مختلف موضوع

سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ترقيءَ جي واٽ

نصير ميمڻ ھر فورم تي سنڌ ڪيس دليري سان ثبوتن، انگن اکرن ۽ دستاويزن ذريعي لڙندو رھيو آھي. ھن مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکي سنڌي عوام کي باخبر رکيو آھي. ھن ڪتاب جي ھر مضمون ۾ نصير ميمڻ سنڌ جي تبديل ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي صورتحال سان گڏ ھر ڪلاس، سنڌ جي وسيلن، سنڌ جي بيوروڪريسي، سنڌ جي سياستدانن بابت مضمون لکيا آھن. جيتوڻيڪ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال مايوس ڪندڙ آهي، پر اميد جو سھارو هٿان ڪونھي ويو. خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ جا خواب جيڪي اسانجي اکين ۾ آهن، انھن جي تعبير واسطي، جيڪڏهن سنڌ جو هر باشعور فرد ايمانداري ۽ جانفشانيءَ سان جدوجهد ڪري تہ اسان لاءِ ان ’ڪُن‘ مان نڪرڻ آسان ٿي پوي. نصير ميمڻ اسان کي مسئلن جي نشاندھي سان گڏ انھن جي حل جي واٽ پڻ فراھم ڪري ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 61
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ترقيءَ  جي واٽ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ نصير ميمڻ جو لکيل ڪتاب ”سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ترقيءَ جي واٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو.

نصير ميمڻ ھر فورم تي سنڌ ڪيس دليري سان ثبوتن، انگن اکرن ۽ دستاويزن ذريعي لڙندو رھيو آھي. ھن مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکي سنڌي عوام کي باخبر رکيو آھي. ھن ڪتاب جي ھر مضمون ۾ نصير ميمڻ سنڌ جي تبديل ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي صورتحال سان گڏ ھر ڪلاس، سنڌ جي وسيلن، سنڌ جي بيوروڪريسي، سنڌ جي سياستدانن بابت مضمون لکيا آھن. جيتوڻيڪ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال مايوس ڪندڙ آهي، پر اميد جو سھارو هٿان ڪونھي ويو. خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ جا خواب جيڪي اسانجي اکين ۾ آهن، انھن جي تعبير واسطي، جيڪڏهن سنڌ جو هر باشعور فرد ايمانداري ۽ جانفشانيءَ سان جدوجهد ڪري تہ اسان لاءِ ان ’ڪُن‘ مان نڪرڻ آسان ٿي پوي. نصير ميمڻ اسان کي مسئلن جي نشاندھي سان گڏ انھن جي حل جي واٽ پڻ فراھم ڪري ٿو.

ھي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.




محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

 books.sindhsalamat.com

سنڌ سان ڇا پيو ٿئي!

اسڪول جي زماني ۾ ٻاراڻن رسالن ۾ هڪ راند نهايت دلچسپيءَ سان کيڏبي هئي. اها هئي ٽٻڪا ملائي تصوير مڪمل ڪرڻ. ان راند جو اڳيون دلچسپ مرحلو ان خاڪي ۾ رنگ ڀرڻ هوندو هو. اچو ته ڪجهه ڏينهن اندر ڇپيل ڪجهه اهم رپورٽن جي ٽٻڪن کي ملايون ۽ پوءِ انهن سان ٺهندڙ سنڌ جي تصوير کي غور سان ڏسي ان ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪريون.
(1) سنڌ جي معيشت 47ع کان به بدتر آهي. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جون صحافين سان ڳالهيون (ڪاوش- 2 مارچ 2006ع).
(2) سنڌ جي ماڻهن جي 1947ع ۾ في ماڻهو روزاني آمدني 50 رپيا هئي. جڏهن ته هاڻي سراسري طور تي في ماڻهوءَ جي روزاني آمدني 20 رپيا آهي. تعليم واري صوبائي وزير ميڊم حميده کهڙو جون صحافين سان ڳالهيون. (حوالو ساڳيو)
(3) سنڌ ۾ تعليم مٿان خرچ ۾ جوڳو اضافو ٿيڻ، استادن جي انگ ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿيڻ ۽ اسڪولن ۾ 220 سيڪڙو واڌ اچڻ جي باوجود تعليمي ترقيءَ جا ماپا جمود جو شڪار آهن: ورلڊ بئنڪ جي هڪ رپورٽ (ڊان: 26 فيبروري 2006ع).
(4) سال 05-2004ع اندر بي روزگاري ۽ غربت ۾ ترتيبوار 6.7 ۽ 6.8 سيڪڙو لاٿ آئي آهي: قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڄاڻايل انگ اکر (ڊان: 1 مارچ 2006ع)
(5) پاليسيون ٺاهيندڙ، ڪاروباري برادري ۽ سرگرم سول سوسائٽي هڪ وڌيڪ سکي ستابي سنڌ جي اميد لاهي ويٺي آهي. ورلڊ بئنڪ پاران سنڌ جي معيشت تي جاري ڪيل هڪ رپورٽ جي شروعاتي حوالن ۾ ڄاڻايل ڪجهه جملا.
هونئن ته اهڙا ٻيا به ڪيئي ٽٻڪا ملائي سگهجن ٿا، پر منهنجي خيال ۾ اهي پنج ٽٻڪا ملائڻ سان به سنڌ جو خاڪو ڪافي چٽو نظر اچڻ لڳي ٿو، جنهن ۾ جيڪي رنگ ڀرڻ چاهيو سي ڀري وٺو.
معدني وسيلن، سمنڊ ۽ درياهه جهڙين نعمتن جي هڪ ئي وقت گڏ مهيا هجڻ واري ڌرتي جيڪڏهن ان صورتحال جو شڪار هجي ته پوءِ ڳالهه رڳو نصيب کي ميار ڏيڻ سان ختم نه ٿي ٿئي، پر قدرت پاران مليل نصيب جي اهڙي پينٽنگ ڪندڙ ڪارڻن کي چٽو ڪرڻ نهايت ضروري ٿي پوي ٿو. معاشي ۽ سماجي بدحاليءَ جي ان منزل تائين پهچڻ ۾ چند مهينا يا سال نٿا لڳن، پر ڪيترن ڏهاڪن تائين ٿيندڙ ٻاهرين ۽ اندروني ڦرلٽ جا ڪردار به واضح ڪرڻ ضروري ٿيو وڃي.
غيرجمهوري ۽ غيرقانوني بنيادن واري بيٺڪي قسم جي راڄ ۾ قومن جو اهڙو استحصال شايد تاريخ جي شاگردن لاءِ نئون نه هجي، پر ان جي ردعمل ۾ موجود موت جهڙي سماجي بي حسي هر سوچيندڙ جيو کي ڪياڙي کنهڻ تي ضرور مجبور ڪري ٿي ڇڏي. ملڪي معيشت جو ڇيد ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ جي بين الاقوامي ڪاروبار جو 90 سيڪڙو سنڌ جي ساحل تي موجود ٻن بحري اڏن تان ٿئي ٿو. (سن 3-2002ع جا انگ اکر) ۽ قومي روينيو جو اٽڪل 67 سيڪڙو سنڌ مهيا ڪري ٿي.
پاڪستان سرڪار جو ادارو هائيڊرو ڪاربان ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان هر سال پاڪستان انرجي بوڪ جي نالي سان توانائيءَ واري شعبي جي انگن اکرن تي ٻڌل هڪ رپورٽ جاري ڪندو آهي. هن رپورٽ کي محنت سان پڙهڻ ۽ انگن اکرن جي الجبرا سلجهائڻ سان پتو لڳي ٿو ته سنڌ هر سال ملڪي معيشت ۾ نهايت اهم ڀائيواري ڪندي رهي ٿي. پاڪستان انرجي بوڪ 2005ع جي انگن اکرن جو ڇيد ڪرڻ سان هيٺيون حقيقتون معلوم ٿين ٿيون.

معدني وسيلو

سنڌ

بلوچستان

پنجاب

سرحد

سنڌ جو پيداواري حصو سيڪڙي ۾

ڪچو تيل

 (بيرل) 03-2002

15,330,358

14,866

8,112,620

 

65%

ڪوئلو

(ٽن) 05-2004

2,000,000

1,808,299

544,326

234,000

43%

گئس

(ملين ڪعب فوٽ)

05-2004

936,163

336,493

63,832

8,465

70%


ياد رهي ته ڪچي تيل جي مارڪيٽ ۾ قيمت هاڻي 70 ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهي (ڪجهه وقت اها قيمت 75 ڊالرن تائين به پهچي وئي هئي). ان حساب سان سنڌ مان ملندڙ تيل جي قيمت ساليانو 60 ارب رپين تائين ٿئي ٿي.
ڪچي تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت هن وقت 62 ڊالر في بيرل آهي.
هن وقت سنڌ ۾ ملندڙ ڪوئلي جو معيار بلوچستان جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي ۽ پاڪستان مائننگ ڊولپمينٽ ڪارپوريشن لاکڙا فيلڊ مان ڪوئلي جو اگهه 873 رپيا في ٽن مقرر ڪيو آهي. (ياد رهي ته بلوچستان جي ڪجهه هنڌن تان ملندڙ ڪوئلي جو اگهه 3000 رپين کان به وڌيڪ آهي. ان حساب سان سنڌ مان ملندڙ ڪوئلي جي ڪل اپت پوڻا ٻه ارب رپيا ساليانو ٺهي ٿي. پر اتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان موجب سنڌ ۾ ٿر اندر ڪوئلي جا غير معمولي ذخيرا موجود آهن، جيڪي 50706 کان 112،705 ملين ٽن تائين ٿي سگهن ٿا. سن 03-2002ع ۾ ملڪ اندر ڪوئلي جي ڪل کپت 4.89 ملين ٽن هئي. ان حساب سان جيڪڏهن ٿر مان ڪوئلي جا اهي ذخيرا دريافت ٿي وڃن ٿا ته اهي هاڻوڪي ضرورت جي حساب سان ملڪي ضرورت جو گهٽ ۾ گهٽ 10 صدين تائين پورائو ڪري سگهن ٿا.
هاڻي اچو ته ڏسون ته پاڪستان کي شاهوڪار بڻائيندڙ سنڌ جو پنهنجو ڪهڙو حال ڪيو ويو آهي.
* اسان سڀني کي ياد آهي ته صدر پرويز مشرف 17 جنوري 2006ع تي قوم کي خطاب ۾ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ وقت ورلڊ بئنڪ جي هڪ رپورٽ Pakistan Economy Runing Dry جا حوالا ڏئي پنهنجي ڊيم ٺاهڻ واري مهم جو ٿلهه ٻڌو هو. اسان به ساڳئي اداري يعني ورلڊ بئنڪ جا ڏنل انگ اکر پيش ڪندي هن ملڪ جي اختيار ڌڻين کان اهو سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته آخر سنڌ کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي؟ اهو سوال اسان رڳو اسلام آباد ۾ ويٺل اختيار ڌڻين کان نه پر سنڌ جي گادي ڪراچيءَ ۾ صوبي جي ترقيءَ جون واڳون سنڀالي ويٺل پنهنجي ڪامورن ۽ سياستدانن کان به ڪنداسين ته آخر هو سنڌ واسي ٿي اڃا سنڌ کي ڪيستائين کائيندا رهندا؟
* ورلڊ بئنڪ طرفان تازو سنڌ بابت هڪ رپورٽ نمبر: 35001-Pk Securing Sindh’s future- The prospects and challenges ahead جاري ٿي آهي. هيءَ رپورٽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان گڏجي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن کي سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي گڏيل رپورٽ ڪوٺيو پيو وڃي. هن رپورٽ جي حوالي سان ورلڊ بئنڪ طرفان تازو سنڌ سرڪار کي هڪ پريزنٽيشن پڻ ڏني وئي. هن موقعي تي سنڌ ۾ ريفارمز جي حوالي سان مختصر نوٽ پڻ ميٽنگ ۾ ورهايو ويو. رپورٽ، پريزنٽيشن ۽ نوٽ ۾ ڏنل حقيقتون عوام جي اکين ۽ ڪنن تائين پهچائڻ جي اشد ضرورت آهي، جيئن هن ملڪ جي شهريءَ طور کين پتو پوي ته هو ڪهڙي معاشري ۾ ساهه کڻي رهيا آهن ۽ سندن ايندڙ نسلن جو ڇا ٿيندو. ڪراچي، ڏکڻ ايشيا جو اهو پهريون شهر هو، جنهن ۾ هڪ مڪمل هوائي اڏو ٺهيو ۽ هن خطي ۾ ان جا سامونڊي بندر بهترين بندرن ۾ ڳڻيا ويندا هئا. ان حساب سان ته سنڌ ترقيءَ جي ميدان ۾ نه رڳو ملڪ پر ايشيا اندر تمام گهو اڳڀري هجي ها، پر ان جي ابتڙ گذريل ڇهن ڏهاڪن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ترقيءَ ۾ هڪ قدم اڳتي ته ڏهه وکون پوئتي ٿيندي رهي آهي. ان حقيقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ هيٺيان حوالا ڪافي آهن.
* پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ ۾ في ماڻهو آمدني باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ 55 سيڪڙو وڌيڪ هئي. اهو فرق 90ع واري ڏهاڪي ۾ گهٽجي 36 سيڪڙو ٿي ويو ۽ 05-2004ع ۾ اهو فرق صرف 16 سيڪڙو مس باقي بچيو آهي.
* مجموعي گهرو پيداوار (GDP) ۾ سنڌ جو حصو تقريبن سمورن شعبن ۾ لاٿ جو شڪار ٿيو آهي. سڀ کان وڌيڪ لاٿ وڏي سطح جي مينوفيڪچرنگ، انشورنس، ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن جي شعبن ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
* 04-2003ع ۾ سنڌ اندر بيروزگار ماڻهن جو انگ اٽڪل 610،000 هيو. جيڪڏهن سنڌ ۾ مستحڪم بنيادن تي ترقي جاري نه رهي ۽ ان ۾ 8-7 سيڪڙو واڌ نه ٿي ته 14-2013ع تائين سنڌ ۾ بيروزگارن جو انگ وڌي 16 لکن تائين پهچي سگهي ٿو.
* سنڌ ترقيءَ جي سمورن ماپن ۾ پوئين پير هلندي رهي آهي. مثال طور 99-1998ع کان 05-2004ع دوران سنڌ ۾ خواندگيءَ جي شرح ۾ 5 سيڪڙو واڌ (51 کان 56 سيڪڙو) ٿي جڏهن ته باقي ملڪ اندر ان شرح ۾ واڌ 8 سيڪڙو (45 کان 53 سيڪڙو رهي.)
* 96-1995ع کان 02-2001ع جي دوران ملڪ ۾ غربت جي سطح 30.1 مان وڌي 63.4 ٿي (يعني اٽڪل سوا 6 سيڪڙو واڌ) جڏهن ته ساڳئي عرصي دوران سنڌ اندر غربت ۾ 17 سيڪڙو واڌ (23.4 کان 40.4) ٿي وئي. ساڳي طرح وري سنڌ اندر شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ترقيءَ جي وڇوٽيءَ ۾ پڻ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، جيڪو ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته سنڌ جي ٻهراڙين کي خاص طور تي ترقيءَ کان محروم ڪيو پيو وڃي. هيٺين جدول تي هڪ نظر وجهڻ سان اها حقيقت چٽي نظر ايندي.
ماپو سنڌ شهري سنڌ ٻهراڙي
مجموعي پرائمري داخلائون 99% 58%
خواندگي شرح 72% 38%
ٻارن کي ٽڪا لڳڻ جي شرح 87% 62%
اهڙي طرح سنڌ جيڪا پاڪستان کي پنهنجي وسيلن سان ڏينهون ڏينهن مالا مال ڪري رهي آهي، ان کي موٽ ۾ سواءِ ڪنگالپڻي جي ڪجهه به هڙ حاصل نه پيو ٿئي. هيءَ صورتحال سنڌ جي سياسي جماعتن، سول سوسائٽي ۽ حڪمرانن جي ضمير لاءِ هڪ چڀندڙ سوال آهي، جنهن نظام ۾ اپائيندڙ کي اهڙي غربت ۽ مفلسيءَ جو شڪار بڻايو پيو وڃي، اهو يقينن فطرت جي انصاف ۽ توازن وارن نيمن جي ابتڙ ئي ٿي سگهي ٿو. فطرت جي توازن جي تقاضا آهي ته يا نظام هلائيندڙ پنهنجي روش ٺيڪ ڪن يا وري فطرت جي ردعمل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.

(روزاني ڪاوش- 16 مارچ 2006ع)

چٽاڀيٽيءَ جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويل سنڌ

ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي اخبارن ۾ سي ايس ايس جي امتحانن جو نتيجو شايع ٿيو آهي. امتحاني رزلٽ هونءَ ته ملڪ جي مجموعي تعليمي معيار کي پڌرو ڪري ٿي، پر سنڌ جي حوالي سان ته هي امتحاني رزلٽ هر سوچيندڙ ذهن لاءِ هڪ سوال آهي. نتيجن موجب 2005ع ۾ ٿيل سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪل 3673 اميدوار چٽاڀيٽيءَ ۾ هئا، پر انهن مان رڳو 224 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. اهڙيءَ طرح پاس ٿيندڙ اميدوارن جي شرح مس 6 سيڪڙو بيهي ٿي. انهن انگن اکرن مان ملڪ اندر لڳاتار زوال ڏانهن وڌندڙ تعليمي معيار جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو، پر انهن نتيجن کي ٿورو تفصيل ۾ وڃي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جو حال باقي علائقن جي ڀيٽ ۾ اڃا به بدتر آهي. رزلٽ جي وچور موجب پاس ٿيندڙن ۾ پنجاب جا 156، سرحد جا 22 ۽ سنڌ جا رڳو 19 اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. اهڙيءَ ريت پاس ٿيندڙن ۾ سنڌ جي اميدوارن جو حصو رڳو 8.5 سيڪڙو آهي. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ پنجاب مان ڪامياب ٿيندڙ اميدوار اٽڪل 70 سيڪڙو آهن. ساڳيءَ ريت سڄي ملڪ اندر پهريون ٽئي پوزيشنون پنجاب جي اميدوارن کي حاصل ٿيون آهن ۽ چوٿين، پنجين پوزيشن فاٽا جي قبائلي علائقن جي اميدوارن کي حاصل ٿي آهي. سنڌ ٻهراڙيءَ مان پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ اميدوار مجموعي ميرٽ لسٽ ۾ ٻارهين نمبر تي آيو آهي. انهن سمورن انگن اکرن کي کليل اکين، دل ۽ دماغ سان ڏسڻ کان پوءِ اسان کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو ته اسان هڪ قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي بقا ۽ ترقيءَ ۾ خود ڪيترو سنجيده آهيون؟
مڃون ٿا ته پنجاب جي اميدوارن کي سنڌ جي اميدوارن جي ڀيٽ ۾ انيڪ سهولتون حاصل هونديون، پر تڏهن به مجموعي فرق ايترو وڏو آهي جو اسان کي پنهنجي تعليمي ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي نهايت سنجيدگيءَ سان ڏسڻو پوندو. سنڌ جي گهڻ گهرو هجڻ جي دعويدارن کي گهرائيءَ سان ڏسڻو پوندو ته سنڌ جي تعليمي ادارن جي ان زوال جي پٺيان ڪهڙا اندريان ۽ ٻاهريان ڪارڻ آهن.
سي ايس ايس جا نتيجا شايع ٿيڻ کان ٻئي ڏينهن تي سنڌي اخبارن ۾ هڪ خبر شايع ٿي آهي ته استادن جي تنظيم پ ٽ الف جا نوان عهديدار چونڊيا ويا آهن ۽ تنظيم جي نون چونڊيل عهديدارن مان هڪ اڳواڻ اهو پڻ چيو آهي ته سنڌ جا سوا لک استاد سنڌ دشمن منصوبن خلاف پڻ جدوجهد ڪندا. پ ٽ الف جي عهديدارن کي اها گذارش ڪرڻ ۾ ڪا به خرابي نه ٿي لڳي ته سڀ کان وڏي سنڌ دشمني سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن سنڌ جا سوا لک استاد سچ پچ به سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪجهه ڪرڻ گهرن ٿا ته هو ٻيو ڪجهه به نه ڪن رڳو سنڌ اندر بند پيل 7 هزار اسڪولن کي کولين ۽ جيڪڏهن کين سچ پچ به سنڌ جو ڪو درد آهي ته هو اهو چئلينج کڻن ته سال 2006ع جي پڄاڻيءَ تي سنڌ جو ڪو به اسڪول استاد جي غير حاضريءَ سبب بند نه رهندو. سنڌ ايجوڪيشن مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (SEMIS) جي سال5-2004ع واري سالياني رپورٽ موجب سنڌ ۾ بند پيل اسڪولن جا تفصيل هيٺين ريت آهن:

نوعيت

شهري علائقا

ٻهراڙيون

ڪل

عارضي طور بند

204

5031

5235

مڪمل طور بند

109

1566

1675

ڪل

313

6597

6910


انهن بند پيل اسڪولن ۾ 1731 اسڪول ڇوڪرين جا ڄاڻايا ويا آهن. هي ته اهي انگ اکر آهن، جيڪي سرڪار جي هڪ سال پراڻن دستاويزن ۾ ملن ٿا. شايد اصل انگ اکر ان جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ هجن. هاڻي جيڪڏهن سوا لک استادن جي تنظيم سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد جي پهرين مرحلي طور اهو طئه ڪري ته نه رڳو اهي بند پيل کولايا ويندا، پر آئيندي سنڌ جو ڪو به اسڪول بند ٿيڻ نه ڏنو ويندو ته پ ٽ الف سنڌ جي خوبصورت مستقبل کي تعمير ڪر سگهي ٿي. هونءَ ته سنڌ جي تعليمي زوال تي لکڻ ويهجي ته قصو کٽڻ جو ناهي، پر جيڪڏهن ڪنهن هڪ بنيادي نقطي کي تلاش ڪرڻو هجي ته پڪ سان ڳالهه استاد جي معيار تي وڃي کٽندي. ستر واري ڏهاڪي تائين سنڌ جي پرائمري تعليم ملڪ ۾ مثالي سمجهي ويندي هئي ۽ سنڌ جي پرائمري استادن جو معيار نهايت اعليٰ درجي جو هيو، پر 80ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري سفارشي ڀرتين جو هڪ سلسلو آهستي آهستي شروع ٿيو ۽ 90ع واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ جي حڪومتن ۾ عروج تي پهتو. ان ڏيڍ ڏهاڪي دوران ڀرتي ٿيل استادن جو انگ ان کان اڳ واري سموري ملڪي تاريخ جي انگ کان وڌيڪ هيو ۽ معيار ان جي ابتڙ سموري ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ بدتر هيو. عوام کي روزگار ڏيڻ جي نالي تي جهڙيءَ ريت ميرٽ جي عزت کي سرعام نيلام ڪيو ويو، ان سنڌ جي اڄوڪي تعليمي زوال جا مضبوط بنياد رکي ڇڏيا آهن. ان دور ۾ سَوَن نه پر هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ اهڙا استاد ڀرتي ڪيا ويا، جن کي نوڪريءَ جي درخواست لکڻ جو ڏانءُ به نه هيو. اڄ انهن استاد صاحبن جي اڪثريت اسڪولن اندر جهالت ونڊڻ جو ڪم سخاوت سان ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اسڪول ويران ۽ هوٽلون آباد نظر اچن ٿيون. پرائمري تعليم کي لڳل اهو ڪينسر ايترو گهرو ٿي چڪو آهي، جو سنڌ سرڪار، ڊونرز ۽ اين جي اوز جي سمورين ڪاوشن ۽ اربين رپيا خرچڻ جي باوجود سنڌ جي تعليم جا اهڃاڻ ڏينهون ڏينهن پوئين پير ٿي رهيا آهن. پرائمري تعليم جي ان ٻيڙي ٻوڙ ڪارڪردگيءَ جي نتيجي ۾ اعليٰ تعليمي ادارن مان پڻ اهڙا اڪابر ڊگريون وٺي نڪري رهيا آهن، جيڪي خانگي شعبي جي چٽاڀيٽيءَ ۾ پير ئي نٿا جهلي سگهن. خانگي شعبي ۾ غيرسرڪاري ترقياتي شعبي ۾ ڏينهون ڏينهن روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، پر اسان جي تعليمي ادارن جو گريجوئيٽ پنج منٽ اعتماد سان انگريزيءَ ۾ انٽرويو به نٿو ڏئي سگهي. ساڳئي طرح انهن جي گهڻائي ڪمپيوٽر جي هنر کان به وانجهي آهي. جيستائين اسان جي تعليمي ادارن مان ڊگرين سان گڏ اسان جي گريجوئيٽس کي اهي ٻه هنر ساڻ نه ملندا، اهي چٽاڀيٽيءَ واري ڊوڙ ۾ هميشه پٺيان رهندا. گذريل ڏيڍ سال دوران هڪ اداري جي پروجيڪٽ مئنيجر طور مون ذاتي طور اٽڪل 2 هزار کن گريجوئيٽس جا انٽرويو ڪيا آهن ۽ مون کي ڪڏهن ڪڏهن شديد فرسٽريشن مان گذرڻو پوندو آهي، جڏهن ماسٽرس جون ٻه ٻه ڊگريون رکندڙ سنڌي نوجوان انٽرويو دوران انگريزي ته ٺهيو سنڌي به مناسب گرامر ۽ لهجي ۾ ڳالهائڻ کان آجا ملندا آهن. تازو ڪجهه خالي آسامين لاءِ 158 اميدوارن جي انگريزي ۾ نهايت سادي ۽ سولي ٽيسٽ ورتي. ان ٽيسٽ جا هيٺيان نتيجا اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن.

تعليمي قابليت

فيل

پاس

 

0 کان 20

سيڪڙو مارڪون

21 کان 40 سيڪڙو مارڪون

41 کان 60 سيڪڙو

61 کان 80 سيڪڙو

81 کان 100 سيڪڙو

پوسٽ گريجوئيشن

40

19

12

5

0

گريجوئيشن

48

23

4

3

0

ٽيڪنيڪل ڪورسز

4

0

0

0

0

ڪل

92

42

16

8

0


انگريزي جي نتيجن جو اهو حال رڳو شاگردن جو ئي ناهي، پر بدقسمتيءَ سان اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهائيندڙ استادن جو حال به گهڻو بهتر ناهي، جن جي گهڻائي ڪلاس روم ۾ ليڪچر به سنڌيءَ ۾ ڏيڻ کي اوليت ڏئي ٿي. ساڳي طرح انگريزي لکڻ ۽ پڙهڻ سان به يونيورسٽين جي استادن جي دلچسپي تمام گهٽ نظر ايندي. منهنجي اندازي موجب سنڌ اندر يونيورسٽين جي استادن ۾ انگريزي اخبار يا مئگزين پڙهندڙن جو انگ مشڪل سان 5 سيڪڙو هوندو. هونءَ ته ان جا ٻيا ڪيترائي مثال هوندا، پر هڪ تازو مثال 12 مارچ 2006ع جي ڊان ۾ شايع ٿيل Books & Authors رسالي جي صفحي نمبر 11 تي ملي ٿو. ڪتابن تي ٿيل تبصري ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ اياز چيئر پاران سندس چونڊ شاعري جي ترجمي On the Bank of Indus جو جائزو وٺندي هيٺيان رمارڪس ڏنا ويا آهن: ”ترجمي ڪندڙ جي انگريزي ڪمزور آهي ۽ هن سنڌيءَ جو ترجمو ڪرڻ وقت ڪيترائي اڻ ٺهڪندڙ لفظ ڪتب آندا آهن. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ اياز چيئر اهڙي ڪيل ڪم کي ڇپرائي به ڇڏيو آهي.“ چوڻ جو مقصد هي آهي ته اسان جا اعليٰ تعليمي ادارا انگريزي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين جديد گهرجن تي جوڳو ڌيان نٿا ڏين. ان قسم جي تعليمي ماحول ۾ ڊگري وٺي مارڪيٽ ۾ پهچندڙ اسان جو نوجوان اڻ ڳڻين صلاحيتن جي باوجود انٽرويو دوران ٻن منٽن ۾ ان ڪري فارغ ٿيو وڃي، جو سنڌي لهجي ۾ ڳالهايل انگريزي ۽ خيالن جي ڪمزور ادائيگي سبب سندس پهريون تاثر ئي خراب پئجيو وڃي. هاڻي اوهان پاڻ ئي اندازو لڳايو ته ان معيار جي ڪارڪردگيءَ تي اسان ڪهڙي منهن سان پنهنجي تباهيءَ جو الزام ڌارين ۽ پراون تي لڳائيندا رهنداسين؟
مڃون ٿا ته اسان جي تعليم کي تباهه ڪرڻ جي پٺيان ڌاريا هٿ به موجود آهن، پر اسان کي پنهنجي حصي جي گناهن کي ايمانداريءَ سان تسليم ڪري ان جي تدارڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ان صورتحال لاءِ ڪا وقتائتي حڪمت عملي نه جوڙي وئي ته پوءِ اسان رڳو رڙيون ڪري پاڻ بچائي نه سگهنداسين.
تازو ورلڊ بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان هڪ گڏيل رپورٽ (Securing Sindhs Future-The Prospects and Challenges Ahead) پڌري ڪئي وئي آهي. هن رپورٽ ۾ سنڌ جي مجموعي تصوير ڏسي اکين اڳيان اوندهه ڇائنجي وڃي ٿي. رپورٽ ۾ سنڌ جي تعليمي زوال تي به ڪجهه اکيون کوليندڙ انگ اکر ڏنا ويا آهن. جن مان رڳو ٻه حوالا هتي ڏيڻ ڪافي آهن.
99-1998ع ۾ سنڌ جي خواندگي وارو سيڪڙو پاڪستان جي مجموعي سراسري کان 6 سيڪڙو وڌيڪ هيو، جيڪو 05-2004ع ۾ رڳو 3 سيڪڙو مٿي وڃي بچيو آهي. شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ جنسي تفاوت به تمام وڏو آهي. مثال طور جيڪڏهن سنڌ جي شهري علائقن ۾ 100 ڇوڪرا پرائمري ۾ داخل ٿين ٿا ته ان جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين اندر مس 43 ڇوڪريون داخل ٿين ٿيون. ان قسم جي انگن اکرن جي وڌيڪ حوالن ۾ ان ڪري نٿا وڃون جو اهي سڀ ان مسئلي جي تصديق ڪن ٿا، جنهن کي تسليم ڪرڻ کان ڪو به انڪاري ناهي. مسئلي جي ڳنڀيرتا کان هاڻي ڪير به اڻ ڄاڻ ناهي، پر مسئلي جي حل واري معاملي تي لڳي ٿو ته سڀ بيوس بڻيل آهن. سنڌ جي تعليمي معيار جي صحت واري سوال کي هاڻي رڳو ذميوارن جو تعين ڪرڻ سان حل نٿو ڪري سگهجي. هڪ ڳالهه صاف ۽ چٽي نظر اچي ٿي ته رڳو حڪومت يا تعليم کاتي تي تنقيد ڪرڻ ڪري باقي سڀ ماڻهو پنهنجي ذميواريءَ کان آجا نٿا ٿي سگهن. استادن، استاد تنظيمن، شاگردن، شاگرد تنظيمن، والدين، تعليم کاتي جي ذميوارن ۽ خاص طور تي ڳوٺن ۽ شهرن جي رهواسين کي اڳتي وڌي اسڪولن ۾ تعليم جي معيار جي مالڪي ڪرڻي پوندي. اسڪول ۽ استاد کان لاتعلقي وارو رويو رکڻ بجاءِ انهن کي سڌارڻ جي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو نه ته ڏينهون ڏينهن سسندڙ سرڪاري شعبي ۽ تيزيءَ سان پکڙجندڙ خانگي شعبي جي سخت چٽاڀيٽي ۾ اسان لاءِ ايندڙ ڏينهن وڌيڪ ڏکيا ثابت ٿيندا.
(روزانه ڪاوش، 20 مارچ 2006ع)

زوال جا ڏاڪا چڙهندڙ سنڌ جي ترقي

سنڌ جي غربت جون هونءَ ته ڪيتريون ئي شاهديون روز مرهه جي زندگيءَ ۾ هر گهڙيءَ نظر اينديون رهن ٿيون، پر ملڪ جون پاليسيون ٺاهيندڙ ۽ فيصلا ڪندڙن لاءِ هن ملڪ جي ماڻهن واتان چيل اهڙيون ڳالهيون ملڪي ترقيءَ جي مخالفت ۾ ڳڻيون وينديون آهن. البته جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه ورلڊ بئنڪ يا ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جهڙا ولايتي ادارا چون ته پوءِ انهن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪن کان ضرور ٻڌو ويندو آهي.
سنڌ جنهن جو تاريخي تصور خوشحالي، ساوڪ ۽ امن وارو رهيو آهي. اها اڄ سماجي زوال، سوڪهڙي ۽ بدامني جي آڙاهه ۾ ٻري رهي آهي ۽ اسان سڀ ميلي ۾ وڃايل ٻار جيان وائڙا ٿي مسئلن جي پيهه مان نڪرڻ جا پيچرا ڳولهي رهيا آهيون. سنڌ جي اوج ۽ زوال جي ان دردناڪ داستان کي انگن اکرن جي زبان ۾ بيان ڪرڻ لاءِ هر لمحي جي اذيتناڪ احساس جي اهڙي چرٻيليءَ تان گذرڻو پوي ٿو، جنهن جي ٽانڊن ڀري کڏ ڪٿي کٽي ئي نٿي. ورلڊ بئنڪ تازو جاري ڪيل رپورٽ نمبر: 35001-PK ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جي شاهوڪار معيشت تي لڳل راتاهن جي هڪ اهڙي ڪٿا آهي، جيڪا هر سمجهدار ۽ درمند سنڌي ۽ سنڌ دوست غير سنڌين کي ضرور پڙهڻ گهرجي. جيتوڻيڪ رپورٽ ۾ سنڌ جي معاشي زوال جي اصل ڪارڻن تي کُلي لکڻ کان لنوايو ويو آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايل حقيقتون هڪ اهم حوالي طور ضرور ڪتب آڻي سگهجن ٿيون.
1947ع ۾ ملڪ جي وجود ۾ اچڻ وقت سنڌ سڄي ملڪ ۾ شاهوڪار ترين خطو هيو. ان وقت سنڌ جي في ماڻهو سالياني آمدني پنجاب کان 40 سيڪڙو وڌيڪ هئي، جڏهن ته ملڪ جي سراسري في ماڻهوءَ جي آمدني جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي في ماڻهو آمدني 55 سيڪڙو وڌيڪ هئي. اڌ صديءَ اندر هن صوبي جي معيشت سان اها ويڌن ڪئي وئي، جو سال 92-1991ع ۾ اهو فرق رڳو 36 سيڪڙو وڃي بچيو ۽ سال 05-2004ع ۾ اهو فرق اڃا به گهٽجي 16 سيڪڙو تائين پهتو آهي. ان رفتار سان لڳي ٿو ته ايندڙ ڏهاڪي اڌ اندر اهو فرق ختم ٿي ڪاٽو ۾ هليو ويندو. گذريل ڏهاڪو ڏيڍ خاص طور تي سنڌ جي معيشت لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي. گذريل ڏهاڪي دوران پنجاب ۽ سرحد صوبن اندر في ماڻهو آمدني ۾ ترتيبوار 6. 1 ۽ 3. 2 سيڪڙو واڌ ٿي. جڏهن ته سنڌ صوبي اندر اها واڌ رڳو 9. 0 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ان صورتحال جو اثر هر گهر تائين نظر اچي ٿو. هڪ سروي موجب سنڌ اندر 81 سيڪڙو گهرن گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پنهنجي گهرو آمدني ۾ ڪا بهتري محسوس نه ڪئي، جڏهن ته باقي ملڪ اندر اهڙن گهرن جو تناسب 72 سيڪڙو نوٽ ڪيو ويو.
سنڌ ۾ صنعتي توڙي زرعي شعبن جي اوسر ۾ آيل لاڳيتي لاٿ جي نتيجي ۾ صوبي اندر بيروزگاريءَ ۾ لڳاتار واڌ اچي رهي آهي. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب ايندڙ ڏهاڪو کن سالن لاءِ هر سال ڇهن لکن جي لڳ ڀڳ ماڻهو بيروزگارن جي انبوهه ۾ شامل ٿيندا. جڏهن ته سنڌ ۾ ڊگهي مدي واري روزگار جي سهولت پيدا ڪرڻ جي سالياني صلاحيت ساڍا ٽي لک کان وڌيڪ ناهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته هر سال اٽڪل اڍائي لک نوان بيروزگار صوبي ۾ پيدا ٿيندا. جيڪڏهن سنڌ جي معيشت بهتر ڪارڪردگي به ڏيکاري، تڏهن به اندازي موجب صوبي اندر ساليانو هڪ لک ماڻهو ضرور بيروزگار پيدا ٿيندا. اهڙي طرح جيڪڏهن سنڌ جي معيشت ۾ بهتري اچي، تڏهن به ايندڙ ڏهاڪي ۾ 10 لک بيروزگار سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود هوندا. بيروزگارن جو اهو جٿو صوبي ۾ زندگي سان ڪهڙو حشر ڪندو؟ ان جو اندازو لڳائڻ ايترو ڏکيو ناهي. ان مشڪل صورتحال مان نڪرڻ لاءِ سنڌ جي معاشي اوسر جي رفتار 7 کان 8 سيڪڙو ساليانو تائين پهچڻ گهرجي. موجوده قسم جي حڪمراني ۽ وسيلن جي ڦرلٽ واري حالت ۾ ايتري سطح جي اوسر ڪا ايڏي سولي ڳالهه ناهي.
ياد رهي ته سنڌ جي معيشت تي هڪ وڏو بار هر سال ججهي انگ ۾ ايندڙ ڌاريا پڻ آهن. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 80ع ۽ 90ع وارن ڏهاڪن اندر ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ لاهور جي ڪل آبادي کان به وڌيڪ نوان ماڻهو شامل ٿيا آهن. صاف ظاهر آهي ته انهن جي گهڻائي غير فطري طور ٻاهران پهتي آهي. سنڌ سرڪار جي هڪ ايڊيشنل سيڪريٽري ڊولپمينٽ هڪ انٽرويو ۾ ڄاڻايو هيو ته سنڌ ۾ ايندڙ هر ٻاهرين ماڻهوءَ جي مٿان سنڌ حڪومت جا ساليانو 32 هزار رپيا رڳو پاڻي، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي سهولتن فراهم ڪرڻ تي خرچ ٿين ٿا. اهي ٻاهران آيل هزارين نه، پر لکين ماڻهو سنڌ جي مجموعي معيشت تي ڪيترو بار وجهي رهيا آهن ۽ مقامي آباديءَ جي آمدني، روزگار ۽ مجموعي سماجي خوشحالي تي ڪيترو قبضو ڪري رهيا آهن، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ ان ڳالهه کي پڻ انگن اکرن سان چٽو ڪيو آهي ته هڪ پاسي پاڪستان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي صورتحال خراب ٿي آهي ته ٻئي طرف صوبي اندر شهر جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين جي معيشت وڌيڪ زوال جو شڪار ٿي آهي.
90ع واري ڏهاڪي ۾ پاڻيءَ جي لاڳيتي قدرتي ۽ هٿرادو کوٽ سنڌ جي زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. 2000/1999-86/1985ع وارن سالن اندر سنڌ ۾ زرعي شعبو جيڪا اوسر ڪري رهيو هيو، ان کي گذريل پنجن سالن دوران شديد هاڃو رسيو آهي. ان عرصي جي انگن اکرن تي هڪ نظر وجهڻ سان صورتحال جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو.

فصل

 

واڌ جي شرح (سيڪڙي ۾)

00/1999-86/1985

 

04/2003-00/1999

ڪڻڪ

2

7-

چانور

3

10-

وونئڻ

5

0

ڪمند

5

2

داليون

1

7-

سايون ڀاڄيون

5

3-

ميوا

3

1


جيئن ته سنڌ جي ٻهراڙين جي معيشت جو دارومدار گهڻو تڻو زراعت تي آهي، تنهن ڪري زرعي اوسر ۾ ان لاٿ جو لازمي نتيجو ٻهراڙين اندر غربت ۾ واڌ جي شڪل ۾ نڪتو آهي، نه رڳو زراعت، پر باقي شعبن ۾ به سنڌ جي اوسر لاٿ جو شڪار آهي. فنانس ۽ انشورنس، هول سيل ۽ ريزڪي واپار ۽ ٽرانسپورٽ وغيره جهڙن شعبن جا انگ اکر به سنڌ جي ترقيءَ ۾ آيل لاٿ جي نشاندهي ڪن ٿا. جدول نمبر 2 ۾ ان جا وچور نظر اچن ٿا.

شعبو

اوسر جي سراسري شرح

صافي اوسر

مجموعي GDP

2000-1991     2005-2001

        3.6                           2.3

1.3-

فنانس ۽ انشورنس

        2.8                           2.5

0.3-

هول سيل ۽  ريزڪي واپار

        2.9                           2.9

0

ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن

       2.8                            2.0

0.8-

معدنيات

       2.7                            7.4

4.7

وڏي سطح جي صنعت

       4.6                            2.6

2.0-

زراعت

       5.3                            0.8-

6.1-

اهڙي طرح معدنيات کي ڇڏي باقي سمورن شعبن ۾ اوسر لاٿ جو شڪار آهي. اندازو آهي ته معدنيات واري شعبي ۾ رڪارڊ اوسر جو ڪارڻ سنڌ اندر گئس جي نون ذخيرن جو ملڻ آهي، پر بدقسمتيءَ سان انهن معدني وسيلن سان سنڌ جي ماڻهن کي نالي ماتر لاڀ مس ملندو آهي.
سنڌ جي معاشي زوال جي اها ڪهاڻي رڳو سنڌ صوبي جي مجموعي صورتحال تائين محدود ناهي، پر صوبي اندر جيڪڏهن شهرن ۽ ٻهراڙين جي ترقياتي انگن اکرن جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته سنڌ اندر شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين جي حالت وڌيڪ خراب ٿي آهي. ڪراچيءَ جي انگن اکرن کي گڏائي پڙهڻ سان سنڌ جا ترقياتي اهڃاڻ ڪجهه منهن ڏيکارڻ جهڙا ٿي پوندا، پر جيڪڏهن ڪراچيءَ جي انگن اکرن کي هڪ پاسي رکجي ته باقي سنڌ جو حال ته انتهائي خراب نظر اچي ٿو. مثال طور Household Economic Income and Expenditure Survey 2001 موجب سنڌ ۾ 36.7 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿي، پر جيڪڏهن ڪراچيءَ جي انگن اکرن کي ڌار ڪري ڏسجي ته غربت جي شرح 48.4 سيڪڙو تائين پهچي وڃي ٿي. شهرن ۽ ٻهراڙين وچ ۾ ترقيءَ جي اها اڻبرابري خاص طور تي صنفي اعتبار کان اڃا به وڌيڪ خراب حال ۾ آهي. مثال طور شهرن اندر بيمارين کان بچاءُ جا ٽڪا لڳرائيندڙ 100 ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙيءَ جي رڳو 70 ڇوڪرين کي اها سهولت حاصل آهي. ساڳيءَ ريت شهرن ۾ پرائمري اسڪولن ۾ داخلا حاصل ڪندڙ 100 ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ رڳو 43 ڇوڪرين کي پرائمري ۾ داخلا نصيب ٿئي ٿي.
ان صورتحال جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 02-2001ع ۾ سنڌ اندر غربت جي لڪير کان هيٺ گذاريندڙ گهراڻن جو انگ باقي ملڪ جي سراسريءَ کان وڌي ويو. غربت جي ڳالهه رڳو في ماڻهو آمدنيءَ جي شڪل ۾ نٿي ڪجي، پر ان جو اثر سماجي ترقيءَ جي باقي اهڃاڻن تي به پيو آهي. مثال طور 1995ع کان 2004ع تائين وارن ڏهن سالن دوران سرحد اندر خواندگيءَ جي شرح ۾ 61 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 35 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته سنڌ اندر اها واڌ رڳو 24 سيڪڙو نوٽ ڪئي وئي. ساڳي عرصي دوران پرائمري اسڪولن ۾ نين داخلائن جو تناسب سرحد ۾ 34 ۽ پنجاب ۾ 29 سيڪڙو رهيو. جڏهن ته سنڌ اندر اهو تناسب رڳو 6 سيڪڙو مس ٿيو آهي. ان صورتحال مان صاف نظر اچي ٿو ته سنڌ نه رڳو پنجاب، پر سرحد جي ڀيٽ ۾ به ترقيءَ جي ميدان ۾ مات کائي رهي آهي. جيتوڻيڪ وفاقي سطح تي ٺهندڙ پاليسين ۽ فيصلا سازي ۾ سنڌ سان اها ويڌن ڪرڻ وارا هٿ ۽ دماغ ڪي ڳجها به ڪو نه آهن، پر ان صورتحال پٺيان سنڌ جي پنهنجي انتظامي مشينري جي ڪمزوري ۽ لاپرواهيءَ کي به ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجي.
هڪ پاسي وفاق طرفان سنڌ جي وسيلن مان ٿيندڙ آمدنيءَ کي مرڪزي ورڇ جوڳي پول ۾ وجهي صوبي کي موٽ ۾ ان جو هڪ معمولي حصو ڏنو وڃي ٿو، جنهن ڪري ترقياتي عمل لاءِ وسيلن جي شديد اڻاٺ رهي ٿي ته ٻئي طرف وفاق کان ملندڙ ان نالي ماتر وسيلن کي به ٺيڪ طرح سان استعمال ڪرڻ جي ڏانءَ ۽ نيت جي پڻ گهٽتائي آهي.
مثال طور هاڻوڪي مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران سالياني ترقياتي فنڊن جي ڪيل استعمال تي هڪ نظر وجهون ٿا. رٿابندي کاتي جي پنهنجن انگن اکرن مان ئي اها ڳالهه پڌري ٿي ويندي ته سنڌ جي پنهنجي بيورو ڪريسي ۽ حڪمران سنڌ جي ترقيءَ ۾ ڪيترو سنجيده آهي.
هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 39 مان 30 سرڪاري کاتن پنهنجن بجيٽ جو مس 30 سيڪڙو خرچ ڪيو آهي. جڏهن ته 11 کاتا اهڙا آهن، جن پنج سيڪڙو کان به گهٽ بجيٽ خرچ ڪئي آهي. صوبائي رٿابندي کاتي موجب 204 ارب رپين جي سالياني ترقياتي بجيٽ مان صرف 29.3 سيڪڙو رقم مس خرچ ڪئي وئي آهي. اهي کاتا جن 5 کان 10 سيڪڙو تائين خرچ مس ڪيو آهي، تن ۾ انتهائي اهم کاتا جهڙوڪ ليبر اينڊ مين پاور، وومين ڊولپمينٽ، انڊسٽريز ۽ انفرميشن شامل آهن.
اندازو ڪريو ته باقي ڇهن مهينن ۾ اهي کاتا باقي بجيٽ کي ڪهڙيءَ ريت استعمال ڪندا. صاف ظاهر آهي ته ان بجيٽ جو هڪ وڏو حصو واپس ٿي ويندو ۽ جيڪو استعمال ٿيندو، سو به عوام کان وڌيڪ کاتي وارن جي ڀلائيءَ تي خرچ ٿي ويندو.
سنڌ جي ترقيءَ سان ٿيندڙ اهڙي حشر تي سنڌ جي عوام ۽ سنڌي رهنمائن کي اکيون ۽ زبان ضرور کولڻ گهرجي.

(روزانه ڪاوش 21 مارچ 2006ع)

ذميوار مڊل ڪلاس جي قيادت لاءِ ڀٽڪندڙ سنڌ

ذميوار مڊل ڪلاس جي قيادت لاءِ ڀٽڪندڙ سنڌ


سنڌ کان ٻاهر پڙهيل لکيل ماڻهو ان ڳالهه جو کليل لفظن ۾ اعتراف ڪندا آهن ته سياسي ۽ سماجي ساڃهه ۾ سنڌ جو هن ملڪ ۾ ڪو به مٽ ناهي. ملڪ جا اڪثر صحافي، اديب، سياستدان، ترقي پسند خيال رکندڙ عام ماڻهو ۽ اين جي اوز ورڪر، سڀ ان ڳالهه تي سهمت نظر ايندا آهن ته ملڪ ۾ سماجي ۽ سياسي تحريڪ ۾ سنڌ جا ماڻهو هميشه اڳڀرا رهيا آهن. ڪجهه ماڻهن جو ته اهو به خيال آهي ته بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ئي آهي، جنهن ملڪ اندر ناانصافي ۽ جبر خلاف مزاحمت وسيلي ملڪ جي باقي خطن ۾ به مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن کي ڏڍ ڏنو آهي، پر ان ڳالهه تي سڀ سواليه نشان هوندا آهن ته ايڏي ساري مزاحمتي سگهه رکندڙ قوم پنهنجي داخلي بحرانن کي منهن ڇو نه ڏئي سگهي آهي؟ قبائلي جهيڙا، وڏيرڪي راڄ جو نه کٽندڙ سلسلو، ٿاڦيل حڪمران، خودڪشيون ۽ قتل، بدحال تعليمي ادارا، عوامي سهولتن جي اڻهوند ۽ وڌندڙ سياسي ويڳاڻپ مسئلن جي ڊگهي لسٽ جا چند نقطا آهن. ان ڳالهه جو جواب شايد ايترو مشڪل ناهي، جيترو ان جو حل. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته سنڌ جي داخلي بحران جا ڪارڻ داخلي کان وڌيڪ خارجي آهن. سنڌ ۾ وڄندڙ موسيقيءَ جون ڌنون سنڌ کان ٻاهر ترتيب ڏنيون وينديون آهن، جن کي مقامي فنڪارن کان نهايت مهارت سان ڳارايو ويندو آهي. ان ڳالهه جا هڪ نه، پر سؤ دليل ڏيئي سگهجن ٿا، تنهن ڪري ان بحث ۾ اڳتي نٿا وڃون. هونئن ته هن بحث جا ڪيترائي رخ ٿي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن ان بحث جو مرڪز سنڌي مڊل ڪلاس جو ڪردار کي بڻائي ڳالهائجي ته ڳالهه سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي.
مجموعي طور تي مڊل ڪلاس جو ڪردار ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو خاصيتي تعين ڪرڻ لاءِ بهترين اهڃاڻ سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن سماجي ترقيءَ جي مکيه ميدانن جهڙوڪ سياست، سماجي ۽ معاشي ترقي (Socio-economic development) ۽ سول سوسائٽي ۾ مڊل ڪلاس جي ڪردار ۽ افاديت جو ڇيد ڪجي ته سنڌ جي مجموعي سماجي اوسر کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. انهن ٽنهي شعبن ۾ به سياست هڪ اهڙو اڪيلو اهڃاڻ آهي، جيڪو باقي هر شعبي جي صحت جو تعين ڪري سگهي ٿو. سنڌ جي سياست کي ٻن مکيه خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ سياست اقتدار جي ايوانن اندر ٿي رهي آهي، ٻي سياست ايوانن کان ٻاهر گهٽين ۽ روڊن تي هلي رهي آهي. سنڌ جي اقتداري ايوانن واري سياست شروع کان فيوڊل ڪلاس جي قبضي هيٺ اسلام آباد جي سرپرستيءَ هيٺ انهن اڪابرن جي حوالي رهي آهي، جن پهرئين ڏينهن کان هن ملڪ کي مال غنيمت ڪري لٽيو آهي. سنڌ جي بدقسمتي اها رهي آهي ته اقتداري سياست ۾ اها هميشه اسلام آباد جي تجربيگاهه ۾ ڪلوننگ ڪيل روبوٽ نما ماڻهن جي هٿ ۾ رهي آهي. موقعي پرست، ڪمزور ۽ نااهل ماڻهن جي هڪ وڏي قطار سنڌ جي اقتداري ايوانن تي قابض رهي آهي. سنڌي مڊل ڪلاس کي ان سياست اندر پير رکڻ ئي نه ڏنو ويو آهي ۽ جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وچولي ڪلاس جا ماڻهو اقتداري ايوانن تائين پهتا، تن سالن کان اندر ۾ دٻيل محرومين جون سموريون ڪسرون ڪڍندي سنڌ کي محب وطن مڊل ڪلاس واري قيادت فراهم ڪرڻ بجاءِ، موقعي پرستيءَ ۾ فيوڊل ڪلاس کي به مات ڏئي ڇڏي. ڪن ٿورن کي ڇڏي، باقي مڊل ڪلاس جي انهن همراهن هڪ ئي وڏي تبديلي آندي، سا هئي پنهنجو ڪلاس تبديل ڪرڻ. سنڌ جي اقتداري سياست ڪندڙن جي سماج سان ڪمٽمينٽ يا سنڌ جي ترقيءَ سان ڪيتري دلچسپي رهي هوندي، ان جي ٻين تفصيل ۾ وڃڻ بجاءِ رڳو اڄ تائين سنڌ جي ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽرز ۽ ناظم رهندڙن جي لسٽ کڻي انهن جي ننڊ مان جاڳڻ جي ٽائيم جو سروي ڪيو وڃي ته به پتو پئجي ويندو ته انهن ۾ سنڌ کي قيادت فراهم ڪرڻ جي ڪيتري نيت ۽ صلاحيت رهي آهي. چونڊجڻ کان پوءِ سالن جا سال تڪ جو منهن نه ڏسندڙ ۽ ڪارڪنن توڙي عام ماڻهن کي ملاقات لاءِ ڏينهن جا ڏينهن ڌڪا کارائيندڙ سنڌ جا چونڊيل عيوضي سنڌ کي ڪهڙي ترقي ڏياريندا، ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪنهن وڏي سائنسي ڄاڻ جي ضرورت ناهي، اهڙي طرح سنڌ هن ملڪ جو حصو بڻجڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ دوست وچولي طبقي جي قيادت کان عملي طور محروم رهي آهي.
اقتداري ايوانن کان ٻاهر جدوجهد ڪندڙ سياسي ميدان ۾ سنڌ جي وچولي طبقي سچ ته جدوجهد ۽ قربانين جي هڪ شاندار تاريخ لکي آهي، پر انهن جي اها سموري جدوجهد اڪثر ڪري موقعي پرست قيادتن جي هٿن ۾ يرغمال ٿيل رهي آهي. جيتوڻيڪ اهڙين تنظيمن ۾ هيٺين سطح تي سنڌ سان پوري سچائيءَ سان عشق رکندڙ ڪارڪنن پنهنجي وسان ڪو نه گهٽايو آهي، پر قيادتن جي موقعي پرستي ۽ ڪوتاهه نظريءَ جي نتيجي ۾ سڄاڻ ماڻهن جو ويساهه انهن تنظيمن مان گهٽجي ويو آهي. جدوجهد جي جديد تقاضائن کان وانجهيل ۽ عوام جي اعتماد کي ڇيهون ڇيهون ڪندڙ قيادت، اڄ نه رڳو خود ڪارڪنن جي صفن کان محروم ٿي رهي آهي، پر انهن جي ڪوتاهه نظريءَ جي نتيجي ۾ پڙهيل لکيل سنڌي وچولو طبقو انهن تنظيمن ۽ مجموعي طور سياست کان به لاتعلق ٿي رهيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جي مسئلن تي اڄ به انهن پارٽين جي سڏ تي سنڌي ماڻهو ڳوٺ ڳوٺ مان اٿي اچي ٿو، پر انهن عام ماڻهن جي اڪثريت انهن تنظيمن ۾ سرگرم ٿي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جيتوڻيڪ ڪجهه تنظيمن جا اڳواڻ سنڌي ماڻهن کي ووٽ ۽ موٽ نه ڏيڻ جون ميارون به ڏيندا رهن ٿا، پر هنن ڪڏهن به ان معاملي جي گهرائي ۾ وڃي ان جا ڪارڻ سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.
سنڌ ۾ کاٻي ڌر واريون پارٽيون ۽ قومپرست تنظيمون اقتدار کان ٻاهر واري سياسي ميدان ۾ سنڌي مڊل ڪلاس لاءِ جدوجهد جو اهم مرڪز بڻجي ٿي سگهيون، پر هڪ اڌ کي ڇڏي ڪري انهن تنظيمن جي سرگرمين جو مرڪز سالن تائين انهن جون شاگرد وِنگز بڻيل رهيون. شاگرد تنظيمن جي مخصوص مزاج سبب انهن سياسي تنظيمن ۾ مڊل ڪلاس ڪو سرگرم ڪردار ادا نه ڪري سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙ (يا گهٽ ۾ گهٽ ان جي دعويٰ ڪندڙ) انهن تنظيمن ۾ انجنيئر، ڊاڪٽر، تعليمي ماهر، بئنڪر، يا وڪيل آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به نٿا ملن. نه رڳو اهو ته مڊل ڪلاس انهن تنظيمن جو حصو نه بڻيو، پر انهن جي اڪثريت انهن تنظيمن جي ڪم ڪرڻ واري طريقيڪار سان سخت اختلاف رکندي رهي. هڪ طرف مڊل ڪلاس انهن تنظيمن کي ڀتي خورن، وات ڳاڙهن ۽ ڇڙواڳن جون تنظيمون ڪوٺي انهن کان لاتعلق رهي سنڌ جو سياسي نقصان ڪيو ته ٻئي طرف انهن تنظيمن جي قيادت مڊل ڪلاس جي ان اهم حصي کي بزدل ۽ موقعي پرست ڄاڻائي ان کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي. نتيجي ۾ اقتداري ميدان کان ٻاهر واري سياست ۾ سنڌي مڊل ڪلاس جو ڪو نمايان فعال ڪردار نه رهيو ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ کاٻي ڌر ۽ قومپرست نظرئي هيٺ هلندڙ تحريڪون سنڌي مڊل ڪلاس جي گهڻ رخي قيادت ماڻي نه سگهيون. نتيجي ۾ ڪجهه خاص چهرا سالن کان قيادت تي موجود آهن. قيادت جي يڪسانيت سبب انهن تنطيمن جو اندروني تحرڪ به جمود جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ سچائيءَ سان جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن جي اڪثريت ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي. البته سنڌ جي زندگي ۽ موت جي مسئلن تي انهن تنظيمن جڏهن به سڏ ڏنو هوندو، سنڌ جي وچولي طبقي مختلف طريقن سان ساڻن هميشه سڏ ۾ سڏ ملايو هوندو. اهوئي سبب آهي جو ڪالاباغ ڊيم ۽ پاڻيءَ جي مسئلي تي لکين ماڻهن جي نڪتل ريلين ۾ سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن کان وڌيڪ سنڌ جو عام ماڻهو رستن تي نڪتو آهي. ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته جيستائين محب وطن ۽ روشن خيال پڙهيل لکيل سنڌي وچولو طبقو اقتداري توڙي غيراقتداري سياست ۾ جڳهه نه ٺاهيندو، تيستائين سنڌ جي سياست سنڌ واسين جي ڀلي وٽان ڪو اثرائتو ڪردار ادا نه ڪري سگهندي.
سنڌ جي Socio-economic development کي ٻن خانن يعني سرڪاري ۽ غير سرڪاري ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هن شعبي جا سمورا اهڃاڻ (Indicators) ٻڌائن ٿا ته سنڌ، ملڪ جي باقي سمورن صوبن کان (سواءِ بلوچستان جي) پٺتي پيل آهن. ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ۽ يو اين ڊي پي توڙي پاڪستان سرڪار جي مختلف رپورٽن ۾ اها ڳالهه انگن اکرن جي ثابتين سان مڃي وئي آهي. سرڪاري شعبي هيٺ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ترقي ان ڪري ڪا سڌريل شڪل اختيار نه ڪري سگهي، جو ان جي مٿان اقتداري سياست وارو ”هڙکائو طبقو“ قابض هيو. هڪ طرف خراب حڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ سنڌ جي ترقي رڳو رئيسن جي اوطاقن ۽ ٻنين تائين محدود رهي ته ٻئي طرف سنڌ جي نوڪرشاهي پڻ نااهلي ۽ بي ايماني جي هر مراٿن ريس ۾ سوڀ ماڻيندي رهي. هونئن ته نوڪرشاهيءَ جو باقي ملڪ ۾ به حال ڪو چڱو نه رهيو آهي، پر جيڪڏهن اهليت ۽ ايمانداريءَ جي بنيادن تي سنڌ جي نوڪر شاهيءَ جي باقي صوبن سان ڀيٽ ڪجي ته سنڌ جو حال سڀني کان خراب ملندو. اقرباپروري، ذهني وڏيرائپ، ڪميشن ڪلچر، ڳاڙهو فيتو ۽ صلاحيت نه وڌائڻ واري روش سبب سنڌ جي نوڪرشاهي سنڌ جي ترقيءَ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ رهي آهي. سنڌ جي ڪاموراشاهيءَ جي ان ڪردار سبب نه رڳو سنڌ کي ملندڙ اڌو گابرا وسيلا سنڌ جي بهتري وٽان استعمال نه ٿي سگهيا، پر بين الاقوامي ادارا ۽ ڊونرز پڻ سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ لڳا آهن. بدقسمتيءَ سان صحت، تعليم، پيئڻ جي پاڻي، زراعت، ماهيگيري، چوپائي مال جي ترقي، سول انفراسٽرڪچر، ٻيلن جي واڌ، آبپاشي ۽ فارم ٽو مارڪيٽ روڊن وغيره جي شعبن ۾ ڊونرز وٽان مليل اربين رپيا نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪامورڪي ڌٻڻ هڙپ ڪري وئي ۽ سنڌ ۾ انهن شعبن اندر سالن کان هلندڙ ايتري سيڙپڪاريءَ جي باوجود ڪا بهتري نه اچي سگهي. ان نيڪيءَ جي ڪم ۾ اهي ڄاتل سڃاتل ڪامورا به شامل رهيا، جيڪي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ سنڌ سنڌ ڪندي ٿڪجن ئي نٿا. انهن مان ڪي ته سنڌ جي ترقيءَ جا وڏا چيمپئن پڻ بڻيل آهن ۽ اهڙن ادارن جون سربراهيون ماڻي چڪا آهن، جن جي صحيح ڪردار ادا ڪرڻ سان سنڌ جي سورن ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ها، پر سروس دور ۾ انهن صاحبن ادارن وسيلي عام ماڻهن جي ڀلائيءَ وٽان شايد ئي ڪو جوڳو ڪم ڪيو هجي. انهن همراهن اقربا پروري، ڪرپشن ۽ پنهنجا قد وڌائڻ لاءِ سنڌ کي هميشه ڏاڪڻ طور استعمال ڪيو. هڪ پاسي سنڌ جي ترقيءَ جي ڀينگ ڪيائون ته ٻئي طرف سنڌ جي سورن ۾ اکيون به آليون ڪندا گهمن. ان قطار ۾ مختلف شعبن جا فني ماهر، سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ اديب دانشور پڻ شامل آهن، جيڪي پٺيان ادارن ۾ اهڙا داستان ڇڏي آيا آهن، جيڪي ماڻهن کان سالن تائين نه وسرندا.
سماجي ترقيءَ ۾ غيرسرڪاري ترقياتي شعبو مڊل ڪلاس جي ڪردار ادا ڪرڻ جو هڪ ٻيو اهم موقعو ثابت ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ ان شعبي (يعني اين جي اوز) جي ڄمار اڃا هڪ ڏيڍ ڏهاڪي جيتري مس آهي ۽ اهو شعبو اڃا پنهنجي اوسر جي مرحلن ۾ آهي. هينئر تائين سنڌ ۾ معياري پروفيشنل بنيادن تي ڪم ڪندڙ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ آرگنائيزيشن مس نظر اچي ٿي، باقي فردن جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ تنظيمون آهن، جن مان ڪن ته ڪرپشن ۽ نااهليءَ ۾ سرڪاري شعبي سان وڃي ڪلهو ملايو آهي. سنڌي مڊل ڪلاس لاءِ سنڌ جي سماجي ترقي خاص طور تي انساني وسيلن جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هي شعبو نهايت ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ وڏو نالو رکندڙ ڪجهه همراهن هن شعبي اندر ڪرپشن، پنهنجا نوازڻ، ميرٽ جي لتاڙ ڪرڻ ۽ عام ماڻهن جي خدمت ۽ ترقيءَ لاءِ مليل وسيلن جو غلط استعمال ڪرڻ جي شاندار شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سڄي راند ۾ اسلام آباد ۾ ويٺل انهن ادارن جا اهم عملدار به برابر جا شريڪ آهن ۽ اهڙي طرح هيٺين وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ سڄڻن ڪجهه عرصي اندر وچولي ۽ مٿئين طبقي جيترا ذاتي وسيلا گڏ ڪري نمايان ترقي ماڻي آهي ۽ سنڌ ۾ غربت جي خاتمي ۽ ماڻهن جي حقن جي جدوجهد جا چيمپيئن پڻ بڻجي چڪا آهن، پر بدقسمتيءَ سان انهن ادارن جون اندروني حقيقتون شرمناڪ آهن. ان جو مقصد اهو به ناهي ته سؤ سيڪڙو اين جي اوز ۽ انهن جا اڳواڻ اهڙو ڪردار رکن ٿا. ڪي اميد جا ڪرڻا پڻ نظر اچن ٿا. مجموعي طور اين جي اوز وٽ سنڌي مڊل ڪلاس جي قيادت پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو ميدان موجود آهي، پر ان لاءِ جنهن سطح جي مضبوط ادارن ۽ باصلاحيت ماڻهن جي گهرج آهي، ان کي پيدا ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. ڪنهن به شعبي جي اوسر وارن مرحلن جيان اين جي اوز به تمام گهڻين اوڻاين ۽ ڪمزورين جو شڪار آهن ۽ مٿن ٺيڪ ٺاڪ جائز تنقيد به ٿيندي رهي آهي، پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ان شعبي وسيلي سنڌ جي سماجي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، جنهن لاءِ اڃا هن شعبي ۾ پروفيشنلزم جي وڌيڪ ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ جتي ڊونرز جون آفيسون آهن، تن ۾ فيصلا ڪندڙن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي نظر اچي ٿو، جنهن ڪري هن شعبي جي وسيلن جو وڏو حصو پڻ پنجاب ۽ سرحد ۾ وڃي رهيو آهي. جيڪو ٿورو گهڻو پئسو سنڌ ۾ پهچي رهيو آهي ان کي وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتي نموني سان ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ وڌيڪ ايماندار ڪئاليفائيڊ ۽ ٽرينڊ هيومن رسورسز جي ضرورت آهي. حڪومتي ادارن جي ڪرپشن ۽ عام ماڻهوءَ تائين پهچ نه هجڻ ڪري سماجي ترقيءَ ۾ هڪ وڏو خال موجود آهي، جنهن کي ڀرڻ سان عام ماڻهن جي آزارن ۾ جوڳي گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. گذريل ٽن چئن سالن کان سنڌي مڊل ڪلاس هن شعبي ۾ ڪافي جڳهه ٺاهي آهي ۽ هڪ طرف ٻهراڙين ۾ ٿوريون گهڻيون سهولتون پهچايون آهن ته ٻئي طرف سنڌ جي سماجي ۽ معاشي محروميءَ کي سنڌ کان ٻاهر ويٺل ادارن تائين پهچايو آهي. في الحال پروفيشنلزم نه هجڻ ڪري ئي اڃا تائين سنڌ جون اڪثر اين جي اوز فردن جي قبضي ۾ آهن. جيڪڏهن سنڌي مڊل ڪلاس هن شعبي کي سياڻپ ۽ ذميواريءَ سان استعمال ڪيو ته سنڌ جي ترقيءَ لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.
سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر لاءِ ٽيون اهم مرڪز هڪ مضبوط ۽ متحرڪ سنڌي سول سوسائٽي بڻجي سگهي ٿو. خاصيتي اعتبار کان ڏسجي ته اين جي اوز به سول سوسائٽي جو هڪ حصو آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته اين جي اوز ۾ ويٺل ڪيترن ئي ماڻهن کي اها غلط فهمي آهي ته سول سوسائٽي اين جي اوز نيٽ ورڪ کي چيو ويندو آهي. هي وسيع اصطلاح متحرڪ مڊل ڪلاس جي هر شعبي کي پاڻ ۾ سمائي ٿو، جنهن ۾ اين جي اوز، تعليمي ماهر، وڪيل، استاد، صحافي، شاعر، اديب، ڊاڪٽر، انجنيئر، فنڪار، ثقافتي تنظيمون، پورهيت تنطيمون، شهري ۽ ڳوٺاڻيون تنظيمون وغيره سڀ شامل آهن. سنڌ ۾ جيئن ته مڊل ڪلاس اهم شعبن ۾ قيادت وارو ڪردار ادا نه ڪيو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي سول سوسائٽي به مجموعي طور منتشر، غير متحرڪ ۽ ڪمزور رهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي مختلف ڪنڊن پاسن ۾ ان جون سرگرميون ادبي ميڙاڪن، بدامني خلاف روڊن تي ڌرڻن، پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاج، ذاتي ناانصافين خلاف بک هڙتالن جي شڪل ۾ نظر اچن ٿيون، پر اها ڪنهن اهڙي متحرڪ فورم جي شڪل اختيار نه ڪري سگهي آهي، جيڪا سنڌ جي گڏيل مفادن واري معاملي تي ڪو سرگرم يا فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪري سگهي. پاڻي واري مسئلي تي جدوجهد کي هڪ پاسي رکي سنڌ جي ٻين زندگي ۽ موت جي مسئلن تي سنڌي سول سوسائٽي ڪو مضبوط ڪردار ادا نه ڪيو آهي. مثال طور: سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ، ماحولياتي تباهه ڪاري يا سنڌ ۾ تباهه حال انفراسٽرڪچر ۽ عوام دشمن قانونن جهڙن مسئلن تي ڪا عوامي هلچل نظر نٿي اچي ۽ نه ئي گهڻن ماڻهن کي انهن مسئلن بابت ڪا گهري ڄاڻ حاصل آهي، ڇو ته انهن مسئلن تي نه ڪا سنجيده ريسرچ ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن فورم اهڙن مسئلن بابت عوام کي ڄاڻ رسائي انهن جي ڪا تربيت ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سڀ کان اهم ڪردار سنڌ جي يونيورسٽين کي ادا ڪرڻو هيو، جيڪي سول سوسائٽي جو مستقل جنم گهر هونديون آهن، بدقسمتيءَ سان سنڌ جا اعليٰ ادارا نااهل گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري بڻيل رهيا آهن ۽ چند نوجوانن کي ڇڏي هر سال هزارن جي تعداد ۾ اهڙا ماڻهو گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن، جن جي مئٽرڪ به مشڪوڪ لڳندي آهي. دنيا ۾ يونيورسٽين جا استاد ڄاڻ، روين ۽ ڪردار جا اتساهه ڏيندڙ مينار هوندا آهن ۽ اسان وٽ استادن جي اڪثريت سالن جا سال رڳو پنهنجي سبجيڪٽ جا نوٽس تبديل ڪرڻ جي زحمت به نه ڪندي آهي. ڪرپشن، ڪم چوري، سهل پسندي، غيرصحتمند سياست ۽ علم دشمنيءَ واري ان ماحول ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا باضمير ماڻهو عزت بچائي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. ان صورتحال ۾ يونيورسٽيون سنڌ جي سول سوسائٽيءَ لاءِ ڪي باڪردار ۽ برجستا ماڻهو پيدا ڪرڻ بجاءِ بيروزگارن ۽ اڌ پڙهيل گريجوئيٽس جي لشڪر کي هر سال نيڪال ڪن ٿيون، جيڪي سماج تي چٽي بڻجي جيئن ٿا. علمي ۽ اخلاقي تربيت توڙي ڄاڻ کان وانجها اهڙا هزارين نوجوان اڳتي هلي ڪرپشن، سفارش ۽ نااهلي وسيلي سنڌ جي ترقيءَ جو جنازو ڪڍن ٿا ۽ مجموعي طور سنڌي سوسائٽي لاءِ بدناموسيءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو مڊل ڪلاس جا سول سوسائٽيءَ وارا فورم سماج جي ترقيءَ بجاءِ گروهي مفادن جي جنگ جا ميدان بڻيل آهن. مثال طور استاد تنظيمون سدائين الائونسز ۽ پروموشنز لاءِ بائيڪاٽ ۽ مظاهرا ڪنديون آهن. ڪڏهن ايئن نه ٿيو هوندو ته هنن ان ڳالهه لاءِ مظاهرو ڪيو هجي ته ٻارن جا ڪتاب ۽ اسڪالر شپ وقت تي فراهم ڪيون وڃن. جيڪڏهن ڪو ايماندار آفيسر ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر يا پيرا ميڊيڪل عملي تي قدم کڻندو ته سڄي سنڌ جي اسپتالن جي تالابندي ٿي ويندي، پر مريضن جي کاڌي ۽ دوائن جا پئسا هڙپ ٿيڻ خلاف کين ڪڏهن به مظاهرو ڪندي نه ڏٺو ويو آهي. سول سوسائٽيءَ جا اهي مهندار شعبا، سنڌي مڊل ڪلاس جي اهڙن ليڊرن جي حوالي آهن، جن جو مقصد عوام لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ يا عوامي خدمتن وارن ادارن کي سڌارڻ نه پر صرف پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ آهي. اهڙي طرح پنهنجي حقن جي فل ٽائيم ويڙهاند ۾ مصروف اهي تنظيمون ڪڏهن به پنهنجي پروفيشنل فرضن ۽ ذميوارين جو سوچڻ لاءِ تيار ناهن. سول سوسائٽي جي انهن سمورن ڪردارن جي تربيت انهن يونيورسٽين ۾ ٿي رهي آهي، جتي ”علم، اُجالا“ بجاءِ ”بي علم، انڌيري“ جو راڄ آهي.
ظاهر آهي ته جڏهن سول سوسائٽي جو جنم گهر قابليت ۽ ڪردار جو قبرستان بڻيل هجي ته ڪهڙي ذهني روش رکندڙ مڊل ڪلاس انهن مان جنم وٺندو ۽ اهو سنڌ کي ڪهڙي قيادت فراهم ڪندو. اهڙا سڀ ماڻهو (جيڪي چٽي اڪثريت ۾ هوندا آهن) سي پروفيشنل زندگيءَ ۾ رڳو شارٽ ڪٽ ڳولهڻ، حرام جي ڪمائي جا رستا ٺاهڻ، پنهنجن مائٽن ۽ دوستن کي نوازڻ ۽ صاحبن جون چاپلوسيون ڪرڻ ۾ مشغول رهندا آهن. وٽن ايتري فرصت يا ڄاڻ ئي نه هوندي ته قابليت ۽ صلاحيت وڌائي چٽاڀيٽيءَ ۾ اڳتي نڪرڻ لاءِ ڪجهه هٿ پير هڻن يا بيمار سماج جي شفا لاءِ ڪي وکر ونڊين. اهوئي سبب آهي جو سياست ۽ سماجي ترقيءَ جي شعبن جيان سنڌ جي سول سوسائٽي به روشن خيال، ايماندار، اصول پسند ۽ اهل مڊل ڪلاس جي قيادت کان گهڻي ڀاڱي محروم آهي. چٽاڀيٽي ۽ اهليت جي ڊوڙ واري هن دور ۾ جيستائين سنڌي مڊل ڪلاس پنهنجو ڪردار نه سڌاريندو، تيستائين سنڌ جا سور گهٽ نه ٿي سگهندا. سنڌ جي مڊل ڪلاس تي ان سڄي تنقيد کي هڪ طرف رکندي مان انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اهل، ايماندار ۽ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ پرخلوص جاکوڙ ڪندڙ سنڌ دوستن جي ڪردار کي ايندڙ نسلن لاءِ اتساهه جو ذريعو سمجهان ٿو، پر بدقسمتيءَ سان اهڙا ڪردار بنهه گهٽ آهن. ٿورن لفظن ۾ جيستائين سنڌ جو مڊل ڪلاس اهليت، ايمانداري، اصول پسندي، ميرٽ ۽ محنت کي بنياد نه بڻائيندو اهو سنڌ کي ڪا به لائق قيادت فراهم نه ڪري سگهندو ۽ سنڌ بحرانن جي هن ڌٻڻ مان ٻاهر نڪري نه سگهندي.
(روزانه ڪاوش، 10 جون 2006ع)

سنڌي مڊل ڪلاس جي رستا روڪ ڪيئن ڪئي وئي؟

سنڌي مڊل ڪلاس جي رستا روڪ ڪيئن ڪئي وئي؟


ننڍي کنڊ جي جاگرافيائي ورهاڱي جو سنڌ کي جيڪو سڀ کان وڏو نقصان پهتو، اهو سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏي وڃڻ هيو، جنهن سان سنڌي سماج يڪدم وچولي طبقي جي خال جو شڪار ٿي ويو. ڏسندي ئي ڏسندي ڪجهه سالن اندر سنڌ جي مکيه شهري ۽ اسرندڙ شهري مرڪزن تي ٻاهران ايندڙن جو قبضو ٿي ويو ۽ سنڌي سماج هڪ اهڙي اٿل پٿل جو شڪار ٿي ويو، جنهن کي سنڀالڻ ۾ ڏهاڪا لڳي ويا. ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ مارڪيٽ وچولي طبقي جي هندوءَ جي هٿ ۾ هئي ۽ سنڌي هندو سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ وانگر بيٺل هيو. انهن جي لڏپلاڻ کان پوءِ سنڌ جي سماجي بيهڪ عجيب نوعيت جي ٿي وئي، جنهن ۾ يا ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترو مٿيون وڏيرڪو طبقو موجود هيو يا ويلي لاءِ پريشان هيٺيون طبقو هيو. نتيجي ۾ سنڌ اندر سياسي ۽ اقتصادي ڪاروهنوار ۾ سنڌ جي مفادن جو بچاءُ يا نمائندگي جو هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. سرحد پار کان ايندڙن ان خال جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ نوڪرشاهي توڙي مارڪيٽ ۾ ڪجهه عرصي اندر ايترا پير مضبوط ڪري ورتا، جو عملي طور سنڌ جي واڳ سندن حوالي ٿي وئي. ان ڪارروائيءَ جا تفصيل هن مضمون ۾ ڏئي نٿا سگهجن. ورهاڱي کان اڳ سنڌي مسلمان تعليمي توڙي ڪاروباري لحاظ کان تمام پٺتي پيل هئا. انگن اکرن موجب 1937ع ۾ سنڌ اندر صرف هڪ مسلمان ايم اي ڪئي. 1938ع ۾ 120 شاگردن بي- اي جو امتحان ڏنو، جنهن مان صرف 15 مسلمان ڪامياب ٿيا. ان حالت ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي هندن جي وڃڻ سبب سنڌي مڊل ڪلاس نه هجڻ جي برابر باقي بچيو. مختصر لفظن ۾ ته سنڌي عملي طور سنڌ ۾ ڪمزور ۽ بي اثر اقليت ۾ تبديل ٿي ويا.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مٿان ٿيل ثقافتي يلغار جو هڪ وڏو ڪارڻ به ان مڊل ڪلاس جي غير موجودگي هئي، نتيجي ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم سميت سنڌ جي مجموعي سڃاڻپ سڀ ڪجهه داءُ تي لڳي چڪا هئا. ان دور ۾ سنڌي اديب، شاگرد ۽ سياسي ڪارڪن هئا، جن انتهائي محدود انگ ۾ هجڻ جي باوجود هڪ شاندار جدوجهد وسيلي سنڌ جي سڃاڻپ کي مڪمل طور ختم ٿيڻ کان بچايو. اها الڳ ڳالهه آهي ته بدقسمتيءَ سان انهن مان ڪجهه همراهن اڳتي هلي سنڌ کان ان جو حساب وياج سميت وصول ڪيو، پر ان دور ۾ سندن جدوجهد جو اعتراف نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي. جيتوڻيڪ ثقافتي ۽ تعليمي محاذ تي سنڌ جي بقاءَ لاءِ اها ويڙهه نهايت اهم هئي، پر اڃا به سنڌ جي ڪاروهنوار ۾ سنڌين جي نمائندگي بنهه نه هئڻ جيتري هئي. ان جو ڪارڻ نوڪرشاهي ۽ مارڪيٽ ۾ سنڌي مڊل ڪلاس جي اڻ هوند هئي. درحقيقت جيڪڏهن انهن ٻن اهم محاذن تي قوم جي نمائندگي ڪندڙ مڊل ڪلاس موجود نه هجي ته عملي طور اها قوم يا گروهه هڪ بي اثر ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ورهاڱي کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين جي ملڪي تاريخ تي تحقيق ڪبي ته معلوم ٿيندو ته هر دور ۾ حڪمرانن جي اهائي ڪوشش رهي آهي ته ڪهڙي طرح سنڌي قوم کي هڪ اثرائتي مڊل ڪلاس جي سرواڻيءَ کان محروم رکجي. ان لاءِ مختلف دورن ۾ مختلف فارمولا استعمال ڪيا ويا. مثال طور ورهاڱي کان پوءِ لڏي ويل اٽڪل 11 لک هندن جي ڇڏيل ملڪيتن کي هندستان مان لڏي آيلن جي حوالي ڪيو ويو ۽ مقامي آبادي لاءِ اهي ملڪيتون خريد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.1948ع کان سنڌ سرڪار هندن جون خالي ڪيل زمينون هندستان مان سنڌ آيل لکين ماڻهن کي مال غنيمت طور ڏيندي رهي ۽ 1958ع ۾ مارشل لا حڪومت ان ڏس ۾ باقاعدي فرمان جاري ڪري مقامي آبادي لاءِ اهي زمينون وٺي سگهڻ جا سمورا قانوني رستا به بند ڪري ڇڏيا. ان وقت اٽڪل 20 لک ايڪڙ زرعي زمين سنڌي مسلمانن جي هئي، جيڪا هندن کي وڪرو ڪيل يا گروي رکيل هئي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙو بل پيش ڪيو ويو هيو ته مسلمانن جون گروي ٿيل زمينون اصل مالڪن کي واپس ٿيڻ گهرجن، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهي زمينون خالي ڪيل ملڪيت قرار ڏئي هندستان مان آيل مسلمانن جي حوالي ڪيون ويون. ان بل تي گورنر جون صحيحون رهيل هيون ته ورهاڱو ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته گورنر اها صحيح قائداعظم جي چوڻ تي نه ڪئي هئي.
ساڳئي طرح هندستان مان آيلن جي اڪثريت جيئن ته وڌيڪ پڙهيل لکيل هئي ۽ سنڌ جو پڙهيل لکيل وچولو طبقو سنڌ مان وڃي چڪو هيو، تنهن ڪري نئين ٺهيل ملڪ کي هلائڻ واري ڪاموراشاهي تي پڻ سندن قبضو ٿي ويو. فيبروري 1951ع ۾ ڊان اخبار هڪ ايڊيٽوريل ۾ اهو اعتراف ڪيو هيو ته مرڪزي نوڪرين ۾ ڪو هڪ به سنڌي موجود ناهي. ايئن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ واري ڏينهن کان وٺي سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر کي چيڀاٽيو ويو. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ ته ماڳهين سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سلامتي اڳيان سواليه نشان اچي ويو، 70ع واري ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو ذوالفقار علي ڀٽي سنڌي مڊل ڪلاس جا بنياد وجهڻ لاءِ سنڌين کي ملڪي مکيه ڌارا ۾ آندو. پهريون ڀيرو ڪراچيءَ کان ٻاهر سنڌ جي ٻين علائقن ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ ڪاليجز قائم ٿيا. پهريون ڀيرو سنڌين لاءِ دروازا بند رکندڙ وفاقي سرڪار جي ادارن ۽ صوبائي ادارن ۾ سنڌين کي داخل ٿيڻ جو موقعو مليو. ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ دور جهالت واري زندگيءَ ۾ ڦٽو ڪيل ٻهراڙين جي سنڌين کي ڪوٽا سسٽم وسيلي اڳتي نڪرڻ جو موقعو مليو. سنڌي سماج ۾ ڏهاڪن کان ڌپ ڪري ويل وڏيرڪي سينور ۾ پهريان پٿر ان دور ۾ اڇليا ويا، جڏهن سنڌين کي وڏيرڪي نظام جي زنجير مان ساهه کڻڻ جيتري وٿي ڏني وئي. ذوالفقار علي ڀٽي سان ٻيا ڪيترا به اختلاف رکجن، پر ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سنڌ جي هاڻوڪي مڊل ڪلاس کي پير کوڙڻ جو موقعو ڏئي ڏهاڪن کان خال ۽ جمود جو شڪار ٿيل سماج کي هڪ رخ ڏيڻ جو ڪريڊٽ ڀٽي صاحب ڏانهن ئي وڃي ٿو. شايد ڪيترين ڳالهين مان اها به هڪ ڳالهه هئي، جيڪا هن ملڪ جي اصل اقتدار ڌڻين کي پسند نه آئي، جنهن جي قيمت ۾ کيس سر سهائڻو پيو.
70ع واري ڏاهاڪي کان اڳ سنڌين جي حالت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾ اعليٰ ترين فوجي آفيسرن (48 جنرلن) ۾ هڪ به سنڌي نه هو. جڏهن ته 1973ع جي انگن اکرن موجب اعليٰ بيورو ڪريسي جي 2532 ماڻهن مان سنڌ رڳو 90 (2.5 سيڪڙو) هئا. صرف اڌ ڏهاڪي اندر سنڌي سماج اوسر جون جيتريون وکون کنيون، اهي ان کان اڳ واري سڄي ملڪي تاريخ ۾ نه کڄي سگهيون هيون. ڀٽي صاحب جي شهادت ۽ ان کان پوءِ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌي مڊل ڪلاس جهڙي طرح فوجي راڄ جي مزاحمت ڪئي، ان ملڪ جي واڳ ڌڻين جون اکيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ پهريون ڀيرو کين محسوس ٿيو ته هڪ صديءَ تائين انگريزن ۽ پوءِ سندن غلامن جي غلامي ۾ رهڻ جي باوجود هن قوم ۾ پنهنجي حقن ۽ سڃاڻپ لاءِ ويڙهاند جو جذبو گهٽ نه ٿيو آهي. 70ع جي ڏهاڪي ۾ بنگلاديش واري سانحي کان پوءِ طاقت- ڌڻين لاءِ سنڌين جي ٻڌي ۽ طاقت جو اهو مظاهرو ڇرڪائيندڙ هيو ان جي ردعمل ۾ انهن شاطر دماغن هڪ گهڻ رخي رٿابندي ڪئي. ان جو اڪيلو مقصد سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر کي روڪي سنڌي سماج کي هڪ اهڙي گهڻ رخي بحران ۾ ڌڪڻ هيو، جنهن سان سنڌي سماج داخلي ناسورن جو شڪار ٿي پنهنجي سموري مزاحمتي سگهه وڃائي ويهي. هونئن ته اُن پلاننگ جا ڪيترائي رخ بحث هيٺ آڻي سگهجن ٿا، پر انهن مان ڪجهه مکيه رخ هت بحث هيٺ آڻجن ٿا. هي اهي رخ آهن، جن جو سڌو سنئون نشانو سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر کي روڪي، سنڌي سماج کي مفلوج ڪرڻ هيو.
(1) سنڌ جي تعليمي ادارن جي تباهي:
تعليمي ادارا ڪنهن به قوم جي مستقبل لاءِ نرسريءَ جي حيثيت رکن ٿا. سڄاڻ متحرڪ ۽ اهل مڊل ڪلاس جي اوسر جو بنيادي وسيلو تعليمي ادارا ئي هوندا آهن. اهوئي سبب آهي جو طاقت ڌڻين سنڌ جي تعليمي ادارن کي سندن ڪارروائي جو اهم مرڪز بنايو. ان لاءِ تعليمي ادارن ۾ هيٺيون خرابيون پيدا ڪيون ويون.
* تعليمي ادارن ۾ هٿيارن جي عام نمائش ۽ استعمال.
* سياسي تنظيمن جي اندر ڪرمنلز جي ڀرتي ڪري صحتمند سياست کي تباهه ڪرڻ.
* ڪلاسن جي بائيڪاٽ ۽ استادن توڙي عملي تي داٻي جو ڪلچر.
* شاگرد تنظيمن ۾ ايجنٽن وسيلي جهيڙا ڪرائي تعليمي ادارا مهينن جا مهينا بند رکڻ.
* استادن جي ناڪاري سياست جو بنياد وجهڻ لاءِ استاد تنظيمن اندر ڪارندا پيدا ڪري کين پڙهائي بجاءِ غير تدريسي اوليتن ۾ الجهائڻ.
* يونيورسٽي ۽ ڪاليج انتظاميائن ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي داخل ڪري کين کلي چوٽ ڏيڻ ته ڀلي وتن تعليمي ادارن جي وسيلن جي ڀينگ ڪندا.
* تعليم کاتي اندر غير ميرٽ يافته، نااهل ۽ راشي عملدارن جو راڄ قائم ڪرڻ.
* نااهل، ڪم چور ۽ سفارشي استادن کي وڏي انگ ۾ ڀرتي ڪرائي ميرٽ ۽ تعليمي معيار جو جنازو ڪڍڻ.
* ڪاپي ۽ سفارش تي مارڪون ۽ ڊگريون ڏياري اهليت جو جنازو ڪڍڻ.
* اهل ۽ علم دوست استادن ۽ شاگردن کي هيسائي، سندن بي عزتيون ڪرائي کين بهتري وارين ڪوششن کان روڪڻ.
اهي ۽ ان جهڙا ٻيا انيڪ خير جا ڪم ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن جو اهو حال ڪيو ويو، جو هي ادارا علم، ترقي ۽ مثبت پسنديءَ جا جوهر پيدا ڪرڻ بجاءِ جاهل، ڪم چور، سفارشي ۽ نااهل گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري بڻجي ويا. اڄ سنڌ جي تعليمي ادارن جون ڊگريون رکندڙن کي ڏهن مان هڪ درخواست تي انٽرويو ڪال مس نصيب ٿئي ٿي ۽ معيار جو اهو حال آهي، جو سنڌ جي يونيورسٽين جون ڊگريون اميدوارن لاءِ هڪ مهڻو بڻجي پيون آهن. ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ سنڌ جي ڪنهن يونيورسٽي مان ڊگري يافته هجڻ جو حوالو ڏيو ته ڄڻ اشتهاري ملازم بڻجي ٿو پئجي. ٿورو گهڻو ڀرم ايستائين بچيل هيو، جيستائين سرڪاري شعبي ۾ نوڪريون هيون ۽ ڀوتارن جي اوطاقن تان ڪا نه ڪا نوڪري ملي پوندي هئي. پر هاڻي جيئن جيئن خانگي شعبي پر پکيڙيا آهن، چٽا ڀيٽيءَ جي ان ميدان ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جا گريجوئيٽس باقي قومن کان گهڻو پٺتي رهجي ويا آهن. ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي ڪنهن به خانگي شعبي جي ادارن ۾ وڃو ته پنج سيڪڙو به سنڌي نظر نٿا اچن. ان صورتحال تي رڳو سنڌين سان تعصب هجڻ وارو جملو چئي جان آجي نٿي ڪري سگهجي. سالن جا سال هڪ منظم طريقي سان سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪري سنڌي قوم جي هڪ سڄي نسل کي اهليت کان وانجهيو ڪري ايترو ته مفلوج بڻايو ويو آهي، جو اهو سنڌ جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ کان لاچار آهي. نتيجي ۾ هر اهو فورم جتي اسان جي حقن ۽ مفادن جا فيصلا ٿين ٿا، اتي واڳون ڪن ٻين جي هٿن ۾ آهن ۽ ڪيترن مامرن ۾ ٿيل انياءَ جو ته اسان کي پتو به نه ٿو لڳي. مثال طور پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ اندر ڪٿي ڪهڙي ۽ ڪيتري سيڙپڪاري ڪندا، تيل ۽ گئس جي کوٽائي جا لائسنس ڪنهن کي ملندا، پرڏيهه ۾ روزگار جي موقعن لاءِ ملڪ مان ڪهڙا ماڻهو ويندا، پرڏيهه ۾ ڪهڙي اسڪالر شپ ڪهڙي صوبي جي شاگردن کي ملندي وغيره وغيره. انهن سڀني فيصلن ۾ سنڌ جي نمائندگي شايد ئي ڪير ڪندو هجي. ايندڙ سالن ۾ ملڪ اندر انهن ادارن تي ڪير قابض هوندو، ان جو اندازو رڳو ان ڳالهه مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت سنڌ ۾ خانگي شعبي اندر 25 ڊگريون ڏيندڙ ادارا ۽ يونيورسٽيون سرگرم آهن، جن مان 23 ڪراچيءَ ۾ ۽ 2 حيدرآباد ۾ آهن. باقي سڄي سنڌ لاءِ هڪ اڌ ادارو سکر يا لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي. هي اهي ادارا آهن، جن جي گريجوئيٽس سامهون چٽاڀيٽيءَ ۾ سرڪاري شعبي جي يونيورسٽي جا گريجوئيٽس شايد ئي جٽاءُ ڪري سگهن.
فيصلا سازي ۾ اسان جي اهل نمائندگي نه هجڻ جو ئي نتيجو آهي، جو سال 07-2006ع واري وفاقي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ صوبي کي مليل سڀني رٿائن مان اڪثر ڪراچي شهر لاءِ رکيون ويون آهن، جن تي ڪل رٿائن جي رقم جو 63 سيڪڙو خرچ ڪيو ويندو. جتي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سٺي معيار وارن ادارن ۽ انهن جي بجيٽن جو تناسب اهڙو هجي، اتي سنڌي مڊل ڪلاس جي ڪيتري ۽ ڪهڙي اوسر ٿي سگهندي.
(2) ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن ۽ شهرن ۾ دهشتگردن جو راڄ:
سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر اڳيان بند ٻڌڻ ۽ ان جي مزاحمتي سگهه کي چٿڻ جو ٻيو فارمولو اهو استعمال ڪيو ويو. ايم آر ڊي واري تحريڪ کان ڏهاڪو کن سال اڳي کان سنڌ جي نيم شهري علائقن ۾ سنڌي مڊل ڪلاس هڪ طرف مقامي مارڪيٽ ۾ ڪجهه پير سنڀالڻ شروع ڪيا هئا ته ٻئي طرف سرڪاري ملازمتن ۽ يونيورسٽين جي ڊگرين جي نتيجي ۾ هڪ نسل آهستي آهستي سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پير پائڻ شروع ڪيا هئا. هي اهو مڊل ڪلاس هيو، جيڪو هڪ ٻن ڏهاڪن اندر سنڌي سوسائٽي کي گهڻو اڳتي آڻي ٿي سگهيو. طاقت- ڌڻين ان مڊل ڪلاس کي ڪر کڻڻ کان اڳ چٿڻ لاءِ مارشلائي راڄ هيٺ سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ڪرائي ڇڏيو. 80ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڌاڙيلن جي ڪل ڪاررواين تي گهري ريسرچ ڪجي ته به ڳالهيون چٽيون ٿي اڳيان اينديون. هڪ ته انهن جو ڪاررواين جي گهڻو تڻو مرڪز اهي علائقا رهيا، جتي سنڌي وچولي ۽ هيٺين طبقي ايم آر ڊي تحريڪ دوران سڀ کان سرگرم مزاحمت ڪئي هئي. ٻيو ته انهن ڌاڙيلن جي ڪاررواين جو نشانو گهڻو ڀاڱي سنڌي وچولو طبقو رهيو. ان دور ۾ سنڌ اندر اٽڪل 20 هزار ڌاڙيل سرعام وارداتون ڪرڻ ۾ مشغول رهيا. اغوا ٿيلن جي انگن اکرن موجب 147 هندو، 79 شيخ، 69 سومرا ۽ 50 ميمڻ شامل هئا. جيتوڻيڪ عام تاثر اهو ڏنو ويندو آهي ته ڌاڙيل وڏيرن ۽ پوليس جي ظلم جي نتيجي ۾ پيدا ٿيا، پر سندن ڪاررواين جو گهڻو تڻو نشانو سنڌي مڊل ڪلاس ئي بڻيو. حيرت جي ڳالهه آهي ته ڇتي مارشل لا جي دور ۾ جڏهن ڪو سياسي ڪارڪن گهر ۾ لڪڻ به رکي نه سگهندو هو. اتي اهي ڌاڙيلن جا ٽولا جديد هٿيارن سان هٿياربند هوندا هئا، سرعام وارداتون ڪندا هئا، هوٽلن تي مانيون کائيندا هئا ۽ ٻيلن ۾ ناچ ۽ راڳ جون محفلون به مچائيندا هئا. اهو سڀ ڪجهه ڪنهن سپر سرڪار جي مهربانين کان سواءِ ڪيئن ممڪن هيو؟ اهي گهاٽا دريائي ٻيلا، جتي سج جو ڪرڻو نه پهچندو هئو، اتي جديد هٿيارن جا اهي انبار ڪٿان پهچندا هئا؟
نتيجو اهو نڪتو جو اڇو ڪپڙو پائيندڙ سنڌي مڊل ڪلاس ڀنگ ۽ چٽين تي چٽيون ڀري نستو ٿي ويو. مٿان وري اغوا ٿيلن کي ڇڏائڻ جي ڪاروهنوار جي قيادت ڪندڙ وڏيرڪو طبقو ان مڊل ڪلاس تي نفسياتي طور ايترو حاوي ٿي ويو جو چڱا ڀلا پڙهيا لکيا سيبتا ماڻهو وڏيرن جي اوطاقتن جون حاضريون ڀرڻ ۾ پورا هوندا هئا. مون پنهنجي اکين سان نهايت ئي سلجهيل ۽ پاڻ ڀري وچولي طبقي جي ماڻهن کي وڏيرن کي پيرين پئي ملندي ڏٺو، ڇو ته رياست طاقت جو سرچشمو کين بڻائي ڇڏيو هيو. ٻئي طرف شهرن ۾ آباد ٿيندڙ سنڌي وچولي طبقي کي شهري دهشتگردن جو ڀوت بڇيو ويو. 80ع واري ڏهاڪي جي وچ کان 90ع واري ڏهاڪي جي وچ دوران شهرن ۾ سنڌي مڊل ڪلاس کي دهشتگردن هٿان جهڙي طرح چونڊي چونڊي مارايو ويو، سندن ملڪيتون ڦريون ويون ۽ بي گهر ڪيو ويو، ان سنڌي مڊل ڪلاس کي شهر ڇڏي ٻيهر ٻهراڙين ڏانهن ڊوڙڻ تي مجبور ڪيو، جتي ساڳين طاقتن جا پاليل ڌاڙيل واڳونءَ وانگر وات پٽي ويٺا هئا.
اسرندڙ سنڌي مڊل ڪلاس هڪ اهڙي بدحواسي، لاچاري ۽ ذهني عذاب جو شڪار ٿي ويو، جتي هن لاءِ قوم کي قيادت فراهم ڪرڻ ته پري، عزت ۽ سر بچائڻ ڏکيو ٿي پيو. ان حربي وسيلي سنڌ جي اسرندڙ مڊل ڪلاس کي هيٺين طريقن سان چيڀاٽيو ويو.
* وچولي طبقي جي سڄي ڄمار جي جمع پونجي ڀنگ ۽ ڀتن جي حوالي ٿي وئي ۽ اهو وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي لائق نه رهيو.
* بدامنيءَ جي باهه سبب رستن تي سفر غير محفوظ بڻجي ويو. ڪاروباري ڏيتي ليتي ۽ ڪاروهنوار جان جوکي جو ڪم بڻجي پيو، جنهن ڪري وچولو طبقو ڪاروباري سيڙپڪاريءَ کان لنوائڻ لڳو.
* اغوا کان پوءِ ڀنگ عيوض آجپي جا سمورا اختيار وڏيرڪي طبقي جي اوطاق تائين محدود ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ مڊل ڪلاس سماجي طور وڏيري جو ماتحت ۽ محتاج بڻجي ويو.
* اغوا جي وارداتن کان پوءِ پوليس سون جي تعداد ۾ ڳوٺاڻن کي ٿاڻن تي واڙي، سندن ڍور ڍڳا ڪاهي ويندي هئي. انهن ڏهن سالن ۾ رڳو پوليس جي ڀريل چٽين جا انگ ملن ته اها رقم ڪروڙن کان ٽپي ويندي. اهڙيءَ طرح ٻهراڙين جو هيٺيون وچولو معاشي طور مفلوج ٿي، ٿاڻن ۽ ڪورٽن جي پٺيان جمع پونجي لٽائي ويٺو. محترم امداد حسين سهتي جي تحقيق موجب ڌاڙيلن کي اغوا جي معاوضي ۾ مجموعي طور اٽڪل پوڻا 3 ارب رپيا ڀنگ طور مليا.
* شهرن ۾ سنڌين جي پهتل پهرين نسل سان اها ويڌن ڏسي، ٻهراڙين مان نڪري شهرن ڏانهن ايندڙن پٺيان پير ڪيا ۽ اهڙي طرح شهرن جي معيشت مان سنڌي وچولو طبقو آئوٽ ٿي ويو.
* ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ سنڌين کي ڌاڙيل، ڊاڪو ۽ عورتن کي قتل ڪندڙ وحشي قوم طور متعارف ڪرائي، سنڌي ڪلچر کي بدنام ڪيو ويو. سنڌي وچولو طبقو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ طعنن ۽ الزامن کي منهن ڏيندو رهيو ۽ هڪ مستقل احساس جرم ۽ شرمندگيءَ جو شڪار بڻيو.
* سنڌ جا قيمتي مالي وسيلا امن امان جي نالي تي خرچ ڪيا ويا. سنڌ سرڪار هر سال فورسز کي 20 ڪروڙ رپيا ادا ڪندي رهي ۽ 1994ع تائين مختلف آپريشنز مٿان 45.75 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا. (امداد حسين سهتي جي ريسرچ)
* بين الاقوامي امدادي ادارن ۽ اين جي اوز توڙي سيڙپڪارن سنڌ کي غيرمحفوظ علائقو قرار ڏئي، اتي ڪم ڪرڻ کان نابري واري، جنهن جي نتيجي ۾ مڊل ڪلاس کي اڳتي نڪرڻ جا اثرائتا موقعا به مهيا نه ٿي سگهيا.

(3) سياسي تنظيمن ۾ اندروني ڀڃ ڊاهه ڪرائي وچولي طبقي کي سياست کان بدظن ڪرڻ:
هونئن ته سياسي تنظيمن ۾ اختلاف راءِ جمهوري ڪلچر جو رواجي حصو آهي، پر سنڌ جي سياسي تنظيمن سان ڪيتريون ئي اضافي خاص مهربانيون ڪيون ويون. 80ع ۽ 90ع وارا ڏهاڪا سنڌي مڊل ڪلاس جي سياسي پليٽ فارمن جي اندروني ڀڃ ڊاهه جا بدترين ڏهاڪا هئا. تقريبن هر اها پارٽي يا اتحاد جنهن تان سنڌي مڊل ڪلاس سنڌ جي حقن لاءِ ڪا جدوجهد ڪري سگهيو ٿي تن کي منظم طريقي سان اندروني ڀڃ ڊاهه جو شڪار ڪرائي ايترن گروپن ۾ ورهايو ويو، جو جن ماڻهن نيڪ نيتيءَ سان ڪجهه ڪرڻ به گهريو ٿي، سي به آهستي آهستي پاسيرا ٿي ويا. سياسي پليٽ فارمن کي برباد ڪرڻ لاءِ واڳ ڌڻين هيٺيان طريقا ڪتب آندا.
* سياسي پارٽين اندر اهڙا ماڻهو داخل ڪرايا ويا، جن جو واحد مشن انهن پارٽين کي عوام دوست طاقت ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪڻ هيو. اهڙن ماڻهن اثرائتين سياسي پارٽين اندر نظرياتي ۽ اصولي اختلافن جي نالي تي گروپ بندين کي هٿي ڏياري انهن جي اندروني ڍانچي کي ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو.
* سياسي پارٽين ۾ موجود اهم فردن کان اهڙا ڪم ڪرايا ويا، جن جا فائيل اڳيان رکي کين مستقل طور بليڪ ميل ڪري پنهنجي پسند جا ڪم ڪرايا ويا.
* سياسي تنظيمن ۾ ڪرمنلز، ڀتي خورن ۽ قبضي خورن جي هڪ اهم ٽولي جي سرپرستي ڪئي وئي، جن عام ماڻهن اڳيان انهن تنظيمن جو اميج ايترو ته خراب ڪيو، جو پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس چاهيندي به انهن تنظيمن کان پاسيرو ٿي ويو ۽ عام تاثر اهو پيدا ڪيو ويو ته سياست ڏوهارين ۽ بدمعاشن جو پيشو آهي. ان جي نتيجي ۾ سياسي پارٽيون پڙهيل لکيل سنڌ دوست مڊل ڪلاس جي قيادت کان محروم ٿي، بي راهه رويءَ جو شڪار ٿي ويون.
* سياسي تنظيمن ۾ ڏوهارين کي منظم ڪري، ٿورو گهڻو پڙهيل لکيل ۽ ساڃاهه وند ماڻهن کي ايترو خوار ۽ خراب ڪيو ويو، جو هنن مجبور ٿي انهن تنظيمن کان الڳ ٿي، پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي وڃي سنڀاليا ۽ اهڙي طرح اهي تنظيمون عقل ۽ سمجهه جي ڳالهه ڪندڙ ماڻهن کان گهڻي ڀاڱي وانجهيون ٿي ويون. ايئن سياسي تنظيمن کي روشن خيال مڊل ڪلاس جي قيادت جو هڪ اهم فورم بڻجڻ کان محروم ڪيو ويو.

(4) سنڌي مڊل ڪلاس کي ڪرپشن جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪڻ:
70ع واري ڏهاڪي کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌي مڊل ڪلاس نوڪرين ۾ ڪنهن حد تائين اقتدار جي ايوانن تائين پهچڻ لڳو. ڪوٽا سسٽم جي نتيجي ۾ ٻهراڙين ۽ نيم شهري علائقن جا ماڻهو يونيورسٽين تائين پهچڻ لڳا. اڳتي هلي اهي سرڪاري نوڪرين ۾ به ڪجهه نه ڪجهه حصو حاصل ڪرڻ جهڙا ٿي ويا. انهن جي اڪثريت ٻهراڙين جي انهن علائقن سان تعلق رکندڙ هئي، جتي سماجي ترقي نه هجڻ جي برابر هئي ۽ تعليمي سهولتون نالي ماتر هيون. ظاهر آهي ته انهن جي اهليت شهري علائقن مان ايندڙ وچولي طبقي جي ٽڪر جي نه هئي. پر پوءِ به ڪيترن ئي سنڌي آفيسرن پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن جي آڌار تي پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪئي. بهرحال واڳ ڌڻين ان طبقي کي ڪو معنيٰ خيز سماجي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ طرف اهليتن کي بهتر بڻائڻ جا جوڳا موقعا نه ڏنا ته ٻئي طرف کين رشوت بازاري جي ڊوڙ ۾ کليل ڇڏي ڏنو ته جيئن اهي صلاحيت بجاءِ شارٽ ڪٽ، مال ٺاهڻ ۽ سفارشي ڀرتيون ڪرڻ واري ڌٻڻ ۾ پير وجهي، ڪو لاڀائتو ڪردار ادا نه ڪري سگهن. هونئن ته سرڪاري شعبي ۾ بدعنوانيون، نااهلي ۽ سفارش سڄي ملڪ ۾ عام آهي، پر انهن جو جيڪي اعليٰ معيار سنڌ ۾ پيدا ڪيو ويو، سو ٻئي ڪنهن صوبي ۾ شايد ئي نظر اچي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو گذريل ٽن ڏهاڪن اندر سنڌ جي تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر سميت ترقيءَ جي هر ميدان ۾ سنڌ زوال پذيريءَ ڏانهن گامزن رهي. سياسي بنيادن تي ٺهيل اوطاقون بڻيل اسڪول، پڙهائڻ کان آڱوٺو ڪڍي بيٺل استاد، اسپتالن مان سالن کان غائب ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل عملو، پگهار کڻي صاحبن جي بنگلن تي ڊيوٽيون ڪندڙ ميونسپل ملازم، واهن ۾ هٿرادو گهارا هڻائي ڪمايون ڪندڙ آبپاشي جا ننڍا وڏا عملدار، خلق لاءِ ڌرتي دوزخ بڻائيندڙ پوليس؛ اهي سڀ عنايتون ان پاليسيءَ جي پيداوار آهن ته سنڌين کي ڇڏيو ته هٿ وٺي سنڌ ۽ سنڌين جي پاڻ ئي ڀينگ ڪندا رهن. ائين سنڌ ۾ مجموعي طور سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جو ڦيٿو جام رهيو ۽ اربين رپيا بظاهر سنڌ لاءِ ملڻ جي باوجود سنڌ ۾ اها سماجي معاشي ترقي نه ٿي سگهي، جيڪا هڪ متحرڪ مڊل ڪلاس کي اڳتي آڻي سگهي. هونئن به ان سڄي نيڪ عمل ۾ اسان جا پنهنجا ئي اڳڀرا رهيا، پر ان جي پٺيان اصل محرڪ اهي طاقتون هيون، جن اهو سڀ ڪجهه بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي ٿيڻ ڏنو ۽ خاموش تماشائي بڻجي تاڙيون وڄائيندا رهيا.
انهن سمورين نعمتن مان لاڀ پرائيندڙ سنڌي مڊل ڪلاس ذهني طور ايترو ته ڪرپٽ ٿي ويو، جو سنڌ جي ترقي ۽ بهتري ڪڏهن ڀلجي به سندس دماغ وٽان نه گذرندي. ٻئي طرف سندن ڪڌن ڪرتوتن جا اهي فائيل هميشه کين نانگن وانگر بڇي اهڙا ڪڌا ڪم ڪرايا ويا، جن سان سنڌ جي ترقيءَ جو جنازو نڪري ويو. اهو ئي سبب هيو جو سنڌ جو مفادن خلاف ٿيندڙ ڪيترن ئي فيصلن ۽ ڪاررواين ۾ اسان جا سنڌي ڪامورا يا ته شريڪ رهيا يا وري ان ڪري ٻوٿ ٻڌي ويٺا رهيا، جو کين پنهنجي ڪرتوتن جي فائيلن کلڻ جو ڀئو وڪوڙيو ويٺو هو.
ساڳئي سلسلي جي ٻي ڪڙي 1988ع کان پوءِ سياسي ايوانن ۾ پهتل سنڌي وچولي طبقي جا همراهه هئا. 88ع واري طوفاني لهر ۾ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چڱي موچاري انگ ۾ وچولي طبقي جا همراهه اسيمبيلن تائين پهتا، کين به مٿان کان ساڳئي قسم جي ڇوٽ مليل هئي. نتيجي ۾ هنن ان موقعي کي پهريون ۽ آخري موقعو ڀائيندي، ڪرپشن ۽ بدعنوانين جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا. ٻن اليڪشنن کان پوءِ اهي سڀ همراهه (ڪن ٿورن کي ڇڏي) مڊل مان ڦري اپر ڪلاس بڻجي پيا، پر سندن فائيل به ايڏا ڀوائتا هئا، جو سنڌ جي مفادن لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ سندن وس جي ڳالهه نه رهي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي اليڪشني سياست ۾ اڄ به سنڌين وٽ واحد سياسي آپشن بڻيل آهي، پر سنڌي مڊل ڪلاس ان پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان ان دور کي ڪڏهن به ڏاهپ ۽ فضيلت سان استعمال نه ڪيو. اهڙي طرح ملڪي ڪاروهنوار ۾ پهريون ڀيرو ججهي انگ ۾ داخل ٿيل سنڌي مڊل ڪلاس موقعي پرستي ۽ ذاتي مفادن خاطر سنڌ جي مفادن لاءِ ڪو اهڙو واکاڻ جوڳو ڪم نه ڪيو، جنهن جو مثال ڏئي سگهجي. مثال طور شايد ئي ڪو ايم پي اي يا ايم اين اي هجي، جنهن چيو هجي ته مون کي ماسترن جون 50 سيٽون مليون آهن، پر مان اهي مائٽن ۽ دوستن ۾ نه پر پنهنجي تڪ جي ميرٽ يافته ايماندار ۽ اهل ماڻهن کي چٽاڀيٽي وسيلي ڏيندس. ٻيو ته ڇڏيو هيڏي ساري سنڌ ۾ خانگي شعبي جي ڪا هڪ اڌ چڱي يونيورسٽي به نه ٺهرائي سگهيا، جتان ڪي پڙهيل لکيل ۽ سڌريل نوجوان نڪري مارڪيٽ ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪري سگهن.
مختصر طور تي ڏسجي ته سنڌي مڊل ڪلاس کي ڪرپشن جي کلي ڇوٽ ڏيڻ جا هيٺيان ناڪاري نتيجا نڪتا، جيڪي صحتمند مڊل ڪلاس جي اوسر ۾ رنڊڪ بڻيا.
* سنڌي ڪاموراشاهي ملڪ ۾ نااهلي ۽ ڪرپشن جو حوالو بڻائي، اهو تاثر عام ڪيو ويو ته سنڌين ۾ هڪ ته اهليت ناهي مٿان وري ڪرپشن به خوب ڪن ٿا.
* چوويهه ڪلاڪ ملڪيتون ٺاهڻ جي چڪر ۾ ڦاٿل بيورو ڪريسي سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ کي بريڪ هڻي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻهراڙين اندر وچولي ڪلاس جي اوسر کي ڌڪ لڳو.
* اقربا پروري ۽ سفارش ڪلچر کي عام ڪري اسرندڙ مڊل ڪلاس ۾ ميرٽ ۽ چٽاڀيٽيءَ وارن روين بجاءِ شارٽ ڪٽ واري ذهنيت کي فروغ ڏنو ويو، جنهن مڊل ڪلاس ۾ ذهني ڪرپشن پيدا ڪئي.
* حرام جو پئسو عام ٿيڻ سبب سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي وڏيراشاهي جنم ورتو، جنهن سنڌي سماج ۾ معتبر هجڻ جا معيار بدلائي ڇڏيا، جيڪو جيترو گهڻو حرام ڪمائي ۽ اهليت بجاءِ چور بازاريءَ وسيلي رستا ٺاهي سگهي. اهو ڪٽنب، پاڙي توڙي سماج ۾ اوترو ئي وڌيڪ معتبر بڻجي ويو. نتيجي ۾ سنڌي مڊل ڪلاس جي نوجوانن ۾ ذهني ڪرپشن جنم ورتو ۽ وائيٽ ڪالر ڪرائيم باعزت پيشو بڻجي پيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي مڊل ڪلاس جي نوجوانن ۾ ڪمپيوٽر بجاءِ نئين ماڊل جي ڪار، لائبريري جي بجاءِ حرام جي ڪمائيءَ جو بنگلو، پرڏيهه وڃي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ سوني چين، راڊو واچ ۽ ڪلف وارا ڪپڙا پائي، واندن جي ٽولي سان رستا ماپڻ زندگيءَ جي پهرين اوليت بڻجي پيا.

