الطاف شيخ ڪارنر

چِين ڪيو بي چَين

چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..

  • 4.5/5.0
  • 54
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book چِين ڪيو بي چَين

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

چِين ڪيو بي چَين
]تحقيق ۽ سفرنامو [
الطاف شيخ
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل ۽ گرافڪس: عرفان علي ميمڻ
ڇاپو پهريون: فيبروري 2022ع
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد،
امرتا ڇاپ گهر، 1-باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن- سنڌ
قيمت: 400.00 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع


Chee’n Kayo Bay’chai’n
[Research & Travelogue]
Altaf Shaikh
Editing & Lay Out: Faqir Muhammad Dhol
Title & Graphics: Irfan Ali Memon
First Edition: February 2022
Printed by: Amarta Publications Hyderabad,
Amarta Chhap Ghar, 1-Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
Published by: Dhol Faqeer Foundation, Sindh
ISBN: 978-969-7954-29-2
Price: Rs.400.00

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو چين بابت لکيل سفرنامو ۽ تحقيقي ڪتاب ”چين ڪيو بي چَين“ اوهان اڳيان پيش آهي.
چين ھڪ سپر پاور ملڪ ھجڻ سان گڏ پاڪستان جي دوست ملڪن ۾ شامل آھي. الطاف شيخ پنھنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ ڄڻ تہ چين جي تاريخ، تھذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويھڻ ۽ پھرڻ سميت ڪيئي ڪارائتيون ڳالھيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون بہ آهن، تہ ڪي وري ڏاڍيون مزيدار بہ آهن..
ھي ڪتاب 2022ع ۾امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون الطاف شيخ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا: فاطمه زهره قاضي نالي

هڪ عظيم عورت، پنهنجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي سائين شاهد پرويز (ڪِٽ نمبر 7428) ۽ مشهود (ڪِٽ نمبر 7851) جي والده، ڏيپلي شهر جي مثالي ڪردار ۽ ڪتاب ’آءٌ جي اهائي ذات‘ جي مصنف: فاطمه زهره قاضي نالي

پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ مون کي سنڌ جي هن اڏول عورت مئڊم فاطمه زهره جو تعارف ڪرائڻ ۽ هن جي نالي ڪو ڪتاب منسوب ڪرڻ گهڻو اڳ کتو ٿي پر ڌيان تي نه پئي آيو. ان ڏينهن ڪراچيءَ جي پاسپورٽ آفيس مان پاسپورٽ کڻي نڪتس ته سامهون روينيو آفيس ڏسي شاهد پرويز ياد اچي ويو، جيڪو ميمبر بورڊ آف روينيو آهي ۽ ڪڏهن حيدرآباد ۾ ته ڪڏهن ڪراچيءَ جي هن آفيس ۾ وهي ٿو. گيٽ وٽ بيٺل پوليس واري ٻڌايو ته صاحب اچي چڪو آهي. ساڻس ملي وڏو عرصو ٿي ويو هو سو خبرچار ڪرڻ ۽ چانهه پيئڻ لاءِ هن وٽ اچي ويٺس. سندس ننڍي ڀاءَ مشهود سان پڻ پاڪستان ۽ ٻاهر ملاقات ٿيندي رهي ٿي. هو گهڻو تڻو ڪئلگري (ڪئناڊا) ۾ رهي ٿو. ٻئي ڀائر مون کان ويهارو کن سال ننڍا آهن پر اسانجي پيٽارين اولڊ بئائز ايسوسيئيشن جا فعال ميمبر آهن. هو جهڙو تعليم جي معاملي ۾ مٿانهان رهيا آهن تهڙا اخلاق ۽ ادب ۾.
چانهه دوران هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ڪندا رهياسين اٿڻ مهل چيومانس ته توهان جي پاسي جو هڪ پنڊت سنگاپور ۾ رهندو هو، ان کان آئون هميشه شاهه جي شعرن بابت پڇندو هوس. اهو الائي ڪيڏانهن هليو ويو آهي.
”شاهه جي بيتن بابت ته توهان منهنجي مامي يا امڙ کان به پڇي سگهو ٿا“. شاهد چيو ۽ مون کي ان وقت ڌيان ۾ آيو ته شاهد واهه جي ڳالهه ڪئي. ان معاملي ۾ سندس امڙ فاطمه زهرا کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو، جنهن ڄمڻ سان پنهنجي والد (شاهد ۽ مشهود جي ناني) مکي گل محمد کان شاهه جا بيت ٻڌا. مکي گل محمد شاهه لطيف جو سچو عاشق هو. هن جو شاهه لطيف بابت وڏو مطالعو هو. ايتري قدر جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي شاهه جي ڪنهن بيت ۾ شڪ هوندو هو يا وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندو هو ته هو ڏيپلي اچي ادي فاطمه زهره جي والد گل محمد کان معلوم ڪندو هو.
ان ڏينهن شاهد پرويز جي آفيس مان موٽڻ بعد مون اهو ئي ارادو ڪيو ته هاڻ شاهه لطيف جي بيتن بابت هن جي والده کي فون ڪندس ۽ ٻي ڳالهه ته ايندڙ ڪتاب مئڊم کي منسوب ڪندس جنهن ڳوٺ ۾ رهي ڪري نه رڳو پاڻ تعليم حاصل ڪئي پر پنهنجن ٻارن (پنج ڌيئرن، رحمته النساءِ، نسيم، عزيزالنساءِ، خالده ۽ روشن آرا ۽ ٻن پٽن، ڊاڪٽر شاهد پرويز ۽ انجنيئر مشهود) کي ان زيور سان سجايو. ماشاءَالله سندس ٻار به اهڙا صالح ٿيا جو هنن تعليم ۾ مٿانهون نمبر کنيو. سندن ننڍي ڌيءَ ڊاڪٽر روشن آرا جيڪا اڄڪلهه لياقت يونيورسٽي ڄامشوري ۾ پروفيسر آهي اها ته مئٽرڪ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آئي هئي. اهڙي طرح شاهد ۽ مشهود ميڊيڪل ۽ ڪمپيوٽر ۾ نالو پيدا ڪيو. هنن ٻنهي ڀائرن سان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي گڏجاڻين ۾ منهنجو تمام گهڻو ملڻ ملائڻ رهندو اچي. هو نه فقط ذهين ۽ محنتي شاگرد ٿي رهيا آهن پر نيڪ، ايماندار ۽ غريبن جو خيال ڪرڻ وارا انسان پڻ. هو ان جو ڪريڊٽ هميشه پنهنجي والده جي محنت، جفاڪشي ۽ پرورش کي ڏين ٿا جنهن کان اسان پيٽارو وارا ته سدائين واقف آهيون، پر ٻين کي سندن والده بابت گهڻي ڄاڻ هن جي ڪتاب ’آءُ جي اهائي ذات‘ ڇپجڻ بعد پئي.
مئڊم فاطمه زهره قاضيءَ جو مٿيون ڪتاب بقول پيڪاڪ پبليڪشن وارن جي ايڏو ته مشهور ٿيو جو هڪ سال اندر سڀ ختم ٿي ويو ۽ هنن کي ٻي ايڊيشن ڇپڻ جي تياري ڪرڻي پيئي. بقول ڊاڪٽر آفتاب ابڙي (پيڪاڪ پبليڪيشن جي چيئرمئن) جي ڪتاب ’آئون جي اهائي ذات‘ هڪ اهڙي سورائتي عورت جي ڪٿا آهي، جيڪا انفرادي ترقيءَ سان گڏ سماجي ڀلائي جي جذبي سان سرشار آهي. هوءَ ’تون پاڻ سڃاڻج سپرين الا‘ ۾ ويساهه رکندي، يا بقول سچل سائينءَ جي ’ننگڙا نماڻيءَ دا، جيوين تيوين پالڻا‘ ۾ ڀروسو رکندي، ڏکن کي وسيلو بنائيندي، پرينءَ جو گس ڳولي ٿي“.
امڙ فاطمه قاضيءَ پنهنجي قرباني، سچائي ۽ خذمت گذاريءَ سان ڏيپلي شهر ۾ اهڙو ته مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي جو ڪو به ڏيپلي رهواسي سندس ڳُڻن کان بي خبر نه آهي.
هونءَ آئون اهو ئي سمجهان ٿو ته مئڊم فاطمه زهره جو لکيل هي ڪتاب اسان جي نوجوان نسل لاءِ پڙهڻ ضروري آهي. هنن کي زندگيءَ ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي همٿ پيدا ٿيندي. سندن وڏو پٽ شاهد پرويز به اهو ئي چوي ٿو ته ”اميءَ جي زندگيءَ جا واقعا، اميءَ جا تاثرات، آزمائش ۾ اميءَ جو ضبط ۽ حوصلو ۽ زندگيءَ کي هر حال ۾ تعميري انداز ۾ گذارڻ... اهي سڀ ڳالهيون اسان جي نوجوان نسل توڙي پڙهندڙن جي لاءِ هڪ مشعل راهه ٿي سگهن ٿيون“.
مئڊم فاطمه جو هي پنهنجي زندگيءَ جو احوال ان ڪري به اهم آهي جو هي ڪتاب سنڌ جي اهڙي عورت جي قلم مان نڪتل آهي جنهن کي ورهاڱي کان اڳ، اسڪول وڃڻ جو موقعو مليو هو. هن نه فقط بنيادي تعليم حاصل ڪئي پر ان جو فائدو هن پاڻ جهڙين ٻين نياڻين تائين پهچائڻ لاءِ ساڳي اسڪول ۾ پڙهايو پڻ.
مهتاب اڪبر راشدي صاحبه، مئڊم فاطمه زهرا لاءِ لکي ٿي ته، ”هوءَ سنڌ جي عورت جو اهو روپ آهي، جيڪو باوقار، اَورچ، اڏول ۽ قرباني ڏيڻ واري عورت جو روپ آهي. منهنجو يقين آهي ته سنڌ جي عورت ڪالهه به اهڙي هئي، اڄ به اهڙي آهي ۽ سڀاڻي به اهڙي ئي رهندي. بس! هن کي پرکڻ واري نظر ۽ عزت ۽ تڪريم ڏيڻ واري کليل ذهن جي ضرورت آهي“.
هتي هي لکڻ پڻ ضروري سمجهان ٿو ته اسان جي پيٽارو جي ساٿين شاهد ۽ مشهود جي نه رڳو والده ليکڪ آهي پر سندن والد قاضي علي محمد صاحب پڻ. هو هڪ فقير صفت انسان هو جنهن سماجي سڄاڳي آندي ۽ ڏيپلي ۾ اسڪول کوليا. سندن ڪتاب ’سفر زندگيءَ جو‘ مئڊم فاطمه زهره جي ڪتاب ’آئون جي اهائي ذات‘ کان به اڳ ڇپيو هو ۽ تمام گهڻو پڙهيو وڃي ٿو. منهنجو سندن اولاد - خاص ڪري پيٽارين شاهد ۽ مشهود کي اهوئي چوڻ آهي ته هو به پنهنجي والدين کي فالو ڪن ۽ پنهنجي زندگيءَ جي سفر جو احوال لکن. مون کي خاطري آهي ته اهو بيحد دلچسپ ثابت ٿيندو جو هو نه رڳو ڏيپلي جهڙي ٻهراڙيءَ، پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جهڙن هنڌن تي رهيا آهن پر دنيا جي وڏن شهرن ۾ به... هنن جو ٿر جي ڳوٺاڻن کان وٺي ڪئناڊا جي ڊپٽي گورنر سلما لاکاڻيءَ ۽ آمريڪا جي صدر باراڪ اوباما جهڙن ماڻهن سان ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستانا تعلقات رهيا آهن . هنن دنيا جا ڪئين روپ ڏٺا آهن ۽ مونکي يقين آهي ته پڙهندڙ هنن جي تجربن، مشاهدن، سوچن صلاحن مان گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا.


الطاف شيخ
22 نومبر 2020ع

اداري پاران: اسان جو سُونهون: الطاف شيخ

سائين الطاف شيخ جو ’امرتا پبليڪيشنز‘ پاران لاڳيتو پڌرو ٿيندڙ هي ٽيون ڪتاب آهي، جنهن جو نالو ‘چِين ڪيو بي چَين’ آهي. موجوده وقت ۾ چِين جي حيثيت عالمي طور هڪ سپر پاور واري آهي ۽ اسان لاءِ وري هڪ دوست ملڪ واري آهي، جيڪو اسان سان ڏک سُک ۾ ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي همهءِ وقت حاضر رهي ٿو.
ڪنهن به دوست ملڪ بابت، اسان جي پاسي کان يا وري انهن جي پاسي کان جڏهن به ڪي تاريخي، سياحتي، ثقافتي ۽ مختلف ڄاڻ واريون لکتون يا رائيٽ اَپس پيش ٿين ٿا، ته يقينن ٻئي ملڪ سفارتي طور خوش به ٿين ٿا ۽ انهن لکتن کي پکيڙين به ٿا يا اڄوڪي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ اهڙين لکتن کي وائرل به ڪن ٿا ته جيئن ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي تاريخ، عظمت، سياحت، ثقافت ۽ ٻولين کان واقفيت ماڻي سگهن. چين بابت سائين الطاف شيخ جو هيءُ ڪتاب به يقينن اهڙي ئي قسم جو آهي، جنهن ۾ اهي سموريون ڳالهيون شامل آهن، جيڪي ڄڻ ته ٻنهي ملڪن جي ماڻهن لاءِ وڻندڙ ۽ مثالي آهن، جن کي سفارتي حوالي کان به يقينن پذيرائي ملندي.
هڪڙي ڳالهه ضرور ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي يا ابهام قطعي ڪونهي ته اسان سنڌي ماڻهن جي اها تمام گهڻي خوشقسمتي آهي، جو اسان وٽ الطاف شيخ جهڙو نشانبر ليکڪ موجود آهي، جيڪو پنهنجي لکيل سئو کان وڌيڪ ڪتابن ۽ هزارين مضمونن معرفت اسان کي دنيا جهان جي ڪيترن ئي ملڪن بابت ڄاڻ ڏيئي چڪو آهي، جنهن جي موجوده وقت ۾ تمام گهڻي اهميت آهي، ڇاڪاڻ جو پرڏيهي سفرن لاءِ اُسهڻ اڳي تمام ڏکي ڳالهه هوندي هئي، پر اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻ پرڏيهي سفر گهڻا سوَلا ٿي پيا آهن ۽ انهن سفرن جا سبب يا موقعا به گهڻا ٿي پيا آهن، جنهن ڪري اسان کي سائين الطاف شيخ جي لکيل سفرنامن ۽ انهن ۾ موجود ڄاڻ جي ڪري تمام گهڻيون سوَلايون ٿيو پوَن ٿيون ۽ سندس ڪتابَ، هر مسافر لاءِ ڄڻ ته ڪنهن سونهين جي صورت ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا ۽ اهي ڪيترين ئي ڏکيائين کان بچي پوَن ٿا ۽ ڪيترين ئي ڏکيائين لاءِ اڳواٽ ئي ذهني طور تيار هوندا آهن، ڇاڪاڻ جو انهن ڪتابن ۾ اهڙين سمورين ڳالهين، احوالن ۽ تجربن جو تذڪرو موجود هوندو آهي.
سائين الطاف شيخ جي ڪتاب تي اداري پاران نوٽ لکڻ هن فقير جي لاءِ سچ پچ ته ڪنهن اعزاز کان قطعي گهٽ ڪونهي ۽ يقين ڪريو ته اسان جو سمورو سَٿُ، سائين الطاف شيخ جي ڪتابن کي پڌرو ڪندي تمام گهڻي سَرهائي ته محسوس ڪري ئي ٿو پر ان سان گڏ پاڻ لاءِ انهن ڪتابن جي اشاعت کي اعزاز به سمجهي ٿو.
هميشه جيان سائين الطاف شيخ پنهنجي هن ڪتاب ’چِين ڪيو بي چَين‘ ۾ به ڄڻ ته چين جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، کاڌ خوراڪ، اُٿڻ ويهڻ ۽ پهرڻ سميت ڪيئي ڳالهيون قلمبند ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي اهميت واريون به آهن، ته ڪي وري ڏاڍيون مزيدار به آهن. توهان هي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندئو ته سائين الطاف شيخ پاران چونڊيل موضوع ۽ مضمون توهان کي ڏاڍا وڻندا. دعاڳو آهيان ته سائين الطاف شيخ کي ڪريم ربُّ وڏي حياتي ڏئي ۽ صحتياب رکي ته جيئن هُو پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هميشه جيان لکندو ئي رهي - آمين.


فقير محمد ڍول
ڇنڇر 5 فيبروري 2021ع
امرتا ڇاپ گهر - حيدرآباد

پنهنجي پاران: چِين پنجاهه سال پهرين ۽ پوءِ

سفرنامن ۾ ’منهنجو ساگر منهنجو ساحل‘ پهريون سفرنامو چيو وڃي ٿو، جيڪو 1969ع ڌاري ڇپيو، پر حقيقت ۾ ان کان به اڳ مون چين جو سفرنامو لکيو. اهو ان ڪري جو شروع وارن سامونڊي سفرن ۾ اسان کي ڪيترائي دفعا جهاز کي چين وٺي وڃڻو پيو. مون چين بابت انهن سفرن جو ’چين جنهن ڪيو بي چين‘ سفرنامو لکيو، پر جيئن ته هي اسان جا سفر confidential قسم جا هئا، ان ڪري مون کي آفيس طرفان ان ڪتاب کي ڇپرائڻ جي منع ڪئي وئي. ڪڏهن ڪڏهن ملڪ جي سيڪيورٽي خاطر يا جهاز جي مالڪن جي ڀلي خاطر ڪنهن ڪنهن سامونڊي سفر کي راز ۾ رکيو ويندو آهي.
اڄ 50 سال گذرڻ بعد جڏهن چين تي تازو لکيل ڪتاب ڇپرائي رهيو آهيان ته ان پراڻي سفرنامي جو هڪ ٻه مضمون، جيڪو اعتراض جوڳو ناهي، اهو به هن ۾ شامل ڪري رهيو آهيان ۽ هن سفرنامي جو نالو ۽ پيش لفظ اهي ئي ساڳيا ڏئي رهيو آهيان، جيڪي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر سائين عبدالجبار جوڻيجو صاحب لکيا.
هڪ ڳالهه آهي ته انهن ڏينهن ۾ چين سان اسان جي ملڪ جي دوستي ضرور هئي ۽ هڪ ٻئي سان واپار وڙو هليو ٿي، پر اسان جي عام ماڻهوءَ جي چين ۾ ڪا به دلچسپي نه هئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽوئرزم نه برابر هئي. ڪو گهمڻ لاءِ به چين نٿي ويو. مائوزي تنگ جو راڄ هو. اسان جو جهاز چين جي جنهن به بندرگاهه ۾ ويو ٿي عوام بلو ڊريس ۾ پورهئي ۾ مشغول نظر آئي ٿي. جهاز وارا به چين جي بندرگاهه جو ٻڌي شڪل ٺاهيندا هئا. پر هاڻ ٽيهارو سالن کان چين جپان جو ڏيک ڏئي ٿو. اسان جي ملڪ جا ماڻهو نه فقط سياحت لاءِ چين وڃن ٿا پر واپار وڙي ۽ تعليم لاءِ به وڃن ٿا. اڄ کان 50 سال اڳ مون ته سوچيو به نه هو ته اسان جي هالا، سڪرنڊ ۽ دادو جهڙن شهرن جا ڇوڪرا توڻي ڇوڪريون چين جي مختلف شهرن ۾ تعليم حاصل ڪنديون ۽ چين ۾ مقامي يونيورسٽين کان علاوه يورپ ۽ آمريڪا جي تعليمي ادارن جون به هتي شاخون کلي پونديون. ان کان علاوه چين جي آفريڪا توڙي ايشيا جي ملڪن ۾ involvement ۾ پڻ وڌي وئي آهي ۽ اسان جهڙن ملڪن ۾ ’سي پيڪ‘ جهڙا وڏا پروجيڪٽ ٺاهڻ ڪري اسان جي هن سان وڌيڪ گهرائي ٿي پئي آهي.
اسان جا اڄ جا نوجوان توڙي والدين چين بابت گهڻي کان گهڻي معلومات چاهي ٿا. منهنجي خيال ۾ اسان جا نوجوان جيڪي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد چين ۾ ئي نوڪري ڪري رهيا آهن، انهن کي کپي ته هو پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا لکن جيئن پڙهندڙن جي رهنمائي ٿي سگهي.

الطاف شيخ
20 نومبر 2020ع

مُهاڳ: الطاف کي چِين ڇو ٿو بي چَين ڪري؟

ڪو وقت هو ته مون کي به ’چِين بي چَين‘ ڪندو رهيو. هاڻي ته اتان آئي سورنهن سترنهن سال ٿي ويا آهن. پيڪنگ ۾ منهنجو اسڪول هو. جنهن ۾ آءُ هڪ سال چيني زبان پڙهيس. ڪيترائي هم ڪلاسي هئا. ڪن سان پري کان ني-هائو (سلام) جو تعلق هو ته ڪن سان چانهه جي ڪوپ تي چار چونڪ ڳالهين جا ڪبا هئا. ڪن سان وري وڌيڪ گهرائي هئي. خير وقت آيو ته هڪٻئي کان وڇڙي وياسين. ان جو تاثر مون پنهنجي ڪتاب ’مائو جي ملڪ ۾‘ (1973ع) هن سِٽَ سان ظاهر ڪيو هو، ’نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندا ڪن کي.‘
الطاف، جپان تي چار ڪتاب شايع ڪيا آهن. منهنجو خيال هو ته هن کي جپان جي تڪليف مڙيئي وڌيڪ آهي، پر موجوده ڪتاب ۾ هن کي چِين بي چَين ڪيو ٿو ڏسجي. چين ۽ جپان جو لاڳاپو به پراڻو آهي. زبان ۽ ثقافت جي سلسلي ۾ ٻئي ملڪ گهڻو ڳنڍيل رهيا آهن. چينين ۽ جپانين ۾ رڳو چُونچيون اکيون هڪجهڙائي ڪونه ٿيون ڏيکارين، پر ريتون رسمون ۽ ڪيتريون ئي ٻيون عادتون هڪ جهڙيون اٿن. چين جي تصويري لفظن (ڪانجي) جو به جپان تي قديم زماني کان اثر آهي. بنيادي طور چيني تصويري لفظ جپاني زبان ۾ ڪم اچن ٿا ۽ ڪي اشارا جپانيءَ ۾ واڌو اچن ٿا، جن جي چيني زبان ۾ گنجائش نه آهي. مثال طور آئون جيڪڏهن جپان وڃان ته اکين سان نوي سيڪڙو لفظ پڙهي ويندس، پر زبان سان انهن جو اچار جپانيءَ ۾ ٻيو ٿيندو. جيئن جپان کي 日本 (رپن) چيني اچار موجب چئبو، پر جپاني اچار موجب ’نِپان.‘ تحريري صورت ساڳي آهي. ٻنهي لفظن جي معنيٰ آهي ’سج جي نڪرڻ جو هنڌ.‘
منهنجي خيال ۾ الطاف کي چين جي زبان ۽ ثقافت، جپان جي ڪري بي چين ڪري ٿي. جيئن اڪثر مون کي جپان جي ڪن رنگن ۾ چيني تصوير نظر ايندي آهي.
سفرنامي يا ڪنهن ٻِي طرز جي تحرير مان ڪنهن جي رهڻي ڪَهڻي، عادتن ۽ ادبي ورثي کان واقف ٿيڻ سان اسان کي خوشي حاصل ٿئي ٿي. الطاف اسان کي پنهنجن ڏيڍ ڊزن سفرنامن وسيلي مختلف قومن سان سڃاڻپ ڪرائي آهي. ليکڪ هتي به پنهنجي مخصوص انداز ۾ گفتگو ڪري ٿو.
چين، هڪ قديم ملڪ آهي، جنهن کي پنهنجي هڪ مخصوص طرزِ زندگي ۽ ڏکوئيندڙ تاريخ هڪ طرف آهي ته ادب ۽ آرٽ جو سرمايو ٻئي طرف. 1949ع واري انقلاب کان پوءِ اهو ڏکوئيندڙ باب بند ٿيو ۽ زندگيءَ جو هڪ نئون عوامي دور شروع ٿيو. هن نئين دور ۾ چيني عظيم ديوار وري جوڙي نٿا سگهن، پر انسان جي عظمت جا گيت ڳائين ٿا. وقتي سياسي اٿل پاٿل يا پرولتاري ثقافتي انقلاب يا چئن جي ٽولي تي ڪتاب وارو سياسي سلسلو هلندو رهندو. پر هاڻي ڪو شهنشاهه يا جنگباز جاگيردار، انسان جي توهين نٿو ڪري سگهي.
چين ۾ آزاديءَ کان اڳ جو ادب ۽ آرٽ گهڻو تبديل ٿي چڪو آهي. گذريل ٽيهن سالن ۾ ان ۾ پرولتارين جي نالي ۾ به وقت وقت تبديلي ايندي رهي آهي. مصوري ۽ ٻين فنن تي آءٌ راءِ ڏيڻ کان قاصر آهيان، پر ادب جي سلسلي ۾ مون ڏٺو آهي ته چين هڪ عظيم ادبي ورثي سان دنيا اڳيان موجود آهي. ’لي پاءِ‘ ۽ ’توفو‘ جهڙا شاعر قديم دور جو ڳاٽ اوچو ڪري بيٺا آهن. موجوده صديءَ ۾ ’لُوشُن‘، ’مائوزي تنگ‘ ۽ ’ڪومورو‘ کان قداور شخصيت ٻي نه آهي. مختلف ٻولين ۾ خاص طور لُوشُن جو ترجمو به ڪيو ويو آهي.
ڪنهن ملڪ جي تاريخ، ثقافت ۽ زبان ڪنهن وسيلي سان معلوم ٿئي، اها هڪ مستقل معلومات آهي، پر هڪ شخص جو طريقو ٻئي کان مختلف آهي. هر سياح ساڳي ڳالهه نٿو ڪري. هر ماڻهو ٻي طبيعت جو آهي. ڪو هانگ ڪانگ جو پاڻي پي، آئيس ڪريم کائي ۽ فلمون ڏسي موٽي اچي ٿو ته ڪو پاگوڊا، تاريخي مقامات ۽ عجائب ڏسي ٿو اچي.
اسين جيڪڏهن آئيس ڪريم واري کي ننديون ته ڇو؟ هن پنهنجي دلچسپيءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ ٻيو جيڪڏهن اهم آهي ته ان به پنهنجي دلچسپيءَ جي ڳالهه ڪئي. منهنجي خيال ۾ ٻنهي کي خاطر دماغيءَ سان پڙهجي ۽ ڪنهن جو به ڪتاب کڻي غير ملڪي سفر تي نه نڪرجي. ڇو جو انهن ملڪن ۾ ان ڪتاب کان گهڻو گهڻو وڌيڪ موجود آهي.
چيين ۾ آئون پيڪنگ، شنگهائي، ڪئنٽن، هانگ چو، نانڪنگ، اوشي ۽ تئن چن ۾ گهميو آهيان. عظيم ديوار ۽ ڪي ٻيا اهم هنڌ گهميو آهيان. ته به چين جون سوين ڳالهيون مون کي اڃان سِکڻيون آهن. الطاف کان، ٻين سياحن کان، توڙي تاريخ ۽ ثقافت تي لکيل ٻين ڪتابن ۽ مضمونن مان.
مون سمجهيو هو ته ’جپان جن جي جيءَ سان‘ آهي، انهن کي چِين جي بي چيني نه هوندي. هن ڪتاب مان خبر پوندي ته بي چيني آهي... ته پوءِ اچو ته وڌيڪ بي چين نه ٿيون. ڪتاب جا ورقَ ورايون ۽ چِين جي حسن جو جلوو پَسون.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
پروفيسر ۽ چيئرمين سنڌي ڊپارٽمينٽ
سنڌ يونيورسٽي- ڄامشورو
12 آڪٽوبر 1982ع

اظھار: سفرنامن جو بااسڪوپ

هڪ حيرت انگيز مُسوِدو ملاحظه ڪريو.
شروعات ۾ اهو لکڻ ضروري سمجهان ٿو، ته ’امرتا ڇاپ گهر‘ کي مليل ادا الطاف شيخ جي مُسوِدن جي هڪ ٻئي پويان ڇپائي، پذيرائيءَ جو هڪ الڳ مثال پيش ڪيو آهي. هُنن پنهنجين محبتن جا وَڙَ اسان جي مٿان اظهاريا آهن ۽ ’زنجبار جهنگٻار‘، ’نڪري ويا ناکُئا‘ ۽ هاڻي ’چِين ڪيو بي چَين‘ امرتا سَٿَ لاءِ ڪنهن بي بها تحفي کان گهٽ ناهن.
مئي 2021ع کان فيبروري 2022ع تائين جي ڏهن مهينن اندر ڪنهن اداري کي ادا الطاف شيخ جهڙي ليکڪن جا لڳاتار ٽي مُسوِدا ملڻ سَرهائيءَ جي نشاني آهي. اسين هن ڊوڙ ۾ الڳ ۽ اڪيلا ڊوڙندڙ آهيون. اسان جو ڪنهن سان به ڪو مقابلو ڪونهي. ’امرتا جو مقابلو صرف امرتا سان آهي.‘ اهو لوگو کڻي اسين هر نئين پروجيڪٽ جي شروعات ڪندا آهيون. ان گهٽ عرصي ۾ اسان جي پاران ڇپيل ۽ ادا الطاف شيخ پاران ڏنل هنن ٽنهي مُسوِدن ڪمال ڪيو آهي. ’زنجبار جهنگٻار‘ ۽ ’نڪري ويا ناکُئا‘ جيڪا محبت ماڻي آهي، دل جو حُضور چوي ٿو ته هي ڪتاب به، محبتن جي موٽ ۾ پوئتي ڪونه رهندو. اها به عجيب ڳالهه آهي جو وڏن وڏن اشاعتي ادارن ’امرتا‘ پاران ادا الطاف شيخ جي ڪتابن ڇپجڻ تي ورهين کان وساريل، پاڻ وٽ رکيل مُسوِدا ياد ڪيا ۽ اُهي ڪتابَ به خيرن سان پڙهندڙن وٽ پهتا آهن.
انهن ڏهن مهينن جي سفر ۾. مان محمود مغل، ذاتي طور ان حوالي کان به ڀاڳوند آهيان جو محترم ادا الطاف شيخ جي ٻن ڪتابن تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهان. ’چِين ڪيو بي چَين‘ هٿ ۾ کڻندئو ته احساس ٿيندوَ ته سفرنامي لکڻ جي هن سفر ۾ اڌ صدي، ادا الطاف جي ڀاڪُر ۾ ڀريل آهي. هاڻي ايڏي وڏي ليکڪ بابت اظهارِ خيال ڄڻ ته چنڊ کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آهي. سندن حُڪم آهي، جنهن پٽاندڙ، هي فقير، ٻيو ڀيرو سندن ڪنهن تحرير تي لکڻ جي جرئت ڪري رهيو آهي.
مان جيئن جيئن ادا الطاف جي مُسوِدن کي پڙهندو وڃان پيو، تيئن تيئن حيرت ان ننڍي ٻار جيان ڀاڪُر ۾ ڀري رهي آهي، جيڪو آڳاٽي زماني ۾ اکين تي بااسڪوپ جو ڪارو چشمو چاڙهي، بدلجندڙ شٽرن سان، نوَن نوَن منظرن کي ڏسي حيران ٿيندو هو. زمانو ڪيڏي به ترقي ڇو نه ڪري ويو هجي، لکڻ جي هي هُنر پڙهڻ واري کي حيران ڪرڻ جي پوري طاقت رکي ٿو. هي سفرناما رڳو سفرناما ناهن، پر ماڳن مڪانن، ريتن روايتن ۽ حسب نسب، شجرن، خاندانن ۽ سندن خانداني پير ڀرڻ، هنن سفرنامن کي ’تحقيقي‘ ۽ ’تاريخي‘ بڻائي ٿو. هڪ ننڍڙو مثال عرض ڪرڻ چاهيان ٿو. چيپٽر آهي ’مڇين جي شڪار جا نرالا طريقا‘ صفحو نمبر 58:
برازيل جي ڏاکڻي حصي واري رياست ’سئنٽا ڪيترينا‘ جي بندرگاهن: اتاجائي، جئائن ويلي ۽ سائويوزي (Sao Jose) وٽان لنگهندي لاگونا (Laguna) واري سامونڊي علائقي ۾ ڪناري وٽ ڊولفن ۽ مهاڻا گڏ گڏ نظر اچن ٿا. هي ڊولفنون پنهنجي مهانڊي ڪري ’Bottle Nose‘ ڊولفن سڏجن ٿيون، جيڪي مهاڻن کي هن تر جي Mullet نالي مقامي ننڍين مڇين کي ڦاسائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. جيئن ئي مليٽ مڇين جو ڌڻ آسپاس کان لنگهڻ شروع ٿئي ٿو ته ڊولفنون هن کي هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ کان بچائي انطرف ڏي ڌِڪين ٿيون، جنهن طرف مهاڻا بيٺا آهن يا جنهن طرف هنن ڄاريون لڳايون آهن. ان سان گڏ هو پاڻيءَ مٿان پنهنجو مٿو ۽ پڇ هڻي پاڻيءَ ۾ اٿل پٿل ڪن ٿيون ته جيئن مهاڻا سمجھي وڃن ته شڪار هنن ڏي اچي پيو- يڪدم ڄاريون هيٺ ڇڏيو، جيئن انهن ۾ لڳي هي Mullet مڇيون (جن کي سنڌيءَ ۾ بوئي مڇيون ۽ اڙدو ۾ شاهه موبي يا شاهه مڇيون سڏين) ڄار ۾ سوگھيون ٿي سگهن.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو ڪم سندن ابن ڏاڏن کان هلي رهيو آهي نه فقط کين پر سائنسدانن کي به ان ڳالهه تي حيرت آهي. ”اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن تر جون ڊالفن مڇيون اسان مهاڻن کي ننڍيون مڇيون ڦاسائڻ ۾ ڇو ٿيون مدد ڪن. سندن ان رهنمائي ۽ سهڪار ڪري اسان جو ڪم آسان ٿيو پوي.“
سنتا ڪئترينا رياست جي مهاڻن ٻڌايو ته، بايولاجسٽ سائنسدانن لاءِ اها به تعجب جي ڳالهه آهي ته هنن مڇين (Dolphins) کي جيڪي هونءَ کڻي ڪيترائي ڪم سولائيءَ سان سکيو وڃن، پر هي ڪم ته هنن کي ڪنهن به نه سيکاريو آهي ۽ جهڙي طرح مهاڻن جي نئين ٽهيءَ وارا پنهنجن ابن ڏاڏن کان ڊولفن جا اشارا سکن ٿا، تيئن ڊولفن مڇين جا ٻچا پنهنجين مائرن کي ڏسي سکن ٿا ته بوئي مڇين (Mullet) جو ڌڻ نظر اچڻ تي انهن کي مهاڻن ڏي ڌڪڻو آهي ۽ ان بعد مهاڻن اڳيان ليٿڙيون پائي يا ڪنڌ ۽ پڇ ڌوڻي آگاهه ڪرڻو آهي ته شڪار توهان جي اڳيان پهچي ويو آهي پنهنجيون ڄاريون تاڻيو.
سائنسدانن اهو ضرور نوٽ ڪيو آهي ته برازيل جي هن علائقي لاگونا (Laguna) ۾ جيڪي ڏيڍ سؤ کن ڊولفن رهن ٿيون، انهن مان فقط پنجاهه کن هن ڪم ۾ مهاڻن جي مدد ڪن ٿيون باقي پاسيريون ٿيو وڃن ۽ ڪا دلچسپي نٿيون وٺن. هي پنجاهه کن ڊولفن جيڪي مهاڻن لاءِ رڍن جي سنڀال ڪندڙ ڪتن وارو ڪم ڪن ٿيون، اهي ڄاريءَ مان مڇيون ڪڍڻ تائين هنن مهاڻڻ جي آسپاس ڦرنديون رهن ٿيون. جيڪي مڇيون ڄاريءَ مان پاڻ مرادو ڇڏايو وڃن اهي هنن ڊولفنن جو کاڄ ٿين ٿيون. ان ڳالهه تي غور ڪرڻ وارن جو اهو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ مهاڻا پنهنجن هٿن سان ڊولفن کي مڇيون نٿا کارائين، پر هي سسٽم ائين سڪون سان هلندو اچي. شايد هي ڊولفن سمجھن ٿيون ته سندن لاءِ شڪار جو اهو ئي طريقو آهي. بهرحال ٻئي ڌريون خوش آهن خاص ڪري مهاڻا جن لاءِ هن حصي جي ميرانجھڙي پاڻيءَ ۾ مڇيون ڦاسائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هي ڊولفن ئي آهن، جيڪي مڇين کي پري کان ئي ڏسيو وٺن ۽ اهڙي پوزيشن ٺاهي کين ڌڪين ٿيون جو هو سڌو اچيو مهاڻن جي ڄارين ۾ ڦاسن. پنجاهه کن سالن کان ته آئون به ٻڌندو اچان. چون ٿاته هي ڪم سؤ سالن کان به مٿي کان هلندو اچي ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ڊولفن ۽ مهاڻن جي گڏيل ڪوآپريشن دنيا جي فقط هن ملڪ برازيل جي هن رياست سئنتا ڪئترينا جي لاگونا واري علائقي ۾ ٿي آهي. مڇين مارڻ جا اڄ ڪلهه نوان طريقا ۽ اوزار به نڪري پيا آهن، پر لاگونا جا هي مهاڻا اهي ابن ڏاڏن وارا روايتي نمونا استعمال ڪندا اچن.
هاڻي رڳو اهو هڪڙو حصو پڙهي ڏسندئو ته اندازو ٿيندوَ ته تاريخ، جاگرافي ۽ وقت ڪهڙي نه خوبصورت انداز سان سهيڙيو ويو آهي.
هي ڪتاب، اڌ صديءَ جي هڪ اهم ياد آهي، جنهن جا ٻه ٻيا اهم رُخ به آهن، ٺيڪ پنجاهه سال پهرين ادا الطاف شيخ جي ڪتاب جو مُهاڳ لکيو هو سائين عبدالجبار جوڻيجي صاحب، جنهن کي عبدالجبار ’شام‘ سڏيو ويندو هو. بدين ۾ آسودهءِ خاڪ پروفيسر ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي وجود ۾ يگانو هو، جنهن خاموشيءَ ۽ نمرتا سان هن پنهنجي شعبي جي خدمت ڪئي ۽ سنڌي شعبي کي اڳيان کڻي آيو، اها ڪوشش به پنهنجو مَٽ پاڻ رهي. دورِ جديد جي هن مُسوِدي کي ڏسندي، اها به خوشي حاصل ٿئي پئي ته نئين نسل تائين اسان جي ماضيءَ جو ايڏو اهم حوالو، هڪ ڀيرو وري پهچي رهيو آهي. ٻي اهم ڳالهه هن ڪتاب جي ارپنا آهي، جيڪا منهنجي ڪلاس فيلو ڀاءُ شاهد پرويز ميمڻ جي والده صاحبه کي خراجِ عقيدت جي پيشڪاري آهي. امان سانئڻ پنهنجو مَٽ پاڻ هئي ۽ يقينن پنهنجي دور جو هڪ مائل اسٽون ۽ جاڳرتا ۽ خدمتن جي حوالي کان هڪ مٿاهين پد تي بيٺل وجود هئي. ڪتاب جي شروعات ۾ اهي ٻئي نالا، ياد جو قد وڌائين ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي حيرت ٿيندي آهي، ادا الطاف، ايترو گهڻو ڪيئن لکي ٿو؟ اهي سڀ حوالا ڪٿان ٿو آڻي ۽ سندس ذاتي حياتيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جو شيڊيول الاءِ ڪيئن آهي؟ ڳالهه ٺلهي ڪونهي، وزندار آهي ۽ پنهنجو وزن محسوس ڪرائي ٿي. هن ڪتاب تي لکڻ کان بهتر مون اهو ئي سمجهيو ته مان اوسي پاسي نهاريان ۽ پنهنجي سينئر کان، لکڻ جو لاڀُ حاصل ڪريان. سچي ڳالهه ته اها آهي ته مان الاءِ ڇو ’بزاز‘ جو لفظ گهڻو ڪَتب آڻيندو آهيان. هي اُهي گهورڙيا هوندا هيا، جيڪي گهر گهر ڪپڙو کڻي ايندا هئا ۽ ساڻن هڪ لوهي گز گڏ هوندو هيو، جنهن کي ’وال‘ سڏيو ويندو هو. اهو هڪ لحاظ کان ڪپڙي جو ماپو هوندو هو... پوءِ گهر جي اڱڻ تي تاڪيَن جا تاڪيا کُلندا هئا، وٺڻ وارو چونڊ ڪپڙو ان وال سان ماپي، ڪٽيو ويندو هو. ڪپڙن جا رنگَ، بَرَ ۽ ڇُهاءُ حيران ڪندڙ هوندا هئا. هڪ ننڍڙي جسارت ڪريان ٿو. الاءِ ڇو مون کي لڳندو آ ته ادا الطاف شيخ اُهو ساڳيو بزاز آهي، جيڪو اسان جي مَنَ اندر جي آڳر تي پنهنجي سفرنامن جا تاڪيا کوليندو آهي، جنهن جو ماپ جو وال صرف هُن وٽ ئي آهي. اها به سندس مهر آهي جو ايڏن اهم تجربن جي رنگن، يادگيرين جي بَرَ ۽ سدابهار تحرير جو ڇُهاءُ اسان کي ڏيئي وڃن ٿا، جيڪو احسان يقينن وسارڻ جهڙو ڪونهي.
ڪريم ربُّ جلشانه کين دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف پنهنجو محتاج رکي - آمين.
اسين دليَئون، سندن اهم تحريرن تي، سفرنامن جي هن بااسڪوپ تي سندس شاڪر آهيون.

محمود مغل
آچر 6 فيبروري 2022ع
امرتا ڇاپ گهر
آفيس نمبر 1، ميزنائن فلور،
باسم چيمبرس، حيدر چوڪ
گاڏي کاتو – حيدرآباد

چِين ڪيو بي چَين

---

چِين جي وڏي ڀِت

دنيا جي ستن عجوبن مان ’ديوارِ چين‘ چين جي ڀت به هڪ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چين جي هيءَ ڀت The Great Wallof China نه فقط پراڻي دنيا ۾ پر اڄ جي دنيا به حيرت مان ڏٺي وڃي ٿي. فقط ڪو حصو يا فوٽو ڏسڻ سان ئي هن ڀت جي وڏائيءَ جو احساس ٿئي ٿو.
منهنجي خيال ۾ ته عمارت سازيءَ جي ڪم ۾ هيءَ ڀت اڄ به دنيا جو سڀ کان وڏو پروجيڪٽ آهي. دنيا جا ڪيترائي پڪا رستا، ريلوي لائينون، بلڊنگون ۽ پليون هن جي مقابلي ۾ ننڍا آهن، هيءَ ڀت، جيڪا اوڀر کان پيلي سمنڊ (Yellow Sea) جي چيلهه کان وٺي شروع ٿئي ٿي ته وچ ايشيا جي پُوڇڙ تائين وڃيو دنگ ڪري يا ٻين لفظن ۾ پئسفڪ سمنڊ کان وٺي، گوبي رڻ پٽ تائين نانگڻ وانگر هليو ٿي وڃي ۽ جي هن ڀت کي سِڌي ليڪ ۾ وٺي وڃجي ته دنيائي گولي جي ستين حصي تي ويڙهجي وڃي ۽ حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين سئو سئو ميلن جا جيڪر ستٽيهه وراڪا ڪري يا ڪراچيءَ کان ڪولمبو (سريلنڪا) تائين ٽي چڪر ڪري. هيءَ ڀت مصر جي اهرامن وانگر، انساني انجنيريءَ جو هڪ وڏو ڪارنامو/ ڪرتب/ ڪمال آهي.
ٽي هزار ست سئو ملين جي هيءَ ڊگهي ڀِت، سڌو وڃڻ بدران نانگڻ وانگر چين ملڪ جي اتر ۾ وَرَ وڪڙ کائي ٿي ۽ جبلن، ٽڪرين، ماٿرين ميدانن مان ڦرندي اڳتي وڌي ٿي. ڪٿي ته ٻٽو ڦيرو به ڪري ٿي. ڪٿي ڇلي وانگر گول هلي، مُنو کن ڦيرو ڪري وري سڌي ٿيو وڃي ٿي. ڪٿي ته ٻيڻي ٻيڻي ٿيو هلي ٿي ۽ پوءِ اڳتي وڃيو ڌار ٿئي. اها ڪنهن کان به خبر نٿي پوي، نه ڪو ڪنهن ڪتاب ۾ آهي ته ڀِت کي ائين ور وراڪا ڏيئي ڇو ٺاهيو ويو آهي؟! ڪن جو البت اهو چوڻ آهي ته جنهن چيني شهنشاهه اها ڀت ٺهرائي ان جي پاڪ گهوڙي کي ڇڏيو ويو هو، ته مرضيءَ سان گهمي ڦري. ان جو پوءِ پيرو کڻي هيءَ ڀت ان رخ ۾ ٺاهي ويئي هئي. ڪن جو چوڻ آهي ته چيني اجگر (بلا) جي وَرَن وَڪَڙَن موجب ٺاهي ويئي آهي.
اسان جهڙا چين گهمڻ وارا ’پيڪنگ‘ پهچي هن ڀت جو ويجهڙائي (بادا لنگ لَڪَ) وارو حصو ڏسندا آهن، جيڪو ويهه فٽ مٿاهون آهي ۽ چونڪيءَ وارا ٺُلهه اڃان به پنج فٽ وڌيڪ مٿاهان آهن. ڀت ايتري ته ويڪري آهي جو مٿان ڪار يا گڏهه گاڏي هلي سگهي ٿي. ڪن ڪن هنڌن تي ڀت جبلن تي ائين ته اڀکُڙو چڙهي ٿي، جو خبر ناهي ان زماني جي ماڻهن ترڪندڙ جبلن تي چڙهي اها ڀت ڪيئن ٺاهي آهي. ڀت ۾ ڪيترائي پٿر ٻن ٻن ٽنن جا آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته مصر جي اهرامن وانگر هن ڀت جا به هيڏا وڏا ۽ ڳرا پٿر- هڪ هڪ سٺ مڻن جو، مٿي جبلن ۽ ٽڪرين جي لاهين چاڙهين ۽ اتاهينءَ تي ڪيئن نيا ويا. چيني ڪهاڻيون ته اهو چون ٿيون ته خچرن ذريعي گهليا ويا. جيڪا ڳالهه اڃا تائين اڄ جي ماڻهوءَ ۽ ڪمپيوٽر کي به سمجهه ۾ نٿي اچي.
سڄي ڀت پٿرن جي به ٺهيل ناهي. ان وقت جي رازن کي جيڪي ڪجهه سامهون آيو اهو ڀت جي اڏاوت ۾ لڳايائون. ڪٿي ڪٿي ميدانن ۾ هيءَ ڀت مٽي ۽ ڪاٺ مان به ٺاهي ويئي آهي. ڪٿي ته ننڍين ٽڪرين کي ٽُڪي ڀت کي ٺاهيو ويو آهي. رڻ پٽ ۾ گهٽ پٿر ملڻ ڪري ريتي ۽ وڻن جون ٽاريون ملائي سرن پٿرن سان گاري جي ليپ ذريعي ٻاهريون تهه ٺاهيو ويو آهي. هينئر ڪن ڪن هنڌن تي اها ڀت واريءَ جون ڊٻون ٿي ويئي آهي. ڪٿي ڪٿي ته ڀت جو نالو نشان به ڊهي چڪو آهي ۽ ڀت ۾ استعمال ٿيل سرن ۽ پٿرن مان ماڻهن مختلف زمانن ۾ گهر ٺاهي ڇڏيا.
سڄي ڀت تي هر ست سئو فٽن جي فاصلي تي چاليهه فٽن جو ٽاور ٺهيل آهي. اهڙا ٽاور اڃان تائين پنجويهه هزار کن موجود آهن. انهن ٽاورن تي چوويهه ئي ڪلاڪ سپاهين جو پهرو رهندو هو. هنن وٽ مضبوط قسم جا ڪمان هوندا هئا، جن ۾ تير يا پٿر اٽڪائي ڀت ٽپندڙ دشمن کي گولي وانگر هڻي سگهندا هئا ۽ ان ڪمان جو پٿر پوري اڌ رستي تائين چڱيءَ طرح اثر ڪري سگهيو ٿي. تنهن کان سواءِ اهي چونڪي ڏيندڙ سپاهي ڏينهن جو دونهين رستي ۽ رات جو باهه ذريعي چوويهه ڪلاڪن اندر سڄي ملڪ ۾ نياپو پهچائي سگهندا هئا. اٽڪل ڏهه لک کن سپاهي بارڊر جي بچاءَ لاءِ ان ڀت تي مقرر ٿيل هئا.
ديوارِ چين - دي گريٽ وال آف چائنا جي ڪهاڻي حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به ٽي چار سئو سال اڳ جي آهي. جڏهن اڄ جو چِين گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن کن ننڍين رياستن ۾ ورهايل هو ۽ هر هڪ حڪومت پنهنجي بچاءَ لاءِ ڀت ٺاهي ڇڏي هئي. جيڪڏهن اها حالت هلندي اچي ها ته چين جي سرزمين تي مختلف مذهبن، قومن ۽ زبانن جا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پندرنهن ڌار ڌار ملڪ هجن ها، پر چِين جي قسمت ۾ ائين لکيل نه هو. عيسوي سنه کان 246 سال اڳ هڪ تيرنهن سالن جو ڇوڪرو چين جي هڪ الهندي علائقي جي قن (QIN) نالي سلطنت جو حاڪم ٿيو. هي هڪ ناچڻي عورت جو پٽ هو. ڪن ڪتابن ۾ ته اهو چيو ويو آهي ته هو بادشاهه جي هڪ دلپسند رنڊيءَ جو پٽ هو، جنهن کي اهو بادشاهه مان نه پر رعيت جي ڪنهن ماڻهوءَ مان ٿيو هو. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جو اڀريل ۽ چهنبدار نڪ هو، سنهيون اکيون، ڪبوتر جهڙو سينو، بگهڙ جهڙو آواز ۽ چيتي جي دل هيس. پاڻ ننڍپڻ کان ئي قابل سياستدان ۽ فوجي هو. قِن (جيڪو ’چِن‘ پڻ سڏيو ويندو هو) کي اهو شوق هو ته سڀني چينين کي هڪ ڪيو وڃي. سو وڏي فوج تيار ڪري اوڙي پاڙي جي سلطنتن تي خونريز حملا ڪري ڏنائين. جن ۾ مخالف ڌر جا اٽڪل چار لک کن فوجي مارجي ويا ۽ سڀني هن جي اڳيان آڻ مڃي.
هن پنهنجو پاڻ کي قِن شيها نگڊي (قن سلطنت جو پهريون حاڪم) جو خطاب ڏيئي، ورهايل قومن ۽ قبيلن کي هڪ جهنڊي هيٺ آندو ۽ سڄي ملڪ لاءِ هڪ ئي چيني لکڻي مقرر ڪيائين، جيئن مختلف چيني ٻوليون: ’ڪئنٽونيز‘، ’منڊران‘، ’هئڪونيز‘، ’هَڪا‘ وغيره وغيره ڳالهائڻ وارا هڪ ئي عام ٻوليءَ ذريعي هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو قائم رکي سگهن. هن سڄي سلطنت کي رستن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ۽ ڪئنال کوٽرائي، مختلف ندين کي هڪ ٻئي سان ڳنڍرايو ته جيئن اهي ڪئنال پوک ۽ آمدورفت لاءِ ڪم اچي سگهن.
قن شهنشاهه هڪ اهم ڪم اهو به ڪرايو ته هر سلطنت جون الڳ ٺهيل ڀتيون ڊهرائي فقط اتر پاسي واريون ڀتيون ڇڏيائين. جن کي پوءِ ملائي يڪي هڪ ڀت ڪرايائين ۽ ان ڀت کي ڪجهه مٿاهون به ڪرايائين. اهڙيءَ طرح اتر وارو سڄو پاسو- جتان هنن کي ڌارين جي حملي جو خطرو هو، هن ڀت ذريعي ڌار ٿي ويو. ان وقت تائين ٺهيل هن سترنهن سئو ميلن جي ڀت جو اتر وارو پاسو وحشي ۽ جهنگلي سڏجڻ لڳو ۽ ڏکڻ وارو پاسو سندس ذات ’چن‘ جي نالي سان ’چِين‘ سڏجڻ لڳو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين سڏبو اچي.
سڄي ملڪ کي هڪ ڪرڻ ۽ هن عظيم ڀت کي ٺهرائڻ واري هن شهنشاهه قِن جي خوبين هوندي به هُو تاريخ ۾ گذريل ٻه هزار سال بنهه ياد نه ڪيو ويو آهي. سندس سٺين خاصيتن هوندي به هن جا اَوَگُڻ گهڻو ڏکوئيندڙ هئا. هن پنهنجي حڪومت جي دؤر ۾ پنهنجا وحشي قانون رائج ڪري مردن توڙي عورتن کان سخت پورهيو ورتو. کين عمارتن ۽ رستن ٺاهڻ تي هر وقت لڳائي رکيائين يا وري پنهنجي فوج ۾ داخل ڪري کانئن سخت ڊيوٽي ورتائين. پاڻ ايڏو ظالم هو، جو رهنمائن ۽ عالمن کي بي درد نموني قتل ڪرائي ڇڏيو. جيڪي به لکيل ڪتاب هئا سي سڀ ساڙائي ڇڏيائين- سواءِ انهن جي جيڪي دوا درمل، ٻني ٻاري يا سندس واکاڻ ۾ لکيل هئا. صدين تائين چيني ماڻهو پنهنجن ٻارن کي هن ظالم شهنشاهه جو نالو کڻي ڊيڄاريندا هئا ته سڌري هلو نه ته قِن شهنشاهه اچي موچڙا هڻندانوَ.
پاڻ قِن، جنهن شانَ سان رهندو هو اهو به تعجب ۾ وجهندڙ آهي. سندس محلات ڏيڍ ميل کن ڊگهو هو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو، جنهن ۾ هزارين ڪمرا هئا. منجهس هڪ وڏو هال پڻ هو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڏهه هزار ماڻهو ويهي سگهيا ٿي ۽ ان کان علاوه سندس زالن ۽ سُريتن لاءِ الڳ ڪمرا هئا، جيڪي رعيت جي سهڻين سهڻين ڇوڪرين مان چونڊيون وينديون هيون. اوچتي حملي جي ڊپ کان (مٿس ٻه دفعا خوني حملو به ٿي چڪو هو) هن سٺ ميلن جي گهيري ۾ ٻه سئو ستر گهر ٺهرايا، جيڪي شاهي محلات سان سرنگن ذريعي ملايا ويا هئا. انهن مان ڪنهن به هڪ ۾ شهنشاهه رات جو لڪ چوريءَ وڃي سمهندو هو.
’زيان‘ (XIAN) نالي شهر وٽ محل وانگر هن پنهنجو مقبرو به وڏي شان ۽ خرچ سان ٺهرايو، جنهن کي ڇٽيهه سال تيار ٿيڻ ۾ لڳي ويا. ٺهي راس ٿيڻ بعد اهو مٽيءَ سان ڍڪرائي ان مٿان هڪ هٿرادو ڏيڍ سئو فوٽن جي ٽڪري ٺهرائي ويئي. ان مقبري جو دروازو اهڙو ته ڳجهو رکيو ويو، جو گذريل ٻاويهه صديون ڪير به ڳولي نه سگهيو. 1974ع ۾ سندس هڪ دري اتفاق سان ملي ويئي ۽ کوٽائي ڪندڙ ماڻهو ست سئو فٽ ڊگهي ۽ ٻه سئو فٽ ويڪري ڪمري ۾ پهچي ويا، جتي سندس لاش سان گڏ انساني قد بُت جيڏا ڇهه هزار هٿياربند سپاهي، گهوڙا ۽ بگيون نظر آيون. کوٽائي اڃان جاري آهي ۽ هر دفعي ڪجهه نه ڪجهه نظر اچي ٿو. چيني ماڻهن جو چوڻ آهي ته سڄو دڙو کوٽڻ ۾ اڃان به پندرنهن ويهه سال لڳي ويندا.
قن شهنشاهه، محلات، مقبرا، رستا ۽ ڪئنال ٺهرائڻ پٺيان ڪيترائي ماڻهو ماريا. سڀ کان گهڻو قتل ديوارِ چين پٺيان ٿيو. چيو وڃي ٿو ته ڏهه لکن کان به گهڻا ماڻهو، هن ڀت پويان قربان ٿي ويا، جيڪي جيتن ۽ ڪرفتي سان ڀريل تنبن ۾ رهندا هئا، اونهاري جي تپندڙ اس ۾ اگهاڙا ئي اگهاڙا ڪم ڪندا هئا ۽ سياري جي ٿڌ ۾ پڻ فقط ڦاٽل پوتڙو يا ڪنهن جانوَر جي کَلَ اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ اوڍيندا هئا. لکين ماڻهو اڃ، بک، اس، بيماري ۽ ٿَڪَ کان مري ويا. هن ڀت جي بنيادن ۾ انهن مري ويلن سان گڏ انهن زنده انسانن کي به سرن ۽ پٿرن سان دفن ڪيو ويو، جن ڪم ۾ سستي ٿي ڪئي. ان ڪري ديوارِ چين کي ڪيترائي ماڻهو دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو قبرستان پڻ سڏين ٿا. قتل ڪيل بي گناهه عالمن ۽ سندن زالن جي غم جا ڏکويل گيت اڄ به چين ۾ ڳايا وڃن ٿا.
ديوارِ چين ۽ ٻين ڌنڌن ۾ مرد ماڻهو ايترا ته ماريا ويا، جو ان وقت چين جي سڄي طاقت نيست ۽ نابود ٿي ويئي هئي. هاري ناري يا مزور، نظر نه پئي آيا، جو کڻي پوک يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڪن. سن 210 ق. م ۾ قن پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ جڏهن مُئو ته عوام سندس محلات جي هڪ هڪ شئي اچي ڦُرِي لُٽِي. پنهنجي گهراڻي لاءِ چوندو هو ته ڏهه هزار ٽهيون هلندو، ان جو سندس موت کان پوءِ ٽن سالن اندر نالو نشان به ڊهي ويو. فقط چين جي وڏي ڀت رهجي ويئي، جنهن کي ڪنهن به هٿ نه لاتو. ان کان پوءِ ’هئن‘ گهراڻي جي حاڪمن هن ڀت جي مرمت سان گڏ کيس وڌايو به ۽ ان کان پوءِ ٻين گهراڻن جي حاڪمن ويندي، مِنگ گهراڻي (1644-1368) عيسوي سن تائين ٻه هزار ميل وڌائي، جيڪا اڄ جي صورت ۾ ٽي هزار ست سئو ميلن جي ڊيگهه ۾ نظر اچي ٿي.
ڪن چينين جو چوڻ آهي ته هُن ڀت پٺيان جيتوڻيڪ هڪ دؤر ۾ لکين ماڻهو مري ويا پر پوءِ سوين دورن ۾ لکين ڪروڙين ماڻهن جون جانيون بچي ويون، جو هيءَ ڀت جي نه هجي ها ته اتر کان وحشي اچي چين تي حملو ڪن ها. تاريخ دانن خاص ڪري اڄ ڪلهه جي ماڊرن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته ڀت لاءِ جيڪا انساني جانين جي قيمت ادا ڪئي ويئي سا تمام گهڻي آهي ۽ اها ڀت ڪيترن هنڌن تي ايڏي ته ڪمزور آهي، جهڙوڪ جابلو سلسلن ۽ رڻ پٽن ۾، جو پڪو ارادو ڪري حملو ڪندڙ لاءِ هيءَ ڀت ڪا به اهميت نٿي رکي ۽ تاريخ ثابت ڪيو آهي ته هن ڀت جي باوجود به چين تي اتر کان حملا ٿيندا رهيا. خاص ڪري 1211ع ۾ چنگيز خان جي چين تي چڙهائي ته تمام مشهور ڳالهه آهي، جنهن جي ڪجهه عرصو اڳ هالي ووڊ وارن فلم به ٺاهي هئي ته هُو ڪيئن ڀت پار ڪري چين تي ڪاهي آيو هو.
بهرحال سياست ۽ تهذيب و تمدن جي خيال کان هن ڀت وڏو پارٽ ادا ڪيو، جو سڀني چينين کي ڳنڍي هڪ ڪيو ۽ وري به ڌارين ماڻهن کان ڪجهه نه ڪجهه بچاءُ ڪيو. اڄ هيءَ چين جي وڏي ڀت ڌارين ماڻهن کي پري رکڻ بدران پاڻ ڏي ڇڪي ٿي. هر سال سڄي دنيا کان هزارين ماڻهو هن کي ڏسڻ لاءِ هوائي جهازن، گاڏين، بسين ۽ ڪارن جا ڀاڙا ڀري اچن ٿا ۽ هر سال ڌارين جو تعداد وڌندو وڃي. چين جي هيءَ ڀت جيڪا هڪ مست حاڪم ٺهرائي، سا اڄ جي حڪومت لاءِ غير ملڪي ناڻو ڪمائڻ لاءِ واهه جي مدد ڪري رهي آهي.

اڌ صدي اڳ جون ڳالهيون (مائوزي تُنگ وارو چِين)

