شخصيتون ۽ خاڪا

ھيرا تہ ڏسو

شيخ اياز ھڪ عظيم شاعر آھي، ساڳي وقت سندس نثر پڻ بي مثال آھي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف شخصيتن تي لکيل انڊلٺي رنگن نما نوٽس سھيڙي ”هيرا تہ ڏسو“ جي ڪتابي روپ ۾ پيش ڪيا ويا آھن.  شيخ اياز جي مطالعي جي رنگيني جا سڀئي رنگ اڄ جي نئين توڙي پراڻي ليکاري لاءِ نئين مطالعاتي سفر جو رستو کوليندا. ڇو تہ بقول شيخ اياز جي تہ ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن جي مھاڳ ۾ ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن، تحريڪن تاريخي واقعن ۽ جاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جن سان سنڌ جو نئون نسل واقف نہ آهي. ممڪن آهي تہ پوري ننڍي کنڊ جو نئون نسل واقف نہ هجي. ان ڪري مان ڪتاب جي آخر ۾ انھن نالن وغيره تي نوٽ ڏيڻ ٿو چاهيان.“

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ھيرا تہ ڏسو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار شيخ اياز پاران دنيا جي وڏين شخصيتن تي لکيل مختصر خاڪن جو مجموعو ”ھيرا تہ ڏسو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. ڪتاب جو سھيڙيندڙ بخشل باغي آھي.
شيخ اياز ھڪ عظيم شاعر آھي، ساڳي وقت سندس نثر پڻ بي مثال آھي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف شخصيتن تي لکيل انڊلٺي رنگن نما نوٽس سھيڙي ”هيرا تہ ڏسو“ جي ڪتابي روپ ۾ پيش ڪيا ويا آھن.  شيخ اياز جي مطالعي جي رنگيني جا سڀئي رنگ اڄ جي نئين توڙي پراڻي ليکاري لاءِ نئين مطالعاتي سفر جو رستو کوليندا. ڇو تہ بقول شيخ اياز جي تہ ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن جي مھاڳ ۾ ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن، تحريڪن تاريخي واقعن ۽ جاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جن سان سنڌ جو نئون نسل واقف نہ آهي. ممڪن آهي تہ پوري ننڍي کنڊ جو نئون نسل واقف نہ هجي. ان ڪري مان ڪتاب جي آخر ۾ انھن نالن وغيره تي نوٽ ڏيڻ ٿو چاهيان.“
ھي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران 2011ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

مهاڳ

مهاڳ

”ڪتين ڪرموڙيا جڏهن“ جي مهاڳ ۾، ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن، تحريڪن، تاريخي واقعن ۽ جاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، جن سان سنڌ جو نئون نسل واقف نه آهي. ممڪن آهي ته پوري ننڍي کنڊ جو نئون نسل واقف نه هجي. ان ڪري مان ڪتاب جي آخر ۾ انهن نالن وغيره تي نوٽ ڏيڻ ٿو چاهيان. هيل تائين اهي نوٽ ٻه سؤ صفحا کن ٿي ويا آهن ۽ اڃان مون کي سؤ کان مٿي شخصيتن تي نوٽ لکڻا آهن ۽ ان ڪري مون ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جي اڳينءَ رٿا کي ريٽي، ٽن حصن ۾ ورهايو آهي. اهي نوٽ لکڻ مهل مون کي ڪيئي ڪتاب ڏسڻا پيا ۽ ڪڏهن پنهنجي حافظي تي مدار رکڻو پيو. ڇو ته ڪيئي ڪتاب جن ۾ مون اهي حوالا پڙهيا آهن ياد نه پئي آيا. انهن ۾ خاص ڪتاب جن مان مون انهن نوٽن لاءِ مواد حاصل ڪيو، سي هئا: ”دنيا جو ادب“،فلسفي جي ڊڪشنري، ايشيا جي فلسفي جي ڊڪشنري، دنيا جي سياست جي ڊڪشنري، پيٽر بروڪ سمٿ جا ”اڻ – سمجھايل،“ تي پنج ڪتاب، ڪوليئرس انسائڪلو پيڊيا (1991ع جي اشاعت)، سي. اي. جُنگ جا پنهنجا ڪتاب ۽ هن تي لکيل ڪتاب فلسفي جي تاريخ، مائڪل اينجيلو، پڪاسو وغيره. آرٽسٽن تي لکيل ڪتاب حڪمائي اسلام. اسلامي انسائڪلوپيڊيا، ڪبير، غالب ۽ مير تي سردار جعفريءَ جو لکيل ڪتاب، ”پيغمبرانِ سخن، يو. ايس. اين آر جو سالنامو 90ع. ووڊ ڪاڪ جو انارڪزم تي ڪتاب، آڪسفورڊ جي انسائڪلوپيڊيا آف دي آرٽس وغيره. ايم. اين. راءِ هڪ ڪتاب لکيو هو انقلابيءَ جي لئبرري. جنهن ۾ هن انهن ڪتابن جا نالا ڏنا هئا، جن هن جي انقلاب جي نظرئي کي متاثر ڪيو هو. مان به اهڙي طرح هڪ شاعر ۽ اديب جي لئبرريءَ. نالي سان ڪتاب جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان ۽ انهن سڀني ڪتابن جا نالا، ٽي چار سؤ صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ ڏيڻ چاهيان ٿو، جن منهنجي نظم ۽ نثر تي اثر ڇڏيو آهي. باقي هن وقت منهنجو آخرين رايو ته ڪتاب زندگيءَ تي ڪيترو اثر ڇڏن ٿا. اهو بيدل جي شعر مان واضح آهي جو مون ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جي شروعات ۾ ڏنو آهي.

12 – مئي 1992ع شيخ اياز

“ايندو نه وري هي وڻجارو”

“ايندو نه وري هي وڻجارو”

منهنجي زندگي ۾ جن شخصيتن سان ملڻ ۽ سندن هٿ ۽ جُهڪي پير ڇُهڻ جي آس، آس ئي رهجي وئي تن ۾ ها سائين جي. ايم سيد ۽ شيخ اياز. سائين جي. ايم سيد جو ته سال 1991ع ڌاري سندن سالگرھ جي موقعي تي سن ۾ پري کان ديدار نصيب ٿيو هو، جت پهريون ڀيرو مون سنڌ جي عوامي ۽ قومي شاعر اُستاد بُخاري کي به اسٽيج تي ڪو قومي نظم پڙهندي پڻ ٻڌو ۽ ڏٺو هو. شيخ اياز سان پڻ کوڙ ساري آس هوندي به حيات ۾ نه ملي سگھيس. باقي وفات تي سندس ڀٽ شاھ ۾ آخري ديدار نصيب ٿيو. ۽ نه ڄاڻ ڇو اياز جو مرتيو مون کي ذاتي سانحي جيان شدت سان محسوس ٿيو ۽ کوڙ سارن ڏينهن تائين مون کي هر طرف ويراني ئي ويراني محسوس ٿيندي هئي. جيئن ڪنهن پنهنجي پياري جي مرتيي تي محسوس ٿيندو آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته 28 ڊسمبر 1997ع تي نواب شاھ مان، مان ۽ منهنجو دوست عابد مگسي حيدرآباد سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پنجاھ سالا گولڊن جوبليءَ واري پروگرام ۾ جڏهن ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال (حيدرآباد) جي در تي پهتاسين ته در تي بيٺل آجيان لاءِ اياز گل، تاج جويو، معشوق ڌاريجو ۽ ٻيا دوست مليا جن جا چهرا لٿل لڳي رهيا هئا پر جلد ئي معشوق ڌاريجي مون کي ويجھو ٿيندي ٻڌايو ته شيخ اياز گذاري ويو آهي. ان ڪري اڄوڪو پروگرام ملتوي ڪندي ان کي اياز جي وڇوڙي ۾ تعزيتي گڏجاڻي طور ڪري رهيا آهيون ۽ پوءِ اهو سمورو پرگرام ڪيئن نه ٽهڪن بجاءِ سُڏڪن ۾ بدلجي ويو هو. جيجي زرينه بلوچ جي آواز ۾ اياز جي شاعري ڪيئن نه روح کي ڌونڌاڙي، ڌونڌاڙي ڇڏيو هو. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته مان ڪيئن نه بي ساخته اوڇنگارون ڏئي ساري ماحول کان بي خبر روئي رهيو هئس. ۽ شايد اهو پهريون ڀيرو هو جو کوڙ ساري عرصي کان پوءِ شعوري زندگيءَ ۾ مان ايترو رُنو هئس. سارو پنڊال اياز جي عشق ۾ مبتلا سندس وڇوڙي ۾ هنجون هاري رهيو هو ۽ پوءِ مون اياز سان ايتري روحاني عقيدت ۾ بيتن ۾ ”سُر اياز“ تخليق ڪيو، جنهن ۾ هڪڙو بيت مون لکيو ته:
تنهنجي پيرن کي جُهڪي، ڇُهڻ جي هئي آس،
منهنجي لئه آڪاس، تنهنجي پيرن هيٺ ها.
(باغي)
۽ پوءِ مونکي ياد آهي ته مون ٻه ڀيرا شيخ اياز کي خواب ۾ ڏٺو هو ۽ ساڻس مليو هئس. پهرين خواب ۾ مان مٿين بيت جي ساڀيان، سپني جي صورت ۾ پاتي هئي ته مان اياز صاحب جا جھُڪي پير پيو ڇُهان ۽ اياز صاحب جو هٿ منهنجي مٿي تي آهي. اُهي ٻئي خواب مون پنهنجي ڪنهن نوٽ بُڪ تي تحرير پڻ ڪري ڇڏيا هئا.
شيخ اياز کي ته ادب ۾ اچڻ سان وڏي چاھ ۽ شوق سان پڙهيم. تقريبن اياز جا سڀئي شاعريءَ جا توڙي نثراڻا ڪتاب مون پنهنجي ائپروچ مطابق روح جي گھراين سان پڙهيا. اياز جي ايڏي گھڻ رخي ذهني وسعت جو مطالعو ڪندي لاشعوري طور تي اياز جو اثر منهنجي ڏات تي گھاٽي ڇانو جيان رهيو آهي. اياز جي شاعريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سموري ڪائنات کي هُن پنهنجي نگاھ ۾ اهڙو ته فوڪس ڪيو آهي جو فطرت جي ڪابه انگڙائي يا لهر سندس تيز تر نظر کان بچي نه سگھي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اياز صاحب سنڌي شاعري جو ڪوبه هڪڙو رُخ نه ڇڏيو جنهن کي اڄ جو شاعر دريافت ڪري سگھي ها. اياز جي پيچري تي ئي سنڌي شاعريءَ جو سفر سگھارين سمتن ڏانهن روان ۽ دوان آهي. نثري اعتبار کان پڻ اياز هڪ اهڙو ڇلندڙ بي ڪران سمنڊ آهي، جنهن جو پڻ ٻيو ڪنارو پائڻ لاءِ اڄ جي ادب ۾ ايتري تخليقي سگھه، حُسناڪي ۽ بين الاقوامي مطالعاتي ۽ مشاهداتي هم آهنگي ڪونه ٿي ملي. اياز صاحب جي گھڻ مطالعاتي ذهني سفر جو سُرور اسان اڄ جي نوجوان لکندڙ لاءِ وڏي اُساھ جو ڪارڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو اياز چيو هو ته مون سنڌي ادب يا سنڌي شاعريءَ کي پنهنجي خيالن ۽ فڪر جي هڪ اهڙي ديوارچين ڏئي ڇڏي آهي جو ان کي ڪنهن به خيال خواب جي اڏام نه اُڪري سگھندي.
اياز جي نثر جي نشي ۾ مخمور ٿي مون ڪئي ڀيرا سوچيو آهي ته آخر اُها ڪهڙي هستي آهي جيڪا انساني ذهن کي ايڏي سُهڻي لفظن جي ڪيمياگري جي فن جي سگھه ۽ سونهن عطا ڪري ٿي. مون اياز جو نثر پڙهي ڪري هميشه موهن جي دڙي جي ڀڙڀانگ گهٽين ۾ رُلندي هڪ عجيب روحاني رمز جي ذائقي واري آنندي ڪيفيت محسوس ڪئي آهي. ان ئي ادب ۽ احترام واري اميد سان مون اياز جا سمورا غزل سهيڙي هي روح جزيرو حيرت جو“ جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. ان ئي عقيدت ۽ اياز تي باقاعده ڪم ڪرڻ جي جذبي تحت مان اياز جا دنيا جي مختلف شخصيتن تي لکيل انڊلٺي رنگن نما نوٽس سهيڙي ”هيرا ته ڏسو“ جي ڪتابي روپ ۾ پيش ڪيان پيو. (جيڪو نالو منهنجي دوست ستار سُندر جي چوند آهي) ڇو ته اياز جي مطالعي جي رنگيني جا سڀئي رنگ اڄ جي نئين توڙي پراڻي ليکاري لاءِ نئين مطالعاتي سفر جو رستو کوليندا. ڇو ته بقول شيخ اياز جي ته ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جي مهاڳ ۾، ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن، تحريڪن تاريخي واقعن، ۽ جاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جن سان سنڌ جو نئون نسل واقف نه آهي. ممڪن آهي ته پوري ننڍي کنڊ جو نئون نسل واقف نه هجي. ان ڪري مان ڪتاب جي آخر ۾ انهن نالن وغيره تي نوٽ ڏيڻ ٿو چاهيان. هيل تائين اهي نوٽ ٻه سؤ صفحا کن ٿي ويا آهن ۽ اڃا مون کي سؤ کان مٿي شخصيتن تي نوٽ لکڻا آهن . ان ڪري مون ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن“ جي اڳين رٿا کي ريٽي، ٽن حصن ۾ ورهايو آهي. اهي نوٽ لکڻ مهل مون کي ڪيئي ڪتاب ڏسڻا پيا ۽ ڪڏهن پنهنجي حافظي تي مدار رکڻو پيو. ڇو ته ڪيئي ڪتاب جن ۾ مون اهي حوالا پڙهيا آهن ياد نه پئي آيا. انهن ۾ خاص ڪتاب جن مان مون انهن نوٽن لاءِ مواد حاصل ڪيو، سي هئا – ”دنيا جو ادب“، ”فلسفي جي ڊڪشنري“، ”ايشيا جي فلسفي جي ڊڪشنري“، ”دنيا جي سياست جي ڊڪشنري“، ”پيٽر بروڪ سمٿ جا ”اڻ –سمجھايل 5 پنج ڪتاب، ڪوليئرس اينسائڪلو پيڊيا (1991ع جي اشاعت)، سي، اي جُنگ جا پنهنجا ڪتاب ۽ هُن تي لکيل ڪتاب فلسفي جي تاريخ، مائڪل اينجيلو، پڪاسو وغيره، آرٽسٽن تي لکيل ڪتاب، حڪمائي اسلام، اسلامي اينسائيڪلوپيڊيا، ڪبير، غالب ۽ مير تي سردار جعفري جو لکيل ڪتاب، پيغمبرانِ سخن، يو. ايس .اين آر ، جو سالنامون 90ع، ووڊ ڪاڪ جو انارڪزم تي ڪتاب، آڪسفورڊ جي اينسائيڪلو پيڊيا آف دي آرٽس وغيره، ايم اين راءِ هڪ ڪتاب لکيو هو، انقلابي جي لئبريري، جنهن ۾ هن انهن ڪتابن جا نالا ڏنا هئا، جن هُن جي انقلاب جي نظرئي کي متاثر ڪيو هو. مان اهڙي طرح هڪ شاعر ۽ اديب جي لئبريريءَ، نالي سان ڪتاب جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان ۽ انهن سڀني ڪتابن جا نالا ٽي چار سؤ صفحن تي مُشتمل ڪتاب ۾ ڏيڻ چاهيان ٿو جن منهنجي نظم ۽ نثر تي اثر ڇڏيو آهي.

بخشل باغي
2009-2-16














”هيرا ته ڏسو“، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،
ڪجهه ڏات ڏِسو، پوءِ بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا !
(شيخ اياز)

آرٿر ڪوئسلر

آرٿر ڪوئسلر

1905ع ۾ بڊاپيسٽ (Budapest) ۾ ڄائو ۽ ويانا يونيورسٽي ۾ تعليم ختم ڪري صحافي ٿيو هو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ صحافيءَ جي حيثيت سان ڪڏهن وچ اوڀر ۾ ڪڏهن پئرس ۽ ماسڪو ۾ رهيو. سوويت وچ ايشيا ۽ آرڪٽڪ (Arctic) ۾ به ويو ۽ ”New Chronicle“ جي خاطوءَ جي حيثيت ۾ هن کي فرانڪوءَ جي فوج، اسپين جي خانه جنگيءَ ۾ گرفتار ڪيو ۽ قيد ڪري موت جي سزا ڏني. هن 1938ع ۾ صحافت ڇڏي ڏني ۽ انهيءَ سال ۾ اسپين جي باري ۾ ”Dialouge with death“ ڪتاب لکيائين، تنهن کان پوءِ فرانس جي Foreign legion ۽ برٽش صحافت ۾ هيو. برٽن جي شهريت هن پوءِ اختيار ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ آرٿر ڪوئسلر موت تائين لکندو رهيو.
هن جا هيٺيان ڪتاب ڪافي مشهور آهن. جي مون نمبر 2 کانسواءِ سڀ پڙهيا آهن:
1- The yogi and commessar
2- The gladiators
3- The sleep walker
4- The age of longing
5- The act of Creation
6- The lotus and robot
7- The roots of Coincidence
8- The darkness at noon
10- Arrow in the blue
11- The Invisible writing
12- Arrival & departure
13- Drinkers of inifinity
14- The thirteenth tribe
ڪوئسلر جي ساليءَ هن جي زال بئمين ڏانهن هن جا لکيل خط ڇپايا آهن، جي هن جي زندگيءَ تي ڪافي روشني وجھن ٿا. 1951ع ۾ هن مئمين کان طلاق ورتي ۽ هن سان هر هفتي ملندو رهيو هو. جيتوڻيڪ هو الڳ زندگيون گذاريندا هئا. ڪوئسلر کي ڪميونسٽ مرتد (Renegade) ۽ سي. آءِ. اي جو ايجنٽ ڪوٺيندا هئا. حشوءَ مون کي هن جو ناول ”منجھند جو اوندهه“ (Darkness at noon) غالبا 1945ع ۾ پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. انهيءَ ناول ڪوئسلر کي ساري دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو هو. ان ناول ۾ ان بالشيوڪ جي حالت ڏيکاري وئي آهي جنهن کي خفيه پوليس گرفتاري ڪري پنهنجي ڏوهه جي باس زبردستيءَ ڪرائي هئي. جيتوڻيڪ هو بي ڏوهي هو. دراصل انهيءَ ناول جي پس منظر ۾ اهي مقدما هئا جي 1938-1936ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيا ها ۽ جن ۾ اسٽالن پنهنجن مخالفن کي رياست جو دشمن ڪري پيش ڪيو هو. ان کان پوءِ مان وقت بوقت ڪوئسلر جا ڪتاب پڙهندو رهندو هوس. هُن جي مطالعي، ڪميونسٽن جي ويجھو هجڻ جي باوجود، مون کي ڪميونسٽ ٿيڻ کان بچائي ورتو. هن جي زال مئمين ته 1954ع سخت دم ڪشيءَ ۾ مري وئي هئي. هُن پاڻ 4 مئي 1983ع تي لنڊن ۾ آپگھات ڪيو. هن هڪ ڪتاب يوگ ۽ زين مت تي به لکيو آهي، پر ڏسجي ائين ٿو ته آخر تائين هو دهريو هُيو ۽ هُن جو منطقي انت خودڪشي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته علامه آءِ. آءِ. قاضي به خودڪشي ڪئي هئي.

آلبرٽ ڪامو (Albart Camus)

آلبرٽ ڪامو (Albart Camus)

فرانس جي مشهور ناول نگار جو الجزائر ۾ 1916ع ۾ پيدا ٿيو. هن جا والدين هسپانوي هيا. هن جي پرورش اتر آفريڪا ۾ ٿي ۽ هن ڪيئي ملازمتون ڪيون. تنهن کان پوءِ هو فرانس جي راڄ ڌانيءَ ۾ آيو ۽ صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. 1942ع ۾ هن ”اجنبي“ ناول لکي شهرت حاصل ڪئي. هو جرمن والار خلاف مزاحمتي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هيو ۽ ”لڙائي“ اخبار (جا چوريءَ ڇپي نڪرندي هئي) جو ايڊيٽر هو. جنگ جي خاتمي کان اڳ ۾ هن هڪ ناٽڪ ڪئلي گلا (رومن شهنشاهه) 1939ع ۾ لکيو ۽ جنگ جي دوران ناول ”اجنبي“، ”بيروني ماڻهو“ ۽ ڪجھه دانشورانه مضمون ”سسي فس جي ڏند ڪٿا“ جي نالي سان لکيا. تنهن کان پوءِ هُن سياست ترڪ ڪري ڇڏي ۽ سارو وقت صحافت کي ڏيڻ لڳو ۽ هن کي بين الاقوامي شهرت وغيره ناول ”پليگ“ ۽ ڪتاب ”باغي“، بغاوت، مزاحمت، ۽ موت“ ۽ ڊراما ”قابوءَ ۾“ ڪري ملي ۽ جنوري 1957ع ۾ هن کي نوبل پرائز ملي. 1960ع ۾ هو رستي جي هڪ حادثي ۾ مري ويو.
فرانس ۾ جي وڏا اديب ٿيا آهن، تن ۾ آندري مالرو، جيڪو ڊيگال جو ڪلچر منسٽر به هيو ۽ جنهن اسپين جي جنگ آزادي ۾ هيمنگوي ۽ ٻين سان گڏ انٽرنيشنل برگيڊ ۾ حصو ورتو هو، وجوديت جي فلسفي تي ڪيترا ڪتاب لکندڙ ناول نويس سارتر، هن جي محبوبا سيمون دي بيوار ۽ ڪامو هيا.
هن جو مشور ناول ”پليگ“ هڪ تمثيل هئي. فرانس جي باري ۾ جا نازي جرمنيءَ جي قبضي ۾ هئي. مان ڀانيان ٿو اُها اسٽالن واري روس جي باري ۾ به تمثيل هئي. ”سسي فس جي ڏند ڪٿا“ واري مضمون ۾ ڪامو ڏيکاريو آهي ته هن ڪائنات ۾ خوشي تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿي، جڏهن انسان هڪ ڀيرو اهو مڃي ته زندگيءَ کي ٻي معنى نه آهي سوا ان جي، جا هُو ان کي ڏئي ٿو. ڪنهن هنڌ هو سارتر جي وجوديت کي به مڃيندو نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هن وجوديت تي تنقيد ڪندي لکيو ته: ”اها انهيءَ ما بعد الطبيعياتي سمجھاڻي جي جاءِ والاري ٿي. جيڪا هوءَ الٽ پلٽ ڪري چڪي آهي.“ ڪامو ۽ سارتر سياسي اختلاف به ڪافي رکندا ها. ڇو ته ڪاموءَ هڪ مضمون ۾ لکيو ته ”سياسي، سماجي ترقي درجي بدرجي ٿيندي ۽ مڪمل انقلاب سان نه ٿيندي، جيئن سارتر ۽ مارڪسٽ چوندا ها.“ ڪاموءَ جي ناولن ۾ انسان ذات ۾ اعتبار واضح آهي. هو 1960 ع ۾ ڪار جي حادثي ۾ مري ويو.

آلندي سيلويڊار

آلندي سيلويڊار

چليءَ جو سوشلسٽ ليڊر ۽ صدر، جو 1908ع ۾ ڄائو هو ۽ جو 1973ع ۾ ماريو ويو. آخري دم تائين هار نه مڃيائين ۽ مشين گن هلائيندي وڙهندو رهيو. شايد ساڳي ڏينهن تي يا ٻئي ڏينهن تي هن جو دوست راڳي شاعر وڪٽر هارا ماريو ويو. هن جي زال، جون هارا جو ڪتاب ”Victor, the unfinished sonh“ مون پڙهيو آهي. انهيءَ ۾ آلندي جو تمام گھڻو ذڪر آهي. آلندي هڪ پڪو مارڪسٽ هو. جيڪو ڏکڻ آمريڪا ۾ هڪ آزاد اليڪشن ۾ کٽي ويو هو. هو چليءَ جي سوشلسٽ پارٽيءَ جو 1943ع ۾ سيڪريٽري جنرل ٿيو هو. جيتوڻيڪ هڪ سوشلسٽ جي حيثيت ۾ انهيءَ سوشلسٽ گروپ جي خلاف ڪامياب ٿيو هو. جيڪو ڪميونسٽ ڌر جو حامي هو، پر پوءِ هن ڪميونسٽن سان تعاون جي ضرورت محسوس ڪئي. جيئن چليءَ ۾ انقلابي تحريڪ ڪمزور نه ٿي. 1948ع ۾ هو سوشلسٽ پارٽيءَ کي پريزيڊنٽ گبرئيل گونزاليز وڊيلا جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي آماده ڪري سگھيو. آلندي سوشلسٽ پارٽيءَ کي الوداع ڪري، هڪ ٻي ڪَسب – ويري سوشلسٽ پارٽي ٺاهي، جنهن کي ”پاپولر سوشلسٽ پارٽي“ نالو ڏنو ويو. جڏهن 1952ع ۾ پي ايس پي اڳين آمر جنرل ڪارلوس ابنيز کي چونڊ ۾ اميدوار جي حيثيت ۾ مدد ڪئي ته آلندي پي ايس. پي ڇڏي، اصلي سوشلسٽ پارٽيءَ ۾ موٽي آيو. هن کي ڪميونسٽن مدد جي آڇ ڪئي جي سوشلسٽن انتخاب ۾ هن کي صدارت لاءِ اميدوار چونڊيو. سوشلسٽن اها آڇ قبول ڪئي ۽ ٻنهي پارٽين اتحاد ڪيو، جنهن کي ”پاپولر ائڪشن فرنٽ“ ڪوٺيو ويو. جنهن ٽي ڀيرا 1952ع، 1958ع، 1964ع ۾ آلندي کي صدارتي اميدوار جي حيثيت ۾ مدد ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيا. فرنٽ جي جاءِ تي پوءِ ”پاپولر يونٽي“ ٺاهي وئي جنهن ۾ ريڊيڪل پارٽيءَ جا ميمبر، ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ اهي ڪرسچئن ڊيموڪرئٽ، جيڪي پنهنجي پارٽيءَ سان اختلاف رکندا هئا، شامل ٿيا. 1970ع جي اليڪشن ۾ آلندي کٽي ويو. ڇاڪاڻ جو هن کي واضح اڪثريت نه هئي ته اتان جي قانون مطابق، هن جي اليڪشن کي قومي اسيمبليءَ بحال ڪيو. جنهن ڪرسچئن ڊيموڪرئٽن، آلندي جي انهيءَ شرط تي حمايت ڪئي ته ائين کين نه ٽوڙيندو. آلندي جي پروگرام ۾، بئنڪن ۽ خانگي ڪمپنين کي قومائڻ به هو ۽ زرعي سڌارا به هئا. هڪ اهڙو نظام ٺاهيو ويو، جنهن محنت ڪشن کي سرڪار جي اختيار ۾، فرمن ۾ حصيدار بڻايو ويو. زرعي سڌارا تيز ڪيا ويا. 1972ع تائين سڀ وڏيون جاگيرون قوميايون ويون. آلندي جي سرڪار جو آمريڪا سان ان وقت تصادم ٿيو، جڏهن ان آمريڪا جا ٽامي جا ڪارخانا قوميائيا ۽ انهن لاءِ ڪافي معاوضو نه ڏنو. آلندي جي پگھارن ۾ اضافن ۽ پيداواري مسئلن، صورت حال کي وڌيڪ منجھائي وڌو ۽ عالمي منڊيءَ ۾ ٽامي جي بها ڪِري پئي.
وچولي طبقي جي وڌندڙ حرڪتن سبب آلندي خلاف 1972ع ۽ 1973ع ۾ اسٽرائيڪ ۽ مظاهرا ٿيا. 1973ع جي اونهاري تائين ٻه وروڌي ڌريون ٿي ويون. هڪ آلندي جي پورهيت حمايتين جي ۽ ٻي وچولي طبقي جي وروڌي ڌُر. 11 سيپٽمبر 1973ع تي آلندي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ملٽري ڪُوپ (Coup) ڪامياب ٿيو. آلندي صدر جي محل تي حملي ۾ وڙهندي ماريو ويو.
مشهور شاعر پبلونوردا به آلندي جو دوست هيو، جنهن کي هن اسپين ۾ سفير مقرر ڪيو هو ۽ جو هن جي موت کان ڪجھه وقت پوءِ گذاري ويو.

ابن رشد (1126ع کان1198 تائين)

ابن رشد (1126ع کان1198 تائين)

عبدالوحيد محمد احمد بن محمد رشد، اسپين جو سڀ کان وڏو عرب فلسفي ۽ سائنسدان هو. طب، فلسفي، فقه ۽ فلڪيات جو وڏو ماهر هو. هو قرطبا ۾ پيدا ٿيو ۽ هن جو پيءُ، ڏاڏو قاضي جي عهدي تي فائز هيا. ابن رشد جي ابتدائي حالتن جي ڄاڻ نه آهي. شايد هن جو ابن طفيل جي درٻار ۾ الموحدون سان تعلق ٿيو هيو ۽ انهن هن کي علم لاءِ اتساهيو هيو. 1169ع ۾ ابن رشد، اسپين ۾ ڪنهن شهر جو قاضي مقرر ٿيو. 1171ع ۾ هو قرطبا جو قاضي القضاة ٿيو. 1182ع ۾ هن کي ابو يعقوب يوسف، مراڪش گھرائي ورتو ۽ پنهنجو خاص طبيب مقرر ڪيو. اتان جا ديني عالم هن کي ملحد سمجھي، هن جي سخت مخالفت ڪندا هيا. جنهن ڪري هو قرطبا موٽي ويو. پر اتي به ڪفر جي فتوائن هن کي جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪيو. مراڪش جي خليفي به هن جي فلسفي واري تعليم تي پابندي لڳائي، پر ان کان پوءِ وري هن کي پاڻ وٽ گھرائي ورتائين، جتي هو ٿوري عرصي کان پوءِ گذاري ويو.
هن امام غزالي جي جواب ۾ ڪتاب لکيو ۽ ارسطو جي ڪتابن جو شرحون، افلاطون جي ڪتاب ”سياست“ جي شرح ۽ طب تي ”الڪليات“ ڪتاب لکيو. غزاليءَ جي جواب ۾ هن جيڪو ڪتاب لکيو اهو سڀ کان اهميت وارو آهي، ڇو ته ان ۾ هن جي فلسفي ۽ فڪر جي جھلڪ ملي ٿي. ان فڪر جي ڪري نه فقط مسلمان ديني عالم پر عيسائي پادري به هن کي ڪافر سمجھڻ لڳا. دراصل ابن رشد عالمن جي انهيءَ مڪتب سان تعلق رکندو هيو، جي متڪلمين ته نه هئا پر ڇاڪاڻ ته هو عقليت پسند هيو ان ڪري هُن مڃيل عقيدا پنهنجي فلسفي ۾ آندا هيا. ايتري قدر جو الڪندي، فارابي، ابن سينا، ابن ماجا ۽ ابن طفيل وغيره جي انهيءَ سلسلي سان تعلق رکن ٿا. جنهن جي آخري ڪڙي ابن رشد ثابت ٿيو. مشرق ۾ ڇاڪاڻ جو صوفين جو دؤر هيو، يعني ابن عربيءَ جا نظريا مڃيا ٿي ويا ۽ وسطي ملڪن ۾ امام غزاليءَ جا. ان ڪري هن جي فڪر جي خلاف محاذ ٺاهيو هيائون. ابن رشد جهڙا عقليت پسند مفڪر مغرب جي پاند ۾ پناهه وٺندا هيا. اهو ئي سبب آهي جو سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ مغرب ۽ تصوف ۾ مشرق وڏي ترقي ڪئي ۽ انهيءَ ۾ پنهنجي سڃاڻ حاصل ڪيائين. ابن رشد جي دعوى هئي ته مذهب جا الهامي اصول عقليت کان سواءِ ۽ باقي هر چيز عقل جي ڪَسوٽي تي پرکجي. انهيءَ طرح سان هن دنيا کي ارسطوءَ جي راهه ڏيکاري ۽ هو ارسطوءَ جو سڀ کان وڏو مفسر ۽ شارح تسليم ڪيو ويو.

ابن سينا، بوعلي

ابن سينا، بوعلي
(آگسٽ 980ع کان جون 1067ع تائين)

ابو علي حسين بن عبدالله ابن سينا اسلامي دنيا جو نامور طبيب، جڳ مشهور سائنسدان، فلسفي، رياضي دان ۽ فلڪيات جو ماهر هو. هو بخارا جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو. هن کي مغرب ۾ ”ايوي سينا“ چوندا هئا. هن جو هڪ مشهور ڪتاب ”القانون في الطب“ ڪيئي صديون پڙهايو ويو ۽ ٻئي ڪتاب ”الادويه“ کي طب جو انجيل سمجھيو ويندو هو. هو ڇهن ورهين جو هو ته بخارا پهتو ۽ تعليم حاصل ڪيائين. هن جو پيءُ اسماعيليه فرقي سان تعلق رکندو هو ۽ پٽ کي به اها تعليم ڏيڻ چاهيائين، پر هُن هئڻهار نوجوان ڏهن ورهين جي عمر ۾ قرآن، فقه ۽ ادب جو مطالعو پورو ڪري ڇڏيو ۽ باقي جيڪي علم هُئا انهن ڏانهن ڌيان ڦيرايائين. هن منطق، فلسفي، رياضي جي تعليم حاصل ڪري، طب ۽ طبعيات جو مطالعو شروع ڪيو ۽ جلد ئي پنهنجي استادن کان اڳتي نڪري ويو. سورنهن سترنهن ورهين جي عمر ۾ بوعلي ابن سينا بخارا جي حڪمران نوح بن منصور جو علاج ڪاميابيءَ سان ڪيو ۽ ان ڪري شاهي ڪتب خاني ۾ مهتمم مقرر ڪيو ويو. هن سارو ڪُتب خانو هڪ ئي سال ۾ پڙهي پورو ڪيو ۽ سڌا سنوان مشاهدا ۽ تجربا به ڪندو رهيو . ٻئي سال بخارا جو حاڪم فوت ٿي ويو ۽ ابن سينا کي پنهنجو وطن ڇڏڻو پيو. پر انهيءَ وچ ۾ هو پنهنجي علم کي توڙ تائين پهچائي چڪو هو. ان کان پوءِ هن تصنيف ۽ تاليف جو ڪم شروع ڪيو. 101ع ۾ ابن سينا ”خوارزم“ پهتو ۽ علي بن مامون جي دربار ۾ داخل ٿيو. هتي هن جي ملاقات هن جي دؤر جي عظيم عالمن ۽ فاضلن سان ٿي. البيروني، العراقي، ابو الخير سان سندس بحث مباحثا ٿيندا رهيا. 109ع ۾ هو ”جرجان“ ويو، پر ڪٿي به آرام سان نه رهيو. 1015ع ۾ هن ”ري“ طرف رخ رکيو، جتي جدا جدا حيثيتن ۾ ڪم ڪندو ۽ مشورا ڏيندو رهيو. 1022ع ۾ امير علاءُ الدين وٽ ڪجھه سڪون سان رهي سگھيو ۽ عمر جا آخري 14 سال هن ساڻس گڏ گذاريا. نيٺ هو ”حمدان “ ۾ ڪولنج جي مرض ۾ مري ويو.
هن فلسفي، منطق، رياضيءَ تي ڪيئي ڪتاب لکيا هيا. جن ۾ فلسفي تي ”الشفاء“، طب ۾ ”القانون“ ۽ ”الادويه“ انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکن ٿا. 12 صديءَ ۾ انهن جا ترجما يورپي ٻولين ۾ ٿيا ۽ ان کان پوءِ ڪيئي صديون اهي اسلامي ۽ يورپي يونيورسٽين ۾ پڙهايا ويا.

اپالوڊورس

اپالوڊورس

افلاطون جي ڊرامي ”فيڊ“ جو هڪ ڪردار هيو، روشني ۽ ڇانوَ جون تصويرون ڪڍندو هو ۽ هن لاءِ چيو ويو آهي ته هن شيون ائين چٽيون هيون ڄڻ اصل آهن. هن جو شاگرد زييوڪسز (Zeiuxix) جنهن جو ذڪر مون اڳي ڪنهن ڪتاب ۾ ڪيو آهي، تنهن تصوير ۾ ٻگھه اهڙا ڪڍيا هيا جو اهي اُڏامي آسمان تي هليا ويا هيا. هو انهيءَ ڪري مشهور ٿيو هو. ولڊيورانٽ جي ڪتاب ”The life of Greeks“ ۾ ڪنهن ٻئي اپالوڊورس جو ذڪر نه ٿو ملي. پر Collier’s انسائيڪلوپيڊيا ۾ اپالو ڊورس آف ڊئمسڪس جو ذڪر آهي جو ٻيو ڪوئي اپالو ڊورس آهي.

اِپيڪيورس

اِپيڪيورس

اِپيڪيورس جو اثر مون تي ڀرپور جوانيءَ جو ٿورو عرصو رهيو پر هن جي فلسفي جو عڪس اڄ تائين منهنجي شاعريءَ ۾ آهي. هو يونان ۾ 342 ق.م ۾ ڄائو هو ۽ 270 ق. م ۾ مري ويو. هُن جي دوستن جي هُن سان بي انتها محبت هوندي هئي، جنهن موت کان اڳ هن کان پنهنجو دک وساري ڇڏيو هو. غريبيءَ، جدائي ۽ بيماريءَ هن جي زندگي وڌيڪ بي معنى ڪري ڇڏي هئي. پر پوءِ به هُن موت جي بستري تان هڪ دوست کي خط لکيو:
”هاڻي جڏهن مان زندگيءَ جو هي پويون ۽ سڳورو ڏهاڙو گذاري رهيو آهيان، مثاني ۾ پيشاب جي سوراخ (stanguary) مون کي نهوڙي نيو آهي ۽ مون کي حد کان وڌيڪ پيڙا ڏئي رهيو آهي، پر تڏهن پوءِ به ان پيڙا کان وڌيڪ منهنجو ڌيان گئي گذري حياتيءَ جي سوچ ويچار ۽ ڳالهه ٻولهه ڏانهن وڃي رهيو آهي.“
اهو هو ايپي ڪيورس جنهن کان وڌيڪ ٻي ڪنهن فيلسوف جو سنمان نه ڪيو ويو آهي ۽ جنهن جي فيلسوفيءَ کي ٻي ڪنهن جي به فيلسوفيءَ کان گھٽ پرجھيو پروڙيو ويو آهي. ايپي ڪيورس جون هيٺيون ڳالهيون مون کان نه وسريون آهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکان ٿو:
1. هو پڪ سان چوي ٿو ته اسان ڪنهن فياض يا نيڪو ڪار هستيءَ جي اولاد نه آهيون پر لاابالي، نه هيڏانهن نه هوڏانهن، فطرت جا ويڳا ٻار آهيون، جيون ڪنهن ڪلاڪار جي رٿا ڪيل ڪلا وانگر نه آهي ۽ نه ان لاءِ ڪو گھاٽ گھڙيو يا سٽ سِٽي وئي آهي؛ اهو هڪ ميڪانيڪيءَ فطرت جو اتفاق يا حادثو آهي پر اسان ان کي سُکي يا گھٽ ۾ گھٽ وقت ٽپائو پر وڻندڙ اتفاق بڻائي سگھون ٿا. اهو انسان ذات مان ٻه خوف ڪڍي سگھي ٿو. ديوتائن جو خوف ۽ موت جو خوف.
2. هي سارو وجود رڳو اسان جي دنيا تائين محدود نه ِآهي. ٻيون به ڪيتريون دنيائون آهن، اهي ايتريون ڪشاديون ۽ حيرت انگيز آهن جو انهن کي به پنهنجون ڌرتيون، پهاڙ ۽ سمنڊ آهن، انساني قومون ۽ جنتائون آهن، ڪُل آهن، ونش آهن ۽ ڀانت ڀانت جا پَسُون ۽ جهنگلي جيوَ آهي. اسان هن اننت ۽ اَپار سمنڊ جي ڪڪرا – ڪنٺي تي ننڍين پٿرين وانگر آهيون؛ ڇاڪاڻ جو اَڻا (Atoms) ڪنهن ميل ميلاپ ۾ وري وري اچن ٿا. ڪنهن ريت ڪي حالتون پيدا ڪري، وري وري ڦيريون پائي، هن وٿيءَ ۽ ويڇي جي، اوڪاش (Space) جي بي انت چڪر ۾، اهي هن سرشٽيءَ جي سرائيءَ تي ڦري، گھڙجي، ڪيئي روپ وٺن ٿا. ان ڳالهه جو ڏس آهي نه ڏاهه آهي.
3. پر اهو ڪيئن ٿو ٿئي ته اهي اَڻا، اِهو مادو، اِهي جَڙ – پَد ارٿ جون تِرماتر ۽ پچڪڙيون رَتيون، بنا ڪنهن سونهپ ۽ اڳواڻيءَ جي ڪَٿيون ٿي وڻ ٻوٽا ۽ ڦل ڦول، پکي، پسون ۽ ماڻهو ٿين ٿيون؟ انهن اَڻن ۾ اهڙي ترڪيب ۽ ترتيب ٺاهڻ جو ڏانءٌ آهي جو اهي هومر جهڙا شاعر، ڊيموڪرٽس (Democritus) جهڙا سائنسدان ۽ ايپي ڪيورس جهڙا فيلسوف بڻائن ٿا؟ ايپي ڪيورس ان ڳالهه جو جواب ڏئي ٿو ته آزمايش (پريکيا) ۽ غلطيءَ (پرانتي) جي ذريعي، مادي جي درجي بدرجي آوءُ سراڻ ۽ پورڻتائيءَ سان ڪُڍنگي ۽ اڻ گھڙئي کان ٺاهوڪي، ڏسڻي وائسڻي ۽ تکي چوکي جي روپ تائين زندگي هر اَڻ – پُختيءَ (Unfit) شيءِ کي ريٽي ڇڏي ٿي ۽ وڌيڪ پختي شيءِ کي اَتِي جيون ڏئي ٿي. ان لاءِ هندي ۾ شڪتات جيون (Survival of the fittest) جو لفظ آهي جو پرمانند ميوارام پنهنجي سنڌيءَ ڊڪشنريءَ ۾ به ڪم آندو آهي ۽ اردوءَ ۾ ان کي بقائي اصلح چوندا آهن. ان ريت ايپي ڪيورس ڊارون کان 2200 (ٻاويهه سؤ سال) اڳي ارتقا جو نظريو پيش ڪيو هو جنهن کي پوءِ ڪارل مارڪس پنهنجي اقتصاديات جو بنياد بڻايو، ان جي بت (Statue) تي 19 آگسٽ تي پاڪستان ٽي – وي تي ڏيکاريو ويو ته روسي ليڪا پائي رهيا هيا. 20 آگسٽ صبح جو روزاني ڊان ۾ آيو ته بائلورشيا خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو آهي ۽ گورباچوف جي ملٽري ايڊوائيزر ۽ انٽيرير منسٽر پاڻ کي گولي هنئي آهي.

احمد سليم

احمد سليم

پنجابي ۽ اردؤ جو مشهور اديب جو مهنجو دوست آهي. هن پنجابي ۽ اردو ۾ نثر ۽ نظم لکيو ۽ انگريزيءَ ۾ سِک مصوره امرتا شيرِ گُل تي هڪ ڪتاب لکيو آهي. منهنجي شاعري جي انتخاب جو پنجابي زبان ۾ منظوم ترجمو ”جو بيجل نه آکهيا“ جي نالي سان به ڪيو اٿائين. هن اردو شاعره سارا شگفته (جا عطيه دائود جي گھري دوست هُئي) جي زندگي تي به ”مرده آنکهين، زندهه پيام“ ڪتاب لکيو آهي ۽ پنهنجي پنجابي شاعري جا ڪتاب ”تن تنبور، نور منارے“، ”کونجان کيون موئيان“ ۽ ٻيا نثر ۾ ”بهگت سنگھه“ وغيره ڪتاب لکيا آهن. مون وٽ هن کي فيض احمد فيض خط ڏئي موڪليو هيو، جڏهن مان وائيس چانسلر هوس، مون کيس پاڪستان اسٽڊيز سينٽر ۾ ملازمت ڏني هئي. هو واندو وقت مون سان گڏ گذاريندو هو، پر مون کان پوءِ هو نوڪري ڇڏي هليو ويو هو ۽ ٽي – وي وغيره تي ڪم ڪندو رهيو آهي. هو امرتا پريتم جو دوست آهي ۽ پنجابيءَ ٻوليءَ جو سڀني کان سلجھيل ۽ سيبتو اديب آهي. هن ئي لاهور ۾ پنجابيءَ ٻوليءَ جي مرد ۽ عورت شاعرن سان ڪيئي ڀيرا منهنجي ملاقات ڪرائي هئي ۽ اهو هُن جي صحبت جو اثر هو جو پنجاب مون لاءِ اجنبي نه هو. هن جا فيض سان به ڪافي گھرا تعلقات هوندا هيا.

اربندو بوس

اربندو بوس

بنگالي اديب هو ۽ شايد شانتي نڪيتن ۾ رهيو هو. 1937ع ۾ ٽئگور سخت بيمار ٿي پيو، جنهن هن جا ڪائنات ڏانهن نظريا ۽ تعلق ڦيرائي ڇڏيا ۽ ان کان پوءِ هن مون وانگر هڪڙي نئين يقين ۽ نئين مسرت سان شاعري ڪئي / ڳاتو. هو 1941ع ۾ گذاري ويو ۽ آخري دم تائين لکندو رهيو. اربندو بوس هن جي نه رڳو پوين چئن ڪتابن جو ترجمو ڪيو، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ آهي. پر هن ٽئگور جا ٻه ڪتاب “The flight of Weans” (هنس اڏار) ۽ “Herald of Spring” (بسنت سُڌ) اڳيئي ترجمو ڪيا هئا.

اربندو گھوش

اربندو گھوش
(1872ع کان 1950ع تائين)

جديد هندستان جو وڏو ويدانتي فلسفي هيو. هن لکيو هو ته:
حقيقت جو سلسلو آهي، جو ترقي ڪري ٿو، مادي کان وٺي قائم بالذات روحانيت تائين. هن 1926ع، 1944ع ۽ 1950ع ۾ گيتا تي مضمون لکيا. 1946ع ۾ ”هندستان ۾ نئين جاڳرتا جي تحريڪ“ ۽ ٻيو ڪتاب ”ڪائنات جي ڳجھارت“ لکيائين. 1947ع ۾ ”الوهيت واري زندگي“ لکيائين. هن جو اهو ذخيم ڪتاب مون پڙهيو آهي پر هن جي ڳالهه منهنجي سمجھه مان ڪنهن حد تائين ترڪي ٿي وڃي. ان کان پوءِ به هن ڪافي ڪتاب لکيا جي منهنجيءَ نظر مان نه گذريا آهن. هن جو ارادو هو ته فلسفي سان توڙ تائين نڀائي ۽ هن کي اصلي وديانتا جو روپ ڏئي. هن شنڪر جي ادويتا ويدانت جي ڪيترن مسئلن تي لکيو. شري اربندو جي چوڻ موجب، ”شنڪر اچاريا منفي اصولن سان پوري طرح سمجھائي نه سگھيو آهي ته قائم بالذات (absolute) آخر لا انتهائي (infinite) ۾ لهي ڇو اچي.“ شري اربندو ڳالهه جو جواب ڏنو ته: ”اهو برهما جي اصلي قوت (شڪتي ) جو لازمي اظهار هو.“
انسانذات جي باري ۾ هن لکيو آهي ته ”ان جو ذهني سطح وڌ ۾ وڌ امڪان واري حد تي نه آهي ۽ ماڻهوءَ کي پنهنجي من کان پري وڏي ٽپي لاءِ تيار رهڻ کپي ۽ انهيءَ ٽپي کي مون ”پورن يوگ“ ڪوٺيو آهي جو هڪ مڪمل ضابطو آهي ۽ جو ماڻهوءَ جي من ۽ جيون کي ڦيرائي سگھي ٿو.“ شري اربندو ان ڳالهه کي نهايت اهم سمجھيو هو ته ”مادي ۽ روح، انسان ۽ خدا، محدود دنيا ۽ قائم بالذات حقيقت ۽ وحدت کي ڪثرت سان ڪنهن طرح پاڻ ۾ سرچائي سگھجي.“

ارسطو

ارسطو
(384 ق. م کان 322 ق. م تائين)

يونان جو مشهور فلاسافر ۽ افلاطون جو شاگرد هو. هن ڪيئي ڪتاب لکيا آهن، جن مان مشهور آهن، “The constitution of Ethens” (اٿينس جو آئين). ”گفتگو“، ”بادشاهت“، ”اليگزانڊر“، ”وحشين جون رسمون“، ”فطري تاريخ“، “صحيح سوچ جو ذريعو“. اهي ڪتاب روح، فصيح تقرير، منطق، اخلاقيات ۽ طبعيات، مابعد الطبعيات، سياست ۽ فن – شاعري تي آهن. هر فلسفيءَ تي پورو ڪتاب لکي سگھجي ٿو. ارسطوءَ کي مختصر ڪرڻ ذري گھٽ ناممڪن آهي، ان ڪري طوالت جي خوف کان وڌيڪ نٿو لکان. •

اِرينا

اِرينا

مصنف جي 20، 22 ورهين جي روسي گائيڊ هئي، جنهن فرانس جي ”ڌارين ٻولين جي اداري“ ۾ ڊگري ورتي هئي. هوءَ سفر دوران مصنف جي گھري دوست ٿي وئي هئي ۽ هن سان رات جو ٻي، اڍائي بجي تائين ادبي ڪچهريون ڪندي هئي، جن تي هڪ الڳ ڪتاب لکي سگھجي ٿو. روسي اديبائن کي ويهن ورهين جي عمر ۾ ايترو مطالع ۽ عقل هُيو، جيترو هتي جي 75 ورهين جي پوڙهن اديبن کي به نه آهي. هُن مصنف کي ٻڌايو هو ته، جڏهن فيض ماسڪو ايندو آهي ته هڪ اديبا گائيڊ لڊميلا هن کي ووڊڪا جا جام ٺاهي ڏيندي آهي ۽ هن پهريون ڀيرو مصنف کي چيو هو ته اسان روسي اديب ڊاڪٽر زواگو تان بندش لهرائڻ لاءِ ڪوشش پيا ڪيون. ڇو ته پاسترناڪ، پُشڪن کان پوءِ روس جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو جنهن کي هوءَ فرانس ۾ فرينچ ترجمي ۾ پڙهي سگھي هئي.

اسپينسر

اسپينسر

1820ع ۾ جنم وٺندڙ هربرٽ اسپينسر 1853ع ۾ وفات ڪئي. هن قانون حياتيات، نفسيات، اخلاقيات، معاشيات ۽ فلسفي وغيره تي ڪيترائي ڪتاب ۽ پنهنجي آتم ڪهاڻي تخليق ڪئي. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي جا پويان صفحا پنهنجي موت کان اڳ لکيا هيا ۽ چيو هيائين ته: ”انهن پوين مايوسين ۽ صحت جي خرابي جي مون کي اڳواٽ ڄاڻ هجي ها ته ڇا مان لکڻ ڇڏي ڏيان ها؟“ ۽ پوءِ زور سان هٿ هلائي آخري ڀيرو چيائين ته: ”نه مان اهو نه ڇڏيان ها“.

اِساڪ بيبل (Isaac Babel)

اِساڪ بيبل (Isaac Babel)

اوڊيسا جي هڪ يهودي واپاريءَ جو پٽ هو. هو اتي 1894ع ۾ ڄائو هو ۽ سورنهن سالن جي عمر ۾ تلمود• پڙهيو هئائين ۽ 1915ع ۾ سينٽ پيٽرسبرگ ڏانهن هليو ويو هيو. 1916ع ۾ هن جي ادبي زندگيءَ جي ابتدا ٿي، جڏهن گورڪيءَ هن جون ڪجھه ڪهاڻيون پنهنجي مخزن لاءِ ورتيون. سوويت يونين ۾ خانه جنگي هلندي بيبل ڪجھه وقت لاءِ اتان جي فوج ۾ شامل ٿيو. دراصل هن جي ادبي زندگي 1924ع ۾ شروع ٿي، جڏهن هن هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب اشاعت لاءِ ڏنو، جو 1925ع ۾ شايع ٿيو. 1926ع ۾ هن مان اڪثر ڪهاڻيون هن جي نئين مجموعي ”سرخ رسالو“ ۾ شايع ٿيون، جنهنجي مطالعي مونکي ڪافي متاثر ڪيو. هو ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي جو زبردست قلمڪار هو ۽ هن ڪيترائي ناٽڪ به لکيا هيا، جن مان ”سانجهي“ ۽ ”ميريا“ اهڙا ناٽڪ هيا، جن تي سرڪاري حلقا مڇرجي پيا هيا. خاص ڪري 1934ع کان پوءِ جڏهن اسٽالن جي ادب تي سختگيري وڌي وئي هئي. 1934ع کان پوءِ هن جو ڪو به ڪتاب شايع نه ٿيو. چيو ويو آهي ته 1941ع ۾ هو ڪنهن لوڙهي ۾ بند هيو ۽ اتي ئي مري ويو. هن جي موت بعد 1957ع ۾ هِن جون چونڊ ڪهاڻيون شايع ٿيون.

اسٽالن

اسٽالن
(1879ع کان 1953ع تائين)

1924ع ۾ لينن جي موت کان پوءِ يو. ايس. ايس. آر ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اڳواڻ هو، جيسيتائين 1953ع ۾ هو دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب مري ويو. هو جارجيا جي گوري شهر ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ ۽ ماءُ موچي هيا ۽ طفلس جي هڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندا هيا. مذهبي پابنديءَ هن ۾ بغاوت جو جذبو پيدا ڪيو ۽ 1897ع ۾ هو هڪ مدرسي (Seminery) ۽ مارڪسي ٽولي جو اڳواڻ هو. هن جي ڪارواين سبب هن کي مدرسي مان نيڪالي ڏني وئي هئي. مدرسو ڇڏي اسٽالن طفلس جي رسدگاهه ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ڪئي. جيتوڻيڪ هن جي مکيه دلچسپي روسي جمهوري مزدور پارٽيءَ ۾ هئي. هُو انهي اداري ۾ هڪ پيشه ور فسادي ٿيو. ميڙ ڪٺا ڪري، طفلس ۽ باطوم ۾ هڙتالون ۽ مظاهرا ڪرايائين ۽ نيٺ پوليس جي وڪڙ ۾ آيو. هن کي باطوم ۾ گرفتار ڪري، قُطيسيءَ جي جيل ۾ هڪ سال لاءِ بند رکيائون. 1903 ع ۾ هن کي سائيبيريا بدر ڪيو ويو. جتي هن کي معلوم ٿيو ته پارٽيءَ ۾ منيشيوڪ ۽ بالشيوڪ وڙهي پيا هيا. هو بالشيويڪن سان ڌُر ٿيو. 1904ع ۾ هو ڀڄي نڪتو ۽ ڪاڪيزيا (ڪوهه قاف) ۾ پنهنجون زير زمين ڪاروايون شروع ڪيائين. 1905ع ۾ هو پهريون ڀيرو لينن سان فنلئنڊ ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ مليو. 25 جون 1907ع تي اسٽالن هڪ اسٽيٽ بئنڪ جي گاڏي تي ڌاڙو هڻارايو. 1908ع ۾ هن کي بڪوءَ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڇهن مهينن لاءِ سزا ڏئي وولوگڊا ڏانهن نيڪالي ڏني وئي. هن جي پهرين زال ڪئٿرين، جنهن سان هن 1904ع ۾ شادي ڪئي هئي 1907ع ۾ سلهه ۾ مري وئي ۽ ٻي زال ناديزدا، جنهن سان هن 1916ع ۾ شادي ڪئي، 1932ع ۾ آتم هتيا ڪري مري وئي.
1902ع کان 1917ع تائين اسٽالن هڪ طوفاني دؤر مان گذريو، جنهن ۾ هو ڪيئي ڀيرا گرفتار ٿيو، قيد ۾ وڌو ويو، جلاوطنيءَ ۾ موڪليو ويو ۽ ڪيئي ڀيرا اتان فرار ڪيائين. ڪنهن ڪنهن وقت هو انقلابي ادب تي ليک به لکندو هو. 1917ع جي انقلاب کان پوءِ هو پيٽرو گراڊ ۾ آيو ۽ ڪامينوف سان گڏجي، پراوڊا اخبار سنڀاليائين، جا پارٽي صحافت ۽ پارٽيءَ جو وڏو هٿيار هئي ۽ ان جو سرڪاري آواز هئي. انهيءَ دؤر ۾ هن پنهنجو اصلي نالو زگاشولي مٽائي پاڻ تي اسٽالن نالو رکيو يعني ”رُڪ جو ماڻهو“. مئي 1917ع ۾ اسٽالن پيپلز ڪميسارن جي ڪائونسل جو ميمبر ڪيو ويو ۽ 1922ع ۾ لينن هن کي پارٽي جو جنرل سيڪريٽري بڻايو. خانه جنگي (1918ع کان 1920ع تائين) هلندي هن سُرخ فوج لاءِ کاڌو ۽ رسد مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو خاص طور اسٽالن گراڊ ۾ (جا ان وقت زاريسٽن هئي) ڦڙت ۽ اثرائتو هو ۽ جڏهن ان تي سفيد فوج“ حملو ڪيو، ته هن شهر جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪيو. انهيءَ ئي دؤر ۾ اسٽالن ۽ ٽراٽسڪيءَ ۾ جهيڙو شروع ٿيو. جيڪو ان وقت جنگ جو ڪميسار هيو. (انهيءَ جهيڙي جو تفصيلي ذڪر مون اسٽالن تي هڪ ناول ۾ پڙهيو هو جو نهايت هُنرمنديءَ سان لکيو ويو آهي.) هن ٽراٽسڪيءَ جي اڪثرفرمانن کي ٿُڪ به نه هنئي. جڏهن لينن 1924ع ۾ مري ويو، هن زينوفيف ۽ ڪامينوف سان گڏجي ٽه – مورتي ٺاهي ورتي ۽ ٽراٽسڪيءَ ۽ هن جي پوئلڳن جي مخالفت ڪئي. پوئين ڏينهن ۾ لينن ۽ اسٽالن جا تعلقات ڏاڍا ڪشيده ٿي ويا ۽ لينن موت جي بستري تي پنهنجي زال کي وصيت لکرائي ڇڏي ته، اسٽالن کي يڪدم هٽايو وڃي. هو نهايت کهري طبيعت جو آهي ۽ اها ڳالهه ڪميونسٽن ۾ قابل برداشت نه آهي، خاص ڪري انهيءَ ماڻهوءَ ۾ جو سيڪريٽر جنرل آهي. چيو وڃي ٿو ته اسٽالن، لينن جي بيوه جي حمايت سان اها وصيت دٻائي ڇڏي. جيتوڻيڪ ڪجھه سالن کان پوءِ جڏهن هو چڱي طرح پير کوڙي چڪو هو، هن انهيءَ وصيت جو ذڪر ڪيو. پوئين ويڙهه اسٽالن ۽ ٽراٽسڪيءَ ۾ تڏهن آئي جڏهن ٽراٽسڪي انقلابي جي ٻارنهن ماسي کي 1927ع ۾ اسٽالن خلاف هنگامي ۾ بدلايو. جڏهن هو ان ۾ ڪامياب نه ٿيو، تڏهن اسٽالن هن کي ڪميونسٽ پارٽي جي ستر ميمبرن سان گڏ، پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو. جنوريءَ 1928ع ۾ ٽراٽسڪي کي جلاوطن ڪيو ويو. ان کان پوءِ اسٽالن پنهنجي صنعتي ترقيءَ ۽ اڪٺائي (مجموعيت – (Collectivization جو تصور ڏنو. هن شايد ڀانيو ٿي ته ائين ڪرڻ سان، يو. ايس. ايس. آر جا اقتصادي بنياد مضبوط ٿيندا. (پر 1991ع ۾ هر ڳالهه وڃي کڏ جي تري ۾ پئي ۽ جي آمريڪا، روس کي کاڌي لاءِ سامان نه پهچائي ها ته هِن سياري ۾ ماڻهو اتي مُردا ڪَٽي کائن ها.) پوءِ اسٽالن پنهنجا پراڻا ڪامريڊ، اليڪسي رِڪوف، نڪولائي بُخارن، گريگوري زينوفيف ۽ ليو ڪامينوف، ۽ ٻيا ڪيترائي ٽراٽسڪيءَ جا ساٿي پارٽي بدر ڪيا ۽ ”ماسڪو جي ڪاررواين“ ۾ انهن کي موت جي سزا ڏني. (آرٿر ڪوئسلر اها لُنءَ ڪانڊاريندڙ واردات پنهنجي ناول ”منجهند جو اونداهه“ ۾ وڏي فني مهارت سان ڏني آهي). 1939ع ۾ اسٽالن، هٽلر سان روس – جرمن پئڪٽ ڪري، دنيا کي ڇرڪائي وڌو. ڪيئي ڪميونسٽ ها، جن جا دماغ ٽڙڪي پيا. (مون ڊيلي ورڪر جي ڪميونسٽ ايڊيٽر ڊگلس هائيڊ جي آتم ڪهاڻي پڙهي، جنهن ٻي جنگ عظيم کان پوءِ ڪميونسٽن جا اهي افعال ڏسي ۽ جرمنيءَ ۾ روسي فوجين جي زنا بالجبر ڏسي، ڪئٿولڪ مذهب اختيار ڪيو هو. اهڙيءَ طرح ”رات مان ٻاهر“ هئمبرگ جي خلاصين جي يونين جي ڪميونسٽ سيڪريٽريءَ جي اهڙي آتم ڪهاڻي هئي، جنهن ۾ جن حالتن هن کي ڪميونزم کي الوداع ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو، انهن جي مطالعي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا هيا. مون جيڪو خدا ناڪامياب ٿيو (God that failed) کان وٺي سوين ڪتاب پڙهيا ته، اڳيان ڪميونسٽ، جن پنهنجن هڏن جي ڍير تي اها ڪميونزم جي عمارت اَڏي هئي. ڇو ڪميونزم کي ڇڏي ويا هيا. اهڙن ڪميونسٽن جي اها نفسيات ٿي چڪي هئي، ته ڪميونزم کي ڇڏي، پنهنجي نفس جي تسڪين لاءِ. پنهنجي اهڙي قدم لاءِ سبب ڏيندا هئا. اهي جن ڪميونزم لاءِ ايڏو سٺو هو، سڀ ڪوڙا ته نه ٿي ٿي سگھيا. جي انهن ۾ 5 سيڪڙو به سچ هجي ها تڏهن به اهو انهيءَ شيش محل کي ٽڙڪائڻ لازمي هو، جو ڪميونزم ٺاهيو هو. پر هينئر تاريخ ثابت ڪيو آهي ته جيڪي ڪجھه انهن لکيو هو. اهو سورنهن آنا سچ هو.)
ان وقت اسٽالن ڏيکاريو ته جرمنيءَ سان ٺاهه امن لاءِ هن جي استاديءَ جو وڏو ڪارنامو هو. پر هڪ مهيني کان پوءِ ڳالهه ظاهر ٿي پئي. جڏهن اسٽالن جي سرخ فوج پولينڊ جو اڌ والاري وئي. اسٽالن جا پول وڌيڪ پڌرا ٿي پيا. جڏهن نومبر 1939ع ۾ فنلئنڊ تي سرخ فوج جو حملو ٿيو. ڇو ته فِن قوم سرحد جي باري ۾ اسٽالن جون ڪجھه گھُرون نه ٿي قبوليون. اها نِلي پلي سامراجي والار هئي. 6 مئي 9141ع تي اسٽالن يو. ايس. ايس. آر جو سرڪاري طور سربراهه ۽ پيپلز ڪميسارن جي ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. پوءِ ان کي وزيرن جي ڪائونسل چيو ويو. اها ڳالهه يو.ايس.ايس.آر تي جرمنيءَ جي حملي کان ڪجھه هفتا اڳ ٿي. ٻي جنگ عظيم ۾ اسٽالن جي رهنمائي ۽ فولادي ارادي ماسڪو ڏي اڳتي وڌندڙ نازي فوج جي خلاف دفاع ڪيو ۽ آخر کين شڪست ڏني. 6 مئي 1943ع تي هن کي فيلڊ مارشل جو خطاب مليو ۽ 27 جون 9145ع تي جنرليسيمو جو خطاب مليو. 1943ع ۾ هو صدر روزويلٽ ۽ وزيراعظم چرچل سان طهران ڪانفرنس ۾ ۽ 1945ع ۾ صدر ٽرومئن ۽ چرچل سان يالٽا گڏجاڻيءَ ۾ ۽ پوسٽ ڊئم گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو. ان کان پوءِ اسٽالن جي پُراڻن اتحادين سان رَوش دشمنيءَ واري ٿي وئي. سويت اڳرائي ۽ هَلان جا برلن تي ٿي، انهيءَ رِٿ، پَهه ۽ راڄنيتي مَتي جو نتيجو هئي ۽ ان کان پوءِ ڏکڻ ڪوريا تي اُتر ڪوريا جي حمله آوري به ساڳي مصلحت هيٺ ڪئي وئي.
5 مارچ 1953ع تي اسٽالن جي حڪمرانيءَ جو اڻٽيهون سال پورو ٿيو،جڏهن هن جي دماغ جي رڳ ڦاٽي پئي ۽ موت هن جو اکيون هميشه لاءِ پوري ڇڏيون ۽ هن جيڪي پنهنجي دؤ ۾ ويهارو لک خون ڪيا هئا، اهي کيس ڦٻيا يا نه، اهو ته حساب منڪر نڪير جي وهي کاتي ۾ هوندو. پر پوءِ به هن کي ٿوري وقت لاءِ ڪريملين ۾ قبر نصيب ٿي.
هن جي موت کان پوءِ فرسٽ سيڪريٽريءَ نڪيتا ڪروشنچوف هُن جي شخصيت پرستيءَ جي پاڙ پٽي ڦٽي ڪئي ۽ 24 فيبروريءَ 1956ع تي هُن انهيءَ ظالم امر تي 1937ع ۾ مرڪزي ڪميٽيءَ جي 133 ميمبرن مان 70 جي قتل، ”پاڪ صاف ڪرڻ واري تحقيقات“ (Purge trials) ذريعي خونِ ناحق، 1930ع واري زمين – اڪٺائيءَ واري ڪارروائيءَ ۾ هزارين قتل (جن جي بي رحميءَ جو ذڪر ”ڊاڪٽر زواگو“ ۾ پاسترناڪ نهايت چابڪ دستيءَ سان ڪيو آهي.) ماسڪو جي گھيراءَ وقت ذاتي بزدلي جي مظاهري (جڏهن هو شهر ڇڏي هليو ويو هو) ۽ 1949ع ۾ مارشل ٽيٽو جي برگشتگي ۽ بغاوت، انهن سڀني ڳالهين جا علي الاعلان الزام ڏنا. اسٽالن جي ان بت شڪنيءَ، يو.ايس. ايس آر جا بنياد ڪڍي وڌا. پولينڊ ۽ هنگريءَ جي رهواسين آڪٽوبر ۾ بلوو ڪيو. (مون ان تي هڪ ٺاهوڪو ڪتاب (Revolt of the mind) ساهيوال جيل ۾ پڙهيو هو. جنهن جو ذڪر مان پنهنجي ڊائري ۾ ڪري چڪو آهيان). هنگريءَ ۾ اڀار کي بي ترسيءَ سان ڪچليو ويو. 1961ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ويهين ڪانگريس حڪم ڪيو ته اسٽالن جي لاش کي ماسڪو ۾ لينن واري مقبري وٽان ڪڍايو وڃي. (جڏهن مان 1976ع ۾ ماسڪو ويو هوس ته هِن ”رُڪَ جي ماڻهو“ جي ڪريملن ۾ مٽيءَ ڀور به نه هئي.) اسٽالن کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. هن جو وڏو پٽ ياڪوف جرمنيءَ جي قيد خاني ۾ مري ويو ۽ ننڍو پٽ 1962ع ۾ ڪار جي حادثي ۾ مري ويو. هن جي ڌيءَ سيوتلينا 1967ع ۾ يو. ايس فرار ٿي وئي، جتي هن جي آتم ڪهاڻي ڇپي، جيڪا مون جڏهن پڙهي ته منهنجا وار اڀا ٿي ويا.
اسٽالن، انهيءَ انانيت جو نتيجو آهي جا انهيءَ شخص ۾ پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي خدا جو ڪو به تصور نه آهي، جيڪو ڪنهن ابدي انصاف ۾ اعتبار نه ٿو رکي، جو ماديت پسند آهي، ۽ مائڪو وسڪيءَ چواڻيءَ، ”توکي ڇاتيءَ ۾ ڇُرو هڻي، کلندو هليو وڃي ٿو.“ اسٽالن جي موت کان پوءِ آخر ۾ 1991ع ۾ يو. ايس ايس آر ڪيئن ٽٽي ۽ ان کي گوربچوف جي ”پريسٽرائڪ“ به بچائي نه سگھي، اهو هڪ عبرت جو داستان آهي. پاسترناڪ جي قبر تي اڃان تائين گُلن جي ورکا ٿئي ٿي، اسٽالن جي قبر تي ڪوئي پادر هڻڻ به پنهنجي توهين سمجھي ٿو. دنيا جي هر آمر جو انت اهو آهي جو اسٽالن جو ٿيو. غالب ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:
بقدرِ حوصلہءِ عشق جلوه ريزي ہے
وگر نہ خانہءِ آئینہ کی فضا معلوم

مطلق اقدار (Absolute values) پاينده آهن، ٻي سڀ بڪواس آهي. ڏهه احڪامِ الاهي اڄ به اوتري معنى رکن ٿا، جيتري عهدِ قديم ۾ رکندا هئا.
تابه ديوار و دَرش تازه کُنم عهد قديم
گاهي از کوچهءِ معشوقهءِ خود مي گذرم

(شهر يار)
(ترجمو: جيئن هن جي ديوار ۽ در سان قديم عهد تازو ڪيان، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي معشوقه جي گھٽيءَ مان لنگھان ٿو.)

اسپنڊر سر اسٽيفن (Spender, Sir Stephen)

اسپنڊر سر اسٽيفن (Spender, Sir Stephen)

1909ع ۾ لنڊن ۾ ڄائو، مان ڀانيان ٿو ته اڃان تائين جيئرو آهي. هو انگريزي شاعر ۽ تنقيد نگار آهي ۽ 1930ع واري دؤر جي نئين ادب (New writings) ۾ هن جو ڪافي اثر رسوخ رهيو آهي. مان جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ته New writings جو ڪافي مطالعو ڪندو هوس، جي اڃان تائين منهنجي لائبريري ۾ آهن. هو سياسي طور باشعور انسان آهي ۽ هنجي شاعري ۾ صنعتي دؤر جا پاڇاوان آهن. پر هن ذاتي ۽ اندروني جذبات جي اظهار ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي ۽ ان لاءِ مشهور آهي. هن جو ڪتاب ”نظم“ (Poems) 1933ع ۾ ڇپيو. هن جا دوست ۽ همعصر انگريزي جا مشهور شاعر آڊن، (Auden) اِشرووڊ (Isherwood) ۽ مئڪ نيس (Mac Niece) رهيا آهن.
هن پنهنجو سياسي نظريو، ”انڪائونٽر“ (Encounter) جي مدير جي حيثيت ۾ ۽ پنهنجي تنقيدي ڪتاب ”تخليقي عنصر“ ۾ 1953ع ۾ ڏنو هو. 1951ع ۾ هو اڳيئي پنهنجي آتم ڪهاڻي ”دنيا اندر دنيا“ (World within world) ڇپرائي چڪو هو.
جيتري قدر مون کي پنهنجي مطالعي مان ياد پوي ٿو ته هو هيمنگوي وغيره سان گڏ ”جنرل فرانڪو“ خلاف اسپين ۾ ٺاهيل ”بين الاقوامي برگيڊ“ ۾ شامل هو.

افلاطون (Plato)

افلاطون (Plato)
(428-ق. م کان 347 ق. م تائين)

يوناني فلسفي، ايٿنز جي مٿين طبقي مان هو. ننڍي عمر ۾ ئي هن سقراط سان پاڻ کي وابسته ڪيو ۽ هن جي تحرير مان ظاهر آهي ته سقراط جو هن تي ڪيترو اثر آهي. سقراط کي 399 ق. م ۾ هيملاڪ زهر ڏني وئي هئي جنهن وقت افلاطون جي عمر 30 سال هئي، جنهن کان پوءِ هو ايٿنز ڇڏي هليو ويو هو. اهو چئي نٿو سگھجي ته هو مصر يا سائرين (Cyrene) ويو هو جا هن جي باري ۾ روايت آهي. هو اٽليءَ ضرور ويو هو، جتي هن تي فيثاغورٽ جي پيروي ڪندڙن جو ڏاڍو اثر ٿيو هو ۽ پوءِ سسليءَ ويو هو، جتي هن ڊايوئان (Dioan) سان پڪي دوستي رکي هئي جو ڊايونيس (Dionysius) جي دربار ۾ شامل هو ۽ جو ان وقت سراڪيوس (Syracuse) جو هڪ جابر حڪمران هيو. 386 ق. م ۾ افلاطون ايٿنز موٽي آيو ۽ پنهنجي اڪيڊمي قائم ڪيائين، جنهن ۾ هن وفات تائين تعليم ڏني ۽ صرف ٻه ڀيرا ان ۾ رخنو وڌائين. اهي ٻئي ڀيرا هو Dionysius II جي دعوت تي ويو هو، جيڪو پنهنجي پيءُ جي موت کان پوءِ تخت نشين ٿيو هو. جيتوڻيڪ افلاطون کي ان ڳالهه جي توقع هئي ته ڊايوئان (Dioan) جي مدد سان هو نوجوان حڪمران کي، حڪومت جي سڌاري ۾ مدد ڪري سگھندو، پر هو انهيءَ ڳالهه ۾ ڪامياب نه ٿيو. هن جي فلسفي ۾ اها واحد ڪوشش هئي، جنهن ۾ هن عملي سياست تي اثر انداز ٿيڻ چاهيو پئي. ايٿنز موٽي هن اتان جي عوامي زندگيءَ ۾ بهرو نه ورتو ۽ ان جو سبب جمهوريت ۾ اهي زيادتيون هيون جي آخر ۾ سقراط جي موت جو باعث بڻيون. 30 اميرن جي حڪومت شهر تي حڪم هلائي رهي هئي ۽ جنهن ڪيئي ظلم ڪيا هيا. سندس اڪيڊمي ڦلي ڦولي ۽ 429ع تائين علم دانش جو مرڪز رهي، جيستائين شهنشاهه جسٽينين فلسفي جا مڪتب بند ڪري ڇڏيا. هو پنهنجي اوائلي زندگيءَ ۾ سياسيات ۾ دلچسپي رکندو هو. پنهنجي زندگيءَ جي هر دؤر ۾ افلاطون پنهنجا مڪالما شايع ڪيا، جن هن جو نالو هڪ قديم فلسفيءَ جي حيثيت ۾ مڃرايو آهي. اهي عام فهم تحريرون آهن، جن ۾ ڪي خاص نُڪتا اخلاقيات، مابعد الطبعيات ۽ علمِ ادراڪ (Epistemology) جا سيکاريا ويا ۽ انهن تي وڌيڪ روشني وڌي وئي. انهن مڪالمن ۾ سلسليوار فلسفو سيکاريو نه ويو آهي ۽ نه اهي تضاد کان آجا آهن. اهي مڪالما 42 ٿيندا، جن ۾ اهي ست به شامل آهن، جي بناوٽي ۽ جڙتو آهن ۽ چار اهي به آهن جن جي باري ۾ قديم زماني ۾ ئي شڪ هوندو هو ته اهي افلاطون جا آهن يا نه. گمان اهو آهي ته 25-28 مڪالما اصلي آهن. انهن مڪالمن کي نه رڳو ڊرامائي انداز آهي ۽ چٽي عبارت آهي پر انهن کي سوانح حيات جي حيثيت ۾ به اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته سقراط انهن ۾ ڳالهائيندو ۽ عمل ڪندو نظر اچي ٿو، جيئن هو پنهنجي جيئري ڪندو هيو. انهن ۾ گفتگو زياده آهي ۽ رپورتاز گھٽ آهي. هن جي وچولي وهيءَ جا مشهور ڪتاب ”فيڊو“ (Phaedo) ”مذاڪره/مباحثا“ ۽ ”جمهوري سلطنت“ آهن، جن ۾ سقراط پنهنجا اصول ٻڌايا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين ڪندي ڏند ڪٿائن جو سهارو ورتو اٿائين. ان ڳالهه تي ڪافي بحث هليو آهي ته اهي مڪالما سقراط جا هيا ۽ تاريخي طور هن سان منسوب ڪري سگھجن ٿا يا نه. يا اهي فقط افلاطون جي تخليق هيا. پر اهو سوال ايترو ته منجھيل آهي جو ان جو قطعي جواب ممڪن نه آهي. انهن ڪتابن کان سواءِ ٻيا به افلاطون جا ڪتاب آهن، جن ۾ سقراط جو ذڪر گھٽ يا بنهه ڪونه آهي.
افلاطون جي فلسفي جي مرڪزي ڳالهه تخيل جي ٿيوري (Theory of idea) هئي، جنهن منجهه هر ڳالهه جا اسان دنيا ۾ ڏسون ٿا سا ڪنهن مڪمل خيال يا هيئت جو نامڪمل اتارو آهي. هن جو مطلب اهو نه آهي ته هر شيءِ جي باري ۾ ڪنهن نه ڪنهن تخيل جو وجود آهي، پر مقصد اهو آهي ته هر تخيل شين جي ذات جي باري ۾ آهي، جنهن جو هڪ مخصوص نالو آهي. مثال طور: انسان جو تخيل آهي ۽ هر انسان ان تخيل ۾ شامل آهي، جيتوڻيڪ هر ڪوئي ان تخيل تي پورو نٿو اچي، ڇاڪاڻ جو هر ڪوئي نامڪمل ۽ تغير پذير آهي، تنهن ڪري بنيادي طور غير حقيقي آهي. ۽ ڇاڪاڻ جو صحيح حقيقتون ته فقط تخيل (Ideas) ئي آهن. اهي تخيل ائين نه آهن، جيئن انسان جي ذهن ۾ اچن ٿا. پر انهن جو وجود زمان ۽ مڪان کان ٻاهر آهي ۽ ان ۾ ڪو به تغير نٿو اچي ۽ نه اهي دنيوي شين جي تغير سان متاثر ٿين ٿا. پر جيڪي شيون تغير ۾ اچن ٿيون، انهن جو حقيقي علم ممڪن ناهي ۽ ان ڪري جيڪي شيون تغير ۾ نٿيون اچن، اهي ئي فقط حقيقي آهن ۽ هن ڪائنات ۾ علم جو حصو ٿي سگھن ٿيون. بهر صورت انسان کي رايو آهي، جنهن ۾ ڦير گھير جي گنجائش آهي ۽ جيڪو ڪڏهن به عقل جي خلاف ٿي سگھي ٿو ۽ اسان کي فريب ڏئي سگھي ٿو. پر صحيح علم کي دوام آهي، اهو عقل تي بيٺل آهي ۽ پائيدار آهي، ڇو ته تخيل غير مادي آهن ۽ تنهن ڪري اهي پوشيده ۽ غير محسوس آهن ۽ انهن جو علم رڳو عقل جي ذريعي حاصل ٿي سگھي ٿو، جن تي حس جو اثر نه آهي؛ ۽ پنهنجي جدليات جي ذريعي افلاطون ان نتيجي تي پهچي ٿو ته اهي شيون جيڪي محسوس ٿين ٿيون، اهي اسان کي انهن تخيلن جي يادگيري ڏيارن ٿيون، جن جو اهي اتارو آهن ۽ اهو ان ڪري ئي ڪري سگھن ٿيون جو انسان جو روح جسم ۾ گھڙڻ کان اڳ ۾ ٻي دنيا ۾ انهن جي روبرو اچي چڪو آهي، جيتوڻيڪ هتي اچي انهن جي باري ۾ ڪافي ڪجھه وساري چڪو آهي؛ پر هن اهي سڀ تخيل وساريا نه آهن؛ جيڪڏهن هو انهن جي ياد لاءِ جدوجهد ڪري ته اهي اتارا، پوءِ اهي جھڪا ۽ گنجريل ڇو نه هجن، اصل حقيقت جي نشاندهي ڪري سگھن ٿا، جيئن تصويرون جيڪي چڱيءَ طرح نڪتل نه هونديون آهن، اصل جي يادگيري ڏياري سگهنديون آهن. اهو ئي افلاطون جو نظريو آهي، ”سکيا سارَ آهي“ (Learning is recollection) ۽ اهو روح جي پائندگي ۾ اعتبار ڪري ٿو، جو موت بعد وري زندگي حاصل ڪري ٿو، جيئن آواگون ۽ پُنر جنم ۾ حاصل ٿي سگھي ٿي.
افلاطون دنيا جي عظيم ترين فلسفين ۽ ليکڪن مان هڪ آهي ۽ هن جا مڪالما اڃا تائين دانشورن ۽ فلسفين تي اثر انداز ٿين ٿا. مٿي جن ڪتابن جو ذڪر آيل آهي، انهن کان سواءِ ”مذاڪرا/مباحثا“ ۾ هڪ دعوت تي مهمان پيار تي بحث ڪن ٿا ۽ (Protagorus) پروٽاگورس ۾ نيڪيءَ کي ۽ علم کي ساڳي ڳالهه ڏيکاريو ويو آهي. مڪالمي ۾ سقراط جو جدلياتي طريقو آهي، جنهن ۾ ڪردار هڪ ٻئي سان اختلاف رکن ٿا ۽ سوال جواب ڪن ٿا. خاص ڳالهه جا مڪالمي ۾ آهي، اها شاعرانه ڏند ڪٿا آهي، جا تمثيل وانگر آهي.
ادبي لحاظ کان به افلاطون جي تحرير کي پنهنجي عظمت آهي ۽ هو دنيا جي ڪنهن به اديب سان ڀيٽي سگھجي ٿو ۽ هن جي تحرير نظم ۽ نثر جي سرحد تي آهي ۽ پنهنجي ڀانت ڀانت روپ ۾ اَکٽ آهي، ڇو ته هو پنهنجي تحرير ”گفتگو“ ۾ سهنجائيءَ ۽ سونهن سوڀيا سان اڳتي وڌي ٿو ۽ غير اهلِ ڪتاب جي ادب ۾ فصاحت جي بلنديءَ تي پهچي ٿو. هن ۾ طنز و مزاح آهي، پر الميه به نهايت دردانگيز اسلوبِ ۾ آهن ۽ اهڙي تحرير ان وقت جي ملحد ادب ۾ نٿي ملي.

البيروني، ابوريحان

البيروني، ابوريحان
(9 سيپٽمبر 973ع کان 13 سيپٽمبر 1048ع تائين)

محمد بن احمد الخوارزمي، البيروني، مشهور مسلمان سائنسدان، ارضيات، تاريخ، لسانيات، رياضي ۽ نجوم جو ماهر هو ۽ وچ ايشيا جي رياست خيوا (خوارزم) جي ويجھڙائي ۾ پيدا ٿيو هو. ان وقت عراق جي خاندان جي حڪومت هئي. شاھه خوارزم احمد بن محمد جو سؤٽ ابو نصير منصور بن عليءَ، البيروني تي پنهنجو هٿ رکيو ۽ تعليم ڏياري ۽ ڪجھه عرصي کان پوءِ جڏهن آل – عراق جي حڪومت ختم ٿي وئي، تڏهن البيرونيءَ وطن ترڪ ڪيو ۽ جرجان جي قابوس وٽ درٻار ۾ ويو. 995 ع ۾ البيروني جرجان پهتو جتي هن کي پذيرائي ملي. هُن پنهنجي پهرين تصنيف ”آثار باقيه“ سنه 1000ع ۾ لکي ۽ ان کي قابوس جو نالو ڏنو ويو. خوارزم ۾ حالتون بهتر ٿيون ته البيروني اتي موٽي آيو ۽ علي بن مامون جي دربار ۾ زندگي گذارڻ لڳو. اتي هن جي ملاقات بو علي سينا سان ٿي. ٻئي پنهنجي دؤر جا عظيم دانشور هيا. علي بن مامون جي وفات کان پوءِ ٻئي هن جي ڀاءُ ابوالعباس مامون جي دربار سان وابسته رهيا جو 1009ع ۾ خوارزم جي تخت تي ويٺو. 1016ع ۾ عوام هن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي سال محمود غزنوي خوارزم کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. بوعلي سينا ۽ ٻيا عالم ته اتان هليا ويا، مگر البيروني محمود غزنويءَ جي دربار ۾ رهيو. 1017ع ۾ البيروني غزني آيو. ٻي سال اتي هڪ رصد خانو (Observatory) قائم ڪيائين ۽ ٻه سال مطالعي ۾ گذاريائين. ان کان پوءِ هن هندستان جو رستو ورتو. ان وچ ۾ محمود غزنوي هندستان فتح ڪري چڪو هو. هندستان ۾ البيروني گھڻو وقت اجمير ۾ گذاريو ۽ هن اتان جا مشهور ڄاڻو ۽ پنڊت ڪٺا ڪيا، جن کان هن قديم علم ۽ سنسڪرت ٻولي سکي. ان کان سواءِ هن هندي تهذيب (سڀيتا) ۽ ثقافت (سنسڪرتيءَ) جو گھرو مطالعو ڪيو. اِهو اُهو وقت هيو، جڏهن سمجھيو ويندو هو ته ڪنهن هندوءَ کان علم حاصل ڪري نه ٿو سگھجي. پر هندو البيروني سان ايترو ريجھيل هئا، جو هُن کي ”وديا ساگر“ چوندا هيا. البيروني انهن جي ڌرمي ڪتاب ”ڀڳوت گيتا“ جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ هندي سڀيتا تي هڪ ڪتاب ”ڪتاب الهند“ لکيائين. جنهن جا ٻئي حصا اعظم ڳڙهه اردوءَ ۾ ڇپيا آهن ۽ جو مون پڙهيو آهي.
البيروني هڪ ماهر هيئت دان هيو ۽ ان دؤر ۾ هيئت جي مشاهدن کان غافل نه هيو. هن پنجاب جي مشهور شهرن لاهور، جَهلم، سيالڪوٽ، ملتان، کان سواءِ پشاور جو مشاهدو به ڪيو ۽ اتان قطبي تاري جي بلندي جاچڻ جو ڪم پورو ڪيو. هنن شهرن ۾ زياده تر هن جو قيام ملتان ۽ جهلم ۾ هيو ۽ جهلم جي هڪ ڳوٺ ”نندنان“ ۾ هڪ ڍير تي ويهي هن زمين جي محيط ۽ قطر جي پيمائش ڪئي، جا بلڪل ٺيڪ نڪتي. 1029ع ۾ البيروني هندستان مان واپس ويو ۽ ٻئي سال محمدو غزنويءَ جي دربار سان البيروني وابسته رهيو، جتي هن هيئت ۽ نجوم تي هڪ ڪتاب لکيو. 1040ع ۾ مسعود قتل ٿي ويو ۽ هن جو پٽ مودود تخت تي ويٺو. البيروني جو تعلق ان جي درٻار سان به رهيو، جتي هن جواهرن جي خاصيتن تي هڪ رسالو لکيو ان کان 8 سال پوءِ هو گذاري ويو.
مؤرخ شهزوري لکيو آهي ته، ”البيروني هميشه تصنيف ۽ تاليف ۾ مشعول رهندو هيو. هن جو هٿ قلم ۾ هوندو هيو. اک مطالعي ۾ ۽ دل غور ۽ فڪر ۾، جا ڳالهه هو فقط ماني کائڻ وقت ڇڏيندو هيو. (جڏهن آنءٌ ته ماني کائڻ وقت به پڙهندو رهيو آهيان). هن جون تصنيفون هڪ اُٺ جي بوجهه کان زياده آهن. مؤرخ ياقوت لکيو آهي ته، ”هن، البيروني جي ڪتابن جي فهرست ڏٺي هئي جا 60 صفحن کان مٿي هئي.“
البيروني هر ڳالهه عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو هيو ۽ هن جي ذات، ادب ۽ سائنس جو سنگم هئي هڪ طرف هو عربي، فارسي، سنسڪرت، يوناني، هندي ۽ عبراني ٻولين جو ماهر هيو. ٻئي طرف هو رياضي جا ڏکيا مسئلا به ڄاڻيندو هو. هن هندو مذهب جو مطالعو ڪيو ۽ ان جا مقدس ڪتاب سڌي طرح ان ٻوليءَ ۾ پڙهيا، پر هن جي شخصيت جو دلچسپ پهلو هي هيو ته هن پنهنجو وڏي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سياست ۾ حصو نه ورتو.
منهنجي خيال ۾ البيروني ۾ نه رڳو مشرق جو هر هنر ۽ جينيس هيو پر هو تاريخ جو صحيح معنى ۾ باني به هو. مون ڪٿي پڙهيو هو ته هندستان جي اوائلي تاريخ فقط ڌرمي ڪتابن مان ئي سهيڙي سگھجي ٿي، ڇو ته هندو، مايا جي فلسفي ۾ اعتبار ڪندا هيا ۽ وقت کي نظر جو فريب سمجھندا هيا. ڇاڪاڻ جو تاريخ وقت جو معاملو آهي، هندن اوائلي هندستان جي ڪا به با ترتيب تاريخ نه لکي ۽ تاريخ جو فن هو مسلمانن مان سکيا ۽ انهن ۾ البيروني سڀني کان عظيم هو.

امام رازي

امام رازي
(543 هجري کان 609 هجري تائين)

اسلام جا جيڪي اڪابر فيلسوف ٿي گذريا آهن، انهن مان هڪ هيو. هن جو نالو محمد ابو عبدالله هيو ۽ هرات ۾ هن کي شيخ الاسلام جي نالي سان سڏيندا هيا. هن جي تعليم و ترتيب هن جي پيءُ ڪئي ۽ هن کانئس علم – ڪلام ۽ علم – فقه جي تعليم حاصل ڪئي. پيءُ جي وفات کان پوءِ ڪمال سمناني کان وڌيڪ تعليم ورتائين. ان کان پوءِ هن علم حڪمت ڏانهن توجھه ڪئي ۽ ”ري“ ۾ (جتي هو ڄائو هو) موٽي آيو ۽ اتي حڪمت جي علم ڏانهن ڌيان ڏنائين. هو پنهنجي دؤر جو وڏو واعظ، متڪلم، صوفي، محدث، اديب ۽ انشاپرداز هيو. 63 سالن جي عمر ۾ هو عيدالفطر جي ڏينهن هرات ۾ گذاري ويو. هن موت جي وقت سڀ ٻانها ۽ ٻانهيون آزاد ڪري ڇڏيا ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي مال مان ڪجھه نه ڪجھه ڏنائين. چيو وڃي ٿو ته هن مرڻ مهل 80 هزار اشرفيون ڇڏيون. جنهن طرح شيخ بوعلي سينا ۽ ابو نصر فارابي ارسطوءَ جي فلسفي جا پوئلڳ هيا ۽ مشهور ٿي چڪا هيا، تنهن طرح امام رازيءَ کي وري ارسطوءَ تي اعتراض سبب ناموري ملي هئي. مولانا شبلي مرحوم علم الڪلام ۾ لکيو آهي ته هن جي فلسفي جو علم الڪلام سان ايترو تعلق هيو جو جيڪي به مسئلا اسلام جي خلاف هيا، انهن کي هن باطل ثابت ڪيو ۽ ڇاڪاڻ جو متڪلمين (هڪ اسلامي فرقو) انهيءَ تي راضي نه ٿيا، هن يوناني فلسفي جون غلطيون ثابت ڪيون. پر ان طرح يوناني فلسفي جو ترجمو ٿيو ۽ اٽلو ماڻهو ان جا پوئلڳ ٿي ويا.
تاريخ حڪماءِ اسلام ۾ هن تي ڪافي وڏو مضمون آهي ۽ هن تي هڪ الڳ ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي. علامه اقبال لاءِ رومي ۽ رازي به اسلام جي باري ۾ علامتون آهن ۽ هن جو مشهور شعر آهي:
اسی کشمکش ميں گذريں ميری زندگی کی راتيں،
کبهی سوز و ساز رومی، کبهی پيچ و تابِ رازی.

(انهيءَ ڪشمڪش ۾ گذريون، منهنجي زندگيءَ جون راتيون، ڪڏهن روميءَ جو سوز و ساز ۽ڪڏهن رازيءَ جو پيچ و تاب.)

امام غزالي (ؓ)

امام غزالي (ؓ)

مشهور مسلمان مفڪر جنهن جو نالو محمد هو ۽ غزاليءَ جي نالي سان معروف هيو. هو خراسان جي ضلعي تهران ۾ پيدا ٿيو هو. هن جو پيءَ ڪپهه جو واپاري هيو، تنهن ڪري سندس خاندان کي ”غزالي“ چوندا هيا، ڇو ته ڪپهه ٽاڻيندڙ کي عربيءَ ۾ غزالي چوندا آهن. ان علامه ابو اسحاق شيرازيءَ کان نيشاپور ۾ تعليم ورتي ۽ ساري زندگي اتي پڙهندو رهيو. ان وچ ۾ هن ڪيئي تصنيفون لکيون. ابو اسحاق جي انتقال کان پوءِ هو نيشاپور مان وڏي ٺاٺ سان نڪتو ۽ اسلامي دنيا ۾ سندس ڪوئي ثاني ڪونه هيو. ان وقت هن جي عمر 28 ورهيه هئي. نيشاپور کان پوءِ هو نظام الملڪ جي دربار ۾ آيو، جتي هن جي ڪافي تعظيم ٿي ۽ هن وڏا مناظرا ڪيا. هن کي اتي مدرسي جو اعلى آفيسر مقرر ڪيو ويو، تنهن وقت هو 34 سالن جو هيو ۽ هن جي علم ۽ فضل جي ڌاڪ ويهجي چڪي هئي. 427هه ۾ خليفي مقتدر بالله جي وفات کان پوءِ جڏهن مسطهر بالله خليفو ٿيو ته هن جي بيعت ۾ ٻين سان گڏ امام غزالي به شريڪ ٿيو. هن جا 300 مدرسا هيا ۽ هن وٽ سئو امير ۽ رئيس باقاعدي حاضري ڏيندا هيا ۽ علمي بحث مباحثن ۾ حصو وٺندا هيا.
امام غزالي ءَ ۾ اجتهاد جو جذبو ڏاڍو هيو؛ جتي به مذهب تي بحث مباحثا ٿيندا هيا، امام اتي ويندو هيو ۽ ان طرح هر مذهب کي پرکيائين ۽ تقليد جي بندش ٽوڙي ڇڏيائين. ان وقت چار فرقا مشهور هيا: متڪلمين، باطنيه، فلاسفه ۽ صوفيه. انهن سڀني تي هن تحقيقات شروع ڪئي ۽ پراڻيون تصنيفون به پڙهيائين پر هن کي ڪا به تسلي نه ٿي. 448هه ۾ هو دمشق آيو. مجاهدو ۽ رياضت شروع ڪيائين ۽ مراقبي وغيره سان گڏ جامعه اسويه ۾ درس ڏيندو رهيو. ٻن سالن کان پوءِ بيت المقدس جي زيارت تي پهتو ۽ حج جي نيت سان مصر ۽ اسڪندريه مان ٿيندو، مڪي پهتو. 449هه ۾ جڏهن خليل جي مقام تي پهتو ته وعدو ڪيائين ته نه ڪنهن بادشاهه جي دربار ۾ ويندو ۽ نه ڪو عطيو قبول ڪندو ۽ نه وري ڪنهن مناظري ۾ حصو وٺندو. مرڻ گھڙيءَ تائين ان ڳالهه تي پختو رهيو. هن، ان سفر تي هڪ ڪتاب لکيو جنهن جو نالو ”احياءِ علوم“ رکيائين. 499هه ۾ هو سلجوقي بادشاهه جي چوڻ تي وري نيشاپور جي مدرسي ۾ ويو. 500 هه ۾ اهو بادشاهه فوت ٿي ويو ۽ امام صاحب وري گوشه نشيني اختيار ڪئي. هن تي زنديقيت جون فتوائون به ڏنيون ويون، پر هن تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ نه وري هو گوشه نشينيءَ ڏي موٽيو. سندس دل ۾ حديث پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ هو مشهور محدث حافظ عمر بن ابي الحسن وٽ طوس آيو ۽ امام صاحب کان صحيح بخاري ۽ مسلم جي سند ورتائين. هن وٽ دور دور کان فتوى لاءِ تقاضائون ٿينديون هيون ۽ هو انهن جا جواب لکي موڪليندو هيو. هن جا سوين ڪتاب لکيل آهن.
امام غزاليءَ جي تصنيفن تي ڪيترن ئي عالمن حاشيا (نوٽ) لکيا آهن. تقليد جو هو سخت دشمن هيو ۽ عقيدن جي اصلاح ۾ نهايت مصروف رهيو.
505هه ۾ تهران ۾ هن جو انتقال ٿيو ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي.

امير خسرو

امير خسرو
(1253 کان 1325ع تائين)

ننڍي کنڊ جو پارسيءَ جو عظيم شاعر هو جو اتر پرديش ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ سيف الدين محمود، سلطان التمش جي زماني ۾ فوجي ملازم هيو. جڏهن خسروءَ جي عمر اٺ سال هئي تڏهن هن جي پيءُ جو انتقال ٿي ويو ۽ هو ناني جي نگهداشت ۾ اچي ويو. جڏهن هن جو نانو گذاري ويو تڏهن هن سلطان بلبن جي ڀاڻيجي وٽ ملازمت ڪئي ۽ انهيءَ سان گڏ ملتان هليو ويو. 1284ع شهزادي محمد سان گڏ مغلن خلاف جنگ ۾ شريڪ ٿيو. شهزادو محمد ماريو ويو ۽ خسرو قيد ڪيو ويو. ڪجھه وقت کان پوءِ آزاد ٿي دهليءَ پهتو. 1227ع ۾ سلطان ڪيقباد هن کي پيءُ وٽ بنگال وٺي ويو. واپسيءَ تي هن اوڌَ جي حاڪم خاتم خان وٽ ٻه سال گذاريا. ان کان پوءِ خاتم خان کان اجازت وٺي دهليءَ آيو ۽ ڪيقباد جي سرپرستيءَ ۾ رهڻ لڳو. سلطان جلال الدين خلجيءَ جي دؤر ۾ (1290ع کان 1295ع تائين) خسروءَ کي خلعت ۽ امارت عطا ٿي ۽ هن جو ساليانو وظيفو 1200 ٽڪا مقرر ٿيو. جلال الدين خلجيءَ جي قتل کانپوءِ سلطان علاؤالدين خلجيءَ، خسروءَ جو وظيفو برقرار رکيو. سلطان قطب الدين (1316ع کان 1320ع تائين) ۽ سلطان غياث الدين تغلق (1320ع 1335ع تائين) جي دؤر ۾ امير خسرو بادشاهن جي ويجھو ۽ سرپرستيءَ هيٺ رهيو. پوئين عمر ۾ هو نظام الدين اولياءَ جو مريد ٿيو. سلطان محمد بن تغلق جي تخت نشينيءَ کان پوءِ امير خسرو گذاري ويو ۽ حضرت نظام الدين اولياءَ جي پيرانديءَ وٽ دفن ڪيو ويو.
هو ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هيو، جنهن ۾ غزلن جا 5 وڏا ڪتاب هيا جي پاڪستان ۾ چئن جلدن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ان کان سواءِ اردوءَ ۾ هن جو مشهور ڪتاب ”الفضل الفوائد“ (جنهن ۾ حضرت نظام الدين جي باري ۾ ملفوظات آهن) اهو به ڇپجي چڪو آهي. هو اردوءَ جو پهريون شاعر هيو، جنهن جي اڃا تائين پنهنجي زبان تي مهر آهي. هن جا دوها، ڪَهه مڪرنيون، ڳُجھارتون جي هندستاني زبان ۾ آهن نهايت مشهور آهن. مون خود هن وانگر ڪجھه ڳجهارتون لکيون آهن. هو عظيم شاعر سان گڏ هڪ موسيقيءَ جو به وڏو ماهر هيو ۽ هن جا ڪيئي راڳ ۽ راڳڻيون آهن. سِتار جو موجد به هن کي ئي سمجھيو ويندو آهي. موسيقيءَ ۾ خيال جو به هو باني هيو. مان هن جي شخصيت کان ڪافي متاثر رهيو آهيان . پاڪستاني ادب سبط – حسن ۽ سعيده گزدر ڪڍندا هيا. ان جي امير خسرو نمبر ۾ سبطِ – حسن ۽ خسروءَ تي فقط منهنجا اردوءَ ۾ شعر شامل ڪيا ها، ڇو ته هُن جي نظر ۾ اردو شاعر خسروءَ ۽ روحِ عصر ۾ مطابقت پيدا ڪري نه سگھيا ها ۽ هن تي فقط قصيدا لکي رهيا هيا.
منهنجي خيال ۾ امير خسرو مشرق ۾ ائين هر هنر و گھڻ ڪنڊو جينيس هيو جيئن ليونارڊو ڊاونچي مغرب ۾ هيو.

انارڪزم

انارڪزم

يوناني ٻوليءَ جي ”انارڪيا“ (Anarchia) يعني ”قانون جي عدم موجودگي“ مان نڪتو آهي، ۽ هڪ سياسي نظريو آهي، جو هر منظم اختيار کي رد ڪري ٿو. انارڪسٽ چون ٿا ته هر سرڪار بري ۽ ظالم آهي. هو فردن جي هڪ آزاد انجمن چاهن ٿا، جنهن ۾ نه فوج هجي، نه عدالتون، نه قيد ۽ نه وري لکيل قانون هجن. ان لحاظ کان منهجو دوست يوسف شاهين، اهو شعوري طرح نه ڄاڻندي به هڪ انارڪسٽ آهي. هنن جا طريقه ڪار مختلف رهيا آهن. ڪن امن پسنديءَ سان نراج واد اوڏانهن لاڙو چاهيو آهي ۽ ٻين انقلاب چاهيو آهي. انارڪسٽ (نراج واد) روس جي زار الينگزينڊر، اٽلي جي بادشاهه همبرٽ، فرانس جي صدر ڪارنو، آسٽريا جي راڻي اليزبيٿ، يو. ايس. اي جي صدر مئڪن لي (Mickinley) ۽ ٻن ٻين صدرن ”ڪينيڊي ڀائرن“ کي قتل ڪيو هو پر هر سياسي قتل، مثلاً گانڌي، اندرا گانڌيءَ يا راجيو گانڌيءَ يا ٽراٽسڪيءَ جي قتل جو محرڪ انارڪزم ناهي. ليوٽالسٽاءِ (1910ع – 1828ع) هڪ مذهبي انارڪسٽ هيو ۽ ان جو چوڻ هيو ته حڪومت جو وجود عيسائيت سان تضاد رکي ٿو ۽ ماڻهن تي حڪومت محبت جي ذريعي ڪئي وڃي. ماڻهن کي فوج ۾ نوڪري نه ڪرڻ گھرجي، نه ٽيڪسون ڏيڻ کپن، نه عدالتن کي مڃڻ گھرجي، جيئن موجوده نظام ڦهڪو ڏئي ڪري. هن جا اصول عدم تشدد (اهنسا) ۽ عدم تعاون (اسهڪار) جي ذريعي هندستان ۾ مهاتما گانڌيءَ اپنايا هيا. بين الاقوامي انارڪسٽ ڪانگريسون 1877ع ۽ 1907ع ۾ ڪيون ويون هيون. پر انارڪزم (نراج واد) ڪا مستقل تنظيم ٺاهي نه سگھي. انارڪوسنڊيڪلزم به انارڪزم جي هڪ شاخ هئي ۽ ڪجھه ملڪن ۾ ان جي تنظيم قائم ڪئي وئي هئي. مشهور انگريز اديب هربرٽ ريڊ هڪ انارڪو – سنڊيڪلسٽ هيو. انارڪسٽن، ڪميونسٽن سان ملي اسپين جي خلاف انٽرنيشنل برگيڊ ٺاهي هئي، جنهن ۾ ارنيسٽ هيمنگوي، آندري مالرو، جارج آرويل، ڪرسٽافر ڪاڊويل ۽ ڪرسٽافر اشرووڊ جهڙا اديب ۽ دانشور شامل هئا ۽ هنن اسپين جي شهرن ڪئٽلونيا ۽ بارسيلونا تي ڪجھه وقت قبضو به ڪيو هو، پر پوءِ جڏهن اسٽالن فرانس سان خفيه معاهدو ڪيو ته هن انارڪسٽن کي اڪيلو ڪري ڇڏيو ۽ اهي فرانڪو جي فوج هٿان ماريا ويا. ان دؤر نهايت خوبصورت شاعريءَ کي اتساهيو، جيئن ون – يونٽ خلاف جدوجهد سنڌيءَ شاعريءَ کي اتساهيو هو.
بڪونن، ميخائيل اليگزانڊرووچ، پرنس ڪروپٽڪن، پيٽر اليڪسيوفچ، پروڌان، پيئري جوزف، ٽالسٽاءِ وغيره مختلف قسم جا مشهور انارڪسٽ ٿيا آهن. منهنجي خيال ۾ جي بڪونن ست سال ساندهه جيل ۾ نه رهي ها ته هو ڪميونسٽ انٽرنيشنل تي ڇانئجي وڃي ها.

اوسپينسڪي

اوسپينسڪي

اوس پينسڪي جي نالي سان منهنجي واقفيت مرحوم اي. ڪي بروهيءَ 1951ع ۾ ڪرائي هئي. جڏهن اوس پينسڪيءَ جو ڪتاب Tertium Organum ڇپيو هو. مان هن کي سکر ۾ ڪنهن ڪانفرنس جي افتتاحي تقرير لاءِ دعوت ڏيڻ ويو هوس، جنهنجي صدارت مون ٿي ڪئي. مان ڀانيان ٿو هو ان وقت پاڪستان جو وزير قانون هو. تحفي طور مان هن وٽ ٻه ڪتاب کڻي ويو هوس. موٽ ۾ هن مون کي اوس پينسڪيءَ جو مٿيون ڪتاب ڏنو هو. اهو ڪتاب اڃان مون وٽ اي. ڪي بروهي جي دستخط سان موجود آهي. اوس پينسڪي، هڪ رياضيات جو ماهر به هو ۽ صوفي به هيو. جنهن جي فلسفي ۾ پهرين حصي ۾ خشڪ منطق هيو ۽ ٻئي حصي ۾ اتساهيل بصارت ۽ مشاهدو هيو. پنهنجي فلسفي جو بنياد هن عام طرح ڄاتل نظرئي (Fourth Dimension) تي رکيو هو. ان لفظ جي معني آهي لنبائيءَ/چوڙائيءَ ۽ گھرائيءَ کان پوءِ پيمائش جو چوٿون طريقو. ان جي ذريعي هن مشرقي تصوف ۾ مغربي فلسفي جي عقل پسنديءَ جي وچ ۾ پُل ٺاهي هئي – جا ڳالهه هن کان اڳ ڪوئي به پڪ سان چئي نه سگھيو هو. Tertium Organum جي معنى آهي ” خيال جو نئون ضابطو“ اهو پهريون ڪتاب هو، جنهن ۾ نئين رياضيات ۽ آئن اسٽائن جي نظريه اضافيت (Theory of relativity) کي فلسفي جي نقطه نگاهه کان ڏٺو ويو هو. اوس پينسڪي 1878ع ۾ ڄائو هو. جيتوڻيڪ هن ماسڪو يونيورسٽي مان فطري سائنس ۽ نفسيات ۾ گرئجوئيٽ ڪيو هو. هن فيصلو ڪيو ته هن کي ليکڪ ۽ اخبار نويس ٿيڻو هو.
ڪجھه سال پوءِ هن اٽليءَ، يونان، مصر، ڀارت ۽ سري لنڪا جو سفر ڪيو. جڏهن هو روس موٽيو ته هو يوناني صوفيءَ گرجيف (Gurdjieff) جو پوئلڳ ٿيو. اوس پينسڪي، سينٽ پيٽرسبرگ ۾ گھر ڪري ويٺو، جيستائين هن کي 1917ع جي انقلاب پنهنجي جنم ڀونءِ مان نيڪالي ڏني. هن جا دوست ڪيترائي سال هُن جي تلاش ڪندا رهيا پر هن کي ڳولي نه سگھيا ۽ نيٺ هو هنن کي قسطنطنيه ۾ ابتر غريبيءَ جي حالت ۾ مليو، جتي هن ڏيڍ لک روسين سان گڏ جلاوطنيءَ ۾ پناهه ورتي هئي. اتي هن کي خبر پئي ته آمريڪا ۾ Tertium Organum ڇپجي چڪو هو. ان جي ڇپائي مان جيڪي پئسا هن کي مليا، اهي کڻي هو انگلنڊ هليو ويو. لنڊن ۾ ٻيهر گرجيف سان مليو ۽ هن تي ڪيئي ليڪچر ڏنائين ۽ آخر لنڊن ۾ گرجيف انسٽي ٽيوٽ قائم ٿي. ڪيئي اهلِ ادب اوس پينسڪيءَ وٽ پڙهيا ۽ هن سان گڏ ڪم ڪيائون. اوس پينسڪيءَ پوءِ لنڊن جي ٻهراڙي ۾ هڪ مرڪز قائم ڪيو جتي هو پنهنجي زندگيءَ جي فلسفيءَ تي ليڪچر ڪندو هو. هو ضرور مري ويو هوندو پر هن جي موت جي تاريخ مون کي معلوم نه ٿي سگھي آهي.