(5) وڏيرڪي نظام کي سرڪاري انجيڪشنز وسيلي زندهه رکڻ:
وچولي طبقي جي اوسر کي روڪڻ لاءِ لازمي هيو ته سنڌ ۾ فطري موت مرندڙ وڏيرڪي نظام کي اسلام آباد جي آڪسيجن وسيلي زندهه رکيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو رياست جا سمورا ادارا ڪنهن نه ڪنهن طرح مدي خارج وڏيرڪي نظام کي هٿي ڏيندا رهيا آهن. اها ڳالهه هاڻي ڪنهن کان به ڳجهي ناهي ته سنڌ جو عام ماڻهو وڏيرڪي ڪلاس کي دل و جان سان نه رڳو رد ڪري چڪو آهي، پر ان جي خلاف سخت نفرت به رکي ٿو. رڳو 1988ع جي چونڊن جا نتيجا کڻي ڏسو، سنڌ جا سمورا رئيس وڏيرا ضمانتون ضبط ڪرايل نظر ايندا پر ان جي باوجود ان نظام کي آڪسيجن ڏئي زندهه رکيو ويو آهي ۽ نئين اقتداري منتقليءَ واري ڊرامي وسيلي کين وڌيڪ بااختيار پڻ بڻايو ويو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو ضمانتون ضبط ڪرائيندڙ وڏيرا ۽ سندن پٽ، پوٽا يا ڀائٽيا اڄڪلهه فيوڊل اسٽيٽس ۾ تبديل ڪيل ضلعن جي اڇي ڪاري جا مالڪ آهن. وڏيرڪي طبقي کي رياستي مشينري هيٺين طريقن سان طاقت بخشيندي رهي آهي.
* ملڪ جا وڏا سياسي اڳواڻ، رياستي مشينريءَ جا اهم پرزا ۽ دفاعي ادارن جا اهم عملدار پابنديءَ سان شڪار کيڏڻ لاءِ سنڌ جي وڏيرن وٽ اچي رهن ٿا ۽ اهڙي طرح سڄي تر جي سرڪاري مشينري توڙي عام ماڻهوءَ کي اهو پيغام ڏين ٿا ته اهي وڏيرا ئي طاقت جو اصل مرڪز آهن.
* اليڪشني نظام ۾ وڏن تڪن ۽ ٽڪيٽن جي ڳرين فين سبب رڳو وڏيرڪو ڪلاس ئي ان مهم جو خرچ برداشت ڪري سگهي ٿو. وچولي طبقي جو ماڻهو ته ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ چونڊ وڙهڻ جو خرچ به برداشت نٿو ڪري سگهي. نتيجي ۾ اقتدار جي هيٺين توڙي مٿين ايوانن ۾ وڏيرڪو طبقو ڇانيل آهي، جيڪو طاقت- ڌڻين جو ٻانهن ٻڌو غلام ٿيڻ لاءِ هر وقت حاضر آهي.
* رياستي ادارا، تر جي پوليس، روينيو عملدار ۽ ٻيا عوام جي کل لاهڻ وارا ادارا پنهنجي حد جي وڏيرن جي ماتحت رهيا آهن، جنهن ڪري عام ماڻهو مڊل ڪلاس جي پٺيان لڳڻ بدران وڏيرن جي اوطاقن جو پاڻي ڀرڻ لاءِ مجبور آهن. مڊل ڪلاس جو ڪو ماڻهو ڪنهن لاچار جي مدد ڪرڻ چاهيندو ته وڌ ۾ وڌ کيس ميڊيا تائين پهچ ڏياريندو يا ڪو رعايتي وڪيل ڪري ڏيندو، پر ٿاڻي تي فون ڪري ٻڌي ڇوڙي ڪرائي نه سگهندو. اهڙيءَ ريت سماج تي راڄ بهرحال وڏيرڪي ڪلاس جو رهندو ۽ ان ڪري ووٽ به رئيس جي حڪم تي ڏنو ويندو.
ورديءَ وارين حڪومتن پنهنجو راڄ برقرار رکڻ لاءِ هميشه وڏيرن تي ڀاڙيو آهي. موٽ ۾ علائقا کين جاگيرن وانگر بخشش ۾ ڏئي سندن وفاداريون خريد ڪيون ويون آهن. گذريل مڪاني چونڊن ۾ جهڙيءَ ريت فرشتن هٿان عوام جي رد ڪيل وڏيرن کي ضلعا ورهائي ڏنا ويا ۽ اتي جي سموري مشينري سندن تابع ڪئي وئي، ان مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي پٺيان ڌڪي مقامي راڄ وڏيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
* وڏيرن ۽ گادين جي پيرن کي جرڳن جا اختيار ڏئي ۽ جرڳائي نظام جي کليل حمايت ڪرائي، حڪمرانن عام ماڻهن کي اهو واضح نياپو ڏنو آهي ته عدل، انصاف ۽ امن امان سڀ ڪجهه وڏيرن جي هٿ ۾ آهي. کين وڻي ته اوهان کان چرٻيليون ٽپائن ۽ سڱ چٽيون ڀرائن يا ڍڳن بدلي نياڻيون نيلام ڪرائن. ان سڄي وايو منڊل ۾ عام ماڻهو مڊل ڪلاس جي پروفيسر، وڪيل، يا سياسي ڪارڪن وٽ وڃڻ بدران ڀوتارن جي اوطاقن ۽ پيرن جي گادين جا ئي چڪر ڪاٽيندا رهندا. وڏيرڪي نظام جي اهڙي تسلط جي نتيجي ۾ مڊل ڪلاس کي هڪ بي اثر اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جڏهن وڏيرن جي اهڙي ڪرتوتن جون خبرون انگريزي ۽ اردو اخبارن جي مک سرخين طور شايع ٿين ٿيون ته سڄي ملڪ ۽ دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو تصور وحشياڻي قبائلي دور جي گروهه وارو پيدا ٿئي ٿو. ان طرح سان طاقت ڌڻي هڪ طرف وڏيرڪي نظام کي مضبوط ڪن ٿا ۽ ٻئي پاسي سڄيءَ دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو اميج تباهه ڪن ٿا. ٻنهي صورتن ۾ حاصل مطلب سنڌي مڊل ڪلاس کي ڪمزور ۽ بي اثر اقليت بڻائڻ آهي.
سڄيءَ سنڌ ۾ قبائلي جهڳڙا ڪرائي خاندان ۽ ڳوٺ اجاڙ ڪرائي ٻهراڙين جي معيشت کي برباد ڪيو ويو. سالن جا سال هلندڙ ان خونريزيءَ کي پوليس، ڀوتار ۽ ٻيا رياستي ادارا ان ڪري روڪرائڻ جي ڪا به سنجيده ڪوشش نه ڪندا آهن، جو ان وسيلي ٻهراڙين ۾ ماڻهو هٿيارن جا پئسا تعليم ۽ هنر تي نه لڳائي سگهن ۽ اتي اهڙو مڊل ڪلاس پير نه کوڙي سگهي، جيڪو سماجي يا معاشي ترقي ۽ علمي اوسر لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جهڙو رهي. مٿان وري فيصلا به وڏيرن جي اوطاقن تي جرڳن وسيلي ٿين ته پوءِ وڏيرڪي غلاميءَ مان جان آجي ڪرڻ ناممڪن ٿيو پوي.
سنڌي مڊل ڪلاس جي رستا روڪ جي گهري سازش جا ٻيا به انيڪ رخ آهن، جن تي بحث ڪري عام ماڻهوءَ کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته ڪهڙيءَ طرح رياستي ادارا سندن ترقيءَ کي روڪڻ وارا حربا استعمال ڪن ٿا. سنڌ جي نجات لاءِ ضروري آهي ته حالتن سان اٽڪاءُ ڪري سنڌ اندر هڪ روشن خيال ۽ محب وطن مڊل ڪلاس لاءِ رستا تيار ڪجن ته جيئن سنڌ ان گهڻ رخي غلاميءَ مان جان آجي ڪرائي، هڪ باوقار قوم بڻجي سگهي.
(روزانه ڪاوش 4-3 جولاءِ 2006ع)

سنڌي مڊل ڪلاس کي اتساهيندڙ رُخن تي هڪ نظر

سنڌي مڊل ڪلاس کي اتساهيندڙ رُخن تي هڪ نظر


تاريخي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ هڪ ڳالهه واضح نظر اچي ٿي ته سنڌي مڊل ڪلاس ۾ سنڌ کي هڪ نئين واٽ ڏانهن وٺي ويندڙ قيادت پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي، جنهن کان ڊڄي طاقت ڌڻين ان کي ختم ڪرڻ لاءِ منظم رٿابنديءَ تي وسيلا ۽ توانايون خرچ ڪيون. ان بحث کي اڳتي وڌائيندي ان پهلو کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي ته سمورين ڪمزورين، موقعي پرستين ۽ خارجي عملن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بگاڙ جي باوجود سنڌ مڊل ڪلاس جي حوالي سان ڪهڙا مثبت رخ ساهه کڻي رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهي مثبت رخ اڃا شروعاتي ڏاڪي تي هجڻ سبب منفي رخن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه ڪمزور آهن، پر انهن جي موجودگي خود وڏي اُتساهه جو ذريعو آهي. انهن مثبت رخن کي سامهون آڻي، انهن کي مضبوط بڻائڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي مڊل ڪلاس کي هڪ منظم سياسي ۽ سماجي تحريڪ وسيلي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ڏجي، جنهن وسيلي اهو هڪ نئين سنڌ جي تعمير لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي.
هن صورتحال ۾ سنڌي مڊل ڪلاس اندر موجود باصلاحيت ۽ باشعور فرد جنهن مونجهاري ۽ ويڳاڻپ جو شڪار آهن. ان مان کين ٻاهر نڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، کين تبديليءَ جو انتظار ڪرڻ بدران تبديليءَ جو وسيلو بڻجڻ لاءِ سوچڻ گهرجي.
پڙهيل لکيل سنڌي مڊل ڪلاس جو اڄوڪو نسل گذريل نسلن جي ڀيٽ ۾ نه رڳو وڌيڪ باصلاحيت ۽ هنرمند آهي، پر ان جي اندر سنڌ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي تڙپ به موجود آهي. اها ڳالهه صحيح آهي ته سنڌي مڊل ڪلاس جا سنڌَ ساڻا ڪري صورتحال کي مايوس ڪندڙ بڻايو ويو آهي، پر مايوسيءَ جي ان فضا ۾ ڪجهه ڳالهيون نهايت مثبت ۽ اتساهيندڙ به آهن. جيڪي سنڌ جي بهتر مستقبل لاءِ هڪ وڏي اميد آهن.
جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ اک کوليندڙ مڊل ڪلاس کي ورهاڱي کان پوءِ واري سنڌ جي مڊل ڪلاس جو پهريون نسل فرض ڪجي ته ان حساب سان سنڌ اڄ مڊل ڪلاس جي ٻين جنريشن مان گذري رهي آهي بنا ڪنهن شڪ جي هن جنريشن وٽ گذريل نسل جي تجربن ۽ غلطين مان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه موجود آهي. ساڳئي وقت هن جنريشن وٽ گذريل نسل جي ڀيٽ ۾ ڪجهه ڪري سگهڻ جا موقعا به وڌيڪ آهن. البته اڄوڪي نسل جي سياسي تربيت گذريل نسل جي ڀيٽ ۾ ڪجهه ڪمزور آهي. اسان اڳتي هلي ان ڳالهه تي به بحث ڪنداسين ته اڄوڪو مڊل ڪلاس ڪهڙي طرح سنڌ کي مايوسيءَ جي هن ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو. ان کان اڳ اچو ته هڪ نظر انهن اميد جي ڪرڻن تي وجهون، جيڪي گذريل پنجن کان ڏهن سالن اندر اسان جي آسپاس ۾ پيدا ٿيا آهن. هي حقيقتون ان ڳالهه کي واضح ڪن ٿيون ته تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ سماجي ڍانچي ۾ سنڌي مڊل ڪلاس نيون راهون ٺاهڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي. ڪيترين ئي تڪليفن ۽ مشڪلاتن کان پوءِ سنڌي مڊل ڪلاس جو هڪ نسل شهري ماحول ۾ قدم رکي چڪو آهي. 90ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ ٻهراڙين مان تمام وڏي انگ ۾ سنڌي حيدرآباد منتقل ٿيا جنهن سان شهري مڊل ڪلاس جا بنياد پوڻ لڳا آهن. موجوده ڏهاڪي جي شروعات کان ڪراچي، اسلام آباد ۽ ملڪ جي ٻين ڪيترين ئي اهم شهرن ۾ سنڌين جي آمد جو انگ گذريل سمورن ڏهاڪن جي مجموعي تعداد کان وڌيڪ آهي. جيتوڻيڪ حيدرآباد جي ابتڙ ٻين شهرن ۾ سنڌي مڊل ڪلاس گهٽ منظم ۽ ڇڙوڇڙ آهي، پر شروعاتي مرحلي ۾ ايئن هجڻ به فطري ڳالهه آهي. خود حيدرآباد م سنڌي مڊل ڪلاس ڪرائسز کان پوءِ منظم ٿيو هو. ايندڙ سالن اندر ٻين شهرن ۾ سنڌي مڊل ڪلاس وڌيڪ منظم ٿي سگهي ٿو.
* گذريل ڏهن سالن اندر سنڌ ۾ ڪميونيڪيشن جي نئين لهر جي نتيجي ۾ سنڌي مڊل ڪلاس رابطن جو نئون ڄار قائم ڪيو آهي. درجنن جي تعداد ۾ نوجوان ڏيهه پرڏيهه ۾ موجود موقعن مان فائدو وٺي رهيا آهن. اسڪالر شپ، ڪانفرنسون ۽ ٽريننگ پروگرامن ۾ سنڌين جو هڪ چڱو موچارو انگ ملڪ جي باقي حصن توڙي پرڏيهه ۾ پهتو آهي ۽ اهڙي طرح پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن کي بهتر بڻائي رهيو آهي. جيتوڻيڪ بلوچستان کي ڇڏي باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ اهو انگ اڃا به گهڻو گهٽ آهي، پر پوءِ به سنڌي مڊل ڪلاس جي گذريل جنريشن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي.
* ڀوتارن جي اوطاقن تان خيرات ۾ ملندڙ سرڪاري ماستريون ۽ ڪلارڪيون بند ٿيڻ کان پوءِ سنڌي نوجوانن انگريزي ۽ ڪمپيوٽر جهڙن بنيادي هنرن تي وڌيڪ توجهه ڏنو آهي ۽ غير سرڪاري شعبي جي نوڪرين، ننڍن ڪاروبارن ۽ مارڪيٽ لاءِ گهربل هنرن ڏانهن منهن موڙيو آهي ۽ ان ڏس ۾ اڳڀرائي سست، پر نهايت اميد ڀري آهي. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي نوجوان هينئر انهن شعبن ۾ آهستي آهستي پير کُپائي رهيو آهي، جتي اڳي سنڌي ڳولهيندي نه لڀندا هئا.
* سنڌ جي هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ اڪثر تعلقي هيڊڪوارٽرز ۾ ڪمپيوٽر ڪوچنگ سينٽرز ۽ انٽرنيٽ ڪيفيز وسيلي سنڌي نوجوان ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي رابطا ڪرڻ جي قابل بڻيل آهن. هن مرحلي تي انهن وسيلن جو استعمال مثبت گهٽ ۽ ناڪاري وڌيڪ ٿي رهيو آهي، پر اهو پراسيس جو حصو آهي ۽ تمام جلد اڪثريت انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جو هاڪاري استعمال وڌيڪ ڪرڻ لڳندي.
* سنڌي ميڊيا (خاص طور تي ٽي وي چئنلز) ۽ اين جي اوز مڊل ڪلاس کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻهراڙين مان ٽيلينٽ کي ٻاهر آڻي رهيا آهن ۽ ان شعبي ۾ وڏي انگ ۾ هنرمند هٿ پڻ تربيت هيٺ آهن. ساڳي طرح اين جي اوز جي ڄار ٻهراڙين ۾ مڊل ڪلاس کي منظم ڪرڻ ۽ ملڪ جي باقي حصن توڙي پرڏيهه جون جهلڪيون ڏيکاري سندن سوچ جي ڪئنواس کي وسيع ڪيو آهي ۽ نوان رابطا ٺاهڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن. انهن ٻن شعبن سنڌي سماج کي اڪيلائي ۽ محدوديت مان ٻاهر آڻي باقي دنيا ۾ موجود ترقي ۽ تبديليءَ جي نون ماپن سان متعارف ڪرائي سماجي زندگيءَ جا نوان رخ پڌرا ڪيا آهن. ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۽ نيم شهري علائقن ۾ مڊل ڪلاس جا نوجوان سنڌي سماج جو تقابلي جائزو (Comparative Analysis) ڪرڻ جي قابل بڻيا آهن، جيڪا لهر ايندڙ سالن ۾ سنڌي مڊل ڪلاس کي پنهنجا رخ متعين ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
* شهري ۽ نيم شهري علائقن ۾ خانگي شعبي ۽ ننڍن ڪاروبارن ۾ پير رکندڙ سنڌي مڊل ڪلاس جي وسيلي سنڌ جو هڪ نئون چهرو متعارف ٿي رهيو آهي ۽ سرڪاري پروپيگنڊا مشينري جو متعارف ڪرايل اهو چهرو تبديل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اجرڪ کي وڏن شهپرن ۽ ڪهاڙي يا بندوق واري همراهه جي ڪلهي تي ڏيکاري سنڌين کي سڄي ملڪ ۽ دنيا ۾ ڪروڌي، ڌاڙيل ۽ عورتن کي ڪاري ڪري ماريندڙ جانور طور متعارف ڪرايو ويو. اڄ شهرن ۾ پهتل سنڌي مڊل ڪلاس جي اٿڻي ويهڻي، ڳالهه ٻولهه جي انداز ۽ سوچ جي وسيع ڪئنواس سان سنڌي قوم جو هڪ مختلف اميج نروار ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهو اميج نسبتن شهري بابو وارو هجڻ ڪري ڪنهن حد تائين ثقافتي خال جو شڪار ٿي رهيو آهي، پر پوءِ به وڏيري ۽ ڌاڙيل واري اميج کان وڌيڪ بهتر آهي. ايندڙ سالن ۾ سنڌي ميڊيا جو ڪردار ان حوالي سان نهايت اهم هوندو، جنهن لاءِ سنڌي ميڊيا کي ائپروچ ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪافي ضرورت آهي.
* پنجابي، سرائيڪي ۽ اردو ڳالهائيندڙ مڊل ڪلاس جي ڀيٽ ۾ سنڌي وچولو طبقو ثقافتي لحاظ کان وڌيڪ مضبوط آهي، جيتوڻيڪ ٽي وي چئنلز وسيلي ٿيندڙ بي پاڙي ثقافتي يلغار ڪافي بگاڙ به پيدا ڪيو آهي، پر پوءِ به وڏي حد تائين سنڌي مڊل ڪلاس ثقافتي لحاظ کان باشعور آهي. مثال طور اسلام آباد ۽ لاهور جي پنجابي گهراڻن ۾ گهر اندر پنجابي ڳالهائڻ يا ٻارن کي پنجابي پڙهائڻ جو لاڙو تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي. ان جي نسبت سنڌي مڊل ڪلاس وڏي حد تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهي ۽ سندس پير هوا ۾ نه پر ڌرتيءَ تي آهن.
* سياسي تنظيمن، اخبارن، ٽي وي چئنلز ۽ اين جي اوز وسيلي سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جي مسئلن تي پاڪستان توڙي ملڪ کان ٻاهر وڏي پيماني تي اتفاق راءِ پيدا ٿي رهيو آهي. ويجهن سالن ۾ اهو مشاهدو عام ٿيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جهڙي معاملي تي ڪراچيءَ جا اردو ڳالهائيندڙ، انگريزي ميديا ۽ پنجاب جا مختلف حلقا سنڌين جي موقف جي حمايت ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. اها سنڌي مڊل ڪلاس جي ڪامياب سياسي جدوجهد جي هڪ ننڍي پر نهايت اهم سوڀ آهي. ساڳئي طرح جمهوريت جي بحالي، سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جو حق تسليم ڪرڻ ۽ ملڪ مان فوجي راڄ ختم ڪرڻ جهڙن مسئلن تي سنڌي مڊل ڪلاس سنڌي کان ٻاهر همدردي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.
* ماضيءَ ۾ سنڌين تي هميشه اهو الزام رهيو آهي ته اهي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ڳوٺ کان ٻاهر سڄي دنيا هنن لاءِ پرديس آهي. ان حوالي سان سنڌين تي ڪيترائي لطيفا پڻ عام آهن. منهنجي ذاتي تجربي موجب اهو الزام ڪنهن حد تائين درست به آهي، پر اهو سڀ ڪجهه ايستائين درست هيو، جيستائين سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گذران جا وسيلا ڪافي هئا ۽ ماسترين ۽ ڪلارڪين جي سرڪاري ديڳ هر سال چڙهندي هئي. جڏهن کان سرڪاري نوڪرين تي پابندي پئي ۽ واهن ۾ پاڻي گهٽ ٿيو، بک ۽ بيروزگاريءَ کان مجبور نوجوانن ڳوٺن کان ٻاهر پير ڪڍيا آهن ۽ انهن شعبن ۾ به پير پاتو آهي، جيڪي اڳي يا ته سندن شان وٽان نه هئا يا وري کين انهن ۾ ڪير پير رکڻ نه ڏيندو هو. گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ جنهن رفتار سان سنڌي مڊل ڪلاس جو نوجوان ڳوٺن کان ٻاهر نڪتو آهي، ان جو مثال ان کان اڳ وارن سمورن ڏهاڪن ۾ نٿو ملي. جيتوڻيڪ شهري زندگيءَ ۾ پختا پير کوڙڻ لاءِ اڃا ان کي هڪ وڌيڪ نسل جو انتظار ڪرڻو پوندو، پر بهرحال هڪ صحتمند تبديليءَ جي شروعات ٿي چڪي آهي. ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ ڳوٺن مان ٻاهر نڪتل سنڌي مڊل ڪلاس جو ٽيلنٽ ملڪ جي ٻين حصن توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي قوم لاءِ هڪ مثبت سڃاڻپ پيدا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. جيڪڏهن سنڌ جي تعليمي ادارن کي فضيلت ڀري قيادت ملي وئي ته اها مڊل ڪلاس جي ٽيلنٽ کي ڏيهه توڙي پرڏيهه سنڌ جي ڀرپور نمائندگيءَ جي قابل بڻائي سگهي ٿي.
سنڌين تي هڪ ٻي جائز تنقيد ڇوڪرين کي پڙهائڻ يا پڙهائڻ کان پوءِ نوڪرين ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ رهي آهي. جاگيرداراڻي سماجي ڍانچي جي تسلط سبب سنڌي مڊل ڪلاس انهن مدي خارج روايتن ۾ جڪڙيل آهي، جتي عورت جو گهر کان ٻاهر جي زندگيءَ ۾ ڪو به ڪردار حرام آهي. جيتوڻيڪ سنڌي مڊل ڪلاس ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ جو لاڙو نئون ناهي، پر اهو نهايت محدود سطح تي رهيو آهي. جيڪڏهن پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين ڊراپ آئوٽ جي ٽرينڊ کي ڏسبو ته ان جو تمام وڏو حصو ڇوڪرين جو نظر ايندو. يونيورسٽين تائين پهچندڙ ڇوڪرين جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر رهيو آهي. انهن ۾ به وري نوڪرين تائين پهچندڙن جو تعداد بنهه ٿورو رهيو آهي ۽ جيڪڏهن نوڪري ڪندڙ سنڌي عورتن جا انگ اکر ڏسبا ته معلوم ٿيندو ته انهن جي اڪثريت سرڪاري ماستري وغيره تائين محدود رهي آهي. بئنڪنگ، سول ايوي ايشن ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جهڙن شعبن ۾ سنڌي ڇوڪرين جو انگ بنهه گهٽ رهيو آهي. اڄڪلهه اين جي اوز وسيلي سنڌي مڊل ڪلاس جي ڇوڪرين ۾ ٻاهر نڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ نوڪريون ڪرڻ جو لاڙو وڌيو آهي. عورتن جي اڳتي وڌڻ ۽ بنيادي ذاتي حقن جي حصول ۾ سنڌي ميڊيا به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ان حوالي سان به ڪجهه رخ بحث طلب آهن ۽ ماڻهو ڪجهه حوالن سان مختلف راءِ به رکن ٿا، پر مجموعي طور سنڌي مڊل ڪلاس لاءِ هي هڪ اهم وک آهي. جيئن جيئن سنڌي مڊل ڪلاس جي عورت جاگيرداراڻي سماج جي مدي خارج رسمن ۽ پابندين مان جان آجي ڪرائيندي، سنڌي مڊل ڪلاس جو رول وڌيڪ مضبوط ٿيندو. سنڌي مڊل ڪلاس جي عورتن جو هيءُ پهريون نسل جنهن کي اهي آزاديون ۽ موقعا حاصل ٿي رهيا آهن، تن لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجو ڪردار نهايت ذميواري سان ادا ڪن ته جيئن وڌيڪ ڇوڪرين/عورتن لاءِ اهڙا موقعا پيدا ٿي سگهن. پڙهيل لکيل ۽ ذميوار سنڌي مڊل ڪلاس جون عورتون سنڌي سماج جي ترقيءَ لاءِ نه رڳو پاڻ بهترين ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، پر سنڌ کي محب وطن ۽ باصلاحيت مڊل ڪلاس جي ٽين جنريشن به فراهم ڪري سگهن ٿيون.
مٿي ڄاڻايل اهي سمورا مثبت رخ ان ڳالهه جي علامت آهن ته سنڌي مڊل ڪلاس تبديل ٿيندڙ سماجي، اقتصادي ۽ سياسي منظرنامي ۾ پنهنجي ڪردار کي تبديل ڪري رهيو آهي ۽ وٽس سنڌي سماج کي هڪ متبادل قيادت فراهم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. سمورين اندروني ۽ خارجي رڪاوٽن جي باوجود سنڌي مڊل ڪلاس هڪ خاموش مزاحمتي ڪردار ادا ڪندي پنهنجا رستا ٺاهڻ جي جدوجهد ۾ مصروف آهي.
(روزانه ڪاوش، 17 جولاءِ 2006ع)

وسيلن تي مالڪيءَ کانسواءِ

وسيلن تي مالڪيءَ کانسواءِ
صوبائي خودمختياري بي معنيٰ آهي؟

پاڪستان تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي. گذريل پنجن سالن اندر هن ملڪ ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون ٿيون آهن، جن کي ڏسندي اکين کي اعتبار نٿو اچي. طالبان ۽ بنياد پرست مخالف پاليسين کان وٺي، ڪشمير معاملي ڏانهن لاڙن جي تبديليءَ سميت انيڪ اهڙيون ڳالهيون ٿيندي ڏسڻ ۾ آيون آهن، جيڪي ملڪ جي گذريل پنجن ڏهاڪن جي تاريخ کان ڪوهين ڏور نظر اچن ٿيون. صوبائي خودمختياري به اهڙو ئي معاملو آهي، جنهن بابت هن ملڪ ۾ ڳالهه ڪرڻ ڄڻ ته گناهه رهيو آهي ۽ حيراني جي ڳالهه آهي جو اڄ ملڪ جا حڪمران صوبن کي جلد کان جلد خودمختياري ڏيڻ لاءِ آتا نظر اچي رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير ته ان ڏس ۾ سياسي پارٽين جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو به اعلان ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ بين الصوبائي رابطي واري کاتي حيدرآباد ۾ هڪ بحث مباحثو پڻ منعقد ڪرايو ته جيئن سول سوسائٽي کان ان مد ۾ رايا وٺي حڪومت تائين پهچائي سگهجن. بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جيئن ته آمريڪا ۽ يورپ جو اتحادي آهي، تنهن ڪري ان قسم جا سڌارا ان لاءِ اڻٽر بڻجي رهيا آهن نه ته اهو ڪم جيڪو جمهوري حڪومتون نه ڪري سگهيون، سو هڪ ورديءَ واري حڪومت ۾ ٿي رهيو هجي، سا ڳالهه سچ به اچرج جوڳي لڳي ٿي.
ايندڙ عام چونڊن کان اڳ جنرل مشرف جي حڪومت ان نوعيت جا غير معمولي قدم کڻي پنهنجي Legitimacy کي ڪنهن حد تائين قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. عورتن جي حقن وارو بل پڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهي ۽ صوبن جي خودمختياري به ان ڏس ۾ هڪ قدم آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اهي مثبت ڳالهيون آهن، جن جي آجيان به ڪرڻ گهرجي، پر ساڳي وقت ان حقيقت کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ملڪ اندر حقيقت عوامي جمهوريت قائم نه ٿيڻ تائين اهي سمورا نيڪ ڪم ملڪ جي عوام کي ڪو غيرمعمولي فائدو نه ڏئي سگهندا. پاڪستان جي 60 سالن جي تاريخ ڪمزور قومن جي وسيلن جي استحصال، سندن ثقافتي ۽ قومي سڃاڻپ کان انڪار ۽ سندن سياسي اختيارن مٿان مسلسل والار جي تاريخ رهي آهي. بدقسمتيءَ سان هي ملڪ هڪ ڏينهن لاءِ به پنهنجي روح ۾ وفاقي ۽ جمهوري نه رهيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جا اصل ڌڻي ڇهن ڏهاڪن کان پوءِ هن ملڪ کي ڪا سٺي سڃاڻپ ڏيارڻ ۾ واقعي به سنجيده آهن ته پوءِ کين ملڪ اندر قومي ۽ جمهوري سوالن کي ايمانداريءَ سان حل ڪرڻو پوندو.
معاملو قومي سوال جو هجي، جمهوري ۽ وفاقي نظام جو هجي يا صوبن جي خودمختياريءَ جو هجي، انهن سڀني جو بنيادي نقطو اهو آهي ته ڇا صوبن کي پنهنجي وسيلن تي اختيار حاصل آهي ۽ ڇا کين صوبي سان لاڳاپيل سياسي فيصلا ڪرڻ لاءِ وفاقي گاديءَ جي محتاجي نٿي ڪرڻي پوي. انهن ٻن بنيادي حقن حاصل ٿيڻ کان سواءِ صوبائي خودمختياري جا ٻيا سمورا ماڊل ايترائي بي معنيٰ هوندا، جيترو ملڪ اندر جمهوريت جو موجوده سرشتو آهي. جيڪڏهن ملڪ اندر جمهوريت کي ورديءَ جي تابع بڻائي هلائي سگهجي ٿو ته پوءِ صوبائي خودمختياريءَ کي وفاق جي تابع بڻائي هلائڻ وارو ماڊل ڊزائين ڪرڻ ڪهڙو مشڪل ڪم آهي؟ صوبائي خودمختياري ڪهڙي شڪل ۾ ظهور پذير ٿيندي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته صوبائي خودمختياريءَ جا سنيها ان وقت ۾ آندا پيا وڃن، جڏهن وفاق هڪ صوبي جي ماڻهن ۽ وزيراعليٰ کان پڇڻ کان سواءِ ان جا ٻه ٻيٽ وڪرو ڪري ٿو ڇڏي ۽ ٻئي صوبي کي پنهنجي حدن اندر ٺهندڙ بندرگاهه کي هلائڻ جو اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ان وايو منڊل ۾ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ سان صوبن جي حقن جو اهڙو ئي تحفظ يقيني بڻجندو،جهڙو عورتن جي حقن وارو قانون منظور ٿيڻ سان عورتن جي حقن جو تحفظ ٿيو آهي.
هڪ ڳالهه واضح آهي ته جمهوريت ۽ صوبائي خودمختياري رڳو اليڪشن يا آئيني ترميمن جو نالو ناهي. ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ٿيڻ سان ان جا ڪجهه اسم صوبن حوالي ٿيڻ دستاويزن جي حد تائين سٺي ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن صوبن ۾ حڪومتون عوام جون نمائنده ئي نه هجن ۽ اهي پاڻ کي عوام بجاءِ ڪنهن ٻي طاقت ڏانهن جوابده ڀائينديون هجن ته پوءِ صرف آئيني ترميمن يا ڪنڪرنٽ لسٽ جي خاتمي سان حقيقي صوبائي خودمختياري نه اچي سگهندي.
ملڪي تاريخ ۾ صوبائي خودمختياريءَ جون جيڪي به تحريڪون هليون آهن، تن جي پٺيان قومي سڃاڻپ ۽ وسيلن تي مالڪي ٻه بنيادي سوال رهيا آهن. بنگلاديش، سنڌ ۽ بلوچستان گذريل ڇهن ڏهاڪن دوران انهن تحريڪن جو مرڪز رهيا آهن. بنگلاديش ۽ سنڌ جي معاملي ۾ قومي سڃاڻپ ۽ وسيلن جي مالڪي واضح طور تي ٻه اهم عنصر رهيا آهن. جڏهن ته بلوچستان جي معاملي ۾ وسيلن تي مالڪي وارو سوال حاوي رهيو آهي، تنهن هوندي به گوادر ۾ ڌارين آبادي جي صورت ۾ بلوچن جي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي سڃاڻپ وڃائي ويهڻ وارو عنصر هاڻي بلوچستان ۾ به نمايان ٿي رهيو آهي.
گلوبلائيزيشن جي نتيجي ۾ ڄاڻ جي آزادي ۽ مارڪيٽ اڪانومي واري طوفان ثقافتي سڃاڻپ واري سوال جا رخ ڪنهن حد تائين تبديل ڪري ڇڏيا آهن، پر وسيلن جي مالڪيءَ وارو سوال اڳي کان وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو آهي. بنگلاديش، سنڌ ۽ بلوچستان طرفان ماضي ۾ صوبائي خودمختياري ۽ قومي حقن جي جدوجهد پٺيان وسيلن جي مالڪي وارو سوال ڪيئن ڇانيل رهيو آهي، ان لاءِ صوبن سان ٿيل زيادتين جي تاريخ ۾ جهاتي پائڻ ضروري آهي.
پاڪستان ٺهڻ وقت بنگلاديش ملڪ جو وڏي ۾ وڏو صوبو هو ۽ ان جي آبادي ملڪ جي باقي سمورن صوبن جي ڪل آباديءَ کان وڌيڪ هئي. ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي بنگلاديش جي ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي استحصال جي شروعات ڪئي وئي. ٻوليءَ واري معاملي تان شروع ٿيل تحريڪ وقت سان گڏ وسيلن جي مالڪي واري تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي. شيخ مجيب الرحمان طرفان پيش ڪيل ڇهن نقطن مان نڪرندڙ 3 مطالبا سڌا سنوان وسيلن جي مالڪيءَ سان ڳنڍيل هئا، جيڪي هن ريت هئا:
(1) ٻنهي صوبن (اوڀر ۽ اولهه پاڪستان) جو سڪو الڳ هجڻ گهرجي يا موڙيءَ جي هڪ کان ٻي صوبي ڏانهن منتقليءَ تي بندش هجڻ گهرجي.
(2) صوبن اندر وصول ٿيندڙ سمورا ٽئڪس وٽن رهڻ گهرجي.
(3) اوڀر پاڪستان طرفان ڪمائجندڙ پرڏيهي ناڻو اتي ئي رهڻ گهرجي.
شيخ مجيب الرحمان پاڪستان جو حصو بڻجي رهڻ لاءِ جن اختيارن جي گهر ڪئي، سي درحقيقت وسيلن جي مالڪيءَ جا اختيار هئا. ياد رهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت پاڪستان جي روانگي واپار (ايڪسپورٽ) جو وڏو حصو اوڀر بنگال جو پٽ سن (سڻي) هيو. جڏهن بنگالين اهو مطالبو ڪيو ته جيوٽ بورڊ کي صوبائي تحويل ۾ ڏنو وڃي ۽ پٽ سن مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ کي صوبي جي ترقياتي گهرجن تي خرچ ڪيو وڃي ته مٿن صوبي پرستيءَ جو الزام لڳايو ويو. 1949ع ۾ آمدني ۽ روانگي واپار جا انگ اکر ان ڏس ۾ اهم آهن. اُن سال پاڪستان، هندستان ڏانهن 107 ڪروڙ رپين جو مال موڪليو، جنهن مان 72 سيڪڙو مال اوڀر پاڪستان مان موڪليو ويو. جڏهن ته پاڪستان، هندستان کان 73 ڪروڙ رپين جو مال گهرايو، پر ان مان رڳو 35 سيڪڙو اوڀر پاڪستان لاءِ گهرايو ويو هيو. اهڙي طرح بنگلاديش جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي. 49-1948ع پٽ سن تي ايڪسپورٽ ڊيوٽي مان پاڪستان کي 12 ڪروڙ رپيا آمدني ٿي، جنهن مان بنگلاديش جي حصي ۾ صرف ساڍا ٽي ڪروڙ رپيا آيا. صوبي جو نظام هلائڻ لاءِ ذميوار مشينري جو اهو حال هو، جو 1966ع ۾ ملڪ جي 5048 گزيٽيڊ آفيسرن مان صرف 1338 بنگالي هئا. جڏهن ته 109،245 نان گزيٽيڊ آفيسرن ۾ صرف 310،26 بنگالي هئا. اهڙي ريت صوبي جي معاشي استحصال ۽ ملڪي ڪاروهنوار ۾ شرڪت ۾ جائز حصو نه ملڻ وارا تفصيل تمام ڊگها آهن. نيٺ جڏهن 1970ع جي عام چونڊن جي نتيجن ان ڳالهه کي واضح ڪري ڇڏيو ته حقيقي جمهوريت جي موجودگيءَ جي صورت ۾ ملڪ تي بنگالين جو راڄ قائم ٿي ويندو ته هڪ ڀيانڪ آپريشن وسيلي ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائي بنگال کي الڳ ڪيو ويو. هن وقت بنگلاديش کي وجود ۾ آئي ساڍا ٽي ڏهاڪا گذريا آهن ۽ سماجي ترقي توڙي اقتصادي ميدان ۾ ان جا اڪثر اهڃاڻ (Indicators) پاڪستان کان بهتر آهن.
بلوچستان جي قومي تحريڪ به سياسي نمائندگيءَ ۾ ڀائيواري ۽ وسيلن جي مالڪي واري سوال جي چوڌاري ڦرندي رهي آهي. اڄڪلهه بلوچستان جي صورتحال نه رڳو ملڪي، پر عالمي سطح تي بحث هيٺ آهي ۽ ان تڪرار جو سمورو بنياد وسيلن جي مالڪيءَ تي ٻڌل آهي. زراعت ۽ صنعت کان وانجهي رکيل صوبي جي عوام جي وسيلن جو وڏو حصو معدني ذريعن خاص طور تي گئس تي ٻڌل آهي. 1951ع ۾ بلوچستان جي شهر ”سوئي“ ۾ گئس جا ذخيرا هٿ ڪيا ويا. انهن ذخيرن مان سڄي ملڪ جي توانائيءَ جون ضرورتون پوريون ڪيون ويون، پر اها گئس پيدا ڪندڙ بلوچستان جي ماڻهن کي ان جي فائدي کان محروم رکيو ويو. صوبي کي پهريون ڀيرو 25 سالن کان پوءِ ڪوئيٽا ۾ گئس فراهم ڪئي وئي. اڄ 56 سال گذرڻ باوجود ملڪ اندر گئس استعمال ڪندڙن ۾ بلوچستان جو حصو صرف 3.4 سيڪڙو آهي. ناانصافيءَ جي انتها اها آهي جو نه رڳو صوبي کي پنهنجي گئس وارن وسيلن مان ڪو فائدو نه ڏنو ويو، پر اتي جي ماڻهن کي گئس سان لاڳاپيل ادارن ۾ ملازمتن جا موقعا به نه ڏنا ويا. سرڪار جي پنهنجي انگن اکرن موجب سوئي مان گئس پيدا ڪندڙ ڪمپني پي پي ايل ۾ بلوچستان جا ماڻهو مئنجمينٽ ڪيڊر ۾ صرف 7.9 سيڪڙو ۽ نان مئنجمينٽ ڪيڊر ۾ 67 سيڪڙو آهن. سئي گئس کي ملڪ جي مختلف حصن تائين پهچائڻ لاءِ ذميوار اداري سئي سدرن گئس ڪمپني (SSGC) ۾ بلوچستان جي ماڻهن جو تعداد مئنجمينٽ ڪيڊر ۾ صرف 5.8 سيڪڙو ۽ نان مئنجمينٽ ڪيڊر ۾ 8.2 سيڪڙو آهي. ساڳئي طرح ملڪ اندر تيل ۽ گئس جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ ذميوار اداري آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (OGDCL) ۾ بلوچستان جي ماڻهن جو حصو مئنجمينٽ ڪيڊر ۾ صرف 10.5 سيڪڙو آهي.
وسيلن ۾ جائز ڀائيواري نه ڏيڻ جو اهو نتيجو آهي جو 2003ع ۾ يو اين ڊي پي طرفان انساني ترقياتي بابت ڪرايل سروي ۾ ڊيرا بگٽي، پاڪستان جي 91 ضلعن ۾ انساني ترقيءَ جي لحاظ کان آخري نمبر تي هو. ياد رهي ته سوئي ان ئي ضلعي ۾ واقع آهي، جيڪو اڌ صديءَ کان سڄي ملڪ کي توانائي فراهم ڪري رهيو آهي. ساڳي سروي موجب ملڪ جي غريب ترين 30 ضلعن ۾ 12 ضلعا بلوچستان جا هئا. جڏهن ته خوشحال ترين 30 ضلعن ۾ بلوچستان جا صرف 3 ضلعا هئا. سال 2001ع ۾ سوشل پاليسي ڊولپمينٽ سينٽر طرفان ڪرايل هڪ ريسرچ موجب پاڪستان ۾ ترقي جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ محروم 57 ضلعن ۾ 24 ضلعا بلوچستان جا هئا. ريسرچ موجب بلوچستان جي 88 سيڪڙو آبادي محروميءَ جو شڪار هئي.
هي انگ اکر بلوچستان جي وسيلن جي ڦرلٽ کي چٽي نموني واضح ڪن ٿا. بلوچستان اندر صوبي جي حقن ۽ خودمختياري جي هلندڙ هاڻوڪي لهر درحقيقت وسيلن جي مالڪي جي تناظر ۾ پيدا ٿي آهي، جنهن کي طاقت ذريعي چيڀاٽڻ وارو طريقو استعمال ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف گوادر پورٽ جي اڏاوت جي نتيجي ۾ جيڪو جديد شهر آباد ٿيڻو آهي، ان لاءِ بلوچ عوام کي خدشو آهي ته گوادر ۾ ڌاري آبادڪاري ڪري کين ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪيو ويندو. پورٽ جي آباد ٿيڻ کان اڳ ئي علائقي جون سموريون زمينون ٻين صوبن جي ماڻهن حوالي ٿي چڪيون آهن ۽ پورٽ جي انتظامي اختيار صوبن کي ڏيڻ بجاءِ وفاق پاڻ وٽ رکيو آهي. صوبائي خودمختياري جي دعويداريءَ ۾ ساهه وجهڻ لاءِ حڪومت کي گهربو هو ته گهٽ ۾ گهٽ گوادر پورٽ جي انتظامڪاريءَ جا اختيار صوبي جي حوالي ڪري ها.
ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ وسيلن جي مالڪي قومپرست ۽ نيم قومپرست تنظيمن جي جدوجهد جو مرڪز رهي آهي. سنڌ جون سموريون قومپرست تنظيمون ۽ اڪثر وفاق پرست تنظيمون ان ڳالهه تي يڪراءِ آهن ته سنڌ جي وسيلن کي بي درديءَ سان ڦريو ويو آهي ۽ صوبائي خودمختياريءَ جي ڪا به دعويٰ جيڪا سنڌ واسين کي پنهنجي وسيلن تي اختيار جو حق نه ڏئي، سا سنڌ واسين لاءِ رڳو هڪ سکڻو نعرو هوندي.
سنڌ جي وسيلن جو جائز حصو نه ڏيڻ جو داستان تمام ڊگهو آهي. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ کان وٺي تيل ۽ گئس تائين سنڌ جي قدرتي وسيلن جي معاملي ۾ سنڌ سان پهرين ڏينهن کان ناانصافي ٿيندي رهي آهي ۽ صوبي اندر ٻهراڙين وارا علائقا انساني ترقيءَ جي معيار کان گهڻو هيٺ واري حالت ۾ آهن. سنڌ تاريخي لحاظ کان وسيلن ۾ شاهوڪار هجڻ جي ڏوهه ۾ هميشه ڌارين جي ڪاهن ۽ ڦرلٽ جو شڪار رهي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اميد هئي ته اهو سلسلو بند ٿيندو ۽ سنڌ جا ماڻهو هڪ سڌريل سماج جو حصو بڻجندا، پر بدقسمتيءَ سان ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ اهو سلسلو ختم نه ٿي سگهيو. ملڪ ٺهڻ کان پوءِ پهريون نشانو سنڌ جا شهر، هندن جون ڇڏيل ملڪيتون ۽ سنڌ جون سون ورنيون زمينون بڻيون. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي 1947ع ۽ 1948ع جي وچ ۾ اٽڪل 11 لک هندو پاڪستان ۾ پنهنجون ملڪيتون ڇڏي ويا، جن ۾ 70 سيڪرو زرعي زمين به شامل هئي. شهرن ۾ گهرن ۽ عمارتن جي شڪل ۾ هو اٽڪل 85 سيڪڙو ملڪيتون ڇڏي ويا. اڪثر زمينون مقامي مسلمانن جون هيون، جيڪي هندن جي والار هيٺ هيون ۽ اصولي طور اهي اصل مالڪن کي واپس ملڻ گهرجن ها، پر ان جي ابتڙ شهرن ۾ ملڪيتون ۽ ٻهراڙين ۾ زمينون هندستان مان آيلن کي ڪليمن هيٺ ڏنيون ويون. اوڀر پنجاب مان ايندڙ هر ڪٽنب کي پنجن کان ٻارنهن ايڪڙ بئراجي زمين به الاٽ ڪئي وئي. مٿان وري 1948ع ۾ سنڌين جي شديد مخالفت باوجود ڪراچيءَ کان سنڌ کان الڳ ڪري ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. ان طرح صوبي کي پنهنجي تاريخي حقيقت کان محروم ڪرڻ جي شروعات ڪندي ان جي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندڙ شهر ڦريو ويو، هڪ ڪاٿي موجب ان فيصلي سان سنڌ کي ان وقت اٽڪل 60 کان 80 ڪروڙ رپين جو نقصان پهتو. اڳتي هلي ايوب خان جي دور ۾ 1954ع ۾ ون يونٽ مڙهي نه رڳو سنڌ کي پنهنجي صدين جي تاريخي سڃاڻپ کان محروم ڪيو ويو. بلڪه سنڌين کي هر طرح جي نمائندگيءَ کان محروم ڪندي، ان جي سرسبز زمينن جي ڦرلٽ شروع ڪئي وئي. سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ ون يونٽ ٺهڻ تائين ان تي آباد ٿيڻ واري 29 لک ايڪڙ زمين مان 22 لک ايڪڙ زمين ورهائجي چڪي هئي، جنهن جو هڪ تمام وڏو حصو ڌارين جي حوالي ٿيو هو. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ 1955ع کان 1958ع جي وچ ۾ غيرسنڌين کي 620،152 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي. آڪٽوبر 1958ع ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان پوءِ زمين حاصل ڪندڙن ۾ 679،212 ايڪڙ زمين غير سنڌين کي ڏني وئي. جڏهن ته زمين حاصل ڪندڙ سنڌين جو انگ صرف 789،54 هيو. سکر بئراج جي ڪل زمين مان 000،367 ايڪڙ غيرسنڌين کي ۽ 000،178 ايڪڙ سنڌين کي ڏني وئي، اهو سلسلو اڳتي به جاري رهيو ۽ گڊو بئراج تي آباد ٿيڻ واري زمين جي ورهاست به ساڳي طرح ڪئي وئي. 1971ع تائين جي انگن اکرن موجب 463،142 ايڪڙ زمين غيرسنڌين کي الاٽ ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ 237،103 ايڪڙ وفاقي فورسز ۽ رٽائرڊ سرڪاري ڪامورن کي ڏنا ويا هئا. جڏهن ته منگلا/اسلام آباد مان بي دخل ٿيل غير سنڌين کي 580،37 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي هئي.
1980ع ۾ جڏهن اردو ڳالهائيندڙن جو اڳواڻ نواب مظفر حسين سائين جي ايم سيد سان ملڻ ويو ته ان موقعي تي سائين جي ايم سيد کيس هڪ دستاويز پيش ڪيو. ان دستاويز ۾ هن ڄاڻايو ويو هو ته هن وقت مرڪزي حڪومت کي ساليانو ٻه هزار ڪروڙ رپيا ٽيڪس طور وصول ٿين ٿا، جن مان 16 هزار ڪروڙ سنڌ مان مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ ملندا هئا. دستاويز موجب سنڌ ۾ پنجابي ڳالهائڻ وارن جي آباد ٿيندڙ زمينن، بجيٽ، نان سويلين ۽ سويلين ملازمتن وسيلي پنجاب کي سنڌ مان 2200 ڪروڙ رپيا ملن ٿا. پٺاڻن کي سنڌ مان روزگار، ۽ ٽرانسپورٽ وغيره وسيلي ساليانو هڪ هزار ڪروڙ رپيا ملن ٿا. انهن انگن اکرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي وسيلن مان سڄي ملڪ جا ماڻهو فائدو حاصل ڪندا رهيا آهن، پر سنڌ واسين کي ان مان ڪو خاص فائدو نه پيو. اڄڪلهه جي انگن اکرن موجب ملڪ جي وفاقي بجيٽ ۾ ڄاڻايل 850 ارب رپين مان 600 ارب رپيا سنڌ فراهم ڪري ٿي. جڏهن ته سنڌ جي سالياني بجيٽ ۾ کيس صرف 80 ارب رپيا موٽي ملن ٿا. سنڌ ۾ تيل گيس ۽ ڪوئلي جا تمام وڏا ذخيرا دريافت ٿي چڪا آهن. سال 05-2004ع جي انگن اکرن موجب سنڌ مان 14،556،774 بيرل ڪچو تيل مليو. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 77 ڊالر في بيرل مان گهٽجي 60 ڊالر في بيرل تائين پهتي آهي. ان حساب سان گذريل سال سنڌ مان مليل تيل جي ڪل ماليت ساڍا 52 ارب رپيا بڻجي ٿي ۽ تيل جي اها پيداوار مجموعي ملڪي پيداوار جو 60 سيڪڙو بڻجي ٿي.
سنڌ ۾ اڀرندي ۽ الهندي پٽيءَ تي گئس جا تمام وڏا ذخيرا موجود آهن. تقريبن هر ضلعي مان گئس پيدا ٿي رهي آهي. سن 05-2004ع ۾ سنڌ 163،936 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس پيدا ڪئي، جيڪا ملڪي گئس جي پيداوار جو 70 سيڪڙو بڻجي ٿي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ گئس جو واهپو 889،492 ملين ڪيوبڪ فوٽ رهيو. يعني سنڌ جي اٽڪل 48 سيڪڙو گئس سنڌ کان ٻاهر استعمال ڪئي وئي.
وسيلن جي ان داستان کان پوءِ اچو ته ڏسون سنڌ ۾ انساني ترقيءَ جي ڪهڙي حالت آهي.
مٿي ڄاڻايل يو اين ڊي پي جي سال 2003ع واري ريسرچ موجب سنڌ جون ٻهراڙيون انساني ترقي جي لحاظ کان سڄي ملڪ ۾ سمورن صوبن کان هيٺ بيٺل آهي. ان جو حال بلوچستان جي ٻهراڙين کان به خراب ڄاڻايو ويو آهي. ملڪ اندر انساني ترقيءَ جي لحاظ کان پهرين 30 ضلعن ۾ سنڌ جا صرف 3 ضلعا شامل آهن، جن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد به شامل هئا. ايس ڊي پي آءِ جي سال 2001ع واري سالياني رپورٽ Social Develpmint in Pakistan Growth, Iepuility and Poverty موجب سنڌ جي 31 سيڪڙو آبادي تمام گهڻي محرومي واري حالت ۾ گذاري ٿي، جڏهن ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 49 سيڪڙو آبادي ان محرومي واري ڪيٽيگري ۾ آهي. ساڳي رپورٽ موجب سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ترقيءَ جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ محرومي بدين ضلعي ۾ آهي. هيءُ اهو ضلعو آهي جيڪو سالن کان تيل پيدا ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح سنڌ جي قدرتي وسيلن مان سنڌ کي تمام محدود فائدو حاصل ٿيو آهي. هتي اڃا زراعت ۽ صنعت وغيره جي تفصيلن ۾ اسان نه پيا وڃون. هي وسيلن ۾ ڀائيواريءَ ۾ ناانصافي ۽ موٽ ۾ ملندڙ غربت ۽ محروميءَ جون رڳو ڪجهه جهلڪيون آهن، جيڪي ان حقيقت کي ظاهر ڪن ٿيون ته سنڌ کي پنهنجي وسيلن جي موٽ ۾ غربت ۽ محرومي ئي پلئه پئي آهي. هاڻي بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا صوبائي خودمختياري کان پوءِ ننڍن صوبن کي پنهنجي وسيلن تي به ڪو اختيار حاصل ٿيندو يا صرف ڪنڪرنٽ لسٽ جا کاتا انتظامي طور صوبن جي حوالي ٿيندا. 1973ع جي آئين ۾ ڪنڪرنٽ لسٽ هيٺ ڄاڻايل اسمن ۾ سول ۽ ڪرمنل لا، پراپرٽي ٽرانسفر ۽ رجسٽريشن، آباديءَ جي رٿابندي، سماجي ڀلائي، ماحوليات ۽ سياحت وغيره شامل آهن. ساڳي آئين هيٺ صوبن وچ ۾ تڪراري معاملا نبيرڻ لاءِ ٺاهيل ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ) غير متحرڪ ۽ وفاق جي اثر رسوخ هيٺ آهي. نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) هيٺ هميشه سنڌ جي مفادن مخالف فيصلا ٿيا آهن.
جيتوڻيڪ هنن حالتن ۾ وفاق وٽان صوبن کي جيڪا ٿوري گهڻي خودمختياري پلئه پوي، ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي، پر ان حقيقت کي به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته وسيلن تي اختيار ۽ صوبن اندر حقيقي معنيٰ ۾ عوام جي نمائنده حڪومت اچڻ کان سواءِ صوبائي خودمختياري سواءِ هڪ سراب جي ٻيو ڪجهه به نه هوندي.
)روزانه ڪاوش، 16 فيبروري 2007ع)

سنڌ دوست پارلياماني سياست جي

سنڌ دوست پارلياماني سياست جي
ڪيتري گنجائش آهي؟


پاڪستان جي هاڻوڪي ڍانچي اندر سنڌ جي حقن جي جدوجهد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شروع ٿي چُڪي هئي. 1937ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ اُن سوال تي بحث ٿيو ته سنڌ جا اصلوڪا رهواسي هجڻ جي وصف ڇا هجڻ گهرجي؟ ان اجلاس ۾ اهو پڻ سوال اُٿاريو ويو ته پوليس ۽ بجلي وارن کاتن ۾ صوبي اندر غير سنڌي، سنڌين کان وڌيڪ ڇو آهن؟ اسيمبليءَ ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته آئنده جوڳي اهليت رکندڙ سنڌين کي اُن ڏس ۾ اوليت ڏني ويندي، پاڪستان ٺهڻ کان ستت پوءِ سرحد پار کان ايندڙ مسلمانن جي ڪٽڪن ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ وارن مسئلن تي ايوب کهڙي جي حڪومت سخت موقف اختيار ڪندي رهي ۽ سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ تڪرار جي شروعات پهرين ڏينهن کان وٺي شروع ٿي وئي.
اهڙي طرح ڏسجي ته سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد پاڪستان ٺهڻ واري ڏينهن کان جاري آهي ۽ اڄ ذري گهٽ ڇهه ڏهاڪا گذرڻ کان پوءِ به سنڌ واسي هن ملڪ ۾ پنهنجي بنيادي حقن لاءِ رڙيون ڪري رهيا آهن. ڇهن ڏهاڪن جي انهيءَ جبر ۽ ناانصافي واري دور ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ ڪٿي کان ڪٿي پهتي آهي، اُن جو تجزيو گهٽ ۾ گهٽ پي ايڇ ڊي ٿيسز جيتري محنت طلبي ٿو. هونئن ته سنڌ جي قومي حقن جي تحريڪ کي سائنسي اڀياس لاءِ مختلف دورن ۾ ورهائي ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهجي ٿي، پر هڪ ليڪ اُن کي ٻن اهم دورن ۾ ورهائڻ لاءِ سڌي سنئين ٺاهي سگهجي ٿي. هڪ اهو دور، جنهن ۾ سنڌ جا وڏا قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر ۽ فاضل راهو وغيره ڏينهن رات اُن جدوجهد ۾ رهيا ته سنڌ واسي اُن ڳالهه کي سمجهي سگهن ته اهي ڪهڙي طرح هڪ بي مثال رياستي جبر ۽ غلامي جو شڪار آهن.
ايترن سالن جي ڏينهن رات محنت کان پوءِ عام تاثر اهو رهيو ته قومپرست تحريڪ تعليمي ادارن ۽ نوجوانن جي هڪ حلقي تائين محدود آهي، جڏهن ته سنڌ جو عام رهواسي قومي اشوز کان وڏي حد تائين لاتعلق آهي.
اڳتي هلي ڀٽي جي ڦاهي، ايم آر ڊي تحريڪ، 80ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ شروع ٿيل لساني وڳوڙ ۽ اُن کان اڳتي هلي 90 واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ميڊيا جي طاقتور لهر جي نتيجي ۾ هڪ ٻيو دور نظر اچي ٿو، جنهن ۾ سنڌ واسين جي اڪثريت ان ڳالهه تي متفق نظر اچي ٿي ته سنڌي هجڻ جي ڏوهه ۾ ساڻن ڪهڙيون ناانصافيون ٿي رهيون آهن. ستم ظريفي اها آهي ته پهرين دور ۾ قومپرست تحريڪون مضبوط هيون ۽ عوامي سطح تي قومپرستي ايتري مضبوط نه هئي. هاڻي جڏهن عام سنڌي وڏي حد تائين قومپرست آهي ته قومي تحريڪون ڪمزور ٿي چڪيون آهن ۽ اڪثر قومپرست تنظيمون اها ساک توڙي اهليت برقرار نه رکي سگهيون آهن، جنهن سان اُهي قومپرستيءَ جي ان مضبوط عوامي لهر کي ڪا قيادت مهيا ڪري سنڌ جي قومي حقن لاءِ ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن.
سنڌ ۾ قومپرستي جي ان ڦهلاءَ پٺيان قومپرست تحريڪ جون سالن تائين ڪيل محنتون ته شامل آهن، پر ان سان گڏ ٻه ٻيا فيڪٽر به اهم آهن. هڪ سنڌي ميڊيا ۽ ٻيو سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر ۽ شهرن ۾ آمد. انهن ٻن اهم فيڪٽرن جي عمر اڃا ننڍي آهي ۽ اهي ٻئي عنصر سنڌ ۾ قومپرست سوچ کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
اُن ۾ ڪو شڪ ناهي ته قومپرست تحريڪن ۾ هيٺينءَ طبقي جو ڪردار نهايت اهم هوندو آهي، پر باشعور مڊل ڪلاس ان تحريڪ کي جيڪا سگهه فراهم ڪري سگهي ٿو، اُن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي.
گذريل ڏيڍ ٻن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ نيم شهري ۽ شهري مڊل ڪلاس جي اوسر قومپرستيءَ جي منظم، باشعور ۽ گهڻ رُخي لهر کي ڪيئن هٿي ڏني آهي، اهو موضوع پڻ مڪمل ريسرچ طلب ڪري ٿو. جيئن ته اهو مڊل ڪلاس اڃا سماجي اوسر جي اوائلي ڏاڪن تي آهي، تنهن ڪري اڃا سنڌي سماج تي اُن جي پڪڙ ايتري مضبوط ناهي. هن ڪلاس کي اڃا رياستي ٿوڻين تي بيٺل مدي خارج وڏيرڪي نظام جي مزاحمت کي ڪافي عرصي تائين منهن ڏيڻو پوندو، ڇو ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ اصل طاقت ڌڻي ”هردم حاضرِ خدمت“ وڏيرڪي ڪلاس کي ايتري سولائيءَ سان آئوٽ ٿيڻ نه ڏيندا. اهوئي سبب آهي جو حڪومتي ڍانچي کان وٺي حڪومت مخالف جمهوريت پسند تحريڪن تائين، هر هنڌ وڏيرڪي ڪلاس جو قبضو آهي. اُن صورتحال ۾، سنڌ جي حقن لاءِ پارليامينٽ جي اندر توڙي ٻاهر موجود مڊل ڪلاس جي تنظيمن کي پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهڻ ۾ اڃا وڌيڪ جدوجهد۽ مستقل مزاجي درڪار آهي. هڪ ڊگهي عرصي تائين پارلياماني سياست تي وڏيرڪي طبقي جي والار کان پوءِ ويجهي ماضي ۾ مڊل ڪلاس جي سياسي تحريڪ هوريان هوريان پارلياماني سياست ڏانهن قدم وڌائڻ شروع ڪيو آهي، اُن ڏس ۾ محدود حد تائين عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل فرنٽ، سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳڀرائي ڪئي ۽ هاڻي پهريون ڀيرو سنڌ جي قومي حقن لاءِ پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست تنظيم ”سنڌ يونائيٽيڊ“ پارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪجهه قومپرست سياسي تنظيمون واضح طور تي پارلياماني سياست کي رد ڪري اهو چونديون رهيون آهن ته سنڌ جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪا به پارٽي پارلياماني سياست ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندي، ڇو ته پارلياماني سياست تي اسٽيبلشمينٽ جو مڪمل قبضو آهي.
جڏهن ته هڪ ٻئي حلقي جي راءِ آهي ته پارليامينٽ سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد جو اهم محاذ آهي، جنهن کي خالي نه ڇڏڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ پارليامينٽ اندر سنڌ جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جا هيٺيان رُخ مدنظر رکڻ جي ضرورت آهي.
* پارلياماني سياست تي اسٽيبلشمينٽ جو قبضو اُن ڪري آهي، جو اتي اڄ ڏينهن تائين موقعي پرست وڏيرڪي ڪلاس جو قبضو رهيو آهي. سنڌ دوست مڊل ڪلاس جي نمائندگي پارليامينٽ ۾ نه هجڻ جي برابر رهي آهي، جنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن پارليامينٽ اندر سنڌ جي قومي حقن جي آواز جو ڪو تاءُ محسوس ئي نه ڪيو آهي.
* بين الاقوامي ادارن، سفارتي حلقن، عالمي ميڊيا ۽ اُن نوعيت جي اهم پرڏيهي فورمن تي سنڌ جي قومي تحريڪ کي اُن ڪري جوڳي پذيرائي نه ملي سگهي آهي، جو پارليامينٽ اندر چونڊجي آيل سنڌ جي نمائندن ۾ قومپرستن جي نمائندگي نه رهي آهي. اهو تاثر عام ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد کي عوامي سطح تي مڃتا حاصل ناهي، تنهن ڪري قومپرستن کي وسيع تر عوامي حمايت حاصل ناهي.
* ماضيءَ ۾ بنگلاديش جي قومي حقن واري جدوجهد کي عالمي سطح تي مڃتا ملڻ جو هڪ اهم ڪارڻ پارليامينٽ ۾ سندن واضح اڪثريت هئي. اهو ئي سبب آهي جو بنگالي پنهنجي حقن جي ويڙهه ۾ هڪ مضبوط بنياد تي پاڪستان سرڪار کي چئلينج ڪندا رهيا ۽ عالمي عام راءِ سندن حق ۾ رهي.
* پارليامينٽ ۾ سنڌ جي قومي حقن لاءِ آواز نه اُٿڻ سبب پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ هميشه قومي حقن جي تحريڪ کي ملڪ ۽ ترقيءَ جو مخالف گروهه قرار ڏيندي اُن جي اهميت کي گهٽائيندي رهي آهي.
هڪ طرف پارليامينٽ واري محاذ کي خالي ڇڏڻ جا اهي نقصان آهن ته ٻئي طرف سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد کي پارليامينٽ ڏانهن کڻي وڃڻ وقت هيٺين حقيقتن کي پڻ مدنظر رکڻ جي ضرورت آهي.
* پارليامينٽ واري سياست تي اسٽيبلشمينٽ ۽ ملڪ جي اصل طاقت ڌڻين جو مضبوط قبضو آهي. ماضيءَ ۾ قومپرستيءَ جا جيڪي به دعويدار ان محاذ تي پهتا، تن کي اسٽيبلشمينٽ چالاڪيءَ سان پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ۽ اُنهن کان اهڙا فيصلا پڻ ڪرايا جيڪي سنڌ جي مفادن جي ابتڙ هئا. 90ع واري ڏهاڪي ۾ آيل نيم جمهوري حڪومتن ۾ مڊل ڪلاس جا جيڪي همراهه چونڊجي پهتا، تن جي اڪثريت عوام دوست ڪردار اداڪرڻ بدران موقعي پرستيءَ جو مظاهرو ڪندي، سنڌ جي قومي حقن جي پاسداري يا سنڌي سماج ۾ نمايان مثبت تبديلي آڻڻ بدران، پنهنجو ڪلاس تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ جي حڪومتن ۾ شامل اهڙن ڪردارن جو ڇيد ڪبو ته معلوم ٿيندو ته اُنهن مان ڪي همراهه ته وڏيرن کان به ٻه وکون اڳتي نڪري ويا.
* پارليامينٽ ۾ وڃڻ کان پوءِ سندن اوليتون سنڌ جي مفادن بدران مال ٺاهڻ، پلاٽ هٿ ڪرڻ، سفارشن تي نوڪريون ڏيڻ ۽ مخالفن سان پراڻا حساب ڪتاب پورا ڪرڻ جهڙن عملن حوالي ٿي ويون. مڊل ڪلاس جي اُنهن همراهن جي اڪثريت اسٽيبلشمينٽ جي اتحادي بڻجي، ڏينهن رات اقتدار ۽ اُن سان لاڳاپيل ذاتي فائدن وٺڻ ۾ جنبيل رهي ۽ اڃا به آهي.
* پاڪستان جي اقتداري سياست ۾ ايوانن تان پهچڻ وارو اسٽرڪچر اهڙي طرح جوڙيل آهي، جو مڊل ڪلاس جو ماڻهو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڀري هاڻي ايم اين اي، ايم پي اي ته ٺهيو، يونين ڪائونسل جو ناظم به نٿو ٿي سگهي. ميلن تائين پکڙيل تڪن ۽ ووٽرن جي تمام وڏي انگ تي سيٽون رکڻ جي نتيجي ۾ اليڪشن مهم ايترو مهانگو عمل بڻجي پئي آهي جو حرام جي پئسي يا اسٽيبلشمينٽ جي سيڙپڪاري کان سواءِ اليڪشن وڙهڻ ۽ کٽڻ جو تصور ناممڪن ٿي پيو آهي. مثال طور تي سنڌ ۾ قومي اسيمبليءَ جون اڪثر سيٽون ٻه کان ٽي لک رجسٽرڊ ووٽن تي مشتمل آهن. ساڳي طرح صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون هڪ کان ڏيڍ لک ووٽرن تي مشتمل آهن. ايڏن وڏن اليڪشني تڪن ٺاهڻ جو واضح ڪارڻ وڏيرڪي ڪلاس جو پارليامينٽ تي قبضو برقرار رکڻ آهي. مڊل ڪلاس جون پارٽيون جيڪي پارليامينٽ ذريعي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرن ٿيون، تن لاءِ اليڪشني اسٽرڪچر هڪ وڏو چئلينج رهندو.
* بنگلاديش ۽ تازو بلوچستان وارن تجربن ثابت ڪيو آهي ته پارليامينٽ ۾ موجودگي قومي مسئلن تي آواز اُٿارڻ جي حد تائين ته ٺيڪ آهي، پر اها قومي تحريڪ خلاف انتها درجي جي رياستي ڏاڍ کي روڪڻ لاءِ ناڪافي آهي. اهڙي طرح قومي سوال جي حوالي سان نه رڳو موجوده پارلياماني سرشتو اپاهج آهي، پر اهو قومي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد خلاف طاقت جي استعمال کي روڪڻ اڳيان بيوس آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو بلوچ قومپرست به هاڻي پارليامينٽ تان استعيفائون ڏئي رهيا آهن.
انهن ۽ اُن قسم جي ٻين انيڪ حقيقتن کي مدنظر رکي اُن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته سنڌ دوست ڌرين کي پارليامينٽ وارو محاذ بيشڪ خالي نه ڇڏڻ گهرجي، پر اُن بابت گهڻي خوشفهميءَ جو شڪار به نه رهڻ گهرجي ته پارليامينٽ ۾ پهچڻ سان هو سنڌ جي تقدير بدلائي ڇڏيندا. اڃا به اُن کي هن ريت ڏسڻ گهرجي ته پارليامينٽ ۾ سنڌ جي حقن بابت سندن آواز کي ٿورو گهڻو مان ملڻ به اُن حقيقت سان مشروط هوندو ته سنڌ ۾ قومي حقن جي تحريڪ عوامي سطح تي ڪيتري منظم آهي. ان ڏس ۾ ڪالاباغ ڊيم تي جيئن ته عوامي سطح تي هڪ منظم تحريڪ موجود رهي آهي ته اُن جي دٻاءُ هيٺ صوبائي اسيمبليءَ به اُن جي خلاف ٺهراءُ منظور ڪيا ۽ اسٽيبلشمينٽ تي به هڪ حد تائين دٻاءُ برقرار رهيو آهي. پر ٻئي طرف اين ايف سي ايوارڊ تي جيئن ته سنڌ ۾ عوامي سطح تي ڪا مضبوط تحريڪ موجود ناهي جنهن ڪري ساڳي اسيمبلي ۽ ساڳيا ميمبر اُن ناحق تي ماٺ آهي ۽ طاقت ڌڻي بي ڌڙڪ سنڌ جي ناڻي تي قابض آهن.
سنڌ دوست مڊل ڪلاس جي پارلياماني سياست ۾ اچڻ تي ڪنهن کي به ارهائي نه هُجڻ گهرجي پر اُن ڏس ۾ منظم طور تي اڳڀرائي ڪندڙ قيادت کي اها حقيقت مدنظر رکڻي پوندي ته جيستائين هو پارليامينٽ جو حصو بڻجڻ سان گڏ هڪ منظم عوامي هلچل جو حصو نه بڻجندا، تيستائين قومي حقن لاءِ پارليامينٽ اندر سندن آواز طاقت- ڌڻين ته ڇڏيو، اسپيڪر جي ڪنن تائين به نه پهچي سگهندو.

سنڌ جو بدلجندڙ سماجي ڍانچو

سنڌ جو بدلجندڙ سماجي ڍانچو


جيئن فردن جي زندگيءَ ۾ ڪي اڻ وڻندڙ واقعا زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي خدا جي نعمت ثابت ٿيندا آهن، تيئن قومن جي زندگيءَ لاءِ به ڪي حادثا وقتي طور تڪليف ڏيندڙ هوندا آهن، پر ڊگهي مدي ۾ قومي سطح تي اهي ڪي فائدا به ڏئي ويندا آهن. ساڳي طرح قومن جي تاريخ ۾ ڪي وقتي طور فائديمند نظر ايندڙ واقعا ڊگهي مدي ۾ وڏي سطح جا قومي نقصان ثابت ٿيندا آهن. هن قسم جي واقعن جو هڪ مثال ننڍي کنڊ جو ورهاڱو آهي. ننڍو کنڊ ورهائجڻ وقت سنڌ جا اڳواڻ خوش هئا ته سنڌ کي انگريزن جي غلاميءَ مان آجپو ملي رهيو آهي، پر وقت ٻڌايو ته اها خوشي بنهه عارضي هئي ۽ ملڪ ٺهڻ وقت 50 رپيا في ماڻهو آمدني رکندڙ سنڌ ۾ اڄ في ماڻهو آمدني 20 رپيا آهي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ غربت جي شرح سڄي ملڪ جي شهري ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن کان وڌيڪ آهي.
ساڳي طرح پهرين نوعيت جي واقعن جا پيرا کڻجن ته پتو لڳندو ته ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ اندر ٻه تڪليف ڏيندڙ اهڙا واقعا ٿيا آهن، جيڪي ايندڙ وقت ۾ سنڌين کي وڏو فائدو ڏئي سگهن ٿا. انهن ۾ سنڌ اندر ڌاڙيل فيڪٽر جو پيدا ٿيڻ ۽ سرڪاري نوڪرين تي بندش لاڳو ٿيڻ شامل آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته انهن ٻن ڳالهين انفرادي توڙي اجتماعي طور اسان کي وڏو نقصان پهچايو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن خاص طور ڌاڙيل فيڪٽر جي نتيجي ۾ بي انتها اذيت به ڀوڳي آهي، پر وقت گذرڻ سان اجتماعي سطح تي انهن جا هاڪاري اثر به نظر اچڻ لڳا آهن. ان جو مطلب اهو قطعي ناهي ته اسان ڌاڙيل فيڪٽر يا سنڌين لاءِ سرڪاري نوڪريءَ تي بندش جي حمايت ڪريون، پر اسان رڳو سماجي تبديليءَ جي حوالي سان انهن جي ڪجهه اهڙن رخن تي نظر وجهي رهيا آهيون، جن سان سنڌي سماج ۾ ڪي هاڪاري تبديليون اينديون.
پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ ۾ هندو مڊل ڪلاس جي شڪل ۾ سنڌي سماج ۾ هڪ تحرڪ موجود هو. ورهاڱي کان پوءِ هندو لڏي وڃڻ جي نتيجي ۾ سنڌ اندر مڊل ڪلاس جو هڪ وڏو خال پيدا ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي سماج هڪ ڊگهي جمود جو شڪار ٿي ويو. شهرن ۾ هندستان کان آيل نسبتن پڙهيل لکيل ۽ هنرمندن هٿن قبضو ڪري ورتو. اهي وڏيرا جيڪي اڳي هندو سيٺين جا قرضي هوندا هئا، اهي سنڌ جي ٻهراڙين جا حڪمران بڻجي ويا. ملڪي ڪاروهنوار ۾ طاقت ڌڻين جو فطري اتحادي هجڻ سبب کين رياستي ڍانچي جي به مڪمل مدد حاصل هئي ۽ پهريون ڀيرو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سنڌي مڊل ڪلاس ڪجهه شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کلڻ لڳيون، سنڌين کي ڪوٽا سسٽم وسيلي نوڪرين ۾ پير رکڻ جو موقعو مليو ۽ هوريان هوريان سنڌي ملڪي مکيه ڌارا جو حصو بڻجڻ لڳا. ڀٽي جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ شروع ٿيل آمريتي راڄ جا ظلم اڃا تائين ماڻهن کان ناهن وسريا. 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ طاقت ڌڻين کي صاف نظر اچي ويو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سياسي طور باشعور مڊل ڪلاس جي مزاحمتي سگهه هنن لاءِ ڪيتري خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. اهڙي طرح طاقت ڌڻين سنڌ ۾ سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر کي روڪڻ لاءِ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن ۽ شهرن دهشتگردن کي بڇيو.
سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪيئي ناٽڪ رچايا ويا. مثال طور مارچ 1986ع ۾ سکر سينٽرل جيل کي ٽوڙي 34 بدنام ڏوهاري فرار ٿي ويا، جن کي موت جي سزا ٻڌايل هئي. اهي ڀڳوڙا ڏوهاري اڳتي هلي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زندگيون عذاب ڪندڙ ڌاڙيلن ۾ تبديل ٿي ويا، جن پنهنجا ٽولا منظم ڪري ٻهراڙين ۾ رڻ ٻاري ڏنو. ڪجهه انگن اکرن مطابق هڪ ڏهاڪي اندر سنڌ ۾ اٽڪل ساڍا يارنهن هزار ماڻهو ڀنگ لاءِ اغوا ڪيا ويا. 1991ع جي ڪجهه رپورٽن موجب سنڌ ۾ اٽڪل 20 هزار ڌاڙيل سرگرم هئا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زندگي ايتري غير محفوظ بڻجي وئي، جو ماڻهن مجبور ٿي ڍور ڍڳا وڪڻي نيم شهري ۽ شهري علائقن ڏانهن رخ ڪيو.
جيڪڏهن سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته 80ع جي ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ اڄ انهن جي پکيڙ ۽ آبادي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. ان جو سبب ڪچي ۽ ڏورانهن علائقن وارن ڳوٺن مان ماڻهن جي ويجهن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ آهي. ساڳئي طرح اندرين سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۽ ٻين نيم شهري علائقن مان ماڻهن حيدرآباد ۽ ان سان ڳنڍيل شهرن جهڙوڪ ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري ڏانهن وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ڪئي. ٻهراڙين جي بدامني، بيروزگاري، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي اڻ هوند سنڌ جي وچولي طبقي کي شهرن ڏانهن منهن ڪرڻ تي مجبور ڪيو. شهري علائقن ۾ دهشتگرديءَ جي لهر جيتوڻيڪ ان منتقليءَ کي ڪنهن حد تائين متاثر ڪيو، پر ان جي نتيجي ۾ شهرن اندر سنڌي آباديءَ جا علائقا قائم ٿيا. حيدرآباد اندر قاسم آباد ان جو هڪ مثال آهي، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ سنڌين جو پهريون باقاعدي شهر ڪوٺيو وڃي ٿو. اهڙي طرح بدامنيءَ جي نتيجي ۾ جتي ٻهراڙين جي معيشت کي هاڃو رسيو ۽ هزارين گهراڻا بي گهر ٿيا. اُتي تاريخ جي جبر هيٺ ٻهراڙين سان چنبڙيل رهندڙ سنڌي ماڻهو نيم شهري ۽ شهري زندگيءَ جو حصو بڻيو. اتفاق جي ڳالهه آهي ته انهن ئي سالن ۾ سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽ رهيو ۽ ٻهراڙين جي زرعي بنياد واري معيشت کي شديد لوڏو آيو. وڌندڙ آبادي، سم ۽ ڪلر جي تباهڪاري ۽ واهن ۾ پاڻي نه اچڻ سبب ٻهراڙين ۾ بيروزگاري پنهنجي انتها تي پهچي وئي. ان صورتحال پڻ ٻهراڙين مان ماڻهن کي شهرن ڏانهن منتقل ٿيڻ تي مجبور ڪيو. 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ جيڪي ماڻهو شهرن ڏانهن منتقل ٿيا، تن نهايت ڏکي صورتحال کي منهن ڏنو، پر اڄ سندن هڪ نسل بنهه نئين دنيا ۾ پير رکي چڪو آهي. شهري ماحول بهتر، تعليمي سهولتون ۽ ڄاڻ جي وسيلن ڏانهن بهتر پهچ جي نتيجي ۾ هي نسل سنڌ جو اهو مڊل ڪلاس ٿي اڀري رهيو آهي، جيڪو رڳو احساس محروميءَ جي نالي تي پِٽڪو ڪرڻ بجاءِ مختلف ميدانن ۾ چٽاڀيٽي ڪري پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيو آهي. جيئن ته هي نسل هڪ مختلف ماحول مان نڪتو آهي، تنهن ڪري ان جو منهن مهانڊو، خيال ۽ انهن جي ادائگي، رويا ۽ سوچون روايتي سنڌي نوجوان کان مختلف آهن ۽ اهو شهرن جي احساس برتري رکندڙ غير سنڌين سان مقابلو ڪرڻ لڳو آهي، جيڪي اڳي سنڌين کي ٻهراڙيءَ جو ڄٽ ۽ وڏيرن جو غلام قرار ڏئي مٿن چٿرون ڪندا هئا. ايئن سنڌ کي هڪ Fight Back ڪندڙ نسل ملي رهيو آهي، جيڪو ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌي سماج جي شڪل تبديل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.
ان ساڳي عرصي دوران 90ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري سرڪار نوڪرين تي پابندي لاڳو ٿيڻ سنڌي سماج ۾ تبديليءَ جي هڪ نئين لهر کي جنم ڏئي ڇڏيو. ان کان اڳ وارن سالن ۾ سرڪاري نوڪري، خاص طور تي ڳوٺ ۾ ڪلارڪي ۽ ماستري ڪرڻ سنڌي نوجوان جو محبوب مشغلو رهي آهي. مئٽرڪ يا انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌي نوجوان ڏينهن رات وڏيرن جي اوطاقتن تي سندن ڪمدار ۽ خاص ماڻهن جي درن جا چڪر ڪاٽي درخواست تي سفارشي نوٽ لڳرائڻ لاءِ جتن ڪندا هئا. اسيمبليءَ ۾چونڊيل رئيسن جون او طاقون هميشه درخواستون کڻي آيل سائلن سان آباد هونديون هيون ۽ اهڙي طرح اڻ پڙهيل ڳوٺاڻا پوليس ڪيسن لاءِ ۽ پڙهيل لکيل نوجوان ماستريءَ جي نوڪريءَ لاءِ رئيس جي اوطاق ٻاهران قطار ڪيو بيٺا هوندا هئا. ان آسري تي سنڌي نوجوان محنت ڪرڻ يا پڙهڻ بجاءِ ڪاپي ۽ سفارش وسيلي ڊگري حاصل ڪرڻ پويان لڳو پيو هو ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڊگريون رديءَ جي ڪاغذ وانگر تور تي وڪامجي رهيون هيون. نتيجي ۾ سواءِ سرڪار جي ٻي ڪنهن کاتي ۾ سنڌي نوجوان جو پير ئي نه کپندو هو. جيڪڏهن ڀلجي ڪو سنڌي گريجوئيٽ ڪنهن پرائيويٽ اداري جي نوڪريءَ لاءِ پهچندو هو ته انٽرويو جي پهرين ٽن منٽن ۾ آئوٽ ٿي ويندو هو ۽ ٻاهر نڪري سنڌين سان زيادتيءَ جو پٽڪو پٽي وري رئيس جي اوطاق تي اچي منزل ڪندو هو. سرڪاري نوڪرين تي بندش کان پوءِ ٻهراڙين جي نوجوانن ۾ هڪ طرف مايوسيءَ جنم ورتو ته ٻئي طرف کين اها حقيقت به سمجهه ۾ اچي وئي ته هاڻي کين پنهنجا طور طريقا تبديل ڪرڻا پوندا. کين اهو سمجهه ۾ اچي ويو ته جيڪڏهن تعليمي ڪيريئر دوران هو سچ پچ ته ڪا محنت ڪندا ته کين اڳتي به ڪجهه حاصل ٿيندو. ساڳي طرح نوڪريون نه ملڻ کان پوءِ سنڌي نوجوانن مجبور ٿي اهي هنر به سکڻ شروع ڪيا، جيڪي اڳي سندن مزاج وٽان نه هوندا هئا. بدقسمتيءَ سان اسان جي نوجوانن ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته ڪراچي شهر جي ٽن وڏن صنعتي مرڪزن ۾ اٽڪل 12 لک نوڪريون پيون آهن، جن جون پگهارون ماسترين ۽ ڪلارڪين کان گهڻيون بهتر آهن ۽ انهن لاءِ رئيس جي اوطاق تي جتيون به نه ٿيون گسائڻيون پون. ساڳي طرح سنڌ جي نيم شهري مرڪزن ۾ پان ٻيڙيءَ جي ڪئبن کان وٺي اليڪٽريشن به سنڌي نه ملندو هو، ڇو ته اسان جي منزل سرڪاري نوڪريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هئي. ان سڄي عمل ۾ سالن جا سال اسان وڏيرن جي ذهني غلاميءَ جو شڪار بڻيل رهياسين. هاڻي سرڪاري نوڪرين تي بندش کان پوءِ سنڌي نوجوان ڪنهن حد تائين هٿ جي هنر، ننڍي ڪاروبار ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ڏانهن وک وڌائي آهي. اهڙي طرح ڌاڙيل فيڪٽر ۽ سرڪاري نوڪرين جي بندش هڪ اهڙي سنڌي مڊل ڪلاس کي جنم ڏنو آهي، جيڪو مدي خارج روايتن ۽ ڏهاڪن جي ذهني غلاميءَ مان وڏي حد تائين آجو آهي ۽ شارٽ ڪٽ بدران چٽاڀيٽيءَ واري عمل جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار آهي. گلوبلائيزيشن جي نتيجي ۾ جتي سڄي دنيا ۾ چٽاڀيٽيءَ جو هڪ نئون جهان جنم وٺي رهيو آهي ۽ شارٽ ڪٽ وارا طريقا ترقيءَ لاءِ غير جٽادار ثابت ٿي رهيا آهن. اتي سنڌي سماج کي هڪ نئين رويي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ مدي خارج طريقن ۽ روين مان پاڻ کي تيزيءَ سان آجو ڪرڻ کان سواءِ اسان وٽ ٻي ڪا به واهه ناهي.
(پندرنهن وار افيئر، مارچ 2007)

سنڌ جي بهتر مستقبل جو اونو ڪندڙ نسل

سنڌ جي بهتر مستقبل جو اونو ڪندڙ نسل
ڪڏهن جنم وٺندو؟


دنيا ۾ شاگرد تنظيم جو تصور اعليٰ اخلاقي قدرن، جديد ڄاڻ ۽ مستقبل ۾ سماج جي واڳ سنڀاليندڙ هڪ سڌريل اداري وارو هوندو آهي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ شاگرد تنظيم جو تصور ڪرمنلز، ڀتاخورن، هٿياربندن ۽ هرسال امتحان ۾ فيل ٿيندڙن جي گروهه وارو بڻجي پيو آهي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي قومي آجپي ۽ ثقافتي بقا واري تحريڪ ۾ شاگرد تنظيمن جو شاندار ڪردار سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ شانائتو باب آهي، پر افسوس جو اڄ جون ڪجهه شاگرد تنظيمون سنڌ جي سياسي تاريخ جا ڪارا باب تخليق ڪري رهيون آهن.
ڪجهه هفتا اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جيڪو ڪجهه وهيو واپريو، سو تعليم دشمنيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هئو ۽ ان قسم جي جهيڙن ۾ ملوث شاگرد تنظيمون ۽ سندن اڳواڻ ڀلي سنڌ جي آجپي ۽ جمهوري قدرن جا دعويدار هجن، پر سندن عمل ٻڌائن ٿا ته هنن جو پهريون ۽ آخري نظريو سنڌ جي تعليمي ادارن کي تالا لڳرائي سنڌ جو مستقبل برباد ڪرڻ آهي.
سنڌ جي شاگرد سياست درحقيقت تاريخ جي جبر جي پيداوار هئي. ورهاڱي کانپوءِ هندن جي لڏپلاڻ سبب سنڌ ۾ وچولي طبقي جي خال جي نتيجي ۾ ون يونٽ خلاف عوامي سطح تي ڪا تحريڪ جنم نه وٺي سگهي. ان وقت سنڌ ۾ هڪ طرف ٻن ويلن لاءِ پريشان هيٺيون طبقو هئو، جنهن کي ڪجهه پتو نه هئو ته ون يونٽ ڪهڙي طرح سندن صدين جي تاريخي سڃاڻپ کي ميساريو آهي ته ٻئي طرف رياست جي جهوليءَ ۾ ويٺل اهو وڏيرڪو طبقو هئو، جنهن وڏي اڪثريت سان سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرايو. ان خوفناڪ سماجي خال واري حالت ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا باشعور شاگرد ۽ اديب ئي هئا، جن سنڌ جي ثقافتي مورچي کي سنڀاليو ۽ هڪ شاندار جدوجهد وسيلي ان ڪٺن وقتن ۾ سنڌي سماج جا ڪارائتا ڪردار بڻيا، ڇو ته انهن جي تنظيم سازي جي پٺيان هڪ عظيم مقصد موجود هئو. اهي نه ته”ڳجهين پگهارن“ تي هلندا هئا ۽ نه ڀتا اوڳاڙي ڪاٽن جا وڳا پائيندا هئا. جيڪڏهن اڄ جي شاگرد سياست بابت منهنجي راءِ سان ڪنهن کي اختلاف آهي ته مان کانئس هيٺيان سوال پڇڻ گهرندس.
* گذريل ڏهن سالن ۾ ڪيترين شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن پنهنجي ڪلاس يا ڊپارٽمينٽ ۾ پوزيشن حاصل ڪئي آهي؟
* گذريل ڏهن سالن ۾ انهن شاگرد تنظيمن سنڌ جي تعليمي برباديءَ تي گهڻا سيمينار يا ڪانفرنسون منعقد ڪيون آهن؟
* گذريل ڏهن سالن ۾ هنن شاگرد تنظيمن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪيترا ڪتابي ميلا، تعليمي ڏينهن يا هفتا ملها يا آهن؟
* گذريل ڏهن سالن ۾ ڪيترا شاگرد اڳواڻ چٽا ڀيٽي وسيلي اسڪالر شپ ماڻي پرڏيهه پڙهڻ ويا آهن؟
* گذريل ڏهن سالن دوران سنڌ ۾ آيل آفتن سامونڊي طوفانن، ٻوڏن ۽ ڏڪار ۾ انهن تنظيمن ڪيترا ڀيرا شاگردن جا وفد وٺي متاثر سنڌ واسين جي واهر لاءِ ڪي ڪيمپون لڳايون آهن؟
* گذريل ڏهن سالن ۾ سنڌ جي شاگرد اڳواڻن سنڌ جي قومي حقن سان لاڳاپيل معاملن تي ڪيترا دستاويز شايع ڪرايا يا رڳو پڙهيا آهن؟
منهنجي دعويٰ آهي ته اهي عمل آڱرين تي ڳڻڻ جيترن موقعن تي به نه ڪيا ويا آهن. هي سڀ علامتون شاگرد سياست جي زوال کي ظاهر ڪن ٿيون. سنڌ جي شاگرد سياست جي ان زوال جا پيرا کڻبا ته ان جا شروعاتي حوالا 70ع جي ڏهاڪي ۾ ملندا، جڏهن سياسي ٽڪراءَ واري بنياد تي شاگرد تنظيمون قائم ڪرڻ جو رواج پيو. هي تنظيمون سنڌ جي تعليمي معيار کي سڌارڻ يا تعليمي ادارن جو علمي ماحول بهتر بنائڻ لاءِ وجود ۾ نه آنديون ويون، پر تعليمي ادارن ۾ گروهه بنديون ڪري پنهنجي سياسي قد وڌائڻ لاءِ اهي تنظيمون ٺهرايون ويون. 70ع واري ڏهاڪي ۾ سرڪار پهريون ڀيرو سرڪاري نوازشن ذريعي ڪجهه شاگرد تنظيمن ۾ پئسي، رعايتن ۽ دٻدٻي جو بنياد وڌو. قومپرست تحريڪون جيئن ته ان وقت پنهنجي شروعاتي دور ۾ هيون ۽ عوامي سطح تي وٽن ڪا اثرائتي نمائندگي نه هئي، تنهن ڪري انهن پڻ شاگرد تنظيمن تي ڀاڙڻ شروع ڪيو. ان جو هڪ جائز ڪارڻ اهو به هئو ته ان وقت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليم عام نه هئي، ميڊيا جي اڻهوند هئي ۽ قومپرستيءَ جو پيغام عام ڪرڻ ۽ عام سنڌ واسيءَ ۾ سنڌ جي ثقافتي ۽ قومي حقن بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ جو اهم ۽ واحد وسيلو شاگرد هئا. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ان دور ۾ شاگرد تنظيمن سنڌ ۾ قومي سوچ کي جهر جهنگ پهچائڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هڪ عرصي تائين شاگرد تنظيمون سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن. جيئن جيئن شاگرد تنظيمن جو ڪردار اثرائتو بنجڻ لڳو ته سنڌ دشمن حڪمتِ عمليءَ خلاف جدوجهد لاءِ شاگرد تنظيمون هڪ اهم ذريعو بڻجي ويون. ڀٽي جي دور ۾ سنڌي مڊل ڪلاس جي اڳڀرائي ۽ ايم آر ڊي جدوجهد دوران سياسي جاڳرتا جا منظر ڏسي واڳ ڌڻين اهو طئي ڪري ڇڏيو هئو ته سنڌ کي ملڪ جو ٻيو بنگلاديش بنجڻ نه ڏنو ويندو. بنگلاديش جي قومي تحريڪ ۾ شاگردن، يونيورسٽين جي پروفيسرن ۽ مجموعي طور بنگالي مڊل ڪلاس جي ڪردار انهن طاقتن کي شڪست ڏني هئي. ان تجربي کين مجبور ڪيو ته هو سنڌ ۾ اهڙين محبِ وطن قوتن کي پير ڄمائڻ نه ڏين.
80ع ۽ 90ع وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ اندر پيش آيل واقعن جو جائزو وٺبو ته واڳ ڌڻين جي ان حڪمتِ عمليءَ جا هيٺيان اهم پاسا نظر ايندا.
* ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل پيدا ڪري سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر کي هاڃو رسائي سنڌي سماج ۾ جمود پيدا ڪرڻ.
* شهرن ۾ دهشتگردن کي منظم ڪري سنڌي مڊل ڪلاس جي ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن پهچ کي روڪڻ.
* سنڌ جي شاگرد ۽ استاد تنظيمن ۾ ڪجهه ذهني طور تي ڪرمنلز ۽ فڪري طور تي اڻ پڙهيلن ۽ ڄٽن جي والار ڪرائي سنڌ جي ترقيءَ جي اهم رستي يعني تعليم کي برباد ڪرڻ.
* سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر کي عام ڪري صلاحيت کي ناپيد بنائڻ.
* سنڌ کي بدامنيءَ جو ڀوت بڇي مقامي ۽ غير مقامي سيڙپڪاري کي روڪي سنڌ جي مجموعي سماجي ترقيءَ ۾ رنڊڪ وجهڻ.
* سنڌ ۾ غلاماڻي ذهنيت واري وڏيراشاهيءَ کي رياستي ٿوڻين سان مدد فراهم ڪرڻ.
بدقسمتيءَ سان سنڌ جون ڪجهه شاگرد تنظيمون ان رٿابنديءَ جو بهترين شڪار ثابت ٿيون ۽ اٽڪل ٻن ڏهاڪن تائين سنڌ جا تعليمي ادارا لڳاتار تالابندي، تعليمي معيار جي زوال ۽ ڏوهارين جو مسڪن بڻيل رهيا، جنهن سان نه رڳو سنڌ جي تعليمي ادارن جو جاب مارڪيٽ ۾ اميج تباهه ٿي ويو، پر سنڌي سماج ترقيءَ جي ميدان ۾ ملڪ جي باقي ٻين سمورين قومن کان پٺتي رهجي ويو. اهوئي سبب آهي جو انهن ويهن سالن دوران ايڪڙ ٻيڪڙ فردن کي ڇڏي سنڌ جي تعليمي ادارن مان ڊگرين جي نالي تي شرمندگي ۽ نااهليءَ جا پروانا وٺندڙ اڻ پڙهيلن جي هڪ لشڪر جنم ورتو، جنهن کي خانگي شعبي جو ڪو ادارو انٽرويو ڪال جاري ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. ان سموري ڪارستانيءَ جو هڪ اهم ڪردار ڪجهه شاگرد تنظيمون رهيون آهن. ”ڳجهيون پگهارون“ کڻندڙ قيادت جي مهربانيءَ سان انهن تنظيمن سنڌ جي تعليمي برباديءَ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. بدقسمتيءَ سان انهن تنظيمن جي مڌر پارٽين جي قيادت به سندن سڌاري لاءِ ڪي اُپاءَ وٺڻ بجاءِ سندن همت افزائي ڪندي رهي، ڇو ته عوامي سطح تي ڪا مڃتا ۽ اهميت نه ملڻ سبب سماج جا ٻيا عوامي حصا سندن جلسن ۾ اچڻ لاءِ تيار نه هئا. تنهن ڪري سستي اگهه تي پمفليٽ ورهائڻ، نعرا هڻڻ، چاڪنگ ڪرڻ ۽ هٿيارن جي زور تي چندا ڪٺا ڪري سندن ضرورتن ۽ شوقن جي پورائي لاءِ شاگرد تنظيمون سندن مجبوري بڻجي پيون. هي تنظيمون اويل سويل اخبارن ۾ پريس رليز جي ڪوريج وٺڻ لاءِ داٻا ڏيڻ ۽ شريفن جا پٽڪا لاهڻ جهڙيون سهولتون به مهيا ڪنديون هيون، تنهن ڪري سنڌ جي معتبر قومپرست اڳواڻن عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ واري ڪٺن جدوجهد بجاءِ شاگرد تنظيمن کي ڏاڪڻ طور استعمال ڪيو. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شاگرد تنظيمن کي يرغمال ڪري غلط راهه تي هڪليندڙ قيادت کي ڇڏي ڪري سندن ڪارڪنن جي هڪ وڏي اڪثريت ايماندار، سنڌ جي آجپي لاءِ جان جوکي ۾ وجهندڙ ۽ سنڌ خاطر اذيتون برداشت ڪندڙ وطن پرست نوجوانن تي ٻڌل هئي، انهن جي اڪثريت دنيا جي انقلابن جي تاريخ پڙهي قومپرستيءَ جي جنهن رومانس ۾ گهيريل هئي، ان جو سنڌ سان سچائيءَ ۾ تر جيترو به تفاوت نه هئو ۽ پنهنجي سادگيءَ ۾ کين ان ڳالهه جو به احساس نه هئو ته سندن سنڌ دوستيءَ جي ڪيتري قيمت سندن اڳواڻ وصول ڪري رهيا آهن. اهوئي ڪارڻ آهي جو شاگرديءَ وارو دور ختم ٿيڻ کانپوءِ شاگرد تنظيمن جا اهي مخلص ڪارڪن زماني جون حقيقتون سمجهڻ کان پوءِ سياست کي خدا حافظ چئي پنهنجين نوڪرين ۽ ڪٽنبن کي وڃي سنڀاليندا هئا، جنهن کي سندن اڳواڻ ٿڪاوٽ، موقعي پرستي ۽ شڪست جو نالو ڏيندا هئا، پر ڪڏهن به ان جي حقيقي ڪارڻ کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا. ٿورن لفظن ۾ ايئن چئجي ته شاگرد تنظيمون سنڌ دوستيءَ جي دعويٰ کان شروع ٿيون ۽ تعليم دشمن ڪاررواين تي پهتيون.
هاڻي اهم سوال اهو آهي ته اڄ سنڌ کي شاگرد تنظيمن جي سچ پچ به ڪا ضرورت آهي يا اهي مورڳو سنڌ جي تعليمي ادارن لاءِ هڪ بار بڻيل آهن؟ هڪ رايو اهو آهي ته شاگرد تنظيمن جو وجود هاڻي غير ضروري آهي، ڇو ته اهي سنڌ کي فائدو ڏيڻ بجاءِ الٽو نقصان ڏئي رهيون آهن. جيئن مون مٿي ڄاڻايو ته ون يونٽ جي دور ۾ شاگرد تنظيمن جي موجودگيءَ جو هڪ مضبوط جواز هئو، ڇو ته سنڌ ۾ قومي ۽ ثقافتي بچاءَ جا ٻيا فورم موجود ۽ سرگرم نه هئا. اهڙي طرح ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ به انهن تنظيمن جي وجود جو اهو جواز هئو ته گهٽ تعليم ۽ ڄاڻ تائين محدود پهچ سبب سنڌ جي قومي حقن جي ڄاڻ ۽ شعور عام سنڌيءَ تائين پهچائڻ لاءِ شاگرد تنظيمن جو ڪردار اهم هئو. ان دور جي ڀيٽ ۾ هاڻي جڏهن قومپرستي سنڌ جي گهر گهر تائين پهچي چڪي آهي ۽ عام واڍي ۽ موچيءَ کي به خبر آهي ته سنڌ سان ڪهڙيون زيادتيون ٿي رهيون آهن، تڏهن شاگرد تنظيمن جو ڪهڙو ڪردار باقي رهي ٿو؟ خاص طور تي انتهائي منظم سنڌي ميڊيا سنڌ جي حقن بابت جاڳرتا ۽ ڄاڻ پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي، اتي شاگرد تنظيمن جو هاڻوڪو ڪردار ڪهڙي ضرورت جو پورائو ڪري رهيو آهي؟
مان اصولي طور شاگرد تنظيمن جي وجود جي خلاف ناهيان، پر شاگرد تنظيمن جي وجود لاءِ سندن ڪردار ۽ جواز جي نئين وصف جي ضرورت محسوس ڪيان ٿو. اڄ سنڌ ايڪهين صديءَ ۾ گلوبلائيزيشن جي ان چٽاڀيٽيءَ جي دور ۾ اڃا بانبڙا پائي رهي آهي، جتي جديد ٽيڪنالاجي، سائنسي ڄاڻ ۽ اهم قومي ۽ بين الاقوامي فورمز تي سنڌ جي اثرائتي نمائندگيءَ جي ضرورت آهي. ان سنڌ کي ملڪي سياست ۽ مارڪيٽ اڪانوميءَ جي نون چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر ريسرچ ۽ بهتر هيومن رسورسز جي ضرورت آهي. هتان جي شاگردن کي خانگي ادارن جي باصلاحيت شاگردن سان مقابلو ڪرڻو آهي، ان ڪري انهن ادارن سان چٽاڀيٽي لاءِ بهترين فيڪلٽي، ليبارٽريز ۽ تعليمي ماحول جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اڄ شاگرد تنظيمن جي ڪا ضرورت آهي ته اها انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. هاڻي ڪينٽين تي مفت جون مانيون کائڻ، هاسٽلن تي قبضا ڪرڻ ۽ ڀتا گيريءَ سان جلسا ڪرائڻ وارين شاگرد تنظيمن جي سنڌ کي ڪا به ضرورت ناهي. سنڌ کي سماج جي ترقيءَ سان ڪميٽيڊ اهڙين شاگرد تنظيمن جي ضرورت آهي، جيڪي سنڌ جي تعليمي ادارن کي علم، عقل، اهليت ۽ صلاحيت جو مرڪز بڻائي ان کي نئين دور جي چئلينجز سان منهن مقابل ٿيڻ جي سگهه ڏين. سنڌ کي سياسي ساڃاهه ۽ ڄاڻ جي ضرورت اڄ به آهي، پر اها هاڻي رڳو سنڌ جي حقن بابت سکڻا نعرا هڻن تائين محدود ناهي. هاڻي سنڌ کي حقن بابت ڄاڻ لاءِ دليل ۽ انگن اکرن جي ضرورت آهي. سنڌ جي شاگرد تنظيمن کي جيڪڏهن سنڌ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اها آهي ته سنڌ کي هڪ اهڙي تعليمي ماحول کي منظم ڪرڻ جي، جنهن سان سنڌ کي هڪ بهتر مستقبل ڏيندڙ نسل جنم وٺي سگهي. يونيورسٽين جي گريجوئيٽس کي پنجن کان ڏهن سالن اندر سماج کي قيادت فراهم ڪرڻ واري پوزيشن اختيار ڪرڻي هوندي آهي. شاگرد تنظيمون ۽ سندن اڳواڻن کي پنهنجي پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته بائيڪاٽن، فائرنگ ۽ تالابنديءَ جي ماحول مان جنم وٺندڙ نسل سنڌ کي ڪهڙي قيادت فراهم ڪري سگهندو؟
شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سندن پارٽي قيادت کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته هو سنڌکي هڪ صحتمند روين واري سياسي قيادت فراهم ڪرڻ گهرن ٿا يا سنڌ کي پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس جي قيادت فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ تعليمي ادارن کي برباد ڪندڙ سياست جي سرپرستي ڪرڻ گهرن ٿا. (روزاني ڪاوش- 5 نومبر 2007ع)

سياسي ۽ معاشي ميدان ۾ پٺتي رکيل سنڌ

سياسي ۽ معاشي ميدان ۾ پٺتي رکيل سنڌ


پاڪستان جي اڄوڪي منظرنامي ۾ سنڌ ڪٿي بيٺي آهي؟ يا ايئن کڻي چئجي ته پاڪستان جي هاڻوڪي فريم ورڪ ۾ سنڌين جو مستقبل ڇا آهي ۽ کين پنهنجي مستقبل کي بهتر ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪرڻ گهرجن؟ جيڪڏهن اڄوڪي پاڪستان اندر طاقت جي مختلف مرڪزن جو جائزو وٺبو ته هڪ ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿيندي ته سنڌي ۽ بلوچ هن ملڪ جون سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ڪيل ۽ پٺتي ڪيل (مان هتي ”پٺتي پيل“ بجاءِ ”پٺتي ڪيل“ لفظ کي وڌيڪ موزون سمجهان ٿو) قومون آهن. پاڪستان ۾ حڪمران ڍانچي اندر طاقت جا ٻه اهم مرڪز نان سويلين ۽ سويلين اسٽيبلشمينٽ آهن. جڏهن ته سماجي ۽ معاشي ڍانچي جا اهم مرڪز صنعت، زراعت، ننڍي ۽ وچولي ڪاروبار وارو ٻهراڙيءَ جو معاشي ڍانچو ۽ وڏي سطح جي ڏيهي توڙي پرڏيهي ۽ ٻڌي توڙي ريزڪي ڪاروبار وارو شهري ڍانچو آهن. جيئن ته سياسي حڪمراني ۽ معاشي ميدان ڪنهن به قوم جي زندهه، متحرڪ ۽ سگهاري هجڻ جا بنيادي ماپا فراهم ڪندا آهن، تنهن ڪري سنڌين جي هن ملڪ ۾ حصي پتي ۽ اهميت جو تعين به انهن ميدانن جو ڇيد ڪرڻ سان ئي ٿي سگهندو.

