مختلف موضوع

زال ۽ مڙس جي رشتي کي ڪيئن ڪامياب بڻائجي؟

مرد ۽ عورت جي ازدواجي  لاڳاپن جي حوالي سان مختلف قومن جي مختلف نفسيات آهي. اسان جي سماج ۾ ڪنهن حد تائين مرد کي شڪايت رهي آهي تہ عورت لاشعوري طور تي ئي سھي ليڪن مرد جي چوڌاري رهي ٿي ان ۾ سمايل نٿي رهي. اهڙي طرح عورت کي بہ شڪايت رهي آهي تہ مرد گهڻو ڪري  گهر جو صوبيدار بنجي گذاري ٿو. ھن ڪتاب ۾ زال ۽ مڙس جي حقن ۽ فرضن سان گڏ دلچسپ موضوع زير بحث رھيا آھن، جن ذريعي زال ۽ مڙس جي ازدواجي رشتي کي قائم رکي سگهجي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 111
  • 23
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book زال ۽ مڙس جي رشتي کي ڪيئن ڪامياب بڻائجي؟

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ابراھيمي امينيءَ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”زال ۽ مڙس جي رشتي کي ڪيئن ڪامياب بڻائجي“ اوهان اڳيان پيش آهي، جنھن جو سنڌي ترجمو شبانہ سولنگيءَ ڪيو آھي.

مرد ۽ عورت جي ازدواجي  لاڳاپن جي حوالي سان مختلف قومن جي مختلف نفسيات آهي. اسان جي سماج ۾ ڪنهن حد تائين مرد کي شڪايت رهي آهي تہ عورت لاشعوري طور تي ئي سھي ليڪن مرد جي چوڌاري رهي ٿي ان ۾ سمايل نٿي رهي. اهڙي طرح عورت کي بہ شڪايت رهي آهي تہ مرد گهڻو ڪري  گهر جو صوبيدار بنجي گذاري ٿو. ھن ڪتاب ۾ زال ۽ مڙس جي حقن ۽ فرضن سان گڏ دلچسپ موضوع زير بحث رھيا آھن، جن ذريعي زال ۽ مڙس جي ازدواجي رشتي کي قائم رکي سگهجي ٿو.

ھي ڪتاب 1999ع ۾سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سنڌيڪا اڪيڊمي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

 

محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

 books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

مرد ۽ عورت جي ازدواجي  لاڳاپن جي حوالي سان مختلف قومن جي مختلف نفسيات آهي. اسان جي سماج ۾ ڪنهن حد تائين مرد کي شڪايت رهي آهي ته عورت لاشعوري طور تي ئي سهي ليڪن مرد جي چوڌاري رهي ٿي ان ۾ سمايل نٿي رهي. اهڙي طرح عورت کي به شڪايت رهي آهي ته مرد گهڻو ڪري  گهر جو صوبيدار بنجي گذاري ٿو.

هن صورتحال ۾ اڪثر ڏٺو ويو  آهي ته خانداني اختلاف ۽ ڇڪتاڻ جي صورت دائمي طرح قائم رهي ٿي. انجو هڪ وڏو سبب زال مڙس جي ازدواجي زندگيءَ جي فرضن کان عدم واقفيت آهي ۽ ٻيو اهم سبب آهي، ٻنهي جي تعلق ۾ هڪ ٻئي مٿان خدائي  ذميوارين جو عدم شعور آهي. جتي جتي اهو شعور مورئون ماٺو آهي اتي هڪ ٻئي کان وڌيڪ ويڳاڻپ آهي، ۽ جتي اهو شعور پختو ناهي اتي ڪنهن حد تائين هڪ ٻئي جي لحاظ جا ڌنڌلا عڪس ته موجود آهن، پر تعلقات جي اها سرگرمي موجود ڪونهي جيڪا آدم ۽ حوا جي اولاد جو ورثو آهي.

خدائي ذميوارين جو اهو عدم شعور هينئر اسان جي سوسائٽيءَ جو روڳ بڻيل آهي. هڪ طرف پڙهيل ماڻهن ۾ ٿورڙين ٿورڙين ڳالهين تي رشتن ۾ ڏار پوڻ ۽ طلاق جي شرح ۾ اضافو آهي ته ٻئي طرف اڻ پڙهيل يا نالي ماتر پڙهيل طبقي ۾ ڪارو ڪاريءَ جي بهاني سان عورتن جو قتلام ڄڻ ته اسان جي قومي روايت جي حيثيت  اختيار ڪندو پيو وڃي.

اهڙي صورتحال ۾ اسان هيءُ مختصر ابتدائي ڪوشش ڪئي آهي. جو ايران جي نامور عالم ابراهيم امينيءَ جي ڪتاب ”خاندان جو اخلاق“ جو سنڌي ترجمو ڪرائي اوهان جي هٿن تائين رسايو آهي. اسان جي هن ڪوشش جو مقصد آهي ته مرد ۽ عورت ٻنهي ۾ سندن ازدواجي رشتي جا اخلاقي قدر مستحڪم ٿين. اهڙي طرح اسان جي سماج ۾ ناسمجهي ۽ ناتجريبيڪاريءَ جي ڪري برباد ٿيندڙ زندگين کي بچايو وڃي.

هينئر سوسائٽي جي سڀني پڙهيل ماڻهن جو فرض آهي ته شاديءَ کان پهريون ئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هن مطالعي تي اتساهن. ياجن جوڙن زندگيءَ ۾ نئون قدم رکيو آهي، سي هن ڪتاب جو ابتدا ۾ مطالعو ڪري پنهنجون حالتون ۽ اخلاق سنوارڻ جي ڪو شش ڪن. يا جيڪي زال مڙس پنهنجون اڌ زندگيون گذاري چڪا آهن، اهي به هن ڪتاب جو مطالعو ڪري پنهنجي خاندن ۽ نئين نسل کي تباهيءَ کان بچائي وٺن.

ڪتاب جو سنڌي ترجمو محترمه شبانه سولنگيءَ نهايت ئي ڪميٽمينٽ ۽ عرق ريزيءَ سان ڪيو آهي. ان لاءِ هن کيرون لهڻيون. شبانه سولنگي مختصر عرصي ۾ گهڻن ئي ڪتابن جو ترجمو ڪري موجوده سنڌي ادب جي کيتر ۾ پاڻ موکيو آهي ۽ ائين ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي ادبي سٿ ۾ اهم مقام حاصل ڪري ورتو اٿائين. اسان کانئس اميد ٿا رکون ته هوءَ ترجمن وانگر طبعزاد لکڻين ۾ به ساڳيءَ طرح پنهنجو ڌاڪو ڄمائي وٺندي.


نور احمد ميمڻ

چيئرمين

سنڌيڪا اڪيڊمي


ڀاڱو پهريون عورتن جا فرض

---

1- شاديءَ جو مقصد:

1- شاديءَ جو مقصد:
شادي هر ماڻهوءَ جي فطري گهرج آهي جنهن جا انيڪ فائدا آهن، جهڙوڪ: 1- اجايو گهمڻ گهتڻ کان بچڻ، اڪيلائپ جي احساس کان آجپو ۽ ڪٽنب جي جوڙجڪ:
ڪنوارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون انهن پکين وانگر هوندا آهن جن جو ڪو واهيرو ناهي هوندو. شاديءَ وسيلي نه رڳو کين گهر گهاٽ يا اجهو ملي ويندو آهي پر زندگيءَ جي ساٿي، غم ونڊيندڙ، رازدار ۽ حال ڀائي ملڻ ڪري سندن زندگي نهايت وڻندڙ وهڪري ۾ گهڙندي آهي.

2- جنسي خواهشن جو پوراءُ:

2- جنسي خواهشن جو پوراءُ:
جنسي خواهش، انسان جي وجود جي هڪ مکيه ۽ سگهاري خواهش هوندي آهي. ان خواهش جي پوراءَ لاءِ هڪ ساٿيءَ جي ضرورت پوندي آهي ته جيئن دلجاءِ سان ضرورت مهل سندس وجود مان فائدو ماڻي سگهجي ۽ مزو پڻ ماڻي سگهجي. جنسي خواهش جو چڱي نموني پوراءُ ٿيڻ گهرجي ڇو جو اها هڪ فطري ضرورت آهي. نه ته ٻي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته ان جا سماجي، جسماني ۽ نفسياتي طور تي هاڃيڪار نتيجا نڪرن. جيڪي ماڻهو شاديءَ کان ونءُ ويندا آهن سي عام ڪري نفسياتي ۽ جسماني بيمارين ۾ ڦاٿل هوندا آهن.

3- نسل جي واڌ ويجهه:

3- نسل جي واڌ ويجهه:
شاديءَ وسيلي اولاد پيدا ٿيندي آهي. هڪ ٻارڙو شاديءَ جو منطقي نتيجو هوندو آهي ۽ ڪٽنب جي پيڙهه کي سگهارو ڪرڻ سان گڏوگڏ زال مڙس جي لاڳاپن کي وڻندڙ ۽ جٽادار بنائڻ جو ڪارڻ بڻبو آهي. اهوئي سبب آهي جو قرآن پاڪ ۽ حديثن ۾ شادي ڪرڻ تي گهڻو زور ڀريو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ الله سائين فرمائي ٿو ته، ”خدا جي نشانين منجهان هڪ نشاني اها (پڻ) آهي ته ان توهان لاءِ زندگيءَ جو ساٿي پيدا ڪيو آهي ته جيئن توهان ساڻس پيار ڪريو.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪو ماڻهو منهنجي پيروي ڪرڻ چاهي، تنهن کي گهرجي ته اهو شادي ڪري ۽ شاديءَ وسيلي اولاد پيدا ڪري (۽ مسلمانن جي ڳاڻيٽي ۾ واڌارو ڪري) ته جيئن قيامت جي ڏينهن منهنجي امت جو انگ سڀني امتن کان وڌيڪ هجي.“
حضرت علي ؐ فرمائي ٿو ته، ”شادي ڪريو جو اها خدا جي رسولﷺ جي سنت آهي.“
انسان هن دنيا ۾ ان ڪري ناهي آيو ته اهو هڪ مُدي تائين کائي پيئي، سُمهي ، عيش ڪري، مزا ماڻي ۽ پوءِ مري کپي وڃي. انسان هن دنيا ۾ رڳو ان لاءِ آيو آهي ته اهو علم ۽ عمل ۽ مٿانهين اخلاق وسيلي پنهنجي نفس جي سڌاري ۽ سنئين واٽ تي هلي پالڻهار جي ويجهڙائپ حاصل ڪري.
انسان هڪ اهڙي خلقت آهي جيڪا سٺي اخلاق ۽ نفس جي پاڪائيءَ وسيلي براين کان پري ڀڄي ۽ ڀلا ڪم ڪري اهڙي مٿانهين ۽ مانائتي هنڌ تي پهچي سگهي ٿي جتي ملائڪ به نٿا پهچي سگهن.
انسان هن دنيا ۾ اجايو نه آيو آهي پر سندس اچڻ جو مقصد اهو آهي ته اهو پيغمبرن جي هدايت ۽ رهبريءَ وسيلي دين جي اصولن ۽ قانونن تي عمل ڪري پنهنجا ٻئي جهان ڀلا ڪري ۽ هن دنيا ۾ به سڪون سان رهي ته آخرت جي دنيا ۾ پڻ پالڻهار جي ٻاجهه جي ڇانوَ ۾ رهي آرام سان پنهنجي ابدي زندگي گهاري.
تنهن ڪري انسان جي گهريلو زندگيءَ جي اصل مقصد کي ان پسمنظر ۾ ڳولڻ گهرجي. هڪ ڀلاري ۽ ديندار انسان جي اڳيان شاديءَ جو اصل مقصد اهو هوندو آهي ته اهو پنهنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ جي سهڪار سان پنهنجي نفس کي گناهن ، بڇڙاين ۽ بداخلاقيءَ کان بچائي ۽ سٺن عملن، وڻندڙ اخلاق ۽ ڪرادار وسيلي پنهنجي نفس جو سڌارو ڪري ته جيئن انسانيت جي مٿانيهن درجي تي پهچي ۽ خدا جي ويجهڙائپ ماڻي. اهڙو سٺو ۽ مٿانهون مقصد ماڻڻ لاءِ هڪ سٺي، بااخلاق ۽ پيار ڪندڙ زال جي ضرورت نهايت اڻٽر آهي.
هڪ مومن ۽ مومنياڻي شاديءَ ڪٽنب جي جوڙجڪ ڪري پيار ۽ محبت جي پاڇي ۾ سڪون سان رهندي پنهنجون جائز خواهشون سولائيءَ سان پوريون ڪري سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح ناجائز لاڳاپا رکڻ، تباهيءَ جي اڏن ڏانهن وڃڻ ۽ پراوَن گهرن ۾ راتيون گذاري پنهنجا گهر ويران ڪرڻ جهڙي بڇڙائيءَ جا حيلا ڪري سگهجن ٿا.
اهو ئي ڪارڻ آهي جو پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جنهن ماڻهوءَ شادي ڪئي تنهن ڄڻ ته پنهنجو اڌ دين بچائي ورتو.“
ديندار ۽ ڀلاري زندگيءَ جي ساٿيءَ (مرد هجي توڙي عورت) جو وجود فرض پوراڪرڻ، نيڪي ڪرڻ ۽ بڇڙاين کان پري رهڻ جي ڏس ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
جيڪڏهن زال مڙس ٻئي ديندار آهن ۽ سندن نفس پاڪ آهن ته پوءِ زندگيءَ جي لاهن چاڙهن سان مُنهن ڏيڻ ۾ نه رڳو کين ڪاڏکيائي نه ٿيندي پر اهي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري زندگيءَ جي واٽ تي سولائيءَ سان هلي سگهن ٿا.
ڇا الله جي واٽ ۾جهاد ڪندڙ هڪ سپاهي پنهنجي زال جي سهڪار ۽ مرضيءَ کانسواءِ ميدان ملهائي سگهي ٿو؟ ڇا هڪ ماڻهو پنهنجي زال جي سهڪار ۽ راضپي کانسواءِ رزق حاصل ڪرڻ، علم پرائڻ ۽ پئسا ڏوڪڙ ڪمائڻ ۾ مڙني شرعي ۽ اخلاقي پابندين تي هلي سگهي ٿو؟ اجاين خرچن کان ٻارن کان بچي سگهي ٿو؟ ۽ پنهنجي ضروري خرچن کانسواءِ پئسا ڀلن ڪمن ۾ کپائي سگهي ٿو؟
مومن ۽ ديندار پنهنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ کي نيڪين ۽ چڱاين ڏانهن لاڙيندا آهن، جڏهن ته ان جي ابتڙ واهيات ۽ بداخلاقيءَ ڏانهن ڌڪيندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح کيس انسانيت جي پاڪ پوتر مقصد کان پري ڪري ڇڏيندا آهن. انڪري ئي مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ چيو ويو آهي ته زندگيءَ جي ساٿيءَ جي چونڊ ڪرڻ مهل ايمان، ديندار ۽ اخلاق جي ڪسوٽيءَ کي اڳيان رکن.
پياري پيغمبر ﷺ فرمايو آهي ته الله سائينءَ جو ارشاد آهي: ”جڏهن مان ارادو ڪندو آهيان ته دنيا ۽ آخرت جون هڙئي چڱايون ڪنهن مسلمان شخص لاءِ گڏ ڪيان ته پوءِ کيس فرمانبردار دل، ذڪر ڪندڙ زبان ۽ مصيبتن تي صبر ڪندڙ بدن عطا ڪندو آهيان ۽ کيس اهڙي مومن زال ڏيندو آهيان جو جنهن کي ڏسي ته خوشي ٿئي ۽ جيڪا سندس پرپُٺ پنهنجي نفس ۽ سندس مال متاءَ جي سنڀال ڪري.“
هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ سڳورن جن وٽ آيو ۽ چيائين ته، ”مان جڏهن گهر ۾ گهڙندو آهيان ته منهنجي زال منهنجي آڌر ڀاءُ لاءِ اڳتي ايندي آهي ۽ جڏهن گهر کان ٻاهر ويندو آهيان ته مونکان موڪلائيندي آهي. جڏهن مون کي ڏکويل ڏسندي آهي ته مون کي دلجاءِ ڏيندي آهي ۽ چوندي آهي ته تون رزق روزيءَ لاءِ ڳڻتي نه ڪر، روزيءَ جو ضامن ته خدا پاڪ آهي ۽ جيڪڏهن تون آخرت جي باري ۾سوچي رهيو آهين ته پوءِ شال خدا تنهنجي ان سوچ، ڪوشش ۽ همت ۾ اڃا به واڌارو ڪري. اهو ٻڌي حضور ﷺ جن فرمايو: ”هن دنيا ۾ خدا جا ڪي خاص ۽ ويجها ٻانها آهن ۽ تنهنجي زال به انهن منجهان هڪ آهي. اهڙي زال کي شهيد جي ثواب منجهان اڌ ملندو.“
تاريخ ۾ آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ، حضرت علي رضه ۽ بيبي فاطمه رضه جي شاديءَ کان پوءِ کين واڌايون ڏيڻ ۽ کانئن حال احوال وٺڻ لاءِ سندن گهر ويا ۽ حضرت علي رضه کان پڇيائون ، ”تنهنجي زال ڪيئن آهي؟ حضرت علي وراڻيو، ”هوءَ الله جي فرمانبرداريءَ جي واٽ ۾ ڀلي ساٿياڻي آهي.“
تنهن کان پوءِ بي بي فاطمه رضه کان پڇيائون، ”تنهنجو مڙس ڪيئن آهي؟“ جواب مليو، هو ڀلو مڙس آهي.“
حضرت علي رضه ان ننڍري جملي وسيلي اسلام جي هڪ بااخلاق ۽ مثالي عورت جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ گهريلو زندگيءَ جي بنيادي ۽ مکيه مقصد کي پڻ چٽو ڪري ڇڏيو.

مڙس جي پرگهور لهڻ:

مڙس جي پرگهور لهڻ:
زال ٿيڻ ڪو معمولي يا سولو ڪم ناهي جو هر اَياڻي ڇو ڪري، اهو چڱيءَ ريت ڪري سگهي. زال ٿيڻ لاءِ سمجهه، ڏاهپ، هوشيارپ، اخلاق، سٺي چال چلت ۽ اهڙين ڪيترين ئي وصفن جي ضرورت هوندي آهي. جيڪا عورت پنهنجي مڙس جي دل تي حڪومت ڪرڻ چاهي تنهن کي گهرجي ته هوءَ کيس ڀلن ڪمن ڏانهن لاڙي ۽ بُرن ڪمن کان پري رکي، سندس صحت ۽ ڇڱ ڀلائي ۽ کاڌي پيتي جو خيال رکي ۽ کيس مان وارو، پيارو ۽ ٻاجهارو مڙس بنائڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن هو سندس ڪٽنب جو ڀرجهلو ۽ ٻارڙن جو سٺو پيار ڪندڙ پيءُ بنجي سگهي. الله سائين عورت کي هڪ غير معمو لي سگهه ۽ صلاحيت عطا ڪئي آهي. ڪٽنب جو ڀاڳ به سندس هٿن ۾هوندو آهي ته نڀاڳ پڻ- هوءُ جيڪڏهن چاهي ته گهر کي بهشت بنائي سگهي ٿي ۽ جي وڻيس ته انکي دوزخ ۾ بدلائي سگهي ٿي. هوءَ پنهنجي مڙس کي ترقيءَ جي چوٽيءَ تي به چاڙهي سگهي ٿي ته وري کيس تباهه پڻ ڪري سگهي ٿي. عورت جيڪڏهن ”مڙس جي سار سنڀال“ جي هنر کان سونهين هجي ۽ خدا پاڪ مٿس جيڪي ذميداريون وڌيون آهن تن کي پورو ڪري ته پوءِ خداپاڪ مٿس جيڪي ذميداريون وڌيون آهن تن کي پورو ڪري ته هوءَ هڪ عام يا نالائق مڙس کي به لائق مڙس ۽ صلاهيت وارو مڙس بنائي سگهي ٿي.
هڪ ڏاهي لکيو آهي ته، ”عورت وٽ هڪ عجيب سگهه هوندي آهي. هوءَ خدا جي مرضيءَ وانگر هوندي آهي. هوءَ پنهنجو پاڻ کي جيئن چاهيندي تيئن ٿي سگهندي.“
اسمائيلز چئي ٿو ته، ”جيڪڏهن ڪنهن فقير ۽ ڪنگلي شخص جي گهر ۾ هڪ پرهيز گار، ڀلاري ۽ اخلاق واري عورت آهي ته پوءِ اهو گهر آرام ۽ ڀاڳ وارو هنڌ ٿي سگهي ٿو.“
نپولين بونا پارٽ چئي ٿو ته، ” جيڪڏهن ڪنهن قوم جي ترقي ۽ تمدن جو ڪاٿو ڪرڻو هجي ته پوءِ ان قوم جي عورتن کي ڏسو.“
بالزاڪ چيو آهي ته، ”ڀلاري ۽ پرهيزگار عورت کانسواءِ گهر قبرستان جي مثل آهي.“
اسلام ۾ عورت جي فرضن کي ايتري ته اهميت ڏني وئي آهي جو انهن فرضن جي ادائگيءَ کي الله جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ جي برابر سمجهيو ويوآهي. حضرت علي رضه فرمائي ٿو ته، ”عورت جو جهاد اهو آهي ته هوءَ زال هجڻ جي ناتي سان پنهنجا فرض چڱيءَ ريت پورا ڪري.“
اسلام جي واڌاري، اسلامي ملڪن جي بچاءُ ۽ معاشري ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪرڻ لاءِ خدا جي واٽ ۾جهاد ڪرڻ هڪ تمام وڏي عبادت آهي، ان ڳالهه کي اڳيان رکندي ته اها ڳالهه چڱي ريت چٽي ٿي وڃي ٿي ته هڪ زال لاءِ مڙس جي سار سنڀال لهڻ ۽ پنهنجي فرضن کي پورو ڪرڻ ڪيڏي نه وڏي ذميواري آهي.
پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته، ”جنهن عورت تيستائين خدا جا حق پورا نه ٿي ڪري سگهي جيستائين هڪ زال هجڻ جي ناتي سان پنهنجا فرض پورا نه ڪندي.“

پيار جو اظهار ڪريو:

پيار جو اظهار ڪريو:
هر ماڻهو پيار ۽ دوستيءَ جو بکيو هوندو آهي. سندس خواهش هوندي آهي ته ٻيا به ساڻس پيار ڪن. ماڻهوءَ جي دل محبت جي سگهه ڪري ئي جيئري هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي خبر پئجي وڃي ته کيس ڪو به نه ٿو ڀانئين ته پوءِ هو ڏکارو رهندو ۽ پاڻ کي اڪيلو ۽ بيوس سمجهڻ لڳندو آهي.
پياري ڀيڻ! تنهنجي مڙس جي دل به ان خواهش جي احساس کان خالي ڪانهي. کيس به پيار ۽ محبت جي گُهرج آهي. پهرين ته کيس ماءُ پيءُ جو پيار ملندو هو پر هاڻي ته هن پنهنجو پاڻ تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري تو مان اها اميد رکي ٿو ته پيءُ ماءُ واري پيار جي کوٽ تون ئي پوري ڪر ۽کيس دل سان چاهه. هن هڙئي لڳ لاڳاپا ختم ڪري توسان پيار ۽ محبت جو رشتو جوڙيو آهي، تنهنڪري تون به مٿس گهور گهور وڃ. هو توکي سکيو رکڻ لاءِ ڏينهن رات پورهيو ڪري پنهنجي هڙئي ڪمائي تنهنجي اڳيان اچي رکي ٿو. هاڻي تون ئي سندس غم ونڊيندڙ ۽ زندگيءَ جي ساٿياڻي آهين. هو ويچارو پنهنجي پيءُ ماءُ کان به وڌيڪ تنهنجي خوشيءَ ۽ سک جو خيال رکي ٿو. تنهن ڪري سندس قدر سڃاڻ ۽ کيس سچيءَ دل سان پيار ڪر. جيڪڏهن تون کيس پيار ڪندينءُ ته پوءِ هو به گهٽ ڪين ڪندو، ڇو جو محبت ٻه طرفي ٿيندي آهي ۽ دل کي دل مان ئي مزو ايندو آهي.
سچ پچ ته پيار ۽ محبت ۾ هڪ عجيب مزو هوندو آهي. هڪ ويهن سالن جو ڇوڪرو پڙهڻ لاءِ ڳوٺ کان تهران آيو هو ۽ پنهنجي گهر جي اوڻيتاليهن ورهين جي مالڪياڻيءَ سان پيار ڪرڻ لڳو هو ڇو جو ان عورت پنهنجي سٺي اخلاق ڪري ان ڇو ڪري جي دل ۾ ماءُ جي جاءِ والاري ورتي هئي.
جيڪڏهن پيار ٻه طرفو هجي ته پوءِ زندگيءَ جي پيڙهه سگهاري ٿي سگهي ٿي ۽ پڻ جدائيءَ جو خطرو نه ٿو رهي.
ڀيڻ! ان وڏائيءَ ۾ بنهه نه رهجانءِ ته منهنجو مڙس مونکي چاهي ٿو ۽ سندس پيار هميشه ائين ئي هلندو رهندو. جيڪڏهن تون چاهين ٿي ته تنهنجو مڙس توکي هميشه پيار ڪندو رهي ته پوءِ تون پيار ۽ محبت واري لاڳاپي جي دل سان حفاظت ڪر. جيڪڏهن تون پنهنجي مڙس سان پيار ڪندينءُ ته پوءِ هو خوش رهندو، پنهنجا ڪم ڪار دلجاءِ سان ڪندو، زندگيءَ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندو ۽ هر ڪم ۾سوڀ ماڻيندو. ان کانسواءِ پنهنجي ڪٽنب جي ڀلائي ۽ خوشيءَ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو. هي راز به سمجهي وٺ ته جنهن مرد کي محبت جي کوٽ ناهي سو ورلي ئي دماغي بيمارين جي وَر چڙهندو آهي.
مانواري ڀيڻ! جيڪڏهن تون پنهنجي مڙس سان پيار نه ڪندينءَ ته پوءِ هو به توکان پري ٿيندو ويندو ۽ زندگي، گهر گهاٽ ۽ ڪم ڪار ۾ سندس دلچسپي به صفا گهٽ ٿي ويندي، مونجهارن، پريشانين ۽ دماغي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويندو ۽ ڪٽنب ۽ ٻارن ٻچن کان بيزار ٿي ويندو. ٿي سگهي ٿو ته پوءِ غلط سنگت، نشي ۽ تباهيءَ جي اڏن ۾ وڃي پناهه وٺي. گڏوگڏ پنهنجي دل ۾ اهو پڻ سوچيندو ته مان اهڙن ماڻهن لاءِ ڇو تڪليفون سهان جيڪي مونکي پيار نه ٿا ڪن ۽ منهنجو قدر نه ٿا ڄاڻن. ان کان چڱو آهي ته عياشيءَ ۽ آزاديءَ جي زندگي گذاريان.
ڀيڻ! پنهنجي مڙس جي ڳچيءَ ۾ محبت جي ٻانهن جا هار وجهه ۽ ان وسيلي سندس ڌيان پنهنجي گهر، ٻارڙن ۽ ڪٽنب ڏانهن ڇڪاءِ! ٿي سگهي ٿو ته تون پنهنجي مڙس کي ڏاڍو ڀانئيندي هجين پر ان کي ظاهر ڪرڻ نهايت ضروري آهي. پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪمن ڪارين وسيلي پنهنجي پيار کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ڪر. ان ۾ ڀلا ڪهڙو گناهه آهي جو جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن تون پنهنجي مڙس کي چئين، ته، ”تون ڪيڏو نه سٺو آهين. دل جو درياهه آهين. تنهنجي رفاقت منهنجي خوشنصيبي آهي. مونکي سچ پچ ته توسان پيار آهي.“ جيڪڏهن هو ڪجهه ڏينهن جي سفرکان پوءِ موٽي گهر آيو هجي ته سندس ٻهڪندڙ چهري سان ۽ محبت سان سرشاريءَ سان آڌر ڀاءُ ڪر ۽ خوب خاطر تواضع ڪريس. ۽ کيس اهو پڻ چئه ته ”چڱو ٿيو جو توهان خير سان اچي ويا. مان ته توهان کانسواءِ ڏاڍي ماندي ٿي وئي هئس.“ جڏهن هو ڪم ڪار سانگي شهر کان ٻاهر ترسيل هجي ته پوءِ تون کيس خط پَٽ لکي پنهنجو حال احوال ڪر. جيڪڏهن مڙس جي آفيس ۽ توهان جي گهر ۾ فون لڳل هجي ته پوءِ ڪڏهن ڪڏهن سندس خيريت پڇج ۽ جيڪڏهن ڪڏهن دير سان گهر اچي ته سندس آڏو پنهنجي پريشاني ۽ بي چيني ظاهر ڪر.
پنهنجي مڙس جي پر پُٺ پنهنجي ساهيڙين ۽ مٽن مائٽن اڳيان سندس دل کولي واکاڻ ڪج ۽ چؤ ته، ”مونکي ته الله جي مهرباني سان ڏاڍو سٺو مڙس مليو آهي. مان کيس ڏاڍو ڀائيندي آهيان.“ جيڪڏهن ڪوساڙ سڙيو تنهنجي مڙس جي گلا ڪري ته پوءِ مڙس جو ئي پاسو وٺج. تون پنهنجي مڙس سان جيترو پيار ڪندينءَ، موٽ ۾ پَڪ ڄاڻ ته هو به تو سان اوترو ئي پيار ڪندو ۽ اهڙي طرح توهان ٻنهي جي گهريلو زندگي جي پيڙهه سگهاري ٿي ويندي ۽ توهان جو گهر ڀاڳ وارو گهر سڏبو.
شيڪسپيئر چئي ٿو ته، ”عورت جي جنهن شيءِ منهنجي دل کي فتح ڪري ورتو، سا آهي سندس ٻاجهه، نه ڪي سندس سونهن. مان ان عورت کي گهڻو پسند ڪندو آهيان جيڪا وڌيڪ ٻاجهاري هجي.“
الله سائينءَ زال مڙس جي پيار کي پنهنجي قدرت جي نشانين مان هڪ نشاني ٻڌائيندي قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته، ”خدا جي نشانين مان هڪ نشاني اها آهي ته هن تنهنجي لاءِ زندگيءَ جو ساٿي پيدا ڪيو ته جيئن تون ان مان سڪون ماڻي سگهين ۽ توهان جي وچ ۾ دوستي ۽ محبت پيدا ڪئي.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”توهان مان ڀليون عورتون اهي آهن جيڪي پيار ۽ محبت جي جذبن سان ڀريل هجن.“
امام جعفر صادق رحه فرمائي ٿو ته، ”جيڪڏهن توهان ڪنهن سان پيار ڪريو ٿا ته پوءِ کيس اها ڳالهه ضرور ٻڌايو.“

مڙس جو ادب ڪرڻ:

مڙس جو ادب ڪرڻ:
هر ماڻهوءَ کي پنهنجي شخصيت سان پيار هوندو آهي، تنهن ڪري هو ٻين مان اميد رکندو آهي ته اهي به سندس احترام ڪن. جيڪو به سندس شخصيت جو ادب ڪندو آهي، تنهن کي هو به گهڻو چاهيندو آهي. جڏهن ته بي ادبي ڪندڙ سان هن جو ورتاءَ به سٺو ڪونه هوندو آهي.
مانواري ڀيڻ! پاڻ سان محبت ۽ ادب جي خواهش رکڻ هڪ فطري جذبو آهي پر ضروري ناهي. ته هر ماڻهو تنهنجي مڙس جي جذبن ۽ خواهشن جو قدر ڪري، گهر کان ٻاهر الائي جي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن سان سندس واسطو پوندو رهندو آهي جن مان ڪي اڪثر ڪري سندس بي ادبي به ڪري وجهندا آهن ۽ اڻ اڍنگي هلت ڪري سندس شخصيت ڏکوئبي رهبي آهي. تون سندس ساٿياڻي ۽ ڏک ونڊيندڙ آهين تنهنڪري توتي اهو لازم ٿئي ٿو ته تون سندس گهر ۾ تمام گهڻو ادب ڪر ۽ کيس دلجاءِ ڏي. سندس عزت ڪرڻ سان تون گهٽجي ڪونه ويندينءَ پر ائين ڪرڻ سان کيس روحاني سگهه به ملندي ته سندس همت ۽ اعزاز ۾ واڌارو پڻ ٿيندو. تنهنجا ٻه چار پيار ڀريا ۽ همت وڌائيندڙ ٻول سندس زندگيءَ ۾ نئون روح ڦوڪي سگهن ٿا.
ڀيڻ! پنهنجي مڙس کي مرڪي ”سلام“ ڪجي ۽ کيس ”توهان“ چئي مخاطب ٿجي. هو جڏهن ڳالهائي ته سندس ڳالهه اڌ ۾ نه ڪجي. ساڻس ادب ۽ محبت سان ڳالهائجي. رڙيون ريهون ڪرڻ ۽ کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان نفرت وڌندي. جيڪڏهن وهانءَ شاديءَ يا ڪنهن ڪم ڪار سانگي گهر کان ٻاهر وڃڻ ٿئي ته سندس پٺيان هلجي. سندس نالو وٺي نه سڏجي پر ان جي بدران ڪنهن ڪٽنبي نالي يا لقب سان سڏجي. ٻين جي اڳيان پنهنجي مڙس جي دل کولي واکاڻ ڪجي. پنهنجي ٻارڙن کي به نصيحت ڪجي ته اهي پنهنجي پيءَ جي تمام گهني عزت ۽ ادب ڪن. جيڪڏهن اهي پيءُ جي بي ادبي ڪن ته کين سمجهائي ائين ڪرڻ کان روڪجي. مهمانن جي اڳيان مڙس جو ادب ڪرڻ نهايت سٺا اثر ڇڏيندڙ عمل آهي. مهمانن جي هوندي مڙس جو تمام گهڻو خيال ڪرڻ گهرجي. ائين نه ٿئي جو مهمانن سان ڪچهري ڪندي پنهنجو مڙس ئي وسري وڃي. جڏهن مڙس دروازو کڙڪائي ته ڪوشش ڪر تون پاڻ ئي دروازو کول ۽ مرڪي سندس آڌر ڀاءُ ڪر. ڀيڻ! ڇا توکي خبر آهي ته تنهنجو اهو ننڍڙو ڪم تنهنجي مڙس جي دل تي ڪيڏو نه سٺو اثر ڇڏي سگهي ٿو؟ ٿي سگهي ٿو ته گهر کان ٻاهر کيس ڳچ تڪليف آئي هجي ۽ هو گهڻي ڪم ڪار ڪري ٿڪجي گهر آيو هجي، تنهن ڪري تنهنجو مسڪرائي سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ سندن ٿڪل بدن ۽ دماغ کي سرهو ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ سندس دل ۽ دماغ کي سڪون ملي ويندو. ٿي سگهي ٿو ڪن عورتن کي عجب لڳ ته ” مڙس ڪو ڌاريو ته ڪونهي جو سندس آڌارڀاءُ ڪجي.“ پر اها حقيقت آهي ته ان صلاح تي عمل ڪري گهريلو زندگيءَ کي ڏاڍو وڻندڙ ۽ سڪون ڏيندڙ بنائي سگهجي ٿو.
رڳو مٽن مائٽن ۽ دوستن جو ادب ڪرڻ اسان جي غلط سکيا جو نتيجو آهي. ڪير ٿو چئي ته مٽن مائٽن جو ادب ڪرڻ لازمي ناهي. جيڪڏهن ڪو مهمان توهان جي گهر ايندو آهي ته تون کيس ڀليڪار چوندي آهين ۽ وس آهر سندس خدمت به ڪندي آهين ۽ ان عمل کي هڪ سٺي هلت سمجهندي آهين. مهمان جي عزت ۽ خدمت ڪرڻ ڏاڍي ڀلي ڳالهه آهي پر ٿورڙو انصاف ڪر! هڪ شخص جيڪو صبح کان ويندي شام تائين توهان کي سکيو رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، ڇا اهو ان لائق ناهي ته تون دروازو کولي مرڪي آڌرڀاءُ ڪري سندس دل کي خوش ڪري سگهين؟ ائين بنهه نه چئهءُ ته اسان پاڻ ۾ ٺهيل آهيون تنهنڪري هڪ ٻئي جي ادب ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. ائين سراسر غلط آهي. تنهنجو مڙس تو مان هر وقت ادب جي خواهش رکندو آهي. جيڪڏهن تون سندس ادب نه ڪندينءَ ته هو ويچارو چُپ رهندو ۽ ادب جي خواهش کي لڪائي ڇڏيندو.
ڀيڻ! جيڪڏهن پنهنجي مڙس جي عزت ڪندينءُ ته هو به تنهنجو ادب ڪندو. ائين ڪرڻ سان توهان ٻنهي زال مڙسن جي وچ ۾ پيار ۽ محبت جو لاڳاپو اڃا به سگهارو ٿي ويندو ۽ گهريلو زندگي نهايت وڻندڙ ٿي پوندو.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”زال تي اهو فرض آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي آڌارڀاءُ لاءِ گهر جي دروازي تائين اچي کيس ڀليڪار چئي.
حضور ﷺ جن فرمائين ٿا ته، ”زال تي اهو فرض آهي ته هوءَ مڙس لاءِ ٽوال کڻي اچي کيس هٿ منهن ڌئاري.“
امام جعفر صادق رحه فرمائي ٿو، ”اها زال جيڪا مڙس جو ادب ڪري ۽ کيس ڪا تڪليف نه ڏي سا ڀاڳ واري آهي.“
ڀيڻ! پنهنجي مڙس جي بي ادبي نه ڪجي، کيس گهٽ وڌ نه ڳالهائجي، سندس دل نه ڏکوئجي، سندس سامهون رڙيون ڪري نه ڳالهائجي، ٻين جي سامهون سندس بي ادبي نه ڪجي ۽ کيس اڻ وڻندڙ نالن سان نه سڏجي. جيڪڏهن تون ائين ڪندينءَ ته پوءِ تنهنجو مڙس ڏکوئجي ويندو ۽ سندس دل ۾ تنهنجي لاءِ نفرت پيدا ٿي ويندي، توهان ٻنهي جي وچ ۾ پيار ۽ محبت واري ڳالهه نه رهندي، ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويندي ۽ پوءِ سڄي ڄمار ذهني پريشانين ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل رهبو.

ڀيڻ! هيٺين واقعن مان ڪجهه سبق پراءِ:

ڀيڻ! هيٺين واقعن مان ڪجهه سبق پراءِ:
هڪ ٻاويهن سالن جي نوجوان مڙس پنهنجي اوڻيهن سالن جي زال کي ان ڪري خنجر هڻي ماري وڌو جو هن کيس ”ڪاڻو گڏهه“ سڏيو هو، ان نوجوان ڪورٽ ۾ بيان ڏيندي چيو ته، ”مان هڪ سال اڳ هن سان شادي ڪئي هئي. شروع ۾ ته هوءَ مون کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي پر پوءِ هن ۾ تبديلي اچي وئي ۽ حالتون خراب ٿي ويون. هوءَ ٿوري ٿوري ڳالهه تي مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي ۽ گاريون ڏيندي هئي. منهنجي هڪ اک ڪجهه ٽيڏي آهي تنهن ڪري هوءَ مون کي ”ڪاڻو گڏهه“ ڪوٺيندي هئي. اهي لفظ ٻڌي هڪ ڏينهن مون کي به ڪاوڙ اچي وئي ۽ مان کيس خنجر جا پندرهن وار ڪري ماري وڌو.“

اجايون شڪايتون نه ڪجن:

اجايون شڪايتون نه ڪجن:
هن دنيا ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو ڏکن ڏاکڙن، مسئلن پريشانين ۽ مونجهارن کان آجو هجي. هر ماڻهوءَ جي اها خواهش هوندي آهي ته سندس ڪو ساٿي هجي جنهن سان هو پنهنجا ڏک ونڊي سگهي. ۽ موٽ ۾ هو ساڻس همدردي ڪري سندس ڏک سور ٻڌائڻ لاءِ به مناسب وقت جو خيال رکڻ گهرجي. هر هنڌ، هر وقت ۽ هر حالت ۾ شڪايتون ڪرڻ سٺي ڳالهه بنهه ناهي. ڪي عورتون ته صفا اياڻيون ۽ خود غرض هونديون آهن ۽ کين ڪو صبر ڪونه هوندو آهي. جيئن ئي ويچارو مڙس گهر ۾ پير پائيندو تيئن ئي شڪايتن جا دفتر کلي پوندا: ”تون ته سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر ٿو گذارين، باقي گهر ۾ ته ٻارن منهنجو مغز کائي ناس ڪيو آهي. هو ڏس احمد درين جا شيشا ڀڳا اٿئي. عذرا ۽ پروين پاڻ ۾ وڙهي وڙهي ساڻيون ٿي پيون آهن. انهن ٻارن مون کي صفا ڇتو ڪري ڇڏيو اهي. چئي چئي ٿڪي هان پر بهرام سبق بنهه نه ٿو پڙهي. اڄ اسڪول کان هن جي دانهن آئي آهي. مان صبح کان شام تائين وتان ٿي هنن ٻارن کي سنڀاليندي پر ڪنهن کي به منهنجي پرواهه ڪونهي. هنن ٻارن ته مون کي رت روئاريو آهي. چڱو ٿئي ها جو بي اولاد هجان ها، گهٽ ۾ گهٽ سڪون ته هجي ها. ها! اڄ تنهنجي ڀيڻ آئي هئي. الائي ڪهڙو مون تي ڏمر هوس ڄڻ ته مون کي پڻس ٿو ڪمائي کارائي ۽ تنهنجي ماءُ ته سڄو ڏينهن وتي ٿي اوڙي پاڙي ۾ منهنجي گلا ڪندي. مون کي ته رت ڪري رکيو اٿن. خدا الائي جي ڪهڙي گناهه جي سزا ڏني جو مان تنهنجي زال ٿيس. هيءَ آڳر ڏس! منجهند ڀاڄي وڍيندي ڪٽجي پئي هئي. ها! ڪالهه سهراب جي ڌيءَ جي شاديءَ تي وئي هئس. چڱو ٿئي ها جو نه وڃان ها. اجايو وڃي پنهنجي عزت گهٽائي آيس. آغا حسن جي زال به آئي هئي. ڇا ته ميڪ اپ هيس ۽ ڀڀڪيدار وڳو ته واهه جو پئي ٺهيس! خدا شل سڀني جي اهڙي قسمت ڪري! ماڻهو ته پنهنجي زالن جو ايڏو خيال ٿا رکن کين سٺا ويس وڳا ٿا خريد ڪري ڏين. انهن کي چئبو آهي سٺا مڙس! آغا حسن جي زال جي ته ماڻهن ڏاڍي پئي واکاڻ ڪئي. ماڻهو ته اڄڪلهه رڳو ڪپڙن کي ٿا ڏسن ته ڪير ڇا ٿو کائي. مون ۾ آخر ڪهڙي گهٽتائي آهي. هوءَ مون کان سونهن ۾ سرس ٿورئي آهي. بس سندس ڀاڳ ڀلا آهن جو مڙس ايڏو ٿو خيال رکيس تو وانگر ٿورو ئي آهي! مان هاڻي تنهنجي هن رخي گهر ۾ ڪونه رهي سگهنديس.....“
پياري ڀيڻ! ٿورو ڌيرج ڪر! پنهنجو ٺهيو ٺُڪيو جهڳو هرو ڀرو نه ڊاهه. ڇا تون ائين ٿي سمجهين ته تنهنجو مڙس گهمڻ گهتڻ لاءِ گهر کان ٻاهر ويندو آهي؟ جي ائين ٿي سوچين ته پوءِ تون غلط آهين. تنهنجو مڙس ته ويچارو روزي ڪمائڻ لاءِ ٻاهر ويندو آهي. صبح کان شام تائين کيس الائي جي ڪيتريون پريشانيون ڏسڻيون پونديون آهن. آفيس يا بازار جي مشڪلاتن جي توکي ڪا خبر ڪانهي. الائي جي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن سان سندس واسطو پوندو آهي. ڇا توکي پنهنجي مڙس جي ڪوماڻيل روح ۽ ٿڪل ذهن تي ڪو قهقاءُ نه ٿو اچي؟ ويچارو سڄو ڏينهن هڻي ماري گهر ۾ سڪون وٺڻ لاءِ آيو آهي ته تون سندس سامهون شڪايتن جا انبار لڳايو ويٺي آهين. ڇا کيس ڪجهه دير آرام ڪرڻ جو حق ناهي؟ آخر هن ويچاري جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ ٻاهر به پريشان رهي ۽ گهر اچي ته به پريشانيون ڏسي. ٿورڙو انصاف ته ڪر ڀيڻ! ڇا تون اهو چاهين ٿي ته هو شڪايتون ٻڌي ٻڌي تنگ ٿيئي ۽ توکي مارڪُٽ ڪري يا وري گهران نڪري ڪنهن هوٽل ۽ سينيما تي وڃي ويهي يا وري رستن تي اجايو رُلندو وتي؟
ڀيڻ! جي الله جو راضپو گهرجئي ته پوءِ انهن اجاين شڪايتن ڪرڻ کان پرهيز ڪر ۽ ڏاهپ کان ڪم وٺ. جيڪڏهن توکي ڪا پريشاني آهي ته پوءِ ڪجهه دير صبر ڪر ته جيئن تنهنجو مڙس کن پل لاءِ آرام ڪري ٿڪاوٽ لاهي وٺي. جڏهن ٿڪ لاهي تازو ٿي وڃي ته پوءِ ساڻس ضروري ڳالهيون ڪر. اهي ڳالهيون ڪنهن شڪايت يا اعتراض جي صورت ۾ نه هجن پر ايئن هجن ڄڻ ته تون کانئس ڪا صلاح وٺي رهي آهين. جيڪڏهن توکي پنهنجي مڙس سا ن پيار آهي ته پوءِ کيس ننڍيون ننڍيون ۽ غير ضروري ڳالهيون نه ٻڌائجن ته سٺو- هر وقت اجايو سجايون ڳالهيون ڪري مڙس کي ذهني طور پريشان ڪرڻ نهايت گندي ڳالهه آهي.
پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪا زال پنهنجي زبان سان پنهنجي مڙس کي ڏکوئي ٿي تنهن جون نمازون ۽ ٻيا عمل قبول نه پوندا پوءِ چاهي ڏهاڙي روزا رکي ۽ راتيون جاڳي عبادت ڪري ۽ تهجد پڙهي، غلامن کي آزاد ڪري ۽ پنهنجو ڌن دولت الله جي واٽ ۾ خرچ ڪري. اها عورت جيڪا پنهنجي زبان سان پنهنجي مڙس کي ڏکوئي ٿي سا دوزخ ۾ وڃڻ واري پهرين عورت هوندي.“
حضور ﷺ جن اهو پڻ فرمايو آهي ته، ” جيڪا عورت پنهنجي مڙس کي هن دنيا ۾ تڪليف پهچائي ٿي، تنهن کي بهشت جون حورون چونديون آهن ته، ”توتي خدا جي مار پوي! تون پنهنجي مڙس کي نه ڏکاءِ. اهو مڙس ته تنهنجي لاءِ ناهي. تون ته ان لائق بنهه ناهين. هو جلد ئي توکان ڌار ٿي اسان وٽ هليو ايندو.“
مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر انهن اجاين ڳالهين مان اسان جي ڀينرن جو ڇا مطلب آهي؟ ائين ڪري جيڪڏهن اهي پنهنجي مڙس کي پنهنجي مرضيءَ تي بيهارڻ جي ٽل ڪن ٿيون يا انهن جي همدردي ۽ پيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ته پوءِ اهي غلط آهن. سندن انهن ڪوششن جو نتيجو ابتو نڪرندو.
ڀيڻ! ائين ڪرڻ سان تون پنهنجي مڙس جي محبت ماڻي نه سگهندينءَ. جيڪڏهن تون ائين ڪري مڙس کي تنگ ڪرڻ چاهين ته پوءِ تون به خوش نه رهي سگهندينءَ.
مانواري ڀيڻ! جيڪڏهن توکي پنهنجي مڙس، ٻارڙن ۽ گهر سان محبت آهي ته پوءِ اهڙي غلط هلت ڇڏي ڏي. ڇا تون چاهين ٿي ته تنهنجي اجاين شڪايتن جي ڪري جهيڙا جهٽا ٿي پون ۽ تنهنجو گهر تباهه ٿي وڃي؟

هيٺيان ٻه واقعا ڌيان سان پڙهه:

هيٺيان ٻه واقعا ڌيان سان پڙهه:
جڏهن هو گهر ۾ آيو ته سندس زال ٻار کي هنج ۾ کنيو پئي پرچايو. هن هڪدم مڙس کي چيو، ”اڄ آفيس کان ٻه ماڻهو آيا هيئي. توکي گهٽ وڌ ڳالهائي هليا ويا.“ اهو ٻڌي مڙس ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو ۽ خنجر ڪڍي ٻارڙي کي پيٽ ۾ وهائي ڪڍيائين. ٻارڙو ٿڏي تي ئي مري ويو ۽ ان مرد کي چار سال ٽيپ ملي.“
ڪورٽ ۾ هڪ ڊاڪٽر شڪايت ڪندي چيو ، ”سڄي زندگيءَ ۾ منهنجيءَ زال هڪ گهڙيءَ لاءِ به مون سان سٺو ورتاءُ ناهي ڪيو. هن منهنجي گهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مان هن جون گاريون گند ۽ شڪايتون ٻڌي تنگ ٿي پيو آهيان.“ اهو ڊاڪٽر پنجاهه هزار روپيا ڏئي ان عذاب مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ تيار هو. نه رڳو اهو پر اهو پڻ چيو ته، ”مان پنجاهه هزار ته ڇا پر پنهنجي ميڊيڪل جي ڊگري پڻ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر خدا جي واسطي منهنجي هن عذاب مان جان ڇڏايو.“

خوش اخلاق ٿيڻ گهرجي:

خوش اخلاق ٿيڻ گهرجي:
جيڪو ماڻهو خوش اخلاق هوندو آهي، ماڻهن سان نرميءَ وارو ورتاءُ ڪندو آهي، مُرڪي ڳالهائيندو آهي ۽ ڏکن ۽ پريشانين ۾ صبر ڪندو آهي سو سڀني کي پيو وڻندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ جا سنگتي ساٿي به جهجا هوندا آهن. سڀئي ماڻهو چاهيندا آهن ته اهڙي ڀلوڙ ماڻهوءَ سان گهاٽا لاڳاپا رکجن. اهڙو ماڻهو سڀني جي نظرن ۾ پيارو ۽ مانوارو هوندو آهي. ذهني هيڻائپ ۽ نفسياتي روڳ اهڙن ماڻهن جي ويجهو به ناهن ايندا، تنهن ڪري ڏک ڏاکڙا ۽ زندگيءَ جا ٻيا مسئلا ۽ مونجهارا سندن ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا آهن. مطلب ته خوش اخلاق ماڻهو زندگيءَ جو صحيح لطف وٺي سگهندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سندس ڏينهن سڪون سان پيا گذرندا آهن.
جيڪو ماڻهو بداخلاق هوندو آهي. ماڻهن سان سٺي هلت ناهي هلندو، ڏکن ۽ مصيبتن مهل دانهون ڪُوڪون ڪندو ۽ پٽيندو ڪُٽيندو وتندو آهي، اجايو هُل هنگامو ڪندوآهي ۽ گار گند ڏيندو آهي، تنهنجي زندگي ڏاڍي ڏکي ۽ اڻ وڻندڙ نموني گذرندي آهي. اهڙو ماڻهو نه رڳو پاڻ پريشان رهندو آهي پر ٻين لاءِ پڻ آزار ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ کي هر ڪو پيو ڌڪاريندو آهي ۽ ساڻس ملڻ کان لنوائيندو آهي. اهو نه پاڻ آرام سان رهندو آهي ۽ نه ئي گهر ڀاتين کي سڪون سان رهڻ ڏيندو آهي. نه کيس ننڊ چڱي ايندي آهي ۽ نه ئي وري اهو مزي سان کائي ڪري سگهندو آهي. نه سندس ڪو سنگتي ساٿي هوندو آهي ۽ نه ئي وري کيس ڪو ڀائيندو آهي.
پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو آهي ته، ”بداخلاق ماڻهو پنهنجي نفس کي لاڳيتي ڏک ۽ عذاب ۾ ويڙهي ڇڏيندو آهي.“
خوش اخلاقي نهايت وڻندڙ گڻ آهي، ان ڪري سڀني ماڻهن لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي پاڻ اهڙو گڻ پيدا ڪن. خاص ڪري زال مڙس ۾ خوش اخلاقيءَ جو هجڻ نهايت ضروري آهي، ان ڪري جو اهي سدائين گڏ رهندا آهن.
پياري ڀيڻ! جيڪڏهن تون چاهين ٿي ته تنهنجي، تنهنجي مڙس ۽ تنهنجي ٻارڙن جي زندگي سٺي گذري ته پوءِ پنهنجي اخلاق کي سٺو بڻاءِ. سدائين خوش گذار ۽ مرڪندي رهه، جيهڙي جَهٽي ۽ ڪروڌ کان بچ ۽ پنهنجي زبان جي لغام کي سوگهو جهل. جيڪڏهن ائين ڪندينءُ ته پوءِ تون پنهنجي گهر کي بهشت بنائي سگهين ٿي. ڇا اها ڏک جهڙي ڳالهه ناهي جو بداخلاقيءَ ڪري تون پنهنجي گهر کي دوزخ بنائي ڇڏين ۽ پنهنجو، پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي ٻچڙن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏين؟ تون پيار، محبت ۽ ٻاجهه جو نمونو بڻجي پنهنجي گهر جي ماحول کي ڏاڍو وڻندڙ ۽ سڪون وارو بنائي سگهين ٿي. مرڪندڙ چهري، سهپ ۽ سٺي ڳالهه ٻولهه وسيلي تون پنهنجي مڙس ۽ ٻارن جي دلين کي خوشيءَ جهڙي خزاني سان ڀري سگهين ٿي ۽ سندس غم ڪافور ڪري سگهين ٿي..
ڀيڻ! ڇا توکي خبر آهي ته جڏهن صبح جو تنهنجو مڙس ڪم تي ۽ تنهنجا ٻارڙا اسڪول ويندا هجن ۽ جيڪڏهن تون مرڪي کين در ڀيڙو ڪرين ته سندن دل، روح ۽ ذهن تي ڪيڏو نه سٺو ۽ هاڪاري اثر پوندو؟ جيڪڏهن تون ائين ڪندينءَ ته پوءِ منجهن همت پيدا ٿيندي ۽ اهڙيءَ طرح اهي پنهنجو ڪم ڪار نهايت سولائيءَ ۽ دلچسپيءَ سان ڪري سگهندا.
جيڪڏهن توکي پنهنجي زندگي ۽ مڙس ۽ ٻارڙن سان پيار آهي ته پوءِ خوش اخلاق ٿيءُ ڇو جو سٺو اخلاق ازدواجي لاڳاپن کي سگهارو ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو آهي.
مانواري ڀيڻ! خوش اخلاقي ۽ پيار ۽ محبت وسيلي پنهنجي مڙس جي دل کٽڻ جو هنر سکي ڇڏ ته جيئن هو خود پنهنجي وجود، توسان، تنهنجي ٻارڙن سان ۽ گهر گهاٽ سان محبت ڪري سگهي ۽ پنهنجي ڪم ڪار ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ تي پورو ڌيان ڏئي ۽ توهان سڀني جي لاءِ سک جو سامان مهيا ڪري سگهي. جيڪڏهن تون ساڻس خوش اخلاقيءَ سان پيش ايندينءَ ته پوءِ هو راتيون گهر کان ٻاهر گذارڻ ۽ عياشيءَ جي پچر نه ڪندو ۽ سوير گهر هليو ايندو.
هڪ عورت ڪورٽ ۾ دانهن ڏني ته، ”منهنجو مڙس منجهند ۽ رات جو کاڌو ٻاهر ڪٿي کائي ايندو آهي.“
مڙس چيو ته، ”ان جو ڪارڻ اهو آهي جو منهنجي زال مون سان نباهڻ ئي نه ٿي چاهي. سندس روين ۾ ڪو سڀاءُ ڪونهي. ان لحاظ کان هوءَ دنيا جي بداخلاق عورت آهي.“
هڪ ٻي عورت ڪورٽ ۾ چيو ته، ”منهنجي زال مون سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ گهر جو خرچ پکو پنهنجي ماءُ جي هٿان مون کي ڏياري موڪليندو آهي.“
مڙس وراڻيو ته، مان پنهنجي زال جي بداخلاقين ڪري تنگ ٿي چڪو آهيان، تنهن ڪري مان اهو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ساڻس ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيان. ساڻس نه ڳالهائڻ کي پورا پندرنهن مهينا گذري چڪا آهن.“
ازدواجي زندگيءَ جي اڪثر مسئلن ۽ مونجهارن کي سياڻپ ۽ سٺي اخلاق وسيلي حل ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن تنهنجو مڙس توکي گهٽ ڀانئين ٿو، گهر گهاٽ تي ڪو ڌيان نه ٿو ڏي، دير سان گهر اچي ٿو، منجهند ۽ رات جي ماني ٻاهر کائي ٿو، ويڙهه جهيڙ ڪري ٿو ۽ پنهنجي رت پگهر جي ڪمائي اجاين شغلن ۾ لُٽائي ٿو، ته پوءِ تون اهڙن مسئلن کي پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار ۽ سٺي ورتاءُ وسيلي حل ڪري سگهين ٿي. تون پنهنجي هلت ۾ هاڪاري تبديلي پيدا ڪري پوءِ سٺي اخلاق جا معجزن جهڙا نتيجا ويهي ڏس.
ڪنهن ماڻهو ءَ حضور ﷺ جن کي ٻڌايو ته، ”فلاڻي عورت ڏاڍي نيڪ آهي، روزي نماز جي پابند آهي ۽ راتين جو اٿي عبادت ڪندي آهي پر ڏاڍي بداخلاق آهي. اوڙي پاڙي ۾ اصل آزار مچائي ڇڏيو اٿائين. ”اهو ٻڌي پاڻ سڳورن وراڻيو ته، ”ان عورت ۾ ڪابه چڱائي ڪونهي. اها دوزخڻ آهي.“

اجايون اميدون نه رکجن:

اجايون اميدون نه رکجن:
سڀني ماڻهن جا مالي وسيلا ۽ آمدني هڪ جهڙي ناهي هوندي، تنهنڪري سڀئي هڪڙي ئي معيار مطابق زندگي گذاري نه ٿا سگهن. هر ڪٽنب کي پنهنجي آمدني ۽ خرچ پکي جو حساب ڪتاب پاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي آمدنيءَ مطابق خرچ هلائڻ گهرجي. اسان کي زندگي گذارڻ لاءِ ملي آهي، تنهنڪري اها هر طريقي سان گذاري سگهجي ٿي. اهو سياڻي ماڻهوءَ جو ڪم ناهي ته غير ضروري شيون خريد ڪرڻ لاءِ وتي قرض وٺندو ۽ پوءِ وري ڇڪ ڇڪان پئي ٿئي.
ڀيڻ! تون گهر جي مالڪياڻي آهين ۽ سياڻي، سيبتي ۽ سگهڙ آهين. پنهنجي آمدني ۽ خرچ جو ڪاٿو ڏاهپ سان ڪر ۽ پوءِ اهڙيءَ طرح ڏوڪڙ پئسا خرچ ڪر ته جيئن تنهنجي ڪٽنب جي عزت به رهندي اچي ۽ تو وٽ به ڪجهه پئسا بچيل رهن. ان ڏس ۾ تون عقلمنديءَ کان ڪم وٺ ۽ ٻين سان اجائي ريس نه ڪر. جيڪڏهن ڪنهن عورت کي نئين ڊزائين جو وڳو پهريل ڏٺو اٿئي ۽ مالي حالتون توکي اهڙو وڳو وٺڻ جي موڪل نه ٿيون ڏين ته پوءِ هرو ڀرو پنهنجي مڙس کي تنگ نه ڪر. جيڪڏهن تون پنهنجي پاڙي ۾ ڪا ٺاهه ٺوهه جي شيءِ ڏٺي آهي ته پوٰءِ مڙس کي اهڙي شيءِ آڻي ڏيڻ تي مجبور نه ڪر. توکي خبر آهي ته گهر جي مالي حالت ۽ مڙس جي آمدني اهڙي عياشيءَ جي موڪل نه ٿي ڏي ته پوءِ مڙس کي قرض وٺڻ، قسطن تي اهڙيون شيون وٺي ڏيڻ يا وري ناجائز ڪم ڪري اهڙيون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي ڇو ٿي مجبور ڪرين؟ ڇا ائين چڱو نه ٿيندو ته تون ٿورو صبر ڪر ۽ جڏهن مالي حالت ڪجهه سڌري وڃي ۽ تو وٽ ڪجهه رقم گڏ ٿي وڃي ته پوءِ ئي تون روڪ بها ڀري اهڙي ڪا وڻندڙ شيءِ خريد ڪر؟
اڪثر اياڻيون ۽ خود غرض عورتون اهڙي قسم جا اجايا خرچ ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳريون هونديون آهن ۽ هڪ ٻئي کي ڏسي ساڙ ۾ پيون سڙنديون آهن. شل نه ڪنهن جي گهر ۾ ڪنهن ٺاهه ٺوهه جي شيءِ تي نظر پئين! پوءِ ته مڙس ويچاري جو مغز کائي وينديون ته اها شيءِ ڪيئن به ڪري آڻي ڏي. ايڏو ضد ڪنديون ۽ زور ڀرينديون جو مڙس ويچارو قرض کڻي يا قسطن تي اها شيءِ آڻي ڏيندو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو پاڻ کي قرضي ڪري ڇڏيندو.
اهڙي حالت ۾ مڙس ان ڳالهه تي مجبور ٿي ويندو آهي ته پنهنجي ازدواجي زندگيءَ جي تندن کي ڇني ڇڏي ۽ پنهنجي خود غرض زال کي طلاق ڏئي ڇڏي ته جيئن سندس اجاين فرمائشن ۽ ويڙهه جهيڙ کان ڇوٽڪارو ملي وڃي يا وري آپگهات ڪري پنهنجو انت آڻي ڇڏي.
اصل ۾ اهڙي قسم جي عورتن شادي جي اصل مقصد کي سمجهيو ئي ناهي. سندن خيال ۾ شاديءَ جو مطلب مڙس نه پر هڪ غلام خريد ڪرڻ هوندو آهي، جيڪو سندن ٻاراڻين خواهشن ۽ فرمائشن جو پوراءُ ڪري سگهي.
اهڙين عورتن جون خواهشون ڪڏهن ڪڏهن ته ايترو وڌي وينديون آهن جومڙس جي هڙئي آمدني به پوري نه پئجي سگهندي آهي. انهن جو مڙس جي آمدنيءَ سان ڇا وڃي! سندن خواهش ته ٺهه پهه پوري ٿيڻ گهرجي پوءِ چاهي مڙس کي ڪيترائي حيلا ڇونه ڪرڻا پون يا هو حرام جي ڪمائيءَ تي مجبور ٿي وڃي.
مڙسن جي ڏيوالپڻي ۽ قرضي ٿيڻ جا مکيه ڪارڻ اڪثر خود غرض ۽ اياڻين زالن جون اجايو خواهشون، ٻين سان ريس ۽ اجايا خرچ هوندا آهن. زالن جو ڪروڌ ۽ اجاين گهرجن جي پوراءَ لاءِ ڳت ڏئي بيهڻ مڙس کي ناجائز ڪمن ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن. حقيقت ۾ اهڙي قسم جون عورتون، عورت ذات لاءِ شرم جو باعث هونديون آهن. فرض ڪريو، جيڪڏهن انهن ڳالهين ڪري توکي طلاق ملي ته پوءِ ڇا مسئلو حل ٿي ويندو؟ هرگز نه! طلاق کان پوءِ خواهشون ڪڏهن به پوريون نه ٿي سگهندئي. پيڪين وڃي تون پنهنجي ماءُ پيءُ تي بار بنجي ويندينءُ ۽ پوءِ توکي ڪير به نه ليکيندو ۽ تون پيار، محبت ۽ اولاد جهڙي نعمت کان محروم ٿي ويندينءَ.
ڇا تون ائين سوچين ٿي ته طلاق کان پوءِ تنهنجي چاهت ۽ طلب لاءِ مرد قطار ڪيو بيٺا هوندا؟ ائين بنهه ناهي! جيڪي عورتون طلاق وٺنديون آهن تن کي ٻي شاديءَ جو موقعو گهٽ ئي ملندو اهي. ڀلا جيڪڏهن ٻيو مڙس ملي به وڃي ته ڇا ضروري آهي ته اهو پهرين مڙس کان سٺو هجي؟
ڇا اهو تنهنجي حق ۾ چڱو ناهي ته تون سياڻپ کان ڪم وٺي پنهنجي انجام تي ويچارين؟ ڇا پنهنجي آمدني ۽ خرچ جو ڪاٿو لڳائي ان پٽاندڙ خرچ ڪرڻ سياڻپ ناهي؟ ڇا اجائي خرچن بدران پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي زندگي ۽ گهر گهاٽ تي ڌيان ڏيڻ تنهنجي لاءِ چڱو ناهي؟
پيار ۽ محبت جوا ظهار ڪري پنهنجي گهر جي ماحول کي وڻندڙ ۽ خوشين ڀريو بنائڻ گهرجي. ٻين جي زندگيءَ سان تنهنجو ڪو وڙ واسطو نه هئڻ گهرجي. ٻيا ڇا به ڪن، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟ پنهنجي آمدنيءَ پٽاندڙ خرچ ڪرڻ سان تنهنجي زندگي ڏاڍي سولي سڻائي ٿي پوندي. پنهنجي مڙس ۽ ٻارڙن سان کل خوشيءَ سان رهه، روزاني جي خرچ پکي مان ڪجهه پئسا لاڙي رک ته جيئن مالي حالت سڌري وڃي ۽ تنهنجو ڪٽنب عزت ڀري زندگي گذاري سگهي. بچت جي ڪري تون پنهنجون خواهشون به پوريون ڪري سگهين ٿي. جيڪڏهن تنهنجو مڙس خرچائو آهي ته پوءِ تون کيس ائين ڪرڻ کان جهل ۽ جيڪڏهن هو قرض يا قسطن تي ڪا شيءِ آڻي ٿو ته پوءِ تون کيس ائين ڪرڻ نه ڏي. تنهنجي مڙس وٽ جيڪو ڪجهه آهي سو حقيقت ۾ تنهنجو ئي آهي. ان ڳالهه کان نه ڊڄ ته هو پنهنجي ڪمائي ٻين کي ڏئي ڇڏيندو. بچت نهايت سٺي عادت آهي. تون بچت ڪندينءَ ته ڏکيا ڏينهن نه ڏسڻا پوندا. هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ الائي ڪهڙا ڪهڙا حادثا پيش اچي سگهن ٿا تنهن ڪري انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڏوڪڙ پاسيرا ڪري رکڻ نهايت ضروري آهن.
پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”هر اها عورت جيڪا پنهنجي مڙس سان ٺهي نه ٿي هلي ۽ جيڪي ڪجهه کيس خداپاران ڏنو ويو آهي تنهن تي راضي نه رهي ۽ پنهنجي مڙس سان سٺو ورتاءُ نه ٿي ڪري ۽ سندس وس کان ٻاهر جي خواهش ٿي ڪري ته اهڙي عورت جا عمل قبول نه ٿيندا ۽ خدا مٿس عذاب نازل ڪندو.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”خدا پاڪ تي ايمان آڻن کان پوءِ ڪا به نعمت، مڙس سان سهڪار ڪرڻ کان وڌيڪ ناهي.“

پنهنجي مڙس کي دلجاءِ ڏيو:

پنهنجي مڙس کي دلجاءِ ڏيو:
زندگيءَ جو بار مرد جي ڪلهن تي ئي هوندو آهي. ڪٽنب جو خرچ پکو هر حال ۾ پورو ڪرڻ سندس ئي ذميواري هوندي آهي. کيس گهر کان ٻاهر الائي جي ڪيتريون تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن. ڪڏهن کيس بالادست آفيسر جا دڙڪا داٻ سهڻا پوندا آهن ته ڪڏهن وري پنهنجي ساٿين پاران ڪا تڪليف ملندي آهي. ان کان سواءِ آفيس ۾ ٻيا به ڪيترائي مسئلا ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن هو دڪاندار آهي ته پوءِ ائين ٿي سگهي ٿو ته سندس وڪري گهٽ ٿيندي هجي. مطلب ته مڙس ويچارو هڪ مسئلي ۾ نه پر اڻ ڳڻين مسئلن ۾ ڦاٿل رهندو آهي. روزاني زندگيءَ ۾ کيس ڪيترين ئي پريشانين سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو مردن جي عمر عورتن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿيندي آهي. آخر هڪ ماڻهو ذهني پريشانين ۽ ڳڻتين کان ڪيتري حد تائين آجو رهي سگهي ٿو؟
ان حالت ۾ هڪ ماڻهوءَ کي ان ڳالهه جي شديد ضرورت پوندي آهي ته ڪو کيس دلجاءِ ڏيڻ وارو هجي ته جيئن سندس ٿڪل ذهن ۽ روح ڪجهه آرام وٺي سگهي.
ڀيڻ! توکان سواءِ تنهنجي مڙس جو ٻيو ڪو به غمخوار نه ٿو ٿي سگهي. گهر کان ٻاهر جي مسئلن کان ڀڄي اچي هو گهر ۾ پناهه وٺندو آهي ۽ اهڙي حالت ۾ کيس تنهنجي دلجاءِ ۽ تسليءَ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن هو ڪنهن ڏينهن پريشان ۽ غمگين ٿي گهر اچي ته پوءِ پهرين کان به وڌيڪ کيس تنهنجي ڌيان جي ضرورت پوندي آهي. تنهن ڪري توکي گهرجي ته تون جَهٽ پٽ سندس آرام، کائڻ پيئڻ ۽ چانهه وغيره جو بندو بست ڪري وٺ. اهڙي موقعي تي ساڻس ٻين موضوعن تي ڳالهه ٻولهه نه ڪر، نه ڪا کانئس فرمائش ڪر، نه ڪا شڪايت ڪر ۽ نه ئي مٿس ٽوڪ ٺٺول ڪر. کيس ڪجهه دير لاءِ آرام ڪرڻ ڏي ته جيئن هو ذهني ٿڪاوٽ لاهي سگهي ۽ جيڪڏهن هو ماني کائي رهيو آهي ته کيس دلجاءِ سان کائڻ ڏي. جڏهن سندس ٿڪاوٽ لهي وڃي ته پوءِ کانئس پيار مان پريشانيءَ جو سبب معلوم ڪر ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن پهتل تڪليف بابت ٻڌائي ته کيس ڌيان سان ٻڌ. ٽوڪ ٺٺول يا مذاق ڪرڻ بدران تون سندس پريشاني ٻڌي ساڻس افسوس جو اظهار ڪري ۽ پنهنجي هلت مان اهو ظاهر ڪري سندس ڏک مٽائڻ جي ڪوشش ڪر ۽ پريشانين ۽ مسئلن کي سندس اڳيان صفا معمولي ۽ حقير ظاهر ڪر ۽ انهن کي حل ڪرڻ سندس همت ٻڌراءِ. کيس اهو چئه ته اهڙي قسم جا مسئلا ته ايندا رهندا آهن تنهن ڪري صبر ۽ همت وسيلي انهن کي حل ڪري سگهجي ٿو. اصل ۾ اهڙن ئي موقعن تي ماڻهوءَ جي شخصيت ۾ مردانگي ظاهر ٿيندي آهي. پريشان ٿيڻ بدران صبر ۽ ڪوشش کان ڪم ورتو وڃي ته مسئلا آسانيءَ سان حل ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن تنهنجي مڙس کي تنهنجي رهنمائيءَ جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن سندس مسئلي جو ڪو حل تو وٽ آهي ته پوءِ ساڻس ضرور سهڪار ڪر ۽ جيڪڏهن توکي ڪو حل ڪونه سجهي ته پوءِ کيس راءِ ڏي ته هو پنهنجي ڪنهن گهڻ گهري دوست ياڪنهن مٽ مائٽ سان صلاح مشورو ڪري.
ڀيڻ! مشڪلاتن ۽ پريشانين وقت تنهنجي مڙس کي تنهنجي دلجاءِ ۽ تسليءَ جي ضرورت پوندي آهي. تنهن ڪري توکي سندس مدد ڪرڻ گهرجي. توکي هڪ مهربان نرس ۽ هڪ هڏ ڏوکي نفسيات جي ماهر وانگر سندس دلجاءِ ڪرڻ ۽ همت ٻڌرائڻ گهرجي. اهڙي موقعي تي توکي پنهنجي شخصيت کي سگهارو ۽ همت وارو بنائڻ گهرجي ته جيئن تنهنجي مڙس جو ڳڻتيون لهي وڃن. ڀيڻ! تون پنهنجي سگهه جو ڪاٿو بنهه نه ٿي ڪري سگهين! تنهنجي پيار، مهرباني ۽ دلجاءِ جي سگهه تنهنجي مڙس تي جادوءَ جهڙو اثر ڪري سگهي ٿي. تون ائين ڪري سندس دل ۽ ذهن کي سڪون ڏئي سگهين ٿي. پوءِ هو زندگيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳندو ۽ منجهس مسئلن کي حل ڪرڻ جي سگهه اچي ويندي. گڏوگڏ هو اها ڳالهه پڻ ڀائيندو ته هو اڪيلو ناهي پر سندس گهر واري به مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڏس ۾ سندس ساٿياڻي آهي. تنهنجي وافاداري منجس وڏو ڀروسو پيدا ڪندي ۽ اهڙي طرح توهان جي ازدواجي زندگي اڃا به سگهاري ۽ جٽادار ٿي پوندي.
حضرت جعفر صادق رحه فرمائي ٿو ته، ”دنيا ۾ اهڙي زال کان ڀلي ٻي ڪا به شيءَ نه ٿي ٿي سگهي جنهن کي ڏسي مڙس جي دل خوشيءَ ۾ ٽمٽار ٿي وڃي.