ائنا اخمتووا

ائنا اخمتووا

جديد روسي شاعره. هوءَ هڪ ڳُجھي ۽ خاموش عورت هئي پر جي هوءَ ان غير معمولي علحدگيءَ ۾ نه به رهي جا هن تي پنهنجي دؤر مڙهي هئي ته به اسان کي هن جي زندگيءَ جو تمام ٿورو علم هجي ها. هن جي شاعريءَ مان ۽ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جي باري ۾ مختصر احوال مان جو ماسڪو ۾ ڇپيو هو، اسان کي هن جي زندگيءَ جو پورو پتو پئجي نه ٿو سگھي. خاموشي هن جي دستور هئي ۽ اها هن جي شاعري مان ظاهر آهي، جنهن ۾ هن جا نظم نهايت مختصر آهن. هن ۾ ڪجھه ڪڍنگائي به هئي، ڄڻ ته هن جي شاعري چوندي هجي ته مان جيئن آهيان، مون کي ائين قبوليو يا نظرانداز ڪري ڇڏيو. ۽ انهيءَ ڳالهه ڏانهن ماڻهن جي توجھه يڪدم وئي، جڏهن هن جا ڪتاب شايع ٿيا. هن کي شاعر جي لفظ کان نفرت هوندي هئي.
اخمتووا ڪاري سمنڊ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ اوڊيسا ۾ پيدا ٿي هئي. جيتوڻيڪ هن جي زندگي ۽ شاعري پيٽرس برگ سان وابسته آهي. هوءَ زارسڪوف سيلو (زار جو ڳوٺ) ۾ هڪ سال جي عمر ۾ آندي وئي ۽ اتي پنهنجي زندگيءَ جا 16 سال گذاريائين. اهو ڳوٺ پيٽرس برگ جي ويجھو آهي. اتان جي ماحول ۽ شاعر پشڪن جو خود پيٽرس برگ ۾ مري ويو هو جنهن جو ميوزم مون ڏٺو هو ۽ ان جو ذڪر شايع به ڪرايو اٿم ) ان کيس ڪافي متاثر ڪيو. 1944ع ۾ جڏهن جنگ کان پوءِ هوءَ لينن گراڊ موٽي وئي، پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هن لکيو آهي ته 1890ع ۾ جڏهن هوءَ ٻار هئي ته اتان جا ساوا ۽ گھميل خوبصورت باغيچا ۽ واڙا جتي هوءَ پنهنجي ٻڪريءَ کي گھلي ويندي هئي ۽ پراڻي ريلوي اسٽيشن – اهي سڀ کيس ياد ايندا هيا. 1907ع ۾ هن ڪيف ۾ تعليم ورتي ۽ 1910ع ۾ نڪولائي گوميلاف سان شادي ڪيائين. جو روسي شاعريءَ ۾ انقلاب کان اڳ هڪ رنگين مزاج شخصيت هيو. هو پهريون شاعر هيو، جنهن غير مغربي ملڪن مان ڌاريا موضوع پنهنجي شاعريءِ ۾آندا هيا. هن آفريڪا جي ملڪن خصوصاً ائبيسينيا جو سفر ڪيو ۽ اتان جون ڪيئي ڪهاڻيون ۽ خيال پنهنجي تحرير ۾ آندا، پر ان ۾ مذهبي دهشت ۽ خوشيءَ ۽ غم سان بي پروائيءَ جو عقيدو هيو، جنهن هن جي شاعريءَ کي منظر نگاريءَ کان مٿي ڪري بيهاريو هو. اخمتووا هن سان شاديءَ ۾ خوش نه هئي ۽ اهڙو ذڪر هن ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي (مثال طور هڪ هنڌ لکي ٿي:
مان افسوس جا هٿ مَليا . . . . . . . . . . )
هُن پهريون ڀيرو اولهه يورپ، گوميلاف سان پنهنجي هَني مون تي ڏٺو جو هنن پئرس ۾ ملهايو ۽ جيڏانهن هوءَ ٻيهر 1911ع ۾ وئي. هوءَ مصور مودلياني سان ملي، جڏهن اڃان هو مفلس هيو ۽ کيس ايتري مڃتا نه ملي هئي ۽ هن جي موجودگيءَ ۾ فرينچ شاعر ورلين کي پنهنجا ڪيئي نظم ٻڌايائين. مودليانيءَ هن جون ڪيئي تصويرون ڪڍيون، جن مان هڪ بچي وئي جا پڇاڙي تائين هن جي ديوار تي ٽنگيل هوندي هئي. هن کي پئرس ائين لڳي ڄڻ اها هن جي زندگيءَ جو پيٽرس برگ وانگر ٻيو ٿنڀو هئي، پر هوءَ روس ۾ پنهنجي مرضيءَ سان موٽي آئي ۽ رهي پئي. 1910ع ۾ هن جي شاعريءَ ۾ اليگزينڊر بلاڪ وانگر اهو سرد ۽ اونداهو مستقبل، جو اچي رهيو هو، جو تصور ۾ ئي ملي ٿو. 1944ع ۾ هن لکيو ته:
”هن ظالم دؤر ۾ مون کي ائين پاسيرو موڙيو ويو آهي. جيئن ڪا، ندي پنهنجو وهڪرو ڦيرائي ڇڏي.“
پيٽرس برگ موٽي هن تمام سنجيدگيءَ سان نظم لکيا، جيتوڻيڪ هن جي مڙس کي هن جي ڏات جي باري ۾ پڪ نه هئي ۽ هن کي ان لاءِ آماده ڪندو رهيو ته هو بئلي ڊانسر ٿئي. هن جڏهن شاعر انينسڪيءَ کي هن جي موت بعد پڙهيو ته هن کي محسوس ٿيو ته هن کي پنهنجو آواز ملي چڪو آهي. انينسڪي هڪ علامت پسند هيو. پر ٻين علامت پسند شاعرن کان مختلف هيو، جيڪي چوندا هيا ته هاڻي ۽ هتي غير حقيقي آهن، هر شيءِ ناس ٿيڻي آهي. خود اليگزنڊر بلاڪ جي تصور کي به اهڙيون حالتون گرمائينديون هيون جي قيامت وانگر اچڻيون هيون. 1910ع ۾ اهڙي تحريڪ پنهنجي تخليق ۽ سلسليوار نه رهي ۽ 1912ع ۾ ٻه گروپ پيدا ٿيا، جن کي فيوچرسٽ ۽ ائڪميسٽ چيو ويندو هو. پهرين جو ليڊر ماياڪووسڪي هيو، جيڪو علامت پسنديءَ جو وڏو مخالف هيو ۽ جو رستي ۽ ڳليءَ جي ٻولي شاعريءَ ۾ ڪم آڻيندو هيو ۽ جنهن هر قسم جي تصور کي رد ڪري ڇڏيو. ائڪميزم جو وڏي ۾ وڏو شاعر آسپ ميڊالسٽام هيو ۽ ان به علامت پسنديءَ جي مخالفت ڪئي. اخمتووا، ميڊالسٽام جي دوست به هئي ۽ هُن کان ڪافي مُتاثر به هئي. هُن جي مُڙس گوميلاف هڪڙو جُدا شاعرن ۽ اديبن جو گروپ ٺاهيو. ميڊم السٽام، اخمتووا جي پهرين جلد تي مهاڳ لکيو. 1911ع ۾ اخمتووا اٽليءَ، جنيوا، فلارنس، وينس ۽ ٻيا شهر ڏٺا ۽ اطالوي مصوري ۽ تعمير جي فن کان ڪافي متاثر ٿي. 1917ع ۾ اخمتووا ائين سمجھيو ته روس خودڪشي ڪئي آهي ۽ روسي چرچ جي بازنطيني روح کي الوداع ڪئي آهي. هن پوءِ ڪجھه ڪتاب لکيا ۽ ميڊالسٽام جي زال ناديزدا جي گھري ساهيڙي ٿي وئي، جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته ان ۾ گوميلاف شريڪ ٿي، فرانس ويو ۽ آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ موٽيو. 1918 ۾ ائنا اخمتووا کي طلاق ڏنائين. ان کان پوءِ هن جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال موجود نه آهي، پر هوءَ ميڊالسٽام سان گڏ لينن گراڊ ۾ گھمندي هئي ۽ آرٽ اڪادميءَ ۾ وقت گذارڻ کان سواءِ هن کي پنهنجي شاعري پڙهي ٻڌائيندي هئي. 1920ع ۾ هوءَ بلڪل گوشه تنهائي ۾ رهڻ لڳي ۽ ميڊالسٽام سان به نه ملندي هئي. هن لينن گراڊ ۾ تمام تڪليف ڏيندڙ وقت گذاريو ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ ته زياده سور سَٺا، جن جي عڪاسي شاعريءَ ۾ ڪئي اٿائين. 1921ع ۾ هن جي اڳين مڙس گوميلاف کي بالشيوڪن گولي هڻي ماري ڇڏيو، جن شاعرن ۽ دانشورن کي ڪافي ڇرڪايو. 1923ع کان 1940ع تائين سندس ڪا به تخليق منظر عام تي نه آئي، ڇو ته سينٽرل ڪاميٽيءَ اهڙو ٺهراءُ بحال ڪيو هو ته هُن جي ڪابه شيءِ ڇپائي هيٺ اچڻ نه کپي. جڏهن سوويت يونين جا نازي جرمني سان واسطا چڱا هئا ته اخمتووا مقبوضه پئرس ۽ بمباري هيٺان لنڊن ڏانهن پنهنجي توجھه ڪئي ۽ 1940ع ۾ هن جيڪو نظم لکيو، اهو روس ۾ ڇپجي نه سگھيو. اهو هڪ نهايت دردناڪ نظم آهي.
42- 1941ع ۾ هوءَ بار بار دوستو وڪي کي پڙهندي رهي جنهن جي مطالعي جو اثر سندس شاعريءَ تي آهي. دوستو وسڪيءَ ۾ ايندڙ تباهيءَ جون اڳڪٿيون هيون. جڏهن لينن گراڊ جو گھيراءُ ٿيو، تڏهن هن پهريون سيارو نهايت سرديءَ ۾ گذاريو ۽ ان کان پوءِ کيس هوائي جهاز ۾ نيو ويو، جتي هوءَ اڍائي سال رهي ۽ پنهنجو منتخب ڪلام ڇپايائين، جو يڪدم وڪامي ويو. ڪيترن ئي روسين لاءِ هوءَ روس جو آواز هئي، پر اسٽالن هن جو مخالف هيو ۽ هن جي جنهن تقريب ۾ عزت افزائي ڪئي وئي هئي، ان تي اعتراض ورتو هئائين. جنگ جي خاتمي کان پوءِ هن اشاعت لاءِ پنهنجا نوٽ لکيا، سوويت ادبي حلقي وٽ پيش ڪيا ۽ هن جي ڪليات جي ڇپائيءَ جو اعلان ڪيو ويو، پر اها هن جي شاعري وانگر نه ڇپجي سگھي. جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته ان جا پروف به پڙهيا ويا هيا. 14 آگسٽ 1946ع ۾ پارٽيءَ جي مرڪزيءَ ڪاميٽيءَ هن کي روسي اديبن ۾ انجمن مان خارج ڪيو ۽ هن جي ڪتابن جي اشاعت تي بندش وڌي وئي جا 1953ع ۾ اسٽالن جي موت تائين رهي. گھر جي تلاشيءَ جي ڀَوَ کان هن ڪيتري شاعري ۽ نثر جلائي ڇڏيو هو، جيئن مون ايوب خان، يحى خان ۽ ضياءُ الحق جي دؤر ۾ جلائي ڇڏيو هو. هن جي پٽ کي 3 ڀيرا پهريائين قيد ڪيو ويو هو. هن پارٽيءَ جي بندش خلاف پنهنجو رد عمل نه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ جو اڳ ئي اسٽالن، مينڊالسٽامکي مارائي ڇڏيو هو. هوءَ حالتن کان گھٻرائي خاموش ٿي وئي ۽ 1950ع ۾ مري وئي. مان هن جي باري ۾ آمريڪي ترجمي ۾ جيڪي هن جا شعر پڙهيا آهن، انهن کان ڪافي متاثر ٿيو آهيان ۽ منهنجي نظر ۾ هوءَ دنيا ۾ جيڪي 6 – 5 وڏي ۾ وڏيون شاعرائون ٿيون آهن، انهن مان هڪ آهي.

ايلن گنسبرگ

ايلن گنسبرگ

شاعر ۽ نثر نويس، جيڪو 1926ع ۾ نيو يارڪ ۾ پيدا ٿيو. هو بين الاقوامي سفر ڪندو رهندو آهي. هندستان جو به ڪافي سفر ڪيو اٿائين ۽ مون هن جا ڪجھه ڪتاب پڙهيا آهن، جن ۾ Indian Journals ۽ ڪجھه انٽرويو به شامل آهن. آمريڪا ۾ ايترو مشهور آهي جو ڪجھه مهينا اڳ يو.ايس.ايس آر جي ٽٽڻ کان اڳ روس جي عظيم شاعر ووزنيسيتسڪيءَ هن کي خط لکيو هو، جو نيوزويڪ جي پهرين صفحي، تي ڇپيو هو ته جي آمريڪا امداد نه ڏيندي ته روس ۾ اهو ڏڪار پوندو جو 1917ع ۾ انقلاب کان پوءِ پيو هو يا 1942ع وقت لينن گراڊ جي نازي گھيراوَ وقت پيو هو ۽ ماڻهو مردا کائڻ لڳا هئا.

ايمرسن

ايمرسن

هي آمريڪا ۾ 1803ع ۾ ڄايو هيو ۽ 1882ع ۾ گذاري ويو. هن ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا، خاص طور اخلاقيات تي چوٽيءَ جو مفڪر سمجھيو وڃي ٿو. گانڌي، ٿارو، ٽالسٽاءِ هِن مان متاثر ٿيو هيو. ايمرسن تي به پورو ڪتاب لکي سگھجي ٿو. پر ڇاڪاڻ جو مان موت ۽ حياتيءَ جي سرحد تي آهيان ته مان ان جي زندگيءَ جي پڇاڙيءَ تي لکان ٿو. جيئن ڪجھه ٻين فيلسوفن جي باري ۾ لکيو اٿم.
”زندگي هروڀرو لنبي آهي“ ايمرسن چوندو هو. 1872ع ۾ هن جو گھر جلي ويو. ٻي ڏينهن تي ڪا شيءِ هن جي ذهن ۾ ٽڙڪو ڪري ٽٽي پئي. ان ڏينهن کان پوءِ هن جي اَرڏي هينئين – گھُر ۽ سار سنڀال هن کي ڌوڪو ڏيڻ لڳي. هڪ ڏينهن هن جي ڌيءَ پنهنجي مضمون ”فطرت“ مان کيس هڪ ٽڪرو پڙهي ٻڌايو. ”خبر ناهي ته اهو ڪنهن لکيو آهي!“ ايمرسن چيو، ”پر مان ڀانيان ٿو ته اهو ڪوئي وڏو ماڻهو هو.“
پر پوءِ اهڙيون گھڙيون به هن جي زندگيءَ ۾ آيون جيئن وڄ سانوڻ جي سانجھيءَ ۾ چمڪندي آهي. هڪ ڏينهن جڏهن پنهنجي ڪنهن دوست سان باغ ۾ گھمي رهيو هو، تڏهن هن کيس هڪ آلو بخارو ڏيندو چيو، ”هان هي وٺ! هي بهشتي ميوو آهي.“ اهي لفظ علامت هيا ايمرسن جي نه رڳو هڪ نماڻي ميوي لاءِ پر هر نر اهنڪاري ماڻهوءَ لاءِ هيا، جنهن کي ڪنڌ ۾ ڪِلي ڪانه هُئي. ”جڏهن هو به چڱو آهي ته هڪ بهشتي ٻار آهي.“ واقعي چڱائيءَ ۾ هر انسان ڪيڏو نه معصوم لڳي ٿو، پوءِ هو ڪنهنجو به وياءُ ڇو نه هجي!

اينٽي ڊيورنگ (Anti – Duhring)

اينٽي ڊيورنگ (Anti – Duhring)

اينجلس جو مشهور ڪتاب آهي هير ڊيورنگ جي خلاف، جنهن جو جرمنيءَ جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ ڪافي اثر رسوخ هيو. اهو ڪتاب 11 جون 1878ع تي لکيو ويو هو ۽ ان جي هر باب ۾ دنيا جي تفرقه اندازيءَ ۽ ماديت جو دفاع ڪيو ويو آهي ۽ نه رڳو روحاني فلسفي جي مخالفت ڪئي وئي آهي، پر ان کي کلڻهارڪو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. انهيءَ باب ۾ اسپنوزا جو ذڪر نه آيو آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ اسپنوزا جي فلسفي کي رد ڏنو ويو آهي. موجوده دؤر ۾ هو پنهنجي اهميت وڃائي چڪو آهي، اهو ڪتاب ڪيئي سال اڳي مون پهريون ڀيرو پڙهيو هو ۽ ان وقت به مون کي هن جا ڪانٽ جي فلسفي جي باري ۾ رايا نه آئڙيا هيا. دراصل اينجلس ۽ هير ڊيورنگ (منهنجيءَ نظر ۾ ) ٻنهي ڪانٽ جي غلط تشريخ ڪئي آهي، جنهن وقت مون مهاڳ پئي لکيو ته اها ڳالهه ذهن تان لهي وئي هئي ته اهو ڪتاب اينجلس لکيو آهي.

ايوريسٽ

ايوريسٽ

ساري دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو پهاڙ، جو اوڀر هماليه ۾ آهي ۽ نيپال ۽چين جي سرحد سان ملي ٿو. ڊيگھه ۾ اهو 2928 فوٽ آهي. چوٽيءَ تي سر جارج ايوريسٽ جي ڪري اهو نالو پيو. جنهن اها ۽ ان جي اوچائي 1841ع ۾ قائم ڪئي. 1961ع ۾ چين ۽ نيپال ۾ هڪ معاهدو ٿيو ته اها چوٽي ٻنهي جي سرحد تي آهي.
1922ع ۾ ان تي چڙهڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي وئي. خطي جي مسئلن کان سواءِ، اتي سرديءَ، اوچائيءَ ۽ مذهب جون ۽ سياسي تڪليفون آهن ۽ آبهوا به ڪوهه پيمائيءَ لاءِ ناسازگار آهي. سواءِ مَئي مهيني جي. ان چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ نيٺ سر ايڊمَنڊ هِلاري، هڪ نيوزيلينڊ جو رهواسي ڪامياب ٿيو ۽ هن سان گڏ شيرپاٽينزنگ به گڏ هو ۽ ٻئي گڏجي دنيا جي بلند ترين اوچائي تي پهتا هئا.

ايوگيني يوتوشينڪو

ايوگيني يوتوشينڪو

1933ع پيدائش، اڃا تائين حيات آهي. مان هن جي زندگيءَ تي لکڻ لاءِ اردوءَ ۾ سوويت شاعري جا ظ. انصاري ۽ تقي حيدر جا ترجما، ”موج – هواءِ عصر“ جي نالي سان ڏسي يوتوشينڪو جي زندگيءَ جي باري ۾ نوٽ پڙهي رهيو آهيان، جنهن ۾ فقط هيٺيون 6 سٽون لکيل آهن:
”جنگ کان پوءِ سڀني کان ممتاز شاعرن مان هڪ. هُو ڏکڻ سائبيريا جي ننڍي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. 1960ع ۾ هن جو نالو ساري دنيا ۾ ڦهلجي ويو. هو پاڻ کي ييسي نِيَن (روسي شاعر) ۽ والٽ وٽمئن (آمريڪي شاعر) کي پنهنجو هيرو سمجھندو آهي. هن وقت تائين هن جا پنج مجموعا ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪيئي اشاعت لاءِ باقي آهن.“
هن کان وڌيڪ يوتوشينڪو جي باري ۾ ڪوئي ذڪر نه ڪيو ويو آهي، پر مون کي ياد آهي ته مون ڪٿي آمريڪي رسالي ۾ پڙهيو آهي ته يوتوشينڪو کي يورپ لاءِ پاسپورٽ ڏنو ويو هو ته هو جتي ڪٿي روس ۾ جبر ۽ آمريت جي خلاف نظم پڙهي رهيو هو ۽ ان ڪري هن جو پاسپورٽ رد ڪري کيس روس واپس گھرايو ويو هو ۽ هن تي ڪجھه سختي به ڪئي وئي هئي، پر هو پوري مغربي دنيا ۾ شهرت رکندو هو ۽ ان ڪري سختيءَ جو اظهار خاص طور روسي اخبارن ۾ نه ڪيو ويو هو. يوتوشينڪو، پاسترناڪ کان پوءِ پهريون شاعر هو،جنهن مبهم نموني محسوس ٿي ڪيو ته روس تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ اهڙي ڳالهه ڪيئي سال اڳ مون روسي شاعري جو ذڪر ڪندي، مسز راشديءَ کي ٻڌائي هئي، جنهن جو تفصيل مان ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. مون کي اهو محسوس ٿيو آهي ته شاعر کي هڪ اندرين اک هوندي آهي، جا سياستدانن کان گھڻو اڳ ۾ ڏسي سگھندي آهي، پر يا ته هو ان جو واضح اظهار نه ڪري سگھندو آهي يا ڄاڻي واڻي سياست جي جبر سبب نه ڪندو آهي، ڇو ته سياست جي هٿ ۾ رڳو قلم نه آهي، هٿيار به آهن، جي شاعر وٽ نه هوندا آهن جيستائين هو مائوزي تنگ يا هوچي منهه وانگر ٽين درجي جو شاعر نه هجي. مون انهن ٻنهي جي شاعري پڙهي آهي؛ جيتوڻيڪ هو انقلاب آڻي سگھيا. پر هنن جي شاعريءَ جي اهميت نه آهي ۽ واندڪائيءَ ۾ هو شاعري ائين ڪندا هيا، جيئن شطرنگ جي بازي کيڏي ويندي آهي.
يوتوشينڪو پنهنجو مشهور نظم ”ببائي يار“ لکيو هو، جتي هڪ پوگرام (Pogram)  ۾ سوين يهودي مارائي هڪ ئي کڏ ۾ پوريا ويا هئا. اها خبر روس جي اڪثر حصي کي به نه هئي، جيتوڻيڪ يهودين لاءِ اتي به ائين نفرت هوندي هئي، جيئن جرمنيءَ ۾. اسٽالن جي ڌيءَ سِوِتلينا پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته جڏهن هن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ته هن جو هڪ روسي يهوديءَ سان پيار ٿي ويو آهي ۽ هوءَ ان سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي، ته اسٽالن هُن کي هڪ ڪچي گار ڏني ۽ هن جو مڱيندو مارائي ڇڏيائين. سِوَتِلينا پوءِ ڀڄي آمريڪا هلي وئي، جتي هن هڪ هندستاني سک سان شادي ڪئي ۽ پنهنجي جڳ مشهور آتم ڪهاڻي لکي شايع ڪرائي هئي، جا مون پڙهي آهي.
اها يوتوشينڪو جي جرئت هئي جو هو روس ۾ يهودين جي قتلِ - عام تي لکي سگھي. مون هن جو انگريزي ۾ آخري ڪتاب ”پيار جا گيت“ پڙهيو آهي، جو مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. هي سارو تفصيل به پنهنجي يادن جي آڌار تي لکائي رهيو آهيان ۽ ان ۾ به ٿورڙي ڦير گھير/گھٽ وڌائي جي گنجائش ٿي سگھي ٿي.

ازرا پائونڊ

ازرا پائونڊ

ازرا پائونڊ تي نوٽ لکڻ وقت، هن تي وڏي ۾ وڏو ڪتاب “Ezra Pound the Solitary Volcano” (ازرا پائونڊ اڪيلو جوالا مُکي) جو جان ٽائيٽيل (John Tytell) لکيو آهي، سو منهنجي هٿ ۾ آهي. ڪتاب جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته هو ڪيتري اوچي درجي جو اديب هو. هن ۾ جينيس، ڏکو ۽ اڻ وڻندڙ لڇڻ هيا. مون هن جي شاعري تمام غور سان پڙهي آهي ۽ مان ڀانيان ٿو ته هو ٽي.ايس.ايليٽ کان به وڏو شاعر هو، جنهن کيس متاثر به ڪافي ڪيو هو. هو جديديت جو باني ليکيو ويندو آهي ۽ هن جارجين اديبن کي ائين احمق سمجھي ٺڪرائي ڇڏيو، جيئن مون ”جميعت الشعراء“ کي مسترد ڪري ڇڏيو هو. هن ويهين صديءَ جي انگريزي شاعريءَ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ڇڙو ٻي جنگ عظيم ۾ هن سان ڇڪتاڻ ٿي جو هن جا اقتصادي نظريا فاشي هيا. هن اٽلي ريڊيو تان مسوليني جي لاءِ پروپيگنڊا ڪئي ۽ آمريڪا جي خلاف ڪافي ڳالهايو، ڇاڪاڻ جو هو جيفرسن جي اقتصادي نظرين ۽ سرمائيدارانا اقتصاديات ۾ سود خوريءَ جو سخت دشمن هو، انڪري جڏهن اتحادين اٽليءَ تي قبضو ڪيو ته FBI هن کي گرفتار ڪيو ۽ غداريءَ جي الزام هيٺ، هن کي آمريڪا نيو ويو هو، جتي هن کي موت جي سزا اچي سگھي ها. اتي هن جي دوستن نفسياتي علاج جي ماهرن کان سرٽيفڪيٽ ورتو ته هو ذهني توازن وڃائي چڪو آهي ۽ هن کي Schizopherenia (ماليخوليا) آهي، انڪري هن تي ڪيس نه هليو. جڏهن هن کي ڪيترن سالن کانپوءِ جيل ۾ رکي، آزاد ڪيائون ته هو موٽي اٽليءَ ويو.
مون کي ياد ٿو پوي ته ٽائيم (Time) رسالي ۾ خبر ڏني وئي هئي ته هوائي اڏي تي جڏهن ڪنهن صحافيءَ هن کان انٽرويوو ورتو هو ته هن جواب ڏنو هو:
”وڌيڪ ڇا چوان، آمريڪا ۾ رڳو چريو ٿي رهي سگھجي ٿو.“
هن پويان ڏينهن وينس ۾ گھاريا هيا. (جيتري قدر مونکي ياد آهي) ۽ مون هن جي پيريءَ جي هڪ تصوير ڏٺي هئي. جنهن ۾ هو لڪڻ ٽيڪيندو هڪ پُل کان لهي رهيو هو. هن زندگيءَ جو پويون چڱو حصو جيل ۾ گذاريو هو ۽ آخر موٽي اچي جنيوا ۾ پنهنجن پراڻن دوستن سان مليو هو. جن هن کي خانگي گھر مهيا ڪري ڏنو. ان وقت هو 72 ورهين جو هو. جيئن هن چين جي تاريخ مان ڪجھه ٽڪر ڪڍي پنهنجا ڪنٽوز (Catos) لکيا آهن. ائين مون کي به سوداءُ رهيو آهي ته برصغير جي تاريخ مان اهم واقعا ڪڍي انهن تي نظم لکان. اهڙا ڪجھه نظم مان اڳيئي لکي چڪو آهيان. هن کي 1962ع ۾ مثاني جي غدود جو پَڪريز ٿي پيو، پر پوءِ به هو وينس ۾ چڪر ڏيندو وتندو هو، اگاٿا ڪرسٽي وغيره جا ڪتاب پڙهندو رهندو هو ۽ شطرنج کيڏندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن هڪ صحافيءَ کائنس ڪو سوال پڇڻ چاهيو ته هن کي جواب ڏيندي چيائين: ”پِيري اچي وئي آهي.“
آمريڪا جي ”شاعري“ رسالي 1962ع ۾ هن کي Academy of American Poets (آمريڪي شاعرن جي اڪادمي) پاران انعام ڏنو ويو هو. هن جا ڪيئي دوست مري چڪا ها.
1957ع ۾ ليوس (Lewis) کي ميڄالي ۾ ڳوڙهو ٿي پيو هو، جو هن جي موت جو ڪارڻ ٿيو هو، هيمنگوي 1961ع ۾ بندوق منهن ۾ رکي گولي هڻي پاڻ کي ماريو. ڪمنگس (Cummings) 1962ع ۾، ۽ وليم Willam هن کان هڪڙو سال پوءِ مري چڪو هو. جڏهن هو 78 ورهين جو هو ۽ اٽليءَ ۾ آئي کيس پنج سال ٿيا ها ته هن انٽرويو ڏيندي چيو هو: ”مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪجھه به نٿو ڄاڻان.“
1965ع ۾ هن جو دوست ٽي. ايس. اليٽ به مري ويو. پائونڊ هن تي هڪ مختصر پر نهايت جذباتي قطبو لکيو هو. جڏهن 80 ورهين جو ٿيو ته هن تي ٽي وي پروگرام ڪيا ويا ۽ هن تي ڪيئي ڪتاب ۽ مضمون لکيا ويا. 89 ورهين جي عمر ۾ هو پئرس ويو ۽ ڪيترن دوستن ۽ وقفڪارن سان مليو. اتي ”ڪنٽوز“ جو فرينچ ترجمو ڪيائين. مون شايد ٽائيمس ۾ پڙهيو هو ته هن هڪ هنڌ چيو هو ته: ”مان خاموش نه ٿي ويو آهيان پر خاموشيءَ مون تي تسلط ڪيو آهي“.
اهي لفظ ڄڻ هن جو زندهه ڪتبو هيا. پويَنِ ڏينهن ۾ زيورچ ۾ مشهور ناولسٽ جيمس جُوائس جي قبر تي ويو. تنهن کان پوءِ يونان جو سفر به ڪيائين ۽ ٽي ڪتاب شايع ڪرايائين.
آڪٽوبر 1972ع ۾ هو اسپتال ۾ گذاري ويو. هو پنهنجي دؤر ۾ ليجينڊ (Legend) ٿي چڪو هو. (ليجينڊ انگريزي جو لفظ آهي، جنهن جو پورو ترجمو ڏند ڪٿا يا قصو ڪهاڻي نه آهي.)

ائنا مُلڪا احمد

ائنا مُلڪا احمد

صدر فاروق لغاريءَ ۽ وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو، ائنا ملڪا احمد جي رحلت تي ڏک جو اظهار ڪندي، آرٽ جي دنيا ۾ هن جي اهم مقام جو اعتراف ڪيو آهي. ائنا مُلڪا جنهن پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ ڊپارٽمينٽ آف فائين آرٽس جو بنياد رکيو هو، گذريل خميس تي 77 ورهين جي عمر ۾ گذاري وئي. هوءَ هڪ يهودي خاندان ۾ 1917ع ۾ ڄائي هئي ۽ ارڙهن ورهين جي عمر ۾ اسلام قبوليو هيائين. 1939ع ۾ هن لنڊن جي رايل ڪاليج آف آرٽس مان گرئجوئيشن ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ هن امرت سر جي شيخ احمد سان شادي ڪئي.
ساڳي سال هوءَ هندستان آئي ۽ ڪجھه وقت کان پنجاب يونيورسٽي ۾ مٿي ذڪر ڪيل حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. ائنا مُلڪا هن جي ڏاڏيءَ جو نالو هو جو هن فني تخليق وقت پنهنجو نالو ڪري استعمال ڪيو. پنجاب يونيورسٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ هن جا ٺهيل قائداعظم ۽ علامه اقبال جا وڏا پورٽريٽ لڳل آهن. هن پاڪستان جي تحريڪ ۽ هند – پاڪ جنگين جي باري ۾ به مصوري ڪئي آهي. 1963ع ۾ هن کي تمغئه امتياز،“ 1969ع ۾ ”قائداعظم اعزاز“ ۽ 1983ع ۾ ”خديجة الڪبرا“ جو تمغو مليو.
ائنا مُلڪا سنڌ يونيورسٽي جي انهن پروفيسراڻين جي استاد به هئي، جن فائين آرٽس جي ڊگري پنجاب ۾ ورتي هئي. انهن جي اصرار تي مون هن کي فون ڪيو ته پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ رٽايرمينٽ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊپارٽمينٽ آف فائين آرٽس اچي سنڀاري پر هن معذرت پيش ڪئي.
مهنجي هن سان فقط هڪ ڀيرو لاهور ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ هن سان آرٽ تي ڪافي وقت گفتگو ٿي هئي. هوءَ آرٽ ۾ پاڻ ته اظهاريت پسند (Expressionist) هئي پر هن کي پوري آرٽ جي تاريخ تي گرفت هئي. حسب عادت مون پنهنجي سوانح حيات لاءِ هن جي گفتگوءَ تي نوٽ ورتا ها جي اڃا مون وٽ آهن ۽ جن مان ڪجھه هيٺ ڏيان ٿو:
مشهور هسپانوي مصور گويا (Goya) جي باري ۾ هن هڪ چوڻي ٻڌائي. ”ساري دنيا لغو ۽ بي معنى آهي، ان جا چهرا، ان جا رنگ روپ، ان جا آواز –سڀ هڪ خواب پريشان وانگر آهن، سڀ هڪ ٻئي کي ٺڳن ٿا ۽ ڪوئي ڪنهن کي نه ٿو ڄاڻي.“
فرينچ مصور پال گوگن جي باري ۾ هن چيو ته ”هو ماڻهو ته نه هو جن هو، ڪنهن بربريت پسند وانگر هن کي سماج جي رسم و رواج کان نفرت هئي. هو هڪ خالق وانگر پنهنجي مخلوق ٺاهي ڊاهي ڇڏيندو هو ۽ وري ان کي ٺاهيندو هو.“ هن گوگن جي پاليزين (Polenesian) عورتن جي باري ۾ تصويرن جي ڏاڍي ساراهه ڪئي هئي ۽ چيو هو ته هو هڪ ڪلاسيڪي قديم انسان (A classical primitive) هو. جڏهن مون هن سان وان گوگ جي باري ۾ ڳالهايو ۽ چيو ته ”هو گوگن جو همعصر هو ۽ هن سان گڏ ٽهٽي ٻيٽ تي ڀونوچ سمنڊ ۾ رهندو هو. پر گوگن کان ڪيترو نه مختلف هو.“ تڏهن هن چيو ته ”وان گوگ خدا جي اسرار کي ڇهڻ چاهيو هو ۽ ان ڪري ديوانگي هُن جي مقدر بڻي هئي. ڏسين نه ٿو ته هن جي سورج مُکيءَ جي کيت ۾ ڪيئن هڪ برقي رو ڊوڙي رهي آهي. اهڙي تصوير هڪ ديوانو ئي ڪڍي سگھي ٿو. جنهن جي نظر ۾ هر فرزانو ديوانو هجي.“
تلوس لاترڪ جو نه رڳو آرٽ مون ڏٺو هو پر هن جي زندگيءَ تي ناول ”مولان روش“ به پڙهيو هو جو مون کي بيحد پسند آيو هو ۽ جنهن ۾ ڄڻ منهنجي جوانيءَ جي تصوير چٽي وئي هئي. لاترڪ لاءِ هن چيو هو ته: ”هن جي ذهانت نهايت تيز هئي ۽ هو پنهنجي هر هم عصر جي روح ۾ پيهي ٿي سگھيو. هو هر صاحبِ ڪشف آدميءَ وانگر پيڙهه رکي سگھندو هو، بودليئر وانگر بنياد رکندڙ هو.“
پوءِ ڪافي وقت اسان سيزان مئٽسيءَ، رينار (Renoir) براڪيو (Braque) وغيره جي تصويرن تي ڳالهائيندا رهيا سين. ائنا ملڪا جو خيال هو ته پاڪستان ۾ نظريئه پاڪستان ۽ مسلم ثقافت جي مصوري ڪئي وڃي ڇو ته اها اسانجي نفسيات سان ٺهڪي اچي ٿي.
هر آرٽسٽ جي زندگي به ٻي انسان جي زندگيءَ وانگر ناپيدار آهي. جي ڪائي پايداري آهي ته اها آرٽ کي آهي ۽ اهو ئي وقت جي يلغار جو مقابلو ڪري سگھي ٿو ۽ ڪنهن وقت فتح ان جو مقدر ٿئي ٿي.

براهمس (Brahms Johannes)

براهمس (Brahms Johannes)
(1833ع کان 1897ع تائين)

جرمن ڪمپوزر (راڳ ٺاهڻ وارو) ۽ ساز وڄائيندڙ هيو. هينبرگ ۾ هڪ غريب خاندان ۾ ڄايو هيو، جنهن جو موسيقيءَ سان ڪافي لڳاءُ هيو. براهمس پنهنجو روزگار شراب خانن ۾ پنهنجي موسيقي ٻڌائي ڪندو هو. هن پنهنجي تنها نوازي 1848ع ۾ ڏني ۽ 1853ع ۾ پنهنجا رهس ۽ طائفا ڪيا. ساڳي سال هو شومئن سان مليو ۽ جنهن هن جو جينيس يڪدم سڃاڻي ورتو. آخر ڪار هو ويانا ۾ 1862ع کان وٺي مستقل رهيو ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت ۾ پنهنجي شهرت ڦهلايائين. هن کي بيدوون جي روايت جو وڏو زنده وارث سمجھيو ويندو هو. 1860ع ۾ جي به نوان موسيقار هيا، هن انهن جي خلاف پنهنجو پڌرنامو شايع ڪيو، پر ويگنر جي موسيقي جي آڏو بي دليو آيو هيو. هن جون سمفنيون ۽ پيانو طائفا به هيا ۽ وايولن ۾ تمام گھڻي ۽ گوناگون موسيقي به هئي، جا خلوت ۾ پيش ڪئي وئي هئي. هن ٻه سئو گيت لکيا ۽ ڪليدي تختي تي تحرير (Key board writings) جو ماهر هيو.

برگسان

برگسان

هينري برگسان 1869ع ۾ فرانس ۾ پيدا ٿيو. 1941ع ۾ هن ڪيئي ڪتاب لکي وفات ڪيائين. هن جو سڀ کان مشهور ڪتاب “Creative Evolution” (تخليقي ارتقا) آهي. علامه اقبال هن سان ملاقات ڪئي هئي ۽ هن کان ڏاڍو متاثر ٿيو هو. چون ٿا ته علامه اقبال جي ”خوديءَ“ جو تخيل برگسان تان ورتل آهي. علامه جي برگسان سان ملاقات جي باري ۾ به ڪيئي قصا ڪهاڻيون آهن.

برونو، گيورڊانو

برونو، گيورڊانو
(1548 ب.ا.م کان 1600 ب.ا.م تائين)

اطالوي فلسفي ۽ شاعر، جو نولا ۾ ڄايو هو. هن نيپلس جي اسڪول ۾ تعليم ورتي، جتي هو پندرنهن ورهين جي عمر ۾ ڊامنيڪن (Dominican) فرقي ۾ داخل ٿيو. 1576ع ۾ هن تي ڪفر جو الزام هنيو ويو ته هو فرار ٿي ويو ۽ هڪ ٽُلڪائوءَ ۽ رولاڪڙ جي حياتي هن کي جنيوا، پوءِ ٽُلوس وٺي وئي. جتي هن ٻه سال درس و تدريس ۾ گذاريا. ان کان پوءِ پئرس رمتو ٿيو (1582ع ۾)، پوءِ لنڊن (1583ع ۾ )، جتي هو فرينچ سفير جي گھر ۾ رهيو؛ وري پئرس ڀٽڪيو، ان کان پوءِ مارِبرگ، وٽن برگ، پراگ، هيلمس ٽيڊٽ ۽ فرئنڪ فُرٽ ويو. 1591 ع ۾ هڪ وينيشن امير هن کي لوڪ اڳيان ڏِٺو ڪيو ۽ لعنت وڌي. 1592ع ۾ هن کي ديني عدالت (Inquisition) جي اڳيان پيش ڪيو ويو. برونو کي قيد ڪيو ويو ۽ هن تي مقدمو هلايو ويو، پهرين وينس ۾ ۽ ان کان پوءِ روم ۾. هن تي ڪيئي الزام هيا، جن ۾ ڪفر، ڪُلڇڻي چال، چلگت، ۽ عقيدي ۾ الحاد جو ڦهلاءُ به هُيا ۽ هن جيڪي فلسفي ۽ علم ڪائنات ۾ بنيادي نظريا اظهاريا هيا، اهي به شامل هيا. هن نه زبان ڦيرائي ۽ نه پاڻ ڪڍائي ويو ۽ ان ڪري هن کي موت جي سزا ڏني وئي ۽ 17 فيبروري 1600ع ۾ هو روم ۾ جيئرو جلايو ويو.
برونو جو اوائلي ڪتاب هڪ هِرشي ناٽڪ (طربيه – ڪاميڊي ) آهي، جو هن 1582ع ۾ لکيو هو. پوءِ هن ڪيئي مضمون لکيا، جن ۾ ڪجھه جُڙتو يادگيريءَ (Artificial memory) تي به هيا. هن جو فلسفي ۾ سڀ کان اهم ڪتاب هو ”اطالوي مڪالما“ جو هن انگلينڊ ۾ لکيو هو. هن جو ٻيو اهم ڪتاب ”لاطيني نظم“ هيو، جو هُن جرمنيءَ ۾ لکيو هو. مڪالمن ۾ برونو نئين جاڳرتا (Renaissance) ۾ افلاطون جي ڦهلايل ابديت جي نظرئي کي ساراهيو هيو. جهن جو اظهار هن نهايت جرئت منديءَ سان ڪيو. هن جي خيال ۾ خدا ۾ سڀ اوصاف سمائجي ٿي ويا ۽ هو ابدي هو. هو ان خيال جو به هو ته ساري ليلا ٻيو ڪجھه به نه هئي، رڳو اننت جو رنگ روپ هئي. انيڪ ۾ ايڪ وَسي رهيو هو ۽ ان جا ئي سڀ پرڪاش ۽ پڌرايون هيون. پنهنجن ڪتابن ۾ برونو ارسطوءَ جي علمِ ڪائنات جي نفي ڪئي ۽ چيو ته هيءَ ڪائنات اکٽ آهي ۽ ان ۾ بي ڪئتيون ۽ بي ڪاٿي دنيائون آهن، جن مان هر هڪ ۾ سج ۽ گرهه آهن. ان ڪري هن وسيع ڪائنات تي ڌرتي رڳو هڪ ننڍو گرهه آهي.
پنهنجي مابعدالطبيعات ۾ برونو تي ڪيوسينس (Cusanus) ۽ اسپنوازا جو اثر هيو ۽ هن جرمن تصوريت تي پنهنجو سڌو اثر ڇڏيو. علمِ ڪائنات ۾ برونو ليوڪريشس ۽ ڪاپر نيڪس جو پوئلڳ هيو. پر ڪاپرنيڪس کان به هُن جي نظام جو تصور اڳڀرو نڪري ويو. ٻين سڀني اطالوي فيلسوفن جي ڀيٽ ۾ برونو کي جديد سائنس ۽ فلسفي جو پيش رَوُ چئي سگھجي ٿو.
هو پنهنجن خيالن ۽ ڪتابن ۾ چِٽو بي ڀئو ۽ ڇاتيءَ وارو مڙس هيو. هو تيز خيالو به هيو پر پورو پورو درست نه هو ۽ نه وري هو سُچيت ۽ خبردار هيو. پر عجب ان تي ٿو اچي ته اهي سائنس ۽ فلسفي جا نُڪتا جي، هن جي دؤر ۾ ناپيد هيا، ۽ ڪيترو وقت پوءِ دريافت ڪيا ويا، هن جي ڌيان ۾ ڪيئن آيا! هن جي المئي هن کي فلسفي جي تاريخ ۾ هڪ شهيد جي حيثيت ڏني. ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته مان پنهنجي ديس ۾ برونو جي ڪيڏو نه ويجھو آهيان ۽ مون سان جُڙتو شريعت جا صاحب ڪئن نه وچڙيا ها!
جيتري قدر مون کي يادگيري آهي، برونو تي سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب ڇپيل آهي.

بڪونن

بڪونن
(1814ع کان 1876ع تائين)

هو پروڌان جي پائي جو نراجوادي (انارڪسٽ) هو. 30 مئي 1814ع تي هڪ ننڍي روسي کاتيدار جي گھر ۾ ڄايو هو. هن جو پيءُ هڪ روشن خيال انسان هو، مغربي ادب ۾ پڙهيو ۽ جديد مغربي ڌارا کان ڪٽيل ڪونه هو. هن جي پيءُ جي آزاد خيالي، انهيءَ حد تائين ڪانه هئي جو هو زار جي آپي شاهيءَ تي نڪته چيني ڪري، پر بڪونن ۾ بغاوت جي ڪمي ڪانه هئي؛ هن جي پهرين عدول حڪمي اها هئي ته هو جنوري 1835ع ۾ فوج مان فرار ٿي ويو. 1838ع ۾ هن پنهنجي ريجمينٽ تان استعيفى ڏني ۽ ٻي سرڪاري نوڪري به نه ڪئي. هن پيءُ سان جھيڙو ڪري، ماسڪو جي ادبي ۽ لابالي زندگي اپنائي. ان دؤر ۾ ڪجھه جرمن فلسفين جهڙوڪ شيلنگ، فشتي ۽ هيگل جو هن تي اثر ٿيو، جن سڀني کي هن پنهنجي رومانوي انداز ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. گھڻو ڪري هو اليگزينڊر هرزن سان ملندو هو ۽ بيلنسڪيءَ سان به هن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي. اڃان به ائين چئجي ته انهن کان سياسي شدت پسنديءَ ۾ سبق ورتا هيائين. 1840ع ۾ زار شاهيءَ سان رنج ٿي ۽ آنڌ مانڌ ۾ اچي، هو روس ڇڏي، جرمنيءَ هليو ويو. برلن ۾ هن جو ڌيان صرف سياست ڏانهن ويو ۽ هن هيگل کان متاثر ٿي کاٻي ڌر ڏانهن لاڙو رکيو. 1842ع ۾ ”جرمن سال نامي“ ۾ هن جو هڪ ليک شايع ٿيو، جنهن هن جي زندگيءَ کي موڙ ڏنو ۽ جنهن مان ائين ٿي لڳو ته هو روسي انقلاب ۾ اکيون پائي ويٺو هو ۽ ليک جي پڇاڙي ۾ هن جي مشهور چوڻي هئي، ”تخريبي جذبو هڪ تخليقي جذبو به ٿيندو آهي.“ جنوري 1843ع ۾ نوجوان انقلابيءَ ڊريسڊن به ڇڏي (جتي برلن مان ويو هو) ۽ سئٽزرلينڊ ڏانهن ويو ۽ پوءِ اتان پئرس ويو. جتي هو چئن سالن کان وڌيڪ رهيو ۽ انهيءَ وقت ۾ هو پروڌان، مارڪس ۽ پولينڊ جي پناهگير انقلابين سان مليو. جيتوڻيڪ پوليس هن کي شهر نيڪالي ڏني هئي، هو عين وقت تي پهچي ويو ۽ 1848ع جي انقلاب ۾ بهرو ورتائين، پر پوءِ هن کي جلد ئي برلن ۽ پراگ سرڪايو ويو، جتي هن 1848ع جي سلاف ڪانگريس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هتي بڪونن جي انقلابي تمنائن ۾ هڪ ٻيو عنصر شامل ٿيو ۽ اهو هيو جرمنيءَ جي پاڃاريءَ مان آسٽريا جي سلاف قوم جو ڪنڌ آجو ڪرڻ. 1848ع ۾ هن ”سلاف قوم کي گذارش“ نالي هڪ ڪتابچو شايع ڪيو، جنهن ۾ هن جي پروگرام جا ٽي مکيه اصول شامل هئا. (1) مغرب جي بورجوا جمهوريت جي ترديد (2) سلاف قوم جي آزادي (3) ڪسانن جي انقلابي صلاحيت ۽ ويساهه.
مئي 1949ع ۾ بڪونن کي ڊريسڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو، جتي هو بلوي کي اتساهي رهيو هو. لنبي ڪارروائيءَ کان پوءِ پهرين هن کي آسٽريا ۽ پوءِ روس جي پوليس جي حوالي ڪيو ويو. پيٽرس برگ جي روسين هن کي پيٽر ۽ پال قيد خاني ۾ ٽي سال قيد رکيو ۽ چار سال ٻيا شلوس برگ جي قيد خاني ۾ رکيو. پيٽر ۽ پال ۾ هن ”اعتراف“ نالي ڪتاب لکيو جو 1821ع ۾ ڇپيو. اهو ڪتاب رياڪريءَ ۽ صداقت جون وايون بتال ڪندڙ ٻه سَرو هيو، جنهن ۾ هن زار نڪولس 1 کان معافي گھري هئي ۽ روسي حاڪم کي سلاف قوم جي آزاديءَ لاءِ اڳواڻيءَ جي آڇ ڪئي هئي.
1857ع ۾ هن جي خاندان جي وچ ۾ پوڻ ڪري، بڪونن کي آزاد ڪيو ويو ۽ هن کي سائيبريا ۾ رهڻ ڏنو ويو. اتي هن هڪ جلاوطن پول جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ 1861ع ۾ لنڊن ڀڄي ويو.
بڪونن جي باقي زندگي منصوبا ٺاهڻ ۽ پئمفليٽ لکڻ ۾ گذري، جيڪي گھڻو ڪري اڌ ۾ رهجي ويا ۽ جن جو مقصد پُر اسرار جماعتون ٺاهڻ هيو، جي سڀ وئرٿ ويون. (انقلاب جو خبط به هيروئن جي هير وانگر آهي، جاگٽر ۾ ٿاٻو کائي، ٽنگ ڀڄندي به نه ٿي لهي. انقلابيءَ کي وجھه ملي ته هو اڳياڙي هڻي، سچ کي ڪوڙ، ڪوڙ کي سچ ڪندو ٿو رهي ۽ جڏهن هن جي زبان لنبي ٿي وڃي تڏهن به هو فرضي نالي سان لکندو ٿو رهي ۽ سازش کان نه ٿو مُڙي. سچا انقلابي ورلي ٿا ٿين؛ جي پهريون پنهنجي سر تي سَهي ٿا وڃن ۽ پوءِ ٻي کي ٻوهي ۾ ٿا ڏين؛ نه ته گھڻو ڪري ڇڙو ڀنڀور کي باهه ڏئي، پاڻ ۽ پنهنجي گھر گھاٽ کي سيڪ کان پاسي رکڻ وارا آهن.)
بڪونن سائيبيريا مان ڀڄي لنڊن آيو، اتان اٽليءَ ويو ۽ آخر ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ وڃي رهيو. هن هرزن سان جھيڙو ڪيو ڇو ته هرزن پورو پنو ۽ نرم ڌر وارو انقلابي هو. (تاريخ ثابت ڪيو آهي ته جي زار شاهي هرزن جهڙن مخالفن کي جلاوطن نه ڪري ها ته روس ايتريءَ خون خرابي کان به بچي وڃي ها ۽ اڄ کان گھڻيءَ بهتر حالت ۾ هجي ها.) ڪجھه وقت لاءِ هن روس مان آيل تشدد پسند سَرگي نڪائيف سان رابطو رکيو. مارڪس سان نئين سِر پنهنجي واقفيت پيدا ڪري، 1869ع ۾ بڪونن انٽرنيشنل ورڪنگ مينس ائسوسيئيشن (پهرين انٽرنيشنل) ۾ شامل ٿيو، جا متضاد بنيادن واري تنظيم هئي پر مارڪس جي قيادت هيٺ هڪ انقلابي پروگرام اپنايو هيائين. پهرين انٽر نيشنل ۾ مارڪسسٽن جي ڀيٽ ۾ انارڪسٽن جي گھڻائيءَ ٿي ۽ بڪونن انهن ۾ پنهنجن پيروڪارن جي خفيه انجمن ٺاهي ۽ انڪري 1872ع ۾ هن کي ان تنظيم مان نيڪالي ڏني وئي. انهيءَ سال هن جي سڀ کان اهم تحرير هئي ”انقلابي سوال جواب جو ڪتاب“ جو هن نڪائيف جي اثر هيٺ لکيو. ٻيو ڪتاب رومانوف (روسي زار) خاندان جي نندا ۾ لکيائين ۽ 1872ع ۾ ”خدا ۽ رياست“ لکيائين، جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته رياست ۽ خدا جو تصور، آزاديءَ جا ازلي دشمن آهن. 13 جون 1876ع تي هو برلن، سوئٽزرلينڊ ۾ مري ويو. بڪونن پنهنجي آخري زندگيءَ ۾ نراجواد کي انتها پسند انفراديت جو نظريو ٿيندو ڏٺو ۽ مارڪسي تاريخ ۾ انهن قوتن جي اهميت هُئي. غير ذاتي (Impersonal forces) هيون، هن جي فلسفي ۾ مارڪس جي پرولتاريت ۾ ويساهه بدران هَر – هاريءَ ۾ ويساهه هو.
علامه اقبال جو اهو شعر:
جس کھیت سے دہقان کو میسر نہیں روزی
اُس کھیت کے ہر خوشہء گندم کو جلادو۔

دراصل لينن سان نه پر بڪونن سان لاڳو آهي، (پر عالمه اقبال رڳو اشتراڪيت جو نالو ٻڌو هو ۽ ان جو ڪوئي خاص مطالعو ڪونه ڪيو هئائين.)
بڪونن کي برطانيا يا المانيا ۾ ٿورا پيرو هيا ۽ فرانس ۾ نراجواد، خاص ڪري ٽريڊ يونين ۾ پروڌان مان ڦٽي ڦلاريو هيو. پر هن عظيم روسي نراجوادي کي زبردست شخصيت هئي جنهن جو ساريءَ انقلابيءَ تحريڪ تي اثر ٿيو. هن اسپين ۽ اٽليءَ ۾ پيروڪارن جا ڪيئي گروهه ڇڏيا، جتي هن جي موت کان ڪيئي ڏهاڪا پوءِ نراج واد جي سگھاري هل چل هلي ۽ بڪونن جو نالو ۽ يادگيري 1870ع کان 1880ع تائين روسي ناروڊنڪن (Narodinks) (مقبولِ عام پارٽيءَ جي ماڻهن کي چوندا هئا.) ۾ گونجندو رهيو. 1917ع کان پوءِ مارڪس ۽ بڪونن جي ذاتي ۽ نظرياتي دشمنيءَ سوويت يونين ۾ بڪونن جي نالي کي بلڪل دونهاٽي ڇڏيو نه ته هو انقلاب جو معزز ترين پيش رَو هو. بڪونن روس جي انقلابي ويچار لاءِ به اصول رکيا هئا –روسي ڪسان جي انقلابي تقدير ۾ اعتبار ۽ سِلاف قوم جي مقصدِ حيات ۾ اعتبار، ته اها ئي دنيا کي مغرب جي تخريب پذير بورجوا تهذيب کان بچائي سگھي ٿي. جارج ارويل. آندري مالرو ۽ هيمنگوي جا اسپين ۾ نراجوادي هل چَل جي پس منظر ۾ ناول صاف ڏيکارين ٿا ته نراجوادي ننڍي ۽ وڏي ۾ ڪو به فرق نه ڪندا ها ۽ ڪوئي ڪئپٽن، ڪرنل يا جنرل ڪونه هو، سڀ انقلاب جا سپاهي ها. اها ٽيڳر، اها ڳرائي، اها ننڍ وڏائي، اهو درجي جو احساس جو ورلي ٽرڙائپ ۽ آپي پَڻي کي پاسي رکي ٿو، برائيءَ جي جڙ آهي ۽ ماڻهوءَ جو جڏهن ڪنهن سان ان آپي سبب ذاتي ٽڪر ٿئي ٿو ته هو نظرياتي آڙ وٺي ٿو. جيئن اسٽالن، ٽراٽسڪيءَ جي خلاف ورتي هئي يا جيئن اڄ ڪلهه افغانستان ۾ ٿي رهيو آهي.

بهادر شاهه ظفر (ثاني)

بهادر شاهه ظفر (ثاني)

24 آڪٽوبر 1775ع ۾ ڄائو ۽ 7 نومبر 1883ع ۾ گذاري ويو. ابو المظفر سراج الدين محمد بهادر شاهه مغليه خاندان جو آخري بادشاهه هو ۽ هڪ سٺو شاعر پڻ هيو. هو اڪبر شاهه ثانيءَ جو ٻيو نمبر پٽ هيو ۽ کيس لال ٻائيءَ مان ڄايو هو. هو شهنشاهه بابر جي يارهين پيڙهي هيو ۽ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو هو. 1837ع ۾ دهليءَ جي قلعي ۾ هن جي تخت نشينيءَ جي رسم ادا ڪئي وئي. ظفر کي انگريزن سان دشمني ٿي وئي ۽ انهيءَ دؤر ۾ 11 مئي 1857ع تي ميرٺ جي هندستاني فوج آزاديءَ جو جھنڊو بلند ڪيو ۽ ڪيئي انگريز ماري وڌا. انهن پوءِ بهادر شاهه ظفر کي پنهنجو سربراهه بڻايو ۽ هن انهن جي قيادت قبول ڪئي، جنهن سان سڀئي رئيس ۽ رياستن جا والي به هيا جي غير ملڪي حڪمرانن کي ملڪ مان ڪڍڻ تي متحد ٿي ويا ها. دهليءَ ۾ حريت پسندن، انگريزن جو وڏي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو پر وطن جا غدار هنن جي آڏو آيا ۽ 6 سيپٽمبر تي انگريزي فوج حريت پسندن کي شڪست ڏئي دهليءَ تي قابض ٿي وئي.
بهادر شاهه، همايون جي مقبري ۾ پناهه ورتي ۽ جڏهن انگريزن کي اها خبر پئي تڏهن هنن مقبري جو گھيرو ڪيو ۽ 22 سيپٽمبر تي بهادر شاهه پاڻ کي انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو، ڇو ته انگريزن سندس جان بخشيءَ جو واعدو ڪيو پر پوءِ واعدي جي خلافي ڪندي شهزادي جوان بخت ۽ شهزاديءَ زينت محل کان سواءِ باقي شهزادن کي ميجر هنسن قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ سر جارج لارنسي، بادشاهه کي هڪ سال لاءِ ذلت ۽ خواريءَ سان قيد رکيو. 1858ع ۾ لارنسي، بهادر شاهه تي بغاوت جو مقدمو هلايو ۽ 17 آڪٽوبر 1858ع تي هن کي سزا ڏئي رنگون موڪلي ڇڏيو. بادشاهه سان گڏ هن جون زالون، شهزادو جوان بخت ۽ ڪجھه تعلق رکڻ وارا به هيا. هو رنگون ۾ انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ انتقال ڪريو ويو.
مؤرخ ان ڳالهه تي متفق آهن ته مغل بادشاهن ۾ بهادر شاهه ظفر زياده مهذبُ، شائسته ۽ نيڪ هيو. هن جي درٻار جي تهذيب ساري ملڪ جي تهذيب لاءِ نموني مثال سمجھي ويندي هئي. ڇو ته بهادر شاهه ۾ تعصب تِر ماتر به ڪونه هيو ۽ هو هر قوم ۽ ملت جي ماڻهن ۾ مقبول هيو. بهادر شاهه هڪ چڱو شاعر هيو ۽ محمد ابراهيم ذوق کان اصلاح وٺندو هو. مرزا غالب به هن جي دربار ۾ هيو. اردو ادب ۾ بهادر شاهه ظفر کي هڪ اهم مقام حاصل آهي ۽ هن جو ڪلام خاص طور اهي غزل ڀرپور آهن، جي هُن جلاوطني ۽ قيد جي زماني ۾ لکيا هيا. هو اعلى درجي جو خطاط، موسيقيءَ جو ماهر، عمارتون ۽ باغ نهايت ترتيب سان جوڙائڻ جو شوقين هيو. سارو ڏينهن لکڻ پڙهڻ ۽ تلاوت ۾ گذاريندو هو. هن جي تصنيف ۾ سعديءَ جي گلستان جي شرح ۽ اردوءَ جا چار ديوان زياده مقبول آهن.

بيدل دهلوي

بيدل دهلوي

عالمي صاحب دل است اما کسي ”بيدل “ نه شد.
(دنيا ته صاحب دل آهي، پر ڪوئي بيدل نه ٿي سگھيو آهي.)
بيدل دهلويءَ جي پيدائش شاهجهان جي دؤر ۾ ٿي. اورنگزيب عالمگير جي دؤر ۾ مغلن جي شهنشاهيت پنهنجي عروج تي هئي. انهيءَ مان گذري، باقي مغل بادشاهن کان وٺي محمد شاهه رنگيلي تائين، هن سڀ ڪجھه اکين سان ڏٺو. مغليه سلطنت هُن جي ڏسندي پَستيءَ ڏانهن وڃي رهي هئي. هو پرهه جي ڏيئي وانگر ٽم ٽم ڪندو رهيو ۽ بهادر شاهه ظفر جي دؤر ۾ وسامي ويو. بيدل مؤرخ نه هو. هن سوين خوبصورت غزل لکيا، پر هن پنهنجن رُقعات، پنهنجيءَ مثنويءَ، ”چهار عنصر“ ۽ ڪجھه رُباعيات ۾ انهن واقعن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جي هن جي دؤر ۾ رونما ٿيا. پر هو غالب وانگر نثر نويس نه هو ۽ پنهنجي وقت جي عڪاسي گھٽ ڪئي اٿائين. غالب وانگر هو ڪنهن بادشاهه يا وزير جي مدح سرائي به نه ڪندو هو. هو ته انهن کي شيطان وانگر سمجھندو هو. پنهنجي مثنويءَ ۾ چيو اٿائين:
ايکه تعريفِ سلاطين کردهء
مشقِ تعليم شياطين کردهء

(اڙي! تون جو بادشاهن جي ساراهه ڪرين ٿو،
اهو سمجھه ته تنهنجو معلم (تعليم ڏيندڙ) شيطان آهي.)
بيدل ڳالهير ۽ وَڏ – واتيو نه هو. هن جي شاعريءَ ۾ انفس ۽ آفاق (جڳت ۽ سرسٽيءَ) تي ڪافي غور ۽ فڪر آهي. غالب ۽ علامه اقبال ٻئي بيدل کان متاثر هوندا ها. مون ٽنهي جو تقابلي مطالعو ڪيو آهي. غالب ۽ اقبال جي ڪافي شعرن تي بيدل جو اثر آهي. اقبال چوندو هو ته غالب جو ڪلام، غلام هندستان ۾ مقبول آهي، پر اتي بيدل کي ڪوئي نه ٿو ڄاڻي، ۽ افغانستان جي آزاد ملڪ ۾ هن جي تلاوت ٿي رهي آهي. (بيدل جو سوانح نگار خواجه عبدالله اختر.)
مان جڏهن جوانيءَ ۾ سکر ۾ وڪالت ڪندو هوس ته هڪ سيشن جج عزيز الله ميمڻ، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر اميد علي قريشي، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل آغلو خان دُرانيءَ سان گڏجي ٽين چوٿين ڏينهن گھوٽڪيءَ جي ڊي. ايس. پيءَ (نالو وسري ٿو وڃي، غالباً غلام اڪبر) جي دعوتن تي ويندو هوس ۽ ٽين چئين بجي رات تائين ناوُ نوش ڪندا هياسين، جيستائين ڪَتيون ڪَر موڙينديون هيون ۽ ڏکڻ جو ٿڌيون هوائون ان اڱڻ ۾ لڳنديون هيون، جتي اسان جي چؤياري ويٺي هوندي هئي. مون لاءِ انهيءَ بئٺڪ ۾ ڇڪ جو ڪارڻ ڊي. ايس. پي جي ديوانِ بيدل سان اَت اڪير هئي. جو هن کي پنهنجي پيءُ ڏنو هو. غالباً هن جي ماءُ ايراني هئي ۽ هن جو پيءُ سنڌي هو. هن جي زال ڪرستان هئي، جا اسان کي واري سان تريل گوشت جون پليٽون ڏيندي هئي ۽ ڊي. ايس. پي، بيدل جو ديوان پڙهندو رهندو هو. مون کان سواءِ هن کي ٻيو ڪوئي سمجھي نه سگھندو هو ۽ ٻيا فقط ڪنڌ ڌوڻڻ سان سندس جھجھي کاتي پيتي جو داد ڏيندا ها. مون لاءِ اهي راتيون حياتيءَ جون وڏيون رنگ رليون هونديون هيون. ڊي. ايس. پي فارسيءَ جو ماهر هو بيدل کي ايراني لهجي ۾ پڙهندو هو. مون کي اڃان تائين بيدل جا ڪيئي شعر ياد آهن ۽ ڪيئي منهنجي تحت الشعور ۾ آهن:
ڇا نه شعر آهي:
ساحل که اصلِ طينش اوُ جوش تشنگي ست
دريا ست درکنار لَبش ترنمي شَودَ

(ڪناري جي سُڀاوَ ۾ اها ڳالهه نه آهي ته هُن جي اُڃ لهي سگھي. جيتوڻيڪ درياهه ان جي ٻَکَ ۾ آهي. ان جا چپ اُڃايل آهن.)
عجب ست گر هَوسَت کشد که به سير سرو و سمن
توز غنچه کم نه د ميده درِ دل کُشا و چمن در آ

پيء آهوانِ رميده خو مپسند زحمتِ جستجو
به خيالِ حلقهء زلفِ او در دل کُشار ختن در آ

(حيرت آهي جي توکي هَوس ڇڪي ته سرو ۽ سمن جي سير تي هلي آءُ، تون خود مکڙيءَ کان گھٽ کڙيل نه آهين، دل جو دروازو کول ۽ چمن ۾ هلي آءُ.
جن هرڻين جي سڀاوَ ۾ رُلڻ ڇُلڻ ۽ ڊُڪ ڊوڙ آهي، انهن پٺيان لڳي پاڻ کي هلاڪ نه ڪر؛ هن جي زلف جي خيال ۾ وڪوڙجي وڃ ۽ ختن ۾ هلي آءُ)
همه عمر با تو قدح زديم و نه رفت رنج خمارِ مي
چه قيامتي ک نه مي رسي ز کنارِ ما به کنارِ ما

(سڄي عمر توسان پيالو پيتو پو به کيپ جو ڏک نه ويو، ڪهڙي قيامت آهين جو منهنجي ڪَڇ مان ”منهنجي ڀاڪر ۾ نٿو اچين.)

بيدوون (Bethoven)

بيدوون (Bethoven)
(1770ع کان 1897ع تائين)

جرمن موسيقار، جنهن جي موسيقيءَ ۾ ڪلاسڪيت کان رومانيت ڏانهن تبديلي آهي. هو جرمنيءَ جي شهر بون ۾ ڄايو هو ۽ کيس موسيقي ورثي ۾ ملي هئي. هن جو پيءُ ۽ ڏاڏو به مڃيل موسيقار هيا، تنهن ڪري هن جي بهترين تربيت هن جي پيءُ ڪئي هئي. ڪَلون ۾ کيس سرڪاري نوڪري ملي ۽ ان عرصي ۾ هن خاندان جو ڪافي اونو رکيو. 1792ع ۾ هو بون ڇڏي ويانا ويو جتي هن هڪ ڪمپوزر ۽ ماهر پياني نواز جي حيثيت ۾ شهرت حاصل ڪئي. هن جا مٿين طبقي مان ڪيئي سرپرست هيا، جن باقي زندگي هن جي اقتصادي مدد ڪئي. 1801ع ڌاري هو ٻوڙو ٿي پيو ۽ هن جي روز بروز وڌندڙ ٻوڙائپ هن کان ميل واريءَ، پياني نوازيءَ (Concert Pianist) جو ڪم ڇڏرائي ڇڏيو ۽ هو تخليقي ڪم ۾ جُنبي ويو. ان کان پوءِ هن جي سموري زندگي هڪ ڪمپوزر جي حيثيت ۾ گذري. هن جون سمفنيون لاجواب آهن. بيدوون جي موسيقيءَ ۾ مترنم قوت جي بيحد گھرائي آهي ۽ جذباتي اظهار ۾ اونهي انسان دوستي آهي.

بابا فريد

بابا فريد
(569هه کان 664 هه تائين)

خواجا قطب الدين بختيار ڪاڪيءَ جو مريد هو. هن سان عام ۽ خاص جي عقيدت هئي. هونءَ ته سارو سال هن جي مزار تي حاضري ڏيڻ لاءِ ماڻهو پاڪ پٽن پهچندا آهن، پر ڪنهن اسلامي ڏينهن تي زيارت ڪندڙ وڌي ويندا آهن. هن جي عرس ۾ هزارين ماڻهو جدا جدا شهرن مان ايندا آهن. گھڙي گھڙيءَ جي محاسبي لاءِ انهيءَ عقيدت کان وڏي قوت ڪهڙي ٿي سگھي ٿي ته انسان لاءِ موت لازمي آهي ۽ جنهن ڏينهن زندگيءَ جو آغاز شروع ٿيو آهي انهيءَ ڏينهن کان وک وک ۾ وجھي موت انسان جي ويجھو ايندو رهيو آهي. انهيءَ روشنيءَ ۾ ئي هن پنهنجي عمل جي راهه طئه ڪئي ۽ درويشيءَ جو خرقو پاتو. نالي ۽ نسب سان سڀ نسبتون ٽوڙي ڇڏيون ۽ هن پٺتي موٽي نه ڏٺو ته هن جو شجرو بلخ جي بادشاهه ابراهيم سان ملي ٿو، جنهن بادشاهي ڇڏي روحانيت جي شهنشاهيت حاصل ڪئي هئي.
ڪابل جو بادشاهه فرخ شاهه هن جي ڏاڏي جو ڏاڏو هيو. فرخ شاهه جي وفات تي سلطنت کي زوال آيو. ڪابل جي حڪومت غزنيءَ جي بادشاهه کي هٿ ۾ آئي پر فرخ شاهه جي خاندان جي جاگير بحال رهي، جڏهن چنگيز خان وچ ايشيا کي تاراج ڪيو ته بابا فريد جي ڏاڏي هن جي خلاف جهاد ڪيو ۽ شهيد ٿيو. سندس پيءُ خواجا شعيب اباڻو وطن ڇڏي اچي ملتان ۾ رهيو. انهن ڏينهن ۾ هندستان ۾ سلطان شهاب الدين غوريءَ جي حڪومت هئي، جنهن هن کي جاگير ڏني ۽ سالياني خرچ لاءِ ڪجھه پئسا به ڏيندو هو، تنهن ڪري هو معاشي فڪر کان آزاد ٿي ويو.
هو 569 هه ۾ ڄائو پيءُ کان روحاني تعليم ورتائين، جاگير مان پنهنجو حصو به پنهنجي ڀائرن کي لکي ڏنائين ۽ پنهنجي لاءِ روحاني دنيا وسايائين. هن جو شاهه لطيف جي ڪلام تي ڪافي اثر آهي. مثال طور هڪ بيت ڏجي ٿو:
سرو ور پنچهي هيڪڙو، م ڦاهي وال پچاس،
اي تن لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس.

ڀٽائي جو بيت آهي:
سر تي پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه،
اٿم آس الله، لڏي لهرن وچ ۾.

بابا فريد جو عرس محرم جي شروعاتي ڏينهن ۾ ملهايو ويندو آهي. هن جي درگاهه جو دروازو (جنهن کي بهشتي دروازو به چوندا آهن) خواجا نظام الدين اولياءَ تعمير ڪرايو هو. بابا فريد کي شڪر گنج جو لقب ڏنو ويو هو. هن کي اهو لقب ان ڪري ڏنو ويو هو جو کيس حقيقي عشق جو ميٺاج ڏاڍو وڻندو هو.

بريس پاسترناڪ

بريس پاسترناڪ
(1890ع کان 1960ع تائين)

ويهين صديءَ جو اهم نوبل انعام يافته هو، جنهن روس جي مختلف قومن ۽ ٻين ملڪن جي شعري ادب جو ترجمو ڪيو هو ۽ ان ڪري به مشهوري ماڻيائين، جو خاص طور هن شيڪسپيئر جو ترجمو روسي زبان ۾ ڪيو. هن جي زندگيءَ جو رستو ڏاڍو پيچيده هو. هن کي 1917ع جي انقلاب کانپوءِ جي تلخ تجربا ٿيا. انهن جو بيان پنهنجي دلڪش ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ ۾ ڪيو اٿائين، جنهن تي پوءِ انگريزيءَ ۾ فلم به ٺهي آهي. هُو ائنا اخمتووا ۽ آسف ميڊالسٽام جو گھرو دوست هيو. اسٽالن، مِدالسٽام وانگر هن کي به مارائي ڇڏي ها، پر پهرين ڏينهن ۾ جڏهن انقلاب کان متاثر هيو ته هن اسٽالن تي هڪ نظم لکيو هو، جو کيس پسند آيو هو، انڪري ”پاسترناڪ“ تي ڪو قدم نه کنيو ويو. پاسترناڪ ”ڊاڪٽر زواگو، روس جي مشهور ادبي رسالي ”نووي ميِر“ ۾ ڇپجڻ لاءِ نه ڏنو ۽ سمگل ڪري يورپ ۾ ڇپايو.
مان 1976ع ۾ جڏهن روس ۾ هوس تڏهن ڪجھه اديبن سان پاسترناڪ تي اڪثر بحث ٿيندا ها ۽ هو مونسان متفق هوندا ها ته پاستر ناڪ، پُشڪن کانپوءِ روس جو عظيم ترين شاعر هو. مون ڇپجڻ کان پوءِ پسترناڪ انگريزي ترجمي ۾ يڪدم پڙهيو هو ۽ ارينا (جنهن سان مون هن ڪتاب جو پهريون جلد منسوب ڪيو آهي.) اهو فرينچ ترجمي ۾ پڙهيو هو. جڏهن هوءَ فرانس ۾ ”وديشي ٻولين جي اداري“ ۾ پڙهندي هئي، تنهن وقت سندس عمر ويهه ورهيه مس هوندي هئي. پاسترناڪ ناول صرف اهو لکيو هو. باقي شاعريءَ جا ٻه – ٽي ڪتاب لکيا اٿائين، جي مون پڙهيا آهن. ڇاڪاڻ جو هنن ۾ گھري تصو ف واري ڪيفيت آهي ۽ پنهنجي دؤر جي گھُٽ ٻوساٽ کان پاڻ گھڻو اثر پرايو اٿائين ۽ پاسترناڪ جي دؤر سان رڳو ڪتابن ذريعي آشنائيءَ سبب، مون کي اهي نظم ڪيتري حد تائين مبهم ٿي لڳا. پاسترناڪ ”ڊاڪٽر زواگو،“ يورپ ڏانهن خفيا طريقي موڪلي ڇڏيو هو، جتي هن کي ان ناول تي نوبل پرائيز ملي هئي، جنهن لاءِ هن خوشي ۽ مسرت جو اظهار تار ذريعي ڪيو هو، پر پوءِ پاسترناڪ تي حڪومت طرفان بار آندو ويو هو ته هو اهو انعام نه وٺي، تنهن ڪري هُن انعام وٺڻ کان مجبوري ڏيکاري هئي. پنهنجي دؤر جي سياست ان جي ادب تي ڪيترو نه اثر انداز ٿئي ٿي. منهنجي خيال ۾ هر اديب کي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کان الڳ ٿلڳ رهڻ گھرجي ۽ هن جي شاطر پڻي ۾ شريڪ نه ٿيڻ گھرجي.
”ڊاڪٽر زواگو“ جي هيروئن لارا، هن جي محبوبا نينا جي ڪردار جو عڪس هئي. پاسترناڪ به ٻن، ٽن عورتن سان عشق ڪيو هو، جن مان نينا سان هن جي سڪ سَرس هئي. روسي حڪومت کي اهو شڪ هو ته ”ڊاڪٽر زواگو“ پاسترناڪ نينا جي معرفت ٻاهر موڪليو هو. انڪري نينا کي ٽي سال يا ان کان به وڌيڪ عرصو سائيبيريا سزا طور موڪليو ويو هو. جڏهن هن کي قيد مان آزادي ملي هئي ته پاستر ناڪ مري چڪو هو. مون ”ٽائيمس“ رسالي ۾ ڪٿي پڙهيو هو ته نينا هن جي قبر تي گل کڻي وئي هئي. پاسترناڪ روس جي انهيءَ علائقي ۾ پوريل آهي، جتي ڪيترائي اديب رهندا آهن ۽ موت کان پوءِ پوريا ويندا آهن، جنهن کي ”پيري ڊيلنڪو“ چوندا آهن ۽ جتي هاڻي ته روز ماڻهو گلن جا انبار پاسترناڪ جي قبر تي رکي ويندا آهن.
هن وقت ساري دنيا ۾ هن جو قدر ڪيو ٿو وڃي ۽ ”ڊاڪٽر زواگو“ تي ٺهيل فلم هڪ Classic فلم تصور ڪئي ٿي وڃي. پنهنجي جيئري پاسترناڪ سان اڪثر اديب بي حد حسد ڪندا هيا ۽ اهو حسد جو عنصر مون اديبن ۾ سياستدانن کان به گھڻو وڌيڪ ڏٺو آهي. روس جو مشهور ناول نگار فيڊن، پاسترناڪ جو پاڙيسري هو ۽ جيتوڻيڪ هو اديبن جي بيورو ۾ اثر رسوخ جو مالڪ هو، هن پاسترناڪ جي ڪابه مدد ڪانه ڪئي هئي . مون ڪٿي پڙهيو هو ته هُو سورج مُکيءَ جا ڀُڳل ٻج چٻاڙي رهيو هو (جيئن اڪثر روس ۾ چٻاڙيندا آهن) ته هن کي دل جو دورو پيو هو ۽ هو مري ويو هو.
مان هي سڀ پنهنجي حافظي مان لکي رهيو آهيان ۽ هن ۾ ٿوري غلطيءَ جي گنجائش ٿي سگھي ٿي. مون کان اهو سال به وسري چڪو آهي، جنهن ۾ پاسترناڪ کي نوبل انعام مليو هو. پر اها مون کي پڪ آهي ته ”ڊاڪٽر زواگو“ کانپوءِ پاسترناڪ، نظم ۾ ڪا نئين تخليق ورلي ڪئي هئي ۽ ائنا اخمتووا وانگر خاموشي اختيار ڪئي هيائين ۽ گذاري لاءِ روس کان ٻاهر عظيم اديبن جا ترجما ڪيائين. پاسترناڪ جي زندگي پڙهي مون کي حافظ جو هڪ شعر ياد ايندو آهي:
چه گويمت که به ميخانه دوش مست و خراب
سروشِ عالمِ عيبم چه مزدها داده ست

(ڇا ٻڌايان ته ڪلهه رات مئخاني ۾ مست ۽ خراب، (حالت ۾ ) مون کي غيب جي دنيا مان سروش ڪهڙيون خوش خبريون ڏنيون آهن!)

بُلهي شاهه

بُلهي شاهه

خزينته الاصفيا جي مصنف مفتي غلام سرور لاهوريءَ هن جو مختصر احوال هينئن لکيو آهي:
”هو قصور ۾ رهندو هو. هن جي پيرن جي نسبت شاهه محمد غوث گوالياريءَ تائين پهچي ٿي. هو عابد ۽ زاهد هو. جذب ۽ شڪر، عشق ۽ محبت، وجد ۽ سماع جو صاحب هو. توحيد ۾ بلند مرتبي ڪلام ۽ قيمتي تقريرون پيش ڪندو هو. هن جا پنجاپي شعر معارف ۽ توحيد سان پُر آهن ۽ خاص و عام جي ٻوليءَ ۾ آهن. هُن جون ڪافيون قوال صوفين جي مجلسن ۾ ڳائن ٿا ۽ ٻڌڻ وارن جو ذوق ۽ شوق، انهن کي ٻڌي وڌي ٿو. هن جون ڪرامتون اڃا تائين ماڻهن کان وسريون نه آهن.“
قاضي جاويد، جو جديد دؤر جو هڪ پنجابي دانشور آهي، انهيءَ لکيو آهي ته:
”بلهي شاهه عالمگير اورنگزيب جي دؤر ۾ جي گھُٽ ٻوساٽ هئي ان جو رد عمل هيو. سترنهين صديءَ جي پنجاب ۾ هن جو جنم اڻ – چتايو ۽ عجب جهڙو نه آهي. اهي گل ائين اوچتو نه ڦٽا هُيا. ان لاءِ ٽي صديون زمين ڀلي ۽ اپتائتي ڪئي وئي هئي. گورکناٿ جي ڀڳتي تحريڪ، رامانج، ڪبير وغيره، ماڌو لال حسين، مُلا شاهه بدخشاني، دارا شڪوهه ۽ شاهه عنايت جهڙا ڌرمشت ۽ دينائتا ماڻهو انهيءَ ٻنيءَ لاءِ ڀاڻ ٿي آيا ها، جيڪا بلهي شاهه ۾ ڪشت زعفران وانگر ٽڙي پئي. پر بُلهي شآهه رُڳو انهيءَ لڳاتار ڪَشٽَ ڪشالي جو ڦل نه آهي. هن جو پنهنجو امتيازي شان به هو ۽ هن جي روحاني آگ، جوش ۽ خروش، ولولي ۽ جذبي جي شِدت هن سان مخصوص آهي. هو هڪ انوکو راڳي آهي ۽ پنهنجي سوچ ويچار، ڪٿ ۽ ڳڻتيءَ کي ٻوليءَ ۾ ائين آڻي ٿو، جيئن چيچڙي ۾ ڪمند جي رس پيڙي ڪڍبي آهي. ڪيتري نه سَرلائي آهي هُن ۾ ! هو ڪيترو نه اُپٽيل، کُليو کلايو ۽ پَڌري – پَٽ آهي.!“
سنڌ ۾ مون کي اهڙو هڪ شخص سچل سرمست سُجهي، ائين صحيح آهي ته هن جي انسان دوستي، آزاد خياليءَ ۽ روحاني آمريت جي خلاف بغاوت ڀٽائيءَ تي به ڪافي اثر ڪيو آهي. پر ڀٽائيءَ جي آگ ڌيمي ڌيمي آهي، ڪڏهن ته هُن ۾ سڙُ سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، واري ڪيفيت آهي، پر سرمست اُهي الا آهي، جنهن جون ڄڀيون تارن ڪتين تائين اڏامن ٿيون ۽ آس پاس ڄَرڄَر ڄرڪن ٿيون اهي ٻئي پيدا نه ٿين ها ته پنجند جي ڌرتي تان سنڌوءَ جي ڌرتيءَ تي بُلهي شاهه جي جوت نه جرڪي ها.
هن جي ذهني اوسر ۾ اسلام جي قادريه فرقي کان سواءِ، شطاريه فرقي به نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي باغيانه فڪر جون ڪي بنيادي خصوصيتون شطارين تان ورتل آهن. شطارين جو امام شيخ بايزيد بسطامي آهي. اسلامي دنيا ۾ هُن ئي پهرين وحدت الوجود جو صوفياڻي انداز ۾ پرچار ڪيو. مسلمان صوفيءَ، شيخ بسطامي جي ذريعي ئي ويدانتي سوچ سان ڄاڻ پيدا ڪئي. چيو وڃي ٿو ته بلهي شاهه اها سوچ هڪ سنڌي دانشور ابو علي سنڌيءَ کان پرائي هُئي. مشهور آهي ته اهو سنڌي دانشور شيخ بايزيد بسطاميءَ کي اسرارِ توحيد جو درس ڏيندو هو. شيخ بسطاميءَ جي ويچار ڌارا اسلامي تصوف ۾ وڏي اٿل پُٿل پيدا ڪئي، ان کي ڇوليو ڇاڇوليو، ڌوڻ ڌونڌاڙ ڪئي ۽ ڌوڏا ڏنا جو متعصب مُلا حال ته سمجھي ويا.
شيخ بسطامي طريقت کي شريعت کان جدا ڪيو، سَڪرَ کي صَحوَ تي ترجيح ڏني. صوفياڻي روحاني تجربي جي اهميت تسليم ڪئي، عشق ۽ فنا جي تصور کي مقبول بڻايو ۽ پوءِ اها رسم حسين بن حلاج منصور ۾ روپ وٺي آئي. قاضي جاويد موجب:
”شيخ بسطاميءَ جي سوچ ويچار تي هندو تصوف جي اثر کان انڪار محال آهي.“
جڏهن انهيءَ سوچ ويچار تخليقي تحريڪ جو روپ ڌاريو ۽ شطاريه دبستان جو رواج، هن هن ۾ پيدا ٿيو، ته فطري طور ان جا اثر پڌرا ٿي پيا. شيخ عبدالله شطاري پنهنجي مرشد شيخ محمد عارف جي چوڻ تي ايران مان هندستان آيو ۽ جونپور ۾ رهي پيو. اهو سلطان ابراهيم شرقيءَ جو زمانو هو. هن پاڻ کُپائي تبليغ شروع ڪئي. هن جي شخصيت ۽ فڪر تي ڪافي گھرا هندي نقش هُيا ۽ هن جو وحدت الوجود جو فلسفو ويدانت کان متاثر هيو. هو ايترو ته حد کان وڌي ويو جو هُن فنا جي تصور کي نه مڃيو. ڇو ته ان کي مڃي ها ته هن کي لازمي طور وحدت جي نفي ڪرڻي پوي ها. (اها ساڳي ڳالهه ڪجھه وقت اڳ رجنيش (اوشو) ڪندو هو. جنهن آمريڪا کان واپسي کان پوءِ پوني ۾ مرڪز ڪيو هو.)
شيخ عبدالله شطاريءَ جا خيال هن جي جاءِ نشين ۾محمد غوث گوالياريءَ ڦهلايا. هن کي وجودي مسلڪ سان عشق جي حد تائين لڳاءُ هو. اهو ابتدائي مغل عهد جو واقعو آهي. انهيءَ زماني ۾ شطاريه خيالن جو شيخ مبارڪ تي به اثر ٿيو جو ابو الفضل ۽ فيضيءَ جو پيءُ هو ۽ اهي ئي ماڻهو اڪبري درٻار جا نظرئي ساز هيا. (ديوانِ فيضي، جو اداره تحقيقاتِ پاڪستان ڇپايو آهي، منهنجن مٿن کان رکيو هوندو آهي، جنهن مان آنءُ فرصت وقت انتخاب ڪندو آهيان. جو مون کي پنهنجي فارسيءَ جي منتخب اشعار (سنڌيءَ ۾ ترجمي سميت) شامل ڪرڻا آهن.)
پنجاب ۾ شيخ محمد عنايت الله، محمد علي رضا شطاريءَ جو مريد هو. اهو شاهجهان ۽ اورنگزيب جو زمانو هو. عام طرح هن کي شاهه عنايت ڪوٺيو ويندو هو. هن جي صوفياڻن مسئلن تي اونهي نظر هوندي هُئي. هو قادريه سلسلي سان به بيعت ڪري چڪو هو. سترهينءَ صديءَ جي پنجاب ۾ قادريه سلسلو ساڳي ڏس ۾ هلي رهيو هو، جنهن کان شطاري نصب العين دور نه هو.
بُلهي شاهه اصل ۾ شاهه عنايت جو مريد هيو، انڪري هن جي شاعري هن کي ڄڻ روحاني ورثي ۾ ملي، هن جو نالو عبدالله شاهه هيو ۽ هو 1680ع ۾ پيدا ٿيو هو. اها انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن مغلن جو راڄ پنهنجي عروج تي هو. پر اندران ان کي گھڻو لڳي چڪو هو. هونءَ شاهي دٻدٻو ۽ ٺاٺ باٺ پنهنجي چوٽ تي هيو. مغل فوجون باغين کي چٿي چُڪيو هيون، پر گاديءَ جي ويجھا پرڳڻا وس کان ٻاهر ٿي ويا ها، تنهنڪري مغل حڪومت جو زوال شروع ٿي ويو هو.
بلهي شاهه جا وڏا بهاولپور جي ڳوٺ اُچ گيلانيان ۾ رهندا ها. هن جي پيءُ سخي محمد درويش اهو ڳوٺ ڇڏي قصبه پانڊو وسايو. هڪ ٻي روايت آهي ته بلهي شاهه ابتدائي تعليم مولانا غلام مرتضى قصوري ۽ مولانا غلام محيُ الدين قصوريءَ کان پرائي، هن جي بيتن مان پتو پوي ٿو ته هن قرآن مجيد ناظره طور پڙهيو هو ۽ انهيءَ کانسواءِ گلستان بوستان، پڙهيو هو ۽ منطق، نحو، معاني، ڪنز قدوري ۽ شرح وقايع جا سبق پڙهندو هو. شايد هن جي شطاري خيالن سان ڄاڻ سڃاڻ پيدا ٿي جا هن کي شاهه عنايت قادري شطاريءَ جي حضور ۾ وٺي وئي. بلهي شاهه جو ڪلام نه رڳو ان دؤر ۾ انقلابي هيو، پر اڄ به تعصب پرستن جي نڙيءَ ۾ ڪنڊي وانگر کُٽڪي ٿو. وَسُ پُڄين ته ان تي بندش وجھي ڇڏن، پر بلهي شاهه جون جڙون نه رڳو پنجاب پر سنڌ ۾ به گھريون آهن. اسان سچل ۽ لطيف کي ڳائيندي وچ وچ ۾ بلهي شاهه کي ڳائيندا آهيون ايتري ڪنهن کي همت آهي ته هن جي ڪلام جي آڏو اچي!
انقره ۾ مون ڪمال اتاترڪ جو سنگِ اسود مان ٺهيل نهايت وڏو مجسمو ڏٺو هو، جنهن جي هيٺان لکيل هو: ”اوهان لاءِ ان کان وڌيڪ فخر جي ٻي ڳالهه نه آهي ته اوهان تُرڪ آهيو“
ان وقت مون کي بلهي شاهه جون هيٺيون شعر ياد آيو هو:
جيهڙا سانوڻ سيد آکي دوزخ ملن سزائيان،
جيهڙا سانوڻ آرائين آکي بهشتين پينگان پائيان.

)جيڪو اسان کي سيد چوي، ان جون جايون دوزخ ۾ هونديون. جيڪو اسان کي آرائين چوي اهو بهشت جي پينگهن ۾ لڏندو.)
ساڳي ئي ڳالهه آهي جا ”ديس سچل دا شهر درازا.“ ۾ آهي. اهي صوفي اسان جا وڏي ۾ وڏا انقلابي ها. فريد شڪر گنج چيو آهي ته:
”رُکا سڪا کاءِ ڪي ٺنڊا پاني پي،
نه ديک پرائي چوپڙي، نه ترسا اپنا جي.“

اهي دنيا جي ڪنهن به ڪميونسٽ کان زياده ترقي پسند ذهن رکندا ها ۽ جي ڪميسار انهيءَ ذهن وارا هجن ها ته ڪميونزم جي ستياناس نه ٿئي ها. هر صوفي عملي اشتراڪي هو، هر اشتراڪي عملي صوفي نه هو، نه رڳو اهو پر اشتراڪي ته تصوف کان نفرت ڪندا ها! ڇا نه شعر آهن:
راتين جاڳين ڪَرين عبادت، راتين جاگن ڪتي، تينون اُتي.
***
رَينِ گئي، لٽڪي سب تاري،
اب تو جاگ مسافر پياري،
آواگون سَرائين ڊيري،
ساٿ تيار مسافر تيري،
تَئين نه سُنئيون ڪُوچ نگاري،
اب تو جاگ مسافر پياري.
(صفحو 135 – ”ڪليات بلهي شاهه“)
ڪهڙا مثال ڏئي ڪهڙا مثال ڏيان! ماڻهو هو يا هيرن جي کاڻ هُيو؟ ڪبير کان وٺي بلهي شاهه ۽ بلهي شاهه کان وٺي ڀٽائي تائين ڪيڏي نه ڏيئن جي قطار آهي! عالمگير جي زندگيءَ جو سج ٻڏي ويو ته مغل حڪومت تالان والان ٿيڻ لڳي. پنجاب جي صورتحال به بري ٿي وئي ۽ مهاراجا رنجيت سنگهه جي حڪومت جي قيام تائين قائم رهي. اسانجي صوفي دانشور جي زندگيءَ جو ڪافي وقت لاقانونيت، خانه جنگيءَ، انتشار ۽ افغان طالع آزمائن جي وحشياڻين مُهمن ۾ گذريو، جنهن جو اثر هن جي شاعريءَ تي آهي.

بودليئر

بودليئر
(1821ع کان 1887ع تائين)

فرانس جو وڏي ۾ وڏو شاعر، جنهن جو پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گھٽ قدر ڪيو ويو. هو سٺو نقاد به هو، هن وقت 19 صديءَ جو وڏي ۾ وڏو فرانسيسي شاعر مڃيو وڃي ٿو. هن جو ڪتاب “Folowers of Evil” (گناهه جا گل) مون ٻه ٽي ڀيرا پڙهيو هو. انهيءَ ۾ هو ان تضاد جو ذڪر ڪري ٿو، جو انسان جي اُڌمي ۽ آدرش ۾ آهي، جنهن جو توڙ نراسائيءَ تي ٿئي ٿو ۽ جا ڳالهه هو پنهنجي روزانيءَ زندگيءَ ۾ محسوس ڪري ٿو. هن حسن جي تلاش، ان ۾ محويت ۽ زندگيءَ کان بي خبريءَ ۾ نه ڪئي پر پئرس جي زندگيءَ جي بددل ڪندڙ حقيقت ۾ ڪئي. پئرس جي راتين ۾ شاعر کي ڪوئي ازلي پرتؤ نظر اچي ٿو، پر هن کي ڪنهن مهل ايتري ڪرڀ اچي ٿي جو هو خود خدا جي خلاف بغاوت ڪري ٿو ۽ موت ۾ پنهنجي نجات ڳولي ٿو، جيڪو هن کي هن هستيءَ جي پردي پٺيان نهارڻ ۾ مدد ڪندو رهي ٿو.
هن کي مترنم شاعريءَ تي وڏي دسترس هئي، جنهن ۾ هو رومانيت پسندن کان ورثي ۾ آيل هڪ رنگين اجنبيت جو اظهار ڪري ٿو. ساڳي وقت هن ۾ اشاريت جو پهلو رامبوءَ ۽ علامت پسندن کان وڌيڪ هو. بودليئر نثري نظم به لکيا هيا ۽ تنقيد تي ڪتاب به، جن جي اهميت وقت سان گڏ وڌي رهي آهي.
بودليئر پئرس ۾ ڄائو هو. هُن جو پيءَ رنڙ هو ۽ جڏهن هُن جي ماءُ سان شادي ڪيائين ته پنهنجي زال کان ٽيهه سال وڏو هو. ممڪن آهي ته بودليئر کي پنهنجو فن پيءُ کان ورثي ۾ مليو هجي، پر هن کيس هڪ ”نفرت خيز فنڪار، سڏيو. هن جو پيءُ 1828ع ۾ مري ويو. هن جي ماءُ ٻن سالن کان پوءِ هڪ ميجر سان شادي ڪئي جو پوءِ اسپين ۾ فرانس جو سفير ٿيو. هن جي ماءُ جي ٻي شادي هن لاءِ آفت ٿي آئي ۽ هو Oedipus Complex جو ڪلاسيڪي مثال ٿي پيو. بودليئر پنهنجي تعليم ۾ پٺتي پيل هو ۽ نيٺ هو بي آبو ۽ ڪوڏيءَ مَلهه ثابت ٿيو. هن کي اسڪول مان نيڪالي ملي ۽ هن کي خانگي اتاليق رکي ڏنو ويو. 1839ع ۾ هن Baccalaureate جو امتحان پاس ڪيو. هن پنهنجي ڪٽنب کي ڌوڏو ڏئي ڇڏيو، جڏهن هنن کي ٻڌايائين ته هو ليکڪ ٿيندو. هن Ecole de Chartes ۾ داخلا ورتي ۽ آئينده ڏهن سالن ۾، اتي وِٿي ڏئي، ساهي پٽي، وارائتيون تقريرون ٻُڌندو هو. پر انهن ڏهن سالن ۾ هن کي اڀياس جي ڇاٽِي لڳي وئي ۽ هن ان ۾ پاڻ کي اڇلائي ڇڏيو ۽ ان ۾ ٽٻ ٿي ويو، پر اتي هن کي بُري هير پئي ۽ نه رڳو هو قرض ۾ وچڙي ويو. پر هن آتشڪ جو مرض به پرايو، جنهن ۾ 25 سال پوءِ هو مري ويو. هن جي ماٽيلي پيءُ هن جا قرض لاٿا ۽ هن کي هندستان جي سفر تي موڪليو، جيئن هي لچائيءَ کان ٻه سال پري رهي. ماريشس ۾ هن جو جهاز طوفان ۾ ڦاسي ويو ۽ هن اتي ڪپتان کي چيو ته هن کي واپس پهچائي. هن اهو ئي هڪ سامونڊي سفر ڪيو هو، جنهن هن جي شاعريءَ کي رڱي ڇڏيو. خطِ سرطان جا منظر، آواز ۽ ٻيا ڏيک هن جي عظيم شاعري جي اجنبي تصوريت جا ڪارڻ هيا. (جيئن مون ٿر جو ميرپور خاص کان نگر پارڪر تائين هڪ ئي سفر ڪيو آهي، پر ان جو اثر اڃا تائين منهنجي شاعريءَ تي ائين آهي، جيئن جهرڻي مان ٿڌو ۽ مٺو پاڻي نڪرندو آهي.)
ستن مهينن جي غير حاضريءَ کان پوءِ هو فرانس موٽي آيو ۽ ٻن مهينن کان بلوغت (غالباً فرانس ۾ 21 سال) تي پهتو. هن کي پنجهتر هزار فرانڪ آبائي ورثي مان مليا، جن مان 1844ع ۾ هن اڌ پئسا ته لُٽائي ڇڏيا، باقي دولت جي انتظام لاءِ سرڪاري آفيسر مقرر ڪيا ويا. اهو هڪ ڪٺور ۽ نردئي اپاءُ هو، جنهن لاءِ ذميوار شاعر جي ماءُ هئي. ان هن کي ساري عمر پئسي ڏوڪڙ جو ڪاڻيارو رکيو ۽ هن کي خرچ لاءِ ۽ قرض لاهڻ لاءِ پورا پئسا نه رهيا. انهيءَ ئي دؤر ۾ هن جا جين ڊيوول، هڪ اڇي ۽ نيگرو والدين مان پيدا ٿيل عورت سان تعلقات جڙيا جا پئرس ٿئيٽر ۾ ٿورو گھڻو ڪم ڪندي هئي. اها هن جي ٽن ڄاتل سڃاتل سريتن مان هڪ هئي ۽ کيس ڪاري وينس (Black Venus) ڪوٺيو ويندو هو. هُن جو بودليئر جي شاعريءَ تي گھرو اثر هو، ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي. هُو ساڻس ان وقت مليو جڏهن هن کي جذباتي بلوغت تي رسڻ لاءِ ڪائي چيڀٽ، ڪائي دل جي چوٽ ۽ صدمو اچڻ ضروري هو. (ساڳي حالت مون سان به ٿي آهي.) جيتوڻيڪ هو هڪٻئي کي رانڀوٽا پائيندا رهندا ها، ۽ ڪو اهڙو ڏينهن نه هو جڏهن هنن ۾ 1860ع تائين رڳڙا ۽ جھڳرا نه ٿيندا ها. هوءَ ئي هن جي ڏاتِ جي جل – پري ۽ ٻوڙان ٻوڙ وهڪرو هئي، جنهن هن کي رچنا تمڪ سمرٿي ڏني ۽ هن تي شاعري آڪاش واڻيءَ جئن آئي، جيئن سانوڻ جا ڪڪر چيري ڌرتيءَ تي جوت وسندي آهي ۽ ان کي پنهنجي گھيراوءَ ۾ وٺي ڇڏيندي آهي. ماڻهوءَ جو جسم مانسرور وانگر آهي ۽ ان مان جي نديون نڪرن ٿيون، انهن کي پهرين نه ايڏو ڦاٽُ آهي نه پاٽ آهي، پر پو هو برهم پترا وانگر گرڙاٽ ڪنديون، اپار ۽ اننت ٿينديون وڃن ٿيون (مون کي به ايئن جوانيءَ ۾ محسوس ٿيو هو، جڏهن پيار موسلاڌار مينهن وانگر اوڙڪون ڪري لٿو هو، روح جي ريلي هر شيءِ جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي هئي ۽ مون بودليئر وانگر پهريان ٽي ڪتاب لکيا ها. جن تي هڪ اڻ پڙهيل ۽ اياڻي بيورو ڪريسيءَ جي شهه تي هڪ ڳهيليءَ ۽ چرٻٽ حڪومت بندش وڌي هئي، جا ٻه سال اڳ لهي چڪي آهي.). بودليئر جي شاهڪار “Followers of Evil” تي به ايئن 70 سال کان وڌيڪ بندش رهي، ڪورا، مورک ۽ مت هيڻ حڪمران ايترو وقت وساري ويٺا ها ته فرانس جي عظيم ترين شاريءَ جا حصا بندش هيٺ آهن، جيستائين ڪنهن سائينءَ جي سنوارئي کي ايتري ڏاهپ آئي جو ان تان بندش هٽايائين. ان وقت تائين ته قبر ۾ بودليئر جا هڏا به ڀُري ڀور ٿي ويا هوندا! ائين ڇو آهي جو ٻُڌي هيڻ ۽ کٿڙيل سمجھه وارا ايتري سگھه ۽ سامرٿي رکندا آهن، جو ڪلنگيءَ وارا ڪلاڪار نهوڙي نيندا آهن ۽ ڪلا، جا، آڪاس جا ڪلس ۽ ڪُنگرا ڇُهي سگھندي آهي، ان کي پنهنجي پڃري ۾ بند رکندا آهن، جيئن روس ۾ ڪيو هيائون، جتي مصوريءَ جا شاهڪار گدامن ۾ تالي هيٺ سٿيا هيائون.
مون جڏهن بودليئر کي ٻيهر ساهيوال جيل ۾ پڙهيو ته مون کي ائين محسوس ٿيو هو ته هي برفاني ماڻهو هماليا جي چوٽيءَ تي بيٺو آهي ۽ هن جي ڀيٽ ۾ ماياڪو وسڪي ۽ ناظم حڪمت ائين لڳي رهيا ها، ڄڻ چيتا وات ڦاڙي چنگھاڙي رهيا ها. مون ان وقت اهو مصلحتاً نه لکيو هو ڇو ته ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ ڪيترا اشتراڪي اسان جا ساٿي ها. جيتوڻيڪ انهن مان ڪن جي چُرچ ماسڪو مان نڪرندڙ رسالي ”ٽائيم“ ۾ ون يونٽ جي فائدي ۾ لکرايو ويو هو.
1847ع ۾ هو پنهنجي ٻيءَ سريت ميري ڊابرون سان مليو، جا جيني ڊيوول کان مختلف نه هئي. جيتوڻيڪ هوءَ سندس آٿت ٿيندي هئي، جڏهن هو جيني سان جھڳڙو ڪري ايندو هو، پر ائين ٿو لڳي ته هن جي ڳڻتي ڪانه هوندي هيس ۽ هوءَ هن جي پرگھور نه لهندي هئي. هن جي آخرين الوداع تي بودليئر هڪ خوبصورت نظم لکيو هو.
مادام اپلو نيئر سباتيئر به اَپالو نيئر جي سُريت هئي، جا هن جي نظم ”اڇي وينس “ (White Venus) جي تخليق جي باعث بڻي، پر اها جينيءَ ۽ ميريءَ واري دور جي نظمن کان گھٽ درجي جي نظم هئي. ميري اوچي طبقي مان هئي، جنهن جي پهريون هڪ سرمائيدار يهودي پرورش ڪندو هو. ان آرٽ جي چکا چوکي ڪئي ۽ کيس ان جي چَش ايتري وڻي ۽ کيس چوس ايتري پئي جو هن پنهنجي دؤر جا مهان ليکڪ فلا برٽ، گوتيئر، ڊيوماس، گونڪورٽس هر آچر تي پنهنجي گھر تي گھرائڻ شروع ڪيا. گوتيئر، جو هن کي پريزيڊنٽ ڪوٺيندو هو، تنهن هن جي بودليئر سان 1851ع ۾ واقفيت ڪرائي. سال کان پوءِ بودلئير هن کي گمنام عشقيه خط لکڻ لڳو ۽ انهن سان گڏ پنهنجا ڪيئي نوان نظم به موڪليندو هو. هوءَ هڪ کِل مُک، چنچل، مهربان ۽ وندرائيندڙ عورت هئي. جا پنهنجن دوستن سان جلد گھائل مائل ٿي ويندي هئي. حيرت آهي ته شاعر هن کي محبوبا ڪري پنهنجي شاعريءَ لاءِ استعمال ڪيو ۽ ان محبت کي پوتر ڏيکاريو جيئن جينيءَ جي اَپوتر پيار جي ڀڃڪڙي لڪائي سگھي. 1857ع ۾ اهو واقعو جو خاتمي تي پهتو، اڃا راز ۾ آهي. 47-1846ع ۾ هن ايڊ گر ايلن پو جي ڪهاڻين جو فرينچ ۾ ترجمو ڪيو.
1857ع ۾ هن جو ماٽيلو پيءُ مري ويو. ٻه سال پوءِ هن جو ڪتاب “Flowers of Evil” ڇپيو، جنهن لاءِ هُن تي مقدمو هليو. انهيءَ دؤر جي احمق ججن ان شاهڪار مان ڇهن نظمن تي فحاشيءَ سبب بندش وڌي ۽ شاعر تي 300 فرانڪ ڏنڊ وڌو جو پوءِ گھٽائي 50 فرانڪ ڪيو ويو. 1861ع ۾ ساڳي ڪتاب جي ٻي اشاعت شايع ٿي، جنهن مان اهي ڇهه نظم ڪڍيا ويا جن تي بندش وڌي وئي هئي، ۽ انهن جي جاءِ تي ٻيا نوان نظم وڌا ويا. ڇا اهڙي نا اهل سرڪار تي ٿوڪارڻ ٿُڪ جو زيان نه آهي؟ ٻار جئن ڪاني جي گھوڙي تي سوار هوندا آهن تيئن اهي بيوروڪريٽ پارڪر يا شيفر قلم تي شهسواري ڪندا آهن ۽ ان کي ڪاغذ تي بي لغام ڇڏي ڏيندا آهن.
بودليئر بيلجم ۾ رهڻ لاءِ ٿورو وقت ڪوشش ڪئي، جيئن اتي بندش هيٺ آيل ڪلام سوڌو پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب شايع ڪرائي سگھي. 1864ع ۾ هو بروسليس روانو ٿيو. پر ڪتاب جي اشاعت ۾ ڪامياب نه ٿيو.
1886ع ۾ هن کي فالج ٿي پيو. هن کي پئرس موٽائي وٺي ويا، جتي هن کي شفاخاني ۾ رکيو ويو، پر هو اتي 31 آگسٽ 1887ع تي مري ويو. ڀڳل ٽٽل، چُور، دلشڪستو، اَگھو ۽ روڳ شالا ۾ بستري بعد قبر داخل ٿيو.
اي جڳ جي اونڌي جانڊهه!
توتي ڦٽڪار ۽ انهن تي لک ڦٽڪار،
جي توکي هلائي رهيا آهن!
(بودليئر)
دي شيخ باچراغ همين گشت گردِ شهر،
کز دام و دد ملولم و انسانم آرز دست.
(رومي)
(ڪلهه شيخ چراغ کڻي سڄو شهر گھمي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته ڪتا، ٻلا، رڇ ۽ ڀولڙا ڏسي ٿڪجي پيو آهيان. آرزو اها آهي ته ڪو انسان ملي وڃي.)

ٻُڌ

ٻُڌ

سنسڪرت ۾ ٻُڌ چيو ويندو آهي: ”ڄاڻڻ کي، جاڳڻ کي“. هو ٻوڌي مذهب جو باني هو. جو مشرق جي وڏن مذهبن مان آهي. هو 563 ق. م کان 483 ق. م تائين هيو. هندومت، جا آتمڪ ۽ نيت شاستر جي سکيا سان ارپيل هئي، تنهن ۾ بنا ڪنهن اهڙي ارادي جي، ٻڌ هڪ ٻي ڌرم جو بنياد به وڌو. هو راج – ڪنور سڌارٿ گوتم ٿي ڄايو، پر پوءِ به هن اڻ – هوند، روڳ، مرتيو (موت) جي باري ۾ ڏاڍو سوچيو ۽ پنهنجي ڀوڳ ولاس جو جيون ڇڏي، هڪ سنياسي ٿيو. ڇهه سال اڪيلائي ۾ تپسيا ڪيائين. هن روشن دماغي حاصل ڪئي پر انهيءَ تجربي هن جي سوچ ۾ ڦيرو نه آندو ۽ هو هر هندوءَ وانگر انت ۾ ڪنهن شانتيءَ واري اوستا ۽ آواگون ۽ پنرجنم ۾ اعتبار ڪندو رهيو، جي ماڻهوءَ جي اڳين ڪرم جي سنسار – سنٻنڌي نيم جو نتيجو هيا. مون ٻڌ جو هڪ عجيب قول پڙهيو هو:
”بس ڪجھه به نه ڪر،
اتي بيٺو رهه“
مان انهيءَ قول تي سوچي ٿڪجي پيو آهيان، پر ان جي تهه تائين پهچي نه سگھيو آهيان. دنيا جي تاريخ ۾ ٻڌ اهو نرالو جينيس هو، جيڪو ناستڪ هوندي ڪاميابيءَ سان هڪ ڌرم جو بنياد رکي سگھيو. برٽرانڊ رَسيل به ساڳي ڳالهه ڪئي. هن کي حسرت هئي ته هو چِين ۾ ڇو نه ڄايو جتي هڪ ناستڪ تي ڏيورو يا پُڃ – آستان ٺاهي سگھن ٿا. جتي برٽرانڊ رَسيل سُمرادو نه ٿي سگھيو، اتي ٻڌ سوڀارو ٿي ويو.
هو ڄايو هو سڌارٿ گوتم ٿي (سڌارٿ گوتم جي قوم هئي) اتر ڀارت ۾، هماليا پهاڙ جي پَٻ وٽ، بنارس (وراڻشي) کان اٽڪل سؤ ميل پري.
انهيءَ دؤر ۾ جڳ جون وڏيون سڀيتائون پيدا ٿيون – ڪنفيوشس ۽ لائوزي چين ۾، ٿيلز (Thales) ۾ زينوفينس (Xenophanes) ۽ فيثا غورث ۽ هراڪليٽس (Heraclitus) عظيم تر يونان ۾، زردشت ايران ۾، جرمياهه (Jeremiah) ۽ عيسى دوم اسراعيل ۾.
سڌارٿ جو پيءُ شڌوڌن، ساکيه قوم جي گوتم فرقي تي راڄ ڪندو هو. هو کتري هو ۽ سپاهڪي هنر ۾ ماهر هو. سڌارٿ جي ماءُ ننڍي هوندي مري وئي هئي. هن جي پيءُ هن کي جيون جي ڪرڙائيءَ ۾ پنارو ڏنو، هن کي ڀوڳ ولاس ۾ رکيو، پٽ جا پهراڻ پهرايا ۽ چاليهه هزار نرتڪيون ڏنيون، جي ٽن راج مندرن ۾ رهنديون هيون.جڏهن وواهه جهڙو ٿيو، تڏهن هن کي پنج استريون موڪليون ته انهن مان پنهنجي پتني چونڊي. هن انهن مان يشوڌرا کي چونڊيو، جا ڳالهه هن جي چريتر جي سگھه ڏيکاري ٿي.
سڌارٿ چار ڳالهيون ڏٺيون. هڪ ته پوڙهو ڏٺو جو هڏ – هيڻو، نستو، جھِڪو ۽ گُڪو هو، هن کي منهن تي گنج هيا، هن جا ڏند ڀڄي چڪا ها ۽ وار اڇا ٿي ويا ها، ۽ هو لٺ تي جھُڪاءُ ڪري، ٽيڪ ڏئي هلي رهيو هو. ٻي ڏينهن هن روڳ ۾ ورتل لڱو ماڻهو ڏٺو. ٽين ڏينهن تي هن مئل ماڻهوءَ جو ٿڌو ۽ سُڪڙيل مڙهه ڏٺو چوٿين ڏينهن هن هڪ ساڌو ڏٺو جنهن سنسار کي تياڳ ڪيو هو. هُو انهيءَ ويچار ۾ ويڙهجي ويو ته، ”ماڻهو کي مرڻو آهي.“ هن سوچيو ته زندگي عمر ۽ موت جي وَسيڪي آهي، پوءِ اها سيما ڪهڙي آهي، جنهن کان پري نه عمر آهي، نه موت آهي. هن کي نرواڻ جي سوچ وڪوڙي وئي. ان کان پوءِ هن جو ٻيو قدم کنيو، ان لاءِ چيل آهي:
ديپ جلي رهيو هو ۽ ان جي سُڳنڌ ڦهليل هئي. سيج، جنهن تي موتئي ۽ ٻين گلن جا ڍير پيا ها، ان تي راهُل (ٻڌ جي پٽ) جي ماءُ ستل هئي ۽ هن جو هٿ پٽ جي نرڙ تي رکيل هو. ٻوڌي ستوا (سڌارٿ) چائنٺ تي بيهي انهن ڏانهن ڏٺو ۽ سوچيو، ”جي مان راڻي جو هٿ هٽايان ۽ پنهنجي پٽ کي کڻان، ته راڻي اٿي ويهندي. جڏهن مان ٻڌ ٿيس (اڳ به ڪيئي ٻڌ ٿيا ها) تڏهن موٽي ايندس ۽ پٽ کي ڏسندس. پوءِ هو راج – محل مان لهي ويو.“ ان کان پوءِ سڌارٿ رمتو ۽ تيشي ٿيو ۽ ساندهه ڇهه سال من جي شانتيءَ لاءِ ڀٽڪندو وتيو ۽ ڀوڳ ولاس کي تياڳ ڪري، اندر جي جوتيءَ جي کوج ڪندو رهيو. هو پهريون يوگين جي دڳ تي هليو ۽ ٻجن ۽ گاهه تي جيئرو رهندو هو ۽ آخر پنهنجو کاڌو گھٽائي گاهه جو هڪ داڻو ڪيائين. ان کان پوءِ هن تپشين جو دڳ آزمايو. ڏاس مان ٺهيل ڪپڙو پاتو. ڪنڊن تي سمهيو ۽ هن تي دز ائين ڄمي وئي جو جھوني وڻ وانگر نظر آيو.
هو اهڙي اڱڻ ۾ به ستو جتي ڳرندڙ لاش ڳجهن جو ڳاهه ٿي رهيا هئا، جيئن پارسين جا لاش ٿيندا آهن. پر هن جو ساريون ڪوششون وئرٿ ويون. اهڙي تپسيا سان به جڏهن هن کي سچ نه مليو، تڏهن هو ٻڌي وڻ هيٺان وڃي ويٺو، ۽ جو هاڻوڪي پٽنه کان ڪجھه پنڌ تي ٻڌ – گيا ۾ آهي ۽ ياترين کي ڏيکاريو ويندو آهي. ان کان پوءِ مارا (موت جي ديوتا) هن کي طرح طرح سان آزمايو. پر ڪامياب نه ٿيو. ان وقت سڌارٿ ڌرتي کي آڱر سان ڇهيو ۽ آواز آيو، ”مان تنهنجي ساکي (شاهد) آهيان.“ سڌارٿ پوءِ هن جيون جي نِت وهندڙ نديءَ ۾ جنم مرڻ جا لاڳيتائيءَ وارا اننت ڦيرا ڏنا. هر مرتيو (موت) کي هڪ نئين جيون (حياتيءَ) نراس ٿي ڪيو، امر شانتي ۽ آنند کي ٻي ڪامنا ريٽي ٿي ڇڏيو ۽ ماڻهو ۾ نئين اڻتڻ، آنڌ مانڌ ۽ نراسائيءَ ۾ دک پيدا ٿي ڪيائين. انت مارا مايوس ٿي موٽي ويو ۽ سڄي رات سڌارٿ ڌيان ۾ گذاري، جيستائين باک ڦٽيءَ کان اڳ وهائو اڀريو ۽ هو پنهنجي مارگ تي رسيو، هن کي اندر جي جوتي ملي هو ٻڌ ٿيو. هن تي جرمن اديب هرمن هيس هڪ نهايت خوبصورت ناول لکيو آهي.
ٻڌ جي واسطي اها اوستا آتما جي شانتي ۾ هئي ۽ سَروَ وياپي جيون (ڪائناتي زندگيءَ) ۾ سمائڻ هيو، جنهن کي هن نرواڻ پئي چيو. نرواڻ پائڻ لاءِ ڪنهن پروهت جي يا ڪريا ڪرم جي ضرورت نه هئي، پر اها پنهنجي چال چلت ۽ ورتڻ ذريعي پرپت ٿي سگھي ٿي. ماڻهن کي هر انتها پسنديءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ۽ دنيوي سُک سمپدا ۽ کڻ بنگ سَواد جي اجائي ڪامنا کي ٿڏي ڇڏڻ گھرجي. هن ماڻهن کي چيو ته هنن کي سُپتيو ۽ بلڪل سچو جيون گذارڻ گھرجي.
ٻڌ انسان دوست هيو ۽ ذات پات ۾ اعتبار نه ڪندو هيو. هن سڀني لاءِ اپديش ڏنو ته، ”منهنجي مَتِ اوچ نيچ ۾، ڌنوان، نرڌن ۾ ڪوئي ڀيد ڀاءُ نه ٿي رکي. اها آڪاش وانگر آهي ۽ ان ۾ سڀ سماجي سگھن ٿا. هن جا ڪيئي آدرش مغرب جي آدرشن وانگر آهن، مثال طور: ”ڪنهن کي ماريو نه وڃي، چوري نه ڪئي وڃي، ڪوڙ نه ڳالهايو وڃي. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪروڌ کي پيار سان، برائي کي چڱائيءَ سان، لوڀ کي اُدار دليءَ سان ۽ ڪوڙ کي سچ سان ريٽڻ گھرجي.
ٻڌ ڪوئي مسودو ڪونه ڇڏيو هو. هن جون چوڻيون پهريائين واتان ويڻي ياد ڪيون ويون. اٽڪل 250 ق. م ۾ راج اشوڪ انهن کي پاکي ٻوليءَ ۾ لکايو. انهن ڌرمي پستڪن کي ترپي تڪا (ٽي ٽوڪريون) ڏاهپ جون چوندا آهن. ان ۾ هن جي ريتن ۽ سکيا جي ڳوڙهن نڪتن جون سمجھاڻيون هيون. ٻڌ خدا ۾ اعتبار نه ڪندو هو ۽ هن جي مذهب ۾ اهڙو تصور ڪو نه آهي ۽ عجب جي ڳالهه آهي ته هن جا پوئلڳ هن کي وشنو جو اوتار سمجھن ٿا ۽ هن جون مورتيون پنهنجي مندرن ۾ رکن ٿا، جن جي سامهون پاٺ پوڄا ڪن ٿا ۽ هن جي سکيا هڪ Cult with elaborate ritual ڪريا ڪرم واريءَ پنٿ ۾ بدلجي چڪي آهي. پرين اوڀر ۾ 150 ملين کان وڌيڪ ٻوڌي آهن.