سياسي حڪمرانيءَ جي طاقت جا مرڪز:
پاڪستان جي شروعاتي ڪجهه سالن دوران بيوروڪريسيءَ جي راڄ کان پوءِ ملڪ تي اصل حاڪميت نان سولين طاقتن جي رهي آهي ۽ روز مرهه جي ڪاروهنوار ۾ سول بيورو ڪريسي سندس ٻانهن ٻيلي رهي آهي. ان طرح پاڪستان جي سياسي طاقت جا اصل مرڪز عوام يا سندن چونڊيل ايوان نه پر نان سويلين ۽ سويلين اسٽيبلشمينٽ رهيا آهن. بدقسمتيءَ سان هنن ٻنهي ميدانن ۾ سنڌي پهرين ڏينهن کان ٻاهر رکيل آهن. وقت ثابت ڪيو آهي ته نان سويلين ۽ سويلين اسٽيبلشمينٽ ئي اصل سياسي حڪمراني جو مرڪز آهن. پنجاب پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي فوجي طاقت جو مرڪز هو. انگريز سرڪار جي سڀ کان وفادار فوج پنجاب ۾ هئي، تنهن ڪري اول ڏينهن کان پنجاب اندر فوجي ادارن کي وڌايو ۽ مضبوط ڪيو ويو.
عائشه صديقا پنهنجي مشهور ڪتاب ”ملٽري انڪ“ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس ۾ ڪل 650،000 فوجي ڀرتي ٿيل آهن. جن مان 75 سيڪڙو (يعني پوڻن پنج لکن جي لڳ ڀڳ) جو تعلق پنجاب سان آهي. 20 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ (اٽڪل سوا لک) سرحد صوبي مان آهن. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ڪل 5 سيڪڙو (اٽڪل 32 هزار) حصو مليل آهي. ويجهن سالن ۾ سنڌين کي فوج ۾ پير رکڻ جو ڪجهه موقعو مليو. جنرل (ر) مشرف 5 مئي تي نئين ڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب دوران پنهنجي تقرير ۾ ٻڌايو ته سنڌ مان 75 هزار فوجي آرمي ۾ موجود آهن. هتي اها ڳالهه واضح ناهي ته سنڌ جي کاتي ۾ ڪيترا هزار غير سنڌي ان انگ جو حصو آهن. ايئن مجموعي طور ڏسجي ته فوج ۾ سنڌين جو انگ تمام ٿورو آهي ۽ ان ۾ به سينئر سطح جا آفيسر شايد آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هجن. ان تناسب سان ڏسجي ته فوج سان لاڳاپيل ادارن جهڙوڪ اين ايل سي جي اٽڪل 7 هزار فوجي فائونڊيشن جي 6 کان 7 هزار ۽ آرمي ويلفيئر ٽرسٽ جي 5 هزار ملازمن ۾ به سنڌين جو حصو معمولي هوندو. سنڌين کي فوج ۾ مناسب حصو ڏيڻ جو مطالبو 50 واري ڏهاڪي کان ئي ٿيندو رهيو آهي ۽ سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل ان لاءِ هڪ ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو. جڏهن ته ايوب کهڙو سنڌ ريجمينٽ ٺاهڻ ۽ سنڌ ۾ فوجي سکيا جا مرڪز قائم ڪرڻ جا مطالبا عوامي جلسن ۾ به ڪندو رهيو. اهي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته طاقت جي بنيادي مرڪز يعني فوج ۾ سنڌين جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. فوج ۾ گهڻو حصو نه هئڻ سان زندگيءَ جي لاڳاپيل باقي سمورن شعبن ۾ به ڪمزور نمائندگيءَ واري حقيقت کي سمجهڻ مشڪل نه آهي.
سويلين بيورو ڪرسي روز مرهه جي ملڪي ڪاروهنوار ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جيان هوندي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت دوران نوي واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٻن مختصر حڪومتن کان سواءِ باقي سڄي ملڪي تاريخ ۾ سول بيورو ڪريسي اندر به سنڌين جي نمائندگي نهايت ڪمزور رهي آهي. ڀٽي جي دور ۾ ڪوٽا سسٽم متعارف ڪرائڻ سان پهريون ڀيرو سنڌين لاءِ سول بيورو ڪريسيءَ ۾ ڪجهه پير رکڻ جي جاءِ پيدا ٿي. بدقسمتيءَ سان اڻ چونڊيل حڪومتن ۾ سنڌين کي سول بيورو ڪرسيءَ جي اهم عهدن کان پري رکيو ويندو آهي. مثال طور هن وقت وفاقي حڪومت ۾ 39 مان صرف ٻه سيڪريٽري سنڌي آهن. ٻيو ته ٺهيو سنڌ سرڪار ۾ به سيڪريٽرين جي تعداد ۾ سنڌي اڌ به مس آهن. وفاقي حڪومت جي اهم خودمختيار اٿارٽين ۾ به سنڌي پاسيرا ڪيل آهن. نيم خودمختيار ۽ خودمختيار ڪارپوريشنز ۾ به سنڌين جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. هڪ هڪ کاتي جا انگ اکر کڻي ويهبا ته اها حقيقت وڌيڪ واضح ٿي ويندي. وفاقي حڪومت پاران جنوري 2007ع ۾ جاري ڪيل انگن موجب ملڪ اندر 17 کان 22 هين گريڊ جا ڪل 12،133 آفيسر هئا، جن ۾ سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ صرف ٻه هزار هئا، تن ۾ به 766 ڄڻا ته رڳو ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ هئا ۽ انهن ۾ به ڪوڙن ڊوميسائيل وارن ۽ غير سنڌين جي انگ جو پتو ناهي. ساڳي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت ۾ هڪ کان 22 هين گريڊ جي ڪل 358،130 ملازمن ۾ سنڌ جا صرف 58،089 ملازم هئا. ساڳي رپورٽ موجب سال 2001ع کان 2005ع وچ ۾ 19 کان 21 هين گريڊ وچ ۾ 416 آفيسرن کي ترقيون مليون، جن ۾ سنڌ ٻهراڙيءَ جا صرف 34 ڄڻا شامل هئا. هي انگ اکر ان حقيقت کي واضح ڪن ٿا ته وفاق ۾ خاص طور تي غير نمائنده حڪومتن ۾ سنڌين جي نمائندگي اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ هوندي آهي. تنهن ڪري ترقي، روزگار ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ سنڌ هميشه خساري ۾ رهندي آهي. ويندي ڪجهه چونڊيل حڪومتن جو رويو به سنڌين سان مختلف نه رهيو آهي. 90ع واري ڏهاڪي ۾ نواز ليگ جي ٻنهي حڪومتن، کانئن اڳ ختم ڪيل پ پ حڪومتن جي دور ۾ سنڌ اندر شروع ڪرايل ترقياتي رٿائن تي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو ۽ نوڪريون حاصل ڪندڙ سنڌ واسين کي بيروزگار ڪري پنهنجي پسند جاماڻهو ڀرتي ڪيا. ايئن مجموعي طور ملڪي طاقت جي ٻن اهم مرڪزن يعني نان سويلين ۽ سول بيورو ڪريسي ۾ سنڌين جي نمائندگي محدود رهي آهي.
ساڳي طرح سماجي ۽ معاشي شعبن ۽ طاقت جي اهم مرڪزن ۾ به سنڌ سان ناانصافين جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. هونءَ ته انهن زيادتين جا تفصيل هن مضمون ۾ سمائڻ ناممڪن آهي، پر صورتحال جي هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ اسان هتي زراعت ۽ صنعت جي ٻن شعبن جو هڪ مختصر جائزو وٺنداسين.
زراعت جي شعبي ۾ ترقيءَ لاءِ پاڻي، زمين ۽ زرعي سهولتون (جهڙوڪ: ٻج، ڀاڻ، مشينري ۽ قرض وغيره) بنيادي ضرورتون آهن. انهن مان ڪنهن هڪ جي اڻ هوند يا ناڪافي هجڻ جو مطلب سڄي شعبي جي بدحالي آهي. پاڻيءَ جي معاملي تي ايترو گهڻو لکيو ويو آهي، جنهن جو ورجاءُ ڪرڻ بدران هتي زمين ۽ ٻين رخن تي نظر وجهون ٿا.
زراعت جو بنيادي عنصر زمين آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهي راس ٿي چڪو هئو. جڏهن ته اڳتي هلي ٻه نوان بئراج ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج تعمير ڪيا ويا. هنن بئراجن تي لکين ايڪڙ نئين زمين آبپاشي هيٺ آئي، جنهن کي ڦرلٽ جي مال جيان ڌارين جي حوالي ڪيو ويو. خاص طور تي ون يونٽ جو دؤر ته ڄڻ سنڌ مٿان فاتحن جي حڪمرانيءَ جو دؤر هئو، جنهن دوران اٽڪل ساڍا 6 لک ايڪڙ سون ورني زمين غير سنڌين کي الاٽ ڪئي وئي. انهن ۾ گهڻائي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجين ۽ وفاقي سرڪار جي ڪامورن جي هئي. اچو ته ٽنهي بئراجن تي آباد ٿيندڙ زمينن جو ليکو چوکو ڪري معلوم ڪيون ته اهي ڪنهن جي ور چڙهي ويون.
سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهي راس ٿيو، جنهن وسيلي اٽڪل 28 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيڻ جوڳي بڻي. سائين جي ايم سيد پنهنجي عدالتي بيان ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ ۾ ڄاڻايو آهي ته جيستائين ون يونٽ ٺهيو (1954ع تائين) سکر بئراج جي سموري زمين ورهائجي چڪي هئي ۽ صرف 6 لک 42 هزار ايڪڙ زمين باقي بچي هئي. ون يونٽ کان اڳ تائين اٽڪل 22 لک ايڪڙ زمين ورهائجي چڪي هئي، جنهن جو وڏو حصو ڌارين جي حوالي ڪيو ويو. هڪ ڪاٿي موجب آڪٽوبر 1958ع کان مارچ 1963ع جي عرصي دوران ورهايل زمين جو 75 سيڪڙو غير سنڌين حوالي ڪيو ويو. 1963ع جي انگن اکرن موجب ان عرصي دوران غير سنڌين کي 3 لک 67 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي، جڏهن ته صرف هڪ لک 78 هزار ايڪڙ زمين مقامي رهواسين جي حصي ۾ آئي.
ڪوٽڙي بئراج 1955ع ۾ مڪمل ٿيو، جنهن هيٺ 16 لک ايڪڙ زمين آبپاشي هيٺ اچڻ جي اميد هئي. جون 1958ع ۾ زمينن جي ورهاست لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جا ميمبر وفاقي سرڪار ۽ فوج مان کنيا ويا. ڪل 11 لک 30 هزار ايڪڙ زمين ورهائي وئي، جنهن جو 75 سيڪڙو غير سنڌين حوالي ڪيو ويو. انهن جي گهڻائي وفاقي سرڪار جي ڪامورن ۽ آرمي آفيسرن تي ٻڌل هئي.
سٺ واري ڏهاڪي ۾ گڊو بئراج تعمير ٿيو. هن بئراج جي زمين جي ورهاست به ساڳيءَ ريت ڪئي وئي ۽ هڪ لک 42 هزار ايڪڙ زمين غير سنڌين جي حوالي ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ لک ٽي هزار ايڪڙ رٽائرڊ فوجي سپاهين کي ڏني وئي. جڏهن ته اسلام آباد ۽ منگلا ڊيم مان بي دخل ڪيل رهواسين لاءِ به ساڍا 37 هزار ايڪڙ زمين رکي وئي. هي ته رڳو بئراجي زمينن جا انگ اکر آهن. ان کان علاوه ڪراچيءَ ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي، اسٽيل مل ۽ ٻين ترقياتي رٿائن لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاقي حڪومت ۽ خودمختيار ادارن جي حوالي ڪئي وئي. 1984ع ۾ ٺٽي ضلعي جي زرخيز زمين جا 40 هزار ايڪڙ ڪراچيءَ جي صنعتڪارن کي 7 رپيا ايڪڙ جي حساب سان ليز تي ڏنا ويا. هاڻي ته ابراهيم حيدريءَ جي ويجهو 12 هزار ايڪڙن تي ٻڌل ٻه ٻيٽ ۽ هاڪس بي واري پٽيءَ تي 40 هزار ايڪڙ زمين پرڏيهي ڪمپنين جي حوالي ڪئي پئي وڃي. ايئن سنڌ جي زمين تي لڳل راتاهن جا تفصيل ايڏا ته وڏا آهن جن لاءِ الڳ ڪتابن لکڻ جي ضرورت آهي.
ٻئي طرف سنڌ ۾ بئراجن سان گڏ سم واري پاڻيءَ لاءِ نيڪال جو سرشتو وقت سر مهيا نه ڪرڻ سبب سم ۽ ڪلر جي ڪري زرخيز زمينن جي جيڪا تباهي ٿي آهي، ان جا به تفصيل تمام ڊگها آهن. آڪٽوبر 1997ع جي انگن موجب سنڌ جي اٽڪل هڪ ڪروڙ 43 لک آباديءَ جوڳي زمين مان اٽڪل 37 لک ايڪڙ زمين شديد سم جو شڪار هئي، جنهن ۾ پنجن فوٽن جي اونهائيءَ تي جر جو پاڻي موجود هئو. جڏهن ته وڌيڪ 49 لک ايڪڙ زمين ۾ ڏهن فوٽن تي جر جو پاڻي موجود هئو. هڪ طرف زمين جي بربادي ۽ ٻئي طرف پاڻيءَ جي حصي ۾ زور آوريءَ سان ڪيل ڪٽوتيءَ جي نتيجي ۾ سنڌ جي زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. 90ع واري ڏهاڪي ۾ صورتحال ويتر خراب ٿي. ورلڊ بئنڪ جي هڪ ڊرافٽ رپورٽ 53001-PK موجب 2003-1999ع وارن سالن دوران سنڌ اندر ڪڻڪ جي اُپت ۾ ست سيڪڙو، چانورن ۾ ڏهه سيڪڙو، دالين ۾ ست سيڪڙو ۽ ساين ڀاڄين جي اُپت ۾ هڪ سيڪڙو لاٿ آئي آهي.
زرعي قرضن جي حوالي سان به سنڌ کي زيادتيءَ جو شڪار بڻايو ويو آهي. سال 01-2000ع ۾ زرعي قرضن ۾ سنڌ جو حصو 21 سيڪڙو هئو، جيڪو 06-2005ع ۾ گهٽجي 11 سيڪڙو وڃي بچيو. 06-2005ع ۾ سنڌ لاءِ 137 ارب رپيا زرعي قرضن لاءِ رکيا ويا، جنهن مان صرف 14.8 ارب رپيا جاري ٿي سگهيا، جيڪو ڪل رقم جو اٽڪل يارنهن سيڪڙو بڻجي ٿو، جڏهن ته پنجاب کي 82 سيڪڙو حصو ڏنو ويو. ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن، مشينري، ٽيوب ويل، انفرااسٽرڪچر ۽ اگهن جي مقرري وغيره ۾ زيادتين جا تفصيل الڳ آهن. سنڌ جي زرعي معيشت گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان جنهن بحران جو شڪار آهي، ان سنڌ ۾ غربت کي وڌايو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قبائلي جهڳڙن، ڌاڙن، قتل، خودڪشين ۽ انيڪ ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي. هرسال کنڊ ۽ اٽي جي بحران هاڻي عام رواجي ڳالهه بڻجي چڪو آهي ۽ زرعي معيشت خراب صورتحال جو شڪار آهي.
معاشي ترقيءَ جو ٻيو اهم پاسو صنعتي ترقي آهي. سنڌي سماج جيئن ته هڪ عرصي کان جاگيرداراڻي سماجي ڍانچي هيٺ رهيو آهي، تنهن ڪري ٻهراڙين جي معيشت جو گهڻو تڻو دارو مدار زراعت تي رهيو آهي. صنعت ڏانهن لاڙو گهٽ هجڻ سبب نه رڳو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صنعتي اوسر نه ٿي سگهي آهي، پر ساڳئي وقت صنعتي ليبر به تيار نه ٿي سگهيو، جيڪو شهرن جي صنعتي ماحول ۾ روزگار جا موقعا حاصل ڪري سگهي. ورهاڱي وقت سنڌ ۾ صنعت محدود پيماني تي هئي. انفرااسٽرڪچر ۽ هيومن ريسورس نه هجڻ سبب ٻهراڙين ۾ صنعتي بنياد نه پئجي سگهيا. ٻئي طرف ڪراچيءَ ۾ سامونڊي پورٽ ۽ ايئرپورٽ جي موجودگيءَ سبب صنعتي بنياد ۽ بنيادي انفرااسٽرڪچر موجود هيا. سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ سکر بئراج جي شروعات سان ڪجهه شهري آباديون، منڊيون ۽ ننڍيون فيڪٽريون قائم ٿيون. نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جي ڪجهه علائقن ۾ زرعي نوعيت جون فيڪٽريون قائم ڪيون ويون. اتر سنڌ جي شهرن سکر ۽ خيرپور ۾ به ڪجهه صنعتون موجود هيون. 1954ع ۾ خيرپور ۾ ٽي ڪپڙي جون ملون، هڪ تماڪ سڪائڻ جي ڪارخاني کان سواءِ ماچيس فيڪٽري، جننگ ملون ۽ کڏيون موجود هيون. پاڪستان ٺهڻ وقت 1947ع ۾ سنڌ ۾ ڪجهه ساريون ڇڙهڻ جا ڪارخانا، تيل جا گهاڻا ۽ اٽي جون چڪيون موجود هيون. روهڙيءَ ۾ هڪ سيمينٽ فيڪٽري هئي. حيدرآباد ۾ هڪ برف جو ڪارخانو، 25 ڪاٽن جننگ فيڪٽريون، هڪ آئل مل ۽ هڪ چمڙي جو ڪارخانو هئو. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ 41 مينوفيڪچرنگ يونٽ هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندستان مان آيلن کي شهري ڪاروبار ۽ صنعت ۾ اڳڀرو ڪرڻ لاءِ خاص وسيلا فراهم ڪيا ويا پر باقي سنڌ ۾ اهڙي ڪا به شروعات نه ڪئي وئي، جنهن سان ڏاڪي وار صنعتي ترقيءَ جا بنياد پئجي سگهن. 1948ع ۾ پاڪستان سرڪار ”پاڪستان رفيوجي ريهيبليٽيشن فنانس ڪارپوريشن“ جو بنياد رکيو. ڪارپوريشن جي سنڌ جي شاخ هڪ شيشي جو ڪارخانو سنڀالي فيروز آباد مان لڏي آيلن جي هڪ وڏي انگ کي چوڙين ٺاهڻ لاءِ ملازمت فراهم ڪئي. 1950ع تائين اها ڪارپوريشن 40 لک رپيا ورهائي چڪي هئي. جڏهن ته باقي سنڌ لاءِ ان قسم جو ڪو به فنڊ موجود نه هئو. 1947ع ۾ ”سنڌ ٽريڊنگ اسٽيٽ“ جو بنياد رکيو ويو، جنهن جي پهرين ڪارخاني ”وليڪا ٽيڪسٽائيل مل“ جو پيڙهه جو پٿر قائداعظم محمد علي جناح پاڻ سيپٽمبر 1947ع ۾ رکيو. ايئن ڪراچيءَ کي ملڪ جو صنعتي مرڪز بڻائڻ جو بنياد رکيو ويو. اڳتي هلي حيدرآباد، ڪوٽڙي، ٽنڊو آدم نوابشاهه، لاڙڪاڻي وغيره ۾ به سائيٽ ايرياز قائم ڪيا ويا پر اهي ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍا هئا ۽ سهولتن جي اڻ هوند سبب اتي سڃ لڳي پئي آهي. هن وقت اتر سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي کان وٺي لاڙ جي بدين ۽ ٺٽي تائين خاص طور تي درياءَ جي کاٻي ڪپ واري علائقن ۾ ۽ سپر هاءِ وي تي هڪ صنعتي ڄار وڇايل آهي، پر ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ اهو ايترو محدود آهي جو سنڌ جو پيداواري سرشتو ڪنهن نمايان تبديليءَ مان نه گذري سگهيو آهي. انهن وڏن ڪارخانن ۾ ليبر توڙي انتظاميا ۾ سنڌي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچن ٿا. اڳي ته سنڌ ۾ هيومن ريسورس نه هجڻ جو بهانو هوندو هيو، پر هاڻي ته سنڌ ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽيون موجود آهن، جتان هر سال سوين ڊگري يافته نوجوان مارڪيٽ ۾ پهچن ٿا، پر ان جي باوجود صنعتن ۾ هنن لاءِ روزگار جا دروازا بند آهن. ڪراچي هن وقت صنعتي سرگرميءَ جو تمام وڏو مرڪز آهي، جنهن ۾ چار وڏا صنعتي علائقا قائم ڪيل آهن. ڪورنگي، سائيٽ، فيڊرل بي ايريا ۽ نارٿ ڪراچي جي صنعتي علائقن ۾ اٽڪل ساڍا يارنهن هزار ننڍا وڏا ڪارخانا آهن. صنعتي حلقن موجب انهن ڪارخانن ۾ اٽڪل 25 لک ماڻهو ڪم ڪن ٿا، جن مان اٽڪل 13 لک ڪراچيءَ جا، ساڍا پنج لک پنجاب جا ۽ سرحد صوبي جا اٽڪل چار لک ماڻهو ڪم ڪن ٿا. جڏهن ته اندرين سنڌ جي پورهيتن جو انگ ٻن لکن جي لڳ ڀڳ آهي، تن ۾ به چڱو موچارو انگ غير سنڌين جو ٿي سگهي ٿو.
سن 01-2000ع ۾ صنعتن جي ڪيل ڳڻپ موجب مينوفيڪچرنگ انڊسٽريز جو سنڌ ۾ انگ 1768 هئو، جن مان 1218 صرف ڪراچي شهر ۾ قائم هيون. جڏهن ته باقي سڄي سنڌ ۾ مينوفيڪچرنگ انڊسٽريز جو تعداد فقط 550 هئو.
1983ع ۾ سپر هاءِ وي تي نوري آباد انڊسٽريل ايريا قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ 600 صنعتي يونٽن جي گنجائش هئي. ان لحاظ کان نوري آباد ڏکڻ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو صنعتي مرڪز ٿي سگهيو پئي. ان صنعتي ايريا جو لک پڙهه وارو ڪم ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ڪيو ويو پر ان جو زميني بنياد جنرل ضياءُ جي دور ۾ پيو. جوڻيجو حڪومت ان کي ڏهن سالن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ وارو علائقو قرار ڏنو. 1988ع تائين اتي 72 صنعتي يونٽ لڳي چڪا هئا. اڳتي هلي ان علائقي ۾ بدامنيءَ کي بنياد بڻائي ان جي واڌ کي روڪيو ويو ۽ اتان ڪارخانا منتقل ۽ بند ٿيڻ شروع ٿي ويا. 1999ع ۾ اتي صرف 20 ڪارخانا باقي بچيا هئا. جيتوڻيڪ اتان جي مقامي آباديءَ کي ان صورتحال جو ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي، پر اها ڳالهه مڪمل سچ ناهي. درحقيقت ڄاڻي واڻي ان صنعتي علائقي جي اوسر روڪڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا ويا. مثال طور 16 سال گذرڻ باوجود ان صنعتي علائقي کي گئس ۽ پاڻيءَ جو ڪنيڪشن فراهم نه ڪيو ويو. 2003ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي گورنر محمد ميان سومري گئس ڪنڪيشن فراهم ڪرايو. امن امان جي صورتحال سڌرڻ سان اتي ڪجهه بهتري آئي ۽ سيپٽمبر 2006ع جي هڪ رپورٽ موجب اتي 96 صنعتي يونٽ ڪم ڪري رهيا هئا. نوري آباد جي مقامي آباديءَ ۾ تعليم ۽ هنر جي اڻاٺ جي بنياد تي سندن نوڪرين ۾ نمائندگي تمام گهٽ آهي. ان کان سواءِ اهو تاثر پڻ عام آهي ته سنڌي مزدور محنت گهٽ ڪري ٿو ۽ يونين بازي واري سياست ۾ وڌيڪ ملوث رهي ٿو. دادو شگر ملز ۽ ٺٽي شگر ملز جي بند ٿيڻ جا ڪارڻ پڻ ساڳيا ڄاڻايا وڃن ٿا. جڏهن ته انهن سببن کان علاوه ملز ۾ راشي انتظاميا مقرر ڪرڻ ۽ مقامي سياسي وڏيرن طرفان ڪروڙن رپين جا قرض واپس نه ڪرڻ وارا ڪارڻ ٻڌائڻ کان ڪن لاٽار ڪئي وڃي ٿي. اهڙي طرح ڪراچيءَ کان ٻاهر باقي سنڌ ۾ صنعتي ترقيءَ لاءِ نه ماحول ميسر ڪيو ويو ۽ نه سيڙپڪارن کي ڪي اهڙا فائدا آڇيا ويا، جن سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪا صنعتي سيڙپڪاري ٿي سگهي. ايئن صنعت ۽ زراعت جي ٻن اهم معاشي ميدانن ۾ به سنڌ جي ٻهراڙين کي پٺتي رکيو ويو آهي. زرعي ميدان ۾ سنڌ کي پنجاب جي ڀيٽ ۾ ڪمزور رکيو ويو آهي، جڏهن ته صنعتي ميدان ۾ سنڌ جي ٻهراڙين کي ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ پٺيرو رکيو ويو آهي. سنڌ جي اُسرندڙ نيم شهري ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ شروعاتي طور ننڍي پيماني جي صنعت ڪاريءَ کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي، پر ان لاءِ مخلصاڻين ڪوشش جي ضرورت آهي. جيئن ته سنڌ مٿان گهڻو وقت ڪمزور حڪمران مڙهيل رهيا آهن، تنهن ڪري اهي پنهنجي حڪمرانيءَ جو وڏو عرصو ڪرسي بچائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهن ٿا ۽ سنڌ جي ٻهراڙين جي ترقيءَ لاءِ کين ويچارڻ جي واندڪائي به نه ٿي ملي.
(روزاني ڪاوش- 7 ڊسمبر 2007ع)

نئين دنيا جا چئلينج: سنڌ کي نين تدبيرن جي ضرورت

نئين دنيا جا چئلينج: سنڌ کي نين تدبيرن جي ضرورت

گذريل ٻن ڏهاڪن دوران عالمي منظرنامي ۾ ٻه اهم تبديليون آيون، جن سڄي دنيا ۾ موجود سياسي ۽ معاشي صف بندين کي اٿلائي پٿلائي ڇڏيو. اهي ٻه تبديليون هيون نوي واري ڏهاڪي جي منڍ ۾ سوويت يونين جو ٽٽڻ ۽ هلندڙ ڏهاڪي جي منڍ ۾ يارهين سيپٽمبر وارو واقعو. پهرين واقعي کان پوءِ دنيا سياسي طور هڪ پاسائين ٿي وئي ۽ طاقت جي عالمي توازن کي زبردست ڌڪ رسيو. سوويت يونين جو ٽٽڻ رڳو هڪ سپر پاور جو ورهاڱو نه هئو، پر نظرياتي آڌار تي سڄي دنيا ۾ هلندڙ سياسي تحريڪن لاءِ هڪ ڪاپاري ڌڪ پڻ هئو. ايئن لڳ ڀڳ ستر سالن تائين سرمائيداراڻي ڦرلٽ تي ٻڌل نظام سان ويڙهاند ڪندڙ سماجي انصاف جي هڪ وڏي عالمي تحريڪ وکرجي وئي. ان عمل جا نقصان ۽ فائدا ٻئي سمجهڻ لاءِ نهايت اهم آهن. نقصان اهو ٿيو جو مظلوم قومون هڪ عالمي بلاڪ جي حمايت واري نفسياتي ٽيڪ وڃائي ويٺيون، جڏهن ته فائدو اهو ٿيو جو مظلوم قومن کي اهو پتو پئجي ويو ته هاڻي کين سواءِ پنهنجي پاڻ جي ڪير به نجات نه ڏياري سگهندو. تنهن ڪري هنن کي سرحد پار ٽئنڪن جي زور تي انقلاب آڻڻ واري خواب مان ڇرڪ ڀري جاڳڻو پيو. سوويت بلاڪ جي خاتمي سان سرمائيداراڻي نظام جي وهڪري اڳيان ڄڻ ٻڌل بند ٽٽي پيو ۽ گلوبلائيزيشن هڪ ٻوڏ جيان دنيا کي پنهنجي وهڪري ۾ وهائي وئي آهي. ماضيءَ ۾ سوويت يونين جي مالي سهڪار تي ساهه کڻندڙ انيڪ ننڍن ملڪن کي هاڻي سرمايو فراهم ڪندڙ عالمي ادارن ۽ ملڪن جو سهارو وٺڻو پيو، جن جي قرضن سان ري ريگيوليشن ۽ اسٽرڪچرل رفارمر جهڙا مطالبا مشروط هئا. انهن ادارن جي قرضن جو لازمي نتيجو سرحدن جو خاتمو هئو، جنهن سان پرماريت وارين طاقتن جي سرمائي کي کليل ميدان ملي ويو. مارڪيٽ اڪانومي تي ٻڌل موجوده معاشي ڍانچو گذريل ڏيڍ ڏهاڪي اندر منظم ٿيو آهي. درحقيقت ان ڏيڍ ڏهاڪي اندر سرمائي کي جيڪو ڦهلاءُ مليو آهي، اهو شايد گذريل ڏيڍ صديءَ ۾ به نه مليو هوندو. ايئن گلوبلائيزيشن پراڻن مسئلن جا نوان حل ۽ انيڪ نوان مسئلا پاڻ سان کڻي دنيا تي راڄ ڪري رهي آهي. جيئن ته ويجهي آئندي ۾ ان مانڊاڻ کي ڪو نظرياتي چئلينج سامهون نه آهي، تنهن ڪري ان اڻ وڻندڙ حقيقت کي چڱيءَ ريت سمجهڻ ۽ ان ۾ موجود موقعن مان عقلمنديءَ سان فائدو وٺڻ اسان جهڙين قومن لاءِ لازمي آهي. اوپن مارڪيٽ اڪانومي ۽ عالمگيريت جي موجوده ڍانچي اندر هيٺيان موقعا موجود آهن، جن مان اسان ڀرپور فائدو وٺي سگهون ٿا.
* ٽيڪنالاجي ۽ موڙيءَ تائين پهچ جي آساني
* ميڊيا، خاص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بي پناهه طاقت
* انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جو عام ٿيڻ
* انٽرنيٽ وسيلي ڄاڻ جي عالمگيريت
* بين الاقوامي ادارن تائين پهچ
* تعليم ۽ روزگار جي وسيلن جو ڦهلاءُ
* رياستي ڍانچي جي ڪمزوري ۽ عالمي امن جي ضرورت جو احساس
اهي ۽ ان جهڙا ٻيا انيڪ موقعا اسان جي آسپاس موجود آهن، پر ساڳي وقت نئين عالمي ڍانچي اندر نهايت ڳنڀير مسئلا پڻ موجود آهن. تنهن ڪري گلوبلائيزيشن جي موقعن مان فائدو وٺڻ جو مقصد قطعي ان جي سياسي حمايت ڪرڻ ناهي، پر اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي ته ڪهڙي طرح تاريخ جي هن جبر مان اڳتي نڪرڻ جا موقعا تلاش ڪجن. هن بحث کان اڳ ۾ ضروري آهي ته سنڌ جي معاشي ڍانچي کي سمجهجي. سنڌ جي معاشي ڍانچي کي سمجهڻ لاءِ ان کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
(1) ڪچن رستن يا لنڪ روڊن وسيلي ڳنڍيل ٻهراڙيون
(2) اُسرندڙ نيم شهري علائقا
(3) اُسريل شهري علائقا
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جاگيرداراڻي راڄ سبب هڪ مدي خارج پيداواري سرشتي جو راڄ آهي. پنهنجي مزاج ۾ سست، رضا تي راضي رهڻ ۽ مارڪيٽ جي چٽاڀيٽيءَ کان وانجهيل سماجي ڍانچي ۾ هيٺين ۽ وچولي طبقي کي موڙيءَ تائين پهچ حاصل نه هوندي آهي. ڏي وٺ ۽ جنس جي مٽاسٽا جي آڌار تي هلندڙ معاشي نظام ۾ ماڻهن کي زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون ڪجهه نه ڪجهه مهيا ٿي وينديون آهن، پر موڙيءَ جي اڻ هوند سبب سندن حال ان پکيءَ جهڙو هوندو آهي، جنهن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ داڻو ته ملي ويندو آهي، پر سندس پر ٻڌل هوندا آهن ته جيئن هو ان نظام مان اڏامي جان آجي نه ڪرائي سگهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هيٺين طبقي جا اڪثر ماڻهو مرڻن پرڻن ۽ علاج لاءِ وڏيرڪي جي اوطاق جا محتاج هجڻ سبب سڄي ڄمار سندن غلاميءَ ۾ جڪڙيل هوندا آهن. سندن گهرن جو اٽڪل سمورو سامان ڪنهن وياج خور وسيلي يا اوڌر تي مليل هوندو آهي، جنهن لاءِ هو ٻن سالن اندر ٻيڻي قيمت ادا ڪندا آهن. ان طبقي کان ٿورو مٿڀرو اهو سرڪاري نوڪري ڪندڙ طبقو آهي، جيڪو ويهين تاريخ کان پوءِ دڪاندار کان سيڌو به اوڌر تي کڻندو آهي. ساڳيءَ طرح وچولي قسم جا ڪاروبار ڪندڙن جا کنڌي جا بڪ سدائين قرضين جي لسٽ سان ڀريل هوندا آهن. اهڙي طرح ٻهراڙين ۾ اڪثر ڪري موڙيءَ جي کوٽ سبب ڪا نئين سيڙپڪاري نه ٿي سگهندي آهي. نئين سيڙپڪاري جي ان صورتحال سبب ٻهراڙين جو سماجي ڍانچو نار جي ڏاند جيان جمود جي گول دائري ۾ ڦرندو رهي ٿو ۽ سماجي توڙي معاشي رشتن ۾ ڪا به نواڻ نه ٿي اچي. ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي پيداوار هڪ مخصوص دائري ۾ ڦيرائيندا رهن ٿا ۽ جيڪڏهن ٿورو گهڻو ڪنهن نيم شهري تعلقي هيڊ ڪوارٽر يا ضلعي هيڊ ڪوارٽر تائين پهچ اٿن ته اتي وري مڊل مين کين ٺڳڻ لاءِ موجود هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ ۾ 30 کان 35 رپيا ليٽر وڪامجندڙ کير صرف 50 ڪلوميٽر پريان ٺٽي ضلعي جي ٻهراڙين مان 10 کان 15 رپيا ليٽر جي مُلهه تي شهر ۾ آندو وڃي ٿو. اهڙي طرح زرعي جنسون وغيره به ساڳي ڪارستانيءَ جو شڪار بڻجي وڃن ٿيون. ان سڄي نظام ۾ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو رڳو ساهه کڻڻ جيترو ڪمائي سگهن ٿا ۽ واڌو موڙي سندن خواب خيال ۾ به نه ٿي اچي.
ان کان هڪ ڏاڪو مٿي اهي نيم شهري علائقا آهن، جن ۾ تعلقي هيڊڪوارٽر ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر اچي وڃن ٿا. ٻهراڙين ۾ امن امان جي خراب حالت ۽ بنيادي انساني سهولتن جي اڻ هوند سبب گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن دوران آباديءَ جو هڪ وڏو حصو هنن اُسرندڙ شهري علائقن ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ اچي ويٺو آهي. هنن ۾ ٿورا گهڻا پڙهيل لکيل سرڪاري نوڪريون ڪندڙ ۽ ننڍا ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو شامل آهن. انهن مان جن جي حالت ڪجهه بهتر ٿئي ٿي، اهي ٻارن جي بهتر تعليم، صحت ۽ نوڪري وغيره جي سهولتن لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو رخ ڪن ٿا. خاص طور تي اهي ماڻهو جن کي يونيورسٽين تائين پهچڻ جو موقعو ملي ٿو، اهي نوڪري ملڻ کان پوءِ هرممڪن ڪوشش ڪري پنهنجي ڪٽنبن کي شهري علائقن ڏانهن منتقل ڪن ٿا. هنن علائقن جو معاشي ڍانچو ٻهراڙين کان ڪجهه مختلف آهي، ڇو ته ننڍن ڪاروبارن ۽ سفيد پوش نوڪري پيشه ماڻهو صوبي ۽ ملڪ جي مکيه ڌارا سان ڪنهن حد تائين ڳنڍيل هجڻ سبب نسبتن متحرڪ حالت ۾ رهن ٿا.
درحقيقت سنڌ جا اهي ضلعي هيڊڪوارٽر سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، پر کين منظم طريقي سان ڌاڙيل فيڪٽر ۽ قبائلي جهيڙن هٿان بيوس بڻائي سر بچائڻ جي جدوجهد ۾ مصروف رکيو ويو آهي. ساڳي طرح انهن نيم شهري علائقن ۾ انفرااسٽرڪچر ۽ تعليم توڙي صحت جهڙين بنيادي سهولتن جي ترقيءَ تي مناسب توجهه نه ڏئي انهن جي فطري اوسر کي به روڪيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ طرف پنجاب جي شهري سيالڪوٽ جا صنعتڪار واپاري پنهنجي هڙان سڄو سارو هوائي اڏو تعمير ڪرائن ٿا (جنهن تي اٽڪل اڍائي ارب رپيا خرچ آيا) ته ٻئي طرف سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ رڳو ناليون ۽ گهٽيون به ڍنگ سان ٺهيل نه ٿيون ملن.
ٽئين ڏاڪي تي سنڌ جا اُهي اُسريل شهر آهن، جيڪي ڪاروبار، صنعت ۽ ٽرانسپورٽ جي ميدان ۾ روزانو اربين رپين جي ڏيتي ليتي ڪن ٿا ۽ اتي سنڌي ڳالهائيندڙ عملي طور معاشي سرگرميءَ کان ٻاهر آهن. ڪراچيءَ ۾ اها صورتحال وڌيڪ واضح نظر اچي ٿي. جڏهن ته حيدرآباد ۽ سکر ۾ ٿورو گهڻو سنڌي ماڻهو معاشي سرگرميءَ ۾ حصيدار بڻيل آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي مکيه ڌارا ۾ سنڌين جي عمل دخل جي ڄمار بنهه ٿوري آهي. جيستائين سنڌي ان ريل ۾ سوار ٿيا تيستائين ان جون سموريون سيٽون والارجي چڪيون هيون. هي اهي شهري علائقا آهن جتي عالمگيريت جو اثر وڌيڪ تيزيءَ سان پهچي رهيو آهي ۽ هتان ويهي سڄي سنڌ جو سماجي ۽ معاشي ڍانچو تبديل ڪري سگهجي ٿو.
مٿئين بحث مان اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۽ نيم شهري علائقن ۾ سماجي تبديليءَ جو عمل سست رفتار آهي ۽ اتي مدي خارج جاگيرداراڻو سماجي ۽ معاشي ڍانچو اڃا تائين ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود آهي. جڏهن اسان سنڌي قوم جي تبديليءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته درحقيقت ان مان مراد سنڌ جي ٻهراڙين ۽ نيم شهري علائقن جي سماجي ۽ معاشي ڍانچي جي تبديلي آهي، جنهن کان سواءِ ٻي ڪا به تبديلي بي معنيٰ هوندي.
ايڏي وڏي تبديلي مارڪيٽ اڪانوميءَ جي دور ۾ ڪيئن ايندي، ان جا طريقا ۽ وسيلا به عام حالتن کان بنهه مختلف هوندا. منهنجي نظر ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ايندڙ سالن ۾ هڪ وڏي تبديليءَ جو سنڌ اندر به ايئن بنياد بڻجندي، جيئن باقي دنيا ۾ بڻجي رهي آهي. ناليج بيسڊ اڪانوميز جو تصور ان بنياد تي ٻڌل آهي، هاڻي مارڪيٽن تي رڳو جنس يا موڙيءَ وسيلي ڪنٽرول نه ڪري سگهبو. جيستائين جنس ۽ موڙيءَ سان گڏ وقتائتي ۽ لاڳاپيل ڄاڻ موجود نه هوندي، مارڪيٽ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ پير نه جهلي سگهبا. جهڙيءَ ريت دنيا ۾ خانگي شعبو ڪارپوريشنز جي شڪل ۾ پکڙجي رهيو آهي. ان ۾ موڙيءَ سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو تمام وڏو ڪردار آهي. پاڪستان اڃا خود ان ڊوڙ ۾ گهڻو پٺتي پيل آهي ۽ پاڪستان جي اندر وري سنڌ جون ٻهراڙيون ۽ نيم شهري علائقا ته بنهه پٺتي پيل آهن. ناليج بيسڊ اڪانوميءَ تي ٻڌل مارڪيٽ واري دنيا سماجي برابريءَ جي معاملي ۾ بنهه بي رحم آهي ۽ ان کي صرف موڙي، ٽيڪنالاجي ۽ بهتر انساني وسيلن سان ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو. بلاڪن واري دور جي انت کان اڳ ڪمزور قومن کي ثقافتي موت جو خوف هوندو هئو. انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ موت جي ان خوف کي ختم ڪري مارڪيٽ اڪانومي وسيلي معاشي موت جي نئين خوف کي جنم ڏنو آهي. نوي جي ڏهاڪي تائين پي ٽي وي تان اردوءَ کي ڇڏي ملڪ جي باقي ٻين ٻولين کي 30 منٽ خيرات ۾ ملندا هئا ۽ سنڌ جا اديب ۽ سياسي اڳواڻ ان وقت کي هڪ ڪلاڪ تائين وڌرائڻ لاءِ بک هڙتالون ڪندا هئا. هاڻي اهو زمانو گذري ويو. ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ جي اچڻ ۽ سيٽلائيٽ چئنلز پنجن سالن اندر ان خوف کي ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو پنجاهه سالن کان سنڌ مٿان تلوار جيان ٽنگيو پيو هو. هاڻي قومي وجود جي سلامتيءَ جو وڌيڪ مشڪل پيمانو اسان جي اڳيان آهي ۽ اهو آهي مارڪيٽ اڪانومي جي بي رحم ڊوڙ ۾ ٻنهي پيرن ۾ ٻڌل زنجيرن سان ڊوڙڻ ۽ انهن تائين پهچڻ، جيڪي اسان کان ڪيئي ڏهاڪا اڳ ان ڊوڙ ۾ پير رکي چڪا هئا.
سنڌ جي ڏاهن ۽ سياسي اڳواڻن کي گهرجي ته سنڌ واسين کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪن. هاڻي جڏهن کليل مارڪيٽ سڀ ڪنهن لاءِ هڪ جهڙو ٿي پيو آهي ۽ حڪومتون مارڪيٽ مٿان ڪنٽرول تيزيءَ سان وڃائي رهيون آهن، ڪمزور قومن لاءِ نيون تدبيرون اختيار ڪرڻ اڻ ٽر ضرورت بڻجي پيو آهي. مارڪيٽ اڪانومي دنيا جي ڪمزور طبقن ۽ قومن تي زوريءَ مڙهيل عالمي جنگ آهي، جنهن مان ڀڄڻ جي ڪابه واهه نظر نٿي اچي. ان جنگ جا ٽي اهم هٿيار جديد ٽيڪنالاجي، واڌو موڙي ۽ بهتر انساني وسيلا آهن. بدقسمتيءَ سان سنڌي انهن ٽنهي هٿيارن کان گهڻي ڀاڱي محروم آهن. پر مارڪيٽ اڪانوميءَ جي هڪ خوبي اها به آهي انهن ٽنهي ضرورتن کي پورو رکڻ اڳ جيان مشڪل نه رهيو آهي. صرف ان لاءِ بهتر سياسي حڪمت عمليءَ جي گهرج آهي. هاڻي صرف محلاتي ۽ سرڪاري سازشون سنڌ کي ان ڊوڙ ۾ شڪست نه ٿيون ڏئي سگهن. جيڪڏهن هاڻي اسان جي اڳتي نڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ آهي ته اهي اسان جون داخلي ڪمزوريون آهن. هاڻي سنڌين جهڙين ڪمزور بڻايل قومن لاءِ مارڪيٽ اندر پنهنجي جاءِ پيدا ڪرڻ جا گس ڳولهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي. گذريل ڇهن ڏهاڪن ۾ جهڙي طرح سنڌ ۽ سنڌين کي ترقيءَ جي ميدان مان مخصوص رٿابنديءَ هيٺ ٻاهر رکيو ويو، اهو سڀ ڪجهه هاڻي رياستي طاقتن لاءِ ممڪن ناهي، ڇو ته کليل مارڪيٽ جي ڍانچي ۾ ڪمزور قومن جي رستا روڪ اڳ جيان ممڪن نه رهي آهي. رياستي ڍانچو خود ڇهن ڏهاڪن جي ڦرلٽ ۽ جبر وارن روين سبب پنهنجي ساک وڃائي چڪو آهي ۽ تيزيءَ سان اندروني ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي رهيو آهي. ان ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته هاڻوڪو رياستي ڍانچو گهڻو وقت هيڻين قومن کي غلام رکي نه سگهندو، البته کين مارڪيٽ جي نون چئلينجن جو منهن ڏيڻو پوندو. اها صورتحال رڳو پاڪستان ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ ڪر کڻي رهي آهي. ڪنهن سوچيو هئو ته هڪ ڏينهن ٽائيم ميگزين روس جي صدر کي سال جي شخصيت قرار ڏيندو ۽ هڪ چيني ڪارپوريشن آمريڪا جي تمام وڏي بئنڪ ۾ شيئرز حاصل ڪندي. اهڙن اڻ ٿيڻ معجزن کي اسان جي ڌرتيءَ تي به ظاهر ٿيڻ ۾ هاڻي گهڻو عرصو نه لڳندو، پر ان لاءِ اسان کي تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي.
(روزاني ڪاوش- 26 ڊسمبر 2007ع)

سنڌ ۾ سياسي قيادت جو خال ڀرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪجي

سنڌ ۾ سياسي قيادت جو خال ڀرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪجي

سنڌي سماج اندر قيادت جي کوٽ ۽ ان جي پورائي لاءِ نين حڪمت عملين جي ضرورت بابت بحث دوران هيٺيان اهم نڪتا سامهون اچن ٿا.
* پاڪستان جي ڇهن ڏهاڪن واري تاريخ ۾ سويلين ۽ غير سويلين اسٽيبلشمينٽ مان سنڌين کي منظم طريقي سان ٻاهر رکيو ويو آهي، جنهن ڪري ملڪي سطح تي ٿيندڙ اهم فيصلن ۾ سنڌين جي مفادن جي ڪا به نمائندگي نه ٿي سگهي آهي.
* ڀارت کي ٽي نديون وڪڻڻ کان وٺي ناڻي ورهاست واري فارمولي جي تعين تائين اهم قومي فيصلن ۾ سنڌ جا مفاد ننڌڻڪائپ جو شڪار رهيا آهن. وفاقي سطح تي سنڌين جي نمائندگي جو اڪيلو ذريعو پيپلز پارٽي رهي آهي. جيتوڻيڪ ملڪي ڍانچي اندر ان وٽ به سنڌين جي مفادن جي تحفظ لاءِ نهايت محدود وقت ۽ موقعا ميسر رهيا آهن، پر وري به ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتن ۾ سنڌين کي ساهه کڻڻ جي مهلت ملي ويندي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌي محسوس ڪن ٿا ته هاڻي ملڪي اقتدار جي ايوانن ۾ سندن نمائندگيءَ جو آخري وسيلو به ختم ڪيو ويو آهي.
* سنڌ ۾ وچولي طبقي جون جماعتون ڇڙوڇڙ آهن ۽ مختلف سببن جي ڪري عام سنڌي ماڻهو سندن قيادت ۾ ويساهه نه ٿو رکي، جنهن ڪري اهي به سنڌ کي ڪا اثرائتي قيادت فراهم نه ڪري سگهيون آهن.
انهن ٽنهي نقطن جو تت ڪڍجي ته ڳالهه اتي اچي بيهي ٿي ته سنڌين وٽ ڪا به اثرائتي قيادت موجود ناهي، جنهن جي پٺيان لڳي هو ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي اجگر جهڙين آفتن کي منهن ڏئي سگهن. سوال اهو آهي ته ان صورتحال ۾ ڇا ڪجي؟ گهٽ ۾ گهٽ، ڪجهه نه ڪرڻ ۽ سماج ۾ آئيڊيل قيادت جي پيدا ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ ان سوال جو جواب ناهي. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته قومن جي تاريخ ۾ اهڙا مونجهارا ڪا انوکي ڳالهه ناهن. يقينن اها هڪ بحران جهڙي صورتحال آهي، پر بحران جو حل وري به رڳو تحرڪ ۾ ئي آهي. جيڪڏهن سماج سرگرم ۽ متحرڪ رهندو ته اهو وقت سان گهربل قيادت کي به جنم ڏيندو. تنهن ڪري پهريون شرط مستقل مزاجيءَ سان تحرڪ کي جاري رکڻ آهي. ان صورتحال جو هڪ ٻيو جواب آهي، زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي قيادت پيدا ڪرڻ مثال طور پنجاب اندر ڪا به اجتماعي سياسي قيادت يا غير معمولي طور منظم تنظيم موجود ناهي. جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سياسي اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ جي فيڪٽرين مان مينوفيڪچر ٿي سياسي مارڪيٽ ۾ پهچن ٿا، انهن وٽ ڪا به وسيع تر عوامي حمايت به موجود ناهي، پر ان جي باوجود پنجاب جي مفادن کي ڪو به ڇيهو نه ٿو رسائي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته فوجي ۽ غير فوجي اسٽيبلشمينٽ ان جي مفادن جو هر وقت تحفظ ڪرڻ لاءِ موجود آهي، پر ان سان گڏوگڏ پنجاب وٽ هر شعبي ۾ ادارا ۽ فرد پڻ موجود آهن، جيڪي سماج ۾ قيادت جي اڻ هوند کي محسوس ٿيڻ نه ٿا ڏين. پنجاب وٽ صنعت، زراعت، ڪاروبار، تعليم وغيره جهڙن اهم شعبن ۾ انتهائي منظم ادارا ۽ فرد موجود آهن. خود اهي ادارا ۽ ٽيڪنوڪريٽ به ڇهن ڏهاڪن دوران ننڍين قومن جا وسيلا ڦٻائي پيدا ۽ مضبوط ٿيا آهن، پر بهرحال اهي هاڻي پنجاب جي سماج لاءِ ٿوڻين وانگر بيٺا آهن ۽ وڏي ۾ وڏو سياسي بحران به کين پريشان نه ٿو ڪري.
سنڌ هن وقت جنهن سياسي يتيميءَ جو شڪار ٿيل آهي، ان کي به هاڻي ڪجهه ڏهاڪا سياسي عمل سان گڏ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي اهل قيادت پيدا ڪرڻ تي لڳائڻ جي ضرورت آهي. خوش قسمتيءَ سان هن وقت عالمي وايو منڊل ان قسم جي حڪمت عملين کي عمل هيٺ آڻڻ لاءِ سازگار بنيل آهي. سرحدن جي کلڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ڄاڻ جي ڦهلاءَ ۽ رابطن جي مضبوطيءَ وارن موقعن ان حڪمت عمليءَ کي عمل جوڳو بنائڻ لاءِ ڪيئي موقعا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي طرف ڇهن ڏهاڪن کان حڪومتي ڏاڍ وارو نظام ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي رهيو آهي. عالمي سطح تي ملڪ مٿان قابض قوتن جو اميج تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهيو آهي ۽ مارڪيٽ جي چٽاڀيٽيءَ سبب ان جو معاشي ڍانچو به کوکلو ٿي رهيو آهي. گذريل ڏهن سالن کان سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري (Foreign Direct Investment) جي نالي تي پنهنجا اڪثر اثاثا وڪڻي ۽ قرضن جي ڳرن انبارن هيٺان دٻجي هن ملڪ تي والار ڪري ويٺل قوتون ان ڪمزور ڀت جيان بڻجي چڪيون آهن، جن کي رڳو هڪ وڌيڪ ڌڪي جي ضرورت آهي. هٿن مان سڀ ڪجهه ويندي ڏسي اهي طاقتون هاڻي ڇتائپ جي ان انتها تي پهچي چڪيون آهن، جتي هاڻي پنهنجي ملڪ واسين کي ماري ڏهڪاءُ پکيڙي مٿن پنهنجو قبضو قائم رکڻ کانسواءِ هاڻي وٽن ڪو به ذريعو نه بچيو آهي. تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته اهي سندس پڇاڙڪيون ڇڙهيون آهن، جن کانپوءِ سندن چراغن ۾ روشني نه رهندي. يقيني اهو پڄاڻيءَ وارو مرحلو رت ۽ بارود سان ڀرپور هوندو، ڇو ته هنن قوتن وٽ ته سوشلسٽ سوويت يونين جيتري اخلاقيات به ناهي، جو بنا رتوڇاڻ جي ماڻهن کي پنهنجي حصي جي زندگي مرضي موجب گذارڻ جي اجازت ڏين. هن مرحلي تي سنڌ کي گهڻ رخي قيادت جي ان ڪري به شديد ضرورت آهي، جو ان وٽ سياسي قيادت جو هڪ وڏو خال موجود آهي. بدقسمتيءَ سان ڏهاڪن تائين سنڌي ماڻهن کي عمل لاءِ تيار ڪرڻ جا درس ڏيندڙ ڌريون ان مهل قيادت فراهم ڪرڻ کان لاچار آهن، جڏهن عمل جي گهڙي اسان جي گهٽين تائين اچي پهتي آهي ۽ اسان جون مخالف قوتون بدترين اندروني ڀڃ ڊاهه مان گذري رهيون آهن. گهڻ پاسائين قيادت واري تصور تي اسان وٽ تمام گهٽ بحث ٿيو آهي، تنهن ڪري ان تصور کي به چٽو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هونءَ ته سماج جا انيڪ رخ آهن ۽ ان مان هر رخ جي سماجي ترقيءَ ۾ پنهنجي اهميت آهي، پر ان ۾ ڪي پاسا ان لحاظ کان وڌيڪ اهم هوندا آهن ته انهن ۾ کنيل هڪ وک باقي ميدانن ۾ کنيل هڪ هزار وکن جي مفاصلي کي اورانگهي سگهي ٿي. ان حقيقت کي هن ريت سمجهڻ گهرجي ته ڪيئي ٽن وزني ٽرڪ کي هونءَ ته سئو ماڻهو به گڏجي نه کڻي سگهندا پر هڪ ننڍڙو جيڪ جيڪڏهن ٺيڪ جڳهه ته رکي رڳو هڪ ماڻهو پنهنجي طاقت کي حڪمت عمليءَ هيٺ منتقل ڪري ته اها ساڳي ٽرڪ سيڪنڊن ۾ مٿي کڄي وڃي ٿي. سماج جي ترقيءَ ۾ به اهڙين جيڪ پوائنٽس کي تلاش ڪري تُز حڪمت عمليون جوڙڻ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن سان رواجي صلاحيت ۽ قوت سان به بحرانن جا ڳرا بار مٿي کڄي سگهن. سماج جي مختلف شعبن ۾ موجود اهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر شعبي ۾ قيادت جي ضرورت آهي. ان کي اجتماعي طور گهڻ پاسائين قيادت چئي سگهجي ٿو. سياسي ۽ سماجي سطح تي ڏاهپ ڀري قيادت جو اهوئي ڪردار هوندو آهي ته قوم لاءِ انهن حڪمت عملين کي چونڊي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ قوم کي متحرڪ ڪري. يقينن اهي جيڪ پوائنٽس تاريخ جي هر دور ۾ تبديل ٿينديون رهنديون، ڇو ته جدوجهد جون حڪمت عمليون به ويڙهه جي اوزارن جيان وقت سان تبديل ڪرڻيون پون ٿيون. تلوارن ۽ ڀالن کان وٺي توپن ۽ ميزائيلن تائين ۽ هاڻي ٽيڪنالاجي ۽ مارڪيٽ تائين دنيا جدوجهد ۽ ترقي جي حڪمت عملين ۾ نت نيون تبديليون آنديون آهن. جيڪڏهن ڪا به سياسي قيادت انهن تبديلين ۽ ويڙهاند جي بدلجندڙ طور طريقن ۽ هٿيارن کان اڻ ڄاڻ آهي ته پوءِ اها ان ميدان ۾ به ڍال کڻي پهچندي جتي ميزائيل هلي رهيا هوندا ۽ اهڙي قيادت پنهنجي پوئلڳن کي ڍالن سميت پرزا پرزا ڪرائي ڇڏيندي. ان اهم سوال کي اسان پنهنجي سياسي قيادتن جي ڏاهپ کي ماپڻ لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ ان پٽاندڙ اهو فيصلو ڪري سگهون ٿا ته ڇا اسان جي قيادت جي دعويدارن ۾ ايتري اهليت آهي، جو اسان هنن جي آسري گهٽين ۾ بينر ۽ جهنڊا کڻي نعرا هڻندا رهون يا وري پنهنجي وجود جي بقا ۽ اوسر لاءِ ڪي ٻيون حڪمت عمليون جوڙڻ لاءِ به هٿ پير هڻون؟ منهنجي ناقص ڄاڻ موجب ايڪڙ ٻيڪڙ فردن کي ڇڏي اسان جي اڪثر سياسي اڳواڻن ۽ تنظيمن وٽ دنيا ۾ ايندڙ تيز رفتار تبديلين جو ادراڪ گهٽ آهي، جنهن ڪري سندن تنظيمي حڪمت عمليون ان رستي ڏانهن نه پيون وڃن، جن جي منزل اسان جي گڏيل نجات هجي. مان پنهنجي ان راءِ لاءِ ڪيئي دليل هتي ڏئي سگهان ٿو، پر هن وقت ان کان وڌيڪ اهميت ان بحث کي اڳتي وڌائڻ جي آهي.
سياسي ادارن جي اندر قوم کي قيادت فراهم ڪرڻ واري ان خال کي منهن ڏيڻ لاءِ سماج کي متبادل قيادت ۽ ادارن جي ضرورت آهي، جيڪي مختلف شعبن ۾ سنڌ واسين جي مفادن جو تحفظ ڪن ۽ انهن کي اڳتي وڌائن. اهڙن شعبن ۾ ڪي شعبا ته اهڙا آهن، جن ۾ سرڪاري پاليسين، رعايتن ۽ امداد کانسواءِ وڏي پيماني تي فرق آڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جهڙوڪ زراعت ۽ صنعت، پر ٻئي طرف گذريل ڏهاڪي ڏيڍ دوران عالمي سطح جي آيل تبديلين ڪجهه اهڙن شعبن کي مکيه ڌارا ۾ آندو آهي، جن ۾ اڳڀرائي لاءِ سرڪاري سرپرستيءَ جي ڪا خاص ضرورت ناهي ۽ مڊل ڪلاس پاڻ انهن شعبن ۾ اڳڀرائي ڪري سماج جي بهتريءَ لاءِ اثرائتا ادارا فراهم ڪري سگهي ٿو. اتي بهرحال ان حقيقت کي وسارڻ نه گهرجي ته اهڙا ادار سياسي تنظيمن ۽ قيادت جو متبادل نه ٿا ٿي سگهن. اهي رڳو سياسي ادارن ۽ قيادت جي خال کي ڀرڻ لاءِ هڪ عارضي متبادل بڻجي سگهن ٿا. يقينن اها حڪمت عملي سياسي جدوجهد ۽ ادارن جو متبادل ناهي پر اها هڪ منظم سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اثرائتو سماجي ڍانچو فراهم ڪري سگهي ٿي، جنهن جي سنڌي سماج ۾ کوٽ آهي ۽ اها کوٽ سياسي ادارن جي ڪمزوريءَ جو هڪ اهم ڪارڻ پڻ آهي. ويجهن سالن دوران پاڻيءَ واري مسئلي تي سنڌ واسين جي جدوجهد جهڙي طرح سنڌ کان ٻاهر همدردي ۽ عملي حمايت حاصل ڪئي آهي، ان مان ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌي وچولو طبقو پنهنجي اجتماعي قومي مفادن لاءِ ڪامياب جدوجهد ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. پاڻيءَ واري مسئلي تي جدوجهد سنڌ ۾ گهڻ پاسائين قيادت جي گڏيل جدوجهد جو هڪ نمونو پڻ آهي، جنهن ۾ سياستدانن، ميڊيا، ٽيڪنوڪريٽس ۽ اين جي اوز سميت هر شعبي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ تعليم وغيره جهڙن ميدانن ۾ نه رڳو وچولو طبقو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پر ساڳئي وقت انهن شعبن ۾ ترقيءَ سان سنڌ اندر وڌيڪ منظم ۽ سگهارو وچولو طبقو پڻ جنم وٺي سگهي ٿو. جهڙيءَ ريت سنڌ جي وچولي طبقي جو اڄوڪو نسل، شهيد ڀٽي جي دور ۾ ورهاڱي کانپوءِ جنم وٺندڙ سنڌي مڊل ڪلاس جي پهرين نسل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم، ڪميٽيڊ ۽ سگهارو آهي، تيئن ايندڙ ڏيڍ ٻن ڏهاڪن ۾ سماج جون واڳون سنڀاليندڙ مڊل ڪلاس جو نئون نسل اڃا به وڌيڪ منطم ۽ سگهارو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ريت اڄ جا هي بحران اسان کي وقت گذرڻ سان ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط بنائي سگهن ٿا. جنرل ايوب کان وٺي مشرف جي دور تائين هڪ پاسي سنڌ کان ڀُٽي ۽ بينظير جهڙا اڳواڻ کسيا ويا ته ٻئي طرف زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سنڌين کي چيڀاٽيو ويو پر ڇهن ڏهاڪن جي ان سڄي بربريت ۽ زيادتين جو انت وري به اهوئي نڪتو آهي ته سنڌي سماج اڳي کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيو آهي، تمام گهڻن نقصانن ۽ تڪليفن جي باوجود سنڌ جو ڪيس اڄ اڳي کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سنڌ واسي اڳ کان وڌيڪ منظم ۽ اڳڀرا ٿيا آهن ۽ سنڌي سماج تمام گهڻي اندروني ۽ ٻاهرين مڙهيل ڀڃ ڊاهه جي باوجود هر رخ کان نه رڳو مزاحمت ڪئي آهي پر نيون وکون به کنيون آهن. جڏهن ته سنڌ سان زيادتيون ڪندڙ قوتون اڳ کان وڌيڪ اڪيليون ۽ خوار ٿيون آهن. ان لحاظ کان سنڌين جو آئندو ڪنهن هارايل يا گوڏا کوڙيل قوم وارو نه پر حالتن سان مقابلو ڪندڙ هڪ زندهه قوم وارو نظر اچي رهيو آهي. مٿئين سڄي بحث کي مختصر ڪجي ته ايندڙ سالن جي حڪمت عملي جو محور هيٺيان نقطا بڻجن ٿا.
* سنڌ ۾ سياسي عمل کي وڌيڪ جوابده بنائي ان کي سڌارڻ لاءِ اندروني دٻاءُ جاري رکجي ته جيئن ايندڙ سالن ۾ سنڌين جي مفادن لاءِ ايماندار ۽ اهل قيادت ۽ ادارا جنم وٺن.
* ان عمل سان گڏ وچولي طبقي جا سنڌ واسي سماج کي گهڻ پاسائين قيادت ۽ گهڻ پاساوان ادارا فراهم ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪن. اها اڳڀرائي لاشعوري طور اڳي ئي شروع ٿي چڪي آهي، ان کي رڳو بهتر طريقي سان منظم ڪرڻ جي گهرج آهي.
* سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف وچولي طبقي جي سياسي ۽ غير سياسي محاذن کي لڳاتار جدوجهد جاري رکڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي ويري قوتن کي وڌيڪ اڪيلو ۽ وائکو ڪري مٿن سنڌ واسين جي جائز حقن جي تحفظ لاءِ دٻاءُ وڌائي سگهجي. ان جدوجهد کي نئين دور جي طور طريقن ۽ وسيلن جي استعمال جي شديد گهرج آهي.
* سنڌ ۾ منظم سنڌ دوست سياسي قيادت ۽ ادارن پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪبو رهجي، ڇو ته مضبوط سياسي ادارا ۽ قيادت پيدا ڪرڻ کانسواءِ سنڌ جا مسئلا مڪمل طور حل نه ٿي سگهندا. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جتي طاقت جو توازن پنهنجي حق ۾ نه هجي، اتي ڏاهپ جو توازن پنهنجي پاسي رکڻ سان طاقت کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ ڄاڻ ۽ سمجهداري تي ٻڌل هڪ اهڙي لهر کي پکيڙڻ جي ضرورت آهي، جيڪا هزارين ٽن وزني مسئلن کي سوچ ۽ عمل جي هڪ ننڍي جيڪ سان مٿي کڻي سگهي. پڪ ڄاڻو ته ناانصافي ۽ جبر تي ٻڌل هي ديوار هاڻي سوچ ۽ عمل جي صرف هڪ ڌڪي جي محتاج آهي ۽ بدلجندڙ عالمي وايو منڊل ۾ اسان جي سمجهداري ۽ مستقل مزاجيءَ تي ٻڌل جدوجهد جو لازمي نتيجو سنڌ جي شاندار آئيندي جي صورت ۾ نڪرندو.
(روزاني ڪاوش- 27 جنوري 2008ع)

ساک ۽ اهليت جي بحران جو شڪار ٿيل

ساک ۽ اهليت جي بحران جو شڪار ٿيل
قومپرست سياست


سنڌ جون قومپرست تنظيمون سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد جي حوالي سان نهايت اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن. ون يونٽ جي دور ۾ قومي سڃاڻپ ۽ ٻوليءَ وارن مسئلن تي شروع ٿيل منظم تحريڪون اڳتي هلي قدرتي وسيلن، پاڻي، ناڻي ۽ ٻين معاملن تي سنڌ جي قومي حقن بابت جاڳرتا پکيڙڻ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن. اهو قومپرست تحريڪن جي ئي محنتن جو ثمرآهي جو اڄ وفاقي سياست ڪندڙ ڌريون به پهريان سنڌ جي قومي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي مجبور آهن. جدوجهد جي ميدان ۾ شاندار ماضي رکندڙ اهي تحريڪون جنرل ضياءَ جي دور ۾ منظم رياستي مداخلت جي ور چڙهي ويون. جنرل ضياءَ رياستي تشدد ۽ رياستي ڇاڙتا پيدا ڪرڻ وارن ٻنهي طريقن سان قومي تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. ايئن هوريان هوريان قومپرست تنظيمون ٽڪرن ۾ ورهائجي پنهنجي طاقت وڃائڻ لڳيون ۽ ٻئي طرف قيادتن جي غلط فيصلن/عملن ۽ ڪرمنلز هٿان يرغمال ٿيڻ سبب اهي عوامي سطح تي پنهنجي ساک وڃائي ويٺيون. اڄ هڪ اڌ کي ڇڏي باقي تنظيمن جو سياسي گذران اخباري بيانن تي ۽ معاشي گذران ڀتن ۽ قبضن تي ٿي رهيو آهي. اها وڏي ٽريجڊي آهي جو چاليهن سالن تائين سنڌ ۾ قومپرستيءَ بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ کانپوءِ اڄ جڏهن سنڌ جي گهٽي گهٽي قومپرست ٿي چڪي آهي ته قومپرست تحريڪون قوم کي اڳواڻي ڏيڻ جي قابل نه رهيون آهن.
ممڪن آهي ته ڪنهن کي منهنجي راءِ سان اختلاف هجي، پر منهنجي خيال ۾ سنڌ جون قومپرست تنظيمون اڄ جي نين عالمي حقيقتن ۽ سياسي جدوجهد جي جديد تقاضائن اڳيان بنهه بي اثر ٿي چڪيون آهن ۽ جيڪڏهن هنن پنهنجي روين ۽ جدوجهد جي طريقن ۾ بنيادي تبديليون نه آنديون ته اهي نه رڳو پاڻ تاريخ جي ڪٻاڙ خاني حوالي ٿي وينديون، پر سنڌ جي گڏيل قومي مفادن جي جدوجهد کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسائينديون. سرد جنگ جي انت کانپوءِ اسان هڪ نئين دنيا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، جنهن جون سموريون زميني حقيقتون يڪدم تبديل ٿي چڪيون آهن. هاڻي صرف حق تي هجڻ، مظلوم هجڻ ۽ تاريخي مالڪ هجڻ جي دعوائن ۽ نعرن سان مسئلا حل نه ٿي سگهندا. پريس ڪانفرنسون، اخباري بيان، عيد کان پوءِ تحريڪ هلائڻ ۽ تحريڪ جو دائرو وسيع ڪرڻ جا گٺل ڦٽل اعلان هاڻي سنڌ جي قسمت بدلائي نه سگهندا. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته سنڌ جون قومپرست تنظيمون پنهنجي هاڻوڪي ساک ۽ اهليت سان سنڌ کي مسئلن کان نجات ڏياري نه سگهنديون. سچ ته سنڌ جي قومپرست تحريڪن اندر ساک ۽ اهليت جو بحران وقت سان گڏ شديد ٿي رهيو آهي ۽ پنهنجي هاڻوڪي حالت ۾ قومپرست تحريڪون ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت به رکندي نظر نه ٿيون اچن. ان کان اڳ جو اسان ان ڳالهه تي بحث ڪيون ته قومپرست تنظيمن کي بدليل عالمي ۽ مقامي صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي، ان ڳالهه کي چٽو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته قومپرست تنظيمن تي تنقيد ڪرڻ ۽ کين صلاحون ڏيڻ جو مقصد سنڌ لاءِ سندن ڪردار کي بهتر بنائڻ آهي. بدقسمتيءَ سان قومپرست تنظيمون سنڌ جي جاگيرداراڻي سماجي بيهڪ سبب جاگيرداراڻن روين جو شڪار رهيون آهن، جنهن ڪري انهن اندر تنقيدي بحث مباحثي جي آجيان ڪرڻ بجاءِ انهن کي رد ڪرڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته تنقيد ڪندڙن کي ايجنسين جو ايجنٽ قرار ڏيڻ وارو رويو عام رهيو آهي. انهن روين سبب پڙهيل لکيل ۽ پنهنجي راءِ رکندڙ ماڻهو هوريان هوريان انهن تنظيمن کان پاسيرا ٿيندا ويا، جنهن جو نتيجو اڄ اسان سڀ ڏسي رهيا آهيون. سياسي تنظيمون جيئن ته عوامي ملڪيت هونديون آهن، تنهن ڪري انهن بابت راءِ رکڻ، ان جي اظهار ڪرڻ ۽ کين چڱي صلاح ڏيڻ نه رڳو حق پر سنڌ ڪارڻ هڪ فرض پڻ آهي ۽ ان تي ڪنهن کي به ارهو نه ٿيڻ گهرجي.
هن بحث کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسان ان کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايون ٿا. هڪ قومپرست تنظيمن جا تنظيمي/ادارتي معاملا ۽ ٻيو سندن عملي ڪم ڪار. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌي سماج پنهنجي بيهڪ ۾ جاگيرداراڻو ۽ نيم قبائلي ڍانچي وارو سماج آهي، تنهن ڪري ان ۾ رهندڙ فردن ۽ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن ۽ ادارن جا رويا به ساڳي نوعيت جا آهن. اهوئي ڪارڻ آهي جو قومپرست تنظيمون، تنظيمي ۽ ادارتي جوڙجڪ بجاءِ شخصيتن جون محتاج رهيون آهن. انڪري هر قومپرست تنظيم جي سڃاڻپ هڪ يا ٻه فرد رهيا آهن ۽ انهن ۾ قائم ٿيندڙ گروپ به اڪثر ڪري تنظيمي نالي اڳيان گروپ جي سرواڻ جو نالو ضرور ڄاڻائيندا آهن. ان قسم جي صورتحال ۾ جتي سڀ ڪجهه فرد هجن، اتي تنظيم ۽ تنظيمي ضابطن جي ڳالهه به اوپري لڳي ٿي. فرد جي نالن تي تنظيمي گروپ، فردن جي نالي تي نعرا ۽ ڏهاڪن کان ساڳي قيادت هيٺ هلندڙ تنظيمون هڪ خطرناڪ جمود جو شڪار ٿي وڃن ٿيون ۽ جيڪو ان اڳواڻ جو انڪاري ٿيڻ جي جرئت ڪندو، اهو يا ته تنظيم کان ٻاهر هوندو، يا وري پنهنجو شخصي گروپ ٺاهي سياست ڪري سگهندو. تنظيمي ڍانچو ۽ تنظيمي ضابطا نه هجڻ جو ئي نتيجو آهي جو انهن قومپرست تنظيمن وٽ آئين ۽ منشور جهڙا بنيادي دستاويز به يا ته ملندا ئي ڪو نه ۽ جيڪڏهن هوندا ته به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو انهن بابت ڪا ٿوري گهڻي ڄاڻ رکندا هوندا. ڪنهن به سياسي تنظيم جي بنيادي گهرجن ۾ آئين (Constitution) (قيادت ۽ ڪارڪنن لاءِ) ۽ منشور (Manifesto) (عوام جي لاءِ) ٻه اهم ترين گهرجون آهن. اهي گهرجون رڳو دستاويز تيار ڪري ڇپرائڻ سان ختم نه ٿيون ٿين، پر انهن جو اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي چڱيءَ ريت پتو هجڻ ۽انهن دستاويزن ۾ وقت بوقت سڌارو اچڻ پڻ اهم آهن. جيتوڻيڪ قومپرست تنظيمن جي بنيادي خيالن ۽ تصورن بابت ماڻهن کي ڪجهه نه ڪجهه پتو هوندو آهي، پر انهن خيالن ۽ تصورن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ بنيادي دستاويز ضرور موجود هجڻ گهرجن. ڪارڪنن، قيادت ۽ عام سنڌ واسيءَ کي جيستائين ان بابت چٽي ڄاڻ نه هوندي، اهي ان جدوجهد جو عملي حصو بڻجي نه سگهندا. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن قومپرست ڌر جي راءِ آهي ته ان کي پاڪستان جي اندر رهي سنڌ جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي ته ان جي منشور ۾ اها ڳالهه چٽي هجڻ گهرجي ته ڇا هو اسيمبلين جي سياست ڪندا يا نه؟ ٻنهي صورتن ۾ هنن وٽ سنڌ جي ڪهڙن حقن بابت ڪهڙو پروگرام آهي؟ سندن جدوجهد جا طريقا ڪهڙا هوندا؟ ملڪي آئين جي ڪهڙين شقن بابت سندن ڪهڙي راءِ آهي؟ پاڪستان جي وفاقي نظام جي ڪهڙن رخن بابت کين ڪهڙا اختلاف آهن، وٽن ان جا ڪهڙا متبادل آهن؟ ۽ ان جهڙا ٻيا انيڪ سوال منشور جو حصو بڻجي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ تنظيمي قيادت انهن سمورن مسئلن بابت ڪا نه ڪا راءِ ضرور رکندي هوندي، پر ان بابت ڪارڪنن کان هيٺين سطح کان وٺي راءِ وٺي ڪو دستاويز تيار ڪيو ويو هجي جيڪو تنظيم لاءِ روڊ ميپ جو ڪم ڏئي، اهو عام طور تي نظر نٿو اچي.
آئين ۽ منشور جي دستاويزن کان پوءِ ٻي اهم ڳالهه آهي تنظيمي حڪمت عملي. سياست به ڪاروبار ۽ جنگ جيان حڪمت عملين جي ويڙهاند جو ميدان آهي. حڪمت عملين جو هجڻ ۽ وقت سان تبديل ٿيندڙ حالتن آهر انهن ۾ تبديليون آڻڻ کانسواءِ ڪا به سياسي جدوجهد نتيجا ڏئي نه سگهندي. سياسي جدوجهدن کي”چلي جا رهي هي خدا ڪي سهاري“ واري بنياد تي هلائڻ سان ڪا وڏي ڪاميابي ملي، اهو پڪ سان يا ته ڪو حادثو هوندو يا وري معجزو. تُز حڪمت عملي نه هئڻ جو ئي نتيجو آهي جو قومپرست تحريڪن جا اڳواڻ ان قسم جا موسمي اعلان ڪندا رهندا آهن ته فلاڻي مسئلي تي جلد تحريڪ هلائي ويندي. فلاڻو مسئلو حل نه ٿيو ته تحريڪ جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. انهن ”تحريڪن“ جي اعلانن پٺيان عام طور تي ڪا حڪمت عملي نه هوندي آهي، تنهن ڪري تحريڪن جا اهڙا سوين اعلان اخباري ڪاغذن ۾ جنم وٺي اتي ئي دفن ٿي ويندا آهن. ساڳيو حال مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪرڻ ۽ پاڻ کي جيئري ساڙڻ وارن اعلانن جو هوندو آهي. اخبارن ۾ اڪثر خبرون اينديون آهن ته بک هڙتال دوران هيترن همراهن جو بلڊ پريشر گهٽجي ويو، کين بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا وغيره وغيره. انهن ۾ ڪن ٿورن واقعن کي ڇڏي، باقي اڪثر ڪري اخباري بيان ئي هوندا آهن، جنهن ڪري انهن خبرن کي هاڻي ڪير به سيريس نه ٿو وٺي. جدوجهد جا اهي نهايت ئي اهم قدم ڪن خاص حالتن ۾ ۽ پوري سچائيءَ سان کڻڻ گهرجن ته جيئن انهن جو ڪو اثر به پوي، نه ته آهستي آهستي انهن واقعن جون خبرون به اخبارن جي اندرين صفحن ۾ سنگل ڪالم جو کاڄ بڻجي وڃن ٿيون، جن جي ڪير بقايا به پڙهڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي. ياد رکڻ گهرجي ته نعرا ۽ اعلان سياسي جدوجهدن لاءِ انتهائي مقدس عنصر هوندا آهن. انهن کي ايندي ويندي هر ننڍي وڏي ڳالهه لاءِ استعمال ڪرڻ سان اهي پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهندا آهن. نتيجي ۾ جڏهن سچ پچ رڍن جي ڌڻ ۾ بگهڙ ڪاهي پوندو ته”جعفر ڪوڙي“ جي رڙين تي ڪو به ڳوٺاڻو سندس واهرلاءِ نه نڪرندو.
ادارتي حوالي سان انهن بنيادي ڪمن کانسواءِ ڪارڪنن جو نظم ۽ ضبط، سندن سياسي سکيا ۽ سندن ڪردار تي نظر نهايت اهم پاسا آهن، پر جڏهن قيادتون پاڻ ئي انهن ضابطن ۽ ڪردار جي گهرجن جو احترام نه ڪنديون ته پوءِ ڪارڪنن کي ڪهڙي منهن سان ان لاءِ چئي سگهنديون؟ باڪردار قيادت ڪنهن به سياسي تحريڪ جو روح هوندي آهي ۽ ان حوالي سان سنڌ جي اڄوڪين قومپرست تحريڪن جو روح ڏاڍو ڪمزور آهي.
هاڻي اچون ٿا تنظيم سازيءَ کانپوءِ عملي ڪم ڪار جي گهرجن تي. سياسي ميدان ۾ حڪمت عمليون صرف تڏهن ئي نتيجا ڏئي سگهنديون جڏهن انهن لاءِ اثرائتا ايڪشن پلان موجود هوندا. ڪنهن به حڪمت عملي لاءِ ضروري آهي ته ان جا ايڪشن پلان ۽ متبادل پلان موجود هجن. قيادت کي چڱيءَ ريت پتو هجي ته فلاڻو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي جدوجهد جا ڪهڙا ڏاڪا هوندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن خاص ڏاڪي تي گهربل نتيجا نٿا ملن ته ان جو متبادل پلان ڇا هوندو؟ ياد رکڻ گهرجي ته سياسي جدوجهد ڪا مينوفيڪچرنگ پلانٽ ناهي جنهن ۾ گهربل ڪچو مال وجهي مشين کي هلائجي ته اها گهربل پيداوار ڏيڻ شروع ڪري. قومي سياسي جدوجهد ۾ حالتن آهرٺهڪندڙ فيصلا ڪرڻ، حڪمت عملي ۽ ڏاهپ سان انهن ۾ وقت سر تبديلي آڻڻ کانسواءِ نتيجا حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي. اهي حڪمت عمليون قيادت جي ڏاهپ ۽ روين تي دارومدار رکن ٿيون. جيڪڏهن پارٽين جي قيادت کي دنيا جهان اندر ايندڙ تبديلين جو پتو نه هوندو ته انهن جون حڪمت عمليون به ڪمزور هونديون. مارڪيٽ اڪانوميءَ جي هن دنيا ۾ حڪمت عمليون ٺاهڻ لاءِ رڳو سياست جي ڄاڻ ڪافي ناهي. سياست، تاريخ، نفسيات ۽ فلسفي وغيره کانسواءِ جديد سائنس، ٽيڪنالاجي، ڄاڻ جي ذريعن، معيشت ۽ اثرائتن رابطن جي ڄاڻ به ضروري آهي. سياسي قيادتون جيڪڏهن انهن هنرن کان وانجهيون هونديون ته اهي ڪڏهن به اثرائتيون حڪمت عمليون جوڙي نه سگهنديون. گهڻي گهرائيءَ ۾ نٿا وڃون، رڳو سوچيو ته سنڌ جا ڪيترا قومپرست اڳواڻ آهن، جيڪي نيوز ويڪ، ٽائيمز، دي اڪنامسٽ، نيويارڪ ٽائيمز وغيره کي لڳاتار نه ته ڪڏهن ڪڏهن پڙهندا هجن. سياست، تاريخ ۽ معيشت جي حوالي سان لڳاتار ڇپجندڙ اهم ڪتاب ۽ دستاويز يا ورلڊ بئنڪ جا ڊاڪميومينٽس ڇڏيو، رڳو ڊان ۽ دي نيوز اخبار جو مطالعو ڪندڙ اڳواڻ سنڌ ۾ ڪيترا هوندا؟ ڪيترا قومپرست اڳواڻ آهن جيڪي ويب سائيٽس، بلاگس ۽ اي ميل کان واقف آهن؟ ڪيترا سياسي اڳواڻ آهن، جن کي اهو پتو هجي ته انگريزي اخبارن، رسالن ۽ ٽي وي چينلن تان سنڌ بابت ڪهڙو مواد شايع/نشر ٿي رهيو آهي؟ ڪيترين سياسي تنظيمن جون پنهنجون ويب سائيٽس آهن؟ ڄاڻ ۽ ڪميونيڪيشن جي ان جهان کان ڪٽيل رهندڙ قيادت ۽ تنظيمن مان اڄ جي دور ۾ سنڌ کي لاڀ ڏيندڙ ڪنهن سياسي جدوجهد جي اميد اجائي آهي. سياسي جدوجهد ۽ خاص طور تي قومي حقن جون تحريڪون هاڻي بين الاقوامي ادارن ۽ فورمن تائين رسائي ۽ سندن واهر کانسواءِ ڪامياب نتيجا نه ڏئي سگهنديون. سنڌ جا اهي قومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيڪي اڄ کان ويهه سال اڳ هڪ صحفي جو پمفليٽ سائيڪلو اسٽائل تي ڇپرائي ور ۾ وجهي ڪچي مان ميلن جا ميل پنڌ ڪري ڪارڪنن تائين پهچائڻ لاءِ پريشان هوندا هئا، تن وٽ اڄ هڪ اي ميل وسيلي ڏهه لک ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائڻ جي سهولت موجود آهي ۽ هو ان مان لاڀ ماڻڻ جي صلاحيت نٿا رکن. انٽرنيٽ ۽ اي ميل، گلوبلائيزيشن جون اهي چڱايون آهن جن کي اسان جهڙين قومن ۽ انهن جي قيادتن کي ڏاهپ سان استعمال ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. سنڌ جي قومپرست تنظيمن کي گهرجي ته اهي بنا دير هڪ ”ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن“ سيل قائم ڪن. ان سيل وسيلي اهي هڪ سال اندر ڄاڻ ۽ رابطن جي حوالي سان اهو ڪم ڪري سگهنديون، جيڪو اهي ڏهاڪن ۾ نه ڪري سگهيون آهن. ان لاءِ سڀ کان پهرين قومپرست تنطيمن جي اڳواڻن کي ڏينهن ۾ ٻه ڪلاڪ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ اي ميل لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن ته جيئن کين انهن شين جي اهميت جو اندازو ٿئي. ممڪن آهي ته ”انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن“ سيل مان ڪنهن جو خيال هجي ته ان لاءِ ڪيئي ڪروڙ رپين جي ضرورت پوندي. درحقيقت ٽيڪنالاجي هن وقت ايتري عام ۽ سستي ٿي پئي آهي جو ان قسم جو سيل تنظيم جي ڪنهن هڪ جلسي کان به گهٽ ٿيندو. ٻه سمجهدار نوجوان ان سيل کي اثرائتي نموني هلائڻ لاءِ ڪافي آهن. جهڙي طرح شهري تنظيمون ٽيڪنالاجيءَ وسيلي سڄي دنيا سان لهه وچڙ ۾ آهن ۽ بين الاقوامي ميڊيا کان وٺي سفارتي حلقن تائين سندن پهچ آهي، ان جو هڪ وڏو ۽ اهم ڪارڻ ٽيڪنالاجيءَ جو اثرائتو استعمال آهي. مٿي ڄاڻايل سيل جيڪڏهن ٺيڪ طريقي سان ٺاهجي ۽ ان تي سنجيدگيءَ سان ٿوري محنت ڪجي ته اهو ڪم جيڪو ڪروڙ رپين جي خرچ يا سڄي سال جي عوامي جلسن وسيلي ٿيندو هجي، ان کان وڌيڪ نتيجا هي سيل ڪجهه مهينن اندر تمام گهٽ خرچ ۾ ڏئي سگهي ٿو. قومپرست تنظيمون جيستائين ٽيڪنالاجيءَ جو ڏاهپ ڀريو استعمال نه ڪنديون، اڄ جي جديد دنيا ۾ اهي سنڌ جي حقن جي جدوجهد مان گهربل نتيجا ڪڏهن به حاصل ڪري نه سگهنديون.
سنڌ جي قومپرست تنظيمن جو ٻيو اهم ڪم هجڻ گهرجي سنڌ جي قومي مسئلن تي انگن اکرن تي ٻڌل اهڙو ڪيس تيار ڪرڻ ۽ ان کي دنيا جي لاڳاپيل فورمن تائين پهچائڻ، جنهن سان سنڌ جي مسئلن بابت سنڌ کان ٻاهر حمايت حاصل ڪري سگهجي. قومي حقن جون جدوجهدون بنا وسيع حمايت جي اڪيلي سر ڪامياب نتيجا نه ٿيون ڏئي سگهن. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي قومي جدوجهد گهڻو تڻو سنڌ تائين محدود رهي آهي. سنڌ جي حقن جي حوالي سان سنڌ کان ٻاهر سمجهه يا حمايت پيدا ڪرڻ وارو جيڪو ٿورو گهڻو ڪم هينئر تائين ٿيو آهي، اهو ڪجهه فردن، ٽيڪنوڪريٽس يا ميڊيا ڪيو آهي. سنڌ جي قومپرست تنظيمن وٽ سنڌ جي قومي حقن جهڙوڪ پاڻي، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، ناڻي ۾ حصي وغيره بابت شايد ئي ڪو جامع دستاويز تيار ٿيل ملندو. جيڪي ڊاڪيومينٽس ڪجهه ٽيڪنوڪريٽس يا اين جي اوز طرفان تيار ڪيا ويا آهن، انهن کي سياسي تنظيمن اندر سنجيدگيءَ سان پڙهڻ يا انهن تي ڪو وڌيڪ ڪم ڪرڻ وارو لاڙو به نه هجڻ جي برابر نظر اچي ٿو. قومپرست تنظيمن ۾ جيئن ته غيرسنجيده فيڪٽر وڌيڪ سرگرم رهيو آهي، تنهن ڪري هنن اڪثر ڪري پڙهيل لکيل ماڻهن کي وقت جو زيان سمجهيو آهي. لکڻ پڙهڻ وارن ڪمن کي هڪ عرصي تائين جدوجهد جو اهم حصو ئي نه ٿي سمجهيو ويو. ليکڪن ۽ ٽيڪنوڪريٽس کي عام طور تي اسان جا سياسي اڳواڻ مصلحت پسند ۽ موقعي پرست قرار ڏئي رد ڪندا رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو قومپرست تنظيمون جذباتي عمر وارين شاگرد تنظيمن کان ٻاهر تمام گهٽ سرگرم نظر اچن ٿيون. هاڻي دور بدلجي چڪو آهي. دنيا جو ڪو به سمجهدار ماڻهو يا ادارو ايستائين اسان جي مؤقف جي حمايت نه ڪندو، جيستائين اسان انگن اکرن ۽ دليلن تي ٻڌل سنڌ ڪيس عام نه ڪنداسين. رڳو نعرن ۽ جذباتي تقريرن سان اسان سنڌ کي ٻاهر پنهنجي ڪيس لاءِ حمايت حاصل نه ڪري سگهنداسين. سنڌ جي قومپرست تنظيمن کي گهرجي ته سنڌ جي بنيادي مسئلن جي حوالي سان فني ماهرن جي مدد سان سنڌ جو ڪيس دستاويزي شڪل ۾ آڻي، ان کي مختلف ٻولين ۾ شايع ڪرائي سنڌ اندر ۽ سنڌ کان ٻاهر دنيا جي اهم فورمن تائين پهچائن. ان ڏس ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد هڪ شاندار مثال آهي. مون کي آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ورلڊ بئنڪ جي آفيسن ۾ به اهڙا ماڻهو مليا جن کي ڪالاباغ ڊيم ۽ ايل بي او ڊي پراجيڪٽن بابت سنڌ جي دليلن ۽ انگن اکرن بابت ڄاڻ هئي ۽ هو ان سان سهمت هئا. پاڪستان اندر ٻين صوبن ۾ ڪيترا ئي ماڻهو انهن معاملن تي اڄ سنڌ جي مؤقف جي حمايت ڪن ٿا، جنهن جو وڏو ڪارڻ انهن مسئلن بابت دليلن تي ٻڌل ڊاڪيومينٽس جو هجڻ ۽ انهن کي انٽرنيٽ، اي ميل ۽ ميڊيا وسيلي عام ڪرڻ آهي. سنڌ جي قومپرست تنظيمن پاران انهن مسئلن تي عوامي هلچل پيدا ڪرڻ وارو ڪريڊٽ کين ضرور ملڻ گهرجي، پر اها عوامي هلچل اڪيلي سر نتيجا نه ڏئي سگهي ها جيڪڏهن انهن سان گڏ فني دليل نه هجن ها. اهڙو ڪم ٻين مسئلن جهڙوڪ ٿر جي ڪوئلي، تيل ۽ گيس جي وسيلن، زراعت، روزگار وغيره جي حوالي سان به ٿيڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ قومپرست تنظيمن کي سول سوسائٽي جي مختلف ادارن ۽ ٽيڪنوڪريٽس سان پنهنجو رابطو وڌائڻ گهرجي، جنهن جو هن وقت وڏو خال آهي.
اهي ته هئا تنظيمي جوڙجڪ ۽ اهليت وارا پاسا. هاڻي اچون ٿا ساک واري پاسي ڏانهن. درحقيقت ساک وارو معاملو اهليت کان به وڌيڪ اهم آهي. بدقسمتيءَ سان گذريل سالن اندر قومپرست تحريڪون ساک جي حوالي سان نهايت ڪمزور رهيون آهن. قيادت ۽ ڪارڪنن جي نه رڳو اخلاقي پاسن بابت سوال آهن پر قومي مسئلن بابت سنجيده هجڻ واري ساک اڳيان به سواليه نشان آهن. هن وقت اڪثر قومپرست تنطيمن تي عملي طور اهڙن ماڻهن جو قبضو آهي، جيڪي سنڌ ۽ سنڌ واسين جي مفادن کان وڌيڪ پنهنجي ذاتي خسيس مفادن جي پورائي ۾ رُڌل آهن. اسي واري ڏهاڪي ۾ جهڙي طرح هڪ خاص ٽولي قومپرست تحريڪن جي شاگرد تنظيمن ۾ داخل ٿي سنڌ اندر اعليٰ تعليمي ادارن کي برباد ڪيو، ان کان پوءِ لڳاتار انهن تنظيمن اندر خاص مفاد رکندڙ هڪ منظم ٽولي جي والار آهي.
جيڪڏهن تنظيمن اندر ڪي فضيلت وارا اڳواڻ يا ڪارڪن ان لاڙي خلاف ڳالهائن ٿا ته کين آخر ۾ تنظيم ڇڏي پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو. اهي قصا اڳي ته ايجنسين جي پروپيگنڊا قرار ڏئي رد ڪيا ويندا هئا، پر هاڻي اهي ايترا ته عام ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ ٿي رهيا آهن، جن کي رڳو پروپيگنڊا چئي رد نٿو ڪري سگهجي. قومپرست تنظيمن جي قيادت کي جيڪڏهن سنڌ سان ٿورو به خلوص آهي ته کين سياست اندر ڪرائيم بابت پنهنجي راءِ عملي طور واضح ڪرڻي پوندي. مان يقين سان چوان ٿو ته قومپرست تنظيمون پنهنجي سٺي ڪردار ۽ عمل وسيلي ايتري ساک پيدا ڪري سگهن ٿيون، جو سنڌ جا ماڻهو کين زوريءَ وارن ڀتن کان وڌيڪ رضا خوشيءَ واري مالي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. اهو ناڪاري فيڪٽر ئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جا عام ماڻهو قومپرست ته آهن پر اهي قومپرست تنظيمن جو حصو بنجڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن سنڌ جي ڪا به قومپرست تنظيم رڳو هڪ سال لاءِ صبر جو روزو رکي پنهنجي ڪردار بهتر ڪرڻ تي محنت ڪري ته تنظيم هلائڻ لاءِ جائز وسيلا، ناجائز ذريعن کان وڌيڪ مهيا ٿي ويندا. جيڪڏهن رڳو تنظيم ۽ جدوجهد کي هلائڻ لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي ته اهي بنا ڪرپشن جي جائز ۽ صاف سٿرن طريقن سان حاصل ڪرڻ اڄ جي دور ۾ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. ساک جي بحاليءَ جي حوالي سان قومپرست تنظيمن کي ٻه ڪم بنا دير طئي ڪرڻ گهرجن. هڪ، سياست اندر ڪرمنلز کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ چٽي حڪمت عملي ۽ ٻيو، سنڌ ۾ تعليم جي بحاليءَ لاءِ عملي طور ڪا تحريڪ هلائڻ. هڪ اهڙي تحريڪ، جنهن ۾ قومپرست تنظيمن جا ڪارڪن ڪلاسن جا بائيڪاٽ ڪرڻ بجاءِ ڪلاس رومز ۾ ڪتابن جي کوٽ کي پورو ڪندي نظر اچن. هن وقت سنڌ جا ستن هزارن کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند آهن. ڪا قومپرست تنظيم پنهنجي ڪارڪنن کي رڳو پنج سؤ اسڪولن ۾ رضاڪار استاد طور بيهاري اهي اسڪول کولي هلائي ڏيکاري ته سنڌ جا ماڻهو کين جيءَ ۾ جايون ڏيندا. سنڌ جا حق، آجپو ۽ خوشحالي سڀ تعليم سان مشروط آهن. جنهن قوم جا ست هزار پرائمري اسڪول بند هجن، ان جا قومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيڪڏهن ٻيا سڀ ڪم جاري رکندي هڪ سال لاءِ انهن مان رڳو ڪجهه سؤ اسڪول کولرائن ته ان کان وڏي قومپرستي ٻي ڪهڙي ٿيندي؟ ساڳي طرح ماڻهن جي مقامي سطح جي مسئلن ۾ واهر ڪرڻ، ڪتابي ميلا، طبي ڪئمپون، ثقافتي سرگرميون ڪرائڻ، مصيبتن ۽ آفتن وقت عوام جي واهر ڪرڻ سان به سٺو تاثر پيدا ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي قومپرست تنظيمن جيڪا ساک ڏهاڪن ۾ وڃائي آهي، ان کي ڪجهه سالن اندر بحال ڪرائڻ لاءِ اهڙا ٻيا انيڪ طريقا ٿي سگهن ٿا، پر ان لاءِ سٺي نيت ۽ عملي اظهار جي ضرورت آهي. باقي سنڌ جي حقن لاءِ ورجايل پريس بيان ۽ تقريرون ٻڌي سنڌ جا ماڻهو ٿڪجي چڪا آهن. ماڻهو ته اهو به چون ٿا ته جيڪڏهن سڀاڻي ڪنهن معجزي سان سنڌ کي آجپو ملي به پوي ته ڇا هن ساک ۽ اهليت وارا قومپرست هن ملڪ کي هلائي سگهندا؟ سنڌ جي قومپرست تنظيمن جو مضبوط هجڻ نه رڳو سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد لاءِ ضروري آهي، پر ساڳي وقت قومپرست تحريڪون سنڌ جي ادب، ٻولي ۽ سنڌ جي صوفياڻي مزاج کي به ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن وقت ملڪ ۾ جنهن طرح بنياد پرستن جي خطرناڪ لهر پکڙجي رهي آهي ان جا اثر سنڌ تي به هوريان هوريان پئجي رهيا آهن. قومپرست تحريڪن جي ڪمزوريءَ جي نتيجي ۾ قبائليت ۽ ملائيت پکڙجڻ جو به انديشو آهي. قومپرست تحريڪون جيئن ته قوم کي ترقي پسنداڻي ۽ سيڪيولر بنيادن تي متحد ڪنديون آهن، تنهن ڪري قومپرست تحريڪن جو مضبوط هجڻ سنڌ جي ثقافتي ترقي، سماجي ايڪي ۽ سياسي جاڳرتا لاءِ پڻ انتهائي ضروري آهي. ساڳي طرح قومپرست تحريڪون بنيادي طور تي سنڌي مڊل ڪلاس جي سياست جا فورم آهن. انهن جي مضبوط ٿيڻ سان سنڌ اندر مڊل ڪلاس جي سياست به مضبوط ٿيندي.
سنڌ جي قومپرست تحريڪ هزارين مخلص ڪارڪنن جي بي مثال قربانين جي نتيجي ۾ پروان چڙهي آهي. ان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن مفاد پرستن جي هٿن ۾ يرغمال نه رهڻ گهرجي. هن تحريڪ کي سنڌ جي اڄوڪي ۽ ايندڙ نسلن جي گڏيل قومي سڃاڻپ ۽ حقن جي انتهائي اوکي جاکوڙ ڪرڻي آهي، تنهن ڪري قومپرست تحريڪ جي قيادت کي سنڌ ڏانهن پنهنجي ذميواريءَ کي محسوس ڪندي سنجيدگي، ڏاهپ ۽ سچائيءَ جو عملي مظاهرو ڪندي پاڻ کي نين حقيقتن ۽ گهرجن سان ٺهڪائڻ جي ضرورت آهي. (روزاني ڪاوش- 11 آڪٽوبر 2008ع)

داخليت پسنديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪريل سنڌي سماج

داخليت پسنديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪريل سنڌي سماج
۾ سڌارا ڪيئن ايندا؟

سنڌ جي بقا ۽ اوسر لاءِ جيڪا ڳالهه سڀ کان خطرناڪ آهي، اها آهي سنڌي سماج ۾ ڇانيل طويل جمود، جيڪو کُٽڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. انساني تاريخ جي سڀ کان تيز رفتار ترقي واري اڄوڪي دور ۾ نيم قبائلي ۽ نيم جاگيرداراڻي بنيادن تي بيٺل سنڌي سماج جي عمارت گهڻو جٽاءُ ڪندي ان جو اندازو لڳائڻ ان ڪري مشڪل آهي جو ان جهرندڙ ۽ ڊهندڙ عمارت کي ڪيترن ڏهاڪن کان رياستي ٿوڻيون مليل آهن. جيستائين سنڌ واسي انهن ٿوڻين کي پٽي نه اڇلائيندا ۽ موجوده سماج ۾ ڪا بنيادي ڌونڌاڙ نه آڻيندا، سنڌ جي ترقي ۽ اڳڀرائي رڳو هڪ خواب ئي رهندي. سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ تاريخ جو جيڪو بدترين سانحو سنڌ کي پيش آيو، اهو هيو ننڍي کنڊ جو ورهاڱو انگريز ننڍو کنڊ ڇڏڻ وقت جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي اصلوڪي حيثيت يعني آزاد وطن واري حيثيت ۾ ڇڏين ها ته اڄ سنڌ تاريخ جي ڪنهن ٻئي دور ۾ هجي ها. ورهاڱي کانپوءِ لکين ڌارين جي لوڌ اچڻ ۽ پاڪستان اندر شائونسٽ ٽولي جو اقتدار تي قابض ٿي وڃڻ سنڌ لاءِ ٻه وڏيون مصيبتون ثابت ٿيون، جن جي نتيجي ۾ نه ڄاڻ اڃا ڪيترين نسلن کي ڀوڳڻو پوندو.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ سان ڪيل هاڃن جي تفصيل ۾ وڃڻ لاءِ ته ڪتاب لکجن ته به ٿورا ٿي پون، پر سنڌ سان جيڪا اصل دشمني هن ملڪ جي اختيار ڌڻين ڪئي، سا آهي سنڌ اندر جاگيرداراڻي ۽ قبائلي سماجي ڍانچي کي برقرار رکڻ ۽ ان کي سياسي طاقت وسيلي هٿي ڏين. زمينن تي والار، ڌارين جي آبادڪاري ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ جهڙن مسئلن کي ته سنڌ منهن ڏئي سگهي ها، پر سنڌي سماج ۾ اندروني ڪمزورين جا بنياد مضبوط ڪري ان کي اندروني طور ايترو هيڻو ۽ بي پهچ بنايو ويو آهي جو اڄوڪي سڌريل دنيا جي ڀيٽ ۾ سنڌي سماج ڄڻ يورپ جي اونداهي دور جي باقيات نظر اچي ٿو. ملڪ جي سياڻن اقتدار ڌڻين کي پتو هو ته جيستائين سنڌي سماج کي اندروني طور مڏو ۽ اپاهج نه رکبو، سنڌي قوم کي غلام بڻائي رکڻ مشڪل هوندو. ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺيان مکيه طريقا استعمال ڪيا ويا:
* سنڌ ۾ جديد تعليم جا ادارا نه قائم ڪيا ويا ۽ سرڪاري شعبي ۾ قائم ٿيل ادارن کي يرغمال رکيو ويو.
* سنڌين کي شهرن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ شهري ملڪيتون ڪليمن ۾ نيلام ڪري اهو تاثر ڏنو ويو ته سنڌي پنهنجا ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن.
* سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زرعي سڌارا آڻي جاگيرون ختم ڪرڻ بجاءِ وڏيرن کي قرض ۽ ٻيون سهولتون ڏئي سنڌي سماج کي وڏيرن جي غلامي هيٺ رکيو ويو.
* وڏيرن کي سگهارو ڪرڻ لاءِ کين سياسي مکيه ڌارا ۾ آڻي کين عوام مٿان قبضي جو آئيني ۽ قانوني حق ڏنو ويو.
* مقامي انتظاميا، ٿاڻن ۽ ڪچهرين کي سڌي اڻ سڌي طرح سندن حوالي ڪري سنڌ کي جاهلاڻي وڏيرا شاهي جو غلام بڻايو ويو.
* پارلياماني جمهوريت جي اوسر کي روڪي سياسي عمل مان وچولي طبقي جي ڪردار کي ختم ڪري ملڪي ڪاروهنوار ۾ ابن الوقت وڏيرن کي سگهارو بنايو ويو. بنيادي جمهوريت ۽ اقتدار جي هيٺين سطح تي منتقليءَ جي نالي تي سياست وڏيرن حوالي ڪئي وئي.
* سنڌ جي ٻهراڙين کي صنعتي ترقي کان محروم رکي ٻهراڙين ۾ جديد بنيادن بجاءِ مدي خارج زرعي پيداواري سرشتي کي هٿي ڏني وئي، جيڪو پنهنجي مزاج ۾ ترقي دشمن آهي.
* ٻهراڙين ۾ هنري سکيا جا دروازا بند ڪري سنڌي سماج ۾ جديد هنرن جي اوسر کي روڪي ڏيهه پرڏيهه ۾ سنڌين جي ٻاهرنڪرڻ جا رستا روڪيا ويا.
* ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل ۽ شهرن ۾ دهشتگرد بڇي ٻهراڙين ۾ مڊل ڪلاس جي اوسر کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو.
اهي ۽ ان جهڙا ٻيا انيڪ طريقا استعمال ڪري ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويو ته تبديلي جي بنيادي محرڪ يعني وچولي طبقي جي اوسر اڳيان بند ٻڌي سنڌي سماج کي اهڙي داخليت پسند کڏ ۾ اڇلايو وڃي، جتي ٿورا گهڻا پڙهيا لکيا ماڻهو ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهڻ کانپوءِ رڳو پنهنجي ماضي جا گيت ڳائڻ ۾ رُڌل رهن. اهوئي سبب آهي جو اسان جي لکڻين ۽ تقريرن ۾ موهن جي دڙي جي تهذيب، شاهه لطيف جي شاعري، ايشيا جي وڏي ۾ وڏي تنظيم، ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ وغيره جهڙيون پناهگاهون ڀريل نظر اچن ٿيون. انهن ۾ ڪٿي به ايڪيهين صديءَ جي حقيقت سان ٺهڪندڙ ڪاميابين جو ذڪر نٿو ملي. فني ماهر، سائنسدان، نئين کوجنا، نئين ايجاد، ٽيڪنالاجي، خانگي شعبي جا ڪامياب ادارا وغيره اسان جو ايڪڙ ٻيڪڙ حوالو به نٿا بڻجن. جديد سماجي ترقيءَ جا بنيادي اهڃاڻ اسان جي منظر نامي تان غائب آهن. ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا ۾ ترقي جي ميدان ۾ ٿيل معجزن جا ٽي بنيادي محرڪ آهن يعني ٽيڪنالاجي، موڙي ۽ هيومن ريسورس، پندرهين صديءَ کان پوءِ واري يورپ ۽ ويهين صديءَ جي پٺين اڌ واري چين، جاپان ۽ ڀارت جي اوسر جا بنيادي محرڪ اهي ئي آهن. البت يورپ جي معاملي ۾ فن، فڪر ۽ فلسفي وارا پاسا به ڳڻي سگهجن ٿا، ڇو ته انهن محرڪن يورپ کي ان ذهني غلامي مان آجو ڪرايو، جنهن جي آڌار تي اڳتي هلي ٽيڪنالاجي، موڙي ۽ انساني وسيلن اولهه جي سماج کي دنيا ۾ ترقي جو هڪ مثال ۽ نمونو بنائي ڇڏيو. انهن ٽن بنيادي محرڪن کي ڏسجي ته اڄوڪي سنڌ ڪنهن ڳاڻيٽي ۾ ئي ناهي، بلڪه خود پاڪستان به ڪنهن به ڪاٿي ۾ ناهي. آمريڪا ۽ يورپ کان پوءِ دنيا ۾ جيڪي نيون طاقتون اسري رهيون آهن، تن ۾ حوالي طور چين، جاپان، ڀارت، روس، برازيل ۽ ترڪي وغيره جو ذڪر ٿئي ٿو.
ايشيا جي تناظر ۾ ڏسجي ته چين ترقيءَ جو هڪ اهڙو نمونو ٿي اڀريو آهي، جنهن تي اولهه ۽ آمريڪا جا ماهر به حيران آهن. تاريخ ۾ وڃي چين جو مطالعو ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته اهو سنڌ کان به وڌيڪ داخليت پسند سماج رهيو آهي ۽ ٽيهه چاليهه سال اڳ تائين به دنيا جي مکيه ڌاري کان گهڻو ڪٽيل هو. جيتوڻيڪ پندرهين صديءَ ۾ چين ڪن حوالن سان يورپ کان اڳڀرو هو، پر اڳتي هلي داخليت پسند قوتن ان کي ترقي جي مکيه ڌارا کان ڪٽي ڇڏيو. سنڌي سماج جي ترقيءَ جي حوالي سان چين جي سماجي صورتحال جو هڪ مختصر جائزو ڪارائتو ٿيندو. پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ 1492ع ڌاري ڪرسٽوفر ڪولمبس انساني تاريخ جي اهم ترين سامونڊي سفر تي اسهيو. آمريڪا ڳولي لهڻ سبب ان سفر جو تاريخ ۾ تمام گهڻو حوالو ملي ٿو، پر گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ان کان ستاسي سال اڳ چيني ايڊمرل ”زينگ هي“ (Zhang he) به ساڳئي قسم جو سفر شروع ڪيو هو. ان زماني ۾ سندس ٻيڙو يورپي سياحن ڪولمبس ۽ واسڪو ڊي گاما کان گهڻو وڏو هو. ڪولمبس جي ٻيڙي ۾ چار ٻيڙيون ۽ 150 ملاح هئا، جڏهن ته 1405ع ۾ زينگ هي جي ٻيڙي ۾ 317 ٻيڙيون ۽ 28 هزار ماڻهو هئا. سندس ٻيڙي جو وڏي ۾ وڏو جهاز Treasure Ship ڪولمبس جي جهاز کان چؤڻو وڏو هو، جنهن ۾ نوَ سڙهه هئا. سندس هر جهاز کي ٺاهڻ لاءِ ٽي سؤ ايڪڙ ٻيلو وڍي ڪاٺ ڪٽڻو پيو. ان دور جي چيني ٻيڙي جي تفصيل پڙهي اڄ به اچرج لڳي ٿو. زينگ هي 1405ع ۽ 1433ع جي وچ ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ هندستاني سمنڊ جا ست سفر ڪيا. بدقسمتيءَ سان 1430ع جي ڏهاڪي ۾ چين اندر نئون شهنشاهه آيو، جنهن ان قسم جون سامونڊي مسافريون بند ڪرائي ڇڏيون ۽ اهڙي طرح چين ۾ کوجنا ۽ پرڏيهي واپار جا دروازا بند ڪيا ويا. سن 1500ع ۾ عدالت کان حڪم جاري ڪرائي ٻن سڙهن کان وڏو ٻيڙو ٺاهيندڙ لاءِ موت جي سزا جو اعلان ڪرايو ويو. 1525ع ۾ ساحلي عملدارن کي حڪم مليو ته سمنڊ ڏانهن جيڪو ٻيڙو وڃي ان کي تباهه ڪيو وڃي. 1551ع ۾ ته گهڻِ سڙهي جهاز کي ڪنهن به مقصد لاءِ سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي وڌي وئي. 1644 ۾ چنگ خاندان جي حڪمراني ۾ ان روايت کي اڳتي وڌائيندي چين جي ڏاکڻي ساحل تي 700 ڪلوميٽر ڊگهي پٽيءَ کي ساڙائي نيست ڪيو ويو. اهڙي طرح ٻاهرين دنيا ڏانهن چين جي اچ وڃ بند ٿي وئي ۽ چين جي شپنگ واري صنعت برباد ٿي وئي جڏهن ته ان ساڳئي عرصي دوران يورپي ٻيڙا چين ۽ ڀارت جي آس پاس اچ وڃ ڪندا رهيا ۽ اڳتي هلي ان خطي جي سڀ کان وڏي طاقت بڻجي ويا. ڪجهه تاريخدانن جو خيال آهي ته جيڪڏهن چين ان وقت داخليت پسند شهنشاهيت جي ور نه چڙهي ها ته اڄ تاريخ جو وهڪرو گهڻو مختلف هجي ها.
جيتوڻيڪ چين ۽ هندستان آباديءَ جي لحاظ کان وڏا ملڪ هجڻ سبب مجموعي پيداوار ۾ يورپ کان به اڳتي نڪري ٿي سگهيا، پر داخليت پسند سماجن ۽ ترقي جي ويري شهنشاهن انهن ملڪن کي پنهنجي سرحدن تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ واپار ۽ صنعت کان ڪٽجڻ سبب انهن ۾ ترقي جو عمل ٺپ ٿي ويو هو. يورپ ان جي ابتڙ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو. ڪالونين وسيلي ڪچي مال، سستي پورهئي، موڙي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي وسيلي ان دنيا تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. ان جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1350ع کان 1950ع جي وچ وارين ڇهن صدين دوران چين ۽ هندستان جي ترتيبوار في ماڻهو گهرو پيداوار 600 ۽ 550 ڊالرن تائين محدود رهي، جڏهن ته يورپ ۾ ان مد 594 سيڪڙو اوسر ڪئي۽ ان جي في ماڻهو گهرو پيداوار ان عرصي دوران 662 ڊالرن مان وڌي 4،594 ڊالرن تائين وڃي پهتي. ٽيڪنالاجي جو فرق ايترو هو جو يورپ 13 هين صدي ۾ مشيني گهڙيال ايجاد ڪري وقت کي ماپڻ جو انقلابي قدم کڻي چڪو هو، جڏهن ته چين ۾ اهو گهڙيال پورچوگيز 16 هين صديءَ ۾ کڻي آيا ته بيجنگ ۾ ان وقت به پاڻيءَ وارو مدي خارچ گهڙيال استعمال ٿي رهيو هو. چين ڪيتري قدر داخليت پسند هو، ان جوهڪ ٻيو مثال 1736ع کان 1795ع تائين چين تي حڪمراني ڪندڙ چن لانگ بادشاهه طرفان جارج ٽئين کي اماڻيل هڪ خط آهي، جنهن ۾ هن برطانيا پاران واپار جي درخواست ٿڏيندي لکيو هو ته اسان وٽ اوپرين ۽ پرڏيهي شين لاءِ گهڻي جڳهه موجود ناهي ۽ اسان کي اوهان جي مصنوعات جي ڪا ضرورت به ناهي. اهڙي طرح چين دنيا جي مکيه ڌاري کان هڪ ڊگهي عرصي تائين ڪٽيل رهيو. 1840ع تائين چين باقي دنيا کان واپار ۽ معيشت جي حوالي سان ڪٽيل رهيو. سواءِ روس سان محدود واپار جي چين دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ سان ڪا ڏيتي ليتي نه ڪندو هو. برطانيا ان دور ۾ ڏور اوڀر ۾ صرف چين تي قبضي کان محروم رهيو. ان چين تي زبردستي آفيمي جنگيون مڙهي واپاري رعايتون حاصل ڪيون، جنهن سان پهريون ڀيرو چين ۾ معاشي ۽ سياسي اٿل پٿل آئي. ويهين صديءَ ۾ ڪميونسٽ انقلاب اچڻ کانپوءِ به چين اولهه ۽ آفريڪا واري سرمائيدار بلاڪ کان بلڪل الڳ رهيو. 1978ع ۾ ڊينگ زيائو پينگ جديد چين جا بنياد رکندي بنيادي معاشي سڌارن جو اعلان ڪيو ۽ چين ڪنهن ستل ديوَ جيان جاڳي اٿيو. 1978ع تائين ساليانو رڳو 200 ايئرڪنڊيشنر ٺاهيندڙ چين پاءُ صدي پوءِ 2005ع ۾ پوڻا پنج ڪروڙ ايئرڪنڊيشنر ٺاهي رهيو هو. اڄ دنيا ۾ تيز رفتاريءَ سان اسرندڙ پهريان ويهه شهر چين ۾ آهن. اڄ ڪوئلي، اسٽيل ۽ سيمينٽ جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو پيداواري ملڪ چين آهي. 2005ع ۾ چين اندر 28 ارب چورس فوٽ زمين اڏوات هيٺ هئي. دنيا جي مشهور ترين آمريڪي ڪارپوريشن وال مارٽ ساليانو 18 ارب ڊالرن جون شيون چين مان گهرائي ٿي. هن وقت بدترين اقتصادي بحران دنيا تي ڇانيل آهي، پر چين وٽ ڏيڍ کرب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو موجود آهي.
ڪجهه ڏهاڪن اندر ايڏي وڏي تبديلي جو بنياد رڳو ڊينگ زيائو پينگ پاران پرڏيهي واپار ۽ سياسي رابطن جا دروازا کولي داخليت پسند سياسي، معاشي ۽ سماجي ڍانچي ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ هو. يورپ جي نئين سجاڳي وارو دور ۽ چين جي اوسر جي ويجهي تاريخ سنڌ جي مستقبل جون راهون جوڙڻ لاءِ اهم ترين مطالعو ثابت ٿي سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ موجوده ملڪي ڍانچي ۾ سنڌ بدترين غلامي جو شڪار آهي ۽ پنهنجي حال يا آئيندي بابت ڪي به فيصلا ڪري سگهڻ جي وٽس طاقت ناهي، پر سنڌ جي سياسي قيادت ۽ گهڻ گهرن کي سنڌي سماج جي ترقيءَ کي درپيش اندروني ڪمزورين کي ضرور سمجهڻ گهرجي، جيئن سنڌ جي حقن جي جدوجهد جا صحيح رخ جوڙي سگهجن. پنهنجي هاڻوڪي جوڙجڪ ۽ شڪل شبيهه ۾ سنڌي سماج سڌريل ته ٺهيو، سکڻو اسرندڙ يا ترقي دوست سماج به ناهي. هتي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن روشن خيال ۽ مستقبل پسند ماڻهن نه پر مجموعي سماجي صحت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن سنڌي سماج جي گهاڙيٽي ۾ اهي بنيادي تبديليون نه آيون ته پوءِ تلخ حقيقت اها آهي ته رڳو عظيم ماضي، موهن جي دڙي ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو موجود هجڻ، اسان کي نئين دنيا ۾ باوقار جياپو ڏئي نه سگهندا. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ، شاهه لطيف جي فڪر ۽ موهن جي دڙي جي ترقي جي بنيادن کي به سمجهي ۽ انهن کي عقيدي پرستي بجاءِ عمليت پسنديءَ جو حوالو بڻائي. منهنجي نظر ۾ سنڌ جي اسرڻ ۽ سڌرڻ ۾ خارجي جيتريون ئي اهم رنڊڪون اندروني آهن. اها حقيقت آهي ته اندروني رنڊڪن کي برقرار رکڻ ۾ تمام وڏو ڪردار خارجي قوتن (رياستي ادارن) جو آهي، پر انهن رنڊڪن جي باوجود سنڌ کي ان مان نجات جون راهون ڳولڻيون پونديون.
(روزاني ڪاوش- 15 ڊسمبر 2008ع)

سنڌ ۾ سماجي جمود جو انت آڻڻ لاءِ مڊل ڪلاس

سنڌ ۾ سماجي جمود جو انت آڻڻ لاءِ مڊل ڪلاس
ڪهڙو ڪردار ادا ڪري؟

جيستائين سنڌ جي سماج بيهڪ ۽ جوڙجڪ ۾ ڪا وڏي اٿل پٿل نه ايندي تيستائين سنڌ تان آزارن جا انواع ختم نه ٿي سگهندا. سنڌ ۾ سماجي جمود جي عمر ايڏي ڊگهي ٿي چڪي آهي، جو ان تبديل ٿيندڙ عالمي وايو منڊل ۾ سنڌ کي سينواريل تلاءُ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اتي ان حقيقت کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌي سماج جو اهو جمود جن طاقتن جي ڪارڻ اڻ کٽ ٿيندو پيو وڃي، تن کي هڪ منظم رياستي ڍانچي جي پوئيواري حاصل آهي. اندروني سطح تي سنڌي قوم انهن قوتن کي نه رڳو قبول نه ڪيو آهي پر جڏهن به ان کي پنهنجي راءِ جي آزاديءَ سان اظهار جو موقعو مليو آهي، هن غير معمولي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي انهن طاقتن کي ٿڏيو به آهي. 1988ع ۽ 2008ع واريون چونڊون ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مٿي تي عرش رکي گهمندڙ وڏيرا ضمانتون بچائڻ ۾ پورا هئا. ٻنهي موقعن تي انهن قوتن کي پورا ڏهاڪو سال رياستي ڍانچي طرفان اڻ کٽ اختيار به مليل هئا، ان جي باوجود به هو انهن ئي ضلعن ۽ تڪن ۾ نڪرڻ کان محروم هئا، جتي سندن ڪارو راڄ انگريز دور جي ڪالونيل راڄ جي ياد ڏياريندو آهي. سنڌي سماج جي اها اندروني سگهه هڪ وڏي اميد آهي، جيڪا تبديلي ۾ ويساهه ڏياري ٿي.
ڊگهي سماجي جمود مان جان آجي ڪرائڻ جو سڀ کان اثرائتو ذريعو منظم روشن خيال سياسي تحريڪون هونديون آهن. ان لحاظ کان ڏسجي ته سنڌ ۾ تبديليءَ جو ذريعو بڻجي سگهندڙ ڌريون ڪمزور پوزيشن ۾ آهن. سنڌ ۾ سياست جون ٻه مکيه ڌارائون آهن، هڪ اقتدار جي سياست ڪندڙ ۽ ٻيون اقتداري ايوانن کان ٻاهر رهي سنڌ جي حقن جي جدوجهد جون دعويدار ڌريون. سنڌ ۾ اقتدار جي سياست ڪندڙ سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان سگهاري ڌر پيپلز پارٽي آهي، جيئن ته پنهنجي جوڙجڪ ۽ مزاج ۾ پيپلز پارٽي جاگيردار طبقي ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ آهن، تنهن ڪري اها سنڌي سماج ۾ جمود جي ذميوار قوتن جي پناهه گاهه آهي ۽ ان مان سنڌي سماج ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ واري سياست جي گهڻي اميد نٿي ڪري سگهجي. ٻئي طرف هيٺين ۽ وچولي طبقي جي نمائندگي ڪندڙ قومپرست ڌريون آهن، پنهنجي جوڙجڪ ۽ مشن جي اعتبار کان سماجي جمود خلاف جدوجهد جو ميدان هنن ڌرين کي سنڀالڻ گهرجي ها، پر بدقسمتيءَ سان اهي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل نه رهيون آهن. ان صورتحال ۾ سنڌ اندر سماجي ڍانچي جي تبديليءَ واريون طاقتون اها تاريخي گهرج پوري ڪرڻ جهڙيون نه آهن، جيڪا نهايت منجهائيندڙ صورتحال آهي سوال آهي ته ان صورتحال ۾ ڇا ڪجي؟
آئيڊيل صورت ۾ ته سنڌ جي اندر متبادل سياسي ادارا جنم وٺن، جيڪي وقت جي گهرج سان ضرور جنم وٺندا، پر تيستائين هن عبوري مرحلي ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. يعني اهو مرحلو، جتي سنڌ جي روشن خيال مڊل ڪلاس کي اڳتي وڌي هڪ مضبوط وطن دوست گروهه جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيستائين ان طبقي کي ڪو اثرائتو ۽ ساکائتو سياسي پليٽ فارم مهيا ٿئي، ان کي سماجي تحرڪ پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم رهڻ گهرجي. هن وقت تمام گهڻي اهميت آهي سياسي طور متحرڪ رهڻ جي. جيڪڏهن تحرڪ بند ٿيو ته مايوسي ان جي جاءِ والاريندي. هن وقت ضرورت آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مڊل ڪلاس ڪي اهڙا فورم جوڙي، جيڪي سنڌ جي سياسي حقن يا مقامي سطح جي مسئلن بابت تي ئي هجن پر انهن جو سرگرم رهڻ اهم آهي.
خوش قسمتيءَ سان سنڌ ۾ هڪ متحرڪ ميڊيا موجود آهي، جيڪا ڪيترين ئي ڪمزورين جي باوجود هن قسم جي صورتحال ۾ هڪ وڏو سهارو بڻيل آهي. ان کان سواءِ اي ميل ۽ انٽرنيٽ جي پهچ سبب ڪميونيڪشن جا زبردست موقعا فراهم ٿيل آهن. هاڻي ضلعي يا ڊويزن سطح تي عوامي صفن ۾ ڪم ڪندڙ فرد يا ادارا اڪيلائي ۾ واڪا نه ڪندا رهندا. انهن سمورن موقعن کي سياڻپ سان استعمال ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ هاڻي يونيورسٽين جا شاگرد موجود آهن. اهڙي طرح ضلعي سطح جي شهرن ۾ اين جي اوز ۽ ٻيا غير رسمي گروپ موجود آهن، جيڪي ٿوري ڪوشش سان بنا ڪن گهڻن وسيلن جي گهرج جي اهو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. مقامي سطح تي سماج ۾ بهتري آڻڻ لاءِ تعليم، صحت، روزگار لاءِ هنري سکيا، انساني ۽ شهري حقن بابت ساڃاهه پيدا ڪرڻ، شهرن ۾ صفائي سٿرائي جي انتظامڪاري جهڙن ڪمن ۾ هي فورم نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. مثال طور سنڌ اندر اٽڪل ساڍا ست هزار پرائمري اسڪول مڪمل طور بند ٻڌايا وڃن ٿا، جن مان اڍائي هزار اسڪول ٻيهر کولڻ جي به دعويٰ ڪئي ويئي آهي. 70ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) سماجي رضاڪارن جي هڪ وڏي جٿي کي جنم ڏنو، جن پرائمري تعليم ۽ ”جمعا ڪلينڪن“ وسيلي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تبديليءَ جي هڪ زبردست لهر آندي. جيڪڏهن اها تبديليءَ ايڏي بي معنيٰ هجي ها ته جنرل ضياءُ کي ان تي بندش لڳائڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها. هن وقت سنڌ کي ان قسم جي ئي هلچل جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هر تعلقي يا ضلعي ۾ سرگرم نوجوان رڳو ڏهن بند ٿيل اسڪولن کي کولرائڻ جي مهم ئي شروع ڪن ته به سنڌي سماج ۾ هڪ وڏي ڌونداڙ آڻي سگهجي ٿي. اهي فورم جيڪڏهن ٿوري وڌيڪ ڪوشش ڪن ته ٻهراڙين ۾ انگريزي ۽ ڪمپيوٽر جي سکيا کي عام ڪري سگهن ٿا، جيڪي اڄوڪي چٽاڀيٽي جي بنيادي گهرج آهن. انهن سمورن ڪمن کي الڳ الڳ ڪري ڏسبو ته شايد سياسي لحاظ کان غير اهم يا گهٽ اهم نظر اچن، پر انهن کي گڏائي هڪ لهر جي شڪل ۾ ڏسجي ته انهن جي تمام گهڻي اهميت آهي. مثال طور، سنڌي ادبي سنگت طرفان سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ مهم هلي رهي آهي، جنهن هيٺ سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ مذاڪرا منعقد ٿيا آهن ۽ هاڻي ملڪ جي صدر کي هڪ لک اهڙا ڪارڊ سنڌ واسين ذريعي موڪلڻ جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ملڪ جي قومي ٻولين ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيل آهي. هڪ سياسي تنظيم ڪجهه علائقن ۾ دڪانن مٿان بورڊ سنڌيءَ ۾ لڳرائڻ جي مهم شروع ڪئي آهي. سنڌ ۾ ڪجهه نيم سياسي فورم وقت بوقت سنڌ جي اهم مسئلن تي مختلف سرگرميون ڪندا پيا آهن. نامياري ليکڪ ۽ وڪيل ضمير گهمري سنڌ جي ڪوئلي جي مسئلي تي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي. ڪجهه اين جي اوز ڪارو ڪاري خلاف زبردست مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. اهڙي طرح ننڍي وڏي سطح جا ٻيا انيڪ اهڙا ڪم ٿي رهيا آهن، جن سنڌي سماج کي سينوارجڻ کان ڪنهن نه ڪنهن حد تائين بچائي رکيو آهي، پر اُن هلچل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته وڏيرڪو راڄ رياستي حڪومتي سرپرستيءَ هيٺ ڏينهون ڏينهن سگهه حاصل ڪري رهيو آهي. ان راڄ جي منظم سرپرستيءَ جو ڪمال اهو آهي جو يارنهن سال مشرف حڪومت جو حصو رهي سنڌ واسين سان جٺيون ڪندڙ ۽ شهيد بينظير جي جنازي نماز پڙهائڻ جي به اجازت نه ڏيندڙ ماڻهو هاڻي جمهوري قافلي ۾ نه رڳو شريڪ ٿي رهيا آهن، پر ڪن جي ته اڳوڻي شان شوڪت به بحال ٿي رهي آهي. ان قسم جي وايومنڊل ۾ سنڌ کي هاڻي پيپلز پارٽي جي آسري اکيون ٻوٽي ويهي نه رهڻ گهرجي. بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پيپلز پارٽي گذريل هڪ سال اندر جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ان مان واضح ٿي ويو آهي ته سنڌ کي بهتر متبادل سياسي پليٽ فارم جي ضرورت آهي. مڊل ڪلاس جي اڄوڪي نسل جيڪڏهن پنهنجو وطن دوست ڪردار ذميواريءَ سان نه نڀايو ته ايندڙ وقت وڌيڪ اوکو ثابت ٿيندو. جيستائين سنڌ ۾ منظم مڊل ڪلاس هيٺين سطح تي عوام کي اڳواڻي فراهم نه ڪندو، سنڌ مٿان وڏيرا شاهيءَ جو ڪارو راڄ ختم نه ٿي سگهندو، جيڪو سنڌين جو بدترين دشمن آهي. بنيادي طور سماج ۾ اهڙن ماڻهن جي گروهه کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو جمود کي للڪاري. يورپ جي نئين سجاڳيءَ واري دور جي هلچل سچ ته سنڌ واسين لاءِ هڪ اتساهيندڙ مثال آهي. سائنسدانن، فلسفين ۽ ليکڪن جنهن ريت پندرهين صدين تائين يورپ تي قابض ڪليسا ۽ بادشاهت جي تختا ڪڍيا، سنڌ کي به ان ئي نوعيت جي جدوجهد جي ضرورت آهي.
ڪاپرنيڪس جو اهو چوڻ ته زمين ڪائنات جو مرڪز ناهي، رڳو سائنسي کوجنا جو معاملو نه هيو پر ان ڪليسيا جي انهن بنيادن کي لوڏي وڌو، جنهن سان پادري ۽ بادشاهه گڏجي مخلوق کي بي زبان جانورن جي ڌڻ جيان هلڪيندا هئا. جهڙو قبضو يورپ تي چرچ جو هئو، اهو شايد اسان اڄ جي دور ۾ تصور به نٿا ڪري سگهون. پر ان جي باوجود روشن خيال فردن يورپ ۾ تاريخ جي اها شاندار تبديلي آندي، جنهن ان کي دنيا جي سڀ کان سگهاري طاقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري سياسي ادارن جي ڪمزوري يا قيادت جي اڻ هوند کي بنياد بڻائي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ بدران مستقل مزاجيءَ سان تبديليءَ جي عمل کي جاري رکڻ انتهائي ضروري آهي. حالتن جون تقاضائون سياسي ادارن ۽ قيادتن کي جنم ڏئي سگهن ٿيون، پر ان لاءِ سياسي تحرڪ جو تسلسل بنيادي ضرورت آهي. سنڌ ۾ اهو تحرڪ ويجهي ماضيءَ ۾ ون يونٽ جي دور کان شروع ٿيو ۽ چئن پنجن ڏهاڪن ۾ ان سنڌ لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان ڪردار کي وڌيڪ منظم ۽ حڪمت عمليءَ هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي، جيئن گهٽ ۾ گهٽ وقت اندر وڌيڪ ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن.
سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ تڪڙي تبديليءَ لاءِ ڪجهه ٻين ڪمن جي به ضرورت آهي. هڪ اهم ضرورت ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن وڌڻ آهي. جيئن ته هڪ منظم سازش هيٺ سنڌ ۾ ٻهراڙين ۽ نيم شهري علائقن کي ترقي نه ڏياري وئي آهي، تنهن ڪري سنڌ جو سماجي جمود ٻهراڙين ۾ وڌيڪ گهرو ٿيو آهي. گذريل ڏهاڪي کان وڌندڙ آبادي، بيروزگاري، زراعت جي اوسر کي ڌڪ لڳڻ ۽ بدامنيءَ ڪارڻ سنڌ جي ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن اچ وڃ وڌي آهي. اهو عمل انتهائي ضروري آهي. وڏيري ۽ پوليس جي ٻٽي راڄ ۾ نابود ٿي ويل ٻهراڙين کي جمود جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو شهرن ڏانهن منقتل ٿين. ان جو مطلب اهو ناهي ته ماڻهو ٻهراڙين کي خالي ڪري، انهن سان رشتا ناتا ختم ڪري ڇڏين، پر ٻهراڙين کي ذهني ۽ شعوري طور شهرن سان ڳنڍڻ لاءِ شهرن ۾ ڪاروبار ڪرڻ، ملڪيتون وٺڻ ۽ لهه وچڙ کي وڌائجي، جيئن مدي خارج روين ۾ ڪي ڏار پئجي سگهن. ماڻهن کي احساس ٿئي ته ڳوٺن ۾ گهر ويهي ڪجهه نه ڪرڻ جي پگهار کڻڻ عزت جوڳي ڳالهه نه پر هڪ ملامت جوڳو آهي. اهي ۽ ان قسم جا ذهني تبديليءَ وارا ٻيا احساس ذهنن کي تڏهن جنجهوڙيندا، جڏهن ٻهراڙين جا ماڻهو چٽاڀيٽي ۽ سخت محنت واري ماحول ۾ ڪجهه وقت گهاريندا. جيستائين ٻهراڙين جا ماڻهو ٻنيءَ کان اوطاق ۽ اوطاق کان گهر واري چڪر مان آجا نه ٿيندا، انهن جي ذهنن جو دريون نه کلنديون. اها صورتحال ننڍن شهرن ۾ ٿوري فرق سان هن ريت موجود آهي ته گهر کان سرڪاري آفيس، آفيس کان هوٽل ۽ هوٽل کان واپس گهر وارو چڪر لکين ماڻهن جي زندگي جو معمول آهي. سالن کان ان ئي چڪر ۾ چاڪيءَ جي ڏاند جهڙي زندگي گذاريندڙ ماڻهو وڏيرڪي آدمخوريءَ جو آسانيءَ سان کاڄ بڻجن ٿا ۽ اهڙي طرح سماجي غلاميءَ جا زنجير سگهارا ٿين ٿا. ان سڄي چڪر جو بنياد سفارشي نوڪريون، حرام جي رشوتي ڪمائي، ناجائز سياسي سپورٽ، گهرن ۾ عورتن جي ڏينهن رات جي پورهئي جي استحصال جهڙا فيڪٽر آهن. انهن فيڪٽرن ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ ماڻهن، خاص طور تي نوجوانن کي ذهني ڪرپٽ ۽ ڪاهل بڻائي سماج جو ناڪارهه پروز بڻائي ڇڏيو آهي. شهري زندگيءَ جو متحرڪ ماحول ۽ مارڪيٽ جي چٽاڀيٽي جهالت جي ان مضبوط قلعي ۾ ڏار وجهي سگهي ٿي. تنهن ڪري نهايت ضروري آهي ته سمجهدار ماڻهو شهرن سان لهه وچڙ وڌائن ۽ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو پرڏيهه جا رستا ڳولين ته جيئن هو مدي خارج سماجي ڍانچي مان ذهني آجپو حاصل ڪن. ان سان لاڳاپيل هڪ ٻيو ڪم آهي، سرڪار نوڪرين واري ڪاهلي ۽ سستي واري ڪلچر مان نڪري خانگي شعبي، غير رسمي شعبي، وچولي ڪاروبار ۽ سروس سيڪٽر ۾ پير رکڻ. هي اهي شعبا آهن، جن جو بنياد ئي چٽاڀيٽي ۽ لڳاتار جاکوڙ آهن. جيڪڏهن سنڌ کي ايندڙ سالن ۾ ڪنهن باوقار قوم جي حيثيت ۾ زندهه رهڻو آهي ته پوءِ سنڌي نوجوانن ۽ وچولي طبقي جي سيڙپڪار کي پنهنجي روش تبديل ڪرڻي پوندي. ان لاءِ نوان هنر سکڻ انگريزي ۽ ڪمپيوٽر ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي روز مرهه جي ڪاروهنوار جا معمول بدلائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ اڃا تائين رائج پنج صديون پراڻي طور طريقن واري زراعت ۽ سرڪاري نوڪرين واري ڪاهلي سنڌين جي ترقيءَ جي دشمن آهي. اها ڳالهه بنهه واضح آهي ته هاڻوڪو سرڪاري شعبو روزگار جون ضرورتون پوريون ڪري نه سگهندو. بدقسمتيءَ سان ٻهراڙين ۾ هنري سکيا جا مرڪز موجود ناهن ۽ حڪومت طرفان نوجوانن جي هنري سکيا جا پروگرام سياسي مداخلت ۽ ڪمزور پلاننگ سبب ڪي جوڳا نتيجا ڏيندي نظر نٿا اچن، تنهن ڪري سواءِ شهرن جو رخ ڪرڻ جو ٻيو ڪو ترت حل نظر نٿو اچي. ٻهراڙين جي ڍانچي کي صنعتي بنيادن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي سنجيدگي اڃا تائين بيانن کان اڳتي ناهي وڌي، تنهن ڪري انهن جو انتظار ڪرڻ بجاءِ پاڻ کي ترت متبادل طور شهري معيشتن ۾ پير رکڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. ياد رهي ته اهي ڳالهيون رڳو ماڻهن کي روزگار يا گذر سفر ملڻ واري فائدي تائين محدود ناهن. دراصل ان عمل جو حصو بڻجڻ سان سنڌي نوجوان جنهن نئين پيداواري سرشتي جو حصو بڻجندو، ان عمل سان سنڌ ۾ اهو متحرڪ مڊل ڪلاس جنم وٺندو، جيڪو وڏيرڪي پنجوڙ ۾ ڦاسايل سنڌي سماج جي ڍانچي ۾ ڪي بنيادي تبديليون آڻڻ جي اهليت ۽ سگهه رکندو. هڪ ڀيرو سنڌ جي سماجي جمود جي سينواريل تلاءُ ۾ تبديليءَ جون لهرون پيدا ٿين ته پوءِ سياسي عمل کي وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار قيادت ملي سگهندي، جيڪا باشعور سماج جي اڳيان پاڻ کي جوابدار به محسوس ڪندي. اهڙي طرح سنڌ جي قومي حقن واري سياسي جدوجهد وڏيرن ۽ اهليت جي بحران ۾ وڪوڙيل اڄوڪي مڊل ڪلاس واري قيادت جي والار کان آجي ٿيندي. تيستائين سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلين لاءِ هر فرد پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي.
(روزاني ڪاوش- 15 جنوري 2009ع)

ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جدوجهد ۾ حساس رُخن کي سمجهڻ جي ضرورت!

ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جدوجهد ۾ حساس رُخن کي سمجهڻ جي ضرورت!


سنڌ ۾ هڪ پاسي ڌارين جي آمد جي نئين لهر جاري آهي ته ٻئي طرف سنڌ جا ماڻهو هر ممڪن طريقي سان احتجاج وسيلي حڪومت کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته سنڌ هاڻي وڌيڪ ڌارين جو وزن برداشت ڪرڻ جي قابل نه رهي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ملڪ جي اُترين علائقن ۽ سرحد صوبي ۾ دهشتگردن خلاف هلندڙ آپريشن جي نتيجي ۾ جيڪي 25 لکن جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. اهي هر طرح جي همدردي ۽ سهائتا جا مستحق آهن، حڪومت توڙي عوام کي سندن هر طرح جي واهر ڪرڻ گهرجي، پر ان جو مطلب هرگز اهو نه هجڻ گهرجي ته اهي ماڻهو لکن جي تعداد ۾ سنڌ ڏانهن منهن ڪن، جتي انساني آباديءَ جي غير قانوني ٻوڏ مقامي آباديءَ جي ثقافت کان وٺي گذر جي وسيلن تائين هر شيءِ تي والار ڪري چڪي آهي. سوات ۽ مالاڪنڊ جي ماڻهن جي لڏپلاڻ جتي انساني لحاظ کان حساس معاملو آهي، اتي سندن سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ به انتظامي ۽ سياسي لحاظ کان ايترو ئي حساس معاملو آهي. تنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو ان معاملي تي بلڪل چٽي راءِ رکن ٿا ته متاثرين جي واهر ۾ هو هر طرح سان هٿ ونڊائڻ لاءِ تيار آهن، باقي سندن سنڌ آمد تي سندن خدشا بنهه رد نٿا ڪري سگهجن. ان معاملي جي حساسيت کي سمجهندي جنهن متوازن ۽ ساڃاهه ڀري حڪومتي پاليسيءَ جي ضرورت آهي، اها بدقسمتيءَ سان سنڌ حڪومت وٽ نظر نٿي اچي. سنڌ حڪومت جو ان معاملي بابت موقف هينئر تائين هيٺين ٻن نقطن تي ٻڌل رهيو آهي.
(1) ڏتڙيلن جي سنڌ ۾ اچڻ آئيني لحاظ کان درست ۽ انساني لحاظ کان ضروري آهي، تنهن ڪري کين سنڌ اچڻ کان نٿو روڪي سگهجي، البت سنڌي ماڻهن جي خدشن کي نظر رکندي کين رجسٽر ڪري ڪيمپن ۾ ترسايو ويندو ته جيئن هو حالتون صحيح ٿيڻ شرط پنهنجي گهرن ڏانهن واپس روانا ٿي وڃن.
(2) سنڌ جي ماڻهن ۽ قومپرست تنظيمن اڳي ايندڙ پرڏيهين ٻين صوبن مان ايندڙن جي آمد تي احتجاج ڇو نه ٿي ڪيا، جو هاڻي هڙتالون ۽ تحريڪون شروع ڪيون ويون آهن.
اچو ته انهن ٻنهي دليلن تي هڪ نظر وجهون. 1973ع جي آئين ۾ جتي ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن ماڻهن جي چرپر جي اجازت ڏنل آهي، اتي ڪجهه شرط لاڳو ڪري صوبن جي حڪومتن کي ڪنهن جي آمد کي روڪڻ لاءِ اختيار به ڏنا ويا آهن. اهوئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت جڏهن چاهيندي آهي ته محرم مهيني ۾ ٻين صوبن مان عالمن جي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏيندي آهي يا سندن اتحادي نه چاهيندا آهن ته پوءِ عمران خان کي ڪراچي اچڻ نه ڏنو ويندو آهي. اهڙن ساڳين اختيارن هيٺ حڪومت چاهي ته سنڌ ۾ ٻين علائقن مان ٿيندڙ لڏپلاڻ کي روڪي سگهي ٿي. هلو ڀلا حڪومت جي پنهنجي موقف تي ٿا هلون ته سوات ڏتڙيلن کي انسانيت جي ناتي وقتي طور ڪيمپن ۾ رهائي سندن رجسٽريشن ڪئي ويندي. حڪومت سنڌ جي عوام کي ٻڌائي ته آپريشن- ڏتڙيلن جي سنڌ ۾ آمد کي ذري گهٽ مهينو اچي ٿيو آهي، هينئر تائين گهڻيون ڪيمپون لڳائي کين شهرن ڏانهن اچڻ کان روڪيو ويو آهي؟ سنڌ سرڪار پنهنجي اعلانيل انتظامن تي ئي عمل نٿي ڪري ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي خدشن کي ڪيئن ٿي رد ڪري؟ سرڪار وٽ رجسٽر ٿيل ڏتڙيلن جو انگ مس سوَن ۾ آهي، جڏهن ته اصل انگ بابت اندازو آهي ته اهو لک کان مٿي آهي. ان صورتحال ۾ ماڻهو حڪومت جي دعوائن تي ڪيئن ڀروسو ڪن. جيستائين سنڌ جي وڏي وزير جو اهو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ قومپرستن ڌارين جي آمد تي احتجاج ڇو نه ڪيا ته ان ڳالهه ۾ ڪو گهڻو وزن ناهي. سنڌ ۾ شايد ئي ڪا اهڙي ڪانفرنس، جلسو يا سيمينار هجي، جنهن ۾ ڌاري آبادڪاريءَ خلاف آواز نه اُٿاريو ويو هجي.
حڪومتي سطح تي به ڏسجي ته ورهاڱي کانپوءِ جڏهن سنڌ ۾ ايندڙ ٻاهرين جو انگ حدون اورانگهي ويو، تڏهوڪي وزيراعليٰ ايوب کهڙي ان تي سخت موقف اختيار ڪيو هو. مئي 1948ع تائين سنڌ ۾ ڪل 7 لک پناهگير اچي چڪا هئا، جڏهن ته پنجاب ۾ اڃا به 9 لک کن ماڻهو ڪيمپن ۾ هئا، جن جي وڏي حصي کي سنڌ آڻڻ لاءِ سانباها ٿي رهيا هئا، ڇو ته انهن مان اڍائي لک اڃا تائين آسمان هيٺ رهيل هئا. ايوب کهڙي هڪ لک کان وڌيڪ نوان پناهگير سنڌ ۾ آڻن کان انڪار ڪيو، هن چيو ته سنڌ مان لڏيندڙ هر هندوءَ جي جاءِ تي ٻه مسلمان هتي پهتا آهن ۽ هاڻي وڌيڪ ماڻهن کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ وسيلا موجود ناهن. سندس ان موقف تي سندس حڪومت ختم ڪري پير الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير ڪيو ويو هو. ان لحاظ کان ڏسجي ته اڄ جنهن ڪرسيءَ تي سيد قائم علي شاهه ويٺو اهي، ان تي 60 سال اڳ ويٺل ڪنهن شخص ڌاري آبادڪاريءَ تي نه رڳو مزاحمت ڪئي، پر ان جي قيمت به ڀريائين. ويجهي ماضيءَ ۾ به ڏسجي ته بينظير ڀٽو صاحبه جي پهرين حڪومت ۾ به بهارين کي آڻن جو اعلان ڪيو ويو ته سنڌ جي قومپرستن اسٽار گيٽ وٽ لکين ماڻهن گڏ ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو. ان وقت به سنڌ جو وزيراعليٰ قائم علي شاهه هو. تنهن ڪري سنڌ واسين پنهنجي وت آهر هميشه ڌاري آبادڪاريءَ خلاف پرامن احتجاج ڪيو آهي. هن ڀيري کين اها غلط فهمي هئي ته سندن ووٽ سان چونڊيل حڪومت سندن خدشن کي ذهن ۾ رکندي گهٽ ۾ گهٽ پنجاب حڪومت جيتري همت ساريندي جتي اصل آباديءَ جي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ جو به ايترو وڏو خطرو موجود ناهي. سنڌ حڪومت طرفان ان معاملي تي قبوليت جوڳي حڪمت عملي نه جوڙڻ سبب جيئن جيئن سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جي نئين لوڌ جي آمد تيز ٿي ته سنڌ ۾ ان جي خلاف هڪ لهر اُڀري ۽ قومپرست تنظيمن طرفان هڙتالن جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ جي گهرو کاتي جي وزير جو ردعمل ضرورت کان وڌيڪ شديد ۽ ٻوليءَ جو استعمال اهڙو هيو، جنهن سان سنڌ جي ماڻهن ۾ پ پ حڪومت لاءِ ويتر خراب تاثر پيدا ٿيو. مثال طور وزير صاحب اهو چيو ته ”هڙتال دوران وڳوڙين کي ڏسندي ئي گولي هڻبي ۽ بجاءِ ان جي ته ڪنهن شريف ماڻهو جو لاش گهر وڃي، چڱو ٿيندو ته ڪنهن بدمعاش جو لاش گهر وڃي. اصولي طور تي ته ڳالهه صيح آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته وزير صاحب اها ڳالهه ان وقت ڇو نٿي ڪئي، جڏهن حڪومت ۾ شامل سندن اتحادي ڌريون 12 مئي تي هڙتال جو سڏ ڏئي رهيون هيون. حڪومت ان وقت ڪنهن بدمعاش کي گولي هڻڻ واري همت ڏيکارڻ بجاءِ 12 مئي تي عام موڪل ڪري جان ڇڏائي. هيءَ نئين روايت آهي ته هڙتال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ عام موڪل ڪري ڇڏجي. گهڻو پٺتي نٿا وڃون رڳو گذريل اپريل جي 28 ۽ 29 هين تاريخن تي ڪراچيءَ ۾ دهشت جو راڄ هئو ۽ ٻن ڏينهن ۾ چاليهارو کن شهرين کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو، تڏهن سنڌ حڪومت ڪيترن بدمعاشن کي گوليون هنيون؟ ان کان اڳي هن حڪومت جي دور ۾ رڳو ڪراچيءَ اندر جيترا معصوم شهري ماريا ويا آهن، تن مان ڪنهن هڪ جي ذميوار بدمعاش کي گولي هڻڻ ته پري حڪومت هڪ لٺ به نه هنئي آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪو ڏينهن خالي ناهي، جڏهن ڌاڙيلن هٿان ماڻهو نٿا اغوا ٿين. جيڪي ڀُنگ نٿا ڀري سگهن، تن کي قتل ڪري لاش موڪليا ٿا وڃن. ويندي حڪومت ۾ ويٺل هڪ ايم اين اي جي ڀاءُ بابت خبرون ڇپيون ته هو ڳرو ڀُنگ ڀري ڌاڙيلن کان جند ڇڏائي آيو، ڇو ته بدمعاشن کي گوليون هڻڻ جا اعلان ڪندڙ حڪومت انهن ڌاڙيلن ۽ سندن سرپرستن اڳيان بيوس آهي. لاقانونيت جي هن انڌي راڄ ۾ ته هر طرح جو ڏوهاري سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آزاد آهي، پر سياسي ۽ قومي معاملن تي احتجاج ڪندڙن لاءِ سمورا قانون سرگرم ٿيو وڃن ۽ گوليءَ جو آرڊر جاري ٿيو وڃي. سنڌ جو گهرو وزير اسيمبليءَ جي فلور تي پنهنجي بيوسيءَ جي کليو اعتراف ڪندي چئي چڪو آهي ته سنڌ ۾ 15 لک غير قانوني پرڏيهي آباد آهن، پر اتحادي ساٿ نٿا ڏين ته کين ملڪ نيڪالي ڏئي سگهجي. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي زبان سان مڃيل 15 لک غيرقانوني ڌارين کي جهلي ملڪ مان نٿي ڪڍي سگهي ته پوءِ عوامي ردعمل طور ٿيندڙ هڙتالن ۾ شريڪ ٿيندڙن کي گوليون هڻن جا حڪمناما جاري ڪرڻ جو ان وٽ ڪيترو اخلاقي جواز آهي؟
سنڌ ۾ ٻن ڏينهن جي ٿيل هڙتالن ان ڳالهه کي واضح ڪري ڇڏيو ته سنڌ واسي مهمان نوازيءَ جا نوان تمغا پائڻ بجاءِ ڌاري آبادڪاريءَ جي هر ڪوشش جي مخالفت ڪرڻ کي اوليت ڏين ٿا. سنڌ ۾ سمورين قومپرست ڌرين وٽ جيتوڻيڪ ان معاملي تي ساڳي راءِ آهي، پر هينئر تائين اهي ڪا گڏيل هڙتال يا احتجاج جو ڪو ٻيو اهڙو طريقو استعمال نه ڪري سگهيا آهن، جنهن مان سنڌ جي ماڻهن کي اُتساهه ملي ته سنڌ جون قومپرست ڌريون ان نوعيت جي مسئلي تي ڪا گڏيل جدوجهد به ڪري سگهن ٿيون. البته هميشه جيان تنظيمن ۾ اتحاد نه هجڻ جي باوجود عوامي سطح تي سنڌ واسين ڀرپور اتحاد جو مظاهرو ڪندي انهن احتجاجن کي موٽ ڏني. تنهن هوندي سنڌ ۾ ٻن تنظيمن طرفان به الڳ هڙتالون ڪرڻ جو ڪو سٺو تاثر پيدا نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ اڃا به اهو احتجاجي سلسلو جاري آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌ جي قومپرست پارٽين ۽ احتجاج ڪندڙ ٻين ڌرين کي هيٺيون حقيقتون ضرور ذهن نشين ڪرڻ گهرجن. سنڌ جي ماڻهن جو احتجاج مجموعي طور تي ڌاري آبادڪاري خلاف آهي، ڇو ته ان سان هڪ طرف صوبي جي محدود وسيلن تي دٻاءُ سموريون حدون اورانگهي رهيو آهي، ٻئي طرف سنڌي قوم لاءِ عددي ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي. ان احتجاج کي رڳو سوات يا مالاڪنڊ مان ايندڙ ڌارين خلاف جدوجهد تائين محدود ڪرڻ سياسي طور غلط ٿيندو. تنهن ڪري سنڌ جي قومپرستن کي اها ڳالهه واضح طور چوڻ گهرجي ته سندن جدوجهد سوات مان ايندڙ ماڻهن جي آمد رڪجڻ سان ختم نه ٿي ويندي، بلڪه هاڻي هڪ مستقل سياسي ايجنڊا طور سندن حڪمت عمليءَ جو حصو رهندي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ دوست ڌريون هڪ نڪتي تي ڪنهن گڏيل حڪمت عملي لاءِ گڏ ويهن ۽ احتجاجي مظاهرا ۽ هڙتالون ان حڪمت عمليءَ جو رڳو هڪ حصو هجڻ گهرجن. پرامن سياسي جدوجهد کي هڪ ڊگهي حڪمت عملي هلائڻ گهرجي ۽ ان کي اشو- بيسڊ احتجاج واري روايتي انداز کان مختلف طريقي سان هلائجي. ويجهي ماضيءَ ۾ قادرپور گئس فيلڊ جي خانگائڻ خلاف جدوجهد وقت به مون هڪ مضمون ۾ اها گذارش ڪئي هئي ته احتجاج کي منظم ڪري سنڌ ۾ قدرتي وسيلن جي مالڪي واري جدوجهد کي اڳتي وڌايو وڃي. ساڳي طرح هن احتجاج کي به سنڌ ۾ ڊيموگرافي جي بنيادي مسئلي سان ڳنڍي ان جدوجهد جو دائرو وڌايو وڃي. سوات ۽ بنير مان ايندڙن خلاف هڙتالن ۾ ساٿ ڏيندڙ سنڌ جي شهري علائقن جي تنطيمن کان به اهو سوال ڪجي ته هو سنڌ ۾ باقي ڌاري آبادڪاريءَ خلاف به ساڳئي موقف تي بيهندا يا نه؟ ان مسئلي تي هر ڌر جي موقف جي چٽائي ۽ هر ڌر بابت سنڌين جي موقف جي چٽائي تمام ضروري آهي. ٻيو جنهن ڳالهه جو خيال رکڻ جي ضرورت آهي، سا آهي ڌاري آبادڪاري مخالف جدوجهد جو نسلي ٽڪراءُ ۾ تبديل ٿيڻ جو انديشو. سنڌ جي قومپرستن ۽ عوام کي ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ان جدوجهد کي ڪجهه طاقتون سنڌين ۽ پٺاڻن وچ ۾ نسلي ٽڪراءُ ڏانهن به موڙي سگهن ٿيون، جنهن کان بچڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته سنڌين جي ان جدوجهد جو بنياد ڌاري آبادڪاري آهي ۽ نه ڪي رڳو پٺاڻ آبادڪاري پختونن جي سياسي قيادت اڳيان ان بابت راءِ کي بنهه چٽو رکڻ جي ضرورت آهي.
اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پشتو ڳالهائيندڙن جي آبادين ۽ ملڪيتن کي نقصان رسائڻ سان اها اهم جدوجهد نسلي ٽڪراءَ ۾ تبديل ٿي ويندي، جيڪا ڳالهه اسان لاءِ بهتر ناهي. ڪراچيءَ ۾ پختون آبادي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي نمائندا تنظيم ايم ڪيو ايم سان ٽڪراءَ ۾ آهي، تنهن ڪري قومپرست ڌرين کي پنهنجي احتجاج ۾ ايم ڪيو ايم کان هلي وڃي مدد گهرڻ بجاءِ پنهنجي ٻانهن جي ٻَل تي احتجاج ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم پاڻ مرادو حمايت ڪري ته اها الڳ ڳالهه آهي، باقي هلي وڃي ان احتجاج لاءِ مدد گهرڻ جو نتيجو لساني ٽڪراءُ ۾ ڌر بڻجڻ آهي، جنهن کان سنڌ واسين کي بچڻ گهرجي. اها ڳالهه واضح رکڻ گهرجي ته اسان مجموعي طور سنڌ ڏانهن ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جي حق ۾ ناهيو، پر ڪنهن ٻئي جي حصي جي جنگ به نه وڙهنداسين. اها اچرج جي ڳالهه آهي ته ڪجهه هفتا اڳ تائين سنڌ ۾ طالبان جي آمد واري مسئلي کي ايترو ته اُڀاريو ويو جو ڪراچيءَ ۾ ماڻهن کي سڏ ڏنو ويو ته هو ٻيهر هٿيار وٺن، گهٽين ۾ پهرا لڳائين، پنهنجي حفاظت جو بندوبست ڪن ۽ قربانيءَ لاءِ تيار ٿين پر هاڻي جڏهن سنڌ ۾ ڌارين جا ڪٽڪ عملي طور تي اچڻ لڳا آهن ته خاموشي آهي. سنڌ جي قومپرست تنظيمن کي ان معاملي کي جذباتي نه پر عقلي بنيادن تي سمجهندي، اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته هو ڪنهن جي به هٿن ۾ استعمال نه ٿيندا.
اهو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته آپريشن متاثرين جي آمد کي عام طور تي هڪ انساني مسئلو سمجهيو پيو وڃي. سنڌ جي مخالفت بابت تڪراري رايا عام ڪيا پيا وڃن. اردو ۽ انگريزي ميڊيا ان معاملي کي بنهه ٻيو رنگ ڏيئي رهيا آهن. ان ڏس ۾ احتجاج سان گڏ هڪ ڀرپور ڪيس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان اهو واضح ڪري سگهجي ته ڪهڙي طرح ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌين کي منظم طريقي سان هڪ ثقافتي ٿورائي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ساڳئي طرح ان ڌاري آبادڪاري سنڌ ۾ قدرتي وسيلن ۽ گذر جي ٻين ذريعن تي ڪيئن والار ڪئي آهي. ڪهڙي طرح سنڌ جا اصلوڪا رهواسي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ غربت ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿيا آهن. اهي تفصيل به سنڌ جي ڪيس کي مضبوط بڻائيندا ۽ ان جدوجهد کي هٿي ڏيندا. سنڌ جي قومپرست ڌرين ۽ ساڃاهه وندن کي سنڌ جي ان نقطئه نظر بابت مضبوط دليل عام ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ساڳي وقت ان ڳالهه تي به زور ڏيڻ جي ضرورت آهي ته هن صورتحال جي ذميوار حڪومتي مشينري آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت انهن متاثرن لاءِ ڪا درست ۽ وقتائتي رٿابندي ڪري ها ته کين سرحد جي مختلف علائقن ۾ وقتي طور آباد ڪري پيو سگهجي، جنهن سان نه کين سنڌ اچڻ لاءِ ڏيڍ هزار ميلن جي سفر جا ڪشالا ڪٽڻا پون ها ۽ نه مقامي آباديءَ جو اهڙو ردعمل سامهون اچي ها. تنهن ڪري وقت جي حڪومت هن سڄي ٽڪراءُ واري صورتحال کي پيدا ڪرڻ لاءِ عملي طور ذميوار آهي. ٿوري سنجيدگي ۽ بهتر رٿابندي سان نه رڳو متاثرن جي اهنجن کي گهٽائي پيو سگهجي، پر ساڳئي وقت سنڌ ۾ انهن حالتن کي پيد اڪرڻ کان روڪي پيو سگهجي، جتي ڪي هٿ ان کي غلط رخ ۾ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا. ساڳئي ريت سنڌ سرڪار به جيڪڏهن پنهنجي انتظامي اهليت جو مظاهرو ڪندي بنا دير سنڌ-پنجاب جي دنگ وٽ متاثرين کي روڪي ڪئمپن ۾ ترسائڻ ۽ کين سهولتون ڏيڻ جو اثرائتو انتظام ڏيکاري سگهي ها ته سنڌ ۾ ايترو ردعمل شايد پيدا نه ٿئي ها، پر ان جي ابتڙ سنڌ سرڪار رڳو ڪئمپون ٺاهڻ ۽ متاثرين جي رجسٽريشن جا سکڻا اعلان ڪندي رهي، ۽ سنڌ واسين کي مجبور ٿي سخت ردعمل جو مظاهرو ڪرڻو پيو، جنهن سان حالتن کي غلط رخ ڏانهن موڙڻ جي خواهش رکندڙ ڌرين کي هڪ موقعو مليو آهي. سنڌ سرڪار هن معاملي جي سياسي حساسيت کي محسوس ڪري ها ته ايترو ئي سنجيده تحرڪ به وٺي ها، جيڪو نظر نه آيو.
سنڌ واسين کي ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جدوجهد ۾ انهن سمورن رخن کي خبرداريءَ سان سامهون رکڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي قومي بقا ۽ حقن جي جدوجهد درست رخ ۾ اڳتي وڌي سگهي ۽ ڪنهن ٻئي جي مفادن لاءِ ميدان ۾ تبديل نه ٿي وڃي.

سنڌ جي حقن لاءِ پارٽين نه عمل جو اتحاد ٿيڻ گهرجي

سنڌ جي حقن لاءِ پارٽين نه عمل جو اتحاد ٿيڻ گهرجي


سنڌ جي قومي مسئلن تي سياسي اتحاد، پراڻو مطالبو ۽ خواهش رهي آهي، جڏهن به سنڌ ۾ ڪنهن اهم مسئلي تي سياسي جدوجهد تيز ٿئي ٿي ته هر ماڻهو اها ڳالهه ڪندي نظر اچي ٿو ته سنڌ ۾ سياسي اتحاد ٿيڻ گهرجي. خاص طور تي اقتدار کان ٻاهر رهي سنڌ جي حقن جي جدوجهد ڪندڙ قومپرست ڌرين کان اهو مطالبو وڌيڪ شدت سان ڪيو وڃي ٿو. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ جي قومپرست ڌرين طرفان وقت بوقت اتحاد ٺاهڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، پر انهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومپرستن جو ڪو اهڙو اتحاد ٺهي نه سگهيو، جيڪو سنڌ جي عوام جي خواهش پٽاندڙ هجي، ويهارو سال کن اڳ سائين جي ايم سيد جي ڪوشش سان ”سنڌ قومي اتحاد“ وجود ۾ آيو، جيڪو ڪجهه سالن اندر ئي وکري ويو. ان نوعيت جو اتحاد ان کان پوءِ ٻيهر جڙي نه سگهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جون سموريون قومپرست ڌريون ايئن گڏ ويٺيون هجن. هي اهو دور هو، جڏهن سنڌ جي شهرن ۾ دهشتگرديءَ جي بدترين لهر هلندڙ هئي ۽ قومپرست پارٽين تي تمام گهڻو دٻاءُ هو ته اهي شهرن ۾ سنڌين جي جان ۽ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪجهه ڪن. جيتوڻيڪ سنڌ جي حقن سان لاڳاپيل معاملا ان کان پوءِ وڌيڪ خراب ٿيا آهن ۽ سنڌ جون سياسي ڌريون انهن بابت پنهنجي پليٽ فارمن تان جدوجهد به ڪنديون رهيون آهن، پر ڪنهن هڪ پليٽ فارم تان گڏجي جدوجهد ڪرڻ واري ڪا ڪوشش لاڀ ڏئي نه سگهي. ڏهاڪو سالن جي آمريت کان پوءِ جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته سنڌ جي ماڻهن ۾ اها اميد پيدا ٿي ته هاڻي سنڌ جي حقن جو تحفظ اقتدار جي ايوانن ۾ پهچايل همراهه پاڻ ئي ڪندا. پر گذريل سال ڏيڍ جي ڪارڪردگيءَ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي اها خوشفهمي ختم ٿي رهي آهي. خاص طور تي هيٺين ڳالهين سنڌ جي ماڻهن ۾ مايوسي، غيريقيني ۽ عدم تحفظ واري ڪيفيت کي جنم ڏنو آهي.
* سنڌ ۾ عملي طور اڄ به اهي ئي قوتون حڪومت ڪري رهيون آهن، جن مشرف جي دور ۾ سنڌ تي راڄ ڪيو. اڄ به سنڌ جي شهرن ۾ سنڌين لاءِ ساڳي اوپرائپ برقرار رهي ۽ فيصلا اڳ جيان ٿي رهيا آهن.
* اڻ سڌي طرح سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن ۽ سرائيڪي صوبي جي آڙ ۾ ٻين صوبن جي ورهاڱي جون به ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جنهن جو ذري گهٽ سئو سيڪڙو اشارو سنڌ ڏانهن آهي.
* صوبن کي اختيار ڏيڻ ۽ وسيلن تي مالڪي ڏيڻ وارا پراڻا واعدا حڪمرانن جي يادداشت مان گم ٿي چُڪا آهن ۽ ويجهي آئيندي ۾ انهن تي عمل ٿيندي نظر نه ٿو اچي.
* سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙن، اغوا ۽ قتل جون وارداتون اڳي کان وڌيڪ تيز ٿي ويون آهن. هاڻي ته عمر ڪوٽ، سجاول ۽ بدين جهڙن پرامن علائقن مان به ماڻهو کڄن ٿا ۽ حڪومت روايتي اعلان ۽ خاطرين کان وڌيڪ ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي.
* سنڌ ۾ اسرندڙ مڊل ڪلاس کي هٿي ڏيندڙ حڪمت عمليون جوڙڻ بجاءِ پ پ انهن وڏيرن سان مفاهمتون وڃي ڪيون آهن، جن مشرف جي سموري دور ۾ سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو.
* سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين کي مفادپرست ٽولن جي جاگيرن ۾ تبديل ڪندڙ اقتدار جي منتقلي وارو ساڳيو نظام برقرار آهي ۽ ٽن صوبن پاران ان کي رد ڪرڻ جي باوجود سنڌ سرڪار اتحادين جي دٻاءُ سبب بيوس بڻيل آهي. سنڌ ۾ رهندڙ غيرقانوني ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بجاءِ ڌارين جي نئين لوڌ لاءِ آجيان مهم هلائي پئي وڃي.
* سنڌ ۾ گورننس پنهنجي بدترين حالت ۾ آهي ۽ هڪ اڌ کي ڇڏي باقي حڪومتي وزير، ڪارندا ۽ پارٽي اڳواڻ سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي تبديليءَ وارين رٿائن بجاءِ بدلين، مقررين ۽ پروموشنز ۽ زمينن جي والار ۾ رڌل آهن. سنڌ ۾ گورننس جي نالي ۾ هڪ تماشو هلندڙ آهي ۽ ڏوڪڙ ڪمايو مهم جاري آهي.
اُهي ۽ ان جهڙا ٻيا ڪيترائي قدم آهن، جن سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن ۽ سنڌ جي آئيندي جو اونو رکندڙ حلقن ۾ اها ڳڻتي پيدا ڪئي آهي ته هن نازڪ وقت تي جڏهن ملڪ اندر قومن جي مستقبل بابت وڏا ۽ حساس فيصلا ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيا آهن، سندن چونڊيل اڪثر عيوضي هن حڪومت کي سنڌ جي مالڪي ڪرڻ جي موقعي طور استعمال ڪرڻ بجاءِ پنهنجي خسيس مفادن جي نگهباني ۾ رڌل آهي. ان وايو منڊل ۾ سنڌ جا ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي قومپرستن ڏانهن واجهائڻ لڳا آهن ته اهي گڏجي سنڌ جي حقن لاءِ ڪا جدوجهد ڪن. جيتوڻيڪ اڪثر قومپرستن پارٽين جي ڪردار ۽ اهليت بابت سنڌ جي ماڻهن وٽ ڪيئي سوال ۽ انومان موجود آهن، پر ان جي باوجود ٻي ڪا واهر نه ڏسي، سنڌ واسي کانئن اها اميد ڪري رهيا آهن ته شايد اهي سنڌ جي ماڻهن کي ڪا متبادل قيادت فراهم ڪري سگهن. ويجهڙ ۾ جڏهن سنڌ سرڪار، سنڌ اندر سوات ۽ مالاڪنڊ مان بي گهر ٿيل ماڻهن جي آجيان لاءِ مهم شروع ڪئي ته سنڌ ۾ قومپرست ڌريون هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن کي رستن تي ڪڍي آيون. مختلف پارٽين پنهنجي پنهنجي شيڊيول موجب مظاهرن، ڌرڻن ۽ هڙتالن جا اعلان ڪيا ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۽ قومپرستن جي اتحاد جي خواهش ڪر موڙي اُٿي ۽ ساڳيو مطالبو ٻيهر ٿيڻ لڳو ته آخر سنڌ جون قومپرست تنظيمون اتحاد ڇو نه ٿيون ڪن ۽ ان مسئلي تي ڪا گڏيل جدوجهد ڇو نه ٿيون هلائن؟ منهنجي راءِ ۾ اتحاد واري معاملي کي جذباتي ٿي بنهه نه ڏسڻ گهرجي. قومي حقن جي تحريڪن ۾ ڪيترائي اهڙا مثال ملي ويندا، جتي وڏي انگ ۾ تنظيمون الڳ الڳ ڪردار ادا ڪري رهيون هونديون آهن. مثال طور فلسطين ۾ پي ايل او، حماس ۽ فتح جهڙن مکيه ڌارا جي تنظيمن کان علاوه اسلامڪ جهاد، الصائقا، فلسطين پيپلز پارٽي، فتح انقلابي ڪائونسل، فلسطين پاپولر اسٽرگل فرنٽ ۽ پاپولر ريزسٽنس ڪميٽيز وغيره سرگرم آهن. انهن ۾ پي ايل او سمورين مزاحمتي تحريڪن جو گڏيل فورم آهي. ساڳي طرح ڪشمير ۾ به آل پارٽيز حريت ڪانفرنس، ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ وغيره سرگرم آهن. پاڪستان اندر ساڳي قسم جو مثال بلوچستان جي قومي حقن جي تحريڪ آهي، جنهن ۾ پڻ ڪيئي تنظيمون سرگرم آهن. غلام ۽ مظلوم سماجن ۾ اندروني ٽڪراءُ وڌيڪ سخت هوندا آهن. ساڳئي طرح جيڪي ڌريون جدوجهد جي ميدان ۾ هونديون آهن، انهن ۾ نظرياتي معاملن، جدوجهد جي طريقيڪار، مخالف طاقتن جي تعين ۽ جدوجهد جي اوليتن بابت الڳ رايا هجڻ فطري ڳالهه آهي، انهن کان نه گهٻرائڻ گهرجي. ياد رهي ته اختلاف به عمل ۾ سرگرم فردن ۽ ڌرين ۾ ٿيندا آهن ۽ انهن کي جدوجهدن جو لازمي ۽ فطري حصو تصور ڪرڻ گهرجي. انهن مان ڪي اختلاف ته جدوجهدن دوران فطري طور پيدا ٿيندا آهن ۽ ٻيا وري هٿرادو طور انهن طاقتن پاران پيدا ڪرايا ويندا آهن، جن جي ڪوشش هوندي آهي ته قومي حقن جي تحريڪ کي ورهائي اندروني طور ڪمزور رکجي. سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد کي به ايئن عمليت پسنديءَ واري نظر سان ڏسڻ گهرجي ۽ ان جي اندر مثبت پهلوئن کي به نظر ۾ رکجي. مثال طور ڪو به باضابطا اتحاد نه هجڻ جي باوجود سنڌ جي قومي حقن جي تحريڪ سنڌ جي بنيادي مسئلن تي سماج اندر ايڏي وڏي هم اهنگي پيدا ڪئي آهي جو پاڻي، ناڻي، ڊيموگرافي ۽ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بابت سنڌ ۾ غير معمولي اتحاد موجود آهي. نوبت اها آهي جو وفاق جي سياست ڪندڙ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ جهڙين جماعتن کان وٺي اسلام آباد جي پگهادار وڏيرن جي پارٽين ق ليگ وغيره کي به اها جرئت نه ٿي ٿئي ته انهن مسئلن تي ڪا ٻي راءِ رکي سنڌ ۾ سياست ڪري سگهن. سنڌ جي سماجي تنظيمن، اين جي اوز، ميڊيا ۽ ٻين فورمن تائين انهن مسئلن بابت هر سطح تي هڪ راءِ آهي. سچ ته سنڌ جي قومي تحريڪ سمورين ڪمزورين جي باوجود ان ڳالهه جو ڪريڊٽ لهڻي ٿي. نه رڳو سنڌ اندر پر هاڻي سنڌ کان ٻاهر ملڪ اندر ۽ ڪيترن بين الاقوامي فورمن تي به انهن مسئلن بابت سنڌ جي ماڻهن جي خيالن جي پٺڀرائي ڪئي وڃي ٿي. اها تمام وڏي سگهه آهي، جيڪا سنڌي سماج اندر ڏهاڪن جي جدوجهد کان پوءِ پيدا ٿي آهي. هاڻي جيستائين سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ سرگرم ڌرين ۾ اتحاد جو سوال آهي ته مٿين دليلن جو مقصد اهو بنهه ناهي ته اهڙو اتحاد نه ٿيڻ گهرجي. ان بحث جو مطلب رڳو ان ڳالهه کي واضح ڪرڻ آهي ته اتحاد جي معاملي کي رڳو مايوسيءَ واري نظر سان نه ڏسڻ گهرجي. جيڪڏهن قومپرست تنظيمن الڳ الڳ رهي به پنهنجي جدوجهد وسيلي سنڌي سماج اندر سنڌ جي بنيادي مسئلن تي گڏيل راءِ پيدا ڪري ورتي آهي ته اها ڳالهه ان کان وڌيڪ بهتر آهي ته تنظيمن ۾ اتحاد هجي ها پر سماج اندر قومي حقن بابت سوچ ورهايل هجي ها. ان لحاظ کان ڏسجي ته سنڌ اندر هڪ اڻ لِکيو ۽ اڻ اعلانيل اتحاد موجود آهي. رهي ڳالهه سياسي ڌرين جي اتحاد جي ته اهو وقت ۽ حالتن جي نتيجي ۾ پنهنجي فطري انداز سان پيدا ٿيندو ۽ شايد تڏهن ئي جٽادار ثابت ٿي سگهندو. منهنجي خيال ۾ سياسي تنظيمن اندر اتحاد نه ٿيڻ ايتري مايوسيءَ واري ڳالهه ناهي، جيتري اهڙو اتحاد ٺاهڻ کان پوءِ ان جي نه هلي سگهڻ جي صورت ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي. ماضيءَ ۾ سنڌ قومي اتحاد ۽ پونم جو انجام اسان ڏسي چُڪا آهيون، جن جي ٺهڻ سان جيتري اميد پيدا ٿي هئي، ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ مايوسي انهن جي نه هلي سگهڻ سبب پيدا ٿي. منهنجي راءِ سنڌ ۾ قومپرست ڌرين جي اتحاد کي ڪنهن گڏيل پليٽ فارم، جهنڊي ۽ منشور کان الڳ ڏسڻ گهرجي. اهڙو اتحاد هاڻي پارٽي اڳواڻن، جهنڊن ۽ نعرن جو نه پر عمل جو هجڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ جون سموريون قومپرست ڌريون عمل جي اتحاد تي (Alliance of Action) راضي ٿي وڃن ته وڏو بريڪ ٿُرو ٿيندو. عمل جي اتحاد مان مراد آهي سنڌ جي ڪجهه بنيادي معاملن بابت پنهنجي نعرن، جهنڊن ۽ منشور تي قائم رهندي ۽ هڪٻئي سان ڪي نظرياتي ۽ اصولي اختلاف به برقرار رکندي انهن چند بنيادي مسئلن تي جدوجهد جي گڏيل حڪمت عملي تي راضي ٿيڻ ۽ ان لاءِ ڪنهن نئين پليٽ فارم، جهنڊي يا منشور جي چڪر ۾ في الحال نه پوڻ. مثال طور سنڌ ۾ هيٺيان معاملا سياسي حوالي سان غير تڪراري آهن ۽ انهن بابت ڪي به الڳ رايا ناهن.
* سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جو تحفظ.
* سنڌ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل نه ٿيڻ ڏيڻ ۽ ڌارين جي نيڪالي.
* سنڌ جي شهرن تي سنڌين جو پهريون حق هجڻ.
* سنڌ جي قدرتي وسيلن تي سنڌ واسين جو حق هجڻ.
اهي يا ان جهڙا ڪجهه بنيادي نقطا طئي ڪري سگهجن ٿا، جن تي سنڌ جون قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽيون عمل جو اتحاد (Alliance of Action) قائم ڪري سگهن ٿيون. عمل جي ان اتحاد جا تفصيل اهي تنظيمون گڏجي طئي ڪري سگهن ٿيون. ان ڏس ۾ ڪجهه رٿون هتي پيش ڪجن ٿيون.
* انهن نقطن تي ساڳي راءِ رکندڙ ڌرين جي سينيئر قيادت هر مهيني هڪ ڀيرو گڏجاڻي ڪري انهن مسئلن تي صورتحال جو گڏجي جائزو وٺي.
جيئن ته هي عمل جو اتحاد هوندو، تنهن ڪري ان ۾ عهدن وغيره جو ڪو به چڪر نه هوندو ۽ واري واري سان ميمبر تنظيمون انهن گڏجاڻين جي ميزباني ڪري سگهن ٿيون.
* جن نقطن تي هم آهنگي ٿئي ٿي، انهن تي گڏيل جدوجهد جي طريقيڪار تي به سهمتي ٿيڻ گهرجي. مثال طور سموريون ڌريون احتجاج جو سڏ گڏجي ڏينديون وغيره. سموريون ڌريون گڏيل سرگرمين لاءِ وسيلن ۾ به ڀائيواري ڪنديون ته جيئن گڏيل قيادت ۽ گڏيل جدوجهد جو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿئي.
* طئي ٿيل نقطن جي حوالي سان سرڪار يا ڪنهن به ڌر سان ڳالهه ٻولهه به گڏجي طئي ڪيل نمائندن وسيلي ڪئي ويندي ۽ ڪا به ڌر اڪيلي سر ڪنهن ڌر سان انهن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه نه ڪندي.
* سمورا فيصلا گڏيل راءِ سان ڪيا وڃن ۽ فيصلن جي منظوريءَ جو طريقيڪار اڳواٽ طئي ڪيل هجي.
* عمل جي اتحاد کي باهمي اعتماد ۽ احترام جي جذبي هيٺ ئي هلائي سگهبو، تنهن ڪري ڪا به ڌر هڪ ٻئي بابت ٻاهر ڪي اهڙا ڪمنٽس نه ڏيندي، جنهن سان اڻ وڻندڙ ماحول پيدا ٿئي.
* جدوجهد ۾ ڪنهن خاص سرگرميءَ جي حوالي سان ڪنهن ٻي ڌر، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تنظيم يا فردن کي ڪو ڪردار ڏيڻ بابت به گڏيل راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي.
ان جهڙا ٻيا نقطا طئي ڪري هڪ Code of Conduct ٺاهي عمل جي اتحاد جي شروعات ڪري سگهجي ٿي. هڪ ٻي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ان مقصد لاءِ شروع ۾ اتحاد اندر ڌرين جي انگ وڌائڻ بجاءِ جيڪڏهن مکيه ڌارا واريون ڪجهه تنظيمون به گڏجي اها شروعات ڪن ته آهستي آهستي ٻيون ڌريون ان ۾ شامل ٿي سگهن ٿيون. تنهن ڪري سڀني تنظيمن جي گڏ ٿيڻ انتظار ڪرڻ بجاءِ ڪجهه تنظيمن جا اڳواڻ گڏجي اهڙي شروعات ڪري سگهن ٿا. هڪ ڀيرو گڏيل قيادت هيٺ قومي جدوجهد جي اهڙي شروعات ٿئي ته اُهي طاقتون جيڪي مستقبل ۾ سنڌ بابت ڪا رٿابندي ڪري رهيون هونديون، انهن کي به اهو اندازو ٿي ويندو ته سنڌ بابت فيصلا سنڌ جي اصلي وارثن جي نمائندگي ڪندڙ ڌرين جي مرضيءَ کان سواءِ نه ٿي سگهندا. هن وقت جيئن ته سنڌ جي نمائندگي ڪنهن هڪ ڌر يا مختلف ڌرين جي ڪنهن هڪ پليٽ فارم وسيلي نه پئي ٿئي، تنهن ڪري سنڌ جي نمائندگيءَ جي دعويداري انهن ماڻهن وٽ آهي، جن لاءِ سنڌ مادر وطن نه پر مال غنيمت ۾ ڦٻايل زمين جو ٽڪرو آهي. هن سڄي خطي ۾ عالمي طاقتن جي مفادن جي جنگ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن مرحلي تي هن ملڪ جي باري ۾ ڪي اهم فيصلا ٿيا ته انهن ۾ سنڌ جي نمائندگي ايئن ئي غائب هوندي، جيئن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت ۽ نئين ملڪ جا اهم فيصلا ٿيڻ وقت هئي. ان پسمنظر ۾ هن صورتحال ۾ سنڌين جي نمائندگي نه پيپلز پارٽي ڪري ٿي (ووٽن جي نمائندگي الڳ معاملو آهي) ۽ نه ڇروڇڙ قومپرست پارٽيون اها نمائندگي ڪري رهيون آهن. قومپرست پارٽين جي گڏيل قيادت جي متحرڪ ٿيڻ سان اهو اهم خال پڻ ڀرجي سگهي ٿو، جنهن جي سنڌ کي ايندڙ ڏينهن ۾ شديد ضرورت پوندي.
(روزاني ڪاوش- 8 جولاءِ 2009ع)

سنڌ ۾ بنيادي سماجي تبديليءَ وارن ادارن جي ضرورت

سنڌ ۾ بنيادي سماجي تبديليءَ وارن ادارن جي ضرورت

هونئن ته سمورا سماج هر وقت ڪنهن نه ڪنهن تبديليءَ مان گذري رهيا هوندا آهن، پر هر سماجي تبديلي، سماجي ڀڃ ڊاهه نه هوندي آهي. جنهن سماجي تبديليءَ واري صورتحال مان سنڌ گذري رهي آهي، اها ڀڃ ڊاهه واري حالت آهي. ان ۾ وڌيڪ منجهائيندڙ ڳالهه اها آهي ته ڀڃ ڊاهه کان پوءِ ڇا ٺهڻو آهي، ان جي ڊائريڪشن تي اسان مان شايد ڪنهن جو به ڪنٽرول ناهي. ان صورتحال کي سادن لفظن ۾ انارڪي چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ”ڊاهه“ ته هر پاسي کان ٿي رهي آهي پر ”ٺاهه“ جو ڪنهن کي به پتو ناهي.
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ لڳاتار سياسي ڌونڌاڙ مان گذرندي رهي آهي. ون يونٽ، مارشلائون، ايم آر ڊي تحريڪون، پاڻي جي مسئلي تي جدوجهد، شهرن اندر لساني تعصب جا مسئلا ۽ ٻيا انيڪ مامرا جن جي پٺيان اڻٿڪ جدوجهد نظر اچي ٿي، اهي وڏا مسئلا هڪٻئي پٺيان ايڏي ته تيز رفتاريءَ سان اُڀاريا ويا ۽ سنڌ جي ماڻهن کي لڳاتار اهڙيءَ ريت رُڌل رکيو ويو، جو سنڌ جون تحريڪون رڳو مسئلن خلاف ردعمل ۾ مصروف رهيون ۽ انهن کي ڪڏهن ٻه گهڙيون ساهه پٽي سنڌي سماج جي داخلي مامرن تي سوچڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ جي شايد وٿي ئي نه ملي. سنڌ ۾ وڏيرا ڪيئن پيا ڀينگ ڪن، سنڌ ۾ صنعت ڇو نه ٿي لڳي، سنڌ جا اسڪول ڇو بند آهن، ٻهراڙين ۾ قبائلي جهيڙا ڇو نه ٿا ختم ٿين ۽ سنڌ ۾ عورتن جي اڳڀرائي ۾ رڪاوٽون ڪٿي آهن وغيره جهڙن سوالن تي ڪا منظم جدوجهد گهٽ نظر اچي ٿي. ٿورو گهڻو 70 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن تعليم واري پاسي تي نسبتن سنجيده ۽ منظم ڪم ڪيو، جنهن جا نتيجا اُتساهيندڙ نڪتا، پر ان کان سواءِ سنڌي سماج جي اندروني مسئلن تي ڪا منظم سماجي تحريڪ ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ اندر نظر نه ٿي اچي. 90ع واري ڏهاڪي کان پوءِ سنڌ ۾ اين جي اوز ٿورو گهڻو انهن مسئلن تي ڪم ڪيو، پر جيئن ته اهو ڪم ڊونر جي پئسن تي هلندڙ پروجيڪٽن جي شڪل ۾ هيو تنهن ڪري اهو ڪنهن سماجي تحريڪ جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو. اهوئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ ۾ هر چوٿون سرڪاري پرائمري اسڪول بند آهي، پر اهو مسئلو ڪنهن به عوامي جدوجهد جي اهم نڪتن ۾ شامل ناهي. سنڌ ۾ هفتن جا هفتا يونيورسٽيون وري بند ٿيڻ لڳيون آهن پر سول سوسائٽي خاموش آهي. سنڌ ۾ ماحولياتي بربادي عروج تي آهي يا ٽيهه، چاليهه لک ماڻهو هيپاٽائٽس جو شڪار آهن، پر انهن معاملن تي ڪا به وڏي سماجي تحريڪ موجود ناهي. سنڌ مان ووٽ وٺي چونڊجي ويل ميمبرن جي گهڻائي تڪ جي يا صوبي جي مسئلن کي پٺيءَ ڀر اڇلي ٺيڪن، بدلين ۽ نوڪرين جي ڪاروبار ۾ رڌل آهي، پر کين ان ڳالهه جي ڪا پرواهه به ناهي ته سنڌي سماج ۾ ڪو سوال پڇاڻو به کانئن ٿيندو. اهي سنڌي سماج جي اندروني ڪمزوري ۽ ڀڃ ڊاهه جون علامتون آهن، جتي عوام جي هڪ وڏي گهڻائي پنهنجي ذات جي دائري ۾ محدود ٿي وئي آهي، باقي سياسي تنظيمن، سماجي ادارن يا ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن ۾ موجود ماڻهن جو هڪ محدود انگ ڏينهن رات وس آهر ڀڄ ڊڪ ۾ رُڌل آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ سياسي، سماجي يا ادبي طور متحرڪ ماڻهن جو انگ ڪڍبو ته اهو ڪل آباديءَ جو هڪ سيڪڙو به مس بيهندو. باقي خلق جي گهڻائي پنهنجي ذاتي زندگين جي ڪاروهنوار ۾ مصروف آهي ۽ جدوجهد جي ڪنهن مکيه ڌارا جو سڌو سنئون حصو بڻيل ناهي. ان لاتعلق بڻيل گهڻائيءَ وٽ نوڪريءَ جو مطلب پگهار کڻڻ آهي، ماڻهن کي خدمت فراهم ڪرڻ ناهي. ننڍن ۽ وچولن ڪاروبارن جي چونڊ وقت به اهي ماڻهو منافعي کي اوليت ڏين ٿا، پر سماجي ترقيءَ وارو پاسو سندن نظر کان اوجهل آهي. مثال طور ڪاروبار ۾ سيڙپڪار ڪندڙ ماڻهن جي گهڻائي ٻئي ڏينهن کان نفعو ڏيندڙ سيڙپڪاريءَ تي سوچي ٿي. اهڙن ماڻهن جي خواهش هوندي ته پئٽرول پمپ، ٽيڪسي گاڏي، هوٽلن يا شهري علائقن ۾ جائيدادون خريد ڪرڻ تي سيڙپڪاري ڪن، پر معياري تعليم لاءِ ڪا هڪ به خانگي يونيورسٽي ڪراچيءَ کان ٻاهر باقي سڄي سنڌ ۾ نه ٿي نظر اچي. ڍنگ واري تعليم ڏيندڙ ڪيترا خانگي ڪاليج يا بين الاقوامي معيار جا اسڪول اسان قائم ڪيا آهن؟ سنڌ جا نوجوان غير سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ اهم عهدن تي چٽاڀيٽي ۾ ان ڪري مار کائن ٿا، جو جن سرڪاري ادارن مان هو ڊگريون وٺي نڪرن ٿا اهي مارڪيٽ جي معيار کان گهڻو پٺتي آهن. تعصب وارو معاملو به ممڪن آهي ته ڪنهن حد تائين ٺيڪ هجي، پر خانگي شعبي ۾ اهليت کي رڳو تعصب جي بنياد تي هر هنڌ روڪڻ عملي طور ممڪن ناهي. جيڪڏهن ڪنهن خانگي ڪمپنيءَ وٽ لمس ۽ آءِ بي اي جو گريجوئيٽ درخواست آڻيندو ته ان کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڀيٽ ۾ لازمي طور اوليت ملي ويندي. ان جو ڪارڻ رڳو تعصب به ناهي پر اسان جي ادارن ۾ جنهن معيار جي پڙهائي ٿي رهي آهي، ان جو نتيجو اهو آهي جو امتحان ۾ نوي سيڪڙو مارڪون کڻندڙ به ٻه پيرا گراف انگريزي ۾ ڍنگ جا نه ٿو لکي سگهي. مڃون ٿا ته سرڪار جا ادارا خراب آهن، پر اهو دليل مارڪيٽ ۾ ته ڪير به نه ٻڌندو. ٻي ڳالهه ته سرڪار جا ادارا پاڪستان جي باقي صوبن ۾ به ٿوري گهڻي فرق سان ايترا ئي خراب آهن، پر انهن صوبن ۾ سرنديءَ وارن ۽ سمجهدار ماڻهن متبادل ادارا جوڙي ان خال کي ڀريو آهي. مثال طور پنجاب ۾ لاهور يونيورسٽي آف مئنجمينٽ سائنسز (لمس) اهو خال ڀري رهي آهي. ساڳئي طرح ملڪ جي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان جي ڄمار هونئن ته جمهوري حڪومتون ٽوڙڻ ۾ گذري پر پختونخواهه جي عوام کي هن غلام اسحاق خان يونيورسٽي ڏني جيڪا ملڪ جي بهترين ادارن مان هڪ آهي. راولپنڊي/اسلام ۾ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (NUST) آهي. ڪراچيءَ ۾ آءِ بي اي، زيبسٽ ۽ سر سيد يونيورسٽي وغيره جا مثال موجود آهن. ان قسم جو ڪم آخر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڇو نه ٿو ٿئي. هيڏي ساري سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ خانگي شعبي اندر رڳو آءِ بي اي سکر (جيڪو هاڻي سرڪاري شعبي ۾ اچي چڪو آهي) يا اسرا يونيورسٽي نظر اچن ٿا. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي وڃي ڏسو ته سنڌ اندر خانگي شعبي اندر ڊگري ڏيڻ جو اختيار رکندڙ ادارن جو انگ 25 آهي، جنهن مان 23 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. باقي سڄي سنڌ ۾ سرنديءَ وارن جي سيڙپڪاري جو مرڪز هائوسنگ اسڪيمون، هوٽلون، سي اين جي اسٽيشنز ۽ زرعي زمينون آهن. جيئن ته سنڌ ۾ سرنديءَ وارو طبقو ڪنهن سماجي پراسيس مان نڪتل مڊل ڪلاس نه پر جاگيردار طبقي سان تعلق رکي ٿو، تنهن ڪري سماجي ترقيءَ جا ادارا ٺاهڻ ان جو مسئلو ئي ناهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري پئسو ۽ ملڪيتون انهن ماڻهن وٽ آهن، جن سڌي يا اڻ سڌي طرح عوام جي رت پگهر جي ڪمائي جي ڦرلٽ مان اهي ملڪيتون ٺاهيون آهن، تنهن ڪري اهو طبقو ڪنهن به اهڙي هنڌ تي سيڙپڪاري نه ڪندو جنهن سان سنڌ اندر بنيادي سماجي تبديليون اچن. اهو طبقو لُٽ مان ڪمايل پئسي مان وڌيڪ پئسو ٺاهي سنڌي سماج جي پيداوار جي سمورن ذريعن تي پنهنجو قبضو پکيڙڻ گهري ٿو. نتيجو اهو آهي جو ان طبقي جا ماڻهو جڏهن اخبارن يا ٽي وي چئنلن جهڙن بظاهر ترقي پسند شعبن ۾ به سيڙپڪاري ڪن ٿا ته گهڻو ڪري ان جي پٺيان به سندن نيت سينيٽ يا اسيمبلي جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ هجي ٿي، پر ان سيڙپڪاري کي هو سنڌ اندر سماجي تبديليءَ واري نيت سان هرگز نه ٿا ڪن. اهي ئي ڪارڻ آهن جو سنڌ اندر ڪا منظم ۽ مضبوط سول سوسائٽي اڃا تائين جنم نه وٺي سگهي آهي. ياد رهي ته سول سوسائٽي جو مطلب رڳو اين جي اوز، ميڊيا جا ادارا يا ٽريڊ يونينز نه آهن، پر سماجي ترقيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ماڻهو پڻ ان جو انتهائي اهم حصو هوندا آهن. جيئن ته سول سوسائٽي جو اهم حصو سنڌ ۾ عملي طور ڪمزور آهي، تنهن ڪري سنڌ جي سول سوسائٽي به عملي طور مطالبا فورم جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. اصولي طور ٿيڻ ايئن گهرجي ها ته سنڌ جي سول سوسائٽي جو هڪ حصو جڏهن سنڌ ۾ بند پيل تعليمي ادارن تي جدوجهد ڪري رهيو هجي ها ته ان جو هڪ ٻيو حصو سنڌ ۾ بيڪن هائوس يا گرامر اسڪولن جهڙا پنهنجا ادارا به تيار ڪري رهيو هجي ها ته جيئن سنڌ ۾ سماجي ترقي جو خال به ڀرجندو رهي ها. سرڪار ۾ جتي ڪجهه ننڍا ۽ ڪجهه وڏا وڏيرا ويٺل هجن ٿا، تنهن ڪري سنڌ اندر ان نوعيت جي ادارن ٺاهڻ يا ان ڪم کي اڳڀرو ڪرڻ هنن جي نظر ۾ ترقي ناهي. انهن لاءِ ترقيءَ جو مطلب سنڌ ۾ وڌيڪ وڏيون عمارتون تعمير ڪرائڻ آهي ته جيئن هر وقت ٺيڪن ۽ ڪميشنن جو سدا بهار ڪاروبار جاري رهي. باقي فرصت جي لمحن ۾ بچيل پئسا اخبارن ۾ اڌ صفحي جا رنگين مبارڪباد اشتهار ڇپرائڻ تي خرچ ڪن ٿا ۽ اوسيئڙي ۾ ويٺا آهن ته ڪڏهن ٿي ڪنهن شهيد جي سالگرهه يا ورسي اچي ته سندن ياد ۾ هفتو کن ڪا اشتهاري مهم هلائي کاتي جي بجيٽ پوري ڪجي. تنهن ڪري اهو طبقو ڀلي سنڌ جي مئنڊيٽ سان اقتدار ۾ ايندو هجي، پر سنڌي سماج اندر بنيادي تبديلي وارو ڪم نه هو ڪندا نه ڪنهن ٻئي کي ڪرڻ ڏيندا. هنن جو سڄو زور سياسي نماءَ وارن ڪمن تي هوندو جنهن مان عارضي فائدا ته ڪن ماڻهن کي ضرور ملي ويندا پر بنيادي تبديليون اصل نه اينديون، جيڪڏهن ايئن نه هجي ته مڪاني ادارن، صوبائي ۽ وفاقي اسيمبلين يا سينيٽ ۾ سنڌ جي نمائندگيءَ جو تاج پائي ويٺل انهن سوين همراهن مان ڪو هڪ ڄڻو ڪو اهڙو تعليمي ادارو ته سنڌ ۾ قائم ڪري ها، جتي سندس تڪ جي غريب يا وچولي طبقي جو ٻار گهٽ خرچ تي معياري تعليم حاصل ڪري سگهي ها. جيئن ته ان ڪلاس جو طبقاتي مفاد ان تبديليءَ کي هضم نه ٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ ان نوعيت جا ادارا ٺاهڻ جو ڪم اهي ماڻهو ڪڏهن به نه ڪندا.
ان صورتحال ۾ سنڌ جي باشعور وچولي طبقي تي اها ذميواري به لاڳو ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪن کي جاري رکندي ان سان گڏ بنيادي تبديلي آڻڻ وارا ادارا ٺاهڻ واري پاسي ڏانهن به ڌيان ڏئي. ان قسم جا ڪي ٿورا گهڻا مثال نظر اچن ٿا، پر اهي اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهن ۽ انهن جو دائرو ننڍو آهي، تنهن ڪري اهي ايڏي وڏي خال کي ڀرڻ لاءِ ناڪافي آهن. اها ڳالهه طئي آهي ته اڄ جي گهڻ طرفي چٽاڀيٽيءَ واري وايو مندل ۾ ”اهليت“ کان سواءِ اسان ايڏن وڏن چئلنيجز کي منهن نه ڏئي سگهنداسين ۽ اهليت لاءِ گهرجن ادارا، جن جي اسان وٽ اڻاٺ آهي. سياسي ڪمٽمينٽ جي معاملي ۾ سنڌ اندر هروڀرو ايڏو ڏڪار ناهي، پر اڪيلي سر ڪمٽمينٽ سان سمورا محاذ فتح نه ڪري سگهبا. ان ڏس ۾ ٻه ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪير به ان لاءِ اهو دليل ڏئي ته اهو ڪم ڪرڻ لاءِ وڏيون رقمون گهرجن ته اها غلط فهمي بنهه دور ڪري ڇڏڻ گهرجي. وڏا ادارا پهرين ڏينهن کان وڏا نه هوندا آهن، اهي ننڍن ادارن کان شروع ٿيندا آهن ۽ اهل قيادت انهن کي وڏن ادارن ۾ تبديل ڪندي آهي. جيڪڏهن اعتبار نه اچي ته دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي تاريخ پڙهي ڏسو ته ٺهڻ وقت انهن جي اڪثريت پنهنجي اڄوڪي سائيز جي سوين پتيءَ جيتري به نه هئي. پنهنجي آس پاس ۾ رڳو همدرد يونيورسٽي ۽ ليبارٽريز جو مثال ئي وٺو، جيڪي هڪ ننڍي طب خاني کان شروع ٿيا هئا. مطلب ته سٺي شروعات اهم آهي. اڄ جي دور ۾ وسيلا ايڏو وڏو مسئلو ناهن. ٻي ڳالهه اها ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ان قسم جي ادارن کي نج خيراتي بنيادن تي نه هلائڻ گهرجي. ان جو مطلب اهو به ناهي ته انهن کي رڳو پئسي واري طبقي لاءِ محدود ڪري ڇڏجي. ان قسم جي ادارن کي انهن ٻنهي جي وچ واري لائين تي هلائڻ گهرجي. ان قسم جي ماڊل کي Social Value Enterprise چيو وڃي ٿو، جنهن جو بنيادي مقصد اهو آهي ته سماج کي خدمت ڏيندڙ ڪاروبار جي بنياد تي اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن. يعني انهن اندر بي پهچ طبقن لاءِ رعايتون به فراهم ڪيون وينديون آهن ته ساڳئي وقت سرنديءَ وارن طبقن وسيلي کين corss subsidy به ڏني ويندي آهي. ان قسم جا ڪيئي ماڊلز موجود آهن، جيڪي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ متعارف ڪرائي نه رڳو وچولي طبقي جا باشعور نوجوان پنهنجي گذر سفر جا ذريعا پيدا ڪري سگهن ٿا پر ساڳئي وقت سماج اندر ادارن جي خال کي به ڀري سگهن ٿا. اهي ئي ادارا سنڌ ۾ هڪ منظم، عوام دوست ۽ ترقي پسند سول سوسائٽيءَ جو گهر بڻجندا. ان طريقي سان سنڌ اندر اهي بنيادي سماجي تبديليون اينديون، جيڪي سياسي تحريڪن کي پڙهيل لکيل ۽ اهل ڪيڊر فراهم ڪرڻ جو بنياد بڻجنديون. ان ريت سنڌ ۾ روشن خيال مڊل ڪلاس جي اوسر لاءِ اهي نرسريون قائم ٿينديون، جيڪي سنڌ کي هن گهڻ طرفي بحران مان نجات لاءِ رستا فراهم ڪري سگهنديون.

مالي وسيلن جي ورهاست ۾ سنڌ کي ڇا ملندو؟

مالي وسيلن جي ورهاست ۾ سنڌ کي ڇا ملندو؟

نيشنل فنانس ڪميشن هيٺ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورهاست شروع کان وٺي تڪراري رهي آهي. خاص طور تي 1974ع کانپوءِ جڏهن وسيلن جي ورهاست 1973ع جي آئين هيٺ شروع ڪئي وئي ته آباديءَ کي وسيلن جي ورهاست جو واحد بنياد بنايو ويو. هن وقت پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورهاست رڳو آباديءَ جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته باقي دنيا ۾ آبادي سان گڏ ٻين اهڃاڻن کي وسيلن جي ورهاست ۾ مدنظر رکيو وڃي ٿو. مثال طور پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ انڪم ٽيڪس جي ورهاست ۾ آباديءَ جي بنياد تي 22.5 سيڪڙو ۽ ايڪسائيز ڊيوٽيءَ جي ورهاست ۾ آباديءَ جي بنياد تي 25 سيڪڙو حصو ورهايو ويندو آهي. (مختلف وقتن تي اهو شيئر تبديل ٿيندو رهيو آهي.) ان کانسواءِ آمدنيءَ جي فرق، ٽيڪسن جي اوڳاڙي ۽ پسماندگيءَ جي بنياد تي پڻ رياستن کي وسيلن ۾ حصو ڏنو ويندو آهي. ساڳي طرح ارجنٽينا ۾ آباديءَ جي بنياد تي 65 سيڪڙو، بنگلاديش ۾ 40 سيڪڙو، ملاوي ۾ 25 سيڪڙو، نيپال ۾ 20 سيڪڙو ۽ ميڪسيڪو ۾ 50 سيڪڙو حصو آباديءَ جي بنياد تي ورهايو ويندو آهي. انهن ملڪن ۾ وسيلن جي ورهاست ۾ غربت، پسماندگي ۽ وسيلن جي اوڳاڙيءَ جي بنياد تي پڻ رياستن/صوبن کي حصو ڏنو ويندو آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته وسيلن جي ورهاست رڳو آباديءَ آڌار ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي. وفاق وٽان صوبن کي ملندڙ ڀاڱي کي رڳو آباديءَ جي بنياد تي ورهائڻ جو هڪ ئي بنياد نظر اچي ٿو، اهو آهي پنجاب ۾ آباديءَ جو وڏو حصو موجود هجڻ. 1998ع واري آدمشماريءَ موجب ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 56 سيڪڙو آبادي رڳو پنجاب ۾ رهي ٿي، يعني باقي ٽنهي صوبن جي گڏيل آباديءَ کان وڌيڪ. سنڌ ۾ 23 سيڪڙو، سرحد ۾ 13.5 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ صرف 5 سيڪڙو آبادي رهي ٿي، تنهن ڪري مالي وسيلن جي ورهاست ۾ رڳو آباديءَ کي بنياد بنائڻ ۾ پنجاب کي باقي سمورن صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فائدو آهي.
10-2009ع جي سالياني بجيٽ ۾ وفاقي ورڇ جوڳي پول ۾ صوبن لاءِ 5 کرب 69-ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان پنجاب کي 3 کرب 26-ارب رپيا ملندا، جڏهن ته سنڌ کي هڪ کرب 35 ارب رپيا ملندا. جيڪڏهن آباديءَ سان گڏ غربت، پسماندگي ۽ وسيلن جي اوڳاڙيءَ ۾ ڀائيواريءَ کي به بنياد بنايو وڃي ها ته ننڍن صوبن کي ڪجهه بهتر حصو ملي سگهي ها. آگسٽ 2002ع ۾ نيشنل فنانس ڪميشن، ڇهين مالياتي ايوارڊ لاءِ ورڪنگ گروپ 3 جي ڏنل رپورٽ ۾ آباديءَ سان گڏ ٽيڪسن جي اوڳاڙيءَ ۾ ڀائيواري، پکيڙ ۽ مالياتي ضابطي کي به بنياد بنائڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. ورڪنگ گروپ مختلف بنيادن لاءِ مختلف سيڪڙي جي آڌار ست آپشن پڻ تجويز ڪيا هئا. سنڌ ۽ بلوچستان ان فارمولي جي حمايت ڪئي، پر سرحد ۽ پنجاب ان تي اعتراض واريو. ائين اهو ايوارڊ رولڙي جو شڪار ٿي ويو. بعد ۾ صدر پرويز مشرف پنهنجا خاص اختيار استعمال ڪندي عبوري مالياتي ايوارڊ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ پڻ صوبن وچ ۾ ورهاست لاءِ صرف آباديءَ کي بنياد بنايو ويو. پيپلز پارٽي ان وقت مخالف ڌر ۾ هئي ۽ ان پرويز مشرف طرفان مڙهيل ايوارڊ تي احتجاج به ڪيو هو. اها الڳ ڳالهه آهي ته پ پ خود گذريل ٻن بجيٽن دوران مالياتي وسيلن جي ورڇ ساڳي مشرف فارمولي هيٺ ڪندي رهي آهي. هاڻي خاص طور تي سنڌ مان سخت احتجاج ٿيڻ کانپوءِ نئين مالياتي ايوارڊ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورهاست:
ستين مالياتي ايوارڊ ۾ تڏهوڪي صدر مشرف صوبن وچ ۾ ڪا هم آهنگي نه ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي مرضيءَ تي مالياتي ايوارڊ جاري ڪيو. ان ايوارڊ موجب ورڇ جوڳي پول ۽ گرانٽس کي ملائي صوبن جو حصو 45 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ان ۾ هر سال هڪ سيڪڙو واڌارو ڪري ان کي 50 سيڪڙو تائين آندو ويندو. 1974ع، 1979ع ۽ 1990ع وارن مالياتي ايوارڊن ۾ صوبن جو حصو 80 سيڪڙو ۽ وفاق جو حصو 20 سيڪڙو هوندو هو. پر 1996ع ۾ جڏهن ملڪ اندر نگران حڪومت جو دور هيو، (وزير اعظم ملڪ معراج خالد ۽ سنڌ جو وڏو وزير ممتاز ڀٽو هئا) تڏهن صوبن جو حصو 37.5 سيڪڙو ۽ وفاق جو حصو 62.5 سيڪڙو ڪيو ويو، جنهن سان صوبن کي ڌڪ رسيو. وسيلن جي ورهاست ۾ وفاق ۽ صوبن جي ڀائيواري وارو معاملو به نهايت اهم آهي. پاڪستان جي مالياتي نظام مطابق صوبن اندر وڏا ٽيڪس پڻ وفاق اوڳاڙي ٿو ۽ صوبا مالياتي ايوارڊ وسيلي پنهنجي حصي لاءِ ان جا محتاج رهن ٿا. هن وقت ٽيڪسن جو اٽڪل 91 سيڪڙو وفاقي سطح تي اوڳاڙيو وڃي ٿو ۽ صوبن جي اوڳاڙي صرف 6 کان 7 سيڪڙو رهي ٿي. ياد رهي ته وفاق اٽڪل 71 سيڪڙو خرچ جو بار کڻي ٿو، صوبن کي 29 سيڪڙو خرچ کڻڻا پوندا. ڀارت ۾ رياستون پنهنجي وسيلن مان خرچن جو 35 سيڪڙو کن پيدا ڪن ٿيون، ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ صوبا پنهنجي خرچن جو ڪل ملائي 16 سيڪڙو مس ڀري سگهن ٿا. صوبن جي صورتحال اها آهي ته سنڌ پنهنجي جاري خرچن لاءِ 68 سيڪڙو وفاق تي ڀاڙي ٿو، جڏهن ته پنجاب 82.9 سيڪڙو، سرحد 73.9 سيڪڙو ۽ بلوچستان 94.5 سيڪڙو جاري خرچن لاءِ وفاقي گرانٽس ۽ ورڇ جوڳي پول جي رقمن تي ڀاڙين ٿا. (ان معاملي ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ باقي صوبن کان وڌيڪ پاڻڀرو صوبو آهي.) دنيا جي ٻين ملڪن ۾ صوبا يا رياستون وفاق جا ايئن محتاج ناهن بڻيل، جيئن مٿي ڄاڻايو ويو ته پاڪستان ۾ صوبا ٽيڪسن جو لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو مس اوڳاڙين ٿا، ان جي ڀيٽ ۾ ملائيشيا ۽ نائيجيريا ۾ 10 سيڪڙو، ميڪسيڪو ۾ 12 سيڪڙو، ڪولمبيا ۾ 15 سيڪڙو روينيو صوبن/رياستن اندراوڳاڙيو وڃي ٿو. ان حساب سان ڏسجي ته پاڪستان ۾ وسيلن تي صحيح معنيٰ ۾ وفاق جو ڪنٽرول آهي.
ان ڏس ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته سيلز ٽيڪس تي وفاق جبري طور قبضو ڪيو ويٺو آهي، جيڪو اصولي طور صوبن جو ٽيڪس هجڻ گهرجي. 1973ع جي آئين ۾ سيلز ٽيڪس کي وفاقي ورڇ جوڳي پول جو حصو بنايو ويو، ورهاڱي کان اڳ 1935ع واري آئين هيٺ نائيمير ايوارڊ (Niemeyer Award) ۾ به سيلز ٽيڪس صوبن کي مليل هو. پاڪسان ٺهڻ کان پوءِ 1952ع تائين ايواڊ لاڳو ٿيل هو. 1947ع ۾ رائسمن فارمولي (Raisman Formula) هيٺ سيلز ٽيڪس جو 50 سيڪڙو وقتي طور وفاقي حڪومت کي ڏنو ويو، ڇو ته ان وقت پناهگيرن جي آمد ۽ نئين ملڪ جا معاملا هلائڻ لاءِ وفاق وٽ وسيلن جي تنگي هئي. اڳتي هلي 1961ع ۽ 1964ع ۾ ون يونٽ دوران ٻه مالياتي ايوارڊ آندا ويا، جن ۾ به سيلز ٽيڪس 30 سيڪڙو صوبن کي پنهنجي اوڳاڙي آڌار ڏنو ويو. اهو شايد ان ڪري جو ان وقت عملي طور صوبن جي معنيٰ پنجاب هئي. پر 1973ع جي آئين ۾ صوبن کي ون يونٽ واري اونداهي دور ۾ مليل اهو 30 سيڪڙو به آهي، ان کي مڪمل طور ورڇ جوڳي پول ۾ ڏنو ويو. ان جو گهڻو نقصان سنڌ کي ڀرڻو پيو. مالي سال 10-2009ع جي ڪاٿي موجب وفاقي حڪومت کي تقريبن 500 ارب رپين جي آمدني سيلز ٽيڪس وسيلي ٿيندي، جنهن مان سنڌ کي ورڇ جوڳي پول وسيلي اٽڪل 53-ارب رپين تائين حصو ملڻ جو ڪاٿو آهي. ويجهن سالن دوران سنڌ مان سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 60 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آمدني ٿيندي رهي آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته هلندڙ مالي سال دوران سنڌ مان اٽڪل 300-ارب رپيا سيلز ٽيڪس جي مد ۾ آمدني ٿي سگهي ٿي. اصولي طور تي اهو ٽيڪس صوبائي سبجيڪٽ هجڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن سنڌ کي اها رقم سڌو سنئون ملي وڃي ته ان جي سالياني بجيٽ رڳو ان هڪ مد مان ئي پوري ٿي ويندي. ان لحاظ کان ڏسجي ته سنڌ کي ورڇ جوڳي پول جي گهڻ رخي فارمولي هيٺ ورهاست سان گڏ سيلز ٽيڪس صوبن حوالي ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو مطالبو به ڪرڻ گهرجي، بلڪه ان مطالبي تي وڌيڪ زور ڏيڻ گهرجي. گهڻ رخي ورڇ اصولي معاملو آهي، تنهن ڪري ان تان هرگز هٿ نه کڻڻ گهرجي، پر ان مد ۾ سنڌ کي وڌ ۾ وڌ پنج ڏهه ارب رپين کن جو فائدو رسندو. جڏهن ته سيلز ٽيڪس صوبي حوالي ٿيڻ سان صحيح معنيٰ ۾ سنڌ کي پنهنجو جائز حصو ملي سگهندو. ياد رهي ته 1991ع واري اين ايف سي ۾ اهو واضح طور چيل آهي ته سيلز ٽيڪس مرحليوار صوبن جي حوالي ڪيو ويندو، پر ان تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو.
مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ مالي ورڇ هڪ اهم معاملو آهي، دراصل مرڪز آمدنيءَ جو هڪ وڏو حصو پاڻ وٽ رکي ٿو. هن سال جي بجيٽ مطابق وفاقي حڪومت کي وصولين جي اوڳاڙي مان 1352-ارب رپيا آمدني ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، جنهن مان ورڇ جوڳي پول وسيلي صوبن کي 569-ارب رپيا، سڌين منتقلين جي مد ۾ 85-ارب رپيا ۽ خاص گرانٽس/سب وينشن جي مد ۾ 52-ارب رپيا ملندا. اهي سڀ رقمون ڪڍڻ کان پوءِ به وفاق وٽ لڳ ڀڳ 646-ارب رپيا بچن ٿا، جيڪي وفاقي خرچن جي مد ۾ استعمال ٿيندا.
پاڪستان جي وفاقي حڪومت جو ڍانچو اهڙو آهي، جنهن ۾ پنجاب ٻين سمورن صوبن کان وڌيڪ فائدي ۾ رهي ٿو. مثال طور ملڪي فوج ۾ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ماڻهو پنجاب سان تعلق رکن ٿا، هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ دفاعي بجيٽ اندر 115-ارب رپيا ملازمن جي خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. ان لحاظ کان ڏسجي ته 70 سيڪڙو جي حساب سان لڳ ڀڳ 80-ارب رپيا اڻ سڌي طرح ان مد ۾ پنجاب تي ئي خرچ ٿيندا. ساڳي طرح فوجي فائونڊيشن، آرمي ويلفيئر ٽرسٽ، اين ايل سي ۽ ايف ڊبليو او ۾ به وڏي انگ ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ ماڻهو ملازمت ڪن ٿا. لڳاتار ڀڃڪڙيءَ سبب ننڍن صوبن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجي جائز حصي کان محروم ٿيڻو پئي ٿو. ساڳي طرح اسلام آباد جي ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي هلندڙ مالي سال جي بجيٽ 28-ارب رپين کان وڌيڪ هئي. ياد رهي ته 1998ع جي آدمشماريءَ موجب اسلام آباد جي 71.66 سيڪڙو آبادي پنجابي ڳالهائيندڙن تي مشتمل آهي، جڏهن ته سنڌي ڳالهائيندڙ 0.56 سيڪڙو، پشتو ڳالهائيندڙ 9.5 سيڪڙو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ 0.06 سيڪڙو آهن. اهڙي طرح اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ترقيءَ کان به باقي صوبن جا ماڻهو عملي طور محروم آهن. جيڪڏهن فوج، وفاقي سرڪار جي ادارن ۽ خودمختيار ۽ نيم خودمختيار ادارن ۾ سمورن صوبن جي برابر نمائندگي هجي ها ته اسلام آباد جي رهواسين جا انگ اکر به مختلف هجن ها ۽ وفاقي سرڪار جي خرچن ۾ به سمورن صوبن کي حصو پتي ملي ها.
وفاقي ادارن ۾ صوبائي ڪوٽا جي ڀڃڪڙيءَ سبب ننڍن صوبن، خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجي جائز حصي کان محروم رکيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ مرڪز کي هلائيندڙ انتظامي مشينري گهڻو ڪري پنجاب سان تعلق رکي ٿي. اهڙي طرح وفاقي حڪومت جي بجيٽ جو هڪ وڏو حصو پڻ ڦري گهري پنجاب ڏانهن وڃي ٿو. وفاقي ادارن ۾ سنڌ واسين جي نمائندگيءَ ۾ هنيل گهوٻين جو اندازو هيٺين چند حوالن مان لڳائي سگهجي ٿو.
• وفاقي آرڪيالاجي کاتي ۾ 96 آفيسرن مان صرف 10 سنڌي آهن، جڏهن ته 64 جو تعلق پنجاب سان آهي. (روزاني ڪاوش 19 جنوري 2007).
• پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪم ڪندڙ 270 پروڊيوسرن مان صرف 10 سنڌي آهن ۽ 150 رپورٽرن ۾ صرف 2 سنڌي آهن. پراڊڪشن، ايڊمنسٽريشن ۽ مالياتي شعبي ۾ مٿين سطح تي ڪو به سنڌي آفيسر ناهي. (روزانه ڪاوش 3 اپريل 2008ع.)
• وفاق ۾ سنڌ جي ڪوٽا نظرانداز، 37 وفاقي سيڪريٽريز مان صرف 2 سنڌي آفيسر مقرر ٿيل، 21 هين گريڊ جي 25 ڀريل پوسٽن تي صرف 2 سنڌي آفيسر، گريڊ 20 جي مقرر ٿيل 83 آفيسرن ۾ سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙن جو انگ فقط 10 آهي، جن مان 5 آفيسر اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ آهن. 19 هين گريڊ جي 248 آفيسرن مان سنڌ ڪوٽا جا فقط 11 آفيسر آهن. پنجاب واسين جو انگ ڪوٽا کان 24 سيڪڙو وڌيڪ. (روزاني ڪاوش 28-اپريل 2008ع) صحت واري وفاقي وزارت ۾ 160 ميڊيڪل آفيسرن مان 103 پنجاب جا ۽ سنڌ جا صرف 11 ڄڻا شامل (ڪاوش 11 آگسٽ 2009ع).
انهن انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وفاقي کاتن تي ٿيندڙ خرچ جو اصل فائدو پڻ پنجاب کي ملي ٿو. اهڙي طرح جيڪڏهن صوبائي ۽ وفاقي خرچن کي گڏائي جائز وٺبو ته شايد پنجاب صوبو مجموعي وسيلن جو 65 کان 70 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ استعمال ڪندي نظر ايندو. ان ڪري ضروري آهي ته اين ايف سي ذريعي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ صوبن جو حصو وڌائي ٻيهر 80 سيڪڙو تائين آندو وڃي ۽ سيلز ٽيڪس مڪمل طور صوبن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن ننڍن صوبن سان انصاف ٿي سگهي. هن وقت تائين سنڌ سرڪار رڳو خدمتن تي جي ايس ٽي واري گهر ڪندي رهي آهي، جيڪا ناڪافي آهي.
اين ايف سي جي حوالي سان ٻيو اهم آئيني مسئلو صدر جو ان مٿان مڪمل ڪنٽرول آهي. اين ايف سي بابت 1973ع واري آئين جي آرٽيڪل 160 هين صدر کي اهي اختيار حاصل آهن ته هو نيشنل فنانس ڪميشن جي جوڙجڪ ڪري، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي ناڻي وارن وزيرن کانسواءِ صوبن مان ڪن ٻين ماڻهن کي صوبائي گورنرن جي مشوري سان مقرر ڪري سگهي ٿو، اتي صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو يعني وڏي وزير جي رضامندي يا سفارش جو ڪٿي به ذڪر ناهي، يعني اين ايف سي جي جوڙجڪ ۾ سمورو اختيار مرڪز حوالي آهي، ڇو ته صدر ۽ گورنر ٻئي مرڪز جا نمائندا آهن.
ساڳي طرح 160(2-d) موجب صدر اين ايف سي کي پنهنجي مرضيءَ مطابق ماليات سان لاڳاپيل ٻيو ڪو به معاملو حوالي ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت جوڙيل اين ايف سي جي ٽرمس آف ريفرنس ۾ صدر صاحب تيل تي رائلٽي ۽ قدرتي گيس تي سرچارج جي ادائگي کي Rationalize ڪرڻ وارو معاملو به اين ايف سي کي ڏنو آهي. هاڻي جڏهن ننڍن صوبن جي دٻاءَ هيٺ وسيلن جي ورهاستن گهڻ رخي فارمولي هيٺ ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿيڻ لڳا آهن ته ڪي خاص قوتون گئس ڊولپمينٽ سرچارج ۽ تيل ۽ گئس جي رائلٽيز کي ورڇ جوڳي پول ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ آهن. ان مد ۾ گهڻي کان گهڻو فائدو سنڌ ۽ بلوچستان کي ملندو آهي. سال 10-2009ع جي بجيٽ ۾ انهن مدن ۾ صوبن کي جيڪا رقم ملندي، ان جو وچور هتي ڏنل جدول ۾ آھي، جيڪا رقم ارب رپين ۾ ڄاڻايل آهي.
جيڪڏهن اهي رقمون سڌي طرح منتقل ٿيڻ بدران ورڇ جوڳي پول ۾ هليون وڃن ته صورتحال ۾ يڪدم ڦيرو اچي ويندو. نوان انگ اکر جدول نمبر 2 ۾ ڏنل آهن.
مٿين جدول مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اهي رقمون صوبن کي سڌو سنئون ملڻ بجاءِ ورڇ جوڳي پول ۾ ويون ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ترتيبوار 30-ارب ۽ اٽڪل 8-ارب رپين جو نقصان پهچندو، جڏهن ته پنجاب کي 35.6 ارب رپين جو فائدو پهچندو. ياد رهي ته آئين جي آرٽيڪل (1) 161 ۾ واضح طور تي چيل آهي ته اهي اسم وفاقي ورڇ جوڳي پول ۾ شامل نه آهن، تنهن ڪري اصولي طور انهن اسمن کي اين ايف سي جي ٽرمس آف ريفرنس ۾ نٿو آڻي سگهجي. ائين ڪرڻ سان سنڌ ۽ بلوچستان کي جيڪو ٿورو گهڻو فائدو اين ايف سي جي گهڻ رخي ورهاست سان ٿي سگهي ٿو، ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ نقصان ان قدم سان ٿيندو، تنهن ڪري سنڌ واسين کي اهڙي ڪنهن به فيصلي کي هرگز قبول نه ڪرڻ گهرجي. وسيلن جي ورهاست جي ان ٽيڪساٽ ۾ سڀ کان گهڻو نقصان سنڌ ۽ بلوچستان کي ئي ٿيندو رهيو آهي.

صوبن کي مليل خودمختياري ۽ ڪجهه جواب طلب سوال!

صوبن کي مليل خودمختياري ۽ ڪجهه جواب طلب سوال!


آئيني ترميمن وارو بل اڄڪلهه ملڪ اندر بحث هيٺ آهي. ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته هي بل ملڪ جي پارلياماني تاريخ جو تمام وڏو قدم آهي، جنهن کي جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي سوڀ سمجهڻ گهرجي، جڏهن ته ڪجهه ڌرين جي راءِ آهي ته هن بل ۾ ننڍن صوبن يعني سنڌ ۽ بلوچستان کي عملي طور ڪجهه به حاصل نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ قومپرست ڌرين ان بل جي خلاف صوبي ۾ عام هڙتال پڻ ڪرائي.
هن بل جي سٺي يا خراب هجڻ بابت الڳ الڳ رايا هجڻ ۾ ڪا به خرابي ناهي، پر هڪ ڳالهه ٻنهي خيالن وارين ڌرين کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ان قسم جي دستاويزن کي بليڪ اينڊ وائيٽ ۾ ڏسڻ بدران نقطي وار ڏسڻ وڌيڪ مناسب طريقو ٿيندو. ان سان اها ڳالهه سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي ته ان بل جو ڪهڙو نقطو بهتر آهي ۽ ڪهڙو ناهي. ساڳي طرح نقطن جي بهتر هجڻ کانپوءِ انهن جي لاڳو ٿيڻ وارا معاملا ڪيتري قدر عملي نظر اچن ٿا. آئيني ترميمن واري بل بابت راءِ ٺاهڻ جا ٻه اهم رخ آهن. هڪڙو رخ آهي، پاڪستان جي آئيني فريم ورڪ اندر رهي تبديليءَ جو ۽ ٻيو رخ آهي خود پاڪستان جي آئين اندر ملڪ اندر رهندڙ قومن سان ورتاءَ جو-جيڪڏهن ٻئي رخ کان ڏسجي ته پوءِ اصولي طور پاڪستان اندر هڪ نئين آئين جي گهر ٿيڻ گهرجي، جيڪو 1940ع واري قرارداد جي بنياد تي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ نئين سماجي معاهدي واري بنياد تي هجي. ان لحاظ کان ته آئيني ترميمن تي ڪو به بحث ڪرڻ اجايو آهي، ڇو ته اهي ترميمون بهرحال 1973ع واري آئيني فريم ورڪ اندر ئي آهن. جيڪڏهن آئيني فريم ورڪ اندر ڏسجي ته پاڪستان جو رياستي ڍانچو نهايت مشڪل نوعيت جو آهي، جنهن ۾ اختيارن جي مرڪزيت وفاق وٽ آهي ۽ آئيني ڍانچي اندر وڏي صوبي کي عملي طور وفاق تي ڪنٽرول حاصل آهي. ان ڍانچي اندر وسيلن جي ورهاست کان وٺي اسيمبلي جي سيٽن تائين وڏي صوبي کي عملي طور هر شيءِ تي ڪنٽرول حاصل آهي. ان صورتحال ۾ ڏسجي ته سمورين پارلياماني پارٽين کي ترميمن جي هڪ ئي مسودي تي راضي ڪرڻ پهاڙ جيترو اوکو ڪم آهي. اهو ئي سبب آهي جو آئيني ترميمن جي هن بل ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون نظر نه ٿيون اچن، جيڪي عوام جي هڪ وڏي اڪثريت جي خواهشن جو حصو آهن.
آئين جي آرٽيڪل 51 ۾ قومي اسيمبليءَ اندر صوبي وار سيٽن جي ورهاست ۽ آرٽيڪل 106 ۾ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جو تعداد ڄاڻايل آهي. آئيني ترميمن اندر انهن سيٽن جي انگ کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو ويو آهي. هن وقت قومي اسيمبليءَ ۾ مجموعي طور 332 سيٽون آهن، ان جي معنيٰ ته 5 لک آباديءَ تي هڪ سيٽ. ساڳي طرح آباديءَ جي حساب سان لڳ ڀڳ اڍائي لک آباديءَ تي هڪ صوبائي سيٽ اچي ٿي. پاڪستان جي جاگرافيائي پکيڙ کي ذهن ۾ رکڻ سان اندازو ٿي وڃي ٿو ته خاص طور تي ٻهراڙين ۾ صوبائي توڙي قومي اسيمبليءَ جا تڪ ايڏا ته وڏا بنجن ٿا، جو وچولي طبقي جو ماڻهو ته اتي اليڪشن مهم هلائڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي. وڏي آبادي ۽ پکيڙ تي تڪ رکڻ جو مقصد سياست کي رڳو مٿين طبقي جي تابع رکڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي سياسي ڍانچي مٿان پئسي واري طبقي جو قبضو آهي. هي هڪ اهم موقعو هو ته اسيمبلين ۾ سيٽن جو انگ وڌائي تڪ ننڍا ڪجن ها ته جيئن وچولي طبقي لاءِ ملڪي سياست ۾ ڪا پهچ ممڪن بنجي ها، پر سمورين وڏين پارٽين مان ڪنهن به اها زحمت گوارا نه ڪئي ته ڪٿي پنهنجي سفارشن يا اختلافي نوٽ ۾ ئي اهو مطالبو ڪري ڇڏين ها. ان لحاظ کان ڏسجي ته آئيني ترميمن واري هن بل ۾ پاڪستاني سياسي ڍانچي جا بنياد تبديل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي آهي ته جيئن سرمائيدار ۽ وڏيرڪي طبقي جو عملي سياست تي قبضو برقرار رهي.
آئين جي آرٽيڪل 153 ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي جوڙجڪ ۾ وفاق جي نمائندن جو انگ صوبن جي نمائندگيءَ جي برابر برقرار رکيو ويو آهي. چئن صوبن جي وڏن وزيرن سان گڏ وفاقي حڪومت جا ٽي عيوضي ۽ وزير اعظم به ان جا ساڳي طرح ميمبر آهن. اتي ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته ان ڳالهه کي آئين جو حصو بنايو وڃي ها ته اهي ٽيئي وفاقي ميمبر ٽن مختلف صوبن مان هوندا ۽ وزير اعظم جنهن صوبي سان تعلق رکندو، انهن ميمبرن مان ڪو به ان صوبي سان تعلق نه رکندو. ان طرح ڪائونسل اندر سمورن صوبن جي برابر نمائندگي يقيني بنجي سگهي ها. ٻي صورت ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ اندر ننڍا صوبا هميشه دٻاءَ جو شڪار رهندا ۽ کين انصاف پلئه نه پئجي سگهندو. ڪائونسل لاءِ الڳ سيڪريٽريٽ رکڻ ۽ صوبن جي درخواست تي اجلاس سڏائڻ وارا نقطا بهرحال ساراهه جوڳا آهن، البته ان ڳالهه جي وضاحت ناهي ته اڄ تائين ڪائونسل هيٺ ڄاڻايل کاتن کي وفاقي وزارتن هيٺ هلائڻ واري غلط روش کي ڪيئن ٺيڪ ڪيو ويندو. هن ترميمي بل هيٺ ٻيا اهم کاتا به ڪائونسل کي سونپيا ويا آهن. ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جيستائين پنهنجي رولز آف بزنس کي جوڙي اها ڳالهه واضح نه ڪندي ته اهي کاتا وفاقي حڪومت ۽ ڪابينا بجاءِ ڪائونسل جي ماتحت ڪيئن ايندا، تيستائين ڪائونسل جو عملي ڪردار سواليه نشان بنيل رهندو. آئين جي آرٽيڪل 167 ۾ صوبن کي ملڪي توڙي بين الاقوامي قرض سڌو سنئون وٺي سگهڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن، جيڪو هڪ بهتر قدم آهي. ان کان اڳ صوبا ان ڳالهه تي مجبور هئا ته اهي وفاقي حڪومت کان ڳرن وياجن تي قرض کڻندا هئا، جڏهن ته کين گهٽ وياج تي ساڳيا قرض عالمي مارڪيٽ مان ملڻ ممڪن هئا. جيڪڏهن ڪو صوبو اهڙو قرض کڻڻ گهرندو هئو ته ان کي گارنٽي لاءِ وفاقي حڪومت ڏانهن واجهائڻو پوندو هو. ان لحاظ کان ڏسجي ته هاڻي سنڌ حڪومت ڪوئلي جي ترقي وغيره لاءِ ٻاهرين ادارن کان سڌو سنئون قرض وٺي سگهندي ۽ ٻيا صوبا پڻ ان مقصد لاءِ وفاق آڏو مجبور نه هوندا.
آرٽيڪل 161 ۾ قدرتي وسيلن تي ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز ۾ تيل کي به شامل ڪيو ويو آهي، البته ان ۾ تيل تي رائلٽي جو ذڪر موجود ناهي. اها ڳالهه واضح ناهي ته جيڪڏهن تيل به گئس جيان قدرتي وسيلو آهي ته پوءِ صوبن لاءِ ان تي رائلٽي شامل ڇو نه ڪئي وئي آهي. گذريل سال جي انگن اکرن موجب سنڌ هڪ ڪروڙ 43 لک بيرل تيل پيدا ڪيو. جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ ان جو اگهه 80 ڊالر في بيرل به لڳايو وڃي ته ان جي ڪل ماليت لڳ ڀڳ هڪ کرب رپيا بنجي ٿي، جنهن مان ساڍا ٻارنهن سيڪڙو جي حساب سان سنڌ کي ساڍا ٻارنهن ارب رپيا رائلٽي ملڻ گهرجي، پر ان جو حوالو ترميم ۾ شامل ناهي.
آرٽيڪل 172 ۾ صوبن اندر تيل ۽ گئس جي ذخيرن تي وفاق جيترو حق صوبن کي ڏنو ويو آهي. هن ترميم کان اڳ تيل ۽ گئس تي وفاق جو عملي طور قبضو هو ۽ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا لاءِ سمورا لائسنس ۽ ٻيا معاملا وفاقي پيٽروليم وزارت هيٺ هئا، جڏهن ته هي اسم ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي انتظام هيٺ ڄاڻايل هئو. سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست ڌرين جو اهو مطالبو رهيو آهي ته تيل ۽ گئس جا ذخيرا وفاق نه پر صوبن جي ملڪيت هجڻ گهرجن. ان لحاظ کان ڏسجي ته اهو مطالبو رڳو اڌ تسليم ڪيو ويو آهي، پر ٻيو رخ اهو آهي ته جتي انهن وسيلن تي پهرين صوبن کي ڪا به مالڪي مليل نه هئي، اتي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو مالڪي تسليم ٿي آهي. منهنجي خيال ۾ اهو هڪ قدم اڳتي آهي، جنهن جي آجيان ڪندي باقي 50 سيڪڙو مالڪيءَ جي حق لاءِ جدوجهد جاري رکڻ گهرجي. البته اها ڳالهه اهم آهي، جنهن تي سوال اٿارڻ گهرجي ته اها مالڪي موجوده ذخيره تي تسليم نه ٿي آهي. ترميم لاءِ استعمال ڪيل ٻوليءَ مان محسوس ٿئي ٿو ته اهو انتظام موجوده ذخيرن تي لاڳو نه ٿيندو. جيئن اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان کي گئس ڊولپمينٽ سرچارج جو گذريل سالن جو به حساب ڪري وفاق طرفان رقم ڏيڻ تسليم ڪئي وئي هئي. اصولي طور صوبن جي مالڪيءَ جو اهو 50 سيڪڙو حق به ان ڏينهن کان ڳڻڻ گهرجي ها، جڏهن کان اهي ذخيرا دريافت ٿيا هئا، پر جيڪڏهن اهو حساب پراڻن ذخيرن تي لاڳو ڪرڻ سان وفاق جو کٽل کاتو پراڻا حساب ڪتاب ڏيڻ جي قابل ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي ترميم لاڳو ٿيڻ شرط موجوده ذخيرن تي لاڳو ڪرڻ گهرجي ها، تنهن هوندي به اها ترميم نهايت اهم آهي ۽ صوبن کي گهرجي ته ان تي عمل درآمد لاءِ رولز آف بزنس واضح ڪرڻ جي گهر ڪئي وڃي ته جيئن چالاڪ وفاقي بيوروڪريسي ان ۾ ڪا هير ڦير نه ڪري وڃي. رولز آف بزنس ۾ اهو واضح ڪرڻو پوندو ته صوبا اهو اڌو اڌ مالڪيءَ وارو حق وفاق سان گڏ ڪيئن استعمال ڪندا ۽ ان لاءِ انتظامي جوڙجڪ ڪهڙي هوندي. اها ڳالهه به واضح ٿيڻ گهرجي ته ان صورت ۾ رائلٽي ۽ گئس ڊولپمينٽ سرچارج جي حساب ڪتاب جو فارمولو ڪهڙو بيهندو؟
وفاقي حڪومت آئين جي چوٿين شيڊول ۾ ڏنل لسٽن ۾ به نمايان ردوبدل ڪئي آهي. بجلي ۽ پورٽس وارا کاتا ترتيبوار ڪنڪرنٽ لسٽ ۽ وفاقي لسٽ مان ڪڍي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي ڏنا ويا آهن. پورٽس بابت متحده قومي موومينٽ ان کي وفاق بجاءِ صوبي حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جنهن جي آجيان به ڪئي پئي وڃي، پر متحده جي سفارشن کي غور سان پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان دراصل پورٽس کي شروعات ۾ صوبن ۽ اڳتي هلي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ٻين لفظن ۾ متحده جي خواهش آهي ته ڪراچي جا ٻئي پورٽس اڳتي هلي ڪراچي شهري حڪومت جي حوالي ڪيا وڃن. جيڪڏهن وسيلن تي مقامي حڪومتن جي حق واري ان اصول کي تسليم ڪجي ته پوءِ متحده کي تيل ۽ گئس جا ذخيرا به ضلعي حڪومتن کي ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي ها، پر ان جو ذڪر سندن سفارشن ۾ نٿو نظر اچي. البته متحده طرفان سمورو سيلز ٽيڪس صوبن حوالي ڪرڻ واري سفارش واکاڻ جوڳي آهي ۽ صوبن کي پنهنجو مطالبو رڳو خدمتن تي سيلز ٽيڪس تائين محدود نه رکڻ گهرجي. ڪنڪرنٽ لسٽ کي ختم ڪرڻ صوبن جو پراڻو مطالبو هو، جيڪو عمل ساراهه جوڳو آهي. ان بابت ڪجهه ڌرين کي اهو خدشو آهي ته جڏهن اهي کاتا صوبن ڏانهن منتقل ٿيندا ته انهن جون بجيٽون به صوبن کي ملڻ گهرجن. ٻي صورت ۾ اها خودمختياري صوبن کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي، اهو معاملو ته حل ٿيڻ جوڳو آهي، پر ٻه ٻيا معاملا وڌيڪ اهم آهن.
هڪ ته انهن کاتن ۾ اٽڪل 80 کان 90 سيڪڙو ملازم پنجاب ۽ پختونخوا سان تعلق رکن ٿا، ڇا اهي ملازم لاڳاپيل صوبن ڏانهن واپس ٿيندا يا اهي به هر صوبي ۾ ورهايا ويندا؟ وفاقي ڀرتين ۾ صوبائي ڪوٽا جي ڀڃڪڙي ڪري هڪ صوبي مان تمام گهڻا ملازم ڀرتي ڪيا ويا هئا. هاڻي اصولي طور انهن صوبن کي پنهنجي ڊوميسائيل وارا ملازم پاڻ وٽ گهرائڻ گهرجن. اها صورتحال خاص طور تي پنجاب ۽ ڪنهن حد تائين پختونخواهه لاءِ قبوليت جوڳي نه هوندي. هاڻي اهو واضح ناهي ته ان معاملي کي ڪهڙي ريت نبيريو ويندو؟ ٻيو ته سنڌ صوبي جو هڪ اندروني مسئلو خراب حڪمرانيءَ وارو آهي. هن وقت صوبي اندر جيڪي صوبائي کاتا آهن، تن جي حشر جي هر ڪنهن کي خبر آهي. رشوت ۽ سفارشي ڀرتين انهن کاتن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ صوبي اندر انتظامي مشينري موجوده کاتن کي هلائڻ کان پڙ ڪڍي بيٺي آهي. وڌيڪ رقم ۽ ملازم اچي به وڃن ته ڇا هنن افعالن سان سنڌ سرڪار اهي وڌيڪ کاتا اهڙي طرح هلائي سگهندي، جنهن مان عام ماڻهوءَ کي ڪو فائدو پوي؟ بدقسمتيءَ سان سنڌ سرڪار جي موجوده انتظامي صلاحيت ۽ حڪمرانيءَ وارن طور طريقن مان اها اميد رکڻ اجائي لڳي ٿي، تنهن ڪري وڌيڪ وسيلن ۽ خودمختياريءَ کي سنڀالي هلائڻ لاءِ وڌيڪ اهليت ۽ ڏاهپ به گهرجي، اها ڪٿان آڻبي؟

ڌاري آبادڪاريءَ جي ٻوڏ ۽ سنڌ جا ڪمزور انتظامي بند

ڌاري آبادڪاريءَ جي ٻوڏ ۽ سنڌ جا ڪمزور انتظامي بند


پختونخواهه جي علائقن سوات ۽ بنير ۾ شروع ڪيل آپريشن کانپوءِ علائقي ۾ رهندڙ لکين پرامن رهواسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. اي اين پي، حڪومت انهن جو انگ 25 لک ڄاڻائي ٿي. معمول جيان حڪومتي نظامن جي بي اثر هجڻ سبب انساني لڏپلاڻ جي ان تمام وڏي لهر کي مناسب طريقي سان هينڊل ڪرڻ لاءِ ڪا به رٿابندي نه ڪئي وئي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته آپريشن جي رٿابنديءَ سان گڏ انهن لکين ماڻهن جي آمد کي منهن ڏيڻ جي به رٿابندي ڪئي وڃي ها، پر ايئن نه ڪيو ويو. هونءَ ته مذهبي جنونين جي علائقي ۾ والار شرط ۽ امن معاهدي کان اڳ ئي علائقي ۾ هلندڙ ويڙهاند سبب ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا. پر انهن جو انگ ايڏو وڏو نه هو. هميشه جيان انهن لڏيندڙن جي هڪ وڏي انگ سنڌ ڏانهن منهن ڪيو آهي ۽ اڄڪلهه سنڌ جي مختلف علائقن ۾ انهن لاءِ باقائدي ۽ بي قائدي ڪيمپون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن. سنڌ سرڪار جي انتظامي اهليت کان چڱي ريت واقف هجڻ سبب سنڌ واسين ان معاملي تي وقت سر دانهڻ شروع ڪيو آهي. ڪجهه قومپرست ڌرين پاران ان لڏپلاڻ جو منهن سنڌ ڏانهن هجڻ ۽ سنڌ سرڪار پاران ان معاملي تي بنهه ٿڌو ۽ سهڪاري رويو رکڻ خلاف مظاهرن ۽ هڙتالن جو به سڏ ڏنو ويو آهي.
حيدرآباد ويجهو سوات ۽ بنير جي لڏي آيل خاندانن کي جماعت اسلامي طرفان ڪيمپون لڳائي ورسايو ويو آهي. جماعت جي هڪ سنڌي اڳواڻ ان بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو انساني همدرديءَ جي بنياد تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن. ڪجهه ٽي وي چينلز تي پڻ ان لڏپلاڻ کي انساني سانحو قرار ڏنو پيو وڃي. سوال هي آهي ته آخر جماعتِ اسلامي، انساني همدرديءَ وارو اهو نيڪ ڪم پنجاب ۾ ڇو نٿي ڪري؟ جيڪڏهن جماعت اهڙيون ڪيمپون پنجاب ۾ لڳرائي ته ان سان متاثر ڪٽنبن کي سنڌ تائين پهچڻ جو وڏو سفر به نه ڪرڻو پوندو ۽ هو سفر جي اهنج ۽ خرچ پکي کان به بچي پوندا. سچ ته جماعتِ اسلامي سنڌ کي نقصان رسائڻ واري پنهنجي روايت کي ٻيهر ورجائي رهي آهي. ٻي ڳالهه ته سوات ۽ بنير مان انساني لڏپلاڻ ڪنهن قدرتي آفت يا حادثي ڪارڻ نه ٿي آهي، جنهن کي انساني معاملو قرار ڏجي، هي ته نج انتظامي معاملو آهي ۽ حڪومت جي ڪمزور رٿابنديءَ جو نتيجو آهي. تنهن ڪري متاثرن جي انهن جٿن کي سنڌ بجاءِ سرحد جي مختلف علائقن ۾ وڏين ڪيمپن ۾ ترسائڻ گهرجي. انساني بنيادن تي سڄي ملڪ جا ماڻهو کين جيڪا امداد اوڏانهن موڪلي سگهن اها واکاڻ جوڳي هوندي. هاڻ ته آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس پڻ انهن متاثرن جي سهائتا لاءِ وڏيون رقمون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. علائقي جي پرامن شهرين کي مذهبي جنونين جي ڪاررواين ۽ آپريشن کانپوءِ جنهن اذيت کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ان لاءِ سڀ ڪنهن کي ساڻن همدردي آهي، پر کين اتان لڏائي سنڌ ۾ ورسائڻ کي انسانيت وارو معاملو بنائڻ اصولي طور غلط آهي. لکن جي انگ ۾ لڏيندڙن جو ڪيترو انگ سنڌ ۾ پهچي رهيو آهي، اهي ڪٿي پيا رهن، ڪير سندن ميزبان آهي، ۽ هو ڪيستائين هتي رهندا؟ انهن سوالن جا جواب ڪنهن وٽ به ناهن ۽ خاص طور تي سنڌ سرڪار وٽ به ناهن، جيڪا انهن سوالن جا جواب رکڻ لاءِ ذميوار آهي. سوات ۽ بنير مان ايندڙ جيئن ته پٺاڻ قوم سان تعلق رکن ٿا، تنهن ڪري ڪراچيءَ ۾ رهندڙ پٺاڻن جو هڪ وڏو انگ سندن سهائتا ڪندو هوندو.
انديشو اهو آهي ته اهي ماڻهو رڳو ڪراچيءَ تائين محدود نه رهندا، پر سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويندا. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته ڪراچيءَ ۾ تازو پٺاڻن ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ وڳوڙ ٿيا آهن، جن ۾ پٺاڻن جو تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ان کانسواءِ اردو ڳالهائيندڙن جي نمائنده تنظيم ايم ڪيو ايم ڪجهه عرصي کان ڪراچيءَ ۾ طالبانائيزيشن جون دانهون ڪندي رهي آهي، جنهن ڪري اتي وڏي انگ ۾ ماڻهو ترسائڻ ۽ کين ورسائڻ لاءِ ماحول سازگار ناهي. ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته طالبانائيزيشن بابت دانهون بي بنياد آهن ۽ معاملو دراصل ڪراچيءَ تي سياسي ۽ انتظامي قبضي جو آهي. ان دليل کي هڪ طرف رکندي ان حقيقت کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ۾ وڌيڪ ڌرين جي آمد سنڌ واسين لاءِ هر لحاظ کان خطرناڪ آهي. خاص طور تي جڏهن هيءَ وڏي انساني آمد اهڙي وقت ٿي رهي هجي، جڏهن آدمشماري مٿان آهي، سنڌ جي اصل وارثن کي گهرجي ته هو پاڻ کي ٿورائيءَ ۾ بدلجڻ کان بچائڻ لاءِ ڪنهن هڪ به وڌيڪ ماڻهو جي سنڌ آمد جي ڀرپور مخالفت ڪن. سنڌ جو گهرو کاتي وارو وزير سنڌ اسيمبلي ۾ چئي چڪو آهي ته سنڌ ۾ 15 لک غير قانوني پرڏيهي ترسيل آهن ۽ جيڪڏهن اتحادي ڌريون راضي ٿين ته انهن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي سگهجي ٿي. اچرچ جي ڳالهه آهي ته جن پرڏيهين کي ”غير قانوني“ ڪوٺيو پيو وڃي، تن کي ڪڍڻ لاءِ وري قانون جي نه پر اتحادين جي اجازت جي ضرورت آهي!
جڏهن حڪومت اڳواٽ رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ کان لاچار آهي ته هاڻي ايندڙ نون پناهگيرن کي ڪهڙي طرح سنڌ مان نيڪالي ڏئي سگهندي. سنڌ سرڪار سان مسئلو اهو آهي ته کيس سنڌ جي مفادن کان وڌيڪ اتحادين جا مفاد ۽ انگل عزيز آهن، جيئن ته سنڌين جي نمائندگي ڪي به اتحادي نه پيا ڪن تنهن ڪري انهن جي مفادن جي ڳڻتي ڪنهن کي به ناهي. پختونخواهه مان لڏي ايندڙ لکين ماڻهو جڏهن سنڌ ۾ پير کوڙيندا ته مسئلو رڳو سندن معاشي بار جو نه هوندو پر مسئلو ان کان به گهڻو وڌيڪ هوندو. معاشي معاملو ته بنهه واضح آهي ته 70 سيڪڙو وسيلا مهيا ڪرڻ جي باوجود سنڌ کي موٽ ۾ مس 22 سيڪڙو نصيب ٿئي ٿو، جنهن جو وڏو حصو به انهن ماڻهن تي خرچ ٿئي ٿو، جيڪي سنڌ ۾ رڳو ڪمائي ڪرڻ اچن ٿا ۽ سنڌ ۾ کائڻ پيئڻ کان پوءِ جيڪو ڪمائن ٿا، اهو پنهنجن گهرن ڏانهن اماڻن ٿا. ان طرح سنڌ جي معيشت تي ڌاري آبادي هر لحاظ کان بار آهي. وفاقي حڪومت سڄي ملڪ توڙي پرڏيهه مان اچي سنڌ ۾ رهندڙ انهن لکين ماڻهن لاءِ هڪ رپيو به پنهنجي حصي مان نٿي ڏئي، تنهن ڪري هر نئين ايندڙ ڌاريي جو بار سنڌ جا اصلوڪا رهواسي کڻن ٿا، جيڪي پاڻ غربت ڪارڻ ٻچا وڪڻڻ، گڙدا وڪڻڻ ۽ آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن. معاشي معاملو رهيو هڪ طرف، پر ٻاهرين آبادڪاريءَ سبب سنڌ مٿان جيڪي سياسي ۽ سماجي اثر پئجي رهيا آهن، اهي وڌيڪ گهرا آهن. ٻاهران اچي سنڌ ۾ رهندڙ قومن هاڻي عملي طور سنڌ کي والاري ورتو آهي، نه رڳو اهو ته غير سنڌين وٽ وزارتون ۽ اهم حڪومتي عهدا آهن پر اهي سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي ۽ شهري زمين تي به قابض آهن ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار توڙي ٻيا معاشي وسيلا به سندن ڪنٽرول ۾ آهن. سياسي لحاظ کان حالت اها آهي ته جنهن ڌر جو جڏهن موڊ ٿئي ٿو، اها ڪراچيءَ تي دعويداريءَ جو اعلان ڪري ٿي. موٽ ۾ سنڌين جي ڪا قومپرست ڌر اڀرو سڀرو اخباري بيان جاري ڪري ٿي ڇڏي، جنهن کي ڪير به ڪن ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ لکين سنڌي شهر جي انتظامي ۽ سياسي معاملن ۾ هڪ بي اثر اقليت ۾ تبديل ڪيا ويا آهن. نه سندن ووٽن سان چونڊيل حڪومت سندن سياسي ثقافتي حقن جي حفاظت لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي اهليت ڏيکاري سگهي آهي ۽ نه اقتدار کان ٻاهر ويٺل ڌريون کين ڪا آٿت ڏئي سگهيون آهن. ان وايو منڊل ۾ سوات ۽ بنير مان لکين ماڻهن جي آمد تي سنڌ واسين کي هر طرح سان احتجاج ڪري ان لڏپلاڻ کي روڪرائڻ گهرجي. ڪا خبر ناهي ته سنڌ ۾ لڏي ايندڙ اهي ماڻهو ڪير آهن، انهن ۾ ڪيترا اهڙا متاثر آهن جيڪي امن ٿيڻ شرط گهرن ڏانهن واپس وڃڻ گهرندا ۽ ڪيترا اهڙا آهن جن لاءِ سنڌ سڻڀو ٽڪر آهي، جنهن کي هو ڪڏهن به وات مان نه ڪڍڻ چاهيندا. سنڌ سرڪار سندن آمد لاءِ مختلف هنڌن تي رجسٽريشن لاءِ ڪئمپون لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ سرڪار کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هڪ ڀيرو انهن پناهگيرن جي آمد لاءِ سنڌ جون سرحدون ايئن کوليون ويون ته پوءِ انهن جي رجسٽريشن سنڌ سرڪار جي شايد وس ۾ نه رهي.
صدر آصف علي زرداري اهو چئي چڪو آهي ته سوات رڳو شروعات آهي ۽ آپريشن جو دائرو وزيرستان ۽ ٻين علائقن ۾ به وڌايو ويندو، جڏهن ٻين علائقن مان به ايئن لکين ماڻهو لڏڻ شروع ٿيا ته انهن جي گهڻائي سنڌ جو منهن ڪندي ۽ جڏهن روزانو سوين بسن، ٽرينن ۽ ٻين رستن کان ڪٽڪ اچڻ شروع ٿيا ته وزير اعليٰ صاحب جي آجيان وارين ڪئمپن تي ڪيترا ماڻهو رجسٽريشن لاءِ ۽ ڪيترائي سڌو سنئون صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويندا. ان تي سنڌ سرڪار ڪيئن ڪنٽرول ڪندي؟ اڳي ئي هندستان مان هلايل ٽرين وسيلي آيل ڪيترائي ماڻهو پاسپورٽن سوڌو سنڌ ۾ رهيا پيا آهن، انهن مان ڪيترن کي سنڌ سرڪار واپس اماڻي سگهي آهي؟ تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته بجاءِ سنڌ ۾ انهن لاءِ آجيان ڪئمپون لڳائڻ جي اها امداد متاثرين کي پختونخواهه موڪلي ڏئي. سنڌ سرڪار کي شايد اهو اندازو ناهي ته انهن لکين ماڻهن جي آمد سڀاڻي سنڌ ۾ ڪهڙن نون سماجي ۽ سياسي ٽڪرائن کي جنم ڏيندي. رڳو ڪجهه هفتا اڳ سنڌ واسين کليل اکين سان اهو منظر ڏٺو ته پهريون ڀيرو نسلي جرڳو ڪوٺائي سنڌ ۾ رهندڙ پختونن کي ڪٺو ڪيو ويو. حيرت انگيز طور تي ان ۾ قومپرست پارٽين جا ڪجهه اڳوڻا اڳواڻ ۽ حڪومت ۾ ويٺلن جا نمائنده به شريڪ ٿيا. ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ته سنڌ ۾ ان قسم جي مهم جوئي کي ڪهڙا هٿ اڀاري رهيا آهن ۽ نوان ايندڙ لکين ماڻهو ان قسم جي سرد جنگ کي ڪنهن وقت کليل ٽڪراءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا. سنڌ حڪومت اڳي ئي اتحادين جي فڪر ۾ ڦاٿل آهي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن ۽ ڀوتارن جي اتحاد اڳيان پڻ لاچار بڻيل آهي. اها سڀاڻي ان قسم جي ڪنهن نئين تڪرار ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ واسين کي ڪهڙو بچاءُ فراهم ڪندي؟ ان لاءِ ڪنهن غلط فهمي يا خوش فهميءَ ۾ رهڻ جي ضرورت ناهي، سنڌ جي وزيرن کي ته مائٽن کي غيرقانوني ترقيون ڏيارڻ ۽ ڪانٽريڪٽي ملازم رکائڻ کان واندڪائي ناهي، اهي هنن مسئلن تي سنڌين لاءِ ڇا ڪندا!؟
پاڪستان جي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال ۾ سنڌ واسين کي پنهنجي وجود ۽ ڌرتي بچائڻ لاءِ هر لحاظ کان منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ واسين کي هاڻي اها ڳالهه هر فورم تي چٽي طرح چوڻ گهرجي ته سنڌ ۾ رهندڙ ڌاريا ڀلي اهي ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندا هجن ۽ ڪنهن به قوميت سان تعلق رکندا هجن، کين سنڌ مان نيڪالي ملڻ گهرجي. ان کان اڳ جو ڌاريون قوتون سنڌ تي ايتري والار ڪري وڃن جو سنڌ واسي سندن نيڪاليءَ جو مطالبو ڪرڻ جهڙا به نه رهن، ان عمل خلاف ڀرپور جدوجهد ڪرڻ گهرجي. بدقسمتي سان 1973ع جو آئين ملڪ جي شهرين کي ڪنهن هڪ حصي مان وڃي ڪنهن به ٻئي حصي ۾ رهڻ ۽ روزگار ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو، اهو آئين هاڻي ساڍا ٽي ڏهاڪا پراڻو ٿي چڪو آهي، ان ۾ ڪيئي معاملا پهرين ڏينهن کان ننڍين قومن کي قبول نه هئا ۽ هاڻي ته نين حالتن ۽ حقيقتن جي روشني ۾ 1973ع جي آئين کي بنا ردوبدل بحال ڪرڻ وارا مطالبا ڪرڻ ڪوتاهه نظري ۽ سياسي اياڻپ آهي. پاڪستان ۾ رهندڙ مظلوم قومون هاڻي جنهن نئين سماجي ۽ سياسي معاهدي جي ڳالهه ڪري رهيون آهن. ان ۾ 1973ع جو آئين ڪو به لاڀ نه ڏئي سگهندو. ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن لڏپلاڻ ۽ اتي وڃي آباد ٿي سگهڻ وارو معاملو هاڻي سنڌ واسين کي بنهه قبول ناهي، تنهن ڪري سنڌ مان نه رڳو پرڏيهين کي نيڪالي ملڻ گهرجي، پر ٻين صوبن مان اچي رهندڙن لاءِ به ڪي ضابطا جوڙڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ورڪ پرمٽ، ووٽ جو حق نه ڏيڻ ۽ ملڪتيون خريد نه ڪري سگهڻ وارن معاملن کي سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سنڌ واسي پرامن جدوجهد وسيلي ٻين صوبن مان ايندڙن کي ووٽ جو حق نه ڏيڻ ۽ ملڪيتون خريد ڪرڻ جو حق نه ڏيڻ جو مطالبو ڪن ٿا ته ان کي ڪير به نه ٿو ٻڌي. پر جڏهن بلوچستان واسي هٿياربند جدوجهد ڪن ٿا ته گوادر ۾ ان قسم جا ضابطا لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي.
سنڌ ۾ هاڻي ڌاري آبادڪاري ۽ وسيلن تي والار سموريون حدون اورانگهي چڪي آهي ۽ سنڌ ۾ ان خلاف شديد عوامي ردِ عمل موجود آهي. اهو فيصلو ملڪ جي ڪرتا ڌرتائن کي ڪرڻو آهي ته هو سنڌ واسين جي ان پرامن جدوجهد کي مان ڏين ٿا يا سنڌين کي ايترو ڀت سان لڳائڻ گهرن ٿا، جتي سڀاڻي ٽڪراءَ جهڙيون حالتون پيدا ٿي وڃن. جيڪا ڳالهه نه سنڌ لاءِ بهتر آهي نه ملڪ لاءِ. پاڪستان هن وقت تاريخ جي جنهن دور مان گذري رهيو آهي اتي ان جي مستقبل لاءِ ضروري آهي ته ان کي هڪ مهذب ۽ انصاف ڀري فيڊريشن طور هلائڻ لاءِ بنيادي فيصلا ڪجن ۽ ملڪ جي اصلوڪين قومن جي بقا ۽ تاريخي حقن لاءِ احترام وارو رويو اختيار ڪجي.