هر حال ۾ شڪر ادا ڪرڻ گهرجي:

هر حال ۾ شڪر ادا ڪرڻ گهرجي:
ڏوڪڙ ڪمائڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. پئسا ڪمائڻ لاءِ اڻ ڳڻيون تڪليفون ۽ پريشانيون ڏسڻيون پونديون آهن. ماڻهو پنهنجي سک ۽ سهوليت لاءِ دولت ڪمائيندو آهي ۽ ان لاءِ کيس ذاتي ڌيان ۽ دلچسپي وٺڻي پوندي آهي. جيڪڏهن هو ڪنهن تي ٿورو ڪندو آهي يا ڪنهن تي پئسا ڏوڪڙ خرچ ڪندو آهي ته پوءِ موٽ ۾ ان ڳالهه جي خواهش ضرور رکندو اهي ته سندس قدر ڪيووڃي. ان ڏس ۾ سندس شڪريو ادا ڪرڻ منجهس وڏي همت ۽ جذبو پيدا ڪندو آهي ۽ کيس احسان ۽ نيڪيءَ جي دڳ تي لائي ڇڏيندو آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته شڪرئي جو اظهار ڪرڻ مٿس ايڏو اثر وجهي جو هو نيڪي ۽ احسان ڪرڻ کي پنهنجي ”ٻي عادت“ بنائي ڇڏي ۽ هو هر وقت پاڻ کي ان ڀلي ڪم لاءِ تيار رکي. پر جيڪڏهن سندس قدر نه ٿيندو ۽ سندس احسانن کي وساريو ويندو ته پوءِ هو سٺا ڪم ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه وٺندو ۽ سوچيندو ته مان اجايو هن سان احسان ڪيو ۽ مٿس مال دولت خرچ ڪيو.
قدر ڪرڻ ۽ شڪريو ادا ڪرڻ نهايت وڻندڙ عمل آهي جيڪو ماڻهوءَ کي احسان ۽ نيڪي ڪرڻ ڏانهن لاڙڻ جو مکيه وسيلو آهي. الله سائين به، جيڪو بي نياز آهي، پنهنجي نعمتن تي شڪر ادا ڪرڻ کي نعمتن جي جاري رهڻ جو شرط ٻڌائيندي فرمائي ٿو ته، ” جيڪڏهن شڪر ادا ڪندؤ ته پنهنجي نعمتن ۾ اڃا به واڌارو ڪندس.“
ڀيڻ! تنهنجو مڙس به هڪ انسان آهي تنهنڪري کيس قدرداني پڪ سان چڱي لڳندي هوندي. هو محنت ڪري گهر جو خرچ پکوو هلائيندو آهي. ۽ ان ڪم کي پنهنجو اخلاقي ۽ شرعي فرض سمجهندو آهي تنهن ڪري هو تو مان اها اميد ضرور رکندو هوندو ته تون سندس وجود کي غنيمت سمجهندي سندس ڪم جو قدر ڪرين. جڏهن به هو ڪا شيءِ خريد ڪري گهر آڻي ته پوءِ تون ساڻس خوشيءِ جو اظهار ڪري سندس شڪريو به ادا ڪر. جيڪڏهن تون ڪجهه ڏينهن بيمار رهڻ کان پوءِ چاق چڱي ڀلي ٿي وڃين ٿي ته پوءِ به سندس شڪريو ادا ڪر جو هن ويچاري تنهن جي علاج لاءِ تڪليفون سٺيون هونديون. جيڪڏهن هو توکي گهمائڻ ڦرائڻ يا سفر تي وٺي وڃي ته واپس گهر اچي سندس ٿورا مڃ. جيڪڏهن هن توکي پئسا ڏوڪڙ ڏنا هجن ته انهن جو قدر ڪر. سندس ڪم ڪار يا ڌنڌي ڌاڙيءَ کي ڪڏهن به گهٽ نه سمجهه، ساڻس لاپرواهي نه ڪر. مٿس ٽوڪ ٺٺول بنهه نه ڪر، جيڪڏهن تون سندس ڪم ڪار جي واکاڻ ڪندينءَ ته پوءِ اها واکاڻ کيس پنهنجي شخصيت جي اهم هجڻ جو احساس ڏيارڻ جو ڪارڻ بڻبي ۽ گڏوگڏ کيس همت ڀريو پڻ بنائيندي. ان جو فائدو اهو ٿيندو جو هو توتي ۽ تنهنجي ٻارڙن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو ۽ ڪوشش ڪندو ته توهان سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ۽ پيار محبت ۽ احسان وسيلي اهڙو ماحول پيدا ڪري سگهندو جيڪو هڪ سٺي گهراڻي ۾ هجڻ گهرجي. ويچارو مڙس ته رڳو ٻن ٽن ساراهه جي جملن ۽ سکڻي ”مهرباني“ چوڻ سان ئي خوش ٿي ويندو آهي. تنهن ڪري ان ڏس ۾ توکي پنهنجي دل ڪشادي ڪرڻ گهرجي.
ڀيڻ! جيڪڏهن توکي ڪا ساهيڙي يا ڪو ويجهو مٽ مائٽ ڪا سوکڙي پاکڙي ڏيندو آهي ته پوءِ تون ڪيڏو نه خوش ٿيندي آهي ۽ سندن سوين ڀيرا شڪريو ادا ڪندي نه ٿڪبي آهين، پر ڇا پنهنجي مڙس جي دائمي ٿورن ۽ احسانن جي بدلي ۾ رڳو ”مهرباني“ جهڙو ننڍڙو لفظ تنهنجي زبان تي نه ٿو اچي سگهي؟
سگهڙائپ ۽ گهرداري ءَ جا به ڪي طور طريقا ٿيندا آهن. انهن مان هڪ مکيه طريقو پنهنجي شخصي فائدن جي سڃاڻپ ڪرڻ پڻ آهي. وڏائي ۽ پاڻ پسندي ڏاڍي خراب شيءِ آهي. ڇا تون اهو سوچين ٿي ته ”مهرباني“ جو اظهار ڪري تون لهي ويندينءَ؟ ائين بنهه نه آهي. ائين ڪندينءَ ته پوءِ تنهنجو مڙس اڃا به وڌيڪ توکي ڀانئڻ لڳندو ۽ توکي پنهنجو قدردان ۽ مهربان سمجهڻ لڳندو.
پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪڏهن ڪنهن شخص ڪنهن جي ٿوري يا احسان جو قدر نه ڪيو ڄڻ ته هن خدا جو شڪر ادا نه ڪيو.“

ڪنهن جا عيب نه ڪڍجن:

ڪنهن جا عيب نه ڪڍجن:
ڪو به ماڻهو عيبن ۽ خامين کان آجو ناهي هوندو.ڪو ڊگهو هوندو آهي ته ڪو وري ڄامڙو، ڪو ڪارو هوندو آهي ته ڪو وري ڀورو، ڪو سنهو سيپڪڙو هوندو آهي ته ڪو وري ٿلهو متارو، ڪنهن جون اکيون چُچيون هونديون آهن ته ڪنهن جو وري نڪ ڊگهو هوندو آهي، ڪو گنجو هوندو آهي ته ڪنهن جو وري پيٽ وڏو هوندو آهي، ڪو گهٽ ڳالهائيندو آهي ته ڪو وري گهڻ ڳالهائو هوندو آهي، ڪنهن جي وات ۽ پيرن مان ڌپ ايندي آهي، ڪو وري ڏٻرو ۽ بيمار هو ندو آهي، ڪو ڪنجوس هوندو آهي ته ڪو وري سخي. ڪو ماڻهو صاف سٿرو رهندو آهي ته ڪو وري گندو. ۽ ڪنهن کي چڱي مَٺي سان اٿن ويهڻ جي خبر هوندي آهي ته ڪو وري زندگيءَ جي طور طريقن کان اڻ سونهون هوندو آهي. ته اهڙي قسم جا عيب يا خاميون ته هر مرد ۽ عورت ۾ هوندا آهن. هر مرد ۽ عورت جي اها خواهش هوندي آهي ته پنهنجي لاءِ آئيڊيل ساٿيءَ جي ڳولا ڪري جيڪو مڙني عيبن ۽ خامين کان آجو هجي ۽ منجهس ڪا به گهٽ وڌائي نه هجي پر اتفاق تمام گهٽ ٿيندو آهي ته ڪنهن کي پنهنجو مڪمل آئيڊيل ملي وڃي. منهنجي خيال ۾ ته ڪا به اهڙي عورت ڪونه هوندي جيڪا پنهنجي مڙس کي سؤ سيڪڙو مڪمل ۽ بي عيب سمجهندي هجي.
جن عورتن کي عيب ڪڍڻ جي عادت هوندي آهي سي هروڀرو پنهنجي مڙسن مان عيب ڪڍنديون رهنديون آهن. هڪ معمولي ۽ صفا ننڍڙي جنهن کي عيب هرگز نه ٿو چئي سگهجي، تي ايترو ته سوچينديون آهن جو هوريان هوريان اهو نقص کين وڏو ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳو عيب نظر اچڻ لڳندو آهي. اهڙي ءَ طرح اهي مڙس جي خوبين کي نظرانداز ڪري ڇڏينديون آهن ۽ رڳو پيو اهو ننڍڙو نقص سندن اکين اڳيان ڦرندو رهندو آهي. جنهن به مرد تي نظر پوندي اٿن تنهن کي چتائي ڏسنديون آهن ته منجهس سندس مڙس جهڙو ڪو عيب آهي يا نه! اهي هڪ اهڙي آئيڊيل مرد کي پنهنجي دماغ ۾ ويهاري ڇڏينديون آهن جنهن ۾ ڪو به عيب نه هجي ۽ جيئن ته سندن مڙس ان خيالي مرد جهڙو ناهي هوندو. تنهنڪري اهي سدائين رنج رهنديون آهن، پنهنجي شاديءَ تي پڇتائينديون آهن ۽ پنهنجي قسمت تي روئينديون رهنديون آهن. آهستي آهستي سندن اها حالت سڀني کي معلوم ٿي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي مڙس کي به پنهنجي رنج بابت ٻڌائي ڇڏينديون آهن. اعتراض، بهانا ۽ طعنا مهڻا ڏيڻ سندن معمول بڻجي ويندو آهي. ڪڏهن مڙس کي چونديون آهن ته، ”توکي ته زندگي گهارڻ، جو ڍنگ ئي ڪونهي، ڪنهن شاديءَ وهانءُ تي توسان گڏ هلڻ ۾ ته شرم ٿوا چي، تنهنجي وات مان ته ڌَپَ ساڙيو ٿي وڃي ۽ تون ڪيڏو ڪارو ۽ بڇڙو آهين!“
جيڪڏهن مرد سياڻو ۽ سهپ وارو هوندو آهي ته زال جون اهي گستاخيون برداشت ڪري ڇڏيندو، پر پوءِ به اهي ڳالهيون کيس ضرور خراب لڳنديون. زال جي هلت ۽ ڪروڌ ۽ ٽوڪ ٺٺول ۾ ڪا تبديلي نه آئي ته پوهڪ ڏينهن هو به آپي کان ٻاهر نڪري ويندو ۽ کيس مارڪٽ ڪندو. ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو ٻنهي مان هڪ ٻئي لا ءِ محبت موڪلائي ويندي ۽ سندس دليون نفرت ۽ ڌڪار ۾ ڀرجي وينديون ۽ پوءِ ٻئي هڪ بئي جا عيب ڳولڻ ۾ پورا هوندا. هر وقت ويڙهه جيهڙ ۽ لُڙ بکيڙي ڪري سندن جيئڻ جنجال ٿي ويندو ۽ ان وقت تائين اهي عذاب ۽ مصيبت ۾ رهندا جيستائين منجهائن ڪو مري نه وڃي. جيڪڏهن ٻنهي مان ڪو هڪ صبر ڪري ٿو ته پوءِ گاڏو گڙندو رهندو نه ته جي ٻئي پنهنجي ضد ۽ هٺ تي لڙيا رهيا ته پوءِ ڳالهه وڃي طلاق تائين پهچندي. طلاق کان پوءِِ ٻنهي کي پنهنجي ڪئي جي سزا ڀوڳڻي پوندي. بعد ۾ وري سندن شادي ٿئي به الائي نه! جيڪڏهن سندن شادي ٿي به وئي ته ضروري ناهي ته مرد کي سٺي عورت يا عورت کي سٺو مرد ملي وڃي. الله تعاليٰ شال ڪجهه عورتن جي هٺ، هوڏ ۽ ضد کان ٻاجهه ۾ رکي. اهي ٿورين ٿورين ڳالهين تي ايڏي ته ڳت ڏيو بيهنديون آهن جو کين ڪا به خبر ڪونه پوندي آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي تباهه ڪري ڇڏينديون آهن.

هيٺ عبرت پرائڻ لاءِ ڪي مثال ڏجن ٿا:

هيٺ عبرت پرائڻ لاءِ ڪي مثال ڏجن ٿا:
هڪ عورت اهو بهانو ڪري پيڪين هلي وئي ته سندس مڙس جي وات مان ڌَپ ايندي آهي ۽ چيائين ته جيستائين هو پنهنجي وات مان ڌَپَ کي ختم نه ڪندو تيستائين هوءَ گهر واپس نه ايندي. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪورٽ جي حڪم تي جڏهن هوءَ گهر موٽي آئي ته پنهنجي مڙس کان ڌار رهڻ لڳي. مڙس ڪاوڙ ۾ اچي کيس قتل ڪري ڇڏيو.
هڪ عورت اهو سبب ڄاڻائي طلاق ورتي جو سندس مڙس فرش تي ويهي هٿ سان کاڌو کائيندو هو ۽ روزانو ڏاڙهي نه لاهيندو هو.
پر سڀئي عورتون اهڙيون ناهن هونديون. ڪي اهڙيون باشعور ۽ سمجهندار عورتون به هونديون جيڪي زندگيءَ جي حقيقتن تي گهري نظر رکنديون آهن ۽ پنهنجي مڙس مان عيب ڪڍڻ کان پاسو ڪنديون آهن.
ڀيڻ! تنهنجو مڙس به هڪ عام ماڻهو آهي، تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته منجهس ڪو عيب هجي پر تون اهو به ضرور ڏس ته منجهس خوبيون ڪيتريون آهن. جيڪڏهن تون زندگي سٺي نموني گذارڻ چاهين ٿي ۽ توکي پنهنجي ٻارڙن ۽ گهر گهاٽ سان پيار آهي ته عيب ڪڍڻ جي فڪر ۾ نه رهه ۽ سندس ننڍين ننڍين خامين کي درگزر ڪري ڇڏ. سندس عيبن تي ڪو ڌيان ئي نه ڏي ۽ پنهنجي مڙس کي هڪ خيالي مرد سان، جنهن جو اصل ۾ ڪو وجود ئي ناهي هوندو، ڀيٽڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪر. سندس ڀيٽ عام مردن سان ڪرڻ ۾ ئي تنهنجو چڱو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن مرد ۾ اهي خاص عيب نه هجن جيڪي تنهنجي مڙس ۾ آهن پر ان مرد ۾ اهي عيب به ٿي سگهن ٿا جيڪي تنهنجي مڙس جي عيبن جي ڀيٽ ۾ گهڻا خراب هجن. خراب ڏيکاريندڙ عينڪ پنهنجي اکين تان لاهي ڇڏ ۽ پنهنجي مڙس جي خوبين تي نظر ڊوڙاءِ. جيڪڏهن منجهس ڪو هڪ عيب آهي ته ان جي ابتڙ هن ۾ سوين خوبيون به ٿي سگهن ٿيون. سندس خوبين تي نظر رکڻ سان تون خوش ۽ مطمئن رهي سگهين ٿي. ڀيڻ! تون ٿورو پنهنجي هيانءَ تي هٿ رکي ته ڏس! ڇا تون پاڻ بي عيب آهين جو ان ڳالهه جي اميد ٿي رکين ته تنهنجو مڙس هر عيب کان آجو هجي. اصل ۾ ڳالهه اها آهي جو تنهنجي خودغرضي ۽ خودپسندي توکي تنهنجي عيبن کي ڏسڻ جي موڪل ئي نه ٿي ڏي. حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”وڏو عيب اهوآهي جو ماڻهو ٻين جي عيبن کي ڏسي پر پنهنجي عيبن کان غافل رهي.“
ڀيڻ! هڪ ننڍڙي عيب کي ايڏو وڏو ڇو ٿي بنائين ۽ ان بابت پاڻ کي هروڀرو ايڏو پريشان ڇو ٿي ڪرين؟ آخر ائين ڪري تون پنهنجي زندگيءَ جي بنيادن کي هيڻو ۽ پيار محبت جي مرڪز يعني پنهنجي گهر ۽ ڪٽنب کي تباهه ڪرڻ تي سندرو ڇو ٻڌيو بيٺي آهين؟ سياڻپ ۽ سهپ کان ڪم وٺ! ساڙ، نفرت، ۽اجاين خيالن کي ذهن مان تڙي ڪڍي ڇڏ! ننڍين ننڍين ڳالهين کي پنهنجي ذهن ۾ ولوڙڻ ڇڏي ڏي. پيار جي اظهار وسيلي گهر جي ماحول کي وڻندڙ بڻاءِ ته جيئن محبت ۽ ٻاجهه جهڙي نعمت سان تنهنجي گود ڀريل رهي. پنهنجي مڙس جا عيب نه سندس اڳيان ڪڍ، نه وري سندس غيرموجود گي ۾، ڇو جو ائين ڪرڻ سان هو غمگين ٿي ويندو. نتيجو اهو وڃي نڪرندو جو سندس محبت ۽ چاهت ۾ گهٽتائي اچي ويندي ۽ پوءِ ظاهر آهي ته گهر ۾ ويڙهه جهيڙو روز جو معمول بنجي ويندو. جيڪڏهن حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته پوءِ ٻنهي جي زندگي ڏاڍي ڪڙي ڪساري ۽ اڻوڻندڙ ٿي پوندي. جيڪڏهن ڳالهه وڃي طلاق تائين پهتي، پوءِ ته ٻنهي لاءِ چڱو ڪونه ٿيندو.
جيڪڏهن تنهنجي مڙس جو ڪو عيب ٺيڪ ٿيڻ جهڙو آهي ته پوءِ ان کي ٺيڪ ڪرڻ جو فڪر ڪر. ان عيب کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڏس ۾ مڙس سان نهايت نرميءَ ۽ پيار سان ڳالهاءِ. جيڪڏهن مٿس ٺٺوليون ۽اعتراض ڪندينءَ ته پوءِ اهو مقصد حاصل نه ٿي سگهندو.

رڳو پنهنجي مڙس تي ڌيان ڏج:

رڳو پنهنجي مڙس تي ڌيان ڏج:
ڀيڻ! ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي شاديءَ کان اڳ ڪي ماڻهو تنهنجي رشتي لاءِ آيا هجن. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو تنهنجي نظرن ۾ به هجي جنهن سان تون شادي ڪرڻ چاهيندي هجين يا تنهنجي اها خواهش هجي ته جيڪر تنهنجو مڙس آسودو هجي، فلاڻي نوڪري ڪندو هجي، انجنيئر هجي يا ڊاڪٽر هجي ۽ سهڻو ۽ سمارٽ پڻ هجي. شاديءَ کان اڳ اهڙي قسم جي خواهش ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ڪانهي. پر جيئن ته هاڻي تون هڪ مرد کي پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي بنائي آخري عمر تائين ساٿ نڀائڻ جو واعدو ڪري چڪين آهين ته پوءِ گذريل ڳالهين کي صفا وساري ڇڏ. اهي خواهشون جيڪي پوريون نه ٿي سگهيون ۽ اهي سپنا جيڪي ساڀيا ماڻي نه سگهيا تن جو دل ۾ خيال به نه آڻ. پنهنجي مڙس کان سواءِ هر مرد لاءِ پنهنجو اکيون ٻوٽي ڇڏ ۽ پنهنجي دل کي بي چينيءَ ۽ پريشانيءَ کان ڇو ٽڪارو ڏيار. پنهنجي مڙس کان سواءِ هر غير مرد جي خيال کي دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ پنهنجو سمورو ڌيان رڳو پنهنجي مڙس تي ڏي. پنهنجي اڳوڻي طلبگار کي وساري ڇڏ ۽ سندس لاءِ ڀُلجي به نه سوچ. اهو پريشان آهي يا نه، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟ توکي سندس باري ۾ ڄاڻڻ جي ڳڻتي ڇو لڳل آهي؟ ائين ڪندينءَ ته پوءِ پريشانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه ملندئي!
هاڻي جيئن ته تون هڪ مرد سان شاديءَ جو ٻنڌڻ ٻڌي ڇڏيو آهي ته پوءِ آخر ائين ڇو؟ ان مرد سان پنهنجي مڙس جي ڀيٽ ڇو ٿي ڪرين؟ ائين ڪرڻ سان توکي پريشانيءَ ۽ لاڳيتي بي آراميءَ کان سواءِ ڪجهه ڪونه پلئه پوندو.
جڏهن تون ٻين مردن کي ڏسي پنهنجي مڙس جي ساڻن ڀيٽ ڪندي آهين ته پوءِ توکي ڪي اهڙا مرد به نظر ايندا هوندا جن ۾ اهي عيب نه هوندا جيڪي تنهنجي مڙ س ۾ آهن، پر ڇا تون اهو سمجهين ٿي ته اهي سڀ عيبن کان آجا هوندا؟ ڇا اهي آسمان کان لٿا آهن؟ ٿي سگهي ٿو ته منجهن ڪي اهڙا عيب به هجن جن جي توکي ڪا خبر ئي نه هجي. جيئن ته انهن جا عيب توکان لڪل آهن ۽ توکي رڳو سندن خوبين جي خبر آهي تنهنڪري تون پاڻ کي بدقسمت ٿي ڪوٺين ۽ اهو ٿي سوچين ته هن مرد سان شادي ڪري تو پاڻ سان ويل وهايو آهي. تنهنجي اهڙي سوچ توکي نڀاڳ ۽ تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پهچائي سگهي ٿي.
هڪ ارڙهن سالن جي پرڻيل عورت گهر کان ڀڄي وئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ پوليس کيس پڪڙي ورتو. هن پوليس کي بيان ڏيندي چيو ته، ”ٽي سال اڳ فلاڻي شخص سان منهنجو نڪاح ٿيو هو پر مون کي جلد ئي اهو احساس ٿيو ته اهو مون کي نٿو وڻي. پنهنجي مڙس جي چهري جي ٻين مردن جي چهري سان ڀيٽ ڪندي هيس ۽ پڇتائيندي هيس ته آخر مان هن مرد جي زال ڇو ٿيس؟“
ڀيڻ! جيڪڏهن تون چاهين ٿي ته نڀاڳ تو وٽ نه اچي، ذهني پريشانين کا بچيل ۽ خوش ۽ مطمئن زندگي گذارين ته پوءِ اجاين خواهشن کان پنهنجو دامن آجو ڪر. پنهنجي مڙس کان سواءِ ٻين سڀني کي وساري ڇڏ. ٻين مردن جي واکاڻ بنهه نه ڪر ۽ نه ئي وري سندن خيال دل ۾ آڻ. ائين به نه سوچ ته جيڪر فلاڻي ماڻهوءَ سان منهنجي شادي ٿئي ها، جيڪر منهنجي مڙس جو فلاڻو ڌنڌو هجي ها ۽ هو هيئن هجي يا هونئن هجي ها وغيره.
ڇا تون ڪڏهن سوچيو آهي ته تنهنجي انهن اڻ پورين خواهشن ۽ غلط سوچ جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ ڇو پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي زندگيءَ کي زهر ٿي بڻائين؟ ڇو پنهنجي ازدواجي زندگيءَ جي بنيادن کي لوڏي رهي آهين؟ ڇا توکي اها پڪ آهي ته جيڪڏهن تنهنجي فلاڻي مرد سان شادي ٿئي ها ته تون سؤ سيڪڙو خوش رهي سگهين ها؟ تون ته ان مرد جي ظاهري وصفن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين ٿي ڄاڻين. ڇا توکي اها خبر آهي ته ان مرد جي زال ساڻس خوش پئي گذاري؟
ڀيڻ! جيڪڏهن تنهنجي مڙس کي ٿوري به کُڙڪ پئجي وڃي ته تون ٻئي ڪنهن مرد کي چاهين ٿي ته پوءِ اهو توتي شڪ ڪرڻ لڳندو، سندس پيار ۽ محبت ۾ گهٽتائي اچي ويندي ۽ هو گهر گهاٽ ۽ ڪٽنب مان دلچسپي ختم ڪري ڇڏيندو. تنهن ڪري اهو توتي لازم آهي ته تون ٻين مردن جي واکاڻ هرگز نه ڪر ۽ نه ئي منجهن دلچسپي وٺ. مرد ايڏو ته حساس هوندو آهي جو هو اها ڳالهه بنهه برداشت ناهي ڪري سگهندو ته سندس زال غير مرد ته ٺهيو پر ان جي تصوير ۾ به دلچسپيءَ جو اظهار ڪري.
پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪا عورت پنهنجي مڙس کان سواءِ ڪنهن غير مرد کي لالچي نظرن سان ڏسندي ته اها الله پاڪ جي قهر کان ڪونه بچي سگهندي.“

اسلامي پردو:

اسلامي پردو:
عورت ۽ مرد ٻنهي ۾ جيتوڻيڪ ڪي ڳالهيون هڪ جهڙيون به هونديون آهن پر منجهن ڪي فرق به هوندا آهن، انهن ۾ هڪ فرق اهو آهي جو عورت هڪ لطيف، نازڪ، خوبصورت ۽ پياري هستي آهي. عورت دلبر آهي ته مرد وري دلدار. جڏهن مرد ڪنهن عورت سان شادي ڪندو آهي ته، پوءِ سندس اها خواهش هوندي آهي ته ان وڻندڙ ۽ پياري هستيءَ جون هڙئي خوبيون رڳو سندس جي ئي ذات تائين محدود هجن. گڏوگڏ هو اهو پڻ چاهيندو آهي ته سندس زال پنهنجي سموري خوبصورتي، ناز نخرا ۽ شوخي ۽ دلبري پنهنجي مڙس لاءِ ئي مخصوص ڪري ڇڏي ۽ غير مردن جو پاڇو به نه ڏسي. مرد ڏاڍو غيرتمند ٿيندو آهي، تنهنڪري هو ان ڳالهه کي هرگز برداشت ناهي ڪري سگهندو ته ڪو غير مرد سندس زال تي نظر وجهي يا ساڻس ڪو لاڳاپو رکي، ڳالهائي ياکل ڀوڳ ڪري. هو اهڙين ڳالهين کي پنهنجي جائز حق تي ڌاڙو سمجهندو آهي. اهوئي سبب آهي جو هو پنهنجي زال مان اها اميد رکندو آهي ته هوءَ اسلامي ويس وڳو پائي ۽ پردي جو پڻ خيال ڪري. گڏوگڏ شرعي اصولن ۽ اخلاقي قانونن جي پابندي ڪري، اسلامي شرم ۽ حياءَ ۽ شرافت کان ڪم وٺندي پنهنجي مڙس جي ان جائز خواهش جي پوراءَ ۾ ساڻس سهڪار ڪري. جيڪڏهن سندس زال ان اسلامي ۽ سماجي فرض تي عمل ڪندي ته پوءِ هو دلجاءِ ۽ سڪون سان زندگي گذاريندو ۽ پنهنجي ڪٽنب جون گُهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪندو. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي زال ۽ ٻارڙن سان ڏاڍي محبت ڪندو ۽ پوءِ اهائي محبت کيس ٻين عورتن ڏانهن لاڙو رکڻ کان روڪڻ جو ڪارڻ بڻبي.
پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن مرد ڏسندو ته سندس زال اسلامي پردي جو ڪو خيال نه ٿي رکي ۽ پنهنجي حسن کي ٻين جي اڳيان ظاهر ڪري ٿي ۽ ساڻن لاڳاپا رکي ٿي ته پوءِ هو ڏاڍو ناراض ٿي ويندو ڇو جو هو ان کي پنهنجي حق تلفي سمجهندو آهي ۽ زال کي ئي ان حق تلفيءَ جو ذميدار سمجهندو آهي. اهڙا مرد سدائين شڪ شبهي ۾ ڦاٿل رهندا آهن ۽ هوريان هوريان پنهنجي زال ۽ ٻارڙن سان سندن محبت آهي.
معاشري ۽ عورتن جو ڀلو ان ۾ آهي ته عورتون پنهنجي حسن جو ڏيکاءُ ڌارين جي اڳيان هرگز نه ڪن، ٺاهه جوڙ ۽ هار سينگار ڪرڻ کان سواءِ ئي گهر کان ٻاهر نڪرن ۽ ڪوشش ڪري ڌارين مردن کان پاڻ کي لڪائين. پردي جي پابندي هڪ اسلامي فرض آهي. الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته:
”مومن عورتن کي چؤ ته ڌارين مردن جي اڳيان پنهنجون نظرون جُهڪيل رکن، پنهنجي شرم گاهن جي حفاظت ڪن، پنهنجي خوبصورتي ۽ هار سينگار وارن هنڌن کي ڌارين لاءِ ظاهر نه ڪن سواءِ انهن عضون جي جيڪي فطري طور تي ظاهر آهن (جهڙوڪ هٿ ۽ چهرو)، پنهنجي ڇاتين کي پنهنجي پوتين سان ڍڪي رکن ۽ پنهنجي حسن ۽ جمال کي سواءِ پنهنجي مڙس، پنهنجي پيءُ ڏاڏي، مڙس جي پيءُ ڏاڏي، پنهنجي پُٽن، پنهنجي مڙس جي پُٽن، پنهنجي ڀائرن، پنهنجي ڀاڻيجن ۽ ڀائيٽن جي، ٻئي ڪنهن تي ظاهر ٿيڻ نه ڏين.“
اسلامي ويس وڳي ۽ پردي جي پابندي ڪرڻ عورتن جي ئي ڀلي ۾ آهي، جهڙوڪ:
1- سماج ۾ پنهنجي وجود جي قدر ۽ رتبي کي چڱيءَ ريت بچائي سگهن ٿيون ۽ پنهنجو پاڻ کي ڌارين جي بڇڙين نظرن کان پڻ محفوظ رکي سگهن ٿيون.
2- عورتون اسلامي ويس وڳن ۽پردي جو خيال ڪري پنهنجي مڙس جي ڀيٽ ۾ پنهنجي پيار ۽ محبت جو وڌيڪ ثبوت ڏئي سگهن ٿيون ۽ اهڙيءَ طرح گهر ۾ سڪون ۽ پيار وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون. ائين ڪرڻ سان شڪ شبهي پيدا ٿيڻ جي امڪان کي ختم ڪري سگهجي ٿو. مطلب ته ائين ڪري عورتون پنهنجي مڙسن جون دليون سولائي سان کٽي سگهن ٿيون ۽ پنهنجي عزت ۽ رتبي جو بچاءَ ڪرڻ ۾ پڻ سوڀاريون ٿي سگهن ٿيون.
3- اسلامي پردي جو لحاظ ڪندي عورتون ڌارين مردن کي پنهنجي ويجهو اچڻ کان روڪي سگهن ٿيون. ائين ڪرن سان ڪٽنب جا گڏيل لاڳاپا ڳانڍاپا اڃا به وڌيڪ سگهارا ٿي سگهن ٿا.
4- اسلامي پردي وسيلي عوتون انهن اڻ پرڻيل مردن کي سڌاري سگهن ٿيون جيڪي ذهني ڪمزورين ۽ خراب عادتن جي ڪري سڄو ڏينهن عورتن جي پويان هونداآهن.
5- جيئن ته اسلام عورت جي خاص صلاحيتن کان واقف آهي ۽ کيس سماج جو هڪ مکيه رڪن سمجهي ٿو تنهن ڪري معاشري جي پاڪيزگي يا ڇڙواڳيءَ جي ذميواري به مٿس ئي لڳائي ٿو. اسلام عورت کان اها گهر ڪري ٿو ته هوءَ پنهنجي ان وڏي ذميواريءَ کي سٺي نموني ۽ اسلامي پردي جو خيال رکندي سماجي بُراين ۽ فحاشين کي ٻُنجو ڏي، پنهجي ملت جي عظمت، مٿڀرائپ ۽ مضبوطيءَ لاءِ ڪوشش ڪري ۽ ان ڳالهه تي پورو پورو ويساهه رکي ته ان وڏي فرض پوري ڪرڻ تي خدا تعاليٰ پاران کيس وڏو اجر ۽ انعام ڏنو ويندو.
ڀيڻ! جيڪڏهن تون پنهنجي مڙس جو اعتماد حاصل ڪرڻ چاهين ٿي، جيڪڏهن توکي پنهنجي ڪٽنب جو سڪون ۽ آرام کپي، جيڪڏهن تون پنهنجي معاشري جي عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرين ٿي، جيڪڏهن توکي نئين ٽهيءَ جي نفسياتي بچاءَ ۽کين لُچائيءَ کان روڪڻ جي ڳڻتي آهي، جيڪڏهن تون چاهين ٿي ته عورتن کي مردن کي ريجهائڻ ۽ دوکو ڏيڻ جهڙي بڇڙيءَ عادت کان ڇڙواڳيءَ، جيڪڏهن تون خدا پاڪ جو راضپو حاصل ڪرڻ چاهين ٿي ۽ هڪ مؤمن ۽ وفادار زال وانگر زندگي گهارڻ چاهين ٿي ته پوءِ اسلامي پردي جي پابندي ڪر ۽ پڻ خوبصورتيءَ ۽ هار سينگار کي ڌارين تي ظاهر نه ڪر، پوءِ توڙي تون گهر ۾ پنهنجي مٽن مائٽن سان گڏ هجين يا وري گهر کان ٻاهر. تنهنجا ڏير، مڙس جا ڀاڻيجا ۽ ڀائيٽا، تنهنجي ڏيراڻين جا مڙس، تنهنجا ڀيڻيويا، تنهنجا پڦڙ، ماسڙ، تنهجا ماسات، سؤٽ، ماروٽ ۽ پڦاٽ تنهنجا نامحرم آهن جن کان پردو ڪرڻ واجب آهي. جيڪڏهن تون انهن کان پردو نه ڪندينءَ ته گناهگار ٿيندينءَ ۽ پنهنجي مڙس جي دل کي پڻ رنجهائيندينءَ. ٿي سگهي ٿو ته تنهنجو مڙس توکي ڪجهه نه چئي پر پَڪ ڄاڻ ته اها ڳالهه توکان ۽ گهر کان مُنهن موڙڻ جو ڪارڻ بنجي سگهي ٿي.
ڀيڻ! تنهنجو پيءُ، تنهنجا ڀائر، ڀاڻيجا ۽ ڀائٽيا ۽ تنهنجي مڙس جو پيءُ تنهنجا محرم آهن، جن کان توکي پردو ناهي ڪرڻو. پر پوءِ به کانئن پردي جو ٿورو ٿڪو خيال ضرور رکڻ گهرجي ۽ نه ئي وري هارسينگار ڪري سندن اڳيان اچجي.

پنهنجي مڙس جي غلطين کي معاف ڪري ڇڏجي:

پنهنجي مڙس جي غلطين کي معاف ڪري ڇڏجي:
انسان خطا جو گهر آهي ۽ کائنس ڪميون ڪوتاهيون ته پئي ٿينديون آهن. زال مڙس جيئن ته گڏ گذاريندا آهن تنهن ڪري مٿن اهو لازم هوندو آهي ته هڪ ٻئي جي غلطين کي معاف ڪري ڇڏين ته جيئن زندگيءَ جو گاڏو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي گڙندو رهي. ان ڏس ۾ جيڪڏهن ڪَس ڪَسر کان ڪم ورتو ويو ته پوءِ ٻنهي لاءِ چڱو ڪونه ٿيندو. گڏيل زندگيءَ ۾ ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪٽنبي زندگيءَ ۾ درگذر ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي غلطين کي معاف ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن ڪٽنب جا ڀاتي سختيءَ کان ڪم وٺندا ۽ هڪ ٻئي جي خطائن ۽ غلطين کي معاف نه ڪندا ته پوءِ اهڙي حالت ۾ سندن جيئڻ جنجال ٿي پوندو.
ڀيڻ! تنهنجو مڙس به انسان آهي تنهنڪري کانئس به ڪي غلطيون ٿينديون هونديون. ٿي سگهي ٿو ته ڪاوڙ وچان هو تنهنجي توهين ڪري يا وري گهٽ وڌ ڳالهائي يا توسان ڪوڙ ڳالهائي يا ڪو اهڙو ڪم ڪري جيڪو توکي بنهه نه وڻي. اهڙي قسم جون خطائون هر مرد کان ٿينديون آهن پر جيڪڏهن هن کي پنهنجي غلطين تي ڪو پڇتاءُ ٿئي ۽ هو توکان معافي وٺي ته تون ان تي ساڻس ضد نه ڪر. جيڪڏهن ضد ڪندينءَ ته پوءِ هو به تنهنجي غلطين تي ڪڙي نظر رکندو ۽ پو ءِ ٿي سگهي ٿو ته ڳالهه وڃي جهيڙي جهٽي تائين پهچي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن تون ماٺ رهندينءَ ۽ سندس غلطين کي معاف ڪري ڇڏيندينءَ ته کيس ضمير ملامت ڪندو ۽ پوءِ هو پنهنجي ڪئي تي شرمندو ٿيندو ۽ اهڙيِءَ طرح سندس نظر ۾ تنهنجي عزت وڌي ويندي ۽ گڏوگڏ هو توکي سمجهدار، وفادار ۽ معاف ڪندڙ زال سمجهندو. ان کانسواءِ کيس اهو پڻ احساس ٿيندو ته توکي ساڻس ۽ سندس ڪٽنب سان پيار ۽ محبت آهي، تنهن ڪري هن کي تنهنجي قدر جي خبر پوندي ۽ سندس دل ۾ تنهنجي لاءِ محبت وڌي ويندي. حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”بڇڙي عورت ئي پنهنجي مڙس جو عذر نه مڃيندي آهي ۽ نه ئي وري سندس خطائن کي معاف ڪندي آهي.“ (52)
ڇا اها ڏک جهڙي ڳالهه ناهي جو هڪ عورت ايڏي ساڙ سڙي هجي جو پنهنجي مڙس جي معمولي غلطين کي برداشت نه ڪري سگهي ۽ ان ڪري شاديءَ جهڙي مقدس ٻنڌڻ کي ٽوڙي ويهي.

مڙس جي مائٽن سان ميٺ محبت سان رهجي:

مڙس جي مائٽن سان ميٺ محبت سان رهجي:
زندگيءَ جو هڪ وڏو مسئلو اهو به آهي جو زال پنهنجي مڙس جي مائٽن سان سٺو ورتاءُ ناهي ڪندي. زال جي پنهنجي مڙس جي ماءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن سان اڻبڻت پئي هلندي آهي ۽ سدائين منجهن ويڙهه جهيڙ هلندي رهندي آهي. هڪ پاسي زال ڪوشش ڪندي آهي ته پنهنجي مڙس کي ائين مُٺ ۾ بند ڪري رکي جو هو پنهنجي ماءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن تي ڪوبه ڌيان نه ڏئي سگهي. ۽ سندن وچ ۾ لاڳاپن کي ختم ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندي آهي. کين گهٽ وڌ به ڳالهائيندي آهي ۽ مڙس سان سندن اجايو شڪايتون ڪندي آهي ۽ جهيڙا جهٽا ڪندي. ٻئي پاسي وري سَسُ پاڻ کي پنهنجي پٽ ۽ نُنهن جو اڪيلو مالڪ سمجهندي آهي ۽ هر طرح ان ڳالهه جي ڪو شش ڪندي آهي ته پنهنجي پٽ کي پنهنجي چنبي ۾ رکي ته جيئن نئين آيل نُنهن سندس حقن تي ڌاڙو نه هڻي. ان مقصد لاءِ هوءَ پنهنجي نُنهن جي ڪمن مان عيب ڪڍڻ لڳندي آهي ۽ کيس بُرو ڀلو چوندي رهندي آهي. نيٺ ڳالهه وڃي جهيڙي جَهٽي تائين پهچندي آهي. جيڪڏهن اتفاق سان ٻئي هڪ ئي گهر ۾ هجن ته پوءِ ڄُنڊا پٽ روز جو معمول هوندو آهي. جيڪڏهن منجهائن ڪا به پوئتي ناهي هٽندي ته پوءِ معاملو مارڪٽ ۽ آپگهات تائين وڃي پهچندو آهي. سَسُ ۽ ننهن ته ڏينهن رات هڪ ڪيو بيٺيون هونديون آهن پر پريشانيون ۽ ڏک وري به ويچاري مرد جي پلئه پونداآهن.
جيڪڏهن سَسُ ۽ ننهن هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ۾ اڳريون آهن ته پوءِ مرد لاءِ ڏچو وڌي ويندو آهي. هڪ پاسي سندس زال هوندي آهي جيڪا پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏي سوين اميدون ۽آسون کڻي ساهرين ايندي آهي ته جيئن هو ان گهر جي مالڪياڻي ٿي سگهي. کيس ضمير چُهنڊڙي پائيندو آهي ۽ هو سوچيندو آهي ته منهنجي پيءُ ماءُ سالن جا سال منهنجي لاءِ ڏک ڏاکڙا ڪاٽيا آهن، وڏيون اميدون رکي مون کي پرڻايو اٿئون ۽ هاڻي مون مان اها اميد ٿا رکن ته مان سندن پوڙهائپ جو سهارو بڻجان، اها ڳالهه به بنهه چڱي ناهي ته مان ساڻن لڳ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيان ۽کين ڪاوڙائي ڇڏيان. ٻيو ته زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ايندا رهندا آهن. پريشاني، دوستي دشمني، حادثا، موتي فوتي، مطلب ته ڪيترائي اهڙا موقعا ٿي سگهن ٿا جن ۾ ڪنهن ساٿي ۽ هڏ ڏوکيءَ جي گُهرج پوندي آهي. تنهنڪري هو سوچيندو آهي ته آئيءَ ويل جيڪي ڪم ايندا سي منهنجا پيءُ ماءُ ئي هوندا. سچ پچ ته هن هيڏي ساري دنيا ۾ اڪيلو هرگز نه ٿو رهي سگهجي. پنهنجا پيءُ ماءُ هڪ اجهو هونداآهن جن کان ڌار رهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.
اهڙي منجهائيندڙ موقعي تي هڪ سمجهدار ماڻهو پنهنجو پاڻ کي پريشانيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ڏسندو آهي. پنهنجي زال جو پاسو وٺي ۽ پيءُ ماءُ کي ڇڏي ڏي يا ماءُ پيءُ جي مرضيءَ پٽاندڙ ڪم ڪري ۽ زال کي ناراض ڪري ڇڏي. اهي ڳالهيون کيس ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏينديون آهن پر عقلمند ڪيئن به ڪري ٻنهي کي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهو ڪم حقيقت ۾ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي پر جيڪڏهن زال سمجهدار ۽ عقلمند آهي ۽ ضد تان لهي ٿي ته پوءِ ڳالهه ٺهي ويندي. اهڙي موقعي تي مڙس پنهنجي زال جيڪا ساڻس سڀ کان گهڻو ويجهو هوندي آهي، مان اها اميد رکندو آهي ته هوءَ ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ساڻس سهڪار ڪري. جيڪڏهن نُنهن سس جي عزت ڪندي، ساڻس محبت ڪندي، گهر جي ڪمن ڪارين ۾ کانئس صلاح ثواب وٺندي ۽ ساڻس نباهڻ جي ڪوشش ڪندي ته پوءِ سس کان وڌيڪ سندس لاءِ ٻي ڪابه عورت پيار ڪندڙ ۽ مددگار نه ٿي ٿي سگهي.
ماڻهو پنهنجي سٺي اخلاق ۽ ميٺ محبت وسيلي سوين ماڻهن کي پنهنجو دوست ۽ ٻانهن ٻيلي بنائي سگهي ٿو. ته ڇا اها ڏک جي ڳالهه ناهي جو وڏائي، خود غرضي ۽ ضد جي ڪري انهن سڀني پيار ڪندڙن سان لڳ لاڳاپو ختم ڪيو وڃي. ڇا توکي ان ڳالهه جي ڪا ڳڻتي ناهي ته ڏکي وقت ۽ پريشانين ۾ ماڻهوءَ کي ٻين جي مدد جي ضرورت پوندي آهي. اهڙي وقت ۾ رڳو پنهنجا مٽ مائٽ ئي ڪم اچي سگهن ٿا. تنهن ڪري ڀلو ان ۾ آهي ته پنهنجن سان ميٺ محبت سان رهجي ته جيئن زندگي سولائيءَ سان گذري سگهي. ڇا اهو چڱو آهي ته ڌارين سان ته دوستي نڀائجي پر پنهنجن سان تعلق ٽوڙي ڇڏجي. تجربن اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اوکيءَ ويل گهڻا دوست ساٿ ڇڏي ويندا آهن پر اهي ئي مٽ مائٽ، جن سان توهان لاڳاپا ختم ڪري چڪا هوندا آهيو، توهان جي مدد لاءِ ڀڄندا آهن ڇو جو اهي رت جا رشتا آهن جن کي سولائي سان ٽوڙي نه ٿو سگهجي. هڪ چوڻي آهي ته اوهان ضرور ٻڌي هوندي ته پنهنجا ماري ڇانوَ ۾ اڇلائين ٿا پر ڌاريا ماري اُس ۾ ڦٽو ڪن.
حضرت علي ؐ فرمايو آهي ته، ”ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن کان ڪڏهن به لاپرواهه نه ٿو رهي سگهي، توڙي کڻي کيس ڪيڏي به ڌن دولت ۽ اولاد ڇو نه هجي. مٽ مائٽ ئي (هٿ ۽ زبان سان) سندس مدد ڪندا آهن. پنهنجا مٽ مائٽ ئي سٺي نموني بچاءُ ڪري سگهن ٿا. مصيبت مهل اهي ئي مدد لاءِ ايندا آهن. جيڪو ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن مان هڪ هٿ پري ڪندو آهي سو اصل ۾ ڪيترن ئي هٿن کان وانجهيل رهجي ويندو آهي.“
ڀيڻ! پنهنجي مڙس جي راضپي لاءِ، پنهنجي سڪون ۽ آرام لاءِ ۽ پنهنجي مڙس جي محبت ماڻڻ لاءِ ضروري آهي ته تون سندس مٽن مائٽن سان سهڻو ورتاءُ ڪر. اجائي ضد، هٺ ۽ وڏائيءَ کان پري رهه، سياڻي ۽ سٻاجهي ٿيءُ، هروڀرو پنهنجي مڙس جي ڳڻتين ۾ واڌارو نه ڪر، صبر ۽ سهپ کان ڪم وٺ. ائين ڪندينءَ ته پوءِ خدا ۽ سندس ٻانهن اڳيان تنهنجي عزت ۽ رتبو وڌي ويندو.

پنهنجي مڙس جي ڌنڌي ڌاڙيءَ تي اعتراض نه ڪجي:

پنهنجي مڙس جي ڌنڌي ڌاڙيءَ تي اعتراض نه ڪجي:
هر ماڻهوءَ کي ڪونه ڪو ڌنڌو ڌاڙي ضرور ڪرڻو پوندو آهي ۽ ان ڌنڌي پٽاندڙ زندگيءَ کي گذارڻو پوندو آهي. هڪ ڊرائيور پنهنجي ڄمار جو ڳچ ڀاڱو روڊ رستن تي گذاري ڇڏيندو آهي ۽ ٻين ماڻهن وانگر روزانو رات جو گهر ڪونه موٽي سگهندو آهي. هڪ چوڪيدار کي سڄي رات چوڪي ڏيڻي پوندي آهي، هڪ ڊاڪٽر کي پنهنجي ڪٽنب سان ويهي ڪچهري ڪرڻ يا سير سپاٽي ڪرڻ لاءِ تمام گهٽ وقت ملندو آهي ۽ هڪ استاد يا ڏاهي کي راتين جو دير تائين پڙهڻ جي عادت هوندي آهي. ڪجهه ڌنڌا وري اهڙا هوندا آهن جن ۾ گهڻو وقت سفر ۾ گذرندو آهي. تيليءَ مان تيل جي بوءِ ايندي آهي، هڪ مڪينڪ جا لٽا ڪپڙا سڻڀا ۽ ميرا لڳا پيا هونداآهن، ڪوئلا وڪڻندڙ سدائين ڪارو لڳو پيو هوندو آهي ۽ رات جو ڪم ڪندڙ مزدور ويچارو مجبور هوندو آهي ته پنهنجو ننڊ آرام ڦٽائي روزي ڪمائي.
اهڙا نهايت گهٽ ڪم هونداآهن جن ۾ پورو سڪون ۽ دلجاءِ هجي. زندگيءَ جي گاڏي هلائڻ لاءِ ڪونه ڪو ڌنڌو ته ضرور ڪرڻو پوندو آهي. روزي ڪمائڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ان ڏس ۾ مرد ويچاري کي ڏاڍا ڏک ڏسڻا پوندا آهن. جيڪڏهن ڪٽنب وارا سهڪار نه ڪن ته پوءِ روزي ڪمائڻ اڃا به ڏکي ٿي پوندي آهي.
عورتون عام ڪري اهڙو مڙس پسند ڪنديون آهن جيڪو گهر کان ڏور نه هجي وطن ۾ هجي، شام جو گهر موٽي اچي ۽ واندڪائيءَ جو وقت ساڻن سيرو تفريح ۾ گذاري سگهي ۽ سندس ڌنڌو عزت وارو، صاف سٿرو ۽ آمدني وارو هجي. پر افسوس جو ڪيترن ئي مردن جا ڌنڌا سندن زالن جي مرضيءَ ۽ پسند جا نه هونداآهن.
ڪٽنبي زندگيءَ جي ڏکيائين جو سلسلو اتان کان ئي شروع ٿيندو آهي. هڪ ڊرائيور ويچارو، جيڪو سدائين سفر ۾ هجڻ ڪري الائي جي ڪيتريون تڪليفون ڏسندو آهي، نه ننڊ مزي سان ڪري سگهندو آهي ۽ نه ئي وري آرام سان کائي پي سگهندو آهي، جڏهن ڪجهه ڏينهن ٻاهر گذارڻ کان پوءِ ٿڪل ٽٽل آرام ڪرڻ لاءِ ۽ گهر وارن جي خير خيريت لهڻ گهر مس ايندو آهي ته سندس زال پاران دانهن ۽ شڪايتن جا دفتر کلي وينداآهن، ”ڀلا هيءَ به ڪا زندگيءَ آهي؟ مون بدنصيب کي ٻارن سوڌو ڇڏي هفتن جا هفتا گم ٿيو وڃين. سمورو ڪم ڪار مون کي ٿو ڪرڻو پوي. هنن شيطان ٻارن ته منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ڊرائيور جهڙي خراب ڌنڌي کان کڻي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪر! مان سڄي عمر هيئن نه ٿي گذاري سگهان.“
هڪ ڊاڪٽر کي صبح کان اڌ رات تائين بيمارن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، ذهني ۽ جسماني طور ڪيڏو نه ٿڪجي پوندو هوندو! جيڪڏهن کيس گهر ۾ به سڪون نه ملي ته پوءِ ويچاري جو ڇا حال ٿيندو! ڇا هو ٿڪل جسم ۽ پريشان دماغ سان پنهنجو ڪم ڪري سگهندو؟ هڪ مزدور ويچارو جيڪو سڄي رات جاڳي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ صبح جو آرام ڪرڻ لاءِ گهر ايندو آهي، تنهن لاءِ جيڪڏهن گهر ۾ باهه ٻري پئي هجي ته پوءِ ڇا اهو پنهنجو ڪم چڱيءَ ريت ڪري سگهندو؟ هڪ ڏاهي سان، جنهن جو ڪم تحقيق ۽ مطالعو هوندو آهي، جيڪڏهن زال سهڪار نه ڪندي ته پوءِ ڇا هو پنهنجي مقصد ۾ سوڀارو ٿي سگهندو؟ اهڙي صورتحال ۾ اياڻين ۽ سياڻين عورتن ۾ فر ق محسوس ڪري سگهبو آهي.
ڀيڻ! اسان دنيا جا هڙئي ڪم پنهنجي مرضي ۽ خواهش پٽاندڙ نه ٿا ڪري سگهون، پر پاڻ کي حالتن جي قالب ۾ وجهڻ تي ضرور قدرت رکون ٿا. روزي ڪمائڻ لاءِ تنهنجي مڙس کي ڪونه ڪو ڌنڌو ته ڪرڻو ئي پوندو آهي. هر ڪم يا ڌنڌي جا ڪي اصول ۽ گهرجون هونديون آهن. تنهن ڪري ڀلو ان ۾ آهي ته تون پنهنجي ڪمن ڪارين کي مڙس جي ڪم يا ڌنڌي پٽاندڙ ترتيب ڏي ته جيئن هو به دلجاءِ ۽ آزاديءَ سان پنهنجو ڪم ڪري سگهي ۽ تون به سڪون سان زندگي گهاري سگهين. رڳو پنهنجي آرام ۽ سهولت جي ڳڻتي نه ڪر، تنهنجي مڙس کي به تو وانگر سڪون سان رهڻ جو حق آهي. سياڻپ، سهپ، صبر ۽ ايثار کان ڪم وٺ ۽ هڪ سگهڙ ۽ هوشيار زال وانگر پنهنجا فرض پورا ڪر. جيڪڏهن تنهنجو مڙس ڊرائيور آهي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گهر اچي ته پوءِ تون مرڪي سندس آڌرڀاءُ ڪر ساڻس پيار ۽ محبت جو اظهار ڪر ته جيئن سندس ٿڪاوٽ لهي وڃي، اڻ وڻندڙ ڳالهيون ڪرڻ کان پرهيز ڪر، ۽ سندس ڪم تي اعتراض بنهه نه ڪر. ڀلا ڊرائيوري ڪو خراب ڪم ٿورئي آهي.
هو ويچارو ته توهان جي آرام ۽ سهولت ڪاڻ جان جوکي ۾ وجهي ڊرائيوري ڪندو وتي ٿو ۽ تون وري سندس قدر ڪرڻ بدران کيس ڇينڀين ٿي. تنهنجي اها هلت کيس توکان، گهر ٻار ۽ پنهنجي زندگيءَ کان لاپرواهه ڪري سگهي ٿي. ڀلا سندس ان ڪم ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ هو ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو ۽ روزي ڪمائڻ لاءِ الائي ڪيتريون تڪليفون سهي ٿو. جيڪڏهن هو واندو هجي ها يا وري ڪو ناجائز ڪم يا ڌنڌو ڪري ها ته پوءِ ڇا اهو چڱو ٿئي ها؟
ڇا اهو تنهنجي لاءِ چڱو ناهي ته تون اهڙي قسم جي زندگيءَ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ۽ خوشيءَ ۽ سڪون سان زندگي گذارين ۽ جڏهن تنهنجو مڙس گهر اچي ته گرم جوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪرين، پيار ۽ محبت وارو ورتاءُ ڪرين ۽ سندس ڪم جي واکاڻ ڪرين، همٿائين ۽ جڏهن هو واپس وڃي ته تون پيار ۽ پاٻوهه مان مسڪرائي کانئس موڪلائين؟ تنهنجي اهڙي هلت سندس دل کي خوش رکندي ۽ هو خوشيءَ مان گهر واپس موٽندو، محنت ۽ شوق سان ڪم ڪندو، گهر سان سندس دلچسپي وڌندي، سندس ذهن پريشانين کان آجو رهندو ۽ هو توهان جي آرام ۽ سهولت جو گهڻي کان گهڻو خيال رکندو ۽ اڃا به وڌيڪ محنت ڪري سگهندو.
جيڪڏهن تنهنجي مڙس جي ڊيوٽي رات جو آهي ۽ هو ويچارو ننڊ آرام ڦٽائي توهان جي لاءِ روزي ڪمائي ٿو ته پوءِ تون به ان پٽاندڙ زندگي گذارڻ سک. جيڪڏهن رات جو توکي اڪيلائي محسوس ٿئي ته پوءِ گهر جا ڪجهه ڪم ڪار رات جو ئي ڪر. رات جو سلائي ڪرڻ ڀرت ڀرن چڱو رهندو. جيڪڏهن اهڙو ڪم ڪار نه هجي ته پوءِ ڪو ڪتاب ئي پڙهجي. جڏهن تنهنجو مڙس صبح جو ڪم تان واپس گهر اچي ته تون هڪدم سندن نيرن جو بندوبست ڪر ۽ سندس آرام لاءِ هنڌ بسترو تيار ڪري رک ته جيئن هو پنهنجي ٿڪاوٽ لاهي سگهي. ٻارڙن کي سمجهائي ڇڏ ته هو پيءُ جي ڪمري جي ڀرسان گوڙ نه ڪن. تنهنجو مڙس ويچارو سڄي رات جاڳندو آهي تنهنڪري کيس آرام ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.
ڀيڻ! توکي پنهنجو پروگرام ٻن قسمن جو ٺاهڻ گهرجي ، هڪ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي مڙس لاءِ ته جيئن ماحول کي ڇڪتاڻ کان بچائي سگهجي. توکي ڪوشش ڪري پنهنجي مڙس کي آرام ڏيڻ گهرجي ته جيئن هو دلجاءِ سان پنهنجو ڪم ڪار ڪري سگهي. توکي سندس ڪم مان عيب نه ڪڍڻ گهرجن. ڀلا واندو ويهي ها يا وري رُلندو وتي ها ته چڱو هو؟ توکي ته فخر هجڻ گهرجي ته تنهنجو مڙس پورهيت آهي ۽ روزي ڪمائڻ لاءِ سڄي رات جاڳندو رهي ٿو. سندس همت ۽ حوصلي جو قدر ڪر. جيڪڏهن تنهنجو مڙس ڊاڪٽر يا اسڪالر آهي ۽ ڏينهن رات ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿو ته پوءِ تون کيس همٿاءِ ۽ اهڙي مڙس تي ناز ڪر. جيڪڏهن کيس واندڪائي گهٽ ٿي ملي ته توکي گهرجي ته تون سندس ڪم ڪار يا ڌنڌي پٽاندڙ پنهنجا پروگرام سهيڙ ۽ کانئس اها اميد نه رک ته تنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش مطابق ڪم ڪري. کيس آزادي، دلجاءِ ۽ سڪون واري ماحول ۾ پنهنجا ڪم پورا ڪرڻ ڏي. جڏهن هو ڪم ۾ مصروف هجي ته ان وقت تون گهر جو ڪم ڪار ڪر، ڪتاب پڙهه يا وري کانئس موڪل وٺي پنهنجي ساهيڙين ۽ مائٽ سان ملڻ هلي وڃ پر ڪوشش اها ڪر ته جڏهن پنهنجي مڙس جو ننڊ ڪرڻ جو وقت هجي ته تون گهر ۾ موجود هجين. جڏهن هو گهر اچي ته مسڪرائي سندس آڌرڀاءُ ڪر ۽ وڻندڙ لهجي ۾ ڳالهائي سندس ٿڪاوٽ لاهي ڇڏ، سندس ڪم تي اعتراض ڪري سندس ٿڪل ذهن ۽ بدن کي ويتر به نه ٿڪاءِ. جيڪڏهن تون صحيح طريقي سان هڪ زال جا فرض پورا ڪندينءَ ته پوءِ اها ڳالهه نه رڳو تنهنجي مڙس جي عزت ۽ ترقيءَ جو سبب بڻبي پر سندس سماجي ڪمن ڪارين ۾ تون به ساڻس ڀاڱي ڀائيوار ٿيندينءَ.
اهڙن جاکوڙي مردن جون زالون ٿيڻ جي صلاحيت گهٽ عورتن ۾ هوندي آهي. تنهنڪري ڀيڻ تون ايثار، سهپ، صبر ۽ سٺي هلت وسيلي پنهنجي صلاحيتن کي اڃا به وڌاءِ. جيڪڏهن تنهنجي مڙس جو ڪم اهڙو آهي جو سندس وڳو گندو ٿي ويندو آهي ته تون مٿس ٽوڪ ٺٺول نه ڪر ۽ نه ئي کيس اهڙو ڪم ڇڏڻ تي زور ڀر. ظاهر آهي ته هن اهو ڪم سوچي سمجهي چونڊيو هوندو!
ڀيڻ! ڪنهن به قسم جي ڪم ۾ڪا خرابي ڪونهي، ها! واندو ويهڻ يا ناجائز ڪم ڪرڻ ئي عيب آهي. توکي گهرجي ته اهڙي مڙس جو دل سان قدر ڪر جيڪو ويچارو روزي ڪمائڻ لاءِ ايڏي جاکوڙ ڪري ٿو. کيس گهٽ وڌ ڳالهائي سندس دل نه ڏکاءِ ۽ ڪم مٽائڻ لاءِ ساڻس ضد نه ڪر. توکي روزگار ۽ نوڪرين جي ڪا خبر ڪانهي! ڇا تون سمجهين ٿي ته ڪم يا ڌنڌو بدلائڻ ڪو سولو ڪم آهي؟ اصولي طور تي ڀلا ان ڪم يا ڌنڌي ۾ ڪهڙي خرابي آهي يا تون اهو بدلائڻ لاءِ مڙس کي ڇو تنگ ڪري رهي آهين؟ آخر تيل وڪڻڻ، ڪوئلو وڪڻڻ، مشينن ۽ پرزن کي ٺاهڻ ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ بس، رڳو اهائي خرابي آهي ته سندس وڳو خراب ٿو رهي. ان مسئلي کي نهايت سولائيءَ سان حل ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن تنهنجي مڙس وٽ ڪم جو يونيفارم ناهي ته پوءِ تون پيار مان کيس چؤ ته، ”ڪم لاءِ ڀلا هڪ ڌار يونيفارم سبراءِ ته سٺو“ جڏهن هو ڪپڙا لاهي ته اهي يڪدم ڌوئي رک. خير... اهو ايڏو وڏو مسئلو ناهي جو ڳالهه وڃي طلاق تي پهچي. ڪجهه عورتن جا بهانا ۽ اعتراض ته کلڻ جهڙا هونداآهن.

جيڪڏهن پرديس ۾ رهڻو پوي:

جيڪڏهن پرديس ۾ رهڻو پوي:
ڪڏهن ڪڏهن ديس ڇڏي پرديس ۾ به رهڻو پوندو آهي. نوڪري جي سلسلي ۾ مرد کي سدائين يا ٿوري وقت لاءِ پرديس ۾ زندگي گذارڻي پوندي آهي. مردن لاءِ وطن کان پري رهڻ ڪو مسئلو ناهي هوندو پر ڪي عورتون نه چاهنديون آهن ته وطن کان پري رهجي. اهي پنهجي پيءُ ماءُ ۽ مٽن مائٽن جي ويجهو رهن پسند ڪنديون آهن. هن جتي پنهنجي ننڍپڻ جا ڏينهڙا گذاريا هونداآهن اتان جي گهرن گهٽين ۽ وڻن ٽڻن سان کين خاص چاهت هوندي آهي. تنهن ڪري اهو سڀ ڪجهه ڇڏڻ سندن وس کان ٻاهر هوندو آهي. اهي پنهنجي مڙسن سان وڙهنديون آهن ته آخر ڪيستائين پرديس ۾ زندگي گذارڻي پوندي ۽ ڪيستائين ابي امان کان ڌار رهڻو پوندو؟ هتي ته اسان جو ڪو به مٽ مائٽ ڪونهي. تون مون کي ڪٿي وٺي آيو آهين؟ مان هاڻي هتي وڌيڪ نه رهي سگهنديس. توکي جيڪو وڻي سو ڪر.
اهڙي قسم جون عورتون اجايون اهڙيون ڳالهيون ڪري مڙس کي پريشان ڪنديون آهن. اهي ايتريون ته اياڻيون هونديون آهن جو رڳو پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي ئي سٺو سمجهنديون آهن ۽ سندن خيال ۾ زندگي سٺي نموني اتي ئي گذاري سگهجي ٿي ۽ خوشي به رڳو اتي ئي ملي سگهي ٿي.
انسان هن هيڏي ساري ڌرتيءَ تي به بس ناهي ڪئي ۽ڪائنات جي الائي جي ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي وڃي پهتو آهي پر تنگ نظر عورتون پنهنجي ڄمڻ جي هنڌ کان ڪجهه ميل پري رهڻ لاءِ به تيار نه ٿينديون آهن. کين پنهنجي ساهيڙين ۽ مٽن مائٽن کي ڇڏڻ جو پڻ ڏک هوندو آهي. حقيقت ۾ اهڙين عورتن کي پنهنجو پاڻ تي ويساهه ئي ناهي هوندو.
ڀيڻ! همت، ايثار ۽ سياڻپ کان ڪم وٺڻ گهرجي. رڳو پنهنجي لاءِ ئي نه سوچ. تنهنجي مڙس جي نوڪري اهڙي قسم جي آهي جو اهو ويچارو وطن کان پري زندگي گهارڻ تي مجبور آهي. جيڪڏهن سندس نوڪري سرڪاري آهي ته پوءِ ته کيس اتي وڃڻو ئي پوندو جتي سندس پوسٽنگ ڪئي وئي آهي يا جيڪڏهن سندس ڌنڌو وڻج واپار آهي ۽ هو پرديس ۾ رهي چڱو چوکو ڪمائي سگهي ٿو ته پوءِ تون سندس ترقيءَ جي واٽ ڇو ٿي جهلين؟ جڏهن توکي اها خبر آهي ته تنهنجو مڙس وطن کان ٻاهر رهڻ تي مجبور آهي ته پوءِ تون اجايا بهانا ٺاهي ۽ سکڻا اعتراض ڪري کيس پريشان ڇو ٿي ڪرين؟ جيڪڏهن کيس نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڪنهن ٻئي شهر يا ٻي ملڪ وڃڻو پوي ته تون ارهي نه ٿيءُ پر پنهنجو فرض نڀائيندي هڪدم اوڏانهن هلڻ لاءِ تياري ڪر، خوشيءَ وچان گهر جي سامان کي پيڪ ڪري سڪون ۽ دلجاءِ سان نيئن شهر يا ملڪ ڏانهن رواني ٿيءُ. اتي پهچڻ کان پوءِ وري ان جاءِ کي پنهنجو سمجهڻ ۾ ٿورڙي دير به نه ڪر ۽ سرگرميءَ سان پنهنجي زندگي جي شروعات ڪر. پنهنجي ماحول ۽ حالتن سان ٺاهه ڪرڻ سک ۽ سٺي اخلاقن وسيلي ٻين کي پنهنجو ڪر. ٻيو ته جيئن ته تون ان شهر ۾ نيئن هوندينءَ تنهن ڪري توکي ماڻهن جي چال چلت، اخلاق، عادتن ۽ ڪردار جي ڄاڻ نه هوندي. ان لاءِ ضروري آهي ته تون ڏيٺ ويٺ پيدا ڪرڻ ۾ وڏو خيال ڪر. ان بابت پنهنجي مڙس سان مشورو ڪر، پنهنجو پاڻ کي اڪيلو نه ڀانءَ. ۽ نئين ماحول ۽ ماڻهن کان واقف ٿيڻ جي ڪوشش ڪر. هر علائقي ۾ ڪي گهمڻ ڦرڻ جا هنڌ هوندا آهن، تنهن ڪري تون اتان جي قدرتي نظارن ۽ گهمڻ جهڙين جاين جو سير ڪري پنهنجي اڪيلائي ختم ڪري سگهين ٿي. گڏوگڏ پيار ۽ محبت سان پنهنجي گهر جي ماحول کي وڻندڙ بناءِ ۽ پنهنجي مڙس کي همٿاءِ ته جيئن هو پنهنجي ڪم ڪار ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي سگهي. جڏهن تون نيئن ماحول کان سونهين ٿي ويندينءَ ته پوءِ توکي پاڻ ئي محسوس ٿيندو ته هتي به ڪا گهٽتائي ڪانهي ۽ هتان جو ماحول ته وطن جي ماحول کان به گهڻو ڀلو آهي. نون ماڻهن مان اهڙا ماڻهو ڳولي ڪڍ جيڪي تنهنجي پراڻي ساهيڙين، پيءُ ماءُ ۽ مٽن مائٽن کان به وڌيڪ مهربان ۽ هڏ ڏوکي هجن. جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ رهڻ ٿئي ۽ اتي شهر جهڙيون سهولتون ۽ سک نه هجن ته پوءِ انهن شين تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏي. اتان جي فطري ماحول ۽ صاف سٿري زندگيءَ سان پنهجائپ پيدا ڪر ۽ اهڙي قسم جي زندگيءَ جي چڱاين ۽ خوبين تي ڌيان ڏي. هتي توکي بجلي، پکا، ڪولر، فرج وغيره ڪونه ملندا پر صاف ۽ تازي هوا ۽ کائڻ لاءِ نج کاڌو به ملي سگهندو، جيڪو شهرن ۾ گهٽ ميسر ٿيندو آهي. روڊ ۽ ٽيڪسيون ته ناهن پر گاڏين ۽ ڪارخانن جي دونيهن ۽ گوڙ گهمسان کان محفوظ آهين.
ڪجهه دير پنهنجي آسپاس رهندڙ ماڻهن جي زندگيءَ تي نظر وجهه. ڏس ته اهي ڪيئن نه ڪچين جاين ۾ مزي ۽ سک سان پيا گذارين ۽کين شهري زندگيءَ جي سهولتن ۽ خوبصورت محل جهڙن گهرن جي ڪابه پرواهه ناهي. گڏوگڏ سندن ضرورتن ۽ محرومين کي پڻ ڏس. جيڪڏهن تون سندن ڀلي لاءِ ڪجهه ڪري سگهين ٿي ته پوءِ ڪنهن قسم جي هٻڪ محسوس نه ڪر. نه رڳو اهو پر پنهنجي مڙس کي چؤ ته هو به سندن ڀلي لاءِ وس آهر ڪجهه نه ڪجهه ڪري.
جيڪڏهن تون سياڻپ کان ڪم وٺندي پنهنجا فرض پورا ڪندينءَ ته پوءِ پرديس ۾ تنهنجي زندگي سڪون ۽ سک سان گذرندي ۽ پڻ تون پنهنجي مڙس جي ترقيءَ ۾ ساڻس سهڪار ڪري سگهندينءَ ۽ اهڙيءَ طرح تون هڪ شريف ۽ مانائتي عورت ۽ هڪ وفادار زال جي حيثيت سان سڃاتي ويندينءَ ۽ پنهنجي مڙس ۽ ٻين جي نظرن ۾ تنهنجي لاءِ عزت ۽ محبت وڌي ويندي ۽ گڏو گڏ توکي خدا جو راضپو پڻ ملندو.