تلسي داس

تلسي داس

تُلسي داس جي باري ۾ ائين ڄاڻ گھٽ آهي، جيئن هُن جي سيهوڳيءَ شيڪسپيئر جي باري ۾ ڄاڻ گھٽ آهي. ٻئي پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي نام – ڪٺيا ۽ چنگ چڙهيل هُيا. ٻنهي جي باري ۾ ڏند ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون آهن، جي وسهڻ جوڳيون نه آهن. سچ ته تلسي داس جي باري ۾ ٿورا تفصيل ملن ٿا جن کي للڪاريو ويو آهي، يا انهن کان بنهه انڪار ڪيو ويو آهي. انهن مان اڪثر تفصيل ته هڪ ٻئي کي رَدُ ڏين ٿا. هُن جي جيون ڪٿا جا مُنڍ ۽ مُهڳ ڪيئي آهن، انهن سڀني مان ميل کائيندڙ ۽ ٺهڪندڙ اهي آهن جي تلسيءَ جي لکڻين ۾ ملن ٿا. ٻيا هن جي جيونين جي بهير ۾ ملن ٿا، جي هن جي سهيوڳي يا لڳ ڀڳ سهيوڳي ويشنو سنتن لکيون آهن، جن مان ڪَويءَ جي جيون جي باري ۾ ڪجھه پتو پوي ٿو.
هن جي ڄم جي روايتي تاريخ ته بسنت 1554ع آهي، جنهن موجب هن جي ڄمار هڪ سئو ويهه ورهيه ٿئي ٿي. ٻيو رايو اهو آهي ته هو بسنت 1581ع ۾ ڄائو ۽ 99 سال جيئرو رهيو هو. گريئر سن بسنت 1589ع کي وڌيڪ اعتبار جهڙي تاريخ مڃيو آهي. تلسي ڪٿي ڄائو هو ان جي باري ۾ به ڪا خاطر خواهه شاهدي نه آهي. لڳي ائين ٿو ته هو راجا پوُر يا ايوڌيا ۾ ڄائو هو. هُن جي گروءَ جي باري ۾ به پورو پتو نه آهي. هو پنهنجي جڳ – پَر سڌ ڪتاب ”رام چرت مانس“ (جنهن کي سنڌي هندو شري تلسي رامائڻ چوندا آهن) ۾ چوي ٿو ته:
”مان پنهنجي گروءَ جي چرنن جي پوڄا ڪيان ٿو،
جو ديا جو ساگر آهي، نارا روپ هري،
جنهن جا ٻول ڪرڻا آهن.
جي مايا جي انڌاري کي هٽائي ڇڏن ٿا.“
ٿي سگھي ٿو ته هُن جي گروءَ جو نالو ”نارا روپُ هري“ هيو، جيتوڻيڪ انهيءَ لفظ جي معنى آهي، ”هريءَ جي روپ ۾ ماڻهو“ ۽ اهو امڪان رد ڪري نه ٿو سگھجي ته اِهي لفظ هن لغوي معنى ۾ لکيا آهن.
هن جي ٻالاتڻ، ۽ ڳڀرو – پڻي جي ڳالهين جي باري ۾ به پورو سڌ سماءُ ڪونه آهي. هن جي پنهنجين لکڻين مان پَرو پوي ٿو ته هن جو وواهه سنبت 1612 (1555 ب-ا-م) ۾ ٿيو هو. ڪي چون ٿا ته هُن جي ڌرم پتني واهڻي هئي ۽ هن کان هڪ سال ننڍي هئي ۽ ڪي چون ٿا ته هوءَ تلسيءَ کان ڏهه سال ننڍي هئي ۽ جمنا نديءَ جي ڀرسان ڪنهن وستيءَ ۾ رهندي هئي. هن جي ڪويتا ۾ جنهن استريءَ لاءِ لَنون ۽ پريتڻي جو اظهار ملي ٿو، اهو ٻي ڪنهن استريءَ جي باري ۾ آهي.
تلسي جي وِديا جي باري ۾ به ڌڪا هنيا ويا آهن. ”رام چرت مانس“ ۾ هن چيو آهي ته:
”مون پراڻن ۽ ٻين ڪيترن مُل گرنٿن
جي کوهه مان پاڻي ڀريو آهي ۽ والمڪيءَ
جي رامايڻ مان به ڪافي ڪجھه پرايو آهي.“
هُن هونءَ ته ڪيئي ڪتاب لکيا ها، پر ”رام چرت مانس“ لکڻ کان اڳ هن ڪيئي سفر ڪيا. هو هَردوار ويو، هماليه ۾ نارا ناراڻيا، ڪيدار ناٿ، گنگوتري، جمنوتري، ڪيلاش، گوري گڻيش ۽ آخر ۾ مانسروور جي تيرٿ اسٿانن جي ياترا ڪيائين. هو جڏهن ياترا تان موٽي ايوڌيا آيو، تڏهن رام جي جنم ڀونءِ تي رهي، اها ڊگھي ڪَوتا شروع ڪيائين. ان کان پوءِ هو وري ياترا تي ويو. هن اوڀر طرف گومتيءَ جي ڪناري وڃي اشنان ڪيو، ان کان پوءِ ڪاشيءَ ويو، جتي مڪر سنڪرانتيءَ جي ڏڻ تي ماگھه جي مهيني ۾ سنان ڪيائين ۽ مهينو پوءِ چترا ڪُٽا جي پهاڙين ۾ هليو ويو. اتان هو بسنت ۾ موٽي وري اَيوُ ڌيا آيو. پر اتان وراڻسيءَ هليو ويو. ياترا هن کي اولهه طرف تِروينيءَ (الله آباد) ۽ اتان اجين جي رستي گوداوريءَ نديءَ جي ڪناري وٺي وئي، جتان هو راميشور ۽ ڪنيا ڪُماريءَ ويو ۽ پوءِ الهندي طرف کان سُور شاسٽر ويو، جيئن هو ڪُر کيتر ۽ مٿر وڃي سگھي، جتي هن کي راڌا ۽ ڪرشن سان ڀڳتي ڀاؤ ٿي ويو. هن جي ياترا نربدا جي ڪنٺي تي پوري ٿي، جتان هو وراڻسي موٽي آيو. اِها ساري ياترا، رام چرت مانِس، سان ڪيئن لاڳاپيل آهي، اهو چٽو نه آهي. لڳي ائين ٿو ته پوءِ وراڻسيءَ ۾ هن جي ڌاڪ ويهجي وئي، هن اروتيءَ منگلا (پاروئيءَ جو وواهه)، ڪوتا ولي، گوتم چندريڪا، ڀڳت مالا، گيتا وٺي، ڪرشن گيتا وٺي وغيره ڪتاب به لکيا ۽ آخر ۾ ونيه پتريڪا لکيو، جنهن ۾ هن رام کي پرارٿنا ڪئي ته هو کيس جڳ جي دک ۽ پيڙا مان ڇوٽڪارو ڏئي، پر هُن جو سڀني کان سٺو ڪتاب ”رام چرت مانس“ (شري تلسي رامائڻ ) آهي.
ناڀاداس نالي ڪويءَ چيو هو ته: ”تلسيءَ ۾ آدي ڪوي (ازلي شاعر) پيدا ٿيو آهي.
اهڙي واکاڻ ورلي ڪنهن جي ڪئي وئي آهي. سنبت 1673 (1616 ب.ا.م) ۾ وراڻسيءَ (بنارس) ۾ ڪائي وبا يا مرِي پئي. تلسيءَ جي نرو آئي ۽ صحت ڇڄي پئي ۽ هن جي پونئينِ ڪوتائن ۾ هن جي روڳ ۽ ضعيفائيءَ ڏانهن ڪيئي اِشارا آهن. شايد اهوئي سبب هو جو هُن پنهنجيءَ حالت ۾ زياده گھريءَ معنى جي تلاش ڪئي ۽ پنهنجي اندر ۾ نئين سر جھاتي پاتي.
ونيه پتريڪا ۽ ڪويتا وليءَ ۾ انهيءَ تبديليءَ جا پهريان آثار آهن، جنهن ۾ 1616 بعد از مسيع واري مريءَ ڏانهن واضح اشارو آهي. هن جا ٻه ٻيا ننڍا پُستڪ ”هنومان ڀڳت“ ۽ ”دوها وَلي“ انهن کان پوءِ لکيا ويا. جن ۾ هن جي پنهنجي ڪشٽ ڪشالي ڏانهن اشارو آهي ۽ جن ۾ ان پيڙا جو ورنن ڪيل آهي، جا هن کي پيرن، پيٽ، ٻانهن ۽ مٿي ۾ هئي ۽ هن جو سڄو سرير سُور ۾ ڀرجي ويو هو. انهن پستڪن ۾ انهيءَ دوا درمل، سُتين ڦڪين، ٽوڻن ڦيڻن ۽ پرار ٿنائن جو به ذڪر آهي. جن جو هن تي ڪوبه اثر نه ٿيو هو. انهن ڪويتائن ۾ جا اڻ تڻ، آنڌ مانڌ ۽ تانگهه تات آهي، اها هن جي اڳين ڪويتائن ۾ نه آهي. جي هن من جي ماٺائيءَ، سانتيڪائيءَ ۽ ٿانهر سان لکيون آهن، انهيءَ وبا ۾ تُلسي سنبت 1680 (1623 بعد از مسيع) ۾، اسي ورهين جي عمر ۾ مري ويو ۽ هن جا سنک گنگا ۾ پرواهه ڪيا ويا.
راما نند جي باري ۾ پوري پڪ نه آهي ته هن جا ويچار ڪهڙا ها ڇو ته هن جي باري ۾ ڪتاب نٿا ملن، پر شنڪر ۽ رامانج پنهنجين لکيتن پنهنجين متين ۽ فيلسوفين جي باري ۾ ڪافي انبار ڇڏيا آهن، پر هن جي درشٽيءَ (نڪته نظر) کي سمجھڻ لاءِ هن جي ويچارن جو پُورو فيلسوفاڻو تجزيو (ڇيد) نه ٿو ٿي سگھي، ڇو ته هو ڪوي هو ۽ ڪويتا ۾ فيلسوفيءَ کي جذبو جنڊيءَ تي چاڙهي، رڱي ڇڏي ٿو. پوءِ به هُن جي ڪويتا ۾ هن جي ويچار ڌارا جي چٽي تصوير ملي ٿي. ”شري تلسي رامائڻ“ جو شري لوڪرام ڏوڏيجا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. لوڪ رام ڏوڏيجا ٻه سال کن اڳ گذاري ويو. (مواد اردوءَ تان ورتل)

تيمور لنگ

تيمور لنگ
(8 اپريل 1336ع کان 18 فيبروري 1405ع تائين)

هُو امير تارا غاميءَ جو پُٽ هو ۽ سڪينه خاتونءَ مان ڄائو هو. هن جي خاندان جي دعوى هئي ته اُهو چنگيز خان جي اولاد مان آهي. هو خواجا ايلغار نالي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو جو هاڻي مولود خاني جي نالي سان مشهور آهي. تميور کي لنگ ان ڪري چوندا هئا جو هو ڄنگهه تي هڪ ڦٽ جي ڪري مَنڊو ٿي پيو هو.
هُو مشرق جو هڪ وڏو حاڪم ۽ فاتح سمجهيو ويندو آهي، جنهن جون دور دراز مُهمون هن کي جنوب روس کان هندستان ۽ وچ ايشيا کان تُرڪي تائين وٺي ويون. ”تيمور“ ترڪي ۽ منگول زبان ۾ ”لوهه“ کي چوندا آهن. حُسنِ اتفاق سان اسٽالن جي نالي جي روسيءَ ۾ معني به ساڳي آهي. يورپ ۾ هن کي تئمرلين (Tamerlane) چوندا ها. هو بَرُلاس جي امير طبقي مان هو، جيڪي چنگيز خان ۽ ان جي پٽن کان پوءِ تُرڪي ٻولي ڳالهائيندا ها ۽ مذهبِ اسلام اختيار ڪيو هيائون.
تيمور پاڻ تُرڪي ۽ تاجڪ ٻوليون ڳالهائيندو هو (تاجڪ فارسيءَ جي ديسي ڀاشا آهي ۽ انهيءَ فارسيءَ سان ملي جُلي ٿي جا اسان هندستان پاڪستان ۾ ڳالهائي سگھندا آهيون. مان اها تاجڪستان ۾ چڱي طرح سمجهي سگھندو هوس. ) هو اڻ پڙهيل هو. پر هُن منشي محرر رکيا ها جي کيس پڙهي ٻڌائيندا ها، خاص ڪري تاريخ ۽ هُن جون مهمون ”ظفر نامي“ جي عنوان سان لکيون هيائون. جي ٻن نسخن ۾ هيون. تيمور لنگ جواني ۾ ئي نهايت ذهين ۽ شجاع هو. هن جي جواني جي باري ۾ ٽن هنڌان معلومات ملي ٿي. هڪ ته هينري ٽين جي هسپانوي وزير وٽان، جنهن سمرقند ۾ عظيم مهم جُوءَ سان ملاقات ڪئي هئي. ٻيو دمشق جي ”عرب شاهه“ نالي هڪ عرب جون تحريرون (جن مان هن جي دشمنيءَ جي بوءِ اچي ٿي.) ۽ ٽيون روسي رسالي ”نِڪون“ ۾ لکيل اتهاس مان. حيرت جي ڳالهه آهي ته روسين کي تيمورلنگ جي باري ۾ جيتري خبر هُئي اوتري تيمورلنگ کي روس جي باري ۾ نه هئي. تيمور هڪ رهزن جنگجو جي حيثيت ۾ زندگيءَ جي ابتدا ڪئي ۽ هن کي ٿورا ساٿي هيا. هڪ ڀيري هن کي رڍن جي چوري ڪندي مقابلي ۾ ڪلهي ۽ ڄنگهه تي زخم رسيا ان سبب هو ساري عُمر پنهنجي ڄنگهه يا ٻاهن جھُڪائي نه سگھندو هو. جڏهن 1941ع ۾ سمرقند ۾ هُن جي مرقد کي کوليو ويو، ته هُن تي انهن زخمن جا نشان اڃا به هُيا. (مون سمرقند ۾ هن جي قبر ڏٺي هُئي.)
هن جي دور ۾ سمرقند هڪ مسلسل جنگ جو مرڪز هو. شهر جي چوڌاري چغتائي خاندان جون زمينون هيون، جي وڏا ٽنٽائي ۽ رڳڙائي جھڳڙائي هيا، انهن ۾ چنگيز جو ٻيو پٽ به هو. ڏکڻ اولهه طرف هلاڪوءَ جي پونيئرن جون ٻنيون هيون، جو به چنگيز خان جي خاندان مان هيو. اتُر – اولهه ڏي لشڪر زِرين هيو، جنهن تي ڪنهن وقت چنگيز جو وڏو پٽ ”جوپِي“ راڄ ڪندو هو. اهي منگول روس جا وڏا رئيس هيا. اوڀر طرف سمرقند جون سرحدون چين سان ملنديون هيون ۽ اتي به منگول هيا، جي چغتائي خاندان کان علحده ٿي ويا ها. انهن مان ترڪي ڳالهائيندڙ خانه بدوشن ۽ فارسي ڳالهائيندڙ راهڪن ۽ نخلستانن جي باشندن ۾ جھيڙا جھڳڙا ۽ دنگا فساد وڌي ويا ها. خانه بدوشن کي مراعات (سهوليت ) يافته سمجھيو ويندو هو، جن مستقل رهائش اختيار ڪئي هئي. اهي ئي زياده تر باج گذارهيا.
1361ع ۾ پنجويهن ورهين جي عمر ۾ ڪيئي سئو ماڻهو هُن جي لڙهه لڳا ها. ان وقت تيمور لنگ هڪ حمله آور منگول خان جي نوڪري ڪئي هئي، جيڪو ڪاشغر جو تغلق تيمور هو ۽ جنهن هُن کي سمرقند جي هڪ حصي جو حاڪم بڻايو هو. 1369ع ڌاري، تغلق – تيمور جي موت کانپوءِ ۽ پنهنجي ڀيڻوي امير حسن تيمور سان عناد کانپوءِ، جو هن جي موت تائين هليو، تيمور لنگ بلخ کان سمرقند تائين، ساريءَ ڌرتيءَ جو ڌڻي ٿيو. ان کانپوءِ هن جون سياسي، فوجي ۽ اقتصادي تدبيرون ۽ اُپاوَ هڪ چٽي آدرش وانگر ٿيا. هن سمرقند کي پنهنجو علائقو سمجھي، ان تي پاڻ حڪومت ڪئي ۽ پنهنجيءَ جنگي مهم ۾ ڪيل ساريءَ ڦرلٽ سان سائو ستابو ڪيو ۽ اهڙو اڏي ڇڏيو جو رولو قومن ۽ گھر ڪري ويٺل قومن ۾ ويڇو ۽ تناءُ نه رهيو. هُن انهن جي گڏيل سڏيل آباديءَ کي فوجي تربيت ڏني، ان مان پيادو لشڪر، انجنيئر (گھيراوَ لاءِ) ۽ رسالا ٺاهيا. هن جي جنگي فن جي نئين ريت اها هئي ته هو جنگ ۾ پهريون رسالن کي منهن ۾ ڏئي مقابلي جو ڌوڏو سهسائي ويندو هو ۽ تيستائين پيادل فوج کي ترسائيندو هو، جيستائين دشمن ۾ مونجھارو يا ڦڙڦوٽ نه پئجي وڃي.
هن جي پنهنجي علائقي جي چوڌاري، زيردست ملڪ هئا. انهن مان ڪجھه ملڪن ۾ هن مقامي حاڪمن کي شڪست ڏني هئي ۽ پوءِ کين کي تابعدار جاگيردارن ۽ ٻيلين وانگر ٻيهر تخت نشين ڪيو هو. انهن لاڳيتن علائقن کان گھڻو پري هن جي جنگي مهم جا ٻه مقصد هئا، هڪ ته لٽ ڦر ڪرڻ ۽ ٻيو ته ڪنهن به مخالف طاقت ۽ ريسائتيءَ پُڄنديءَ واري کي اُڀرڻ کان روڪڻ، پر هن کي اتي کوپو کوڙي ويهڻ جو ارادو ڪونه هو.
74-1373 ۽ 1388ع ۾ هن کي جنگي مهم آمو درياهه مان هيٺ ڪئسپين سمنڊ ڏانهن وٺي وئي، 1376ع ۾ هن طوقطمش جي سفيد جرگي جي مدد ڪئي، جو زرين جي جرگي جو حريف ٿي پيو هيو. 1380ع ۾ طوقطمش زرين جرگي کي تابع ڪيو، جڏهن جرگي روسي شهزادي دِمنزي هٿان شڪست کاڌي، ان ڳالهه طوقطمش کي ايترو زورائتو ۽ ٽساڻو ڪيو، جو تيمور 1389 ۽ 1391ع ۾ هُن تي ڪاهڻ لاءِ مجبور ٿي پيو ۽ 95-1394ع ۾ هن کي مات ڏنائين. تيمور زرين جرگي (Golden Horde) کي ايترو ته آگھاٽي، نستو ڪري ڇڏيو جو، ڄاڻي واڻي ته نه پر اڻڄاتو روس جي مرڪزيت ۽ اتحاد ۾ ڄڻ واهَر ڪيائين. تيمور کي پنهنجيءَ فوج کي ڏورانهن ڏيهن ڏانهن طول طويل ڪوچ ڪرائيندي ڊپ ڊاءُ نه ٿيندو هو.
جڏهن به هو سفر ۾ هوندو هو، پنهنجي فوج جي پرگھور لهندو هو ۽ نه رڳو اڳواٽ محافظ موڪليندو هو ۽ ان کي ٻانهن، بغل ۽ ڪمر وٽ محافظ مهيا ڪندو هو، پر چارين ۽ جاسوسن جا لڏا به انهن جي مخبريءَ لاءِ موڪليندو هو. هُن اهو اصول ٺاهيو هو ته مختلف مُهمون مختلف وقتن تي، مختلف طرفن ۾ ڪري، جيئن ريسائتا سرواڻ نه اڀري سگھن. 1381ع ۾ هن ايران تي حملو ڪيو، 1386ع، 1392ع ۽ 1399ع ۾ هن اتي ”ٽه – سالي“ .پنج – سالي “ ۽ ”ست سالي“ مهم شروع ڪئي، جا هن کي 1392 ع ۾ آرمينيا ۽ جارجيا، 1399 – 1398ع ۾ هندستان ۽ 1402 – 1400ع ۾ شام ۽ تُرڪي وٺي وئي، پوئين مهم ۾ هن ائليپو ۽ دمشق تي قبضو ڪيو ۽ تُرڪيءَ جي سلطان بايزيد پهرين کي انقره وٽ شڪست ڏئي قيد ڪيو ۽ قسطنطنيه تي عثمانيه جي فتح کي پنجاهه سال پٺتي ڌڪي ڇڏيو. انهن دور دراز مُهمن ۾ جن جو مقصد رڳو ڦرلٽ ڪرڻ ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ هو، هن اهي ظلم ڪيا جي ناقابلِ فراموش آهن. دهليءَ ۾ هن هڪ لک ماڻهو مارائي، انهن جي سِرن جو مينار ٺهرايو، اصفهان ۽ ايران ۾ هن ستر هزار کوپرين جو ڍڳ لڳرايو هو.
ايتري ڏاڍ ۽ انڌير کان پوءِ به تيمور لنگ ڪيئي محل ۽ مسجدون ٺهرايون، جن مان سڀني کان وڌيڪ دلڪش مسجد سمرقند ۾ آهي. مذهب کي هو پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪندو هو ۽ گھرج پوندي هُيس ته شيعن ۽ سنين کي هڪ ٻئي سان ويڙهائيندو هو ۽ حسبِ ضرورت ڪڏهن شيعن جو پاسو وٺندو هو ته ڪڏهن سنين جو . چيو ويو آهي ته هو چين خلاف مهم لاءِ وڃي رهيو هو ته مري ويو. پر اهڙي ثابتي نه آهي ته هو ان مهم ۾ سنڪيانگ ۽ بيروني منگوليا کان پري وڃي ها. جيئن هو 19 جنوري 1405ع تي مري ويو، هن جي سلطنت جھرڻ لڳي پر هڪ صديءَ کانپوءِ هن جي پونيئر بابر هندستان ۾ مغل حڪومت جو پايو وڌو.
تيمور جي شهرت جو اثر ڪرسٽا فرمارلو جي ڊرامي ”تيمِرلين“ تي ڪافي نمايان آهي. مون ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پڙهيو آهي. جڏهن مان 1976ع ۾ هن جي قبر تي بيٺو هوس ته گائيڊ جي تقرير ٻڌي هڪ ڏهن ٻارهن سالن جي آمريڪي ٻار تي ايترو اثر ٿيو هو جو هو چاڪ سان زمين تي لکي رهيو هو:
”هتي ستر هزار پٿر رکيا وڃن ته هڪ هڪ سياح هُن جي قبر تي پٿر هڻندو وڃي، انهن ايران ۽ اصفهان جي کوپرين جي ياد ۾ جي تيمرلين ڍڳ ڪري رکيون هيون ۽ پاسي سان هڪ لک پٿر رکيا . . . . . . . “

تانتيا ٽوپي

تانتيا ٽوپي

1857ع جي آزاديءَ جي جنگ ۾ جي هندستاني ڪردار هيا، انهن مان نانا صاحب، عظيم الله، جهانسيءَ جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپيءَ سڀ کان وڌيڪ ماڻهن کي اتساهيو هو. انهن سڀني مان مون کي تانتيا ٽوپي جي تقدير ڇڪيندي رهي آهي. ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪنهن اڳئين جنم ۾ مان تانتيا ٽوپي هيس. تانتيا ٽوپي تي مون ڪيئي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، پر هن جي مختصر جيونيءَ تي لکڻ لاءِ اهي ڪتاب مون کي هٿ نه آيا، مون في الحال آڪسفورڊ هسٽري آف انڊيا (ٽين اشاعت) جي فهرست ڏٺي ته معلوم ٿيو ته هن جو ذڪر 667 ع 67 صفحي تي هيٺينءَ ريت آهي:
”1857ع جي شروعات کان وٺي فوج ۾ بيچئني وڌي رهي هئي، جنوريءَ ۾ ڪلڪتي ڀرسان ڊم ڊم وٽ فوجي جوانن ڪارتوس موٽائي ڏنا ڇو ته انهن ۾ چرٻي لڳل هئي. مارچ ۾ برڪ پُور وٽ هڪ پلٽڻ ڇڙو ڇڙ ڪئي وئي. آتشزدگي جا واقعا ٿي رهيا ها ۽ افواهه گشت ڪري رهيا ها. سچ پچ بغاوت 10 مارچ تي ميرٺ ۾ ٿي هئي. ڪجھه رسالن ڪارتوسن وٺڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ هنن کي نِيرَ وڌا ويا ها. ٽن رسالن ۾ انهن جي رفيقن کين آچر جي شام جو بندگي جي وقت آزاد ڪيو، پنهنجن عملدارن کي شوٽ ڪيو ۽ دهليءَ روانا ٿيا. جيتوڻيڪ ان وقت هندستان ۾ ٻه هزار يورپي فوجي موجود هيا، پر دهليءَ ۾ يورپي فوجي ڪونه هيا. قلعي تي بيهاريل هندستاني لشڪر سندن ساٿ ڏنو. شهر تي قبضو ڪيو ويو ۽ سنجھا جو بهادر شاهه ظفر کي منهندار بڻايو ويو، جو بي دليو ۽ گھٻرايل پئي لڳو. سندس متيون مُنجھي ويون هيون. غدر (انگريز آزاديءَ جي جنگ کي غدر چوندا ها) جي رفتار جا ٽي دؤر آهن، پهرين دؤر ۾ 1857ع جو ڀيانڪ اونهارو اچي وڃي ٿو، جڏهن مسئلو فقط اهو هو ته ڀَڀڙ جو ڀَڙڪي اٿيو آهي، ان جي ڦهلاءَ کي ڪيئن روڪجي. ٻيو دور هو سرءُ ۾ لکنئو ۾ مدد لاءِ ڪارروائيءَ ۽ ڪُمڪ وارو دؤر، ۽ ٽئين دؤر ۾ سرڪالن ڪئمپ بيل ۽ هُگ روز جو ڪارروايون اچي وڃن ٿيون. جن فسادين جي سگهه کي ڪاپاري ڌڪ هنيو هو، هڪ پويون دؤر به هيو، جنهن ۾ ”پوچيءَ وانگر، پوئين ڪارروائي ڪئي وئي ۽ اپريل 1859ع ۾ تانتيا ٽوپيءَ کي گرفتار ڪيو ويو.“
آڪسفورڊ هسٽري آف انڊيا جي صفحي 71-87 تي آهي: ”راڻيءَ (جاهنسيءَ جي راڻيءَ) جي بي ڌڙڪ جرئت ۽ اٽوٽ اَؤسان ۽ تانتيا جي چترائيءَ ان ڪارڻ کي نراسائيءَ مان ڪڍي ورتو جو پنهنجي ڪارپت وڃائي ويٺو هو ۽ اجائي لوچ پوچ ڪري رهيو هو ۽ مَٿا مونا ڏئي رهيو هو. مارچ 1858ع ۾ سر هگ روز جهانسيءَ تي قبضو ڪيو ۽ تانتيا جي مدد پهچائيندڙ فوج کي شڪست ڏني، مئي مهيني ۾ جڏهن ڪؤنچ فتح ڪيو ويو ته جدوجهد پوري ٿي چڪي هئي ۽ راڻي ۽ تانتيا گواليار ڏانهن وريا. راجا جي ذاتي فوج کي پنهنجي پاسي آندائون ۽ قلعي تي قبضو ڪيائون جو گاديءَ جو هنڌ به هو. ٻه وڌيڪ جنگيون لڳيون، جن مان راڻي هڪ سپاهيءَ جي ورديءَ ۾ سپاهيءَ جو موت مئي. 20 جون تي گواليار جي شڪست کانپوءِ غدر ذري گھٽ ختم ٿي ويو ۽ ننڍيون ننڍيون ڪارروايون رهجي ويون. 7 جولاءِ 1858ع تي ڪئننگ امن جو اعلان ڪيو. . . . . .“
مون هونءَ ته غدر جي تاريخ، تانتيا ٽوپيءَ، سوڌي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ پڙهي آهي پر اهي ڪتاب هٿ نه ٿا اچن. مون کي اهو ياد آهي ته تانتيا ٽوپيءَ نانا صاحب جو سپهه سالار هو ۽ سپاهه جي رهت کُھت سان گڏجي پوئين پساهه تائين ڦيٽ کاڌي هيائين. 1857ع جي آزاديءَ لاءِ قومي تجويز ڪانپور ۾ ٿي هئي. نا نا صاحب جو ڀاڻيجو راءُ صاحب ۽ منشي عظيم الله خان (جو انگريزيءَ جو ماهر هو ۽ جيتري قدر مون کي ياد آهي ته خفيه طرح انگلينڊ به ويو هو) ۽ هن جو مشهور سپهه سالار تانتيا ٽوپي هو. پنڊت سندر لال پنهنجي ڪتاب ”سن ستونجاهه“ ۾ لکيو آهي:
”لکنئو جو سارو شهر، جنهن وقت رَت جي سمنڊ ۾ تري رهيو هو، ريزيڊنسيءَ جا انگريز قيدي قيد مان آزاد ٿي ويا هئا. سر ڪالن ڪئمپ بيل ريزيڊنسيءَ کي ڇڏي، عالم باغ ۾ پنهنجي فوج ۽ توبون گڏ ڪيو هيون. (اردوءَ جي مشهور ناول نگار قراة العين حيدر ان دؤر تي پنهنجي ناول ”گردشِ رنگِ چمن“ ۾ هڪ نهايت هيبتناڪ باب لکيو آهي.) آئوٽ رام کي اتان جو سپهه سالار مقرر ڪيو ويو هو ۽ لکنئو شهر تي حملي جي تياري ٿي وئي هئي. ايتري ۾ ڪئمپ بيل کي ڪانپور مان اطلاع مليو ته نانا صاحب جي مشهور سپهه سالار انگريزن جي فوج کي شڪست ڏئي وري انهيءَ شهر تي قبضو ڪري ورتو آهي. ڪئمپ بيل ان وقت آئوٽ رام کي لکنئو ۾ ڇڏي، پاڻ ڪانپور ٻيهر فتح ڪرڻ لاءِ هليو ويو . . . .“
16 جولاءِ 1857ع تي جنرل هيولاڪ جي فوج الله آباد مان اچي وري ڪانپور فتح ڪئي. نانا صاحب پنهنجي ڀاءُ بالا صاحب ۽ ڀاڻيجي راءُ صاحب سان گڏجي جنرل هيولاڪ تي وري ڪاهه ڪرڻ لاءِ فوج ڪَٺي ڪري رهيو هو . تانتيا ٽوپيءَ کي هُنن شوِراج پور موڪليو. شوِراج پور پهچي تانتيا ٽوپيءَ ڪمپني جي 42 نمبر پلٽڻ کي پنهنجي پاسي ڪيو ۽ انهيءَ جي مدد سان هن هڪ ڀيرو ٻيهر بٺور تي قبضو ڪيو. جڏهن هيولاڪ لکنئو وڃڻ ٿي چاهيو، هُن سندس فوج تي پٺيان حملو ڪيو. ان جو نتيجو اهو ٿيو ته هيولاڪ کي لکنئو جو ارادو ڇڏي پٺتي هٽڻو پيو. 16 آگسٽ 1857ع تي هيولاڪ جي فوج وري تانتيا ٽوپيءَ جي فوج تي جيت پاتي. تانتيا ٽوپي باقي رهيل فوج سان ڀڄي فتح پور ۾ نانا صاحب وٽ پهتو. ان کانپوءِ تانتيا اولائتي ۽ گپت رستي گواليار پهتو. گواليار جي ويجهو مُرار جي ڇانوڻيءَ ۾ سِنڌيا جي زبردست مددي فوج هئي، جنهن ۾ پيدل پلٽڻون، سوار ۽ توب خانا هيا. تانتيا ٽوپي ساريءَ فوج کي انقلاب جي طرف موڙيو. ان کي کڻي تانتيا ٽوپي مُرار جي کان ڪالپيءَ آيو. ڪالپيءَ جو قلعو جمنا جي ٻي پار، 46 ميل پري هو. 9 نومبر 1857ع تي تانتيا ٽوپي ڪالپيءَ جو قلعو هٿ ڪيو ۽ پوءِ ڪالپيءَ کي ئي پنهنجو مرڪز بڻايو. بالا صاحب کي اتي مقرر ڪري، تانتيا ٽوپي فوج ساڻ ڪري ٻيهر ڪانپور ڏانهن وڌيو. اِن ۾ شڪ نه آهي. ته استقلال، بهادريءَ، ڦڙتيءَ ۾ ۽ ٻين هندستانين سان ٺاهه ڪرڻ جي قابليت ۾ تانتيا ٽوپي پنهنجو مٽ پاڻ هو.“
جنرل ونڊهم ان وقت ڪانپور ۾ هو. 19 نومبر 1857ع تي تانتيا ٽوپي ونڊهم جو گھيرو ڪيو ۽ هن لاءِ وٽ ٻاهران رسد جو پهچڻ ناممڪن ڪري ڇڏيائين. ونڊهم پنهنجي فوج سان ڪانپور مان هن جي مقابلي لاءِ نڪتو. 26 نومبر تي پانڊو نديءَ تي تانتيا ٽوپيءَ ونڊهم جي فوجن جي وچ ۾ گھمسان جي لڙائي ٿي. چيو وڃي ٿو ته پهرين حملي ۾ تانتيا ٽوپيءَ جو ڪافي نقصان ٿيو. پر تانتيا جي قابليت تسليم ڪندي، مورخ مالي سَن لکيو آهي:
”باقي فوج جو رهنما بي وقوف هو. هو اهو نقصان ڏسي هسجي نه ويو جو ونڊهم هن کي پهچايو هو. هُو انگريز سپهه سالار جي ڪمزوريءَ کي ڀليءَ ڀت پروڙي ويو هو. تانتيا ٽوپيءَ ان وقت ونڊهم جي حالت ۽ هُن جي ضرورتن کي اهڙي طرح پُرجھي ورتو، جئين ڪوئي کليل ڪتاب کي پڙهندو آهي. تانتيا ٽوپيءَ ۾ هڪ سچي سپهه سالار جون قدرتي وصفون موجود هيون. هن ونڊهم جي انهن ڪمزورين مان فائدي وٺڻ جو ارادو ڪيو.“ ٻئي ڏينهن تي تانتيا جي فوج ونڊهم جي فوج کي گھيري ۾ وٺي پٺتي هٽائڻ شروع ڪيو. ان حد تائين جو اڌ ڪانپور تانتيا جي فوج جي قبضي ۾ اچي وئي ۽ ونڊهم جي فوج هارَ تي هارَ کائي، ڀڄي وئي. ڪيئي انگريز آفيسر جنگ ۾ ماريا ويا. ٽين ڏينهن جي لڙائيءَ ۾ انگريزي فوج جي هار جو بيان ڪندي هڪ انگريزي آفيسر پنهنجي خط ۾ لکي ٿو:
”اڄ جي جنگ جو حال پڙهي تعجب ٿيندو. ان مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته ڪيئن انگريزي فوج پنهنجي فتح جي جھنڊن، پنهنجن اصولي نعرن ۽ پنهنجي مشهور بهادريءَ جي باوجود پٺتي ڌڪي وئي. انهن هندستانين جن کي اسان حقير سمجھندا هُياسين ۽ چيڙائيندا رهيا آهيون، تِن انگريزي فوج کان انهن جي ڪئمپ، سندن سامان، مال اسباب کسي ورتا، اٺ، هاٿي، گھوڙا ۽ نوڪر سڀ انهن کي ڇڏي ڀڄي ويا. اهو سارو واقعو نهايت افسوسناڪ ۽ شرمناڪ آهي.“
انهيءَ شڪست کان مجبور ٿي سر ڪالن ڪئمپ بيل کي لکنئو ڇڏڻو پيو. تانتيا ٽوپيءَ کي جئين اها خبر پئي هن، گنگا جي پل ڊاهي ڇڏي ۽ گنگا جي ڪناري پنهنجون توبون کوڙي ڇڏيون. پوءِ به سر ڪالن ڪئمپ بيل تانتيا ٽوپيءَ جي توبن کان بچي، ٻي جاءِ تان گنگا پار ڪئي ۽ 30 نومبر تي ڪانپور جي ويجھو پهچي ويو. ان وقت نانا صاحب به تانتيا ٽوپيءَ جي مدد لاءِ ڪانپور پهچي ويو هو. مالي سن لکيو آهي ته:
”سپهه سالار جي حيثيت ۾ تانتيا ٽوپي جي قدرتي قابليت ڏاڍي گھڻي هئي. گنگا جي ڪناري تي ئي هن ڪئمپ بيل جي فوج کي گھيرو ڪيو. پهرين ڊسمبر کان 6 ڊسمبر 1857ع تائين گھمسان جي ويڙهه ٿي. ٻنهي جي سگهه هڪجيتري هئي ۽ فوجون اٽ مَٽ هيون. تانتيا جي سڄي پاسي گواليار جي فوج هئي، جا آخر ۾ سکن ۽ انگريزن جي گڏيل حملي سبب پُٺتي موٽڻ لڳي. ميدان سر ڪالن ڪئمپ بيل جي هٿن ۾ رهيو. ڪانپور جي شهر تي وري ڪمپنيءَ جو قبضو ٿي ويو. تانتيا ٽوپي پنهنجي رهيل سَهيل فوج وٺي ۽ توبون کڻي ڏکڻ ڏانهن نڪري ويو. انگريز فوج هن جو پيڇو ڪيو. شوراج پور ۾ هڪ ٻي جنگ ٿي، جنهن ۾ تانتيا ٽوپيءَ جون ڪجھه توبون انگريزن جي هٿ چڙهي ويون، پر تانتيا ٽوپي باقي فوج سميت ڪالپيءَ نڪري ويو. انگريزي فوج ڪانپور واپس آئي. هن ڀيري سر ڪالن ڪئمپ بيل بٺور جي محلن کي ڪيرائي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي.“
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
هر پاڪستانيءَ کي جدوجهدِ آزاديءَ جي ساري تحريڪ غور سان پڙهڻ گھرجي ۽ جنهن کي 1857ع وارو بلوو چيو وڃي ٿو اهو آزاديءَلاءِ ڀرپور ڦيٽ هئي. هتي زير بحث ڪردار تانتيا ٽوپي آهي، هونءَ ته 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ ڪئي قابلِ ذڪر ڪردار هيا. مون تانتيا ٽوپيءَ سان گڏ جهانسيءَ جي راڻيءَ جو ذڪر به تفصيل سان ڪيو آهي، ڇو ته ٻنهي ساڳي بي جگريءَ، بهادريءَ ۽ آزاديءَ سان بي انتها محبت رکي، توڙ تائين لڙائي لڙي ۽ ٻئي لڙائيءَ ۾ به گڏ گڏ هيا. مون کي دنيا ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي تاريخ ۾ ٽيپو سلطان، جهانسيءَ جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپي جهڙا ڪردار ورلي نظر ٿا اچن، جن سان بي انتها وفاداري به ڪئي وئي ۽ جن سان وک وک تي غداري به ڪئي وئي، پر پوءِ به هو بي دليا نه ٿيا، هينئون نه هاريائون ۽ پُٺ نه ڏيکاريائون. آخري دم تائين وڙهندي وڙهندي ماريا ويا. انهن ٽنهي مان تانتيا ٽوپي هيٺين طبقي سان تعلق رکندو هو. ٽيپو سلطان (1782ع کان 1798ع تائين ميسور جو حاڪم) ته 1857ع کان اڳي ٻي آزاديءَ جي جنگ ۾ ماريو ويو هو، انڪري ان جو هن نوٽ ۾ ذڪر نه آهي. جهانسيءَ جي راڻي ۽ ٽيپو سلطان وڄ، واءُ، ڳڙا ۽ مينهن ٿي آيا ۽ انگريزن کي گھنگھور گھٽائن جيئن وڪوڙي ويا. هنن جان ڏني، آن نه ڇڏي، جيستائين منجھن ساههُ هيو، تيستائين ڪوئي اُتساهه کين اُڀاري رهيو هو. چي گئويرا وغيره جي دورِ جديد ۾ افسانا ٿي چُڪا آهن، هنن جي ڀيٽ ۾ ڪائي شيءِ نه ها.
مون جڏهن ڪريٽ جي آزاديءَ جي باري ۾ پنهنجي محبوب ناول نگار ۽ شاعر ڪازان زاڪس جو ناول ”آزادي يا موت“ پڙهيو هو ته مون کي جھانسيءَ جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپي ياد آيا ها. مون آزادي يا موت“ مان هيٺيان ٽڪرا لکي ڇڏيا ها، جي هتي ڏيان ٿو ۽ پوءِ جھانسيءَ جي ۽ تانتيا ٽوپي جي جدوجهدجي باري ۾ اڳتي لکان ٿو:
”نينگر، تون ڄاڻين ٿو ته مان ڇو ٿو کلان؟“ هن پڇيو، ”مان قسم سان چوان ٿو ته جڏهن انسان پوڙهو ٿئي ٿو ته هن جي ياد هڪ قبرستان ٿي پوي ٿي. جيتوڻيڪ ڪنهن وقت سنگِ لحد پاسيرا ٿي پون ٿا ۽ مُئا ٻاهر ٽپي اچن ٿا . . .“
(صفحو: 354)
. . . . . . .
”ڪي ماڻهو اهڙا ٿين ٿا، جن کي مرڻ نه گھرجي. آخر پهاڙ ڇو نه ٿا مرن؟ انهن ماڻهن کي ساڳيءَ طرح مرڻ نه گھرجي. اهي ڌرتيءَ تي ساڳيءَ جاءِ تي رهڻ گھرجن. انهن ٿنڀن وانگر جي آسمان کي جھلي بيهن ٿا. اِتي، اِتي ڌرتي! مان توکي لتون ٿو هڻان، حيف آهي توتي! تون انهن کي ڇو نه ٿي ڳڙڪائين، جيڪي بيوقوف آهن، جيڪي جڏا آهن، جيڪي چِٻا آهن؟ انهن کي ڳڙڪاءِ، انهن مان جند ڇڏاءِ! پر هي جوڌا (پوءِ هو پنهنجي ناول جي ڪردارن جا نالا کڻي ٿو)
(صفحو : 356)
. . . . . . .
”خون ڪڏهن به اجايو وهايو نه ٿو وڃي.“ هن جواب ڏنو، ”ڇا توکي اها ڄاڻ نه آهي ته آزادي ٻج وانگر ٿيندي آهي. اها پاڻي ڏيڻ سان نه ڦٽندي آهي. ان کي رت ڏيڻو پوندو آهي، سو اسان هاڻي ٻج جي آبياري صحيح طريقي سان ڪري رهيا آهيون ۽ اهو ڪنهن وقت ٻوٽو ضرور ٿيڻو آهي، پر اهو ڏينهن اڃا آيو نه آهي.“
(صفحو: 359)
. . . . . . . .
”خدا جي واسطي، “ هڪ وڌيڪ عقلمند ماڻهوءَ چيو: ”اسان جي دلين کي سخت بڻائڻ گھرجي ۽ پوءِ، ڪجھه سالن کانپوءِ پنهنجو جھنڊو اوچو ڪرڻ گھرجي، جڏهن پار ڪڍندڙ مائن کي ڏڍُ ملي وڃي، تيستائين ڍؤنگ ڪيو ۽ انهيءَ هٿ کي چُميو جو اوهان کي انت ڪپڻو آهي.“
الا! جهانسي جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپي پوئين صلاح تي نه لڳا يا حالتون اهڙيون نه هيو، جو هو لڳي نه سگھن ها.
”جمنا جو ڏاکڻو پاسو ۽ ونڌيا چل جو سارو اتر وارو علائقو 11 مهينا انقلابين جي هٿ ۾ رهيو، جا کيپَ مهاراڻيءَ لڪشمي ٻائيءَ کٽي، هِيوروز جي ماتحت هڪ وڏي فوج جنهن ۾ حيدرآباد، ڀوپال ۽ ٻين رياستن جون فوجون به توپن سميت شامل هيون انهيءَ علائقي کي وري فتح ڪرڻ لاءِ موڪليون ويون. 6 جنوريءَ 1858ع تي سر هيوروز ميسور کان روانو ٿيو. راءِ ڳڙهه، ساگر، باناپور، چنديريءَ وغيره جي جاين کي فتح ڪندي هيءَ فوج 20 مارچ تي جھانسيءَ جي ويجھو اچي وئي. جھانسي انهيءَ علائقي ۾ انقلابين جو خاص مرڪز هئي، شهر جي اندر بانا پور جو راجا ۽ سردار، راڻيءَ جي مدد لاءِ موجود هيا. راڻي لڪشمي ٻائيءَ، ڪمپنيءَ جي فوج جي پهچڻ کان اڳ چئني طرفن دور دور تائين پسگردائيءَ کي ويران ڪرائي ڇڏيو هو. جيئن دشمن جي فوج کي حملي ڪرڻ وقت رسد وغيره ملي نه سگھي. نه وري ٻنين ۾ اَن جو هڪ سنگ هو، نه ڪٿي گاهه جو هڪ پن هو ۽ نه ڇانو لاءِ ڪوئي وڻ هو. پر مهاراجا سنڌيا ۽ ٽيڪم ڳڙهه جي راجا ڪمپنيءَ کي گاهه، رسد وغيره جو اهڙو انتظام ڪري ڏنو هو جو ان جي فوج کي ڪائي ڏکيائي نه ٿي.
انگريزي فوج کي وڌندو ڏسي راڻي لڪشمي ٻائي (جھانسي جي راڻيءَ) انقلابين جي سپهه سالاري پنهنجي هٿِ ورتي. هر مورچو هُن جي موجودگيءَ ۾ تيار ڪيو ويو ۽ فَصيل تي توبون هُن پاڻ رکايون. هن جي توب خاني ۾ ڪيئي عورتون به ڪم ڪنديون هيون. جهانسيءَ ۾ 24 مارچ 1858ع تي هڪ توپ مان انگريزن جي فوج تي گولا اڇلايا ويا ۽ ان کانپوءِ اٺ ڏينهن لڳاتار جنگ ٿيندي رهي، پر ڪمپنيءَ جي زبردست فوج ۽ ان جي سامان جي مقابلي ۾ جهانسيءَ جي فوج جو اڪيلو ٽڪاءُ ناممڪن هو.
تانتيا ٽوپي جي فوج جمنا جي اتر ۾ هئي، جمنا پار ڪري، هُو چرکاريءَ جي راجا وٽ پهتو، پر راجا آزاديءَ جي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪيو. تانتيا چرکاريءَ تي حملو ڪري راجا کان 24 توبون به کسيون ۽ ٽي لک رپيا تاوان به ڀرائي ورتو. ان کانپوءِ تانتيا ڪالپيءَ پهتو. اتي هن کي راڻيءَ جو خط پهتو، جنهن ۾ هن کي جھانسيءَ جي مدد لاءِ درخواست ڪئي وئي هئي. تانتيا، جهانسيءَ جي طرف وڌيو ته ڪمپنيءَ جي فوج ۾ وري آوَهه اچي وئي. ان جي سامهون جهانسيءَ جي راڻي هئي ۽ پٺيان تانتيا ٽوپي هو. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته انهيءَ جنگ ۾ تانتيا جي فوج مڙسي نه ڏيکاري ۽ ڪمپنيءَ ان تي حملو ڪري ڏيڍ هزار سپاهي به ماري وڌا ۽ ان جون توبون به انگريزن جي ور چڙهي ويون. ان کانپوءِ جهانسيءَ جي حالت اڳ کان به خراب ٿي وئي پر پوءِ به راڻيءَ همت نه هاري. 2 اپريل تي انگريزي فوج جهانسيءَ تي پهريون ڀيرو حملو ڪيو. حملو چئني طرفن کان ٿيڻ لڳو. راڻي پنهنجي گھوڙي تي سوار، سپاهين ۽ آفيسرن کي اتساهه ڏياريندي رهي. انهن ۾ زيور ۽ خلعتون ورهائيندي رهي، وڄ وانگر ڪڏهن هيڏانهن وئي ڪڏهن هوڏانهن وئي. دشمن پهريون شهر جي اتر طرف زور ڏنو. اٺن جاين تي ڏاڪڻيون رکيون ويون. راڻيءَ جي توبن پنهنجو ڪم جاري رکيو. انگريز آفيسر ڊِڪ ۽ مچل ڏاڪڻين تي چڙهي، پنهنجن ساٿين کي سڏيو، پر ٻن گولين انهن کي اتي ڍير ڪري وڌو. بونس ۽ فاڪس انهن جي جاءِ والاري پر اهي به گولين جو کاڄ ٿي ويا. اٺئي ڏاڪڻيون ٽٽي پيون ۽ انگريزي فوج کي پٺتي هٽڻو پيو. اتر طرف کان ته ڪمپني صدر دروازو نه ٽپي سگھي، پر ڏاکڻي طرف کان ڪنهن هندستاني غدار جي مدد سان ڪمپنيءَ جي فوج ڏکڻ دروازي کان شهر ۾ گھِري آئي. ان کان پوءِ ڪمپنيءَ جي فوج هڪ جاءِ تي کَٽي ٻي جاءِ تي پهتي ۽ نيٺ محل کي وڪوڙي وئي. راڻي قلعي جي فصيل تان شهرين جي قتل ۽ انهن جي برباديءَ کي ڏٺو. هوءَ يڪدم هڪ هزار فوج سان گڏجي انگريزن تي وڄ وانگر ڪڙڪي. ٻنهي طرفن کان بندوقون اڇلي تلوارن سان وڙهڻ لڳا. ٻنهي طرفن کان جانيون ويون. ڪمپنيءَ جي فوج کي ڪافي پٺتي هٽڻو پيو. ايتري ۾ راڻيءَ کي خبر پئي ته صدر دروازي جو محافظ سردار خدا بخش ۽ توب خاني جو آفيسر سردار غلام غوث خان ماريا ويا ها، جنهن جو اهو مطلب هيو ته اتر وارو صدر دروازو به هاڻي دشمن جي هٿ ۾ هيو. راڻيءَ انهيءَ رات جھانسي ڇڏي، هٿيار ٻڌي، مرداڻيءَ پوشاڪ ۾ پنهنجي گود ورتل پُٽ دامودر کي چيلهه سان سوگهو ٻڌي هُن قلعي جي دوار تان هڪ هاٿيءَ جي پٺيءَ تي ٽپو ڏنو ۽ پنهنجي پياري سفيد گھوڙي تي سوار ٿي، ڏهه پندرنهن سوار ساڻُ ڪري ڪالپيءَ جي طرف رواني ٿي وئي. انگريزن هن جو پيچو ڪيو، پر راڻي ساري رات گھوڙو ڊوڙائيندي، صبح جو ڀانڊ پرنام ڳوٺ ۾ ڪجھه وقت ترسي، جتي پٽ کي کير پياريائين. جڏهن ڏٺائين ته انگريزي فوج اڃا سندس پيڇو ٿي ڪري، تڏهن گھوڙي تي ٽپ ڏئي چڙهي ۽ ڪالپيءَ ڏانهن وڌي. انگريز ليفٽيننٽ، راڻي کي اچي پڳو ته راڻيءَ تلوار جو وار ڪري هن کي گھائي وڌو ۽ هو گھوڙي تان ڪري پيو. نيٺ هو ۽ هن جا ساٿي پٺتي موٽي ويا. راڻي ۽ هن جا ساٿي سر پٽ گھوڙا ڊوڙائيندا ويا، صبح کان ٻپهري ٿي وئي. ٻپهري کان ٽپهري ٿي وئي، پر راڻيءَ کي ڪٿي ڊاٻي ڪرڻ لاءِ واندڪائي نه ملي. ويندي ويندي شام ٿي وئي ۽ اڀ ۾ تارا اڀري آيا، پر راڻي ڪٿي نه بيٺي. آخر اڌ رات جو پُٽ دامودر کي چيلهه سان ٻڌل کڻي، هوءَ جهانسيءَ کان 102 ميل پري ڪالپيءَ پهتي. راڻيءَ جو پيارو گھوڙو ڪالپي پهچڻ سان ڪري پيو ۽ مري ويو. صبح جو راڻيءَ، نانا صاحب جي ڀاڻيجي راءُ صاحب ۽ تانتيا ٽوپي جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي.“
ڇا اهڙي بهادر عورت دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ پيدا ٿي آهي؟ جون آف آرڪ به هن جي ڀيٽ ۾ ڪجھه نه هئي. آزاديءَ لاءِ تڙپ انسان ۾ کنوڻ جئن کجندي ۽ وڄ وانگر وراڪا ڏيندي آهي. هو پنهنجي زندگيءَ کي ته تڇ سمجھندو آهي، پر پوءِ به پاڻ ۾ ايتري سگھه سمجھندو آهي جو پهاڙ تريءَ تي کڻي سگھي ۽ سمنڊ اورانگھي وڃي. مان جڏهن 1963ع ۾ جهانسيءَ مان لنگھيو هوس ته اتان مٽي کڻي دعا گھُري هئي ته منهنجيءَ شاعريءَ کي به ايتري سگھه نصيب ٿئي، جيتري جهانسيءَ جي راڻيءَ کي ان وقت هئي، جڏهن هوءَ 102 ميل ساندهه گھوڙي تي سواري ڪري ڪالپيءَ وئي هئي.
”جھانسيءَ جي راڻي، راءُ صاحب، تانتيا، بانده جو نواب، شاهه پور ۽ باناپور جو راجا ۽ ڪجھه ٻيا انقلابي ان وقت پنهنجيءَ پنهنجي فوج سميت ڪالپيءَ ۾ موجود هيا، انهيءَ زبردست فوج لاءِ دشمن تي فتح حاصل ڪرڻ مشڪل ڳالهه نه هئي، پر انقلابين ۾ اهڙو ڪوئي شخص نه هو جو باقي ٻين کي پنهنجي حڪم جي تابع رکي سگھي. راڻي سڀني کان قابل هئي، پر هوءَ عورت هئي ۽ هن جي عمر فقط 22 سال هئي. تانتيا ٽوپي بهادر ۽ هوشيار سپهه سالار هو، پر هو هڪ معمولي گھراڻي ۾ پيدا ٿيو هو. قديمي خانداني راجائن کي هڪ عورت يا معمولي خاندان ۾ پيدا ٿيل هڪ انسان هيٺان ڪم ڪرڻ ان وقت ايترو آسان ڪم نه هو. اهو ساڳيو ئي نقص دهليءَ جي زوال جو به خاص سبب رهي چڪو هو. پوءِ به جھانسيءَ جي راڻي ڪجھه فوج وٺي ڪالپيءَ کان 42 ميل پري ڪنچ ڳوٺ پهتي. ڪنچ ڳوٺ ۾ سرهيو روز جي فوج سان وري هن جي فوج دوبدو ٿي. رهنمائن ۾ تفرقو ۽ بد انتظامي قائم رهي. ڪنهن به راڻيءَ کي مرضيءَ موجب مدد نه ڏني، نتيجو اهو ٿيو ته ڪنچ ڳوٺ به انقلابين هارايو. مورخ مالي سن ڏاڍي ساراهه سان لکيو آهي ته:
”شڪست کان پوءِ انقلابي فوج حيرت انگيز تنظيم سان ڪالپيءَ ڏانهن موٽي آئي، معلوم ٿئي ٿو ته اها تنظيم ان ۾ شڪست کانپوءِ پيدا ٿي هئي.“
سَرهِيو روز هاڻي ڪالپيءَ تي حملو ڪيو. جھانسيءَ جي راڻي پنهنجي شڪست کاڌل فوج کي وري اتساهيو. ڏاڍي گھمسان جي جنگ ٿي. هڪ دفعي انگريز فوج کي سڄي طرف پٺتي موٽڻو پيو. ڪمپنيءَ جا توبچي پنهنجون توبون ڇڏي ڀڄي ويا. جهانسيءَ جي راڻي پنهنجي گھوڙي تي سڀني کان اڳ ۾ هئي. ان کانپوءِ خود سَرهِيو روز سڄي طرف کان مُڙي، جھانسي جي راڻي جي مقابلي لاءِ وڌيو. آخر ۾ سوڀ سرهِيو روز جي ٿي. 24 مئي 1858ع تي ڪمپنيءَ جي فوج ڪالپيءَ ۾ داخل ٿي وئي. ڪالپيءَ جي قلعي ۾ انگريزن کي ست سؤ مڻ بارود ۽ بي شمار هٿيار ۽ ڏاڍو سامان هٿ آيو. جهانسيءَ جي راڻي هاڻي بانده جي نواب ۽ راءُ صاحب سوڌو ٿوري فوج ساڻ ڪري ڪالپي ڇڏي نڪري وئي.
ان ۾ شڪ نه آهي ته سرهيو روز جو هيستائين ڪَشالا ڪاٽي هڪ هزار ميل سفر ڪري آيو هو، پهاڙ، جهنگ ۽ نديون پار ڪيون هيائين، وڏين وڏين فوجن کي آڻ مڃائي هيائين ۽ نربدا کان جمنا تائين علائقو ڪمپنيءَ لاءِ فتح ڪري چڪو هو، ڪمپنيءَ جي نهايت قابل ۽ بهادر سپهه سالارن مان هو.
انقلابين وٽ نه هاڻي سامان هو، نه ڍنگ جي فوج، نه ڪوئي قلعو پوءِ به جهانسيءِ جي راڻيءَ ۽ تانتيا ٽوپي همت نه هاري. تانتيا ڳجھي رستي کان ڪالپيءَ مان نڪري گواليار پهتو. گواليار پهچي هُن مهاراجا سنڌيا جي فوج ۽ رعيت کي پنهنجي پاسي ڪيو ۽ نيئن فوج سان پوئتي مڙيو. جھانسيءَ جي راڻيءَ راءُ صاحب کي پهريون گواليار فتح ڪرڻ جي صلاح ڏني. جيئن انقلابين کي وري هڪ نئون مرڪز ملي سگھي.
28 مئي 1858 ع تي سڀ انقلابي رهنما گواليار جي سامهون پهچي ويا ۽ مهاراجا سنڌيا کي هيٺيون خط لکيائون:
”اسان توهان ڏانهن دوستيءَ لاءِ اچي رهيا آهيون. اسان جا (پيشوا سان) پراڻا ناتا ياد ڪيو. اسان کي اوهان مان مدد جي اميد آهي، جيئن اسان ڏکڻ طرف وڌي سگھون.“
جيا جي راءِ سنڌيا هن ڏانهن هٿ وڌائڻ بدران 1 جنون 1858ع تي پنهنجي فوج ۽ توبن سان هنن جي مقابلي لاءِ نڪتو. سنڌيا جي ارادي کي ڏسي جھانسيءَ جي راڻيءَ ٽي سئو سوارن سميت هنن تي ڪاهه ڪئي، پر سنڌيا جي فوج ته اڳيئي تانتيا ٽوپي کي پنهنجي زبان ڏئي چڪي هئي. اها فوج پنهنجن آفيسرن سميت، انقلابين ڏانهن هلي آئي. گواليار جون توبون ٿڌيون ٿي ويون. جياجي راءُ ۽ هن جي وزير وِنڪر راءُ کي ميدان ڇڏي آگري ڀڄي وڃڻو پيو. گواليار جي رعيت خوشيءَ ۽ جوش سان انقلابين جو آڌر ڀاءُ ڪيو. گواليار جي فوج پيشوا نانا صاحب جي نمائندي، راءُ صاحب کي سلامي ڏني. سنڌيا جي وزير ماليات اَمر چند ڀاٽا سارو خزانو انقلابي رهنمائن جي حوالي ڪري ڇڏيو. 3 جون 1858ع تي ڦول باغ ۾ هڪ وڏي درٻار ٿي، تمام جاگيردارن، سردارن ۽ اميرن پنهنجي پنهنجي جاءِ والاري، عرب، روهيلا، راجپوت ۽ مراٺا پلٽڻون پنهجون ورديون پائي درٻار ۾ پهچي ويون. پيشوا جو شهر پناهه ۽ ڪلغي راءُ صاحب جي مٿي تي رکيو ويو ۽ ساري درٻار هن کي پيشوا تسليم ڪيو. هن جا وزير به مقرر ڪيا ويا ۽ تانتيا ٽوپي هن جو خاص سپهه سالار مقرر ٿيو. ويهه لک روپيا فوج ۾ ورهايا ويا ۽ آخر ۾ توبن جي سلامي ٿي.
ان طرح تانتيا ٽوپي، جهانسيءَ جي راڻي لڪشمي ٻائيءَ دهلي، ڪانپور ۽ لکنئو کي هڪ نئون ۽ زبردست مرڪز عطا ڪيو. لڪشمي ٻائيءَ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هاڻي سڀ ڪجھه ڇڏي فوج کي تيار ڪري ميدان ۾ آندو وڃي. راءُ صاحب ۽ ٻين اڳواڻن راڻيءَ جي انهيءَ صلاح جي پرواهه نه ڪئي. قميتي وقت دعوتن ۽ جلسن ۾ برباد ڪيو ويو. ايتري ۾ سرهِيو روز پنهنجي فوج سميت تيزيءَ سان گواليار تي ڪاهي آيو. هن مهاراجا سنڌيا کي پاڻ سان گڏ رکيو. لڪشمي ٻائيءَ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڙوڇڙ فوج ۾ روح ڦوڪيو. ان خود شهر جي تنظيم ڪئي، ان جي اوڀر واري دروازي جي حفاظت جو بار پاڻ تي کنيو. لڪشمي ٻائيءَ سان گڏ هن جون ٻه سهيليون مندرا ۽ ڪاشِي گھوڙن تي سوار هيون ۽ بهادريءَ سان هٿيار هلائي رهيون هيون. مشهور سپهه سالار جنرل سمٿ، لڪشميءَ ٻائيءَ جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو. ڪيئي ڀيرا سمٿ جي فوج اوڀر واري ڦاٽڪ تي حملو ڪيو، پر هر ڀيري هن کي پٺتي هٽڻو پيو. ڪيئي ڀيرا ڦاٽڪ کان ٻاهر نڪري لڪشمي ٻائيءَ فوج تي حملو ڪيو ۽ ڪيترن ئي دشمنن کي ميدان ۾ ختم ڪري وري اچي ڦاٽڪ سنڀاريو. ان طرح صبح شام گھوڙي تي سوار ، لڪشمي ٻائي بجليءَ وانگر هيڏانهن کان هوڏانهن ويندي نظر آئي. آخر جنرل سمٿ کي اِن طرف ڪوشش ڇڏي پٺتي هٽڻو پيو. 17 جون تي ميدان لڪشمي ٻائيءَ جي هٿ ۾ رهيو. 18 جون تي جنرل سمٿ وڌيڪ فوج وٺي ساڳي ڦاٽڪ تي پهتو. ان ڏينهن ڪيئي طرفن کان انگريزي فوج گواليار جو گھيرو ڪيو. جنرل سمٿ سان گڏ هن جو سپهه سالار سر هيو روز به راڻي جي مقابلي لاءِ اوڀر ڦاٽڪ جي سامهون ڏٺو ويو. پرهه جو جڏهن راڻي پنهنجين ٻنهي ساهيڙين سان شربت جو وٽو پي رهي هئي، هن کي خبر ملي ته ڪمپنيءَ جي فوج وڌندي ٿي اچي. هن يڪدم شربت جو وٽو ڦٽي ڪيو ۽ پنهنجين ساهيڙين کي ساڻ ڪري اڳتي وڌي. هُن کي مرداڻي پوشاڪ پاتل هئي ۽ هوءَ سر هيو روز جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري رهي هئي. باقي انگريزي فوج ٻين انقلابي ٽولن کي چيريندي، راڻيءَ کي ويڙهي وئي. گواليار جون توبون ٿڌيون ٿي ويون ۽ گھڻي فوج تِتر بِتر ٿي وئي. فاتح انگريزي فوج چئني طرفن کان راڻيءَ جي ويجھو ٿيندي وئي. راڻي وٽ رڳو هُن جون ٻه ساهيڙيون ۽ 15 يا 20 سوار رهجي ويا. راڻيءَ پنهنجي گھوڙي کي تيزيءَ سان ڊوڙايو ۽ دشمن کي چيريندي ٻي طرف انقلابي فوج سان ملڻ چاهيو. انگريز سوارن هن جو پيڇو ڪيو، پر راڻي تلوار سان سِرَ لڻندي اڳتي وڌي. اوچتو هُن جي ساهيڙيءَ مندرا کي گولي لڳي وئي ۽ هوءَ گھوڙي تان ڪري، اُڦٽ مري وئي. راڻي يڪدم مُڙي پنهنجيءَ تلوار سان ان گوري سُوار تي وار ڪيو، جنهن جي گولي مندرا کي لڳي هئي ۽ هن کي ٻه اڌ ڪري وڌو. راڻي وري اڳتي وڌي. سامهون هڪ ننڍي واهي پار ڪري وڃي ها ۽ انگريز راڻي کي پهچي نه سگھن ها، پر بدقسمتيءَ سان گھوڙو نئون هو، اهو ڇلانگ ڏيڻ بدران واهيءَ جي پاسي کان چڪر ڏيڻ لڳو. انگريز سوار راڻيءَ کي وڌيڪ ويجھو اچي ويا ۽ هوءَ چئني طرفن کان وڪوڙجي وئي. هوءَ ان وقت بلڪل اڪيلي هئي، پوءِ به هن سڀني جو تلوار سان مقابلو ڪيو. ايتري ۾ هڪ سوار پٺيان اچي راڻي تي وار ڪيو. هُن جي سر جو سڄو پاسو الڳ ٿي ويو ۽ سڄي اک به ٻاهر نڪري آئي، پوءِ به هوءَ گھوڙي تي ويٺي رهي ۽ تلوار هلائيندي رهي. ايتري ۾ هڪ ٻيو وار راڻيءَ جي ڇاتيءَ تي ٿيو، مٿي ۽ ڇاتيءَ مان رت جو ڦوهارو نڪري آيو. بيهوش ٿيندي ٿيندي راڻيءَ ان گوري سوار کي تلوار سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيو، جنهن هن تي سامهون وار ڪيو هو. راڻيءَ جو وفادار نوڪر جو هن جي ڀرسان هو، هن کي هڪ ڪُٽيا ۾ گھلي ويو، جتي کيس پاڻي ڏنو ويو پر گھڙي پل ۾ هوءَ هميشه لاءِ ٿڌي ٿي وئي. هن جي آخري خواهش موجب گاهه جي چکيا بڻائي وئي، جنهن ۾ هن جي لاش کي جلايو ويو ۽ باقي ڪجھه هڏيون رهجي ويون. هڏيون آزادي جون شهنايون هيون ۽ اڃان تائين ڪنن ۾ ٻُرنديون رهن ٿيون. اهڙي طرح جهانسي جي راڻي 19 جون 1858ع تي هي جهان ڇڏيو.
ان کان پوءِ بيگم حضرت محل وڌ ۾ وڌ بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ ٻيا ڪيئي واقعا ٿيا، جن جو طوالت جي خوف سبب هت ذڪر ڪونه ٿو ڪجي ۽ تحرير فقط تانتيا ٽوپيءَ جي انقلابي زندگي ۽ ڪرت ڪار تائين محدود رکي ٿي وڃي. ڇو ته ”ڪتين ڪرَ موڙيا جڏهن“ ۾ فقط هُن جو ذڪر ڪيو آهي. اها منهنجي زندگيءَ جي وڏي خواهش رهي آهي ته 1857 ع جي انقلاب تي ”دودي جي موت“ وانگر آپيرا لکان، جنهن نظم ۾ سڀئي ڪردار پيش ڪيان، جن 1857ع جي انقلاب ۾ حصو ورتو هو. في الحال مان تانتيا ٽوپيءَ جون آخري ڪوششون بيان ٿو ڪيان:
”تانتيا ٽوپي جي خاص ساٿين، نانا صاحب، بالا صاحب ۽ لڪشمي ٻائيءَ (جھانسيءَ جي راڻيءَ) مان هاڻي ڪوئي به نه رهيو هو. انگريز هندستان تي پنهنجا پير ڄمائي چڪا ها. خود تانتيا وٽ نه ڪائي ڍنگ جي فوج هئي ۽ نه سامان. پوءِ به تانتيا آس نه ڇڏي، ٻيو هجي ها ته هُن جا ڍڍر ڍرا ۽ وايون بتال ٿي وڃن ها. 20 جون 1858ع تي گواليار مان نڪري تانتيا، راءُ صاحب، بانده جي نواب ۽ رهيل سَهيل سپاهين سميت نربدا ڏانهن وڌڻ چاهيو. تانتيا جو مقصد نربدا پار ڪري پيشوا جي نالي تي ڏکڻ جي راجائن ۽ رعايا کي جنگ لاءِ وري تيار ڪرڻ هو. 22 جون تي انگريز فوج هن تي علي پور ۾ گھيرو ڪيو، پر هو بچي ويو. ان وقت تانتيا جو مقصد ڪيئن به نربدا کي پار ڪرڻ هيو ۽ انگريزن هن کي ائين ڪرڻ کان روڪڻ چاهيو ٿي.
تانتيا سڀ کان پهريون ڀرت پور ڏانهن ڏٺو. يڪدم تانتيا کي جھلڻ لاءِ انگريزي فوج ڀرت پور پهچي وئي. تانتيا مُڙي جئپور ڏانهن وڌيو. جئپور جي فوج ۽ رعايا جو تانتيا لاءِ هيئون ڪُرڪيو ٿي. تانتيا انهن کي چوائي موڪليو ته دل ڏاڍي ڪن ۽ ويڙهه لاءِ سنڀت ڪَن. انگريزن کي پتو پئجي ويو. هنن يڪدم نصير آباد مان فوج جئپور ڏانهن موڪلي، انڪري تانتيا ڏکڻ ڏانهن مُڙيو. ڪرنل هرمس جي هيٺان هڪ فوج هُن جي ڪَڍ وئي. تانتيا انگريزي فوج کي گوهي ڏئي، ٽَؤنڪ پهچي ويو. ٽَؤنڪ جي نواب شهر جا در بند ڪري ڇڏيا ۽ پنهنجي ڪجھه فوج، چار توبن سميت تانتيا جي مقابلي لاءِ موڪلي. فوج جيئن تانتيا جي سامهون آئي، هُن سان وڃي گڏي ۽ ان توبون تانتيا جي حوالي ڪري ڇڏيون. تانتيا ٽوپي نئين فوج ۽ سامان سميت هاڻي اِندر ڳڙهه ڏانهن وڌيو. مينهن جو اوڙڪون پئجي رهيون هيون. پٺيان هَرمس فوج سان تانتيا جي ڪڍ اچي رهيو هو. راجپوتانا جي طرف کان سپهه سالار رابرٽس هيٺان هڪ فوج تانتيا تي حملي لاءِ اچي رهي هئي. چمبل ندي تانتيا جي سامهون هئي ۽ ڏنيءَ ڪنيءَ وهي رهي هئي. تانتيا ٽنهي کان بچي، بونديءَ ڏانهن وڌيو ۽ نيمچ، نصير آباد جي صوبي ۾ ڀيل واڙا نالي ڳوٺ ۾ ڊاٻو ڪيائين. اها خبر جيئن رابرٽس کي ملي، هن 2 آگسٽ تي تانتيا تي حملو ڪيو. سارو ڏينهن جنگ هلي. رات جو تانتيا پنهنجي فوج ۽ توبن سميت اُدي پر رياست ۾ ڪوٽرا ڳوٺ طرف نڪري ويو. 4 آگسٽ تي وري انگريزن ڪوٽرا کي گھيرو ڪيو، جنگ ٿي، پر هن ڀيري تانتيا کي توبون ڇڏي پٺتي هٽڻو پيو. انگريزي فوج تانتيا جو لڳاتار پيڇو ڪندي رهي. تانتيا وري چمبل ڏانهن وڌيو. ان وقت هڪ انگريزي فوج تانتيا جي پٺيان پئي آئي، ٻي سڄي طرف کان ٿي آئي ۽ ٽين هن جي سامهون چمبل نديءَ جي ڪناري تي موجود هئي.
(مان جڏهن 1963ع ۾ دهليءَ کان بمبئي ڪار رستي ويندي چمبل گھاٽيءَ مان لنگھيو هوس ۽ سج ٽڪرين پٺيان پناهه ورتي هئي ۽ رات سان پنهنجي آخرين جنگ وڙهي رهيو هو، تڏهن مون کي تانتيا ٽوپي ڏاڍو ياد آيوهو. تانتيا ٽوپي جو دنيا جو عظيم ترين سپهه سالار ۽ آزاديءَ جو پروانو هو. هڪ دفعو مان پنهنجي راءِ ٻيهر دهرايان ٿو ته مون جهانسيءَ جي راڻيءَ جي هڪ جھلڪ به جون آف آرڪ ۽ هسپانوي انقلابي لاپئنسارا ۾ به نه ڏٺي آهي. نه وري تانتيا ٽوپي جي چي گئويرا سان ڀيٽ ٿي سگھي ٿي. چي گئويرا تانتيا جي ڀيٽ ۾ هڪ ڄامڙو هيو.)
اهڙيءَ وٺ پڪڙ ۾ به تانتيا انگريزن کي لَمَ ڏئي ويو ۽ چمبل تائين پهچي ويو. عجبائتي ڦڙتيءَ سان، هو انگريزي فوج کان ڪجھه پريان چمبل ندي پار ڪري ويو هو. هاڻي چمبل ندي تانتيا ۽ انگريزن جي وچ ۾ اچي وئي. پر تانتيا وٽ رسد هئي ۽ نه توبون. تانتيا سڌو جھالرا پاٽن ڏانهن وڌيو. اتان جو راجا فوج ۽ توبن سميت تانتيا تي حملي لاءِ نڪتو. پر جيئن ميدان ۾ پهتو، هن جي فوج کيس لت هڻي وڃي تانتيا سان ملي.
(اها ڳالهه ڪيئي ڀيرا ٿي هئي. آزاديءَ لاءَ تڙپ ۾ چقمق واري ڪشش هئي.)
هاڻي تانتيا کي سامان، رسد، فوج وغيره سڀ ڪجھه ملي ويو. جڏهن هو جھالرا پاٽن طرف وڌي رهيو هو، تانتيا وٽ هڪ توب به نه هئي، هاڻي وٽس 22 توبون هيون. تانتيا جھالرا پاٽن جي راجا کان ڏنڊ ڏوهه ۾ پندرنهن لک وصول ڪيا. پنج ڏينهن تانتيا اتي ترسيو. هن پنهنجيءَ فوج کي پگھارون ڏنيون. راءُ صاحب ۽ بانده جو نواب تانتيا ٽوپي سان گڏ هُيا. ٽنهي ملي نربدا کي پار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انگريزن هنن کي روڪڻ لاءِ فوجن جو ڄار وڇايو هو، پر تانتيا کي هنن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪافي سامان ۽ هٿيار پنوهار هيا. هو هاڻي انڊور ڏانهن وڌيو. ان وقت ڇهه وڏا انگريز سپهه سالار رابرٽس، هومس، پارڪ، مچيل، هوپ ۽ ڪوکارٽ ڇهن پاسن کان تانتيا کي گھيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا ها. ڪيئي ڀيرا تانتيا ٽوپي انگريزن کي نظر آيو هو، پر هر ڀيري هو هنن کان تِرڪي ويو هو. نيٺ راءِ ڳڙهه جي سامهون مِچيل جي فوج تانتيا تي اچي ڪڙڪي. ٿوري لڙائيءَ کانپوءِ تانتيا ٽوپي ٽيهه توبون ميدان ۾ ڇڏي بچي نڪري ويو. رستي تي هڪ جاءِ تي هن کي چار وڌيڪ توبون مليون ان بعد هو اُتر طرف وڌيو ۽ سنَڌيا جي شهر عيسى ڳڙهه تي حملو ڪيائين ۽ اتان اَٺ ٻيون به توبون هٿ ڪيائين. تانتيا کي سارو وقت اهو سوداءُ هو ته هو نربدا ڪيئن به پار ڪري ۽ انگريزي فوجن هن کي چئني طرفن کان گھيرو ڪري ائين ڪرڻ کان روڪڻ چاهيو ٿي. تانتيا جي ان وقت سفر، چالن، فتحن ۽ شڪستن کي بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. هڪ انگريزي مؤرخ لکيو آهي:
”ان کانپوءِ تانتيا جي بچي وڃڻ ۽ ڀڄي وڃڻ جو اهو تعجب خيز سلسلو شروع ٿئي ٿو، جو ڏهه مهينا جاري رهيو ۽ جنهن مان ائين پئي لڳو ته اسانجي سوڀ بيڪار وئي هئي. اِن سلسلي سبب تانتيا جو نالو ساري يورپ ۾ اسانجي انگريز سپهه سالارن جي بنسبت زيادهه مشهور ٿي ويو هو. تانتيا جي اڳيان مسئلو آسان نه هو. هن کي پنهنجي غير منظم فوج کي لڳاتار ايتري تيز رفتاريءَ سان وٺي وڃڻو ٿي پيو، جو نه رڳو هن جو پيڇو ڪندڙ فوجون، پر اهي فوجون جي هُن جي سڄي ۽ کاٻي پاسي هيون، هٿ ملينديون رهجي ٿي ويون. هڪ طرف هو ديواني وانگر ڀڄ ڀڄان ۾ هيو، ٻي طرف هو هڪ درجن شهرن تي قبضو ڪندو ٿي ويو ۽ پاڻ سان نئون سامان گڏ ڪندو هيڏانهن هوڏانهن نيون توبون هٿ ڪندو ۽ ان کانسواءِ پنهنجيءَ فوج لاءِ نوان رضاڪار رنگروٽ ڀرتي ڪندو ٿي ويو، جن کي سٺ ميل روزانو ڀڄ ڊوڙ ڪرڻي پوندي هئي. تانتيا جا ذريعا ايترا ٿورا هيا ۽ پوءِ به هن ايترو ڪجھه ڪري ڏيکاريو جو ان کان انڪار ئي نٿو ڪري سگھجي ته هن جي قابليت غير معمولي هُئي. هو حيدر علي جي پائيءَ جو مڙس هو. چيو وڃي ٿو ته تانتيا ناگپور مان ٿي، مدراس وڃڻ چاهيو ٿي. جيڪڏهن هو سچ پچ مدراس پهچي ها ته اسان لاءِ ايترو ئي خطرناڪ ثابت ٿئي ها، جيترو حيدر علي ٿيو هو. نربدا هُن لاءِ ائين رڪاوٽ ثابت ٿي جيئن انگلش چئنل نئپولين لاءِ. انگريزي فوج پهريون ايترو آهستي هلندي هئي، چئنل انگلينڊ تي حمله آورن لاءِ هئي. ڪرنل پارڪ ۽ ڪرنل نيپئر جا سفر ايترائي تيز ها جيترا تانتيا جا، پوءِ به تانتيا واري واري سان بچي نڪري ويو. ساريون گرميون پوريون ٿي ويون برساتيون پوريون ٿي ويون، سرديون پوريون ٿي ويون وري ٻيهر گرمي پوري ٿي وئي، پر تانتيا اڃا وڃي رهيوهو. ان کان پوءِ تانتيا پنهنجي فوج کي ٻه اڌ ڪيو. اڌ فوج جو پنهنجي هيٺان رکيائين ۽ ٻيو اڌ راءُ صاحب جي. ٻئي دستا ٻن طرفن کان اڳتي وڌيا. انگريزن سان ڪيئي لڙايون ڪيائون ۽ وري للت پور ۾ اچي ڪٺا ٿيا. اتي ڏکڻ ۾ مِچيل جي فوج، اوڀر ۾ ڪرنل ليڊيل جي فوج، اتر ۾ ڪرنل ميڊ جي فوج، اولهه ۾ ڪرنل پارڪ جي فوج ۽ چمبل طرف جنرل رابرٽس هيٺان هڪ فوج هئي. پنجن ئي طرفن کان انگريزن جي فوج تانتيا جو گھيرو ڪيو. تانتيا هاڻي انگريز فوج کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ ڏکڻ جو سفر ڇڏي تيزيءَ سان اتر طرف وڌڻ لڳو. انگريزن سمجھيو ته تانتيا ڏکڻ ڏانهن وڃڻ جو خيال ڇڏي ڏنو آهي، پر تانتيا تيزي سان مُڙيو نربدا ندي پار ڪيائين، ڪجوريءَ ۾ انگريزن سان جنگ ڪيائين ۽ اتان راءِ ڳڙهه ويو ۽ پوءِ سڌو تير وانگر دکن جي طرف ڌوڪيائين. انگريز هن جون چالون ڏسي وائڙا ٿي ويا. جنرل پارڪ هڪ طرف ڌوڪيو، مِچيل پٺيان ڌوڪيو ۽ بيچر تانتيا جي سامهون وڌيو، پر تانتيا پنهنجي فوج سميت نربدا پهچي ويو ۽ هوشنگ آباد ويجھو دنيا جي وڏي ۾ وڏن جنگي ماهرن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيائين ۽ نربدا پارڪري ويو. مورخ مالي سين لکي ٿو:
”جنهن مضبوطيءَ ۽ استقلال سان تانتيا پنهنجي تجويز توڙ تائين رسائي، ان جي تعريف نه ڪرڻ ناممڪن آهي.“
”لنڊن ٽائيمز“ جي خاطوءَ لکيو:
”اسان جو نهايت حيرت انگيز دوست تانتيا ٽوپي ايتري تڪليف ڏيندڙ ۽ چالاڪ دشمن آهي جو هن جي تعريف ٿي نه ٿي سگھي. اڳين جون جي مهيني کان هن وچ – هند ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. هن اسان جي جاين کي چيٿاڙي ڇڏيو آهي، خزانا ڦريا آهن ۽ اسانجون مئگزينون خالي ڪري ڇڏيون اٿائين . هن فوجون ڪَٺيون ڪيون آهن، لڙايون لڙيون آهن ۽ هار کاڌي آهي. هندستاني راجائن کان توبون کسيون اٿس، اهي توبون کسائي وري هٿَ ڪيون اٿس ۽ وري انهن تان هٿ ڌوتا اٿائين هن جو سفر بجليءَ وانگر تيز آهي. ڪيئي هفتا سانده، هو هر روز ٽيهه ٽيهه، چاليهه چاليهه ميل ٿو هلي. ڪڏهن نربدا جي هِن پار آهي ته ڪڏهن هُن پار. اسان جي فوجي دستن کان بچي نڪري وڃي ٿو، ڪڏهن پٺيان ته ڪڏهن اڳيان. ڪڏهن پهاڙين تان، ڪڏهن ندين مان، ڪڏهن ماٿرين مان، ڪڏهن ڌٻڻن مان، ڪڏهن اڳتي آهي، ڪڏهن پٺتي آهي، ڪڏهن هڪ طرف آهي ته ڪڏهن ڦيرو ڏئي اچي ٿو. اڃا هو هٿ نه آيو آهي.“
آخر ۾ آڪٽوبر 1858ع ۾ تانتيا پنهنجي فوج سميت راءُ صاحب ۽ بانده جي نواب کي ساڻ ڪري، ناگپور جي ويجھو پهچي ويو. لارڊ ڪيننگ ۽ هُن جا ساٿي گھٻرائجي ويا. مالي سين لکيو آهي:
”جنهن ماڻهوءَ کي مهاراشٽرا، پيشوا ڪري مڃيندي هئي، ان جو ڀاڻيجو فوج سميت مهاراشٽرا جي ڌرتيءَ تي پهچي ويو. نظام اسان جو وفادار هيو، پر وقت ڏاڍو نازڪ هيو. ان کان پهريون به اهڙا مثال ٿي چڪا ها ته جيڪڏهن ڪنهن راجا پنهنجي قوم جي جذبن کي نه ليکيو هو ته قوم ان راجا جي خلاف بغاوت ڪئي هئي. اسان کي اهو ڀَؤ هيو ته ڪٿي تانتيا جي فوج ساري مهاراشٽرا کي اسانجي خلاف هٿيار ڏئي، ڀڙڪائي نه وجھي. ائين نه ٿئي ته سارو مهاراشٽرا وديشين خلاف هٿيار کڻي ۽ ان کي ڏسي ڏکڻ (نظام جو علائقو) به اُڀري پوي!“
جيڪڏهن اهو واقعو هڪ سال اڳي ٿي ها ته ممڪن هو ته هندستان جي تاريخ ٻيو رُخ وٺي ها پر گذريل سال ۾ هندستانين جون وايون وِلهڙيون ٿي ويون.اُر ۾ جنهن تانتيا وٽ ماڻهو خوشيءَ سان رسد پهچائيندا ها، تنهن وٽ ناگپور ۾ مهاراشٽرا جا ماڻهو اچڻ کان به وَنءُ ٿي ويا. تانتيا جي فوج اتي ڪجھه ڏينهن ترسي ته انگريز جي فوج هن کي گھيرو ڪري وئي. تانتيا جي اتر ۽ ڏکڻ کان انگريزن جون فوجون هيون. ناگپور مان تانتيا کي ڪائي مدد نه ملي. لاچار هو بڙودي ڏانهن وڌيو. نربدا جي گھاٽ تي ٻنهي پاسي انگريزي فوجون ڳاهٽ ٿيون هيون، تانتيا وڌيو ته ميجر سنڊر لئنڊ جي فوج جو هن سان ٽڪر ٿيو تانتيا فوج کي حڪم ڏنو ته توبون ڇڏي نربدا ۾ ٽپي پون. تانتيا جي فوج اکٻوٽ ۾ نربدا پار ڪري ڏيکاري. مالي سين لکيو آهي:
”دنيا جي ڪنهن به فوج ايتري تيزيءَ سان ڪُوچ نه ڪيو هو، جيتري تيزيءَ سان تانتيا جي فوج ڪري ڏيکاريو.“
تانتيا پوءِ راج پور پهتو ۽ اتان جي سردار کان ڪجھه رپيا ۽ گھوڙا ورتائين. ٻئي ڏينهن تي اُدي پور پهتو. بڙودو اتان پنجاهه ميل هو. فوج کي بڙودي جو خيال دل تان لاهڻو پيو. ٺيڪ انهيءَ وقت بانده جي نواب راڻي وڪٽوريا جي اعلان تي هٿيار ڦٽا ڪيا. تانتيا ۽ راءُ صاحب اڪيلا رهجي ويا. مالي سين لکي ٿو:
”پر اهي ٻئي رهنما انهيءَ سخت مصيبت ۾ به ايترو پرسڪون، بهادر ۽ هوشيار هيا جيترا هو پهرين رهي چُڪا ها.“
تانتيا هاڻي اُدي پور (ميواڙ) ڏانهن وڌيو. يڪدم ڪيئي انگريزي فوجن هُن تي جُلهه ڪئي. هو مڙئي، جهنگ ۾ پيهي ويو. هاڻي تانتيا جو بچڻ محال ٿي لڳو. هڪ ڏينهن اٽڪل چئين وڳي شام جو پرتاب ڳڙهه وٽ ميجر راڪ جي فوج کي شڪست ڏئي، نڪري ويو. 25 سيپٽمبر 1858ع تي تانتيا بانس واڙي جي جھنگ مان نڪتو. ٺيڪ انهيءَ وقت دهليءَ جي شاهي خاندان جو مشهور شهزادو فيروز شاهه فوج سميت جمنا ۽ گنگا کي پار ڪري، تانتيا جي مدد لاءِ اچي رهيو هو. (فيروز شاهه اڳ ئي اوڌ ۾ وڙهي چُڪو هو.)
انهيءَ ملاقات جي ڪهاڻي به نهايت دلچسپ آهي. 13 جنوري 1859ع ۾ اندر ڳڙهه ۾ فيروز شاهه، تانتيا ۽ راءُ صاحب جي ملاقات ٿي. سنڌيا جو هڪ سردار مان سنگهه به انهن سان اچي گڏيو. پر ان وقت وري تانتيا تي چئني طرفن کان گھيرو وڌي ويو هو. نيپيئر هن جي اتر ۾ هيو، شاورس ڏکڻ ۾ سمر سيٽ اوڀر ۾، سمٿ ڏکڻ – اولهه ۾، مچِيل ۽ بين سن ڏکڻ ۾، نونر ڏکڻ – اولهه ۾. اهي سڀ تانتيا تي گھيرو سوڙهو ڪندا ٿي ويا. تانتيا وڙهندي وڙهندي ديواس پهتو. 16 جنوري تي تانتيا، راءُ صاحب ۽ فيروز شاهه تنبوءَ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا ها ته اوچتو ڪنهن انگريز آفيسر جو هٿ تانتيا جي چيلهه ۾ پيو ۽ انگريز سپاهي تنبوءَ تي اچي ڪڙڪيا. معلوم ٿيو ته تانتيا پڪڙيو ويو آهي. پر اچانڪ اهي ٽئي اڳواڻ کسڪي ويا ۽ چئني طرفن تلاش ڪئي وئي، پر هن جو پتو نه پيو. 21 جنوريءَ تي اهي ٽئي شکرجيءَ ۾ نظر آيا. انگريز فوج انهن کي گھيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. تانتيا جون هاڻي اميدون ٽُٽي چڪيون هيون. هُن جو لڱ لڱ چورُ چورُ ٿي پيو هو ۽ هو مان سنگهه وٽ جھنگ ۾ لڪل هو. تانتيا، فيروز شاهه ۽ راءُ صاحب کي فوج سان گڏ ڇڏيو هو. ۽ پاڻ ٽي ماڻهو وٺي مان سنگهه وٽ ويو. مان سنگهه ان وقت انگريزن سان ملي چڪو هو ۽ هُن کي جاگير ڏيڻ جو عهد ڪيو ويو هو. فيروز شاهه کي تانتيا واپس گھرائڻ چاهيو، پر مان سنگهه هن کي روڪيو. اڌ رات جو تانتيا گھريءَ ننڊ ۾ الوٽ هو، مان سنگهه هُن کي انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو.“
غداري واقعي ڪنهن جي مُنهن تي لکيل نه هوندي آهي، غدار کي پنهنجي تسليءَ لاءِ سو بهانا هوندا آهن. هو نه رڳو ٻين اڳيان پر پنهنجي اندر ۾ به پاڻ کي گامون سچار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهڙي ڪا سِراڻ نه آهي، جنهن تي غدار جو ضمير تِکو ٿي سگھي.
18 اپريل 1859ع تي تانتيا ٽوپي جي ڦاسيءَ جو ڏينهن مقرر ٿيو. چئني طرفن کان فوج جو پهرو هو. انگريز زنجيرن ۾ جڪڙيل شينهن جي پاڇي کان به ڇرڪي رهيا ها. مون تانتيا ٽوپي جي پوئين تصوير ڏٺي آهي. مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار وڌيل، منهن تي نراسائي، اکين ۾ صدمن جو ٿڪ، نِستو، رَت پؤڻو، ٻل هيڻ“، هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ پير ڪڙيون. ڌرتيءَ تي ويهي هيٺ گھوري رهيو آهي. ڄڻ سوچي رهيو آهي ته هيٺ ڇا آهي؟ تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيو ويو آهي ته فوج چوڌاري دڙن تي بندوقون تاڻي بيٺي، ڳوٺن جا هزارين ماڻهو پنهنجن نگاهن سان هن جا پير چمي رهيا ها. . تانيتا صبر ۽ همت سان ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهيو. هن جون ٻيڙيون ڪٽيون ويون. تانتيا مُرڪندي پنهنجن هٿن سان ڦاسيءَ جو ڦندو ڳچيءَ ۾ وڌو، تختو ڇڪيو ويو. شام تائين تانتيا جو ڌڙ ڦاسيءَ جي رسيءَ ۾ لٽڪندو رهيو. سج جھُڪي هُنجا پير چُميا ۽ وري هن جي مُنهن ڏانهن اکيون کڻي نه سگھيو. يورپين تماشائين ڊُڪي تانتيا جي مٿي مان ٻه ٻه، چار چار وار پٽيا ۽ بهادر تانتيا جي يادگار طور پاڻ وٽ رکيا.
مون کي ياد ٿو اچي ته مان انگلنڊ جي ڪراميول اسپتال ۾ لٿل هوس ته هڪ انگريز شاعر مون وٽ هڪ سنڌي دوست سان گڏجي آيو هو. شاعري جي باري ۾ ڳالهائيندي هن مون کان پڇيو:
”ڇا تو لورڪا کي پڙهيو آهي؟ ڏسڻ ۾ ته تون هن کان ڪافي متاثر ٿو لڳين!“
هسپانوي ته مان نه ڄاڻان، هُن جو انگريزي ترجمو ٻه چار ڀيرا پڙهيو اٿم.“ مون جواب ڏنو. هن چيو ته ”مان توکي هن جو هڪ نظم ٿو ٻڌايانءِ جو ترجمي ۾ شامل نه آهي.“
پوءِ هن مونکي لورڪا جو هيٺيون نظم ٻڌايو:
”جي مان مري وڃان ته بالڪني کولي ڇڏجانءِ!
”ننڍڙو ڇوڪرو نارنگيون کائي رهيو آهي،
”(مان بالڪنيءَ مان هُن کي ڏسي سگھان ٿو)
”هاري ڪڻڪ لُڻي رهيو آهي،
”(مان بالڪني مان هن کي ٻُڌي ٿو سگھان )
”جي مان مري وڃان،
”بالڪني کُليل ڇڏجانءِ“
مان تانتيا ٽوپي تي هيءَ تحرير لکي سوچي رهيو آهيان ته جي مان جھانسيءَ جي راڻيءَ ۽ تانتيا ٽوپي تي هاڻي بالڪني کوليان ته ڇا هو ٻاهر پنهنجي آزاد ڌرتيءَ کي ڏسڻ چاهيندا يا هڪ نظر ڏسي پاڻ ئي بالڪني بند ڪري ڇڏيندا؟ آخر ٻاهر ڏسڻ جهڙو ڇا رهيو آهي؟

ٿامس اڪئي ناس

ٿامس اڪئي ناس

سينٽ ٿامس اڪئي ناس سنه 1225ع ۾ ڄائو ۽ 1274ع ۾ گذاري ويو . هو هڪ نهايت پرهيزگار ۽ برگزيده شخصيت جو مالڪ هيو ۽ هن جا فلسفي ۽ دينيات تي ڪافي ڪتاب لکيل آهن. اَڪيو ناس جڏهن موت جي بستري تي هيو، تڏهن هن رڙ ڪري پڇيو ته: ”اها عزت مون کي ڪڏهن بخشي ويندي، جڏهن برگزيده ماڻهو منهنجي بدن کي، جو هڪ ڪاٺين جي ڀَريءَ وانگر آهي، باهه (دوزخ) ڏانهن کڻي ويندا؟“ پوءِ چيائين: ”چپ ٿامس! ٿڌ ٿي رهي آهي، انهن خدا جي پرهيزگار بندن کي منهنجي لاءِ باهه جلائڻ نه گھرجي. ڏس، سج ڪيترو نه تکو چمڪي رهيو آهي، پر اها ڳالهه ته کلڻهارڪي آهي، ٻاهر ته برف ڪِري رهي آهي.“ پوءِ هن پاسو ورائي هوريان چيو؛ ”بسنت، ڏس، بسنت اچي رهيو آهي. پيارا اچ ته اسان ٻنيءَ ۾ هلون.“

ٽالسٽاءِ

ٽالسٽاءِ
(1828ع کان 1910ع تائين)

روس جو مشهور ليکڪ ۽ مذهبي مفڪر هيو. 1828ع ۾ روس جي اميراڻي زميندار طبقي ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 1852ع ۾ فوج ۾ شامل ٿيو هو. 1855ع ۾ سبئسٽپول جي گھيراءَ ۾ حصو ورتائين، جنهن جو هن ٽن خطن ۾ سبئسٽپول ۾ ذڪر ڪيو آهي. هُن پهريان چار سال سينٽ پيٽرسبرگ ۽ ماسڪو ۾ سماجي زندگيءَ ۾ حصو ورتو، جتي هن جا 3 ڪتاب ”ننڍپڻ“، ”ڇوڪرپڻو“ ۽ ”ڦوهه جواني“ شايع ٿيا. ”ٻه گھوڙي سوار“1956ع ۾ ۽ ”ٽي موت“ 1859ع ۾ شايع ٿيا ۽ هن جي شهرت هڪ نهايت ذهين ڪهاڻي نويس جي حيثيت سان ڌاڪو ڄمايو. 1892ع ۾ هن شادي ڪئي ۽ پنهنجي زمين سنڀالي. ان کان پوءِ هن زندگي نهايت ڪاميابيءَ، روشن خياليءَ ۽ آزادگيءَ سان گذاري، ساڳي وقت هن پنهنجا ٻه شاهڪار ناول ”امن ۽ جنگ“ (War & Peace) (1863-1872ع تائين)، ”ائنا ڪارينينا“ (Anna Karenina) (1875 – 1876ع تائين) شايع ڪرايا. پهرين ڪتاب ۾ روس تي نيپولين جي حملي جي باري ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ زندگي جون گوناگون تصويرون ڪڍيون ويون آهن، جن ۾ شهري ۽ ديهاتي زندگي، امير، هاري، سپاهي، سفير ۽ درٻاري اچي وڃن ٿا. هن جي ڪردارن جي صحيح بي عيب ڪردار نگاري، شهر، ڳوٺ ۽ جنگ جي ميدان جي نهايت پيچيدي پس منظر ۾ آهي ۽ هن جو ناول ائنا ڪاريننا يورپ جو بهترين ناول تسليم ڪيو ويو آهي. جو 1860ع جي پس منظر ۾ لکيو ويو آهي ۽ هيروئن جي الميه تقدير ڏيکاري ٿو، جا هڪ شادي شده عورت هئي ۽ پنهنجي نهايت لائق مڙس کي ڇڏيو هيائين. ان ۾ ۽ پنهنجين ٻين تحريرن ۾ ٽالسٽاءِ ڳوٺاڻيءَ ۽ فطرتيءَ زندگيءَ جي شهري سماج تي برتري ڏيکاري آهي، جنهن ۾ انسان ۾ پيار جي جذبي کي سطحي بنائڻ ۽ ناس ڪرڻ جي سگهه هئي. انهن ٻن ناولن کان پوءِ ٽالسٽاءِ هڪ روحاني بحران مان گذريو، جنهن ۾ هن دنيا ۽ ان جي هر سرو سامان ۽ مال متاع کي ڇڏي ۽ پنهنجي تخليقي ڪم کي به مسترد ڪري 1881ع ۾ پنهنجو ڪتاب ”منهنجي باس“ لکيو. هن پنهنجي زندگيءَ جي معنى کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جي باري ۾ هن 1885ع ۾ ”اِون الچ جو موت“ ۽ ”ڪروٽزرسونيٽا“ ۽ ڪيتريون ٻيون ڪهاڻيون لکيون، هن پنهنجو مئني فيسٽو ”آرٽ ڇا آهي“ 1898ع ۾ لکيو.
پڙهندڙن کي انهيءَ ڳالهه تي حيرت ايندي ته جڏهن مان ٽيون درجو انگريزي پڙهندو هس، تڏهن ٽالسٽاءِ جون ڪهاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ٿيل، منهنجو درسي ڪتاب هيون ۽ آخري ذڪر ڪيل ڪتاب ”ڪروٽرز سونيٽا“ مون ويهن ورهين جي عمر ۾ پڙهيو هو ۽ ان ۾ ٽالسٽاءِ جي اسلوب ۽ گفتگوءَ جي طرزِ تحرير کان ڏاڍو متاثر ٿيو هوس. ٽالسٽاءِ ڪيترائي ننڍا شهپارا به لکيا، جنهن ۾ هو انهيءَ نتيجي تي پهتو ته انسان جي نجات انسانذات جي خدمت ۾ آهي. هن جو پويون نامڪمل ناول ”نئون جنم“ هڪ خوبصورت شاعراڻي طرز ۾ لکيل آهي، جو ڪورٽ ۾ هڪ مقدمي جي باري ۾ آهي ۽ مون کي بار بار عدالت ۾ ڪيس هلائيندي ياد ايندو هو ته جوابدار ڇا ٿو چوي. ۽ جج ڇا ٿو سمجهي ۽ سچ ۽ ڪوڙ ۾ ڪيڏو تضاد آهي ۽ وڪيل انهيءَ خيال ۾ آهن ته هو ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ڪري ڪيئن پيش ڪن. مون ٽالسٽاءِ جا گھڻي ڀاڱي سڀ ڪتاب پڙهيا آهن، جن مان هڪ سنڌي ادبي بورڊ به ڇپايو آهي ۽ جنهن جو غالباً عنوان ”نيٺ ڇا ڪجي“ آهي، جو شايد جناب نورالدين سرڪيءَ ۽ ان جي رفيقه حيات ترجمو ڪيو آهي.
ٽالسٽاءِ جون لکڻيون اهنسا تي ٻڌل هيون ۽ هو پنهنجي ذاتي نجات، پاڻ تي تڪيو ۽ ٻين جي پيار ۾ سمجھندو هو ۽ هن جا نه رڳو روس پر ساري دنيا ۾ ڪيئي پوئلڳ پيدا ٿيا، جن مان وڏي ۾ وڏو مهاتما گانڌي هيو جو پنهنجي جاءِ تي ايترو ئي عظيم انسان هو، جيتيرو ٽالسٽاءِ. اڃا به هن جي سياسي ڪردار کي ڏسي ائين چئي سگھجي ٿو ته مهاتما گانڌي، ٽالسٽاءِ کان به وڏو ماڻهو آهي. ٽالسٽاءِ جهڙو اديب هن وقت تائين دنيا پيدا نه ڪيو آهي ۽ مان ڀانيان ٿو ته ”امن ۽ جنگ“ سندس وڏو شاهڪار آهي، جيڪو ستن ڏينهن ۽ راتين ۾ صبح جو چئين وڳي تائين جاڳي مون پڙهيو هو ۽ جنهن جا گھڻا ڪردار مون کي اڄ ڏينهن تائين ياد آهن. هو 20 صديءَ ۾ اهنسا جي تحريڪ جو باني هو، جيتوڻيڪ هن ۾ فرينچ مفڪر پروڌان جي ڪجھه انارڪزم جا به خيال ملن ٿا.
مون کي هڪ عجيب ڳالهه ياد اچي رهي آهي ته سندري اتمچنداڻي 1964ع ۾ سکر ۾ منهنجي گھر رهيل هئي ۽ منهنجي مصروف زندگي ۽ زرينه جي گھرو ڪم ڪار ۾ مصروفيت ڏٺي هيائين. هن مون کي بمبئيءَ کان هڪ ڪتاب ”ٽالسٽاءِ جي زال“ تحفي طور موڪليو هو، جنهن ۾ تفصيل سان ڏيکاريل آهي ته هڪ جينيس جي زال کي هن سان گذارڻ لاءِ ڪيڏي صبر کان ڪم وٺڻو ٿو پوي.

