي وجود جو حصو هوندو آهي.
• رات، بدين شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سُٺو وسڪارو ٿيو. صبح جو وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽ ماڻهن سميت هر جيوت صاف شفاف ۽ خوش نظر پئي آئي.
• اها واقعي حقيقت آهي ته، صبح سوير ڪنهن به خوبصورتي کي پَسڻ سان ڏينهن سُٺو گذرندو آهي.
• انسان ماني ۽ پاڻي جي اُڃ ۽ بُک ته برداشت ڪري سگهي ٿو، پر پيار جي بُک کيس سِگهو ئي ماري بيحال ڪري ٿي ڇڏي.
• مينهن ذريعي نيچر پنهنجو پاڻ کي ريفريش ٿي ڪري.
• اکين ۾ موجود پاڻي کي هر ڪو ناهي ڏسي سگهندو.
• اندر جي برساتن جي خبر، انهن کان پُڇو، جِن اندر جا ڏُڪار ۽ سُڪار، دل سان سَٺا ۽ انجواءِ ڪيا هُجن.

برساتون، زندگي ۽ موت!

برساتون، زندگي ۽ موت!

• برساتون، پاڻ سان گڏ زندگي ۽ خوبصورتي کڻي اينديون آهن. پر اسان جي سماج جهڙن سماجن ۾ اهي پاڻ سان گڏ ڪيتريون ئي تڪليفون کڻي ٿيون اچن.
• اسان جو سماجي مهذپڻو، اسان جي سماجي رَوَين مان ظاهر ٿيندو آهي.
• اسان اُن سماج جو حصو آهيون، جنهن ۾ پنهنجي گهر جو ڪچرو کڻي ٻئي جي در جي اڳيان اڇلڻ عام آهي.
• هن حالتن ۾ مَکين ۽ مڇرن جا آزار ته ٿيندا ئي آهن، پر هاڻي رُولو ڪُتن جو آزار به وڌي ويو.
• گهٽي گهٽي، ڳوٺن توڙي شهرن، روڊن توڙي رستن سميت واهڻ وستين، مطلب ته جڳهه جڳهه، قدم قدم رُولو ڪُتا، توهان کي عام جام ملندا. جن جو ڪم ئي اهو ئي آهي ته، فضيلت ڀرين ماڻهن جي زندگي ڪيئن عذاب ڪجي. سندن سُڪون ڪيئن برباد ڪجي.
• هفتن جا هفتا بجلي جو غائب ٿي وڃڻ، گَٽرن جي پاڻي سان گهٽيون، روڊ رستا ڀريل، پاڻي جي دُٻن تي مڇرن ۽ مکين جا انبوهه ڏسي، دل مان اها صدا ٿي نڪري ته، هتي ته مينهن وسن ئي نه.
• برساتن ذريعي انهن ادارن جي ڪارگردگي سامهون اچيو وڃي، جيڪي برساتن کان اڳ ۾ وڏيون وڏيون دعوائون ڪندا آهن ته حالتون ڪنٽرول ۾ آهن.
• هر ڪنهن کي پنهنجي پيٽ جي لڳل آهي.
• ڪي ڪي پيٽ ته سڀ ڪجھه کائي وڃڻ کانپوءِ به نٿا ڀَرجن. اهڙن پيٽن لاءِ تيز برساتون ۽ طوفان ڪنهن وڏي خوشي کان گهٽ ناهن.
• برسات کانپوءِ هڪ پئسي ڏوڪڙ واري همراهه فيس بُڪ تي تصوير اپلوڊ ڪري، ان تي ڪيپيشن ڏنو: ”برسات کانپوءِ پڪوڙا کائيندي ۽ خوشگوار موسم مان لطف اندوز ٿيندي“. ساڳي وقت ٽي وي نيوز چينل تي ڪنهن شهر جي اها خبر هلي رهي هئي ته: تيز برسات سبب ڪکائين گهر جي ڀت ڪرڻ سبب، گهر ۾ ننڊ سُتل ٽي معصوم ڀائر، هميشه جي لاءِ سُمهي پيا.

ڪتابن سان پيار!

ڪتابن سان پيار!

• اسان وٽ جِن جڳهن تي ڪتاب گهر هوندا هُئا، اُتي هاڻي برياني، چاٽ ۽ فاسٽ فوڊ جا دُڪان آهن.
• اسان وٽ ڪتاب پڙهندڙ ۽ لکندڙ کي واندو سمجهيو ٿو وڃي.
• ڪتابن کي ردي جي دُڪانن ۽ فوٽ پاٿن تي بيدردي سان اڇليل ڏسي شديد ڏک ۽ افسوس ٿيندو اٿم.
• اسان به عجيب ماڻهو آهيون، جن وٽ ڪتاب کي به ردي سمجهيو ٿو وڃي.
• مون هڪ اُستاد کان پڇيو ته هن وقت ڪهڙو ڪتاب پيا پڙهيو؟ جواب ڏنائين ته ڪو به نه. وري پڇيم ته ڀلا ڪتاب پڙهئي، ڪيترو وقت ٿيو اٿئو، چيائين ته ياد ناهي، ان ڳالهه کي ڪيترائي ئي سال گذري ويا آهن.
• مون اهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن، جن وٽ وڏيون وڏيون ڊگريون ته هونديون آهن پر سندن هٿ ۾ ڪڏهن به ڪو ڪتاب ناهي ڏٺو، نه ئي وري ڪتاب سندن گفتگو جو موضوع هوندو آهي.
• ڪتابن سان پيار به ماضي جي ڳالهه ٿيندي پئي وڃي.
• آئون، جنهن ڏينهن به ڪٿي ڪو نئون ڪتاب ڏسندو آهيان ته، اندر ۾ هڪ اتساهه جو احساس محسوس ڪندو آهيان.
• ڪتابن کي پڙهڻ، ڪتابن جي ورقن کي ڇُهڻ، ڪتاب پڙهندي پڙهندي ننڊ جو اچي وڃڻ. انهن سڀني احساسن کي اُهو ماڻهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. جنهن ڪتابن سان پيار ڪيو هوندو.
• مون، اها ڳالهه پنهنجي معمول ۾ شامل ڪري ڇڏي آهي ته، هر مهيني جي پگهار مان ڪجهه ڪتاب ضرور خريد ڪرڻا آهن. خريد ڪرڻ کانپوءِ انهن کي پڙهڻو آهي. پڙهڻ کان پوءِ انهن جي اثر کي محسوس ڪرڻو آهي. اثر محسوس ڪرڻ کان پوءِ، انهن ڪتابن بابت ٻين دوستن کي به ٻُڌائڻو آهي.

ريڊيو، تفريح ۽ جديد ٽيڪنالاجي

ريڊيو، تفريح ۽ جديد ٽيڪنالاجي

• جديد ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ڪري ماڻهو جي تفريح ۽ معلومات لاءِ تمام گهڻيون شيون ايجاد ٿي چُڪيون آهن. اسان انهن کي ڪيئن استعمال ڪيو آهي، يا وري انهن مان اسان کي ڪهڙا فائدا ۽ نقصان ٿيا آهن، اهو هڪ الڳ بحث آهي.
• انهي ٽيڪنالاجي ۾ ريڊيي (Transistor) جي به پنهنجي اهميت ۽ مزو رهيو آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلهه مختلف اسٽيشنون انٽرنيٽ ذريعي به هلن ٿيون ۽ ايف ايم ريڊيو به هر سمارٽ فون ۾ موجود آهي.
• اڄ به مختلف علائقن، خاص طور تي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻا، ٻني جو ڪم ڪار ڪندي ريڊيو ٻُڌندا رهندا آهن.
• بي بي سي ريڊيو جون صبح ۽ رات واريون خبرون ٻُڌڻ ته ڪيترن ئي ماڻهن جي معمول ۾ اڄ به شامل آهي.
• آئون، هاء اسڪول ۾ پڙهڻ واري وقت کان وٺي، هن وقت تائين ريڊيي تي مختلف پروگرام ٻُڌندو پيو اچان.
• جيڪي پروگرام سالن کان ٻُڌندا پيا اچون، اُهي ڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري نه ٻُڌي سگهڻ ڪري، ڪا کوٽ محسوس ٿيندي آهي.
• ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو به پنهنجو هڪ عروج وارو زمانو رهيو آهي. جڏهن انور هَڪڙو، نصير مرزا ۽ ٻيا پروڊيوسر، خوبصورتي سان پروگرام پروڊيوس ڪندا هُئا.
• عبدالغفور کوسو، محمود مغل، زيب سنڌي، نصير مرزا سميت ٻيا به ناليوارا ڪمپيئر، ڪمپيئرنگ ڪندا هُئا. اُنهن پروگرامن ۾ هڪ ته گفتگو به زبردست هوندي هُئي ۽ موسيقي مان به شاندار گيتن جي چونڊ ڪئي ويندي هئي. اُهي گيت ۽ پروگرام اسان جي سدا بهار ڪلچر جي شاندار نموني عڪاسي ڪندا هُئا. ماڻهو هفتن جا هفتا پروگرامن جو انتظار ڪندا هئا. اڄوڪي ئي تاريخ تي ريڊيو جي هڪ تمام وڏي آرٽسٽ سيد صالح محمد شاهه جي ٻارهين ورسي به آهي. هو سال 2007ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
• سيد صالح محمد شاهه، ڀٽائي سائين جو پارکو هئڻ سان گڏ هڪ ڪمال جو آرٽسٽ هو. ڏاڏي فتح خان واري ڪردار کيس اَمر ڪري ڇڏيو.
• ماڻهو، فون ڪالز ڪري فرمائشي گيتن واري پروگرام ۾ پنهنجي پسند جي ڪلامن هلائڻ لاءِ پورو هفتو انتظار ڪندا هُئا ۽ پوءِ هفتي کان پوءِ، پنهنجي پسند جا گيت ٻُڌندا هُئا.
• اڄ به روز رات جو سيراندي کان ريڊيو رکي، ڪو پروگرام ناهيان ٻُڌندو ته ننڊ ناهي ايندي.

بي لوث محبتون ئي دائمي هونديون آهن!

بي لوث محبتون ئي دائمي هونديون آهن!

• اسان پنهنجو پاڻ کي اجاين انائن ۽ نفرتن جي ڪوٽن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.
• اسان جا گهڻا رشتا ۽ واسطا، غلط فهمي جو شڪار ئي ٿيندا آهن.
• اسان کي ڪو ڪم به ناهي، پوءِ به اسان سڀني کي تَڪڙ آهي.
• زندگي جي عجيب ڊوڙ ۾، ماڻهو، ماڻهو کي ڇيڀاٽي اڳتي وڌڻ جي چڪر ۾ آهي.
• بي لوث محبتون ئي دائمي هونديون آهن.
• اسان، ڪيترين ئي ڳالهين جا خالق پاڻ آهيون.
• اسان سوال به پاڻ ٺاهيندا آهيون ۽ انهن جا جواب به پاڻ ئي ٺاهيندا آهيون.
• هر ماڻهو، ٻئي کان اُهو ئي ٻُڌڻ پسند ڪندو آهي، جيڪو سندس دل چوندي آهي.
• اسان جي اها تڪڙ، اسان جا اهي سوال ۽ جواب، اسان جون اهي غلط فهميون ئي اسان جي اڪيلائي جو سبب بڻبيون آهن.
• اسان کان ڪيترا ماڻهو، وقت سان گڏ پري ٿيندا پيا وڃن، اسان کي اها خبر جڏهن پوندي آهي، تڏهن ڪافي دير ٿي چڪي هوندي آهي.

ڏُکي تو ڏُڪار توڙي وسن مينهڙا!

ڏُکي تو ڏُڪار توڙي وسن مينهڙا!

• برساتون هونئن ته فائديمند هونديون آهن. پر جتي هر نظام تباهه لڳو پيو هُجي، اُتي مسلسل ۽ تيز برساتون ته پنهنجي جڳهه تي، پر هلڪيون برساتون به ڪيتريون ئي پريشانيون پاڻ سان کڻي ٿيون اچن. هن وقت ٿر ۽ ٻين علائقن ۾ ضرور فائدو ٿيو آهي پر لاڙ جي ضلعن ۾ نقصان ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه برساتن کان پوءِ سنڌ جي تقريبن هر شهر جي حالت خراب آهي.
• مختلف مافيائن، پاڻي جي قدرتي گَسن تي قبضا ڪري، انهن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. شهرن ۾ ڊرينيج جو ڪو به نظام ناهي. هاڻي ماڻهن لاءِ گهرن مان نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
• خاص طور اسڪولن ڏانهن ويندڙ ٻارڙا وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻ ٿا. اسڪول پهچندي پهچندي هڪ ته کين دير ٿيو وڃي، ٻيو سندن ڪپڙا ۽ جتيون خراب ٿيو وڃن. ان سان گڏ ڪيترين ئي بيمارين ڦهلجڻ جو انديشو آهي.
• برساتن جو سڌو سنئون اثر اسان جي ماحول، زراعت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي تي ٿيندو آهي.
• لاڙ کي هونئن ئي پاڻي ناهي ملندو. سو اهو هميشه سُڪندو آهي ۽ وري جڏهن تيز برساتون پونديون آهن ته ٻُڏندو آهي.
• بدين ضلعي ۾ ڪجهه سالن کان زراعت ته ٺهيو پر پيئڻ جو پاڻي مشڪل ٿو ملي. ان حالت ۾ ماڻهن کي فصل پوکڻ لاءِ پاڻي جي لپ تڏهن ٿي ملي، جڏهن ان فصل پوکڻ جو وقت گذري ٿو وڃي.
• هن سال ٿورو پاڻي ئي سهي پر تمام دير سان مليو. ماڻهن قرض کڻي پاڇاٽا فصل پوکيا. جن مان هاڻي ڪجهه ملڻ جو آسرو ٿيو هو. جيڪي ڪجهه ڏينهن کان پوندڙ مسلسل برساتن جي ڪري تباهه ٿي ويا آهن.
• نااهل ۽ نڪمي نظام جي سزا اهو غريب ئي ڀوڳي ٿو. جنهن جون انهن فصلن ۽ برساتن سان ڪيتريون ئي اميدون وابسته هيون.
• پنهنجي محنت، اوجاڳن ۽ اميدن جو قتل ٿيندو ڏسي، اهو غريب هاري ان نقصان جا ڪي به دليل ۽ سبب ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهي. هن لاءِ اهي سڀ بحث فضول ئي آهن.
• مسلسل ۽ تيز برساتن کان پوءِ هاڻي اها مخلوق به نڪري ايندي، جنهن کي ان غريب جي ٿيل نقصان جو تماشو ڪرائي، ان کي ڪيش ڪرائي مال وٺي کائڻو آهي. غريب مزدور ۽ هاري ساڳيو سورن ۾ آهي.

پيار زنده رهي ٿو!

پيار زنده رهي ٿو!

• ماڻهو مري ٿو وڃي پر پيار زنده رهي ٿو.
• زندگي پيار جو گيت آهي. جنهن کي هر ڪو پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڳائي ٿو.
• ڪائنات ۾ هر شي جو پنهنجو پنهنجو ردم ۽ رقص آهي.
• موسيقي، مون لاءِ نه رڳو روح جي غذا آهي پر گهڻو ڪجهه آهي.
• نٽشي ڪيڏي نه ڀلي ڳالهه چئي آهي ته: ”موسيقي کان سواءِ، زندگي غلطي ئي هُجي ها!“
• جڏهن به ڪو اڳ ٻُڌل گيت، ڪافي سالن پڄاڻان اسان جي ڪنن تي پوندو آهي ته پاڻ سان ڪيتريون ئي يادون کڻي ايندو آهي.
• هر دور جي پنهنجي پنهنجي موسيقي آهي ۽ هر ماڻهو جو ذائقو پنهنجو پنهنجو آهي.
• مون جڏهن به ڪو سدابهار گيت ٻُڌو آهي، ته مون ائين محسوس ڪيو آهي ته اهو پهريون ڀيرو ٻُڌي رهيو آهيان.
• ڪو به ساز وڄائڻ، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
• آئون ڪهڙي به موڊ ۾ هُجان، اُن موڊ ۾ ڪشور ڪمار جو آواز ۽ سندس ڳايل سدا بهار گانا، منهنجا ساٿي هوندا آهن.

ڀٽائي سائين جو فڪر!

ڀٽائي سائين جو فڪر!

• مون، جڏهن به ڀٽائي سائين جو ڪو بيت وري وري پڙهيو آهي، مون کي اُهو نئون لڳو آهي. هر ڀيري اُن مان ڪي نوان ڏاهپ جا گس مليا آهن.
• ڀٽائي سائين اسان جو فڪري رهبر آهي، گهٽ ۾ گهٽ اڄ جي هر نؤجوان کي ڀٽائي سائين جي شاعري کي ضرور پڙهڻ گهرجي.
• اڄ جيڪي ٻار سنڌ جي وڏن وڏن مهانگن اسڪولن ۾ پڙهن پيا، سي سڀ نه رڳو ڀٽائي کان اڻواقف آهن پر سنڌي ٻولي کان به اڻواقف آهن.
• انهن ٻارن ۾ انهن سڀني سنڌي ڪامورن، سياستدانن، ڊاڪٽرن، پروفيسرن، استادن، سماج سڌارڪن، صحافين ۽ واپارين جا ٻار به شامل آهن، جيڪي ڪامورا، سياستدان، ڊاڪٽر، پروفيسر، استاد، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ واپاري چوويهه ڪلاڪ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي درد ۾ ورتل آهن.
• ڀٽائي سائين کي اڄ به غريب هاري جو ٻار پڙهي ٿو، اڄ به ڪنهن جهڳي ۾ هلندڙ پرائمري اسڪول تي پرائمري استاد، ٻارن کي ڀٽائي جا بيت ياد ڪرائي پيو.
• اڄ جي نؤجوانن جو وڏو انگ، ڀٽائي سائين کي نٿو پڙهي يا نٿو سمجهي! اُن جا سبب ڪهڙا آهن، انهن تي سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي.
• موجوده وقت ۾ ڀٽائي سائين جي شاعري ۾ موجود سائنسي پهلو کي ايڪسپلور ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
• اسان جي تعليمي ادارن ۽ ميڊيا جي مختلف ذريعن، ڀٽائي سائين کي ڪيتري اهميت ۽ وقت ڏنو آهي.؟!
• اڄ جا ڪيترا پروفيسر، استاد، ڊاڪٽر، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ ٻين شعبن جا ماڻهو، ڀٽائي سائين کي پڙهندا، سمجهندا يا پڙهي سگهندا هوندا؟
• مون اهو مشاهدو ڪيو آهي ته، اسان جي سماج جو اهو وڏو الميو آهي ته، هتي وڏين هستين کي ڪجهه فردن، گروهن، خاندانن، نام نهاد ادارن ۽ جڳهن تائين محدود ڪري، انهن جي ڪم ۽ فڪر سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي.