سنڌ جا مسئلا: مطالبن ۽ مذمتن کان

سنڌ جا مسئلا: مطالبن ۽ مذمتن کان
اڳتي وڌڻ جي ضرورت!


ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ انيڪ مسئلن جي انبار هيٺ دٻيل آهي ۽ سنڌي سماج هڪ ڀوائتي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي. هر پاسي اڻ وراڻيل سوالن جي هڪ ڊگهي قطار نظر اچي ٿي ۽ سنڌ واسي هڪ اجتماعي وائڙائپ جو شڪار ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ هڪ نفسياتي بحران ڪر کڻي چڪو آهي، جنهن ۾ ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته حڪومتي مشينري ته کين ڪو رليف ڏيڻ جي قابل نه رهي آهي، پر سنڌ ۾ ڪا اهڙي سرواڻي به موجود ناهي، جيڪا کين نفسياتي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي مسئلن سان مهاڏو اٽڪائڻ جا گس ڏسي. مسئلن جو هجڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. سڄي دنيا جون قومون هر وقت ڪنهن نه ڪنهن بحران ۽ مسئلن سان الجهيل رهن ٿيون. ڳڻتيءَ جي ڳالهه مسئلن جو هجڻ نه، پر انهن جو درست ڇيد نه ٿيڻ ۽ انهن جي حل ڏانهن ڪا اڳڀرائي نه ٿيڻ آهي. سنڌي قوم پنهنجي تاريخي سڃاڻپ کان وٺي انساني ۽ آئيني حقن لاءِ سياسي جدوجهد جي حوالي سان هن خطي ۾ هڪ متعبر سڃاڻپ رکي ٿي ۽ سمورن اندروني بحرانن ۽ خارجي اثرن جي باوجود سنڌ اندر مسئلن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو زبردست لاڙو موجود رهيو آهي. اها خاصيت ڪنهن به قوم لاءِ هڪ تمام وڏي سگهه آهي. سنڌ ۾ قيادت جي حوالي سان هن وقت ٽي مکيه ڌارائون آهن، اهي آهن پيپلز پارٽي، قومپرست تحريڪون ۽ سول سوسائٽي. اصولي طور تي سنڌ جي ماڻهن جيئن ته پنهنجو الهه تلهه پيپلز پارٽيءَ حوالي ڪيو آهي، تنهن ڪري اها ان جي ذميواري آهي ته اها سنڌ جي ماڻهن کي ان نفسياتي ڊپريشن مان ڪڍڻ لاءِ عملي اڳڀرائي ڪري، پر بدقسمتيءَ سان پ پ حڪومت ان نفسياتي ڊپريشن کي ويتر گهرو ڪري ڇڏيو آهي. هونئن ته پاليسي سطح تي پ پ حڪومت ڪي چڱا ڪم به ڪيا آهن، پر روز مرهه جي معاملن ۾ گورننس خراب هجڻ سبب ان سنڌ ۾ شديد مايوسي پکيڙي آهي. جڏهن سنڌ جا ماڻهو ڏسن ٿا ته سندن نمائندگي ۽ حقن جي رکواليءَ جي دعويدار حڪومت پنهنجي وزيراعظم جي حيدرآباد ضلعي بابت اعلان جو به مان نه رکي سگهي ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ وزير کي ذميواري سونپڻ جي نوٽيفڪيشن کي ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ آڪسيجن به فراهم نه ڪري سگهي ته پوءِ اهڙن سپهه سالارن جي هوندي قوم نفسياتي ڊپريشن ۾ نه ويندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ ان کان لک ڀيرا بهتر هو ته حڪومت اهڙا اعلان ئي نه ڪري ۽ اهڙا نوٽيفڪيشن ئي جاري نه ڪري، جن جو دفاع ڪرڻ لاءِ وٽس نه همت آهي نه نيت. سياسي معاملن تي وڏا نعرا ڏئي حڪومت روز مرهه جي معاملن تي سنڌ جي ماڻهن سان جيڪي جٺيون ڪري رهي آهي، ان جو ته ڪو ليکو چوکو ئي ناهي. مثال طور هڪ پاسي اين ايف سي وسيلي صوبي لاءِ 80 ارب رپيا حاصل ڪرڻ جا اعلان آهن ته ٻئي طرف سالياني ترقياتي بجيٽ جو اڌ به مس خرچ ٿي سگهيو آهي. هڪ طرف مفاهمتي پاليسيءَ وسيلي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ امن قائم ڪرڻ جون دعوائون آهن ته ٻئي طرف سڄي سنڌ ۾ مقامي سطح تي ڪرمنلز جي مٿي تي هٿ رکڻ جو سلسلو به جاري آهي. هڪ پاسي ڪالاباغ ڊيم روڪڻ جا اعلان آهن ته ٻئي پاسي آبپاشي سرشتي ۾ ڪرپشن جا ساڳيا معيار به برقرار آهن. اهڙي طرح هڪ پاسي حيدرآباد جي اڳوڻي ضلعي حيثيت بحال ڪرڻ جا اعلان آهن ته ٻئي طرف ٻن سالن دوران حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ انفرااسٽرڪچر جي بدحاليءَ ۾ ڪا به بهتر نه آئي آهي. جيڪڏهن حڪومت جا اتحادي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مخصوص علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي سگهن ٿا ته پوءِ سمورا اختيار ۽ وسيلا هٿ هيٺ هجڻ جي باوجود پ پ حڪومت سنڌ جي باقي علائقن ۾ ٻن سالن دوران ان معيار جا ترقياتي ڪم ڇو نه ٿي ڪرائي سگهي؟ بدقسمتيءَ سان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن همراهن کي ڇڏي حڪومت ۾ ويٺل اڪثريت جي اوليت سنڌ يا سنڌ واسين جي ترقي نه پر اقتدار کي هر طرح سان انجواءِ ڪرڻ آهي. پيپلز پارٽي جي سياسي متبادل نه هجڻ سنڌ ۾ سياسي يتيميءَ کي وڌايو آهي. سنڌ جي قومپرست تحريڪ ۾ هڪ ٻن ڌرين کي ڇڏي باقي تنظيمن جي ڪردار سبب قومپرست تحريڪ شديد اخلاقي بحران جو شڪار آهي. ڀتاگيري کان وٺي يونيورسٽين ۾ تعليم دشمن حرڪتن سميت سندن ڪردار بابت سنڌ ۾ عوامي سطح تي ڪيئي تحفظات آهن. ڪجهه قومپرست پارٽين ڪجهه عرصي کان پارلياماني سياست ڏانهن وک وڌائي آهي، جيڪو سنڌ لاءِ هڪ سٺو سنوڻ آهي. قومپرست تنظيمن کي بهرحال ان رخ ۾ تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي. هن وقت جڏهن قومپرست تنظيمون سنڌ اندر پارلياماني سياست ۾ پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ هڪ چوائس طور عام ماڻهن وٽ متعارف ٿي رهيون آهن ته کين اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سنڌ واسي پ پ حڪومت جي خراب ڪارڪردگيءَ سبب ان مان مايوس ضرور آهن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ماڻهو پ پ دشمنيءَ ۾ انهن قوتن سان قومپرستن جي اتحاد کي قبول ڪندا، جيڪي گذريل سالن ۾ سنڌ جي مفادن خلاف سياست جي شهرت رکندڙ آهن. انهن قوتن سان دوستيون قومپرست تنظيمن جي ساک کي زبردست نقصان پهچائينديون. اها الڳ ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي خود مفاهمت جي نالي تي انهن سمورين ڌرين سان محبتون وڌايون آهن، جن کي نفرت جي بنياد تي ان کي ووٽ مليا هئا. سنڌ ۾ اهي قومپرست ڌريون جيڪي انهن قوتن خلاف واضح موقف رکن ٿيون ۽ سنڌ مٿان جاگيرداراڻي راڄ خلاف عملي طور چٽيون آهن، انهن کي عوامي سطح تي واضح موٽ ملي رهي آهي. بهرحال مجموعي طور تي قومپرست تحريڪ کي سنڌ واسين لاءِ متبادل قيادت بڻجڻ ۾ ڪافي محنت ۽ وقت گهربل آهن.
قيادت جو ٽيون پاسو جيڪو سنڌ واسين لاءِ اڀرو سڀرو ڏڍ بڻيل آهي، سو آهي ڇڙوڇڙ سول سوسائٽي. هڪ متحرڪ سول سوسائٽي لاءِ مضبوط وچولو طبقو ۽ جمهوري ماحول بنيادي گهرج هوندي آهي، پر سنڌ ۾ اهي ٻئي عنصر ڊگهي عرصي کان غير موجود رهيا آهن. سنڌ ۾ پراسيس جي پيداوار مڊل ڪلاس جي پهرين کيپ هن وقت هوريان هوريان پير کوڙي رهي آهي. گذريل ڏهن پندرهن سالن کان اڳ عملي طور سنڌ هر شعبي ۾ جاگيرداريءَ جي سنگهرن ۾ جڪڙيل رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي قيادت گهڻو ڪري ابن الوقت ۽ مفادپرست طاقتن جي هٿ ۾ رهي آهي. اوطاق ۽ ٿاڻي جي مرڪزن هيٺ تابع بڻايل سنڌي سماج جي پهرين نيم شهري ۽ وچولي طبقي مان اسرندڙ سول سوسائٽي سنڌ واسين لاءِ هڪ وڏو ڏڍ آهي. ان ۾ خاص طور تي سنڌي ميڊيا هڪ وڏي طاقت بڻجي اُڀري آهي. پروفيشنل معاملن تي سنڌي ميڊيا سان سئو اختلاف رکي سگهجن ٿا، پر سنڌ ۾ ڄاڻ تائين پهچ، ثقافتي سگهه ۽ عوامي هلچل جي حوالي سان اڄوڪي سنڌي ميڊيا انتهائي بامعنيٰ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ساڳي طرح ڪجهه اين جي اوز ۽ مختلف شعبن ۾ انفرادي اڳڀراين پڻ محدود سطح تي ڪامياب نتيجا ڏنا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو سول سوسائٽي وسيلي مطالبن ۽ مذمتن کان نڪري عملي اڳڀراين لاءِ پاڻ کي تيار ڪن. جيتوڻيڪ صحت، تعليم، انفرا اسٽرڪچر ۽ امن امان وغيره جهڙا بنيادي شعبا رياست جي ذميواري آهن ۽ انهن معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي امتيازي ورتاءَ يا ڪوتاهي جي مذمت ۽ انهن جي فراهمي توڙي بهتريءَ لاءِ مطالبا ڪرڻ سنڌ واسين جو جائز حق آهي، پر سوال اهو اهي ته انهن مطالبن ۽ مذمتن جي اثر نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪجي؟ ياد رکڻ گهرجي ته اهي سهولتون رڳو وسيلن جي اڻ هوند يا گهٽتائي سبب ناهن رڪيل. درحقيقت انهن شعبن ۾ ملندڙ رقمون حڪومتي مشينريءَ جي نااهليءَ سبب اڪثر خرچ ٿيڻ کان رهجي وڃن ٿيون ۽ جيڪي رقمون خرچ ٿين به ٿيون ته انهن ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروريءَ سبب گهربل نتيجا نه پيا ملن. مثال طور سنڌ کي وڌيڪ اسڪولن، اسپتالن ۽ يونيورسٽين سميت مختلف ادارن مان سنڌ واسين کي لاڀ نه ملڻ جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ڪجي؟ ڇا انهن شعبن جي وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڪامورن ۾ گهڻائي سنڌ واسين يا سنڌي ڳالهائيندڙن جي ناهي؟ وفاق ۽ وفاقي سرڪار تي گهربل وسيلا نه ڏيڻ بابت سخت کان سخت تنقيد ضرور جاري رکڻ گهرجي پر سنڌ ۾ ترقي نه ٿيڻ جو ذميوار اڪيلو وفاق نه پر ان جا ساٿاري وڏيرا، ناظم ڪائونسلر، ضلعي ۽ صوبائي کاتن جا ڪامورا، سياسي تنظيمون، سول سوسائٽي جا ادارا جهڙوڪ اين جي اوز، خاص ڪري حڪومتي ڌرين جا سرواڻ، يونين ليڊر، شاگرد ۽ استاد تنظيمن جا ڪرتا ڌرتا وغيره سڀ ان صورتحال جا ذميوار آهن. ڪالاباغ ڊيم خلاف بيان جاري ڪندڙ ڪيئي سرڪاري ڪامورا ۽ سياسي اڳواڻ پاڻ سنڌ اندر هر شاخ ۽ واٽر ڪورس مٿان ننڍا ننڍا ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو ويٺا آهن. تعليم جي مد ۾ وفاق طرفان گهٽ وسيلا ملڻ جي دانهن ڪندڙ ڪيئي وزير، ڪامورا، استاد ۽ شاگرد اڳواڻ خود سنڌ جي تعليمي تباهيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهن. انهن سمورن ڪردارن لاءِ نهايت آسان آهي ته عوام اڳيان وفاق ۽ پنجاب کي زيادتين جو ذميوار قرار ڏيندا رهن، پر پنهنجي حصي جي انياءَ جو حساب قوم اڳيان ڏيڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿين. سنڌ واسين کي سياسي معاملن تي وڏيون ڳالهيون ڪندڙ اهڙين سمورين ڌرين ۽ فردن کان سندن ڪردار بابت ضرور پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. ان لحاظ کان ڏسجي ته سنڌي سماج کي اندروني احتساب جي شديد ضرورت آهي ۽ ان مرحلي تي سنڌ جي سول سوسائٽيءَ تي اهم ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها سياسي قيادتن جي خال واري صورتحال ۾ سنڌ واسين جي بهتر آئيندي لاءِ پنهنجي ڪردار جو تعين ڪري. قيادت جي مٿي ڄاڻايل ٽنهي ڌارائن جي ان تجزئي مان هيٺيان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.
پيپلز پارٽي جي حڪومت ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ترقي نه سندس اوليت آهي ۽ نه وٽس ان لاءِ ڪا واضح حڪمت عملي آهي. سنڌ واسي ان کان مطالبا جاري رکي سگهن ٿا، پر سنڌ جي سماجي ترقي لاءِ ان تي ڀاڙي نٿا سگهن.
قومپرست تحريڪ پارلياماني سياست ۾ اڃا هاڻي وک وڌائي رهي آهي ۽ هڪ اڌ کي ڇڏي باقي قومپرست تنظيمن وٽ به سنڌ اندر سماجي تبديلي ۽ ترقيءَ جي حوالي سان ڪو واضح پروگرام ناهي. ان کي پيپلز پارٽيءَ جو سياسي متبادل بنجڻ يا سنڌ ۾ حڪمرانيءَ وسيلي ڪا بهتري آڻڻ واري منزل تائين پهچڻ ۾ وقت گهرجي، تنهن ڪري سنڌ ۾ سماجي تبديليءَ ۽ ترقيءَ جي حوالي سان سنڌ واسي مٿن مڪمل طور ڀاڙي نٿا سگهن.
سنڌ ۾ سياسي طاقتن جي ان صورتحال سبب اجتماعي قيادت جو هڪ خال موجود آهي. سول سوسائٽي هڪ ته بنيادي طور سياسي عمل جو متبادل نٿي بڻجي سگهي ته ٻئي طرف اها خود پنهنجي جوڙجڪ ۽ اوسر جي شروعاتي مرحلن ۾ آهي. سول سوسائٽي جا ڇڙوڇڙ ادارا جهڙوڪ ميڊيا ۽ سماج دوست فردن مختلف هنڌن تي مختلف اڳڀرايون ڪيون آهن، پر اهي ايڏي وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن. ان لحاظ کان ڏسجي ته سنڌ ۾ سماجي تبديليءَ جي حوالي سان قيادت جو گهرو خال موجود آهي. ان صورتحال ۾ جڏهن اجتماعي قيادت جو خال هجي ته پوءِ وطن دوست ۽ باشعور فردن جو ڪردار نهايت اهم بڻجي وڃي ٿو. يقينن وقت سان سياسي قيادت جو خال ڀرجڻ جا چٽا امڪان موجود آهن، ڇو ته قيادت جو اهو خال در حقيقت سنڌي سماج جي اندروني ڀڃ ڊاهه جو نتيجو آهي. سنڌي سماج اندر مدي خارج جاگيرداراڻي قوتن ۽ روشن خيال جدت پسند طاقتن وچ ۾ هلندڙ سردجنگ هوريان هوريان هڪ وڏي ٽڪراءَ ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ سماج اندر هڪ زبردست ڌونڌاڙ هلندڙ آهي. رياستي ٿوڻين جي سهاري بيٺل وڏيرڪي طاقتن ۽ سندن غير وڏيرڪن اتحادين جي ڪوشش آهي ته سماج مٿان سندن قبضو برقرار رهي. عوام دوست ڇڙوڇڙ مڊل ڪلاس باوجود سمورين خرابين جي هن مردار سماجي ڍانچي مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي. تبديليءَ جو خواهشمند مڊل ڪلاس ۽ هيٺين طبقي جا اهي ماڻهو اڃا غير منظم ۽ قيادت کان محروم آهن. سندن اوسر ۾ سوين قسم جون رنڊڪون آهن، پر اهي هوريان هوريان سنڌ اندر محدود سطح تي اڳڀراين وسيلي تبديليءَ جي عمل کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. انهن ۾ انياءَ خلاف آواز اٿاريندڙ ميڊيا جا ورڪر، گهٽين ۽ پاڙن ۾ ننڍا ننڍا پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪمپيوٽر سينٽر کوليندڙ نوجوان، تعليمي ادارن ۾ بهتر تعليمي ماحول لاءِ جاکوڙيندڙ سياسي ۽ نيم سياسي ڪارڪن، ننڍن ۽ وچولن شهرن ۾ مختلف فورم قائم ڪري سرگرميون ڪندڙ ماڻهو ۽ ٻهراڙين مان نوجوانن کي شهرن ڏانهن آڻي پيرن تي بيهارڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل نوجوان شامل آهن. انفرادي سطح تي انهن جي ڪم جو اثر بيشڪ معمولي نظر ايندو هجي، پر تبديليءَ جي ان ويڙهه ۾ انهن جي ڪم جو اثر تمام گهرو آهي. ان سڄي ڪم جا نتيجا ان ڪري تڪڙا ظاهر نٿا ٿي سگهن، جو تبديليءَ جي ان عمل کي قيادت فراهم ڪرڻ واريون سياسي قوتون ڪمزور آهن. جنهن ڏينهن وچولي طبقي جي سياسي قيادت پنهنجي موقعي پرستي ڇڏي تبديليءَ واري ان عمل جي پاسي ٿي بيٺي ته اهي قوتون هڪ وڏي ڇال سان اڳتي نڪري اينديون. سماجي تبديليءَ (Transition) جي ان عمل ۾ وطن دوست، لبرل ۽ ترقي پسند قومپرست فردن/ڌرين ۽ سول سوسائٽي جو ڪردار تمام اهم آهي. سنڌي ميڊيا ڄاڻ کي عام ڪرڻ ۽ سماجي تبديليءَ جي پٺڀرائي ڪرڻ وارو ڪم ڪافي بهتر نموني ادا ڪري رهي آهي. سول سوسائٽي جي باقي ادارن کي خاص طور تي تعليم، صحت، روزگار ۽ شهري حقن واري محاذ تي بامعنيٰ ڪم ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. اهي ڪجهه اهم پاسا آهن، جن تي ڪم ڪرڻ سان نه رڳو سنڌ ۾ ماڻهن کي ڪجهه رليف ملي سگهي ٿو، پر ساڳئي وقت سنڌ اندر سماجي ڍانچي ۾ ڊگهي مدي واري تبديليءَ جي عمل کي به تيز ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته حڪومتي ادارا اهي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا آهن، تنهن ڪري انهن مسئلن جي حل لاءِ سنڌي سماج اندر متبادل حڪمت عمليون اختيار ڪرڻيون پونديون. مذمتن ۽ مطالبن سان گڏ متبادل حڪمت عملين تي عمل ڪرڻ جي به شديد ضرورت آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ جا سياسي ۽ سماجي رهنما سنڌ کي درپيش مسئلن بابت مطالبن ۽ مذمتن کان اڳتي وڌي شهري- اڳڀراين (Citizens’ Initiatives) تي گهٽ سوچين ۽ ڳالهائين ٿا. ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ طاقتون پنهنجي ايجنڊا تي مستقل مزاجيءَ سان عمل ڪري رهيون آهن ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ بنيادي تبديليون نه سندن حق ۾ آهن ۽ نه سندن اوليت. ان حقيقت کي چڱيءَ ريت ڄاڻندي سياسي عمل سان گڏوگڏ عملي اڳڀراين جو رواج وجهڻ ۽ ان کي همٿائڻ جي ضرورت آهي. سنڌي سماج مٿان راڄ ڪندڙ طاقتن خلاف جدوجهد لاءِ تمام ضروري آهي ته سنڌ جا گهڻ گهرا انفرادي ۽ گروهي سطح تي بنيادي تبديليءَ واري عمل لاءِ ننڍيون ننڍيون اڳڀرايون ڪري مسئلن جا متبادل حل متعارف ڪرائن.
(روزاني ڪاوش- 21 مئي 2010ع)

نئون شهر ڪنهن لاءِ ٺهندو؟

نئون شهر ڪنهن لاءِ ٺهندو؟

28 هين مئي 2009ع تي ملڪ جي صدر آصف زرداري جي سرواڻي هيٺ ڪراچي ۾ هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ”جهرڪ“ نالي هڪ نئون شهر قائم ڪيو ويندو، جيڪو جهمپير کان سنڌ جي ساحل تائين پکڙيل هوندو. مختصر اعلان نامي ۾ ان شهر قائم ڪرڻ جو هڪ ئي ڪارڻ ڄاڻايو ويو ته ملڪ ۾ اسلام آباد کان پوءِ ڪو نئون شهر نه ٺهيو آهي، تنهن ڪري ”جهرڪ“ شهرڪ کي اڏيو ويندو. ان پڌرائي ۾ نئين شهر اڏڻ جي ڪارڻن يا شهر بابت ڪجهه به وڌيڪ تفصيل نه ڄاڻايا ويا. ان کانپوءِ هينئر تائين سنڌ يا وفاقي سرڪار ان بابت ڪا به وڌيڪ ڄاڻ عوام اڳيان نه آندي آهي سواءِ ان جي ته ان شهر جو نالو هاڻي ذوالفقار آباد ٻڌايو پيو وڃي. ظاهر آهي ته نئون شهر اڏڻ جو ڪارڻ رڳو اهو ته نٿو ٿي سگهي ته اسلام آباد کان پوءِ جيئن ته ڪو نئون شهر ناهي ٺهيو، تنهن ڪري اچو ته هڪ نئون شهر ٺاهيون. جيڪڏهن ضرورت رڳو هڪ نئون شهر ٺاهڻ جي ئي آهي ته پوءِ ڀلا اهو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڇو نه ٺاهجي؟ يا ڀلا اهڙو نئون شهر ڪراچيءَ سان لڳو لڳ ئي ڇو ٺاهجي؟ باقي هيڏي ساري سنڌ ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ ڇو نه ٺاهجي؟ انهن سوالن بابت سنڌ جي ماڻهن کي ضرور ڄاڻ ملڻ گهرجي. بظاهر ائين ٿو لڳي ته موجوده ڪراچي شهر ايڏو ته پکڙجي چڪو آهي ته جو ان کي انتظامي لحاظ کان سنڀالڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، تنهن ڪري ان تان آباديءَ جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ان جي ڀر ۾ هڪ نئون شهر اڏڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ زرداري صاحب اهو شهر ٺاهڻ جو باضابطه حڪم هاڻي جاري ڪيو آهي، پر سنڌ ۾ سندس اتحادي جماعت پاران ان شهر بابت سوچ ويچار اڳي ئي هلندڙ هئي ۽ ماڻهن کي ضرور ياد هوندو ته گذريل حڪومت دوران رٿيل ڪوسٽل هاءِ وي جي آس پاس ۾ ڪراچيءَ جي واپارين ۽ سيڙپڪارن تمام گهڻي زمين خريد ڪري ورتي هئي. گهاري ۽ ڀرپاسي ۾ جيڪو ايڪڙ ڪير هزارن ۾ نه وٺندو هو، ان جو ملهه لکن تي وڃي پهتو ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪراچي کان گهاري، ڀنڀور ۽ ڪيٽي بندر ڏانهن ويندڙ رستن جي ٻنهي پاسي هزارين ايڪڙ زمين گذريل حڪومت دوران ڪراچيءَ جي رهواسين خريد ڪري ورتي آهي. خود گهاري جي ڀرپاسي ۾ وڏي انگ ۾ فارم هائوسز ٺهڻ لڳا، جتي ڪراچيءَ جا مالدار رهواسي ويڪ اينڊ نائٽس تي هفتي جو ٿڪ ڀڃڻ وڃن ٿا. 2007ع ۾ سنڌ سرڪار ونڊ مل رٿا لاءِ ٺٽي ضلعي ۾ 4500 ايڪڙ زمين نجي ڪمپنين حوالي ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي ماليت 600-ارب رپيا ٻڌائي وڃي ٿي. جڏهن ته گذريل حڪومت ٻيٽن ۽ هاڪس بي تي به نوان شهر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو، پر اهو رولڙي جو شڪار ٿي ويو. ملير ۽ گڏاپ طرف زمينن تي والار ڪرڻ کانپوءِ پراڻي نيشنل هاءِ وي وارو ئي هڪ پاسو بچيل آهي، جنهن طرف ڪراچيءَ کي پکيڙي پيو سگهجي. سنڌ جي ماڻهن کي ضرور ياد هوندو ته ڪجهه وقت اڳ ڪوسٽل ضلعو ٺاهڻ جون به خبرون عام هيون ۽ گذريل حڪومت ۾ ڪيٽي بندر وٽ نئون پورٽ تعمير ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو هو. ان سڄي تصوير کي ذهن ۾ رکجي ته ”جهرڪ“ شهر جي اڏاوت جي فيصلي جا ڪارڻ سمجهه ۾ اچي وڃن ٿا.
جيڪڏهن ڪراچيءَ تان آباديءَ جو دٻاءُ گهٽائڻ واري ضرورت کي ان جو بنياد بنائجي ته نئون شهر ٺاهڻ جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ اهو ضرور طئي ڪرڻ گهرجي ته ڪراچيءَ تي آباديءَ جو ايترو دٻاءُ ڇو آهي؟ دراصل ڪراچيءَ کي جيڪڏهن رڳو سنڌ جي گاديءَ جو شهر رهڻ ڏنو وڃي ها ته اها نوبت نه اچي ها. پر جيئن ته ڪراچي عالمي يتيم خانو بنيل رهيو آهي، تنهن ڪري غير قانوني آبادڪارين جي دٻاءَ هن شهر جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب سنڌ، ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ شهريل (Urbanized) صوبو آهي، جتي اٽڪل 49 سيڪڙو آبادي 163 ننڍن وڏن شهري مرڪزن ۾ رهي ٿي، جڏهن ته پنجاب ۾ شهري آبادي اتان جو رڳو 31.3 سيڪڙو آهي. وري جيڪڏهن سنڌ ۾ شهري آباديءَ جو وڌيڪ ڇيد ڪبو ته معلوم ٿيندو ته شهري آباديءَ جو 71 سيڪڙو رڳو ٽن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ وسيل آهي. اڪيلي ڪراچي شهر ۾ شهري آباديءَ جو 62 سيڪڙو رهي ٿو، جڏهن ته ان جي ابتڙ پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ صوبي جي شهري آباديءَ جو صرف 22.3 سيڪڙو رهي ٿو. باقي شهري آبادي فيصل آباد 8.7 سيڪڙو، راولپنڊي 6.2 سيڪڙو، گجرانوالا 5.4 سيڪڙو ۽ ملتان 5.2 سيڪڙو ۾ هڪ توازن سان ورهايل نظر اچي ٿي. غور ڪري ڏسجي ته هي اهي علائقا آهن، جتي صنعت ۽ ڪاروبار کي جوڳي ترقي ڏياري ٻيون بنيادي شهري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري پنجاب ۾ لاهور مٿان آباديءَ جو اهڙو دٻاءُ نه پيو آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ ڪراچيءَ کان ٻاهر ٿوري گهڻي صنعتي ۽ ڪاروباري ترقي حيدرآباد ۾ نظر اچي ٿي ۽ ان کان ٻاهر ڪاريءَ وارا ڪک آهن.
ٻين صوبن ۾ جيئن ته ٻاهرين آباديءَ جي يلغار ايتري ناهي تنهن ڪري اتان جا شهري علائقا به اتي جي اصلوڪن رهواسين جي اڪثريت هيٺ آهن، پر سنڌ ۾ صورتحال مختلف آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ جي انگ اکرن موجب پنجاب جي شهري علائقن ۾ 78.75 سيڪڙو ماڻهو پنجابي ڳالهائيندڙ آهن. اسلام آباد جي به شهري علائقن ۾ 65.36 سيڪڙو ماڻهو پنجابي ڳالهائيندڙ آهن، ساڳي طرح سرحد جي شهري علائقن ۾ 73.55 سيڪڙو ۽ فاٽا جي شهري علائقن ۾ 97 سيڪڙو ماڻهو پشتو ڳالهائيندڙ آهن. جڏهن ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪل شهري آباديءَ جو رڳو 25.79 سيڪڙو مس آهن. هي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته سنڌ جا شهر لڳاتار سنڌين کان کسجي رهيا آهن ۽ ان صورتحال ۾ ڪراچيءَ ويجهو هڪ نئون شهر آباد ڪرڻ جو لازمي مطلب سنڌين جي شهري آباديءَ کي گهٽائڻ آهي، ڇو ته نئين ٺهندڙ شهر ۾ سيڙپڪاري ته اهي ئي ڪندا، جن وٽ يا ته اڳواٽ ورتل زمين آهي، يا وري پئسو آهي. يا وري جن وٽ سنڌ ۾ ڊگهي مدي وارا مقصد ۽ مفاد آهن. ٺٽي ضلعي جي ان پوڇڙ وارن علائقن ۾ سنڌي آبادي بنهه ٿوري آهي، جيڪا پڻ غربت ۽ سياسي يتيميءَ جو شڪار آهي، تنهن ڪري اتان کين بي دخل ڪري ٻين ماڻهن کي آباديون ۽ ڪاروبار قائم ڪرڻ ۾ دير ئي نه لڳندي ۽ نئون شهر ٺهڻ کان اڳ ئي انهن قوتن جي شهر ۾ تبديل ٿي چڪو هوندو، جيڪي سنڌين کي فلسطينين جيان پنهنجي زمينن ۽ گهرن مان تڙي پنهنجون آبادڪاريون قائم ڪرڻ گهرن ٿا. ان ڪري نئين شهر ٺهڻ واري معاملي کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. اهو رڳو شهر جي ترقيءَ جو مسئلو ناهي، پر ان جا سياسي اثر تمام گهرا ٿيندا، جن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
اسان مٿي 1998ع جي آدمشماريءَ جي حوالي سان اهو ذڪر ڪري آياسين ته سنڌ جي شهري آباديءَ جو تمام وڏو حصو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ آهي، ان جو بنيادي ڪارڻ ته ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ڪراچيءَ طرف مختلف وقفن تي ٿيل وڏي لڏپلاڻ آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي مقامي ماڻهن لاءِ ته ڪراچي نوگو ايريا بنائي وئي، باقي هندستان مان آيل لکن جي انگ ۾ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا. اها پهرين وڏي آباديءَ جي ٻوڏ هئي. ان کانپوءِ 60ع جي ڏهاڪي ۾ ايوب خان جي صدارت واري دور ۾ پشتو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي منظم طريقي سان ڪراچي آڻي ورسايو ويو. 70ع جي ڏهاڪي ۾ بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ اتان بهارين جي هڪ وڏي انگ ڪراچيءَ جو رخ ڪيو. اسي واري ڏهاڪي ۾ افغانين جا وڏا ڪٽڪ ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا، جيڪي هاڻي پختون ڪميونٽيءَ جو حصو بنجي چڪا آهن. 73ع جي آئين ۾ هر ڪنهن کي کلي ڇوٽ ڏنل آهي ته ملڪ جي جنهن حصي ۾ وڻيس اچي آباد ٿئي. ان ريت ڏسجي ته ڪراچيءَ ۾ آباديءَ جي دٻاءَ جو اصل ڪارڻ غير فطري آبادي آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ بهتر انتظامي ضابطن ۽ صلاحيت جي ضرورت آهي. هڪ ٻه ڏهاڪا اڳ تائين سنڌ جون ٻهراڙيون خوشحال هيون، جنهن ڪري اتان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ گهٽ ٿي رهي هئي، پر ويجهن ڏهاڪن ۾ ٻهراڙين ۾ ترقيءَ جي عمل کي نظرانداز ڪري ۽ امن امان جي صورتحال تي ڌيان نه ڏئي اها صورتحال پيدا ڪئي وئي جو اتان به ماڻهن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪئي آهي. ڪراچيءَ کان ٻاهر باقي سنڌ ۾ ترقيءَ جو ڪهڙو حال آهي، ان لاءِ انيڪ مثال ڏئي سگهجن ٿا. 2006ع ۾ ورلڊ بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ نمبر Securing Sindhs future PK-35001 جا ڪجهه حوالا ان ڏس ۾ نهايت اهم آهن.
صفحي نمبر 37 تي باب چوٿين جي شروعات هن جملي سان ڪئي وئي آهي، سنڌ جي ٻهراڙي ڪراچيءَ کان رڳو ڪجهه ميلن جي وٿيءَ تي آهي، پر ترقيءَ جي سرحدن کان اها ڪوهين ڏور آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انساني ترقيءَ جي حالت کي ساڳي رپورٽ جي صفحي نمبر 9 ۾ هن ريت واضح ڪيو ويو آهي. ”اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ ۾ خاص طور تي ٻهراڙين ۾ خدمتن جي پهچ وارو سرڪاري شعبي جو نظام بحران واري حالت ۾ آهي“. صفحي نمبر 21 تي ڪراچيءَ کي باقي سنڌ جي شهري آبادين سان ڀيٽيندي ٻڌايو ويو آهي ته ”ڪراچيءَ ۾ سراسري طور تي ماڻهوءَ تي ٿيندڙ خرچ، باقي سنڌ جي شهرين کان 62 سيڪڙو وڌيڪ آهي.“ ان جا اثر عوام جي زندگيءَ تي ڪهڙيءَ ريت پئجي رهيا آهن، ان کي واضح ڪرڻ لاءِ رپورٽ ۾ ڪيترائي حوالا ڏنا ويا آهن. جن مان صفحي نمبر 60 تي 5.10 پيرا ۾ هن ريت ڏنو ويو آهي ”شڪارپور، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، بدين، نوابشاهه، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ٺٽي ۾ سراسري طور زنده ڄمندڙ هڪ هزار ٻارن مان 120 ٻار 5 سالن جي ڄمار کان اڳ مري وڃن ٿا. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ اها شرح 55 آهي، يعني باقي سنڌ جي شهرن کان اڌ تي گهٽ. هيءُ هڪ اهڃاڻ ئي باقي سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي حالت کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. صحت جي سهولتن جي اها صورتحال پڻ وڏن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ جو هڪ ڪارڻ آهي.
سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۽ ننڍن شهرن ۾ انساني ترقيءَ جي خراب صورتحال جو هڪ ٻيو حوالو پاڪستان سرڪار پاران جاري ڪيل رپورٽ ”پاڪستان ملينيم ڊولپمينٽ گولز، رپورٽ 2006ع“ آهي. هن رپورٽ ۾ انساني ترقيءَ جي اهڃاڻن جي آڌار ملڪ جي سمورن ضلعن جي درجي بندي ڪئي وئي آهي. انهن اهڃاڻن ۾ پرائمري اسڪولن ۾ داخلا جو تناسب، خواندگيءَ جي شرح، جنسي برابري، نوجوانن ۾ خواندگي، ٻارن ۾ موت جي شرح ۾ گهٽتائي صاف پاڻيءَ تائين پهچ ۽ نيڪال جي سهولتن تائين پهچ شامل آهن. انهن ستن اهڃاڻن ۾ پهرين نمبر تي ايندڙ 70 ضلعن جا نالا ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ سنڌ جا رڳو 7 ضلعا شامل آهن ۽ انهن ۾ به ڪراچيءَ کان ٻاهر باقي سنڌ جا رڳو ٽي ضلعا شامل آهن. پهرين پنجن اهڃاڻن ۾ پهرين ڏهن نمبرن تي ايندڙ ضلعن ۾ سنڌ مان ڪراچيءَ کان ٻاهر جو ڪو به ضلعو شامل ناهي. اها اکيون کوليندڙ رپورٽ پڙهي صاف نظر اچي ٿو ته هڪ طرف سنڌ، باقي ملڪ جي ڀيٽ ۾ انساني ترقيءَ جي اهڃاڻن ۾ پٺتي پيل آهي ته ٻئي طرف سنڌ اندر ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ ٻيا ضلعا پٺتي پيل آهن. عام طور تي شهرن ڏانهن آباديءَ جي دٻاءَ جو هڪ اهم ڪارڻ انساني ترقي يعني صحت، تعليم وغيره جون سهولتون هونديون آهن. صحت جي حوالي سان اهو حوالو پڻ اهم آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري شعبي جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ڏهن مان ڇهه ڪراچيءَ ۾ آهن ۽ خانگي شعبي جي 26 کان 25 ڪراچيءَ ۾ آهن. شهرن ڏانهن لڏپلاڻ جو هڪ ٻيو اهم ڪارڻ روزگار جا وسيلا هوندو آهي. سنڌ ۾ روزگار جا اهم وسيلا ٻهراڙين ۾ زراعت ۽ شهرن ۾ صنعت آهي، سنڌ ۾ زراعت کي گذريل ڏهاڪن دوران پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي ۽ ورلڊ بئنڪ جي مٿي ڄاڻايل رپورٽ جي صفحي 38 تي ڏنل انگن اکرن موجب 2000/1999ع کان 04/2003ع وارن سالن دوران چانورن ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ ترتيبوار 7 ۽ 10 سيڪڙو لاٿ آئي آهي ۽ ڪپهه جي پيداوار ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو آهي. ساڳي طرح دالين ۽ ساين ڀاڄين جي اپت ۾ به ترتيبوار 7 ۽ 3 سيڪڙو لاٿ آئي آهي. ان صورتحال سبب ٻهراڙين ۾ معيشت جي وڏي ذريعي يعني زراعت جي صورتحال خراب ٿيڻ سبب سنڌ جي ٻهراڙين ۾ غربت ۽ بيروزگاريءَ ۾ اضافو ٿيو آهي.
روزگار جو ٻيو اهم ذريعو شهري وڏي صنعت آهي، جيڪا رڳو ڪراچيءَ تائين محدود آهي، بيورو آف اسٽيٽسٽڪس، گورنمينٽ آف سنڌ جي سال 2006ع جي رپورٽ ڊولپمينٽ اسٽيٽسٽڪس موجب سنڌ ۾ مينوفيڪچرنگ انڊسٽريءَ جا ڪل 1528يونٽ آهن، جن مان 1062 يونٽ رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. انهن ڪارخانن ۾ روزاني مزدوري ڪندڙن جو سراسري انگ 580،202 آهي، جن مان 142813 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. انهن صنعتن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هنري سکيا جي مونوٽيڪنڪ انسٽيٽوٽس ۾ سنڌ اندر 181171 شاگرد داخل آهن، جن مان 10193 رڳور ڪراچيءَ ۾ آهن. هي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته باقي سنڌ ۾ صنعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش ناهي ڪئي وئي. جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ زرعي بنيادن واري صنعت لڳائڻ جا زبردست موقعا موجود آهن، پر ان لاءِ حڪومتي سطح تي سنجيده ڪوششن جي ضرورت آهي. انفرا اسٽرڪچر، امن امان ۽ رعايتن نه ڏيڻ سبب ڪراچيءَ کان ٻاهر صنعتڪاريءَ کي هٿي نه ملي سگهي آهي، جنهن ڪري روزگار جا اڪثر موقعا ڪراچيءَ تائين محدود آهن ۽ آباديءَ جو زور به اوڏانهن رهيو آهي. اها صورتحال جاري رهي ته اڄ جهڙي طرح ڪراچي آباديءَ جي دٻاءَ اڳيان ناڪافي بنجي چڪو آهي، ساڳي طرح ڪجهه ڏهاڪن کانپوءِ نئون گهر به ناڪافي بنجي ويندو. تنهن ڪري آباديءَ جي دٻاءَ جا بنيادي حل ڳولڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي. نوان شهر اهي مسئلا ته حل نه ڪندا، البته ڪيترن ئي نون مسئلن کي جنم ڏيندا. جيڪڏهن حڪومت ڪراچيءَ ۾ آباديءَ جي دٻاءَ واري مسئلي کي حل ڪرڻ گهري ٿي ته ان لاءِ نئون شهر ٺاهي، نئون سياسي تڪرار شروع ڪرڻ بجاءِ هيٺين رٿن تي ويچار ڪري.
• ڪراچيءَ ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس اماڻي. سنڌ جو هاڻوڪو گهرو وزير سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهڙن ماڻهن جو انگ 15 لک ٻڌائي چڪو آهي.
• ٻين صوبن مان روزگار لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ ورڪ پرمٽ سسٽم جاري ڪيو وڃي ۽ کين سنڌ اندر مستقل رهائش ۽ ووٽ جو حق نه ڏنو وڃي.
• سنڌ جي ننڍن شهرن، خاص طور تي ضلعي ۽ تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ انفرا اسٽرڪچر تي مناسب خرچ ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ صحت، تعليم، پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهوليتن کي بهتر بنايو وڃي.
• ڪراچي ۽ حيدرآباد کان ٻاهر سنڌ جي اسرندڙ شهري علائقن ۾ زرعي صنعت کي هٿي ڏني وڃي، ان لاءِ سيڙپڪارن کي مختلف رعايتون ڏئي ننڍن شهرن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ اتساهجي.
• سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اچ وڃ جي روڊ نيٽ ورڪ کي سڌاري، سنڌو درياءَ ۽ ان جي واهن مٿان وڌيڪ پليون جوڙائي ٻهراڙين ۾ ڪاروبار لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ روزگار جا وسيلا ميسر ٿي سگهن.
• ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين جي ڳوٺن ۽ آبادين کي بنيادي شهري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي شهر جي مکيه ڌارا جو حصو بنجي سگهن. ان لاءِ پراڻن ڳوٺن کي ريگيولر ڪري اتي جي قديمي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.
• سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ وڌيڪ هنري سکيا جا مرڪز، يونيورسٽيون قائم ڪري مقامي نوجوانن لاءِ بهتر تعليمي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن.
• ترقيءَ لاءِ پرڏيهي امداد هيٺ ايندڙ رٿائن ۽ سالياني ترقياتي پروگرام جي رٿائن ۾ سڄي سنڌ جي اسرندڙ شهري آباديءَ کي جوڳو حصو ڏنو وڃي.
• شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ گهربل هنرن جو تعين ڪري مقامي نوجوانن کي انهن هنرن جي سکيا لاءِ خاص بندوبست ڪيو وڃي، جيئن ٻاهرين صوبن مان ماڻهو آڻڻ جي ضرورت نه پوي.
• سنڌ واسين کي شهرن اندر ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار ڪرڻ لاءِ سنڌ بئنڪ قائم ڪري مالي وسيلا فراهم ڪجن ته جيئن مقامي سيڙپڪار سنڌ جي شهرن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهي.
• شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ امن امان جي قيام کي پهرين اوليت قرار ڏئي جامع رٿابنديءَ تي عمل ڪيو وڃي، جيئن سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ممڪن ٿي سگهي.
• ٿورن لفظن ۾ ائين چئجي ته سنڌ ۾ نوان شهر ٺاهڻ تي ناڻو خرچ ڪرڻ بجاءِ اڳ ۾ برباد ٿيل ننڍن شهرن کي ترقي ڏياري وڃي.

سنڌ کي درپيش چئلينجز

سنڌ کي درپيش چئلينجز


ٽائيم ميگزين جي تازي پرچي ۾ سال 2010ع اندر دنيا ۾ متعارف ٿيل 50 بهترين ايجادن تي هڪ نهايت معلوماتي آرٽيڪل ڇپيو آهي. مون کي خبر آهي ته مهينو پوءِ جڏهن سنڌ ۾ گذريل سال بابت آرٽيڪل ڇپجندا ته انهن جا انگ اکر ايجادن ۽ ڪاميابين تي نه، پر ڪارو ڪاريءَ ۾ قتل ٿيل عورتن، جرڳن، اغوا ٿيلن ۽ ٻوڏ ۾ فوت ٿيلن تي مشتمل هوندا ۽ اسان پنهنجي تيزيءَ سان خالي ٿيندڙ هڙ ۾ باقي بچيل اميدن کي سميٽي وري موهن جي دڙي يا ڀٽ شاهه وٽان نئين سج جو آڌرڀاءُ ڪندي، سنڌ لاءِ ايندڙ سال جي سڀاڳي ٿيڻ جون دعائون گهرنداسين. جيترو موت جي حد تائين مايوس ٿيڻ خطرناڪ آهي، اوترو ئي خود فريبيءَ جي حد تائين پُراميد ٿيڻ به هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. انهن ٻنهي انتهائن وچ ۾ عمليت جو هڪ ڪشادو جهان سمايل آهي، جنهن کي پرکڻ جي ضرورت آهي. مثال طور جتي سنڌ جو ماضي عظيم هجڻ هڪ حقيقت ٿي سگهي ٿي، اتي سنڌ جو حال غير عظيم ۽ مستقبل اڻ چٽو هجڻ به ٺڪرائي نه سگهڻ جهڙي حقيقت آهي. گهڻ طرفن ٻاهرين خطرن ۽ انهن کان به وڌيڪ ڀوائتن اندروني ڪمزورين کي ايمانداريءَ سان سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جون حڪمت عمليون جوڙڻ اڄوڪي سنڌ جي اولين ضرورتن ۾ شامل آهي. غلامي ۽ بربادي رڳو نندڻ سان ٽري وڃن ها ته ڌرتيءَ تي ڪڏهن ڪا قوم غلام ۽ برباد ٿئي ئي نه ها. انهن ڳالهين جو مقصد سنڌي سماج اندر موجود چئن چڱاين کان انڪار ڪرڻ ناهي، پر رڳو انهن تي ڀاڙي ويهڻ سان نجات نه ملي سگهندي. ايڪيهين صديءَ ۾ عظمتن جا معيار مختلف آهن ۽ پنج هزار سال اڳ وارين عظمتن کي وڌيڪ ڪيش ڪرائڻ هاڻي ايترو ئي مشڪل آهي، جيترو ايندڙ سالن ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير جي قربانين کي ڪيش ڪرائڻ مشڪل هوندو. مختصر لفظن ۾ ته ماضيءَ جي عظمت هڪ حد کان پوءِ مستقبل جي محفوظ هجڻ جي ضمانت نٿي ڏئي سگهي. اڄ جي سنڌ کي اڄوڪي دنيا جي عظمتن جي وصف کي سمجهي پنهنجي حيثيت جو تعين ڪرڻو پوندو ۽ ان نفسياتي مونجهاري مان نڪرڻو پوندو ته جيئن ته منهنجو پڙڏاڏو تر جو مڻيادار مڙس هئو، تنهن ڪري منهنجي آڱوٺي ڇاپ وجود کي به اوترو ئي مان ملڻ گهرجي. اهو اڄ جي دنيا ۾ ممڪن ناهي. اڄ جي دنيا ۾ قومن جي عظمت لاءِ بنيادي پيمانو ڄاڻ ۽ انساني پورهيو (جسماني توڙي ذهني) آهن. جنهن قوم وٽ اهي ٻه شيون ناهن، ان جو مستقبل اڄ جي دنيا ۾ غلاميءَ کان وڌيڪ خراب آهي ۽ جنهن قوم وٽ اهي ٻه شيون آهن، اها باقي گهرجن جو پورائو پاڻ ئي ڪري وٺندي. ڄاڻ لفظ جي وصف کي هتي وسيع تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي، ان ۾ جديد سائنسي تعليم، معاشرتي ساڃاهه، جديد ٽيڪنالاجي ۽ هنر شامل آهن. ساڳئي طرح انساني پورهئي ۾ رڳو تغاري مٿي تي کڻڻ يا هر هلائڻ شامل ناهي، بلڪه ان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي درست استعمال جو هنر، تخليقي صلاحيتون، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي منڊين ۾ پهچ ۽ لڳاتار کوجنا ۽ جستجو سڀ شامل آهن. اهي ٻه بنيادي عنصر گڏجي مارڪيٽ اڪاناميءَ جي چئلينجز جو جواب ڳولهي سگهن ٿا. چوڻ لاءِ ته اهي ٻه عنصر آهن پر انهن تائين پهچ واري ڏاڪڻ جا ڪيئي ڏاڪا آهن. سنڌ جهڙن سياسي، نفسياتي ۽ معاشي غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيل سماجن لاءِ ان ڏاڪڻ جا ڏاڪا چڙهڻ ۾ ڪيئي رنڊڪون آهن، جن کي اُڪرڻ وقت جي اڻ ٽر ضرورت آهي. انهن رنڊڪن ۾ ٻاهران مڙهيل سياسي مصيبتون به شامل آهن ته سماج جا اندروني رويا ۽ خرابيون به رڪاوٽ آهن. هن مضمون ۾ ڪجهه اهڙين اندروني رنڊڪن تي مختصر بحث ڪنداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته انهن اندروني رنڊڪن جو ڪجهه ڇيد ڪريون، جيڪي خارجي عنصرن کي وڌيڪ سگهارو بڻائين ٿيون.

وڏيرڪي ذهنيت:
مون هتي ڄاڻي واڻي وڏيرا شاهي بجاءِ وڏيرڪي ذهنيت تي زور ڏنو آهي. سنڌ جي مڊل ڪلاس لاءِ آسان نسخو آهي ته سنڌ جي سمورين بيمارين ۽ خرابين لاءِ وڏيرا شاهيءَ کي الزام ڏئي پاڻ کي ان کان آجو ڪري ڇڏي. بدقسمتيءَ سان وڏيرڪو رويو وچڙندڙ وائرس جيان اسان سڀني کي لڳي چڪو آهي ۽ پنهنجي روز مرهه جي زندگيءَ ۾ اسان سڀ ڪيترائي ڀيرا ان رويي جو ڀرپور مظاهرو ڪريون ٿا. مثال طور بنا ڪم جي پگهار کڻڻ، شارٽ ڪٽ وسيلي ڪيريئر ٺاهڻ، پنهنجي وت ۽ وسيلن کان وڌيڪ ٺٺ ٺانگر سان رهڻ لاءِ حرام خوري ڪرڻ، پنهنجي قطار ۾ بيٺلن ٻين سمورن ماڻهن کي پاڻ کان گهٽ سمجهڻ، تنقيد برداشت نه ڪرڻ، هر ٻئي ماڻهوءَ مان اوڻايون ڳولهڻ، حسب توفيق هر ڪنهن جي گلاڪرڻ، ماڻهن جي ذات جون چڱايون ڳڻڻ بدران انهن مان کوٽي کوٽي خرابيون جانچڻ، ڪم نه ڪرڻ کي فخر جوڳو ڪارنامو سمجهڻ، پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي عيب تصور ڪرڻ ۽ پنهنجي هر زيردست کي نوڪر ۽ غلام تصور ڪري اهڙو ورتاءُ ڪرڻ اسان مان اڪثريت جو مشغلو آهي. اهي ۽ ان جهڙا ٻيا انيڪ رويا اسان جي ذات جو حصو بڻجي ويا آهن ۽ اڪثر ڪري اسان انهن کي خراب به تصور نٿا ڪريون. ان وڏيرڪي رويي جو شڪار وڏيرن کان وڌيڪ اڄوڪو مڊل ڪلاس بڻيل آهي. اهوئي سبب آهي جو وچولي طبقي جي ڪامورن ۽ سياسي ورڪرن ۾ ڪرپشن سموريون انتهائون اڪري وئي آهي. خاص طور تي حڪمران پارٽيءَ اندر سنڌ جي مڊل ڪلاس جي همراهن جو الٽراسائونڊ ڪرڻ سان پتو پوندو ته حڪومت ۾ ڏيڍ ٻه سال گذارڻ سان سندن حرڪتون وڏيرن کان به وڌ ٿيو وڃن. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي نمائنده سياسي جماعت اهڙن وڏيرن ۽ نيم وڏيرن جي قبضي هيٺ اچي چڪي آهي، جنهن ڪري سنڌ اندر سماجي بهتريءَ بجاءِ اڻ کٽ ابتريءَ جو ماحول آهي. جڏهن سماج لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکندڙ مڊل ڪلاس ان رويي جو شڪار ٿي وڃي ته اهي زوال جون نشانيون آهن، پر چڱي ڳالهه اها آهي ته سنڌ اندر هڪ محدود انگ ۾ اهو محب وطن ۽ ايماندار وچولوطبقو به موجود آهي، جيڪو شارٽ ڪٽ بجاءِ پراسيس جي پيداوار آهي. اهو محدود طبقو پنهنجي وس آهر سنڌي سماج ۾ هاڪاري تبديليءَ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي ۽ فطرت جي اصولن پٽاندڙ اهو وڏي حد تائين سماجي توازن قائم رکڻ ۾ اثرائتو به ثابت ٿي رهيو آهي. البته مجموعي طور سنڌ جي وچولي طبقي جي سياسي ۽ سماجي لاتعلقي ۽ پنهنجي ذات پروريءَ سبب سنڌي سماج جي اوسر کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي.
ميرٽ کان وانجهو سماج:
سنڌي سماج جي اوسر ۾ هڪ ٻيو رنڊڪ بڻجندڙ فيڪٽر سنڌي سماج ۾ ميرٽ جي اڻ هوند آهي. هتي ميرٽ جو مقصد رڳو تعليمي ادارن ۾ داخلا يا نوڪريءَ لاءِ ميرٽ ناهي، پر مجموعي طور اسان پنهنجي روز مرهه جي زندگيءَ ۾ فيصلا معروضي حقيقتن آڌار يا اجتماعي ڀلي واري ميرٽ بجاءِ پنهنجي ذات جي فائدي ۽ اطمينان آڌار ڪريون ٿا. نوڪرين ۽ بدلين ۾ ميرٽ جو بي ڪفن جنازو ته هاڻي ڌپ ڪري رهيو آهي، پر ان کان به وڌيڪ هاڃيڪار ڳالهه زندگيءَ جي سمورن معاملن ۾ ميرٽ بجاءِ عارضي مفادن کي اوليت ڏيڻ آهي. ان رويي سبب اسان جا سماج اندر رشتا ناتا، محبتون، نفرتون ۽ اوليتون سڀ هوا ۾ لٽڪيل آهن. ميرٽ جي آڌار تي رشتا ناتا نه جوڙڻ سبب اسان سماج اندر ڪرپٽ ترين ماڻهن کي قابل نفرت بجاءِ قابل عزت بڻائي ڇڏيو آهي. نتيجو اهو آهي جو جيڪو جيڏو وڏو چور، بي ايمان ۽ سماج جو ويري آهي، اهو اوترو ئي وڏو معتبر آهي. اهڙا ماڻهو ذاتي ڪچهرين کان وٺي عوامي محفلن تائين هر هنڌ مُڇن کي تاءُ ڏئي، سوسائٽي جا چڱا مڙس ٿيو گهمن ۽ حق حلال جي محنت ڪري سماج جي اڏوات ۾ ايمانداريءَ سان حصو ادا ڪندڙ ماڻهو پلئه ۾ سچ کنيو آڇڻ کان لڄ مرندي ماٺ آهن. استاد تنظيمن کان وٺي سياسي تنظيمن تائين ۽ ادبي ادارن کان وٺي يونيورسٽين تائين هر هنڌ ٻه نمبري ۽ لٻاڙي ماڻهن جو قبضو آهي. اسان سڀ انهن سماج دشمن ماڻهن کي مختلف وصفن هيٺ مان ڏيون ٿا. ڪڏهن ذاتي دوستين ۽ واسطن جي آڙ ۾ ته ڪڏهن سماجي مصلحتن سبب انهن ماڻهن کي هر هنڌ اوليت ملي ٿي. ان جي ابتڙ ايمانداريءَ سان اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد کان وٺي فرض شناس سرڪاري ملازم تائين سمورا اهل ۽ ايماندار ماڻهو سماجي اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ جو شڪار آهن. ان رويي جي نتيجي ۾ سنڌ اندر نئين نسل جا رول ماڊل ولين بڻيل آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سوسائٽي اندر چور بازاري، دادادگيري، قبضاگيري ۽ ڏاڍ مڙسيءَ کي مان آهي ۽ هر ماڻهو انهن جي جتيءَ ۾ پير رکڻ لاءِ آتو آهي. ان ناڪاري چٽاڀيٽيءَ ۾ سماج اندر فردن توڙي ادارن بابت فيصلا ابتي ميرٽ تي ٿين ٿا. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جا سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارا ذري گهٽ هر شعبي ۾ نااهل ۽ ڪرپٽ ماڻهن سان سٿيا پيا آهن. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهل ۽ محنتي ماڻهو ڪُنڊن ۾ عزت بچائڻ جي جاکوڙ ۾ رُڌل آهن. نتيجي طور سنڌ جا ادارا سنڌي سماج کي ڪا هاڪاري اوسر ڏيارڻ بجاءِ ان جون پاڙون کوٽڻ ۾ رُڌل آهن ۽ انهن مان جنم وٺندڙ انساني وسيلا توڙي ذهني ڪاوشون جڏائپ جو شڪار آهن، جيڪي سنڌ جي نئين نسل کي سواءِ کوکلي نعري بازي، هلڪڙائپ ۽ خوف جي ڪجهه به نه ڏئي سگهيا آهن. جيستائين سنڌي سماج حقيقي هڏ ڏوکين، ايماندار ۽ اهل ماڻهن کي صحيح معنيٰ ۾ مان نه ڏيندو ۽ سماج جون واڳون سندن حوالي نه ڪندو؛ تبديلي نه اچي سگهندي. جيڪو سماج ڄاڻ، اهليت، ايمانداري ۽ پورهئي بجاءِ جهالت، شارٽ ڪٽ، ظاهري ڏيکاءُ ۽ دٻدٻي کي عزت ڏيندو، ان کي ٻاهرين دشمن جي ڪا به ضرورت نه پوندي.

مارڪيٽ ۾ عدم موجودگي:
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ اندر ڪاروباري مڊل ڪلاس جو جيڪو خال پيدا ٿيو، اهو اڄ تائين ڀرجي نه سگهيو آهي. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڀٽي صاحب جي ڪوششن سان جنهن مڊل ڪلاس جنم ورتو، اهو سرڪاري نوڪريءَ تي اُسريو هو. سرڪاري نوڪري جيئن ته پڪي پگهار جي بنياد تي هوندي آهي ۽ ان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هاڻي اهليت ۽ چٽاڀيٽيءَ بجاءِ ٻين هنرن جي ضرورت پوي ٿي، تنهن ڪري اهڙو مڊل ڪلاس مارڪيٽ جي چٽاڀيٽيءَ کان ٻاهر رهڻ سبب سماجي ڍانچي جي اڏاوت ۾ نهايت معمولي ڪردار مس ادا ڪري سگهندو. سنڌ جو نوڪري ڪندڙ مڊل ڪلاس چوويهه ڪلاڪ پروموشن، پوسٽنگ ۽ بدليءَ جي چڪر ۾ پورو هوندو آهي ۽ انهن خفن کان واندڪائيءَ جي وقت ۾ هن جو مشغلو مٿين ڪمائي هوندو آهي. ان جي ابتڙ مارڪيٽ جي بنياد تي اُسرندڙ وچولي طبقي جو سماج ڏانهن رويو ئي مختلف هوندو آهي. ڪاروباري چٽاڀيٽيءَ سبب ان طبقي جو ماڻهن ڏانهن رويو حاڪماڻو نه پر هٿ ٻڌڻ وارو هوندو آهي ۽ سندس ذهن وڌيڪ تخليقي انداز ۾ سوچيندو رهندو آهي. سنڌ ۾ اهڙو وچولو طبقو نه هجڻ جي برابر آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جي وڏن ۽ وچولن شهرن ۾ وڏن ڪاروبارن يا ڏيساور جي واپار ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندا آهن. ان ئي ڪارڻ سنڌ ۾ سياست تي وڏيرڪو طبقو ڇانيل آهي. قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن، فردن ۽ تنظيمن کي سنڌي سماج اندران زباني واهه واهه ته جام ملي ويندي آهي، پر ان جي عملي سرپرستي نه ٿيڻ سبب انهن ادارن جي اوسر به ڪُميءَ جي رفتار واري آهي. مثال طورسنڌ اندر باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سياسي شعور جي دعويداريءَ جي باوجود ڪن هڪ ٻن کي ڇڏي، باقي سنڌي ڪتاب ڇپائيندڙ ادارن لاءِ ڪنهن ڪتاب جون هزار ڪاپيون وڪرو ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي. سنڌ اندر سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جو حال خراب هجڻ جي باوجود ڪراچيءَ کي ڇڏي، باقي سنڌ ۾ ڍنگ جا خانگي تعليمي ادارا به نٿا ملن. سنڌ اندر ڊگري ڏيندڙ 25 خانگي يونيورسٽين مان 23 ڪراچيءَ ۾ آهن. هن وقت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سکر آءِ بي اي کان سواءِ ڪو به ڳڻڻ جهڙو وڏو تعليمي ادارو نظر نٿو اچي، جتان مارڪيٽ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ مقابلو ڪري سگهڻ جهڙو هيومن ريسورس وڏي انگ ۾ پيدا ٿي سگهي. هاڻي جيئن ته سرڪاري شعبي ۾ نوڪرين جا وهندڙ واهڙ سُڪي رهيا آهن ۽ جاب مارڪيٽ تي خانگي شعبو ڇانيل آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين مان ڊگريون وٺي نڪرندڙ نوجوان مارڪيٽ ۾ وائڙائپ جو شڪار آهن. جيتوڻيڪ خانگي شعبي اندر به سياسي اوليتون اثرانداز ٿين ٿيون، پر پوءِ به وڏي حد تائين ميرٽ لاءِ دروازا کليل رهن ٿا. بدقسمتيءَ سان مارڪيٽ جي جديد گهرجن تي پورو لهڻ لاءِ تعليمي ادارن کي جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهرجي، اهو نٿو ٿئي. سنڌ جي ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهري علائقن ۽ ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ۾ خانگي شعبي اندر وڌيڪ معياري تعليمي ادارا موجود آهن، جتان ڊگريون حاصل ڪندڙ اميدوار نوڪرين ۾ اسان جي ادارن مان نڪرندڙ کيپ کي گهڻو پٺتي ڇڏي وڃن ٿا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جنهن طبقي وٽ پئسو آهي، ان وٽ اها ساڃاهه ناهي ته ان پئسي کي قوم جي اجتماعي ڀلي لاءِ ادارا ٺاهڻ ۾ سيڙائڻ گهرجي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جو پئسي وارو وچولو طبقو گهڻي ڀاڱي پيٽرول پمپ کولڻ، شهرن ۾ پلاٽ خريد ڪرڻ جهڙن منافعي وارن موقعن ۾ سيڙپڪاري ته ڪندو رهندو آهي، پر معياري تعليمي ۽ علمي ادارا کولڻ ۾ ان جي ڪا به دلچسپي نه هوندي آهي. ڪاروباري وچولي طبقي جي کوٽ سبب مارڪيٽ اندر سنڌين جو حصو پتي نه هجڻ برابر آهي ۽ ان ڪري اسان جي اثرائتي موجودگيءَ جو وڏو خال آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ ٻين سمورن صوبن ۽ قوميتن جا ماڻهو مارڪيٽ ۾ نظر اچن ٿا. اڄوڪي دور ۾ مارڪيٽ مان گم هجڻ جو ٻيو مطلب آهي دنيا مان گم هجڻ.
ٻولي ۽ ڪلچر کان وٺي سياسي فيصلن تائين هر هنڌ مارڪيٽ ۾ موجودگي اثرانداز ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سالن کان اسان سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لاڳو ڪرڻ لاءِ سرڪاري حڪمناما جاري ڪرڻ جا مطالبا ڪندا رهون ٿا ۽ سرڪاري حڪمناما جاري ٿيڻ جي باوجود انهن تي عمل ممڪن نٿو ٿئي. جيستائين سنڌي ٻولي مارڪيٽ جي گهرج نه بڻجندي، تيستائين سرڪاري حڪمنامن سان ڪجهه نه ورندو. ساڳي طرح ڪراچيءَ اندر شهري معاملن تي ٿيندڙ سرڪاري جرڳن ۾ ٻين قومن جا عيوضي ته ڪوٺيا ويندا آهن، پر سنڌين جي نمائندگيءَ لاءِ ڪنهن کي به نه سڏايو ويندو آهي. ان جو به ساڳيو ڪارڻ آهي جو ڪراچيءَ ۾ ڳاڻيٽي جي اعتبار کان چڱو موچارو حصو هجڻ جي باوجود سنڌي جيئن ته ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ ناهن، تنهن ڪري کين عملي طور ڳاڻيٽي ۾ نٿو آندو وڃي. پنهنجي سموري سيڪيولر ۽ ترقي پسندي، امن پسندي ۽ صوفي مزاج جي باوجود بين الاقوامي طاقتون سنڌين سان هڪ ڌر جي حيثيت ۾ نه ٿيون ڳالهائين، تنهن ڪري تمام گهڻو ضروري آهي ته وڻج واپار ۽ منڊيءَ ۾ سنڌي ماڻهو پير رکن. ان سان نه رڳو سنڌي قوم اندر هڪ بنيادي سماجي تبديلي ايندي، پر سنڌي هن ملڪ جي معاملن ۾ اثرائتا اسٽيڪ هولڊر به ڳڻجي سگهبا.

سنڌين جي حقيقي نمائندگي ڪندڙ تنظيم جي اڻ هوند:
سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر هڪ غلط فهمي ڊگهي عرصي کان موجود آهي ته پيپلز پارٽي سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم آهي. جيڪڏهن نمائندگيءَ جي معنيٰ رڳو ووٽ وٺڻ آهي ته پوءِ اها ڳالهه وڏي حد تائين صحيح آهي، پر جيڪڏهن نمائندگيءَ جو مقصد ڪنهن قوم جي سياسي ۽ سماجي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ان جي احساسن ۽ جذبن جي عملي ترجماني ۽ حق ادائي ڪرڻ آهي ته پوءِ اها ڳالهه صحيح ناهي. پيپلز پارٽيءَ جون مد مقابل ڌريون ان کان وڌيڪ خراب رهيون آهن، تنهن ڪري سنڌ واسي مجبور ٿي ان پارٽيءَ کي ووٽ ڏيندا رهيا آهن. ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌين جو پيپلز پارٽيءَ سان جيڪو جذباتي لڳاءُ ۽ رشتوهو، اهو به هاڻي پوين پساهن ۾ آهي. هاڻي پيپلز پارٽي سنڌين جي چوائس نه پر مجبوري بڻيل آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ اندر قومپرست ۽ کاٻي ڌر واريون تنظيمون اڃا تائين ڪو بهتر متبادل فراهم نه ڪري سگهيون آهن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي مد مقابل ڌريون هميشه سنڌ کي وڌيڪ هاڃو رسائينديون رهيون آهن. تنهن ڪري سنڌ واسي هميشه پيپلز پارٽيءَ کي پارلياماني سياست ۾ اوليت ڏيندا رهيا آهن. بدقسمتيءَ سان پيپلز پارٽي سنڌ واسين جي ان ٻڌي ۽ مجبوريءَ جو غلط فائدو وٺندي، سنڌ اندر ڪا ڊگهي مدي واري بنيادي تبديلي آڻڻ بدران اقتدار کي عارضي ۽ معمولي مفادن لاءِ استعمال ڪندي رهي آهي. بينظير ڀٽو جي حياتيءَ ۾ وري به ڪجهه نه ڪجهه سنڌ جي مفادن لاءِ ڊگهي مدي واري رٿابندي نظر ايندي هئي، پر هاڻي ته سنڌ ۽ سنڌي ان جي اوليت به نه رهيا آهن. اڪثر چونڊيل عيوضي خود غرضي ۽ مفادپرستيءَ جي سورين حدن کي اڪرندي هن حڪومت کي پراڻا ليکا لاهڻ ۽ آئيندي جو ايڊوانس ڪڍڻ جو آخري موقعو سمجهي سنڌ جي مفادن کي پٺي ڏئي بيٺا آهن. اهوئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾ گورننس انتهائي خراب حالت ۾ آهي. نوڪرين ۾ مقرريون، پروموشن، بدليون، ٺيڪا ۽ امدادون سڀ ڪمائيءَ جو ذريعو بڻجي چڪا آهن. شهرن ۾ دهشتگردي ۽ ٻهراڙين ۾ اغوا ۽ قتل جون وارداتون پنهنجي انتها تي آهن. عوام سکڻين هڪلن ۽ داٻن ۽ آسرن وارا بيان ٻڌي ساڻو ٿي پيو آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن چونڊيل نمائندن کي ڇڏي باقي هڪ وڏي اڪثريت لاءِ سنڌ ڪمائي ۽ اقتدار جي ڏاڪڻ بڻيل آهي. ان صورتحال ۾ سنڌ واسي ڪنهن حقيقي نمائندا تنظيم جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪري رهيا آهن، جيڪا سنڌين کي هن نفسياتي بحران مان ڪڍي انهن جي بي پناهه توانائين کي ڪا منظم قيادت فراهم ڪري.
سنڌ واسين بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ جنهن ڪاوڙ ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪيو هو، ان سڄي توانائي کي اڍائي سالن اندر پيپلز پارٽيءَ اهڙي طرح ٻاڦ بڻائي اڏائي ڇڏيو جو شايد اهڙو ڪم آمرن جي اذيتن ۽ سازشن کان به نه ٿي سگهيو هوندو. سنڌ ۾ هن وقت هڪ وطن دوست، عوام دوست، لبرل ۽ ترقي پسند قيادت ۽ تنظيم جي ضرورت آهي جيڪا سنڌي سماج کي ڌونڌاڙي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ٿيڻ جا دڳ ڏسي سگهي. سنڌ کي هڪ اهڙي تنظيم جي گهرج آهي، جيڪا سنڌ واسين جي ويساهه کي نئون جياپو ڏئي سگهي. سنڌ کي هن وقت اهڙي گهڻ رخي تنظيم جي ضرورت آهي، جيڪا سنڌ کي مرندڙ سماجي ڍانچي جي ڌٻڻ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ۽ ان کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سياست جي مکيه ڌارا ۾ سندس جائز حصو ڏياري سگهي. سنڌي ميڊيا، ليکڪ، غير سرڪاري ادارا ۽ فرد پنهنجي حصي جي ڪوشش ڪندا رهن، پر سياسي تنظيم جو متبادل ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي. سنڌ جي عوام دوست مڊل ڪلاس تي اهو تاريخ جو قرض آهي ته اهو سنڌ ۾ اهڙي قيادت فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ جيستائين اهڙي تنظيم وجود ۾ اچي، تيستائين مختلف محاذن تي پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪندي سنڌ جي حقن جي پاسداريءَ لاءِ پنهنجي حصي جي جدوجهد جاري رکي.

مسئلن تي بحث سان گڏ متبادل حل ڳولڻ جي ضرورت

مسئلن تي بحث سان گڏ متبادل حل ڳولڻ جي ضرورت


اڄوڪي سنڌ تي نظر ڦيرائڻ سان ڪجهه ڳالهيون هر هنڌ هڪ جهڙيون نظر اچن ٿيون. اهي آهن مايوسي ويڳاڻپ، آئيندي جي غير يقيني هجڻ جو خوف، سڀ ڪجهه لٽجي وڃڻ جي شڪايت، ظلم ۽ ناانصافي جي دانهن ۽ ان جهڙيون ٻيون انيڪ علامتون، انهن سمورين ڳالهين سنڌ واسين جا ذهن مڏا ڪري رکيا آهن ۽ نتيجي ۾ سنڌ اندر آپگهاتن، مظاهرن، بک هڙتالن ۽ مطالبن جا منظر روز جو معمول بڻيل آهن. اسان جي لکڻين، تقريرن ۽ سياسي مذاڪرن ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو غور سان جائزو وٺبو ته ان جو وڏو حصو پڻ سنڌ سان سياسي ۽ معاشي ميدان ۾ گذريل ڇهن ڏهاڪن جي ظلمن ۽ زيادتين جو ذڪر ئي ڇانيل هوندو آهي. يقينن اهو سڀ ڪجهه وڏي حد تائين حقيقت تي ٻڌل هوندو آهي جنهن کان انڪار ڪرڻ ممڪن ناهي، پر ان سڄي وايو منڊل ۾ هڪ اهم ڳالهه جي کوٽ آهي، جنهن تي تمام گهٽ لکيو، ڳالهايو ۽ سوچيو ٿو وڃي ۽ اها ڳالهه پريشانين ۽ مسئلن جي ان ڄار مان پاڻ ڇڏائي اڳتي وڌڻ جي رستن جو ذڪر. اخباري ڪالمن، ٽي وي مذاڪرن ۽ سياسي تقريرن ۾ مجموعي طور ان هڪ رخ جو تمام وڏو خال آهي. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته ماضي جي ناانصافين ۽ اڄوڪين زيادتين سميت اسان جون سموريون دانهون ڪوڪون جائز ۽ حق تي ٻڌل آهن پر صرف انهن تي ڳالهائيندو ۽ لکندو رهڻ سان نجات جون راهون نه کلنديون. قوم جي اڳواڻن ۽ سياڻن سيبتن ماڻهن جي اها به ذميواري آهي ته اهي قوم کي مسئلن جي ان ڌٻڻ مان نڪرڻ جا رستا به ٻڌائين ۽ کين ان رستي تائين پهچڻ لاءِ گس به ڏسين.
ممڪن آهي ته ڪجهه دوست منهنجي ان راءِ سان سهمت نه به ٿين، پر منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽر رڳو مريض کي اهوئي ٻڌائيندو رهي ته توکي فلاڻي فلاڻي بيماري آهي ۽ روز کيس دوا ۽ علاج بجاءِ رڳو مرض جو ئي ٻڌائيندو رهي ته پوءِ اهڙو مريض رڳو بيماري جي خوف ۾ ئي مري ويندو. سنڌ جي سوچيندڙ ذهنن ليکڪن، صحافين ۽ سياسي اڳواڻن کي سنڌي قوم کي هن نفسياتي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ علاج به تجويز ڪرڻو پوندو، بدليل دنيا ۾ مسئلن جا جديد حل ڳولڻ نهايت اهم ڪم آهي، جيڪو ضرور ڪرڻو پوندو.
مڃون ٿا ته اسان جي آس پاس ۾ موجود اڪثر قوتون اسان جي اڳتي وڌڻ جي رستي ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪنديون رهن ٿيون، پر رڳي رڪاوٽن کي نندڻ سان اهي ختم نه ٿي وينديون. اسان کي منزل تي پهچڻ لاءِ يا ته اهي رڪاوٽون اورانگهڻيون پونديون يا وري متبادل رستا ڳولڻا پوندا. هونئن ته سنڌ کي درپيش مسئلن جي فهرست تمام ڊگهي آهي ۽ انهن مان ڪن جا متبادل حل ڳولڻ ايترا آسان به ناهي، پر ڪن اهم ۽ گهڻ وقتي بحث هيٺ رهندڙ مسئلن کي هتي بحث هيٺ آڻيون ٿا. سنڌ ۾ بيروزگاري، تعليم جي تباهي ۽ ٻهراڙين ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون وغيره اهم مسئلن ۾ ڳڻجن ٿا. ان کان سواءِ سياسي نوعيت جا ٻيا بنيادي مسئلا مثلاً ناڻي جي ورڇ، قدرتي وسيلن تي مالڪي ۽ آئيني حق وغيره جهڙا معاملا به آهن، جن جو حل گهڻ رخي ۽ ڊگهي مدي واري سياسي جدوجهد ئي آهي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ اندر جدوجهد جي تاريخ نهايت اُتساهيندڙ آهي.
بيروزگاري اڄ جي سنڌ ۽ خاص طور تي نوجوان نسل جو اهم ترين مسئلو آهي. ان مسئلي پٺيان بنيادي ڪارڻ سنڌ ۾ زرعي معيشت جو زوال پذير ٿيڻ، صنعتي ترقي نه ٿيڻ ۽ سرڪاري نوڪرين تي پابندي هجڻ آهي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ روزگار جو لازمي مطلب سرڪاري نوڪري ئي سمجهيو وڃي ٿو. سنڌي نوجوانن جي زندگيءَ جو هڪ وڏو خواب يا حاصلات سرڪاري نوڪري رهي آهي. وڏڙن کان هميشه سرڪاري نوڪريءَ جي سُکن جون ڪهاڻيون ٻڌي اسان اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته ڌرتيءَ تي قدرت جي وڏي ۾ وڏي نعمت سرڪاري نوڪري آهي، خاص طور تي جيڪڏهن اها اباڻي ڳوٺ ۾ هجي. سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڻو ڪري ڪم نه ڪار، پهرين تاريخ تي پڪي پگهار ۽ پوسٽنگ سٺي هجڻ جي صورت ۾ چڱي چوکي حرام جي ڪمائي ان جي اڻ مٽ خوبين مان آهن. اهوئي سبب آهي جو هنرمنديءَ جي آڌار خانگي شعبي خاص ڪري شهري صنعت ۾ روزگار حاصل ڪرڻ ۽ ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار ڪرڻ کي اسان ڪڏهن آپشن طور سوچيو ئي ناهي، هن دور ۾ به جڏهن اسان ملڪ ۾ تمام گهڻي بيروزگاريءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا، ننڍن وڏن شهرن ۾ اليڪٽريشن، پلمبر يا گيريج مستري اسان کي سؤ ۾ هڪ ٻه سنڌي نوجوان مس نظر ايندا. ويندي ٻهراڙين جي ننڍن ننڍن شهرن ۽ يونين ڪائونسل هيڊڪوارٽرن ۾ به جتي سوين نوجوان سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جون کوکليون ڊگريون کنيو حڪومت ۽ وفاق کي پٽيندا رهن ٿا، اتي به ڪنهن جي گهر ۾ بجليءَ جو بٽڻ به خراب ٿئي ٿو ته ان کي ٺاهڻ وارو پنهنجن مان نه ٿو نظر اچي. جيتوڻيڪ ڏيڍ ڏهاڪي کان سرڪاري نوڪرين تي پيل بندش سبب هاڻي اسان جي نوجوانن جو ٿورو گهڻو لاڙو ان پاسي ٿيو آهي، پر اڃا به تمام گهڻي کوٽ آهي. اڄ به شهري ۽ نيم شهري صنعت ۽ ڪاروبار ۾ هنرمند هٿن جي گهرج آهي، پر اسان وٽ نوڪري کان سواءِ روزگار جي ٻين ذريعن تي سوچڻ جي رواج ئي ناهي. سرڪاري نوڪرين کان پوءِ اڄڪلهه اين جي اوز ۾ نوڪري ڳولڻ جو رواج عام آهي. مون کي ذري گهٽ روزانو ڪنهن نه ڪنهن بيروزگار نوجوان طرفان ڪنهن اين جي اوز ۾ ڪا به نوڪري ڏيارڻ لاءِ اي ميل يا ٽيڪسٽ ميسيج ايندو آهي. انهن مان جن کي به ڪو هنر سيکارڻ ۾ مدد ڪري روزگار ڳولڻ لاءِ چيو هوندو ته هڪ ئي جواب آيو هوندو ته نوڪري کپي. هڪ ڳالهه اسان کي سمجهڻ گهرجي ته سرڪاري توڙي خانگي شعبي ۾ هاڻي نوڪريون ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيون آهن ۽ ٽيبل ورڪ يا فيلڊ جون نوڪريون ايترو سولائي سان نه ٿيون ملي سگهن. ان لاءِ ڪيريئر ۾ هيٺين سطح کان سخت جاکوڙ ڪري جڳهه ٺاهڻي پوي ٿي ۽ هاڻي سفارشي شارٽ ڪٽ سان ڪي چند ماڻهو ئي نوڪريون حاصل ڪري سگهندا، نه ته باقي اڪثريت کي پنهنجي اهليت ۽ محنت تي ئي ڀاڙڻو پوندو. اها ڳالهه اسان جي نوجوانن کي جيستائين سمجهه ۾ نه ايندي تيستائين اهي ايئن شارٽ ڪٽ جي ڳولا ۾ هٿ پير هڻندا رهند،ا پر کين باعزت روزگار سولائيءَ سان نه ملي سگهندو. ڪراچي، حيدرآباد، نوري آباد، ڪوٽڙي ۽ ٻين صنعتي علائقن ۾ هزارن جي انگ ۾ ٻين صوبن ۽ ملڪن جا ماڻهو روزگار حاصل ڪن ٿا، پر اسان جي نوجوانن جو اڪثر لاڙو سرڪاري ۽ اين جي اوز جي نوڪرين ڏانهن آهي. سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ٽڪي سير بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون ورهائي ان لاڙي کي ويتر هٿي ڏني آهي. مڃون ٿا ته صنعتي شعبي ۾ سياسي اقرباپروريءَ جو به عمل دخل آهي، پر پوءِ به پنهنجو ڪم ڄاڻندڙ ۽ محنت ڪندڙ ماڻهو پنهنجي جڳهه ٺاهي وڃن ٿا. اهڙا سوين سنڌي نوجوان هينئر ان شعبي ۾ نظر به اچن ٿا. بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ صنعتي شعبو تمام محدود آهي ۽ اهو گهڻو تڻو ڪراچيءَ تائين محدود آهي. پنجاب جي ابتڙ هتي سنڌ ۾ گاديءَ واري شهر کان ٻاهر صنعتي مرڪز نه هجڻ جي برابر آهن. نوابشاهه، خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي صنعتي زون بابت عرصي کان خبرون ٻڌجن پيون، پر ٿورو گهڻو سکر کي ڇڏي باقي هنڌن تي سيڙپڪاري نه پئي ٿئي. ان جا ڪيئي حقيقي ۽ افسانوي ڪارڻ آهن. پر ظاهر آهي ته ڪراچي به سنڌ جي گادي آهي ۽ جيڪڏهن قبائلي علائقن ۽ هزارا کان ماڻهو اتي اچي روزگار ڪن ٿا ته پوءِ خيرپور ۽ عمرڪوٽ ته وري به ڪراچي کي ويجها آهن. جيڪڏهن سنڌي نوجوان ڪيريئر جي شروعات ۾ ٿوري گهڻي تڪليف کڻي، ٻه ٽي سال ڏکيائيون برداشت ڪرڻ لاءِ ذهني طور تيار ٿين ته ان شعبي ۾ ڪافي بهتر ڪيريئر جا امڪان آهن. ان لاءِ اسان کي ڳوٺن جي هوٽلن جون ڪچهريون سهائي سخت پورهئي ۽ ڏکين حالتن ۾ رهڻ لاءِ شهرن جو رخ ڪرڻو پوندو. جيستائين ٻهراڙين ۾ صنعت پهچي، اسان کي شهرن جو رخ ڪرڻ گهرجي. هينئر به ڪراچيءَ جي صنعتي شعبي ۾ ويهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو روزگار ڪري رهيا آهن. اهو ته ٿيو ليبر ڪلاس جي روزگار جو معاملو، پڙهيل لکيل نوجوانن لاءِ به روزگار ان ئي قسم جي غير رسمي ۽ صنعتي شعبي ۾ آهي. پر ان شعبي ۾ وائيٽ ڪالر واريون نوڪريون تمام گهٽ هونديون آهن ۽ سخت ڇٽاڀيٽيءَ سبب ان شعبي جي مئنيجمينٽ ۽ ايڊمنسٽريشن وارن ڪيڊرس ۾ پهچ به آسان ناهي. انگريزي ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڪمزور هجڻ سبب اسان جا نوجوان شهري علائقن جي تعليمي ادارن جي گريجوئيٽس جو مقابلو ڪري نه ٿا سگهن. ٻهراڙين ۾ سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين ۾ ڪن ٿورن کي ڇڏي باقي بيچلرس ۽ ماسٽرس جون ڊگريون اهي همراهه وٺي نڪرن ٿا، جن کي انگريزي ته ڇڏيو سنڌي ۾ به چار سٽون صحيح لکڻ نه ٿيون اچن. ٻهراڙين جون سرڪاري يونيورسٽيون گهڻو ڪري ڪرپٽ ايڊمنسٽريشن، تنظيمي سياست ۾ مصروف استادن ۽ ڪالر کڙڪائي هلندڙ شاگردن سان ڀريل آهن، جتي سکڻ ۽ سيکارڻ وارا ٻئي ڪم گهٽ نظر اچن ٿا. ٻئي طرف ڪراچيءَ جا خانگي تعليمي ادارا آهن جتي سکڻ ۽ سيکارڻ کان سواءِ ٽيون ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي. ظاهر آهي ته ان ماحول ۾ اسان جي ٻهراڙين جا گريجوئيٽس مارڪيٽ ۾ ڪهڙو مقابلو ڪري سگهندا. ان لاءِ هڪ طرف اسان جي گهڻ گهرن ۽ سياسي قيادت کي ٻهراڙين ۾ يونيورسٽين جا معاملا ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪو عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته ٻئي طرف سرنديءَ وارن کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي شهرن جي بهتر تعليمي ادارن ۾ موڪلين. خانگي شعبي جي تعليمي ادارن ۾ نسلي بنيادن تي داخلائن کان روڪڻ جو لاڙو تمام گهٽ آهي. تنهن ڪري مان سمجهان ٿو ته جيڪي ماڻهو خرچ ڀري سگهن ٿا کين گهرجي ته اهي پنهنجي ٻارن کي زيبسٽ، آءِ بي اي وغيره ۾ دخلائون ڏيارين ته جيئن مئنيجمينٽ ڪيڊر ۾ به اسان جي نوجوانن کي پير رکڻ جا وڌيڪ موقعا ملي سگهن.
ساڳي طرح شهري ۽ نيم شهري علائقن ۾ ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار روزگار جو بهترين ذريعو آهن. ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۽ پختونن ۾ اهو لاڙو تمام گهڻو آهي. خاص طور تي چار ڏهاڪا اڳ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ڪراچي اندر پير رکندڙ پختونن ننڍن وچولن ۽ هاڻي وڏن ڪاروبارن ۾ زبردست اڳڀرائي ڪئي آهي. فٽ پاٿ وارن ننڍن ڪاروبارن ۾ تمام معمولي سيڙپڪاري ٿئي ٿي، جڏهن ته ان جي آمدني گهر هلائڻ ۽ گذر ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. ڪراچيءَ جي فٽ پاٿن تي برگر ۽ چانهه وڪڻندڙ ماڻهو به گهٽ ۾ گهٽ سورهين گريڊ جي حلال واري پگهار جيتري ڪمائي ڪن ٿا. انهن ننڍن ڪاروبارن کان شروعات ڪندڙ هزارين ماڻهو وچولي ۽ وڏي ڪاروبار تائين پهچن ٿا ۽ انهن جي ڪمائي ڪهڙي به طرح ڪنهن وڏي سرڪاري آفيسر کان گهٽ نه هوندي آهي. اڄ ڪلهه هزارين سنڌي نوجوان ٻن کان پنجن لکن رپين تائين رشوت عيوض ڪچي سرڪاري نوڪري وٺڻ لاءِ آتا آهن. جڏهن ته ان رقم مان وڏي آرام سان ڪو ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ٻن ٽن سالن جي مستقل مزاجي ۽ محنت سان سرڪاري نوڪريءَ کان وڌيڪ آمدني ڏئي سگهي ٿو. ان لاءِ اسان کي پنهنجي نام نهاد سماجي رتبي واري مٿي جي ڦيريءَ کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. خانگي شعبي، غير رسمي شعبي ۽ ننڍن وچولن ڪاروبارن سان نه رڳو گهر هلائي سگهجي ٿو، پر ساڳئي وقت هڪ اسرندڙ شهري وچولو طبقو به پيدا ڪري سگهجي ٿو، جيڪو سنڌي سماج اندر مدي خارج جاگيرداراڻي ڍانچي کي به تبديل ڪري سگهي ٿو.
اهڙي طرح روزگار جي معاملي ۾ هڪ طرف سرڪاري نوڪرين ۾ پنهنجي حصي لاءِ جدوجهد جاري رکڻ گهرجي، پر ساڳئي وقت بيروزگاري سبب پاڻ کي ساڙڻ، آپگهات ڪرڻ، بازارن ۾ ٻار وڪڻڻ يا اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ڦاسڻ بجاءِ متبادل ذريعن لاءِ هٿ پير هڻڻ گهرجن. نوڪري بجاءِ هنرمندي ۽ ننڍي سيڙپڪاريءَ سان شهري علائقن ۾ گذر سفر جا موقعا تلاش ڪري ڪنهن حد تائين ان مسئلي کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ شهرن ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سنڌ واسين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن کي گهرجي ته اهي ٻهراڙين جي نوجوانن کي ان پاسي لاڙو ڪرڻ لاءِ اتساهين ۽ سندن واهر ڪن ته جيئن اهي نوڪريءَ واري غلاماڻي سوچ مان نڪري پاڻ ڀرائپ وارن طريقن کي اختيار ڪن.
جيستائين سوال آهي ته سرڪار ان ڏس ۾ ٻهراڙين جي نوجوانن جي ڪهڙي مدد ڪري سگهي ٿي ته ان لاءِ ذهن ۾ واضح ڪرڻ گهرجي ته سرڪار رڳو نوجوانن لاءِ سرڪاري کي نوڪرين جا اعلان ڪري کين وڏيرن جي اوطاقن ۽ وزيرن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽرائيندي ڇو ته سندن وڏيرڪي مزاج واري سياست ماڻهن کي پاڻ ڀرو ٿيڻ بجاءِ سندن محتاج رکڻ تي ئي هلي سگهي ٿي. اهوئي سبب آهي جو هنن شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان شروع ڪيل يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جهڙي زبردست آئيڊيا کي به سياسي رشوت جو ذريعو بڻائي ان کي وظيفن ورهائڻ وارو پروگرام بنائي ڇڏيو آهي. جتان هنرمند نوجوانن بجاءِ بي هنر فرسٽريٽ ٿيندڙ نوجوانن جي هڪ نئين کيپ برآمد ٿيڻ جو امڪان آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه نوجوان وري به ان مان فائدو حاصل ڪري وٺندا، پر نوجوانن جو هڪ تمام وڏو انگ سياسي اقربا پروري سبب ان پروگرام مان گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهندو. سچي ڳالهه اها آهي ته هاڻوڪي حڪومت وٽ ٻهراڙين ۾ ترقي آڻڻ ۽ ٻهراڙين جي نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين جو نشو ڏيڻ بجاءِ کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ وارا پروگرام شروع ڪرڻ جو هڪ بهترين موقعو هو، جيڪو حڪمرانن جي ڪوتاهه نظري ۽ عارضي سياسي مفادن سبب ضايع ٿي رهيو آهي. تنهن ڪري حڪومت مان ڪنهن واهر جو آسرو ڪرڻ بجاءِ ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ رهندڙ سنڌي نوجوانن ۽ تنظيمن کي متبادل رستن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
ان ئي ائپروچ سان اسان کي سنڌي سماج کي درپيش ٻين سماجي مسئلن جا به حل ڳولڻا پوندا. سنڌ جي گهڻ گهرن، سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ سماجي ورڪرن کي گهرجي ته هو مسئلن جا متبادل حل ڳولهين ۽ انهن تي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائين ته جيئن اسان رڳو مسئلن جو ليڪو ڪٽڻ بجاءِ حل جي رستن تي به اڳتي وڌي سگهون. مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ انهن جي حل لاءِ مطالبا ڪرڻ اهم آهي، پر ان کان به وڌيڪ اهم مسئلن جا حل ڳولڻ ۽ انهن لاءِ عملي اڳڀرائي ڪرڻ آهي.

سياسي ۽ سماجي انارڪي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪجندڙ سنڌ

سياسي ۽ سماجي انارڪي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪجندڙ سنڌ


موجوده حڪومت جي دور ۾ جتي هيٺين سطح تي خراب حڪمراني گهٽي گهٽيءَ ۾ نظر اچي ٿي، اتي ٻه چار مٿين سطح جا ڪجهه بهتر ڪم به ٿيا هئا، جن سان ڪجهه اختلاف رکڻ جي باوجود انهن جي ڪجهه بهتر رخن کي واکاڻيو به ويو هو. مثال طور اين ايف سي ايوارڊ اندر گهڻ رخي فارمولي جي اصولي مڃتا ۽ سروسز تي سيلز ٽيڪس صوبن حوالي ڪرڻ وارا پاسا بهتر سمجهيا ٿي ويا. جيتوڻيڪ اهي به مڪمل طور ڪنهن قابل قبول شڪل ۾ نه هئا، پر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ قدم بهتريءَ طرف هئا. ساڳئي طرح 18هين ترميم وسيلي پارليامينٽ کي بااختيار بڻائڻ، صوبن کي تيل ۽ گئس جي وسيلن تي برابريءَ جو حق ڏيڻ، ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي سگهارو بنائڻ ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ کي ختم ڪرڻ پڻ بهتر قدمن طور واکاڻيا ويا. انهن قدمن جو ثمر ملڪ جي پٺتي پيل عوام تائين پهچڻ ۾ اڃا هڪ وڏو عرصو گهربل آهي، پر تنهن هوندي به انهن کي آئيني تحفظ ملڻ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. اهي وڏا قدم کڄڻ کان پوءِ سالن کان اڻبرابري ۽ ناانصافيءَ جو شڪار ٿيل صوبن جي عوام ۾ اها اميد پيدا ٿي هئي ته سندن زندگين ۾ جلد ڪي وڏيون تبديليون اچڻ واريون آهن، پر هن ملڪ اندر هڪ مخصوص ذهنيت جي نمائندگي ڪندڙ چالاڪ بيورو ڪريسي انهن سمورين خواهشن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ رات ڏينهن مصروف آهي. جهڙي طرح تازو ارسا ۾ صرف هڪ ميمبر پنهنجي هڪ هٽي ۽ بالادستيءَ جو مظاهرو ڪندي اڪيلي سر چشما-جهلم لنڪ ڪئنال کولرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ان انگن اکرن ۽ دليلن جي جنگ ۾ ويساهه رکندڙ ماڻهن کي به منجهائي ڇڏيو آهي ته آخر ان نوعيت جي کلي ڏاڍ مڙسيءَ کي دليل ذريعي ڪيئن روڪجي. جڏهن هفتي کن جي رڙ واڪن ۽ دانهن کان پوءِ وزيراعظم وچ ۾ پيو ۽ ڪي فيصلا ٿيا ته چوويهن ڪلاڪن اندر وري انهن کي به ڊسٽ بن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ته پوءِ عام ماڻهو وفاقي مامرا هلائيندڙ ادارن ۽ وفاق جي علامت بڻيل عهدن ۾ ڪهڙو ويساهه رکن؟ شايد بي وسيءَ جي اها ئي انتها هئي، جنهن قيصر بنگاليءَ جهڙي ماڻهوءَ کي اهي لفظ چوڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته: ”جيڪڏهن اسان جو پاڻي روڪيو ويو ته پوءِ سنڌ به پورٽ ۽ رستابند ڪري سگهي ٿي.“
شايد چشما- جهلم لنڪ ڪئنال جو کلڻ ايترو خطرناڪ ناهي، جيترو ادارن ۽ فردن مان صوبن جي عوام جو ويساهه کڄڻ خطرناڪ آهي. جيڪي غيردانشمند ماڻهو عارضي فائدن لاءِ اهي قدم کڻي رهيا آهن، کين شايد ان ڳالهه جو اندازو ناهي ته ان ريت هو دراصل هن ملڪ جون پاڙون کوٽي رهيا آهن. بنگلاديش دراصل ان بيوسيءَ جي انتها جو نتيجو هو ۽ هن وقت بلوچستان به ان صورتحال مان گذري رهيو آهي، جتي ”دليل“ پنهنجي وجود جا دليل وڃائي ويٺو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر جيڪڏهن اهي طاقتون ملڪ جي ڪمزور صوبن ۽ طبقن کي دليل جي مهذب هٿيار کان محروم ڪرڻ واري روش اختيار ڪنديون ته ان کان وڏي ملڪ دشمني ٻي ڪا به نه ٿيندي.
پاڻيءَ واري معاملي کان اڳ سنڌ حڪومت کي ناڻي ورهاست واري معاملي تي به ساڳي فرسٽريشن جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن چئن وڏن وزيرن جي سهمتيءَ سان صحيح ڪيل اين ايف سي ايوارڊ ۾ جيڪي اڀرا سڀرا فائدا ننڍن صوبن کي ڏنا ويا هئا، تن کان به نابري واري وئي. سروسز تي سيلز ٽيڪس واپس ملڻ تي پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ سرڪار تمام گهڻو جشن ملهايو هو ۽ ان کي پنهنجي تمام وڏي ڪاميابي ۽ جمهوريت جي سوڀ قرار ڏنو هو. اهو سيلز ٽيڪس هاڻي وفاق، صوبن کي واپس ڏيڻ کان بنهه نابري واري ويٺو آهي. ويليو ايڊيڊ ٽيڪس توڙي جنرل سيلز ٽيڪس ۾ سڌارن وارا سٽاءَ سڌو سنئون اين ايف سي ايوارڊ مڃيل قدمن کان نابري وارڻ واري روش آهن. اهڙي طرح سنڌ اندر وچٿري سوچ رکندڙ جمهوريت پسند ماڻهن کي اها جائز ڳڻتي ٿيڻ لڳي آهي ته جيڪڏهن ايترين قربانين ۽ ڏاڍاين برداشت ڪرڻ کان پوءِ ايندڙ جمهوريت ۾ کين آمريتي دور واري ورتاءَ کي منهن ڏيڻو آهي ته پوءِ حقن جي جدوجهد جا مهذب طريقا بي معنيٰ بڻجي ويندا. اڄ به سنڌ ۾ قبائلي رتوڇاڻ جا ذميوار مفاهمت جا مزا ماڻي رهيا آهن. اغوا، قتل، ٽارگيٽ ڪلنگ، قبضا، رشوتي بدليون، سفارشي مقرريون ۽ رستن تي ڦرون اڳي کان ڳريون آهن. شهرن اندر ادارن ۾ سنڌي شاگردن جون داخلائون، نوڪريون ۽ ڊوميسائيل ساڳئي بندش هيٺ آهن. اسلام آباد جي ادارن ۾ ماڻهن جي پهچ ۾ ساڳيون رنڊڪون برقرار آهن ۽ عوام جي اهنجن جي ڳڻتيءَ کان آجا چونڊيل عيوضي ساڳئي طرح فوٽو سيشنز ۽ اخباري بيانن ۾ مصروف آهن. اسڪول ۽ اسپتالون ساڳئي حال ۾ آهن. ٿاڻن ۽ سرڪاري آفيسن جو ساڳيو عوام دشمن ڪلچر برقرار آهي. پاڻيءَ جي کوٽ خلاف مظاهرا ۽ بک هڙتالون برقرار آهن. واضح رهي ته پاڻيءَ جي کوٽ هڪ ته مٿان کان مڙهيل آهي، ٻي وري صوبي اندر پهچندڙ پاڻيءَ جي روايتي بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو نتيجو آهي، جنهن کي پنجاب جي کاتي ۾ وجهي پنهنجا اعمال نه ٿا لڪائي سگهجن. ٻهراڙين ۾ ترقيءَ جو برباد حال اڳي کان گهڻو مختلف ناهي. شهرن جي اسٽريٽ لائيٽس کي آن رکڻ لاءِ ٻهراڙين ۾ ٻارنهن کان پندرنهن ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ سبب زندگي مفلوج آهي. مٿان وري مهانگائي، بدامنيءَ ۽ بدانتظامي عوام جي صبر کي لڳل سمورا ٽاڪا ٽوڙي ڇڏيا آهن. ان سڄي وايو منڊل ۾ ماڻهن جي دماغ ۾ هڪ ئي سوال هٿوڙي جيان لڳي رهيو آهي ته جيڪڏهن سندن نصيب ۾ اهوئي سڀ ڪجهه لکيل آهي ته پوءِ اهڙي جمهوريت ڇا سندن قبر قيامت آجي ڪرائڻ جي ڪم ايندي؟
ننڍن صوبن، خاص طور تي سنڌ جا ماڻهو جنهن مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌڪجي رهيا آهن ۽ سنڌ جنهن انارڪيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي، ان کي منهن ڏيڻ اصولي طور تي پيپلز پارٽي جي ذميواري آهي. نه رڳو ان ڪري جو اها وفاق ۽ صوبي اندر حڪومت ۾ آهي پر ان ڪري به جو سنڌ جا ماڻهو گذريل چئن ڏهاڪن کان اڪثريتي طور پيپلز پارٽي کي چونڊيندا رهن ٿا. بدقسمتيءَ سان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي هن وقت اهو هوش ئي ناهي ته صوبي جي عوام جي دلين اندر ڪهڙي اوٻر اٻري رهي آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ خاص طور تي ٻه فيڪٽر خطرناڪ شڪل اختيار ڪري رهيا آهن. هڪ ته عام ماڻهوءَ جو پيپلز پارٽيءَ مان ويساهه کڄي رهيو آهي. ماڻهو سمجهن ٿا ته پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ چونڊيل عيوضين جي هڪ وڏي اڪثريت سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪا سنجيده اڳڀرائي ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذاتي اوليتن ۾ مصروف آهي. ٻي خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ننڍي مدي ۾ عوام کي پيپلز پارٽيءَ جو ڪو مضبوط متبادل نظر نه ٿو اچي. قومپرست تنظيمون مختلف سببن جي ڪري اڃا پيپلز پارٽيءَ جي متبادل طور اُڀري نه سگهيون آهن. سياسي ۽ سماجي سطح تي قيادت جو اهو خال نهايت خطرناڪ علامت آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ لاقانونيت ۽ انارڪيءَ جو راڄ هينئر کان ئي واضح ٿيڻ لڳو آهي. جيئن جيئن ماڻهن کي اهو احساس ٿيندو ته هاڻي اهي بي يارو مددگار آهن ۽ سندن نمائندگي ڪرڻ يا حقن جي حفاظت ڪرڻ وارو ڪير به ناهي ته پوءِ انارڪي ڪنهن سوناميءَ جيان سماج کي لوڙهي ويندي. هينئر سنڌ ۾ ماڻهن جي دانهن ڪوڪ ورنائڻ لاءِ خوشقسمتيءَ سان هڪ متحرڪ سنڌي ميڊيا موجود آهي، جيڪا وقت بوقت سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿاريندي رهي ٿي، پر ظاهر آهي ته ميڊيا مسئلن بابت رڳو آواز اُٿاري سگهي ٿي، مسئلا حل نه ٿي ڪرائي سگهي. سنڌ جي گهٽي گهٽيءَ ۾ راڄ ڪندڙ خراب حڪمراني ۽ بدانتظاميءَ کي رڳو حڪومتون ئي منهن ڏئي سگهن ٿيون. اڻ چونڊيل ۽ ٿاڦيل آمريتي حڪومتن ۾ انهن خرابين جنم ورتو هو ۽ عوام ان ڪري صبر سان انهن جو مقابلو ڪندو رهيو، جو کين اميد هئي ته جڏهن سندن ووٽن سان چونڊيل حڪومت اقتدار ۾ ايندي ته انهن خرابين جو انت اچي ويندو، پر بدقسمتيءَ سان سنڌي سماج کي برباد ڪندڙ اهي سمورا عنصر مفاهمتي پاليسيءَ جي مهربانين سان سنڌ مٿان ساڳي طرح راڄ ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ قتل، اغوا، قبائلي رتوڇاڻ، سفارش ڪلچر ۽ شخصي ڏاڍ مڙسي اڳي کان وڌيڪ سگهاري شڪل اختيار ڪري ورتي آهي ۽ عوام وائڙن جيان چوڌاري نهاري رهيو آهي ته هو آخر هاڻي مدد لاءِ ڪنهن ڏانهن واجهائين. حڪمران پارٽيءَ اندر آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي ڇڏي ٻين تائين خاص طور تي ٻهراڙين جي عوام جي پهچ ناممڪن بڻيل آهي. بيروزگاري، مهانگائي ۽ بدامنيءَ ماڻهن جا ذهن مڏا ڪري ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ ماڻهو اڄ به مٿين سطح تي جمهوريت خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف حڪومت جي اصولي حمايت به ڪن ٿا، پر هيٺين سطح تي خراب حڪمرانيءَ ڪارڻ اهي ڪنهن وڏي عوامي مزاحمت لاءِ به آتا نظر نه ٿا اچن. هن صورتحال ۾ جيڪڏهن جمهوريت خلاف روايتي غير جمهوري طاقتون ڪا کيڏ کيڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون ته جمهوريت جي ثمر کان محروم ۽ مايوس عوام ان لاءِ رستن تي نڪري ڪا وڏي مزاحمت ڪرڻ لاءِ شايد ئي تيار ٿي سگهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت باقي بچيل وقت ۾ پنهنجي حڪمرانيءَ جي ڍنگ ۾ ڪي بنيادي تبديليون نه آنديون ته نه رڳو ايندڙ چونڊن ۾ کين هڪ پارٽيءَ طور سخت چئلينج کي منهن ڏيڻو پوندو، بلڪه امڪان آهي ته عوام جي ورهايل ووٽ ۽ راءِ سبب سنڌ اندر عوام دشمن طاقتن جو اتحاد اقتدار تي قابض ٿي باقي بچيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. ان حالت ۾ سنڌ اندر سياسي انارڪي پنهنجا جيڪي رنگ ڏيکاريندي ان جو تصور ئي ڊيڄاريندڙ آهي. ننڍن صوبن، خاص ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن انتها تائين پهچڻ کان روڪڻ ۾ جمهوريت جي اميد هڪ وڏو ڪارڻ رهي آهي. جڏهن ماڻهن کي اها پڪ ٿي وئي ته هنن لاءِ جمهوريت ۽ آمريت ۾ عملي طور ڪو به فرق ناهي رهيو، مٿين سطح تي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ حقن جي حاصلات جو ٽڪراءُ هجي يا هيٺين سطح تي بهتر حڪمراني، سماجي ترقي ۽ بهتر شهري زندگيءَ جون اميدون هجن، جڏهن انهن سڀني ڏانهن ماڻهن جا ذهن مڪمل طور بند ٿي ويا ته پوءِ شايد انتها پسندي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ عوامي مزاحمت کي يرغمال بڻائي ڇڏيندي، جيڪا ڳالهه سنڌ واسين توڙي ملڪ لاءِ ڳري ثابت ٿي سگهي ٿي. سياسي ۽ سماجي انارڪي سواءِ برباديءَ جي ڪجهه به نه آڻيندي آهي ۽ ان ۾ ظاهر آهي ته وري به نقصان هيٺين ۽ ڪمزور طبقن جو ئي ٿيندو.
هن وقت ايندڙ مهينن ۽ سالن لاءِ ٻه بنيادي سوال اهم ترين آهن. ڇا پيپلز پارٽي پنهنجي روش بدلائي سنڌ کي بهتر حڪمراني فراهم ڪري مايوسيءَ جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ تيار ٿيندي؟ ڇا سنڌ اندر قومپرست ۽ وچولي طبقي جي ڪا روشن خيال تحريڪ ماڻهن لاءِ هڪ بهتر متبادل طور اڀري کين ڪنهن انتها تي پهچڻ کان روڪي سگهندي؟ انهن ٻن سوالن مان ڪنهن هڪ جو جواب هاڪار ۾ نه اچڻ جي صورت ۾ ايندڙ سال سنڌ لاءِ انتهائي ڳرا ثابت ٿي سگهن ٿا.
(روزاني ڪاوش- 23 جولاءِ 2010ع)

سنڌ ۾ بنيادي تبديلين آڻڻ جو ضايع ڪيل موقعو!