جيڪڏهن تنهنجو مڙس گهر ۾ ڪم ڪندو آهي:

جيڪڏهن تنهنجو مڙس گهر ۾ ڪم ڪندو آهي:
جڏهن مرد گهر کان ٻاهر ڪم تي ويندو آهي ته عورت سندس غيرموجودگيءَ ۾ آزاد هوندي آهي ۽ ان جي ابتڙ جيڪڏهن هو گهر ۾ ڪم ڪندو آهي ته پوءِ عورت پابند هوندي آهي. شاعر، ليکڪ، اديب، مصور ۽ اسڪالر عام ڪري پنهنجي گهر ۾ ئي ڪم ڪندا آهن ۽ پنهنجي وقت جو ڳچ ڀاڱو پنهنجي ڪم ۾ گذاريندا آهن. سندس ڪم اهڙي قسم جو هوندو آهي جو کين سانتيڪو ماحول کپندو آهي. هڪ ڪلاڪ سڪون ۽ ڌيان سان ڪم ڪرڻ ڪيترائي ڪلاڪ هُل هنگامي واري ماحول ۾ ڪم ڪرڻ کان گهڻو ڀلو آهي. اهڙي موقعي تي هڪ ڏکيائي ٿي پوندي آهي. هڪ پاسي مرد کي سڪون وارو ماحول گهربو آهي ته ٻئي پاسي وري سندس زال چاهيندي آهي ته هوءَ آزاديءَ سان رهي. عورت کي گهرجي ته هوءَ پنهنجا ڪم ائين ڪري جيئن سندس مڙس جي دماغي ڪمن ۾ ڪو خلل نه پئي. سڪون وارو ماحول مهيا ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي، خاص ڪري ٻاراڻي گهر ۾! تنهن ڪري ايثار، سهپ ۽ صبر جي ضرورت پوندي آهي.
جيڪڏهن زال سهڪار ڪري ته پوءِ سندس مڙس سماج جو هڪ لاڀائتو ۽ ناموس وارو ماڻهو بنجي سگهي ٿو جيڪو سندس لاءِ پڻ فخر جو ڪارڻ ٿيندو. عورتن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته توڻي جو سندس مڙس گهڻو وقت گهر ۾ رهي ٿو. تنهنڪري کيس تنگ نه ڪرڻ گهرجي. کانئس اها اميد نه رکجي ته جڏهن گهنٽي وڄي ته هوئي دروازي تي وڃي. ٻار سنڀاري يا گهر جو ڪم ڪار ڪري. جڏهن هو ذاتي ڪم ۾ رُڌل هجي ته ائين فرض ڪجي ڄڻ هو گهر ۾ ئي ڪونهي.
ڀيڻ! توکي گهرجي ته پنهنجي مڙس جي پڙهائيءَ واري ڪمري (يا جنهن ڪمري ۾ هو پنهنجو ڪم ڪار ڪندو هجي) ۾ سندس ضرورت جي مڙني شين جهڙوڪ: ڪتاب، ڪاغذ، پين، ڪاپي، پينسل، سگريٽ، ماچيس، ايش ٽري وغيره مهيا ڪري رک ته جيئن کيس انهن شين جي ڳولا ۾ پنهنجو ڪم ڇڏڻو نه پئي. جيڪڏهن کيس هيٽر يا پکي جي گهرج آهي ته اهي به ڪمري ۾ مهيا ڪرڻ گهرجن. سندس ڪمري وٽان آهستي لنگهڻ گهرجي ۽ ڏاڍيان بنهه نه ڳالهائجي. جيڪڏهن ٻار گوڙ ڪندا هجن ته کين سمجهائجي ته توهان جو پيءُ ڪم ۾ مصروف آهي تنهن ڪري گوڙ ڪرڻ سان سندس ڪم ۾ خلل پوندو. جڏهن هو ڪم ۾ رُڌل هجي ته پوءِ زندگيءَ جي معاملن تي ساڻس نه ڳالهائڻ گهرجي ڇو جو ائين ڪرڻ سان سندس خيالن جو وهڪرو بيهجي ويندو ۽ پوءِ هو پنهنجو ڪم صحيح نموني ڪونه ڪري سگهندو. گهر ۾ کڙڪيدار چپل نه پائڻ گهرجن، دروازي جي يا فون جي گهنٽي وڄي ته يڪدم جواب ڏجي ته جيئن هو ڊسٽرب نه ٿئي ۽ جيڪڏهن عام ماڻهن مان ڪنهن کي ساڻس ڪم هجي ته چئي ڇڏجي ته جيئن ته هو هاڻي واندو ناهي تنهن ڪري فلاڻي وقت فون ڪري ساڻس ڳالهائجو. مهمانن کي به اهڙو وقت ڏجي جڏهن هو مصروف نه هجي. جيڪڏهن تنهنجا مٽ مائٽ توسان ملڻ اچن ته کين چئي ڇڏ ته ان وقت منهنجو مڙس واندو ناهي، تنهن ڪري توهان فلاڻي وقت اچو. جيڪڏهن اهي خيرخواهه هوندا ته پوءِ ان ڳالهه جو دل ۾ نه ڪندا. ويتر ان ڳالهه کان ته توکي پنهنجي مڙس جو ڪيڏو خيال آهي، ڏاڍو خوش ٿيندا ۽ تنهنجي واکاڻ پڻ ڪندا. گهر جي ڪم ڪار ۾ مصروف هئڻ، جي باوجود به توکي پنهنجي مڙس جو خيال رکڻ گهرجي. جيڪڏهن کيس ڪا شيءِ کپي ته اها هڪدم مهيا ڪري ڏجي. شايد ڪجهه عورتن کي اها زندگي ڏکي لڳي ۽ اهي اهو سوچين ته ڇا هڪ عورت لا ءِ اهو ممڪن آهي ته هو مڙس جي ڪمن ڪارين ۾ پڻ خلل نه وجهي. پر اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ڪمن جي اهميت ۽ قدر جي خبر پئجي وڃي ۽ ايثار ۽ ڪوشش کان ڪم وٺڻ جو ارادو ڪري ته پوءِ ان مسئلي کي صبر ۽ سياڻپ ته اهڙن ئي موقعن تي ظاهر ٿيندي آهي نه ته عام زندگي ته هر ڪو ماڻهو گذاري سگهي ٿو.
ڀيڻ! ڪتاب لکڻ، تحقيقي مقالو تيار ڪرڻ، شاعري چوڻ، پينٽنگ ٺاهڻ يا سائنس جي ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ٿوروئي آهي. پر اهو ڏکيڙو ڪم تنهنجي سهڪار وسيلي آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو.
ڇا ان ڏس ۾ تون ڪا قرباني نه ڏئي سگهندينءَ؟ ڇا تولاءِ اهو ممڪن ناهي ته تون پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ ٿوري تبديلي ڪري پنهنجي مڙس کي سماج جو لاڀائتو ۽ نامور ماڻهو بنائي سگهين ته جيئن سڄي قوم سندس ڪم مان فائدو وٺي؟ ائين توکي به ته ان ڪم مان ملندڙ فائدي ۽ سماج ۾ سندس مٿانهين رتبي مان حصو ملي سگهي ٿو.

مڙس جي ترقيءَ ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿجي:

مڙس جي ترقيءَ ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿجي:
انسان پنهنجي صلاحيت ۽ قابليت جي آڌار تي ترقي ڪندوآهي. ڪمال ۽ رتبي سان محبت ماڻهوءَ جي رڳ رڳ ۾ پيٽيل آهي. انسان تڪميل لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. هر ماڻهو، هر هنڌ، هر حالت ۽ هر سن ۽ سال ۾ ترقيءَ جون منزلون ماڻي ڪامل بنجي سگهجي ٿو ۽ اهوئي سندس هن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد آهي. ماڻهوءَ کي پنهنجي موجود، حالت تي چپ ڪري ويهي نه رهڻ گهرجي. جيستائين هو جيئرو رهي تيستائين کيس ڪمال جي منزل ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي. هر ماڻهو ترقيءَ جو خواهشمند هوندو آهي پر سڀ ماڻهو ان ڏس ۾ سوڀارا نه ٿي سگهندا آهن. ان واٽ تي هلڻ لاءِ وڏي همت، محنت ۽ ڪوشش جي ضرورت هوندي آهي. راهه کي سڌو ڪري ۽ رڪاوٽون هٽائي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. مرد جي شخصيت وڏي حد تائين سندس زال جي خواهش سان واڳيل هوندي آهي. جيڪڏهن عورت چاهي ته پنهنجي مڙس سان سهڪار ڪري کيس ترقيءَ جي مٿانهين منزل تي پهچائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ان جي ابتڙ، جيڪڏهن وڻيس ته سندس ترقيءَ جي واٽ ۾ وڏي رڪاوٽ بنجي سگهي ٿي.
ڀيڻ! پنهنجي هاڻوڪن امڪانن ۽ حالتن جي دائري ۾ رهندي پنهنجي مڙس جي شخصيت کي مٿانهون ڪرڻ لاءِ کيس همٿاءِ. جيڪڏهن هو پنهنجي تعليم جاري رکڻ چاهيندو هجي يا ڪتابن وسيلي پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪرڻ چاهيندو هجي ته پوءِ توکي مخالفت ڪرڻ بدران سندس واکاڻ ۽ حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. گڏو گڏ روزاني پرو گرامن کي ائين ٺاهه جيئن سندس ڪمن ۾ ڪو خلل نه پوي ۽ کيس سڪون مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ته جيئن هو هر ڳڻتيءَ کان آزاد ٿي ترقي جا مرحلا طيءِ ڪندو رهي. جيڪڏهن هو پڙهيل لکيل ناهي ته کيس زور ڀر ته هو شام/ رات جي ڪلاسن ۾ پڙهڻ وڃي ۽ جيڪڏهن پڙهيل آهي ته کيس چئه ته پنهنجي مضمون ۾ اڃا به مهارت حاصل ڪر ۽ ان موضوع سان لاڳاپيل ڪتابن جو اڀياس ڪري پنهنجي فن ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪر. جيڪڏهن هو ڊاڪٽر آهي ته کيس زور ڀر ته هو روزانو ڪجهه وقت ميڊيڪل جي باري ۾ رسالن ۽ ڪتابن پڙهڻ لاءِ ڪڍي. جيڪڏهن هو استاد، جج، پروفيسر يا انجنيئر آهي ته کيس چؤ ته واندڪائيءَ مهل پنهنجي فن جي باري ۾ لکيل ڪتاب ۽ ٻيا علمي، اخلاقي ۽ تاريخي ڪتاب پڙهي. مطلب ته تنهنجو مڙس جيڪو به هجي ۽ جيئن به هجي، توڙي کڻي مزدور يا دڪاندار هجي، ته تون کيس ترقيءَ پاڻ پتوڙڻ واسطي راضي ڪري سگهين ٿي.
ائين نه ٿئي جو جيڪا واٽ قدرت سندس لاءِ ٺاهي آهي تنهن تان ٿڙي وڃي ۽ ترقيءَ جي منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي همت هاري ويهي. توکي پنهنجي مڙس ۾ علمي ۽ سائنسي کوجنا ۽ ڪتابن پڙهڻ جي عادت وجهڻ گهرجي. ان ڳالهه جو پڻ خيال رکج ته ڪٿي تنهنجي مڙس جي شخصيت هڪ نقطي تي اچي نه بيهجي وڃي. جيڪڏهن کيس ڪتابن خريد ڪرڻ جو وقت ڪونهي ته پوءِ تون ساڻس صلاح ڪري ڪتاب خريد ڪري آڻي ڏئي سگهين ٿي. علمي، سائنسي، اخلاقي، تاريخي، مذهبي، ادبي، اقتصادي ۽ صحت جي اصولن بابت لکيل ڪتاب جيڪي سندس ذوق ۽ صلاحيت مطابق هجن، سي کيس پڙهائڻ گهرجن. تون پاڻ به اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهه. جيڪڏهن پڙهڻ دوران توکي ڪا سٺي ڳالهه نظر اچي ته پوءِ اها نوٽ ڪري مڙس کي به پڙهاءِ. ائين ڪرڻ سان ڪيترائي فائدا ملي سگهن ٿا.
پهريون فائدو اهو ته جيڪڏهن ڳچ مدي تائين تون ان اصول تي پابند رهينءَ ته پوءِ تنهنجو مڙس هڪ قابل ۽ ڏاهو ماڻهو بنجي ويندو ۽ اهڙيءَ طرح هو پاڻ کي مٿانهون محسوس ڪندو ۽ گڏوگڏ تون پڻ سندس شخصيت تي ناز ڪري سگهندينءَ. ان کان سواءِ هو پنهنجي فن يا ڪم ۾ مهارت حاصل ڪري وٺندو، جنهن ڪري نه رڳو کيس ۽ توکي فائدو ملندو پر معاشرو پڻ سندس محنت مان لاڀ پرائيندو.
ٻيو فائدو اهو ٿيندو جو جڏهن ماڻهو پنهنجي پيدائش جي مقصد کي لبيڪ چوندي کوجنا ۽ مطالعي ۾ رُڌل رهندو ته ذهني ڪمزورين ۽ نفسياتي بيمارين جي ور نه چڙهي سگهندو.
ٽيون فائدو اهو ٿيندو جو جڏهن کيس ڪتابن پڙهڻ جي عادت پوندي ته پوءِ هو پنهنجو وقت هيڏي هوڏي وڃائڻ کان بچي پوندو، عياشيءَ جي اڏن ڏانهن نه ويندو ۽ موالين جي چنبي ۾ ڦاسڻ کان پڻ بچيل رهندو.

پنهنجي مڙس کي غلط واٽ تي نه هلڻ ڏجي:

پنهنجي مڙس کي غلط واٽ تي نه هلڻ ڏجي:
مرد کي روزگار ۽ دفتري ڪمن ڪارين جي ڏس ۾ آزاديءَ جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن هو پنهنجي صلاحيتن ۽ لاڙن مطابق ڪوشش ڪري سگهي. جيڪڏهن مٿس ڪا پابندي هنئي ويندي ته هو پريشان ٿيندو ۽ سندس شخصيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. سياڻي ۽ سيبتي زال ڪڏهن به مڙس جي ڪمن ڪارين ۾ دخل ناهي ڏيندي ۽ نه ئي سندس مڙني ڪمن جي نگراني ڪندي آهي. ڇو جو کيس خبر هوندي آهي ته مرد جي آزادي کسڻ ۽ سندس ڪمن ڪارين ۾ ٽنگ اڙائڻ جو ڪو سٺو نتيجو ڪونه نڪرندو يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته نتيجو ان جي ابتڙ ئي نڪري.
سياڻن ۽ تجربيڪار مردن جي سخت نگراني ڪرڻ جي ڪابه ضررورت ناهي جو اهي پاڻ بچڙن ڪمن جي نتيجن کي چڱيءَ طرح سمجهندا آهن، سوچ سمجهه کان سوا ءِ ڪو به قدم ناهن کڻندا ۽ نه ئي وري ڪنهن کان دوکو کائيندا آهن. هو مصلحتن کي سمجهندا آهن. اهي دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڪري سگهندا آهن ۽ پنهنجو پاڻ تي ويساهه هوندو اٿن. پر حقيقت ۾ سڀ مرد اهڙا ڪونه هونداآهن جيڪي اهڙن سادن ماڻهن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندارهندا آهن. اصل ۾ انسان جي سرڪش فطرت، بُري سنگت ۽ گندو ماحول کيس ڀٽڪائي ڇڏيندا آهن ۽ ڀٽيڪل انسان جڏهن هوش ۾ ايندو آهي ۽ کيس احساس ٿيندو آهي ته هو فتني ۽ فساد جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهي ته پوءِ سندس لاءِ ان ڄار مان آجو ٿيڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. اسان کي پنهنجي آسپاس اهڙا ڪيترائي اٻوجهه انسان ملندا جيڪي ويچارا بنا ڪنهن ارادي جي مفت ۾ مصيبتن ۽ مسئلن جي ور چڙهي ويندا آهن. اڻ ڄاڻائي، ناتجربيڪاري ۽ نتيجي تي نه سوچڻ ڪري ئي اهي مصيبتن جو شڪار ٿينداآهن، باقي ڄاڻي واڻي ته ڪو مسئلن کي دعوت ڪونه ڏيندو آهي.
هيءَ ئي اها مهل هوندي آهي جڏهن اهڙي قسم جي مردن جي سار سنڀال لهڻ جي ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن ڪو خيرخواهه ۽ هوشيار ماڻهو سندن ڪمن تي نظر رکندو ۽ سندن نگراني ڪندو ته پوءِ ان جا هاڪاري نتيجا نڪري سگهندا.
ان وڏي ذميواري کي سهڻي نموني سان رڳو زال ئي نڀائي سگهي ٿي. هڪ سياڻي ۽ وفادار عورت پنهنجي ڏاهپ ڀري هلت وسيلي پنهنجي مڙس کي سنئين دڳ لائي سگهي ٿي. پر اها ڳالهه ذهن ۾ هجي ته پنهنجي مڙس جي ڪمن ڪارين ۾ سڌي سنئين مداخلت ڪرڻ يا مٿس ٽوڪ ٺٺول ڪرڻ سٺو نه ٿيندو. ڇو جو مرد ڪڏهن به ٻئي جي يا توڙي زال جي ڪنٽرول ۾ رهڻ پسند ناهي ڪندو. تنهنڪري جيڪڏهن سندس سخت نگراني ڪئي ويندي ته پوءِ چڱي نتيجي جي اميد نه ڪري سگهبي. ان ڏس ۾ هوشيارپ ۽ سياڻپ کان ڪم وٺجي ۽ زال کي پري کان ئي مڙس جي نگراني ڪرڻ گهرجي ته هو ڪهڙن ماڻهن سان اٿي ويهي ٿو ۽ ڪيڏانهن اچي وڃي ٿو.
جيڪڏهن مڙس معمول جي ابتڙ دير سان گهر اچي ته پوءِ ٻه ٽي ڀيرا ان ڳالهه تي ڪو ڌيان ئي نه ڏجي ڇو جو اڪثر ڪري ڪي اهڙا تڪڙا ڪم ٿي پونداآهن جن کي پورو ڪرڻ ضروري هوندو آهي. پر جيڪڏهن مڙس ڏهاڙي دير سان ايندو هجي ته پوءِ سندس کوجنا ڪجي. کوجنا ڪرڻ ڪو سولو ڪم ٿوروئي آهي. ان لاءِ صبر، هوشيارپ ۽ سهپ جي ضرورت هوندي آهي،. ڪاوڙ، سختي ۽ اعتراض ڪرڻ کان پاسو ڪجي ۽ نرمي ۽ محبت مان پڇڻ گهرجي ته، ”توهان روزانو دير سان گهر ڇو ٿا اچو؟ ڪيڏانهن ويندا آهيو؟ وغيره“
ڌار ڌار موقعن تي سياڻپ ۽ صبر کان ڪم وٺندي ان ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ته جيئن حقيقت جي خبر پئجي سگهي. جيڪڏهن هو اوور ٽائيم ڪري ٿو يا وري آفيس جي ڪمن ڪارين گهڻي هجڻ ڪري دير سان گهر اچي ٿو يا ديني، اخلاقي، مذهبي ۽ ادبي ڪچهرين ۽ پروگرامن ۾ وڃي ٿو ته پوءِ اعتراض بنهه نه ڪجي. ويتر خوش ٿيڻ گهرجي ۽کيس ڇڏي ڏجي ته جيئن هو آزاديءَ سان انهن سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي.
ڀيڻ! جيڪڏهن توکي خبر پئي ته هو نون ماڻهن سان گهڻو گهرو ٿي رهيو آهي ته پوءِ توکي ان باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اهي ماڻهو شريف ۽ خوش اخلاق آهن ته پوءِ توکي خوش ٿيڻ گهرجي ۽ خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جو هن تنهنجي مڙس کي سٺن ماڻهن سان لاڳاپا رکڻ جي توفيق ڏني آهي. هونئن به ڏٺو وڃي ته هر ماڻهوءَ کي سٺن دوستن جي گُهرج پوندي آهي. سٺا دوست هڪ وڏي نعمت هوندا آهن.
ان جي ابتڙ جيڪڏهن هو خراب ماڻهن سان لاڳاپا رکي رهيو آهي ته پوءِ تون لاپرواهي نه ڪر. جيڪڏهن ان موقعي تي ٿورڙيءَ به بي احتياطيءَ کان ڪم ورتو ويو ته ممڪن آهي ته زندگي جي ڪئي ڪمائي لڙهي وڃي، اهڙي موقعي تي عورت کي بردبار ۽ سياڻو ٿيڻ گهرجي. دانهن، ڪوڪن ۽ ويڙهه جهيڙ سان اهو مسئلو حل نه ٿي سگهندو. اهڙي صورتحال ۾ توکي ٻه فرض پورا ڪرڻا پوندا.
پهريون اهو ته گهرو زندگيءَ ۾ پنهنجي اخلاق ۽ عادتن ۽ پنهنجي گهر جي عام حالتن جو جائزو وٺ ۽ اهو پڻ ڏس ته اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري تنهنجو مڙس گهر کان بيزار ٿيو آهي. هڪ انصاف پسند جج وانگر توکي ان مسئلي جو سبب ڳولهڻ گهرجي. ان کان پوءِ وري انهن سبب کي هٽائيڻ جي ڪوشش ڪر. ٿي سگهي ٿو ته تنهنجو مڙس تنهنجي اعتراضن بداخلاقي ۽ ويڙهاند ڪري گهر مان تنگ ٿيو هجي يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته تون ساڻس محبت جو اظهار نه ڪندي هجين، پسند جو کاڌو نه ٺاهيندي هجين ۽ سندس خيال نه رکندي هجين.
اهڙي قسم جون خاميون مرد کي گهر ۽ پنهنجي زندگيءَ کا لاپرواهه ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ پنهنجا ذهني مونجهارا مٽائڻ لاءِ شراب ۽ جوا جو سهارو وٺندو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ مرد کان پڇا ڳاڇا ڪري سگهجي ٿي ۽ کانئس ذهني مونجهارن جا ڪارڻ معلوم ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن زال پنهنجي خامين کي دور ڪندي ۽ گهر کي پنهنجي مڙس جي مرضيءَ پٽاندڙ هلائيندي ته پوءِ گهر جو ماحو ڀلو ٿي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح مرد گهر ۽ پنهجي زندگيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪندو ۽ نيٺ مٿس زال جي خوش اخلاقيءَ ۽ مهربانيءَ جو سٺو اثر پوندو ۽ پوءِ هو هر هاڃيڪار ڪم کان سدائين لاءِ پاسو ڪري ڇڏيندو.
زال تي ٻيو فرض اهو آهي ته جيترو به ٿي سگهي پنهنجي مڙس سان پيار ۽ محبت جو اظهار ڪري، نصيحت ڪري ته نرميءَ سان ڪري ۽ سندس چال چلت جي نتيجن کان خبردار ڪري ته به نرمي سان. کيس اهو پڻ چئي ته، ”مان توهان کي ڏاڍو ڀائيندي آهيان ۽ مون کي توهان جهڙي مڙس تي ناز آهي. توهان ئي مون کي هر شيءِ کان وڌيڪ پيارا آهيو. مان توهان سان هر قسم جو سهڪار ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. پر مون کي ڏک رڳو ان ڳالهه جو آهي جو توهان جهڙو سٺو انسان خراب ماڻهن جي محفلن ۾ ڇو ٿو وڃي يا فلاڻي اڻ وڻندڙ عادت ۾ ڇو ڦاسي پيو آهي؟ اهڙي قسم جا ڪم توهان جهڙي سٺي ماڻهو کي ڪونه ٿا سونهن. مهرباني ڪري اهڙن ڪمن کان پري رهو.“
ٿي سگهي ٿو ته مرد جو اخلاق ۽ ڪردار سٺو نه هجي، ۽ انهن ڳالهين جو مٿس ڪو تڪڙو ۽ هاڪاري اثر نه ٿئي. پر زال ڪنهن به حالت ۾ مايوس نه ٿيڻ گهرجي. صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ اٽل ارادي سان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکڻ گهرجي.
الله پاڪ عورت کي اثرانداز ٿيڻ جي هڪ عجيب سگهه ڏني آهي. ان سگهه وسيلي هوءَ جيڪو ڪجهه چاهي ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن پڪو ارادو ڪري ته مڙس کي هر حالت ۾ سڌي واٽ وٺائڻي آهي ته پوءِ هوءَ ائين ڪرڻ ۾ سوڀاري ٿي سگهي ٿي پر ان لاءِ صبر ۽ سياڻپ نهايت ضروري آهن.
بهرحال... جيترو ٿي سگهي جهيڙي جهٽي، ڪاوڙ ۽ سختيءَ کان بچجي. جيڪڏهن نرميءَ سان هلڻ جو ڪو چڱو نتيجو نڪري ته پوءِ سختي به ڪري سگهجي ٿي ۽ويڙهه جهيڙ کان پڻ ڪم وٺي سگهجي ٿو. پر پوءِ همدرديءَ ۽ اخلاق جو دامن هٿن مان نه ڇڏجي. جيڪڏهن ڪاوڙ ۽ سختي ڪجي ته ان ۾ به همدردي هجي، نه ڪي بدلي ۽ ساڙ جو جذبو.
مرد جي نگراني ۽ سار سنڀال عورت جو فرض آهي. جيئن ته اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي، تنهن ڪري پيغمبر ﷺ جن ان کي جهاد ڪوٺيو آهي. پاڻ ﷺ جن فرمايو آهي ته، ” عورت جو جهاد اهو آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪري.“

شڪي عورتون:

شڪي عورتون:
زال جيڪڏهن مڙس جي ٿوري ٿڪي نگراني ڪري ته ان ۾ ڪا اربعا خطا ناهي پر ان حد تائين نه جو بدگماني ۽ شڪ چوٽ تي پهچي وڃن. شڪ هڪ لاعلاج مرض آهي. افسوس جو عورتن جو هڪ وڏو انگ ان روڳ ۾ ڦاٿل هوندو آهي. هڪ شڪي عورت سوچيندي آهي ته سندس مڙس جائز ۽ ناجائز طور تي ساڻس خيانت ڪري رهيو آهي، فلاڻي عورت سان ملندو آهي ۽ هن سان شايد شاديءَ جو ارادو رکي ٿو، پنهنجي سيڪريٽريءَ سان سندس گهرا لاڳاپا آهن، فلاڻي ڇوڪريءَ سان عشق ڪري ٿو، جيئن ته دير سان گهر موٽندو آهي، تنهن ڪري پَڪ سان عياشي ڪرڻ ويندو هوندو. جيئن ته فلاڻي عورت سان ڳالهائي رهيو هو، لڳي ٿو ته پاڻ ۾ دوستي هوندن، فلاڻي بيوهه ۽ سندس ٻارن تي احسان ڪندو آهي تنهن ڪري هو ان کي چاهيندو هوندو. ڪار ۾ هيئر پن (ڪانٽو) مليو آهي، جنهن مان خبر پئي ٿي ته پنهنجي محبوبا کي سير سپاٽي تي وٺي ويو هوندو، فلاڻي عورت کيس خط لکيو آهي تنهنڪري لڳي ٿو ته هوءَ سندس زال آهي، فلاڻي ڇوڪري سندس واکاڻ ڪري رهي هئي ته ”ڏاڍو خوش اخلاق ۽ سمارٽ ماڻهو آهي“ ، ان مان لڳي ٿو ته هڪ ٻئي کي چاهيندا آهن ۽ جيئن ته پنهجا خط پڙهائيندو ناهي، تنهنڪري پَڪ سان اهي عاشقاڻا خط هوندا. هو ڪوڙو ۽ دوکيباز آهي. قسمت جو هال ٻڌائيندڙ رسالي ۾ منهنجي مڙس جي ستاري جي بار ۾ لکيل هو ته هن مهيني ۾ پيدا ٿيندڙ جو وقت ڏاڍو سٺو گذرندو، تنهن ڪري هو ٻي شادي رچائڻ چاهيندو، جيئن ته منهنجي هڪ ساهيڙي مون کي ٻڌايو هو ته تنهنجو مڙس فلاڻي گهر ويو هو، ظاهر آهي ته اتي ڪا عورت ئي هوندي. فال ڏسندڙ مون کي ٻڌايو هو ته هڪ سونهري وارن، ڪارين اکين ۽ ڊگهي قد ڪاٺ واري عورت توسان دشمني ڪري رهي آهي، پڪ سان اها منهنجي پهاڄ هوندي.
شڪي عورتون اهڙي قسم جي اجاين ڳالهين تي ويساهه ڪري پنهنجي مڙس تي شڪ ڪرڻ لڳنديون آهن ۽ هوريان هوريان سندن اهو شڪ پَڪ ۾ بدلجي ويندو آهي. اهي ان ڏس ۾ ايترو ته سوچينديون آهن جو هر ڳالهه ۾ کين شڪ ٿيڻ لڳندو آهي، ڏينهن رات رڳو ان ئي موضوع تي ڳالهائينديون رهنديون آهن. جتي به ويهنديون آهن اتي پنهنجي سمجهڻ کان سواءِ ئي ساڻس همدردي ڪندي ڏک ونڊيندا آهن ۽ مردن جي خيانت ۽ بي وفائيءَ جا سوين قصا ويهي ٻڌائينديون آهن.
اهڙيءَ طرح اعتراضن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، گهر جو ڪم ڪار ۽ ٻارن جي سارسنڀال صحيح طريقي سان ڪونه ٿي سگهندي آهي، ڏهاڙي جهيڙو جهٽو ٿيندو آهي، زال مڙس کان لاپرواهه ٿي ويندي آهي، پاڇي وانگر مڙس جي ڪَڍَ هوندي آهي، سندس کيسا ڳوليندي آهي، خط پَٽ پڙهندي آهي، سندس اٿڻ ويهڻ تي سخت نظر رکندي آهي ۽ هر بي ربط واقعي کي پنهنجي مڙس جي خيانت سمجهندي آهي. ائين هوءَ شڪ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندي آهي.
اهڙي قسم جي ڳالهين ڪري هوءَ پنهنجو، پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي ٻارڙن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندي آهي ۽ گهر کي دوزخ بنائي ڇڏيندي آهي. جيڪا باهه ٻاريندي آهي تنهن ۾ نه رڳو پاڻ سڙندي آهي پر ٻارڙن ۽ مڙس کي پڻ ساڙيندي رهندي آهي. مڙس کڻي هزارين ثبوت پيش ڪري، قسم کڻي ۽ خوشامد ڪري پر هوءَ شڪ جي ڌٻڻ مان ڪونه نڪري سگهندي آهي.
اهڙي قسم جا سوين ماڻهو اسان جي سماج ۾ موجود آهن، جن کي توهان به سڃاڻيندا هوندا. هتي اهڙن ماڻهن جا ڪجهه واقعا ڏجن ٿا. ڪورٽ ۾ هڪ عورت چيو ته، ”مان پنهنجي مڙس سان ٻارهن سال گذاريا آهن ۽ مان ٽن ٻارن جي ماءُ پڻ آهيان. پر پوءِ به مان کانئس طلاق ڇو ٿي وٺان؟ اهو ان ڪري جو هاڻي مونکي پڪ ٿي وئي آهي ته منهنجو مڙس مون سان بي وفائي ڪري رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مان روڊ تي هڪ عورت سان ويندي کيس ڏٺو هو. پَڪ سان هوءَ سندس محبوبا هوندي جيڪا جون جي مهيني ۾ پيدا ٿي هوندي. مان هر هفتي قسمت جو حال ٻڌائيندڙ رسالو پڙهندي آهيان. منهنجي مڙس جي قسمت جي حال ۾ اهو ئي لکيل هوندو آهي ته توهان جو وقت جون مهيني ۾ پيدا ٿيندڙ سان سٺو گذرندو. مان ته فيبروريءَ ۾ ڄائي آهيان، تنهن ڪري ان جو مطلب اهو ٿيو ته اها ڪاٻي عورت آهي جنهن سان سندس وقت سٺو گذرندو هوندو. ٻيو ته مان اهو پڻ محسوس ڪيو آهي ته منهنجي مڙس کي مون سان اڳ جهڙي محبت نه رهي آهي. ”ائين چئي اها عورت پنهنجا ڳوڙها اُگهڻ لڳي.
سندس مڙس چيو، ”توهان ئي ٻڌايو ته مان ڪيان ته آخر ڇا ڪيان؟ ڪاش! اهي رسالا ههڙن وهمي پڙهندڙن جو ڪو بلو ڪن ۽ اهڙيون اجايون ڳالهيون ڇاپڻ کان پاسو ڪن. انهن ڳالهين جي ڪري منهنجي ۽ منهنجي ٻارڙن جي زندگي ڏاڍي ڏکي ۽ اڻ وڻندڙ ٿي پئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن هفتي منهنجي قسمت جي حال ۾ لکيل هوندو آهي ته هن هفتي ججها ڏوڪڙ ملندا ته هوءَ منهنجو دماغ کائي ويندي آهي ته ايڏا پئسا ڪيڏانهن ويا؟ يا ڪو خط پٽ اچي ويندو آهي ته پوءِ منهنجي لاءِ باهه ٻري ويندي آهي. مان پڪ سان چوان ٿو ته هي عورت ڪڏهن به بدلجي نه سگهندي. تنهن ڪري چڱو ان ۾ ئي آهي ته اسان هڪ ٻئي کان ڌار ٿي وڃون.
هڪ مرد ڪورٽ ۾ بيان ڏيندي چيو ته، ”مهينو کن اڳ مان هڪ دعوت تان گهر موٽي رهيو هوس. پنهنجي هڪ دوست کي به ڪار ۾ ويهاريم جنهن گهر ڇڏي اچڻ لاءِ چيو هو جو وٽس سواري ڪونه هئي. جيڪو ان دعوت ۾ پنهنجي زال کي به وٺي آيو هو. ٻئي ڏينهن صبح جو آفيس وڃڻ مهل منهنجي زال مونکي چيو ته مون کي رستي ۾ امان جي گهر ڇڏيندو وڃ. سو اسان ٻئي گاڏيءَ ۾ چڙهياسين. رستي ۾ منهنجي زال جي پوئي سيٽ تي ڏٺو ۽ وارن جي هڪ ڪلپ کڻي مون کي ڏيکاريندي پڇيو ته، ”هيءَ ڪلپ ڪهڙي عورت جي آهي؟“ ڊپ وچان مون کي ياد ئي ڪونه ٿي آيو ته منهنجي گاڏيءَ ۾ ڪير ويٺو هو، تنهن ڪري مان کيس ٻڌائي ڪو نه سگهيس. شام جو جڏهن مان کيس وٺڻ ويس ته هن چيو ته مان گهر ڪونه هلنديس.“ جڏهن مان ان جو ڪارڻ پڇيو ته چيائين ته چڱو آهي ته ان عورت سان وڃي رهه جنهن جي وارن جي ڪلپ تنهنجي ڪار ۾ پئي هئي.“
هڪ نوجوان عورت شڪايت ڪندي چيو ته، ”منهنجو مڙس اڪثر ڪري رات جو دير سان گهر ايندو آهي ۽ بهانو اهو ڪندو آهي ته آفيس ۾ ڪم گهڻو هو. ان ڳالهه مون کي ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏيو آهي. پاڙي جي ڪجهه عورتن مون کي ٻڌايو آهي ته تنهنجو مڙس فلاڻي هنڌ ويندو آهي تنهنڪري مان اهڙي مرد سان هرگز نه ٿي رهي سگهان جيڪو مون سان ڪوڙ ڳالهائي ۽ دوکو ڏي.“
ان ئي مهل ان عورت جي مڙس، کيسي مان ڪجهه خط ڪڍي جج جي اڳيان ميز تي رکيا ۽کيس عرض ڪيو ته هو اهي خط ڏاڍيان پڙهي ته جيئن سندس زال به ٻڌي ته مان ڪوڙو آهيان يا سچو، جج انهن خطن کي پڙهڻ شروع ڪيو. هڪ خط ۾ اوور ٽائيم جي باري ۾ لکيل هو جنهن مطابق هن کي شام 4 بجي کان رات جو 8 بجي تائين چار ڪلاڪ اوور ٽائيم ڪم ڪرڻو هيو. آفيس جي ٻين خطن مان پڻ اهو ثابت ٿيو ته کيس آفيس ۾ گڏجاڻيون ڪرڻيون هيون يا وري آفيس جي ئي پرو گرامن ۾ شامل ٿيڻو هو.
اها نوجوان عورت جج جي ميز وٽ آئي ۽ انهن خطن کي ڏسي چيائين ته، ”روزانو رات جو جڏهن منهنجو مڙس سمهي پوندو هو ته مان سندس کيسن جي تلاشي وٺندي هيس، پر مون کي ته ڪوبه خط ڪونه ملندو هو.“ جج چيو، ٿي سگهي ٿو ته هو انهن خطن کي ميز جي خاني ۾ رکندو هجي يا وري اهي خط گهر کڻي ئي نه ايندو هجي.“
مرد چيو ته، ”منهنجي زال جي شڪ مون کي ايڏو ته پريشان ڪيو هو جو مان رات جو سمهي ڪون سگهندو هوس. مون کي پڪ ٿي چڪي هئي ته منهنجي زال مون سان رهڻ نه ٿي چاهي.“
ان ئي مهل اها نوجوان عورت مڙس جي ڀرسان اچي بيٺي ۽ کانئس روئندي معافي ورتائين ۽ پوءِ اهي ٻئي ڪورٽ کان ٻاهر هليا ويا.
ڏندن جي ڊاڪٽر ڪورٽ ۾ شڪايت ڪئي، ”منهنجي زال ڏاڍي ساڙ سڙي آهي. مان ڏندن جو ڊاڪٽر آهيان تنهن ڪري مون وٽ عورتون به اينديون آهن. اها ڳالهه منهنجي زال کي بنهه ڪونه ٿي وڻي. ڏهاڙي ان موضوع تي اسان ٻنهي ۾ گهر اندر جهيڙو ٿيندو آهي. سندس چوڻ آهي ته مان عورتن جو علاج نه ڪريان. مان هن جي اجائي ساڙ ڪري پراڻن مريضن کي ڇڏي نه ٿو سگهان. مون کي پنهنجي زال سان ڏاڍي محبت آهي پر سندس اجائي شڪ منهنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هوءَ منهنجي ڪلينڪ تي آئي مون کي زوريءَ گهلي گهر وٺي آئي. گهر پهچڻ سان ئي هن آسمان مٿي تي کڻي ڏنو. ان ڳالهه جو اصل سبب اهو هيو جو هوءَ منهنجي ڪلينڪ تي آئي ۽ مريضن واري ڪمري ۾ هڪ ڇوڪريءَ وٽ وڃي ويٺي. هن ڇوڪريءَ کان منهنجي باري ۾ پڇيو. ڇوڪريءَ، جنهن منهنجي زال کي ڪونه ٿي سڃاتو، چيو ته هي ڊاڪٽر ڏاڍو سٺو ۽ سمارٽ آهي. اها ڳالهه کيس ڪونه وڻي ۽ هوءَ مون کي بي عزتو ڪري گهلي گهر وٺي آئي.“
اهڙي قسم جا واقعا اڪثر گهراڻن ۾ ٿيندا رهندا آهن. اهڙا بدقسمت خاندان جيڪي شڪن شبهن جو شڪار ٿي وينداآهن سي نيٺ تباهه ٿي ويندا آهن. وڏو اثر ته ويچارن ٻارڙن تي پوندو آهي جيڪي روز روز جي جهيڙن مان تنگ ٿي ويندا آهن. گهر جو اڻ وڻندڙ ماحول سندن ذهن ۽ روح تي ناڪاري اثر ڇڏيندو آهي. ويڙهه جهيڙ ۽ ڌڪار وارو ماحول کين بگاڙي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ سندن آئندو به اونداهو ٿي وڃڻ جو امڪان هوندو آهي. جيڪڏهن زال مڙس صبر سان هليا ته پوءِ گاڏو پيو ڌڪبو ۽ جيڪڏهن وري سختي ۽ ضد ڪيائون ته پوءِ معاملو وڃي طلاق تائين پهچندو. ائين ٿيو ته پوءِ زال مڙس ٻنهي کي نڀاڳ ڏسڻو پوندو. هڪ پاسي مرد کي ڏاڍو نقصان ٿيندو ڇو جو پڪ ناهي ته سندس ٻي شادي ٿيندي به الائي جي نه! فرض ڪيو، جيڪڏهن شادي ڪيائين به ته ضروري ناهي ته کيس پهرين کان سٺي زال ملي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته منجهس شڪ کان وڌيڪ خراب عيب هجن. وڏو مسئلو ته ٻارڙن جو ٿيندو، جو کين ماٽيلي ماءُ وٽان سڳي ماءُ جهڙو پيار نه ملي سگهندو. مرد جيڪڏهن سوچي ٿو ته ان شڪي عورت کي طلاق ڏئي کانئس ڇوٽڪارو حاصل ڪري ڪنهن ٻي بي عيب عورت سان شادي ڪري سڪون سان زندگي گذاريندو ته پوءِ اهو سندس وهم آهي. ائين ٿيڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي.
عورت به خوش نه ٿئي ته طلاق وٺڻ کان پوءِ هو سڪون سان رهندي. طلاق وٺڻ کان پوءِ کيس الائي جي ڪيترين مصيبتن ۽ پريشانين سان منهن ڏيڻو پوندو. کيس سولائيءَ سان ٻيو مڙس ته ڪونه ملي سگهندو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته کيس سڄي ڄمار رَن زال وانگر رهڻو پوي ۽ پيار ۽ محبت ۽ ٻارڙن جهڙي نعمت کان وانجهيل رهڻو پويس. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو مڙس ملي به وڃيس ته ضروري ناهي ته اهو پهرين کان سٺو هجي. ٿي سگهي ٿو ته کيس ڪنهن اهڙي مرد سان شادي ڪرڻي پوي جنهن جي زال مري وئي هجي يا هن کيس طلاق ڏئي ڇڏي هجي. ان حالت ۾ کيس پنهنجي ٻارڙن جي جدائي ۾ تڙپڻو پوندو ۽ کيس پراوا ٻار پالڻا پوندا. انکان سواءِ کيس ٻين به ڪيترن ئي مسئلن سان مُنهن ڏيڻو پوندو.
اهڙا ڏينهن ڏسڻ کان ڀلو آهي ته زال ۽ مڙس سختيءَ ۽ ضد کان ڪم نه وٺن ۽ سياڻپ، صبر ۽ سهپ جو دڳ وٺن. ان ڏس ۾ مرد تي وڌيڪ ذميداري ٿئي ٿي. يا ائين کڻي چئجي ته ان مسئلي جي ڪنجي سندس ئي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن هن صبر، سهپ ۽ بردباريءَ کان ڪم ورتو ته پوءِ پاڻ به پريشانين کان آجو رهندو ۽ پنهنجي زال کي به ان مصيبت کان ڇو ٽڪارو ڏياري سگهندو.

مان هاڻي مردن کي ڪجهه چوڻ چاهيندس:

مان هاڻي مردن کي ڪجهه چوڻ چاهيندس:
مردن جي خدمت ۾ اهو عرض ڪندس ته توهان کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته توهان جي زال پنهنجي شڪي طبيعت جي هوندي به توهان کي چاهي ٿي. ٻارڙن کي پيار ڪري ٿي ۽ طلاق جي خيال کان کيس ڏاڍو ڊپ ٿئي ٿو ۽ توهان جي زندگيءَ جي ڏکائيندڙ حالتن جي ڪري دلي طور ته غمگين آهي. ڀلا جيڪڏهن هوءَ توهان کي نه چاهي ها ته پوءِ ساڙ به نه ڪري ها. اصل ۾ هوءَ ناهين چاهيندي ته اهڙي قسم جون حالتون پيدا ٿين، پر ڇا ڪري ويچاري بيمار جو آهي. رڳو هارٽ اٽيڪ، اپنڊيڪس، ڪينسر، ٽي بي وغيره ئي بيماريون ناهن پر ذهني بيماريون به موتمار بيمارين ۾ ڳڻيون وڃن ٿيون. توهان جي زال جيتوڻيڪ نفسياتي مريضن جي اسپتال ۾ علاج هيٺ ناهي پر حقيقت ۾ هوءَ هڪ نفسياتي مريض ضرور آهي. جيڪڏهن اعتبار نه اچي ته پوءِ ڪنهن نفسيات جي ماهر سان ملي پڪ ڪر ي وٺو. توهان کي اهڙي عورت تي رحم جي نظر وجهڻ گهرجي. بيمارن سان جهيڙو جهٽو ڪا سٺي ڳالهه ٿوروئي آهي. توهان کي گهرجي ته سندس سخت هلت ۽ اڻ وڻندڙ ڳالهين تي رد عمل نه ڏيکاريو، ڌڪ چنبو ۽ گارگند نه ڏيو، ڳالهه ٻولهه به بند نه ڪريو، طلاق جي ڳالهه به نه ڪيو ۽ نه ئي ڪورٽن تائين وڃي پهچو. اهڙي قسم جي هلت سان ان بيمار عورت جو علاج ته ڪونه ٿي سگهندو ويتر ان ۾ شدت پيدا ٿي ويندي. توهان جي اڍنگي هلت سندس شڪ کي سچ ثابت ڪرڻ جو دليل ٿي سگهي ٿي.
صحيح طريقو اهو آهي ته توهان کان جيترو به پُڄي سگهي، ساڻس پيار ۽ محبت جو اظهار ڪريو. ٿي سگهي ٿو ته توهان سندس شڪي طبيعت ۽ وهم مان بيزار ٿي ويا هجو، پر محبت جي اظهار کانسواءِ ٻي ڪا واهه ڪانهي. جيڪڏهن ساڻس محبت جو اظهار ڪندا ته پوءِ کيس پَڪ ٿيندي ته توهان جي دل ۾ سندس لاءِ محبت ڀريل آهي ۽ ان ۾ ٻئي ڪنهن جي لاءِ ڪا به گنجائش ڪانهي. ٻيو هي ته پاڻ ۾ ميٺ محبت سان رهڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريو، کانئس ڪا به ڳالهه نه لڪايو، پنهنجا خط پٽ کيس به پڙهڻ لاءِ ڏيو. ڪنهن خاص الماري يا ضروري ڪاغذن ۽ سندن جي پيتيءَ جي چاٻي به کيس ئي ڏئي ڇڏيو ته جيڪڏهن دل چاهيس ته پاڻ ئي کولي ڏسي پڪ ڪري. جيڪڏهن هوءَ توهان کان کيسن جي تلاشي وٺي ته توهان ان ڳالهه تي ناراض نه ٿيو، جيڪڏهن توهان جي اٿڻ ويهڻ ۽ اچ وڃ جي نگراني ڪري ته کيس ائين ڪرڻ ڏيو. روزاني ڪم ڪار کان جيڪڏهن جلدي واندا ٿيو ته هڪدم گهر هليا اچو. جيڪڏهن ڪو ضروري ڪم ٿي وڃي ته زال کي اطلاع ڪري ڇڏيو ته مان فلاڻي وقت تائين موٽي سگهندس. ڪوشش ڪري ان وقت پهچو پر جيڪڏهن اتفاق سان ڏسيل ٽائيم تي گهر نه پهچي سگهو ته پوءِ گهر ۾ اچڻ سان ئي کيس دير سان اچڻ جو سبب ٻڌايو. ها! انهن سڀني ڳالهين ۾ ٿورڙو به ڪوڙ نه هجي نه ته سندس شڪ ۾ اڃا به واڌارو ٿي ويندو. ڪم ڪار ۾ کانئس صلاح ثواب وٺو، ڪڏهن به سچائي ۽ ايمانداريءَ جو دامن هٿن مان نه ڇڏيو. کيس اهو پڻ چئي ڇڏيو ته جتي به توکي ڪوشڪ شبهو ٿئي ته هڪ دم وضاحت ڪر يا پُڇي وٺو ته جيئن سندس دل وهمن ۽ شڪن کان خالي رهي.
ٻيو ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان دل جا صاف هجو ۽ خيانت ڪرڻ جو سوچيندا به نه هجو پر عورتن جو شڪ بنا ڪنهن سبب جي نه هوندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته لاپرواهي مان توهان کان ڪا اهڙي غلطي ياڪوتاهي ٿي وئي هجي جنهن جو خراب اثر اوهان جي زال تي پيو هجي ۽ هوريان هوريان وري اهو شڪ شبهي جي شڪل وٺي چڪو هجي. تنهن ڪري توهان لاءِ اهو ضروري آهي ته توهان پنهنجي عملن ۽ ورتاءَ تي ٿورو ويچاريو ۽ پنهنجي زال جي شڪ جي اصل ڪارڻ جي پاڙ ڳولي ان کي ختم ڪريو. جيڪڏهن توهان ڌارين عورتن سان ڀوڳ ٺڪاءَ ڪندا آهيو ته پوءِ ائين ڪرڻ ڇڏي ڏيو، ٿي سگهي تي اهي عورتون توهان کي سٺو سمجهي توهان جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪنديون هجن. پر اها ڳالهه توهان جي زال جي ڪاوڙ جو سبب بنجي سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح توهان جي گهريلو زندگي اڻ وڻندڙ ٿي سگهي ٿي. ضروري ٿورئي آهي ته توهان پنهنجي سيڪريٽري سان ادائن ۽ مام سان ڳالهائيو، ائين ڪرڻ سان توهان جي زال کي شڪ پوندو ته تنهنجا ساڻس لاڳاپا آهن. ڀلا هڪ عورت کي ئي پنهنجو سيڪريٽري ڪري ڇو رکجي؟ محفلن ۾ ڌارين عورتن سان گرمجوشي جو اظهار نه ڪريو ۽ نه ئي ڏانهن گهڻو ڌيان ڏيو. جيڪڏهن توهان ڪنهن غريب رن زال جي مدد ڪرڻ چاهيندا هجو ته پوءِ اها ڳالهه پنهنجي زال کي اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو، ڀلو ته ائين ٿيندو جو اهو نيڪيءَ جو ڪم ان کان ئي ڪرايو. ائين هرگز نه سوچيو ته ”ڀلا! چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ زال کي ڇو ٻڌائجي ۽ مان سندس غلام يا قيدي ته ناهيان.“ حقيقت ۾ نه توهان قيدي آهيو ۽ نه ئي وري غلام، پر توهان عقلمند آهيو جو توهان پنهنجي زال جي سهڪار سان ڪري رهيا آهيو. محبت ۽ وفاداري جي تقاضا به اها آهي ته زال جي سٺي نموني سارسنڀال لڌي وڃي ۽ سياڻپ، سهپ ۽ صبر وسيلي سندس شڪ واري بيماريءَ جو علاج ڪيو وڃي. سٺي ورتاءَ ۽ ايثار وسيلي اوهان ان وڏي خطري سان چڱيءَ طرح مُنهن ڏئي سگهو ٿا جيڪو توهان کي ڇني ڌار ڪري سگهي ٿو. ائين ڪرڻ سان نه رڳو اوهان پنهنجي بيمار زال کي ٺيڪ ڪري سگهندا پر پنهنجي ٻارڙن کي پڻ دربدر ٿيڻ کان بچائي سگهندا ۽ پاڻ پريشاني کان بچي سگهندا.
جيڪي مرد عورتن جي معاملي ۾ سهپ کان ڪم وٺندا آهن تن کي خدا پاڪ وڏو اجر ڏيندو آهي.
حضور ﷺ جن فرمائن ٿا ته، ”جيڪو مرد پنهنجي بداخلاق زال سان نڀائيندو آهي، تنهن کي خدا تعاليٰ هر صبر جي بدلي ۾ حضرت ايوب عه جي صبر جي ثواب جيترو ثواب ڏيندوآهي.“

هاڻي ڪجهه ڳالهيون ڀينرن کي چئبيون:

هاڻي ڪجهه ڳالهيون ڀينرن کي چئبيون:
ڀيڻ! تنهنجي مڙس جي خيانت جو مسئلو ٻين مڙني موضوعن وانگر ثبوت ۽ دليل جو گهرجائو آهي. سندس خيانت جيستائين ثابت نه ٿئي تيستائين شرعي ۽ اصولي طور تي کيس الزام ڏيڻ جو توکي ڪو به حق ڪونهي. ڇا اهو صحيح آهي ته رڳو شڪ جي بنياد تي ڪنهن بي گناهه تي الزام هنيو وڃي؟ جيڪڏهن دليل ۽ ثبوت کانسواءِ ڪو توتي الزام هڻي ته تون ناراض نه ٿيندينءَ؟ ڇا هڪ يا ڪجهه بدنيت ۽ بي عقل ماڻهو خيانت جهڙي مکيه موضوع کي ثابت ڪري سگهن ٿا؟
الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته، ”اي ايمان وارو! ڪيترن ئي شڪن کان پرهيز ڪريو ڇو جو ڪجهه شڪ گناهه هونداآهن.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪو ماڻهو ڪنهن مومن مرد يا مومن عورت تي الزام هڻندو، تنهن کي الله پاڪ قيامت جي ڏينهن باهه ۾ وجهندو ته جيئن کيس پنهنجي عمل جي سزا ملي.“
ڀيڻ! اياڻپ، اٻهرائي ۽ اجاين خيالن کان پنهنجو دامن بچاءِ، صبر ڪندڙ ۽ سمجهدار ٿيءُ ۽ جڏهن تون ڪاوڙ ۾ نه هجين ته پوءِ اڪيلائيءَ ۾ ويهي ٿڌي دل سان مڙس جي خيانت بابت سببن ۽ شاهدين تي ويهي ويچار ڪر ۽ پوءِ هڪ انصاف پسند قاضيءَ وانگر ڏس ته ڏوهه ڪنهن جو آهي. رڳو اجاين خيالن دليلن ۽ شڪن جي ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي زندگيءَ کي زهر نه بناءِ. ڪار ۾ روڳو ڪلپ يا ڪانٽي جي موجود هئڻ جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.
تنهنجي مڙس جي مائٽياڻين جهڙوڪ: ڀيڻ، ڀاڻيجي، ڀائٽيي، پڦي ۽ ماسي وغيره مان ٿي سگهي ٿو ته ڪو ڪار ۾ ويٺو هجي ۽ انهن مان ئي ڪنهن کان اها ڪلپ وسري وئي هجي.
ٿي سگهي ٿو ته اها ڪلپ تنهنجي ئي هجي ۽ لهڻ مهل يا ڪار جي ڌڏڪي ۾ اها سُرڪي سيٽ ٿي ڪري پئي هجي.
ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي مڙس جي ڪار ۾ سندس ڪنهن دوست زال سميت سفر ڪيو هجي.
ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڏينهن ڪنهن بيمار يا مصيبت جي ماريل عورت کي سندس گهر ڇڏي آيو هجي.
شايد ڪنهن دشمن ڄاڻي واڻي ڪلپ کي ڪار ۾ رکي ڇڏيو هجي ته جيئن توهان ۾ اڻبڻت پيدا ٿئي.
ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي سيڪريٽري يا آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن عورت کي گاڏيءَ ۾ ويهاريو هجي ۽ اها ڪلپ ان جي ئي هجي.
۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي محبوبا کي ڪار ۾ويهار ي سير سپاٽي لاءِ وٺي ويو هجي. پر اهو رڳو هڪ شڪ جي بنياد تي هل هنگامو نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن تنهنجو مڙس دير سان ٿو گهر اچي ته پوءِ ان جو اهو مطلب ٿوروئي آهي ته هو محبوبا کي گهمائڻ وٺي ويندو هجي. ٿي سگهي ٿو ته اوور ٽائيم ڪندو هجي، کيس ڪو ضروري ڪم ٿي پيو هجي، ڪنهن دوست، مائٽ يا آفيس جي ڪنهن ساٿيءَ جي گهر ڪنهن ڪم ڪار سان ويو هجي يا ڪنهن علمي يا ادبي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ ويو هجي.
جيڪڏهن ڪا عورت تنهنجي مڙس جي واکاڻ ڪري ٿي ۽ کيس سهڻو نوجوان چئي ٿي ته پوءِ ان ۾ هن ويچاري جو ڪهڙو ڏوهه آهي. خوش اخلاقيءَ کي خيانت جو دليل نه ٿو چئي سگهجي. ڇا اهو چڱو آهي ته بداخلاق ٿئي، سڀ ماڻهو کيس اڍنگو سمجهن ۽ بااخلاق ماڻهو کانئس ڪونهين پري ڀڄن؟ جيڪڏهن هو ڪنهن غريب رَن زال ۽ سندس يتيم ٻارن جي مدد ڪري ٿو ته اهو خيانت جو دليل نه ٿو ٿي سگهي. ٿي سگهي ٿو ته هو الله پاڪ جو راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ غريبن ۽ محتاجن جي مدد ڪندو هجي.
جيڪڏهن تنهنجو مڙس پنهنجا ڪاغذ پَٽ ڌار الماريءَ يا پيتي ۾ رکندو هجي يا پنهنجا خط پڙهڻ جي توکي موڪل نه ڏيندو هجي ته پوءِ ان کي به خيانت نه ٿو چئي سگهجي. ڪيترائي مرد پنهنجن رازن کي ذاتي طور تي لڪل رکڻ چاهيندا آهن ۽ نه چاهيندا آهن ته ڪو سندن ذاتي معاملن کان سونهون هجي. ٿي سگهي ٿو ته سندن ڪم ئي اهڙو هجي جنهن ۾ ڪجهه شين کي ڳجهو رکڻ نهايت ضروري هجي يا هو سمجهندو هجي ته تون سندس رازن کي لڪائي نه سگهندينءَ.
خير... ڪو به ڪارڻ ٿي سگهي ٿو، جنهن شڪ تي شبهي جو بنياد نه ٿو رکي سگهجي. ٻي ڳالهه اها ته جڏهن به توکي ڪو شڪ شبهو ٿئي ته بنا ڪنهن هٻڪ جي هڪدم ان جي باري ۾ مڙس سان ڳالهه ٻولهه ڪر. اها ڳالهه اعتراض جي صورت ۾ نه پر حقيقت ڄاڻڻ جي خيال کان ڪرڻ گهرجي. کانئس هيئن پڇ ته، ”فلاڻي جي باري ۾ مونکي ڪجهه وهم ٿي پيو آهي، تنهنڪري مهرباني ڪري مون کي حقيقت ٻڌايو ته جيئن مون کي دلجاءِ ٿئي.“ پوءِ هو جڏهن توکي حقيقت ٻڌائي ته اها ڌيان سان ٻُڌ. جيڪڏهن تنهنجو شڪ ختم ٿي وڃي ته پوءِ چڱو پر جيڪڏهن تون سندس وضاحت کان مطمئن ناهين ته پوءِ پنهنجي ليکي ان جي کوجنا ڪر ته جيئن توکي حقيقت معلوم ٿي سگهي. جيڪڏهن کوجنا ڪندي توکي خبر پئجي وڃي ته تنهنجي مڙس توسان فلاڻي ڳالهه جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهايو هو يا حقيقت جي ابتڙ ٻڌايو هو ته پوءِ ان ڪوڙ کي خيانت نه سمجهڻ گهرجي، ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته هو بي گناهه هجي ۽ تنهنجي شڪ جي کيس خبر هجي، ان ڪري هن ڄاڻي واڻي حقيقت جي ابتڙ ڳالهه ٻڌائي هجي ته متان تنهنجي شڪ ۾ واڌارو ٿئي. چڱو ٿيندو ته تون ان ڏس ۾ وري به کانئس پڇي پڪ ڪر ۽ سندس ڪوڙ جو سبب معلوم ڪر. جيڪڏهن هن ڪوڙ ڳالهايو آهي ته پوءِ تون هن وانگر نه ٿيءَ ۽ کيس نرميءَ سان چئه ته آئندي ڪوڙ نه ڳالهائجو. جيڪڏهن توکي وضاحت گهرجي ۽ تنهنجو مڙس توکي تسليءَ جوڳو جواب نه ڏئي ته پوءِ ان ڳالهه کي سندس خيانت نه سمجهڻ گهرجي، ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته اصل ڳالهه کانئس وسري وئي هجي يا تنهنجي بد گمانيءَ جي ڪري وائڙو ٿي ويو هجي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ توکي ڳالهه ختم ڪرڻ گهرجي ۽ پوءِ وري توکي اهو مڃڻ گهرجي. تنهن هوندي به جيڪڏهن تنهنجو شڪ باقي هجي ته پوءِ ٻئي ڪنهن طريقي سان تکي کوجنا ڪرڻ گهرجي.
ٽئين ڳالهه اها ته پنهنجو شڪ سڀني کي نه ٻڌائڻ گهرجي ڇو جو انهن ۾ تنهنجو دشمن يا اهڙا ماڻهو به ٿي سگهن ٿا جيڪي توسان ساڙ ڪندا هجن، تنهن ڪري هو تنهنجي ڳالهه ٻڌي ان ۾ ڪجهه مرچ مصالحا به لڳائي سگهن ٿا ته جيئن تنهنجي زندگي اڻ وڻندڙ ٿي وڃي. گڏوگڏ پنهنجو شڪ بيوقوف ۽ ناتجربيڪار کي به نه ٻڌاءِ پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀينرن ڀائرن ۽ مٽن مائٽن سان به اها ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي. پو ءِ به جيڪڏهن ضروري هجي ته ان ڪم لاءِ پنهنجي ڪنهن ساهيڙي سان صلاح ثواب ڪر.
چوٿين ڳالهه اها ته جيڪڏهن شاهدين ۽ دليلن وسيلي تنهنجي مڙس جي خيانت ثابت نه ٿي سگهي ۽ تنهنجا مائٽ به ان تصديق ڪن پر تنهن هوندي ته تنهنجو شڪ ختم نه ٿئي ته پوءِ پڪ سان تون نفسياتي مريض آهين. تنهن ڪري ضروري آهي ته تون ڪنهن سٺي ۽ تجربيڪار نفسياتي ڊاڪٽر (سائڪالاجسٽ) وٽ وڃي پنهنجو علاج ڪراءِ ۽ سندس هدايتن تي عمل ڪر.
پنجين ڳالهه اها ته تنهنجي مسئلي جو حل اهو ئي آهي جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آهي. جهيڙي جهٽي، دانهن ڪُوڪن ۽ هُل هنگامي سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن، ويتر به ائين ڪرڻ سان معاملو خراب ٿي ويندو آهي. چڱو ته ان ۾ آهي جو نه تون ڪورٽ ۾ وڃ، نه مڙس کا طلاق جي گهر ڪر ۽ نه کيس هروڀرو بدنام ڪر ڇو جو انهن ڳالهين مان ڪو چڱو نتيجو ڪونه نڪري سگهندو، پر اهڙي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته دشمني ۽ ضد وڌي وڃي ۽ مجبور ٿي ڪري تنهنجو مڙس توکي طلاق ڏئي ڇڏي. جيڪڏهن خدا نه ڪري ائين ٿيو ته پوءِ تنهنجي لاءِ ڏاڍو بُرو ٿيندو ۽ پوءِ تون سڄي ڄمار پڇتائيندي رهندينءَ.
اهڙي وقت ۾ صبر، سهپ ۽ سياڻپ کان ڪم وٺڻ گهرجي. اُٻهرائي ۾ ڪو خطرناڪ فيصلو بنهه نه ڪجي ۽ نه ئي آپگهات لاءِ ڀُلجي ڪري به سوچجي، ڇو جو اهڙو بڇڙو ڪم ڪري تون هيءَ دنيا ته وڃائيندينءَ پر آخرت ۾ پڻ توکي سدائين لاءِ دوزخ جو ٻارڻ بنجڻو پوندو. ڇا اها ڏک جهڙي ڳالهه ناهي جو انسان هڪ معمولي ڳالهه جي ڪري جذباتي ٿي پنهنجو انت آڻي؟ ڇا اهو سٺو ناهي ته سياڻپ ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺندي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي؟
ڇهين ڳالهه اها ته جيڪڏهن تنهنجو شڪ ختم ناهي ٿيو ۽ توکي پڪ آهي ته تنهنجو مڙس ٻين عورتن تي نظر رکي ٿو ته پوءِ به ان ۾ ڏوهه تنهنجو ئي آهي ڇو جو ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته تو ۾ مڙس جي دل کٽڻ جي صلاحيت ئي ناهي. حقيقت ۾ تنهنجو مڙس جي دل تي ايڏو قبضو هجي جو ٻي ڪا به عورت ان قبضي کي ڇڏائڻ جي همت نه ڪري سگهي. خير... هاڻي به دير ناهي ٿي. ضد ۽ اياڻپ ڇڏ ۽ خوش اخلاقي، سٺي ورتاءَ ۽ محبت جو اظهار ڪري پنهنجي مڙس جي دل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺ ته جيئن ٻي ڪا عورت نه ان ۾ اچي وڃي.

ٻين جي گلا ڪندڙن جي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏجي:

ٻين جي گلا ڪندڙن جي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏجي:
عام طور تي ماڻهن ۾ ٻين جا عيب ڪڍڻ ۽ گلا ڪرڻ جهڙي بڇڙي عادت هوندي آهي. اها عادت نه رڳو پاڻ خراب آهي پر ٻين به ڪيترن ئي خراب نتيجن جو سبب هوندي آهي. ان واهيات عادت جي ڪري شڪ شبها پيدا ٿيندا آهن، دشمني ۽ ڌڪار وڌندو آهي، پيار ۽ محبت ختم ٿي ويندي آهي. مٽن مائٽن سان لاڳاپا خراب ٿي ويندا آهن. دوست ساٿ ڇڏي ويندا آهن ۽ زال مڙس ۾ جدائي ٿي ويندي آهي ۽ ڳالهه ڪڏهن ڪڏهن رتوڇاڻ ۽ قتل تائين به پهچي ويندي آهي.
ڏک جي ڳالهه اها آهي جو ايڏو وڏو عيب اسان جي معاشري ۾ ائين ته گهر ڪري ويو آهي جو ماڻهو ان کي عيب ته سمجهن ئي ڪونه ٿا. هر ڪچهريءَ ۾ ان عيب وسيلي وات جو مزو بدلايو ويندو آهي ۽ هر محفل ۾ ان عيب کي هڪ شغل سمجهيو ويندو آهي. اهڙيون ڪچهريون هونديون جن ۾ ڪنهن جا عيب نه اگهاڙيا ويندا هجن. خاص ڪري زائفاڻين ڪچهرين ۾ عيبن اگهاڙڻ جي ته ڄڻ چٽا ڀيٽي ٿيندي آهي. ٻيا ته ٺهيو پر سندن مڙس به تنقيد جو خاص نشانو بڻبا آهن. ڪا مڙس جي منهن مهانڊي تي کيس ٽوڪيندي آهي، ڪنهن کي پنهنجي مڙس جو اخلاق، چال چلت ۽ ورتاءُ ناهي وڻندو ته ڪنهن کي وري پنهنجي مڙس جي ڌنڌي تي اعتراض هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو مڙس تيلي هوندو آهي ته ٻي وري کيس ٽوڪيندي آهي: ”تنهنجي مڙس مان ته تيل جي ڌپ ايندي هوندي. تون الائي ڪيئن ٿي اهڙي سان گذارو ڪرين؟“ جيڪڏهن موچي هوندو ته چوندي، ”ڀلا! موچيءَ سان ڇو شادي ڪيئي؟ ٻيو ڪو مڙس ڪونه ٿي مليئي ڇا توکي؟ جيڪڏهن مڙس ڊرائيور هوندو ته سندس ڪن ڀريندي، ”تنهنجو مڙس ته ٻارهوئي سفر ۾ هوندو. اهو ته چڱو نه ٿيو تولاءِ!“ جيڪڏهن ڪاسائي هوندي ته چوندي، ” ان مان ته گوشت جي ڌپ ايندي هوندئي.“ جيڪڏهن آفيس ۾ ڪم ڪندو هوندو ته چوندي، ”اهو ته سڄو ڏينهن آفيس ۾ قيد هوندو ۽ توکي وقت ڪيئن ڏئي سگهندو هوندو؟“ جيڪڏهن غريب هوندو ته چوندي، ”اهڙي غريب سان ڪيئن ٿي گذارو ڪرين؟ اهڙي سڃي ته توکي هر خوشيءَ کان پري رکيو هوندو. نه سير سپاٽو، نه وندر ورونهن، نه کاڌو پيتو سٺو ۽ نه ئي لٽو ڪپڙو چڱو!“ جيڪڏهن مُنهن مهانڊي جو ڪجهه ڪسيرو هوندو ته چوندي، ”توبهه تون ته سهڻي سيبتي پر پنهنجو مڙس ته ڏس! ڀلا پڻي ماڻي کي توسان دشمني هئي ڇا جو اهڙي ماڻهو سان توکي پرڻائي ڇڏيائون؟“ ۽ جيڪڏهن طبيعت جو ڪجهه تيز هوندو ته چوندي، ”تنهنجو مڙس ته ايڏو چيڙاڪ آهي جو توبهه کڻي ڪر. سدائين مُنهن تي ٻارنهن وڄايو ويٺو آهي؟ الائي جي ڪيئن ٿي گذارين ان سان؟“
اهڙين ۽ اهڙي قسم جي ٻين سوين ڳالهين جي ڏي وٺ ڪرڻ عورتن جو شغل هوندو آهي. کين اهڙي قسم جي ڳالهين جي اهڙي ته عادت پئجي ويندي آهي جو اهي نتيجن جو ته سوچينديون ئي ناهن. کين ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ناهي هوندي ته متان سندن ڪو جملو کيس پنهنجي مڙس کان بدظن ڪري وجهي ۽ ڳالهه وڃي طلاق تائين پهچي ۽ اهڙي طرح وسندڙ گهر ويران ٿي وڃي. حقيقت ۾ اهڙي قسم جون عورتون انسان جي روپ ۾ شيطان هونديون آهن. کين ڪٽنب جي خوشحالي، خوشي ۽ سڪون سان وڏو وير هوندو آهي. هاڻي سوچڻو اهو آهي ته اسانکي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اسان جي معاشري جي مڙني بڇڙاين مان اها سڀ کان وڌيڪ خراب ۽ تباهه ڪندڙ بڇڙائي آهي. جيتوڻيڪ اسان جي مذهب ان ڳالهه کان سختيءَ سان جهليو آهي پر پوءِ به اسان ان واهيات عادت کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهيون.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”اي اهي ماڻهؤ! جيڪي زبان سان ته اسلام جو نالو وٺو ٿا پر توهان جي دلين ۾ اڃا ايمان نه لٿو آهي: مسلمانن جا عيب نه ڪڍو ڇو جو جيڪو ٻين جو عيب ظاهر ڪندو، تنهن جا خدا به عيب ڪڍندو ۽ اهڙي طرح هو خوار خراب ٿيندو توڙي جو پنهنجي ئي گهر ۾ ڇو نه ٿئي.“
بد نيت عورتون اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪري پنهنجا ڪجهه مقصد پورا ڪنديون آهن. اهي يا ته دشمني ۽ ساڙ جي ڪري ائين ڪنديون آهن ته جيئن ڪنهن جو ڪٽنب تباهه ٿي وڃي، يا اهڙيون ڳالهيون ڪري اهي پاڻ کي مٿانهون ۽ ٻين کي گهٽ ثابت ڪنديون آهن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهي پنهنجي ڪمتريءَ جي احساس ڪري ٻين تي ٽوڪ ٺٺول ڪنديون هجن يا وري ان طريقي سان پنهنجي همدردي ۽ سڄڻائپ ڏيکارينديون هجن. ڪي عورتون وري بنا ڪنهن مقصد جي رڳو شغل ۽ وندر ورونهن جي طور تي اهڙي بڇڙي عادت کان مجبور هونديون آهن. بهرحال... اها ڳالهه ته مڃيل آهي ته سندن مقصد سڄڻائپ يا همدردي بنهه نه ٿو ٿي سگهي. اها بڇڙي عادت اسان جي معاشري ۾ مردن ۽ عورتن ٻنهي ۾ هوندي آهي. ان عادت جا نتيجا ڏاڍا خراب هوندا آهن. اها خراب عادت دوستن ۾ وڇوڙي جو سبب بڻبي آهي. ان ڪري جهيڙا جهٽا ٿيندا آهن، ڪٽنب تباهه ٿي ويندا آهن ۽ رتو ڇاڻ پڻ ٿيندي آهي.
پڙهندڙؤ! پَڪ سان اهڙي قسم جا حادثا ۽ واقعا توهان جي نظرن مان پڻ گذريا هوندا. هڪ واقعو هي به پڙهو:
هڪ عورت ڪورٽ ۾ دانهيندي چيو ته، ”فلاڻو ماڻهو، مون ۽ منهنجي مڙس ۾ ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ سندس گلا ڪندو ۽ عيب ڪڍندو هو. هو چوندو هو ته تنهنجو مڙس تنهنجي لائق ئي ناهي. تنهنجي حال تي افسوس آهي جو تون اهڙي ماڻهوءَ سان نڀائيندي پئي اچين. ان کان طلاق وٺ ته مان توسان شادي ڪريان. مان به سندس چوڻ ۾ اچي ويس ۽ پوءِ پنهنجي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيم.“
ڀيڻ! اهڙن بيهودن ماڻهو الائي جي ڇا مان ڇا ٿا ڪرائي وجهن. ٿورو ويهي ويچار جيڪڏهن تون پنهنجو ۽ پنهنجي مڙس ۽ ٻارڙن جو ڀلو ڀانيئن ٿي ته پوءِ اهڙن ماڻهن کان هوشيار رهه ۽ سندن ڀڙڪائڻ ۾ نه اچ ۽ سندن ظاهري همدرديءَ مان دوکو نه کاءُ. پڪ ڄاڻ ته اهي تنهنجا سڄڻ ڪڏهن به نه ٿا ٿي سگهن، پر اهي تنهنجي خوشين جا ويري آهن. سندن مقصد توکي تباهه ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه ناهي. ٻين تي هڪدم ويساهه ڪرڻ جي عادت ڇڏي ڏي. پنهنجي هوشيارپ وسيلي اهڙن ماڻهن جي پليت مقصدن کي سمجهي ڇڏ ۽ جيڪڏهن اهي تنهنجي مڙس جي گلا ڪن يا عيب ڪڍن ته کين هڪدم ائين ڪرڻ کان روڪ ۽ صاف صاف ٻڌائي ڇڏ، ”توهان ۽ اسان جي وچ ۾ لاڳاپو ان صورت ۾ هلي سگهندو جڏهن اوهان منهنجي مڙس جي گلا نه ڪندا. مان پنهنجي مڙس کي ڏاڍو ڀائيندي آهيان، منجهس ڪو به عيب ڪونهي. توهان کي منهنجي، منهنجي مڙس ۽ ٻارڙن جي ذاتي زندگيءَ ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي.“
تنهنجي اهڙي سخت لهجي ۽ ورتاءَ ڪري اهي سمجهي ويندا ته توکي پنهنجي مڙس ۽ ٻارڙن سان تمام گهڻو پيار آهي، تنهن ڪري هو توکي ڀڙڪائي ڪونه سگهندا. اهڙيءَ طرح تون سدائين لاءِ سندن شر کان بچيل رهندينءَ. تون ان ڳالهه جي ڳڻتي نه ڪري ته تنهنجي ٺوس لهجي کان کين ڏک رسندو يا وري لاڳاپن ۾ ڪو فرق اچي ويندو. جيڪڏهن اهي سچ پچ تنهنجا هڏ ڏوکي ۽ خير خواهه آهن ته پوءِ پڪ سان تنهنجون ڳالهيون دل ۾ نه ڪندا. ان جي ابتڙ جيڪڏهن دوستن جي روپ ۾ دشمن آهن ته پوءِ کانئن لاڳاپا ڇنڻ ئي ڀلو آهي ڇو جو اهڙن ماڻهن سان تعلق نڀاڳ ۽ تباهيءَ جو ڪارڻ بنجي سگهي ٿو.