چين ۾ منهنجو پهريون دفعو 1968ع ۾ وڃڻ ٿيو. تعليم ختم ڪري، پاڻيءَ جي جهاز تي مئرين انجنيئر جي نوڪريءَ لاءِ چڙهيو هوس. جهاز کي ڪنهن اهم سرڪاري ڪم جي سلسلي ۾ چٽگانگ کان سڌو چين جي هڪ ڏاکڻي بندرگاهه ’سئمڪانگ‘ ۾ وٺي آيا هئاسين. هن بندرگاهه کان هانگ ڪانگ بلڪل ويجهو آهي ان ڪري، ان کان پوءِ جڏهن به ’سئمڪانگ‘ اچڻ ٿيندو هو ته ايندي ويندي ساهي پٽڻ ۽ جهاز لاءِ تيل پاڻي هانگ ڪانگ مان کڻندا هئاسين.
چين جي بندرگاهه توڙي ٻين شهرن ڏي هانگ ڪانگ کان خشڪيءَ رستي (By-Road) به اچي وڃي سگهجي ٿو. هانگ ڪانگ جا ٻه حصا آهن. هڪ وڪٽوريا ٻيٽ ۽ ٻيو ڪولون. ڪولون وارو پاسو چين جي سرزمين سان ڳنڍيل آهي ۽ ڪولون کان چين ڏي ريل گاڏي يا بس ڪار ذريعي پڻ وڃي سگهجي ٿو. ڪولون (هانگ ڪانگ) ڇڏي چين جو بارڊر ٽپڻ تي ڪئنٽن ويجهي ۾ ويجهو شهر آهي.
چين جي مٿئين ننڍي بندرگاهه سئم ڪانگ کان وٺي اتراهين شهر دئرين ۽ وچ وارن شهرن: ’شنگهائي‘، ’بيجنگ‘، ’پيڪنگ‘، ’سِنگ تائو‘ وغيره وغيره ۾ منهنجو هڪ جهازي يعني عام ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ گهمڻ ڦرڻ ٿيو آهي. مون کي هن ملڪ چين ۾ رهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ اٽڪل اٺ نَوَ دفعا ڪڏهن ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ته ڪڏهن هفتي ٻن لاءِ بلڪه ڪڏهن ته مهينو سوا به هن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ مليو، پر چين جهڙي هيڏي وڏي ملڪ کي چڱي طرح جانچڻ لاءِ اهو ڪو گهڻو ناهي. هڪ اهڙي ملڪ لاءِ جنهن ۾ ڪيتريون ئي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، جنهن ملڪ جي ماڻهن جي تهذيب/ ڪلچر/ رسم رواج/ عادتون وغيره هڪ ٻئي کان تمام گهڻو آپي آپي آهن ۽ جنهن ملڪ جون سرحدون هڪ طرف هانگ ڪانگ ۽ ويٽنام سان ملن ٿيون، ٻئي پاسي ڪوريا ۽ جپان جي ويجهو وڃيو نڪرن ته ٽئي طرف روس انڊيا ۽ پاڪستان سان وڃيو لڳن.
چين ۾ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ هنڌن تي منهنجو وڃڻ نٿي ٿي سگهيو جتي چيني، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ منع نامون لکيل هوندو هوته ڌارين ماڻهن لاءِ بنا اجازت جي هن پاسي اچڻ غيرقانوني آهي. باقي ٻين هنڌن تي آئون پنهنجي مرضي ۽ موڊ موجب، آزاديءَ سان هليس ٿي.
چين ۾ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي چوري چڪاريءَ جي مصيبت ناهي ۽ نه انهن رنڍين کنڊين سان ڀريل گهٽين جو آزار آهي، جيڪو آمريڪا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کان وٺي ڏور اوڀر جي هڪ هڪ ملڪ ۾ آهي. مائوزي تنگ جي چين کي آمريڪا جهڙا ڏهه ملڪ کڻي ڏهه گاريون ڏين ته چين ترقي نه ڪئي آهي يا چين ۾ ترقيءَ جي رفتار سست آهي، ماڻهو خوشحال ناهن، سادا ڪپڙا پائين ٿا، هر شئي راشن تي ملي ٿي وغيره وغيره. پر يارو! مون کي چين ۾ ڪٿي ڊيگهاريل هٿ يا ڪشتو نظر نه آيو. شنگهائيءَ ۾ هڪ دفعي هڪ فقير ڏٺو هوم. سندس اڳيان وڇايل بوڇڻ تي هڪ سڪو به نه هو.
چين ۾ گاڏيون، لاريون ۽ ٽپال کي وقت جي پابنديءَ تي ايندو ۽ هلندو ڏسي تعجب لڳي ٿو. اهي ته ٺهيو پر ڌوٻي به پوري وقت تي ڪپڙا پهچائي ٿو. اها ته واقعي ڏاڍي ڳالهه ٿي، جنهن ۾ جپانين کان به زور ٿي ويا.
ڪوالالمپور کان وٺي نيويارڪ تائين، اسلام آباد کان وٺي شارجا ۽ دمام تائين، دنيا ۾ ڪيترائي شهر آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ ته تمام سهڻا ۽ صاف آهن، پر تواريخي خيال کان ڪجهه به نه آهن، جو اهي ٻه چار سئو سال مس پراڻا ٿيندا، پر چين ملڪ ۾ بيجنگ جهڙا ڪيترائي شهر آهن، جن تي وقت جو پکي ايامن کان آري تي ويٺو آهي. ماڻهو مري ويا پر سندن يادون عمارتن جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهن. چيني ڀت کان وٺي پندرهين صديءَ جي منگ Ming سلطنت جي شهنشاهه ينگ- لو جا اڏايل سج ۽ چنڊ ديوتا لاءِ قربانيءَ جا ٽڪساز اڃان تائين موجود آهن. جيتوڻيڪ 1949ع ۾ مائوءَ جي حڪومت بيجنگ شهر ۾ رستي تي اڏايل دلي دروازا ۽ ديوارين جا ڪيترائي حصا ڊهرائي ڇڏيا، جيئن آمدورفت کي لنگهه ۾ سولائي ٿئي.
چيني ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو ايترو فڪر آهي، جيترو اسان جي ماڻهن کي پنهنجي گهر ۽ پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ لاءِ.
چين جي وڏي شهر جي جنهن دڪان ۾ گهڙ ته ماڻهن ۽ ٻارن جا ميڙ، خاص ڪري ڳوٺن جي دڪانن ۾ نظر اچن ٿا. هُونءَ چين ۾ ماڻهن جي وندر لاءِ ڪا گهڻي ٽي وي، ريڊيو، سئنيما فلمون، ميلا ملاکڙا، نمائشون، هوٽلون، اوطاقون اوتارا، پارڪ پب نه آهن. پوءِ اسان جهڙو ڪو ڪارو فارينر به نظر اچيو وڃي ته سمجهو ته هنن واندن لاءِ وڏي وندر ٿيو وڃي. پيا اسان جي ڪڍ هلندا. ڪٿي اسان جو پير ترڪي ويو ته ڏسندڙن لاءِ ويتر وڏي وندر. رمبوتان يا ليچيءَ جهڙو هتي جو اوپرو ميوو ڪو يورپين واٽ ويندي غلط نموني سان کائيندو ويندو ته اها به هنن لاءِ وڏي وندر ٿي ۽ ان کي ڏسي پيا کِلندا ۽ حِظ حاصل ڪندا.
ان تان ياد آيو ته هڪ دفعي منهنجو ئي پير ترڪيو هو ۽ شنگهائي جي گهٽيءَ جا ننڍا ٻار ۽ پوڙها پنهنجيون چُوچيون اکيون بند ڪري کِليا هئا. ٻئي ڪنهن جي اهڙي ڳالهه ڪٿي ٿي ياد بيهي!
جهاز کان واڪ ڪندو مارڪيٽ وڃي رهيو هوس ته رستي تي شنگهائي شهر جون گهٽيون صاف ڪندڙ هڪ ڀنگي مليو. هٿن ۾ ڪکن وارو ٻهارو، منهن تي اڇي رنگ جو سوٽي ڪپڙي جو سرجيڪل ٻوٿارو، مون ڏي نهاري، خوشيءَ مان اکيون چوچيون ڪري کيڪاريائين: ”نيهائو.“ معنيٰ ڪيئن آهيو؟ يا ڇا حال آهي؟ هڪ گهر جي دِڪِيءَ وٽ زال مڙس ويٺا هئا. ”نيهائو“ هنن چيو. پارڪ جي ڪنڊ ۾ هڪ همراهه تائجي- چوئان (سِلو موشن ۾ ٿيندڙ ورزش) ڪري رهيو هو. کيس عجيب نموني سان ڪسرت ڪندو ڏسي، آءٌ بيهي رهيس. پاڻ مرڪي ”نيهائو“ چيائين. هلندو هلندو ويجهي بس اسٽاپ تي اچي پهتس. بس آئي. منجهس تر ڇٽڻ جي به جاءِ نه هئي. هڪ همراهه اٿي مون کي وهڻ لاءِ جاءِ ڏني. ڀر ۾ ويٺل همراهه پيلا هئڊا ڏند ڪڍي نيهائو چيو.
چين ملڪ ۾ توهان هڪ ڏينهن ۾ ڪيترائي دوست ٺاهي سگهو ٿا.
شنگهائي هجي يا بيجنگ، سنگتائو هجي يا سئم ڪانگ- چين جا رستا سڄو ڏينهن ماڻهن، سائيڪل سوارن ۽ رکي رکي لنگهندڙ بسين ڪارن سان ڀريل نظر ايندا. سج لٿي کان پوءِ، آهستي آهستي ٿي، ٺاپر ٿيندي ويندي آهي ۽ پوءِ رات جو نائين بجي ’ڪڪڙون ڪُون‘. رات جو دير تائين ڇا جا گهمڻ ڦرڻ ڇاجيون لوفرپائيون. ”سوير سمهجي سوير اٿجي“ وڏن پڙهايو اسان کي آهي، عمل چين جا چيني پيا ڪن.
شنگهائيءَ جي لفظي معنيٰ آهي ’سمنڊ تي‘ ۽ واقعي اهو سمنڊ ئي آهي، جنهن ذريعي دنيا جي ملڪن سان هن شهر جو ڳانڍاپو ۽ واپار ٿيو. تيزيءَ سان وڌيو ويجهيو ۽ وڏي شان ۽ حيثيت تي رسيو.
شنگهائي چين جو سڀ کان وڏو شهر آهي. آدمشماري توڙي سياست کان، بندرگاهه توڙي فئڪٽري ڪارخانن کان، هي شنگهائي شهر آهي، جتان 1921ع ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جنم ورتو ۽ 1949ع ۾ ڪميونسٽ طاقتن ان تي قبضو ڪري، چيانگ ڪائي شيڪ کي تائيوان ڀڄائي ڪڍيو. شنگهائي اهو شهر آهي، جتي 1965ع ۾ ڪلچرل انقلاب جو پهريون ڏيک ظاهر ٿيو. مائوءَ جي پوئواريءَ ۾ لکيل خط، هن شهر جي بيحد اثر رسوخ واري اخبار ’وين هئي بائو‘ (Wen Hui Bao) ۾ ڇپيو ۽ چئن ڄڻن جي مشهور گئنگ جو اڏو پڻ شنگهائي هو. هي اهوئي شهر آهي جنهن جي هڪ ڳاڙهين سرن واري هوٽل جنگ- جيانگ (Jing- Jaing) ۾ آمريڪا جو صدر نڪسن ۽ چين جو پريمر چواين لائي 1972ع ۾ ملي، ٻنهي ملڪن جا تعلقات بهتر ڪيا.
اسان جو جهاز شنگهائي جي مشهور، ميرانجهڙي ۽ گپ هاڻي ندي هئانگ پو (Hung-Po) ۾ چڱو ويجهو اچي بيٺو. شهر ڏي پنڌ ايندي ويندي وقت پاسن کان وونئڻن جو فصل ۽ مختلف ڪارخانن جي بخارين مان نڪرندڙ دونهين جي ڄر نظر آئي ٿي. هئانگ پو نديءَ وٽ (بندرگاهه جي ويجهو) شنگهائي تي، اوڻهين صديءَ ۾ حڪومت ڪندڙ مختلف حاڪمن: انگريز، فرينچ، جرمن، آمريڪن، جپانين جا اڏيل قلعا صاف نظر اچن ٿا- جن هن شهر شنگهائيءَ کي سڄي چين ملڪ ۾ امير بڻايو ته غريب به. رنگين بنايو ته غليظ به. هي اهو شهر آهي جنهن جي خوشبوءِ ۽ جادو ڪيترن جي دل ۽ دماغ تي اڃان تائين ڇانيل آهي. جنهن لاءِ ٿيوڊور وائيٽ (Theodore. H. White) لکيو آهي:
The long vanished contrasts of sybaritic pleasures and world less sorrows.
نديءَ جو ڪپر ڏئي هلندي وقت، اڄ به درياءَ ۾ نوَن ۽ ماڊرن جهازن سان گڏ پراڻي زماني جا سمپان ۽ جنڪ جهاز Junks، جن جون ڇتيون ڳوٺن ۾ ٺهيل منهن جهڙيون ٿين ۽ اڳڙين جا ڦاٽل سڙهه چتيون لڳل، ترندي نظر ايندا. جن جي پٺيان هن ملڪ جو ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪي ٿو.
درياءَ جي پاسي وارو ويڪرو رستو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ بنڊ (Bund) سڏبو هو، اهو مائوءَ جي انقلاب کان پوءِ هاڻ سن يات سين (Sun- Yat- Sen) روڊ سڏجي ٿو.
هانگ ڪانگ ۽ شنگهائي بئنڪ جيڪا چين جي دولت جي ٽجوڙي سمجهي وئي ٿي، ان جي عمارت اڄڪلهه ڪميونسٽ پارٽيءَ جو هيڊڪوارٽر آهي. شنگهائي ڪلب جيڪو ڪنهن زماني ۾ انگريزن جو سڀ ۾ ڊگهو بار سمجهيو ويو ٿي، جنهن جي ٻاهران تن ڏينهن جو بدنام نعرو Dogs & Chinese Not Allowed لکيل هوندو هو، اهو هاڻ چيني خلاصين/ جهازين جو ڪلب آهي. مائوءَ جي انقلاب کان اڳ وارو آمريڪن ڪلب هاڻ پوليس اسٽيشن آهي ۽ جرمن ڪلب بئنڪ آف چائنا آهي. ٿيوڊور ڪسٽمس بلڊنگ جو ٽيٽيهه ميٽر ڊگهو ٽاور-ڪلاڪ اڄ به هر ڪلاڪ پورو ٿيڻ تي ساز وڄائي ٿو، پر هاڻ سندس راڳ ’اوڀر ڳاڙهو آهي‘ آهي.
چين کي اسان جهڙي ٽي دنيا جا ملڪ يا يورپ، آمريڪا جهڙا امير ملڪ ڪجهه به سمجهن پر هڪ ڳالهه آهي ته ’مائوزي تنگ‘ جي سوشلزم اچڻ بعد چين ۾ ڪو به بک وگهي نٿو مري. ڪو ليڙون ٿيل ڪپڙو نٿو اوڍي، جنهن سان هن جي جسم جي اوگهڙ ظاهر ٿئي. ظاهري طرح چين کڻي عمارت سازيءَ ۾ ترقي نه ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهو اڃان به سادن گهرن ۾ رهن ٿا پر اهو آهي ته اهي گهر گدلا نه آهن. اهي صاف سٿرا ۽ اڇي پوچي ڏنل نظر اچن ٿا. گهٽيون هر وقت ٻهاريل ۽ ڌوتل نظر اچن ٿيون. چاهي شنگهائيءَ جي وچ شهر جي سوڙهي گهٽي هجي يا ٻهراڙيءَ جي ويڪري ۽ وڏي... چين جي اتراهين سرد ۽ برف باري واري شهر جي گهٽي هجي يا ڏاکڻين شهرن جي... گهٽ ۾ گهٽ صحت ۽ صفائي جي خيال کان چين جا شهر ۽ ڳوٺ اسان کان بهتر آهن. اسان وٽ قيمتي پٿرن ۽ شيشن جي ٽڪ جڙ جا بنگلا ته وڏا وڏا ٺهي ويا آهن پر افسوس جو انهن ٻاهران گهٽين ۾ گندگي عام نظر اچي ٿي، جنهن کي ڏسي ڏسي، اسان جون اکيون هاڻ اهڙيون ٿڌيون ٿي ويون آهن، جو احساس ئي نٿو ٿئي ته موهن جي دڙي جي تهذيب سان به ڪو اسان جو تعلق هو، اسلام جي قول ’پاڪائي اڌ ايمان آهي‘، سان به ڪو اسان جو ويجهو واسطو آهي.
بهرحال مسلمان چين ۾ به رهن ٿا، بلڪه جنهن تنهن شهر ۾. دئرين، پيڪنگ، ڪئنٽن جهڙن هنڌن تي ته باقاعدي مسلمانن جا پنهنجا پنهنجا پاڙا، ادارا ۽ گوشت مارڪيٽون آهن، جتي رڳو حلال شيون وڪامن ٿيون ۽ انهن هنڌن تي صفائي ۽ سٿرائي اهڙي جنهن کي ڏسي ڌاريون ماڻهو به متاثر ٿيو وڃي.
شنگهائيءَ جي ’سن يات سين‘ روڊ تي نمبر ون وڏي ۾ وڏو ڊپارٽمينٽ اسٽور آهي، جتي روزانو لک کن گراهڪ اچن ٿا. منجهس ڪيترن ملڪن جي وڏن ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۽ سپر مارڪيٽن کان وڌيڪ شيون رکيل آهن. سائيڪل ۽ سانچي کان وٺي ٿرماس پينسل تائين. جوتا، چمپل، سلڪ ۽ ڪاٽن جو ڪپڙو، بال، بلاڪيٽ، بئٽون، گٽار، گل، رانديڪا، پلاسٽڪ جا تڏا، ٽرانسسٽر ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊر، ليچي ۽ ناسپاتيءَ جي بند دٻن کان وٺي تازيون ڀاڄيون ۽ ميوا ملندا، پر هر شئي چين ۾ ٺهيل/پوکيل.
چين ۽ آمريڪا جي دوستي ٿيڻ کان پوءِ هاڻ مڙيئي آمريڪي شيون چين ۾ نظر اچڻ لڳيون آهن. ڪنهن ڪنهن وڏي شهر جي وڏي ڀت تي ڪوڪا ڪولا جو پوسٽر به نظر اچي ٿو. چين آمريڪا جي خلائي سياري (نشرياتي رابطي) ذريعي ٽي وي پروگرام پڻ نشر ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڳوٺن جا انچارج ٻنيءَ کي هر ڏيڻ لاءِ فورڊ ٽرئڪٽر گهرائڻ چاهين ٿا. سڀ کان وڏي ڳالهه چيني وڏي شوق سان انگريزي سکي رهيا آهن ۽ هاڻ آمريڪن چواڻي، هُو آمريڪن کي پسند به ڪرڻ لڳا آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه سال اڳ هنن گنهگار اکين شنگهائي، پيڪنگ، ڪئنٽن توڙي سئم ڪانگ جهڙن شهرن ۾ ان قسم جا پوسٽر ۽ ڀتين تي آئل پينٽ سان لکيل ضرور ڏٺو ته سامراجي يعني آمريڪن ههڙا ۽ ههڙا آهن. هاڻ انهن نعرن بدران ڀتين تي لکيل آهي. ’جُنگ مائي يو يي‘ معنيٰ ’چيني آمريڪن دوست دوست‘ بهرحال انهن جي دوستيءَ جي خوشي پئدا ڪرڻ ۾ ڪجهه حصو اسان جو به آهي. چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻه کن پيڙهين جو وڇوڙو ختم ڪرائڻ ۾ پاڪستان پڻ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. جنهن جو تفصيل ’هينري ڪسنگر‘ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي.
’هئنگزائو‘ چين جي خوبصورت ترين شهرن مان هڪ آهي. جبلن جي وچ ۾، ڍنڍ جي ڪناري تي سرسبز سائو ۽ ٻارهوئي سٺي رُتِ وارو. بهار جي موسم جيان هي شهرُ، شاعرن ۽ نقاشن لاءِ جنت آهي. ساڳي وقت ’هئنگزائو‘ شهر هزار کن سالن لاءِ چين جي شهنشاهن لاءِ سڪون ۽ سانت جو گهر رهيو.
شهر جي چوڌاري ڍنڍ تي ڪنول جا گل ۽ هر سال بهار جي رت ۾ پاسن کان جبلن تي کڙندڙ گلابي گل ۽ بادامن، ناڪن ۽ ناسپاتين جي وڻن جو نظارو ڏسڻ وٽان ٿئي ٿو. هئنگزائو شهر چين جو پهريون شهر آهي جنهن ۾ ٻڌ ڌرم پنهنجا پير پختا ڪيا، جتان پوءِ اهو ڌرم اوسي پاسي جي شهرن ڏي وڌيو. هي اهو شهر آهي جنهن لاءِ مارڪو پولو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر هئنگزائو آهي.“ ۽ هن شهر لاءِ چين ۾ چوڻي مشهور آهي ته ’مَٿي آسمان تي جنت آهي ته هيٺ ڌرتيءَ تي هئنگزائو.‘
شنگهائيءَ کان هئنگزائو ريل رستي به اچي سگهجي ٿو. ’اورينٽ ايڪسپريس‘ جي سائي رنگ جي ريل گاڏي چڱي آرام واري ۽ تکي آهي. رستي تي دريءَ جي ٻاهران ساوا ساوا کيت ۽ مند آهر تورئي، سرنهن، ڄانڀي ۽ ڪپهه جا رنگين گل ۽ سفيد ڏينا، ڍنڍون، جبل ۽ ماٿريون، نيرو نيرو اڀ ۽ ڪٿي ڪٿي ڪارا ڀورا ۽ چانديءَ جي تند وارا ڪڪر، سندن گوڙ گُڙڪو، کِنوَڻ جو تجلو ۽ بونداباندي يا وسڪارو، ڏسي ڏسي به دل نٿي ڀرجي. ريل اندر وري فرش تي وڇايل نصرپور ۽ عمرڪوٽ جي کٿن ۽ کَيسَن جهڙا گِلم، درين تي ڦڪي ۽ واڱڻائي رنگ جي وڏن گلن وارن پڙدن، سهڻي مئچ پئدا ڪئي ٿي. رکي رکي اڇي رنگ جي ائپرن ۾ گلابي ڳَٽن واريون چيني ڇوڪريون، هالا جي ڪاشيءَ جهڙين پيالڙين ۾ هتي جي مشهور چانهه ’DRAGON-WELL‘ ڏئي ويون ٿي. جيڪا ريل جي دٻي جي ٿڌڪار ۽ سانتيڪي ماحول ۾ ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ ۾ عجيب مزو آيو ٿي ۽ رکي رکي جپان ۾ ريل جو سفر ياد ٿي آيو. خاص ڪري ’فيوجي جبل‘ وٽان لنگهڻ وارو حصو. بس فرق فقط اهو ته چين ۾ ماڻهن جي ڪپڙي توڙي عمارتن، جڳهين ۽ گاڏين جا رنگ ايترو کُليل، چٽا ۽ روشن نه آهن جيترا جپان ۾. چيني مردن توڙي عورتن جا ڦيٽهڙ بلو ۽ چِهچ آسماني رنگ جا مائو-ڪٽ ڪوٽ، واسڪوٽ ۽ بش ڪوٽ ڏسي ڏسي ڪڏهن دل کَٽِي ٿيو پوي، پر هاڻ مائو جي مرڻ بعد مڙيئي اها يڪسانيت ختم ٿيڻ لڳي آهي. بلو ڪپڙن جي ميڙ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪا ڇوڪري سائي، ڳاڙهي، فيروزي، گلابي رنگن جي بلائوز اسڪرٽ ۾ پڻ نظر اچي ٿي. نه فقط ٻاهرين ڊريس پر اندريان ڪڇا، باڊيون، گنجيون پڻ رنگين ۽ ريشمي پائڻ لڳيون آهن، جيڪي انڊر گارمينٽس اڪثر گهرن اڳيان رسين تي سُڪندي نظر اچن ٿا. سنگاپور، ٿائلينڊ، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ولائتين کان ايندڙ سندن چيني مائٽ اڪثر ان قسم جون سوغاتون ۽ تحفا هنن لاءِ آڻين ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ ته هڪ ٻن هنڌن تي نوجوانن کي ’مائيڪل جئڪسن‘ ۽ ’جارج بئاءَ‘ جي گانن جا ڪئسٽ پڻ وڄائيندي ٻڌم. مائوءَ جي مرڻ بعد سج لٿي مهل شنگهائيءَ ۾ يا ڪئنٽن جي ڪلچرل پارڪ ۾ نوجوان ڇوڪرن ڇوڪرين کي هاڻ هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلندو ڏسڻ ته هڪ عام ڳالهه ٿي ويئي آهي، پر ڪٿي ڪٿي پارڪن ۾ مائوءَ جا چيني، چُما چٽ ڪندي پڻ نظر اچن ٿا.
1965ع ۾ مائوءَ جي سڏ تي، ڪلچرل انقلاب سڄي چين ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ چين جي ڪيترن شهرن ۾ پراڻين اڏاوتن، تهذيبن جاين مندرن جي اجائي ڀڃ ڊاهه ڪئي ويئي ۽ ماڻهن کي تنگ ڪيو ويو/ ستايو ويو/ ماريو ويو.
هئنگزائو شهر ۾ به ڏکوئيندڙ نقصان ٿيا، جتي اڳهين 1850ع ۾ ’تائپنگ‘ جي بلوَي ۾ ڪافي ڪجهه ٿي چڪو هو، پر هن تهذيبي انقلاب ۾ گهڻو ڪجهه ٿيو. گوتم ٻُڌ جو وڏو مندر ’اميتاڀا‘ (Amitabha) نالي جيڪو ٻارهين صديءَ جو اڏيل هو ان کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ’ييو فيئي‘ (Yue-Fei) چيني مندر جيڪو ’سِنگ گهراڻي‘ جي مشهور جنرل ’هيرو‘ جي نالي هو، جنهن منگول لشڪر کي واپس ڀڄائي ڇڏيو، اهو پڻ ڪيرائي نالو نشان چٽ ڪيو ويو. ’يين زيا‘ (Xen Xia) جي غارن ۾ رکيل ڏهين صديءَ جا گوتم جا ڪيترائي پِتل جا پُتلا مُترڪن سان ڀڳا ويا. انهن مورتين لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي سنگتراش جون سڀ کان خوبصورت شاهڪار شيون هيون.
بهرحال ان انقلاب لاءِ ذميوار مائوءَ کان وڌيڪ سندس خليفا هئا. خاص ڪري چار ڄڻا، جيڪي ’چئن جي ٽولي‘ (Gang of Four) نالي سان سڏجن ٿا. انهن ۾ هڪ مائوءَ جي زال پڻ آهي. اهي مڙيئي پنهنجو پاڻ کي مائوءَ جا وارث سمجهڻ لڳا هئا. مائوءَ جي مرڻ بعد انهن چئن چنڊالن جي ٽولي (Sige Ren Bang) کي حڪومت مان ڪڍي، کين ڪورٽ ڪٽهڙي ۾ آندو ويو ۽ مٿن ڪيس هلايو ويو. انهن چئن همراهن جي ڪري به چيئرمين مائوءَ جي ساک ۽ مڃتا کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.
هڪ چيني شاگرد چين جي هن (Cultural Revolution) بابت ٻڌائيندي آخر ۾ چيو: ”اڄ مائو اسان وٽ نه رهيو آهي ۽ نه ڪو ٻيو مائوءَ جهڙو چين ۾ پئدا ٿي سگهندو. سندس ياد اڄ به اسان جي دلين ۾ مٿاهون مرتبو رکي ٿي، پر مزي جي ڳالهه اها آهي ته اڄ چين ۾ ماڻهن مائوءَ کي ديوتا سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي. مائو، هاڻ، اسان جي نظرن ۾ فقط هڪ ماڻهو آهي.“
’ڪئنٽن‘، ’شنگهائي‘ ۽ ’پيڪنگ‘ چين جا مشهور ترين شهر آهن. گپ- هاڻي پرل ندي، ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ جتي ڇوڙ ڪري ٿي. ان ڇوڙ واري هنڌ تان، ان نديءَ رستي پٺيان پٺيان چوهٺ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪئنٽن شهر آهي. ڪئنٽن شهر صدين کان چين جي ڄڻ مارڪيٽ رهيو آهي ۽ ڀر وارن ملڪن: ’سيام‘ (ٿائلينڊ)، ’ملايا‘، ’انڊونيشيا‘ کان ته ڇا پر ويندي ’هندستان‘، ’اوڀر آفريڪا‘ ۽ عرب ملڪن جا واپاري به هن شهر ۾ خريداري ۽ وڪري لاءِ ايندا رهيا آهن.
عرب واپارين ڪئنٽن ۾ ستين صديءَ ۾ اچڻ شروع ڪيو هو ۽ انگريزن 1715ع ڌاري. انگريزن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ذريعي ريشم، چانهه ۽ چينيءَ جي ٿانوَن جي خريداري ڪئي ٿي ۽ ساڳئي وقت سمگلنگ ذريعي ڏوڏي Opium جو وڪرو ڪري، چينين کي چرسي موالي بنايو ٿي ۽ ناڻو ڪمايو ٿي. اڄ به ڪئنٽن واپار وڙي کان مشهور آهي. مائوءَ جي مرڻ کان پوءِ هاڻ ڌارين ٽورسٽن (گهمڻ لاءِ ايندڙن) کي پڻ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي ڏني ويئي آهي ۽ جيترا ٻاهران سياح چين جي ٻين شهرن: پيڪنگ، شنگهائي وغيره کان ٿي هتي ڪئنٽن پهچن ٿا، ان کان وڌيڪ فقط هانگ ڪانگ کان ٻيڙي، ٽرين، بس ۽ هوائي جهاز رستي هتي اچن ٿا.
هونءَ چين جي ٻين علائقن جي رهاڪن لاءِ ڪئنٽن ڪو سهڻو ۽ سليقي وارو شهر نٿو سمجهيو وڃي ۽ نه ڪئنٽن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب تمدن ۽ زبان اتم سمجهي وڃي ٿي. ڪئنٽن صوبي جي ڪئنٽونيز ٻولي ٻڌڻ ۾ ايتري کهري ۽ رُکي چئي وڃي ٿي جو چين جي اتراهن علائقن وارا چوندا آهن ته ’ڪئنٽونيز‘ ٻوليءَ ۾ ٿيل تعريف کان ته بهتر آهي ته ڪنهن ٻئي علائقي جي ٻوليءَ ۾ گاريون ٻڌجن.
ڪئنٽن ۾ ڌارين جي رهڻ لاءِ وڏي ۾ وڏي هوٽل ٻه هزار ڪمرن واري ’Tung-Fang‘ نالي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن زماني ۾ اها هوٽل وڏي ڳالهه هئي، پر اڄ جي دور موجب اها هوٽل جهوني ۽ گهٽ معيار واري سمجهي وڃي ٿي، جنهن ۾ هر شئي ۽ رهائش جو بندوبست ۽ فرنيچر بيحد Out dated آهي. هوٽل جي ڪن ڪن شين کي ته اڏوهي لڳي چڪي آهي. ٿائلنڊ ۽ انڊونيشيا جي ڪن لوڪل هوٽلن وانگر ڪئنٽن جي هن هوٽل ۽ ٻين ۾ ڪوئن جي هل چل عام جام ۽ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي نظر ايندي. ڪي ڪي ڪوئا ته صحت ۾ ٻلين جو مقابلو ٿا ڪن. ايڏا وڏا ۽ بي ڊپا ڪوئا پاڪستان جي ’سفينه حجاج‘ ۽ ’مالم جبا‘ جهازن تي پڻ نظر ايندا هئا.
ڪئنٽن شهر ۽ اوسي پاسي ۾ ڏسڻ لائق هنڌ: چين جو تواريخي عجائب گهر، فرينڊ شپ اسٽور (جنهن جهڙا وڏا دڪان چين جي ٻين بندرگاهن ۽ وڏن شهرن ۾ پڻ نظر اچن ٿا) جتان فقط ڌاريان ماڻهو خريداري ڪري سگهن ٿا. انهن دڪانن تي چين جي ٺهيل سائيڪل ۽ ڪپڙي کان وٺي سيلن (بيٽري) تي هلندڙ رانديڪا ملي سگهن ٿا. اهي ٽپڙ سونهن سوڀيا ۽ Finishing ۾ کڻي جپان يا آمريڪا جهڙا نه آهن، پر اگهه ۾ گهڻو سستا آهن. ڇهه پپرن وارو مندر، بزرگن جي مسجد جيڪا تمام پراڻي چئي وڃي ٿي ۽ اها ڪجهه عرصو اڳ ته اهڙي صاف سٿري نه رکي ويئي هئي، پر هاڻ مڙيئي ان تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ڪجهه خدا جي خوف کان ڪجهه عرب دنيا ۽ ٻين مسلمان ملڪن کي خوش رکڻ ڪارڻ، شايد، يوسوئي پارڪ- جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا گل ڦل ۽ وڻ ٻوٽا نظر اچن ٿا بلڪه ڏسڻ وٽان آهن. ڪئنٽن شهر جو چڙيا گهر (Zoo) جنهن ۾ چين جو خاص جانور پانڊا پڻ ڏسي سگهجي ٿو.
سنگاپور، بيلجم ۽ دنيا جي ٻين شهرن جي چيني هوٽلن ۽ ڪجهه عام هوٽلن ۾ گانگٽ، ڪيڪڙا، ڏيڏر، ڪميون، سوئر، سڄا سارا ۽ واڳن جا پڇ، شارڪ مڇيءَ جون ڪَليون وغيره ته رڌجندي ڪيترائي ڏسي چڪا هوندا پر جي نانگ ڏسڻا آهن، سي به جيئرا جاڳندا ته اهي هانگ ڪانگ کان علاوه ڪئنٽن جي هوٽلن ۾ به وڪامندا ڏسي سگهجن ٿا. گراهڪ پنهنجي پسند جو سوادي نانگ چونڊي هٿ جي اشاري سان بورچيءَ کي ٻڌائيندو آهي، جيڪو ڇلي، وڍي، رڌي، مرچ مسالا هڻي کيس پيش ڪيو ويندو آهي.
چين آدمشماريءَ ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. پکيڙ ۾ فقط ڪئناڊا ۽ روس کانئس وڏا آهن. روس بنا باقي سڄو يورپ يعني فرانس، جرمني، انگلينڊ، ڊئنمارڪ، ناروي، سئيڊن اسپين، پورچوگال، رومانيا، بلغاريا، پولينڊ، آسٽريا، يونان، اٽلي وغيره وغيره يورپ جا سمورا ملڪ گڏيا وڃن ته به چين جي کانئن پکيڙ توڙي آدمشماري گهڻي ٿيندي.
چين جي هن وقت آدم شماري نوي ڪروڙ (يعني نَوَ سئو مِلين) آهي. اها آدمشماري دنيا جي سڄي آدمشماريءَ جو پنجون حصو ٿئي ٿي. بس ائين سمجهڻ کپي ته دنيا ۾ هر پنجون ماڻهو چيني آهي. اڃان انهن چينين کي ان ۾ ملايو نه اٿئون، جيڪي سالن کان پنهنجو اباڻو وطن چين ڇڏي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ رهن ٿا ۽ هاڻ کين انهن ملڪن جون قوميتون آهن. بقول ڪنهن جي ته چيني ايترا گهڻا آهن جو کين هڪ قطار ۾ بيهاري ڪنهن هنڌان هلڻ لاءِ چئجي ته اها قطار کٽندي ئي ڪانه. آخري ماڻهوءَ جي پهچڻ کان اڳ، انهن جو اولاد ان قطار کي اڻ کُٽندڙ بڻائي ڇڏيندو.
چين جي پکيڙ ستٽيهه لک چورس ميل (پنجانوي لک چورس ڪلوميٽر) کن آهي. جنهن ۾ سڀ ڪجهه آهي. جبل ڍنڍون، ٽڪر ماٿريون، رڻ پٽ باغ بستان، ٻيلا، ٻيٽ، فصل پوکون.
چين جي اتر ۾ منگوليا ۽ روس آهي، اوڀر ۾ اتر ڪوريا، زردو سمنڊ (Yellow Sea)، اوڀر چيني سمنڊ، ڏکڻ چيني سمنڊ آهي، ڏکڻ ۾ ويٽنام، لائوس، برما، هندستان، ڀوتان، سڪم ۽ نيپال آهي ۽ اولهه ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ روس آهي. مٿين ٻارنهن ملڪن کان علاوه، جيڪي چين جي بارڊر سان بلڪل مليل آهي، جپان، فلپين ۽ ڏکڻ ڪوريا ملڪ پڻ چين جي بلڪل سامهون آهن ۽ وچ ۾ رڳو سمنڊ جو ڪجهه حصو آهي. ان کان علاوه تائيوان (فارموسا) ٻيٽ پڻ، جيڪو ڪنهن زماني ۾ چين جو حصو هو، پر هاڻ 1949ع کان وٺي اهو ڌار ملڪ جي حيثيت رکي ٿو ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ ’تائي پائي‘ آهي.
چين جي تاريخ ۽ تهذيب دنيا ۾ تمام پراڻي آهي. ان جو چار هزار سالن تائين جو رڪارڊ ته موجود آهي. ڪوريا ۽ جپان جهڙن ملڪن جي تهذيب، تمدن تي به چيني تهذيب جو اثر آهي. ويندي ايتري قدر جو جپاني ٻولي به چينيءَ مان نڪتل آهي. جيئن اسان وٽ ڪيتريون ئي ٻوليون سنسڪرت جهڙي پراڻي زبان مان نڪتل آهن.
موهن جي دڙي جهڙا ٻيا به شهرَ يا ملڪَ خاص ڪري مصر، سيام ۽ ڏکڻ آمريڪا جا، جيڪي ڪنهن زماني ۾ ضرور سُکيا ستابا ۽ وڌيڪ تهذيب يافته هئا، پر انهن مان ڪو به موجود نه آهي. پر چين ملڪ هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو انسان جي اوائلي دور کان هلندو اچي ۽ اڃان تائين قائم آهي. سندس بلبليپڻو ۽ رنگين مزاجي شروع کان هلندي اچي ۽ اها سونهن ۽ سوڀيا جيڪا چين جي شهرن ۽ عورتن جي لٽي ڪپڙي کي حاصل هئي سا اڃان تائين جپان جهڙن ملڪن کي به حاصل نه ٿي سگهي آهي.
1950 کان اڳ يعني مائوءَ جي انقلاب کان اڳ واري اڌ صدي کن چين البت خراب حالت ۾ هئو. آزاد ملڪ سڏجڻ جي باوجود به مٿس ڌارين ملڪن: انگلينڊ، جرمني، فرانس، جپان وغيره جو قبضو هو. ڌارين چين جون حالتون اهڙيون ته خراب ڪري وڌيون هيون، جو بک، بيروزگاري ۽ بڇڙائيءَ جو مثال سڄي دنيا ۾ نه پئي مليو. چيني، نشئي ۽ ناڪارا سڏجڻ لڳا هئا. ڏينهون ڏينهن ذلالت ۽ نيچ پڻي جي دلدل ۾ ويا ٿي وڌيڪ ڦاسندا.
ٻي وڏي جنگ کان پوءِ ’مائوءَ جي انقلاب‘ چين جي ڄڻ رات اندر حالت ڦيرائي وڌي. مائوءَ جي ڪميونسٽ حڪومت کان پوءِ چين ۾ هڪ نئون دور شروع ٿيو، جنهن چين جي هڻي سياسي جاگرافي بدلائي ڇڏي ۽ 1970ع تائين چين کي چرس پڻي ۽ موالي پڻي جي اوڙاهه مان ڪڍي، ان مٿاهين پليٽ فارم تي اچي بيهاريو، جنهن تي دنيا جون فقط چار پنج طاقتور قومون رسيل آهن. ان اوج ۽ ترقيءَ لاءِ چينين کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي پيئي. سليٽي ۽ بلو رنگ جا کاڌيءَ جهڙا ٿلها ۽ سونهن سوڀيا کان عاري ڪپڙا پائڻا پيا. هڪ هڪ عورت توڙي مرد کي لکڻ پڙهڻ کان سواءِ هر هلائڻ، ٻار کڻڻ ۽ ويلڊنگ جهڙا ڪم پڻ ڪرڻا پيا. چاهي هُو خانداني رئيس هجي يا ڪنهن وڏي ڪاموري جو اولاد... مائوءَ نه فقط رعيت کي پورهئي سان لڳايو، پر مثال قائم ڪرڻ خاطر پاڻ کي به قوم جو خذمتگار سمجهي، هر عياشي ڇڏي ڪم ۾ لڳي وڃڻ ڏيکاريو. نتيجي ۾ اڄ چين روس ۽ آمريڪا سان گڏ دنيا جو ٽيون سپر پاور (عالمي طاقت) سمجهيو وڃي ٿو ۽ هاڻ ڪو دنيا جو ملڪ سندس ملڪ جي مردن کي ’چرسي‘ ۽ عورتن کي ’رنڊي‘ بڻائڻ ته ڇا، هٿ لائيندي به ڊڄي ٿو. آمريڪا جهڙا ملڪ سالن جا ’ضد‘ ۽ ’عزت جا سوال‘ ڦٽا ڪري، دوستيءَ لاءِ هلي ملي وٽانئن اچي نڪتا. پٺتي پيل قومن، ٻين جي امداد تي ڀاڙيندڙ قومن، محنت کان ڪن هڻندڙ قومن ۽ غريب ۽ ڪمزورن جو حق غصب ڪندڙ قومن لاءِ چين عبرت آهي. سبق حاصل ڪرڻ لاءِ کليل ڪتاب آهي.
چين جو ملڪ ايڏو وڏو ۽ اتر ڏکڻ، اولهه اوڀر ۾ پکڙيل آهي، جو سندس ڌرتي نه فقط هيٺاهين مٿاهينءَ تي آهي، پر ان تي ڪيتريون ئي ڍنڍون ڍورا، نديون نارا، برف سان ڍڪيل جبل ٽڪريون ۽ سهڻيون ماٿريون، سنوان پٽ، ڏنگا پيچڙا ۽ ور وڪڙن وارا رستا، باغ بستان ۽ پوک سان جهنجهيل ڀليون زمينون، ويندي گوبيءَ جهڙو مشهور رڻ پٽ موجود آهي.
دنيا جي وڏي ۾ وڏي جبل جي چوٽي ايوريسٽ، جيڪا اوڻٽيهه هزار فوٽ کن اتاهين آهي. نيپال ۽ چين جي بارڊر تي آهي. سنڪيانگ ۾ ترفان ترائي سطح سمنڊ کان پنج سئو فوٽ هيٺ آهي. دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ڀت (ٽي هزار ست سئو ميل ڊگهي) چين ۾ آهي، جيڪا واحد هٿ جي ٺهيل شئي آهي، جيڪا چنڊ تان به نظر اچي ٿي.
چين جون ڪجهه اهم ۽ تواريخي نديون هي آهن:
’يانگزي ندي‘ (Yangtze) جنهن کي ’چانگ چيانگ ندي‘ به سڏجي ٿو، جيڪا پوڻا چار هزار ميل ڊگهي آهي. (سنڌو ندي ارڙهن سئو ميل ڊگهي آهي)، ’هئانگ هو‘ (جنهن کي Yellow River به سڏجي ٿو) ٽي هزار کن ميل ڊگهي آهي. ان کان علاوه ’امور ندي‘، جنهن کي ’هاءِ لنگ چيانگ ندي‘ پڻ سڏجي ٿو، پوڻا ٻه هزار ميل ڊگهي آهي. ’سالوين ندي‘ (جيڪا برما کان وڃيو نڪري) هزار کن ميل ڊگهي آهي ۽ ’سي چيانگ‘ (Si-Kiang) ندي سوا هزار کن ميل ڊگهي آهي. انهن کان علاوه هيڏي ساري ملڪ ۾ ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي نديون آهن، جيڪي جبلن مان نڪري مختلف سمنڊن (پئسفڪ سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ) ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن.
چين جي ڪجهه مشهور شهرن جا نالا آهن: شنگهائي، ڪئنٽن، نانڪنگ، دئرين، سنگ تائو، سي نان، هئنگ چو، سُوچو، فُوچو، پيڪنگ، تائين سن، شين يانگ، ووهان، چنڪنگ، وغيره وغيره. شنگهائي، پيڪنگ ۽ تائين-سن جي آدمشماري ڪراچيءَ کان مٿي آهي، باقي ٻيا شهر ڪراچيءَ کان ننڍا ٿيندا.
جيئن ڌارين ماڻهن کي ڏکڻ هندستان جون ٻوليون: تامل، مليالم، ڪَنهڙ، تيلگو، ويندي ملباري وغيره ٻڌڻ ۾ هڪ جهڙيون لڳن ٿيون. تيئن ڌاريان ماڻهو سمجهن ٿا ته چين ۾ ڪا فقط هڪ ئي چيني زبان آهي، پر اهڙي ڳالهه ڪونهي. منڊارين، هنان، ڪان، هوچو (Hweichow)، وو (Wu)، فوچو (جنهن کي من Min ٻولي به سڏجي)، اموئي (Amoy-Swatow)، هَڪا، ڪئنٽونير ٻولين کان علاوه ٻيون به پنجاهه کن ٻوليون چين جي مختلف صوبن ۽ قومن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. جن ۾ منگولين، تبتين، چيني ڪورين، عوغور، ڪزاخ ۽ تاءِ به اچي وڃن ٿيون. انهن مان ويهارو کن ٻولين جي ته لکڻي به پنهنجي پنهنجي آهي ۽ اهي تمام جهونيون سمجهيون وڃن ٿيون.
چين ۾ سڀ کان وڏو گروهه هان (Han) چينين جو آهي، جيڪي منڊارين ٻولي ڳالهائين ٿا. هان کان سواءِ منچوز ۽ هُئي (Hui) چيني دراصل مسلمان چيني آهن، جن جا وڏا ستين صديءَ ۾ چين ۾ اسلام جي پکڙجڻ تي مسلمان ٿيا هئا.
چين جو بيحد مشهور شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ ’پيڪنگ‘ آهي. کيس چين جا چيني ’بيجنگ‘ (Beijing) سڏين ٿا. ڌارين ماڻهن مان ڪي پيڪنگ سڏين ته ڪي بيجنگ.
پيڪنگ دنيا جو تمام پراڻو شهر به آهي ته بيحد نئون به. هي شهر آرٽ، ثقافت، تاريخ، تهذيب ۽ تمدن ۾ بيحد مالامال چيو وڃي ٿو. دنيا ۾ پيڪنگ جهڙا پراڻا تمام ٿورا شهر آهن، جتي ايڏي وڏي عرصي لاءِ لڳاتار سياسي عمل قائم رهيو هجي ۽ ساڳئي وقت اهي شهر ثقافت ۽ تهذيب جا پڻ هندورا ثابت ٿيا هجن. ڏٺو وڃي ته پيڪنگ شهر پاڻمرادو هڪ ننڍڙو چين آهي. هن شهر کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ بنا چين کي سمجهڻ ناممڪن ڳالهه آهي. هي شهر پسگردائيءَ سميت پکيڙ ۾ ست هزار چورس ميل ٿيندو ۽ 1980ع ۾ سندس آدمشماري هڪ ڪروڙ هئي.
جتي هينئر جو پيڪنگ شهر آهي، اڄ کان ٻه هزار سال اڳ به اهو هنڌ واپار وڙي ۽ فوجي خيال کان اهم هوندو هو. منگولن جي حڪومت (1279 کان 1368) ۾ هن شهر جو نالو ’تا-تو‘ رکيو ويو. ان بعد ’منگ سلطنت‘ (1368 کان 1644 تائين هلي) جي پهرئين حاڪم هن شهر جو نالو ’تا-تو‘ مان ڦيرائي ’پائي-پنگ‘ رکيو ۽ ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ اتي ئي ڪرڻ بدران ’نانڪنگ‘ شهر ۾ ڪيو، پر پوءِ ’منگ گهراڻي‘ جي ٽئين حاڪم، گاديءَ جو هنڌ وري ساڳي هنڌ ڪيو، پر سندس نالو ’پائي-پنگ‘ مان ڦيرائي هاڻوڪو نالو ’پيڪنگ‘ رکيو. ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين هي شهر پيڪنگ جي نالي سان ئي سڏبو اچي ۽ بيجنگ پڻ ساڳيو نالو ۽ مطلب آهي. ڪجهه کڻي ائين سمجهڻ کپي ته ٽنڊوڄام ۽ ڄام جو ٽنڊو. يا حيدر-آباد ۽ حيدرا-باد.
پيڪنگ جو شهر ايامن صدين کان هر دور ۾ اتاهون اوج ماڻيندو اچي. جيتوڻيڪ ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه سالن کان (1927ع ۾) پيڪنگ بدران نانڪنگ کي قومي شهر جو درجو ڏنو ويو هو ۽ پيڪنگ جونالو پڻ وري ’پائي-پنگ‘ ڪيو ويو، پر پوءِ 1949ع کان کيس وري پيڪنگ سڏيو ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين چين جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اهڙيءَ طرح منگولن جي چين تي قبضي کان وٺي پيڪنگ جو شهر ست سئو سال کن چين جي گاديءَ جو هنڌ رهي چڪو آهي. بغداد، لنڊن، دهلي، ڪابل جهڙا ڪجهه شهر ان مقابلي جا چئي سگهجن ٿا، پر اهي به ننڍن ملڪن جي گادين جا هنڌ آهن. چين مڙني ۾ وڏي سلطنت ۽ ملڪ آهي.
منگول گهراڻي کان اڳ ۾ چين تي چن (Chin) گهراڻي جو راڄ هو. سن 1211 ۽ 1215 جي وچ ۾ چنگيز خان جي سپهه سالاريءَ ۾ منگولن چين تي هڪ ٻئي پويان حملا ڪري، نيٺ هن شهر کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ان لڙائيءَ ۾ ’چنگ-تو‘ وارن محلاتن کي باهه ڏني ويئي هئي، جيڪي مهينو کن پئي سڙيا. چين تي منگولن جو مڪمل طرح قبضو ٿي ويو. اڳتي هلي چنگيز خان جي مرڻ بعد سندس جاءِ ’قبلائي خان‘ ورتي. هن منگوليا ۽ چين تي هڪ هنڌان حڪومت ڪرڻ لاءِ چين جي هن شهر پيڪنگ کي چونڊيو ۽ منگوليا ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ’ڪاراڪورم‘ ختم ڪري ڇڏيو. قبلائي خان هن شهر جو 1272ع ۾ ’تا-تو‘ نالو رکيو هو معنيٰ وڏو گاديءَ جو هنڌ. قبلائي خان، چين ۾ پنهنجي ’يوئان‘ گهراڻي جو پايو وڌو، جيڪو 1279ع کان 1368ع تائين هليو.
تاتو شهر يعني هاڻوڪو پيڪنگ تنهن سن ۾ به دنيا جي انهن ڏينهن وارن شهرن کان وڏو شهر هو. سڄي شهر جي چوڌاري قبلائي خان اوڏڪي ڀت ٺهرائي ڇڏي هئي، جيڪا ارڙنهن ميل کن هئي ۽ ان اندر هي شهر تن ڏينهن ۾ ويهه چورس ميل کن ٿيو ٿَي. قبلائي خان پنهنجي لاءِ شهنشاهي محل ٺهرائڻ لاءِ هڪ عرب گهرايو هو. اهڙو احوال ’انسائڪلو پيڊيا برٽانيڪا‘ ڪتاب ۾ به ڏنل آهي. ان کان علاوه هن دور جو احوال ’مارڪو پولو‘ پڻ لکيو آهي. هُو 1280ع ۾ هي شهر ’تاتو‘ (هاڻوڪو پيڪنگ) گهمڻ آيو هو. سندس سفرنامي ۽ ٻين تواريخ نويسن جي احوالن مان لڳي ٿو ته هي شهر تن ڏينهن ۾ به بلي بلي هو.
منگولن بعد چين تي 1368ع ۾ جڏهن مِنگ (Ming) گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو ته ان ۾ ته هي شهر هيڪاندو وڌيو ويجهيو ۽ تاتو بدران سندس نالو پائي پنگ (اتر ۾ امن واري جاءِ) رکيو ويو. ان بعد 1403 ۾ منگ گهراڻي جي هڪ حاڪم شهزادي ’يين‘ هن جو نالو بدلائي موجوده نالو ’پيڪنگ‘ (اتر واري گاديءَ جو هنڌ) رکيو. اڄ جيڪي پيڪنگ شهر ۾ محل محلاتون، عمارتون ۽ تواريخي جايون نظر اچن ٿيون، انهن مان گهڻيون منگ گهراڻي ۾ ٺهيون. چين جو مِنگ گهراڻو ڪجهه ڪجهه هندستان جي مغل گهراڻي جيان مشهور هو.
’مِنگ گهراڻي‘ بعد چين ۾ ’چنگ گهراڻي‘ جو راڄ شروع ٿيو. (چنگ گهراڻي کي منچو پڻ سڏجي ٿو) چنگ گهراڻي چين تي 1644 کان وٺي 1911 تائين حڪومت ڪئي.
چنگ دور ۾ پيڪنگ گهڻو ڪجهه ساڳيو ئي رهيو. شهر جي پلاننگ ۾ ڪا به ڦيرڦار نه آئي. البته محل محلاتون، مندر، ميدان ۽ آکاڙا وقت سان گڏ وڌيڪ وجود ۾ آيا. خاص ڪري ’يئان منگ يئان‘ (اونهاري وارو پراڻو محلات) جيڪو سترهينءَ صديءَ ۾ ٺهيو ۽ ’يي هو يئان‘ (اونهاري وارو نئون محلات) جيڪو اوڻهينءَ صديءَ ۾ ٺهيو. پراڻو وارو محلات پوءِ اڳتي هلي 1860ع ۾ انگريز ۽ فرينچ فوجين جي گڏيل ’تير ڪمان واري لڙائيءَ‘ ۾ ساڙيو ويو هو. ان ئي سال کان پيڪنگ ۾ برطانيا جو سفارتخانو کوليو ويو.
1937ع کان وٺي 1945ع تائين هي شهر پيڪنگ، جپانين جي قبضي ۾ پڻ رهيو آهي.
پيڪنگ شهر جو جوڙجڪ ڏٺو وڃي ته صدين کان سلجهيل رهيو آهي ۽ ماڻهن جي سوشل زندگي ۽ هائيجنڪ رهائش جو سٺو آئينو آهي. اسان وٽ هن وقت ڪو به اهڙو شهر ونجهوٽيءَ جي ليڪن جيان صحيح پلاننگ سان ٺهيل ناهي سواءِ اسلام آباد جي. يا پراڻن شهرن ۾ موهن جو دڙو شهر چئي سگهجي ٿو، پر پيڪنگ شهر جو پنهنجو شان ۽ اسٽائيل آهي، جيڪو اڃان تائين قائم دائم آهي ۽ جيتوڻيڪ پيڪنگ صدين جي تواريخ ۽ تهذيب جو اولڙو ڏئي ٿو، پر اسان جي روهڙي شهر جيان ڳُتيل ناهي.
پيڪنگ شهر جي وچ مان اتر ڏکڻ ڏي، هڪ ڊگهي ليڪ جيڪڏهن ڪڍبي ته شهر جا سڀ اهم دروازا، ڀتيون، عبادت گاهه، پارڪ، باغيچا، محلات مارڪيٽون، ان جي ٻنهي پاسي صحيح وڇوٽيءَ تي ملندا. سڀ رستا ۽ گهٽيون يا ان ليڪ جي سڌائيءَ ۾ اتر ڏکڻ پيون وينديون يا پوري گوني ڪنڊ ٺاهي اوڀر اولهه ڏي پيون وهنديون. هيءَ ليڪ ايامن کان حڪومت ۽ طاقت جي ليڪ رهي آهي، جنهن تي سڀ سرڪاري عمارتون ۽ آفيسون، پبلڪ ميدان ۽ شهر کي ڏنل ڪوٽ جا دروازا ٺهيل آهن.
مٿان کان يعني اتر کان وٺي هن ليڪ (روڊ) تي ڏسبو ته ان تي ڪيتريون ئي اهم جايون نظر اينديون. پهرين چنگ لائو (جنهن تي بعد ۾ انگريزن ترجمو ڪري ’بيل-ٽاور‘ نالو رکيو) ايندي. ان بعد ’ڪُو لائو‘ (Drum- Tower)، پوءِ ’مائي-شان‘ (Coal- Hill) پارڪ، ڌڪاريل شهر، ٿورو اڳتي سلطاني محل، چنگ- شان پارڪ، پيپلس ڪلچرل پارڪ، وڏو هال، ريل روڊ ورڪس ڪلب، نيو چائنا هوٽل، تا-مو-چانگ هوٽل، ڪئانگ-هو ٿيٽر، من-چُو ٿيٽر، کيتي ٻاڙيءَ جو مندر، راندين جو اسٽئڊيم، تائن تان پارڪ ۽ آخر ۾ شهر جي چوڌاري ڏنل ڀت جو دروازو- ينگ تنگ گيٽ. هن ليڪ جي ٻنهي پاسي محل محلاتون، انهن اڳيان هڪ جيترا باغ باغيچا، پارڪ، مندر ۽ ميدان ٺهيل آهن. شڪارپور شهر جي مکيه دروازن: هاٿي در، لکي در وغيره وانگر پيڪنگ شهر جي چوڌاري ڏنل ڀت کي سورنهن دروازا آهن، جيڪي مِنگ گهراڻي جي راڄ ۾ ٺاهيا ويا هئا. ست اتر واري ڀت ۾ آهن ته ست ڏکڻ واريءَ ۾... سي ٿيا چوڏنهن، باقي ٻه دروازا ان وچينءَ ليڪ تي ئي آهن.
پيڪنگ شهر جا سمورا اهم رستا، چاهي اتر کان ڏکڻ ويندڙ يا اوڀر کان اولهه ويندڙ، آمهون سامهون وارين ڀتين جي دروازن کي ڳنڍين ٿا ۽ سڄو شهر ’ٽاپُونءَ راند‘ جي خانن وانگر چوڪڙيون چوڪڙيون ۽ مستطيل مستطيل ٿيل آهي. سڀني گهرن جا آڳنڌ اسان جي ملڪ جي گهرن وانگر ڏکڻ ڏي کُليل آهن، جيئن اونهاري ۾ ڏکڻ جي ٿڌي هير گهر ۾ گهڙي سگهي ۽ سياري ۾ اتراهين ٿڌين هوائن کان بچاءُ رهي.
جهڙيءَ طرح ڪئنٽن، شنگهائي ۽ دئرين جهڙا چين جا شهر سامونڊي رستن ۽ بندرگاهن کان مشهور آهن، تهڙي طرح پيڪنگ کي ريلوائيءَ جو گهر سڏي سگهجي ٿو. پيڪنگ ريلوي اسٽيشن سان سڄي چين جون ريلوي اسٽيشنون ڳنڍيل آهن ۽ پيڪنگ ريلوي اسٽيشن سڀ کان وڏي ريلوي جنڪشن آهي، جيڪا نه فقط چين جي مڙني صوبن کي پاڻ سان ڳنڍي ٿي، پر ڪيترن ئي اوسي پاسي جي ملڪن کي پڻ ملائي ٿي. هتي وقت بوقت ريلون ماسڪو (روس)، پيانگ-يانگ (اتر ڪوريا)، الان باتار (منگوليا) ۽ هنوئي (اتر ويٽنام) کان اينديون وينديون رهن ٿيون.
پيڪنگ شهر ۾ ڪل چار ريلوي اسٽيشنون آهن. جيئن ڪراچيءَ ۾ ٻه ريلوي اسٽيشنون آهن: ڪراچي شهر ۽ ڪراچي صدر. پيڪنگ جي وچ واري وڏي اسٽيشن 1959ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي ۽ ماڻهن جي آدمشماريءَ موجب ايڏي ٺاهي ويئي آهي، جو روزانو ٻه لک کن ماڻهو هتي اچن ٿا يا مختلف هنڌن ڏي روانا ٿين ٿا، نه ته هن کان اڳ واري ريلوي اسٽيشن جيڪا 1906ع ۾ ٺهي هئي، ڪم ايندي هئي. (اها هاڻ ’ريل روڊ ورڪس ڪلب‘ آهي). نئين ريلوي اسٽيشن جا ارڙنهن ويٽنگ رومز ايڏا ڪشادا آهن، جو انهن ۾ هڪ ئي وقت چوڏنهن هزارَ ماڻهو ويهي سگهن ٿا.
پيڪنگ شهر اهم ريلوي اسٽيشن هجڻ کان علاوه ملڪي ۽ غير ملڪي هوائي اڏو پڻ آهن. هن شهر مان ڪل ٻارنهن نيشنل هاءِ وي ٻاهر نڪرن ٿا. شهر جو شهر ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ڏيڍ هزار کن بسون آهن، جيڪي شهر جي مختلف هڪ سئو کن روٽن تي هلن ٿيون. هُونئن بسن جو هي ڪو وڏو تعداد ڪونهي، پر چين جي ٻين شهرن جي مقابلي ۾ هيءَ وڏي ٽرئفڪ سمجهي وڃي ٿي. شهر ۾ ٻه سئو کن ٽئڪسيون به هلن ٿيون، پر ٿوري فاصلي لاءِ سڀ کان عام ۽ دلپسند سواري سائيڪل آهي. بلڪه چين جي مڙني شهرن ۾ سواريءَ جو وڏو ذريعو سائيڪليون آهن ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سائيڪل سواريءَ مان فائدا ئي فائدا آهن: حادثا گهٽ، تيل پيٽرول تي خرچ گهٽ، غير ملڪي ناڻي جو زيان گهٽ ۽ هڪ قسم جي ڪسرت هجڻ ڪري پيٽ تي چرٻي ۽ ٿولهه گهٽ ٿئي ٿي.
چين ۾ ٻن قسمن جو علاج عام آهي. هڪ پراڻو روايتي چيني نموني جو ۽ ٻيو مغربي نموني جو. سڄي چين ۾ ٻنهي نموني جي علاجن جون بهترين اسپتالون پيڪنگ ۾ آهن. ’پيڪنگ يونين هاسپيٽل‘ جيڪا اوائلي اسپتالن مان هڪ آهي، 1921ع ۾ ٺهي ۽ پيڪنگ يونين ميڊيڪل ڪاليج (Peking Union Medical College) سان لاڳو رکي ويئي. هن ڪاليج جي 1915ع کان پوءِ سار سنڀال ’راڪ فيلر فائونڊيشن‘ وارا ڪندا آيا. ان اسپتال جو نالو هاڻي بدلائي ’پيڪنگ هاسپيٽل‘ رکيو ويو آهي. جنهن ۾ ڪيترائي شعبا آهن ۽ منجهس گائني ۽ ٻارن جي بيمارين جا خاص درسگاهه پڻ آهن. هر سال هيءَ اسپتال ست لک مريضن کي منهن ڏئي ٿي يعني روزانو ٻه هزار مريض دوا درمل يا آپريشن لاءِ اچن ٿا.
مائوءَ جي 1949ع واري انقلاب بعد رڳو پيڪنگ شهر ۾ ٽيهه کن وڌيڪ اسپتالون، ڪلينڪون ۽ سئنيٽوريم وجود ۾ آيا آهن، جيڪي مريضن لاءِ ٽيهه هزار کن بسترا مهيا ڪن ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيل اسپتالن مان هڪ فرينڊ شپ اسپتال جيڪا شهر جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ٺاهي ويئي، سا روس 1950ع ۾ چين کي تحفي طور ٺهرائي ڏني هئي. هي اهو وقت هو جڏهن ٻنهي ملڪن جا تعلقات اوج تي هئا.
پيڪنگ جون ڪيتريون ئي اسپتالون علاج کان علاوه سکيا لاءِ پڻ ڪم اچن ٿيون ۽ ڪنهن نه ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج سان ڳنڍيل آهن. ڪي اسپتالون خاص بيمارين لاءِ الڳ ٿلڳ آهن... جهڙوڪ شهر جي پراڻي علائقي ۾ پلاسٽڪ سرجري اسپتال، اسٽماٽولاجي (وات جي بيمارين جي) اسپتال، چيسٽ سرجري آپريشن، پيڪنگ چلڊرين اسپتال ۽ چيني دوائن جي پيڪنگ ميونسپل هاسپيٽل، جنهن ۾ حادثي ۾ ڦٽيل ماڻهن جو علاج ۽ هَڏ گُڏَ ڀڄڻ جو پلاسٽر پٽو خاص طرح ڪيو وڃي ٿو.
چيني علاج هيٺ مريضن کي اَگهائي مطابق سُتين ڦَڪين يا جَڙين ٻُوٽين جو نسخو لکي ڏنو وڃي ٿو، جيڪو هُو پنساريءَ جي دڪان تان وٺي حڪيم جي سمجهاڻيءَ مطابق سنئون سڌو ڦَڪِينِ يا پاڻيءَ ۾ ٽَهڪائي ان جو ڪاڙهو پيئن يا ٻاڦ سُونگهين يا انهن شين کي پِيهِي اَٽو ڪري حَب ٺاهي کائينِ.
ان کان علاوه چين ۾ ’اڪوپنڪچر‘ ذريعي علاج پڻ پراڻو آهي، جنهن ۾ مريض جي جسم ۾ مختلف هنڌن تي ڊگهيون سُوئيون ٽُنبيون وڃن ٿيون. چين جو هي اڪوپنڪچر ذريعي قديمي علاج دنيا ۾ چڱو قدر سان ڏٺو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ رکي رکي هن کي جيتري مشهوري ڏني وڃي ٿي، اوترو ڌارين ملڪن ان کي پنهنجو نه ڪيو آهي. دنيا جي ملڪن جا ڊاڪٽر اڪوپنڪچر رستي علاج ڪرڻ جو هنر وقت بوقت چين ۾ سکڻ لاءِ ايندا رهن ٿا.
ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتالن کان علاوه پيڪنگ ٻين اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان به مشهور آهي. ’پيڪنگ يونيورسٽي‘ ته 1898ع کان قائم آهي ۽ منجهس هڪ ئي وقت ڏهه هزار ملڪي شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ ٽي سئو کن ٽيهه مختلف ملڪن جا آهن. ان کان علاوه ٻي مشهور يونيورسٽي ’چنگ-هُئا‘ آهي. جنهن ۾ ڇهه هزار کن شاگرد آهن. جن مان اڌواڌ سيٽون ملڪ جي مزورن جي ٻارن لاءِ رکيل آهن.
هتي چين جي مشهور لائبريري ’پيڪنگ-لئبريري‘ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. منجهس اسي لک کن ڪتاب آهن، جن ۾ ڪيترائي جهونا هٿ جا نسخا، ست سئو سالن کان به پراڻا آهن. چين دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن ۾ ڪاغذ ٺاهيو ويو ۽ هي ڪاغذ ٺاهڻ جو هنر عربن چينين کان سکي سنڌ ۾ سنڌين کي پڻ سيکاريو.
هن لائبريريءَ ۾ اٺ هزار کن ته ٻُڌ ڌرم تي لکيل ڇهين صديءَ جا ڪتاب آهن يعني چوڏنهن سئو سال پراڻا ٿيا. ان کان علاوه چيو وڃي ٿو ته مختلف ارڙنهن هزار سبجيڪٽن تي ڏيڍ لک کن هٿ جا لکيل نسخا اڃان تائين هن لائبريريءَ ۾ موجود آهن.

راڳ خالي پيٽ تي ڳائجي (چونڊ چِيني پهاڪا)

• سڌو وڻ ڪهاڙيءَ جي ور پهرين چڙهي.
• وڏي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ ائين آهي، جيئن ننڍڙي مڇيءَ جو سمنڊ ۾ رهڻ.
• مٽيءَ کي گهمائڻ سان دلو ٺهي ٿو. حقيقت ۾ اهم دلو ناهي پر دلي جي اندرين خالي جاءِ آهي، جيڪا ڪم اچي ٿي.
• مٺي پاڻيءَ جو کوهه سڀ کان اڳ کٽي.
• هڪ هٿ جي تاڙيءَ ۾ ڪهڙو آواز.
• ڪتو، غريب مالڪ سان به وفادار ٿئي.
• ڇوڏن جو ٻيلي ۾ ڪهڙو قدر.
• ملڪ تي حڪومت ڪرڻ سوَلو، پنهنجي گهر کي قبضي ۾ رکڻ ڏکيو.
• هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪوڙي ٿي سگهي ٿي، پر هزار ماڻهن جي ڪوڙي ڳالهه به سچي.
• پاڻ کان وڏي ماڻهوءَ جي دوستي پاڻيءَ وانگر ڇڍي ڇِڊِي، پر غريب جي دوستي ماکيءَ وانگر گهاٽي ۽ مٺي مٺي.
• جُوا جي اڏي تي ڇا جو پيءُ، ڇا جو پُٽ.
• هڪڙي پَنَ لڏڻ سان سڄي ٽاري لُڏي ٿي.
• حملي مهل شينهن توهان کان بچي سگهي ٿو، پر توهان شينهن کان نٿا بچي سگهو.
• ايماندار مئجسٽريٽ جا ڪلارڪ غريب ٿِينِ، طاقتور ديوتا جا ٻاوا به امير.
• متان هڏو نه هجي- هُو ڳهي نٿو. متان گوشت نه هجي- هُو ٿُوڪاري نٿو.
• جڏهن کائڻ پيئڻ لاءِ جَجهو آهي ته لڇڻ ۽ فضيلتون به اچيو وڃن.
• ساڳيو پاڻي جهاز تاري، ساڳيو پاڻي جهاز ٻوڙي.
• سهڻو پکي ئي پڃري ۾ رکيو وڃي ٿو.
• ساز، ڀريل پيٽ تي وڄائجي- راڳ، خالي پيٽ تي ڳائجي.
• گڏهه تي چڙهي ان ئي گڏهه کي ڳولڻ.
• زال مڙس جو جهيڙو ائين آهي، جيئن پاڻيءَ کي تلوار سان ڪپڻ.
• هڪ ڏينهن جو ڪُتو، شينهن کان ڇا ڊڄندو.
• ماڻهو مرڻ بعد نالو ڇڏي ٿو- شينهن کَلَ ڇڏي ٿو.

مڇين جي شڪارَ جا نرالا طريقا

’سِيگل‘ (Seagull) اڇي رنگ جا ڪبوترن جهڙا پَرَ انهن کان ٿورا وڏا، سامونڊي پکي ۽ ’ڊولفن مڇي‘ جنهن جي هڪ جنس سنڌو نديءَ ۾ بهتر ندي نظر اچي ٿي ۽ جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ’ٻلهڻ‘ سڏين ٿا. انهن ٻنهي ساهه وارن کي مارڻ اسان جهاز وارا، توڙي ڪناري تي رهندڙ ماڻهو، پاپ سمجھون ٿا. انهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٻڏندڙ ماڻهو ’سيگل‘ پکي ڏسي آٿت محسوس ڪري ٿو ته هاڻ ڪنارو ويجھو آهي، جو اهي سمنڊ جي ڪناري ويجھو ئي اڏامندا رهن ٿا ۽ ڊولفن لاءِ چون ٿا ته اها ٻڏندڙ جهاز جي مسافرن کي ڪنارو ڏيکاري ٿي ۽ انهن کي ٻڏڻ کان بچائي ٿي. خبر ناهي ان ڳالهه ۾ ڪيتري حقيقت آهي. ٿي سگهي ٿو پراڻي زماني جي ماڻهن کي ان جو تجربو يا مشاهدو هجي جڏهن سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جا ٻيڙا ڪنارو ڏئي هلندا هئا. جن جي ٽُٽڻ تي غوطا کائيندڙ مسافرن يا جهاز هلائڻ وارن کي هوش نه ايندو هجي ته ڪنارو ڪهڙي طرف آهي. کين سڏ پنڌ تي موجود ڪناري ڏي ترڻ بدران اٿاهه سمنڊ جو رخ رکڻ کان بچائڻ لاءِ اتي موجود ڊولفنون مدد ڪنديون هجن. باقي اڄ جا طاقتور انجڻين وارا جهاز جيڪي ڪنارو ڏئي هلڻ بدران وقت ۽ تيل بچائڻ لاءِ وچ سمنڊ وٺي هلن ٿا، انهن جو جڏهن حادثو ٿئي ٿو ته ڪنارو گهڻو ڪري سوين ميل ڏور هجي ٿو ۽ اتي جيڪڏهن ڪا ڊولفن پنهنجي ڪنڌ، پڇ يا کنڀڙاٽيءَ ذريعي ٻڏندڙ کي ڪناري لاءِ اشارو ڪري به ته هو ڪيترا ميل تري سگهي ٿو؟!
جهاز جي ٻڏڻ جي حالت ۾ جهاز تان لاٿل ’بچاءَ واريون ٻيڙيون‘ (Life Boats) به ٻڏندڙ مسافر کي ڪناري تائين نٿيون پهچائي سگهن، جو ڀلي کڻي هنن جي تيل جون ٽانڪيون فل هجن پر اهي ان تيل ذريعي ڪيترو فاصلو ڪري سگهنديون؟ وڌ ۾ وڌ ڏهه پندرهن ميل! دراصل اهي جان بچائڻ واريون ٻيڙيون فقط ان لاءِ هونديون آهن ته انهن ۾ تري ’ٻڏندڙ يا باهه لڳل جهاز‘ کان ڀڄي پوئتي ٿي بيهجي متان جهاز جا سڙيل حصا مٿان نه اچي ڪرن. بچاءُ تڏهن ئي ٿئي ٿو، جڏهن اتان ڪو لانگھائو جهاز ٻڏندڙ جهاز جو SOS سگنل جھٽي ان جاءِ تي پهچي ٿو ۽ ماڻهن کي ٻيڙين مان کڻي ڪنهن بندرگاهه تي پهچائي ٿو.
بهرحال ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ڊولفن مڇيون نقصان نٿيون پهچائين ۽ هو انسان دوست آهن. ان پهلوءَ کان ڪيترن ئي جهازي دوستن کي تجربا هوندا. چڙيا گهرن ۾ ڊولفنن کي ڪرتب ڪندي ڏسڻ کان علاوه مون ۽ منهنجي ڪيترن جهازران دوستن برازيل جي ڪناري تي ڊولفنن کي مقامي مهاڻن کي مڇيون ڦاسائڻ ۾ مدد ڪندو ڏٺو هوندو.
برازيل جي ڏاکڻي حصي واري رياست ’سئنٽا ڪيترينا‘ جي بندرگاهن: اتاجائي، جئائن ويلي ۽ سائويوزي (Sao Jose) وٽان لنگهندي لاگونا (Laguna) واري سامونڊي علائقي ۾ ڪناري وٽ ڊولفن ۽ مهاڻا گڏ گڏ نظر اچن ٿا. هي ڊولفنون پنهنجي مهانڊي ڪري ’Bottle Nose‘ ڊولفن سڏجن ٿيون، جيڪي مهاڻن کي هن تر جي Mullet نالي مقامي ننڍين مڇين کي ڦاسائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. جيئن ئي مليٽ مڇين جو ڌڻ آسپاس کان لنگهڻ شروع ٿئي ٿو ته ڊولفنون هن کي هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ کان بچائي انطرف ڏي ڌِڪين ٿيون، جنهن طرف مهاڻا بيٺا آهن يا جنهن طرف هنن ڄاريون لڳايون آهن. ان سان گڏ هو پاڻيءَ مٿان پنهنجو مٿو ۽ پڇ هڻي پاڻيءَ ۾ اٿل پٿل ڪن ٿيون ته جيئن مهاڻا سمجھي وڃن ته شڪار هنن ڏي اچي پيو- يڪدم ڄاريون هيٺ ڇڏيو، جيئن انهن ۾ لڳي هي Mullet مڇيون (جن کي سنڌيءَ ۾ بوئي مڇيون ۽ اڙدو ۾ شاهه موبي يا شاهه مڇيون سڏين) ڄار ۾ سوگھيون ٿي سگهن.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو ڪم سندن ابن ڏاڏن کان هلي رهيو آهي نه فقط کين پر سائنسدانن کي به ان ڳالهه تي حيرت آهي. ”اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن تر جون ڊالفن مڇيون اسان مهاڻن کي ننڍيون مڇيون ڦاسائڻ ۾ ڇو ٿيون مدد ڪن. سندن ان رهنمائي ۽ سهڪار ڪري اسان جو ڪم آسان ٿيو پوي.“
سنتا ڪئترينا رياست جي مهاڻن ٻڌايو ته، بايولاجسٽ سائنسدانن لاءِ اها به تعجب جي ڳالهه آهي ته هنن مڇين (Dolphins) کي جيڪي هونءَ کڻي ڪيترائي ڪم سولائيءَ سان سکيو وڃن، پر هي ڪم ته هنن کي ڪنهن به نه سيکاريو آهي ۽ جهڙي طرح مهاڻن جي نئين ٽهيءَ وارا پنهنجن ابن ڏاڏن کان ڊولفن جا اشارا سکن ٿا، تيئن ڊولفن مڇين جا ٻچا پنهنجين مائرن کي ڏسي سکن ٿا ته بوئي مڇين (Mullet) جو ڌڻ نظر اچڻ تي انهن کي مهاڻن ڏي ڌڪڻو آهي ۽ ان بعد مهاڻن اڳيان ليٿڙيون پائي يا ڪنڌ ۽ پڇ ڌوڻي آگاهه ڪرڻو آهي ته شڪار توهان جي اڳيان پهچي ويو آهي پنهنجيون ڄاريون تاڻيو.
سائنسدانن اهو ضرور نوٽ ڪيو آهي ته برازيل جي هن علائقي لاگونا (Laguna) ۾ جيڪي ڏيڍ سؤ کن ڊولفن رهن ٿيون، انهن مان فقط پنجاهه کن هن ڪم ۾ مهاڻن جي مدد ڪن ٿيون باقي پاسيريون ٿيو وڃن ۽ ڪا دلچسپي نٿيون وٺن. هي پنجاهه کن ڊولفن جيڪي مهاڻن لاءِ رڍن جي سنڀال ڪندڙ ڪتن وارو ڪم ڪن ٿيون، اهي ڄاريءَ مان مڇيون ڪڍڻ تائين هنن مهاڻڻ جي آسپاس ڦرنديون رهن ٿيون. جيڪي مڇيون ڄاريءَ مان پاڻ مرادو ڇڏايو وڃن اهي هنن ڊولفنن جو کاڄ ٿين ٿيون. ان ڳالهه تي غور ڪرڻ وارن جو اهو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ مهاڻا پنهنجن هٿن سان ڊولفن کي مڇيون نٿا کارائين، پر هي سسٽم ائين سڪون سان هلندو اچي. شايد هي ڊولفن سمجھن ٿيون ته سندن لاءِ شڪار جو اهو ئي طريقو آهي. بهرحال ٻئي ڌريون خوش آهن خاص ڪري مهاڻا جن لاءِ هن حصي جي ميرانجھڙي پاڻيءَ ۾ مڇيون ڦاسائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هي ڊولفن ئي آهن، جيڪي مڇين کي پري کان ئي ڏسيو وٺن ۽ اهڙي پوزيشن ٺاهي کين ڌڪين ٿيون جو هو سڌو اچيو مهاڻن جي ڄارين ۾ ڦاسن. پنجاهه کن سالن کان ته آئون به ٻڌندو اچان. چون ٿاته هي ڪم سؤ سالن کان به مٿي کان هلندو اچي ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ڊولفن ۽ مهاڻن جي گڏيل ڪوآپريشن دنيا جي فقط هن ملڪ برازيل جي هن رياست سئنتا ڪئترينا جي لاگونا واري علائقي ۾ ٿي آهي. مڇين مارڻ جا اڄ ڪلهه نوان طريقا ۽ اوزار به نڪري پيا آهن، پر لاگونا جا هي مهاڻا اهي ابن ڏاڏن وارا روايتي نمونا استعمال ڪندا اچن.
ائين ناهي ته مڇيون مارڻ جو نرالو طريقو فقط برازيل ۾ آهي. ڪجهه طريقن جو ٻين ملڪن سان به واسطو آهي، جيئن سمنڊ اندر ڊگهو ڏنڊو کوڙي ان مٿان ڪاٺ جي چؤنڪڙي (ڪراس) تي ويهي مڇيون ڦاسائڻ جو طريقو توهان کي فقط سريلنڪا ۾ اناوطونا (Unawatuna) ڪناري واري ڳوٺ کان ويليگاما (Weligama) ڳوٺ واري ٽيهه کن ڪلوميٽرن جي ڪناري تي نظر ايندو.
چون ٿا ته مڇين ڦاسائڻ جو هي طريقو ٻي جنگ عظيم کان شروع ٿيو، جڏهن کاڌي جي سخت کوٽ ٿي پئي ۽ ڪجهه سياڻن مهاڻن اها کوجنا ڪئي ته سمنڊ جي ڪناري کان ڪجهه پري اونهي سمنڊ ۾ اهڙا دُٻا به آهن جتي تمام گهڻيون مڇيون گهمنديون رهن ٿيون ۽ تري ۾ پيل پٿرن هيٺان رهن ۽ ٻچا ڏين ٿيون. ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ پهچڻ تي اهي ڀڄيو وڃن. ان ڪري هنن اهو ڊگهي ڏنڊي ۽ ان جي مٿين حصي تي ڪوڪن سان فٽ ڪيل صندليءَ جهڙي تختي جي ايجاد ڪئي جنهن کي سريلنڪا جا ماڻهو ’پيٽا‘ سڏين ٿا. هي مهاڻا پاڻيءَ کان ٻه ميٽر کن مٿيان پيٽا تي ويهي مڇيون ڦاسائين ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته ان طريقي سان مڇيون ڦاسائڻ جو بهترين وقت سج اڀرڻ ۽ سج لهڻ جو ٽاڻو آهي. هتي به جيتوڻيڪ مڇيون ڦاسائڻ جا ماڊرن طريقا اچي ويا آهن، پر برازيل جي لاگونا علائقي جي ماڻهن وانگر سريلنڪا جي هن علائقي جا ماڻهو به مڇيون مارڻ جو هي پراڻو طريقو قائم رکندا اچن. ان مان کين کڻي ڪو گهڻو فائدو رسي يا نه پر حڪومت کي ضرور پهچي رهيو آهي جو ٽوئرزم وڌي رهي آهي. هن قسم جي مڇيءَ جي شڪار کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ڪيترا ئي سياح سريلنڪا اچن ٿا.
مڇيءَ جي شڪار جو هڪ طريقو ’ڪورمورنٽ پکيءَ‘ ذريعي به آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ آئون به ڪئنٽن بندرگاهه کان بس ۾ چڙهي گئيلن (Guilin) ويو هوس. ڪورمورنٽ ٻگهه پکيءَ جهڙو پر ڪاري رنگ جو پکي ٿئي ٿو، جنهن کي اسان وٽ هند سنڌ توڙي ايران ۾ ’ماهيخور‘ سڏين ٿا. اسان جو جهاز جڏهن به چين جي ڏاکڻن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته اتي جي مقامي آفيسن وارا اسان کي چين ۾ هي پراڻي زماني کان ندين تي ڪورمورنٽ (Cormorant) پکيءَ ذريعي مڇين جو شڪار ڏسڻ لاءِ چوندا هئا. هڪ دفعي آئون به گئيلن آيس، جتان ’ليندي‘ (جيڪا چيني ٻوليءَ ۾ ’ليجيانگ‘ سڏجي ٿي)، وهي ٿي. ان ۾ صدين کان مقامي ماڻهو هنن پاليل شڪاري پکين ذريعي مڇين جو شڪار ڪن ٿا. ڪورمورنٽ پکي جنهن کي هو ننڍي ٻچي مان پالي وڏو ڪن ٿا. پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هڻي چهنب ۾ مڇي آڻي مالڪ کي ڏئي ٿو. چين جي ههڙين ندين ۾ توهان کي ٻيڙين ۾ مهاڻا نظر ايندا جن سان هڪ گولو (گئسبتي) ۽ ڪاري رنگ جا ٽي چار ڪورمورنٽ پکي نظر ايندا. چيني تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن پکيءَ ذريعي مڇيءَ جو شڪار 960ع کان شروع ٿيو ۽ اڃان تائين هلندو اچي.
ڪورمورنٽ پکيءَ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ خاطر جيئن هو مڇي ڦاسائڻ بعد ڳڙڪائي نه وڃي، سندس مالڪ سندس ڊگهي ڳچيءَ جي ڇيڙي وٽ ڌاڳي سان ڳنڍ ڏيو ڇڏي. ائين ڪرڻ سان درياهه جو پاڻي يا آڱر جيڏيون ننڍيون مڇيون ته ان ڇڏيل سوراخ ذريعي سندس پيٽ ۾ هليون وڃن، پر وڏي مڇي اڌ ڳچيءَ ۾ اڌ ٻاهر ڦاسيو پوي. مالڪ يڪدم ان ڪورمورنٽ پکيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي سندس چهنب کولي ان مڇيءَکي ڇڪي ڪڍي ٿو ۽ پاڻ سان آندل ننڍين مڇين مان ٻه ٽي ڪڍي هن پکيءَ کي شاباس طور کارائي ٿو. ان بعد کيس وري ٻيڙيءَ تان ڌڪو ڏنو وڃي ٿو ته وڃي ٻي مڇي ڦاسائي اچ. روز جو اهو سلسلو ڏسي هي پکي سمجھي ويا آهن ته کيس کائڻ لاءِ اهو ملندو، جيڪو مالڪ پنهنجي مرضيءَ سان ڏيندو. هونءَ به هو چاهي ته به ڦاسايل وڏي مڇي ڳڙڪائي نٿو سگهي جو ڌاڳو ٻڌي سندس ڳچي سوڙهي ڪئي وڃي ٿي ۽ ڦاسايل وڏي مڇي ان مان گذري سندس پيٽ ۾ وڃي نٿي سگهي.
ڪورمورنٽ پکيءَ ذريعي مڇين جو شڪار چين کان علاوه جپان جي به ڪجهه شهرن ۾ ٿئي ٿو، جنهن کي جپاني ٻوليءَ ۾ يوڪائي (Ukai) سڏجي ٿو. سڀ کان گهڻو گيفو (Gifu) ضلعي مان وهندڙ ناگارا نديءَ تي ٿئي ٿو. هونءَ ته جپان ۾ هر شيءِ چين کان آئي پر يوڪائي (پکيءَ ذريعي شڪار) جي طريقي لاءِ هُو چون ٿا ته پهرين جپان ۾ شروع ٿيو ۽ اهو 1300 سال آڳاٽو آهي.
مڇيءَ جي شڪار لاءِ هي پکي سمنڊ تان ڦاسايا وڃن ٿا. خاص ڪري ننڍي عمر وارا. جيئن تتر به ٻچو آهي ته جلد پالتو ٿيو وڃي. نئين ڦاسايل ڪورمورنٽ جا هڪ پاسي جا ڪجهه کنڀ ڪتريا وڃن ٿا، ته جيئن بئلنس صحيح نه هجڻ ڪري هُو اڏامي نه سگهي. سندن تکي چهنب کي روات سان گَھَي ڪجهه لسو ڪيو وڃي ٿو، جيئن ٺونگا هڻڻ سان مالڪ زخمي نه ٿئي. هنن کي تيلن جي خاص پڃرن ۾ رکيو وڃي ٿو. جيڪي جپان ۾ ’يوڪاگو‘ سڏجن ٿا.
ڪورمورنٽ کي پاڻ سان هيرائڻ لاءِ سندس مالڪ هن کي روز درياهه جي پاڻيءَ سان وهنجاري ٿو، جيئن هُو ان پاڻيءَ جي سواد ۽ گرمائش جو عادي ٿئي ان بعد هن جي مٿي ۽ پيٽ جي مالش ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان هن جو سندس مالڪ سان ويجھڙائي ۽ پنهنجائپ جو احساس وڌي ٿو. مالڪ طرفان پکيءَ تي ٿوري ڪاوڙ به پکيءَ کي چيڙاڪ بنايو ڇڏي. ان ڪري هي پکي پالڻ وارو پکيءَ سان بيحد نازڪ مزاجيءَ سان پيش اچي ٿو. اهو ڪم ٻه هفتا جاري رکڻ بعد سندس ڳچيءَ ۾ ڌاڳو ٻڌي ڄاڻو ڪورمورنٽ پکين سان گڏ ڇڏيو وڃي ٿو، جيئن هن جي ٽريننگ ٿئي ۽ کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته هن کي اڳتي هلي ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي. ماهر شڪاري ٿيڻ ۾ هن کي سال کن لڳيو وڃي.
گذريل سال باءِ ايئر هانگ ڪانگ ويو هوس ته اتان ڪولون مان باءِ ٽرين ڪئنٽن ۽ چين جي ٻن ٽن ٻين شهرن ۾ پنهنجي وطن جي شاگردن سان خبر چار ڪرڻ پڻ ويس. هو انٽر تائين ته موڳا مٽر هئا ۽ کين پنهنجي ملڪ جي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ تعليمي ادارن ۾ به داخلا نه ملي سگهي ۽ هاڻ پنهنجي خرچ تي هتي چين ۾ پڙهي رهيا هئا، جتي ميڊيم آف انسٽرڪشن انگريزي ۽ چيني آهي يعني هنن کي پنهنجي سبجيڪٽ (ڊاڪٽري يا انجنيري) کان علاوه چيني ٻولي ۽ انگريزيءَ تي (جنهن ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ته هميشه گريس مارڪن سان مس مس پاس ٿيا ٿي) ڌيان ڏيڻو پوندو هوندو. بهرحال ان عنوان تي ڪنهن ٻئي هنڌ بحث ڪبو، هتي اهو لکڻ ٿو چاهيان ته آئون هنن سان گڏ سالن بعد هڪ دفعو وري لينديءَ تي هليو ويس، جتي ڪنهن زماني ۾ ٻن چيني ڀائرن مون کي ماهيخور پکي (Cormorant) ذريعي لينديءَ ۾ مڇيءَ جو شڪار ڏيکاريو هو. حيرت جي اها ڳالهه ته وڏي عرصي بعد هو مون وانگر وڌيڪَ پوڙها ضرور ٿي ويا هئا، پر مڇيءَ جي شڪار ۾ چست هئا. بقول هنن جي اهو ڪم هنن لاءِ وندر آهي يعني جيئن اسان لاءِ اخبارن لاءِ ڪالم لکڻ ٿي پيو آهي. مون ان شڪار جا ڪيترائي فوٽو ۽ وڊيو Google ۾ اپ لوڊ ڪيا آهن، جيڪي منهنجي نالي Altaf Shaikh سان گڏCormorant Fishing لکڻ سان نظر اچي سگهن ٿا ته ڪيئن مڇين کي پاڻ ڏي ڇڪڻ لاءِ هي چيني مهاڻا پاڻ سان گڏ گولو (گئسبتي) رکن ٿا. ڪورمورنٽ پکي لٺ تي ويٺا رهن ٿا يا ٻيڙيءَ وٽ ترندا رهن ٿا. جيئن ئي مڇين جو انبوهه گذري ٿو، ته هُو ٽٻي هڻي مٿي اچن ٿا. بک ۾ هجڻ ڪري هو ان کي ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر ڳچيءَ ۾ سوڙهو ڌاڳو ٻڌل هئڻ ڪري هنن جي ڳچيءَ جو منهن ايترو کليل نٿو رهي جو مڇيءَ کي ڳڙڪائي سگهن. چهنب ۾ ڦاٿل مڇي ڏسي مهاڻو ڪورمورنٽ کي ڇڪيو وٺي ۽ سندس منهن مان مڇي ڪڍي پنهنجي بالٽيءَ ۾ وجھي ٿو. توهان ڏسندائو ته اها مڇي ڪا ننڍي نٿي ٿئي هٿ ڏيڍ کان ڪافي وڏي ۽ ٿلهي ٿئي ٿي. مڇي ڪڍڻ بعد پکيءَ کي اشارو ڪيو وڃي ٿو ته ٻيڙيءَ کان ٻاهر نڪتل بانس جي پوڇڙ تي ويهي هيٺ پاڻيءَ مان لنگهندڙ مڇين جي اچڻ جو انتظار ڪري يا کيس ٻيڙيءَ جي ڳن تان هيٺ ڌڪو ڏنو وڃي ٿو ته جيئن ٻيڙيءَ وٽ ترندو رهي ۽ مڇين جي جانچ ڪندو رهي.