سنڌ ۾ بنيادي تبديلين آڻڻ جو ضايع ڪيل موقعو!


جڏهن اسان اها ڳالهه ڪريون ٿا ته سنڌ کي جديد دنيا جي تقاضائن آهر تبديل ٿيڻ گهرجي ته ان نئين سنڌ جي تصور جا ڪهڙا بنياد آهن؟ آخر اها تبديل ٿيل سنڌ ڪهڙي شڪل شبيهه جي هجي، جيڪا سنڌ واسين کي هن سياسي ۽ سماجي ڌٻڻ مان ڪڍي ترقيءَ جي دڳ لائي؟ ان تصور کي ٺوس عملي بنياد ڏيڻ لاءِ اسان کي اڄوڪي دور جي اسريل ۽ اسرندڙ سماجن جو غور سان جائزو وٺڻ گهرجي. منهنجي نظر ۾ اڄوڪي دور ۾ اسريل سماج چئن اهم ٿنڀن تي بيٺل آهن. اهي ٿنڀ آهن، موڙي (مضبوط معاشي ڍانچو)، معياري انساني وسيلا (تعليم، ميرٽ، هنر ۽ سوچ)، ٽيڪنالاجي (جديد سائنسي تعليم ۽ کوجنا) ۽ بهتر حڪمراني (عوام دوست جمهوري ۽ ترقي پسند سياست). اهي چارئي ٿنڀ اڄ جي اسريل سماجن جي عمارت کي ٽيڪ ڏئي بيٺا آهن. جنهن به سماج ۾ انهن مان ڪو هڪ به ٿنڀ ڪمزور هوندو آهي، اتي ترقيءَ جو ڦيٿو هڪ سطح تي اچي رڪجي وڃي ٿو. بدقسمتيءَ سان سنڌ جنهن خطي جو حصو اهي، اتي اهي چارئي ٿنڀ جهريل آهن. اهي ٿنڀ هونئن ته مجموعي ملڪي صورتحال سبب جهريل آهن، پر سنڌ جي اندروني سطح تي نه رڳو انهن جي حالت وڌيڪ خراب آهي، بلڪه انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪا سياسي نيت يا ڪوشش به نظر نٿي اچي. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته جديد سنڌ جي اڏاوت جون تقاضائون آسانيءَ سان سمجهي سگهجن ٿيون. انهن چئن اهڃاڻن جي آڌار تي اڄوڪي سنڌ جو هڪ سرسري جائزو وٺبو ته به واضح نظر ايندو ته سنڌي ترقيءَ جي شاهراهه کان ڪوهين ڏور بيٺل آهن. جيتوڻيڪ اسان جنهن جاگرافيائي خطي ۽ ملڪ اندر رهون ٿا، ان ۾ هڪ حد تائين اها صورتحال اسان جي مٿان مڙهيل به آهي، پر سنڌي سماج اندر انهن مان آجو ٿيڻ لاءِ ڪا سوچ يا ڪوشش به گهٽ نظر اچي ٿي. مان سمجهان ٿو ته ان مڙهيل مجموعي صورتحال اندر به بهتري آڻڻ جي ڪجهه نه ڪجهه گنجائش موجود آهي، جنهن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جي ضرورت آهي. منهنجي ادنيٰ راءِ ۾ سنڌ کي ان ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ هيٺين چئن رخن تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
* سنڌ ۾ جاگيرداڻي معاشي، سماجي ۽ ذهني ڍانچي جو انت اچڻ ۽ سنڌي سماج جو وچولي طبقي واري سماجي ذهني ۽ معاشي ڍانچي کي اختيار ڪرڻ.
* سنڌ ۾ پرائمري کان اعليٰ سطح جي تعليمي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون آڻي ان کي وڌيڪ ڄاڻ، چٽاڀيٽي ۽ جديديت واري ماحول ۾ داخل ڪرڻ ته جيئن سنڌ کي معياري انساني وسيلا مهيا ٿي سگهن.
* سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن مٿان ڏهاڪن کان مڙهيل بدامنيءَ کي ٻنجو ڏئي، ان کي زندهه رهڻ جي قابل بڻائڻ ته جيئن اتي معاشي اوسر ۽ ذهني آزاديءَ جون بند ٿيل راهون کلي سگهن ۽ شهرن ۽ ٻهراڙين وچ ۾ سماجي ترقيءَ جي وڇوٽي ختم ٿي سگهي.
* سنڌ ۾ هڪ اهڙي صحتمند سياسي ماحول جي اوسر، جنهن ۾ سياسي لڳ لاڳاپا عقيدن بجاءِ اصولن ۽ نظرين تي ٻڌل هجن ۽ جتي سياسي تنظيمون ڏوهارين جون پناهه گاهون نه پر ساڃاهه ۽ سياڻپ جا سرچشما بڻجي مجموعي سماجي تبديليءَ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪن.
سوال اهو آهي ته اهي ڪم ڪير ڪندو؟ اصولي طور تي ته چئي سگهجي ٿو ته ڪروڙين ماڻهن تي مشتمل عوام ئي اهي ڪم ڪندو، پر ان جو مڪينزم ته بهرحال سياست آهي. تنهن ڪري اهي ڪم ڪرڻ جي ذميواري سياسي ڌرين ۽ خاص ڪري انهن ڌرين تي لاڳو ٿئي ٿي جن کي عوام پنهنجون زندگيون تبديل ڪرڻ جو مقدس فرض سونپڻ لاءِ ووٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن ۾ اماڻي ٿو. ٿورو وڌيڪ فوڪس ڪرڻ سان واضح ٿي ويندو ته سنڌ واسين لاءِ اهو ڪم ڪرڻ جي اخلاقي توڙي اصولي ذميواري پيپلز پارٽيءَ تي لاڳو ٿئي ٿي، جنهن کي سنڌ واسي آمريتن جي دور ۾ قربانين ۽ نيم جمهوري دور ۾ ووٽ وسيلي چاليهن سالن کان پنهنجو مئنڊيٽ ڏنو آهي. ان ڏوهه ۾ سنڌي قوم هر آمر جي ڏمر جو شڪار ٿئي ٿي، ايجنسين ۽ واڳ ڌڻين جي عذابن کي منهن ڏئي ٿي ۽ سنڌ جا ماڻهو سندن حق ۾ نعرا هڻڻ جي ڏوهه ۾ ٻهراڙين اندر وڏيرن ۽ شهرن اندر دهشتگردن جي گولين جو بک بڻجن ٿا ۽ جيلن ۾ جوانيون گذارن ٿا. چئن ڏهاڪن جي قربانين جي ان سفر جو صلو اڄوڪي سنڌ آهي، جتي ڏوهه، قتل، اغوا، قبيلائي ۽ شهري دهشتگردي، تباهه حال تعليمي ادارا، برباد ٿيل انفراسٽريڪچر، سفارشي جهالت جي حڪمراني، آخري هڏڪيون ڏيندڙ معيشت ۽ وڏيرا شاهي جو بي انت راڄ ڪندڙ راڪاس سنڌين جو مقدر بڻجي چڪا آهن. پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي ڪوتاهه نظريءَ سبب هر ڀيري ۽ خاص طور تي هن ڀيري پنهنجي حڪومت کي سنڌ جو مقدر تبديل ڪرڻ لاءِ بنيادي سياسي ۽ سماجي تبديليون آڻڻ بجاءِ مال ٺاهڻ جو ذريعو بڻائي سنڌ واسين سان تمام وڏي زيادتي ڪئي آهي. هاڻوڪي حڪومت جو اڌ کان وڌيڪ مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ هنن جي رويي مان ڪٿي به نظر نٿو اچي ته هنن وٽ سنڌ کي چاليهن سالن جي بي لوث محبتن جي بامعنيٰ موٽ ڏيڻ لاءِ ڪا سوچ يا ڪو جامع پروگرام به موجود آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪجهه ڪنڊائتو ٿيل ماڻهن کي ڇڏي حڪومت ۾ ويٺل سمورن همراهن جي ڏينهن رات جي ڌيان جو مرڪز ٺيڪا، بدليون، مقرريون ۽ اوڳاڙيون آهن. پيپلز پارٽيءَ هن ڀيري ته سنڌ ۾ گهڻ رخي ۽ ڊگهي مدي وارين سماجي ۽ سياسي تبديليءَ جا بنياد رکڻ واري شاندار موقعي کي ضايع ڪري سنڌ واسين سان تمام وڏي زيادتي ڪئي آهي. 2008ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ وقت پيپلز پارٽي غير معمولي ڪردار ادا ڪري پئي سگهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي صحيح معنيٰ ۾ سنڌ واسين جو قرض لاهڻو هجي ها ته کين هيٺيان ڪم ڪرڻ گهرجن ها.
سياسي مصلحتن ۽ مفاهمتن جي آڙ ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين تي والار ڪري ويٺل ڪرمنلز کي پناهه ڏيڻ بجاءِ کين ناس ڪري سنڌ ۾ امن امان کي بحال ڪرائي ها ته جيئن سنڌ اندر ٻاهرين توڙي اندروني سيڙپڪاريءَ وسيلي سنڌ ۾ جمود جوشڪار ٿي ويل معيشت ۾ ڪجهه ساهه پوي ها، جنهن سان تيزيءَ سان وڌندڙ نوجوان آباديءَ لاءِ روزگار جا وسيلا پيدا ٿين ها ۽ سنڌ ۾ بيروزگاري، غربت ۽ آپگهاتن ۾ گهٽتائي اچي ها. پ پ حڪومت شروعاتي ڪجهه مهينن ۾ سنڌا ندر ايماندار ۽ اهل پوليس آفيسر مقرر ڪري ڪجهه اميد پيدا ڪئي هئي، جيڪا اڳتي هلي سياسي مفاهمتن جي ور چڙهي وئي ۽ انهن آفيسرن کي بي اختيار ڪري هوريان هوريان بي اثر بڻائي اڳتي هلي سفارشن ۽ ”ڪمائو پٽن“ کي سندن جاءِ تي مقرر ڪيو ويو. نتيجي ۾ سنڌ اندر امن امان جي صورتحال ارباب رحيم جي دور کان گهڻي مختلف ناهي. اغوا، قتل ۽ ڌاڙا ساڳئي شدت سان موجود آهن ۽ سنڌ ۾ سيڙپڪاري ۽ معيشت جو ڦيٿو عملي طور جام ٿيل آهي. پيپلز پارٽيءَ کي ٻيو ڪم سنڌ ۾ سالن کان برباد ٿيل تعليمي ادارن اندر ميرٽ کان وانجهيل ۽ گوسڙو استادن توڙي تعليم کاتي جي ڪرپٽ انتظامي مشينريءَ مان جان آجي ڪرائي هزارن جي تعداد ۾ بند پيل اسڪول کولرائي ٻهراڙين ۾ پويان پساهه کڻندڙ پرائمري تعليم کي نئون جياپو ڏيڻ گهرجي ها ته جيئن سنڌ واسي چٽاڀيٽيءَ جي هن دور ۾ ڪجهه وکون کڻڻ جهڙا ٿي سگهن ٿا. سمورين دعوائن ۽ اخباري بيانن جي باوجود صورتحال اڳي کان ابتر آهي. Annual Status of Education Report 2010 موجب سنڌ تعليمي معيار ۾ پختونخواهه ۾ 61 سيڪڙو ٻار اردو يا پنهنجي مادري زبان ۾ جملا پڙهي ٿي سگهيا، جڏهن ته سنڌ ۾ اها شرح رڳو 33 سيڪڙو هئي. پختونخواهه ۾ 44 سيڪڙو ٻار انگريزيءَ ۾ جملا پڙهي ٿي سگهيا، جڏهن ته سنڌ ۾ اها صلاحيت رڳو 33.5 سيڪڙو ٻارن ۾ نظر آئي. پختونخواهه ۾ 60 سيڪڙو ٻار جوڙ ۽ ڪٽ ڪري ٿي سگهيا، جڏهن ته سنڌ ۾ اهڙن اسڪولي ٻارن جي شرح رڳو 27 سيڪڙو هئي. مزي جي ڳالهه ته بلوچستان ۾ به اهڙن ٻارن جي شرح سنڌ کان بهتر يعني 28.8 سيڪڙو هئي. اندازو ڪريو ته پختونخواهه ۽ بلوچستان جيڪي سالن کان ذري گهٽ جنگ واري حالت ۾ آهن، اتي به پرائمري تعليم جو معيار سنڌ کان بهتر آهي. ساڳئي طرح پاڪستان ليبر فورس سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سال 10-2009ع ۾ پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ خوانده آباديءَ جو تعداد وڌيو آهي، جڏهن ته سنڌ اندر ان ۾ هڪ سيڪڙو لاٿ آئي آهي.
ساڳي طرح ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح جي تعليمي ادارن جو حال به خراب آهي. سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊا گرديءَ سبب هفتن جا هفتا يونيورسٽيون بند رهڻ هڪ ڀيرو ٻيهر معمول بڻجي ويو آهي ۽ پ پ حڪومت ان صورتحال کان علمي طور لاتعلق بڻيل آهي. ڪراچيءَ جي يونيورسٽين ۾ ٻهراڙيءَ جي شاگردن جي داخلائن تي پابندي مفاهمتي سياست جي مهربانيءَ سان جاري آهي. نتيجي ۾ سنڌ اندر معياري انساني وسيلا پيدا ٿيڻ جا امڪان ڏينهون ڏينهن جهيڻا ٿي رهيا آهن.
خانگي شعبي جي خطرناڪ چٽاڀيٽيءَ ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جا نوجوان رڳو ڍنگ جي سي وي جمع ڪرائڻ جي قابل به نه رهيا آهن ۽ سندن نمائندگي اڳي کان ڪجهه بهتر ٿيڻ جي باوجود مجموعي سائيز جي حوالي سان اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. يونيورسٽين مان معياري انساني وسيلن جو پيدا ٿيڻ رڳو روزگار جو مسئلو ناهي، پر درحقيقت ملڪي سطح جي ادارن اندر فيصلي سازيءَ ۾ شرڪت ۽ مڊل ڪلاس جي سگهاري ٿيڻ جو به ذريعو آهي، جنهن سان سنڌ جي نيم قبيلائي ۽ جاگيرداراڻي سماجي ڍانچي مان جان آجي ڪرائڻ جو بنيادي فائدو پڻ شامل آهي ۽ ظاهر آهي ته ان قسم جي بنيادي سماجي سياسي تبديلي پيپلز پارٽيءَ جي اوليت ئي ناهي. سنڌ ۾ بهتر حڪمرانيءَ جو هڪ ٻيو اهم جز ميرٽ کي هر سطح تي عام ڪرڻ آهي. مقررين ۽ تقريرن ۾ شفافيت ۽ اهليت کي بنياد بڻائڻ سان سنڌ جي قسمت بدلجي سگهي ٿي. بدقسمتيءَ سان پيپلز پارٽي حڪومت پنهنجي اڳوڻين روايتن جي آبياري ڪندي هن ڀيري به سنڌ اندر ميرٽ جي لتاڙ، سياسي بنياد تي مقرريون پنهنجا-نوازي ۽ ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. شايد ئي ڪو سرڪاري کاتو اهڙو هجي، جتي ڏوڪڙن عيوض بدلين ۽ مقررين جي راند نه هلندي هجي. ان رويي جي نتيجي ۾ سنڌ اندر اهل ۽ ايماندار سرڪاري عملدار ۽ بيروزگار نوجوان فرسٽريشن جو شڪار آهن ۽ انتظامي مشينري گهڻو ڪري اهڙن عملدارن جي حوالي آهي، جن جو مقصد سنڌ کي سڌارڻ نه پر سيزن ڪمائڻ آهي. ان ميرٽ کان وانجهي انتظامي مشينريءَ سنڌ اندر ترقيءَ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ اڪثر ضلعي هيڊڪوارٽر وارن شهرن اندر روڊن ۽ نالين جو حال باقي ملڪ جي پٺتي پيل ڏورانهن شهرن کان به خراب آهي. اڪثر ڪري ٻين صوبن مان سنڌ ايندڙ ماڻهو اچرج وچان اهو سوال ڪندا آهن ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هوندي سنڌ جو اهڙو حال ڇو آهي؟ سنڌ جي ماڻهن کي اها خوشفهمي ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي اها غلط فهمي رهي آهي ته پپيلز پارٽي سنڌين جي نمائنده پارٽي آهي، تنهن ڪري سندن حڪومت ۾ سنڌ اندر ڪا وڏي انقلابي ترقي ٿي رهي هوندي. سفارشي ۽ راشي انتظامي مشينريءَ جو اهو راڄ ميرٽ کان وانجهيل سياسي ۽ انتظامي پاليسيءَ جو نتيجو آهي. ان ئي روش جي نتيجي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهري علائقن وچ ۾ انفرااسٽرڪچر واري ترقيءَ جو توازن وڌيڪ خراب ٿيو آهي. مشرف جي دور ۾ ته اهو چيو ويندو هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هڪ خاص ڌر کي نوازي ترقيءَ لاءِ وڌيڪ بجيٽون ڏنيون ويون آهن، جنهن ڪري ٻهراڙين جي حالت خراب آهي، پر هاڻي ته اهو دليل به نٿو ڏئي سگهجي. هڪ پاسي سنڌي عوام کي اين ايف سي هيٺ اربين رپيا وڌيڪ حصو ملڻ جون مبارڪون ڏنيون ويون ته ٻئي پاسي سنڌ واسي اهو سوچڻ تي مجبور آهن ته جڏهن اڳواٽ مليل اربين رپين مان فائدو به رڳو هڪ خاص ٽولي کي ٿيو هو ته وڌيڪ ملندڙ رقمون به سندن ئي کيسن جو کاڄ بڻجي وينديون. پاڻي توڙي ناڻي ۾ واڌو شيئر وٺڻ لاءِ جدوجهدن ڪندڙن جي اها جائز فرسٽريشن آهي ته اهي رڳو ڀولڙن جيان لٺيون کائن ٿا، باقي کٽيو ته اهي سڄو حڪومت ۾ ويٺل فقيرن جي کيسي ۾ وڃي ٿو.
ان فرسٽريشن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر هڪ ويچارپ ۽ وائڙائپ واري صورتحال آهي، جنهن جا سياسي نتيجا نهايت خراب ثابت ٿي سگهن ٿا. پ پ حڪومت جتي پاليسي سطح تي ڪجهه چڱا ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اتي انتظامي سطح جي غير ذميواراڻي رويي سان هن پنهنجي چڱاين تي پاڻ ئي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. سوال هي آهي ته جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ اندر بنيادي تبديليون آڻڻ واري هن اهم موقعي کي ضايع ڪري چڪي آهي ته سنڌ واسين وٽ هن ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ ڪهڙيون واٽون موجود آهن؟
(روزاني ڪاوش- 24 فيبروري 2011ع)

آدم-ڳڻپ ۽ سنڌ جي مفادن جو ڳانڍاپو

آدم-ڳڻپ ۽ سنڌ جي مفادن جو ڳانڍاپو


ڇهين گهر شماري ۽ آدمشماري ايندڙ مهيني کان شروع ٿي رهي آهي. هونءَ ته آدمشماري هر طرح جي ملڪي رٿابنديءَ لاءِ بنيادي ضرورت آهي، پر سنڌ جي تناظر ۾ آدمشماريءَ جي اهميت جا ٽي اهم حوالا ذهن ۾ رکڻ گهرجن.
(1) پاڪستان ۾ سياسي نمائندگيءَ جو بنياد آبادي هوندي آهي، مڪاني حڪومتن توڙي صوبائي توڙي قومي اسيمبليءَ جي تڪن ۽ سيٽن جو تعين آباديءَ جي آڌار ٿيندو آهي. هن وقت قومي اسيمبليءَ ۾ آباديءَ جي آڌار پنجاب جون سيٽون باقي ٽنهي صوبن جي مجموعي سيٽن کان به وڌيڪ آهن. ساڳي طرح سنڌ اسيمبليءَ اندر سنڌي ۽ غير سنڌي آباديءَ جي نمائندگيءَ جو بنياد به آدم ڳڻپ جي آڌار ٿيندو. هن وقت صورتحال اها آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڌر نوڪرين، ترقياتي اسيڪيمن سميت هر عوامي ڀلائي جي رٿا تي سوديبازيءَ وقت آباديءَ جا هٿ ٺوڪيا انگ اکر کڻي پنهنجا مطالبا ٿاڦيندي رهي ٿي. هيءَ آدم-ڳڻپ سنڌ واسين جي ملڪي ڪاروهنوار ۾ حصي پتيءَ جو نئين سر تعين ڪندي.
(2) وفاقي حڪومت طرفان صوبن ۾ ورهائجندڙ رقمن جو وڏو بنياد به آبادي آهي. ستين نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ ۾ گهڻي عرصي کان پوءِ آباديءَ کان علاوه ٻيا عنصر به شامل ڪيا ويا آهن، پر اڄ به وسيلن جو 82 سيڪڙو آباديءَ جي آڌار ورهايو وڃي ٿو. ساڳي طرح صوبائي فنانس ڪميشن هيٺ ضلعن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جو هڪ اهم بنياد پڻ آبادي آهي، تنهن ڪري آباديءَ ۾ سنڌ واسين جي صحيح ڳڻپ نهايت اهم آهي.
(3) آدمشماريءَ سان لاڳاپيل ٽيون اهم رخ سنڌ اندر اصلوڪي آباديءَ جو گهڻائيءَ ۾ هجڻ وارو معاملو آهي. ملڪ ٺهڻ کان وٺي جيئن پهرين ڏينهن کان ڌاري آباديءَ جا ولر سنڌ ۾ داخل ٿيندا رهيا آهن، ان جي نتيجي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن کي هميشه اهو خوف رهيو آهي ته هڪ سازش هيٺ کين پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ بدلايو پيو وڃي. 1998ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي 60 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هئي، جيڪا 1981ع ۾ 52.4 سيڪڙو هئي. ان لحاظ کان ڏسجي ته هن وقت سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي شرح اڳ کان بهتر هجڻ گهرجي.
اهي ٽئي رخ ذهن ۾ رکي ڏسجي ته ايندڙ آدمشماري سنڌ واسين لاءِ سياسي لحاظ کان نهايت اهم آهي. ايندڙ آدمشماريءَ جي حوالي سان سنڌي قوم کي ڪهڙا چئلينجز سامهون آهن، انهن تي هڪ نظر وجهڻ ضروري آهي.
• گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن مان سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جو هڪ چڱو موچارو انگ شهري علائقن ڏانهن منتقل ٿيو آهي. اهو ڪو نئون لاڙو ناهي، گذريل آدمشماريءَ ۾ به ان لاڙي جي نشاندهي انگن اکرن مان ثابت ٿئي ٿي، پر گذريل ڏهاڪي اندر ان ۾ تمام گهڻي تيزي آئي آهي. 1981ع ۾ شهرن اندر سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي 18.28 سيڪڙو هئي، جيڪا 1998ع جي آدم-ڳڻپ موجب وڌي اٽڪل 26 سيڪڙو ٿي وئي هئي. گذريل ڏيڍ ڏهاڪي دوران سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بدامني، قبائلي دهشتگردي، زرعي معيشت جي زوال، سرڪاري نوڪرين تي بندش، روزگار جي متبادل وسيلن جي اڻهوند، تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي بربادي جهڙن فيڪٽرن سبب گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن لکين ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ان عرصي دوران نيون سنڌي آباديون وجود ۾ آيون آهن. انهن سمورن ماڻهن جي درست ڳڻپ کي يقيني بنائڻ هڪ اهم چئلينج هوندو. شهري آبادين ۾ هڪ مخصوص ڌر جي انتظامي والار سبب ان ڳالهه جو امڪان آهي ته سنڌي، بلوچ ۽ ٻين آبادين کي ڳڻپ جي عمل ۾ ٻاهر رکيو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي بلوچ ڳالهائيندڙ آباديءَ جون نمائنده تنظيمون گهر شماري ۽ آدمشماريءَ جي عمل جي ڪڙي نگراني ڪن ۽ ڪنهن به ڀڃڪڙي کي فوري طور نوٽيس ۾ آڻي شفاف ڳڻپ کي يقيني بڻائن.
• آدمشماريءَ جي حوالي سان سنڌين لاءِ هڪ ٻيو چئلينج سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انهن علائقن ۾ ڳڻپ کي يقيني بنائڻ آهي، جتي هاڻي ڏينهن ڏٺي جو پوليس به نٿي وڃي سگهي. اتر سنڌ جا اهي علائقا، جيڪي قبائلي دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل آهن، جتي امن امان مفاهمتي سياست وٽ يرغمال ٿيل آهي، اتي ڳڻپڪار عملي جي پهچ ڪيئن ممڪن ٿيندي، ان سوال جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي. سنڌين جي مسئلن کان عملي طور لاتعلق بنيل حڪومت انهن علائقن ۾ ڳڻپڪارن کي تحفظ ڏئي ڏورانهن علائقن ۾ سندن پهچ کي ڪيئن يقيني بنائيندي، ان بابت ڪجهه به معلوم ناهي. سنڌ ۾ ڏوهارين جو راڄ ايتري قدر مضبوط آهي، جو ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل بندن جي مرمت لاءِ انجنيئر ۽ ٺيڪيدار به وڃڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ-بلوچستان سرحد وارن انهن علائقن ۾ بندوق جو راڄ آهي ۽ انديشو آهي ته اتي رهندڙ لکين ماڻهو ڳڻپ کان رهجي وڃن. ساڳي طرح سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڍنڍن ڍورن تي رهندڙ لکين ماڻهن ۽ سامونڊي پٽيءَ تي ٻيٽن ۽ ڪريڪس ۾ رهندڙ مهاڻن جي ڳڻپ کي يقيني بنائڻ پڻ هڪ اهم چئلينج هوندو.
• سنڌين لاءِ هڪ ٻيو چئلينج سمورن انهن ماڻهن کي ٻوليءَ جي خاني ۾ سنڌي لکرائڻ تي راضي ڪرڻ آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جا مختلف لهجا ڳالهائين ٿا. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تمام وڏي آبادي اهڙي رهي ٿي، جيڪا روزمرهه جي ڪاروهنوار ۾ سنڌي ٻولي ڪتب آڻي ٿي ۽ سندن تعليم به سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، پر سندن گهرن ۾ سنڌيءَ جا مختلف لهجا ڳالهايا وڃن ٿا، جن کي ڌار ٻولي سمجهيو وڃي ٿو. اهو سوال تمام حساس پڻ آهي ۽ ان بابت سنڌ واسين ۾ هڪ راءِ قائم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت جي ضرورت پوندي. در حقيقت انهن آبادين جو سياسي مفاد به پاڻ کي سنڌي ڳڻائڻ ۾ آهي، پر تنهن هوندي به ان بابت ساڃاهه کي عام ڪرڻ لاءِ سياسي، سماجي ۽ ميڊيا جي ادارن کي سخت جاکوڙ ڪرڻي پوندي ته جيئن اهڙا سڀ ماڻهو سنڌ جي گڏيل مفادن خاطر پاڻ کي سنڌي لکرائين.
• انهن ٽنهي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وقتائتي حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن 1991ع ۾ ٿيل آدمشماري (جنهن کي بعد ۾ حڪمران ڌرين رد ڪري ڇڏيو) جي تجربي کي سامهون رکيو وڃي ته هن آدمشماريءَ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي. 1991ع جي ڀيٽ ۾ هينئر سنڌ واسين جي فائدي وٽان ٽي اهم فيڪٽر موجود آهن، جن مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي. انهن ٽن فيڪٽرن جو هڪ مختصر جائزو وٺڻ ضروري آهي.
• 1991ع ۾ سنڌ اندر ٽي چار اهم سنڌي اخبارون موجود هيون، پر انهن مان هڪ اڌ کي ڇڏي باقي اخبارن جي ڄمار ٻه ٽي سال مس هئي ۽ انهن جي پهچ به اڄ جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ هئي. ان جي ڀيٽ ۾ اڄ سنڌي ميڊيا سنڌي سماج جو هڪ اهم ترين ۽ نهايت اثرائتو ايڪو آهي. هن وقت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي اخبارن، سنڌي ٽي وي چئنلز ۽ ايف ايم ريڊيو جو نيٽ ورڪ پکڙيل آهي. اها هڪ نئين سگهه آهي، جيڪا هن کان اڳ سنڌ واسين وٽ موجود نه هئي. خاص طور تي سنڌي ٽي وي چئنلز جو ڪردار نهايت اهم آهي، ڇو ته اهي آباديءَ جي انهن حصن تائين به پهچ رکن ٿا، جتي ماڻهو اخبار به نٿا پڙهي سگهن. سنڌي ميڊيا ويجهن سالن ۾ سنڌ جي مفادن سان لاڳاپيل معاملن تي جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو سنڌ جي سياسي ساڃاهه جي تاريخ ۾ هميشه واکاڻ ڀريل لفظن ۾ جاءِ والاريندو. آدمشماريءَ جي حوالي سان عام ماڻهوءَ جي شعور کي اڀارڻ ۽ سندن ڳڻپ صحيح نه ٿيڻ جي صورت ۾ واسطيدار ڌرين کي ڌونڌاڙڻ ۾ سنڌي ميڊيا غير معمولي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ان موقعي مان ڏاهپ ۽ ذميواريءَ سان فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي.
• گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سنڌ ۾ هڪ نهايت متحرڪ سول سوسائٽي اڀري آهي، ان ۾ اين جي اوز، استاد، تنظيمون، وڪيلن جون تنظيمون، انساني حقن جا ادارا، عورتن جي جاڳرتا ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون، صحافتي ادارن جون تنظيمون ۽ شهري اتحاد وغيره شامل آهن. ان عرصي دوران سنڌ ۾ اين جي اوز جو هڪ وڏو ڄار پکڙجي چڪو آهي. انهن تي به ٻين ادارن جيان ڪيئي ٻيون تنقيدو ڪري سگهجن ٿيون، پر انهن ادارن جي پهچ به ميڊيا جيان نهايت ڏورانهن علائقن تائين آهي. اين جي اوز ۾ گهڻو ڪري اهي نوجوان ڪم ڪن ٿا، جيڪي سوشل موبلائيزيشن جي هنر ۾ سکيا ورتل آهن ۽ سڀئي پڙهيل لکيل پڻ آهن. اين جي اوز ۾ جيئن ته عورتن جو هڪ وڏو انگ پڻ سرگرم آهي، تنهن ڪري ٻهراڙين اندر عام ماڻهن ۾ آدمشماري بابت جاڳرتا پکيڙڻ، نگران ڪميٽيون ٺاهي صحيح ۽ مڪمل ڳڻپ کي يقيني بنائڻ ۽ عورتن توڙي اڻ پڙهيل آباديءَ جي رهنمائي ڪرڻ ۾ اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جون ٻيون تنظيمون نهايت ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هيءَ هڪ ٻي سگهه آهي، جيڪا 1991ع ۾ سنڌ اندر نه هجڻ جي برابر هئي. ان وقت اهو ڪردار گهڻو ڪري سنڌ ڊيموڪريٽس فورم، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، پي ٽي الف، سپلا وغيره ادا ڪيو هو. محدود وسيلن ۽ پهچ جي باوجود انهن سمورن ادارن هڪ شاندار ڪردار ادا ڪري سنڌ واسين جي صحيح ڳڻپ کي يقيني بنايو هو، جيڪو اقتدار ڌڻين کان هضم نه ٿي سگهيو ۽ ان گهر شماريءَ کي رد ڪيو ويو. ان لحاظ کان سول سوسائٽي هن آدمشماريءَ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
• سنڌ جي هڪ ٽين سگهه سنڌ ۾ قومپرست ڌرين جو سنڌ جي اهم مسئلن تي گڏجڻ وارو لاڙو آهي. ساڳي طرح اڄڪلهه سنڌ ۾ سول سوسائٽي ۽ پوليٽيڪل سوسائٽي ۾ سنڌ جي مفادن وارن معاملن تي هڪ مثالي ڳانڍاپو موجود آهي. سنڌ جون قومپرست ڌريون اڄڪلهه اليڪشني سياست ۾ به سرگرم ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري هنن عوامي لهه وچڙ ۾ تيزي آندي آهي. انهن تنظيمن جي پهچ به سنڌ جي تمام ڏورانهن علائقن تائين آهي، انهن جا سرگرم ڪارڪن پڻ عوامي جاڳرتا ۽ آدمشماريءَ واري عمل جي نگرانيءَ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سنڌ ۾ ماڻهن جي درست ڳڻپ انهن سياسي تنظيمن جي سياسي مفاد وٽان پڻ آهي. 1991ع ۾ قومپرست تنظيمن آدمشماريءَ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هينئر اهي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پهچ رکن ٿيون.
مٿي ڄاڻايل ٽي اهم موقعا سنڌ لاءِ نهايت اهم سگهه آهن، جن مان سنڌ واسين کي ڀرپور لاڀ ملڻ گهرجي. آدمشماريءَ جي حوالي سان هڪ ٻيو معاملو اهم آهي ۽ اهو آهي گهر شماريءَ جي مرحلي تي نظرداري ۽ نگراني ڪرڻ. آدمشماريءَ جي مرحليءَ تي ان ڳالهه تي نظر رکڻ ضروري آهي ته اهو پراسيس صحيح طرح ٿي رهيو هجي. ڪي علائقا يا گهر ڳڻپ کان نه رهجي وڃن ۽ ساڳي طرح ڪي ڌريون غلط ڳڻپ نه ڪرائي رهيون هجن. ان حوالي سان ماهرن جي هڪ اهڙي پينل جي ضرورت آهي، جيڪي گهر شماريءَ جي نتيجن جو فني لحاظ کان جائزو وٺن ۽ جيڪڏهن ڪا هٿ چراند ٿي رهي هجي ته ان کي فوري طور فني دليل سان وائکو ڪن ۽ واسطيدار فورمن تائين پهچائي سنڌ واسين جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته گهر شماريءَ جا انگ اکر آدمشماريءَ جي حتمي انگن اکرن کي واضح ڪري ڇڏيندا، تنهن ڪري گهر ڳڻپ جي نتيجن تي خاص نظر رکڻ جي ضرورت آهي. 1991ع واري آدمشماريءَ کي به حڪمرانن گهر ڳڻپ وقت رد ڪري ان عمل کي روڪي ڇڏيو هو. فني ماهرن جو اهڙو پينل جوڙڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ان آدم ڳڻپ جي عمل جي ڳوڙهي نگراني ڪري.
هن سڄي پراسيس ۾ حڪومت جو ڪردار نهايت اهم آهي، پر بدقسمتيءَ سان سنڌين جي ووٽن تي حڪومت حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽي هينئر سنڌين کي سياسي ۽ انتظامي لاوارثيءَ جو شڪار بنائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۽ سنڌ واسين جا مفاد سندن اوليت ڪهڙي به طرح نٿا لڳن. حڪومت جي سنجيدگيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آدمشماريءَ جو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين سنڌ جي سينسس ڪمشنر طور عيوضي وفاق ۾ موجود ناهي. اها روش واضح ڪري ٿي ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آدمشماريءَ جي حساس مرحلي کي سنجيدگيءَ سان نه پئي وٺي. اصولي طور سنڌين جي صحيح ڳڻپ ڪرائڻ نه رڳو پيپلز پارٽيءَ جي اصولي ۽ اخلاقي ذميواري آهي، پر ساڳي وقت سندن سياسي مفادن جي گهرج به آهي. رڳو ڪنهن تڪ ۾ ننڍي چونڊ ٿيڻي هوندي آهي ته تڪ جا ايم پي اي، ايم اين اي ۽ پارٽي عهديدار مهينو اڳ وڃي اتي ڪيمپ ڪندا آهن. پر آدمشماريءَ جهڙي انتهائي اهم مرحلي تي پارٽي سطح تي لاتعلقي وارو رويو آهي. سنڌ واسين کي گهرجي ته پيپلز پارٽيءَ جي مقامي قيادت تي دٻاءُ وجهن ته اها پنهنجي سياسي ذميواري ادا ڪندي آدمشماريءَ ۾ سنڌ جي مفادن جي جائز تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
ايندڙ آدم-ڳڻپ سنڌ جي سياسي ساڃاهه لاءِ ڪنهن امتحان جيان آهي. هونءَ ته سنڌ مختلف مسئلن تي سياسي مزاحمت وسيلي پنهنجي سياسي شعور جو مظاهرو ڪندي رهي آهي، پر هي معاملو مزاحمت جو نه پر سمجهداري، رابطي، ڄاڻ، رسائي ۽ نگراني ڪرڻ وارو آهي ۽ ان سان سنڌ جا انتهائي اهم ۽ حساس قومي مفاد سلهاڙيل آهن.

تبديل ٿيندڙ سنڌي سماج ۾ جمود جو شڪار ٿيل سياست

تبديل ٿيندڙ سنڌي سماج ۾ جمود جو شڪار ٿيل سياست


ڊسمبر 2007ع جي سخت ٿڌ ۾ جڏهن بينظير ڀٽو جي شهادت تي سنڌ واسين جو رت ٽهڪي پيو ته دنيا سنڌ واسين جي ڪروڌ ۽ للڪار جا انوکا منظر ڏٺا. ساڍن ٽن سالن کان پوءِ اڄ وري سنڌ واسين جي اکين ۾ ڪاوڙ جي اها ساڳئي لهر اڀري آئي آهي. ٻنهي موقعن تي سنڌ واسين جي محبتن جو محور سنڌ ئي رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ کي شايد اندازو نه هو ته شهيدن جي محبت ۾ گونگا، ٻوڙا ۽ ٻُوٿ ٻڌل ماڻهو جڏهن للڪارون ٿي اٿندا ته آهن ته پوءِ ايوان ڪيئن لڏندا آهن. ڏهاڪن تائين مصر جي ماڻهن مٿان دهشت ۽ ڏمر سان راڄ ڪندڙ حسني مبارڪ کي جڏهن جانورن جيان پڃري ۾ بند ڪري عدالت اڳيان آندو ويو ته دنيا ان منظر کي هالي ووڊ جي فلم جو ڪو سين سمجهي رهي هئي. اهڙا ئي سين اڄ جي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي نظر اچي رهيا آهن. سنڌ جي انتظامي ورهاست خلاف سنڌ واسين جي اندر ۾ جيڪا باهه ڀڙڪو ڏئي اٿي آهي، اها ڪا ڪمشنري نظام جي بحالي يا مڪاني ادارن واري مشرفي نظام جي خلاف اوٻر ناهي، پر درحقيقت ان اوٻر جي پٺيان گذريل ساڍن ٽن سالن کان پيپلز پارٽيءَ طرفان سنڌ واسين جي مئنڊيٽ ۽ ويساهه جي ڪيل لتاڙ جو درد ۽ ڪاوڙ سمايل آهي. دنيا ۾ وڏين تبديلين جون غير معمولي لهرون ايئن بظاهر ننڍن واقعن تان شروع ٿينديون آهن. هزارين ايڪڙ زمينون ۽ ڳوٺ ٻوڙيندڙ وڏيون ٻوڏون به بند کي پيل چند فوٽن جي گهارن مان پيدا ٿينديون آهن. تيونس ۾ تازو آيل عوامي طوفان جي لهر به ايئن ئي هڪ بظاهر معمولي واقعي تان شروع ٿي هئي. تيونس جي شهر سدي بوزد ۾ 26 سالن جي ڪمپيوٽر سائنس گريجوئيٽ نوجوان نوڪري نه ملڻ کان پوءِ گاڏڙي تي ميوا وڪڻڻ شروع ڪيا، ان ننڍي ڪاروبار مان هو پنهنجي ستن ڀائرن ۽ ڀينرن کي سنڀاليندو هو. هڪ ڏينهن هڪ پوليس واري کيس ٿڦڙو وهائي ڪڍي عزتِ نفس جي اها تذليل تيونس ۾ هونئن ته رواجي واقعو هو، پر هن نوجوان ان کي رواجي واقعي تائين رهڻ نه ڏنو. هن گورنر هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ۽ ملاقات جو موقعو نه ملڻ تي آپگهات جي ڌمڪي ڏني ۽ نيٺ ملاقات نه ملڻ تي هن پاڻ کي ماري ڇڏيو. ان هڪ واقعي تيونس جي تاريخ بدلائي ڇڏي ۽ ڪجهه ئي ڏينهن اندر لکين ماڻهو ظلم ۽ ناانصافيءَ خلاف رستن تي نڪري آيا ۽ پوءِ ويهن سالن کان ملڪ مٿان راڄ ڪندڙ ”بن علي“ کي ملڪ ڇڏي ڀڄڻو پيو.
ساڳي طرح هڪ اهڙو انتظامي فيصلو جيڪو پيپلز پارٽيءَ لاءِ رڳو اتحادين آڏو گوڏا کوڙڻ جو هڪ رواجي اعلان هو، ان سنڌ ۾ صبر ۽ برداشت جا سمورا بند ڀڃي ڇڏيا. سنڌ واسي گذريل ساڍن ٽن سالن کان خراب حڪمراني، ڪرپشن ۽ مفاهمت جي نالي ۾ سندن مفادن جو اڻ کٽ نيلام ڏسي خاموشيءَ سان پڄري رهيا هئا؛ هن واقعي سندن صبر ۽ سهپ جي بند ۾ پيل ننڍن سوراخن کي وڏي گهاري ۾ بدلائي ڇڏيو. هن سڄي ردعمل جي پٺيان ڪجهه اهم نياپا آهن، جن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن ردعمل ۾ سنڌ واسين هڪ نياپو ته اهو ڏنو آهي ته هو ٻيون سڀ زيادتيون برداشت ڪري وٺندا، پر جتي سوال سنڌ جي جاگرافيائي ۽ قومي وحدت جو ايندو، اتي هو پارٽين ۽ ٻين سڃاڻپن کان مٿانهون ٿي بيهندا. ٻيو، اهو نياپو پيپلز پارٽيءَ لاءِ آهي ته بينظير صاحبه جي زندگيءَ ۾ پارٽيءَ سان سنڌ واسين جو جيڪو غير مشروط معاهدو هو، اهو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي پيپلز پارٽيءَ سان رشتا جذبات ۽ عشق ۾ نه پر ميرٽ ۽ پرفارمنس جي آڌار ٿيندا. جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ واسين جي محبتن، احساسن ۽ حقن جو قدر نه ڪندي ته پوءِ ان کان به پڇاڻو ٿيندو ۽ اهو سخت ترين شڪل ۾ ٿيندو. سنڌي عوام پنهنجي اجتماعي سياسي شعور وسيلي هاڻي ميارون ۽ ڏوراپا ڏيڻ بجاءِ سوال پڇڻ شروع ڪيا آهن، جيڪا ڳالهه سنڌ جي سياست ۾ هڪ غير معمولي تبديليءَ جي شروعات آهي. ايئن سمجهو ته ڄڻ سنڌ چاليهن سالن جي ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي آهي ۽ پنهنجي خوابن جون اونڌيون تعبيرون ڏسي ٻري پئي آهي.
هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جڏهن ماڻهو جمهوريت لاءِ ڪنهن پارٽيءَ کي ووٽ ڏين ٿا ته ان جو مقصد رڳو اسيمبلي اجلاس ڪرائڻ جو اختيار ڏيڻ نه هوندو آهي. بنيادي طور عوام جمهوريت جي معرفت پنهنجي زندگين ۾ ڪي بنيادي تبديليون ڏسڻ گهرندو آهي. سنڌ واسي جڏهن پيپلز پارٽيءَ کي جمهوريت لاءِ ووٽ ڏيئي ايوانن ۾ اماڻين ٿا ته هو سکڻو سفارشي نوڪرين، رشوت تي ٿيندڙ ٽرانسفر پوسٽنگ، ٺيڪن ۽ امدادن لاءِ مئنڊيٽ نه ٿا ڏين. منهنجي نظر ۾ سنڌ واسي بنيادي طور مجموعي بهتر حڪمراني ۽ ملڪ اندر ڇهن ڏهاڪن کان ضبط ڪيل سندن سياسي حقن جي بحاليءَ جي خواهش رکي پيپلز پارٽيءَ کي مئنڊيٽ ڏين ٿا. بهتر حڪمراني ۽ سياسي حقن جي حوالي سان پيپلز پارٽي سنڌ کي ڇا ڏنو آهي، ان تي ته سوين صفحا حوالن سان ڀري سگهجن ٿا، پر هتي رڳو چند حوالا اخباري خبرن مان ورجائجن ٿا.
* ورڪس کاتي جو ڪمپيوٽر پروگرامر غير قانوني ترقيءَ بعد ڊي او مانيٽرنگ بڻائي 55 يوسيز جو ايڊمنسٽريٽر مقرر (روزاني ڪاوش-21 فيبروري 2011).
* اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ 80 کان وڌيڪ آفيسر ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل. (روزاني ڪاوش- 31 جنوري 2011ع).
* خوراڪ کاتي پاران 11 ضلعن ۾جونيئر ڪامورا فوڊ ڪنٽرولر مقرر. (روزاني ڪاوش-30 ڊسمبر 2010ع).
* سنڌ جي 23 ضلعن مان 20 ۾ 18 ۽ 19 هين گريڊ ا عملدار او پي ايس بنياد تي مقرر. (رزاني ڪاوش- 22 سيپٽمبر 2010ع).
* عدالتي حڪم تي هٽايل 28 نان ڪيڊر آفيسرن چارج نه ڇڏي، لياري ۽ ملير اٿارٽين جا ڊي جي ٻيهر بحال. (روزاني ڪاوش- 11 جنوري 2011ع).
* وزير تعليم اي ڊي او اي جي 159 عهدن تي ويٺل نان ڪيڊر وارن کي هٽائڻ جي سمري واپس ڪري ڇڏي. (23 جون 2011، روزاني ڪاوش).
* سنڌ ۾ زرعي توسيع کاتي اندر مختلف ڪيڊر جي پوسٽن تي 196 سفارشين کي ڳجهه ڳوهه ۾ ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف. (روزاني ڪاوش-2 اپريل 2011).
* پوليس کاتي ۾ 1453 سياسي تقرريون. (روزاني ڊان- 13 جنوري 2011ع). نوٽ: هن خبر ۾ ڄاڻايل آهي ته وزيراعظم گيلاني ۽ وزيراعليٰ قائم علي شاهه ايم ڪيو ايم جي 777 ماڻهن جا ڀرتين وارا آرڊر نائن زيرو تي پنهنجي دوري دوران ساڻ کڻي پهتا هئا. ياد رهي ته ان دور ۾ ذوالفقار مرزا صاحب گهرو کاتي جو وزير هو، جنهن اندر اهي ڀرتيون رپورٽ ڪيون ويون، البته پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ذوالفقار مرزا ان خبر کي درست مڃڻ کان انڪار ڪيو هو.
* وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ ٻهراڙيءَ جي ڪوٽا نظرانداز. 35 هزار 317 نوڪريون گهٽ ملڻ جو انڪشاف (روزاني ڪاوش- 7 فيبروري 2011ع).
* 270- ارب رپين جي زرعي قرضن مان سنڌ کي رڳو 37.8 ارب رپيا ڏنا ويا. (ماهوار ماڊرن ايگريڪلچر، مارچ 2011ع).
* ٽن صوبن، فاٽا ۽ گلگت جي 13 لک ماڻهن سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪري شناختي ڪارڊ به ٺهرائي ڇڏيا. روزاني ڪاوش- 20 مارچ 2011ع).
ان قسم جي خبرن جا حوالا اڻ ڳڻيا آهن، مختصر لفظن ۾ ته حڪومت جي هيٺين سطح تي گورننس جو حال انتهائي خراب آهي. سنڌ کي معاشي ترقي ۽ سماجي تبديليءَ جو ڪو ڳانڍاپيل پئڪيج ڏيڻ بجاءِ روايتي ڇڙوڇڙ رٿائون ڏنيون ويون آهن، جن جي پٺيان به عوامي ترقيءَ کان وڌيڪ ڪميشن ۽ ٺيڪن جا چڪر آهن. سنڌ جي ٻهراڙين وارا ضلعا اڃا به اهڙا ئي کنڊر بڻيل آهن، جهڙا هن حڪومت کان اڳ هئا. ڇڙوڇڙ ترقياتي رٿائون ته آمريتي حڪومتن ۾ به صوبي اندر ملنديون رهنديون آهن. اها ڪا غير معمولي خدمت ناهي، جنهن کي ڳڻائي سگهجي، اصل ترقي ته ان گهڻ رخي، ڳانڍاپيل ۽ مڪمل رٿابنديءَ سان عمل هيٺ ايندڙ رٿائن سان اچڻ ممڪن آهي، جن سان عوام جي زندگين ۽ سماجي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون اچي سگهن. پيپلز پارٽي هاڻي جيئن ته عوام بجاءِ اسٽيبلشمينٽ جي ڌُر بڻجي چڪي آهي، تنهن ڪري بدبودار وڏيرڪو نظام مضبوط رکڻ ۽ سماج اندر بنيادي تبديلين کي روڪڻ ان جي اوليتن ۾ شامل آهي. باقي رهي ڳالهه بنيادي سياسي حقن جي ته ان ۾ ارڙهين ترميم ۽ ستون ناڻي ورڇ وارو فارمولو ڪيترن ئي اختلافن جي باوجود حڪومت جي چڱن قدمن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. بدقسمتيءَ سان ارڙهين ترميم کان پوءِ سنڌ کي جيڪا ٿوري گهڻي صوبائي خودمختياري ملڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وئي، ان کي به وفاقي مداخلت سان سنڌ اسيمبليءَ جي منظور ڪيل ڪمشنري نظام واري ايڪٽ کي واپس ڪرائڻ جو اعلان ڪري حڪومت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته صوبائي خودمختياريءَ جا اعلان به رڳو نمائشي آهن.
ان صورتحال ۾ جڏهن پيپلز پارٽيءَ انتها درجي جي سياسي غير دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪندي صوبي اندر ٻه انتظامي ڍانچا متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته ماڻهن سمجهي ورتو ته هاڻي مفاهمت جي گهڻ مُنهين بلا کين ڳهڻ واري آهي. پيپلز پارٽي آخري ڀيرو 1996ع ۾ اقتدار ۾ هئي، اڄ ان کي 15 سال گذري چڪا آهن. ان عرصي دوران سنڌي سماج ۾ جيڪا اندروني اٿل پٿل ۽ تبديلي آئي آهي، ان جو شايد پارٽي قيادت کي ادراڪ ئي نه آهي. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت اڃا تائين سنڌ کي 1996ع واري اک سان ڏسي رهي آهي. ان عرصي دوران سنڌ اندر ڪجهه اهڙيون بنيادي تبديليون آيون آهن، جن سنڌ اندر سياسي بنيادن ۾ خاموش تبديليون آنديون آهن، جن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
90ع واري ڏهاڪي دوران ٻهراڙيءَ ۾ ڌاڙيلن جي راڄ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ سرڪاري نوڪرين تي بندش کان پوءِ سنڌ جي نيم شهري ۽ شهري علائقن ڏانهن وڏي لڏپلاڻ ٿي آهي ۽ سنڌ جو پهريون نسل ورهاڱي کان پوءِ شهري زندگيءَ ۾ داخل ٿيو آهي. هي نسل ڌڪا ٿاٻا کائي پنهنجي ميرٽ ۽ محنت سان شهري علائقن ۾ سوين رنڊڪون اورانگهي پهتو آهي. ان نسل جي سڃاڻپ ”عمل جي پيداوار“ وچولو طبقو آهي، جنهن وڏيرن جي اوطاقن تي ڌڪا کائڻ کان انڪار ڪري پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي جيئڻ کي ترجيح ڏني آهي. ان سموري نسل جو مزاج ۽ اُمنگون سنڌ جي روايتي سماجي ورتاءُ جي بنهه ابتڙ آهن. هي نسل سرڪاري ڏٽا، ڪوڙا دلاسا، ڄٽڪا حوال ۽ ٺڪائي بيان ٻڌڻ بجاءِ عملي تبديلي ڏسڻ گهري ٿو. اهو نسل سرڪاري مفاهمتن جي نالي ۾ ايندڙ پنج سال پنهنجا باقي بچيل ٽپڙ نيلام ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو، سنڌي سماج اندر آيل ان خاموش ڪيفيتي تبديليءَ کي سنڌ جا سياسي اڳواڻ اڃا مڪمل طور سمجهي نه سگهيا آهن. ان ۾ رڳو پيپلز پارٽي نه پر قومپرست تنظيمون به وڏي حد تائين ناسمجهيءَ جو شڪار آهن. سنڌي سماج ۾ آيل ان تبديليءَ کي نه سمجهندڙ ڌريون سنڌ لاءِ سياست جي نون بنيادن ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿين پيون ۽ جيڪي ڌريون ان تبديليءَ سان پنهنجي سياست کي هم آهنگ نه ڪنديون، اهي پنهنجي افاديت وڃائي ويهنديون. سنڌي سماج جو هي نسل وڏيرڪي روين کي ڪنهن به شڪل ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڀلي اهي وڏيرا هجن يا سندن ڪمدرا ۽ نقش قدم تي هلندڙ وچولي طبقي جا ننڍڙا وڏيرا. هاڻي فردن جون هڪ هٽيون، قصن ۽ حوالن تي ٻڌل داستان ۽ سياسي منافقتون هن سماج ۾ جاءِ نه والاري سگهنديون. ڀلي اهي ڌريون اقتدار ۾ هجن يا اقتدار کان ٻاهر هجن، کين پنهنجي سياست ڪرڻ وارن طور طريقن جو نئين سر تعين ڪرڻو پوندو. اهڙو ئي هڪ مثال پاڙيسري ملڪ ڀارت جي اولهه بنگال ۾ نظر آيو. هن سال ڪلڪتي جي ميونپسل اليڪشن ۾ اتي جي سڀ کان هر دلعزيز پارٽي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسٽ) کي چونڊن ۾ بدترين شڪست ملي آهي. ڪلڪتو 1977ع کان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اهڙي طرح سياسي ڳڙهه رهيو آهي جيئن سنڌ پيپلز پارٽيءَ لاءِ رهي آهي. هن سال ڪميونسٽ پارٽيءَ کي اتي ان ڪري بدترين ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو، جو اتي جي عوام سندن پاليسين کي ناپسند ۽ رد ڪيو. پيپلز پارٽيءَ کي به سمجهڻ گهرجي ته سياسي هڪ هٽي رڳو ڪارڪردگيءَ سان ئي برقرار رهي سگهي ٿي. بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌ اندر جيڪو شديد ردعمل ٿيو، ان ۾ هڪ ڳالهه سڄي سنڌ ۾ نوٽ ڪئي وئي ته ان ردعمل ۾ اهي ٽين- ايجرز اڳيان اڳيان هئا، جن پنهنجي هوش حواس جي سالن ۾ بينظير ڀٽو کي ڏٺو به نه هو. هي سنڌ جو اهو ناراض نسل هو، جنهن جهرندڙ وڏيرڪي سماج جي راک مان جنم ورتو هو ۽ وٽن بينظير صاحبه جو تصور رڳو ملڪي وزيراعظم وارو نه پر هڪ اميد وارو هو. هنن جو ردعمل مستقبل جي ڪنهن وزيراعظم جي نقصان خلاف نه پر سندن آئيندي جي اميد جي قتل خلاف هيو. 2011ع ۾ عرب دنيا اندر آيل زبردست سياسي لهر بابت جيتري به ريسرچ ٿي آهي، اها ٻڌائي ٿي ته انهن ملڪن ۾ آباديءَ اندر تيزيءَ سان وڌندڙ نوجوانن ان تبديليءَ کي ممڪن بڻايو. هڪ تحقيق مطابق اٿل پٿل جي شڪار عرب ملڪن مان تيونس ۾ 29 سيڪڙو، مصر ۾ 29 سيڪڙو ۽ يمن ۾ 30 سيڪڙو آبادي انهن نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪي 30 سالن کان گهٽ ڄمار جا هئا ۽ انهن ان لهر جي سرواڻي ڪئي. سنڌ اندر نوجوان ڄمار واري آباديءَ جو حصو ان کان به وڌيڪ آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب سنڌ اندر 42.7 سيڪڙو ماڻهو ڏهن کان پندرهن سالن جي ڄمار ۾ هئا. يعني هن وقت سنڌ جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ اڌ حصو 30 ورهين جي آس پاس جي ڄمار ۾ هوندو. انهن نوجوانن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي. ان نسل هڪ اهڙي سنڌ ۾ اک کولي آهي جيڪا مڪمل طور وڏيرن جي غلام ناهي. هنن ان دور جي سنڌ ۾ اک پٽي آهي، جنهن ۾ هڪ متحرڪ سنڌي ميڊيا، گلوبلائيز ٿيل دنيا ۽ سول سوسائٽيءَ جي اسرندڙ طاقت موجود آهي. ان سڄي وايو منڊل ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي هن ڏهاڪي جي سنڌ جي مزاج کي سمجهي فيصلا ڪرڻا پوندا. پيپلز پارٽيءَ کي چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ته سندن سياسي مستقبل جو دارومدار هاڻي سندن ڪارڪردگيءَ تي ئي هوندو.
اها ساڳي ڳالهه سنڌ جي قومپرست تنظيمن سان به لاڳو ٿئي ٿي. هن وقت جڏهن سنڌ جا قومپرست صوبي اندر پيپلز پارٽيءَ جو متبادل ٿي اڀرڻ گهرن ٿا ۽ يونيورسٽين مان نڪري پارليامينٽ تائين پهچڻ گهرن ٿا ته کين به نه رڳو سنڌي سماج جي اندر اندروني اٿل پٿل کي چڱيءَ ريت سمجهي پنهنجي سياسي طور طريقن جو نئين سر جائزو وٺڻو پوندو، پر ان لاءِ کين سنڌ جي اسرندڙ مڊل ڪلاس جي خواهشن ۽ امنگن کي سمجهي سياست ڪرڻي پوندي. ساڳي طرح ان اسرندڙ وچولي طبقي جي نوجوانن ۾ مختلف قسمن جون انيڪ اهڙيون صلاحيتون آهن، جيڪي سنڌ جي حقن واري جدوجهد ۾ قومپرست تنظيمن لاءِ وڏي سگهه ثابت ٿي سگهن ٿيون. انهن صلاحيتن ۽ امنگن کي قومپرست تحريڪ پنهنجي جدوجهد سان سلهاڙي سنڌ جي آئيندي لاءِ شاندار جدوجهد ڪري سگهي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته قومپرست تنظيمون پنهنجي تنظيمي ڍانچي ۽ سياسي جدوجهد جي طور طريقن جو نئين سر جائزو وٺن ۽ انهن کي معروضي زميني حقيقن سان ٺهڪائن. سياست ۾ غلط هجڻ ايترو مسئلو ناهي هوندو، جيترو اڻ ٺهڪندڙ Irrelevant ٿي پوڻ هوندو آهي. قومپرست قيادت کي نئين دنيا جي تقاضائن سان پنهنجي سياسي جدوجهد کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو ته جيئن سندن جدوجهد وقتائتا ۽ گهربل نتيجا ڏئي سگهي. کين گهرجي ته پنهنجي پارٽين اندر ايتري جڳهه پيدا ڪن، جو هو ان باصلاحيت وچولي طبقي کي گڏ کڻي هلي سگهن. سنڌي سماج جي شڪل ۽ گهاڙيٽي کي تبديل ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکندڙ اهو طبقو اڃا اوسر جي مرحلي ۾ آهي ۽ قومپرست تنظيمن کي سمجهڻ گهرجي ته اهوئي طبقو سندن ٻانهن جو ٻَل ثابت ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري قومپرست تحريڪ کي پنهنجي سياسي ڍانچي ۽ جدوجهد لاءِ نوجوانن جي صِف بندي ڪرڻي پوندي ۽ ان لاءِ مختلف طريقن سان ساڻن لاڳاپو قائم ۽ گِهرو ڪرڻو پوندو. سوشل ميڊيا کان وٺي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال تائين قومپرست هلچل کي نوان رخ ڏيڻ جي صلاحيت ان ئي طبقي وٽ آهي. ان طبقي جي صلاحيت ۽ همعصر دنيا ۾ جدوجهدن جي جديد طريقن بابت سندن شناسائي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد کي زبردست سگهه فراهم ڪري سگهي ٿي. پراسيس جي پيداوار اُسرندڙ وچولو طبقو سنڌي سماج جي آئيندي واري جدوجهد ۾ غير معمولي ڪردار اداڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ کين قومي حقن واري جدوجهد جي مکيه ڌارا ۾ آڻڻ قومپرست تنظيمن جي پهرين اوليت هجڻ گهرجي.
سنڌي سماج ۾ ايندڙ انهن تبديلين کي سمجهڻ کان سواءِ سنڌ جي حقن واري ڪا به جدوجهد هاڻي گهربل نتيجا نه ڏئي سگهندي.
(روزاني ڪاوش)

سنڌ ۾ متبادل سياسي قيادت لاءِ اڀرندڙ موقعا!

سنڌ ۾ متبادل سياسي قيادت لاءِ اڀرندڙ موقعا!


پيپلز پارٽي موقعي پرستي ۽ خراب حڪمرانيءَ وسيلي سنڌ واسين کي مايوس ڪيو آهي ۽ سنڌ واسي هڪ بدترين فرسٽريشن مان گذري رهيا آهن. سوال هي آهي ته آخر ان جو حل ڇا آهي؟ سنڌ ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين عام سنڌ واسي ان مونجهاري جو شڪار رهيو آهي ته جيڪڏهن هو سمورين ناراضگين جي باوجود پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ نه ڏئي ته پوءِ ڪيڏانهن وڃي؟ پيپلز پارٽيءَ جو اليڪشني سياست ۾ متبادل موجود نه هجڻ عوام لاءِ مونجهاري ۽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ موقعي پرستيءَ جو جواز رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت هميشه سنڌي ماڻهن جي ان خلوص ۽ مجبوريءَ جو ناجائز فائدو ورتو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ڦري گهري مجبور ٿي کيس ئي ووٽ ڏيندا، ڇو ته هينئر تائين پيپلز پارٽيءَ جا مخالف ان کان وڌيڪ موقعي پرست، اسٽيبلشمينٽ جي مفادن جا رکوالا ۽ سنڌ جي مفادن جي لتاڙ ڪندڙ رهيا آهن. 1977ع ۾ ڀٽي جو تختو اونڌو ڪندڙ جنرل ضياءُالحق سنڌين جو بدترين ويري هيو. 90ع جي ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي ٻه ڀيرا زوري ختم ڪري ملڪ مٿان ايجنسين جي ٺهرايل اتحادن جون حڪومتون مڙهي سنڌ کي برباد ڪيو ويو. ساڳئي طرح 1999ع ۾ نوازشريف جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا کان بدترين سويلين راڄ مڙهيندڙ مشرف به سنڌ جي مفادن جو خراب حشر ڪيو. چاليهن سالن جي عرصي دوران پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌين لاءِ آئيڊيل چوائس نه هئي، پر جيئن ته ان جا مخالف ان کان وڌيڪ سنڌ دشمنيون ڪندا هئا، تنهن ڪري پيپلز پارٽي سنڌ واسين لاءِ Lesser evil رهي آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي اليڪشني سياست ۾ هڪ هٽيءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به رهيو آهي ته سنڌ جي سياست ۾ ٻي اهم سياسي سگهه قومپرست تنظيمون هيون، جن شروع کان وٺي اليڪشني سياست کي غلط ۽ اجايو سمجهندي ان مورچي تي ڪڏهن به سنجيده ڪم نه ڪيو هو. جيتوڻيڪ قومپرست تنظيمون پنهنجي جدوجهد وسيلي سنڌ جي قومي مفادن تي سنڌ واسين کي ايتري قدر متحرڪ رکنديون آيون جو پاڻي ۽ ڌاري آبادڪاري وغيره جهڙن مسئلن تي پيپلز پارٽيءَ کي به سندن موقف اختيار ڪرڻو پوندو هو، پر جيئن ته قومپرست ڌريون چونڊن واري سياست جو حصو نه بڻيون، تنهن ڪري اهو ميدان پيپلز پارٽيءَ لاءِ خالي رهيو. ويتر پيپلز پارٽي سنڌ جي قومي حقن واري اُڀار کي هميشه سنڌ ڪارڊ جي شڪل ۾ اسٽيبلشمينٽ سان بارگيننگ لاءِ استعمال ڪندي رهي. اها بارگيننگ اقتدار جي ڊوڙ ۾ هڪ طاقتور ڌر طور پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ استعمال ٿي. پيپلز پارٽيءَ ڪڏهن به ان بارگيننگ جي نتيجي ۾ ملندڙ اقتدار کي سنڌ واسين جي مفادن جي رکواليءَ لاءِ استعمال نه ڪيو.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي متبادل نه اڀري سگهڻ جو هڪ ٻيو اهم ڪارڻ ڀٽي خاندان جو اهو سحر هو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ واسين هميشه پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏيڻ پنهنجو فرض ۽ شهيدن جي رت جو قرض سمجهي اهو حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو ڦاسيءَ تي چڙهڻ کان پوءِ ۽ بينظير ڀٽو ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ اهڙا ته ديومالائي ڪردار بڻجي چڪا هئا، جو انهن جي موجودگيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي متبادل طور ڪنهن قيادت يا پارٽيءَ جو اڀرڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿي پيو هو. 90ع جي ڏهاڪي ۾ محلاتي سازشن وسيلي بينظير ڀٽو جون ٻه حڪومتون ختم ڪرڻ، مرتضيٰ ڀٽي جي قتل ٿيڻ ۽ نواز حڪومت ۾ سنڌين جي ترقيءَ جا رستا بند ڪرڻ سبب سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي تمام گهري جذباتي موٽ مليل هئي ۽ وفاق جي سياست ڪندڙ ٻي ڪا به ڌر سندس مقابلي ۾ ڪَر نه کڻي سگهي.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ نسبتن عوامي مقبوليت رکندڙ قومپرست ڌرين سان خود ڪيئي مسئلا لاڳاپيل هئا. مثال طور قومپرست ڌريون جيئن ته چونڊن واري سياسي عمل جو حصو نه هيون، تنهن ڪري عام سنڌ واسين سنڌ جي حقن بابت سندن حمايت ۾ رهڻ جي باوجود کين پنهنجي روز مرهه جي مسئلن کان لاتعلق محسوس ڪندو هو. قومپرست ڌريون نظرياتي معاملن تي پنهنجي سياست ڪنديون رهيون، پر عام ماڻهو نظرياتي معاملن بجاءِ روزمرهه جي معاملن جهڙوڪ ٿاڻي، ڪورٽ، ٻڌ ڇوڙ، پاڻيءَ جي واري، زمين جي قبضي، سفارشي نوڪري، ٺيڪن، روڊ رستن، گئس ۽ بجلي جي سهولتن وارن معاملن ۾ اُلجهيل هو، تنهن ڪري هو انهن مسئلن جي حل لاءِ ڀوتارن جي سياسي مرڪزن جو طواف ڪرڻ تي مجبور هو، ان ڪري هنن قومپرست ڌرين کي اليڪشني سياست جو متبادل نه ٿي سمجهيو. 1988ع ۾ قومپرست ڌرين جن اليڪشني ڌرين جي پيپلز پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ حمايت ڪئي، انهن جا افعال ايڏا ته گندا ثابت ٿيا جو سنڌ جي ماڻهن وري پيپلز پارٽيءَ کي ئي ووٽ ڏيڻ ۾ اوليت ٿي ڏني. ٻئي طرف قومپرست تنظيمن جي گهڻن ڌڙن ۾ ورهائجڻ ۽ هڪٻئي خلاف محاذ کڙا ڪرڻ جي نتيجي ۾ سنڌ واسين کين ڪا سنجيده سياسي ڌر تصور ئي نه ٿي ڪيو. ساڳئي طرح قومپرست ڌرين بابت اهو تصور به عام رهيو آهي ته اهي ڀتا خوري ۽ قبضن وغيره جهڙن ڪرائيمز ۾ سرگرم رهيا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته اليڪشني سياست ڪندڙ وڏيرا ۽ وچولي طبقي جا موقعي پرست همراهه وائيٽ ڪالر ڪرائيم ۾ قومپرستن کان گهڻو اڳڀرا رهيا آهن، پر جيئن ته هو اهو سڀ ڪجهه حڪومتي مشينريءَ وسيلي سرڪاري خزاني مان ڪندا رهيا آهن، تنهن ڪري عام ماڻهن کي انهن جي ڪروڙن جي ڪرپشن جو اندازو آسانيءَ سان نه ٿي سگهندو آهي. نه رڳواهو پر وقت اچڻ تي پارٽيون بدلائي پنهنجي ئي قيادت خلاف ڪات ڪهاڙا کڻندڙن سان شامل ٿي هو سياسي اخلاقيات جي بدترين لتاڙ به ڪندا رهن ٿا، پر اليڪشني سياست ۾ ان نظريئه ضرورت کي ايترو برو قرار نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري سندن گناهن جو پڙاڏو ايترو ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي، جيتري قومپرستن جي ڪرتوتن تي ملامت ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پيپلز پارٽي گذريل ٽن سالن دوران سنڌ ۾ جنهن بدترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ هاڻي سنڌ اندر ماڻهو ان جي پارلياماني متبادل جي ضرورت شدت سان محسوس ڪرڻ لڳا آهن. سنڌ جي پارلياماني سياست ۾ هونئن ته ڇڙوڇڙ قومپرست ڌريون هٿ پير هڻنديون رهيون آهن، جن ۾ رسول بخش پليجو، جلال محمود شاهه وغيره شامل آهن، پر هنن ڪڏهن به هڪ گڏيل پليٽ فارم تان پارلياماني سياست نه ڪئي آهي. هينئر پهريون ڀيرو سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪجهه معاملن تي گڏيل اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ ممڪن آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ گڏجي ڪو اليڪشني اتحاد ڪري، پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ اندر مقابلو ڪن. جيتوڻيڪ ڪجهه معاملن تي اهي ڌريون ويجهڙ ۾ ورهائجي به ويون، پر بهرحال اليڪشني سياست ۾ انهن جي اتحاد جا تمام گهڻا امڪان آهن. هن مرحلي تي قومپرست ڌرين جي گڏجي چونڊ وڙهڻ سان شايد چونڊن نتيجن ۾ هڪ دم ڪا غير معمولي ڊرامائي تبديلي نه به اچي سگهي، پر ان جا هيٺيان فائدا ٿيندا.
* سنڌي ووٽرن وٽ پيپلز پارٽيءَ سان بارگيننگ ڪرڻ لاءِ هڪ متبادل سياسي محاذ موجود هوندو، جنهن جي آڌار سنڌ واسي، پيپلز پارٽيءَ کان همدردين بجاءِ ووٽ جي عيوض پرفارمنس جي تقاضا ڪري سگهندا.
* پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي اهو سمجهڻو پوندو ته سنڌ مٿان سندن چاليهن سالن جي هڪ هٽي هميشه برقرار نه رهندي ۽ کين ڀارتي بنگال ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان ٿيل حشر کان بچڻ لاءِ سنڌ واسين ڏانهن پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا.
* خود قومپرست ڌريون ووٽ ذريعي سنڌ واسين ڏانهن جوابده ٿينديون، کين پنهنجي صفن کي درست ڪرڻو پوندو ۽ انهن روايتن کي ترڪ ڪرڻو پوندو، جن جي ڪري سنڌ ۾ کين هينئر تائين جوڳي سياسي موٽ نه ملي سگهي آهي.
* قومرپست تنظيمن کي اليڪشني سياست جو ڏانءُ سکڻ جو پهريون وڏو موقعو ملندو، ان کان اڳ ان سطح تي قومپرست تنظيمن اليڪشني سياست ۾ حصو نه ورتو آهي، ان طرح پارلياماني سياست جي نئين ميدان ۾ کين مختلف هنر سکڻ جو موقعو ملندو.
جيڪڏهن عام چونڊن کان اڳ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيون ته شايد قومپرست ڌريون مقامي سطح تي ڪيترن ئي هنڌن تي پيپلز پارٽي ۽ ٻين روايتي ڌرين کي اپ سيٽ ڪري سگهن ٿيون. ويجهن سالن ۾ مختلف قومپرست تنظيمن خاص ڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عوام کي متحرڪ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان کان اڳ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو سربراهه پنهنجي تڪ ۾ اليڪشني سياست جو گهرو تجربو رکي ٿو. جيڪڏهن انهن ڌرين مستقل مزاجيءَ سان ان محنت کي سنجيدگيءَ سان جاري رکيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ هڪ مضبوط طاقت ٿي اڀري سگهن ٿيون.
* قومپرست ڌرين جي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ سان سنڌ جي اليڪشني سياست مٿان وڏيرڪي هڪ هٽيءَ ۾ ڏار پوندا. هن وقت تائين ذري گهٽ هر چونڊ تڪ تي ڀوتار جو مقابلو ڪنهن ڀوتار سان ئي ٿيندو آهي يا وري وچولي طبقي جا اهڙا موقعي پرست نظر ايندا آهن، جن ڪرپشن ۾ ڀوتارن کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. قومپرست تنظيمن وسيلي سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوان ۽ وچولي ۽ طبقي جي متبادل سياست جا بنياد پوندا ۽ ڊگهي مدي ۾ سنڌ اندر بدبودار ڀوتارڪي سياست جي هڪ هٽي ڪمزور ٿيندي ۽ سنڌ اندر مختلف سياسي روين جي شروعات ٿي سگهندي.
هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا موجوده سگهه ۽ وسيلن آهر قومپرست ڌريون وڏيرڪي طبقي جي والار هيٺ آيل سياست ۾ ڪو وڏو ڏار وجهي سگهنديون؟ منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن قومپرست ڌريون ڇڙوڇڙ ٿيڻ بجاءِ گڏيل محاذ تان چونڊ عمل ۾ حصو وٺن ۽ چونڊن وقت اتحاد ڪرڻ وقت پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي پاليل عوام دشمن مهانڊن کان پاڻ بچائي پنهنجي ميرٽ تي چونڊ وڙهڻ ته اهي مستقبل ۾ وڏو ڏار وجهڻ جي شروعات يقينن ڪري سگهن ٿيون. قومپرست ڌرين لاءِ ڀوتارن جي ڀيٽ ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ ۽ انهن جيان ايجنسين جي آشيرواد حاصل ڪرڻ ڏکيو هوندو، پر عوامي حمايت انهن ٻنهي چئلينجن جو آزمايل حل آهي. ايندڙ نه ته ان کان ايندڙ چونڊن تائين قومپرست ڌريون پيپلز پارٽيءَ جي متبادل طور هڪ سگهاري ڌر بڻجي سگهن ٿيون، جيڪڏهن اهي مستقل مزاج رهن ۽ هٿ ايندڙ ننڍي کان ننڍي موقعي جو ڏاهپ ڀريو استعمال ڪن. سندن چونڊن واري سياست جو محور نوجوان هجڻ گهرجي، جيڪي هاڻي هر تڪ ۾ هزارين ووٽن جا مالڪ هجڻ سان گڏ وڏيرڪي سياسي ۽ سماجي ڍانچي مان بيزار آهن ۽ تبديليءَ جا خواهشمند آهن. ان سڄي عمل دوران قومپرست ڌرين کي پنهنجي ساک کي سنڀالڻو پوندو. خاص طور تي پيپلز پارٽي مخالفت ۾ اهڙين ڌرين سان هٿ ملائڻ کان پوءِ بچائڻو پوندو، جن جو ماضي سنڌ دشمن آهي ۽ حال به اڻ چٽو آهي. وفاقي سياست جي ٻين اهم ڌرين جهڙوڪ نواز ليگ وغيره سان جيڪڏهن ڪا اليڪشني هم آهنگي ٿئي ٿي ته ان موقعي تي سنڌ جي مفادن بابت موقف چٽو هجڻ گهرجي نه ته سندن ڳچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو مفاهمتي ماڊل پئجي سگهي ٿو، جنهن جو محور سنڌ ۽ سنڌ واسين جا مفاد نه پر اقتدار جي ڊيگهه آهي. ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جا ووٽ اهڙي طرح سان ورهائجندا، جنهن سان سنڌ ۾ انهن ڌرين کي اقتدار تي قبضو حاصل ٿي سگهي ٿو، جن لاءِ سنڌ تي قبضو پراڻو خواب رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ ان قسم جي انديشن سان سنڌ واسين کي بليڪ مل ڪرڻ بجاءِ ان ممڪنه صورتحال جي ذميواري خود پيپلز پارٽي تي لاڳو ڪرڻ گهرجي، جنهن سنڌ واسين جي ووٽن جي بي رحماڻي تذليل ڪري سنڌ واسين کي ان نتيجي تي پهچايو آهي ته جيڪڏهن سنڌ مٿان ڪن سنڌ دشمن ڌرين جو اقتدار اچي به ويو ته آهي به وڌ ۾ وڌ سنڌ کي اهڙو ئي نقصان پهچائي سگهن ٿيون جيترو هيءَ حڪومت بظاهر سنڌين جي حڪومت سڏائي ڪري رهي آهي. آخر سنڌ جي برباديءَ جو ڪهڙو ڪرتوت رهيل آهي، جيڪو هيءَ حڪومت نه پئي آزمائي. منهنجي راءِ ۾ سنڌ واسين کي گهرجي ته هو ايندڙ چونڊن وقت پيپلز پارٽيءَ کان پنهنجي حقن ۽ مفادن جي رکواليءَ ۾ بدديانتي ڪرڻ بابت سخت پُڇاڻو ڪن ۽ سنڌ جي چونڊن واري سياست ۾ پڇاڻي جي روايت جو بنياد وجهن. ان سان پپيلز پارٽيءَ جي متبادل طور اڀرندڙ ڌرين خاص ڪري قومپرست تنظيمن کي به ان ڳالهه جو احساس ٿيندو ته کين به مستقبل ۾ ذميواراڻي سياست جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته هو انهن طاقتن کان رڳو مختلف نه، پر بهتر ۽ مثبت به آهن، جن کي سڀاڻي جي سنڌ پنهنجي ووٽ وسيلي ٿڏڻ گهري ٿي.
هڪ هٽي مارڪيٽ تي هجي يا سياست تي، هڪ جيتري ئي خطرناڪ آهي. پيپلز پارٽي ان هڪ هٽيءَ کي سنڌ واسين جي تقدير بدلائڻ جو هاڻوڪو غير معمولي موقعو هٿان وڃائي ثابت ڪيو آهي ته ان وٽ سنڌ واقعي به هڪ ڪارڊ کان وڌيڪ حيثيت نٿي رکي. هنن لاءِ هي موقعو سنڌ جي نه پر پنهنجي تقدير بدلائڻ جو وجهه هو، جنهن کي هنن هر طرح جي هٻڇ ۽ موقعي پرستيءَ سان نڀائي ثابت ڪيو آهي. تنهن ڪري هي وقت آهي ته سنڌ واسي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ ۽ وڏيرڪي سياست جي متبادل ڌرين ڏانهن هٿ وڌائن ۽ اهو پڻ غير مشروط نه پر سنڌ جي مفادن سان مشروط هجڻ گهرجي. (روزاني ڪاوش- 16 جون 2011ع)

ڪراچي سنڌين لاءِ اوپري ڪيئن بڻائي وئي؟

ڪراچي سنڌين لاءِ اوپري ڪيئن بڻائي وئي؟


اڄوڪي سنڌ جي قومي ۽ جاگرافيائي وحدت مٿان لٽڪندڙ تلوار جو سڀ کان اهم ۽ بنيادي ڪارڻ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو هو. 1947ع ۾ پيش آيل ان سانحي جي سڀ کان وڌيڪ قيمت جيڪڏهن ڪنهن ڀري آهي ته اها سنڌ ۽ سنڌين ڀري آهي. ڇهن ڏهاڪن کان پوءِ اڄ صورتحال اتي اچي پهتي آهي، جو سنڌين کي پنهنجي تاريخي سرزمين تي پنهنجي وجود بچائڻ جي ڳڻتيءَ اچي ورايو آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي اسڪيم ۾ سرحد پار کان مسلمانن جي لکن جي تعداد ۾ آمد ۽ سنڌ توڙي پنجاب ۾ انهن جي آباد ٿيڻ جو ڪٿي به تذڪرو نه هو. 1947ع ۽ 1948ع جي وچ ۾ هندستان مان لکين ماڻهن جي آمد سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ آبادڪاريءَ جي توازن کي ڌوڏي ڇڏيو.
ورهاڱي وقت ڪراچيءَ جي آبادي ساڍا چار لک هئي، جن ۾ 61.2 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جڏهن ته اردو/هندي ڳالهائيندڙ آبادي رڳو 6.3 سيڪڙو هئي. ان وقت جي آباديءَ جو 51 سيڪڙو مذهبي لحاظ کان هندو برادريءَ سان تعلق رکندڙ هو، جڏهن ته 42 سيڪڙو ماڻهو مسلمان هئا. ورهاڱي کان پوءِ آباديءَ جو اهو توازن هڪدم بگاڙ جو شڪار ٿيو ۽ 1951ع جي آدمشماريءَ موجب ڪراچي جي آبادي ساڍا يارهن لک جي لڳ ڀڳ ٿي وئي. لساني اعتبار کان ان آدمشماريءَ جا انگ اکر ڇرڪائيندڙ آهن، جن موجب ورهاڱي کان اڳ 61 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي گهٽجي رڳو 8.6 سيڪڙو وڃي بچي. جڏهن ته 6.3 اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو انگ وڌي 50 سيڪڙو ٿي ويو. ورهاڱي کان پوءِ شهر جو 96 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي ۽ رڳو 2 سيڪڙو آبادي هندن تي ٻڌل هئي. ان لحاظ کان ڏسجي ته ڪنهن به سماج لاءِ اها خطرناڪ ترين ڌونڌاڙ هئي. سنڌ جو شهري وچولو طبقو يعني هندو سرحد پار لڏي ويو. ٻئي طرف اٽڪل 7 لک ماڻهو سنڌ ۾ اهڙا داخل ٿيا، جيڪي سنڌي ڪلچر ۽ زمين کان بنهه اوپرا هئا. سندن لاءِ سنڌ اسلام جي جنگ ۾ فتح ڪيل مال غنيمت کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئي. 1941ع ۽ 1951ع جي وچ ۾ ڪراچي شهر اندر آبادي ۾ 161 سيڪڙو واڌ ٿي. ڪراچيءَ اندر ڌاري آباديءَ جو اهو سلسلو ختم نه ٿيو، بلڪه ايوب جي دور ۾ 60ع جي ڏهاڪي ۾ پختونن جي آمد 1972ع ۾ ۽ 1978ع جي وچ ۾ بنگلاديش مان اٽڪل ساڍا ٽي لک پناهگيرن جي آمد (جيڪي گهڻي ڀاڱي بهاري هئا) ۽ افغان جنگ کان پوءِ ٽي لک کان وڌيڪ پناهگيرن جي آمد ڪراچيءَ جي آدمشماريءَ جي توازن کي لڳاتار پئي تبديل ڪيو. هڪ ڪاٿي موجب هر سال سراسري طور ڪراچيءَ ۾ ساڍا ٽي لک ماڻهن جو واڌارو ٿيو. ان سموري عرصي دوران جتي پنجاب ۽ پختونخوا مان آباديءَ جي لڳاتار آمد ڪراچيءَ ڏانهن جاري رهي، سنڌي ڳالهائيندڙن جي ڪراچي آمد ۾ ڪو نمايان اضافو نه ٿيو. منهنجي خيال ۾ ان جا هيٺيان اهم ڪارڻ هئا.
ورهاڱي وقت خاص قانون ٺاهي شهرن ۾ مقامي آباديءَ لاءِ جائيداد خريد ڪرڻ تي بندش وجهڻ سبب مقامي سنڌي آبادي شروعاتي سالن ۾ شهرن کان ڪٽجي ٻهراڙين تائين محدود ٿي وئي. مثال طور جڏهن ايوب کهڙي سنڌ ۾ وڌيڪ پناهگيرن کي آباد ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري ملڪ جي گادي جو هنڌ بڻائڻ جي مخالفت ۽ مزاحمت ڪئي ته قائداعظم پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي سندس حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ جي اڪثريت جي حمايت ايوب کهڙي کي حاصل هئي. ان غير جمهوري قدم جي نتيجي ۾ مقامي سنڌي آباديءَ کي سياسي طور بي هٿيار ڪيو ويو. ساڳي طرح آڪٽوبر ۾ جناح صاحب پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي جائيدادن بابت ٻه آرڊيننس جاري ڪيا. انهن حڪمنامن هيٺ پاڪستان جي ريهبليٽيشن ڪمشنر کي اهي اختيار ڏنا ويا ته اها هندن پاران ڇڏيل زمينن ۽ ڪاروبارن کي تحويل ۾ وٺي ان جي عارضي ليز جاري ڪري سگهي. ساڳي طرح پناهگيرن کي ان قانون هيٺ خالي ڇڏيل عمارتن تي قبضي جي اجازت ڏني وئي. هڪ ڪاٿي موجب آگسٽ 1947ع کان 1948ع وچ ۾ هندن جيڪي ملڪيتون ڇڏيون، تن ۾ 70 سيڪڙو زرعي زمين ۽ شهري علائقن ۾ 85 سيڪڙو گهر ۽ عمارتون شامل هيون، جيڪي جناح صاحب جي حڪم تي مقامي آبادي بجاءِ ٻاهران آيلن حوالي ڪيون ويون. اهڙي طرح رياستي قانون ۽ گورنر جنرل جي خصوصي اختيارن وسيلي هڪ منظم طريقي سان سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي عملي طور ڪراچيءَ مان بي دخل ڪيو ويو.
سنڌين جو سرنديءَ وارو وچولو طبقو هندن تي مشتمل هو، جن وٽ شهرن خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ جائيداد رکڻ جو لاڙو هوندو هو، سنڌي مسلمان ورهاڱي وقت گهڻو ڪري سماجي اعتبار کان پٺتي پيل ۽ غربت جو شڪار هئا ۽ وٽن شهرن ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ لاءِ گهربل موڙي موجود نه هئي. سنڌي مسلمانن ۾ تعليم گهٽ هجڻ سبب هو شهري هنرن کان پرڀرا هئا ۽ سندن گهڻو تڻو واسطو ٻهراڙيءَ ۾ هيٺين سطح جي زراعت ۽ چوپائي مال تي هئو، جنهن سبب وٽن شهرن ۾ وڃي روزگار ڪرڻ لاءِ ڪا به ڇڪ موجود نه هئي.
ٻهراڙين ۾ ٿوري گهڻي ملڪيت زمينداري جي شڪل ۾ وڏيرڪي طبقي وٽ هئي. هن طبقي وٽ ڪراچيءَ ۾ جائيداد رڳو فصل لهڻ وقت عياشين ڪرڻ لاءِ هوندي هئي، ان طبقي وٽ نه قومي سوچ هئي ۽ نه قومي غيرت نالي ڪنهن شيءِ کان هو واقف هئا. تنهن ڪري هنن شهري ماحول ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کي ڪا به اوليت نه ٿي ڏني، ڇو ته شهري ماحول ۾ سندن غلامي قبول ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه هو. جڏهن ته ٻهراڙين جي رعايا سان صوبيدار ۽ مختيارڪار جي ناپاڪ ڳٺ جوڙ وسيلي خلق کي غلام رکڻ آسان هو.
تربيلا ڊيم ٺهڻ تائين ٻهراڙين ۾ زرعي معيشت تمام سگهاري هئي. ڪچي توڙي پڪي ۾ محدود آباديءَ جي گهرج کان وڌيڪ ان اپائجندو هو ۽ ٻهراڙيءَ جي پرسڪون ماٺيڻي زندگي سنڌي ڳالهائيندڙن لاءِ وڌيڪ سهنجي هئي، جڏهن ته شهري تيز رفتار زندگي، شور شرابو ۽ ڀڄ ڊڪ سندن مزاج سان ٺهڪندڙ نه هئي. ان عرصي دوران پختون ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ آبادي به پنهنجا علائقا ڇڏي درحقيقت ڪراچيءَ ۾ ننڍي سطح جي روزگار لاءِ اچي رهي هئي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ سندن علائقن جي معاشي بدحالي هئي. ان جي ابتڙ سنڌ جي ٻهراڙي معاشي طور آسودي ۽ پاڻ ڀَري هئي، جنهن ڪري سنڌي ڳالهائيندڙن کي ڪڏهن به شهرن ۾ وڃي روزگار ڪرڻ يا سيڙپڪاري ڪرڻ جي گهرج پيش نه آئي.
ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهرن، خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ماحول ثقافتي لحاظ کان ورهاڱي کان پوءِ اوپرو ٿي چڪو هو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ پاڻ کي ان ماحول ۾ اڻ ٺهڪندڙ محسوس ٿي ڪيو، جنهن ڪري شهرن ۾ رهڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ سندن دلچسپي نه هجڻ جي برابر هئي. ان سڄي پسمنظر ۾ شهري علائقن خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ صنعتڪاري، ٽرانسپورٽ ۽ ننڍن وچولن ڪاروبارن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ تمام محدود رهيو. سنڌي سماج مٿان سياسي طور ٿاڦيل فيوڊل ڍانچي سنڌ جي ٻهراڙين کي هڪ اڻ کٽ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو، ان جي نتيجي ۾ سنڌ جون ٻهراڙيون ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ سماجي توڙي انفراسٽرڪچر جي لحاظ کان هڪ صديءَ جي وٿيءَ تي بيٺل نظر اچن ٿيون. ڪراچيءَ کان 100 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود ٺٽو ضلعو هر لحاظ کان سوين سالن جي وٿيءَ تي نظر اچي ٿو. شهري زندگيءَ کان ان وٿيءَ سنڌ سماج جي اوسر کي شديد ڌڪ رسايو. ان عرصي دوران سنڌ جي سياسي نمائندگي جيئن ته ابن الوقت وڏيرڪي طبقي وٽ رهي، تنهن ڪري ان ٻهراڙين جي سنڌين کي اٻوجهه ۽ غلام رکڻ لاءِ ضروري سمجهيو ته سندن حڪمرانيءَ هيٺ ٻهراڙين ۾ ڪڏهن به معياري انفراسٽرڪچر تعمير نه ٿئي. معياري تعليم جا ادارا قائم نه ٿين ۽ سنڌي وچولي طبقي جي اوسر لاءِ ڪي به موقعا پيدا نه ٿين. سياسي ۽ سماجي جمود جو اهو غلاميءَ وارو دور 70 جي ڏهاڪي تائين پوري شدت سان جاري رهيو. ان جمود کي ٽوڙڻ جي پهرين ڪوشش ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿي، جڏهن هن ڪوٽا سسٽم، ليٽرل انٽري وغيره ذريعي نوڪري پيشه سنڌي وچولي طبقي جي پهرين کيپ کي پير کوڙڻ جو موقعو ڏنو. ساڳي طرح هن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل تعليمي ادارن جو بنياد رکي مستقبل جي سنڌي وچولي طبقي جي اوسر جا بنياد رکيا. اهو ئي سبب آهي جو 1981ع ۽ 1998ع واري آدم ڳڻپ ۾ ڪراچيءَ اندر سنڌي آباديءَ جو سيڪڙو وڌيو ۽ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو سيڪڙو گهٽيو آهي.
1981ع جي آدم ڳڻپ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪراچيءَ اندر 6.3 سيڪڙو هئا، جيڪي 1998ع ۾ وڌي 7.2 سيڪڙو ٿي ويا. جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي جيڪا 1981ع ۾ 54.3 سيڪڙو هئي، اها 1998ع ۾ گهٽجي 48.5 سيڪڙو ٿي وئي. ان جو مکيه ڪارڻ پختونخوا ۽ پنجاب مان خاص طور تي سرائيڪي پٽيءَ مان ماڻهن جي ڪراچيءَ ڏانهن لڏپلاڻ هئي. سنڌ جي ٻهراڙين مان 90ع جي ڏهاڪي ۾ شهرن ڏانهن وڌيڪ لڏپلاڻ ٿي آهي. ان جا ٽي مکيه ڪارڻ هئا. هڪ ته ٻهراڙين ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ سبب وچولي طبقي شهرن جي محفوظ ماحول کي چونڊيو. ٻيو ٻهراڙين ۾ زراعت لاءِ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب زرعي معيشت کي ڌڪ لڳو ۽ ماڻهو بيروزگار ٿيا، جن شهرن جو رخ ڪيو ۽ ٽيون ته سرڪاري نوڪرين تي بندش کان پوءِ سنڌي ورڪنگ ڪلاس جنم ورتو، جنهن خانگي روزگار ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو رخ ڪيو، ان دوران نائين اليون واقعي کان پوءِ پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پختونخوا مان ماڻهو بي دخل ٿي ڪراچيءَ منتقل ٿيا. هاڻي ڪراچيءَ ۾ صورتحال اها آهي ته هڪ طرف هندستان ۽ بنگلاديش مان آمد بند ٿيڻ ۽ شهري ماحول سبب آباديءَ ۾ فطري واڌ گهٽ ٿيڻ سبب اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ ۾ ڪو نمايان اضافو نه پيو ٿئي. ٻئي طرف سرائيڪي علائقي، سنڌ جي ٻهراڙين ۽ پختونخوا مان ماڻهن جي لڳاتار آمد سبب ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي وڌيڪ ٿورائيءَ ۾ بدلجي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن سال ٿيل گهر ڳڻپ ۾ خاص علائقن ۾ آباديءَ جي واڌ ڏيکارڻ لاءِ ايتري ڌانڌلي ڪئي وئي آهي، جو ان جا انگ اکرن دنيا ۾ ڪير به مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. سنڌ واسين کي گهرجي ته ايندڙ آدم ڳڻپ کان اڳ گهر ڳڻپ جي نتيجن جو اعلان ڪرڻ جو مطالبو ڪن ۽ انهن انگن اکرن جو سائنسي بنياد تي ڇيد ڪن ته جيئن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي درست ڳڻپ ممڪن ٿي سگهي ۽ لساني بنيادن جي آڌار آباديءَ جي هٿرادو واڌ ڏيکارڻ واري ڊرامي کي بي نقاب ڪري سگهجي. ڪراچيءَ ۾آباديءَ جي ان توازن کي پنهنجي حقن ۾ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ سياسي ڌرين کي ڪراچيءَ اندر ٻهراڙين ۾ آباد ٿيندڙن ماڻهن جي مناسب پرگهور لهڻي پوندي ته جيئن هو ڇهن ڏهاڪن کان ڪراچيءَ ۾ زوريءَ تبديل ڪيل ٿورائيءَ واري سازش کي منظم طريقي سان ناڪام بڻائي ڪراچيءَ تي پنهنجي جائز حق جي دعويٰ ڪري سگهن.
(روزانه ڪاوش، سومر 12 سيپٽمبر 2011ع)

جاگيرداڻي پنجوڙ ۾ ڦاٿل سنڌ جي ترقي!

جاگيرداڻي پنجوڙ ۾ ڦاٿل سنڌ جي ترقي!


ايڪيهين صديءَ ۾ داخل ٿيل سنڌ جي آئيندي لاءِ جيڪڏهن ڪو وڏي ۾ وڏو چئلينج آهي ته اهو ان کي غلام بڻائيندڙ رياستي ڍانچو ئي نه، پر ان جون اتحادي اهي وڏيرڪيون طاقتون آهن، جن سنڌ اندر تبديليءَ جي رستي ۾ هزارين اسپيڊ بريڪر اُڀا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جيستائين ان کي اندروني طور غلام بڻائي رکندڙ جاگيرداراڻي سماجي سرشتي جي پنجوڙ کي نه ٽوڙيندي، تيستائين اها رياستي جبر جو مقابلو نه ڪري سگهندي. در حقيقت سنڌ کي داخلي طور غلام بڻائيندڙ جاگيرداراڻو ڍانچو ان رياستي مشينريءَ جو فطري اتحادي آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي ان ايجنڊا کي مضبوط ڪن ٿا ته سنڌي قوم جي اوسر کي هر پاسي کان روڪجي ته جيئن اها پنهنجي اجتماعي مفادن جي بچاءُ لاءِ ڪا به بامعنيٰ ڪوشش نه ڪري سگهي.
1980ع جو ڏهاڪو سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ جو اهم ترين ڏهاڪو آهي. ان ڏهاڪي ۾ سنڌ جي عوام رياستي مشينري ۽ وڏيرڪي سماجي ڍانچي ٻنهي جي خلاف يادگار بغاوتون ڪيون. پهرين 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ وسيلي سنڌي عوام رياستي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف شاندار سياسي مزاحمت ڪئي ۽ پنج سال پوءِ 1988ع ۾ ان ووٽ جي طاقت وسيلي رياستي مشينريءَ جي اتحادي وڏيرڪي راڄ خلاف بغاوت ڪندي جاگيرداريت جي وڏن بتن کي ڪيرايو. انهن ٻنهي فخر جوڳين سوڀن کي ملڪ جي واڳ ڌڻين پاران نظرانداز ڪرڻ ممڪن نه هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي اسرندڙ وچولي طبقي کي چٿڻ لاءِ منظم رٿابندي ڪئي وئي. سمورين مصلحتن ۽ مفادپرستين جي باوجود وچولي طبقي ۾ سنڌ جي سماجي ڍانچي کي بدلائڻ جي صلاحيت موجود هئي، اهوئي سبب آهي جو 80ع ۽ 90ع وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ اندر ڌاڙيل گردي ۽ دهشتگرديءَ کي منظم طور اوسر ڏني وئي ۽ سنڌ جي پرائمري توڙي اعليٰ تعليم کي برباد ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي. پرائمري اسڪولن ۾ سفارشي ماسترن جي ڀرتين ۽ يونيورسٽين ۾ هٿيارن جي کلي ڇوٽ ڏني وئي. ڌاڙيل، دهشتگردي ۽ تعليم جي بربادي ۽ سفارشي ڀرتيون سنڌ جي اسرندڙ وچولي طبقي جي اوسر کي چوکنڀو ٻڌڻ جو پئڪيج هيو. انهن ڪمن ۾ رياستي ڍانچي ۽ جاگيردارن جو گڏيل مفاد شامل هو. اهوئي سبب آهي جو 88ع وارين چونڊن ۾ عوام هٿان ڍير ٿيل وڏيرڪي طبقي کي ايندڙ سالن ۾ مڪمل رياستي سرپرستيءَ هيٺ عوام مٿان مڙهيو ويو. ان مقصد لاءِ ناظمي نظام، نوڪرين جي ڪوٽا، ٿاڻن تي قبضي، اسيمبلي ميمبرن کي ترقياتي فنڊن جو مالڪ بڻائڻ جهڙا طريقا عام ڪري ان طبقي کي رياستي وسيلن جو قانوني طور مالڪ بڻايو ويو ته جيئن اهي سماجي اوسر جي هر راهه تي قبضو ڪري عوام کي پنهنجو غلام بڻائي رکن. ٿاڻو، نوڪريون، بدليون ۽ ٺيڪا سڀ وڏيرن جي ماتحت ڪري انگريز دور جي ان بيٺڪي راڄ کي ورجايو ويو، جنهن ۾ وڏيرا رياست جا غلام ۽ عوام وڏيرن جو غلام بڻيل هو. انهن سمورين رنڊڪن جي باوجود گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سنڌي وچولي طبقي غير معمولي ڇال ڏنو آهي. سول سوسائٽي جي مختلف ادارن جهڙوڪ ميڊيا ۽ اين جي اوز کان وٺي ننڍن ۽ وچولن شهري ڪاروبارن ۾ پير رکندڙ سنڌي وچولي طبقي جي هن نسل سماج اندر پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ٻهراڙين ۾ بدامني ۽ معاشي زوال جي نتيجي ۾ شهرن ڏانهن 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ جن سنڌين لڏپلاڻ ڪئي هئي، انهن جو اڄوڪو نسل روايتي سنڌي نوجوان کان گهڻو مختلف آهي. مکيه ڌارا جي ميڊيا کان وٺي بئنڪنگ ۽ انشورنس جهڙن شهري معيشت جي شعبن ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪندڙ ان اسرندڙ شهري وچولي طبقي کي ڪا به سياسي واهر حاصل ناهي، قومپرست پارٽيون پنهنجي غلط حڪمت عملين سبب پاڻ کي ان طبقي جي نمائندا ڌر نه بڻائي سگهيون ۽ سندن ووٽ تي حڪومتون ماڻيندڙ پيپلز پارٽي عوام دشمن وڏيرڪي طبقي ۽ نئين مان وڏيرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪرپٽ وچولي طبقي جي هٿان يرغمال بڻجي سنڌي سماج ۾ بنيادي تبديلين کي هٿي ڏيڻ بجاءِ خود رياستي ڍانچي جي اتحادي بڻجي سنڌين کي سفارشي نوڪرين، ٺيڪن، بدلين ۽ مقررين ۽ خيراتي پروگرامن جي لولي پاپ تي هلائي ساڻن تمام وڏي ويساهه گهاتي ڪئي. 2008ع ۾ سنڌين جي ووٽ سان اقتدار ۾ آيل پيپلز پارٽي وٽ هڪ تاريخي موقعو هو ته 1996ع ۾ آخري حڪومت وڃائڻ کان پوءِ ٻارنهن سالن اندر جنهن نئين سوچ واري وچولي طبقي سنڌ ۾ پير کوڙيا هئا، ان کي سياسي سرپرستي ڏئي هڪ نئين سنڌ جا بنياد رکي ها. اهو ڪم جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي 70ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ کي وچولي طبقي جو پهريون نسل فراهم ڪري ڪيو هو، ان کي چار ڏهاڪا پوءِ پيپلز پارٽي تاريخ جي هڪ نئين موڙ تي آڻي سگهي پئي، پر قومي تاريخ ۾ سماجي تبديلين جي بنيادي اهميت کان لاپرواهه ۽ لاتعلق بڻيل پيپلز پارٽي ان تاريخي موقعي کي بي درديءَ سان لتاڙي سنڌ سان بدترين ويساهه گهاتي ڪئي.
2010ع ۽ 2011ع ۾ آيل ٻوڏن جي تباهيءَ سنڌ ۾ سماجي تبديليءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻه اهم قدرتي موقعا فراهم ڪيا هئا. ٻنهي سالن دوران ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل سنڌي لکن جي انگ ۾ ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن ڌڪجي پهتا هئا. کين رواجي نوعيت جي حڪومتي پرستيءَ سان شهرن ۾ زمين ۽ روزگار جا وسيلا فراهم ڪري نه رڳو لکين ماڻهن کي شهري ماحول سان ڳنڍي کين بدبودار جاگيرداراڻي غلاميءَ مان نجات ڏياري پئي سگهجي، پر ساڳي وقت سنڌ جي شهرن اندر آباديءَ جي توازن کي سنڌين جي حق ۾ ڪجهه بهتر به بڻائي پيو سگهجي. اها تبديلي نه رڳو پيپلز پارٽيءَ جي شهري اتحادين کي قبول نه هئي، پر پارٽيءَ اندر قابض وڏيرن کي به قبول نه هئي. اهو ئي سبب آهي جو قرضن ۽ وڏيرڪي غلاميءَ جي بيزار ٿيل انهن لکين ماڻهن کي زبردستي انهن ماڳن ڏانهن موٽايو ويو، جتي جاگيرداريت جي گهڻ. منهين بلا سندن اوسيئڙي ۾ ويٺل هئي، جن ماڻهن ٻوڏ ستايلن جي ڪيمپن ۾ امدادي ڪم ۾ حصو ورتو هو، تن کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته شهري علائقن ۾ پهتل اهي ماڻهو ڳوٺن ڏانهن واپس وڃڻ ۾ راضي نه هئا. سندن هڪ وڏي گهڻائي شهرن ۾ رهائش ۽ روزگار ملڻ لاءِ آتي هئي. حڪومتي ڌر جي وڏيرن انهن ٻوڏ ستايلن کي ٻهراڙين ۾ پنهنجي غلاميءَ ڏانهن واپس ورڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ٻه ڪم ڪيا. هڪ ته سرڪار کان فيصلو ڪرائي وطن ڪارڊ تي ملندڙ رقم رڳو انهن ئي ضلعن جي بئنڪن مان ملڻ جو شرط لاڳو ڪرايو ويو، جتان اهي متاثرين لڏي ڪيمپن ۾ پهتا هئا. شروع ۾ نادرا پاران وطن ڪارڊ وسيلي ڪٿان به بئنڪ مان پئسا ڪڍرائڻ جي سهولت جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن کي سرڪاري وڏيرن جي مطالبي تي حڪومت تبديلي ڪرايو. ان فيصلي سان ٻوڏ سٽيلن کي اها لالچ ڏني وئي ته پنهنجي ضلعن ۾ واپس اچي ويهن هزارن جي پهرين قسط وٺو ته اجها ٿي 80 هزار جي ٻي قسط پهچي. حڪومت کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته ان وٽ 80 هزارن جي ٻي قسط ڏيڻ جيترا پئسا موجود به ناهن، پر جيئن ته ماڻهن کي وڏيرن جي غلاميءَ ۾ واپس هڪلڻو هو، تنهن ڪري هڪ لک رپيا في گهراڻي جا ڏٽا ڏئي ماڻهن کي پنهنجن ضلعن ڏانهن واپس آڻڻ جو ڍونگ رچايو ويو. ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏيرن جي فرمائش تي ٻيو ڪم اهو ڪرايو ويو، جو اڃا ٻوڏ سٽيل علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي به نه نڪتو هو ته سرڪاري توڙي غير سرڪاري ڪيمپن ۾ ماڻهن کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪرايو ويو. لکين ماڻهن کي هٿين خالي بي يارومددگار زبردستي ڪيمپون خالي ڪرائي ڪڍيو ويو ته جيئن اهي مجبور ٿي وڏيرن جي شڪار گاهن ڏانهن واپس ورن. ڪيترين ئي غير سرڪاري تنظيمن جي ڪيمپن کي به اهو چئي سرڪاري مشينريءَ وسيلي خالي ڪرايو ويو ته هاڻي رليف جو مرحلو ختم ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت ماڻهن کي ٻني کيڙڻ لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ جي مدد سان گڏ گهر اڏڻ لاءِ به پئسا فراهم ڪري رهي آهي، تنهن ڪري ماڻهن کي ڇڏيو ته هو پنهنجي بحاليءَ جي ڪم کي لڳن. ڪجهه هفتن اندر ئي پتو پئجي ويو ته نه حڪومت پاران هارين کي زمين جي بحالي ۽ ٻج ڀاڻ جي مڪمل سهولت ملي ۽ نه ئي کين وطن ڪارڊ جي ٻي قسط نصيب ٿي. ان سڄي ٺڳيءَ وسيلي چالاڪ وڏيرن حڪومتي مشينري ۽ وسيلن کي استعمال ڪري ماڻهن کي شهرن ۾ آباد ٿي سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ ڪا تبديليءَ جي لهر آڻڻ بجاءِ کين پنهنجي علائقن ڏانهن واپس ورايو، جتي کين پنهنجي شهنشاهيت برقرار رکڻ لاءِ لکين غلامن جي هر وقت ضرورت رهي ٿي. انهن ئي ماڻهن جا ووٽ آهن، جن جي بنياد تي اهي وڏيرا اقتداري ايوانن ۾ پير رکن ٿا. اهو ڪيئن ممڪن هو ته هو انهن لکين ووٽن جي به قرباني ڏين ۽ لکين ماڻهن کي پنهنجي غلاميءَ جا ٻنڌڻ ٽوڙي شهرن جي نسبتن باعزت معاشري جو حصو ٿيڻ ڏين. جيڪڏهن اهي هزارين سنڌي ڪٽنب ڪنهن طرح شهرن ۾ آباد ٿي وڃن ها ته ڪجهه سالن اندر سنڌ ۾ شهري وچولي طبقي جي هڪ ٻي وڏي لهر جنم وٺي ها، جيڪا سنڌي سماج جي بنيادن کي بدلائڻ ۾ ڪو غير معمولي ڪردار ادا ڪري سگهي ها. اهو ئي سبب آهي جو وڏيرڪي طبقي اهو ممڪن ٿيڻ نه ڏنو. اهڙي طرح حڪومت وڏيرن توڙي شهري اتحادين ٻنهي کي خوش ڪيو.
حڪومت تي قابض ان وڏيرڪي طبقي سنڌ ۾ سماجي تبديليءَ جي عمل کي روڪڻ لاءِ ٽي ٻيا اهم ڪم ڪيا، هڪ ته سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ تمام گهڻن اعلانن ۽ واعدن جي باوجود مکيه روڊ نيٽ ورڪ کي هٿي ڏيڻ بجاءِ ننڍا ننڍا لنڪ روڊ ٺاهڻ کي اوليت ڏنائون. هونءَ ته لنڪ روڊ به اهم سهولت آهن ۽ ضرور ٺهڻ گهرجن، پر مکيه روڊ نيٽ ورڪ وسيلي ٻهراڙيءَ کي شهرن سان ڳنڍڻ بجاءِ لنڪ روڊن وسيلي ڳوٺن کي ڳوٺن سان ڳنڍڻ جو مقصد ڳوٺن ۽ شهرن جي لهه وچڙ ۾ تيزي واري عمل کي روڪڻ هو. هن دليل جو مقصد بنهه اهو ناهي ته ڳوٺن کي ڳوٺن يا ننڍن شهرن سان نه ڳنڍڻ گهرجي، اهو عمل به تمام ضروري آهي پر سماجي تبديليءَ لاءِ ان کان به وڌيڪ اهم سيڙپ ڳوٺن کي شهرن سان ڳنڍڻ وارو مکيه روڊ نيٽ ورڪ ٺاهڻ آهي. مکيه رستن جي ڄار سان جڏهن ٻهراڙيون شهرن سان ڳنڍجنديون ته نه رڳو ٻهراڙيءَ جي معيشت ۾ شهري رنگ ايندو، پر ساڳي وقت ٻهراڙيءَ جي آبادي شهري آباديءَ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سان سندن سياسي سوچ جا بنياد به بدلجندا. ٿوري غور ڪرڻ سان نظر ايندو ته گذريل چئن سالن دوران سنڌ اندر نيشنل هاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي جي سڌارڻ لاءِ ڪا به نمايان اڳڀرائي نه ڪئي وئي. ساڳي طرح ڪراچي ۽ حيدرآباد کي باقي سنڌ سان ڳنڍڻ لاءِ ڪن به وڏين شاهراهن جون نمايان رٿائون عمل هيٺ نه آنديون ويون.
2010ع جي برساتن ۽ ٻوڏن کان پوءِ سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ وارا سمورا روڊ برباد ٿي ويا هئا. انڊس هاءِ وي، جيڪو سيوهڻ کان سکر تائين اڳي ئي سفر جوڳو نه هو، ان جا وڏا حصا کڏ کوٻن ۾ تبديل ٿي ويا، جن کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻيڻو ڪرڻ جا اعلان ٿيندا رهيا، پر عمل ڪو به نظر نه آيو. انڊس هاءِ وي جو حال خراب ٿيڻ کان پوءِ ٽريفڪ جو سمورو وزن نيشنل هاءِ وي ڏانهن منتقل ٿي ويو، جنهن سبب بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ۾ ٻيڻو ڪيل ان مکيه رستي جو حال هاڻي انتهائي خراب ٿي چڪو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ملائيندڙ سپر هاءِ وي کي ڪاغذن ۾ موٽروي جو درجو ڏنو ويو، پر ان جو حال لنڪ روڊن جهڙو آهي. ٿر ۾ گذريل حڪومت دوران بهتر معيار جي تعمير ٿيل روڊن کي برساتن سبب تمام گهڻو نقصان پهتو، جنهن جي بهتريءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو. نيشنل هاءِ وي پنجاب مان جيئن سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو، ان جو حال ڪچي رستي کان به خراب ٿي وڃي ٿو. چئن سالن دوران ان جي سڌاري لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو. ان جي ابتڙ لنڪ روڊن جي روزانو ٿيندڙ افتتاحن تي زور رکيو ويو، جنهن جي پٺيان هڪ ٻئي قسم جي سياست ڪم ڪري ٿي. جڏهن ڊاڪٽر قيصر بنگالي سنڌ ۾ ترقيات کاتي جو صلاحڪار هو ته هن سنڌ سرڪار کي مکيه رستن جي ڄار جو هڪ ماسٽر پلان ٺاهي پيش ڪيو هو. ان نيٽ ورڪ هيٺ 8 مکيه روڊ تعمير ٿيڻا هئا، جنهن سان سنڌ جي ٻهراڙين جا اهم ضلعي مرڪز هڪ ٻئي سان ڳنڍجي سگهن ها. اهو ماسٽر پلان سنڌ سرڪار منظور به ڪري ڇڏيو، پر ان تي عملي اڳڀرائي اڃا ٿيندي نظر نه ٿي اچي، ڇو ته ان جي پٺيان ڪا سياسي ڪمٽمينٽ ناهي. گذريل ڏهن سالن دوران سنڌ حڪومت رڳو موجوده روڊن جي مرمت ۽ بحاليءَ تي هڪ کرب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪي آهي. ضلعي حڪومتون سالياني پروگرام ۾ لنڪ روڊن تي الڳ رقمون رکن ٿيون، اهو سڀ ڪجهه سطحي رٿابندي ۽ مال ڪمائڻ جي چڪر ۾ سنڌ جي ٻهراڙين کي عملي طور ڪا به ترقي نه ٿو ڏياري سگهي. رورل ڊولپمينٽ هڪ مڪمل سائنس آهي، جنهن جي مهارت ته موجود آهي، پر ان کي اڳڀرائي ڏيڻ لاءِ سياسي نيت جي ضرورت آهي. وڏيرڪو ٽولو ٻهراڙين کي شهرن سان ڳنڍڻ لاءِ مکيه روڊن جي ان ڄار کي آسانيءَ سان ٺهڻ نه ڏيندو، باقي لنڪ روڊن جون رقمون رکڻ ۾ سندن سخاوت اڳي کان اڳري رهندي. سڀني کي خبر آهي ته اهي لنڪ روڊ ڪمائيءَ جو نهايت سڻڀو ذريعو آهي. انهن رٿائن وسيلي نه رڳو سياسي بنيادن تي ٺيڪا ڏيڻ جو ڪاروبار جاري رهي ٿو، پر ساڳي وقت چڱي چوکي آمدني به ڪامورن توڙي سياستدانن جا کيسا آباد رکي ٿي. ٻيو اهم ڪم اهو ڪيو ويو جو ٻهراڙين جي انفراسٽرڪچر ۾ ڪو به سڌارو نه آندو ويو. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ضلعي توڙي تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ رستن، نالين، برساتي پاڻيءَ جي نيڪال جي سهولتن ۽ بجلي جي نظام کي سڌارو ڏيارڻ بدران گذريل سالن جيان ساڳي طرح برباد رکيو ويو. انهن جو رهيو سهيو نور به برساتن ۽ ٻوڏن ۾ چٽ ٿي ويو. هڪ طرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شهري تنظيم پنهنجي علائقن ۾ انفرااسٽرڪچر کي ڏسڻ جوڳو بڻايو ته ٻئي طرف باقي سڄي سنڌ عملي طور اهڙي ئي کنڊر بڻيل آهي، جهڙي مشرف جي دور ۾ هئي، جنهن کي ان دور جي مخالف دور ۾ ويٺل پيپلز پارٽي روز سنڌ دشمنيءَ جا طعنا ڏيندي هئي.
ان ڏس ۾ ٽيون ڪم اهو ڪيو ويو ته هن حڪومت ۾ شامل وڏيرن، ٻهراڙين اندر سماجي تبديليءَ کي روڪڻ لاءِ تمام وڏن اعلانن جي باوجود صنعتڪاريءَ کي هٿي نه ڏني. موجوده حڪومت جي سربراهن پاران ڪيئي ڀيرا اهي اعلان ڪيا ويا ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ معاشي انقلاب آڻڻ لاءِ صنعتي زون قائم ڪيا ويندا، پر هاڻي جڏهن حڪومت پنهنجو مدو ذري گهٽ اچي پورو ڪيو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نه رڳو اهو ته ڪا نمايان نئين صنعتي سيڙپ نه ٿي آهي، بلڪه نيم شهري ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ هلندڙ ننڍن وڏن ڪاروبارن کي به بدامني ۽ لوڊشيڊنگ هٿان اڳي کان وڌيڪ بدحال ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ نوجوانن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ اهليت ۽ چٽاڀيٽيءَ وسيلي اسرڻ جا موقعا ڏيڻ بجاءِ کين روايتي شارٽ ڪٽ تائين محدود رکڻ لاءِ سفارشي نوڪرين جي پٺيان ڊوڙايو ويو ۽ سياسي آڌار تي ملندڙ سرڪاري وظيفن وارن پروگرامن ۾ اربين رپيا ٻوڙيا ويا. جيئن ته حڪومتي وڏيرا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بنيادي تبديليءَ جا روحاني مخالف آهن، تنهن ڪري ڏيڍ مهيني کان بند پيل سنڌ يونيورسٽيءَ جي کين ٽڪي جي پرواهه نه آهي. کين ان ڳالهه سان ڪو تعلق ئي ناهي رهيو ته سنڌ جي مستقبل جا مفاد ڪهڙن ڪمن ۾ آهن. جاگيرداراڻي قيادت جي هرممڪن ڪوشش آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ شهري ترقيءَ وارو ماحول عام نه ٿئي ۽ نه ئي وري ٻهراڙين مان ماڻهو شهرن ۾ آباد ٿي سگهن. تنهن ڪري هو ٻهراڙين جي پيداواري سرشتي کي مدي خارج زرعي نظام هٿان مفلوج رکڻ گهرن ٿا. اهوئي ڪارڻ آهي جو ٻهراڙين ۾ مينوفيڪچرنگ ته ڇڏيو، زرعي بنيادن واري صنعتڪاريءَ کي به پير رکڻ نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌي وچولي طبقي جي اوسر لاءِ نهايت ضروري آهي ته وچولي طبقي جا سياسي ۽ غيرسياسي ادارا متبادل حڪمت عمليون جوڙي سرڪاري ڍانچي کان ٻاهر سنڌ جي سماجي اوسر جا رستا ڳولين.
(روزانه ڪاوش، اڱارو 28 فيبروري 2012ع)