ٽراٽسڪي

ٽراٽسڪي
(1879ع کان 1940ع تائين)

لينن کان پوءِ روس جو وڏي ۾ وڏو اشتراڪي اڳواڻ هو. هن جو 1917ع واري انقلاب ۽ ان کان پوءِ خانه جنگيءَ ۾ اهم ڪردار رهيو هو. هو 26 آڪٽوبر 1879ع تي ڏاکڻي يوڪرين ۾ ڄائو هو ۽ هڪ آسودي يهوديءَ هَر – هاريءَ جو پُٽ هيو. 1897ع ۾ هن اوڊيسا جي نئينءَ روسي يونيورسٽي ۾ ڪجھه مهينا رياضيات جو مطالعو ڪيو، پر پوءِ اهو ڇڏي، هڪ پيشه ور انقلابي ٿيو. اوڊيسا ۽ نڪوليف ۾ ٿوري وقت ۾ هُن سماجي – جمهوري حلقن ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ 1889ع ۾ هن کي گرفتار ڪري، 1900ع ۾ سائبيريا جلاوطن ڪري موڪيلو ويو. ٻن سالن کان پوءِ هو قيد مان فرار ٿي ويو ۽ وڃي لينن سان اخبار اِسڪرا ۾ شامل ٿيو. پر جڏهن 1903ع ۾ پارٽيءَ ۾ ڏڦيڙ ڏارَ پيا، هن لينن خلاف مينشيوڪن جو پاسو ورتو. 1905ع جي انقلاب کان پوءِ هو روس موٽي آيو ۽ سينٽ پيٽرسبرگ ۾ پورهيتن جي عيوضين جو سڀني کان وڌيڪ برک اڳواڻ ليکيو ويو. 1907ع ۾ هن تي مقدمو هليو ۽ هن کي شهر نيڪالي ڏني وئي. هو اولهه سائبيريا پار ڪري، ويانا ڀڄي ويو. جتي هُن فرقي بازي کان الڳ رَهي، هڪ سماجي جمهوريت لاءِ ڪم ڪيو ۽ روس جي سڀني سماجي - جمهوري حلقن ۽ گروهن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر حاصل ڪجھه به نه ٿيو.
1914ع ۾ ٽراٽسڪي، فرانس هليو ويو. پر ڇاڪاڻ جو پهرين جنگِ عظيم کي سامراجين جي وچ ۾ هڪ جنگ ٿي سمجھيو ويو، هو ان جي خلاف هُيو، هن کي فرانس مان نيڪالي ڏني وئي ۽ هو ڪجھه مهينا يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ رهيو. فيبروري 1917ع واري انقلاب کان پوءِ هو روس موٽي آيو ۽ پيٽرو گراڊ ۾ بين الاقوامي گروهه ۾ شامل ٿيو، جو سڀني صوبن گڏجي پيٽروگراڊ ۾ ٺاهيو هو. جولاءِ – آگسٽ ۾ جڏهن بالشيوڪ پارٽيءَ جي ڇهين ڪانگريس ٿي، هو ۽ هُن جي حلقي جا ماڻهو ان ۾ شامل ٿيا، جيتوڻيڪ هو پاڻ جولاءِ واري نشڦل ڪُو coup) – راڄنيتي جي بي قائدي ڦير گھير لاءِ اُدم) سبب قيد ۾ هيو. ڪانگريس، ٽراٽسڪيءَ کي بالشيوڪ مرڪزي ڪميٽيءَ تي چونڊيو ۽ پنهنجي رهائيءَ کان پوءِ هو پيٽرو گراڊ سوويت جو ٻيهر چيئر مين ٿيو. هُن سوويت فوجي انقلابي ڪميٽي ٺاهي، هو 2 آڪٽوبر تي گاديءَ تي قبضي ڪرڻ جو مکيه ڪاريه – ڪرتا هو. هو پهرينءَ سوويت سرڪار ۾ خارجه پاليسيءَ جي ڪميسارجي حيثيت ۾ شامل ٿيو، پر جرمني سان بريسٽ – لٽووِسڪ صلح نامي تي هن جا لينن سان اختلاف ٿي پيا ۽ ان ڪري استعفى ڏنائين. 1914ع کان 1918ع تائين، فوجي ۽ بحري معاملن جي ڪميسارجي حيثيت ۾ هُن گھرو لڙائيءَ ۾ سرخ فوج جي اڳواڻي ڪئي.
1924ع ۾ لينن جي موت کان پوءِ، هن جي جاءِ نشينيءَ جو ظاهر ظهور اميدوار ٽراٽسڪيءَ هو ۽ اهڙي شاهدي آهي ته لينن به هن جي فائدي ۾ هو. پر اسٽالن، زينوفيف ۽ ڪامينوف جي ٻڌيءَ هن جي اِن لاڳيتائيءَ تي روڪ وڌي. هن سوويت سرڪار ۾ پنهنجو عهدو وڃايو، جيتوڻيڪ هي پالٽ بيورو جو ميمبر رهيو. 1919 ع جي صف بنديءَ کان پوءِ به ان ۾ هيو. 1927ع ۾ اسٽالن، زينوفيف، ڪامينوف، بُخارن ۽ ٻين سان گڏجي پارٽي جي کاٻي ڌر جي مخالفت ڪئي ۽ ٽراٽسڪيءَ کي شڪست ڏني ۽ هن پالٽ يورو ۾ به پنهنجي جاءِ وڃائي ۽ 1928ع ۾ هن کي وچ ايشيا ۾ آلما اَٽا ڏانهن لوڌي ڪڍيو ويو. (فيض احمد فيض يا ٻيا پاڪستاني يا هندستاني اديب سوويت يونين جي حڪومت آلما اَٽا گھرايا ها، پر انهن ان ڳالهه جو ذڪر ئي نه ڪيو ته اتي ٽراٽسڪيءَ جلاوطني ۾ رهيو هو ۽ هرڪو کائي پي عيش ڪري، اشتراڪيت جي اباڻي وطن جا گيت ڳائي موٽيو هو.) ٻي سال هن کي سوويت يونين مان ئي نيڪالي ڏني وئي ۽ 1932ع ۾ هن کان سوويت شهريت به کسي وئي. (جرمن ماهرِ نفسيات ائڊلر ٺيڪ چيو آهي ته: ”انساني اعمال جو محرڪ جذبو، دولت جو حوس نه، اقتدار جو حوس آهي. دولت به اقتدار حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي.“ 1929ع کان وٺي 1933ع تائين هن جي ٽين جلاوطنيءَ ۾ پناهه گاهه تُرڪي هئي ۽ 36-1935ع ۾ ناروي هئي، ۽ نيٺ هو ميڪسيڪو هليو ويو. ٽراٽسڪي، اسٽالن تي حملا ڪندو رهيو ۽ جلاوطن ڪميونسٽن ۾ جي ٽراٽسڪائيت ها، انهن جي نظرياتي رهبري ڪندو رهيو. انهن 1934ع ۾ چوٿين ڪميونسٽ انٽرنيشنل قائم ڪئي. 1936ع کان وٺي 1938ع واريءَ صفائي ۾ ٽراٽسڪيءَ تي الزام هنيو ويو ته هُو پنهنجن سچ پچ يا الزام ڏنل پوئلڳن ۽ طرفدارن کي روس ۾ الٽ پُلٽ ڪندڙ ڪاررواين لاءِ اتساهيندو رهيو هو، پر جان ڊيوئيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ انتر راشٽريه ڪميشن هن تي بي ڏوهي هجڻ جي فتوى ڏني. جيتوڻيڪ ميڪسيڪو جي اختياريءَ وارن ۽ ٽراٽسڪيءَ جي دوستن تمام باريڪ نظر سان پورا پورا اڳ ويچار ڪيا ها ۽ هن جي پناري ۽ پناهه ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هيائون، پوءِ به هن کي هڪ ڳجھه ڳُجھاتي ۽ هچاري خونيءَ، اسٽالن جي چُرچ تي، 20 آگسٽ 1940 تي ميڪسيڪو شهر ۾ مٿي تي مترڪو هڻي ماري ڇڏيو. (مون جڏهن ٽراٽسڪيءَ تي فلم ڏٺي هئي ته ماڻهوءَ جي ماڻهپي ۽ چڱائيءَ ۾ منهنجي ويساهه کي وڏو لوڏو آيو هو. سچ ته ماڻهو جو وڏي ۾ وڏو ويري هُن جو آپو، آپ سُوارٿ، هَڏي تي هوڏ، پنهنجي سوچ تي سنڌي سيڙهي کي انڪار ۽ ان ۾ بي انت وشواس آهي. مون اهڙا ڪيئي ڪميونسٽ ڏٺا ها، جي ائين سمجھندا ها ته دنيا جي ”کُل جا سِم سِم“ هنن جي هٿ ۾ آهي ۽ هو اِتهاس مان ڪجھه پرائڻ لاءِ تيار نه هوندا ها. پاڪستان ۾ ته هنن اهو پورو پڙهيو به ڪو نه هو ته مارڪس ڇا چيو آهي؛ رڳو ٻُڌي ٻڌائي ڳالهه تي کڻي ڳنڍ ٻڌي هئائون ۽ نشچي پڪ جا پاڻ کي اَڏول ٿنڀا سمجھندا ها. جيستائين ساري اڏاوت ڊهي ڍير ٿي پئي. اڃان تائين هو ننڍن ٻارن وانگر ان جي ٺڪرن ٺوٻرن جي ڍڳ ۾ ڀڳل ٽٽل کيڏاوڻا ۽ راند روند جون شيون ميڙي رهيا آهن ۽ سوچن ٿا ته ڪيئن پنهنجو نڪ ناس ۽ لڄ مرم بچائن. هنن ۾ ايترا اوسان نه رهيا آهن ۽ نه مڙسي ته پنهنجي چُڪ ۽ مَت ڀَرم کُلم کُلا قبول ڪن. پنهنجي ڌرتيءَ تي پير کوڙي، تيستائين بنا ڪنهن گھٽتائيءَ جي اَنبوءَ جي رَسن، جيستائين هو پاڻ ڪنهن ڇيهه ۽ سڌانت تي پهچن يا کين ڪوئي دڳ لائڻ وارو پيدا ٿئي. رڳو آند مانڌ ۾ وڦلڻ، رڳو هاءِ گھوڙا ڪرڻ ۽ وهلور وڃي پنهنجي دؤر جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پنهنجي وَسيلي واڙيءَ جي ڄاڻ کان سواءِ ۽ ان ويڃاڻ کان سوا ته ڪهڙي وَستو ۽ وَٿ سگھه ۽ سهارو ٿي سگھي ٿي، سڀ اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻن ٿا. افسوس ته ان ڳالهه تي آهي ته اڃا تائين ڀُتي، پراڻي، مهمل ۽ مُدي خارج لفظن مان جان ڇڏائي نه سگھيا آهن ۽ اڃان اڳين دؤر جي رَٽيل پِٽيل ٻوليءَ ۾ وچڙيل آهن.)
1980ع ڌاري زير زمين سوشلسٽ چؤنڪڙيءَ ٽراٽسڪيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، جڏهن سوشل ڊيموڪرئٽ هل چل پنهنجي پهرين درجي ۾ هئي ۽ مارڪسيت جو پرچار ۽ ڦهلاءُ ڪري رهي هئي ۽ ٻي درجي ڏانهن وڃي رهي هئي، جڏهن ان سوشلسٽ نظرئي کي مزدور هلچل سان ملائي، ولوڙو وجھڻو هو، هُن جي انقلابي ٿيوريءَ ۽ اُتساهه، چاهه ۽ تيز فهم ڀري، هن جي سنتا لاءِ سمرٿيءَ ۽ جوڙجڪ لاءِ وِت ۽ هن جي سگھاري مُهت – ترشنا گڏجي، ٽراٽسڪيءَ ۽ پنهنجي دؤر جي سوشل ڊيموڪريسيءَ لاءِ ارهائيءَ جو ڀاءُ، ارٿ پئدا ڪيو هو ۽ هڪ وڌيڪ هم مرڪز ۽ سياسي چت من واريءَ پارٽيءَ لاءِ هن سڌ اتساهي هئي. اها سڌ ساڳي قسم جي هئي، جهڙي 1900ع ۾ لينن کي پارٽيءَ ۾ اسڪرا جماعت ٺاهڻ وقت هئي. ان ڪري اهو فطري هو ته ٽراٽسڪيءَ، اِسڪرا ۾ شامل ٿئي، جيڪو اڳيئي سائبريا جي سوشل ڊيموڪرئٽڪ جماعت ۾، پئمفليٽ بازيءَ ۽ اخبار نويسيءَ ۾ نالو ڪڍي چڪو هو ۽ ان لاءِ هڪ تِکو ادبي ليک موڪليندڙ ٿئي. لينن سان ويجھڙائپ هن کي اِن نتيجي تي پهچايو ته پهريائين پارٽيءَ جي نالي ۾ پارٽيءَ جي تنظيم وجود ۾ اچي ٿي، ان کان پوءِ مرڪزي ڪميٽي ان تنظيم جي جاءِ والاري ٿي ۽ ان بدران ڪم ڪري ٿي، ۽ آخر ۾ هڪ ڊڪٽيٽر (آمر) ان مرڪزي ڪميٽيءَ جي بدران ڪم ڪري ٿو. ان ڪري هو لينن کي پڪي ارادي سان آڏو ايندڙن مان هو ۽ ان ڪري پارٽي 1903ع واري ٻي ڪانگريس ۾، ٻه اڌ ٿي وئي پر منيشيوڪن سان ٽراٽسڪيءَ جي غم گساريءَ وارو دؤر مختصر هيو. 1904ع کان 1906ع تائين هن پارووس جي اثر هيٺ دائمي انقلاب جي ٿيوري رچائي راس ڪئي، انهيءَ ٿيوري معرفت هن سينٽ پيٽرسبرگ ۾ سوويت ڪچي انقلابي حڪومت جو ٻج وڌو.
1907ع ۾ ديس کان ٻاهر هن جي ٻي ڀاڄ کان پوءِ پارٽيءَ جي پهرينءَ سگھه جو ڀاڱو به نه رهيو ۽ انقلاب کان پوءِ، کيٽي، تيسي ۽ چڙ جي ڪري ان جا ڪيئي رت پياڪ ڌڙا ٿي ويا. ٽراٽسڪيءَ چاهيو ته سڀ سوشل ڊيموڪرئٽڪ ڌڙا ايڪو ڪن، ۽ ساکيات ۽ ساڳي سوچ وارا ننڍا ڌڙا ڪٺا ڪري، انهن جي الڳ ٽولي ٺاهيائين، جن پنهنجي الڳ اخبار پراودا ڪڍي، جنهن جي سمپادڪي ويانا ۾ ٽراٽسڪيءَ پاڻ ڪئي. (اها ساڳي پراودا نه هئي جا سينٽ پيٽرسبرگ مان نڪتي هئي.) 1912ع ۾ هن اتحاد لاءِ ”آگسٽ ڪانفرنس“ گھرائي، جنهن اڪثر مينشيوڪ گروهن ۾ سچ پچ اتحاد پيدا ڪيو، جيتوڻيڪ اڪثر بالشيوڪ ۽ پليخانوف جي پارٽي ذهنيت وارا ماڻهو ڪانگريس کان پاسيرا رهيا، ٽراٽسڪيءَ وري مينشوڪن جي قيادت هٿ ۾ کنئي. جنگ ڇڙي ته وري سياسي صف بندي ڪئي وئي ۽ ٽراٽسڪيءَ ۽ مارتوف بين الاقوامي ڇانوڻيءَ ۾ شامل ٿيا، ۽ ٽراٽسڪيءَ، لينن ۽ زينوفيف جي حمايت کان انڪار ڪيو، جن چاهيو ٿي ته روس کي شڪست اچي ۽ ”سامراجي جنگ کي خانه جنگيءَ ۾ بدلايو وڃي.“
ضلعن جي وچ ۾ سوشل – ڊيموڪرئٽڪ تنظيم، جنهن ۾ ٽراٽسڪي 1917ع ۾ روس موٽي شامل ٿيو، جنگ کان اڳ ۽ جنگ وقت، جنگ جي حمايتن ۽ پارٽي – مخالف بالشيوڪن سان ڀري پئي هئي. پر لينن جو اهو پروگرام ته اقتدار تي قبضو ڪيو وڃي، ٽراٽسڪيءَ کي ڄڻ پنهنجي دائمي انقلاب جي نظرئي وانگر لڳو. ان ڪري اُهو سڀاويڪ هو ته هو پنهنجي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ بالشيوڪن سان ميلاپ چاهي ، ڇو ته اهو کيس لينن جي ”پارٽي جو سارو ساز سامان آلات اوزار هن جي بلي ڪندا، جيتوڻيڪ ٽراٽسڪيءَ انهيءَ ساري سانچي ۽ ڪَل پُرزي جو منڍ کان وٺي وِروڌ ۽ سامُهڻائي پنهنجي ڪهڻي رهڻيءَ سان ڪندو هو، جڏهن جنرل ڪانيلوف کي دارلخلافه تي پيش قدميءَ کان روڪيو ويو، تڏهن مکيه شهر بالشيوڪن جي وس ۽ اختياريءَ ۾ اچي ويا. ٽراٽسڪيءَ پيٽرو گراڊ سوويت جو چيئرمين ٿيو. پيٽرو گراڊ سوويت کي استعمال ڪري، هن هَلنديءَ ۽ اختيارءَ لاءِ رمزون ، کيڏون ۽ حڪمت عملي ٺاهي ۽ انٽرنيشنل جي ايندڙ ٻي ڪانگريس کي مُهاڏو ڪري ڪم آڻڻ چاهيو. ان ۾ ڪوئي شڪ شبهو نه هو ته هو ”ڪوڊي ٿا“ جو باني هو، هن ساريون فوجي واڳون پيٽروگراڊ سوويت جي فوجي انقلابي ڪميٽيءَ جي هَٿ وَس رکيون هُيون ۽ هن ئي عارضي حڪومت جي گرفتاري بابت اعلان ڪيو هو. مکيه مسئلو جو ٽراٽسڪيءَ ۽ نئين سوويت سرڪار جي آڏو آيو، سو جرمنيءَ سان جنگ بنديءَ جو هو. پهريون ٽراٽسڪيءَ فارمولا ڏني، ”نه جنگ، نه امن“ جنهن تي مرڪزي ڪاميٽيءَ جي اڪثريت هن جو ساٿ ڏنو ۽ بريسٽ – لٽووسڪ ۾ چيو ته سوويٽ روس جنگ ته بند ڪندو، پر امن جي عهدنامي تي صحيح نه ڪندو. پوءِ ٽراٽسڪيءَ استعفى ڏئي ڇڏي، ڇو ته هو ڪنهن به سامراجي حڪومت سان عهدنامي لاءِ تيار نه هو، پر جرمن پيش قدميءَ کي ڏسي، لينن خود دڙڪو ڏنو هو ته جي امن جي عهدناهي تي صحيح نه ڪئي وئي ته هو استعفى ڏيندو.
ٽراٽسڪيءَ جي تنظيمي صلاحيت ۽ پارٽي ۾ هن جي وقعت سرخ فوج کي ٺاهڻ لاءِ پوري زور سان ڪم آندي وئي، ڇو ته بالشيوڪن آئيني اسيمبلي ٽيڙي پکيڙي ڇڏي هئي ۽ ملڪ خانه جنگيءَ ۾ وچڙي ويو هو. اها ذميداري هڪ ڏاڍو ڳرو بوجو هئي، نه رڳو ان ڪري ته جنگ هلندي روسي فوج بي همٿ ٿي چڪي هئي، ۽ ان کي بالشيوڪ سرڪار تتر بتر ڪري چڪي هئي، پر ان ڪري به جو آفيسرن، بالشيوڪن جي نوڪري ڪرڻ نه ٿي چاهي ۽ نه وري سپاهي ان لاءِ تيار ها، ڇو ته بالشيوڪن هنن ۾ جنگ خلاف ڏاڍو پرچار ڪيو هو. ٽراٽسڪيءَ جي فوج ۾ تنظيم لاءِ ڪوشش، وڏن فوجي آفيسرن کي هن جي برخلاف ڪري ڇڏيو، خاص ڪري وورو شلوف ۽ اسٽالن جي دوستن کي، پر لينن، ٽراٽسڪيءَ جو پاسو ورتو، جيئن خانه جنگيءَ وقت ورتو هئائين ۽ هن جي مخالفن کي شڪست ملي.
خانه جنگيءَ جي ڪامياب خاتمي کان پوءِ، بالشيوڪ اڳواڻن کي ملڪ جي اقتصاديات جي بحاليءَ جي ضرورت محسوس ٿي. ٽراٽسڪيءَ، جنهن کي ٽرانسپورٽ جي ڪميسار جو واڌو عهدو مليو هو، ان راءِ جو هيو ته اها بحالي ائين ڪئي وڃي جيئن فوج جي ڪئي وڃي، ۽ هن فوجي اِڪائيون ”پورهئي جي فوج“ ۾ بدلائڻ شروع ڪيون. هو ٽرانسپورٽ ورڪرس يونين جو سربراهه ٿيو ۽ هن جي مرضي هئي ته اِها يونين مرڪزي انتظاميا ۾ شامل ڪئي وڃي. ان ڳالهه ٽريڊ يونين ورڪرس مخالفت کي جنم ڏنو، جا ٽراٽسڪيءَ جي ورتل دڳ جي آڏو آئي. لينن وچولي راهه ورتي، جيتوڻيڪ پوءِ پسِ پرده ٽراٽسڪيءَ جي حمايت ڪيائين. 1924ع ۾ لينن جي وفات کان پوءِ 1927ع ۾ ٽراٽسڪيءَ جي آخرين شڪست تائين هو پنهنجي اقتدار جي رقيبن سان ذاتي ۽ سياسي ويڙهه ۾ رُڌل هو. هن ساندهه کاٻي ڌر جي انتها پسند واٽ جو پاسو ورتو. هن سوويت رياست کي عالمي انقلاب ڦهلائڻ لاءِ ڇال مارڻ جو تختو سمجھيو. اسٽالن جي راءِ هن جي خلاف هئي ۽ هن ”هڪ ملڪ ۾ سوشلزم جي تعمير“ جو نعرو ڏنو. ٽراٽسڪيءَ ڪسانن جي فائدي ۾ نئين اقتصادي پاليسيءَ (NEP) جي به اعتدال اندر مخالفت ڪئي، پنهنجي شڪست کان پوءِ ٽراٽسڪيءَ، اسٽالن کي ڪسانن جي هرج تي بڻايل صنعتي پاليسيءَ کي شڪ سان ڏٺو، جيتوڻيڪ هن جي پاليسي به لڳ ڀڳ ساڳي هئي، روس ۾ توڙي روس کان ٻاهر ٽراٽسڪيءَ، پارٽي بيوروڪريسيءَ ۽ ان ۾ هڪ ماڻهوءَ جي آمريت خلاف حملا ڪندو رهيو. ٽراٽسڪي جو تحريرون فقط سياسي نه هيون. ملٽر ٿيوريءَ ۾ هن مستقل فوج جي بدران رضاڪار فوج پسند ڪئي. جيتوڻيڪ حالتن هن کي مجبور ڪيو ته هو خانه جنگيءَ ۾ مستقل فوج جو سهارو وٺي، ٽُڪا چيڪسي ۽ ميخائيل فرونز ۽ ڪجھه ٻين چاهيو ته خانه جنگيءَ وقت نئين پرولتاري فوج ٺاهي وڃي، پر ٽراٽسڪيءَ انهيءَ راءِ جو هو ته، ”جنگ جو انتظام هڪ فن آهي، سائنس نه آهي.“
1920ع واري ڏهاڪي ۾ ٽراٽسڪيءَ ثقافتي مسئلن تي ڪافي لکيو، جنهن تي اشتراڪي حلقن ۾ ڏاڍو بحث ٿيو. هن بوگڊانوف ۽ ليوناڪرسڪيءَ ۽ انهن جي پوئلڳن جي مخالفت ڪئي، جن چيو ٿي ته پرولتاري ثقافت اڀري ايندي جا بورجوا ثقافت جي جاءِ والاريندي ۽ جي اها ازخود نه اڀري ته ان کي اڀاريو وڃي. (ٽراٽسڪي ڪيڏو نه صحيح نڪتو. يو. ايس. ايس. آر ٽٽڻ کان اڳ سوويٽ لٽريچر جا شمارا ان جي شاهدي ڏين ٿا. دراصل ثقافت پرولتاري ٿي ئي نه ٿي سگھي. ان لاءِ جنهن فرصت جي ضرورت آهي، اها پرولتاريت وٽ ڪٿي آهي؟ مون ليانو ڪارسڪي پڙهيو آهي. هن جا سڀ دليل غير منطقي آهن ۽ ثقافت جي تاريخ تي اکيون ٻوٽي ڏنا ويا آهن. مائوءَ ته هڪ آرٽسٽ کي مزدور يا هاريءَ جو به گماشتو ٿي سمجھيو. تاريخ ۾ اشتراڪيت جي دؤر ۾ جيترو آرٽ جو نقصان ٿيو آهي، اوترو ڪنهن دؤر ۾ نه ٿيو آهي. بهترين آرٽ جا شاهڪار گدامن ۾ هڪ ٻئي مٿا سٿيا ويا ۽ عظيم آرٽسٽ قيد ڪيا يا مارايا ويا.) ٽراٽسڪيءَ جي خيال م پرولتاريت ٿورو وقت رهڻي هئي ۽ پوءِ مستقبل جي هڪ لا – طبقاتي سماج ۾ ضم ٿي وڃڻي هئي. ان ڪري هو چوندو هو ته ان وقت جون ثقافتي ڪوششون، هڪ ٻج جي حيثيت رکن ٿيون، جنهن مان مستقبل جي لا – طبقاتي سوشلسٽ انقلاب اڀرڻي آهي ۽ ان ڪري پارٽي پرولتاري ثقافت جي طرفدارن جي حمايت نه ڪري ۽ نه وري ڪنهن فني حلقي کي هٿي ڏئي، پر آرٽ جي انهن سارن حلقن جي مدد ڪري جن انقلاب کي اپنايو هو.
ٽراٽسڪيءَ چئن ٻولين ۾ ڪتاب لکيا، جن مان هيٺيان ڪتاب انگريزي ۾ موجود آهن، جي مون کي هڪ سائوٿ آفريڪا جي ٽراٽڪسائيٽ دوست موسى با مجيءَ ڏنا ها، جنهن سان 1947ع ۾ ڪافي هائوس ۾ منهنجا وڏا بحث ٿيندا ها، جتي عمر عابد زبيري به هوندو هو، جنهن پوءِ سياست ۾ گھرو حصو ورتو ۽ بنگلاديش تي به اردوءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيائين. موسى بامجيءَ جي ڪرستان محبوبه روز جي فلئٽ تي به وڏو وادوِواد ٿيندو هو. روز هڪ خوبصورت نرس هئي، پر ٽراٽسڪي، موسى کي هن کان وڌيڪ پيارو هو.
انگريزيءَ ۾ ٽراٽسڪيءَ جا ڪتاب هيا:
”تشدد پسنديءَ جي بچاوَ ۾“، ”ڪارل ڪاسڪيءَ کي هڪ جواب (1921)“ ، ”زندگيءَ جا مسئلا (1924)“، ”ادب ۽ انقلاب (1925)“ (اختر حسين راءِ پوري پنهنجي ڪتاب جو نالو ٽراٽسڪيءَ تان ورتو هو)، ”منهنجي زندگي (1924)“ ، ”روسي انقلاب جي تاريخ (33-1932)، (اهو ڪتاب منهنجو هڪ سنڌي ڪامريڊ سکر ۾ منهنجيءَ بيٺڪ مان چورائي ويو هو. ڪنهن به تاريخ جي ڪتاب ۾ اهڙي خوبصورت ڪردار نگاري مون اڃان نه پڙهي آهي) ”ڊوهه ٿيل انقلاب“ 1937ع، ”دائمي انقلاب 1940ع“ ۽ ”اسٽالن 1946ع“.
روسي انقلاب جي ماڻهو پيدا ڪيا ۽ جي صفحهءِ هستيءَ تان ائين مٽجي ويا ڄڻ پاڻيءَ جا بُد بُدا هيا، انهن کي ياد ڪري مير درد جو هيٺيون شعر ٿو ياد اچي.
درد کچھ معلوم ہے یہ لوگ سب
کس طرف سے آئے تھے کیدهر چلے

ٽين دنيا جا مسئلا اڳي وانگر حل طلب آهن. اتي انسان اٽي، لٽي ۽ اجھي لاءِ حيران ۽ پريشان آهن. دانشور آهن جو انهن جو دماغ ڪم نه ٿو ڪري. هو اڻويهينءَ صديءَ جي فلسفي سان اڪويهين صديءَ جا مسئلا حل ڪرڻ چاهن ٿا. اهو نه ٿا ڄاڻن ته ٻه ٽي لفظ جي هنن اڳي ٻڌا ها، ترقي پسند ۽ رجعت پسند، سوشلزم جا ولي عهد ۽ سرمايه داريءَ جا وارث، کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر، اهي اصطلاح دؤر جديد جا مسئلا حل نه ٿا ڪري سگھن جي اڪيچار ۽ اڻ ڳڻت آهن، جن جي نئين سِر چڪاس ۽ ڇانٽ، ڀڃڻي ۽ سمجھاڻي ضروري آهي. انگولا کان بنگلاديش تائين، ميڪسيڪو کان پاڪستان تائين، الجھاءُ، کنچاءُ ۽ تڻاؤ آهي، جنهن ماڻهوءَ جون رڳون ٽوڙي وڌيون آهن. هرڪو واجھائي رهيو آهي ته ”آهي ڪوئي مسيح جو چٿيل، چيچلائيندڙ ٽين دنيا جو سڏ وراڻي، جو ان کي صدين جي ڪوڙهه کان ڇڏائي؟“ اڃا ته تاريخ ڪا ئي ورندي نه ٿي ڏئي. پنهنجي سنڌ آهي جا اونداهه ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهي آهي. ڪوئي سنڌي نه ٿو ڄاڻي ته هُن جي منزل ڪهڙي آهي؟
1991ع تائين ٽراٽسڪائيٽ لفظ سنڌ ۾ گار سمجھيو ويندو هو. ڪجھه مهينا اڳ ڪنهن دوست پڇيو ٿي ته تو وٽ ڊيوٽشر جا ٽراٽسڪيءَ جي زندگي تي لکيل ٽي جلد آهن، مون کيس چيو: ”هاڻي اهي تنهنجي ڪهڙي رهنمائي ڪندا، جڏهن تاريخ جي تيز ڌار، پُل ئي اڏائي ڇڏي آهي.؟“

ٽئگور، رابندر ناٿ

ٽئگور، رابندر ناٿ
(1861ع کان 1941ع تائين)

بنگالي اديب ۽ شاعر، جو بنگال جي نئين جاڳرتا وقت هڪ مکيه گھراڻي ۾ ڄايو هو. هن جو پهريون ڪتاب هن جي رسالي ڀارتي فصاحت ۾ شايع ٿيو هو. هن پنهنجي لمبي تخليقي زندگي ۾ هڪ هزار نظم ۽ ٻه هزار گيت تخليق ڪيا، جن کي موسيقي هن خود ڏني. هن نوان وزن ٺاهيا ۽ نثري نظم به بنگالي ادب ۾ لکيا. هن جو سڀ کان مشهور ترين ڪتاب ”گيتا نجلي“ آهي، جنهن ۾ هن جا ويدانتي نظم آهن ۽ جو 1910ع ۾ شايع ٿيو هو. ٽئگور پنهنجن ڪيترن نظمن جا ترجما پاڻ انگريزيءَ ۾ ڪيا، جن هن کي شاعر جي حيثيت ۾ مغرب ۾ مشهور ڪيو. انگريزي ترجمن جي ڪري هن کي 1913ع ۾ نوبل پرائيز ملي. هن چاليهه ناٽڪ ۽ اٺ ناول لکيا، جن مان ”گورا“ سڀ کان وڌيڪ وزنائتو ۽ اهم هو. جنهن ۾ نئين ۽ پراڻي هندو مت ۾ تفاوت ڏيکاريل آهي. ٽئگور پهريون اديب هيو، جنهن بنگاليءَ ۾ ڪهاڻيون لکيون ۽ بنگالي نثر جي عبارت گھٽ ڪلاسيڪي ۽ وڌيڪ ساڌارڻ ڪئي. هن جا ڪيئي مضمون ۽ خط هن جي سياسي ۽ سماجي خيالن ۽ هن جي فلسفي ۾ انسانيت جو اظهار ڪن ٿا. هن جا ڪيئي ڪتاب لکيل آهن، جي مون سڀ پڙهيا آهن ۽ آخري ڪتاب “Wings of death” (مرتيو پنک) جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. ٽئگور کي هندستان جو قومي شاعر ڪري تسليم ڪيو ويندو آهي. هن جي اهميت ايتري هئي جو هو جڏهن بيمار ٿيو هو ته مهاتما گانڌي پنهنجي زال سان گڏجي هن کان ڪلڪتي طبيعت پڇڻ لاءِ ويو. اها آهي نمرتا ۽ سچي پچي وڏ – ماڻهپ جي نشاني جا اسان جي ڪنهن سياستدان ۾ نه آهي، جي سياسي مقصد کان سواءِ قدم به نه کڻندا آهن. آخري دؤر ۾ هن هڪڙي مصور ۽ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ به شهرت حاصل ڪئي ۽ هن شانتي نڪيتن ۾ هڪ بين الاقوامي يونيورسٽي قائم ڪئي، جتي سنڌ جو مشهور سياسي ڪارڪن سوڀو گيانچنداڻي، سنڌي ناول نويس ڪرشن کٽواڻي ۽ ٻيا ڪجھه سنڌي به پڙهيا هيا.
ٽئگو جي هڪ ڌيءَ هڪ سنڌيءَ ڪرشن ڪرپلاڻيءَ سان پرڻيل هئي جو 1963ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي جو چيئرمين هو، جڏهن مان هندستان ويو هوس ۽ ساڻس ملاقات ٿي هئي.
مون ٽئگور جا ڪجھه سنڌيءَ ۾ ترجما ٽئين يا چوٿين درجي ۾ انگريزي ۾ پڙهيا هيا ۽ هن جو مون تي ننڍي هوندي ئي اثر هيو.
گيتا نجلي جو انگريزي زبان جي عظيم شاعر ڊبليو. بي ييٽس ترجمو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ هن کي نوبل پرائيز ملي هئي. ان کي سنڌيءَ ۾ سرڳواسيءَ ايم. ايم. ملڪاڻي ترجمو ڪيو آهي، جو پاڻ به هڪ برک اديب هو.
ٽئگور ساريءَ دنيا کي هڪ آکيرو سمجھندو هو. هن نئين ۽ پراڻي دنيا جا سفر ڪيا هيا.
ٽئگور نه رڳو هڪ وڏو حسن پرست انسان هو، پر انسان دوستي هن جي وڏي ۾ وڏي وصف هئي . هو جديد مصوريءَ جو به هندستان ۾ باني هو ۽ هن جون ساريون تصويرون ڪتابي صورت ۾ آهن. هن جي صد ساله ورسيءَ تي نڪتل ڪتاب ”ٽئگور 1861ع کان 1961ع تائين“ جو مون هندستان مان 1962ع ۾ ورتو هو، تنهن جي نئين ڪاپي مون لاءِ هري موٽواڻيءَ تحفي طور آندي هئي ۽ مون اڳين ڪاپي ادل سومري کي ڏني هئي.

ٽيپو سلطان

ٽيپو سلطان
(30 نومبر 1750ع کان 4 مئي 1799ع تائين)

ٽيپو سلطان هندستان جي سلطنت ميسور جو آخري بادشاهه هو، ۽ نواب حيدر عليءَ جو پٽ هيو. هو هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جو سپهه سالار ۽ پهريون شهيد هو. هو دکن ۾ پيدا ٿيو. ٽيپوءَ جو اصل نالو فتح علي يا ابن فتح هو.
مون ٽيپوءَ تي ڪنهن انگريزي ناول نويس جو پهريون انگريزيءَ ۾ ناول (جنهن جو نالو ياد نٿو اچي) تڏهن پڙهيو هو، جڏهن ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هوس. اهو ناول منهنجي زال جي مامي شيخ واجد عليءَ پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، جو پوءِ مسجد منزل گاهه تحريڪ جو ليڊر هو. تازو هن تي هڪڙي سنڌيءَ ڀڳوان گدواڻيءَ هڪ ناول “The Sword of Tipu Sultan” (ٽيپو سلطان جي تلوار) لکيو آهي، جو هندستان ۾ ٽي وي سيريل ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ مون کي منهنجي دوست لڇمڻ ڪومل جئپور ۾ تحفي طور ڏنو هو. ڪيئي تاريخ نويس جيڪي ٽيپوءَ جا مخالف هيا، تن هن کي متعصب حڪمران ڪري ڏيکاريو آهي، پر ڀڳوان گدواڻيءَ جي ناول ۾ هو هڪ نهايت عظيم انسان دوست ۽ بصيرت وارو حڪمران ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو هر مذهب کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. سامراج جو وڏو دشمن هو ۽ ٿامس پين جي Rights of man (انساني حق) جو معتقد هو. هن آمريڪا جي آزاديءَ جي پڌرنامي کي خوش آمديد چيو ۽ فرينچ انقلاب جو وڏو مداح هيو. هو پهريون هندستاني قومپرست هو، جنهن ڏٺو ته هندستان کي نه رڳو ٻاهرين طاقتن ڪمزور ڪيو هو، پر بيماريءَ، تخريب ۽ اندروني نا اتفاقيءَ جو به ان ۾ وڏو هٿ هو. هو نيپولين کان به ڪافي متاثر هيو. جيتوڻيڪ پڪ سان چئي نٿو سگھجي ته هن ۽ نيپولين جي وچ ۾ خط و ڪتابت به ٿي هئي.
هو آخري دم تائين نهايت بهادريءَ سان وڙهندو رهيو. ڪڏهن ڪنڌ نه جھڪايائين ۽ هن جي مُحبت ۽ يقين زندگيءَ جا اهڙا قدم هيا، جيڪي هن کي نهايت پيارا هيا. هن کي ان ڳالهه ۾ ايمان هيو ته فقط قربانيءَ سان ئي هندستان جي ايندڙ نسل کي بچائي سگھجي ٿو. مون ٽيپو سلطان جي سوانح حيات تي اردو ۾ ۽ انگريزي ۾ لکيل تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪيترو ئي مواد پڙهيو آهي ۽ هن جي شخصيت مون کي متاثر ڪيو آهي، جو مون هن جي باري ۾ ڪجھه نظم به لکيا آهن.

پروڌان

پروڌان
(1809ع کان 1885ع تائين)

هُو فرينچ ساميوادي ۽ سياسي ليکڪ هو، ۽ هن کي نراجواد جو ابو ڪوٺيندا آهن. هن جو جنم 15 جنوريءَ 1909ع تي هڪ غريب پورهيت گھراڻي ۾ فرانس ۾ ٿيو هو. هن هڪ مقامي ثانوي اسڪول ۾ تعليم پرائي، پر اڻويهين ورهين جي عمر ۾ مجبور ٿيو ته شهر جي هڪ ڇپائي – گھر ۾ ڪم جي ڳولا ڪري. 1837ع ۾ هن لسانيات تي هڪ رسالو شايع ڪيو. ٻي سال هن کي بيسنڪان جي اڪادميءَ وظيفو ڏنو. پر 1840ع ۾ اهو ذري گھٽ ضبطيءَ جوڳو ڪيو ويو، ڇو ته هُن ٻيو رسالو ”ملڪيت ڇا آهي؟“ لکيو ۽ جنهن ۾ پنهنجو مشهور جواب به خود ڏنائين ته: ”اها چوري آهي“. 1842ع ۾ هن ٻيو پئمفليٽ شايع ڪيو، جنهن ۾ انقلابي رايا ها ۽ اهو هن جي گرفتاريءَ ۽ هِن تي مقدمي جو باعث بڻيو، پر نيٺ هن کي رها ڪيو ويو. ڇو ته جيوري هُن جا ڳُوڙها مباحثا نه سمجھهي سگھي. پروڌان جو سڀ کان اهم سياسي رسالو، 1846 ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن پنهنجيءَ انقلابي تعليم جو خاڪو ڏنو.
1843ع کان 1847ع تائين، پروڌان ليون ۾ رهيو، ۽ پوءِ پئرس ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين، جتي هن انتها پسند تحريڪ ۾ حصو ورتو، هو هڪ اخبار جو ايڊيٽر به ٿيو. هُن جي اها ڪوشش ته وياج سوا هڪ بئنڪ قائم ڪئي وڃي جا بنا مطلب جي اوڌر ڏي، ناڪامياب ٿي. 1849ع ۾ هن کي سرڪار تي جُلهه ۽ اُلر سبب ٽي سال قيد خاني ۾ رکيو ويو. درجي بدرجي پروڌان جا بحث مباحثا ۽ سياسي ڦڙ ڦڙ گھٽبي وئي ۽ هن رڳو سياسي سڌاري جي تاريخ ۽ فيلسوفياڻي پاسي ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ ان ڪم ۾ جُنبي ويو. ٻيءَ سلطنت جي دؤر ۾ هو پئرس ۾ بنا ڪنهن پڪڙ پڇاڙ جي رهندو هو ۽ هن کي هلاک نه ڪيو ويندو هو، پر 1858ع ۾ هن جي نئين ڪتاب تي اعتراض جو طوفان برپا ٿي ويو ۽ گرجا ۽ ٻين ادارن هن تي ايتري ته هُلان ڪئي جو هُن کي بروسيلز ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو. 1859ع ۾ هن کي معافي ملي ۽ 1860ع ۾ هو پئرس موٽي آيو ۽ 16 جنوري 1885ع تي گذاري ويو. هن فرينچ ٻولي م ڪيئي ڪتاب لکيا. پروڌان جي اڪثر ڪتابن جا نالا فرينچ ۾ ڏنل آهن ۽ ان ڪري هتي نه لکيا ويا آهن. پروڌان کي پڙهي، صائب جو شعر ياد ايندو آهي.
هر لوحِ مزاري زفرا مشکدهُ خاک
دَستيست برون آ مده بِهِر طلبِ تو

(ترجمو: هر مزار جي تختي جا خاک جي ويسر – گھر مان ٻاهر ٿي ڏيکارجي، اها ڄڻ تنهنجي لاءِ هٿ ڊگھيري ٿي.)

پشڪن

پشڪن

پشڪن جو نالو اليگزانڊر سَرگيوچ پوشڪن هيو، جنهن جي عمر 37 سال هئي. هو 6 جون 1799ع تي ماسڪو ۾ پيدا ٿيو ۽ 10 فيبروري 1837ع ۾ پيٽرسبرگ ۾ گذاري ويو. هن جي عمر ته ٿوري هئي پر هن جي زندگي ڀرپور گذري، جنهن ۾ ڪيئي تجربا، واقعا، هنگاما ۽ تصادم آيا هيا ۽ پنهنجي مختصر عمر ۾ ڄڻ هن وڏو سفر ڪيو هو. مان جڏهن لينن گراڊ ويو هوس ته پشڪن ميوزم ۾ به ويو هوس، جتي اهي شيون رکيل هيون، جن کي پوشڪن پنهنجي زندگيءَ ۾ استعمال ڪندو هو ۽ زماني جي تباهيءَ کان اهي بچي ويون هيون. مون اتي تاثراتي نوٽ بوڪ ۾ سنڌيءَ ۾ اهو لکيو هو ته ”مون کان پوءِ متان ڪائي سنڌي شاعره اچي جيڪي اهي لفظ پڙهي سگھي.“ پوءِ اتي هڪ سنڌي شاعره سچ پچ به هندستان مان وئي هئي، پر هن اهي تاثرات پڙهيا هيا يا نه سو مون هن کان ڪنهن سبب ڪري نه پڇيو. جيتري قدر مون کي ياد آهي ته ميوزم ۾ نه رڳو اهي ڪتاب هيا جي پشڪن پڙهيا هيا، پر اتي هن جي زال جون ۽ ٻيون تصويرون ۽ ان کان سواءِ هن جي ڪتب ايندڙ ڪيئي شيون رکيون ويون هيون.
هن جي زال جي باري ۾ بيوفائي جا ڪيئي افواهه هوندا هيا ۽ آخر هن جي صبر جو پيمانو ڇلڪي پيو ۽ آٿيسز نالي هڪ فرانسيسي جوان سان هو رقابت جي جوش ۾ دوبدو وڙهيو هيو ۽ انهيءَ جي گوليءَ جو نشانو بڻيو هو. جنهن سبب هو گذاريو ويو ، جي هُن کي اها گولي نه لڳي ها تڏهن به هن جون ٻيون رقابتون ايتريون هيون جي هن جي موت لاءِ ڪافي هيون. غالب جو شعر آهي:
کیا پوچھے ہے وجود عدم اہلِ شوق کا
خود اپنی آگ کے خس و خاشاک ہوگئے

)جي پنهنجي شوق ۾ ٽُٻ هوندا آهن، انهن جي وجود ۽ عدم جي باري ۾ ڇا ٿا پڇو؟ خود پنهنجي باهه جا ڪک پن ٿي ويا آهن.)
پشڪن روس جو عظيم ترين شاعر هو، مون هن جو سارو ترجمو آمريڪي ايڊيشن ۾ پڙهيو آهي، پر ان مان ڪجھه نظم مون کي چڱي طرح سمجھه ۾ نه آيا آهن، ڇو ته عظيم شاعريءَ جو ترجمو ٻي ٻوليءَ ۾ ناممڪن آهي. هر لفظ کي روح ٿئي ٿو، جو صديون پراڻو ٿيندو آهي ۽ جنهن کي ديس واسي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي سمجھي سگھندا آهن ۽ اهي به ڪنهن وقت تانگھي ۾ ٿاڦوڙا هڻندا آهن ۽ ان جي وسعت جو اندازو گھڻيءَ دير کان پوءِ لڳائيندا آهن.
پشڪن ڪيئي لافاني نظم لکيا، جن کي روسي ايئن عقيدت سان ڏسندا آهن جيئن اسان شاهه لطيف جي شاعريءَ کي ڏسندا آهيون. سرڪاري ايجنٽ ۽ مخبر هن جي هر لفظ تي تنقيد ڪندا هيا ۽ هن کي لوئيندا هيا. 5 فيبروري 1830ع تي هن هڪ اخبار ”لوترا تورنايا گزيٽا“ (ادبي اخبار) ڪڍي جا اڃا تائين شايع ٿي رهي آهي ۽ ان جي ترتيب ۽ تياريءَ ۾ پشڪن ڪافي محنت ڪئي. هو جنڊ جي ٻن پڙن ۾ هوندو هو. هڪ ته سرڪار هن جي مخالفت ڪندي هئي ۽ ٻيو اهي جيڪي هن جي ذهانت کان پڄرندا هيا، پر ان هوندي به هن 8 سال محنت ڪري سوا 5 هزار سٽون لکي، هڪ منظوم ناول ”ايوگيني اِنيگن“ مڪمل ڪري ان جي اشاعت ڪرائي. ان کان پوءِ هن ٻيو ڪتاب ”ايوان بيلڪن“ جو ڪهاڻيون لکيون ۽ اخبار لاءِ تنقيدي مضمون موڪليندو رهيو. هن ڪيئي مختصر نظم به لکيا.
پنهنجي پختي عمر جا 2 سال (1829 – 1830ع) هن اضطراب ۾ گذاريا. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته پشڪن جا بهترين نظم هن جي شادي کان ڏيڍ سال اڳ ڇپجي چڪا هيا. هن 18 فيبروري 1831ع تي نتاليا سان شادي ڪئي، جنهن جي دکدائڪ نتيجي جو حال مٿي بيان ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ هن پنهنجي شادي شده زندگي جا پهريان 6 سال پنهنجي تاريخي ذخيري، نثر ۽ افساني جي منطقي ترتيب جي ڳولا ۾ گذاريا. ”ٽامي جو شهسوار“ (اهو پيٽر اعظم جو بت آهي جو لينن گراڊ ۾ کتل آهي ۽ مون پاڻ ڏٺو هو ته ان جا نرا آسمان ڏي کڄيل هيا ۽ مون کي ائين لڳي رهيو هو ته اهو شهسوار مٿي اهڙي ڪائي حقيقت ڏسي رهيو آهي جا هُن جا همعصر نه پئي ڏسي سگھيا ۽ هن جي چهري تي ساڳي ڪيفيت هئي جا چاليهن سالن کان مون پنهنجي منهن تي آرسيءَ ۾ ڏٺي آهي) هن جو هڪ طويل نظم آهي جو روس جي شاهي خاندان جي عظمت ڏيکارڻ جي نيت سان لکيو ويو هيو، پر دربارين ان جا ٽڪر ڪٽي ڇڏيا ۽ انهيءَ جا اهم حصا شايع نه ٿي سگھيا. مون هن جو ناول ”ڪپتان جي ڌيءَ“ به پڙهيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڪسان باغي هيرو آهي. پشڪن جي نظمن ۾ اُداسي، بيزاري ۽ وردي پوش محفلن کان جان ڇڏائڻ جي هڪ گھري لهر آهي ۽ غالب وانگر هن کي ”انديشا ہائے دور و دراز ۽ موت جا ڌنڌلا پاڇا نظر اچن ٿا، پر هو انهن کان گھٻرائي ڪونه ٿو. ننڍي هوندي جون ٻڌل ڪهاڻيون هن هڪ دلڪش عوامي لهجي ۾ نظم ڪيون آهن، جا ڳالهه اڳتي هلي روس ۾ هڪ رسم ٿي وئي آهي. پشڪن نيم تاريخي ۽ نيم افسانوي مضمون به لکيا. مون کي ياد آهي ته مون ڪٿي پڙهيو هو ته ”پشڪن ڪنهن به روسي زار کان وڏو آهي.“
هن جون 3 ڪهاڻيون ”دوبروز وسڪي“، ”ڪپتان جي ڌيءَ“ ۽ ”اِيٽ جي راڻي“ (حکم کي بيگم) مشهور ڪهاڻيون آهن.
مون ساري زندگي تاس جهڙي فضول راند تي وقت ضايع نه ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مون اها ڪهاڻي اردو ترجمي ۾ پڙهي هئي، پر ”حڪم“ جي معنى مان پنهنجي اندازي سان اِيٽ ڪڍي آهي. ادبي بورڊ جي ڇپايل سنڌي – اردو ۽ اردو – سنڌي ڊڪشنري ۾ ڪانه ڏنل آهي.
هن کان 40 سال پوءِ دوستو وسڪيءَ پنهنجي تقرير ۾ پشڪن کي ايترو اوچو ڏيکاريو، جو شاهي محل جا مُنارا به هن جي قد کي پهچي ڪونه پئي سگھيا. تمام دنيا جي اديبن هن جي عظمت کي تسليم ڪيو آهي ۽ هن کي اها جاءِ ملي آهي جا فردوسي کي فارسي ۾، شيڪسپيئر کي انگريزيءَ ۾ ۽ گوئٽي کي جرمني ۾ ملي آهي.

پبلو نرودا

پبلو نرودا
(1904ع کان 1973ع تائين)

چليءَ جو شاعر هو، جنهن کي 1971ع ۾ ادب لاءِ نوبل پرائيز ملي. هن جو ويهين صديءَ جي شاعريءَ تي اثر بي مثال آهي. نرودا جي سُرود واري ۽ رزميه شاعريءَ جي تخليق لاطيني آمريڪا جي شعور کي وڌائي ڇڏيو ۽ ان جي اديبن ۾ سياسي بيداري آندي. هن جي عشقيه شاعري جا بلوغت تي رسي، رچي ريٽي ٿيندي وئي، تنهن ۾ فطرت جي عنصري قوتن سان گھري سپردگي ملي ٿي.
نرودا 12 جنوري 1904ع تي پرال، چِليءَ، ۾ ڄائو هو. هن فرينچ ٻولي سئنتياگو ۾ پڙهي، پر ان ۾ ڪائي ڊگري نه ورتي. اٽلو هن نوجوان شاعري ۽ نراجوادين سان پنهنجو ناتو وڌايو ۽ شعر و شاعريءَ ۾ مصروف ٿي ويو. 1924ع ۾ هن ”ويهه پيار جا گيت“ ڪتاب ڇپايو جو انگريزي ۾ 1970ع ۾ ترجمو ٿيو. اهو اصل هسپانوي ۾ شايع ٿيو هو، جنهن کيس پوري لاطيني آمريڪا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. 1928ع ۾ هُن کي برما ۾ ڪانسل ڪري مقرر ڪيو ويو. جڏهن هو ايشيا ۾ هو تڏهن هن تجرباتي ۽ سُرئيلي شاعري ڪئي. 35 – 1933 ع ۾ هُن ”ڌرتيءَ تي رهائش“ نظم لکيا. 1932 ع ۾ هن کي بيونس ايئريس ۾ ڪانسل مقرر ڪيو ويو. 1934ع ۾ هُن کي بارسيلونا (اسپين ۾ بدلي ڪيو ويو) ۽ 1935ع ۾ مئڊرڊ ۾ بدلي ڪيو ويو. اسپين ۾ هن جيڪي سال گذاريا، تن ۾ نرودا کي نوجوان شاعرن، مصورن، صنم تراشن وڏو شاعر تسليم ڪيو ۽ هسپانوي – آمريڪي شاعر جي حيثيت ۾ هن جو ڪوئي ثاني نه هيو. اسپين جي خانه جنگي انهيءَ آرٽسٽ ٽولي کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو ۽ نرودا کي پنهنجي پهرين سياسي نظم لکڻ تي اتساهيو. اهو نظم ”اسپين دل ۾“ 1937ع ۾ لکيو ويو.
1938ع ۾ ئي هو چليءَ موٽي آيو ۽ سياست سان هن جي وابستگي وڌي وئي. 1940ع ۾ هن کي ميڪسيڪو ۾ ڪانسل ڪري مقرر ڪيو ويو. 1943ع ۾ جڏهن هو چليءَ موٽي رهيو هو، هو انڪا قوم جي قديم شهر مَچو پَچوءَ ۾ ترسيو. انهيءَ تجربي هن کي آمريڪا جي ماضيءَ جي عظمت چڱيءَ طرح محسوس ڪرائي. (جيئن لاڙ ۽ ٿر جي سفر مون ۾ ان جي عظيم ماضيءَ سان محبت پئدا ڪئي) هن ان احساس کي هڪ طويل رزميه ”جنرل ڪئنٽو“ ۾ نامور بڻايو، جنهن ۾ هن سڄي کنڊ کي نه رڳو پنهنجي ساري تاريخ ڳائي ٻُڌائي، ان جي سورهين جو ۽ هچارن، حرامزادن جو به وستار ڪيو ۽ ان جي اقتصادي غلاميءَ جي باري ۾ ڳالهيون ذهن نشين ڪرايون. جڏهن هو اهو لکي رهيو هو، هُن کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سينيٽر ڪري چونڊيو ويو. ٿوري وقت کانپوءِ هن چليءَ جي پريزيڊنٽ کي هڪ کليل خط لکي ڇپرايو، جنهن ۾ هن تي الزام ڌريائين ته هُن کاٻي ڌر سان ڪيل واعدا نه پاڙيا هيا. اِن الزام جي ڪري نرودا تي ظلم ۽ تشدد ڪيو ويو ۽ هو روپوش ٿي ويو ۽ آخر ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿيو. 1949ع کان نرودا ساري ڪميونسٽ دنيا جو سفر ڪيو ۽ 1950ع ۾ هن کي ماسڪو ۾ لينن امن انعام ڏنو ويو. (ان لحاظ کان فيض، نرودا ۽ ڪنهن حد تائين ناظم حڪمت کان وڌيڪ خوشنصيب شاعر ها جيتوڻيڪ يو ايس ايس آر جي ٽٽڻ، فيض ۽ ناظم حڪمت جي شاعريءَ کي وڌيڪ نقصان رسايو آهي، بنسبت پبلو نرودا جي شاعريءَ جي، جا لاطيني آمريڪا ۽ ان جي عوام جي جذبات جي نهايت خوبصورت عڪاسي هئي.) 1952ع ۾ جڏهن هو چليءَ موٽي آيو هو تڏهن هن پنهنجي زندگي لکڻ ۽ پارٽيءَ جي ڪم ڪرڻ ۾ ورهائي هئي. 1971ع ۾ صدر سئلويڊار آلندي هن کي پئرس ۾ چليءَ جو سفير مقرر ڪيو. ٻه سال پوءِ هن استعيفى ڏني. نرودا سنتياگو چليءَ ۾ 23 سيپٽمبر 1972ع تي مري ويو.
نرودا جي شاعريءَ جا ڪيئي دور آهن. هن جذباتي ۽ عشقيه شاعريءَ سان شروع ڪيو ۽ سياسي شاعريءَ ۾ اڙجي ويو. هن جا ڪتاب ”انگور ۽ واچوڙو“ ۽ رزميه گيت“ (جو فڊل ڪاسترو جي ڪيوبا ۾ انقلاب جي باري ۾ لکيو ويو هو) سرسري طرح منهنجيءَ نظر مان گذريا آهن، پر اهي دؤر سلسلي وارا نه آهن. ڪنهن وقت ته اهي هڪ ٻئي پويان نه آهن ۽ ساڳي وقت جي تخليق آهن ۽ هڪ ئي ڪتاب ۾ آهن. شاعر، جيڪو ٻي جنگ عظيم کان پوءِ وارسا جي تعمير جي باري ۾ ڳائي ٿو، ساڳي نظم ۾ پنهنجي ٽينءَ زال جي حُسن جي باري ۾ ڳائي ٿو. هو جيتوڻيڪ هڪ سياسي سپردگيءَ وارو شارع آهي، پر هن جا گھري ۾ گھرا جذبا سياست کان ماورا آهن. پنهنجيءَ بهترين شاعريءَ ۾ هُو وليم بليڪ، والٽ وٽمئن، لوتري مان، رامبو ۽پوڙهي هيوگو کان گھٽ نه آهي. هن جي شاعريءَ ۾ اهو آواز آهي، جو هڪ غيب دان جو ٿيندو آهي. اها ئي ڳالهه آهي جا ڪميونزم جي زري گھٽ خاتمي کانپوءِ، هُن جي شاعريءَ کي بچائي وئي آهي.
نرودا جو هڪ بهترين نظم ”مَچو پچو جون اوچايون“ 1968ع ۾ ڇيپو هو، جنهن ۾ هو پنهنجي ڊگھي خانگي سفر کي عوام جو آواز بڻائي ٿو. ان مان هن جي پيغمبرانه بصارت واضح آهي. ان جي شروعات ته شاعر جي روگردانيءَ ۽ بر گشتگي سان هڪ سورئيلي انداز ۾ ٿئي ٿي.
”هوا کان هوا تائين، هڪ خالي ڄار وانگر،
گھٽين ۽ چوڌار وايو منڊل مان،
چِڪَ ڪڍندو ، آنءُ آيس“.
اهو انداز تيستائين هلي ٿو، جيستائين هو پنهنجي اڪيلي سفر جي توڙ تي پَهچي ٿو. کڏ جي تري مان هو مچو پچوءَ جي چوٽيءَ تي چڙهندي ۽ ان کي پر تڪلف همت سان گھڻو وقت اڳي ٺاهيندڙ معمارن جي ڳالهه ڪندي وعدو ڪري ٿو ته هو ماڻهن کي اهو آواز ڏيندو جو هنن ۾ جيئري ڪونه هو:
”مون سان گڏ نئون جنم وٺ، منهنجا ڀاءُ!
انهن گھراين مان پنهنجو هٿ مون کي ڏي
جن کي تنهنجي غم سر سبز ڪيو آهي.“

*****
”مان اوهان سان مئلن زبانن ۾ ڳالهائڻ لاءِ آيو آهيان.“

*****
”مون کي پنهنجي جدو جهد ڏيو، پنهنجا قيد ڪڙا ڏيو،
پنهنجي ٻرندڙ جوالا ڏيو.
يڪدم منهنجين رڳن ۾ ۽ منهنجي زبان تي اچو،
ڳالهايو منهنجن لفظن ۾ ۽ منهنجي خون مان.“
جڏهن نرودا جي شاعري عوام سان هڪ ٿي وڃي ٿي ته اها پنهنجيءَ بي انتها بلنديءَ تي پهچي ٿي.
نوٽ: (زياده تر مواد انگريزيءَ تان ورتل آهي.)

جارج سنتيانا

جارج سنتيانا

1863ع ۾ ڄائو هو ۽ هن جي انتقال جي تاريخ معلوم ٿي نه سگھي آهي. هن ڪيترائي فلسفي، مذهب ۽ آرٽ تي ڪتاب لکيا. هو چوندو هو ته : ”بهشت اهو ئي آهي، هر ڳالهه ۾ امن پسندي“ ۽ وڌيڪ چوندو هو: ”جيترو اسان دنيا جي باري ۾ سوچيون ٿا. اوترو افلاطون ڏانهن واپس موٽون ٿا اسان کي ٻي فلسفي جي ضرورت نه آهي. اسان کي فقط جرئت گھرجي ته انهيءَ قديم ترين ۽ بهترين فلسفي تي هلي سگھون. بهشت ان ۾ آهي.“ هن لکيو آهي ته: ”انسان هر شيءِ سان صلح سانت سان رهي.“
مان ڀانيان ٿو ته سنتيانا صحيح هو. اڪثر صوفياءِ ڪرام، افلاطون ۽ ارسطوءَ کان متاثر رهيا آهن. خاص ڪري مسلم فلسفي جهڙوڪ: يعقوب ڪندو، حڪيم يحيى بن اَبي منصور، عباس بن سعيد جوهري، اَبو الطبيبُ، سند بن علي، بنو موسى بن شاڪر، موسى خوارزمي، ابو نصر فارابي، محمد بن زڪريا رازي، ابن مسڪويه، ابن هشيم، اخوان الصفا، ابو ريحان البيروني، امام غزالي، ابو البرڪات بغدادي، حڪيم عمر خيام، ابن رشد، امام رازي وغيره، مغلن ۽ تاتارين جي دؤر جا فلسفي، دؤر عثماني جا فلسفي، حڪمائي متاخرين (پويان فلسفي) ڪيئي هندستاني حڪما خاص ڪري سواءِ مجدد الف ثاني، شاهه وليُ الله ۽ شاعرِ مشرق علامه اقبال جي، جنهن حافظ لاءِ ”گوسفند بچه“ لکيو هو ۽ جو افلاطونيت ۽ نو افلاطونيت جو مخالف هو.

جان لاڪ

جان لاڪ

1632ع ۾ سمر سيٽ شائر انگلنڊ ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 1704ع ۾ گذاري ويو. هن جا فلسفي تي 5 مشهور ڪتاب لکيل آهن. لاڪ پنهنجي پوين ڏينهن ۾ جڏهن هن تان سياسي سورج لهي چڪو هو، محسوس ڪيو ته هن جو جسم هڪ جھوپڙيءَ وانگر ڊهي رهيو آهي. هن پنهنجي دوستن کي گھرايو ۽ انهن کي دلجاءِ ڏني، ڇاڪاڻ جو هو انهيءَ سمجھه ڏانهن وڃي رهيو هو، جيڪا هر اختلاف کان پري هئي ۽ اَڀُل، اڻچُڪ هئي.

جيني

جيني

جين ڌرم جو پوئلڳ، جين ڌرم هندو مت جي هڪ ڌرم ورڌ مت آهي. جين مت اهنسا کي قطعي ۽ ري شرط ضرورت سمجھي ٿي، هر جيوَ جو بچاءُ چاهي ٿي ۽ تمام گھڻو جتن ۽ اڳ ويچار ڪري ٿي ته جيئن ڪنهن به جيوَ کي اتفاقي چوٽ، ايذاءُ يا هاڃو نه رَسي. ايتري حد تائين جو اهو جتن جيتن جڻين لاءِ به اوس ٿي سمجھي.
هن جو باني مهاوير 599 ق. م کان 527 تائين هيو. هو مهاتما ٻڌ کان اڳ پيدا ٿيو هيو ۽ عمر ۾ هن کان وڏو هو. هو بِهار ۾ پيدا ٿيو هو، ويشاليءَ جي ڀرسان جا دهلي ۽ ڪلڪتي جي وچ ۾ آهي. جڏهن هو 30 ورهين جو هو ته هن دنيا جو هر وندر ۽ ڀوڳ ولاس پلي ڇڏيو ۽ پنهنجو سارو پئسو ورهائي ڇڏيائين. پنهنجا وار پَٽي، بي گھر بڻجي جيون گھارڻ لڳو. ڪجھه وقت ڌرماتمائن سان رهي هن پنهنجي سرير تي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجو گيڙو رتو لباس ڦٽي ڪري، وچ ڀارت ۾ اگھاڙو ڦرندو رهيو. ڳوٺاڻا ٻار هن جي کُڙين هيٺان باهيون جلائي رکندا هيا ۽ ڪنن ۾ ڪوڪا ٽُنبيندا هيا پر هو کيس پنهنجي ڌيان مان ڪڍي نه سگھندا هيا. هُن کي ڪُتا چڪ پائيندا هيا جڏهن ڳوٺن ۾ گھڙندو هيو. هن جي مکيه سکيا اهنسا هئي، جنهن جو مقصد اهو هيو ته ڪنهن به جيوَ کي ڏک نه ڏنو وڃي ۽ انهيءَ مت گانڌي ۽ جرمنيءَ جي انسان دوست ڊاڪٽر البرٽ شوائٽزر (جو آفريڪا جي جھنگن ۾ ڪوڙهين جو حضرت عيسى وانگر علاج ڪندو هو ۽ هنن لاءِ اسپتال ٺاهي هيائين. ) کي ڏاڍو متاثر ڪيو. مهاوير پاڻ ٻُهاريءَ سان رستا صاف ڪندو هو ۽ ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندو هو ته ڪو جيت ماريو نه وڃي. هو جڏهن پاڻي يا ٻي ڪا پاڻيٺ واري شيءِ پيئندو هو ته برتڻ مٿان ڪپڙو رکي پيئندو هيو، جيئن ڪوئي ساهوارو پيٽ اندر وڃي مري نه وڃي ۽ پنهنجي کاڌي جي ٿانوَ کي تمام غور سان ڏسندو هو ته ان تي ڪوئي ڪيڙو يا جيت جڻيو ته ڪونهي يا کاڌي کي ڪا ڦُلي ته نه لڳي وئي آهي ۽ ڪو ان تي ڄارو ته نه ڄمي ويو آهي. جيئن هو ڪنهن ساهواري کي چٻاڙي نه وڃي. 40 سالن جي عمر ۾ هن کي نروان ملي ۽ هن کي ڪيول چيو ويندو هو. هن جا پوئلڳ جيني سڏيا ويندا هيا. هن 30 سال وڌيڪ اهنسا جي سکيا ڏني ۽ تمام ڪٺن تپسيا جو پرچار ڪيو. جا هن لاءِ ٻُڌي پراپت ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. 72 ورهين جي عمر ۾ هو ڄاڻي واڻي بُک ڪاٽي مَري ويو. هن جي ڪهاڻي لکندڙن هن جون سڀ ڳالهيون ايندڙ نسلن لاءِ لکي ورتيون، پر اها لکت هن جي موت کان 1000 سال پوءِ شروع ٿي.
پهرين صدي ق. م ۾ جين مت جا ٻه حصا ٿي ويا. هڪڙا شِوِ تمبر هيا، جن جي معنى آهي، اڇا ڪپڙا پائيندڙ ۽ ٻيا ڊگمبر هيا، جن جي معنى آهي آڪاس کي پهريل. ٻنهي جو جھيڙو ان تي هوندو هيو ته هڪ جينيءَ کي ڪهڙا ڪپڙا پائڻ کپن، پهريان اڇا ڪپڙا پائيندا هيا ۽ پويان ڪپڙا نه پائيندا هيا ۽ اگھاڙي گھمڻ ۾ هن جڳ جو پورو تياڳ سمجھندا هيا. پهريان زالن کي پنهنجي مٺ ۾ شامل ٿيڻ ڏيندا هيا ۽ ٻي فرقي جا انهن کي پاڻ کان پري رکندا هيا، ڇو ته انهن جي نظر ۾ اهي اڌرم ۽ پاپ جو ڪارڻ هيون ۽ انهن لاءِ فقط اها واهه هئي ته هو پنهنجي نرواڻ پائڻ لاءِ ٻيهر مرد ٿي پيدا ٿين.
دنيا ۾ 20 لک جين آهن. جن مان اڪثر بامبي ۾ آهن. مان جڏهن بمبئيءَ ويو هوس ته نند جويريءَ ڪيئي ڀيرا انهن جا مندر ڏيکارڻ چاهيا هيا پر مونکي فرصت نه ملي سگھي هئي. پنهنجي اوائلي زندگيءَ ۾ مهاتما گانڌي به جين مت کان متاثر هيو.

چي گيو ويرا

چي گيو ويرا
(1928ع کان 1967ع تائين)

هو لاطيني آمريڪا جو انقلابي هيو. 1950ع جي آخرڌاري فڊل ڪاسٽرو جو ڪيوبا ۾ انقلاب آندو، ان ۾ هن جو اهم ڪردار هيو. هو پوءِ ڪاسٽرو جي حڪومت ۾ وزير هو. چي. گيو ويرا اهڙو انقلاب ٻين لاطيني آمريڪا جي قومن ۾ به آڻڻ چاهيو. هو 14 جون 1928ع تي آرجينٽينا ۾ ڄايو هو. بيوناس ايئر بيس جي طبي يونيورسٽيءَ مان ڊگر وٺي، هن دور دراز سفر ڪيو ۽ بوليويا، ايڪئيڊار، ڪاسٽريڪا، پاناما، پيروُ ۽ گئوتمالا ۾ کاٻي ڌر جي تحرڪن سان رابطو قائم ڪيو. ميڪسيڪو ۾ هو ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻ فڊل ڪاسٽرو سان مليو، جنهن سان شريڪ ٿيو. ۽ جنهن جي فوج کي هن گوريلا جنگ جي تربيت ڏني. هو ڪاسٽرو جو خاص صلاحڪار ٿي پيو. جڏهن 1959ع ۾ ڪاسٽرو اقتدار ۾ آيو، تڏهن هن چي گيو ويرا کي ڪيوبا جي شهريت ڏني ۽ پوءِ هن جي چيڙ ”چي“ (يعني ”اڙي تون“) هن تي نالو پئجي ويو، ڪاسٽرو جي حڪومت ۾ هو پهريائين 1959ع کان وٺي 1961ع تائين ڪيوبا جي نئشنل بئنڪ جو پريزيڊنٽ هو. ان کان پوءِ هن کي وزير صنعت مقرر ڪيائون. هو ئي زمين جي ورهاست ۽ ڪارخانن جي قوميائڻ جو ڪارڻ هيو. هو اشتراڪيت ۾ رچي ريٽو ٿيل هو ۽ ان ڪري هن ڪاسٽرو کي آماده ڪيو ته هو ڪيوبا جي ڪميونسٽ قومن سان ڳانڍاپو ڪري. ڪجھه وقت کان پوءِ ڪاسٽرو اعلان ڪيو ته چي گيويرا ڪيوبا ڇڏي ويو آهي ۽ 1965ع ۾ هو ٻئي ڪنهن هنڌ اشتراڪي ڪاروايون ڪري رهيو آهي. (مون ڪنهن رسالي ۾ پڙهيو هو ته هو ڪانگو ويو هو، پر اتي انقلاب آڻڻ ۾ ناڪامياب ٿيو هو.) چي گيويرا جي متعلق ٻي گھڻي خبر پئجي نه سگھي جيستائين هن کي گوريلا گروهه جي سربراهي ڪندي بوليويا ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ 9 آڪٽوبر 1967ع تي موت جي سزا ڏني وئي. هن جي موت هن کي شهادت جو رتبو ڏنو آهي. خاص ڪري ڪيترين ئي قومن جي کاٻيءَ ڌر جي شاگردن ۾ هن جي موقف جي ناڪاميءَ، لاطيني آمريڪا ۽ ڪيوبا جي انقلابي رهنمائيءَ کي وڏو ڌڪ ڏنو. گيويرا جي ڪتابن ۾ اهم ڪتاب ”گيو ويرا جي جنگ 1960“ آهي. هُن جي زندگيءَ سان حافظ جو شعر ٺهڪي اچي ٿو:
عاقبت منزِل ما واديءَ خاموشان است
حاليا غلغله در گنبذِ افلاک انداز

(ترجمو: نيٺ ته اسان جي منزل خاموشين جي هڪ وادي آهي، پر هاڻي ته آسمانن جي گنبذ ۾ غلغلو وجھي ڇڏ.)

حاظ شيرازي

حاظ شيرازي
(1320ع کان 1389 ع تائين)

فارسيءَ جو غزل گو شاعر هيو. نالو شمس الدين محمد هيس. شيراز ۾ پيدا ٿيو. اوائلي عمر ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين ۽ دين سان ٻيا تعلق رکندڙ علم پرايائين. انهيءَ دؤر ۾ عربي زبان ۽ ادب سان چڱي واقفيت پيدا ڪيائين، تعليم کان فارغ ٿي معلمي جو پيشو اختيار ڪيائين. هو هڪ مدرسي ۾ تفسير قرآن جو معلم هيو. حافظ کي غزل گوئي ۾ بيحد ڪمال حاصل هيو. آخر ۾ هن پنهنجا غزل ديوان جي صورت ۾ مرتب ڪيا؛ انهن ۾ ڪجھه قصيدا ۽ ننڍا نظم به اضافو ڪري 1379ع ۾ ديوان پورو ڪيائين. انهيءَ ديوان سان حافظ، شيراز کان ٻاهر به مشهور ٿيو. هرمز جي واليءَ توران شاهه ڏاڍي کليءَ دل سان حافظ جي قدرداني ڪئي. ڏکڻ جي مظفري خاندان جي حڪمران محمود شاهه اول جي دؤر ۾ حافظ کي بادشاهه جي وزيرِ عدالت پاران بغداد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني وئي، جا هن قبول نه ڪئي.
حافظ جون شاعراڻيون سرگرميون شاهه شجاع جي دؤر ۾ پنهنجي عروج تي هيون. شاهه شجاع 1394ع تي وفات ڪئي. حافظ گھڻا قصيدا ان جي مدح سرائي ۾ لکيا. آخري عمر ۾ حافظ ٻيهر مظفري خاندان جي هڪ مربي منصور سان ملي ويو، جنهن تيمور جي وڃڻ کان پوءِ پارس تي قبضو ڪيو هو. حافظ کي پنهنجي وطن شيراز سان ايڏي دلي محبت هئي جو اڄ به سڀ کي متاثر ڪندڙ آهي. ان ڪري هن شيراز کان ٻاهر وڃڻ نه چاهيو.
حافظ ايران ۾ غزل گو شاعرن ۾ نهايت اعلى مقام رکندو هو. عشق جي واردات بيان ڪرڻ ۾ ڏاڍو محتاط هيو ۽ عرياني کان پرهيز ڪندو هيو. شراب جي سرور، نشاط ۽ طرب جي نغمه سرائي ۾ مشرق ۾ هن جو ڪوئي مثال نٿو ملي. انهيءَ ڪري هن کي دنيا جي عظيم ترين شاعرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. جنهن جي ثابتي هن جي ديوان جي شرحن مان به ملي ٿي، جي ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. حافظ کي پراڻي زماني ۾ پراسرار مقبوليت ملي ۽ ماڻهو هن جي ڪلام مان فال ڪڍندا هيا ۽ پنهنجي رهنمائي حاصل ڪندا هيا ۽ هن کي ”لسان الغيب“ جي لقب سان ياد ڪندا هيا.
هن جي ڪلام ۾ عجيب رواني آهي، جنهن جو فيض احمد فيض جي شاعريءَ تي ڏاڍو اثر آهي. هونءَ ته هن جو اثر گوئٽي جهڙي جرمنيءَ جي عظيم شاعر تي به هيو، جنهن جرمن زبان ۾ غزل لکيا ها، جا مغربي ادب ۾ هڪ بلڪل نئين ڳالهه هئي ۽ هن جي ڪتاب جو نالو ئي ادبي ديوان هو. حافظ شريعت جي سخت گيريءَ جي دؤر ۾ لکيو هو:
فاش مي گويم و از گفتهء خود دلشادم
بندهء عشقم و ازهر دو جهان آزادم

(مان کليو ڳالهائي رهيو آهيان ۽ جيڪي چوان ٿو انهيءَ تي خوش آهيان؛ مان عشق جو بندو آهيان ۽ ٻنهي جهانن کان آزاد آهيان.)
جمال ابڙي مون کي ٻڌايو ته جڏهن خمينيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ايراني نوجوان نه رڳو خيام جي قبر تي بوٽ سان پير رکي فوٽو ڪڍرائي رهيا ها پر حافظ جي قبر تي به ائين ڪري رهيا ها، تڏهن هن مزار کان ڪجھه پري پنهنجو جوتو لاهي رکيو ۽ دعا جا هٿ کنيا ته ٻن ٽن ايراني نوجوانن کائنس پڇيو تون مسلمان آهين يا سُني آهين. خمينيءَ جي دور ۾ ٿوري ڪٽ سٽ سان فردوسيءَ جو شاهنامو ته ٻيهر ڇاپيو ويو آهي، پر خبر نه آهي ته ديوانِ حافظ ٻيهر ڇاپيو ويو آهي يا نه؟

ڊاڪٽر تارا چند

ڊاڪٽر تارا چند

ڊاڪٽر تارا چند جي ڪتاب ”هندي تمدن تي اسلامي اثر“ جو ترجمو محمد مسعود احمد پهرين ڊسمبر 1964ع تي اردوءَ ۾ ڪيو هو. هن جي درخواست تي ڊاڪٽر تاراچند 4 جون 1964ع ته هُن کي پنهنجون زندگيءَ جون حالتون انگريزي ۾ لکي موڪليون، جن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو.
”ڊاڪٽر تارا چند 1888ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولز هيو. موصوف گجرات (پاڪستان) جي هڪ اسڪول ۾ پنهنجي تعليم شروع ڪئي. ان کان پوءِ هن ماڊل اسڪول لاهور ۾ داخلا ورتي. سينٽ اِسٽيفن ڪاليج دهليءَ ۾ انٽر پاس ڪئي. ان کان پوءِ ميرٺ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. 1911ع ۾ اونگ ڪرسچئن ڪاليج جي شاگرد جي حيثيت ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. 1913ع ۾ ساڳيءَ يونيورسٽي ۾ تاريخ ۾ ايم. اي ڪيائين. ساڳي سال الهه آباد جي ڪائسٿ پاٽ شالا ۾ تاريخ جي پروفيسري قبول ڪيائين. 1918ع ۾ انهيءَ ڪاليج جو پرنسپال رهيو، جنهن عهدي تي هو 1945ع تائين رهيو. 1922ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ انگلنڊ مان ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري هٿ ڪيائين. ان کان پوءِ الهه آباد يونيورسٽيءَ ۾ سياست جي حيثيت ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. 1946ع ۾ الهه آباد يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو ۽ مارچ 1948ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. ان کان پوءِ مولانا ابو الڪلام آزاد جي هيٺان تعليم کاتي جو سيڪريٽري ٿيو. پوءِ هن تعليم جي مشير جو عهدو قبول ڪيو ۽ ڊسمبر 1951ع تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. 1951ع ۾ ڀارت طرفان ايران جو سفير ٿيو ۽ ڊسمبر 1951ع کان سيپٽمبر 1956 ع تائين انهيءَ عهدي تي مامور رهيو. 1958ع ۾ ڀارت جي صدر طرفان راجيه سڀا تي ميمبر ڪري کنيو ويو ۽ انهيءَ سال ڀارت جي حڪومت هُن کي آزاديءَ جي تحريڪ جي تاريخ لکڻ لاءِ چيو. ان وقت هو انهيءَ تاريخ ۾ مصروف هو ۽ هن ڀارت جي فلسفي، ثقافت وغيره تي اٺ ڪتاب لکيا ها.“
ان کان پوءِ هن ”هندستان جي آزاديءَ جي تاريخ“ تي 4 جلد لکيا ها. جي مون برڪت علي آزاد کان ورتا ها ۽ پڙهيا ها. برڪت علي آزاد اهو مرد مجاهد آهي جو جواني کان وٺي پنجهتر ورهين جي عمر تائين ادب جي خدمت ڪندو آيو آهي. هو اٺ ڪاٺيو، هَڏ – ڀڳل ۽ ڏوکڙائون شخص آهي ۽ سکر ۾ سارو ڏينهن ڪتاب گھر گھر وڪڻندو رهندو آهي. ان مان هن جي اُدر پورنا ۽ پيٽ قوت ته ٿي ويندي آهي، پر تڏهن به هو لوڙ ۽ گھرج جي گھاڻي ۾ پيڙبو رهندو آهي. ڇو ته هو جيڪي به ڪتاب وڪري لاءِ گھرائيندو آهي، انهن مان ٽيون حصو ته پنهنجي پڙهڻ لاءِ سانڍي رکندو آهي. مون ورلي ڪوئي اهڙو شخص ڏٺو، جنهن کي ڪتابن سان ايڏي لنوَ لڳل هجي ۽ علم جو ايڏو گھڻو گھڻگھرو هجي. ها، ساڳي شهر ۾ هڪ ٻيو شخص مولائي شيدائي به هو، جنهن تي مان ۽ رشيد ڀٽيءَ پنهنجي ءَ جوانيءَ ۾ گھوريا ويندا هياسين. هو ان وقت ريلوي سروس مان رٽاير ڪري چڪو هو، ۽ ڪتابن جي ڍير تي ائين ويٺو هوندو هو، جيئن توت جي وڻ تي پَٽ ڪينئون ويٺو هوندو آهي. هُن لڳاتار جاکوڙ ڪري ”تاريخ سنڌ“ لکي. مان جڏهن هُن کي ياد ڪندو آهيان ته رهي معيريءَ جو هڪ فارسي شعر ياد ايندو آهي:
رفتيم و پاي بر سَر دنيا گذاشتيم
کار جهان به اهل جهان وا گذاشيتم

(جڏهن وياسين ته دنيا کي مٿان اورانگهي وياسين؛
جهان ۾ رهندڙن تي جهان جو ڪم ظاهر ڪري ويا سين.)
ڊاڪٽر تاراچند جيتوڻيڪ دنيوي طرح ته ڏاڍو وڏو ماڻهو هو، پر هن جي باري ۾ پڙهي الاجي ڇو مون کي مولائي شيدائي ۽ برڪت علي آزاد ياد ايندا آهن. ڪيئن چئجي. اهي ڊاڪٽر تاراچند کان به وڏا ماڻهو هجن!

ڊارون

ڊارون
(1809ع کان 1882ع تائين)

انگريز فطرت پسند (Naturalist) سائنسدان هيو. هن جي تعليم ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ ٿي ۽ هن طبعي دنيا جي تاريخي ارتقا جو نظريو ڏنو. هن همعصر علم حيات ۽ زمين جي ڪاشت جي طريقن کي عام ڪيو ۽ ان تحقيقي مواد سان ان ۾ ڪافي واڌ ڪئي، جو، هن دنيا جو 1831ع کان 1836ع تائين سفر ڪري هٿ ڪيو هو ۽ فطرت جي لازمي ارتقا جي نتيجي تي رسيو هو.  هن جو مشهور ڪتاب (The Origin of species by means of natural selection) 1859ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن پنهنجو ”ارتقا جو نظريو“ ڏنو. 1868ع ۾ ڊارون گھرو جانورن ۽ ٻوٽن جي اصل نسل (Origin) جي هٿراڌو چناءُ (Artificial Selection) ذريعي سمجھاڻي ڏني ۽ ان تي The Variation of animals & plants under domestication نالي ڪتاب لکيو. هڪ ٻيو ڪتاب به لکيائين؛ The Descent of Man & Selection & relation to sex جو 1873ع ۾ ڇپيو. هن انسان جي جانور مان ارتقا جي سائنسي وضاحت ڪئي. مون ڪٿي پڙهيو هو ته جي هو پنهنجي ڪتاب جو نالو Descent of Man نه رکي ها ۽ Ascent of Man رکي ها ته نه دنيا ۾ ايترو وڳوڙ پيدا ٿئي ها ۽ نه هن جي حياتياتي نظرئي کي مارڪس جي اشتراڪي نظرئي سان ملايو وڃي ها. هن جي ڇپايل ڪتابن حياتيات جي اڀرندڙ سائنس ۾ ڪافي واڌارو ڪيو ۽ تصوريت، دينيات، مابعد الطبعيات وغيره کي ڪافي ڌڪ ڏنو. مارڪس ۽ اينجلس چواڻيءَ، جدليات ۽ ماديت جي اوسر ڪئي، جا ڳالهه منهنجي نظر ۾ صحيح نه آهي.

ڊيڪارٽ

ڊيڪارٽ

فرانسيسي فلسفي جو 1596ع ۾ ڄائو ۽ 1650ع ۾ گذاري ويو. هن جا فلسفي تي ڪيئي ڪتاب لکيل آهن. هن جي جڳ مشهور چوڻي آهي، “I think therefore I am” (مان سوچيان ٿو، انهيءَ ڪري مان آهيان) ”منهنجو اهو شڪ ته مان آهيان يا ناهيان ئي ثابت ڪري ٿو ته مان هڪ شڪي ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ موجود آهيان.
ڊيڪارٽ کي نمونيا ٿي پئي هئي. هو مشهور فلاسافر هو، انهيءَ ڪري راڻيءَ هن ڏي هڪ جرمن ڊاڪٽر موڪليو، پر ڊيڪارٽ هن تي اعتبار نه ڪيو. جڏهن ڊاڪٽر چيو ته، هن مان رت جي سير ڪڍي وڃي. ته هن جواب ڏنو، ”توکي فرينچ رت جي هڪ ڦڙي ڪڍڻ جي به اجازت نه آهي.“ پر آخر ۾ هن کيس اجازت ڏني. جيتوڻيڪ تمام گھڻي دير ٿي وئي هئي، جڏهن هو اکيون ٻوٽي رهيو هو تڏهن هن ڊاڪٽر کان پڇيو ته، ”ڪهڙو وقت ٿيو آهي.“ ڊاڪٽر جواب ڏنو، ”صبح جا چار ٿيا آهن.“ ڊيڪارٽ اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيائين، ”هي اٿڻ جو وقت آهي، مون لاءِ راڻي ترسي ويٺي هوندي. ان کان پوءِ هن سس پس ۾ چيو: هي روح جي وڃڻ جو وقت آهي. مان ته هڪ زنده روح آهيان. سچ جي تلاش ۾ آهيان .“ ان کان پوءِ هو مري ويو ۽ وڃي سچ جي روبرو ٿيو.

ڊيموڪرٽس (Democritius)

ڊيموڪرٽس (Democritius)
(430 ق. م کان 370 ق. م تائين)

هو پهريون يوناني هو جو اينسائڪلوپيڊيا وارو ذهن رکندڙ ماڻهو هو. لينن هن کي قديم زماني ۾ ماديت جو سمجھائيندڙ ۽ ٽيڪا ڪار چيو هو. هو ”ذريات“ جو بنياد رکندڙ هو ۽ هُن جو انهيءَ ڳالهه ۾ اعتبار هو ته ٻه قديم ترين شروعاتون آهن، هڪ اڻا (Atoms) ۽ ٻيو پولار (Vacuum) . هو چوندو هو ته اَڻا مادي جا منفرد جزا آهن. ڦير گھير کان مٿانهان آهن، ابدي آهن ۽ هڪ مسلسل تحريڪ ۽ نظام ۾ آهن. هنن کي ٻيون خاصيتون نه آهن جهڙوڪ: آواز، رنگ، ذائقو وغيره ۽ مشروط طور تي موجود آهن، نه پنهنجي ليکي. اَڻن ڪٺو ٿي جسم (Bodies) پئي ٺاهيا آهن ۽ انهن جي تحليل هر جسم جو خاتمو آندو آهي. هن موجب اڻ ڳڻيا ميڙاڪا هڪ ازلي خلا کان ابد ۾ تحرڪ ۾ هيا ۽ لا تعداد دنيائون قدرتي طور تي پيدا ٿي رهيون هيون ۽ ضم ٿي رهيون هيون. ڊيموڪرٽس لاءِ ڪارڻتا (Causality) ۽ اڻ سرندي (Necesity) هڪ ڳالهه هيون ۽ هن ڪنهن شيءِ جي حادثي طور پيدا ٿيڻ کان انڪار ٿي ڪيو. هن جا سياسي خيال پراچين لوڪ شاهيءَ وارا هيا.

ڊيوٽشر (Dutshar)

ڊيوٽشر (Dutshar)

ٽراٽسڪي جو پوئلڳ هيو ۽ هن ٽراٽسڪيءَ جي زندگيءَ تي ٽي جلد لکيا آهن ۽ اسٽالن جي زندگيءَ تي به هڪ ڪتاب لکيو اٿائين. ان کان سواءِ ڪجھه ٻيا ڪتاب به سندس تصنيفن ۾ شامل آهن. هو 1967ع ۾ گذاري ويو.

راڌا ڪرشنا، سروَ پلي

راڌا ڪرشنا، سروَ پلي
(1888ع کان 1975ع تائين)

”غريبي انسان جي آتما لاءِ چڱي آهي.“ راڌا ڪرشنا چيو هو: ”پر جيڪڏهن اها رضاڪارانه (Voluntry) اختيار ڪئي وڃي.“ هو ڀارت جو 1962ع کان 1967 تائين صدر رهيو. 1931ع ۾ هن کي سر جو خطاب ڏنو ويو. هو 5 سيپٽمبر 1888ع تي هڪ تيليگو برهمڻ جي گھراڻي ۾ ڀارت ۾ ڄايو. جيڪي ڏاڍا غريب هيا. هن کي جرمنيءَ مان آيل پرچارڪ پادري اسڪول ۾ موڪليو ويو. اتي هن جي استادن هندو ڌرم تي جا تنقيد ڪئي، ان هن کي اتساهيو ته هو پنهنجي ڌرم جو چڱي طرح اڀياس ڪري ۽ ان جو بچاءُ ڪري سگھي . هو 1909ع کان 1917ع تائين مدراس پريزيڊنسي ڪاليج ۾ فلسفي جو استاد رهيو. جڏهن رابندراناٿ ٽئگور کي 1913ع ۾ ادب لاءِ نوبل پرائيز ملي ته هن ”ٽئگور جو فلسفو“ جي نالي سان ڪتاب لکيو، جنهن ڪري کيس ڏاڍي شهرت ملي. 1921ع کان 1931ع تائين هن ڪلڪتي يونيورسٽيءَ ۾ فلاسافي پڙهائي ۽ ٻن جلدن ۾ پنهنجو ڪتاب ”هندستاني فلسفو“ لکيائين. هن 1931ع کان وٺي آڪسفورڊ ۾ 3 سال پڙهايو هو. هو اُن آل انڊيا اسيمبليءَ جو ميمبر هو، جنهن هندستان جو پهريون آئين ٺاهيو ۽ انڊيا جي وفد جو يونيسڪو لاءِ سربراهه هيو. نه رڳو هن کي روس ۾ سفير مقرر ڪيو ويو، جتي هن اسٽالن کي انجيل جا ڪجھه ٽڪرا ٻڌايا، جن ۾ اهو به هو ته، ”انسان کي جيڪڏهن سڄي دنيا ملي وڃي ۽ هو پنهنجو روح وڃائي ويهي ته هن کي ڪهڙو فائد ٿيندو؟“ اسٽالن، جو دينيات جو شاگرد ٿي رهيو هو، ان اهو جملو اڳي ئي ٻڌو هو. راڌا ڪرشنا جو هندستاني سياست جي باري ۾ مشهور قول هو، ”بد ترين گناهگار کي به هڪ مستقبل آهي، جيئن هڪ وڏي ۾ وڏي سَنت کي ماضي آهي!“ ٻين ڪتابن ۾ هن جا مکيه ڪتاب ”ڀڳوت گيتا“ ۽ ”اپنشدن“ تي ٽيڪا ٽپڻي هيا. هن جي ننڍي آتم ڪهاڻي جو نالو ”منهنجي سچ لاءِ ڳولا“(My Search for truth) آهي.

رام ڪرشن

رام ڪرشن
(1834ع کان 1886ع تائين)

جديد زماني جو تانترڪگرو سري رام ڪرشنا، هندستان ۾ جيڪي وڏي ۾ وڏا ڌرمي سکيا ڏيندڙ ٿيا آهن، انهن مان هيو. هن جا خيال آمريڪا ۾ 1893ع ۾ پهچي چڪا هيا، جڏهن هُن جي شاگرد سوامي وويڪانند شڪاگو ۾ مذهبن جي پارليامينٽ ۾ ڳالهايو هو.
رام ڪرشن چيو هو، ”ڪنهن مون کي ڪرستان تي هڪ ڪتاب ڏنو. مان هن کي چيو ته پڙهي ٻڌاءِ. ان ۾ فقط گناهه جو ذڪر هيو. ندورو جيڪو واري واري سان چئي ته مان پابند آهيان، مان پابند آهيان. اهو انت پنهنجي پابنديءَ ۾ ڪامياب ٿيندو. جيڪو ڏينهن رات چوي ته مان گناهگار آهيان، مان گناهگار آهيان. اهو سچ پچ گناهگار ٿي پوندو. پر هڪ انسان آزاد آهي، جي هو هميشه اهو سوچي ٿو ته مان هڪ آزاد روح آهيان. مان ڪيئن پابند ٿو ٿي سگھان. پوءِ توڙي مان دنيا ۾ رهان يا جھنگ ۾ رهان، مون کي خدا پيدا ڪيو آهي، جو بادشاهن جو بادشاهه آهي. اهو مونکي پابند رکي ڪيئن ٿو سگھي؟ جيڪڏهن نانگ ڪنهن کي چڪ پائي ته ماڻهو هن جي زهر مان ان کان آجو ٿي سگھي ٿو جي هو شدت سان محسوس ڪري ته هن ۾ زهر ڪونه آهي.“

رقص – درويشان

رقص – درويشان

اهو رقص جو درويش، روميءَ جي مزار تي ڪندا آهن، جا تُرڪي جي شهر قونيا ۾ آهي. اهو رقص مون 1976ع ۾ ڏٺو هو جڏهن مان قونيا ويو هوس. اسلام ۾ زالون رقص نه ڪنديون آهن ڇاڪاڻ ته انهن تي پابندي آهي ۽ اسلام ۾ رقص فقط مرد لاءِ آهي. عرب دنيا ۾ اڃا تائين رقاصائون رقصِ شڪم (Belly Dance) مهارت سان ڪنديون آهن. هندستان ۽ پاڪستان ۾ اهو فن اڳ طوائفن تائين محدود هو، پر هاڻي ته شريف زاديون نه رڳو ڪٿ ڪلي، ڪٿڪ، مني پهري، ڀارت،نٽيم وغيره ڪري رهيون آهن پر راڪ اِن رول به ڪري رهيون آهن. رقص – درويشان صوفي طبقي جا ماڻهو ڪندا آهن. گذريل ستن صدين کان اهو ڪيو ٿو وڃي ۽ قلندر تي ڌمال واري رقص وانگر هوندو آهي. جنهن جو مقصد خدا جي حمد و ثنا هوندي آهي ۽ پنهنجي خوديءَ کي مات ڪرڻ هوندو آهي.

رودڪي

رودڪي

ايران جو مشهور شاعر، ايران ۾ هن کي ”استادِ شاعران“ ۽ ”مقدم – شعراءِ ادب“ چوندا آهن. رودڪي اٺن ورهين جي عمر ۾ قرآن جي قرئت جو فن سکيو ۽ شعر گوئيءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. موسيقيءَ سبب هن جي شهرت پري پري تائين پهتي. ڪن چيو آهي ته رودڪي 13 لک شعر ۽ 6 مثنويون لکيون، جنهن جي ڪائي خاص ثابتي ناهي. اهي شعر هن جي ديوان کان الڳ هيا. هن سنسڪرت مان ڪليلا ۽ دمنا جو ترجمو ڪيو، جو سنڌي ادبي بورڊ سنڌيءَ ۾ ڇپائي چڪي آهي.
رودڪي کي قصيده گوئيءَ ۾ ممتاز درجو حاصل هيو ۽ قصيدي ۾ سبڪ خراساني جي ايجاد به ڪئي، مون ڪٿي پڙهيو هو ته ”وقت جي حاڪم هن جو اکيون ڪڍرائيون ڇو ته هو ڪنهن فرقي ۾ شامل هو، جنهن تي ڪفر جي فتوى ڏني وئي هئي. “

روسو

روسو
(1712ع کان 1778ع تائين)

فرينچ فلاسفر ۽ پنهنجي دؤر جو وڏو اديب ۽ مفڪر هو. 1750ع ۾ هُن هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هو انهيءَ نتيجي تي پهتو ته فطري انسان، هڪ شريف وحشي آهي، پنهنجي مهذب جوڙ ميل کان چڱو آهي ۽ دليل ڏيندي هن چيو ته علم جي ترقي ۽ ڦهلاءُ انسان ذات جي فطرت ۾ ڪا اصلاح نه آندي آهي، پر ان کي وڌيڪ بگيڙيو آهي، ننڍ وڏائي، ڪاهلي ۽ عيش و عشرت وڌائي اٿائين. 
1761ع ۾ هن هڪ ناول به لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي دؤر جي اخلاقيات ۽ خيالات کي جوش ڀرئي سنيهه جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيو آهي. 1762ع ۾ هن هڪڙو تعليم تي ڪتاب ايمل نالي سان لکيو، جنهن جو ترجمو محمد ابراهيم جوئي ”ايمليِ“ نالي ڪيو آهي، جنهن ۾ هن اها ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هڪڙي ٻار جون فطري نيڪيءَ واريون جبلتون ترقي يافته ٿي سگھن ٿيون ۽ اهي هروڀرو سماج نه ٿيون بگاڙن. 1762ع ۾ روسو ”سماجي معاهدو“ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن سياسي طور انساني فطرت ۾ پهنجو اعتبار ڏيکاريو ۽ ان ۾ آئيني بادشاهت کان گھڻو اڳتي ويو، جنهن جي مانٽيسڪيو (Montesquieu) ساراهه ڪئي هئي ۽ جمهوريت جي ساراهه ڪيائين، جنهن ۾ عام راءِ ۽ مشترڪه مفاد جي ڳالهه ڪيائين. هن جي آتم ڪهاڻي ”اعتراف“، ”ٽي مڪالما“ ۽ هن جا ڪجھه ٻيا ڪتاب هن جي موت کان پوءِ شايع ٿيا، جيڪي ڏيکارن ٿا ته هن کي ايذا رساني جو خبط هيو. اهي ڪتاب هونءَ ادب جا شاهڪار آهن ۽ پنهنجي يادگيرين ۽ اندر جي اظهار جا بي مثال نمونا پڻ آهن. روشن راءِ (Enlightenment) واري دؤر ۾ ٻين اهم شخصيتن جي برعڪس روسو جذبي، ولولي ۽ وجدان کي عقل کان وڌيڪ اهميت ڏني ۽ هو رومانيت پسنديءَ جي تحريڪ جو پيشرو هيو. تازيءَ تاريخ ثابت ڪيو آهي ته رڳو عقل تي هلڻ وارا، ”منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ ڪڇي پئي اُڀ“ جو مثال ثابت ٿيا آهن. انهن جن هر مذهب کي رد ڪري دهريت کي مذهب بڻايو، انهيءَ انڌي کوهه ۾ ڪريا آهن، جتان ڪو کين رسو اُڇلي ڪڍڻ وارو به ڪونه آهي.

روزيني (Rossine Giochina)

روزيني (Rossine Giochina)
(1792ع کان 1868ع تائين)

اطالوي موسيقار هيو ۽ ٿيئٽر جي هڪ موسيقار جو پٽ هيو. هن جي شهرت 1813ع ۾ ٿي، جڏهن هن پنهنجون ٻه اوپيرائون اسٽيج تي آنديون. هن ڪل چاليهه اوپيرائون اسٽيج تي آنديون، جيڪي سڄي يورپ ۾ مشهور ٿي ويون. بيماري ۽ مايوسيءَ هن کي 1838ع ۾ ذري گھٽ گوشه نشيني اختيار ڪرائي، جنهن کان پوءِ هن ڪجھه مجلس خاني لاءِ موسيقي لکائي. هن ڪجھه ٻيون تخليقات به ڪيون.

روانوا (Peirre Auguste Renior)

روانوا (Peirre Auguste Renior)
(1841ع کان 1919ع تائين)

فرينچ تاثريت پسند (French Impressonist) مصور هيو. هن پنهنجي زندگي هڪ مصور جي حيثيت ۾ هڪ چيني برتڻن جي ڪارخاني ۾ شروع ڪئي ۽ روشني توڙي تازن رنگن جو تجربو حاصل ڪري آخرڪار پنهنجي فني حيثيت مڃائي.
موني (Monet) وانگر هو هڪ تصوريت پسند حلقي جو مرڪز هيو. 1870ع ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي، پر ان وقت هن کي احساس ٿيو ته هن جي فن کي تصوريت پسندي اڳتي نه وٺي ويندي. 1881 – 1882ع ۾ هو اٽلي ويو ۽ اتان جي فني شهپارن هن کي ڪافي متاثر ڪيو. هن جا چِٽَ وڌيڪ عظيم ۽ تڪلفي ٿيندا ويا ۽ هو ڪلاسيڪي ديو مالا کي پنهنجي مصوريءَ جو موضوع بنائڻ لڳو. 1890ع ۾ هن کي سنڌن جو سور ٿي پيو ۽ 1912ع ۾ هو ويل چيئر تائين محدود ٿي ويو پر پوءِ به هو پنهنجي فن جي تڪميل ڪندو رهيو. پنهنجي حياتيءَ جي خاتمي تائين پوين سالن ۾ سنگتراشي به شروع ڪيائين. سڀني تصوريت پسندن مان رونوا سان وڌيڪ محبت ڪئي وڃي ٿي ۽ هن جا موضوع پسند ڪيا وڃن ٿا. خوبصورت ٻارَ، گل، حسين پس منظر ۽ سڀ کان وڌيڪ پياريون عورتون، جي يڪدم دل ۾ کُپي وڃن ٿيون ۽ هن کي انهن مان مسرت حاصل ٿي آهي، هو ان جو کلم کلا اظهار ڪرڻ جي اعلى ڏات رکي ٿو. مون کي روانوا جي هڪ تصوير ياد اچي رهي آهي، ننڍيون پياريون فرانسيسي ڇوڪريون، انهن جي خوبصورت ماءُ ۽ وڏو چوڪس پيارو ڪتو جو گاديلي جو ڪم ڏئي رهيو آهي. مادام شارپانتئي ۽ هن جا ٻار. هن جي هڪ ٻي تصوير ڪلاڊ (Claude) ياد اچي رهي آهي. ان ۾ ڪلاڊ، روشنيءَ جي نقاب ۾ پنهنجي ٻاراڻي شؤنق ۾ دنيا ۾ مافيها کان بي خبر آهي.
اهي تصويرون آهن جن کي پائيندگي آهي. اسٽالن واري ترقي پسند حقيقت نگاري جا هن غالبا 1929ع يا 1932ع ۾ همٿائي، ڪِنُ ڇِنُ ۽ ڪچرو آهي، ۽ ان کي خود روس ۾ نه ٿا ليکن، جي حقيقت ترقي پسند هجي ها ته 1939ع ۾ جرمنيءَ ۾ نازي ازم ۽ اٽليءَ ۾ فاشزم ڇانئجي نه وڃي ها. ۽ دنيا کي صديون پٺتي ڌڪي نه ڇڏي ها. حقيقت نگاري قبول ڪري سگھجي ٿي باقي لفظ ترقي پسند مڪار ۽ فريبي ڪميونسٽ ڪم آڻيندا ها ڇو ته هو دنيا کي ويساهڻ چاهيندا ها ته هنن جا مُلڪ ترقي ڪري رهيا آهن، جا ڳالهه هاڻي وائکي ٿي چڪي آهي ۽ ڪميونسٽ ملڪ وڃي کڏ جي تري ۾ ڪريا آهن؛ ڪجھه ملڪن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش پئجي چڪي آهي ۽ باقي ڪجھه ۾ اڄ نه سڀان پئجي ويندي. ”دراصل حسن، حق، نيڪيءَ ۽ خدا جي تلاش ئي بامعنى آهي، ٻي هر ڳالهه بڪواس آهي.

ريفل (Raphael)

ريفل (Raphael)
(1483ع کان 1520ع تائين)

اطالوي مصور ۽ معمار هو ۽ نئين جاڳرتا (Renaissance) واري دؤر جو نهايت اهم مصور هيو. هو ڄڻ وقت کان اڳ پيدا ٿيل هيو. 1504ع کان 1508ع تائين ليونارڊو ۽ مائيڪل اينجيلو جي اثر هيٺ تصويرون ڪڍيائين. هن جون نهايت مشهور تصويرون “Virigin and the child” (ڪنواري مريم ۽ هن جو ٻار) تي آهن. 1505ع ۾ پوپ جوليس II هن کي روم گھرايو جتي هن باقي زندگي گذاري. هن يڪدم هڪ شاهڪار ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ وئٽيڪن جي ڪيترن ئي ڪمرن ۾ تازي پلستر جي چٽساليءَ (Frescos) جو ڪم ڪيو. هن جا ڪيترائي ساٿي به هن سان گڏ ڪم ڪندا هيا. هن جي ڪم جي اهميت گھڻو ڪري هن جي شخصي تصويرن مان ظاهر آهي، جنهن ۾ هو ليونارڊو جي پائي جو مصور نظر اچي ٿو. هو معمار جي حيثيت ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو ۽ 1514ع ۾ سينٽ پيٽرس چرچ ٺاهيائين. هو 38ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو پر هُن پنهجي دؤر ۽ ايندڙ دؤر جي مصورن کي متاثر ڪيو.

ريمبراٽ (Rembrandt)

ريمبراٽ (Rembrandt)
(1606ع کان 1667ع تائين)

ڊچ مصور تيزاب جي ذريعي نقش و نگار بڻائيندڙ (Etcher) ۽ نقشي نويس (Draughtsman) هيو. هو پنهنجي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو مصور هو ۽ هنجو ڄم هالينڊ جي ليڊن شهر ۾ ٿيو، جتي هن 1632ع تائين ڪم ڪيو. ان کان پوءِ هو ائمسٽرڊئم ۾ اچي مستقل طور رهيو. اتي هن هڪ آسودي خاندان مال سسڪيا نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. جنهن کي هن پنهنجي 1634ع وارن تصويرن ۾ امر ڪري ڇڏيو. 1640ع کان پوءِ هن جي مصوري ۾ مذهبي رنگ آيو ۽ وڌيڪ درون بيني ۽ جستجو پيدا ٿي. 1642ع ۾ هن جي زال مري وئي. ساڳي سال هن پنهنجي شاندار تصوير ”رات جو پهرو“ ڪڍي، جنهن روايتي ڊچ شبيهه سازي ۾ ويٺل ماڻهن کي هڪ ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪيو. هن جي تخليق وڌندي رهي ۽ وڌيڪ گھرائي سان هن جي احساس ۽ آزاديءَ جي ڪاريگري جي ساک ٿي ۽ پنهنجي منتها تي تڏهن پهتي، جڏهن هن پنهنجون تصويرون ڪڍيون. جيتري هُن جي فن ۾ گھرائي آهي اوتري وسعت به آهي.
ريمبراٽ گھڻو ڪري هر موضوع تي تصوير ڪڍي آهي. هو پنهنجي دؤر جو وڏي ۾ وڏو استاد هيو هن کان ڪيترن ئي سکيا ورتي ۽ هن جي موت کان پوءِ هن جو نالو ڄاتل سڃاتل هو پر مصوريءَ جي رومانوي دؤر ۾ هن کي هر دؤر جو اعلى فنڪار ۽ استاد سمجھيو ويندو هو. مون هن جا خوبصورت رنگ پنهنجي ٻوليءَ ۾ جھٽڻ لاءِ وس ڪيو آهي ڇو ته منهنجي خيال ۾ لفظ رنگ چِٽي سگھندا آهن. مون اهو ڪيتريءَ ڪاميابيءَ سان ڪيو آهي، ان جو فيصلو ڪرڻ وارو مان نه آهيان.

رابعه قزداري

رابعه قزداري

رابعه بنت ڪعب قزداري پهرين عورت هئي، جنهن فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي هئي. هن کان اڳ ڪنهن به عورت فارسيءَ ۾ شعر نه چيو هيو. (مان ڀانيان ٿو ته سنڌيءَ ۾ جنهن عورت پهريون شعر لکيو هو، سا ”داسي“ تخلص استعمال ڪندي هئي.) رابعه انهن شخصيتن مان آهي، جن فارسي اديبات ۾ شرڪت ڪئي آهي، جيتوڻيڪ هن جي ڪلام مان گھڻو ڪجھه نه بچيو آهي. هن کي فارسي ۽ عربي چڱي طرح ايندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن شعرن ۾ انهن ٻنهي ٻولين جا لفظ گڏي سَڏي ڪم آندا اٿائين.
هن جي شهر جو نالو قزدار هيو. ”مجمع الفصحا“ ۾ لکيو ويو آهي ته هن جو پيءُ ڪعب هڪ عرب هيو. بلخ ۽ قزدار، قنڌ را ۽ سيستان هُن جي حوالي هوندا ها. رابعه جي ڀاءُ حادث کي بڪتاش نالي هڪ خوبصورت تُرڪ غلام هوندو هو، جنهن تي رابعه دل هاري ويٺي. ڪنهن وقت بادشاهه جي مجلس ۾ ايران جي عظيم شاعر رودڪيءَ جي واتان حادث اهو عشق جو واقعو ٻڌو ۽ جهالت سبب يا غيرت سبب ان غلام کي ڪنهن کوهه ۾ لڙڪائي بند ڪري ڇڏيائين. رابعه کي گرمابي (پاڻيءَ جي وڏي حمام) ۾ ڦٽي ڪيائين، جيستائين هن جون رڳون سڙي ويون، سرن ۽ مٽيءَ سان ديوار ٺاهي هن کي مَسدود ڪيائين. رابعه پنهنجي خون سان گرمابي جي ديوار تي ترانا لکيا. بڪتاش پنهنجي جان ڇڏائي کوهه مان ڀڄي نڪتو ۽ گرمابي وٽ پهتو. پر دير ٿي وئي هئي ۽ رابعه حياتيءَ جي نعمت کان محروم ٿي چڪي هئي. اهو ڏسي بڪتاش ايترو بيخود ٿي ويو جو حادث کي اڌ رات جو ڳولي لڌائين ۽ هن جو سر تن کان جدا ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجي سيني ۾ خنجر هڻي، پنهنجي حياتيءَ تان به هٿ ڌوتائين.
رضا قلي خان ”مجمع الفصحا“ ۾ رابعه ۽ بڪتاش جي محبت جو داستان منظوم ڪيو آهي ۽ ان کي ”گلستانِ ارم“ نالو ڏنو اٿائين. رابعه اصل عرب هئي ۽ هن جا وڏا ابو مسلم خراسانيءَ جي زماني ۾ قزدار ۾ اچي رهيا ها. رابعه، رودڪيءَ جي زماني ۾ رهندي هئي ۽ رودڪيءَ هن جا شعر بخارا جي بادشاهه کي ٻڌايا ها. جاميءَ هن کي زاهد ۽ صوفي تسليم ڪيو آهي ۽ ابو سعيد ابو الخير لکيو آهي ته:
”ڪعب جي ڌيءُ غلام تي عاشق هُئي، جيتوڻيڪ هن جو عشق، عشقِ مجازي ڪونه هو.“

راسپيوٽين

راسپيوٽين
(1871ع کان 1916ع تائين)

مان جڏهن 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي موڪليل اديبن جو اڳواڻ ٿي. يو. ايس ايس. آر ويو هوس، تڏهن سفر دوران مان ۽ اردوءَ جي مشهور پنجاپي ناول نگار قدسيا بانو لينن گراڊ به وياسين. لينن گراڊ ائين ٺاهي بيهاريو ويو هو، جيئن 1917ع ۾ انقلاب کان اڳ هو. ان ۾ نه ڪنهن جاءِ جو اضافو ڪيو ويو هو ۽ نه جنگ کانپوءِ تباهيءَ جي بعد ان ۾ ڪا ڦيرڦار ڪئي وئي. رڳو بمباريءَ ۾ ڊٺل جاين جي مرمت ڪري، انهن کي ساڳيو رنگ روپ ڏنو ويو هو.
راسپيوٽين، لينن گراڊ ۾ ماريو ويو هو. مون هُن تي پندرنهن ويهه ڪتاب پڙهيا ها. جيتوڻيڪ انگريزيءَ ۾ ”راسپيوٽين“ لفظ ٻهروپيءَ، فريبيءَ، شعبده بازي جي معنى ۾ ڪم ايندو آهي. منهنجيءَ نظر ۾ هو روس جي تاريخ جو هڪ نهايت دلچسپ ڪردار هو. مون پنهنجي گائيڊ لينا کان پڇيو ته:
”مون کي اهو واهه ڏيکاري سگھندينءَ جنهن جي ڪنڌيءَ تي بجليءَ جي ٿنڀي کي راسپيوٽين ٽپو ڏئي جھليو هيو، جڏهن هن کي ڪائونٽ يوسوپوف جي محل ۾ شراب ۾ ايتري سائنائيڊ پياري هيائون، جيتري ساري لينن گراڊ جي ماڻهن کي پيئارجي ته سڀني کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. پر پوءِ به هو اها پچائي ويو. جڏهن محل مان نڪتو ٿي ته ڪائونٽ يوسوپوف ۽ هن جي ساٿين هن تي پنج ڇهه فير ڪيا ها جي هُن جي ڇاتيءَ ۾ لڳا ها، پر پوءِ به هو ٿيڙ کائيندو، محل مان نڪري ويو هو ۽ وڌيڪ فيرکان پاڻ کي بچائڻ لاءِ مائڪا ڪئنال جي ڀرسان بجليءَ ٿنڀي (Lamp post) ۾ ٽپو ڏئي هٿ وڌو هيائين. ان کانپوءِ جڏهن هو بيهوش ٿي ويو هو ته هُن جي دشمنن هن کي ڳوڻ ۾ وجھي تهه سياري ۾ نيوا نديءَ ۾ ڦٽي ڪيو هو.“
لينا منهنجي ايتري ڄاڻ ڏسي وائڙي ٿي وئي هئي ۽ چيو هيائين ته:
”لڳي ته ائين ٿو ته تون لينن گراڊ ۾ ڄائو آهين. مون راسپيوٽين جو نالو ته ٻڌو آهي، پر مهنجي عمر 25 سال آهي ۽ هو مون کان گھڻو وقت اڳي مري ويو هو. ترس، مان اديبن جي بيورو مان توکي پُڇي ٻڌايان.“
هن منهنجي روبرو بيورو ڏانهن فون ڪيو هو ته بيورو مان فون ڪندي ڪوئي روسيءَ ۾ ڀَؤنڪيو هو: ”هي راسپيوٽين جي باري ۾ ڇو ٿو پڇي؟“
جڏهن لينا مون کي اهو سوال انگريزيءَ ۾ ٻڌايو هو ته مون لينا کي چيو هو: ”هن کي چئه ته مون انقلاب جا سورهيه ۽ انهن جون جايون سمالني وغيره سڀئي ڏٺيون آهن، هاڻي مان روس جا رهزن به ڏسڻ ٿوچاهيان.“
جڏهن لينا هُن کي اهو روسيءَ ۾ ٻڌايو ته ٽيليفون تي وڏو ٽهڪ آيو: ها... ها... ها... هن کي فلاڻي هنڌ وٺي وڃ ۽ ڪائونٽ يوسوپوف جو محل به ڏيکارينس، جنهن کي ٽيچرس ٽريننگ انسٽِيٽيوٽ ۾ بدلايو ويو آهي.“
لينا مون کي هُن جو جواب انگريزيءَ ۾ ٻڌائي چيو ته: ”مون ٻڌو آهي ته راسپيوٽين ڏاڍو چڱو ماڻهو هو، پر اسان جي ملڪ ۾ ته هُن تي ڪوئي ڪتاب نه آهي، تو هُن جي باري ۾ ضرور مغرب ۾ ڇپيل ڪوئي ڪتاب پڙهيو هوندو.“
مون لينا کي ٻڌايو ته: ”مغرب ۾ هن جي باري ۾ اٽڪل ٻه سئو ڪتاب ڇپيا هوندا، جن مان ٻه چار ڪتاب ته مون پڙهيا آهن. ڪن ۾ هن کي شيطانِ مجسم ڪوٺيو ويو آهي ۽ ڪن ۾ فرشتو چيو ويو آهي.“
راسپيوٽين روسي درٻار جو ماڻهو هو ۽ هڪ مذهبي شخصيت هيو. هو سائبيريا جي ٽوبولسڪ صوبي ۾ 1871ع ۾ پيدا ٿيو هو. هن جو اصلي نالو نوديخ هيو. پر پوءِ هن تي راسپيوٽين نالو پئجي ويو، جنهن جي معنى آهي، ”اوباش“ ڇو ته پنهنجين جنسي ارڏاين ۽ بيهودگين جي ڪري بدنام هو. هن جي تعليمي لياقت مختصر هئي، پر جڏهن هو ٽيهن سالن جو ٿيو ته هو مذهبيت طرف رجوع ٿيو، پنهنجي علائقي ۾ هن کي اهڙو پرهيزگار تسليم ڪيو ويو، جنهن کي اڳڪٿيءَ جي ڏات هئي. هن پڇتاءَ جي ذريعي نجات جي راهه ٻڌائي ۽ هن انسان ذات کي دعوت ڏني ته: ”هو گناهه ڀلي ڪن ۽ پوءِ پڇتاوَ جو اظهار ڪن.“
ان طرح هو پنهنجيءَ قوم ۾ هڪ مقبول رهنما ٿي پيو. جيتوڻيڪ هن 1895ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ هن کي ٽي ٻار هُيا، هو پنهنجي ڪٽنب کي ڇڏي، زيارتن تي هليو ويو، خانقاهن ۾ ترسيو ۽ هڪ تارڪ الدنيا وانگر زندگي بسر ڪيائين.
1904ع ۾ راسپيوٽين نيسٽ پيٽرسبرگ جو سفر ڪيو ۽ فادر فيوفان سان مليو جو ڪليسائي اڪادميءَ جو انسپيڪٽر هو. ٻئي سال ۾ هن جي ڊيوڪ نڪولائي نڪولائيوچ جي خاندان سان واقفيت ڪرائي وئي ۽ گرانڊ ڊَچيس مِليٽسا هن کي پنهنجيءَ سر پرستيءَ هيٺ ورتو. ڪجهه وقت کانپوءِ هو درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ اليڪسس، ننڍي زرارِيوچ (زار جي پٽ) جي هيموفليا (وڍ يا زخم اچڻ کان پوءِ رت جو نه بيهڻ (Haemophilia روڪڻ لاءِ ذميوار سمجھيو ويو. جڏهن ڊاڪٽر زار جي پٽ جو خون روڪي نه سگھندا ها ته راسپيوٽين، هن جي ٻانهن جھلي ٽُٻيءَ ۾ اچي ويندو هو ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ اليڪيسيءَ جو رت وهڻ کان بيهجي ويندو هو. ان سبب راڻي اليڪزينڊرا راسپيوٽين جي اثر هيٺ اچي وئي ۽ راڻيءَ معرفت هو زار نڪولس 2 تي به اثر انداز ٿيڻ لڳو. 1911ع ۾ هن قومي سطح تي پَر – پچار پيدا ڪئي، جڏهن هُن هڪ اُمِي ڪسان کي، ٽوبولسڪ جو بشپ مقرر ڪرايو، ڇاڪاڻ جو اَهو ڪِسان هن جو دوست هيو. پهريون هن پنهنجو اثر رسوخ گِرجا ۾ تقريرن تي ڪم آندو، پر ان کي رياستي امور جي باري ۾ به استعمال ڪرڻ لڳو ۽ حڪومت ۾ مونجھارو ۽ انڌ، انڌوڪار پيدا ڪري ڇڏيائين. ڪنهن به سياسي پروگرام سان هن رهت وان ۽ ڪهڻيءَ ڪرڻيءَ وارو ساٿ نه ڏنو. (گھٽ ۾ گھٽ ڪميونسٽ پروپئگنڊا ته ائين ڪئي وئي آهي.)
هن پنهنجي هلنديءَ ۽ چَؤ چاءَ کي انڌيءَ اونڌيءَ ريت ڪم آندو. هن زارينا جي ذريعي، زار تي ايترو اثر پيدا ڪيو هو، جو پهرينءَ جنگ عظيم ۾ هن ڪئبينيٽ منسٽر پنهنجي مرضيءَ تي مقرر ڪرايا ۽ جو به هن جي سامهون ڦِريو ۽ آڏو آيو ان کي بي مانو ڪيو ويو يا تڙي ڪڍيو ويو. چيو ويو آهي ته هن جي انهيءَ گھاتي ڪاريه ۽ درٻار تي بُري زور بار سبب شهزادي يوسوپوف، گرانڊ ڊيوڪ دمتري ۽ ٻين اميرن ڪبيرن هن کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي.
16 – 17 ڊسمبر 1916ع جي رات جو هن جي دعوت ڪئي وئي ۽ هن کي شراب ۾ تمام گھڻو زهر ڏنو ويو، پر زهر هُن تي ڪوئي اثر نه ڪيو. ان کان پوءِ سازشين هن کي روالور جون گوليون هيون، پوءِ به هو ٿيڙ کائيندو در کولي نڪري ويو ۽ وڌيڪ گوليءَ کان لنوائڻ لاءِ ٽپو ڏئي بجليءَ جي ٿنڀي ۾ لڙڪي پيو. آخر ۾ سازشين هن جو لاش نيوا نديءَ جي برف هيٺان اڇلائي ڇڏيو. راڻيءَ جي حڪم تي هن جو لاش ڳولي لڌو ويو ۽ هن کي شاهي محل جي ڀرسان پوريو ويو.
مون ڪجھه ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته 1815ع ۾ آخري ڀيري هن جي پُٽ جي وهن دڙ رت روڪيندي راسپيوٽين زارينه کي چيو هو ته : ”جيستائين مان جيئرو آهيان، تيستائين تنهنجو پٽ ڪونه مرندو. پر مون کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي، اهو چئي نٿو سگھجي.“
راسپيوٽين 1916ع ۾ مري ويو ۽ هڪ سال پوءِ 1917ع ۾ انقلاب آيو. زار ۽ هن جو سارو خاندان گرفتاريءَ کان پوءِ شوٽ ڪيو ويو.

رامبو آرٿر (Rimbaud Aurther)

رامبو آرٿر (Rimbaud Aurther)
(1854ع کان 1891ع تائين)

فرينچ شاعر هو. 19 صديءَ جي فرينچ ادب ۾ وڏو انقلاب پيدا ڪيائين ۽ جڏهن هن جي عمر صرف چوڏهن سال هئي، تڏهن هن شاعريءَ جي هر صنف ۾ اختياريءَ سان بغاوت ڪئي. هو نه رڳو هڪ بي چيو ٻار هيو، پر گھر مان به ماءُ پيءُ جي سيکت کان باغي ٿي ڀڄي نڪتو. هن Cabbalistic (يهودي ڳجھي ٽولي جي علم) ۽ علم الڪيميا جي محاورن لاءِ پنهنجي پسند ڏيکاري ۽ هن جا نظم مذهب، سياست ۽ ادبي سُپَت (Orthodoxy) کان بنهه آزاد آهن. 17 ورهين جي عمر ۾ هن پنهنجا بهترين نظم لکيا ۽ اهي حقيقتون جي انساني نظرن کان پوشيده آهن، انهن تي گيت لکيا، جيڪي شاعرن جي ٻن نسلن لاءِ ڄڻ مذهبي صحيفا ٿي پيا. 19 ورهين جي عمر ۾ هن جي شاعرانه زندگي پوري ٿي وئي. فرانس جي مشهور شاعر ورلين سان تعلقات کان ۽ انگلنڊ جي سفر کان پوءِ سندس حواس تهه و بالا ٿي پيا ۽ انهن هن کي هڪ آواره گرد ۽ غيب دان ۾ بدلائي ڇڏيو. 1871ع کان 1883ع تائين، هو ورلين سان گڏ برطانيا ۾ رهيو. انهيءَ دوران هن بهترين نثري ۽ پابند نظم لکيا ها، جنهن ۾ هن پنهنجي اخلاقي ۽ نفسياتي ناڪامين جو ذڪر ڪيو هو. هُن پوءِ شاعريءَ کي مسترد ڪري يورپ ۽ آمريڪا جي اتر اوڀر واري حصن ۾ هڪ رولوءَ جي زندگيءَ گذاري، پويون گھڙيون گھاريون.
اينڊاسٽارڪيءَ، رامبوءَ ۽ بودليئر جي زندگيءَ تي عاليشان جيوِڻيون لکيون آهن، جي مون شايد جيل ۾ نهايت دلچسپيءَ سان پڙهيون. دراصل، رامبو، بودليئر ۽ ورلين فرانس جا عظيم ترين شاعر تسليم ڪيا ويا آهن، پر مان ٽنهي جي زندگيءَ ۾ ايتري بي راهه رويءَ کي سمجھي نه سگھيو آهيان ۽ هنن کي ذهني مريض سمجھندو رهيو آهيان. انساني زندگي، خاص ڪري اهڙي پائي جي زندگي ايڏي ته بيڪار نه آهي، جو ائين نشي يا جنسيات جي نذر ڪري ڇڏجي. دراصل بي راهه رويءَ ۾ به ڪنهن اعتدال جي ضرورت آهي. هونءَ ته افلاطون کان وٺي ليونارڊو ڊاونچيءَ تائين سڀني کي ٿا ٻي جي ٽؤنڪر هئي، پر هنن ان تي پنهنجو جينيس قربان نه ڪيو. ماڻهو سوچي نه ٿو سگھي ته رامبو جي 19 ورهين جي عمر کان پوءِ لکي ها ته ڪيڏا نه شاهڪار لکي ها. غالب چواڻي:
سب کہاں کچھ لالہ و گل میں نمایاں ہوگئیں
خاک میں کیا صورتیں ہونگی کہ پنہاں ہوگئیں

اهو شعر فقط انهن لاءِ نه آهي، جي مري ويا آهن، انهن لاءِ به آهي، جي جيئري ئي آپ گھاتي آهن، جيئرا آهن به، نه به آهن.