پڙهيل ڳڙهيل ڌاڙيل وڌيڪ فائدي ۾ رهي ٿو

ڪجهه اِي ميلون ڏاڍيون دلچسپ هونديون آهن ۽ انهن ۾ جيڪا شاعري، چرچو ڀوڳ يا ڪهاڻي هوندي آهي. اها پڙهڻ سان ان جي لکاري کي داد ڏيڻ تي دل چوندي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان کان هڪ دوست جي چين جي بئنڪ ۾ لڳندڙ ڌاڙي جي اي ميل پهتي، جنهن جو هِتي ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ به جِتي ڪٿي ذڪر ٿي رهيو آهي. ڌاڙي جي جيتري هيءَ ڪهاڻي دلچسپ آهي، اوترا ان تي مزيدار تبصرا ٿيل آهن.
اها چوري چين جي ڏاکڻي صوبي ’گئانگ دانگ‘ جي مشهور شهر ’گئانگ زو‘ ۾ ٿي. اسان جي ڏينهن ۾ جڏهن مائوزي تنگ جيئرو هو ۽ اسين پاڻيءَ جا جهاز هلائي، هن بندرگاهه ۾ اچي لنگر ڪيرائيندا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو ’ڪئنٽن‘ هو... ڪي ماڻهو هن کي ’ڪوانگ چو‘ به سڏيندا هئا. دنيا جو مشهور بندرگاهه هانگ ڪانگ به ڪئنٽن جي ويجھو آهي ۽ مون پنهنجي هانگ ڪانگ واري سفرنامي ’وايون وڻجارن جون‘ ۾ هانگ ڪانگ ٻيٽ کان فيريءَ ذريعي ڪولون پهچي، اتي جي ريلوي اسٽيشن تان ريل ۾ سفر ڪرڻ جو احوال پڻ لکيو آهي. جيڪا ٽرين اڄ به ڪولون کان ڪئنٽن يعني گئانگ زو رواني ٿئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ چين تي مائوزي تنگ جو اهڙو ڏنڊو هو، جو ڪو ننڍي پئماني جي چوريءَ جو به سوچي نٿي سگهيو. سڄو شهر ڇا، سڄي ملڪ چين جا ماڻهو بلو رنگ جا ڪپڙا پائي، پورهئي ۾ مشغول رهيا ٿي ۽ مجال آهي جو ڪو عيش آرام جي زندگي گذاري، پر هاڻ چين ۾ ڪافي آزادي اچي وئي آهي ۽ پئسي ڏوڪڙ توڙي فيشن جي خيال کان ڪافي اڳڀرو نڪري ويو آهي. ائين چوڻ ته چين ۾ ڪا ٺڳي يا چوري چڪاري نٿي ٿئي، بلڪل غلط ٿيندو. سچ ته اهو آهي ته هي شهر گوانگ زو هڪ بيحد بدنام شهر ٿي پيو آهي، جنهن جي ڪرائيم ريٽ چين جي ٻين شهرن کان تمام گهڻي ۽ مٿاهين آهي. هونءَ هي شهر، جنهن لاءِ منهنجي زبان تي هر وقت ان جو پراڻو نالو ’ڪئنٽن‘ پيو اچي. هڪ سهڻو ۽ تاريخي شهر پڻ آهي، جنهن جو هن وقت ذڪر ٿيڻ تي منهنجي دل ان ۾ گهاريل ڏينهن ۽ سفر جو احوال لکڻ چاهي ٿي، پر اهو ٻئي مضمون ۾ کڻي ڪنداسين. هِتي فقط هن شهر جي هڪ بئنڪ ۾ ٿيل ڦُر جي ڳالهه ٿا ڪريون، جيڪا ڪيترن ڏينهن کان جِتي ڪٿي ماڻهن جي زبان تي آهي ۽ هر ملڪ جا ماڻهو هن ڦر جي ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ملڪ ۽ ان جي سياست ۽ معيشيت جي تناظر ۾ ڏسي رهيا آهن. هر ڪو پنهنجي اداري جي ڪارين رڍن جو به ذڪر ڪندو رهي ٿو ۽ ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار آهي ۽ ڪهڙو ڪهڙو ماڻهو هڪ ڏوهه جي عمل کي پنهنجي فائدي جي لاءِ ڪهڙي طرح استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ ڪري رهيو آهي. ان بابت ٽيڪا ٽپڻي هلي رهي آهي. خبر نه آهي ته بئنڪ جي هيءَ چوري واقعي چين جي هن شهر گئانگ زو ۾ ٿي يا ڪهاڻي ٺاهيندڙ هن ڳالهه کي هن شهر سان کڻي ڳنڍيو آهي، جيئن اسان وٽ ڪيتريون ٺڳيءَ جون ڳالهيون دهليءَ سان ڳنڍيون وڃن ٿيون... پر خير ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ننڍيون وڏيون چوريون، ڌاڙا، ڦرون ۽ ٻيا ڏوهه چين جي هن شهر ۾ ايترا ته ٿين ٿا، جو ٻه چار سال اڳ هن شهر جي ميونسپالٽيءَ جي ڊئريڪٽر نيويارڪ شهر جي بهتر حالت ڏسي، پنهنجي شهر لاءِ روئڻ رنو هو ته:
“Robberies are still a big public security problem in Guangzhou”.
گذريل سال جي رپورٽ موجب هن شهر جي گهرن ۾ گهڙي چوريون ڪرڻ جي وارداتن جو انگ پڻ وڌيل ٻڌايو وڃي ٿو ۽ مڪاني ماڻهو هڪ قسم جي خوف جي زندگي گذارين ٿا، پر بقول اسان جي هڪ چيني دوست جي جيڪو ملائيشيا جو رهواسي آهي، ان قسم جي وارداتن مان دنيا جا ماڻهو چينين جي پيچيدي دماغ جو نه رڳو اندازو لڳائي سگهن ٿا، پر سبق پڻ حاصل ڪري سگهن ٿا.
هن واردات جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته ٻه ڌاڙيل گئانگ زو شهر جي هڪ بئنڪ ۾ ڦر ڪن ٿا. وڏي عمر وارو ڌاڙيل جيڪو ليڊر هو فقط چار درجا پڙهيل هو ۽ ننڍي عمر واري ڇوڪراٽ MBA هو.
جيئن ئي هي ٻه ڌاڙيل بئنڪ ۾ داخل ٿيا ته ليڊر رڙ ڪري سڀني کي چيو: ”خبردار جو ڪو به پنهنجي جاءِ تان وڌيو آهي. اتي جو اتي فرش تي اونڌا ٿي ليٽي پئو. بئنڪ ۾ رکيل پئسو رياست جو آهي، پر زندگي توهان جي پنهنجي آهي.“
بئنڪ ۾ موجود هر ماڻهو، مرد توڙي عورتون هراس ۽ خوف ۾ اچي ويا ۽ زمين تي ليٽي پيا. ڪنهن ٻڙڪ نه ڪڇيو. هيءَ ڪهاڻي لکڻ وارو چوي ٿو ته ان رد عمل کي سوچ جي تبديلي سڏجي ٿو ۽ عام سوچ کان مختلف سوچڻ جو اهو ئي طريقو آهي.
هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت زمين تي ليٽڻ بدران ٽيبل تي واهيات نموني سان ليٽي پئي. ڌاڙيلن کي سندس اهڙي پوزيشن ۾ ليٽڻ پسند نه آيو. نوجوان ڌاڙيل کيس دڙڪو ڏيندي چيو: ”محترمه! مهرباني ڪري فضيلت اختيار ڪر. هيءَ بئنڪ آهي ڪا هوٽل ناهي. اسان هِتي پئسو لٽڻ آيا آهيون ۽ نه ڪنهن جي عزت.“
ڪهاڻي نويس جو چوڻ آهي ته ان کي ’پروفيشنلزم‘ سڏجي ٿو يعني فقط ان مقصد ڏي پنهنجو ڌيان ڌريو ۽ نظر رکو جنهن مقصد لاءِ توهان آيا آهيو.
ڌاڙيل ڪاميابيءَ سان بئنڪ جي ڦر ڪري گهر پهتا ته ننڍي عمر واري MBA پڙهيل ڌاڙيل نوٽن جي بندين تي هٿ ڦيري ٻي کي چيو: ”چاچا! اچو ته نوٽ ڳڻيون ته اسان ڪيڏي ڦر ڪئي آهي.“
چار جماعتون پڙهيل، وڏي عمر واري تجربيڪار ڌاڙيل هن جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو. ”هن وقت ٿڪل آهيون. نوٽ ڳڻڻ جي في الحال محنت نه ڪر. ان کي پوءِ آرام سان ڏسنداسين. هونءَ به شام تائين ريڊيو ۽ ٽي وي تان بريڪنگ نيوز اچي ويندي ته بئنڪ مان ڪيتري ناڻي جي ڦر ٿي آهي.“
ڪهاڻيڪار چوي ٿو ته ان کي ’تجربو‘ چئجي ٿو ۽ اڄ ڪلهه ڪاغذي ڊگرين کان وڌيڪَ تجربو ڪَم اَچي ٿو.
هوڏانهن بئنڪ ڦرجڻ ۽ ڌاڙيلن جي وڃڻ بعد بئنڪ مئنيجر پنهنجي سپروائيزر کي چيو ته، ”اسان کي جھٽ پٽ پوليس کي اطلاع ڪرڻو پوندو.“ سپروائيزر وڏو سياڻو ماڻهو هو، تنهن پنهنجي صاحب کي چيو: ”باس! ٿورو صبر ڪريو. اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک ڊالر پاڻ لاءِ به ڪڍڻ کپن ۽ ان سان گڏ 70 لک ڊالر ٻيا شامل ڪرڻ کپن جيڪي توهان ۽ مون گذريل سال ٻن ۾ غبن ڪيا آهن.“
ڪهاڻيڪار چوي ٿو ته ان کي چئبو آهي ’موقعي کي هٿن مان وڃائڻ نه کپي.‘ ۽ خراب ڳالهه کي به پنهنجي فائدي ۾ موڙي ڇڏڻ کپي.
مئنيجر خوشيءَ مان کڳيون هڻندي سپروائيزر کي چيو ”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي. ڪيڏو ته سٺو ٿئي جو هن قسم جو ڌاڙو پنهنجي بئنڪ ۾ هر مهيني لڳندو رهي. ان سان پنهنجي بوريت به ختم ٿيندي ۽ پنهنجي خوشي ۽ دولت ۾ به واڌارو ٿيندو رهندو.“
شامَ ڌاري ۽ ٻئي ڏينهن تائين ٽي وي جي هر چئنل تان بئنڪ جي ان ڦر بابت خبر ايندي رهي ته ٻه ڌاڙيل اسلح جي زور تي هڪ ڪروڙ ڊالرن (يعني سؤ لک ڊالرن) جي ڦر ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. ڌاڙيل اهو ٻڌي پهرين ته ڏاڍو خوش ٿيا ته وڏي رقم سندن هٿ چڙهي وئي. هڪ ٻئي کي مُبارڪون ڏنائون ۽ پوءِ آرام سان ويهي پئسا ڳڻيائون ته اهي ته فقط ويهه لک ڊالر نڪتا. ٻنهي کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.
”هيءَ ڇا ته حرامپائي ٿي آهي!“ پوڙهي گهٽ پڙهيل ڌاڙيل چيو ”اسان پنهنجي جان جي بازي لڳائي هيڏو وڏو رسڪ کنيو ۽ هن مئنيجر بنا ڪنهن محنت جي چپٽي وڄائي اسان کان چئوڻو مال ٺاهي ورتو. ائين ٿو لڳي ته پڙهيل لکيل ڌاڙيل وڌيڪَ فائدي ۾ رهن ٿا.“
ڪهاڻي نويس ٻڌائي ٿو ته ان مان اهو ثابت ٿيو ته، ’علم سونَ کان وڌيڪَ قيمتي آهي.‘
بئنڪ جي مئنيجر مرڪندي پنهنجي پراڻي چوري ۽ اهي نقصان جيڪي هن جي بي ايماني ۽ غلط فيصلن ڪري بئنڪ کي رسيا، اهي سڀ ڪَور ڪَري ورتا. ڪهاڻي نويس لکي ٿو ته ان کي چئبو آهي. ’موقعي مان فائدو وٺڻ‘ ۽ پڙهندڙ کان پڇي ٿو ته اهي جن پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي 20 لک ڊالر حاصل ڪيا، ڪامياب ڌاڙيل چئبا يا بئنڪ وارا جن ويٺي ويٺي 80 لک ڊالر هضم ڪري ورتا ۽ جن تي ڪنهن آڱر به نه کنئي.
هيءَ ڪهاڻي فيس بڪ تي ڏيڻ بعد ڪيترن ئي ملڪن جي واقفڪارن ان تي پنهنجي پنهنجي نوعيت ۽ سوچَ جا تبصرا ڪيا آهن. ڪنهن هن ڪهاڻي کي هانگ ڪانگ جي چيني دڪاندارن سان مشابهت ڏني آهي ته منهنجي هڪ مصري دوست پنهنجي شهر قاهره جي ٽئڪسي ڊرائيورن سان. هڪ پاڪستان جي ڪالم نِگار لکيو آهي ته جيڪا گذريل پنج سال حڪومت هئي اها انهن ماڻهن جي هئي جيڪي بئنڪ ۾ اوچتو گهڙي آيا ۽ پنهنجو ڪَم ڪَري هليا ويا ۽ هاڻ جيڪا حڪومت آئي آهي، اها ان بئنڪ مئنيجر ۽ سپروائيزر وانگر آهي جن صورت حال سان پڄڻ لاءِ علم جو استعمال ڪيو آهي. تجربو ان شيءِ جو نالو آهي.
سنڌ جي دوستن مان ڪيترن ان situation کي يعني انَ ڌاڙي جي ڀيٽ سنڌ يونيورسٽي، واپڊا کاتي ۽ تعليم کاتي سان به ڪئي آهي.

سنڌ ۽ هند کان اڳ چِين ۾ مسجد ٺهي

چين ۾ بئنڪ جي ڦُر جو احوال لکندي، اهو شهر ڪئنٽن جيڪو هاڻ وري پراڻي نالي گئانگ زو (Guangzhou) جي نالي سان سڏجي ٿو اکين اڳيان ڦِري آيو جنهن سان سامونڊي نوڪري شروع ڪرڻ وارن ڏينهن يعني سٺ واري ڏهي کان ويجھڙائي وارن سالن تائين واسطو رهندو اچي. شروع وارن سالن ۾ جڏهن مائوزي تنگ جيئرو هو ۽ ڏنڊو کڻيو ويٺو هو ان وقت به هن شهر ڪئنٽن جو پنهنجو چارم هو، ان جي پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجو حسن هو ۽ هاڻ جڏهن سڄو چين معاشي توڙي سماجي طرح هڪ وڻندڙ ۽ ماڻهن جو دلپسند ملڪ ٿي پيو آهي ته به ڪئنٽن جو مانُ سڀ کان مٿانهون آهي. دراصل هي شهر ’گئانگ زو‘ جنهن کي آئون بار بار سندس ان نالي ڪئنٽن سان سڏي رهيو آهيان، جيڪو اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مشهور هو ۽ ان تي زبان هري وئي آهي، سنگاپور، سرانديپ (سريلنڪا)، عدن ۽ جبرالٽر جهڙن بندرگاهن وانگر آهي، جنهن جي اهميت سندس جاگرافيائي پوزيشن ڪرَي آهي.
هُونءَ کڻي هن بندرگاهه بابت ڪجهه نه لکان، جو هن سان اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو ايڏو واسطو نه رهيو آهي. منهنجو جهاز جڏهن به ڪئنٽن بندرگاهه ۾ ايندو هو يا هانگ ڪانگ ۾ لنگر انداز ٿيڻ تي اسان هانگ ڪانگ جي ريلوي اسٽيشن ڪولون تان ريل ۾ چڙهي، ڪئنٽن جو چڪر هڻڻ ايندا هئاسين ته هن شهر ڪئنٽن (گئانگ زو) ۾ ته ڇا پر سڄي صوبي گئانگ ڊانگ (Guangdong) ۾ اسان کي ڪو هم وطني ورلي نظر ايندو هو. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سفارتخاني، PIA يا اسان جي جهازران ڪمپني جو هانگ ڪانگ آفيس کان آيل همراهه ئي ڏسڻ ۾ ايندو هو. پر هاڻ آئون ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو نه رڳو هِتي ڪئنٽن ۾ پر چين جي هر شهر ۾ نظر اچن ٿا جن ۾ وڏو انگ ننڍن وڏن بزنيس ڪرڻ وارن جو آهي ۽ ٻئي نمبر تي شاگردن جو آهي جيڪي هِتي جي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ پڙهن ٿا. ٿورا گهڻا ٽوئرسٽ به نظر اچن ٿا. ان ڪري هن شهر بابت ڪجهه لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
هونءَ چين اهڙو ملڪ ناهي جيڪو هڙ مان خرچ ڪري گهمڻ لاءِ اچجي. اسان جي ملڪ جا گهڻا تڻا ماڻهو ٿائلنڊ، ملائيشيا ۽ دبئي جو رُخ رکن ٿا. جيتوڻيڪ سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسانجي ملڪ ۽ ان جي ناڻي جو قدر ايڏو ڪري پيو آهي جو فقط کل جو پڪو ماڻهو، جيڪو جِتي ڪٿي پنهنجي بي عزتي برداشت ڪندو رهي يا هن وٽ حرام جو پئسو هجي يا وري سخت بيوقوف هجي جو گهمڻ لاءِ پنهنجو پئسو ڌارين ملڪن جي مهانگين هوٽلن، کاڌي پيتي ۽ ٽئڪسي ٽرامن جي ڳرن اگهن پٺيان اچي ڦُوڪي. فقط انڊيا ۽ ايران اهڙا ملڪ وڃي بچيا آهن جن ۾ پهچڻ لاءِ اسان کي هوائي جهاز جي ڳري ڀاڙي کان بچت ٿئي ٿي. رهائش ۽ کاڌي پيتي جا اگهه به گهٽ آهن ۽ سچي ڳالهه ته اها آهي ته انهن ملڪن ۾ هر مزاج جي ماڻهوءَ جي ڏسڻ لاءِ هر قسم جي شيءِ آهي. ڪجهه سال اڳ تائين جڏهن اسانجي ملڪ ۽ انڊيا جو رپيو هڪ برابر هو ته گهمڻ لاءِ انڊيا جهڙو ڪو ٻيو ملڪ نه هو. اسان وٽ ڪوڪا ڪولا جو دٻو 30 رپين ۾ مليو ٿي ته انڊيا ۾ 5 رپيا سستو 25 رپين ۾ مليو ٿي، پر هاڻ جڏهن اسان جو رپيو هنن جي 50 پئسن برابر وڃي ٿيو آهي ته اهو 25 رپئي وارو دٻو اسان کي 50 رپين ۾ پوي ٿو. اهڙي طرح ريل گاڏين ۽ ٽئڪسين جا ڀاڙا ۽ ٻين شين لاءِ اسان کي ٻيڻ ڏيڻي پوي ٿي.
چين جو هي شهر ڪئنٽن (پڙهندڙ مون کي معاف ڪن جو بمبئي ۽ بنارس وانگر منهنجي لاءِ اڄ به هي شهر ڪئنٽن نالي وارو آهي) ۽ منهنجو هي مضمون پڙهي توهان مان ڪنهن کي هن شهر ڏي اچڻ جو ارادو ٿئي ته ڪراچيءَ مان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺڻ يا هانگ ڪانگ مان فيري يا ٽرين جي ٽڪيٽ وٺڻ مهل، توهان هن شهر جو نالو گئانگ زو ئي ٻڌائجو ڇو جو ٽڪيٽ ڏيڻ وارو جي ننڍي عمر جو هوندو ته هو منجھي پوندو ته ڪئنٽن ڪهڙي شهر جو نالو آهي. هونءَ جيئن بنارس شهر هاڻي پراڻي نالي ’وراڻاسي‘ سان سڏجي ٿو ۽ ان جو ٽيون نالو ’ڪاشي‘ به آهي، تيئن هن شهر ڪئنٽن جو هڪ ٻيو نالو به عام رهيو آهي اهو آهي ’ڪوانگ چَو‘ (Kwangchow) ۽ قهانخو هن جو عربي نالو آهي جيئن جرمني کي عرب المانيا ٿا سڏين.
هي شهر ڪئنٽن، جنهن جي آدمشُماري ڪراچي کان ٿوري گهٽ ڏيڍ ڪروڙ کن آهي، چين جي بيجنگ ۽ شنگهائي شهرن بعد ٽين نمبر تي آهي. هِتي اهو به لکندو هلان ته 1980ع تائين بيجنگ ’پيڪنگ‘ سڏبو هو. جنگ اخبار جو سابق ايڊيٽر محمود شام انهن ڏينهن ۾ چين آيو هو ۽ پنهنجي سفرنامي جو نالو ’لاڙڪاڻي کان پيڪنگ‘ رکيو هئائين. بهرحال پيڪنگ، بمبئي، سلون، بڙودا جهڙا نالا انگريزن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ پنهنجي سهولت لاءِ رکيا جيڪي سندن وڃڻ بعد مڪاني حڪومتن وري ساڳيا پراڻا ڪيا. هونئن هن شهر جو نالو ڪئنٽن انگريزن نه پر پورچوگالين رکيو، جيڪي پهريان يورپي هئا ۽ پوءِ چين ۾ آيا ۽ هن بندرگاهه تي قبضو ڪيائون.
نيويگيشن (جهازرانيءَ) ۾ پورچوگالي ٻين يورپين کان تيز هئا ان ڪري سنڌ (ٺٽي)، گوا (انڊيا) ڪولمبو (سري لنڪا) توڙي ملايا ۽ چين ۾ پهرين پورچوگالي پهتا. آئون عربن ۽ ايرانين جي ڳالهه نٿو ڪريان. عرب ته نيويگيشن ۾ سڀ کان گهڻا ماهر هئا. آفريڪا، انڊيا توڙي چين ۾ اهي پورچوگالين کان به صديون اڳ پهتا. پورچوگالي 1514 ۾ ڪئنٽن پهتا ۽ 1517 کان هنن هن بندرگاهه کان ٻاهر جي دنيا سان واپار قائم ڪيو. هنن هن ننڍڙي فشنگ ڳوٺ گئانگ زو جو پورچوگالي زبان جو نالو Cantao رکيو. کين پوءِ سگهوئي چينين اتان ڀڄائي ڪڍيو ۽ 1557 ۾ هنن مڪائو ٻيٽ تي پنهنجي ٽريڊنگ پوسٽ ٺاهي. مڪائو ٻيٽ هانگ ڪانگ ٻيٽ کان سڏ پنڌ تي آهي، ان جي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ پورچوگالي پڙهائي وڃي ٿي. چين ۾ ڊچ سؤ سالن بعد پهتا ۽ ان بعد انگريز.
جيئن اسان وٽ زميني ’سِلڪ روٽ‘ مشهور آهي جنهن ذريعي ترڪ ۽ عرب ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا کان ٿيندا چين پهتا ٿي. تيئن سامونڊي ريشم روٽ (Maritime Silk Route) پڻ مشهور ۽ آڳاٽي آهي جنهن جو هڪ پاسو گئانگ زو بندرگاهه هو جِتان جهاز ڏکڻ اوڀر ايشيا جي بندرگاهن مان ٿيندا انڊيا پهتا ٿي، پوءِ ايران ۽ عرب ملڪن مان ٿيندا آفريڪا جي بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿيا ٿي. عرب ته هنن پَٽَن تي نه فقط سمنڊ رستي پر باءِ روڊ به پهتا ٿي. محمد بن قاسم پنهنجن جن جهازن جي ڦر جو بدلو سنڌ جي حاڪمن کان وٺڻ آيو، اهي جهاز نه فقط ڪولمبو (سلون) کان آيا ۽ اوڏانهن ويا ٿي پر انهن ئي ڏينهن ۾ اهي ٻيڙا منزلون لتاڙي ملاڪا جي ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) مان لنگهي جاوا ۽ سماترا ٻيٽن جي بندرگاهن تي ترسندا، ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ پڻ آيا ٿي ۽ اڳيان بورنيو ٻيٽ ۽ هاڻوڪي ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جي ننڍن ننڍن بندرگاهن مان ٿيندي چين جي هن بندرگاهه گئانگ زو (ڪئنٽن) ۾ اچي لنگر ڪيرايائون ٿي.... هي حضور صلعم جن جي ڏينهن جي ڳالهه آهي، نبوت ۽ هجرت بعد ڪجهه عربن جن اسلام قبول ڪيو، تن گئانگ زو ۾ اڳ جي رهائش پذير عربن سان اچي اسلام جي ڳالهه ڪئي ته اهي به مسلمان ٿيا. تن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جو سفر ڪندڙ وڻجارا ـــ خلاصي، ناکئا، سوداگر عورتن بنا سفر ڪندا هئا. گئانگ زو ۾ به جيڪي عرب Settle ٿيندا ويا انهن مڪاني چيني عورتن سان شادي ڪئي جن جو اولاد نه فقط عربي کان علاوه چيني ڳالهائيندو هو پر اهي عرب جيڪي ايندا ويندا رهيا ٿي اهي رستي جون ٻوليون هندي ۽ ملئي به ڳالهائي سگهيا ٿي. انهن اسلام بابت گئانگ زو ۾ اچي، پنهنجن عربن ۽ انهن جي چيني زالن ۽ ٻارن کي ٻڌايو ته پنهنجي وطن جي سرزمين تي هڪ امين، نيڪ ۽ صادق انسان پيدا ٿيو آهي جيڪو الله جا ڏسيل احڪام ٻڌائي ٿو. ان بعد چين ۾ رهندڙ ڪيترن عربن ۽ مڪاني ماڻهن اسلام قبول ڪيو.
ڪئنٽن شهر جي وچ علائقي ۾ ’گئانگ تا‘ روڊ جي بس اسٽاپ وٽ ۽ Ximen Kou سب وي اسٽيشن کان اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي) جيڪا ’هُئائي شينگ‘ مسجد آهي اها هِتي جي رهواسي عربن ۽ چيني مسلمانن 627 ۾ ٺهرائي جڏهن چين تي ٽئنگ (Tang) گهراڻي جي حڪومت هئي. هيءَ مسجد حضور صلعم جن جي ياد ۾ ٺاهي وئي ان ڪري هن مسجد کي ان وقت جا هي گئانگ زو جا رهاڪو ’هئائي شينگ‘ مسجد سڏڻ لڳا. جن چيني لفظن جي معنيٰ آهي ’ڀلاري کي ياد ڪريو‘ (Remember the Sage). هونءَ به چين جي ڪيترن مسجدن جا نالا ان نموني جا آهن: ڀلي پاڪ جي مسجد، سچي دين جو عبادت گهر، وغيره. توهان کان هن شهر ۾ هن مسجد جو هي چيني نالو ’هُئائي شينگ‘ وسري وڃي ته توهان ٽئڪسي ڊرائيور يا مڪاني ماڻهن کان ’لائيٽ هائوس مسجد‘ جو پڇي سگهو ٿا. هن مسجد ٺهڻ بعد هن جو جيڪو هڪڙو منارو ٺاهيو ويو ان ۾ لالٽين (هاڻي اليڪٽرڪ بلب) ۽ آرسيون لڳايون ويون جيئن ڀر ۾ لنگهندڙ پرل ندي ۽ سمنڊ تي هلندڙ ٻيڙين کي هن شهر ڳولڻ لاءِ هي منارو لائيٽ هائوس جو ڪم ڏئي سگهي. ان کان علاوه هن ٽاور (مينار) لاءِ مشهور آهي ته ناکئا لنگر کڻڻ کان اڳ هن مينار جي چوٽي تي چڙهي موسم جو اندازو لڳائيندا هئا.
هن مسجد جي ڊيزائين ان دور ’ٽئنگ سلطنت‘ جي عمارتسازي سان تعلق رکي ٿي جيئن ملائيشيا جي ملاڪا شهر جون آڳاٽيون مسجدون چيني مندرن ۽ گجراتي گهرن جهڙيون آهن. پر هن مسجد جو هي اڪيلو منارو عرب آرڪيٽيڪٽ سان تعلق رکي ٿو. هيءَ مسجد ساڍا ٽي هزار والن تي آهي ۽ چين جي چئن اهم مسجدن مان هڪ آهي. باقي ٽي مسجدون هن ريت آهن: هانگ زو شهر واري مسجد جيڪا پهريون دفعو 1275 ۾ ٺهي. ايستائين عربن جو چين ۾ تعداد ايترو ته وڌي ويو هو جو هن مسجد جي ضرورت پئي. هي عرب گهڻي ڀاڱي سوداگر ۽ ٻيڙا هلائيندڙ ناکئا هئا. انهن ڏينهن ۾ سمورا جهاز سڙهن تي هليا ٿي. نه ڪوئلو نه ئي تيل ايجاد ٿيو هو ۽ نه وري ڪا انجڻ، جو اسان جهڙا مئرين انجنيئر به ان وقت جي جهازن تي هجن. تن ڏينهن به سمورا جهازي (جهاز هلائيندڙ) نيويگيٽر هئا يعني هنن جو ناٽيڪل برانچ سان واسطو هو. سمنڊ تي چنڊ تارن ذريعي رستو ڳولڻ، هوائن ۽ ڇولين جو رخ ڏسي ان مُطابق سڙهن کي سيٽ ڪرڻ، سامان کي جهازن جي گدامن ۾ صحيح طرح ڀرڻ جيئن سڄي جهاز جي stability بهتر رهي ۽ جهاز لڏڻ جي باوجود ٻڏي نه.... اهي هئا ڪم ان وقت جي Navigators جا. ان سان گڏ هو سُٺا بزنيس مين به هئا جو واپار وڙو به اهي ئي ڪندا هئا. هو سٺا هاري، واڍا، لوهار ۽ رازا پڻ هوندا هئا جو هنن کي ڪڏهن ڪڏهن ڌارئين ڏيهه ۾ هوا جي بدلجڻ جي انتظار ۾ ڇهه ڇهه مهينا انتظار ڪرڻو پوندو هو جيڪو وقت هو زمين تي پوک ۽ ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪري چار پئسا ڪمائيندا هئا. اهو ئي وقت هوندو هو جنهن ۾ هنن جون مڪاني ماين سان نظرون چار ٿي ويون ٿي ۽ واپس وطن ورڻ کان پڙ ڪڍي هميشه لاءِ انهن ڌارين ملڪن ۾ ئي رهي پيا ٿي.
هيءَ مسجد 1275ع ۾ پهريون دفعو ٺهڻ بعد منگ گهراڻي جي حڪومت ۾ ٻه دفعا وري ٺهي ۽ پهرين کان بهتر بنائي وئي. هِتي اهو به لکندو هلان ته هن مسجد جي عمارت جي شڪل ڪونج جهڙي هجڻ ڪري انگريزي ڳالهائڻ وارن ۾ هيءَ مسجد ’ڪرين ماسق‘ جي نالي سان وڌيڪَ مشهور آهي. مسجد ۾ داخل ٿيڻ وارو هنڌ ڪونج جي چهنب ۽ منهن جهڙو آهي. پاسن کان ٺهيل پراڻي زماني جا ٻه کوهه ڪونج جون اکيون لڳن ٿيون. کاٻي پاسي وارو ورانڊو سندس ڳچي لڳي ٿو ۽ نماز وارو هال ڪونج جي باڊي آهي ۽ اتر ۽ ڏکڻ وارا هال هِنَ جا پَرَ لڳن ٿا. مڪاني ماڻهو هن مسجد کي ’مسجد لِبائي‘ به سڏين ٿا. مسجد ۾ لڳل صنوبر ۽ بلڪواري (Ginkgo) جي وڻن لاءِ مڪاني ماڻهو ٻڌائين ٿا ته 800 سال پراڻا آهن.... يعني هيءَ مسجد جڏهن ٺهي هئي تڏهن پوکيا ويا هئا. هيءَ مسجد ’يانگ زو‘ شهر جي ’نان مين‘ اسٽريٽ تي آهي. هن شهر ۾ مسلمانن جو تعداد 4000 کن آهي. جمعي نماز تي 50 کن نظر اچن ٿا.
چين جي ٽين مشهور مسجد هانگ زو شهر ۾ ’زهانگ شان‘ روڊ تي ’فينگ هئانگ‘ نالي آهي، جيڪا انگريزي ۾ Phoenix مسجد به سڏجي ٿي. چوٿين مسجد فجيان صوبي جي شهر ’ڪئان زو‘ ۾ قنگ جنگ (Qingjing) نالي آهي. هيءَ مسجد ’تُو مين‘ اسٽريٽ تي آهي ۽ بلڪل عرب اسٽائيل جي آهي. چون ٿا ته هيءَ مسجد دمشق (شام) جي هڪ مسجد جي هوبهو ڪاپي آهي ۽ سن 1009 ۾ ٺهي. جڏهن بغداد ۾ عباسي خليفي القادر (1031 ــ 991) جي حڪومت هئي ۽ هوڏانهن اسپين ۾ اميه گهراڻي جي خليفي محمد دوم بعد سليمان خليفو ٿيو هو.
بهرحال انهن مشهور ۽ آڳاٽين مسجدن ۾ ڪئنٽن واري ’هوئي شينگ‘ مسجد جيڪا 627 ۾ ٺهي سڀ ۾ پُراڻي آهي. هونءَ ته سنڌ کي باب الاسلام سڏيو وڃي ٿو، جو ننڍي کنڊ ۾ اسلام پهرين سنڌ ۾ آيو پر پنهنجي هندستان واري سفرنامي ’بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾‘ ڪيرالا جي هڪ شهر ’ڪوڊ غلور‘ جي هڪ مسجد ’چيرامن پيرومل جامع مسجد‘ جو تفصيلي احوال لکي چڪو آهيان ته اُها مسجد ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد آهي، جيڪا پاڻ ڪريم صلعم جي ڏينهن ۾ سن 629 ۾ ٺهي. حضور صلعم جن تي وحي 611 ۾ نازل ٿيو. مڪي کان مديني سن 622 ۾ هجرت ٿي. سال 630 ۾ مڪو فتح ٿيو ۽ ان کان سال اڳ 629 ۾ خيبر جي جنگ لڳي. هي اهو سال آهي جنهن ۾ انڊيا ۾ ’چيرامن پيرومل‘ مسجد ٺهي. ان کان 82 سال پوءِ سن 711 ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ تي عربت جي حڪومت ٿي. ۽ هيڏانهن ڪئنٽن شهر جي هن مسجد ’هئائي شينگ‘ کي ٿو ڏسجي ته اها هن انڊيا واري مسجد کان به 2 سال اڳ 627 ۾ ٺهي. هي اهو سال آهي جنهن ۾ حضرت امام حسن رضه جن جنم ورتو يعني بدر جي جنگ جيڪا 624 ۾ لڳي ان کان 3 سال کن پوءِ. انهن ڏينهن ۾ ايران جو بادشاهه ’اردشير سوم‘ تخت تي ويٺو هو ۽ سنڌ ۾ ٻُڌ بادشاهه ’راءِ سهارس دوم‘ جي حڪومت هئي جنهن بعد ’راءِ سهاسي دوم‘ تخت تي ويٺو جنهن جي زال ’سهندي‘ جو هندو برهمڻ ڪلارڪ ڇوڪري ’چچ‘ سان عشق ۽ پوءِ شادي ٿي وئي ۽ 643 کان 671 تائين هو سنڌ جو حاڪم ٿي ويٺو جنهن بعد 9 سال کن سندس ڀاءُ چندر ۽ پوءِ 679 ۾ چچ جو پٽ ’راجا ڏاهر‘ تخت تي ويٺو، جنهن تي 711 ۾ محمد بن قاسم حملو ڪيو ۽ مارجي ويو.
ڪئنٽن (گئانگ زو) شهر ۾ جيڪڏهن ڪو ٽوئرسٽ هن مسجد جي ويجھو رهڻ چاهي ته هن لاءِ هي هوٽلون هڪ ڪلوميٽر جي لڳ ڀڳ فاصلي تي آهن:
• هوٽل لئنڊ مارڪ ـــ قيائو گئانگ روڊ تي.
• هوٽل ڪئنٽن ـــ بيجنگ روڊ تي
• بائو هينيا هوٽل ـــ جائي فانگ روڊ تي.
هنن هوٽلن جي هڪ ڏينهن جي مسواڙ اٽڪل 4 کان 5 هزار رپين تائين آهي. بهرحال هي اگهه تن ڏينهن جا آهن جڏهن آمريڪن ڊالر اسان جي 60 رپين برابر هو، جيڪو هاڻ 100 تي وڃي پهتو آهي.

ڪوبرا نانگ مرڻ کان پوءِ قاتل کي ماريو

چين جو احوال لکندي هڪ ڳالهه نانگن بابت لکڻ چاهيان ٿو، جيڪا هينئر هينئر هانگ ڪانگ جي هڪ انگريزي اخبار ۾ نيٽ تي پڙهي اٿم. دراصل نانگن بابت مون پنهنجي سفرنامن ۾ گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي. اهو ان ڪري جو انهن سان يعني نانگن سان منهنجو ڪيترائي سال واسطو رهيو. سمنڊن تي ڏهه ٻارهن سال جهاز هلائڻ دوران ته نه پيو ۽ نه وري تعليم دوران پيٽارو، چٽگانگ يا مالمو (سئيڊن) ۾ جيتوڻيڪ چٽگانگ (بنگال) سڄو سائو آهي ۽ جتي ڪٿي وڻڪار ۽ وڏو گاهه آهي پر شايد اسان جي ’نيول اڪيڊمي‘ جنهن ٻيٽ نما علائقي ’جُلديا‘ تي هئي اتي ايترا نانگ نه هئا جو ايندي ويندي، ڏينهن رات نظر اچن. باقي ملائيشيا جِتي جي سفرنامن ۾ اڪثر نانگن جو ذڪر ڪيو اٿم. اهو ته ملڪ ئي آهي نانگن بلائن جو ديس. دنيا جا سڀ کان گهڻا ۽ مختلف جنسن جا نانگ ۽ ازدها (Pythons) ملائيشيا ۾ آهن ۽ جِتي اسان جي ’مئريٽائيم اڪيڊمي‘ هئي، جنهن ۾ مون ڏهه سال کن پڙهايو، اها سمنڊ جي ڪناري تي جھنگ جو ڪجهه حصو صاف ڪري ٺاهي وئي هئي يعني اتي نانگن جي کاڌي خوراڪ لاءِ هڪ طرف سمنڊ جي ڪناري تي ڏيڏر، کيکڙا ۽ ڪُمين جا بيضا هئا ته ٻئي طرف جنگل ۾ چُرندڙ ٽنڊڻ، ڪوئا، اگوانا، سانڊا ۽ وڻن تي مختلف پکين جا آنا... ان کان علاوه هر ملئي ماڻهوءَ جي گهر ٻاهران پالتو ڪڪڙين ۽ بدڪن جا ڍير... جن جا ٻچا ۽ آنا نانگن ٿي کاڌا ته انهن جي مائرن يعني ڪڪڙين ۽ بدڪن کي ازداهن ٿي ڳڙڪايو. ياد رهي ته نانگ ننڍي منهن وارو ۽ سنهو ٿئي ٿو ۽ جيتوڻيڪ ان جي ڄاڙيءَ ۾ ڪافي لچڪ ٿئي ٿي ۽ پنهنجي منهن کان وڏيون شيون: بيضا، ڪڪڙ جا ٻچا، ڪوئا ۽ ڏيڏر ڳڙڪايو وڃي پر ازدها (Python) گهڻو ٿلهو ۽ ڊگهو هجڻ ڪري ٻه چار ڪڪڙيون ۽ بدڪون ڳڙڪائڻ تي هن لاءِ خيري ڳالهه آهي.... هو ته ٻڪري ۽ هرڻيءَ جو ٻچو به ڳڙڪايو وڃي ۽ شڪار کي مارڻ يا بيهوش ڪرڻ لاءِ ڏنگ هڻڻ بدران هو پاڻ کي هن جي چوڌاري وڪوڙي، چيڀاٽي ساهه ٿو ڪڍي پوءِ هن کي ڳڙڪائي ٿو.
ملائيشيا ۾ نوڪريءَ دوران نه فقط قسمين قسمين نانگ ڏسڻ جو موقعو مليو پر اها به ڄاڻ پئي ته ڪي نانگ اڏامي اچي چڪ هڻن ٿا ته ڪي پري کان ڦُوڪ ذريعي زهر ماڻهن جي اکين ۾ spray ڪن ٿا. اسان، جن، هن کان اڳ فقط پاڻيءَ جا جهاز هلايا، تن کي ته اها به خبر نه هئي ته نانگ کي ڪيئن مارجي. پهريون دفعو پٿر هڻي نانگ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئيسين. بعد ۾ خبر پئي ته نانگن کي لٺ سان مارجي ۽ سندس پڇ يا پيٽ تي ڏنڊا هڻي، پنهنجي لٺ ڀڃڻ بدران سندس منهن کي چٿي ڇڏجي. ڇو جو ڪهاڙي جهڙي شيءِ سان نانگ جا جي ٽڪر ٽڪر ڪجن ته به هن جي منهن واري حصي ۾ چڪ هڻڻ ۽ زهر Inject ڪرڻ جي طاقت رهي ٿي.
هڪ دفعي گهران لنچ کائي آفيس پئي ويس ته پري کان هڪ ٽي فٽ کن ڊگهي نانگ کي رستو ٽپندي ڏٺم. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم ته ڪو ماڻهو ڇيڻو به نه هو. سو چاهي ان نانگ کي حڪومت طرفان مارڻ جي منع ٿيل هجي، پر ان ڏينهن ان کي مارڻ، نه فقط سولو ڪم هو پر اهو به مون لاءِ سٺو بهانو هو ته نانگ پاڻ ئي منهنجي ڪار هيٺان اچي مري ويو. مون يڪدم ڪار کي تکو ڪري ان مٿان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. اڳيان وڌي آرسيءَ ۾ ڏٺم پٺيان روڊ تي نه مئل نانگ هو نه جيئرو. ڪار کي رورس ڪري وري اڳيان ڪيم. نانگ جو ڪو پتو نه! ڪار جو شيشو هيٺ ڪري دريءَ مان منهن ڪڍي هيٺ ڏٺم ته ڪٿي ڦيٿي ۾ نه چنبڙيو پيو هجي پر نظر نه آيو. بعد ۾ خبر پئي ته ائين هرگز نه ڪجي جو ملائيشيا ۾ ڪجهه نانگ اهڙا به آهن، جيڪي زخمي حالت ۾ به پُڇَ تي اُڀا ٿي ڪار ۾ ويٺل کي ڏنگيو رکن.
ملائيشيا ۾ رهي اها به خبر پيئي ته ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ اهڙيون به ريسٽورنٽون آهن، جِتي نانگن جو سُوپ يا تريل گوشت وڪامي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ ان بابت اسان کي گهڻو گهڻو اڳ خبر پئي. جڏهن اسان جو جهاز 1969ع يا 1970ع ڌاري پهريون دفعو هانگ ڪانگ پهتو هو. اتي ننڍين هوٽلن اڳيان نانگن سان ڀريل شيشي جي ڍَڪَ واريون پيتيون ڏٺيونسين. گراهڪ هوٽل ۾ گهڙڻ کان اڳ پنهنجي پسند جي نانگ ڏي اشارو ڪيو ٿي. ڪاسائيءَ ان نانگ کي ٻاهر ڪڍي هڪ مڙيل ڏاٽي کي نانگ جي منهن وٽ جھلي هيٺ پڇ تائين گهڪو ڏئي، ان جي کل لاهي ورتي ٿي ۽ پوءِ منڍيءَ کي ڪٽي باقي گوشت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڀرسان ويٺل ڪاسائيءَ کي ڏنو ٿي، جنهن ڪڻڇيءَ ۾ تري بئري هٿان گراهڪ ڏي موڪليو ٿي. اها گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. ان بعد اڳتي هلي جانورن کي ظلم کان بچائڻ وارين تنظيمن جي زور ڀرڻ تي ايترو ٿيو ته جيئرن نانگن جي هوٽل ٻاهران، ايندڙ ويندڙ ماڻهن اڳيان کَلَ لاهڻ بدران اهو ڪم هوٽل اندر بورچيخاني ۾ ٿيڻ لڳو.
ملائيشيا ۾ رهي اها به خبر پيئي ته نانگن، نوريئڙن، ڪُمين، سانڊن جهڙين شين کي چيني ماڻهو وڏي شوق سان کائين ٿا. هنن جو اهو وهم آهي ته اهڙيون شيون کائڻ سان هنن جي شهواني طاقت وڌي ٿي. هونءَ به چيني ماڻهن لاءِ مشهور آهي ته هُو هر اڏامندڙ شيءِ سواءِ هوائي جهاز جي، زمين تي موجود پيرن واري هر شيءِ سواءِ کٽ جي ۽ سمنڊ اندر موجود هر شيءِ سواءِ سب مئرين جي، کائين ٿا.
بهرحال چينين جي اصل ملڪ يعني چين ۾ ته نانگن جون هوٽلون تمام گهڻو مشهور آهن ۽ نانگن جو سُوپ يا ٻيا ڊش ٺاهڻ وارا بورچي نه فقط چين ۾ پر دنيا ۾ مشهور آهن. جيئن اسان جي ملڪ ۾ ’آپا زبيده‘، ’گلزار حسين‘، ’زرنڪ سڌوا‘، مرحومه ’سارا رياض‘، ’شيرين آپا‘ ۽ ’سادات صديقي‘ جهڙا بورچي مشهور چَيف (بورچي) سمجھيا وڃن ٿا، تيئن چين ۾ پڻ ڪيترن ئي سٺن بورچين کان ماڻهو ائين واقف آهن، جيئن قومي رانديگرن، سياستدانن، فلمي اداڪارن ۽ ڳائڻن کان. انهن مان هڪ ڏکڻ چين جي صوبي ’گانگ ڊانگ‘ جي شهر ’فوشان‘ جو ’پينگ فان‘ (Peng Fan) بورچي (Chef) نانگن جا مختلف ڊش ٺاهڻ کان دنيا ۾ مشهور آهي بلڪه ڪالهه تائين هو ۽ اڄ هانگ ڪانگ جي اخبار ۾ اهو پڙهي حيرت ٿي ته رات هڪ واسينگ نانگ (ڪوبرا) جو ڊش ٺاهيندي، هن کي ان نانگ ڏنگي رکيو ۽ اسپتال پهچڻ کان اڳ هُو وفات ڪري ويو. دراصل هُو اتي هوٽل جي بورچيخاني ۾ ئي تڙپي تڙپي مري ويو، جڏهن ڪوبرا نانگ جي ڪجهه دير اڳ ڪٽيل منڍيءَ هن کي هٿ ۾ چڪ هنيو.
’پينگ فان‘ پاڻ هن نانگ جي منڍي الڳ ڪري پوءِ نانگ جي کَلَ لاهي، گوشت صاف ڪري هن کي ترڻ لاءِ ادرڪ، ٿوم ۽ ٽماٽن سان گڏ ڪڻڇيءَ ۾ وڌو. ان بعد هن نانگ جي لاٿل کَلَ، وکا ۽ هڏيون کڻي ڪچري جي دٻي ۾ وڌيون ان سان گڏ ويهه منٽ کن اڳ نانگ جي لٿل منڍي به اڇلائي ٿي، پر هن جهڙو منڍيءَ ۾ هٿ وڌو ته ان منڍيءَ جيڪا بنا چرپر جي پئي هئي سندس هٿ کي چڪي ورتو. اهو نانگ ايڏو ته زهريلو هو جو بورچيءَ جو جسم يڪدم نيرو ٿي ويو ۽ سخت سور کان ڦٿڪڻ لڳو. چيني طبي ماهرن ۽ نانگن جي محققن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ هن حادثي کي هڪ انوکو واقعو چئي سگهجي ٿو، پر ڪوبرا نانگ جو سر ڌڙ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ به اهو هڪ ڪلاڪ جيئرو رهي سگهي ٿو ۽ ڪَکڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته چين ۾ موجود ڪئين قسمن جي زهريلن نانگن جو گوشت ۽ ان مان ٺهيل مختلف ڊشز، مقامي چيني ماڻهن ۽ عالمي سياحن ۾ بيحد مرغوب ۽ لذت بخش سمجھيا وڃن ٿا. اهڙن ئي ڪيترن زهريلن نانگن ۾ Neurotoxin Venom زهر به شامل آهي، جنهن زهر واري نانگ جو ڏنگيل پاڻي به نٿو گُهري. ان قسم جي زهريلي ڪوبرا نانگ جو ڪَکيل انسان جو گوشت يڪدم ڳرڻ لڳي ٿو. اخبار ۾ لکيل آهي ته ’پينگ فان‘ پنهنجن ڪجهه خاص غير ملڪي مهمانن لاءِ ڪوبرا جي گوشت جا ڊش تيار ڪري رهيو هو. هن پنهنجي اسسٽنٽ جي مدد سان نانگ جي منڍي سندس ڌڙ کان ڌار ڪري پاسي تي رکي ۽ نانگ جي گوشت مان قيمو ۽ ڪجهه سلائيس ٺاهي سوُپ ۽ فرائي ٺاهڻ شروع ڪيو. ان سڄي ڪم ۾ پينگ فان کي ويهه منٽ کن لڳي ويا. پينگ کي خواب خيال ۾ به نه هو ته اهو نانگ جنهن جو هن سر ڪٽي ڌار ڪري رکيو هو، ان جا اعصاب ايڏا مضبوط ۽ زبردست هوندا جو پينگ ان جو شڪار ٿي ويندو. پينگ کي خاطري هئي ته اهو مرده ٿي چڪو آهي تڏهن ته هن ان کي پنهنجي هٿ سان کڻي ڪچري جي بارديءَ ۾ ٿي اڇليو. پر ڪوبرا جي ڪٽيل سر بيحد ڦڙتيءَ سان پينگ جي هٿ کي چَڪي رکيو ۽ وات بند ڪري پنهنجا ڏند هن جي هٿ ۾ کُپائي ڇڏيا. پينگ چند سيڪنڊن ۾ ئي نيلو اُوڌو ٿي ويو. ڀرسان بيٺل سندس مددگار يڪدم امرجنسي ۾ طبي مدد جي گُهر ڪئي پر پينگ جو هٿ هڪ منٽ ۾ ڳرڻ لڳو ۽ منهن مان گجي نڪرڻ لڳي ۽ پوءِ ٻي منٽ ۾ هو بيهوش ٿي پٽ تي ڪري پيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو پنهنجي جان جي بازي هارائي ويٺو. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ اخبار جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پينگ قاتل ڪوبرا جي ڪٽيل سر جي ’انتقامي ڪاروائيءَ‘ جو ٽن منٽن اندر شڪار ٿي ويو.
طبي ماهرن لاش جو پوسٽ مارٽم ۽ ڪوبرا جي زهر جي ڪيميائي رپورٽ چيڪ ڪرڻ بعد ٻڌايو ته ڪوبرا نانگ جو سر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ بعد به هڪ ڪلاڪ جيئرو رهي ٿو ۽ ڪنهن به انسان يا جانور کي ڏنگي سگهي ٿو.
ياد رهي ته چين توڙي هانگ ڪانگ ۽ تائيوان جي اوچين هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن ۾ ڪوبرا جي گوشت جا ڊش بيحد مقبول آهن. ماضيءَ ۾ هي بورچي ’ مسٽر پينگ‘ سوين ڪوبرا نانگن جون سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري مختلف ڊش ۽ سوپ ٺاهي چڪو هو.
اسان وٽ نانگ ماڻهن کي کائين ٿا پر چيني ماڻهو صدين کان نانگن کي کائيندا اچن. هو نه فقط لذت لاءِ نانگ کائين ٿا پر دوا خاطر پڻ. هنن جو چوڻ آهي ته نانگ جو گوشـت ڪيترين ئي بيمارين جو علاج آهي. نانگ جو سُوپ بخار لاهي ٿو. هو اهو ئي چون ٿا ته جيترو نانگ زهريلو اوترو ان جو گوشت فائديمند. ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ منهنجو چيني ڪليگ ڪئپٽن ’مسٽر وانگ‘ نانگن جي گوشت لاءِ چوندو هو ته:
“Snake meat is really good for us. Although, it is not so easy to get and is expensive but it has spectacular health benefits”.
هونءَ پڙهندڙ مون کان اڪثر پڇندا آهن ته اسان وٽ ته نانگ نظر اچڻ تي ان کي ماري ڦٽو ڪريو ڇڏيون پر اهو جانور چين، ملائيشيا، هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ وڪاميو وڃي ٿو ۽ عام نانگ جي سوپ يا گوشت جا ڪهڙا مختلف ڊش آهن ۽ انهن جي قيمت ڇا آهي؟
هانگ ڪانگ جي هڪ نانگن جي ريسٽورنٽ ٻاهران نانگن جي مختلف ڊشن جا نالا چيني ٻولي سان گڏ انگريزي ۾ به لکيل ڏسي نوٽ ڪيا اٿم.
• نانگ جو سوپ
• نانگ جو سوپ هڏين وارين ٻوٽين سان
• نانگ جو سوپ بنا هڏين جي گوشت سان
• نانگ جي پيٽ واري حصي جو تريل گوشت
• نانگ جون مشڪون (Tendons) ۽ کل فراءِ ٿيل.
• ٺلهي سوپ جو پيالو پنهنجي 500 روپين برابر آهي ۽ باقي هر ڊش اٽڪل هڪ هزار روپين جو.

اصحابي حضرت سعد بن ابي وقاص جو چِين سان واسطو

چين اسان جو دوست ملڪ آهي ۽ واپار وڙي جي سلسلي ۾ يعني پاڪستان کان مختلف سامان کڻي هِتي لاهڻ يا چين جو سامان چاڙهڻ لاءِ اسان کي هر وقت چين جي هن آڳاٽي ۽ تاريخي بندرگاهه ’ڪئنٽن‘ (گئانگ زو جنهن کي عرب قهانفو سڏين ٿا) ۾ جهاز کي وٺي اچڻو پيو ٿي. جپان ۽ ڪوريا ويندي هانگ ڪانگ ۾ جهاز ترسندو هو ته به اسان ڄڻ ڪئنٽن ۾ هوندا هئاسين جو هانگ ڪانگ جي ريلوي اسٽيشن ڪولون کان ڪئنٽن ٽرين وڃي ٿي.
ڪئنٽن ۾ شاپنگ ۽ گهمڻ ڦرڻ پنهنجي جاءِ تي پر هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ هن شهر جون مسجدون ڏسي ۽ مسلمان چينين سان ملي هڪ روحاني خوشي ٿيندي هئي جن مان ڪيترا چيني انهن عربن جو اولاد آهن جيڪي تجارت خاطر اسلام کان اڳ ۽ پوءِ هن بندرگاهه ۾ ايندا رهيا ۽ ڪيترن هِتي هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪَئي. هن بندرگاهه ۾ ايندڙ عرب مسلمانن ۾ ڪجهه اصحابي سڳورا به هئا جن مان حضرت سعد بن ابي وقاص جن جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.
چين ۾ اسلام اچڻ جي تاريخ تي نظر ٿي ڪجي ته چين ۾ اسلام کان اڳ به عرب هن بندرگاهه ڪئنٽن (گئانگ زو) ۾ ايندا رهيا ٿي پر انهن جي اسلام قبول ڪرڻ بعد چين سان واپار وڙو تمام گهڻو وڌي ويو. اتي رهندڙ عربن ۽ مڪاني چيني ماڻهن کي مسلمان بنائڻ ۾ ڪجهه اصحابين جون به خذمتون آهن خاص ڪري حضرت سعد بن ابي وقاص ۽ حضرت جعفر ابن ابي طالب جون.... جيڪي پهريون دفعو سن 616 ۾ حبش (Abyssinia) جي بندرگاهه کان سري لنڪا، چٽگانگ ۽ منيپور کان ٿيندا هِتي گئانگ زو (ڪئنٽن) بندرگاهه ۾ پهتا هئا.
حضرت سعد بن ابي وقاص ته هِتي ٻيو دفعو ۽ ان بعد ٽيون دفعو حضرت عثمان رضه جي ڏينهن ۾ 651 ۾ خليفي پاران هڪ سفارتڪار جي حيثيت ۾ پڻ آيو ۽ چين جي ان وقت جي شهنشاهه طرفان سندن گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو هو. چين ۾ مختلف حڪومتون اينديون رهيون ۽ هوڏانهن عربن ڏي به مختلف گهراڻا ۽ انهن جا خليفا حڪومتون ڪندا رهيا پر چين ۽ عرب ملڪن جا هڪ ٻئي سان تعلقات هميشه سٺا رهيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن گرمي ۽ ٿڌائي ايندي رهي، جيئن 751 ۾ ٽئنگ ۽ عباسي گهراڻن جي حاڪمن جي وچ ۾ طلاس جي جنگ لڳي جيڪا عرب تاريخ ۾ ’معرکة نهر طلاس‘ نالي سان مشهور آهي. جنهن ۾ ڪيترا چيني سپاهي عربن وٽ قيد ٿي ويا. انهن مان هڪ قيدي عراق کان 12 سالن بعد جنهن جهاز ۾ واپس وطن آيو ان جي گئانگ زو تائين ڊئريڪٽ روٽ هئي. يعني اٺين صدي تائين عرب ۽ چين جي وچ ۾ جهازن جي اچ وڃ ڪافي وڌي وئي هئي. اهو احوال چين جي ٽئنگ سلطنت تي لکيل پهرين جامع تاريخ جي ڪِتاب ۾ پڻ آهي. هن ڪِتاب ’The Old Book of Tang‘ ۾ 200 چئپٽر آهن.
زميني ۽ سامونڊي سلڪ روٽن کان اڻ واقف ماڻهو اهو ضرور سوچيندا هوندا ته هيءَ طلاس جي جنگ عربن ۽ چينين جي وچ ۾ ڪٿي لڳي! ڪٿي چين ۽ ڪٿي عربستان! ڇا عرب فوجي جهاز ڀري چين وڃي وڙهيا يا چيني هلي ملي عباسي سلطنت سان بصري ۽ بغداد ۾ اچي وڙهيا! دراصل ڳالهه اها آهي ته ان دور ۾ عرب ۽ چيني (ٽنگ سلطنت) وارا پنهنجي پنهنجي سلطنت وڌائي رهيا هئا ۽ خشڪي واري سلڪ روٽ رستي چيني ۽ عرب وچ ايشيا تائين پهچي ويا هئا. چين جي انهن ڏينهن جي حاڪم اوسي پاسي جي ٻين ملڪن ۽ قومن سان ملي هاڻ وچ ايشيا مان وهندڙ ’سير‘ (Syr) دريا تي قبضو ٿي ڪيو، هن درياهه کي ايران وارا ’سير درياهه‘ سڏين ٿا ۽ عرب ’سيحون‘. سير درياهه ۽ ان پاسي وهندڙ هڪ ٻي ندي ’آمُو درياهه‘ (Amu Darya) ڀينر نديون سڏجن ٿيون. سير دريا لاءِ ته وچ ايشيا جا ماڻهو چوندا آهن ته جنت مان جيڪي چار نديون نڪرن ٿيون ’سير دريا‘ انهن مان هڪ آهي ۽ باقي ٽي آهن: آمو دريا، نيل ۽ الفرات (Euphrates). سير دريا ندي ڪرغستان جي جبلن ۽ اوڀر ازبسڪتان مان نڪرندڙ ٻه نديون ٺاهين ٿيون جيڪي پوءِ هڪ ٿي ٻه هزار کن ڪلوميٽرن بعد قزاخستان مان ٿيندي ارل (Aral) سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
نهر طلاس واري لڙائيءَ ۾ چينين جي هار ٿي. ان کان پوءِ چيني اڳتي نه وڌيا. هن لڙائي دوران عرب دنيا ۾ عباسي سلطنت جو پهريون خليفو عبل عباس الصفا حاڪم هو ۽ 4 سالن بعد المنصور خليفو ٿيو جن جي ڏينهن ۾ چيني قيدي واپس وريا هئا. انهن قيدين مان عربن کي اهو پڻ فائدو ٿيو جو پني ٺاهڻ جي ٽيڪنالاجي عرب ملڪن ۾ آئي جِتان پوءِ يورپ ٽرانسفر ٿي نه ته طلاس نهر واري لڙائي کان اڳ دنيا ۾ ڪاغذ فقط چين ۾ ٺاهيو ويو ٿي.
بهرحال چين جي هن بندرگاهه ڪئنٽن (گئانگ زو) ۾ لنگر انداز ٿيڻ سان ڪيتريون ئي ڳالهيون دماغ ۾ اچن ٿيون ۽ ڪن ڳالهين ۾ پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو ته حيرت به ٿئي ٿي ته 1300 سال کن اڳ ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ هِتي ڪيئن عرب پهتا ۽ هنن پَٽن تي اسلام پکيڙيو. خاص ڪري هن شهر ڪئنٽن ۾، جِتي حضرت سعد بن ابي وقاص جهڙو اصحابي رهيو ۽ هن جو هن شهر جي خبر ناهي ٻين ڪهڙين گهٽين مان گذر ٿيو هجي پر هن مسجد، هئائي شينگ (Huaisheng) ۾ ته ضرور اچڻ ٿيو هوندو جيڪا حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ 627 ۾ ٺهي.
ائين به نه آهي ته اصحابي سڳورا رڳو هِتي چين جي هن شهر ڪئنٽن ۾ آيا. اسان وٽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به آيا. عربن جي سنڌ تي حڪومت کڻي محمد بن قاسم جي حملي بعد ٿي پر واپار وڙي جي سلسلي ۾ هو هر سال سنڌ ۽ بلوچستان جي ننڍن وڏن بندرگاهن ۾ ايندا رهيا ٿي ۽ اسلام کان اڳ توڙي پوءِ به ڪيترا عرب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هميشه لاءِ ٽِڪي پيا هئا، جيئن اڄ ڪلهه اسان جا ماڻهو مختلف ملڪن ۾ اتي جي پي آر (Permanent Residency) ’شهريت‘، ’ورڪنگ ويزا‘، ’اگاما‘ يا ’سيڪنڊ هوم‘ جي اجازت وٺي رهي پون ٿا. پر ايترو آهي جو ان وقت اسان وٽ ايترا عرب نٿي رهيا جو هِتان عربستان ويجھو هو ۽ ڪم ڪاريون لاهڻ بعد هو هليا ويا ٿي پر ڪالم (ملائيشيا وارو اڄ ڪلهه جو ملاڪا وارو علائقو) ۽ گئانگ زو (ڪئنٽن) ۾ گهڻا رهي پيا ٿي. منهنجي خيال ۾ ’مخدوم محمد هاشم ٺٽوي‘ جي فقهي جي لکيل ڪِتاب ’بياضِ هاشمي‘ ۾ پڙهيو هوم ته هن ’جعفر بوبڪاڻيءَ‘ جي حوالي کان لکيو آهي ته اسان جي رسول پاڪ صلعم جن پنج اصحابين کي سنڌ موڪليو، جيڪي نيرون ڪوٽ (اڄ جي حيدرآباد واري علائقي) ۾ اچي رهيا جن مان پوءِ ٻه يا ٽي واپس وڃڻ وقت پاڻ سان ڪيترن سنڌين کي به مڪي شريف/مديني منور وٺي ويا هئا. حضور صلعم جن جي سنڌ بابت ڄاڻ ان روايت مان به پوي ٿي ته پاڻ ڪريم صلعم جن سنڌ ڏي منهن مُبارڪ ڪَري چوندا هئا ته، ”اتان مون کي جنت جي خوشبوءِ اچي ٿي.“ بلوچستان جي شهر ’پنجگور‘ لاءِ چون ٿا ته اتي پنجن اصحابين جون قبرون آهن. اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي منهنجي انجنيئر دوست ’عبدالوهاب سهتو‘ صاحب ٻڌايو ته: ٺٽي جي عبدالله شاهه جي مقبري لاءِ به چون ٿا ته اهو هڪ اصحابي سڳوري جو آهي.
ڪنڊياري جي عالم دين، ليکڪ ۽ ڊاڪٽر ادريس سومرو صاحب ٻڌايو ته سکر جي ڀرسان، مين روڊ تي جيڪو شڪارپور ڏي وڃي ٿو، اتي جَهانو ڳوٺ کان اڳ هڪ ننڍڙو ڳوٺ محبوب نالي اچي ٿو اتي جي قبرستان ۾ ٻن قبرن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي پڻ اصحابين جون آهن. ادريس صاحب ٻڌايو ته هنن قبرن تي فاتح پڙهڻ لاءِ مولانا تاج محمد امروٽي هلي ايندو هو.
بهرحال چين عربستان کان تمام پري آهي پر جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته عربن جو چين ڏي اچڻ وڃڻ اسلام کان به اڳ جو هو. انهن ڏينهن جو چين دنيا جي ڪيترن ملڪن کان اڳڀرو هو. مختلف هنرن ۾، وڻج واپار ۾، ويندي پني جي ايجاد ۽ ڇپائي ۾. ڪيترن ڪِتابن ۾ اها روايت آهي ته پاڻ سڳورن علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ فرمايو هو ته:
اطلبو! العلم ولو ڪان في الصين
(علم سکو ڀلي اوهان کي چين ڇو نه وڃڻو پوي)
چين ۾، خاص ڪري ڪئنٽن شهر ۾، جنهن اصحابي سڳوري جي رهائش ۽ مڪاني ماڻهن کي اسلام جي تبليع ذريعي معلومات ڏيڻ جو گهڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو اهو حضرت سعد بن ابي وقاص آهي جن سڀ کان اڳ اسلام قبول ڪيو. پاڻ 11-610 ڌاري مسلمان ٿيو ۽ ان سلسلي ۾ سندن سترهون نمبر هو. 636 ۾ ايران جي فتح ۾ سندن اڳواڻي، ان بعد اتي گورنر ٿي رهڻ ۽ چين ۾ سفارتڪار جي حيثيت سان اچڻ ڪري پاڻ گهڻو مشهور آهن.
حضرت سعد بن ابي وقاص اصحابي مڪي شريف ۾ 595 ۾ ڄائو. سندن تعلق قريش قبيلي جي بنو ظهرا گهراڻي سان هو. پاڻ حضور صلعم جن جي والده بيبي آمنا بنت وهب جو سوٽ هو. سترهن ورهين جي ڄمار ۾ هن اسلام قبول ڪيو هو.
حضرت سعد بابت ڪِتابن ۾ روايت آهي هن جي ماءُ کي جڏهن اها خبر پيئي ته سندس پٽ اسلام قبول ڪيو آهي ته هن کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ کيس چيو: ”سعد! هي تو ڪهڙو مذهب اختيار ڪيو آهي جنهن توکي تنهنجي ماءُ پيءُ جي ڌرم کان پري ڪري ڇڏيو آهي؟؛ آئون قسم کڻي ٿي چوان ته توکي اهو مذهب ڇڏڻو پوندو ٻي صورت ۾ آئون نه کائينديس نه پيئنديس ڀلي موت مونکي توکان جُدا ڪري ڇڏي“.
”مُنهنجي امڙ ايئن نه ڪر“ حضرت سعد چيو: ”ڇو جو دنيا جي ڪا به شيءِ مون کي اسلام کان الڳ نٿي ڪري سگهي.“
ماءُ پنهنجو دڙڪو قائم رکيو ۽ پاڻ کي بکيو ۽ اڃيو رکڻ ڪري ڪمزور ٿي وئي. حضرت سعد هن کي کائڻ لاءِ چوندو رهيو. آخر پنهنجي ماءُ کي چيو ته ”منهنجي ماءُ! منهنجو توسان گهڻو پيار هجڻ جي باوجود منهنجو جيڪو الله ۽ ان جي رسول سان آهي اهو تمام گهڻو آهي ۽ آئون ڪنهن به صورت ۾ اسلام ڇڏي نه سگهندس.“
آخرڪار ماءُ جڏهن ڏٺو ته سندس پٽ ضد تي قائم آهي ته هن بي دلي سان کائڻ پيئڻ شروع ڪيو.
حضرت سعد بن ابي وقاص ڪيترين اسلامي لڙائين ۾ حصو ورتو. حضور صلعم جن تي سن 611 ۾ وحي نازل ٿيو ۽ ان ئي سال حضرت سعد اسلام قبول ڪيو هو. ان بعد 5 سال رکي هو پهريون دفعو چين جي هن شهر ڪئنٽن ۾ آيو. ان بعد عربستان واپس وڃڻ تي سن 624 ۾ بدر جي لڙائي لڳي جنهن ۾ حضرت سعد پنهنجي ننڍي ڀاءُ عُمير سان گڏ ڪافرن سان وڙهيو. چون ٿا ته عمير جي ننڍي عمر هجڻ ڪري کيس جنگ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو پر گهڻي ضد ۽ روئڻ تي حضور صلعم جن کين اجازت ڏني. لڙائي ختم ٿيڻ تي حضرت سعد کي اڪيلي مديني موٽڻو پيو. سندس ڀاءُ عُمير انهن 14 مسلمانن مان هڪ هو جيڪي هن جنگ ۾ شهيد ٿي ويا هئا.
حضرت سعد احد جي جنگ ۾ به حصو ورتو. پاڻ بهترين تير انداز هئا. حضور صلعم جي الوداعي حج جي موقعي تي حضرت سعد جنهن کي اڪيلو ڌيءَ ٻار جو اولاد هو تنهن حضور صلعم جن کي عرض ڪيو ته هن کي هڪ ئي ٻار آهي جنهن لاءِ هن جي ملڪيت جو هڪ حصو ڪافي آهي. باقي ٻه حصا هو صدقي ۾ ڏيڻ ٿو چاهي. حضور صلعم جن کين انڪار ڪيو. ان تي حضرت سعد اڌ ملڪيت لاءِ چيو. ان تي به حضور صلعم جن انڪار ڪيو. ”ڀلا ٽن حصن مان فقط هڪ حصو صدقي ۾ ڏئي سگهان ٿو؟“ حضور صلعم جن هائوڪار ڪئي ۽ فرمايو ته ”ٽيون حصو ڪافي آهي ۽ پنهنجي اولاد کي ٻئي جو گُهرجائو ٿيڻ بدران هن کي بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃجي.“
حضرت سعد بن ابي وقاص حضرت عمر جي خلافت وارن ڏينهن (644 ــ 634) ۾ به ڪيترين ئي جنگين ۾ حصو ورتو خاص ڪري ’جنگ قادسيه‘ ۾ (جيڪا فارسي ٻوليءَ ۾ ’نبرد قادسيه‘ جي نالي سان مشهور آهي) ۾ جيڪا 636 ۾ عرب فوج ۽ ايران جي ساساني حاڪمن جي فوج ۾ لڳي. هن ۾ پرشيا (ايران) جي آخري ساساني حاڪم ’يزدگرد سوم‘ شڪست کاڌي ۽ ايران عربن حوالي ٿي ويو. هن لڙائيءَ ۾ بازنطانيا (روم) جي شهنشاهه ’هيراڪلس ساساني‘، ’شهنشاهه يزدگرد سو‘م جو پاسو کنيو جنهن جي زال ’مانيانح‘، هيراڪلس جي پوٽي هئي. هيراڪلس (فلئوس هيرا ڪلس آٽس 641 - 575) سن 610 کان 641 تائين اوڀر روم جو شهنشاهه رهيو.
جنگ قادسيه بعد حضرت سعد بن ابي وقاص کي ڪوفي ۽ نجد جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هِتي اهو به لکندو هلان ته ٽئين خليفي جي چونڊ جن ڇهن ڄڻن مان ٿي، ان مان هڪ حضرت سعد بن ابي وقاص به هو. اسلام جي ٽئين خليفي حضرت عثمان جي خلافت وارن ڏينهن (654-644) ۾ جڏهن چين ۾ ٽئنگ گهراڻي جو ٽيون شهنشاهه گائوزانگ (683-628) حاڪم هو. حضرت سعد کي 650 ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ چين جي هن شهر ڪئنٽن ۾ موڪليو ويو. چين جا مسلمان اسلام جي دائري ۾ اچڻ جو ڪريڊٽ اڄ به حضرت سعد بن ابي وقاص کي ڏين ٿا. پاڻ حضرت معاويه جي حڪومت (664-661) بعد به ڏهه سال کن حيات رهيا ۽ 80 ورهين جي ڄمار ۾ 674 ڌاري وفات ڪيائون.
سئيڊن جي شهر مالمو جي مسجد جو ترڪ امام ٻڌائيندو هو ته حضرت سعد بن ابي وقاص انهن ڏهن اصحابي سڳورن ’العشرة المبشرون بالجنة‘ مان هئا، جن کي هن دنيا ۾ ئي جنت جي بشارت ملي. ان کان علاوه ٻين اصحابين ۾ چار خليفا، حضرت طلحا، حضرت زبير، حضرت عبدالرحمان بن عوف ۽ حضرت عبيد بن الجراح هئا.