سنڌ جي قومپرست هلچل ۽

سنڌ جي قومپرست هلچل ۽
بين الاقوامي سياست جي شطرنج


ننڍي کنڊ جي سياسي ۽ علمي ادبي تاريخ سائين جي ايم سيد جي ذڪر کان سواءِ هميشه اڻپوري رهندي. بلاشڪ هو گذريل صديءَ جي انهن چند شخصيتن مان هڪ هو، جنهن سان اختلاف راءِ رکندڙ ماڻهو به سندس شخصي وڏائيءَ کان انڪار نه ڪري سگهندا. سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ جي قومپرست جدوجهد ته سندس ذڪر کان سواءِ ممڪن ئي ناهي. سندس وفات وقت ڪجهه حلقن جو خيال هو ته سندس لاڏاڻي سان هاڻي سنڌ جي آجپي واري تحريڪ به يا ته بنهه ختم ٿي ويندي يا وري ايتري وکري ويندي جو اها عملي طور پنهنجو وجود وڃائي ويهندي. جيئي سنڌ تحريڪ ۾ ڌڙابندي ته سائين جي ايم سيد جي زندگيءَ ۾ ئي ٿيندي رهي، پر سندس قدآور شخصيت جي موجودگيءَ ڪارڻ اهي ڌڙا ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سندس اڳواڻيءَ هيٺ ان تحريڪ کي جاري رکندا آيا. سندس وفات کان پوءِ جيئي سنڌ تحريڪ اندر جيڪي ڪجهه وڏا نالا موجود هئا، اهي به آهستي آهستي عوامي صفن کان اوپرا ٿيندا ويا. البته بشير قريشي پنهنجي مستقل مزاجي ۽ لڳاتار محنت وسيلي ڪجهه ئي سالن اندر جيئي سنڌ هلچل جو هڪ نمايان نالو ٿي اڀريو. جيتوڻيڪ شاگرد سياست واري زماني ۾ بشير قريشي اهڙي ئي نوعيت جي شاگرد سياست جو حصو رهيو، جنهن تي سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن هميشه تنقيد ڪئي آهي. اها تنقيد ڪيتري قدر ٺيڪ آهي يا نه، اهو الڳ بحث آهي، پر بشير قريشيءَ جي سياسي جدوجهد تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ جيئن هن شاگرد اڳواڻ مکيه ڌارا واري عوامي سياست شروع ڪئي ته وقت سان گڏ سندس شخصيت ۾ ڪيئي هاڪاري تبديليون به آيون. قومپرست سياست ۽ بشير قريشيءَ جي شخصيت تي ڪيئي تنقيدون جائز به هونديون، پر مٿس تنقيد ڪندڙ يا ساڻس سياسي اختلاف راءِ رکندڙ به سندس ڪردار جي ڪجهه رخن جي اهميت کان انڪار نه ٿا ڪري سگهن. هو سائين جي ايم سيد جي سياسي نظرئي کي ڪيترو اڳتي وڌائي سگهيو يا عوامي سطح تي ڪيترو مقبول اڳواڻ ٿي سگهيو، ان بابت مختلف رايا ٿي سگهن ٿا، پر قومي ۽ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت وارن سوالن تي سندس اڳڀرايون نهايت ڏور رس سياسي اهميت واريون هيون. سنڌ ۾ قبيلائي جهڳڙن ختم ڪرائڻ ۽ ڪراچيءَ تي سنڌين جي مالڪيءَ وارن نهايت اهم سياسي معاملن تي هن گذريل ڪجهه سالن ۾ انتهائي واکاڻ جوڳيون اڳڀرايون ڪيون هيون. عوامي سطح تي سندس سياسي سڃاڻپ جي عمر ته گهڻي وڏي نه هئي، پر شاگرد سياست ۽ نوجوانن ۾ سندس مقبوليت جا قصا ڪافي پراڻا آهن.
شاگرديءَ واري زماني ۾ قومپرست هلچل جي حوالي سان جيڪي فرد ديو مالائي ڪردارن جيان ياد اچن ٿا، انهن ۾ بشير قريشي ان لحاظ کان هڪ منفرد ڪردار هو، جو هن قومپرست هلچل سان پنهنجو ناتو شاگرديءَ تائين محدود نه رکيو. شاگرد سياست جا ڪيترائي قدآور نالا، جيڪي ان وقت لڳندو رهيو ته پنهنجي زندگي سنڌ جي سياسي حقن جي جدوجهد لاءِ وقف ڪري چڪا آهن، اهي شاگردي واري زماني کان پوءِ سياسي منظر تان اهڙا گم ٿيا، ڄڻ ڪڏهن سياست ۾ رهيا ئي نه هجن. جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد ان ڪنڊيدار واٽ تي پنهنجو سفر جاري رکندا رهيا، انهن ۾ بشير قريشي قومپرست تحريڪ جو انتهائي هر دل عزيز ڪردار رهيو. سندس پراسرار موت هڪ ڳجهارت بڻيل آهي. حڪومتي ادارن جهڙيءَ ريت سندس موت جا ڪارڻ طئي ڪرڻ واري معاملي کي منجهايو آهي، ان مان اهو شڪ هاڻي وڌيڪ پختو ٿيندو پيو وڃي ته سندس موت غير فطري آهي. سواءِ سيد قائم علي شاهه جي ڪير به سندس پوسٽ مارٽم رپورٽ کي درست نه ٿو سمجهي.
پاڪستان ۾ اهم شخصيتن جي غيرفطري موتن جي تاريخ به پراڻي آهي. ان جي شروعات ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي پراسرار موت کان ٿئي ٿي. سندس ڀيڻ محترمه فاطمه جناح ڪيترائي ڀيرا سندس موت کي قتل قرار ڏيندي رهي. قدرت الله شهاب پنهنجي مشهور ڪتاب ”شهاب نامي“ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي ته، ڪهڙي طرح فاطمه جناح سندس ڀاءُ ۽ ملڪ جي ابي جي موت جو ذميوار تڏهوڪي وزيراعظم لياقت علي خان کي قرار ڏيندي رهي. اڳتي هلي لياقت علي خان جو قتل، سندس قتل جو ٿڏي تي قتل پڻ پراسراريت جي دز ۾ ڍڪيل آهن. ساڳي طرح خود محترمه فاطمه جناح جي موت کي به ڪيئي حلقا قتل قرار ڏين ٿا. شريف الدين پيرزادي، جنرل مشرف جي دور ۾ خود ان تڪراري موت جا ڪيئي رخ سامهون آندا، جنهن کان پوءِ ان تاثرکي هٿي ملي ٿي ته فاطمه جناح جو موت به دل جي دوري سبب نه ٿيو هو. فاطمه جناح رات دير سان ڪنهن شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي سمهي رهي ۽ صبح جو سندس ڌوٻيءَ دروازي کڙڪائڻ تي ورندي نه ملڻ تان بيگم هدايت الله کي اهڙو اطلاع ڏنو. چيو وڃي ٿو ته فاطمه جناح جي کير جو گلاس گم هو ۽ ڪمري جي دري به کليل هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ سندس تبديل ڪيل بورچي پڻ گم ٿي چڪو هو. ڪجهه ماڻهو اهو به چون ٿا ته محترمه فاطمه جناح کي غسل ڏيندڙ ڪجهه عورتن سندس ڳچيءَ تي رهنڊن جا نشان پڻ نوٽ ڪيا. نوابزادو نصرالله خان پڻ سندس موت کي قتل قرار ڏيندو رهيو. سرڪار البته سندس موت کي دل جي دوري ڪارڻ ٿيل موت قرار ڏيندي رهي. فاطمه جناح جي ڀيڻ شيرين ٻائي ۽ سندس ڀاڻج اڪبر پير ڀائي صدر ايوب کان فاطمه جناح جي لاش جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، پر صدر ايوب هوشياريءَ سان اهي ٻئي مطالبا ٽاري ويو. ايئن ملڪ جي ابي ۽ سندس ڀيڻ، جنهن کي ملت جي امڙ جو خطاب مليل هو، انهن جا پراسرار موت تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويا. ساڳي طرح 80ع واري ڏهاڪي ۾ شاهنواز ڀٽي جي فرانس ۾ ٿيل پراسرار موت کي پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو خاندان زهر وسيلي ٿيل قتل قرار ڏين ٿا. ملڪي فوج جي سربراهه آصف نواز جنجوعا جي ورزش دوران ٿيل موت کي به سندس خاندان قتل قرار ڏئي جاچ جو مطالبو ڪيو. جنجوعا ۽ تڏهوڪي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ اختلاف ڪي ڍڪيل ڇپيل ناهن. سندس ڀاءُ شجاع نواز پنهنجي ڪتاب Crossed Swords ۾ تفصيل سان لکيو آهي ته ڪهڙي طرح نوازشريف ۽ شهباز شريف جي پيءُ وچ ۾ پئي سرچاءُ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. اڳتي هلي ڪوهه مريءَ ۾ نوازشريف پاران آصف نواز کي بي ايم ڊبليو ڪار گفٽ ڪرڻ کي هن ڪيئن ٿڏي ڇڏيو. آصف نواز جي موت کي دل جو دورو قرار ڏنو ويو، پر سندس ڪٽنب پريس ڪانفرنس ڪري کيس زهر وسيلي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي جاچ جو مطالبو ڪيو، پر اهو قتل به ايئن ئي پراسرار نموني گم ٿي ويو.
جنرل مشرف جي دور ۾ سندس ڪابينا جي اهم وزير۽ سماجي شعبي جي ڄاتل سڃاتل شخصيت عمر اصغر جو آپگهات به اهڙو ئي ناٽڪ هو. سندس ڪٽنب پاران ڪرايل جاچ ۾ به اهڙيون ثابتيون مليون ته عمر اصغر خان آپگهات نه ڪيو هو، پر کيس قتل ڪيو ويو. ان قتل جي پٺيان هٿ ايترا ته سگهارا هئا، جو هوائي فوج جو اڳوڻو سربراهه ۽ عمر اصغر جو پيءُ اصغر خان سڀ ڪجهه ڄاڻندي به چپ ٿي ويو. بين الاقوامي سطح تي اهڙو هڪ مثال فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جو موت آهي. بظاهر طبي قرار ڏنل موت بابت سندس پارٽي فتح جو چوڻ هو ته کيس هڪ اسرائيلي ايجنٽ وسيلي پئرس ۾ ان وقت دوائن ذريعي زهر ڏنو ويو، جڏهن هو علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل هو. اهڙا ٻيا ڪيئي حوالا موجود آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عوامي سطح تي مقبول اڳواڻن کي بظاهر فطري نظر ايندڙ موت وسيلي قتل ڪرايو وڃي ٿو. اهڙن اڳواڻن کي ظاهري نظر ايندڙ قتل واري طريقي سان مارائڻ جو سياسي ردعمل ۽ ڊگهي مدي وارا سياسي اثر ايترا ته گهرا ٿين ٿا، جو کين ختم ڪندڙ قوتن لاءِ ضروري ٿي پوندو آهي ته سندن موت لاءِ اهڙو رستو چونڊيو وڃي، جنهن سان فوري عوامي ردعمل نه ٿي سگهي. مثال طور 33 سال اڳ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏئي رياستي طاقتن هڪ اهڙي عوامي قوت کي جنم ڏئي ڇڏيو، جنهن کان جان ڇڏائڻ هنن لاءِ هاڻي ممڪن نه رهيو آهي. ساڳي طرح بينظير ڀٽو کي دهشتگرديءَ وسيلي قتل ڪرائڻ جو عوامي ردعمل ايترو ته شديد هو، جو سندس پارٽي ايندڙ ڪيئي ڏهاڪا ان تي سياست ڪندي رهندي. اهڙي طرح جيڪڏهن بشير قريشيءَ کي رستي تان هٽائيندڙ طاقتون کيس سڌو سنئون قتل ڪن ها ته سنڌ ۾ محدود سطح تي هلندڙ آزاديءَ واري تحريڪ هڪ زبردست عوامي لهر ۾ تبديل ٿي وڃي ها. تنهن ڪري انهن طاقتن چالاڪيءَ جو مظاهرو ڪندي کيس اهڙي طرح قتل ڪرايو ۽ سندس موت کي ايترو ته منجهائي ڇڏيو، جو ڪو خطرناڪ عوامي ردعمل فوري طور تي اُڀري نه سگهيو. جيتوڻيڪ سندس موت جي اصليت کي منجهائڻ سان پڻ هڪ ردعمل جنم وٺي رهيو آهي، پر ان جي شدت ان صورتحال کان گهڻي گهٽ آهي، جيڪا ڪنهن ٻئي طريقي سان کيس قتل ڪرڻ جي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ها.
بشير قريشي پنهنجي طبيعت ۾ هڪ سادو سودو ورڪر قسم جو ماڻهو هو، جيڪو سياسي اڳواڻن واري روايتي وصف کان گهڻو مختلف هو. سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ سنڌ جي الڳ سڃاڻپ واري تحريڪ ۾ هو ماضيءَ جي گهڻن قدآور اڳواڻن کان اڳتي نڪري ويو هو. ورڪرن کان وٺي ٻهراڙين ۾ عوامي سطح تي سندس مقبوليت گذريل پنجن سالن دوران تمام گهڻي وڌي هئي. خاص طور ڪراچيءَ جي سنڌي آباديءَ لاءِ سندس موجودگي تمام وڏو ڏڍ هئي. درحقيقت سندس سياسي ڪردار جو سڀ کان سگهارو پاسو ڪراچيءَ جي سياست ۾ سنڌين کي هڪ ڌر بڻائڻ واري ڪامياب اڳڀرائي هو. گذريل ڪيترن سالن کان ڪراچيءَ ۾ هلندڙ لساني رتوڇاڻ دوران عام تاثر اهو ملڻ لڳو هوته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڄڻ ته ڪو وجود ئي نه ٿا رکن. سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ماڻهو ايئن محسوس ڪندا هئا ته ڪراچي بس رڳو انتظامي طور سنڌ جو حصو آهي، باقي شهر جي عملي زندگيءَ ۾ سنڌين جو ڪو به وجود ناهي. بشير قريشي جهڙي طرح هڪ پرامن پر نهايت مستقل مزاجيءَ واري سياسي تحرڪ وسيلي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي منظم ڪيو ۽ سڄي سنڌ مان لکين سنڌين کي شهر ۾ آڻي عوامي ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو، ان سان ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو وجود ڀرپور طريقي سان نظر اچڻ لڳو هو. ڪراچيءَ ۾ جتي هڪ طرف ٻهراڙين ۾ عوام لاءِ زندگيون رت ڪندڙ وڏيرا اسيمبلين ۾ چپن کي چونو هڻي پنهنجي بي عزتيءَ تي ماٺ ڪيو ويٺل هئا، اتي بشير قريشي سڄي سنڌ مان ورڪنگ ڪلاس جا لکين سنڌي ساڻ کڻي ڪراچيءَ جي شاهراهن تي سنڌين جي حق جو عملي اعلان ڪري رهيو هو. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته ڪراچيءَ ۾ بشير قريشيءَ جو سياسي ڪردار شهر اندر پاور پاليٽڪس جي هٿ ٺوڪي مساوات کي للڪارڻ وارو هو. هن جي سياسي عمل سان شهر کي پنهنجي ملڪيت سمجهندڙ طاقتن کي ايندڙ سالن ۾ هڪ زبردست للڪار اڀرندي نظر اچي رهي هئي. آمريڪا ۽ اولهه کي جيڪي ڌريون اهو تاثر ڏينديون رهن ٿيون ته سندس مفادن جي چوڪيداري ڪرڻ جي صلايت وٽن ئي موجود آهي؛ انهن لاءِ اهو سڀ ڪجهه خاموشيءَ سان برداشت ڪرڻ ممڪن نه هو ته هو ڪراچيءَ ۾ وري هڪ ٻي اهڙي طاقت کي اُڀرندي ڏسن، جيڪا شهر مٿان سندن حاڪميت واري کوکلي دعويٰ کي للڪاري سگهي.
بين الاقوامي سياست جي شطرنج کي ٿورو به سمجهندڙ ماڻهن کي اها ڄاڻ آهي ته ڪراچي هن خطي ۾ سپر پاورز جي هلندڙ نئين سرد جنگ جو اهم مرڪز آهي. تنهن ڪري اتي طاقت جو توازن تبديل ڪرڻ جي ڪا به سنجيده ڪوشش ڪرڻ نانگن جي ٻر ۾ هٿ وجهڻ آهي. سنڌ جي قومپرست سياسي تنظيمن جي قيادت يقينن ان سڄي گيم کان اڻ ڄاڻ نه هوندي، پر ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي حق جي دعويٰ ڪرڻ لاءِ اهڙي جرئت هينئر تائين بشير قريشيءَ ئي ڏيکاري، جنهن جو کيس ملهه ڀرڻو پيو. ڪراچيءَ کي مالِ غنيمت سمجهي ان تي جهيڙيندڙ ڌرين توڙي الڳ صوبي جا پوسٽر ورهائيندڙ ڌرين لاءِ هن وقت بشير قريشيءَ جي سياسي حڪمت عملي ايندڙ سالن ۾ هڪ خطرناڪ چئلينج جي شڪل اختيار ڪري رهي هئي. بظاهر سادي سودي ۽ ملنگ صفت بشير قريشي اُٺ ڪتابن جا نه پڙهڻ جي باوجود ان سادي حقيقت کي سمجهي ورتو هو ته سنڌ ۽ سنڌين جي آئيندي جو فيصلو ڪراچيءَ جي ميدان ۾ ٿيڻو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن باقي قومپرست تنظيمن جي ابتڙ پنهنجي سياسي تحريڪ جو مرڪز ڪراچي شهر کي بڻايو. جيتوڻيڪ هو اتان ويهي سڄي سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن توڙي قبيلائي سردارن سان سنڌ جي سياست لاءِ لهه وچڙ ۾ هو، پر ڪراچيءَ ۾ هن جي موجودگي حڪمت عمليءَ جي اعتبار کان نهايت ساڃاهه وند فيصلو هئي. ان لحاظ کان ڏسجي ته بشير قريشي آزادي پسند تحريڪ جي حوالي سان طاقتور ڌرين لاءِ ويجهي مستقبل ۾ ايترو خطرناڪ نه هو، پر ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي حق حاڪميت لاءِ سنجيده اڳڀرائي هنن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ قدم هئي. اهوئي ڪارڻ آهي جو 23 مارچ وارو سندس ڪامياب فريڊم مارچ سنڌين جي ويري طاقتن لاءِ سهپ کان مٿي هو. پنهنجي عوامي رنگ ڍنگ واري زندگي گذاريندڙ ذاتي زندگيءَ ۾ فقير طبيعت رکندڙ بشير قريشيءَ لاءِ پنهنجي ذات جي حفاظت بنيادي اونو نه هئي، جو ان لاءِ هو چوويهه ڪلاڪ الرٽ رهي زندگي گذاري سگهي ها. اهو عملي طور هن لاءِ ممڪن نه هو. لٺ بندوق واري حملي کي ته شايد هو وري به منهن ڏئي وڃي ها، پر هن قسم جي ڳجهن حملن کي روڪڻ عوامي سياست ڪندڙ اڳواڻن لاءِ مشڪل ئي نه پر ناممڪن هو. ايئن هي سنڌ جو سچار پٽ پنهنجي ڌرتي ۽ عوام جي حقن جي ويڙهاند ۾ زندگيءَ کان ڊگهو جيون ماڻي موت جي هنج ۾ هليو ويو. سندس تنظيمي ساٿي ڪراچيءَ کي مرڪز بڻائي ڪيل سندس سياسي جدوجهد کي ڪيتري قدر ساڳي ساڃاهه، جذبي ۽ سگهه سان جاري رکن ٿا، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، پر اها ڳالهه سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سمورين قومپرست ڌرين کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي حقن ۽ جاگرافيائي وحدت واري جاکوڙ لاءِ کين سياسي مرڪز ڪراچي منتقل ڪرڻو پوندو. ڪراچيءَ کي ڇڏي باقي سڄي سنڌ ۾ ڪيتري به سگهاري تحريڪ موجود ڇو نه هجي، اها سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي درپيش خطرن کي منهن نه ڏئي سگهندي. عدم تشدد ۽ پرامن سياسي موبلائيزيشن وسيلي ڪراچيءَ ۾ آباد لکين سنڌين جي ايڪي سان عالمي طاقتن کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي آئيندي بابت فيصلا ڪرڻ لاءِ لکين سنڌين جي حقيقي عوامي نمائندن سان ڳالهائڻو پوندو. کين اهو سمجهائڻو پوندو ته سنڌ جي اصل نمائندگي قومي غيرت کان وانجهيل، ٻوٿ ٻڌل وڏيرا نه پر ورڪنگ ڪلاس ۽ وچولي ڪلاس جا عوامي اڳواڻ ڪن ٿا. ووٽن ذريعي اسيمبلين ۾ پهچڻ ۽ عوامي احساسن جي نمائندگي ٻه الڳ حقيقتون آهن. گهٽ ۾ گهٽ بشير قريشي ڪراچيءَ جي رستن تي اها ڳالهه ثابت ڪري چڪو آهي.
(روزانه ڪاوش، اربع 25 اپريل 2012ع)

سنڌ ۾ نئين سياسي متبادل جي اوسر

سنڌ ۾ نئين سياسي متبادل جي اوسر


سنڌ جي قومپرست تنظيمن ۽ سندن گهڻ گهرن کي هڪ مهڻو لڳاتار ملندو آهي ته اهي اسيمبليءَ جي سيٽ ته ڇڏيو، ڪائونسلر جي سيٽ به نه ٿا کٽي سگهن. اهو حقيقت جو هڪڙو رخ آهي. حقيقت جو ٻيو رخ اهو آهي ته اسيمبليءَ جون سيٽون کٽندڙن جي چونڊ مهم ۾ شهيدن جي ماتم کان پوءِ جيڪڏهن ٻڌائڻ واري ڪا ڳالهه هوندي آهي ته سنڌ سان لاڳاپيل اهي مسئلا هوندا آهن، جن تي ذري گهٽ سموري جدوجهد اسيمبلين کان ٻاهر جاکوڙيندڙ قومپرست تنظيمن جي ڪيل هوندي آهي. مثال طور سنڌ مان اڪثريتي سيٽون کٽندڙ پيپلز پارٽيءَ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي چونڊ مهم وارين تقريرن جو جائزو وٺبو ته ان ۾ ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال، اين ايف سي ايوارڊ، تيل ۽ گئس جي وسيلن جي مالڪي ۽ سنڌين کي نوڪرين ۾ حصو ڏيڻ جهڙن معاملن جو ذڪر ملندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ساڳين همراهن کي سنڌ ۽ سنڌ جا مفاد ياد نه رهندا آهن ۽ عملي طور سندن ڪم گذريل حڪومتي دورن کان گهڻا مختلف نه هوندا آهن، پر پوءِ به قومپرستن جي هر جائز تنقيد جو وٽن هڪ ئي جواب هوندو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ووٽ قومپرستن کي نه پرکين ڏين ٿا، تنهن ڪري قومپرستن جي تنقيد جي ڪا به حيثيت ناهي.
بين الاقوامي سياست ۽ ڊپلوميسيءَ ۾ پارلياماني جمهوريت جي بهرحال هڪ مڃيل حيثيت آهي. ان فورم تي چونڊجي ايندڙ ڀلي بندوق جي زور تي ووٽ وٺي اچن ٿا يا شهيدن جا واسطا ڏئي چونڊجن، وٽن عوامي نمائندي هجڻ جي هڪ سڃاڻپ اچي ويندي، جنهن جي آڌار بين الاقوامي سياست ۽ ڊپلوميسيءَ سان تعلق رکندڙ ڌريون کين عوامي نمائندي طور وڌيڪ سنجيده وٺنديون آهن. اهي طاقتون ان تفصيل ۾ ڪڏهن به نه وينديون ته جاگيرداراڻي جمهوريت جو هي ڍانچو حقيقي عوامي نمائندگي بنهه نه ٿو ڪري، ڇو ته ان ۾ هيٺين ۽ وچولي طبقي لاءِ سمورا دروازا نهايت چالاڪيءَ سان بند ڪيل هوندا آهن. جيئن ته ٽن چئن لکن ووٽن تي ٻڌل اسيمبلي سيٽ ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ پنجن کان ڏهن ڪروڙ رپين جي ضرورت هوندي آهي، تنهن ڪري وچولي طبقي جي لاءِ تيستائين جاءِ پيدا ڪرڻ ممڪن ناهي هوندي، جيستائين هو ڪنهن نه ڪنهن طرح قيادت سان وفاداريءَ وسيلي هڪ ڀيرو موقعو حاصل ڪري ايندڙ چونڊن لاءِ مال نه ميڙي. وچولي طبقي مان ايڪڙ ٻيڪڙ اهڙو موقعو حاصل ڪندڙ همراهه پنهنجو آئيندو روشن رکڻ لاءِ ڪرپشن ۽ سنڌ بجاءِ پارٽي قيادت سان وفاداريءَ ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويندا آهن جو کين وڏيرا به نه پُڄي سگهن. اڪثر ڪري اهڙائي همراهه قومپرست ڌرين مٿان ڇوهه ڇنڊڻ ۾ اڳڀرا هوندا آهن.
قومپرست تنظيمون عوامي نمائندگيءَ جي ان مرتبي کان ڇو محروم رهيون آهن، اها ڪا لڪل ڇپيل ڳالهه ناهي. حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان صحيح يا غلط جو بحث پنهنجي جاءِ تي الڳ آهي، پر سنڌ ۾ قومپرست سياست ڪندڙ تنظيمن جي سياسي جدوجهد جو مرڪز اسيمبليون شروع کان نه رهيون آهن. قومپرست ڌرين ۾ هڪڙيون تنظيمون ته اعلانيل طور پارلياماني سياست کي رد ڪنديون رهيون آهن. سندن اهو رويو بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ پيدا ٿيو. سندن دليل اهو آهي ته جڏهن انتهائي شفاف چونڊن وسيلي عوامي ليگ پاڪستان مٿان حڪمرانيءَ جو حق حاصل ڪيو ته مستقل مفاد سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسيءَ سندن ان حق کي نه رڳو رد ڪيو، بلڪه کين ان جي موٽ ۾ اهڙي سزا ملي، جو وٽن ملڪ کان الڳ ٿيڻ کان سواءِ ٻي ڪا به واهه نه بچي هئي. ان ڪري قومپرست تنظيمن جو هڪ حصو ان راءِ جو رهيو آهي ته پارليامينٽ ۾ نمائندگيءَ جي جدوجهد رڳو عوامي طاقت جو ذيان آهي ۽ جنهن ڏينهن به ان جدوجهد وسيلي اسٽيبلشمينٽ مخالف قومپرستن اثرائتي گهڻائي حاصل ڪئي ته سندن به اهڙو حشر ڪيو ويندو، جهڙو بنگالين جو ڪيو ويو. ٻيون قومپرست ڌريون اهڙيون آهن، جيڪي پارليامينٽ ۾ نمائندگيءَ کي قومي حقن جي جدوجهد جو واحد نه پر هڪ اهم مورچو سمجهن ٿيون. اڪثر ڪري سندن صفن ۾ هيٺين ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو هوندا آهن، جن وٽ نه اوطاقن تي روز ٻه ٽي سئو ماڻهن کي چانهه ماني ڏيڻ جيترا پئسا آهن، نه وٽن ڌاڙيل ۽ ڪاٽڪن جا ٽولا آهن، جن وسيلي هو عوام کي هيسائي پنهنجي محڪوميءَ ۾ رکي سگهن ۽ نه وري رياستي ادارا کين ٿاڻي تان ٻڌي ڇوڙي ڪرائڻ يا جرڳا ڪوٺائڻ جيترا اختيار ڏيڻ گهرندا، جن وسيلي تر جي عوام کي اڻ سڌي محڪوميءَ ۾ رکي ووٽ وٺي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو سندن جدوجهد جو مرڪز گهڻو ڪري سنڌ جي قومي حقن بابت عوامي جاڳرتا پيدا ڪرڻ رهيو آهي. سنڌ جي قومي حقن جي جاڳرتا جو اهو سفر ورهاڱي کان پوءِ يڪدم شروع ٿي ويو هو. ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ان جي جدوجهد جي سرواڻي اسرندڙ وچولي طبقي جي نوجوانن ۽ خاص طور تي شاگردن ۽ ليکڪن تائين محدود رهي، تنهن ڪري باوجود قومپرست احساسن جي عام هجڻ جي، قومپرست تحريڪ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سنڌي سماج جي مکيه ڌارا جو حصو نه بڻجي سگهي. البته 1970ع جي ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ڀٽي صاحب جي ڦاسي ۽ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ هلايل ايم آر ڊي تحريڪ دوران قومپرست جدوجهد عوامي صفن کي متحرڪ ڪيو. جيتوڻيڪ ان سموري جدوجهد ۽ عوامي ردعمل جو سمورو فائدو پيپلز پارٽيءَ ورتو، پر سنڌ جي حقن وارو سوال عوامي احساس جي شڪل اختيار ڪري ويو. ايئن وقت گذرڻ سان قومي حقن بابت سوال سنڌ اندر وفاقي توڙي مذهبي تنظيمن سميت هر ڌر لاءِ سياست جو بنياد بڻجي ويو. ان سڄي عرصي دوران جيتوڻيڪ قومپرست تنظيمون ڪمزور ٿي ويون، پر سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو احساس ڏينهون ڏينهن وڌيڪ پختو ٿيندو ويو. ان سموري عمل ۾ قومپرست تنظيمن پاڻ کي چونڊن واري سياست کان الڳ رکي قومپرستيءَ جو ڦل پيپلز پارٽيءَ جي جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ قومپرست ڌرين عملي طور پاڻ کي قومي حقن بابت جاڳرتا واري ڪم سان سلهاڙيل رکيو. جيتوڻيڪ ڪجهه قومپرست ڌريون عوامي سطح جي سياست به ڪنديون رهيون آهن، پر اليڪشني سياست جا روايتي اوزار ميسر نه هجڻ، اندروني ڏڦيڙن ۽ قيادت جي غلطين سبب اهي پارلياماني سياست جي ڊوڙ ۾ ڪڏهن به مکيه ڌر طور اڀري نه سگهيون آهن. سنڌ جي پسمنظر ۾ انهن ڌرين جي پارلياماني سياست ۾ اڳتي نڪري نه سگهڻ جو هڪ اهم ڪارڻ پيپلز پارٽيءَ جو سحر رهيو آهي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ جي مفادن سان ڪيل ڀلاين جا تفصيل کولجن ته پتو پوندو ته سنڌ جي اڄوڪي بدحالي ۽ سياسي يتيميءَ جو ڪارڻ به اها ئي پارٽي رهي آهي، پر سندس قيادت جي قربانين جي نتيجي ۾ سنڌ جي ماڻهن هميشه پارٽيءَ کي بنا حساب ڪتاب جي محبتون آڇيون آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺندڙن جي گهڻائي نه رڳو موقعو ملڻ تي انهن شهيدن سان جيئري بي وفايون ڪيون، پر سنڌ جي قومي مفادن تي به سوديبازيون ڪيون آهن. البته هر ڀيري ڪجهه سالن کان پوءِ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي ڪوتاهه نظر ڪرتوتن جي نتيجي ۾ مظلوم ٿيڻ سبب هر اليڪشن ۾ کين ڪارڪردگيءَ بجاءِ مظلوميت جي عيوض سنڌ واسين ووٽ ڏنا آهن. سنڌ واسين پاران چئن ڏهاڪن کان پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏيڻ جي پٺيان به سنڌي قومپرستي ئي محرڪ رهي آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوري نظام کي هلڻ ڏنو وڃي ها ۽ هر ڀيري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري عوام وٽ ڪارڪردگيءَ آهر ووٽ وٺڻ وڃي ها ته سنڌ اندر پارلياماني سياست جي شڪل گهڻي مختلف هجي ها. ان صورت ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ ڪارڪردگيءَ بجاءِ شهيدن جي واسطن ۽ سنڌي هجڻ سبب اسٽيبلشمينٽ جي هٿان نشانو بڻجڻ واري درد-ڪهاڻي ٻڌائي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ايتري آسان نه هجي ها. ممڪن آهي ته ان صورتحال ۾ سنڌ جون قومپرست ڌريون سنڌ جي اصل مسئلن تي عوام کي متحرڪ ڪري پارلياماني سياست يا گهٽ ۾ گهٽ مڪاني چونڊن واري ڍانچي ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪري سگهن ها. ٻه چار ڀيرا چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ کٽڻ هارائڻ واري مشق کان پوءِ کين به چونڊن واري سياست جا گر سمجهه ۾ اچي وڃن ها. ضروري ناهي ته ايئن ٿيڻ سان قومپرست ڌريون يا سندن ڪجهه همراهه اسٽيبلشمينٽ سان ساڳي قسم جي ڏي وٺ نه ڪن ها، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ اندر عوامي سطح تي چونڊن واري سياست ۾ سنڌ واسين وٽ پيپلز پارٽيءَ جي مقابلي ۾ ڪا چوائس ضرور پيدا ٿي وڃي ها. ايئن نه ٿيڻ سبب پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ اندر اليڪشني سياست ۾ جيڪا هڪ هٽي ملي وئي، تنهن جو ان ڀرپور ناجائز فائدو ورتو. هاڻي سنڌي ويچارا پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ يا ته ان خوشفهميءَ ۾ ڏين ٿا ته اها ملڪ اندر سندن حقن جي نمائندگي ۽ حفاظت ڪندي يا وري ان غلط فهميءَ ۾ ڏين ٿا ته اها سندن واحد آپشن آهي. ڪيترن ڏهاڪن کان ان هڪ سوال سنڌي ووٽرن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي ته سنڌين وٽ پيپلز پارٽيءَ جو متبادل ناهي. پيپلز پارٽيءَ کي به اها ڳالهه اڃا تائين سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سنڌ جي مفادن سان هر طرح جي هٿ چراند ڪرڻ کان پوءِ ان سنڌ اندر پاڻ ئي متبادل جي ضرورت ۽ خواهش کي جنم ڏنو آهي. سماجي سائنس جي بنيادي اصولن موجب ان خال کي ضرور ڀرجڻو آهي. البته ان خال ڀرجڻ جي وقت ۽ متبادل جو تعين ڪيترائي فيڪٽر ملي ڪندا. ويجهن سالن ۾ سنڌ جي قومپرست تنطيمن پارلياماني سياست ۾ پير رکڻ جون تياريون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ممڪن آهي ته اهي سنڌ ۾ هڪ چونڊ آپشن ٿي اڀرن. ان کان اڳ اسي واري ڏهاڪي دوران به سنڌ نيشنل الائنس جي پليٽ فارم تان قومپرستن اڻ سڌي طرح چونڊن ۾ حصو ورتو هو، پر ان دور ۽ اڄ جي سنڌ ۾ تمام گهڻو فرق آهي. هاڻي جيڪڏهن قومپرست تنظيمون منظم طور تي هڪ اليڪشني فورم تان چونڊن ۾ لٿيون ته اهي سنڌ اندر جيڪڏهن ڪا تمام وڏي اليڪشني طاقت ٿي نه به اڀريون، ته به پيپلز پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ آپشن طور ضرور اڀرنديون. ايندڙ سالن ۾ جيڪڏهن انهن مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي سياسي جدوجهد کي ان رخ ۾ جاري رکيو ته اهي سنڌ اندر اڳتي هلي هڪ مضبوط سياسي طاقت ٿي اڀري سگهن ٿيون.
ايندڙ چونڊن کان اڳ جيتوڻيڪ مختلف قومپرست تنظيمون پنهنجي پنهنجي پليٽ فارمن تان عوامي سطح تي متحرڪ ٿيل آهن، پر عملي طور تي چونڊن جي مقابلي لاءِ کين پنهنجي حڪمت عمليءَ کي بهتر طريقي سان ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيئن ته اهي تنظيمون ان سطح تي پهريون ڀيرو چونڊن ۾ مقابلي لاءِ لهنديون، تنهن ڪري انهن وٽ اليڪشني اتحاد ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي اميدوارن جي مدد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. جيڪڏهن ايس پي اين اي کي چونڊ اتحاد طور پليٽ فارم بڻائي قومپرست ڌريون ايندڙ چونڊن لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙين ته سندن ڪارڪردگي اثرائتي ٿي سگهي ٿي. قومپرست تنظيمون پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ هيٺين نڪتن تي غور ڪري سگهن ٿيون:
گذريل چونڊن جي نتيجن جو تڪ- وار جائزو وٺي ڪجهه اهم تڪن جي نشاندهي ڪن، جتي سندن ڪاميابيءَ جا امڪاني بهتر هجن. اهڙن تڪن کي پهرين اوليت رکي انهن لاءِ الڳ حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ باقي تڪن لاءِ الڳ حڪمت عملي جوڙي وڃي.
ايس پي اين اي ۾ شامل تنظيمون سنڌ ۾ گڏيل اميدوار بيهارين ۽ هڪ چونڊ اتحاد طور انهن اميدوارن جي سمورن وسيلن سان واهر ڪن.
اليڪشني اميدوار پنهنجي تنظيمي ڪارڪنن يا سٺي ساک رکندڙ ماڻهن کي بڻائجي، رڳو ووٽن جي طاقت ۽ پيپلز پارٽي مخالفت جي بنياد تي اهڙن ماڻهن جي حمايت کان پاسو ڪجي، جيڪي عوامي سطح تي سنڌ دوست سڃاڻپ نه رکندا هجن يا جن جو ماضي داغدار هجي. جيڪڏهن ڪنهن ڌر کي اهڙن اميدوارن سان اتحاد ڪرڻو هجي ته اها ايس پي اين اي جي فورم بدران پنهنجي تنظيمي پليٽ فارم تان اهڙو اليڪشني اتحاد ڪري. باقي ايس پي اين اي کي سنڌ جي حوالي سان چٽو ڪردار رکندڙ فردن کان سواءِ ڪنهن جي به حمايت نه ڪرڻ گهرجي.
ايس پي اين اي جي چونڊ مهم جو بنياد سکڻو پيپلز پارٽي مخالفت نه پر سنڌ جي قومي حقن جي ايجنڊا هجڻ گهرجي. ان ڏس ۾ کين ڪنهن به اهڙي سياسي ڌر سان اتحاد يا اڻ سڌي واهر کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽي مخالفت ۾ ميدان ۾ لاهڻ گهري. ممڪن آهي ته اهڙيون ڌريون وقتي طور تي قومپرستن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي قومي حقن جي ايجنڊا جي وقتي حمايت جو ڍونگ به رچائين. اي پي ڊي ايم ۾ شامل ڌرين پڻ 2008ع جي چونڊن کان اڳ اهڙا واعدا ڪيا هئا، جيڪي اڳتي هلي کوکلا ثابت ٿيا. قومپرست تنظيمون جيئن ته پهريون ڀيرو ان سطح جي چونڊ مقابلي ۾ لهنديون، تنهن ڪري کين ساک جي معاملي ۾ ڪو به رسڪ نه کڻڻ گهرجي.
ايس پي اين اي کي ايندڙ چونڊ مهم لاءِ جلد کان جلد گڏيل چونڊ منشور يا ايجنڊا کي ترتيب ڏئي هاڻي کان ئي ان بابت عوامي جاڳرتا پيدا ڪرڻ گهرجي. اهو چونڊ منشور سنڌ جي قومي حقن جي حوالي سان بنيادي نڪتن تي ٻڌل هجي.
قومپرست تنظيمن کي حڪمت عملي طور پنهنجي چونڊ منشور يا ايجنڊا بابت سنڌ ۾ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ساکائتن فردن کان حمايتي مهم شروع ڪرائڻ گهرجي ته جيئن عوامي سطح تي سندن ايجنڊا ايتري عام ۽ مقبول ٿي وڃي، جو ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ واسي هر تڪ ۾ هر ڌر جي اميدوار کان ان ايجنڊا جي حوالي سان پنهنجي ماضيءَ جي ڪردار ۽ آئيندي جي پروگرام بابت پڇاڻو ڪن.
ان نوعيت جي نڪتن تي ٻڌل هڪ منظم حڪمت عمليءَ سان قومپرست ڌريون سنڌ ۾ هڪ مضبوط سياسي طاقت ٿي اڀري سگهن ٿيون. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اليڪشني سياست جون تقاضائون عوامي حقن جي جاڳرتا واري سياست کان گهڻو مختلف هجن ٿيون، تنهن ڪري اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ قومپرست ڌريون ڪا فيصلائتي طاقت ٿي نه اڀري سگهن، پر ايندڙ چونڊون سندن آئيندي جي اليڪشني سياست جو بنياد بڻجي سگهن ٿيون. سياسي جدوجهد جي سفر ۾ هڪ ٻه چونڊون ڪو غير معمولي پنڌ ناهن، تنهن ڪري مستقل مزاجي ۽ سنڌ جي ايجنڊا سان سچائي سندن مستقبل جي سياسي حيثيت جو تعين ڪندي. موٽ ۾ سنڌ واسين کي ٻيو ڪجهه ملي نه ملي، پر گهٽ ۾ گهٽ اهي پيپلز پارٽيءَ جي سياسي هڪ هٽي مان نڪري جذباتيت ۽ خوف بجاءِ عقل ۽ فهم آڌار پنهنجي ووٽ ۽ سياسي سوچ جو اظهار ڪري سگهندا. ان عمل جو ٻيو اهم فائدو سنڌ جي اليڪشني سياست تان وڏيرڪي پڪڙ ڪمزور ٿيڻ جي شڪل ۾ نڪرندو ۽ سنڌ واسين کي وچولي طبقي جي روشن خيال نمائندگي حاصل ڪرڻ جو به موقعو ملي سگهندو. سنڌي سماج جيستائين سياست تي وڏيرڪي طبقي جي ڏهاڪن کان قائم ناجائز قبضي مان آجو نه ٿيندو، سندس آئيندو هميشه سواليه نشان اڳيان ٽنگيل رهندو.
(روزانه ڪاوش، اربع 2 مئي 2012ع)

تعليم جي تباهي انتظامي نه پر سياسي مسئلو آهي

تعليم جي تباهي انتظامي نه پر سياسي مسئلو آهي


سنڌ جي تعليم جي برباديءَ جا ايترا ته گهڻا پاسا آهن، جو انهن سمورن کي هڪ مضمون ۾ سمائڻ ممڪن ناهي. اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ڪتابن جي کوٽ کان وٺي استادن جي غير حاضريءَ تائين انيڪ رخ آهن، جن تي بحث جي ضرورت آهي. ان بحث کان اڳ اچو ته سنڌ جي تعليمي صورتحال سان لاڳاپيل ڪجهه بنيادي انگن اکرن وسيلي سنڌ ۾ تعليمي برباديءَ جي صورتحال جي سنگينيءَ کي سمجهون.
پاڪستان ۾ تعليمي صورتحال بابت 2011ع جي جاري ڪيل هڪ ASER جي رپورٽ ۾ هيٺيون حقيقتون ڌيان ڇڪائيندڙ آهن:
* پنجن کان سورنهن سالن جي ڄمار وارن ٻارن ۾ مادري زبان بابت سکيا جي سطح ۾ سنڌ، پاڪستان اندر ستين نمبر تي آهي. رڳو فاٽا جي قبائلي علائقن جا ٻار ان معاملي ۾ سنڌ کان پٺتي آهن، باقي جنگي حالت وارن صوبن يعني بلوچستان ۽ پختونخوا جا ٻار به ان معاملي ۾ سنڌ جي ٻارن کان اڳڀرا آهن.
* پنجين درجي جي ٻارن ۾ پڙهڻ جي صلاحيت جي حوالي سان سنڌ ڇهين نمبر تي آهي. رڳو خيبر پختونخوا ۽ فاٽا جا قبائلي علائقا سنڌ کان ان ڏس ۾ پٺتي آهن.
* پنجين درجي ۾ رياضيءَ جي سکيا ۾ سنڌ، ملڪ اندر سڀني کان آخري يعني اٺين نمبر تي آهي. ان اهڃاڻ هيٺ سنڌ جي 42 سيڪڙو ٻارن ۾ صحيح نموني سان ڪٽ ۽ ونڊ ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جڏهن ته بلوچستان جهڙي صوبي ۾ به اها شرح 74 سيڪڙو ٻارن ۾ آهي.
* ٽئين درجي جي ٻارن ۾ انگريزي جا لفظ ۽ جملا پڙهڻ جي صلاحيت جي معاملي ۾ به سنڌ سڀني کان آخري يعني اٺين نمبر تي آهي. سنڌ ۾ اها صلاحيت 25.3 سيڪڙو ٻارن ۾ آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ 36.7 سيڪڙو ٻارن ۾ ۽ فاٽا ۾ 46.4 سيڪڙو ٻارن ۾ اها صلاحيت آهي.
* ساڳي طرح پنجين درجي جي ٻارن ۾ انگريزيءَ جا لفظ ۽ جملا پڙهڻ جي صلاحيت ۾ به سنڌ سڄي ملڪ اندر آخري نمبر تي آهي. صوبي اندر اها صلاحيت 48 سيڪڙو ٻارن ۾ آهي، جڏهن ته بلوچستان اندر اها صلاحيت 64.5 سيڪڙو ٻارن ۾، پختونخوا ۾ 68.6 سيڪڙو ۽ فاٽا جي 67.8 سيڪڙو ٻارن ۾ اها صلاحيت آهي.
20 مارچ 2011ع جي هڪ انگريزي اخبار موجب، تڏهوڪي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ناهيد دراني هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هيٺيون حقيقتون بيان ڪيون:
* سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 10 لک ٻار اسڪول وڃڻ جي ڄمار ۾ آهن، پر انهن مان رڳو 64 لک ٻار اسڪول ۾ داخل آهن، يعني لڳ ڀڳ 46 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.
* سنڌ جي تعليم کاتي جي سالياني بجيٽ 70 ارب رپيا آهن، جنهن جو 85 سيڪڙو يعني لڳ ڀڳ 59.5 ارب رپيا رڳو پگهارن تي خرچ ٿي وڃن ٿا. ان ۾ ڏيڍ لک استاد به شامل آهن.
* صوبي اندر 49،600 اسڪولن مان 61 سيڪڙو يعني 000،32 اسڪولن ۾ رڳو هڪ استاد پڙهائڻ لاءِ مقرر آهي.
* ان نوعيت جي ٻين انيڪ شاهدين ۽ انگن اکرن سان سنڌ ۾ تعليم خاص طور پرائمري تعليم جي تباهيءَ کي ثابت ڪري سگهجي ٿو. ان برباديءَ جا نتيجا ڪهڙا نڪرن ٿا، ان لاءِ هيٺين حوالن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي:
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀڳوان داس طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته گهربل معيار جا اميدوار نه هجڻ سبب فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌ صوبي جي 19 سيڪڙو ڪوٽا جي ابتڙ صرف 6 سيڪڙو سيٽون ڀرجي سگهيون.
ويجهڙ ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن هن سال ملڪ اندر سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جي مختلف ڪيٽيگريز ۾ درجي بندي ڪئي آهي. يونيورسٽين جي ان درجي بنديءَ ۾ هيٺيون حقيقتون غور ڪرڻ جوڳيون آهن:
* زرعي شعبي جي ڇهن يونيورسٽين ۾ سنڌ مان ٽنڊو ڄام يونيورسٽي پنجين نمبر تي آهي؛ جنهن جو اسڪور 35 آهي، جيڪو پهرين نمبر تي ايندڙ فيصل آباد زرعي يونيورسٽي جي 75 پوائنٽس کان گهڻو هيٺ آهي.
* ڪمپيوٽر جي شعبي ۾ ڇهن يونيورسٽين ۾ سنڌ جو ڪو به ادارو شامل ناهي.
* بزنيس ايجوڪيشن جي تيرنهن يونيورسٽين ۾ سنڌ جا 7 ادارا شامل آهن، جن مان ڇهه ڪراچيءَ جا آهن. آءِ بي اي سکر چوٿين نمبر تي آهي، جنهن جو اسڪور 39.64 آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ پهرين نمبر تي ايندڙ لمس لاهور جو اسڪور 69.21 آهي.
* انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ڪل 16 يونيورسٽين ۾ سنڌ جون پنج يونيورسٽيون شامل آهن، جن مان ٽي ڪراچي ۾ واقع آهن، انهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو اٺين نمبر تي آهي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جي اين اي ڊي جي نائين نمبر کان اها هڪ درجو مٿي آهي، پر ان جو اسڪور 30.53، پهرين نمبر تي ايندڙ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي 81.79 پوائنٽس کان گهڻو گهٽ آهي.
* ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ 9 يونيورسٽين مان 6 سنڌ مان آهن، جن مان چار ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ آهن. ڄامشوري جي لياقت يونيورسٽي نوَن مان اٺين نمبر تي آهي ۽ ان جو اسڪور 24 آهي، جيڪو پهرين نمبر تي ايندڙ آغا خان يونيورسٽي ڪراچيءَ جي 63 کان گهڻو گهٽ آهي.
* 13 وڏين جنرل يونيورسٽين ۾ جتي ڪراچي يونيورسٽي ٻئي نمبر تي آهي، اتي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اٺين نمبر تي آهي ۽ ان جو اسڪور 25 آهي، جيڪو پهرين نمبر تي ايندڙ پنجاب يونيورسٽي جي 45 جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ آهي.
هي ته سڀ حوالا هئا، سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جا. پر آخر اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ ڇو پيو ٿئي؟ آخر ڪهڙا سبب آهن، جو سنڌ جي پرائمري تعليم بلوچستان، فاٽا ۽ خيبر پخونخوا کان به معيار ۾ ڪريل آهي، جتي ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي، بم ڌماڪن، اغوا ۽ ڪرائيم جو راڄ آهي. ان سوال جو اڪثر ڪري سادو جواب اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ماستر نه ٿا پڙهائين يا وري اهو چيو ويندو آهي ته تعليم کاتي جا آفيسر ڪرپٽ آهن. ان قسم جا حوالا ڏئي اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي رڳو انتظامي مسئلو آهي. ان معاملي کي سمجهڻ لاءِ هيٺين سوالن تي غور ڪريو.
ڪجهه سال اڳ تائين اهم ساکائتين رپورٽن ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو ته سنڌ ۾ 41 هزار پرائمري اسڪولن مان 7 هزار اسڪول بنهه بند آهن. جيڪڏهن انهن اسڪولن ۾ رڳو هڪ استاد به مقرر هجي ته گهٽ ۾ گهٽ 7 هزار استاد بنا ڊيوٽي ڪرڻ جي پگهار کڻي رهيا آهن. اهڙا ٻيا هزارين استاد آهن، جيڪي کليل اسڪولن مان گم آهن. ڇا سرڪاري ملازمن لاءِ اهو ممڪن آهي ته اهي هزارن جي تعداد ۾ بنا نوڪري ڪرڻ جي سرڪاري پگهار کڻندا رهن؟ ڇا ڪنهن سپروائيزر يا ضلعي آفيسر لاءِ ممڪن آهي ته انهن استاد جي گم ٿيڻ عيوض لکين رپين جي ملندڙ ”رزق حلال“ جو حصو ”مٿي“ پهچائڻ کان سواءِ اهو ڪاروبار جاري رکي سگهن؟ سنڌ جا اسيمبلي ميمبر ۽ وزير ايترا ته سگهارا آهن، جو سندن تڪن ۾ پکي به سندن مرضيءَ کان سواءِ اُڏار نه ٿو ڪري سگهي. پٽيوالي کان ڊپٽي ڪمشنر تائين ضلعي اندر ڪنهن سرڪاري آفيسر جي مقرري ۽ بدلي سندن مرضيءَ کان سواءِ ممڪن ئي ناهي. اهڙن سگهارن صاحبن جي هوندي هي هزارين ماستر اسڪولن مان گم هجن ۽ گهر ويٺي پگهارون به کڻن، اهو ڀلا وڏن جي مرضي يا ماٺ کان سواءِ ممڪن آهي؟ هونءَ ته ڪو سپاهي به جيڪڏهن اسيمبلي ميمبر جي گاڏي لنگهندي ڏسي سلوٽ نه ڪري ته ٻئي ڏينهن اسيمبليءَ ۾ استحقاق مجروح ٿيڻ جي رٿ پيش ٿي ويندي، پر انهن هزارين ماسترن جي گم ٿيڻ سان سندن تڪن جي لکين ٻارن جو مستقبل مجروح ٿيڻ تي ڪا به رٿ ڪڏهن پيش ٿي آهي؟ انهن سوالن جا جواب ڳولهڻ لاءِ ڪنهن وڏي ڊگري حاصل ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ڳالهه ڏاڍي سادي آهي ته سنڌ جو آئيندو اونداهو ڪرڻ جي ماسٽر پلان ۾ هي سڀ چونڊيل نمائندا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ برابر جا شريڪ آهن. ان معاملي سان سمورين سياسي ڌرين جا مفاد ايئن ته سلهاڙيل آهن، جو سرڪاري ڌر هجي يا عوامي مفادن جي نگهبانيءَ جي دعويدار مخالف ڌر هجي، اسڪولن مان غائب هزارين ماسترن تي سڀئي مطمئن ۽ خاموش رهن ٿا. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته گذريل پاءُ صديءَ کان انهن سمورن همراهن واري واري سان پنهنجي حڪومتن دوران هزارن جي تعداد ۾ آڱوٺي ڇاپ ماڻهو اسڪولن ۾ ڀرتي ڪرايا آهن ۽ اسڪولن مان گم ماسترن کي انهن سڀني عوامي نمائندن جي مڪمل رضامندي ۽ مدد حاصل آهي. جڏهن هڪٻئي پٺيان تعليم کاتي جا سمورا وزير ۽ صوبي جا سمورا وڏا وزير صوبي جي تعليمي برباديءَ لاءِ هر طرح جي مفاهمت لاءِ آتا هجن ته پوءِ انهن هزارين گوسڙو ماسترن تي ڪو به قدم ڪيئن کڄندو؟ ويزا تي ويندڙ انهن استادن مان هر مهيني هر ضلعي ۾ لکين رپين جي آمدني هيٺين کان مٿين سطح تائين نهايت ايمانداريءَ سان ورهائجندي هجي ته پوءِ ان ”خير جي ڪم“ کي ڀلا ڪير ڇو بند ڪندو؟! هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هونءَ ته تعليمي معيار جي برباديءَ جا درجنين ٻيا ڪارڻ هوندا، پر انهن سڀني ۾ سڀ کان بنيادي ۽ اهم ترين ڪارڻ سفارشي ماسترن جي لشڪر جي ڀرتي ۽ سندن اسڪولن مان گم هجڻ آهي. باقي اسڪولن ۾ چوديوارين، باٿ رومز ۽ بجلي وغيره جي اڻ هوند شايد ايڏا غير معمولي مسئلا ناهن. 1980ع جي ڏهاڪي تائين سنڌ جي پرائمري تعليم مثالي هئي. ان وقت ته اسڪولن جو انفرااسٽرڪچر ۽ ٻيون سهولتون اڄ جي ڀيٽ ۾ نه هجڻ جي برابر هيون. پرائمري استادن جون پگهارون به اڄ کان گهڻيون گهٽ هيون ۽ سوَن جي ڳاڻيٽي ۾ اسڪول وڻن جي هيٺ هلندا هئا. ان جي باوجود ٻهراڙين توڙي شهرن مان انتهائي قابل ۽ سلڇڻا شاگرد نڪرندا هئا. اڄ ٻيون سهولتون انيڪ آهن، پر باڪردار ۽ ذميوار استاد جي اڻ هوند سبب اڄ سنڌ جي تعليم فاٽا ۽ بلوچستان کان به پٺتي آهي. ڇا بلوچستان، فاٽا ۽ پختونخوا جي اسڪولن جو انفرااسٽرڪچر ۽ ٻيون سهولتون سنڌ کان وڌيڪ بهتر آهن؟ انهن صوبن ۾ به تعليم کاتي اندرڪرپشن ۽ سياسي مداخلت غيرمعمولي آهي، پر جهڙو انڌير سنڌ ۾ آهي، اهو ڪٿي نه ٿو ٻڌجي. خاص طور تي استادن جي ڀرتين ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپٽ آفيسرن جو اهڙو بمپر فصل ٻين صوبن ۾ نه ٿو نظر اچي. هاڻي آڱوٺي ڇاپ، ڪوڙين ڊگرين جي مالڪ ۽ اسڪولن کان مهينن تائين غائب رهندڙ ماسترن جي ٽريننگ تي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي قرضن ۽ امدادن مان ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ ۽ اسڪولن ۾ مفت ڪتاب ورهائڻ ۽ وظيفا ڏيڻ جو فائدو ڪهڙو نڪرندو؟ گٽر ۾ کير جا ڪنٽينر وجهڻ سان به اهو گٽر ئي رهندو. ان قسم جي تعليم دشمنيءَ واري سياسي سرشتي ۾ سنڌ جي تعليم جي برباديءَ کي سکڻو انتطامي مسئلو سمجهڻ جيڪڏهن تعليم دشمني جو حصو بڻجڻ نه ته گهٽ ۾ گهٽ انتها درجي جي سادگي ضرور آهي.
سياست ڪنهن به سماج جو مدر- انسٽيٽيوٽ هوندو آهي. جيڪڏهن سياست غيرذميوار ۽ ڪرپٽ ٿي وڃي ته پوءِ ڪرپشن ۽ غيرذميداريءَ جي سڀ کان هيٺين سطح تائين منتقليءَ ۾ ڪا به رڪاوٽ ممڪن ناهي رهندي. تنهن ڪري منهنجي راءِ ۾ سنڌ جي اڄوڪي تعليمي برباديءَ جي سموري ذميواري 1980ع جي ڏهاڪي ۽ ان کان پوءِ مقرر ٿيل سمورن وڏن وزيرن ۽ تعليم جي وزيرن تي لاڳو ٿئي ٿي. تعليم کاتي اندر آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اهل ۽ ايماندار آفيسرن ۽ استادن کي اڳتي وڌي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي بچائڻ جي ڪوششن کان به انهن ئي سياسي اڳواڻن روڪيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تعليم کاتي اندر ڪو به اهل ۽ ايماندار ماڻهو سيڪريٽريءَ کان وٺي سپروائيزر تائين ڪنهن به عهدي تي جٽاءُ نه ٿو ڪري سگهي. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ عوام دوست آفيسر ۽ استاد ڏورانهن ڪنڊن ۾ لڪي ڇپي پساهه کڻي رهيا آهن، پر انهن جي چوڌاري به ڪرپٽ ۽ مفادن جي ڳيجهو ماڻهن جو اهڙو گهيرو آهي، جو ان برباديءَ کي روڪڻ سندن وس کان به ٻاهر ٿي رهيو آهي.
سياسي مداخلت جي اها مهرباني رڳو پرائمري تعليم تائين محدود ناهي. گذريل ڪجهه مهينن دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ شخص جي ڪرسي بچائڻ لاءِ هفتن تائين اداري کان لاتعلقي اختيار ڪئي وئي. سنڌ جون يونيورسٽيون ارڙهين ترميم کان پوءِ به مفاهمت جي مهربانيءَ سان گورنر جي حوالي آهن ۽ جڳ جهان کي خبر آهي ته سنڌ ۾ وائيس چانسلر جي ڪرسي گهڻي لکين نيلام ٿئي ٿي. هڪ استاد ۽ شاگردن جي قتل کان پوءِ استادن جي احتجاجي تحريڪ کان سنڌ جا حڪمران ايئن لاتعلق ويٺل رهيا، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ نه پر ڪنهن ٻئي گرهه تي ٿي رهيو هجي. رڳو هڪ شخص جي ڪرسي بچائڻ لاءِ هفتن تائين اهو تماشو جاري رهيو. ڇا اهو همراهه سڄي سنڌ ۽ ملڪ جو اهل ترين انمول پروفيشنل هو، جنهن جي نوڪريءَ جو تسلسل هزارين سنڌي شاگردن جي آئيندي کان به وڌيڪ اهم هو؟! صاف ظاهر آهي ته سياسي ڪرپشن ۽ اقرباپروريءَ کان سواءِ ان لاتعلقيءَ جي پٺيان ڪجهه به نه هو. ڪير مڃيندو ته اهو سکڻو انتظامي معاملو آهي؟ ويجهڙ ۾ سنڌ اندر ميٽرڪ جا امتحان ٿيا ۽ ٽي وي چئنلز کان وٺي سمورين اخبارن تائين ميڊيا جي هر اداري سنڌ جي امتحانن جا اهي منظر ڏيکاريا. هن وقت به سنڌ ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا امتحان هلي رهياآهن، اهي منظر پڻ ميڊيا ڏيکاري رهي آهي، جنهن کان پوءِ سنڌين جي نااهليءَ جو وڌيڪ هوڪو ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي رهي. ڇا سنڌ سرڪار جو امتحاني مرڪزن ۾ ڪاپي نه روڪڻ سکڻو انتظامي اهليت جو مسئلو آهي؟ هونئن سرڪار جي حڪم تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار بيروزگار ٿيندڙن ملازمن جي احتجاجي مظاهرن تي جيئن ڪڙڪي پوندا آهن، ان طاقت جو هزارون حصو به امتحاني مرڪزن تي لاڳو ٿئي ها ته ڪنهن ۾ مجال هئي جو ڪاپي ڪري سگهي. اهو سڌو سنئون ان سياسي کيڏ جو حصو آهي ته سنڌين کي جاهل ۽ نااهل رکڻ لاءِ کين ڇوٽ ڏيو ته اهي ڪاپي ۽ سفارش وسيلي ڄٽن جو هڪ انبوهه سماج ۾ پيدا ڪن ته جيئن اهي ڪنهن به صحتمند چٽاڀيٽيءَ جي قابل نه رهن. هي سڄو ناحق هڪ سوچيل سمجهيل سٽاءُ جو حصو آهي ته جيئن سنڌي قوم جا ترا ڪڍڻ لاءِ ڪنهن لٺ بندوق جي ضرورت ئي نه رهي. امتحانن ۾ ڪاپيءَ جي ڇوٽ، ماسترن کي گُسائڻ جي مڪمل اجازت، يونيورسٽين ۾ تابعدار مافيا جو راڄ ۽ ميرٽ جو عام ڪوس سنڌ جي برباديءَ جو هڪ مڪمل پئڪيج آهي ۽ ان پئڪيج تي صدقِ دل سان عمل ڪرائڻ لاءِ سنڌين جي چاليهن سالن جي قربانين جي صلي ۾ مليل حڪومت هر طرح سان چست ۽ باعمل آهي.
(روزانه ڪاوش، اربع 9 مئي 2012ع)

سرد جنگ جي نئين دور ۾ ڪراچيءَ جي اهميت

سرد جنگ جي نئين دور ۾ ڪراچيءَ جي اهميت


جڏهن کان پاڪستان اندر نوَن صوبن ٺاهڻ جي ڳالهه شروع ٿي آهي، سرائيڪي ۽ هزاره صوبي جي تحريڪ کان پوءِ سنڌ اندر مهاجر صوبي جي ڊرامي کي به آهستي آهستي اڳتي وڌايو پيو وڃي. شهر جي مخصوص آباديءَ وارن علائقن ۾ شروع ٿيل ننڍن ننڍن مظاهرن ۽ پوسٽرن جو سلسلو وڌي ريڊ زون ۾ عورتن جي جلوسن تائين پهچايو ويو آهي. ريڊ زون، جتي رڳو غريب ماستر به ڪو مظاهرو ڪن ته سندن آجيان ڏنڊن ۽ ڳوڙها گيس سان ڪئي ويندي آهي، اُتي شهر مان بسن ۾ ڀري آندل سوين عورتن کي سنڌ ورهائڻ لاءِ ان مظاهري جي موڪل ڪنهن ڏني؟ ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪنهن وڏي فهم جي ضرورت ناهي. شهر ۾ لڳندڙ بل بورڊ ۽ چاڪنگ جو نوٽيس وٺڻ واري ڪارروائيءَ ۾ ايترا ڏينهن لڳائيندڙ سنڌ حڪومت جي خاموش رضامنديءَ جو هڪ ئي مقصد آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري ووٽ وٺو ته جيڪڏهن سنڌين جا ووٽ پيپلز پارٽي کي ملڻ بجاءِ ورهائجي ويا ته حڪومت انهن ماڻهن کي ملڻ جو انديشو آهي، جيڪي سنڌ ورهائڻ گهرن ٿا. اتحادين سان مفاهمت جي اهڙي ئي سنڌ دشمن سياست جو هڪ مظاهرو گذريل سال صوبي اندر ٻه انتظامي ڍانچا ڏيڻ ذريعي ڪيو ويو هو، جنهن کي سنڌ واسين جي ٻڌي ۽ قومي شعور سبب واپس وٺڻو پيو هو. پيپلز پارٽي پنهنجي ڪجهه مهينن جي بچيل اقتدار خاطر اتحادين کي راضي ڪرڻ لاءِ سياسي طور ڪيترو هيٺ لهي اچي ٿي، ان جو اندازو به نٿو لڳائي سگهجي. جيڪڏهن پارٽي قيادت خلاف ڪو بئنر لڳي، مظاهرو ٿئي يا چاڪنگ ٿئي ها ته سڄي سنڌ حڪومت چند ڪلاڪن ۾ متحرڪ ٿي وڃي ها ۽ چڱا ڀلا اڳواڻ پاڻ برش ۽ چونو کڻي ڀتيون صاف ڪرڻ لاءِ پهچي وڃن ها، پر سنڌ جي ورهاڱي جي ان بدبودار مهم تي هفتن تائين اختيار ڪيل ماٺ کي سنڌ جا ماڻهو ڇا سمجهن؟ سندن اتحادي شهري ڌر هونئن ته سنڌ جي جاگرافيائي سڄائيءَ تي سر گهورڻ ۽ پاڻ کي ڌرتيءَ جو پٽ سڏائڻ کان نه ٿي ٿڪجي، پر هن سڄي ڪارروائيءَ تي سندن ماٺ ۽ مڪمل رضامندي سندن اصليت کي پڻ وائکو ڪري ٿي. صوبائي اسيمبليءَ ۾ ان مهم خلاف ٺهراءَ تي صحيحون ڪرڻ ۽ اها مهم هلائيندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ جا مشورا ڏيندڙ اها ڌر سنڌي ماڻهن کي الائي ڇو ايڏو اٻوجهه تصور ڪري ٿي. ساڳي طرح سندن حمايتي قومپرست سڏائيندڙ هڪ جماعت جي قيادت جي ماٺ به نوٽ ڪرڻ جوڳي آهي.
سنڌ اندر هڪ ٻيو لساني صوبو ٺاهڻ جو مطالبو هونئن ته نئون ناهي، ماضيءَ ۾ جناح پور جي نقشن کان به اڳ 1972ع ۾ مرزا جواد بيگ طرفان شهر اندر ميٽروپوليٽن حڪومت جو اهو تصور مشرف پاران ڪراچيءَ کي سٽي گورنمينٽ قرار ڏئي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائڻ کان مختلف نه هو. مرزا جواد بيگ جي ان تحريڪ ۾ به ميٽروپوليٽن حڪومت نه ٺهڻ جي صورت ۾ ڪراچيءَ کي الڳ صوبو ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هاڻي به مڪاني ادارن واري نظام ۾ ڪراچيءَ کي گهربل شهري رياست جهڙو درجو نه ملي سگهڻ کان پوءِ الڳ صوبي جو ڊرامو شروع ڪيو ويو آهي. ان سڄي مهم جي پٺيان وڏين عالمي طاقت جا ڪهڙا مفاد سلهاڙجي سگهن ٿا، ان جو جائزو هن مضمون ۾ وٺنداسين.
ڪراچيءَ کي الڳ شهري رياست ٺاهڻ پٺيان وڏين طاقتن جي مفادن کي سمجهڻ لاءِ اچو ته ٿورو ڪراچيءَ جي موجوده بيهڪ کي سمجهون:
ڪراچي ڏکڻ ايشيا ۾ هندي سمنڊ (عربي سمند) تي واقع آهي. عربي/هندي سمنڊ جي ڪناري سان ڪراچيءَ جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ايشيا ۽ پئسفڪ جا وڏا ساحلي شهر آباد آهن، جن ۾ بمبئي، مدراس، ڪولمبو، ڪلڪتو، رنگون (برما) ملاڪا (ملائيشيا)، سنگاپور، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ ۽ تائيوان کان سواءِ چين، جاپان ۽ ڪوريا جي ساحل تي آباد اسريل جديد صنعت ۽ ٽيڪنالاجي جا سرواڻ شهر شامل آهن. ڪراچيءَ جي اولهه پاسي مسقط، دبئي، ايران ۽ ان کان اڳتي سعودي عرب ڏانهن لنگهه آهن. ڏاکڻي طرف آفريقا جو کنڊ آهي، جيڪو قدرتي وسيلن سبب بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار بڻيل رهيو آهي، پر هوريان هوريان عالمي وڻج واپار ۾ اهم خطو ٿي اڀري رهيو آهي. انهن سمورن ساحلي ملڪن ۽ شهرن جو نقشو سامهون رکڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪراچي پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان تمام اهم شهر آهي. شهر اندر ٻن اهم پورٽس يعني ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ ان جي جاگرافيائي اهميت کي وڌائين ٿا. اولهه طرف گوادر ۽ اوڀر طرف ڪيٽي بندر جي شڪل ۾ مستقبل جو پورٽ سموري ساحلي پٽيءَ جي اهميت حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان وڌائي ڇڏين ٿا. سنڌ جي ساحلي پٽيءَ سان لاڳاپيل ٿر جو ڪوئلو توانائيءَ جي املهه ذخيري جي شڪل ۾ ان سڄي پٽيءَ کي سياسي توڙي معاشي لحاظ کان غير معمولي طور اهم بڻائي ڇڏي ٿو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ساحلي پٽي سڄي دنيا ۾ معيشت جي لحاظ کان اهم ترين علائقو هجي ٿي. هن وقت ست ارب آدم جي دنيا ۾ اٽڪل 3 ارب ماڻهو ساحلي پٽيءَ جي 200 ڪلوميٽرن جي اندر آباد آهن ۽ ساحلي شهرن ۾ آباديءَ جي گهاٽائي 80 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر آهي، جيڪا سراسري آدم گهاٽائيءَ جو ٻيڻو تعداد آهي. دنيا جي سڀ کان وڏن 17 شهرن مان 14 ساحلي پٽيءَ تي آباد آهن. ان پسمنظر ۾ ڪراچيءَ جي معاشي ۽ سياسي اهميت تمام وڏي آهي.
عربي، هندي ۽ ڏاکڻي چيني سمنڊ جي معاشي ۽ فوجي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي، جو دنيا جون ٽي سگهاريون معاشي ۽ فوجي طاقتون ان خطي ۾ واقع آهن، ان ۾ چين، جاپان ۽ ڀارت شامل آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران چين نه رڳو هڪ زبردست معاشي طاقت ٿي اڀريو آهي، پر فوجي ۽ سفارتي طاقت وسيلي هو ايشيا پئسفڪ ۽ آفريقا اندر آمريڪي مفادن لاءِ هوريان هوريان ڳڻتيءَ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. پنهنجي آس پاس ۾ جاپان، فلپائن، تائيوان، ڪوريا ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ وارا سرحدي ناتا رکڻ سان گڏ چين انهن سمورن ملڪن، پاڪستان، روس، ايران ۽ ڪيترن ئي آفريقي ملڪن سان تمام گهرا اقتصادي ناتا قائم ڪري هن خطي اندر آمريڪي مفادن لاءِ جيڪڏهن ڪو وڏو خطرو نه، تڏهن به ڳڻتيءَ جو ڪارڻ ضرور بڻيل آهي. افغانستان ۽ پاڪستان هن خطي ۾ واحد ٻه وڏا ملڪ آهن، جتي آمريڪا جا پير ڪنهن حد تائين کتل آهن ۽ هزارين ميل پري هجڻ جي باوجود اهو هن خطي اندر هڪ اهم فوجي طاقت بڻيل آهي. فلپائن ۽ جاپان سان فوجي ناتا بهتر بڻائي هن خطي اندر چين جي پکڙجندڙ فوجي طاقت کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۽ عربي/هندي/چيني سمنڊ ۾ پنهنجي فوجي سگهه جو توازن بهتر بڻائڻ لاءِ هرممڪن قدم کڻي رهيو آهي. پنهنجي فوجي ۽ سفارتي سگهه جو وڏو حصو افغانستان ۾ سڌي جنگ ۽ ايران سان سردجنگ ۾ خرچ ڪندڙ آمريڪا هوريان هوريان هن خطي ۾ چين کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ مختلف حڪمت عملين ٺاهڻ ۽ انهن کي عمل هيٺ آڻڻ ۾ رڌل آهي. هن خطي جي سامونڊي نقشي کي غور سان ڏسڻ سان ٻه اهم سامونڊي لنگهه نظر اچن ٿا، اوڀر طرف ملاڪا جو لنگهه (Strait of Malacca) آهي، جنهن جي هڪ طرف سماترا جو ٻيٽ آهي ۽ ٻئي پاسي ملائيشيا ۽ سنگاپور آهن. اولهه طرف هرموز جي سامونڊي لنگهه (Strait of Hormuz) آهي، جيڪو عربي سمنڊ کي ايراني نار (Persian Gulf) سان ڳنڍي ٿو. انهن ٻنهي سامونڊي لنگهن جي وچ ۾ ڪراچي واقع آهي. ڪراچي البته هرموز جي لنگهه کي وڌيڪ ويجهو آهي.
هاڻي اچو ته انهن ٻنهي لنگهن جي اهميت کي سمجهون. ملاڪا جو لنگهه ڏاکڻي چيني سمنڊ کي عربي/هندي مکيه سمنڊ سان ڳنڍي ٿو. وڏن کنڊن وچ ۾ ٿيندڙ واپار جو 90 سيڪڙو سمنڊ وسيلي ٿئي ٿو ۽ تيل جي ٻه ڀاڱي ٽي حصو سپلاءِ سامونڊي رستي تان ٿئي ٿي. هڪ ڪاٿي موجب سامونڊي رستي سان ٿيندڙ واپار جا 50 سيڪڙو جهاز ملاڪا جي لنگهه مان گذرن ٿا، جيڪي اڳتي هلي هندي سمنڊ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ هڪ ڪاٿي موجب دنيا جا اڌ سامونڊي ٽئنڪر هن سامونڊي خطي کي استعمال ڪن ٿا. ايراني نار کان وچ اوڀر ۽ پئسفڪ وچ ۾ سمنڊ وسيلي پيٽروليم شين جو 70 سيڪڙو واپار هلي ٿو. جيئن جيئن ڀارت ۽ چين اقتصادي طاقت طور اڀري رهيا آهن، تيئن تيئن هن سامونڊي خطي مان پيٽروليم ۽ واپاري شين جي سامونڊي ٽرانسپورٽ ۾ واڌ اچي رهي آهي. هڪ ڪاٿي موجب 2030ع تائين دنيا اندر توانائيءَ جو اڌو اڌ واهپو رڳو چين ۽ ڀارت ۾ ٿي رهيو هوندو. هن وقت آمريڪا کان پوءِ چين دنيا ۾ ٻيو نمبر وڏي معيشت آهي ۽ ان حساب سان ان جون توانائي گهرجون وڌي رهيون آهن، جڏهن ته توانائي جي ڊوڙ ۾ جاپان ٽيون ۽ ڀارت چوٿون نمبر ملڪ آهي. 90 سيڪڙو تيل تي توانائي جو دارومدار رکندڙ ڀارت ۽ چين لاءِ اهم ترين سامونڊي لنگهه ملاڪا ۽ هرموز لنگهه آهن. 2025ع تائين ڀارت ان ڊوڙ ۾ جاپان کي پٺتي ڇڏي ٽيون نمبر ٿي ويندو. اهڙي طرح دنيا اندر توانائي جا ٽي وڏا مرڪز هن سامونڊي خطي ۾ واقع هوندا. چين اٽڪل 30 سالن کان ساليانو ڏهه سيڪڙو جي لڳ ڀڳ معاشي واڌ حاصل ڪري رهيو آهي. 1995ع کان 2005ع جي وچ ۾ ان جي تيل جي کپت ٻيڻي ٿي آهي. سعودي عرب جي تيل جي پيداوار جو اڌ حصو چين ڏانهن برآمد ٿئي ٿو. مجموعي طور چين جي تيل جو 85 سيڪڙو گذر هرموز ۽ ملاڪا جي سامونڊي لنگهن مان ٿئي ٿو. هندي ۽ چيني سمنڊن کي ڳنڍيندڙ ملاڪا جي سامونڊي لنگهه کي ٻيون اهم علائقائي معاشي طاقتون ڪاروباري ٽرانسپورٽ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، انهن ۾ جاپان، ڪوريا، تائيوان، فلپائن، هانگ ڪانگ، سنگاپور، چين، ڪمبوڊيا، ويٽنام، ٿائلينڊ، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا شامل آهن. يعني ايشيائي ٽائيگر سڏائيندڙ آسيان (ASEAN) جون ڏکڻ اوڀر ايشيا جون اهم تجارتي طاقتون ان لنگهه تي تمام گهڻو دارومدار رکن ٿيون. اولهه طرف وري بنگلاديش ۽ سريلنڪا ان پٽي تي واقع آهن. جتي پڻ اهم ڪاروباري پورٽ يا ته موجود آهن يا ٺهي رهيا آهن.
ٻئي طرف سعودي عربي، ايران ۽ متحده عرب امارات جي تيل جو گذر هرموز جو سامونڊي لنگهه مان آهي. هي خطو هن وقت تيل جي فراهميءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي ۽ دنيا جي تيل جو لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو هن لنگهه مان گذري ٿو. هرموز جي سامونڊي لنگهه مان 2011ع ۾ سراسري طور روزانو پوڻا ٻه ڪروڙ بيرل تيل ٽرانسپورٽ ٿيندو رهيو آهي. ان تيل جو 85 سيڪڙو ايشيائي ملڪن جاپان، انڊيا، ڏکڻ ڪوريا ۽ چين ڏانهن ويندو رهيو آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته هرموز جو لنگهه حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان تمام حساس آهي. هرموز جي لنگهه کان اٽڪل 240 ميلن جي مفاصلي تي گوادر جو پورٽ آهي. ياد رهي ته 250 ملين ڊالرن جي لاڳت واري گوادر پورٽ رٿا جو 80 سيڪڙو چين طرفان فراهم ڪيو ويو هو. گوادر ۾ چين جي موجودگيءَ جو مطلب آهي عملي طور هرموز جي لنگهه مان گذرندڙ تيل جي ڪنٽينرز جي نگهباني ڪرڻ. ٿورو هيٺ اوڀر طرف سريلنڪا جي ساحلي شهر همبنٽوٽا (Hambantota) وٽ ڪولمبو کان به بهتر ۽ جديد پورٽ تعمير ٿي رهيو آهي. ڪروڙين ڊالرن جي ان رٿا لاءِ موڙي چين جي چائنا امپورٽ ايڪسپورٽ بئنڪ کان ورتي وئي آهي. بظاهر ڪاروباري نوعيت جي اُن رٿا وسيلي چين ان خطي ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهي ٿو. بنگلاديش جي سامونڊي شهر چٽاگانگ ۾ ڪنٽينرز لاءِ هڪ وڏي سهولت جي اڏاوت ۾ به چين شامل آهي. برما جتي باقي دنيا جي سخت تنقيد هيٺ رهيو آهي، اتي فوجي ڊڪٽيٽرن کي چين دل کولي امداد ڏيندو رهيو آهي ته جيئن ان سامونڊي خطي ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري سگهي. برما ۾ روڊن ۽ پائيپ لائين منصوبن کان علاوه سامونڊي اڏا ٺاهڻ لاءِ پڻ چين مالي سهائتا ڪندو رهيو آهي. چين ان سڄي سامونڊي خطي ۾ پنهنجا پير مضبوط رڪڻ واري پرامن ترقيءَ واري پاليسي کي String of pearls (موتين جي مالها) جو عنوان ڏنو آهي. موتين جي اها مالها دراصل سياسي ۽ معاشي طاقت جي پکيڙڻ جي پاليسي آهي. آفريقا اندر پڻ چين پنهنجي معاشي پکيڙ خاطر تمام وڏا تجارتي معاهدا ڪيا آهن. 2004ع ۾ آفريقا اندر چين 900 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ان کان اڳ 2000ع ۾ چين، آفريقا کي 1.2 ارب ڊالرن جو قرض معاف ڪيو ۽ 2003ع ۾ وڌيڪ 750 ملين ڊالرن جو قرض معاف ڪيائين. 2006ع ۾ چين طرفان ان خطي ۾ 60 ارب ڊالرن جا واپاري ٺاهه ڪيا ويا. 2007ع تائين چين ان علائقي ۾ 100 ارب ڊالرن جي سڌي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. نتيجي ۾ چين اڄڪلهه تيل جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو آفريقي ملڪن مان درآمد ڪري رهيو آهي. سوڊان، گني، ڪانگو، نائيجيريا ۽ انگولا چين لاءِ تيل جا تمام مکيه ذريعا آهن. تيل جي ان لنگهه لاءِ به هندي سمنڊ ۽ اڳتي هلڪي ملاڪا جو لنگهه استعمال ٿئي ٿو.
هاڻي عربي/هندي سمنڊ جي ان سڄي نقشي ۾ ڪراچيءَ جي بيهڪ کي غور سان ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ۽ چين ان خطي ۾ هڪ شديد سرد جنگ ۾ رُڌل آهن. افغانستان جي ويڙهه جو نبيرو ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا ان جنگ لاءِ وڌيڪ وقت ۽ وسيلا ڪڍي سگهندو. هرموز جي لنگهه وٽ ايران سان آمريڪا جو تڪرار ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فلپائن ۽ تائيوان جي چين سان ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا سڌي سنئين ڌر بڻيل آهي. ڏکڻ ايشيائي عربي/هندي سمنڊ ۾ هندستان، پاڪستان، ايران ۽ متحده عرب امارتن مان آمريڪا جي بهتر سياسي ۽ فوجي پهچ پاڪستان ۽ عرب امارتن سان آهي، پر بهرحال پاڪستان جي سياسي اهميت تمام مختلف آهي. تنهن ڪري هن خطي ۾ چين جو سياسي، معاشي ۽ فوجي اثر روڪڻ لاءِ پاڪستان، آمريڪا لاءِ سردجنگ جي هن نئين دور ۾ نهايت اهم آهي. اها ئي سياسي بارگيننگ آهي، جو آمريڪا جي ڪانگريس جي خاص ڪاميٽيءَ واري گڏجاڻيءَ ۾ بلوچستان بابت بحث دوران بلوچ نمائندن آمريڪا کي خاطري ڏني ته جيڪڏهن سندن آجپي ۾ مدد ڪئي وڃي ته هو گوادر پورٽ جو انتظام آمريڪا حوالي ڪرڻ ۽ پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين رٿا ختم ڪرڻ ۾ آمريڪا جي واهر ڪندا. چين جي اثر هيٺ آيل گوادر پورٽ کي ڇڏائڻ لاءِ آمريڪا کي اها آڇ ظاهري طور موهيندڙ لڳندي. جيڪڏهن ان کان ڪجهه سئو ميلن جي مفاصلي تي ڪراچي پورٽ به اهڙي ئي ڪنهن وفادار طاقت جي هٿ ۾ هجي ته پوءِ آمريڪا کي ٻيو ڇا کپي. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ اندر ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي، ٻئي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي دعويداريءَ تي رتوڇاڻ ۾ رُڌل آهن. ٻئي ڌريون آمريڪا کي اهو تاثر ڏيڻ گهرن ٿيون ته ڪراچيءَ ۾ اصل طاقت جي مالڪي انهن وٽ آهي. جيستائين اي اين پي ڪراچيءَ اندر سياسي مالڪيءَ جي دعويداري نه پئي ڪئي، ايم ڪيو ايم کي پٺاڻن سان ايڏا شديد مسئلا نه هئا. هاڻي ڪراچي الڳ صوبو بڻائي ان کي ساحلي پٽي ۽ ٿر تائين پکيڙڻ جي ڳالهه ڪري هڪ ڌر آمريڪا کي اهو نياپو ڏيڻ گهري ٿي ته اسان کي هي شهر ۽ ساحلي پٽي ملي وڃي ته عربي سمنڊ ۾ هڪ وڌيڪ وفادار طاقت توهان جي واهر لاءِ حاضر هوندي. گوادر ۽ ڪراچي جهڙا اهم پورٽ سٽي جيڪڏهن آمريڪي وفادار طاقت وٽ هجن ته ڏکڻ ايشيا ۾ چين جي فوجي پکيڙ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ آمريڪا وٽ هڪ مضبوط سهولت موجود هوندي. هتان ويهي ايران کي به اکيون ڏيکاري سگهبيون ته چين کي به داٻي ۾ رکي سگهبو. ان تصوراتي خاڪي اندر ڪراچيءَ سميت سڄي ساحلي پٽيءَ جي الڳ ڪرڻ واري مامري کي سمجهي سگهجي ٿو. پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ تي مڪمل ڀروسو نه هجڻ سبب آمريڪا لاءِ سامونڊي شهر ڪنهن وفادار طاقت وٽ هجڻ سياسي ۽ عسڪري لحاظ کان نهايت اهم آهي. جيئن جيئن پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان آمريڪا جا ناتا خراب ٿي رهيا آهن، بلوچستان جي آجپي جي تحريڪ به نوان رخ اختيار ڪري رهي آهي ته سنڌ اندر الڳ صوبي جو ڊرامو به زور وٺي رهيو آهي. صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ڪنهن موڙ تي اهڙو فيصلو ڪيو ته پوءِ اهو رڳو الڳ صوبو نه پر الڳ ساحلي رياست جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. ڏکڻ ايشيا جي عربي/هندي سمنڊ ۾ عالمي طاقتن جي ان نئين سردجنگ ۾ ڪراچي هڪ اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اوچتو ئي اوچتو ڪراچيءَ جي محروميءَ جو بي بنياد راڳ شروع ڪيو ويو آهي. اهو سمورو ڊرامو ان وڏي رٿابنديءَ ۾ حصو پتي وٺڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. عملي طور اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن هوندو، ان سان سئو سوال سلهاڙيل آهن، پر اهو سڀ ڪجهه رڳو ڪجهه غير معروف ماڻهن جي دماغ جو فتنو ناهي، ان مطالبي واري ڊرامي پٺيان تمام گهرا مفاد سلهاڙيل آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ وائکا ٿيندا. ياد رکڻ گهرجي ته عالمي طاقت جا ناتا ۽ فيصلا اصولن يا قدرن آڌار نه پر مفادن آڌار ٿيندا آهن. ڪراچي مفادن جي ان راند ۾ هڪ اهم ميدان بڻجي سگهي ٿو.
(روزانه ڪاوش، اڱارو مئي 2012ع)

سنڌ جي ورهاڱي جون خواهشون ۽ زميني حقيقتون

سنڌ جي ورهاڱي جون خواهشون ۽ زميني حقيقتون


پنهنجي گذريل مضمون ۾ مون بين الاقوامي سياست ۽ عسڪري مفادن جي حوالي سان ڪراچيءَ جي آئيندي بابت بحث ڪيو هو. ان مضمون جي موٽ ۾ تمام گهڻن پڙهندڙن ۽ دوستن فون ۽ اي ميل ذريعي ان بابت ويچار ونڊيا. ان تسلسل ۾ هيٺيون حقيقتون ذهن ۾ رکڻ گهرجن ته جيئن ان بحث کي اڳتي وڌائي سگهجي.
مضمون ۾ ڪيل بحث ڪنهن صحافتي ڄاڻ جي آڌار نه پر ڪيترن ئي لاڳاپيل دستاويزن جي اڀياس آڌار ڪيل تجزيو هو. تنهن ڪري ان بحث کي صرف هڪ نقطئه نظر سمجهڻ گهرجي، جنهن بابت هڪ کان وڌيڪ رايا رکڻ ۾ ڪو هرج ناهي. عالمي طاقتون هڪ وقت ۾ ڪيترن ئي آپشنز تي ڪم ڪنديون آهن. ڪراچيءَ بابت منهنجو تجزيو هڪ ممڪنه آپشن طور آهي. اهو به ممڪن آهي ته بدلجندڙ زميني حقيقتن آڌار عالمي طاقتون ڪنهن ٻئي آپشن کي ڪتب آڻين ۽ بحث هيٺ آندل آپشن ڊرائنگ بورڊ تان مٽجي وڃي. ايئن کڻي چئجي ته اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ ممڪن ته آهي، پر ضروري ناهي ته ايئن ئي ٿئي. ٽئين ۽ نهايت اهم ڳالهه اها ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪراچيءَ جو آئيندو ڇا ٿيندو؟ ان جو فيصلو رڳو عالمي طاقتون، ملڪي حڪومت يا سنڌ جي ورهاڱي جي خواهش رکندڙ ڌريون نه ڪنديون. ڪراچيءَ جي آئيندي جو اصل فيصلو سنڌي عوام جو ردعمل ڪندو. دنيا جي تاريخ ۾ قومي شعور ۽ ٻڌي وسيليءَ سنڌين کان وڌيڪ ڪمزور ۽ ڇڙوڇڙ قومن عالمي طاقتن جي ايجنڊا کي شڪست ڏني آهي. سمورين ڪمزورين ۽ اوڻاين جي باوجود ٽي کان چار ڪروڙ سنڌي هڪ سگهاري، باشعور ۽ وطن پرست قوم آهي، جن کي آسانيءَ سان شڪست ڏئي پنهنجا فيصلا مٿن مڙهي نه ٿا سگهجن. هن مضمون ۾ اسان اهو بحث ڪنداسين ته سنڌي قوم کي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي بچائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن.
سنڌ ۾ الڳ صوبي واري هاڻوڪي لهر کي رڳو ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ واري سياسي چالاڪيءَ تائين محدود نه سمجهڻ گهرجي. منهنجي نظر ۾ 2014ع ۾ افغانستان مان نيٽو فوجن جي واپسيءَ کان اڳ هن خطي ۾ اهم فيصلا ٿيڻ جي توقع آهي. آمريڪا ۽ سندس اتحادي هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏاکڻي چيني سمنڊ اندر پنهنجي فوجي سگهه کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ڌيان به ڏيندا ۽ ان معاملي ۾ چين ۽ ڀارت سان سندن لاڳاپا نئين شڪل اختيار ڪندا. آمريڪا، چين ۽ ڀارت هن خطي ۾ پنهنجي فوجي ۽ معاشي سگهه کي مضبوط ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ هن خطي اندر هڪ نئين سرد جنگ جي شروعات ڪري چڪا آهن. ان پسمنظر ۾ ملڪ جي چئني صوبن ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري هڪ ئي وقت تيز ٿيل مهم جي مساوات ان سرد جنگ سان ڪنهن نه ڪنهن طرح ڳنڍيل آهي. پيپلز پارٽي حڪومت ان سڄي گيم ۾ شعوري طور ملوث آهي، جنهن لاءِ مون وٽ هيٺيان دليل آهن.
سرائيڪي صوبي جي قيام لاءِ، 18 هين ترميم جيان سڀ ڪنهن جي شراڪت ۽ هم خيالي پيدا ڪرڻ واري سياسي واٽ وٺڻ بجاءِ پ پ حڪومت مهم جوئي وارو رستو اختيار ڪيو ۽ سڌو سنئون قومي اسيمبليءَ ۾ قرارداد آڻي نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ شارٽ ڪٽ وارو طريقو اختيار ڪيو. اهڙي طرح سڀاڻي ٻين ڌرين کي به نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ آئيني طريقن بجاءِ مهم جوئي وارو طريقو واپرائڻ جو دڳ ڏنو ويو.
قومي اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي اهڙو بل آڻڻ جي اجازت ڏني وئي، جيڪو سڌو سنئون 18 هين ترميم جي روح جي ابتڙ آهي. ان بل موجب قومي اسيمبلي سڌو سنئون صوبا ورهائڻ جا اختيار پاڻ وٽ رکي سگهي ٿي، جنهن جو ڪو به اصولي ۽ اخلاقي جواز نه ٿو نظر اچي. ان بل ۾ چٽن لفظن ۾ چيو ويو آهي ته صوبن جون سرحدون مقدس ناهن. هڪ طرف اهڙو عوام دشمن بل اڳتي وڌائڻ جي اجازت ڏني وئي ته ٻئي طرف سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسرور جتوئيءَ جي ٺهراءُ کي ڪميٽي جي سرد خاني ۾ اڇليو ويو. اهو ٻٽو معيار صاف ظاهر ڪري ٿو ته پيپلز پارٽي حڪومت شعوري طور ان سڄي ڪارروائيءَ ۾ شامل آهي. گذريل سال اڌ رات جو سنڌ اندر ٻه انتظامي ڍانچا ڏيڻ جو اعلان ڪري پيپلز پارٽي عملي طور سنڌ جي ورهاڱي جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. ياد رهي ته ان اعلان ٿيڻ وقت سنڌ جو وڏو وزير به موجود هئو، تنهن ڪري رڳو بابر اعواڻ کي ان جو ذميوار قرار ڏئي پيپلز پارٽي سنڌ واسين جي اکين ۾ ڌوڙ نه ٿي وجهي سگهي.
مهاجر صوبي واري مهم شروع ٿيڻ کان پوءِ ڀتين تي چاڪنگ، بل بورڊ ۽ بئنر سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ لڳل رهيا، پر ڪيترن ئي هفتن تائين پيپلز پارٽي حڪومت ان تي اکيون ٻوٽي ويٺي رهي ۽ انهن کي هٽائڻ جو حڪم تڏهن جاري ڪيو ويو، جڏهن اها مهم پاڙون، پڪڙي چڪي هئي ۽ ان جو نتيجو ”محبت سنڌ“ جو پرامن ريليءَ مٿان دهشتگردن جي حملي ۽ چوڏهن شهادتن جي شڪل ۾ نڪتو. پ پ حڪومت جي مجرماڻي ماٺ ان سڄي مهم ۽ خونريزيءَ جو ڪارڻ بڻي.
سنڌ کي ورهائڻ جي ان سڄي مهم جي ٻي اهم ذميواري پيپلز پارٽيءَ جي اتحاد ڌر ايم ڪيو ايم تي لاڳو ٿئي ٿي. اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته آخر ايم ڪيو ايم سنڌ جي ماڻهن کي ايترو اٻوجهه ۽ ناسمجهه ڇو ٿي سمجهي. هڪ طرف اها سنڌ جي ورهاڱي خلاف اعلان ٿي ڪري، ٻئي طرف سندس ذميوار اڳواڻ ٽي وي چئنلز تي ڏينهن رات الڳ صوبي واري مهم جو هر طرح سان دفاع به ڪندا رهن ٿا. ان مهم کي آئيني حق ۽ عوام جي جذبن جو اظهار قرار ڏيندڙ سندن ذميوار اڳواڻ ايتري حد تائين به وڃن ٿا، جو ان مهم جي نتيجي ۾ ڪنهن ممڪنه وڏي رتوڇاڻ کي جسٽيفاءِ ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم جي هڪ سينئر اڳواڻ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته رتوڇاڻ ته پاڪستان ٺهڻ وقت به ٿي هئي، پوءِ ڇا پاڪستان نه ٺاهڻ گهرجي ها؟ ايم ڪيو ايم نه رڳو اهو ته ان مهم جي کليل لفظن ۾ مذمت ۽ مخالفت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بلڪه هاڻي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته اها مهم سندن ئي فيڪٽريءَ جي پراڊڪٽ آهي. ورهين تائين ماٺ رهندڙ ماڻهو اوچتو ٻرن مان نڪري پراڻيون تنظيمون بحال ڪري سنڌ جي ورهاڱي جي مهم ڪراچيءَ جي شهر ۾ ايم ڪيو ايم جي حمايت کان سواءِ هلائي رهيا هجن، اها ڳالهه ناممڪن آهي. ايم ڪيو ايم هڪ عرصي کان چوندي رهي آهي ته اها سنڌ ۾ سمورن سنڌين سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿي، اردو ڳالهائيندڙ سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا ۽ پاڻ کي سنڌي سمجهن ٿا. سندن اهڙن خيالن جو سنڌ واسين هميشه هاڪاري آڌرڀاءُ ڪيو آهي. ان جي باوجود ڪيترن ئي معاملن تي سندن عملي رويو مختلف رهيو آهي. گذريل سال سنڌ کي ٻن انتظامي ڍانچن هيٺ آڻڻ واري اعلان وقت سندن گورنر عشرت العباد به موجود هئو، ساڳئي طرح صوبو ورهائڻ واري هاڻوڪي مهم بابت سندن ٻٽي پاليسي انهن سنڌ واسين لاءِ ڪئين سوال اڀاري ٿي، جيڪي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌ جو مستقل رهواسي ۽ سنڌ جي وارثيءَ جو حقدار تصور ڪن ٿا. ٻن ٻيڙين ۾ پير رکڻ واري ان سياسي غيردانشمنديءَ جا نتيجا سنڌي توڙي اردو ڳالهائيندڙ آبادين، ٻنهي لاءِ سٺا نه نڪرندا. ايم ڪيو ايم کي گهرجي ته ان معاملي ۾ پنهنجو ڪردار چٽو ڪري، نه ته هاڻوڪي صورتحال ۾ سنڌ کي ورهائڻ واري ان مهم ۾ سندن حمايت ۽ ڀائيواريءَ کان انڪار ڪرڻ سندن لاءِ ممڪن نه رهندو ۽ نتيجو سنڌ اندر هڪ ڀوائتي لساني ڇڪتاڻ جي شڪل ۾ نڪري سگهي ٿو، جيڪا ڳالهه سنڌ جي ڪنهن به رهواسيءَ جي حق ۾ بهتر ناهي.
ان سموري پسمنظر ۾ البته اها ڳالهه ورجائڻ ضروري آهي ته ڪراچي جي قسمت جو اصل فيصلو عالمي طاقتون، پيپلز پارٽي يا ايم ڪيو ايم نه پر سنڌ واسين جو سياسي ردعمل ڪندو. سڄي سنڌ ۾ هڪ به سنڌي اهڙو ناهي، جيڪو سنڌ جي ورهاڱي کي قبول ڪرڻ ته پري، ان لاءِ سوچيندو به هجي. ساڳي طرح اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ لکين سنڌ واسي پڻ سنڌ جي ورهاڱي جي سخت خلاف آهن ۽ هو ان کي سنڌ ۾ هڪ خطرناڪ رتوڇاڻ جي سازش جو ذريعو سمجهن ٿا. ان ڪري سنڌ جي ورهاڱي جي خواهشمند ڌرين کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هنن هڪ اهڙي ڪم ۾ هٿ وڌو آهي، جنهن جو نه رڳو پورو ٿيڻ ممڪن ناهي، پر ساڳئي وقت اهو سندن پنهنجو آئيندو به برباد ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڪيترن ئي موقعن تي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌ واسي گڏيل شعور، پرامن جدوجهد ۽ سياسي ٻڌيءَ سان سندن مفادن خلاف هر سازش ۽ طاقت کي شڪست ڏيندا رهيا آهن، تنهن ڪري سنڌ جي ورهاڱي واري هن مهم جو انجام به مختلف نه نڪرندو. منهنجي راءِ ۾ سنڌ واسين ۽ خاص طور تي قومپرست ڌرين کي ان مهم کي روڪڻ لاءِ هيٺيان طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن:
ڪنهن به قيمت تي سنڌ ۾ لساني ٽڪراءُ ٿيڻ کان روڪيو وڃي. صوبو ورهائڻ جون خواهشمند ڌريون چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿيون ته آئيني طريقن سان صوبو ورهائجي نه سگهندو، تنهن ڪري هو هرممڪن ڪوشش ڪندا ته سنڌ ۾ رهندڙ ڪروڙين پرامن اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ آبادين ۾ ٽڪراءُ ٿئي. اهڙي ئي ڪوشش ڪراچيءَ ۾ ”محبتِ سنڌ“ ريلي تي حملي وسيلي ڪئي وئي ۽ سنڌ واسين پنهنجي روايتي شعور جو مظاهرو ڪندي دهشتگرديءَ جي ان عمل کي لساني رتوڇاڻ ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏنو.
سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جا ڪيترائي ساڃاهه وند فرد الڳ صوبي واري مهم جي کليل لفظن ۾ مخالفت ڪري رهيا آهن. اهڙن سمورن سنڌ دوست ماڻهن سان رابطا رکيا وڃن ۽ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي اهڙين شخصيتن کي سنڌ جي جاگرافيائي سڄائي برقرار رکڻ واري سنڌ دوست مهم جو حصو بڻايو وڃي.
شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ عوامي جاڳرتا وسيلي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم تي دٻاءُ وڌو وڃي ته اهي سنڌ جي جاگرافيائي سڄائيءَ بابت پنهنجي قول ۽ عمل جي ٻيائيءَ کي ختم ڪن. جيڪڏهن اهي ڌريون ڪنهن عالمي طاقت جي ايجنڊا جي پورائي لاءِ سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ڪنهن رٿابنديءَ تي عمل ڪري رهيون آهن ته پوءِ عوام اڳيان پنهنجو اصل مهانڊو سامهون آڻين. ايئن نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ اندر سڀاڻي ٿيندڙ ڪنهن به نقصان يا انساني المئي جي ذميواري انهن ٻنهي ڌرين تي لاڳو ٿيندي.پيپلز پارٽي عوام کي ڀلي اهي لطيفا ٻڌائي ته ان مهم پٺيان نوازشريف جو هٿ آهي، پر ظاهر آهي ته سنڌ جا ماڻهو ايترا سادا ۽ اٻوجهه ناهن، جيترو اهي ٻه ڌريون کين سمجهن ٿيون.
پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اندر ويٺل سمجهدار ۽ سنڌ دوستيءَ جي دعويدار اڳواڻن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي پارٽيءَ اندر ان سوال تي قيادت کان چٽن لفظن ۾ پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. چونڪه.....چنانچه......۽ جيئن ته....جهڙا کوکلا دليل ٻڌڻ بجاءِ کين پنهنجي قيادت کان جرئت ڪري سڀ سچ پڇڻ گهرجي ۽ مطمئن نه ٿيڻ جي صورت ۾ کين پارٽي ۽ سنڌ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. ان سوال تي چٽي راءِ رکڻ ۽ اظهار ڪرڻ کان سواءِ سنڌ واسي کين سنڌ جي ورهاڱي جي سازش ۾ ڀائيوار سمجهڻ تي مجبور هوندا.
ڪراچي تاريخي طور سنڌ واسين جو شهر آهي، تنهن ڪري روزگار، رهائش، واپاري ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ اڳي کان اڳڀرو ٿيڻ گهرجي. هر سنڌ واسيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته روزگار جي حوالي سان ڪراچي سنڌ جو سڀ کان اسريل شهر آهي، جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ پرڏيهه مان لکين ماڻهو انهن سهولتن مان فائدو وٺي رهيا آهن. تنهن ڪري کين محنت مزدوريءَ لاءِ ضرور ڪراچيءَ جو رخ ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي علمي ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن کي گهرجي ته اهي ڪراچيءَ ۾ پنهنجون سرگرميون اڳي کان وڌيڪ تيز ڪن ۽ سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ امن دوست ڪراچي واسين کي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو حصو بڻائين، سنڌي ثقافت کي ڪراچيءَ جي سڃاڻپ بنائڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي.
سنڌ جي سمورين سياسي تنظيمن کي گهرجي ته اهي ڪراچيءَ ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪن. سندن قيادت اتي وقت ڏئي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي توڙي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت لاءِ متحرڪ ڪري. دهشتگرديءَ جي ستايل ڪراچي واسين کي هر طرح جي سياسي واهر فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. قومپرست تنظيمن کي خاص طور تي پنهنجي پرامن سياسي جدوجهد جو مرڪز ڪراچيءَ کي بنائڻ گهري. هڪ مخصوص دهشتگرد ٽولو، جيڪو زبان ۽ قوميت جي سڃاڻپ سان ڪو به تعلق نه ٿو رکي، ان لکين پرامن ڪراچي واسين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، جنهن لاءِ ڪراچي واسين ۾ سياسي مالڪيءَ جو احساس اڀارڻ جي ضرورت آهي. دهشتگرديءَ جو شڪار ماڻهو ڀلي ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندو هجي، ان کي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي جدوجهد ۾ ساڻ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي قومپرست ڌرين کي گهرجي ته اهي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جهڙي غير معمولي اهميت واري سوال تي ڇڙوڇڙ رد عمل ڪرڻ بجاءِ سپنا جي گڏيل پليٽ فارم کي استعمال ڪن. سنڌ جي هن انتهائي حساس سوال تي ڪانفرنس، جلسا يا بيان ڪوشش ڪري سپنا جي پليٽ فارم تان ڪيا وڃن ته جيئن ان آواز ۾ سگهه نظر اچي. هونئن ته هر قومپرست پارٽيءَ جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ عوامي سگهه موجود آهي، پر معاملي جي حساسيت ۽ سنگينيءَ جي تقاضا آهي ته سمورين ڌرين جي سگهه کي گڏائي استعمال ڪجي. سپنا جي پليٽ فارم تان ڪراچيءَ ۾ هڪ رابطا سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪا سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي معاملي تي ڪراچيءَ مان ويهي جدوجهد جي سرواڻي ڪري. سپنا ويجهي ماضيءَ ۾ اهڙن معاملن تي گڏيل پليٽ فارم طور نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان پليٽ فارم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ نهايت ضروري آهي.
نه رڳو سنڌ پر ملڪي سطح تي ان راءِ کي هموار ڪجي ته سنڌ جو ورهاڱو چاهيندڙ ڌريون درحقيقت پاڪستان کي ٽوڙڻ جي خواهش رکندڙ پرڏيهي طاقتن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن. ملڪي سطح جي هڪ اهڙي جدوجهد وسيلي سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪندڙ طاقتن کي اڪيلو ڪرڻ گهرجي. حقيقت اها آهي ته نسلي بنيادن تي تحريڪون قائم ڪري سنڌ کي ورهائڻ جا مطالبا ڪندڙ ماڻهن جو ڪردار انتهائي مشڪوڪ آهي. ايڏي وڏي مهم جي اوچتي شروعات پٺيان بنا شڪ شبهي جي اهي طاقتون ملوث آهن، جيڪي پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري هن خطي ۾ پنهنجا عسڪري، سياسي ۽ معاشي مفاد حاصل ڪرڻ گهرن ٿيون.
سنڌ جي سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽيءَ کي گهرجي ته اقوام متحده ۽ نيٽو ملڪن جي سفارتڪارن سان لهه وچڙ ۾ اچي، کين چٽن لفظن ۾ ٻڌائين ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڪنهن به ڪوشش پٺيان سندن هٿ هجڻ وارو تاثر سنڌ واسين ۾ عام ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري کين هن خطي ۾ پائيدار امن خاطر ان قسم جي ڪنهن به سوچ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن خطي اندر سندن ڪي به مفاد واسين کي ناراض ڪرڻ سان پورا نه ٿي سگهندا. جيڪڏهن انهن مان ڪو به ملڪ ڪنهن مفاد خاطر سنڌ جي ورهاڱي واري سوچ رکندڙ ڌرين جي ڪا به سڌي يا اڻ سڌي واهر ڪري رهيو آهي ته کين ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ايئن ڪرڻ سان هو انهن ڪروڙين سنڌين جي مخالفت کڻي رهيا هوندا، جيڪي امن پسند، دهشتگردي مخالف، سهپ ۽ رواداري جا امين ۽ عالمي امن ۾ يقين رکندڙ قوم آهن. هن وقت جڏهن آمريڪا ۽ اولهه جا ملڪ سڄي دنيا ۾ دهشتگرديءَ خلاف ويڙهاند ۾ آهن ته کين هن خطي جي سڀ کان وڏي دهشتگردي مخالف ۽ پرامن بقاءِ باهمي ۾ ويساهه رکندڙ قوم کي پٺي ڏيڻ بجاءِ کين پنهنجو اتحادي بڻائڻ گهرجي.
ڪراچي سنڌ واسين لاءِ رڳو جذباتي معاملو نه پر اصولي معاملو آهي. ملڪي آئين ۽ قانون قومن جي تاريخي حقن ۽ سڃاڻپ کان مٿانهان نه هوندا آهن، تنهن ڪري سنڌ واسي جمهوريت جي نالي ۾ ڪنهن به اهڙي آئين سازي ۽ قانون سازيءَ کي تسليم نه ڪندا، جيڪا سندن تاريخي وطن کي ٽڪرا ڪرڻ جا بنياد ۽ دليل فراهم ڪري. سنڌ واسين لاءِ جمهوريت ۽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ محبت ۽ احترام سنڌ سان واڳيل آهي. جڏهن ۽ جتي سندن ڌرتي، ثقافتي ۽ قومي وجود لاءِ جمهوريت ۽ پيپلز پارٽي سوال اڀارينديون، سنڌ واسي انهن کي ڀرپور طاقت سان جواب ڏيندا.
(روزانه ڪاوش، سومر 4 جون 2012)

ذوالفقار آباد: سنڌين جي ڳچيءَ ۾ پوندڙ نئون ڳٽ

ذوالفقار آباد: سنڌين جي ڳچيءَ ۾ پوندڙ نئون ڳٽ


مڪاني ادارن وارن ٻن نظامن ۽ صوبي جي ورهاست واري معاملي مان اڃا سنڌ جي جان آجي نه ٿي آهي ته حڪومت سنڌ اندر ذوالفقار آباد جي اڏاوت جو ڪم ستت شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. 2009ع ۾ جهرڪ شهر جي نالي سان شروع ٿيل ان رٿا کي ذوالفقار آباد جو نالو ڏئي ان کي شهيد ڀٽي جي سوچ ۽ فڪر سان لاڳاپيل شهر قرار ڏنو ويو. پنهنجي حڪومتي دور جي پڇاڙڪي سال ۾ پيپلز پارٽي سنڌ واسين جي ڳچيءَ ۾ هي نئون ڳٽ وجهي وڃڻ لاءِ ان تي ڪم ڪار جي رفتار تيز ڪري ڇڏي آهي ۽ سنڌ ڪابينا ان رٿا کي منظور به ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ڪابينا جي ڪنهن به وزير کي ان رٿا جي تفصيلن جي ڄاڻ ناهي، سنڌ جي ماڻهن کي رٿا جي نفعن ۽ نقصانن بابت ڪوبه پتو ناهي پر ان جي باوجود شفافيت ۽ عوام دوستيءَ جي دعويدار حڪومت ان رٿا تي پنهنجون سموريون توانائيون خرچ ڪرڻ لاءِ آتي آهي.
هن رٿا تي عمل در آمد جي نگرانيءَ لاءِ 2010ع ۾ سنڌ سرڪار جي هڪ ايڪٽ هيٺ ذوالفقار آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وئي. ان جو هاڻوڪو ايم ڊي سيد افتخار حسين فوج جو رٽائرڊ عملدار آهي. اٿارٽيءَ جو سربراهه ته سنڌ جو وڏو وزير آهي، جيڪو مٿان کان آيل هر حڪم تي ”قبول آهي“ کان سواءِ ڪڏهن به ڪجهه نه ڪڇڻ جي شاندار تاريخ جو مالڪ آهي.کربين رپين جي هن رٿا بابت سرڪاري طور تي ڪي به وچور پڌرا نه ڪيا ويا آهن. مختلف ڇڙ وڇڙ دستاويزن، پريزنٽيشنز ۽ ميٽنگ نوٽس مان هيٺين ڄاڻ ملي سگهي آهي:
ذوالفقار آباد اٿارٽي جي سرڪاري ويب سائيٽ تي ايڏي اهم رٿا کي رڳو هڪ صفحي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ان مختصر نوٽ ۾ نئين شهر بابت روايتي لفاظيءَ کان سواءِ ڪابه بنيادي ٺوس ڄاڻ نه ڏني ويئي آهي. مختصر نوٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچيءَ کان 150 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هي شهر قائم ڪيو ويندو، جنهن لاءِ ساڍا ٽي لک ايڪڙ زمين سنڌ سرڪار پاران مختص ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ساڍا اٺ لک ايڪڙ وڌيڪ زمين سامونڊي ويرن هيٺ رهي ٿي. اپريل 2011ع ۾ اٿارٽي طرفان رٿا جي تصوراتي ماسٽر پلان لاءِ جاري ڪيل دلچسپي جي اظهار واري نوٽيس ۾ به ڪم جي دائري بابت محدود ڄاڻ ڏيندي رڳو 13 لک 32 هزار ايڪڙ زمين موجود هجڻ جا انگ اکر ڏنا ويا آهن. ٽيبل ۾ ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، شاهبندر ۽ جاتي ۾ موجود زمين جا وچور هن ريت ڏنا ويا آهن:

نمبر

تعلقو

سمنڊر اندر زمين (ايڪڙ)

موجود زمين

(ايڪڙ)

ڪل زمين (ايڪڙ)

1

ڪيٽي بندر

89,052.22

1088

90,140.22

2

کارو ڇاڻ

167,575.19

25,696.25

193,272.4

3

شاهبندر

535,238.05

29,989.10

565,277.15

4

جاتي

175,175.09

308,537.14

483,712.23


سنڌ سرڪار جي روينيو کاتي طرفان تيار ڪيل هڪ ٻي پريزنٽيشن ۾ هن رٿا لاءِ ٻه آپشن ڄاڻايا ويا. اوليتي آپشن طور مٿي ڄاڻايل ٺٽي ضلعي جي چئن تعلقن کي به رٿا لاءِ تجويز ڪيو ويو. ان آپشن هيٺ پريزنٽيشن ۾ 12 لک 90 هزار ايڪڙ زمين رٿا لاءِ استعمال ٿي سگهڻ جو ڄاڻايو ويو، جنهن مان 3 لک 35 هزار ايڪڙ زمين کي ناقبولي ۽ ٻيلي واري زمين ڄاڻائيندي فوري طور موجود هجڻ جا انگ ڏنا ويا آهن. جڏهن ته 9 لک 55 هزار ايڪڙ زمين کي بند ٻڌي سمنڊ کي پٺتي ڌڪي استعمال جوڳو بنائڻ جي صلاح ڏني وئي. پريزنٽيشن ۾ اهو به ڏس ڏنو ويو ته ان رٿا کي به پکيڙڻ لاءِ جهرڪ شهر جي ڏکڻ اوڀر طرف وڃي سگهجي ٿو.
ٻئي آپشن طور هن رٿا کي سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي وچ ۾ تعمير ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي، جنهن ۾ سجاول، ميرپور بٺوري، گهوڙا ٻاري، ميرپور ساڪري، ٺٽي ۽ ڄامشوري اندر موجود زمين جا انگ اکر ڏنا ويا آهن. ان آپشن هيٺ 6 لک60 هزار ايڪڙ زمين استعمال ڪرڻ جا انگ ڏنا ويا، جنهن مان 74 هزار ايڪڙ زمين فوري طور موجود ڄاڻائي وئي. وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ڪوهستان ۾ ساڍا ٽي لک ايڪڙ زمين بوگس کاتن هيٺ آهي، جڏهن ته ڄامشوري ضلعي جي حدن اندر به هڪ لک ايڪڙ زمين بوگس کاتن ۾ آهي. پريزنٽيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته قلم جي هڪ ڌڪ سان اها زمين رد ڪري واپس سنڌ سرڪار حوالي ڪري سگهجي ٿي ته جيئن ان کي ذوالفقار آباد لاءِ استعمال ڪري سگهجي. پريزنٽيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بورڊ آف روينيو اها زمين ذوالفقار آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي حوالي ڪري سگهي ٿو. هينئر تائين ان محدود ڄاڻ کان وڌيڪ ڪابه معلومات ان رٿا بابت ملي نه سگهي آهي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين والاريندڙ ۽ سنڌين جي قومي وجود کي هاڃو پهچائي سگهندڙ هن شهر جي رٿا بابت سرڪاري ادارا ۽ حڪومت خاموش آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن.
جيئن ئي صدر صاحب جون ۾ هن رٿا جي مکيه حصي طور ڌانڌاري وٽ ڇهن ڪلوميٽرن جي پوڻا چار ارب رپين جي لاڳت واري پل ٺاهڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، ته حڪومت ۽ چيني سيڙپڪارن وچ ۾ رابطا تيز ٿي رهيا آهن. صدر آصف زرداري جي چين واري تازي دوري دوران مفاهمت جي هڪ ياد داشت تي به صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ چيني سيڙپڪاري لاءِ ذوالفقار آباد ۾ پير رکڻ جا دروازا مڪمل طور کلي ويا آهن. ان کان اڳ 25 آگسٽ 2011ع تي هڪ انگريزي اخبار ۾ ڇپيل هڪ خبر ۾ ڄاڻايو ويو هو ته چيني ڪمپنين ذوالفقار آباد ۾ هڪ اڪنامڪ زون تعمير ڪرڻ جو پرو پوزل ڏنو آهي، جنهن موجب 15 سالن اندر اها زون تعمير ڪئي ويندي، جيڪا پنجن پنجن سالن جي ٽن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندي. حڪومت انهن سڀني ڪمن لاءِ ايتري تڪڙ ۾ آهي، جو پبلڪ سيڪٽر جي ترقياتي رٿائن وارن سمورن ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.
پاڪستان جي پلاننگ ڪميشن جي پراجيڪٽ مئنجمينٽ لاڳت واري هر رٿا جي منظوري ECNEC يعني قومي اقتصادي ڪائونسل جي ڪاروباري ڪميٽيءَ کي ڏيڻي آهي. پر ذوالفقار آباد رٿا ايڪنڪ کان به منظور نه ڪرائي قاعدن، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽي جڏهن مخالف ڌر ۾ هئي ته گريٽر ٿل ڪئنال رٿا کي ايڪنڪ مان منظور نه ڪرائڻ تي مشرف حڪومت مٿان ڇتي تنقيد ڪندي هئي. هاڻي پيپلز پارٽي حڪومت خود ان ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪندي ان رٿا لاءِ بجيٽ ۾ رقم به رکي ڇڏي آهي. جيڪڏهن اها رٿا مشرف جي دور ۾ اچي ها ته پيپلز پارٽي ان کي سنڌ دشمن رٿا قرار ڏئي طوفان مچائي ڏئي ها.
ذوالفقار آباد رٿا سان سنڌ واسين کي جيڪو فوري طور خطرو آهي، اهو آهي سنڌ ۾ سنڌين جو اقليت ۾ تبديل ٿيڻ ۽ نئين شهر ٺهڻ جي صورت ۾ لکين ماڻهن جي ڪٽڪن جي ٻاهران آمد. سنڌين اڳي ئي ورهاڱي وقت ڌاري آبادڪاريءَ سبب ڪراچي هٿان وڃائڻ واري تجربي کي اکين سان ڏٺو آهي. ورهاڱي وقت ڪراچيءَ جي آبادي ساڍا چار لک هئي، جنهن ۾ 61 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ هئا ۽ اردو/هندي ڳالهائيندڙ رڳو 6.3 سيڪڙو هئا. ورهاڱي کانپوءِ ٿيل غير قانوني لڏپلاڻ بعد 1951ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب شهر جي آبادي ساڍا يارنهن لک ٿي وئي، جنهن ۾ سنڌي گهٽجي 8.6 سيڪڙو ۽ اردو آبادي وڌي 50 سيڪڙو ٿي وئي. ڌاري آباديءَ جي لڳاتار يلغار جي نتيجي ۾ 1998ع جي آدمشماريءَ موجب شهر اندر سنڌي ڳالهائيندڙن جو حصو رڳو 7.22 سيڪڙو آهي. آدمشماريءَ جي وچورن موجب، سنڌ ۾ ان وقت 28 لک 32 هزار ماڻهو لڏي آيل هئا، جن مان ساڍا 25 لک ماڻهو شهري علائقن ۾ اچي آباد ٿيا هئا. تن مان به وري ساڍا 21 لک ماڻهو رڳو ڪراچي شهر ۾ اچي آباد ٿيا هئا. غير قانوني طور آيل لکين ماڻهن جا انگ اکر ان کان الڳ آهن. لڏ پلاڻ جي ان ئي يلغار سبب 1998ع جي انگن موجب سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ لڳ ڀڳ 62 سيڪڙو هئا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ کان ٿوري وٿيءَ تي بيٺل هئا. جيڪڏهن ذوالفقار آباد جهڙو نئون شهر تعمير ٿيو ته ان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ ڪروڙين نه پر اربين رپين جي ضرورت پوندي. صاف ظاهر آهي ته ٻهراڙين ۾ مس ساهه کڻندڙ معيشت تي ڀاڙيندڙ سنڌي ان شهر ۾ پير رکڻ جهڙا نه رهندا. ٻهراڙين ۾ زرعي معيشت پاڻيءَ جي لڳاتار کوٽ ۽ ٻن وڏين ٻوڏن سبب تباهه حال آهي. گذريل ڇهن ڏهاڪن دوران ٻهراڙين ۾ ڪابه نمايان صنعتڪاري نه ٿي آهي، جنهن سان سنڌي ماڻهو صنعتي سيڙپڪاريءَ جو ڪو به تجربو حاصل ڪري نه سگهيا آهن. بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي 2008ع جي ڊيٽا موجب سنڌ ۾ ڪل 1768 مينو فيڪچرنگ يونٽ هئا. جن مان 1218 ڪراچي ۽ 88 حيدرآباد ۾ هئا، يعني باقي سڄي سنڌ ۾ رڳو 480 يونٽ هئا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ٻهراڙين جا ماڻهو نئين شهر اندر جائيداد توڙي صنعت ۾ ڪا نمايان سيڙپڪاري ڪري نه سگهندا ۽ ملڪ جي ٻين صوبن توڙي ٻين ملڪن مان لکين ماڻهن جا ڪٽڪ سنڌ پهچندا. جنهن کان پوءِ سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي عددي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي ويندا. اهي لکين ٻاهريان ماڻهو هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي ووٽ ڏيڻ جو حق به حاصل ڪري وٺندا ۽ پوءِ سنڌين جو سياسي مستقبل به اونداهو ٿي ويندو. ان سڄي عمل ۾ وڌ ۾ وڌ ڏهن کان پندرهن سال لڳندا. ذوالفقار آباد مان پيپلز پارٽي جا چند ماڻهو ته ارب پتي ٿي ويندا پر سنڌين جو آئيندو داءُ تي لڳائي ويندا.
ذوالفقار آباد جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ذوالفقار آباد لاءِ چين جي شهر شين زين (Shen Zhen) کي پنهنجو ماڊل قرار ڏنو آهي. ان شهر جي باري ۾ مختصر ڄاڻ اهو سمجهڻ ۾ ڪارائتي ٿيندي ته شين زين جهڙو شهر ذوالفقار آباد سنڌ واسين سان ڇا ڪندو. چين جي ڏاکڻي علائقي ۾ پرل (Pearl) نديءَ جي ڊيلٽا ۾ واقع هي شهر هانگ ڪانگ جي اتر ۾ آهي. ان شهر کي چين 1980ع ڌاري اسپيشل اڪنامڪ زون طور ترقي ڏياري ۽ ان کي سب پراونشل انتظامي درجو ڏنو ويو. چين ۾ Sub-provincial division جو مطلب هوندو آهي صوبي اندر هڪ اهڙو شهر جيڪو هجي ته صوبائي انتظام هيٺ پر اقتصادي ۽ قانوني رخن کان انتظامي طور الڳ هوندو آهي. ائين کڻي سمجهو ته جئين مشرف جي دور ۾ ڪراچيءَ جي سٽي حڪومت هئي. شين زين شهر 1979ع تائين ماهگيرن جي وسندي هئي، جنهن جي آبادي ٽن لکن جي لڳ ڀڳ هئي. شهر کي جديد طرز جو معاشي مرڪز ٺاهڻ کانپوءِ هن وقت شهر جي آبادي هڪ ڪروڙ ڏهه لک جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن ۾ 60 لک ماڻهو ٻاهران آيل ورڪر آهن. 1980ع کان اڳ هن شهر جي اصلوڪن ماڻهن جي مکيه زبان ڪينٽونيز (Cantonese) هئي. هاڻي اتي جي زبان بدلجي منڊارن (Mandarin) ٿي چڪي آهي. شهر جا اصلوڪا ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ ۽ ڪلچر وڃائي چڪا آهن.
ٺٽي جا ساحلي ضلعا به اڄ شين زين وانگر ماهيگرن جون وسنديون آهن. 1998ع جي آدمشماري موجب انهن چئن تعلقن جي اڄوڪي آبادي چئن لکن جي لڳ ڀڳ هوندي. هن وقت اهي علائقا سنڌي ڳالهائيندڙن تي ٻڌل آهن. جيڪڏهن ذوالفقار آباد شهر ٺهي ويو ته سنڌي ڳالهائيندڙ مهاڻا انهن علائقن ۾ ائين ئي اڻلڀ ٿي ويندا، جيئن ڪراچي ٺهڻ کانپوءِ ٿيو هو. ڳالهه رڳو هڪ شهر تائين محدود نه رهندي پر ان سان صوبي اندر ڊيموگرافي مڪمل طور بدلجي ويندي ۽ هڪ ٻن ڏهاڪن اندر سنڌي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ بدلجي ويندا.
چين جي هن خطي ۾ دلچسپي ۽ آمريڪا سان سندس معاشي ۽ عسڪري ميدان ۾ شروع ٿيل سرد جنگ بابت مون گذريل مضمون ۾ تفصيل سان لکيو هو. گوادر پورٽ جي ترقيءَ وارو عمل ٺپ ٿي وڃڻ کانپوءِ چين هن سامونڊي پٽيءَ تي هڪ ٻئي شهر ۽ پورٽ وسيلي آمريڪا سان سرد جنگ جو نئون ميدان جوڙڻ چاهي ٿو. آمريڪا سان عسڪري ناتا ڇڪتاڻ ڀريا ٿيڻ کانپوءِ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ان تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ چين سان ناتا مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ٺاهن تي ڪم ڪرڻ رهي آهي. پاڪستان جي اترين علائقن ۾ پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڪيترين رٿائن ۾ چين جي سيڙپڪاري آهي. ان ۾ پاشا ڊيم ۽ اسلام آباد کي پاڻي فراهم ڪرڻ واريون رٿائون به شامل آهن. ڏاکڻي علائقي ۾ سامونڊي پٽيءَ تي هي اهم سيڙپڪاري هوندي، جنهن سان چين هندي/عربي سمنڊ واري پٽيءَ تي آمريڪا سان سرد جنگ ۾ هڪ اهم وک کڻي رهيو هوندو. هوڏانهن آمريڪا چين جي پاڙي ۾ موجود ڀارت کي دفاعي حڪمت عمليءَ طور نون معاهدن وسيلي پنهنجو اتحادي بنائي رهيو آهي، جنهن جو مقصد چين ۽ پاڪستان ٻنهي تي دٻاءُ وڌائڻ آهي. ان ڳالهه جا به امڪان آهن ته جيئن گوادر رٿا کي ناڪام بنائڻ لاءِ منظم خونريزي ڪرائي سيڙپڪارن کي ڀڄايو ويو، تيئن سنڌ ۾ چين ۽ آمريڪا جي سرد جنگ جي نتيجي ۾ صوبي اندر امن امان جي صورتحال خراب ڪئي وڃي. ويجهن مهينن ۾ ٿيل ڪجهه واقعن مان اهڙا اشارا پڻ ملن ٿا، جيڪي وڌيڪ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن حڪومت کي سنڌ ۾ ترقيءَ جي عمل سان ڪا دلچسپي آهي ته ان لاءِ ڪراچي ۾ ترقيءَ کان محروم ڪيل سنڌي ۽ بلوچ آبادين ۾ ترقياتي عمل شروع ڪرائڻ سان گڏ باقي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرز جي ترقيءَ تي اهي وسيلا خرچ ڪري ڪراچيءَ کان ٻاهر سنڌ جي وڏن شهرن ۾ انفراسٽرڪچر انتهائي برباد حاليءَ جو شڪار آهي، جنهن کي بهتر بنائڻ لاءِ حڪومت هميشه وسيلا نه هجڻ وارو عذر پيش ڪندي آهي.
سنڌ ۾ ڪراچيءَ کانسواءِ ڪوبه شهر صحيح معنيٰ ۾ شهر جو ڏيک نه ٿو ڏئي. سکر، دادو، ميرپور خاص، نوابشاهه، خيرپور ميرس، لاڙڪاڻو، ڄامشورو، عمر ڪوٽ، سانگهڙ، جيڪب آباد، گهوٽڪي، شڪارپور وغيره در اصل ٻهراڙين جا شهر نما مرڪز آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سڄي ملڪ ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو ڪراچيءَ جو منهن ڪن ٿا. ڪراچيءَ تان آباديءَ جو دٻاءُ هٽائڻ جو حل ذوالفقار آباد نه پر سنڌ جي ٻين ڊويزنل ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽرن کي ترقي ڏيارڻ آهي. ان معاملي ۾ پنجاب مان سکڻ گهرجي، جنهن لاهور سان گڏ گجرات، گجرانوالا فيصل آباد، شيخپوره، سيالڪوٽ ۽ ملتان جهڙا ٻيا شهري مرڪز قائم ڪري آباديءَ جي دٻاءُ کان لاهور کي ڪنهن حد تائين بچائي رکيو آهي. 1998ع ۾ جڏهن سنڌ جي شهري آباديءَ جو 62 سيڪڙو ڪراچي ۾ رهندڙ هو، پنجاب جي شهري آباديءَ جو رڳو 22.3 سيڪڙو لاهور ۾ رهندڙ هو. هينئر به ان تناسب ۾ ڪو غير معمولي فرق نه ٿو نظر اچي. سنڌ ۾ڌاري آباديءَ جي يلغار جو اثر اهو پيو آهي جو 1998ع جي انگن موجب، سنڌ جي شهري آباديءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تناسب 25.79 سيڪڙو هو، تڏهن پنجاب جي شهري آباديءَ جو 78.75 سيڪڙو پنجابي ڳالهائيندڙ ۽ خيبر پختونخوا جي شهري آباديءَ جو 73.55 سيڪڙو پشتو ڳالهائيندڙ هو. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته ذوالفقار آباد سنڌ جي شهري علائقن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي تناسب کي بنهه ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.سنڌ واسي ترقيءَ جي هرگز خلاف ناهن پر اهي اهڙي ترقيءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪا سندن وجود ۽ سڃاڻپ کي سندن ئي ڌرتيءَ تان ميساري ڇڏي.

سنڌ جي لبرل ۽ روشن خيال سڃاڻپ بچائڻ جي ضرورت

سنڌ جي لبرل ۽ روشن خيال سڃاڻپ بچائڻ جي ضرورت


لاهور جي هڪ خوبصورت باغيچي اندر ٺهيل وچولي طبقي جي هڪ ڪلب ۾ درجن کن ماڻهو موجود هئا. انهن ۾ لاهور شهر جي پيپلز پارٽيءَ جا ٽي ضلعي صدر پڻ ويٺا هئا. منهنجو ميزبان پاڻ به پارٽيءَ جي هڪ اهم عهدي تي فائز آهي ۽ پنجاب ۾ اهم سرڪاري ذميواري نڀائي رهيو آهي. هن جي خواهش هئي ته مان پيپلز پارٽيءَ جي مقامي قيادت کي سنڌ جي صورتح
ال بابت ڄاڻ ڏيان ته اتي پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ کي ماڻهو ڪهڙي نظر سان ڏسن ٿا. ڳالهه ٻولهه دوران پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ضلعي صدر ذوالفقار آباد بابت منهنجي دليلن جي جواب ۾ چيو ته، اسان سڀ مسلمان ۽ پاڪستاني آهيون. جواب ۾ مون کيس نهايت ڌيرج سان چيو ته، منهنجو موقف ان بابت مختلف آهي ۽ مان پاڻ کي پهرين سنڌي ۽ ان کان پوءِ ٻيو ڪجهه سمجهان ٿو. منهنجي ايترو چوڻ جي دير هئي ۽ همراهه ٺهه پهه وراڻيو: ”ان جي معنيٰ ته توهان اسلام جا مخالف آهيو؟“ ان کان اڳ جو مان کيس جواب ۾ ڪجهه چوان، منهنجي ميزبان مون کي ٻانهن کان جهليو ۽ چيائين، ”هل، ٻاهر لان تي ڊنر لڳي وئي آهي.“ دروازي مان ٻاهر نڪرندي ڦڪي کل کلندي مون کي چيائين، ”مون چاهيو پئي ته توکي خبر پئي ته لاهور ۾ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪهڙن ماڻهن وٽ آهي.“ چيومانس ته مون کي پنجاب جي سياسي فهم جو اندازو ته ڇهن ڏهاڪن جي ملڪي تاريخ مان اڳي ئي ٿيل آهي پر هن ڪچهريءَ منهنجو پنهنجي سوچ ۾ ويساهه وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو آهي. نه رڳو اهو ته پيپلز پارٽيءَ جي ان ذميوار اڳواڻ منهنجي سنڌي هجڻ تي اهي ڪمينٽس ڏنا پر ڪمري ۾ موجود ڊزن کن همراهن مان ڪنهن به اٿي اهو نه چيو ته هو غلط پيو چوي. مون کي خيال آيو ته 65 سال گذرڻ، اڌ ملڪ وڃائڻ ۽ دنيا جي ايتري تبديل ٿيڻ کان پوءِ به پنجاب اندر سياسي سوچ اڃا به دقيانوسي آهي ته انهن ماڻهن کي ملڪ جي آئيندي جا رستا ڪهڙا ٻڌائجن! پيپلز پارٽيءَ جي اهڙن سينيئر عهديدارن جا اهي خيال ٻڌي مون کي پهريون خيال اهو آيو ته ڀٽو ۽ بي بي زنده ڀلي هجن پر پنجاب ۾ اڄ به ضياءُ زنده آهي. هونئن ته پنجاب اندر عام ماڻهن ۾ بنياد پرستيءَ وارن لاڙن جي شدت کان سڀ واقف آهن پر ڪنهن دور ۾ پيپلز پارٽيءَ لاءِ اهو سمجهيو ويندو هو ته اها متڀيد کان آجي ۽ رواداريءَ ۾ ويساهه رکندڙ پارٽي آهي. وقت سان گڏ پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ مخالف هجڻ واري سڃاڻپ جيان ترقي پسند ۽ لبرل سياسي ڌر هجڻ واري سڃاڻپ به وڃائي رهي آهي.
پنجاب اندر پارٽيءَ جي ذميوار ماڻهن جا اهڙا خيال ٻڌي سمجهه ۾ آيو ته پيپلز پارٽيءَ ڪيئن سلمان تاثير جهڙي ماڻهوءَ کان لاتعلقيءَ وارو رويو اختيار ڪيو ۽ ڪيئن سنڌ ۾ مذهبي ٿورائين سان ڏهاڪن کان انياءَ ۾ ملوث ماڻهو پارٽيءَ جي ٽڪيٽن تي اسيمبلين جا ميمبر بڻيل آهن ۽ کانئن ڪير به پڇڻ وارو ناهي. لاهور ۾ سلمان تاثير ۽ پيپلز پارٽيءَ جا سخت مخالف به اهو اعتراف ڪن ٿا ته تاثير پنهنجي ذات ۾ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن ڪڏهن به گورنر هائوس جون آسائشون استعمال نه ڪيون. هن جو ڪٽنب پنهنجي ذاتي گهر ۾ رهندو هو ۽ هنن ڪڏهن به گورنر هائوس جي گاڏي يا ٻي سهولت استعمال نه ڪئي. سلمان تاثير پاڻ به ڊيوٽي ختم ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ذاتي گهر ۾ رهندو هو. مذهبي ويڇن کان مٿانهون هجڻ ۽ مذهبي اقليتن سان يڪجهتيءَ جي ڏوهه ۾ مارجي ويل ان شخص کان پارٽيءَ ايتري ته لاتعلقي اختيار ڪئي، جو سندس لاءِ اسيمبليءَ اندر دعا به نه گهري سگهيا. ان سڄي معاملي ۾ پيپلز پارٽي، ظاهر آهي ته اهڙن ماڻهن جي ور چڙهي رهي آهي، جيڪي پارٽيءَ اندر ڪنهن به نظرياتي لائين بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿا ڪن. سندن بحث جو موضوع سپريم ڪورٽ جا فيصلا، زرداري صاحب جون سياسي حڪمت عمليون ۽ ايندڙ اليڪشن وغيره آهن. وزير، امير، اسيمبلي ميمبر ۽ عهديدار گهڻو ڪري بدلين، مقررين، ٺيڪن ۽ اوڳاڙين ۾ مصروف آهن. پارٽيءَ جي عوام اندر مقبوليت يا اهم نظرياتي معاملن تي پارٽيءَ جي سوچ، پارٽيءَ جي عوام سان تعلق وغيره جهڙا ”اجايا معاملا“ سندن ايجنڊا ۾ پري پري تائين نظر نه ٿا اچن. قيادت ۽ ڪارڪنن ۾ وڌندڙ وٿيءَ سبب هر ماڻهو پنهنجي منهن سوچي ٿو. ملڪ اندر کاٻي ڌر جي سياست ذري گهٽ ختم ٿي وڃڻ ۽ رياست پاران ڏهاڪن کان لڳاتار ڪيل سيڙپڪاريءَ سبب جنونيت پنهنجي بدترين شڪل ۾ سماج مٿان ڇائنجي رهي آهي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ اها جنونيت سرڪاري حڪمنامن وسيلي لاڳو ٿيندي هئي پر هاڻي اها پکڙجي عوامي سوچ ۾ بدلجي رهي آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته ضياءُ الحق جي سرڪاري سرپرستيءَ واري جنونيت کان گهٽين مان ڦٽندڙ جنونيت جي هيءَ لهر وڌيڪ خطرناڪ آهي. جيتوڻيڪ ضياءُ الحق جي تلوار جي زور تي پکيڙيل جنونيت ملڪي تاريخ جو ڪارو باب سمجهي وڃي ٿي. پر حقيقت ۾ ان جا بنياد پ پ پ جي پهرئين حڪومتي دور ۾ رکيا ويا، جو ڪجهه ڌرين کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙا فيصلا ڪيا ويا، جن مان ڪجهه به نه وريو. انهن سمورين ڪاوشن جو نتيجو ملڪ مٿان مارشل لا جي صورت ۾ نڪتو. پنجاب، ملڪ جي حڪمران صوبي طور مذهب کي پهرئين ڏينهن کان هٿيار طور استعمال ڪندو رهيو آهي. ٻه قومي نظرئي ۽ قرارداد مقاصد جهڙن هٿڪنڊن وسيلي حڪومت کان وٺي سماج جي مختلف ڪنڊن پاسن تائين هر پاسي جنونيت پکيڙي ملڪ کي هڪ اهڙي خطي ۾ تبديل ڪيو ويو، جتي سڄي دنيا جا انتها پسند ڪٺا ٿي ويا. افغان جهاد جي دور ۾ اڄوڪي دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي علمبردار عالمي قوتن جنونيت ۾ جيڪا سيڙپڪاري ڪئي، ان جو ڦل اڄ هو پاڻ به چکي رهيا آهن. ان انڌوڪار جي خطرناڪ لهر ۾ سنڌ کي لڙهڻ کان بچائڻ ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، عثمان ڏيپلائي، محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، مولانا گرامي، استاد بخاري ۽ اهڙين ٻين اڻ ڳڻين سياسي ۽ علمي ادبي هستين لازوال ڪردار ادا ڪيو. سائين جي ايم سيد پاران ”جيئن ڏٺو آهي مون“ جهڙا ڪتاب لکڻ هڪ غير معمولي خدمت هئي، جنهن ورهاڱي کان پوءِ سنڌ کي جنونيت جي خطرناڪ للڪار اڳيان پير کوڙي بيهاريو. ان سڄي عرصي دوران سنڌ واسين تي ڀارتي ايجنٽ ۽ هندو مت جا پوڄاري هجڻ جا الزام لڳائي هزارين نوجوانن کي جيلن ۽ ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏنيون ويون. سنڌ جي قومي سڃاڻپ لاءِ هلايل سياسي ۽ علمي ادبي تحريڪن ان سڄي يلغار جو جنهن جرئت ۽ مستقل مزاجيءَ سان مقابلو ڪيو، ان سنڌين کي هڪ روشن خيال، لبرل ۽ انسان دوست قوم جي سڃاڻپ ڏني. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن جنونيت خلاف جدوجهد جي سرواڻيءَ جون دعويدار قوتون خود ان جنونيت کي پالي نپائي رهيون هيون، سنڌ واسي تڏهن به جنونيت خلاف روشن خياليءَ جي ويڙهاند ۾ مهڙ جو دستو بڻيل هئا. ورهاڱي وقت جهڙي بنياد تي رياست قائم ٿي، ان خلاف سائين جي ايم سيد ۽ سندس هم خيال ساٿين جيڪو موقف رکيو، اهو انتهائي مدبراڻو هو ۽ اڄوڪي پاڪستان کي ڏسي احساس ٿئي ٿو ته ڪاش پنجهٺ سال اڳ ملڪ جو بنياد ان ريت نه رکيو وڃي ها ته وسيلن سان مالا مال هي ملڪ اهڙي طرح برباد نه ٿئي ها.
50ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۽ اولهه جا ملڪ ڪميونسٽ چين ۽ روس جي سگهه کان ڊنل هئا ۽ هنن روس جي هن خطي ۾ طاقت کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ مذهبي ڌرين تي باقاعدي سيڙپڪاري ڪئي. مضبوط پنجاب ۽ مضبوط پاڪستان اولهه آمريڪي مفادن لاءِ ان وقت تمام اهم هئا، ڇو ته سندن خيال هو ته جيڪڏهن روس افغانستان تائين پهتو، ان کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۽ سڄي ننڍي کنڊ ۾ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ پنجاب، پختونخوا ۽ بلوچستان بفر زون جو ڪم ڏيندا. ان لاءِ ضروري هو ته انهن علائقن ۾ نه رڳو عسڪري سيڙپڪاري ڪئي وڃي پر عوامي سوچ کي به مذهبي بنياد تي منظم ڪري روس کي ڪافر، ڪميونسٽ ۽ هندستان دوست هجڻ واري سڃاڻپ ڏياري عوامي جذبن کي هٿي ڏني وڃي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن 1979ع ۾ روس افغانستان ۾ ٽپي پيو ته آمريڪا ۽ اولهه ضياءَ شاهيءَ معرفت پاڪستان ۾ جنونيت کي عام ڪرڻ لاءِ ڊالرن جون نديون وهائي ڇڏيون. اهو سڄو کيل 50ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي چڪو هو. 1950ع ۾ پاڪستان اندر آمريڪي سفارتخاني خطي اندر آمريڪي مفادن بابت تيار ڪيل هڪ اهم رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته پاڪستان هڪ اهڙو اڏو آهي، جتان ضرورت پوڻ تي روس جي ڏاکڻي ۽ اڀرندي علائقن تي حملو ڪري سگهجي ٿو، تنهنڪري پاڪستاني سهڪار يا ان تي ڪنٽرول هجڻ ضروري آهي ته جيئن هن خطي ۾ روس کي روڪي سگهجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن مئي 1949ع ۾ پاڪستان جي تڏهوڪي وزير اعظم لياقت علي خان کي اسٽالن پاران روس جي دوري جي ڪوٺ ڏني وئي ته آمريڪا ۽ اولهه ۾ ٿرٿلو مچي ويو. روس پاران نومبر جي پهرئين هفتي ۾ سندس دوري لاءِ خصوصي جهاز موڪلڻ جي آڇ ڪئي وئي ته برطانوي هاءِ ڪمشنر باقاعدي وزير اعظم کي خط لکي برطانيا حڪومت جي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو جو لياقت علي خان روس جي دوري کان نابري واري ۽ ائين هي ملڪ آمريڪي بلاڪ واري سڃاڻپ کڻي دنيا ۾ نروار ٿيو. آمريڪا ۽ برطانيا پاران پاڪستان اندر مذهبي سياست ڪندڙ ڌرين ۾ سيڙپڪاريءَ جي ڊگهي مدي وارن ڀوائتن نتيجن کي ڏسندي 1952ع ۾ ويانا ۾ ٿيل عالمي امن ڪانفرنس ۾ سائين جي ايم سيد پنهنجي تقرير ۾ هيٺيان لازوال جملا چيا:
”مان هن ڪانفرنس جي مندوبين، خاص طور تي آمريڪا ۽ برطانيا جي مندوبين تي هيءَ ڳالهه واضح ڪرڻ گهران ٿو ته برطانوي ۽ آمريڪي حڪومتون جيڪي اڄ مسلمانن کي سندن عقيدي آڌار متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. کين اهو معلوم هجڻ گهرجي ته انهن ئي طاقتن جي سرپرستيءَ ڪارڻ جنونيت ۽ فاشسٽ لاڙن کي اهميت ۽ هٿي ملي رهي آهي ۽ ان ئي سرپرستيءَ جو نتيجو آهي، جو وچ اوڀر جا ملڪ جمهوريت ۽ سول سوسائٽيءَ کان پري ٿي رهيا آهن.“
جي ايم سيد هڪ سلڇڻي، امن پسند ۽ بقاءِ باهميءَ جي پيروڪار طور پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ اهي نتيجا ڏسي ورتا هئا، جيڪي پڌرا ٿيڻ ۾ پنجاهه سال لڳا ۽ آمريڪا ۽ يورپ کي اڄ وڃي احساس ٿيو آهي ته سياسي ۽ عسڪري مفادن خاطر دنيا جي ڪنهن خطي ۾ جنونيت کي منظم ڪرڻ جا نتيجا ڪيترا ڀوائتا نڪري سگهن ٿا. اڄ يارنهن سال گذرڻ کان پوءِ به آمريڪا ۽ يورپ نه رڳو اهو ته، سندن پيدا ڪيل جنونيت خلاف سوڀ نه ماڻي سگهيا پر سندن سمورين ڪوششن جو حاصل نتيجو اهو آهي جو جنونيت هن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي رهي آهي. پنجاب ۾ مذهبي اقليت تي حملا ۽ سنڌ ۾ هندن خلاف اغوا ۽ نياڻين جي مذهب بدلائڻ وارن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. ملڪ مٿان حڪومت ڪندڙ ڌريون پنهنجي حڪومت بچائڻ يا ايندڙ وارو پڪو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سڄو وقت مفاهمتن ۾ مصروف آهن. ملڪ جي اصلوڪن وارثن کي اهڙي ڪمزور ۽ غير مقبول جمهوريت به قبول ناهي. ان وايو منڊل ۾ ملڪ اندر پکڙجندڙ جنونيت کي روڪڻ جي سوچ پري پري تائين نظر نه ٿي اچي. ان صورتحال ۾ سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ان جي مذهبي رواداريءَ واري سڃاڻپ کي بچائڻ آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ اندر کاٻي ڌر جي سياست، قومپرست تحريڪون ۽ علمي ادبي تحريڪ ان يلغار کي منهن ڏيندي رهي آهي پر وقت گذرڻ سان روشن خيال طاقتن جي ورهائجڻ ۽ سندن مزاحمتي ڪردار ڪمزور ٿيڻ سبب سنڌ اندر بنياد پرستيءَ وارن لاڙن کي هٿي ملي رهي آهي. ملڪي اسٽيبلشمينٽ ان موقعي جو فائدو وٺندي هر طرح جا هٿڪنڊا استعمال ڪري سنڌ اندر جنونيت کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اغوا ٿيل هندو نياڻين جي عدالت ۾ پيشيءَ وقت سوين هٿياربند جنوني اچي پهچن ٿا پر کين نه ٿو روڪيو وڃي. منظم طريقي سان مذهبي ٿورائين خلاف ڪارروايون به ڪرايون وڃن ٿيون ته سندن خلاف ماحول به ٺاهيو ٿو وڃي. سنڌ جي روشن خيال سياسي ۽ علمي ادبي ڌرين کي هن صورتحال کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻو پوندو ۽ ان بابت سنڌ اندر هڪ جوابي مهم هلائڻي پوندي، جيئن سنڌ پنهنجي مذهبي رواداري ۽ پر امن بقاءِ باهمي واري ان سوچ کي برقرار رکي سگهي، جيڪا جديد دنيا جي اهم تقاضا ۽ سنڌ جو قومي روح آهي.

مذهب ۽ رياست جو ڳانڍاپو ۽ سماج

مذهب ۽ رياست جو ڳانڍاپو ۽ سماج

گذريل هفتي ڏيڍ دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ جا جيڪي منظر نظر آيا، انهن ملڪ ۽ خطي جي امن پسند شهرين کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جنهن طرح حڪومت سرڪاري موڪل ۽ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ جلسا ۽ ريليون ڪرڻ جو اعلان ڪري مخصوص ذهنيت رکندڙ حلقن کي اتساهيو ۽ جنهن طرح ان ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ انتظامي مشينري بي وس نظر آئي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جنونيت هڪ زهر جيان ملڪ جي رڳ رڳ ۾ پکڙجي چڪي آهي. هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اهي واقعا ڪي اوچتو نمودار ٿيل مظهر نه هئا، بلڪه انهن جون پاڙون ملڪي تاريخ ۾ نهايت اونهيون کتل آهن.
پاڪستان ۾ اڄ ڪلهه ڪو ڏينهن فرقيواراڻي خونريزيءَ کان سواءِ نه ٿو گذري. عقيدي جي بنياد تي مخالفن کي هيسائڻ ۽ مارڻ روز جو معمول بنجي ويو آهي ۽ رياست مذهبي توڙي فرقيواراڻين ٿورائين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. ملڪ اندر ان تفرقي جون پاڙون نهايت اونهيون آهن. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت مذهبي بنيادن تي رياست جو بنياد وجهڻ وقت ئي ابو الڪلام آزاد جهڙن مذهبي عالمن چتاءُ ڏنو هو ته ايندڙ وقت ۾ ان جا نتيجا بهتر نه نڪرندا. قائدِ اعظم جيتوڻيڪ ٻه قومي نظرئي جي آڌار الڳ ملڪ جو حامي هو پر ڪيترن ئي موقعن تي هن ان ڳالهه کي واضح ڪيو ته مسلمانن لاءِ ٺهندڙ رياست مذهبي تنگ نظريءَ جي بنيادن تي نه هلائي ويندي. سياست جا ڄاڻو ان رويي کي سندس سوچ ۽ شخصيت جو اندروني ٽڪراءُ قرار ڏين ٿا. اهو ڪيئن ممڪن هو ته رياست ٺهي مذهبي بنيادن تي ۽ اها پنهنجي مزاج ۾ سيڪيولر هجي ۽ تنگ نظريءَ جي قوتن کان بچي سگهي. جناح صاحب جي 11 آگسٽ 1947ع واري مشهور تقرير ۾ هن چٽن لفظن ۾ چيو هو ته، ”توهان جو ڪهڙي به مذهب، ذات يا نسل سان تعلق هجي، ان جو رياست جي ڪار وهنوار سان ڪو به تعلق ناهي.“ ساڳي تقرير ۾ هن چيو ته، ”40 ڪروڙ ماڻهن جي قوم تسلط هيٺ آهي.“ جناح صاحب جي ان تقرير سندس انهن پوئلڳن کي به رنجايو، جيڪي کيس مسلمانن جو اڳواڻ ۽ اسلامي رياست جو مهندار تصور ڪندا رهيا هئا. نامور صحافي ضمير نيازي پنهنجي ڪتاب ”دي پريس ان چئنس“ ۾ حامد جلال جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته، ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جناح صاحب جي ان تقرير جو بليڪ آئوٽ ڪرڻ لاءِ پريس ايڊوائزري به جاري ڪئي هئي پر هڪ انگريزي اخبار جو تڏهوڪو ايڊيٽر الطاف حسين ان جي راهه ۾ رڪاوٽ بنيو ۽ چيائين ته مان سڌو قائد اعظم سان ڳالهائيندس.
7 فيبروري 1935ع تي سينٽرل ليجسليٽيو اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي قائد اعظم چيو هو ته، ”مذهب رڳو ماڻهوءَ ۽ خدا جي وچ جو معاملو آهي“. پهرين فيبروري 1943ع تي اسماعيلي ڪاليج بمبئي ۾ ڳالهائيندي جناح صاحب چيو ته، ”ڪهڙي مهذب حڪومت هوندي، جيڪا مذهب ۾ مداخلت ڪندي، جيڪو بندي ۽ خدا جي وچ وارو معاملو آهي“. فيبروري 1948ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ آمريڪا لاءِ هڪ براڊڪاسٽ ۾ جناح صاحب جا لفظ وڌيڪ واضح هئا؛ ”ڪجهه به ٿي پئي، پاڪستان ڪا مذهبي رياست نه هوندو، جنهن جي قيادت ڪي مذهبي اڳواڻ خدائي مشن سمجهي ڪن. اسان وٽ ڪيترائي هندو، عيسائي ۽ پارسي آهن پر اهي سڀ پاڪستاني آهن.“
اهڙا ڪيترائي ٻيا حوالا به سندس تقريرن ۽ انٽرويوز مان ملن ٿا، جن ۾ هن پاڪستان جي هڪ سيڪيولر رياست هجڻ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ مذهبي ٿورائين جي مڪمل حفاظت ۽ رياستي معاملن ۾ سندن ڀائيواريءَ جو ذڪر ڪيو. ساڳئي وقت سندس ڪيترين ئي تقريرن ۾ ملڪ کي اسلامي شرعي اصولن موجب هلائڻ جا به حوالا موجود آهن. قائد اعظم ان معاملي ۾ ڪنهن هڪ طرف چٽائيءَ سان بيٺل نظر نه ٿو اچي پر تنهن هوندي به مجموعي طور هو ڪنهن انتها پسنديءَ جو حامي به نظر نه ٿو اچي. بهرحال مذهب جي بنياد تي ملڪ جا بنياد وجهڻ سبب اها ڳالهه طئي هئي ته وقت گذرڻ سان مذهب جون حامي قوتون ان کي پنهنجي مرضيءَ آهر هلائڻ جي ڪوشش ڪنديون ۽ ڪوشش ڪنديون ته مذهب کي رياستي معاملن جو حصو بنايو وڃي. قائد اعظم جي وفات کانپوءِ اها ڳالهه وڌيڪ واضح ٿي وئي ۽ 1949ع ۾ قرار داد مقاصد وسيلي لياقت علي خان مذهب کي پاڪستان جي رياستي معاملن جو لازم جز بنائي ان صورتحال جا بنياد رکيا، جنهن مان اڄ پاڪستان گذري رهيو آهي. اڄوڪي پاڪستان ۾ قائد اعظم پاران وچن ڪيل اقليتن جا حق ۽ سندن تحفظ پري پري تائين نظر نه ٿا اچن. نه رڳو غير مسلم مذهبي ٿورايون هن ملڪ ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهن، بلڪه خود مسلمانن جون فرقيوار ٿورايون ساڳي صورتحال مان گذري رهيون آهن. مذهب جي آڙ ۾ انتهاپسنديءَ کي اڀاريندڙ قوتون اسلام جي روشن خيال يا وچٿري انسان دوست تصور جي حامي فردن ۽ ڌرين کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.قرار داد مقاصد پاڪستان جي مذهبي رياست هجڻ جا بنياد رکيا ۽ اهو دستاويز هر آئين جو مهڙ وارو دستاويز بنيل رهيو. جنرل ضياءُ الحق ان کي آئين جو باقاعدي حصو بنائي رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ جنرل ايوب ڪوشش ڪئي رياست مان مذهب جي معاملن کي الڳ ڪري سگهجي پر مذهب جون حامي قوتون ان وقت تائين ملڪ مٿان حاوي ٿي چڪيون هيون. 1956ع جي آئين ۾ ملڪ جو سرڪاري نالو ”اسلامي جمهوريه پاڪستان“ رکيو ويو. 1958ع ۾ جڏهن جنرل ايوب مارشل لا لاڳو ڪيو ته مارشل لا آرڊيننس ۾ ملڪ جي نالي مان ”اسلامي“ جو لفظ خارج ڪيو ويو. اڳتي هلي 1962 جي آئين ۾ به پهرين ملڪ جو نالو ”جمهوريه پاڪستان“ رکيو ويو. پر جڏهن قومي اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس ڍاڪا ۾ ٿيو ته جماعت اسلاميءَ جي ميمبر بئريسٽر اختر الدين پاران اعتراض اٿارڻ تي آئيني ترميم وسيلي لفظ ”اسلامي“ ٻيهر ملڪ جي نالي سان شامل ڪيو ويو ۽ ملڪ جو نالو ٻيهر اسلامي جمهوريه پاڪستان بنايو ويو. ان معاملي کي وڌيڪ هٿي 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي نئين آئين وسيلي ڏني، جڏهن پهريون ڀيرو مختلف عهدن جي ”حلف“ ۾ هي لفظ شامل ڪيا ويا ته، ”مان اسلامي نظرئي جي حفاظت ڪندس، جيڪو پاڪستان جي قيام جو بنياد آهي.“ اهڙيءَ ريت ملڪي آئين کي وڌيڪ مذهبي رنگ مليو. ائين ۽ رياستي ڍانچي کي مذهبي اتنها پسنديءَ تي صحيح معنيٰ ۾ جنرل ضياءَ الحق پهچايو، جنهن 1973ع جي آئين ۾ مختلف ترميمون ڪري ملڪ کي مذهبي انتها پسنديءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. افغان جنگ کان پوءِ ڊالرن خاطر ويڙهه جي مهنداري ڪندي رياست جي اهم ادارن کي انتها پسنديءَ ماحول ۾ رنگي ملڪ کي مذهبي انتها پسند رياست م تبديل ڪري ڇڏيو. آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن روس کي ايشيا مان تڙڻ لاءِ هن خطي ۾ مذهبي رياست جي تصور کي هٿ ڏني ۽ بدترين آمريت جي هر طرح سان مدد ۽ حمايت ڪري ان جنونيت جو ٻج پوکيو، جنهن ته رڳو ايشيا پر سڄي دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
1971ع ۾اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) پاران ملڪ کان الڳ ٿيڻ واري سانحي ان حقيقت کي واضح ڪري ڇڏيو ته هڪ گهڻ قومي رياست کي رڳو مذهب جي بنياد تي نه ٿو هلائي سگهجي. هن ملڪ اندر قومن جي تاريخي سڃاڻپ ۽ بنيادي قومي حقن جي لڳاتار ڀڃڪڙين جي نتيجي ۾ پاڪستان اندر سموري مذهبي مشينري صوبن وچ ۾ تڪرار کي نبيري نه سگهي آهي. بلڪه مذهب جون حامي قوتون خود مذهب جي نالي ۾ ملڪ جي ننڍين قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سندن سياسي استحصال کي هٿي ڏينديون رهيون آهن. انهن ئي مذهبي ڌرين نه رڳو بنگالين جي سياسي ۽ معاشي ڦرلٽ تي خاموشي اختيار ڪئي، بلڪه سندن قومي حقن واري تحريڪ ۾ سندن قتلام ۾ برابر جون شريڪ رهيون. ساڳي طرح اڄوڪي پاڪستان ۾ سنڌين ۽ بلوچن جي واضح راءِ آهي ته مذهب جي آڙ ۾ رياستي ڍانچي کين پنهنجي پنجوڙ ۾ رکي سندن استحصال ڪيو آهي. ان سموري اهم قومي تضاد کي حل ڪرڻ مذهبي طاقتن جي وس جي ڳالهه ناهي. اها صورتحال ڪا اڄ جي پيداوار ناهي پر جڏهن کان هي ملڪ ٺهيو آهي، تڏهن کان هلي رهي آهي. سنڌي، بلوچ ۽ ڪنهن حد تائين پختون قومي حقن جي تحريڪن کي مذهبي قوتن ان ڪري هميشه رد ڪيو آهي. جو اهي تحريڪون پنهنجي مزاج ۾ ترقي پسند، روشن خيال ۽ لبرل رهيون آهن. جيئن ته سنڌي ۽ بلوچ پنهنجي مزاج ۾مذهبي رواداريءَ واريون قومون آهن، تنهنڪري مذهبي ڌرين ۽ سندن حامي رياستي قوتن هميشه کين ڀارت ۽ روس جو ايجنٽ قرار ڏئي سندن قومي حقن واري جدوجهد جي مخالفت ڪئي آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مذهبي ڌريون ۽ سندن حامي رياستي ادارا هڪ طرف قرار داد مقاصد هيٺ ملڪ کي سخت گير مذهبي رياست بنائڻ جا دليل ڏيندا رهن ٿا پر ساڳي قرار دادِ مقاصد جي نائين نمبر نقطي جو حوالو ڪٿي به نه ٿا ڏين، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ”پاڪستان خودمختيار يونٽن جو وفاق هوندو“. اهو ئي بنياد 1940ع جي ٺهراءُ جو هو، جنهن کي هاڻي پٺيءَ ڀر اڇلايو ويو آهي. قومي حقن کان ان انڪار بنگلاديش کي الڳ ڪيو ۽ هاڻي بلوچستان ۾ عليحدگيءَ جي تحريڪ زورن تي آهي. ساڳي طرح سنڌ اندر به موجوده وفاقي ڍانچي مان بيزاريءَ وارو تاثر عام آهي. اهڙي طرح ڏسجي ته ٻه قومي نظرئي وارو بنياد عملي طور ختم ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ کي مذهب جي بنياد تي هڪ ڪري هلائڻ وارو تجربو ناڪام ٿي چڪو آهي. هونءَ به دنيا ۾ ڪٿي به گهڻ قومي رياستون هڪ عقيدي جي بنياد تي هڪ ٿي هلي نه سگهيون آهن. عرب ملڪ، جيڪي نسلي ۽ ثقافتي طور به هڪ آهن، اتي به مذهب کين متفق ڪري نه هلائي سگهيو آهي. مذهب جي بنياد تي جديد رياست کي هلائڻ ان ڪري به ناممڪن آهي، جو خود مذهب به ڪنهن هڪ نظام تي متفق ناهن. مذهبن اندر فرقن جي هجڻ ۽ هر فرقي پاران پاڻ کي حق تي هجڻ ۽ ٻين جي غلط هجڻ واري رويي سبب انتها پسندي ڪيترائي روپ اختيار ڪري چڪي آهي. اڄوڪو پاڪستان ان ڏس ۾ هڪ چٽو حوالو آهي، جتي مذهبي ڌريون رڳو عيد جي چنڊ تي متفق نه ٿيون ٿي سگهن، اهي باقي معاملن تي معاشري کي ڪهڙيءَ ريت متفق ڪري سگهنديون؟ ان سوال جو هڪ ٻيو پاسو اهو آهي ته مذهب، جديد رياستن جي تصور کان اڳ جي دور جا آهن، جن جو مقصد انسانن کي انفرادي چڱائيءَ ڏانهن موڙي هڪ پر امن ۽ بقاءِ باهمي واري سماج جوڙڻ هو. البته مذهب جيئن ته خدا ۽ بندي جي وچ وارو معاملو آهن، جن جو بنياد عقيدي تي آهي، تنهنڪري جديد رياستي ڍانچي هلائڻ لاءِ ڪيترن ئي سوالن جا جواب مذهبي عقيدن مان نه ٿا ملي سگهن. اڄوڪي منجهيل معاشي نظام، ملڪن جي هڪ ٻئي سان مفادن جي بنيادن تي ڳانڍاپن، بين الاقوامي واپار ۽ تعلقات جي نون بنيادن، انساني وسيلن، ناڻي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي عالمگيريت، معاشي ۽ سياسي مفادن تي ٺهندڙ بلاڪن ۽ عالمي امن جي تقاضائن جهڙا پيچيده معاملا جديد رياست کي مذهب جي تابع ڪري هلائڻ سان نه ٿا نبيري سگهجن. اها الڳ ڳالهه آهي ته جديد رياست کي برابريءَ جي بنياد تي هلائڻ يا ان جي اندر ڪمزور طبقن جي استحصال کي روڪڻ به ايترو آسان ناهي پر ساڳي وقت مذهبي معاملن کي ان سان ڳنڍڻ جي صورت م معاملا وڌيڪ ڳنڀير ٿي وڃن ٿا. عوامي فلاحي ۽ جمهوري رياستن ثابت ڪيو آهي ته مذهب کي رياستي معاملن سان ڳنڍڻ کان سواءِ وڌيڪ پر امن ۽ انصاف ڀريا معاشرا وجود ۾ آڻي سگهجن ٿا، جتي حڪمران ۽ رياستي ادارا عقيدن جا نه پر عوامي خواهشن جي تابع هجن ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي مت ڀيد کان مٿانهان هجن ٿا.
يورپ جي نئين سجاڳي ۽ اڳتي هلي 18 هين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ آيل انقلاب ثابت ڪيو ته رياست کي مذهب سان هلائڻ جي نتيجي ۾ عوامي استحصال جا دروازا کلن ٿا، جنهن کي هڪ انتها تي اچي عوام رد ڪري ڇڏي ٿو. فرينچ انقلاب جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته پاپائيت، اشرافيه ۽ بادشاهت جي رت چوسيندڙ اتحاد ڪهڙي طرح لکين ماڻهن کي انساني درجي کان ڪريل سماج جي غار ۾ اڇلي ڇڏيو ۽ هڪ مرحلي تي اچي ساڳئي مذهب سان تعلق رکندڙ فرينچ عوام ان نظام جي خلاف بغاوت ڪري شهنشاهيت ۽ پاپائيت کي رد ڪري جديد جمهوري ۽ سوشلسٽ رياست جو بنياد رکيو.
بنيادي مسئلو مذهب کان وڌيڪ انجي آڌار تي سياست ۽ رياست کي پنهنجي تابع بنائيندڙ قوتن جو آهي. جيڪڏهن اڄ جي جديد دور ۾ سائنسي علم وسيلي سئو سالن جي چنڊ جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ته ان کي مذهبي ڌرين جي تابع ڪرڻ جو ڪهڙو شعوري جواز آهي؟! ساڳي طرح جيڪڏهن مذهبي خيالن جي آڌار تي لکين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا نه پيئڻ ڏجن ۽ کين هڪ خوفناڪ اپاهجپڻي جو شڪار بنجڻ لاءِ ڇڏي ڏجي ته جديد انساني سماج ۾ ان کي ڪهڙي مذهبي وصف هيٺ درست قرار ڏئي سگهبو؟ ڏهن سالن جي ابهم ٻارڙن تي رڳو مذهبي ٿورائي سان تعلق رکڻ جي ڏوهه ۾ سنگين الزام لڳائي علائقي جي سوين رهواسين جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏجن ۽ رياست بي وس بنيل هجي ته اهڙي ماحول ۾ رياست کي مذهب سان ملائڻ جا ڪيترا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. خاص طور تي ان صورتحال ۾، جڏهن ملڪ جو اقتدار هلائڻ جي تقاضا ڪندڙ مذهبي ڌرين اندر سخت گير ۽ انتها پسند رويا عام هجن، جيڪي نياڻين جي اسڪولن کي بمن سان اڏائين ۽ مخالفن جون سسيون وڍي وحشتناڪ قسم جون سزائون ڏيڻ جا قائل هجن، انهن قوتون جي هٿن ۾ سماج جي واڳ ڏيڻ جو تصور به ڀيانڪ آهي. جنونيت جي ان انڌير هن ملڪ ۾ لکين ماڻهن جون زندگيون اجاڙيون آهن. ان کي وڌيڪ پکڙجڻ کان نه روڪيو ويو ته هي ملڪ بدترين گهرو ويڙهه ۽ رتو ڇاڻ جو شڪار ٿي ويندو. جنازي نماز کان وٺي عيد نمازن تائين سموريون عبادتون هٿيارن جي ڇانو کانسواءِ ممڪن نه هجڻ واري ملڪ ۾ مذهبيت کي رياستي نظام سان ڳنڍڻ جا نتيجا تصور کان وڌيڪ سنگين نڪري سگهن ٿا.

ڪراچيءَ جي محروميءَ جو ناٽڪ

ڪراچيءَ جي محروميءَ جو ناٽڪ


تازو ايم ڪيو ايم سربراهه ۽ سندس پارٽي اڳواڻن، سنڌ ۾ شهري آباديءَ لاءِ الڳ صوبي جو
مطالبو ورجائيندي روايتي گمراهه ڪندڙ بيان جاري ڪيا ته شهري آباديءَ سان ناحق ٿي رهيو آهي. هڪ اڳواڻ ته اهو به فرمايو ته بلوچن سان ناانصافيون ٿيون، جنهن ڪري هو جبلن تي چڙهي ويا. ڪن صاحبن وري بنگلاديش ٺهڻ جا حوالا ڏنا، تاثر اهو ڏنو ويو ڄڻ سنڌ جي شهري آبادي (جنهن کي به گمراهه ڪندڙ بنيادن تي رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ تائين محدود رکيو وڃي ٿو) اصل ويلا پئي ڪاٽي، باقي ٻهراڙين ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون پيون وهن. انساني ترقي، ملازمتن ۽ ٻين حقن جي معاملي ۾ ڪراچي رڳو سنڌ نه پر سڄي ملڪ جو خوشحال ترين علائقو آهي. ڪراچيءَ جي حقن جي محروميءَ وارو ناٽڪ انگن اکرن جي دليلن سان بنهه وائکو ٿي پوي ٿو. هڪ نظر ملازمتن، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن جي انگن اکرن تي وجهڻ سان انساني احساس محروميءَ واري ان ڍونگ کي وائکو ڪري سگهجي ٿو. وفاقي حڪومت، نيم خودمختيار ۽ خودمختيار ادارن ۾ نوڪرين جو تناسب محروم يا ستابو هجڻ جو هڪ اهم اهڃاڻ آهي، ان جو تعلق رڳو پگهار سان نه پر مجموعي طور ملڪي معاملن ۾ شراڪت ۽ انهن تي اثر انداز ٿيڻ سان به آهي. عام طور تي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم جو حوالو ڏيئي اهو تاثر پيدا ڪيو ويندو آهي ته ڄڻ شهري علائقن جي رهواسين جي نوڪرين تي ڪو ٻهراڙين جا ماڻهو والار ڪريو ويٺا آهن. وفاقي ادارن جي ملازمن جي سرڪاري طور جاري ڪيل بليٽن 2012-2011ع ۾ هيٺان انگ اکر ڏنل آهن؛
* گريڊ هڪ کان 22 گريڊ تائين جي ملازمن ۾ سنڌ شهري جا 26871 ۽ سنڌ ٻهراڙيءَ جا 34224 ملازم آهن. ان لحاظ کان ڏسجي ته سنڌ شهري جو صوبي کي مليل ڪل نوڪرين ۾ حصو 44 سيڪڙو آهي، يعني ڪوٽا موجب صوبي اندر مليل 40 سيڪڙي کان 4 سيڪڙو وڌيڪ نوڪريون شهري علائقن کي مليل آهن. ان جو مطلب ٿيو ته سنڌ ٻهراڙيءَ جون 2443 نوڪريون شهري علائقن کي ڏنل آهن. گريڊ وار ڏنل وچورن موجب، 22 هين گريڊ جي اهم ترين عهدن ۾ سنڌ شهري کي 13 ۽ سنڌ ٻهراڙي کي رڳو 3 سيٽون مليل آهن. ساڳئي طرح وفاقي ڪارپوريشنز ۽ ٻين نيم خودمختيار ۽ خودمختيار ادارن ۾ سنڌ جي شهري آباديءَ کي 49265 نوڪريون ۽ ٻهراڙين کي 39595 نوڪريون مليل آهن. اهڙي طرح شهري آباديءَ کي 40 بدران 55.42 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين کي 60 بجاءِ 44.55 سيڪڙو نوڪريون ڏنل آهن. انگن موجب، ان جو مطلب آهي ته سنڌ ٻهراڙيءَ جون 13721 نوڪريون شهري علائقن ۾ مليل آهن. اهي انگ اکر پاڪستان سرڪار جا آهن، ان جي باوجود اها دانهن ڪئي وڃي ٿي ته شهري آباديءَ سان وڏو ناحق ٿي رهيو آهي. تعليم انساني ترقيءَ جو هڪ اهم ماپو آهي. اچو ته ان شعبي جي انگن اکرن جو به جائزو وٺون.
* پاڪستان ۾ تعليم جي صورتحال بابت ”اثر“ نالي جاري ٿيندڙ سالياني رپورٽ کي ان شعبي ۾ نهايت مستند دستاويز سمجهيو ويندو آهي. تازو 2012ع جي جاري ٿيل ”اثر“ سالياني رپورٽ ۾ سنڌ ۾ تعليم جي حوالي سان ڪيل ضلعي وار درجي بنديءَ ۾ ڪراچيءَ کي باقي سمورن ضلعن کان اڳڀرو ڏيکاريو ويو آهي. رپورٽ موجب، ٽن کان پنجن سالن جي ٻارن جي تعليم تائين پهچ ۾ ڪراچيءَ جو اسڪور 65 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ٻئين نمبر تي حيدرآباد ضلعي جو اسڪور 59 سيڪڙو آهي. اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي سيڪڙي ۾ ڪراچي سڀ کان گهٽ يعني 6.2 سيڪڙو تي آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ٻهراڙيءَ جي ضلعن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. مثال طور، ڪشمور ۾ 50، ميرپورخاص ۾ 45، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 39.4 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. رپورٽ موجب ڪراچيءَ جي ٻارن کي خانگي اسڪولن جي بهترين سهولت حاصل آهي ۽ 67 سيڪڙو ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ پهچ حاصل آهي. جڏهن ته سڄي سنڌ ٻهراڙيءَ ۾ رڳو 9سيڪڙو ٻار خانگي اسڪولن تائين پهچ رکن ٿا. ساڳئي طرح الف اعلان پراجيڪٽ پاران 2013ع ۾ تعليم بابت جاري ڪيل درجا بنديءَ ۾ به ڪراچي سنڌ جي سمورن ضلعن کان اڳڀرو آهي. رپورٽ ۾ ڏنل چئني تعليمي اهڃاڻن ۾ ڪراچي، سنڌ اندر پهرئين نمبر تي آهي. ڪراچيءَ کي نه رڳو سرڪاري پر غير سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ به تعليم جون بهتر سهولتون ميسر آهن. انڊس جرنل آف سوشل سائنسز جي 2012ع واري اشاعت ۾ ڇپيل هڪ ريسرچ پيپر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ اندر 8492 خانگي اسڪول آهن، جن مان 5359 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن ۽ باقي سڄي سنڌ ۾ ڪل 3133 خانگي اسڪول آهن. ساڳئي طرح هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي خانگي شعبي جي يونيورسٽين ۽ ڊگري ڏيندڙ يونيورسٽين جي فهرست ۾ صوبي اندر 26 مان 25 اهڙا ادارا رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. سنڌ سرڪار پاران چارٽر ڏنل اهڙن ادارن مان پڻ 6 ادارا ڪراچي شهر ۾ آهن. ان کان سواءِ وفاقي سرڪار جي چارٽر هيٺ دائود انجنيئرنگ ڪاليج ۽ پاڪستان نيول اڪيڊمي پڻ ڪراچي شهر ۾ آهن. سرڪاري شعبي جي تعليمي ادارن ۾ ته سنڌ ٻهراڙيءَ جو حال سڀني کي سجهي ٿو، جڏهن ته معياري تعليم جون سموريون بهتر سهولتون ڪراچي شهر ۾ آهن. ساڳئي طرح صحت جي شعبي جا انگ اکر به شهري آباديءَ جي خوشحاليءَ کي ظاهر ڪن ٿا. ٻهراڙين ۾ صحت جون سهولتون برباديءَ جي ور چڙهيل آهن، ٿورو گهڻو بي ايڇ يوز کي پي پي ايڇ آءِ بهتر بنايو آهي، باقي حال پورو آهي.
سنڌ بيورو آف اسٽيٽسڪس جي 2010ع جي رپورٽ موجب سنڌ اندر خانگي شعبي ۾ ڪل 358 اسپتالون هيون، جن مان 134 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. جنرل پريڪٽيشنر ڪلينڪ سڄي سنڌ ۾ 4122 هيون، جن مان 1917 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. گائني جي شعبي ۾ 243 ماهرن مان 176 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن، جڏهن ته ٻهراڙي جي ضلعن مٽياري، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، بدين ۽ دادوءَ ۾ هڪ به اهڙو ماهر موجود نه هو. ساڳئي طرح ٻارن جي 239 ڊاڪٽرن مان 171 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. صوبي اندر 1407 نرسن مان 1123 ڪراچي شهر ۾ آهن. اهي انگ اکر ٻڌائين ٿا ته صحت جي شعبي ۾ ڪراچي شهر باقي سڄي سنڌ کان اڳڀرو آهي. صوبي جون بهترين اسپتالون ڪراچي شهر ۾ واقع آهن، جڏهن ته ٻهراڙيون نيم حڪيمن ۽ گوسڙو ڊاڪٽرن جي حوالي آهن. ساڳئي طرح صحت جي تعليم ۽ سکيا جا به بهترين مرڪز ڪراچي شهر ۾ آهن، جن ۾ آغا خان يونيورسٽي، بقائي ميڊيڪل ڪاليج، ضياءُ الدين ميڊيڪل ڪاليج، لياقت نيشنل ميڊيڪل ڪاليج سميت 10 اهم ادارا شامل آهن. پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي 2010ع جي رپورٽ موجب صوبي اندر نرسنگ جي مڃيل 30 ڪاليجن مان 25 رڳو ڪراچي ۾ آهن.

ورلڊ بئنڪ جي 2006ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ:
Securing Sindh’s Future موجب، شهري سنڌ ۾ 87 سيڪڙو ٻارن کي بچاءُ جا ٽڪا لڳن ٿا، جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ 62 سيڪڙو ٻارن کي حفاظتي ٽڪا لڳن ٿا. ساڳئي رپورٽ موجب ڪراچيءَ ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي ٻارن ۾ موت جي شرح هڪ لک زنده پيدا ٿيل ٻارن مان 55 آهي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ اها شرح 120 ٻارن تي آهي. ان رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچيءَ ۾ هر ٽن مان هڪ ٻار غذا جي اڻاٺ جو شڪار آهي، ٻهراڙين ۾ اڌ جي لڳ ڀڳ ٻار غذا جي اڻاٺ جو شڪار آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ٻهراڙين ۾ ٻارن جي بيمارين ۽ موت جي شرح وڌيڪ آهي. ملٽيپل انڊيڪيٽر ڪلسٽر سروي 04-2003ع ۾ صحت ۽ سماجي ترقيءَ جي حوالي سان ڪيل اهم اهڃاڻن جي ڀيٽ ۾ ڪراچيءَ جا انگ اکر باقي سنڌ کان چٽيءَ طرح اڳڀرا نظر اچن ٿا. رپورٽ موجب ڪراچيءَ ۾ 73 سيڪڙو ويم باقاعدي قائم ٿيل سهولتن اندر ٿي رهيا هئا، جڏهن ته ٺٽي ۾ اها شرح 29 سيڪڙو، ٿرپارڪر ۾ 31 سيڪڙو ۽ نوشهري فيروز ۾ رڳو 18 سيڪڙو هئي. ابهم ٻارن (سال کان گهٽ) ۾ موت جي شرح ۾ ڪراچيءَ سڀ کان گهٽ هو، جتي اها شرح 46 سيڪڙو هئي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ جي ٻين ضلعن ۾ ابهم ٻارن جي موت جي شرح تمام گهڻي هئي. مثال طور ٺٽي ۾ 91، جيڪب آباد ۾ 90، گهوٽڪي، نوابشاهه ۾ 88، لاڙڪاڻي ۾ 84، دادوءَ ۾ 81، شڪارپور ۾ 85، ٿرپارڪر ۽ بدين ۾ 87 سيڪڙو ٻار ڄم جي پهرين سال اندر مري وڃن ٿا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو صحت جي سهولتن ۾ڪراچي شهر ٻهراڙي کان گهڻو اڳتي آهي.
هاڻي هڪ نظر انساني ترقي (Human Development) جي بنيادن تي ڪيل ڪجهه اهم تجزين تي وجهون ٿا. سوشل پاليسي اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر SPDC ڪراچيءَ جي هڪ ڄاتل سڃاتل ٿنڪ ٽينڪ ۽ تحقيقي ادارو آهي. هن اداري جي سالياني رپورٽ نهايت ساکائٽي ۽ سائنسي بنيادن تي ڪيل کوجنا تي ٻڌل هوندي آهي. 2001ع ۾ هن اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ: Growth Inequality and poverty ۾ ملڪ اندر ترقيءَ جي معاملي ۾ اڻ برابريءَ جو جائزو ورتو ويو هو. ان رپورٽ ۾ سنڌ صوبي جي ڏنل جائزي موجب ملازمتن، تعليم، رهائش ۽ رهائشي خدمتن جي حوالي سان ڪراچي سڀني ضلعن کان اسريل ضلعو هو. محروميءَ جي ماپي موجب ڪراچيءَ جو اسڪور سڀني کان گهٽ يعني ’هڪ‘ هو، جڏهن ته ڪجهه اهڃاڻن ۾ سنڌ ٻهراڙيءَ جا ضلعا ان کان تمام گهڻو محروم هئا. مثال طور ملازمتن ۾ دادو 15، تعليم ٿرپارڪر 16، رهائش ۾ جيڪب آباد 15 ۽ رهائشي سهولتن ۾ ٺٽو 15 ڀيرا وڌيڪ محروم هئا. ان رپورٽ موجب، ڪراچي رڳو سنڌ نه پر ملڪ جو گهٽ ۾ گهٽ محروم يعني ٻين لفظن ۾ وڌ کان وڌ اسريل ضلعو آهي. ملڪي سطح تي هڪ کان سئو نمبرن جي ماپي ۾ ڪراچي سڀ کان گهٽ محروم يعني پهرين نمبر تي هو، جڏهن ته ٿرپارڪر سڀ کان محروم يعني 84 هين نمبر تي هو. ان درجي بنديءَ ۾ ٺٽو 78هين، بدين 76 هين نمبر تي هئا.
سوشل پاليسي اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر SPDC جي هڪ ٻي رپورٽ Social 2nd Economic Development Ranking of districts of Pakistan جيڪا 1998ع ۾ شايع ڪئي وئي، ڪراچيءَ جي نامور محققن ضلعن ۾ ترقيءَ جي صورتحال جو سائنسي بنيادن تي جائزو ورتو آهي. ضلعي وار درجي بنديءَ ۾ ڪراچي ملڪ جو سڀ کان اسريل ضلعو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد 17 هين نمبر تي ۽ نوشهرو فيروز 22 هين نمبر تي آهي. ان رپورٽ ۾ صفحي نمبر 31 تي ڏنل هڪ جدول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پڪن گهرن جي حوالي سان ڪراچي ملڪ جو پهريون نمبر شهر آهي، جڏهن ته گهرن ۾ بجليءَ جي سهولت ۽ رڌ پچاءُ لاءِ گيس جي سهولت جي حوالي سان ٻيون نمبر شهر هو. ياد رهي ته هي انگ اکر جنرل مشرف جي دور کان به اڳ جا آهن. مشرف جي دور ۾ ڪراچيءَ اندر ترقيءَ جي مد ۾ اربين روپيا لڳايا ويا.
اڳتي هلي 2003ع ۾ اقوام متحده جي اداري UNDP پاران پاڪستان ۾ انساني ترقيءَ بابت جاري ڪيل رپورٽ موجب، ڪراچي، سنڌ جو پهريون نمبر ۽ ملڪ جو پنجون نمبر اسريل شهر قرار ڏنو ويو. هن رپورٽ ۾ انساني ترقيءَ جي بنيادي ماپن جهڙوڪ خواندگي، اسڪولن ۾ داخلائن، ٻارن کي ٽڪا لڳڻ، ابهم ٻارن جي ڄمار، صحت ۽ آمدنيءَ کي مدنظر رکي سائنسي بنيادن تي درجي بندي ڪئي وئي. ڪراچي لڳ ڀڳ هر اهڃاڻ ۾ سنڌ ٻهراڙيءَ کان اڳتي نڪتل آهي. 2006ع ۾ پاڪستان حڪومت پاران ملينيم ڊولپمينٽ گولز جي صورتحال بابت هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي. هن رپورٽ ۾ انساني ترقيءَ جي اهم اهڃاڻن تي پاڪستان جي ضلعن جي درجي بندي ڪئي وئي. ان رپورٽ جي تفصيل ۾ وڃڻ سان صاف نظر ايندو ته ڪراچي ملڪ توڙي صوبي اندر اهم اهڃاڻن تي سڀني کان اڳڀرو آهي. پرائمري ۾ داخلائن خواندگي شرح، صنفي برابري، نوجوانن جي خواندگيءَ جهڙن اهم اهڃاڻن ۾ ڪراچي پهرئين نمبر تي آهي.
اهي سمورا سائنسي تجزيا ۽ انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ڪراچي نه رڳو صوبي پر ملڪ جو به سڀ کان اسريل علائقو آهي ۽ اتي جي آبادي انساني ترقيءَ جي سمورن اهڃاڻن تي ٻين علائقن کان اڳڀري آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انساني ترقيءَ جي صورتحال تي پنهنجا لفظ چوڻ بجاءِ مان ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ Securing Sindh’s Future مان ڪجهه جملا ترجمو ڪري پيش ڪريان ٿو:
1، 02-2001ع ۾ ڪراچي تي في ماڻهو ٿيندڙ خرچ باقي سنڌ جي ڀيٽ ۾ 62 سيڪڙو وڌيڪ هو (صفحو نمبر 21)
2، سنڌ جون ٻهراڙيون ڪراچيءَ کان رڳو چند ميلن تي آهن پر اهي ترقي جي سرحدن کان ڪيئي ميل پرتي آهن.
ان کان پوءِ ڪير دعوى ڪري ته ڪراچيءَ ۾ احساس محرومي آهي ته پوءِ ان کي ڍونگ ۽ گمراهيءَ کان سواءِ ڇا چئجي!

قدرتي وسيلن ۾ شاهوڪار سنڌ ۽ بلوچستان

قدرتي وسيلن ۾ شاهوڪار سنڌ ۽ بلوچستان
کي موٽ ۾ ڇا ٿو ملي؟

تازو آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي جي هڪ اجلاس ۾ سنڌ جي عيوضي اهو اعتراض اٿاريو آهي ته ملڪي پيداوار ۾ گئس جو 70 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي باوجود سنڌ کي هن سال گئس ڊولپمينٽ سرچارج جي مد ۾ 10 ارب رپيا گهٽ ادا ڪيا ويا آهن. سال 07–2006ع ۾ سنڌ 1000415 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس پيدا ڪئي ته صوبي کي جي ڊي ايس جي مد ۾ 24 ارب هڪ ڪروڙ 21 لک رپيا ادا ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل مالي سال دوران ساڳي سطح جي پيداوار جي باوجود سنڌ کي 14 ارب 86 ڪروڙ ۽ 27 لک رپيا منتقل ڪيا ويا. هلندڙ سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ سنڌ کي ان مد ۾ ساڍا پنج ارب رپيا ادا ٿيا، جنهن جي معنيٰ ته سال جي پڄاڻيءَ تائين 11 ارب رپين جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو. ان جو مطلب ٿيو ته ملڪي پيداوار ۾ گئس جو حصو برقرار رکڻ جي باوجود سنڌ کي وفاقي حڪومت طرفان ملندڙ جي ڊي ايس ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي. ان جو ڪارڻ گئس پيدا ڪندڙ ڪمپنين کي گئس جي ملندڙ معاوضي ۾ اضافو ۽ واهپيدارن کي ملندڙ گئس جا اگهه ان حساب سان به وڌائڻ آهي. ان فارمولي جو سڀ کان گهڻو نقصان سنڌ کي ٿي رهيو آهي. تيل ۽ گئس جي حوالي سان هن وقت سنڌ سڄي پاڪستان ۾ اڳڀري آهي، پر ان کي ملندڙ موٽ سبب صوبي اندر اهو احساس پختو ٿي رهيو آهي ته وفاق ان جي وسيلن جي ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪري رهيو آهي. موٽ ۾ نه سنڌ کي جائز حصو ملي ٿو، نه تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ علائقن ۾ ڪا ترقي ٿي رهي آهي ۽ نه وري سنڌ جي ٻهراڙين جي نوجوانن کي تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ادارن اندر ڪي خاص نوڪريون ملي رهيون آهن. تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ سنڌ ڇا پئي ڏئي ۽ ان کي موٽ ۾ ڇاپيو ملي، ان کان اڳ اچو ته سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي تاريخ تي هڪ مختصر نظر وجهون.
سنڌ ۾ تيل جو پهريون کوهه 1925ع ۾ برما آئل ڪمپني طرفان خيرپور ۾ کوٽيو ويو، پر اهو خالي نڪتو. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ٺهيو ته خطي ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جو عمل تيز ڪيو ويو. 1952ع ۾ ملڪي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو گئس ذخيرو بلوچستان جي شهر سئي مان مليو، جيڪو 12.62 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ هئو، اڳتي هلي پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ کي 1957ع ۾ خيرپور مان، 1959ع ۾ ڪنڌڪوٽ مان ۽ 1959ع ۾ مزاراڻي وٽان گئس جا ذخيرا مليا، ساڳين سالن ۾ اسٽينووڪ آئل ڪمپني (Starvoc Oil Company) کي اتر سنڌ ۾ ماڙي وٽان گئس جو وڏو ذخيرو مليو. ماڙي گئس فيلڊ مان مليل ذخيري جي مقدار جو ڪاٿو 6.8 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ آهي، جيڪو سئي کانپوءِ ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو آهي. ان کانسواءِ ساڳي ڪمپنيءَ 1957ع ۾ تلهار، 1958ع ۾ بدين، نبي سر ۽ ميرپوربٺوري ۾ به کوهه کوٽيا، نبي سر ۾ گئس ۽ تلهار وٽ گئس ۽ تيل جو ڪجهه مقدار مليو. ساڳين سالن دوران برما آئل ڪمپني ۽ هنٽ آئل 1958ع ۾ لاکڙا، 59-1958ع ۾ بڊي جبل ۽ 1958ع ۾ ڦلجي وٽ کوهه کوٽيا، جن مان ڪجهه گئس ملي. 1961ع ۾ آئل اينڊ گئس، ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (او جي ڊي سي) جو بنياد پيو، جنهن کي 1966ع ۾ سري، 1973ع ۾ ڪاٺوڙ ۽ 1977ع ۾ هنڊي وٽان گئس جا ذخيرا مليا. 60 ۽ 70 وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ ڪورنگي ڪريڪ، پٽياڻي ڪريڪ، ڊاٻو ڪريڪ ۽ انڊس ميرين بلاڪن ۾ کوهه کوٽيا ويا، پر ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي. 1981ع ۾ يونين ٽيڪساس کي بدين جي خاصخيلي آئل فيلڊ مان تيل جو وڏو ذخيرو مليو، جنهن کانپوءِ ان جي آس پاس وارن علائقن مان هڪ ٻئي پٺيان تيل جا کوهه مليا. 1990ع ۾ قادرپور وٽان او جي ڊي سي کي 5 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ گئس جو تمام وڏو ذخيرو مليو.
90ع وارو ڏهاڪو سنڌ ۾ گئس جي نون ذخيرن ملڻ جو ڏهاڪو هئو. 1990ع ۾ تڏهوڪي لاسمو ۽ هاڻوڪي Eni ڪمپني کي قادن واري وٽان 0.43 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ گئس جو ذخيرو مليو، 1993ع ۾ آسٽريليا جي ڪمپني OMV کي مياڻو وٽان 0.9 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ ۽ 1998ع ۾ OMV کي خيرپور جي ناري تعلقي ۾ ساوڻ فيلڊ مان 2.3 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ گئس جا وڏا ذخيرا مليا. 1997ع ۾ لاسمو (هاڻي اِي اين آءِ) کي دادو ضلعي (هاڻي ڄامشوري) جي ڀت جبل وٽان 1.6 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ ۽ 1998ع ۾ BHP کي جوهي ويجهو زمزلا فيلڊ مان 2.3 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ جا وڏا گئس ذخيرا مليا. 98–1997ع ۾ ماڙي وٽان 1.2 ٽرلين ڪيوبڪ فوٽ گئس جو هڪ ٻيو وڏو ذخيرو به مليو، جنهن کي ماڙي ديپ جو نالو ڏنو ويو. اهڙي طرح 90ع وارن سالن ۾ سنڌ مان مليل گئس جي وڏن ذخيرن کانپوءِ ملڪ اندر گئس جي حوالي سان سنڌ وڌ کان وڌ حصو ڏيندڙ صوبو بنجي ويو. هن وقت تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ مختلف صوبا ڪيترو حصو ڏئي رهيا آهن، ان لاءِ جدول نمبر هڪ ۽ ٻه تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهي انگ اکر پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت طرفان جاري ڪيل دستاويز Pakistan Energy Year Book 2007 تان ورتا ويا آهن.
انهن جدولن کي غور سان ڏسي هيٺيان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.
• سنڌ تيل جي ملڪي پيداوار ۾ سمورن صوبن کان وڌيڪ يعني 56 سيڪڙو فراهم ڪري ٿي.
• سنڌ گئس جي ملڪي پيداوار ۾ سمورن صوبن کان وڌيڪ يعني اٽڪل 71 سيڪڙو فراهم ڪري ٿي.
• سنڌ ۽ بلوچستان گڏجي گئس جي ملڪي پيداوار جو اٽڪل 93 سيڪڙو فراهم ڪن ٿا.
ان حساب سان ڏسجي ته تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ اڄ ملڪي پيداوار جو وڏي ۾ وڏو حصو سنڌ صوبو فراهم ڪري رهيو آهي. هاڻي اچو ته هڪ نظر ان حقيقت تي وجهون ته موٽ ۾ سنڌ کي ڇا پيو ملي؟ ياد رهي ته توانائي جو واهپو دنيا ۾ ترقيءَ جي اهم اهڃاڻ طور مڃيو وڃي ٿو، يعني جتي توانائي جو واهپو وڌيڪ ٿيندو، اتي لازمي طور ترقيءَ جو عمل به وڌيڪ هوندو. جدول نمبر 3 ۾ انگن اکرن سان اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته صوبا گئس جي پيداوار جو ڪيترو حصو پنهنجي واهپي ۾ آڻن ٿا. اهي انگ اکر به ساڳي دستاويز تان ورتا ويا آهن، جن جو حوالو جدول 1 ۽ 2 ۾ ڏنو ويو آهي.
جدول نمبر 3 ۾ نهايت اهم نتيجا نظر اچن ٿا، جن کي لفظن ۾ هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو.
• سنڌ جيتري گئس پيدا ڪري ٿي، ان جو اڌ کان به گهٽ صوبي اندر استعمال ٿئي ٿو ۽ باقي صوبي کان ٻاهر استعمال ٿئي ٿو.
• بلوچستان جيتري گئس پيدا ڪري ٿو، ان جو مس چوٿون حصو استعمال ڪري ٿو، باقي ٽي حصا صوبي کان ٻاهر استعمال ٿين ٿا.
• پنجاب جيتري گئس پيدا ڪري ٿو، ان کان نائوڻ تي وڌيڪ استعمال ڪري ٿو، يعني اهو پنهنجي گئس جي ضرورتن جو وڏو حصو، ٻين صوبن (سنڌ ۽ بلوچستان) مان استعمال ڪري ٿو.
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجي گئس جي پيداوار جو ننڍو حصو استعمال لاءِ ملي ٿو. ان حقيقت کي جدول نمبر 4 ۾ وڌيڪ سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو.

جدول نمبر 4: گئس جي واهپي جا صوبي وار وچور:
مٿين سڀني انگن اکرن مان اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته سنڌ ۽ بلوچستان قدرتي وسيلن ۾ وڏو حصو ڏيڻ جي باوجود انهن جي فائدن کان محروم آهن، اهو ته هو قدرتي وسيلن جي سڌي استعمال جو معاملو. ٻئي طرف اچو ڏسون ته تيل ۽ گئس مان ٿيندڙ آمدنيءَ مان صوبن کي ڇا ٿو ملي؟ پاڪستان جي وفاقي سرشتي اندر تيل ۽ گئس جا سمورا اختيار وفاق جبري طور پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن، نتيجي ۾ تيل ۽ گئس جون فيلڊز ليز ڪرڻ جو اختيار به پيٽروليم واري وزارت جي انتظام هيٺ هلندڙ ڊائريڪٽوريٽ آف پيٽروليم ڪنسيشنز وٽ آهي. هيءَ ڊائريڪٽوريٽ ڏيهي پرڏيهي ڪمپنين کي تيل ۽ گئس جي فيلڊز جي ليز ڏيڻ ۽ ان ڏس ۾ سمورا شرط وغيره مقرر ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. ان حوالي سان صوبائي سرڪار کي ڪٿي به وچ تي نه آندو ويندو آهي. صوبائي حڪومت کي رڳو ان ڊائريڪٽوريٽ جي نوٽيفڪيشن وسيلي پتو پوندو آهي ته صوبي جي فلاڻي علائقي کي تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ فلاڻي ڪمپنيءَ حوالي ڪيو ويو آهي. اهو بلڪل ڪالونيل دور وارو ڍانچو آهي، جنهن ۾ زمين توڙي ان جي اندر وسيلن جي تاريخي مالڪي رکندڙن کي سندن وسيلا وڪرو ٿيڻ جو رڳو اطلاع ڏنو ويندو آهي. اهڙي طرح تيل يا گئس ملڻ جي صورت ۾ وفاق سڌو سنئون ان جو مالڪ بنجي ويندو آهي. صوبن کي پيٽروليم واري وزارت جي نوٽيفڪيشن وسيلي اهڙي خبر پهچندي آهي، وفاقي حڪومت تيل ۽ گئس جي پيداوار تي ساڍا ٻارهن سيڪڙو رائلٽي صوبن کي ڏيندي آهي. اڳتي هلي صوبو ان رقم کي صوبائي ورڇ واري فارمولي هيٺ ورهائيندو آهي، جنهن ۾ تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ يونين ڪائونسل، تعلقي يا ضلعي لاءِ ڪا به الڳ رائلٽي شامل نه هوندي آهي. صوبائي ورڇ ۾ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ واري فارمولي هيٺ سگهارن ضلعن کي صوبائي ترقياتي بجيٽ جو وڏو حصو ملي ويندو آهي ۽ ناري، ڪاڇي ۽ ساحلي علائقن جهڙا ڏتڙيل ضلعا اربين رپين جو تيل ۽ گئس پيدا ڪرڻ باوجود ساڳي حال ۾ رهندا آهن. اصولي طور تيل ۽ گئس جي ايڏي وڏي دولت ملڪي ناڻي ۾ ڏيندڙ صوبا سنڌ ۽ بلوچستان ملڪ جا امير ترين صوبا هجڻ گهرجن ها، پر انهن جي سماجي ۽ معاشي پسماندگيءَ جو ڪهڙو حال آهي، اچو ته ان لاءِ ڪجهه عالمي ساک وارن ادارن جي انگن اکرن تي نظر وجهون.
يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام (UNDP) طرفان 2003ع ۾ پاڪستان اندر انساني ترقيءَ واري صورتحال تي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ 91 ضلعن جي درجي بندي ڪئي وئي. ان رپورٽ موجب ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ تيل اپائيندڙ ضلعو بدين 91 مان 60 هين نمبر تي بيٺل هو.
• ساڳي رپورٽ موجب انساني ترقيءَ جي ماپي واري پيماني تي آيل مٿين 30 ضلعن ۾ سنڌ جا رڳو 3 ضلعا آيا، جن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد به شامل هئا. ساڳي طرح پهرين 30 ضلعن ۾ بلوچستان جا به رڳو 3 ضلعا شامل هئا.
• ان رپورٽ ۾ ڪيل درجي بنديءَ ۾ ڊيرابگٽي سڀني کان آخر ۾ هئو، جيڪو 1952ع کان هن ملڪ کي گئس جي دولت وسيلي ترقي ڏيندو رهيو آهي.
• انساني ترقيءَ بابت کوجنا ڪندڙ هڪ ٻئي جڳ مشهور اداري سوشل پاليسي ڊولپمينٽ سينٽر کي (SPDC) پنهنجي 2001ع ۾ جاري ڪيل سالياني رپورٽSocial Development in Pakistan: Growth, Inequity and Poverty ۾ ڄاڻايو ته سنڌ جا پنجاهه سيڪڙو ضلعا تمام گهڻي محروميءَ واري خاني ۾ اچن ٿا.
• ساڳي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته بلوچستان جي 88 سيڪڙو آبادي تمام گهڻي محروميءَ واري زندگي گذاري ٿي.
• پاڪستان سرڪار طرفان ملينيم ڊولپمينٽ گولز (MDGs) بابت 2006ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ انساني ترقيءَ جي مختلف اهڃاڻن جي حوالي سان ملڪ جي سمورن ضلعن جي درجي بندي ڪئي ويئي آهي. ان درجي بنديءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انساني ترقيءَ جي ستن اهڃاڻن جي حوالي سان پهرين ڏهن نمبرن تي ايندڙ ضلعن ۾ 71 سيڪڙو ضلعا پنجاب جا، 11 سيڪڙو سرحد جا، 10 سيڪڙو سنڌ جا ۽ صرف 7 سيڪڙو بلوچستان سان تعلق رکن ٿا.
انساني ترقيءَ جي حوالي سان تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ضلعن جي حوالي سان تفصيل ۾ وڃڻ سان پتو پوندو ته انهن علائقن مان حڪومت قدرتي وسيلا ته ڪڍندي رهي آهي، پر موٽ ۾ انهن کي بري طرح نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي. ناجائزين جو ٻيو اهم پاسو آهي، تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ڪمپنين ۾ نوڪرين جو. جيئن ته انهن ڪمپنين جون هيڊ آفيسون گهڻو ڪري اسلام آباد يا ڪراچي جهڙن وڏن شهرن ۾ واقع آهن، تنهن ڪري اهم نوڪرين تي هڪ مخصوص لابي جو قبضو آهي. هيڊ آفيسن ۾ خاص ڪري مئنيجمينٽ ڪيڊر جي نوڪرين ۾ سنڌ جي ٻهراڙين جي ماڻهن جو انگ اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ آهي. مثال طور سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار ڪندڙ هڪ تمام وڏي ملٽي نيشنل ڪمپني جي اندرين ذريعن موجب ان ڪمپنيءَ جي اسلام آباد آفيس ۾ ڪل 60 ملازم آهن، جن مان رڳو ٻه سنڌي ڳالهائيندڙ آهن، جڏهن ته ساڳي ڪمپنيءَ جي ڪراچي آفيس ۾ 176 ملازم آهن، جن مان رڳو 10 سنڌي ڳالهائيندڙ آهن. ان هڪ جهلڪ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ڪمپنين جي مکيه آفيسن ۾ سنڌين جي ڪيتري نمائندگي آهي. 14 هين اپريل 2007ع ۾ پيٽروليم واري اڳوڻي وزير امان الله جدون قومي اسيمبليءَ ۾ ٻڌايو ته سئي سدرن گئس ڪمپنيءَ ۾ ڪل 11613 ملازم آهن، جن ۾ سنڌ جا 3613 ملازم شامل آهن، جن ۾ 1940 جو تعلق ڪراچي شهر سان آهي. پرائيوٽ سيڪٽر، خاص طور تي پرڏيهي ڪمپنين ۾ ته حالت ويتر خراب آهي، جتي سنڌي ماڻهن کي اهو چئي نه ٿو رکيو وڃي ته منجهن گهربل اهليت ناهي. اهو دليل هاڻي پنهنجو وزن وڃائي چڪو آهي. صاف ظاهر آهي ته هڪ مخصوص لابي انهن ادارن تي قابض آهي، جيڪا سنڌين کي انهن ڪمپنين ۾ پير رکڻ نٿي ڏئي. نان مئنجيمينٽ ڪيڊر وارين نوڪرين ۾ به هڪ وڏو انگ غير مقامي ماڻهن جو رکيو وڃي ٿو، مختلف ڪم ٺيڪي تي وڏن شهرن جي ڪمپنين حوالي ڪري تيل ۽ گئس واريون ڪمپنيون اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، ته انهن نوڪرين ۾ سندن وس ناهي. مثال طور اڪثر ڪري انهن ڪمپنين جي فيلڊن ۽ عملي جي کاڌي پيتي جي فراهميءَ وارو ڪم ٺيڪي تي ڏنل هوندو آهي، نتيجي ۾ اتي ويٽر به غير مقامي ڪم ڪري رهيا هوندا آهن. باقي هنرمند ڪمن ۾ سنڌين کي ٻاهر رکڻ جو بهانو هنن وٽ ٺهيو ٺڪيو رکيو آهي ته، ناري ۽ ڪاڇي ۾ ڀلا مقامي پلمبر ۽ فٽر ڪٿان آڻيون. انهن ڪمپنين کي جڏهن انهن علائقن ۾ ڏهاڪن تائين تيل ۽ گئس پيدا ڪرڻ جو ڪم جاري رکڻو آهي ته اصولي طور اها سندن ذميواري بڻجي ٿي ته اهي مقامي ماڻهن جي گهربل تربيت ڪري کين ننڍين نوڪرين ۾ اوليت ڏين، پر ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ڪمپنين کانسواءِ ڪا به ڪمپني ائين ڪرڻ لاءِ ڪو باقائدي انتظام نٿي ڪري.
مقامي علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ هر ڪمپنيءَ کي هڪ خاص رقم ڪميونٽي ڊولپمينٽ جي پراجيڪٽن تي خرچ ڪرڻي هوندي آهي. اها رقم تيل ۽ گئس جي ڳولا واري مرحلي تي 25 هزار ڊالر ساليانو کان شروع ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن ان علائقي ۾ تيل ۽ گئس هٿ اچي وڃي ته ان جي پيداوار جي مقدار جي حساب سان ان ۾ واڌارو اچي وڃي ٿو. اها رقم پٺتي پيل علائقن جي حساب سان چڱي موچاري هوندي آهي. هونءَ ته اڪثر ڪمپنيون، خاص ڪري پرڏيهي ڪمپنيون اها رقم خرچ ڪنديون رهنديون آهن، پر ان ڪم کي پنهنجو بنيادي ڪم سمجهڻ بجاءِ ان کي بار لاهڻ واري نيت سان ڪرڻ سبب اهو ڪم پروفيشنل طريقي سان نٿو ڪيو وڃي. ڪميونٽي ڊولپمينٽ واري فنڊ جا مئنيجر گهڻو ڪري اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ويهن ٿا ۽ انهن مان گهڻا ته اهڙي ذاتي پسمنظر سان تعلق رکن ٿا، جن کي نه غريب ڪميونيٽين سان ڪا ذاتي همدردي هوندي آهي ۽ نه هنن جو ڪو لاڳاپيل تجربو هوندو آهي، نتيجي ۾ اهو فنڊ به ڪنهن اثرائتي طريقي سان گهٽ استعمال ٿئي ٿو. مٿي ڄاڻايل رخن جي گهرائي ۾ وڃڻ سان پتو پوندو ته سڄي ملڪ جي توانائي جي ضرورتن جو وڏو حصو پورو ڪرڻ جي باوجود سنڌ نه رڳو انهن وسيلن تي مالڪيءَ کان محروم آهي، پر پنهنجي وسيلن مان ان کي ڪو به جوڳو فائدو به نٿو ڏنو وڃي. هڪ ذميوار رياست تي اهو فرض ٿو لاڳو ٿئي ته اها پنهنجي شهرين کي قدرتي وسيلن جي عيوض ڪي اهڙا فائدا ڏئي، جنهن سان کين اهو احساس ٿئي ته سندن وسيلا رياست ڪنهن بنيادي انصاف جي اصول هيٺ استعمال ڪري رهي آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ۽ بلوچستان سان روا رکيل سلوڪ سبب انهن صوبن جا اصلوڪا رهواسي محسوس ڪن ٿا ته سندن قدرتي وسيلا هڪ منظم طريقي سان هڙپ ڪيا پيا وڃن.

مادري ٻولين جي ڏهاڙي جو اتساهيندڙ پسمنظر

مادري ٻولين جي ڏهاڙي جو اتساهيندڙ پسمنظر
هونئن ته بنگلاديش 16 ڊسمبر 1971ع تي وجود ۾ آيو، پر سياسي ڏاها چون ٿا ته، درحقيقت بنگلاديش اُن ڏينهن وجود ۾ اچي چڪو هو، جڏهن 21 فيبروري 1952ع تي بنگاليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جي مطالبي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بنگالي شاگردن مٿان گوليون هلائي ٽن ڳڀرن کي شهيد ڪيو ويو هو. درحقيقت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي اهو واضح ٿي چڪو هو ته، اردو نئين ملڪ جي قومي زبان ٿيندي، اُن وقت بنگالي ڳالهائيندڙ، ملڪي آباديءَ جو 55 سيڪڙو هئا، جڏهن ته اردو هڪ ڏيڍ سيڪڙو آباديءَ جي مادري زبان مَسَ هئي پر اُن جي باوجود اسلامي ثقافت اردوءَ کي ملڪ مٿان لاڳو ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا. بنگالي ان وقت ملڪ اندر سڀني کان وڌيڪ سُجاڳ ۽ اڳڀري قوم هئا. زبانن جي حوالي سان بنگالي ۽ سنڌي نهايت سُڌريل زبانون هيون، انهن زبانن ۾ نه رڳو شاندار ادبي ورثو موجود هو، پر صوبن جو سرڪاري ڪاروهنوار به انهن ئي زبانن ۾ هلايو ٿي ويو. اصولي طور 55 سيڪڙو آباديءَ کي اهو مطالبو ڪرڻ جو حق هو ته، سندن زبان کي قومي زبان جو درجو ڏنو وڃي. بدقسمتيءَ سان ان وقت جي سياسي قيادت ملڪ اندر هزارين سالن جو تهذيبي ورثو ۽ ثقافت رکندڙ قومن جي تاريخي سُڃاڻپ ۽ زبانن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي اردوءَ کي مذهب سان ڳنڍي، ان کي قومي زبان طور مَڙهيو. بنگالي قومپرست ۽ ليکڪ ان صورتحال کي اڳ ئي محسوس ڪري رهيا هئا. نامياري بنگالي شاعر فرخ احمد ۾ هڪ مشهور بنگالي رسالي ۾ هڪ مضمون ”پاڪستان: رياست جي زبان ۽ ادب“ جي عنوان هيٺ لکيو. اُن مضمون ۾ لکيائين ته، ”جيتوڻيڪ اها ڳالهه چِٽي ٿي وئي آهي ته، پاڪستان يا گهٽ ۾ گهٽ اوڀر پاڪستان جي قومي زبان بنگالي هوندي پر اوڀر پاڪستان جي ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهن اِنَ اياڻپ ڀرئي خيال جو اظهار ڪيو آهي ته، جيڪڏهن بنگالي ٻوليءَ کي رياست جي زبان بڻايو ويو، ته ان سان اسلامي ثقافت تباهه ٿيندي“.
پاڪستان ٺهڻ کان ستت ئي پوءِ اوڀر بنگال ۾ بنگاليءَ کي به قومي زبان بنائڻ جي گُهر شِدت سان ٿيڻ لڳي. 25 فيبروري 1948ع تي بنگالي ڪانگريس اڳواڻ دتا اسيمبليءَ ۾ بنگاليءَ کي قومي زبان بنائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته، 69 ملين آباديءَ مان 44 ملين آبادي بنگالي ڳالهائيندڙ آهي. هن هڪ ترميم تجويز ڪئي ته، اردو ۽ انگريزيءَ سان گڏ بنگاليءَ کي به اسيمبليءَ جي زبان بنايو وڃي. وراڻيءَ ۾ وزير اعظم لياقت علي خان چيو ته، پاڪستان، ننڍي کنڊ جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن جي مطالبي تي ٺهيو آهي ۽ سندن زبان اردو آهي. پاڪستان هڪ اسلامي رياست آهي، تنهن ڪري ان جي زبان رڳو اردو ئي ٿي سگهي ٿي. اولهه پاڪستان جي قيادت بنگالي قومي زبان جي مطالبي کي ملڪ ٽوڙڻ سان ڀيٽڻ شروع ڪيو. اوڀر پاڪستان جي نالي ماتر وڏي وزير خواجه ناظم الدين کي به ان ترميم تي اعتراض هو. ناظم الدين بنگالين مان چونڊيل هڪ مڏو اڳواڻ هو، جنهن کي خود سندس صوبي ۾ به حمايت نه هئي. هِي صاحب اسٽيبلشمينٽ جي وفادار هجڻ سبب اڳتي هلي ملڪ جو ٻيو گورنر جنرل ۽ وزير اعظم پڻ بڻيو.
بنگاليءَ کي اسيمبليءَ جي زبان بڻائڻ واري ترميم کي رد ڪرڻ جو سخت رد عمل ٿيو. 11 مارچ 1948ع تي صوبي اندر هڙتال ۽ مظاهرا ڪيا ويا. بنگالين جي سياسي قيادت ان تي سخت ردعمل ڪيو. بنگالي اڳواڻ حسين شهيد سهروردي بيان جاري ڪيو ته، جيڪڏهن ماڻهن جي زبان بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته ان تي سخت احتجاج فطري ردعمل آهي. سلهٽ جي شهرين طرفان هڪ بيان جاري ڪري چيو ويو ته، جيڪڏهن پاڪستان جي ايڪي لاءِ ڪو جهاد به ڪرڻو پيو، ته اسان سڀني کان اڳيان هونداسين پر اسان ملڪ اندر بنگالي، سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي جائز حيثيت ڏيڻ واري مطالبي تي قائم آهيون.
ان صورتحال تي ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح کي سخت ڳڻتيءَ وَرايو ۽ هن مارچ جي آخري ڏهاڪي ۾ اوڀر بنگال جي دوري جو اعلان ڪيو. جناح صاحب باقي ملڪ جيان بنگال ۾ به مقبول اڳواڻ هو ۽ سندس آمد جي اعلان جي زبردست آجيان ڪئي وئي. بنگالين جو خيال هو ته، جناح صاحب سندن جائز گُهرَ تي همدرديءَ سان ويچار ڪندو. پر بدقسمتيءَ سان جناح به لياقت علي خان ۽ ٻين لَڏي آيل اڳواڻن جي مؤقف جي اثر هيٺ هو. ايڪيهين مارچ تي هن ڍاڪا جي ريس ڪورس گرائونڊ ۾ هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته، مان اها ڳالهه چئن لفظن ۾ ٻڌائڻ گهران ٿو، ته ملڪ جي قومي زبان ٻِي ڪابه نه- پر اردو ئي ٿيندي، جيڪو به توهان کي ان معاملي ۾ گُمراهه ڪري ٿو، اهو در حقيقت پاڪستان جو دشمن آهي. هڪ رياستي زبان کان سواءِ ڪابه قوم هڪ ٿي هلي نه سگهندي. جيستائين رياست جي زبان جو تعلق آهي، ته پاڪستان جي زبان اردو ئي هوندي. ان کانپوءِ 24 مارچ تي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي ڪنووڪيشن کي ڪرزن هال ۾ خطاب ڪندي جناح صاحب پنهنجا خيال ورجائيندي چيو ته، قومي زبان رڳو اردو ئي ٿيندي. جناح صاحب جي توقع جي ابتڙ شاگردن مان اوچتو ڪجهه شاگردن نعرا هڻڻ شروع ڪيا ” نو-نو“. شيخ مجيب الرحمان پڻ ان وقت شاگرد هو ۽ اُنهن نعرا هڻندڙن ۾ شامل هو. جناح ڪجهه گهڙين جي ماٺ کانپوءِ وري ورجايو ته، اردو ۽ رڳو اردو ئي رياست جي زبان هوندي، ننڍي کنڊ جي ڏهه ڪروڙ مسلمانن ان زبان کي پاليو آهي. اها ئي زبان آهي، جيڪا ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ سمجهي وڃي ٿي ۽ اسلامي ثقافت ۽ مسلم روايتن جي بهترين نمائندگي ڪري ٿي. محمد علي جناح البته شاگردن جي تاءُ کي محسوس ڪندي اسٽيٽ لينگوئيج ايڪشن ڪميٽيءَ سان ملاقات ڪئي. ان وفد ۾ شامل هڪ اڳواڻ قمر الدين بعد ۾ لکيو ته، جناح پنهنجي ڳالهه تي اَٽل هو ۽ وفد کي چيائين ته، جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ زبانون هونديون، ته پاڪستان جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي. ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن جناح جي انهن تقريرن جو جواب ڏيڻ لاءِ رابندر ناٿ ٽئگور جي سالگرهه ۽ قومي زبان جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان جي وفاقي حڪومت جو بنگالي زبان ۽ ثقافت ڏانهن رَويو اهو هو جو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير خواجا شهاب الدين هڪ موقعي تي اهو به مطالبو ڪيو ته، ٽئگور جي راڳ ۽ لکڻين تي بندش وجهڻ گهرجي. بنگالين ان ڏهاڙي کي وڏي جذبي سان ملهايو، اوڀر بنگال جي ڪابينا ۾ صحت واري وزير حبيب الله بهادر ان موقعي تي هڪ ويهڪ جي صدارت به ڪئي ۽ پروگرام آرگنائيز ڪندڙن جي جنرل ميٽنگ جي به صدارت ڪئي. ان پروگرام سبب اولهه پاڪستان ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو. مسلم ليگ جي حامي اخبارن اهو پروگرام منعقد ڪرائيندڙن کي سزا ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ۽ پروگرام ڪرائيندڙن کي هندستان جو ڇاڙتو ۽ پاڪستان جو دشمن قرار ڏنو.
اهڙيءَ طرح بنگالي زبان جي هلچل زور وٺندي وئي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي ايندي وئي. 27 هين جنوري 1952ع تي تڏهوڪي وزير اعظم خواجه ناظم الدين ڍاڪا ۾ هڪ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته، ”بنيادي اصولن واري ڪميٽيءَ“ جي سفارشن مطابق رڳو اردو ئي قومي زبان هوندي. ان اعلان کان پوءِ اوڀر بنگال ۾ ڄڻ ته باهه ٻري وئي. 30 جنوريءَ تي قومي زبان جي يونيورسٽي ڪميٽيءَ جو وڏو ميڙ ڪوٺايو ويو. ٻئي ڏينهن تي اوڀر پاڪستان مسلم اسٽوڊنٽس ليگ طرفان آل پارٽيز ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي وئي. 21 فيبروريءَ تي جڏهن اوڀر بنگال جي قانون سازن اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو هو، هڪ عام هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. حڪومت شاگردن جي اسيمبليءَ ڏانهن اعلانيل جلوس کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو، پر شاگردن ان جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. شاگرد جيئن ئي يونيورسٽيءَ جي مُک دروازي ڏانهن وڌيا، ته پوليس ڏَنڊن ۽ ڳوڙها گئس سان سندن آجيان ڪئي. چڪريون وڌنديون ويون ۽ ساڍي ٽِين وڳي ڌاري پوليس گوليون هلائي ڏنيون. نتيجي ۾ ٻه شاگرد عبدالجبار ۽ رفيع الدين احمد مارجي ويا ۽ عبدالبرڪت زخمي ٿي پيو، جيڪو پڻ شام جو اسپتال ۾ گذاري ويو. ان واقعي بنگال کي ڌوڏي ڇڏيو. 22 هين فيبروريءَ تي شاگردن مسلم ليگ جي حامي اخبار جي آفيس کي باهه ڏيئي ڇڏي. جڏهن ته مسلم ليگي پارلياماني پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽ روزانه ”آزاد“ جي ايڊيٽر عبدالڪلام شمس الدين پارلياماني پارٽيءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. سندس اخبار مسلم ليگ جي حمايت تان هٿ کڻندي ٻئي ڏينهن ڪاري پٽيءَ سان واقعي جي خبر ڇاپي. شاگردن ميڊيڪل ڪاليج جي گيٽ وٽ شهيدن جو مينار ٺاهي ورتو. ٻوليءَ واري هلچل کي وڌيڪ هٿي تڏهن ملي، جڏهن فضل الحق ايڊووڪيٽ جنرل جي عهدي تان استعيفا ڏئي مسلم ليگ خلاف مخالف ڌر کي ڪٺو ڪرڻ شروع ڪيو. انهن ئي اڳڀرائين جي نتيجي ۾ اڳتي هلي عوامي ليگ جي ڪوششن سان مسلم ليگ خلاف يونائيٽيڊ فرنٽ وجود ۾ آيو. ان اتحاد 21 نڪاتي چارٽر هيٺ مارچ 1954ع ۾ صوبي اندر ٿيل چونڊن ۾ ملڪ جي باني هجڻ جي دعويدار جماعت مسلم ليگ جي تڏاهه ويڙهه ڪري ڇڏي. 309 سيٽن جي ايوان ۾ مسلم ليگ کي رڳو ڏهه سيٽون نصيب ٿيون، جڏهن ته يونائيٽيڊ فرنٽ 237 مسلم سيٽن مان 228 سِيٽون کٽي ورتيون. اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جي هلچل جديد بنگالي قومپرستيءَ جا بنياد رکيا. اڳتي هلي 1956ع جي آئين ۾ بنگاليءَ کي به اردوءَ سان گڏ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ايڪهين فيبروريءَ جي ڏهاڙي کي 1999ع ۾ يونيسڪو پاران مادري ٻولين جو ڏهاڙو قرار ڏنو ويو. ان هلچل جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ بنگالي قومپرستيءَ اڳتي هلي بنگلاديش کي جنم ڏنو.
بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته، ملڪ جي واڳ ڌڻين تاريخ جي ان تلخ سچائيءَ مان ڪوبه سبق نه سکيو. پاڪستان اندر اڄ به اصلوڪين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي. پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومت ۾ جڏهن ملڪ جي صوبن اندر ڳالهائجندڙ مکيه زبانن کي قومي زبان جو درجو ڏيارڻ وارو بل پيش ڪيو ويو، ته وري به ان کي ملڪ جي ايڪي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو. دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ قومي ٻوليون آهن ۽ انهن ملڪن جي سالميت کي ڪوبه خطرو ناهي پيش آيو. هن وقت ملڪ اندر صوبن ۾ سنڌي سڀني کان اڳڀري زبان آهي. سنڌي زبان کي جائز حيثيت ڏيارڻ لاءِ سنڌ اندر ساڳئي قسم جي جدوجهد اُن دور کان وٺي جاري آهي.
1970ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ اندر ٻوليءَ وارا وڳوڙ ڪرايا ويا، ته 3 جولاءِ 1972ع تي ”دي سنڌي ٽيچنگ، پروموشن اينڊ يُوز آف سنڌي لينگوئيج بل“ 1972ع ۾ پيش ڪيو ويو. ان بل کي سنڌ اسيمبليءَ 7 جولاءِ 1972ع تي 62 مان 50 ميمبرن جي ووٽن سان پاس ڪيو ۽ گورنر پاران 16 جولاءِ تي صحيح ڪري ان کي ايڪٽ جو درجو ڏنو ويو. اڄ ان اسيمبليءَ جو حال اهو آهي جو خود پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت فيبروري 2010ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ نواب تيمور ٽالپر پاران پيش ڪيل هڪ ٺهراءُ بحال ڪيو ته، سنڌ حڪومت 1972ع واري ايڪٽ تي عمل کي يقيني بڻائي. کِلَ جهڙي ڳالهه آهي ته، ساڳِي پارٽيءَ جي حڪومت 38 سال اڳ پنهنجي ئي پاس ڪيل قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ئي حڪومت کان مطالبو ڪرڻ جو ٺهراءُ بحال ڪرائي رهي هئي. ان قانون تي مڪمل طور عمل ڪرائڻ ته پري، حڪومت خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ تي مجبور آهي. هن وقت صوبي اندر 9,866 خانگي اسڪول آهن، جن مان 6,215 اسڪول ڪراچي ۽ 1,148 حيدرآباد ۾ آهن. خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن واري ايڪٽ موجب، سمورن خانگي اسڪولن کي انگريزي ۽ اردوءَ سان گڏ سنڌيءَ جو سبجيڪٽ به پڙهائڻو آهي، پر خانگي اسڪول ان قانون تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اهڙيءَ طرح انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ 20 لکن کان وڌيڪ ٻارَ سنڌي سِکڻ کان محروم آهن. ياد رهي ته، سرڪاري اسڪولن ۾ صوبي اندر ڪُل 42 لک ٻار پڙهندا آهن. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته، خانگي اسڪولن جي شاگردن جو انگ تمام وڏو آهي. تعليم واري وزير نثار کهڙي پاڻ اهو مڃيو آهي ته، رڳو ڪراچي نه، پر ان کان سواءِ ٻين شهرن ۾ پڻ خانگي اسڪولن اندر سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي. بنيادي طور تي ٻوليءَ جي 1972ع واري ايڪٽ تي ئي صوبي اندر عمل نه ڪرايو ويو آهي. ان کان به وڌيڪ اچرج جي ڳالهه اها آهي ته، اهو ايڪٽ سنڌ اسيمبليءَ جي پنهنجي ويب سائيٽ تان به گم آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي سرڪاري ويب سائيٽ )www.pas.gov.pk( تي ايڪٽس جي ڏنل خاني ۾ 1972ع کان 1977ع دوران صرف هڪ ايڪٽ نظر اچي ٿو، جيڪو اسيمبلي ميمبرن جي مراعتن بابت آهي ۽ ان خاني ۾ ٻوليءَ واري اهم ايڪٽ جو ڪوبه پتو نه ٿو ملي.
سنڌي ٻوليءَ کي هڪ اهم چئلينج سرڪاري اسڪولن جي بربادي آهي. اٽڪل 49 هزار سرڪاري اسڪولن ۾ 42 لک کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا، انهن اسڪولن جو هڪ وڏو انگ ٻهراڙين ۾ آهي، جتي سياسي ۽ انتظامي ڪرپشن سبب اُستاد پڙهائڻ لاءِ تيار ناهن ۽ تعليم واري وزير جي پنهنجي اعتراف موجب، 11 هزار اسڪول بند آهن. نتيجي ۾ لکين ٻار بنيادي سنڌي سِکڻ کان محروم ٿي رهيا آهن. هيٺئين وچولي طبقي جا شهري به هاڻي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا، جتي سنڌي پڙهائي نه ٿي وڃي. جيڪڏهن لکين ٻار پنهنجي مادري زبان پڙهڻ کان سواءِ وڏا ٿيندا، ته اهي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کان ڇِنل رهندا ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي ئي سماجَ ۾ اوپرا رهندا. قومي جڙاوت جو بنيادي ايڪو ٻولي آهي، ان جي اڻهوند قومي وجود کي اڻپورو بڻائي ڇڏيندي. سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بهتري نه رڳو معاشي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي پر ان جو ڳانڍاپو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا سان به آهي. جتي سنڌي سافٽ ويئر ۽ سنڌي ميڊيا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏي سگهه آهن، اُتي تيزيءَ سان ناڪاره ٿيندڙ سرڪاري تعليمي سرشتو سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ بقا لاءِ وڏي لَلڪار آهي. حڪومتي سرپرستيءَ تي ان ڪري نه ٿو ڀاڙي سگهجي، جو ان جون اوليتون ڪجهه ٻيون آهن. تعليم جو سُڌارو يا ٻوليءَ جي بقا رڳو بجيٽن ۽ اعلانن جو نه، پر هڪ گهري قومي غيرت ۽ ڪمٽمينٽ جو معاملو آهي، جنهن کي ڪرپشن جو مانگر مڇ ڳڙڪائي چڪو آهي. سنڌ واسين کي متحرڪ قوم طور ان صورتحال جو ماضيءَ جيان پاڻ ئي مقابلو ڪرڻو پوندو، جڏهن سرڪار، سماجَ جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي نيت ۽ اهليت وڃائي ويهي، ته پوءِ سماج جي سِياڻن ماڻهن کي متبادل ادارا قائم ڪرڻا پوندا. سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ مطالبن کان اڳتي وڌي قومي عمل جي گُهرج آهي.