مڙس جو راضپو ضروري آهي نه ڪي ماءُ جو:

مڙس جو راضپو ضروري آهي نه ڪي ماءُ جو:
ڇوڪري جيستائين پيءُ ماءُ جي گهر ۾ هوندي آهي تيستائين سندن مرضيءَ پٽاندڙ هلندي آهي پر شاديء کان پوءِ جڏهن هوءَ مڙس جي گهر ايندي آهي ته سندس ذميواريون بدلجي وينديون آهن.
شادي کان پوءِ کيس گهرجي ته مڙس جي چڱيءَ ريت سارسنڀال لهي ۽ سندس راضپي کي هر شيءِ کان مٿانهون سمجهي، ايستائين جو جيڪڏهن سندس پيءُ ماءُ ۽ مڙس جي مرضيءَ ۽ خواهش ۾ ٽڪراءُ ٿئي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي ئي فرمانبرداري ڪري ۽ سندس ئي مرضي تي هلي پوءِ چاهي پيءُ ماءُ ناراض ٿين ته ڀلي ٿين، ڇو جو مڙس جي مرضي تي هلڻ جو فائدو اهو ٿيندو جو انهن ٻنهي جي وچ ميٺ محبت وارو ڳانڍاپو اڃا به سگهارو ٿيندو. پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن پيءُ ماءُ جي مرضيءَ کي اوليت ملي ته پوءِ مڙس سان سندس لاڳاپن ۾ ڦوٽ پئجي سگهي ٿي. ڪيتريون ئي مائرون مٿانهين سوچ نه رکنديون آهن ۽ ان ساديءَ ۽ سولي ڳالهه کي ڪونه سمجهي سگهنديون آهن ته ڌيءُ ۽ ڄاٽي کي آزاد ڇڏڻ سان منجهن پيار وڌندو ۽ اهڙيءَ طرح سندن زندگي سٺي نموني گذري سگهندي.
صحيح تعليم ۽ تربيت کان وانجهيل عورتون ان حقيقت کي ڪونه سمجهي سگهنديون آهن، ان ڪري سدائين ان ڳڻتي ۾ هونديون آهن ته سڌيءَ طرح سندس ڪمن ڪارين ۾ دخل ڏينديون آهن ۽ ان مقصد لاءِ پنهنجي ڌيءَ کي پڻ هٿيار جي طور تي ڪتب آڻينديون آهن. کيس لاڳيتو حڪم ڏينديون رهنديون آهن ته مڙس سان هئين هل، کيس هئين چؤ يا هيئن نه چؤ. جيئن ته اٻوجهه ڇوڪري پنهنجي ماءُ کي پنهنجو خيرخواهه سمجهندي آهي. جيڪڏهن ڄاٽو پنهنجي سس جي مرضيءَ تي هلندو رهيو ته پوءِ ته بس، جيڪڏهن نه ته پوءِ ته جهيڙي جهٽي، ڇڪتاڻ ۽ ضد جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي.ان ڏس ۾ اهي مورک عورتون ايڏي ته ضد ڪنديون آهن جو کين پرائي زندگي تباهه ٿيڻ جي به ڪاپرواهه نه هوندي آهي. اڪثر ڪري ڇو ڪريءَ کي نصيحت ڪرڻ ۽ مڙس سان سٺو ورتاءَ ڪرڻ بدران سندس مڙس جا عيب پيو اُگهاڙينديون آهن ۽ چونديون رهنديون آهن ته، ”منهنجي نياڻي جي ته قسمت ئي خراب ٿي وئي. ڪيڏا ته سٺا سٺا رشتا آيا هئا پر اسان ڪاريءَ کاڌو جو هُن نڀاڳي سان پنهنجي ڌيءَ پرڻائي سين. منهنجي ڀاڻيجيءَ کي ڏسو! ڪيئن نه مزي سان پئي گذاري. فلاڻي کي ته ڏسو! ڪيئن نه پنهنجي زال کي روزانو نوان ويس وڳا ٿو وٺي ڏي. منهنجي ڌيءَ ڀلا ٻين کان گهٽ آهي جو اهڙي زندگي گذاري؟“
اهڙيون ڳالهيون جيڪي همدرديءَ طور چيون وينديون آهن، اهي ڇوڪريءَ کي مڙس ۽ گهر کان بيزار ڪرڻ جو سبب بڻبيون آهن. اهڙي طرح هوريان هوريان ڇوڪريءَ جي دل ۾ زهريلا خيال پيدا ٿيڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ هوءِ بهانا ڳولي مڙس سان جهيڙو جهٽو ڪري کيس ايذائيندي رهندي آهي. ماءُ وري ڌيءَ جي ئي ڀر وٺندي آهي ۽ نيٺ پنهنجي ضد پوري ڪرڻ لاءِ ڌيءَ جو گهر تباهه ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندي آهي. هيٺ ڪجهه واقعا ڏجن ٿا جن کي ڌيان سان پڙهو.
هڪ ٽيهن سالن جي ڌيءَ پنهنجي پنجاهه سالن جي ماءُ جنهن کيس مڙس کان ڌار ڪرايو هو، کي ماري ڇڏيو. ان عورت ٻڌايو ته منهنجي ماءُ سدائين منهنجي اڳيان منهنجي مڙس جا عيب ڪڍندي ۽ گلا ڪندي هئي ۽ مٿس، مون کان ۽ گهر کان لاپرواهه رهڻ جو الزام هڻندي هئي. نيٺ مون ۽ منهنجي مڙس ۾ اڻبڻت ٿي پئي ۽ معاملو وڃي طلاق تي بيٺو. طلاق کان پوءِ مون کي پڇتاءُ ٿيو، ڇو جو منهنجو مڙس مون کان ڌار ٿيڻ جي ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ پنهنجي ماسات سان مڱڻو ڪري ورتو. ان ڳالهه مون کي سخت صدمو رسايو ۽ پوءِ مان ڪاوڙ ۽ ڏک مان پنهنجي ماءُ کي ماري وڌو.“
هڪ 39 سالن جي مرد کي پنهنجي زال ۽ سَسُ ايڏو ته تنگ ڪري ڇڏيو جو هن آپگهات ڪري پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. هن جيڪو خط ڇڏيو تنهن ۾ لکيل هو ته، ”منهنجي زال پنهنجي اڍنگي هلت جي ڪري مونکي ايڏو ته آزاريو جو مان کانئس ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ آپگهات ڪري رهيو آهيان. منهنجي موت جي ذميوار منهنجي زال ۽ سندس ماءُ آهن.
ظاهر آهي ته جيڪڏهن ڇوڪريون اهڙي قسم جي نادان ۽ خود غرض مائرن جي فرمانبرداري ڪنديون ۽ سندن غلط خيالن جو اثر وٺنديون ته پوءِ پڪ سان پنهنجا ٺَهيا ٺُڪيا گهر ڊاهي ويهنديون. تنهن ڪري جيڪا عورت خوش گذارڻ چاهي، تنهن کي گهرجي ته سوچڻ سمجهڻ کانسواءِ پنهنجي ماءُجو چيو نه مڃي. هڪ سياڻي ۽ هوشيار عورت سدائين خبرداريءَ کان ڪم وٺندي آهي ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جي صلاح ۽ ان جي نتيجن تي سوچيندي آهي. جيڪڏهن ماءُ کيس سٺي هلت هلڻ جي لاءِ چوندي رهي ته پوءِ هوءَ سمجهي ويندي آهي ته سندس ماءُ خيرخواهه ۽ سياڻي عورت آهي ۽ ان صورت ۾ پنهنجي ماءُ جو چيو مڃڻ نهايت ضروري آهي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن ماءُ، ڌيءُ جا ڪن ڀري کيس مڙس کان پري ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ سمجهيو ته هوءَ ڌيءَ جي دشمن آهي. ان صورتحال ۾ ٻن رستن مان هڪ تي ئي هلي سگهجي ٿو. يا ته ماءُ جي اشارن تي هلي ۽ بهانا گهڙي مڙس کي تنگ ڪندي رهي يا وري ماءُ جي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏي ۽ مڙس جي راضپي ۽ خوشيءَ جو خيال رکي. هڪ سياڻي عورت پهرين واٽ تي ڪڏهن به نه ٿي هلي سگهي ڇو جو هو سوچيندي آهي ته، ”مان جيڪڏهن ماءُ پيءُ جي ڳالهين تي عمل ڪيو ته پوءِ ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو مان سڌي واٽ تان لهي وينديس ۽ پوءِ سڄي زندگي مڙس سان جهيڙا جهٽا ڪندي گذرندي ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو، منهنجي مڙس ۽ ٻارڙن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو. ائين به ٿي سگهي ٿو مان پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي پيڪين اچي ويهان. پوءِ مونکي سڄي عمر پيءُ ماءُ جي مٿي تي رهڻو پوندو ۽ هو مونکي هڪ گهرڀاتيءَ جي حيثيت سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا ۽ مونکي پنهنجي مٿان بار سمجهي مون مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا. بس، پوءِ ته مون کي عذابن ۾ گذارڻو پوندو ۽ ڀائرن، ڀينرن ۽ ڀاڄاين جا طعنا ۽ مهڻا ٻڌڻا پوندا. ان کان سواءِ ٻيا به الائي جي ڪهڙا سور سهڻا پوندا. خبر ناهي ته منهنجو ٻيو مڙس الائي جي ڪيئن هوندو؟ ٿي سگهي ٿو ته مان سندس عيب ڏسي کانئس دلچسپي گهٽائي ڇڏيان، جنهن ڪري هو پريشان ٿي ڪو خطرناڪ فيصلو به ڪري سگهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ان ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ مان ئي پنهنجو انت آڻي ويهان. پوءِ ته دنيا به هلي ويندي ته آخرت پڻ.“
اهڙين حالتن ۾ مسئلي جي سڀني پاسن تي ويچارڻ گهرجي ۽ ان جي نتيجن جي ڇنڊڇاڻ ڪري پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪجي. ماءُ کي پڻ نرميءَ سان سمجهائجي ته، ”ان مرد سان شادي منهنجي قسمت ۾ لکيل هئي، تنهن ڪري هاڻي مون لاءِ اهوئي چڱو آهي ته هر حال ۾ خوش رهيا ۽ ان گڏيل زندگي کي خوشين سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪريان ۽ پنهنجي سٺي اخلاق ۽ ڪردار وسيلي پنهنجي مڙس کي راضي ۽ خوش رکان. مون کي به اهو ئي خوش رکي سگهي ٿو. اهو ئي منهنجو ساٿي ۽ غمخوار آهي. منهنجي نظر ۾ کانئس وڌيڪ ٻيو ڪوبه ڪونهي. جيڪي مسئلا ٿياسي اسان پاڻ ئي حل ڪنداسين ۽ جيڪا به مصيبت ڪڙڪي تنهن کي پاڻ ئي منهن ڏينداسين. توهان جي وچ ۾ پوڻ ڪري اسان جي ازدواجي زندگي تباهه ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن توهان لاڳاپا هلائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اسان جي ذاتي زندگي ۾ دخل نه ڏيو ۽ منهنجي مڙس جي گلا غيبت نه ڪريو نه ته مان اوهان سان تعلق ٽوڙي ڇڏينديس.“
جيڪڏهن تنهنجي انهن ڳالهين جو تنهنجي ماءُ تي سٺو اثر پئي ٿو ۽ هوءَ پنهنجي هلت چلت به بدلائي ٿي ته هوند سٺو پر جيڪڏهن هوءَ ضد ٻڌيو بيٺي آهي ته پوءِ سٺو ٿيندو ته ماءُ وٽ اچڻ وڃڻ گهٽائي ڇڏ. اهڙي طرح تون پنهنجي ڪٽنب کي تباهه ڪرڻ جهڙي خطري کي ٽاري سڪون سان زندگي گذاري سگهين ٿي. ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته مٽن مائٽن جي نظر ۾ تنهنجي عزت گهٽجي وڃي، پر ان جي ڪابه ڳڻتي نه ڪر ڇو جو ان جي موٽ ۾ تنهنجي مڙس جي محبت ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌارو ٿيندو ۽ سندس نظرن ۾ تنهنجي عزت پڻ وڌي ويندي.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”توهان مان ڀلي عورت اها آهي جنهن جا گهڻا ٻارڙا هجن. مڙس سان محبت ڪندڙ، پرهيزگار ۽ لڄادار هجي، پنهنجي مڙس لاءِ هار سينگار ڪري، پاڻ کي ڌارين کان بچائي، مائٽن جي ڀيٽ ۾ مڙس جي ڳالهه مڃي ۽ سندس فرمانبرداري ڪري. جڏهن ٻئي اڪيلا هجن ته پوءِ مڙس جي ارادي تي عمل ڪري، پر هر حال ۾ شرم ۽ حياءَ کي هٿان نه ڇڏي.“
وڌيڪ فرمايائون ته، ”توهان مان خراب عورت اها آهي جيڪا پنهنجي مٽڻ مائٽن جي فرمانبرداري ڪري پر مڙس جي ڳالهه تي ڪوبه ڌيان نه ڏي، ساڙ ۽ حسد ڪندڙ هجي، بڇڙن ڪمن کان پاسو نه ڪري، مڙس جي پَرپُٺ هار سينگار ڪري، اڪيلائيءَ ۾ مڙس جي خواهش کي رد ڪري، سندس عذر کي قبول نه ڪري ۽ سندس گناهن کي معاف نه ڪري.“

گهر ۾ به هار سينگار ڪجن ۽ صاف سٿرو رهجي:

گهر ۾ به هار سينگار ڪجن ۽ صاف سٿرو رهجي:
گهڻين عورتن جي اها عادت هوندي آهي ته اهي جڏهن ڪنهن شاديءَ يا دعوت ۾ وينديون آهن ته سٺا ويس وڳا پائي ۽ هار سينگار ڪري گهران نڪرنديون آهن، پر جڏهن گهر موٽنديون آهن ته هڪدم سٺا ۽ خوبصورت ڪپڙا لاهي معمولي ۽ پراڻا ڪپرا پائي ڇڏينديون آهن. اهي گهر ۾ نه ته صاف سٿرو رهنديون آهن ۽ نه ئي وري هار سينگار ڪنديون آهن. حالانڪه عورت کي گهرجي ته گهر ۾ پنهنجي مڙس لاءِ هار سينگار ۽ ٺاهه جوڙ ڪن ڇو جو مڙس ئي سندس زندگيءَ جو ساٿي ۽ هڏ ڏوکي آهي. اهي مڙس سان ئي ناز انداز ڪن ته جيئن ٻيو ڪو سندس دل ۾ جاءِ والاري نه سگهي. ڀلا مڙس کان سواءِ ٻين جي ڪهڙي اهميت آهي جو انهن لاءِ هار سينگار ڪجي ۽ ويس وڳا پائجن؟ ڇا اها ڏک جهڙي ڳالهه ناهي جو عورت ڌارين جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ ٺاهه جوڙ ڪري؟
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪا عورت خوشبوءِ هڻي ٻاهر ويندي آهي ۽ جيستائين گهر موٽي نه ايندي آهي تيستائين خدا جي ٻاجهه کان پري رهندي آهي.“
حضور ﷺ جن اهو پڻ فرمايو آهي ته، ”توهان مان سٺي عورت اها آهي جيڪا پنهنجي مڙس جي فرمانبرداري هجي، سندس لاءِ هارسينگار ڪري، نه ڪي هارسينگار ڌارين تي ظاهر ڪري ۽ توهان مان خراب عورت اها آهي جيڪا پنهنجي مڙس جي پرپٺ سينگار ڪري.“
ڀيڻ! هڪ مرد جي دل کي قابو ڪري رکڻ ڪو سولو ڪم ٿوروئي آهي. اهو نه چؤ ته منهنجو مڙس مون کي چاهي ٿو تنهن ڪري ضروري ناهي ته مان هر وقت سندس اڳيان ٺَهي جُڙي بيٺي هجان ۽ کيس ناز انداز ڪري ڏيکاريان.
پَڪ ڄاڻ ته تنهنجي مڙس جي اها خواهش هوندي آهي ته تون سندس اڳيان سينگاريل ۽ صاف سٿري رهين. جيڪڏهن تون سندس دلي خواهش پوري نه ڪندينءَ ته پوءِ هو ٿي سگهي ٿو ته گهر کان ٻاهر صاف سٿرين ۽ هاريل سينگاريل عورتن تي نظر وجهي ۽ سندس دل توکان کڄي وڃي ۽ پوءِ هو ڀٽڪي وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته تون سدائين گهر ۾ صاف سٿري رهه، هار سينگار ڪر، سٺا ويس وڳا پاءِ ۽ ناز انداز ڏيکار ته جيئن هو ڀٽڪڻ کان بچي وڃي. ائين ڪندينءَ ته پوءِ مڙس توسان محبت ڪندو ۽ تون سدائين لاءِ سندس دل تي حڪومت هلائيندي رهندينءَ.
ڀيڻ! شايد تنهنجي خيال ۾، ”گهر اندر گهر، ٻارڙن ۽ رڌڻي جي ڪمن ڪارين ڪرڻ مهل هاريو سينگاريو رهڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ پر جيڪڏهن توکي هارسينگار جي قدر جو پتو هجي ته پوءِ تون ان ننڍڙي مسئلي کي سولائيءَ سان حل ڪري سگهين ٿي. اهو هيئن ته گهر جا ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ ڌار وڳو سبراءِ جنهن کي رڳو ڪم ڪرڻ مهل ڪتب آڻ. پوءِ جڏهن ڪم مان واندي ٿي وڃين ۽ تنهنجي مڙس جي اچڻ جو وقت ٿي وڃي ته پوءِ سٺو وڳو پاءِ، وارن کي سنوار ۽ هار سينگار ڪري مڙس جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪر.

بيماريءَ ۾ مڙس جو خيال رکڻ گهرجي:

بيماريءَ ۾ مڙس جو خيال رکڻ گهرجي:
ڏک ۽ بيماريءَ وقت ماڻهوءَ کي سارسنڀال لهڻ واري ۽ غمخوار جي ضرورت پوندي آهي ۽ سندس دل چاهيندي آهي ته ساڻس ڪو همدردي ڪري، کيس دلجاءِ ڏي ۽ تسليءَ وسيلي سندس ذهن کي سڪون پهچائي. اهڙي وقت سندس زال ئي ائين ڪري سگهي ٿي. مرد جڏهن ڪنهن عورت سان شاديءَ وسيلي سڄي عمر جو ڳانڍاپو ڳنڍيو آهي ته پوءِ هو زال مان اها اميد رکندو آهي ته هوءَ پريشانيءَ ۽ بيماريءَ مهل سندس پرگهور لهي ۽ کيس دلجاءِ ڏي ۽ همٿائي.
ڀيڻ! جيڪڏهن تنهنجو مڙس بيمار ٿي پيو آهي ته پوءِ تون سندس پهرين کان به وڌيڪ خيال رک، ساڻس همدردي ڪر ۽ کيس دلجاءِ ڏي. جيڪڏهن ڊاڪٽر جي ضرورت پوي ته هڪدم کيس گهرائي وَٺ ۽ دوا جي گُهرج هجي ته اها به هڪدم گُهراءِ، بيمار کي جيڪو کاڌو وڻي سو کيس ٺاهي ڏي، بار بار سندس طبيعت پُڇ ۽ کيس تسلي ڏي ۽ گهڻي کان گهڻو وقت وٽس ويهه. جيڪڏهن تڪليف جي ڪري کيس ننڊ نه ٿي اچي ته پوءِ تون به جاڳندي رهه. ڏينهن جو سندس ڪمري ڀرسان ٻارن جو گوڙ گهمسان نه ٿيڻ ڏجي ته جيئن سندس آرام ۾ خلل نه پئي. تون جيڪڏهن وٽس بار بار ويندينءَ ۽ خيال ڪندينءَ ته پوءِ تنهنجي اها مهرباني سندس تڪليف گهٽائڻ جو سبب بڻبي ۽ پڻ کيس خوش چڱو ڀلو ٿيڻ ۾ مدد ڏيندي. ان کان سواءِ اهڙي قسم جو ڪم وفاداري ۽ سچي محبت جي نشاني سمجهيو ويندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ زندگيءَ ۾ همٿ پيدا ٿيندي آهي۽ هڪٻئي سان محبت ۾ واڌارو ٿيندو آهي. پوءِ جيڪڏهن تون به بيمار ٿيندينءَ ته هو به توسان اهڙو ئي سٺو ورتاءُ ڪندو ۽ تنهنجي لاءِ تڪليفون سهندو.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”عورت جو جهاد اهو آهي ته هوءَ مڙس جي چڱيءَ ريت سار سنڀال لهي.“

راز سنڀالي رکجن:

راز سنڀالي رکجن:
عام طور تي عورتن جي اها خواهش هوندي آهي ته پنهنجي مڙس جي رازن کان باخبر رهن. اهي چاهينديون آهن ته روزگار، پگهار، بينڪ بيلنس ۽ سرڪاري ڪمن ڪارين ۽ فيصلن جي کين به خبر هجي. مختصر اهو ته پنهنجي مڙس مان اميد رکنديون آهن ته هو پنهنجا هڙئي راز سندن اڳيان کولي رکي ۽ ڪابه ڳالهه کانئن ڳجهي نه رکي، ان جي ابتڙ ڪيترائي مرد نه چاهيندا آهن ته پنهنجا راز زالن کي ٻڌائين. اهڙيءَ طرح ان ڳالهه جي ڪري شڪ شبها به پيدا ٿينداآهن ۽ زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اڻبڻت به ٿي پوندي آهي.
زال شڪايت ڪندي آهي ته منهنجي مڙس کي مون تي ڪوبه ڀروسو ڪونهي، تنهنڪري هو پنهنجا راز مون کي نه ٻڌائيندو آهي ۽ نه ئي وري پنهنجا ڪاغذ ۽ خط پٽ مون کي پڙهڻ ڏيندو آهي، پنهنجي آمدني ۽ بينڪ بيلنس جي باري ۾ به ڪو نه ٻڌائيندو آهي، مان ڪجهه پڇندي آهيانس ته لنوائي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪوڙ به ڳالهائيندو آهي.
مرد پنهنجا راز زالن کي ان ڪري به نه ٻڌائيندا آهن جو کين اهو عذر هوندو آهي ته عورتن جي دل ۾ ڪا به ڳالهه ٽڪاءُ نه ڪري سگهندي آهي. ڪجهه ٻُڌي هڪدم ٻين کي ڦهلائي ڏينديون آهن. ڪو به ماڻهو کين ريڀي ريجهائي راز پڌرا ڪرائي سگهي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح ڪا به مصيبت اچي سگهي ٿي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جا راز ڄاڻڻ چاهي ته اهو سولائيءَ سان سندس زال کي ڏٽا ڏئي سندس مدد سان پنهنجو مقصد پوري ڪري سگهي ٿو. ڪي عورتون ته وري مڙس جي رازن کي مڙس تي داٻو ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻينديون آهن ۽کين اجايو پيون پريشان ڪنديون رهنديون آهن.
مردن جو اهو عذر صحيح آهي ته عورتون راز لڪائي نه سگهنديون آهن. اهو ان ڪري جو عورتون اٻهرائي ڪنديون آهن ۽ سندن احساس ۽ جذبا عقل کي گهٽ ڪري ڇڏيندا آهن. اهي جڏهن ڪاوڙ ۾ هونديون آهن ته پوءِ صبر ۽ سهپ سندن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي. اهڙيءَ مهل ٿي سگهي ٿو ته رازن کي ڄاڻڻ ڪري انهن مان ناجائز فائدو وٺن ۽ مڙس لاءِ مصيبت ڪري ڇڏين.
پڙهندڙؤ! توهان کي به اهڙي قسم جي واقعن ۽ حقيقتن جي ضرور خبر هوندي. تنهنڪري جيڪڏهن عورت چاهي ٿي ته مڙس کانئس ڪوبه راز ڳجهو نه رکي ته پوءِکيس گهرجي ته هوءَ سندس راز ڪنهن کي به نه ٻڌائي، توڙي کڻي مٽ مائٽ هجن يا ٻيا ڪي خير خواهه. ڪنهن کي راز ٻڌائي اهو چوڻ ته ڪنهن ٻئي کي نه ٻڌائجان، تمام وڏي غلطي آهي. توهان جنهن کي پنهنجو رازدار بنايو آهي، تنهن جا پَڪ سان ڪي ويجها دوست هوندا جن کي هو اهو راز ٻڌائي سگهي ٿو ۽ اهڙي طرح اهو راز، راز نه رهندو آهي. سياڻا ماڻهو پنهنجن رازن ۾ ٻئي ڪنهن کي ڀاڱي ڀائيوار نه بنائيندا آهن.
حضرت علي رضه فرمايو آهي ته، ”سياڻي ماڻهوءَ جي دل سندس رازن جي صندوق هوندي آهي.“
حضرت علي رضه ان ڏس ۾ وڌيڪ فرمايو آهي ته، ”دنيا ۽ آخرت جون خوبيون ٻن ڳالهين ۾ لڪل آهن، هڪ راز لڪائڻ ۾ ۽ ٻيو سٺن ماڻهن کي دوست بنائڻ ۾ ۽ سموريون بُرايون ٻن شين ۾ گڏ ٿيل آهن، هڪ ته راز کولڻ ۾ ۽ ٻيو بڇڙن ماڻهن سان دوستي ڳنڍڻ ۾.

مڙس کي ڪٽنب جو سرپرست سمجهڻ گهرجي:

مڙس کي ڪٽنب جو سرپرست سمجهڻ گهرجي:
هر اداري، تنظيم، ڪارخاني ۽ آفيس کي هلائڻ لاءِ هڪ ذميدار سرپرست جي ضرورت هوندي آهي. اداري جي ميمبرن جي وچ ۾ کڻي ڪيڏو به سهڪار ڇو نه هجي پر پوءِ به سرپرست کان سواءِ اداري جو انتظام ڀليءَ ڀت نه ٿو هلائي سگهجي. هڪ گهر جي نظام کي هلائڻ ڪنهن به اداري کان وڌيڪ ڏکيو هوندو آهي ۽ ان لاءِ هڪ سياڻي سرپرست جي ضرورت هوندي آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ ڪٽنب جي ڀاتين کي پاڻ ۾ صلاح مصلحت، ڀائچاري ۽ سهڪار سان هلڻ گهرجي، پر پوءِ به هڪ سمجهدار سرپرست جي ضرورت سندن لاءِ اڻٽر هوندي آهي. جنهن گهر ۾ ڪو داناءَ سرپرست ناهي هوندو، تنهن گهر جو انتظام صحيح نه هلي سگهندو آهي. گهر جي سرپرستي يا ته مرد جي هٿ ۾ هجي ۽ عورت سندس فرمانبرداري ڪري يا وري عورت سرپرست هجي ۽ مرد سندس چوڻ تي هلي. پر جيئن ته اهو ڪم مرد جذباتي نه هئڻ ڪري سٺي نموني ڪري سگهندا آهن. تنهن ڪري الله پاڪ اها ذميداري مرد جي ئي ڪلهن تي وڌي آهي. قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي:
مرد عورتن جا سرپرست آهن ڇوجو خدا ڪجهه ماڻهن (مردن) کي ڪجهه ماڻهن (عورتن) تي مٿڀرائپ ڏني آهي ۽ جيئن ته (مردن، عورتن تي) پنهنجو مال خرچ ڪيو آهي تنهن ڪري نيڪ عورتون پنهنجي مڙسن جون فرمانبردار هونديون آهن.“ (80)
تنهنڪري ڪٽنب جي ڀلائي ان ۾ ئي آهي ته مرد کي خاندان جي سرپرست جو درجو ڏنو وڃي ۽ سڀ ڀاتي سندس صلاح سان هلن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو عورت جي رتبي ۾ ڪا گهٽتائي اچي ويندي. پر گهر جي انتظام لاءِ اُها ضروري ڳالهه آهي. جيڪڏهن عورتون اجائي ساڙ ۽ خود غرضيءَ کي پاسيرو رکي سوچينديون ته سندن ضمير به اها ڳالهه مڃيندو.
جڏهن ڇوڪريءَ جي شادي ٿئي ته کيس اها پراڻي نصيحت ياد ڏيارجي ته، ”لانوَن جو جوڙو پائي مڙس جي گهر ۾ آئي آهين ۽ هاڻي ڪفن پائي ئي ان گهر مان نڪرجانءِ.“
مرد روزاني ڪمن ڪارين ۽ روزگار جي ڳڻتيءَ ۾ ايترو ته ورتل هوندو آهي جو ويچاري کي گهر جي سڀني معاملن ۾ دخل ڏيڻ جو وقت ڪونه ملي سگهندو آهي. ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪمن جو هڪ وڏو حصو عملي طور تي عورت کي ئي ڪرڻو پوندو آهي. اهي ڪم سندس ئي ارادي ۽ مرضي سان ٿيندا آهن پر پوءِ به هر حال ۾ مرد جي سرپرستيءَ جو احترام ڪرڻ گهرجي. هو جيڪڏهن سندس صلاح ثواب کي رد ڪيو ويو ته پوءِ سندس شخصيت کي ڍڪ لڳندو ۽ هو پاڻ کي هارايل ۽ زال کي بي ادب ۽ ضدي سمجهندو، زندگيءَ سان سندس دلچسپي گهٽجي ويندي ۽ پنهنجي زال کان لاپرواهه ٿي ويندو، هو بدلي جي ڳڻتيءَ ۾ رهندو ۽ زال جي گُهرجن کي به پورو ڪرڻ کان لنوائيندو رهندو.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”سٺي عورت پنهنجي مڙس جي ڳالهه تي ڌيان ڏيندي آهي ۽ سندس چوڻ مطابق عمل ڪندي آهي.“
هڪ عورت حضور ﷺجن کان پڇيو ته زال تي مڙس جا ڪهڙا حق آهن؟ پاڻ ڪريم ﷺ فرمايائون ته، ”هوءَ سندس فرمانبرداري ڪري ۽ سندس حڪم جي ابتڙ نه هلي.“
حضور ﷺ جن اهو به فرمايو آهي ته، ”بڇڙي عورت ضدي ۽ هٺيلي هوندي آهي.“
اهو پڻ فرمايو اٿن ته، ”خراب عورت اها آهي جيڪا خراب عادتن واري، ضدي ۽ نافرمان هجي.“
ڀيڻ! پنهنجي مڙس کي گهر جي وڏڙي ۽ سرپرست جي حيثيت ڏي. ساڻس هر ننڍي وڏي معاملي ۾ صلاح ثواب ڪر، سندس حڪمن جي ابتڙ نه هل ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن ڪم ۾ دخل ڏئي ته تون سختي نه ڪر، پوءِ کڻي اهي ڪم گهر جا ئي ڇو نه هجن. جيتوڻيڪ تون ئي گهر جي ڪمن ڪارين کي کانئس چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿي پر پوءِ به جيڪڏهن هو مداخلت ڪري ته ڪهڙو نقصان آهي؟ جيڪڏهن ڪڏهن هو ڪمن ڪارين ۾ دخل ڏئي ۽ پنهنجي وڏڙائپ ڏيکاري خوش ٿيءُ ته پوءِ تون کيس خوش ٿيڻ ڏي. ان کان سواءِ پنهنجي ٻارڙن تي پڻ پنهنجي هلت وسيلي ظاهر ڪر ته سندن پيءَ ئي گهر جو وڏو آهي ۽کين اهو پڻ ٻڌائيدي رهه ته هر ڪم ڪار ۾ کانئس اجازت وٺجي ۽ سندس نافرماني نه ڪجي. ننڍپڻ کان ئي اها ڳالهه ذهن ۾ ويهار ته جيئن اهي فرمانبردار ۽ با ادب ٿين. ائين ٿيو ته پوءِ اهي تنهنجي ۽ تنهنجي مڙس جي دل سان عزت ڪندا.

سختيون سهڻ سکجن:

سختيون سهڻ سکجن:
حالتون هميشه هڪ جهڙيون نه رهنديون آهن. انسان جي زندگيءَ ۾ هزارين لاها چاڙها ايندا رهندا آهن. ڪڏهن بيماري وٺ ڪندي آهي ته ڪڏهن وري بيروزگاري ستائيندي آهي ۽ ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي جو هڙئي ملڪيت چورائجي ويندي آهي ۽ ماڻهو سڃو سکڻو ٿي ويندو آهي. مطلب ته قسمين قسمين حادثا ۽ پريشانيون هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ اينديون رهنديون آهن.
زال ۽ مڙس جي شاديءَ وسيلي جنهن ازدواجي ٻنڌڻ ۾ ٻڌبا آهن. سو هڪ ٻئي سان ساٿ نڀائڻ جو وچن هوندو آهي ۽ اهو وچن گُهر ڪندو آهي ته اهي ٻئي ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي ۽ ڏک ونڊيندڙ رهن. حقيقت ۾ ازدواجي ٻنڌڻ ته سگهارو هئڻ گهرجي جو زال ۽ مڙس خوشيءَ ۽ ڏک ۾، بيماريءَ ۽ چڱڀلائيءَ ۾، غربت ۽ خوشحالي ۾، مطلب ته هر حال ۾ هڪ ٻئي کان پري نه رهن.
ڀيڻ! جيڪڏهن زماني جي گردش تنهنجي مڙس کي غريب ڪري ڇڏي ته، پوءِ تون هر گز ڏکاري نه ٿيءُ. ائين ڪرڻ سان هن ويچاري جا ڏک پڻ وڌي ويندا ۽ هو پريشان ٿي ويندو. جيڪڏهن هو بيماريءَ ڪري گهر ۾ آرامي آهي يا اسپتال ۾ داخل آهي ته پوءِ وفاداري ۽ انسانيت جي اها تقاضا آهي ته تون پهرين کان به وڌيڪ ساڻس محبت جو اظهار ڪر ۽ نهايت سچائيءَ سان سندس سار سنڀال لهه ۽ ٽهل ٽڪور ڪر. اهڙي موقعي تي ڏوڪڙ خرچ ڪرڻ کان به نه ڪيٻاءِ. جيڪڏهن تنهنجي مڙس وٽان پئسا کپي ويا هجن ته پوءِ تون ئي پنهنجي گڏ ڪيل پونجيءَ مان سندس علاج ڪراءِ. جيڪڏهن ان نازڪ وقت ۾ تون ڪا به ڪوتاهي ڪئي ته پوءِ هو سمجهندو ته ”منهنجي زال وفادار ناهي ۽ مون کان وڌيڪ پئسي ڏوڪڙ کي اهم سمجهي ٿي.“ اهڙي صورت ۾ سندس دل مان تنهنجي محبت ختم ٿي ويندي. ٿي سگهي ٿو ته هو ايڏو بيزار ٿي وڃي جو توکي زال هجڻ جي لائق ئي نه سمجهي ۽ طلاق ڏئي ڇڏي.

هيٺين واقعي کي ڌيان سان پڙهه!

هيٺين واقعي کي ڌيان سان پڙهه!
هڪ ماڻهوءَ ڪورٽ ۾ زال کي طلاق ڏيڻ جي درخواست ڪئي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته، ”مان بيمار هيس ۽ ڊاڪٽر آپريشن جي صلاح ڏني. مان پنهنجي زال کي چيو ته تو وٽ جيڪي ڏوڪڙ آهن سي مونکي اڌارا ڏي. پر هن نهڪار ڪئي ۽ جهيڙو ڪري پيڪين هلي وئي. مان مجبور ٿي سرڪاري اسپتال ۾ پنهنجي آپريشن ڪرائي ۽ هاڻي چڱو ڀلو ٿي ويو آهيان. پر مان اهڙي عورت سان زندگي گذاري نه ٿو سگهان جيڪا مون کان وڌيڪ پئسن کي پيارو سمجهندي هجي. اهڙي عورت زندگيءَ جي ساٿياڻي نٿي ٿي سگهي.
هر ماڻهوءَ جو ضمير ان ڳالهه جي تصديق ڪندو ته اهو شخص پنهنجي جاءِ تي صحيح هيو. اهڙي خود غرض عورت، جيڪا اهڙي نازڪ موقعي تي جڏهن سندس مڙس جي جان جوکي ۾ هجي، پئسن کي پيارو ڪري ۽ کيس اهڙي حالت ۾ ڇڏي پيڪين هلي وڃي، سچ پچ ته زال جهڙي مانائتي رتبي جي بنهه حقدار ناهي.
ڀيڻ! تون اهڙن موقعن تي همت کان ڪم وٺجانءِ ۽ انسانيت، خلوص، وفاداريءَ ۽ همدرديءَ جو دامن هٿن مان نه ڪڍجانءِ. جيڪڏهن تنهنجو مڙس بيمار ٿي پئي ته تون کيس ٻارڙن کي اڪيلو ڇڏي پيڪين نه هلي وڃجانءِ. ڇا تنهنجو ضمير توکي ان ڳالهه جي اجازت ڏيندو ته تون پنهنجي مڙس کي لاچاريءَ ۾ ڇڏي هلي وڃين؟ بيماري سيماري ته سڀني تي ايندي رهندي آهي. تون به ڪڏهن بيمار ٿي سگهين ٿي ۽ ان وقت ويچارو مڙس ئي توسان هٿ ڳن ڏيندو. تون خود غرضي ڇڏ ۽ ايثار ۽ قربانيءَ کان ڪم وٺ، الله جي رضا تي راضي رهه، پنهنجي عزت جو خيال رک، صبر ۽ سهپ کي نه ڇڏ، هر حال ۾ مڙس ۽ ٻارڙن جو ساٿ نه ڇڏ ۽ سندن سٺي پالنا ۽ تربيت ڪر. پڪ سان توکي انهن ڪمن جي بدلي ۾ وڏو اجر ملندو ڇو جو ان عمل کي جهاد ڪوٺيو ويو آهي.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”عورت جو جهاد اهو آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي چڱيءَ طرح سار سنڀال لهي.“

جهيڙو جهٽو نه ڪجي:

جهيڙو جهٽو نه ڪجي:
ڪي عورتون جڏهن مڙس کان ڪاوڙبيون آهن ته ساڻن ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند ڪري ڇڏينديون آهن، هر وقت مُنهن سڄايو ويٺيون هونديون آهن، نه ڪو ڪم ڪار ڪنديون آهن ۽ نه وري کين کاڌو پيتو وڻندو آهي. ٻار ڪجهه ڪندا آهن ته پوءِ گهر مٿي تي کڻي ڏينديون آهن. سندن خيال ۾ جهيڙو جهٽو مڙس کان بدلو وٺڻ جو سٺو وسيلو هوندو آهي. ان طريقي سان نه رڳو مڙس سنئين واٽ تي اچي سگهندو پر ان جا ڪيترائي اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته مڙس کي اڃا به ڪاوڙ اچي وڃي ۽ پوءِ توهان جو گهر ڪيترن ئي ڏينهن تائين جنگ جو ميدان بڻيو رهي. جيڪڏهن تون مڙس کي گهٽ وڌ ڳالهائيندينءَ ته هو به ائين ڪندو ۽ تون به نه ڳالهائيندينءَ ته هو به ڳالهاءُ ٻولهاءُ بند ڪري ڇڏيندو. ڪنهن مٽ مائٽ جي چوڻ تي ٺاهه ٿي ويندو پر ٿوري وقت کان پوءِ اهي ئي ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه واري ڪار ٿيندي. يعني سڄي ڄمار ائين جهيڙي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گذرندي. نتيجو اهو نڪرندو جو گهر ۾ ڪو سڪون ڪونه هوندو ۽ تنهنجي ٻارڙن جو جيئڻ به جنجال ٿي ويندو. گهڻا تڻا ٻارڙا جيڪي گهرن کان ڀڄندا آهن ۽ قسمين قسمين بڇڙاين ۾ ڦاسي پوندا آهن سي اصل ۾ اهڙن ئي گهرن جا ٻار هونداآهن.
هڪ ڇوڪري ٻڌايو ته منهنجا ماءُ پيءُ ڏهاڙي وڙهندا هئا ۽ انهن مان هڪ ناراض ٿي پنهنجي ڪنهن دوست يا مائٽ جي گهر هليو ويندو آهي. مان پوءِ گهٽين ۾ رلندو وتندو آهيان ۽ ائين مون کي چوريءَ جي عادت پئجي وئي آهي.
هڪ ڏهن سالن جي ڇوڪريءَ سماجي ورڪرن کي ٻڌايو ته، مون کي رڳو ايترو ياد آهي ته هڪ رات منهنجي ماءُ پيءُ ۾ ڏاڍو جهيڙو ٿيو. ٻئي ڏينهن منهنجي ماءُ ڪيڏانهن هلي وئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجي پيءُ مونکي پڦيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن وري مون کي هڪ پوڙهيءَ کي ڏئي ڇڏيو جيڪا مونکي تهران وٺي آئي. ڪجهه سالن کان مان وٽس رهان پئي پر هن مون کي ڏاڍا عذاب ڏنا آهن.“
ان ڇوڪريءَ جي اسڪول ٽيچر ٻڌايو ته، ”هن سال جڏهن اسڪول کليا ۽ نيون داخلائون ٿيو ته هيءَ ٻارڙي به داخل ٿي. ڪلاس شروع ٿيندي ئي سمورا ٻار پڙهائيءَ ۾ مصروف ٿي ويا پر هي ڇوڪري ڪلاس ۾ ڏاڍو اداس ۽ بي چين هوندي هئي. پڙهائيءَ ۾ کيس ڪا به دلچسپي ڪانه هئي. سدائين بيمارن وانگر ڪنڌ هيٺ ڪيو ڪجهه سوچيندي رهندي هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ موڪل کان پوءِ مان کيس ورانڊي جي ڪنڊ ۾ ويٺل ڏٺو. مان کيس چيو ته هاڻي موڪل ٿي وئي آهي سو گهر وڃ. پر هوءَ چپ ڪيو ويٺي رهي. ڪالهه به ائين ئي ٿيو.مان جڏهن کيس ريجهائي گهر نه وڃڻ جو سبب پڇيو ته هن ٻڌايو ته، ”مان هڪ پوڙهيءَ سان رهندي آهيان،. هوءَ مون کي ڏاڍو تنگ ڪندي آهي تنهن ڪري مان گهر وڃڻ نه ٿي چاهيان.“ مان جڏهن کانئس پڇيو ته، ”تنهنجا ماءُ پيءُ ڪٿي آهن ته اهو ٻڌي هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي ۽ پوءِ ٻڌايائين ته اهي ٻئي ڌار ٿي ويا آهن ۽ خبر ناهي ته ڪٿي آهن. مونکي ته هن پوڙهيءَ جي حوالي ڪيو ويو آهي.“
ٿي سگهي ٿو ته تنهنجو مڙس تنهنجي ڪاوڙ جي ڀيٽ ۾ شديد رد عمل ڏيکاري، توکي گهٽ وڌ ڳالهائي ۽ ڌڪ چنبو هڻي. ظاهر آهي ته تون مجبور ٿي پيڪين هلي ويندينءَ ۽ وڃي پيءُ ماءُ کي دانهن ڏيندينءَ. جيڪڏهن اهي به ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيٺا ته پوءِ معاملو ويتر به خراب ٿي ويندو ۽ ڳالهه وڃي طلاق تي پهچندي. ايئن ٿيو ته پوءِ نه رڳو تنهنجي مڙس جي زندگي تباهه ٿي ويندي پر تون به ان تباهيءَ کان ڪونه بچي سگهندينءَ. مڙس جي ڀيٽ ۾ اڃا به توکي وڌيڪ نقصان پهچندو. الائي جي پوءِ تون ڪهڙن مرحلن مان گذرين ۽ سڄي عمر ائين ئي ڌڪن ٿاٻن ۾ گذري وڃئي.
تنهن ڪري اهي جهيڙا جهٽا نه رڳو اهو ته ڪنهن مسئلي جو حل ناهن پر ويتر به پريشانين ۽ مصيبتن جو ڪارڻ بڻبا آهن.
پياري ڀيڻ! تون به ويڙهه جهيڙ کان پاسو ڪر. جيڪڏهن مڙس جي ڪنهن ڳالهه تي توکي ڪاوڙ آئي آهي ته پوءِ ٿورو صبر ڪر ۽ پوءِ جڏهن توکي سامت اچي ته نهايت نرميءَ سان مڙس کي پنهنجي ڪاوڙ جو سبب ٻڌاءِ.
مثال طور: ”فلاڻي محفل ۾ تون منهنجي توهين ڪئي هئي يا منهنجي فلاڻي ڳالهه ڪونه مڃي هيئي. فلاڻي هنڌتو مون کي هيئن چيو هو. ڇا اهو مناسب آهي ته تون به مونسان اهڙو ورتاءُ ڪرين؟“ اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه سان تنهنجو مسئلو حل ٿي ويندو ۽ تنهنجي مڙس کي به فهمائش ٿي ويندي. پڪ سان پوءِ هو آئندي ائين نه ڪندو، توکي هڪ وفادار، خوش اخلاق ۽ نيڪ عورت جو رتبو ڏيندو ۽ اهو ئي احساس سندس اخلاق ۽ ڪردار تي سٺو اثر وجهندو.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪڏهن ٻه مسلمان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه بند ڪري ڇڏين ۽ ٽن ڏينهن تائين ٺاهه نه ڪن ته پوءِ اهي اسلام مان نڪري ويندا. انهن مان جيڪو به ٺاهه ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪندو سو قيامت جي ڏينهن پهرين بهشت ۾ داخل ٿيندو.“

مڙس ڪاوڙ ۾ هجي ته چپ رهجي:

مڙس ڪاوڙ ۾ هجي ته چپ رهجي:
گهر کان ٻاهر مرد کي الائي جي ڪيترين پريشانين سان مُنهن ڏيڻو پوندو آهي. هو جڏهن ٿڪل ٽٽل گهر موٽندو آهي ته کيس ڪا به ڳالهه ناهي وڻندي ۽ ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي ڪاوڙ اچي ويندي اٿس. اهڙي حالت ۾ ٿي سگهي ٿو ته هو زال کي گهٽ وڌ ڳالهائي ۽ ٻارڙن کي به دڙڪا داٻ ڏئي. هوشيار ۽ سمجهدار زالون پنهنجي مڙس جي مسئلن ۽ پريشانين کي ڏسي صبر ڪنديون آهن ۽ سندس رڙين دانهن تي ماٺ ڪنديون آهن. ان جو فائدو اهو ٿيندو آهي جو مڙس، زال جو وڻندڙ رد عمل ڏسي جلد ئي پنهنجي ڪاوڙ ٿڌي ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجي ڪئي تي پڇتائيندو آهي ۽ معافي به وٺندو آهي جڏهن ڪاوڙ ٿڌي ٿي ويندي آهي ته پوءِ هو زال ۽ ٻارڙن سان پيار ۽ محبت ڪرڻ لڳندو آهي. پر جيڪڏهن زال، مڙس کي ڪاوڙ ۾ ڏسي پنهنجو رد عمل ڏيکاريندي ۽ کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندي ته پوءِ ڳالهه خراب ٿي ويندي. ظاهر آهي ته پوءِ مرد به ڪاوڙ ۾ تپي باهه باهه ٿي ويندو، رڙيون ڪرڻ ۽ گارگند ڏيڻ شروع ڪندو. اهڙيءَ طرح ٿوري دير ٻئي زال مڙس گهر مٿي تي کڻي ڏيندا.
ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍڙي ڳالهه تان به طلاق ٿي ويندي آهي ۽ سڄو ڪٽنب تباهه ٿي ويندو آهي. گهڻيو طلاقون اهڙين ئي ننڍين ننڍين ڳالهين تان ٿينديون آهن. سچ پچ ته ڪاوڙ هڪ جنون آهي ۽ ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي پوندو آهي. ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي قتل به ڪري ڇڏيندا آهن.

هيٺيون واقعو پڙهو:

هيٺيون واقعو پڙهو:
هڪ ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي زال ۽ ماٽيجي ڌيءَ کي گولي هڻي ماري وڌو. شاديءَ کان پوءِ شروع کان ئي ٻنهي زال مڙسن جي پاڻ ۾ ڪونه لڳندي هئي تنهن ڪري صبح شام جهيڙو ڪرڻ سندن معمول ٿي چڪو هو. هڪ ڏينهن مڙس ڪم تان واپس گهر آيو ته ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هيو. ڪنهن ڳالهه تان ٻنهي ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو. مڙس زال کي ڏاڍو ماريو. سندس زال پوليس کي اطلاع ڪرڻ پئي چاهيو پر ان کان اڳ هن زال ۽ ماٽيجي ڌيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ پوءِ پاڻ کي به گولي هڻي ختم ڪري ڇڏيائين.
ڇا ائين چڱو نه ٿيندو ته زال مڙس کي ڪاوڙ ۾ ڏسي ڪجهه گهڙين لاءِ صبر ڪري ويهي، پنهنجو رد عمل نه ڏيکاري ۽ پنهجي ان عمل وسيلي پنهنجي ازدواجي ڳانڍاپي کي ڇڄڻ کان بچائي؟ ڪجهه گهڙين جو صبر ڏکيو آهي يا مسئلن ۽ پريشانين کي مُنهن ڏيڻ؟ متان اهو سوچيو ته مان مردن جي بچاءُ ٿو ڪريان يا کين بي ڏوهي ٿو سمجهان. منهنجو اهو مقصد هرگز ناهي. ان ڏس ۾ مرد به قصور وار ضرور آهي. کيس ٻين جي ڪاوڙ پنهنجي گهروارن تي نه لاهڻ گهرجي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ ان موضوع تي تفصيل سان بحث ٿيل آهي. منهنجي چوڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته جڏهن مرد ڪاوڙ ۾ هجي ته پوءِ سندس زال کي گهرجي ته هوءَ صبر ۽ سهپ کان ڪم وٺي حالتن جي نزاڪت جو ڪاٿو لڳائي ۽ ازدواجي زندگيءَ جي مقدس ٻنڌڻ کي ٽٽڻ کان بچائي وٺي.
عام ڪري عورتون اهو سمجهنديون آهن ته جيڪڏهن هنن مڙس جي ڪاوڙ جي ڀيٽ ۾ ماٺ ڪئي ته پوءِ سندن حيثيت ۽ رتبي ۾ گهٽتائي اچي ويندي ۽ اهي ذليل ۽ خوار ٿي پونديون. ائين بنهه ناهي. جيڪڏهن مرد ڪاوڙ جي حالت ۾ زال کي بيعزتو ڪري ٿو ۽ کيس گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ۽ زال کيس ڪا به ورندي نه ٿي ڏئي ته بعد ۾ مڙس (جيڪڏهن منجهس انسانيت آهي ته) پڪ سان شرمندو ٿيندو ۽ زال جي خاموشيءَ کي هڪ قسم جو ايثار ۽ ادب سمجهندو ۽ اهڙيءَ طرح سندس محبت ۾ واڌ اچي ويندي. جڏهن سندس ڪاوڙ ٿڌي ٿي ويندي ۽ هو پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي ويندو ته سوچيندو ته مان پنهنجي زال جي توهين ڪئي آهي، جڏهن ته هوءَ به ائين ڪري سگهي پئي پر هن صبر کان ڪم ورتو ۽ خاموش رهي، هوءَ سياڻي زال آهي ۽ مون سان محبت ڪري ٿي.“ اهڙيءَ صورت ۾ هو پنهنجي ڪئي تي پڇتائيندو، کيس ضمير به ڇينڀيندو ۽ پوءِ هو زال کان معافي وٺڻ تي مجبور ٿيندو. تنهن ڪري هڪ وفادار ۽ سياڻي عورت پنهنجي سياڻپ ۽ سهپ واري عمل ڪري نه رڳو اهو ته گهٽجي ڪونه ويندي پر پنهنجي مڙس ۽ ٻين جي نظرن ۾ پڻ سندس عزت وڌي ويندي.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ” جيڪا عورت پنهنجي مڙس جي بداخلاقيءَ جي ڀيٽ ۾ صبر ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺي ٿي تنهن کي الله پاڪ حضرت آسيه جيترو ثواب ڏيندو.“
پاڻ سڳورن ﷺ اهو به فرمايو آهي ته، ”توهان مان ڀلي عورت اها آهي جيڪا جڏهن مڙس کي ڪاوڙيل ڏسي ته چئي ته، ”مان تنهنجي مرضيءَ آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿي ۽ جيستائين تون راضي نه ٿيندين تيستائين ننڊ منهنجي اکين کان ڪوهين پري هوندي.“
هڪ ٻئي موقعي تي حضور ﷺ جن فرمايو ته، ”معاف ڪري ڇڏڻ ماڻهوءَ جي عزت ۽ بزرگيءَ ۾ واڌارو ڪندو آهي. پاڻ ۾ معاف ڪرڻ جي عادت وجهو ته جيئن خدا پاڪ توهان کي ويجهو رکي.“

مردن جا شغل:

مردن جا شغل:
ڪجهه مردن جا گهر ۾ ڪي خاص شوق شغل هونداآهن جن کي هابي (Hobby) چئبو آهي، جهڙوڪ: ٽڪليون گڏ ڪرڻ، تصويرون گڏ ڪرڻ، آٽو گراف وٺڻ، ڇپيل يا قلمي ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ، پکي پالڻ، اداڪاري ڪرڻ، ڳائڻ وڄائڻ، پينٽنگ ڪرڻ وغيره. اهڙي قسم جي شغلن کي فائديمند وندر چئي سگهجي ٿو. اهڙن شغلن جو ڪوبه نقصان ناهي هوندو پر ان جا ڪيترائي فائدا هونداآهن. انهن شغلن جي ڪري جئين ته مرد جو گهڻو تڻو وقت گهر ۾ گذرندو آهي، ان ڪري سندس ٿڪاوٽ پڻ لهي ويندي آهي. واندڪائي غم ۽ غصو پيدا ڪندي آهي. جڏهن ته ڪم ڪار کي ذهني بيمارين جي علاج جو هڪ لاڀائتو طريقو سمجهيو ويو آهي. جيڪي ماڻهو سدائين ڪنهن ڪم ڪار ۾ رڌل هونداآهن سي جسماني ۽ نفسياتي بيمارين کان بچيل رهندا آهن. نه رڳو اهو پر اهي اجايو گهمڻ گهتڻ، برين حرڪتن ڪرڻ ۽ جوا ۽ فحاشيءَ جي اڏن تي وڃڻ کان بچي وينداآهن.
تنهنڪري عورتن کي گهرجي ته اهڙي قسم جي شغلن کي سٺي نظر سان ڏسن، مرد تي ٽوڪ ٺٺول نه ڪن ۽ سندس شغلن کي اجايو ۽ ٻاراڻو نه سمجهن، کيس همٿائين ۽ وقت ملي ته سندس هٿ به ونڊائين.

گهر داري يا سگهڙائپ:

گهر داري يا سگهڙائپ:
”گهر“ هونئن ته هڪ ننڍڙي چارديواريءَ جونالو آهي پر اها هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن جا اڻ ڳڻيا فائدا آهن. جنهن وقت ماڻهو زور جي ڪمن ڪارين ۽ گوڙ گهمسان کان ٿڪجي پوندو آهي ته اچي گهر ۾ پناهه وٺندو آهي، جڏهن زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۽ ڇڪتاڻ کان گهٻرائجي ويندو آهي، ته آرام ڪرڻ لاءِ گهر ۾ ئي ايندو آهي ۽ ايستائين جو جڏهن سير تفريح کان ٿڪجي پوندو آهي ته گهر ۾ ئي اچي اجهو وٺندو آهي. جي ها! گهر، هڪ اهڙي پناهه گاهه آهي جتي ماڻهو بنا قيد بند ۽ خوف جي دلجاءِ سان آرام ڪندو آهي. گهر پيار ۽ محبت جومرڪز آهي، نيڪ ۽ فضيلت ڀرين مردن ۽ عورتن جي پرورش گاهه آهي ۽ ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت جو مرڪز ۽ سندن شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير گاهه آهي. گهر هڪ اهڙو ننڍڙو معاشرو آهي جنهن جي وسيلي انسانن جي هڪ وڏي معاشري جي جوڙ جڪ ٿيندي آهي.
وڏي معاشري جي ترقي ۽ تباهي ۽ چڱائي ۽ برائي ان ننڍڙي معاشري سان ڳنڍيل آهي. اهو ننڍڙو ڪٽنبي معاشرو جيتوڻيڪ وڏي معاشري جو هڪ جزو هوندو آهي، پر ڪنهن حد تائين ذاتي آزادي بخشيندڙ هوندو آهي. تنهنڪري اهو چوڻ صحيح رهندو ته جيڪڏهن سماج جو سڌارو ڪرڻو آهي ته پوءِ ان جي شروعات ڪٽنب کان ڪرڻ گهرجي.
زندگيءَ جي ان مکيه بنياد ۽ سماج جي ان وڏي تعليم ۽ تربيت گاهه کي هلائڻ جي ذميداري عورتن تي هوندي آهي يعني سماج جي ترقيءَ ۽ تباهي ۽ چڱائي ۽ برائيءَ جو دارومدار عورتن جي ارادي ۽ وس ۾ آهي. اهوئي سبب آهي جو گهرداري کي نهايت مانائتو شغل سڏيو ويو آهي. جيڪي ماڻهو گهر جي ماحول کي اهميت نه ٿا ڏين ۽ گهرداريءَ جي شريفاڻي ڪم کي عيب سمجهن ٿا تن کي اصل ۾ گهرداريءَ جي حقيقي معنيٰ ۽ ان جي مٿانيهن قدر ۽ اهميت جا ڪا خبر ڪانهي.
هڪ گهردار عورت کي فخر هجڻ گهرجي ته کيس هڪ اهم ۽ نازڪ ذميداري سونپي وئي آهي، تنهن ڪري هاڻي پنهنجي قوم ۽ ملت جي ترقي ۽ آسودگيءَ لاءِ ايثار ۽قربانيءَ کان ڪم وٺي. پڙهيل لکيل عورتن جي ان ڏس ۾ ذميداري اڃان به وڌيڪ آهي. کين گهرجي ته ٻين جي لاءِ پاڻ کي نمونو بنائين ته جيئن اهي کانئن گهرداريءَ ۽ سگهڙائپ جا طور طريقا ۽ اصول سکن. گڏوگڏ اهي عملي طور تي اهو ثابت ڪري ڏيکارين ته پڙهيل لکيل هجڻ سان نه رڳو اهو ته سندن گهرداريءَ تي ڪو اثر نه ٿو پوي پر پڙهيل لکيل هجڻ ڪري سندن زندگي به سٺي نموني گذري ٿي.
هڪ پڙهيل لکيل عورت کي گهرجي ته زندگيءَ جي معاملن کي سٺي نموني مُنهن ڏي ۽ گهرداريءَ جهڙي مانائتي شغل کي پنهنجي لاءِ عزت ڀريو سمجهي ۽ پنهنجي هلت وسيلي پڙهيل لکيل عورتن جي لياقت ۽ مٿرائپ کي ثابت ڪري ڏيکاري، نه ڪي اهو ته پڙهيل لکيل هجڻ جو بهانو ڪري ڪنهن ڪم کي هٿ به نه لڳائي ۽ اهڙيءَ طرح پڙهيل لکيل عورتن کي مفت ۾ بدنام ڪندي وتي. تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب اجايو گهمڻ گهتڻ ۽ ذميدارين کان آجو رهڻ ناهي پر پنهنجي ذميدارين کي سهڻي نموني نڀائي ٻين عورتن لاءِ مثال قائم ڪرڻ آهي.