سڪندر ۽ زرينه ڪهڙا مسلمان هئا؟

چين جي خوبصورت ۽ تاريخي بندرگاهه ڪئنٽن (گئانگ زو) جو ذڪر ڪندي، مون اتي جي هڪ آڳاٽي مسجد ۽ رهندڙ مسلمانن جو به ذڪر ڪيو. اهو ان ڪري جو اسان جا ڪيترا ماڻهو سمجھن ٿا ته چين، ڪوريا، ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جهڙن ملڪن ۾ شايد مسلمان نه آهن. اهو سمجھڻ وارن ماڻهن مان هڪ آئون به آهيان يا کڻي چئجي ته هوس. چين جي پهرين سامونڊي سفر تي اسان کي پنهنجي جهاز کي ڪئنٽن وٺي وڃڻو پيو ۽ پهرين جي طئه شده پروگرام موجب اتان ۽ ڀر واري بندرگاهه هانگ ڪانگ مان سامان چاڙهي واپس ڪراچي موٽڻو هو... پر ڪئنٽن پهچڻ تي اهو فيصلو ٿيو ته اسان کي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي، اهو ڪم اتي پهتل اسان جي ڪمپني جي ٻئي جهاز کي سونپيو ويو آهي. اسان جي جهاز ۾ ريفريجريٽيڊ سامان کڻڻ جي سهوليت هجڻ ڪري، اسان کي چين جي اتراهين بندرگاهه دائرين مان 15 هزار ٽن مڇي کڻي سڄو پئسفڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا (USA) جي مغربي ڪناري واري بندرگاهه لاس اينجلس ۾ پهچائڻ لاءِ چيو ويو.
ڪراچي کان ڪئنٽن ۽ واپس ڪراچيءَ جي مهيني ڏيڍ جي سفر مطابق جهاز هلائيندڙ آفيسرن ۽ خلاصين جي کاڌي خوراڪ لاءِ 40 کن ڪٺل ۽ صاف ٿيل ٻڪريون ۽ ڏهاڪو کن ڍڳين جا ڍانچا (Carcass) ۽ ٻيو سامان مڇيون، ميوو، ڪٺل ۽ ڇليل 200 کن ڪڪڙيون کنيون هيون، جيڪو سامان ان سفر مُطابق صحيح بلڪه قانون موجب گهڻو هو جيئن سمنڊ تي هفتو کن جهاز خراب ٿي بيٺو رهي ته به کاڌي خوراڪ جو سامان کٽي نه... بچي ڀلي پوي. پر هاڻ هيڏي وڏي سفر جو ٻڌي هر هڪ اهو سوچيو پئي ته جهاز جو ڪئپٽن حلال گوشت ڪٿان وٺندو! بهرحال هر هڪ ته نه پئي سوچيو پر اسان ٻن ٽن ڄڻن، جن جو هن پاسي جو سفر پهريون دفعو هو ۽ دنيا جي اڃان واقفيت نه ٿي هئي. اسان اهو ئي سمجھيو ٿي ته مسلمان ۽ حلال گوشت هڪ اسان جي ملڪ ۾ آهن ۽ ٻيو عرب ملڪن ۾. اسان اهو ئي پئي سوچيو ته ان ڪم لاءِ جهاز کي ڪنهن مسلمان ملڪ ڏي هلڻو پوندو پر پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته ان ڪم لاءِ هن بندرگاهه ڪئنٽن جي ئي ڪاسائين کي آرڊر ڏنو ويو آهي. اهو ٻڌي اسان کي حيرت ٿي ته ڏاڙهي وارو اسان جو ملون ڪئپٽن هن کان اڳ واري بندرگاهه منيلا ۾ ته اسان کي برگر کائڻ کان به منع ڪري رهيو هو، پر هاڻ هن چيني بندرگاهه تي اچي اسان لاءِ جھٽڪي جو گوشت ٿو خريد ڪري!
شامَ جو ڪئنٽن شهر جي سير تي نڪتاسين ته هِتي جي هڪ پارڪ ’Yuexiu‘ ۾ هڪ جھور پوڙهو چيني همراهه مليو، جنهن ٻڌايو ته هُو مسلمان آهي ۽ هِتي جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ شايد ’سن يات سين يونيورسٽي‘ ۾ يا ’سائوٿ چائنا يونيورسٽي‘ ۾ تاريخ جو پروفيسر آهي. اسان کي سندس پروفيسر هجڻ تي تعجب نه لڳو پر هن جي مسلمان هجڻ تي ضرور لڳو.
آئون انهن ڏينهن ۾ 25 ورهين جي ڄمار جو هوس. تاريخ کان بلڪل اڻ ڄاڻ فقط پنهنجي پروفيشن جي سبجيڪٽن جا ڪِتاب پڙهيا هئم يا ڪجهه ناول ۽ افسانا. مون کان خبر ناهي ڪيئن وات مان نڪري ويو ته، ”ڇا چيني به مسلمان آهن؟“
هن پوڙهي چيني پروفيسر جنهن جي ڀرن جا وار به اڇا هئا، مون کي ڪا گهڙي گهوري ڏٺو. ان دوران مون کي به پنهنجي غلطي محسوس ٿي ته اها ڪهڙي فضيلت آهي جو ڪو پاڻ بابت ڪجهه ٻڌائي ته آئون يڪدم ان تي شڪ ڪريان! ظاهر آهي منهنجي ان سوال تي هن اهو ئي سمجهيو هوندو، پر هن ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ بدران مرڪي چيو ته، ”توهان لڳي ٿو ته سيلر (Sailors) آهيو.“ هن جو مطلب هو ته اسان جو واسطو سامونڊي زندگيءَ سان آهي. بعد ۾ مون سان گڏ منهنجي ساٿي جونيئر انجنيئر ٻڌايو ته پروفيسر صاحب جي ان چوڻ جو مطلب هو ته توهان جو ڏوهه ناهي توهان ڄٽ ماڻهو آهيو يعني سمورو وقت سمنڊ تي رهڻ ڪري نه توهان اخبار پڙهو ٿا ۽ نه توهان جو ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل سان واسطو پوي ٿو. ان بعد هن پڇيو ته، ”اسان ڪهڙي ملڪ جا مسلمان آهيون؟“
مون فخر سان پاڪستان جو نالو کڻي کيس ٻُڌايو ته منهنجو ان جي ڏاکڻي صوبي سنڌ سان واسطو آهي، جِتي قديمي تهذيب جو موهن جو دڙو آهي ۽ جيڪو Gateway to Islam ٿو سڏجي، جِتي 711 ۾ راجا ڏاهر جي شڪست بعد اسلام آيو، جتان پوءِ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن ۾ پکڙيو.
پوڙهي چيني پروفيسر جي انگريزي به ڏاڍي سٺي هئي (۽ بعد ۾ ته خبر پيئي ته هُو وڏو عرصو آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي به چڪو آهي. جِتان ئي هن Ph.D پڻ ڪئي هئي) بهرحال ان پهرين ملاقات ۾ هُو منهنجي ڳالهه ٻڌڻ دوران I Know, I Know چوندو رهيو. ان بعد هن مون کان سوال پڇيو: ”راجا ڏاهر جي وفات بعد توهان وٽ اسلام جي آمد ٿي ۽ توهان جا وڏا جيڪي ٻُڌ يا هندو هئا مسلمان ٿيا. چچ جي ان پٽ ڏاهر جي ڄم جو سال ڇا آهي؟“
آئون اهڙو ڪڇان جهڙي ڀت! انهن ڏينهن ۾ ته مون کي اها به خبر نه هئي ته راجا ڏاهر ڪڏهن تخت تي ويٺو يا ڏاهر ان جو چاچو چندر ۽ پيءُ چچ هندو هئا ۽ جن راءِ گهراڻي جي حاڪمن: راءِ سهاسي يا راءِ سهارس، جن کان حڪومت حاصل ڪئي اهي ٻُڌَ هئا. مون کي رڳو اها خبر هئي ته جهاز ڪيئن ٿو هلي... ان جي انجڻ کي ڪيئن ٺيڪ رکجي... سمنڊ تي مختلف پيش ايندڙ حادثن کي ڪيئن منهن ڏجي.
ٿلهن شيشن واري عينڪ پاتل، هن چيني پروفيسر منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيو ته: ”توهان جي سنڌ جو اهو حاڪم ڏاهر جنهن کي 711 يا 712 ۾ محمد بن قاسم سنڌ تي چڙهائيءَ دوران قتل ڪيو ۽ ان بعد سنڌ ۾ يعني ننڍي کنڊ ۾ اسلام جي پرچار ٿي، اهو راجا ڏاهر 660 ڌاري ڄائو هو، بلڪه ان جو پيءُ چچ جيڪو 620 واري ڏهي ۾ ڄائو هو. ان وقت چين جي هن شهر گئانگ زو (ڪئنٽن) ۾ ايترا مسلمان ٿي چڪا هئا، جو 627 ۾ ’گئانگ تا‘ روڊ واري ’مسجد هُئائي شينگ‘ ٺهي چڪي هئي. توهان کي چين جي نه فقط هن شهر ۾ پر هر شهر ۾ مسلمان ۽ حلال کاڌو ۽ مسجدون نظرون اينديون.“
بهرحال اڄ، اهي اڌ صدي اڳ واريون ڳالهيون سوچي پاڻ تي کل ٿي اچي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ٻاهر پڙهندڙ شاگردن ۽ نوڪري ڪندڙ پنهنجن هم وطنن کي چوندو رهان ٿو ته پنهنجي فيلڊ جا ڪِتاب پڙهڻ سان گڏ دنيا جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو به مطالعو ڪريو. ان سان توهان کي ڌارين ملڪن ۾ رهڻ ۽ اتي جي ماڻهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ خوشي ۽ مزو ايندو. دنيا جا ماڻهو ڄاڻ ۽ محنت ذريعي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ۽ ايجادون پيا ڪن ۽ اسان رڳو مٿي سان اخروٽ ڀڃي يا هڪ هٿ سان ڏنڊ (Push ups) هڻي، گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ نالو لکرائي ٻهه ٻهه پيا ٿيون.
مٿئين چيني بزرگ پروفيسر سان منهنجي ان بعد به ڪجهه سال منهنجي جهاز جي ڪئنٽن اچڻ تي ملاقات ٿيندي رهي. ان بعد اسان جو جهاز ٽن چئن سالن لاءِ چين جي ٻين بندرگاهن سواتو، هنگ چائو، سنگ تائو وغيره ۾ ويندو رهيو. ان بعد هڪ دفعي جڏهن اسانجو جهاز ڪئنٽن (گئانگ زو) بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيو ته هي پروفيسر نظر نه آيو. شايد گذاري ويو هجي يا پنهنجي ڳوٺ هليو ويو هجي. هو چوندو هو ته هو هاڻ تمام گهڻو پوڙهو ٿي چڪو آهي.... گهڻو وقت ليڪچر ڏئي نٿو سگهي. کيس زور سان ڳالهائڻ تي ساهه ۾ تڪليف ٿئي ٿي. هن جو تعلق ’هوئي‘ (Hui) قبيلي جي چينين سان هو ۽ سندس ڳوٺ چين جي هڪ اتراهين شهر سنان (Tsinan) جي ڀرسان وهندڙ ’هُوانگ هو‘ نديءَ جي ڪناري تي هو. سندس نالو هن وقت مون کي ياد ناهي جو انهن ڏينهن ۾ منهنجو ايترو لکڻ جو ارادو نه هو. انهن ڏينهن ۾ آئون لکڻ جي ارادي سان نه پر ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ وقت پاس ڪرڻ لاءِ لکندو هوس، جنهن ڪم لاءِ ڪناري جون رنگينيون ۽ گهمڻ ڦرڻ جون ئي کوڙ ڳالهيون هونديون هيون.
بهرحال چيني مسلمانن جي نالن تان اهو لکندو هلان ته هنن جا نالا ۽ ذاتيون پنهنجي چيني نموني جون ٿين ٿيون ۽ اسان جهڙن ڌارين لاءِ ايترو آسان ناهي جو ڪنهن چيني جي نالي مان اندازو لڳائي سگهون ته هو مسلمان آهي يا ٻوڌي. ڇو جو هنن جي نالن ۾ گهڻو ڪري چيني لفظ ئي اچن ٿا. جيتوڻيڪ ان ڳالهه تي به آئون ڏسندو آهيان ته اسان جا ماڻهو اعتراض ڪندا آهن ته مسلمان ٿي ڪري ڪهڙا نالا اٿن. اهو ان ڪري جو اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي ننڍي هوندي ئي اها سُتي پياري وئي آهي ته هر ڳالهه ۾ اسان سٺا ٻيا خراب. مسلمان، اسين صحيح باقي دنيا غلط. ناروي ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ جِتي تعليم خاطر ۽ جهازن جي مرمت ڪري مون کي گهڻو وقت رهڻو پيو ۽ اتي جي مسجدن ۾ وڏو تعداد مڪاني نو مسلم جو نظر اچي ٿو، اتي اسان جي ماڻهن کي هر وقت انهن جي نالن تي اعتراض هوندو هو ۽ ان مسجد جو ترڪ امام سمجھائيندو رهندو هو ته بابا هنن نون مسلمانن پنهنجو نالو ته اسلامي عبدالله، عبدالرحمان، احمد يا محمد رکيو آهي باقي سڃاڻپ يعني هنن جو ڪهڙي ڪڙم قبيلي سان واسطو آهي، ان لاءِ ذات ته ساڳي رهندي. مثال طور قرآن جو انگريزي ترجمو ڪندڙ حيدرآباد دکن جي نوابن وٽان حديث ۽ فقه جي مئگزن ڪڍندڙ نو مسلم انگريز جو نالو ’محمد مارماڊيوڪ‘ هو. هن پنهنجو نالو محمد رکيو پر ذات ساڳي قائم رکي. جيئن Peace چئنل تان هڪ نو مسلم آمريڪن جو نالو ’عبدالرحمان گِرين‘ آهي ۽ سائين هيڏانهن چين ۾ ته مسلمانن جا اهڙا نالا ۽ ذاتيون آهن جيڪي عيسائي ۽ ٻڌ چينين جي نالن وارن اُچارن جا آهن پر ان ۾ به اسان جي سمجھڻ جي غلطي آهي. اسان وٽ جو ڌڻي بخش چنجڻي، ڀليڏنو خاصخيلي، رکيل مورائي ۽ صاحب ڏنو جھتيال جهڙا نالا آهن، جيڪي اسان لاءِ ته اسلامي آهن جو اسان انهن جو مطلب سمجھون ٿا پر سنڌيءَ کان اڻ واقف هڪ عرب يا ايراني مسلمان ان قسم جا نالا ٻڌي چڪر کائيندو ته هي ڪهڙا اسلامي نالا آهن.
چيني ۽ جپاني زبانن ۾ ته نوي سيڪڙو نالا صفتن تي آهن. سٺو گل، ٿڌڙي هير، وڏو ٻيٽ (هيروشيما) وغيره، ڏٺو وڃي ته ان قسم جا نالا اسان وٽ به آهن جيئن ته گل بهار، گل زمان، ويندي سومار، انب گوپانگ، مٺو ڪڇي، سرويچ سجاولي وغيره يعني ڌارئين ماڻهو کي نه نالي مان خبر پوي نه ذات مان ۽ ڪي نالا ته وري اهڙا آهن جيڪي تاريخ ۾ مسلمانن جا هئا ئي ڪونه پر اسان فخر سان رکايو پيا هلون. جهڙوڪ سڪندر، زرينه وغيره. هاڻ جهڙو سڪندر غير مسلم هو تهڙو پورس، پر سڪندر سان گڏ سندس تاريخدان چمچا پئي هليا، جن هن کي پڏائي پڏائي کڻي Great بنايو يعني ’اعظم‘ ته اسان لاءِ به اهو نالو وڏي ڳالهه ٿي ويو. اهڙي طرح زرينا ڪنهن بيبي سڳوريءَ جو نه پر روس جي حاڪم زار جي راڻي زال ’زرينا‘ سڏبي هئي. جنهن پنهنجي مڙس کان وڌيڪَ راسپوٽين جهڙي پاڳل ٻائَي (monk) کي چميو چٽيو ٿي.
هِتي اهو به لکندو هلان ته مسلمان چينين جون ذاتيون جهڙوڪ ما، ها، هُو، ساءِ، زهينگ، وغيره نج اسلامي ذاتيون آهن. هو لفظ محمد صلعم لاءِ ما، مُو يا هان (Han) استعمال ڪن ٿا، اهڙي طرح ’ها‘ حسن لاءِ ۽ ’هُو‘ حُسين لاءِ. ’ساءِ‘ سعيد لاءِ ’شا‘ شاهه لاءِ. Guo يا Koay قمر دين لاءِ Cai يا Chuah عثمان لاءِ، Zheng شمس لاءِ جيئن چين جي منگ گهراڻي جي دور جو مشهور مسلمان ۽ جهازن جو ائڊمرل ’زهينگ هي‘ ٿي گذريو آهي، جنهن جي سفرن جو تفصيلي احوال مون پنهنجي تازي آفريڪا واري سفرنامي ’ممباسا شيدي باڇا همباشا‘ ۾ ڪيو آهي. هن جو اصل نالو حاجي محمود شمس هو پر چين توڙي ٻاهر جي دنيا ۾ کيس Zheng He سڏيو ويو ٿي جيئن اسان سنڌين، ڪڇين ۽ گجراتي مسلمانن ۾ خديجه کي اڪثر ’کَتُو‘ ۽ ذواليخا کي ’جُهلي‘ سڏيو وڃي ٿو.
هڪ ٻه ٻيا اهم چيني مسلمان ياد اچي رهيا آهن جيئن ته چين جي يُنان علائقي جو مشهور اسلامي اسڪالر جو نالو ما ڊيڪسن هو. مشهور امام ۽ چيني قومپرست مسلمان جو نالو ’هُو سانگ شان‘ هو يعني هن جي ذات هُو معنيٰ حسين هئي. اهڙي طرح چين جو مشهور مسلمان جنگي جوڌو ’ما چينگ زيانگ‘ ٿي گذريو آهي. سندس پيءُ ’ما بُو قنگ‘ به چين جي مشهور شخصيت هو.

عرب چِين تائين ڪيئن پهتا؟

چين هڪ تمام وڏو ملڪ آهي جنهن جو اوڀر وارو حصو ڏکڻ ۽ اوڀر چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ سان وڃيو لڳي. اسان ڏور اوڀر ڏي جهاز کي وٺي ويندا آهيون ته سفر ۾ ٻه هفتا کن لڳي ويندا آهن. ڪراچيءَ مان لنگر کڻي ڏکڻ ڏي هلندا رهندا آهيون. هندستان جي اوکا، پوربندر، ڀاونگر، ممبئي، رتناگري، گوا، مئنگلور، ڪاليڪٽ، ڪُوچين ۽ تري وندرم جهڙن بندرگاهن کان پري کان لنگهندا ٽن ڏينهن اندر اچي ڪولمبو پهچندا آهيون. ياد رهي ته محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ جڏهن پاڻي جي جهازن جي انجڻ اڃان ايجاد نه ٿي هئي ۽ ڪاٺ جا ننڍا وڏا ٻيڙا ڪپڙن جي سڙهن تي هلندا هئا يعني هوا انهن سڙهن کي Push ڪندي هئي ۽ جهاز هلندا هئا ته انهن ڏينهن ۾ ديبل ٺٽي کان ڪولمبو روانا ٿيندڙ جهاز هندستان جي مٿين بندرگاهن کان علاوه ٻين به ڪيترن ننڍن ننڍن بندرگاهن تي ساهي پٽيندا ٻن ٽن هفتن بعد پهچندا هئا. يا عرب ملڪن کان ڪولمبو ويندڙ جهاز گوادر، پسني ۽ ديبل وٽ بيهندا بيهندا ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ٻيا به ڪيترائي ننڍا بندرگاهه مشهور هئا جن جو بعد ۾ جهازن جي وڏي ٿيڻ ڪري، وجود ئي ختم ٿي ويو ۽ انهن بدران ممبئي جهڙا نوان بندرگاهه پيدا ٿيا.
بهرحال اسان اڄ جي ڳالهه ٿا ڪيون ته ڪراچيءَ کان پاڻي وارو جهاز ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ پهرين هيٺ ڏکڻ طرف ويندي ٽن ڏينهن اندر ڪولمبو پهچي ٿو. ان بعد ڪولمبو وٽان سڄي سريلنڪا ٻيٽ کي ڦيرو ڪري مٿي اتر ڏي ڪلڪتي يا چٽگانگ پهچي ٿو. اهو به ٽن ڏينهن جو پنڌ آهي يا اَنڊامان ۽ نِڪوبار ٻيٽن وٽان جيڪي ڪنهن زماني ۾ ڪاري پاڻي واري جيل کان مشهور هئا، اتان ڦري رنگون وڃي ٿو. جِتان پوءِ ملائيشيا جي پينانگ ٻيٽ تي پهچي ٿو ان بعد کلئي سمنڊ بدران سامونڊي سوڙهي گهٽي (ملاڪا ڳچي سمنڊ) آهي جنهن جي هڪ پاسي ملائيشيا جي سرزمين آهي ته ٻئي طرف انڊونيشيا جو سماترا ٻيٽ... جيڪو نالي ۾ ته ٻيٽ آهي پر سڄي مغربي ملائيشيا کان ٻيڻو آهي. بهرحال هن سوڙهيءَ گهٽيءَ ۾ پهچي اڄ جا آفتن جيڏا جهاز هلائيندڙ اسين جهازي به سڪون محسوس ڪريون ٿا جو هن گهٽيءَ جي ٻن ڏينهن جي سفر ۾، سنگاپور تائين، نه طوفان هوندو آهي ۽ نه مڇريل سمنڊ. اڄ اسان جنهن دور جي ڀيٽ ڪري رهيا آهيون يعني محمد بن قاسم جي ڏينهن جي ته انهن ڏينهن ۾ يعني 711 ۾ نه سنگاپور هو نه پينانگ.... اهي ٻئي ٻيٽ ۽ اڄ جا مشهور بندرگاهه انگريزن جي دور حڪومت ۾ 1819 ڌاري وجود ۾ آيا. آڳاٽي زماني ۾ ملائيشيا جو بندرگاهه ملاڪا بلي بلي هوندو هو. بلڪه اهو کڻي سمجھو ته ملاڪا ملائيشيا (ملايا) هو. ان ڪري ته ’ملاڪا‘ جي ڳالهه ڪندي ملائيشين ان کي تاريخي شهر سڏين ٿا. ۽ هي اهو شهر آهي جِتي مون ڏهه سال کن لڳاتار پڙهايو ۽ هينئر به وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ويندو رهان ٿو.
هن ملاڪا بندرگاهه واري سامونڊي گهٽيءَ ۾ پهچي جڏهن اسان ڪَل تي هلندڙ آفت جهازن وارا ئي خوش ٿيون ٿا ته اندازو لڳايو ته اڳئين دور ۾ ڪاٺ جي جهازن وارا جن جو سڄو مدار هوا تي هو اهي ڪيڏو خوش ٿيندا هوندا. ملاڪا بندرگاهه مڊوي هائوس جو ڪم ڏيندو هو. هڪ طرف عربن ۽ ايرانين جا جهاز هِتي اچي لنگر انداز ٿيندا هئا ته ٻئي طرف چين، فلپين، سيام پاسي جا جهاز ايندا هئا ۽ سامان جو وڪرو ۽Transshipment ٿيندي هئي.
هن سامونڊي گهٽي مان نڪرڻ سان سنگاپور جو ٻيٽ اچي ٿو جِتان ڦري وري اتر ڏي رخ ڪجي ٿو ته ٿائلنڊ جو بندرگاهه ’بئنڪاڪ‘ ۽ ويٽنام وغيره اچي ٿو. ساڄي پاسي اوڀر ڏي وڃبو ته فلپين جو بندرگاهه منيلا ايندو. پر جي اتر وٺي پيو وڃبو ته چئن ڏينهن ۾ چين جو هي بندرگاهه ڪئنٽن (گئانگ زو) اچي ويندو.
بهرحال ڏٺو وڃي ته ڪراچي کان چين ٻه کن هفتن جي پنڌ تي آهي. اهو بندرگاهه يعني چين ملڪ جو عربستان ۽ پرشيا (ايران) کان ته اڃان به پري ٿيو. ان مقابلي ۾ اسان جو ديبل (ٺٽو) عربستان کي ويجھو ٿيو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته محمد بن قاسم جي حملي بعد توڙي ان کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ عرب ۽ اسلام پهرين سنڌ ۾ آيو. ان ڪري اسان سنڌ کي باب الاسلام ٿا سڏيون. پر ڪيترا اهو ٿا سمجھن، خاص ڪري اسان جي جهازي دنيا جا هم وطن، ته جيئن چين هڪ ڏورانهون ملڪ آهي ان ڪري ان تي اسلام سنڌ کان گهڻو گهڻو پوءِ آيو. پر ائين ناهي. ڪئنٽن (چين ۾) ته ديبل کان به اڌ صدي اڳ اسلام آيو ۽ عرب ته ان کان به گهڻو اڳ چين ۾ اچي رهيا هئا.
دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته اسلام جي آمد کان اڳ عربستان جي عربن ۾ ٻيون کڻي جهالت جون ڳالهيون هيون پر شعر و شاعريءَ وانگر هو نيويگيشن جا به ماهر هئا. بلڪه تمام وڏا قابل هئا جو کين علم فلڪيات جي به وڏي ڄاڻ هئي. سج، چنڊ ۽ تارن جي سڃاڻپ سان گڏ انهن جي چرپر کان به واقف هئا. ويندي اڄ به اسان انهن جو فلڪيات بابت علم پڙهون ٿا ۽ سوين تارن جا انگريزي نالا عربي تان کنيل آهن جن مان ڪيترن جي کوجنا، انهن جو اسان جي ڌرتي کان فاصلو، انهن جي تور، واليوم ۽ روشني (Brightness) جو اندازو عربن ۽ ڪجهه ايراني مسلمانن لڳايو ۽ عربن جي ان ڏنل ڄاڻ مان انگريزن، پورچوگالين، هسپانين ۽ ٻين يورپين فائدو حاصل ڪيو ۽ اڄ تائين دنيا جا جهازي (پاڻي وارا جهاز هلائيندڙ نيويگيٽر) انهن جو لکيل علم پڙهي قابل ٿين ٿا. هن وقت منهنجي ذهن ۾ ڪجهه اهڙن تارن جا نالا اچي رهيا آهن جن بابت اسان جا گورا (انگريز ۽ ٻيا يورپي) فلڪيات (Astronomy) جا پروفيسر اسان کي پڙهائيندا هئا يا جهازن تي انهن جو رخ معلوم ڪرڻ يا طي ڪيل فاصلي جو حِساب ڪرڻ وقت پنهنجي گورن آفيسرن کان ٻڌبا هئا. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن جيڪي جن اصلي عربي زبان جي نالن تان کنيا ويا آهن اهي ڏنگين ۾ لکان ٿو:
• Vega (النسر الواقع) لامارو ڏيندڙ عقاب
• Ain (عين) اک
• Rastaban (رائس الثعبان) نانگ جي مُنڍي
• Thuban (اثعبان) نانگ
• Unukalhai (عنق الحية) ـــ نانگ جي ڳچي
• Kida (العقده) ڳنڍ
• Achemar (آخر النهر) ٻي ندي
• Acrab (العقرب) وڇون
• Altair (الطائر) پکي ـــ عقاب
• Deneb (ذنب الدجاجة) ڪڪڙ جو پڇ
• Mothallah (المثلث) ٽڪنڊو، وغيره وغيره
دنيا جا جي ماهر فلڪيات ڏٺا وڃن ته انهن ۾ مسلمانن جو وڏو انگ ۽ وڏو نالو آهي. توهان کڻي ناروي، سئيڊن جي نيول اڪيڊمين يا اتي جي يونيورسٽين ۾ هليا وڃو ته جِتي ائسٽرانامي جو سبجيڪٽ پڙهايو ٿو وڃي يا دنيا جي ٻين ملڪن جي درسگاهن ۾، توهان کي مسلمان ماهر فلڪيات جا نالا ٻڌڻ ۾ ايندا. انهن نالن مان هڪ ’ازوفي‘ جو به آهي جنهن نالي مان لڳي ٿو ته ڪو يوناني يا روسي همراهه هوندو پر اهو عرب دنيا جو صوفي عبدالرحمان آهي جيڪو مغرب ۾ Azophi جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن جو عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ڪِتاب جو انگريزي ۾ ترجمو ٿيل تارن بابت ڪِتاب Book of Fixed Stars جِتي ڪٿي پڙهايو وڃي ٿو. هن ڪِتاب ۾ هن انهن سڀني تارن بابت تفصيل سان مشاهدا (Observation)، معلومات، آسمان ۾ انهن جي پوزيشن، وزن (Magnitude)، چمڪ ۽ رنگ بابت لکيو آهي، جن تارن کان واقف هو.
ازوفي نون مشهور مسلمان ماهر فلڪيات مان هڪ ڄاتو وڃي ٿو. پاڻ يوناني زبان جو به ڄاڻو هو. سن 903 ۾ ايران جي شهر ري (Ray) ۾ ڄائو هو (جِتي بيبي شهربانو جو مقبرو آهي) ۽ 986 ۾ شيراز ۾ وفات ڪيائين. عباسي سلطنت طرفان فارس ۾ مقرر ڪيل امير فناخسرو (عدود الدولاهه) جي درٻار ۾ ازوفي ايران جي شهر اصفهان ۾ يوناني ڪِتابن جي ترجمي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.
بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي ته عرب شروع کان فلڪيات، موسمن، هوا جي رخن، چنڊ تارن ۽ انهن جي چرپر ۽ نيويگيشن کان شروع کان واقف رهيا آهن. هنن جو اسلام کان اڳ به آفريڪا کنڊ (ممباسا، درالاسلام، زنجبار وغيره) ۽ هيڏانهن ديبل، ڪولمبو، ملاڪا ڳچي سمنڊ ۽ گئانگ زو تائين اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي. سياري ۾ اتر جون هوائون لڳيون ٿي ته هو ان هوا مان فائدو وٺي ڏکڻ ڏي نڪري پيا ٿي ۽ ڪولمبو تائين اچي پهتا ٿي ۽ ٻيا اڃان به اڳتي ملاڪا تائين پهتا ٿي ۽ هن پاسي کان گئانگ زو (ڪئنٽن) کان هيٺ ڏکڻ ڏي آيا ٿي. اونهارو ٿيڻ تي، يعني ڏکڻ جون هوائون لڳڻ تي هو واپس پنهنجي پنهنجي ماڳ اتر طرف موٽيا ٿي. انهن مان ڪجهه جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان مڪاني عورتن سان شادي ڪري ڌارين ملڪن ۾ ترسي پيا ٿي يا واپار وڙي ۾ نقصان ٿيڻ ڪري يا ڪاٺاڻن ٻيڙن (جهازن) جي damage ٿيڻ تي هو واپسي جي سفر بدران ڌارين ملڪن ۾ ترسي پيا ٿي.... خاص ڪري سري لنڪا، اڄ واري ملائيشيا جي ملاڪا واري حصي ۽ آخري منزل چين جي هن بندرگاهه گئانگ زو ۾. سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ عربن ٻيڙا ترسايا ٿي. جلدي جلدي سامان لاهي يا چاڙهي، لڳندڙ اتراهين يا چوماسي جي ڏاکڻي هوا جي رخ جو فائدو وٺي اڳتي وڌي ويا ٿي. حضور صلعم جن تي وحي نازل ٿيڻ، قرآن جي آيتن ۽ اسلام جي ڳالهين بابت تجارت ڪندڙ عربن چين پهچي، پنهنجي عرب ساٿين ۽ مڪاني چيني ماڻهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايون ٿي. جيئن اسان جا ڪيترا جهازران ساٿي ساڳي ساڳي ملڪ ۾ بار بار وڃڻ تي اتي جي ٻولي سکيو وڃن تيئن ان وقت جا عرب سوداگر چيني ٻولي کان واقف هئا. انهن جو چيني زالن مان اولاد ته چيني ۽ عربي جو قدرتي طور ماهر هو. چين توڙي ملائيشيا ۾ ڪنهن عرب فاتح اسلام نه آندو پر عرب سوداگرن آندو. اولهه چين پاسي يعني ڪاشغر ڏي انهن عرب سوداگرن جيڪي زميني سلڪ روٽ ذريعي آيا ويا پئي ۽ هيڏانهن اوڀر ۾ يعني گئانگ زو (ڪئنٽن) پاسي جهازن ذريعي پهتل عربن جيڪا روٽ ’مئريٽائيم سلڪ روٽ‘ سڏجي ٿي ۽ تصور ڪريو هن بندرگاهه جي مسجد هئائي شينگ (Huaisheng) جيڪا 627 ۾ ٺهي، حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ ئي ٺهي ۽ هن مسجد کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترائي اصحابي هِتي ايندا رهيا ۽ هِنَ تر ۾ اسلام گهڻي ڀاڱي سعد بن ابي وقاص صحابيءَ 616 ۽ 618 جي وچ واري دور ۾ متعارف ڪرايو. هو ٽيون دفعو 651 ۾ حضرت عثمان (ٽئين خليفي) جي چوڻ تي هڪ سفارتڪار جي حيثيت ۾ هن شهر گئانگ زو ۾ آيو هو. ان بابت پاڻ تفصيلي احوال اڳتي هنن ئي صفحن تي ڪنداسين.

وِٿ لَو فرام چائنا

آفتاب سومرو صاحب جو ڪتاب ’بيجنگ جي بازارين کان بئنڪاڪ جي بازارين تائين‘ سندس ٻيو سفرنامو آهي. هن کان اڳ هو ايران جو سفرنامو قلمبند ڪري چڪو آهي جيڪو سنڌي ۾ ’مزدڪ جي ملڪ ۾‘ ۽ اڙدو ۾ ’ڦِر ايران ڪو چلَي‘ نالن سان مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. هي سفرنامو جيئن ڪتاب جي نالي مان به لڳي ٿو ته چين ۽ ٿائلنڊ ملڪن جو سفرنامو آهي.
آفتاب صاحب ڪافي عرصي کان اسلام آباد ۾ سرڪاري نوڪري ڪري رهيو آهي ۽ ’نئشنل بڪ فائونڊيشن‘ اداري ۾ سيڪريٽري جي پوسٽ تي آهي. جيئن ته مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ ٽريننگ ڪورسز لاءِ هن اداري جي آفيسرن کي موڪليندا رهن ٿا سو هڪ اهڙي چين ۾ هلندڙ مهيني جي ٽريننگ لاءِ آفتاب صاحب کي چونڊيو ويو. آفتاب پنهنجي سفرنامي جي شروعات کان اڳ ان چونڊ، جيڪا پهرين ته کانئس ڳجھي رکي وئي پر پوءِ قدرت طرفان سندس ڀلو ٿي ويو، جو پڻ احوال بلڪه ’Suffer نامو‘ لکيو آهي جيڪو پڪ اڄ جي نوجوان سرڪاري ڪامورن لاءِ Guide line ثابت ٿيندو ۽ کيس احساس ڏياريندو ته ان قسم جا موقعا انصاف جي بنياد تي نه پر مِٽي مائٽي ۽ خوشامد جي آڌار تي ماڻهن کي نوازيا وڃن ٿا. ۽ خاص ڪري اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندڙ جو تعلق جيڪڏهن سنڌ يا بلوچستان جهڙي ننڍي صوبي سان آهي ته هن لاءِ اهڙن سير تفريحن جي پروگرامن بدران ڌڪا ۽ ٿاٻا هوندا آهن. جيڪڏهن نظر ڏنڀاڻي خاطر انهن کي ڪو موقعو ڏنو به وڃي ٿو ته تڏهن جڏهن سندن ڪو پنهنجو آخري وقت تي بيمار ٿي پوي ٿو يا هن کي ڪا اهڙي مجبوري ٿي پوي ٿي جو هو وڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ته پوءِ آفتاب سومري جهڙي تي آخري وقت تي ’اِڇا‘ ٻاجهه ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ وقت جي کوٽ ڪري هو نه سفر جا ڪاغذ پٽ تيار ڪرائي سگهي ٿو ۽ نه موڪل جو بندوبست ڪري سگهي ٿو.
اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ڌارين ملڪن طرفان مليل اهڙيون دعوتون يا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرون فقط ان ڪري ضايع ٿيو وڃن جو اهي صحيح وقت تي ۽ صحيح ضرورت مندن کي وقت تي ڏنيون نٿيون وڃن. اسان وٽ ڪيترن ئي ادارن ۽ وزارتن ۾ اها پِٽَ رهي آهي ته ان قسم جا آيل دعوت ناما واسطيدار عملدار پاڻ وٽ لڪائي رکندو ۽ پهرين پنهنجي ڪنهن مائٽ يا دوست جي اولاد کي ڳوليندو وتندو جيئن حقدار بدران ان کي عيش ڪرايو وڃي. پوءِ باقي ڪو ڏينهن اڌ وڃي بچندو ۽ پنهنجو ڪو نه ملندو، ته پوءِ مجبور ٿي اداري جي لائق آفيسر کي ڏنو ويندو جيڪو قليل عرصي ۾ سفر جا ڪاغذ پٽ نه ٺهرائي سگهڻ ڪري اڪثر رهجي ويندو آهي. اها ساڳي جھلڪ اسان جي مصنف آفتاب سومري جي چونڊ ۾ به ڏسندائو، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته آفتاب ڀاڳ وارو هو جو هن جو هڪ ڏينهن اندر سمورو ڪم ٿي ويو ۽ هن کي آخرڪار ولايت جو سفر نصيب ٿي ويو. آئون سندن ان ڳالهه سان بلڪل سهمت آهيان ته ملڪ کان روانو ٿيڻ تائين خوشيءَ جو اظهار نه ڪجي جو ڪا به خبر نٿي پوي ته پنهنجي ئي اداري جو ڪو آفيسر آخري مهل تي به ڪم خراب ڪري سگهي ٿو ۽ پوءِ دوستن ۽ مٽن مائٽن اڳيان شرمندگي ٿئي ٿي. سچ اهو آهي ته اهڙن ڪيترن ئي واقعن کان آئون پڻ واقف آهيان ۽ اسان جي ڪيترن سرڪاري آفيسرن کي تجربو هوندو ته لائق فائق هوندي به هنن کي ولايت وڃڻ جي چانس نه ڏني وئي يا آخري گهڙيءَ تي هنن جي ساڙ سڙئي آفيسر يا ڪنهن حاسد ڪليگ سندن وڃڻ ۾ رخنو وجهي ڇڏيو هوندو. هي اسان جي ملڪ جو ڪلچر ٿي پيو آهي. ان ڪري ڪنهن خوشيءَ جي ڳالهه جي پڪ ٿيڻ تي به Low Profile رکجي ڇو ته: There is always a slip between lip & Cup.
آفتاب هن ڪتاب ۾ جن ٻن ملڪن جو سفرنامو لکيو آهي انهن مان هڪ ’چين‘ اسان جو پراڻو دوست آهي، پر اڄ جي دؤر ۾ اهو انسان لاءِ هيڪاندو اهم آهي جو هن انڊسٽري ۽ ايجويڪيشن ۾ ايڏي ته ترقي ڪئي آهي جو اسان جي انيڪ واپارين ۽ شاگردن جي چين ڏي اچ وڃ وڌندي وڃي. نه فقط اسان جا ماڻهو چين وڃن ٿا، پر چين جا ماڻهو به اسان وٽ ايندا رهن ٿا جو اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ ۾ هلندڙ ڪيترن ئي پروجيڪٽن ۾ روڊ رستا ٺاهڻ کان بندرگاهن جي ڊولپمينٽ تائين ۽ گئس ڳولڻ کان اليڪٽرڪ پاور تائين چين جا انجنيئر، سائنسدان ۽ مڪينڪ مستري ڪم ڪري رهيا آهن.
چين جيتوڻيڪ اسان جو پاڙيسري ۽ اهم ملڪ آهي ۽ اسان هر ڏک سک ۾ ان ڏي نظر ڪيون ٿا پر افسوس جو چين بابت احوال يا سفرناما اسان وٽ اڙدو توڙي سنڌيءَ ۾ گهٽ نظر اچن ٿا. اڄ به اسان جي پڙهيل ڳڙهيل توڙي عام ماڻهوءَ کي چين بابت تمام گهٽ معلومات آهي سو اهڙي تناظر ۾ آفتاب سومرو کي جس هجي، جو هن پنهنجن سرڪاري ڪمن ڪارين مان وقت ڪڍي، پنهنجي سفر جو احوال لکيو آهي نه ته ڪيترائي سرڪاري ڪامورا آهن، جيڪي سرڪار جي يا پنهنجي خرچ تي هر سال ولايت جا چڪر هڻندا رهن ٿا، پر هنن کان هڪ مختصر مضمون به نٿو لکيو ٿئي. آفتاب، چين ۾ اتي جي اهم شهرن بيجنگ، شنگھائي وغيره جي مشهور هنڌن تي وڃڻ بعد ان جو احوال به لکيو آهي.
آدمشماريءَ جي لحاظ کان چين دنيا جو اول نمبر ملڪ آهي، جنهن جي آدمشماري ڏيڍ بلين جي لڳ ڀڳ آهي يعني اسان جي ملڪ جي آدمشماريءَ کان گهٽ ۾ گهٽ 7 دفعا وڌيڪَ آهي. سندس پکيڙ 96 لک چورس ڪلوميٽر آهي. ايراضيءَ جي حساب سان چين دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي. پهرين تي روس آهي. چين ۾ 22 صوبا آهن. هر صوبي جي پنهنجي نموني جي چيني ٻولي آهي ۽ ڪي صوبا ته پنجاب کان به وڏا آهن ۽ چين جا چار شهر اهڙا آهن، جن کي ميونسپالٽيون هلائين ٿيون... اهي آهن: بيجنگ، تيان جن، شنگھائي ۽ چانگ قنگ ٻه اهڙا علائقا (region) آهن، جن جي حڪومت جو سسٽم نه رڳو الڳ ٿلڳ آهي پر چين کان مختلف آهي. اهي آهن ’هانگ ڪانگ‘ جيڪو هڪ سؤ سالن لاءِ انگريزن جي قبضي ۾ رهيو ۽ ٻيو ’مڪائو‘ جيڪو پورچوگالين حوالي هو.
چين ايڏو وڏو ملڪ آهي جو هن جي چوڌاري 14 پاڙيسري ملڪ آهن. دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ جي بارڊر تي ايترا ملڪ نه آهن سواءِ روس جي... ان جا به 14 پاڙيسري ملڪ آهن. چين جي بارڊر وارا ملڪ آهن: پاڪستان، انڊيا، ڀوتان، نيپال، افغانستان، تاجڪستان، ڪرغستان، قزاقستان، روس، منگوليا، اتر ڪوريا، ويٽنام، لائوس ۽ برما.
هيڏي وڏي ملڪ چين ۾ قدرت طرفان ڇا ڇا نه آهي: نديون نالا، ڍنڍون ڍورا، جبل ماٿريون، رڻ پٽ واديون وغيره. هماليه، ڪاراڪورم، پامير ۽ تيان شان جبلن جون قطارون چين ۽ ڀر وارن ملڪن جي وچ ۾ بارڊر ٺاهين ٿيون. هتي جي مشهور ندي ينگ زي (Yangtze) دنيا جي ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي ۽ ييلو (Yellow) ندي دنيا جي ڇهون نمبر وڏي ندي آهي.
چين جي تهذيب دنيا ۾ بيحد آڳاٽي آهي. هتي عيسوي سن کان به 3000 سال اڳ ماڻهن جي آبادي هئي ۽ ماڻهو ننڍين ننڍين رياستن ۾ رهيا ٿي. سن 221 ق.م ’قن گهراڻي‘ جي حاڪمن انهن تي حملو ڪري هڪ ملڪ ٺاهيو. ان بعد هي ملڪ ڪڏهن وڌندو رهيو ته ڪڏهن ٽُٽندو رهيو ۽ وري ٺهندو رهيو. هڪ ٻئي پويان ڪيترائي گهراڻا چين تي راڄ ڪندا رهيا. سن 1911ع ۾ چين جي آخري گهراڻي کي ٽپڙ ٻڌايا ويا ۽ هي ملڪ ’ريپبلڪ آف چين‘ ٿيو. ٻي جنگ عظيم بعد چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي ليڊر ’مائو زي تنگ‘ لانگ مارچ بعد انقلاب آندو ۽ 1 آڪٽوبر 1949ع تي هي ملڪ ’پيپلس ريپبلڪ آف چائنا‘ ٿيو.
اسان جو پاڻيءَ جي جهازن ذريعي چين جي مختلف بندرگاهن ۾ 1968ع کان وڃڻ شروع ٿيو. اڄ جنهن چين ۾ توهان رنگ برنگي ڪپڙن ۾ مرد ۽ عورتون ڏسو ٿا ۽ رستن تي دنيا جون بهترين چمڪندڙ ڪارون ڏسو ٿا، مائوزي تنگ جي ڏينهن ۾ سڀ بلو ۽ خاڪي رنگ جي ڪپڙن ۾ ملبوس هوندا هئا ۽ سڀ سائيڪلن تي سفر ڪندا هئا. فقط پري جي سفر لاءِ سرڪاري بسون هونديون هيون. سڀ سخت پورهئي ۾ مشغول رهيا ٿي. اڄ انهن جي ئي محنتن جو نتيجو آهي جو چين جيڪو موالين ۽ چرسين جو ملڪ بڻجي چڪو هو، چين جيڪو قرضي ٿي چڪو هو ۽ جتي بدامني عروج تي هئي. اڄ اهو چين خوشحال ۽ ماڊرن ملڪ آهي جنهن جو احوال آفتاب سومرو هن سفرنامي ۾ ڪيو آهي. اڄ جو چين ايڪانامي ۾ آمريڪا (USA) ۽ جپان جو مقابلو ڪري ٿو. اڄ چين جا تعليمي ادارا دنيا ۾ بهتر کان بهتر ٿي رهيا آهن ويندي اسان جي ملڪ جا به ڪيترائي شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ چين جي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا وٺن ٿا. گذريل سال چين مان ڏهه هزار شاگردن Ph.D ڪئي پنج لک شاگردن B.Sc ڪئي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ويندي آمريڪا مان به ايترا شاگرد نه نڪرندا هوندا. چين جون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون هووائي (Huawei) ۽ لينووو (Lenovo) ٽيليڪميونيڪيشن ۽ ڪمپيوٽرن ۾ دنيا ۾ اڳريون آهن.
چين جو خلا ۾ راڪيٽ ڇڏڻ جو پروگرام به اڳ کان اڳرو آهي جنهن تي چين جي عوام کي فخر آهي. 1970ع ۾ چين پنهنجو پهريون راڪيٽ (Satellite) ’ڊانگ فانگ هانگ 1‘ خلا ۾ ڇڏيو ۽ چين ان معاملي ۾ دنيا جو پنجون نمبر ملڪ قرار ڏنو ويو. 2003ع ۾ چين روس ۽ آمريڪا بعد ٽيون نمبر ملڪ ٿيو جڏهن هن راڪيٽ ۾ خلا ۾ ماڻهو پڻ موڪليا.
گذريل سال تهران ۾ رهائش دوران مون کي اتي جون سب وي ريل گاڏيون ڏسي حيرت ٿي. ڪو زمانو هو جو اسان ڪئناڊا جون اتم اعليٰ سمجھندا هئاسين، پوءِ جپان جون ۽ هانگ ڪانگ جون... اڄ ڪلهه دنيا ۾ ايران جون هي ريل گاڏيون ۽ اسٽيشنون صفائي سٿرائي توڙي سيفٽي ۾ بيسٽ سمجھيون وڃن ٿيون ۽ اهي ريل گاڏيون ميڊ ان چائنا آهن! چين ۾ هلندڙ ريل گاڏيون دنيا ۾ سخت مشغول ترين سمجھيون وڃن ٿيون جن ۾ انڊيا وانگر غريب غربو سفر ڪري ٿو، جيڪي جپان جي ريلن وانگر ٽائيم جي پابندي رکن ٿيون. چين ۾ 103200 ڪلوميٽر ريل جا پٽا وڇايل آهن ۽ دنيا ۾ ٽيو نمبر ڊگهو نيٽ ورڪ مڃيو وڃي ٿو ۽ ريل ذريعي چين جا سڀ صوبا ويندي هانگ ڪانگ به ڳنڍيل آهي بس فقط ’مڪائو‘ ٻيٽ ڳنڍيل ناهي. آئون پنهنجي هانگ ڪانگ واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اسان جو جهاز هانگ ڪانگ پهچڻ تي ڪيئن اسان ڪولون جي ريلوي اسٽيشن تان ريل ۾ چڙهي چين جي شهر ڪئنٽن تائين هليا ويندا هئاسين. چين کي جپان جي بليٽ ٽرين وانگر هاءِ اسپيڊ ريل گاڏيون به آهن جيڪي 430 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان هلن ٿيون. ان قسم جون ريل گاڏيون بيجنگ، گئانگزو ۽ شينزن جي وچ ۾ هلن ٿيون.
ڪيترا ماڻهو اهو ئي سمجھن ٿا ته چين ۾ فقط هڪ چيني ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي پر ائين ناهي. چين جي هر صوبي جي پنهنجي چيني ٻولي آهي، جيڪا ٻي صوبي جي چيني ٻولي کان مختلف آهي ۽ هر صوبي ۾ هڪ يا ٻن اهم چيني ٻولين کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ٻوليون آهن، جن کي ڳالهائڻ وارا به لکين آهن جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ سنڌي ۽ اڙدو کان علاوه سرائڪي، ڍاٽڪي، ڪڇي، ميمڻي، اوڏڪي ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. هن وقت به چين ۾ 292 ٻوليون زندهه حيات آهن، جن مان ويهارو کن ٻوليون ته ڪروڙين ماڻهو ڳالهائين ٿا جهڙوڪ منڊارن، ڪئنٽونيز، وُو، هُوڪين، ٽيوچو، هَڪا وغيره وغيره. اهي ٻوليون ڳالهائڻ وارا چيني ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ به آهن. هُو جڏهن پاڻ ۾ ملن ٿا ته ملئي يا انگريزيءَ ۾ ڳالهائين. ڇو جو اهي سڀ چيني ٻوليون هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهن پر مزي جي ڳالهه اها ته سڀني جي لکڻي ساڳي آهي ۽ اها لکڻي شڪلين واري ٿئي ٿي. جيئن اسان وٽ هندي ۽ اڙدو جي لکڻي مختلف آهي پر ڳالهائڻ ۾ ساڳيون آهن.
چين جا ٻه شهر بيجنگ ۽ شنگھائي بيحد اهم آهن ۽ هن ڪتاب جي مصنف آفتاب سومرو جو ٻنهي شهرن ۾ وڃڻ ٿيو آهي. اسان کي به انهن شهرن جو هن ڪتاب ۾ پڙهي، پنهنجا جوانيءَ جا ڏينهن ياد اچي ويا. جڏهن اسان جو جهاز جپان ۽ ڪوريا ويندي چين جي هانگ ڪانگ ۽ شنگھائي بندرگاهن ۾ پڻ ترسندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن شنگھائي کان ريل رستي بيجنگ پهچي ويندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ بيجنگ کي ’پيڪنگ‘ سڏيو ويو ٿي، جيڪو نالو انگريزن پنهنجي سهوليت لاءِ رکيو جيئن ممبئي جو ’بامبي‘، ودودرا جو ’بڙودا‘، قاهره جو ’ڪيرو‘ رکيو.
بيجنگ ٽي هزار سال پُراڻو شهرُ آهي، جنهن کي اڄ تائين ڪيترن ئي نالن سان سڏيو ويو آهي. هن شهر بيجنگ جو نالو 1403 ۾ منگ گهراڻي جي ڏينهن ۾ رکيو ويو. جنهن جي معنيٰ آهي اتراهون گاديءَ جو شهر. چيني لفظ ’جِنگ‘ جي معنيٰ دارالخلافه (Capital) آهي. چين جي سُوئي گهراڻي هن شهر کي زهوجن (Zhuojun) سڏيو ۽ تئنگ گهراڻي جي حاڪمن هن کي فان يانگ (Fanyang). 938 ۾ ٽئنگ گهراڻي جي شڪست تي ’لئٽر جن‘ جي حاڪمن هن شهر جو نالو هڪ دفعو وري پراڻو نالو ’نانجنگ‘ رکيو. منگول سلطنت جي ’قبلائي خان‘ جو جڏهن چين تي قبضو ٿيو ته هن بيجنگ جو نالو ’خان بالق‘ (Khanbaliq) رکيو. منگول ٻوليءَ ۾ ’شهر‘ کي ’بالق‘ سڏين ٿا يعني ’خان جو شهرُ‘.
بيجنگ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو شهرُ آهي، جنهن جي اڄ ڪلهه آدمشماري اڍائي ڪروڙ چئي وڃي ٿي ۽ سڄو شهر 14 ضلعن ۾ ورهايل آهي جيئن ڪراچي 5 ضلعن ۾ آهي. بيجنگ چين جي چئن آڳاٽن شهرن مان هڪ آهي. ٻيا ٽي آهن: نانجنگ، لئوينگ ۽ چنگائن (Xian). بيجنگ ۾ يونيسڪو وارن طرفان ست World Heritage Sites آهن: دي فاربڊن سِٽي، آسماني مندر (Temple of Heaven)، اونهاري وارو محل (Summer Palace)، مِنگ گهراڻي جا مقبرا، چين جي عظيم ديوار، گرانڊ ڪئنال ۽ Zhoukoudia. هي شيون آڳاٽي تهذيب ۽ عمارتسازيءَ جون نشانيون آهن جن جي بچاءَ ۽ سار سنڀال لاءِ اقوام متحده طرفان ضروري سمجھيو ويو آهي، جيئن اسان جي ملڪ جون به ڪجهه شيون يونيسڪو وارن دنيا جي ورثي ۾ شامل ڪيون آهن. جهڙوڪ موهن جو دڙو، ٻڌن جو کنڊر تختِ باهي، ٽئڪسلا، لاهور جو قلعو ۽ شالامار باغ ۽ مڪليءَ جو قبرستان.
اسانجي مصنف آفتاب سومري چين جي انهن آڳاٽين شين مان ڪجهه ڏسي انهن جو احوال پڻ لکيو آهي جيئن ته: ’دي فاربڊن سٽي‘ جيڪو مِنگ ۽ قِنگ گهراڻي جي ڏينهن ۾ 1420 کان 1912ع تائين چيني بادشاهن جو شاهي محل هو ۽ هاڻ هي ميوزيم Palace Museum آهي. ٿورو سوچيو ته هن محل ۾ 500 سال شهنشاهن ۽ سندن راڻين ۽ شهزادن شهزادين جا فنڪشن ۽ دعوتون ٿينديون رهيون. هي محلات ائين آهي جيئن شهنشاهه ايران جو تهران ۾، جنهن کي ڏسڻ لاءِ روزانو سوين ماڻهو اچن ٿا ۽ اهو سوچين ٿا ته جڏهن ملڪ جو عوام غربت ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ جي رهيو هو ته ملڪ جا حاڪم ڪهڙي ته عياشيءَ ۾ هئا. چين جو هي شاهي محل 1406 ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ 1420 ۾ ٺهي راس ٿيو. هي 180 ايڪڙن تي آهي ۽ منجھس 980 عمارتون آهن.
بيجنگ کان علاوه مصنف شنگھائي شهر ۾ به ويو آهي. آدمشماريءَ جي لحاظ کان شنگھائي چين جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. شنگھائي چين جي اڀرندي پاسي ان هنڌ تي آهي جتي يانگزي (Yangtze) ندي ’چيني سمنڊ‘ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سندس هڪ پاسي جيانگسو (Jiangsu)صوبو آهي ته ٻي پاسي زي جيانگ (Zhejiang) آهي. اڳئين زماني ۾ نه هيون ريل گاڏيون نه هوائي جهاز. ماڻهو ٻيڙين ذريعي ڏورانهن ڏيهن کان وڃي نڪرندا هئا ۽ دنيا ۾ اهي شهر مشهور هئا جيڪي سمنڊ يا درياهه جي ڪناري تي هئا. سو شنگھائي به بندرگاهه هجڻ ڪري صدين کان مشهور رهيو آهي.
ڪي ڪي بندرگاهه جيئن انڊيا جو سورت ۽ گوا، پاڪستان جو ديبل وقت سان گڏ ان ڪري به اهميت وڃائي ويٺا جو انهن جي ڀرسان ممبئي ۽ ڪراچي جهڙا وڏا ۽ سڻائا بندرگاهه وجود ۾ ايندا رهيا... پر شنگھائي شروع شروع کان بلي بلي بندرگاهه رهيو آهي ۽ اڄ به اوج تي آهي جنهن جو ڪراچي، ڪولمبو يا بمبئي، بصري جهڙا بندرگاهه مقابلو ڪري نٿا سگهن. شنگهائي ڪنٽينر جهازن کان دنيا جو مشغول ترين بندرگاهه آهي. شنگھائي سياحن لاءِ به پرڪشش شهر آهي جتي ناچ گانا، سنيمائون ٿيٽر، جواخانن ۽ مئخانن کان علاوه ڏسڻ لاءِ ڪيتريون ئي تاريخي شيون آهن جيئن ته ’هئانگ پُو‘ ندي وارو ڪنارو جنهن کي اسان ڌاريان The Bund سڏيون ۽ مڪاني چيني ماڻهو وائي تان (Waitan) سڏين ٿا، پُراڻين عمارتن جي ڪري مشهور آهي، جيئن سنگاپور ندي جي ڪناري تي هاءِ اسٽريٽ. دي بنڊ تي ڪنهن زماني ۾ رڳو بئنڪون ۽ واپاري ڪوٺيون هيون.
شنگھائيءَ ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي تاريخي ۽ تفريحي شيون ڏسڻ وٽان آهن جيئن ته فرينچ ڪنسيشن Luwan Xuhi نالي شنگھائيءَ جو هي ضلعو ڪنهن زماني ۾ Paris of the East سڏبو هو جيئن حيدرآباد جو علائقو هيرآباد ڪنهن زماني ۾ خوبصورت ترين علائقو هو.... بهرحال اڄ ڪلهه اهو ته نه آهي باقي شنگھائي جو هي علائقو (French Concession) اڄ به ڏسڻ وٽان آهي جنهن جي Xujiahui شاپنگ سينٽر ۾ دنيا جا پنج وڏا شاپنگ مال آهن. شنگھائي جو يانگ پُو علائقو جتي هتي جون مشهور يونيورسٽيون فُودان (Fudan) ۽ ٽونگ جِي (Tongji) آهن. شنگھائي جي 120 سال پراڻي يونيورسٽي Jiao Tong ڌارين شاگردن کان دنيا ۾ مشهور آهي جتي هو چيني زبان سکڻ اچن ٿا. ملائيشيا وانگر چين جي به هر وڏي شهر ۾ يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا وڌندا وڃن. سرڪاري يونيورسٽين کان علاوه ڪيتريون ئي خانگي پڻ آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• نيويارڪ يونيورسٽي شنگھائي،
• East-Sea يونيورسٽي
• Sanda يونيورسٽي
• شنگھائي Lixin يونيورسٽي آف ڪامرس، وغيره.
آفتاب سومري پنهنجي هن سفرنامي ۾ بئنڪاڪ جو به احوال لکيو آهي. بئنڪاڪ ٿائلنڊ ملڪ جي گاديءَ جو شهر آهي. ٿائلنڊ جي بلڪل وچ ۾ هجڻ ڪري اسان جي پاسي جون اهي اڏامون جيڪي چين، جپان، ڪوريا ۽ ويندي ملائيشيا ۽ آسٽريليا وڃن ٿيون اهي بئنڪاڪ ۾ ڪجهه ڪلاڪ ترسنديون وڃن ٿيون. آفتاب جي هوائي جهاز جو چين ڏي ويندي ۽ موٽندي وقت گس بئنڪاڪ وٽان هو سو هن اهو بهتر سمجھيو ته واپسي تي بئنڪاڪ ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ ٽڪي پئجي. اهڙي طرح کيس ٿائلنڊ جو هي وڏي ۾ وڏو شهر بئنڪاڪ گهمڻ جو موقعو ملي ويو.
بئنڪاڪ ’چائو فرايا‘ نديءَ تي ائين آهي جيئن اسان وٽ سمجھو ته ڪوٽڙي، هالا، روهڙي وغيره. سنڌو نديءَ ۾ ته پاڻيءَ جي کوٽ ڪري اڄ وڏا ته ڇا ننڍا ٻيڙا به هلي نٿا سگهن جيڪي ڪنهن زماني ۾ عرب، ايران ۽ سلون کان سنڌو ندي جي ڇوڙ وٽ پهچي پوءِ نديءَ ۾ اندر گهڙي ملتان تائين هليا ويندا هئا. ٿائلنڊ جي هن ندي Chao Phraya ۾ ڪافي پاڻي هجڻ ڪري جهازن جي آمد رفت (Navigation) لاءِ ڪار آمد آهي ۽ اسان جا جهاز چائو فرايا نديءَ ۾ اندر گهڙي بئنڪاڪ جي بندرگاهه ۾ اچي لنگر ڪيرائين ٿا. هيءَ ندي بئنڪاڪ شهر جي وچ مان لنگهي ٿي ۽ نديءَ مان نڪتل ڪئنال سڄي شهر ۾ ائين پکڙيل آهي جو ڪيترا ماڻهو بئنڪاڪ جي هڪ علائقي کان ٻئي ۾ پهچڻ لاءِ ٻيڙين ذريعي سفر ڪن ٿا. ڪنهن زماني ۾ ته بئنڪاڪ کي ’اوڀر جو وينس‘ سڏيندا هئا. ياد رهي ته اٽلي (يورپ) جو شهر وينس جي هر گهٽي ۾ پڪا روڊ رستا نه پر ڪئنال آهن ۽ ماڻهو هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽيءَ ۾ ٻيڙيءَ رستي پهچن. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ جڏهن منهنجو جهاز پهريون دفعو بئنڪاڪ ويو ته ان وقت بئنڪاڪ جي ذري گهٽ اها حالت هئي. پوءِ روڊ رستا ۽ پليون ٺهنديون ويون ۽ هاڻ روز بروز اهي ڪئنال بند ٿيندا وڃن، پر اڄ به ٿائي ماڻهو هن درياهه ۽ ان جي ڪئنالن جي ڪپن تي رهڻ پسند ڪن ٿا جو هنن کي باٿ روم، ٽئاليٽ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جي سهوليت رهي ٿي. ان کان علاوه ڀاڄي ڀتي ۽ ٻئي سامان جي خريداري ۾ به هنن کي سهولت ٿئي ٿي جو سوين دڪانن واريون ٻيڙيون هلنديون رهن ٿيون ۽ گهرن جا ڀاتي ٻاهر نڪري گهر جي دِڪين تي بيهي، انهن ٻيڙين کي سڏ ڪري ضرورت جو سامان خريد ڪن ٿا.
بئنڪاڪ شهر جي آدمشماري هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ چئي وڃي ٿي. بئنڪاڪ مان روزانو ريل گاڏي ٿائلنڊ جو هيٺيون (ڏاکڻو) اڌ لتاڙي ملائيشيا ۾ داخل ٿئي ٿي جتي پينانگ (بٽرورٿ)، اِپوح، ڪوالالمپور ۽ ’جوهور بارو‘ جهڙين ريلوي اسٽيشنن تان ٿيندي سنگاپور پهچي ٿي. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ڪيترا دفعا ريل رستي بئنڪاڪ آيس. هڪ دفعو ته سنگاپور کان بئنڪاڪ تائين 72 ڪلاڪن ۾ پهتس. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن سرسبز ۽ جابلو ملڪن ۾ ريل جو سفر بيحد خوبصورت رهي ٿو.
بئنڪاڪ نه ڪوالالمپور، نئروبي يا اسلام آباد وانگر تازو اڏيل شهر آهي ۽ نه بنارس، قاهري ۽ ڪيوٽو وانگر آڳاٽو شهر آهي. سيام (ٿائلنڊ جو شروع ۾ نالو سيام هو ۽ اڄ به اتي جي مشهور ٻليءَ کي سيامي ٻلي سڏيو وڃي ٿو) جي ’آيوٿايا بادشاهت‘ جي ڏينهن ۾ يعني 15 صدي ۾ بئنڪاڪ چائو فرايا نديءَ جي ڪناري تي ائين ننڍڙو ڳوٺڙو هو جيئن سنڌو ندي جي ڪناري تي درٻيلو (ڊڀرو). بئنڪاڪ شهر جي شڪل ۾ 19 صديءَ ۾ آيو ۽ صحيح معني ۾ ترقي 1960ع واري ڏهي کان 1980ع واري ڏهي ۾ ڪئي. هي اهي سال هئا جن ۾ اسان جو بئنڪاڪ ۽ ٿائلنڊ جي ٻين شهرن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو ۽ اسان خود پنهنجين اکين سان نه رڳو بئنڪاڪ کي پر ڪوالالمپور ۽ سنگاپور کي ماڊرن ٿيندو ڏٺوسين، روڊ رستا، بسون ريل گاڏيون، اسپتالون اسڪول ويندي قاعدا قانون، هر ڳالهه ۾ اهي شهر ۽ ملڪ اڳ کان اڳرا ٿيندا ويا. اڄ اهي شهر يورپ جو ڏيکُ ڏين ٿا ۽ اسان جو شهر ڪراچي ۽ ملڪ پاڪستان جيڪو 1970ع واري ڏهي تائين به انهن مٿين شهرن کان ته ڇا پر ڪوريا جهڙي ملڪ کان به بهتر هو اهو اڄ ڪيترو پستيءَ ۾ ڪرِي پيو آهي.
ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ سعودي عرب ۽ ڪويت وانگر بادشاهت قائم آهي پر سٺن سياستدانن، حاڪمن ۽ انهن طرفان مقرر ڪيل سخت قاعدن قانونن، امن امان ۽ انصاف ڪري اهي ملڪ ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتا آهن. ڪو زمانو هو جو انهن ملڪن جا شاگرد اعليٰ ۽ بهتر تعليم لاءِ اسان جي ملڪ ۾ ايندا هئا. اڄ اسان جا شاگرد انهن ملڪن ڏي وڃي رهيا آهن. ٿائلنڊ جون پنج پراڻيون يونيورسٽيون بئنڪاڪ ۾ آهن. جن مان ڪنگ مونگڪوت يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، چولا لونگڪارن يونيورسٽي ۽ ماهي دل يونيورسٽي دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين مان آهن.
مون کي اميد آهي ته آفتاب سومرو ٻئي دفعي ٿائلنڊ ۾ ڪجهه وڌيڪَ ڏينهن گذاري نه فقط بئنڪاڪ جو احوال تفصيلَ سان لکندو پر ٿائلنڊ جي ٻين شهرن چانگ مائي، سونگڪلا ۽ هانيائي وغيره جو پڻ قلمبند ڪندو. کيس هن ڀيري چين جي ڏاکڻن شهرن بيجنگ ۽ شنگھائي ۾ رهڻ لاءِ ته ڪافي ڏينهن ملي ويا پر ٻئا دفعي هو اسلام آباد کان باءِ روڊ چين جي اولهه پاسي يعني ڪاشغر ڏي به وڃي ان پاسي جي چين جو به احوال لکندو.