يونيورسٽين ۾ داخلائون

يونيورسٽين ۾ داخلائون

• پهرين سيپٽمبر تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس جي انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي شاگردن حصو ورتو. اُن ٽيسٽ جي جوابي ڪُنجي ته شاگردن کي خدشا آهن. جيڪا ٻه ڀيرا اپلوڊ ڪئي وئي آهي.
• هر سال، جڏهن يونيورسٽين ۾ انٽري ٽيسٽ ٿيندي آهي ته، اهڙيون ڳالهيون ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. ڪڏهن نتيجا بدلايا ويندا آهن ۽ ڪڏهن ته وري ٽيسٽ به ٻئي دفعي ورتي ويندي آهي.
• جڏهن تعليم ۽ عِلم ڪاروبار بڻجي ويندو آهي، تڏهن اهڙيون ڳالهيون ٿينديون آهن. اِتان کان ئي شاگردن کي ڪرپشن تي هيرايو ويندو آهي. اها پرچار ڪئي ويندي آهي ته توهان کي بس ڊاڪٽر ۽ انجينئر ئي ٿيڻو آهي. ان لاءِ توهان کي امتحان ۾ ڪاپي به ڪرڻي پوي ته ڪريو، امتحاني بورڊن مان پئسن تي مارڪون وٺو، سفارشون لڳرايو. تڏهن توهان انهي مهان ڪم ۾ ڪامياب ٿيندا.
• جڏهن ٻار جي نفسيات ئي اِها ٺهي ٿي وڃي ته اِهو ئي ڪاميابي جو طريقو آهي ته پوءِ هُو پنهنجي سڄي زندگي اِئين گذاري ٻيون به مصنوعي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.
• اسان جي سماج ۾ شاگردن اندر اِهو تاثر عام ڪيو ويندو آهي ته، جيڪو ماڻهو ڊاڪٽر ۽ انجينئر آهي، ان جي ئي عزت آهي، باقي ماڻهو ڄڻ عزت جي لائق ئي ناهن.
• پوءِ جڏهن ڪو شاگرد انهن پروفيشنل يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ناهي ڪري سگهندو ته، سمجهندو آهي منهنجي دنيا اِتي ئي ختم ٿي وئي. هاڻي مون وٽ جيئڻ جو ڪو سبب ئي ناهي.
• اِن حالت ۾ ڪيترائي ٻار خودڪشي جي به ڪوشش ڪندا آهن.
• افسوس جو ان تمام وڏي مسئلي طرف ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي، هر هڪ کي رڳو ڪاميابي جو فڪر آهي.
• ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪندڙ شاگردن سان والدين، استادن ۽ سموري معاشري جو ورتاءُ عجيب هوندو آهي. ان شاگرد کي ڪير به پنهنجو ناهي ڪندو. ان شاگرد کي ڪير به همٿ ناهي ڏياريندو.
• ان ماحول ۾ پئسي وارا ماڻهو وري سيلف فناس تي ٻارن کي داخلا وٺي ڏيندا آهن ۽ غريب شاگردن تي پنهنجي پئسي جو روب ڏيکاريندا آهن. وري جيڪي ٻار سيلف فناس تي داخلا وٺي پڙهي نڪرندا آهن ته اُهي پاڻ کي ڪنهن ٻئي گرهه جي مخلوق سمجهندا آهن. اِن سموري ٺڳي ۾ ويچارو محنتي غريب شاگرد ڀوڳي ٿو. جنهن جو ڪو به ڌڻي سائين ڪونهي. ميرٽ جي نالي ۾ اهو مذاق سالن کان هلندو اچي.

مزاج جي مصنوعيت!

مزاج جي مصنوعيت!

• ماڻهن جي اڪثريت يا ته حقيقت کان اڻ واقف هوندي آهي، يا وري حقيقت کان ڊڄندي آهي.
• مصنوعي شيون استعمال ڪري ڪري اڄ جو ماڻهو به پنهنجي مزاج ۽ رَوين ۾ مصنوعي ٿي پيو آهي.
• موسمن به ماڻهن جا مزاج بدلائي ڇڏيا آهن.
• ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن لاءِ هن وقت، اِتي رهڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
• موسمن جا مزاج خوفناڪ بڻائڻ ۾ اڄ جي انسان جو وڏو منفي ڪردار رهيو آهي.
• جڏهن ماڻهو جا عمل ۽ ڳالهيون رڳو ڏيکاء، منصوعي ۽ ڪم ڪڍڻ تائين محدود ٿي وڃن ته پڪ سمجهو سماج مجموعي طور مختلف سُورن ۾ جڪڙجي پوندو.
• موجوده صورتحال ۾ ماڻهو وڌي ويا آهن ۽ وسيلا گهٽجي ويا آهن.
• هن وقت مختلف محدود وسيلن تي ماڻهن جي جنگ جاري آهي.
• اڄ جي انسان جون همدرديون، محبتون، احساس ۽ پيار به مصنوعي ٿي پيا آهن.
• اڄ جي انسان کي حقيقت پسند ٿي، حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو.

زندگي ۽ پيار جا گيت!

زندگي ۽ پيار جا گيت!

• ”آگے بھی جانے نہ تُو، پیچھے بھی جانے نہ تُو۔ جو بھی ہے، بس یہی اک پل ہے“۔۔. وقت فلم جو هي سدابهار گانو آشا بوسلي ڪيڏو نه ڪمال جو ڳايو آهي. جنهن جو شاعر ساحر لڌيانوي آهي. هي گانو وقت جي اهميت کي ڏاڍي موهيندڙ انداز ۾ بيان ڪري ٿو وڃي.
• اهڙا ئي ٻيا به ڪيترائي حَسين گيت ڳائيندڙ آشا بوسلي جو اڄ جنم ڏينهن آهي. جنهن جي آواز ۾ جيڪا Variety آهي، اُهو شايد ئي ڪنهن جي آواز ۾ هُجي.
• هي ٻئي ڀيڻون (لتا ۽ آشا)، جڏهن پاڻ کان عمر ۾ تمام گهڻو ننڍين اداڪارائن لاءِ ڳائين ٿيون ته، اُن وقت ائين ئي محسوس ٿئي ٿو ته، اهو آواز انهن اداڪارائن لاءِ ئي ٺهيل آهي.
• آشا بوسلي، موسيقي جي جادوگر راهل ديو برمن (آر ڊي برمن/پنچم دا) سان شادي ڪئي، هنن ٻنهي ڪيترن ئي لازوال گيتن کي جنم ڏنو.
• ڪشور ڪمار ۽ آشا بوسلي جا duets، پيار ڪندڙ دلين جي هميشه ترجماني ڪندا رهندا.
• پنچم جي وڇوڙي کيس اڪيلو ته ڪري ڇڏيو، پر وري به سندس گيت سندس ساٿي بڻيا.
• گلزار جي فلم اجازت ۾ هن ڇا ته غضب جا گانا ڳايا آهن، جن جو شاعر به گلزار آهي ۽ موسيقي پنچم دا جي آهي.
• ”میرا کچھ سامان تمھارے پاس پڑا ہے...“، هن گاني ۾ موجود درد کي هڪ حساس دل ئي محسوس ڪري سگهي ٿي. ان گاني جي جيڏي شاعري ڀلي آهي، ايڏي ئي خوبصورت Composition آهي. آشا بوسلي ان کي ڳايو به ايڏو ئي ڪمال جو آهي.
• گلزار جي ئي هڪ ٻئي گيت جا ٻول آهن، ”جب سے تمھارے نام کی مصری، ھونٹ لگائی ہے، میٹھا سا غم ہے اور میٹھی سی تنھائی ہے...“ ان کي به آشا بوسلي، پنچم جي موسيقي ۾ ڪمال جو ڳايو آهي. جنهن به هي گانو ٻُڌو هوندو، اُن هن جي feel کي دل سان محسوس ڪيو هوندو.
• پنچم جي وڇوڙي کان پوءِ وري هن هڪ نئين انداز سان پنهنجي واپسي ڪئي، خاص طور تي اي آر رحمان جي موسيقي ۾ هن ڏاڍا سُٺا گانا ڳايا. رنگيلا فلم جو گانو ”رنگيلا ري“ يا وري ”تنھا تنھا یہاں پے جینا، یے کوئی بات ہے، کسی کو پیار دے دے، کسی کا پیار لے لے، اس سارے زمانے میں یہی پیاری بات ہے...“، ڏاڍو شاندار ڳايو آهي. هن ڪمال جي گلوڪاره، وڌندڙ عمر جي ڪري جيئن ته هاڻي ڳائڻ صفا گهٽائي ڇڏيو آهي پر سندس ڳايل گيت هميشه امر رهندا.

ٻين ڪاڻ جيئڻ!

ٻين ڪاڻ جيئڻ!

• پنهنجو پاڻ لاءِ ته سڀڪو جيئي ٿو، پر ٻين ڪاڻ تمام ٿورا ماڻهو جيئن ٿا.
• ’ٻين ڪاڻ جيئڻ‘ وارو فلسفو واقعي ڪيڏو نه عظيم آهي.
• ننڍڙي زندگي ۾ جيڪڏهن اسان جو ڪو به عمل، ڪنهن جي خوشي ۽ سُک جو سبب بڻجي ٿو ته، سمجهو اسان جو پورهيو سجايو آهي.
• زندگي جو اصل مطلب ئي اهو آهي، جو توهان ٻين انسانن لاءِ سُک جو سبب بڻجو.
• اڄ جي نفسانفسي ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجي ذات تائين محدود آهن.
• اڄ جي دؤر ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ’ٻين ڪاڻ جيئڻ‘ واري فلسفي تي هلي ٿو ته، ان کي بيوقوف، واندو ۽ چريو سمجهيو وڃي ٿو.
• اڄ جي اڪثر ماڻهن جو رڳو اهو مشغلو آهي ته، نه پاڻ ڪو چڱو ڪم ڪريو، نه ئي ڪنهن ٻئي کي ڪا چڱائي ڪرڻ ڏيو.
• اسان وٽ جيڏيون ڳالهيون ٿين ٿيون، ان جي ذري جيترو به ڪم ٿئي ته، سماج ۾ ڪيڏي نه بهتري اچي وڃي.
• اسان ٻئي جي ڪم مان نقص ڪڍڻ جا ماهر آهيون، باقي پاڻ ٽَڪي جو به ڪم نه ڪنداسين.
• اسان جي سماج ۾ هڪ ماڻهو ئي هر وقت پنهنجو پاڻ کي ڪيترن ئي شعبن جو ماهر سمجهيو پيو هلندو آهي. جيڪو ڪم ڪريو، ان ۾ توهان کي نقص ڪڍي ڏيندو. نه رڳو نقص ڪڍي ڏيندو پر اهو قائل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندو ته هي ڪم نه ڪريو، ناڪام ٿيندا.

اکين جي خوبصورتي!

اکين جي خوبصورتي!

• تنهنجون اکيون اُن نيري سمنڊ وانگر آهن، جن ۾ ٻُڏڻ لاءِ دل هر وقت چوندي آهي.
• هر آرٽسٽ جي اکين ۾ ئي سونهن لڪل هوندي آهي. تنهن ڪري اکيون، شاعرن جي شاعري جو به اهم موضوع رهيون آهن.
• جيڪڏهن توهان وٽ اکيون آهن ته پوءِ توهان کي گهڻو ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي.
• تون پنهنجي خوبصورت اکين سان، گهڻو ڪجهه سمجهائي وئين.
• اکيون ئي دل ڏانهن ويندڙ رستي جو دروازو آهن.
• اڄڪلهه ٿيندڙ اڪثر واقعا عقل وارن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن. پوءِ به گهڻا ماڻهو اکيون پوري پيا هلن.
• ڪاش تون، منهنجي اکين ۾ موجود درد کي سمجهي سگھين ها!
• تنهنجي نظرن جي شوخي، منهنجي پين کي لکڻ تي مجبور ٿي ڪري.
• مون تنهنجي اکين ۾ هميشه پنهنجو پاڻ کي پَسَيو آهي.
• تون اکين ۾ ڪجل نه پائيندي ڪر، تنهنجي اکين ۾ مون کان سواءِ، ڪنهن لاءِ جڳهه ناهي.

پيار جي ضرورت!

پيار جي ضرورت!

• پيار رڳو ننڍن سان نه پر وڏن سان به ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن وڏن کي پيار جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي.
• اهڙي طرح عزت رڳو وڏن جي نه پر ننڍن جي به ڪجي.
• اهي آهن ته بنيادي انساني حق، پر اسان جهڙي معاشرن ۾ اهي بنيادي حق ملڻ به ڏکيا آهن.
• ٻين سان اهڙو سلوڪ ڪريو، جهڙو توهان چاهيو ٿا ته، ٻيا توهان سان ڪن.
• مون اهو مشاهدو ڪيو آهي ته، اسان وٽ اڪثر ماڻهن کي عمر ۾ ننڍڙو سمجهي ڪا اهميت ناهي ڏني ويندي.
• انسان جا لفظ، اُن جي اندر جي عڪاسي هوندا آهن.
• ڪيڏا نه غريب آهن اُهي ماڻهو، جن کي ڳالهائڻ لاءِ سُٺا لفظ نصيب نٿا ٿين.
• اسان ٻين کي ته سچ چوندا آهيون، ڇا پنهنجي باري ۾ اهڙو ئي سچ ٻئي کان ٻُڌڻ جي طاقت رکون ٿا؟
• زبان ذريعي محبتون گهٽ، نفرتون وڌيڪ پکيڙيون ويون آهن.
• مون کي خاموش ماڻهو، ڏاڍا سُٺا لڳندا آهن.

خاموشي کي سمجهڻ!

خاموشي کي سمجهڻ!

• اڄ جو انسان اِن سوچ جو ٿي ويو آهي، جو چاهي ٿو ته جيڪو ڪم ڪريان يا چوان، تيئن ٻيا ڪن. جيئن آئون سوچيان تيئن ٻيا سوچين.
• اهڙن ماڻهن جي سوچ جو محور، اِهو ئي هوندو آهي ته : جيڪو منهنجي ها ۾ ها ٿو ملائي، سو سُٺو آهي، ٻيا خراب آهن.
• سوچ تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي.
• اهو ضروري ناهي ته، آئون تنهنجي هر ڳالهه سان متفق هُجان.
• گهڻا ماڻهو ڪيترين ئي خوشفهمين ۽ غلط فهمين ۾ ورتل آهن.
• مون اِهو سوچيو هو ته، تون منهنجي خاموشي کي سمجهي ويندين. پر اڄ مجبورن مون کي پنهنجي خاموشي ٽوڙڻي پئي.
• منهنجا لفظ تنهنجي چهري جي تاثرات تي صاف ظاهر ٿي پيا هُئا.
• منهنجي لفظن کان پوءِ، تو کي مون ۾ دنيا جون سڀ خاميون ڏسڻ ۾ پئي آيون.
• ڪڏهن ڪڏهن، ڪي ماڻهو سڀ ڪجهه سمجهندي به، اُها ڳالهه توهان جي زبان مان ٻُڌڻ چاهيندا آهن.
• ڪاش، تون منهنجي خاموشي کي سمجهي سگھين ها!

پکي پرديس جا...!

پکي پرديس جا...!

سياري جي موسم جون انيڪ حُسناڪيون آهن. خاموشي، تنهائي، سُڪون جو احساس به هن مند جو ثمر آهي. دل لڀائيندڙ صبح، سرمئي شامون، ڊگهيون اداس راتيون! سيارو، ڀرپور تخليقي ماحول مهيا ڪري ڏي ٿو. سوچ جي سفر کي نوان رستا ملن ٿا. سيارو وڇوڙي جي به موسم آهي ته پنهنجو پاڻ کي ايندڙ موسم لاءِ تيار ڪرڻ جي به موسم آهي.
ڳُڙ واري چانهه، ڳُڙ ۾ رنڌيل تاهري ڀت، بُسري جو سواد به هن موسم ۾ ئي وٺبو آهي. باهه جا وڏا وڏا مچ ٻاري، اُن جي چوڌاري ويهي ڪچهريون ڪرڻ واري ريت به هن موسم سان ئي وابسته آهي.
راتين جو جاڳي ڪشور ۽ لتا جا رومانٽڪ دوگانا ٻُڌڻ جو به هن مند ۾ الڳ ئي سُرور آهي.
هن موسم ۾ پکي به مختلف ملڪن مان مهمان ٿي اسان وٽ اچن ٿا. مون کي جاويد اختر صاحب جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻندي آهي ته، ”پکين لاءِ ڪي به سرحدون ناهن هونديون. سرحدون رڳو انسانن لاءِ هونديون آهن.“ اهو ئي انسان انهن مهمان ٿي آيل پکين کي به بخش نٿو ڪري. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان مان گهڻن جو شوق شڪار ڪرڻ آهي. مون ته وڏين وڏين هستين جي انٽرويوز ۾ سندن شوق بابت ڪيل سوال جو جواب پکين جو شڪار پڙهيو آهي. سچ پڇو ته اهو جواب پڙهي، مون کي انسان کان ئي نفرت ٿيڻ لڳي ٿي. ڪيڏو نه بيرحم آهي اڄ جو انسان جيڪو پکين کي تڙپي تڙپي مرندو ڏسي، خوش ٿئي ٿو. خير! اڄ جي هن ظالم انسان تي ڪهڙي ميار! جيڪو ماڻهو کي به تڙپي تڙپي مرندو ٿيندو ڏسي خوش ٿئي ٿو.
مون کي پکين جي ٻولين کان وڌيڪ مَڌُر موسيقي ناهي لڳندي. پکين جي اُڏام آزادي جي نشاني آهي. آسمان تي اُڏامندڙ پکين جا ولر، اسان کي نظم ضبط سيکارين ٿا. سندن اُڏام ۾ به رِڌم آهي. سندن هر عمل ۾ سبق ئي آهي. شل ڪو اُن مان سِکي.
ڪجهه ڏينهن اڳ انگريزي اخبار ڊان ۾ هڪ رپورٽ پئي پڙهيم ته، هِن ملڪ ۾ پکين لاءِ ڌرتي تنگ آهي. اُن ڪري ئي اسان جو سڄو ايڪو سسٽم تباهه ٿي چڪو آهي. شل ڪو جيوَ هُجي، جيڪو اڄ جي انسان جي ظلم کان بچيو هُجي. بس، ظالم زور آهن. اسان ته پنهنجي ڏک جو ئي اظهار ڪري سگهون ٿا.

لڙڪن جي بيوفائي!

لڙڪن جي بيوفائي!