هيٺيون واقعو ڌيان سان پڙهو:

هيٺيون واقعو ڌيان سان پڙهو:
هڪ شخص، جنهن هڪ انٽر پاس ڇو ڪريءَ سان شادي ڪئي هئي، ڪورٽ ۾ چيو ته، ”منهنجي زال گهر ۾ ڪو به ڪم ناهي ڪندي ۽ مان جڏهن ائين ڪرڻ لاءِ کيس چوندو آهيان ته ورندي ملندي آهي ته، ٿانوَ ڌوئڻ، کاڌو رڌڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ ٻار پالڻ هڪ انٽر پاس عورت جو ڪم ناهي. جيڪڏهن توکي منهنجي هلت نه ٿي وڻي ته پوءِ مون کي طلاق ڏي ۽ وڃي هڪ نوڪرياڻي ءَ سان شادي ڪر.“ ڪالهه رات مان پنهنجي انٽر پاس زال جي مٽن مائٽن ۽ ساهيڙين کي مانيءَ تي گُهرايو. کاڌي جي مهل مان دسترخوان وڇايو ۽ پنهنجي زال جي فريم ڪيل سرٽيفڪيٽ کي ان تي سجايو ۽ چيو،” معاف ڪجو! مان اڄ اوهان کي هي سرٽيفڪيٽ کارايان ٿو جيڪو مون کي پنهنجي زال ڏهاڙي کارائيندي آهي. هي سرٽيفڪيٽ ڏاڍو مزيدار آهي تنهن ڪري اوهان به ان مان سواد وٺي ڏسو.“
گهر جا ڪم ڪاريون ڪرڻ ۽ گهردار عورت ٿيڻ هڪ اهڙو مانائتو ۽ شريفاڻو ڪم آهي جنهن جي وسيلي عورتن جي هنر مندي ۽ لياقت ظاهر ٿيندي آهي. مناسب ٿيندو ته هتي ان ڏس ۾ ڪجهه پڙهيل لکيل عورتن جا ويچار ڄاڻجن:
محترمه فريده نوروز شميراڻي (بي. اي) چوي ٿي، ”عورت کي گهرداريءَ ۾ ماهر هجڻ کان سواءِ مڙس جي سٺي ساٿياڻي، ٻارڙن جي سٺي ماءُ ۽ هڪ سٺي ميزبان هئڻ گهرجي.“
ٻارڙن جي ڊاڪٽرياڻي مسز فصيحي چيو ته، ”منهنجي خيال ۾ گهر جي حقيقي مالڪياڻي اها عورت ٿي سگهي ٿي جيڪا نوڪري نه ڪندي هجي ڇو جو اسان جي ملڪ ۾ آفيسن ۾ کاڌي جو انتظام صحيح نه هجڻ ۽ ٻارڙن لاءِ نرسري اسڪولن جي کوٽ جي ڪري نوڪري ڪندڙن کي پوريءَ طرح سهولتون حاصل ناهن، تنهن ڪري نوڪري ڪندڙ ماءُ پنهنجي مڙس ۽ ٻارڙن تي جوڳو ڌيان نه ٿي ڏئي سگهي.“
ميڊيڪل ڪاليج جي استاد مسز صغريٰ يڪتا چوي ٿي ته، ”هڪ عورت گهٽ بجيٽ ۾ گهر کي صاف سٿرو ۽ سينگاريل رکي سگهي ٿي ۽ گڏوگڏ هڪ سٺي عورت پنهنجي مڙس جي سماجي ۽ ذهني حالت کان اڻ ڄاڻ نه ٿي رهي سگهي.“
مسز نعيميءَ چيو ته، ”گهر جي مالڪياڻي اهڙي عورت هوندي آهي جيڪا اجاين خرچن ۾ گهٽتائي ڪري، جنهن جو مقصد گهر جي حالت کي سڌارڻ هجي ۽ جيڪا آمدنيءَ جي حساب سان پنهنجي گهر جو خرچ هلائڻ ڄاڻندي هجي.“

صفائي سُٿرائي:

صفائي سُٿرائي:
گهرداريءَ يا سگهڙائپ جي ڪمن مان هڪ ڪم گهر جي سموري سامان کي صاف سٿرو رکڻ پڻ آهي. صفائيءَ جو گهر ڀاتين جي صحت ۽ چڱڀلائيءَ تي وڏو اثر پوندو آهي، ڇو جو صفائيءَ جي ڪري ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. صاف سٿري گهر ۾ رهڻ سان دل به خوش رهندي آهي ۽ مرد کي پڻ گهر ۾ ڪشش محسوس ٿيندي آهي. صفائي ڪٽنب جي عزت ۽ مٿڀرائپ جو ڪارڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”دين جو بنياد صفائيءَ تي رکيو ويو آهي.“
هڪ ٻئي هنڌ پاڻ ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”اسلام، پاڪ ۽ صاف مذهب آهي تنهن ڪري توهان به (ذهني ۽ جسماني طور) پاڪ ۽ صاف رهڻ جي ڪوشش ڪريو ڇو جو پاڪ ۽ صاف ماڻهو ئي بهشت ۾ ويندا.“
گهر کي سدائين صاف سٿرو رکجي، روزانو ٻُهاري ڏجي ۽ گند ڪچرو صاف ڪري ڇڏجي. ڏينهن جو ڪو هنڌ ميرو ٿي وڃي ته ان کي هڪدم ڌوئي صاف ڪجي. ڪمرن جي ڇت، درن درين ۽ ڀتين کي صاف رکجي، ڄارا به لاهي ڇڏجن. فرنيچر، ميزن ۽ ڪرسين کي پڻ صفا ڪجي. درن ۽ درين جي شيشن کي به ڌوئي صاف ڪجي، گند ڪچري کي ڍڪڻ واري وڏي دٻي ۾ رکجي ۽ ان کي ڪمرن ۽ رڌڻي کان پري رکجي ته جيئن کاڌي پيتي جون شيون خراب ٿيڻ کان بچي وڃن. گند ڪچري جي دٻي کي جلدي خالي ڪرڻ گهرجي ته جيئن منجهس جيوڙا نه پئجي وڃن. گند ڪچري کي گهٽيءَ ۾ گهرن جي آڏو نه اڇلائجي، ڇو جو ائين ڪرڻ سان صحت جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿيندي. ٻيو ته ان گند مان جيوڙا پيدا ٿيندا جيڪي مکين جي وسيلي نه رڳو توهان جي، پر ٻين جي صحت لاءِ پڻ هاڃيڪار ٿي سگهن ٿا. اهو پڻ ڌيان ۾ رهي ته ننڍڙا ٻارڙا اڱڻ ۾ يا باغيچي ۾ پيشاب يا پائخانو نه ڪن. جيڪڏهن ائين ٿي به وڃي ته پوءِ ان هنڌ کي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف ڪري ڇڏجي ته جيئن ڌپ به نه ٿئي ۽جيوڙا به پيدا نه ٿين. مطلب ته ڪوشش ڪري گهر جي ڪنڊ ڪڙڇ کي صاف سٿرو رکجي ۽ ڪٿي به گندگي ٿيڻ نه ڏجي.
ميرن ٿانون کي جيترو جلد ٿي سگهي ڌوئي ڇڏجي. ٿانوَن کي صاف ۽ گرم پاڻيءَ سان ڌوئجي ۽ جيڪڏهن اهي حوض يا ٽب جي پاڻيءَ ۾ ڌوتل هجن ته پوءِ وري انهن کي ٻيهر صاف پاڻي ءَ ۾ ڌوئجي ڇو جو حوض يا ٽب ۾ رکيل پاڻي گندو ٿي سگهي ٿو. ٿانون کي ڌوئڻ کان پوءِ هڪ صاف سٿري جاءِ تي رکجي. چڱو ٿيندو ته مٿن ڪو صاف ڪپڙو رکي ڇڏجي. ميرا ڪپڙا خاص ڪري ٻارن جي پيشاب ۽ پائخاني وارا ڪپڙا ڪمرن ۽ رڌڻي جي آڏو نه رکجن ۽ جيترو جلد ٿي سگهي انهن کي ڌوئي ڇڏجي. سدائين صاف سُٿرا ڪپڙا پائجن ۽ ٻارن کي اڇو اجرو رکجي. خاص طور تي اندران پائڻ وارا ڪپڙا سدائين ڌوتل هجن ڇو جو اهي سڌو سئنون بدن سان چُهٽيل هوندا آهن.
گوشت، دالين ۽ کاڌي جي ٻين شين کي رڌڻ کان اڳ ۾ چڱيءَ ريت صاف ڪجي. خاص طور تي سبزين کي ٻه چار ڀيرا ضرور ڌوئجي ته جيئن منجهائن جيوڙا نڪري وڃن. ميون کي به کائڻ کان اڳ سٺي نموني ڌوئي صاف ڪجي ڇو جو وڻن تي اڪثر ڪري جيت مار دوائون ڇڙڪايون وينديون آهن. تنهنڪري انهن زهريلين دوائن جي منجهن وڃڻ جو امڪان هوندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهن دوائن جو تڪڙو اثر نه ٿئي پر بعد ۾ اهو اثر ظاهر ٿي سگهي ٿو. کائڻ کان اڳ ٻارڙن جي هٿن کي صابڻ سان ڌوئڻ گهرجي. جيڪڏهن اهي چمچي، ڇري ۽ ڪانٽي سان کائيندا هجن ته به کين هٿ ضرور ڌوئارجن. کاڌي کائڻ کان پوءِ به هٿ چڱيءَ طرح ڌوئي صاف ڪجن ۽ زوردار گُرڙيون پڻ ڪجن ته جيئن ڏندن ۽ هوڙن ۾ ڦاٿل کاڌي جا ذرڙا، جيڪي وات ۾ ڌَپ پيدا ڪندا آهن، ٻاهر نڪري وڃن.
چڱو ته ائين ٿيندو ته هر ڀيري کائڻ کانپوءِ ڏندن کي برش ڪجي. پر جيڪڏهن ائين ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ رات جو سمهڻ مهل کان اڳ ضرور برش ڪجي. اهڙي طرح نه رڳو اوهان جي ڏندن جو بچاءُ ٿيندو پر توهان جي صحت به سٺي رهندي.
پنهنجن نهن کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ضرور لاهڻ گهرجي. ننهن وڏا ٿي وڃڻ سان جيوڙا پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي جيڪي خاص ڪري پيٽ جون بيماريون پيدا ڪري سگهن ٿا. سٺي صحت لاءِ وهنجڻ نهايت ضروري آهي. هونئن ته روزانو وهنجڻ گهرجي پر ائين نه ٿي سگهي ته پوءِ هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن ضرور وهنججي. غير ضروري وار لاهڻ به صحت لاءِ نهايت ضروري آهي، نه ته انهن غير ضروري وارن جي وڌڻ سان منهجن جيوڙا پيدا ٿي سگهن ٿا. ٻيو ته کاڌي پيتي جي شين کي مکين کان ڍڪي ڇڏڻ گهرجي.
اسان جي مذهب اسلام ۾ صفائي سٿرائيءَ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويو آهي.
حضرت امام جعفر صادق عه فرمايو آهي ته، ”خدا خوبصورتيءَ کي ۽ هارسينگارکي پسند ڪندو آهي. ڄاڻي واڻي فقيري ۽ غربت کي ظاهر ڪرڻ کي مڪروهه سڏو ويو آهي. خدا چاهيندو آهي ته پنهنجي نعمتن جون نشانيون پنهنجي ٻانهن ۾ ڏسي. تنهنڪري صاف سٿرا ڪپڙا پائجن، خوشبوءِ هڻجي، گهر کي صاف سٿرو ۽ سجائي رکجي. گهر ۽ آسپاس کي ٻُهارجي، اوندهه ٿيڻ کان اڳ روشني ڪجي. ائين ڪرڻ سان خدا غربت کي گهر کان پري رکندو آهي ۽ روزي ڪشادي ڪندو آهي.“
پاڻ ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”گدلو ماڻهو اوس خراب هوندو آهي.“
حضور ﷺ جن فرمائين ٿا ته، ”گند ڪچري کي رات جو گهر ۾ نه رهڻ ڏيو ڇو جو شيطان گند ڪچري ۾ رهندو آهي.“
پاڻ ﷺ جن اهو پڻ فرمائين ٿا ته، ”ماڻهوءَ جا لٽا ڪپڙا سدائين صاف سٿرا رهن گهرجن.“
حضرت علي رضه فرمائي ٿو ته، ڪوريئڙي جي ڄارن کي پنهنجي گهرن مان صاف ڪري ڇڏيو ڇو جو اهي ڄار غربت جو سبب بڻبا آهن.“
هڪ ٻئي موقعي تي پاڻ فرمايو ته، ”ميري رومال کي گهر ۾ نه اڇلايو ڇو جو اهو شيطان جي جاءِ ٿي ويندي آهي.“
حضرت امام جعفر صادق رضه فرمائي ٿو ته، ”ٿانون کي ڌوئڻ ۽ گهر کي صاف رکڻ سان رزق ۾ واڌارو ٿيندو آهي.“

گهر جي سجاوٽ:

گهر جي سجاوٽ:
هڪ صاف سٿرو ۽ سينگاريل گهر جنهن ۾ هر شيءِ ڍنگ سان ۽ مناسب ۽ مخصوص هنڌ تي رکيل هجي، سو بي ترتيب، بي ڍنگي ۽ گندي گهر کان هزار ڀيرا وڌيڪ سٺو آهي. پهرين ترتيب ۽ ڍنگ جي ڪري گهر ڏاڍو سهڻو ۽ وڻندڙ ٿي پوندو آهي ۽ اهڙي گهر کي بار بار ڏسڻ سان دل خوش پئي ٿيندي آهي. ٻيو اهو ته ترتيب ۽ ڍنگ جي ڪري گهر جي ڪم ڪارين ۾ سهنجائپ رهندي آهي ۽ گهر جي مالڪياڻي کي ضرورت جي شيءِ ڳولڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيندي آهي ڇو جو هر شيءِ پنهنجي مقرر هنڌ تي پيل هوندي آهي. اهڙيءَ طرح گهر جا ڪم ڪاريون سولائيءَ سان ٿيندارهندا آهن.
ٽيون اهو ته هڪ صاف سٿرو گهر، گهر جي مالڪياڻي جي ذوق ۽ ڍنگ کي ظاهر ڪندو آهي. مرد کي پڻ صاف سٿري گهر ۾ ڇڪ محسوس ٿيندي آهي، ۽ اهڙيءَ طرح هو گهر وارن ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو آهي ۽ پنهنجو گهڻو وقت ٻاهر نه گذاريندو آهي.
چوٿون اهو ته ڍنگ سان سجايل گهر، گهر وارن جي عزت ۽ وقار کي وڌائي ڇڏيندو آهي. جيڪو به اهڙي گهر کي ڏسندو آهي سو نه رڳو فرحت ۽سڪون محسوس ڪندو آهي پر گهر جي مالڪياڻيءَ جي ذوق ۽ سگهڙائپ جي پڻ واکاڻ ڪندو آهي.
سجاوٽ جو سامان خريد ڪري گهر ۾ گڏ ڪري رکڻ سان زندگي خوبصورت نه ٿي سگهندي آهي پر هڪ خاص ترتيب ۽ ڍنگ سان خوبصورتي پيدا ٿيندي آهي. توهان به پڪ سان ڪي اهڙا آسودا گهر ڏٺا هوندا جن ۾ مهانگو سامان ته سَٿيو پيو هوندو آهي پر ترتيب ۽ ڍنگ جي کوٽ ڪري هرشيءِ اڻ وڻندڙ پئي لڳندي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ توهان اهڙا گهر به ضرور ڏٺا هوندا جن ۾ غربت هجڻ جي باوجود به زندگي ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوبصورت پئي لڳندي آهي ڇو جو اتي ٿورو سامان هوندي به ترتيب ۽ ڍنگ هوندو آهي ۽ هر شيءِ پنهنجي هنڌ تي رکيل هوندي آهي. اصل ۾ هڪ خاص ترتيب ۽ ڍنگ کي ئي خوبصورتي چئبو آهي.
تنهن ڪري گهرداريءَ جي مکيه ڪمن مان هڪ ڪم اهو آهي ته گهر ۾ ترتيب ۽ ڍنگ رکيو وڃي. سگهڙ عورتون پاڻ وڌيڪ سمجهن ٿيون ته گهر جي سامان کي ڪهڙي ترتيب سان رکڻ گهرجي، پر پوءِ به هتي ڪجهه نڪتا ٻڌائجن ٿا.
گهر جي سامان کي هڪ خاص هنڌ تي رکجي. سمورا ٿانوَ هڪ هنڌ نه رکجن. جن ٿانون جي هر وقت ضرورت پوندي آهي ته کي ائين رکجي ته جيئن سولائيءَ سان کڻي سگهجن. مٺائي ۽ ميوي رکن جا ٿانوَ هڪ هنڌ رکجن. شربت وارن ٿانوَن لاءِ ڌار جاءِ مقرر ڪجي. چانهه ۽ کاڌي پيتي جي ٿانون لاءِ به ڌار جاءِ رکي وڃي. ڏهي ۽ کيرڻيءَ جي پيالن ۽ کٽاڻ ۽ مربي جي ٿانون کي به ڌار رکجي. مطلب ته سمورو سامان ۽ ٿانوَ اهڙيءَ طرح رکو جو سڀني گهر ڀاتين کي خبر هجي ته ڪهڙو ٿانءُ ڪٿي رکيل آهي ۽ جيڪڏهن اوندهه ۾ به کين ڪنهن شيءِ جي ضرورت پئجي وڃي ته اها اتان سولائيءَ سان کڻي سگهن.
شايد ڪجهه عورتون اهو سوچين ته مٿي ٻڌايل ڳالهيون آسودن لاءِ ته صحيح آهن جو وٽن سهولت جو هر سامان موجود آهي، پر اسان جي سادي ۽ معمولي زندگيءَ لاءِ انهن سڀني ڳالهين جي ڪهڙي گُهرج آهي! جي نه! اهو خيال صحيح ناهي. جيڪو به ضرورت جو سامان هجي تنهن کي ڍنگ ۽ ترتيب سان رکڻ گهرجي. گهر غريب هجي توڙي آسودو، پر معمولي ۽ ٿورو سامان به جيڪڏهن ڍنگ سان رکيل هوندو ته دل کي پيو وڻندو. گهر جي سڀني ٿانون کي هڪ هنڌ رکجي ۽ هر قسم جي ٿانون کي ڌار ڌار ڪنڊ ۾ رکي ڇڏجي. اونهاري ۽ سياري جا ڪپڙا ڌار ڌار جاين تي رکيا وڃن. پنهنجي مڙس ۽ ٻارڙن جا ڪپڙا به ڌار ڪري رکجن. روزاني استعمال جا ڪپڙا ائين رکو جو ڪڍڻ ۾ سهنجائپ رهي. ميرا ڪپڙا به ڌار ڪري رکجن. پنهنجي استعمال ۾ ايندڙ هنڌ بسترا ڌار ڪري رکجن ۽ مهمانن جي لاءِ چادرون، ڪمبل ۽ وهاڻا وري الماڙيءَ يا پيٽيءَ ۾ هٿيڪا ڪري رکجن. کاڌي کائڻ کان پوءِ ٿانوَ هڪدم ڌوئي رکجن. گهر جي سجاوٽ جي سامان لاءِ به مناسب هنڌ مقرر ڪجي. ڌيان رهي ته ٻارڙن توڙي وڏن جا ڪپڙا ڪمرن ۾ اڇلايل نه هجن. ٻارن کي چئجي ته اهي ڪپڙا لاهي الماڙيءَ ۾ يا ڪليءَ ۽ اسٽينڊ تي ٽنگي رکن. ٻارڙن کي اها نصيحت پڻ ڪجي ته اهي پنهنجو سامان جهڙوڪ: ٿيلهو، قلم، ڪتاب ۽ ٻيو اسڪول جو سامان هڪ هنڌ رکن. جيڪڏهن اها ترتيب ۽ اهو ڍنگ رهيو ته پوءِ ٻارڙن کي پڻ اها عادت پئجي ويندي ۽ توهان جي زندگي ڏاڍي سکي گذرندي.
اڍنگي قسم جون عورتون پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪرڻ لاءِ گهر جي بدنظمي جو الزام ٻارڙن تي هڻنديون آهن. پر اها ڳالهه صحيح ناهي ڇو جو ٻار ماءُ پيءُ جي ئي پوئواري ڪندا آهن. جيڪڏهن ماءُ پيءُ سيبتا هوندا ته ٻار به ائين ئي ٿيندا. شروع ۾ ٻار ڏاڍا سيبتا هونداآهن پر پوءِ گهر ۾ بي ڍنگهائپ ۽ بي ترتيبي ڏسي لاپراهه ٿي ويندا آهن.
پئسن ڏوڪڙن، چيڪن، بانڊن ۽ سرٽيفڪيٽن کي اهڙي محفوظ جاءِ تي رکو جتي ٻار نه پهچي سگهن، ڇوجو جيڪڏهن انهن مان ڪو ڪاغذ توهان جي لاپرواهيءَ ڪري ضايع ٿي وڃي ته پوءِ وري ٻارن کي مارڻ مان ڇا ورندو؟ تنهن ڪري ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه ٿيڻ کان اڳواٽ ئي ان جو علاج ڪري ڇڏجي. معصوم ٻار جو حقيقت ۾ ڪوبه ڏوهه ناهي هوندو پر ماءُ ئي ان ڏس ۾ ذميدار هوندي آهي.

هيٺيون واقعو پڙهي عبرت پرايو:

هيٺيون واقعو پڙهي عبرت پرايو:
هڪ شخص پنهنجي زال کي ٽي هزار ڏنا ۽ هٿيڪا ڪري رکڻ جي هدايت ڪئي. هن پئسا وٺي ميز تي رکيا ۽ ڪنهن معمولي ڪم سان ٻاهر هلي وئي. ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن ڪمري ۾ واپس آئي ته اتي پئسا ڪونه هئا. پريشانيءَ وچان هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳي. پريان ڏٺائين ته سندس پنجن سالن جو ٻار اهي پئسا ساڙي رهيو هو. ماءُ اهو ڏسي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وئي ۽ ٻار کي کڻي هيٺ فرش تي اڇلايائين. اتفاق سان ٻارڙو هڪدم مري ويو. ڊنل ماءُ ٻارڙي جي بي ساهي جسم کي ڏسي ئي رهي هئي ته سندس مڙس به اتي اچي ويو ۽ کانئس حقيقت پڇيائين. زال کيس پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي. مڙس ڪاوڙ ۾ اچي کيس ڏاڍي مار ڏني ۽ موٽر سائيڪل تي چڙهي پوليس کي ان واقعي جي رپورٽ ڏيڻ ٿاڻي تي هليو ويو. پر پريشانيءَ ۽ گهٻراهٽ ڪري سندس موٽر سائيڪل جو ڪنهن گاڏيءَ سان ٽڪر ٿي پيو. هاڻي ان ويچاري جي حالت ڏاڍي نازڪ آهي.
توهان جي خيال ۾ ان واقعي ۾ اصل ڏوهاري ڪير آهي؟ فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا.
ڀيڻ! دوائون، زهريليون شيون، گاسليٽ ۽ پيٽرول اهڙيءَ جاءِ تي رکجن جيڪا ٻارن جي پهچ کان پري هجي. ڇاڪاڻ ته ٻارڙا پنهنجي بي سمجهيءَ ڪري اهي شيون پي سگهن ٿا ۽ اهڙي طرح موت جي وات ۾ وڃڻ جو خطرو هوندو آهي. ائين نه ٿئي ته تون سڄي ڄمار روئندي رڙندي رهين. احتياط ڪرڻ ۾ فائدو ئي فائدو آهي پر لاپرواهيءَ ڪري سوين نقصان ٿي سگهن ٿا. اهڙا معصوم ۽ابهم ٻارڙا جيڪي اڍنگين مائرن جي لاپرواهيءَ ڪري مرن ٿا تن جي فهرست ڊگهي آهي.
ٻه ننڍا ڀيڻ ڀاءُ گهر ۾ اڪيلا هئا. کين جڏهن اُڃ لڳي ته ڊي ڊي ٽي پائوڊر جي ڳار کي لسي سمجهي پي ويا. ننڍڙي ڇوڪري ته ان ئي مهل مري وئي، باقي ڇوڪري کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. اسپتال ۾ سندس ماءُ ٻڌايو ته ڪالهه رات مان ٿورو ڊي ڊي ٽي پائوڊر پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رکيو هو ته جيئن اهو ڪوئن جي ٻِرَن ۾ هاري ڪوئن کي مارجي.“
هڪ پنجن سالن جي ٻارڙي ماءُ جي پَرپُٺ گاسليٽ پي ڇڏيو. کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
صفائي سٿرائي نهايت سٺي شيءِ آهي پر ان حد تائين به نه جو آرام ۽ سڪون ختم ٿي وڃي. صفائيءَ جي به هڪ حد هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اها حد اورانگي وئي ته پوءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن.
هيٺيون واقعو ڌيان سان پڙهو:
هڪ ماڻهوءَ ٻڌايو ته، ”منهنجي زال جي صفائيءَ مون کي ذري گهٽ چريو ڪري ڇڏيو آهي. شام جو جڏهن آفيس کان ٿڪو ٽٽو گهر ايندو آهيان ته ٿڌي پاڻيءَ سان ست ڀيرا پير ڌوئڻا پونداآهن، بوٽن کي ڌار هنڌ تي رکڻو پوندو آهي. باٿ روم، بيڊروم، رڌڻي، ڊرائنگ روم ۽ ڊائٽنگ روم ۾ ڌار ڌار چپل پائڻي پوندي آهي. ڪپڙن کي هڪ ڌار جاءِ تي ٽنگڻو پوندو آهي. سگريٽ پيئڻ جي موڪل ان شرط تي ملندي آهي ته اهي مخصوص ڪمري ۾ وڃي پيئان ته جيئن گهر ۾ ڌَپ نه پکڙجي. مان پنهنجي عمر سڪون ۽آزاديءَ سان گذاري آهي پر گذريل چئن سالن کان، جڏهن کان هن عورت سان شادي ٿي آهي، منهنجي حالت قيدين کان به بڇڙي ٿي وئي آهي. ايڏي صفائيءَ ۽ احتياط جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.“
ڪنهن به ڪم ۾ حد اورانگهي وڃڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي هوندي. هر حال ۾ وچٿرائپ کان ڪم وٺڻ گهرجي. اڍنگائپ ايڏي به نه هجي جو حالت هر وقت خراب رهي ۽ احتياط ايڏو به نه هجي جو وهم جي حد تائين وڌي وڃي ۽ سڪون ۽ آرام تباهه ٿي وڃي.

رڌ پچاءُ:

رڌ پچاءُ:
گهر جي ڪمن ڪارين مان هڪ مکيه ڪم رڌپچاءُ پڻ آهي. جنهن وسيلي عورتن جي ذوق ۽ سگهڙائپ جي خبر پوندي آهي. هڪ سگهڙ ۽ سيبتي عورت گهٽ خرچ ۾ سٺا ۽ مزيدار کاڌا تيار ڪري سگهي ٿي، پر ان جي ابتڙ اڍنگي ۽ لاپرواهه عورت کڻي ڪيڏو به خرچ ڪري پر سٺا کاڌا ٺاهي نه ٿي سگهي. عورتون سٺي کاڌي جي وسيلي پنهنجي مڙس کي گهر ۾ دلچسپي وٺرائي سگهن ٿيون. جيڪي عورتون اهو گُر ڄاڻينديون آهن تن جا مڙس هوٽلن ۾ وقت نه وڃائيندا آهن.
حضور ﷺ جن فرمائين ٿا ته، ”توهان مان ڀلي عورت اها آهي جيڪا خوشبوءِ لڳائي، کاڌي رڌڻ جي ڄاڻو هجي ۽ گهڻو خرچ نه ڪري. اهڙي قسم جي عورتن جي ڳڻپ خدا جي عامل ٻانهن ۾ ٿيندي ۽ خدا جي عامل ٻانهي کي ڪڏهن به شڪست ۽ پيشماني نه ڏسڻي پوندي.“
هتي کاڌي پچائڻ جي فن ۽ کاڌي ٺاهڻ جي ترڪيبن تي بحث ڪرڻ اجايو آهي ان ڪري جو ان ڏس ۾ کاڌي رڌڻ جي ماهرن جا لکيل ڪتاب سولائيءَ سان بازار مان ملي سگهن ٿا. انهن ڪتابن جي پڙهڻ ۽ تجربي مان ڪم وٺي مزيدار ۽ طاقتير کاڌا ٺاهي سگهجن ٿا پر پوءِ به هتي ڪجهه ڳالهيون ٻڌائڻ ضروري ٿيون لڳن:
کاڌو رڳو مزو وٺڻ يا پيٽ ڀرڻ لاءِ نه کاڌو ويندو آهي پر کاڌي کائڻ جو مقصد صحت جو بچاءُ ۽ بدن جي گهرڙن کي جيئري رکڻ لاءِ جن شين جي گهرج پوندي آهي، تن کي پهچائڻ آهي. لازمي جزا، مختلف قسم جي کاڌن، ميون، ڀاڄين، دالين ۽ گوشت ۾ هوندا آهن. گڏيل طور تي انهن کي ڇهن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
1. پاڻي
2. معدنيات جهڙوڪ: ڪيلشم، فاسفورس، لوهه ۽ ٽامو.
3. نشاستي (Starch) واريون شيون.
4. چرٻي
5. پروٽين
مختلف وٽامنز جهڙوڪ: وٽامن بي، وٽامن سي، ۽ وٽامن ڊي وغيره.
انساني بدن جو گهڻو تڻو وزن پاڻيء جي ڪري هوندو آهي. پاڻي ڄميل کاڌن کي ڳاريندو آهي ته جئين اهي آنڊن وسيلي جذب ٿي وڃن. پاڻي بدن جي گرميءَ جي درجي کي ڪنٽرول ڪندو آهي. جڏهن ته معدنيات ڏندن ۽ هڏين جي واڌ ويجهه لاءِ ۽ عضون جي ڪم ڪار لاءِ پڻ نهايت ضروري آهي.
نشاستي ۽ کنڊ واريون شيون طاقت پيدا ڪنديون آهن. چرٻي به طاقت ۽ گرمي پيدا ڪندي آهي. پروٽين بدن جي واڌ ويجهه ۽ پراڻن گهرڙن کي نئون ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. وٽامنز هڏين جي مضبوطي، عضون کي سگهاري ڪرڻ، بدن جي مشينريءَ کي هلائڻ ۽ آنڊن ۾ کاڌي کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.
مٿي ٻڌايل مواد انسان جي صحت جي بچاءَ ۽ جيئري رهڻ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. ان مواد مان هر هڪ جو پنهنجو پنهنجو ڪم آهي ۽ اهو بدن جي ڪنهن نه ڪنهن گهرج کي پورو ڪندو آهي. انهن مان ڪنهن جي به کوٽ يا گهڻائي انسان جي زندگيءَ لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي. ان مواد جو انسان جي صحت، بيماري، عمر جي گهٽ وڌائي، ذهن جي سلامتي، نفسياتي بيمارين، خوشي ۽ ڏک ۽ خوبصورتي ۽ بدصورتي سان گهاٽو لاڳاپو آهي.
کاڌي جي وسيلي اسان جي واڌ ويجهه ٿيندي آهي. جيڪڏهن ماڻهو سمجهي ڇڏي ته ڇا کائڻو آهي ۽ ڪيترو کائڻو آهي ته پوءِ تمام گهٽ بيمار ٿيندو. بدقسمتي ته اها آهي جو بدن جي غذائي ضرورتن ۽ کاڌي پيتي جي شين تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ئي ماڻهو پيٽ کي مزيدار کاڌن ساڀري پنهنجي صحت کي خطري ۾وجهي ڇڏيندو آهي. کيس هوش تڏهن ايندو آهي جڏهن بدن جي نازڪ مشينتي تباهه ٿي چڪي هوندي آهي. کي تڏهن وري هن ڊاڪٽر ۽ هُن ڊاڪٽر ۽ هن دوا جي ڳولا شروع ڪئي ويندي آهي. پر ظاهر آهي ته رنگ روپ ڏيڻ سان تباهه ٿيل مشينريءَ جي مرمت ته ڪونه ٿي سگهندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”پيٽ مڙني بميارين جو مرڪز آهي.“
عام ڪري کاڌي جي چونڊ ڪرڻ عورت جي ذميداري آهي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪٽنب جي صحت ۽ سلامتيءَ عورت جي ئي هٿ ۾ هوندي آهي. اها هڪ وڏي ذميداري آهي جيڪڏهن ان ۾ ڪا به ڪوتاهي ٿي پئي ته پوءِ مڙس ۽ ٻارڙن جي صحت کي جوکو رسي سگهي ٿو. ان کان سواءِ کاڌي رڌڻ جي فن ۾ مهارت رکندڙ کي ڄاڻو ڊاڪٽر به ٿيڻ گهرجي. ان کان سواءِ سندس مقصد رڳو گهر وارن جو پيٽ ڀرڻ ئي نه هجي پر کيس گهرجي ته صحت ۽ بدن جي عذائي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاٰءِ جنهن مواد جي ضرورت هوندي آهي، تنهن جو گهڻو ڌيان رکي. کيس اهو پن معلوم هجڻ گهرجي ته کاڌي پيتي جي شين ۾ ڪهڙا ڪهڙا جز ا شامل ڪرڻ ضروري آهن ۽ انهن جو ڪيترو مقدار هجڻ گهرجي. ان کانپوءِ بدن جي مڙني ضرورتن پٽاندڙ کاڌي پيتي جي شين جي چونڊ ڪري. گڏو گڏ ڪوشش ڪري ضروري ۽ لاڀائتي خوراڪ کي اهڙيءَ طرح رڌي جو اهي مزيدار ٿي پون.
پاڻ ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”مڙس کان وڌيڪ عورت جو فرض آهي ته هوءَ گهر جي ڏيئي کي ٻاري ۽ سٺا ۽ وڻندڙ کاڌا رڌي.“
هڪ عورت حضور ﷺ جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته، ”مڙس جي گهر ۾ عورت جي خدمت جو ڪهڙو درجو آهي؟“ فرمايائون، ” هوءَ گهر هلائڻ لاءِ جيڪو به ڪم ڪندي، تنهن لاءِ خدا مٿس ٻاجهه ڪندو ۽ جيڪو ماڻهو خدا جو پيارو هوندو، سو خدا جي عذاب کان بچيل رهندو.“
ماڻهوءَ جون غذائي ضرورتون سدائين هڪجهڙيون نه هونديون آهن. مختلف سن، سالن ۽ حالتن پٽاندڙ کاڌي ۾ فرق پيدا ٿيندو رهندو آهي جهڙوڪ: ننڍا ٻار ۽ نوجوان جيئن ته واڌويجهه جي حالت ۾ هوندا آهن، تنهن ڪري کين معدنيات خاص ڪري ڪيلشم جي گهڻي ضرورت هوندي آهي. سندن کاڌي ۾ اهي شيون ضرور شامل هجن جن ۾ اهي جزا موجود هجن. ٻيو ته جيئن ته ٻار ۽ نوجوان هر وقت مصروف هوندا آهن يعني ڀڄ ڊڪ ۽ راند روند ۾ سندن انرجي گهڻي کپندي آهي، تنهن ڪري کين انرجيءَ واري مواد جي جهڙوڪ: چرٻي، کنڊ ۽ نشاستي واري خوراڪ جي گهڻي ضرورت هوندي آهي، تنهن ڪري سندن کاڌي ۾ انهن شين جو خاص خيال رکڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح هر ماڻهو جي غذائي گُهرجن جو لاڳاپو سندن ڪم ڪار جي نوعيت جي لحاظ کان مختلف هوندو آهي، جهڙوڪ: هڪ مزدور کي چرٻي، کنڊ ۽ نشاستي واري خوتاڪ جي گهڻي ضرورت پوندي آهي ڇو جو سندس ڪم ۾ گهڻي محنت هوندي آهي. پر جن ماڻهن جو ڪم ڪار گهڻو ڏکيو ۽ محنت وارو ناهي هوندو، تن کي مزدور وانگر انهن شين جي گهرج نه هوندي آهي. اونهاري ۽ سياري جي خوراڪ جا پروگرام به هڪجهڙا نه هوندا آهن. هڪ بيمار جي خوراڪ وري چڱي ڀلي ماڻهوءَ جي خوراڪ کان مختلف هوندي آهي. عام ڪري هڪ بيمار لاءِ هلڪي ۽ طاقتير خوراڪ تيار ڪرڻ گهرجي. سندس کاڌي پيتي جي باري ۾ ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ گهرجي. بهرحال هڪ سگهڙ عورت کي انهن مڙني ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي ۽ هر ڀاتيءَ جي طبيعت پٽاندڙ کاڌو تيار ڪرڻ گهرجي.
اهو نڪتوپڻ ذهن ۾ رهي ته چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ عام ڪري ماڻهو ٿولهه جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويندو آهي. ڪجهه ماڻهو ٿولهه کي صحت جي نشاني سمجهندا آهن پر اهو خيال بلڪل غلط آهي. ٿولهه کي هڪ خطرناڪ بيماري چيو ويندو آهي، جنهن ڪري ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿينديون آهن. ٿلها ماڻهو مختلف بيمارين جهڙوڪ: بلڊپريشر، دل، رڳن جي سختي، مٺا پيشاب، گال بليدر ۽ بُڪي ۽ جيري جي بيمارين جي ور چڙهي ويندا آهن. ڊاڪٽرن جي تجربي ۽ ويمي ڪمپنين جي انگن اکرن مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته سنهن ماڻهن جي عمر ٿلهن ماڻهن جي عمر کان گهڻي ٿيندي آهي. چاليهن سالن کانپوءِ ماڻهوءَ جي بدن جي ڦڙتائپ ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي، تنهن ڪري کيس چرٻي، کنڊ ۽ نشاستي واري خوراڪ جي گهٽ ضرورت پوندي آهي. ان عمر ۾ بدن ۾ سگهه پيدا ڪرڻ واري مشينري جيڪا ڪيلريز (Calories) کي انرجيءَ ۾ بدلائيندي آهي، پنهنجو ڪم ڪرڻ ختم ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن ڪري ڪيلريز ڪونه بدلبيون آهن ۽ چيلهه ۽ رڳن جي چوڌاري ۽ بدن جي مختلف عضون ۾ گڏ ٿي ٿولهه ڪنديون آهن. ٿولهه جو سٺو علاج اهو آهي ته گهٽ کائجي، خاص ڪري چرٻي، کنڊ ۽ نشاستي وارن کاڌن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏڻ گهرجي.
جن عورتن کي پنهنجي مڙس سان محبت آهي تن کي گهرجي ته اهي جيئن ئي پنهنجي مڙس ۾ ٿولهه جا آثار ڏسن تئين هڪدم سندس خوراڪ جي پروگرام تي ڌيان ڏين. مڙس کي گهڻو کائڻ نه ڏجي. سڻڀ وارين شين، مٺائي ۽ ملائي جي واپرائن تي صفا پابندي هڻي ڇڏجي. کنڊ ۽ نشاستي واري خوراڪ جهڙوڪ: ماني ۽ چانور ٿولهه پيدا ڪندا آهن، تنهن ڪري مڙس کي اهو شيون گهٽ ڏجن پر انهن جي بدران پروٽين وارا کاڌا جهڙوڪ: بيضو، ڳئون، ٻڪري، ۽ جهرڪين جو گوشت، ڦڦڙ، مڇي ۽ پنير جو گهڻو استعمال ڪرائجي، ڇوجو ان خوراڪ جي ڪري بک به پوري ٿيندي ۽ منجهن ڪيلريز به گهٽ هونديون آهن. ان عمر ۾ کير مان ٺهيل شيون به واپرائجن ته چڱو. جيڪڏهن ڊاڪٽر جهليو نه هجي ته پوءِ ميوا ۽ ڀاڄيون به مناسب آهن. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ گهرجي. جنهن عورت کي پنهنجي مڙس سان پيار آهي، تنهن کي انهن مڙني نڪتن جو خاص خيال رکڻ گهرجي. حقيقت ۾ سندس صحت ۽ چڱڀلائي زال جي ئي هٿ ۾ آهي. اها جيڪو به پچائيندي، تنهن کي هو ضرور کائيندو. ڀيڻ! جيڪڏهن تون مڙس مان ڪڪ ٿي آهين ۽ رن زال ٿيڻ چاهين ٿي ته پوءِ ان جو سولو طريقو اهوآهي جو تون کيس گهه ۾ ٻڏل کاڌا ۽ مٺايون تيار ڪري ڍءُ تي کارائيس. گڏوگڏ کيس چانور، ماني ۽ ٻيا مزيدار ۽ سڻڀا کاڌا کارائجن ته جيئن رن زال ٿيڻ ۾ توکي ڪا دير نه لڳي ۽ تون کانئس جلد ڇو ٽڪارو حاصل ڪري وٺين.
پڙهندڙن کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته قدرت جي عام عطائن سان سندن بدن لاءِ ضروري مواد کين سادي ۽ فطري کاڌي مان ئي ملي سگهي ٿو. جيڪڏهن گهر ڌياڻي، طاقت ۽ صحت واري خوراڪ کان سونهين آهي ۽ کيس کاڌي پچائڻ ۾ مهارت آهي ته پوءِ هوءَ سادين ڀاڄين، دالين، پٽاٽن، ٽماٽن ۽ گجرن مان مزيدار ۽ صحت لاءِ فائدي وارو کاڌو تيار ڪري سگهي ٿي. پر ان لاءِ ڍنگ ۽ هوشيارپ نهايت ضروري آهي.

مهمان نوازي:

مهمان نوازي:
مهمان نوازي به زندگيءَ جي ڪمن ڪارين منجهان هڪ آهي. مهمان نوازي هڪ تمام سٺي رسم آهي جنهن وسيلي دلين ۾ محبت پيدا ٿيندي آهي، نفرت ۽ ٻيائي ختم ٿيندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح لڳ لاڳاپا سگهارا ٿيندا آهن. هونئن به دوستن ۽ مٽن مائٽن وٽ اچڻ وڃڻ ۽ ڪجهه وقت گڏجي ويهڻ هڪ سٺي تفريح سمجهي ويندي آهي.
پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو آهي ته، ”مهمان جو رزق آسمان کان لهندو آهي. مهمان کي کاڌو کارائڻ سان ميزبان جا ڏوهه بخشيا وينداآهن.“
امام علي رضا رح فرمايو آهي ته، ”سخي ماڻهو ٻين جي کاڌي مان کائيندا آهن ته جيئن سندن کاڌي مان وري اهي به کائين پر ڪنجوس ٻين جي کاڌي مان نه کائيندا آهن ته متان اهي به سندن کاڌي مان کائين.“
زندگيءَ جي هن وٺ وٺان ۾ ماڻهوءَ جي دل ۽ دماغ کي آرام ۽ سڪون جي ضرورت هوندي آهي تنهن ڪري اهو سڪون ۽آرام حاصل ڪرڻ لاءِ کيس وفادار ۽ پيار ڪندڙ دوستن ۽ مٽن مائٽن سان ويهڻ گهرجي. پنهنجو حال احوال ڏئي وٺي دل جو بار هلڪو ڪجي. وڻندڙ ڳالهه ٻولهه وسيلي ڪچهريءَ ۾ رونق پيدا ڪجي ۽ وقتي طور تي زندگيءَ جي مشڪلاتن ۽ پريشانين کي وساري ڇڏجي، گهمجي ڦرجي، دل وندرائجي ۽ دوستيءَ جي ٻنڌڻن کي اڃا به سگهارو ڪجي.
مهمان نوازي ڏاڍي ڀلي شيءِ آهي ۽ شايدئي ڪو ان جي خوبين کان انڪار ڪري. پر ان ڏس ۾ ٻه مشڪلاتون آڏو اينديون آهن ۽ ماڻهو، جيترو ٿي سگهندو اٿن، انهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪنداآهن.
پهرين مشڪل: زندگيءَ جي رنگا رنگيءَ ۽ هڪٻئي کان اڳتي نڪري وڃڻ جي لالچ زندگيءَ کي ڏاڍو ڏکيو بنائي ڇڏيو آهي. گهر جو ضروري سامان، جيڪو اڳي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۽ آرام ۽ سهولت لاءِ هوندو هيو، هاڻي پنهنجي حقيقي اهميت وڃائي رڳو ڏيکاءُ لاءِ وڃي رهيو آهي. ان ڳالهه مهمان نوازي ۽ دوستن جي اچ وڃ ۾ گهٽتائي پيدا ڪري ڇڏي آهي. اڄڪلهه گهٽ ماڻهو مهمانن جي اچڻ تي سرها ٿيندا آهن. ڪي وري مهمانن جي اچڻ کان ان ڪري لنوائينداآهن جو کين زندگيءَ جو معيار مٿانهون ڪرڻ جي ڳڻتي لڳل هوندي آهي ۽ اهي ڪونه چاهيندا آهن ته مهمانن تي پئسا ڏوڪڙ خرچ ڪيا وڃن.
ڀيڻ! ڇا تنهنجا مٽ مائٽ تنهنجي گهر جو ٺٺ ٺانگر ۽ سجاوٽ کي ڏسڻ ايندا آهن؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ چڱو آهي ته دڪان، شوروم ۽ ميوزم ڏسڻ وڃن. ڇا تون ٺاهه ٺوهه جي شين جي گهر ۾ نمائش لڳائي آهي ۽ پاڻ پڏائڻ لاءِ کين گهر اچڻ جي نينڍ ڏيندي آهي؟ هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ ان ڪري ٿيندو آهي ته جيئن سڪ ۽ محبت وڌي ۽ وندر ورونهن ٿئي. مهمان تنهنجي گهر کائڻ ۽ نظارا ڏسڻ ڪونه ايندا آهن. تنهنجو اهو ڏيکاءُ کين پسند ڪونهي. کين سادگي ئي وڻندي آهي، پر سندن اها همت ڪونهي جو ان ڏيکاءَ جهڙي ڪُڌي رسم کي ختم ڪري سگهن. جيڪڏهن تون سندن مهمان نوازي سادگيءَ سان ڪندينءَ ته اهي ڏاڍا خوش ٿيندا. تنهن ڪري چڱو آهي ته ڏيکاءُ ڇڏي سادگيءَ جي واٽ تي هلجي. سادگي ئي مڙني مسئلن جو حل آهي.
ٻي مشڪل: مهمان نوازي ڪو سولو ڪم ڪونهي پر عورتن جي ڏکين ڪمن مان هڪ آهي. ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته مهمانن جي خدمت چاڪريءَ لاءِ زال کي جَهٽ پَٽ بندوبست ڪرڻو پوندو آهي. تڪڙ ۾ کاڌا مرضيءَ مطابق تيار نه ٿي سگهندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ هڪ پاسي ته مڙس ڪاوڙجي ويندو آهي ته مان هيڏا سارا ڏوڪڙ خرچ ڪيا، تنهن هوندي به منهنجي عزت ڌوڙ ۾ ملي وئي. ٻئي پاسي وري زال ناراض ٿيندي چوندي آهي ته مان هيڏي ساري تڪليف ڪئي، پر پوءِ به مهمانن جي آڏو منهنجي گهٽتائي ٿي ۽ اهي هاڻي مون کي اڍنگي ۽ اياڻي سمجهندا. ان ڳالهه جي ڪري گهڻا ماڻهو مهمان نوازيءَ کان لنوائيندا آهن. کين اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي.
ڀيڻ! اسان مڃون ٿا ته مهمان نوازي سڻائو ڪم ناهي. پر اصل مسئلو اهو آهي ته ميزبان عورت مهمان نوازيءَ جي طور طريقن کان اڻڄاڻ هوندي آهي ۽ چاهيندي آهي ته جهٽ پٽ ۾ تريءَ تي بهشت ٺاهي وٺي. جيڪڏهن عورت سيبتي ۽ تجربيڪار آهي ته پوءِ سٺي نموني سان دعوت جو بندوبست ڪري سگهي ٿي.
هيٺ اسان مهمان نوازيءَ جا ٻه نمونا ڏيون ٿا. انهن مان اوهان کي جيڪو وڻي سو چونڊيو:
پهريون نمونو: مڙس گهر اچي زال کي چئي ٿو، ”خميس تي ڏهه ماڻهو رات جي مانيءَ تي ايندا.“ زال مهمانن جو ٻڌي ڊڄي وڃي ٿي ۽ اعتراض ڪري ٿي. مڙس دليلن وسيلي ۽ خوشامد ڪري کيس راضي ڪري ٿو ته اها دعوت ضرور ڪرڻي آهي. ڪيئن به ڪري ان جو بندوبست ڪرڻو آهي. نيٺ خميس جو ڏينهن به اچي پهتو مڙس سامان وٺڻ گهر کان ٻاهر اچي ٿو. رستي ۾ سوچي ٿو ته ڇا ڇا وٺڻ گهرجي. آخرڪار قسمين قسمين شيون وٺي منجهند ڌاري گهر موٽي اچي ٿو. زال جو ڪم منجهند کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. مانجهاندو ڪيو نه ڪيو جهڙو، هوءَ ڪم کي لڳي وڃي ٿي. کيس ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن. ڀاڄيون، پٽاٽا ۽ بصر صاف ڪري وڍڻا آهن، دال چونڊڻي آهي، چانور صاف ڪري ڀڄائي رکڻا آهن، گوشت ڌوئي قيمو ڪرڻو آهي، ڪڪڙ ڀڃڻو آهي، ڪباب ٺاهڻا آهن، ٻوڙ رڌڻو آهي، پلاءَ رڌڻو آهي، چانهه جو سامان ٺيڪ ڪري رکڻو آهي، ٿانوَ ڌوئڻا آهن ۽ ڊرائنگ روم کي ٺيڪ ڪرڻو آهي. هيڏا سارا ڪم، ويچاري ڪري ته آخر ڪيئن ڪري؟ ڀاڄي وڍڻ ويهي ٿي ته کيس ڪاتي ڪونه ٿي لڀي، ٻوڙ رڌڻ مهل ڏسي ته بصر ته آهن ئي ڪونه ۽ چانور چلهي تي چاڙهي ڏٺائين ته لوڻ ختم ٿي ويو آهي. جنهن شيءَ جي ضرورت پويس ٿي اها لڀي ڪانه ٿي. وري ڌيءَ ۽ پٽ کي ٿي دڙڪا ڏي. مٿان وري مصيبت اها جو کاڌو رڌڻ مهل گئس ختم ٿي وڃي ٿي.
ائين ڪندي دروازي تي گهنٽي وڄي ٿي ۽ هڪ هڪ ڪري مهمان اچڻ شروع ٿين ٿا. ويچارو مڙس پنهنجي زال جي پريشانيءَ ۽ بي چينيءَ کي ڏسي ڌڙڪندڙ دل سان مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو. دعا سلام ۽ خير خيريت پڇڻ کان پوءِ هو رڌڻي ۾ چانهه کڻڻ لاءِ وڃي ٿو پر اُتي چانهه جو پاڻي به چُلهي تي رکيل ڪونهي. ڌيءَ ياپٽ کي دڙڪا ٿو ڏئي ته چانهه جو پاڻي اُٻرڻ لاءِ ڇو نه رکيو اٿوَ. خير چانهه تيار ٿي ته خبر پئي ته کير گرم ڪونه ٿيو آهي. خدا خدا ڪري مس چانهه ٺهي ۽ ڪجهه ڪوپ مهمانن جي اڳيان رکيا ويا. مڙس جو نظرون مهمانن تي کُتل آهن پر دل ۽ ذهن رڌڻي ۾ اٽڪيل آهي، جو کيس خبر آهي ته رڌڻي ۾ ڪهڙو ويل متل آهي. مهمانن جو مزيدار ڳالهيون به کيس ڪونه ٿيون وڻن. هو دعوت جي انجام کان ڊنل آهي. ٻيو ته جڏهن مهمان پنهنجا ويجها مائٽ هوندا آهن ته پڇندا آهن ته توهان جي گهرواري ڪٿي آهي؟ مڙس جواب ڏيندو آهي ته هوءَ ڪم پئي ڪري، بس اجهو آئي. هوءَ به نيٺ مجبور ٿي ڪم اڌ ۾ ڇڏي مهمانن وٽ هلي ايندي آهي. ڏڪندڙ دل ۽ خشڪ چپن سان کين سلام ڪري حال احوال پڇندي آهي. هن جي لاءِ ڪجهه دير وٽن ويهڻ ممڪن نه هوندو آهي تنهن ڪري هوءَ کانئن بهانو ڪري واپس رڌڻي ۾ هلي ايندي آهي. نيٺ کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي پر اهي کاڌا جيڪي ان حالت ۾ تيار ڪيا وڃن تن جي سواد جي باري ۾ ڪجهه ڳالهائي به نه ٿو سگهجي. کاڌي رڌڻ مان واندڪائي ملڻ کان پوءِ کيس سلاد ٺاهڻو آهي، ڏهيءَ جو رائتو ٺاهڻو آهي، ڪُولي مان کٽاڻ ڪڍڻي آهي جيڪڏهن ٿانوَ ڌوتل نه آهن ته اهو الڳ مسئلو هوندو آهي. بدقسمتي اها جو ٿانو به هڪ هنڌ رکيل ناهن ان ڪري انهن کي هتان هُتان ڳولڻو آهي. خير ماني کائي مهمان ته هليا ويندا آهن پر خبر پوءِ پوندي آهي ته کاڌي سان ڪهڙو حشر ٿيل هو. ڪنهن شيءِ ۾ لوڻ گهٽ هوندو آهي ته ڪا وري صفا ڦِڪي هوندي آهي، ڪا شيءِ سڙي ويندي آهي ته ڪا وري ڪچي رهجي ويندي آهي ۽ تڪڙ ڪري کانئس ڪجهه طعام آڻڻ به وسري وينداآهن. زال کي رات جو ٻارهين هڪ وڳي واندڪائي ملندي آهي پر ٿڪاوٽ ڪري سندس سنڌ سنڌ پيو چيچلائيندو آهي. ايتري تائين جو ويچاريءَ کي منجهند کان وٺي اڌ رات تائين ساهه پٽڻ جيتري مهلت به ڪونه ملي هئي ۽ مهمانن سان ڪجهه دير ويهي ڪچهري ڪرڻ جو به کيس موقعو ڪونه مليو هو.
مرد کي ته سواءِ پريشاني ۽ ڪاوڙ جي ڪجهه هٿ ڪونه آيو. هيڏا سارا پئسا خرچ ٿيا پر پوءِ به کاڌو صحيح نموني ڪونه رڌجي سگهيو. ٿي سگهي ٿو ته هو زال سان جهيڙو ڪري ۽ ٿڪل ٽٽل زال کي گهٽ وڌ ڳالهائي. اهڙي طرح دعوت جي ڪري نه رڳو اهو ته زال مڙس کي ڪو فائدو ناهي ملندو پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون دعوتون ٻنهي جي وچ ۾ شديد ڇڪتاڻ جو ڪارڻ بڻبيون آهن. جيڪڏهن خير سان ڪم ٿي ويو ته آئيندي اهڙي دعوت کان توبهه ڪري ڇڏيندا آهن.
مهمان به جيئن ته ميزبانن جي پريشانيءَ کي سهي ڪري وٺندا آهن تنهن ڪري کين کاڌي پيتي مان ڪو مزو ڪونه ايندو آهي ۽ دل ئي دل ۾ چوندا آهن ته اجايو اهڙي دعوت ۾ آياسين. پاڻ به پريشان ته ميزبان به پريشان.
ڇا توهان کي خبر آهي ته انهن پريشانين جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ان جو سبب رڳو زندگيءَ ۾ بي ترتيبي ۽ مهمان نوازي جي فن کان اڻ ڄاڻائي آهي نه ته مهمان نوازي هروڀرو ايڏو ڏکيو ڪم به ناهي.
ٻيون نمونو: مرد گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ زال کي چئي ٿو ته مان جمعي جي شام جو ڏهن دوستن کي مانيءَ جي دعوت ڏني آهي. زال وراڻيو ته ٺيڪ آهي. ڀلا ڇا ڇا تيار ڪجي؟ ان کان پوءِ ٻئي گڏيل صلاح ڪري کاڌي جي فهرست ٺاهين ٿا ۽ پڻ کاڌي جي شين جو مقدار نوٽ ڪري ڇڏين ٿا. هڪ ڀيرو وري ان فهرست کي ٻيهر ٿا پڙهن ته متان ڪٿي ڪا شيءِ رهجي نه وئي هجي. جيڪڏهن ڪا شيءِ گهربل مقدار ۾ موجود آهي ته ان کي فهرست مان ڪاٽي ٿا ڇڏين. دعوت ۾ جيتوڻيڪ اڃا هڪ ڏينهن باقي آهي تڏهن به ٿورا گهڻا ڪم ڪري ٿا ڇڏين. جهڙوڪ: گهر جي صفائي ڪرڻ، ڀاڄيون وڍي رکڻ، چانورن ۽ دال کي چونڊي رکڻ، نمڪ داڻيءَ ۾ لوڻ ڀري رکڻ ۽ ضرورت جي ٿانوَن کي ڌوئي رکي ڇڏڻ. مطلب ته جيڪي ڪم پهرين ڪرڻ جهڙا هئا سي اڳ ۾ ئي ٿي وڃن ٿا. (ڪجهه طعام جهڙوڪ: کيرڻي ۽ ڪسٽرڊ هڪ ڏينهن اڳ ٺاهي فرج ۾ رکي سگهجي ٿي ۽ ڪبابن جو قيمو پڻ اڳ ۾ ئي پيهي رکي سگهجي ٿو.) جمعي جي صبح جو نيرن کان پوءِ ڪجهه ڪم ڪري سگهجن ٿا، جهڙوڪ: گوشت وڍي رکڻ، ڪڪڙ کي صاف ڪري ڀُڃي رکڻ، بصر وڍي ٽهڪائي رکڻ، مصالحا ڪٽي رکڻ ۽ چانور ڀڄائي رکڻ. مطلب ته ڪجهه ڪم منجهند کان اڳ ۾ ئي ٿي ويندا آهن. ظاهر آهي ته جڏهن اهي ڪم دلجاءِ سان ٿيندا ته پوءِ زال لاءِ باقي رهيل ڪم ڏکيا نه هونداآهن. مانجهاندو ڪرڻ کان پوءِ ٿوري دير آرام ڪري پوءِ هوءَ وري رڌڻو وڃي سنڀاليندي آهي. ڪم ڪو گهڻو ناهي ڇو جو اڳواٽ ئي گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ سمورو سامان به ترتيب سان رکيل آهي. باقي ڪم به ڪلاڪ ٻن ۾ ختم ٿي ويو. ان کان پوءِ پاڻ صاف سٿرا ڪپڙا پائي تيار ٿي وئي. مهمانن جي اچڻ کان اڳ ۾ چانهه جو پاڻي اٻرڻ لاءِ رکي ڇڏيائين. جيڪڏهن مهمان مائٽ ۽ محرم آهن ته پوءِ پاڻ ئي اڳتي وڌي کين آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي سندن خدمت چاڪريءَ ۾ لڳي وئي. چانهه پيئڻ کان پوءِ ٻارڙن ۽ مڙس جي مدد سان دسترخوان تي کاڌو لڳايائين. مهمانن خوشيءَ ۽ دلجاءِ سان کائي ڍءُ ڪيو.
نتيجو: مهمان مزيدار کاڌي سان گڏ سڪ محبت ۽ پنهنجائپ جهري نعمت کان پڻ لطف وٺندا ۽ ڏاڍي خوشي محسوس ڪندا، ان رات سٺين يادن ۽ ميزبان جي ٻهڪندڙ چهري کي ڪڏهن به ڪونه وساريندا ۽ ميزبانن جي گرمجوشيءَ ۽ گهرڌياڻيءَ جي پڻ واکاڻ ڪندا. مڙس به دلجاءِ سان ڪجهه ڪلاڪ مهمانن سان گذاري ڏاڍو خوش ٿيندو ۽ اهڙي سگهڙ زال تي، ناز ڪندو جنهن ايڏي سٺي دعوت جو بندوبست ڪيو، ۽ اهڙيءَ طرح لائق زال ۽ گهر سان سندس دلچسپي وڌي ويندي.
جيئن ته زال به دعوت جو بندوبست مزي مزي سان ڪيو هو تنهن ڪري هوءَ به ٿڪل بنهه ناهي، پنهنجي مڙس ۽ مهمانن جي اڳيان سندس عزت ۾ واڌارو ٿيو آهي ۽ پاڻ به خوش آهي ته ڪنهن ڏکيائي ۽ پريشانيءَ کان سواءِ مهمانن جي سٺي خدمت چاڪري ٿي وئي.
انهن ٻنهي نمونن کي پڙهڻ کان پوءِ اوهان کي جيڪو وڻي تنهن تي عمل ڪجو.

گهر جو خرچ پکو هلائيندڙ:

گهر جو خرچ پکو هلائيندڙ:
گهر جي خرچ پکي جو بندوبست عام ڪري مرد جي ذمي ئي هوندو آهي. مرد ڏينهن رات محنت ڪري ڪٽنب جو ن ضرورتون پوريون ڪندو آهي. ان لاڳيتي ڪم کي شرعي ۽ انساني فرض سمجهندي دل سان نڀائيندو آهي، پنهنجي ڪٽنب جي آرام ۽ سک ڪاڻ هر قسم جي تڪليف ۽ پريشاني کي خوشيءَ سان برداشت ڪندوآهي ۽ ڪٽنب کي خوش ڏسي پاڻ به پيو ٻهڪندو آهي پرزال مان اها اميد ضرور رکندو آهي ته هوءَ پئسن ڏوڪڙن جو قدر ڪري، اجائي خرچ کان پاسو ڪري ۽ گهر جي خرچ پکي ۾ سياڻپ کان ڪم وٺي يعني زندگيءَ جي ضرورتن ۽ مکيه شين جي درجي بندي ڪري جهڙوڪ: کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي، گهر جي مسواڙ، بجلي، پاڻي، گئس، ڊاڪٽر ۽ دوائن جي خرچ کي پهرين نمبر تي رکي، گهٽ ضروري شين يعني گهر جي سامان کي ٻئي نمبر تي رکي ۽ وري غير ضروري شين کي ٽئين نمبر تي رکي. مڙس اجائي خرچ کي هڪ قسم جي بي قدري ۽ ناشڪري سمجهندو آهي.
مڙس کي جيڪڏهن زال تي ويساهه ٿي وڃي ته سندس محنت جي ڪمائيءَ کي اجاين خرچن ۾ نه اڏايو ويندو ته پوءِ هو آمدني وڌائڻ ۾ دلچسپي وٺندو ۽ پاڻ به اجائي خرچ کان پاسو ڪندو، پر جيڪڏهن ڏسندو ته سندس زال اجاين ۽ غير ضروري لٽن ڪپڙن ۽ هار سينگار ۽ ٻين غير ضروري شين تي خرچ ڪري ٿي ته پوءِ مٿانئس ويساهه کڄي ويندو آهي ۽ پوءِ هو محنت ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي ۽ پنهنجي دل ۾ سوچيندو آهي ته بي قدرن کي ڪمائي کارائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. مان ته ڏينهن رات محنت ڪري ڪمايان ٿو پر گهر وارن کي اجاين خرچن تي ڏوڪڙ اڏائڻ کانسواءِ ٻي ڪا به ڳڻتي ڪونهي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته هو عياشيءَ ڏانهن لاڙو رکي ۽ پوءِ توهان ويٺا بکون ڪاٽيو.
ڀيڻ! تنهنجو مڙس جيڪي ڪجهه ڪمائي آڻي ٿو سو سڀ توکي ڏئي ڇڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته تون گهر جو خرچ پکو هلائين ٿي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته تون ان ڪمائي جي اصل مالڪياڻي آهين. ان ڪمائيءَ جو مالڪ شرعي ۽ قانوني طور تي تنهنجو مڙس ئي آهي تنهن ڪري سمورا خرچ تنهنجي مڙس جي موڪل سان ئي هلڻ گهرجن. سندس مرضيءَ کان سواءِ توکي ڪوبه خرچ ڪرڻ يا ڪنهن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيڻ جو ڪو حق ناهي. اهو ته ٺهيو پر تون پنهنجي مائٽن کي به سندس مرضيءَ کان سواءِ ڪجهه نه ٿي ڏئي سگهين. تون پنهنجي ڪٽنب جي امانتدار آهين ۽ ان ڏس ۾ تو تي اها ذميداري آهي ته امانت ۾ خيانت نه ڪر، نه ته قيامت ڏينهن توکان ضرور پڇاڻو ٿيندو.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”زال پنهنجي مڙس جي مال ملڪيت جي سنڀاليندڙ ۽ امانت دار آهي ۽ ان ڏس ۾ مٿس ذميداري آهي.“
هڪ عورت حضور ﷺ کان پڇيو ته، ”مڙس جا زال تي ڪهڙا حق آهن؟“ پاڻ فرمايائون ته، ”سندس فرمانبردار هجي، چوڻ موٽائيندڙ نه هجي ۽ سندس مرضيءَ کان سواءِ ڪا به شيءِ ڪنهن کي نه ڏي.“
پاڻ ﷺ جن فرمايو آهي ته، ” توهان مان ڀلي عورت اها آهي جيڪا گهٽ خرچ ڪري.“

عورتن جا مشغلا:

عورتن جا مشغلا:
اهو صحيح آهي ته ڪٽنب جا خرچ پکا پورا ڪرڻ مرد تي واجب آهي ۽ عورتن تي ان ڏس ۾ شرعي طور ڪا به ذميداري لاڳو نه ٿي ٿئي پر تنهن هوندي به عورتن کي ڪونه ڪو ڪم ضرور ڪرڻ گهرجي. اسلام ۾ بيڪار ۽ واندو ويهندڙ کي ننديو ويو آهي.
حضرت امام جعفر صادق رح فرمائي ٿوته، ”خدا پاڪ کي گهڻي واندڪائي ۽ گهڻو سمهڻ ڪونه وڻندا آهن.“
عورتن جي سردار بيبي فاطمه زهرا رضه به گهر جا هڙئي ڪم ڪار پاڻ ئي ڪندي هئي.“
ماڻهو ضرورتمند هجي توڙي آسودو، کيس ڪونه ڪو ڪم ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي وقت کي اجايو وڃائڻ نه گهرجي. ڪم ڪري ۽ پنهنجي دنيا پاڻ آباد ڪري. جيڪڏهن ڪو ضرورتمند آهي ته پنهنجي آمدني کي پنهنجي گهريلو ضرورتن تي خرچ ڪري ۽ جيڪڏهن حاجتمند ناهي ته پوءِ کيس غريبن جي مدد ڪرڻ گهرجي. اجائي ويهڻ سان ٿڪاوٽ، ڏک ۽ مونجهارا پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪيتريون ئي جسماني ۽ نفسياتي بيماريون ۽ اخلاقي بُرايون واندڪائيءَ ڪري ٿينديون آهن.
عورتن لاءِ ڀلو اهو آهي ته گهر جو ڪم ڪار ڪن، مڙس جي سارسنڀال لهن ۽ ٻاڙن جي پالنا ڪن. هنرمند عورتون پنهنجي سياڻپ ۽ سگهڙائپ جي ڪري پنهنجي گهر کي بهشت جهڙو، نيڪ ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت جو مرڪز ۽ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ مصروف پنهنجي محنتي مڙس لاءِ سٺو آرام گاهه بنائي سگهن ٿيون. حقيقت ۾ اهو ڪم نهايت مانائتو ۽ مٿانهون آهي.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”عورت جو جهاد اهو آهي ته هوءَ مڙس جي چڱيءَ طرح سار سنڀال لهي.“
حضرت ام سلمى، حضور ﷺ جن کان پڇيو ته، ”عورت جي، گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪيتري فضيلت آهي؟.“
فرمايائون ته ”هر اها عورت جيڪا گهر جي ڪم ڪار جي ڏس ۾ سڌاري ڪاڻ ڪا هڪ شيءِ هڪ هنڌان کڻي ٻئي هنڌ رکي ٿي ته ان ڪم جي ڪري خدا مٿس رحمت ڪري ٿو ۽ جيڪو ماڻهو خدا جو پيارو ٿي ويندو، سو سندس عذاب کان بچي ويندو.“
حضرت ام سلميٰ رضه عرض ڪيو ته ”يا رسول الله! عورتن جي ثواب بابت ڪجهه وڌيڪ ٻڌيو؟“
پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو، ”جڏهن عورت ڳورهاري ٿيندي آهي ته خدا کيس ان ماڻهوءَ جيترو اجر عطا ڪندو آهي جيڪو پنهنجي نفس ۽ مال وسيلي خدا جي واٽ ۾جهاد ڪندو آهي ۽ جڏهن هوءَ ٻار ڄڻيندي آهي ته خدا کيس چوندو آهي ته تنهنجا گناهه معاف ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي کان پنهنجا عمل ٻيهر شروع ڪر. هوءَ جڏهن پنهنجي ٻارڙي کي ٿڃ پياريندي آهي ته هر ڀيري اعمال نامي ۾ هڪ غلام آزاد ڪرڻ جيترو ثواب ملندو آهي.“
گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ عورتن کي واندڪائي به ملندي آهي. ان واندڪائيءَ جي وقت کي بيڪار سمجهي وڃائڻ نه گهرجي. چڱو ٿيندو ته واندڪائيءَ جي وقت پاڻ کي ڪنهن سٺي ڪم لاءِ مصروف رکجي، جهڙوڪ: ڪتاب رسالا پڙهجن ۽ لاڀائتن موضوعن تي تحقيق ۽ اڀياس جي نتيجن کي مقالي جي صورت ۾لکڻ گهرجي ان سان اهو ٿيندو ته ٻيا به ان مان لاڀ پرائي سگهندا. مختلف هنرن جهڙوڪ: مصوري، خطاطي، سلائي، ڀرت وغيره جهڙن ڪمن ۾، وقت کي سٺي نموني ڪتب آڻي سگهجي ٿو. انهن ڪمن وسيلي معاشي طور تي پنهنجي ڪٽنب جي مدد پڻ ڪري سگهجي ٿي. ٻيو فائدو اهو ٿيندو جو مصروف رهڻ ڪري ڪيترين ئي نفسياتي بيمارين ۽ ذهني ڪمزورين کان بچي سگهجي ٿو.
حضرت علي رضه فرمائي ٿو ته، ”خدا ان مؤمن کي، جيڪو ڪوبه ڪم ايمانداريءَ سان ڪندو آهي، ڏاڍو ڀائيندو آهي.“
بهرحال اها ڳالهه عورتن جي حق ۾ آهي ته اهي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف رهن ۽ سندن لاءِ ڀلا ڪم اهي آهن جيڪي گهر ۾ رهندي ڪري سگهجن ته جيئن گهر جا ڪم ڪار به ٿيندا رهن ۽ مڙس ۽ ٻارڙن جي چڱيءَ طرح سارسنڀال پڻ لهي سگهجي.
ڪي عورتون پسند ڪنديون آهن يا وري ضرورت محسوس ڪنديون آهن ته گهر کان ٻاهر به ڪو ڪم ڪيو وڃي. عورتن لاءِ سٺا ۽ مناسب ڪم ٽيچنگ ۽ نرسنگ آهن. ڪنڊر گارٽن ۾ ننڍن ننڍن ٻارڙن جي سکيا ۽ اسڪولن ڪاليجن ۾ ڇوڪرين کي پڙهائڻ ۽ سندن تربيت ڪرڻ هڪ نهايت مٿانهون ڪم ۽ عورتن جي ڏانءُ ۽ شان وٽان آهي. عورتن جي بيمارين جو ڊاڪٽر ٿيڻ به سٺو ڌنڌو آهي. اهي هڙئي ڌنڌا عورتن جي مهربان ۽ نازڪ طبيعت وٽان آهن. ٻيو ته انهن ڪمن ۾ ڌارين مردن سان لهه وچڙ ڪونه ٿيندي آهي يا وري بنهه گهٽ ٿيندي آهي.
جيڪي عورتون گهر کان ٻاهر ڪم ڪرڻ چاهين تن کي هيٺان نڪتا ذهن ۾ رکڻ گهرجن:
1- ڪم جي چونڊ ۾ پنهنجي مڙس سان صلاح ثواب ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ کانئس موڪل به وٺجي. مڙس موڪل ڏي يانه ڏي، اهو سندس مرضيءَ تي آهي پر جيڪڏهن زال جي ڪم ڪار ۾ ڪو نقصان ناهي ۽ گهر جي ڪم ڪار، مڙس جي سار سنڀال ۽ ٻارن جي پالنا ۾ ڪو خلل نه ٿو پوي ته پوءِ مڙس کي گهرجي ته هو زال کي گهر کان ٻاهر ڪم ڪرڻ جي موڪل ضرور ڏي. ائين ڪرڻ سان هوءَ سماجي خدمت به ڪندي ته گهر جي معاشي مدد پڻ.
2- گهر کان ٻاهر جتي به ڪم ڪجي اتي مڪمل اسلامي پردي جو خيال رکجي. گهر کان ٺاهه جوڙ ۽ هار سينگار ڪري نه نڪرجي ۽ آفيس ۾ پڻ ڌارين مردن سان لهه وچڙ بنهه نه ڪجي. آفيس، ڪم ۽ خدمت جو هنڌ آهي نه ڪي نمائش ۽ چٽا ڀيٽيءَ جو. انسان جي شخصيت جي سندرتا لٽن ڪپڙن ۽ زيورن سان ناهي ٿيندي پر سنجيدگي، شرافت، پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکڻ ۽ ذميداريون سٺي نموني نڀائڻ سان ئي ٿيندي آهي. پنهنجي عمل ۽ ڪردار وسيلي هڪ مسلمان عورت واري وقار ۽ شرافت جو ڀرم رکجي. پاڻ به عزت سان رهجي ۽ پنهنجي مڙس جي لطيف احساسن ۽ جذبن کي به ضرب نه لڳائجي. پنهنجن خوبصورت ڪپڙن، زيورن ۽ هارسينگار کي گهر ۾ ئي ۽ رڳو پنهنجي مڙس لاءِ ئي ڪتب آڻجي.
3- گهر کان ٻاهر ڪم ڪار ضرور ڪجي پر گهر جي ڪمن ڪارين ۽ مڙس ۽ ٻارڙن جي سار سنڀال کان لاپرواهه نه ٿجي. گهر جي صفائي سُٿرائي، رڌ پچاءُ، ٿانون ۽ ڪپڙن کي ڌوئڻ ۽ ٻيا گهريلو ڪم ذميداريءَ سان ڪرڻ گهرجن. توهان جي گهر ج انتظام ٻين گهرن جهڙو نه پرانهن کان به وڌيڪ سٺو هجڻ گهرجي. گهر کان ٻاهر ڪم ڪرڻ جو مطلب اهو هر گز نه هجڻ گهرجي ته گهر جي ڪمن ڪارين کي هٿ به نه لڳايو وڃي ۽ ٻارڙن ۽ مڙس کان لاپرواهه رهجي. گهر توهان جي آرام گاهه آهي جنهن کان لاپرواهي ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي.
ٻاهر ڪم ڪندڙ عورتن جي مڙسن کي به نصيحت ٿي ڪجي ته اهي گهر جي ڪمن ڪارين ۽ ٻارڙن جي پالنا ۾ پنهنجي زالن جو هٿ ضرور ونڊائين. کانئن اها اميد نه رکجي ته اهي آفيس جو ڪم به ڪنديون ته گهر جو سمورو ڪم به اڪيلي ئي ڪنديون، اهڙي قسم جي اميد رکڻ نه ته شرعي طور جائز آهي ۽ نه ئي وري ازدواجي زندگيءَ جي اصولن ۽ محبت ۽وفاداريءَ جي لحاظ کان صحيح آهي. انصاف جي تقاضا ته اها آهي ته گهر جي ڪمن ڪارين کي پاڻ ۾ ورهايو وڃي ۽ هر هڪ پنهنجي وقت پٽاندڙ اهي ڪم ڪري.
4- جيڪڏهن توهان کي ٻارڙو آهي ته پوءِ يا ته کيس نرسريءَ ۾ داخل ڪرايو يا وري ڪنهن ڀروسي جهڙي ساهيڙيءَ/ مٽ مائٽ وٽ ڇڏي ڪم تي وڃجي. ٻارڙي کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ نهايت جوکائتو ڪم آهي. اڪيلائيءَ ۾ هو ڪا هاڃيڪار حرڪت به ڪري سگهي ٿو يا وري اڪيلائيءَ ڪري منجهس ڊيڄڙو به پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هو نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جو شڪار ٿي سگهي ٿو.
5- جيڪڏهن تون پنهنجو ڪم ڪار بدلائڻ ٿي چاهين ته پوءِ ان ڏس ۾ مڙس سان صلاح ثواب ضرور ڪر ۽ سندس مرضي ۽ راءِ کي اهميت ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن هو ڪنهن ڪم جي حمايت نه ڪري ته پوءِ اهو بنهه نه ڪجي ۽ جيڪڏهن هو موڪل ڏئي ٿو ته پوءِ اهڙي ڪم جي چونڊ ڪجي جنهن ۾ ڌارين مردن سان گهٽ ۾ گهٽ لاڳاپو رکڻو پوي، ڇو جو اها شيءِ نه ته توهان جي حق ۾ آهي ۽ نه ئي وري سماج لاءِ. هر حال ۾ پنهنجي اسلامي پردي جو سدائين خيال رکجي ۽ گهرن کان ٻاهر نڪرجي ته سادن ڪپڙن ۾ ۽ ميڪ اپ کان سواءِ ئي نڪرجي.
6-

7-واندو وقت نه وڃائجي:

گهر جو ڪم ڪار ايترو ته گهڻو هوندو آهي جو جيڪڏهن هڪ عورت ان کي سٺي نموني پورو ڪري ته باقي وٽس تمام ٿورڙو وقت وڃي بچندو. خاص ڪري ٻاراڻي گهر ۾ ته وقت بچائڻ بنهه مشڪل هوندو آهي. پر پوءِ به عورتن کي گهر جي ڪمن ڪارين مان ٿوري ٿڪي واندڪائي ضرور ملي ويندي آهي.
عورتون واندڪائيءَ جو وقت مختلف طريقن سان گذارينديون آهن. ڪي عورتون وري واندي وقت کي ائين ئي وڃائي ڇڏينديون آهن ۽ ڪو به لاڀائتو ڪم ڪونه ڪنديون آهن. وڻندُن ته بنا ڪنهن ڪم ڪار جي بازار جو چڪر هڻي اينديون يا وري اوڙي پاڙي جي ٻين عورتن سان ويهي پرائي گلا غيبت ڪنديون. ڪي وري اهڙي موسيقي ٻڌنديون يا اهڙو لٽريچر پڙهنديون آهن جنهن مان وقت جي زيان، ذهني هيڻائپ ۽ بداخلاقيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندو آهي. اهڙي قسم جي ماڻهن کي ڏاڍو نقصان پهچندو آهي، ڇو جو پهرين ته واندو وقت به ماڻهوءَ جي عمر ۾ ڳڻجي ٿو، تنهن کي ائين ئي وڃائي ڇڏڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي. جيڪڏهن اسان جا ٿورا گهڻا پئسا ڏوڪڙ وڃائجي ويندا آهن ته اسان جو آرام ڦٽي ويندو آهي پر عمر جي ڪجهه گهڙن کي به غنيمت سمجهي انهن مان فائدو وٺندو آهي. واندڪائيءَ جي وقت کي قيميتي سمجهندي ان کي لاڀائتو ۽ مقصد وارو بنائي سگهجي ٿو.
ٻيو هي ته واندو ويهڻ ڏاڍو نقصانڪار آهي جنهن جا ڪيترائي اُگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. ڪيتريون ئي نفسياتي ۽ ذهني بيماريون جن جي دانهن ڪيتريون ئي عورتون ڪنديون رهنديون آهن، واندي ويهڻ ڪري ئي ٿينديون. واندي ماڻهوءَ جو ذهن هيڏي هوڏي ڀٽڪندو رهندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح منجهس ڪاوڙ ۽ چڙ پيدا ٿيندي آهي، تنهن ڪري سندس ذهن ڏٻرو ۽ روح مايوس ۽ بي چين رهندو آهي. سچ پچ ته اهو ماڻهو ڀاڳ وارو آهي جيڪو هر وقت ڪم ۾ رڌل رهي ٿو ۽ اهو ماڻهو نڀاڳو آهي جيڪو واندو ويهي پنهنجو قيمتي وقت وڃائي ٿو. ڪم ڪار ۾ رُڌل رهڻ هڪ سڪون پهچائندڙ عمل آهي جڏهن ته واندا ماڻهو گهڻو ڪري منجيهل، مايوس ۽ اداس رهندا آهن. ڇا اها ڏک جهڙي ڳالهه ناهي ته ماڻهو پنهنجي قيمتي زندگيءَ کي اجايو وڃائي ڇڏي ۽ منجهانس ڪجهه به هڙ حاصل نه ڪري.
پياري ڀيڻ! تون به واندي وقت مان، پوءِ کڻي اهو ٿوروئي ڇونه هجي، اڻ ڳڻيا فائدا وٺي سگهين ٿي. ڀلو ٿيندو ته ڪو علمي ادبي ڪم ڪجي يا وري پنهنجي ذوق پٽاندڙ ۽ پنهنجي مڙس سان صلاح ثواب ڪري ڪنهن مضمون جي چونڊ ڪجي ۽ پوءِ وري واندي وقت ۾ ان مضمون بابت لکيل ڪتاب پڙهي پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪجي.
مضمون جي چونڊ تنهنجي ذوق ۽ ڏانءُ وٽان هجڻ گهرجي. تفسير قرآن، اسلام جي تاريخ، اخلاقيات، اسلامي قانون، فلفسو، ادب، سماجيات، نفسيات، معاشيات، طب، فزڪس ۽ ڪيمسٽري نهايت سٺا مضمون آهن، انهن مان ڪنهن به مضمون جي چونڊ ڪري مٿس تحقيق ۽ اڀياس ڪري سگهجي ٿو. جڏهن توکي ڪتابن پڙهڻ جي عادت پئجي ويندي ته پوءِ نه رڳو توکي ڪتابن ۾ سڪون ملندو پر تنهنجو وقت به سٺي نموني گذري ويندو.
ڪتاب پڙهڻ سان تنهنجي ذهني سطح به مٿانهين ٿيندي ته تنهنجي علم ۽ ڄاڻ ۾ پڻ تمام گهڻو واڌارو ٿيندو. جيڪڏهن تون همت ڪري اهو ڪم لاڳيتو جاري رکيو ته پوءِ تون پنهنجي مضمون ۾ وڏي مهارت حاصل ڪري واکاڻ جوڳا علمي ۽ ادبي ڪم ڪري سگهين ٿي. مقالا لکي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائي سگهين ٿي ۽ لاڀائتا ڪتاب پڻ لکي سگهين ٿي. اهڙيءَ طرح تنهنجي ذهني ۽ قلمي ڪاوشن مان ٻيا به لاڀ پرائي سگهن ٿا ۽ پوءِ تنهنجي ڳڻپ هڪ وڏي شخصيت جي طور تي ڪئي ويندي. نه رڳو اهو پر لکڻ پڙهڻ سان پئسا ڏوڪڙ به ڪمائي سگهجن ٿا.
اهو خيال صحيح ناهي ته گهر جي ڪمن ڪارين سان گڏ ايڏا وڏا ڪم نه ٿا ڪري سگهجن. جيڪڏهن تون همت ۽ ڪوشش کان ڪم ورتو ته پوءِ پڪ سان توکي ڪاميابي پلئه پوندي. ائين ڪونهي ته جن مهان عورتن هيڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن ۽ ڪتاب لکيا آهن سي گهر جي ڪم ڪار کان آجيون هيون. اهي به گهر ۾ ڪم ڪار ڪنديون هيون، پنهنجي واندي وقت کي اجايو نه وڃائينديون هيون.
مسز ڊورٿي ڪارنيگيءَ هڪ تمام سٺو ڪتاب لکيو آهي اهو ڪتاب ايترو ته مشهور ٿيو جو اڄ به دنيا ۾ وڏي انگ ۾ وڪامجي ٿو. هوءَ هڪ گهريلو عورت هئي. نه رڳو گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي پر تحقيقي کوجنا ۾ پنهنجي مڙس ڊيل ڪارنيگي جي مدد پن ڪندي هئي ۽ گڏ وگڏ پاڻ اونهون مطالعو ڪندي هئي. هوءَ لکي ٿي ته، ”روزانو جڏهن منهنجو ٻارڙو سمهي پوندو هو ته مون کي ٻن ٽن ڪلاڪن جي واندڪائي ملي ويندي هئي ۽ اهڙي طرح ان واندڪائيءَ مان فائدو وٺندي مان هن ڪتاب جو ڳچ ڀاڱو لکي ورتو.“
ناليوارن دانشورن ۽ ليکڪن جي قطار ۾ اهڙيون عظيم عورتون به شامل آهن جن زبردست علمي ۽ ادبي ڪم ڪيا آهن. ڀيڻ! جيڪڏهن تون به همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺندينءَ ته پوءِ اهڙا ئي ڪارناما سرانجام ڏئي پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو مان مٿاهون ڪري سگهين ٿي. جيڪڏهن تنهنجو مڙس دانشور ۽ محقق آهي ته پوءِ تون سندس ڪم ۾ هٿ ونڊائي سگهين ٿي يا وري گڏجي ڪري ڪو تحقيقي ڪم به ڪري سگهجي ٿو. ڇا اها ڏک جهڙي ڳالهه ناهي ته هڪ پڙهيل لکيل عورت ازدواجي زندگيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي سالن جي محنت ائين ئي وڃائي ويهي لکڻ پڙهڻ کي ڇڏي ڏي. حضرت علي رضه فرمائي ٿو ته، ”علم ۽ ڏاهپ کان وڌيڪ ڀلو ڪوبه خزانو ڪونهي.“
ڀيڻ! جيڪڏهن توکي پڙهڻ جو ڪو شوق ڪونهي ته پوءِ ڪو هنر يا دستڪاري سکي وٺ ۽ پوءِ واندو وقت اهو ڪم ڪندي گذار. سلائي، ڀرت، ڊرائنگ، ڪپڙن ۽ ڪاغذن جا گل ۽ گلدستا وغيره ٺاهڻ سٺا هنر آهن. انهن هنرن مان جيڪو به توکي وڻي تنهن ۾ مهارت پيدا ڪر. ائين ڪرڻ سان نه رڳو تنهنجو وقت سٺي نموني گذري ويندو پر تون پئسا ڏوڪڙ ڪمائي گهر جي بجيٽ ۾ پڻ مدد ڪري سگهندينءَ.
اسلام ۾ دستڪاريءَ جي ڪم کي تمام سٺو سمجهيو ويو آهي. حضورﷺ جن فرمايو آهي ته، ” سُٽ ڪتڻ عورتن لاءِ ڀلو ڪم آهي.“

ٻارڙن جي پالنا:

ٻارڙن جي پالنا:
ٻارڙن جي پالنا عورت جي هڪ اهم ۽ نازڪ ذميداري آهي. ٻار پالڻ ڪو سولو ڪم ناهي پر اهو هڪ مقدس فرض آهي جيڪو قدرت عورت جي سپرد ڪيو آهي هيٺ ٻارڙي ۽ سندس پالنا جي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون لکجن ٿيون:

(الف) ٻارڙو: شاديءَ جو فطري نتيجو:

(الف) ٻارڙو: شاديءَ جو فطري نتيجو:
مرد ۽ عورت رڳو ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ شادي نه ڪنداآهن. گهڻو ڪري جنسي خواهش جو پوراءُ ئي ان جو بنيادي محرڪ هوندو آهي پر ڪجهه وقت کان پوءِ مخلوقات جو فطري مقصد ٻار جو صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ٻار جو وجود ازدواجي زندگيءَ جي وڻ جو ميوو ۽ هڪ فطري خواهش آهي. بي اولاد جوڙا انهن وانگر هوندا آهن جن تي ڪو ميوو نه ڦٽندو آهي. ٻارڙي جو وجود شاديءَ جي رشتي کي سگهارو ڪندو آهي. ٻارڙي جا ٻاتا ٻول نه رڳو گهر جي ماحول ۾ رونق پيدا ڪري ڇڏيندا آهن پر زال مڙس جي محبت ۾ واڌارو پڻ ڪندا آهن. گڏو گڏ ٻارڙي جو وجود سندس پيءُ کي اڃا به وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش ڪرڻ ۽ ماءُ کي گهر ۾ مصروف رکڻ جو سبب پڻ بڻبو آهي.
مهڙ ۾ شادي رڳو جنسي اڃ اجهائڻ، جسماني خواهشن ۽ جذباتي عشق ۽ محبت جي ڪچي ۽ ڌڏندڙ بنياد تي بيٺل هوندي آهي پر اولاد ٿيڻ سان اهو بنياد سگهارو ۽ جٽادار ٿي ويندو آهي. جوانيءَ جو جوشيلو دؤر جلد پنهنجي پڄاڻيءَ کي رسندو آهي ۽ جنسي خواهشون ۽ ظاهري پريم ۽ گڏيل لاڳاپن کي سگهارو ڪرڻ جو ڪارڻ بڻبي آهي سا ٻارن جي موجودگي آهي. اهو ئي سبب آهي جو حضرت امام زين العابدين رضه فرمايو آهي ته، ”انسان جي خوش نصيبي ان ۾ آهي جو کيس نيڪ اولاد هجي جيڪا وقت تي سندس مدد ڪري سگهي.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”نيڪ ۽ صالح اولاد، بهشت جي خوشبودار گاهه وانگر هوندي آهي.“
پاڻ ﷺ جن اهو به چيو آهي ته، ”پنهنجي اولاد ۾ واڌارو ڪيو ته جيئن مان قيامت جي ڏينهن توهان جي گهڻائيءَ ڪري ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ گهڻو فخر ڪريان.“

(ب)- ٻارڙن جي تربيت:

(ب)- ٻارڙن جي تربيت:
عورتن جي هڪ ٻي اهم ذميداري ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت پڻ آهي. ان ڏس ۾ ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي تي ذميداري لاڳو ٿيندي آهي پر گهڻو بار عورت تي ئي هوندو آهي ڇو جو هوءَ ئي گهڻو وقت ٻارڙن سان گڏ هوندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هوءَ ئي ٻارڙن جي چڱيءَ طرح پرگهور لهي سگهي ٿي. جيڪڏهن مائرون انهن ذميدارين کان چڱيءَ طرح واقف آهن ته پوءِ ٻارڙن جي سٺي نموني پالنا، تعليم ۽ تربيت ٿي سگهي ٿي. تنهن ڪري بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته معاشري جي ترقي ۽ پٺتي پوڻ جو سمورو دارو مدار عورتن تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ﷺ جن جو فرمان آهي ته، ”بهشت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.“
اهي ٻارڙا جيڪي اڄ گهر جي ننڍڙي ماحول ۾ تعليم ۽ تربيت وٺن ٿا سڀاڻي معاشري جا ذميدار فرد ٿيندا هر اهو سبق جيڪو اڄ کين ماءُ پيءُ پاران ملي ٿو سڀاڻي تنهن تي ئي عمل ڪندا.تنهن ڪري جڏهن ڪٽنبن جو سڌارو ٿيندو ته معاشرو به سُڌري پوندو. معاشرو ڪٽنبن مان ئي جُڙندو آهي. جيڪڏهن اڄوڪا ٻارڙا ويڙهاڪ، بداخلاق، ظالم، چاپلوس، مورک، ڊڄندڙ، خود غرض ۽ پئسي پرست ماحول ۾ پلجندا ته پوءِ سڀاڻي وري انهن ئي بُراين جي واٽ تي هلندي بُري معاشري جي جوڙجڪ ڪندا. جيڪڏهن اڄ اهي توهان جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪري ڪا شيءِ توهان کان وٺن ٿا ته پوءِ اهي سڀاڻي ظالمن جي خوشامد ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندا. ان جي ابتڙ جيڪڏهن اڄوڪا ٻارڙا سچار، بهادر، همت وارا، خوش اخلاق، بردبار، ايماندار، رحمدل ۽ انصاف پسند پيءُ ماءُ جي هٿ هيٺ پلجندا ته پوءِ سڀاڻي اهي ئي مٿانهيون خوبيون منجهن موجود هونديون.
تنهن ڪري والدين خاص ڪري مائرن تي ٻارڙن جي پالنا ۽ تعليم ۽ تربيت جي ڏس ۾ وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي. جيڪڏهن توهان ٻارڙن جي تربيت جي ڏس ۾ صحيح تعليم ۽ تربيت جي اصولن تي عمل ڪيو ته پوءِ آئندي جي معاشري تي توهان جو وڏو احسان ٿيندو ۽ جيڪڏهن ان وڏي ذميداريءَ کي پوري ڪرڻ ۾ڪا ڪوتاهي رهجي وئي ته پوءِ والدين کان ئي قيامت ڏينهن ان باري ۾ پڇاڻو ٿيندو.
هتي اها ڳالهه پڻ چئبي ته هر عورت ماءُ جا فرض پورا ڪرڻ ۽ صحيح تعليم ۽ تربيت ڪرڻ جي فن کان سونهين ڪونه هوندي آهي. تنهنڪري کيس اهي گُر ضرور سيکارڻ گهرجن. هتي هنن ٿورڙن صفحن ۾ اولاد جي تربيت جي فن تي بحث نه ٿو ڪري سگهجي ڇوجو اهو موضوع ايترو ته ڊگهو آهي جو ان تي ڪيترائي ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي. ان موضوع تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. دلچسپي رکندڙ مائرون اهي ڪتاب پڙهي سگهن ٿيون. انهن ڪتابن ۾ تعليم ۽ تربيت جا اصول تفصيل سان لکيا ويا آهن جن تي عمل ڪرڻ سان سٺا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. گڏو گڏ اهي ڪتاب پڙهڻ سان مائرون ٻارڙن جي تربيت جي فن تي سٺي مهارت پڻ حاصل ڪري سگهن ٿيون.
هتي هڪ ٻيو نڪتو بيان ڪرڻ به ضروري ٿو سُجهي. ڪيترائي ماڻهو ”صحيح تربيت“ جي معنيٰ نه سمجهي سگهنداآهن ۽ تعليم ۽ تربيت ۾ ڪو فرق محسوس نه ڪندا آهن. اهي تربيت کي هڪ قسم جي تعليم ئي سمجهندا آهن. سندن خيال ۾ ڪجهه ڏاهن جون نصيحتون مذهبي ڳالهيون ۽ ڀلارن ماڻهن جون ڪهاڻيون ٻڌائي ٻارن جي تربيت ڪري سگهجي ٿي ۽ پنهنجي مرضي پٽاندڙ ٻار کي سلڇڻو ۽ نيڪ بڻائي سگهجي ٿو. مثال طور: اهي ڪوڙ ڳالهائڻ کي نندڻ واري ڪا روايت يا ڪجهه قرآني آيتون ٻارن کي ٻڌائيندا آهن يا وري سچ جي شان ۾ ڪجهه آيتون يا حديثون کين ياد ڪرائي ڇڏينداآهن. اهڙيءَ طرح کين دلجاءِ ٿي ويندي آهي ته هاڻي سندن ٻار سچار بڻجي ويندو.
پر تربيت جي ڏس ۾ اهو ڪافي ناهي. جيتوڻيڪ ڪجهه آيتون ۽ حديثون يا نصيحت ڀريا قصا ۽ ڪهاڻيون ياد ڪرائڻ اجايو ناهن، پر جنهن قسم جي تربيت جا نشان اسان پنهنجي ٻار ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا، تن جي اميد اهڙي قسم جي زباني طريقن سان نه ٿي ڪري سگهجي.
جيڪڏهن اسان ٻار جي صحيح ۽ مڪمل تربيت ڪرڻ گهرون ٿا ته پوءِ ان لاءِ ڪن خاص حالتن ۽ شرطن جو هجڻ نهايت ضروري آهي. ان لاءِ هڪ اهڙو مناسب ۽ وڻندڙ ماحول پيدا ڪجي ته جيئن ٻار پاڻ هُرتو نيڪ ۽ سچار ٿي وڃي. جيڪڏهن ماحول سچائي، ايمانداري، بهادري ، شرافت، خير خواهي، انصاف پروري، آزادي، همت ۽ غيرت وارو هوندو ته پوءِ ٻارڙي منجهه اهي ئي خوبيون پيدا ٿينديون. پر جيڪڏهن ماحول ۾ ڪوڙ، بدتميزي، چاپلوسي، ظلم، ساڙ، ڪينو، ٻيائي، ويڙهه جيهڙ، ضد ۽ منافقي، ٺڳي ۽ دوکو موجود آهن ته پوءِ ٻار ضرور بدڪردار ٿي ويندو.
اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن کيس ڪجهه ديني ڳالهيون ۽ بزرگن جون نصيحتون ياد ڪرايون به وڃن تڏهن سندس سڌارو ڪونه ٿي سگهندو ۽ گڏ وگڏ کيس سوين آيتون ۽ حديثون ٻڌائڻ سان به مٿس ڪو اثر ڪونه پوندو. ڇو جو جيستائين سندس آڏو عملي ڪردار پيش نه ڪيو ويندو تيستائين رڳو زباني چوڻ سان ڪو کڙتيل ڪونه نڪرندو. ڪوڙا ماءُ پيءُ آيتن ۽ حديثن وسيلي ٻار کي سچار نه ٿا بنائي سگهن ۽ گندا ۽ اڍنگا ماءُ پيءُ پنهنجي ٻار کي ڪڏهن به سلڇڻو ۽ اخلاق وارو نه ٿا بنائي سگهن.
ٻار جيترو توهان جي عمل ۽ ڪردار ۽ طور طريقن تي ڌيان ڏيندو آهي اوترو ڌيان توهان جي نصيحتن ۽ ڳالهين تي ڪونه ڏيندو آهي. تنهن ڪري جيڪي پيءُ ماءُ پنهنجي ٻارڙن جو سڌارو ۽ تربيت ڪرڻ گهرن ٿا تن کي کپي ته پهرين گهر جي ماحول کي سڌارين ۽ پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار وڻندڙ بنائين ته جيئن سندس ٻارڙا پاڻ هُرتو نيڪ ۽ سچار ٿين.

کاڌو پيتو ۽ صحت:

کاڌو پيتو ۽ صحت:
ٻارن جي کاڌي پيتي جو خيال رکڻ عورتن جي مکيه ذميدارين مان هڪ آهي. ٻارن جي چڱڀلائي ۽ بيماري، خوبصورتي ۽ بدصورتي، ذهانت ۽جڏائپ جو کاڌ خواراڪ سان گهرو لاڳاپو آهي. سندن کاڌي جون گهرجون وڏن جهڙيون نه هونديون آهن پر عمر جي حساب سان سندن کاڌي جي پروگرام ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي. ٻارن واري ماءُ کي انهن مڙني نڪتن جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
ٻار جو سڀ کان سٺو ۽ مڪمل کاڌو کير آهي. جسم جي واڌ ويجهه لاءِ خوراڪ جي جن جُزن جي گهرج هوندي آهي سي سڀ کير ۾ موجود هونداآهن. تنهن ڪري ماءُ جو کير هر نيئن ڄمندڙ ٻار لاءِ هڪ سٺي ۽ مڪمل خوراڪ سمجهيو ويندو آهي. ماءُ جي کير ۾ بار جي معدي جي حساب سان سمورا جزا موجود هونداآهن جن کي هو سولائيءَ سان هضم ڪري ويندو آهي. ماءُ جي کير جي هڪ ٻئي خوبي اها به آهي جو منجهس ڪا به ملاوٽ ڪونه هوندي آهي ۽ ان کي گرم ڪرڻ جي ضرورت به نه هوندي آهي ۽ جڏهن ته کير گرم ڪرڻ سان ان جا ڪيترائي جزا ختم ٿي وينداآهن. اهو ئي سبب آهي جو حضرت علي رضه فرمايو آهي ته، ”ٻار لاءِ ماءُ جي کير کان وڌيڪ سٺي ۽ برڪت ڀري ٻي ڪا به خوراڪ ناهي.“
صحت جي عالمي تنظيم ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن وارن جو چوڻ آهي ته ”ٻار کي ماءُ جي کير کان محروم رکڻ معنيٰ ٻار کي ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جي حوالي ڪرڻ آهي.“
ٻار کي کير پياريندڙ مائرن کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ٻار کي کير جي وسيلي خوراڪ جا مختلف جزا پهچائين. کير ۾ موجود جزا ماءُ جي کاڌي جي وسيلي ٺهندا آهن يعني ماءُ جي کير جو سندس کاڌ خوراڪ جي مقدار ۽ قسم سان گهاٽو لاڳاپو هوندو آهي. ماءُ جو کاڌو جيترو مڪمل گهڻ قسمين هوندو اوترو ئي سندس کير به مڙني جُزن سان ڀريل هوندو. تنهنڪري کير پياريندڙ مائرن کي گهرجي ته ٻارڙي کي کير پيارڻ واري دؤر ۾ پنهنجي کاڌي جو خاص خيال رکن. مائرن جي خوراڪ ايتري ته سٺي هجي جو جيئن نه رڳو سندن کاڌي جون ضرورتون پوريون ٿين پر ٻارڙي کي پڻ پوري خوراڪ ملي. جيڪڏهن اهي ان ڳالهه جو ڪو خيال ڪونه رکنديون ته پوءِ سندن ٻارڙي جي صحت ۽ سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي.
مڙس تي پڻ اهو لازم آهي ته هو زال لاءِ اهڙي طاقتور خوراڪ جو بندوبست ڪري جيڪا غذائيت جي لحاظ کان صفا مڪمل هجي. جيڪڏهن هن ان ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي ته پوءِ ان جو ڏنڊ، دوائن ۽ ڊاڪٽر جي فيءَ جي صورت ۾ ڀرڻو پوندو. زال جي کاڌ خوراڪ جي معاملي ۾ ڊاڪٽر کان به صلاح وٺي سگهجي ٿي يا وري سٺن ڪتابن مان پڻ مدد وٺڻ گهرجي. مطلب ته ماءُ جي خوراڪ هر لحاظ کان مڪمل ۽ طاقتور هجي. کيس گهرجي ته مختلف قسمن جا کاڌا کائي، خاص ڪري ڀاڄيون، ميوا، داليون، گوشت، بيضا، کير، ڏهي ۽ مکڻ جهجهي مقدار ۾ واپرائڻ گهرجن. جيئن ته ماءُ جي کير جو سٺو يا خراب اثر ٻارڙي تي ضرور پوندو آهي تنهن ڪري کيس گهرجي ته هوءَ مٿي ٻڌايل خوراڪ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪري.
ٻار کي کير پيارڻ جو وقت مقرر ڪري ڇڏجي ته جيئن کيس وقت جي پابندي جي عادت پئجي وڃي ۽ پڻ بردبار ۽ صابر ٿي سگهي. ٻيو ته وقت تي کير پيارڻ سان ٻار جو پيٽ ۽ معدو به صحيح نموني ڪم ڪندو رهندو. ڪي مائرون وري ائين ڪنديون آهن جو هيڏانهن ٻار رُنو ناهي ۽ هوڏانهن وري کيس کير ڏنو ناهي.
ان ڪوتاهيءَ جو نقصان اهو ٿيندو جو وڏي ٿيڻ کان پوءِ به ٻار ۾ اها بدنظمي موجود رهندي ۽ منجهانئس پابنديءَ واري عادت ختم ٿي ويندي. زندگيءَ جو مشڪلاتون ۽ مسئلا حل ڪري نه سگهندو ۽ ننڍي ننڍي ڳالهه تي ضد ڪندو يا وري روئيندو پٽيندو رهندو. اهو خيال غلط آهي ته نيئن ڄاول ٻار ۾ نظم ۽ ترتيب پيدا ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي.
ڀيڻ! جيڪڏهن تون ٿورو خبر ڪندينءَ ته پوءِ هو ٿوري ئي وقت ۾ تنهنجي مرضيءَ پٽاندڙ هلندو. ٻار جي کاڌي جي ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نيئن ڄاول ٻار کي هر ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ کير پيارڻ گهرجي.
کير پيارڻ مهل ٻارڙي کي هنج ۾ سمهارجي. ائين ڪرڻ سان هو نه رڳو کير سولائيءَ سان پيئندو پر تنهنجي پيار ۽ محبت کي پڻ محسوس ڪندو ۽ اڳتي هلي اهوئي احساس سندس شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اثرائتو ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو. ٻي ڳالهه ته ٻار کي پنهنجي پاسي ۾ سمهاري کير نه پيارجي، ٿي سگهي ٿو ته ان حالت ۾ سندس وات کير ۾ ڀريل هجي ۽ توکي ننڊ اچي وڃي ۽ پوءِ سندس ساهه گهٽجڻ لڳي اهڙي لاپرواهي ڪري ٻار جو موت به ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن تنهنجو کير ٻار لا ءِ ڪافي ناهي ته پوءِ کيس ڳئونءَ جو کير پيارڻ گهرجي. ڳئون جو کير، ماءُ جي کير جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهاٽو هوندو آهي ۽ منجهس مٺاڻ به گهٽ هوندو آهي. ڳئون جي کير ۾ ٿورو پاڻي ۽ کنڊ ملائي به ٻار کي ڏئي سگهجي ٿو يا وري اُٻاريل کير به استعمال ڪرڻ ۾ ڪو نقصان ناهي. کير کي پندرهن ويهن منٽ گهڻو اُٻارجي ته جيئن منجهس موجود جيوڙا مري وڃن. ٻار کي گهڻو ڪوسو يا گهڻو ٿڌو کير به نه ڏيڻ گهرجي. هر ڀيري کير پيارڻ کان پوءِ بوتل ۽ چوسڻيءَ کي ڌوئي صاف ڪري رکي ڇڏڻ گهرجي. خاص ڪري اونهاري ۾ بوتل ۽ چوسڻيءَ جو خاص خيال رکڻ گهرجي. ڇو جو گرميءَ ڪري کير کري پوندو آهي جيڪو ٻار جي صحت لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي. ٻيو ته خراب يا رکيل کير ٻار کي هرگز نه ڏجي ۽ کير لاءِ اهي بوتلون ڪتب آڻجن جن تي کير جي وزن جا نشان ٺهيل هوندا آهن ته جيئن ٻار کي صحيح مقدار ۾ خوراڪ ملي سگهي. جيڪڏهن ٻار کي پائوڊر وارو کير پيارڻ ضروري آهي ته پوءِ ان ڏس ۾ ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ گهرجي. ڇو جو پائوڊر وارا کير ڪيترن ئي قسمن جا هوندا آهن، تنهن ڪري ڊاڪٽر ئي صلاح ڏئي سگهي ٿو ته ڪهڙو کير ٻار جي معدي لاءِ صحيح آهي.
ٻارڙي کي ميوي جي رس به پيارڻ گهرجي.پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ ٿورڙو ٿورڙو کاڌو به ڏيڻ گهرجي، کيس پٽڙو ڀت ۽ سوپ به ڏجي ته سٺو. بسڪوٽ به کير ۾ ٻوڙي کارائي سگهجن ٿا. نون مهينن جي عمر کان پنهنجي کاڌي مان به کيس ٿورو ٿورو کارائڻ گهرجي. توهان وانگر ٻار کي اُڃ لڳندي رهندي آهي تنهن ڪري پاڻي پيارڻ جي معاملي ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪجي. ٻار کي پاڻياٺ وارا کاڌا ڏيڻ گهرجن، خاص ڪري ميون جي رَسُ ۽ ساين ڀاڄين ۽ گوشت جي هڏين جو سوپ سندس صحت ۽ واڌويجهه لاءِ ڏاڍو ڀلو آهي. باقي جيترو ٿي سگهي ته ٻار جي ڪچڙي مشينريءَ ۽ معدي کي چانهه پياري تباهه نه ڪجي.
ٻار جي صفائي ۽ تندرستيءَ جو پڻ ڏاڍو خيال رکڻ گهرجي. سندس بسترو ۽ لٽا ڪپڙا سدائين صاف سٿرا هئڻ گهرجن. کيس روزانو وهنجارڻ گهرجي، ڇو جو جيوڙا ٻار جي جسم کي جلدي چنبڙي پوندا آهن. تنهن ڪري جيڪڏهن صحت جي انهن اصولن تي عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ ٻار سدائين بيمارين جي ور چڙهيل رهندو.
ٻيو ته ٻارڙي کي بيمارين جا ٽيڪا هڻائڻ نهايت ضروري آهن. خاص ڪري ماتا، اُرڙي، وڏي کنگهه، پوليو ۽ ڳاڙهي بخار جا ٽُڪا هڻائي ٻارڙي کي انهن خطرناڪ بيمارين کان بڇائي سگهجي ٿو. نه رڳو اهو پر جيڪڏهن کيس ٻي به ڪا بيماري ٿي پوي ته هڪدم ان جو علاج ڪرائڻ گهرجي.
خوش قسمتيءَ سان انهن بيمارين جا ٽُڪا اسان وٽ اسپتالن ۾ مفت هنيا ٿا وڃن، تنهن ڪري اهي هڻائڻ ۾ ڪا به لاپرواهي نه ڪجي. بهرحال... جيڪڏهن صحت ۽ چڱڀلائي جي انهن مڙني اصولن تي عمل ڪيو ويو ته پوءِ توهان جا ٻارڙا تندرست ۽ خوش رهي سگهن ٿا.

ڀاڱو ٻيو

---

مردن جا حق

مردن جا حق

زال ۽ مڙس ڪٽنب جا ٻه وڏا رڪن هوندا آهن. مرد کي قدرت پاران عقل ۽ سمجهه جي لحاظ کان سگهارو ۽ مٿڀرو بنايو ويو آهي ۽ کيس ئي ڪٽنب جو سرپرست سمجهيو ويو آهي.
الله پاڪ به کيس ڪٽنب جو سرپرست ۽ ذميدار بنايو آهي. قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته، ”مرد عورتن جا سرپرست آهن ڇو جو خدا ڪن ماڻهن کي ڪن ٻين تي مٿڀرائپ ڏني آهي.“
جيئن ته سماجي ذميوارين جي حوالي سان مرد جو رتبو مٿانهون آهي تنهن ڪري فطري طور تي مٿس ڪيتريون ئي ڏکيو ن ۽ نازڪ ذميداريون وڌيون ويون آهن. اهو ئي ڪٽنب جو انتظام سٺي نموني هلائي سگهي ٿو، گهر جي ماحول کي بهشت جهڙو بنائي سگهي ٿو ۽ زال کي هڪ ملائڪ جو روپ ڏئي سگهي ٿو.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”مرد ڪٽنب جا سرپرست هوندا آهن ۽ هر سرپرست تي پنهنجي ماتحتن ۽ ڀاتين جي ذميداري هوندي آهي.“
مرد کي، جيڪو حقيقت ۾ گهر جو مئنيجر هوندو آهي، پڻ اها ڳالهه ذهن ۾ ويهاري ڇڏڻ گهرجي ته عورت به مرد وانگر هڪ انسان ئي آهي. کيس به خواهشون ۽ اميدون رکڻ ۽ آزاديءَ جو حق حاصل آهي. مرد کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته شاديءَ جو مطلب ڪنهن ڇوڪريءَ کي نوڪرياڻي بنائي گهر وٺي اچڻ ناهي هوندو، پر شاديءَ جو اصل مطلب زندگيءَ جي ساٿياڻي ۽ غم ونڊيندڙ کي گهر آڻڻ هوندو آهي. تنهن ڪري سندس دلي خواهش ۽ تمنائن تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ائين ناهي ته مڙس، زال جو نسورو مالڪ هوندو آهي ۽ سندس حيثيت هڪ بادشاهه جهڙي آهي. زال جا به مڙس تي ڪي حق آهن.
قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته، ”جهڙي طرح زالن تي مڙسن جا فرض آهن تهڙيءَ طرح زالن جا به مڙسن تي حق آهن ۽ مردن کي مٿانئن مٿڀرائپ آهي.“

زال جي پرگهور لهڻ:

زال جي پرگهور لهڻ:
اسلامي شريعت ۾ جهڙيءَ طرح مرد جي سارسنڀال کي هڪ عورت لاءِ جهاد سان ڀيٽيو ويو آهي، اهڙي طرح زال جي پرگهور لهڻ کي مڙس جو سڀ کان مکيه عمل سمجهيو ويو آهي ۽ ان ئي ڪٽنب جي ڀلائي لڪل آهي. پر زال جي پر گهور لهڻ ڪو سڻائو ڪم ناهي. اهو هڪ اهڙو راز آهي جنهن کان هر مڙس کي سنوهون هجڻ ضروري آهي ته جيئن پنهنجي زال کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هڪ آئيڊيل عورت بنائي سگهي.
جيڪي مرد هڪ مڙس جا فرض پورا ڪرڻ چاهيندا هجن تن کي گهرجي ته اهي زال جي دل موهي رکن، سندس دلي خواهشن ۽ لاڙن کي سمجهندي زندگيءَ جو پروگرام ترتيب ڏين ۽ پنهنجي سٺي اخلاق ۽ ورتاءَ وسيلي مٿس اهڙو ته اثر ڇڏين جو هوءَ پاڻ هُرتو سندس وس ۾ اچي وڃي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ هوءَ گهر کي پنهنجو سمجهندي ۽ گهر جا ڪم ڪار سهڻي نموني پورا ڪندي رهندي.

زال سان محبت ڪرڻ گهرجي:

زال سان محبت ڪرڻ گهرجي:
عورت محبت جومرڪز ۽ ٻاجهه ۽ مهربانيءَ جي جذبن سان ٽمٽار هڪ اهڙي مخلوق آهي جنهن جي وجود مان هر وقت محبت ۽ پيار جو وسڪارو ٿيندو رهندو آهي. سندس زندگي پيار ۽ محبت سان سلهاڙيل هوندي آهي. سندس دل چاهيندي آهي ته هوءَ ڪنهن جي محبوب هجي ۽ جيڪا عورت ڪنهن کي جيترو پياري هوندي آهي اوتروئي هوءَ خوش ۽ ٻهڪندي رهندي آهي. پيار حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. تنهن ڪري اهو نڪتو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته جيڪڏهن عورت ڪنهن جي محبوب ناهي هوندي ته پوءِ هوءَ پاڻ کي سکڻو، شڪست کاڌل ۽ بي اثر سمجهي مايوس، اداس ۽ ڏکايل رهندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو قطعي طور تي ان ڳالهه جي دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته زال جي سار سنڀال جو سڀ کان وڏو راز اهو آهي ته ساڻس دل کولي پيار ڪيو وڃي.
مانوارا ڀاءُ! پهرين توهان جي زال کي توهان جي سس سُهري جي محبت ملندي هئي پر شاديءَ کان پوءِ هن سمورا رشتا ناتا ٽوڙي توهان سان وفاداريءَ ۽ پيار جو ٻنڌڻ ٻڌو آهي ۽ ان اميد سان توهان جي گهر ۾ آئي آهي ته توهان ئي کيس اهي ڇڏي آيل محبتون ڏيندا. نه رڳو اهو پر هوءَ توهان مان اها اميد پڻ رکي ٿي ته توهان جو پيار ۽ محبت سندس ماءَ پيءُ واري محبت کان وڌيڪ جٽادار هوندو، ڇو جو هن توهان تي ڀروسو رکي پنهنجي وجود کي توهان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. زال کي خوش رکڻ ۽ زندگيءَ جي ڏکيائين کي حل ڪرڻ جو ڀلو طريقو اهو آهي ته ساڻس محبت ۽ پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو وڃي. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جي زال سدائين خوش باش رهي ۽ گهر ۾ پوري دلچسپي وٺندي رهي، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته هوءَ توهان کي سچيءَ دل سان پيار ڪندي رهي ۽ جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته هوءَ پڇاڙيءَ تائين توهان سان وفادار رهي ته پوءِ ان جو سٺو طريقو اهو آهي ته توهان دل جي گهرائيءَ سان ساڻس پيار ۽ محبت جو اظهار ڪيو. جيڪڏهن هن سهي ڪري ورتو ته توهان کي ساڻس محبت ناهي ته پوءِ هوءَ گهر ۽ زندگيءَ مان بيزار ٿي ويندي، سدائين مايوس ۽ اداس رهندي، گهر گهاٽ ۽ ٻارڙن ۾ ڪابه دلچسپي نه وٺندي ۽ پنهنجي دل ۾ سوچيندي ته آخر اهڙي مڙس کي ڇو ليکيان جيڪو مون کي بنهه نه ٿو ڀائين. نتيجو وڃي اهو نڪرندو جو گهر جي حالت سدائين پئي ڊانوانڊول رهندي.
جيڪڏهن توهان جو گهر محبت ۽ پيار کان خالي ٿي ويو ته پوءِ اهو توهان لاءِ دوزخ بڻجي ويندو. ان صورتحال ۾ توهان کڻي ڪيڏي به آرام ۽ آسائش جو بندوبست ڪيو پر پيار ۽ محبت جي خوشبوءِ نه هوندي ته پوءِ معاملو ڪونه هلي سگهندو. اهڙي طرح صورتحال توهان جي زال کي نفسياتي ۽ ذهني روڳن جي وَر پڻ چاڙهي سگهي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته توهان جي محبت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ هوءَ ٻين ڏانهن واجهائي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته هوءَ توهان ۽ گهر مان ايڏو بيزار ٿي وڃي جو طلاق جي گهر ڪري. سچ پچ ته انهن مڙني حادثن جو ذميدار مرد ئي هوندو آهي جنهن جي زال ۽ ٻارڙن کان لاپرواهي هڻي وڃي هنڌ ڪندي آهي. پڪ ڄاڻو ته گهڻيون طلاقون مڙسن جي لاپرواهي ڪري ٿينديون آهن. هيٺين انگن اکرن مان توهان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهو ٿا:
مڙس جي لاپرواهي، ڪمن ڪارين ۾ گهڻو مصروف رهڻ ۽ گهر ۾ سندس دلچسپي نه هئڻ طلاق جا مکيه ڪارڻ رهيا آهن. 1949ع ۾ 10372 زال مڙس هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا. انهن مان 1203 عورتن، طلاق جو ڪارڻ مڙس جي لاپرواهي ۽ ساڻن پيار ۽ محبت نه هجڻ ٻڌايو.
هڪ عورت عدالت ۾ چيو ته هوءَ حق مهر معاف ڪرڻ سان گڏ ڏهه هزار روپيا مڙس کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن هو کيس طلاق ڏئي ڇڏي. سندس شاديءَ کي رڳو چار مهينا گذريا هئا. عورت چيو ته، ”منهنجي مڙس کي مون کان وڌيڪ طوطن سان پيار آهي تنهن ڪري مان ساڻس گذارو ڪري نٿي سگهان.“
ڪٽنب ۾ پيار ۽ محبت هڪ اهم ۽ قيمتي شيءِ آهي. اهو ئي سبب آهي جو خدا پاڪ قرآن مجيد ۾ ان کي قدرت جي نشانين ۽ وڏين نعمتن ۾ ڳڻيو آهي. فرمايو ويو آهي ته، ”خدا جي نشانين مان هڪ اها به آهي ته هن توهان جي لاءِ توهان جي ئي جنس منجهان زندگيءَ جو ساٿي بنايو آهي ته جيئن توهان ساڻس سڪون سان رهو ۽ هن توهان جي وچ ۾ محبت ۽ الفت پيدا ڪئي آهي. ان ۾ سوچيندڙن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن.“
امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو آهي ته، ”عورت مرد لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي ۽ سندس سمورو ڌيان مرد ڏانهن ئي رهندو آهي، تنهن ڪري پنهنجي زالن کي دوست رکو.“
هڪ ٻئي موقعي تي پاڻ فرمايائون ته، ”جيڪو ماڻهو پنهنجي زال سان گهڻي محبت ڪري ٿو سو اسان جي دوستن منجهان آهي.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”ماڻهوءَ جو ايمان جيترو وڌيڪ مڪمل هوندو آهي اوترو ئي وڌيڪ پنهنجي زال سان محبت ڪندو آهي.“
امام جعفر صادق عه جو قول آهي ته، ”پيغمبرن جي هڪ سيرت اها به هئي جو اهي پنهنجي زالن سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا.“
پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو آهي ته، ”مرد جيڪڏهن زال کي چئي ته مون کي توسان سچي محبت آهي ته پوءِ اها ڳالهه ڪڏهن به سندس دل مان نه نڪري سگهندي آهي.“
محبت دل جي گهراين سان ٿيڻ گهرجي ته جيئن دل تي سٺو اثر ٿئي، ڇو جو دل کي دل مان ئي سڪون ملندو آهي. رڳو دلي محبت تي ئي نه ڀاڙي ويهجي پر ان جو کليل اظهار به ٿيڻ گهرجي. اهڙي صورت ۾ محبت جي سٺن ۽ هاڪاري نتيجن ۽ چاهت جو اظهار ڪرڻ گهرجي، سندس موجودگيءَ ۾ ۽ پرپَٺ واکاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ شهر کان ٻاهر وڃجي ته کيس خط پَٽ لکي پنهنجي جدائيءَ جو ذڪر ڪرڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن سندس لاءِ سوکڙيون پاکڙيون به آڻڻ گهرجن. جيڪڏهن گهر ۾ فون هجي ته پوءِ آفيس مان سندس خيريت معلوم ڪرڻ گهرجي. هڪ شيءِ جنهن کي عورتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهن سو اهوئي سچو پيار آهي. مثال جي طور تي هيٺيون واقعو پڙهو:
هڪ عورت سُڏڪا ڀريندي ٻڌايو ته، ” مان بهار جي موسم ۾ هڪ رات هڪ نوجوان سان شادي ڪئي هئي. شاديءَ کان پوءِ اسان ٻنهي جي زندگي ڏاڍي مزي سان گذرڻ لڳي. مان پنهنجو پاڻ کي دنيا جي سڀ کان وڏي ڀاڳوند عورت سمجهندي هيس. مان ڪجهه سال ساڻس گڏ ان ننڍڙي گهر ۾ گذاريا جيڪو هن خاص ڪري مون لاءِ ٺهرايو هيو. اُن ڏينهن مان ڏاڍي خوش ٿيس جڏهن مونکي خبر پئي ته مان پيٽ سان ٿي آهيان. جڏهن مان اها خوشخبري پنهنجي مڙس کي ٻڌائي ته هو ڏاڍو جذباتي ٿي ويو ۽ مون کي پنهنجي هنج ۾ کڻي ٻارڙن وانگر روئڻ لڳو. ان کان پوءِ هو بازار ويو ۽ وٽس جيڪي پئسا ڏوڪڙ هئا تن مان هيرن جو هڪ هار وٺي آيو ۽ اچڻ سان اهو هار مون کي پارائيندي چيائين ته، ”مان هيرن جو هي هار دنيا جي ڀلي ۽ پياري عورت جي ڳچيءَ ۾ وجهي رهيو آهيان.“ پر افسوس جو ٿورن ڏينهن کان پوءِ هن جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ هو مون کان هميشه هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو.“

پنهنجي زال جو ادب ڪرڻ گهرجي:

پنهنجي زال جو ادب ڪرڻ گهرجي:
عورت به مرد وانگر پنهنجو پاڻ کي پيارو گُهرندي آهي ۽ پنهنجي شخصيت جو هر حالت ۾ بچاءُ چاهيندي آهي. هن جي اها خواهش هوندي آهي ته سندس به دل سان عزت ڪئي وڃي. هوءَ پنهنجي توهين ڪڏهن به برداشت نه ڪري سگهندي آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن سندس ادب ڪيو ويندو ته پوءِ زندگيءَ سان سندس دلچسپي وڌي ويندي ۽ پوءِ هوءَ دلجاءِ ۽ گرمجوشيءَ سان گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳندي. هوءَ پنهنجو ادب ڪندڙن کي ڀائيندي آهي ۽ بي ادبي ڪندڙن کي ڌڪار مان ڏسندي آهي.
ڀائڙا! توهان جي زال به توهان مان اها اميد رکندي آهي ته ٻين کان وڌيڪ توهان سندس ادب ڪريو. سندس اها اميد سورنهن آنا صحيح آهي ڇو جو هوءَ توهان کي پنهنجي زندگيءَ جو ساٿي ۽ سچو دوست سمجهندي آهي. هوءَ ويچاري رات ڏينهن هڪ ڪري توهان جي ٻارڙن جي آرام ۽ سڪون لاءِ تڪليفون سهندي آهي. تنهن ڪري ڇا هوءَ اها به اميد نه ٿي ڪري سگهي ته توهان سندس وجود کي غنيمت سمجهندي سندس ادب ڪريو؟
سندس ادب ڪرڻ سان توهان گهٽجي ڪونه ويندا پر ائين ڪرڻ سان توهان جي حق شناسي ۽ محبت ظاهر ٿيندي. جيئن توهان ٻين جو ادب ڪريو ٿا اوترو يا ان کان وڌيڪ زال جو ادب ڪريو. ساڻس ڳالهه ٻولهه به نرميءَ ۽ پيار وچان ڪريو. هن سان ڳالهايو ته ”تون“ بدران ”توهان“ جو لفظ ڪتب آڻيو. هوءَ جڏهن ڳالهائي ته سندس ڳالهه اڌ ۾ نه ڪٽيو ۽ کيس عزت سان پيش اچو، کيس گهٽ وڌ به نه ڳالهايو ۽ مٿس ٽوڪ ٺٺول يا چٿر به صفا نه ڪريو، پوءِ چاهي اها مذاق ڪاڻ ئي ڇو نه ڪئي وڃي. ائين نه سوچيو ته توهان جي هڪ خاص حيثيت آهي تنهن ڪري ائين ڪرڻ جو توهان کي حق آهي. ائين بلڪل ناهي. هيٺيون واقعو پڙهي ڏسو ته چٿرون ڪرڻ تي عورت ڪيڏو نه ڪرب مان گذري ٿي:
هڪ 35-36 سالن جي عورت طلاق جي گهر ڪئي. هن چيو ته، ” اسان جي شادي کي لڳ ڀڳ 12سال ٿي ويا آهن. منهنجو مڙس سٺو ماڻهو آهي ۽ منجهس سٺي ماڻهوءَ جون هڙئي خوبيون موجود آهن پر هن ڪڏهن به اهو نه سوچيو آهي ته مان سندس زال ۽ ٻارن جي ماءُ آهيان. هُو ڀوڳ ٺڪاءُ ڪرڻ ۾ ماهر آهي. تنهن ڪري مون کي هر هنڌ بيعزتو ڪندو رهندو آهي. ماڻهن جي مُنهن يا ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ مان ئي سندس اڍنگي زبان جو نشانو هوندي آهيان. هن مون کي ڏنڀ ڏنا آهن ۽ هاڻي ته مان بيمار رهڻ لڳي آهيان. مان هزار ڀيرا پنهنجي مڙس کي سمجهايو آهي ته مان تنهنجي زال آهيان تنهن ڪري ان ناتي سان منهنجو ادب ڪر. باقي مون کي اهو سٺو ڪونه ٿو لڳي ته تون هر پنهنجي توڙي پرائي اڳيان مون سان مذاق ڪري مون تي خلق کلائيندو رهين. مان جيئن ته شروع کان ئي ماٺيڻي طبيعت واري آهيان تنهن ڪري کيس مزاق جي موٽ مذاق سان ڪو نه ڏئي سگهندي آهيان. مان کيس ايلاز منٿون ڪيون آهن ته هو اها عادت ڇڏي ڏي پر هو ڪونه ٿو مُڙي. تنهن ڪري هاڻي مان اهو پڪو ارادو ڪيو آهي ته کانئس طلاق وٺي ڌار ٿيان ڇو جو هو بي قدرو ماڻهو آهي ۽ وٽس مون لاءِ ڪابه عزت ڪانهي.“
هر زال پنهنجي مڙس مان اها اميد رکندي آهي ته هو سندس عزت ڪري ۽ جيڪڏهن سندس بيعزتي ڪئي ويندي ته پوءِ هو سخت ناراض ٿيندي آهي. مڙس جي توهين واري ورتاءُ ڪري جيڪڏهن هوءَ خاموش رهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هوءَ راضي آهي. کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي پر هوءَ چئي نه سگهندي آهي تنهن ڪري سندس دل سان ادب ڪيو وڃي. توهان جيڪڏهن زال جو ادب ڪندا ته موٽ ۾ هوءَ به توهان جي عزت ڪندي. ائين ٿيو ته پوءِ توهان جا لاڳاپا ڏينهون ڏينهن سگهارا ۽ وڻندڙ ٿيندا ويندا ۽ پوءِ ٻيا ماڻهو به توهان جو احترام ڪندا. باقي جيڪڏهن توهان زال جي بي عزتي ڪري وڌي ته پوءِ هوءَ به ان جو بدلو وٺي سگهي ٿي، پر اصولي طور تي ڏوهدار توهان ئي هوندا.
ڀاءُ! گهر ۾ زال آڻڻ ۽ نوڪرياڻي آڻڻ ۾ وڏو فرق آهي. زال توهان جي گهر ۾ نوڪرياڻي يا قيديءَ جي حيثيت سان ڪونه آئي آهي، پر هوءَ هڪ آزاد انسان آهي ۽ هڪ گڏيل زندگيءَ جو بنياد وجهڻ لاءِ توهان جي گهر آئي آهي. جيڪي اميدون توهان کانئس رکندا آهيو، اهي ئي اميدون هوءَ توهان مان پڻ رکندي آهي تنهن ڪري ساڻس اها هلت هلو جنهن جي اميد توهان هن مان رکو ٿا.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ” جيڪو ماڻهو ڪنهن مسلمان جي عزت ڪندو ته خدا به ان جي عزت ڪندو.“
پاڻ ﷺ جن اهو به فرمايو آهي ته، ”ڀلارا ۽ عزتدار ماڻهو پنهنجي زالن جي عزت ڪندا آهن ۽ گهٽ ذهن وارا ماڻهو سندن بيعزتي ڪندا آهن.“
حضرت امام محمد باقر عليه السلام چيو آهي ته، ”جيڪو ماڻهو شادي ڪري تنهن کي گهرجي ته هو پنهنجي زال جو ادب ڪري.“

خوش اخلاق ٿيڻ گهرجي:

خوش اخلاق ٿيڻ گهرجي:
هي دنيا پنهنجي مقرر رستي تي هڪ نظام هيٺ گردش ڪري رهي آهي ۽ ان ئي ترتيب سان هن دنيا ۾ هڪٻئي پويان حادثا ٿيندا رهن ٿا.هيڏي وڏي ڪائنات ۾ اسان جو وجود هڪ ننڍڙي ذرڙي وانگر آهي جيڪو سدائين ٻين ذرڙن سان گڏ چر پر ۾ آهي. هن ڪائنات جو نظام اسان جي هٿ ۾ ناهي ۽ دنيا جا حادثا اسان جي مرضيءَ پٽاندڙ ڪونه ٿينداآهن. صبح جو گهران نڪرندا آهيو ۽ شام جو موٽنداآهيو. ان وچ ۾ اوهان کي الائي ڇا ڇا ڀوڳڻو پوندو هوندو. زندگيءَ جي ميدان ۾ رزق جي لاءِ هڻ هڻان ۾ اوهان کي اڻ ڳڻيون مشڪلاتون ڏسڻيون پونديون هونديون. مثال طور: توهان بس يا ٽيڪسيءَ جي انتظار ۾ بيٺا هجو ته ڪو اوهان کي ڌڪو ڏئي ٿو وڃي، ڪنهن توهان کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ گلا ڪئي ۽ آفيس ۾ پنهنجي باس ۽ هيٺين جا اعتراض ٻڌڻا پوندا آهن. مطلب ته اهڙي قسم جا سوين حادثا هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ پيش ايندا رهندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته انهن اڻ وڻندڙ حالتن جي ڪري اوهان تپي باهه ٿي وڃو ۽ نيٺ ٻرندڙ جبل وانگر ڌڌڪو ڪري ڦاٽي پئو. پاڻ ڏاڍن سان ته ڪونه ٿا پُڄي سگهو پر جڏهن گهر ٿا اچو ته اها ڪسر وري بي گناهه زال ۽ ٻارڙن مان ٿا ڪڍو.
گهر ۾ ايندا آهيو ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ عزرائيل گهر ۾ ڪاهي پيو هجي. اصل سڀني جو ساهه سُڪي ويندو آ هي. ٻارڙا ويچارا خوف وچان ڪوئن وانگر پُڇ لڪائي هيڏي هوڏي پاسيرا ٿي وينداآهن. شل نه صاحب کي ڪو بهانو هٿ اچي، پوءِ ته اصل باهه ٻري ويندي. جيڪڏهن کاڌي ۾ لوڻ گهٽ وڌ ٿي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن ٻار گوڙ ڪيو يا وري جيڪڏهن زال جي واتان ڪو گُٿو لفظ نڪتو ته پوءِ گهر ۾ قيامت اچي ويندي ۽ صاحب، ايٽم بم وانگر ڦاٽي پوندو. ڪنهن کي دڙڪا ڏيندو، ڪنهن کي گارين جا ڌُوڙيا لائي ڏيندو ته ڪنهن کي وري ٻه-ٽي ٿڦان وهائي ڪڍندو. اهڙيءَ طرح گهر جو وڻندڙ ۽ سڪون ڏيندڙ ماحول، جنهن ۾ هو آرام ڪرڻ لاءِ آفيس کان موٽيو هو، ڏسندي ئي ڏسندي دوزخ بنجي ويندو آهي جنهن ۾ هو نه رڳو پاڻ پر سڀني گهر ڀاتين کي پن ساڙي ڇڏيندو آهي. ان ڏهڪاءَ ۽ خوف واري ماحول کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ٻار ويچارا گهر ڇڏي اچي گهٽين ۾ رُلندا وتندا آهن ۽ دعا گهرندا آهن ته شال اهو دوزخ جو داروغو گهر مان جلد نڪري وڃي ته جيئن اهي موٽي اچي ڪو آرام ڪن.
اهڙي ماحول ۾ جتي جهيڙو هلندو هجي، ڪنهن کي به سڪون ڪونه ملندو آهي. اهڙن ڪٽنبن جي حالت سدائين خراب پئي رهندي آهي. زال، مڙس جي اڍنگي رورتاءَ مان تنگ ٿي ويندي آهي. ڀلا اهڙي عورت جنهن جي سدائين مڙس پاران بيعزتي ٿيندي رهي، ويچاري ڪيئن خوش رهي سگهي ٿي؟ ۽ کانئس وري مڙس ۽ ٻارڙن جي پر گهرو لهڻ ۽ گهر ۾ دلچسپي وٺڻ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟
اڃا به وڌيڪ خراب حالت ته ويچارن انهن ابهم ٻارڙن جي ٿيندي آهي جيڪي اهڙي بدنصيب ماحول ۾ پلجندا آهن. ماءُ پيءُ جي روز جي جهيڙن جهٽن ڪري سندن ڪچڙي دماغ ۽ حساس روح تي ڏاڍو خراب اثر پوندو آهي. نتيجو اهو وڃي نڪرندو آهي جو وڏا ٿيڻ کان پوءِ اهي به چيڙاڪ، جهيڙاگر، ساڙيلا ۽ بداخلاق ٿي پونداآهن ۽ سندن چهرا سدائين ڪومايل رهندا آهن. جيئن ته گهر جي ماحول ۽ زندگيءَ ۾ کين ڪا دلچسپي نه هوندي آهي، تنهن ڪري اهي هيڏي هوڏي ڀٽڪندا ۽ رُلندا پنندا وتندا آهن. ڪي ٻار ۽ نوجوان ته، انهن ڏوهارين جي هٿ چڙهي ويندا آهن جيڪي اهڙي قسم جي ٻارن ۽ نوجوانن کي ڀٽڪائڻ جا وَجَهه پيا ڳوليندا آهن. ۽ کين پنهنجي چنبي ۾ ڦاسائي سندن ٻئي جهان خراب ڪري ڇڏيندا آهن. گهر جي ايذائيندڙ ماحول ڪري ڪي ٻار ۽ نوجوان وري وڏن ڏوهن جهڙوڪ: قتل ڪرڻ ۽ ڌاڙا هڻڻ کان به نه مڙندا آهن. ان ڳالهه جي تصديق اوهان ڏوهاري ٻارن جا فائيل ڏسي ڪري سگهو ٿا. اهڙي قسم جي ٻارن جي باري ۾ خبرون ۽ انگ اکر اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپبا رهنداآهن. اهڙن اڻ وڻندڙ حادثن جا ذميدار رڳو ڪٽنب جا سرپرست هونداآهن، جن کي ڪنٽرول ناهي هوندو ۽ اهڙيءَ طرح گهر ۾ اڻ وڻندڙ ماحول پيدا ڪري ٻارڙن کي گهر ۽ ماءُ پيءُ کان بيزار ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي ٻارن سان جُٺيون ڪندا آهن ۽ سندن آئندو تباهه ڪري ڇڏيندا آهن، تن کي هن دنيا ۾ ڪوبه سڪون ناهي ملندو ۽ نه ئي وري سندن آخرت ڪا چڱي ٿيندي.
پيارا ڀاءُ! دنيا جو نظام اسان جي هٿ وَس ناهي. رڪاوٽون، مشڪلاتون، مصيبتون، ڏک ڏاکڙا، پريشانيون ۽ مونجهارا هن دنيا جو اڻ ٽٽ جزو آهن. هر ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾ اهي سڀ مسئلا ڏسڻا پوندا آهن، تنهن ڪري ساڻن مُنهن ڏيڻ لاءِ سدائين تيار رهن گهرجي. انسان جي ڪردار جي پرک اهڙن ئي موقعن تي ٿيندي آهي. جيڪي به مسئلا پيش اچن تن کي ڳلو ڦاڙڻ کانسواءِ مڙسيءَ سان مُنهن ڏجي. انسان کي قدرت، مسئلن سان منهن ڏيڻ جي شڪتي ڏني آهي، تنهن ڪري ان شڪتيءَ کي ڪتب آڻيندي هر رڪاوٽ کي هٽائجي.
اصل ۾ پريشانين جو بنيادي ڪارڻ اڻ وڻندڙ حادثا نه هوندا آهن پر اها اسان جي ذهني ڏٻرائپ هوندي آهي جيڪا ٿوري ٿَڪي ڳالهه جو وڏو اثر وٺي اسان کي مونجهارن ۽ پريشانين جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن اسان پيش آيل حالتن جي آڏو سينو تاڻي بيهون ۽ پنهنجي ذهن کي ڪنٽرول ۾ رکون ته پوءِ هر مسئلو اک ڇنڀ ۾ حال ٿي سگهي ٿو.
اسان کي زندگيءَ ۾ جيڪي اڻ وڻندڙ حالتون ۽ واقعا پيش ايندا آهن سي ٻن قسمن جا ٿينداآهن. هڪ اهي جيڪي هن دنيا جو نه ڇڄندڙ جزو آهن ۽جن کان بچڻ لاءِ ڪو به حيلو ڪونه هلي سگهندو آهي. ٻيا وري اهي حادثا آهن جن کي اسان پنهنجي ڪوشش سان ٽاري سگهون ٿا.
جيڪڏهن حادثن جو تعلق پهرين قسم سان آهي ته پوءِ روئڻ پٽڻ، ڪاوڙ ڪرڻ ۽ چڙڻ مان ڪجهه ڪين ورندو، ڇو جو ان ڏس ۾ ڪا به شيءِ اسان جي وس ۾ ناهي. اسان کڻي ننهن چوٽيءَ جا زور ڇو نه ڏيون پر پوءِ به انهن شين جو ٿيڻ هڪ اڻٽر ڳالهه آهي. تنهن ڪري اسان کي انهن شين لاءِ ذهني طور تيار رهڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن مسئلن ۽ حادثن جو لاڳاپو ٻئي قسم سان آهي ته پوءِ ڪوشش، حيلن وسيلن ۽ بردباريءَ سان انهن کي حل ڪرڻ سڻائو آهي. جيڪڏهن اسان مسئلن سان همت سان منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکنداسين، پنهنجي دل ۽ ذهن کي ڪنٽرول ۾ رکنداسين ۽ سمجهه ۽ هوشياريءَ کان ڪم وٺنداسين ته پوءِ اهي مسئلا سولائيءَ سان حل ٿي سگهن ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ ڪاوڙ ۽ بداخلاقي ڪرڻ سان نه رڳو اهو ته مسئلا حل نه ٿي سگهندا پر ويتر به انهن ۾ واڌارو ٿي ويندو تنهن ڪري هڪ سياڻي ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو پنهنجي هوش حواس ۽ ذهن کي سدائين ڪنٽرول ۾ رکي ۽ زماني جي حادثن ۽زندگيء جي لاهن چاڙهن کان ڊڄي آپي کان ٻاهر نه نڪري وڃي.
انسان هڪ سگهاري ۽ بااختيار مخلوق آهي جيڪو پنهنجي ڪوشش ۽ بردباريءَ سان هر مشڪل کي آسان ڪر ي سگهي ٿو. ڇا اها ڏک جهڙي ڳالهه ناهي ته ننڍين ننڍين ڳالهين ۽ زماني جي ٿڌيءَ ڪوسيءَ کان ڊڄي ماڻهو همت هاري ويهي، روئڻ پٽڻ شروع ڪري ۽ پاڻ کان هيڻن تي ڪاوڙ لاهي؟
ٻيو ته زماني جي گردش ۽ ماڻهن جو اڻ وڻندڙ ورتاءُ توهان کي پريشان ڪندوآهي، ان ۾ توهان جي زال ۽ ٻارڙن جو ڪهڙو ڏوهه؟ توهان جي زال ويچاري صبح کان شام تائين گهرجي ڪمن ڪارين ۾ رڌل رهندي آهي. رڌپچاءُ ڪرڻ، ڪپڙا لٽا ڌوئڻ، گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ ۽ ٻارڙن سان مُنهن ڏيڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ايڏي ٿڪائيندڙ ڪم کان پوءِ هوءَ شام جو ان اميد سان اوهان جي اوسيئڙي ۾ رهندي آهي ته اوهان گهر اچي پنهنجي خوش اخلاقيء ۽ محبت سان دل کي خوش ڪري سڄي ڏينهن جو ٿڪُ لاهي ڇڏيندا.
توهان جا ٻارڙا به صبح کان منجهند تائين اسڪول ۾ پڙهڻ ۽ وري منجهند کان شام تائين اسڪول جو ڪم ڪري ٿڪجي پوندا آهن، تنهن ڪري جڏهن گهر موٽندا آهيون ته اهي توهان مان اها اميد رکنداآهن ته توهان مٺين مٺين ڳالهين، محبت ۽ شفقت وسيلي سندس ٿڪاوٽ لاهي ڇڏيندا. هونئن به اها حقيقت آهي ته پيءُ جو پيار ۽ ٻاجهه وارو ورتاءُ ٻارڙي ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيندو آهي ۽ وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ لاءِ منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ڪندو آهي.
توهان جي زال ۽ ٻار دل ۾ سوين اميدون سانڍيون توهان جي اوسيئڙي ۾ ويهندا آهن. تنهن ڪري ڇا اها ڳالهه اوهان کي سونهين ٿي ته اوهان ڪاوڙ ۾ مُنهن بڇڙو ڪري گهر ۾ داخل ٿيو؟ اهي سڀ اوهان مان اها اميد رکنداآهن ته توهان گهر اچي کين پيار ڪندا، پنهنجي خوش اخلاقي ۽ ٻهڪندڙ چهري سان گهر جي ماحول کي رونق بخشيندا ۽ پنهنجي پيارين پيارين ڳالهين وسيلي سندن ٿڪل دماغ کي سڪون پهچائيندا، نه ڪي اهو ته اوهان گهر اچي باهه ٻاري ڇڏيندا ۽کين دڙڪا داٻ ڏئي ويتر به سندن ذهن کي ٿڪائي ڇڏيندا.
ڇا توهان کي خبر آهي ته اڻ وڻندڙ جملن، جهڻڪن ۽ ڇڙٻن سان سندن معصوم روح ۽ جسم تي ڪيڏو اثر پوندو آهي؟ انهن اثرن جا نتيجا ٻار سان گڏ اڳتي هلي توهان کي ڀوڳڻا پوندا. جيڪڏهن توهان کي مٿن ڪو رحم نه ٿو اچي ته گهٽ ۾ گهٽ پاڻ تي ته ڪو ترس ڪيو. توهان جيڪڏهن پاڻ تي ڪنٽرول نه ٿا ڪيو ۽ ٿورين ٿورين ڳالهين تي تپي باهه ٿي ٿا وڃو ته پوءِ ڇا توهان جو ذهن صحيح سلامت رهي سگهندو؟ اهڙي صورتحال ۾ توهان روز جا ڪم ڪار ڪيئن ڪري سگهندا ۽ زندگيءَ جي مسئلن ۽ پريشانين کي ڪيئن منهن ڏئي سگهندا؟ توهان پنهنجي ۽ پنهنجي زال ٻارڙن جي اجهي کي هروڀرو دوزخ بنائڻ لاءِ ڇو سندرو ٻڌيو بيٺا آهيو؟ ياد رکو ته جيڪي به خراب نتيجا نڪرندا آهن تن جا ذميدار رڳو توهان ئي هوندؤ!
ڇا اهو سٺو ناهي تي اوهان سدائين خوش باش رهو ۽ ڪوبه مسئلو پيش اچي ته ان کي همت، سياڻپ ۽ دلجاءِ سان منهن ڏيو؟ توهان سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري ٿڪا ٽٽا گهر سڪون وٺڻ لاءِ ايندا آهيو، تنهن ڪري ڪاوڙ ۽ بداخلاقي ڪرڻ سان اوهان جو اهو سڪون تباهه ٿي سگهي ٿو. نه رڳو اهو پر اوهان جو ذهن ۽ جسم ويتر به ٿڪجي پوندو ۽ پوءِ اوهان جي طبيعت هلڪي ڪونه رهندي. توهان لاءِ سٺو ان ۾ آهي ته گهر اچي ڪجهه دير آرام ڪيو ۽ پوءِ وري اطمينان سان ٻارڙن ۽ گهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
ڪم ڪار کان ته سمورن مسئلن ۽ پريشانين کي دماغ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ مسڪرائيندا گهر ۾ داخل ٿيو، گهر ڀاتين سان ڀليون ڀليون ڳالهيون ڪريو، کين کلايو، دلجاءِ سان ماني کائو ۽ هر ڳالهه کان ذهن آجو ڪري وڃي آرام سان سمهي پئو. جيڪڏهن اوهان ان طريقي تي عمل ڪيو ته پوءِ اوهان جي زندگي ڏاڍي سٺي گذرندي ۽ اهڙي طرح اوهان گهر جي ماحول کي پڻ سڪون وارو بنائي سگهندا. ان جو سٺو نتيجو اهو نڪرندو جو اوهان جي زال ۽ ٻارڙا ڏاڍو خوش رهندا ۽ هر ڪم شوق سان ڪندا. ۽ اوهان به سڪون ۽ اطمينان سان پنهنجا ڪم ڪار ڪري سگهندا.
اهو ئي سبب آهي جواسان جي دين اسلام ۾ سٺي اخلاق کي ديانت جو مکيه جزو ۽ ايمان جي نشاني ٻڌايو ويو آهي.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”ايمان جي لحاظ کان سٺي اخلاق وارا ماڻهو ئي ڪامل انسان هوندا آهن. توهان مان سٺو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي ڪٽنب سان ڀلائي ڪري.“
پاڻ ﷺ جن وڌيڪ فرمايو آهي ته، ”سٺي اخلاق کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه عمل ڪونهي.“
امام جعفر صادق عه فرمائي ٿو ته، ”نيڪي ڪرڻ ۽ وڻندڙ طبيعت جي ڪري گهر آباد رهندا آهن ۽ ماڻهوءَ جي عمر وڏي ٿيندي آهي.“
امام جعفر صادق عه جو اهو قول به آهي ته، ”بداخلاق ماڻهو پاڻ کي سدائين عذاب ۾ رکندو آهي.“
حڪيم لقمان جو چوڻ آهي ته، ”سياڻي ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو پنهنجي گهر ۾ ٻارڙن وانگر رهي ۽ پنهنجي مڙسي گهر کان ٻاهر ڏيکاري.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”خوش اخلاقيءَ کان وڌيڪ ڪوبه عيش ڪونهي.“
پاڻ ﷺ جن فرمائين ٿا ته، ”سٺو اخلاق اڌ دين آهي.“
پاڻ سڳورن ﷺ جو هڪ وڏو صحابي سعد بن معاذ، جنهن جو پاڻ ﷺ جن ڏاڍو احترام ڪندا هئا، جڏهن گذاري ويو ته حضور ﷺ جن ميڙ سان گڏ پيرين اگهاڙي وڃي جنازي ۾ شريڪ ٿيا ۽ پنهنجي سڳورن هٿن سان سندس جنازو قبر ۾ لاهي مٿان قبر جي مٽيءَ کي سنوٽ ۾ آندائون. سعد جي ماءُ، جنهن حضور ﷺ جي اهڙي احترام کي پريان بيٺي ڏٺو، تنهن وڏي واڪي چيو، ”سعد! توکي مبارڪ هجي جو تون بهشت ۾ پهچي وئين!“
پاڻ ﷺ جن فرمايو، ”سعد جي امڙ! ايئن نه چئو ڇو جو سعد کي قبر ۾ ڏاڍي سختي ٿي رهي آهي. ”ماڻهن ان جو ڪارڻ پڇيو ته پاڻ ﷺ جن ٻڌايو ته، ”ان جو سبب اهو آهي جو هو پنهنجي گهر ڀاتين سان بداخلاقيءَ سان پيش ايندو هو.“

فضول شڪايتن جا دفتر بند رکجن:

فضول شڪايتن جا دفتر بند رکجن:
مسئلا زندگيءَ جو اڻ ٽٽ حصو آهن. هن دنيا ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هوندو جيڪو سؤ سيڪڙو خوش ۽ غمن ۽ پريشانين کان صفا آجو هجي. ڪي ماڻهو دل جا ڪشادا ۽ همت وارا هوندا آهن، صبر سان مسئلن کي مُنهن ڏئي وينداآهن ۽ زماني يا ماڻهن جي ڪابه شڪايت نه ڪنداآهن. اهڙ ا سياڻا ۽ ڀلوڙ ماڻهو روئڻ پٽڻ، ٻين تي گند اڇلائڻ ۽ هر هڪ سان پنهنجا ڏک ونڊڻ کان پاسو ڪندا آهن ڇو جو ائين ڪرڻ سان کين ڪنهن فائدي جي اميد نه هوندي آهي. سياڻا ماڻهو سمجهندا آهن ته پنهنجا ڏک ڏاکڙا ٻين کي ٻڌائڻ سان گهٽجي ته ڪونه ويندا، تنهن ڪري اجايو ٻين جي رنگ ۾ ڀنگ ڇو وجهجي ۽ سندن وقت ڇو وڃائجي. ان جي ابتڙ ڪي ماڻهو وري ايتري سمجهه نه رکندا آهن ۽ ڪا به ڳالهه سندن دل ۾ ٽڪاءُ نه ڪري سگهندي آهي. کين شڪايتون ڪرڻ ۽ روئڻ پٽڻ جي عادت پئجي ويندي آهي ۽ اهڙي طرح هر ڪنهن جي اڳيان شڪايتن جا دفتر کولي ويهڻ ۾ کين مزو ايندو آهي. دوستن جي ڪچهريءَ ۾، جيڪا اصل ۾ وندر ورونهن، ڀوڳ ٺڪاءُ، غم غلط ڪرڻ ۽ وقت گذارڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي، ته کين پنهنجي مسئلن ۽ زماني جي شڪايتن بيان ڪرڻ جو سونهري موقعو ملي ويندو آهي. ۽ اهڙيءَ طرح سڄي ڪچهريءَ جو مزو ئي خراب ڪري ڇڏيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي دوست اهڙي قسم جي ماڻهن جي سنگت کان پري ڀڄندا آهن.
جيئن ته ٻيا ماڻهو اهڙن هلڪڙن جون دانهون ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن هوندا، تنهن ڪري اهي وري پٽڪو اچي پنهنجي گهرڀاتين ۽ ويجهن مٽن مائٽن مان ڪنداآهن. ڪڏهن کين مهانگائي جي شڪايت هوندي آهي ته ڪڏهن وري ڪنهن سسٽم ۾ کين ڪيڙا نظر اينداآهن، ڪڏهن بسن ۾ گهڻن مسافرن کي کڻڻ کين نه وڻندو آهي ته ڪڏهن وري گهڻي ٽريفڪ جي ڳڻتي هوندي اٿن، ڪڏهن دوستن ۽ مٽن مائٽن جي هلت نه وڻندي اٿن ته ڪڏهن وري پنهنجي آفيسر جي ورتاءَ جي دانهن ڪندا آهن ۽ ڪڏهن وري بيمارين ۽ ڊاڪٽرن جي ڳريءَ فيءَ جو پٽڪو ڪندا آهن. مطلب ته کين هر ڳالهه ۾ رڳو برائي نظر ايندي آهي. ٿورين ٿورين ڳالهين تي پاڻ به پريشان ته گهر ڀاتين کي پڻ آزار ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. انهن جي حال تي جيترو به افسوس ڪجي اوترو گهٽ آهي.
مانوارا ڀاءُ! دانهن ۽ شڪايتن مان سواءِ پريشاني جي ٻيو ڇا ٿو ملي سگهي؟ شڪايتون ڀلاڪهڙي درد جي دوا آهن؟ ڇو ٿا ڀلا ان بڇڙي عادت جي ڪري پاڻ ۽ گهر ڀاتين کي پريشان ڪندا وتو؟ توهان جي زال ويچاري سڄو ڏينهن ڪم ڪار جي گهڻائي ۽ ٻارڙن سان مٿي ماريءَ ڪري مس وڃي شام جو واندي ٿيندي آهي. گهر جي ڪم ڪار جي گهڻائي ٻارڙن سان مٿي ماري ڪري سندس بدن ۽ ذهن ٿڪجي چُور ٿي پوندو آهي. ٻارڙا به سڄو ڏينهن اسڪول ۽ پوءِ وري گهر ۾ پڙهي ٿڪجي پوندا آهن ۽ توهان مان اها اميد رکندا آهن ته جڏهن توهان گهر ايندا ته کين پيار ڪري سندن ٿڪاوٽ لاهي ڇڏيندا. توهان پاڻ ئي انصاف ڪيو ته ڀلا اهو چڱو آهي ته توهان کين دلجاءِ ڏيڻ بدران شڪايتن ۽ دانهن جا تحفا کنيو گهر اچو؟ توهان پيار ۽ محبت جي مرڪز يعني پنهنجي گهر کي دوزخ ۾ بدلائڻ تي ڇو سندرو ٻڌيو بيٺا آهيو؟ دانهون ۽ شڪايتون ڪري گهر مٿي تي اچي کنيو اٿو؟ جيڪڏهن زندگيءَ جا مسئلا ڳچ آهن ۽ ماڻهن جو ورتاءُ سٺو ناهي ته پوءِ ان ۾ توهان جي زال ۽ ٻارڙن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ جيڪڏهن توهان کي آفيس ۾ دڙڪا داٻ ملن ٿا يا وري ڪاروبار گهٽ آهي ته پوءِ اهي ويچارا ڇا ڪن؟
توهان جي اها هاڃيڪار عادت ڪو به مسئلو حل نه ٿي ڪري سگهي، ويتر توهان جي گهر ڀاتين کي پنهنجي گهر، زندگيءَ ۽ توهان کان بيزار ڪري ڇڏيندي. ڪاوڙ ۽ رنج ۾ جيڪا ماني کاڌي ويندي تنهن مان ڪهڙو فائدو ملندو؟ ٻيو ته توهان جي ان عادت ڪري توهان جي زال ۽ ٻارڙا گهر کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندا جنهن جو نتيجو جهيڙي جهٽي جي صورت ۾ پڻ نڪري سگهي ٿو. ان کان سواءِ ذهني روڳ به گهيراءُ ڪري سگهن ٿا. تنهن ڪري ڇا اهو چڱو نه ٿيندو ته سياڻپ، سهپ ۽ صبر کان ڪم وٺجي؟ توهان جڏهن شام جو گهر وڃو ته مسئلن ۽ پريشانين کي وقتي طور تي وساري ڇڏيو، کلندا ٻهڪندا گهر ۾ داخل ٿيو. جيترو وقت به گهر ۾ رهو ته سٺي موڊ ۾ رهو، گهر جي ماحول کي ٺيڪ رکو، زماني جون شڪايتون ۽ د ل جا درد بيان نه ڪيو. گهرڀاتين سان وڻندڙ ڳالهيون ڪيو، پاڻ به کلو ته ٻين کي به کلائي کيرو ڪيو. گڏجي ماني کائو ۽ محبت واري ماحول مان پورو پورو مزو وٺو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو پاڻ کي وري ڪم ڪارين لاءِ نئين سر تازو توانو ڪري ڇڏيو.
اسلام ۾ به سهپ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ ۽ دانهن شڪايتن کان پاسو ڪرڻ کي هڪ سٺي عادت ٻڌايو ويو آهي ۽ ان لاءِ ثواب جو پڻ واعدو ڪيو ويو آهي.
حضرت علي رضه فرمايو آهي ته، ”جڏهن ڪنهن مسلمان تي ڪا مصيبت ڪڙڪي ته هو ماڻهن سان خدا جي شڪايت نه ڪري، پر خدا سان شڪايت ڪري ڇو جو مڙني مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي ڪنجي خدا جي ئي هٿ ۾ آهي.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي جسماني يا مالي اعتبار کان ڪا مصيبت آئي ۽ هن ماڻهن سان ان جي شڪايت نه ڪئي ته پوءِ خدا سندس گناهن کي معاف ڪري ڇڏيندو.“

اعتراض ۽ بهانا:

اعتراض ۽ بهانا:
ڪن مردن کي اعتراض ڪرڻ عيب ڪڍڻ جي عادت هوندي آهي. گهر ۾ اچڻ سان اعتراضن جو سلسلو شروع ڪري ڏيندا آهن. ننڍين ننڍين ڳالهين تي به ماٺ رهي ڪونه سگهندا آهن، جهڙوڪ: فلاڻي شيءِ پنهنجي جاءِ تي رکيل ڇو نه آهي؟ قميص هتي ڇو پئي آهي؟ ماني پچائڻ ۾ ڇو دير ٿي آهي؟ فلاڻي شيءِ ڇو نه پچائي اٿوَ؟ اڄ سلاد ڇو نه ٺاهيو اٿوَ؟ ٻوڙ ۾ ساوا ڌاڻا ڇو نه وڌا اٿوَ؟ چٽڻي ڇو کپائي ڇڏيوَ؟ گلدان کي هتان هٽايو. هزار ڀيرا چيو اٿمانوَ ته ايش ٽي کي ميز تي رکندا ڪريو. اهي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪيترائي اعتراض سندن روز جو معمول بنجي ويندا آهن. ڪي مرد ان ڏس ۾ ايڏي ته سختي ڪندا آهن جو پنهنجو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو سڪون تباهه ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪي ته وري اهڙا مرد به هوندا آهن جو ان معاملي ۾ ڪابه لچڪ نه ڏيکاريندا آهن تان جو شاديءَ جهڙي مقدس ٻنڌڻ کي به ٽوڙڻ لاءِ تيار ٿي وينداآهن.
اسان مڃون ٿا ته مرد کي گهر جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جو حق آهي ۽ هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ عورتن کي نصيحت ڪري آيا آهيون ته اهي مرد جي ان حق کي مڃين ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن معاملي ۾ دخل ڏي ته پوءِ ڪو ردعمل ظاهر نه ڪجي. پر مرد، جيڪو گهر جو سرپرست ۽ مئينجر آهي، کي خيال ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن هن کي گهر جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جو شوق آهي ته پوءِ کيس گهر جي ته سياڻپ وارو صحيح طريقو اختيار ڪري ته جيئن سندس ڳالهه اثرائتي ثابت ٿئي.
جيئن ته مرد کي گهر جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جو وقت نه هوندو آهي ۽ اصولي طور تي ان ڏس ۾ کيس ڪا مهارت به نه هوندي آهي تنهن ڪري سٺو ان ۾ آهي ته گهر جي مڙني ڪمن ڪارين ۽ معاملن جا اختيار زال جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ کيس پوري آزادي ڏئي ڇڏي ته هوءَ پنهنجي مُنهن گهر جو انتظام هلائي. ها! جيڪڏهن زال جي انتظام ۾ کيس ڪا ڪمي ڪوتاهي نظر اچي ته پوءِ هُو ان بابت صلاح ۽ مشوري جي طور تي کيس ٻڌائي ڇڏي نه ڪي زور ۽ داٻ دڙڪي سان. زال به جيڪڏهن سياڻي آهي ۽ کيس گهر سان دلچسپي آهي ته پوءِ کيس پنهنجي مڙس جي مرضيءَ ۽ ذوق جو خيال رکڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن گهر جي معاملن ۾ مڙس جي راءِ مناسب ناهي ته پوءِ نرميءَ ۽ پيار سان مڙس کي ٻڌائي ڇڏي ته ائين ڪرڻ سان ڳالهه ڪونه ٺهندي. اهڙيءَ صورت ۾ مرد جي عزت به رهجي ويندي ۽ سندس شخصيت به مجروح نه ٿيندي. وري جيڪڏهن اعتراض لاڳيتا رهيا ته پوءِ انهن جو ابتو نتيجو نڪري سگهي ٿو ڇو جو ڪي عورتون مڙسن جي لاڳيتن اعتراضن جون عادي ٿي وينديون آهن ۽ انهن کي ڪا به اهميت نه ڏينديون آهن. اهڙيءَ صورت ۾ سندن مڙس جي شخصيت فضول بڻجي ويندي آهي ۽ سندس ڳالهين تي ڪو به ڌيان ڪونه ڏينديون آهن. ايتري تائين جو صحيح اعتراض کي به ليکينديون ئي ڪونه آهن. گڏوگڏ پنهنجي دل ۾ اهو پڻ سوچينديون آهن ته مڙس هر ڳالهه تي اعتراض ته ضرور ڪندو تنهن ڪري سندس رضامندي حاصل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ان جي ته عادت رڳو اعتراض ڪرڻ ۽ عيب ڪڍڻ آهي سو جيئن وڻيس تيئن پيو ڪندو رهي. ان جو نتيجو وڃي اهو نڪرندو آهي جو عورت گهر جي ڪمن ڪارين ۽ مڙس سان دلچسپي گهٽائي ڇڏيندي آهي ۽ اڪثر ڪري اعتراضن جي موٽ اعتراض جي ئي صورت ۾ ڏيندي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ گهر جو ماحول، جنهن کي سڪون ۽ آرام جو مرڪز هئڻ گهرجي، لاڳيتي ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي جنگ جو ميدان بنجي ويندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته زال مڙس جي لاڳيتن اعتراضن کان تنگ ٿي طلاق جي گهر ڪري. زال به آخر انسان آهي، هوءَ کڻي ڪيڏو به سمجهندار ۽ بردبار ڇو نه هجي، پر لاڳيتا اعتراض کيس بيزار ڪري ڇڏيندا آهن.

هيٺيون واقعو ڌيان سان پڙهو:

هيٺيون واقعو ڌيان سان پڙهو:
هڪ زال ٻه مهينا اڳ مڙس سان وڙهي پيڪين هلي وئي. هن ٻڌايو ته، ”منهنجي مڙس کي گهر جي ڪمن ڪارين ۾ منهنجو طريقو پسند ناهي. رڌپچاءُ ۽ گهر جي انتظام جي ڏس ۾ هو سدائين منهنجي بيعزتي ڪندو رهندو آهي، ان ڪري مان پنهنجي پيڪين اچي ويٺي آهيان. سندس ڳالهيون ٻُڌي ٻُڌي منهنجا ته ڪَن ئي پچي پيا آهن.“
مرد کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته گهر جو ڪم ڪار ۽ انتظام رڳو عورت سان لاڳاپيل آهي ۽ اها سندس ئي ذميواري آهي. تنهن ڪري مرد کي کانئس اهو حق ڇنڻ نه گهرجي ۽ کيس پوري آزادي ڏيڻ گهرجي ته جيئن هوءَ پنهنجي مُنهن ۽ شوق ۽ دلچسپيءَ سان گهر جوڪم ڪار ڪندي رهي. مرد ان ڏس ۾ سختي نه ڪري ته سٺو، ڇو جو گهر جو سڪون ۽ گڏيل ميٺ محبت مڙني شين کان مٿانهين آهي.

زال سان همدردي ڪجي:

زال سان همدردي ڪجي:
جيئن مرد سدائين هڪ حال ۾ نه رهندا آهن تيئن عورتون به مختلف حالتن ۾ هونديون آهن. ڪڏهن پيون ٻهڪنديون آهن ته ڪڏهن وري اداس ۽ مايوس نظر اينديون آهن ۽ ڪڏهن ته وري ايڏي ڪاوڙ ۾ هونديون آهن جو کين ڪابه ڳالهه نه وڻندي آهي چڙپيون کائينديون آهن. ان جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا جهڙوڪ: ٿي سگهي ٿو ته اهي گهرجي ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پيون هجن، ٻارڙن جي گوڙ گهمسان کين تنگ ڪيو هجي، ڪنهن پاڙي واريءَ جي طعنن مهڻن کيس ڏکارو ڪيو هجي يا وري پاڙي وارن جي ٺٺ ٺانگر مٿن ذهن تي بار وڌو هجي. اهڙي قسم جون ڳالهيون سندن روح تي ناڪاري اثر وجهي کين بيحال ڪري ڇڏينديون آهن.
عورتون جيئن ته نازڪ احساس ۽ جذبا رکنديون آهن تنهن ڪري مردن جي ڀيٽ ۾ اڻ وڻندڙ حالتن جو مٿن وڌيڪ گهرو اثر ٿيندو آهي ۽ پوءِ اهي هڪدم پنهنجو رد عمل ظاهر ڪري ويهنديون آهن. ننڍي کان ننڍي ڳالهه به کين ڪاوڙ ڏئي ڇڏيندي آهي. جيئن ته اهي حد کان وڌيڪ جذباتي هونديون آهن تنهن ڪري مشڪلاتن کي برداشت ڪرڻ جي منجهن ڪا به سگهه ڪونه هوندي آهي ۽ اهي هڪدم روئڻ پٽڻ شروع ڪري ڏينديون آهن.
اهڙن موقعن تي کين ڪنهن جي تسليءَ ۽ همدرديءَ جي ضرورت پوندي آهي ۽ ان ڪم لاءِ مڙس کان وڌيڪ ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي، ڇو جو مڙس ئي سندس زندگيءَ جو ساٿي ۽ غم ونڊيندڙ هوندو آهي. تنهن ڪري مڙس کي گهرجي ته هو اهڙي موقعي تي زال کي دلجاءِ ڏئي سندس ٿڪل ذهن کي سُڪون پهچائي.
پيارا ڀاءُ! جڏهن توهان گهر ۾ داخل ٿيو ۽ ڏسو ته جيڪڏهن توهان جي زال ڪاوڙ ۾ آهي يا پريشان آهي ۽ سندس مُنهن لٿل آهي ته پوءِ توهان سندس حالت ڏسي مٿس رحم ڪريو. جيڪڏهن ناراضگيءَ يا پريشانيءَ ڪري هن توهان کي سلام نه ڪيو ته پوءِ توهان کڻي اڳ ۾ ئي سلام ڪيو. ائين ڪرڻ سان توهان جي عزت گهٽجي ٿوروئي ويندي. توهان ساڻس نرميءَ سان ڳالهايو ۽ پهرين کان به وڌيڪ پيا ر ۽ محبت جو اظهار ڪريو، ڪاوڙ ۽ چڙ نه ڏيکاريو، گهر جي ڪم ڪار ۾ سندس هٿ ونڊايو. ڌيان رهي ته توهان جي واتان ڪي اڻ وڻندڙ ۽ سخت لفظ نه نڪري وڃن، مٿس ٽوڪ ٺٺول ياچٿر نه ڪريو ۽ جيڪڏهن هوءَ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ ناهي ته پوءِ کيس پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو. کيس اهو نه چئو ته ”ڇا ٿيو ٿي؟ منهن سڄايون ويٺي آهين“ جيڪڏهن هوءَ پنهنجي دل جي ڳالهه توهان کي ٻڌائي ته اها ڌيان سان ٻڌو ۽کيس دل کولي ڳالهائڻ ڏيو ته جيئن سندس دل جو بار هلڪو ٿي وڃي.
پوءِ جڏهن هوءَ سامت ۾ اچي ته توهان هڪ مهربان سرپرست ۽ هڏ ڏوکي مڙس وانگر، سندس مونجهارا مٽائڻ جي ڪوشش ڪريو، کيس دلجا ءِ ڏيو ۽ صبر ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺڻ لا ءِ همت ٻڌرايو. نرم ۽ وڻندڙ لهجي ۾ دليلن ۽ ثابتين وسيلي زندگيءَ جي اڻ وڻندڙ حادثن کي عارضي ۽ معمولي ڪري ٻڌايو ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجي هر ممڪن مدد جو واعدو ڪيو ته جيئن هوءَ مطمئن ٿي وڃي. جيڪڏهن توهان صبر، سهپ ۽ سياڻپ کان ڪم ورتو ته پوءِ جلد پريشانين مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح توهان جي زندگي پهرين کان به سٺي گذري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن توهان ان جي ابتڙ بداخلاقيءَ سان هلندا ته پوءِ ڳالهه جهيڙي جهٽي ۽ مارڪُٽ تائين پهچي سگهي ٿي ۽ پوءِ ٿي سگهي ٿو ته معاملو وڃي طلاق تي دنگ ڪري.

عيب نه ڳولجن:

عيب نه ڳولجن:
هن دنيا ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو ناهي جنهن ۾ هڙئي خوبيون هجن ۽ جيڪو مڙني بڇڙاين، نقصن ۽ عيبن کان آجو هجي. گهڻو ڪري هر انسان ۾ ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خاميون هونديون آهن، جهڙوڪ: ڪو سنهو هوندو آهي ته ڪو وري ٿلهو مَتارو. ڪنهن جو نَڪُ ڊگهو هوندو آهي ته ڪنهن جون وري اکيون چُچيون هونديون آهن. ڪنهن جا ڏند وڏا هوندا آهن ته ڪنهن جا وري چپ ٿلها هوندا اهن. ڪو ڀورو هوندو آهي ته ڪو وري ڪارو. ڪو ڄامڙو هوندو آهي ته ڪو وري ڊگهو. ڪنهن جي وات مان ڌپ ايندي آهي ته وري ڪنهن جي پيرن مان. ڪو شرميلو ۽ گهٽ ڳالهاؤ هوندو آهي ته ڪو وري چالاڪ ۽ گهڻ ڳالهائو. ڪو بي ادب هوندو آهي ته ڪنهن کي وري اٿڻ ويهڻ جو ڍنگ ڪونه ايندو آهي ۽ جاهل، فضول خرچ، سُست، خود غرض ۽ بداخلاق به هن دنيا ۾ جام هوندا آهن. مطلب ته اهڙي قسم جا ننڍا وڏا عيب هر ماڻهوءَ ۾ هوندا آهن. ڪو به مرد يا عورت اهڙي ناهي جنهن ۾ مٿي ٻڌايل عيبن مان ڪو هڪ يا ڪجهه عيب نه هجن.
مرد عام ڪري شاديءَ کان اڳ هڪ تصوراتي شڪل کي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيندا آهن جيڪا هر عيب کان آجي ۽ هر لحاظ کان مڪمل هوندي آهي ۽ جنهن کي اهي پنهنجي آئڊيل سمجهندا آهن ۽ اهو سمجهندا آهن ته مڙني خوبين سان ٽمٽار ملائڪن جهڙي ڇو ڪري سندس گهر واري بڻبي. کين اها حقيقت معلوم نه هوندي آهي ته هن دنيا ۾ اهڙيءَ هستيءَ جو ڪٿي به ڪو وجود ڪونهي. نيٺ جڏهن شادي ڪنداآهن ۽ زال سندس خيالي خاڪي پٽاندڙ ناهي هوندي ته پوءِ اعتراض ڪرڻ عيب ڪڍڻ شروع ڪنداآهن. نه رڳو اهو پر پاڻ کي بدنصيب سمجهي سدائين روئندا وتندا آهن. شل نه زال ڪا غلطي ڪري پوءِ ته همراهه اندر ۾ پيا وَٽ کائينداآهن. ننڍڙي ننڍڙي غلطي به کين وڏي نظر ايندي آهي. زال کي سدائين بي عزتو ڪندا وتندا آهن ۽ ماڻهن جي مُنهن تي کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندا ۽ مٿس ٽوڪ ٺٺول ۽ تنقيد ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح پنهنجي ازدواجي زندگيءَ جي بنيادن کي لوڏي پاڻ کي ۽ زال کي پريشان ڪري ڇڏيندا آهن.
ان ڳالهه جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو زال دلي طور تي ڏاڍو اداس ٿي ويندي آهي۽سندس پيار ۽ محبت ۾گهٽتائي اچي ويندي آهي زندگي، مڙس ۽ گهر گهاٽ مان سندس دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي ۽ دل ۾ سوچيندي رهندي آهي ته اهڙي مرد سان ڇو گذاريان جيڪو سدائين وتي ٿو مون مان عيب ڳوليندو ،يا وري هو ڪڏهن ڪڏهن بدلو وٺڻ تي لهي ايندي آهي ۽مڙس جاعيب ڪڍڻ شروع ڪندي آهي مثال طور جيڪڏهن مڙس زال جي شڪل صورت تي کيس ٽوڪيندو آهي ته هو به موٽ ۾ ائين ئي ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻئي مان عيب ڪڍڻ جو سلسلو لاڳيتو هلندو رهندو آهي ۽ ڪنهن کي به هڪ ٻئي ۾ ڪا خوبي نظر ڪونه ايندي آهي. اهڙيءَ طرح زندگي، جنهن کي پيار ۽ محبت سان ڀريل هجڻ گهرجي، گڏيل ڇڪتاڻ ۾، هڪ ٻئي مان عيب ڪڍندي ۽ بي عزتي ڪندي گذرندي آهي.
جيڪڏهن معاملو ائين ئي هلندو رهيو ته پوءِ پڇاڙيءَ تائين چڱو ڏينهن نصيب ڪونه ٿيندو ڇو جو گهر جنهن ۾ پيار ۽ محبت نه هجي سو سڪون جهڙي وڏي نعمت کان سدائين وانجهيل رهندو آهي. ان کانسواءِ جيڪي مرد پنهنجي شاديءَ مان خوش ناهن هوندا ۽ پاڻ کي سدائين بدنصيب پيا سڏيندا آهن ۽ اهي عورتون جيڪي لاڳيتو مڙسن جي ٽوڪ ٺٺول ۽ بيعزتيءَ جو نشانو بڻيل رهنديون آهن، سي هميشه خطرناڪ نفسياتي ۽ روحاني روڳن جي وَر چڙهيل هونديون آهن. جيڪڏهن جهيڙو جهٽو وڌي ويو ۽ ڳالهه طلاق تائين پهچي وئي ته پوءِ عام ڪري زال ۽ مڙس ٻنهي جي زندگي برباد ٿي ويندي آهي، خاص ڪري جيڪڏهن ٻارڙا هوندا آهن ته پوءِ ته ڳالهه اڃا به ڳري ٿي ويندي آهي. مرد کي ڏاڍو عذاب ڀوڳڻو پوندو آهي ڇو جو پهرين ته طلاق جي ڪري مرد سماج ۾ پنهنجي عزت وڃائي ويهندو آهي ۽ ماڻهو کيس ڪڏهن به سٺو نه سمجهندا آهن. ٻيو اهو ته طلاق جي نتيجي ۾ مالي لحاظ کان به کيس وڏو نقصان ٿيندو آهي ۽ ٻي شاديءَ لا ءِ وري جهجهن ڏوڪڙن جي ضرورت پوندي آهي، جيڪا سولائيءَ سان پوري ٿي نه ٿي سگهي. ٽيون اهو ته طلاق کان پوءِ ٻي شاديءَ لاءِ هر عيب کان آجي زال به ملي سگهندي الائي جي نه! پهرين زال طلاق ڏيڻ کانپوءِ جيڪا بدنامي پلئه پوندي آهي تنهن جي ڪري گهٽ ڇوڪريون ساڻس شاديءَ لاءِ تيار ٿينديون آهن. فرض ڪريو جيڪڏهن کيس ڪا ڇو ڪري ملي به وئي ته ضروري ناهي ته هوءَ پهرينءَ کان وڌيڪ سٺي هجي يا وري منجهس ڪو عيب نه هجي. ائين ٿي ئي نه ٿو سگهي ته ڪنهن کي عيبن کان آجي ۽ هر نقص کان پاڪ زال ملي وڃي. ٻي زال ۾ پڻ ڪيترائي عيب ٿي سگهن ٿا ۽ هو پهرينءَ کان به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. ان صورتحال ۾ ته ويچاري کي هر حال ۾ ساڻس جالڻو پوندو . توهان کي اهڙا گهٽ مرد ملندا جيڪي ٻي شاديءَ کان خوش هجن پر پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ! واري اصول تي عمل ڪري پيا گذاريندا آهن.
ڀاءُ! توهان ڀلا پنهنجي زال کي عيبن جي عينڪ سان ڇو ٿا ڏسو؟ ننڍڙا ننڍڙا ۽ ليکي ۾ نه ايندڙ عيب اوهان کي وڏا ڇو ٿا نظر اچن؟ ڇا توهان کي اهو احساس ناهي ته ائين ڪرڻ سان اوهان جي ڪٽنب جي زندگي برباد ٿي سگهي ٿي؟ ڇا توهان جي نظر ۾ اهڙي ڪا عورت آهي جيڪا مڙني عيبن کان آجي هجي؟ ڇا توهان ۾ به ڪو عيب ڪونهي؟ توهان هروڀرو اها اميد ڇو ٿا رکو ته زال صفا بي عيب هجي؟ اصولي طور تي انهن ننڍن ننڍن عيبن ۽ خامين جي ڪابه اهميت ڪانهي، تنهن ڪري انهن کي نظرانداز ڪرڻ ۾ ئي اوهان جو ڀلو آهي.
توهان رڳو پنهنجي زال جا عيب ۽ خاميون ڳولڻ ۾ پورا آهيو. توهان کي سندس خوبيون ۽ چڱايون ڇو نه ٿيون نظر اچن؟ توهان جيڪڏهن انصاف جي نظرن سان ڏسندا ته پوءِ توهان کي منجهس ڪيتريون ئي خوبيون نظر اينديون جن جي ڀيٽ ۾ سندس خاميون ته ڪجهه به ناهن ۽ جيڪڏهن توهان سندس خوبين تي ڌيان ڏيندا ته پوءِ سندس ننڍڙا ننڍڙا عيب ته ڳڻڻ لائق ئي نه هوندا. اسلام ۾ عيب ڪڍڻ کي هڪ اڻ وڻندڙ ۽ هاڃيڪار صفت سڏيو ويو آهي ۽ سختيءَ سان ان کان جهليو ويو آهي.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”مسلمانن جا عيب نه ڪڍو. جيڪو ٻين جا عيب اگهاڙيندو، خدا وري تنهن جا عيب ڪڍندو. پوءِ چاهي اهو ماڻهو گهر ۾ ئي ڇو نه هجي پر خوار خراب ضرور ٿيندو.“

گلا ڪندڙن جي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏيو:

گلا ڪندڙن جي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏيو:
گلا ڪرڻ هڪ اهڙي بڇڙي عادت آهي جيڪا عام طور ڪيترن ئي ماڻهن ۾ موجود هوندي آهي. ان گندي عادت ڪري دوستن ۽ مٽن مائٽن ۾ دشمني پيدا ٿيندي آهي ۽ اها ڪٽنبن کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي ۽ گهر جي وڻندڙ ماحول جي رونق کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالهه وڃي قتل وغارت تائين پهچندي آهي عيب ڪڍڻ ۽ گلا ڪرڻ جا ڪيترائي سبب هوندا آهن. ڪڏهن ساڙ ۾ اچي گلا ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن وري دشمنيءَ ڪري ۽ بدلي وٺڻ خاطر زبان گندي ڪئي ويندي آهي. گڏوگڏ گلا ڪرڻ جو مقصد پاڻ پڏائڻ پڻ هوندو آهي. ڪڏهن وري ڪنهن ماڻهوءَ جي گلا غيبت ڪري کيس سندس دوستن کان پري ڪيو ويندو آهي ته جيئن سندس توجهه ۽ محبت کي پاڻ ڏانهن موڙي سگهجي. پر اها حقيقت آهي ته جيڪو ٻين جي گلا ڪري سو ڪنهن جو سڄڻ نه ٿو ٿي سگهي. اهڙي حالت ۾ هڪ هوشيار ۽ سياڻي ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو گلا خورن جو ن ڳالهيون هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي ۽ نهايت خبرداريءَ سان گلا خور جي مقصد کي سمجهي کانئس دوکو نه کائي. گڏوگڏ مرد کي اهو نڪتو پڻ ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عام ڪري سندس ماءُ، ڀينر، ڀائر ۽ ڀاڄايون، سندس زال جي باري ۾ ڪا چڱي راءِ نه رکنداآهن. ظاهر ۾ ته سندن لاڳاپا سٺا هوندا آهن پر اندر ئي اندر ۾ اهي هڪ ٻئي کان پيا سڙندا رهنداآهن.
ان ڳالهه جو اصل ڪارڻ اهو هوندو آهي جو شاديءَ کان اڳ ڇوڪرو پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڪٽنب جو ڀاتي سمجهيو ويندو آهي ۽ سندس ڪا ڌار حيثيت نه هوندي آهي. ماءُ پيءُ سالن جا سال پنهنجي ڇوڪري جي تعليم ۽ تربيت ۽ پالنا جي ڏس ۾ اڻ ڳڻيون تڪليفون برداشت ڪندا آهن ۽ اها اميد رکندا آهن ته هو پوڙهائپ ۾ سندن سهارو بڻبو. جيتوڻيڪ والدين پنهنجي مرضيءَ سان پٽ کي پرڻائيندا آهن ۽ ظاهر ۾ ته هو هڪ آزاد شخصيت جو مالڪ بڻجي ويندو آهي پر پوءِ به اهي کانئس اها اميد رکندا آهن ته اهو آزاد هجڻ جي باوجود به سندس فرمانبردار رهي، پهرين کان وڌيڪ ساڻن محبت ڪري ۽ مڙني معاملن ۾ زال کان وڌيڪ سندن خيال رکي ۽ چيو مڃي.
شادي ءَ کان پوءِ ڇوڪري جي اها خواهش هوندي آهي هو هڪ خوش باش ۽ آزاد زندگي ءَ جي شروعات ڪري. جيئن ته هو پنهنجي نئين ڪنوار کي نئين زندگيءَ جو ساٿي سمجهندو آهي، تنهن ڪري ساڻس تمام گهڻو پيار ڪندو آهي ۽ ڏينهن رات محنت ڪندو آهي ته جيئن زندگيءَ جون سموريون ضرورتون پوريون ڪري پنهنجي زال کي سُکيو رکي. جيئن ته ان مقصد لاءِ هو وڏي جاکوڙ ڪندو آهي، تنهن ڪري پنهنجي پهرين زندگيءَ کان صفا ڪٽجي ويندو آهي ۽ کيس پنهنجي گهر ڀاتين خاص ڪري والدين سان پيار محبت ونڊڻ جو موقعو گهٽ ملندو آهي.
اها ڳالهه سندس ماءُ ۽ ڀينرن کي ڪونه وڻندي آهي ۽ سندن ذهن ۾ اهو شڪ ويهندو آهي ته گهر ۾ هڪ ڌاريءَ ڇوڪريءَ جي اچڻ سان ڇوڪرو هٿن مان نڪري ويو آهي. ڇوڪرو پنهنجي زال سان جيتري به محبت ڪندو آهي اوترو ئي اهي سڙنديون رهنديون آهن. کين ڊپ هوندو آهي ته ڪٿي ڇو ڪرو کين وساري ئي نه ڇڏي ۽ ان ڏس ۾ سڄو الزام سندس زال تي هڻنديون آهن ۽ ننهن چوٽيءَ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته جيئن ڇوڪري جي دل مان زال جي محبت گهٽجي وڃي. ان مقصد لاءِ اهي نئين ڪنوار مان عيب ڪڍڻ شروع ڪنديون آهن، ننڍڙين ننڍڙين خامين کي وڌائي ٻڌائينديون آهن ۽ مڙس سان سندس گلا ڪنديون آهن ته جيئن هوءَ سندس نظرن ۾ ڪري پئي.
جيڪڏهن مرد سادو سُودو ۽ ڪنن جو ڪچو آهي ته پوءِ ماءُ ۽ ڀينرن جي ظاهري همدرديءَ کان متاثر ٿي سندن ڳالهين ۾ اچي ويندو آهي ۽ نيٺ زال جون خاميون ۽ ڪچايون ٻڌي ٻڌي کانئس بيزار ٿي ويندو آهي پوءِ کيس ننڍي ننڍي ڳالهه به ڳري لڳندي آهي، جنهن ڪري زال ويچاري سندس ٽوڪ، ٺٺول ۽ تنقيد جو نشانو بنجي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح گهر جو ماحول اڻ وڻندڙ ٿي پوندو آهي ۽ پاڻ ۾ ميٺ محبت بدران ڇڪتاڻ ۽ بيزاري دلين ۾ اچي جا ءِ والاريندي آهي. اهو حال ڏسي ماءُ ۽ ڀينرن جو پيٽ ڀرجي ويندو آهي ۽ پوءِ اهي پهرين کان به وڌيڪ ڪنوار مان عيب ڪڍڻ لڳنديون آهن. سندن شيطانگيريءَ ڪري زال ۽ مڙس ۾ نفرت وڌي ويندي آهي. ڪي سَسُن ۽ ڏيرياڻيون ويچاري ڪنوار کي ايڏو ته آزارينديون آهن جو هوءَ تنگ ٿي آپگهات پڻ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي . سَسُن ۽ ڏيرياڻين جون ستايل اهڙيون ڪيئي عورتون آهن جن آپگهات ڪري پنهنجو انت آڻي ڇڏيو هو. اخبارن ۽ رسالن ۾ اهڙي قسم جون خبرون اوهان به ضرور پڙهندا هوندا. مثال طور تي هيٺيون سچو واقعو پڙهي سگهو ٿا.
هڪ نيئن ڪنوار شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سُئي ڳهي ڇڏي. آپريشن کان پوءِ هن اخبار جي نمائيندن کي ٻڌايو ته، ”هڪ هفتو اڳ منهنجي شادي ٿي هئي. شادي کان پوءِ مان ساهُرين آيس ته پاڻ کي ڏاڍي خوشنصيب سمجهندي هيس سو منهنجي لاءِ دوزخ نڪري پيو. ٻن ٽن ڏينهن ۾ مڙس جي مائٽن مونکي ايڏو ته ستايو جو مان پنهنجي زندگيءَ مان تنگ ٿي ويس ۽ سُئيءَ کي ڳهي پنهنجو انت آڻڻ ٿي چاهيم.“
هڪ عورت پنهنجي ڪپڙن کي باهه ڏني ۽ مرڻ کان ٿورو اڳ ٻڌايو ته، ”منهنجي ڏيرن منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو تنهن ڪري ڇڏيو هو کانئن تنگ اچي مان پنهنجي ڪپڙن کي باهه ڏئي ڇڏي.“
اڪثر ڪري سسن ۽ نڻانن جي شيطانگيري ڏاڍي خراب ثابت ٿيندي آهي، جنهن ڪري نئين پرڻيل جو ڙي جي زندگيءَ جا بنياد لُڏي ويندا آهن. تنهن ڪري انهن ڳالهين کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي پر سياڻپ کان ڪم وٺندي سس ۽ ڏيرياڻين جي هلت کي سڌارڻ گهرجي. سندن وات ته بند نه ٿو ڪري سگهجي پر ان جو ڀلو حل اهو آهي ته سندن ڳالهين تي ڪو به ڌيان نه ڏجي.
مرد کي اها ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته ماءُ، ڀينرن ۽ ٻين مٽن مائٽن پاران سندس زال جا جيڪي عيب ڪڍيا ويندا آهن، تن جو سبب رڳو ساڙ، ٻيائي ۽ ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ هوندو آهي. جيئن ته نئين ڪنوار جي خوشي سَسُ کي ڀانءِ نه پوندي آهي ۽ هوءَ سمجهندي آهي ته نُنهن سندس پٽ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري نُنهن کيس دشمن لڳندي آهي. ڪي مائرون وري پُٽ جو وجود کانئن برداشت ڪونه ٿيندو آهي. اهڙين عورتن کي رڳو پنهنجي ڳڻتي لڳل هوندي آهي ۽ پنهنجي فائدي ڪاڻ پنهنجي پُٽ ۽ نُنهن جي زندگين کي پڻ قربان ڪرڻ لاءِ تيار هونديون آهن. کين نُنهن سان ڪا به سڃاڻپ نه هوندي آهي، تنهن ڪري عيب ڪڍي سندن زندگيءَ کي اڻ وڻندڙ بنائي ڇڏڻ ۾ دير نه ڪنديون آهن.
حيرت ته ان ڳالهه تي آهي ته جڏهن اهي ڪنهن ڇوڪريءَ کي پنهنجي پُٽ لاءِ پسند ڪنديون آهن ته سندن واکاڻ ۾ ڌرتي آسمان ملائي هڪ ڪري ڇڏينديون آهن پر اها ئي ڇوڪري جڏهن نُنهن بڻجي سندن گهر ايندي آهي ته پوءِ صورتحال بدلجي ويندي آهي ۽ ان ڇوڪريءَ ۾ سوين عيب نڪري ايندا آهن.
پيارا ڀاءُ! توهان کي ظاهري همدردي ڏسي دوکو نه کائڻ گهرجي. اهي عيب جيڪي توهان جي زال مان ڪڍيا ويندا آهن سي اصل ۾ عيب ئي نه هوند ا آهن يا وري صفا ننڍڙا هوندا آهن جن تي هڪ سياڻو ماڻهو ڌيان ئي ڪونه ڏيندو آهي. فرض ڪريو جيڪڏهن توهان جي زال ۾ ڪو عيب آهي ته پوءِ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ ڇا دنيا ۾ ڪو ماڻهو بي عيب آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ توهان جي ماءُ ۽ ڀينرون، جيڪي توهان جي زال ۾ ڪا ڪمي ڪوتاهي آهي ته پو ڇا ٿي پيو، منجهس خوبيون به گهڻيون هونديون جيڪي توهان کي نظر ڇو ڪونه ٿيون اچن؟ جيڪڏهن توهان ماءُ ۽ ڀينرن جي ڳالهين تي لڳندا ته پوءِ گهر ڪونه هلي سگهندو ۽ توهان زال ۽ گهر مان تنگ ٿي ويندا. نه رڳو توهان پر توهان جي زال جو جيئڻ به جنجال ٿي ويندو. ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جو گاڏو گڙندو رهيو ته پوءِ هڪ ڏينهن لا ءِ به سڪون نه ملندو ۽ جيڪڏهن ڳالهه وڃي طلاق تي دنگ ڪيو، ته به چڱو ڪونه ٿيندو. ائين ٿيڻ سان نه رڳو مالي نقصان ۽ ذهني پريشانيون ملنديون پر بدنامي پڻ ٿيندي. ان کانسواءِ طلاقيل مرد کي ڪو به پنهنجي ڌيءَ ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿيندو آهي. فرض ڪيو ته جيڪڏهن ڀاڳ سان سندن ٻي شادي ٿي به وئي ته پوءِ به سندس ماءُ ۽ ڀينرون پنهنجا عيب ڪڍڻ جي ”فرضن“ پوري ڪرڻ کان ڪونه مڙنديون ۽ معاملو خراب ٿيندو رهندو. تنهن ڪري چڱو ته ان ۾ آهي ته شروع ۾ ئي کين صاف صاف چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن مون سان تعلق رکڻ چاهيو ٿيون ته پوءِ مهرباني ڪري منهنجي زال مان عيب نه ڪڍو، منهنجي زال ۾ ڪابه خرابي ڪانهي، هوءَ مونکي پسند آهي ۽ مون کي ساڻس تمام گهڻي محبت آهي. ائين ڪرڻ سان اهي پاڻ هُرتو ئي چپ ٿي وينديون ۽ توهان کي به روز روز جي مصيبت مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.
اها ڳالهه پڻ ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪي مائرون ۽ ڀينرون سولائيءَ سان پنهنجي هٺ ۽ هوڏ تان ڪونه لهنديون آهن ۽ پنهنجي مقصد جي پوراءَ ۽ نُنهن کان بدلو وٺڻ لاءِ مٿس بيهودا الزام هڻڻ ۾ به دير ڪونه ڪنديون آهن. انهن الزامن کي ٻڌي ڪڏهن ڪڏهن ته مڙس پنهنجا هوش حواس وڃائي ويهندو آهي ۽ تحقيق ڪرڻ کان سواءِ ئي زال کي طلاق ڏئي ڇڏيندو آهي يا وري کيس ماري ڇڏيندو آهي.
گهڻيون طلاقون انهن ئي الزامن جي ڪري ٿينديون آهن. مثال جي طور تي هيٺيان ٻه واقعا ڏجن ٿا:
هڪ نوجوان جوڙو طلاق وٺڻ لاءِ تبريز جي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيو. مڙس ڪورٽ ۾ چيو ته، ”منهنجي زال، اصفهان ۾ رهندڙ منهنجي ڀاءُ کي عاشقاڻا خط لکندي آهي. ڪالهه رات مون کي سندس ڪپڙن جي الماريءَ مان اهڙا ڪجهه خط مليا آهن.“
زال سڏڪا ڀريندي وضاحت ڪئي ته، ”منهنجي سَسُ ۽ ڏيرياڻي مون کان سڙنديون آهن ۽ مون کي ڏاڍو تنگ ڪري ڇڏيو اٿن. هاڻي جڏهن ڏٺائون ته ڪيڙن ڪڍڻ ۽ اعتراضن مان ڪجهه حاصل نه ٿو ٿئي ته خط لکي منهنجي الماريءَ ۾ رکي ڇڏيائون ته جيئن منهنجو مڙس مون کي طلاق ڏي ڇڏي.“
ڪورٽ ٻنهي ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو ۽ مڙس کي هدايت ڪئي ته پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي سمجهائي ته هن ويچاريءَ جي لاهي پاهي ڪَڍَ نه پون.“
هڪ 34 سالن جي عورت، سَسُ جي ظلم کان تنگ ٿي پنهنجي مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏئي ڇڏي. سندس رڙيون ريهون ٻڌي اوڙي پاڙي وارا پهچي ويا ۽ کيس تهران جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايائون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان عورت اخبار جي نمائندي سان ڳالهائيندي چيو ته، ”منهنجي سَسُ مون سان گڏ رهندي آهي ۽ وڏي ڪوڙي، چيڙاڪ ۽ بهاني باز آهي. ٻارهو ئي مون تي اعتراض ڪندي رهندي آهي. مون کي پنهنجي مڙس کان مار کارائڻ ۾ کيس مزو ايندو آهي. تنهن ڏينهن جڏهن مان سودو سامان وٺڻ ويس ته مون کي بازار ۾ هڪ پراڻي ساهيڙي ملي وئي ۽ ڪجهه دير ويهي حال احوال اورياسين. جڏهن گهر پهتس ته سَسُ پڇيو، ”ايتري دير ڪٿي هئينءَ؟“ مان کيس پنهنجي پراڻي ساهيڙيءَ سان اوچتي ملي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي. هن ڪنڌ ڌوڻيندي چيوته تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين! مان ٻڌو آهي ته تون پاڙي جي ڪاسائيءَ سان عشق ٿي ڪندي وتين. ان ڳالهه مون کي صفا چريو ڪري ڇڏيو تنهن ڪري مان پنهنجو انت آڻڻ لاءِ آپگهات جو فيصلو ڪيو.“
اهڙن موقعن تي مرد کي گهرجي ته هو نهايت صبر، سياڻپ ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺي ۽ معاملي جي چڱيءَ ريت ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کان سواءِ ڪو به تڪڙو قدم نه کڻي.
هتي هڪ ٻي ڳالهه اها چئبي ته ماءُ پيءُ، اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۽ پالنا ۾ وڏيون تڪليفون ڏسندا آهن ۽ اها اميد رکڻ ۾ صحيح آهن. اهو شرعي اعتبار کان پڻ ضروري آهي ۽ انسانيت جي به اها تقاضا آهي ته جڏهن اولاد وڏي ٿي وڃي ۽ ڪمائڻ لائق ٿئي ته پوءِ پيءُ ماءُ جي حقن کي صفا وساري نه ڇڏي ۽ زال ۽ ٻارن ۾ پاڻ کي گم نه ڪري ڇڏي. والدين جي خدمت چاڪري ۽ سندن ادب ڪرڻ مٿس هر حال ۾ واجب آهي. جيڪڏهن اهي محتاج ۽ ضرورتمند آهن ته پوءِ سندن مدد ڪرڻ گهرجي، سندن حال احوال وٺڻ لاءِ وٽن وڃبو رهجي ۽ کين پاڻ وٽ پڻ رهائڻ گهرجي، ڪو به اهڙو ڪم نه ڪجي جيڪو سندن دل آزاري ڪري، زال ۽ ٻارڙن کي پڻ سندن ادب ۽ خدمت چاڪري ڪرڻ جي هدايت ڪجي ۽ کين اهو پڻ سمجهائڻ گهرجي ته ڀلو ان ۾ آهي ته پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ مٽن مائٽن جا حق به ادا ڪري سگهجن ٿا ته کين خوش به رکي سگهجي ٿو. آخر ۾ اها ڳالهه پڻ ڪنداسين ته زال کي به پنهنجي مڙس مان اميد بنهه نه رکڻ گهرجي ته هو پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ مٽن مائٽن کي صفا وساري ويهي ۽ کانئن لڳ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏي. اها ڳالهه صفا غير فطري آهي.
نُنهن جيڪڏهن سياڻپ کان ڪم وٺندي پنهنجي سَسُ ۽ نڻانن سان سٺو ورتاءُ ڪري ته پوءِ اهي سندس همدرد ۽ ساڻس پيار ڪندڙ ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن هوءَ ساڻن محبت ڪندي ۽ ڪمن ڪارين ۾ کانئن صلاح ثواب وٺندي ته پوءِ انهن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه سندس مددگار نه ٿو ٿي سگهي. ان موضوع تي هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ تفصيلي بحث ڪري آيا آهيون.

زال جي ڪوتاهين کي درگذر ڪري ڇڏجي:

زال جي ڪوتاهين کي درگذر ڪري ڇڏجي:
انسان جيئن ته خطا جو گهر آهي تنهن ڪري کانئس خطائون ۽ ڪوتاهيون پئي ٿينديون رهنديون آهن. هن دنيا ۾ اهڙو ڪو به نه هوندو جنهن کان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪا خطا نه ٿي هجي. ڪڏهن ڪڏهن انسان کان اڻڄاڻائيءَ ۽ اياڻپ ڪري اڍنگا ڪم ٿي وينداآهن. ان ڏس ۾ مرد عورت ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. مڙس وانگر زال کان به غلطيون ٿينديون آهن. ناداني، لاپرواهي ۽ ڪاوڙ وچان زال کان، مڙس جي بي ادبي ٿي ويندي آهي يا سندس واتان گُٿا لفظ به نڪري ويندا آهن. ائين به ٿيندو آهي جو هوءَ ڪڏهن مڙس جي روڪڻ جي باوجود به ڪو ڪم ڪندي آهي يا وري لاپرواهيءَ ڪري ڪو مالي نقصان به ڪري ويهندي آهي. مطلب ته اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. پر پوءِ به ضروري آهي ته زال ۽ مڙس هڪٻئي کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ اهڙو ڪو به ڪم نه ڪن جيڪو سندن لاڳاپن خراب ڪرڻ جو سبب بڻجي.
ڪي مرد وري اهو سوچيندا آهن ته زال جي غلطين، پوءِ کڻي اهي ننڍيون ئي ڇو نه هجن، کي ڪڏهن به معاف نه ڪجي، شادي ٿيندي ئي زال کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪجن ۽ کيس مُٺ ۾ ڪري رکجي ته جئين هوءَ ڪا به غلطي نه ڪري سگهي. پرتجربن مان ثابت ٿيو آهي ته اهڙي قسم جي ڳالهين وسيلي گهربل نتيجا ڪونه ملندا آهن، پرگهڻو ڪري معاملو ان جي ابتڙ ٿي ويندو آهي. ڇو جو زال پنهنجي مڙس جي سختي ۽ دٻاءَ ڪجهه وقت ته برداشت ڪري ويندي آهي پر نيٺ کانئس تنگ اچي سندس بي ادبي ڪندي آهي. گڏوگڏ اهو پڻ سوچيندي آهي ته منهنجي مڙس کي ته ٿوري ٿوري ڳالهه تي چڙ ۽ ڪاوڙ ٿي اچي ۽ اڻ ڄاڻائيءَ مان مون کان ڪا غلطي ٿي وڃي ٿي ته پوءِ هو مون سان سخت ورتاءُ ٿو ڪري، تنهن ڪري چڱو آهي ته جيئن پاڻ هلي تئين ئي مان به ساڻس هلان. اهڙيءَ طرح هوءَ مڙس کان لاپرواهه ٿي سندس نافرماني ڪرڻ لڳندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ مختلف نتيجا نڪري سگهن ٿا. مثال طور مڙس، زال تي سختي ڪرڻ کان ڪونه مڙندو آهي ۽ پوءِ ويڙهه جهيڙ ۽ ڇڪتاڻ جو سلسلو سدائين پيو هلندو رهندو آهي ۽ جيڪڏهن معاملو ائين هلندو رهيو ته پوءِ ٻنهي کي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن لاءِ به سڪون ڪونه ملي سگهندو. ٻيو ته ائين به ٿيندو آهي جو مڙس ماٺ ٿي ويندو آهي ۽ زال کي صفا آزاد ڇڏي ڏيندو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو زال مڙس کان لاپرواهه ٿي ويندي آهي ۽ سندس نظرن ۾ مڙس جو ڪو مُلهه ئي ڪونه هوندو آهي. يا وري لاڳيتي ڇڪتاڻ ۽ جهيڙي جهٽي جي ڪري مڙس زال کان تنگ ٿي کيس طلاق ڏئي ڇڏيندو آهي. اهڙي صورت ۾ زال ۽ مڙس ٻنهي جو نقصان آهي. زال جي عيبن ۽ غلطين کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ سختيءَ کان ڪم وٺڻ نسوري چريائپ آهي. سختيءَ وسيلي نتيجا خراب ئي نڪرنداآهن. تنهن ڪري مڙس لاءِ سٺو ان ۾ آهي ته هوسهپ ۽صبر کان ڪم وٺي ۽ زال جي ننڍين ننڍين غلطين ۽ ڪوتاهين کي نظر انداز ڪري ڇڏي. ٻيو ته زال جي غلطين ڪري مڙس ساڻس جهيڙو جهٽو بنهه نه ڪري ڇو جو هن اهي غلطيون ڄاڻي واڻي نه ڪيون هونديون آهن، تنهن ڪري مڙس ڪنهن مناسب موقعي تي زال کي سٺن ۽ وڻندڙ لفظن سان سمجهائي ته ”توکان فلاڻي غلطي ٿي هئي، آئندي ٿورڙو خيال ڪجو ته جيئن اهڙي ڪا غلطي نه ٿي سگهي.“ جيڪڏهن مڙس ائين ڪيو ته پوءِ سندس زال هر ڪم ۾ ڌيان ڏيندي ۽ اهڙيءَ طرح کانئس ڪا به غلطي ڪونه ٿيندي. ان جو سٺو نتيجو اهو نڪرندو جو مڙس جي به رهجي ويند ي ۽ زال جو سڌرارو پڻ ٿي ويندو. باقي جيڪڏهن زور زبردستي ۽ سختيءَ کان ڪم ورتو ويو ته پوءِ ته زندگيءَ جو گاڏو ڪونه گهلجي سگهندو.
جيڪڏهن زال پيار ۾ سمجهي وڃي ۽ مڙس جي ڳالهين تي عمل ڪري ته مڙس کي گهرجي ته هو زال جو قدر ڪري ۽ سندس سٺين ڪمن جا ٿورا مڃي ساڻس سٺي نموني پيش اچي. هن کان ڪا غلطي ٿئي ته به ان کي نظر انداز ڪري ڇڏي ۽کيس ڪنهن غلطيءَ تي معافي وٺڻ تي به مجبور نه ڪري ڇو جو اها حقيقت آهي ته عورتون ضدي ۽ خود غرض ٿينديون آهن. (سنڌ ۾ چونداآهن ته عورت جو عقل کڙيءَ ۾ هوندو آهي) تنهن ڪري مرد صبر کان ڪم وٺي معاملي کي ٺاري سگهي ٿو. باقي جيڪڏهن ڇڪتاڻ، ضد ۽ سختي ڪيائين ته پوءِ ان جا اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. ڳالهه طلاق يا قتل تائين به پهچي سگهي ٿي.
سياڻي ۽ هوشيار مرد جو ڪم آهي ته هو ڪوبه ڪم ڪرڻ کان اڳ ان جي نتيجن تي ضرور ويچاري ۽ سختي ۽ ڏاڍ جي نتيجن کي معافي ۽ درگذر جي نتيجن سان ڀيٽائي ته اهي وڌيڪ سٺا هوندا آهن البت معاف ڪرڻ جوڳين غلطين جي سلسلي ۾ مرد ٻين حڪمت عملين تي عمل ڪري سگهي ٿو.
حضرت علي عه فرمايو آهي ته، ”عورتن سان هر حال ۾ نڀايو. ساڻن سٺي نموني ڳالهايو. ٿي سگهي ٿو ته ان طريقي سان کانئن سٺا عمل ٿي سگهن.“
حضرت امام زين العابدين رحه فرمايو آهي ته، ”توهان تي عورت جو اهو حق آهي ته توهان ساڻس ٻاجهه سان پيش اچو، ڇو جو هوءَ توهان جي محتاج آهي. سندس کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي جو بندوبست ڪريو ۽ سندس ڪوتاهين کي معاف ڪري ڇڏيو.“
امام جعفر صادق عه کان ماڻهن سوال ڪيو ته زال جو پنهنجي مڙس تي ڪهڙو حق آهي؟
جواب مليو ته، ”مڙس کي گهرجي ته هو زال جي انهن غلطين کي معاف ڪري ڇڏي جيڪي کانئس اڻ ڄاڻائيءَ مان ٿينديون آهن.“
امام جعفر صادق عه اهو به فرمايو آهي ته، ”جيڪو ماڻهو پنهنجي زبردستين جي ننڍڙين غلطين تي کين دٻائي تنهن کي پنهنجي بزرگي ۽ عزت قائم رهڻ جي اميد نه رکڻ گهرجي.“

زال جي ماءُ (سَسُ):

زال جي ماءُ (سَسُ):
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا زال ۽ مڙس جي وچ ۾ رنجش پيدا ڪرڻ ۽ ڪٽنبن جي سڪون کي تباهه ڪرڻ جو ڪارڻ بڻبي آهي، سا آهي زال جي ماءُ جي اجائي مداخلت ۽ روڪ ٽوڪ.
ڪي مائرون پنهنجي ڌيءَ کي پرڻائڻ کان اڳ پنهنجي ذهن ۾ هڪ اهڙي ڄاٽي جو خاڪو ٺاهي ڇڏينديون آهن جيڪو مڙني خامين ۽ نقصن کان آجو هوندو آهي. اهي اهڙي ئي آئيڊيل نوجوان سان پنهنجي ڌيءَ کي پرڻائڻ چاهينديون آهن. شاديءَ کان پوءِ مهڙ ۾ ته پنهنجي نئين ڄاٽي کي هڪ آئيڊيل نوجوان سمجهندي سندس خدمت چاڪري ڪنديون آهن ۽ مٿس گهور گهور پئي وينديون آهن ۽ گڏوگڏ دل ۾ اهو پڻ سوچينديون آهن ته جيڪڏهن منجهس ڪو ٽيڙ هوندو ته اهو پاڻ هُرتو اسان جي هدايت ۽ نصيحت سان سڌو ٿي ويندو.
جيڪڏهن ڄاٽو سندن مرضيءَ تي هليو ته پوءِ ته سٺو پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ڪي تڪڙا اُپاءُ وٺڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته جيئن هو سندن مرضي پٽاندڙ هلڻ لڳي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهي هر حيلو هلائينديون آهن. ڪڏهن همدرديءَ ۽ خيرخواهيءَ وسيلي پنهنجو ڪم ڪڍڻ چاهينديون آهن يا وري ڌيءَ کي مقصدن حاصل ڪرڻ جو وسيلو بڻائينديون آهن ۽ مٿس زور ڀرينديون آهن ته هوءَ مڙس سان جهيڙو ڪري. ڇوڪري ويچاري جيڪا زماني جي لاهن چاڙهن ۽ ٿڌيءَ ڪوسيءَ کان اڻ سونهين هوندي آهي. ماءُ کي پنهنجي خيرخواهه سمجهندي سندس هر حڪم تي اکيون ٻوٽي عمل ڪندي آهي. جيڪڏهن ان طريقي سان ڄاٽو مُٺِ ۾ اچي ويو ته واهه واهه پر جيڪڏهن ڄاٽي سندس مرضيءَ آڏو ڪنڌ نه جُهڪايو ته پوءِ ضد ۽ ڇڪتاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. نيٺ ان ضد جو نتيجو طلاق جي صورت ۾ نڪرندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو گهڻا تڻا ڄاٽا زال جي مائرن کان بيزار هوندا آهن ۽ سندن اجاين مداخلتن ڪري ڏاڍو پريشان رهنداآهن. اهي زال جي اڍنگي هلت ۽ اڻبڻت جو ذميدار سَسُ کي ئي سمجهندا آهن ۽ چونداآهن ته اها ئي ڌيءَ کي کاري خراب ڪري ٿي.
هيٺ نموني جي طور تي ڪجهه ڄاٽن جي دلين جا درد پڙهو:
جواد- م لکي ٿو ته ، ”منهنجي سس ڏائڻ ۽ ٻه مُنهن بلا آهي. خدا شل دشمن کي به اهڙي سَسُ نه ڏي. مون کان الائي جي ڪهڙا پاڙ پاڙي رهي آهي. هن مون کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. لڳي ٿو ته مان چريو ٿي ويندس. رڳو مان ئي ناهيان پر اهڙا ڪيترائي نوجوان هوندا جيڪي سَسُن جي ڪري رت روئيندا هوندا. منهنجي خيال ۾ ته هر سؤ مان پنجانوي نوجوان سَسُن جا آزاريل هوندا ۽ باقي پنجن جون سَسُون ئي ڪونه هونديون.“
محمد- ف لکي ٿو ته، ”منهنجي سَسُ کي، منهنجي ۽ منهنجي زال جي زندگيءَ ۾ دخل ڏيڻ جي عادت آهي. هوءَ اسان کي هروڀرو تنگ ڪندي رهندي آهي. منهنجي مٽن مائٽن جي گلا غيبت ڪندي نه ٿڪبي آهي ۽ جڏهن مان زال لا ءِ ڪا شيءِ آڻيندو آهيان ته هوءَ ان مان هزارين عيب ڪڍندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح منهنجي زال کي مون کان بي دليو ڪري ڇڏيندي آهي.“
پرويز- ڪ لکيو آهي ته، ” سَسُ جي ڪري مان ٽي ڀيرا زال کي طلاق ڏيڻ تي سوچيو آهي. کيس وڇونءَ وانگر ڏنگ هڻڻ جي عادت آهي. هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي منهنجي بيعزتي ڪرڻ ۽ گهر جو ڪم ڪار نه ڪرڻ تي مجبور ڪندي رهندي آهي. هوءَ جيستائين اسان جي گهر ۾ هوندي آهي تيستائين اسان جو گهر دوزخ بڻيل هوندو آهي. تنهن ڪري مان کيس نفرت وچان ڏسندو آهيان.“
ڪي ڄاٽا پنهنجي سَسُن جو اثر گهٽائڻ ۽ سندن دخل اندازيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ کانئس تعلق ٽوڙي ڇڏيندا آهن، وٽن اچ وڃ گهٽائي ڇڏيندا آهن ۽ زال کي ماءُ پيءُ وٽ وڃڻ جي موڪل ڪونه ڏيندا آهن، سندن ڪنهن به ڳالهه تي ڪَنُ نه ڏيندا آهن ۽ کانئن لاپرواهي ڪنداآهن. مطلب ته جيترو ٿي سگهندو اٿن، ساڻن سختيءَ سان پيش اينداآهن.
پر اها ڪا سٺي هلت ناهي. اهڙي هلت جا گهڻو ڪري خراب نتيجا نڪرنداآهن ڇو جو ماءُ ۽ ڌيءَ جي محبت هڪ فطري تعلق آهي جنهن کي ٽوڙڻ هڪ نه ٿيڻي ڳالهه آهي. مرد اها اميد ڪيئن ٿو رکي سگهي ته هڪ ڇوڪري، جنهن سالن جا سل ماءُ جي هنج ۾ پرورش ورتي آهي ۽ سندس محبت ۽ شفقت جي پاڇي ۾ رهي آهي، ساڻس شادي ڪرڻ کان پوءِ سندس هر ڳالهه بنا ڪنهن چُون چران جي مڃيندي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي محبت کي هڪدم وساري تعلق ٽوڙي ڇڏيندي.
ائين ته ٿي ئي نه ٿو سگهي. ٿورا ڏينهن ڪجهه رنج رسامو ٿي سگهي ٿو پر سدائين لاءِ اها حالت نه ٿي رهي سگهي. مڙس جي زور زبردستيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ٿورو وقت ماٺ ڪري پر نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي سخت ردعمل جو اظهار ڪري ڇڏيندي. ٿي سگهي ٿو ته هوءِ مڙس جي سختين مان بيزار هي سندس نافرماني يا جهيڙو جهٽو ڪرڻ لڳي. ٻيو ته ماءُ آخر ته ماءُ آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ڌيءَ کان لاتعلق رهي نه ٿي سگهي بلڪه ان ڪري نفرت اڃا به وڌي ويندي ۽ هوءَ کيس مڙس کان لاپرواهي ڪرڻ تي سندس همت وڌائيندي. اهڙي صروتحال ۾ طلاق به ٿي سگهي ٿي. ڏٺو ويو آهي ته ڪيتريون ئي طلاقون انهن ڳالهين جي ڪري ئي ٿينديون آهن.
اها هلت اصولي طوري ته انسان جي مفاد ۾ نه آهي ته زال جي والدين سان محبت وڌائڻ بجاءِ انهن کان ناتا ئي ٽوڙي ڇڏي ۽ اها هلت گهڻو ڪري مسئلن کي منجهائڻ ۽ مشڪلاتن ۾ واڌاري جو ڪارڻ بڻبي آهي.
هندستان جي پوليس رپورٽ مطابق 1972ع ۾ نئين دهليءَ ۾ 146 آپگهات جون وارداتون ٿيون جن جو اصلي ڪارڻ سَسُن ۽ ڄاٽن جي وچ ۾ لاڳاپا خراب هجڻ ٻڌايو ويو آهي.
هڪ ماڻهوءَ پنهنجي سس جي اجائي دخل اندازيءَ کان تنگ اچي هڪ ڏينهن کيس ٽيڪسيءَ کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو.
هڪ شخص سس کي مغز ۾ ٺونشو هڻي سندس مٿو ڦاڙي وڌو. اهو ڏسي سندس سالي کيس چاقو هڻي رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيو ۽ ڀڄي هليو ويو.
هڪ ماڻهو پنهنجي سس مان ايڏو تنگ ٿي چڪو هو جو هڪ ڏينهن سندس مٿي تي ڪوسي پاڻيءَ سان ڀريل بالٽي هاري ڇڏيائين. هوءَ رڙ ڪري هيٺ پٽ تي ڪري پئي. هڪدم کيس اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن چڪاس ڪرڻ کان پوءِ چيو ته جيئن ته هن جي جسم جو ڳچ حصو سڙي چڪو آهي ۽ سندس حالت خطري ۾ آهي تنهن ڪري کيس تهران نيو وڃي. ڌيءَ پنهنجي ماءُ کي تهران وٺي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ۽ مڙس کان گُهر ڪيائين ته هو کيس طلاق ڏئي.“
اهڙو ورتاءُ ڏاڍو خراب آهي جنهن کان جيترو ٿي سگهي بچڻ جي ڪوشش ڪجي. ڇو جو اهڙي ورتاءَ ڪري مسئلا حل ته ڪونه ٿيندا آهن ويتر انهن ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اوهان ان سلسلي ۾ اطمينان جوڳو رستو اختيار ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ مسئلن کان بچڻ گهرو ٿا ته پوءِ هيٺين ٻن نڪتن کي چڱي طرح پڙهي ڏسو:
اها ڳالهه مڃيل آهي ته سس پنهنجي ڄاٽي جي دشمن ڪڏهن به ٿي نه ٿي سگهي. هوءَ پنهنجي ڄاٽي کي ڏاڍو ڀائيندي آهي ڇو جو هوءَ اها ڳالهه چڱيءَ ريت سمجهندي آهي ته سندس ڌيءَ جي خوشي سندس ڄاٽي جي هٿ ۾ ئي آهي. جيتوڻيڪ هوءَ سندن گهريلو زندگيءَ ۾ دخل ڏيندي آهي پر سندس نيت خراب ڪونه هوندي آهي. هوءَ جيڪو ڪجهه ڪندي يا ڪرڻ گهرندي آهي تنهن ۾ همدرديءَ ۽ خير خواهي ۽ کانئس اڻ ڄاڻائيءَ ۽ اياڻپ جي ڪري ٿيندي هجي. پر ان کي بدنيتيءَ تي ٻڌل بنهه نه ٿو چئي سگهجي.
ماءُ ۽ اولاد جو تعلق هڪ فطري ڳالهه آهي، جنهن کي سولائيءَ سان ٽوڙي نه ٿو سگهجي. جيڪڏهن ڪو ان تعلق کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ اهو هڪ غير فطري عمل هوندو، جنهن جا نهايت اگرا نتيجا ڏسڻا پوندا. هونئن به اصولي طور تي اها ڳالهه انصاف کان ڪوهين پري آهي ته ماءُ ۽ ڌيءَ جو تعلق ٽوڙيو وڃي ۽ کين هڪ ٻئي کان جدا ڪيو وڃي. جهڙيءَ طرح مرد آزاد رهڻ ۽ ماءُ پيءُ سان لاڳاپا قائم رکڻ ۽ وٽن اچڻ وڃڻ چاهيندو آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪا به پابندي قبولڻ نه گهرندو آهي. تنهن ڪري کيس سوچڻ گهرجي ته سندس زال جي دل به جذبن ۽ احساسن کان خالي ناهي ۽ هوءَ به چاهيندي آهي ته پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ٻين ويجهن مٽن مائٽن وٽ ايندي ويندي رهي.
مٿين ڳالهين جي روشنيءَ ۾ ان مسئلي جو سٺو حل اهو آهي ته زال جي ماءُ پيءُ ۽ ٻين مائٽن سان سٺا اخلاق ۽ وڻندڙ هلت وسيلي سندن پيار حاصل ڪيو وڃي، زماني جي ڪمن ڪارين ۾ ساڻن صلاح ثواب ڪيو وڃي، پنهنجا مسئلا ۽ معاملا ٻڌائي کانئن راءِ ورتي وڃي، سندن آڏو زال جي گلا غيبت نه ڪئي وڃي ۽ اهڙي هلت هلجي جيئن کين پڪ ٿي وڃي ته هو سندن ڌيءَ جو وفادار آهي ۽ کيس ڏاڍو ڀائين ٿو. ها! جيڪڏهن سندن ڪا راءِ عمل جوڳي ناهي ته پوءِ اهو نه سمجهڻ گهرجي ته اها ڪا بدنيتي پيا ڪن. اهڙي صورتحال ۾ سٺن لفظن ۾ ثبوتن ۽ دليلن وسيلي کين ان شيءِ جي هاڃيڪار نتيجن بابت ٻڌائڻ گهرجي. سندن راين کي ڪاوڙ يا لاپرواهيءَ مان رد نه ڪرڻ گهرجي. ٻيو ته جيڪڏهن زال سان ڪا اڻبڻت ٿي وڃي ته ان جي کين دانهن نه ڏجي پر مدد وٺڻ جي مقصد سان ان بابت ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ مڙس کي اها ڳالهه پڻ دماغ ۾ ويهارڻ گهرجي ته زال جي ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن سان محبت ڪرڻ ۽ سندن خيال رکڻ ازدواجي زندگيءَ جو هڪ تمام وڏو راز آهي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو ساهُرا پنهنجي ڄاٽي تي ڀروسو ڪندا آهن ۽ مٿس ساهه صدقي پيا ڪندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جا ڪيترائي مسئلا پاڻ هُرتو حل ٿي ويندا آهن.
توهان به ڏٺو ٻڌو هوندو ته گهڻا تڻا ڄاٽا سَسُن جا ستايل هوندا آهن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ان ۾ سڄو ڏوهه سَسُن جوئي هوندو آهي پر اهي پاڻ به بي قصور ڪونه هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي غير عقلمند روش سبب پنهنجي هڪ حقيقي خيرخواهه کي مخالف سمجهي وٺندا آهن.
اوهان ضرور اهڙا ڄاٽا به ڏٺا هوندا جيڪي زال جي ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن سان سٺا لاڳاپا رکندا آهن ۽ سندن شفقت ۽ محبت جو مزو ماڻيندا رهندا آهن. هيٺيون مثال پڙهو:
منوچر لکي ٿو ته، ”منهنجي سَسُ ته ملائڪن کان به ڀلي آهي. مان کيس پنهنجي ماءُ کان به وڌيڪ ڀائيندو آهيان. هوءَ ڏاڍي ٻاجهاري، پيار ڪندڙ، نيڪ ۽ سياڻي عورت آهي. منهنجي گهريلو زندگيءَ جا هڙئي مسئلا هوءَ ئي حل ڪندي آهي. سندس هئڻ اسان جي ڪٽنب لاءِ ڀاڳ جو سبب آهي.“
ٿي سگهي ٿو ته ڪي سَسُون ضدي ۽ هٺيليون هجن، کين سوچ سمجهه ۽ عقل نه هجي ۽ جن جي اجاين مداخلتن مان آجپو حاصل ڪرڻ ڏکيو هجي پر تنهن هوندي به ساڻن جهيڙو جهٽو ڪرڻ يا سختيءَ سان پيش اچڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي. چڱو ته ائين ٿيندو ته ساڻن نرميءَ، محبت ۽ خوش اخلاقيءَ سان پيش اچي. ائين ڪرڻ سان کين سڌاري ته نه ٿو سگهجي پر پوءِ به سندن ضد ۽ اعتراضن کي وڏي حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح ازدواجي زندگيءَ جي تاج محل کي ڊاهڻ واري خطري کي ٽاري سگهجي ٿو.
ان ڏس ۾ مڙس کي گهرجي ته هو زال سان ويجهڙائپ رکي دل سان سندس ادب ڪري ۽ پيار ۽ محبت جي اظهار وسيلي سندس دل کي فتح ڪري ۽ اعتماد حاصل ڪري. ان کان پوءِ سس جي اجائي مداخلت جي باري ۾ زال سان سٺن لفظن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ دليلن سان کيس سمجهائي ته سندس ماءُ جي هلت جا سٺا نتيجا ڪونه نڪري سگهندا. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي سمجهائڻ ۾ سوڀارو ٿيو ته پوءِ هڙئي مسئلا پاڻ هُرتو حل ٿي ويندا. مڙس کي اها ڳالهه بنهه نه وسارڻ گهرجي ته زندگيءَ جا سمورا مسئلا نرميءَ، خوش اخلاقيءَ ۽ ڏاهپ وسيلي حل ڪري سگهجن ٿا.
حضرت علي رضه جو هي به فرمان آهي ته، ”جيڪو ماڻهو توهان سان سختيءَ سان پيش اچي، تنهن سان توهان نرميءَ واري هلت ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته ائين ڪرڻ سان هو سنيئن واٽ تي اچي وڃي.“