پرل نديءَ جي ڪناري تي ڪئنٽين

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چين هڪ ڏورانهون ملڪ آهي. اهو ايران، گجرات، ڪڇ، مالديپ وانگر اسان کي ويجھو ناهي ۽ عرب ملڪن کان ته چين هيڪاندو پري ٿيو. پر جيئن ته پهرين به لکي آيو آهيان ته عرب شروع کان سٺا نيويگيٽر (جهازران) ٿي گذريا آهن، هو هوائن جو رخ ۽ چنڊ تارن جي چرپر کان تمام گهڻو واقف هئا ان ڪري هو پنهنجي، ان وقت جي ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ سڙهن ذّريعي پري پري تائين پهچي ويا ٿي... نه رڳو ديبل (سنڌ)، لنڪا ۽ اڄ واري ملاڪا (ملائيشيا) پر چين جي گئانگ زو بندرگاهه تائين اچي نڪتا. جيئن ته ان شهر (بندرگاهه) جو چيني نالو ’گئانگ زو‘ هنن لاءِ اُچارڻ ڏکيو ٿي لڳو ان ڪري هن کي هو عربي ۾ خانفو (Khanfu) يا سن ڪلان (Sin-kalan) سڏيندا هئا. جيئن عربي ٻولي ۾ ’گ‘ جو اچارڻ نه هجڻ ڪري عرب ايران جي شهر گيلان کي ’جيلان‘ سڏين ٿا ۽ اسان وٽ ٻئي نالا گيلاني توڙي جيلاني عام آهن. اهڙي طرح انگريزن ننڍي کنڊ جي ڏکين اچارن وارن ڪيترن شهرن جا پنهنجا نالا رکيا جيئن ودودرا جو بڙودا، وراڻسي جو بنارس، دهلي جو ديلهي وغيره يا جيئن عرب ڪراچي کي ڪراتشي، جرمني کي المانيا سڏين ٿا. انگريزن هن چيني شهر گئانگ زو کي ڪئنٽن سڏيو ٿي جيڪو نالو دراصل هن کان اڳ آيل يورپ جي پورچوگالين رکيو هو.
بهرحال منهنجو هِتي ان لکڻ سان اهو مطلب آهي ته عربن جي چين ڏي اچ وڃ اسلام کان به اڳ جي هئي ۽ هنن چين جي ڪيترن شهرن جا جيڪي عربي نالا رکيا اهي اڄ به مشهور آهن جيئن هن شهر گئانگ زو جو سن قلان يا خانفو (قهانفو) رکيو. هن وقت چين جو هڪ ٻيو شهر ’قئان زو‘ به ياد اچي رهيو آهي جنهن کي ڪجهه چيني سيٽونگ به سڏين ٿا ان جو عربن ’زيتون‘ نالو رکيو، جنهن لاءِ ڪن جو چوڻ آهي ته هن شهر ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۽ مذهبن جا ماڻهو امن سان رهيا ٿي ان ڪري عربن هن جو نالو زيتون رکيو جيڪو امن جو وڻ يا ميوو (Olive) سمجھيو وڃي ٿو. پر ڪي چون ٿا ته هن شهر ۾ جِتي ڪٿي مرجاني وڻ (Coral Trees) هجڻ ڪري هن شهر تي سيٽانگ نالو پيو جيڪو نالو دراصل هنن وڻن (Crythirina Variegata) جو چيني زبان جو نالو آهي.
هونءَ هي شهر زيتون (Quanzhou) جيڪو ڪئنٽن (Guangzhou) جي بلڪل ويجھو، فوجيان صوبي جو اهم بندرگاهه آهي ان جي آدمشماري لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ٿيندي. ڪڏهن ڪڏهن هي بندرگاهه لڳندو آهي ته ڪئنٽن (خانفو) بندرگاهه کان به سهڻو آهي پر زيتون بندرگاهه گهڻو گهڻو پوءِ وجود ۾ آيو. چين ۾ ٽئنگ گهراڻي (907 ــ 618) جي حڪومت ۾ هي بندرگاهه سن 718ع ۾ ٺهرايو ويو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪئنٽن (خانفو) بندرگاهه بلي بلي شهر هو جيئن هندستان ۾ ’سورت‘ شهر هو پر پوءِ زيتون شهر چين جو اهم بندرگاهه ٿيڻ لڳو، جيئن هندستان ۾ بمبئي يا سنڌ ۾ ديبل ۽ ڪيٽي بندر بدران ڪراچي وڌيڪ ڪارگر ٿيا. ساڍين ڇهه صدين بعد، 1357 ڌاري، جڏهن مارڪو پولو چين آيو ته هي بندرگاهه ۽ زيتون ڏسي هن جو واڇ گودو ٿي ويو هو. جيئن سٺ واري ڏهي ۾ جهازراني جي تعليم دوران اسان پنهنجن پروفيسرن (پوڙهن جهازرانن) کان ڪلاس روم ۾ رڳو عدن ۽ ڪولمبو جون تعريفون ٻڌندا هئاسين. مارڪوپولو جي سفرنامي The Travels of Marco Polo ۾ هو هن بندرگاهه زيتون لاءِ چوي ٿو ته:
“Zyton is one of the two greatest heavens in the world. The other one is Alexandria”
(زيتون بندرگاهه دنيا ۾ موجود ٻن جنتن مان هڪ آهي. ٻيو آهي مصر جو سڪندريا بندرگاهه).
هن بندرگاهه ۾ امن امان هجڻ ڪري اٺين صدي جي اڌ بعد ڏورانهن ڏينهن کان عيسائي، ٻڌ، پارسي عرب مسلمان هِتي هميشه رهڻ لڳا. جن جي تهذيب، رسم رواج ۽ ثقافت مڪاني چينين واري ٿي وئي. جيئن اسان وٽ صدين کان رهندڙ پٺاڻ، ايراني ۽ عرب وغيره پاڻ کي مڪاني سنڌين وانگر رکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو پنهنجي ذات سيد، فاروقي، علوي، جيلاني، يزداني، خلجي، غزنوي پنهنجي اصليت ٻڌائڻ خاطر قائم رکن ٿا.
چين جي هن زيتون (قئان زو) ۾ توهانکي ڊِنگ فئملي جا چيني ملندا جن جو اهوئي چوڻ آهي ته هو مسلمان ليڊر سيد عجمل شمس الدين عمر جو اولاد آهن جن جو پٽ نصير الدين هِتي چين ۾ اَچي رهيو هو، جنهن کي هِتي جا ماڻهو چيني زبان ۾ نا ـــ سو ـــ لا ـــ ڊنگ (Na SuLa Ding) سڏين ٿا. هن جو اولاد جيڪو ڊنگ ذات جو سڏائي ٿو هن پاسي جي ڪيترن ملڪن: تائيوان، فلپين ويندي ملائيشيا جي چيني آبادي ۾ نظر اچي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو عملي طرح مسلمان نه آهن پر هو اڄ به پنهنجي سڃاڻپ هُوئي Hui (چيني مسلمان) قائم رکندا اچن. نصرالدين چين جي صوبي ينان (Yunan) جي علائقي قراد جانگ جو مرڻ گهڙيءَ يعني 1292 تائين گورنر رهيو. نا ـــ سو ـــ لا ـــ ڊنگ يعني نصردين جو هڪ پٽ ابوبڪر جنهن پاڻ کي ’فين چان‘ به سڏايو ٿي 1300 ڌاري هن شهر زيتون جو گورنر ٿي رهيو. هن پنهنجي ڏاڏي جو لقب سيد عجل به استعمال ڪيو ٿي. نصردين جو ذڪر مارڪوپولو جي سفرنامي ۾ به آهي پر هن نصردين جو نالو Nasar Al Din يا Na Su La Ding لکڻ بدران Nescradin لکيو آهي. بهرحال هن شهر زيتون (Quanzhou) جي به دلچسپ تاريخ آهي ۽ چين جي ڏهن پُر سحر شهرن مان هڪ آهي جِتي Tonghuai گيٽ ايوينيو (روڊ) تي هِتي جي آڳاٽي مسجد اصحب جا آثار ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو، خاص ڪري مسلمان اچن ٿا. اتي ئي مسلمانن جو قبرستان آهي.
چين ۾ يئان گهراڻي (1279-1368) جي حڪومت دوران هن قبرستان جي ڀر وارو علائقو ’پُو شائوگينگ‘ نالي هڪ امير مسلمان قبيلي جي ماڻهن جي رهائش کان مشهور هو. اهڙي طرح هڪ ٻيو به قبرستان، جيڪو Lingshan واري علائقي ۾ آهي. ان لاءِ مڪاني ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ان ۾ ٻين مسلمانن سان گڏ ٻن اصحابين جا به مقبرا آهن. بهرحال هن شهر زيتون ۽ اوسي پاسي جي ٻين بندرگاهن جو تفصيلي احوال ڪنهن چين جي سفرنامي ۾ ڪنداسين. هِتي پاڻ ڪئنٽن (گئانگ زو يا خانفو يا قهانفو) جو ئي احوال جاري رکنداسين، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته بيحد آڳاٽو شهر ۽ بندرگاهه آهي ۽ جِتي عربستان جا سوداگر ۽ جهازران نه فقط اسلام بعد اسلام جي پرچار لاءِ پر ان کان اڳ واپار وڙي لاءِ به ايندا رهيا ٿي.
مزي جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به جهاز هن پرل نديءَ جي ڪناري تي ٺهيل شهر ڪئنٽن ۾ ايندا رهن ٿا. هونئن هن شهر ڪئنٽن جي پوزيشن ائين آهي جيئن ڪوٽڙيءَ جي سنڌو ندي تي. ڪو زمانو هو جو سنڌو ندي ۾ پاڻي هجڻ ڪري اها Navigable هئي يعني ان ۾ جهازراني ٿي سگهي ٿي. عربي سمنڊ ۾ سنڌو ندي جي ڇوڙ (Delta) تائين آيل ان وقت جا ڪاٺاهان ٻيڙا سنڌو ندي اندر گهڙي ڪوٽڙي، هالا، سکر ويندي ملتان تائين پهچي ويا ٿي.
ڪئنٽن (گئانگ زو) شهر جي وچ مان لنگهندڙ پرل ندي هن شهر کي دنيا جي ڪيترن شهرن کان (جن جي وچ مان نديون وهن ٿيون) مٿاهون ۽ سهڻو بڻائي ٿي. پرل ندي جنهن جو چيني ٻولي ۾ ’زو جيانگ‘ نالو آهي 2000 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ چين جي ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي. هيءَ ندي دراصل چئن ندين مان جڙي ٿي، جيئن سنڌو ندي چناب، ستلج، راوي جهڙين ندين جي ملڻ سان جڙي ٿي. ايئن هيڏانهن چين ۾ زي (Xi)، ليوزي (Liuxi)، بيئي (Bei) ۽ ڊانگ نديون هن شهر ڪئنٽن ۾ ائين اچي ٿيون ملن جيئن ڪئالالمپور شهر ۾ مسجد جامع وٽ ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملي هڪ ٿئي ٿي. ڪئنٽن شهر کان پوءِ وڌيڪ 70 ڪلوميٽر وهڻ بعد هيءَ ندي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اتي هانگ ڪانگ ۽ مڪائو جهڙا ٻيٽ پڻ آهن.

چِين بابت ڪجهه عام ۽ خاص ڳالهيون

چين جي ڳالهه ٿي نڪري ته دماغ يڪدم ڏور ماضي ڏي هليو وڃي ٿو يعني 1968ع وارن ڏينهن ڏي، جڏهن تعليم ختم ڪري مون سامونڊي نوڪري شروع ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ اسان جا جهاز چين تمام گهڻو ويا ٿي. جپان ۽ ڪوريا ڏي ويندي يا اتان موٽندي پڻ چين جي هڪ يا ٻن بندرگاهن ۾ اسان جي جهاز ضرور ’ڪال‘ ڪيو ٿي... يعني انهن بندرگاهن ۾ لنگر ڪيرايو ٿي. انهن ڏينهن ۾ چين اڄ وانگر يا 1949ع کان اڳ وانگر رنگين نه هو. مائوزي تنگ انقلاب آندو هو ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ هن سڄي قوم کي سخت محنت ۽ پورهئي ۾ لڳائي رکيو هو. چوڌاري مرد ۽ عورتون، نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بلو رنگ جي ڪپڙن ۾ نظر آيا ٿي ۽ ماضي قريب جو چين به ياد اچي ٿو يعني گذريل ٻن ڏهاڪن جو جڏهن کان مائوزي تنگ وارو چين جپان ۽ يورپ جو مقابلو ڪري رهيو آهي. چوڌاري خوشحالي ۽ بهتر حالتون آهن. انهن مڙني ڳالهين ۽ پنهنجي چين جي سفرن جو احوال الڳ سفرنامي ۾ ئي ڏبو. هِتي جلدي جلدي ۾ چين بابت ڪجهه عام ۽ دلچسپ حقيقتون مختصر طور لکان ٿو:
• دنيا جي پهرين پيپر ڪرنسي (نوٽ) اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ چين تيار ڪئي.
• سال 2009ع کان چين ۾ فيس بڪ، Twitter ۽ دي نيو يارڪ ٽائيمس اخبار بلاڪ ٿيل آهي جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ يو ٽيوب تي بندش آهي.
• چين ۽ مڪائو ٻيٽ کي جيڪا پل ڳنڍي ٿي ان تي پهچي ڊرائيور پنهنجي ڊرائيونگ جو رخ بدلائين ٿا. چين کان ايندڙ هن پل تي پهچي پنهنجي گاڏي جو رخ کاٻي کان ساڄي پاسي Right Hand Drive ڪن ٿا ڇو جو چين ۾ گاڏيون سعودي عرب ۽ ڪويت وانگر پنهنجو ساڄو پاسو وٺي هلن ٿيون پر هانگ ڪانگ ۽ مڪائو جيڪي آهن ته چين جا ٻيٽ پر برطانيا ۽ پورچوگال جي راڄ ۾ هجڻ ڪري اتي ٽرئفڪ جا قانون اهي هلندا اچن جيڪي انگلنڊ ۽ پورچوگال ۾ آهن.
• چين جو پورو نالو ’پيپلس ريپبلڪ آف چائنا‘ (PRC) آهي جنهن جي گاديءَ جو شهر بيجنگ (پيڪنگ) آهي جنهن کي هاڻ بيجنگ سڏيو وڃي ٿو. ملڪ جو صدر زي جنپنگ آهي. چين جي پکيڙ 96 لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان حِساب سان چين روس ۽ ڪئناڊا بعد دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي جنهن جي آدمشماري 1.3 بلين آهي.
• چين جي چوڌاري بارڊر تي ملڪ آهن: ڪوريا، منگوليا، روس، ڪزاخستان، ڪرغستان، تاجڪستان، انڊيا، پاڪستان، افغانستان، نيپال، ڀوٽان، ميانمار (برما)، لائوس ۽ ويٽنام. چين جي گهڻن ماڻهن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آهي ان کان علاوهه ٻيا وڏا مذهب آهن: تائوزم، اسلام، عيسائيت وغيره. چين ۾ جيڪي اهم چيني ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون اهي آهن: منڊران، ڪئنٽونيز جيڪا Yue به سڏجي ٿي، فوزو، هوڪين، گَن، زيانگ، هڪا وغيره. سڄو چين 23 صوبن ۾ ورهايل آهي. سڪي جو نالو رين مذبين (RMB) ۽ يئان آهي.
• دنيا جي چوٿون نمبر ڊگهي ندي يانگ زي (Yangtze) ندي چين ۾ آهي جيڪا 5800 ڪلوميٽر يعني 3604 ميل ڊگهي آهي ۽ چين جي ييلو ندي، جيڪا 4670 ڪلوميٽر يعني 2900 ميل ڊگهي آهي دنيا جو ڇهون نمبر ڊگهي ندي آهي.
• اڄ ڪلهه چين آمريڪا بعد دنيا ۾ ٻئي نمبر تي وڏي ايڪانامي جو مالڪ آهي.
• 2003ع ۾ چين دنيا جو ٽيون ملڪ ٿيو جنهن خلا ۾ ماڻهو موڪليو.
• دي گريٽ وال (وڏي ديوار) دنيا جي وڏي ۾ وڏي ماڻهن جي ٺهيل شيءِ (Structure) آهي. جيڪا 8850 ڪلوميٽر يعني 5500 ميل ڊگهي آهي جنهن کي ’ديوارِ چين‘ به سڏجي ٿو.
• چين 1949ع ۾ آزاد ٿيو يعني اسان کان ٻه سال پوءِ. ان وقت چين جي حالت بيحد خراب هئي. ماڻهو آفيم ۽ هيروئن جي عادي هجڻ کان علاوه، منجھن ٻيون به ڪيتريون ئي خرابيون هيون. مائوزي تنگ جيڪو جديد چين جو باني سڏجي ٿو تنهن ڏنڊي جي زور تي منجھائن اها عادت ڪڍي کين دنيا جي هڪ محنتي قوم بنايو.
• چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان بيجنگ ۾ هڪ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيل آهي جِتي پارٽي جي ميمبرن کي مختلف شعبن ۾ وزير، مشير ۽ چين جي لاءِ نئي قيادت تيار ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي. هن ٽريننگ بنا ڪنهن به ماڻهوءَ کي وزير يا مشير ٿيڻ جي قابل نٿو سمجھيو وڃي.
• چيني ماڻهن جي چوڻي آهي ته جيڪڏهن توهان هڪ سال جي منصوبه بندي ڪرڻ چاهيو ٿا ته مڪئي پوکيو، جيڪڏهن ڏهن سالن جي ته وڻ پوکيو ۽ صدين جي ته پوءِ ماڻهن کي تعليم ڏيو ۽ تربيت يافته بڻايو.
• چين ۾ چوريءَ جي سزا موت آهي. چور جي مٿي ۾ گولي لڳائي وڃي ٿي ۽ گوليءَ جي قيمت ان چور جا وارث جيستائين ادا نه ڪندا آهن انهن کي لاش کڻڻ جي اجازت نه هوندي آهي.
• چون ٿا ته ايوب خان جي دور ۾ واهه جي آرڊيننس ڪامپليڪس جي تعمير ڪئي وئي ته چين جي هڪ وفد ان جو اچي دورو ڪيو ۽ انهن ان دورري دوران بلڊنگ ۾ پاڻيءَ جو سيمو ڏٺو. ميزبان شرمساريءَ مان چيو ته خبر ناهي ڇو جيتوڻيڪ نئين عمارت ٺهي آهي پر منجھس پاڻي سِمي رهيو آهي. چين جي وفد جي هڪ همراهه مرڪندي چيو ته شروع شروع ۾ اسان جون سرڪاري عمارتون به سمنديون هيون پر پوءِ هڪ وار جڏهن ان جي ٺاهڻ واري ٺيڪيدار کي گولي هڻي اڏائي ڇڏيوسين ته ان کانپوءِ ڇت نئين ٺهي هجي يا پراڻي جي مرمت ڪرائي هجي، مجال آهي جو ڪِٿان به پاڻيءَ جو ڦُڙو ٽِمي.
• چون ٿا ته رچرڊ نڪسن هڪ دفعو چيني صدر چواين لائي سان مليو ته ان کي هڪ تصوير ڏني جنهن ۾ چواين لائي پنهنجي گهر جي لان ۾ ويهي اخبار پڙهي رهيو هو ۽ اخبار جون سرخيون به چٽي طرح نظر اچي رهيون هيون. چواين لائيءَ نڪسن کان پڇيو ته توهان هي فوٽو ڪيئن ڪڍيو؟ رچرڊ نڪسن فخر مان ڳاٽ اوچو ڪندي چيو ته اسان وٽ هڪ سؤ ملين ڊالر جي سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي آهي جيڪا دنيا ۾ فقط اسان وٽ ئي آهي. هيءَ تصويرَ اسان ان ذريعي ڪڍي آهي. چوائن لائي مرڪندي اٿيو ۽ پنهنجي ميز جي خاني مان هڪ فوٽو ڪڍي آيو ۽ صدر نڪسن کي پيش ڪيو. ان تصوير ۾ صدر نڪسن وائيٽ هائوس جي هڪ ڪمري ۾ آئي اي جو ڪانفيڊينشل (راز وارو) فائيل پڙهي رهيو هو. هيءَ تصوير ڏسي نڪسن جي منهن جو پنو لهي ويو ۽ چيني صدر چوائن لائي کان پڇيائين ته هيءَ تصويرَ توهان ڪيئن ڪڍي. چوان لائي چيو ته توهان آمريڪن جيڪو ڪم سؤ ملين ڊالرن جي ٽيڪنالاجي سان ڪريو ٿا اسان فقط هڪ سؤ ڊالرن جي ٽيڪنالاجيءَ سان ڪريو وٺون. صدر نڪسن وضاحت گهري ته چوائن لائي چيو ته اسان وائيٽ هائوس جي هڪ ملازم کي سؤ ڊالر ڏئي اها تصويرَ حاصل ڪئي.
• مٿينءَ ڳالهه ۾ کڻي گهڻي صداقت نه هجي پر اها حقيقت آهي ته مائوزي تنگ جي قيادت ۾ چينين لڳاتار محنت ۽ جدوجهد سان اهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا جو دنيا کي، خاص ڪري آمريڪا کي ڏندين آڱريون اچي ويون. مونکي ياد آهي ته 1970ع جي شروع وارن مهينن ۾ چين ۽ اوسي پاسي جي ملڪن ۾ هي چرچو مشهور هو ته ڪنهن آمريڪن کان پڇيو ويو ته توهان سرنگهه ڪيئن ٿا ٺاهيو.... يعني جبل جي ٻي پار ريل گاڏي وڃڻ لاءِ ٽنل ڪيئن ٿا ٺاهيو؟ هن وراڻيو ته: ”ان تي ڪجهه مهينا پيپر ورڪ ڪندا آهيون ڊزائنون ٺاهيندا آهيون ته جبل جي ڪهڙن هنڌن تان کوٽائي شروع ڪجي جيئن کوٽائي ڪندڙ ٻه ڌريون هڪ هنڌ پهچن.“ چينيءَ کان جڏهن ساڳيو سوالُ پڇيو ويو ته هن چيو ته ”ڇا جو پيپر ورڪ ڇا جو اسڪيچ ورڪ. اسان وٽ ماڻهن جي ته کوٽ آهي ئي ڪانه. کوٽائي ڪندڙن جون به ٽيمون ٺاهي هڪ کي هڪ طرف لڳائيندا آهيون ته ٻي ٽيم کي جبل جي ٻي پاسي کان. ٻئي ٽيمون کوٽائي ڪندي هڪ هنڌ ملي ويون ته ٺيڪ نه ته هڪ رستو وڃڻ جو ته ٻيو رستو اچڻ جو يعني هڪ IN ته ٻيو OUT.
• چين جا ماڻهو ديوار چين کي اهميت نٿا ڏين. هنن جو چوڻ آهي ته هنن تي جنگ مڙهي وئي ته هو پاڻ ديوار چين بڻجي ويندا. چين جا ماڻهو سپر پاور ته نٿا بنجڻ چاهين. انهن جي بس اها ئي خواهش آهي ته اسان هڪ خوشحال ۽ پُر امن قوم رهون.
• چين جي ماڻهن جو احتجاج ڪرڻ جو پنهنجو نرالو طريقو آهي. جنهن ڏينهن هو احتجاج ڪن ٿا ان ڏينهن تي هو اسان وانگر سڀ ڪم ڇڏي وهڻ بدران 24 ئي ڪلاڪَ ڪم ڪندا رهن ٿا.
چين جي انقلابي صدر مائوزي تنگ مرڻ وقت پنهنجي قوم کي وصيعت ڪئي هئي ته منهنجي ورسي واري ڏينهن تي غم ۾ پنهنجون فئڪٽريون ۽ ڪاروبار بند رکڻ بدران ان ڏينهن نارمل ڪم کان ٻه ڪلاڪَ وڌيڪَ ڪم ڪجو. اڄ به چين جا ماڻهو مائوزي تنگ جي ورسي واري ڏينهن تي ٻه ڪلاڪ مفت اوور ٽائيم ڪن ٿا.

چِين بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون

• چين جي تاريخ ۽ تهذيب به ايران وانگر پُراڻي آهي. ميڊاس 625 قبل مسيح ايران جي مختلف قبيلن کي ملائي قوم ۽ سلطنت ٺاهي. ان بعد 550 ق م کان 330 ق م تائين اشمند گهراڻي جي شهنشاهه جو راڄ رهيو. ان بعد سليلوسڊ، پارٿيان ۽ ساساني گهراڻي جي شهنشاهن اٽڪل 1000 سال راڄُ ڪيو. 656-633 واري عرصي ۾ عرب دنيا جي مسلمانن جو ايران تي مڪمل قبضو ٿي ويو ۽ ساساني دور ختم ٿيو ۽ ايران تي ڌارين جو راڄُ رهيو تان جو 1501 ۾ صفوي گهراڻي جي حڪومت ٿي جيڪي ايراني هئا. ان بعد به مختلف گهراڻن جي بادشاهن، شهنشاهن جو راڄُ رهيو تان جو 1979ع ۾ امام خمينيءَ انقلاب آڻي شهنشاهيت ختم ڪئي.
• اهڙيءَ طرح چين تي به صدين کان شهنشاهي راڄ رهيو ۽ تاريخ جا لکت ۾ ڪِتاب شانگ گهراڻي (1700 ق م) کان آهن جنهن کان اڳ زيا (xia) گهراڻي جي حاڪمن چين تي 2070 ق.م کان 1600 ق.م تائين راڄُ ڪيو ۽ مختلف گهراڻن جي شهنشاهن جي چين تي لڳاتار حڪومت رهي. آخري گهراڻو ’قنگ‘ (Qing Dynasty) هو جنهن 1644ع کان 1911ع تائين راڄُ ڪيو جنهن جو ٻارهون ۽ آخري شهنشاهه پُوئي (Puyi) هو جنهن کي 1908ع ۾، جڏهن هو ٽن سالن جو هيو، ته تخت تي وهاريو ويو هو. هن شهنشاهه پوئيءَ تي ڪيترائي ڪِتاب، فلمون ۽ ٽي وي سيريل ٺهيل آهن. قنگ حاڪمن جي درٻاري راڄ مان بيزار ٿي ملڪ جي نوجوان آفيسرن، فوجين ۽ شاگرد 1911 ۾ هل هنگامو برپا ڪيو جنهن جي ڪاميابيءَ تي 1912 ۾ نئين حڪومت ٺاهي وئي جنهن جو نالو ’ريپبلڪ آف چائنا‘ رکيو ويو. پهرين آڪٽوبر 1949ع تي مائوزي تنگ انقلاب آڻي نئين ملڪ جو نالو ’پيپلز ريپبلڪ آف چائنا‘ نالو رکيو ۽ شروع جا ڏينهن مائو جي هن ملڪ کي ماڻهو ’ڳاڙهو چين‘ ۽ ’ڪميونسٽ چين‘ به سڏڻ لڳا.
• چين هڪ تمام وڏو ملڪ آهي.... لڳ ڀڳ آمريڪا (USA) جيڏو. سندس هڪ ڇيڙو پاڪستان جي اتراهين حصي سان لڳي ٿو ته ٻيو اوڀر ۾ هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا سان وڃيو لڳي. هوائي جهاز يا پاڻي واري جهاز ۾ ان ٻئي ڇيڙي يعني ڪئنٽن تائين پهچڻ لاءِ پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، برما، ٿائلنڊ، ملائيشيا، لائوس ۽ ڪمبوڊيا لتاڙڻو پوي ٿو. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته چين جي هيڏي ساري ملڪ ۾ هاڻ فقط هڪ ٽائيم رکيو ويو آهي نه ته چين ۾ هميشه ائين نه رهيو آهي. قنگ گهراڻي جي خاتمي بعد 1912 ۾ ”ريپبلڪ آف چائنا“ ٿيڻ تي چين کي پنج ٽائيم زون ۾ ورهايو ويو هو جيڪي گرين وچ مين ٽائيم (GMT) کان ساڍا پنج کان ساڍا اٺ رهيو. ياد رهي اسانجي ملڪ جو 5+ (واڌو پنج) آهي يعني لنڊن ۾ جنهن وقت منجند جا 12 ٿين ٿا ته اسان وٽ شامَ جا پنج ٿين ٿا. اهڙي طرح انڊيا ۾ ساڍا پنج ۽ بنگلاديش ۾ ڇهه وڳا. ملائيشيا 8+ (واڌو اٺ) ٽائيم زون ۾ هجڻ ڪري اتي جو وقت انگلنڊ کان 8 ڪلاڪَ ۽ اسان کان 3 ڪلاڪَ اڳتي آهي يعني واڌو آهي. 1949ع ۾ مائوزي تنگ ملڪ ۾ انقلاب آڻي ملڪ جو نالو ”پيپلس ريپبلڪ آف چائنا“ رکيو ۽ سڄي ملڪ جو وقت هڪ ڪري ڇڏيو جيڪو اڃان تائين هلندو اچي. هونءَ ته هڪ ئي ملڪ جو هڪ وقت بهتر آهي جيئن اسان جي ملڪ جو آهي. پر جيڪي وڏا ملڪ آهن. روس ۽ آمريڪا جهڙا انهن کي مجبورن مختلف ٽائيم زون ٺاهڻا پون ٿا. نه ته نيو يارڪ ۾ سج اڀرڻ وقت ٽائيم 7 هوندو ته لاس اينجلس ۾ به اهو ٽائيم هوندو پر اتي سج چئن ڪلاڪن بعد 11 بجي اڀرندو. هي ائين آهي جيئن ملائيشيا، ٿائلنڊ، انڊيا، بنگلاديش، برما وغيره گڏجي اسان چئون ته پاڻ ۾ ايڪو پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ئي ٽائيم زون ٿا ٺاهيون ۽ سڀني ملڪن ۾ هڪ وقت هوندو پر پوءِ ڇا ٿيندو جو ڪراچي ۾ منجھند جي ماني جي 2 بجي رکيل دعوت لاءِ ملائيشيا جي ماڻهوءَ کي چوڻو پوندو ته بابا تون يارهين بجي پهچي وڃجانءِ. ڇو ته هن وٽ سج 3 ڪلاڪ اڳ ٿو اڀري ۽ وقت هن وٽ اسان واري منجھند جي 2 بجي واري ٽائيم تي شامَ هوندي. اهو ئي مسئلو چين ۾ آهي جِتي ڪئنٽن جا ماڻهو ته پنهنجي شهر ۾ 9 بجي آفيس ۾ پهچي سگهن ٿا پر 3000 ڪلوميٽرن کن پري پاڪستان جي بارڊر واري چيني شهر ڪاشغر جا ماڻهو پنهنجي شهر جي آفيس ۾ 9 بجي ڪيئن ٿا پهچي سگهن جِتي 9 بجي اڃان سج به نٿو اڀري!
• چين جي هر شهر ۾ ڪارخانا ۽ گهرو هنر جا آڏاڻا نظر اچن ٿا جن ۾ گنجيون، رومال، ڀرت جا ڪم، ٿيلها، پرس ۽ ٻيو سامان ٺهندو نظر اچي ٿو. چين جو هڪ شهر وهاڻا ٺاهڻ کان مشهور آهي. هن شهر ۾ ڪو خاص ڪارخانو نه هو. ماڻهن سان روزگار جو مسئلو هو. حڪومت سڄي شهر جي بيروزگارن کي چيو ته بدڪون پاليو. ساڳي وقت ان شهر ۾ وهاڻن جا ڪارخانا لڳرائي انهن چيني ماهرن کي وڏي پگهار تي گهرايو جيڪي آمريڪا ۽ يورپ جي ’پِلو انڊسٽري‘ ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ هو ان کان واقف آهن ته بدڪن جي کنڀن کي ڪيئن حاصل ڪجي ۽ انهن کي Process ڪري انهن مان وهاڻا ڪيئن ٺاهجن. دراصل بدڪ جهڙن پاڻي ۾ ترندڙ پکين کي قدرت طرفان جيڪي سَنها پَرَ مليل آهن اهي نرم، هلڪا ۽ گرم ٿين ٿا. اهي پَرَ پکين جي مٿين کنڀن جي هيٺان جسم تي لڳل ٿين ٿا. اڄ چين جا وهاڻا ٺاهڻ جا ڪارخانا سڄي دنيا ۾ مشهور آهن ۽ چين جي هن شهر ۾ جِتي ڪٿي توهان کي مڪاني ماڻهن جون پاليل بدڪون نظر اينديون. هن وقت هن شهر جو نالو ياد نه پيو اچي پر اهڙي طرح چين جو هڪ ٻيو شهر ’داتانگ‘ نالي آهي جيڪو دنيا ۾ جوراب ٺاهڻ کان مشهور آهي ۽ مغرب ۾ هن شهر کي Sock City سڏين ٿا.
داتنگ شهر ۾ جوراب ٺاهڻ جو ڪم 1980ع کان شروع ٿيو ۽ هن شهر بلڪه ڳوٺ جي ان وقت آدمشماري فقط هڪ هزار هئي. اڄ هي ڳوٺ شهر ٿي ويو آهي. جنهن ۾ هڪ لک ماڻهو رهن ٿا ۽ چوڌاري جوراب ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. روزانو دنيا جا واپاري هن شهر ۾ جورابن جا آرڊر ڏيڻ اچن ٿا. سرڪاري انگ اکرن موجب داتانگ ۾ هر سال 8 بلين جورابن جون جوڙيون ٺهن ٿيون، پر ڪنهن ڪنهن سال اهو تعداد ٻيڻو به ٿيو وڃي. سڄي شهر ۾ هڪ هزار کان مٿي ڪارخانا آهن.
• چين ۾ جيڪي رانديون گهڻيون کيڏيون وڃن ٿيون انهن مان ’پنگ پانگ‘ راند هڪ آهي. هيءَ راند چين ۾ نه پر انگلنڊ ۾ ايجاد ٿي، جِتي اها راند ’ٽيبل ٽينس‘ سڏجي ٿي.
• چين ۾ پهرئين نمبر تي هابي (Hobby) پوسٽ جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ آهي.
• چيني ماڻهو موت جي مجلس ۾ ڪارا نه پر اڇا ڪپڙا پائي وڃن. شاديءَ ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي ڳاڙهو رنگ وڌيڪَ بهتر سمجھيو وڃي ٿو.
• چين جي گادي واري شهر جو نالو مختلف دورن ۾ تبديل ٿيندو رهيو آهي، جيئن ته بيجنگ، پيڪنگ يا نجنگ ۽ بائپنگ وغيره. ڪنهن زماني ۾ هن شهر کي دادو پڻ سڏيو ويو ٿي.
• چين جي آدمشماري، دنيا جي ماڻهن لاءِ هميشه حيرت جو سبب رهي آهي. ائين ته ڏٺو وڃي ته چين ملڪ بيحد وڏو آهي ۽ هاڻ ته خوشحال به ٿي ويو آهي ۽ ان سان گڏ سرڪار طرفان هر ماءُ کي فقط هڪ ٻار ڄڻڻ جي تلقين ڪئي وڃي ٿي. نه ته گذريل صديءَ جي اڌ تائين جڏهن چيني پورهيو ڪرڻ بدران چرسي موالي ٿيو ويٺا هئا ۽ هر هڪ جو زور رڳو ٻار ڄڻڻ تي هو... بقول هڪ پوڙهي چينيءَ جي جنهن کان چين جي بندرگاهه سئم ڪانگ ۾ اسان جهاز وارن 1968ع ۾ گهڻن ٻارن ڄڻڻ جو سبب پڇيو هو ته هن ٻڌايو هو ته، ”غريب ۽ سست ماڻهوءَ لاءِ ٻي ڀلا ڪهڙي وندر آهي؟“
مون کي 1960ع وارا ڪاليج جا ڏينهن ياد ٿا اچن، جڏهن اسان شاگردن کي چين جي حيرت انگيز آدمشماري بابت ڪنهن ڪِتاب جي مصنف جو هي جملو ياد هوندو هو ته، ”چين جي ماڻهن کي جيڪڏهن هڪ قطار ۾ ڪنهن Point تان لنگهڻ لاءِ چيو وڃي ته آخري ماڻهوءَ جي گذرڻ کان گهڻو گهڻو اڳ ايترا ٻار پيدا ٿي چڪا هوندا، جو اها قطار کٽڻ جو نالو ئي نه وٺندي...“
بهرحال آدمشماري ته انڊيا ۽ پاڪستان جي به گهٽ ناهي ۽ غربت ۽ بيروزگاري سان گڏ وڃي ٿي ڏينهون ڏينهون وڌندي. جيتوڻيڪ انڊيا لاءِ هاڻ اهو چوڻ صحيح نه ٿيندو جو گذريل ٻن ڏهائين کان انڊيا بزنيس ۽ ڪامرس ۾، انڊسٽري ۽ ائگريڪلچر ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ هر دفعي انڊيا وڃڻ تي مون کي توڙي ٻين کي به ان ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو. اهڙي طرح اڄ جي چين ۽ انهن جي ماڻهن جي خوشحالي کي ڏسي حيرت ٿئي ٿي پر البت حڪومت طرفان هر فئمليءَ کي فقط هڪ ٻار ڄڻڻ جي سختي ڪري، هڪ طرف Infanticide وڌي وئي آهي يعني ابارشن جو رجحان گهڻو آهي، جو هنن کي اهو ڊپ ٿو ٿئي ته سرڪار طرفان معاوضو فقط هڪ ٻار لاءِ ملي ٿو. هڪ کان وڌيڪَ ٻار ٿيڻ تي وظيفو هڪ جو به نه ملندو يعني پهرئين ٻار جو به بند ٿي ويندو. ان کان علاوهGener Imbalance جو به وڏو مسئلو ٿي پيو آهي. ڇو جو هر هڪ اهو سوچي ٿو ته جڏهن ٻار فقط هڪ رکڻو آهي ته ڇو نه پٽ ٻار رکجي ۽ جيئن ئي ماءُ پيءُ کي C.T Scan ذريعي خبر پئي ٿي ته پيٽ ۾ ڌيءَ آهي ته يڪدم ابارشن ڪرائي ٻئي ٻار جو انتظار ڪيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ هن وقت چين ۾ ڇوڪرين جي تعداد کان ساڍا ٽي ڪروڙ ڇوڪرا وڌيڪَ آهن، يعني ايندڙ مستقبل ۾ چين جي لکين ڇوڪرن کي شاديءَ لاءِ ڇوڪريون نه ملي سگهنديون ۽ ڪيترن ڏاهن جو اهو خيال آهي ته اهو مسئلو دنيا جي سڪيورٽي ۽ امن لاءِ پڻ خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو.
• جيئن جپان ۾ ڪونج پکي وڏي عمر ۽ سٺي ڀاڳ جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو. تيئن چين ۾ اهو رتبو ۽ مانُ چَمڙي (Bat) کي نصيب آهي. چين ۾ ٺهندڙ چينيءَ جي ٿانون، رومالن، لاڪيٽن، ڪپڙن ۽ ٻين شين تي توهان کي چمڙو نظر ايندو. هڪ چينيءَ کان پڇيم ته، ”توهان جي نظر ۾ چمڙو هڪ اهم پکي ڇو آهي؟“
”اسان جي خيال ۾ ڇو، هر هڪ کي سمجھڻ کپي ته هي اونڌو لٽڪي سمهڻ وارو پکي واحد پکي آهي، جيڪو پنهنجن ٻچن کي انسانن وانگر ٿڃ ٿو پياري.“ ياد رهي ته مادي چمڙن کي ٿڻ ٿين ۽ هو پنهنجن ٻچن کي کير پيارين.
• دنيا ۾ سڀ کان گهڻو سائيڪل جو استعمال چين ۾ آهي. مائوزي تنگ جي ڏينهن ۾ ته چين جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ سائيڪلون ئي نظر اينديون هيون. ورلي ڪا بس يا ڪار نظر آئي ٿي. اڄ جڏهن چين ۾ پئسو اچي ويو آهي ته به ڪيترا چيني سائيڪل تي سواري ڪندي نظر اچن ٿا. ويندي چين جي آخري شهنشاهه ٽنگ گهراڻي جي پوئيءَ (Puyi) پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال بيجنگ شهر ۾ سائيڪل هلائيندي گذاريا. سائيڪل کي چين ۾ 1891 ۾ ٻن آمريڪن متعارف ڪرايو.
• پهرين چيني عورت جنهن کي نوبل پرائيز مليو اها هئي پرلس. ايس. بَڪ، جيڪا 1892 ۾ آمريڪا جي ’مغربي ورجينيا‘ رياست ۾ ڄائي. هن جا والدين آمريڪا جا هئا، جيڪي عيسائيت جي تبليغ لاءِ پرلس جي ڄمڻ کان 12 سال اڳ چين ۾ اچي رهيا. پرلس جي ڄم وقت هو ٽي چار مهينا آمريڪا ويا جنهن بعد پنهنجي ڌيءَ پرلس کي واپس چين وٺي آيا ۽ نانڪنگ شهر جي ڀرسان سنگڪيانگ ڳوٺ ۾ اچي رهيا. پرلس پنهنجي چيني نالي ’سائي زينزو‘ سان سڏي وئي ٿي. 1917 ۾ شادي بعد هوءَ ڪجهه سال هوئائي (Huai) ندي جي ڪناري تي هڪ ڳوٺ سُوزو ۾ رهڻ بعد نانجنگ شهر ۾ نانڪنگ يونيورسٽي جي ڪئمپس ۾ اچي رهي، جِتي زال مڙس ٻنهي پڙهايو ٿي. پرلس ايس بڪ، نانڪنگ يونيورسٽي کان علاوه گنلنگ ڪاليج ۽ نئشنل سينٽرل يونيورسٽي ۾ پڻ انگريزي پڙهائي. 1935ع ۾ جڏهن هوءَ 43 سالن جي هئي ته هن جي طلاق ٿي. ان بعد ٻي شاديءَ کان پوءِ هن زندگيءَ جا باقي ڏينهن 1973 تائين، آمريڪا ۾ اچي گذاريا.
هِتي پرلس ايس بڪ تي ڪجهه سِٽون ان ڪري لکي ويٺو آهيان، جو هوءَ منهنجي دلپسند ليکڪا آهي. مون هن جا ڪِتاب تڏهن پڙهيا جڏهن آئون مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس جو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ شاگرد هوس. سندس ان وقت جو پڙهيل يعني اڄ کان اڌ صديءَ اڳ جو پڙهيل هڪ ناول ’دي گڊ ارٿ‘ اڄ به دماغ ۾ تازو آهي. هُنَ هِنَ ناول ۾ چين جي ڳوٺن (ڳوٺ سوزو سميت) ۽ اتي جي ماڻهن جي غربت ۽ بيوسيءَ جو جيڪو نقشو چٽيو آهي اهو پڙهي مون کي سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙي جي ماڻهن جو حالُ اکين اڳيان آيو ٿي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جڏهن چين جا اهي ڳوٺ ۽ ٻهراڙي يورپ جي سونهن ۽ خوشحاليءَ سان مقابلو ڪن ٿا پر اسان وٽ سنڌ ۾، ايڪهين صديءَ ۾ به اها ئي حالت آهي جيڪا اڄ کان اڌ صدي اڳ هئي بلڪه ان کان به وڌيڪَ ڏکوئيندڙ ٿي وئي آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان جا مجبور، ظلمن ۾ دٻيل، بيمارين ۾ ڦاٿل ۽ خوف جي زندگي گذاريندڙ ماڻهو هر وقت پنهنجي وطن ۾ چين جي ’مائوزي تنگ‘، ملائيشيا جي ’مهاتير‘ يا سنگاپور جي ’لي ڪئان يُو‘ جهڙي سياستدان جي پيدا ٿيڻ لاءِ دعائون گهرن ٿا جيڪو اسان جي ڌرتي ۽ ان تي رهڻ وارن جي پڻ قسمت بدلائي سگهي.
پرلس ايس بڪ آمريڪا ۾ به رهي چين تي تمام گهڻو لکيو. سندس ويهارو کن ناول، اٺ ڪهاڻين/افسانن جا ڪِتاب، سورهن کن ٻارن لاءِ ڪِتاب ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهه لکيو. جن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز ذريعي چين تمام گهڻو وڃڻ ٿيندو هو يعني ستر واري ڏهي ۾، مون کي ياد آهي ته تڏهن هڪ دفعي اتي جي وزيراعظم زو اين لائي (Zhou-Enlai) هن ليکڪا لاءِ چيو هو ته ”سائي زينزو (پرلس ايس بڪ) چيني ماڻهن جي سچي دوست آهي.“ آمريڪا جي نڪسن جي اها چوڻي به مشهور آهي ته:
“Pearls S. Buck is a bridge between the civilization of East and West”

چِين جون مڇي مارڪيٽون

چين مان شروع ٿيندڙ موجوده وبا ’ڪرونا وائرس‘ کان اڳ، سارس (SARS) نالي وچڙندڙ بيماري دنيا ۾ عام ٿي هئي. اها به چين مان ئي شروع ٿي هئي ۽ اڄ کان سترهن سال اڳ 2003ع ۾ رونما ٿي هئي. سارس شارٽ فارم آهي: Severe Acute Respiratory Syndrome جو- يعني SARS. هن وچڙندڙ بيماريءَ ۾ به ساهه کڻڻ ۾ تڪليف درپيش آئي ٿي ۽ مريض ۾ ظاهر علامتون کنگهه ۽ بخار هو. اسان وٽ پاڪستان ۾ ايڏو خوف ۽ هراس نه هو پر ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن: ڪوريا، جپان، چين، ويٽنام، سنگاپور، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ هر ڪو ڊنو پئي. ڪيترن ته منهن تي ٻوٿارو (Mask) به ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. مون کي به کڻي ٿي کُٽي جو انهن ڏيينهن ۾ جپان وڃڻ جو پروگرام ٺاهيم. ان کان هفتو کن اڳ ملائيشيا ۾ منهنجا ليڪچر هئا. جپان لاءِ ٻڌم ته اتي جي هوائي اڏن تي هر آيل مسافر جي چڪاس ٿا ڪن ۽ جن تي سارس وائرس جي اثر جو شڪ ٿو ٿئين، ان کي هفتو کن تنهائيءَ (Quarantine) ۾ رکن ٿا. مون کي ته جپان ۾ رهڻ لاءِ هوئي هڪ هفتو. آفيس مان موڪل ئي ايتري ملي هئي. بهرحال آئون بلڪل چاق چڱو ڀلو، نوبنو هوس. ملائيشيا ۾ آخري ڏينهن پنهنجي هم وطني دوستن سان ڪولالمپور جا چڪر هڻندي هتي جو مشهور آئر باتو چمپور (گولاڳنڍا) ۽ ڪلفيون کائڻ ڪري گلي ۾ ٿوري خراش ٿي پئي ۽ ڪوالالمپور کان اوساڪا هوائي جهاز جي اڏام ۾ ٿڌو پاڻي پيئڻ ڪري هڪ ٻه دفعا هلڪو کنگهيم به. دل ۾ سوچيم ته الله خير ڪري، سارس کڻي نه هجي پر اوساڪا ايئرپورٽ تي اميگريشن وقت جي کنگهه ٿي اچي ته هي جپاني ڪنهن جا نه مِٽَ، في الحال ته مون کي بند ڪري ڇڏيندا. ڪنهن کي سارس آهي ان جي هجڻ جي پڪ ڪرڻ لاءِ ڪو اوزار نه هو. بس ڪائونٽر تي پهچڻ تي مسافر جي منهن ۾ ٿرماميٽر وجهي ان جو ٽيمپريچر چيڪ ڪيو ويو ٿي خاص ڪري ان جو جنهن کي کنگهندي ڏٺو ويو ٿي. اميگريشن وٽ پهچي ماڻهن کنگهه کي روڪيو ٿي. جپان ۾ ايندڙ بيمار لاءِ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو ته جهاز جي در مان نڪرڻ کان ايئر پورٽ جي ڪائونٽر تائين رستي تي هڪ ٻه ماڻهو لڪل رکيا ويا هئا جن جو ڪم رستي تي کنگهڻ وارن لاءِ اطلاع ڏيڻ هو. ان ڪري اوساڪا ايئرپورٽ تي هوائي جهاز مان نڪرڻ بعد خبردار رهيس ته جي کنگهه اچي به ٿي ته ان کي روڪيان. بهرحال خير ٿي ويو. کنگهه ته نه آئي پر بخار به نه هو. ٿرماميٽر نارمل ٽيمپريچر ڏيکاريو، پوءِ ايئرپورٽ مان آزاد ٿي سڄو هفتو اوساڪا ۽ ڀر وارن شهرن: ڪيوٽو ۽ ڪُوبي جو سير ڪندو رهيس. نه ته اهو هفتو قرنطينه (Quarantine) ۾ جپاني پاڻيءَ پسيو ڀت (Gohan) ۽ مِسو سُوپ پيئندي گذارڻو پوي ها ۽ مون لاءِ ته ڪنهن به قسم جو ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ مشڪل هجي ها جو آئون ملائيشيا کان آيو هوس. جنهن ملڪ جي اڌ کن آدمشماري چيني ماڻهن جي آهي ۽ نه رڳو جپانين کي پر سڄي دنيا کي چينين تي باهيون هيون ته هيءَ بيماري چينين جي بدافعالي کاڌي جي عادتن ڪري پکڙي آهي. اخبارن ۾ اهو ئي اچڻ لڳو ته هيءَ بيماري چين جي يون نان (Yunnan) صوبي جي هڪ غار ۾ رهندڙ چمڙن جي هڪ جنس جيڪا انگريزي نالي Horse shoe bats سان مشهور آهي، انهن مان انسانن ۾ داخل ٿي آهي، پر پوءِ خبر پيئي ته SARS وبا ٻليءَ جي شڪل جهڙي Civet جانور مان پکڙي آهي. سِويٽ ٻلي اسان وٽ ايشيا ۽ آفريڪا ۾ جام ٿئي ٿي جنهن کي ايراني ’زباد‘ سڏين ٿا ۽ عرب زباد ٻلي (قط الزباد). اها ٻلي مون به ملائيشيا ۾ ڏٺي آهي جنهن کي ملئي ماڻهو مُسانگ (Musang) سڏين ٿا. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي لوڪ ڪهاڻين ۾ مُسانگ جو ڏاڍو ذڪر اچي ٿو. غور ڪيو وڃي ته چيني هي ٻلي نما جانور Civet کي کائڻ جا وڏا شوقين آهن جنهن کي ڦاسائڻ يا پالڻ وارا وڏو پئسو ڪمائين ٿا. جيئن اسان وٽ اهو گمان عام آهي ته سچن موتين جا ڪشتا ۽ معجونون کانئڻ سان انسان جي عمر وڏي ٿئي ٿي ۽ اهي شيون شهوت (Virility) وڌائين ٿيون تيئن چيني ماڻهو، هن قسم جون ٻليون کائڻ سان سمجهن ٿا.
چين جي ڪيترن شهرن توڙي ڳوٺن جي گوشت مڇي (Wet) مارڪيٽن ۾ وڪري لاءِ هن قسم جي ٻلين، نانگ بلائن، ڪُمين، سيڙهن، ڪتن، عام ٻلين سان ڀريل کارا ۽ شيشي جا دٻا ملندا جيئن ان قسم جا جانور کائڻ جا شوقين پنهنجي اڳيان جيئري نانگ، سيڙه، ڪُمي يا ڪتي جي چونڊ ڪري ان کي سير وجهرائي، ڪڻڇيءَ ۾ ترائي سگهن. اهڙا شوق پورا ڪرڻ پٺيان اڪثر مٿيون سبب هوندو آهي- يعني شباب، طاقت، جواني حاصل ڪرڻ يا وري پنهنجي بلند معيار Status Symbol جو ڏيکاءُ ڪرڻ ته اسان وٽ ايڏي دولت آهي جو اسان ههڙيون قيمتي ۽ گهٽ موجود شيون به حاصل ڪري سگهون ٿا. چين ۾ ان قسم جا جانور نه رڳو جهنگلن مان ڦاسايا وڃن ٿا پر انهن جي فارمنگ به ڪئي وڃي ٿي يعني جيئن ڪڪڙيون، بدڪون، مڇيون پاليون وڃن ٿيون تيئن جهنگراڙ ٻلا، ليمور، ڀولڙن جا قسم، سيڙهون، نانگن جا قسم وغيره. سارس بعد چين جي حڪومت اهڙن جانور تي بندش هڻي ڇڏي جن مان زُونوٽِڪ (Zoonotic) بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون، پر ڇهه مهينن بعد چين جون Wet مارڪيٽون انهن جانورن سان سٿيل نظر آيون.
هيڏانهن ملائيشيا، انڊونيشيا، ڪمبوڊيا، چين پاسي اهي مارڪيٽون Wet مارڪيٽون سڏيون وڃن ٿيون جن ۾ گوشت مڇي ۽ جيئرا جانور، پکي، نانگ، ڪميون رکيون وڃن ٿيون. ڪپڙي، سيڌي، اناج، اليڪٽرانڪ جي دڪانن واريون مارڪيٽون Dry يعني خشڪ مارڪيٽون سڏجن ٿيون.
آلين (Wet) مارڪيٽن ۾ جهنگلي جانورن، نانگ بلائن، ڪتن ٻلن، چمڙن، سانڍن، ڪمين، سيڙهين ۽ جهنگلي سوئرن (Boars) جهڙن جانورن جي ڪسڻ، وڪڻڻ ۽ رڌ پچاءَ ۽ کائڻ بعد انهن جا هڏا اتي ڦٽا ڪرڻ ڪري زونوٽڪ (ڪورونا وائرس سميت) بيماريون پکڙجن ٿيون. زئونوز (Zoonosis) بيماريون جنهن کي عربيءَ ۾ ’مرض حيواني المنشا‘ سڏجي ٿو، اهي وچڙندڙ بيماريون آهن جيڪي جانورن ۾ موجود بئڪٽيريا، وائرس يا پئرا سائيٽ ذريعي انسانن کي لڳن ٿيون جيئن ته ايبولا وائرس، سالن ايلوز، برڊ فلو (جيڪا ڪڪڙين، بدڪن، ڪازن مان لڳي ٿي) سوائين فلو جيڪا 2009ع ۾ سوئرن مان انسانن کي لڳي.
ايبولا وائرس 1976ع ڌاري ميوو کائيندڙ چمڙن جي جنس مان انسانن کي لڳي ۽ اها پهرين ڪانگو (آفريڪا) ۾ وهندڙ ندي Ebola جي ڪناري واري هڪ ڳوٺ جي ماڻهن کي لڳي. ان ڪري ان جو نالو ئي ايبولا پئجي ويو. ان لاءِ 2015ع ۾ بي بي سيءَ پنهنجي اتر ڪوريا جي نمائندي جي حوالي سان ٻڌايو هو ته اها بيماري آمريڪا جي مليٽري کاتي بايولاجيڪل هٿيار طور استعمال ڪئي هئي. بهرحال ان ۾ حقيقت به ٿي سگهي ٿي جيئن اڄڪلهه افواهه گرم آهن ته ڪورونا وائرس آمريڪن ايجاد ڪري چين خلاف استعمال ڪئي آهي جو آمريڪا کان چين جي ترقي برداشت نٿي ٿئي، پر سوال آهي ته شروع ۾ ته چين ۾ ماڻهو مئا پر هاڻ ته آمريڪا ۾ ان کان به وڌيڪ پيا مرن. ڪير چاهيندو ته هن جا پنهنجا ماڻهو مرن! پر ماڻهن وٽ ان جو به جواب آهي. چي! آمريڪا اهڙو لاهه ملڪ آهي جو ٻين کي مارڻ لاءِ هو پنهنجا به رهڙي ڇڏيندو آهي. جيئن ضياءَالحق ۽ ان جي سنگت کي ناس ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجو سفير ۽ ان جو ڪتو به قربان ڪري ڇڏيو.
بهرحال وبا يعني هن قسم جون وچڙندڙ بيماريون باهه مثل ٿين ٿيون جيڪا هڪ دفعو لڳي ٿي ته پوءِ لڳائڻ واري جو هن تي اهو حڪم نٿو هلي ته هن کي ساڙ، هن کي نه ساڙ. سو ان وانگر وبا به هڪ دفعو شروع ٿئي ٿي ته پوءِ اها نه ملڪي سرحدون ڏسي ٿي نه امير غريب. پر اهو آهي ته سارس يا اڄ ڪلهه وبا ڪورونا وائرس جهڙيون بيماريون گهڻو ڪري ڀِنل (پُسل، آلين) مارڪيٽن مان شروع ٿين ٿيون، جيڪي Wet مارڪيٽون سدائين چين، تائيوان، ويٽنام، ٿائلينڊ ويندي ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ باعث ڪشش رهن ٿيون. انهن مارڪيٽن ۾ مختلف قسم جي جهنگلي جانورن ۽ نانگ بلائن، ڪتن ڪُمين، باندرن ڀولڙن جو گوشت ملي ٿو. بلڪه اهي جانور زنده حالت ۾ سوڙهن پڃرن ۾ رکيا وڃن ٿا. خريد ڪرڻ تي دوڪاندار انهن کي توهان اڳيان وَڍي ڪَٽي ڏئي ٿو. ڪي خريدار ته نانگ ۽ ٻين ڪِن جانورن جو ان وقت نڪتل تازو رت پيئن ٿا جو هو سمجهن ٿا ته ان ۾ ڪيترين بيمارين جي شفا رکيل آهي يا هنن جو اهو وهم آهي ته انهن جانورن جو گرم رت مردن ۾ وڌيڪ شهوت پئدا ڪري ٿو.
سارس ٿيڻ تي چين، هانگ ڪانگ، تائيوان جهڙن ملڪن ۾ انهن آلين (Wet) مارڪيٽن تي بندش لڳي وئي هئي پر اها بندش ڪا ڇهه مهينا به مس هلي. هينئر ڪورونا جهڙي خطرناڪ بيماريءَ جي ڪري اهڙن جهنگلي جانورن ۽ نانگ بلائن، ڪوئن سانڍن جي مارڪيٽ (Wet Market) تي بندش لڳي وئي. هر هڪ اهو سمجهيو ته ڪورنا وائرس ڪري چين ۾ ايڏا ماڻهو مئا آهن ۽ باقي ماڻهن جي علاج ۽ بچاءَ تي ايڏو خرچ ٿيو آهي، ڪارخانا ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ تي چين جي معاشي حالت کي ايڏو ڇيهو رسيو آهي جو هاڻ ته ان قسم جون مارڪيٽون يا انهن ۾ هلندڙ انهن گندن جانورن جو وڪرو ڪڏهن به نه ٿيندو پر اها بيماري رڳو چين ۾ گهٽ ٿي آهي (دنيا ۾ اڄ به روزانو وڌي رهي آهي) ته اهي Wet مارڪيٽون وري کلڻ شروع ٿي ويون آهن. ڪي ظاهري طرح بند آهن پر انهن ۾ وڪرو ٿيندڙ جانور لڪ ڇپ ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. آئون به اهو چوندو آهيان ته اهو ٿي نٿو سگهي ته چيني اهي شيون کائڻ ڇڏين. هرگز نه!
شروع جي سالن ۾، يعني 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ملائيشيا جي شهرن جي Wet مارڪيٽن ۾ به ان قسم جي جانورن جو وڪرو عام ٿي ٿيو. پوءِ مڙيئي آهستي آهستي ٿي گهٽجڻ لڳو ۽ گوشت مارڪيٽن ۾ جتي ڳائو، ٻاڪرو ۽ مڇي ٿي وڪامي اتي غير مسلمان چينين ۽ يورپين لاءِ سوئرن جو گوشت ضرور وڪاميو ٿي پر ان لاءِ هر مارڪيٽ ۾ الڳ حصو مخصوص ڪيو ويو هو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ڏهه سال کن ملاڪا رياست جي هڪ ڳوٺ مسجد تاناح ۾ اچي رهيو هوس ته اتي به سوئر جي گوشت لاءِ مارڪيٽ جو الڳ حصو هو، پر پوءِ اتي لڳاتار رهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ تي خبر پيئي، بلڪه اکين سان ڏٺم ته پينانگ، اپوح، جوهور بارو جهڙن شهرن ۾ جتي چينين جي گهڻائي آهي اتي جي پاسيرين هوٽلن ۾ هر قسم جا نانگ بلائون ۽ جانور وڪرو ٿين ٿا ۽ نه فقط مڪاني چيني پر سنگاپور ۽ ٻاهر جي دنيا جا چيني ٽوئرسٽ مختلف جانورن جي پنهنجي اڳيان ڪٽائي ڪرائي انهن کي فراءِ ڪرائي کائين ٿا. هوٽل وارن ٻڌايو ته حڪومت اکيون بند ٿي رکي جو هنن شين جي وڪري ۽ مساج (مالش/ آڍ) جي ظاهري نالي جي آڙ ۾ هلندڙ سيڪس انڊسٽريءَ مان حڪومت کي ٽئڪس ۾ وڏو پئسو ٿو ملي.
چيني ماڻهو کڻي ڪٿي به رهن، هر ملڪ ۾ هنن جي ڪيترن ئي ماڻهن کي اهڙن جهنگلي جانورن ۽ نانگ بلائن کائڻ جي تات لڳي رهي ٿي. بس سمجهو ته هنن جو ڪلچر اهو ٿي ويو آهي. ڪيترن جي دماغ ۾ اهو ئي وهم ۽ وسوسو آهي ته ان قسم جا گدلا، ڀوائتا ۽ جهنگلي جانور کائڻ سان انسان جي عمر وڏي ٿئي ٿي، خاص ڪري مردن جي مردانگي وڌي ٿي. چين ۾ يا ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾، جتي چيني رهن ٿا انهن جي دوائن ۽ پسارين جي دڪانن تي به توهان کي ان قسم جي جانورن جي ڪن خاص عضون جو سڪل پائوڊر يا شربت ملندو، جنهن کي هو ٿڌ، زڪام، بخار، جسم جي سور جي علاج لاءِ بهترين شفا سڏين ٿا. چين ۾ ڪيترا دفعا اهڙن جانورن کي ڪهڻ تي سختي ٿي پر حڪومت مجبورن چپ ٿي وئي جو ڪيتريون ئي چيني دوائون اهڙن جانورن، پکين، نانگ بلائن، ڪوئن ۽ سانڊن مان ٺاهيون وڃن ٿيون. ڪنهن کي اهڙي ڏوهه ۾ سوگهو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. مثال طور هڪ جانور آهي پنگولن جيڪو ماڪوڙيون ۽ اڏوهي کائي ٿو. هن جي جسم تي مڇيءَ جي ڇلرن جهڙا سخت ڇلر ٿين ٿا، جيڪي چيني ماڻهو ڪيترين ئي ديسي دوائن ۾ استعمال ڪن ٿا ۽ اهي دوائون نه فقط چين ۾ پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڪرو ٿين ٿيون. هن جانور (Pangolin) جو گوشت به وڏي شوق سان کاڌو وڃي ٿو جيتوڻيڪ ان قسم جي جانورن جو گوشت ڪڪڙ، بدڪ، ڳائي ٻاڪري کان به مهانگو ٿئي ٿو. ساڳي وقت پنگولن مان به وائرس جهڙي بيماريءَ جو خطرو آهي پر حڪومت جي بندش وجهڻ تي به ماڻهو پنگولن کي ڦاسائڻ يا انهن کي پالڻ تان نٿا مڙن. ههڙن ڏوهن ۾ پالڻ ۽ ڦاسائڻ وارن کان وٺي قاصائي، هوٽلن وارا، شهر جي غنڊا مافيا ۽ پوليس ان ڪم ۾ شامل رهي ٿي. پنگولن رکڻ وارو گرفتار ٿيڻ تي اهو ئي چوي ٿو ته آئون ڪنهن حڪيم يا دوائون ٺاهڻ واري لاءِ پالي رهيو آهيان، جيڪو هن جي ڇلرن مان دوائون ۽ ڦڪيون ٺاهيندو ۽ پوءِ ظاهر آهي هر ڪو سمجهي ٿو ته ان جو گوشت اڇليو ته نه ويندو. هونءَ به اهڙين شين جا شوقين مقامي توڙي اوسي پاسي جا ڪامورا، سيٺ، طاقتور ماڻهو ۽ سياستدان ئي ٿين ٿا. هي ائين آهي جيئن پاڪستان ۾ ڪسٽم کاتي چين ڏي ويندڙ گڏهن جون 6 هزار کلون پڪڙيون هيون. انهن جي ظاهر ٿيڻ تي سڀني کي تشويش ٿي ته انهن گڏهن جو گوشت ڪيڏانهن ويو. ظاهر آهي اهو شهر جي هوٽلن جي ديڳڙن ۾ ئي رڌجي عوام جي پيٽ ۾ هليو ويو.
اهڙي طرح ٻيا ڪيترائي جانور آهن جن بابت مسلمان ته ڇا يورپي به سوچي نٿا سگهن، جيڪي چين جي ڪيترن شهرن جي مارڪيٽن ۾ پڃرن ۾ بند نظر اچن ٿا ۽ گراهڪ جي خريداريءَ بعد اتي ئي انهن اڳيان ڪُٺا ۽ رڌيا وڃن ٿا. نه رڳو اهي دڪان پر گراهڪن ۽ ڏسڻ وارن جي بيهڻ واري جاءِ به انهن جانورن جي رت، آنڊن گجين ۽ ڪاڪوس سان لتل رهي ٿي. انهن جانورن ۾ ڪٿي ڪٿي جهنگلي سوئر (جن سان اسان وٽ سنڌ ۾ ڪتن جي ويڙهه جو مقابلو ٿيندو آهي)، ڄاها، نَور، چراخ (Hyena)، آرمئڊيلو (Armadillo) جنهن کي ’بڪتربند‘ اٺ به سڏين ٿا، نظر اچن ٿا. ان تان مون کي ياد آيو ته آرمئڊيلو ۽ پنگولن سنڌ جو جانور ناهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو جانور پنهنجي علائقي کان ٻئي ۾ به اچي نڪرندو آهي. ٻن ٽن سالن بعد سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ماتلي، ميهڙ يا ڪنري، پنگريو ۾ مٿين ٻن جانورن مان ڪو نظر ايندو آهي، جيڪو مڪاني ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي ۽ اخبار جو نمائندو ان بابت ايڊيٽر کي لکندو آهي ۽ ڪاوش اخبار (جيڪا آئون پڙهان ٿو ان ۾ ڏسندو آهيان، ٿي سگهي ٿو ٻين اخبارن ۾ به ايندو هجي) ته فلاڻي ڳوٺ ۾ تصوير ۾ ڏيکاريل هي عجيب جانور نظر آيو آهي جنهن ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. آئون اها خبر پڙهي ڪاوش اخبار جي دوستن کي فون ڪندو آهيان ته سائين اهي بلائون خبر ناهي ڪيتريون، روز چين، ويٽنام، هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا جي مارڪيٽن ۽ ريسٽورنٽن ۾ پيون وڪامن، ترجن ۽ باربِي ڪِيو ٿين ۽ انهن جانورن کان دنيا واقف آهي.
دراصل چين جي گوشت مارڪيٽن (Wet Markets) ۾ ان قسم جا خوفناڪ، گندا ۽ جهنگلي جانور ۽ انهن کي ڪسندو ڏسي اسان جي جهازن جي خلاصين کي هميشه اها شڪايت رهي ٿي ته ههڙن بندرگاهن مان جهاز جي عملي لاءِ راشن پاڻي نه ورتو وڃي. اڄڪلهه جپان ۽ ڪوريا جهڙن ملڪن ۾ مسلمانن جو تعداد وڌندو وڃي ۽ ان سان گڏ حلال گوشت به جتي ڪٿي نظر اچي ٿو نه ته 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هن پاسي جهاز لاءِ حلال ڳائو يا ٻاڪرو گوشت خريد ڪرڻ وڏو مسئلو هو. وري به چين جو هڪ ٻه بندرگاهه اهڙا هئا جتي مسلمان، مسجدون ۽ حلال گوشت جون مارڪيٽون هجڻ ڪري انهن مان جهاز لاءِ راشن وٺڻ تي مسئلو نه ٿيندو هو. هونءَ ته اسان جي اهائي ڪوشش هوندي هئي ته ٽن چئن مهينن جي ضرورت جو ڳائو ۽ ٻاڪرو گوشت ڪراچيءَ مان کڻي نڪرون يا رستي تي ملائيشيا جهڙي مسلمان ملڪ جي ڪنهن بندرگاهه مان خريد ڪجي- جتي جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ آمريڪا کان سستو به ملي ٿو. پر ڪڏهن ڪڏهن جپان ۾ جهاز جي وڏي مرمت ڪري يا جپان ۽ ڪوريا جي گهڻن بندرگاهن ۾ سامان لاهڻ چاڙهڻ ڪري وڏو عرصو گذري ويو ٿي ۽ راشن وٺڻ جي مجبوري ٿي ٿي. يا ڪڏهن جپان کان واپس وطن موٽڻ بدران چين مان آمريڪا ۽ ڪئناڊا لاءِ ڪارگو ملي ويو ٿي ۽ اتان پئسفڪ سمنڊ لتاڙي لاس اينجلس يا وئنڪوئر ڏي وڃڻو پيو ٿي. اهڙي حالت ۾ چين جي انهن بندرگاهن مان گوشت خريد ڪرڻ تي اسان جي خلاصين کي اعتراض نٿي ٿيو. هانگ ڪانگ وٽ هوندا هئاسين ته ڪئنٽن بهترين بندرگاهه هو نه ته اتر ۾ جپان جي ويجهو داليان (Dalian) بندرگاهه جتي مسلمانن لاءِ گوشت جي مارڪيٽ ئي الڳ آهي جيڪا اتي جا چيني مسلمان هلائين ٿا. هتي بيجنگ روڊ تي وڏي مسجد پڻ آهي جيڪا 1922ع ۾ ٺهي ۽ داليان شهر جي ڏهن بهترين مسجدن مان هڪ آهي. اها مسجد داليان ميٽرو ريل جي Xianglujiao اسٽيشن وٽ آهي.
هونءَ مسلمان ملڪن جي جهازن لاءِ حلال گوشت خريد ڪرڻ لاءِ اسان کي سڀ کان سڻائو بندرگاهه تيانجن (Tianjin) لڳو ٿي. هي چين جي اتراهين صوبي ’هي بي ئي‘ جو وڏو شهر ۽ بندرگاهه آهي. شنگهائي، بيجنگ ۽ چانگ چنگ (Chongqing) بعد تيانجن چين جو وڏو شهر آهي. منجهس ٻُڌن جي عبادت گهرن کان علاوه عيسائين جا گرجا گهر ۽ مسمانن جون مسجدون آهن. هي بندرگاهه هڪ مضبوط اسلامي مرڪز رهيو آهي ۽ شهر جي وڏي مسجد Qingzhen si جي آس پاس صدين کان مسلمان چيني رهندا اچن. هيءَ مسجد 1703ع ۾ ٺهي ۽ 12000 چورس ميٽرن تي مشتمل آهي جنهن ۾ مدرسي، لئبريري، خٿابين جي رهڻ سميت 20 کن عمارتون آهن. هيءَ مسجد هئاجوئي (Huajue) روڊ تي هجڻ ڪري هئاجوئي مسجد پڻ سڏجي ٿي ته ايسٽ (اوڀر پاسي واري) مسجد پڻ. ڇو جو سندس اولهه ۾ هڪ ٻي مسجد Daxuexi نالي پڻ آهي.
ائين ته چين ۾ عرب سوداگر اسلام کان به اڳ واپار لاءِ آيا ويا پئي ۽ گهڻي ڀاڱي ڪئنٽن (گئانگ زهو) ۾ رهيا ٿي جتي جي مسجد اسلام جي شروعاتي ڏينهن جي آهي پر چين ۾ اسلام جي صحيح طرح پرچار ’منگ‘ گهراڻي جي حڪومت (جيڪا 1368ع کان 1644ع تائين هلي جڏهن ان جي گاديءَ جو شهر بيجنگ هو) جي آخري سالن کان شروع ٿي ۽ قنگ گهراڻي (جيڪو 1644ع کان 1911ع تائين هليو) جي ڏينهن (سترهين صديءَ) ۾ زورن تي رهي. پر سترهين صديءَ ۾ اسلام قبول ڪندڙ چينين کي وقت جي حڪومت هڪ حد تائين مذهب جي آزادي ڏيڻ قبول ڪئي هئي. حلال جانورن کي به اسلامي طريقي سان ذبح ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏني. حج تي وڃڻ جي موڪل به 1731ع ۾ ڏني وئي. بعد ۾ جڏهن ويهين صديءَ ۾ مائوزي تنگ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي ته 1945ع ۾ ٻين عبادت گهرن سان گڏ مسجدن کي به بند رکيو ويو ۽ مٿي بيان ڪيل هن وڏي مسجد کي اسٽيل فئڪٽريءَ ۾ تبديل ڪيو ويو هو. بهرحال هن وقت گوشت مارڪيٽن جي ڳالهه نڪتي ته چين جي هن بندرگاهه تيانجن جو به ذڪر ڪري ويٺو آهيان جتي جون مسلمانن واريون گوشت مارڪيٽون وري به فضيلت واريون هيون جن ۾ ٻين حرام جانورن جو ته ڇا پر سوئر جو گوشت به نٿي مليو جيڪو ملائيشيا جي گوشت مارڪيٽن ۾ به عام آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جي گوشت مارڪيٽن ۾ پڙدو يا آڏ ڏئي ان حصي کي جدا ڪيو ويو آهي.
چين ۾ منهنجو اچڻ پهرين سفر ۾ ئي ٿيو. ڪولمبو، پينانگ، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن بندرگاهن مان ٿي اسان جو جهاز ڪئنٽن جي ڀرسان سئم ڪانگ نالي هڪ بندرگاهه ۾ اچي لنگر ڪيرايو. هن بندرگاهه ۾ اسان هڪ ٻئي پويان ٽي چار چڪر هنيا ۽ هر دفعي سڄي جهاز کي هن بندرگاهه مان سامان سان ڀريو ويو ٿي. ان ڪري هر دفعي ٻن کان ٽي هفتا هتي رهڻ ٿيو ٿي. مائوزي تنگ جو دور هو. سڄي قوم بلو ڊريس ۾ پورهئي ۾ رڌل نظر آئي ٿي. شهر ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بس هلي ٿي نه ته هر ڪو سائيڪل تي سوار هو. اسان جهاز وارن کي فقط بندرگاهه جي ڀرسان فرينڊشپ اسٽور ۽ سي مين ڪلب ۾ وڃڻ جي اجازت هئي پر پوءِ اسان اهڙا بي ڊپا ٿي وياسين جو هن ننڍڙي شهر جي مارڪيٽن ۽ بازارين ۾ به چڪر هڻندا رهياسين. فرينڊشپ اسٽور جيڪو جهاز وارن جي خريداريءَ لاءِ هو چڱو وڏو هو جنهن ۾ هر قسم جا دڪان هئا ۽ هر شيءِ تمام سستي اگهه تي ملي ٿي. اتي ريسٽورنٽون به هيون. اسان وٽ پاڪستان ۾ چيني ريسٽورنٽن جو کاڌو پسند ڪيو وڃي ٿو جو انهن ۾ مڇي، پلو، گانگٽ، مرغي اسان جي ٽيسٽ مطابق اسان جا مرچ مصالحا هڻي تيار ڪيو وڃي ٿو. چين ۾ به اچڻ سان اسان ان سواد جو سوچي هوٽلن تي ماني کائڻ جو سوچيوسين پر پوءِ اهو اسان جو پهريون ۽ آخري ڏينهن ثابت ٿيو جو ان جو ٽيسٽ ڪنهن کي به نه وڻيو. ويندي فراءِ رائيس به کائي نه سگهياسين. اهو ئي حال ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن جي چيني هوٽلن جي کاڌي جو آهي. سو ملائيشيا ويندڙن کي اهو ئي چوندس ته هو ملئي ڊش ڀلي ٽراءِ ڪن پر چيني ڊش هرگز نه.
سئم ڪانگ ۾ هجڻ واري پهرين دفعي ۾ ئي اسان ٻن ٽن ڏينهن بعد شهر به گهمڻ لڳاسين. گهمندي گهمندي، پنهنجي جهاز جي بنگالي انجنيئر ساٿيءَ سان گڏ، هتي جي گوشت مارڪيٽ ۾ به وڃي نڪتاسين. گوشت توڙي مڇي مارڪيٽ اسان جي ڳوٺ هالا توڙي ڪراچيءَ جي امپريس مارڪيٽ گندي ضرور آهي، پر چين جي هن شهر جي ڏسي وايون بتال ٿي ويون. ان ۾ قسمين قسمين جانور، مڇيون ويندي نانگ بلائون ۽ ماڻهن (مردن توڙي عورتن) جو خريداري تي گوڙ گهمسان ۽ بحث مباحثو، چوڌاري وهندڙ رت ۽ جانورن جون کلون ۽ آنڊا گجيون. اسان ته ڪڏهن سوچيو به نه هو. پنهنجي ڳوٺ ۾ ننڍي هوندي پئسا ڏئي ڀولڙو يا جوڳيءَ وٽ نانگ ڏسبو هو. هتي ته چوڌاري ڪيترائي ڀولڙا ۽ انهن جا قسم هئا جن کي ڪهڻ مهل هنن رڙيون دانهون ٿي ڪيون. هڪ حيرت انگيز ۽ ڏکوئيندڙ ماحول هو. خاص ڪري جيئري نانگ تان سندس کل کي ڇڪي لاهڻ تي سندس ڦٿڪڻ جو نظارو. سڀ کان ڀوائتو ۽ ظالماڻو نظارو جيئري ڀولڙي جو ميڄالو ڪڍڻ هو جنهن کي ڏسڻ بعد وري هن مارڪيٽ ۾ اچي نه سگهيس. جيئري ڀولڙي جو ميڄالو ڪڍڻ لاءِ هڪ خاص قسم جو ڪاٺ جو چورس فريم هو جنهن جي مٿئين تختي ۾ ڀولڙي جي مٿي جي سائيز جو گول دائرو ڪٽيل هو. هن ۾ ڀولڙي کي بند ڪيو ويو ٿي ۽ هي فريم ننڍو وڏو به ٿي سگهيو ٿي. ڀولڙي کي هن ۾ داخل ڪري پوءِ هن دٻي کي سوڙهو ڪيو وڃي ٿو جيئن ڀولڙو هن ۾ ڦاسي وهي ۽ اتاهينءَ ۾ به ايترو ننڍو ڪيو وڃي ٿو جو ڀولڙي کي پنهنجي مٿي جو حصو فريم جي ڇت ۾ ٺهيل سوراخ مان ٻاهر ڪڍڻو پوي ٿو ۽ چُري پُري به نٿو سگهي ان سوراخ جي مٿان ڏانٽي جهڙو تيز ڇُرو ٿئي ٿو جنهن کي ڀولڙي جي مٿي جي چوڌاري زور سان گهمائڻ تي هن جي مٿي جي مٿئين حصي جو کوپو لهيو پوي ۽ هن جو ميڄالو (مغز) ظاهر ٿيو پوي. خريدار چمچي سان ڪڍي اتي جي هوٽل واري کي ان جي ترڻ جو آرڊر ڏئي ٿو يا گهر کڻي وڃي ٿو. ڪن کي ته اهو وهم آهي ته ڀولڙي جي ميڄالي کي اتي جو اتي ڪچو کائڻ تي هن جي شهوت وڌي سگهي ٿي.
مون ٻڌو آهي ته اڄڪلهه چين جي گوشت/ مڇي مارڪيٽ ۾ ڀولڙا ۽ انهن جو گوشت ضرور ملي ٿو پر سندن ميڄالو ڪڍڻ وارو هي ڪم عوام اڳيان نٿو ڪيو وڃي جيڪو مون سمجهو ته اڄ کان 50 سال کن اڳ 1968 ۽ 1969ع ڌاري ڏٺو هو. نه فقط چين ۾ پر اهي ڪم انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ به عام هئا خاص ڪري ڪوالالمپور جي مارڪيٽن ۾. هاڻ ملائيشيا جا ماڻهو نٽائين ٿا ته ملائيشيا ۾ ڀولڙن جو اهڙي طرح ظالماڻو قتل نٿي ٿيو پر مون کي ڪوالالمپور جي چَوڪِٽ (Chowkit) مارڪيٽ جا اهي نظارا چڱي طرح ياد آهن. بلڪه 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهيل هوس ته اتي جي ڪنهن مڪاني چينيءَ اتي جي انگريزي اخبار نيو اسٽرئٽ ٽائيمس ۾ نه رڳو ماضيءَ ۾ چوڪٽ مارڪيٽ ۾ هلندڙ ڀولڙن ۽ حرام جانورن جي وڪري جو احوال ڏنو هو پر ڀولڙن جو ميڄالو ڪڍڻ واري ڪاٺ جي فريم جي به تصوير ڏني هئي جنهن جي ڪٽنگ مون وٽ موجود هئي. جيڪڏهن ملي وئي ته هن مضمون سان گڏ ڏيڻ بهتر سمجهندس. هونءَ اڄ به ڪوالالمپور جي چوڪٽ مارڪيٽ ڏسڻ وٽان آهي ۽ آئون ٽوئرسٽن کي جتي چائنا ٽائون، سينٽرل مارڪيٽ، سري پتالنگ جهڙي مارڪيٽ ڏسڻ جي صلاح ڏيندو آهيان اتي چوڪٽ وڃڻ جي پڻ. هاڻ ته ان ۾ ڀولڙن يا ڪتن ٻلن جو ڪوس نٿو ٿئي ۽ ريسٽورنٽون پڻ حلال کاڌي جون آهن. منجهس 600 کن مختلف شين جا اسٽال آهن. آئون اڄ به چوڪٽ مارڪيٽ جو چڪر ضرور ڏيندو آهيان جتي پهريون دفعو 1970ع يا سال کن ان کان اڳ آيو هوس. چوڪٽ مارڪيٽ جي رونق، رنگ روپ، آواز، خوشبوئون ۽ هنڱ جي Pungent بوءِ جهڙيون ڌپون ۽ خريداري لاءِ آيل ماڻهن جي پيهه پيهان ۽ دڪاندارن جا هوڪا ڏسڻ، ٻڌڻ، سونگهڻ ۽ محسوس ڪرڻ وٽان آهن. اتي ئي سکن جو مندر ۽ پنجابي اسڪول پڻ آهي جنهن بابت پڻ پنهنجي شروعاتي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان جڏهن اتي جا سک ’پنجابي اخبار‘ به ڪڍندا هئا، جيڪا گرمکي لکڻيءَ ۾ هوندي هئي.
ڀولڙي جو گوشت ۽ جسم جا ٻيا حصا Bushmeat ۾ اچن ٿا. بش ميٽ ڀولڙن، بندرن، ببونن، چمپئنيزن، ويندي هاٿي ۽ ٻين جهنگلي جانورن جي گوشت کي سڏيو وڃي ٿو جنهن مان انسانن کي انهن جي خون ۾ موجود بيماريون لڳي سگهن ٿيون. پر ڏٺو وڃي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان ڳالهه جي ڄاڻ جي هوندي به ان قسم جي جانورن جو نقصان رسائيندڙ گوشت خاص ڊش (Delicacy) طور، وڏ ماڻهپي ڏيکارڻ خاطر يا ان وهم خاطر اتي جا ماڻهو استعمال ڪن ٿا ته ان مان شهوت وڌي ٿي. چين ۾ ته صدين کان ڀولڙي جي گوشت جو وڪرو هليو ٿي. وچ وچ ۾ مختلف دورن ۾ بندش به پئي ٿي. انڊونيشيا ۽ ملائيشيا ۾ مسلمانن جي حڪومت هجڻ ڪري ان جي ڪوس تي بندش رهي ٿي. پر اتي رهندڙ چيني ۽ ڪجهه غير مسلم قومون اڄ به ڀولڙن جو شڪار ڪن.
جپان اهو ملڪ آهي جتي ان قسم جو گند ڪچرو تمام گهٽ رهي ٿو. گهڻو زور سامونڊي ساهه وارن تي هوندو آهي يا هاڻ ٿورو گهڻو بيف (ڳائي گوشت) تي... پر جپان لاءِ به مشهور آهي ته اتي جي هونگو (Hongu) ۽ نگانو (Nagano) علائقن ۾ ڀولڙن جو گوشت عام استعمال ٿيو ٿي، جيڪو مهانگو هجڻ ڪري فقط امير ماڻهو کائي سگهيا ٿي. نگانو جو هڪ مشهور پهاڪو/چوڻي آهي ته: Akizaru o yome nikuwasu nu يعني ”پنهنجي جوءِ کي سرءُ جي موسم ۾ ڀولڙي جو گوشت نه کارايو“. ڇو جو هن کي کارائڻ معنيٰ هڪ لذيذ ۽ اوچي سواد واري ڊش کي ضايع ڪرڻ آهي. هونءَ جپاني توڙي چيني عورتن جي دماغ ۾ اهو به وهم آهي ته ڊليوري بعد ڀولڙي جو گوشت هنن کي توانائي ۽ سگهه بخشي ٿو.
ڪو زمانو هو جو جپان ۾ ڀولڙي جو شڪار ڪيو ويو ٿي. هونءَ جپان ۾ ڀولڙي جي گوشت کي کائڻ لائق نٿو سمجهيو وڃي. ڏٺو وڃي ته جپان ۾ ته ڍڳي ۽ مينهن جو گوشت ته ڇا پر انهن جو کير پيئڻ کي به پاپ سمجهيو ويو ٿي. خاص ڪري جپان جي تنهائي(Isolation) واري دور جي ختم ٿيڻ تائين، جيڪو دور جپانيءَ ۾ Sakoku سڏجي ٿو، 1639ع کان 1853ع تائين سوا ٻه صديون کن ته سخت رهيو جنهن ۾ جپان وارن نه ڪنهن ڌارئين کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ ٿي ڏنو نه پنهنجي ماڻهوءَ کي جپان مان نڪرڻ ٿي ڏنو. پوءِ نيٺ آمريڪن جپان ۾ زوريءَ ڪاهي پيا ۽ 1853ع ۾ آمريڪن نيوي (فوج) جو ڪموڊور مئٿيو پيري پنهنجي ڪَلَ جي زور تي هلندڙ جهاز کي خليج ٽوڪيو ۾ وٺي آيو جنهن تي ماڊرن توبون لڳل هيون. جهاز جي انجڻ جي ڌڌڪي ۽ بندوقن توبن جي ٺڪاءَ تي سڀ جپاني ڊڄي ويا جو تنهائي (Isolation) ۾ رهي هنن کي ته اها به خبر نه پئجي سگهي هئي ته دنيا ڪيڏو ترقي ڪري وئي آهي. هُو پئي اڃان سڙهن وارن ٻيڙن ۽ تير ڪمانن ۽ گرزن تي هليا. آمريڪا جي طاقت ڏسي هنن کي آڻ مڃڻي پئي ۽ آمريڪا وارن سفير طور جنهن همراهه کي جپان ۾ رکيو ان نه رڳو کين ڍڳيون پالي، ان جو هن لاءِ کير مهيا ڪرڻ لاءِ چيو پر هن کائڻ لاءِ به مڇي گانگٽ سان گڏ بيف (ڳائي گوشت) جي به گهر ڪئي. ڳائو گوشت مهيا ڪرڻ لاءِ جپانين سفير صاحب جي گهر اڳيان هڪ ڍڳو ٻڌي ڇڏيو. هفتي ڏيڍ بعد ان جو ڪوس ٿيندو هو ته ان جي جاءِ تي يڪدم ٻيو ٻڌو ويو ٿي. ان بابت لکيل آهي ته ڍڳي کي ڪهڻ کي جپانين پاپ جو ڪم سمجهيو ٿي ۽ جنهن ڏينهن اهو ڪٺو ويو ٿي، سڄي رات ان ڳوٺ جو رهاڪو، مندر جي ٻائي سان گڏ پنهنجن ديوتائن کان معافي وٺندا رهيا ٿي ۽ سجدي ۾ ڪري پيا ٿي.
جپان جا ڪجهه اتراهان جابلو علائقا ضرور آهن جتي ڀولڙن جي گهڻائي هجڻ ڪري انهن چانورن جي فصل کي نقصان ٿي رسايو ۽ جن کي ڀڄائڻ لاءِ انهن کي ماريو به ويو ٿي ته انهن جو گوشت کاڌو به ويو ٿي. هونگو انهن مان هڪ علائقو آهي، جتي جي پراڻن شڪارين ۽ ٻيلي ۾ رهندڙن جو اهو ئي چوڻ رهيو ٿي ته Anna umai kotowa nai جنهن جو مطلب آهي، ”واه واه! ان جهڙي ٻي ڪا لذيذ شيءِ ٿي نٿي سگهي.“ جپان ۾ ماضيءَ ۾ ڀولڙن جو شڪار ان جي گوشت ۽ ٻين عضون لاءِ به ڪيو ويو ٿي جيڪي دوا طور استعمال ۾ آيا ٿي. هاڻ ته جپان ايڏو ماڊرن آهي جو جتي ڪٿي اسپتالون، دوائون ۽ ڊاڪٽر آهن ۽ هر دوا سائنسي بنياد تي تيار ڪئي وڃي ٿي نه ته ماضيءَ ۾، خاص ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾، دل جي بيماري، بدهضمي، قبضي ۽ زناني بيمارين، ڳاٽي ٽوڙ بخار لاءِ ڀولڙي جو گوشت ۽ ان جا آنڊا کائڻ بهترين علاج هو ۽ دوا طور سڀ ۾ بهترين شيءِ ڀولڙي جو ميڄالو سمجهيو ويو ٿي. جن جي گهرن يا فصلن ۾ ڀولڙا نقصان رسائين ٿا انهن کي پوليس ۾ رپورٽ ڪرڻي پوي ٿي جنهن کي ڏنگن ڀولڙن کي مارڻ جو هنر ۽ سرڪار طرفان اجازت مليل آهي ته اهي ان قسم جي جانورن کي ماري انهن جو تعداد گهٽائين. کين ان جو اجورو ڀولڙن جي تعداد مطابق ڏنو وڃي ٿو جيڪي ثبوت خاطر انهن جا پُڇ يا ڪَنَ ڏيکاريندا آهن. انهن شڪاري پوليس وارن لاءِ مشهور آهي ته هو رڇ يا سوئر جهڙي جانور کي مارڻ لاءِ جلد تيار ٿيو وڃن پر ڀولڙي لاءِ ڪيٻائين ٿا ۽ هنن جو اهو ئي چوڻ هوندو آهي ته Jibun no kao ni nitteiru يعني ان جي شڪل اسان سان ملي ٿي. يعني هو ماڻهوءَ مهانڊو آهي. ٻي ڳالهه ته رڇ وغيره تي ته جڏهن بندوق تاڻيون ٿا ته هو ڪاوڙ ۾ اچي حملو به ڪري ٿو پر ڀولڙو inochigoi جي ادا ڪري ٿو يعني هو مسڪين شڪل ٺاهي هٿ ٻڌي پنهنجي زندگيءَ جي بيک (دان) گهري ٿو.