• ڪڏھن ڪڏھن لڙڪ بـ بيوفا ٿي پوندا آھن، دل روئڻ لاءِ چوندي آھي پر لڙڪ ساٿ ناھن ڏيندا.
• لڙڪن جو بـ ڏوھ ناھي، جڏھن سماج ۾ وک وک تي وحشتون ھجن، اھڙي صورتحال ۾ ماڻھو، انھن سمورين وحشتن جو عادي ٿي، بيحس ھجڻ جي مشق ڪندي نظر ايندو آھي.
• لڙڪن کي پنھنجي اندر ئي اندر ۾ پيئڻ جو الڳ سڪون آھي.
• پنھنجن پاران ڏنل ڏک، زندگي ڀر ايذائيندو رھندو آھي.
• ڪيڏا نـ بيرحم آھن اھي ماڻھو، جيڪي پنھنجي ڳالھ ٻئي تي مڙھي، پوءِ ڇوندا آھن، تنھنجي مرضي.
• ”تنھنجي مرضي“ جو مطلب آزادي ناھي ھوندو.
• ”تنھنجي مرضي“، انھن ٻن لفظن ۾ لاتعلقي جو اظھار ئي ھوندو آھي.
• مون روين جي تلخين جو پنھنجي خاموشي سان ئي جواب ڏيڻ مناسب سمجھيو آھي.
• جنھن ماڻھو زندگي ۾ عزت ئي ڪمائي ھوندي آھي، سو ڪنھن ڪنڊ کي وسائڻ ئي بھتر سمجھندو آھي.
• مون جن ماڻھن سان ھر حال ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، انھن ھر ڀيري نئين سبق سان نوازيو آھي.

مون ڪتابن ۾ پناهه ورتي آهي!

مون ڪتابن ۾ پناهه ورتي آهي!


پنهنجو پاڻ جي ڳولا به ڏاڍي اذيتناڪ هوندي آهي. اُنهي ڳولا ۾ اسان هِتي هُتي ڀٽڪندڙ وجود ئي آهيون. مون کي خبر ناهي ڇو ميلن ۾ به تنهائي محسوس ٿيندي آهي. رستن، روڊن، بازارن ۽ شهرن ۾ ماڻهن جي نالي ۾ حيوان ڇڙواڳ گھمندي نظر ايندا آهن. ڪنهن به محفل ۾ ويهو ۽ اُتان اوهان کي ڏُک نه ملي، ائين ٿي نٿو سگهي. اڄ جو ماڻهو پنهنجي زبان سان ته ضرور ڏنگيندو. اُن ڪري مون کي محفلون به ناهن وڻنديون. جتي لفظن جو فضول استعمال هجي، ماڻهو اِن ڳالهه کان بيخبر هُجن ته ڳالهيون ڇا پيا! اسان جي لفظن جو سامهون واري شخص تي ڪهڙو اثر ٿي رهيو آهي، ته پوءِ اِن حالت ۾ اسان جهڙن ماڻهن لاءِ خاموشي ئي بهتر آهي. پر خاموشي به ته ماري ٿي. منهنجي خيال ۾ وري به اِهو مرڻ ڀلو ئي آهي. جتي لفظن ۽ جذبن جو قدر نه هُجي، اُتي ڳالهائي ڇو پنهنجو پاڻ کي رُسوا ڪجي. مون کي اڪثر دوست چوندا ته ڪٿي نظر ناهيو ايندا؟ ڪنهن پروگرام، دعوت يا وري ڪنهن هوٽل تي شام جو چانهه پيئندي به نظر ناهيو ايندا؟ انهي سوال جي جواب ۾ سوچيندو آهيان ته، پروگرام ۾ ساڳين ماڻهن کان هر ڀيري ساڳيون ڳالهيون ڇو ٻُڌجن؟ چانهه ته گهر ۾ به ملي ٿي، هوٽل تي ويهي چانهه پيئندي ڪهڙا Creative Discussions ٿين ٿا؟ اِها هڪ ٻئي جي گِلا ۽ غيبت ڪجي ٿي ٻيو ڇا؟ نه ڪا سائنس جي ڳالهه، نه ڪا ادب جي ڳالهه، نه ڪا سماج جي حقيقي مسئلن جي ڳالهه، نه ڪو سِکڻ ۽ سيکارڻ جي ڳالهه! مون کان پنهنجائپ ۽ نفرت جي اداڪاري به ناهي ٿيندي. جيڪو به پنهنجو لڳندو اٿم، اُن کي منهنجي پنهنجائپ جي خبر هوندي ۽ جنهن کان نفرت ٿيندي اٿم، اُن کي به منهنجي نفرت جي خبر هوندي. محبتون، عزتون ۽ خلوص انهن اسان وارين ريتن رسمن جون محتاج ناهن هونديون. اُنهي ڪري اڪثر دوست مون لاءِ ائين چوندا آهن ته، مغرور آهي، وڏو ماڻهو آهي، تنهائي جو شڪار آهي، واندو آهي، سادو آهي، چريو آهي... وغيره وغيره. دوستن پاران مليل اِهي لقب به منهنجي اکين تي.
سو، مون اُنهن سڀني سُورن کان پناهه ڪتابن، موسيقي ۽ پنهنجي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ ورتي آهي. جڏهن به زندگي ۾ ڪنهن ڏُکئي وقت مان گذريو آهيان، تڏهن وڌيڪ ڪتاب پڙهيا اٿم ۽ وڌيڪ لکيو اٿم. اِهو اڀرو سڀرو پڙهڻ لکڻ ئي منهنجو جيئاپو آهي.

هلندڙ لاري مان ڪِري پيل چپل جو ڏُک!

هلندڙ لاري مان ڪِري پيل چپل جو ڏُک!

اڄ صبح ڊيوٽي تي ويندي، رستي تي منهنجي نظر ڪنهن ٻارڙي جي ڪريل چپل تي پئي. مان، بائيڪ تي هُئس ۽ اُتان گذري ڪجهه اڳتي هليو ويس پر اِها چپل منهنجي ذهن مان نه نڪتي ۽ ڪيترائي سوال ذهن ۾ اُڀاري وئي. مون، بائيڪ کي واپس موڙيو ۽ وري اُن ڪريل چپل وٽ پُهتس، ڪجهه منٽ اُن کي ڏسندو ئي رهيس ۽ سوچيم ته هي ڪنهن سُپر هاء وي تي ڪريل ڪنهن امير ماڻهو جي ٻار جو مهانگو بوٽ ناهي پر ڪنهن پورهيت جي بُکن ۾ پاهه ٿيل، بيمارين ۽ محرومين جي ماريل ڪنهن معصوم ٻالڪ جي مٽي سان ڀريل هڪ سادي چپل آهي، جيڪا ڀڳل ٽٽل روڊ تي تڏهن ڪِري پئي هوندي، جڏهن اُهو ٻار، پنهنجي امڙ جي هنج ۾ سُتل هوندو ۽ بيماري سبب ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ويندو هوندو! يا وري اُهو ٻار ڪنهن بس، سوزوڪي يا چنگچي تي لڙڪي اسڪول ويندو هوندو ۽ واٽ تي سندس چپل ڪري پئي هوندي! ۽ سندس دانهون ڪرڻ تي به اُهو گاڏي وارو نه بيٺو هوندو، جو هُو چپل کڻي سگهي. هِن سخت سردي ۾ اِها چپل به ڪري پوڻ ڪري اُن ٻار جا ڪهڙا احساس هوندا؟ اِها اُن غريب کي ئي خبر هوندي.
هلندڙ لارين مان گُلن جي ڪرڻ جو ته درد آهي پر هلندڙ لارين مان ڪرندڙ چپل جو به پنهنجو ڏُک آهي. خبر ناهي ڇو مون کي انهي ٻار جو ڏک پنهنجو ڏک محسوس ٿيو، مون کي ائين لڳو ڄڻ منهنجي چپل ڪٿي ڪري پئي آهي يا ڪٿي گُم ٿي وئي آهي!
آئون ڪيترائي سوال ذهن ۾ کڻي، اُتان هليو ويس...!

سال 2019ع جا پڇاڙڪا ڏينهن!

سال 2019ع جا پڇاڙڪا ڏينهن!

ڊسمبر جو مهينو سال جو آخري مهينو هُجڻ ڪري، پاڻ سان گڏ جدائي، الوداع، وڇوڙي ۽ ڏُک جو احساس کڻي اچي ٿو. ڊسمبر جون ٿڌيون راتيون ماڻهو کي سوچڻ، مطالعو ڪرڻ، فڪر ڪرڻ ۽ لوچڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون. ڊسمبر ۾ ئي مختلف يونيورسٽين مان نؤجوان ڊگريون حاصل ڪري پنهنجي منزل طرف اڳتي وڌن ٿا. اُنهن سڀني لاءِ به هي آخري مهينو هوندو آهي.
هر ماڻهو لاءِ زندگي ۾ ڏُکيا ڏينهن به ايندا آهن ته سُکيا ڏينهن به ايندا آهن. سُک ٿوري وقت لاءِ هوندا آهن ۽ سُور طويل عرصي لاءِ هوندا آهن. اهو فطري عمل آهي. تڏهن ته مون کي هر ماڻهو سُورن جو داستان لڳندو آهي. ڪي ماڻهو سُورن کي اندر ۾ سانڍي، چهري تي مُرڪ سجائي رکندا آهن ته ڪي وري هر وقت غمگين لڳندا آهن. خير، هر ماڻهو جي پنهنجي فطرت آهي.
آئون اِن خيال جو آهيان ته هر ماڻهو کي ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي پر هر روز پنهنجو پاڻ سان ڪچهري ڪرڻ گهرجي، پنهنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ گهرجن، پنهنجو پاڻ کي جواب ڏيڻ گهرجن، پنهنجي سٺاين ۽ براين جو جائزو وٺڻ گهرجي. پنهنجي فرضن ۽ پنهنجي حقن بابت به سوچڻ گهرجي.
سو، اهڙي طرح اسان کي سال جي آخر ۾ به پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ پنهنجي شخصيت جو احتساب ڪرڻ گهرجي. هر ماڻهو سماجي جانور هجڻ ڪري سماج سان ته جُڙيل آهي پر سوال اهو آهي ته، هُن جو سماج سان واسطو مثبت آهي يا منفي؟ منهنجي ذاتي طور تي اِها ڪوشش رهي آهي ته بغير ڪا وڏي هام هڻڻ جي خاموشي سان پنهنجي ڪم کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. آئون، هڪ استاد آهيان ۽ منهنجو ڪم ٻارن کي پڙهائڻ آهي. مون لاءِ اِهو ئي سڀ کان اهم ڪم آهي. جنهن ۾ مون کي سُڪون ملي ٿو. مون پنهنجي محدود ڄاڻ ۽ صلاحيتن باوجود به، هر وقت پنهنجي شاگردن کي سچائي ۽ ايمانداري سان پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪيترين مايوسين، ٿڪاوٽن ۽ ڏُکن باوجود هر صبح جڏهن پنهنجي شاگردن جا کلندڙ چهرا ڏسندو آهيان ته مون ۾ وري نئين توانائي پيدا ٿي ويندي آهي ۽ اهي سمورا درد وسري ويندا آهن. اِهو منهنجو فرض آهي، اِهو ڪنهن تي احسان يا وڏو ڪم ناهي. پنهنجي اِن فرض کانپوءِ مون کي جيڪو وقت ملندو آهي، اُن جو وڏو حصو لکڻ پڙهڻ کي ڏيندو آهي. لکڻ پڙهڻ کي به پاڻ تي فرض ٿو سمجهان. جيستائين لکندو پڙهندو ناهيان، تيستائين سُڪون ناهي ملندو. مون کي هر ٻولي سان پيار آهي پر پوءِ به پنهنجي ٻولي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ به مون کي وڻندو آهي. اُن ڪري هر مهيني ڪجهه ڪچا ڦڪا مضمون لکندو آهيان. منهنجو، هِن ئي سال ۾ پنهنجي اُنهن مضمونن مان تعليم جي موضوع تي لکيل مضمونن جو ڪتاب به ڇپيو. جيڪو منهنجي شاگردن پڙهيو ته، مون کي اُن جي به دلي خوشي ٿي. اُن سان گڏوگڏ ٻين سماجي موضوعن تي به لکڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان. انهن موضوعن تي به ڪتاب آڻبو. اِهو به پنهنجو فرض ٿو سمجهان. تعليم جي موضوع تي لکيل ڪتاب کي سڀني کان پهرين آڻڻ جو وڏو سبب به اهو آهي ته، آئون پهرين استاد آهيان ۽ پوءِ ليکڪ آهيان. بهرحال لکڻ لاءِ ته جام ڳالهيون آهن پر قصي کي مختصر ڪندي، بس ايترو عرض ڪندس ته اسان مان هر ماڻهو سماج کي سڌارڻ جون هامون هڻڻ، ٻين جا نقص ڪڍڻ ۽ اجايون تنقيدون ڪري پنهنجو وقت وڃائڻ بجاءِ رڳو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري، پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪري، تڏهن به گهڻو ڪجهه بهتر ٿي پوي. اسان کي سائنسي سوچ کي هٿي ڏيڻ گهرجي، ٻارن ۽ نؤجوانن ۾ مطالعي جي عادت پيدا ڪجي، کين ڪتاب ۽ علم دوست بڻائڻ جو ماحول ڏجي، پنهنجي غلطين مان سبق حاصل ڪري اڳتي منزل ڏانهن وڌجي، پنهنجي ورتاء سان ڪنهن کي به نه ايذائجي، ٿورو ڳالهائجي پر سُٺو ڳالهائجي، سماج مان تيزي سان ختم ٿيندڙ سماجي قدرن ۽ احساسن کي نئين سِري سان جيئارجي. پيار ۽ محبت کي پکيڙجي ته اسان جو ملڪ ملير ٿي پوي.

زندگي- تنهنجا رنگ هزار

زندگي- تنهنجا رنگ هزار

• زندگي جا به ڪيترائي رنگ ۽ روپ آهن.
• زندگي ڪڏهن سترنگي آهي ته ڪڏهن بيرنگي آهي.
• زندگي ڪڏهن ماکي جهڙي مٺي ته ڪڏهن زهر کان به وڌيڪ ڪڙي آهي.
• زندگي ڪڏهن محبوبه جي مُرڪ جهڙي آهي ته ڪڏهن ڪنهن ڀوائتي خواب جهڙي آهي.
• زندگي جو هر رنگ ۽ روپ گهڻو ڪجهه ڏيکاري، سيکاري ۽ سمجهائي ويندو آهي.
• زندگي جيئن ئي گذرندي ويندي آهي ته، اُها سادگي سمجهائيندي ويندي آهي.
• اسان عجيب حرڪتون ڪري زندگي کي پيچيده ۽ بي سواد بڻايون ٿا.
• زندگي جي موسيقيت کي سمجهڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ناهي.
• اسان وٽ اڪثر ماڻهو زندگي گذارين ٿا، زندگي جيئن نٿا.
• زندگي پيار آهي ۽ پيار زندگي آهي.

وڻن جا زرد پن!

وڻن جا زرد پن!

• ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته، پائلو ڪولهو جي ناول ”الڪيمسٽ“ جي ڪردار ”سينٽيگو“ وانگر جانورن جي ڪنهن ڌڻ سان جهنگ ڏانهن منهن ڪجي ۽ 200 سالن جي پوڙهي ”الڪيمسٽ“ سان وڃي ملاقات ڪجي، جيڪو دنيا جو روح سمجهي ٿو.
• هن وقت وڻن جا پن زرد ٿي ڇڻي رهيا آهن ۽ هوائن جي ويڙهه جاري آهي.
• پن ڇڻ جي مند جتي اداس به ڪري ٿي ته، اُتي نون گئوچن نڪرڻ جي به اميد ساڻ آڻي ٿي.
• هن موسم ۾ هوا ۾ هڳاءَ به نرالو آهي. جيڪو روح جي گهرائين تائين لهي ٿو وڃي.
• هن وقت انب ٻُوريا بيٺا آهن ۽ ٻير جا وڻ ٻيرن سان ڀريل آهن. جڏهن ته ڄارين جا وڻ پيرُن سان ٽمٽار آهن.
• ڪڻڪ جا سنگ به سونهري ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.
• هن ئي مند ۾ هڪ طرف اسڪولن ۾ امتحان شروع ٿي ويندا ته ٻئي طرف نوان گُلڙا اسڪولن ۾ کلندڙ چهرن سان داخل ٿيندا.
• اهو ئي فطرت جو قانون آهي ته، هڪ ڳالهه مان ٻئي ڳالهه جنم وٺي ٿي.

هر خوشبوءِ ڪنهن نه ڪنهن ياد جو سبب هوندي آهي!

هر خوشبوءِ ڪنهن نه ڪنهن ياد جو سبب هوندي آهي!

• ماڻهو زندگي ۾ ڪجهه اهڙن رستن تي به پنڌ ڪندو آهي، جن تي وري هلڻ سان روح کي رهنڊون اينديون آهن.
• هجوم ته هونئن ئي ايذائيندا آهن پر چار پنج ماڻهن جي جوڙ ۾ ڪو هڪ بدافعالو ماڻهو به ايذاءُ جو سبب بڻبو آهي.
• انسان عادت کان مجبور آهي، جيڪو فطرت طرفان مقرر ٿيل وقت تي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽ کائيندو آهي.
• اڄ جو انسان، پنهنجو پاڻ سان ايڏو اُلجهي پيو آهي، جو کيس ساهي پَٽڻ جو به موقعو نٿو ملي.
• هر خوشبوءِ ڪنهن نه ڪنهن ياد جو سبب هوندي آهي.

ڌرتيءَ ۽ لالچ!

ڌرتيءَ ۽ لالچ!

• ڌرتي جي گولي تي لالچ کان وڏي ٻي ڪا بيماري ناهي.
• ڌرتي تي ايستائين امن ۽ سڪون ناممڪن آهي، جيستائين انسانن جو وڏو انگ بکئي پيٽ سمهندو رهندو.
• غلامي جو وڏو سبب بُک ئي آهي. بُکيو ماڻهو آزادي سان سوچي به نٿو سگهي.
• اِها بُک ئي آهي، جيڪا انسان کي بازار جو وکر بڻائي ٿي ڇڏي.
• منهنجي اکين کي وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ جي بُک آهي، وقت اِها اجازت ڏيندو الئي نه؟
• مڌر ٽريسا ته، اِهو به چيو آهي ته، دنيا ۾ جيتري پيار ۽ پنهنجائپ جي بُک آهي، ايتري ماني جي بُک ناهي.
• دنيا جو هر ماڻهو بُکيو آهي. اُن ڪري بُک جا به ڪيترائي قسم آهن.
• اِها بُک ۽ لالچ ئي آهي، جيڪا انسان کي انڌو بڻائي ٿي ڇڏي.