روزا لڪسمبرگ

روزا لڪسمبرگ
(1871ع کان 1919ع تائين)

جرمنيءَ ۾ سوشلسٽ تحريڪ جي هڪ نهايت رنگين ڪردار هئي. هوءَ پولنڊ ۾ ڄائي هئي، يهودي ۽ انقلابي هئي. جڏهن هوءَ اڻويهين ورهين جي هئي ته هُن کي سرخ روزا (Red Rosa) ڪوٺيندا ها. ڇو ته هوءَ مزاحمتي تحريڪن ۾ بهرو وٺندي هئي. انهيءَ عمر ۾ هوءَ روسي پوليس کان فرار ٿي وئي ڇو ته هوءَ سئٽرزرلئنڊ ۾ سرگرم هئي. هن سياست، قانون ۽ اقتصاديات جو گھرو مطالعو ڪيو ۽ پلش انقلابين سان ملي جن ۾ ليوجو گوشيز (Leo Gogishes) به هيو جو پوءِ به سندس دوست ۽ معشوق / عاشق رهيو. هوءَ پولينڊ ۾ خفيه سماجي جمهوري پارٽيءَ جي بانين مان هُئي.
هن کي ان ڳالهه جو يقين هو ته انقلاب پهرين جرمنيءَ ۾ ايندو، انڪري هن جرمن شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ حسبِ ضرورت شادي ڪئي ۽ جرمنيءَ جي پهرين آزاد عورت – سياستدان ٿي اڀري. روزا هڪ آتش نَو ۽ نهايت ذهين مقرر ۽ نظرئي ساز هئي. هن کي هڪ وڏي ڪرشمه ساز شخصيت هئي. هن کي پنهنجي انقلابي ڪارگذارين ۽ جنگ جي خلاف مزاحمتي تحريڪ سبب، ڪيئي ڀيرا جرمنيءَ ۽ پولنڊ ۾ قيد و بند ۾ رکيو ويو. هن انقلاب لاءِ عوام ۾ اسٽرائيڪ ٿي ڪرايا جي به هن جي گرفتاريءَ جو سبب ها. هوءَ سختيءَ سان جمهوريت پسند هئي ۽ ان ڪري لينن جي مخالف هئي ۽ هن تي ڪڙيون تنقيدون ڪندي هئي. ڇو ته لينن جو هڪ پارٽي جي آمرانه حڪومت ۾ اعتبار هو ۽ اهڙي حڪومت جي قيام لاءِ هن تشدد کي ذريعو ٿي سمجھيو. هن چيو ته : ”پرولتاري انقلاب لاءِ دهشت پسندي ضروري نه آهي ۽ اهو پنهنجو مقصد ائين به حاصل ڪري سگھي ٿو.“
هن اهو به چيو ته: ”هوءَ انسان ذات جي قتل و غارت کي نفرت سان ڏسي ٿي.“
روزا لڪسمبرگ پنهنجي پارٽيءَ سان ڪيئي نظرياتي جھيڙا ڪيا ۽ ڪارل ليبنيخت (Karl Leibnecht) سان گڏجي پنهنجي ڪميونسٽ پارٽي ٺاهيائين. ڪارل ليبنيخت هڪ وڪيل هو. جيتوڻيڪ هوءَ سمجھوتي کان پري هئي ۽ ڪافي تند وتيز سياسي حملا ڪندي هئي، هوءَ فطرتاً هڪ نرم دل ۽ انسان دوست عورت هئي، جنهن کي ادب ۽ فطرت سان بيحد پيار هو. 1919ع ۾ هن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو، پر هن جو اثر اڃا تائين جرمن سياست تي آهي. جڏهن 1989ع ۾ اوڀر جرمنيءَ جا باشندا پنهنجي سرڪار خلاف بغاوت ڪري رهيا ها ته هو روزا لڪسمبرگ جو لفظ نعري طور هڻي چئي رهيا ها ته: ”آزادي رُڳو انهن لاءِ آزادي آهي جي مختلف رايو رکي سگھن ٿا.“
مون روزا لڪسمبرگ جي زندگيءَ جو عميق مطالعو ايليزبيٽا ايٽنگر جي ڪتاب ”روزا لڪسمبرگ جي زندگي“ پڙهي ڪيو جو جرمن ٻوليءَ مان انگريزيءَ ۾ 1987ع ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب جو فوٽو ڪاپي مون گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر کان ٻين ٽيهن ڪتابن جي فوٽو ڪاپين سان گڏ ورتي هئي، جن ۾ هينرخ بول ۽ برٽالٽ بريخت جي ناولن ۽ ڊرامن جو سڄو سيٽ ۽ جرمن شاعريءَ تي ڪتاب هيا. ان لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان.

ريپن (Repin)

ريپن (Repin)
(1844ع کان 1930ع تائين)

روسي مصور هو، نوجوان معمورن جي انجمن ۾ شامل ٿيو، جنهن کي ”رمتا“ ڪوٺيندا ها، جنهن آرٽ اڪيڊمي خلاف بغاوت ڪئي هئي ۽ آرٽ کي عوام ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هو روس ۾ حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ جا باني ها. هن جا به شاهڪار ”هيبت ناڪ اوان، پنهنجي پُٽ جي جسم سان“ (1885ع) ۽ ”قزاق سلطان جي سامهون پئي رهيا آهن“ (1891ع) چتر مڃيا وڃن ٿا. هو سٺو مصور ۽ رنگساز هو، پر هن جا همعصر هن جي تصويرن جي موضوعن کان ڏاڍو متاثر ٿيا. 1932ع ۾ سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ جي اچڻ کانپوءِ ريپن روسي مصوريءَ ۾ هڪ مثالي مصور ۽ جذبي جو سرچشمو ٿي پيو. مغرب ۾هن جي تصورن جو ڪوئي ڪتاب شايع نه ٿيو آهي. پر روس ۾ ريپن تي شايع ٿيل ڪتاب مون کي منهنجي دوست نور محمد خواجا ڏنو هو، جو منهنجي ڪلام جو انتخاب ڪري رهيو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ مٿي ذڪر ڪيل تصويرن سان گڏ ٻيون ڇٽيهه تصويرون به آهن. ”هيبت ناڪ اوان...“ واري تصوير ۾ اوان جي گود ۾ هن جي پٽ جو لاش پيل آهي ۽ هن جو اکيون موت جي حقيقت تي سوچي، ڦاٽِي ويون آهن. ۽ هو خلا ۾ خوف سان ڏسي رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن سهاري جي اميد نه آهي. قزاقن واري تصوير ۾ آهي ته قزاق ترڪيءَ جي سلطان ڏانهن وڌي رهيا آهن، هنن ۾ ڦونڊ، آڦري ۽ بي پرواهي آهي جا نڏَر، ڦڪڙَ ۽ سرويچ قوم ۾ هوندي آهي، جا هوڙهيائيءَ کان ڪم وٺندي آهي ۽ بنا سوچ ويچار جي سر تريءَ تي کڻندي آهي.
ريپن روسي حقيقت نگاريءَ جو وڏي ۾ وڏو اڪابر هو، جڏهن انقلابي قوتون زور وٺي رهيون هيون ۽ روس انقلاب لاءِ تياري ڪري رهيو هو، ريپن پنهنجو سارو زور، پنهنجي ساري زندگي روسي عوام جي اتساهه لاءِ ڪم آندي. تاريخ هن کي ٺڳي وئي آهي، پر هن تاريخ کي نه ٺڳيو هو، ڇا هُن پاڻ کي ٺڳيو هو؟
ريپن جي تخليق ان وقت جي روس جي نظر ۾ حقيقت نگاريءَ جي چوٽ تي هئي.
”مان اچي سٺ ورهيه جو ٿيو آهيان“ ڪلاڪار چيو هو، ”مان پنهنجي تصور کي سچائيءَ سان روپ ٿو ڏيان. منهنجي چوڌاري زندگي ولولا پيدا ٿي ڪري، مون کي ڪوئي آرام نه ٿي ڏئي ۽ بُرش لاءِ پُڪاري رهي آهي. زندگيءَ ۾ ايتري بي انصافي آهي، جو ڪنهن لاءِ آسودي ضمير سان خوبصورت خاڪا ڪڍڻ نا ممڪن آهي.“
ريپن پنهنجي ڳالهه تي پورو هو، پر انقلاب آيو ۽ ويو. ڇا ريپن جو فن اتيئي آهي ۽ ان جي قدر وقيمت ساڳي آهي يا اهو به انقلاب سان گڏ ختم ٿي ويو؟
نوٽ: ريپن تي ماسڪو ۾ شايع ٿيل ڪتاب مون کي مهنجي دوست نور محمد خواجا تحفي طور ڏنو، جنهن لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان.

زيب النساءِ

زيب النساءِ
(10 شوال 1047هجري کان محرم 1114 هجري تائين)

نامور مغل شهزادي، شهنشاهه اورنگزيب جي پهريٺي ڌيءُ، جڏهن هوءَ چئن سالن جي هئي ته اورنگزيب جي معتمد عنايت الله خان جي ماءُ حافظ مريم کي هن جي تعليم لاءِ مقرر ڪيو ويو، جنهن جي ڪوشش سان زيب النساءِ ننڍپڻ ۾ ئي قرآن مجيد حفظ ڪري ورتو. اورنگزيب کي جڏهن اهو اطلاع مليو ته هن زيب النساءِ کي ٽيهه هزار اشرفيون انعام طور ڏنيون. زيب النساءِ ملان جيوڻ کان صرف و نحو (گرامر) جو علم حاصل ڪيو ۽ ملان سعيد اشرف مازندرانيءَ کان ٻيا علم حاصل ڪيا. (مقالاتِ شبلي نعماني).
ملان اشرف، زيب النساءِ کي 14 سال پڙهايو. علم فقه ۽ حديث جي تعليم ڏني، ان کان سواءِ شعر جي ڄاڻ به ڏني. 1073هه ۾ جڏهن اورنگزيب ڪشمير وڃڻ جو ارادو ڪري رهيو هو ته لاهور آيو ۽ بيمار ٿي پيو. انڪري شاهي حرم کي زيب النساءِ سوڌو لاهور ۾ رهڻ جو چڱو موقعو ملي ويو. زيب النساءِ درٻاري سياست کان الڳ رهندي هئي ۽ هميشه علمي ادبي ڪمن ۾ رڌل رهندي هئي. هن جي باري ۾ ڪجھه عشقيه قصا ۽ ڪهاڻيون به مشهور آهن. جيئن: عاقل خان سان عشق. هو سپهه سالار هو ۽ ان عشق سبب اورنگزيب هٿان جيئرو ديڳ ۾ جلايو ويو هو، پر اف به نه ڪئي هيائين. جيتوڻيڪ انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام ۾ ته اهڙين ڳالهين جي ڪابه تاريخي شاهدي ڪانه آهي. هونءَ ته زيب النساءِ ساري عمر ڪنواري رهي. مون هن جو ديوانِ مخفي“ تڏهن پڙهيو هو، جڏهن منهنجي عمر 13، 14 سال هئي. شايد اهو ڪتاب به منهنجي بزرگوار جي ڪتابن ۾ هو. هوءَ شعر ضرور چوندي هئي، پر انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام جو چوڻ آهي ته هن جو ڪو مجموعو ڪونه ٿو ملي، جيتوڻيڪ اهو مون خود پڙهيو آهي ۽ جنهن مان هڪ شعر جو ترجمو ته هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي ۽ ٻيا ڪجھه شعر جي مون کي ياد آهن، هيٺ ڏجن ٿا. هڪ غزل جو ٻيو شعر آهي:
صد بهار آخر شد و برگل بفرقي جاگرفت،
غنچه باغِ دل مان زيبِ دستاري نه شد.

(سوَ بهار پورا ٿي ويا ۽ هر گل پيشانيءَ تي جاءِ والاري، پر اسان جي دل جي باغ جي مکڙي ڪنهن به دستار جي سونهن نه ٿي.)
هن جي ٻئي مشهور غزل جا بند آهن:
بلبل از گل بگزرد چون در چمن بيند مرا،
بت پرستي کي کند گر برهمن بيند مرا،
در سحن مخفي شدم مانِد بو دربرگِ گل،
هرکه دارد ميل ديدن در سخن بيند مرا.
. . . . . . . .
(بلبل گل کي ڇڏي وڃي، جي مون کي چمن ۾ ڏسي،
بت پرستي ڪيئن ڪري جي برهمڻ مون کي ڏسي!
مان پنهنجي سخن ۾ ائين مخفي آهيان، جيئن گل ۾ خوشبو،
جنهن کي ڏسڻو هجي، اهو مونکي سخن ۾ ڏسي!)
. . . . . . .
روايتن موجب، زيب النساءِ سان هڪڙو شعر اهو به منسوب آهي ته جڏهن هوءَ باغ ۾ ٽهلي رهي هئي ۽ هن کي ڳاڙهو لباس پاتل هيو تڏهن عاقل خان هن کي ڏسي شعر جي هڪ سٽ پڙهي هئي:
سرخ پوشي به لبِ بام نظر مي ايد.

(ڳاڙهي لباس واري ڪٽهڙي تي مون کي نظر اچي رهي آهي.)
انهيءَ سٽ جي موٽ ۾ زيب النساءِ کيس جواب ڏنو هو:
نه زاري نه زور و نه به زرمي آيد.

(نه زاريءَ سان، نه زور سان ۽ نه زر سان ٿي اچي)
چيو وڃي ٿو ته زيب النساءِ هڪ مسجد آگري ۾ ۽ هڪ ڪشمير ۾ تعمير ڪرائي هئي . هن دهليءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ٽيهه هزاري باغ ۾ دفن ٿي. هن جو مقبرو تيستائين موجود هيو، جيستائين انگريز اتي حڪومت ڄمائي ويا. (سر سيد احمد خان – آثار الثنادين) جڏهن ”راجپوتانا – مالوا“ ريلوي لائين 1885ع ۾ تيار ڪئي وئي ته اهو مقبرو زمين هيٺان اچي ويو. ڪن جو چوڻ آهي ته زيب النساءِ جو مقبرو لاهور ۾ نئين ڪوٽ جي ڀرسان آهي، پر اها ڳالهه درست نه آهي.

سينٽ آگسٽين

سينٽ آگسٽين
(430 ق. م کان 354 ق. م تائين)

ڪرستان فقيهه ۽ فيلسوف هو. هو اولهه جي چرچ جو وڏي ۾ وڏو پادري هو ۽ اتر آفريڪا جي ويجھو هڪ ننڍي شهر ۾ ڄائو هو. هن جي ماءُ هڪ عقيدت مند ڪئٿولڪ هئي، جنهن کي پنهنجي پٽ جي روحاني بهبوديءَ جو وڏو اونو هيو، پر هن جو پيءُ هڪ دهريو هو، جيتوڻيڪ هو مذهب ڏانهن بي پرواهه هوندو هو، پر کيس پٽ جي تعليم ۾ دلچسپي هئي ۽ پنهنجي غريبيءَ جي باوجود سينٽ آگسٽين کي ويجھي شهر ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ موڪليو. پتو نه آهي ته آگسٽين ڪيتري تعليم پرائي پر ڪافي پئسي نه هئڻ ڪري هن کي 16 ورهين جي عمر ۾ واپس گھر ورڻو پيو. ڪجھه وقت کان پوءِ هن جي هڪ دوست هن جي مالي امداد ڪئي ۽ هُن ڪارٿيج (Carthage) ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. اتي هن سِسرو (Cicero) ۽ ورجل جو مطالعو ڪيو ۽ جڏهن 20 ورهين جي عمر جو هو ته پنهنجي ڳوٺ موٽي آيو ۽ علمِ فصاحت جو استاد مقرر ٿيو. جڏهن هو ڪارٿيج ۾ هيو ته هن هڪ سُريت به رکي هئي. جنهن مان کيس پٽ ڄايو هو. هن هڪ فرقي جي تبليغ ڪئي هئي، جنهن ڪائنات ۾ دُئي جو نظريو (Dualist Concept) پئي ڏنو، جنهن موجب زندگي روشني ۽ اوندهه جي قوتن جي وچ ۾ ٽڪراءُ هئي. انهيءَ دور ۾ آگسٽين جي اؤسر تي هن جي ماءُ کي ڏک ٿيو، جنهن چاهيو پئي ته هن جو پٽ ڪرستان ٿئي. انهيءَ ساڳي دؤر ۾ هن جو پيءُ گذاري ويو. پر مرڻ وقت هن کي عيسائيت ۾ اعتبار آيو هو. آگسٽين ڪجھه وقت ٽئگسٽي (Tagaste) (آفريڪا جو شهر) ۽ ڪارٿيج ۾ پڙهايو، پر آفريڪا جي اسڪولن ۾ تنظيم نه هئي. سو 383 ق. م ۾ هو اٽليءَ هليو ويو. هو پهريائين روم ويو ۽ اتان مِلان (Milan) (اٽلي جو شهر) ويو، جتي هن جي ماءُ اچي ساڻس گڏي ۽ اتي هو سينٽ ائمبروس (Saint Ambrose) جي اثر هيٺ آيو، جو شهر جو سڀ کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ فصيح ترين شخص هو. 388 ق. م ۾ هن کي دين تي آندو ويو، ۽ هن جو بپتسمو ٻي سال جي ايسٽر ۾ ڪيو ويو. هاڻي آگسٽين هڪ ڪرستان بڻجي ويو ۽ سندس ماءُ جي آس پوري ٿي. ٻئي ٽئگسٽي واپس اچي رهيا هيا ته رستي تي سندس والده بيمار ٿي پئي ۽ مري وئي ۽ آگسٽين اڪيلو موٽي آيو. نيٺ هن ڪجھه وقت ٽئگسٽي ۾ فقه جو مطالعو ڪيو ۽ تنهن کان پوءِ هو 391 ق. م ۾ هِپو نالي هڪ شهر ۾ 40 ميل پري پادري مقرر ڪيو ويو. 395 ق. م ۾ هن کي بشپ بڻايو ويو ۽ هِپو ۾ موت تائين رهيو.
سينٽ آگسٽين تمام گھڻو لکيو هو ۽ ان کان سواءِ هن ڪيئي وعظ ڪيا ۽ انجيل جي تفسير لکي. هن جي ڪليات ۾ هن جا خط، هن جا فيلسوفاڻا ۽ فصيح مضمون ۽ بحثن مباحثن تي رسالا هيا. جي هن هر قسم جي ڪفر جي خلاف لکيا ها ۽ چرچ سان واسطو رکندڙ هيا. ڪجھه عقيدي جون تحريرون ۽ تعليمات ۽ انتظام تي لکيل هيا. انهن مان ڪيئي تحريرون نهايت ٽيڪنيڪي آهن، پر ٻيون عام ماڻهوءَ جي پڙهڻ لاءِ آهن. انهن مان ٻه ڪتاب عظيم آهن، جن مان هڪ ”ڪفيشن (باس)“ جا آگسٽن جي روحاني سوانح حيات هئي ۽ ٻيو ڪتاب ”خدا جو شهر“ (City of God) جنهن ۾ تاريخ تي نهايت مفصل تبصرو ٿيل آهي.
(مون کي اهي ٻئي ڪتاب ڪرستان مشتهرين وٽان مليا ها، جي مون پڙهيا آهن). آگسٽين روم جو آخري وڏو ليکڪ آهي ۽ وچولي دؤر جو پهريون عظيم ليکڪ آهي. هو ڄڻ ٻن دنيائن جي وچ ۾ بيٺل آهي. هن جي ادب ۽ قديم فلسفي جو مطالعو سِسرو (Cicero) ۽ پلوٽينس (Plotinous) جي نوا فلاطونيت تي ٻڌل آهي، پر يسوع جو نالو ننڍي هوندي کان هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو ۽ آخر ۾ هن ساري ذهانت چرچ لاءِ ڪتب آندي ۽ هن ايتري محنت ڪئي جو ڪنهن به پادري نه ڪئي ۽ مغرب جي عيسائيت تي هن جي امر ڇاپ آهي. هن جا فقه تي سڀ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ڪنفيشن کي ادب جي تاريخ ۾ هڪ تمام وڏي ڪلاسڪ جي جاءِ آهي، جيتوڻيڪ ڪتاب سڌي ٻولي ۾ ديانتداري سان لکيل آهي ۽ هر انسان جي دل ۾ پيهي وڃڻ لاءِ لکيو ويو آهي.

سينٽ بيو (Sainte Be – uve )

سينٽ بيو (Sainte Be – uve )
(1804ع کان 1869ع تائين)

فرينچ ادبي تاريخ نويس ۽ نقاد ۽ ايئر پائلٽ هيو. هن کي انڪري ياد ڪيو ويندو آهي ته هن اديبن ۽ انهن جي ڪتابن تي ائين لکيو هو ڄڻ هو سچ پچ زنده پئي لڳا ۽ انهن کي پنهنجيءَ دانشوريءَ جي تاريخي پس منظر ۾ تفصيل سان پرکيو. هن ڪافي ڪتاب لکيا هيا. هن رومانوي تحريڪ کي ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ حقيقت پسنديءَ جو نظريو ڪيٻائيندي مڃيو هو. گون ڪور ڀائر هن جا ساٿي هيا ۽ اها ڳالهه ادب کي رومانيت کان حقيقت پسنديءَ ڏانهن وٺي وئي.
پنهنجي دؤر ۾ هو هڪ تمام وڏو نقاد تسليم ڪيو ويندو هو.

سينٽ پيٽرسبرگ

سينٽ پيٽرسبرگ

هن کي پهريائين پيٽرو گراڊ چوندا هيا ۽ تنهن کان پوءِ هن تي لينن گراڊ جو نالو رکيو ويو، جو سوويت يونين جي اتر – اولهه ۾ آهي. 1728ع کان وٺي 1732ع تائين جي عرصي کان سواءِ لينن گراڊ، روس جي گادي رهي هئي ۽ 1917ع ۾ لينن جو صدر مقام (Head Qurarter) رهي. ان جي وچ مان نيوا ندي وهندي آهي، جنهن ۾ مان لانچ ۾ پنهنجي گائيڊ لينا سان چڙهي فن لينڊ جي کاري ۾ ويهارو ميل پري ويو هوس. جتي پيٽرا اعظم جو محل آهي، جو ائين ئي ٺيڪ ڪري بيهاريو ويو آهي، جيئن ٻي جنگ عظيم جي تباهيءَ کان اڳ ۾ هيو. جنگ جي دوران گادي ماسڪو ڦيرائي وئي هئي. ٿوري وقت لاءِ اڳ ۾ به ماسڪو روس جي گادي هئي، جيئن لينن جي زندگي ۾ ڏنو ويو آهي. اتي ئي پيٽرا اعظم جو بت گھوڙي تي سوار آهي، جنهن جا نرا پراسرار نموني ۾ آسمان ڏانهن کڄيل آهن. مون کي اهو بت ڏسي هيبت وٺي وئي هئي ۽ نيٺ منهنجا خدشا صحيح ثابت ٿيا.

سينٽ فرانسز آف اَسيسي

سينٽ فرانسز آف اَسيسي
(1181ع کان 1226ع تائين)

اَسيسي اٽليءَ جو هڪ تاريخي شهر آهي ۽ مسيحيت جو مرڪز آهي. اهو سباسيو پهاڙ تي سامونڊي سطح کان 1300 فوٽ مٿي اڏيل آهي. وچولي دؤر ۾ سينٽ فرانسز اتي 1182ع ۾پيدا ٿيو ۽ 1226ع ۾ گذاري ويو. هو سنياسين جي فرانسيزڪي فرقي جو باني هو، جو انجيل جي طور طريقي تي زندگي گذارڻ لڳو، جنهن جي تبليغ ۽ مثال جي تعداد ماڻهن جي غريبيءَ کي گلزار بڻائي ڇڏيو. هو آسيسي ۾ هڪ تاجر جي گھر ۾ پيدا ٿيو هيو. الهڙپڻي ۾ هو کِل مُک، ڇيل، ڇٻيلو، بي ڪاڻيو ۽ بي پرواهه هيو ۽ مڙسيءَ ۽ سورهيه پڻي جو ڪوڏيو هو، پر هڪ سال جي قيد ۽ پنهنجي شهر جي بکارين ۽ ڪوڙهين جي شڪسته حاليءَ، ڪم بختيءَ ۽ خواريءَ، هن کي ٽُٻي ۾ وجھي ڇڏيو ۽ من ۾ دکي انسان ذات لاءِ درد وندي پيدا ڪئي.
1206ع ۾ هو پنهنجو گھر ڇڏي لوڪ تياڳي، (تارڪ الدنيا) ٿيو. هن ڪوڙهين جي پرگھور لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو ۽ آسيسي ۽ ان جي آس پاس ڪليسائون ۽ ڪرست منڊليون ٺهرائڻ شروع ڪيون. 24 فبروريءَ 1209ع تي هن ڪنهن کي انجيل مان مٿيون ڏهون (Matthew X) پڙهندي ٻڌو ۽ پڪو پرن ڪيو ته هن کي باقي حياتي اڻ هوند ۽ اپديش ۾ ڪاٽڻي آهي. هن جي ڪڍ ڪيئي شش آيا. 1210ع ۾ جڏهن فرانسز کي يارنهن ساٿي هيا، تڏهن هُن هڪ نئين فرقي لاءِ هڪ رَهت نامو ٺاهيو ۽ پنهنجن ساٿين سان گڏ پوپ جي مُکياريءَ لاءِ روم آيو. هرڪو اهو ٻڌي اچنبي ۾ پئجي ويو ته پوپ انوسنٽ هائو ڪئي ۽ فرانسز کي موڪل ڏني ته هو ڀلي پڇتاوَ لاءِ منادي ڏئي ۽ ماڻهن کي منائي. پهريون ته فرقي جا ”ڀائر“ اٽليءَ ۾ رهيا. 1212 ع ۾ اسيسي جي هڪ ننڍي نيٽيءَ گھر ڌياڻيءَ، جنهن کي پوءِ هن کي سنيٽ ڪلير ۾ سنت مالها ۾ آڻڻو پيو، ان ڳالهه تي هوڏ ڪئي ته هن کي پنهنجو پوئلڳ بڻايو وڃي ۽ سينٽ فرانسز هن کي پهرين گرجا ۾ کپايو، جنهن جي هن مرمت ڪرائي هئي.
جڏهن هن وٽ سنياسي وڌيا، تڏهن هن کين الپس کان پري ۽ سمنڊ پار موڪليو. ان کان پوءِ هن لاءِ ڪائي سنسٿا ضروري ٿي پئي ۽ 1217ع هن ان جا پرڳڻا ٺاهيا. فرانسز اهو نه چاهيو ته هڪ سنياسي ٻي تي ڪائي اختياري رکي؛ جن کي به پرڳڻا سپرد ڪيا ويا ها، انهن کي ”ڀائرن جا ٽهليا“ سڏيو ويو. 1223ع ۾ پوپ انوريس 3 اِن فرقي کي رسمي طور پڪو ڪيو. 13 صديءَ ۾ اهي سنياسي ڇاڪاڻ جو نوان ها، انهن جي اقرارِ ايمان جي هڪ اصلوڪائي هئي، جنهن کي 13 صديءَ سان خاص لاڳاپو هيو. ان دؤر ۾ گرجا، ساڌارڻ ماڻهوءَ تي هٿ ڦيرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ ٻه منافقيءَ واريون تحريڪون ڪيئي رنگروٽ ڀرتي ڪري رهيون هيون، جن ۾ گرجا جي هاڃي هُئي. انهن تحريڪن ائين پئي سمجھيو ته مادي دنيا بڇڙائي ۽ ڪُٻُڌ سان ڀريل هئي. يسوع جي پيڙا ۽ موت هڪ وهم هو ۽ رومن چرچ جي روحاني رياست ۽ ان جا درجا جڙتو ۽ ڪوڙا هيا. اها ڳالهه گھڻو ڪري ڪئٿر (Cathars) ڪندا هيا. فرانسز انهن کي رد ڏنو ۽ چيو ته دنيا خدا جي دنيا هئي ۽ بنيادي طرح چڱي هئي. هن کي يسوع جي انساني روپ لاءِ ڏاڍي عقيدت هئي. فرانسز پنهنجي فرقي کي چرچ سان وفادار ۽ چئي وان ڪيو. ان ڳالهه ڪيتري عوام کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو جي انجيل کي اکر به اکر مڃيندا ها، ۽ غريبيءَ ۾ گذران ڪرڻ چاهيندا ها ۽ جيڪي پادرين خلاف برادرين خلاف برادرين ۾ شامل ٿي ويا. ان طرح ٻاهرتو ۽ سنساري ماڻهو پڇتاوَ ۽ ڪنگال پڻي جي حياتي فرقي ۾ گذاري سگھيا ۽ گھر – گھرستيءَ جي به، جي ٽي وَچن پاڙي سگھيا يعني ولهائيءَ، سسيلَ سَتَ ۽ مَڃتا جو پالن ڪري سگھيا ته انهن کي به فرقي ۾ جڳهه ملي وئي. فرانسز، جيڪي بنيادي اصول پنهنجن پوئلڳن کي ٻُڌايا، اهي ها: دنيا ۾ جيڪي به هن جا ساٿي ڪم ڪري رهيا هئا، انهن جي واهر ۽ سهائتا ڪرڻ، انجيل جي تبليغ ڪرڻ، اگھي، لڱي ۽ سُکالي جي ڳڻتي ڪرڻ ۽ سار سنڀال لهڻ، انجيل جي حرف بحرف پيروي ڪرڻ، هر شيءِ يسوع لاءِ ترڪ ڪرڻ، پوءِ اهو ڌن وارن کي ڌن ڀيٽ ڪرڻو هجي يا ودوانن کي پنهنجي وڌيا. انهن کي نه رڳو همياڻي نه رکڻي هئي پر ناڻي کي هٿ به نه لائڻو هو. جي انهن کي پنهنجي پورهئي لاءِ کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو نه ٿو ملي سگھي ته انهن کي پنهنجي لوڙ لاءِ ۽ گھرج آهر بيک لاءِ هٿ ٽنگڻ گھرجي.
انهيءَ فرقي جي مقبوليت جو سبب فرانسز جي شخصيت، هن جو وچڙندڙ اتساهه، کل مک پڻو ۽ سنيهه ۽ سڀ کان وڌيڪ هن جي جياپي جا لڇڻ هيا. جڏهن هن پنهنجي پيءُ تان هٿ کنيو ۽ خدا جي ٻيلپي ۾ جنبي ويو، تڏهن ماڻهن هن تي ويچارا ڪڍيا ۽ هن کي ٿالهيون لاهي ڇڏيو.
هو اڳڙيارا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ڏسڻو وائسڻو به ڪونه هو. پر هن جا خطبا نهايت سؤلا ۽ سَرل هوندا ها ۽ انهن جو اثرائتي پڻو هن جي ”وساميو ٻَران، توکي ساريو سُپرين“ جهڙيءَ سچائيءَ ۾ ڀرپور هيو، جا هن جي هر ڪاريه ۽ ٻول ۾ هئي. هو پنهنجي يسوع جي تصور جي موج مستي، پنهنجي ناچ ۾ ائين ظاهر ڪندو هو جيئن ميران يا چيتنيه پنهنجي ڪرشن ڀڳتيءَ ۾ ظاهر ڪندا ها. هن جون ڏند ڪٿائون ڏاڍيون اثرائتيون هونديون هيون. هن تپسيا ڪري ۽ تن کي تَسا ڏئي، پنهنجي سرير ۾ گاٺ پيٺ آندي هئي ۽ ان جي کپڻ کاڄڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي هئي. هن کي مسلمانن سوڌو، پوريءَ انسان ذات لاءِ پيار هيو ۽ انسان ذات کان ٻاهر به. پوريءَ خلقت کي هو پيار جهڙو سمجھندو هو. پسون هن تي ويساهه ڪندا ها ۽ هو انهن سان مهرباني سان هلندو هو. بازار ۾ چهه چهه ڪندڙ پکين کي پاٻوهه سان چوندو هو ته: ” چهه چهه ڪري منهنجي سنديش ۾ رنڊڪ نه وجھو، ڇو ته مان اپائڻهار جي واکاڻ ڪري رهيو آهيان.“ هن جي هر ڳالهه الوهيت (ايشورتا) تي کُٽندي هئي. هر ڳالهه هن کي ان جي سار ڏياريندي هئي، جنهن هي سنسار پيدا ڪيو آهي. پنهنجي جيون جي پڇاڙيءَ مهل، هن هڪ گيت ٺاهيو، جنهن ۾ هن خدا جا ڳڻ ڳاتا ۽ انهيءَ جو ٿورو مڃيو، جنهن هيءَ جوڙ جوڙي هئي. هن جا پويان سال تصوف جي گھري تجربي مان گذريا ها. يسوع جي پيڙا تي لڳاتار ڌيان، هن جي جسم ۾ اهي ڦٽ پيدا ڪيا ها، جي يسوع کي صليب تي هيا، هن جي هٿن پيرن ۽ پاسيرين تي کتل ڪُڪن جا نشان ها ۽ اها ڳالهه هن جي موت کان 2 سال اڳ ٿي، جو 3 آڪٽوبر 1226ع تي ٿيو. هن جي مقبري تي هڪ عاليشان گرجا جوڙائي وئي، جنهن تي فلورنطيني مصور گيٽو، فريسڪو (تازي پلستر تي چٽسالي) ڪڍيا، جن ۾ هن سنت جي باري ۾ ڪئي ڏيک ڏيکاريل آهن.
مون سينٽ فرانسز آف اسيسيءَ جي باري ۾ ايترو تفصيل سان مواد ڏنو آهي ڇاڪاڻ جو منهنجي محبوب اديب، يوناني شاعر ۽ ناول نويس ڪازان زاڪس پنهنجيءَ آتم ڪهاڻيءَ ”گريڪو کي رپورٽ“ ۾ چار ماڻهن جا نالا ورتا آهن، جن هن جي زندگيءَ کي نهايت متاثر ڪيو هو ۽ اهي آهن:
يسوع، سينٽ فرانسز آف اسيسي، ٻڌ ۽ لينن.
پويان ٻه ذڪر ڪيل عظيم انسان ڪنهن خدا ۾ اعتبار نه ڪندا ها ۽ پهريان ٻه نهايت رِقت ۽ محبت سان ڪندا ها ۽ انهن مان هن رڳو ٻن تي پنهنجا ٻه شهره آفاق ناول لکيا آهن، جن مان هڪ جو نالو ئي سينٽ فرانسز آف اسيسي آهي. لينن ۽ فرانسز جا غريبيءَ جي متعلق بلڪل متضاد نظريا ها. پر هاڻي جڏهن لينن شهه کاڌي آهي ته ڇا اسان فرانسز کي اپنائي سگھون ٿا؟ عوام سان محبت ته فرانسز کي به ڀٽائي وانگر هئي؟ ڇا فرانسز، ڀٽائي، سچل، ساميءَ جو پيغام ساڳيو آهي؟ اها ڳالهه هن عبوري دؤر ۾ ناممڪن ٿي لڳي! پر عبوري دؤر ۾ اهي دماغ به ٽڙڪي پيا آهن، جي لينن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. مون کي يقين آهي ته مسئلا حل ٿيندا ۽ سنڌ قائم دائم رهندي ۽ آخر اسان کي انهيءَ تي ويچارڻو پوندو ته جيڪي فرانسز چيو آهي، ڪيتريءَ حد تائين هن دؤر ۾ اپنائي سگھجي ٿو. ڇو ته منهنجي نظر ۾ انسان جي اها ئي آخري راهه نجات آهي.

سئفو

سئفو

يونان جي عشقيه شاعرن ۾ عظيم ترين شاعره هئي. هوءَ ٻيٽ ليسباس (lesbas) تي ڄائي هئي. اووڊ چواڻيءَ، سئفو جو پيءُ تڏهن مري ويو هو جڏهن ڇهن سالن جي هئي. اهو هرڪوئي مڃي ٿو ته هن شادي ڪئي هئي ۽ هن کي ڌيءَ هئي. هن جا ڪيئي نظم جيڪي اڄ تائين موجود آهن، اتان جي ديسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي وزن ڪم آندا آهن، جنهن مان هڪ جو نالو ئي هن جي نالي پٺيان آهي ۽ ان کي سئفڪ (Sapphic) چيو ويندو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ حرص و هوا ۽ فطرت سان پيار، اسلوب جي سادگي، سٽ تي ڪافي مهارت آهي. هن جو وڏي ۾ وڏو سَت سِٽو يوناني ديوي افرو ڊائٽيءَ جي عاشقيءَ جي باري ۾ آهي، جا هُن کي ڪنهن نوجوان ڇوڪري سان هوندي هئي. سئفو دنيا جي ڪيترن ئي اديبن تي پنهنجو اثر ڇڏيو آهي، جن ۾ خاص طور ڪئٽلس، اووڊ، سُوِن برن قابل ذڪر آهن.
جيتوڻيڪ هوءَ وڏ گھراڻي مان هئي، پر هن جي شاعريءَ ۾ اهي پر تشدد سياسي ٽڪراوَ نه ٿا ملن جن ان وقت جي امير ۽ جابر طبقي ۽ عوام ۾ هيا، جيئن ان دؤر جي ٻي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، خاص ڪري الڪيئس جي. بهرصرورت سندس مڙس ۽ ڀائرن جي ڪارنامن ڪري هوءَ ڪجھه وقت جلاوطنيءَ ۾ رهي ۽ ڇهين صدي ق. م ۾ اٽليءَ تائين شهر بدر ٿي ڀٽڪندي وتي. هوءَ تيستائين زنده رهي، جيستائين هن کي احساس ٿيو ته پيري اچي وئي آهي ۽ 565 ق . م ۾ مري وئي.
1900 صديءَ تائين سئفو جي شاعريءَ جي باري ۾ معلومات فقط انهن حوالن مان ملي ٿي جي قديم مصنفن ڏنا آهن، پر ان کان پوءِ ڪيترن ئي ٻين تان ڪيئي ٽڪرا ورتا ويا آهن. اهي نظم ٽن قسمن جا آهن:
1. اهي نظم جن جو هن جي ذات سان واسطو آهي.
2. اهي نظم جيڪي گھٽ داخلي آهن ۽ جي لوڪ گيتن وانگر لڳن ٿا.
3. وواهه جا گيت.
انهن ٽڪرن مان زياده تر انهيءَ مڪتب يا مجلس خاني سان واسطو رکن ٿا، جتي هو ليسباس جي وڏ – گھراڻين ڇوڪرين کي موسيقيءَ، راڳ ۽ شائستا ۽ وضعدار زندگيءَ جي تربيت ڏيندي هئي. انهن ڇوڪرين مان ڪجھه سان هن جي دوستيءَ جا عشقيه نظم منسوب ڪيل آهن، انهن جي اظهار ۾ ايتري شدت هئي ، جيتري هنن جي شادي تي مايوسيءَ ۾ هئي. شاديءَ جا گيت، سئفو جي شاگردياڻين لاءِ لکيا ويا ها، يا ته انهن جي شادين تي سندن جدائيءَ ۾ لکيا ويا ها، جڏهن اهي سئفو کي ڇڏي ويون هيون. ڪيئي گيت اهڙا ها جن ۾ زالون مردن تي ٺٺوليون ڪن ٿيون ۽ انهن ۾ لوڪ گيتن جي سڳنڌ هئي.
پراچين دؤر ۾ سئفو جي ڏات کي سڃاتو ۽ مڃيو ويو. هن جي جيڪا به ٿوري گھڻي شاعري وقت جي گھات کان بچي وئي آهي، ڪنهن روحاني قوت سان تجلا ڏئي رهي آهي. روشن جا فقط ٻه ٽي گيت سنڌي ۾ بچي ويا آهن. مثلاً:
هن دنيا جي ويراني ۾ منزل ملندي يا نه. يا ”او ساٿي!“ وغيره.
ته انهن ۾ اها امر جوتي ٻري رهي آهي. جنهن کي ڏات چئبو آهي. ڀلا بيڪس فقير جي به هڪ سٽ ئي قمر آهي.
”ساجن سائين سير ڪرڻ لئه آيو ٿي انسان“
۽ اها پوري ارمغان – حامد تي ڀاري آهي.
سئفو جا تيز ۽ تند ترنگ ۽ ڀاوَ جذبا ۽ جوش ايترا ته گھرا هيا جو سڌي اظهار کان سواءِ اُهي ٻوليءَ ۾ اچي نه سگھن ها ۽ انهن جي جسماني ڏيکاري – پيڙا ۾ مورڇائپ، سُتجڻ ۽ سن ٿي وڃڻ، ڇائيندڙ لهر، وجد، بيخودي – اهي سڀ جذباتي تصور جي ڳهه ڳٺي جي جاءِ والارن ٿا، جو اتي پيار سان لازمي آهي. هر قسم جو حسن هن ۾ لرزش پيدا ڪندو هو. چاهي اهو انسان ۾ هجي يا فطرت ۾. هڪ ٽنڊڻ جي کل تي جا رنگا رنگي آهي. ان کان وٺي، هڪ ڦلاريل ڦولَ، سانجھيءَ جي تاري، هڪ اڪيلي گلابي صوف تائين جو چونڊي کان اتاهون هجي. مطلب هن کي انسان ذات يا فطرت ۾ هر قسم جو حسن موهيندو هو. هن جي شاعري جي موسيقي غلطيءَ کان بعيد هئي ۽ ان جي بي ساخته رواني هن تي اهو قول صادق ڪري ٿي ته هوءَ شاعريءَ جي ”ڏهين ديوي“ هئي جي مان چوان ته مون اهڙي ديوي ڏٺي آهي، ته ان ڳالهه ۾ وڌاءُ نه آهي.

سبطِ حسن

سبطِ حسن

هن سان منهنجي پهرين ملاقات تڏهن ٿي جڏهن نبي بخش کوسو جو غالباً ان وقت ڊائريڪٽر ڪلچر هو، ۽ جو ڪنهن وقت منهنجو جونيئر رهي چڪو هو، ان عوامي ادبي انجمن پاران آرٽس ڪائونسل ۾ مون کي دعوت ڏني ته پنهنجو آپيرا ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ اسٽيج تان پڙهان. جڏهن فنڪشن پورو ٿيو، تڏهن هن منهنجي سبطِ حسن سان ملاقات ڪرائي، جو مون کي سعيده گزدر سان گڏ پنهنجي گھر وٺي آيو. جتي فهميده رياض به ويٺي هئي. پهرين ملاقات ۾ ئي اسان دوست ٿي ويا سين. پوءِ ته هُن سان ڪيئي ملاقاتيون ٿيون. هن ۽ سجاد ظهير کي هندستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ وهاڱي کان پوءِ پاڪستان موڪليو هو ته هو وڃي پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي ٺاهن. سجاد سان به منهنجي چڱي واقفيت هئي، پر پوءِ پنڊي سازش ڪيس ۾ هو فيض سان گڏ ٽيپَ کائي ويو. سبطِ حسن به ڪراچيءَ يا لاهور جي اردو حلقن تائين محدود ٿي ويو. ڇاڪاڻ جو اتي اردو زبان جي ويجھو هو ۽ اندرينءَ سنڌ سان يا پاڪستان جي عوام سان ڪوبه رابطو پيدا نه ڪيائين، جنهن لاءِ هو موڪيلو ويو هو. هو ”ليل و نهار“ ۽ پوءِ ”پاڪستاني ادب“ رسالو ڪڍندو هو ۽ اردوءَ جي باري ۾ نهايت حساس هو. پنجاب جي مشهور اديب نجم الحسن سيد سان به هن جو انڪري تڪرار ٿي پيو هو. غالباً 1974 -1975ع ۾ هن مون کي چيو ته اها هن جي غلطي هئي جو هن سنڌي نه سکي ۽ انڪري مان پنهنجا ترجما اردوءَ ۾ ڪيان ۽ اردو ادب کي سنڌي ادب روشناس ڪرايان.
هو نهايت نفيس طبيعت وارو ۽ پُر خلوص انسان هو ۽ هن جي ڪميونزم سان بيحد محبت هئي. مون جڏهن جن جو ڪتاب ”شهرِ نگاران“ پڙهڻ چاهيو (ان وقت ان جي ٻي ايڊيشن نه ڇپي هئي.) تڏهن هن مون کي پنهنجي ذاتي ڪاپي ڏياري موڪلي، ڇو ته هن وٽ ٻي ڪاپي ڪانه هئي. هو هندستان ۾ گذاري ويو ۽ هن جي لاش کي پوءِ ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو. چڱو جو هو ڪميونزم جي خاتمي کان اڳ گذاري ويو نه ته هو ان جي ستياناسيءَ جو دلي صدمو برداشت نه ڪري سگھي ها. هو رحلت وقت اٽڪل 75 ورهين جو هو. هن هيٺيان ڪتاب لکيا آهن، جي مون سڀ پڙهيا آهن:
1. شہر نگاراں
2. ماضی کے مزار
3. پاکستان میں تہذیب کا ارتقا
4. موسیٰ سے مارکس تک
5. انقلابِ ایران
6. نوید فکر
7. کارل مارکس
8. بھگت سنگھ اور اُس کے ساتھی
9. سخن در سخن
10. ادب اور روشن خیالی
11. The battle of ideas in Pakistan
شهرِ نگاران کانپوءِ هن ڪتاب ڪافي تيزيءَ سان لکيا. شايد هن کي زندگيءَ جي خاتمي جو دهو پيو هو. هن فقط هڪ ڌيءَ ڇڏي هئي، جنهن سان هُن جي انتقال بعد منهنجي ملاقات حوري نورانيءَ جي گھر تي ٿي هئي. هو فيض احمد فيض جو گهرو دوست هو. اردوءَ جي ”طلوع افکار“ رسالي هُن تي، فيض تي ۽ منهنجي دوست حسن حميديءَ تي خاص نمبر ڪڍيا آهن جي مون کان هيٺ مٿي ٿي ويا آهن ۽ انڪري هن جي ڄم ۽ موت جي تاريخ نه ڏئي سگھيو آهيان.
”ادب اور روشن خيالي“ ۾ سبطِ حسن جا مضمون آهن، پر اهي هن جي موت کان پوءِ سيد جعفر احمد مرتب ڪيا آهن. ان جي ديباچي تي مٿان منهنجي مرحوم دوست سرور باره بنڪوي جو هڪ شعر ڏنو اٿائين.
جس سے مل کر زندگی سے عشق ہوجائے وہ لوگ
آپ نے شاید نہ دیکھے ہوں مگر ایسے بھی ہیں۔

واقعي سبط حسن، جنهن کي سڀ دوست پيار مان سبطي صاحب چوندا ها، اهڙو ماڻهو هو.

سعدي شيرازي

سعدي شيرازي

هُن جو نالو شيخ مشرف الدين هو. هو تقريبا 570 هه / 1184ع ۾ شيراز ۾ پيدا ٿيو هو. اڃا ننڍو هو ته هن جو پيءُ گذاري ويو. ان کانپوءِ هن جي نظرداري ۽ پالنا سعد بن زنگي اتايڪ ڪئي. هن انڪري ئي پنهنجو تخلص سعدي رکيو. ابتدائي تعليم ڏياري، هُن کي وڌيڪ تعليم جي حصول لاءِ بغداد موڪيلو ويو. جتي هن نامور درسگاهه نظاميه ۾ تعليم ورتي ۽ باطني علم جي تحصيل ۾ مشغول ٿي ويو. هن جناب شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ ان سان گڏ حج ڪيا. هو بهترين شاعر طور مشهور به ٿيو ۽ شاعريءَ ۾ هن کي فردوسيءَ ۽ حافظ شيرازيءَ جهڙي شهرت به ملي. هن پنهنجي طويل زندگيءَ ۾ پهريان ٽيهه سال مطالعي ۾ گذاريا. ان کانپوءِ ٽيهه سال سير، سياحت ۽ شعر گوئيءَ ۾ صرف ڪيائين. ان بعد ٽيهه سال هو وري مراقبي ۽ مجاهدي ۾ مشغول رهيو ۽ پنهنجي ڪلام جي تڪميل ۽ ترتيب ڪندو رهيو. باقي عمر جا ٻارنهن سال هن اشاعت (تصوف جي) ۽ تبليغ ۾ صرف ڪيا.
جڏهن هو سياحت ڪندو هو تڏهن هندستان به ويو هو ۽ ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”بوستان“ ۾ ڪيو اٿائين. هن جون ٻه تصنيفون ”گلستان“ ۽ ”بوستان“ ڏاڍيون مشهور آهن. ”بوستان“ 655 هه / 1257ع ۾ لکيو ويو ۽ ”گلستان“ 656 هه / 1258ع ۾ لکيو ويو. ”بوستان“ ۾ اخلاقي موضوعن تي نظم آهن ۽ ”گلستان“ بنيادي طرح نثر ۾ آهي، ان ۾ به اخلاقي موضوعن کي ڪهاڻين وانگر نهايت اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن جي انهن ٻن ڪتابن کان سواءِ غزلن جو ديوان، قصيدا ۽ ڪجھه نظم آهن، جن ۾ هزل به آهن.
سعدي شيرازي، ذوالقعد 691هه / سيپٽمبر 1292ع ۾ فوت ٿيو. ان وقت هو شيراز ۾ رهيل هو. هن جي مزار شيراز شهر جي اوڀر طرف اڃا موجود آهي.
مون وٽ پنهنجيءَ پسند جي فارسي ڪلام جا ٽي نوٽ بُڪ لکيل آهن. فرصت جي ڪَميءَ سبب وڌيڪ پسنديده فارسي ڪلام اتاري نه سگھيو آهين. انهن نوٽبڪن مان سعديءَ جا ڪجھه شعر پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڏيان ٿو ته هو اندازو لڳائي سگھن ته سعدي ڪهڙي پائي جو شاعر هو:
اين مُدعيان در طلبش بي خبران اند،
آه کس که خبر شه خبرش باز نيامد.

(ترجمو: هي مدعي هن جي طلب ۾ بي خبر آهن، نه ته جنهن کي هن جي خبر پئي اهو واپس نه آيو).
***
توان شناخت به يک لحضه از شمايلِ مرد،
که تا کُجاش رسيده است پايگاه علوم

(ترجمو: مڙس جي خوبين مان سمجھي وٺجي ٿو ته علمن ۾ هُن جا پير ڪيستائين کُپيا آهن.)
***
چنان قحط سالي شد اندر دمشق،
که ياران فراموش گردند عشق.

(ترجمو: دمشق ۾ اهڙو ڏڪار پيو، جو يارن کان عشق وسري ويو)
***
هر بد که بخود نه مي پسندي،
باکس مکُن اي برادارِ من.
گر مادرِ خويش دوست داري،
دشنام مَده به مادرِ من.

(ترجمو: هر برائي جا تون پاڻ سان نه ٿو چاهين، اي ڀاءُ! تون ٻئي ڪنهن سان نه ڪر! جي توکي پنهنجي ماءُ پياري آهي، ته منهنجي ماءُ کي گار نه ڏي!
***
تو قدرِ آب چه داني که در کنارِ فراتي

(ترجمو: تون پاڻيءَ جو قدر ڪيئن ڪندين ڇو ته تون فرات (نديءَ) جي ڪناري تي رهندو آهين!)
***
ناچار هر که صاحبِ روئي نِکو بُود،
هر جا که بگذرد همه چشمي برو بود.

(ترجمو: ان لاءِ ڪوئي چارو نه آهي، جنهن کي سهڻو مُنهن آهي، جيڏانهن به هو ويندو اکيون اوڏانهن کُپي وينديون)
***
علاجِ واقعه پيش از وقوع بايدکر،
دريغ سود ندارد چوں رفت کار از دست.

(ترجمو: واقعي جو علاج ان جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪرڻ گھرجي، دير مان ڪو فائدو نه آهي، جو ڳالهه هٿ مان نڪتي ته ڇٽي.)
***
هر که عيبِ دگران پيش تو آورد و شُهرد،
بيگُمان عيب تو پيش دگران خواهد برد

(ترجمو: جنهن ٻين جو عيب تو اڳيان کوليو، پڪ سمجھه ته هُو تنهنجو عيب ٻين اڳيان کوليندو!)
***
دو دوست قد شُناسَند حقِ صحبت را،
که مُدتي بِبريدند و باز پيوستند،

(ترجمو: ٻه دوست صحبت جو حق ڄاڻن ٿا، جي مدتن لاءِ ڪٽجي ٿا وڃن ۽ وري ٺهي ٿا وڃن. )
***
سعديءَ جا اهڙا ڪيئي شعر آهن، جي ڏيکارن ٿا ته ”پنچ تنتر“ جي مصنف کان پوءِ هو ڏاهي ۾ ڏاهو مصنف هو. هن نهايت فصاحت، روانيءَ ۽ ترنم وارا غزل لکيا آهن، جن کي فارسيءَ ۾ زندگي جاويد آهي. سندس ڪيترائي اهڙا غزل مون وٽ نوٽ ٿيل آهن، پر نوٽس ۾ طوالت اچي ويندي نه ته اهي غزل ايترا پيارا آهن جو پڙهڻ سان دل موهي ٿا وٺن.

سلطان عبدالمجيد اول

سلطان عبدالمجيد اول

اسلامي انسائيڪلو پيڊيا ۾ فقط هڪ سلطان عبدالمجيد جو ذڪر آهي. هو عثماني سلطان هو ۽ سلطان محمود ثانيءَ جو پُٽ هو. 14 شعبان 1228هه / 25 اپريل 1823ع تي ڄائو هو. هن جي ماءُ ”بزمِ عالم“ هڪ غير معمولي تربيت واري خاتون هئي. عبدالمجيد 19 ربيع الآخر 1255هه / 1 جولاءِ 1839ع تي پنهنجي پيءُ جي مسند تي ويٺو. يعني نزهب جي شڪست کان پوءِ جا تُرڪن ابراهيم پاشا کان کاڌي. پوءِ به ٻي اتحاد ۾، جنهن ۾ ترڪي پهريون ڀيرو شامل ٿي، جيتوڻيڪ فرانس ان ۾ شامل نه هئي، ان ڳالهه عثمانيه سلطنت کي بچائي ورتو. عبدالمجيد اول پنهنجي پيءُ جا نافذ ڪيل اصلاح جاري رکيا. هن جي دؤر ۾ فساد، بغاوتن ۽ قتلِ عام رونما ٿيا. هن قانون جي وضع کانسواءِ ٻيا به ڪيئي اصلاح ڪيا، خاص ڪري جنگي ۽ تعليمي نظام ۾. هن ڪيئي شفاخانا ۽ عمارتون تعمير ڪرايون. سرڪاري ڪاغذن ۽ سندن لاءِ پهريون ”خزينه اوراق“ هن ٺهرايو – سڀ کان پهريون ٿئيٽر به هُن جي دؤر ۾ تعمير ٿيو.
عبدالمجيد پهريون سلطان هو جو ڪائي يورپي ٻولي (فرانسيسي) ڳالهائي سگھندو هو. هو هڪ هوشيار، مهذب ۽ هَٽو ڪٽو شخص هو، پر هن جي صحت حرم ۾ بي اعتدالين ڪري خراب رهندي هئي. هو گھڻ خرچائو ۽ ڦرڻو گھرڻو هو پر دلير هيو. 1849ع ۾ هن پناهگيرن کي آسٽريليا حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري، عالمگير سطح تي نيڪ نامي حاصل ڪئي. انسائيڪلو پيڊيا ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته:
”ترڪيءَ جي تاريخ ۾ هن کان وڌيڪ رحمدل، شريف ۽ هن جهڙن رجحانن جهڙو حڪمران نه ٿيو آهي. هن جي دلڪش خدو خال اندر عالى حوصلي جو روح هوندو هو.“ هو 17 ذوالحج 1277هه / 25 جون 1861ع تي جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو.

سقراط (SOCRATES)

سقراط (SOCRATES)

اٿينيا جو فلسفي ۽ افلاطون جو محترم استاد هو. هو زباني تعليم ڏيندو هو. ڇاڪاڻ جو هن جي دؤر ۾ سوانح حيات نه لکي ويندي هئي، ان ڪري هن جي باري ۾ معلومات ٻي هنڌان گڏ ڪئي وئي آهي. 
هو سياست ۾ نهايت گھٽ حصو وٺندو هو. پر ٽي دوست انهيءَ بغاوت جا سرواڻ جنهن اٿينيا جي جمهوريت جو تختو اونڌو ڪيو، انهيءَ دوستيءَ مان سقراط کي پنهنجي مقدمي ۾ نقصان پهتو. اهو مقدمو هن تي ائني ٽس (Anytus) جي الزام ڪري ٿيو هو، جنهن کي هن خلاف ذاتي بغض هو. هن تي الزام اهو هو ته هُو نئين نسل ۾ بي راهه روي پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن جي سزا موت هئي. اٿينس جي قانون موجب ڪوئي مجرم جلاوطني اختيار ڪري موت جي سزا کان بچي ٿي سگھيو پر سقراط جلاوطنيءَ کان نابري واري ۽ چيو ته : (هن وقت مرڻ بهتر آهي جڏهن هن جا حواس برقرار آهن ۽ هن ۾ سگھه آهي.“
هن پيريءَ ۾ ڪمزور ٿي مرڻ کي عيب سمجھيو. ان ڪري هيملاڪ (زهر) جو پيالو پيتو ۽ سمهي پيو ان طرح پنهنجو انت آندائين.
سقراط منهنجيءَ شاعريءَ جو مرغوب ڪردار رهيو آهي.

سيد احمد

سيد احمد
(نومبر 1786ع کان مئي 1831 ع تائين)

سيد احمد، بالاڪوٽ جي جنگ جو مشهور شهيد هو، جو بريلوي نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو ۽ سلطان التمش جي زماني ۾ هن جو ڏاڏو سيد قطب الدين محمد هندستان آيو هو، جنهن کي شيخ الاسلام جو عهدو ڏنو ويو هو. سيد احمد جي ابتدائي تعليم گھر ۾ ٿي پر هن تعليم تي خاص ڌيان نه ڏنو، البته هن جي سپاهين جي راندين سان رغبت هوندي هئي. ننڍپڻ ۾ هن بندوق ۽ تير ڪمان هلائڻ سکي ورتو هئائين. 17 ورهين جي عمر ۾ ملازمت لاءِ لکنئو ويو ۽ انهيءَ کان پوءِ دهليءَ پهچي ويو ۽ شاهه عبدالعزيز جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن کيس شاهه عبدالقادر وٽ موڪليو. اتي هن عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ڪتاب پڙهيا. 1808 ع ۾ سيد احمد پنهنجي وطن واپس آيو ۽ اتي زهره نالي هڪ خاتون سان شادي ڪيائين. انهيءَ دؤر ۾ مغلن جي حڪومت آخري پَساهن ۾ هئي ۽ انگريز پنهنجا قدم ڄمائي چڪا هئا ۽ مرهٽا اسلامي حڪومت کي پريشان ڪري رهيا ها.
اٽڪل 1810ع ۾ سيد احمد، نواب امير خان جي لشڪر ۾ شامل ٿيو ۽ لشڪر جي اصلاح ۽ هدايت شروع ڪيائين. جڏهن نواب امير خان انگريزن سان ٺاهه جو سوچيو ته هو امير خان کان الڳ ٿي ويو ۽ وري اڪبري مسجد ۾ رشد ۽ هدايت شروع ڪيائين. هتي هن جي هٿ تي شاهه اسماعيل بيعت ڪئي. انهيءَ وقت هن جهاد جي تبليغ جو ڪم شروع ڪيو. هن جو خيال هو ته هندستان مان هجرت ڪري ڪنهن اهڙي جاءِ تي هليو وڃجي، جتي آزاديءَ سان مسلمانن کي جهاد لاءِ تيار ڪري سگھجي پر هڪ ڏينهن اوچتو پنهنجي ساٿين سان گڏجي حج جي سفر تي هليو ويو. حج کان واپس اچي هو جهاد جون تياريون ڪرڻ لڳو. مختلف عزيزن، دوستن ۽ حڪمرانن کي خط لکي، هن جهاد جي تربيت ڏني. جڏهن مجاهدن جي جماعت تيار ٿي وئي. تڏهن 1826ع ۾ هندستان کي دار الحرب (جنگ جي جاءِ) چئي پان ڪانسيءَ، گواليار، اجمير، چالي، امر ڪوٽ، حيدرآباد (سنڌ)، پير ڳوٺ، شڪارپور، بولان، ڪوئٽيا، قنڌار، غزنيءَ، ڪابل، جلال آباد رستي پشاور پهتو ۽ ماڻهن توڙي حڪمرانن کي جهاد جي دعوت ڏنائين. ان تي رنجيت سنگھه جي ڀاءُ ٻڌ سنگھه ڏهه هزار لشڪر سيد صاحب جي مقابلي لاءِ موڪليو جو نوشهري جي ويجھو اوڪاڙا ۾ ترسيو. لشڪر کي هر قسم جا هٿيار هئا ۽ مجاهدن وٽ ته پوريون بندوقون به ڪونه هيون ان ڪري مجاهدن راتاهي هڻڻ جو منصوبو جوڙيو. 20 ڊسمبر 1826ع تي 900 مجاهدن سکن تي راتاهو هنيو ۽ اٽڪل 700 سک ماريا ويا ۽ سک لشڪر اوڪاڙا مان ڀڄي شيدوءَ ۾ پناهه ورتي. 1826ع ۾ هن جي هٿ تي پشاور جي دراني خاندان بيعت ڪئي ۽ هن جا مجاهد 80 هزار ٿي ويا.
سکن پٺاڻن کي پاڻ سان ملايو ۽ چيو وڃي ٿو ته سيد احمد کي زهر ڏنو ويو. سيد احمد مري ويو ته جنگ شڪست ۾ تبديل ٿي وئي. هي ته هيو ”انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام“ ۾ جڏهن ته ”تحريڪ وهابيت، نالي ڪتاب ۾ وري ٻي ڳالهه آهي ته سيد احمد جنگ ۾ شير سنگھه سان وڙهندي مري ويو ۽ ڪنهارنديءَ ۾ هن جي سر ۽ ڌڙ کي اڇلايو ويو جو ڪجھه عرصي بعد ڳولي لڌو ويو. هو جهاد في سبيل الله لاءِ نڪتو هيو ۽ بالا ڪوٽ جي ڀرسان پوريل آهي.
پاڪستان جي تحريڪ جون جڙون سيد احمد جي جهاد سان ملايون وينديون آهن. هن مسلمانن کي هدايت تي ڪجھه ڪتاب تحرير ڪيا هيا، جنهن ۾ صراط مستقيم“ اهڙو ڪتاب آهي جنهن کي مولانا شاهه اسماعيل ۽ مولانا عبدالحيءَ مرتب ڪيو. ان کانسواءِ ”تنبيهه العارفين“ ”رسالهء نماز“ ”رسالهء در نڪاح“ وغيره ڪتاب سندس تصنيفات ۾ شامل آهن.

شاهه وليُ الله

شاهه وليُ الله
(1703ع کان 1762ع تائين)

هن کي عظيم محدث ۽ جيد عالم مڃيو ويندو آهي. هن جي پيءُ جو نالو شاهه عبدالرحيم هيو ۽ پنهنجو اصل نالو عظيم الدين هيس، پر شاهه وليُ الله جي نالي سان مشهوري ماڻيائين. ابتدائي تعليم گھر ۾ حاصل ڪيائين. سانڀر کان پوءِ نقشبندي سلسلي سان واڳجي ويو. والد جي وفات تي 17 سالن جي عمر ۾ هن مسند سنڀالي. ٻه ڀيرا حج ڪيائين ۽ حديث جو علم حاصل ڪيائين. 1722ع ۾ دهليءَ واپس آيو ۽ پنهنجي والد جي قائم ڪيل مدرسي رحيمه ۾ درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. وري 1732ع ۾ جڏهن حرمين جي سفر کان واپس آيو ته هن اهي حالتون ڏٺيون، جڏهن هر طرف مرهٽا، سک، نادر شاهه جو حملو، هندي مسلم لاءِ قهر بڻيل هو. شاهه وليُ الله انهن تمام ڪوششن ۾ دلچسپي ورتي، جي هندستان ۾ اسلامي حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪيون ويون. 1737ع ۾ قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام ۾ لکيل آهي ته هن کان پوءِ جيترن به علمي ۽ ادبي تحريڪن جنم ورتو، ان ۾ هن جو وڏو حصو هيو. هن موطا (امام مالڪ) جون ٻه شرحون عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ لکيون. فقه ۽ تصوف جو علم به حاصل ڪيائين ۽ ڪجھه تصنيفون ته خاص طور تصوف تي ”حجة الله بالغه“ لکيائين، جنهن ۾ اسلامي شريعت تي بحث ٿيل آهي. هن قرآن پاڪ جي فارسي ترجمي تي جيڪو ديباچو لکيو هو، ان تي وڏو اختلاف ٿي پيو. ماڻهو هن جي جان جي خلاف ٿي پيا، پر هو طبعي طور گذاري ويو ۽ دهليءَ ۾ دفن ڪيو ويو.
مولانا شاهه عبدالعزيز، مولانا شاهه عبدالقادر، مولانا رفيع الدين، قاضي ثناءُ الله پاڻيپتي، شاهه عبدالغني وغيره هن جي مشهور شاگردن ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا.
جڏهن شاهه ولي الله ڄايو هو ته اورنگزيب جي عمر 85 سال هئي ۽ جيتوڻيڪ هُن مرهٽن سان جنگيون ڪيون هُيون، پر هن کي ڪاميابي حاصل نه ٿي هئي. انهيءَ جا ڪيئي سبب هئا، سڀ کان مکيه ڳالهه جا اسلامي حڪومت جي زوال جو سبب هئي، سا مغل اميرن ۽ لشڪرين جي ڪمزوري هئي. سپهه سالارن ۽ سپاهين ۾ آرام طلبي، غداري، فرض نا شناسي ۽ خود غرضيءَ جهڙيون قبيح خصلتون گھر ڪري چڪيون هيون ۽ اخلاقي طرح هو پنهنجن مرهٽن مخالفن کان پٺ تي پيل ها. مرهٽا هڪ زنده قوم ها. مغل فوج ۾ غدار ۽ نمڪ حرام گھڻا ها. 1704ع ۾ اورنگزيب جي هٿان ڏکڻ هندستان جا ڪيئي قلعا نڪري ويا. اڪرام الله رودڪوثر ۾ صفحي 318 تي لکيو آهي ته ”پڇڻ وارا پڇندا ته عجب معاملو آهي، اسلامي هندستان جو سڀ کان وڌيڪ مذهب پرست اقتدار ۾ آهي، هر طرف اهلِ شرع جي ڳالهه مٿي آهي، پر اهي انساني خوبيون، جن جي ڪري مذهب کي مفيد ليکيو ويندو آهي، گُم ٿي ويون آهن ۽ بادشاهه خود چوي ٿو ته سچائي، خدا ترسي ۽ امانت داري ڪمياب آهن.“ ٿوري عرصي ۾ مغليه حڪومت ڊهي ڍير ٿي پئي.

شفائي

شفائي

حڪيم شرف الدين شفائي، جنهن جو پيءُ اصفهان جو مشهور طبيب هيو. هن طب جي تحصيل پيءُ کان ڪئي ۽ خود به نامور طبيب هو ۽ شاهه عباس جو ته طبيب خاص هو ۽ هن جي بيحد عزت ڪئي ويندي هئي. شفائي رمضان 1037هه ۾ وفات ڪئي. طب تي هن ڪيئي ڪتاب تاليف ڪيا. هو هڪ قادر الڪلام شاعر به هو. شروع ۾ هن ڍَوَ تي شاعريءَ ۾ پنهنجي همعصرن خلاف هِجو لکي، پر آخر ۾ ان ڳالهه کان تائب ٿيو. هُن جي ڪلياتِ شعر قصيدن، غزلن، قطعن، رباعين ۽ ڪجھه مثنوين تي مشتمل آهي.

شلر فريڊرڪ (Schiller)

شلر فريڊرڪ (Schiller)

شاعر، جماليات جو فلسفي ۽ جرمن ڊراما نويس. 1759ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1805ع ۾ گذاري ويو. هن پهرين قانون جي تعليم پرائي ۽ جيتوڻيڪ هن جو ارادو چرچ ۾ شامل ٿيڻ جو هو، پر پوءِ هن طب پڙهيو. 1780ع ۾ هُن تعليم پوري ڪئي، ۽ هو هڪ ريجمينٽ ۾ سرجن ٿيو. شلر پهريون جرمن ڊراما نويس هو، جنهن کي ملڪ کان ٻاهر به مڃتا ملي ۽ هُن جي ڊرامن جا 200 ترجما رڳو انگريزيءَ ۾ 1793ع کان 1900 ع تائين ٿيا. 19 صديءَ جي جرمنيءَ جو نه رڳو هو اعلى ڊراما جو عيوضي هو، پر وچولي طبقي جو سڀ کان وڌيڪ مقبول شاعر به هو. اڄ تائين هو جرمن اسڪولن جو پسنديده شاعر آهي. هن جي شهرت لاءِ 3 ڳالهيون هيون. پهريون هن جي ڳالهه جي پرزور نظرئي پرستي (Idealsim) ، ٻيو هن جي تحرير ۾ ترنم، ٽيون هن جي هر ڪتاب ۾ آزاديءَ جي موجودگي.
هن جيڪي ڊراما لکيا، انهن ۾ پهريون ”ڦورو“ The Robbers هيو، جو هن 1781ع ۾ لکيو هو. هن کان پوءِ هن ڪيترائي ڊراما لکيا ۽ جنهن ۾ فرد جا ذاتي جذبا ۽ قوم جي تقدير جي باري ۾ نهايت مؤثر اظهار هيا. هو تاريخ جو پروفيسر هيو ۽ هن ٽيهن سالن واري جنگ جي تاريخ 1791ع کان 1793 ع تائين لکي ۽ تاريخ نويس جي حيثيت ۾ مڃتا ماڻي. هن جماليات تي به رسالا لکيا، ۽ ڪانٽ جي فلسفي تي به لکيو، هن جي تحرير جي گوئٽي به حمايت ڪئي هئي. هن جي شاعري تخيل جي باري ۾ وڌيڪ آهي ۽ جذبات جي باري ۾ گھٽ. 1824ع ۾ بيٿوون پنهنجي نائينءَ سمفنيءَ ۾ هن جي ڊراما ”مسرت جو قصيدو“ (جو هن 1775ع ۾ لکيو هو) کي پنهنجي موسيقي ۾ آندو هو.
هن پنهنجي دؤر جي حڪمرانن جو ڏاڍ، اجھلائي، گھڻ خرچي ۽ اوباش پڻو ڏٺو هو. لڪي ڇپي هن ان وقت جا انقلابي ڪتاب پڙهيا ها ۽ انهيءَ تحريڪ کان متاثر ٿيو هيو. جنهن کي ”آنڌي ۽ پتوڙ“ چوندا ها. هُن انساني حقن جا ڪجھه متا پرجھي پروڙي ورتا ها، ۽ هن ۾ روايت ۽ رسم و رواج لاءِ نفرت پيدا ٿي هئي. جا ڪنهن حد تائين روسو مان نڪري ساري مغربي دنيا کي جھنجھوڙي رهي هئي. شلر زندگيءَ جا ڪافي لوڏا لما ڏٺا، لڏ پلاڻ ڪئي، هن جا ويري وڌي ويا، ۽ هو اجھي ۽ ٽيڪ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو رهيو. هن جو معاشقو به هن لاءِ دلگداز ثابت ٿيو. نيٺ هن 1785ع کان 1787ع تائين هڪ مداح وٽ، هن جي دعوت تي پناهه ورتي، جتي هن پنهنجي سياسي ۽ فلسفيانه خيالات ۽ انهن جي اظهار کي ترتيب ڏني ۽ ٺيڪ ٺاڪ ڪيو. آخر ۾ 1779ع ۾ ويمر ۾ آيو، پر ان وقت گوئٽي اٽليءَ ۾ هو. 1790ع ۾ ”مون هون“ يونيورسٽي ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ هن شارلوٽ سان شادي ڪئي، هن اتي رسالا به شايع ڪيا، جن ۾ هن جون ڪيتريون تصنيفون شايع ٿيون. 1788ع ۾ هن جي گوئٽي سان ملاقات ٿي ۽ ٻنهي جي دوستي ٿي وئي ۽ هنن جي تعلقن جرمن ادب کي وڏو فائدو پهچايو. ان کان پوءِ هن جي مالي حالت به ڪافي سڌري وئي. 1802ع ۾ روم جي شهنشاهه هن کي اعزاز ڏنا. هن فلسفي ۽ خاص ڪري جماليات تي به ڪتاب لکيا. هن جو امير طبقي مان ڪو خاص سرپرست ڪونه هو. هن ”ڊان ڪارلوس“ ناٽڪ سان شروعات ڪئي، جيڪو پنهنجي دؤر جو هڪ تاريخي يادگار هو. شلر پنهنجا سڀ ڊراما آزاد نظم ۾ لکيا. مون پنهنجا ٽئي اوپيرا پابند نظم ۾ لکيا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو آهي ته ڊراما ۾ آزاد نظم آزمائي ڏسان. شلر، شيڪسپيئر، رسائين (Racine) ۽ ڪارلو گوزي (Carlo Gozzi) جا ترجما به ڪيا. شلر جرمنيءَ جي ايندڙ نسل لاءِ هڪ املهه ذخيرو ڇڏي ويو. اڃا مهينو اڳي مون گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ شلر تي انگريزيءَ ۾ تازو لکيل هڪ وڏو ڪتاب ڏٺو هو.

شوپنهار

شوپنهار

آرٿر شوپنهار جرمنيءَ ۾ 1788ع ۾ ڄائو ۽ 1860ع ۾ مري ويو. هن جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ مشهور ترين “The World as will and idea” (دنيا ارادي ۽ تخيل جي حيثيت ۾) آهي. شوپنهار جي فلسفي جو ڪافي تفصيلي ذڪر مون هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي. هو پنهنجي ڪمري ۾ زندگي توڙي موت کي ۽ ڪرست کي اوچي پهاڙ جي صورت ۾ ڏسي رهيو هو ۽ هن تي سوچي رهيو هو. هن پنهنجي اوائلي زندگيءَ م ريفل جي مڊونائن (بيبي مريم جي تصويرن) کي ڊريسڊن (جرمنيءَ جي شهر) جي آرٽ گئلرين ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ چِتائي ڏٺو هو. ڪنواريءَ مريم جي جدا جدا چهرن ۾ ڇا لکيل هو، جيئن ريفل جهڙي عظيم مصور انهن کي ڏٺو هو؟ آرٽ فقط هڪ ئي ڇوٽڪارو آهي. هن اکٽ، اٽٽڻيءَ وهڪ مان آرٽ اها نج ڪلپنا آهي جا سمئه ۽ اؤڪاش (زمان ۽ مڪان) جي اجھور کان ٻاهر آهي. صبح سان هن جي مڪان جي مالڪياڻي در کولي اندر آئي ۽ هن کي چيائين ته اوهان اڃا تائين وهنتا نه آهيو، پوءِ هن ڪافيءَ جي ڪٽلي هن جي ڀرسان رکي، پر شوپنهار جو من ڪمري کان ڏاڍو دور هو. آرٽ؟ آرٽ جي ڇا معنى آهي؟ اهو ڪنهن به فرد جو پنهنجيءَ شخصيت جو ترڪ آهي، هر ڪاريگر ۽ عملاتي خواهش کان علحدگي، هڪ سا ڪرامينٽ جو ڪنهن خود غرضيءَ بنا خيال ۽ ان تي مؤدب غور! عام ماڻهو پنهنجو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڏئي ٿو، جا هن جي انفرادي ارادي (Will) سان واسطو رکي ٿي، پر هڪ آرٽسٽ پنهنجي جيءَ چانئٺ کان پير ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ حقيقت کي ائين ڏسڻ چاهي ٿو جيئن اها آهي ۽ پوءِ هن کي ائين محسوس ٿئي ٿو ته حقيقت کي ڪوئي مقصد نه آهي. اها ته ڪوئي خيال آهي. جيئن سچل سرمست چيو آهي:
”مئن تو ڪوئي خيال هان ملسان نال خيال دي“
هن دنيا جي اها سمجھاڻي ڏيڻ سکي آهي، جنهن جا اصطلاح ۽ لفظ هن جي خسيس خواهشن سان واسطو نه ٿا رکن. هن پنهنجي ارادي کي ذهن جي پاڪيزه، بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي ڏاهپ هيٺ آندو آهي. هو پاڻ کان مٿي اڀريو آهي ۽ سياڻپ جي ڏيساندر ڏانهن ڏٺو اٿائين، اِڇا جي پهاڙي مُر کان پري، شانتيءَ جي نظر – گھيري تائين، زندگي، محنت، موت، پُنر جنم.
”ڊاڪٽر شوپنهار!“ مڪان جي مالڪياڻي هن کي سڏيو، پر شو پنهار ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ هو گذاري چڪو هو.

شولو خوف، ميخائيل

شولو خوف، ميخائيل
(1905ع کان 1984ع تائين)

روس جو وڏو ناول نويس ، هن جو ڪتاب ”ڊان وهندو رهيو“ (Queit Flows the Don) مون قراة العين حيدر جي ناول ”آگ کا درياه“ وانگر ٻه ڀيرا پڙهيو آهي. هڪ ڀيرو ڪاليج واري زماني ۾ پڙهيو هو ۽ ٻيو ڀيرو تڏهن پڙهيو هوم جڏهن مان ۽ رشيد ڀٽي 1970ع ۾ سکر جيل ۾ هوندا هياسين. اهو ڪتاب روسي انقلاب جي پس منظر ۾ لکيل هيو ۽ هن جا ٻي ڪتاب ”انسان جي تقدير“ (The fate of Man) ”نهور زمين ولي وئي“ (The virgin soil uo turned) ٽئي مون کي ايترو ڪونه وڻيا، جيترو پهريون ڪتاب. جيتوڻيڪ اسٽالن جو ادبي نظريو ترقي پسند ادبي نگاري، جو 1929ع ۾ وجود ۾ آيو ۽ جنهن جي معنى اها هئي ته حقيقت هر حال ۾ ترقي پسند آهي، پر ان ڳالهه جي سمجھاڻي ڪانهي ۽ نه ڪوئي ڏئي سگھيو آهي. جيڪڏهن حقيقت لازمي طرح ترقي پسند آهي ته جرمنيءَ تي نازي تحريڪ ڪيئن ڇانئجي وئي ۽ انسان درندا ڪيئن ٿي پيا؛ جنهن وقت هِٽلر، لينن گراڊ تي حملو ڪيو ته روسين کي ايترو مجبور ڪيائون جو هو آدمخوريءَ تي لهي آيا. پر انهيءَ نظرئي جي خاموش اظهار جي باوجود شولوخوف جو هي ڪتاب عظيم آهي ۽ جيتوڻيڪ سوويت يونين جي ٽٽي وڃڻ کان پوءِ هن کي اتي يورپ جي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ هاڻي ڪوئي نه پڙهندو، تڏهن به ٽين دنيا جا ملڪ هن مان اتساهه وٺندا رهندا. اهو ڪتاب 1928ع ۽ 1940ع واري عرصي ۾ لکيو ويو هو ۽ سوشلسٽ حقيقت نگاري جو هڪ وڏو ڪلاسڪ سمجھيو ويو هو.
انهيءَ ڪتاب تي 1965ع ۾ شولو خوف کي ادب لاءِ نوبل انعام مليو. هو ماسڪو کان 60 ميلن جي مفاصلي تي رهندو هو ۽ جڏهن مان 1976ع ۾ سويت يونين جي اديبن جي سيڪريٽري کي چيو هو ته مون کي شولو خوف سان ملائي ته هن پهريائين ”ها“ ڪئي هئي ، پر پوءِ مجبوري پيش ڪئي هُيائين. هن مون کي ٻڌايو هو ته شولوخوف روس جو امير ترين انسان آهي، ڇو جو هن جا ڪتاب ڪروڙن جي حساب سان وڪامندا آهن ۽ هن کي 60% رائلٽي ملندي آهي. بهرصورت تاريخ پاسترناڪ جي سياسي پيش بيني صحيح ثابت ڪئي آهي ۽ شولو خوف جا ڪردار حقيقت پسند نه پر رومانيت پسند ٿا نظر اچن، جن جي ساري قرباني ۽ خونريزي اجائي وئي. تاريخ جي دامن تي ان جا داغ سوين سال رهندا.

شيڪسپيئر، وليم

شيڪسپيئر، وليم
(1564ع کان 1616ع تائين)

مشهور انگريزي ڊراما نويس ۽ شاعر، هن جا سڀ ڪتاب ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن ۽ سمورين زبانن ۾ هن جا ڊراما اسٽيج تي آندا ويا آهن ۽ جيڪي انگريزي اديب ٿيا آهن، انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ هن جا حوالا ڏنا ويندا آهن. مان چوندو آهيان ته جي ٻه سئو سال ڪنهن شاعر جون ٻه سئو سٽون پائنده رهي سگھن ته هو عظيم شاعر آهي. جڏهن ته شيڪسپيئر کي ته پنج سئو سال ٿي ويا آهن ۽ هن جون انهن کان به وڌيڪ سٽون زنده جاويد آهن.
هو سٽراٽفورڊ ۾ ڄايو هو ۽ هڪ دستاني ساز جو پٽ هيو. 1582ع ۾ هن ائني هئٿ وي سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي 3 ٻار ٿيا.هو 1592ع کان وٺي لنڊن ٿيئٽر ۾ ڪافي سرگرمِ عمل هيو ۽ هن لارڊ چيمبرلين جي ماڻهن (جن تي 1603ع ۾ بادشاهه جا ماڻهو نالو پيو هو) لاءِ هڪ اداڪار ۽ ڊراما نويس جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ هو انهن جي ڪمپنيءَ جو مهندار هيو. 1599ع کان وٺي هو گلوب نالي ٿيئٽر ۾ حصيدار هو. ان کان اڳ مهامريءَ ۾ لنڊن جا ٿيئٽر 1592ع کان 1594ع تائين بند ٿي ويا ها. هن پنهنجا ٻه حڪايت وارا نظم ”ليو ڪريسي سان زنا باالجبر“ ۽ عشقيه نظم ”وينس ۽ ائڊوِنس “ لکيا. انهيءَ دور ۾ 154 سانيٽ به لکيا، جي 1609 ع ۾ شايع ٿيا ۽ جن مان ڪي ته هڪ مخفي عورت ۽ هڪ خوبصورت ڇوڪري ڏانهن لکيل هيا. شيڪسپيئر لاءِ چيو ويو آهي ته هو 38 ناٽڪن جو مصنف هيو يا ٻي ڪنهن سان گڏ انهن جو مصنف هيو. 1580ع کان 1594ع تائين شيڪسپيئر مختلف تجربا ڪيا. مزاحيه ۾ ”عشق اجايو ويو“، ”ڀل چُڪ جو سُوانگ“، ”ويرونا جو شريف ماڻهو“ ۽ ”وات – ڏاريءَ کي هيرائڻ“ لکيائين. ان کان پوءِ هن انگريزي تاريخ جي ڳولها ڦولها ڪئي ۽ 3 عدد ڪتاب لکيائين، جن ۾ چار سلسلي وار ناٽڪ (Tetralogy) هينري ڇهون (3حصن ۾)، رچرڊ ٽيون شامل آهن. هن جو رت پياڪ ”ٽئٽس ائنڊ رونيڪس“ هن جا پهريان الميه ناٽڪ هيا.
1594ع کان 1599ع تائين شيڪسپيئر مزاحيه ناٽڪ ۽ تاريخ تي ڌيان ڏنو. انهيءَ دؤر جا مزاحيه ناٽڪ، ”وچ – اونهاري جي رات جا سپنا“، ”ونڊسر جون کِل مُنهيون وَنيون“، ”جيئن تنهنجي مرضي“، ”وينس جو سوداگر“، ”ٿوريءَ ڳالهه کي ڳالهوڙو ڪرڻ“ هيا. اهي ناٽڪ هن جي خاص رومانوي انداز ۾ هيا. پر هن جي تاريخ تي مڪمل دسترس ٻين ٽن ڪتابن ۾ ملي ٿي جي آهن، رچرڊ ٻيو، هينري چوٿون (ٻن حصن ۾) ۽ هينري پنجون،، ٻي دؤر ۾ ”بادشاهه جان“ ۽ هڪ جذباتي الميو ”روميو ۽ جيوليٽ“ شامل آهن ٽين دؤر ۾ 1599ع کان 1608 ع تائين شيڪسپيئر پنهنجي رومانوي طربيه ڇڏي ڏني (سوا ٻارنهينءَ رات جي) ۽ الميا لکيا يا ڦٿڪائيندڙ ۽ مونجھارو پيدا ڪندڙ اونداها الميا، يا مسئلي خيز ناٽڪ تخليق ڪيا جي هيا، ”ماپ آڏو ماپ“، ”سڀ ڪجھه ٺيڪ آهي“، ”ٽروئيلس ۽ ڪريسيڊا“. هن جا وڏي ۾ وڏا چار الميا آهن: ڪنگ ليئر“ ، ”مئڪبيٿ“، ”هئمليٽ“ ۽ ”آٿيلو“. جيتوڻيڪ هن جا ٻيا ڪجھه رومن ناٽڪ به آهن جن ۾ اهڙو ئي زبردست ناٽڪ ”ائنٿوني ۽ ڪليوپيٽرا“ آهن جنهن سان ”جيولس سيزر“ ۽ ”ڪئرولينيس“ آهن. انهيءَ دؤر ۾ الميو ”اٿينس جو ٽمون“ به لکيو ويو.
شيڪسپيئر جو آخري دؤر 1608ع کان 1613ع تائين هيو، جنهن ۾ هن نئين قسم جا مزاحيه موضوع پنهنجي ناٽڪن ۾ شامل ڪيا، ”پير ڪلز“، ”سمبلين“، ”سياري جي ڪهاڻي“، ۽ ”طوفان“ هن جي آخري رومانوي ناٽڪن مان مشهور آهن. شيڪسپيئر 1613ع ۾ گوشه نشيني اختيار ڪئي ۽ فليچر نالي هڪ شخص سان گڏجي هينري اٺون ۽ ”ٻه معزز رشيتيدار“ لکيو. شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ ڪيتريون ڪهاڻيون ”بنڊيلو“ تان ورتل آهن ۽ هن جا تاريخي ڊراما نه رڳو پلوٽارچ جي روم اهلِ سياست جي سوانح حيات تان کنيل آهن، پر ريفل هولن شيڊ جي انگريزي تاريخ جي متعصب اظهار ”دي ڪرانيڪل۾“ تان به کنيل آهن.
شيڪسپيئر جي بيپناهه شهرت جو سبب هن جا پيچ در پيچ ۽ قابلِ ياد ڪردار، انهن جي تند و تيز رفتار، جنهن ۾ منظر تيزي سان تبديل ٿي ٿيا، هن جا بيمثال استعارا ۽ ڀرپور ٻوليءَ جو رس ۽ سڀ کان وڌيڪ هن جو آزاد نظم هيو.
18 صديءَ کان شيڪسپيئر کي انگريزي زبان جو وڏي ۾ وڏو ناٽڪ نويس ڪري ليکيو ويو آهي ۽ رومانيت واري دؤر ۾ هن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو جينيس سمجھيو ويو آهي، ديوتا سروپ، اڪال ۽ سَرو ڀُومڪُ.
جديد راءِ ۾ هن کي ٿيئٽر جو هڪ نهايت عملي ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو. جنهن کي ٻولي ءَ ۽ سياسي اقتدار جي وچ ۾ جو ڳانڍاپو آهي ان جي پوري ڄاڻ هئي. هن ننڍي کنڊ ۾ شيڪسپيئر جي ناٽڪن کي آغا حشر جي ناٽڪن واقف ڪرايو، جن ۾ مختيار بيگم جو به ڪافي هٿ هيو. ممڪن آهي ته ان کان به ڪجھه اڳي مرزا قليچ بيگ هن جا ڪجھه ناٽڪ سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا هيا ۽ سنڌ جي پس منظر ۾ اپنايا هيائين. جيتري قدر مونکي ياد آهي ته ”هئمليٽ“ جو خوبصورت ترجمو تيرٿ وسنت ڪيو آهي، پر شيڪسپيئر جا پورا ڊراما نه اردوءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن ۽ نه سنڌي ۾.

شيلي ، پرسي بشي (Shelly, Percy Bysshe)

شيلي ، پرسي بشي (Shelly, Percy Bysshe)
(1792ع کان 1822ع تائين)

انگريزي زبان جو عظيم شاعر هو ۽ سياسي، سماجي مفڪر پڻ هو. هن کي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان 1811ع ۾ “The necesity of theism” (ڪفر جي ضرورت) جي اشاعت تي يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏني وئي هئي. اهو هڪ اشتهار هو،جو مذهبي اعتقاد جي خلاف آهي ۽ هن جي اوائلي فلسفي جي باري ۾ آهي جو انسان جي تڪميل ۾ اعتبار ڪري ٿو. 1813ع ۾ هن هڪ طويل نظم جي اشاعت خانگي طور ڪئي، جنهن پنهنجي دؤر جي ادارن کي تهس نهس ڪرڻ پئي چاهيو. هن جي تڙ تڪڙ ۾ هئريٽ سان شادي ٿي هئي، پر ان کان پوءِ هو ميري گاڊون کي ڀڄائي ويو ۽ انهيءَ جي ماٽيلي ڀيڻ ڪليئر کي به کڻي ويو. 1816ع ۾ هن پنهنجا بيانيه نظم (Narrative Poems) شايع ڪرايا ۽ شاعر بائرن سان سوئٽزرلينڊ ۾ اونهارو گذاريو ۽ پنهنجو مشهور نظم ”دانشورانه حسن جو گيت“ (Hymn to intellectual beauty) لکيو. سرءُ ۾ هيريٽ سمنڊ ۾ ٻڏي مري وئي ۽ ٿوري وقت کان پوءِ شيلي ميريءَ سان شادي ڪئي. 1818 ع ۾ هو اٽليءَ ويا، جتي شيليءَ پنهنجون عظيم تخليقون سرجيون ۽ ان ۾ ”پرامٿيوئس اڻ – ٻڌل“ (Prometheus un bound) پنهنجو ترنم وارو ڊراما لکيو، جنهن مان هن جو تخليقي جينيس، انسان ذات سان پيار ۽ عقل سان وابستگي ظاهر آهي. 1819ع ۾ هن (The mask of Anarchy) (انارڪيءَ جو نقاب) لکيو. هن جا سياسي نظم آزاديءَ ڏانهن (To liberty) ۽ ”نيپلس ڏانهن“ (To Naples) ۽ هن جي ترنم وارا شاعريءَ جا حصا ڏيکارن ٿا ته هن کي ٻولي تي وڏي پهچ هئي ۽ هن جو تخيل نهايت عظيم هو. ان کان پوءِ هن 1819ع ۾ پنهنجو ئي الميو “The Cenci” لکيو جو اخلاقيات ۾ بگاڙ جو ذڪر ڪري ٿو. 1821ع ۾ هن “Adonais” نظم لکيو جو شاعر ڪيٽس (Keats) جي موت تي مرثيو آهي ۽ جو سونهن جي امرتا جي باري ۾ آهي. 1825ع ۾ هن ”زندگيءَ جي فتح“ (The triumph of life) نظم لکيو، جنهن ۾ سمنڊ جو منظر جادو نگاري سان پيش ڪيو ويو آهي. 29 ورهين جي عمر ۾ هو سمنڊ ۾ ٻڏي ويو، جڏهن هن جي هڪ ننڍي ٻيڙِي “Ariel” ٽسڪني (Tuscani) جي ڪناري کان ڪجھه پري طوفان ۾ اونڌي ٿي پئي . هن جا نثر ۾ ڪتاب هيا.
”سڌاري جو فيلسوفاڻو نڪته نگاهه“ جو 1830ع ۾ لکيو ويو ۽ ”شاعريءَ جي بچاوَ ۾ “ جو 1821ع ۾ لکيو ويو، جنهن ۾ هن شاعراڻيءَ تخيل ۽ جذبي تي بحث ڪيو آهي.
شاعري جي دفاع ۾ هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
“The poetry is th record of the best & happiest moments of the happiest & best minds …. Poets are the un-acknowledged legislators of the world.”
(شاعري سڀني کان بهترين ۽ مسرت وارن ذهنن جي لحمن جو بهترين ۽ وڌيڪ مسرت وارو يادگار آهي.... شاعر دنيا جا غير تسليم شده قانون ساز آهن.)
شيلي لسانيات جو وڏو ماهر به هيو ۽ هن يوناني، اطالوي، هسپانوي ۽ المانوي ٻولين مان شاعريءَ جو روح پنهنجي ادب ۾ آندو هو. شيلي جي صوتي تاثر تي جيترو عبور هيو اهو ڪنهن کي به ورلي هوندو ۽ هن پنهنجي ترنم ۾ ٻيون به ڳالهيون پيدا ڪيون، جي هيون گھاڙيٽي جي ڄاڻ، تک، ۽ رنگ رس.
هن جا تصور هوبهو تصوير ڪشي ڪن ٿا، جيتوڻيڪ هو عام ڳالهين سان واسطيداري رکن ٿا. مثلا هوائون، سُڪل پن وغيره يا
“an enchanted boat which like sleeping swan doth float
Upon the silver waves of thy sweat singing”
(هڪ ساحريءَ هيٺ آيل ڪشتي جا هڪ راج هنس وانگر لڙهي رهي آهي، تنهنجي مڌر گيت جي روپهري لهرن تي؛)
ان سان گڏ هن جي آدرش وادي طبيعت هن جي شاعريءَ تي هڪ سماجي ڇاپ ڇڏي ٿي. ڇا نه شعر آهي:
“The desire of the moth for the star
Of the night for the morrow
The devotion to some thing a far
From the sphere of our sorrow”
(تنگ جو تاري لاءِ چاههُ رات جو ڏينهن لاءِ ڪنهن پرانهين جي پرستش، اسان جي ڏک جي دائري مان.)
اڄڪلهه جيڪي نثري نظم لکن ٿا، انهن کي شيلي پڙهڻ گھرجي ته جيئن هنن کي خبر پئجي سگھي ته ترنم واري شاعري ۾ ڪيترو جادو ٿئي ٿو ۽ نثري شاعري ان جي دز کي به ڇُهي نٿي سگھي.

شنڪر آچاريا

شنڪر آچاريا
(788ع کان 820ع تائين)

ٻڌ کان پوءِ هندستان جو وڏي ۾ وڏو مفڪر هو. هن جو ڪلاديءَ ۾ جنم ٿيو. (ڏکڻ – اولهه ڀارت ۾ ملبار ڪناري تي، گوا کان ٿورو هيٺ ) هو هڪ نهايت سمجھو ٻار هو ۽ ڪنهن نهر کي لاڙي پنهنجي ماءُ جي در تائين آندو هيائين. جيئن هن کي پاڻي ڀرڻ جي تڪليف نه ٿئي. جڏهن هو اٺن ورهين جو هيو تڏهن کيس اسڪول موڪليو ويو. هو گووند گاد پد جو شاگرد هيو. هو يوگي نه ٿيو پر پوري ڀارت جو رٽن ڪيائين ۽ مختلف فيلسوفن سان واد وادُ ڪيائين. بنارس ۾ هُن هڪ زبردست برهمڻ تحريڪ هلائي. هن چار آشرم برپا ڪيا: ڏکڻ ۾ سرنگري (ميسور صوبو) ۾، اوڀر ۾ پوريءَ ۾، اولهه ۾ دوارڪا ۽ اتر ۾ بدري ناٿ (هماليا) ۾. هو 32 ورهين جي عمر ۾ هماليا جي هڪ ڳوٺ ڪيدار ناٿ ۾ گذاري ويو. سندس ٻه جيون ڪٿائون لکيون ويون . هڪ ماڌوءَ لکي ۽ ٻي آنند گِريءَ.
شنڪر اد ويتا مت جو هيو، جنهن جو دوئيءَ ۾ اعتبار نه هو. جنهن انهيءَ ڳالهه تي اصرار پئي ڪيو ته ڪائنات ۾ وحدت آهي، ڪثرت ڪانه آهي. هن جي نظر ۾ هيءَ دنيا خدا مان پيدا ڪئي وئي هئي ۽ خدا ڏانهن موٽي ٿي وئي. انهيءَ نظرئي سان شنڪر نه رڳو سانکيا جي ترديد ڪئي پر هُن ٻوڌي سکيا کي به رد ڏنو، جيڪي چون پيا ته دُنيا صرف ڏيک هئي ۽ سچي ڪانه هئي. شنڪر چيو ته: دنيا جنهن کي مايا چيو وڃي ٿو سا سچي آهي، جيڪڏهن ان کي مخصوص طريقي سان ڏٺو وڃي. پر انت ۾ اها حقيقي (ستُ) نه آهي.
ڇند وگيا اُپنشد جي قول ”تت تُومَ آسي“، (اهو تون آهين) سان شنڪر شروع ڪري پنهنجو نظريو ڏنو ته خودي (آتما) ئي اصل حقيقت آهي. هن جي خيال ۾ پورو برهمانڊ (ڪائنات) ۾ اهنڪار (اندروني خودي) جنهن کي ڀُل ۾ آتما سمجھيو ٿو وڃي. اَوديا (اڻڄاڻائيءَ) جو نتيجو آهي. شنڪر جئمني (Jaimini) مت پوروا – ممانسا (Purra – mimanse) سان سهمت هيو ته حق جي تلاش ۾ عقل تي ڀروسو نٿو ڪري سگھجي ۽ ان لاءِ اندر جي ٻوجھه کپي. اسان کي اهڙي ٻُوجھه گھرجي، جنهن سان ”ضروري“ کي يڪدم سمجھي وٺون ۽ ”غير ضروريءَ“ کي پاسي ڪري ڇڏيون. اسانکي ته ٻُڌيءَ جي ضرورت آهي، هر ڪاريه پوءِ اهو راج جي باري ۾ هجي يا ارٿ شاستر هجي، ٻڌيءَ جو ٻيلي ۽ ٽهليو هجي ۽ فيلسوف کي ديهه – ڌاري (مادي) ڳڻتيءَ کان مٿي رهڻ گھرجي هر ڳالهه جو شانتيءَ سان نبيرو ڪرڻ گھرجي. هن کي اگيان مان ڇوٽڪاري لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ گھرجي، خاص طور موڪش (موک) لاءِ جا اننت جي اڪائيءَ ۾ آنند ڏئي ٿي.
ماڻهوءَ جو من سُتيتا (سچائيءَ) جي ڄاڻ کان وانجھي آهي، ڇاڪاڻ جو اهو هر شيءِ کي اَوَڪاش ۽ سمئي (زمان ۽ مڪان) جي جھليءَ (Film) مان ڏسي ٿو. مايا، من جي انهيءَ ويچار ڌارا کي سمجھڻ لاءِ اُدم تي ويچارا ڪڍي ٿي. اهو ٻنڌن ساري انسان ذات کي ڄم کان پلئه پيو آهي. اسان ٻڌي جي ذريعي پدارٿ شيون ڄاڻي سگھون ٿا ۽ هن مايا کي سمجھي سگھون ٿا، پر جي سچ پچ اسان حقيقت کي سمجھي سگھون ته اهو برهما آهي. ان کي ٻُڌي (عقل) جي ذريعي يا اندري گيان (اوسان) وسيلي پائي نه ٿا سگھون، پر هڪ پاڙهي پڪي ڪيل من جي اندرينءَ ٻوجھه سان سمجھي سگھون ٿا. سچي آتما ڏاڍي ڇُپيل آهي، جڏهن انهيءَ جو اَنڀوءُ (احساس) ٿئي ٿو ته اگيان ۽ مايا الوپ ٿي وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڇاڪاڻ جو ٻاهرين ۽ اندرين حقيقت ۾ ڪو ڦير ڦند نه رهندو ته هي سرشٽي ڪونه رهندي.
شنڪر هڪ هنڌ لکيو ته مايا نه ست، نه است آهي ۽ نه وري ٻئي آهي. اها نه ورهايل ۽ نه وري ٻئي آهي، نه ان جا انگ آهن ۽ نه انهن کانسواءِ ڪجھه آهي نه ٻئي آهن. اها پنهنجي پاڻ ۾ اچرج جهڙي آهي ۽ بيان کان ٻاهر آهي. مايا جي سمرٿي کي نشٽ ڪرڻو آهي، پاڻ ۾ نجي، انادي ۽ اَڀن (سڄي) کي سجاڳ ڪري. انڪري ڪانٽ جي لفظن ۾ ڏٺل ۽ اڻ – ڏٺل، پڌري ۽ الوپ، ظاهر ۽ حقيقي، ٻئي شيون گڏوگڏ. ساڳيءَ طرح ٻه پاڻ، جيڪو چنچل ۽ هڪ آهي ۽ آتما جا اسان سڀني جي ستيتا (سچائيءَ) جو سارُ آهي، جيڪا اسان ٻين جي جيون ۽ شين سان ورهايون ٿا، ٻه ديوتائون آهن. ايشور (اپائڻهار) جن کي عام ماڻهو اوڪاش، سمئه، ڪارڻ ۽ ڦير گھير جي ذريعي پوڄا ڪن ٿا ۽ برهمڻ جو نج آهي ۽ ان جو پرماڻ (اختيار ) ڏسي، ان ۾ گيان ذريعي نڀتا ۾ ايڪتا پسي سگھجي ٿي.
حقيقت ۾ شنڪر چيو آهي ته هڪ ديهڪ پر آتما (Personal God) جي هئڻ ۾ ويساهه اسان جي ورٻل (هيڻي) سداچار لاءِ چڱو آهي، پر اهو برهمڻ جي اصل تت کي ڦِرائي نٿو سگھي، جيڪو سچ پچ هن دنيا جو آدي انادي تت آهي ۽ جيڪي به ان ۾ آهي، هن طرفان آهي. ويدانت جيئن شنڪر بيان ڪئي آهي هروڀرو وحدت الوجودي ناهي، ڇاڪاڻ ته سڀ شيون برهما جو حصو آهن. شنڪر اُپنشدن، ڀڳوت گيتا ۽ ويدانت، سوُتر تي ٽيڪائون ۽ وکياڻ لکيا آهن.

علامه اقبال

علامه اقبال
(9 نومبر 1877ع کان 21 اپريل 1938ع تائين)

جديد اسلامي دنيا جو مفڪر مڃيو ويندو آهي. فارسي ۽ اردو زبانن ٻنهي ۾ شعر چيو اٿائين. هو پاڪستان جي تصور جو خالق هو ۽ فلسفي، وڪيل ۽ استاد هيو. سيالڪوٽ ۾ ڪشميري خاندان ۾ شيخ نور محمد جي گھر ۾ پيدا ٿيو، هن جي خاندان 18 صديءَ عيسوي ۾ اسلام قبوليو هيو. هن جو ڏاڏو سدائين سيالڪوٽ ۾ رهندو هو ۽ والد بزرگوار جيتوڻيڪ اڻ پڙهيل هو، پر صوفياڻي ۽ فلسفياڻي مزاج جو ماڻهو هيو، جنهن جي روزگار جو ذريعو هٿ جو هنر هيو ۽ اقبال جي پيدائش کان اول هڪ ڊپٽيءَ وٽ نوڪري ڪئي هيائين. اقبال کي ٻه ڀائر ۽ چار ڀينرون هيون ۽ پاڻ سڀني کان ننڍو هو. سيالڪو ٽ ۾ ميٽرڪ ڪيائين، ايف اي (انٽر) امتحان اسڪاچ مشن ڪاليج سيالڪوٽ مان ڪري گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ داخل ٿيو. ان کان اڳ ۾ کيس وظيفا حاصل ٿيا. انگريزي ۽ عربيءَ ۾ جيڪو مضمون لکيائين، تنهن تي سونا ٻِلا پڻ هن کي مليا. 1899ع ۾ هن فلسفي ۾ ايم . اي ڪئي ۽ پهريون نمبر آيو. مولانا مير حسن جو هن جي تربيت ۾ وڏو هٿ هيو، جو هن جو عربيءَ ۽ فارسيءَ جو استاد هيو. چيو وڃي ٿو ته ان ڪري اقبال تيستائين ”سر“ جو خطاب حڪومت کان قبول نه ڪيو، جيستائين مولانا کي ”شمس العلماءُ“ جو لقب نه ڏنو ويو. گورنمينٽ ڪاليج ۾ اقبال جو فلسفي جو اُستاد پروفيسر آرنولڊ هو، جنهن سان اقبال جي چڱي عقيدت هئي هن سان ايترو گھرو تعلق ٿي ويس جو آرنورلڊ جي انگلنڊ وڃڻ کان پوءِ اقبال به انگلنڊ هليو وي. ايم اي ڪرڻ کان پوءِ اقبال اورينٽل ڪاليج ۾ عربيءَ ۾ اسڪالر مقرر ڪيو ويو. اسلاميا ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج ۾ انگريزيءَ ۽ فلسفي جو استاد پڻ هيو. 3 جون 1903ع تي گورنمينٽ ڪاليج ۾ فلسفي جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1905ع ۾ 3 سال موڪل وٺي انگلنڊ هليو ويو. هن جي شاعريءَ جو آغاز داغ دهلويءَ جي زماني ۾ ٿي چڪو هيو. هو داغ دهلويءَ کان اصلاح وٺندو هو. 1895ع ۾ جڏهن اقبال هڪ طرحي غزل پڙهيو، جنهن ۾ هڪ شعر هيو:
موتی سمجھ کے شان کریمی نے چن لئے
قطرے جو تھے مِری عرقِ انعفال کے۔

ته ٻڌندڙ تڙپي اٿيا. 24 نومبر 1900ع ۾ انجمن حمايت – اسلام جو جلسو ٿيو، جنهن لاءِ اقبال پنهنجو نظم ”نالئه يتيم“ لکيو ۽ اهو ڏاڍو مقبول ٿيو. اهڙي ئي هڪ جلسي ۾ هُن پنهنجو نهايت مشهور نظم ”هماليا“ پڙهيو. 1901ع ۾ شيخ عبدالقادر مخزن نالي رسالو شروع ڪيو، جنهن ۾ اهو نظم شايع ٿيو ۽ اقبال جي اردو شاعريءَ جو عوامي آغاز ٿيو. انگلنڊ ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۽ جرمني ۾ ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ اعلى ڊگريون حاصل ڪيائين. اتي انگلنڊ جي مشهور مشرق جي ڄاڻو نڪلسن، پروفيسر برائون ۽ سورلي کان علم پرايائين. انهن ڏينهن ۾ هو بئريسٽر ايٽ لا به ٿيو ۽ جرمني مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري به ورتائين. ايران ۾ هن جو ما بعد الطبعيات تي ڪتاب به شايع ٿي چڪو آهي.
اقبال 3 سال يورپ ۾ رهي 1908ع ۾ وطن واپس وريو ۽ وڪالت شروع ڪيائين. انوقت هن جي قومي نظمن جو آغاز ٿي چڪو هو ۽ ”بانگِ درا“ ۾ جي نظم شامل ڪيا ويا آهن، انهن ۾ ”هماليا“، ”نيا شوالا“، ”ميرا وطن وهي هي“ جهڙا قومي نظم شامل ڪيا ويا آهن. هن شڪوه ۽ جواب شڪوه به لکيو ۽ هن جي پيروي ڪندي حيدر بخش جتوئي صرف شڪوه لکيو ته هن تي ڪفر جي الزام مڙهيا ويا. مان جڏهن پنجون درجو پڙهندو هيس، تڏهن اقبال جا هيٺيان ڪتاب پڙهي چڪو هوس.
• بانگِ درا (جو 1924ع ۾ شايع ٿيو)
• بالِ جبريل (جو 1935ع ۾ شايع ٿيو.)
• ضربِ ڪليم ( جو 1936ع ۾ شايع ٿيو)
انهن کان سواءِ مئٽرڪ کان اڳ۾ مان هن جا سمورا فارسي ڪتاب، ”پيغامِ مشرق“، ”اسرارِ خودي“ ، ”رموزِ بي خودي“ ، ”زيورِ – عجم“، ”جاويد نامه“، ”بس جه ديد کردا اقوامِ شرق“، ”ارمغانِ حجاز“ پڙهي چڪو هوس. منهنجي زال جي مامي شيخ واجد علي مون کي هن جي انگريزي ڪتاب: “Reconstruction of religious Thought in Islam” به ڏنو هو. مون ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي گائيڊ ڪري علامه اقبال تي Ph.d لاءِ ٿيسز لکڻ چاهي پر ٿورڙي عرصي کان پوءِ گربخشاڻي گذاري ويو ۽ اها ٿيسز شروع ۾ رهجي وئي.
علامه اقبال لاءِ چيو ويندو آهي ته هن فلسفه خوديءَ جو تصور برگسن جي تخليقي ارتقا (Creative evolution ) تان ورتو هو ۽ انسان ڪامل جو تصور نٽشي جي Super man تان ورتو هيو. پر اسلامي مؤرخ ان ڳالهه کا انڪاري آهن ۽ هو چون ٿا ته Super man جو تصور اقبال، روميءَ تان ورتو هو، جنهن جو هڪ شعر آهي:
دي شيخ با چراغ همي گشت گردِ شهر
کز دام و دد ملولم و انسانم آرزو ست

ان ۾ شڪ نه آهي ته سائنس ۽ فلسفي کي علامه اسلام جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو ته لينن ۽ مارڪس کان به ايترو متاثر هيو، جو لينن لاءِ گيت لکيو هيائين:
اٹھو میری دنیا کے غریبوں کو جگادو

۽ مارڪس لاءِ چيائين:
”نيست پيغمبر و ليکن در بغل داردکتاب“

پر ضياءَ جي دؤر ۾ هن کي جمهوريت جو مخالف ثابت ڪيو ويندو هو ۽ هن لاءِ اهو شعر ثابتي طور ڏنو ويندو هو ته:
گريز از طرز جمهوري، غلامِ پخته کاري شو
ک از مغزِ دوصد خر، فکرِ انساني نمي آيد.

(جمهوري طرز کان ڀڄ ۽ ڪنهن پخته ڪار جو غلام ٿي، ڇو جو ٻه سئو گڏهن جي دماغ مان انسان جو فڪر نٿو اچي.)
اهو شعر جڏهن ڪنهن مون کي ٻڌايو هو ته مون کيس مُرڪي جواب ڏنو هو ته ٻه سئو گڏهه ته ڇا ٻه لک گڏهه به انسان جو دماغ پيدا نه ڪري سگھندا. پر وري به ٻه سئو گڏهه هڪ گڏهه کان چڱا آهن.
علامه اقبال تڏهن گذاري ويو، جڏهن مون اڃان مئٽرڪ جو امتحان نه ڏنو هو.