چِين سندو چوٻول

---

جتي سڀ ڪجهه کاڌو وڃي ٿو

ڪرونا وائرس کان اڳ جيڪا سارس (SARS) نالي 2002ع ۾ وبا پکڙي، اها به چين کان شروع ٿي ۽ اها به جانورن مان انسانن ۾ ٽرانسفر ٿي هئي. سارس (Severe Acute Respiratory Syndrome) وبا جا جراثيم چون ٿا ته چمڙي مان اڏامي Civet جانور ۾ آيا، جتان چين جي صوبي Guangdong (ڪئنٽن) جي ماڻهن ۾ آيا. سِويٽ (Civet) دراصل ٻلي جي شڪل جو، پر نَور جي نسل جو جانور ٿئي ٿو، جيڪو ملائيشيا، ٿائلينڊ، چين پاسي جام آهي. ملائيشيا جي لوڪ ڪهاڻين ۾ مُسانگ (Musang) سڏجي ٿو. هي چمڙن ۽ چٻرن وانگر رات جو نظر ايندڙ جانور آهي. نانگ بلائن وانگر چيني هن جانور کي به کائڻ جا شوقين آهن. ايراني، افغاني ۽ ازبڪستاني هن کي ’زباد‘ ۽ عرب ’قِط الزباد‘ سڏين ٿا.
سارس جو اثر چين جي ڏاکڻن صوبن، ملائيشيا، تائيوان، سنگاپور، ويٽنام، فلپين، ٿائلينڊ جهڙن ويهه پنجويهه کن ملڪن ۾ ٿيو پر ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ. سڄي دنيا ۾ سارس ڪري ڪي 8000 ماڻهو مس شڪار ٿيا ۽ ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ماڻهن کي ڌيان ۾ ئي نه آيو ته چيني ڪهڙي ڪهڙي قسم جا جانور کائي رهيا آهن. انهن ڏينهن ۾ سوشل ميڊيا به ڪو اهڙو طاقتور نه هو جو فوٽن ۽ وڊيو ذريعي ماڻهو ڏسي سگهن ته چين توڙي هانگ ڪانگ، جتي جتي چيني رهن ٿا، اتي جي گوشت ۽ مڇي مارڪيٽن (Wet Markets) ۾ ڪهڙن ڪهڙن جانورن جو ۽ ڪهڙي بي دردي ۽ گندگيءَ جي حالت ۾ ڪوس ٿي رهيو آهي.
هن دفعي چين جي شهر ’ووهان‘ مان هيءَ ڪورونا نالي وبا شروع ٿيڻ سان سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن ته چين ۾ ڪهڙي قسم جون نانگ بلائون ۽ جهنگلي جانور کاڌا وڃن ٿا! هڪ ته هيءَ وبا اڄ کان سئو سال اڳ جي Spanish Flue وبا وانگر اٿندي ئي سڄي دنيا ۾ ايڏو ته پکڙيوئي آهي جو مهيني اندر مختلف ملڪن ۾ موت جو تعداد ٻه لک جي ويجهو وڃي پهتو آهي، جيتوڻيڪ سڀني ملڪن ۾ تقريبن لاڪ ڊائون جو عالم آهي. ڪيترن جو ته اهو ئي چوڻ آهي ته هيءَ وبا اڍائي ڪروڙ ماڻهن جي جان وٺي ختم ٿي وڃي ته به سودو مهانگو ناهي. اها ڳالهه ڪرڻ وارا شايد اهو سوچي ٿا ڪن ته اڄ کان سئو سال اڳ ’اسپيني فلو‘ جيڪا 1918ع کان 1920ع تائين هلي ان ۾ ئي پنج ڪروڙ ماڻهو مري ويا هئا، جيتوڻيڪ ان وقت دنيا جي آدمشماري تمام گهٽ هئي. هوائي جهاز، هوٽلون ۽ ٽوئرزم جو به ايڏو زور نه هو.
چين مان پکڙجندڙ هيءَ وبا ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ دنيا جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ بي خوف و خطر وڃي سگهندا، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر دنيا جا ماڻهو سوشل ميڊيا تي پنگولين، نوريئڙن، نورن، سانڍن ويندي جهنگلي سوئرن، ڀولڙن، بندرن، ڪتن ٻلن کي چين جي مختلف شهرن جي گوشت مارڪيٽن ۾ وڪامندو، ڪُسندو، رڌجندو ڏسي تعجب ۾ ضرور پئجي ويا آهن. چين به ان خواريءَ مان بچڻ خاطر اهڙن جانورن جي وڪري ۽ پالڻ تي في الحال بندش هڻي ڇڏي آهي. مون کي به ڪالهه اسان جي ڳوٺائي ڪئپٽن رشيد ابڙو ٻڌايو ته چين نانگ بلائن جي وڪري ۽ ڪوس تي به پابندي هنئي آهي ۽ پوءِ چين جي هڪ ڳوٺ سيسي شيائو (Zisiqiao) جو نالو وٺي چيو ته ”خبر ناهي اتي جي ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟“
”ٿيندو ويندو ڪجهه ڪونه،“ مون چيومانس،”چيني ماڻهو ٻين جانورن کان کڻي ڪجهه عرصي لاءِ پاسو ڪري سگهن ٿا، پر دنيا ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچي پر چيني ماڻهو نه نانگ بلائون کائڻ ڇڏيندا ۽ نه انهن جو دوائن ۽ گوشت لاءِ وڪرو بند ڪندا.“
ڪئپٽن رشيد ابڙو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو توڙي مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ مون کان چار پنج سال جونيئر هو پر جهاز هلائڻ دوران چار سال اهڙا به آيا جو جيتوڻيڪ اسان جا جهاز مختلف هئا پر هئا ساڳي ڏور اوڀر واري روٽ تي. يعني هِتان هُتان ٿي ڪوريا، جپان، چين، هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ پاسي جي بندرگاهن ۾ گڏ اچي بيٺا ٿي. هڪ دفعي اسان ٻنهي جا جهاز شنگهائيءَ ۾ لنگر انداز هئا. چين ۾ موڪلون هجڻ ڪري اسان جي جهازن تي چاڙهڻ وارو سامان اڃان نه پهتو هو سو اسان جي مڪاني آفيس جو ايجنٽ ٻنهي جهازن جي اڌ آفيسرن ۽ اڌ خلاصين کي بس ذريعي شنگهائيءَ کان هنگزو (Hangzhou) گهمائڻ لاءِ وٺي هليو. شنگهائيءَ کان هنگزو ايترو پري آهي جيترو موري کان سکر- يعني 170 کن ڪلوميٽر. اسان ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ پهچي وياسين. رستي تي جياشنگ شهر ۾ بيٺي بيٺي چانهه به پيتيسين. يعني گمبٽ/ راڻيپور ۾ چانهه پيتيسين.
ڪئپٽن رشيد ابڙي جنهن چيني ڳوٺ سيسي شيائو (Zisiqiao) جي ڳالهه ڪئي، اهو دراصل سنڌو نديءَ جي ڪناري واري سکر جهڙي شهر هنگزو (Hangzhou) کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي جتي اسان جو چيني ايجنٽ واپسي تي وٺي آيو هو ۽ اهو ڳوٺ ’نانگن جو ڳوٺ‘ سڏجي ٿو. هونءَ هنگ زو شهر نه فقط سکر شهر وانگر آهي پر سنڌونديءَ وانگر چين جي هڪ مشهور ندي قيانتانگ (Qiantang) جي ڪناري تيآهي، جيڪا ندي (اٽڪل 460 ڪلوميٽر ڊگهي) چين جي زهي جيانگ صوبي جي گادي واري هنشهر هنگ زو مان ٿي اوڀر چيني سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هونءَ هن نديءَ جو نالو Zhe ندي يعني Zhe Jiang هو. جنهن تان هن صوبي جو Zhejiang نالو پيو، جيئن سنڌو نديءَ تان سنڌ ۽ هند نالا جڙيا. چيني ٻولي ۾ Jiang نديءَ کي سڏجي ٿو، جيئن جپانيءَ ۾ ڪاوا ۽ ملئي ۾ سُنگائي.چيني لفظZheجي معنيٰ آهي چٻي سِٻي (Crooked).
هنگ زو چين جي خوبصورت شهرن مان هڪ آهي. ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هنگ زو جهڙو هڪ ٻيو شهر سوزهو Suzhou آهي. سوزهو چين جو تمام آڳاٽو شهر آهي، جنهن جو بنياد سڪندراعظم جي ڄمڻ کان به ٻه صديون اڳ 514 ق. م ڌاري رکيو ويو. هن شهر مان وهندڙ ڪئنال، پٿرن جون پليون، پگوڊا، باغ، باغيچا، ڪهڙي ڳالهه ڪجي! حق تي هن شهر کي ’اوڀر جو وينس‘ ۽ ’چين جو وينس‘ سڏين ٿا.
سوزهو جي ريشم۽ پَٽَ (Silk) جو ڪپڙو دنيا ۾ مشهور رهيو آهي. هن شهر جا قابل ماڻهو سارجن ته انيڪ ٿيندا هر فيلڊ ۾. سياست، آرٽ، تعليم، سائنس، ڳائڻ وڄائڻ، راندين، ميوزڪ ۾ هتي جي ماڻهن نالو پيدا ڪيو آهي. چين جي هنن شهرن سوزهو ۽ هنگ زو جو نالو اڪثر گڏ گڏ ورتو وڃي ٿو. هنن شهرن نالي هڪ چيني چوڻي مشهور آهي ته: Paradise above, Suzhou & Hangzhou below يعني مٿي جنت آهي ته هيٺ ڌرتيءَ تي سوزهو ۽ هنگ زو. هي ايئن آهي جيئن پاڻ ڪنهن علائقي لاءِ چوندا آهيون ڌرتيءَ تي جنت جو ٽڪرو آهي. مارڪو پولو پنهنجي سفرنامي ۾ هنن شهرن لاءِ لکي ٿو ته،Suzhou is the city of Earth while Hangzhou is the city of Heaven. هنگ زو بابت هڪ ٻي چوڻي مشهور آهي ته: "Be born in Suzhou, live in Hangzhou, eat in Guangzhou, die in Liuzhou."اهو ان ڪري چيو ويو ٿي ته سوزهو تهذيب يافته ۽ اعليٰ تعليم وارن کان مشهور رهيو آهي. هنگ زو خوبصورت نظارن کان، گنگ زو کاڌي خوراڪ کان ۽ ليوزو ڪاٺ جي ڪفن وارين پيتين کان جيڪي ڪافور جي ڪاٺ مان ٺهيل هجڻ ڪري انهن کي ڪيڙو نٿو لڳي ۽ مُردو ڳري سڙي نٿو.
شروع جي ڏينهن ۾ ته هن پاسي ورلي ڪو هم وطن نظر ايندو هو -وڌ ۾ وڌ شنگهائي يا ڪئنٽن پاسي سفارتخاني ۽ هوائي جهاز ڪمپنين سان واسطو رکندڙ پاڪستاني ڪڏهن نظر آيا ٿي، پر هاڻ گذريل ويهارو سالن کان چين جي هر وڏي شهر ۾ اسان جي ملڪ جا ته ڇا سنڌ صوبي جا ئي ڪيترا ملن ٿا، جن کي آئون مٿين شهرن جهڙا تاريخي شهر گهمڻ لاءِ چوندو رهان ٿو. هي ڪورونا بيماري ته پوءِ شروع ٿي، ان کان گهڻو گهڻو اڳ هبيئي (Hubai) صوبي جي گادي واري شهر ووهان (Wuhan) ۽ جنگ زو (Jingzhou) ۾ فقط سنڌ جا ئي سوين شاگرد مليا جن مان ٽي ته اسان جي ڳوٺ هالا جا هئا جيڪي جنگ زو شهر جي ينگ تسي Yangtze يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيا هئا. هاڻ ته هو ڊاڪٽر ٿي ويا آهن. مون کي ياد آهي ته ڊاڪٽر شهزاد جاويد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ناصر سلمان کي چيو هوم ته اهي خوش نصيب آهن جو Jingzhou شهر جيYangtze University مان پڙهي رهيا آهيون جتي ليڪچر انگريزيءَ ۾ ئي ڏنا وڃن ٿا. ساڻن گڏ گمبٽ جو عمران ڄامڙو، حيدرآباد جو ارشاد لغاري ۽ ميرپورخاص جو حزب الله ٽالپر شاگرد به ياد اٿم. اهي سڀ خوش نصيب چئبا نه ته مون کي انهن لاءِ ڏک ٿيندو آهي، جن کي اسان وٽ چين کان ايندڙ پاڪستاني ايجنٽ ردي قسم جي يونيورسٽين ۾ ڦاسائين ٿا. اهڙيون بيڪار يونيورسٽيون جن جو ڪم فقط فيون وٺي ڊگري ڏيڻ آهي، پوءِ ڀلي اهو شاگرد غير حاضر رهندو اچي. اهڙا ردي تعليمي ادارا ملائيشيا، مڪائو کان انگلينڊ آمريڪا ۾ به آهن. ان ڪري شاگردن کي هميشه ڪا مانَ واري (Reputable) يونيورسٽي ڳولڻ کپي، جتي هنن کي محنت ضرور ڪرڻي پوي، پر ان يونيورسٽي جي ڊگريءَ جي Value هجي. شاگردن کي کپي ته پنهنجي ميڊيڪل، انجنيئرنگ يا سائنس جي سبجيڪٽ سان گڏ مڪاني چيني ٻوليءَ ۾ به ماهر ٿي وڃن. اهڙي صورت ۾ هُو چين وارن لاءِ وڏو ڪارآمد ثابت ٿي سگهن ٿا. ڇو جو چين کي پوءِ هڪ اهڙو انجنيئر يا ڊاڪٽر مليو وڃي، جيڪو چيني ۽ انگريزي ٻولين کان واقف آهي. چيني کڻي جپاني يا ملئي ٻوليءَ کان ڏکي آهي، پر ننڍي عمر واري لاءِ ان ۾ ماهر ٿيڻ ۾ ڇا مشڪل آهي. هينئر به ٻه نوجوان انجنيئر ياد اچي رهيا آهن، هڪ ٽنڊي ڄام پاسي جي رٽائرڊ ايڊيوڪيشن آفيسر آفتاب رند جو پٽ راحيل احمد رند ۽ ٻيو حيدرآباد جي گاڏي کاتي جي فواد احمد بلوچ جو پُٽ سالار فواد بلوچ (سندس والده ڊاڪٽر فرزانه بلوچ سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڪستان اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ ۾ آهي) جن کي سٺي چيني ٻولي اچڻ ڪري، هنن کي يڪدم چين ۾ نوڪري ملي وئي جنهن کي به ٽي سال کن ٿي ويا هوندا.
جپان ۾ ته تمام گهڻيون يونيورسٽيون آهن. منهنجي خيال ۾ 55 اسلامي ملڪن جون سڀ يونيورسٽيون گڏجن ته به جپان ۾ انهن کان به وڌيڪ يونيورسٽيون ٿينديون. چين ۾ به ڏسان پيو ته ملائيشيا وانگر وڃن يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا وڌندا ۽ اسان پاسي يعني ووهان، جنگ زو، نانجنگ، شنگهائي، سوزو، هنگ زو پاسي ته ڪي بيحد اعليٰ معيار جون يونيورسٽيون آهن. ينگ زي يونيورسٽي جنهن مان هالا جي نوجوانن MBBS ڪئي، ان شهر جنگ زو ۽ ووهان ۾ ان يونيورسٽي کان علاوه ووهان يونيورسٽي هئازهانگ يونيورسٽي، هئازهانگ ايگريڪلچر يونيورسٽي، هيبئي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، زهانگ نان يونيورسٽي، جيانگ هان يونيورسٽي وغيره اعليٰ قسم جون آهن. پاڪستان جي پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ پنج سال ڊاڪٽري پڙهڻ تي خبر ناهي ڪيترو خرچ ٿو اچي پر چين ۾ پڙهندڙ شاگردن ٻڌايو ته هنن جي رهائش، کاڌي پيتي، پڙهائي، فين ۽ هر سال ڳوٺ اچڻ جو خرچ ۽ ڪتاب ڪپڙن تي 5 سالن ۾ اٽڪل 50 لک رپيا خرچ اچي ٿو. ڪن شاگردن کي اتي جي ڪاليجن ۾ ٽيوشن پڙهائڻ ڪري بچت به ٿئي ٿي. جپان ۽ يورپ ۾ ته تمام وڏو خرچ آهي. ٻڌو اٿم ته ايسٽونيا، فنلينڊ ۽ روس جهڙن ملڪن ۾ وري به گهٽ خرچ آهي.

چِين ۾ عرب سوداگرن جي آمد

دراصل چين هڪ تمام وڏو ملڪ آهي هڪ پاسي اسان جي اتر پاڪستان ۽ افغانستان وٽان شروع ٿئي ٿو ته ٻئي پاسي هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا کان وڃيو نڪري. چين سان اسان جي ملڪ جي دوستي ۽ بزنيس هجڻ ڪري اسان جي جهازران ڪمپني جي ڪجهه جهازن کي هر وقت چين جي هڪ ٻن بندرگاهن ۾ وڃڻو پيو ٿي. ان کان علاوه اهي جهاز جيڪي ڏور اوڀر (Far East) روٽ تي هوندا هئا انهن کي به ڪوريا ۽ جپان ويندي يا واپسي تي چين جي هڪ ٻن بندرگاهن ۾ وڃڻو پيو ٿي. ڪڏهن ته ائين به ٿيو جو اسان بئنڪاڪ يا ملائيشيا جي بندرگاهن مان چين جي بندرگاهن لاءِ سامان آندو ٿي. اوڀر چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ واري پاسي چين جا ڪيترائي آڳاٽا بندرگاهه آهن. ڪنهن زماني ۾ يورپ کان چين وڃڻ لاءِ فقط خشڪيءَ واري ’ريشم روٽ‘ هئي ٻئي طرف ايران، عرب آفريڪا ۽ انڊيا کان چين اچڻ لاءِ سامونڊي روٽ هئي جيڪا ملاڪا ڳچي سمنڊ مان ٿي چين ڏي ٿي آئي. پينانگ، سنگاپور ويندي ڪوالالمپور جو ته اڃا وجود ئي نه هو.
عرب ٻين ڳالهين ۾ جاهل کڻي هئا پر هو بزنيس ۽ سمنڊ تي رستو ڳولڻ (Navigation) ۾ وڏا قابل هئا. هنن جو بنگال ملاڪا ۽ چين ڏي اچڻ وڃڻ اسلام کان به اڳ جو هو ۽ ڪيترا چين جي ڪئنٽن جهڙن بندرگاهن ۾ رهيا ٿي. اسلام اچڻ تي اهي ۽ ڪيترا مڪاني چيني به مسلمان ٿيا ۽ ڪيترائي اصحابي، جعفر ابن ابي طالب، جهاش ۽ خاص ڪري سعدابن ابي طالب ته اسلام کان اڳ ۽ بعد ۾ سمنڊ رستي ينبوع (مديني) ۽ حبش (Abyssinia) کان چين ايندا رهيا. حضرت سعد ابن ابي وقاص لاءِ ته چون ٿا ته هو اسلام جي ٽئين خليفي حضرت عثمان غني رضه جي ڏينهن ۾ 615ع ڌاري ٽيو دفعو (هن دفعي سفارتڪار جي حيثيت ۾) هتي آيو ۽ ڪئنٽن جي مسجد هڪ پراڻي ترين مسجد آهي.
عرب واپاري چٽگانگ، منيپور ۽ ملاڪا کان ڪئنٽن تائين ته آيا ويا پئي جيڪو بندرگاهه هانگ ڪانگ ڀرسان آهي پر هو اڃا به مٿي سمجهو ته جپان جي اوڪيناوا ٻيٽن جي سامهون واري هن بندرگاهه هنگ زو (Hangzhou) کان به اچي نڪتا ٿي جيڪو چين جي صوبي زي جيانگ (Zhejiang) جي گاديءَ جو شهر آهي ۽ جنهن شهر کي ڏيکارڻ لاءِ اسان جو لوڪل چيني ايجنٽ اسان کي بس ذريعي شنگهائيءَ کان وٺي آيو هو. هو اسان کي هنگ زو وٺي ئي ان ڪري آيو جو هن شهر سان اسلام جو پراڻو واسطو رهيو آهي.
هنگ زو (Hangzhou) چين جي هن شهر توڙي ٻين جا نالا هر هر انگريزيءَ ۾ ان ڪري لکي رهيو آهيان جيئن پڙهندرن جي ذهن تي چڱي طرح رهن. چين جي مقابلي ۾ جپان جي شهرن جا نالا اُچارڻ ۾ به آسان آهن ته ٻڌڻ ۾ به. جيئن ته ٽوڪيو، اوساڪا، يوڪوهاما، هيرو شيما، ناگا ساڪي، ڪوبي، نگويا، موجي، چيبا، وَڪاياما، ڪوڪورو، ڪيوٽو، سَپورو، ڪواساڪي، نارا، نِگاتا، سڪورا، ڪاگوشيما، فڪوشيما، فڪوياما، هميجي، ڪماڪورا، ڪهڙو نالو کڻي ڪهڙو کڻجي! جپاني هر لفظ جي هر اکر (consonant) بعد Vowel آهي. ان ڪري جپانيءَ جو هر لفظ اُچارڻ ۽ سمجهڻ سولو آهي. چين جي ڪن شهرن جا نالا سولا لڳن ٿا، خاص ڪري اهي جن سان انگريزن، عربن ۽ ڪجهه يورپي ملڪن جو واسطو رهيو، جن انهن نالن کي ڪجهه پنهنجي حساب سان بدلايو، جهڙوڪ پيڪنگ، ڪئنٽن، شنگهائي، چنگ ڪنگ وغيره جن جا اصل نالا بيئجنگ، گئانگ زو، Chongqing آهن. ويندي چين جي ندين جا انگريزي نالا زنگزي (Yangtse)، ييلو ندي ۽ پرل نديءَ جو اصل چيني نالو چانگ جيانگ، Huanghe ۽ زو جيانگ آهي. وڏي ڳالهه ته ترڪ ۽ جرمن ٻولين وانگر لکيل نالا اُچارڻ به ڏکيو ڪم آهي، پر جيئن ته چين ملڪ اسان لاءِ اهم ملڪ ٿيندو وڃي، خاص ڪري سستي تعليم جي ڪري، هر سال اسان جي ملڪ جي شاگردن جو چين وڃڻ وڌندو رهي ٿو، ان ڪري اسان جي ماڻهن کي ڪوشش ڪري چين جي شهرن سان وابستگي رکڻي پوندي. سنڌ جي هڪ ٻن سڃاڻن کان پڇيم ته هنن جي پُٽن ڪهڙي شهر مان تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ ڪلهه ڪهڙي شهر ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن ته ڪو هڪ به نه ٻڌائي سگهيو. هر هڪ اهو ئي چيو ته آئون نينگر کي فون ٿو ڪريان ته توهان سان ڳالهائي.
بهرحال هانگ زو (Hangzhou) نالي هي شهر نه فقط تعليمي ادارن ۽ خوبصورت عمارتن کان مشهور آهي پر اسلام جي حوالي کان به مشهور آهي، جتي اڄ به ڪيترائي چيني ۽ عرب نسل جا مسلمان رهن ٿا ۽ مسجدون آهن جن ۾ هڪ ٻه پراڻيون تاريخي مسجدون به آهن. اسلامي قديم آثار ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ٽوئرسٽ هن شهر جي مسلم ڪميونٽي اسٽريٽ ۽ Qinghe لين ۾ اچن ٿا. پهرين واري گهٽيءَ جي آس پاس فونيڪس مسجد آهي جيڪاFeng Huang مسجد به سڏجي ٿي. هن مسجد واري علائقي Shangcheng ۾ هزارين مسلمان رهن ٿا. هنن مسلمانن جا وڏا تڏهن کان هتي رهن ٿا جڏهن ٽئنگ (Tang) گهراڻي جي سلطنت ۾ هيءَ مسجد ٺهي هئي. چين جي ٽئنگ گهراڻي 618ع کان 907ع تائين حڪومت ڪئي. ان بعد سئنگ (Sang) گهراڻو مشهور ٿيو جنهن جي چين تي حڪومت 960ع کان 1279ع تائين رهي.
مٿين مسجد- فونيڪس مسجد ايراضيءَ ۾ 2600 چورس ميٽر چون ٿا جنهن جي آسپاس ڪيترائي حلال کاڌن جا دڪان ۽ اسلامي ريسٽورنٽون آهن جن تي چيني ۽ انگريزي کان علاوه عربي ٻوليءَ ۾ به عبارتون لکيل آهن. ٻه اُن قسم جون وڏيون هوٽلون: Mutton Souo Restaurant ۽ Ain Xibei Renja ته شهر جي اهم روڊ Zhongshan تي به آهن.
Zhang Xiaoquan Scissors Shop جي پٺيان ڊانگ يي شُن (Dong Yi Shun) ريسٽورنٽ آهي جتي عربي کاڌا ملن ٿا ۽ جتي اسان جهاز وارن لئمب شاشلڪ کاڌي.
هي شهر هنگ زو جيئن ته نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي ان ڪري هن شهر ۾ پاڻيءَ جي ڪا کوٽ ناهي، معنيٰ هن علائقي مان ملايا، سنگاپور، انڊونيشيا ڏي لڏپلاڻ نه برابر ٿي هوندي. هونءَ چين جا ڪيترائي صوبا آهن خاص ڪري ڏکڻ وارا جتي پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي. يا گهٽ ۾ گهٽ ماضيءَ ۾ تمام گهڻي رهي، ايتري قدر جو انهن علائقن جا ماڻهو لڏپلاڻ ۾ لڳا رهيا ٿي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي ڪيترن چينين کان جڏهن پڇندو آهيان ته توهان جا وڏا چين کان هتي ڇو آيا ته نوي سيڪڙو ماڻهن جو اهو ئي جواب هوندوآهي ته هو سنگاپور ۽ ملائيشيا ان ڪري آيا جو هنن ٻڌو ته هتي تمام گهڻو پاڻي آهي.
سو گهٽ ۾ گهٽ هنگ زو شهر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ناهي. شهر جي وچ ۾ تمام وڏي ڍنڍ به آهي جنهن ۾ هلندڙ لانچن ۽ فيرين ۾ توهان سير ڪري سگهو ٿا. هونءَ به گلن ڦُلن ۽ خوبصورت وڻن وارن ڪنارن واري هي ڍنڍ هتي جي مڪاني ۽ ڌارين اديبن ۽ شاعرن لاءِ Inspiration رهي آهي. هتي نه رڳو مسلمان پر عيسائي، ٻُڌ ۽ يهودي به سالن کان رهندا اچن جن جا عبادت گهر: گرجا گهر، پگوڊا، مندر ڏسڻ وٽان آهن. هتي جو ريشم (Silk) دنيا ۾ مشهور رهيو آهي، جيڪا شيءِ عرب واپارين لاءِ پڻ ڪشش جو سامان هو.
ائين به نه آهي ته عرب چين ۾ فقط هن شهر هنگ زو ۾ آيا. بلڪل نه! هي شهر هنگ زو ته تمام گهڻو اتر ۾ آهي. سڀ کان پهرين ۽ تمام گهڻا گئانگ زو ۾ آيا جيڪو شهر ڪئنٽن به سڏيو ويو ٿي ۽ بلڪل هانگ ڪانگ جي ڀرسان آهي. بلڪه ڪولون مان باءِ ٽرين ڪئنٽن پهچي سگهجي ٿو، جنهن جو احوال هانگ ڪانگ وارن شروعاتي سفرنامن ’وايون وڻجارن جون‘ ۽ ’بندر ديسان ديس‘ ۾ لکي چڪو آهيان. بهرحال گئانگ زو (ڪئنٽن) بندرگاهه هنگ زو کان کڻي ويجهو آهي پر اهڙو به ويجهو ناهي. سنگاپور کان هوائي جهاز رستي سڌو گئانگ زو اچجي ٿو ته به 2600 ڪلوميٽر ٿين ٿا پر پاڻي واري جهاز ۾ توڙي انهن ڏينهن جي عربن جي ڪاٺاڻن ٻيڙن (Sailing Ships) لاءِ ان کان به وڌيڪ مفاصلو ٿيو ٿي، ڇو جو سنگاپور وٽان هوائي جهاز وانگر سڌو پهچڻ بدران ويٽنام وٽ ڦرڻو پوي ٿو. سو سمجهو ته پاڻي واري جهاز لاءِ 3000 کن ڪلوميٽر ٿيو وڃن ۽ هانگ زو بندرگاهه لاءِ ته اڃان به هڪ هزار ڪلوميٽر وڌيڪ فاصلو لڳايو. هتي اهو به لکندو هلان ته انهن ٻن بندرگاهن جي وچ ۾ عرب ۽ ايراني سوداگرن (جهاز رانن) لاءِ هڪ ٻيو به اهم چيني بندرگاهه قئان زو (Quanzhou) پڻ هو، جيڪو عربي نالي زيتون (Zaitun) سان سڏيو ويو ٿي. فيوجين صوبي جو هي شهر هوائي جهاز رستي سنگاپور کان 3000 ڪلوميٽر آهي پر سمنڊ رستي پهچڻ ۾ پاڻي جي جهاز کي 3500 کن ڪلوميٽر ڪرڻا پون ٿا. شاباس هجي انهن ڏينهن جي عرب يا ايراني واپارين کي جن واپار خاطر عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال وارا سمنڊ اُڪري، ملاڪا نار مان ٿي چين لاءِ ڏکڻ ۽ اوڀر چيني سمنڊ ۾ پنهنجا ڪاٺ جا جهاز ٿي هاڪاريا. اڄ جي آفت جهڙن ڪل تي هلندڙ جهازن تي به اسان کي پگهر اچيو وڃن. انهن ڏينهن ۾ ته سنگاپور جو نالو نه هو. ملاڪا ڳچي سمنڊ مان نڪري چيني سمنڊ ۾ اڄ به داخل ٿجي ٿو ته اسان جا ٽيهه چاليهه هزار ٽن وزن جا طاقتور انجڻين تي هلندڙ جهاز به ڇوڏي وانگر لهرن جي رحم و ڪرم تي رهن ٿا سو انهن ڏينهن ۾ سڙهن تي ڪاٺ جا جهاز هلائڻ ۽ صحيح منزل تي پهچڻ ڪو آسان ڪم نه هو.
گئانگ زو يعني ڪئنٽن شهر جنهن ۾ تمام گهڻا مسلمان ۽ مسجدون آهن اتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته اتي اسلام کان متعارف سعد ابن ابي وقاص، وهاب ابن قباچا ۽ ٻين صحابين 616ع ۽ 618ع جي وچ ۾ ڪيو. يعني هي وقت حبش ڏي 615ع ۾ وڃڻ کان پوءِ جو آهي. هجري سال به پوءِ شروع ٿيو جيڪو 622ع ۾ مديني هجرت کان شروع ٿيو. عرب سوداگرن لاءِ لکي چڪو آهيان ته هو سُٺا جهاز ران (Navigators) هئا ۽ اسلام کان به اڳ هنن جو چين ۾ اچڻ وڃڻ هو. هونءَ اسلام چين ۾ ٻن رستن کان آيو. هڪ مٿان خشڪي رستي افغانستان کان اتر اولهه واري شاهراهه ريشم (Silk Route) کان ٻيو ڏکڻ اوڀر پاسي کان سامونڊي رستي.
سعد ابن ابي وقاص اصحابي لاءِ چون ٿا ته هو 637ع ۾ به ٽن اصحابين سهلا ابوئرجا، اويس القرني ۽ حسن ابن ثابت سان گڏ منيپور چٽگانگ واري روٽ کان ڪئنٽن آيو هو. ان جو ثبوت بنگلاديش ۾ ابي وقاص نالي مسجد آهي. چين جي ڪجهه ذريعن مطابق سعد ابن ابي وقاص 650ع ۾ حضرت عثمان ٽئين خليفي جي ڏينهن ۾ هڪ ڊپلوميٽ جي حيثيت ۾ پڻ چين جي شهنشاهه گائو زونگ (Gaozong) جي درٻار ۾ آيو هو. هي ٽئنگ گهراڻي جو بادشاهه هو. جنهن گهراڻي جي چين تي 618ع کان 907ع تائين حڪومت رهي. ڪئنٽن جي سڀ کان آڳاٽي مسجد ”هئائي شينگ“ لاءِ چون ٿا ته 627ع ۾ ٺهي. يعني مڪي جي فتح کان ٻه سال اڳ. يا کڻي چئجي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي وفات کان 5 سال اڳ. ان وقت هن مسجد جي عمارت سازي نج چيني نموني جي بنا مينار هئي. هن وقت جيڪو مينار نظر اچي ٿو ان لاءِ چون ٿا ته اهو ڏهين صديءَ ۾ ٺهرايو ويو هو.

نانگ چِينين لاءِ اهم شئي آهي

اسان چين جي هنگ زو (Hangzhou) شهر جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن شهر کي گهمڻ ۽ اتي جي مسجد ڏسڻ لاءِ اسان شنگهائيءَ کان بس ذريعي آيا هئاسين. واپسي تي اسان سيسي شيائو ڳوٺ ۾ به آياسين جيڪو اڄ ڪلهه نانگن جو ڳوٺ سڏجي ٿو. اهو ان ڪري جواتي جي ماڻهن جو روزگار نانگ ڦاسائڻ، پالڻ ۽ وڪڻڻ تي آهي. خير منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته چين ۾ فقط هن ڳوٺ سيسي شيائو (Zisiqiao) جا ماڻهو نانگن ۾ دلچسپي رکن ٿا. نانگ اهڙي شيءِ آهن جنهن ۾ هر پئسي وارو ۽ شوقين چيني دلچسپي رکي ٿو پوءِ اهو يعني چيني، کڻي چين ۾ هجي، هانگ ڪانگ، تائيوان ۽ تبت ۾ يا سنگاپور، ملائيشيا، ٿائلينڊ، ويٽنام ۾ يا ڪئناڊا آمريڪا ۾. ڀولڙي، ڪتي، ٻلي، سيڙهه، نور، نوريئڙي جهڙي جانور جو ڪوس کڻي ڪٿي ڪٿي ۽ لڪ ڇپ ۾ هلندو هجي پر نانگن جو وڪرو، ڪوس ۽ رڌپچاءُ آئون به گذريل اڌ صديءَ کان، جڏهن کان ٻاهر نڪتو آهيان، خاص ڪري ڏکڻ اوڀر ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي ته، کلئي عام ڏسندو اچان. پهرين پهرين هانگ ڪانگ جي فٽ پاٿن تي نائيٽ بازارين ۾ ڏٺم، جيڪي سمجهو ته اسان جي آچر بازار وانگر ٿين ٿيون. فٽ پاٿ تي لڳل ريسٽورنٽن ۾ جتي گراهڪن کي ڏيڏر، بدڪون، ڪڪڙيون ۽ کيکڙا ترجي مليا ٿي، اتي نانگ به رڌجي يا فراءِ ڪري ڏنا ويا ٿي ۽ اهي نانگ ڪڪڙين وانگر دٻن ۾ جيئرا ڀري رکيا ويا ٿي جيئن هر گراهڪ پنهنجي پسند جو نانگ خريد ڪري بورچيءَ کي فراءِ ڪرڻ جو آرڊر ڏئي سگهي ۽ اهو سڄو ڪم چيني ڇوڪرين ڪيو ٿي. اسان لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هوندي هئي ۽ روزانو اهڙين هوٽلن اڳيان هن قسم جو تماشو اچي ڏسندا هئاسين. گراهڪ جي اشاري ڪرڻ تي هٿن تي ٺونٺين تائين چڙهيل دستانن (جورابن) واري ڇوڪريءَ شيشي جي پيتيءَ جو ڍڪ کولي ان اشاري ٿيل نانگ کي منڍيءَ کان جهلي، ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ٿي. نانگ جي پڇ تي پير ڏئي سندس کل کي چيهڪ ڏئي جسم کان ٻاهر ڇڪي ٿي ورتو. پوءِ ڦٿڪندڙ زخمي نانگ کي ڪاٺ جي اڏيءَ تي رکي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪڻڇيءَ ۾ ٽهڪندڙ تيل ۾ نانگ جي ڳترن کي پڪوڙن وانگر تريو ٿي.
مختلف نانگن جي مختلف ملڪن ۾ انهن جي جنسن، سائيز ۽ availability موجب قيمت ٿئي ٿي. ملائيشيا نانگن جو گهر سمجهيو وڃي ٿو جتي تمام گهڻا نانگ ٿين ٿا. ڪيترين جنسن کي سرڪار طرفان مارڻ تي بندش آهي پر لڪ چوريءَ هر قسم جو نانگ خاص قسم جي گراهڪن لاءِ مارڪيٽن ۽ هوٽلن ۾ مهيا ڪيو وڃي ٿو. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ نانگن جي قيمت جپان يا هانگ ڪانگ کان کڻي گهٽ آهي پر اهڙي به گهٽ ناهي. ڪيترا چيني ته کائين ئي ان ڪري ٿا جو اهي مهانگا آهن ۽ هر هڪ خريد ڪري نٿو سگهي. سو نانگ يا ان قسم جا جهنگلي جانور کائڻ هڪ قسم جو Status Symbol به آهي. يعني فلاڻي کي ڪو ڪنگلو ۽ ڪاروبار ۾ کٽل نه سمجهي. هن وٽ ايڏو پئسو آهي جو پاڻ ۽ دوستن کي چِڪن يا بيف باربي ڪِيو بدران نانگ کارائي ٿو. چيني ماڻهو نانگن پٺيان چريا ان ڪري به آهن جو هنن جي دماغ ۾ اهو وهم آهي ته نانگ جا ڪجهه خاص عضوا کائڻ سان مردانگي وڌي ٿي جيئن اسان وٽ پئسي وارا پوڙها پوڙها رئيس، وڏيرا، سرڪاري ڪامورا پيريءَ ۾ ڪنهن ننڍي نيٽيءَ سان شادي ڪري پوءِ زور سچن موتين، معجونن ۽ ڪشتن تي رکندا آهن. ملائيشيا ۾ چينين جو زور نانگن تي هوندو آهي ته ملئي مسلمانن جو ٻٽيرن (Quails) تي. ملئي پوڙهن لاءِ ٻي يا ٽي شادي به ضروري سمجهي وئي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي تائين ته مون ڪيترن پوڙهن کي نوجوان غريب ڳوٺاڻين ڇوڪرين سان ٻي يا ٽي شادي ڪندي ڏٺو. جنهن ڳوٺ ۾ اسان جي نيول اڪيڊمي هئي اتي هڪ ستر ورهيه جي ڪراڙي مڙس سان منهنجي سلام دعا ٿي وئي. ڪنهن حادثي ڪري هو هلي نٿي سگهيو ۽ هن کي مون هميشه ويل چيئر تي ڏٺو. ملاڪا شهر ڏي ويندي رستي تي هن جو گهر هو. جڏهن به هن وٽ ليئو پائڻ ويندو هوس ته هن لاءِ ٻٽير ڪُسي رهيا هوندا هئا ۽ انهن جو هڪ وڏو تعداد ڪاٺ جي پڃري ۾ هوندو هو. سندس ننڍي نيٽي اها ٽي زال اسان جي ئي آفيس ۾ ٽائيپسٽ هئي. هڪ ڏينهن آفيس ۾ چانهه تي انهن ٻٽيرن بابت کلندي ٻين اڳيان چيائين: ”بس بنا ڪنهن نتيجي جي غريب ٻٽير آهن موت جي منهن ۾.“ اهو چئي ٻين سان گڏ پاڻ به وڏو ٽهڪ ڏنائين.
هونءَ چيني جڙيون ٻوٽيون ۽ پسارڪو سامان به دنيا ۾ مشهور آهي. توهان کي هر چيني حڪيم ۽ طبيب وٽ ٻين شين سان گڏ بوتلن ۾ مختلف نانگ نظر ايندا جن مان ڪي سڪل ته ڪي الڪوحل ۾ ٻڏل ٿين ٿا ۽ نانگ جو گوشت توڙي ان جي جسم جا ٻيا عضوا، کَلَ سميت مختلف بيمارين جي علاج ۾ ڪم اچن ٿا. سو اهڙي حالت ۾ توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته چينين لاءِ نانگ اهم شيءِ آهي ۽ چينين وٽنانگن جو وڏو واپار هلي ٿو. سرڪار کڻي نانگ ڦاسائڻ، پالڻ، ڪهڻ، رڌڻ ترڻ تي بندش هڻي پر نه خريدار باز ايندا ۽ نه وڪڻڻ وارا. چين جي تقريبن هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ نانگن جو وڪرو ٿئي ٿو.