ماڻهن لاءِ ڏک جو سبب ته نه بڻجون!

ماڻهن لاءِ ڏک جو سبب ته نه بڻجون!

ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ ڳالهه ذهن ۾ هلي رهي هئي. سوچيم لکان يا نه لکان؟ نيٺ اڄ دل چيو ته اِنهي ڳالهه تي ڪجهه لِکجي. ڳالهه اِها آهي ته، مون گذريل ڪجهه سالن کان پنهنجي مشاهدي ۾ اِها ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ۽ ڏاڍي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته، اسان جي سماج ۾ ماڻهن جي اڪثريت غيرسنجيده، غيرذميوار، ڇڙواڳ، هر ڳالهه کي مذاق سمجهندڙ، هلڙبازي ڪندڙ، اُٻهري ۽ جذباتي آهي. اِن ۾ نه رڳو اڻپڙهيل ماڻهو پر نام نهاد پڙهيا لکيا ماڻهو به حوصلي کان ٻاهر هوندا آهن. مون کي اڪثر دوست چوندا ته، يار ايڏو حساس ۽ سنجيده نه ٿي ۽ هر ڳالهه کي دل تي نه وٺندو ڪر. سندس ڳالهين جو مون وٽ ڪو به جواب ناهي پر اِها به حقيقت آهي ته، مان جڏهن ڪنهن ماڻهو جي وفات کان پوءِ سندس تڏي تي ٻين ماڻهن کي غير سنجيده، کلندي ۽ مذاق ڪندي ڏسندو آهيان ته، مان اندر ئي اندر ۾ روئي پوندو آهيان ۽ اها ڳالهه هاڻي اسان وٽ عام جام آهي، يقينن سڀني دوستن جي مشاهدي ۾آئي هوندي. ٻيو ته ڪا به بيماري، وبا يا بُرائي جي ڳالهه هُوندي آهي، اُن کي به مذاق سمجهندا آهيون. جنهن جو تازو مثال ڪورونا وائرس جي بيماري آهي. حد ناهي جو ماڻهو سنجيده ٿيڻ بجاءِ انهي بيماري تي لطيفا ۽ شاعريون ٺاهيو پيا کِلن ۽ ٽهڪ ڏين.
ڪي وري ان حوالي سان بغير تصديق جي رڳو اسٽيٽس تي لائيڪ ملڻ جي چڪر ۾ اهڙيون خوفناڪ ۽ اڻوڻندڙ خبرون ٿا رکن، جن جو نه ڪو سِر نه پير. اسان جو ماڻهو اِهو سوچي ئي نٿو ته، اسان جو اهو رَويو سماجي طور اسان کي ڪيڏانهن وٺي پيو وڃي. جنهن ڳالهه جي پوري به خبر به ناهي هوندي، ان تي به اجايا بحث ڪري پنهنجو ۽ ٻين جو وقت ضايع ڪيو ويندو آهي. وري جيڪڏهن ڪنهن اخلاق جي دائري ۾ ئي ٿورو اختلاف ڪيو ته، ڪيترائي دوست جذباتي ٿي اڻوڻندڙ ٻولي ۽ رَويو اختيار ڪندا آهن.
ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي جو اسان مان هاڻي شين ۾ فرق جي تميز ئي ختم ٿي وئي آهي. اسان کي ماڻهن جو ڏک به مذاق ٿو لڳي. اسان کي ماڻهن جو تڪليفون به مذاق ٿيون لڳن... افسوس!
سچي ڳالهه اِها آهي ته، مون کي اهي سموريون ڳالهيون ۽ ورتاءُ ڏسي تمام ڏک ۽ تڪليف ٿيندي آهي. دوستن کي نماڻي گذارش آهي ته، خدا جي واسطي ٻيلي ڏاها ٿيو، ماڻهن جي لاءِ سُک جو سبب نٿا ٿي سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن لاءِ ڏک جو سبب ته نه بڻجون.

پنهنجو پاڻ کي پرچائڻ!

پنهنجو پاڻ کي پرچائڻ!

اڪثر اها ڳالهه ذهن جي نقشي تي ظاهر ٿيندي آهي ته، اسان پنهنجي ويجهي دوست يا عزيز جي ناراض ٿي وڃڻ تي کيس پرچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهيون. اسان چاهيندا آهيون ته اُهو دوست يا عزيز ناراض نه ٿئي. انهي دوران اسان جيڪڏهن پنهنجو جائزو وٺنداسين ته، اسان پنهنجو پاڻ کي رنجائي ۽ ايذائي ويهندا آهيون. اسان دنياداري ۽ آدابن جي نالي ۾ پنهنجي آزادي ۽ ضمير کي ماريندا آهيون. ڇا اسان ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي پرچائڻ جي لاءِ ايڏي ڪوشش ڪئي؟ اسان جي چوڌاري ٻهروپيت جو جهان آباد آهي. هر ماڻهو پنهنجي چهري تي انيڪ چهرا چاڙهي هلي پيو. هي دنيا چٽاڀيٽي ۽ مقابلي جي آهي، جنهن ۾ چالاڪ ئي ڪامياب ٿيندو. هن مقابلي جي دنيا ۾ اٻوجهه، غريب، ڪاري ۽ ڪوجهي لاءِ ڪا به جڳهه ناهي. مائٽن ۽ استادن کي اهو ٻار پيارو هوندو آهي، جيڪو چالاڪ هوندو آهي. جنهن کي چالاڪي ناهي ايندي، ان کي نادان، چريو ۽ بيڪار چئي هميشه سندس استحصال ڪيو ويندو ۽ سندس جذبن جو قتل ڪيو ويندو آهي. ڪو به انهي پاسي نٿو سوچي. ڇو ته هي مقابلي جي دنيا آهي، هتي ڪاميابي ئي سڀ ڪجهه آهي، ناڪامي جو ڪو به ڌڻي ناهي. هتي ناڪام ٿيڻ وڏو ڏوهه آهي.
ڪاوڙيل دوست ته پرچي به پوندا آهن پر پنهنجو پاڻ کي پرچائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پنهنجي ضمير ۽ روح کي آيل رهنڊن جو ازالو ڪرڻ تمام مشڪل آهي. دنياداري جي نالي ۾ پنهنجي وڃايل وقت ۽ توانائي جو ڪو به نعمل بدل ناهي. دل چوندي آهي ته دنيا جي چهري تي دنياداري ۽ آدابن جي نالي ۾ چڙهيل اهي انيڪ چهرا پَٽي لاهي ڇڏجن ۽ ماڻهن کي دنيا جو اصل چهرو ڏيکارجي!

درد ۽ خوشي!

درد ۽ خوشي!

هُن جون ڊگهيون پنبڻيون سندس خوبصورت اکين کي ڍَڪي رهيون هُيون، اُنهن اکين ۾ مون هميشه ڳوڙهن کي ترندي ڏٺو. هُن جا هٿ سندس چهري تي ذري ذري ايندڙ ڊگهن وارن کي هٽائڻ ۾ مصروف هُئا. هُن پنهنجي اندر ۾ موجود درد کي زبان تي آڻي، پنهنجي اندر کي هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. سندس آواز ڀرجي ٿي آيو. مون خاموشي سان سندس ڳالهيون ٻُڌيون پئي. سندس ڳالهين ۾ ڏُک ۽ ڪشش موجود هوندي هُئي، اُن ڪري مون کي سندس ڳالهيون پنهنجون ڳالهيون لڳنديون هُيون.
جڏهن ڪو خوشي جو ڏينهن هُجي ۽ توهان جي اندر ۾ موجود درد کي ڪو محسوس ڪرڻ ۽ ٻُڌڻ وارو هُجي ته، اِها ئي اصل خوشي آهي. تڏهن ته هُن به چيو ، مون لاءِ اِن کان وڌيڪ ڪا خوشي ناهي جو تون منهنجون ڳالهيون ٻُڌندو آهين.

خوشيءَ جي نمائش!

خوشيءَ جي نمائش!

• خوشي اندر جي هوندي آهي.
• خوشيءَ جو ڏيکاءُ نٿو ڪري سگهجي.
• هن عيد تي منهنجي دل ڪنهن کي به عيد مبارڪ موڪلڻ لاءِ نه چيو. جن دوستن ميسيج موڪليا، اُنهن مان به گهڻن کي جواب نه ڏئي سگهي.
• مون جڏهن کان پاڻ ڪمائڻ شروع ڪيو، تڏهن کان ڪنهن به عيد تي پاڻ لاءِ نوان ڪپڙا يا ٻي ڪا خريداري ناهي ڪئي.
• ڪاري رات جي سانت جو به الڳ سُڪون آهي، شايد اُن ڪري مون کي سڀني کان وڌيڪ ڪارو رنگ وڻندو آهي.
• هونئن به آئون ڪيتري ئي وقت کان آئيسوليٽ آهيان، هِن وبا دوران انهي کي اڃا به وڌيڪ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
• ڪيترن ئي ماڳن ڏانهن ويندڙ رستن جي واپسي ناهي هوندي.
• ڀَڳو مَن سڄو ناهي ٿي سگهندو.

ڏُکن جا ڏينهن!

ڏُکن جا ڏينهن!

گذريل چار ڏينهن دوران وڇڙيل تمام وڏن ماڻهن ۽ اديبن محترم آصف اسلم صاحب، عطا محمد ڀنڀري صاحب ۽ تاج بلوچ صاحب جي وڇوڙي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.
انهن سان سلهاڙيل ڪجهه مختصر يادون

1. آصف اسلم صاحب
آصف اسلم صاحب سان منهنجي ملاقات سال 2004ع ۾ ڪراچي ۾ يونيسيف جي آفيس ۾ ٿي هئي. اُن وقت بابا به يونيسيف ۾ ڪم ڪندو هو ۽ آصف اسلم سندن هيڊ هو. اسان رات جي ماني گڏجي کاڌي هُئي، انهي دوران سندس ورتاء تمام پيار ڀريو ۽ گفتگو جو انداز وڻندڙ لڳو هو. جڏهن ته آئون اُن وقت يونيورسٽي ۾ پڙهندو هُئس ۽ انگريزي اخبار ڊان جي هفتيوار ايڊيشن books and authors ۾ سندس ليک پڙهندو رهندو هُئس، جڏهن مون کيس پنهنجي سامهون ڏٺو ته، تمام گهڻي خوشي ٿي هُئي. اُن کان پوءِ کين ڪجهه ادبي ميلن ۾ مختلف سيشنز دوران علمي گفتگو ڪندي ڏٺو هو. سندس وڇوڙي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.

2. عطا محمد ڀنڀرو صاحب
عطا محمد ڀنڀري صاحب سان ته، ڪافي ملاقاتون هيون. آئون جڏهن ننڍڙو هُئس ۽ اسان حيدرآباد ۾ رهندا هئاسين ته، اُن وقت بابا اڪثر سائين عطا محمد صاحب وٽ ڪچهري تي ويندو هو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. سائين جي پيار ۽ پنهنجائپ جو ته ڪو ثاني ئي ناهي. ساڻس آخري ملاقات جنوري، 2019ع ۾ ٿي هُئي. جڏهن بابا ۽ آئون سندس طبيعت پُڇڻ ويا هُئاسين. طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري سائين ويهي به نه پئي سگهيو پر اُن باوجود سائين زنده دلي سان مليو ۽ ويهي اسان سان ڪچهري ڪيائين. هميشه وانگر سندن ڪچهري جو موضوع سنڌ هو. سائين جا ڪتاب، ترجما ۽ تحقيق تمام وڏي اهميت وارا آهن. سائين پنهنجي ساهه جي آخري گهڙي تائين علم جي خدمت ڪندو رهيو. هِن مدي خارج نظام ۽ روايتن جو سخت مخالف هو. مون کي ياد آهي ته، هڪ ڀيري ساڻن ڪچهري ڪندي ڪنهن ڳالهه تي اسان جي هڪ دوست چيو ته وري به صبر ڪرڻ گهرجي ته، سائين کيس سختي سان چيو ته صبر جام ٿي ويو، هاڻي صبر جي ڪا ضرورت ناهي، هر ڳالهه جي هڪ حد هوندي آهي. سائين سان آخري ملاقات کانپوءِ موڪلائڻ مهل سائين مون کي ڀاڪرن ۾ ڀري مٿي تي چمي ڏني هئي. اِهو مان پاڻ لاءِ وڏو اعزاز ۽ خوش نصيبي ٿو سمجهان. سائين عطا محمد صاحب جو وڇوڙو به بيحد ڏکوئيندڙ آهي.

3. تاج بلوچ صاحب
تاج بلوچ صاحب سان ته منهنجي روبرو ڪا ملاقات نه هُئي پر سندن لکڻين، سوجھرو رسالي ۽ فون تي هڪ ٻه ڀيرا ڳالهه ٻولهه ذريعي ملاقات هُئي. مون کي ياد آهي ته، ڪافي سال اڳ پنهنجي محسن محترم غلام نبي سومري صاحب سان ڪچهري ۾ تاج بلوچ ۽ سوجھرو رسالي جو ذڪر نڪتو هو. اُن کان پوءِ غلام نبي سومري صاحب مون کي تاج بلوچ صاحب جو فون نمبر ڏنو هو ۽ چيو هُئائين ته، تاج صاحب سان رابطو ڪري سوجھرو رسالو گهرائي پڙهجئين ۽ چيائين ته، مان تاج صاحب کي توهان جي باري ۾ ٻُڌائي ڇڏيندس. مون ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن شام ڌاري تاج بلوچ صاحب کي فون ڪئي ته فون نه اٽينڊ ڪيائين. مون سوچيو شايد مصروف هوندو، پوءِ مون وري فون نه ڪئي. رات جو دير سان مون کي بئڪ ڪال ڪيائين. مون جڏهن ساڻس ڳالهايو ته، بلڪل ائين محسوس ڪرايائين جيئن اسان جون اڳ ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون آهن ۽ اسان هڪٻئي کي سڃاڻون ٿا. مون کي ياد آهي ته، گفتگو جي شروعات ٽهڪ سان ڪئي هُئائين ۽ چيو هُئائين ”يار وڏي حياتي اٿئي، غلام نبي سومري سان ڪجهه دير اڳ تنهنجو ئي ذڪر ٿيو پئي ۽ تو به ياد ڪيو. يار تو فون ڪئي هئي جنهن نمبر تي سو بليڪ بيري فون ۾ آهي، سو جڏهن ٻاهر نڪرندو آهيان ته گهر ڇڏي ويندو آهيان، هتي چور ڪنهن کي به بخش نٿا ڪن.....“ ۽ پوءِ وڏو ٽهڪ ڏنائين. مون جڏهن کين سوجھرو رسالو موڪلڻ لاءِ چيو ته، چيائين”جي پُٽ مان رسالو ضرور موڪليندس“ ۽ پوءِ تاج صاحب سوجھرو ايستائين موڪليندو رهيو جيستائين سوجھرو شايع ٿيندو رهيو. سوجھرو رسالي جو ادبي ڪارج ۽ اُن جي اهميت کان ته هر ادب دوست واقف آهي پر سوجھرو رسالي جا ٽائيٽل به ڏاڍا آرٽسٽڪ هوندا هئا. اڄ تاج بلوچ صاحب به هن دنيا ۾ ناهي رهيو.
موت ته هڪ ڏينهن سڀني کي اچڻو آهي پر ٻه چار ڏينهن ۾ تمام وڏن ادبي ۽ ڪارائتن ماڻهن جي وڇوڙي تي دلي صدمو پهتو آهي ۽ هر شي ڇَسي ٿي لڳي.

توهان جون غلطيون ۽ دنيا!

توهان جون غلطيون ۽ دنيا!

• دنيا توهان جي غلطين، ڪمزورين ۽ ڪوتاهين تي دلچسپي سان گَهري نظر رکي ٿي.
• توهان جي ڪنهن غلطي کي ماڻهو پنهنجي مزي جو سامان بڻائي ٿا ڇڏين.
• ماڻهو توهان کان وري وري اُهو سوال پُڇندا آهن، جنهن جو توهان جواب ڏيڻ ناهيو چاهيندا يا وري اُها ڳالهه وسارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ۽ ماڻهو وري ياد ڏياريندا رهندا آهن.
• اڄ مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي پڙهي رهيو هُئس، اُن ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”جڏهن مون پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اُن کان پوءِ بچي ويس ته، هر ملندڙ ماڻهو اِهو سوال نٿي ڪيو ته، هاڻي ٺيڪ آهين؟ پر هر ماڻهو اِهو سوال ٿي ڪيو ته، خودڪشي ڇو ٿي ڪيئي؟ انهي سوال جيترو مون کي تڪليف ٿئي ڏني، ايتري تڪليف ڪنهن ڳالهه نه ٿئي ڏني“.
• ماڻهو، توهان جي ڪنهن غلطي يا بيوسي کي سبب بڻائي، توهان کي ايذائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن.

وبا ۽ تعليمي ادارا!

وبا ۽ تعليمي ادارا!

• خبرون ٻُڌون پيا ته، تعليمي ادارا کولڻ جون ڳالهيون هلن پيون. هن وبائي صورتحال ۾ اِها ڳالهه مون کي ته سمجهه ۾ نٿي اچي. اڪثر تعليمي ادارن ۾ موجود سهولتن کان ته سڀ واقف آهيون. ٻيو ته ٺهيو پر گذريل چار مهينن کان ادارا بند آهن پر پوءِ به انهن ۾ بنيادي سهولتن جي موجودگي طرف ڌيان بلڪل به نه ڏنو ويو.
• هي بلڪل ائين ئي لڳي ٿو، جيئن هڪ مهينو اڳ غريب بُک ۾ مري ٿي ويا ۽ پوءِ بازارون کُليون ته، عيد جي خريداري لاءِ سڀئي بازارن ۾ لٿل هُئا. اصل ۾ اِهو غريبن جي بُک جو اُلڪو نه هو پر سرمائيدارن ۽ ڪاروباري مافيا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش هُئي. اُن جو نتيجو اِهو نڪتو جو هي وبا هر گهر تائين پُهچي وئي.
• اهڙي ئي قسم جون مافيائون تعليمي نظام ۾ به موجود آهن، جن جي هن وقت اِها ئي گهوڙا پِٽ لڳي پئي آهي ته، تعليم تباهه ٿي وئي. اسان کي اجازت ڏيو ته، اسڪول کوليون.
• اسڪول ۾ ته ٻار هر روز اچي ٿو، اسڪول ۾ ئي اُهو ٻار ٻين ڪيترن ئي ٻارن سان ملي ٿو، اسڪول اچڻ لاءِ هر روز ٻار ڪنهن بس، رڪشا يا ڪنهن ٻي سواري ۾ به سفر ڪري ٿو، اسڪول تي ئي ٻار کاڌي پيتي جون شيون به خريد ڪري کائي ٿو، ٻار معصوم ۽ بي سمجهه به آهي. اُهو ساڳيو ٻار اسڪول کانپوءِ وري گهر به اچي ٿو. هر روز جي انهن سڀني مرحلن جو ذمو ڪير کڻندو؟ منهنجي خيال ۾ اِهو نه ته ويچارن مائٽن جي وس ۾ آهي، نه ئي استادن جي وس ۾ آهي. باقي جن کي هِن وقت اچي تعليم جي تباهي جو اونو ٿيو آهي، سو اسان سڀ سمجهون ٿا.
• وري اِها ڳالهه ٿي ٿئي ته، ايس او پيز تي عمل ڪرائينداسون. بازارون ۽ ڪاروبار کُلڻ سان جيڪو ايس او پيز تي عمل ٿيو آهي، اُن جو نتيجو سڀ ڀوڳيون پيا. ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جهڙا اسان جا لڇڻ هُجن ها ته، مان خوشي ۾ مٺائي ورهايان ها!
• ساهه آهي ته سڀ ڪجهه آهي. زنده هونداسين ته، انهن نقصانن جو به پورائو به ڪري وينداسين. دنيا اميدن تي قائم آهي. باقي پنهنجي پيٽ جي سور جي ڪري سڄي خلق کي آزار ۾ وجهڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي؟ خاص طور تي معصوم ٻارڙن کي تڪليف ۾ وجهڻ وڌيڪ ايذائيندڙ ٿو لڳي.