عمر خيام

عمر خيام

ابن الفتح بن ابراهيم خيام فارسيءَ زبان جو هڪڙو عظيم، عالمي شهرت جو مالڪ شاعر، رياضي ۽ هيئت جو ماهر هو. طغرل جي حڪومت جي دؤر ۾ هو 1039ع ۾ هُن جي گاديءَ نيشاپور ۾ پيدا ٿيو هو. هن جو پيءُ خيما سبندو هو ۽ ان ڪري ئي هن کي خيام سڏيو ويو، جنهن جي معنى آهي خيمي سبڻ وارا. اهو نالو عمر سان گڏجي ويو، تنهن ڪري هو عمر خيام جي نالي سان سڃاتو ويو. عمر خيام جي شعري عظمت جو اعتراف نه فقط مشرق ڪيو آهي، پر مغرب به ڪيو آهي. هن جون فارسي رباعيون دنيا جي گھڻو ڪري هر مهذب زبان ۾ ترجمو تي چڪيون آهن. شعر جو ذوق رکڻ وارا عمر خيام جي شاعري مان لطف وٺندا آهن. مونکي مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ ۾ خيام جون سڀ رباعيون ياد هونديون هيو. شاعريءَ ۾ انهن رباعين جو مقام ايترو بلند آهي ۽ هُن کي شاعر جي حيثيت ۾ اهڙي لازاول شهرت حاصل آهي جو شعر ۽ ادب جي محفل ۾ جيڪڏهن عمر خيام جو ذڪر هڪ سائنسدان جي طور ڪيو ويندو آهي، ته ٻڌندڙن کي حيرت وٺي ويندي آهي. جيتوڻيڪ شاعري، جنهن عمر خيام جي موت کان پوءِ هن کي دائمي شهرت ڏني، خود هن جي زندگي ۾ فقط فرصت جي وقت گذارڻ لاءِ هئي ۽ هو رياضي ۽ هيئت جو ڪامل ماهر هيو ۽ هن کي سلجوقي دؤر جو سڀ کان وڏو سائنسدان مڃيو ويندو آهي.
علم ۽ فن حاصل ڪري عمر خيام ترڪستان هليو ويو، جتي هن وڌيڪ تربيت ورتي ۽ پوءِ بخارا جي خاقان جي درٻار ۾ پهتو. بعد ۾ شاهه سلجوقيءَ هن کي پنهنجي درٻار ۾ گھرايو ۽ شاهي رصد گاهه (Observatory) جي تعمير هن جي سپرد ڪئي. عمر خيام کي ابن – سينا جي ويجھڙائي ته نه ملي سگھي، ڇو ته هن جي ڄمڻ کان 2 سال اڳ ابن سينا مري چڪو هيو، پر هن جي شاگردن کان عمر خيام رياض، هيئت ۽ فلسفي جا سبق ورتا. ان ڪري هو ابن – سينا جي فلسفي کان ڏاڍو متاثر نظر اچي ٿو ۽ هُن کي پنهنجي تصنيفن ۾ استاد ڪري ڪوٺيو اٿائين.
هن طب جي تعليم به ورتي هئي. هن ڪيئي ڪتاب تصنيف ڪيا، پر جيڪي ماڻهو اقتدار ۾ هيا، انهن هن ڏانهن توجهه نه ڏني. انڪري خيام جي دل کَٽي ٿي پئي ۽ هو سمرقند هليو ويو، جتي هن جو ڪافي قدر ٿيو. اتي هن پنهنجي مشهور تصنيف، ”جبر و مقابله“ لکي. هن الجبرا تي به ڪجھه ڪتاب لکيا. جيئن ته هو طب تي ڪافي دسترس رکندو هو، بادشاهه جي درٻار ۾ هن جي سڃاڻ هڪ طبيب جي حيثيت ۾ ٿي. هن ڪيترائي ماڻهو شفاياب ڪيا ۽ ان کان پوءِ هن کي شاهي عهدي تي سرفراز ڪيو ويو. آخري وقت ۾ ملڪ شاهه سلجوقيءَ اصفهان ۾ هن لاءِ هڪ رصدگاهه تعمير ڪرائي، جنهن ۾ عمر خيام کي هڪ اعلى آفيسر جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو، جتي هن پنهنجون تخليقاتي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون.
مون عمر خيام تي هڪ انگريزي ناول ۾ پڙهيو هو ته غزالي جي چرچ تي هن جو رصد گاهه جلايو ويو. چئي نٿو سگھجي ته اهو ڪيتري قدر درست آهي. 1131ع ۾ هو گذاري ويو ۽ نيشاپور جي قبرستان ۾ دفن آهي. مان جڏهن ننڍو هوس ته منهنجي پيءُ وٽ ڪيئي قانون جا اردو ڪتاب ۽ فارسيءَ جون ڊڪشنريون هونديون هيون، جي هن پنهنجي جهان گرديءَ جي دوران حيدرآباد دکن ۾ خريد ڪيون هيون.
هن وٽ جيڪي شاعريءَ جا ڪتاب هُيا تِن مان ٻه هو ساهه سان سانڍيندو هو ۽ اهي هيا ديوانِ حافظ ۽ رُباعيات عمر خيام. مون کي فرسٽ ايئر تائين اهي ٻئي ڪتاب ياد هوندا ها. ٻنهي جي اردوءَ ۾ معنى ڏنل هئي. انهن ڪتابن مان ديوانِ حافظ اڃان مون وٽ آهي.
مون وٽ عمر خيام جو جيڪو نسخو هو، انهيءَ ۾ پهرين رُباعي ئي گھوماٽي ڏيندڙ هئي:
آمد سحري صداز ميخانئه ما
کاي رند خراباتيءَ ديوانئه ما
برخيز که پُر کنيم پيمانه زمي
زان پيش که پُر کُنند پيمانئه ما

(صبح جو مخاني مان صدا آئي، ته اي منهنجا رندِ خراباتي، اي منهنجا ديوانا
اٿ ته مئي سان پيمانو ڀريون، ان کان اڳ ۾ جو اسان جي زندگيءَ جو پيمانو ڀري ڇڏين!)
اردوءَ جي شاعر آغا شاعر قزلباش، عمر خيام جو منظوم ترجمو ڪيو هو جو مون پنجين درجي ۾ پڙهيو هو. ڪراچيءَ ۾ هن جو پٽ ”ڪتاب محل“ جو مالڪ هو. جڏهن هن مون کي ٻڌايو ته هو آغا شاعر قزلباش جو پٽ آهي (۽ پيءُ واريءَ دليءَ مان اڃان نه نڪري سگھيو هو ۽ اتان جا لطيفا ٻڌائي رهيو هو)، تڏهن مون هن کي ٻڌايو ته مون ننڍي هوندي هن جي پيءُ جو منظوم ترجمو پڙهيو هو ته اِهو ٻڌي هو حيران ٿي ويو هو.

غالب

غالب

بهادر شاهه ظفر جي زماني ۾ درٻار سان ڪجھه واسطو رکندو هو. جيتوڻيڪ ظفر جو استاد محمد ابراهيم ذوق هيو، جنهن کي غالب سان رقابت هئي. ديوانِ غالب، بيخود دهلويءَ جي ترجمي سان مون تڏهن پڙهيو هو، جڏهن چوٿين انگريزي ۾ پڙهندو هوس ۽ چوٿين درجي ۾ مون کي غالب سڄو ياد ٿي ويو، جيتوڻيڪ ايم – اي پاس به غالب جا چار شعر سمجھي نه سگھندا آهن. ڇو ته غالب جي پنهنجي ٻولي آهي، جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن مهل اسي فيصد فارسي لفظ هوندا آهن ۽ ويهه فيصد اردوءَ جا لفظ هوندا آهن. مثال طور:
کاوَ کاوَ سخت جا نیھائے تنہائی نہ پوچھ
صبح کرنا شام سے لاتا ہے جوئے شیر کا۔

هاڻي ان شعر ۾ پهرين سٽ ۾ صرف نه پوچهه اردو آهي باقي ٻيا سمورا لفظ فارسي آهن. حالانڪه اهو نهايت سهڻو شعر آهي ۽ هن جو ان روايت ڏانهن اشارو آهي جا فرهاد جي باري ۾ آهي ته هن کي ڪوه – بي ستون کي ڪٽي ان مان کير جي ندي وهائڻي هئي جا شيرين جي محل تائين پهچڻي هئي. شيرين ان دؤر جي حاڪم خسرو پرويز جي داشته هئي ۽ فرهاد جي محبوبا هئي، جنهن کي هن حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. انهيءَ کير جي نهر وهائڻ لاءِ هن کي جبل ٽاڪڻو پوندو هو ۽ غالب چوي ٿو ته: ”منهنجي اڪيلائي جي سخت جاني واري ڪوشش مون کان نه پڇ! شام کي صبح ڪرڻ ڄڻ کير جي ندي کوٽڻ جي برابر آهي.“
منهنجي نظر ۾ غالب برصغير ۾ تصور ۽ تمثال جو ماهر هيو، پر هن جي ٻولي برصغير جي ٻولي ناهي، ڇاڪاڻ جو هن جو پيءُ ايران مان آيو هو ۽ غالب خود پارسيءَ ۾ ديوان لکيو آهي. پاڻ لاءِ هڪ هنڌ لکيو اٿائين:

فارسی بین تابہ بینی نقش ہائے رنگ رنگ
مجمع اردو چہ بینی آن کہ بے رنگے مَسنت

(منهنجي فارسي شعر کي پڙهه ته توکي رنگا رنگ نقش نظر اچن، منهنجي اردوءَ جو مجموعو ڇا ٿو پڙهين؟ اهو ته مهنجي هڪ بي رنگ شيءِ آهي.)
دور جديد ۾ غالب کي به شاهه لطيف وانگر ٽوڙي مروڙي هڪ ترقي پسند بڻايو ويو آهي. مان غالب تي لکڻ چاهيان ته مسلسل 300/400 صفحا لکي سگھان ٿو، پر هتي ايتري گنجائش نه آهي. مون کي ائين ته هن جا ڪيترا فارسي شعر ياد آهن، پر انهيءَ مان هيٺيان ٻه شعر ڏاڍو وڻندا آهن:
بيا که قائده آسمان بگردانيم
قضا به گردشِ طلِ گران به گردا نيم

(اچ ته آسمان جي قاعدي کي بدلايون ۽ قضا کي ائين ڦيرايون، جيئن هڪ ڀريل جام کي محفل ۾ ڦيرايو ويندو آهي.)
راه زين ديده وران پُرس که در گرم رَوي
جاده چون نبضِ تپان در تَنِ صحرا بيننه

(راهه هنن ديده ورن کان پڇ جي پنهنجي ڀڄ ڊوڙ ۾ رستي کي صحرا جي تن ۾ هڪ تپندڙ نبض وانگر ڏسن ٿا.)
غالب تي گھڻو ڪري جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن، سي مون وٽ آهن. پهريون ته هن جي سخت بي قدري ٿيندي هئي، ۽ هن جي ديوان جي پنن مان پساري پڙيون ٻڌندا هئا، پر جڏهن حاليءَ هن تي ڪتاب ”يادگارِ غالب“ لکيو ۽ عبدالرحمان بجنوريءَ يورپ مان موٽي غالب جي شعرن جي مغربي مصورن جي تصويرن سان ڀيٽ ڪئي ته غالب جي عظمت جو سڪو ويهاري ڇڏيائين.
بهر صورت جيسين اردو زبان جو تعلق آهي، غالب جي پائي جو شاعر پيدا نه ٿيو آهي، جيتوڻيڪ ميراجيءَ کي مان هن جي هندي آميز ٻوليءَ ڪري وڌيڪ اهميت ڏيندو آهيان.

فارابي

فارابي
(870ع کان 990ع تائين)

ابوالنصر محمد ترڪي نسل جو عظيم مسلمان فلسفي هيو ۽ مغرب جي دنيا ۾ ، لاطيني شڪل منجھه Alpharabius (الفا رابيوس) جي نالي سان مشهور آهي. پنهنجي وطن ايران ۽ ترڪستان ۾ علم حاصل ڪيائين ۽ پوءِ قاضي جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. فارابيءَ عربي زبان تڏهن سکي جڏهن بغداد ۾ رهيو. انهيءَ زماني ۾ هن منطق ۽ فلسفي جو مطالعو به ڪيو ۽ يوحنا بن حيلان کان علم پرايائين. خليفي المقتدر جي زماني ۾ دين جا تنگ نظر خيال ڇانيل هيا. فلسفين ۽ آزاد خيال ماڻهن جي خلاف ڪاروايون ٿينديون هيون، انهن جي جبر سبب فارابي بغداد ڇڏي شام ويو، اتي حمداني خاندان جي امير سيف الدولا جي درٻار ۾، جو حلب جو حڪمران هيو هن جي ڪافي عزت ڪئي وئي. انهيءَ جي باوجود فارابيءَ انهيءَ امير کان صرف 4 درهم روزانه قبول ڪندي هن جي پاڇي ۾ اعتبار ۽ شرف جي زندگي بسر ڪئي. هن ڀيري هو امير سان گڏجي دمشق ويو، جتي هو وفات ڪري ويو.
فارابي کي سڪون، تنهائي ۽ عزلت ۾ ويهي ڪم ڪرڻ جو شوق هوندو هيو. گھڻو ڪري هو باغن ۽ باغيچن ۾ گھمندو وتندو هو ۽ اتي ويهندڙ ماڻهن سان ڳالهين جي ڏي وٺ ڪندي نه گھٻرائيندو هيو. هن پنهنجي هڪ نظم ۾ لکيو آهي ”آنءٌ پنهنجي گھر ۾ اڪيلائيءَ جي گوشي ۾ ويٺو آهيان، ڇو ته مون ڏٺو آهي ته زمانو پنهنجو مُنهن موت ۾ وجھي ويٺو آهي. صحبت مان ڪوئي فائدو نه آهي، جيڪي به ماڻهو وڏن عهدن تي آهن، اهي سڀ غم ۽ اندوهه جا شڪار آهن ۽ هر ڪوئي ڪنهن نه ڪنهن درد ۾ مبتلا آهي.“ اسان وٽ فارابيءَ جي زندگيءَ جي باري ۾ معلومات پوري نه آهي، پر اهو طئي آهي ته هو بغداد، حلب، دمشق، ۽ مصر ۾ به رهندو هو ۽ هن هميشه پنهنجو ترڪي لباس ۽ وضع قطع قائم رکي هئي فارابي اسلامي فيلسوفيءَ جو پهريون فيلسوف هو جو نه صرف مغرب جي علمي دنيا ۾ پر مشرق ۾ به ايترو مشهور ٿيو، جيترو ان جو معنوي شاگرد ابن سينا ۽ ابن رشد ٿيا. علمي فڪر جو سلسلو ته الڪندي کان شروع ٿيو، پر حقيقي علم جو بنياد فارابيءَ وڌو ۽ هو اسلامي فلسفي جي مڪتب جي بنياد رکندڙن مان آهي. فارابي خاص طرح علم منطق جي ذريعي علم فلسفي جو مطالعو ڪيو آهي ۽ ان کان پوءِ مابعد الطبيعات (Metaphysics) تي به غور ڪيو اٿائين.
فارابي، ارسطوءَ جون تصنيفون به عربيءَ ۾ ترجمو ڪيون. هن کي علم طب جو به شوق هيو. هو عربي زبان ۾ مشرقي فلسفي جي مڪتب جو باني ۽ اسلامي فلسفي جو مُوجد آهي. هن افلاطون جو به عميق مطالعو ڪيو هو. هو ڪيترن ئي تصنيفن جو منصف آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته علامه اقبال ڪٿي شاعريءَ ۾ فارابيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. جوانيءَ ۾، مان ۽ غلام رباني، علامه آءِ . آءِ قاضِي جي گھر ويا هياسين جتي ٻين ڪيترين ڳالهين سان گڏ، هن فارابيءَ جو ذڪر به ڪيو ٿي ۽ هن کان متاثر نظر آيو ٿي.

فيڊو (Phado)

فيڊو (Phado)

افلاطون جا مڪالما فيڊو (Phado) تي ختم ٿين ٿا، جنهن ۾ سقراط تي مقدمي جي ڪهاڻي پوري ٿئي ٿي، ۽ سقراط زهر پيئي ٿو. مڪالمو ائين پيش نه ڪيو ويو آهي، جيئن ٿيندو آهي، پر فيڊو رپورٽ ڪيو آهي، جو سقراط جي شاگردن مان هيو ۽ ساڻس قيد ۾ پوئين ڏينهن تي به ڪٺو هيو. جڏهن هن پنهنجو انت آندو. جي فيڊو فقط ڪهاڻيءَ وانگر پڙهيو وڃي، تڏهن به اهو ڪتاب ساري يوناني ادب تي حاوي آهي. اهو فلسفيءَ افلاطون جي مابعد الطبيعات ۾، نهايت اهم ڪتاب آهي ۽ روح جي ابديت جي ثابتي پيش ڪري ٿو.

فرانسز بيڪن

فرانسز بيڪن

انگريز مدبر سلطنت، مضمون نگار ۽ فلاسفر جيڪو 12 جنوري 1561ع ۾ لنڊن ۾ ڄايو هو ۽ 1626ع ۾ گذاري ويو. هو انگلنڊ جو لارڊ چانسلر هو، پر پوءِ هن تي ڪجھه الزام ڌريا ويا ۽ هُن کي پنجن سالن لاءِ جيل ۾ وڌو ويو. هن فلسفي تي ڪيئي ڪتاب لکيا آهن. هن لاءِ اهو به چيو ويو آهي ته شيڪسپيئر جا ڊراما هن لکيا ها، جيتوڻيڪ ان ڳالهه جي پوري ثابتي ناهي.
بيڪن تي هڪ پوري ڪتاب جي ضرورت آهي، جنهن جي هتي گنجائش نه آهي. هن جو مکيه ادبي ڪارنامو هن جا “Essays” (مضمون) هيا، جن تي هُن ٿوريءَ، ٿوريءَ وٿيءَ سان 28 سال ڪم ڪيو، ۽ جي هن 1597ع ۾ شايع ڪيا. اهي هُن سليس، پُر مغز، مختصر ۽ مثلاً سان ڀريل عبارت ۾ لکيا ها ۽ انهن کي تجلي دار ۽ تکن استعارن ۽ دانشوراڻي چٽائيءَ ۽ اوکاڻ سان اجاريو هيو. بيڪن چواڻيءَ اهي ”ڇڙوڇڙ انترڌيان“ هيا. حرص حَوس، دوستيءَ، پيار، دولت، مطالعي، عزت، ناموس ۽ انساني زندگيءَ جي ٻين بنيادي ڳالهين تي انهن ۾ ڳڻيل ڳوتيل هدايت آهي، جنهن تي اڻ ٿيڻي آدرش واد ۽ اَتي ڪوملتا جو ڪو اثر نه آهي. انهن ۾ ههڙيون چوڻيون آهن: (1) ”هر اوچيءَ جڳهه تي پهچ لاءِ ور وڪڙ کائيندڙ، ڦيري واريءَ ڏاڪڻ جي ضرورت آهي،“ (2) ”جنهن کي ٻار ۽ زال آهن، تنهن اُهي نصيب کي يرغمال ۾ ڏنا آهن.“ انهن ٻن مثالن مان ئي هن جي عبارت ۽ ان جي مواد جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. هن جي ادبي ۽ سياسي ڪارگذارين جي باوجود، بيڪن جي خاص دلچسپي فلاسافي ۽ سائنس سان هئي. ”سارو علم منهنجي حدِ اختيار ۾ آهي، منهنجي علائقي ۾ آهي.“ هو چوندو هيو.
هن سموري زندگي تجربا ڪندي گذاري هئي ۽ آّخري تجربو پنهنجي موت تي ڪيائين ان لاءِ هن کي نه سون، نه چاندي، نه ريشم ۽ نه ٻيون شيون مليون، جن جو هو ساري عمر تمنائي رهيو هو. رڳو هن کي روشني ملي ۽ موت هن ڏانهن ايڏي نِوِڙت سان آيو، جو هن جي اک ۾ فقط هڪ ڳوڙهو آندائين.

قراة العين طاهره

قراة العين طاهره

مشهور ايراني شاعره، اصل نالو زرين تاج هيس، والد جو نالو ملان صالح هوس، جو قزوين ۾ رهندو هو، ۽ علمائن ۾ ممتاز حيثيت رکندو هو. قراة العين طاهره جي مجتهد ملان محمد تقيءَ جي پٽ ملان محمد سان شادي ٿي. انهيءَ وچ ۾ علي محمد باب جي تعليم جو هُل ٿيو. هوءَ باب جي خط و ڪتابت سان ايتري متاثر ٿي جو سندس حلقي ۾ داخل ٿي وئي ۽ باب جي حڪم تي جدا جدا جاين، ڪربلا، بغداد ڪرمان ۽ همدان ۾ بابي مذهب جي تبليغ شروع ڪيائين. انهيءَ ڪري پيءُ سهري ۽ مڙس سان ناتو ٽٽي ويس.
”قراءة العين“ جو خطاب هن کي علي محمد باب ڏنو هو. قراة العين پاڻ خطابت ۾ بينظير هئي ۽ حسن و جمال ۾ به يگاني هئي. شعر به چوندي هئي. هن جا غزل ۽ قصيدا به ڇپجي چڪا آهن، جنهن ۾ سڀ کان مشهور غزل اٿس:
گر بتو افتدم نظر چهره به چهره روبرو
شرح دهم غم ترا نقط به نقط مو به مو

(جيڪڏهن توتي نظر پئجي وڃي ۽ چهرو چهري جي سامهون هجي ۽ مُنهن مُنهن جي ويجھو هجي ته مان تنهنجي غم جي سمجھاڻي ڏئي سگھان ۽ ان جي نقطي نقطي ۽ وارَ وارَ جي)
قراة العين تي جميله هاشميءَ اردوءَ ۾ ناول لکيو آهي: ”چهره به چهره روبرو“ جي نالي سان، جو هڪ خوبصروت ناول آهي. ڪنهن تاريخ نويس جو چوڻ آهي ته قراة العين جي سهري کي بابي تحريڪ جي پوئلڳن قتل ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ناصرالدين شاهه تي قتل جو حملو ٿيو هو، تڏهن قراة العين انهيءَ حملي جي الزام ۾ ٻين سان گڏ گرفتار ڪئي وئي هئي ۽ هن جي قتل جو حڪم جاري ڪيو ويو هو. هوءَ 1852ع ۾ قتل ڪئي وئي.
هن لاءِ هڪ روايت آهي ته جڏهن جلاد هن کي گھٽو ٿي ڏنو ته هن جو حسن ڏسي جلاد جا هٿ ڏڪي رهيا هئا. مسلمان دنيا ۾، شايد مٿئين طبقي مان هوءَ پهرين عورت هئي، جنهن پردي کان انڪار ڪيو هو.

ڪارل مارڪس

ڪارل مارڪس
(1818ع کان 1883ع تائين)

سڀني سوشلسٽ مفڪرن کان وڌيڪ اهم هو. جنهن مارڪسزم نالي خيالات جو ربط و ضبط ۽ ترڪيب ۽ ترتيب ڪئي. پنهنجي دؤر ۾ هُن کي ڪَنُ نه ڏنو ويو. پر جي سماجي ۽ اقتصادي نظريا هُن ڏنا، اُهي 1883ع ۾ هن جي موت کان پوءِ نهايت تيزيءَ سان ڦهلجي ويا ۽ بي انتها مقبوليت حاصل ڪيائون. 1991ع جي وچ تائين اڌواڌ انسان ذات ۽ اهي ملڪ جن ۾ اها رهندي هئي، مارڪس کان متاثر هيا.
هو 5 مئي 1818ع تي آسودي وچولي طبقي واري يهودي خاندان ۾ جرمنيءَ جي رائين لئنڊ شهر ۾ پيدا ٿيو. هن جا ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا، ٻئي يهودي رَبي هيا، پر هن جو پيءُ جيتوڻيڪ هڪ مثالي روشن دماغي (Enlightenment) جي دؤر جو تعلق پسند (Rationalist) هو، مارڪس کي بپتسمي کي هڪ پراٽيسٽنٽ جي حيثيت ۾ قبول ڪيو هيائين، ڇو ته ائين نه ڪري ها ته هُن جي نوڪري هلي وڃي ها. سترنهن ورهين جي عمر ۾ مارڪس کي بان يونيورسٽيءَ ۾ قانون جي شعبي ۾ داخلا ملي، پر هو ان ثقانتي رومانيت جي ماحول کان متاثر ٿيو ۽ ان جو خاص سبب اهو به هيو ته هن جو جينيءَ سان مڱڻو ٿيو، جنهن جو پيءُ اتان جي سماج جو هڪ اهم فرد هيو ۽ جنهن مارڪس جي رومانوي ادب ۽ سينٽ سائمن جي سوشلسٽ تحريڪ ۾ دلچسپي پيدا ڪئي هئي. ٻئي سال مارڪس کي هن جي پيءُ برلن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ڏني، جا دانشورانه طور وڌيڪ سنجيده هئي، جتي مارڪس چار سال رهيو. برلن ۾ هن رومانيت ڇڏي ڏني ۽ هيگل جي فلسفي کان متاثر ٿيو، جو ٿورو وقت اڳي مري ويو هو. هُن زياده وقت انهن نوجوان دانشورن سان گذاريو، جي هيگل جي اثر هيٺ ها ۽ جن جو اڳواڻ برونو باير هيو. اهي هيگل جي جرمنيءَ جي مذهبي، سياسي ۽ فلسوفاڻي نظرئي کي موڙ ڏئي رهيا ها جو ظاهري طرح قدامت پسند لڳي رهيو هو ۽ جنهن جو هڪ پاسو تخريبي هُيو. پنهنجي ڊاڪٽريءَ لاءِ ٿيسس (مضمون) پوري ڪرڻ کان پوءِ جنهن ۾ ڊيموڪرِٽس ۽ ايپي ڪيورس جا اَڻي جي باري ۾ نظريا ها، مارڪس کي يونيورسٽيءَ ۾ استاد جي نوڪريءَ جي اميد هئي پر جڏهن باير کي ڪُپٿي ويچارن سبب 1842ع ۾ نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، تڏهن مارڪس اخبار نويسيءَ ڏانهن لاڙو رکيو ۽ ”رهائينش زيتوُنگ“ اخبار ۾ ليک لکڻ لڳو، جا هڪ کاٻي ڌر جي آزاد خيال اخبار هئي، جنهن کي رهائين جا صنعتڪار مدد ڪندا هيا. ٿوري وقت ۾ هُو ان جو ايڊيٽر ٿيو، پر ان تي سرڪار بندش وجھي ڇڏي، ڇو ته ان ۾ مارڪس موسل شهر جي انگور جي مالهين جي ڪنگالپڻي ۽ پوڻائيءَ تي، ۽ ڏک ڏوجھري جي باري ۾ گھڻي ڇنڊ ڇاڻ ۽ چور پچور ڪئي. هن جي دوست فريڊرڪ انجلز پوءِ چيو ته: ”اهو ڪارنامو مارڪس کي سياست مان اقتصادي تعلقات ڏانهن وٺي ويو، جي پوءِ سوشلزم جو بنياد بڻيا. “ 1843ع جي اونهاري ۾ هن جينيءَ سان شادي ڪئي ۽ هڪ وڏو قلمي نسخو لکيائين، جنهن ۾ هيگل جي ان دؤر جي جرمن سياست کي، واضح طور رد ڪيائين. ڇاڪاڻ جو هو هاڻي جرمنيءَ ۾ بيروزگار هيو، هو فرانس ڏانهن لڏي ويو. دراصل ائين ڪرڻ تي هُن کي اِن ڳالهه اتساهيو ته هو سوشلزم ۾ پنهنجي شروعاتي دلچسپيءَ کي اڳتي وڌائي، ۽ هڪ رسالو ڪڍي، جنهن ۾ جرمن نظرئي ۽ فرانس جي ترقي پسند سياست کي مِلائي، پيش ڪري. ان وقت پئرس ۾ ڪيئي سماج وادي متيون هُيون، جي اتي اُٻڙڪا کائي رهيون هيون ۽ پئرس انهن جو مرڪز بڻجي چڪو هو. هُن ان رسالي ۾ مضمون شايع ڪرايو، پر جڏهن جلاوطن جرمن ڪارڪنن سان مليو ۽ جڏهن پئرس جي سياسي ماحول مارڪس تي تيزي سان اثر ڪيو تڏهن هو پاڻ سان گڏ ايڊيٽر ”آرنولڊ ريوگ“ کان الڳ ٿي ويو. ”ريوگ“ ان وقت لکيو ته: ”هِن وقت مارڪس ڏاڍو اونهو اڀياس ۽ اَ ڻ لڀ چَهرائيءَ سان پورهيو ڪري رهيو آهي. . . . . . پر هُن پورو ڪجھه به نه ڪيو آهي، واري سان هر ڳالهه وچ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ڪتابن جي اکٽ سمنڊ ۾ ٻيهر ٽُٻيون ڏئي ٿو.“
1844ع ۾ مارڪس ڪيئي سلسليوار ليک لکي ورتا، جن تي ”اقتصادي ۽ فيلسوفاڻا نسخا“ يا ”پئرس وارا نسخا“ نالو ڏنائين، جن ۾ هن قطعي طور اشتراڪيت کي اپنايو. ساڳي سال جي سيپٽمبر ۾ هن فريڊرڪ اينجلز سان دوستي رکي، جنهن سان توڙ تائين نڀايائين، اينجلز جو پيءُ مئنچيسٽر جي صنعتي شهر ۾ هڪ ڪپهه جي وڏيءُ ڪوٺيءُ ۾ ڀائيوار هو. هُن، مارڪس کي سرمائيداري ڪاروبار جي عملائتي ڄاڻ ڏني ۽ هن جي مالي مدد لاءِ هڪ هَڪيو تَڪيو ذريعو به پيدا ڪيائين. ٻنهي جي مِترتا پڇاڙيءَ تائين هلي.
1844ع ۾ مارڪس کي پئرس – نيڪالي ڏني وئي، جنهن کان پوءِ مارڪس ساندهه ٽي سال بروسيلز ۾ رهيو ۽ جتي هُن اقتصاديات جو مطالعو جاري رکيو. هو اينجلز جي سونهائڻ هيٺ انگلنڊ ويو، جتي لنڊن ۾ هو انصاف پسند ليگ“ جي اڳواڻ سان مليو، جا جرمن ڪاسبين جي اڌ – ڳجھو ٽولو هئي. بروسيلز ۾ مارڪس لکپڙهه لاءِ ڪاميٽين جو تاڃي پيٽو ٺاهيو، جيئن هو جرمن، فرينچ ۽ انگريز ڪميونسٽن ۽ سوشلسٽن کي ڪَٺو رکي سگھي ۽ هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرائي سگھي ۽ هڪ ٻئي جي ڪارواين جي باري ۾ سُڌ سماءُ ڏئي. انهيءَ ۽ پنهنجي تحريڪ ۾ نظرياتي اتحاد پيدا ڪري سگھي. 1847ع ۾ ”انصاف پسندن جي ليگ“ کي وڌيڪ مضبوط نظرياتي بنيادن جي ضرورت محسوس ٿي. مارڪس ۽ اينجلز ئي اهڙا اڏول ٿنڀا هيا، جن کي جڏهن ليگ ويجھو آئي ته هو پٺڀرائيءَ جي سهائتا لاءِ آتا نظر آيا. لنڊن ۾ ٻه ڪانگريسون ٿيون. اصولي طور مارڪس جا رايا ۽ خيال قبول ڪيا ويا ۽ تنظيم تي نئون نالو ”ڪميونسٽ ليگ“ رکيو ويو مارڪس کي اختياري ڏني وئي ته ان جي متن ۽ سٽاءَ کي لکت ۾ آندو وڃي. ان جو نتيجو ”ڪلاسيڪي ڪميونسٽ مئني فيسٽو “ ٿيو ۽ اڃان ان جو مسودو مس ٺاهيو ويو هو ته 1848ع ۾ پئرس ۾ پهريون انقلاب آيو. پهرين ته لوئي فلپ جي حڪومت کان پوءِ نئين آزادي پسند صوبائي حڪومت جي ڪوٺ تي مارڪس اُن شهر ۾ موٽي ويو پر مارچ 1948ع تائين انقلاب پرشيا تائين پهچي چڪو هو ۽ برلن ۾ فريڊرڪ وليم چوٿين کي مجبور ڪيو ويو ته هو چونڊيل پارليامان ۽ پريس کي آزادي ڏئي ۽ نئون آئين تيار ڪرڻ لاءِ اسيمبلي سڏائي؛ ان ڪري مارڪس يڪدم ڪَلون ويو، جو پرشيا جي حڪومت هيٺ هيو. هن پنهنجي اخبار نويسي جاري رکي ۽ هڪ نئين اخبار ” رهائشي زيتنگ“ ڪڍيائين، جنهن هن جي ادارت ۾، جرمن پورهيتن ۽ وچولي طبقي جي وڌيڪ ترقي پسند عنصر جي ٻڌيءَ کي اتساهيو. سرءُ تائين انقلاب کي فرانس ۽ آسٽريا جي سلطنت ۾ شڪست ملي چڪي هئي.
مارڪس اڃان تائين اهڙيءَ ٻڌيءَ تي اڙيو بيٺو هو ۽ رڳو پورهيتن جي اميدوارن کي هٿي ڏيڻ کان نابري واري هيائين. اپريل 1849ع ۾، جرمنيءَ ۾ انقلاب جي ڍينگو ڍيري ٿيڻ کان مهينو اڳ، هن پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ ڦير آندو ۽ پورهيتن جي الڳ سياسي ڪاروائيءَ جو پاسو کنيو، پر ان وقت ڏاڍي دير ٿي وئي هئي. پوءِ مارڪس پئرس موٽيو ۽ هن کي ان ڳالهه تي ويساهه هو ته ٻرندڙ جبل جو منهن ڦاٽڻ وارو آهي ۽ اهڙو ڦاٽ ان اڳ ڪڏهن به نه کاڌو هو، پر اهو به ڪونه ٿيو. جولاءِ 1849ع ۾ هن جي شهر – نيڪاليءَ جو ٻيو حڪم جاري ٿيو ۽ آگسٽ ۾ مارڪس سامونڊي رستي انگلنڊ روانو ٿيو ۽ وري هن جي جلاوطنيءَ جون سک ڦٽل، ننڊاکڙيل ۽ اوجاڳيل راتيون شروع ٿي ويون. اتي هن کي پيڙيندڙ پيهندڙ وِلهائيءَ ۽ اڻ – هوند ۾ گھارڻو پيو. هڪ ته مون وانگر مارڪس خرچ پکي جو ليکو چوکو رکي نه سگھندو هو، ٻيو ته هن جي آمدني به ڏاڍي گھٽ هئي. انگلنڊ ۾ پهچڻ کان ٿورو وقت پوءِ مارڪس کي چوٿون ٻار ڄايو. ٻه ٻيا ٻار به هن جي ڪٽنب ۾ وڌيا، پر ترت ئي هن جا ٽي ٻار لاڏاڻو ڪري ويا. هن جون ٽي ڌيئر سامايون ۽ هن جو هڪ ري نڪاحيءَ مان پيدا ٿيل پٽ به بلوغت تي رسيو، پر هو ڪنهن جو پٽ هو، اها ڳالهه اينجلز جي موت تائين ڳجھي رکي وئي.
1886ع ۾ مارڪس، اينجلز کي لکيو، ”منهنجي زال بيمار آهي، ويچاري جيني بيمار آهي. . . . مان ڊاڪٽر گھرائي نه ٿو سگھان، ڇو ته مون کي علاج لاءِ پيسا نه آهن. اٺن ڏهن ڏينهن کان مان پنهنجي خاندان کي روٽي ۽ پٽاٽا کارايا آهن.“
1856ع ۾ هن کي ڪجھه ملڪيت ورثي ۾ ملي ۽ هن گھر ڦيرايو جو ڪافي موڪرو هو؛ پر جنهن ڳالهه کي هن مُنهن مَان لاءِ ضروري سمجھو، ان هن جون مالي مشڪلاتون نئين سر پيدا ڪيون. 1864ع ۾ ئي جڏهن هن جي ماءُ گذاري وئي، تڏهن ان جي ورثي مان ۽ هڪ ڪامريڊ جي وفات کان پوءِ هن جي وصيت مان، هُن کي ايترو مليو جو هو بي فڪري زندگي گذاري سگھيو ٿي؛ پر جيئن مارڪس جون مالي پريشانيون هٽيون، هن جي صحت خراب ٿي پئي ۽ هن کي مٿي کان پيرن تائين ڦُرڙيون نڪري آيون. انهن مونجھارن هوندي به ، مارڪس کي هڪ حُبائتي گھرو حياتي هئي. هو ٻارن سان راند روند کيڏندو هو ۽ سندس هر هفتو سير سواد (پڪنڪ) ۾ کٽندو هو ۽ پڇاڙي جو سڀ گڏجي شيڪسپيئر کي ڳائيندا ها يا ان مان برزبان فقرا ٻڌائيندا ها.
لنڊن اچي، مارڪس وري ڪميونسٽ ليگ ۾ شامل ٿيو هو، ۽ وري صحافتي سرگرمين ۾ حصو ورتو هُئائين، پر اقتصاديات جي مطالعي هن کي ان نتيجي تي پهچايو هيو ته، ”هڪ نئين انقلاب جو هڪ نئين بحران ۾ئي امڪان ٿِي ٿي سگھيو.“ ان کان پوءِ ڏهاڪو سال ڦڙت ۽ اثرائتي سياست کان گوشائتو ٿي ويو ۽ ”سرمائيداريءَ نظام جا مجموعي طور محرڪ قاعدا“ ڳوليندو رهيو. ان وقت هُن جو ڪمائيءَ جو ڪئتائتو ۽ سڌو سنئون ذريعو (اينجلز جي ارسال کان سوا) اهي پيسا ها جي هن کي صحافت مان ملندا ها، جا سيهوڳي سياست جي باري ۾ هئي؛ هو ”نيو يارڪ ڊيلي ٽربيون“ ۾ لکندو هو جا آمريڪا جي هڪ انتها پسند اخبار هئي ۽ جنهن جي سڀني اخبارن کان گھڻي اشاعت هئي؛ هن جا ڪيئي ليک آمريڪا جي گھرو لڙائيءَ تي هوندا ها. مارڪس کي (اينجلز هُن سان سُهمت نه هو) ترقي پذير اتر ۾ وڌيڪ اميد هئي، جو مجسم خودمختيار حڪومت جو بهترين طريقو هو ۽ هن سمجھيو ٿي ته آخر ۾ اهو کٽندو.
نيٺ مارڪس پنهنجيءَ صحافت کي پنهنجي مکيه ڪم ۾ روڪ ۽ مونجھارو سمجھيو جو اقتصاديات جي مطالعي مان نڪتل نتيجي جي مسودي جي تياري هئي. هن ڪيئي قلمي نسخا لکيا، جي هن جي وفات کان پوءِ ڇپيا ۽ مارڪس ”ڪئپيٽل“ جو فقط پهريون حصو مڪمل ڪري سگھيو. انهيءَ ڪم لاءِ، هن دعوى ڪئي ته ”هن پنهنجي صحت، خوشي ۽ خاندان قربان ڪيو هو.“ ان جو هڪ سبب ته اهو هيو ته هو لنڊن ۾ پهرين انٽرنيشنل ۾ ڦاٿل هو جا لنڊن ۾ 1864ع ۾ ٺاهي وئي هئي. اٺ سال مارڪس ان ڪائونسل جي برک ۽ مٿاهين شخصيت هو ۽ کنڊ جي ساريءَ چرپر ۽ هلچل تي بيان بازيءَ جا مسودا ٺاهيندو هو، مثلاً، هن پولن جي آزادءَ لاءِ هلچل کي هٿي ڏني. (روسي بربريت خلاف) آئرلينڊ جي هوم رول واريءَ تحريڪ کي همٿايو، ۽ سماج واد جي تڪراري ڳالهين جهڙوڪ پورهئي جي وقت ۾ ڪميءَ ۽ زمين جي ڪٺي مالڪيءَ تي ليک لکيا. فرسٽ انٽرنيشنل واري دؤر ۾ جي سڀ اهم سياسي واقعا ٿيا، سي هيا فرانڪو – پرشين جنگ ۽ ان جي نتيجي طور ٿيندڙ ”پئرس ڪميون“ جنهن جي تنظيم شهر جي انتها پسندن ۽ محنت ڪشن ڪئي هئي. ڪميون جي خونريزيءَ سان دٻجڻ کان پوءِ مارڪس (جنرل ڪائونسل جي پاران) هڪ لنبو پئمفليٽ ”فرانس ۾ خانه جنگي“ جي عنوان سان لکيو، جنهن ۾ کلم کلا باغين جي حمايت ڪئي وئي. پر انٽرنيشنل ۾ مارڪس جي پوئلڳن ۽ بڪونن جي پوئلڳن جي صفن ۾ ڏارن ۽ ڦيٽارن، ان کي ڇيتيون ڇيتيون ڪري وڌو، ان جي جنرل ڪائونسل جي بئٺڪ جڏهن نيو يارڪ ڦيرائي وئي تڏهن اها ختم ٿي وئي.
پويون ڏهاڪو، مارڪس جي زندگي سوگھي ۽ هٿيڪي هئي. اينجلز مئنچيسٽر جي ڪپهه جي ڌنڌي ۾ پنهنجي پتي وڪڻي ڇڏي ۽ ان مان هن پنهنجي سنگيءَ لاءِ سکي ستابي زندگي هُن کي توشو ڪري ڏني، پر مارڪس ۾ پورهئي ۽ اُدم لاءِ سگھه 1873ع ۾ دل جي دؤري کان پوءِ گھٽجي وئي. ان کان پوءِ ڪيترو وقت هُن سفر ۾ گذاريو ۽ چڱ ڀلائيءَ ۽ هٺ سڄائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. هو ”ڪئپيٽل“ جي ٻين ڇاپن تي ڪم ڪرت ۾ لڳي ويو. خاص ڪري اڀرندڙ جرمن سوشل ڊيموڪرئٽ پارٽي جي اوسراڻ کان پوءِ. 1881ع ۾ مارڪس جي زال جي وفات، هُن ۾ جياپي لاءِ اتساهه ٿڌو ڪري ڇڏيو ۽ ٻه سال پوءِ پاڻ به 14 مارچ 1983ع تي گذاري ويو.
مارڪس کي سمجھڻ ۾ ٻه دقتون پيش اچن ٿيون. پهريون ته اڪثر مفڪرن وانگر هُن پنهنجا اهم خيال هڪ مکيه ۽ وڏي ڪتاب ۾ نه سهيڙيا ۽ سمويا؛ ٻي ڳالهه جا هن جي پُرجھه ۽ پروڙ جي آڏو اچي ٿي، اُها اِها آهي ته هن پنهنجو ڪم ڪار توڙ تي نه رسايو ۽ پنهنجا اڪثر مسودا نامڪمل ڇڏيا، جي هُن جي وفات کان پوءِ ڇپيا. هُن جي وفات کان پوءِ ڇپيل مکيه لکڻيون اوائلي دؤر جون آهن، خاص ڪري ”اقتصادي ۽ فلسفيانه مسودا“ جن مارڪس جي اشتراڪيت کي هڪ فلسفيانه ۽ انسان دوست پهلو ڏنو، جيڪو هن جي پوئين اقتصادي تحريرن مان نه ٿي بکيو. 1932ع ۾ هن جو هڪ ٻيو ڪتاب ”جرمن نظريو“ جي عنوان سان، جو هن اينجلز سان گڏجي 1845ع ۾ لکيو هو، به شايع ٿيو، جنهن جي پهرئين حصي ۾ مارڪس جي تاريخ جي مادي تصور جي مڪمل وضاحت ٿيل آهي.
1848ع ۾ هن ”ڪميونسٽ پڌرنامو“ لکيو، جا مارڪس جي توريل تڪيل، رچي راس ٿيل لکت آهي، ۽ جنهن ۾ مارڪس جي خيالن جو وڻندڙ اختصار آهي، جيتوڻيڪ ان کي پرچار جو هٿيار بڻايو ويو آهي. فرانس جي 1848ع واري انقلاب جي تجزئي ۾ مارڪس جا مختلف طبقن ۽ رياست جي وچ ۾ دريافت ڪيل ناتا، نهايت باريڪ موشگافيءَ جا حامل آهن، خاص ڪري “Eighteenth Brumaire of Louis Bonaparte” جو، 1852ع ۾ لکيو ويو ۽ ان کان گھٽ درجي جو هڪ ٻيو ڪتاب ”فرانس ۾ طبقاتي جدوجهد“ هيو، جو 1850ع ۾ لکيو ويو.
ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته مارڪس جو عظيم ترين ڪتاب ”ڪئپيٽل“ آهي، جنهن جو هن رڳو هڪ حصو لکيو، جو 1867ع ۾ ڇپيو هو. ٻيو ۽ ٽيون حصو جن کي اينجلز ترتيب ڏني هئي، 1885ع ۽ 1894ع ۾ ڇپيا ها. هڪ ضخيم نسخو، جنهن جو نالو ”زائد قيمت جو نظريو“ (Theory of Surplus Value) هو، جو ڄڻ ته ڪئپيٽل جو چوٿون جلد هو، تنهن کي ڪارل ڪاٽسڪيءَ ترتيب ڏني، جو 1902ع ۾ شايع ٿيو. پڙهندڙن جي مارڪس جي ترتيب ۽ سليقي سان تحرير ۾ دلچسپي 1960ع ۾ 1970ع ۾ پيدا ٿي، جڏهن هن جو 800 صفحن جو ڪتاب “Outlines” جو 58 -1857 ع ۾ لکيو ويو هو، شايع ٿيو، جنهن ۾ هن انسان دوستيءَ ۽ اقتصاديات ۽ فلسفي ۾ ڳانڍاپو پيدا ڪيو آهي، اهو ڪتاب ماسڪو ۾ 1941ع ۾ ڇپيو جو مغرب ۾ 1950ع جي وچ ڌاري مهيا ٿي سگھيو. (مون وٽ ماسڪو ۾ ڇپيل ”ڪئپيٽل“ جا ٽي جلد آهن، جن کي آنءُ پوري طرح نه پڙهيو آهي، نه وري ڪنهن سنڌي ڪميونسٽ پڙهيو آهي. مان ته ڪميونسٽ ڪونه هوس، پر بر صغير ۾ گھڻا ڪميونسٽ هوندا، جن اهو ڪتاب پڙهيو هو؟ ممڪن آهي ته ان تي مٿي ماري اڃان به ڪي محقق ”وهابي ڪميونسٽ“ ڪن.)
مارڪس جا ”پئرس ڪميون“ تي پوءِ جا خيال هن ڪتاب ”فرانس ۾ خانه جنگي“ ۾ ڏنل آهن ۽ جرمن اشتماليت تي تنقيد ۾ به آهن، جا هن 1875ع ۾ Critique of gotha programme ۾ ڪئي هئي.
مارڪس، تاريخ، اقتصاديات، سياست ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي خيال آرائي ڪئي آهي، ڇو ته هن جي مهم ۾ سماج جي مڪمل تاويل آهي، ٻيو ته جنهن وقت هو لکي رهيو هو، ان وقت پورهيت طبقي ۾ نظرياتي ٽڪراءُ پيدا ٿي چڪو هو. مارڪس پنهجي راهه کي ”تاريخ جي مادي تاويل“ ڪوٺيو. هُو انهيءَ راءِ جو هيو ته انسان ۽ هن جي فطرت کي سمجھڻ لاءِ پيداواري چرپر جي سمجھه ضروري هئي. بنيادي ڳالهه اها هئي ته آجيوڪا جا وسيلا، فطرت تي اثر ڪري ڪيئن حاصل ڪجن ۽ سي به ٿوري ۾ ٿورو پورهيو ڪري. ”ڪئپيٽل“ ۾ مارڪس مختصر طور پورهئي جي باري ۾ پنهنجو رايو ڏنو ته اهو انسان جي خود – تخليق (Self – Creation) جو ذريعو آهي. پورهيو هڪ ترتيب آهي، جنهن ۾ انسان ۽ فطرت، ٻئي بهرو وٺن ٿا ۽ جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي پاڻ ۽ فطرت جي وچ ۾ مادي ردِ عمل جي شروعات ڪري، ان کي ٺيڪ ڪري، باقاعدي هلائي ٿو ۽ ان کي پنهنجي تابع رکي ٿو . . . . ان طرح ٻاهرينءَ دنيا تي اثرانداز ٿي ۽ ان کي بدلائي، هو ساڳي وقت پنهنجي سڀاءَ کي به ڦِرائي ٿو. هو پنهنجي اونگھدڙ وِت ۽ سگھه کي اَؤسرائي ٿو ۽ ان کي هٿ وَسِ رکي، پنهنجي مڃتا ڪرائي ٿو. ڪلپنا، ڀاوَ ۽ ويچار، پوءِ اهي سياسي هجن يا مذهبي يا فلسفيانه، جن جي ذريعي اسان عمل کي سمجھايون ٿا، انهن کي ثانوي اهميت آهي. تاريخ ڪنهن اتفاق جو نتيجو نه آهي، نه وري ان کي وڏن ماڻهن جا عمل صورت ڏين ٿا، ان کان به گھٽ فوق الفطرت قوتن جو ان ۾ دخل آهي؛ اها انساني محنت جي تخليق (گھڻو ڪري لاشعوري) آهي ۽ ان جا مشاهدي جهڙا قاعدا قانون آهن.
پنهنجي تاريخي ماديت جي ڀلي کان ڀلي اختصار ۾ مارڪس چيو: ”پنهنجي زندگيءَ جي معاشي پيداوار ۾ انسان مخصوص تعلق قائم ڪن ٿا، جي ضروري به آهن ۽ انهن جي ارادي کان بي ڪاڻيا ۽ بي پرواهه به آهن. اهي پيداواري لاڳاپا آهن (يعني مڪليت جي باري ۾ لاڳاپا) جي هنن جي مادي پيداواري قوتن جي ترقيءَ جي ڪنهن خاص منزل سان ٺهڪي اچن ٿا. انهن پيداواري لاڳاپن جو تاتپرج ئي سماج جو اقتصادي ماڊاڻو ٺاهي ٿو ۽ اهو ئي سچي پيڙهه آهي، جنهن تي ساري قانوني ۽ سياسي اڏاوت اڏي وڃي ٿي ۽ جنهن سان سماجي شعور جون مخصوص صورتون ٺهڪي اچن ٿيون. مادي زندگيءَ جو پيداوار جي طريقي تي ئي مدار آهي – ان جي طرز زندگيءَ جو، ان جي سياسي، سماجي ۽ دانشورانه زندگيءَ جو“ ڪنهن مخصوص دؤر جي پيداواري قوتن جي ترقيءَ سان، پيداواري لاڳاپا ۽ انهن مٿان اڏيل عمارت، تاريخي غلطين جا زنجير ٿي پون ٿا، جن کي سماج جي ترقيءَ لاءِ ٽوڙي ڇڏڻ گھرجي. گھٽ ۾ گھٽ اولهه يورپ ۾ مارڪس پيداوار جا ٽي طريقا لازم ڄاتا: ڪلاسيڪي، جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه. هن کي اميد ته هئي ۽ هن ان ڳالهه ۾ اعتبار ٿي ڪيو ته پوئين طريقي کان پوءِ ڪميونزم ايندي، جا پهريون پيداوار جو طريقو هئي، جنهن ۾ تضادن جو انت آندو ويندو، يعني اها سماجي طبقا ختم ڪندي ۽ انسان ذات کي پنهنجي مشترڪه مفاد جو شعور ڏيندي.
مارڪس جي دلچسپي ان ۾ هئي ته جاگيرداري دؤر، سرمائيداري دؤر ۾ ڪڏهن ٿو پير پائي. ڪنهن وقت ”ڪئپيٽل“ ۾ سڀني کان وڌيڪ اثرائتا ۽ حيرت جهڙا ٽڪرا ان ڳالهه کي نرنءِ ڪندا ها. جنهن کي هو پراچين ميڙي چونڊي (Primitive accumalution) چوندو هو، جنهن موجب اوائلي جديد زماني جي پورهيتن کان مشترڪه زمينون ۽ ٻي قومي ننڍي پئماني تي مشترڪه مڪليت کسي وئي هئي. اها هڪ ترڪيب هئي، جنهن هڪ طرف آجيوڪا جي سماجي وسيلن ۽ پيداوار کي سرمائي (Capital) ۾ بدلايو ٿي ۽ ٻي طرف پيداوار ڪندڙن کي اجرت وٺندڙ مزدورن کي (Wage labourer) بڻايو ٿي. جي پنهنجي روزگار لاءِ ٻين تي دارو مدار رکي رهيا ها. ساڳي وقت انهيءَ ترڪيب بورجوازي طبقي کي جنم ڏنو هو. انهيءَ طبقي دؤر جديد ۾ سماجي طور پيداوار جي مکيه طريقن تي پنهنجي هڪ – هٽي قائم ڪئي هئي.
اهڙي طرح پيدا ٿيل سرمائيداري نظام جي پري ۽ پتي لاءِ اها حقيقت هئي ته ان جي ٻاهرين ڏيک جي باوجود، سرمائي ۽ محنت جي وچ ۾، پئسي جي ڏي – وٺ ۽ ڪمائي هڪ جيتري نه هئي. ائڊم سمٿ ۽ رڪارڊو جي ڪلاسيڪي اقتصاديات وانگر، مارڪس ان ڳالهه ۾ اعتبار ٿي ڪيو ته شين جي مٽا سٽا جو ملهه (هنن جي کپ ۽ واپرڻ جي ملهه جي ڀيٽ ۾ ) جي ڪَٽ انهن ۾ ڪيل پورهئي سان ڪئي پئي وئي. پر ان ۾ هڪ مونجهارو هيو. حقيقت اها هئي ته محنت ۽ سرمائي جي مٽا سٽا ۾، مزدور کي مٽاسٽا ۾ هن جي پيدا ڪيل شيءِ جي ملهه کان تمام گھڻو گھٽ مُلهه پئي ڏنو ويو. مارڪس انهيءَ عجيب ڳالهه کي زائد قيمت جي نظرئي (Theory of Surplus Value) سان سمجھايو. اينجلز ان نظرئي کي مارڪس جي سڀ کان اهم اقتصادي دريافت ڪوٺيو. ڳالهه جو مول مقصد اهو آهي ته سرمائيداري نظام محنت ڪش جو استحصال ڪري ٿو، جنهن کي پنهنجي پيٽ قوت کان گھڻي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي يعني هن جي کاڌي، ڪپڙي لٽي، اجهي ۽ هن جي ٻارن ٻچن جي پالنا لاءِ جيڪي گھربل آهي، هو ان کان گھڻو وڌيڪ اپائي ٿو. ٻيو ته سرمائيدار زائد قيمت (Surplus Value) جي اگھه کي ان گُذران جي لڳت کان وڌائيندو رهي ٿو، ۽ يا ته پورهئي جا ڪلاڪ وڌائي ٿو. يا پورهئي کي زور تِکو ۽ وڌيڪ پئداوارڪندڙ بنائي ٿو. پر پوءِ به سرمائيدار جو منافعو گھٽبو رهندو، ڇو ته هن کي چٽا ڀيٽي مجبور ڪندي ته انساني پورهئي جي جاءِ تي هو مشين کان ڪم وٺي، جيڪا سستي ته آهي، پر زائد قيمت (Surplus Value) پيدا نه ٿي ڪري. نتيجي ۾ وڌيڪ استحصال ٿيندو ۽ محنت ڪش جي آمدني، جا هُن پيداوار جي قيمت سان ٺهڪي اچي ٿي، گھٽجي ويندي. سرمائيدارن ۾ چٽاڀيٽي محنت ڪشن ۾ چٽاڀيٽيءَ سان پورَ وڇوٽي رهندي جن کي بي روزگار عوام مان سدائين ڀوءَ رهندو. آخر ۾ مارڪس چيو ته، ”پيداوار جي ذريعن جي مرڪزيت ۽ محنت لاءِ اشتراڪي نظام، ان حد تي پهچندا جو سرمائيداريءَ جا ڇوڏا لهي ويندا ۽ اُهي ٻئي ڳالهيون گڏ نه رهي سگھنديون. اهو نظام ڇِلُ ڇوڏو ٿي ويندو. سرمائيداريءَ جي ذاتي ملڪيت لاءِ ماتمي گھنڊ وڄندو، ڦريندڙ ڦرجي ويندا. (The exproprietors shall be expropriated)
جيتوڻيڪ سرمائيداريءَ پنهنجي اندرين تحرڪ سبب تباهه ٿيڻي هئي، پر تباهي ازخود نه اچڻي هئي. ان لاءِ هڪ انقلابي عمل جي ضرورت هئي، جنهن ۾ پرولتاريت موجوده رياست کي اونڌو ڪري، ذاتي ملڪيت ۽ طبقاتي نظام کي ختم ڪندي.
مارڪس جي نظر ۾ هڪ سياسي انقلاب ضروري هو، ڇو ته رياست، سرمائيداريءَ نظام جي بچاوَ لاءِ هڪ مرڪزي ادارو هُئي. ”سياسي اقتدار“ هن پڌرنامي ۾ لکيو، ”فقط هڪ طبقي جو ٻي طبقي کي پيڙڻ لاءِ منظم اقتدار آهي. جديد رياست جا ڪارفرما (Excutive) فقط هڪ ڪاميٽي آهن جا بورجوازيءَ جا معاملا سنڀاري ٿي.“
مارڪس، رياست ۽ سماجي ادارن ۽ طبقن جو بڻ بڻياد پورهئي جي ورڇ ۾ ڏنو. هن جو ان ڳالهه ۾ ويساهه هو ته رياست، سماج جي اجتماعي مفاد جي مخالفت ڪري ٿي. ڇاڪاڻ جو اها اجتماعيت جو هڪ ”پر فريب تصور، هڪ ٺڳڻو روپ پيش ڪري ٿي ۽ طبقاتي ڪشمش کي ڇُپائي ٿي. تاريخ جي هر دؤر ۾ هر پيداوار جي طريقي، ڪلاسيڪيءَ، جاگيردارانه توڙي سرمائيدارانه، هڪ خاص قسم جي سياسي تنظيم اُڀاري آهي، جنهن مٿاهين طبقي جي مفاد کي اڳڀرو ڪيو آهي. ججھي پئماني تي صنعت ۽ جديد سرمائيداري جي عالمي چٽاڀيٽيءَ ۽ چڙهت، جديد جمهوري آزاد خيال حڪومت کي جنم ڏنو هو. يونائيٽيڊ اسٽيٽس ان جو همعصر مثال هئي. انهيءَ نظام ۾ بورجوازيءَ پنهنجي طبقاتي مفاد کي وڌائي، زور وٺائي سگھي ٿو. مارڪس جي لکت ايڏانهن ڌڪيو ۽ ٿيلهيو پئي ته مغربي يورپ جي صنعتي ترقي يافته مُلڪن ۾ پرولتاري انقلاب ايندو، جيتوڻيڪ پنهنجي پوئينءَ زندگيءَ ۾ هن ان ڳالهه جو اشارو ڏنو هو ته اهو ممڪن آهي ته روس سرمائيداري دؤر تان ورانگھه پائي ٽپي وڃي ۽ پنهنجي روايتي ڪسان – ڪَميون جي طريقي وانگر ڪميونزم وجود ۾ آڻي. اهڙو انقلاب جتي به ايندو، پُر تشدد ٿيندو. مارڪس اهو به مڃيو ته انهن ملڪن جي برعڪس يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۽ انگلنڊ ۾ انقلاب اشتراڪيت ڏانهن پر امن ڦير ڦار ۽ تبديليءَ سان ٿيندو. اهو انقلاب ڪڏهن ايندو، ان جي باري ۾ مارڪس ڪجھه به چيو نه آهي. مارڪس جون ڪيئي ٽيڪا ٽپڻيون آهن ته اهڙو انقلاب ڪنڌ تي بيٺو آهي ۽ ڄاڻ ڪڙڪيو، پر هن جون ڪي اقتصادي تحريرون اهڙيون به آهن، جن ۾ هن چيو آهي ته سرمائيدريءَ ۾ اڃان ترقيءَ جو ڪافي امڪان آهي، جيتوڻيڪ مارڪس جو ذهن ان ڳالهه ۾ بلڪل صاف هيو ته پورهيت پنهنجو ڇوٽڪو ۽ نيتارو رڳو پاڻ ئي حاصل ڪري سگھي ٿو. هن کي اهو موقعو نه مليو ته عوام کي مخاطب ٿي چوي ته هڪ انقلابي پارٽي جو مارڪسي عوامي تحريڪ سان ڪهڙو ناتو ٿي سگھي ٿو، ڇو ته اهڙي تحريڪ هن جي موت کان پوءِ ئي وجود ۾ آئي.
جتوڻيڪ مارڪس ان ڳالهه تي زور ڏنو ته: ”هن مستقبل جي رنڌڻي لاءِ رڌ پچاءَ جا نسخا نه ٿي ڇڏڻ چاهيا، پر پوءِ به هن پنهنجي سوچ جا خاڪا ڇڏيا، ڪميونزم انقلاب کان يڪدم پوءِ ممڪن نه هئي، ڇاڪاڻ جو سرمائيداريءَ کان ڪميونسٽ سماج تائين تبديليءَ جي وچ ۾ هڪ انقلابي ۽ ترتيبائتو ڦيرو اچڻو آهي ۽ هڪ طريقي کان ٻي طريقي تائين رسڻو آهي (افغانستان جو انقلاب ته مارڪس جي سوچ جي بنهه منافي هئي ۽ روسي پرولتاري سامراج جو ننگو ڦهلاءُ هو.)
هن جو اهو به خيال هو ته انهيءَ عبوري دؤر ۾ پرولتاريت جي آمريت ضروري آهي. ڪميونزم ۾ تبديليءَ لاءِ ٻه ڳالهيون ضروري هيون:
پهريون ته پيداوار جا ذريعا محنت ڪشن جي جماعت وٽ ڪٺيءَ طرح هوندا ۽ محنت جي پيداوار فقط هڪ قبضي ڪندڙ طبقو زياده وقت لاءِ سڌيءَ طرح دٻائي نه رکندو. ڇاڪاڻ جو سماج جي طبقن ۾ تقسيم گھڻو ڪري پيداواري ذريعن جي مالڪيءَ يا اڻ مالڪي تي نَرنءِ ڪئي، اها ڳالهه هڪ غير طبقاتي سماج جو بنياد رکندي. ٻيو ته رياست درجي بدرجي ختم ٿي ويندي، يعني هڪ طبقي جي تسلط کي سياسي ذريعو ڪري ڪتب نه آندو ويندو. سياسي اقتدار، بيورو ڪريسي ۽ عدليه جون جايون اليڪشن جي ذريعي فرد ڀريندا، جن کي انهن تان هٽائي سگھبو، ڪميونسٽ سماج وڌيڪ اوچيءَ ۽ اتاهين حالت تي پهچي پنهنجن جھنڊن تي لکندو ”هر ڪو پنهنجي لياقت کان وٺي، هر ڪو پنهنجي ضرورت تائين“
ان ۾ شڪ نه آهي ته مارڪس جو سماج جي ويڃاڻ ۾ وڏو هٿ رهيو آهي. هن جو تخيل اهو نه آهي جو ڪجھه مارڪسوادين ”جدلي ماديت“ جي نالي سان هڪ مڪمل ضابطهء حيات ۾ سمايو هو. اها ڳالهه ته هن جي سوچ جدلياتي هئي جا متضاد ڳالهين جي ٽڪراوَ ۽ انهن جي تڪ تور ۾ کُتل هئي، ازخود اشتراڪيت کي آزمائشي ۽ انت ۾ کليل ٿي رکي، ٻيو ته مارڪس هڪ سياسي سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ ۽ اقتصاديات جي ماهر جي حيثيت ۾ ڏاڍو بيچينيءَ سان ڪَٺو رهندو هو. اسٽالن هن جي انقلاب جي باري ۾ توقعات جي ستياناس ڪئي، گوربچوف جي پيرسٽووئڪا ان جو ڪفن سبيو، مارڪس جو خواب پورو ٿي نه سگھيو. نه وري هڪ غير طبقاتي سماج وجود ۾ آيو. يوگوسلاويا جي اڳئين وائس پريزيڊنٽ ملوين جلاس چوڻيءَ هڪ ”نئون طبقو“ وجود ۾ آيو. اهو مئنيجر يا ٽيڪنوڪرئٽ طبقو هو، جنهن جو اليا اهرنگ پنهنجي ناول ”The thaw “ (برف رجي وئي) ۾ ذڪر ڪيو، ڊو ڊنٽسوف پنهنجي ناول ”رڳو روٽي لاءِ“ ۾ ان جي مذمت ڪئي ۽ سولزيءَ نٽسن پنهنجا چار ناول ۽ گولگ ”ٻيٽن جو ميڙ“ جنهن ۾ قيدين جي ڪَٺي پَڙاءَ جو ذڪر آهي، لکي روسي ڪميونزم جا ڌاڻا ڪڍي وڌا ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي ڪتاب لکيا ويا. نه وري رياست مُرجھائي، جيئن مارڪس چيو هو. اُٽلو اها وڌيڪ مضبوط ٿي وئي، لکين ماڻهو قيد ڪيا ۽ ماريا ويا، ظلم ستم جو نشانو بڻيا ۽ نه رڳو سياست، فن ۽ ادب تي پابنديون لڳايون ويون، پر سائنس تي به بندشون وڌيون ويون. گوربچوف جڏهن اک کولي تڏهن دير ٿي وئي هئي. ڪميونزم جنهن جي قبضي ۾ اڌ دنيا هئي، هڪ تاس جي پتن مان ٺاهيل گھر وانگر اچي پَٽ پئي، هر لتاڙيل، ٽٽل نظرئي وانگر ان جا پوئلڳ اڃا به آهن جي ان کي جوڙڻ چاهين ٿا ۽ اهو نه ٿا سمجھن ته جوڙ سان آئينو ساڳيءَ حالت ۾ اچي نه سگھندو آهي. انسان جو عظيم خواب ٽٽي ٽڪرا ٿي ويو. ان ۾ شڪ نه آهي ته جنهن شخص اهو خواب اتساهيو هو، هڪ عظيم مفڪر ۽ عظيم انسان هو. انسان جا خواب ته پيا هلندا. اهي کُٽڻا ئي نه آهن ۽ پيا نئون نئون روپ وٺندا – حق جا، حسن جا، نيڪيءَ جا خواب جي اڃان ڀَلئون تي ڀل آهن.
علامه اقبال مارڪس لاءِ چيو هو:
آن کليمِ بي تجلي، آن مسيح بي صليب
نيست پيغمبر و ليکن در بغل دارد کتاب

(اهو بنا تجليءَ جي ڪليم ۽ اهو بنا صليب جي مسيح، پيغمبر نه آهي، پر هُن کي بغل ۾ هڪ ڪتاب آهي.)
علامه اقبال اهو ڄاتو ٿي ته تجليءَ کان سواءِ ڪليم نه ٿيندو آهي ۽ صليب کان سواءِ مسيح نه ٿيندو آهي ۽ فقط ڪڇ ۾ ڪتاب کڻڻ سان ڪوئي پيغمبر نه ٿيندو آهي. پيغمبر نه سهين، پر مارڪس جي تاريخ تي امر ڇاپ آهي ۽ هن جي ڪري ماڻهوءَ پهريون ڀيرو چڱيءَ طرح ڄاتو ته ڪنهن به سماج کي سمجھڻ لاءِ ان جي اقتصاديات کي سمجھڻ ضروري آهي ۽ طبقاتي تجزيو، تاريخ ۽ عمرانيات جي ڄاڻ ۾ هَٿي ڏئي ٿو. باقي ان نظرئي، انسان جي روپ ۾ جي نظرئي پرست درندا پيدا ڪيا، اهي هاڻي دنيا کان هرگز لڪل نه آهن. ايئن ڇو ٿيو؟ ڪٿي غلطي ٿي؟ اهو خواب ڪرچيون ڪرچيون ٿي ڇو پکڙجي ويو؟ ڇا ان جو جواب سولزي نٽسن وٽ آهي؟ يا ان تي صديون ڪيئي ڪتاب لکيا ويندا؟

ڪازان زاڪس نڪوس

ڪازان زاڪس نڪوس
(1883ع کان 1957ع تائين)

هو يوناني شاعر ۽ ناول نويس هيو. مان ڀانيان ٿو ته دنيا جي ناول نگارن مان انهيءَ جو اثر مون تي سڀ کان گھڻو ٿيو آهي ۽ مون گھڻي ڀاڱي هن جا سمورا ڪتاب پڙهيا آهن. هو ڪريٽ ۾ ڄايو هو ۽ ان جي آزاديءَ جي باري ۾ بار بار لکيو اٿائين. جيئن مون سنڌ جي باري ۾ لکيو آهي. هن جا ڪتاب ڏاڍيون ڳوڙهيون ڳالهيون، مسلسل ترقي پذير دانشوريءَ جو اثر ڏيکارين ٿيون. (هن ۾ برگسان، نٽشي، لينن ۽ ٻُڌ اچي وڃن ٿا)
هن پنهنجي تخليقات کي هڪ مابعد الطبيعاتي ڪارنامو سمجھيو هو. هن جو عجيب و غريب رزميه نظم ”آڊيسي“ جنهن جو نالو هن هومر جي ڪتاب تان ورتو آهي. هڪ دليريءَ ۽ ڪفر واريءَ آزاديءَ جو اظهار ڪري ٿو. بهرحال هو پنهنجي ناولن ۾ ”عظيم زوربا“، ”ڪرست جي آخري خواهش“ ۽ آتم ڪهاڻيءَ ”گريڪو کي رپورٽ“ سبب سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي ۽ انهن ۾ هن پنهنجون اخلاقي ۽ مابعد الطبيعاتي مصروفيتون هڪ نهايت سهڻي ادبي انداز ۾ پيش ڪيون آهن. ڪازان زاڪس هڪ تمام وڏو يوناني اديب ۽ شاعر هو ۽ اڪثر نقاد اهو تسليم ڪري چڪا آهن ته هو ويهين صديءَ جي ٽن چئن عظيم ترين اديبن مان هڪ هو. هو 18 فيبروري 1883ع تي ڪريٽ ۾ ڄائو هو. هو منهنجو روحاني ڀاءُ هو ۽ مون ڪٿي لکيو آهي ته اسان جي ادب ۾ فرق نه پوي ها جي هو سنڌ ۾ ڄمي ها ۽ يا مان ڪريٽ ۾ ڄمان ها. جڏهن مان يونيسيڪو ڪانفرنس ۾ استنبول وڃي رهيو هوس ۽ جهاز سائپرس مٿان اڏامي رهيو هو، جو ڪازان زاڪس جي ادبي تخليق جو مرڪز هو ته هڪ ڀيرو ته دل ۾ آيو ته جهاز مان جيڪر ڪنهن پئراشوٽ ۾ سائپرس تي لهان، ڇو ته اهو به منهنجو ائين ئي وطن آهي، جيئن سنڌ آهي.
اٿينس جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم مڪمل ڪري هو پئرس ويو، جتي هينري برگسان جي Elan Vital جي فلسفي کان متاثر ٿيو، جنهن کي علامه اقبال خودي چيو آهي؛ اهو فلسفو جنهن کي نٽشي جي انساني ارادي جي عظيم قوت واري تخيل تقويت پهچائي، ان کان پوءِ هن جي خيالن تي ڇانيو رهيو. هن محسوس ڪيو ته زندگي ائين گذارجي جو جسم کي روح ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ هن پنهنجا ڪيئي تارڻ هار چونڊيا، ٻُڌلينن، ڊانٽي، يولي سس، مسيح، جي هن کي ڀَوَ ساگر مان پار اُڪارن. هن کي اها پڪ نه هئي ته هن جو مقصد جڳ کان هڪ يوگيءَ وانگر پاسيرو ٿي وڃڻ سان پورو ٿي ٿيو يا سياسي عمل سان. هن ٻئي طريقا آزمايا ۽ ان ڳالهه هن ۾ تجربي جي غير معمولي گوناگوني ۽ رنگارنگي پيدا ڪئي. يونان جي طوفاني سياسي فضا هُن کي عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي تجربي جي اظهار جا ڪيئي موقعا ڏنا. 1945ع ۾ ڪيترن ئي عهدن کان پوءِ، هن کي يونان جو پورٽ فوليو کان سواءِ منسٽر مقرر ڪيو ويو. هُن سوويت يونين، اسپين، فرانس، چين، جپان، ويانا، برلن، انگلنڊ جا سفر به ڪيا ۽ اتي ڪافي وقت رهيو. اهو سڄو تجربو هن جي آرٽ لاءِ خام مواد هو. هن ڪيئي ڪتاب لکيا. شاعريءَ ۾ ”آڊيسي“ ناولن ۾ ”مسيح جي پوئين آزمائش“، ”عظيم زوربا“ ۽ ٻيا ڪيترائي ناول ۽ سفرناما ۽ آتم ڪهاڻيون، مون هن جا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن. 1953ع ۾ هن جا ڪتاب ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ هو نوبل پرائيز جو اميدوار ٿيو. پر هن جي يونان سان اجنبيت وڌندي رهي. 1930ع ۾ هن جي هموطنن هن تي مقدمي هلائڻ جو دڙڪو ڏنو. 1953ع ۾ چرچ هن کي جلاوطن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن فقط چيو، ”اي خدا مان تنهنجي عدالت ۾ اپيل ڪيان ٿو.“ هو 26 آڪٽوبر 1957ع تي جرمنيءَ ۾ مري ويو.

ڪافڪا

ڪافڪا
(1883ع کان 1924ع تائين)

آسٽرو – جرمن، ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار جو پراگ جي هڪ سرمائيدار يهوديءَ جو پٽ هيو. ڪجھه وقت ادب ۽ طب جو مطالعو ڪري، هن قانون ڏانهن رخ رکيو، جنهن هن جي خانگي زندگيءَ ۾ ڪافي واندو وقت ڇڏيو، جنهن ۾ هو ادب تخليق ڪري سگھيو، (قانون ته منهنجو به پيشو هو، پر مون کي واندو وقت ڪونه هو ۽ راتين جون راتيون جاڳي، مون ادب جو پيڇو ڪيو.) هن پراگ جي جامعه ۾ قانون ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي، پر ان کان پوءِ هو هڪ نيم سرڪاري انشوئرنس ڪمپنيءَ ۾ ڪلرڪ ٿيو. پوئين ڏينهن هن کي اهڙي پورهئي مان گذارو هڪ نه سهڻ جهڙو ٻوجھه لڳو ۽ هو ان مان جند ڇڏائي، برلن جي ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ لڳو ۽ ساهيته جي رچنا ۾ جُنبي ويو. 1914ع ۾ هن جو مڱڻو ٿيو، پر اهو ٽوڙي ڇڏيائين ڇو جو هو شاديءَ کي منهن ڏئي نه ٿي سگھيو. هن جا ناڪامياب معاشقا، هن جا پنهنجي پيءُ سان تعلقات، جنهن پاڻ کي ٺاهيو هو ۽ جنهن کي پنهنجي پٽ جي ادبي تخيلق جي پرواهه نه هئي، هن جي متزلزل نه ٿيندڙ دانشورانه ديانتداري، هن کي هڪ نفسياتي مريض بڻائي ڊاهي وڌو. هن کي سلهه به ٿي پئي هئي. هو ڪجھه وقت سئني ٽوريم (صحت گاهه) ۾ به هئو. 1918ع ۾ جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڏڪار ۽ بک هئي، جنهن هن جي حالت ويتر خراب ڪري ڇڏي ۽ هو 1924ع ۾ مري ويو. جيتوڻيڪ هو زيڪ (Czech) هو، ڪافڪا پنهنجا ڪتاب جرمن ٻوليءَ ۾ لکيا آهن، انهن مان ست هن جي زندگيءَ ۾ شايع ٿيا. ”مقدمو“ هن جي موت کان پوءِ 1925ع ۾، ”ڪوٽ“ 1926ع ۾ ”آمريڪا“ 1927ع ۾ ۽ ”چين جي لنبي ديوار“ 1927ع ۾ شايع ٿيو.
هن جا ڪتاب خانگي ڏند ڪٿا جي دنيا تخليق ڪن ٿا، جنهن جو منطق خواب جهڙو آهي ۽ واقعا گنڀيرتا سان لکيا ويا آهن. ۽ جن ۾ مزاح ڊول بلاڙو، کل جهڙو ۽ ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري، وانگر آهي. هن 1919ع ۾ ”پيءُ ڏانهن خط“ ڇپايا، جن ۾ پنهنجي پيءُ جي تسلط کان آزادي جي اجائي ڪوشش ڏيکاريل آهي ۽ انهيءَ ۾ هن گناهه جي موضوع ۽ خود تشڪيڪ جو محاصرو ڏيکاريو آهي. هن جي تحرير ۾ هڪ بنيادي مابعد الطبيعاتي خوف آهي. بي يقيني آهي ۽ علحدگي آهي. زندگي هن جي اهم ڪردار کي فقط برائي جي وچ ۾ چونڊجي وٿي ڏئي ٿي ۽ پنهنجي لاءِ واجبي سبب ۽ حيثيت گُھر ڪري ٿي ۽ معنى لاءِ هڪ اکٽ تلاش کي اڀاري ٿي، جنهن لاءِ پڙهندڙ کي چڱيءَ طرح سمجھڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. هن جي ڪهاڻي ”فتوى“ (1912ع ۾) ۾ هڪڙو پٽ پنهنجي موت جي سزا ڪاٽي ٿو، سز ا جا هن جي پيءُ هن کي ڏني آهي ۽ اها ڪهاڻي سماجڪ سوڀ جي ڪيتري نه ڍانڍي آهي ۽ ڀان ڀان ٿي ڪري ۽ ان جي شروعات ئي سنسني سان آهي. 1915ع ۾ هن ”ڪايا پلٽ“ (The metamorphosis) ڪهاڻي ٽن حصن ۾ لکي، جنهن کي بي پناهه منطق آهي ۽ جنهن جو اثر هيرو جي پوري خاندان تي پوي ٿو، جيڪو هڪ انوکيءَ ڪايا پلٽ ڪري هڪ ڏاڍو وڏو جيت بڻجي وڃي ٿو ان ۾ ڪافڪا هن جو ۽ هن جي خاندان جو ردِ عمل ڏيکاري ٿو. پهرين هو ڏهڪايل آهي، پوءِ ڀلو آهي، بُرو آهي، ڪاوڙيل آهي، ڌڪاريندڙ آهي ۽ انت ۾ بي پرواهه آهي. اها هڪ ڳري گھر ۾ ڀوت پريت جي واسي جهڙي تمثيل آهي، دهڪائيندڙ درشٽانت آهي.
ڪافڪا جا 3 ناول، جيڪي سڀ اڌ ۾ رهجي ويا، هن جي موت بعد شايع ٿيا، جنهن ۾ سڀ کان اهم ”مقدمو“ آهي جو 1925ع ۾ چپيو. ان ۾ هيرو جي گرفتاري ۽ هُن تي ڪارروائي، جنهن جي سمجھاڻي ڏئي نٿي سگھجي. ڪنهن غئبيءَ اختياريءَ جي تصوير پيش ڪري ٿي ۽ هڪ فرد جي وجود جي قصور کان انڪار جي هڪ آڳو پيڇو نه ڳڻيندڙ ڪوشش آهي. 1926ع ۾ ”ڪوٽ“ (The Castle) ناول ڇپيو، جيڪو پنهنجي وجود جي وڌيڪ تلاش لاءِ عذر آهي ۽ ڪنهن فرضيءَ اعلى اختياري جي اسرار ۾ پيهڻ جي امٽ کوج آهي، جو ذري گھٽ اپهچ آهي ۽ افسر شاهيءَ جي مشين جي مونجھاري ۾ ڦاٿل ۽ گنڊ گوڙ آهي. ”ڪوٽ“ ۾ انهيءَ دنيا جي اپٽار آهي، جتي هڪ ڄڻو، هر جاءِ حاضر، جھانسي باز ۽ گمنام قوتن خلاف جدوجهد ڪري ٿو، جي هن جي هر قدم کي طئي ڪن ٿيون ۽ ان جي مخالفت به ڪن ٿيون.

ڪاليداس (400ع)

ڪاليداس (400ع)

سنسڪرت جو شاعر ۽ ڊراما نويس، چندر گپت II ڪمار گپت I جي دؤر ۾ شهرت حاصل ڪيائين. (375ع کان 450ع تائين) هندستان جي درٻاري تهذيب ۾ چوٽيءَ تي هيو. هن جا ڪل ڇهه ڪتاب آهن، جنهن مان پهريون ڪتاب ”ميگھه دت“ (اهو بادل جيڪو پيغام رسائي) آهي، جنهن ۾ هندستان جو فطري منظر نهايت ترنم سان چٽيو ويو آهي ۽ سنسڪرت جي ساهتيه جا ٻه وڏا رزميه نظم ”ڪمارا جو ڄم“، جو شوِ ۽ پاروتيءَ جو پيار ۽ انهن جي پٽ يُڌ جي ديوتا ڪمارا جي باري ۾ آهي. ٻيو ”رگھو ونش“ جو رگھو ڪُل جي باري ۾ آهي ۽ جنهن جو اتساهه هن کي رامائڻ مان مليو. ڪاليداس جي ناٽڪن ۾ مالا ۽ وڪا ۽ اگني مترا درٻار جي پيار جي طور طريقن جي باري ۾ طربيه نظم آهن. وڪرم اُروشي ۾ پراڻي پيار جي ڪهاڻي پُرو راواس ۽ اُروشي جي باري ۾ آهي. هن جو شاهڪار جنهن کي گوئٽي به ساراهيو آهي، سو شڪنتلا آهي، جنهن ۾ دشينت نالي هڪ راجا پِٽ جي اثر هيٺ پنهنجي زال کي وساري ٿو ڇڏي، ۽ آخر ۾ هن کي پنهنجي منڊي ڏسي سڃاڻي ٿو. مون پنهنجي نثر ۽ نظم ۾ بار بار ڪاليداس جو ذڪر ڪيو آهي. منهنجي نظر ۾ هن ننڍي کنڊ جا ٽي وڏي ۾ وڏا شاعر ڪاليداس، ڀٽائي ۽ ٽئگور هيا.

ڪانٽ

ڪانٽ

امينيوئل ڪانٽ جرمنيءَ ۾ 1724ع ۾ جنم ورتو ۽ 1804ع ۾ وفات ڪري ويو. هن جا فلسفي تي ڇهه اهم ڪتاب آهن، جن ۾ اهم ترين “The critique of pure reason” (عقلِ محض تي تنقيد) آهي. هن جي مشهور چوڻي آهي: ”اعلى ترين شيءَ جا انسان حاصل ڪري سگھي ٿو، اها امن آهي، هڪ سرهو روح آهي ۽ پنهنجي ذات سان هڪ اندرئين ميٺ محبت ۽ ٺاهه آهي، جيڪو ڪوئي به غصو ڦٽائي نه ٿو سگھي.“
ڪانٽ کي فرينچ انقلاب ۾ ڀروسو هيو ته اهو امن جو دؤر آڻيندو. هو نيپولين جي دؤر تي ڳاڙهي باک کان اڳتي ڏسي نه سگھيو، پر شايد هُن ان کان اڳتي ٻي ڏينهن ڏانهن ڏٺو هو. جڏهن هر حڪومت کي هڪ آئين هوندو ۽ جنگ جو شهرين جي عوامي راءِ کان سواءِ اعلان نه ڪيو ويندو ۽ هن کي اميد هئي ته دنيا ۾ امن تڏهن ايندو جڏهن حاڪم ۽ آمر، جيڪي پاڻ کي حڪومت جا والي سمجھن ٿا، هڪ ماضيءَ جي ڳالهه ٿي ويندا ۽ جڏهن هر ماڻهو کي جائز عزت ملندي ۽ هو ڪنهن ڳالهه جو ذريعو نه پر پنهنجي جاءِ تي مقصد سمجھيو ويندو ۽ جڏهن قومن کي اها سمجھه ايندي ته اهو انسان جي عظمت جي خلاف آهي ته هن کي ڪنهن به ڳالهه لاءِ هٿيار ڪري استعمال ڪيو وڃي. ڪانٽ پنهنجي فلسفي جي تلاش ڪندي ڪوشش ته خدا کي حاصل ڪرڻ جي ڪئي هئي، پر هن کي انسان ملي ويا. ڪاش! منهنجو دوست يوسف شاهين، جنهن تازو ”فاتحين جي دنيا“ جهڙو هڪ سٺو ڪتاب لکيو آهي، ڪانٽ جي فلسفي جو مطالعو ڪري ها!

ڪرٽو (Crito)

ڪرٽو (Crito)

سقراط تي ڪاروائيءَ کان پوءِ موت جي سزا جي باري ۾ افلاطون جي لکيل مڪالمي جو هڪ ڪردار هيو. چوٿين صديءَ قبل از مسيح ۾ ڪِرٽو وارو منظر ايٿنس جي قيد خاني ۾ آهي. سقراط جي موت کان 2 ڏينهن اڳ.
سقراط تي ڪاروائيءَ، ڪرٽو کي، جو سقراط جو پراڻو دوست هيو، ڇرڪائي وڌو ۽ هو صبح جو قيد خاني ۾ آيو. جيئن هو سقراط جي فرار لاءِ پوئين ڪوشش ڪري. هن جي خيال ۾ سقراط کي اولاد پيدا ڪرڻ ئي نه گھربي هئي، جيڪڏهن هن کي موت جو ايترو انتظار هيو؛ ۽ نه وري هن کي ائين پنهنجي گھڻگھرن لاءِ خواريءَ جو سبب ٿيڻو هو، جيئن هو ضرور ٿئي ها، جي هو پنهنجي موت کان فرار حاصل نه ڪري ها، ڇو ته ماڻهو ائين چون ها ته هُن جا دوست هن کي بچائي نه سگھيا ۽ هن جي قيد خاني جي داروغي کي رشوت ڏئي هن جي فرار جو انتظام نه ڪري سگھيا ۽ ڪو به ان ڳالهه ۾ اعتبار نه ڪري ها ته هُن پنهنجو انت پاڻ آڻڻ ٿي چاهيو.
سقراط ڪرٽو کي چيو ته هن کي برائي اڳيان ڪنڌ جھڪائڻ نه گھرجي ۽ اها ڳالهه هڪ فرد سان به ايترو لاڳو هئي، جيئن ڪنهن ملڪ سان. هن وڌيڪ چيو ته جي هو ڀڄي ويندو ته هن جي ڀاڄ برائيءَ اڳيان ڪنڌ جھڪاءَ جيئن سمجھي ويندي ۽ جيڪڏهن هو انهيءَ بي انصافيءَ خلاف پنهنجي خفگي يا چڙ ڏيکاريندو، جا هن سان ڪئي وئي آهي ته هو اهڙي قانون جي پاڙ پٽي سگھندو يا گھٽ ۾ گھٽ، هن کي ايتري حد تائين بڇڙو ڪري سگھندو، جيترو به ڪري سگھي ٿو؛ پر جي هو ڀڄي ويو ته هو اها ڳالهه ثابت ڪندو ته هن تي جي الزام هنيا ويا هيا، سچا هيا. جيتوڻيڪ هو بي ڏوهي هيو. هن وڌيڪ چيو ته هن کي اها ڳالهه ڪرڻ گھرجي جا صحيح هجي ۽ ان لاءِ پنهنجي دوستن جي نيڪ ناميءَ جو ۽ ٻارن جي تعليم جو خيال نه ڪرڻ گھرجي. ڪرٽو، افلاطون جو ننڍي ۾ ننڍو مڪالمو آهي، پر هڪ شاهڪار آهي، پهرين سين کان وٺي، جنهن ۾ ڪرٽو خاموشيءَ سان انتظار ڪري رهيو آهي سقراط جي ڀرسان، جو ننڊ ۾ آهي ۽ هن جا لفظ ٻڌي هو سوچي رهيو آهي ته ڪهڙو جواب ڏئي! انهيءَ حصي جو مقصد اهو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي چئي رهيا آهن ته سقراط هڪ چڱو شهري نه آهي، انهن کي ڏيکاريو وڃي ته اٿينس جي سڀني شهرين مان هُو ئي فقط هڪ آهي جو قانون جي عزت برقرار رکڻ لاءِ موت قبولي رهيو آهي. بهرصورت هن تاريخ جي باب جي ۽ گفتگوءَ جي حقيقت پڪ سان چئي نه ٿي سگھجي.

ڪيرڪي گارڊ ((Soren Kierkegaard)

ڪيرڪي گارڊ ((Soren Kierkegaard)
(1813ع کان 1855ع تائين)

ڊينمارڪ جو اهل – معرفت، مفڪر ۽ وجوديت جي فلسفي جو پيشرو هيو. هن وجود جو تصور ائين ڏنو ڄڻ اهو محدود ۽ لامحدود، عارضي ۽ دوامي جي وچ ۾ آميزش هئي. هو ڪوپن هيگن ۾ 5 مئي 1813ع تي ڄايو هو. هو پيءُ ماءُ جو ستون ۽ آخري ٻار هو. هن جي پيءُ ڪافي چڱي چوکي مُڙي ڇڏي هئي. ۽ ان لاءِ هُو سندس ٿورائتو هيو. هن کي پيءُ مذهبي زندگيءَ جي تربيت، منطقي گفتگوءَ ۾ مهارت، ۽ غم ۽ اندوهه لاءِ رغبت ڏني هئي جا هن جي رؤم رؤمَ ۾ رمي رهي هئي. ڪيرڪي گارڊ جا يونيورسٽِيءَ ۾ اوائلي سال پُر واقعات نه ها. 1938ع ۾ هن جي پيءُ جي وفات هن جي زندگيءَ جو هڪ قطعي واقعو هئي. هن جو اڇاترو، بي ترتيب ۽ بي مقصد مطالعو پورو ٿيو ۽ ٻه سال پوءِ هن فقه ۾ يونيورسٽي جو امتحان پاس ڪيو. هن جي مشهور مقالي، ”هِجوَ جي باري ۾ ويچارَ“ هن کي ايم اي جي ڊگري ڏياري ۽ اهو مقالو 1841ع ۾ شايع ٿيو.
مارچ 1841ع کان 1842ع تائين هن برلن ۾ قيام ڪيو، جتي هُن فلاسافر شيلنگ جا ليڪچر ٻُڌا ۽ ان وقت حاضرين ۾ بڪونن، لڊوِگ فيور باخ ۽ فريڊرڪ اينجلس به موجود هيا، پر ڪيرڪي گارڊ شيلنگ جي تعليم مان ڪجھه به نه پرايو. 1843ع ۾ هن ”پڇتاوَ، ڀَوَ ۽ ڪنبڻيءَ“ تي، ڪتاب ڇپايو، ۽ ان سان گڏوگڏ هن 9 مذهبي تقريرون ٽن حصن ۾ ڇپايون. 1944ع ۾ هن جون 9 تقريرون ٻيون به ڇپيون. 1843ع ۾ هن جون ٽي ٻيون تقريرون ڇپيون. 1845ع ۾ ڪيرڪي گارڊ جو فلسفي تي عظيم ترين ڪتاب، ٻين ڪتابن وانگر مصنف جو نالو ڇُپائي Concluding unscientific post script (غير سائنسي قلم تازو پورو ڪجي ٿو) ڇپيو. ان ڪتاب جي اشاعت سان ان جي مصنف جو راز کلي پيو. ڪيرڪي گارڊ سوچيو ته سچو ڪرستان ڪيئن ٿيان، هڪ بي مثال مهارت سان ڪيرڪي گارڊ زندگيءَ جا ٻه الڳ الڳ ويچارَ ۽ اُپاوَ، زندگيءَ جي مختلف طور طريقن ۾، ڄڻ ليڪي ڏيکاريا ۽ انهن کي ڪافي تسلسل ڏنو. اهو ڏيکارڻ لاءِ ته مسيحي طرز زندگي جماليات مان ٻاهر نڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿي، ۽ ان جو راز اخلاقيات ۾ آهي، جو ئي آخري طرح مسيحيت جو رستو آهي. چيو ويو آهي ته هن جي ادب ۾ يقين، حق، الهام ۽ عقل جي پوري پوري ۽ درست معنى آهي. ان ۾ هيگل تي به واضح تنقيد آهي ته فيلسوفياڻي تصوريت (Idealism) تي به. هن جا ٻيا ڪتاب به 1846ع، 1848ع ۽ 1852ع جن ۾ پنهنجي دؤر جي مسيحيت تي ڪڙي تنقيد هئي. 1852ع واري ڪتاب ۾ وعظ نه هيا ۽ اهو مسيحيت جا سڀ قسم وائکا ڪري ٿو.
بهر صورت هن جو مذهبي جهاد جاري رهيو. سيپٽمبر 1855ع ۾ هن سمجھيو ته هن پنهنجو دؤر پورو ڪيو هو؛ هو آڪٽوبر ۾ بيمار ٿي پيو ۽ 11 نومبر 1855ع تي گذاري ويو. مون انگريزيءَ ۾ تصوف جو ڪوبه ڪتاب نه پڙهيو آهي، جنهن ۾ ڪرڪي گارڊ جو ذڪر نمايان طرح نه ڪيو ويو آهي. هُن ابسين، مائڪل ڊي يونامُنو، ائنٽن چيخوف، نڪولائي برڊييف (Nikolai Berdyev) ۽ ٻين ڪيترن تي اثر ڇڏيو آهي.
ٻنهي مهاڀاري لڙاين جي وچ ۾، جرمني ۽ فرانس ۾ وجوديت (Existenialism) جو فلسفو اڀريو ۽ ان جي ٻن طرفدارن مارٽن هيڊگر (Martin Heidegger) ۽ ڪارل جيسپرس (Karl, Jaspers) ٻنهي تي هن جو اثر نمايان آهي. جن تي هن جو اثر نه هو، مثال سارتري ۽ ٻيا ڪيئي اديب انهن کان پوءِ اڳتي آيا ۽ وجوديت جي فلسفي تي حاوي ٿي ويا ۽ وجوديت جي ادبي تحريڪ تي هن ڊين فلاسافر جو اثر نه آهي.

ڪرنسٽافر اشرووڊ (Christopher Isherwood)

ڪرنسٽافر اشرووڊ (Christopher Isherwood)
(1904ع کان 1986ع تائين)

برطانوي ناول نگار ۽ ڊراما نويس، هن جو ڪتاب “Mr. Norris changes trains” (مسٽر نارس ريلون بدلائي رهيو آهي.) ، جيڪو نازي ازم جي باري ۾ هيو، جيڪو مون تڏهن پڙهيو هو، جڏهن منهنجي عمر 23، 24 سال هئي ۽ مون تي ڏاڍو اثر ڪيو هيائين. ڇاڪاڻ جو ان ۾ نه رڳو هڪ ظالم سماج ۾ هڪ دانشور ڪردار جي دلڪش عڪاسي ڪئي وئي هئي، پر ان ۾ هنن جلاوطنن جي زندگي جا خاڪا پيش ڪيا ها، جيڪي ويمر (جرمن ريپلڪ) ۾ تباهه ٿي رهيا هيا، جنهن وقت هٽلر جي نازي ازم اڀري رهي هئي، هن جو ڪتاب “Good by to Berlin” (برلن کي الوداع) ڏاڍو مشهور آهي، جو 1939ع ۾ ڇپيو هو ۽ اهو به نازي جرمني جي باري ۾ آهي. ان کان اڳ هُن پنهنجي دوست آڊن سان چين جو سفر ڪيو هو، جنهن جو ذڪر هن جي ڪتاب “Journey to War” (ميدان جنگ ڏانهن) ۾ ڪيل آهي.
هو بعد ۾ آمريڪا هليو ويو ۽ 1946ع ۾ آمريڪي شهري بڻيو هو. اتي هن تي جديد دنيا جو جادو ٽٽي چڪو هو ۽ هو ويدانت ۾ پاسيرو ٿي ويو هو. هو هالي ووڊ، ڪئلي فورنيا ۾ سوامي پرڀو آنند جي حلقي ۾ آيو هو ۽ هن سان ڀڳوت گيتا جي ترجمي ۾ تعاون ڪيو هيائين جا 1944ع ۾ ڇپي. 1964ع ۽1965ع ۾ اشرووڊ ڪئلي فورنيا يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هيو. هن انهيءَ کان پوءِ به 1976ع تائين پنج ٻيا ڪتاب به لکيا. هو سانتا مونيڪا ڪئلي فورنيا ۾ 4 جنوري 1986ع تي مري ويو.

ڪبير ڀڳت

ڪبير ڀڳت

رودِ ڪوثر، موجِ ڪوثر ۽ آبِ ڪوثر جي مصنف شيخ محمد اڪرام، آبِ ڪوثر جي صفحي 529 تي لکيو آهي ته:
”لوڌين جي حڪومت ۾ اُتر هندستان ۾ ڪيترن ئي اهڙن مکيه بزرگن جو ظهور ٿيو، جن اهڙن فرقن جو آغاز ڪيو، جن ۾ ٻنهي مذهبن جا عقيدا شامل هيا. انهن بزرگن ۾ ڪبير سڀني کان مٿَ ڀرو هيو . جو 1440 ع ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 1518ع ۾ وفات ڪري ويو. تذڪره اولياءِ هند ۾ هن کي شيخ ڪبير جولاهو قدس سَره لکيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته هي حضرت شيخ تقي سهرورديءَ جو خليفو هو. هُن پنهنجي ولايت کي ملامتيه طريقي ۾ ڇپايو هو ۽ جيڪي به هن جي وقت ۾ موجد هيا، انهن سڀني ۾ ممتاز هيو. ڪجھه ڏينهن رامانند ويراڳيءَ وٽ رهي هندي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جو فن سکيو. اڳتي هلي تذڪري ۾ لکيل آهي ته ڪبير پوءِ شيخ بيکا چشتيءَ جي خدمت ۾ رهي. خلافت جو خرقو حاصل ڪيو. هندو ۽ مسلمان ٻئي هن جا معتقد ٿي ويا. هر ڪوئي ڪبير کي پنهنجي مذهب جو سمجھندو هو. جي هندو هن جا پوئلڳ هئا ته اهي پاڻ کي ڪبير پنٿي چوائيندا ها. انهن جو طور طريقو ۽ قول فعل بلڪل اهلِ اسلام وانگر هو. رڳو ٻوليءَ جو فرق هوندو هو. بابا نانڪ، جنهن جي سکيا ڪبير جي سکيا سان ملي جُلي ٿي 1469ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1530ع ۾ وفات ڪيائين.“
ڊاڪٽر تارا چند ”رامانند ۽ ڪبير“ جي عنوان سان پنهنجي ڪتاب ”هند جي تمدن تي اسلام جا اثر“ ۾ لکيو آهي:
”رامانج جي اَمرمت ساريءَ ڌرتيءَ تي ڦهلجي وئي. پهريون گرو ديو آچاريه هو. ٻيو مشهور ۽ معروف گُرو هري يانند هو. ان کانپوءِ راگھو آنند آيو ۽ پنهنجن عقيدتمندن لاءِ مسرت جو پيغام کڻي آيو. ان کانپوءِ رامانند جو ظهور ٿيو جو ماڻهوءَ جي جاڳرتا جو اوتار ٿي آيو. . . . رامانج کانپوءِ رامنند روحاني سلسلي جي ٻاويهين ڪَڙي هو. . . . ممڪن آهي ته رامانند تيرهين صديءَ عيسويءَ جي آخر بجاءِ چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ پيدا ٿيو هجي. . . . هن سڀني کي ڀڳتيءَ جي تعليم ڏني. . . رامانند جي تعليم مذهبي خيال جي ٻن مڪتبن کي جنم ڏنو. هڪ قدامت پسند هو ۽ ٻيو جدت پسند. پهريون مڪتب خيال قديم عقيدن تي ڪاربند رهيو ۽ عقيدن ۽ رسمن ۾ ٿوريون تبديليون ڪيائين. ٻئي مڪتبِ خيال آزاد رَوش اپنائي، هڪ اهڙي مذهب جو بنياد وڌو، جنهن کي هندو ۽ مسلمان ٻئي قبول ڪري سگھن پيا. پهرين مڪتبِ خيال ۾ تلسي داس جو نالو سڀني کان اڳ ۾ اچي ٿو ۽ ٻئي مڪتبِ خيال ۾ سڀ کان اول ڪبير جو، (اڪرام الله به ان تي متفق آهي ته ڪبير تي رامانند جو اثر هو.) ان ۾ شڪ نه آهي ته وچولي دؤر جي هندستان اهي سڀ کان زياده اهم شخصيتون پيدا ڪيون. . . ڪبير، تلسي داس کان الڳ هڪ ٻئي نظام جو جينيس آهي. هن اسرارِ حيات جو غور سان مطالعو ڪيو ۽ لم يزل جو جلوو ڏٺو. هن هڪ ماورائي عالم مان فرد ۽ سماج لاءِ هڪ نئون پيغام آندو هو ۽ مستقبل جو هڪ خواب ڏٺو هو، جو تمام ڪدورتن، بدصورتين ۽ بي هنگمين کان پاڪ هو. هو اهڙي مذهب جي تعليم ڏيندو هو جو هن جي ذاتي تجربي تي ٻڌل هو ۽ ڪنهن به هن هڪ مڃيل عقيدي جا قدر ۽ تمام لوازمات هڪ ٿُڏي سان هٽائي ڇڏيا ته هن جو روح مذهبن جي جھيڙن جھڳڙن ۽ ڏيکاءَ جي خالي پيلي پرستش مان کٽو ٿي پيو هو. هو ڪنهن به رياڪاريءَ کي برداشت نه ٿو ڪري ۽ جڏهن حق جي طلب ڪري ٿو ته حقيقت جو طالب آهي. ڪبير گوشه نشين تياڳي نه آهي، جنهن دنيا کي خدا حافظ يا آسرو گروءَ جو چيو آهي نه هو وري تخيل پرست آهي، جنهن کي هر شيءِ ۾ ”مڙيو ئي مٺائي“ نظر اچي ٿي. هو ته چوي ٿو ته: دنيا جي اخلاقي جدوجهد ۾ صليب کي تلوار بڻايو وڃي ۽ صداقت جي بچاءَ ۾ هڪ ڀرپور وار ڪيو وڃي. هو معقوليت پسند طور طريقي کان هر نابري واري ٿو ۽ انساني شرف جي هر ذلت تي ڦٽ لعنت ڪري ٿو. هو هڪ سگھائتي ڇنڀ ڪرڻ وارن مان آهي. هڪ نڏر ڳولائو آهي ۽ هندستان جي هندو مسلم جماعتن جو وڏو علمبردار آهي ۽ انسانيت جي مذهب جو پيغامبر آهي، جنهن اهو سبق ڏنو آهي ته مجموعي طرح خدا سڄي انسان ذات ۾ جلوه گر آهي.“ ڪي محقق چون ٿا ته ڪبير هڪ سو هڪ سال زندهه رهيو ۽ ڪي چون ٿا ته ڪبير 1518ع ۾ فوت ٿيو. ڪيئن به هجي، سردار جعفري، اردو جو ترقي پسند شاعر ۽ اديب، هن جي باري ۾ چوي ٿو ته:
”ڪبير ڪوري هيو (ڪوري لفظ هنديءَ ۾ به ساڳي معنى ۾ مستعمل آهي، جنهن معنى ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڪم آندو وڃي ٿو) ۽ جولاهي جو لفظ گھٽ استعمال ڪيو اٿائين ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ڪوري ۽ ڪمينو به چيو اٿائين:
تہاں جاؤ جہاں پاٹ پٹمبر اگر چندن گھس لیتاں،
آئے ہمارے کیا کروگے، ہم تو جات کمیناں۔

(اوڏانهن وڃ جيڏانهن پٽ پٽيهر آهي، اگر ۽ چندن جو دونهون نڪري رهيو آهي؛ اسان وٽ اَچي ڇا ڪندينءَ اسان ته ڪميني ذات جا آهيون.)
ائين نه آهي ته هو پنهنجي ذات کي ڪميڻي ذات سمجھندو هيو، پر اها هن جي ڪَسَر نفسي هئي. اها ڳالهه اهم نه آهي ته هُو هڪ جُلاهي (ڪوريءَ) جو پٽ هو، يا ڪنهن برهمڻيءَ جي پيٽ مان ڄائو هو ۽ هڪ جُلاهي جي گھر ڄانوِ هُيو.“
سردار جعفري وڌيڪ لکي ٿو ته:
”هن جي موت جي چوڌاري هن جي چاهڻ وارن جيڪي افسانا ٺاهيا آهن، اهي ڪبير لاءِ عوام جو وڏو عقيدت جو اظهار آهن. هن جي تعليم جو نچوڙ اها خالص انساني محبت آهي، جا مذهب جي تفريق ۽ ذات پات جي جھڳڙن کان پاڪ آهي. چيو وڃي ٿو ته هُن جي مرڻ کان پوءِ هن جي لاش تي هندن ۽ مسلمانن هڪٻئي تي تلوارون ڪڍيون. هندن هُن جي لاش کي جلائڻ چاهيو ٿي ۽ مسلمانن دفن ڪرڻ چاهيو ٿي. ان جھڳڙي جو فيصلو تڏهن ٿيو جڏهن ڪبير جو لاش گلن جي انبار ۾ تبديل ٿي ويو ۽ اهي گل ٻنهي ڌرين اڌو اڌ ڪري کنيا. انهيءَ طرح هندن جي رسم به پوري ٿي وئي ۽ مسلمانن جي به. . . . . . . . . . . .“
”جيڪي مذهبي رسمون ڄاڻندا ها، اهي اقتدار تي خدا ۽ ڀڳوان جون مُهرون هڻندا ها (اوچ نيچ خدا جي دين آهي، بادشاهه زمين تي خدا جو سايو آهي) پر باطني مذهب جا رهنما گرو، فقير ۽ ڀڪشو ها. انهن جي تن تي گيڙو ڪپڙا هوندا ها، يا شايد اهي به ڪونه هوندا ها. هٿ ۾ پِن مڱ لاءِ ڪشڪول هوندو هونِ ۽ انهن جي دل ۾ غم جا ٻارڻ ٻرندا ها. هو علم کان وانجھي هوندا ها، پر هنن جي چپن تي محبت جا حرف هوندا ها. هو اسرار جا ڄاڻو ها. عقل وار نه ها. هنن وٽ نه مندر ها نه مسجدون هيون، نه اوقاف نه جائدادون. هنن وٽ ڪوئي ڪتاب به ڪونه هوندو هو. صرف دل هئي. هو هر انسان کي اها بشارت ڏيندا ها ته خدا محبت آهي ۽ محبت خدا آهي. انسان جو عشق خدا جو عشق آهي. اها تبليغ ۽ تلقين بلڪل مفت هئي.
”طبقاتي نفرت کان سواءِ حڪمران حڪومت نه ڪري سگھندا ها، پر صوفين ۽ ڀڳتن ان طبقاتي نفرت جي مقابلي ۾ انساني برادري ۽ محبت جو نصب العين رکيو. حڪمرانن لاءِ دنياوي حيثيت جو معيار دنيوي دولت هئي. ڀڳتن ۽ صوفين لاءِ انسان جي اعلى درجي جو معيار ڀڳت، پريم، عشق حقيقي ۽ عشق مجازي هئا. مال ۽ دولت جي محبت ۽ جائدادن جون بندشون ان عشق ۾ کوٽ ڪري ٿي سگھيون. ان ڪري انهن بزرگن ترڪ کي پنهنجيءَ بنياديءَ تعليم جو حصو بڻايو هو. ان ڪري ئي مولانا جلال الدين روميءَ دولت کي انهيءَ ڪُلاهه سان تشبيهه، ڏني هئي جا گنجي جي سِر کي لڪائي ٿي ۽ خوبصورت زلفن وارا ننگا مٿا ئي ان ۾ چڱا لڳن ٿا. بازار ۾ وڪامندڙ غلامن جي جسماني حسن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ انهن کي ننگو ڪيو ويندو هو. انهن کي خريد ۽ فروخت ڪرڻ وارا امير پنهنجن بيمار جسمن کي اطلس ۽ ريشم جي قبائن ۾ ڇُپائي رکندا ها. . . .“
سردار جعفريءَ ان کانپوءِ ڪجھه صفحا ڪبير جي مايا جي فلسفي تي اٺين صديءَ ۾ شنڪر آچاريا جي فلسفي، اَدوَيت واد، ۽ هن جي نقاد رامانج (1175ع کان 1250ع تائين) جي، وِشيشيت اَدويت واد، جي نڪته نگاهه کان بحث ڪيو آهي. ان کان پوءِ لکيو اٿائين ته ڪبير ، ٻنهي حقن (حقُ الله ۽ حقُ العباد جو به ذڪر ڪيو آهي. مثال طور:
سَرگُن کی سیوا کرو، نِرگُن کا کرو گیان،
نِرگُن سَرگُن کے پرے تمہیں ہمارا دھیان۔

”ڪبير هڪ مسلمان صوفي هو، جنهن پنهنجي ڳالهه هندو ڀڳتيءَ جي ٻوليءَ ۾ ڪئي، ڇو ته هو بار بار پاڻ کي جولاهو چوندو هو، ان ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو ته هُن اسلام کي ترڪ نه ڪيو هيو، پر هن جي ڌڄ هندڪي هئي. مٿي تي تلڪ لڳائيندو هو ۽ جسم تي جڻيو پائيندو هو. . . . . . .“
”جڏهن هو چوي ٿو ته هڪ دنيا کانپوءِ ٻي دنيا تسبيح جي داڻن وانگر ڦري رهي آهي، تڏهن انهيءَ چوڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي ته ساري ڪائنات انهيءَ تسبيح ۾ مشغول آهي ۽ جڏهن هو عوام جي ٻوليءَ ۾ چوي ٿو ته ”نراڪار، نِرگن، ڪَرواهي ڪوسنَگ“، ته ائين محسوس ٿو ٿئي ته هندي ڀاشا ۾ ”قل هو الله احد“ جي تفسير ائين پيش ڪري سگھجي ٿي.“
مان جڏهن ٻيو يا ٽيون درجو سنڌي پڙهندو هوس تڏهن اسان جي ڀرسان ڇوڪرين جو ”ميران اسڪول“ هوندو هو، جتي صبح جو سُر سان ميران جا ڀڄن ۽ ڪبير جا دوها ڳاتا ويندا ها، جي مان ڌيان سان ٻڌندو هوس ۽ جي مون کي ياد ٿي ويا ها. انهيءَ اسڪول ۾ پوءِ ماستر جهامنداس ”جهام“ پنهنجن پوين ڏينهن تائين رهندو هو. جهامنداس ”جهام “ ئي منهنجي لاڙڪاڻي واري جئسنگهاڻي ”سام“ ۽ هن جي زال سَرلا سان واقفيت ڪرائي هئي، جا پوءِ دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي هئي. ”سام“ تن ڏينهن ۾ اڪبر آشرم کوليو هو ۽ سچل سرمست وانگر شاعرِ هفت زبان ٿيڻ چاهيندو هو. فرصت ملي ته مان ”جهام“ ۽ ”سام“ تي ڪهن وقت مفصل مضمون لڳندس.
مون ننڍي هوندي ڪبير ۽ ميران جو ڪلام سنڌيءَ صورتخطيءَ ۾ به پڙهيو هو ۽ ٻئي ڪتاب اڃا تائين مون وٽ موجود آهن. ٽئگور جو ترجمو ”ڪبير جا گيت“ ته مون کي ڏاڍو وڻيو هو.

گاڊ وِن – وليم

گاڊ وِن – وليم
(1756ع کان 1836ع تائين)

انگريز سياسي مفڪر ۽ عالم هيو. هو انسان جي خيالي (Utopain) هڪجهڙائي جو قائل هو، جنهن کي مارڪسوادي ”پيٽي بورجوا هڪجهڙائي“ ڪوٺيندا آهن. هو باقائدي تعقل پسند 1780ع ۾ ٿيو. هن سماجي ماحول ۽ اخلاق کي اوليت ڏني. هن حق – ملڪيت جي ترديد جي به حمايت ڪئي ۽ ساڳي وقت سياسي اختيار جي خاتمي جي به، هن جو آدرش اهو سماج هيو، جنهن ۾ پيداوار جا باني بنهه آزاد هجن، جن کي ننڍن پئنچائتن ۾ منظم ڪيو وڃي. مارڪسوادي چوندا آهن ته هن کي اهو اشتراڪي اصول ته، ”هر ڪنهن کي پنهنجي گھرج آهر ڏنو وڃي“ پسند هيو پر اينجلس هن کي سماج دشمن ڪوٺيو هو، ڇو ته گاڊوِن نراج واد جي نظرئي جي پٺڀرائي ڪئي.

گُوا

گُوا

1961ع تائين هندستان جي اولاهين ساحل تي هڪ پورچگيز ڪالوني هئي، جا پوءِ هندستان آزاد ڪرائي. 1971ع ۾ اتي 8 لک 60 هزار ماڻهو رهندا هيا، پر ٻن هزارن کان سواءِ سڀئي هندو هيا. هينئر ته ان جي آدمشماري ان کان گھڻي ٿي وئي آهي. اقتصادي طرح شروع کان گوا جو دارومدار هندستان تي رهيو آهي. ڪانگريس پورچيگيزن کي گُوا مان عدم تشدد ذريعي ۽ اقتصادي ناڪابندي سان ڪڍيو هو.