نانگن جو ڳوٺ

هئانگ زو ڀرسان هي ڳوٺ ’سيسي شيائو‘ نانگن جو ڳوٺ، ان ڪري سڏجي ٿو، جو هن ڳوٺ جو هر هڪ ماڻهو نانگ پالي ۽ وڪڻي ٿو ۽ اهي ڳوٺاڻا، جيڪي هارپو ڪري ٻني ٻاري مان پيٽ گذر مشڪل سان ڪندا هئا، اهي نانگن جي واپار مان ڏسندي ئي ڏسندي امير ٿي ويا آهن. جيئن سفرنامي ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿم ته هڪ ڳوٺ جا ماڻهو تمام غريب هئا. ٻني ٻاري مان هنن جو آڻيون ۽ چاڙهيون وارو حساب هو... پوءِ ان ڳوٺ جا ٻه ڄڻا جيڪي ڪجهه سال آمريڪا ۾ وهاڻن جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪري موٽيا هئا، تن پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي چيو ته ٻيا سڀ ڪم ڇڏي بدڪون پالڻ شروع ڪيو ۽ هنن بدڪن جي کنڀن کي سوئڻ ۽ وهاڻا ٺاهڻ جون مشينون گهرائي، پنهنجي ڳوٺ ۾ لڳايون. اڄ چين جو اهو ڳوٺ دنيا ۾ نرم ۽ آرمده وهاڻا ٺاهڻ کان مشهور آهي ۽ سڄي دنيا کان هنن وٽ وهاڻن جا آرڊر اچن ٿا.
اهو ئي حال، هن نانگن جي ڳوٺ سيسي شيائو (Zisiqiao) جو آهي. جتي گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ نانگ ڏسي سگهن ٿا، جن مان گهڻائي انهن جي آهي، جيڪي تمام گهڻو زهريلا آهن. واسينگ (ڪوبرا)، وائيپر، پائٿان (Pythons) هر قسم جا ننڍا وڏا، اڏامي حملو ڪندڙ، پاڻيءَ مان تري ايندڙ، شڪار کي انڌو ڪرڻ لاءِ زهريلو ڦوهارو هڻندڙ نانگ، توهان کي چين جي هن ڳوٺ سيسي شيائو جي گهرن ۾ ڪٻٽن، شيشي جي پيتين، ڇٻڙين ۽ ڪمرن ۾ نظر ايندا. سياحن جي ڪشش لاءِ هتي نانگن جو ميوزيم ’Deqing Snake Culture Museum‘ پڻ آهي.
اسان جي يَنگ (سڄو نالو:Yang Hongchang ) نالي چيني ڪڙميءَ سان پڻ ملاقات ٿي، جنهن ٽيهارو کن سال اڳ نانگ پالڻ جو ڪم شروع ڪيو. ”اسان نانگن جو نسل وڌائڻ ۽ بهتر بڻائڻ تي کوجنائون ڪري رهيا آهيون.“ مسٽر يَنگ ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ڪو روزگار نه ملڻ ڪري هن هِتان هُتان جهنگلن ۽ جبلن مان نانگ جهلي پسارين، طبيبن ۽ ريسٽورنٽ وارن کي وڪڻڻ شروع ڪيو، جنهن مان هن کي ڪافي پئسو مليو پر هن ڏٺو ته ٽن سالن اندر هن اوسي پاسي جا نانگ ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ هو اهو ئي سوچڻ لڳو ته آئندي لاءِ ته هن جو روزگار ختم ٿي ويندو. اهو سوچي هن نانگن بلائن کي ڪڪڙين ۽ مڇين وانگر پالڻ (Farming) جو سوچيو ۽ ان تي ڪجهه کوجنا ڪري صحتمند ۽ اوچي نسل جي نانگن جي پالڻ جي کوجنا ڪئي. ائين ڪرڻ سان هن کي وڏي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ هن کي وڏو پئسو ڪمائيندو ڏسي، ڳوٺ جا ماڻهو به هن جي ڀاڳ سان ريس ڪرڻ لڳا ۽ انهن به نانگ پالڻ جو ڪم شروع ڪيو.
اڄ هن ڳوٺ ۾ ٽيهه لک کان مٿي مختلف نانگ هر سال وڪرو ٿين ٿا، جنهن ۾ 800 کن ماڻهو رڌل رهن ٿا. جيئرا نانگ مختلف ويجهن ۽ ڏورانهن شهرن جي ريسٽورنٽن کي سپلاءِ ڪرڻ کان علاوه نانگن کي سڪايو ۽ مختلف شرابن ۾ جذب ڪيو وڃي ٿو. ان قسم جون شيون پسارڪن دڪانن ۽ طبي دوائون ٺاهڻ وارين ڪمپنين کي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. چين جا ماڻهو پنهنجي صحت برقرار رکڻ ۽ قوتِ مدافعت (Immunity) وڌائڻ لاءِ نانگ جو سُوپ يا شراب پيئن ٿا. تازي ڪُٺل نانگ جو گرم رت به ڪيترين موذي بيمارين جو علاج چيو وڃي ٿو.
جيئن اسان وٽ حيدرآباد ۾ ’حڪيم نذير شيخ صاحب‘ پنهنجي دوائن جي ڪمپني نذير نئچرل ڪيور (Nazir Natural Cure) کولي آهي ۽ هن جي برانڊ جون تيار ڪيل مختلف دوائون ساک جوڳيون ۽ مشهور آهن. تيئن سيسي شيائو ڳوٺ جي ’ينگ هانگ چانگ‘ پنهنجي فارم ۾ نانگن مان مختلف بيمارين جي علاج لاءِ تيار ڪيل دوائن جي هڪ برانڊيڊ ڪمپني کولي آهي. هو سُڪل (Dry) ۽ لوڻاٺيل نانگن جو چُورو (پائوڊر) ان ڪمپنيءَ جي نالي سان وڪرو ڪري ٿو. هن ڪمپنيءَ جون نانگن سان واسطو رکندڙ شيون نه فقط چين جا ماڻهو پر آمريڪا ۽ ڪئناڊا جهڙن ڏورانهن ملڪن ۾ رهندڙ چيني خريد ڪرڻ جا آرڊر موڪلين ٿا.
هن چيني همراهه ينگ ٻڌايو ته هونءَ ’نانگ پالڻ وارن‘ نانگن جو نسل وڌائڻ لاءِ وڏو ڇيهه اهو ئي ڪيو ته هر نر نانگ کي هڪ عدد مادي نانگ مهيا ٿي ڪيو پر اسان هاڻ ريسرچ ڪري اعليٰ قسم جون صحتمند ماديون هٿ ڪريون ٿا جيئن هو آنن جو وڏو تعداد ڏئي سگهن. هنن جي کاڌي پيتي جو خيال رکون ٿا ۽ هنن کي ان ٿڌ يا گرمائش ۾ رکون ٿا جيڪا هنن کي تندرست رکي ۽ ويجهه وڌائي. ان کان علاوه ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکون ٿا ته هنن جي بيضن کي ڪهڙي طريقي سان ڦوڙايو (incubate) ڪيو وڃي، جيئن گهڻي کان گهڻن بيضن مان نانگ نڪرن.
”اسان جي نانگ پالڻ ۽ بيضا ڦوڙائڻ (Breeding) جي طريقن کي نه فقط اسانجو صوبو پر اسان جي ملڪ جي حڪومت به بهتر سمجهي ٿي.“ ينگ ٻڌايو.
اسان جي آفيس جي چيني همراهه ٻڌايو ته چين جي روايتي (Traditional) دوائن ۾ روز بروز نانگن جو استعمال وڌي رهيو آهي. دنيا جي مختلف ملڪن خاص ڪري آمريڪا، جرمني، جپان ۽ سائوٿ ڪوريا کان سڪل نانگن جي خريداريءَ جا وڏا آرڊر اچن ٿا. اهي آرڊر اتي جي دوائن جي ڪمپنين کان اچن ٿا، جيڪي پنهنجي هوميو پيٿي ۽ ايلوپيٿي دوائن ۾ نانگن جو استعمال ڪن ٿا. نانگن کان علاوه نانگن جي جيري (Liver) ۽ پِتي (Gallbladders) جو به وڏو آرڊر اچي ٿو. سڀ کان گهڻو نانگن جي دوائن جو وڪرو هانگ زو شهر ۾ اتي جي Hangzhou Woai Company ڪري ٿي.
مٿئين ڳوٺ جي ماڻهن ٻڌايو ته هارپي جي ڀيٽ ۾ نانگ پالڻ ۾ وڏي ڪمائي آهي پر ساڳي وقت خطرو به آهي. اسان کي گهمائڻ واري ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو ته جڏهن کان هن کي نانگ ڏنگيو هن اهو ڪم ڇڏي ڏنو. ”چڪ لڳڻ ڪري منهنجي ٻانهن سُڄي دڙو ٿي پئي هئي. آئون اڄ ڏينهن تائين نانگن کان ڊڄان ٿو. زندگي قيمتي نعمت آهي. پئسو ٺاهڻ ٻئي نمبر تي اچي ٿو.“

بدڪن جي کنڀن جي اهميت

منهنجي خيال ۾ هن مضمون کي هتي ختم ڪرڻ بدران پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ٻه چار ڳالهيون ٻيون به واڌارو ڪيان ٿو، جن جو پڻ چينسان واسطو آهي. هڪ ته بدڪن جي جسم تي لڳل کنڀن (Down) بابت جيڪي دنيا جي مهانگين جئڪيٽن، سَوڙهن ۽ گرم پائجامن ۾ استعمال ٿين ٿا. اهي کنڀ 70 سيڪڙو چين سپلاءِ ڪري ٿو. هونءَ ته انگريزي لفظ ’Down‘ جي معنيٰ اها ئي هڪڙي ’هيٺ‘ آهي پر بدڪن جي ڪاروبار ۾ هن لفظ جي معنيٰ بدڪن جي سيني تي لڳل سنهن کنڀن لاءِ به استعمال ٿئي ٿي جيڪي کنڀ اتر يورپ (اسڪئنڊينيويا جي ملڪن: ناروي، سئيڊن، فنلينڊ، آئس لئينڊ)، ڪئناڊا، ۽ روس جي برفاني اوڀر سائيبيريا ۾ رهندڙ بدڪن (Eider Ducks)، قازن، هنجن جي جسم کي گرم رکن ٿا. پنهنجي ناروي، سئيڊن پاسي جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته ان پاسي هڪ ته سيارو ڊگهو ٿئي ٿو- ست اٺ مهينا ۽ ٻيو ته ٿڌ برف کان به گهڻي ٿئي ٿي. ٿڌ جي وڌڻ تي اتي جون هي بدڪون، هنج، قاز ۽ ٻيا پکي پنهنجو وطن ڇڏي ڏکڻ ڏي هليا وڃن. پوءِ ڪي اسپين فرانس تائين ته ڪي موراڪو، الجيريا تائين ته ڪي ڪڇ ۽ گجرات تائين، سخت سيءَ ۾ هزارين ميلن جو سفر ڪن ٿا. انهن لاءِ اهو فقط انهن سنهن کنڀن (Down) جي ڪري آهي. دراصل بدڪن جي انهن کنڀن جو نالو ڊائون (Down) انگريزي ٻوليءَ جو نه پر ناروي پاسي جو Dunn آهي معنيٰ سنها کنڀ جيڪو بعد ۾ انگريزيءَ ۾ Down ٿيو.
هماليه جبلن جي اتاهين چوٽي ايوريسٽ تي 1953ع ۾ ايڊمنڊ هِلري ۽ تنزنگ سڀ کان پهرين پهتا جيتوڻيڪ ان کان اڳ سالن جا سال ڪيترائي ڪوهه پيما سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. انهن ۾ جارج نالي به ٻه ڪوهه پيما مشهور آهن: هڪ جارج مئلوري ۽ ٻيو جارج فنچ جن 1922ع ۾ ايوريسٽ جي چوٽيءَ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ڪامياب نه ٿيا پر هي پهريون دفعو هو جو انهن مان هڪ جارج فنچ پاڻ سان آڪسيجن گئس جو سلينڊر کنيو جو هو ڪيمسٽري جو پروفيسر هو ۽ هن اها ڳالهه سمجهي اڳواٽ اندازو لڳايو ته ايوريسٽ جي چوٽي ايتري ته مٿاهين آهي جو اتي جي پهچي وياسين ته ايڏي اتاهين Altitude تي هوا جي بلڪل سنهي هجڻ ڪري ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. ٻيو ته هن کان اڳ مٿي وڃڻ وارا پاڻ سان اُن جا گرم ڪوٽ، بستر (Sleeping Bags) ۽ پتلون هيٺان ٻه ٻه گرم پجاما (لانگ جان) پائي مٿي ويا ٿي. جارج فنچ پنهنجي جئڪيٽ توڙي پجامي ۾ بدڪن جا اهي کنڀ (ڊائون) ڀرائي اهي استعمال ڪيا. هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته هڪ رات ايڏي ته ٿڌ ٿي ۽ هوائن جو طوفان لڳندو رهيو جو منهنجي ساٿيءَ جي حالت خراب ٿي وئي پر هو بدڪن جي کنڀن مان ٺهيل ڪپڙن ڪري پاڻ کي بهتر سمجهڻ لڳو. بعد ۾ تجربو ڪيو ويو ته بدڪن جي کنڀن سان ڀريل پائجامو ڪپڙي جي ڏهن پجامن جيتري گرمائش ڏئي ٿو. ان بعد جبل تي چڙهڻ وارا بدڪن جي کنڀن جا ڪپڙا استعمال ڪرڻ لڳا.
دنيا ۾ بدڪون کائڻ جا شوقين چيني آهن ۽ چين ئي سڀ کان گهڻا کنڀ ايڪسپورٽ ڪري ٿو. چون ٿا ته هر بدڪ جي جسم تي ٻن کان چئن هزارن تائين کنڀ ٿين ٿا جن ۾ 100 کن وڏا کنڀ آهن جن ذريعي هوءَ اڏامي ٿي باقي سنها، بلڪل هلڪا ۽ ننڍا کنڀ آهن جيڪي ڊائون سڏجن ٿا ۽ بدڪ ۽ بدڪ جهڙن پکين کي گرمائش رسائين ٿا. اهي ڊائون کنڀ ئي ته آهن جن جي گرمائش ڪري ڏکڻ قطب ۾ رهندڙ پينگوئن پکي آنا ڦوڙي ٿي، فِنچ پکي ڪئناڊا جي سياري ۾ جيئرا رهن ٿا ۽ ڪونجون پنهنجو سفر بيحد مٿاهين Altitude تي اڏامي پورو ڪن ٿيون جتي ٿڌ ڪاٽو 50 ڊگريون سيلسئس به رهي ٿو. ڊائون کنڀ بلڪل هوا جهڙا هلڪا ٿين ٿا جن جي مقابلي ۾ اُن (Wool) يارڍن ۽ ٻين جانورن جي بَج (Fur) تمام وزني ٿئي ٿي.
چيني ماڻهو بدڪون وڏي شوق سان کائين ٿا. حلال هجڻ ڪري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ به جتي چيني رهن ٿا، هوٽلن تي سڄيون سڄيون بدڪون تريل، اوٻاريل، باربي ڪيو ٿيل نظر اچن ٿيون. شروع جي سالن ۾ چين ۾ هڪ اهڙي فئڪٽري جنهن بدڪن جا کنڀ گڏ ڪري ايڪسپورٽ ڪيا ٿي، ان جي هڪ انچارج ٻڌايو ته بدڪن جي سيني وارا هي ڊائون (سنها ۽ هلڪا کنڀ) سڀ ۾ قيمتي ٿين ٿا جن جو هول سيل ۾ ڪارخاني جو اگهه 50 ڊالر في ڪلو آهي. يعني گوشت جي اگهه کان اٽڪل ڏهوڻو آهي پر هڪ پکي جتي اڍائي ڪلو گوشت ڏئي ٿو اتي هن مان هي سنها کنڀ فقط 15 گرام نڪرن ٿا. يعني تولو کن مس. هڪ تولي ۾ پوڻا ٻارنهن گرام ٿين ٿا. يعني هڪ ڪلو انهن کنڀن جو 66 پکين مان نڪري ٿو.
جنهن فارم هائوس/ فئڪٽري ۾ بدڪن کي گوشت ۽ جسم تي لڳل سنهن کنڀن لاءِ ڪسندو ڏٺو، اتي مون ان جي مئنيجر کي چيو ته جيئن توهان وٽ چين ۾ بدڪن جي کپت گهڻي آهي تيئن اسان وٽ ڪڪڙين جي آهي پوءِ انهن جا سنها کنڀ توهان اسان وٽان ڇو نٿا گهرايو جيئن ڪيترائي ملڪ چمڙي جون شيون (بوٽ، جئڪيٽون، بئگون وغيره) ٺاهڻ لاءِ اسان کان ڍڳين، رڍن جون کلون گهرائين ٿا.
”ها، انهن جا به سنها کنڀ آهن ۽ اسان وٽ چين ۾ به ڪافي ڪڪڙيون کاڌيون وڃن ٿيون، پر انهن جي کنڀن مان ٺهيل شيون سيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪارآمد نه آهن. قدرت طرفان اهي کنڀ ڪڪڙين کي ٿڌو ته رکي سگهن ٿا پر بدڪن جي کنڀن جهڙو گرم نه.“ هن ٻُڌايو.
ظاهر آهي بدڪن کي ته ٿڌن ملڪن ۾ رهڻو پوي ٿو ۽ هر سال لڏپلاڻ لاءِ هزارين ميل تمام مٿاهين Altitude تان اڏامڻو پوي ٿو، سو قدرت ان حساب سان هن کي اهي سنها کنڀ Down ڏنا آهن، جن ۾ گرمائش قائم رکڻ جي سگهه آهي ۽ اُڏامڻ لاءِ به اهڙا مضبوط کنڀ (Feathers) آهن جو Non-Stop ميلن جا ميل پيون اڏامن. اسان جون ڪڪڙيون ڀر واري کڏ تي ئي نٿيون ٽپيو سگهن. سائيبيريا يا ناروي ۽ آئس لينڊ جي ٿڌ ۾ ته اهي فريز ٿي وڃن.
چين جي هن فيڪٽري وارن ٻڌايو ته هو ٿڌن ملڪن جي Eider نسل جي بدڪن کي پالين ٿا. اهي آني مان ڦٽڻ بعد هنن وٽ چاليهه ڏينهن جو مدو گذارين ٿيون، جنهن ۾ هنن جي مٿان ڏينهن رات بلب ٻاري رکڻا پون ٿا جيئن هو گهڻي کان گهڻو کائي جلد ان قد بت تائين پهچي وڃن. چالهين ڏينهن تي هنن کي ڌڪي هڪ وڏي پائيپ (Chute) مان گذارڻو پوي ٿو. ان پائيپ ۾ انهن جي پيرن ۾ ڪلئمپ لڳائي ابتو ڪيو وڃي ٿو، ان بعد اليڪٽرڪ ڪرنٽ واري پاڻيءَ مان جهٽڪو ڏياري بيهوش ڪيو وڃي ٿو. ٻاهر ڪڍڻ تي هڪ هڪ جي ڳچيءَ تي ڇُري ڦرندي وڃي ٿي ۽ پوءِ هن کي واشنگ مشين جهڙي Dryer جهڙي وڏي مشين ۾ وجهي ان ۾ لڳل طاقتور وئڪيوم ڪلينر ذريعي سڀ کنڀ سويا وڃن ٿا جيڪي لانڊري مشين ۾ ڌوپي، خشڪ ٿي، سائيز مطابق الڳ الڳ پئڪ ٿين ٿا. بدڪن جي سيني (Breast) تي سنها کنڀ (Down) سڀ کان هلڪا هجڻ ڪري اهي ڪمري جي مٿاهين حصي ۾ رهن ٿا ۽ جيتوڻيڪ هوا جهڙا هلڪا ٿين ٿا پر سڀ کان گرم ۽ مهانگا ٿين ٿا.
هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته هيڏانهن ناروي، سئيڊن پاسي جتي منهنجو تعليم لاءِ رهڻ ٿيو يا سامونڊي زندگي ۾ جهازن کي وٺي ايندو هوس، اتي به هنن کنڀن جو وڪرو ٿئي ٿو ۽ اِڪِيئا (Ikea) جهڙيون اعليٰ ڪمپنيون جيڪي فرنيچر سان گڏ نرم ۽ گرم وهاڻا، بستر ۽ ڪوٽ جئڪيٽون ٺاهين ٿيون، هن پاسي يعني سئيڊن جون آهن جيڪي بدڪن جا اهي کنڀ پنهنجي ملڪ ۽ گهڻي ڀاڱي چين مان گهرائي پنهنجين تيار ڪيل شين ۾ استعمال ڪن ٿيون. اسڪينڊي نيويا جا ملڪ توڙي اتر روس جا ماڻهو گرمائش خاطر اهي سنها کنڀ صدين کان استعمال ڪندا اچن پر انهن اهي کنڀ سنئون سڌو پکين مان حاصل ڪرڻ بدران انهن جي آکيرن مان کنيا ٿي. ڇاهي جو ههڙي سرديءَ ۾ آنا ڦوڙڻ واري پکيءَ جو گذارو ٺلهن ڪکن پنن جي آکيري ۾ نٿو ٿي سگهي. هو پنهنجي آکيري کي گرم رکڻ لاءِ، جيئن آنن مان ڦٽل ٻچا ٿڌ ۾ فريز نه ٿي وڃن، پنهنجي ڇاتيءَ تان اهي کنڀ روڙي سڪل ڪکن پنن سان گڏ آکيرو ٺاهي ٿو. پوءِ اهي کنڀ گڏ ڪرڻ وارا آکيري ٺهڻ دوران هڪ ٻه دفعو پکين جا کنڀ چورايو وٺن ۽ پکي انهن جو پورائو ڪرڻ لاءِ پنهنجي جسم مان وڌيڪ کنڀ پٽي آکيري کي ٿلهو ڪري ٿو. آخر ۾ آنن جي ڦٽڻ ۽ ٻچن جي وڏو ٿي آکيرو ڇڏڻ تي هو سڄو آکيرو کڻيو وڃن ۽ پوءِ ٻئي سال پکين کي نئون آکيرو ٺاهڻو پوي ٿو. ائين ٽن چئن سئو آکيرن مان ڪافي کنڀ مليو وڃن. بهرحال اڄ ڪلهه ماڊرن ٽيڪنالاجي ۽ مشينري ڪري هر شيءِ وڏي پئماني ۽ گهٽ وقت ۾ ٿئي ٿي. انڪوبيٽر ۾ بيضن مان گهڻي کان گهڻا ٻچا ڦٽن ٿا ۽ خاص قسم جي فيڊ ڏيڻ ڪري اهي جلد بالغ ۽ ٿلها ٿين ٿا ۽ ڪُسڻ بعد طاقتور وئڪيوم مشينن ذريعي انهن جي جسم تان سمورا کنڀ ڇڪيا وڃن ٿا ۽ ماڊرن لانڊري مشينن ۾ اهي وجهي، خشڪ ڪري وڪرو ڪيا وڃن ٿا.
چين لاءِ اهو مشهور آهي ته اتي ڪن فئڪٽرين ۾ بدڪن جا کنڀ، کين ڪهڻ بدران سندن جيئري هٿ سان روڙيا وڃن ٿا جنهن ڪري هنن جو سينو زخمي ٿيو پوي ۽ ظاهر آهي پکين کي سخت تڪليف ٿي رسي. پکين سان ٿيندڙ ان ظلم خلاف آمريڪا ۽ يورپ وارن نه رڳو آواز اُٿاريو پر ان قسم جون ورتل وڊيو به عام ڪيون جنهن ڪري هاڻ Ikea، اسٽينلي ۽ هوڪر جهڙين ڪمپنين چين مان اهي کنڀ گهرائڻ بند ڪري ڇڏيا آهن.

ماڪڙ جو مسئلو

بدڪن تان ياد آيو ته چين جي حڪومت ماڪڙ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مدد لاءِ هڪ لک کن بدڪون موڪلڻ چاهي ٿي. مون به نيٽ تي ننگبو (Ningbo) جي انگريزي اخبار ۾ پڙهيو. ننگبو، چين جو مشغول ترين بندرگاهه آهي، جيڪو خليج هنگ زو ۾ آهي. هن طرف هي بندرگاهه آهي ته خليج جي ٻئي پاسي شنگهائي آهي،جيئن خليجِ بنگال ۾ هڪ طرف چٽگانگ آهي ته ٻئي پاسي ڪالڪتا. قيان تانگ ندي جتي ختم ٿي هي خليج ٺاهي ٿي اتي هنگ زو شهر آهي، جنهن جو شروعات ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون. هي خليج V جي شڪل ۾ جتي اوڀر چيني سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿو ڪري اتي هڪ طرف ننگبو ۽ ٻي پاسي شنگهائي آهي، جتي اڄ به اسان جا جهاز ايندا ويندا رهن ٿا. چيانگ ڪائي شيڪ (Chiang Kai Shek) هن شهر (ننگبو) ۾ 1883ع ۾ ڄائو هو. هن ڀيري ماڪڙ اوڀر آفريڪا جي ملڪن اٿوپيا، سوماليه، ڪينيا، تنزانيا وغيره ۽ بحر احمر جي ٻنهي طرفن جي ملڪن: ايران، يمن، سعودي عرب ۽ عمان کان پاڪستان، انڊيا تائين تباهي مچائي ڇڏي آهي. اسلام آباد جي چوڻ تي چين وارن مڪڙ مار دوائون ۽ پنهنجا ماهر اسان ڏي موڪليا پر هاڻ پيو ٻڌجي ته چين پاڪستان ڏي بدڪن جي هڪ لک فوج موڪلي رهيو آهي جيڪا مڪڙن کي کائي هضم ڪري ڇڏيندي.
مڪڙن کي ٻن طريقن سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو. هڪ مڪڙ مار دوائن زريعي ۽ ٻيو پکين ذريعي. ڪيميڪل (ڪيميائي) دوائن تي وڏو خرچ آهي ۽ اهي ماحول کي گدلو ڪرڻ سان گڏ زهريات به پکيڙين ٿيون. بدڪن جهڙا پکي مڪڙ کائي جيڪي وِٺِيون لاهين ٿا اهي زمين لاءِ بهترين ڀاڻ ثابت ٿئي ٿو. بقول ٽنڊوڄام ائگريڪلچر يونيورسٽي جي پروفيسر مٺل جسڪاڻيءَ جي:
"The Ducks are biological Weapon, and can be more effective than pesticide."
مٺل جسڪاڻيءَ جو Plant Protection سان واسطو آهي ۽ پاڻ سنڌيءَ جو مشهور اديب ۽ شاعر پڻ آهي.
مڪڙن کي چَٽ ڪرڻ ۾ سڀني پکين ۾ بدڪ هيڊماسترياڻي آهي. ٻئي نمبر تي ڪُڪڙِ. پر جتي ڪُڪڙِ ڏينهن ۾ 40 کن مڪڙ کائي ٿي اتي بدڪ 200 کان وڌيڪ مڪڙ کايو وڃي. اڄ ڪلهه چون ٿا ته مڪڙن جا ڪٽڪ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي ملڪن کان اسان جي ننڍي کنڊ جي علائقن سنڌ، بلوچستان، پنجاب، راجستان، ڪڇ، گجرات ڏي يلغار ڪري رهيا آهن ۽ هر سائو سنگ ۽ ڪک پن چٽ ڪريو وڃن. اسان وٽ مڪڙن فصل کي وڏو نقصان رسايو آهي. ائين ته چين به اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي پر اسان وٽ آيل ماڪڙ چين جو رخ نٿي رکي جو هماليه جبل چين ۽ ننڍي کنڊ جي وچ ۾ وڏو بچاءُ آهي، جن کي مڪڙ ڪراس نٿا ڪريو سگهن.
بَدڪون ڪُڪڙين کان ان ڪري به بهتر آهن جو بدڪون ٽولن ۾ رهن ٿيون جن کي ڪنٽرول ڪرڻ سولو آهي. هو ڪڪڙين وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڇڙوڇڙ نٿيون ٿين، پر چين جي زرعي ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ گرمي ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري بدڪن جي ڪارآمد ٿيڻ ۾ شڪ ٿو ٿئي، ڇو جو بدڪون اتي رهڻ پسند ڪن ٿيون جتي پاڻي گهڻو آهي. اهو به سواليا نشان آهي ته ههڙين خوبصورت بدڪن جي سلامتي جي ذميداري ڪير کڻندو؟ اسان وٽ ته شڪار تي پابندي هجڻ جي باوجود پنهنجا ته ڇا پر ڌاريان به بندوقون تاڻي تتر، آڙيون، ڪونجون ماريو وڃن.
مٿين خبر اچڻ وارن ڏينهن ۾ هڪ ڌارئين طعني ٽوڪ طور ٽوئيٽ ڪيو هو ته: ’Go Ducks! I hope you come back alive.‘
(بدڪون! وڃو ڀلي پر شل اتان سلامت موٽو).
هونءَ بدڪن ذريعي مڪڙن کي مات ڪرڻ جو طريقو ڪو نئون ناهي. اهو پراڻي زماني کان هلندو اچي. اڄ کان 20 سال کن اڳ چين جي صوبي شنجاڪ (Xinjiang)۾ جنهن کي اسين ’سِنڪيانگ‘ سڏيون ٿا ۽ اسان جي اتر ۾ آهي، سخت ماڪڙ اچڻ تي چين جي اوڀر واري صوبي زيزيانگ (Zhejiang) وارن ٽرڪن ذريعي ٽيهه هزار بدڪون موڪليون هيون. ايڏي ماڪڙ ٿي جو ’هانگ زو‘ ايئرپورٽ تي اُڏامون لهڻ ڪئنسل ٿي ويون هيون. ان تان ياد آيو ته ماڪڙ ڪري اٿوپيا ايئر لائين جو هوائي جهاز جيڪو جبوتي کان اچي رهيو هو ۽ هاڻ اٿوپيا جي شهر ديره دوا (Dire Dawa) جي ايئرپورٽ تي لهي رهيو هو ته مڪڙن جي ڪڪرن ۾ اهڙو اچي ويو، جو پائليٽ کي ڪجهه نظر نه آيو. مڪڙ جهاز جي انجڻين، اِسڪرين (Wind Shield) ۽ نڪ ۾ ڌوڪي آيا ۽ جهاز حادثي جو شڪار ٿيندي ٿيندي بچي ويو. پائليٽ جهاز کي واپس مٿاهينAltitude تي کڻي ويو ۽ ديره دوا ايئرپورٽ تي لهڻ بدران اٿوپيا جي گادي واري شهر اديس ابابا ۾ لئنڊ ڪيو، جتان پوءِ مسافرن کي باءِ روڊ ’ديره دوا‘ پهچايو ويو. ديره دوا کان اديس ابابا ايترو پري آهي، جيترو سکر کان ڪراچي. باءِ ايئر 355 ڪلوميٽر ۽ باءِ روڊ 450 ڪلوميٽر. هُونءِ باءِ دي وي اٿوپيا جي هن شهر ديره دوا جي سنڌي يا اڙدو ۾ به معنيٰ اها ئي آهي، جيڪو نالو آهي يعني ’شفا جي جاءِ‘ (دوا ملڻ جو ديرو). ادب جا اهي شوقين جن انگريز ليکڪ ايولين واهه (Arthur Evelyn Waugh) جا انگريزي ناول، سفرناما يا بايوگرافيون پڙهيون آهن، جهڙوڪ Decline & Fall، اي هئنڊ فل آف ڊسٽ، سورڊ آف آنر وغيره، انهن لاءِ لکندو هلان ته هن جو هڪ ناول Black Mischief به آهي. اٿوپيا جي هن شهر ديره دوا مان Inspire ٿي، هن پنهنجي ان ناول ۾ ان شهر جو افسانوي نالو ديبرا دووا (Debra Dowa) رکيو آهي. ايولين جرنلسٽ به هو ۽ اخبار جي نمائندي طور حبش (اٿوپيا) جي شهنشاهه ’هيلا سيلاسيءَ‘ جي تاجپوشي جي رسم 1930ع ۾ ڏسڻ لاءِ آيو هو. ان کان پوءِ به هن پاسي يعني ’ديره دوا‘ ٻه دفعا آيو هو.

چِين جو صوبو سِنڪيانگ

مٿي چين جي صوبي سنڪيانگ (Xinjiang) بابت لکيو اٿم جتي ماڪڙ تمام گهڻي ٿي. چين نه فقط اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي پر دوست ملڪ پڻ. اڄ ڪلهه ڏسان پيو ته ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ ٻين ملڪن وانگر چين به تعليم تي وڏو زور ڏئي رهيو آهي ۽ اسان جي ملڪ جا تمام گهڻا شاگرد نه فقط پوسٽ گريجوئيشن لاءِ پر انٽر بعد بنيادي ڊگريون MBBS يا BE وغيره حاصل ڪرڻ لاءِ به چين جو رخ رکن ٿا. چين جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ مون کي ڪيترائي سنڌ جي ڳوٺن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون نظر آيون آهن. ننڍي عمر ۾ ڌارئين ملڪ ۾ رهڻ جي حق ۾ آئون نه آهيان. خاص ڪري بنيادي ڊگريون (بيچلر) واريون پنهنجي ملڪ جي ئي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن/ يونيورسٽين مان حاصل ڪري پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر نڪرجي، ڇو جو ننڍي عمر جا شاگرد جيڪي انٽر تائين پڙهائي صحيح طرح نه ڪرڻ ڪري پنهنجي ملڪ جي پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ کان محروم رهجيو وڃن اهي پوءِ وڏو خرچ ڪري ملائيشيا، سنگاپور يا چين جهڙن ملڪن ۾ داخلا وٺن ٿا. هڪ ته ايجنٽن جي برغلائڻ ڪري هو سٺن تعليمي ادارن جي چونڊ ڪرڻ کان قاصر رهجيو وڃن ۽ ٻيو ته والدين کان دور رهڻ ڪري ڪيترا ٻاهر جي آزاد ماحول ۾ ڀٽڪيو وڃن. اهڙين حالتن ۾ به ڪجهه اهڙا آهن جيڪي محنت ڪن ٿا ۽ مائٽن جو پئسو سجايو ڪن ٿا. ڪيترن کي ته ڏسان پيو ته پنهنجي ٽيڪنيڪل ڊگري ۾ ڀڙ هجڻ سان گڏ ڪنهن مقامي چيني ٻولي (منڊارن، ڪئنٽونيز، هوڪين يا ٽيوچو وغيره) ۾ اهڙا قابل ٿيو وڃن جو هنن کي اتي ئي سٺين نوڪرين جي آفر ٿئي ٿي. سو ان حساب سان اڄ ڪلهه چين ۾ ڪيترائي اسان جي ملڪ جا نوجوان نظر اچن ٿا جن ۾ ڪيترا منهنجا پڙهندڙ به آهن يا انهن جا والدين منهنجيون لکڻيون پڙهن ٿا. ان ڪري منهنجي اها ڪوشش رهي ٿي ته جيتري قدر ٿي سگهي ته آئون چين بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏيان.
چين دراصل تمام وڏو ملڪ آهي. ايراضيءَ جي حساب سان به ته آدمشماريءَ کان به. چين اسان جي اتر ۾ گلگت بلتستان ۽ افغانستان کان شروع ٿئي ٿو ته اوڀر ۾ ڪوريا ۽ جپان سان وڃيو لڳي. چين جا ماڻهو انيڪ ٻوليون ڳالهائين ٿا جن مان هر هڪ کي اسان ڌاريان کڻي ’چيني ٻولي‘ سڏيون ٿا پر انهن جو وڏو تعداد آهي ۽ هڪ صوبي جي مادري ٻولي ٻئي صوبي جو چيني نٿو سمجهي سگهي. ملائيشيا ۾ جيڪي چيني رهن ٿا انهن جي به ڪا هڪ ٻولي ناهي. اهي گهڻو ڪري چين جي فقط ڏکڻ اوڀر وارن صوبن جا چيني آهن پر انهن جون به ڪيتريون ئي زبانون آهن، جيئن ته منڊارن، ڪئنٽونيز، هوڪين، هاڪا، ٽيوچو، فوزو، هئنانيز، فُوچو، هوڪ چيو، گان، وو، وغيره، جيئن اسان جي ننڍي کنڊ ۾ ڏسجي ته فقط وڏيون ٻوليون ئي ڪيتريون آهن جيئن ته هڪ سنڌي نه مهاراشترا صوبي جي مرهٺي سمجهي سگهندو ۽ نه ڪي پي ڪي جي پشتو. هڪ راجستاني نه ڏکڻ هندوستان جي تامل، تيلگو يا مليالم سمجهي سگهندو نه بلوچستان جي بلوچي ۽ بنگال جي بنگالي- جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته انڊيا جون اهي رياستون يا اسان جي صوبن جي وچ ۾ هڪ هزار ڪلوميٽرن جو فاصلو مس آهي ۽ ايراضيءَ ۾ اهي چين جي صوبن کان تمام ننڍا آهن.
چين ۾ 22 صوبا آهن ۽ چار اسلام آباد ۽ ڪوالالمپور وانگر فيڊرل يونٽ آهن، جيڪي ميونسپالٽيون سڏجن ٿيون ۽ انهن جو مرڪز سان سنئون سڌو واسطو آهي. اهي چار آهن: بيجنگ، شنگهائي، تيانجن ۽ چنگ ڪنگ. انهن کان علاوه چين ۾ 5 خودمختيار علائقا آهن. جيئن ته تبت ۽ منگوليا وغيره. انهن مان هڪ خود مختيار علائقو سنڪيانگ پاڪستان سان باءِ روڊ مليل آهي ۽ اسلام آباد کان چين جي ان علائقي جي مشهور شهر ڪاشغر تائين 700 ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي. ڪار ذريعي تيرهن چوڏانهن ڪلاڪن ۾ پهچيو وڃجي.
چين جي اوڀر وارن صوبن جي، جن جي بندرگاهن ۾ اسان کي جپان ۽ ڪوريا پاسي ويندي ۽ موٽندي جهاز کي وٺي وڃڻو پيو ٿي انهن جي ٻولي، ماڻهن جي پوشاڪ، شڪل شبيهه، مذهب چين جي صوبي سنڪيانگ کان بلڪل مختلف آهي جيڪو اسان جي ملڪ جي اتر سان ملي ٿو. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته اسان جو پاڙيسري چين جو صوبو سنڪيانگ (Xinjiang) چين جي سڀني صوبن کان وڏو آهي. سندس پکيڙ 16 لک چورس ڪلوميٽر آهي يعني چين جي هن صوبي مان اسان جهڙا ٻه ملڪ ٺهي وڃن ڇو جو سڄي پاڪستان جي ايراضي 882000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ صوبو سنڌ جنهن جي ايراضي 141000 چورس ڪلوميٽر آهي سنڪيانگ صوبي مان ٻارهن ٺهي وڃن. سو ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته چين جو هي خودمختيار صوبو ڪيڏو وڏو آهي. هن صوبي جي هڪ طرف اسان جي ملڪ جو گلگت ۽ بلتستان ملي ٿو ته ٻين پاسن کان منگوليا، روس، قزاقستان، تاجڪستان ۽ انڊيا ملي ٿو. ان ڪري چين جي هن صوبي جي صدين کان واپار وڙي ۾ اهميت رهي آهي. مشهور شاهراهه ريشم (Silk Road) هن صوبي مان لنگهي ٿو. هن صوبي جون سرڪاري ٻه زبانون آهن. هڪ مقامي ٻولي اويغُر (Uyagur) ۽ ٻي منڊارن آهي جيڪا چين جي ڪجهه ٻين صوبن، سنگاپور ۽ تائيوان جي به سرڪاري ٻولي آهي. پاڪستان جي اتر ۾ مشهور قراقرم هائي وي (KKH) جيڪو اسلام آباد کي ڪاشغر سان ملائي ٿو، خنجراب پاس مان لنگهي ٿو. ڪاشغر ڪوهه تيان شيان (جبلن) جي قدمن ۾ درياهه ڪاشغر جي ڪناري تي سطح سمنڊ کان 1290 ميٽرن جي اتاهينءَ تي آهي. خوقند، سمرقند، الماتي ۽ ٻين مشهور واپاري ۽ ثقافتي شهرن کان ايندڙ رستن جي وچ ۾ هجڻ ڪري ماضيءَ ۾ هي شهر ڪاشغر سياسي ۽ ڪاروباري مرڪز رهيو آهي. کانئس 200 ڪلوميٽرن جي فاصلي وٽان شاهراهه ريشم لنگهي ٿو جيڪو اولهه ڏکڻ طرف بلخ ۽ اولهه اتر ڏي فرغان ڏي وڃي ٿو. هن تاريخي شهر ڪاشغر جو نالو اسان جي شاعر ڊاڪٽر علامه اقبال پنهنجي هڪ شعر ۾ به بيان ڪيو آهي.
ايڪ هونگي مسلم حرم ڪي پاسباني ڪي ليي
نيل ڪي ساحل سي ليڪر تا بخاڪ ڪاشغر

وچ ايشيا، جنگ طلاس، توران ۽ ڪاغذ جي ايجاد

چين جي هن اولهه اتر واري صوبي سنڪيانگ (Xinjiang) ۾ سڀ کان گهڻا مسلمان رهن ٿا، جن ۾ مقامي چيني به آهن ته مختلف قومون پڻ جن جا باشندا وقت بوقت پاڙي وارن ملڪن کان ايندا رهيا. عربن جو اسلام کان اڳ واپار وڙي لاءِ چين اچڻ لڳو رهيو ٿي. جهازن وارا هندي سمنڊ، بنگال، اڄ وارو ملائيشيا ۽ سنگاپور لتاڙي هانگ ڪانگ پاسي چين جي بندرگاهن ڪئنٽن، زيتون وغيره آيا ٿي. ٻيا عرب واپاري شاهراهه ريشم ذريعي سنڪيانگ جي شهرن، خاص ڪري ڪاشغر آيا ٿي. نه رڳو عرب پر وچ ايشيا جي ملڪن جا پڻ. اسان جا شاگرد تاريخ ۽ جاگرافي جهڙن سبجيڪٽن ۾ ڪچا رهيا آهن. مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي ڳوٺ جي اسڪول ۾ آئون اهو سمجهي نه سگهيس ته وچ ايشيا ڪهڙو علائقو آهي، جتان بابر جهڙا مغل انڊيا ۾ آيا. پيٽارو ۾ اچي مئٽرڪ ۾ جاگرافي آپشنل سبجيڪٽ کڻڻ ۾ انهن ڏينهن جي هڪ استاد طارق مصطفيٰ وڏي دلچسپي سان پڙهايو هو ۽ اڄ پڙهندڙن کي به اهو ئي ٻڌائيندس ته وچ ايشيا يعني سينٽرل ايشيا دنيا جو اهو علائقو (Region) آهي، جيڪو اولهه ۾ ڪئسپين سمنڊ کان اوڀر ۾ چين جي هن شروع واري صوبي سنڪيانگ ۽ منگوليا تائين اچي ٿو ۽ ڏکڻ ۾ افغانستان ۽ ايران کان اتر ۾ روس (Russia) تائين، وارو آهي. ان ۾ پنج سابق سوويت يونين (USSR) جا ملڪ اچي وڃن ٿا جيئن ته قزاخستان، ڪرغستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان. يورپي وچ ايشيا جي انهن ملڪن کي The Stans به سڏين ٿا جو انهن جي آخر ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وانگر فارسيءَ جو لفظ Stan آهي يعني آستان (جاءِ، زمين). وچ ايشيا جا ملڪ شاهراهه ريشم تي هجڻ ڪري انهن هڪ طرف يورپ ۽ مشرق الوسطه سان ته ٻي طرف چين ۽ انڊيا جي وچ ۾ ڳانڍاپو ڪيو ٿي. اسلام کان اڳ ۽ اسلام جي شروع وارن سالن ۾ وچ ايشيا تي ايرانين جو قبضو هو پر پوءِ ترڪن جي طاقتور ٿيڻ تي هي علائقو ٻين قومن جو به گهر ٿيندو ويو ۽ فارسيءَ جي جاءِ تي ترڪن جون زبانون عام ٿيڻ لڳيون.
751ع ۾ جنگ طلاس (Battle of Talas) ۾ عربن چينين کي شڪست ڏني ۽ ڪاشغر ’ملتِ اسلاميه‘ ۾ شامل ٿي ويو. اڄ به هتي مسلمانن جي اڪثريت رهي ٿي. هيءَ لڙائي طلاس نديءَ جي ڪناري تي لڳي هئي، ان ڪري هن لڙائيءَ کي ’معرڪن نهر طلاس‘ سڏجي ٿو. هيءَ ندي ’طلاس‘ ڪرغستان مان شروع ٿي سڄي قزاخستان ۾ وهي ٿي. هيءَ لڙائي چين جي تانگ (Tang) گهراڻي يعني سلطنت جي ستين شهنشاهه شوان زونگ اول جي ڏينهن ۾ لڳي. چين تي تانگ سلطنت 618ع کان 907ع تائين رهي ۽ هن شهنشاهه شوان زونگ سڀ کان وڏو عرصو (43 سال) 712ع کان 756ع تائين حڪومت ڪئي. نهر طلاس جي مٿين لڙائي 751ع ۾ لڳي جڏهن اسلامي دنيا تي عباسي گهراڻي جي پهرين خليفي ابوالعباس السفاح جي حڪومت هئي. عباسي سلطنت 570ع کان 1517ع تائين هلي، جنهن جو پهريون خليفو ابوالعباس 750ع کان 754ع تائين حاڪم رهيو. هن جنگ ۾ عباسي گهراڻي جو ساٿ تبت جي سلطنت ڏنو ۽ هوڏانهن چين جي تانگ گهراڻي سان گڏ سنڪيانگ جي آسپاس رهندڙ قارلوق ترڪ هئا. قارلوق ترڪ اڄ به بهترين غاليچا ٺاهڻ کان مشهور آهن. هيءَ لڙائي چار مهينا ڪا مس هلي جو جنگ دوران قارلوق ترڪ چيني حاڪم جو پاسو ڇڏي عباسي خليفي سان اچي مليا ۽ سڄي بازي پلٽجي وئي.
دراصل هن جنگ کان اڳ هڪ طرف عرب مسلمان مشرق يعني چين ڏي پئي وڌيا ته ٻئي پاسي چين جيڪو وڏي طاقت هو اهو مغرب طرف پئي آيو. طلاس جي لڙائي بعد چين جي تانگ سلطنت کي اڳتي وڌڻ کان ٻنجو اچي ويو ۽ هن علائقي (Transoxiana) تي مسلمانن جو اهڙو تهڙو نه پر يڪو 400 سال قبضو رهيو. هونءَ ته ڪو زمانو هو جو هن پاسي يعني بلخ، بصري، سمرقند توڙي ڪاشغر، مزار شريف، بخارا وغيره اسان جا سنڌي هندو، آيا ويا ٿي سي به فقط واپار لاءِ. هاڻ سفر جي سهولتن ڪري هرڪو مسلمان هندو ايندو رهي ٿو. نه فقط واپار لاءِ پر تعليم لاءِ پڻ. ان ڪري ٽرانس آڪسيانا جهڙآ لفظ سمجهائڻ چاهيان ٿو جيڪي هنن پٽن تي عام آهن. ٽرانس آڪسيانا جو مطلب آهيLand Beyond Oxur River جنهن کي عرب ’ماورا النهر‘ سڏين ٿا. هن پاسي ٻه درياهه مشهور آهن. هڪ درياءَ سيحون (Syr Darya) ۽ ٻيو امو ندي (Amu Darya) جنهن جو تاريخي لئٽن زبان جو نالو آڪسن (Oxus) آهي. ٽرانس آڪسيانا (ماورالنهر) وچ ايشيا جي هڪ حصي جو پراڻو نالو آهي جنهن ۾ اڄ جو ازبڪستان، تاجڪستان، افغانستان ۽ پاڪستان جا اترهان حصا قزاڪستان جو ڪجهه حصو اچي ٿي ويو، اهو علائقو درياءَ سيحون ۽ امو درياءَ (Oxus) جي وچ ۾ اچي ٿو. فارسيءَ ۾ هي علائقو ’توران‘ سڏيو ويو ٿي، جيڪو نالو شاهنامي ۾ فردوسيءَ استعمال ڪيو آهي. فردوسيءَ جي شاهنامي مطابق شهنشاهه فريدون کي ٽي پُٽ هئا- سليم، تور ۽ ايرج، جن جي وچ ۾ هن دنيا ورهائي. ايشيا مائنر (اناطوليا) يعني ترڪيءَ وارو علائقو سليم حوالي ڪيو، توران ٻئي نمبر پٽ تور کي ڏنو ۽ ننڍي پٽ ايرج جي نالي ايران ڪيو. وڏن ڀائرن گڏجي ننڍي ڀاءُ ايرج کي ماري ڇڏيو جنهن جو بدلو هن جي پوٽي ورتو ۽ ايراني سڄي دنيا تي قابض ٿيا. شاهنامه فردوسي ۾ توران لفظ هڪ سئو کان به مٿي دفعا استعمال ٿيو آهي.
نه خاڪست پيدا نه دريا نه ڪوه
زبس تيغ داران توران گروه
]نه زمين نظر اچي ٿي، نه سمنڊ، نه جبل
توران جي تلوار بردارن جي ميڙ مان.[
-
تهمتن به توران سپه شد به جنگ،
بد انسان ڪه نخجير بيند پلنگ.
]پهلوان جسم جي رستم توران جي فوج سان جنگ جوٽي
انهن تي ائين ڪڙڪيو جيئن چيتو شڪار تي.[
جيئن اسان وٽ مهراڻ يا ڪشمير ماڻهن جو نالو آهي تئين هن علائقي توران جو نالو بحرين، ايران، بوزنيا ۽ ترڪيءَ ۾ اڄ به مردن تي رکيو وڃي ٿو. ايوبي سلطنت جي پهرين سلطان صلاح الدين يوسف بن ايوب جي وڏي ڀاءُ جو نالو پڻ توران شاهه هو جيڪو يمن، دمشق، بعلبق ۽ آخر ۾ سڪندريا جو شهزادو (Prince) رهيو، جتي هو گذاري ويو. هو پنهنجي ڀاءُ صلاح الدين کي طاقتور بڻائڻ کان مشهور آهي.
هن شهر ڪاشغر لاءِ ايئن نٿو چئي سگهجي ته ڪو پرسڪون رهيو. شاهراهه ريشم وٽ هجڻ ڪري هي شهر هر لنگهندڙ جي اک ۾ رهيو ٿي.انهن واٽهڙن کان انهن ڏي ڄاڻ پهتي ٿي، جيڪي گهر ۾ ويٺا رهيا ٿي. هن شهر ۾ بادشاهه فقير کان چور ڌاڙيل ۽ واپاري تائين پهچي پنهنجو پنهنجو فائدو ڳوليو ٿي. مٿين 751ع واري جنگ طلاس کان اڳ به اميه گهراڻي جي خليفن هن شهر ۽ اوس پاس تي رکي رکي حملا ڪيا ٿي پر انهن ۾ کين اهڙي ڪاميابي نصيب نه ٿي. ان وقت جي رواج موجب جيڪو فاتح آيو ٿي ان هن شهر کي ويران ڪيو ٿي ته ٺاهيو به ٿي. ان کان علاوه نادر شاهه ۽ سلطان غزنوي وانگر ڦر جو مال پنهنجي اصل وطن موڪليو ٿي. هي شهر ڪاشغر 1219ع ۾ چنگيز خان جي حملن ۾ هڪ دفعو وري تباهه ٿيو. 1273ع ۾ اٽليءَ جو مارڪو پولو هن شهر ۾ آيو هو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ هن شهر جو نالو ڪاسقر (Cascar) لکيو آهي ۽ هن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. 1389ع ۾ ڪاشغر امير تيمور جي عتاب جو پڻ نشانو بڻيو. مختلف دور گذرندا رهيا ۽ مخلف ماڻهن ۽ حڪومتن جي قبضي ۾ رهڻ بعد هي شهر 1759ع ۾ هڪ دفعو وري چين جو حصو ٿي ويو. هتي جي عيدگاهه مسجد چين جي وڏي ۾ وڏي مسجد آهي. هن شهر ۾ مائوزي تنگ جو 18 ميٽر اتاهون مجسمو پڻ آهي.
مٿين 751ع واري جنگ طلاس جي حوالي سان لکندو هلان ته لکائي پڙهائيءَ جي يعني ڪاغذ پني جي ايجاد جيڳالهه نڪرڻ تي يورپي ماڻهو هميشه هن جنگ طلاس جوذڪر ڪن ٿا ته هن جنگ جي طفيل يورپ ۽ عرب ملڪن ۾ پني جي ايجاد ٿي. سڀ کان پهرين چينين پنو ٺاهيو. دنيا جا ٻيا ملڪ حيرتزده هئا ته چيني پنو ڪيئن ٿا ٺاهين. پوءِ هن لڙائيءَ ۾ جيڪي چيني قيدي هئا انهن کي عرب سپاهي عباسي سلطنت جي گادي واري شهر بغداد ۾ وٺي ويا. سڀني کي خبر هئي ته چيني هنرمند قوم آهي ۽ انهن ڏينهن جي عرب حاڪمن، عباسي گهراڻي جي خليفن توڙي اندلس (اسپين) ڪوچ ڪري ويل اميه خليفن/ حاڪمن جي اها خواهش پئي رهي ته ٻين کان علم ۽ هنر حاصل ڪجي. سو هنن به چيني قيدين ۾ جن کي ڪاغذ ٺاهڻ جو هنر آيو ٿي انهن کي ڪاغذ ٺاهڻ ۾ لڳائي ڇڏيو جن کان مقامي عرب سکيا. ڏسندي ئي ڏسندي بغداد ۽ بصره ڪاغذ ٺهڻ کان مشهور ٿي ويو، اڳتي هلي اهو هنر عربن کان يورپين سکيو ۽ يورپ ۾ ڇپائيءَ جو ڪم شروع ٿيو.

يورپين کي چِين جي ڄاڻ مارڪو پولو ڏني

مٿي يورپي سياح مارڪو پولو جو ذڪر ڪيواٿم جيڪو نه فقط چين جي هن شهر ڪاشغر ۾ آيو پر هنگزو ۽ ٻين ۾ پڻ آيو. چين بابت شروع جي معلومات مارڪو پولو جي سفرنامي مان يورپين کي ملي. اهو زمانو (تيرهين صدي) جنهن ۾ نه پڪا رستا هئا نه لاريون موٽر ڪارون. هوائي جهاز جو ته ڪو تصور به نه هو. ماڻهو باءِ روڊ پنڌ يا گڏهن، خچرن ۽ اُٺن تي يورپ، ترڪي ۽ مصر کان شاهراهه ريشم ذريعي وچ ايشيا ۽ ٽرانس آڪسيانا مان ٿيندا چين ۽ انڊيا پهتا ٿي. اٽليءَ جو مارڪو پولو ۽ موراڪو جو ابنِ بطوطا پهريان ماڻهو آهن جن جي سفرنامي مان يورپين کي چين جي تفصيلي ڄاڻٿي. ابنِ بطوطا به وڏو عرصو سفر ڪيو ۽ چين ۾ به گهميو ڦريو پر مارڪو پولو چين ۾ تمام وڏو عرصو رهيو ۽ ابنِ بطوطا کان اڌ صدي اڳ چين جي سفر تي آيو هو. ابنِ بطوطا 1304ع ۾ موراڪو جي شهر طنج ۾ ڄائو ۽ ويهن سالن جي ڄمار ۾ يعني 1325ع ۾ حج لاءِ روانو ٿيو. حج ڪري موٽڻ بدران هو اڳتي وچ ايشيا، انڊيا ۽ چين ۾ ڦرندو رهيو. ان بعد هو يورپ ۽ آفريڪا جي به ملڪن ڏي روانو ٿيو ۽ 25 سالن کان مٿي جي سفر بعد هو 1354ع ۾ واپس وطن آيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جتي مارڪو پولو فقط 12000 ڪلوميٽر سفر ڪيو ۽ مسلمان چيني سياح زهينگ هيِ (Zheng He) جيڪو جهازران، ڊپلومئٽ، چيني ٻيڙي جو ائڊمرل، چين جي منگ سلطنت جو مشهور کدڙو هو 50000 ڪلوميٽر سفر ڪيو،اتي ابن بطوطا 117000 ڪلوميٽر سفر ڪيو. پر جيستائين چين جو سوال آهي، ان جي يورپ جي ماڻهن کي گهڻي ڄاڻ مارڪو پولو جي سفر نامي مان پئي، ڇو جو مارڪو پولو چين ۾ تمام وڏو عرصو رهيو ۽ هن اتي جو وڌيڪ احوال لکيو آهي.
مارڪو پولو، ابن بطوطا کان پورا 50 سال اڳ 1254ع ۾ اٽليءَ جي شهر وينس ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي پيءُ نڪولو پولو ۽ چاچي سان گڏ 1271ع ۾ چين جي سفر تي روانو ٿيو ۽ 24 سالن بعد وطن واپس ٿيو. ائين به ناهي ته ڪو مارڪو پولو کان اڳ چين جي سفر تي ڪو يورپي نه نڪتو هو. شاهراهه ريشم ذريعي پيرين پنڌ ۽ اُٺن، گهوڙن تي ڪيترائي ويندا رهيا. سمنڊ رستي يورپي چين پهچي نٿي سگهيا جو انهن کي نه رستي جي پڪ هئي ۽ نه ڪيپ آف گڊ هوپ (آفريڪا کنڊ کي هيٺيان ڦيرو ڪرڻ) ٽپڻ جي همت! پورچوگالي واسڪو ڊاگا 1498ع ۾ انڊيا پهچڻ جو رستو ڳولڻ بعد ٻيا يورپي هڻ هڻان ۾ لڳا ۽ انگريزن کي ته سمنڊ رستي انڊيا پهچڻ ۾ وڌيڪ سئو سال لڳي ويا پر اهو آهي ته عرب ۽ ايراني ته انڊيا ۽ چين صدين کان پئي ويا جو اهي بحر هند جي ڪناري تي ئي رهيا ٿي ۽ اهي هڪ طرف خشڪي وري شاهراهه ريشم ذريعي چين جي اولهه واري علائقي سِنڪيانگ تائين پهچي ويا ٿي ته ٻي طرف هو سامونڊي شاهراهه ريشم ذريعي ٻيڙين جهازن ۾ بنگال، ملايا کان ٿيندا چين جي اوڀر وارن بندرگاهن تائين پهچي ويا ٿي.
بهرحال خشڪي رستي نه رڳو ٻيا يورپي پر مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو به چين ۾ رهي آيو پر يورپي ماڻهن کي چين جي تفصيلي معلومات مارڪو پولو جي سفر بعد ٿي جو هن سفر نامو لکيو. هونءَ ته چين کان موٽندڙن جون زباني ڳالهيون به ڪجهه ماڻهن ٻڌيون ٿي پر مارڪو پولو جي سفر نامي ڇپڻ بعد سفر جون ڳالهيون ملڪ جي گهڻن ماڻهن پڙهيون ۽ کين ٻاهر جي دنيا ڏسڻ جو شوق ٿيو. مارڪو پولو جو سفر نامو انگريزي ۽ يورپ جي ٻين ٻولين ۾ ته بعد ۾ ڇپيو پر سڀ کان پهرين سندس مادري زبان اطالوي (Italian) ۾ ڇپيو. چون ٿا ته آمريڪا کنڊ جو رستو ڳولڻ واري ڪرسٽافر ڪولمبس کي به مارڪو پولو جو سفرنامو پڙهي پوءِ ٻاهر نڪرڻ جو شوق جاڳيو. ڪولمبس 1451ع ۾ اٽليءَ ۾ ڄائو هو يعني مارڪو پولو جي وفات کان سوا صدي بعد. سندس مادري ٻولي مارڪو پولو واري اطالوي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو وڏو ٿي نوڪريءَ لاءِ اسپين وڃي رهيو، جتي هن کي جهاز ڏئي سفر تي روانو ڪيو ويو هو. ان ڳالهه ۾ صداقت ٿي سگهي ٿي ته ڪولمبس کي ٻاهر نڪرڻ جو شوق مارڪو پولو جو سفرنامو پڙهي ٿيو. مون کي به ان ڳالهه تي يقين نه اچي ها پر مون ڏٺو آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ توڙي ٻاهر مون کي ڪيترا ماڻهو ملندا آهن جيڪي چوندا آهن ته هنن کي ٻاهر نڪرڻ جو شوق منهنجا سفرناما پڙهي ٿيو. سامونڊي نوڪري ڏي ته اسان جي ماڻهن جو بلڪل رجحان نه هو پر پوءِ مون ڏٺو ته منهنجو اهو مقصد واقعي پورو ٿيو ۽ منهنجا سفرناما پڙهي نوجوانن کي نيوي ۽ مرچنٽ نيويءَ ۾ اچڻ جو شوق ٿيو ۽ تمام گهڻن هن طرف جو رخ رکيو. اڄ ڪلهه اها ٻي ڳالهه آهي ته مرچنٽ نيويءَ جو هاڻ مستقبل نه رهيو آهي ۽ پاڻيءَ جا جهاز ٿورا هجڻ ڪري انهن تي نوڪري ملڻ محال ٿي پئي آهي، پر تڏهن به سفرنامن مان انهن کي ته فائدو رسي ٿو جيڪي تعليم، واپار، گهمڻ ۽ نوڪري وغيره لاءِ ٻاهر وڃن ٿا. هو ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ کان اڳ مختلف ليکڪن جا ان ملڪ بابت سفرناما پڙهن ٿا ۽ انهن کي ان ملڪ ۾ رهڻ ۾ تڪليف گهٽ ٿئي ٿي. يا اهي نوجوان جيڪي گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ گهٻرايا ٿي انهن کي ٻين ملڪن جا سفرناما پڙهي پاڻ ۾ همت ۽ اتساهه ٿئي ٿو.هي سفرناما پڙهي ٻاهر ويندڙن کي ٻاهر رهڻ جي طريقن جي خبر پوي ٿي. ٻاهر ٿيندر ٺڳين کان آگاهي ملي ٿي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي سنڀالي رکن ٿا ۽ غلط حرڪتون ڪرڻ کان پاسو هڪ طرف ڪن ٿا ته ڦورو ۽ ٺڳ ايجنٽن جي ڏسيل غلط راهن کان پاڻ بچائي رکن ٿا.
ڪرسٽافر ڪولمبس مارڪو پولو جي سفرنامي ‘The Travels of Marco Polo’ ۾ لکيل ڳالهين مان متاثر ٿي پاڻ ۾ سفر جو شوق پيدا ڪيو. اهڙي طرح مارڪو پولو کي وري پنهنجي والد ۽ چاچي جون ڳالهيون ٻُڌي، هِنن جي ٻئي سفر ۾ هنن سان گڏ نڪرڻ جو شوق ٿيو. مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو شاهراه ريشم ذريعي تجارت جي سلسلي ۾ چين جو چڪر هڻي هاڻ ڪافي سالن بعد وطن موٽيا هئا. هنن اهو به ٻڌايو هو ته چين ۾ هڪ دفعي هنن جي ملاقات ڪيئان گهراڻي جي شهنشاهه قبلائي خان سان به ٿي هئي. قبلائي خان منگول سلطنت جو پنجون حاڪم (خاقان) هو. منگول حڪومت جو پهريون خان ’چنگيز خان‘ هو جنهن منگول سلطنت جو 1206ع ۾ بنياد رکيو ۽ 1227ع ۾ وفات ڪيائين. قبلائي خان 1260ع ۾ خاقان (حاڪم) ٿيو ۽ 34 سال 1294ع تائين حڪومت ڪيائين جنهن دوران مارڪو پولو جي پيءُ ۽ چاچي جي هن سان ملاقات ٿي. قبلائي خان چنگيز خان جو پوٽو ۽ چنگيز خان جي ننڍي پُٽ تولوئي خان جو پٽ هو. ايران واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته 1221ع ۾ چنگيز خان جي لشڪر ايران جي صوبي خراسان تي حملو ڪيو. اتي نيشاپور جي ماڻهن پنهنجي بچاءُ دوران چنگيز خان جي ناٺيءَ کي قتل ڪري وڌو. ان جو بدلو وٺڻ لاءِ چنگيز خان پنهنجي هن ننڍي پٽ تولوئي خان (قبلائي خان جي پيءُ) کي نيشاپور موڪليو جنهن نيشاپور ۽ مرو (Merv) شهرن جي سڄي آبادي نيست و نابود ڪري ماڻهن جي کوپڙين جو کڻي احرام (Pyramid) ٺاهيو.
قبلائي خان 1271ع ۾ يئان گهراڻي جي سلطنت پنهنجي قبضي ۾ آڻي پاڻ ان جو پهريون شهنشاهه ٿيو. مارڪو پولو پنهنجي سفر نامي ۾ قبلائي خان جي زالن جو به لکي ٿو ته هن کي چار زالون ۽ ڪنيزائن (Concubines) جو لشڪر هو. سندس اولاد ۾ هڪ پُٽ زين جين (Zhenjin) به هو جنهن کي قبلائي خان وليعهد مقرر ڪيو پر اڳواٽ وفات ڪري قبلائي خان زين جين جي پُٽ تيمور خان کي شهنشاهه بڻجڻ لاءِ مقرر ڪيو. مارڪو پولو جي ڏينهن ۾ قبلائي خان ئي چين جو شهنشاهه رهيو. 1294ع ۾ جڏهن مارڪو پولو وطن موٽڻ لاءِ رستي تي هو ته قبلائي خان گذاري ويو ۽ تيمور خان (سندس پوٽو) يئان گهراڻي جو ٻيو شهنشاهه ٿيو. ياد رهي ته هي ’تيمور خان‘ اهو تيمور نه آهي جنهن کي پاڻ ’تيمور لنگ‘ سڏيون ٿا، جنهن جو پٽ شاهه رخ مرزا ايران جو بادشاهه بڻيو ۽ شاهه رخ جي زال گوهر شاد نالي مشهد (ايران) ۾ امام علي رضا جي روضي ڀرسان ’مسجد گوهر شاد‘ آهي ۽ هنن جو پٽ مرزا الغ بيگ حاڪم ٿيڻ تي سلطنت هلائڻ ۾ کڻي ايڏو قابل نه هو پر هن کي دنيا ماهر فلڪيات (Astronomer) ۽ حسابدان (Mathematician) مڃي ٿي. تيمور لنگ 1336ع ۾ اڄ واري ازبڪستان ۾ ڄائو ۽ 1405ع ۾ قزاخستان جي شهر اوترار (فاراب) ۾ وفات ڪيائين. هو سمرقند جي قبرستان گورِ امير ۾ دفن ٿيل آهي. تيمور لنگ يئان سلطنت جي ٻئي شهنشاهه تيمور خان کان 70 سال کن ننڍو هو. تيمور خان 1265ع ۾ ڄائو هو ۽ 1307ع ۾ بيجنگ (Beijng) ۾ وفات ڪيائين، جيڪو يئان گهراڻي جي گاديءَ جو شهر هو. پڙهندڙن کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿيندي ته هي شهر قبلائي خان يا تيمور خان جي ڏينهن ۾ خان بالق سڏبو هو. بعد ۾ گهڻو پوءِ هن شهر جو نالو دادو (Dadu) پڻ رکيو ويو. هاڻ بيجنگ آهي ۽ اڄ به هي شهر چين جي گاديءَ جو شهر آهي.

مارڪو پولو جو قبلائي خان وٽ پهچڻ

1271ع ۾ جڏهن مارڪو پولو پنهنجي پيءُ ۽ چاچي سان گڏ چين جي سفر تي نڪتو ته ان وقت هن جي عمر 17 سال هئي. هو پنهنجي ڳوٺ وينس کان پاڻيءَ جي جهاز ذريعي يروشلم ڏي نڪتا. پاڻيءَ جو جهاز معنيٰ اڄ جهڙو ڪو وڏو لوهي پئسينجر يا ڪروزو جهاز نه پر ڪاٺ جي سڙهن واري وڏي ٻيڙي سمجهڻ کپي. ان ۾ سفر ڪرڻ ڇا ته تڪليف وارو ٿئي ٿو جڏهن اڄ جا ماڊرن، آفت جيڏا، لوهَي ۽ ڪَل تي هلندڙ جهاز به سمنڊ جي بگڙڻ تي رت ٿا رئاڙين ۽ طوفانن ۽ وڏين ڇولين ۾ اهي ڇوڏي وانگر لڳن ٿا۽ ڪڏهن هيڏانهن پيا اُڇلجن ته ڪڏهن هوڏانهن. اهڙي حالت ۾ اڄ کان ساڍا ست سئو سال اڳ جنهن ڪاٺ جي سڙهن واري جهاز ۾ مارڪو پولو وارن ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ هفتو ٻه کن سفر ڪيو هوندو اهو ڪو مزيدار نٿا چئي سگهون. انهن ڏينهن ۾ مائٽن مٽن دوستن يارن کان موڪلائي، بخشي بخشرائي سفر ڪرڻو پوندو هو. وينس (اٽلي) کان ايران باءِ روڊ به پهچي سگهجي ٿو- ترڪي مان ٿيندو. پر انهن ڏينهن ۾ خشڪيءَ جو سفر به ته ڪو سولو نه هو، ڦُرون لٽون، گرمي سردي، جهنگل جبل اُڪرڻ، پيدل پنڌ -توڙي اُٺ يا گڏهه تي ڏينهن رات سواري، جهنگلي جانورن ۽ وبائن جو خوف، هڪ وڏو ائڊوينچر هوندو هو. جنهن ۾ انسان موت جي ويجهو رهيو ٿي. مارڪو پولو وارا جهاز رستي وينس کان عڪا (Akka)بندر گاهه پهتا. هي هڪ آڳاٽو شهر آهي جيڪو اڄ جي اسرائيل ۾ آهي. انهن ڏينهن ۾ هن علائقي جو هي مشهور بندرگاهه هو جيڪو Acre جي نالي به سڏجي ٿو. اتي ٻه ٽي مهنا رهي پوءِ خشڪي رستي ساڳيو ترڪي ۽ پوءِ ايران مان ٿيندي شاهراهه ريشم ذريعي چين پهتا. انهن ڏينهن ۾ چين ڪئٿي (Cathy) سڏبو هو، جنهن نالي سان ’ڪئٿي ايئر لائين‘ آهي. هو ايران بعد هندوڪش جبلن وٽان ٽپندا، سمرقند، بخارا وٽان ٿيندا، تاجڪستان وٽان پامير جبل (سلسله ڪوه پامير) ٽپندا ڪاشغر، خوتان، لان رهو، شوزهو ۽ ننگزيا مان ٿيندا شانگدو (Shangdu) پهتا، جتي قبلائي خان رهيو ٿي. سفر جي اڻانگائي جو ان مان اندازو لڳايو ته سانگدو پهچندي پهچندي مارڪو پولو 21 سالن جو ٿي ويو جيڪو جڏهن گهران، يعني وينس مان نڪتو هو ته 17 سالن جو هو.
چين جو صوبو سِنڪيانگ جيڪو مغرب کان ايندڙ قافلن کي پهرين ٿو پوي ان جي وڏي ۽ مرڪزي شهر ڪاشغر ۾ پهچڻ بعد اڳتي چين يا مغولستان داخلي يعني اندروني منگوليا ۾ پهچڻ لاءِ تاڪلا مڪان (Taklamakan) نالي هڪ وڏو بيابان (ريگستان) لتاڙڻو پوي ٿو. چين ۾ ٻه رڻ پٽ (صحرائون) مشهور آهن. هڪ هيءَ تاڪلامڪان ڊيزرٽ (ريگستان) ٻيو ان جي ساڄي پاسي يعني اوڀر ۾ ان کان به وڏو ريگستان گوبي (Gobi) آهي.
مارڪو پولو وارا ٽئي همراهه ايران ۽ تاجڪستان پهچي پامير جبل لتاڙي ڪاشغر پهتا، ان بعد تاڪلامڪان رڻ پٽ مان ٿيندا دُن هئانگ (Dunhuang) شهر پهتا، جتي هي سال کن رهي پيا. هي شهر اڄ جي گانسو صوبي ۾ آهي جنهن جي گاديءَ جو شهر لان زهو آهي. دون هوانگ شهر شاهراهه ريشم تي هجڻ ڪري واپار وڙي جو وڏو مرڪز هو. هن شهر مان چين جي مختلف علائقن ڏي رستا ڦٽيا ٿي. انڊيا پاسي کان ٻوڌي ٻاوا به پهرين هن شهر ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ هتي سندن ڪيترائي تاريخي ٻُڌ عبادت گهر آهن. 1227ع ۾ قبلائي خان جي منگول لشڪر هن شهر دون هوانگ کي تاراج ڪري ڇڏيو پر پوءِ قبلائي خان پنهنجي دور ِ حڪومت ۾ هن کي ٺاهيو ۽ پنهنجي سلطنت جو اهم حصو بنايو. هونءَ اڄ جي هن چيني صوبي گانسو (Gansu) ۾ دون هوانگ شهر کان علاوه ٻيا مشهور شهر آهن: لان زهو (گادي وارو شهر) Xiahee (شهرستان شياهه) زهانگي (Zhangye) جيڪو شهر ڪان چو (Kanchow) به سڏجي ٿو ۽ شاهراهه ريشم تي هجڻ ڪري واپار جو مرڪز هو. چون ٿا ته قبلائي خان هن شهر جي هڪ مندر ’دافو مندر‘ ۾ ڄائو هو. اڄ ڪلهه هن ۾ گوتم ٻُڌ جو ڪاٺ مان ٺهيل هڪ تمام وڏو مجسمو رکيل آهي. چين جي هن صوبي گان سُو (Gansu) ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جا ڪافي شاگرد نظر اچن ٿا جو هنن لاءِ چين جو هي حصو ويجهو آهي ۽ لان زهو يونيورسٽي، نارٿ ويسٽ يونيورسٽي، گانسو زرعي يونيورسٽي، لان زهو سٽي يونيورسٽي جهڙن تعليمي ادارن ۾ يورپ جي ملڪن کان گهٽ خرچ اچي ٿو.
بهرحال مارڪو پولو ورا وڏو سفر طئي ڪري نيٺ شانگدو- جيڪو زانادو (xanadu) به سڏيو وڃي ٿو، اتي پهتا. جيئن انگريزن انڊيا تي حڪومت ڪرڻ دوران اونهاري ۾ گاديءَ جو شهر شمله ٺاهيو هو تيئن هنن منگولن پنهنجو Summer Capital شانگدو شهر ۾ ٺاهيو هو جتي هنن جا وڏا محل ۽ درٻار هئي. بعد ۾ قبلائي خان پنهنجو تختگاهه زانگدو (Zhongdu) شهر ۾ شفٽ ڪيو جنهن جو نالو رکيائون ’خان بالق‘ جيڪو هاڻ بيجنگ سڏجي ٿو ۽ اڄ به چين جي گاديءَ جو شهر آهي.
مارڪو پولو شانگدو ۾ 1275ع ۾ آيو هو ۽ هن پنهنجي سفرنامي ۾ هن شهر جي اسپيلنگ Ciandu لکي آهي. سئو سال بعد، 1369ع ۾ هي شهر چين جي منگ گهراڻي جي فوج تباهه ڪري ڇڏيو. اڄ ان جو اهو اڳيون اوج نه رهيو آهي. بهرحال قبلائي خان، مارڪو پولو سان ملي بيحد متاثر ٿيو ۽ هن جي اخلاق ۽ ذهانت کي ڏسي کيس انڊيا ۽ برما لاءِ سفير مقرر ڪيو ته هو ڪمن ڪارين ۽ نياپن لاءِ اوڏانهن ويندو رهي. نه فقط انڊيا ۽ برما پر سفارتي ڪمن لاءِ هن کي ڏکڻ اوڀر ايشيا (اڄ جي انڊونيشيا، سري لنڪا ۽ ويٽنام) به وڃڻو پيو ٿي. ٻاهرن ملڪن مان ٿي مارڪو پولو قبلائي خان کي اتي جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون ٿي ته اتي ڇا وهي واپري رهيو آهي، ڇا رسم و رواج ۽ کاڌا پيتا آهن. قبلائي خان نوجوان مارڪو پولو کان ڏورانهن ڏيهن جون خبرون ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ٿي. قبلائي خان جي نوڪري مطابق، مارڪو پولو کي نه فقط ڀر وارن ملڪن ڏي وڃڻو پيو ٿي پر چين جي به هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين سفر ڪرڻو پيو ٿي. سفارتڪار هجڻ جي ناتي هن کي چين گهمڻ جو سٺو موقعو مليو. مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو پنهنجو پراڻو ڌنڌو- واپار ڪندا رهيا. ان ڪري انهن کي ڪو ايترو گهمڻ جو موقعو نٿي مليو جيترو مارڪو پولو کي. ان گهمڻ ڦرڻ جو تفصيلي احوال مارڪو پولو جي سفرنامي مان ملي ٿو ته هڪ يورپي باشندي جي حيثيت ۾ هن کي مشرق جي دنيا، خاص ڪري چين ڪيئن لڳو. ظاهر آهي انهن ڳالهين سندس ملڪ (اٽلي) جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن مان ڪيترن کي ٻاهر نڪرڻ جي همت ۽ ٻاهر جي دنيا سان واپار ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ نه ريڊيو، ٽيليويزن هئي نه ولايت کان ايندڙ اخبار، ان ڪري ماڻهن کي مارڪو پولو جون ڳالهيون پڙهڻ ۾ وڏو مزو اچڻ لڳو. منهنجي خيال ۾ هي ائين هو جيئن 1960ع واري ڏهاڪي ۾ منهنجي ڪيل سامونڊي سفرن جي احوال نوجوانن ۾ دلچسپي پيدا ڪئي. انهن ڏينهن ۾- بلڪه گذريل صديءَ جي آخر تائين نه هئي انٽرنيٽ ۽ نه گوگل ۽ وڪيپيڊيا جو تيز بندوبست سو پڙهندڙ منهنجي لاس پاماس، ڪنري ٻيٽن، برمودا، ڪيوبا، ڪئناڊا، جپان ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن جو احوال ۽ اتي ڪئين سالن کان رهندڙ اسان جي سنڌي واپارين جون ڳالهيون پڙهي محظوظ ٿيا ٿي.