موسيقي ۽ زندگيءَ!

موسيقي ۽ زندگيءَ!

• موسيقي به ذوق رکندڙ ماڻهو جي زندگي جو اهم حصو هوندي آهي. يا ائين چئجي ته موسيقي سواءِ زندگي بي رنگ ۽ بي سوادي لڳندي آهي.
• ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو ڪو گيت، ڪو ڪلام، ڪا وائي يا ڪو به موسيقي جو اسم ٻُڌندي اکيون آليون ٿي وينديون آهن، ماڻهو روئڻ لڳندو آهي. هڪ عجيب ڪيفيت جنم وٺندي آهي، جنهن کي رڳو محسوس ڪري سگهجي ٿو پر لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
• مون کي هونئن ته ڪيترائي گيت ۽ گانا دل سان وڻندا آهن پر خاص طور تي علڻ فقير جي آواز ۾ ”ٽِڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين“، استاد جمن جي آواز ۾ ”ڪر خيال دنيا آهي فاني، ڪنهن سان نه نڀائي جاني“ ۽ ڪشور ڪمار جي آواز ۾ ”کبھی پلکوں پہ آنسو ہیں، کبھی لب پہ شکایت ہے، مگر اے زندگی پھر بھی مجھے تجھ سے محبت ہے“، ٻُڌندو آهيان ته روئي پوندو آهيان.
• ڇا توهان سان به ائين ٿيندو آهي؟

تحفي ۾ محبت!

تحفي ۾ محبت!

• هن وقت هر ماڻهو افراتفري جو شڪار ۽ انيڪ مسئلن ۾ گهيريل آهي. هن وقت انهي نفسياتي مونجهارن مان نڪرڻ جو هڪ ئي طريقو پيار، محبت ۽ عزت آهي. اِنسان پيار جو بُکيو آهي.
• ڪنهن کي عزت ۽ محبت آڇڻ ۾ ڪو خرچ به ناهي، جو چوَجي ته، آئون غريب آهيان ۽ اهي شيون افورڊ نٿو ڪري سگهان.
• هڪ مُرڪ، هڪ ڀاڪر ۽ ٻه پيار مان چيل لفظ ڪنهن انسان جي دل تي وڏو ديرپا اثر ڪن ٿا.
• اسان محبتون ڏيڻ ۾ به ڪنجوسي ڪندا آهيون. اسان اُهو مخصوص موقعو وڃائي پوءِ چوندا آهيون ته، ڪاش آئون ائين نه ڪريان ها! ڪاش مان ڪنهن سان اِهڙو سلوڪ نه ڪريان ها! ڪاش مان ڪنهن جي ڪم اچان ها!
• ڪنهن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ محبت کان مٿي ڪا شيءِ ٿي سگهي ٿي ڇا؟

سهپ ۽ درگذر ڪرڻ!

سهپ ۽ درگذر ڪرڻ!

• چوندا آهن ته، فقير پنندو رهندو ۽ ڪتو ڀونڪندو رهندو. يا وري ڪنهن ڏاهي هينئن به چيو آهي ته، جيڪڏهن توهان پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر ڪتي تي ڀٿر اڇليندا ته، پوءِ منزل تي نه پُهچي سگهندا. خير اهڙي طرح جانورن سان لاڳاپيل ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن پر دل چوي ٿي ته، اڄ اسان جون ڳالهيون ۾ ان حوالي سان ڪجهه ڳالهيون عرض ڪجن.
• ڪجهه ڏينهن کان نوٽ ڪندو اچان ته، ڳوٺ جي ڪجهه ڇوڪرن هڪ ڪتي کي جڏهن ٿي ڏٺو ته، اُن تي پٿرن جو وسڪارو ڪري ٿي ڏنن. هر عمل جو ردعمل هوندو آهي، سو جواب ۾ ڪتي به پنهنجي دفاع ۾ ڀونڪڻ شروع ٿي ڪيو ۽ انهن ڇوڪرن پويان ٿي ڀڳو ته، جيئن ڇوڪرا ڊڄي وڃن ۽ سندس جان ڇُٽي.
• روز شام جو جنهن رستي تي واڪ ڪندو آهيان، اُهو ڪتو به اُتي آيو ۽ مون مان به اهو ئي ڊپ هئس ته، هي به پٿر هڻندو ۽ پوءِ جوابي ڪارروائي شروع ڪبي. ڪتو جڏهن منهنجي ڀرسان گذريو ته، مون هن کي ڪجهه به نه ڪيو ۽ هي مون ڏانهن نهارڻ لڳو، مون کي سندس نظرون معصوم لڳيون. هاڻي هر روز اُن رستي تي ايندو ۽ ڀرپاسي ۾ پيو گهمندو آهي. هُن کي اِها پڪ ٿي وئي ته هاڻي مون کي خطرو ناهي ته پوءِ ڇو ڀونڪان؟ وري به ساڳي ڳالهه ورجائبي ته، پيار جي ٻولي جانور به سمجهندا آهن.
• اهڙي ئي طرح گڏهه ويچارو به محنتي جانور آهي، سڄو ڏينهن موچڙا کائيندو آهي پر پوءِ به پيو محنت مزدوري ڪندو آهي. عام طور تي اها به چوڻي عام آهي ته، صفا ڪو گڏهه آھين. مطلب جنهن ماڻهو کي بيڪار سمجهندا آهيون، اُن کي گڏهه سان تشبيهه ڏيندا آهيون. هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيڪار ۽ نڪمو آهي ته، اُن ۾ گڏهه جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ گڏهه ته محنت ڪري ٿو.
• رڍ به ڏاڍو پيارو جانور آهي. درگذر ڪرڻ، سهپ ۽ برداشت ۾ به رڍ پنهنجو مثال پاڻ آهي. سو، جڏهن ڪو ماڻهو انتهائي شريف يا صفا مولائي هوندو آهي ته، اُن کي به ماڻهو چوندا ته، هي ته صفا ڪا رڍ آهي. اهڙي طرح ڪنهن جي شرافت تي چٿر کي رڍ سان تشبيهه ڏئي رڍ جو مذاق اڏايو ويندو آهي.

سوچڻ ۽ سمجهڻ!

سوچڻ ۽ سمجهڻ!

• اسان وٽ گهڻو زور رڳو مختلف شيون ياد ڪرائڻ/ڪرڻ تي هوندو آهي. مثال طور اسان کي شاگردي واري ڏينهن کان اِهو چيو ويندو آهي ته، بيت ياد ڪريو، سبق ياد ڪريو وغيره.
• سوچڻ ۽ سمجهڻ وارو پاسو اسان جي تربيت جو حصو ئي ناهي. سوچڻ ۽ سمجهڻ جو نه ئي اسان کي موقعو ملي ٿو ۽ اهڙو ماحول ملي ٿو.
• ظاهر آهي ته، جڏهن سوچڻ ۽ سمجهڻ وارو عمل ٿيندو ته پوءِ رڳو ڪنڌ ڌوڻڻ نه ٿيندو، پوءِ ته سوال به ٿيندا، اختلاف به ٿيندا ته اتفاق به ٿيندا.
• مون اِهڙا ڪيترا ئي اڪابر ڏٺا آهن، جيڪي سوالن جون ڳالهيون ته ڪندا آهن، اهو چوندا وتندا آهن ته، سوال پُڇڻ گهرجي، سوال ڪرڻ سکو. پر جڏهن کانئن ڪو سوال پُڇندو آهي ته ڪاوڙجي پوندا آهن.
• اسان سڀئي جنهن خول ۾ بند آهيون، اُن مان نڪرڻ نٿا چاهيون. جڏهن ڪو انهي خول جي ڇيڙخاني ڪري ٿو ته، پريشان به ٿيون ٿا ته ڪاوڙجي به پئون ٿا.

تربيت ۽ اخلاقيات!

تربيت ۽ اخلاقيات!

• پنهنجي مختلف مضمونن ۾ مون اِها ڳالهه ڪيترائي ڀيرا لکي آهي ته، اسان وٽ تعليم جو مقصد رڳو وڏا وڏا گريڊ ۽ نمبر کڻڻ ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ آهي. تربيت ۽ اخلاقيات واري پاسي ڪو به ڌيان ناهي.
• ان جو هڪ خطرناڪ نتيجو اِهو نڪتو آهي جو ٻار ڊپريشن جو شڪار آهن. پنهنجي پڙهائي دوران هنن کي اهو ئي ڊپ هوندو آهي ته، جيڪڏهن گريڊ خراب آيو، فيل ٿيس يا وري ڪنهن پروفيشنل يونيورسٽي ۾ داخلا نه ملي ته پوءِ جهڙوڪر مري ويس، زندگي اتي ئي ختم ٿي وئي.
• اڪثر استادن ۽ والدين جو به انهيءَ ڳالهه تي زور هوندو آهي ته، گريڊ سُٺو کڻڻو آهي، داخلا حاصل ڪرڻي آهي وغيره وغيره. انهي ۾ به ڌنڌوڙي هر وقت اڳڀرا هوندا آهن. انهي جو وري نتيجو اهو نڪتو آهي جو امتحاني بورڊ مان پئسن تي مارڪون وٺڻ/وٺرائي ڏيڻ، امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ/ڪرائڻ ۽ امتحانن ۾ سُٺيون مارڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيوشن سينٽرز تي داخلا وٺڻ.
• هاڻي انهي سموري وٺ پڪڙ ۾ ٻار جي اصل شخصيت بگڙي وئي ۽ پوءِ اسان انهي ٻار مان عجيب قسم جون اميدون رکندا آهيون ته اهو ٻار سماج ۾ وڏو ڪم ڪندو. اِهو ٻار اڳتي هلي ڪنهن به پيشي ۾ ڪرپشن ۽ ٺڙڪ ٺڳي نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو؟
• اسان شين جا بنياد به ڪوڙ ۽ فريب تي رکندا آهيون ۽ پوءِ آخر ۾ ويڳاڻپ جو شڪار ٿيندا آهيون.
• اسان وٽ هر سنجيده ڳالهه به مذاق هوندي آهي. هر وقت کل ڀوڳ ۽ چرچن کان سواءِ اسان جي سماج کي ٻيو ڪو به ڪم ناهي.
• اسان جڏهن ڄاڻندي به اڻڄاڻ بڻباسين، ته پوءِ ائين ئي ٿيندو، جيئن اسان وٽ ٿئي پيو. ماڻهن جي نفسيات کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
• اسان وٽ ماڻهو جي نفسيات انهي جي ننڍپڻ کان ئي خراب ڪئي ٿي وڃي. انهي ۾ سڄو سماج ذميوار آهي، خاص طور تي استاد ۽ والدين. ڇو ته ٻار جي سکيا جا بنيادي مرڪز ته گهر ۽ تعليمي ادارا آهن ۽ انهي کانپوءِ پورو سماج.

ڀٽائي سائين جو مطالعو!

ڀٽائي سائين جو مطالعو!
• ھر روز مطالعو ڪرڻ منهنجي عادت ۾ شامل آهي. ڪجهه ڏينهن کان هر روز ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين شاهه سائين جي رسالي کي پڙهي رهيو آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته، شاهه جو رسالو ڀلي ڪيترا ڀيرا به پڙهيل هُجي پر هر ڀيري توهان کي نئون لڳندو.
• رسالي مان هر ڀيري اوهان کي نئون فڪر ۽ فهم ملندو. شاهه سائين جا بيت پڙهندي ائين محسوس ٿيندو آهي جو ماڻهو هڪ الڳ دنيا ۾ هليو ويو آهي. هر هڪ لفظ جو ايڏو اثر ٿيندو آهي جو ماڻهو ڪنهن گَهري سوچ ۽ لوچ ۾ گم ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو روئي به پوندو آهي ۽ انهي روئڻ کان پوءِ اندر جو بار هلڪو محسوس ٿيندو آهي.
• رسالو پڙهندي سنڌي ٻولي جا اهڙا اهڙا سهڻا لفظ سامهون ايندا آهن، جيڪي افسوس ته هاڻي اسان وٽ استعمال نٿا ٿين. انهن لفظن کي اُچارڻ ۾ ڪيڏو نه ميٺاج آهي، ڪاش اها ڳالهه ڪو دل سان محسوس ڪري سگهي.
• مون ذاتي طور تي اِهو محسوس ڪيو آهي ته، اڪثر ماڻهو ڀٽائي جي بيتن کي ياد ته ڪندا آهن ته اُنهن کي پنهنجي عملي زندگي جو حصو ناهن بڻائيندا. منهنجي خيال ۾ ڀٽائي کي ياد ڪرڻ کان وڌيڪ سمجهڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
• اسان جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌي مضمون جي ڪتاب جي شروعات حمد سان ٿيندي آهي، جيڪو ڀٽائي سائين جو لکيل هوندو آهي. اِها سُٺي روايت آهي پر انهي کان سواءِ به ڀٽائي سائين کي اسان جي درسي ڪتابن جو حصو بڻايو وڃي ته جيئن اسان جو نئون نسل پنهنجي ٻولي سان به جُڙيل رهي ۽ ڀٽائي سائين جي فڪر کي سمجهي، اُن کي پنهنجي عملي زندگي جو حصو بڻائي.
ڪتابن سان پيار ڪندڙن جو ڏينهن!

• اڄوڪو ڏينهن ڪتابن سان پيار ڪندڙن جي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي. اِهو ڏينهن اسان کي ڪتابن سان پيار جو احساس به ڏياري ٿو ته، انهي جي اهميت بابت به باخبر ڪري ٿو. انهي سان گڏ ڪيترائي سوال به کڻي ٿو اچي.
• اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، انهي ۾ ڪتابن جي ڪيتري اهميت آهي؟ اسان ڪتابن سان ڪيترو پيار ڪريون ٿا؟ اسان ڪيترو وقت ڪتاب پڙهڻ کي ڏيون ٿا؟ انهي سان گڏ ٻيا به ڪيترائي سوال ذهن ۾ اچن ٿا.
• هڪ ڀيري هڪ پڙهيل لکيل شخص کان پُڇيم ته، هن وقت ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟ جواب ڏنائين ته: مان ڪو واندو آهيان ڇا، جو ويٺو ڪتاب پڙهان. ڪنهن وٽ وقت آهي جو ويٺو ڪتاب پڙهي. ڪمال ٿو ڪرين يار...!
• مون کي ڪتاب پڙهڻ سان سُڪون واري ننڊ ايندي آهي.
• اسان وٽ ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ کي ڪو ڪم ناهي سمجهيو ويندو، بس انهي کي واندڪائي جي وندر ئي سمجهيو ويندو آهي.
• وڏن وڏن اديبن کي تحفن ۾ ملندڙ ڪتاب اڪثر ڪري ردي جي دڪانن تي پيل ملندا آهن.
• اڄ جو ماڻهو جديد ٿي ويو آهي، ان ڪري موبائيل ۽ ٻين شين ۾ مصروف آهي، کيس ڪتاب پڙهڻ جو وقت ناهي. هونئن عام طور تي اِها ڳالهه نؤجوانن لاءِ چئي ويندي آهي ته، اڄ جو نؤجوان ڪتاب نٿو پڙهي. پر آئون چوندس ته نؤجوان نٿو پڙهي ته پوڙها وري ڪهڙو مطالعو ٿا ڪن؟
• گهڻن ماڻهن کي اِها شڪايت هوندي آهي ته، ڪتاب مهانگا آهن. انهي ڪري خريد نٿا ڪريون. پر اُهي ساڳيا ماڻهو مهانگا جوتا، ڪپڙا يا ٻيون شيون خريد ڪندي ناهن ڪيٻائيندا.
• اسان جو سماج جيترو ڪتابن، علم ۽ ادب کان پري آهي، اوترو ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي.

سوشل ميڊيا ۽ اصل چهرو!

سوشل ميڊيا ۽ اصل چهرو!

• سوشل ميڊيا تي ايندڙ اڪثر شيون ائين ناهن هونديون، جيئن پيش ڪيون وينديون آهن.
• اسان جهڙا آهيون، تهڙو پاڻ کي پيش ڪريون ته وڌيڪ بهتر آهي. اڪثر ماڻهو پنهنجي چهري تي چهرو چاڙهي پاڻ کي ٻين جي سامهون آڻيندا آهن.
• مصنوعيت ۽ ڏيکاءُ بجاءِ اسان جهڙا آهيون، تهڙا سُٺا آهيون، رڳو پنهنجو پاڻ سان سچا ٿيون.
• انسان جو حقيقي چهرو سماج جي فائدي ۾ آهي. سُٺائي جو جُبو پائي گهڻن ماڻهن هن سماج سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن.
• سماج لاءِ ڪيل چڱو ڪم ئي منهنجي سڃاڻپ هجڻ گهرجي. ڇو ته هن سماج مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، اُن ڪري مون تي به فرض آهي ته، سماج لاءِ ڪجهه ڪريان.
• انسان پنهنجي اصل چهري کان ڊڄندو به جام آهي.
• هڪ شخص جيترو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ٿو، ايترو ٻيو ڪير به کيس نٿو سڃاڻي.

چار ڏينهن جي زندگيءَ!

چار ڏينهن جي زندگيءَ!