گوئٽي

گوئٽي
(1759ع کان 1832ع تائين)

جرمن شاعر، ناول نويس، ڊراما نگار ۽ فطرت جو فلسفي هيو. هن جي شاعري ۾ عشقيه، رزميه ۽ غزليه شاعري آهي ۽ هن جي ڪليات ۾ شاعريءَ کان سواءِ ڊراما، ناول، ڪهاڻيون ۽ سرگذشتون آهن. هن جي ادبي شهرت 1771ع کان 1773ع تائين ڄمي وئي، جڏهن هن شيڪسپيئر وانگر هڪ ناٽڪ لکيو، جنهن ۾ هڪ مردانگيءَ وارو خوددار هيرو هيو. جنهن کي پنهنجي دؤر سڄيل، ٿڪل ٽُٽل ۽ ڏيئي وٺي بيٺل ڪري وڌو هو. ان کان پوءِ هن پنهنجو مشهور ڪتاب ”ڳڀرو وردر جو پُک ڏنج“ (The sorrows of young Verther) 1774ع ۾ لکيو، جو نهايت ڪامياب ويو. ان ۾ هڪ ٻاهرئين ماڻهوءَ جي ڪردار نگاري ڪئي وئي، جنهن جي لاءِ دنيا ۾ ڪائي جڳهه ڪانه هئي. هن 1875ع ۾ ويمر ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ پهريون ڀيرو اٽليءَ ۾ 1886ع کان 1888 ع تائين رهيو. گوئٽي پاڻ ۾ وڏو استحڪام ۽ اعتدال پيدا ڪيو ۽ هن جي عشقيه شاعري ۾ ڀونچ سمنڊ جي ڪشادگي، قدر شناسي ۽ ڪلاسيڪي قدر آهن، جا هن 1788ع کان 1790ع تائين ڪئي. پوءِ هن شعر ۾ ناٽڪ لکيا، جن جي هيرو جي داخليت ۽ حساسيت هن جي شاعراڻي اظهار ۾ ملي ٿي. 1790ع ۾ سندس جرمن شاعر شلر سان دوستي ٿي، جنهن هن جي شاعريءَ کي اتساهيو ۽ هن هڪ نئون ناول به مڪمل ڪيو، جنهن ۾ انسان جي ذاتي ترقيءَ جي امڪانن جو سماجي ذميداريءَ سان واسطو ڏيکاريل آهي. هن جي ناول ”دردناڪ جراحت پذيري“ ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪئن عشق جي عُنصري قوت ازدواجي زندگيءَ جي ترتيب کي ڊانوان ڊول ڪري ٿي ۽ جا خود قربانيءَ ۽ ترڪ سان به وس نه ٿي اچي. گوئٽي جو شاهڪار ڊراما ”فائوسٽ“ ٻن حصن ۾ آهي، جنهن جي تخليق ۾ هو 1770ع کان 1831ع تائين مصروف رهيو. هن ۾ هن جي زندگيءَ ۾ سُپن – درسن جي اؤسراڻ آهي، جا طربيه به آهي ۽ الميه به ۽ ان ۾ رقت انگيزي، حاضر جوابي ۽ طنز به آهي. ان ۾ هيرو جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ تجربي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ هن جي علم لاءِ اڃ ۽ برائيءَ جي قوتن لاءِ للڪار به آهي، جي ڪٺيون ٿي هن جي تباهيءَ جو باعث ٿين ٿيون. اهي سڀ ڳالهيون الاهي رضا به آهن ۽ عشق جي قوت ۾ به اضافو ڪري ان کي آخري نجات ڏانهن به نين ٿيون.
گوئٽي جيتوڻيڪ هڪ اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو آهي، پر هو مصوري به ڪري سگھندو هو ۽ هڪڙو ڪامياب ٿئيٽر ڊائريڪٽر به هو. هن جو آرٽ ۽ سائنس، ٻنهي جو علم نهايت گھرو ۽ وسيع هو. ڪنهن ڪنهن مهل هن کي آخري آفاقي انسان چيو ويندو آهي.
علامه اقبال تي هن جو ڏاڍو اثر هُيو. جنهن بانگ درا ۾ هڪ نظم لکيو هو:
گلشنِ ویمر میں تیرا ہمنوا خوابدیدہ ہے

مون کي گوئٽي تي سوچي غالب جو شعر ياد ايندو آهي:
سب کہاں کچھ لالہ و گل میں نمایاں ہوگئیں
خاک میں کیا صورتیں ہونگی کہ پنہاں ہوگئیں۔

گئريبالڊي (Garibalidi)

گئريبالڊي (Garibalidi)

هو اطالوي شاعر ليوپارڊيءَ جو همعصر هو. هو اطالوي سپاهي، محب وطن ۽ انقلابي هو ۽ هُن اٽليءَ جي اتحاد ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. هو نائيس (Nice) ۾ 1807ع ۾ ڄائو هو، جا فرانس جي حد اندر هئي، پر اها 1815ع ۾ اطالوي حڪومت کي ڏني وئي هئي. هو پهريون وکر جي ٻيڙين تي خلاصي هوندو هو، جي ڀونچ سمنڊ کان ڪاري سمنڊ تائين هاڪاريون وينديون هيون. جوانيءَ ۾ پنهنجي جهاز جو ڪماني هيو. 1833ع ۾ هن جي مئزنيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن جي انقلابي قوميت هن جي تصور کي اڳيئي گرمايو هو. پوءِ گئريبالڊي، مئزنيءَ جي تحريڪ ”نوجوان اٽليءَ“ ۾ شريڪ ٿيو، جنهن جو مقصد اٽليءَ تي ٻاهرين حڪومت کي ختم ڪرڻ ۽ اٽليءَ کي متحد ڪرڻ هو. گئريبالڊي آرماڙ ۾ شامل ٿيو، جيئن ان ۾ بغاوت ڦهلائي سگھي. 1834ع ۾ هن جي سازش پڪڙجي پئي ۽ هن کي هن جي غير حاضريءَ ۾ موت جي سزا ڏني وئي. هن ڪيئي سال جلاوطنيءَ ۾ ڏکڻ آمريڪا ۾ گذاريا، ۽ 1830ع کان 1841ع تائين هو زئو گرانڊيءَ جي باغي حڪومت سان گڏجي برازيل جي سلطنت خلاف وڙهيو. 1842ع ۾ پنهنجيءَ زال انيتا سان گڏ مانٽي وڊيو اُرگئاءِ ويو جتي هو ٻي خانه جنگيءَ ۾ وچڙي ويو. هن هڪ اطالوي فوج جو بنياد وڌو ۽ ڪيئي جنگيون ڪيون ۽ رومانوي جوکا کنيا ۽ پنهنجي سورهيائيءَ سبب مشهور ٿيو. 1848ع ۾ هو اٽليءَ موٽي آيو، جو اتي انقلابن جو سال هيو. اتي هو آسٽريا خلاف مِلان جي جمهوريت لاءِ جنگ ۾ وڙهيو. ٻي سال هن تازو فرانس جي خلاف ٺاهيل رومن جمهوريت جي دفاع کي ترتيب ڏني. اتي جڏهن هن جي هار ٿي ته آسٽريا، فرانس، اسپين ۽ نيا پاليٽن قوتون هن جي ڪڍ پئجي ويون. ان کان پوءِ هن جي زال انيتا مري وئي ۽ هن کي پڪڙي جلاوطن ڪيو ويو. 1850ع ۾ هو نيو يارڪ ويو، جتي هن موم بتين جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪيو ۽ اتان پوءِ ڏکڻ آمريڪا ۽ چين سوداگريءَ جي بحري جهاز ۾ ويو. 1854ع ۾ هن کي گھر موٽڻ ڏنو ويو. جڏهن هو پنهنجي جواني جلاوطنيءَ ۾ گذاري چڪو هو، تڏهن هن جو مئزنيءَ ۽ جمهوريت پسندن سان جھيڙو ٿي پيو ، هن پائيڊمانٽ (Piedmont) جي بادشاهه، امئينيوئل سان ٺاهه ڪيو، بشرطيڪه هن اٽليءَ جي الڳ الڳ هنڌن کي متحد ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائي. اهڙي طرح ڪوششون ڪندي، نيٺ جڏهن پائيڊمانٽ، آسٽريا ۽ فرانس خلاف جنگ ڇيڙي، ته گئريبالڊيءَ هڪ فوجي حصي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جنگ تڏهن ختم ٿي جڏهن هنن اٽليءَ جو شهر لومبارڊي اٽليءَ ۾ شامل ڪيو، پر ڪجھه حصا اڃا آسٽريا سان رهيا. لومبارڊي، ڪيور (Cavour) سان رستو ڇني ڇڏيو. سيپٽمبر 1859ع ۾ هو فلارنس ويو، جتان هن روم تي ڪاهه ڪئي، جيئن پوپ جي دنيوي اقتدار کي ڌڪ ڏئي.
1860ع ۾ گئري بالڊي ڪيوَر فرانس کي نائيس (Nice) ڏئي ڇڏي جو گئريبالڊيءَ جو اباڻو شهر هو. ان تي ڪاوڙجي هن فقط هڪ هزار ”ڳاڙهي ورديءَ“ واري فوج وٺي سِسليءَ تي ڪاهي آيو، جتي اڳيئي فرانس جي خلاف بغاوت ٿي چڪي هئي. هڪ عجب جهڙيءَ مُهم کان پوءِ، گئريبالڊيءَ سسليءَ کي متحد ڪيو. (فرانس جي قبضي ۾ ٻه سسليون ۽ نيپلس هئي) ۽ ان کي پنهنجيءَ شخصيءَ آمريت هيٺ آندو. هو پوءِ مهاديپ تي ڪاهي آيو ۽ نيپلس فتح ڪيائين. نيٺ هن تي ايترو دٻاءُ پيو جو هن ٻنهي سسلين جي آمريت وڪٽر امئنيوئل (Victor Emmanuel) کي ڏني ۽ نيپلس به ڇڏي ڏنائين. هن جي اتحاد لاءِ ايتري ڪوشش ڏسي، نئين اطالوي حڪومت گئريبالڊيءَ کي وينس ۽ روم تي ڪاهڻ لاءِ همٿايو. 1862ع ۾ هن آسٽريا ۽ آلپس پهاڙ جي انهيءَ ايراضيءَ تي حملو ڪيو، جنهن جي اٽلي دعوا ڪري رهي هئي. ان کان پوءِ هن سسليءَ کان روم ڏانهن ٻيو ڪوچ ڪيو؛ پر اطالوي حڪومت سفارتي سببن جي ڪري ڇرڪي وئي ۽ فوج سان چڪريءَ ۾ گئريبالڊي ڦٽجي پيو. 1886ع ۾ هن ٻيهر پاڻ مرادو آڇيل سپاهين سان آسٽريا تي حملو ڪري ڪجھه ڌرتيءَ ٽڪرو اٽليءَ لاءِ حاصل ڪري پاڻ ملهايو. ٻي سال وري حڪومت هن کي روم تي قبضي ڪرڻ لاءِ همٿايو، پر پوءِ هن سان دغا ڪئي ۽ فرانس کي ڇيڪ ڇڏيائون ته هُن کي شڪست ڏني. هن جي پوئين فوجي مهم اها هئي ته فرانس جي فوج سان گڏجي 1875ع ۾ پرشيا تي حملو ڪيو. اتي هن پنهنجو نالو ڪڍيو ۽ فرينچ قومي اسيمبليءَ تي چونڊيو ويو، جيتوڻيڪ هو ان ۾ ڪڏهن به نه ويٺو. هو ڪجھه وقت اطالوي پارليامينٽ ۾ رهيو ۽ هميشه لاءِ عوامي زندگيءَ کان ڪناره ڪشي ڪيائين ۽ حڪومت جي وظيفي تي گذارو ڪرڻ لڳو. پنهنجن پوين سالن ۾ هُن پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي. 2 جون 1882 ع تي هو گذاري ويو. ٿلهي ليکي ڏسجي ته هو سائين جي . ايم سيد وانگر آخر تائين وڙهندو رهيو. جيتوڻيڪ جي ايم سيد اهنسا وادي آهي ۽ گئريبالڊي دنيا جي عظيم ترين گوريلا جنرلن مان آهي. صحيح يا غلط، جي. ايم .سيد جي جنگ اڃا جاري آهي. هن جي هر ڦرتيءَ گھرتي ۾ ڪائي ڳالهه مُنڊيءَ ۾ هيري جي ٽِڪ وانگر ڏيکاري ڏئي ٿي. هو گئريبالڊي کان عمر ۾ وڏو آهي ۽ اڃان تائين ساهي نه پٽي اٿائين ۽ نه ڪنهن وظيفي تي گذر ڪيو اٿائين. گئريبالڊيءَ وڏو محب وطن هيو ۽ اڌ اٽلي پنهنجي بادشاهه لاءِ فتح ڪئي هيائين، پر هن کي بين الاقوامي لاڙا به هيا ۽ متحده يورپ ۾ اعتبار ڪندو هو ۽ هن پنهنجي قوت هڪ بين الاقوامي اخوت لاءِ صرف ڪئي هئي هو ڪو شاطر ماڻهو نه هو ۽ هن کي هڪ آدرش واديءَ ۽ ديانتدار سياست دان جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هو. پنهنجي دؤر ۾ هو يورپ جو سڀني کان وڌيڪ ڄاتل سڃاتل ماڻهو هو. 1861ع ۾ جڏهن متحده اٽلي وجود ۾ آئي تڏهن هُن انتها پسند کاٻي ڌر جو ساٿ ڏنو ۽ هن جو ان اٽليءَ جي باري ۾ جادو ٽٽي چڪو هو، جا هن پاڻ هٿن سان ٺاهي هئي. هن جي پنهنجي بي صبري جا هن پارلياماني نظام لاءِ ڏيکاري، هُن کي آمريت جي طرف وٺي وئي ۽ عمر جي آخري ۾ هن پاڻ کي سوشلسٽ ڪوٺيو. هو چرچ جي خلاف هو، جا پوپ جي طاقت کي بچائڻ لاءِ متحده اٽليءَ جي مخالف هئي.

گسٽاف ڪوربيت

گسٽاف ڪوربيت

هو 1819ع ۾ فرانس ۾ ڄائو هو ۽ 1877ع ۾ گذاري ويو. چاليهي واري ڏهاڪي ۾ هُو آرٽ ۾ حقيقت نگاريءَ جي تحريڪِ آزاديءَ سان سچ جي اظهار جو اڳواڻ هو.. هو هڪ هاريءَ جو پُٽ هو. هن جي پيءُ جي مرضي هئي ته هُو قانون جو مطالعو ڪري، پر پئرس پهچڻ کانپوءِ هن هر ڳالهه کي لت هڻي ڇڏي ۽ فقط مصوريءَ جي ڪڍ پيو. هو جمهوريت پسند هو ۽ محنت ڪش طبقي لاءِ هن کي بيحد محبت هئي ۽ هن پنهنجي مصوري لاءِ موضوع عوامي زندگيءَ مان کنيا. ٻيو ته هو چوندو هو: ”مصوري انسان جي نظر جي دين آهي ۽ انڪري هن کي اهي شيون پنهنجن تصويرن ۾ آڻڻ گھرجن، جي هو ڏسي سگھي.“
انڪري هو رومانيت جو ائين مخالف هو جيئن رومانيت پسند پنهنجي دؤر ۾ ڪلاسيڪيت جا مخالف ها. هو ڏاڍو اتساهي ۽ گنڀير هو. ڪوربيت خيال ۽ وهمي واقعن کي نظمن ۽ تصويرن ۾ آڻڻ هوڙهيائي ۽ هلڪائي سمجھندو هو. هن جي اها ڳالهه انهيءَ مان واضح آهي، جو جڏهن هڪ سرپرست کانئس اها تقاضا ڪئي ته: ”هڪ ديول ۾ هو فرشتن جون تصويرون ڪڍي.“ تڏهن هن جواب ۾ چيو: ”فرشتا؟ پر مون ته فرشتا ڏٺائي ناهن. مون جو ڪجھه ڏٺو ناهي، ان جي تصوير ڪڍي ڪونه سگھندو آهيان.“
1848ع جي انقلاب کانپوءِ هن جي تصوير سازي جي طرز کي عارضي ڪاميابي حاصل ٿي. هن جي تصويرن ”ڪڪرالو ڪٽيندڙ“ ۽ ”اور نانس (فرانس ۾ هڪ شهر جو نالو) ۾ جنازو“، ڏاڍو ٿرٿلو مچايو ۽ انهن کي ڀوائتيءَ حد تائين ساميوادي سمجھيو ويو. ”اور نانس ۾ جنازو“ نئين نسل ۾ ڏاڍو پسند ڪيو ويو. مون خود اها تصوير ڏٺي آهي. اها سچائي جي ڏس ۾ هڪ سنگ ميل آهي. ان تصوير ۾ هر شڪل پادريءَ کان وٺي سوڳوارن تائين، گورڪن کان ڪتي تائين ايتريءَ سچائيءَ ۽ سگھاري پڻي سان ڪڍي وئي آهي. جو اها جيئري جاڳندي ٿي لڳي. ڪوربيت پهريون جديد مصور هو، جنهن اٽليءَ جي ڪلاسيڪي روايت سان ناتو ٽوڙيو ۽ وائکيءَ حقيقت نگاري ڏانهن رخ رکيو.
1855ع ۾ ڪوربيت هڪ تصوير ڪڍي جنهن ۾ ڪئنواس تي هڪ پاسي پينو، مزدور، واپاري، پادري، چور، چڪار ۽ گورڪن هئا ته ٻئي پاسي هنجا دوست ها. جن ۾ پروڌان ۽ بودليئر به هُئا ۽ ٻنهي ٽولن جي وچ تي هو پاڻ هو ۽ ڄڻ اورنانس جي تصوير ڪڍي رهيو هو. نيپولين ٽين جي زماني ۾ ڪوربيت اختياريءَ وارن تي ڪاوڙجي پيو هو، پوءِ اهي سياست تي اختيار رکندا ها يا فن تي. سياست وارا هن تي انڪري مڇريا جو هن جا موضوع انقلابي ها ۽ فن وارا انڪري مڇريا جو هن جي طرز اطالوي هجڻ بدران ڊچ يا هسپانوي هئي. ان جي باوجود ڇاڪاڻ جو هو حقيقت پسنديءَ جو اڳواڻ هو، هن کي فوجي عزت افزائي آڇي وئي جا هُن ٺڪرائي ڇڏي ۽ جڏهن 1871ع ۾ پئرس ڪميون بغاوت ڪئي، تڏهن هن ان ۾ نمايان بهرو ورتو ۽ فنونِ لطيفه جي ڪميشن جو پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو. جيئن ته پئرس ڪميون تي قهر ۽ غضب جو جذبو حاوي هو ته ڪوربيت لُوور (Louver) جا شهپارا ان کان بچائي ورتا ۽ فتح جي وَنگ (Arch of Triumph) جو به نقصان ٿيڻ نه ڏنو، پر پوءِ جڏهن ڪميون کي چيڀاٽيو ويو، ته ڪوربيت جون نيڪيون ته وسري ويون، اٽلو هن تي عتاب نازل ٿيو ۽ هن کي گرفتار ڪري ڇهه مهينا سزا ڏني وئي ۽ چار لک فرانڪ ڏنڊ وڌو ويو. ان ڳالهه هن کي ڌوڏي وڌو ۽ جڏهن هو فرانس جي سرحد ٽپي ويو ته هن جي صحت جواب ڏئي چڪي هئي.
هو 1877ع ۾ مري ويو . هاڻي ڪوربيت جون ساڪت زندگيءَ ۽ فطري نظارن واريون تصويرون اهم ليکيون وڃن ٿيون.

لينن

لينن
(1824ع کان 1870ع تائين)

ولادمير اِلچ اليانوف هن جي ٻن نالن مان هڪ هيو. هو روس جو ڪميونسٽ اڳواڻ هو، جنهن جو ڄم 22 اپريل 1870ع تي سمبرسڪ (هاڻي اليانووسڪ) ۾ ٿيو هو. جو هڪ وولگا نديءَ تي صوبائي شهر هو. ٻيو فرضي نالو اين. لينن، هن پوءِ پاڻ تي رکيو ۽ انهيءَ نالي هيٺ ئي هن جي شهرت ٿي. ”اين“ لفظ نڪولائيءَ لاءِ مخفف سمجھيو ويو. لينن جو پيءُ جيڪو پبلڪ اسڪولن جو ڊائريڪٽر هيو، تنهن کي پنهنجي وفاداريءَ سان خدمت سبب ڪافي عرصي لاءِ زار خطاب ڏنو هيو. لينن جي ماءُ هڪ طبيب جي ڌيءَ هئي، ڪافي پڙهيل هئي ۽ چڱي موسيقار هئي. لينن هڪ وچولي گھراڻي جي خوشحال ننڍپڻ گذاري ۽ خاص ڪري پنهنجي ڀاءُ الينگزانڊر سان ڏاڍي محبت هئي جو هن کان 3 سال وڏو هيو. 1879ع ۾ هو پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ شروعات کان وٺي هڪ تمام سٺو شاگرد تسليم ڪيو ويو.
1886ع ۾ هن جو پيءُ مري ويو، پر هُن جي خاندان کي پينشن ملندي رهي ۽ هن کي ڪجھه ذاتي ملڪيت مان به اپت ٿي. ٻي سال 13 مارچ تي اليگزانڊر کي سينٽ پيٽرسبرگ ۾ (جنهن تي پوءِ لينن گراڊ نالو پيو هو) گرفتار ڪيو ويو، ڇاڪاڻ جو هو هڪ انقلابي گروهه ۾ شريڪ هو، جنهن زار اليگزانڊر 3 جي قتل جي سازش ڪئي هئي. هن جي ڀاءُ جي موت هن جي خيالن تي گھرو اثر ڇڏيو، پر اهڙي ڪا گواهي نه آهي ته هو ڀاءُ جي پلئه لاءِ انقلابي بڻيو. (جڏهن مان لينن گراڊ ويو هوس تڏهن مون کي زار جو اهو قيد خانو ڏيکاريو ويو هو، جتي هن صرف لينن جو ڀاءُ نظر بند هيو، پر ساڳي قيد خاني ۾ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو قيد رکيا ويا هيا. مثلاً مشهور ناول نويس دوستو وسڪي وغيره. دوستو وسڪيءَ کي به موت جي سزا ڏني وئي هئي. ۽ جڏهن هن سان گڏ سازش ۾ شامل ٻين چئن ڏوهارين کي گوليون هڻي ماريو ويو ۽ پوءِ دوستو وسڪيءَ کي گولي فائر ڪرڻ کان اڳ اکين تي پٽي ٻڌي ۽ اها ٿوري وقت بعد کولي، کيس ٻڌايو ويو هو ته زار هُن کي معافي ڏني آهي. انهيءَ واقعي دوستو وسڪيءَ تي ايترو گھرو اثر ڪيو جو هن جي ساري زندگي بدلجي وئي ۽ ان کان پوءِ هن جيڪي ڪجھه لکيو ان ۾ مسيحيت کي انسان ذات جي نجات سمجھيو.)
لينن پنهنجي تعليم سمبرسڪ جي سيڪنڊري اسڪول ۾ برک اعزاز سان پوري ڪئي. ۽ 1887ع جي آخر ۾ ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ قانون پڙهڻ لاءِ داخلا ورتائين. 17 ڊسمبر تي هن کي يونيورسٽي بدر ڪيو ويو. ۽ ڪازان جي هڪڙي ننڍي ڳوٺ ۾ جلاوطن ڪيو ويو. جتي هن جي خاندان کي ٿوري گھڻي ملڪيت هئي. اتي هو پنهنجي مائٽن ۽ دوستن سان رهندو هو، جيتوڻيڪ هن تي پوليس جي نظرداري رهندي هئي. 1888ع ۾ هن کي ڪازان واپسيءَ جي اجازت ملي. پر هن کي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا کان انڪار ڪيو ويو. 1889ع ۾ هن کي وولگا ڪناري تي سمارا شهر منتقل ڪيو ويو، جتي هن قانون سکيو ۽ روس کان سواءِ ٻاهرين ٻولين جي ڄاڻ به حاصل ڪئي. (خاص طور جرمن ٻولي ، جيئن هو ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ انجلس جا ڪتاب پڙهي سگھي) هن روسي اقتصاديات تي به مهارت حاصل ڪئي. آخر ۾ هن کي انگريزي، فرانسي، المانوي، اطالوي، پولش ۽ سُويڊش تي ڪافي گرفت اچي وئي. 1891ع ۾ هن قانون جو امتحان پاس ڪيو ۽ سمارا موٽي آيو ۽ وڪالت شروع ڪيائين. جيتوڻيڪ گڏوگڏ هو مارڪس جو مطالعو ڪندو رهيو. 1893ع جي آخر ۾ هو سينٽ پيٽرسبرگ لڏي ويو، ۽ هڪ پيشه ور انقلابيءَ جي حياتي اختيار ڪيائين. هن پيپلز پارٽي (ناروڊ نِڪي) جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن ان ڳالهه تي اصرار پئي ڪيو ته روس جي اقتصاديات زرعي رهندي. لينن چيو ٿي ته روس ۾ تمام تيزيءَ سان صنعتون قائم ڪيو وڃن، ڇو ته اهي انقلابي ذهنيت واري پرولتاريت پيدا ڪنديون، جيئن يورپ جي ڪجھه ٻين صنعتي مُلڪن ۾ ٿي هئي ۽ اها ڪميونسٽ انقلاب لاءِ رستو کولي ڇڏيندي.
انهيءَ دؤر ۾ لينن پاڻ کي بحث مباحثي جو ماهر ۽ مارڪسزم جي عقيدي جو پڪو پابند ثابت ڪيو. 1895ع جي بهار ۾ هو بيمار ٿي پيو ۽ هن کي نمونيا ذري گھٽ نهوڙي نيو هو. انهيءَ ڪري 1895ع جي اپريل ۾ هن چار مهينا سئٽزرلئنڊ، پئرس ۽ برلن ۾ گذاريا، جتي هُن روسي انقلابين سان رابطو پيدا ڪيو، خاص ڪري پليخانوف ۽ ان جي پوئلڳن سان. جڏهن هو پيٽرسبرگ موٽيو تڏهن هن هڪ زير زمين انقلابي گروهه منظم ڪيو، جنهن جو نالو هيو ”محنت ڪش طبقي جي آزاديءَ جو اتحاد“ ۽ پاڻ کي مارڪسي پرچار ۾ مصروف رکيائين. هن کي پنهنجي ڪم ۾ ناديزدا ڪُرپسڪايا مدد ڪئي، جنهن سان پوءِ هن شادي ڪئي. (مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته لينن ۽ هن جي زال شاديءَ رات روس ۾ زرعي اقتصاديات تي گڏجي 70 صفحا لکيا ها ۽ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ جڏهن هو ڪنهن نديءَ ۾ ڪشتي راني ڪري رهيا هئا، ته لينن پنهنجي زال کي چيو هو ته: ”سويڊن جي اديب نٽ هئمسن جو ناول ”بک“ ڪهڙو نه چڱو آهي!“ جنهن تي هن جي زال کيس چيو هو ته: ”نَٽ هئمسن ته ڪيئي ناول لکيا آهن پر توکي صرف ”بک“ ڇو پسند آهي؟“ ان تي لينن کيس سختيءَ سان جواب ڏنو هو ته: ”انهن سڀني ناولن مان توکي فقط ”بک“ ڇو ناپسند آهي؟“)
ڊسمبر 1895ع ۾ هن کي انقلابي سرگرميءَ سبب گرفتار ڪيو ويو. هو اٽڪل چوڏنهن مهينا جيل ۾ رهيو، جنهن دوران هن تمام گھڻو مطالعو ڪيو ۽ پنهنجي مشهور ڪتاب “The development of Capitalism” جي لاءِ تياري ڪئي. انهيءَ وقت ۾ هن پارٽيءَ جي پروگرام جو منشور به ٺاهيو. فيبروري 1897ع تي لينن کي وچ سائبيريا ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو، جتي هن جو مطالعو جاري رهيو ۽ هو پنهنجي ڪتاب تي ڪم ڪندو رهيو. مئي 1898ع ۾ هن سان ڪُروپسڪايا به اچي شامل ٿي، جنهن کي آگسٽ 1896ع تي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ سندن شادي ٿي.
انهيءَ جلاوطنيءَ ۾ لينن کي ڪتاب، رسالا، اشتهار ۽ اخبارون ملنديون رهيون ۽ هن پنهنجي خاندان، دوستن ۽ انقلابي ساٿين سان تمام گھڻي خط و ڪتابت ڪئي. اهو دؤر هيو، جڏهن هن پاڻ تي فرضي نالو اين. لينن رکيو. 1890ع ۾ لينن جو سرمائيداريءَ جي ترقيءَ تي ڪتاب شايع ٿيو، جنهن تي هن جو فرضي نالو ولادمير لينن ڏنو ويو. 11 فبروري 1900ع تي هن جي جلاوطنيءَ جو مدو پورو ٿيو ۽ لينن سائبيريا مان سينٽ پيٽرسبرگ روانو ٿيو. هتي هن روس کان ٻاهر لاءِ پاسپورٽ هٿ ڪيو. ۽ 17 جولاءِ 1900ع تي جرمني ويو، جتي هن ميونخ شهر ۾ قيام ڪيو. اتي هن پنهنجو پاسپورٽ ڦٽِي ڪري ڇڏيو ۽ هڪ فرضي نالي هيٺ رهندو رهيو ۽ ان کان پوءِ بلغاريه جو پاسپورٽ ورتائين. ميونخ ۾ لينن، پليخانوف جي ٽولي سان گڏجي ”اَسڪرا“ اخبار ڪڍي ۽ هڪ تبصرو / تنقيد “Dawn” (پرهه) جي نالي سان شايع ڪيو. روسيءَ ٻوليءَ ۾ اسڪرا جي معنى چڻنگ آهي، ۽ لينن جو خيال هو ته اها چڻنگ ڪڏهن ڀنڀٽ ٿيندي. ان کي روس ۾ اسمگل ڪيو ويو، جتي زير زمين ڇاپي خانن ۾ ٻيهر ڇاپي هيٺ آئي ۽ اها هڪ اهم انقلابي اخبار سمجھي وئي. 1901ع جي بهار ۾ لينن جي جلاوطني پوري ٿي ۽ ڪُروپسڪايا به ميونخ ۾ اچي لينن سان ملي ۽ اسڪرا جي ادارتي بورڊ جي سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. 1901 – 1902ع واري سياري ۾ لينن ٻه پمفليٽ What is to be done (ڇا ڪيو وڃي؟) جي عنوان سان لکيا، جن ۾ هن مارڪسيت جي با ضابطگيءَ سان پابنديءَ تي زور ڏنو ۽ سخت ۽ ڪرڙي انتظام جي ضرورت ڏيکاري، جنهن ۾ ڪنهن به تحمل جي گنجائش ڪونه هئي، ۽ انقلابي نظرئي کي پرولتاريت جي آمريت تائين ڪيئن به پهچائڻو هو. پهرين اپريل 1902ع تي هو لنڊن ويو، جتي مئي 1903ع تائين ترسيو ۽ ان کان پوءِ جنيوا ۾ قيام ڪيائين. 30 جولاءِ 1903ع تي روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ورڪرس پارٽي جي ٻي ڪانگريس بروسيلز ۾ ٿي، پر ڪجھه ميٽنگن کان پوءِ هو وري لنڊن آيو، ڇاڪاڻ ته هن کي بيلجيم جي پوليس تنگ ڪري رهي هئي. اتي هن جي پارٽيءَ ۾ ڦوٽ پئي ۽ اها ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. هڪڙا بالشيوڪ هيا، جنهن جي معنى گھڻائي آهي ۽ ٻيا مين شيوڪ هيا جنهن جي معنى ٿورائي آهي.
بهر صورت اسڪرا لينن جي هٿ ۾ نه رهي ، جا هڪ مينشيوڪ اخبار بڻجي وئي. جنوري 1905ع ۾ لينن جي نئين اخبار ”فارورڊ“ (اڳتي قدم) جو پرچو شايع ٿيو. (مون جو رسالو 1946ع جي آخر ۽ 47 جي شروعات ۾ ايڊٽ ڪيو هو، ان جو نالو به ساڳيو هيو.)
آڪٽوبر 1905ع ۾ روسي پڌرنامي جي شايع ٿيڻ کان پوءِ (جنهن ۾ سياسي آزاديءَ جو تحفظ ڏنو ويو هو،) لينن روس موٽي آيو ۽ سينٽ پيٽرس برگ ۾ هڪ فرضي نالي هيٺ قيام ڪيائين. اتي هن باليشوڪ اخبار ”نئين زندگي“ جي نالي سان شايع ڪئي. اپريل 1906ع ۾ لينن اسٽاڪ هوم، سويڊن ۾ چوٿين پارٽي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ تشدد تي هڪ انقلابي ذريعو قائم ڪرڻ تي زور ڏنو، پر اڪثريت هن سان شامل راءِ نه ٿي. هو پوءِ سينٽ پيٽرس برگ موٽي آيو ۽ نائين مئي 1906ع تي عوام جي اڳيان پيش ٿيو ۽ پنهنجي فرضي نالي ڪارپوف هيٺ هڪ عوامي گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪيائين. 1906ع جي آخر ۾ هن سينٽ پيٽرس برگ ڇڏي ۽ فِنِ لئنڊ ۾ اچي رهيو، جتي هن کي گرفتاريءَ جو ڀَو گھٽ هيو، ان وقت هن ڊيوما (قانون ساز اسيمبلي) سان پنهنجو رويو ڦيرايو، جنهن جي لاءِ هن پهريائين بالشيوڪن کي بائيڪاٽ ڪرڻ تي آماده ڪيو هو. هن کين چيو ته 2 جون جي اليڪشن ۾ حصو وٺن، جيئن هو پنهنجي پروپئگنڊا به ڪري سگھن ۽ گڙٻڙ به ڦهلائي سگھن. 1907ع جي بهار ۾ هن لنڊن ۾ پنجين پارٽي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي. جتي بالشيوڪ پروگرام قبول ڪيو ويو ۽ هن کي مرڪزي ڪاميٽيءَ تي کنيو ويو. ساڳي سال جي آخر ۾ هن اِلسٽرٽگارٽ ۾ ٻي بين الاقوامي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڻ کي اقليت ۾ پاتو. ان کان پوءِ هو فن لئنڊ موٽي آيو. پر ڏٺائين ته هن تي چؤڪسي ٿي رهي هئي، ان ڪري هو 1907ع ۾ جنيوا هليو ويو ۽ اتي فيبروري 1908ع ۾ نئين اخبار ”پرولتاري“ ڪڍيائين. هو هڪ نئين ڪتاب “Materialsim and Empirio Criticism” تي ڪم ڪري رهيو هو، جو 1909ع ۾ شايع ٿيو. ان کان اڳ ۾ هو برٽش ميوزم لنڊن ۾ ڪجھه مطالعي لاءِ ويو. ڊسمبر 1908ع ۾ لينن، پئرس ويو. انهيءَ ساري عرصي ۾ هُن کي پنهنجي خانداني ملڪيت مان ڪجھه پئسا ملندا رهيا، ۽ هن جي ماءُ به هن کي ڪجھه رقم موڪليندي هئي. 1910ع جي بهار ۾ هن ڪوپن هيگن ۾ هڪ بين الاقوامي سوشلسٽ ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن جي پروگرام تي مينشيوڪن ڏاڍي جُلهه ڪئي. 1911ع جي اونهاري ۾ پيرس جي ويجھو لينن انقلابين جو هڪ اسڪول ٺاهيو، ۽ ساڳي وقت هڪ بالشيوڪ روزاني اخبار سينٽ پيٽرسبرگ مان ڪڍي، جا 1912ع ۾ ”پروڊا“ (جا هاڻي بند ٿي چڪي آهي) جي نالي شايع ڪئي. روس جي ويجھو ٿيڻ لاءِ لينن، جولاءِ 1912ع ۾ ڪراڪوف هليو آيو. 7 آگسٽ 1914ع تي جڏهن پهرين مهاڀارائي لڙائي شروع ٿي چڪي هئي، هن کي آسٽريا جي پوليس روسي جاسوس سمجھي گرفتار ڪيو. هو 11 ڏينهن جيل ۾ هيو ۽ ان کان پوءِ هُن جي دوستن وچ ۾ پوڻ ڪري هن کي سئٽزرلينڊ اُماڻيو ويو، جتي هو برن نالي شهر ۾ ترسيو. اتي پهرين نومبر 1914ع تي هن هڪ پڌر نامو شايع ڪيو، جنهن ۾ جنگ ڪندڙ ملڪن ڏانهن سوشلسٽن جي روش کي ننديو ويو ۽ محنت ڪشن کي اپيل ڪئي وئي ته هو سامراجي جنگ کي خانه جنگيءَ ۾ بدلائين. ساڳي دستاويز ۾ هن ٽين انٽرنيشنل (پوري دنيا ۾ ڦهليل ڪميونسٽن جي تنظيم جا پهرين ٻن تنظيمن کان پوءِ وجود ۾ آئي هئي) جو بنياد رکيو. 1916ع ۾ هو زيورچ ويو، (مون سولزي نِٽسن جي ڪتاب “Lenin in Zurich” جو مطالعو ڪيو آهي، جنهن ۾ لينن جي زندگي جا نهايت دلچسپ واقعا ڏنل آهن) ساڳي سال جي آخر ۾ هن پنهنجو نئون ڪتاب “Emperialism, the higher stage of Capitalism” (سامراج، سرمائيداري جو اوچو درجو) لکيو. مارچ 1917ع ۾ روسي انقلاب کان پوءِ هن پنهنجي وطن موٽڻ جي بي انتها ڪوشش ڪئي. جڏهن هن کي اهو احساس ٿيو ته هو فرانس ۽ انگلنڊ مان سفر نه ڪري سگھندو ته هن پنهنجي Swiss (سئز) دوستن جي مدد سان جرمنيءَ مان سفر ڪيو، هن سئٽزرلينڊ 9 اپريل 1917ع تي ڇڏيو، ۽ پيٽروگراڊ ۾ 16 اپريل تي پهتو، (مون هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته جڏهن لينن جرمنيءَ مان نديءَ تي ڇانيل برف مٿان وڃي رهيو هو ته اوچتو برف ٽٽي پئي ۽ هن جي هڪ ڄنگھه پاڻيءَ ۾ هلي وئي. کيس زبان تي فقط اهي لفظ آيا ”ڪهڙو نه واهيات موت آهي“) ٻي ڏينهن تي هن پارٽي ڪانفرنس ۾ پنهنجي ٻاويهين ٿيسز پڙهي، جنهن ۾ هن گھر ڪئي ته بورجوا انقلاب کي سوشلسٽ انقلاب ۾ بدلايو وڃي ۽ نعرو ڏنو وڃي ته اسان کي صوبائي حڪومت ۾ ڪوبه اعتبار ناهي. ان وقت هن کي بالشيوڪ پارٽي جي سرگرم رهنمائي سپرد ڪئي وئي. 17/16 جولاءِ جي ناڪامياب بغاوت کان پوءِ، جڏهن سرڪار هن جي ڳولا ڪئي ته لينن روپوش ٿي ويو؛ پهريون هو پيٽرو گراڊ ۾ (جا جاءِ مون ڏٺي هئي ان ۾ اهي رسالا ۽ اخبارون جي لينن اتي پڙهندو هو، هن جو ڪُوڙو پاسپورٽ، هن جا دوستن سان گڏ فوٽو گراف وغيره به رکيل هيا. تعجب جي ڳالهه آهي ته انهن فوٽن ۾ ٽراٽسڪيءَ جو فوٽو ڪونه هو.)
ان کان پوءِ لينن، فنلينڊ جي سرحد تي ڪنهن جھوپڙيءَ ۾ ڇُپيل رهيو ۽ پوءِ هيلسنڪيءَ فنلينڊ ۾. آگسٽ ۾ هن جو ڪتاب ”بالشيوڪ ۽ انقلاب“ ڇپيو، جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته انقلابين جي رياست ڏانهن ڪهڙي رَوَش هجڻ گھرجي. سيپٽمبر ۾ هو روس جي سرحد جي ويجھو اچي رهيو. 16 آڪٽوبر تي هن پنهنجن پوئلڳن کي اقتدار تي يڪدم قبضو ڪرڻ لاءِ چيو. چئن ڏينهن کان پوءِ هو پيٽرو گراڊ ۾ چمڙا پوش ڪري آيو. هن جي ڏاڙهي ڪوڙيل هئي ۽ هن ڳاڙهي وِگِ پاتي هئي . 23 آڪٽوبر تي لينن جو پيش ڪيل ٺهراءُ ته اقتدار تي يڪدم قبضو ڪيو وڃي ، پارٽي جي مرڪزيءَ ڪاميٽيءَ بحال ڪيو ۽ 6 نومبر تي هو سمالني ۾ فوجي انقلابي ڪاميٽي جي صدر مڪان تي آيو ۽ يڪدم بغاوت لاءِ فوج کي اڀاريائين. 7 نومبر تي هن پڌرنامو شايع ڪيو، جنهن ۾ صوبائي حڪومت جي ڊهي پوڻ جو اعلان ڪيو ۽ نومبر 8 تي سوويٽن جي ٻيءَ ڪانگريس ۾ بالشيوڪ انقلابي کي هڪ قانوني حيثيت ڏني، ۽ امن ۽ زمين جي باري ۾ لينن جا فرمان جاري ڪيا ويا. نومبر 9 تي لينن پهرين بالشيوڪ سرڪار ٺاهي، ۽ جنهن ۾ کاٻي ڌر جي سوشلسٽ انقلابين کي پورٽ فوليو ڏنا ويا، ۽ جنهن کان پوءِ هو عوامي ڪميسارن جي سوويٽ جو پهريون چيئرمين چونڊيو ويو. فيبروري 1918ع جي هنگامي دؤر ۾ جڏهن مرڪزي قوتن روس ۽ جرمن فوج ۾ جنگ بنديءَ کي ننديو ۽ جرمن فوج ٻيهر روس تي حملو ڪيو، لينن پنهنجي اتحادين کان مدد وٺڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ پراوڊا ۾ 22 فيبروري 1918ع تي اهڙو مضمون لکيائين. ان وقت حڪومت ماسڪو منتقل ڪئي وئي. 18 فيبروري تي لينن جي چوڻ تي مرڪزي ڪاميٽيءَ ٺهراءُ پاس ڪيو، ته جرمنيءَ سان ٺاهه لاءِ ڳالهيون ڪيون وڃن. اهي ڳالهيون بريسٽ – لِٽو وِسڪ ٺاهه تي ختم ٿيون، جو 3 مارچ 1918ع تي ڪيو ويو. آگسٽ 30 تي لينن تي هڪ عورت فينيا ڪپلان، جا هڪ سوشلسٽ انقلابي پارٽي جي تشدد پرست گروهه جي ميمبر هئي، حملو ڪيو. جيتوڻيڪ لينن کي گھرا زخم رسيا، هن جلد ئي وري پنهنجون سياسي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون.6 مارچ 1919ع تي هن ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي پهرين ڪانگريس ماسڪو ۾ سڏائي. مارچ 1921 ع ۾ ڏهين پارٽي ڪانگريس ۾ هن سرڪار جي اقتصادي راڄنيتيءَ ۾ ڦير گھير جي سفارش ڪئي ۽ نيپ (نئين اقتصادي پاليسي) وجود ۾ آئي. تنهن کان پوءِ ماسڪو سوويٽ کي خطاب ڪندي لينن چيو: ”1921ع جي بهار ۾ پتو پئجي ويندو ته اسان پيداوار ۽ تقسيم جو سوشلسٽ بنياد ايتريءَ تيزيءَ سان قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون يا نه، يا ڪجھه سرمائيداريءَ جي باري ۾ معمولي جھڪاءُ ضروري آهي.“ 26 مئي 1922ع تي لينن تي اڌ رنگ جو پهريون حملو ٿيو، پر آڪٽوبر ۾ هو چاق چڱو ڀلو ٿي ويو ۽ وري پنهنجي ڪم ۾ جُنبي ويو. نومبر 20 تي ماسڪو سوويٽ جي ڀرپور ميٽنگ ۾ هن پنهنجي آخري تقرير ڪئي، جنهن جا پويان لفظ اهي هيا ته: ”روس جي نئين اقتصادي پاليسيءَ (نيپ) مان سوشلسٽ روس اڀرندو.“ 16 ڊسمبر 1922 تي اڌ رنگ جو ٻيو حملو ٿيو، جنهن ۾ سندس ڌڙ جو ساڄو پاسو سُڪي ويو. 9 مارچ 1923ع تي هن تي اڌ رنگ جو ٽيون حملو ٿيو، جنهن ۾ سندس زبان بيهجي وئي. مئي جي وچ ڌاري هن جي صحت ٿوري گھڻي سڌري ۽ هن کي پنهنجي ڪمري مان ڪرملين نيو ويو. آڪٽوبر ڌاري هو وري گھُمي سگھيو، پر ڳالهائڻ کان معذور رهيو. 21 جنوري 1924ع تي لينن تي فالج جو آخري حملو ٿيو، جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو. 27 جنوري 1924 تي هن جي لاش کي سُرهاڻيون مکي، (Embalm) ڪري حفاظت سان شيشي جي قبر ۾ ريڊ اسڪوائر جي هڪ وڏي مقبري ۾ رکيو ويو، جتي هو اڃان تائين آهي. مون اها شيشي جي قبر ڏسي، دنيا کي عبرت جي نگاهه سان ڏٺو هيو. مقبري جي ٻاهران روز ڪيترن ماڻهن جي قطار لڳندي هئي ۽ ڪيئي ڪلاڪ بيهڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جو وارو ايندو هو. اڄڪلهه يو. ايس . ايس. آر جي ٽٽڻ کان پوءِ سسُ پُس ٿي رهي آهي ته لينن جي لاش کي اتان هٽايو وڃي. لينن هڪ زماني ساز شخصيت هو. اڻٿڪ لگن هن جي وڏي خوبي هئي. جي اسٽالن هن جي وصيت تي قبضو نه ڪري ها (ڏسو اسٽالن) ته ممڪن آهي ته يو. ايس. ايس. آر جي تقدير ٻي هجي ها. ڪميونزم جي جڙ هر مذهب ۾ آهي. پر لامذهبيت ان مان خدا جو خوف ڪڍي ڇڏيو ۽ اقتدار ۾ آيل انسان خونخوار درندا ٿي پيا، ۽ انسان جو هي خوبصورت خواب ائين ئي تالان والان ٿي ويو. ٽين دنيا جا بکيا ڏکيا ماڻهو اڃان ڪنهن اهڙي فلسفي ۽ سياسي نظرئي لاءِ سرگردان آهن، جو کين سياسي ۽ اقتصادي بي انصافيءَ کان بچائي سگھي. دنيا Unipolar ٿي وئي آهي. ممڪن آهي ته آمريڪا سائوٿ ايشيا ۾ چڱو ڪردار ادا ڪري، جيتوڻيڪ ان مان اقتصادي ڀلائيءَ جي اميد اجائي آهي. پر جڏهن چين ۽ روس، ٻئي آمريڪا جي پيرن ۾ ڪريا آهن، تڏهن اسان ۾ جا ڪميونزم آمريڪا لاءِ سخت نفرت پيدا ڪئي هئي، سا بي معنى ٿي لڳي.
لينن جي ياد اچي ٿي ته غالب جو شعر دل تي تري اچي ٿو:
سب کہاں کچھ لالہ و گل میں نمایاں ہوگئیں،
خاک میں کیا صورتیں ہونگیں کہ پنہاں ہوگئیں۔

جيتوڻيڪ لينن جي صورت اڃان خاڪ ۾ پنهان نه ٿي آهي، پر لڳي ائين ٿو ته پنهان ٿيڻ واري آهي.

ليونارڊو ڊاونچي

ليونارڊو ڊاونچي

هي پنهنجي دؤر جو بهترين مصور هو ۽ هن کان اڳ ۾ ڪنهن به مصور ايتري اثرائتي نموني زنده انسان پيش نه ڪيا هوندا. هن جي نهايت سوڀياوان ۽ زيبائتي تصوير دراصل ”سنجاب جي پشم واري عورت“ آهي. جيتوڻيڪ موناليزا کي ڪي ماڻهو هن جي بهترين تصوير سمجھندا آهن، هن پهريون نقش 1485ع ۾ چٽيو، جو مِلان (Milan) شهر جي حاڪم جي سُريت جو هيو. هو ٻڏي مئو هيو، جڏهن هن پاڻي ۾ چنڊ جي پاڇي کي نشي جي حالت ۾ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. بهرصورت هو مغرب ۾ ايترو ئي گھڻ صلاحيت وارو انسان هو، جيترو هندستان ۾ امير خسرو. هو نه رڳو مصور هو، پر انجنيئر، انگ وديا (Anatomy) جو باني، رياضي دان، موسيقار، فطرت پرست ۽ فيلسوف، معمار ۽ صنم تراش ۽ هوائي جهاز جو پهريون تصور ڏيندڙ وغيره هيو. مون نه رڳو هن تي لکيل ناول ”مونا ليزا“ پڙهيو آهي، پر هن جون ڊائريون پڙهي حيرت ۾ اچي ويو آهيان ته هن سموري زندگي ڪيتري نه محنت ڪئي هئي. ليونارڊو جنهن جي عمر 80 ورهين کان به مٿي هئي، ساري زندگي ڪنوارو رهيو. هو ونچيءَ جي ٽسڪن شهر ۾ پيدا ٿيو هو. ۽ هڪ فلارين نوٽريءَ جي هارياڻيءَ جو ري نڪاحو اولاد هيو. 1467ع ۾ هن کي ڪنهن مصور وٽ سيکڙاٽ ڪري رکيو ويو هو. 1472ع ۾ ليونارڊو پنهنجي سکيا پوري ڪئي ۽ فلارنس جي مصورن جي انجمن ۾ شامل ٿيو، جيتوڻيڪ هو پنهنجي استاد سان پنج سال ٻيا به ڪم ڪندو رهيو ۽ هن کي فلارنس جي ڪارخاني ۾ وڏي ذميواري سونپي وئي. ليونارڊو جي فني زندگيءَ جا پهريان ڏهه سال مصوريءَ ۾ گُذريا ۽ اڌوريءَ تصوير ”مئگيءَ جي پوڄا“ تي ختم ٿيا. 1973ع ۾ اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته ليونارڊو فطرت جي مشاهدي تي نروپرو ۽ سختيءَ سان ڀاڙيو ٿي. ان سان گڏوگڏ هن فني هيئت لاءِ جاميٽريءَ (اقليدس) جي اصولن جي ڳولا ڪئي. اهي ٻه انتها پسند ڳالهيون هڪ ته ذري ڀر تفصيل جي لاءِ هڪ تکي اک ۽ اقليدس (جاميٽريءَ) ۽ رياضيات جي نسبت جو ذريعو، آخر تائين هن جي آرٽ ۽ فڪر جون خاصيتون رهيون.
1483ع ۾ ليونارڊو، فلارينس ڇڏي مِلان ويو ۽ ويهه سال نه موٽيو. اتي هن ڪلاسيڪي ادب ۽ افلاطون جي فلسفي جو ڳوڙهو مطالعو ۽ شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي. مِلان جي درٻار ۾ اهڙيون ٺاهوڪيون آرائشون ڪونه هيون جهڙيون هن آنديون. اتان جو ڊيوڪ، جو هڪ جنگجو انسان هيو، ان کي اهڙي هن جهڙي ٻهون مُکي ملازم جي ضرورت هئي. ليونارڊو، ڊيوڪ کي لکيو ته هو ايجاد ڪندڙ، انجنيئر، جنگ لاءِ مشينون ٺاهيندڙ ۽ توبون پلٽيندڙ آهي ۽ ڊيوڪ جي پيءُ جو مجسمو ٺاهي سگھي ٿو. رڳو خط جي پڇاڙي ءِ ۾ هن لکيو ته مصوري هن جو پيشو آهي. چڱو جو غالب وانگر نه لکيائين:
سو پُشت سے ہے پیشہ آبا سپہ گری،
کچھ شاعری ذریعہ عزت نہیں مجھے۔

مِلان ۾ آرٽسٽ جا گھڻا ڪُنڊا ڪم هُيا. هن ڊيوڪ جي لاڏلن جا چتر ڪڍيا، درٻار جون مجلسون ۽ شادمانا، ٺاهه ٺوهه ڪري سينگاريا ۽ وڏين ديولين جي اڏاوت ۽ بناوت تي مشورا ڏنا. 1499ع ۾ مِلان کي فرينچ قوم فتح ڪيو ۽ ليونارڊو ويهه سال ڀٽڪندو رهيو. 1500ع ۾ هو مانٽوا ۽ پوءِ وينس ويو ۽ ان کان ٻه سال پوءِ هُن سيزربورگيا جي درٻار ۾ قلعي بنديءَ جي ماهر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي، جيڪو هڪ بي رحم آزمائو هو ۽ جنهن ميڪاوليءَ جي تصور کي گرمايو هو. ان دؤر ۾ هن مونا ليزا جي تصوير تي ڪم ڪيو ۽ وَلر جي اڏاريءَ تي رسالو لکيو. 1507ع کان 1513ع تائين هن فرينچ سرڪار جي نوڪري ڪئي. هن جون مصروفيتون گوناگون هيون. علم نباتات، علم طبقات الارض (ڀُون وِديا = (Geology ۾ ماحوليات جي مطالعي ۾ مصروف رهيو. هو لڪي ڇپي علم بدن (انگ وديا) ۾ به دلچسپي وٺندو هو ۽ چوريءَ مُردا قبرن مان ڪڍي، انهن جي ڪاٽ ڪُوٽ ڪندو هو. 1513ع ۾ وڏيءَ ڄمار ۾ هو وئيٽڪَن ۾ پوپ لوئي ڏهين وٽ سينٽ پيٽر جي نيئن ديول ٺاهڻ لاءِ ويو هو. جڏهن مائيڪل اينجلو، سسٽين چئپل ٺاهي چڪو هو ۽ ريفل پوپ جي ڪوٺيءَ تي مصوري ڪري رهيو هو. ان وقت هن جي آرٽ ۾ دلچسپي گھٽجي وئي هئي. هو هڪ حيرت انگيز اُڏند کٽولي ٺاهي رهيو هو. هن جي من ۾ هن سنسار جي انت جا چِٽا خيال اچي رهيا هئا ۽ ڀيانڪ خواب ڏسي رهيو هو، جنهن جو اظهار هن پنهنجيءَ لکت ۾ خاڪن ۾ ڪيو آهي.
شايد 1515ع ۾ ليونارڊو، فرانسز 1 جي دعوت تي ويو، هتي پراڻي استاد سان آرٽ ۽ سائنس تي بحث مباحثا ٿيا، جي بادشاهه کي پسند آيا ۽ ڪجھه تعمير سازيءَ ڏانهن به ڌيان ڏنائين. هو 2 مئي 1519 ع تي گذاري ويو.
مونکي ٻن ماڻهن جي زندگيءَ حيرت ۾ وڌو آهي. ليونارڊو ڊاونچيءَ جي ۽ امير خسروءَ جي. امير خسرو نه فقط عظيم شاعر هو، جنهن جي فارسيءَ شاعريءَ کي ايران به تسليم ڪيو آهي، پر شمشير زن ۽ سپاهي به هيو. هو لوڪ ادب جو وڏو ماهر هو ۽ نه رڳو انهن ڪهه مُڪرنين جو باني هو، جي ادبي اهميت واريون ڳجھارتون هُيون ۽ هندستاني ٻوليءَ جي پيڙهه رکي اٿائون، پر اردو شاعريءَ جو به پهريون شاعر هو. هن ههڙيون سٽون به لکيون آهن.
سکھی پیا کو جو میں نہ دیکھوں تو کیسے کاٹوں اندھیری رَتیاں۔
زماني جي حادثن هن جون اهڙيون سِٽون ٿوريون بچايون آهن، پر ان جو مَٽ ساري اردو ادب ۾ نه آهي. هو موسيقيءَ جو وڏو ماهر ۽ خيال جو تخليق ڪندڙ هو. ستار جهڙو ساز هن جي ايجاد آهي.
ڪي ڪي دؤر ڪيترن ئي زماني ساز شخصيتن جا دؤر ٿيندا آهن. ليونارڊو جي دؤر ۾ نه رڳو مائڪل اينجلو ۽ ريفل جهڙا مصور پيدا ٿيا، پر ميڪاوليءَ جهڙو سياست جو ماهر به پيدا ٿيو، جيئن ٽالسٽاءِ جي دؤر ۾ چيخوف، دوستو وسڪي، گوگول، گورڪي (جيتوڻيڪ هو ڪافي ننڍو هو) ۽ شاعر اليگزانڊر بلاڪ ۽ يسينين وغيره پيدا ٿيا.
پهريون رينيسانس جو دؤر روسي انقلاب کان اڳ وارو دؤر هو. اهو نه وساريو وڃي ته اوس پينسڪي جهڙو فلسفي ۽ گرجيف جهڙو صوفي به انهيءَ دؤر ۾ پيدا ٿيو ۽ راس پيوٽين جهڙي حيرت انگيز شخصيت به ان دؤر جي پيدائش هئي.

لزسٽ (Liszt Franz Ferenc)

لزسٽ (Liszt Franz Ferenc)
(1811ع کان 1886ع تائين)

هنگريءَ جو ڪمپوزر ۽ پيانو هلائيندڙ هيو. هن کي پياني جي باري ۾ Phenomenal Powers هيا، جن موسيقيءَ جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.

لورڪا

لورڪا

فاشزم دنيا جي بدترين نظامِ حڪومت کي جنم ڏئي ٿي. جرمنيءَ ۾ هٽلر، اٽليءَ ۾ مسولنيءَ ۽ اسپين ۾ جرنل فرانڪو اتان جي نوجوانن کي پُرفريب نعرا ڏئي، تعصب ۽ نسل پرستيءَ ڏانهن آماده ڪيو، ۽ جنگ جي آڙاهه ۾ وچڙائي ڇڏيو. ٻي جنگ عظيم ۾ نه رڳو ڪيئي شهر تباهه ڪيا ويا، پر لکين ماڻهو ماريا ويا. نتيجو نازي ۽ فاشي قوتن جي شڪست ۾ نڪتو ۽ اٽليءَ ۾ شڪست کان پوءِ مسولنيءَ جو لاش چونڪ تي اونڌو لڙڪايو ويو ۽ هٽلر جنگ جي خاتمي کان ٿورو اڳ پنهنجي زال ايوابران سان سائنائيڊ کائي خودڪشي ڪئي ۽ گوئبلز ٻنهي جي لاشن تي پيٽرول ڇڙڪائي تيلي ڏني ۽ لاش پوري ڇڏيا ۽ تاريخ نويس اڃان تائين ڳوليندا رهيا آهن ته هُو ڪٿي پوريا ويا ها. ائين ضرور آهي ته جنرل فرانڪو ڊگھي عمر گذاري پنهنجي طبي موت مُئو، خدا هن کي سزا ڇو نه ڏني. اهو ڪيئن چئجي ! فاشزم انساني دليون پٿر ڪري ڇڏيون هيون. مسولنيءَ پنهنجي نياڻيءَ ڪائونٽ ڪيانو کي سازش جي الزام ۾ فائرنگ اسڪئاڊ جي سامهون ڏئي مارايو ۽ هٽلر پنهنجي پياري ساٿيءَ جنرل هملر تي غدايءَ جو شڪ رکي هُن کي خودڪشيءَ تي مجبور ڪيو، نيورمبرگ مقدمي ۾ اچي، جي راز فاش ڪيا ويا، انهن انسان ذات کي اهو سوچي حيران ڪري ڇڏيو ته انسان اهڙو وحشي درندو به ٿي سگھندو آهي. هٽلر ۽ مسولني ٻئي ڏاڍا چڱا مقرر هيا ۽ تقرير کان پوءِ عوام کي ايئن کنڀي وٺندا ها، جيئن عقاب جھرڪيءَ کي کنڀي وٺندو آهي. ڳياڙي هڻڻ به وڏو فن آهي . عوام ته رڳو ڪياڙي کنهندا آهن.
اسپين جو عظيم شاعر لورڪا، جنهن فاشزم ۽ پنهنجي دؤر جي نعري بازيءَ کي پنهنجي ادبي تخليق ذريعي رد ڏنو، نيٺ فاشسٽن هٿان ماريو ويو.
لورڪا جي زندگيءَ تي هڪ خوبصورت ناول لکيو ويو آهي. ”لورڪا جو قتل“ The assassination of Garica Lorca لورڪا جو پورو نالو گارشيا لورڪا هو. ان ناول تي پهرين باب جي مٿان هن جو هڪ شعر لکيل آهي:
Give him alms, woman, for nothing in life can equal the agony of being blind in Granada.
(ترجمو: هن کي خيرات ڏي ڇو ته غرناطا ۾ انڌي هجڻ کان زياده اذيت ڪابه ٿي نه ٿي سگھي.)
غرناطا لورڪا جو شهر هو، جتي هو ماريو ويو هو. اتي فرانڪو جا فاشي سپاهي انڌا ٿي قتل و غارت ڪري رهيا ها. ”انهن کي پيار جي خيرات جي ضرورت هئي.“ ان ڪتاب تي اسپين ۾ بندش وڌي وئي هئي ۽ ويجھڙائيءَ ۾ ان جو ترجمو انگريزيءَ ۾ ڪيو ويو آهي. مشهور اديب آرٿر ڪوئسلر، جو ان وقت لزبن ۽ فرانڪو جو قيدي هو، ان پنهنجي ڊائري ”لزبن ڊائري“ جي نالي سان لکي آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو اٿائين ته فرانڪو جا ماتحت جيلن ۾ قيدين سان ڪهڙيون عقوبتون ڪندا ها. اهڙي اذيت ناڪ ماحول ۾ لورڪا پنهنجي قتل جي اڳ ڪٿي ڪئي هئي، جا ڏيکاري ٿي ته ڪيئن شاعر جي دل تي مستقبل جا پاڇاوان پوندا آهن. شاعر جي ڪرشمه ساز شخصيت سياست دان کان گھڻو وقت اڳ ۾ مستقبل کي ڏسي سگھندي آهي. گھڻو ڪري ان وقت هن جي اظهار ۾ ابهام هوندو آهي. پر لورڪا جڏهن پنهنجي موت جي باري ۾ لکيو ته ان ۾ ڪوبه ابهام نه هو، هن لکيو ته: ”مون محسوس ڪيو ته مون کي قتل ڪيو ويو آهي. هُو مون لاءِ ڪئفي، قبرستان ۽ ديوليون ڳوليندا رهيا، انهن شراب جا ڊرم ۽ الماريو ڏٺيون، انهن ٽن هڏاون پڃرن کان سونا ڏند ڦريا، پر مون کي ڳولي نه سگھيا. هو مون کي ڪڏهن به ڳولي نه سگھيا، ڪڏهن به نه.“
لورڪا کي غرناطا جي پهاڙين تي ڪُٺو ويو هو، پر هن جو لاش ڪوئي به تلاش نه ڪري سگھيو. هسپانوي شاعر ۽ ڊراما نويس لورڪا جو مون تي ڪافي اثر آهي. هن جي شاعري جي انگريزي ترجمي جي آخر ۾ هن جي فن تي هڪ خوبصورت تبصرو به شامل آهي. جيئن ٿر جي ڀيلن، ڪولهين ۽ مينگھواڙن جي رقص جا منهنجي شاعري ۾ پڙاڏا آهن، ايئن اسپين جي جپسين جي زندگي لورڪا جي شاعري تي اثر انداز آهي. چون ٿا ته جپسي اصل سنڌ جي شهر جاتيءَ جا هئا. مون هندستان جي اخبار ۾ هڪ سنڌي هندو محقق جو مضمون پڙهيو هو، جنهن لکيو هو ته جپسين جي ٻوليءَ ۾ اٽڪل ٽي سؤ سنڌي لفظ ساڳيءَ معنى سان ملن ٿا. جنهن سان اهي سنڌيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ سنڌي موسيقي تي تصنيف ۾ موسيقار عبد العزيز جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن هسپانوي موسيقي ۾ ”سر راڻو“ ۽ ”سر معذوري“ ڳاتو آهي. هُن جا رڪارڊ يورپ ۾ ڪافي مشهور ٿيا آهن. راڪ هائوس واري سيٺ دولت مهتاڻي جي وڏي ڀاءُ (جنهن کي دادا چوندا ها، پر پورو نالو وسري ٿو وڃي) مون کي ٻُڌايو ته عبدالعزيز کي هنن ئي هن جي ننڍي هوندي اسپين موڪليو هو، جتي راڪ هائوس وارن جي ڪوٺي آهي. اها ڳالهه اسان کي دولت جي وڏي ڀاءُ سيٺ هوتوءَ به ٻڌائي هئي، جڏهن مان ۽ محمد ابراهيم جويو ٿاڻي بولا خان ۾ هُن جي بنگلي تي مهمان ٿي ٽڪيل هياسون.
جڏهن هو ٻن سالن لاءِ نيو يارڪ ويو ته هن هڪ نظمن جو مجموعو ڇپايو جنهن جو نالو ”نيويارڪ ۾ شاعر“ ۽ ٻيا نظم لکيائين. اهو ڪتاب هن جي قتل کان پوءِ 1940ع ۾ ڇاپيو ويو . جڏهن هو اسپين موٽي آيو ته هُن جي گھڻ ڪُنڊي شخصيت ايترو مشهور ٿي چڪي هئي جو هن کي ”بئرڪ“ نالي عوامي ٿيئٽر جو معاون ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان ۾ ڪيترن ئي شاگردن بهرو ورتو ۽ اسپين جي ڪلاسيڪي ٿيئٽر جي نمائندگي ڪئي. 1933ع ۾ لورڪا لاطيني آمريڪا ۾ بيوناس ايئرس ويو، جتي پنهنجا ڊراما اسٽيج تي آندائين. 1936ع ۾ جنرل فرانڪو جي حمايتن هن کي غرناطا ۾ ناحق قتل ڪري، هن جو لاش لڪائي ڇڏيو. لورڪا جي ڪنهن به سياسي جماعت سان وابستگي نه هئي.
گارشيا لورڪا اندلس ۾ ٺيٺ هسپانوي گھراڻي ۾ 5 جون 1898ع تي ڄائو هو. هن غرناطا يونيورسٽيءَ ۾ قانون ۽ مئڊرڊ يونيورسٽيءَ ۾ ادب ۾ مهارت حاصل ڪئي. ننڍي هوندي ئي هن جي موسيقيءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. لورڪا کي مصوريءَ لاءِ به ڏات هئي ۽ اسپين جي شهر بارسيلونا ۾ هن جي تصويرن جي نمائش ٿي.
اسپين ۾ خانه جنگي وقت ۽ ان کان پوءِ لورڪا اسپين جو هڪ زبردست عوامي شاعر هو. هو هونءَ ته عوام ۾ مقبول هو، پر هن جي شاعريءَ ۾ آرٽ جي بلندي ۽ يگانگت بي مثال آهي. هن جي شاعريءَ تي ڪجھه همعصر شاعرن، روبن ۽ جمينز جو اثر آهي، پر ان ۾ هن جي انفراديت به لاجواب آهي، (روبن ۽ جمينز جو ذڪر مان پنهنجي مضمون اسپين جي شاعريءَ ۾ ڪندس.) هن ۾ ترنم ۽ عوام مان ورتل اتساهه پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جيتوڻيڪ عوامي گيتن مان لورڪا جي شاعريءَ کي اتساهه مليو، پر لورڪا پنهنجي شاعريءَ جي مواد ۽ فارم ۾ انوکا ۽ منفرد تجربا ڪيا. جن سان اسپين گونجي اٿي. هن جي شاعريءَ جو اسلوب Style ايترو هن جي ذات جي تخليق آهي، جو ٻڌڻ سان پڙهندڙ چئي سگھي ٿو ته اها شاعري لورڪا جي آهي. هر عظيم شاعر جي پنهنجي تخليق تي پنهنجي مهر ثبت هوندي آهي ۽ اها هڪ نظر سان سڃاڻي سگھبي آهي، ته اها فلاڻي شاعر جي آهي. ٻوليءَ مان شاعر جي سڃاڻ هر ڪنهن جي ڏات کي نه هوندي آهي . هن جي ٻئي ڪتاب ”گيت“ ۾ موضوع بنهه بدلايا ويا آهن ۽ ان مان به لورڪا جي سڃاڻ آسان آهي. هن جي نظم ”گھوڙي سوار جو گيت“ ۾ به هن جي انوکائپ آهي ۽ ان نظم سان لورڪا جي شاعريءَ ۾ هڪ نئون دؤر شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ هو ماضيءَ جو سارو تجربو سميٽي آيو آهي. اهو گيت اندلس جي ڊرامائي شاعريءَ کي هڪ نئون ترنم ڏئي ٿو. هن جي مترنم فارم هيٺان پنهنجي ڊرامائي تقدير جو تصور آهي، جنهن سان تخليقار جي لونءَ لونءَ لرزي اٿي هوندي.
هو پنهنجي شاعريءَ مان ايئن ٿو نظر اچي، ڄڻ هو موت جي اکين ۾ گھوري رهيو آهي ۽ هن جي جذبات مان موت ٽپڪي رهيو آهي. هو اندلس جي زندگيءَ ۾ جيڪي روزمره جون شيون ۽ منظر آهن، انهن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، اسپين جا شهر چٽا پيش ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت انهن کي هڪ ماورائي ۽ غير حقيقي دنيا ۾ بدلائي ڇڏي ٿو. جن ۾ عنصري قوتون ان انساني الميي جون واڳون وس ۾ رکن ٿيون، جو انهن جي نگاهه ۾ آهي ۽ ان ڊرامي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون. آخر ۾ لورڪا پنهنجي تخليق سازيءَ جو رُخ شاعريءَ کان ڊراما ڏانهن موڙيو. 1930ع ۾ هو ٿئيٽر ڏانهن سنجيدگيءَ سان رجوع ٿيو.
هونءَ ته هن جا پنج ڊراما آهن، پر مون فقط ٽي پڙهيا آهن، جي Penguin Series ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن ۽ انهن مان ”موچيءَ جي هٿ ڦاڙ زال“ ۽ ”رت هاڻي شادي“ مون کي ڏاڍا وڻيا.
”رت هاڻي شادي“ ۾ ته ڄڻ سنڌي عورت جي تقدير چٽي وئي آهي ۽ ان جو ڊرامائي انداز ايترو خوبصورت آهي، جو هڪ ڀيري مون کي ان جي ترجمي جو خيال آيو هو. 1933ع ۾ اسپين ۾ ٿيئٽر جو نئون دؤر شروع ٿيو، جو اڳ وانگر حقيقت پسندانه ڪونه هو. پر شاعرانه هيو. لورڪا جا ڊراما نه رڳو اسپين ۾ ڪامياب ٿيا، پر جلد ئي انگريزيءَ، فرينچ ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا. لورڪا ٻه الميا به لکيا. 1935ع ۾ شاعريءَ ڏانهن واپس موٽيو ۽ 1938ع ۾ ”ڏاند سان ويڙهه“ (Bull Fighter) تي هُن هڪ خوبصورت نظم لکيو. اهو شخص جو ڏاند سان ويڙهه ۾ ماريو ويو هو، لورڪا جو دوست هو. مون جڏهن اهو نظم پڙهيو تڏهن ان مان مون کي هن جي دوست جو رت ڦوهارا ڪري نڪرندو نظر آيو. هن مهل تائين مون اهڙو ڪوئي نظم نه ڏٺو آهي، جنهن ۾ موت پنهنجي ٻٽ هٽائي ايتري چٽائيءَ سان اکيون اکين ۾ وجھي ڏسندو هجي. ها، مون اڳ امير خسروءَ جو سلطان محمد جي موت تي فارسي جو هڪ نهايت رقت انگيز مرثيو پڙهيو هو، جو غزل جي فارم ۾ آهي. ان مان به موت جي دهشت سج گرهڻ وانگر ڇانئجي ٿي وڃي. روز اياڻا اديب منهنجي ءَ شاعريءَ ۾ موت جي ذڪر مان بيزارگي محسوس ڪندا آهن. جيتوڻيڪ ان ابدي حقيقت تي غور ۽ فڪر به ايترو ادبي اهميت جو حامل آهي. جيترو زندگيءَ سان محبت ۽ وابستگي منهنجي آپيرا ”دودي جي موت“ ۾ آهي. اها ٻه طرفي ڪيفيت واضح طور چٽيل آهي.
لورڪا جي زندگي تي ايان گبسن Ian Gibson جو مٿيون ذڪر ڪيل ڪتاب لکيل آهي، جنهن ۾ لورڪا جي موت جي باري ۾ ڪافي تحقيق ٿيل آهي. مشهور ناول نويس گرهام گرين ان کي هڪ جاسوسي ناول ڪوٺيو هو. ان مان ظاهر آهي، زندگيءَ ۾ لورڪا جي ذاتي رشتن ۽ ڏات ڪافي دشمن پيدا ڪيا ها. دنيا ۾ ورلي ڪو جينيس ٿيو آهي، جنهن جا رت پياڪ ويري ڪونه ٿيا آهن. هر جينيس جي ڏات، ڏات کان وانجھيل تخليقڪار کي ڏنڀيندي آهي . حسد روح جو ڪامڻ آهي. حاسد شاعر ۽ اديب به ٻئي هر حاسد وانگر بي ديدو ٿيندو آهي.
لورڪا سياسي ماڻهو نه هو. هن ساريءَ اسپين کي پنهنجي آغوش ۾ آندو هو. اسپين جون سڀ ترقي پسند تحريڪون ۽ رجعت پسند روايتون هن جي شاعريءَ ۾ ملن ٿيون. هن جي محبت سياست کان ماورا آهي ۽ هن کي اڳرائيءَ، تقليد ۽ تعصب کان سخت نفرت هئي، جا هن جي شاعريءَ مان ڇلڪي رهي آهي. ڪيترن سالن لاءِ هسپانوي حڪومت لورڪا جي قتل کي لڪايو، جيستائين ايان گبسن ان تي تحقيق ڪئي. اهو ڪتاب ان غيض و غضب جو عبرتناڪ داستان آهي، جو هڪ عظيم شاعر جي شخصيت هن جي دشمنن ۾ نفرت پيدا ڪري ٿي ۽ هو هن جي معصوم رت جا پياسا ٿي پون ٿا.

مالرو آندري

مالرو آندري
(1901ع کان 1976ع تائين)

فرينچ ناول نويس، آرٽ تي تنقيد نگار، سرڪاري آفيسر ۽ فرانس جي سياسي ثقافتي زندگيءَ جو اهم ڪردار، هن جا ناول ويهين صديءَ جي سڀ کان وڏي ڊرامائي واقعي 1937ع ۾ اسپين جي خانه جنگيءَ ۽ 1932ع ۾ چين ۾ اشتراڪي غوغاءَ ۾ جو امڪاني مواد هو، ان جو فائدو وٺن ٿا. ڪيترين ڳالهين ۾ هن سارتري کان اول وجوديت جي فلسفي جو ذڪر ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو هن جا ڪردار شعوري طرح چونڊيل عمل سان پنهنجي وجود کي معنى بخشن ٿا. هن آرٽ تي به هڪ وڏو ڪتاب لکيو آهي، جو پڙهي هن جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي.
”رڳو آرٽ“ مالرو چيو آهي: ”انساني زندگيءَ کي اها پائندگي بخشي سگھي ٿو، جنهن کان ان کي محروم رکيو ويو آهي.“
مالرو پئرس ۾ ڄائو هو ۽ هن جا والدين وڻج واپار ڪندا ها. هو مشرقي زبانن جي ڪنهن اسڪول ۾ داخل ٿيو هو. هن علم الانسان، علمِ آثار قديم ۽ تاريخ ۾ زياده دلچسپي ورتي هئي. 1924ع ۾ هو انڊو – چائنا هڪ آثار – قديمه جي گشت تي پنهنجيءَ زال ڪليرا سان گڏجي ويو هو. اتي هن کي فرينچ اختياريءَ وارن مان ڪجھه سياسي مشڪلاتون پيش آيون ۽ 1925ع ۾ چين هليو ويو. اتي هن جي انقلابي پارٽين ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ هو هڪ سال اشتراڪيت جو رفيق – ڪار رهيو. جيتوڻيڪ انقلابين هن کي پنهنجي انفراديت پسنديءَ ۽ انهيءَ نظرئي تي اصرار ته ”آرٽ مادي آسودگيءَ کان وڌيڪ مستحسن آهي.“ سبب پوريءَ طرح قبوليو نه هو (ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جي چيني ۽ روسي مالرو جي انهيءَ اصرار کي مڃن ها!)
1927ع تائين مالرو ڪئنٽن ۽ شنگھائيءَ ۾ انقلابي حلقن کي پروپئگنڊا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ جڏهن چانگ ڪائي شيڪ، اشتراڪيت کان جدا ٿي ويو، مالرو اهو مناسب سمجھيو ته هو يورپ موٽي وڃي. هن پنهنجا ناول لکڻ کان اڳ ۾ هڪ ڀرپور زندگي گذارڻ ٿي چاهي ۽ پنهنجي عملي زندگيءَ سان سپردگي وجودي مفڪرن کان اڳ زندگيءَ جو اصول بڻائي هئي (ون – يونٽ واري دؤر ۾ آنءُ به پنهنجي شاعريءَ کان اڳ سُپردگي اپنائي هئي)
مالرو کي بين الاقوامي شهرت پنهنجي ناول “The man’s Fate” جي اشاعت کان پوءِ ملي، جو 1933ع ۾ ڇپيو. ان ناول جو موضوع اهو آهي ته ڪجھه چيني انقلابي ۽ يورپي جانباز گڏجي هڪ نئون چين ٺاهين ٿا، جنهن مان گھڻا دغا جي ڪري ناڪامياب ٿين ٿا، پر ڇهن ستن ڪردارن مان هر هڪ تخريب جي قوتن سان مُنڊو اٽڪائي ٿو، قوتون جن کي مالرو تقدير ڪوٺي ٿو، اهي پيار ڪن ٿا، سازش ڪن ٿا، قتل ڪن ٿا ۽ مقدر وانگر اظهار ڪن ٿا ۽ کلم کلا ڳالهائين ٿا – زندگيءَ جي اهميت تي، آرٽ تي، عورت تي ۽ موت تي. اهي ماڻهو، جن عمل کي زندگي سپرد ڪئي آهي، ساڳي وقت جذباتي خودنِگر به آهن. ناول جي پهرين سين، جنهن ۾ هنن جي سازش پڪڙي وئي آهي ۽ هنن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي،ڏيکاري ٿي ته اهي انسان جي اڪيلي پڻي کان اڳتي وڌي چڪا آهن ۽ پنهنجي ڀائپي ڳولي چڪا آهن. اها سين ڄڻ دوستو وسڪيءَ جي ياد ڏياري ٿي. هن ٻيا به ناول شايع ڪرايا. 1933ع کان پوءِ به پنهنجي شهرت تي لڳي، ماٺ ڪري نه ويٺو، پر هو پنهنجن سياسي اعتقادن لاءِ وڙهندو رهيو ۽ فني شهپارا ڏسڻ لاءِ دور دراز سفر ڪيائين. 38 – 1936 ع ۾ هن اسپين جي جنگ ۾ حصو ورتو ۽ نه رڳو طياري باز هو، پر پروپئگنڊا جو ڪم به هن کي ڏنو هيائون. اشتراڪين جي بي ترسي ۽ جمهوريت پسندن جو نراجواد ڏسي، هن پنهنجي خيالن تي نظرثاني ڪئي.
ٻي جنگ عظيم ۾ مالرو پهرين ته فرينچ جي ٽئنڪ – ڪور (Tank – Core) ۾ وڙهيو، تنهن کان پوءِ زير زمين مزاحمتين سان گڏجي وڙهيو، جن جو هو هيرو ٿي ويو؛ ان کان پوءِ هو باقاعده فوج ۾ ڪرنل جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو. 1945ع ۾ هن ۽ ڊيگال جي دوستي ٿي وئي ۽ هو گڏجي فرانس جي عظمت لاءِ ڪم ڪرڻ لڳا. 1958ع ۾ جڏهن ڊيگال اقتدار ۾ آيو ته هنکي ڪلچر منسٽر ڪري کنيائين. 1945ع ۾ هن پنهنجو آرٽ تي عاليشان ڪتاب “The Voices of Silence” ڇپايو. ڪنهن مخصوص حالت ۾ مون هيٺيون هائيڪو لکيو هو، جو ”پن ڇڻ پڄاڻان“ ۾ شايع ٿي چڪو آهي:
ساڳي فاشي چال
آنءُ ته آندري مالرو
تون ناهين ڊيگال!
هن وقت مان ان هائيڪوءَ جي وضاحت ڪرڻ مناسب نه ٿو سمجھان.
مالرو آرٽ کي پنهنجي دؤر جي آفاقي حقيقت سمجھي، ان جو آدر ڀاءُ ڪيو. 1967ع ۾ هن پنهنجي سوانح حيات ڇپائي، جا مون نه پڙهي آهي. ڪنهن چيو ته اها ڪنهن به ناول وانگر پُر ڪشش آهي. ان ۾ ڊرامائي واقعا آهن ۽ ماحول جي چٽي اُڀار آهي ۽ دنيا جي عظيم شخصيتن، نهروءَ ۽ مائوزي تنگ سان گفتگو آهي. هن ڊيگال سان گفتگوءَ به رڪارڊ ڪئي آهي. نهرو هن جو ذڪر “Discovery of India” ۾ ڪيو آهي. هو پئرس ۾ 1976ع ۾ مري ويو. ڪيڏي نه ڀرپور زندگي هئي انهن انسانن جي؟ مون کي ڪڏهن انهن تي رشڪ ايندو آهي. جڏهن آندري مالرو، وڪٽر هيوگو پڙهندو هو ته مان لطف الله بدوي پڙهندو هوس. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون فرانس جا اڪثر اديب پڙهيا آهن، پر آندري مالرو کي اها خبر به نه هئي ته سنڌ نالي ڪا ننڍي کنڊ ۾ جاءِ به آهي!

مارڪس آريليس (Marcus, Aurelius)

مارڪس آريليس (Marcus, Aurelius)

روم جو شهنشاهه هيو، جنهن 121 ع کان 180ع تائين روم جي سلطنت تي راڄ ڪيو. ”انترڌيان“ (سوچ) هن جو مشهور ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن جون چوڻيون آهن، جن جو رڳو انگريزيءَ ۾ ئي پنج، ڇهه اديب ترجمو ڪري چڪا آهن. بنيادي طرح مارڪس آريليس هڪ وڏو فيلسوف هيو ۽ هن جو شمار افلاطون ۽ ارسطو جهڙن فيلسوفن جي قطار ۾ ٿئي ٿو. هن جا ڪيترائي همعصر پنهنجي سوڀ تي ٻٽاڪون هڻندا هيا، جڏهن هن جي وڃڻ جو وقت آيو ته هن فقط اهو چيو: ”مان هڪ نهٺي فيلسوف، ڪڏهن به اهو هَوس نه رکيو آهي ته ٻي ڪنهن کي ڏک رَسايان.“ هو نه رڳو شهنشاهه هيو، پر هڪ عظيم ترين رومن هيو. مان ڀانيان ٿو ته هن جهڙو ڏاهو حاڪم، دنيا جي تاريخ ۾ نه ٿيو آهي.

مائيڪل اينجلو

مائيڪل اينجلو
(1475ع کان 1564ع تائين)

اطالوي سنگتراش، مصور ، معمار نقاش ۽ شاعر هو. يورپ ۾ ريني سانس (احيا) جي دؤر جي وڏي ۾ وڏي شخصيت هو. هن فلارنس ۾ تربيت حاصل ڪئي هئي. 1446ع ۾ هو روم ويو اتي 1499ع ۾ پنهنجو شاهڪار Pieta سينٽ پيٽر تي مڪمل ڪيائين. 1501ع ۾ فلارنس موٽي آيو. جتي پوپ جيولسII هن کي ٻه وڏا ڪم سپرد ڪيا. هڪ هو موسى جو مجسمو پنهنجي هٿ سان ٺاهي ۽ ٻيو هن کي سسٽين چئپل (Sistine Chapel) کي وئٽيڪين ۾ سينگارڻ جو ڪم سپرد ڪيو ويو. اهو هن جو عظيم ترين ڪارنامو هيو ۽ سندس مافوق الانسان عظمت جو مظاهرو پڻ هيو. جنهن مائيڪل اينجلو کي پنهنجي دؤر جي مشهور ترين مصور جي حيثيت ڏياري. ڪجھه وقت فلارنس ۾ 1516ع کان 1534ع تائين رهي وري روم موٽي آيو ۽ اتي پوئين فتوى (The last judgment) سسٽين چئپل جي ديوار تي ڪڍيائين. اهو ڪم هن جي ڇتين ۽ تازي پلستر تي چٽساليءَ کان بلڪل مختلف هيو ۽ ان ۾ تمام دهشت انگيز قوت واريون جھجيون صورتون هيون.
انهيءَ دؤر ۾ هن معمار جي حيثيت سان به ڪافي ڪم ڪيو ۽ هن جي وڏي ۾ وڏي حاصلات سينٽ پيٽر جي چرچ جي ٻيهر تعمير آهي ۽ انجي وڏي گنبذ جي خوبصورت رٿا آهي. هن کي پنهنجا همعصر تمام حيرت ۽ هيبت سان ڏسندا هيا. ليونارڊو ۽ ريفل (Raphel) سان ملي هن آرٽسٽ جي جينيس جي حيثيت ۾ مڃتا ڪرائي.
هن جي شاعري، جا پهريون 1663ع ۾ ڇپي، مائيڪل اينجلو جي شخصيت، هن جي ايمان، آرٽ، پيار جي باري ۾ قياس جي عڪاسي ڪري ٿي. هُن جا همعصر، مائيڪل اينجلو کي نه رڳو پنهنجي پر هر دؤر جو عظيم ترين مصور سمجھندا ها. هن جي تخليق کي انساني نه رحماني عطا سمجھندا ها. اڄ ڇهن صدين کان پوءِ، اسان جي مائيڪل اينجلو جي مصوريءَ، سنگتراشيءَ، فنِ تعمير ۽ شاعريءَ ۾ اعلى بصارت جي شناس اڳي کان به وڌي وئي آهي ۽ مائيڪل اينجلو اصل جينيس جو مثال ٿي پيو آهي. پنهجي زندگي آرٽ لاءِ وقف ڪرڻ وارو، تن تنها، سارو وقت پنهنجي لگن ۾، ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندڙ ۽ ڪڏهن به شڪست نه قبوليندڙ. هن جي زندگيءَ تي ناول پڙهي ۽ هن جي فن تي ڪتاب ڏسي، مان ڪڏهن سوچيندو آهيان: ”مون ڪيڏي عمر اجائي وڃائي آهي. انسان جو حسن ڪيترو ناپائيدار آهي! ڪيتري نه پائيداري آهي فن جي حسن کي!“

مجدد الف ثاني

مجدد الف ثاني
(26 جون 1564ع کان 10 ڊسمبر 1664ع تائين)

شيخ عبدالاحد وٽ سرحد ۾ ضلعي سرهند ۾ هُن جنم ورتو. هُن جو نالو الاحمد ۽ لقب بدرالدين مشهور ٿيو. حفظ قرآن کانپوءِ ابتدائي تعليم پيءُ کان ورتائين. ان کان پوءِ سيالڪوٽ ۾ مولانا ڪشميري کان معقولات تي ڪتاب پڙهيائين. حديث ۾ هن جو اُستاد مولانا يعقوب ڪشميري هيو. 17 ورهين جي عمر ۾ ظاهري علم کان فارغ ٿي درس ۽ تدريس جي سلسلي ۾ ماڻهن کي نوازيندو رهيو. هو جلال الدين محمد اڪبر جي دينِ الاهي واري دؤر ۾ پيدا ٿيو هو. علماءَ، اڪبر کي مهدي صاحبِ زمان چوندا ها ۽ هن کي امام مجتهد ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُيائون. اڪبر سڀني مذهبن جي مختلف عقيدن جو مجموعو هو. هن پنر جنم، تلڪ (قشقه) سج جي پوڄا، گانءِ جي پوڄا وغيره کي پنهنجي مذهب ۾ شامل ڪيو. هندو ڏڻ به هو وڏي ٺاٺ سان ملهائيندو هو. پارسين جي آتش پرستيءَ، عيسائن جي تثليث ۽ سنک وڄائڻ به دين اڪبريءَ ۾ شامل ڪيو هئائين. جڏهن هو اڪبر آباد ۾ هيو، تڏهن اڪبر جي نَوَن رتنن ۾ ابوالفضل ۽ فيضي (جي سنڌي هيا) سان مجدد الف ثانيءَ اوچتو مليو. هنن جا ٻنهي سان ڪجھه اختلاف ٿيا، پر اهي ٻئي ڀائر ڪافي مڃيا ويندا ها ۽ مجدد الف ثاني، ابوالفضل جو اهلِ علم جي حيثيت ۾ ڪافي قدر ڪيو ۽ ڪيئي ڀيرا هن جي مجلس ۾ شريڪ ٿيو. هڪ ڀيري حضرت مجدد، فيضي جي گھر ويو. جتي ڏٺائين ته سواءِ نقطن جي قرآن مجيد جي تفسير لکي رهيو هو. ان ڳالهه کان به ڏاڍو متاثر ٿيو. هن کي ڏاج ۾ ڪافي مال ۽ دولت مليا ها، جن مان هن هڪ حويلي ۽ مسجد ٺهرائي هئي. هن چشتيه سلسلي جي بيعت ڪئي هئي، جنهن هن کي خلافت جو خرقو به ڏنو هو. سهرورديه ۽ قادريه طريقا به هن پنهنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪيا، پر اڃا کيس پورو اطمينان نه ٿيو. اطمينان کيس خواجا باقي باالله جي بيعت ۾ ميسر ٿيو، جو دهليءَ ۾ رهندو هيو.
ان کان پوءِ هن کي وري تصوف جي ڪشش ٿي ۽ هن وري حضرت خواجا جي بعيت ڪئي. چون ٿا ته خواجا صاحب جي مدد سان هن ڪيئي منزلون طئي ڪيون، مثلاً حيرت جو مقام، فناءِ حقيقيءَ جو مقام، شرح صدر ۽ حق اليقين جو مقام، ٿوري عرصي ۾ طئي ڪيائين. تعليم بعد مرشد کان اجازت وٺي هو سرحد واپس آيو. ان کان پوءِ هو لاهور ويو ته هن جو مرشد انتقال ڪري ويو ۽ هو دهليءَ موٽي آيو. حضرت باقي با الله جي وفات کان ٻه سال پوءِ شهنشاهه اڪبر به وفات ڪئي ۽ جهانگير تخت تي ويٺو، جنهن کيس درٻار ۾ مدعو ڪيو ۽ هڪ سال کان پوءِ گواليار جي قلعي ۾ قيد ڪيو. تزڪِ جهانگيريءَ ۾ لکيل آهي ته جنهن مان اڪرام الله پنهنجي ڪتاب رود ڪوثر ۾ لکيو آهي ته جهانگير هن کي گواليار جي قلعي ۾ قيد رکيو. قيد مان رهائيءَ کان پوءِ هو وري جهانگير جي ويجھو آيو ۽ چار سال بادشاهه جي لشڪر ۾ رشد ۽ هدايت جو سلسلو جاري رکيائين. هن جي عمر ڪافي ٿي چڪي هئي ۽ رحلت قريب هئي. ان ڪري بادشاهه کيس اجازت ڏني ته سرهند وڃي ۽ اتي خلوت ۾ رهي. غالباً هو استعفى ڏئي هليو ويو ۽ هن تي دم جو سخت حملو ٿيو، پر وري طبيعت بحال ٿي ويس. هڪ ڏينهن هو هندي جو هيٺيون مصرعو:
آج ملاوان کنت سون، سکهي سب جگ ديوان وار

(اڄ گڏجاڻيءَ جو ڏينهن آهي، اي سکي! مان خوشيءَ ۾ سڄي دنيا کي نثار ڪري ڇڏيان)
پڙهي رهيو هو ۽ ٿوري عرصي بعد مري ويو، جڏهن هن جي عمر 63 سال هئي.
اسلامي تاريخ ۾ حضرت مجدد الف ثانيءَ جو نالو فهرست جي چوٽيءَ تي لکيل آهي ۽ ٻيا ڪيترائي اسلامي مفڪر (علامه اقبال سميت) هن کان متاثر ٿيا آهن.

مسرت پسندي (Hedonist)

مسرت پسندي (Hedonist)

مسرت پسندي اهو اخلاقيات جو نظريو آهي، جيڪو چوي ٿو ته چڱي ڳالهه اها آهي جا انسان کي خوشي پهچائي ۽ دک کان نجات ڏياري. مسرت پسنديءَ جا نظريا قديم زماني کان وٺي ڏنا ويا آهن، جن ۾ ايپيڪيورس جا نظريا وڌيڪ اهم آهن ۽ ان کان سواءِ جان مل ۽ بينٿم جو افاديت پسندي (آپ يوگتا واد) وارو نظريو، سڀ ايپڪيورس جي ئي نطرئي جو نتيجو آهن، اهو نظريو ته سک ئي آخري چڱائي آهي. انساني اخلاق ڏانهن هڪ ڪُڍنگو ۽ رواجي رويو هو.

مودي لياني (Modigiliani)

مودي لياني (Modigiliani)
(1884ع کان 1920 ع تائين)

اطالوي مصور، سنگ تراش ۽ نقشه ڪش هيو. 1906ع ۾ هو پيرس ۾ ڪم ڪندو هيو، پر ان کان اڳ اٽليءَ نئين جاڳرتا واري ڪلا (Renaissance Art) ۾ پنهنجي طرز مڃائي چڪو هيو ۽ هن کي گھڻو ڪري بوٽي سيلي جو روحاني وارث سمجھيو ويندو آهي. ڪجھه تصويرون ڇڏي باقي هن جون ڪجھه شبيهون (Portraits) آهن، جن مان هڪ ترتم واري قوت جو احساس ٿئي ٿو. هن جي سنگ تراشيءَ ۾ آفريڪا جي نقابن جو تاثر ملي ٿو. هن جون نفساني ننگيون مورتيون (Sensual Nudes) جي پنهنجي کلم کلا عريانيءَ عشقبازيءَ لاءِ مشهور آهن.

موزارٽ (Mozart)

موزارٽ (Mozart)
(1756ع کان 1791ع تائين)

آسٽريا جو ڪمپوزر هيو، جنهن جي موسيقي ٻي ڪنهن به انسان جي موسيقي ءَ کان وڌيڪ ڀانئي ويندي آهي. هو هڪ پيشور وايولين نواز ۽ ڪمپوزر (راڳ ٺاهيندڙ) جو پٽ هو. موسيقيءَ جي تاريخ ۾ حيرت ۾ وجھندڙ اسرار هيو. هن جي تربيت هن جي پيءُ ليوپولڊ ڪئي ۽ هو 5 ورهين جي عمر ۾ هڪ ماهر راڳ ٺاهيندڙ ۽ ڳائيندڙ وڄائيندڙ (Performer) هيو ۽ 15 ورهين جي عمر ۾ هن موسيقيءَ جا 100 شاهڪار تخليق ڪيا هيا. موزارٽ ڪيئي سنگيت – دؤرا ڪيا، جن جي سلسلي ۾ فرانس، جرمنيءَ، اٽليءَ ۽ انگلنڊ ۾ ويو، ۽ اتي پنهنجي دؤر جي عظيم موسيقارن سان هن جون ملاقاتون ٿيون. 1771ع ۾ هو پيءُ سان گڏ سالزبرگ جي آرچ بشپ وٽ گھر ڪري ويٺو، پر پوءِ به سفر ڪندو رهيو ۽ نهايت اهم فرمائشون قبول ڪيائين. ان کان پوءِ هُن جي آرچ بشپ سان نا اتفاقي ٿي پئي، ۽ 1781ع ۾ ويانا ۾ هڪ ڇڙواڳ ڪمپوزر، پيانسٽ ۽ استاد ٿيو. هو موسيقار جي حيثيت ۾ ته نهايت ڪامياب هيو، پر تڏهن به هن کي پويان ڪجھه مهينا، پنهنجي زال ۽ ٽن پٽن جي پرورش لاءِ پئسي جي ضرورت پئي. انهيءَ دؤر ۾ موزارٽ بيمار ٿي پيو ۽ گذاري ويو. ڪا به تاريخي ثابتي ڪانه آهي ته هن کي زهر ڏني وئي هئي. گذريل سال 1991ع ۾ هن جي ٻي صدي ملهائي وئي، جنهن جو تفصيلي ذڪر هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪيو ويو آهي. هن جي موسيقيءَ ۾ عجيب وغريب ۽ غير رواجي ٽيڪنيڪي مهارت آهي ۽ انساني حالت جي اونهي ڄاڻ آهي.

مولانا رومي، جلال الدين

مولانا رومي، جلال الدين
(1207ع کان 1272ع تائين)

فارسي جو عظيم صوفي شاعر هيو. هو بلخ ۾ پيدا ٿيو، جتي هن جو پيءُ بهاءُ الدين مشهور عالم هيو. هن جي علاءُ الدين محمد خوارزم شاهه سان نه بڻي ۽ ان ڪري هو وطن ڇڏي هليو ويو. مولانا رومي ان وقت ننڍي عمر جو هيو. نيشاپور جي شهر ۾ مشهور صوفي شاعر فريد الدين عطار (منطق الطيور جي مصنف) سان هن جي ملاقات ٿي ته انهيءَ، روميءَ کي هنج ۾ کڻي دعائون ڪيون. هن جي پيءُ هن کي ترڪيءَ جي شهر قونيا آندو ۽ هو اتي رهي پيو. روم ۾ رهڻ ڪري مولانا رومي جي نالي سان مشهور ٿيو هو. مولانا رومي جو زمانو نهايت اٿل پٿل وارو هيو. پر اهي حالتون هن جي ذهني ارتقا ۾ اٽڪ ثابت نه ٿيون. علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجو ڌيان روحانيت ڏانهن ڏنو. پهريون برهان الدين ترمذي جو شاگرد هيو، پر پوءِ صوفي درويش شمس تبريزيءَ سان هن جي عقيدت ۽ والهانه عشق ٿي پيو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن شمس تبريز، قونيا مان هليو ويو ته روميءَ هن جي فراق ۾ غزل لکيا، جي ”ديوان شمس تبريز“ جي نالي سان مشهور ٿيا. 1245ع ۾ شمس تبريز جي وفات تي سندس ياد ۾ مولانا روميءَ هڪ نئون صوفيانه درويشيءَ جو سلسلو قائم ڪيو، جنهن کي تصوف جي اصطلاح ۾ ”سماع “چوندا آهن.
مولانا روميءَ جي شاعري تصوف سان ڀرپور آهي، مگر جا شيءَ مولانا جي عالمگير شهرت جو باعث بڻي ۽ هن جو لازوال شاهڪار آهي، اها هن جي مثنوي آهي، جنهن جي باري ۾ هي شعر مشهور آهي:
مثنوي مولويُ معنوي
هست قرآن در زبان پهلويُ.

انهيءَ مثنويءَ ۾ مولانا روميءَ تصوف جا مسئلا ڪهاڻين ۽ نصيحتن آميز تمثيلن جي ذريعي حل ڪيا آهن. پاڻ به قونيا ۾ وفات ڪيائين ۽ هن جي درگاهه شمس تبريز جي درگاهه کان فرلانگ کن پري آهي، مان ٻنهي بزرگن جي درگاهه تان ٿي آيو آهيان ۽ خاص طور روميءَ جي درگاهه تي ڪيل رقص – درويشان مون کان نه وسريو آهي.

مهاتما گانڌي (موهن داس ڪرمچند)

مهاتما گانڌي (موهن داس ڪرمچند)

1869ع ۾ ڄائو. 1948ع ۾ هندو شدت پسند تحريڪ جي حاميءَ ۽ ساورڪر جي دوست گوڊسي جي گوليءَ سان ماريو ويو، جنهن وقت هن ورهاڱي کان پوءِ هندو – مسلم رتو ڇاڻ کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪوشش پئي ڪئي. ”خدا ڪڏهن به بي اختيار نه آهي. هن جو قانون بي بدل آهي. اسان هُن کي ڄاڻون نه ٿا. نه اسان کي ڪنهن به وقت هن جي مرضي معلوم آهي، تنهن ڪري هن جي اسان لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن، سي اسان تسليم ڪيون ٿا ۽ جي اُپاءَ اسان جي وس ۾ آهن، سي ڪيون ٿا.“ (گانڌيءَ جي ڏاهپ ۾ ٿامس ڪير، تان اهو حوالو گانڌيءَ سان منسوب ڪيو آهي.)
هندستان جيڪي به جديد انسان پيد ا ڪيا ، انهن ۾ گانڌيءَ هڪ با اثر شخصيت هو . هُن روايتي هندو مت ۾ ٽالسٽاءِ جا خيال آندا ۽ ان کي اهنسا جي تحريڪ ۾ تبديل ڪيو ۽ هندستان جي آزادي حاصل ڪئي. هن آمريڪا جي نيگرو ليڊر ڊاڪٽر مارٽن ليوٿر ڪنگ (جنهن کي گانڌيءَ وانگر گوليءَ هنئي وئي هئي ۽ جو امن جو نوبل انعام کٽندڙ هو) کي ڏاڍو اتساهيو. پنهنجي آتم ڪهاڻي ”منهنجا سچ سان تجربا“ ۾ گانڌيءَ لکيو آهي: ”ٽالسٽاءِ جي ڪتاب، ”خدا جي شهنشاهيت اوهان جي اندر ۾ آهي“ مون تي زبردست اثر ڪيو. هن مون تي پائنده تاثر ڇڏيو. هن ڪتاب جي آزاد خياليءَ، گھري اخلاق پرستيءَ ۽ سچائيءَ انهن ٻين سڀني ڪتان کي شَهه ڏئي ڇڏي، جي مون ڏکڻ آفريڪا ۾پڙهيا هيا. مون هن جو ڪتاب ”اڳتي ڇا ڪجي“ ۽ ”انجيل جو اختصار“ ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيا، جن مون تي نهايت گھرو اثر ڪيو ۽ مون کي هڪ آفاقي محبت جا اَکٽ امڪان نظر آيا“ هو ڪجھه وقت ”ٽالسٽاءِ جي ٻني“ جي نالي سان جاءِ ٺاهي ويٺو ۽ هن اتي تمام سادگيءَ سان زندگي گذاري ۽ ٻارن کي به انهيءَ ٻنيءَ تي تعليم ڏنائين.
1915ع ۾ مهاتما گانڌي، هندستان موٽي آيو ۽ شاعر رابندر ناٿ ٽئگور هن جي مهاتما جي نالي سان آجيان ڪئي ۽ ان کان پوءِ هن تي اهو خطاب پئجي ويو. گانڌي 2 آڪٽوبر 1869ع ۾ پور بندر ۾ پيدا ٿيو ۽ هوستن ٻارن ۾ ننڍي ۾ ننڍو هو. 13 ورهين جي عمر ۾ هن جي شادي ٿي ۽ هو ساري زندگيءَ انهيءَ تي شرمنده رهيو ته هو پنهنجي ننڍي ڪنوار سان ڪيئن هليو. ٽن سالن کان پوءِ هن جو پيءُ مري ويو. جڏهن هو پنهنجي زال سان گڏ ستل هيو ۽ اهو ڏوهه جو احساس ته هن پنهنجي فرض جي بجا آوري نه ڪئي، هن ۾ ساري زندگي رهيو. هو پوءِ پنهنجي زال کستور ٻائيءَ جا زيور وڪڻي انگلنڊ ويو ۽ اتي بئريسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ 21 ورهين جي عمر ۾ هندستان موٽِي آيو، جتي هن جي وڪالت نه هلي سگھي ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪنهن واپاري فرم جو قانوني مشير بڻجي ويو ۽ اتي اٽڪل 20 سال پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهيو. اتي هڪ جج هن کي حڪم ڏنو ته پنهنجو پٽڪو لاهي رکي ۽ هڪ انگريز ريلوي جي فرسٽ ڪلاس گاڏي ۾ گھڙي آيو، جنهن ۾ گانڌي سفر ڪري رهيو هو ۽ هن کي چيائين ته اسان ريلوي جي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪنهن ڪاري چمڙي واري کي سفر ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ هن کي زوريءَ گاڏي مان لاٿو ويو. اهڙا تلخ تجربا پرائي، گانڌيءَ اهنسا جي تحريڪ سياسي هٿيار ڪري ڪم آندي. 1909ع ۾ گانڌيءَ “Confession of faith” (يقين جو اعتراف) ڪتاب لکيو، جنهن ۾ چيائين ته جرمنيءَ ۽ انگلنڊ ڄڻ ٻئي موت جي درٻار ۾ حاضر هيا. مغربي تهذيب جي ماديت پرستيءَ ۽ فوج ڪشي، ريلوي، ٽيليگراف ۽ ٽيليفون جو نظام سڀ هن جي نظر ۾ منفي ڳالهيون هيون. علاج لاءِ ٽيڪنالاجي به گانڌيءَ جي نظر ۾ منفي هئي ۽ هو اسپتالن کي به چڱيءَ نظر سان نه ڏسندو هو. 1915ع ۾ هو هندستان واپس وريو، جڏهن 40 کان مٿي ٿي چڪو هو ۽ اتي آزادي جي تحريڪ شروع ڪيائين، هو انڊين نيشنل ڪانگريس جو ڪيئي ڀيرا ليڊر ٿيو ۽ عدم تعاون واري تحريڪ ۾، جڏهن هو جج جي اڳيان گرفتاريءَ بعد آندو ويو ته هن چيو ته: ”هو هڪ هاري ۽ ڪوري هو ۽ هڪ هاريءَ جي زندگي انسان ذات لاءِ بهترين هئي.“ هن هارين جي لاءِ تمام گھڻو ڪم ڪيو.
1932ع ۾ هن عوامي تحريڪ هلائي ته ٽيڪس نه ڏنو وڃي؛ ان ڪري هن کي بغاوت جي مقدمي ۾ گرفتار ڪري آندو ويو. هن ڏوهه باسيو ۽ کيس سزا ڏني وئي، پر بيماري سبب کيس ڇڏيو ويو. تنهن کان پوءِ هن لوڻ جي باري ۾ تحريڪ هلائي ۽ هو سمنڊ تائين پيرين پيادل ويو ۽ گورنمينٽ جي لوڻ تي هڪ هٽي ختم ڪرائڻ لاءِ نعرو بلند ڪيائين. هن ڀيري اختياريءَ وارن هن جي تحريڪ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو رڳو جيل ڀري سگھيا ۽ آخر موٽ کاڌائون.
هڪ ٻئي مسئلي تي گانڌيءَ پنهنجو مؤقف قيد خاني مان کٽيو، ڇو ته هن تيستائين مرن ورت (fasting un to death) رکيو، جيستائين گورنمينٽ هريجنن جي باري ۾ ووٽ ڏيڻ جو قانون نه ڦِرايو. گانڌيءَ سڀني ڪانفرنسن ۾ 15 آگسٽ 1947ع تائين هڪ اهم شخصيت جو ڪردار ادا ڪيو. ورهاڱي هن کي ڪافي مايوس ڪيو ۽ جڏهن هندو – مسلم فساد ٿيا ۽ لکين ماڻهو ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ ڀڄڻ لڳا ۽ ڪيئي مرڻ لڳا ته گانڌي اهنسا جو پيغام ڏنو ۽ امن بحال ڪرڻ لاءِ ورت رکيا، پر 30 جنوري 1948ع تي گوڊسي هن کي گولي هڻي ماري وڌو. هن پنهنجي قتل لاءِ معافيءَ جو اشارو ڪيو.
ڪارل مارڪس چيو آهي ته ”فلاسافيءَ جو ڪم فقط دنيا کي سمجھڻ نه آهي، پر ان کي بدلائڻ به آهي.“ ان حساب سان مهاتما گانڌيءَ جو فلسفو رد ڪد کان مٿي هو. ڇاڪاڻ جو هن دنيا ڪافي بدلائي وڌي. پر پنهنجي مخصوص طريقي سان. يو. ايس. ايس. آر جي ٽٽي وڃڻ ۽ ڪميونزم جي ناڪاميابيءَ ۽ ذلت کان پوءِ، گانڌي ازم هڪ متبادل فلسفي طور غور طلب آهي. گانڌيءَ جي نظر ۾ صحيح ذريعا ئي صحيح مقصد حاصل ڪري سگھن ٿا. مان ڀانيان ٿو ته ان ۾ هو بلڪل صحيح هو.
مون کي سوڀي ٻڌايو هو ته بحث ڪندي گانڌي ڪنهن ڪميونسٽ رهنما کان پڇيو هو ته: ”توکي زمين گھڻي آهي؟“ ”پنج سؤ ايڪڙ“ هن جواب ڏنو هو. ”پهرين اها ته هارين ۾ ورهاءِ“ گانڌي کيس چيو هو: ”مون وٽ ڏس ته ڇا آهي، هڪ کير لاءِ ٻڪري، هڪ گلاس، هڪ ڌوتي، هڪ لٺ ۽ هڪ ڪاٺ جي چاکڙي! مان توکان بهتر ڪميونسٽ آهيان.“ اهڙين ڳالهين جي ڪري هن تي مهاتما جو نالو پيو هو ۽ مان ڀانيان ٿو ان نالي ۾ وڌاءُ ڪونه هو.

مينڊ السٽام آسپ

مينڊ السٽام آسپ
( 1891ع کان 1938ع تائين)

روسي شاعر، ۽ ادبي نقادهو. ائڪميسٽ تحريڪ جو مهندار ٿي اڀريو ۽ روسي شاعري ۾ نواڻ پيدا ڪيائين. ۽ ان کي پنهنجا ڳُوڙها استعارا ڏنائين. هن شاعري ۾ منطقي تعلقات کي گھٽ اهميت ڏني. هن بين الاقوامي ثقافت مان ڪافي حوالا ڏنا. هو انقلاب کان پوءِ ادبي دنيا سان ٺاهه ڪري نه سگھيو ۽ 1928ع کان پوءِ پنهنجي شاعريءَ جو ڪوبه ڪتاب شايع نه ڪرايائين. 1934ع ۾ هن کي اسٽالن جي خلاف ڪنهن تحرير سبب گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ٽي سال جلاوطن ڪيو ويو. هن وري شعر لکڻ شروع ڪيو، جو پنهنجي زال ناديزدا کي ياد ڪرائي ڇڏيائين ۽ جو هن جي موت بعد 20 سالن کان پوءِ روس کان ٻاهر شايع ٿيو. مينڊالسٽام کي ٻيهر 1938ع ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ هو قيد خاني ۾ مري ويو. هن جي زال ناديزدا هن جي زندگي ۽ شاعري ٻاهر ڇپائي. 1970ع ۾ اها منظر عام تي “Hope against hope” ۽ “Hope a bandoned” جي نالي سان آئي. اهي ٻئي ڪتاب پڙهي منهنجي لونءَ لونءَ لرزي اٿي ۽ مونکي يقين ٿي ويو هو ته سوويت يونين ۾ ادب ۽ آرٽ جي آزادي بنهه نهوڙي ٿي وڃي ۽ اهڙو اظهار مون پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترو وقت اڳ ڪيو آهي. منهجيءَ نظر ۾ پشڪن ۽ پاسترناڪ کان پوءِ روسي شاعريءَ ۾ مينڊالسٽام وڏي ۾ وڏو جينيس هو. هو شاعره ائنا اخمتووا جو دوست هو ۽ لينن گراڊ ۾ رهائش دوران هن سان ملندو ۽ ادبي ڪچهريون ڪندو هو. جي مون وانگر فيض احمد فيض، مينڊالسٽام جي شاعريءَ جو مطالعو ڪري ها ته: ”وہ جو تاریک راہوں مین مارے گئے۔ “ واري سٽ انهن شاعرن سان به لاڳو ڪري ها، جي سرخ پرچم جي ديس ۾ انڪري مارايا ويا ها، جو هو حڪومت جا ڍنڍورچي نه ها. پر ڇا ڪجي، فيض پاڻ ته حڪومت جو ڍنڍورچي نه هو، پر هن جا پڙهندڙ اڪثر ملٽريءَ جا آفيسر ۽ سي. ايس. پي زياده ها. هو عوام جي باري ۾ ته لکندو هو، پر عوام جي لاءِ شاعر نه هو.
مينڊالسٽام، بريس پاسترناڪ جو دوست هو ۽ انهن ٽنهي شاعرن، اسٽالن جي دؤر وارو راڄ – هٺ، انڌير، ڌوڌ ۽ انڌ ڌنڌ اکين سان ڏٺو، جو هنن جي شاعريءَ مان ائين ٽپڪي ٿو جيئن ذبح ٿيل تتر جي نڙي مان رت وهندو آهي. مينڊالسٽام روانگيءَ واري ڇانوڻيءَ ۾ مري ويو هو، جتي هن کي گرفتاريءَ کان ڪيترو وقت پوءِ ترسايو ويوهو.
جيتوڻيڪ هن جي شاعريءَ ۾ هن زندگيءَ جا ڏک ڏاکڙا ۽ پنهنجي دؤر جو ڏهڪاءُ، هيبت ۽ هول آهي، پر هن جي شاعري رڳو ان خوف جو پرو نه آهي ۽ ان ۾ غير فاني خوشيءَ جو اظهار به آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن کي زندگي هڪ جشن وانگر لڳي ٿي. هو هر سٺي روسي شاعر وانگر ان ڳالهه ۾ اعتبار ڪندو هو ته انسان کي شاعريءَ جي ايتري ضرورت آهي جيتري روٽِيءَ جي.

مائوزي تُنگ

مائوزي تُنگ
(1893ع کان 1976ع تائين)

ذوالفقار علي ڀٽو، مائوزي تنگ جو ايترو مداح هو، جو مون سندس 70 ڪلفٽن واري بنگلي ۾ هن جي خاص ڪمري ۾ فقط ٻه تصويرون _ڏٺيون هيون. هڪ شاهه ايران جي هن جي دستخط سان ۽ ٻي مائوزي تنگ جي دستخط سميت. مائوزي تنگ تي سنڌيءَ ۾ اڳيئي ڪتاب لکيل آهي، انڪري مان مائوءَ جي زندگيءَ جا واقعات دهرائڻ نٿو چاهيان. مائوءَ جي عزم همت واقعي هئي، پر اها چنگيز خان ۽ تيمور لنگ ۾ به هئي. هُن جو ”ڳاڙهو ڪتاب“ عقل جو ڪهڙو ذخيرو آهي، ان تي اطالوي ناول نويس البرٽو موريا جو ”ڳاڙهي ڪتاب“ تي لکيل طنزيه ڪتاب مطالعي جي قابل آهي. مان فقط اوريانا فلاچيءَ کي چين جي موجوده حڪمران ڊينگ زيائو پنگ جي ڏنل انٽرويو جو ترجمو هتي ڏيان ٿو، جو منهنجي نظر ۾ سنڌي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ضروري آهي. ڊينگ زيائو پنگ بيجنگ ۾ جمهوريت پسند عوام جي قتل عام ۽ چين تي آمريت مسلط ڪرڻ، تبت جي ثقافتي تباهيءَ، آمريڪا اڳيان ڪسه ليسيءَ ۽ فئنگ لزيءَ جهڙن دانشورن جي فرار لاءِ ذميورا آهي.
ٿورا سال اڳ ڪلفٽن تي جمالستان ڪتاب گھر لڳ چيني ڪتابن جي نمائش ٿي هئي. ٻين ڪيترن ئي ڪتابن سان گڏ مون ڊينگ پيائو چنگ جا ”چونڊ ڪتاب“ نالي هڪ ڪتاب به ورتو. اهي ڪتاب پڙهي مون کي حيرت آئي ته هاڻوڪو چين ان چين کان ڪيترو مختلف ٿي ويو آهي، جو اسان اڳيان اسان جا دانشور پيش ڪري چُڪا آهن. اهي سڀ ڪتاب گھڻو ڪري ”فارين لئنگويجز پريس بيجنگ“ جا چين ۾ڇپايل آهن. ڊينگ جو ”چونڊ ڪتاب“ پڙهندي مون اوريانا فلاچيءَ جو ڊينگ کان ورتل انٽرويو به ان ڪتاب ۾ پڙهيو هو، جو جولاءِ 1983ع ۾ بيجنگ ۾ ڇپيو هو. مون اڳ به اوريانا فلاچيءَ جا ڀٽي (ذوالفقار علي) ۽ ٻين کان ورتل انٽرويو پڙهيا ها ۽ هن جو پنهنجي محبوب تي (جو پنهنجي دؤر جو عظيم شاعر به هو) سوانح حيات وانگر لکيل ناول “The man” به پڙهيو هو. ٻئي ڪتاب مون کي ڏاڍا وڻيا ها.
ڊينگ کان ورتل انٽرويو کانپوءِ جو تاءِ نان مين اسڪوائر ۾ جمهوريت پسند طبقي جو ڪوس ٿيو ۽ فئنگ لزي وغيره دانشورن تي ڪاروائي ڪئي وئي، ان جا دها مون تي اڳ ئي پوندا ها ۽ اهڙو ذڪر مان پنهنجي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون ۾ ڪري چڪو آهيان. هيٺيون انٽرويو جو صفحي 326 تي چپيل آهي، مائو ازم ۽ ان جي آندل جڙتو انقلاب جي عڪاسي ڪري ٿو، ان ڪري ڏئي رهيو آهيان ته جيئن سنڌ جو نئون نسل، انهيءَ ڪَل مان نڪري اچي، جنهن ۾ ان کي انڌيءَ گھوڙيءَ وانگر ڌڪيو ويو آهي ۽ پنهنجي نيتاري لاءِ ٻيهر سوچي.