چِين جا منگول خان ۽ ايلخان

مارڪو پولو پنهنجي والد ۽ چاچي سان گڏ قبلائي خان جي ڌرتيءَ تي 17 سال رهيو ۽ هاڻ هو سڀ پنهنجي وطن ورڻ جي ڪرڻ لڳا. قبلائي خان جي دل کين ڇڏڻ تي نٿي چاهيو جو هِي هُن لاءِ وڏي وندر ۽ رعيتي ڪمن ۾ مدد هئا. 1291ع ۾ آخرڪار قبلائي خان هنن کي وطن ورڻ جي اجازت ڏني. وڃڻ کان اڳ قبلائي خان هنن کي هڪ آخري ڪم سونپڻ چاهيو. اهو هي هو ته هنن سان گڏ هن ’ڪوڪو چِن‘ منگول شهزادي ارغون خان ڏي ايران موڪلڻ چاهي ٿي، جنهن سان ارغون خان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. اٽليءَ جا هي پولو همراهه ڪوڪوچِن شهزاديءَ کي سمنڊ رستي پاڻ سان وٺي ايران پهتا، جتان پوءِ هو خشڪي رستي قسطنطنيه (اڄ جي استنبول) ۾ آيا، جتان هُو پنهنجي وطن وينس پهتا. اهو سال 1295ع هو. هنن جي سفر جو مفاصلو ۽ وقت ڏسجي ته هنن جي Return Journey چوويهه سالن بعد ٿي ۽ هنن انهن 24 سالن ۾ سامونڊي ۽ خشڪيءَ جا 24000 ڪلوميٽر سفر ڪيو. ڪلوميٽرن جي حساب سان کڻي ڪو وڏو سفر نه ٿيو. اسان ڪراچيءَ کان ٽوڪيو وڃون ٿا، اتان لاس اينجلس ۽ پاناما مان ٽپي نيويارڪ اچون ٿا جتان پوءِ لنڊن مان ٿي سئيز ڪئنال رستي ڪراچي پهچون ٿا ته پنج ڇهه مهينن جي هن سفر ۾ 30 هزار ڪلوميٽرن کان به مٿي سفر ٿيو وڃي، پر مارڪو پولو جي اها ڳالهه آهي ته هو هڪ ئي وقت وڏو عرصو چين ۾ رهيو ۽ هن چين جي وڏي ڄاڻ ان وقت جي پڙهندڙن کي مهيا ڪئي.
هتي ٻه ٽي سٽون مارڪو پولو جو چين کان واپسي جي سفر ۽ پاڻ سان گڏ کنيل منگول شهزادي ڪو ڪوچن (Kokochin) بابت لکڻ بي محل نه ٿيندو.
تاريخ کان گهٽ واقفڪارن لاءِ هن مثال ذريعي کين سمجهائيندو هلان ته جيئن انگريز بادشاهه يا راڻي وڪٽوريا جي پنهنجي ملڪ انگلينڊ تي ته حڪومت هئي جتي هنن جو تختگاهه هو ۽ اهي اتي رهيا ٿي- جيئن اڄ ڪلهه راڻي ايلزبيٿ آهي. پنهنجي ملڪ کان علاوه هنن جو ايشيا يا آفريڪا جي ملڪن تي به قبضو ٿيندو ويو. جيئن سمجهو ته ننڍي کنڊ (انڊيا) تي. پوءِ هنن ڏورانهن علائقن تي حڪومت ۽ انتظام سنڀالڻ لاءِ پنهنجو ڪو مائٽ مٽ يا ٻيو ڀروسي جوڳو قابل ماڻهو وائسراءِ يا گورنر طور رکيو ٿي، جنهن انگلينڊ جي حاڪم جي نمائندگي ڪئي ٿي. يا ان ئي جهڙو هڪ ٻيو مثال. انڊيا کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ انگريز وائسراءِ هو. بعد ۾ ان وائسراءِ پاڻ يا انگلينڊ جي حاڪم جي صلاح ۽ مرضي تي جڏهن سنگاپور، عدن ۽ سنڌ جهڙن علائقن تي قبضوڪيو ته پوءِ انهن جو انتظام سنڀالڻ لاءِ هنن ڪنهن ڪمشنر يا ريزيڊنٽ کي پنهنجو نمائندو ڪري سنگاپور، سنڌ ۽ عدن ۾ ٿي رکيو. اهو ئي ڪم انڊيا جي مغل شهنشاهن ٿي ڪيو يا سنڌ تي حڪومت هلائڻ لاءِ بغداد جي خليفن ٿي ڪيو. سو، چين تي چنگيز خان ۽ ان بعد ان جي اولاد قبلائي خان جي حڪومت ته ضرور هئي پر منگوليا ۽ چين کان علاوه هنن ڏورانهن ڏيهن تي به حملا ٿي ڪيا ۽ فتح حاصل ڪرڻ تي ان جو نظام هلائڻ لاءِ پنهنجو ڪو پٽ يا ڀائٽيو ڀاڻيجو ٿي رکيو.
اڄ وارو ايران اڳ ۾ پرشيا سڏبو هو ٿي جنهن ۾ اوسي پاسي جي ٻين ملڪن: افغانستان، ازبڪستان، ترڪمنستان ۽ پاڪستان جا اتراهان حصا اچي ويا ٿي. انهن ڏينهن جي پرشيا جا ڪجهه حصا جيڪي ڪمزور ٿيا ٿي ته ڀر وارن ملڪن جي حاڪمن جُلهون ڪري انهن تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ٿي. جيئن هلاڪو خان هلي ملي بغداد کي ساڙي قبضو ڪيو يا جيئن نادر شاهه مشهد کان اچي دهليءَ کي ساڙيو ٻاريو ۽ ماڻهن جو قتل ڪيو. يا نيشاپور (خراسان) ۾ قبلائي خان جي ناٺيءَ جي قتل جي بدلي ۾ قبلائي خان جي پٽ نيشاپور ۽ مرو شهر جو ٻچو ٻچو قتل ڪري ان علائقي تي قبضو ڪيو. اهڙي طرح ايران جي هڪ حصي تي منگولن جو راڄ قائم ٿي ويو جنهن تي حڪومت هلائڻ لاءِ چنگيز خان ايل خاني منگول خاندان کي مقرر ڪيو جنهن جو ارغون خان چوٿون بادشاهه هو. هنن بادشاهن/حاڪمن جا نالا ڪجهه ڏکيا آهن، ان ڪري تاريخ پڙهندرن کي منجهائين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي تاريخ سان دلچسپي آهي ته هتي آئون فاسٽ فارورڊنگ ۾ ڪجهه نالا لکان ٿو جيڪي ڌيان ۾ رکڻ سان وڏا ڪارآمد ثابت ٿي سگهن ٿا. باقي ٻيا ڀلي منهنجيون هيٺيون چار پنج سٽون نه پڙهن. هو فقط ريفرنس لاءِ هنن تي نظر وجهي سگهن ٿا.
ڏسو! اسان ٻين چيني منگول حاڪمن کان واقف هجون يا نه پر اسان وٽ اسڪول جا شاگرد به ٽن منگول حاڪمن جي نالن کان واقف هوندا. ’چنگيز خان‘ جنهن کي انگريز Genghis Khan سڏين ٿا جنهن منگول سلطنت جو بنياد رکيو ۽ پاڻ 1206ع کان 1227ع مرڻ تائين حاڪم رهيو. سندس اصل نالو ’تيمورجن‘ هو. 1960ع يا 1970ع واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد جي نيو مئجسٽڪ سئنيما ۾ چنگيز خان فلم چڙهي هئي. ڇا ته ان وقت جي زبردست فلم هئي جنهن جي شروعات ان سان ٿي ٿئي ته ’منهنجو نالو تيمورجن آهي.‘ پروفيسر قاضي خادم، دستگير ڀٽي، غلام نبي مغل، وليرام ولڀ جهڙا منهنجا همعصر ان جي واکاڻ جي شاهدي ڏيندا. ان فلم ۾ عمر شريف، چنگيز خان ٿيو هو. عمر شريف مصر وارو ائڪٽر. ان کان علاوه ٻيو ’قبلائي خان‘ جيڪو مارڪو پولو جي چين وڃڻ وارن ڏينهن ۾ چين جو شهنشاهه هو ۽ ٽيون ان جو ڀاءُ ’هلاڪُو خان‘ جنهن 1258ع ۾ بغداد تي حملو ڪيو ۽ عباسي سلطنت جو خاتمو آندو.
چنگيز خان جي وفات بعد چين تي هن جو ٽيون نمبر پٽ اوغدائي خان (Ogedei) حڪومت ڪئي، 1229ع کان 1241ع تائين. ان بعد ان جو پٽ گيوڪ (Guyuk) خان 1248ع تائين شهنشاهه ٿيو ۽ پوءِ چنگيز خان جي ننڍي پُٽ تولوئي (Tolui) جو پٽ مونڪو خان (Mongke) 1251ع کان 1259ع تائين حاڪم ٿيو. ان جي مرڻ بعد هن کان ننڍو ڀاءُ قبلائي خان 1260ع کان 1294ع تائين چين/ منگول جو حاڪم رهيو جنهن جي ڏينهن ۾ مارڪو پولو ۽ ان کان اڳ هن جو پيءُ ۽ چاچو چين ۾ رهيا.
سندن ننڍو ڀاءُ هلاڪو خان، ايران پاسي منگولن جي فتح ڪيل علائقن تي 1256ع کان 1265ع تائين راڄ ڪيو. ان دوران هن بغداد کي به ساڙيو ٻاريو. هلاڪو خان جي وفات بعد سندس وڏو پٽ اباقا خان 1265ع کان 1282ع تائين تخت تي ويٺو، ان بعد ننڍو پٽ احمد تڪودر (Tekudor) تخت نشين ٿيو، پر ٻن سالن بعد 1284ع ۾ گذاري ويو. سندس وفات بعد سندس وڏي ڀاءُ اباقا خان جو پٽ ارغون خان تخت تي ويٺو جيڪو ڏٺو وڃي ته هلاڪو خان جو پوٽو ٿيو. جنهن جو يعني هلاڪو خان جو وڏو ڀاءُ قبلائي خان، ان وقت چين جو شهنشاهه هو. جنهن ارغون خان جي چوڻ تي هن لاءِ مارڪو پولو وارن سان گڏ ڪوڪو چن (Kokochin) نالي هڪ 17 سالن جي سهڻي منگول ڇوڪري موڪلي پئي جيئن سندس ڀاءُ هلاڪو خان جو پوٽو ارغون خان ان سان شادي ڪري.
پنهنجي پڙهندڙن کي هتي هڪ لفظ جي سمجهاڻي ڏيندو هلان جيڪو هنن کي ايران، افغانستان، وچ ايشيا جي ملڪن توڙي ترڪيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ۽ پڙهڻ ۾ ايندو رهندو، اهو آهي اِل خانيت Il- Khanate جنهن لاءِ فارسي لفظ آهي، ’ايلخانان‘. اهو منگولن جي چين کان ٻاهر ڏکڻ اولهه ۾ منگولن جي سلطنت جو نالو آهي يا کڻي چئجي ته چين منگوليا کان ٻاهر جي منگول سلطنت ايلخانان (عربي لفظ: الدولته ال الخانيته يا فارسيءَ ۾ الخانيه مغول) سڏيو ويو ٿي. يعني منگولن جي ايران ۾ سلطنت. انهن ڏينهن ۾ ايران (فارس) اڄ جي ايران کان وڏو هو جنهن ۾ افغانستان ۽ وچ ايشيا جو حصو- ويندي پاڪستان جو اتراهون حصو اچي ويو ٿي. هيءَ سلطنت چنگيز خان جي پوٽي هلاڪو خان 1260ع کان قائم ڪئي جنهن ۾ ايران ان سان گڏ آذر بائيجان ۽ ترڪيءَ جو حصو به اچي ويو ٿي ۽ هيءَ سلطنت يعني ايلخانان جڏهن پنهنجي اوج تي هئي ته ان ۾ اڄ وارو عراق، آرمينيا، جارجيا، ترڪمنستان ۽ اڄ جي داغستان ۽ تاجڪستان جو حصو به اچي ويو ٿي. هلاڪو خان بعد ان جو اولاد: اباقا، تڪودور، ارغون خان، محمد غازان، محمد خدابنده وغيره هن ايلخانيه منگول فارس Il- Khanate جا شهنشاهه ٿيندا رهيا. شروع ۾ هلاڪو خان وارن جو شامنزم (Shamanism) مذهب هو، ان بعد ڪجهه حاڪم ٻڌ ڌرم جا پيروڪار ٿيا ۽ پوءِ ارغون خان جي پٽ غازان کان مسلمان ٿيا. چنگيز خان جو هي منگول اولاد منو صدي کن وڏي رعب تاب ۽ خوب ڏهڪاءُ ۽ دٻدٻي سان ايران (فارس)، عرب ۽ وچ ايشيا ۾ حڪومت هلائيندو رهيو پر پوءِ 1330ع ۾ جيڪا بلئڪ ڊيٿ (مرگ سياه) نالي وبا (Plague) لڳي ان يورپ، ايشيا ۽ اتر آفريڪا جي ماڻهن ۾ تباهي آڻي ڇڏي. ذرا سوچيو ته انهن ڏينهن ۾ نه آمريڪا هو نه ڪئناڊا ۽ آسٽريليا. آدمشماري ئي ڇا هئي ۽ ان آدمشماريءَ مان ست اٺ ڪروڙ ماڻهو مري وڃن ته ڇا حال ٿيندو. دنيا خالي خالي ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي. ڇا غريب، ڇا امير ڇا منگول سلطان سڀ ڪرندا ويا. سو هن وبا بعد منگولن جي هيءَ ايران پاسي واري هلاڪو خان جي سلطنت ايلخانان Il- Khanate به بس ٿي وئي ۽ 1335ع ۾ منگول حڪام ابو سعيد بهادر خان (ارغون خان جي پوٽي) جي وفات بعد ايلاخاني منگول سلطنت تتر بتر ٿي وئي. ڪن حصن تي پونئيرن جو قبضو رهيو ته ڪي حصا ترڪن، ايرانين، افغانين، عربن حوالي ٿي ويا.

شهزادي ڪوڪوچِن جي چِين جي زيتون بندرگاهه مان روانگي

بهرحال Black Death وبا تائين منگولن جو راڄ مضبوط رهيو، خاص ڪري ’ارغون خان‘ جي ڏينهن ۾ جيڪو 1284ع کان هن ’منگول ايلخانان سلطنت‘ شهنشاهه ٿيو ۽ جنهن ڏي ان وقت جي چين جي حاڪم ’قبلائي خان‘ مارڪو پولو وارن هٿان ’ڪوڪو چن‘ نالي 17 سالن جي منگول ڪنوار پهچائڻ جو ڪم سونپيو. ارغون خان ڪو پهريون دفعو شادي نه ڪري رهيو هو. هو 1259ع ۾ اڄ واري آذربائيجان ملڪ جي تاريخي شهر بلخان ۾ ڄائو هو جيڪو شهر Baylagan به سڏجي ٿو جنهن لاءِ پنهنجي ايران واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اهو شهر ساساني بادشاهه قباد اول پنهنجي دور حڪومت (488ع کان 496ع) ۾ ٻڌرايو هو. يعني اسلام کان به ٻه صديون کن اڳ. 1282ع ۾ سندس والد شهنشاهه اباقا خان جي حمدان (ايران) ۾ وفات تي هن جو ڀاءُ (يعني ارغون خان جو چاچو) احمد تڪودر تخت تي ويٺو ۽ ٻن سالن بعد 1284ع ۾ ارغون خان (اباقا خان جو پُٽ) تخت تي ويٺو ته ان وقت هن جي عمر 26 سال هئي ۽ هو پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي ڪيتريون شاديون ڪري چڪو هو. بادشاهه ٿيڻ تي هن ٻيون به شاديون ڪيون جن ۾ هڪ 50 کن سالن جي بلخان خاتون به هئي جيڪا سمجهو ته پَٽَ راڻي(Principal Queen) ٿي رهي. انکان علاوه اٺ ڏهه ٻيون بهاهم راڻيون (زالون) هيون جيئن ته قلطق آغاچي جنهن جو پُٽ محمد غازن بادشاهه ٿيو. ارڪ خاتون جنهن جو پُٽ محمد خدا بنده (Oljeitu) پڻ بادشاهه ٿيو، تودائي خاتون، سلجوڪ خاتون، ارغانا آغاچي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي. انهن کان علاوه ڪنيزائن جو ڌڻ الڳ هو. انهن ڏينهن ۾ بادشاهن، شهنشاهن، حاڪمن، سلطانن، راجائن ۽ مهاراجائن جو ٻيو ڪم ئي ڪهڙو هو. انهن ڏينهن ۾ پهلواني يا طاقت ڏيکارڻ جو اظهار پٽ ٻار هوندو هو. ڪو ڪيتري طاقت رکي ٿو ان لاءِ هن کي فئڪٽرين، ڪارخانن، ڪاروبارن يا سئزرلينڊ جي بئنڪ ۾ رکايل بئنڪ بئلنس يا شگر ملن جو تعداد ٻڌائڻ جهڙيون شيون نه هيون. انهن ڏينهن ۾ ته جنهن بادشاهه سلامت جي پاسن کان ڏهه ڏهه پٽ ويٺا هجن ته اهو وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي، ۽ گهڻا پُٽ پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻين زالن جي ضرورت پئي ٿي. سو ارغون خان بادشاهه وٽ به ڪيتريون ئي زالون هيون. بلخان خاتون جي وفات جو ارغون خان کي ڏاڍو ڏک ٿيو جو هوءَ سندس قبيلي جي عورت هئي يعني اها ڏاڏي پوٽيءَ مان هئي ۽ درٻار جو ڪم ان ئي هلايو ٿي. ارغون خان نٿي چاهيو ته بلخان خاتون جي مرڻ تي سندس ٻي ڪا زال يا ڪنيز ان عهدي تي رهي يعني هڪ ڌارئين قبيلي، گهراڻي يا ملڪ جي عورت وڏي راڻي ٿي سلطنت جو ڪاروبار هلائي. ان ڪري ارغون خان پنهنجي ڏاڏي هلاڪو خان جي وڏي ڀاءُ قبلائي خان، جيڪو ان وقت چين جو حاڪم هو ۽ جنهن جي درٻار ۾ مارڪو پولو سفارتڪار جي نوڪري ڪئي ٿي، نياپو ڪيو ته بلخان خاتون جي مري وڃڻ تي هن لاءِ پنهنجي خاندان جي ڪا سهڻي ۽ ننڍي نيٽي ڇوڪري ڏياري موڪل ته ان سان شادي ڪريان ۽ ان کي ايلخانان (Il- Khanate) سلطنت جي اهم راڻي بڻايان.
ان نياپي تي قبلائي خان ارغون خان سان شادي ڪرڻ لاءِ هن ڇوڪري ڪوڪو چن (Koko Chin) جي چونڊ ڪئي.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي اها ڳالهه سمجهائڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪا هنن کي چين منگول جي بادشاهن توڙي هيڏانهن ملائيشيا، برونائي ۽ انڊونيشيا جي شاهي خاندانن بابت مونجهاري جو سبب بڻجي ٿي. مثال طور مٿي بيان ڪيل ايلخاني حاڪم ارغون خان لاءِ لکيو اٿم ته هن جي زال جيڪا گذاري وئي ان جو نالو بلخان خاتون هو. هن پاسي جي تاريخ پڙهڻ وارا جڏهن ارغون خان بادشاهه جي والد اباقا خان بابت پڙهندا ته هنن کي هن جي پَٽ راڻيءَ جو نالو ساڳيو ’بلخان خاتون‘ ملندو. پڙهندڙ اهو سوچي سگهن ٿا ته آيا پيءُ ۽ پٽ جي زال ساڳي بلخان خاتون هئي؟ جيڪڏهن هئي ته ڇا ارغون خان پنهنجي ماءُ سان شادي ڪئي؟ بلخان خاتون ارغون خان جي پيءُ اباقا خان جي زال ضرور هئي، پر ’ارغون خان‘ اباقا خان جي ٻي زال قيتمِش آغاچي (Qaitmish Egechi) جو پٽ هو.
اسان وٽ ايشيا ۽ آفريڪا ۾ توڙي مختلف مذهبن ۾ جتي خاندان ۽ قبيلي کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، اتي اهو عام آهي ته ڀاءُ جي گذاري وڃڻ تي ان جي بيواهه زال سان هن جي ٻئي ڀاءُ کي شادي ڪرڻي پوي ٿي جيئن قبيلي جي اها عورت پنهنجي ئي خاندان ۾ رهي. اهڙي شادي لاءِ يورپ جا ماڻهو لئٽن ٻوليءَ جو لفظ Levirate مئريج استعمال ڪن ٿا، پر ڪيترن قبيلن ۽ ڌرمن ۾ بادشاهت ۽ قبيلي جي شان موجب نئون بادشاهه پنهنجي والد جي بيواهه ٿيل اهم راڻيءَ سان به شادي ڪري ٿو، جيڪڏهن اها هن جي سڳي ماءُ ناهي. جيئن ارغون خان بلخان خاتون سان شادي ڪئي جيڪا جيتوڻيڪ پوڙهي هئي پر ڏاڏي پوٽيءَ مان هجڻ ڪري هن کي راڻي بڻائي هن جو ساڳيو شان مان قائم رکيو. چئن پنجن سالن بعد جڏهن بلخان خاتون وفات ڪئي ته ارغون خان پنهنجي ڏاڏي هلاڪو خان جي ڀاءُ قبلائي خان کي سندس لاءِ ڪا اهڙي ڪنوار موڪلڻ لاءِ چيو جيڪا سندن منگول خاندان جي هجي ۽ جنهن کي هو پَٽَ راڻي بڻائي.ڏٺو وڃي ته ايراني افغاني، آذر بائيجاني ۽ ٻيون ان تَرَ جون ته هن وٽ ڪيتريون ئي زالون ۽ سريتون هيون.
ارغون خان جي زال بلخان خاتون جو جنهن منگول قبيلي سان واسطو هو اهو بياد (بيات) سڏجي ٿو. بيات (Bayad) قبيلي جا ماڻهو اڄ به منگوليا ۽ ترڪيءَ ۾ رهن ٿا. 2012ع کان 2014ع تائين منگوليا جو وزير اعظم نورو وين (Norovyan Altankhuyag) پڻ ان قبيلي جو هو جيڪو چنگيز خان، قبلائي خان، هلاڪو خان وغيره جي منگول قبيلي جي هڪ اهم شاخ آهي. ڪوڪو چِن منگول ڇوڪري جيڪا ارغون سان شادي ڪرڻ لاءِ چونڊي وئي اها به ان قبيلي جي هئي. منگولي ٻولي ۾ ڪوڪو جي معنيٰ آسماني بلڪه ’نيرو آسمان‘ آهي. ان ڪري ايران پاسي هن کي نيرگئي (نيري شهزادي) پڻ سڏيندا هئا.
نيري شهزادي (ڪوڪو چن) کي خان بالق (بيجنگ) مان سندس ٿيڻ واري مُڙس ارغون خان ڏي تبريز (ايران) موڪلڻ لاءِ، چين جي منگول حاڪم قبلائي خان خشڪي رستي موڪلڻ چاهيو ٿي. يعني سڄو چين اٺن، گهوڙن، خچرن تي پار ڪري چين جو آخري صوبو سِنڪيانگ، اُڪري شاهراهه ريشم وٺي هندو ڪش ۽ پامار جبل لتاڙي افغانستان ۽ ازبڪستان مان ٿيندو ايران پهچايو ٿي. پر انهن ڏينهن ۾ واٽ تي مختلف علائقن ۾ هلندڙ لڙائين ۽ وبائي مرضن ڪري ايران کان آيل ارغون خان جي سفيرن ۽ خود قبلائي خان هنن کي خشڪيءَ بدران سمنڊ رستي موڪلڻ جو ارادو ڪيو جيڪو رستو انڊيا کان ڦري وڃڻ جو هو. تازو مارڪو پولو انڊيا مان سفارتڪاري جي ٽرپ هڻي آيو هو ۽ هنن ٽنهي فرنگين (مارڪو پولو ۽ ان جي پيءُ ۽ چاچي) به سمنڊ رستي پنهنجي وطن وڃڻ جي پئي ڪئي سو اهو سٺو موقعو هو ته پولو وارا هن ڪوڪوچن شهزاديءَ کي ايران تائين پاڻ سان وٺي وڃن. نئين شهزادي ڪوڪوچن کي ايران پهچائڻ لاءِ وڏي شان مان سان خان بالق (بيجنگ) مان قافلو نڪتو ۽ چين جي بندرگاهه ’قئان زهو‘ پهتو جيڪو انهن ڏينهن ۾ ’زيتون‘ نالي سان مشهور هو. شهزادي، پولو فرهنگين، شهزادي جي خدمتگار مرد عورتن ۽ ايران کان آيل سفارتڪارن کي کڻي وڃڻ لاءِ زيتون بندرگاهه (Quanzhou) ۾ 14 وڏا جهاز تيار ڪيا ويا جن مان هر هڪ تي 4 کوها(Mast) ۽ 12 سڙهه (Sails) هئا. هي 1291ع جي مارچ اپريل جا ڏينهن هئا، جڏهن هن قافلي زيتون بندرگاهه مان سماترا لاءِ لنگر کنيا. انهن ڏينهن ۾ سنگاپور، پينانگ ۽ ڪوالالمپور جهڙا شهر ته وجود ۾ نه آيا هئا. ملاڪا ڳچي سمنڊ مان لنگهڻ وقت هڪ طرف ملاڪا بندرگاهه آهي ته ٻئي طرف انڊونيشيا جو سماترا ٻيٽ. دنيا جي ان حصي ۾ جهازن جو لنگهه ۽ اسٽاپ اتي هوندو هو. هنن جا- يعني چين جي بادشاهه قبلائي خان جا هي جهاز ان زماني جي حساب سان وڏا ضرور هئا پر اڄ جي لوهي جهازن اڳيان اهي وڏيون ٻيڙيون هيون جيڪي بافتي جهڙي ٿلهي ڪپڙي جي سڙهن ذريعي هليا ٿي. يعني هوا انهن جهنڊن جهڙن سڙهن تي لڳي ٿي ته اهي ڪاٺ جا جهاز اڳتي وڌيا ٿي، چين جي بندرگاهه قئانزو کان سنگاپور تائين چيني سمنڊ آهي ۽ سماترا کان ٻاهر کان وٺي ڏکڻ هندستان مدراس/ چينائي تائين خليج بنگال ۽ اتان کان ايران تائين عربي سمنڊ آهي. اهي سڀئي سمنڊ پنهنجي نالي وارا آهن ۽ سال جو وڏو حصو انهن ۾ اهو جوش ۽ ڇتائي رهي ٿي جو طاقتور انجڻ تي هلندڙ اڄ جا لوهي جهاز به انهن جي ڇولين تي ڇوڏي وانگر ڇلڪن ٿا. سو ان وقت جي ٻيڙن تي زال ماڻهوءَ لاءِ سفر ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه هو. ڀلي کڻي ان جهاز تي شهزاديءَ لاءِ سونين ڀتين وارو ڪمرو ٺاهيو ويو هجي.
قوانزو بندرگاهه ۾ جيڪواڄ ڪلهه Chinchew به سڏيو وڃي ٿو، ’جِن‘ نديءَ جي ڪناري تي، چين جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڪئنٽن ۽ هانگ ڪانگ جي اتر ۾ آهي اتي اسان جي جهازن جو اڪثر اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو.
هي بندرگاهه تائيوان ٻيٽ جي بلڪل سامهون آهي ۽ انهن بندرگاهن مان آهي جيڪو شروع ۾ ڌارين عرب، ايراني، يورپي سوداگران لاءِ کليل هو ۽ زيتون (Zaiton) جي نالي سان مشهور هو. نه رڳو مارڪو پولو پر ابن بطوطا به هتي آيو هو ۽ پنهنجي سفرنامي ۾ هُن به هن شهر زيتون جو احوال لکيو آهي. هن بندرگاهه مان منگولن جپان ۽ جاواتي حملو ڪيو. هن ۾ ٻڌن جا پگوڊا، هندن جا مندر، مسلمانن جون مسجدون ۽ عيسائين جا گرجا گهر جام نظر اچنٿا. قبلائي خان جي ڏينهن کان يعني منگولن جي يئان گهراڻي کان شنگهائي، ننگبو، گئانگزو ۽ هي شهر زيتون بلي بلي شهر رهيا آهن، جن جي خوشحاليءَ جي هاڪ دنيا ۾ هئي. هي شهر زيتون (قئانزو) ڪارين مِرين (Peppers) ۽ ٻين مصالحن، چينيءَ جي ٿانون، سچن موتين (Pearls) ۽ قيمتي پٿرن جي واپار کان مشهور هو. مارڪو پولو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته يئان گهراڻي جي شهنشاهن جي هن بندرگاهه ۾ لڳايل 10 سيڪڙو ڊيوٽيءَ مان وڏي ڪمائي هئي. هو لکي ٿو ته دنيا ۾ ٻه وڏا بندرگاهه آهن: اولهه ۾ مصر جو بندرگاهه سڪندريا ۽ اوڀر ۾ چين جو هي بندرگاهه زيتون. ابن بطوطا به پنهنجي سفرنامي ۾ اهو ئي لکيو آهي ته قوانزو (زيتون) دنيا جو وڏو بندرگاهه آهي. مارڪو پولو چين ۾ سترهن سال رهيو. آخر ۾ چين ڇڏڻ وقت هو، هن بندرگاهه مان پنهنجي وطن ڏي روانو ٿيو. ساڻس گڏ ارغون خان منگول جي امانت شهزادي ڪوڪوچن به هئي.
هنن جو هي ساموندي سفر شروع کان ڏاڍو بدنصيب ثابت ٿيو. هڪ ته سماترا ۾ هنن کي وڏو عرصو لڳي ويو ان بعد مس مس انڊيا جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهه مئلاپور ۾ پهتا. ان بعد کين ڇهه مهينا کن لڳي ويا جيسين سانوڻي جون هوائون لڳن ۽ پوءِ جهاز سري لنڪا کان ٿيندا انڊيا جي اوڀر ڪناري واري بندرگاهه اليپي (Alleppey) پهتا جنهن جي سامهون لکديپ ٻيٽ به آهن. انڊيا ۾ هنن کي وڏو عرصو لڳي ويو ۽ هو ماڌورا شهر ۾ پڻ ترسيا. مس مس هوائن جو رخ بدليو ۽ هنن انڊيا کان لنگر کنيا ۽ جڏهن پرشيا (ايران) پهتا ته هنن حساب لڳايو ته کين هن سفر ۾ ٻن سالن کان به مٿي عرصو گذري ويو. ان دوران هنن جا جهاز ڪيترائي دفعا طوفانن ۾ سَٽيا، واٽون وسري وين، ڀڳل جهازن جي مرمت ۽ سڙهه سبڻ جو ڪم ڪندا رهيا. سخت جان يورپي ته سامونڊي سفر جي سَٽَ سهي ويا پر بادشاهه جا نمائنده مري ويا. ايران پهچندي پهچندي ارغون خان، جيڪو هنن جي چين ڇڏڻ وقت ئي گذاري ويو ۽ ان جي ڀاءُ ’گي کاتو‘ کي تخت تي ويهاريو ويو هو، اهو به مارجي چڪو هو ۽ هاڻ ارغون خان جو پُٽ ’گازان‘ تخت نشين هو. منگول شهزادي ڪوڪو چن جي شادي شهنشاهه گازان سان رچائي وئي. مارڪو پولو وارا اتان پوءِ ترڪي ۽ يونان مان خشڪي رستي سفر ڪري پنهنجي وطن پهچي ويا.

چِين جا منگول خان ۽ پرشيا جا ايلخان حاڪم

پنهنجي پڙهندرن جي يادگيري کي هڪ دفعو وارو تازو ڪرڻ لاءِ لکندو هلان ته منگولن جي سلطنت جنهن جو بنياد چنگيز خان رکيو، چين کان علاوه هيڏانهن پرشيا پاسي جنهن ۾ اڄ جو ايران، خراسان، افغانستان، ازبڪستان، عراق، مصر ۽ ترڪيءَ جو حصو اچي ٿي ويو، تي پڻ چنگيز خان جي اولاد جي حڪومت هئي. چين وارا حاڪم ’وڏا خان‘ سمجهيا ويا ٿي ته اسان واري پاسي يعني ايران ڏي حڪومت ڪرڻ وارا ’الخان‘، يعني ننڍا خان، پر هو سڀ چنگيز خان جو اولاد هئا. مثال طور چين جو حاڪم مونڪو خان ۽ قبلائي خان ۽ هيڏانهن عباسي ۽ نظاري اسماعيلي مسلمانن جو رياستون ختم ڪري حاڪم ٿيڻ وارو هلاڪو خان ڪير هئا؟ اهي سڀ سڳا ڀائر هئا ۽ چنگيز خان جي ننڍي پٽ تولوئي (Tolui) خان جا پٽ هئا.
چين تي چنگيز خان 1206ع کان 1227ع مرڻ تائين حڪومت ڪئي. چنگيز خان کي پٽ ته ڪيترائي هئا پر جوچي (Jochi)، چغتائي، اوغدائي (Ogedei)، الاخائي بيکي ۽ تولوئي اهم ٿي گذريا آهن.
چنگيز خان جي وفات بعد اوغدائي خان چين جو حاڪم ٿيو جنهن ٻارهن سال حڪومت ڪئي ۽ 1241ع ڌاري وفات بعد سندس پُٽ گيوڪ (Guyuk Khan) تخت تي ويٺو، جنهن 1248ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان جي جاءِ تي منگول گهراڻي جو چوٿون بادشاهه مونڪو خان تخت نشين ٿيو. مونڪو خان چنگيز خان جي ننڍي پُٽ تولوئي خان جو پٽ هو. تولوئي خان جا به ڪيترائي ٻار هئا پر سندس چار پٽ مشهور آهن: مونڪو خان (ڄم 1209ع، وفات 1259ع)، قبلائي خان (ڄم 1215ع، وفات 1294ع)، هلاڪو خان (ڄم 1217ع، وفات 1265ع) ۽ آرق بوڪي خان (ڄم 1219ع ۽ وفات 1266ع).
1259ع ۾ مونڪو خان جي وفات بعد هن جو ڀاءُ قبلائي خان (تولوئي خان جو ٻيو پُٽ) تخت تي ويٺو. ان دوران سندن ٽيون ڀاءُ هلاڪو خان جيڪو ايران پاسي مهم جويون ڪري رهيو هو، ان اتي جي سلطنت جو پايو رکي اتي ايلخانان جو پهريون حاڪم ٿيو.
چين تي قبلائي خان جي حڪومت 1294ع تائين رهي جنهن دوران مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو پهرين ٽرپ ۾ هن سان ملي ويو ۽ ٻي ٽرپ تي هو نوجوان مارڪو پولو کي قبلائي خانجي درٻار ۾ وٺي آيا جنهن قبلائي خان وٽ 17 سال کن نوڪري ڪري 1291ع ۾ چين کي الوداع ڪئي ۽ اتي جي زيتون (قئانزو) بندرگاهه مان ايران جي الخان ’ارغون خان‘ جي ڪنوار ڪوڪو چن کي هن جي شاديءَ لاءِ ساڻ کڻي لنگر کنيو.
قبلائي خان جي 1294ع ۾ وفات بعد قبلائي خان جو پوٽو (”زين جِن“ جو پٽ) تيمور اولجيتو خان چين جي تخت تي ويٺو.
هوڏانهن ايران ڏي ايلخان منگول سلطنت جو هلاڪو خان 1256ع کان 1265ع تائين پهريون حاڪم ٿيو جنهن نظاري اسماعيلي رياست تي 1256ع ۾ ۽ عباسي سلطنت تي 1258ع ۾ حملو ڪري اهي علائقا به پنهنجي قبضي ۾ ڪيا، يعني ايران سان ملايا. 1265ع ۾ هلاڪو خان جي وفات بعد سندس پٽ اباقا خان ٻيو حاڪم ٿيو جنهن 1265ع کان 1285ع مرڻ تائين حڪومت ڪئي. ان بعد سندس ڀاءُ احمد تڪودور 1282ع کان 1284ع تائين ٻه سال کن حاڪم رهيو.ان بعد ارغون خان الخانان سلطنت جو چوٿون حاڪم ٿيو جيڪو ٻُڌ ڌرم جو پيروڪار هو. هن جي راڻي بلخان خاتون جي 1286ع ۾ وفات تي هن لاءِ ان منگول قبيلي جي ڪنوار ڪوڪوچن کي مارڪو پولو وارا 1291ع ۾ چين جي زيتون بندرگاهه مان ساڻ کڻي سمنڊ رستي ايران اچي رهيا هئا ته ان جي پهچڻ کان اڳ ارغون خان جي ان ئي سال 1291ع ۾ وفات ٿي وئي جنهن بعد سندس ڀاءُ کاتو (Gay Khotu) کي تخت ڌڻي بڻايو ويو. مارڪو پولو وارن جي سامونڊي قافلي کي رستي ۾ مسئلا پيش ايندا رهيا ۽ هنن کي سماترا، سلون ۽ ڏکڻ هندوستان جي بندرگاهن ۾ وڏو عرصو ترسڻو پيو. ٽن سالن بعد جڏهن هو ايران پهتا ته ارغون جو ڀاءُ گن کاتو خان به گذاري چڪو هو ۽ هاڻ ارغون خان جو پٽ محمد غازان خان تخت جو والي هو، جنهن جي چين مان آندل منگول شهزادي ڪوڪو چن سان ڌوم ڌام سان شادي ٿي. محمد غازان 1304ع تائين حاڪم رهيو، ان جي وفات بعد هن جو ڀاءُ محمد خدا بنده (اولجايتو) تخت ڌڻي ٿيو ۽ 1316ع ۾ ان جو پُٽ ابو سعيد حاڪم ٿيو، جنهن 1335ع تائين حڪومت ضرور ڪئي پر پوءِ هنن خانن جون واڳون ڍريون ٿي ويون ۽ حڪومت تتر بتر ٿي وئي جنهن جو وڏو سبب پليگ (وبا) به چئي سگهجي ٿي جيڪا 5 سال اڳ 1330ع ۾ لڳي جنهن ۾ ايڏا موت ٿيا جو بغداد ۽ بصري جهڙن شهرن جي آدمشماري اڌ جيتري به نه رهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته وقت سان گڏ هي منگول حاڪم مختلف مذهب اپنائيندا رهيا. شروع جي حاڪمن چنگيز خان، سندس پُٽن مونگڪو خان قبلائي خان، هلاڪو خان وغيره جو واسطو شمن پرستي (شامانيه) يعني ارواح پرستي نموني جي ڌرم، عيسائيت سان تعلق رکندڙ نسطوريه ڌرم (Nestorianism) ۽ ٻُڌ ڌرم سان هو. ان بعد 1295ع کان 1335ع تائين وارا حاڪم مسلمان ٿيا. جيئن ارغون خان جو واسطو ٻڌ ڌرم سان هو. سندس ماءُ اباقا خان جي عيسائي ڪنيز هئي. پر ارغون خان جي پُٽ غازان خان مذهبي طرح وڏي تبديلي آندي. هو 1271ع ۾ ڄائو. 24 سالن جي ڄمار ۾ 1295ع ۾ تخت تي ويهڻ کان اڳ امام ابن تيميه سان ملاقات بعد هن اسلام قبول ڪيو. ان کان اڳ 1293ع ۾ جڏهن چين کان منگول شهزادي ڪوڪوچن ايران پهتي ته ان سان شادي ڪيائين ۽ اها هن جي سلطنت جي اهم راڻي مقرر ٿي جيتوڻيڪ هن جون ٻيون به ڪيتريون ئي زالون هيون جيئن ته مزما، خراساني خاتون، پيدي ڪرتڪا خاتون وغيره. غازان ٻڌ مان مسلمان ٿيڻ تي پنهنجو نالو محمود غازان رکرايو ۽ ان بعد سندس منگول لشڪر ۽ قوم جا ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيا.
1304ع ۾ محمود غازان بعد سندس ڀاءُ تخت تي ويٺو ان جو به پيءُ طرفان ٻوڌي نالو اولجايتو (Oljeitu) هو پر مسلمان ٿيڻ بعد هن جو نالو محمد خدا بنده رکيو ويو.
مٿي بيان ڪيل امام ابن تيميه (سڄونالو تقي الدين احمد ابن تيميه) هڪ وڏو عالم ۽ مفتي ٿي گذريو آهي. سندس زندگيءَ جو احوال سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان ڇپرايل انسائڪليوپيڊيا ۾ به ملي ٿو. ابن تيميه 1263ع ۾ حران ۾ ڄائو. حران عراق جي شهر موصل ۽ شام جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. هو فقهي، تفسير، حديثن وغيره جو وڏو ڄاڻو هو. پنجن سالن جو هو ته سندس گهراڻو (ابو تيميه) حران مان لڏي دمشق ۾ اچي رهيو. سڄا سارا 44 سال ماڻهن کي اسلام جي تعليم ڏنائين. 1328ع ۾ دمشق ۾ ئي وفات ڪيائين پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جنمان الصراط المستقيم، ڪتاب الايمان، منهاج السنه، الجواب الصحيح، رسائل الڪبريٰ (ٻه واليوم)، فتاويٰ (پنج واليوم) وغيره، اڄ ڏينهن تائين ڇپبا رهن ٿا.
امام ابن تيميه شريعت جي تشريح ڪندي، ان وقت جي منگول حڪمرانن خلاف فتوا ڏني ۽ انهن خلاف جهاد جو اعلان ڪندي به نه گهٻرايو. سندس ان برجستو فتويٰ ۽ دليراڻي قدم کي اڄ به ساراهيو وڃي ٿو. ابن تيميه ٻن سالن جو هو. يعني 1265ع ۾، ته هلاڪو خان گذاري ويو، جنهن بعد سندس پٽ ۽ پوٽا: اباقا خان، احمد تيڪدور، ارغون خان ۽ گي کاتو خان تخت تي ويٺا. ان بعد محمد غازان ۽ سندس ڀاءُ محمد خدا بندهه جن کي امام ابن تيميه اسلام جي دائري ۾ آندو هو، بادشاهه ٿيا. خدا بندهه جي پُٽ ابو سعد جي دور حڪومت (1316ع کان 1335ع) ۾ امام صاحب 1328ع ۾ دمشق ۾ ئي وفات ڪئي.

مارڪو پولو ۽ قبلائي خان تي ڪتاب ۽ فلمون

مارڪو پولو جي هن سفر بابت توڙي قبلائي خان جي حڪومت تي ڪيترائي ڪتاب ۽ فلمون آهن. مارڪو پولو جون ٻُڌايل سندس چين ۽ ٻين هنڌن جي سفر جون ڳالهيون اصل ۾ پهرين سندس مادري زبان اطالوي ۾ ڇپيون. ان تان پوءِ ٻين ٻولين ۾ ترجما ٿيا. ڪن ٻولين ۾ ته هڪ کان وڌيڪ ترجما ٿيا آهن. سنڌي ۽ اردو ۾ به ضرور هوندا. اسان ننڍي هوندي ڪاليج جي ڏينهن ۾ انگريزي ترجمو پڙهيو هو جيڪو مختصر هو. اهڙو ئي مختصر هڪ ٻيو انگريزيءَ ۾ ترجمو مون سئيڊن ۾ ورلڊ مئري ٽائيم يونيورسٽي ۾ تعليم دوران پنهنجي ايراني ڪلاس ميٽ ڪئپٽن غلام رضا ساساني جي شوق ڏيارڻ تي پڙهڻ شروع ڪيو جو هن کي ان ڪتاب جو فارسيءَ ۾ ٿيل ترجمو مليو هو. اسان اڪثر ڪئنٽين ۾ يا پاڙي جي پارڪ ۾ واڪ ڪندي پڙهيل ڳالهين تي خبر چار ڪندا هئاسين ۽ مون اندازو لڳايو ته هو جيڪوفارسي وارو ترجمو پڙهي رهيو هو، اهو تفصيلي آهي، جيئن هن جي سفرنامي ۾ مارڪو پولو وارن جو منگول شهزادي ڪوڪو چن سان سماترا ۽ ڏکڻ هندوستان جي مختلف شهرن: مائلاپور، الاپوزا ۽ ماڌورائي وغيره ۾ جيڪي ٻه سال کن گذريا انهن جو بيحد دلچسپ احوال آهي جيڪو انگريزي واري ترجمي ۾ ٺپ ناهي.
مارڪو پولو جي سفرنامي ’The Adventures & Marco Polo‘ تي ٺهيل فلم جيڪا اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي پروجيڪٽر تي 1960ع ڌاري ڏٺي اها 20 سال کن اڳ، 1938ع جي ٺهيل هئي جنهن ۾ نوجوان مارڪو پولو انهن ڏينهن جو اسان لاءِ اميتاڀ بچن جهڙو دلپسند ائڪٽر ’گئري ڪُوپر‘ ٿيو هو. بهرحال ان فلم جي ڪهاڻي ڪتابي سفرنامي کان ڪافي مختلف هئي، جنهن ۾ مارڪو پولو (Gary Cooper) پنهنجي پيءُ ۽ چاچي سان گڏ چين وڃڻ بدران مارڪو پولو جو پيءُ نڪولو پولو پنهنجي پٽ کي هڪ ساٿيءَ سميت وينس (اٽليءَ) کان خان بالق (پيڪنگ) چين موڪلي ٿو. رستي تي سندن پاڻيءَ وارو جهاز ٽڪرا ٽڪرا ٿيو ٿو وڃي ۽ هو پريشان (اڄ جي ايران، افغانستان) جي رڻ پٽ بيابانن ۽ تبت جي جبلن مان لنگهي پيڪنگ پهچي قبلائي خان (ائڪٽر جارج باربيئر) جي درٻار ۾ پهچن ٿا. اتي مارڪو پولو جي قبلائي خان جي هڪ راڻي ’چابي خاتون‘ جي مدد سان هن کي نوڪري ملي ٿي. قبلائي خان جي درٻار ۾ احمد نالي هڪ وزير (ايڪٽر باسل راٿبون) هن جي مخالفت ضرور ڪري ٿو. واپسي تي هو شهزادي ڪوڪوچن (ائڪٽريس سگردگريئي) کي چين مان ايران آڻي ٿو.... وغيره وغيره.
اڄ ڪلهه جي هڪ فلم ۾ هيءَ شهزادي چيني ائڪٽريس زو زو (Zhu Zhu)ٿي آهي ۽ درٻار جو ناڻي جو وزير احمد آسٽريليا جو شهري موريشس ٻيٽ جي هندو نسل جو ائڪٽر مهيش جادو ٿيو آهي. سندس وڏا انڊيا جي گورکپور شهر کان ماريشس لڏي آيا هئا. پاڻ 1982ع ۾ وڪٽوريا آسٽريليا ۾ ڄائو. پاڻ مارڪو پولو ۽ Neighbours فلمن ۾ اداڪاري کان مشهور ٿيو. هن بالي ووڊ جي فلم ’ساري ڀائي‘ ۾ به ڪم ڪيو آهي. 2008ع جي هن رومانوي فلم ۾ شبانا عاظمي، بومان ايراني، سنجي سوري ۽ شرمان جوشي پڻ آهن.
ڪوڪوچن شهزاديءَ جو پارٽ ادا ڪرڻ واري 35 سالن جي ’زو زو‘ کان اسان جا چين ۾ پڙهندڙ اسٽوڊنٽ ضرور واقف هوندا جيڪا چين جي سمجهو ته پريانڪا چوپڙا آهي جو ان وانگر زو زو (Zho Zho) اداڪارا سان گڏ ڳائڻي به آهي. بهرحال سندس تعلق فوجي فئمليءَ سان آهي. سندس پيءُ ته بزنيس مئن آهي پر ڏاڏو Zhu Xuzhi جنهن وامپوئا مليٽري اڪيدميءَ مان گرئجوئيشن ڪئي، اهو مائوزي تنگ جي ڏينهن ۾ PLA (پيپلس لبريشن آرمي) جو ميجر جنرل ٿي رهيو.
زو زوءَ ’بيجنگ ٽيڪنالاجي ائنڊ بزنيس يونيورسٽي‘ مان اليڪٽرانڪس ۽ انفارميشن انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. زو زو ٻين به ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جيئن ته: شنگهائي ڪالنگ، ڪلائوڊ ائٽلس، سيڪريٽ شيئرز، ’The man with the Iron Fists‘، دي اولڊ سندريلا، وغيره وغيره. زو زو سان اسان جي پاسي، ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ دلچسپي ان ڪري به آهي جو هوءَ اڙدو (هندي) به ڳالهائي ٿي ۽ بالي ووڊ جي 2016ع واري هندي فلم ’ٽيوب لائيٽ‘ ۾ سلمان خان جي مخالف ڪم ڪيو اٿس. هن فلم جو ڊائريڪٽر ڪبير خان آهي. فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هوءَ سال کن اڳ ممبئي آئي ۽ هندي ڳالهائڻ سکي.
قبلائي خان جي درٻار ۾ احمد نالي هڪ مسلمان کي اهم پوسٽ تي هجڻ جو ٻڌي ڪيترن کي حيرت ٿئي ٿي، جو هنن منگول خانن جو پنهنجو قبيلائي ڌرم هو. بعد ۾ ٿيندڙ خان (شهنشاهه) عيسائي ۽ پوءِ ٻُڌ ٿيا. پهريون منگول بادشاهه جيڪو 1295ع ۾ مسلمان ٿيو، اهو ٻوڌي بادشاهه ارغون خان جو پُٽ محمود غازان هو. ارغون خان هلاڪو خان جو پوٽو هو ۽ هلاڪو خان چنگيز خان جو پوٽو هو.
مارڪو پولو قبلائي خان جي درٻار ۾ 1275ع ڌاري پهتو ته اتي هن جي قبلائي خان جي ناڻي واري وزير احمد (سڄو نالو: احمد فناڪَتي) سان ملاقات ٿي، جيڪو مارڪو پولو جي ڪافي مخالفت ڪندو رهيو. عمر ۾ هو مارڪو پولو کان 12 سال وڏو هو. احمد فناڪتيءَ جو واسطو قراخطائي علائقي سان هو. پاڻ وچ ايشيا مان وهندڙ سيحون ندي (Syr Darya) جي ڪناري واري شهر فناڪت ۾ 1242ع ۾ ڄائو. سلطنت خطانيا (الدولته القرا خطانيا) وچ ايشيا جو اهو علائقو آهي جنهن تي هڪ چيني قبيلي ”خطان ييلو“ جي 1124ع کان 1218ع تائين حڪومت رهي جنهن ۾ هن قبيلي جا پنج ڇهه شهنشاهه رهيا. 1218ع ۾ هي علائقو منگولن حوالي ٿي ويو. اڄ ان علائقي جا ڪجهه ڪجهه حصا چين، قزاقستان، ڪرغزستان، منگوليا، تاجڪستان ۽ ازبڪستان ۾ اچي وڃن ٿا. هي ائين اهي جيئن ڪردن جو علائقو ’ڪردستان‘ هاڻ شام، ترڪي ۽ عراق ۾ ورهائجي ويو آهي. ترڪي پاسي Qara (قرا) لفظ جي معنيٰ اها ئي ڪارو رنگ آهي جيڪا اسان وٽ سنڌي ۾ آهي.
ان ۾ ڪو شڪ انهي ته هڪ ناڻي واري وزير جي حيثيت ۾ احمد فناڪتيءَ منگولن جي سلطنت جو خرچ پکو وڏي ڪاميابيءَ سان پئي هلايو. احمد لاءِ اهو پڻ چيو ويو ٿي ته هو ڪرپٽ ۽ رشوت خور ماڻهو هو. قبلائي خان جي ڏينهن ۾ ته هن کي چيف منسٽر جو درجو به ڏنو ويو. احمد سان قبلائي خان جو ايڏو ته قرب هو جو ماڻهن هن کي قبلائي خان ۽ هن جي زال چابي خاتون جو پاليل (Adopted) پٽ سمجهيو ٿي. 1276ع ۾ سانگ گهراڻي جي فتح تي احمد کي اتر سان گڏ چين جي ڏکڻ واري حصي جي خرچ پکي هلائڻ ۽ روينيو ۽ ٽئڪس حاصل ڪرڻ جو انچارج مقرر ڪيو ويو. پر هن پنهنجي عهدي جو غلط فائدو وٺي خوب لُٽ ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ پئسو ميڙيو.
مارڪو پولو پنهنجي سفر نامي ۾ احمد جو نالو Bailo Acmat لکيو آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته احمد کي 25 پُٽ هئا جن لاءِ هن وڏي ملڪيت ميڙي. احمد عوام ۾ اڻ پسند شخصيت هو پر قبلائي خان جي راڻيءَ جي اَڇا ٻاجهه ڪري ڪو هن جو نالو نٿي وٺي سگهيو. 1281ع ۾ راڻي چابي خاتون جي وفات بعد حالتن منهن موڙيو ۽ مخالفت وارن هن جو سال اندر قتل ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ احمد جي قاتلن کي ڦاهي ڏني وئي پر ساڳي وقت احمد جي ڪرپشن ۽ ڦر مار جون ڳالهيون ٻڌي قبلائي خان حڪم ڏنو ته هن جي قبر کوٽي لاش بکايل ڪُتن حوالي ڪيو وڃي. بعد ۾ سندس هڏن کي بيل گاڏين جي ڦيٿن هيٺيان ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو. چون ٿا ته قبلائي خان احمد جي سمورن پُٽن کي پڻ مارڻ جو حڪم جاري ڪيو.

هنگزو - چِين جو آڳاٽو ۽ ماڊرن شهر

مارڪو پولو جو قبلائي خان جي ڪمن سان چين جي مختلف شهرن ۾ رهڻ ٿيو پر سڀ کان وڏو عرصو پيڪنگ (بيجنگ) ۾ گذريو جتي قبلائي خان جي درٻار ۽ محل هو. انهن ڏينهن ۾ بيجنگ ”خان بالق“ سڏيو ويو ٿي جيڪو رومن الفابيٽ ۾ Khanbaliq ۽ Xanbaliq لکيو ويو ٿي. ساڳي وقت اهو نالو چيني اکرن ۾ Cambaluc به لکيو ويو ٿي. Cam يا خان معنيٰ وڏو، Ba معنيٰ اتر ۽ Lu چيني ادب ۾ بدو (Nomads) لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيئن بيجنگ جو نالو خان بالق اسان جي فارسي ۽ عربي جي مزاج جو آهي تيئن چين جي ٻين شهرن ۽ شين جي نالن تي پڻ عربي ۽ پرشن ٻولين جو اثر آهي. عرب واپار وڙي لاءِ اسلام کان به اڳ چين جي بندرگاهن ۾ نه رڳو آيا ويا پئي پر چين ۾ گهر ٻار ڪري رهيا پيا هئا. منگولن جي ’خانن‘ جي هڪ پارٽيءَ چين تي حڪومت ڪئي ٿي ته انهن جي ڀائرن، سوٽن ۽ سوٽاڻن سئوٽن (الخانيان) پرشيا تي حڪومت ڪئي ٿي جنهن ۾ اڄ واري ايران کان علاوه افغانستان، ترڪي جو ڪجهه حصو ۽ وچ ايشيا جي ڪيترن ملڪن جا حصا اچي ويا ٿي. ان ڪري اتي جي مختلف ٻولين جو اثر منگول ۽ چيني ٻولين تي رهيو ٿي. چين ۾ 17 سال رهڻ بعد مارڪو پولو جنهن بندرگاهه Quanzhou مان لنگر کڻي رهيو هو اهو زيتون (Olive) سڏيو ويو ٿي. خان بالق کان علاوه مارڪو پولو جنهن چين جي شهر هنگزو ۾ رهيو اهو اڄ به تجارتي مرڪز آهي ۽ چين جي صوبي Zhejiang ۾ آهي. ڪيترن ئي تعليمي ادارن ڪري اسان جي ملڪ جا ڪيترائي شاگرد هنگزو (Hangzhou) ۾ رهن ٿا.
دراصل هڪ ته چين جي شهرن جا نالا جرمني ۽ فنلئنڊ جهڙن ملڪن جي شهرن وانگر اوپرا ۽ اُچارڻ ۾ ڏکيا آهن ٻيو ته مائوزي تنگ جي سخت ڪميونزم واري دور ۾ چين ڌارين لاءِ آئوٽ آف بائونڊ رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جهازن جي نوڪريءَ ڪري اسان جو سامان کڻڻ يا لاهڻ لاءِ چين جي مختلف بندرگاهن ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي پر سچ ڳالهه اها آهي ته ان وقت به اسان لاءِ توڙي اڄ ڪلهه ڪنهن نئين ويندڙ شاگرد يا ٽوئرسٽ لاءِ چين جي شهرنجا نالا منجهائيندڙ آهن- جيسين ڪو وڏو عرصو چين ۾ رهي ۽ مقامي چيني ٻولي سکي. نه ته ٻي صورت ۾ چين جي شهرن بستين جا نالا: گئانگ زو، هنگزو، قئان زو، لان زو، فوزو، گئي زو اهڙو ئي منجهائيندڙ آهن جهڙو اسان وٽ آيل ڪنهن نئين ڌارئين: چيني، جرمن يا نارويجين لاءِ خيرپور، ميرپور، بهاولپور، شهداد پور، نصرپور وغيره يا ٽنڊو آدم، ٽنڊوباگو، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو مستي، ٽنڊو سومرو، ٽنڊو قيصر ۽ ٽنڊو ٺوڙهو وغيره منجهائيندڙ آهن.
گذريل دفعي چين جي شهر هنگزو ۾ ڪيترائي هم وطني مليا. چيومان ته خوش نصيب آهيو جو هڪ تاريخي ۽ ماڊرن شهر ۾ رهو ٿا جنهن کان دنيا وڏي عرصي کان واقف رهندي اچي. چوڻ لڳا ته اهو ڪيئن؟
”شابس هجناو! هيترو وقت رهڻ بعد به هن شهر هنگزو جي اهميت جي خبر نه پيئي اٿانوَ. ماڻهو ته هتي اچڻ کان اڳ هن شهر کان واقف هوندا آهن.“
هنگزو اهو شهر آهي جنهن ۾ مارڪو پولو ۽ ابن بطوطا جهڙا سياح نه فقط وڏو عرصو رهي ويا پر هنن پنهنجي سفر نامن ۾ هنگزو جو تفصيلي احوال لکيو جنهن مان ان وقت جي دنيا (يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا) جي ماڻهن کي چين بابت ڄاڻ ٿي. اڄ هنگزو چين جو بهترين ڪمرشل شهر مڃيو وڃي ٿو ۽ انٽرنيٽ انڊسٽريءَ ۾ دنيا ۾ مشهور آهي. سندس ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ناليريون آهن جهڙوڪ:
1. زهيجيانگ يونيورسٽي، هنگزو- جيڪا 1897ع ۾ ٺهي.
2. زهيجيانگ يونيورسٽي آف ٽيڪنيڪل- 1953ع ۾ ٺهي.
3. هنگزو نارمل يونيورسٽي
4. هنگزو ڊيانزي يونيورسٽي
5. زهيجيانگ چائنيز ميڊيڪل يونيورسٽي
6. زهيجيانگ گونگ شانگ يونيورسٽي- 1911ع ۾ ٺهي.
7. زهيجيانگ انٽرنيشنل اسٽڊيز يونيورسٽي- 1955ع ۾ قائم ٿي ۽ ٻيا ڪيترائي تعليمي ادارا.
’زهيجيانگ‘ صوبي جو نالو آهي، جنهن جو ’هنگزو‘ وڏو شهر آهي.
چين جي هن شهر هنگزو جو به ڪئنٽن (گئانگزو) ۽ زيتون (Quanzhou) وانگر اسلام سان پراڻو واسطو رهيو آهي. شروع ۾ ان بابت لکي چڪو آهيان ته سمنڊ رستي هن پاسي ايندڙ ڪيترائي عرب سوداگر هن شهر ۾ پڻ ٽڪي پيا ٿا خاص ڪري چين جي سانگ (Song) گهراڻي جي دورِ سلطنت ۾. 1848ع ۾ هنگزو لاءِ مشهور هو ته چين ۾ هي شهر اسلام جو مضبوط قلعو آهي. هنگزو ۾ رهندڙ اسان جا شاگرد، واپاري ۽ ٽوئرسٽ ان ڳالهه جو اندازو شهر ۾ موجود ڪيترين ئي عرب اسٽائيل عمارتن مان لڳائي سگهن ٿا. ان قسم جي عمارت سازي (Architecture) جا تاريخي نمونا توهان کي هنگزو جي ڪميونٽي اسٽريٽ ۽ ڪنچ (Qinghe) لين تي جام نظر ايندا.
هنگزو شهر جي زونگشان (Zhongshan) روڊ تي چين جي مشهور مسجد ”فونيڪس ماسق“ آهي جيڪا Zhenjiao مسجد به سڏي وڃي ٿي ۽ ٽانگ (Tang) گهراڻي جي دور حڪومت (618ع کان 907ع) ۾ ٺهي ۽ گئانگ زو (ڪئنٽن) جي هئائي شينگ (Huaisheng) مسجد بعد ٻئي نمبر تي پراڻي مسجد آهي.
هنگزو جي زونگشان روڊ واري هن مسجد ’فونيڪس‘ جي ڊگهي تاريخ آهي. اها مسجد سانگ گهراڻي جي سلطنت (960ع کان 1279ع واري دور) ۾ باهه لڳڻ ڪري شهيد ٿي وئي. ان بعد ان جي ڪيترائي دفعا مرمت ٿيندي رهي ۽ منجهس واڌارو ايندو رهيو. 1281ع ۾ قبلائي خان جي حڪومت جي ڏينهن ۾ چين ۾ رهندڙ عربستان جي هڪ علاوالدين نالي عرب امام، هنگزو ۾ وڌندڙ مسلمان ڪميونٽي جي ضرورت محسوس ڪندي هُن هِن فونيڪس مسجد ۾ 570 چورس ميٽرن جي ايراضيءَ جي هڪ هال جو واڌارو ڪيو. ان کان پوءِ به هيءَ مسجد وقت گذرڻ تي ڊهندي رهي ته ٺهندي به رهي. 1646ع ۾ چنگ (Qing) گهراڻي جي حڪومت هن مسجد کي نئين سنئين کان ٺهرايو، ان وقت هيءَ مسجد چين ۾ وڏي ۾ وڏي مسجد مڃي وئي ٿي. علاوالدين صاحب جو مقبرو به هن مسجد ۾ آهي. اڄ هن مسجد جي پکيڙ 2600 چورس ميٽر آهي. مسجد جو آرڪيٽيڪچر اسلامي ۽ چيني عمارتسازيءَ جو مڪسچر آهي. هنگزو ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جي شاگردن کي منهنجي اها ئي صلاح آهي ته هنگزو ۾ رهڻ دوران هن تاريخي مسجد کي ضرور ڏسن.
چين جي هن شهر هنگزو جون ڳالهيون ته کوڙ آهن. بهتر ٿيندو هن شهر ۾ رهندڙ اسان جي هم وطني شاگردن ۽ نوڪري ڪندڙن مان ڪو هتي جو سفرنامو لکي جيئن ملائيشيا بابت اتي تعليم وٺندڙ ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري، ڊاڪٽر شاهمرد چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالستار ساند ۽ ٻين لکيا آهن.

علي بابا چاليھہ چور

هن شهر هنگزو بابت آخر ۾ هڪ ڳالهه لکندس جيڪا مهينو کن اڳ، جڏهن اسان وٽ ڪورونا وائرس وبا جو مرض شروع ٿيو هو ته اها هر ماڻهوءَ جي وات تي هئي. وچڙندڙ مرض ڪورونا جو ٻُڌي هر هڪ لاءِ منهن تي ٻوٿارو (Mask) پائڻ ضروري ٿي ويو. پر افسوس جي اها ڳالهه ته اسان وٽ ان قسم جي شين جي سخت کوٽ ڪري دڪاندارن ذخيره اندوزي شروع ڪري ڇڏي ۽ ڏهين رپئي جو ماسڪ سئو رپين ۾ وڪڻڻ لڳا. حڪومت به سخت پريشان هئي جو ويندي ڊاڪٽرن جي بچاءُ لاءِ به خاص ماسڪ ۽ ڪپڙا نه پيا ملن جيڪي هو پنهنجي بچاءُ لاءِ پهري مريضن جي چڪاس ۽ علاج ڪري سگهن. هرڪو ماڻهو، جنهن ماسڪ جي اهميت سمجهي ٿي اهو ان کي خريد ڪرڻ لاءِ هڪ بعد ٻئي ميڊيڪل ۽ جنرل اسٽور ڏي ڊوڙي رهيو هو پر ڪنهن به قسم جو ماسڪ ملڻ ناپيد ٿي پيو هو. اهڙي غمگين ۽ مايوسي جي تناظر ۾ هڪ ڏينهن ٽي وي ۽ اخبارن ۾ خبر آئي ته ’علي بابا‘ نالي ڪنهن اداري ڪورونا وبا جي بچاءُ لاءِ ان قسم جون شيون پاڪستان جي مدد لاءِ موڪليون آهن. هر هڪ جي زبان تي ’علي بابا ڪمپني‘ جي تعريف هئي ۽ هر هڪ جو خيال هو ته هي سامان سعودي عرب جي حڪومت يا اتي جي ڪنهن امير شيخ پاڪستان ۾ رهندڙ مسلمان ڀائرن جي مدد لاءِ موڪليو آهي. هر هڪ کي اهو شڪ علي بابا جو نالو ٻُڌي ٿي رهيو هو. مون به اهو ئي سمجهيو پر پوءِ ٻئي ڏينهن خبرن مان اهو معلوم ٿيو ته هن سامان جو جهاز چين کان آيو آهي. ان تي منهنجي دماغ ۾ يڪدم اچي ويو ته اهو سخاوت جو ڪم ڪرڻ وارو ڪو عرب نه پر چين جو جئڪ ما (Jack Ma) آهي جيڪو دنيا جي مشهور ڪمپني علي بابا جو مالڪ آهي. بعد ۾ اها ئي ڳالهه صحيح نڪتي. علي بابا نالو اهڙو آهي جنهن جي ٻُڌڻ مان الف ليليٰ جو قصو ياد اچي ٿو ۽ چين بدران ايران، عربستان، ازبڪستان ۽ ترڪيءَ جهڙا ملڪ ڌيان ۾ اچن ٿا. پر چين جي هيءَ اها ڪمپني آهي جنهن جو نالو چيني هجڻ بدران عربي اسٽائيل جو آهي. هيءَ ڪمپني جيڪا ’علي بابا گروپ هولڊنگ‘ يا ٺلهي ’علي بابا‘ سڏجي ٿي، اِي ڪامرس، انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هيءَ ڪمپني هن شهر هنگزو (Hangzhou) ۾ اڄ کان 20 سال اڳ 1999ع ۾ قائم ڪئي وئي، جيئن اها ويب پورٽل ذريعي ڪنزيومر کان ڪنزيومر (C2C)، بزنيس ٽو ڪنزيومر (B2C)، ۽ بزنيس ٽو بزنيس (B2B) سيلس سروس مهيا ڪري. ان کان علاوه هن ڪمپنيءَ جو ڪم اليڪٽرونڪ Payment سروس، شاپنگ سرچ انجنس ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ سروس مهيا ڪرڻ آهي. اڄڪلهه هيءَ ڪمپني سڄي دنيا ۾ مشهور آهي جنهن جو هيد ڪوارٽر هاڻ نيو جرسي، آمريڪا ۾ آهي. هيءَ ڪمپني ايڏي مشهور ٿي وئي آهي جو چين جي هن شهر هنگزو کي فخر آهي ته ان ڪمپنيءَ جو بنياد هن شهر ۾ رکيو ويو ۽ ڪمپنيءَ جو مالڪ ’جئڪ ما‘ جيڪو هڪ امير واپاري هجڻ سان گڏ سياستدان به آهي، هن شهر (هنگزو) ۾ ڄائو، وڏو ٿيو ۽ هتي ئي رهي ٿو. جئڪ ما جنهن جو اصل چيني نالو Ma Yun آهي، 1964ع ۾ هنگزو ۾ ڄائو. پاڻ علي بابا گروپ ڪمپنيءَ جو چيئرمين هجڻ سان گڏ، دنيا جي هڪ ٻي مشهور ڪمپني TAOBAO جو به مالڪ آهي، جيڪا ڪمپني آن لائين ويب سائيٽ ڪمپني آهي.
’جئڪ ما‘ هتي جي هڪ ناليري يونيورسٽي ’هنگزو نارمل يونيورسٽي‘ مان انگريزي ۾ گرئجوئيشن ڪئي. اسان جي ملڪ جا ڪيترائي خوش نصيب شاگرد ويندي سنڌ جا به شاگرد ۽ شاگردياڻيون هتي جي هن ۽ ٻين يونيورسٽين (جن بابت مٿي ٻُڌائي چڪو آهيان) مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هنگزو نارمل يونيورسٽي 1908ع ۾ ٺهي ۽ منجهس 12000 کن فل ٽائيم شاگرد آهن. 1000 کن پڙهائڻ وارا ٽيچر آهن جن ۾ 100 ڊاڪٽوريٽ ڊگري وارا ٽيچر آهن. 500 کن پروفيسر (ريسرچر) آهن. يونيورسٽي جا 5 ڪئمپس آهن.
گرئجوئيشن بعد جئڪ ما هنگزو جي هڪ ٻي يونيورسٽي ’هنگزو ديانزي يونيورسٽي‘ ۾ انگلش ۽ انٽرنيشنل ٽريڊ سبجيڪٽن جو ليڪچرار ٿي رهيو ۽ فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو.2009ع ۾ هن يونيورسٽي ۽ علي بابا گروپ گڏجي ’علي بابا بزنيس اسڪول‘ ٺاهيو جنهن جو جئڪ ما چيئرمين آهي. هي اسڪول فل ٽائيم بيچلر ۽ ماسٽر ڊگرين جو پروگرام آفر ڪري ٿو، جنهن ۾ اِي ڪامرس، انٽرنيشنل بزنيس، مارڪيٽنگ (ڊجيٽل مارڪيٽ) ۽ لاجسٽڪس جهڙا سبجيڪٽ اچي وڃن ٿا. هن اسڪول جي آسين(ASEAN) ملڪن لاءِ سنگاپور ۾ آفيس آهي ۽ اتي جي نانيانگ (Nanyang) انٽرنيشنل بزنيس ڪاليج سنگاپور سان گڏ ڪم ڪري ٿي.
جئڪ ما پنهنجي چيني ڪمپنيءَ جو علي بابا نالو رکڻ بابت مختلف انٽرويو ۾ ٻڌائي چڪو آهي ته سندس ڪمپني ’علي بابا گروپ‘ جو علي بابا نالو رکڻ کان اڳ هو هڪ ڏينهن سان فرانسسڪو (آمريڪا) جي هڪ ڪافي شاپ ۾ ويٺو هو ته هن جي دماغ ۾ اهو نالو آيو. ”مون کي اهو نالو سٺو لڳو ۽ پوءِ جيئن ئي ريسٽورنٽ جي ويٽريس بل کڻي آئي ته مون پئسا ڏيندي کائنس پڇيو ته آيا هن ڪڏهن علي بابا جو نالو ٻڌو آهي؟ هن هائوڪار ۾ جواب ڏنو.“
”توکي هن بابت ڇا خبر آهي؟“ مون پڇيوماس.
جواب ۾ هن وراڻيو ته ’Open Sesame‘ (کُلي وڃ سِم سِم).
دل ۾ مون چيو ته بس بس، جئڪ ما! تنهنجي ڪمپنيءَ جو اهو ئي نالو ٿيندو. ان بعد آئون ڪافي شاپ مان ٻاهر نڪري گهٽيءَ مان لنگهندڙ ٽيهارو کن مختلف قوميتن جي ماڻهن کان علي بابا جو پڇيم... انڊيا، جرمني ۽ ٽوڪيو، شنگهائي جي ماڻهن کان پڇيم... سڀ علي بابا کان واقف لڳا... علي بابا، کل جا سم سم... علي بابا هڪ مهربان ۽ هوشيار سوداگر هو جنهن پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن جي مدد ڪئي.... علي بابا نالي جي صورتخطي به آسان آهي ۽ سڄي دنيا هن ڪردار کان واقف آهي. سو مون پنهنجي ڪمپنيءَ جو نالو ’علي بابا‘ رجسٽرڊ ڪرايو.“
جئڪ ما هڪ ٻي ڪمپنيءَ جو نالو ’علي ماما‘ پڻ رجسٽرڊ ڪرايو آهي. اڄ جئڪ ما پنهنجي ڪاروبار ۽ سياست ڪري ايڏو امير ۽ مشهور آهي جو هن شهر هنگزو جي خاص ماڻهن جو جڏهن ڪنهن کان پڇيو وڃي ٿو ته هو سڀ کان پهرين جئڪ ما جو نالو کڻي ٿو.
جئڪ ما، جا رکي رکي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ توڙي سوشل ميڊيا تي ايندڙ سياسي ۽ تجارتي نوعيت جا بيان ۽ ٽوئيٽ پڙهڻ وٽان هوندا آهن. تازو آيل بيان پنهنجي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي لکان ٿو:
”جيڪڏهن توهان ڀولڙن اڳيان هڪ نوٽن جو ۽ ٻيو ڪيلن جو کارو رکندائو ته هُو نوٽن ۽ ڪيلن مان ڪيلن جي چونڊ ڪندا، ڇو جو هنن کي خبر ناهي ته نوٽن سان ان کان به وڌيڪ ڪيلا خريد ڪري سگهجن ٿا.
حقيقت ۾، جيڪڏهن توهان ماڻهن کي نوڪري (جاب) ۽ ڌنڌي (بزنيس) مان هڪ جي آڇ ڪندائو ته هُو نوڪريءَ جي گهُر ڪندا، ڇو جو ڪيترن ماڻهن کي اها ڄاڻ ناهي ته هُو پگهار کان وڌيڪ ڌنڌي مان ٿيندڙ فائدي ۾ پئسو حاصل ڪري سگهن ٿا.
نفعو، پگهار کان بهتر آهي ڇو جو پگهار مان توهان فقط پيٽ گذر ڪري سگهو ٿا پر نفعي مان توهان جي قسمت ٺهي سگهي ٿي.“

الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتابَ

1. اناميڪا
2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
3. پيار جي گُهٽَ
4. وايون وڻجارن جون
5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
6. دنيا آهي ڪاڪ محل
7. سمونڊ جن ساڻيهه
8. بندر بازاريون
9. سمونڊ جي سيوين
10. سي جوڀن ڏينهن
11. بندر ديسان ديس
12. خبرون کيڙائن جون
13. ڪويت ڪنارا
14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس
15. جاني ته جهاز ۾
16. جپان جن جي جيءَ ۾
17. ڳالهيون تنهن جپان جون
18. خدا ڏي خط
19. جپان رس
20. سانڀاهو سمونڊ جو
21. موج نه سهي مَڪڙي
22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
23. بهترين سفرناما
24. لنڊن تائين لفٽ
25. ٻارن جون آکاڻيون
26. ٽوڪيو جي گيشا گرل
27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين
28. سنگاپور ويندي ويندي
29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
31. دُنگيءَ منجهه درياهه
32. ڏاهي جهرڪي
33. جت جر وهي ٿو جال
34. يادن جي انڊلٺ
35. ڳالهيون آهن ڳچ
36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ
37. Proverbs Of Far East
38. اوهريا جي عميق ڏي
39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
40. ملير کان مالمو
41. جت برف پئي ٿي جام
42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
43. ارائونڊ دي ورلڊ
44. رٺي آهي گهوٽ سان
45. يورپ جا ڏينهن راتيون
46. اي روڊ ٽو مدينا
47. هيلسنڪي جي حسينا
48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري
49. آل ابائوٽ سنگاپور
50. ملائيشيا منهنجي من ۾
51. ڀلي ڀار تان ڀيرو
52. هي ٻيٽ هي ڪنارا
53. بوتلن جو سفر
54. سوزيءَ سان پيار
55. جل پريون
56. ملائيشيا 12 سالن بعد
57. تيستائين گڊ باءِ
58. جپان پنجويهه ورهين بعد
59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
60. دهليءَ جو درشن
61. نيو هالا کان نيويارڪ
62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
63. ايران ڏي اُڏام
64. چنڊ چوانءِ سچ
65. هلي ڏسجي هندستان
66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
67. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر
69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
71. مونکي موهيو ملائيشيا
72. وٺو وڏ ڦڙو
73. نه سي سڙه سُکان
74. بنارس کان برمودا
75. برونائيءَ کان برازيل
76. گهاتو گهر نه آيا
77. جل پريءَ جي جيون ڪٿا
78. ڪئمپس جا ڏينهڙا
79. تاريخ جو سفر
80. جيءَ اندر جهاتي
81. واٽ ويندي...
82. ڳوٺ جروار کان جپان
83. جي وڃين تون جپان
84. وري ياد آيا
85. آرڪٽڪ سرڪل جي آسپاس
86. دنيا رنگ رنگيلي
87. جهونا ٿيا جهاز
88. پهتا اُت پانڌيئڙا
89. چين ڪيو بي چين
90. جپان جپان آهي
91. زئنزيبار … جهنگٻار
92. زندگيءَ جا ميلا

اردوءَ ۾:
93. سمندر کے دن
94. ملائیشیا کے دن
95. یورپ کے دن
96. کراچی سے کوپن ہیگن
97. ایران کے دن
98. گيشائوں کے ديس ميں
99. جہاز چلانے کے دن
100. جپان کے دن
101. کنارے کے دن
102. میں چلا ممباسا
103. چلو چلیں ہندوستان
104. ملائیشیا نے مجھے موھ ليا