• اسان جو ڪنهن سان ڪيترو به اختلاف ڇو نه هُجي پر پوءِ به اُن جي عزت ڪرڻ اسان تي لازم آهي.
• لازمي ناهي ته هر ڳالهه جو لفظن سان جواب ڏجي، خاموشي به وڏو جواب آهي.
• مون کي ڳالهائڻ ايذائيندڙ لڳندو آهي، خاموشي جو پنهنجو سُڪون آهي.
• پيار ۽ عزت سان ڪنهن کي پنهنجو ڪري سگهجي ٿو، نفرت سان هرگز نه!
• چار ڏينهن جي زندگي ۾ پيار ئي ورهائڻ گهرجي، نفرت ۾ ڇا رکيو آهي.

ڪتابن جون مهورتي تقريبون!

ڪتابن جون مهورتي تقريبون!

• اسان وٽ ٿيندڙ مختلف ڪتابن جون مهورتي تقريبون به عجيب هونديون آهن. اڄ هڪ وڊيو ڏٺم، جنهن ۾ هڪ همراهه مهورتي تقريب دوران مقرر جي حيثيت ۾ پاڻ سان کڻي آيل پنا اسٽيج تي پيو پڙهي ۽ کيس ڪير به نه پيو ٻُڌي. اسٽيج تي ويٺل پاڻ ۾ پيا ڪچهري ڪن ۽ سامهون ويٺل به پنهنجي ۾ لڳل آهن. وڏو افسوس ته اهو جو انهي دوران صاحبِ ڪتاب کي هار پيا پارائجن ۽ سندس فوٽو پيا نڪرن ۽ سڀ ماڻهو اوڏانهن متوجه آهن. عجيب قسم جي افراتفري لڳي پئي آهي. هُو جيڪو مقرر، پنهنجو وقت، توانائي ۽ پئسو سيڙائي اُتي پُهتو، اُن کي ڪير به ٻُڌڻ وارو ناهي.
• ٻيو ته انهن تقريبن ۾ اسٽيج تي سِيٽجي ويٺل اڪثر مها ڏاھن جو اُهو ڪتاب ته ڇا پر ان ليکڪ جي هڪ لکڻي به پڙهيل ناهي هوندي. پوءِ تقرير دوران هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪري، پنهنجا ڪارناما ٻُڌائي ۽ ليکڪ سان ذاتي ياري باشي جو ذڪر ڪري، اُتي موجود ماڻهن جو ڪلاڪ اڌ وڃائي، کين بيزار ڪري اسٽيج تان لهندا آهن.
• توهان پاڻ ٻُڌايو اهڙي ويڌن کانپوءِ ڪير انهن پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو؟
• مزي جي ڳالهه ته، تقريبن هر تقريب ۾ مقرر اِهي ساڳيا همراهه ئي هوندا آهن. موضوع ڀلين ڪهڙو به هُجي.

ناانصافيون، ٺڳيون ۽ بيحسيون!

ناانصافيون، ٺڳيون ۽ بيحسيون!

• اسان جي چوڌاري ايڏيون ته ناانصافيون، ٺڳيون ۽ بيحسيون ٿي رهيون هونديون آهن، جو ماڻهو جو اندر سڙڻ لڳندو آهي.
• هونئن ته ماٺ ڀلي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڏک جو اظهار ڪريو وجهي. بس، اُنهي جو هڪ ئي فائدو آهي ته، ڪجهه وقت لاءِ ماڻهو جي اندر جو بار هلڪو ٿي پوندو آهي.
• باقي اڄ جي هر ماڻهو جا ڏک پنهنجا ئي آهن. اُنهن سان ٻئي ڪنهن کي به مطلب ناهي. اڄ جي ماڻهو کي ويتر انهي ڏک کي وڌائڻ يا اُن جو تماشو ٺاهڻ ۾ مزو ايندو آهي.
• اِها واقعي حقيقت آهي ته، بيحسي هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن جو ڪو به علاج ناهي. افسوس اِهو به آهي، جو اِها بيماري هن سماج ۾ تمام تيزي سان ڦهلجي رهي آهي.

موسيقيءَ ۽ خوبصورتي!

موسيقيءَ ۽ خوبصورتي!

• گذريل ڏهن پندرهن ڏينهن کانپوءِ رات مينهن مس وڃي ڪجهه ساهي ڏني هئي. رات جا ٻارنهن يا هڪ ٿيو هوندو. آسمان ڪڪرن کان آجو هو، پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ويٺي چنڊ کي ڏٺم. چانڊوڪي رات ۽ ڳوٺ جي ماحول ۾ انهي وقت هر طرف سانت هئي، هلڪي هلڪي هوا جي ڪري وڻن جي پنن جو آواز ڪنهن ڪنهن وقت ڪنن تي پيو پئي.
• انهي وقت مون جڏهن استاد منظور علي خان جي آواز ۾ بوند برهه جي بهار لڳي، عابده پروين جي آواز جي آواز ۾ يار سڄڻ جي فراق، محمد جمن ۽ محمد يوسف جي آواز ۾ راڻو ۽ ڀڳت ڪنور رام جي آواز ۾ نالي ڌڻي جي ٻيڙو تار منهنجو.... ٻُڌو ته، خاموش چانڊوڪي ۾ پنهنجي اندر ۾ هڪ سڪون جي لهر کي گذرندو محسوس ڪيم.
• سوچيندو آهيان ته، هي سمورا عظيم فنڪار ڪيڏو نه وڏو ڪم ڪري ويا آهن، جيڪو اسان لاءِ هر وقت راحت جو سبب آهي.
• دنيا مان موسيقي کي ڪڍي ڇڏجي ته، دنيا بيرنگ ۽ بدصورت ٿي پوندي.

سچ چوڻ ۽ سچ ٻُڌڻ!

سچ چوڻ ۽ سچ ٻُڌڻ!

• سچ چوڻ وڏي ڳالهه آهي پر سچ ٻُڌڻ ۽ اُن کي برداشت ڪرڻ تمام وڏي ڳالهه آهي.
• ماڻهو جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اَندر ۾ اِهڙا ناهن هوندا.
• مون ماڻهن کان متاثر ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڇو ته هتي هر چهري تي چهرو چڙهيل آهي.
• زندگي مان اِهو سبق سِکيو اٿم ته، ڪنهن به ماڻهو لاءِ ٿوري وقت ۾ ڪو به رايو نه ٺاهجي، اُن کي ڪجهه وقت ڏجي، هُو پاڻ ئي پنهنجي اصليت سان ظاهر ٿيندو.

پنهنجي رمز ۾ رهڻ!

پنهنجي رمز ۾ رهڻ!

فون تي گهڻو ڳالهائڻ مون کي ناهي وڻندو. سوچيندو آهيان ته، ڪنهن جي ڪال نه اچي ته سُٺو آهي. ڪي دوست چوندا آهن ته، ڳالهائڻ لاءِ وقت ناهي ڇا؟ پر منهنجي نظر ۾ انهي حوالي سان ڪيفيت وڏي معني رکي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن وقت هوندي به ڳالهائڻ تي دل ناهي چوندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وقت نه هوندي به دل ڳالهائڻ لاءِ چوندي آهي. سو ”ڪڏهن مَن ماڪوڙو، ڪڏهن ڪيهر شينهن“ يا وري ”ڪڏهن روح راڳن ۾ ته، ڪڏهن بيتن کان بيزار“.
بلڪل ساڳي طرح ڪنهن ٻئي کي فون ڪندو آهيان ته، پهرين اُن کان اجازت وٺندو آهيان ۽ چوندو آهيان ته، اوهان کي ڊسٽرب ته نه ڪيم؟ جيڪڏهن هُو اجازت ڏيندو آهي ته، اڳتي ڳالهائبو آهي. نه ته موڪلائبو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بيحد پياري دوست کي فون ڪيم ۽ کائنس ساڳي اجازت ورتم ته، چيائين يار تنهنجي فون جي ته انتظار ۾ هوندو آهيان ۽ چيائين ته تنهنجي انهي اجازت سان هڪ تاريخي ڳالهه ياد ٿي اچي، جيڪا دل چوي ٿي ته، توکي ٻُڌايان پوءِ باقي ڳالهيون ڪريون ٿا.
دوست ٻُڌايو ته، ديوان ڏيارام پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجو پاڻ سان اِهو وچن ڪيو ته، هاڻي خاموشي اختيار ڪرڻي آهي ۽ ڪنهن سان ناهي ڳالهائڻو. اُن جو سبب شايد دنيا جي نفسانفسي ۽ وٺ پڪڙ کان خائف ٿيڻ ٿي سگهي ٿو! سو، ديوان ڏيارام ته وڏو ماڻهو هو، اُن سان هر ڪو ملاقات ڪرڻ چاهيندو هو. هڪ ڀيري مهاتما گانڌي ساڻس ملڻ لاءِ آيو. جڏهن اِهو نياپو ديوان ڏيارام تائين پهچايو ويو ته، مهاتما گانڌي توهان جي در تي دستڪ ڏني آهي. ته ديوان صاحب ڪنهن ڪاغذ تي اِهو لکي موڪليو ته، مون پنهنجو پاڻ کي وچن ڏنو آهي ته، هاڻي ڪنهن سان به ملاقات نه ڪندس پر پوءِ به هڪ وڏو ماڻهو مهاتما گانڌي منهنجي در تي آيو آهي ۽ هُو حڪم ڪري ته، مان پنهنجو وچن ٽوڙي اچي ملاقات ڪيان. جڏهن اِهو نياپو مهاتما گانڌي تائين پهچايو ويو ته، پاڻ جواب ۾ چيائين ته ديوان صاحب کي چئجو ته سندن نياپو مليو ۽ سمجهو ته درشن ٿي ويو.
سو، ڪجهه ماڻهن لاءِ وچن به ٽوڙڻو پوندو آهي ته به دل رنج ناهي ٿيندي ۽ ڪجهه ماڻهو ڪيفيت کي سمجهندي پنهنجي حال تي ۽ پنهنجي رمز ۾ رهڻ ڏيندا آهن.

زندگي جو ڪتاب ۽ پنو!

زندگي جو ڪتاب ۽ پنو!

• پنهنجي زندگي جي ڪتاب مان، اُهو پنو ڦاڙي ڇڏيو اٿم جنهن ۾ تنهنجو ذڪر هو. ڇو ته، تون اُهو ساڳيو ناهين رهيو، جيڪو مون توکي سمجهيو هو.
• منهنجي دل تان جيڪو لهي ويندو آهي، سو سون ڇو نه ٿي پوي. پر اُن لاءِ منهنجي دل ۾ ڪا به جڳهه ناهي.
• مصنوعيت، ڏيکاءُ، ٻهروپيت هميشه مون لاءِ ايذاءُ جو سبب ئي رهيا آهن.
• ماڻهن وٽ ڳالهيون گهڻيون آهن. وقت ڪنهن وٽ به ناهي.
• اڄڪلهه ڌرتيءَ جي گولي تي ماڻهو جام آهن پر انسان ٿورا آهن.

ماڪ ڀنل راتيون!

ماڪ ڀنل راتيون!

• ماڪ ڀنل راتين ۾ عجيب خاموشي ۽ سُڪون آهي. جنهن ۾ ماڻهو کي پنهنجو پاڻ سان ڪچهري جو موقعو ملي ٿو. پنهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ جو وقت ملي ٿو.
• ڳوٺاڻي ماحول ۾ انهي خاموشي دوران پري پري کان ٻنين ۾ کيڙي ڪندڙ ٽريڪٽرن ۾ وڄندڙ ڪلام ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا. جيڪي ماڻهو کي ماضي ڏانهن وٺي ٿا وڃن.
• سارين جي لابارن کانپوءِ ٻنين جون کيڙيون جاري آهن. نئين فصل پوکڻ جون تياريون آهن. مٽيءَ مان دلفريب خوشبوءِ من کي شانتي ڏيڻ جو سبب بڻجي ٿي. اڳي راتين جو ڳاهه ڳاهبا هئا، کِل ڀوڳ ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون. انهن ڳالهين جو به هڪ الڳ رومانس هو. هاڻي جديد مشينري ذريعي سڀ ڪم ٿين ٿا. هاڻي ته فصل لڻڻ لاءِ به مشينون استعمال ٿيڻ لڳيون آهن. اُهي گڏجي ڪم ڪرڻ، لابارا ڪرڻ، رونبو ڪرڻ ۽ هڪٻئي سان ڏک سک ۾ گڏ ھجڻ وارا زمانا به ويا.
• جڏهن به لابارا ٿيندي ڏسندو آهيان ته، مون کي وليم ورڊس ورٿ وارو بيت (solitary reaper) البيلي لاهياري ياد اچي ويندو آهي. جنهن ۾ لاهياري دنيا کان بيخبر ٿي گيت ڳائي ٿي ۽ پنهنجي ڪم ۾ مگن رهي ٿي.
• هاڻي ٻج به هائبرڊ ٿا استعمال ٿين. جيئن اُپت وڌيڪ ملي. مون کي لڳندو آهي ته هائبرڊ ٻجن جا اناج ۽ ڀاڄيون کائي کائي اڄڪلهه جي ماڻهن جا رويا به هائبرڊ ٿي ويا آهن. نه فضيلت واري دوستي ۽ نه فضيلت واري دشمني. مصنوعيت، ٻهروپيت ۽ هميشه سرسي واري پاسي هجڻ وارا رويا عام ٿي ويا آهن. ڪَس کائڻ، برداشت ڪرڻ، درگذر ڪرڻ وارا نج نبار رويا به موڪلائي ويا.

لکڻ به ساهه کڻڻ وانگر آهي!

لکڻ به ساهه کڻڻ وانگر آهي!

• لکڻ مون لاءِ وڏي معني رکي ٿو. هر روز مزدورن کي مزدوري تي ويندي، شاگردن کي اسڪول تي ويندي، هاري کي هر هلائيندي، عورتن کي لابارو ڪندي، مٿي ۽ ڪڇ تي پاڻي جا گھڙا کڻندي يا مٽي جون تغاريون کڻندي، ڌنارن کي مال چاريندو ڏسي انيڪ خيال دل ۾ ايندا آهن. ڪي جلد ئي لکي وٺبا آهن، ڪي نه لکڻ سبب رهجي ويندا آهن.
• اڳي ڊائري ۾ نوٽ ڪبا هئا ۽ هاڻي سمارٽ فون ۾ نوٽس ٿا محفوظ ڪجن. هر هڪ منظر تي گهڻو ڪجهه لکڻ لاءِ دل چوندي آهي. ڪي ڳالهيون لکجي وينديون آهن، ڪي ڳالهيون رهجي وينديون آهن. ڪي ڳالهيون سڀني کي خبر آهن ۽ ڪي ڳالهيون ڪنهن کي به خبر ناهن.
• سڀني وٽ ڏسڻ جي اک پنهنجي آهي. منهنجي اک جيئن ڏسي ٿي، دل چوي ٿي ته، اُن کي محفوظ ڪريان.
• منهنجون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون، منهنجي اندر جو اظهار آهن. جيڪي مون لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون. بس لکڻ سان اندر جو بار هلڪو ٿي پوندو آهي. جيستائين خيال پني تي لکبو ناهي، تيستائين اُهو اندر ۾ هُرندو رهندو آهي.
• منهنجي اِها خواهش آهي ته، آئون سماج جي هر حُسناڪي تي لکي سگهان ۽ اُن ڪوجھائي تي به لکان، جيڪا سماج جو خوبصورت چهرو بگاڙڻ ۾ مشغول آهي.

مصروف نه رهڻ ۽ زنده نه رهڻ ساڳي ڳالھ آھي!

مصروف نه رهڻ ۽ زنده نه رهڻ ساڳي ڳالھ آھي!

• زندگي جي سُورن ۽ تڪليفن کي ماٺو ڪرڻ ۽ انهن کي برداشت ڪرڻ جو مون کي هڪ ئي طريقو سجهندو آهي ته، پاڻ کي مصروف رکجي. پنهنجي صلاحيتن آڌار ڪو نه ڪو مثبت ڪم ڪندو رهجي.
• جيئن عمر گذري ٿي، تيئن شدت سان اِهو محسوس ٿيندو اٿم ته، وقت ٿورو آهي، ڪم گهڻا آهن.
• ڪم ڪرڻ واري ماڻهو جو وقت گذري ٿو وڃي. جڏهن ته مصروف نه رهڻ وارن جي اڪثريت رڳو انهيءَ سوچ ۾ هوندي آهي ته، سج جلدي ڇو نٿو لهي.
• مون ڪٿي والٽيئر جا لفظ پڙهيا هئا، جنهن ۾ هُن چيو پئي ته، ”مصروف نه رهڻ ۽ زندهه نه رهڻ ساڳي ڳالھ آھي. سست ماڻهو کان سواءِ ٻيا سڀ نيڪ انسان آهن“.
• والٽيئر جو سيڪريٽري چوندو هو ته والٽيئر رڳو وقت جي معاملي ۾ ڪنجوس آهي. ڇو ته هن وٽ وقت جي وڏي اهميت هئي.
• هر انسان جو ڪم ئي سندس خوشين جو سبب بڻجي ٿو.
• ڪم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سُڪون جي جيڪا لهر اندر ۾ اٿندي آهي، سا محنتي ۽ پورهيو ڪندڙ ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا.
• ڪنهن ڏاهي ته اهو به چيو آهي ته، جيڪڏهن خودڪشي جي خيال کان به بچڻ چاهيو ٿا ته پاڻ کي مصروف رکو.

وقت جي اهميت!

وقت جي اهميت!

• اڄ سال جو آخري مهينو شروع ٿي ويو آهي. هونئن ته هر روز پنهنجو، پنهنجي ڪم ڪار جو جائزو وٺجي، پنهنجي چڱاين ۽ غلطين، سُٺائين ۽ اوڻاين جي به خبر وٺجي. پر سال جو آخري مهينو سڄي سال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهميت وارو آهي.
• هر روز ڪجهه وقت پنهنجو پاڻ کي به ڏجي، پنهنجو پاڻ سان به ڪچهري ڪجي.
• سال جو آخري مهينو، مون کي وقت جي تيزي سان گذرڻ جو شدت سان احساس ڏياريندو آهي.
• وقت تمام اهم شيءِ آهي پر افسوس اسان وٽ انهي جو نه ئي قدر آهي ۽ نه ئي ان جي اهميت جي اسان کي خبر آهي.
• وقت ئي اُها واحد شيء آهي، جيڪا هر ماڻهو کي هڪ جيتري ئي ملي ٿي. هاڻي اِهو ماڻهو تي آهي ته، اُهو انهي کي استعمال ڪيئن ٿو ڪري.

دل ۽ دماغ!

دل ۽ دماغ!