انٽرويو

انٽرويو
اوريانا فلاچي: تاءِ انا مين شاهي دروازي تي مائوءَ جي تصوير برقرار رکي ويندي؟
ڊينگ زيائو پنگ: هائو، هميشه لاءِ. ماضيءَ ۾ چيئرمين مائوءَ جون تمام گھڻيون تصويرون هيون. اهي جتي ڪٿي هيون. اهو مناسب نه هيو ۽ اها ڳالهه چيئرمين مائوءَ جي ڪائي عزت نه ٿي ڏيکاري. اهو درست آهي ته هن (مائوءَ) ڪنهن دؤر ۾ ڪيئي غلطيون ڪيون، پر آخر هو چيني ڪميونسٽ ۽ چين جي عوامي رياست جو اهم بنياد وجھندڙ هو. هن جي عيب ثواب جو ڪاٿو ڪٿڻ وقت، اسان اهو فيصلو ڪيون ٿا، ته هن جي غلطين جي ثانوي حيثيت هئي، جيڪي هن چيني عوام لاءِ ڪيو، سو اَمٽ آهي. اسان چيني پنهنجي دلين ۾ هن کي پارٽيءَ ۽ رياست جو باني سمجھي ڀائيندا رهندا سين.
سوال: اسان مغرب جا ماڻهو ڪيئي ڳالهيون سمجھي نٿا سگھون. سڀني غلطين جو الزام چئن جي ٽولي (gaong of four) تي هنيو ٿو وڃي. مون ٻڌو آهي ته جڏهن چيني ”چئن جي ٽولي“ جي ڳالهه ڪن ٿا، ته پنجئي آڱريون اُڀيون ڪن ٿا؟
جواب: اسان کي چيئرمين جي غلطين ۽ لِن بيائو (مائوءَ جي پوئين زال) ۽ ”چئن جي ٽولي“ جي ڏوهن ۾ فرق ڪرڻ گھرجي. چيئرمين مائوءَ چڱيون ڳالهيون ڪيون. ڪيئي ڀيرا هن پارٽيءَ ۽ حڪومت کي بحران کان بچايو. هن کانسواءِ، چين جا ماڻهو ٻيو نه ته به اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻندا رهن ها. چيئرمين مائوءَ جي وڏي ۾ وڏي معاونت اها هئي، ته هن مارڪسزم – لينن ازم جا اصول چيني انقلاب جي عملي ڪرت ڪار ۾ شامل ڪيا ها ۽ سُواٽ ڏانهن ويندڙ واٽ ڏيکاري هُيائين. اهو چوڻ گھرجي ته سٺ سال کان اڳ يا پنجاهه جي پڇاڙيءَ ۾ هن جي فڪر اسان کي فتح سان همڪنار ڪيو ۽ هو ۽ هن جا بنيادي اصول بلڪل صحيح هئا. هن چيني انقلاب جي هر پهلوءَ ۾ مارڪسيت –ليننيت کي تخليقي طور استعمال ڪيو هو ۽ هن کي فلسفي، سياسي سائنس، ملٽري سائنس، ادب ۽ آرٽ وغيره تي تخليقي رايا هئا. بدبختيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جي شام ۾، خا ص طور ثقافتي انقلاب واري دور ۾ هن غلطيون ڪيون ۽ اهي ڪي معمولي غلطيون نه هيون ۽ انهن غلطين اسان جي پارٽيءَ رياست ۽ اسان جي ماڻهن تي مصيبتون آنديون. جيئن توکي معلوم آهي. نيان وارن ڏينهن ۾ اسان چئرمين مائوءَ جا خيال انهيءَ ڪري جدا جدا پس منظر ۾ سموهيا ۽ سهيڙيا، ڇو ته اسين هن جي خيال سان چهٽيا پيا هياسين. ائين برابر آهي ته مائوزي تنگ جو خيال فقط ڪامريڊ مائوءَ پيدا ڪيو هو. پراڻي نسل جي ٻين انقلابين به ان کي ٺاهيو هو ۽ ترقي وٺائي هئي ۽ بنيادي طرح ان ۾ ڪامريڊ مائوءَ جو تفڪر آهي، پر پوءِ به فتح هن جي دور انديشيءَ کي گھٽائي ڇڏيو ۽ هو ساڳو ماڻهو نه رهيو. نتيجو اهو ٿيو ته هن جي پوئين سالن ۾ ڪجھه نامعقول قياس آرايون ۽ اهي روشون جي ٺڪي ٺوڪي نه ڏنيون ويون هيون، خاص ڪري جي کاٻي پاسي واريون هيون، ظهور پذير ٿيون. اهڙيون ڪيئي ڳالهيون ٿيون، جن ۾ هو پنهنجي فڪر جي برخلاف ويو. انهن عمدين ۽ ٺيڪ ٺاڪ رٿن جي برخلاف، جي هن پاڻ پيش ڪيون هيون، ان طريقه ڪار ۽ ڍنگ ڊؤل جي برخلاف، جنهن جو هن پهريائين پاسو کنيو هو. ان وقت هن ۾ حقيقت جي يلغار نه رهي. هن جو ڪار ڪرت جو نمونو درست نه هو. هن ڪهڻي ڪرڻيءَ ۾ جمهوري مرڪزيت تي عمل نه ڪيو. مثال طور هو عوامي ڏس ۾ نه هليو ۽ هو پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ پنهنجن خيالن کي ادارن جي صورت ۾ بدلائي نه سگھيو. اها غلطي فقط ڪامريڊ مائوزي تنگ جي نه هئي. ٻيا پراڻي نسل جا انقلابي مون سوڌا به ان ڳالهه جا ذميوار هئا. اسان جي پارٽيءَ ۾ رياست جي زندگيءَ ۾ ڪجھه معمولي اختلاف ۽ غير معتدل واقعا ٿيا، ڪجھه رئيس قبيلي ۽ وڏيرا شاهيءَ (Patriarchal) وانگر طور طريقا اپنايا ويا ۽ فرد جي حمد ثنا عام ٿي وئي، جا عام طور سياسي صحتمند نه رهي. نيٺ اهي ڳالهيون ثقافتي انقلاب ڏانهن وٺي ويون جا هڪ وڏي غلطي هئي.
سوال: اوهان چيو ته پوئين سالن ۾ چيئرمين مائوءَ جي صحت جُھري چڪي هئي، پر ليوشائوءَ جي گرفتاريءَ ۽ قيد ۽ موت وقت ته مائو چڱو ڀلو هو ۽ ٻيون به غلطيون آهن، جن جو احتساب ڪرڻو آهي؟ ڇا اڳتي وڏو ٽپو (Great leap forward) غلطي نه هئي؟ سوويت طور طريقي جو نقل غلطي نه هئي؟ اهي ماضيءَ جو مائوءَ واريون غلطيون ڪيترو پٺتي تائين ڏسون؟ چيئرمين مائوءَ ثقافتي انقلاب مان ڇا چاهيو ٿي؟
جواب: سال پنجاهه (1950) جي آخر ڌاري غلطيون ٿيڻ لڳيون، پر اهو ڏوهه فقط چيئرمين مائوءَ جو نه هو، جيڪي هن جي چوڌاري هئا، اهي به لڙهي ويا. اسان معروضي (Objective) قانونن جي برخلاف ڪم ڪيا ۽ اقتصادي حالت کي اوچتو زور وٺايو. جيئن ته اسان جون داخلي آرزوئون معروضي قانونن جي برخلاف هيون، نقصان اڻ ٽر هو ۽ اوس ٿيڻو هو، پر پوءِ به چيئرمين کي ئي ”اڳتي وڏي ٽپي“ لاءِ ذميوار سمجھڻ گھرجي، پر هن کي اها ڳالهه سمجھڻ ۾ فقط ڪجھه مهينا لڳا ۽ هن اسان کان اڳ ۾ پنهنجي غلطي محسوس ڪئي ۽ ان کي درست ڪرڻ لاءِ اُپاءَ ورتا. سال ٻاهتر (1972) ۾ جڏهن اهي درستيون وجود ۾ آيون هيون، تڏهن هن خود تنقيد ڪئي. پر ماڻهن پورو سبق نه سکيو ۽ انڪري ثقافتي انقلاب ڦاٽ کاڌو. جيستائين چيئرمين مائوءَ جي اميدن جو سوال هو، هن سوچيو هو ته ثقافتي انقلاب سرمائيداريءَ جي واپسيءَ تي روڪ رکندو، پر هن چين جي سچي پچي حالت جو غلط اندازو لڳايو. پهريون ته انقلاب جا نشانا غلط طئي ڪيا ويا ها، جن سبب ”سرمائيداريءَ جا راهرو“ (Capitalist roaders) نوسي لڌا ويا ۽ انهن کي پارٽيءَ تي اقتدار ڏيڻ لاءِ وس ڪيو ويو. جن به رهنما ڪارڪنن کي انقلاب ۾ هٿي ڏني هئي ۽ جن کي عملي تجربو هو، انهن کي هر سطح تي زبرا ڌڪ هنيا ويا ۽ انهن ۾ ڪامريڊ ليو شائوچي به شامل هو. پنهنجي موت کان ٻه ٽي سال اڳ چيئرمين مائوءَ چيو ته ثقافتي انقلاب ٻن سببن ڪري غلط هيو. پهريون سبب اهو ته هر شيءِ کي ڊاٿو ويو (ڪنفيوشس جو مندر به ڊاٿو ويو هو – مصنف) ۽ ٻيو سبب اهو هو ته هڪ ڀرپور خانه جنگي ڇڙي وئي. فقط انهن ٻن سببن تي غور ڪيو وڃي ته نظر ايندو ته ثقافتي انقلاب غلط هو. چيئرمين مائوءَ جي غلطي سياسي غلطي هئي ۽ ننڍي غلطي نه هئي. ٻي طرف ان جو فائدو ٻن انقلاب – وروڌي چنڊال – چؤڪڙين ورتو، جن جا مهندار لن بيائو (مائو جي زال) ۽ ”چئن جو ٽولو“ هيو، جن اقتدار تي قبضي لاءِ سازش ڪئي هئي، انڪري اسان کي چيئرمين مائوءَ جي غلطين ۾ لن بيائو ۽ ”چئن جي ٽولي“ جي ڏوهن جي وچ ۾ سنڌو ڪرڻو پوندو“
سوال: اسان سڀني کي اهو معلوم آهي ته چيئرمين مائوءَ، لن بيائوءَ کي ساڳي نموني پنهنجو جاءِ نشين چونڊيو هو، جيئن هڪ شهنشاهه پنهنجو وارث چونڊيندو آهي؟
جواب: مون انهيءَ جي باري ۾ ئي ارشارو ڪيو آهي، ته اهو غلط طريقو هو، ڪنهن به رهنما لاءِ پنهنجو جاءِ نشين چونڊڻ هڪ جاگيرداراڻو عمل آهي. اهو اسان جي ادارن ۾ خاميءَ جو مثال آهي، جنهن جي باري ۾ مون ٿوري دير اڳ چيو آهي.
سوال: چيئرمين مائوءَ کي ڪيتريءَ حد تائين ذميدار سمجھيو ويندو، جڏهن تون پارٽي جي ايندڙ ڪانگريس ڪوٺائيندين؟
جواب: اسان چيئرمين مائوءَ جي غلطين ۽ هن جي مدد جو ٻيهر معروضي جائزو وٺنداسين. اسان اهو دهرائيندا سين ته هن جي مدد کي بنيادي حيثيت آهي ۽ هن جون غلطيون ٻئي درجي جون آهن. هن جيڪي غلطيون زندگيءَ جي پوئين حصي ۾ ڪيون، اسان انهن جي باري ۾ حقيقت پسنديءَ واري رَوَش اختيار ڪنداسين. اسان مائوزي تنگ جي فڪر کي اڳتي به چُهٽيا رهنداسين، جيڪو هن جي زندگيءَ جي رڳو هڪ حصي جي نمائندگي ڪري ٿو، نه رڳو ماضيءَ ۾ مائوزي تنگ جي فڪر اسان جي رهنمائي ڪئي ۽ آئينده به ڪندو رهندو، پر اهو چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ ۽ اسان جي ملڪ جو خزانو آهي. انڪري ئي اسان چيئرمين مائوءَ جو بُت تاءِ نان مين جي شاهي دروازي وٽ سدائين رکنداسين، جيئن هو اسان جي پارٽيءَ ۽ ملڪ جي علامت هجي. ان کانسواءِ اسان چيئرمين مائوءَ جي خيال کي چُهٽيا رهندا سين. اسان چيئرمين مائوءَ سان اهو نه ڪندا سين جو ڪروشچوف اسٽالن سان ڪيو.
سوال: ڇا اوهان جو مطلب اهو آهي ته چيئرمين جو نالو ايندو، جڏهن ”چئن جي ٽولي “ تي ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ اوهان پارٽيءَ جي نئين ڪانگريس ڪندا؟
جواب: هن جو نالو ايندو، نه رڳو ايندڙ ڪانگريس ۾ پر ٻين موقعن تي به. ائين ٻين اڳواڻن سان به ٿيو آهي، پر ڪاروائي وقت ”چئن جو ٽولو“ چيئرمين مائوءَ جي آبروءَ کي ٽِڪو نه لائيندو. ان ۾ شڪ نه آهي ته هو (مائو) انهن کي پنهنجن عهدن تي آڻڻ لاءِ ذميوار هو، پوءِ ”چئن جي ٽولي“ جا ڏوهه ان لاءِ ڪافي آهن، ته هنن کي سزا ڏني وڃي.
سوال : مون ٻڌو آهي ته چيئرمين مائو اڪثر شڪايت ڪندو هو ته تون هن کي ڌيان سان نه ٻڌندو هئين ۽ هو توکي پسند نه ڪندو هو. ڇا اها ڳالهه سچي آهي؟
جواب: هائو، چيئرمين واقعي چيو هو ته مون هن کي ڌيان سان نه ٿي ٻڌو، پر اها ڳالهه رڳو منهنجي باري ۾ نه ڪئي وئي هئي، مون وانگر ٻيا اڳواڻ به هيا. اهي خيال هن جي سنجها سمئه ۾ هن جي روڳي سوچ جو اولڙو آهن. يعني هن وڏيرڪي واٽ ورتي آهي، جنهن کي جاگيردارانه ذهنيت آهي. هن ٻين جي راءِ کي ترت نه ٿي ٻڌو. اسان اهو نه ٿا چئي سگھون ته هن تي ساري تنقيد غلط هئي. هو اهي صحيح رايا ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو، جيڪي مون ۽ ٻين رفيقن هن جي اڳيان پيش ڪيا ها. جمهوري مرڪزيت گھٽائي وئي هئي ۽ اجتماعي رهنمائي به جي ائين هجي ها ته، ثقافتي انقلاب جي اوچتي ڦاٽ لاءِ ٻي ڪهڙي سمجھاڻي ڏئي سگھجي ها.
سوال: چين ۾ فقط هڪ شخصيت هئي. جنهن کي رهڙ نه آئي ۽ اهو وزيراعظم چو – ين – لاءِ هو.. تون انهيءَ ڳالهه جي ڪهڙي سمجھاڻي ڏين ٿو؟
جواب: وزير اعظم چُو اڻٿڪ پورهيو ڪندڙ هو ۽ زندگيءَ ڀر ڪِنجھندو ڪرڪندو گھٽ هو. هو ڏينهن ۾ ٻارنهن ڪلاڪ ڪم ڪندو هو ۽ ڪنهن وقت سورنهن ڪلاڪ يا انهيءَ کان به وڌيڪ. ائين هو ساري زندگي ڪندو رهيو. اسان هڪٻئي جا واقف گھڻو اڳي ٿيا هياسي، جڏهن 1920ع ۾ اسان فرانس ۾ مشاهدي ۽ مطالعي لاءِ گڏجي سفر ڪري رهيا هياسين. مون هن کي پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگر ڏٺو آهي. اسان انقلاب جي راهه ساڳي وقت ورتي هئي. هن کي هن جا رفيق ۽ ٻيا ماڻهو ڏاڍي عزت ڏيندا ها. خوش بختيءَ سبب هو ثقافتي انقلاب ڀيري جيئرو رهجي ويو. جڏهن ته اسان کي ٺوڪر هڻي، پٽ تي ڪيرايو ويو. هو ان وقت وڏي مخمصي ۾ هئو ۽ هن ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون چيون ۽ ڪيون جي هو چوڻ يا ڪرڻ نه چاهي ها. پر ماڻهن هن کي معاف ڪيو، ڇو ته اهي ڳالهيون هن جون ڪيل يا چيل هجن ها ته هو پاڻ بچي نه وڃي ها ۽ اهو تُرشي ڏياريندڙ ڪردار ڪري ها، جو هن نه ڪيو ۽ جنهن ڇيهو گھٽايو.
سوال: مان نٿي چئي سگھان ته ”ثقافتي انقلاب“ جهڙيون ڀيانڪ ڳالهيون ڪيئن ٽاري سگھجن ٿيون، يا انهن کي وري ٿيڻ کان ڪيئن روڪي سگھجي ٿو؟
جواب: اهو معاملو اسان جي اداري ۾ اٿاري ان کي حل ڪري سگھجي ٿو. انهن مان ڪجھه ماضيءَ ۾ قائم ڪيا ويا ها، جن تي جاگيرداريءَ جو اثر هو ۽ جو انهن جي شخصيت پرستيءَ يا انهن جي وڏيرڪي ٺاٺ ۽ ڪم ڪار جي چال چلت مان يا مکيه عهدن تي، تاحيات فائز رهڻ مان ظاهر آهي. اسان هاڻي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اهڙيون ڳالهيون وري نه ٿين ۽ پنهنجن ادارن جي نئين سر تعمير ڪري رهيا آهيون. اسان جي ملڪ کي هڪ هزار سال جي جاگيرداريءَ جي تاريخ آهي ۽ قانون جي احترام جي ڪمي آهي. اسان انهن لاءِ ديانتداريءَ سان محنت ڪري رهيا آهيون. رڳو انهيءَ طريقي سان اسان پنهنجو مسئلو حل ڪري سگھون ٿا.
سوال: اوهان کي پڪ آهي ته ڳالهيون اڳي کان وڌيڪ آسان ٿي وينديون، اوهان اهو مقصد ماڻي سگھندؤ جو اوهان پنهنجي اڳيان رکيو آهي؟ مون ٻڌو آهي ته نام نهاد مائوئسٽ (Maoist) اڃا ڇُپيا لڪا وتن. مائوئسٽن مان منهنجي مراد انهن سان آهي، جن ثقافتي انقلاب جي پٺڀرائي ڪئي هئي؟
جواب: ”چئن جي ٽولي“ (Gang of Four) جي اثر کي گھٽ نه سمجھيو وڃي، پر ان ڳالهه کي خيال ۾ رکيو وڃي ته 97 يا 98 سيڪڙو عوام انهن سان، انهن جي ڏوهن سبب شديد نفرت ڪري ٿو. اها ڳالهه انهيءَ تحريڪ مان ظاهر ٿي پئي جا 5 اپريل 1976ع تي تاءِ نان مين اسڪوائر ۾ ڀڙڪي پئي، جڏهن ٽولو اڃا انڌ جي گھوڙي تي سوار هو، چيئرمين مائو سخت بيمار هو، پر وزير اعظم چُو گُذاري ويو هو. 1976ع ۾ ”چئن جي ٽولي“ جي زوال کان پوءِ ۽ خاص ڪري گذريل ٻن سالن ۾ عوام مرڪزي ڪميٽيءَ جي ٽين، چوٿين ۽ پنجينءَ ويهڪ ۾ اسان پنهنجن ادارن کي سڌاري مسئلن جو حل تلاش ڪري رهيا آهيون. ڪيئي تنازعا هاڻي ئي اڀاريا ويا آهن. خاص زور جديد ڳالهين تي ڌيان سان ڪم ڪرڻ تي ڏنو وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه عوام جي دل جيتي ورتي آهي. هنن کي سياسي استحڪام ۽ اتحاد جي ضرورت آهي. اهڙين تحرڪن ڪيترن ئي ماڻهن کي ناراض ڪيو. مسلسل تحريڪون قومي تعمير کي ناممڪن بڻائي ڇڏن ٿيون. ان ڪري اسان چئون ٿا ته، عوام اسانجي مهم جي حمايت ڪندو ۽ ”ثقافتي انقلاب“ جهڙي ڳالهه وري نه ٿيندي.
سوال: ”چئن جو ٽولو“ فقط مائوءَ جي موت کان پوءِ گرفتار ٿي سگھيو. انهن جي گرفتاريءَ جو بندوبست ڪنهن ڪيو.؟
جواب: اها هڪ ڪٺي ڪوشش هئي. پهريون ته مان سمجھان ٿو ته ان کي هڪ عوامي بنياد هو، جو 5 جولاءِ، 1976ع واري تحريڪ تي رکيو ويو هو. ”چئن جي ٽولي“ وارا لفظ، پنهنجي موت کان اڳ چيئرمين مائوءَ گھڙيا ها. اسان ٽولي جي خلاف ٻه سال جدوجهد ڪئي. ايستائين ماڻهن هنن کي اصلي روپ ۾ ڏسي ورتو هو. جيتوڻيڪ کين چيئرمين مائو پنهنجو گادي نشين چونڊيو هو. ”چئن جي ٽولي “ هن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو . چيئرمين مائوءَ جي موت کان پوءِ انهيءَ ٽولي اقتدار تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان کي ترت ڪارروائيءَ جي ضرورت محسوس ٿي. انهن حالتن کي سياسي بيورو جي ڪامريڊن جي گھڻائي انهيءَ تي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ متفق ٿي. هڪ يا ٻه فرد ڪوشش ڪن ها ته ڪافي نه هئي.
ائين ڳالهه ظاهر ڪرڻ ضروري آهي ته ”چئن جي ٽولي“ کان پوءِ ڪجھه اهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون، جي چيئرمين مائوءَ جي خيالن کان متضاد هيون. مثال طور چيئرمين مائوءَ جي يادگار لاءِ هال جي تعمير. هن پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ چيو هو ته اسان سڀني کي موت کان پوءِ ساڙيو وڃي ۽ اسان تي ڪوئي مقبرو نه ٺاهيو وڃي. ان ڳالهه تي چيئرمين مائوءَ پهريائين پنهنجي صحيح ڪئي ۽ پوءِ اسان ڪئي. مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي سڀني سينيئر آفيسرن صحي ڪئي. اسان وٽ اڃان تائين اهو صحين وارو ڪتاب موجود آهي. ”چئن جي ٽولي “ کي تهس نهس ان لاءِ ڪيو ويو ته ٽِڪاءُ حاصل ڪيو وڃي.
سوا: ڇا ان جي معنى اها آهي ته چيئرمين مائوءَ جو يادگار هال ڊاٿو ويندو؟
جواب: مان ان کي بدلائڻ جي فائدي ۾ نه آهيان. هاڻي جڏهن اهو اتي آهي ته ان کي ڊاهڻ نه گھرجي. پهريون ته ان کي ٺاهڻ نه گھربو هو، پر هاڻي ان کي ڊاهڻ جي ڪري چه مي گويون ٿينديون. ڪيئي ماڻهو ان تي سوچي رهيا آهن ته اسان کي يادگار هال ڊاهڻ گھرجي يا نه. اسان کي اهڙو خيال نه آهي.
سوال: چيو وڃي ٿو ته اوهان نائب وزيراعظم جو عهدو ڇڏيو ٿا؟
جواب: رڳومان استعيفى نه ڏيندس. اڳئين دؤر جا سڀ ڪامريڊ پنهنجا عهدا ڇڏن ٿا. چيئرمين هُئاگيو فينگ (Huo Guofeng) اسٽيٽ ڪائونسل جو وزيراعظم نه رهندو. مرڪزي ڪاميٽيءَ، ڪامريڊ زائو زيانگ (Zhou Zaing) کي انهيءَ عهدي لاءِ تجويز ڪيو آهي. جي اسان پراڻا ڪامريڊ پنهنجن عهدن تي قائم رهنداسين، ته نون جي ترقي روڪجي ويندي. اسان لاءِ اهو مسئلو آهي ته ڪيئن هر سطح تي رهنمائن جي عمر گھٽايون. اسان کي ئي ان ڳالهه ۾ اڳواڻي ڪرڻي پوندي.
اڳ ڪي به لاڳو قائدا قانون نه ها، دراصل مهنداريءَ ڪري سربراهه ماڻهن کي هٽائڻ ۽ نون ماڻهن کي ترقي ڏيڻ آسان هو، اها ادارن جي خامي سٺ واري ڏهاڪي ۾ به ظاهري هئي. ڇاڪاڻ جو ان وقت اسان جو ڦوهه جوڀن هيو. اهو مسئلو فقط انفرادي نه هو پر ان ۾ سارا ادار اچي ٿي ويا. ان جو اسان جي عام نيتيءَ ۽ ان ڳاهه تي اثر آهي ته اسان جديديت حاصل ڪري سگھون ٿا، انڪري اسان چئون ٿا ته اهو جھونن لاءِ بهتر ٿيندو ته حق شناسيءَ جي راهه اختيار ڪن ۽ ٻين لاءِ مثال قائم ڪن.
سوال: مون چين ۾ ٻيون تصويرون ڏٺيون آهن. مون تاءِ نان مين اسڪوائر ۾ مارڪس، اينگلز ۽ لينن جون تصويرون ڏٺيون آهن ۽ خاص ڪري اسٽالن جي. ڇا تون انهن تصويرن کي اتي رکڻ چاهين ٿو؟
جواب: ”ثقافتي انقلاب“ کان اڳ انهن کي اتي رڳو اهم موقعن تي رکيو ويندو هو، پر اها رسم ”ثقافتي انقلاب“ جي وچ ۾ بدلائي وئي، ۽ انهن جي ساندهه نمائش ڪئي وئي. اسان هاڻي پراڻي رسم ڏانهن موٽي ٿا وڃون.
سوال: چار جديد ڳالهيون چين ۾ ٻاهريون ناڻو سيڙائينديون. اها ڳالهه خانگي سيڙپ کي نه همٿائيندي. ڇا ان سان ٿورڙي سرمائيداري نه وڌندي؟
جواب: آخر تجزئي ۾ اسان جي اقتصادي ترقيءَ جا عام اصول چيئرمين مائوءَ ٺاهيا ها، جي ها ته اسان پنهنجي مدد پاڻ ڪيون ۽ ٻاهرينءَ مدد تي گھٽ ڀروسو رکون. اسان ڪيترا به ٻاهرين دنيا سان تعلقات وڌاينداسين ۽ ٻاهرين سيڙپ ڪنداسين، ان جي اهميت تمام ٿوري هوندي ۽ اها اسانجي سوشلسٽ نظام تي اثر انداز نه ٿيندي، جنهن ۾ پيداواري ذريعن جي ملڪيت عوام جي هوندي. ٻاهرين سرمائيڪاري ۽ ٽيڪنالاجي رڳو اسانجي سوشلسٽ معاشري سان گڏوگڏ هلنديون ۽ اسان جي سوشلسٽ پيداواري قوتن کي وڌائينديون . ان ۾ شڪ نه آهي ته اها ڳالهه چين ۾ ڪجھه زوال آميز سرمائيدارانه نظام آڻي. اسان انهيءَ امڪان کان باخبر آهيون. اسان کي ان مان خطرو نه آهي.
سوال: ان جي معنى ته اها ٿي ته پوري سرمائيداري خراب نه آهي؟
جواب: اهو انهيءَ تي مدار ٿو رکي ته اوهان سرمائيداري جي معنى ڪهڙي ٿا وٺو. ڪابه سرمائيداري، جاگيرداريءَ کان بهتر آهي. اسا اهو به چئي ٿا سگھون ته هر ڳالهه جنهن سرمائيداري نظام ۾ ترقي ڪئي آهي، سا سرمائيدارانه نوعيت جي نه آهي. مثال طور ٽيڪنالاجي، سائنس، نه رڳو اهو پر ترقي يافته پيداواري نظام به هڪ سائنس آهي. اهي سڀ ڪنهن به ملڪ يا سماج ۾ ڪارآمد ثابت ٿينديون. اسان ترقي يافته ٽيڪنالاجي هٿ ڪرڻ چاهيون ٿا. پنهنجي سوشلسٽ پيداوار لاءِ سائنس ۽ انتظامي مهارت حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. اهڙين ڳالهين کي ڪوبه طبقاتي ڪردار نه آهي.
سوال: مون کي ياد آهي ته ڪيئي سال اڳ، جڏهن ديهاتي علائقي ۾ خانگي پلاٽن جي باري ۾ مان ڳالهائي رهي هيس، تو اها ڳالهه مڃي هئي ته پيداوار لاءِ ماڻهوءَ جو ذاتي مفاد ضروري آهي. ڇا ان جو اهو مطلب نه آهي ته خود ڪميونزم کي زير بحث آندو وڃي؟
جواب: مارڪس موجب، سوشلزم ڪميونزم جي پهرين حالت (ڊاٻي جي جاءِ) آهي ۽ اها هڪ لنبو تاريخي سفر ڪري ٿي، جنهن ڪري اسان کي انهيءَ اصول تي عمل ڪرڻ گھرجي ته: ”هر ڪنهن کي پنهنجي پورهئي مطابق ملڻ گھرجي“ ۽ ان ڳالهه سان رياست، اجتماعيت ۽ فرد جو مفاد به شامل رکڻ گھرجي. ڇو ته رڳو ان ريت اسان ماڻهن کي پورهئي ۽ سوشلسٽ قوتن جي ترقي لاءِ اتساهي سگھون ٿا. ڪميونزم جي مٿاهينءَ حالت ۾، جڏهن پيداواري قوتون ڪافي ترقي ڪري وينديون، اسان ”هر ڪوئي پنهنجي سگھه موجب کان هر ڪوئي پنهنجي لوڙ تائين“ جي اصول تي عمل ڪنداسين، ذاتي مفاد تي روز بروز وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو ۽ وڌيڪ ذاتي گھرجون پوريون ڪيون وينديون.
سوال: تو چيو ته ٻيا به ها جن مائوزي تنگ جي فڪر ۾ اضافو ڪيو. اهي ڪير ها؟
جواب: اهي اڳين نسل جا انقلابي هئا. مثال طور وزير اعظم چُو اين لاءِ، ڪامريڊ ليو شائو قي ۽ زودي (Zhude) ۽ ٻيا به ڪيئي هئا. ڪيئي سينئر انقلابي تخليق جا اهل ۽ پنهنجيءَ سچ ۾ منفرد آهن.
سوال: تون پنهنجو نالو ڇو ٿو ڇڏي ڏين؟
جواب: مان ايترو اهم نه آهيان. ان ۾ شڪ نه آهي ته مون به ڪجھه ڪم ڪيو آهي. ائين نه هجي ها ته مونکي انقلابي نه سمجھيو وڃي ها.
سوال: جيڪي اسان نه سمجھيو اُهو هي هيو ته: جي ”چئن جو ٽولو“ جيئن تون ٿو چئين، هڪ اقليت هو ۽ سڄو ملڪ انهن جي برخلاف هو ته اهو ڪيئن هيو ته سارو ملڪ، اڳواڻن سميت، هنن جي وس ۾ هيو؟ اهو انڪري ته نه هو ته انهن چئن مان هڪ مائوزي تنگ جي زال هئي ۽ سندس مائوزي تنگ سان تعلقات ايترا گهرا هئا، جو هن کي هٿ لائڻ جي همت ڪنهن ۾ به ڪانه هئي؟
جواب: اهو به هڪ سبب هيو، جيئن مون چيو آهي ته چيئرمين مائوءَ غلطيون ڪيون ۽ انهن غلطين مان هڪ غلطي اها هئي ته هن ٽولي کي استعمال ڪيو ۽ انهن کي اقتدار ۾ آندائين، انهيءَ ٽولي کي وري پنهنجا حواري هيا، انهن پنهنجو وڏو حلقو ٺاهيو، خاص ڪري انهن نادان نوجوانن کي استعمال ڪيو ۽ اڳ ۾ آندو، انهن جي پويان به ڏاڍي خلق هئي.
سوال: ڇا هن مائوزي تنگ کي ايترو انڌو ڪري وڌو هو، جو هو ڏسي نه پئي سگھيو ته ڇا ٿي رهيو آهي؟ ۽ ڇا مائوءَ جي زال ايتري مهم پسند هئي، جيتري راڻي يهونالا (Yehunala) ؟
جواب: زيانگ چنگ مائوزي تنگ جو جھنڊو ڏيکاري ڪيئي برا ڪم ڪيا، پر چيئرمين مائو ۽ زيانگ چنگ ڪيترو ئي وقت هڪٻئي کان علحده رهيا.
سوال: اسان کي ته ان ڳالهه جي خبر ڪانه هئي؟
جواب: زيانگ چنگ چيئرمين مائو جي جھنڊي جي مخالفت ۾ گھٽايو ڪونه، پر چيئرمين مائوءَ هن تي اثرائتي روڪ نه رکي. ان لاءِ هو ذميوار آهي. زيانگ چنگ هڪ ڪني رن هئي، جيڪا به چئن جي ٽولي کي سزا ڏني وئي، اها زياده ليکي نه ويندي. هنن ڪروڙن ماڻهن جو نقصان ڪيو.
سوال: تون زيانگ چنگ جو جائزو ڪيئن لڳائين ٿو؟ هن کي گھڻو اسڪور (Score) ڏين ٿو؟
جواب: ٻُڙي کان به گھٽ. هزار ٻُڙيون، ٻُڙِي کان به گھٽ.
سوال: تون پنهنجو جائزو ڪيئن ٿو لڳائين؟
جواب: مان انهيءَ تي راضي آهيان، جي مو ن کي خامين ۽ خوبين جي معاملي ۾ اڌو اڌ سمجھيو وڃي. پر پنهنجي باري ۾ مان هڪ ڳالهه چئي سگھان ٿو . مون پنهنجو ضمير ساري زندگي صاف رکيو آهي. مهرباني ڪري منهنجا لفظ غور سان ٻڌ: مان به ٿوريون غلطيون ڪيون آهن ۽ ڪامريڊ مائوزي تنگ جي غلطين ۾ منهنجو به حصو آهي، پر اهو چئي سگھجي ٿو ته انهن غلطين ڪرڻ مهل منهنجي نيت صاف هئي. اهڙو ڪوبه نه آهي جو غلطيون نٿو ڪري. اسان ماضيءَ جون سڀئي غلطيون مائوزي تنگ جي سر تي نه مڙهيون. اسان کي هن جي امداد کي اوليت آهي ۽ هن جون غلطيون ثانوي حيثيت رکن ٿيون. اسان چيئرمين مائوءَ جي سوچ مان ڪيئي چڱيون شيون ورثي ۾ وٺنداسين، پر ساڳي وقت هُن جي غلطين جي اپٽار به ڪندا رهندا سين.
(Selected wroks of Deng Xio Ping: Page 326 to 334)
****
انهيءَ ڊينگ، جنهن جو انٽرويو مٿي ڏنو ويو آهي، مائوءَ جي حوارين ”چئن جي ٽولي“ کي ڦاسي ڏئي ڇڏي، جنهن ڳالهه کي سال کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي. 20 ڊسمبر 1992ع جي ڊان ۾ آيو هو ته ڊينگ 88 سالن جو ٿي چڪو آهي، پر هن جي صحت سٺي آهي ۽ اقتدار کي اڃا چنبڙيو پيو آهي. هو روس جي سربراهه ييلسن سان نه مليو ۽ ييلسن پنهنجو دورو ملتوي ڪري ماسڪو موٽي ويو. جڏهن يو. ايس. ايس. آر ۾ جمهوريت لاءِ بغاوت ٿي. تڏهن ان جو اثر چين تي به ٿيو ۽ بيجنگ جي تاءِ نان مين اسڪوائر ۾ ڪيئي باغي نوجوان ڪٺا ٿيا، جن کي ٽئنڪن سان مارايو ويو ۽ جمهوريت لاءِ اُڀار کي دٻايو ويو. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته چيني ڪميونسٽ ناشتو ئي ڪوڙ سان ڪندا آهن. ڪميونزم جي فلسفي ۾ سياسي غلطيءَ لاءِ ڪائي معافي نه آهي ۽ ماڻهوءَ جي نيت ڪا شيءَ نه آهي. جي چيئرمين مائو غلطيون ڪيون ۽ انهن جو ذميوار ڊينگ به هو ته هن کي به ”چئن جي ٽولي“ واري سزا اچڻ گھربي هئي، پر ڪميونزم ۾ نه رڳو ڏاڍو گابو آهي، پر ڏاڍو ڏاند آهي، خطرناڪ سڱن وارو!
انسان جڏهن مائوءَ وانگر پاڻ کي عقل ڪُل سمجھي ٿو ۽ قدرت سان گھڻي هٿ چراند ڪري ٿو، ته اهڙا هيبت ناڪ نتيجا نڪرن ٿا جي خواب خيال ۾ نه آهن. مائوءَ جو، اڌ مڻ جو هنداڻو هڪ وقت کائيندو هو، تنهن جو پيٽ ايترو ڀريو جو ڪنهن جي صلاح تي حڪم ڪيائين ته چين ۾ جھرڪين سان جنگ ڪئي وڃي، ڇو ته اهي مٿي کائو هيون ۽ گندگيءَ ۾ آزار جو باعث هيون. ردِ عمل طور ڪروڙين چيني گھٽين ۾ نڪري آيا، تيُون ۽ ٻيا استعمال ۾ ايندڙ ٿانون کڙڪائيندا رهيا ته جيئن اهي پکي هراسجي وڃن. دراصل هنن جو مقصد اهو هو ته انهن کي بار بار اڏائي ايترو ٿڪائجي جو هو ڦهڪو ڏئي ڪرن ۽ مري وڃن. هن سڀني ائين ئي ڪيو. انهيءَ مهم تي روڪ تڏهن پئي جڏهن ملڪ ۾ ڪروڙين سُوٻٽ (Caterpiller) ڦهلجي ويا، جن کي هونءَ جھرڪيون کائي ڇڏينديون هيون. انهن فصل تباهه ڪري ڇڏيا، وڻن کي ويڙهي ويا ۽ ايندڙ ويندڙ تي برسات وانگر ڪريا ٿي.
(ٽائيم – مضمون 28 ڊسمبر 1992)
مون مٿيون مثال به اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڏنو ته آمريت جلدي يا دير سان دماغ ۾ ڪيئي خلل پيدا ڪري ٿي، جي ملڪ قوم ۽ خود آمر جي ستياناسيءَ جو سبب بڻجن ٿا. مائو جي ڳاڙهي ڪتاب تي مٿي ذڪر ڪيل آلبرٽ موريويا جي ڪتاب ۾ طنز ۽ مزاح پڙهڻ جي قابل آهي. مون اهو ڪتاب تڏهن پڙهيو هو جڏهن مائوءَ جي نالي جي تسبيح پڙهي ويندي هئي ۽ ”سرخ ڪتاب“ دنيا جو سڀ کان مقدس سياسي ڪتاب سمجھيو ويندو هو. هاڻي اهو تور تي به گھورڙيا وٺڻ لاءِ تيار ناهن.
”ڪيترن ئي پاڻيءَ جي بُدبُدن جا سِر لهرن، تلوارن
وانگر ڪٽي ڇڏيا آهن.“
(بيدل دهلوي)

مولانا ابو الڪلام آزاد

مولانا ابو الڪلام آزاد
(1888ع کان 1958ع تائين)

دين جو عالم، انشا پرداز ۽ سياستدان هيو. هن جو نالو معيح الدين احمد ۽ تخلص آزاد هيو. هن جي پيءُ جو اباڻو وطن دهلي ۽ ماءُ جو وطن مدينو هيو. هن جو پيءُ مولانا خير الدين آزاديءَ جي جنگ کان پوءِ مڪي ۾ رهي پيو ۽ هن جي ماءُ سان مديني ۾ نڪاح ڪيائين. مولانا آزاد 11 نومبر 1888ع ۾ مڪي معظم ۾ پيدا ٿيو. هن کي پنج ڀينرون ۽ ڀائر هئا، جن ۾ هي سڀني کان ننڍو هو، 1898ع ۾ مولانا خيرالدين ڪلڪتي آيو، جتي مولانا آزاد جي ماءُ گذاري وئي. هن جي پيءُ هن کي مشرقي علم سيکاريا هيا ۽ هن قرآن شريف مڪي ۾ ئي ختم ڪيو هو. هن جو گھريلو ماحول ديني عظمت سان ٽمٽار هيو. انهيءَ ڪري مولانا آزاد وقت کان اڳ ئي سنجيده ٿي ويو ۽ ڪيئي ڪتاب پڙهيائين. هن جي پيءُ هن کي عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏني، پر کيس اردو ڪتاب پڙهڻ کان منع ڪيائين. تنهن هوندي به مولانا چوريءَ چوريءَ اردو ڪتاب پڙهندو رهيو.
انهيءَ زماني ۾ مولانا کي شاعريءَ جو به شوق ٿيو. پهريائين اردوءَ پوءِ فارسي ۾ شعر لکندو هو. ان جو پهريون غزل پنهنجي رسالي ”ارمغانِ فرخ“ ۾ شايع ٿيو، هن کانسواءِ لکنوءَ جي ”خدنگ – نظر“ ۽ ”پيام – يار“ ۾ باقاعده غزل ڇپجڻ لڳا. 1900ع ۾ هن فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ 1903ع ۾ درس – نظاميه کان فارغ ٿيو. باقي ٻيا جيڪي علم هيا ان ۾ هن پاڻ دسترس حاصل ڪئي. پهريائين فرانسيءَ ۾ پوءِ انگريزيءَ ۾ ڪيئي ڪتاب پڙهيائين. جيئن ته هن کي شاعريءَ جو شوق ڏاڍو وڌي ويو، ان ڪري هڪ گلدستو ڪڍڻ جو خيال ڪيائين. ان وقت هو مولوي ظفر الحسن ”شوق“ کان اصلاح وٺندو هو. هن کي غزل ۾ ايتري قوت بيان هئي، جو ماڻهن کي هن جي عمر جي باري ۾ شڪ پوندو هو. 1904ع ۾ جڏهن هو مولانا شبليءَ سان مليو هو ته ان هن کي چيو هو ته:
”ابوالڪلام تنهنجو والد آهي!“
جنهن تي مولانا جواب ڏنو:
”مان خود آهيان“
مولانا جي حاضر جوابي ڏسي شبلي حيرت ۾ پئجي ويو.
انهيءَ زماني ۾ مولانا؛ ابن رشد، امام غزالي، سرمد ۽ مولوي محمد حسين آزاد جهڙا مصنف پڙهيا ۽ مختلف علمن تي ڪتاب ڪٺا ڪيا. نيٺ عبدالرحيم دهلوي ۽ مولوي ڪبير الدين، اردو گائيڊ ڪلڪتي جي مالڪ جا ڪتب خانا خريد ڪيا. ان سان گڏ هن تحرير ، تقرير ۽ ترجمي جو ڪم شروع ڪيو. مولوي رضا علي وحشت ”انيس الاسلام“ نالي هڪ انجمن قائم ڪئي، جتي هو باقاعدي ليڪچر ڏيندو هيو. مولانا جي صحافتي زندگي ”نورنگ عالم“ سان شروع ٿئي ٿي. ان کانپوءِ هن باقاعدي هڪ ماهوار رسالو ”لسان الصدق“ ڪلڪتي مان ڪڍيو، جو 20 نومبر 1903ع تائين جاري رهيو. انهيءَ زماني ۾ ئي هن جي علم جي ڌاڪ ڄمي چڪي هئي، پوءِ مولانا شبليءَ جي رسالي ”الندوة“ جي ادارت لاءِ هن کي منتخب ڪيو ويو، جا هن آڪٽوبر 1905ع کان مارچ 1906ع تائين سنڀالي. انهن ئي ڏينهن ۾ شيخ غلام محمد امرتسر مان اخبار ”وڪيل “ ڪڍي، ان کيس گھرائي ورتو. هن ”وڪيل “ اخبار جي ادارت انڪري قبول ڪئي جو هن کي ”الندوة“ ۾ پنهنجي خيالن جي اظهار جي پوري آزادي نه هئي. ڪجھه وقت کان پوءِ هن جو ڀاءُ ابو النصر گذاري ويو ۽ هو وري ڪلڪتي موٽيو. هتي ڪجھه عرصو اخبار ”دارالسلطنت“ جي ادارت به ڪيائين ۽ هن کان پوءِ وري اخبار ”وڪيل“ ۾ هٿ وڌائين، ليڪن جيڪي هن جا ذاتي رايا هيا، انڪري هو پنهنجي اخبار ڪڍڻ تي مجبور ٿي پيو.
1909ع ۾ هن جي پيءَ جو انتقال ٿي ويو. آخر 1912ع ۾ هن پنهنجي ذاتي اخبار ”الهلال“ جاري ڪئي، ان ۾ هن اهڙا قومي ۽ مذهبي مسئلا بحث هيٺ آندا، جن اسلامي ملت جا ذهني نقشا بدلائي ڇڏيا. مولانا پراڻي طرز کان هٽي آزاد صحافت جو بنياد وڌو، جنهن ۾ حريت ۽ صداقت جو پيغام ڏنائين. حڪومت جي نظرن ۾ هو ڪنڊي وانگر چُڀڻ لڳو، جڏهن ڪانپور ۾ مسجد ڊاٺي وئي، تڏهن ان جي باري ۾ ”الهلال“ ۾ جي مضمون لکيا ويا، انهن حڪومت کي بانورائي وڌو. 16 نومبر 1914ع ۾ ”الهلال“ جي ضمانت ضبط ڪئي وئي. 1915ع ۾ مولانا کي بنگال مان شهر نيڪالي ملي. ”الهلال“ کان پوءِ مولانا ”البلاغ“ اخبار ڪڍي. ان ۾ عملي نفسيات جو سبق ڏنو. فڪر، بصيرت ۽ روحاني عزم جو پيغام ڏنو. ”البلاغ “ جو سلسلو بند ٿيو ته 1921ع ۾ مولانا ڪلڪتي مان هڪ ٻي اخبار ”پيغام“ نالي سان ڪڍي. 1927ع ۾ ”الهلال“ ٻيهر ڪڍيائين. بنگال مان جلاوطنيءَ کانپوءِ مولانا کي وانچيءَ ۾ نظر بند ڪيو ويو. سندس نظر بندي 1920ع ۾ ختم ڪئي وئي ۽ گانڌيءَ جي اهنسا ۽ عدم اعتماد (Non – Coperation) جي تحريڪ جو آغاز ٿي چڪو هو.
18 جنوري 1920ع ۾ هن جي ملاقات گانڌيءَ سان ٿي. اتي مهاتما سان سندس عقيدت ۽ خلوص جو ناتو ٿي ويو. 1920ع ۽ 1921ع جي وچ ۾ مولانا سوين تقريرون ڪيون. آڪٽوبر 1921ع ۾ صوبائي خلافت ڪانفرنس آگري ۾ هندستان جي مسلمانن مهاتما گانڌيءَ جي تحريڪ موالات جي دعوت ڏني. انهيءَ سال علي برادران تي مقدمو هلايو ويو. انڪري سڀني ليڊرن بيان جاري ڪرڻ شروع ڪيا. بمبئيءَ جي ٺهراءَ ۾ مولانا جي صحي، گانڌيءَ جي صحي کانپوءِ هئي. جڏهن حڪومت ليڊرن کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو ته مولانا کي گرفتار ڪري هڪ سال ٽيپ ڏني وئي. 1923ع ۾ جڏهن هو ٻيهر جيل ۾ واپس آيو ته هن ڏٺو ته ڪانگريس ۾ ڦوٽ پئجي چڪي آهي. موتي لال نهرو ۽ گانڌيءَ ۾ اصولي اختلاف پيدا ٿي ويا. انهن اختلافن کي دور ڪرڻ لاءِ مولانا 1923ع ۾ پهريون ڀيرو ڪانگريس جي جلسي ۾ صدارت ڪئي. انهيءَ زماني ۾ ڪانگريس جي ساک گھٽجي وئي هئي. نيٺ 1924ع ۾ جڏهن گانڌي جيل مان ٻاهر نڪتو ته هن 111 ڏينهن مرڻ ورت رکيو. ان جو ايترو اثر ٿيو، جو دهلي ۾ ڪانفرنس ڪئي وئي ۽ ان ۾ مولانا سمجھوتي جي فضا پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
سائمن ڪميشن خلاف آزاد پارٽيز ڪانفرنس ۾ مولانا بي خوفي ءَ سان تقريرون ڪيون. 1930ع ۾ ستيه گرهه جي تحريڪن ۾ گانڌيءَ جي گرفتاريءَ بعد مولانا پنهنجي قيادت جي ثابتي ڏني. بنگال، پنجاب ۽ صوبي سرحد جا لکين مسلمان ستيه گرهه ۾ شامل ٿيا. گانڌيءَ کانپوءِ مولانا کي به گرفتار ڪيو ويو. 1940ع ۾ مولانا هڪ ڀيرو ٻيهر ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو. هن ستيه گرهه جي مهم ۾ زور شور سان حصو ورتو، جنهن جي ڪري هن کي 18 مهينا قيد ڪاٽڻو پيو. حملي جي زور ٿيڻ سبب حڪومت هندستان جي سياسي ليڊرن کي رها ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي. جيئن هو سندن همدرديون حاصل ڪري سگھي، انڪري مولانا کي به آزاد ڪيو ويو.
1944ع ۾ ڪرپس مشن هندستان آئي. آزادي ۽ ورهاڱي جي تجويز پيش ڪيائين، پر مولانا ڪانگريس جي صدر جي حيثيت سان نامنظور ڪئي. مولانا جولاءِ 1942ع ۾ ڪانگريس جي اجلاس ۾ انگريزن خلاف ”هندستان ڇڏي وڃو“ جو نعرو بلند ڪيو. ان کان پوءِ هن کي 9 آگسٽ 1942ع تي گرفتار ڪيو ويو. اها گرفتاري 1945ع تائين جاري رکي وئي. ان کان پوءِ جلسن ۾ مولانا ورهاڱي جي بيحد مخالفت ڪئي. 1946ع ۾ هن ڪيبينٽ مشن جي مذاڪرن ۾ حصو ورتو ۽ 1947ع ۾ دستور ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. عبوري حڪومت ۾ تعليم ۽ فنونِ لطيفه جو وزير هيو. 15 آگسٽ 1947ع تي هندستان آزاد ٿي ويو. پاڻ فرقا پسندي ءَ جا هولناڪ شعلا، قتل ۽ خون جا منظر ڏسندو رهيو. احتجاج طور هن پهرين سيپٽمبر تي ڪلڪتي ۾ ۽ جنوري 1947ع ۾ هندو مسلم اتحاد لاءِ مرڻ ورت (موت تائين روزو) رکيو. ان وقت هو هندستان جو وزيرِ تعليم هيو. 1951ع ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جو پارليامينٽ ۾ ڊپٽي ليڊر چونڊيو ويو ۽ 1952ع ۾ جيڪي پهريون چونڊيون ٿيون، تن ۾ به پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. تعليم، قدرتي ذريعن ۽ سائنسي تحقيق جو وزير به مقرر ٿيو. 1955ع ۾ هو ٻيهر پارليامينٽ ۾ ڪانگريس جو ڊپٽي ليڊر چونڊيو ويو. انهيءَ دوران هن يورپ ۽ مغربي ايشيا ۾ ٻه مهينا خير سگاليءَ جو دورو ڪيو. 1957ع ۾ ٻه ڀيرا گڙگائونءَ جي تڪ مان لوڪ سڀا جو ميمبر چونڊيو ويو. تعليم ۽ سائنسي تحقيق جي وزارت جي عهدي تي برقرار رهيو. 22 فيبروري 1957ع تي هو انتقال ڪري ويو ۽ هن کي جامع مسجد دهليءَ جي سامهون ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.
خواجا حسن نظاميءَ چيو هو ته:
”مولانا ابوالڪلام کي هندستان جو بادشاهه بڻايو وڃي ها ته هو اڪبر اعظم وانگر هر قوم ۾ مقبول هجي ها.“
مولانا جون مشهور تصنيفون ٽي آهن. هڪ ”ترجمان القرآن“، جنهن جو تفسير پهريون ڀيرو 1920ع کان اول لکيو ويو ۽ ٻيو ڀيرو جولاءِ 1930ع ۾ لکيو ويو ۽ ان جو پهريون جلد 1931ع ۾ ڇپيو. ان جو ٻيو جلد 1936ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون جلد به ڇپجي چڪو آهي. هن جو ٻيو اهم ڪتاب ”البيان“ آهي، جنهن ۾ قرآن جي اهم مقامن ۽ واقعن جو تفصيل سان تفسير ڏنو ويو آهي. ٽيون ”ڪتاب البصائر“، جو به قرآن جو مقدمو آهي. هن جون ادبي تصنيفون هيٺيون آهن:
1. تذڪره
2. غبارِ خاطر
3. خطابات
4. جامع الشواهد
5. جزيرة العرب
6. مقاطيب (خط)
7. قولِ فيصل
8. مسئله خلافت
9. اسلامي جمهوريت جي تقاضا
10. اسلام ۽ آزادي
11. حضرت يوسف
12. India Wins Freedom (هند جي آزادي)
13. ڪاروانِ خيال
14. مقالاتِ آزاد
15. اصحابِ ڪهف

ميرا جي

ميرا جي

سندس اصل نالو محمد ثناءُ الله ڊار هو ۽ 15 مئي 1912 ع ۾ ڄائو هو. جڏهن ته ڪتابن ۾ سندس وفات جي تاريخ 3 نومبر 1949ع ملي ٿي.
ميرا جي ۽ مون ۾ هڪ ڳالهه هڪجھڙي آهي، ته هن اڙدوءَ ۾، مون سنڌيءَ ۾ بحر ۽ وزن جي سڄي مروج نظام کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. ٻنهي جي شاعريءَ تي بحر ۽ وزن جي تعلق سان هڪ الڳ مطالعي جي ضرورت آهي. منهنجي نظر ۾ ميراجي دؤر جديد ۾ سڀ کان وڏو اڙدوءَ جو شاعر هو ۽ هن جو مطالعو به اردوءَ جي هر شاعر کان وڌيڪ هيو. فيض هن کان ايترو متاثر هيو، جو هن جي ڪتاب ”ديس ديس کي نظمين“ جو مهاڳ پاڻ لکيائين ۽ ان ۾ آمريڪي شاعر ايڊ گر ايلن پو، فرينچ شاعر بودليئر، ميٿلي زبان جي شاعر ودياپتي، يوناني شاعره سئفو، بنگالي شاعر چندي داس جا خوبصورت منظوم ترجما ۽ انهن جي شاعريءَ تي تبصرا ڏنا اٿائين. هن جو اهو ڪتاب ساقي بڪ ڊيپو دهلي 1944ع ۾ ۽ اڪادمي پنجاب لاهور 1957ع ۾ ڇاپيو هيو. جو مون ورهاڱي کان اڳ پڙهيو هو ۽ مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ميراجيءَ جي ٻين ڪتان جا نالا آهن:
• ميرا جي کے گيت (1943ع)
• گيت پر گيت (1944ع)
• ميراجي کي نظمين (1968ع)
• پابند نظمين (1968ع)
• تين رنگ (1968ع)
هن ٻيا ڪجھه ترجما به ڪيا هيا، جنهن ۾ سنسڪرتي شاعر رامون ڌر گپت جو ڪتاب ”نڻني مدهم“ جو نثري ترجمو به ڪيو هيائين، جو 1949ع ۾ بمبيءَ ۾ ”خيال“ رسالي ۾ شايع ٿيو هو. هن جو ٻيو ترجمو ”خیمے کے آس پاس“ عمر خيام جي رباعين جو منظوم ترجمو هيو. هن جي نظم ۾ فيض جيتري رواني نه آهي، پر هن جا گيت نهايت روان دوان آهن.
جيئن:
انجانے نگر من مانے ہے، من مانے نگر انجانے رہے

يا ٻيو گيت
تم اور دیس، ہم اور دیس وغيره
دکن جي عظمت الله خان جي شاعريءَ کانپوءِ هندستان جي بهترين شاعري ميراجيءَ جي آهي. هو شاعريءَ کي ڪنهن ڪبوتر خاني وانگر محدود نه سمجھندو هو. وليم بلئڪ، ليپو (چينائي) ۽ ميران ٻائيءَ وانگر هن جي غنائيه شاعريءَ ۾ به خيال ۽ فڪر جو عنصر غالب آهي ۽ هن تي زوال پسنديءَ جو طعنو، جو ان وقت جا سڀ مشهور ترقي پسند هڻندا ها، بلڪل غلط هو. هن شاعريءَ ۾ دوهن ۽ لوڪ – يات کانسواءِ ماترڪ ڇندن ۽ ديسي موضوعن کي شاعريءَ ۾ آندو.
پنهنجي نئين پڻي جو شعور ۽ پنهنجي ڪوشش کي اڻپورو ڏسڻ جي ڏک ۾ هن نئين نسل ۾ اميد جاڳائي، ته اهو هن جو قدردان ٿيندو ۽ هن وانگر شاعريءَ جي بحر وزن ۾ ڦيرو آڻيندو.
ميراجيءَ پاڻ تي اهو نالو هڪ بنگالي ڇوڪريءَ ”ميراسين“ جي عشق ۾ رکيو هو، جيئن چندي داس، رامي نالي ڌوٻڻ سان عشق ڪيو هو ۽ اهو افسانو ٿي ويو هو. اهڙي طرح ميراجيءَ جو عشق به لوڪ ۾ مشهور ٿي ويو. هو عجيب و غريب طبيعت جو مالڪ هو، جيئن بودليئر پنهنجا ڪيئي دشمن بڻايا ها، ايئن ميراجيءَ به ڪيئي دشمن بڻايا هيا. هو پوين ڏينهن ۾ آنڊي جي ٽي بيءَ جو مريض ٿي پيو ۽ شاعر اختر الايمان جي گھر بمبئيءَ ۾ رهندو هو. منهنجي اختر الايمان سان دوستي غالبا 49 – 1948ع ۾ ٿي هئي، جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ ڪجھه وقت لاءِ آيو هو. اسان ڪافي هائوس ۾ روزانو ملندا هياسون ۽ هڪٻئي کي پنهنجا اردو نظم ٻڌائيندا هياسون. هو مون کي ميراجيءَ جي جيون ڪٿا جون ڪيتريون انوکيون ۽ عجيب ڳالهيون به ٻڌائيندو هو.
دراصل سنڌي ۾ گيت لکڻ جو چاهه مونکي ميراجيءَ جا گيت پڙهي ٿيو. منهنجا گيت پڙهي سنڌيءَ جا دقيانوسي شاعر ايترو بانورجي پيا هيا، جو هو سمجھڻ لڳا ته اهي گيت ميراجيءَ جو ترجمو آهن، پر حقيقت ۾ هڪ سٽ به ميراجيءَ تان ورتل ناهي.
ميراجيءَ کي ٽي گولا هٿن ۾ هوندا ها، جي حسن، عشق ۽ موت جي علامت ها. هن جون عجيب عادتون هونديون هيون. الطاف گوهر (ايوب خان جو انفرميشن سيڪريٽري) جو مون سان حلقهء احباب ذوق ڪراچيءَ ۾ ملندو هو، مهنجو دوست ٿي ويو هو. (جيئن ته ان وقت منهنجا سڀ سنڌي اديب دوست سواءِ ابراهيم ۽ سوڀي جي هندستان هليا ويا ها) منهنجي اردو شاعرن ۾ ڪافي اچ وڃ هئي، ڇو ته مان واحد سنڌي شاعر هيس، جيڪو انهن جهڙي اردو شاعري ڪري سگھندو هوس، انهيءَ ڪري جڏهن آل پاڪستان ترقي پسند مصنفين جي انجمن ٺاهي هيائون، تڏهن مون کي ان جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيائون. (ان وقت منهنجي عمر 23 سال هئي) مونکي الطاف گوهر ٻڌايو هو ته:
هو ۽ اردوءَ جو ٻيو شاعر مختيار صديقي ميراجيءَ جي گھر ويا ته هوا جي جھوٽي تي گھٽيءَ جي بدبو دريءَ مان اندر آئي، ان تي ميراجيءَ چيو: ”مان اجھو هن کي ٺيڪ ٿو ڪيان!“ پوءِ 5، 7 سگريٽ ٿورا ٿورا ڇڪي ڪمري ۾ اڇلي ڇڏيائين ۽ انهيءَ جي دونهين تي بوءِ وقتي طور گم ٿي وئي. “
ڊاڪٽر جميل جالبيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
”پوني ۾ هڪ مشاعرو ٿي رهيو هو، جنهن ۾ جوش، جگر ۽ فراق جهڙا شاعر به شامل هئا، جڏهن ميراجيءَ جو شعر پڙهڻ جو وارو آيو ته هو ويٺل ماڻهن کي پٺي ڏئي شعر پڙهڻ لڳو:
“نگري نگري پهرا مسافر، گھر کا رستا بهول گيا”
هو آخري ڀيرو لاهور مان دهلي 1946ع ۾ ويو ۽ جون 1946ع ۾ دهلي مان بمبئيءَ ويو، جتي 49 – 1948 ع ۾ ”خيال “ رسالي جو ايڊيٽر بڻيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. هو ميري لائين قبرستان بمبئيءَ ۾ دفنايل آهي.
مهنجي مطالعي کي ايتري وسعت ڏيڻ ۾ ميراجيءَ جي مطالعي جو هٿ آهي ۽ جي مان هن سان ملان ها ته سندس گھرو دوست ٿي وڃان ها، جيتوڻيڪ اسان جون عادتون بلڪل مختلف هيون. ميراجيءَ جي ڄمڻ کان ٻه سال پوءِ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ۽ هن جي مرڻ کان ڪجھه وقت اڳ 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ پوري ٿي. انهيءَ دور جي وچ ۾ مان فيض وانگر سياست ۽ انقلاب سان وڌيڪ ملوث ٿي ويم. پر ميراجي انهيءَ خفت کان دور رهي پنهنجي ذات ۽ ڪائنات جي باري ۾ سوچيندو رهيو.
هن جا سڀئي ڪتاب مون وٽ آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر جميل جالبي اردو مرڪز لنڊن ۾ هن جو ڪليات ڇپايو، جو مون کي يوسف شاهين تحفي طور ڏنو ۽ تازو ”ميراجي ايک مطالعه“ جي نالي سان ميراجي جي فني مطالعي تي هڪ وڏو ۽ مفيد ڪتاب لکيو اٿائين.

نٽشي

نٽشي

1843ع ۾ پرشيا ۾ پيدا ٿيو ۽ 1900ع ۾ وفات ڪئي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”ائين چيو زردشت“ (Thus spake Zardashtra) مشهور آهن. هو ناستڪ هيو ۽ هن جو عيسائيت ۾ اعتبار نه هو ۽ چوندو هو ته عيسائيت ، غلاميءَ لاءِ اٽڪل بازي آهي. هن ئي انسان ڪامل (Super man) جو تصور ڏنو هو، جنهن علامه اقبال کي اتساهيو هيو. تاريخ ثابت ڪيو ته نٽشي جو Superman جرمنيءَ ۾ هٽلر جي روپ ۾ آيو. علامه اقبال جو انسانِ ڪامل هڪ روحانيت پرست هو ۽ خود علامه چواڻيءَ ان جو تخيل روميءَ مان ورتو ويو هو، جنهن چيو آهي:
دي شيخ با چراغ همي گشت گردِ شهر
کزِ دام ودَد ملولم و انسانم آرزوست

(ڪالهه رات شيخ چراغ کڻي شهر جي چوڌاري ڦري رهيو هو؛ ۽ چئي رهيو هو ته پَسون پَسي ملول ٿي پيو آهيان ۽ مون کي انسان جي آرزو آهي)
پر نه علام اقبال جي دؤر ۾ ۽ نه ان کان پوءِ اڃان تائين، اهڙو انسان پيدا ٿي سگھيو آهي. ان جي پڪ آهي ته علامه جي دؤر کان وٺي اڄ تائين ڪوئي مسلمان انهيءَ معيار تي نه پهتو آهي.
نٽشي خدا سان بغاوت ڪئي هئي ۽ خدا هن تي ديوانگي مسلط ڪئي. هو ڏهه سال پاڳل خاني ۾ رهيو. هن جي موت کان پوءِ هن جي ڪاغذن ۾ هڪ لفظ لکيل مليو: “The Crucified” (صليب تي چاڙهيل)

والٽ وِٽمئن

والٽ وِٽمئن
(1819ع کان 1892ع تائين)

آمريڪا جو شاعر، صحافي، ۽ مضمون نگار هو. هن تي ايمرسن جو ماورايت ۽ فوقِ عقليت جو تمام گھڻو اثر هيو. هن 1855 ع کان 1856ع تائين پنهنجي شاعريءَ جو مشهور ڪتاب ”گاهه جا پتا“(Leaves of Grass) ڇپايو، جنهن ۾ هن جو مشهور نظم ”پنهنجي پاڻ جو گيت“ (Song of myself) ”چؤواٽو“، ”بروڪن جو پتڻ“ ۽ ”ان پينگھي مان جو سدائين جھولي رهيو آهي“ شامل هيا. هن انهن جون وسيع اشاعتون ڪڍيون، آمريڪا جي خانه جنگيءَ ۾ هن ترس جو رضاڪارانه ڪم ڪيو ۽ پنهنجو ٻيو نظمن جو شاهڪار ”نغاري تي ٺڙڪا“ (Drum Taps) 1865ع ۾ لکيو، پر پوءِ ان کي “Leaves of Grass” ۾ شامل ڪري ڇڏيو. وٽمئن آزاد نظم جو بنياد رکيو ۽ شاعريءَ ۾ آمريڪا جو مخصوص آواز شامل ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هن يو. ايس. اي جي جمهوري قوت کي ساراهيو ۽ جنسي آزادگي ۽ موت تي ڪيئي زوردار نظم لکيا. هو شاعرانه ٻوليءَ ۾ آمريڪا جي مزاج، پاران ڳالهائيندڙ هو.
هو 31 مئي 1819ع ۾ منٽنگٽن، لانگ آئلئنڊ، نيويارڪ جي ڀرسان پيدا ٿيو. وٽمئن جو خاندان، انگلنڊ مان سترهين صديءَ ۾ لڏي آيو هو ۽ مٽنگنٽن ۾ ڪينيڪٽ ويجھو ڄمي ويٺو هو، شاعر جي ڏاڏي کي وڏيون زمينون ۽ غلام هيا، پر هن جي پيءُ کي ويسٽ هلس جي ويجهو ٿوري زمين ورثي ۾ آئي. جتي هن هڪ گھر ٺهرايو، جنهن کي سانڍيو ويو آهي ۽ ان تي ”والٽ وٽمئن جي جنم ڀونءِ“ نالو ڏنو ويو آهي.
شاعر جي ماءُ هڪ ڊچ پوکي ڪندڙ جي ڌيءَ هئي، پر هن جا والدين سامونڊي ماڻهو هيا. ساري زندگي وٽمئن جو لانگ آئلنڊ ۽ خاص ڪري ان جي ساحلن ۽ سمنڊ جي منظرن سان گھرو لڳاءُ رهيو. هن جو رکو ۽ بيزار پيءُ ٿامس پين جو دوست ۽ آدرش وادي فرانسز رائيٽ ۽ رابرٽ اووَن جو مداح هيو، جن هن جي ذهني اؤسر ۽ دانشوارنه آزاديءَ تي گھرو اثر وڌو. جڏهن هن جي عمر چار سال هئي، تڏهن هن جو پيءُ، ماءُ بروڪن لڏي آيا ها. اتي هن پبلڪ اسڪول ۾ ڇهه سال باقاعدي تعليم ورتي. ان کان پوءِ ڪنهن معالج وٽ ٿورو وقت ملازمت ڪئي ۽ ڪنهن قانوني فرم ۾ نوڪر ي ڪئي ۽ نيٺ هڪ پريس ۾ ڪنهن پرنٽر وٽ سيکڙاٽ ٿيو. 15 ورهين جي عمر ۾ هو هڪ لنبو تڙنگو مڙس ٿي ويو ۽ ساماڻل ماڻهوءَ جي هاٺيءَ، چال چلن، چَسُ چشڪو ۽ لاءُ ساءُ پرايائين.
هو لانگ آئلنڊ تي بحث مباحثي جي سوسائٽين ۾ حصو وٺندو هو. (پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته مان به ننڍي هوندي کان وٺي اهڙين سوسائٽين ۾ بهرووٺندو هوس. رام ڄيٺملاڻي، جو هندستان ۾ ڪنهن وقت پرائيم منسٽر وي. پي. سنگھه جي جنتا دل جو شايد اڃا تائين وائيس پريزيڊنٽ آهي، اهو به انهن بحثن ۾ حصو وٺندو هو. مان لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ٻي سال ۾ ڊيبيٽنگ سوسائٽي جو سيڪريٽري چونڊيو ويو هوس، جتي مون المشرقيءَ کي دعوت ڏئي تقرير ڪرائي هئي جنهن جو ذڪر مان پنهنجي دوست جمال ابڙي جي سوانح حيات ۾ ڪري رهيو آهيان.) سورنهن کان اڪويهن سالن جي عمر تائين هن نيو يارڪ ۾ پرنٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ ٿوري وقت لاءِ ديهاتي اسڪولن ۾ تعليم ڏني، ڪنهن هفتي وار اخبار لاءِ ڪم ڪيو ۽ اخبارن ۾ ڪيئي مضمون لکيا. 1841ع ۾ هو نيويارڪ هليو آيو، جتي نه رڳو ”نئين دنيا“ جي عاليشان آفيس۾ ڪم ڪيائين، پر ڊيموڪرئٽڪ (جمهوري) اميدوارن لاءِ به مهم شروع ڪيائين. 1842ع ۾ هو هڪ جيئاليءَ ۽ چست چالاڪ روزاني اخبار ”ارورا“ جو ايڊيٽر ٿيو. هن جون ڪهاڻيون ۽ نظم، جي هن جي ڪتاب “Leaves of Grass” جي ڀيٽ ۾ ڪجھه به نه آهن، شايع ٿيا. ان کان پوءِ ”ايگل“ جو ايڊيٽر ٿيو ۽ هن ”ڊيموڪرئٽڪ رِويو“ ۾ اخلاقي ۽ جذباتي مضمون شايع ڪرايا. وِٽمئن غلاميءَ جي خلاف به لکيو ۽ ان ڪري هن کي ”ايگل“ جي ادارت تان هٿ ڌوئڻا پيا. ان کان پوءِ ٿوري عرصي ۾ وٽمئن کي Crescent (هلال) جي ادارت سپرد ڪئي وئي. هن اها قبول ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ٽرينن ۾ ٽپال گاڏين ۽ آگبوٽن ۾ سفر ڪري، هو نيو آرلينس پهتو، پر اتي هن جو ڀاءُ زياده تر عرصو بيمار رهيو. هن کي ڏاکڻو علائقو ڀانءِ نه پيو، جيتوڻيڪ اڌ صديءَ لاءِ نيو آرلينس ۾ جي نهايت رنگين ۽ رومانوي زندگيءَ تي تبصرا ٿيندا رهيا. ان ڪري وٽمئن مسيسپيءَ موٽِي آيو ۽ گھر پهچي اتي وٽمئن آزاد ڌرتيءَ جي تحريڪ هلائڻ ۾ گھڙي به دير نه وڌي. هن جي اخبار جي هڪ اشاعت ”بروڪلن جو آزاد انسان“ جا 9 سيپٽمبر 1848ع تي نڪتي. ٻي ڏينهن هن جو ڇاپ خانو جلايو ويو ۽ هو نومبر واري اليڪشن کان اڳ اخبار نه ڪڍي سگھيو، جنهن ڪري نيويارڪ اسٽيٽ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ هارايو، جيتوڻيڪ انکان پوءِ به هن هڪ سال اخبار کي اينگھايو، پر ”ٻنيون ٻارا جلائيندڙ “ ۽ ”پراڻا موذي ۽ خسيس ماڻهو“ 1849ع ۾ انت هن جي ناڪامي اوس ۽ اَڻٽر بڻائي سگھيا.
هو نيو يارڪ ۽ بروڪلن جي اخبارن ۾ ڪجھه نه ڪجھه لکندو رهيو، پر في الحال ته هن جي ثقافتي زندگي ختم ٿي وئي. هن کي ٻين اخبارن جي ادارت ملي سگھي ها جي هو سمجھوتو ڪري ها، پر هو ڪجھه اصولن جي ڪري ائين ڪري نه سگھيو. ڪيئي سال هو جدا جدا ڌنڌا ڪري ، پنهنجو گذارو ڪندو رهيو. 1885ع ۾ هن پنهنجي عظيم شاعري جي ڪتاب “Leaves of Grass” (گاهه جا پتا) جي اشاعت شروع ڪئي، جا آمريڪا جي شاعريءَ ۾ پهرين عظيم اشاعت ثابت ٿي، ان ۾ ڪل 95 صفحا ها، جن ۾ ڪل ٻارنهن نظم ۽ هڪ عنوان کان سواءِ نهايت طويل مقدمو هيو، جنهن جو پوءِ ”پنهنجي باري ۾ گيت“ جو عنوان رکيائون.
پهرين صفحي ته هن جو نالو نه پر تصوير ڏني وئي، جنهن ۾ هن جي قميص کي اڌ ٻانهون، پورهيت جي پتلون ۽ هڪ ڳوري هئٽ پئي هئي، جا ٽنڊ تي ائين جھڪيل هئي، جيئن بدمعاش جھڪائيندا ها. پهرين نظم ۾ هن پنهنجي باري ۾ لکيو، ”والٽ وِٽمئن، هڪ آمريڪي چيڙهالو، هڪ ڪائنات.....“
ان ڪتاب جو پيش لفظ، جو ننڍي ٽائيپ ۾ هو ۽ ان ۾ ڪيترائي ڳُوڙها ۽ ڳُتيل جملا هيا، هن جي همعصر نه ويڃائي سگھيا ۽ هن جا پڙهندڙن لاءِ ڄڻ ته دٻي ۾ ٺڪريون هيا. پر اڄ ڪلهه هن جي باري ۾ ادبي نظريو سڌو سنئون آهي. ڪيئي ورهيه محب وطن آمريڪي اخبار نويس، اديب ۽ مقرر ڏيهي ساهت لاءِ ٻاڏائي رهيا ها، هڪ قومي ادب لاءِ، جو آمريڪا جي اڪيچار وسيلن (جي هڪ ننڍي عمر واري قوم جي نون اپايل ۽ پاليل ماڻهن جي هٿ وس هيا) سان ٺهڪي اچي ان لاءِ موافق ثابت ٿئي. ”هتي آهن اڻ – گھڙيا، کَڙٻڙيا، کهرا ماڻهو، ڇرڙ ٻُرڙ ڏاڙهيون ۽ وشال ڌرتي ۾ تکو، راٺوڙ سڀاءُ ۽ الغرضائي ۽ بي پروائي، جا دل کي پياري ٿي لڳي. “ وٽمئن پنهنجي ديباچي ۾ چيو. هن جو ادبي پروگرام سماجي، اخلاقي ۽ سياسي هيو. جڏهن ون – يونٽ خلاف تحريڪ هلي رهي هئي، ته هڪ آمريڪي صحافي مون کي چيو هو: ”تون اسان جي وٽ مئن وانگر آهين.“ ان تي مون هن کي چيو هيو: ”پر مان صحافي ته تمام ٿورو وقت رهيو آهيان“ (مان اڳتي قدم رسالو فقط ٽن مهينن لاءِ ڪڍيو هو.) ان تي ان آمريڪي صحافي مون کي چيو هو: ”پر صحافي تُنهنجي مخالفت ته ڏاڍي ٿا ڪن ۽ پوءِ به توکي چُپ ڪرائي نه سگھيا آهن. اها مشابهت ئي ڪافي آهي، ته تون تنگ دل، تنگ نظر ۽ آمرانه قوتن خلاف سينو سپر ڪري بيٺو آهين ۽ جمهوريت جو اَٽر ۾ اَمُر ساٿي آهين.“
”پنهنجي باري ۾ گيت “ ۾ هن ڪجھه اضافا ڪيا. اهو نظم هن پنهنجي باري ۾ گھٽ لکيو هو ۽ ماڻهوءَ جي ”پنهنجي پاڻ“ جي باري ۾ وڌيڪ لکيو هو. ان جو موضوع آهي زندگيءَ جي معنى، پنهنجي خوديءَ جي الوهيت، جسم ۽ روح جو ربط ضبط ۽ لازم ملزومي،، زندگيءَ جي نموني، دستور ۽ ترتيب جي ارتقا، ماڻهوءَ جي تقدس ۽ روح جون مسلسل تبديليون ۽ برابر واريون ترقيون. ڄم، موت ۽ وري ڄم جي سفر ۾ اهي ساڳيا ئي موضوع هڪ ٻئي خوبصورت نظم ”ننڊاکڙا“ ۾ به هيا. هڪ تمثيلي تخيل، هن سنسار ۾ سڀ ننڊاکڙا ماڻهو، ساري ڌرتيءَ تي هٿ ۾ هٿ ڏئي، وهڪ ۾ وڃي رهيا آهن. اهي رات (قبر) ۾ هڪ جهڙا ٿي وڃن ٿا ۽ انهن ۾ ننڊ (موت) وري ٻيهر سگھه پيدا ڪري ٿي ۽ تراوت ۽ اُسترڳي ڏئي ٿي. روح کي ڪجھه وقت لاءِ ڪنڌ مروڙ ڪري يا پاڻيري يا ڪني رت، سان کاري يا بگاڙي نه ٿو سگھجي. پنهنجي مقرر وقت اهو پنهنجيءَ جاءِ تي پهچي وڃي ٿو. چند اديبن مان ايمرسن، جو ان وقت پنهنجي ءَ شهرت جي چوٽيءَ تي هو، ”گاهه جا پتا“ جي عظمت کي سمجھي سگھيو ۽ هن کي اهڙو خط لکيائين.
1858ع ۾ وِٽمئن وري بي روزگار ٿي ويو ۽ پنهنجي ڪتاب جي نئين اشاعت ۾ جُنبي ويو ۽ ان ۾ ڪيئي نوان نظم شامل ڪيائين. 64 – 1860ع واري خانه جنگيءَ کا پوءِ وٽمئن، واشنگٽن ۾ هڪ سرڪاري ڪلرڪ هو، پر محڪمي جي سيڪريٽري هن جي ڪتاب جو مسودو ڏسي هن کي ڊسمس ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هن کي اٽارني جنرل جي آفيس ۾ نوڪري ملي، جتي هو 1873ع تائين رهيو، جيستائين هن کي اڌ رنگ ٿي پيو. هن جي سرڪاري دوستن هن جي ڪتاب جو چاهه ۽ اتساهه سان بچاءُ ڪيو. هن جي ڪتاب جي چوٿين اشاعت 1867ع ۾ ٿي ۽ 1871ع ۾ پنجين اشاعت ٿي. ان هن جي انگلنڊ ۾ شهرت ڏاڍي وڌائي ۽ اتان جا شاعر ۽ اديب هن جي باقي زندگيءَ لاءِ هن جا مداح ٿي پيا. پر پنهنجي ملڪ ۾ به ڪجھه اديب ۽ نيو يارڪ ۽ فلاڊيلفيا ۾ ڪاروباري دولتمند هن جا مداح ها، جن هن جي بيماريءَ ۾ هن جي مالي مدد ڪئي. 1873ع ۾ هن جي ماءُ گذاري وئي؛ ماءُ سان هن جي غير معمولي محبت هئي. هو انهن شامتن مان چڱيءَ طرح چڱو ڀلو نه ٿيو، پر هن جي آزار ۾ هڪ دوست هن جي دلنوازي ڪئي، جنهن هن جي گفتگو مان نڪتا لکي ورتا. 1876ع ۾ مسز ائنيءَ گلڪرائيٽ، جا هڪ بيوهه هئي، انگلنڊ مان هن وٽ آئي. هن جو وٽمئن سان هن جي شاعري معرفت عشق ٿي ويو هو. ائنيءَ جي وٽمئن جا ڪتاب ڇپايا ها، سي انگلنڊ ۾ ته ڏاڍا هليا، پر آمريڪا ۾ تمام گھٽ هليا، پر وٽمئن جي صحت سڌري پئي ۽ هو ڦٽڙو ٿي پيو ۽ ٻهراڙيءَ جا ڏاڍا چڪر ڏنائين. هن ائنيءَ کي اڳيئي شاديءَ لاءِ معذرت پيش ڪئي هئي. اگھائيءَ ۾ ڪنهن سان اکيون گھڻو اڙائڻ ٺيڪ نه آهن. جيتوڻيڪ اکيون اروڪ ٿين ٿيون ۽ انهن تي ڪيتري به روڪ ڇو نه ڪجي، اهي ائين اڙجي وڃن ٿيون، جيئن پکي اوچتو ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي ويندو آهي. هو ڪوڙڪي ته نه ڏسندو آهي، پر لکيو هن جا پير اوڏانهن ڇڪي ويندو آهي. عشق جهڙو ڪو علاج نه آهي؛ هن جي صحت ايتري ته سڌري جو 1879ع ۾ هو اولهه ۾ ڊينيور تائين ويو ۽ ٻي سال ڪئناڊا جو سفر ڪيائين. 1883ع ۾ ڪئناڊا هن جي جيوني ڇپائي. وٽمئن جي صحت ۾ ايترو ته سڌارو آيو، جو 1881ع ۾ هن پنهنجا سڀ نظم ڪٺا ڪري ، ڪُليات جي صورت ۾، باسٽن ۾ ڇپايا. پر هن جي شعرن تي ايترا ته فحاشيءَ جا الزام لڳايا ويا، جو اشاعت گھر کي هن سان ڪوئي فيصلو ڪري، ڪتابن جي ڦانڊڻي ۽ ورڇ روڪڻي پئي. پوءِ 1883ع ۾ اهو ڪتاب فلاڊيلفيا ۾ ٻيهر ڇپايو ويو. هن جي آتم ڪهاڻي ۽ جنگ ۾ گذاريل سال به ڇاپي هيٺ آندا ويا. باسٽن جي طباع جا اشاعت کان نابري واري هئي، ان ويتر ان لاءِ ذوق شوق وڌائي ڇڏيو ۽ اهو ايترو وڪاميو، جو ان معاوضي مان هن هڪ ننڍو گھر ورتو، جتي هو 1882ع ۾ پنهنجي وفات تائين رهيو. ساري دنيا جي اخبارن هن جي موت جون خبرون ڇاپيون ۽ هن کي عالمي سطح تي مڃتا ملي. اها هئي آمريڪا جي عظيم ترين شاعر جي زندگي، ان جا لوڏا لما، لاهيون چاڙهيون، جھيڙا جھڳڙا، ۽ پوئين سوڀ ۽ برصوابي، جنهن جو مطالعو، منهنجو، زندگيءَ ۾ ويساهه پيدا ڪندو رهندو آهي. آّخر ڏات کي امرتا مُلهه ڏيڻ سوا ته نه ٿي ملي!

والٽيئر

والٽيئر

فرانس ۾ 1696ع ۾ ڄايو ۽ 1787ع ۾ گذاري ويو. هن جا به ڪيترائي ڪتاب آهن، جنهن مان Candide جو ترجمو ڪيو ويو آهي. والٽيئر هڪ دهريو هو ۽ هن جي باري ۾ مشهور آهي ته جڏهن هو مري رهيو هو ته هڪ پادري هن وٽ هن جا گناهه باسائڻ لاءِ آيو ته والٽيئر هن کان پنهنجي مرڻينگ حالت ۾ پڇيو ته ”توکي ڪنهن موڪليو آهي؟“ جنهن تي هن جواب ڏنو ته: ”موسيو والٽيئر! مون کي خود خدا موڪليو آهي.“ ان تي والٽيئر هن کي چيو: ”پيارا سائين! توکي انهيءَ ڳالهه جي ڪائي سَند ڏني وئي آهي؟“

وڪٽر هيوگو

وڪٽر هيوگو
(1802ع کان 1885ع تائين)

فرينچ شاعر، ناول نويس ۽ ڊراما نگار هو. وسعت ۽ لياقت ۾ هو 19 صديءَ جو وڏي ۾ وڏو فرينچ شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ وڏي رواني ۽ متناسب گوناگوني آهي، جنهن ۾ هن چند جو روپ (Alexandrine form) کي (جو 17 ۽ 18 صديءَ ۾ رائج هو) رد ڪري ڇڏيو. 1840ع کان اڳ ۾ هن جي شاعري ترنم واري هئي ۽ ان کان پوءِ هن جي مجموعي ۾ زياده طور فيلسوفياڻا نظم آهن، پر انهن جي وچ ۾ به نهايت لطيف نظم به ملن ٿا.
هيوگو پنهنجي شاعريءَ جا 5 – 4 ڪتاب لکيا. 1827ع ۾ هن ”ڪرامويل“ ڊرامو لکيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٿئيٽر، انساني زندگيءَ جون ٻئي ڳالهيون پيش ڪري، کِل جهڙيون ۽ اُتم ۽ اُتاهيون، سچيون پچيون ۽ آدرشي. مون هن جا ٻه ناول پڙهيا آهن. هڪڙو ”ناٽري ڊئم جو گڪو“ ۽ ٻيو ”لي مزري“ (Lesmiserable) جيڪي 1831ع ۾ ۽ 1862ع ۾ لکيا هيائين ۽ اهي وڏي اتساهه سان لکيا ويا آهن ۽ سماجي ۽ سياسي مسئلن ۾ هن جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪن ٿا. ”ڪارنيلي“ (Corneille) ۽ ”رسائين“ (Rascine) کان پوءِ هن فرينچ ٿيئٽر ۾ رومانوي ريت قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فرينچ شاعر آندري ييد کان ڪنهن انگريز دوست پڇيو هو ته هن ڪنهن کي فرانس جو وڏو شاعر ٿي سمجھيو ته هن جواب ڏنو هو ته : ”وڪٽر هيوگو کي“ مشهور فرينچ نقاد آندري مارو هن جي دلچسپ سوانح لکي آهي، ان ۾ هن ڏيکاريو آهي ته عورتن تي هن جي وس ۽ پڄنديءَ مان ظاهر آهي ته خوبصورت ”جوليٽ دروئيٽ“ (Juliette Drouet) هن جي بي وفائين جي باوجود هن سان پڇاڙي تائين وفادار رهي.

وليم بلئڪ

وليم بلئڪ

انگريز شاعر، مصور ۽ اُڪر جو ماهر هيو. 1757ع ۾ ڄايو ۽ 1827ع ۾ گذاري ويو. هو نه رڳو مُفلس هوندو هو، پر هن ۾ زماني سازي به ڪانه هوندي هئي ان جي باوجود هن هڪ پر مسرت زندگي گذاري. هو هڪ داڪاندار جو پٽ هيو، پنهنجي تعليم پنهنجي سر ڪئي هيائين، پر ننڍي هوندي ئي هن پنهنجي ڏات مڃرائي ورتي هئي ۽ هن کي اُڪر، ڪندڙ (Engraver) جي حيثيت ۾ شاگردي حاصل ٿي هئي. هن جي بهترين اُڪر ٽن ڪتابن تي مشتمل آهي. ڊانٽي جو ”الاهي طربيه“ (Divine comedy) ۽ بليئر جو ”مرقد“ ۽ ٽيون ڪتاب ”جاب جو ڪتاب“  (The book of job). بلئڪ کي پنهنجي دؤر جي تعقل پسندي ۽ ماده پرستيءَ کان نفرت هئي. هن جيڪي به ڏٺو ۽ جن جون تصويرون ڪڍيون، اهي اهڙا انسان هيا، جي برائيءَ ۾ ورتل ها، پر پاڻ ۾ ڪنهن ازلي روحانيت جي تلاش ڪري رهيا هيا. هن خدائي حقيقت کي پنهنجي دريءَ مان ليئو پائيندي ڏيکاريو ۽ فرشتا باغ ۾ پنهنجي ويجھو ويٺل ڏيکاريا ۽ انهن کي وڻن جي ڇانوَ ۾ ڪٺو ڪيائين ۽ پنن گلن تي ويٺل ڏيکاريائين.
بلئڪ جي شاعريءَ کي به هڪ عجيب و غريب ادبي تاريخ آهي. هن پنهنجي شعر جي ڪتاب جي هر ڪاپي پاڻ ٺاهي ۽ هن جا نظم ٽائيپ نه ڪيا ويا هيا، پر ٽامي جي ٿالهين ۾ اڪريا ويا هئا ۽ هن جي صفحن تي Water colour (آبي رنگ) سان مثال ڪڍيا ويا ها، پر هن جي اُڪر ۽ هن جي نظمن ۾ بلئڪ جي آرٽ جو مقصد خاص ڪري اخلاقي هيو. انسانن کي پنهنجي روح جي سچي آزادي ڏيکاري، هن کين روايتن جي زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ ٿي چاهيو. کيس سماج جو ۽ سياست جو به سهڻو تصور هيو، مثلاً هن چيو هو:
”هڪ ظالم نه رڳو پاڻ سڀ کان وڌيڪ بيمار آهي، پر ڪيترن ئي بيمارين کي پيدا ڪري سگھي ٿو.“
هن جي تصوف جي انداز ۽ علامت، موضوع ۽ تصور ۾ انقلابي لاڙي، تسليم ٿيل اخلاق سان بي صبري ڏيکاري ۽ بنهه نئون آرٽ، جنهن ٻاهرين حقيقت ڏانهن نه پر اندرين حقيقت ڏانهن ڌيان پئي ڏنو، پيش ڪيو. انهن سڀني ڳالهين ملي هن جي دؤر ۾ اهو تاثر ڏنو ته هن جو دماغ صحيح نه آهي.
هن جي پوئين ڪتاب ”پيغمبرانه صحيفا“ ۾ ترنم وارو تصوف اهڙيءَ رازداريءَ واري ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، جو اڃان تائين هن جا نظم پڙهي ماڻهو حيران ٿيو وڃي. جيتوڻيڪ هن تي ڪيئي صديون تبصرا لکيا ويا آهن، بلئڪ دنيا جي ادب ۾ ان ڪري به اهميت رکي ٿو، ڇو ته هن کي هڪ تاريخي حيثيت هئي، هن عقل پسنديءَ جي دؤر ۾ وجدان تي زور ڏنو ۽ سائنسي شبي پرستي وقت تصور کي اهميت ڏني. هن جي بغاوت جي وڌيڪ اهميت ان ڪري آهي ته هو تمام عظيم شاعر هو ۽ هڪ ئي تخيل ۾ نهايت گھرو ۽ پيچيدو جذبو سمائي سگھندو هو ۽ انهيءَ جذبي کي هڪ ڊرامائي انداز ۾ هڪ خوبصورت متحرڪ توازن سان پيش ڪري سگھندو هو. هو آزاد نظم جو وڏو ماهر هو.

وليم جيمس

وليم جيمس

آمريڪا ۾ 1842ع ۾ جنم وٺندڙ وليم جيمس 1910ع ۾ گذاري ويو. هو ”مداخلت“ جي فلسفي جو قائل هيو. هن يورپ جو سفر ڪيو پر تڪليف هن جي دل کي ڪمزور ڪري وڌو. جڏهن هو بحري جهاز ذريعي آمريڪا موٽي رهيو هوته هن جي زندگيءَ جو سفر ختم ٿي رهيو هو. هن پويان لفظ جيڪي چيا: ”ڪهڙو نه چڱو آهي گھر موٽي وڃڻ“ وليم جيمس جا ڪتاب 1948ع ۾ مون کي محترم خالد اسحاق ڏنا ها، جڏهن مان هن جو ڀائيوار هوس.

ونسينٽ وان گوگ (Vincent von gogh)

ونسينٽ وان گوگ (Vincent von gogh)
(1853ع کان 1890ع تائين)

ڊچ مصور ۽ نقاش وان گوگ، سيزان (Cezanne) ۽ پال گوگين اهي ٽئي ڄڻا تاثريت واري دؤر کان پوءِ جا وڏي ۾ وڏا مصور آهن. هي پنهنجي زندگيءَ ۾ فقط هڪ تصوير وڪڻي سگھيو ۽ مفلسي، شراب نوشي ۽ ديوانگيءَ سان هڪ طويل جنگ ڪيائين. تازو هن جي هڪ تصوير 43 ملين ڊالرن ۾ جاپان ۾ وڪامي آهي، جنهن جو عنوان هيو ”سورج مکي“ (Sun flower) جيتوڻيڪ هن جي فني زندگي صرف 10 سال هئي، پر هن 800 تصويرن جو انبار تخليق ڪيو.
هن جون اوائلي تخليقون هارين جي زندگيءَ جي باري ۾ آهن. اهي رنگ ۽ مزاج ۾ ميرانجھڙا ۽ جھِڪا آهن. 1886ع ۾ هو پئرس لڏي ويو ۽ هن تي تاثريت ۽ جاپاني ڪاٺ تي اُڪر جو ڏاڍو اثر ٿيو ۽ هن جي موضوعن ۾ وسعت آئي، جنهن ۾ پس منظر هيا، انساني صورتون ۽ ساڪن زندگيون هيون. تاثريت پسند، فطرت ۽ ان جي اظهار ۾ فقط رنگ کي اهميت ڏيندا هيا. پر وان گوگ ان کي رمزيت ۽ پر معنى مقصد لاءِ ڪم آندو ۽ تمام زوردار برش جي جھٽڪن سان خوبصروت مصوري ڪئي.
1888ع ۾ هو آرليس (Arles) (ڀونچ سمنڊ تي هڪ شهر) ۾ اچي رهيو، پر هميشه هن کي ديوانگيءَ جا دورا پوڻ لڳا ۽ هو سوداءَ هيٺ رهيو. انهيءَ ساڳي جاءِ تي پال گوگين به اچي هن سان گڏيو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ آخرڪار اهو واقعو ٿيو، جنهن ۾ وان گوگ پنهنجو ڪن ڪپي ڇڏيو. هن زندگيءَ جي پوئين ڏينهن ۾ 70 تصويرون ڪڍيون ۽ پوءِ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪيائين.
هن جي موت کان پوءِ هن جي شهرت گھڻي وڌي وئي ۽ هن جي ڪم جي جذباتي گھرائي جو ويهين صديءَ جي آرٽ تي فاوزم کان وٺي اظهاريت تائين گھرو اثر رهيو. وان گوگ جو ڀاءُ ٿِيو (Theo) جي تصويرن جي خريد فروخت ڪندو هو، هن جي هميشه مدد ڪندو هو ۽ هنن جي وچ ۾ خط وڪتابت وان گوگ جي زندگيءَ جي باري ۾ اهم معلومات مهيا ڪري ٿي. مون هن جي برش جي جھٽڪن ۾ ائين زندگي ڊوڙندي ڏٺي آهي، جيئن مون پنهنجن مصرعن ۾ ڏٺي آهي. آخري دؤر ۾ هن کي مرگھي ٿي پئي. مٿي اگھاڙو، تتي سج هيٺان، سورج مکيءَ جي کيت ۾ ڪئنواس رکي، ان وقت تصويرون ڪڍندو هو، جنهن وقت هن جو دماغ تپي ويندو هو ۽ هن ۾ خون جي گردش تيز ٿي ويندي هئي. ساڳي طرح منهنجيءَ شاعريءَ کي به آرهڙ جي مند سازگار ايندي آهي. شاعري مون تي مينهن وانگر اوڙڪون ڪري وسندي آهي. هن جنون جي ڪيفيت ۾ خودڪشي ڪئي.

وئگنر (Wagner)

وئگنر (Wagner)
(1813ع کان 1883ع تائين)

جرمنيءَ جو مشهور رچيندڙ (ڪمپوزر) هيو، هن جو جوانيءَ ۾ شيڪسپيئر جي ڊرامن سان، بيدُون سان عقيدت جو اظهار، هن جي اوپيرا ۾ ٿيو، جڏهن پهرين آپيرا ”نڪاح“ 1933ع ۾ مڪمل ڪئي. هن جو مانُ سنگيت جي استاد (Chorus master) ۽ ڪنڊڪٽر (Conductor) جي حيثيت ۾ جرمن آپيرا – گھرن ۾ نهايت وڌي ويو ۽ هن جي ٽيڪنيڪي صلاحيت ۾ به اضافو ٿيو، جيئن هن جي ٽين آپيرا رينزيءَ (Rienzi) مان محسوس ٿئي ٿو، جا 1840ع ۾ لکي وئي هئي. ان آپيرا کي اسٽيج تي آڻڻ کان پئرس ۾ انڪار ڪيو ويو هو. جيئن ئي اها ڊريسڊن (Dresden) ۾ 1843ع ۾ اسٽيج تي آندي وئي، اها ڏاڍي مقبول ٿي. ”اڏامندڙ ڊچ“ (The flying Dutchman) جو، هن جو شاهڪار هيو ۽ 1843ع ۾ اسٽيج تي آندو ويو هو، ان کي ايتري مقبوليت حاصل نه ٿي. هن پوءِ ڪيتريون آپيرائون لکيون، جن جي باري ۾ هن ڪيئي مضمون لکيا، جن ۾ پنهنجون ٿيوريون واضح ڪيائين. انهن ٿيورين جو واضح اظهار هن جي چئن سنگيت ناٽڪن ۾ ٿيو، جي 1853ع کان 1874ع تائين “The ring of Nibelung” جي نالي سان تيار ڪيا. اهي چارئي سلسليوار آپيرا 1876ع ۾ ڪيا ويا. هن کي بئويريا جي بادشاهه لڊوگ II جي سرپرستي حاصل هئي ۽ هن جي زندگي جي طرز ايتري گھڻ خرچي ۽ لُٽائو هئي، جيتري هن جي موسيقي ۾ وڌيڪائي ۽ اَجھلائي هئي. هن ٻيون به ڪيتريون آپيرائون ۽ طربيه لکيون، جن جي تفصيل جي ضرورت ناهي. هتي فقط اهو ڄاڻائي سگھجي ٿو ته هن پاڻ کي يورپ ۾ چوٽيءَ جو موسيقار ثابت ڪيو ۽ موسيقيءَ تي پنهنجي امر ڇاپ ڇڏي. جيتري قدر مون کي ياد آهي ته مون ڪٿي پڙهيو هو ته وئگنر نازي جرمنيءَ ۾ به ڪافي مقبول هيو.

هني بال

هني بال
(247 ق. ا . م کان 182 ق. ا . م تائين)

روم جي خلاف ٻي پيونڪ جنگ ۾ 208 ق. م. کان اڳ 201 ق. م تائين) ڪارٿيج جي لشڪر جو مهندار هو. ڪي مؤرخ ته هن کي قديم زماني جو وڏي ۾ وڏو سپهه سالار سمجھندا آهن. هن جي جنگ تي به هني بال جي جنگ جو نالو پئجي ويو آهي.
هني بال ڪارٿيج جي هڪ جنرل ۽ سلطنت جي مدبر جو پٽ هو. اها ڏند ڪٿا ته هن جي پيءُ هن کي قربانگاهه تي قسم کڻايو هو ته هو روم کي تلف تاراج ڪندو، صحيح ٿي سگھي ٿي. ڪارٿيج جي رهواسين، روم کان جنگ هارائي هئي ۽ ان ۾ روم هنن جا ڪجھه ملڪ فتح ڪيا ها. 221 ق. ا . م ۾ هو، پيءُ جي موت کان پوءِ، ڪرئيج جي فوج جو سپهه سالار ٿيو. روم ڪارٿيج سان ڪافي زور آوريون ڪيون هيون، سو هني بال، ڪارٿيج جي سينٽ کان اجازت وٺي، روم سان مهاڏو اٽڪايو. جنگ، روم پاڻ ڇيڙي. جنگ جا ڪارڻ ۽ ان کان پوءِ جي تاريخي وچور قديم زماني جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ آهي ۽ ان ڪري هتي نه ٿي ڏجي. 218 ق. ا. م ۾ هو اسپين مان روم ڏانهن وڌيو ته هن کي فوج ۾ اٽڪل چاليهه هزار ماڻهو هيا. هني بال لاءِ چيو ويو آهي ته هن کي پنهنجي هر فوجيءَ جو نالو ياد هو (جيئن ڀٽي کي پنهنجي هر سياسي ڪارڪن جو نالو ياد هوندو هو) هن اتر واري اطالوي لشڪر جا مضبوط هنڌ هٿ ڪري گال قوم (فرينچ قوم جا وڏا) کي نياپا، سنيها موڪليا ته هن سان شامل ٿين. ان کان هن روم جي فوج جي مکيه ڀاڱي کي منهن ڏنو. جڏهن جنگ جي باري ۾ هن جو اڳ – ويچار ٺيڪ نه نڪتو ۽ روم جي فيڊريشن جي قوت کي پوريءَ طرح ڪَٿي نه سگھيو، تڏهن هن ڪاوڙ ۾ اچي، اٽليءَ جا ڪيترا شهر تباهه ڪيا. 216 ق. ا. م ۾ هني بال، رومي فوج کي گھيراءُ ڪري تهس نهس ڪري ڇڏيو ۽ روم جا پنجاهه هزار فوجي ماريا ويا. نتيجي ۾ ڏکڻ ۾ روم جا ساٿي روم جو ساٿ ڇڏي ويا. باقي وچ ۽ اتر اٽلي اڃان منهن ڏئي بيٺا. پوءِ هن مئسيڊان جي فلپ سان ايڪو ڪيو، پر ڏهن سالن ۾ ڪجھه به نه وريو ۽ رومن سينٽ فلپ سان ٺاهه ڪري ڇڏيو. ڪارٿيج جي سينيٽ به لڄ شرم لاهي، هن جي مدد کان لنوايو. آهستي آهستي هني بال جي مهم گھٽجڻ لڳي. اڃان ٻيون ڪجھه جنگيون ٿيون. پر نيٺ ڪارٿيج جي سينيٽ هني بال کي وطن گھرائي ورتو ۽ ٻي سال جنگ ۾ روم جي فتح ٿي. ان کان پوءِ به هو ايشيا ۾ فوج ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر هن سان خاص ساٿ نه ڏنو ويو ۽ هو آخر ايشيا مائنر ڏانهن ڀڄي ويو. روم وارن هن جي پيش پوڻ لاءِ تقاضا ڪئي، پر هن 182ق. ا. م ۾ آتم هتيا ڪئي.
هني بال جي جنگ جي اهميت ٽروجن جيتري آهي، يا يونان – ايران جي جنگين يا آمريڪي خانه جنگيءَ جيتري آهي ۽ ادب ۾ زنده جاويد آهي. رومن قوم، جنهن کي هني بال جو نالو ٻڌي ئي ڦڙڪڻي وٺي ويندي هئي، تنهن هن جي ڪيٻائيندي ساراهه به ڪئي ۽ هن تي دغا ۽ ظلم جا الزام به هنيا، جن جي تاريخ ۾ ڪا ثابتي نه آهي. هني بال جي جنگي حڪمت عملي چڱي هئي. پر هن روم جي طاقت جو صحيح اندازو نه لڳايو ۽ انهن جي (روم جي ماڻهن جي) هڪ ٻئي کي چهٽندڙ هم – اتفاقيءَ کي نه سمجھي سگھيو.
هن جا سپاهي، جيتوڻيڪ اجوريدار نه هئا. پر پوءِ به هن سان ارپيل ۽ هن جا هڏ ڏوکي هيا ۽ هن لاءِ وفاداريءَ ۽ جان نثاري سان وڙهيا. هني بال، حڪمت عمليءَ جو وڏو ماهر هو. هو پنهنجن مخالف جنرلن جي نفسيات مان واقف هو، ۽ انهن کي ڏاهپ سان چونڊي، وڏي فن ۽ هنر سان جنگ ۾ وڌائيندو هو. هني بال، سڪندر اعظم جي جنگين جو غور سان مطالعو ڪيو هو ۽ ان کان به اڳتي ويو هو ۽ چڱيءَ طرح ڄاتائين ٿي ته دشمن جي فوج ۾ ڏڦيڙ ۽ ڦيٽارو ڪيئن وجھجي.

هومر

هومر

قديم يوناني ادب جي اهم ترين شخصيت هو. هو 800 ق. م ۾ اولهه ترڪي جي ڀرسان آيونيا (Ionia) جو رهاڪو هيو. روايتون چون ٿيون ته هو انڌو هو ۽ بادشاهن جي درٻارن ۾ هڪ چارڻ وانگر پنهنجو رزميه نظم ”آڊيسي“ (Odyssey) ڳاتو هيائين. هن جا ڳاتل اصل لفظ هينئر ڇپيل لفظن سان ڪيترا ملندڙ آهن، اهو چئي نٿو سگھجي، پر اصل ڳالهه واضح آهي ته ”آڊيسي“ يا هومر جو ٻيو ڪلام جو اِليڊ (Iliad) جي نالي سان مشهور آهي، سو زباني ياد هيو. جيئن اسان وٽ ڀَٽَ چارڻ زباني بيت ۽ دوها ياد رکندا آهن. هن جي مسدس (ڇه – پدو) ۾ ڪيئي جملا، سِٽون، صفتي حرف ۽ فقرا ساڳيا ڪم آندا ويا آهن، پر هن جا نظم پنهنجي طوالت جي باوجود متاثر ڪندڙ آهن. اليڊ ۾ ايڪليز ۽ ائگميمنان ۾ دشمني جو ذڪر ڪيل آهي ۽ ٽراءِ ۾ لڳل 10 سالن واري جنگ بيان ٿيل آهي ۽ ان جنگ جي ڀرپور منظر ڪشي سان گڏوگڏ نزاڪت واريون گھرو زندگيءَ جون تصويرون به آهن، اهڙي طر ح آڊيسيءَ ۾ آڊيسس جي ايٿيڪا (يونان جو شهر) ڏانهن موٽ ۽ هن جو پنهنجي زال جي آشنائن کان انتقام وٺڻ جو تذڪرو آهي. ان جي پس منظر ۾ يوناني سورهين جي واپسي ڏيکاريل آهي ۽ آڊيسس جي زندگيءَ جا ٻيا پهلو به ڏيکاريل آهن ۽ هن جي باري ۾ تمام سادي ۽ اوچي انداز سان چيل آهن، جن ۾ آڊيسس جي رولڙن ۽ ڪيل مسافري جون يادگيرون به آهن. سڀئي محقق ان ڳالهه تي متفق نه آهن ته اهي سڀئي شعر هڪ ماڻهوءَ جا آهن، پر انهن جي بي انتها خوبي کان ڪو به انڪاري ناهي. مغربي دنيا جي شاعري ۾ هن کي تمام اوچو مقام آهي. روم جي اطالوي شاعر ورجل جي ڪلاسيڪي ڪتاب ”اينيڊ“ تي هومر جي ڪلام جو ااثر آهي.
نظم ”آڊيسي“ ڪازان زاڪس به پنهنجي پيغام ۽ حياتيءَ جي نظرئي کي پيش ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، جيئن مون ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ ۾ شاهه وارا سمورا سُر پنهنجي نقطه نگاهه کان لکيا آهن ۽ انهن کي هڪ ڊرامائي انداز ڏنو آهي.

هيگل

هيگل

فريڊرڪ هيگل 1770ع ۾ ڄائو ۽ 1831ع ۾ گذاري ويو. هن فلسفي تي ڪيئي ڪتاب لکيا آهن. ڪارل مارڪس جو فلسفو دراصل هيگل جي جدليات جو ترقي پسند منطقي نتيجو چيو ويو آهي. پر تاريخ اها ڳالهه غلط ثابت ڪئي آهي. هيگل کان جڏهن ڪنهن پڇيو ته پنهنجو نظريو ٻڌاءِ ته هن ان جو جواب ڏهه ڪتاب لکي ڏنو، پر جڏهن هڪ قديم پيغمبر کان ساڳيو سوال پڇيو هيائون ته هن جواب ڏنو هو ته:
” Thou Shall’t love they neighbor as thy self“
(توهان پنهنجي پاڙيسري سان پيار ائين ڪندؤ جيئن پاڻ سان ڪري رهيا آهيو)
مان ڪتاب جي طوالت جي خوف کان فلاسفرن تي نوٽ نهايت مختصر لکي رهيو آهيان. ڇو ته جي هڪ ڀيرو انهن جي فلسفي ۾ وچڙي ويس ته ڪتاب ڏهه پندرنهن جلد ٿيندو ۽ ممڪن آهي ته زندگي ايتر مهلت به نه ڏي ۽ ان ساري فلسفي جي ڪتاب ۾ ضرورت به نه آهي.

هيمنگوي، ارنيسٽ ملر

هيمنگوي، ارنيسٽ ملر
(1898ع کان 1961ع تائين)

آمريڪا جو عظيم ناول نگار ۽ افسانا نويس. 1921ع ۾ هن ڪجھه وقت پئرس ۾ قيام ڪيو، جتي هن 1925ع ۾ ”اسان جي دؤر ۾“ جي نالي سان ڪهاڻيون لکيون، جي هن جي ننڍپڻ جي باري ۾ هيون ۽ 1926ع ۾ پنهنجو هڪ مشهور ناول ”سج اڀرندو به آهي“ لکيو، جو جلاوطن نسل لاءِ هيو، جيڪو بدحواس ٿي چڪو هو. هن جي شهرت ۾ وڏو اضافو تڏهن ٿيو،جڏهن هن 1929ع ۾ پنهنجو ناول ”اسلحي کي الوداع“ لکيو، جيڪو اسپين جي خانه جنگيءَ جي باري ۾ هيو ۽ نهايت اتساهيندڙ هيو. هن جي ڪهاڻين جو مجموعو ”عورت کان سواءِ مرد“ 1927ع ۾ شايع ٿيو ۽ ”کٽندڙ ڪجھه نه ٿا کڻن“ 1933ع ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ هن ڪجھه ٻيا ڪتاب لکيا، جن ۾ ”ڏاند سان ويڙهه“ ۽ ”وڏي شڪار“ جهڙوڪ: چيتو، شينهن ، گينڊو، دريائي گھوڙي ۽ جھنگلي مينهن جي باري ۾ غير افسانوي تحريرون شامل هيون. هن مشهور ترين ناول ”گھنڊ ڪنهن لاءِ وڄي ٿو“ (For whom the bell talks) 1940ع ۾ لکيو. (انهيءَ ناول تي فلم به ٺهي هئي ۽ جڏهن مان شاگرد هيم، تڏهن ڏٺي هيم ۽ ان ۾ گئري ڪوپر ۽ گريس ڪيلي مکيه ڪردار هيا.) 1952ع ۾ هن ننڍو ناول ”پوڙهو ماڻهو ۽ سمنڊ“ لکيو جا هڪ تمثيل هئي ۽ انهيءَ تي هن کي ادب لاءِ 1954ع ۾ نوبل انعام مليو. هو ڪيئي سال بيمار ۽ خاموش رهيو. آخر 1961ع ۾ خودڪشي ڪيائين.
هن پنهنجو هر ادبي ڪارنامو هڪ مخصوص، درست ۽ ٺيڪ ٺاڪ ٻوليءَ ۾ لکيو ۽ پنهنجو اسلوب جنهن ديسيءَ ٻوليءَ ۾ لکيو، ان ۾ مترنم خاڪا اڀرن ٿا ۽ هن جو نثر ڇَر وانگر آهي. اهو ان ڳالهه جو اشارو ڏئي ٿو ته هن ۾ نهايت گھرا جذبا سمايل آهن.
هيمنگوي کي زندگيءَ جو پنهنجو دستورِ عمل هو. ان ۾ ڪجھه اصول هيا جي عزتِ نفسي، جرات ۽ سَهپ هيا. هن دنيا جي ڇڪتاڻ ۽ پيڙا واري وايو منڊل ۾ جو ماڻهوءَ کي سمجھوتو ڪرڻو پوي ٿو، ان جي پٽ کوهه ۽ ويڙهه ۾ هو هارائي، تڏهن به هن کي دٻاءُ کي مڙسيءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي يا (Grace under pressure) ڏيکارڻ گھرجي. ”پوڙهي ۽ سمنڊ“ جي مکيه ڳالهه آهي ان جو مکيه ڪردار جو نهايت مناسب نموني هلي ٿو، جڏهن هو مانگر وڃائي ٿو ڇڏي، هيمنگ وي ان ڪردار کي نهايت چابڪدستيءَ سان چٽيو آهي. ۽ انهيءَ ناول تي هن کي نوبل پرائيز ملي هئي. هن نهايت انفرادي زندگي گذاري هئي. پر ”گھنڊ ڪنهن لاءِ ٿو وڄي“ ۾ هن سياسي ذميداري ڏيکاري. اهو ڪتاب ان وقت لکيو ويو هو، جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ آمريڪا گِھرڻ واري هئي.
هيمنگ گوي جي ٽيڪنڪ، هن جي نزديڪي، قرب ۽ آمد ۽ هن جي تخليق ۾ ايڏي دلچسپي هن کي ويهين صديءَ جو نهايت اهم اديب ثابت ڪري ٿي. جيتري قدر مونکي ياد آهي، هن نهايت رومانوي انداز ۾ چار ڀيرا شادي ڪئي هئي. آخر ۾ هن پنهنجي وات ۾ اها رائيفل رکي، ان جو گھوڙو دٻائي خودڪشي ڪئي، جنهن سان هو گينڊا ۽ شينهن ماريندو هو. هن جي موت کان پوءِ ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن، جيئن هن جي پٽ هن جي ڪهاڻي ”بابا هيمنگ وي“ لکي آهي. هو واقعي عشق کي راند سمجھندو هو. پر ان کي ائين نه کيڏندو هو، جيئن ڳڀرو کيڏندا آهن. ”ٽائيم رسالي“ ۾ هن تي هڪ وڏو مضمون آيو هو، جنهن ۾ انهن جاين جون تصويرون هيون، جتي هو ڪيوبا ۾ رهندو هو. هُن کي پنهنجا خانگي هوائي جهاز ها، جي هو هلائيندو به پاڻ هو.
اسان به ته انهن وانگر حساس اديب آهيون، پر اسان مان گھڻن کي موٽرون آهن؟ بمبئي ۾ جڏهن ارجن شاد ۽ موهني اسان وٽ آيا ته هنن کي ٽئڪسي لاءِ 150 روپيا ڪرايو ڏيڻو پيو.

هيوم

هيوم

اسڪاٽلينڊ ۾ 1711ع ۾ ڄائو ۽ 1776ع ۾ وفات ڪيائين. هو چوٽيءَ جي مغربي فيلسوفن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي ۽ هن جا تاريخ، فلسفي، سياست ۽ مذهب تي ڪيئي ڪتاب لکيل آهن.
هيوم جڏهن مري رهيو ته هن Charon (چارون – يوناني موت جو ديوتا) کي التجا ڪئي ته: ”صبر ڪر، ڪجھه ٿورو ترس! مون کي ڪجھه سال مهلت ڏي، ڇاڪاڻ جو مان عوام جون اکيون کولڻ چاهيان ٿو؛ جيڪڏهن مان ڪجھه سال وڌيڪ جيئندس ته شايد مان سارا وسوسا جن جي خلاف مان وڙهيو آهيان، ڊهي ڍير ٿيندي ڏسي سگھان ٿو“ چيو ويو آهي ته انهيءَ تي چارون هن تي عصي ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين : ”تون هميشه خواب لهندو رهندين ۽ اها ڳالهه هزارن سالن ۾ نه ٿيندي. تون سمجھين ٿو ته مان توکي ايڏي وڏي مهلت ڏيندم؟ هيٺ ٻيڙي ۾ لهه ته هلون، سست، رولاڪ، سُک درسي ماڻهو!“ اهو ٻڌي هيوم هميشه لاءِ چپ ٿي ويو.