• دل ۽ دماغ اسان جي جسم جا اُهي اهم عضوا آهن، جن جو اسان جي احساسن سان سِڌو واسطو آهي.
• منهنجو خيال اِهو آهي ته، دماغ وٽ منطق آهن ۽ دل احساسن سان ڀرپور آهي.
• انهي ڪري آئون ائين ٿو سمجهان ته، دماغ جي منطق کان دل جي احساس جي اهميت وڌيڪ آهي.
• دل وٽ پنهنجا احساس آهن، جنهن کي دماغ ناهي سمجهي سگهندو ۽ دماغ وٽ پنهنجا دليل آهن، جيڪي دل کي قبول ناهن.
• آخر ۾ سڀ الزام دل تي ايندا آهن ته، دل بيچئي آهي ۽ پوءِ دل دماغ کان وڌيڪ ڀوڳيندي به آهي.

لکڻ پڙهڻ جو موقعو!

لکڻ پڙهڻ جو موقعو!

ھن سال پڙھڻ لکڻ جو ڪجهه وڌيڪ موقعو مليو. انھن دوران مختلف ڪتاب پڙھيم. انھن ۾ ڪجھـ ڪتاب آتم ڪٿائن جا به ھئا. ھن وقت تائين منھنجي مطالعي مان جيڪي آتم ڪٿائن جا ڪتاب گذريا آھن، انھن ۾ سڀ کان گھڻو جنھن متاثر ڪيو، انھن ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو ”ڪيئي ڪتاب“، لڇمڻ ڪومل جو ”وھي کاتي جا پنا“، ايم ايڇ پنھور جو ”آپ بيتي، جڳ بيتي“، انگريزي ۾ نيلسن منڊيلا جي آتم ڪٿا ۽ بالي ووڊ اداڪار نصيرالدين شاھ جي آتم ڪٿا قابل ذڪر آھن. جڏھن تـ جمال ابڙي جي آتم ڪٿا ھن وقت پڙھي رھيو آھيان، جيڪا بـ وڻندڙ، دلچسپ ۽ معلوماتي آھي. انھن ۾ به ”ڪيئي ڪتاب“ ۽ ”وھي کاتي جا پنا“ جو تـ لطف ئي الڳ آھي.
انھيءَ دوران ڪجهه رٽائر ڪامورن جون آتم ڪٿائون به پڙھيم پر سچي ڳالھه اھا آھي ته انھن ۾ ھر حوالي سان ڪو به مزو نه ھو. اڪثر ڪامورن کي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ آتم ڪٿا لکي اديب سڏائڻ جو شوق ھوندو آھي، جيڪا ڪنھن حد تائين ته ٺيڪ ڳالھه آھي پر حقيقت پسند ٿجي ته بھتر آھي. ڇو ته تقريبن ھر ڪامورو پنھنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ۾ وڏو محنتي، ھمدرد، ھڏڏوکي ۽ وطن دوست نظر ايندو آھي، جڏھن ته سندن عملي طور ڪردار وري ڪجھه ٻيو ھوندو آھي.

خاڪن جا ڪتاب!

خاڪن جا ڪتاب!

هن سال جيڪي ڪتاب پڙهي سگهيس، اُنهن ۾ ڪجهه ڪتاب شخصي خاڪن/پروفائلز جا به هُئا. مون گذريل ڪجهه وقت ۾ جيڪي پروفائلز جا ڪتاب پڙهيا آهن، اُنهن ۾ رسول بخش جو ”تاريخ تراشيندڙ“، جامي چانڊيي جو ”سندي جوڳيان ذات“ ۽ انور ابڙي جو ”قلم جا وارث“ مون کي سُٺا لڳا.
”سندي جوڳيان ذات“ ۽ ”قلم جا وارث“، انهن ٻنهي ڪتابن ۾ 50،50 مختلف علمي ادبي شخصيتن جا شاندار خاڪا آهن. ڪجهه ساڳين شخصيتن تي آهن ۽ ڪجهه مختلف. پر اهڙي طرح اسان کي هڪ سئو شاندار خاڪا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. جن ۾ ڀٽائيءَ سائين کان ويندي حسن درس تائين مختلف علمي ادبي شخصيتن جا خاڪا شامل آهن.
آتم ڪٿائن سان گڏ، خاڪن جي ڪتابن مان به مختلف شخصيتن جي ڪم، عقل، فهم فڪر ۽ سندن حياتي جي پنڌ جي خبر پوي ٿي. جن مان اسان کي اتساهه ۽ جيئڻ جا نوان گس ملن ٿا.

سال جي آخر ۾ مطالعي جو جائزو!

سال جي آخر ۾ مطالعي جو جائزو!

هن سال مضمونن جا مختلف ڪتاب به پڙهيم. جن جو موضوع تاريخ، فلسفو، ٽيڪنالاجي ۽ گلوبلائيزيشن سميت ٻيا موضوع به شامل هُئا. انهن ڪتابن ۾ سڀ کان بهترين سائين حيدر علي لغاري صاحب جا ٻه ڪتاب ”اندر ملهه املهه ۽ ڪُڇان ڪڄاڙو“ شاندار هُئا. ان کان سواءِ ول ڊيورانٽ جو فلسفي تي لکيل ڪتاب ”فلسفي جي ڪهاڻي“ به سُٺو ڪتاب لڳو. پر انهي جي سنڌي ترجمي ۾ مسئلا هُئا، سو بهتر آهي ته جيڪو ڪتاب جنهن ٻولي ۾ هجي، اُن ۾ ئي پڙهجي يا وري انهيءَ جو اردو ترجمو پڙهجي. سنڌي ترجمي ۾ مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي جا ٽي ڀاڱا به هن سال پڙهيم. سي به بهتر لڳا.
ڊاڪٽر مظهر علي ڏوٽيو ۽ نور احمد جنجهي صاحب جا گلوبلائيزيشن جي موضوع تي انتهائي ڪارائتا ۽ وقتائتا ڪتاب آهن. انهيءَ دوران اِهي به پڙهڻ لاءِ مليا.
اردو ۾ ابوبڪر شيخ صاحب جو بلاگز تي مشتمل ڪتاب ”تاريخ کے مسافر“ پڙهيم. جيڪو هڪ منفرد قسم جو ڪتاب آهي. جنهن ۾ ليکڪ پنڌ ڪري تاريخ کي ڦلهورڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن بلاگز ۾ انهن گمنام هيرن جو به ذڪر ملي ٿو، جيڪي ڏکين حالتن ۾ رهندي جيئڻ لاءِ جتن ڪن پيا. انهن بلاگز ۾ ماحوليات اهم موضوع آهي. ماحولياتي تباهي بابت مختلف ماڻهن جون درد ڪٿائون هن ڪتاب ۾ شامل آهن. هي بلاگز پڙهندي سفرنامن وارو تاثر به اچي ٿو.
هن سال ئي محترم عبدالرحمان پيرزادي صاحب جي بلاگز جا ٻه ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ۽ ”گامون جا گفتا“ به پڙهڻ لاءِ مليا، جن ۾ پيرزادي صاحب صحت، تعليم، سياست، زراعت سميت ٻين اهم معاملن تي بلاگز لکيا آهن. هي سوشل ميڊيا تي لکيل بلاگز جا مجموعا آهن.
هي سمورا ڪتاب منهنجي ڄاڻ ۾ واڌاري ۽ مختلف معاملن تي سوچڻ جو سبب بڻيا.

سونهن سدا بهار آهي!

سونهن سدا بهار آهي!

• هر شيءِ، هر لقاءُ، هر لمحي ۽ هر ماڻهو ۾ خوبصورتي موجود هوندي آهي پر بدقسمتي سان هر ڪو اُها خوبصورتي ڏسي ناهي سگهندو.
• جڏهن توهان خوبصورتي بابت سوچيو ٿا ته، توهان کي نه رڳو پنهنجي اندر خوشي جو احساس محسوس ٿئي ٿو پر توهان جي چوڌاري موجود هر شيءِ وڻندڙ لڳي ٿي.
• لتا منگيشڪر جو آواز مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. ڪجهه وقت اڳ سندس هڪ گيت ٻُڌم پئي، جيڪو سندس فلمن لاءِ ڳايل گيتن ۾ بلڪل ويجهائي جو هو. لتا عمر ۾ ته وڏي ٿي وئي پر سندس آواز ۾ اُها خوبصورتي ۽ معصوميت اڳ کان به وڌيڪ محسوس ٿي. ساڳي طرح ڪشور ڪمار جي آواز ۾ به وڌيڪ سوز تڏهن هو، جڏهن هُو عمر ۾ وڏو ٿئي چڪو هو. بلڪل ائين ئي نامياري اداڪاره ريکا جي خوبصورتي به ته سدابهار آهي. جيئن سندس عمر وڌي ٿي، تيئن ئي هُو graceful ٿئي ٿي.
• خوبصورتي تي جان ڪيٽس جا هي لفظ ڪيڏا نه وڻندڙ آهن.
• ”A thing of beauty is a joy forever“
• پنهنجي اندر ۾ خوبصورتي جي وڻن کي وڏو ٿيڻ ڏيو، ته جيئن اُنهن جي ڇانوَ ۾ ڪنهن کي سُک ملي سگهي.

سال 2020ع جي پُڄاڻي!

سال 2020ع جي پُڄاڻي!

هن سال عالمي وبا ڪورونا جي ڪري سُور سوايا رهيا. زندگيءَ خوف ۽ خطرن جي گهيري ۾ رهي. عجيب بيچيني ۽ پريشاني ۾ رهي. هونئن انسان جي اِها فطرت آهي ته، هُو ڊپ ۾ هڪٻئي جي ويجهو ايندو آهي. تڪليف ۾ اهڙي ڪلهي جي تلاش ۾ هوندو آهي، جنهن تي ڪنڌ رکي ٻه لڙڪ لاڙي سگهي، کيس اِها آس هوندي آهي ته، سندس ڳوڙها اُگهڻ لاءِ ڪو هٿ اڳتي ايندو، ٻه قدم اڳتي ايندا ۽ ڪو نه ڪو سندس ويجهو ايندو. ڪو نه ڪو کيس ڀاڪر ۾ ڀري، محبت جي گرمائش سان ٿڌي ٿيل زندگيءَ ۾ حرارت پيدا ڪندو پر هن وبا جي ڪري قصو ئي اُبتو ٿي ويو. تڪليف ۾ هوندي ڪنهن جي ويجهو نٿو وڃي سگهجي ۽ نه ئي ڪنهن کي پنهنجي ويجهو اچڻ لاءِ چئجي ٿو. تنهائي ڇا ٿيندي آهي، انهيءَ جو احساس اڄ جي انسان کي هن سال شدت سان ٿيو هوندو.
اسان جهڙا ماڻهو هونئن ئي آئيسوليٽ آهن پر گهمڻ ڦرڻ ۽ ماڻهن جي هجومن ۾ رهڻ وارن ماڻهن لاءِ به هي سال ڏکيو رهيو. سندن چرپر محدود ٿي وئي. ذاتي زندگي ۾ نون تجربن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم، تڪليفون به ڏٺيون پر مون وري به هن سال دوران انهيءَ مليل فرصت کي ڪتابن پڙهڻ، موسيقي ٻُڌڻ، فلمون ڏسڻ، پنهنجو پاڻ سان ڪچهريون ڪرڻ، پکين جون ٻوليون ٻُڌندي، جانورن کي گاهه چرندو ڏسندي، سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ جي منظرن کي ڏسڻ، برسات ۾ وهنجندي، ٻارن کي پاڻ ۾ رسندو پرچندو ۽ رانديون کيڏندو ڏسندي، ٻنين ۾ پاڻي وهندي، ڏاندن کي کيڙي ڪندي، ڌراڙن کي مال چاريندو ڏسندي، لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندي، پنهنجي شاگردن کي همٿائيندي، سندن ڳالهيون ٻُڌندي ۽ وس آهر سندن رهنمائي ڪندي گذاريو. انهيءَ دوران مون مختلف سماجي مشاهدن کي، پنهنجي احساسن، سوچن، سُورن ۽ سپنن کي پنن تي اُتاريو. جن کي ڪتابي شڪل ڏئي، پڙهندڙن تائين پُهچائبو. انهيءَ فرصت جو فائدو وٺندي اِهو سوچيو هُئم ته، ڪو نئون ڪم به ڪبو. سو جديد دور کي نظر ۾ رکندي پنهنجو يوٽيوب تي چئنل ٺاهيم، جنهن ذريعي اِها ڪوشش اٿم ته، شاگردن جي رهنمائي به ڪجي ۽ ان سان گڏ علم، ادب، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۽ ڪتابن بابت مختصر وڊيوز ٺاهي شيئر ڪبيون. سو، اِهو ڪم به شروع ڪيو آهي.
اسان جي سماج جهڙن سماجن ۾ اڪثر نوان سال، رڳو انگن جي تبديلي سواءِ ڪجهه به ناهن هوندا. ڇو ته، اسان وٽ اِهو فرسودہ نظام سالن کان هلندو پيو اچي. جيڪو هر چڱائي، شعور، تعليم ۽ سونهن جو دشمن آهي.
انهن سمورين ڳالهين باوجود اسان کي پُراميد رهڻ گهرجي، ٻين لاءِ اتساهه ۽ همٿ جو سبب هجڻ گهرجي، ننڍي ئي سهي پر هر چڱائي کي ساراهبو، ڊپ، خوف ۽ ڏک جو سبب ٿيڻ بجاءِ، مُرڪون، ٽهڪ ۽ خوشيون ڦهلائبيون.
انهن سُورن باوجود اڄ به سج اُڀري پيو، چانڊوڪي چمڪي پئي، گُل ٽڙي پيو، سُونهن مُرڪي پئي، ٻار مستيون ڪري پيو، پکي ٻولين پيا، مينهن وسن پيا، پارا ڪِرن پيا، شاديون ٿين پيون، خوشيون ملهائجن پيون، ڪاميابيون ساراهجن پيون، ڪوئل ٻولي پئي، چڱائي ڳائجي پئي ۽ بانسري مان ساز نڪري پيو.....
اوهان سڀني کي نئين سال جون واڌايون، انهيءَ اميد سان ته، نئون سال اسان لاءِ سُک کڻي ايندو. وري چهرن تي مُرڪون اينديون، اسان وري ڀاڪر پائي ڳل لائي ملنداسين ۽ هن سماج لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪنداسين.

ٻارن کي پاڙهيندي ڏهه سال گذري ويا!

ٻارن کي پاڙهيندي ڏهه سال گذري ويا!

هن سال ٻارن کي پاڙهيندي ۽ اُنهن کان سِکندي مجموعي طور تي ڏهه سال پورا ٿيا. جنهن ۾ گذريل ستن سالن کان جاري سرڪاري نوڪري ۽ اُن کان اڳ مختلف خانگي تعليمي ادارن ۾ ٽي سال شامل آهن.
مون کي خوشي اِها آهي ته، فطرت مون کان هڪ اهڙو ڪم وٺي رهي آهي. جيڪو منهنجي مزاج وٽان آهي ۽ جنهن ذريعي منهنجو سڌو سنئون واسطو ٻارڙن، شاگردن ۽ نؤجوانن سان آهي. جن وٽ نيون ڳالهيون آهن، نوان خيال آهن، نوان جذبا آهن، توانائي آهي، جوش آهي، تازگي آهي بلڪل اهڙي طرح جيئن تازن گُلن ۾ خوشبوءِ هوندي آهي. انهيءَ ڪم جي ڪري ئي منهنجي ڪتابن، پين ۽ پني سان دوستي ٿي. نه ته شايد اِهو ٿورو گهڻو به، نه پڙهي سگهجي ها ۽ نه ئي لِکي سگهجي ها!
انهن ڏهن سالن دوران مختلف ۽ نوان نوان تجربا، زندگيءَ ۽ ماڻهن جي نفسيات کي سمجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا. منهنجي هر وقت اِها ڪوشش رهي ته، پنهنجي شاگردن کي اِهڙو ماحول ڏيان، جنهن ۾ اسان سڀ هڪٻئي جي عزت به ڪريون، هڪٻئي جون ڳالهيون به ٻُڌون، هڪٻئي کي دل سان برداشت ڪريون، هميشه ڪجهه نئون سِکڻ جي جستجو ۾ رهون. هڪٻئي جي چڱاين کي ساراهيون ۽ ڪوتاهين کي به سهڻي نموني سمجهون ۽ سمجهايون، اُنهن کي وڏي دل سان قبول ڪريون. هر ڪنهن کي عزت ۽ پيار ڏيون، سُٺا انسان ثابت ٿيون ۽ هن سماج جو اسان تي جيڪو قرض آهي، سو ڪجهه نه ڪجهه لاهڻ جي ڪوشش ڪريون، والدين جي عزت به ڪريون ۽ انهن سان پيار به ڪريون.
انهيءَ دوران مون شاگردن جي نفسيات، سندن مسئلن، مختلف تدريسي مرحلن تي مضمونن جو هڪ ڪتاب به لکيو ۽ اِهو سلسلو جاري آهي. مون کي خوشي ٿيندي آهي، جڏهن واٽ ويندي ڪو شاگرد ملندو آهي ته، تمام گهڻي پيار ۽ احترام سان ملندو آهي. يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ اڪثر شاگرد چوندا آهن ته، سر جڏهن به يونيورسٽي اچو ته، اسان سان ضرور ملجو. هُو پنهنجي دل جون ڳالهيون مون سان بغير ڪنهن ڊپ ۽ هٻڪ جي ڪندا آهن.
انهي دوران مون اِهڙا به ڪيترائي شاگرد ڏٺا، جن چيو ته، سر اسان جي ڳالهه ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ وارو ڪو ناهي. پوءِ هُو مون کي پنهنجون تڪليفون ٻُڌائي دل جو بار هلڪو ڪندا هُئا. ڪيترائي اِهڙا به هُئا، جن چيو اسان اڳتي پڙهون ئي نٿا. جنهن جا مختلف سبب هُئا پر مون کين همٿايو ۽ رهنمائي ڪئي، اُنهي سان اُهي اڳتي پڙهي مختلف يونيورسٽين جي سندن پسند جي شعبن مان تعليم پرائي چڪا آهن.
سو، آئون هن پيشي مان مطمئن آهيان، انهي ڪري جو هن مان اوهان کي عزت ۽ پيار ملي ٿو. جنهن جي لاءِ هن دنيا جا گهڻا ماڻهو سِڪايل آهن.

زندگيءَ!

زندگيءَ!

زندگيءَ هر روز ماڻهو سان گڏ آهي، ماڻهو جي آسپاس آهي. زندگيءَ ڪڏهن اجنبي به لڳي ٿي ته، ڪڏهن پنهنجي به لڳي ٿي. ڪڏهن ڀاڪرن ۾ ڀري مٺيون به ڏي ٿي ته، ڪڏهن ڌڪو ڏئي پري ڪري ٿي. ڪڏهن سياري جي سرد صبح جهڙي آهي، ته، ڪڏهن نٽهڻ اُس آهي. ڪڏهن چانڊوڪي رات جهڙي مڌر آهي ته، ڪڏهن خوفناڪ انڌيري رات آهي. ڪڏهن معصوم ٻار وانگر ڇيڳري ۽ بيچئي آهي ته، ڪڏهن سخت اصول پرست استاد آهي. زندگيءَ ڪڏهن ڪاميابي آهي، جنهن جا سڀ وارث آهن ۽ ڪڏهن ناڪامي آهي، جيڪا لاوارث آهي. ڪڏهن ٽُوهه جهڙي کاري ته، ڪڏهن ماکي جهڙي مِٺي!
بس زندگيءَ خبر ناهي ڇا آهي؟ ڪير به کيس سمجهي ناهي سگهيو. زندگيءَ تي سوچيندي ڪڏهن دل چوندي ته، هن سان پيون روح رهاڻيون ڪجن، ڪڏهن دل چوندي ته، هن سان رُسي وڃجي ۽ هڪ لفظ به نه ڳالهائجي.

لفظ سماعتون ڳولي وٺندا آهن!

لفظ سماعتون ڳولي وٺندا آهن!

• لفظ سماعتون ڳولي وٺندا آهن.
• يقين مرڻ لڳي ته سفر بيهي رهي ٿو!
• ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو تي گهر جا در ۽ ديوارون به کلنديون آهن.
• ڪتابن مان خوشبوءِ ته ختم ناهي ٿيندي، پوءِ ڇو اسان انهن کي وساري ڇڏيو آهي!
• خوشحالي لاءِ برساتن کي دعوت ڏيڻي پوندي آهي.
• جيستائين اندر ۾ ٿڌيون هوائون نٿيون گُهلن، تيستائين ٻاهر جون هوائون سُڪون نٿيون ڏئي سگهن!
• معصوم اکين جي نصيب ۾ ساڀيان ناهي هوندي.
• هر زخم تي پهريون مرهم اسان کي پاڻ لڳائڻو پوندو آهي.
• اونداهي وڌي وڃي ته اکيون اونداهي ۾ ڏسڻ جون عادي ٿي وينديون آهن.
• ماڻهو هجن يا گهر، انهن کي جڏهن اڪيلو ڇڏيو ويندو آهي ته اُهي اندر ئي اندر ۾ مرڻ لڳندا آهن.
• اسان جون خوشيون، سُورن ۽ ڊپ جي سيج تي پلجن ٿيون.

جبل مٿي جُهڙ!

جبل مٿي جُهڙ!

• عجيب اتفاق آهي، ڪلهه مون شمشيرالحيدري صاحب بابت لکيل مضمونن جو هڪ ڪتاب پئي پڙهيو ۽ اُن وقت تيز برسات شروع ٿي وئي. مونکي اُن وقت ئي برسات بابت شمشير سائين جو لکيل گيت ”جبل مٿي جهُڙ“ ياد اچي ويو. جيتوڻيڪ ڀٽائي جي سُر سارنگ جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا خوبصورت گيت آهن، جن ۾ برسات جو ذڪر آهي پر شمشير سائين جو هي گيت ”جبل مٿي جهُڙ“ هڪ الڳ قسم جو رومانس رکي ٿو. وري جڏهن انهي ئي خوبصورت گيت جا هي ٻول:
”جهونو ڙي ڇنوڙي ٽميو ڙي مانجو
سنهڙو چولو ڀنو ڙي مانجو
هيڪلي هنڌ ۾ سيءُ مران جو
تون ئي ته اجهو اوڇڻ مانجو
ٿوهر ڪهڙو ٿڙ ڙي جاني
جبل مٿي جهڙ“
ذهن تي تري آيا ته جيجي زرينه بلوچ جو خوبصورت آواز ڪنن ۾ گونجڻ لڳو، جنهن انهي گيت کي ڏاڍي رومانٽڪ انداز ۾ ڳايو آهي. ساڳئي گيت جا هي ٻول ته وري محبوبه جي ياد ڏيارڻ لڳا، جيڪا جهڙ ڏسي جهري پوي ٿي. جيڪا پنهنجي محبوب کي هينئن ٿي چوي ته؛
”جهڙ ته مان کي جھوري ڙي سڄڻ
وار ته ڇڏيم ڇوڙي ڙي سڄڻ
مند ڏسي تون مڙ ڙي جاني
جبل مٿي جهڙ.“
سو اهڙا خوبصورت گيت برسات جي مزي کي واقعي وڌيڪ خوبصورت بڻائين ٿا.

• برسات ۾ وڻ ٽڻ، جانور، پکي پکڻ سڀ وهنجي، ڌوپجي، صاف ٿي وڃن ٿا. بس رڳو اهي سڀ مخلوقون انسان کان بچي پون. انسانن جي وڍ ٽُڪ ۽ شڪار ئي انهن کي ماري تباهه ڪري، فطرت کي ئي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
• برسات جو ذڪر ٿئي ۽ ٿر جو ذڪر نه ٿئي، اِهو ممڪن ئي ناهي. ٿر هميشه اڃارو ئي رهيو آهي. بس رڳو سندس اڃ کي ڪير محسوس ڪري سگهي!
• انهي ٿر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيترن ئي هرڻن کي ظالمن ماري ڇڏيو. سچ پُڇو ته مون جڏهن سوشل ميڊيا تي اُنهن هرڻن کي مئل حالت ۾ ڏٺو ته آئون پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيس. انسان وحشت جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن.
• بي زبانن کي مارڻ ۾ انسان هميشه اڳڀرو رهيو آهي ۽ اهڙي طرح هُو پنهنجو ڳلو پاڻ پيو ڪپي. جڏهن به هُو ڪنهن وڻ کي وڍي ٿو، جانور يا پکي کي ماري ٿو ته سمجهو هُو پنهنجو پاڻ کي ماري پيو.
• اهڙن ئي ماڻهن جي ڪري هي ڌرتي هاڻي ڪاوڙ ۾ اچي وئي آهي ۽ هاڻي ماڻهن جو جيئڻ به تنگ ٿيندو پيو وڃي. ڇو ته ماڻهن ظلم جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن.
• چارلي چپلن جهڙي مشهور ماڻهو به برسات بابت چيو ته: ”مونکي برسات ۾ هلڻ پسند آهي، ڇو ته برسات ۾ ڪير به منهنجا ڳوڙها ڏسي نه سگهندو.“
• برسات جي موسم ۾ ڪتاب جهڙي خوبصورت دوست جو گڏ هجڻ به ضروري آهي.
• ماڻهو جو مزاج به برسات جهڙو ٿي پوي ته واهه واهه ٿي وڃي. برسات بنا ڪنهن فرق جي هر ڪنهن مٿان وسي ٿي. ڪاش ماڻهو به ايئن ٿي پوي.
• جيئن برسات کانپوءِ سج نڪري ٿو، تيئن ئي زندگي ۾ به مختلف ڪيفيتون اچن ٿيون. ماڻهو ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، ڪڏهن من ماڪوڙو، ڪڏهن ڪيهر شينهن!

بيباڪ هجڻ عذاب کي دعوت ڏيڻ برابر آهي!

بيباڪ هجڻ عذاب کي دعوت ڏيڻ برابر آهي!

• هن سماج ۾ بيباڪ ٿيڻ معني عذاب کي دعوت ڏيڻ برابر آهي.
• زندگيءَ جا ڪيترائي وهنوار خاموشي ۽ سُڪون سان ٿي سگهن ٿا پر اسان شور ۽ بي سُڪوني پيدا ڪري، زندگيءَ جو مزو خراب ڪندا آهيون.
• ديوان ڏيارام گدومل پنهنجي وقت جو هڪ يگانو ڪردار رهيو آهي. جنهن به پنهنجي ڪتاب ”مَن جا چهبڪ“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته؛ ”زندگيءَ کي ڀرپور نموني سان جيئجي، کوڙ ساريون شيون اهڙيون آهن، جيڪي اسانجي وس ۾ ناهن، اسان انهن تي سوچي پنهنجي مَن جي شانتي کي خراب ڪريون ٿا. بهتر اِهو آهي ته خاموشي ۽ گوشانشيني اختيار ڪجي، اِن ۾ ئي آفيت آهي.“
• هر ڪشش ڪندڙ آڇ کي قبول نه ڪجي. ڇو ته آڇ ڪندڙ شروع ۾ وڻندڙ ورتاءُ به ڪندو ته سبز باغ به ڏسيندو پر وقت گذرڻ سان گڏ اُهي سڀ ڳالهيون وساري، پنهنجي اصليت تي لهي اچي، اسان لاءِ ايذاءُ جو سبب بڻبو آهي.
• ماڻهو پنهنجي فطرت هٿان مجبور آهي، هُو جهڙو آهي، اهڙو ظاهر ٿي پوي ٿو. اِن ۾ ڪجهه وقت به لڳي سگهي ٿو. اُن ڪري جلد ڪنهن لاءِ ڪا راءِ جوڙڻ به غلط عمل آهي.
• ٻهروپيت يا وري ايئن چئجي ته هڪ چهري تي ڪيترائي چهرا سجائي هلندڙ شخص سڀ گدرا پنهنجا مُٺ ۾ ۽ سڀ پَتا پنهنجي هٿ ۾ رکڻ جا خواهشمند هوندا آهن. نتيجي ۾ هُو عام خلق يا اياڻن ماڻهن کي مصيبت ۾ وجهندا ويندا آهن.
• گهڻن ماڻهن جو مزاج، ٻين ماڻهن ۽ موسمن جي مزاج جو محتاج هوندو آهي. ماڻهن جو مزاج ۽ موسم جو مزاج خوشگوار هوندو ته، انهن ماڻهن جو مزاج به بهتر هوندو ۽ جيڪڏهن موسمون ۽ ماڻهو بيرحم ٿي پيا ته سندن مزاج به مزي ۾ ناهي رهندو.
• ڪي ماڻهو موسمن ۽ ماڻهن جي مزاج جا محتاج ناهن هوندا. رومي واري ڳالهه وانگر ته هُنن جي اندر هڪ پوري ڪائنات آباد هوندي آهي. ڪير ڇا ٿو ڪري ۽ ڪيئن ٿو ڪري، اُن سان هِنن جو سروڪار ناهي هوندو.
• گهڻا ماڻهو هر مسئلي جو ذميوار ٻئي کي قرار ڏئي، پاڻ هر ذميواري کان آجا ٿي ويندا آهن.
• انساني رويا نيوٽن جي انهيءَ کي قاعدي موجب هلندا ته: ”هر عمل جو ردعمل آهي“ ته پوءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا. اِهو ضروري ناهي ته هر عمل جو ردعمل ڏجي. ردعمل ڏيڻ سان گهڻا معاملا خراب ٿي وڃن ٿا. اسان وٽ ماڻهن جي اڪثريت ردعمل ڏيڻ جي عادي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اُهو ردعمل تمام گهڻو خطرناڪ هوندو آهي. اُنهي ڪري ديوان ڏيارام گدومل واري ڳالهه مونکي ڏاڍي وڻي ٿي ته خوماشي ۽ گوشانشيني اختيار ڪجي.
• اسان وٽ اڪثر عمل به ناڪاري آهن ته ردعمل به ناڪاري آهن. انهن کي هاڪاري ۽ مثبت عملن ۾ تبديل ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.
• اسان لاءِ هر اُهو ماڻهو ايستائين سُٺو هوندو آهي، جيستائين اسانجو اُن ۾ ڪم هوندو آهي. جڏهن ڪم ختم ٿئي ٿو ته ماڻهو خراب ٿي پوي ٿو.

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جا ڇپيل ڪتاب

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جا ڇپيل ڪتاب

 جيجل منهنجي قسمت (ڪهاڻيون) دلبر چانڊيو
 ساڃاهه جا سرچشما (ڀٽائي جي بيتن جي چونڊ ۽ تشريح) سعيد احمد چانڊيو
 ڌرتيءَ جو پُٽ (ڪهاڻيون) عبدالواحد سومرو
 پيئي جن پرک )ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو علمي ۽ ادبي شخصيت( ترتيب: مرتضيٰ لغاري
 ڪلجُڳ جا رنگ (ڪهاڻيون) ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
 نينهن جو نوحو (شاعري) فرزانا شاهين
 هوا جو رنگ ناسي آ (شاعري) رحمت پيرزادو
 پيار جي ڌرتي دل جو ديس (ڪهاڻيون) مٺل چانڊيو
 ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ (ڪهاڻيون) هوش محمد ڀٽي
 وفائون ماٺ ٿي ويون (شاعري) شبانه نواز
 جيءَ جيارو (پيغمبرِ خدا جي زندگي تي نظر) اويس ڀٽو
 عشق عبادت (ڪهاڻيون) اندرا شبنم پونا والا
 مٽي ماٿي لايان (ڪهاڻيون) فرزانه شاهين
 پيڙا جي پاتار ۾ (شاعري) خالده نسرين
 ڪونج قطارون ڏات جون (گڏيل شاعري) ڪونج بلوچ
 نظم جدائي جا (اڪبر کرل جي شاعري) مرتب: نادر دايو
 سماج ۽ سياست جو گرائمر (تنقيد) ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري
 سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت (مضمون) ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
 ريزا ريزا روح اسان جو (شاعري) بشير سيتائي
 عشق جي عنايت (سگهڙ علي گوهر وڳڻ جو ڪلام) مرتب: ڊاڪمال ڄامڙو
 ڪرنل کي ڪير به خط نه ٿو لکي (ناول: گارشيا مارڪئيز) ترجمو: رحمت سومرو
 ساروڻيون ساڻيهه جون (يادگيريون) خير محمد ڪولاچي
 ننڍڙي پري (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) وحيد محسن
 خوابن جو سفر (سنڌ جو سفر نامو) سلطانه وقاصي
 ڳولا (شاعري ۽ ڪالم) منور سلطانه
 چوٿين مارچ ۽ سنڌي شاگرد جدوجهد سهيڙيندڙ: پروفيسر اعجاز احمد قريشي
 ماڻهو پاڻ امُلهه (سوانحي خاڪا) محمد هنڱورجو
 تون ئي منهنجو محور آن (شاعري) بينا مسرور
 واپسي (ناول) انور ڪليم
 Bequest of the Bhittai Dr Sher mihrani
 ايلسا (ناوليٽ) عبدالواحد سومرو
 آءِ لوَ يو (ناوليٽ) بيدل مسرور
 مان به تخليقيان ٿو ڪجهه ويٺو ( نثر) آثم ناٿن شاهي
 ڌرتي ڌڻي شاعر؛ استاد بخاري (مقالا) سهيڙ: سجاد يوسف سومرو ۽ تابش بخاري
 من من مور ٽهوڪا (خاڪا ۽ مضمون) علي نواز ڏاهري
 ڪجلي (ڪهاڻيون) جهانگير عباسي
 آزاديءَ جي عشق ۾ (شاعري) ”ناشاد“ رشيد سنڌي
 چنڊ مٿي آڪاس (شاعري) خالده نسرين
 ڳالهيون پيٽ ورن ۾ (ڪالم) سلطانه وقاصي
 سڳنڌ (سلطانه وقاصيءَ تي لکيل مضمون) سهيڙ: مرتضيٰ لغاري
 ڏونگر ڏاري وينداسين (عبدالحڪيم ”ارشد“ جا ڪالم) مرتب: مرتضيٰ لغاري
 ڪاغذي ڳالهيون (ڪالم ۽ مضمون) يوسف جميل لغاري
 ٻولي ٻجهارت (لطيفيات) مينهون خان ”سوز“ بلوچ
 بوءِ (ڪهاڻيون) انور ڪليم
 ڪُلهي ڪانڌي ڪير؟ (ڪهاڻيون) سيما عباسي
 لاحاصل Love (ڪهاڻيون) جاويد شيخ
 سڙيا مٿي سچ (مضمون) سرمد کوسو
 سپنا منهنجي ساهه جا (آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعري) سهيڙ: ذوالفقار گاڏهي
 سنڌوءِ ڪناري ساروڻيون (يادگيريون) ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
 شاهه جي رسالي جي سنڌي انگلش لغت ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ
 عالم برزخ (ناول) ترجمو: قربان چنا
 سنڌي شاعريءَ جو فن ۽ گهاڙيٽا (تحقيق) عزيز قاسماڻي
 سٽون پڙهه ساڃاهه جُون (ڪتابن تي تبصرا ۽رايا) سرمد کوسو
 سنڌ سموري گهايل ڇو؟ (شاعري) ارشاد سومرو
 گل و گلزار جيڪب آباد (تاريخي يادگيريون) قاضي غلام مصطفيٰ
 سنڌ سڀيتا (تاريخي ماڳ) عنايت کٽياڻ
 ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون (سفر نامو) ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
 ديوانِ نسرين )غزل( خالده نسرين
 نئين دور جون نيون ڪهاڻيون (ٻاراڻو ادب) اظهر ”آزاد“ مغل
 ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه (ڪهاڻيون) جمن احمداڻي
 مان ۽ منهنجو جهان (آتم ڪٿا) خير محمد ڪولاچي
 رجيم (ناول) انور ڪليم
 اندر جو اوٻر ( ناول) دوستو وسڪي، سنڌيڪار: اياز ڀٽو
 تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب (تنقيد) ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري
 شيخ اياز جا آزاد نظم (تنقيد) مشتاق گبول
 جيءُ جياريو جن (شخصيتون) ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
 شاهه لطيف جي شاعري ۽ موسيقي (لطيفيات) سرمد چانڊيو
 ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر (تحقيق) ”بيوس“ بخش علي چانڊيو
 ڪائنات ۽ زمين (سائنس) غلام مرتضيٰ نوناري
 سيرت النبي صه (تحقيق) پروفيسر احسان الله جمالي
 ستاويهه ڊسمبر (ڪهاڻيون) پير عبيد راشدي
 ڪهڪشائن کان اڳتي (ناول) عبدالرافع شيخ
 جديد سنڌي ڪهاڻي (تجزياتي تنقيدي جائزو) خليق ٻگهيو
 هنڌان هنڌان جهِير (ڊائريءَ مان نثري ٽُڪرا) علي محمد درد سولنگي
 ڪچي ننڊ جا خواب (ڪهاڻيون) سڪندر عباسي
 الف (ناول) پائلو ڪوئلهو، سنڌيڪار: اياز ڀٽو
 سنڌو (ناول) يار محمد چانڊيو
 هي جو سنسار جرڪڻو آهي (نثر) آثم ناٿن شاهي
 سِگا اڀياس (تحقيق) پروفيسر خالد حسين چنا
 پَنو سو پڙھن (ڊائريءَ جا ورق) سرمد کوسو