خيال رکو:

خيال رکو:
عورت ڏاڍي جذباتي ٿيندي آهي ۽ احساس ۽ جذبا سندس عقل تي ڇانيل رهنداآهن. مرد جي ڀيٽ ۾ هوءَ جلد يقين ڪري ويهندي آهي ۽ جلد ئي دوکو کائي ويندي آهي. حساس ۽ لطيف روح جي مالڪياڻي هئڻ ڪري ڳالهين جو تڪڙو اثر وٺندي آهي ۽ ظاهري شين کان پڻ دوکو کائي ويندي آهي. جڏهن سندس جذبا ڀڙڪندا آهن ته پوءِ ڪنهن به ڳالهه جي نتيجي تي سوچڻ کان سواءِ ئي فيصلو ڪري ڇڏيندي آهي. تنهن ڪري مڙس جيڪڏهن زال جي هلت ۽ ڪردار تي نظر رکي ته پوءِ ڪيترن ئي ايندڙ خطرن کان بچي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسلام ۾ مرد کي ڪٽنب جو سرپرست مقرر ڪيو ويو آهي ۽کيس ئي ذميواريون ڏنيو ويون آهن.
قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
”مرد عورتن جا سرپرست آهن ڇو جو خدا ڪن ماڻهن کي ڪن ٻين تي مٿڀرائپ ڏني آهي. جيئن مرد عورتن تي پنهنجو مال خرچ ڪنداآهن تنهن ڪري ڀاڳ واريون زالون مڙس جي فرمانبرداري ڪنديون آهن ۽ سندن پر پُٺ جهڙيءَ طرح خدا حفاظت ڪئي آهي، اهي به هر شيءِ جي حفاظت ڪنديون آهن.“
مڙس کي جيئن ته ڪٽنب جو سرپرست مقرر ڪيو ويو آهي تنهن ڪري هو پنهنجي زال کي ڇڙواڳ نه ٿو ڇڏي سگهي، پر اها سندس خاص ذميواري آهي ته هو سدائين مٿس نظر رکندو اچي ته جيئن هوءَ پنهنجي سادگي ۽ جذباتي طبيعت جي ڪري غلط واٽ تي نه هلي پئي. جيڪڏهن ڏسي ته هوءَ خراب عورتن سان نه اٿي ويهي ٿي ته پوءِ کيس نرميءَ سان روڪي ڇڏي ۽ گڏوگڏ اهڙي تعلق جي نقصانن کان پڻ آگاهه ڪري ڇڏي. مڙس کي گهرجي ته هو زال کي جسم ظاهر ڪندڙ ويس وڳا پائڻ ۽ هار سينگار ڪري گهران نڪرڻ جي موڪل نه ڏئي. ڇاڪاڻ ته ڌارين جي خراب نظرن جو نشانو بڻبي. جيڪڏهن هو زال کي آزاد ڇڏي ڏيندو ۽ اڍنگين عورتن سان ملڻ جلڻ تي پابندي نه هڻندو ته پوءِ شيطان کيس اخلاقي ڇڙواڳيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيندو.
مڙس کي گهرجي ته هو انهن بي گناهه عورتن جي انگن اکرن تي نظر وجهي جيڪي پنهنجي مڙسن جي لاپرواهيءَ ڪري دوکي باز ۽ مڪار ماڻهن جي ڄار ۾ ڦاسي بدڪاريءَ ۽ گمراهيءَ جي دڳ تي هلي پيون آهن. ان کان اڳ جوسندس معصوم زال به اهڙي ڄار ۾ ڦاسي پئي، کيس ڪو تڪڙو قدم کڻڻ گهرجي.
اهڙيون ڪيتريون ئي پاڪ دامن گهريلو عورتون ٻڌيون آهن جيڪي وهانءَ شاديءَ جي پارٽين ۽ پروگرامن ۾ دوکو کائي مڙس جي عزت ۽ پنهنجو گهر گهاٽ وڃائي ويٺيون. جيڪو مڙس پنهنجي زال کي ڇڏي ڏي ٿو ته جيڏانهن وڻيس اوڏانهن وڃي ۽ جنهن سان چاهي تعلق رکي، سو ڄڻ ته پاڻ سان ۽ پنهنجي زال سان تمام وڏي خيانت ۽ دوکو ڪندو آهي. ڇو جو مڙس جي ئي لاپرواهيءَ ڪري بي گناهه زال اڻ ڳڻين خطرن ۾ ڦاسي پوندي آهي جتان وري جان ڇڏائڻ سولو ڪم بنهه ناهي هوندو. ڪيڏا اياڻا آهن اهي مرد جيڪي زالن ۽ ڌيئرن کي اڻ وڻندڙ ويس وڳا پارائي هارسينگار ڪرائي بازارن ۾ گهمائيندا ڦيرائيندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح شوقين نوجوانن جي نظرن جي اُڃ اجهائيندا آهن ۽ پوءِ وري اميد اها رکندا آهن ته ڪوبه مٿن غلط نظر نه وجهندو ۽ اهي شرافت سان گهر موٽي اينديون.
غير ضروري آزاديءَ ڪري نهايت خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن زال پنهنجا ناجائز مطالبا مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ مڙس کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي وئي ته پوءِ سندس مطالبا ۽ خواهشون ڏينهون ڏينهن وڌنديون رهنديون. اهڙيءَ طرح نه رڳو پاڻ کي پر پنهنجي مڙس ۽ ٻارن کي به نڀاڳ ۽ اونداهيءَ جي کوهه ۾ ڪيرائي ڇڏيندي.
اهوئي سبب آهي جو حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”مرد پنهنجي ڪٽنب جو سرپرست هوندو آهي ۽ هر سرپرست پنهنجي هٿ هيٺ رهندڙن جو ذميوار هوندو آهي.“
پاڻ ﷺ جن وڌيڪ فرمايو آهي ته، ”عورتن کي سٺا ڪم ڪرڻ لاءِ چئو، ان کان اڳ جو اهي توهان کي بڇڙا ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪن.“
امام جعفر صادق عه فرمايو آهي ته، ”مرد لاءِ ڀلو آهي ته هو پنهنجي ڪٽنب جو واقعي سرپرست رهي.“
پيغمبر ﷺ جن فرمائين ٿا ته، ”جيڪو شخص پنهنجي زال جي فرمانبرداري ڪندو، خدا تنهن کي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيندو؟“ ماڻهن پڇيو ته، ”الله جا رسول! توهان ڪهڙي فرمانبرداريءَ جي باري ۾ فرمايو پيا؟“
فرمايائون ته، ”زال پنهنجي مرضيءَ سان شادي وهانءَ جي محفلن، عيدن برادن ۽ موتي فوتيءَ جي ميڙن ۾ ڀڀڪيدار ۽ انگ اگهاڙا ڪندڙ لٽا ڪپڙا پائي وڃي ۽ مڙس کيس ائين ڪرڻ جي موڪل ڏي.“
پاڻ سڳورن ﷺ وڌيڪ فرمايو آهي ته، ”هر اهو مرد جنهن جي زال هار سينگار ڪري گهران نڪري سو بي غيرت آهي ۽ جيڪو به ماڻهو کيس بي غيرت چوندو سو ڏوهي هرگز نه ٿيندو ۽ جيڪا عورت هارسينگار ڪري ۽ خوشبوءِ هڻي گهر کان ٻاهر نڪري ۽ سندس مڙس ان ڳالهه تي راضي رهي ته خدا سندس هر وک تي مڙس لاءِ دوزخ ۾ گهر اڏيندو.“
هيٺ ٻه ڳالهيون ٻڌائڻ ضروري ٿيون سُجهن:
اهو صحيح آهي ته مڙس کي پنهنجي زال تي نظر رکڻ گهرجي پر اهو ڪم کيس وڏي سياڻپ ۽ خبرداريءَ سان ڪرڻ گهرجي. ان ڏس ۾ کيس ڪاوڙ ۽ سختي بنهه نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هن زال تي غير ضروري سختي ڪئي ته پوءِ کيس پنهنجي آزادي کسجڻ ۽ قيد جو احساس ٿيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ان جي نتيجي ۾ هوءَ پنهنجو سخت رد عمل به ڏيکاري. تنهن ڪري سٺو طريقو اهو آهي ته مڙس خوش اخلاقيءَ ۽ محبت جي اظهار وسيلي زال جو اعتماد حاصل ڪري. گڏ وگڏ مڙس کي هڪ ٻاجهاري سرپرست وانگر نرم لهجي ۾ کيس بُري ڀلي کان سونهون ڪرڻ گهرجي ته جئين هوءَ پاڻ هُرتو خوشيءَ سان سٺن ڪمن ڏانهن لاڙو کائي ۽ اڍنگن ڪمن کان نفرت ڪري.
مرد کي وچٿرائپ کان ڪم وٺڻ گهرجي. جيئن عورت کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ مناسب ناهي، تيئن مٿس سختي ۽ شڪ شبهو ڪرڻ به سٺو ناهي. عورت به مرد وانگر آزاد پيدا ٿي آهي، کيس به آزاديءَ جو حق آهي. کيس پنهنجي پيءُ ماءُ، ڀائرن ڀينرن ۽ ٻين مٽن مائٽن وٽ وڃڻ ۽ سٺين عورتن سان تعلق رکڻ جي آزادي هجڻ گهرجي. جهل پل ۽ پابنديءَ هڪ حد تائين هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اهي حد ٽپي ويون ياسختي حد کان وڌي وئي ته پوءِ ان جا ڏاڍا خراب نتيجا نڪرندا جهڙوڪ: دلين ۾ نفرت پيدا ٿي ويندي ۽ ڪٽنب جي لاڳاپن ۾ ڏار پئجي ويندا. ائين به ٿي سگهي ٿو ته گهڻي پابنديءَ ۽ سختيءَ ڪري زال طلاق جي گُهر ڪري.
هيٺيون واقعو پڙهو:
هڪ نوجوان عورت ڪورٽ ۾ آئي ۽ روزاني اطلاعات جي نمائيندي کي ٻڌايائين ته، ”پنج سال اڳ منهنجي شادي ٿي هئي. مان ان وقت ڏاڍو خوش هيس پر اها خوشي دائمي ثابت نه ٿي. مون کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ به آهي. ڪجهه ڏينهن کان منهنجو مڙس مون کي شڪ جي نظرن سان ڏسڻ لڳو آهي، جنهن ڪري اسان ٻنهي جي زندگي نهايت اڻ وڻندڙ ٿي وئي آهي، هو مون کي ڪنهن سان به ملڻ جي موڪل نه ٿو ڏي. جڏهن گهر کان ٻاهر ويندو آهي ته دروازي کي ٻاهران تالو هنيو ويندو آهي. مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان ملڻ جي موڪل به نه ٿو ڏي. اهي به سندس عادتن ۽ هلت ڪري مون سان ملڻ نه ٿا اچن. منهنجي دل ڏک وچان ڦاٽڻ لڳي آهي. هڪ پاسي مون کي پنهنجي ٻارڙن جي آئندي جو خيال ٿو ستائي ته ٻئي پاسي وري اهڙيءَ طرح جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. مان انڪري ڪورٽ ۾ طلاق وٺڻ آئي آهيان.“
اهڙي قسم جي مردن جو هڪ وڏو انگ آهي جيڪي زالن تي اجايو شڪ ڪنداآهن ۽ مٿن ايڏي سختي ڪندا آهن جو اهي ويچاريون پنهنجي زندگيءَ مان ئي بيزار ٿي وينديون آهن. ڀلا اها ڪهڙي مڙسي آهي ته مڙس پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لاءِ زال تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري ۽کيس ماءُ پيءُ ۽ مٽن مائٽن سان ملڻ جو حق به نه ڏئي؟ ڇا توهان ڪڏهن ان ڳالهه تي ويچاريو آهي ته اهڙيون سختيون ۽ ڏاڍايون پاڪدامن عورتن جي ڀٽڪي وڃڻ جو سبب بڻبيون آهن؟ ڇا توهان کي اهو احساس ناهي ته اهڙي قسم جي سختين ۽ پابندين جي نتيجي ۾ ڪٽنب تباهه ٿي سگهي ٿو؟
فرض ڪيو ته ڪا سياڻي ۽ وفادار عورت اهڙين حالتن ۾ به نڀائيندي اچي، ته به گهر مان سڪون ۽ محبت ختم ٿي ويندي. ڀلا هڪ عورت جيڪا پاڻ کي مجبور ۽ قيدي سمجهندي هجي سا ڪيئن گهر گهاٽ، ٻارڙن ۽ مڙسن سان محبت ڪري سگهندي ۽ شوق ۽ دلچسپيءَ سان گهر جو ڪم ڪار ڪندي رهندي؟

فهمائش ڪرڻ:

فهمائش ڪرڻ:
زال ۽ مڙس جيئن ته هڪ گڏيل ڪٽنبي زندگيءَ جي جوڙجڪ ڪنداآهن، تنهنڪري گهر جي ڪمن ڪارين ۾ ٻنهي جي ڪوشش ۽ شرڪت نهايت ضروري آهي. اها به حقيقت آهي ته ڪن معاملن ۽ مسئلن جي باري ۾ ٻنهي جا نظريا ڌار ڌار هونداآهن. مر د چاهيندو آهي ته گهر جا هڙئي ڪم ڪار سندس مرضيءَ ۽ خواهش پٽاندڙ ٿيندا رهن ۽ ان ڏس ۾ زال سندس ٻڌي ٻانهي هجي. مڙس وانگر زال جي پڻ اهڙي ئي خواهش هوندي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ ٻنهي ڌُرين پاران حڪم هلائڻ ۽ وري انهن جي ابتڙ هلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مخالفت ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوندي آهي. اهڙي مٿي جي سور کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو ڀلو طريقو اهو آهي ته زال ۽ مڙس هڪ ٻئي تي حڪم هلائڻ ۽ روڪ ٽوڪ ڪرڻ جو سلسلو هڪدم بند ڪري ڇڏين ۽ گهر جا هڙئي معاملا ۽ مسئلا گڏيل صلاح ثواب وسيلي حل ڪن. جيڪڏهن ڏاڍ، هٺ ۽ هوڏ کان ڪم ورتو ويو ته پوءِ مسئلا اڃا به وڌي ويندا. ان ڏس ۾ مرد ڪجهه اڳرائي ڪندا آهن ڇو جو اهي پاڻ کي گهر جو سرپرست سمجهڻ ڪري پاڻ مڙهڻ ۽پاڻ مڃائڻ جي ڏس ۾ زبردستي ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندا آهن. اهي اهو پڻ سمجهندا آهن ته زال جو فرض آهي ته هوءَ سندن هر حڪم مڃي ۽ ڪنهن به صورت ۾ سندن حڪم جي ابتڙ نه هلي. جيڪڏهن هوءَ سندن حڪم جي ابتڙ هلندي آهي ته پوءِ مٿس ڏاڍ ۽ ڏمر ڪيو ويندو آهي کيس گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو آهي ۽ پڻ ڊيڄاريو ڌمڪايو ويندو آهي. ائين ڪرڻ کي اهي پنهنجو شرعي حق سمجهندا آهن، ايستائين جو اهي ڪڏهن ڪڏهن زالن کي ماريندا ڪُٽيندا به آهن.
مرد کي اهو حق هرگز حاصل ناهي ته هو پنهنجي زال کي ستائي ۽ کيس مارڪٽ ڪري. جهالت واري دور ۾ مرد، ٻاجهه ۽ انسانيت جهڙن گڻن کان وانجهيل هئا، تنهن ڪري پنهنجي زالن کي ماري ڪُٽي ساڻو ڪري ڇڏيندا هئا. اسلام اچڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ ان غلط ۽ بيهودي رسم کي ختم ڪيو ۽ فرمايو ته، ”جيڪو مرد پنهنجي زال کي مُنهن تي ٿڦ هڻندو ته قيامت ڏينهن خدا دوزخ جي ملائڪ کي حڪم ڏيندو ته هو به سندس مُنهن تي ٿڦ وهائي ڪڍي. ۽ جيڪو مرد ڪنهن مسلمان عورت جي وارن ۾ هٿ وجهندو (يعني وار پٽيندو) ته قيامت ڏينهن سندس هٿن ۾ باهه جا ڪوڪا هنيا ويندا.“
پاڻ ﷺ جن اهو پڻ فرمايو آهي ته، ”جيڪڏهن ڪو مرد پنهنجي زال کي ماري ٿو ٽن ڀيرن کان وڌيڪ کيس ڌڪي ٿو ته قيامت ڏينهن خدا سڄي مخلوق اڳيان کيس خوار خراب ڪندو ۽ پهرين ۽ پوءِ جي مخلوق اهڙي مرد جو تماشو ڏسندي.“
حضور ﷺ جن وڌيڪ فرمائين ٿا ته، ”مون کي اهڙي مرد تي حيرت آهي جيڪو پنهنجي زال کي ماريندو آهي، جيتوڻيڪ زال کان وڌيڪ هوئي مار ڪڍڻ جي لائق آهي. اي ماڻهوؤ! پنهنجي زالن کي لڪڻ سان نه ماريو، ڇو جو ان جو قصاص آهي.“
جيڪو مرد پنهنجي زال کي ماريندو ۽ مٿس ظلم ڪندو سو نه رڳو هن دنيا ۾ پر آخرت ۾ پڻ سزا ڀوڳيندو. هوءَ ويچاري الائي جي ڪهڙيون اميدون کڻي مڙس جي گهر ايندي آهي ۽ سوچيندي آهي ته مڙس جي گهر ۾ سندس زندگي عزت سان گذرندي، مڙس کيس پيار ڪندڙ ۽ غم غلط ڪندڙ هوندو۽ مشڪلاتن ۾ سندس مدد ڪندو.
عورت خدا پاران مرد کي سونپيل هڪ امانت آهي. ڇا اهڙي خدائي امانت سان بيهودو ورتاءُ ڪرڻ هڪ مرد کي سونهين ٿو؟
حضرت علي رضه فرمايو آهي ته، ”عورتون، مردن کي امانت طور ڏنل آهن. اهي پنهنجي فائدي ۽ نقصان جون ذميوار ناهن. اهي توهان وٽ خدا جي امانت آهن، کين ڪابه تڪليف نه ڏيو ۽ مٿن ڪا به سختي نه ڪريو.“
زال کي مارڻ ڪُٽڻ سان سندن دل ۾ جيڪا نفرت جي ڳنڍ پئجي ويندي آهي تنهن کي کولڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي. مون کي اها ڳالهه اڄ تائين سمجهه ۾ ڪونه آئي آهي ته جيڪي مرد زالن کي ماريندا ڪٽيندا ۽ کين سدائين ذليل ۽ بيعزتو ڪندا رهندا آهن سي ڪيئن پنهنجا ازدواجي لاڳاپا قائم رکي سگهندا آهن؟
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”اي ماڻهوؤ! توهان مان جيڪي زالن کي ماريندا آهن، پر پوءِ اهي ڪهڙي منهن سان کين ٻانهن ۾ آڻيندا آهن؟”
شرعي، اخلاقي ۽ قانوني طور تي مرد کي اهو حق حاصل ناهي ته هو زال کي ڪنهن ڪم تي مجبور ڪري ۽ نافرمانيءَ جي صورت ۾ کيس دڙڪا ۽ داٻ ڏي ۽ مارڪٽ ڪري. مثال طور: شرعي طور تي زال تي اها ذميداري ناهي ته هوءَ گهر جا ڪم ڪار ڪري جهڙوڪ: گهر جي صفائي ڪرڻ، رڌ پچاءُ ڪرڻ، ٿانوَ ۽ لٽا ڪپڙاڌوئڻ، ٻار پالڻ وغيره. اهي سمورا ڪم عورت تي شرعي طور تي واجب ناهن. جيتوڻيڪ عورتون گهر جا ڪم ڪار وڏي شوق ۽ دلچسپيءَ سان ڪنديون آهن ۽ ان ڏس ۾ ڪا به شڪايت ڪونه ڪنديون آهن، پر شريعت عورت کي اهي ڪم ڪار ڪرڻ تي پابند نه ٿو ڪري. تنهن ڪري مڙس کي گهرجي ته هو انهن ڪمن تي زال جا ٿورا مڃي ۽ سندس قدر ڪري. ائين ڪرڻ سان سندس زال ۾ همت پيدا ٿيندي ۽ سندس گهر گهاٽ ۾ دلچسپي وڌي ويندي. پر جيڪڏهن هوءَ ڪم ڪري نه ٿي ڪري يا چڱي نموني نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ مرد کي اهو حق هر گز ناهي ته هو زال کي بي عزتو ڪري يا وري کيس ماري ڪُٽي.
اسلام رڳو ان صورت ۾ فهمائش ڪرڻ کي جائز ٻڌايو آهي جتي مرد جا حق مرندا هجن. جهڙوڪ:
مڙس کي شرعي ۽ قانوني طور تي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي زال سان جنسي لاڳاپا قائم رکي ۽ زال تي پڻ اها شرعي ۽ قانوني ذميداري آهي ته هوءَ مڙس جي جنسي خواهش جو پوراءُ ڪري ۽ ان ڏس ۾ پنهنجو پاڻ کي مڙس جي حوالي ڪري ڇڏي. جيڪڏهن زال، مڙس جي ان خواهش کي پوري ڪرڻ کان لنوائي يا وري صفا انڪاري ٿي بيهي ته پوءِ مرد کيس نرميءَ سان سمجهائي کيس خوش رکڻ جي ڪوشش ڪري، پر جيڪڏهن هو محسوس ڪري ته سندس زال اجايو ضد ٻڌيو بيٺي آهي ۽ ڪنهن به طريقي سان راضي نه ٿي ٿئي ته پوءِ مڙس کي فهمائش ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي. ان ڏس ۾ قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته، ”توهان جون زالون جيڪڏهن توهان جي جنسي خواهش جي پوراءَ کان روڪين ته پهرين کين سمجهايو. جيڪڏهن نه مڃين ته پوءِ ساڻن سمهڻ ڇڏي ڏيو ۽ ان کان پوءِ به جيڪڏهن نه مڃين ته کين مار ڏيو (پر ايڏو نه، جو کانئن رت وهي يا ڪو عضوو ڀڄي پوي.). جيڪڏهن اهي توهان جي ڳالهه مڃين ته پوءِ مٿن ظلم ڪرڻ جائز ناهي. خدا ته سڀني کان پاڪ ۽ مٿانهون آهي.“
الله پاڪ هن آيت سڳوريءَ ۾ مڙس کي موڪل ڏني آهي ته جيڪڏهن تنهنجي زال، تنهنجي جائز گُهر پوري نه ڪري يعني تنهنجي جنسي اڃ اجهائڻ کان لنوائي ۽ ان لنوائڻ جو مقصد هروڀرو توهان کي تنگ ڪرڻ هجي ته پوءِ اهڙي حالت ۾ توهان کي کيس فهمائش ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي جنهن جا ٽي مرحلا آهن:
سمجهائڻ ۽ پيار ۽ محبت وسيلي زال کي راضي ڪرڻ.
سمجهائڻ سان ڪم نه هلي ته پوءِ کانئس ڌار سُمجهي ۽ ان طرح ڪاوڙ جو اظهار ڪجي.
جيڪڏهن اهو طريقو به اثرائتو نه ٿئي ۽ زال پنهنجي ضد تي اڙيو بيٺي هجي ۽ مڙس کي پنهنجي حق پورو ڪرڻ نه ڏئي ته پوءِ اهڙي صورت ۾ مڙس کي حق آهي ته هو کيس ڌڪ چنبا هڻي سگهي ٿو. پر پوءِ به مرد کي اهو حق حاصل ناهي ته هو حد کان ٽپي وڃي ۽ زال کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ هيٺيان نڪتا ذهن ۾ رکڻ گهرجن:
ڌڪ هڻڻ جو مقصد بدلو وٺڻ نه، پر سُڌارو ڪرڻ هجي.
ڌَڪُ هڻي ته هٿ سان يا سنهي لَڪڻ سان هڻي. روايتن ۾ آيو آهي ته ان ڪم لاءِ ڏندڻ جيترو سنهڙو لڪڻ ڪتب آڻڻ گهرجي.
ڌڪ ائين هڻي جو سندس زال جو بدن ڪارو يا ڳاڙهو نه ٿي وڃي، نه ته ڏنڊ جي طور تي کيس قصاص ڏيڻو پوندو.
نازڪ هنڌن جهڙوڪ: اک، مٿي ۽ پيٽ تي ڌڪ نه هڻجي.
ڌڪ هرو ڀرو ايڏا به نه هڻو جو زال، مڙس کان نفرت ڪرڻ لڳي.
مڙس کي اها ڳالهه پڻ ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هو جنهن عورت کي ماري رهيو آهي سان سندس زال آهي جنهن سان کيس سڄي ڄمار گهارڻي آهي. تنهن ڪري پيار ۽ محبت وسيلي هو زال جو وجود مان فائدو پرائي سگهي ٿو.
حيض جي حالت، رمضان ۾ روزن رکڻ جي حالت، احرام جي حالت ۾ هجڻ ۽ بيمار هجڻ جي حالت ۾ مڙس کي ڪو حق ناهي ته هو پنهنجي جنسي اُڃ اجهائڻ لاءِ زال کي مجبور ڪري يا کيس ڌڪ چنبا هڻي.
زال جيڪڏهن گهر کان ٻاهر وڃڻ گهري ته پوءِ کيس مڙس کان موڪل وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن هو موڪل نه ڏئي ته پوءِ شرعي طور تي کيس گهران نڪرڻ جو ڪو حق ناهي ۽ جيڪڏهن موڪل کانسواءِ ٻاهر ويندي ته پوءِ هوءَ گنهگار ٿيندي.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪا زال پنهنجي مڙس جي موڪل کان سواءِ گهران نڪري ٿي ته سمورا آسماني ملائڪ، جن ۽ انسان تيستائين مٿس لعنت هڻندا ٿا رهن جيستائين هوءَ گهر واپس موٽي نه ٿي اچي.“
پر مرد کي ان ڏس ۾ گهڻي سختي نه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ان حق جي وسيلي زال کي هروڀرو آزارڻ نه گهرجي. سٺو آهي ته جيڏانهن وڃڻ ۾ ڪو نقصان ناهي ته اتي وڃڻ جي کيس خوشيِءَ سان موڪل ڏئي ڇڏجي. مڙس کي اهو حق، پنهنجي طاقت ڏيکارڻ ۽ زال تي اجايو دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪونه ڏنو ويو آهي پر ان حق جو مقصد رڳو اهو آهي ته مڙس پنهنجي زال کي نامناسب هنڌن تي وڃڻ کان جهلي ۽ سندس عزت جي حفاظت ڪري.
اجايون سختيون ڪرڻ نهايت هاڃيڪار ڪم آهي. ائين ڪرڻ سان ڪٽنب جي ڀاتين جو هڪ ٻئي مٿان اعتبار کڄي ويندو آهي ۽ پاڻ ۾ پيار محبت به نه رهندي آهي. ها! جيڪڏهن مڙس ڏسي ته سندس زال نامناسب هنڌن تي وڃي ٿي ته پوءِ کيس سختيءَ سان روڪڻ گهرجي ۽ عورت تي به اهو واجب آهي ته هوءَ مڙس جي فرمانبرداري ڪري ۽ اڻ وڻندڙ محفلن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪري.
جيڪڏهن زال، مڙس جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪري ۽ سندس موڪل کانسواءِ گهر کان ٻاهر نڪري ته پوءِ مڙس کي اهو حق حاصل آهي ته هو کيس فهمائش ڪري. تنهن هوندي به هوءَ ڪجهه حالتن ۾ مڙس جي موڪل کانسواءِ ٻاهر وڃي سگهي ٿي. جھڙوڪ:
1. دين جون ضروري ڳالهيون سکڻ لا ءِ گهر کان ٻاهر وڃڻ.
2. حج تي وڃڻ
3. قرض ادا ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر وڃڻ. (جيڪڏهن گهر ٻاهر وڃڻ کانسواءِ ممڪن نه هجي).
4.

5.شڪي مرد:

اهو صحيح آهي ته مڙس کي پنهنجي زال جي نگراني ڪرڻ گهرجي پر هرو ڀرو ايتري به نه جو شڪ شبهو ٿيڻ لڳي. ڪي مرد وهم ۽ شڪ جي بيماريءَ ۾ ڦاٿل هوندا آهن ۽ بنا ڪنهن سبب جي زال تي شڪ ڪندا رهندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته هوءَ سندس وفادار ناهي.
جيڪي مرد شڪ جهڙي گندي روڳ ۾ ورتل هوندا آهن سي پنهنجي ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي زندگيءَ کي نهايت اڻ وڻندڙ بنائي ڇڏيندا آهن، هرو ڀرو بهانا ڳوليندا ۽ اعتراض ڪندا رهندا آهن، پنهنجي زال جي اٿڻ ويهڻ کي شڪ جي نظرن سان ڏسڻ لڳندا آهن ۽ پاڇي وانگر سدائين سندس پويان لڳل هوندا آهن. جن ڳالهين کي خيانت ۽ بي وفائي نه ٿو چئي سگهجي تن کي اهي پنهنجي وهم ۽ شڪ ڪري زال جي بي وفائي سمجهندا آهن، مثال طور: فلاڻي مرد کيس خط لکيو آهي، تنهن ڪري پڪ سان ٻنهي جي دوستي رهي هوندي، فلاڻي مرد کيس سلام ڪيو هو ۽ خير خيريت پڇي هئي تنهن ڪري هوءَ مون سان وفادار ناهي، پاڙي جي فلاڻي نوجوان تنهن ڏينهن گهرجي ڇت تي چڙهي کيس ڏٺو هو، تنهن ڪري ڀانئجي ٿو ته ٻئي هڪ ٻئي کي چاهين ٿا، هن فلاڻي مرد جي واکاڻ ڪئي هئي، جنهن جو مطلب رڳو اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته هوءَ مٿس موهت آهي، تنهن ڏينهن هڪ خط مون کان لڪائي ٿي پڙهيائين گهڻو ڪر ي اهو خط سندس عاشق جو هوندو. پهرين جي ڀيٽ ۾ هاڻي مونکي گهٽ ٿي ڀانئين تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته کيس ٻيو ڪو وڻندو هجي ۽ منهنجي ڌيءَ جي شڪل مون جهڙي ناهي ان مان خبر پئي ته هن مون سان خيانت ڪئي آهي.
مطلب ته شڪي مرد اهڙي قسم جي معمولي ڳالهين کي خيانت سمجهندي زال تي شڪ ڪندا آهن. معاملو ته اڃا به خراب تڏهن ٿيندو آهي جڏهن سندس ماءُ، ڀيڻ يا پاڙي جي ڪا ساڙيلي عورت، ساڙ يا ٻي ڪنهن سبب ڪري سندس ها ۾ ها ملائينديون آهن ۽ اهڙيءَ طرح سندس شڪ پختو ٿي ويندو آهي. جيڪي نڀاڳا ڪٽنب شڪ جهڙي ءَ بيماريءَ ۾ وچڙي ويندا آهن تن کي ڪڏهن به سڪون ملي ڪونه سگهندو آهي. مرد جاسوس پوليس وانگر سدائين زال جي هر ڪم جي نگراني ڪندو آهي ۽ ٿورين ٿورين ڳالهين تي شڪ ڪرڻ لڳندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ کي پريشانيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيندو آهي. سندس ويچاري زال به سدائين هڪ بي گناهه ڏوهاريءَ وانگر ذهني عذاب پئي ڀوڳيندي رهندي آهي ۽ سخت پابنديءَ جي حالت ۾ جيئن تيئن زندگي گذارڻ تي مجبور هوندي آهي.
اهڙن ڪٽنبن جا بڻ بنياد سدائين پيا ڌُڏندا رهندا آهن ۽ هر وقت طلاق جي تلوار ڪنڌ تي لڙڪيل رهندي آهي طلاق ته ٺهيو، پر شڪ شبهي جي ڪري ڳالهه وڃي زال کي قتل ڪرڻ تائين پهچندي آهي. اهڙن مردن جو وڏو انگ آهي جن پنهنجي بي گناهه زالن کي شڪ جي بنياد تي قتل ڪري پاڻ آپگهات ڪري ڇڏي آهي.
تنهن ڪري زال ۽ مڙس کي هٺ ۽ هوڏ ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ اڻ وڻندڙ حادثن ٿيڻ کان اڳ ئي سياڻپ کان ڪم وٺندي انهن جو گڏجي ڪري ڪو حل ڳولڻ گهرجي. جيڪڏهن مڙس ۽ زال چاهين ته شڪ جي مسئلي جو حل سولائيءَ سان لڀي سگهي ٿو. مڙس کي گهرجي ته اجائي شڪ ۽ وهم کان پنهنجو ذهن صاف ڪري ڇڏي. ڪنهن تي هرو ڀرو شڪ ڪرڻ ڪا چڱي ڳالهه ناهي. جيستائين پڪين ثابتين ۽ دليلن سان خيانت ثابت نه ٿئي تيستائين ڪنهن تي الزام هڻي نه ٿو سگهجي.
قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته، ”اي ايمان آڻيندڙؤ! ڪيترن ئي شڪ شبهن کان بچو، ڇو جو ڪيترائي شڪ گناهه هوندا آهن.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ” جيڪو ماڻهو پنهنجي زال تي بنا ڪنهن سبب جي زنا جو الزام هڻندو آهي، تنهن کان سندس مڙني نيڪين جو ثواب ائين ڌار ٿي ويندو آهي جيئن نانگ جي کل سندس جسم کان ڌار ٿي ويندي آهي ۽ سندس بدن جي هر وار جيترا هزارين گناهه سندس اعمال نامي ۾ لکيا ويندا آهن.“
پاڻ ﷺ جن وڌيڪ فرمايو آهي ته، ”جيڪو ماڻهو ڪنهن مؤمن مرد يا عورت تي بُهتان هڻندو تنهن کي خدا تعاليٰ قيامت ڏينهن باهه جي بَٺيءَ ۾ اڇلائيندو ته جيئن هو پنهنجي ڏوهه جي سزا ڀوڳي.“
جيستائين زال جي خيانت شرعي طرح تي دليلن ۽ ثابتين وسيلي ثابت نه ٿي ٿئي تيستائين مرد کي ڪو حق ناهي ته هو کيس ڏوهه ڏي. زال تي ڪوڙو الزام هڻڻ ايترو وڏو گناهه آهي جو اسلام ۾ ان جي سزا اَسي ڪوڙا مقرر ڪئي وئي آهي.
رڳو وهم ۽ شڪ ۽ خيالي امڪانن جي بنياد تي اهڙي موضوع کي ثابت نه ٿو ڪري سگهجي. ڪنهن جو خط لڪائي پڙهڻ يا وري ڪنهن جو فوٽو سانڍي رکڻ خيانت جو دليل بنهه نه ٿو ٿي سگهي.
اهو صحيح آهي ته اهڙي قسم جو ڪم بنهه نه ڪرڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو ته سادگيءَ يا اڻڄاڻائيءَ ڪري کانئس ائين ٿي ويو هجي. جيڪڏهن ڪو مرد کيس خط موڪلي ته اهو وٺڻ نه گهرجي پر جيڪڏهن خط وصول ڪيائين ۽ مڙس جي ڊپ کان لڪائي رکيائين ته پوءِ رڳو ان خط کي خيانت جو دليل نه ٿو چئي سگهجي. جيڪڏهن ڪنهن ڌارئي مرد کي سلام ڪيائين ۽ کانئس خير خيريت پڇيائين ته اهو به سندس خيانت جو دليل نه ٿو ٿي سگهي، جيتوڻيڪ ڌارئي مرد سان گرمجوشيءَ جو اظهار ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو مرد سندس پيءُ يا ڀائرن جو دوست هجي يا وري ڪنهن مٽي مائٽيءَ جي حوالي سان ساڻس اڳ ۾ ئي ڄاڻ سڃاڻ رهي هجي. جيڪڏهن مرد جي سٺي اخلاق ۽ هلت کان متاثر ٿي سندس واکاڻ ڪيائين ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿوروئي آهي ته هوءَ مٿس موهت آهي. جيتوڻيڪ زال کي اها ڳالهه ڪونه ٿي ٺهي ته هوءَ پنهنجي مڙس آڏو ڪنهن ڌارئي مرد جي واکاڻ ڪري پر پوءِ به رڳو ايتري ننڍڙي ڳالهه کي خيانت جي نشاني نه ٿو چئي سگهجي.
جيڪڏهن هوءَ خط کي لڪائي رکي ٿي يا ڪوڙ ٿي ڳالهائي ته به ان ڳالهه کي خيانت نه ٿو چئي سگهجي. ٿي سگهي ٿو ته اهو خط کيس ڪنهن ساهيڙيءَ لکيو هجي جنهن ۾ شخصي قسم جي اهڙي ڪا ڳالهه لکيل هجي جيڪا هوءَ پنهنجي مڙس کان لڪائڻ چاهيندي هجي. جيڪڏهن هوءَ پهرين جي ڀيٽ ۾ پيار محبت گهٽائي وئي آهي ته پوءِ ائين ٿوروئي آهي ته هن ٻئي ڪنهن سان دل لڳائي آهي. ان جا ٻيا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته هوءَ ڪنهن ڳالهه تان مڙس سان ڪاوڙيل هجي، بيمار رهندي هجي يا وري مڙس جي بي ڌيانيءَ جي ڪري مايوس ۽ ڪوماڻيل هجي. مطلب ته اهڙين ڳالهين کي خيانت هر گز نه ٿو چئي سگهجي. ٿوري ۾ ائين کڻي چئجي ته جيڪي ڳالهيون شڪ شبهي جو ڪارڻ هونديون آهن تن تي جيڪڏهن نيڪ نيتيءَ سان ويچاريو وڃي ته پوءِ اهي صفا ننڍڙيون لڳنديون.
پيارا ڀاءُ! خدا ڪارڻ، شڪن ۽ وهمن کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ هڪ انصاف پسند جج وانگر پنهنجي زال جي خيانت جي دليلن ۽ ثابتين جو، ڌيان ۽ انصاف سان جائزو وٺو ۽ چڱيءَ ريت سوچي سمجهي انهن دليلن ۽ ثابتين کي پرکيو ۽ ڏسو ته ڇا توهان جو شڪ صحيح آهي يا رڳو اهو اوهان جووهم آهي.
اسان اهو نه ٿا چئون ته توهان بي پرواهه ۽ بي غيرت ٿي وڃو پر اسان جو مقصد رڳو ايترو آهي ته جيڪا ڳالهه چڱيءَ ريت ثابت ٿي وڃي تنهن تي ئي ويساهه رکو.
اجاين الزامن ۽ شاهدين تي ڳنڍ ٻڌي اوهان پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب وارن جو جيئڻ ڇو ٿا حرام ڪريو؟ جيڪڏهن اهڙي قسم جي خيالي ثابتين جي بنياد تي اوهان تي ڪو الزم هنيو وڃي ته پوءِ اوهان تي ڇا گذرندو؟ انصاف ۽ ضمير جي تقاضا ڇا آهي؟ ڇو پنهنجي ۽ پنهنجي زال جي عزت ڌوڙ ۾ ملائڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺا آهيو؟ ڇا سندس حالت تي اوهان کي ڪو ترس نه ٿو اچي؟ ڇا توهان اهو نه ٿا سوچيو ته ٿي سگهي ٿو ته هوءَ انهن ڪُوڙن الزامن کان بيزار ٿي ڪنهن غلط واٽ تي ڀٽڪڻ لڳي؟
حضرت علي رضه پنهنجي پٽ امام حسن رضه کي چيو ته، ”ان ڳالهه جو خيال رهي ته جتي ضرورت نه هجي اتي غيرت نه ڏيکارجانءِ، ڇو جو اهو عمل صحيح ماڻهن کي گمراهيءَ ڏانهن ۽ پرهيز گارن کي گناهه ڏانهن لاڙيندو آهي.“
جيڪڏهن توهان کي پنهنجي زال تي شڪ آهي ته پوءِ اها ڳالهه هر ڪنهن کي به ٻڌايو ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته ڪي ماڻهو دشمنيءَ يا اياڻپ ڪري يا وري سڄڻائپ ڏيکارڻ لاءِ توهان سان ها ۾ ها ملائين ۽ ڪجهه بي بنياد ڳالهين جو پڻ واڌارو ڪن. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ اوهان جو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويندو ۽ اهڙيءَ طرح توهان جي دنيا به تباهه ٿي ويندي ته آخرت پڻ. خاص ڪري مائرن ۽ ڀينرن سان ته هرگز ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ڇو جو عام ڪري سَسُ ۽ نڻانون، نُنهن سان ته خدا ڪارڻ وير رکنديون آهن ۽ اهڙا وَجَهه پيون ڳولينديون آهن جن وسيلي نُنهن کي بيعزتو ڪرائي سگهن. پوءِ اهي سوچ سمجهه کانسواءِ توهان جي شڪ کي پڪ ۾ تبديل ڪرڻ جا سمورا سبب فراهم ڪنديون. جيڪڏهن توهان کي ٻئي ڪنهن جي مدد گهرجي ته پوءِ ڪنهن تجربيڪار، سياڻي ۽ خير خواهه دوست سان صلاح ثواب ڪريو. پر ڀلو ته ائين ٿيندو ته زال جي جن ڪمن ۽ ڳالهين تي توهان کي شڪ آهي، تن بابت نهايت نرميءَ ۽ پيار مان زال کان ئي وضاحت پُڇي وٺو. وضاحت پڇڻ مهل توهان جو مقصد پنهنجي شڪ کي ثابت ڪرڻ نه هجي، پر وقتي طور تي شڪ شبهي کي پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ هڪ عادل جج وانگر پنهنجي زال جي وضاحتن کي ڌيان سان ٻُڌو ۽ انهن کي هڪدم غلط نه سمجهو. ٿوريءَ دير لاءِ فرض ڪريو ته جيڪڏهن توهان جو ڀيڻيويو پنهنجي زال جي اهڙي ئي قسم جي شڪايت کڻي اچي ته پوءِ توهان ڪيئن فيصلو ڪندا؟ پنهنجي زال جي معاملي ۾ پڻ اهڙي هلت ڪريو. توهان جي زال جا ايلاز منٿون ۽ دليل ۽ ثبوت توهان جي پٿر دل تي ڀلا اثر پو ڪونه ٿا ڪن؟ توهان کي سندس ڳالهين تي اعتبار ڇو نه ٿو اچي؟ ٿورو سياڻا ٿيو، هرو ڀرو آپي کان ٻاهر نه نڪرو. متان انهن شڪن شبهن جي بنياد تي زال کي طلاق ڏئي پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو. فرض ڪيو جيڪڏهن توهان زال کي طلاق ڏئي ٻي شادي ڪري ورتي ته پوءِ توهان وٽ ڪهڙي گارنٽي آهي ته هوءَ کانئس ڀلي هوندي؟ توهان کي پنهنجي انهن ابهم ٻارڙن جو خيال ڇو نه ٿو ٿئي؟ ڀلا انهن معصومڙن جوڪهڙو ڏوهه آهي؟ ڇو ٿا انهن ويچارن کي پنهنجي شڪ ۽وهم جي باهه ۾ساڙيو؟ انهن جا ڪوماڻيل چهرا ۽ نماڻيون نظرون اوهان تي اثر ڇو نه ٿيون ڪن؟ متان وري آپگهات ڪري ويهو يا زال کي قتل ڪري ڇڏيو. آپگهات ڪيوَ ته پوءِ ٻئي جهان خراب ڪري ويهندؤ ۽ جيڪڏهن زال کي قتل ڪيو ته پوءِ آخرت ۾ به دوزخ ٺهي پئي اٿوَ ته هيءَ دنيا به برباد ٿي ويندوَ! ڀلا خون ۽ کٿوري لڪي ته ڪونه ٿا سگهن. هڪ ڏينهن توهان جو ڏوهه ظاهر ٿيندو. پوءِ يا ته توهان کي ڦاسيءَ تي ٽنگيو ويندو يا وري سڄي ڄمار جيل ۾ گذارڻي پوندي.
اهڙي قسم جي شڪي ۽ وهمي مردن جي، زالن تي وڏي ذميداري پوي ٿي. کين گهرجي ته پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارڙن ۽ مڙس جي چڱائيءَ ڪاڻ صبر، سهپ ۽ قربانيءَ کان ڪم وٺن. اهڙن ئي ڏکين وقتن ۾ عورتن جي سمجهه، عقل ۽ سياڻپ جي پرک ٿيندي آهي.
پياري ڀيڻ! سڀ کان پهرين توهان اها ڳالهه سمجهو ته توهان جو مڙس هڪ خطرناڪ نفسياتي بيماريءَ جي وَر چڙهيل آهي. هروڀرو ڪير پنهنجي زندگي زهر ڪندو آهي پر اصل ۾ هو بيمار آهي. جي ها! شڪ جو مرض به خطرناڪ بيمارين ۾ ڳڻيو ٿو وڃي. تنهن ڪري بيمار جو علاج ٿيڻ گهرجي ته جيئن سندس مرض دور ٿئي. توهان ڪوشش ڪري ساڻس ايڏو ته پيار ڪريو جو کيس پڪ ٿي وڃي ته توهان جي دل ۾ رڳو سندس لاءِ ئي جاءِ آهي. جيڪڏهن هو اعتراض ۽ بهانا ڪري ته پوءِ توهان کڻي صبر ڪيو. ڪاوڙ ڏيکاري يا دڙڪا داٻ ڏي ته ماٺ ئي رهجي. سندس سختين کي برداشت ڪجي. رڙيون ڪوڪون نه ڪجن ۽ جهيڙو جهٽو نه ڪجي. ڪا به ڳالهه کانئس ڳجهي نه رکجي ۽ روزاني جا حال احوال سچائيءَ سان ۽ دل کولي ٻڌائجن، جيڪڏهن هو ڪنهن ڳالهه جي وضاحت پڇي ته حقيقت ٻڌائي ڇڏجي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ يا کانئس ڪا ڳالهه لڪائڻ کان پاسو ڪجي ڇو جو جيڪڏهن هڪ ڀيرو توهان جو ڪوڙ پڌرو ٿي پيو ته پوءِ هو ان کي اوهان جي ڏوهه جو آخري ثبوت ۽ سند سمجهندو.
جيڪڏهن هو چئي ته فلاڻي ماڻهوءَ سان نه ملو يا فلاڻو ڪم نه ڪريو ته پوءِ توهان بنا چُون چرن جي سندس چيو مڃيو ۽ ساڻس ضد يا بحث نه ڪيو، نه ته سندس شڪ وڌي ويندو. مطلب ته هر ان ڪم کان پاسو ڪيو جيڪو شڪ پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي.
حضرت علي رضه فرمايو آهي ته، ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو شڪي حالت ۾ گهيريل آهي ته پوءِ مٿس شڪ شبهو ڪندڙن کي ملامت نه ڪرڻ گهرجي.“
جيڪڏهن توهان جو مڙس ڀلي اوهان جي رشتيدارن مان ئي ڪنهن ماڻهوءَ بابت شڪي آهي يا کانئس نفرت ڪري ٿو ته پوءِ توهان ان سان ملڻ جلڻ ختم ڪري ڇڏيو. ڪن خاص ماڻهن سان لاڳاپا قائم رکڻ جي ڀيٽ ۾ ڇا اهو چڱو ناهي ته توهان کانئن مُنهن موڙي پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي زندگي تباهه ٿيڻ کان بچائي وٺو. پنهنجي دل ۾ اهو صفا نه سوچيو ته، ”ڇا مان پنهنجي مڙس جي زرخريد نوڪرياڻي آهيان جو ايڏيون پابنديون ۽ سختيون سهان؟“ جي نه! توهان نوڪرياڻي نه پر هڪ بيمار مرد جي زال آهيو. جڏهن توهان شادي ڪئي هئي ته ڄڻ اهو واعدو ڪيو هو ته ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ نڀائينداسين هر مسئلي ۽ پريشاني ءَ کي گڏجي ڪري منهن ڏينداسين. تنهن ڪري ڇا وفاداري اها آهي ته توهان پنهنجي بيمار مڙس سان ڇڪتاڻ رکو ۽ جهيڙو لايو ويٺيون هجو. مهرباني ڪري اجاين خيالن کان ذهن کي صاف ڪري ڇڏيو ۽ سياڻپ کان ڪم وٺو. پڪ ڄاڻو ته ڪٽنب جي خاطر توهان جي قرباني هڪ اهم ۽ واکاڻ جوڳي ڳالهه آهي. ڀلي عورت ته اها آهي جيڪا اهڙين ڏکين ۽ نازڪ حالتن ۾ اهڙن وهمي ۽ شڪي مردن سان ساٿ نڀائي.
امام جعفر صادق عه فرمايو آهي ته، ”عورت جو جهاد ته اهو آهي ته جيڪڏهن مڙس کيس آزاري ته هوءَ بردباريءَ کان ڪم وٺي.“ اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪريو جنهن سان توهان جي مڙس کي شڪ ٿئي يا سندس شڪ ۾ واڌارو ٿئي. ڌارين مردن خاص ڪري انهن ماڻهن جي جيڪي توهان جي مڙس کي ڪونه ٿا وڻن، سندس آڏو واکاڻ نه ڪريو. گڏو گڏ نا محرم مردن کي به نه ڏسو.
حضور ﷺ جن فرمائين ٿا ته، ”جيڪا پرڻيل عورت نامحرم مردن کي چاهيندڙ نظرن سان ڏسندي تنهن تي خدا تعاليٰ سخت عذاب نازل ڪندو.“
ڌارين مردن سان ڪو وڙ واسطو نه رکو ۽ نه ئي ساڻن ڳالهايو. پنهنجي مڙس جي موڪل کانسواءِ ڪنهن جي به گهر نه وڃو. ڪنهن ڌارئي مرد کان ڪار جي لفٽ نه وٺو. توهان جي حيادار ۽ عزت دار هجڻ ئي ڪافي ناهي پر انهن مڙني ڳالهين کان صفا پري رهڻ به ضروري آهي، جن جي ڪري شڪ پيدا ٿيڻ جو انديشو هجي. ٿي سگهي ٿو ته سادگيءَ يا اڻ ڄاڻائيءَ ڪري توهان کان ڪا اهڙي ڳالهه ٿي وڃي جيڪا توهان جي مڙس کي شڪ جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏي. هيٺيون واقعو ڌيان سان پڙهو:
هڪ ستاويهن سالن جي ڇوڪريءَ ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته، ”اٺ سال اڳ سياري جو هڪ برفاني ڏينهن مون لاءِ اڻ ڳڻيون مصيبتون کڻي آيو. تن ڏينهن ۾ مان ڪاليج ۾ پڙهندي هيس ۽ ان واقعي کان رڳو ٻه مهينا اڳ منهنجو نڪاح ٿي چڪو هو. اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته هڪ ڏينهن مان نوٽس وٺڻ لاءِ پنهنجي هڪ ڪلاس فيلو ساهيڙيءَ جي گهر ويس. موٽڻ مهل سخت برفباري شروع ٿي وئي تنهن ڪري منهنجي ساهيڙيءَ مون کي چيو ته منهنجو مامو توهان کي پنهنجي ڪار ۾ گهر ڇڏي ايندو. اتفاق سان جڏهن مان گهر جي ڀرسان پهتس ته منهنجو مڙس گهٽيءَ جي ڪنڊ تي بيٺو هو. مان کيس ڏسي ڊڄي ويس ۽ پنهنجي ساهيڙيء جي مامي کي چيوته مون کي هتي ئي لاهيو ۽ تڪڙا واپس هليا وڃو. هو ويچارو منهنجي ڳالهه سمجهي ويو هڪدم واپس هليو ويو. اها ڳالهه منهنجي مڙس کي مون کان شڪي ڪرڻ جو سبب بڻي. پوءِ وري جڏهن هن اعتراض ڪيو ته مون ڊپ کان بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڳالهه جي ڪري ويتر به منهنجي مڙس جو شڪ پختو ٿي ويو. پوءِ ته منهنجي ساهيڙيءَ ۽ سندس گهر وارن جي شاهدي به کيس مطمئن نه ڪري سگهي ۽ سندس شڪ به ختم ڪونه ٿيو. ان کان پوءِ منهنجو مڙس مونکي نه ته پاڻ سان رهائڻ تي راضي ٿو ٿئي ۽ نه ئي وري طلاق ٿو ڏي. ان ڳالهه کي پورا اٺ سال ٿي ويا آهن ۽ مان ائين ئي زندگي گذاريندي پئي رهان.“
پڙهندڙؤ! توهان جي خيال ۾اصل قصور وار ڪير آهي؟ منهنجي خيال ۾ ته سڄو ڏوهه زال جوئي آهي جنهن پنهنجي اياڻپ ۽ ڀورڙائيءَ ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس لاءِ مصيبت ڪري ڇڏي.
پهريون غلط ڪم ته اهو ڪيائين جو هڪ ڌارئي مرد جي ڪار ۾ سوار ٿي. جيڪڏهن مڙس کيس نه ڏسي ها ته به اخلاقي طور تي هڪ ڌاري مرد جي ڪار ۾ عورت جو ويهڻ هڪ غلط ۽ هاڃيڪار ڪم آهي.
خير... مڃون ٿا ته هوءَ اڻڄاڻائيءَ مان ڌاري مرد جي ڪار ۾ ويٺي. پر جيڪڏهن مڙس کي گهٽيءَ جي ڪُنڊ تي بيٺل ڏٺو هئائين ته پوءِ کيس گهربو هو ته ساهيڙيءَ جي مامي کي پنهنجي مڙس جي ڀر سان ڪار جهلڻ جو چوي ها ۽ ڪار مان لهي مڙس سان گڏ گهر وڃي ها ۽ کيس پيرائتو حال احوال ڪري ٻڌائي ها.
وڏي غلطي اها ڪيائين جو ساهيڙيءَ جي مامي کي هڪدم واپس ٿيڻ جو چيائين.
چوٿين غلطي اها ڪيائين جو ان واقعي کان صفا انڪار ڪري ڇڏيائين. سٺو ٿئي ها ته مڙس کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي ها ۽ پنهنجي غلطي باسي ڇڏي ها.
ان ڏس ۾ مرد به بي قصور ناهي. رڳو ايتري ننڍڙي ڳالهه کي خيانت جو قطعي دليل نه ٿو چئي سگهجي. کيس اها ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ کپندي هئي ته سندس زال کان لاپرواهيءَ يا مجبوريءَ مان اها غلطي ٿي وئي آهي ۽ پوءِ وري الزام جي ڊپ کان هن ساهيڙيءَ جي مامي کي هڪدم موٽي وڃڻ جو چيو. سياڻپ جي تقاضا ته اها آهي ته انصاف ۽ غير جانبداريءَ سان ان واقعي جي پوري ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق ڪري ها ۽ هر پاسي کان دلجاءِ ڪري سندس غلطيءَ کي معاف ڪري ڇڏي ها ۽ ائين کيس دربدر نه ڪري وڃي ها.

بدڪردار عورت:

بدڪردار عورت:
جيڪڏهن شاهدين ۽ دليلن وسيلي قطعي طور تي ثابت ٿي وڃي ته زال جي چال چلت سٺي ناهي ۽ ڌارين مردن سان سندس لاڳاپا آهن ته پوءِ مرد ويچاري لاءِ وڏو مسئلو ٿي ويندو آهي. هڪ پاسي سندس عزت ڌوڙ ۾ ملي ويندي آهي ته ٻئي پاسي وري اهڙي بيعزتيءَ جي ڳالهه برداشت ڪرڻ سندس لاءِ ڏکيو بنجي ويندو آهي. اهڙي حالت ۾ مرد لاءِ ان مسئلي مان جان ڇڏائڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ خطرناڪ ڪم ٿي ويندو آهي.
اهڙي موقعي تي مرد آڏو هيٺيان رستا هوندا آهن:
پنهنجي ڪٽنب جي عزت ۽ ڀرم رکڻ لاءِ دل تي پٿر رکي زال جي خيانت کي وساري ساڻس پڇاڙيءَ تائين نڀائيندو رهي. هي رستو صحيح ناهي ڇو جو ڪو به غيرتمند مرد زال جي بدڪرداريءَ ۽ حرامي ٻارن جي وجود کي بنهه برداشت نه ٿو ڪري سگهي. غيرت، مرد جي هڪ پسنديده صفت آهي ۽ بي غيرت مرد، خدا ۽ سندس رسول ﷺ جي نظرن ۾ ذليل ۽ خوار خراب هوندو آهي.
اهڙن مردن جي زندگي حقيقت ۾ شرم جوڳي هوندي آهي جيڪي اهڙي بي عزتي چپ ڪيو برداشت ڪندا رهندا آهن. اهڙا مرد، مرد نه هونداآهن، پر جانور کان به خراب هوندا آهن.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”ٻن قسمن جا ماڻهو بهشت جي خوشبوءِ کان وانجهيل هوندا آهن. هڪ پيءُ ماءُ جا نافرمان ۽ ٻيا بي غيرت مرد.“ ڪنهن پڇيو ته، ”اي الله جا رسول ﷺ! بي غيرت مرد ڪير آهي؟“ فرمايائون ته، ”بي غيرت اهو آهي جنهن کي خبر هجي ته سندس زال زناڪار آهي.“ (۽ هو پوءِ به خاموش آهي)
پنهنجي زال يا سندس عاشق کي ماري ڇڏي. اهڙي طريقي سان بدلي جي باهه وقتي طور تي وسامي ته سگهي ٿي پر اهو ڪم ڏاڍو خطرناڪ آهي ۽ جنهن جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا ڇو جو خون جو ڏوهه گهڻو عرصو لڪي نه سگهندو آهي. هو هڪ نه هڪ ڏينهن پڪڙجي سگهي ٿو ۽کيس سخت سزا ملي سگهي ٿي. ڪورٽ ۾ به زال جي بدڪرداري سولائيِءَ سان ثابت ٿوروئي ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري سندس ڇوٽڪاري جي اميد گهٽ هوندي آهي. پوءِ يا ته کيس موت جي سزا ٻڌائي ويندي آهي يا وري عمر قيد ڪاٽڻو پوندو آهي. اهڙيءَ طرح سندس زندگي تباهه ٿي ويندي آهي ۽ ٻار ٻچا به دربدر ٿي ويندا آهن. تنهن ڪري اها سياڻپ ناهي ته انسان جوش ۾ اچي پنهنجي نفس جي تسليءَ ۽ساڙ جي باهه کي وسائڻ لاءِ اهڙو خطرناڪ ڪم ڪري ويهي ۽ پوءِ وري سڄي عمر سزا ڀوڳيندو رهي.
مرد کي سياڻپ ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. کيس پاڻ تي ايترو ڪنٽرول هجي جو هو اٻهرائيءَ ۾ ڪو جذباتي ڪم نه ڪري ۽ کيس ڪو مسئلو آڏو اچي ته ان کي سياڻپ سان حل ڪري.
آپگهات ڪري ڇڏي. نه هوندو ئي نه ئي وري زال جي بدڪرداريءَ کي پنهنجي اکين سان ڏسندو. پر اهو به سياڻن ماڻهن جو ڪم ناهي. پهرين ته پنهنجي زندگيءَ کي ختم ڪرڻ شرعي لحاظ کان هڪ وڏو ڏوهه آهي جنهن جي سزا ۾ کيس سدائين دوزخ ۾ رهڻو پوندو. ٻيوته پنهنجو پاڻ کي ختم ڪرڻ صحيح ڪم نه آهي. اها ڪهڙي سياڻپ آهي ته ماڻهو ٻين کان بدلو وٺڻ لاءِ پنهنجي دنيا آخرت خراب ڪري ويهي؟ ۽ ان سان زال کي خراب ڪمن جي مڪمل آزادي ملي وڃي تنهن ڪري اهو سڀ کان خراب ڪم آهي.
جڏهن زال جي بدڪرداريءَ جي پڪ ٿي وڃي ۽ ڏسي ته هوءَ ناجائز ڪمن کان نه ٿي مُڙي ته پوءِ ڀلو ان ۾ آهي ته کيس طلاق ڏئي کانئس ڇوٽڪارو حاصل ڪري. هي نهايت سياڻپ وارو قدم آهي جنهن ۾ ڪو به خطرو ڪونهي. اهو صحيح آهي ته طلاق جي ڪري زندگي تباهه ٿي ويندي آهي ۽ ڪيترائي نقصان برداشت ڪرڻا پوندا آهن. خاص ڪري جيڪڏهن ٻارڙا آهن ته پوءِ ته ڳالهه ڳري ٿي ويندي آهي. پر ان کانسواءِ ٻيو چارو به ڪونهي. انڪري سٺو طريقو اهو آهي ته زال کي طلاق ڏئي ٻارڙن کي پاڻ وٽ رهائي ڇو جو ابهم ٻارڙن کي هڪ بدڪردار عورت جي حوالي ڪرڻ مناسب نه ٿيندو. جيتوڻيڪ ٻارڙن کي پالڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي پر مرد کي اها دلجاءِ رکڻ گهرجي ته هن خدا جي راضپي لاءِ اهو ڪم ڪيو آهي. تنهن ڪري خدا به سندس مدد ڪندو ۽ جلد ئي کيس هڪ حيادار ۽ پيار ڪندڙ زال ملي ويندي ۽ پوءِ هو پنهنجي باقي زندگي عزت ۽ سڪون سان گذاريندو.

ڌارين عورتن کي نه ڏسجي:

ڌارين عورتن کي نه ڏسجي:
شاديءَ کان اڳ مرد وڏي ڳولها ڦولها ڪندو آهي ته جيئن کيس سٺي گهر واري ملي سگهي. ڏسي وائسي ۽ جانچي پرکي شادي ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي ڇو جو شاديءَ کان پوءِ ماڻهوءَ جي نئين زندگيءَ جي شروعات ٿيندي آهي ۽ آئندي جو ڀاڳ ۽ نڀاڳ به اتان ئي شروع ٿيندو آهي. پر شاديءَ کان پوءِ مرد کي اها ڳالهه نه ٿي سونهين ته هو ڌارين عورتن ڏانهن واجهائيندو وتي. ٻين مڙني عورتن کي وساري ڇڏي ۽ رڳو پنهنجي زال ۾ ئي دلچسپي وٺي ۽ ٻئي ڪنهن جو به خيال دل ۾ نه آڻي. هڪ معصوم ڇوڪري پنهنجي مڙس لاءِ، پنهنجو ماءُ پيءُ ۽ گهر گهاٽ ڇڏي سوين اميدون کڻي وٽس ايندي آهي ته جيئن مڙس جي ساٿياڻي ۽ غم ونڊيندڙ بنجي زندگي گذاريندي رهي.
سياڻا مرد ٻاراڻيون حرڪتون ۽ هوس پرستي ڇڏي پنهنجو سڄو ڌيان پنهنجي نئين زندگي ۽ گهر گهاٽ تي ڏيندا آهن، وڏي دلچسپيءَ ۽ محنت سان روزي ڪمائيندا آهن ته جيئن زال ۽ ٻارڙن سان خوش گذاري سگهن ۽ روحاني سڪون ۽ پيار ۽ محبت جهڙي وڏي نعمت مان مزو وٺي سگهن. جيڪي ماڻهو خوش زندگي گذارڻ چاهين تن کي گهرجي ته شاديءَ کان پوءِ گذريل حرڪتون ڇڏي ڏين ۽ هيڏي هوڏي دل لڳائڻ ۽ واجهه وجهڻ کان پاسو ڪن.
هڪ پرڻيل مرد لاءِ اهو سٺو ناهي هو ڪنهن ڌاريءَ عورت سان وڏي پاٻوهه سان ملي، ساڻس ڀوڳ ٺڪاءَ ڪري يا منجهس دلچسپي وٺي. جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي ڪنهن ڌاري مرد سان کل ڀوڳ ڪندي ڏسندو آهي ته کيس باهه لڳي ويندي آهي ۽ سندس غيرت جوش ۾ اچي ويندي آهي. پر ان ڳالهه کان هو ڇو غافل آهي ته سندس زال وٽ به اهڙائي جذبا ۽ احساس آهن ۽ کيس به پنهنجي مڙس جو ڌارين عورتن سان کل ڀوڳ ڪرڻ خراب لڳندو آهي. اهو عمل هڪ قسم جي خيانت ۽ بي وفائي آهي. جڏهن زال پنهنجي مڙس کي ڌارين عورتن سان ڀوڳ ٺڪاءَ ڪندي ڏسندي آهي ته سندس غيرت ۽ ساڙ جا جذبا ڀڙڪي اٿندا آهن ۽ پوءِ هو بدلو وٺڻ لاءِ پهه پئي پچائيدي آهي. نه رڳو اهو ته مڙس لاءِ سندس دل ۾ عزت ۽ محبت ۾ گهٽتائي پڻ اچي ويندي آهي پر گهر گهاٽ ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ پڻ سندس دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي. ايستائين جو ائين به ٿي سگهي ٿو ته هوءَ مڙس کان بدلو وٺڻ لاءِ ٻئي ڪنهن مرد ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ۽ مڙس کان ڌار رهڻ پسند ڪري. هڪ عورت تهران جي ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ته هوءَ پنهنجي مڙس کان ڌار ٿيڻ ٿي چاهي. ٽيٽيهه سال اڳ سندس شادي ٿي هئي. ان عورت ٻڌايو ته ، ”منهنجي مڙس جي اها عادت آهي ته کيس جيڪا به عورت ملندي آهي تنهن سان ڀوڳ ٺڪاء ۾ شروع ٿي ويندو آهي.“
هڪ عورت ڪورٽ ۾ دانهيندي چيو ته، ” منهنجو مڙس منهنجي ساهيڙين ۾ دلچسپي وٺندو آهي، سندس ان بڇڙي عادت جي ڪري مان پنهنجي ساهيڙين کي گهر اچڻ جي ڪوٺ ڪونه ڏيندي آهيان. اهي سڀ چونديون آهن ته تنهنجو مڙس اسان کي ڀانئيندو آهي ۽ منهنجي لاءِ شرمساريءَ ۽ پريشانيءَ جو ڪارڻ بڻبي آهي.
هڪ پرڻيل مرد جو ڌارين عورتن کي تڪڻ هڪ شرم جهڙي ڳالهه آهي. ان ديدار بازيءَ جو سواءِ دلي بي چينيءَ، ذهني ڪمزوريءَ ۽ گهر گهاٽ ۽ ڪٽنب کان بي ڌيانيءَ جي ٻيو ڪو به نتيجو ڪونه نڪرندو آهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته، ”نامحرم عورتن کي ڏسڻ کان پنهنجون نظرون بچايو.“
امام صادق عه فرمايو آهي ته، ”نظر، شيطان پاران اڇلايل هڪ زهريلي تير وانگر ٿيندي آهي. نظر حسرت ۽ ڏک جو سبب بڻبي آهي.“
نفسيات جا ڄاڻو ٻڌائين ٿا ته عورتن کي ڏسڻ هڪ نفسياتي بيماري آهي. جيڪي اکيون ان بڇڙي عادت ۾ ڦاسي پونديون آهن سي ڪڏهن به ڍاپي ڪونه سگهنديون آهن. ان عادت جي ڪري ڪيترائي سٺا نوجوان پنهنجي پاڪائي ته عزت وڃائي ذلت ۽ گمراهيءَ جي دڳ تي هلي پوندا آهن، ڇو جو لالچي نظرون دل کي بڇڙائيءَ ڏانهن لاڙينديون آهن. هڪ ڀيرو، ٻه ڀيرا يا وڌ ۾ وڌ ڏهه ڀيرا ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول رکي سگهي ٿو پر نيٺ نفس جو لغام هٿ مان ڇڏائجي ويندو آهي ۽ پوءِ ماڻهو نفسياتي خواهشن جو ٻڌو ٻانهو بنجي ويندو آهي.
امام صادق عه فرمايو آهي ته، ”ٻين کي بار بار لالچي نظرن سان ڏسڻ سان دل ۾ شهوت پيدا ٿيندي آهي ۽ اها ئي شيءِ بد نظر ماڻهن کي ڀٽڪائي ڇڏيندي آهي.“
اسلام جيئن ته ديدار بازيءَ جي بڇڙن نتيجن کان واقف آهي تنهن ڪري ان عمل جي سختيءَ سان جهل ڪر ي ٿو.
بازار ۾ يا دڳ واٽ تي جيڪڏهن مرد جي نظر اوچتو ڪنهن نا محرم عورت تي پئجي وڃي ته پوءِ کيس گهرجي ته پنهنجيون نظرون جهڪائي ڇڏي يا وري ٻئي پاسي ڌيان ڏئي. گهڻن ئي مردن کي ائين ڪرڻ شايد ڏکيو لڳي پر جيڪڏهن خدا جو ڊپ دل ۾ رکي اها عادت وڌي ويندي ته پوءِ اها ڳالهه آسان ٿي پوندي.
سياڻا ماڻهو اهو چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا ته اهڙي خراب حرڪت جي نتيجي ۾ خون خرابو، آپگهات، طلاق، بيماريون، نفسياتي روڳ، پريشانيون، مونجهارا ۽ ڪٽنبي جهيڙن جهٽن جهڙا خطرا آڏو اچي سگهن ٿا. تنهن ڪري اهڙن خطرن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ان بڇڙي حرڪت کان پنهنجا پلئه آجا ڪيا وڃن. ان ۾ ئي ماڻهوءَ جو پنهنجو ڀلو آهي.
نوجوانيءَ جا ڏينهن ڏاڍا جوشيلا ٿيندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ عورتن کي آزاد ۽ ٺهيل جُڙيل ڏسي دل هرکجي پوندي آهي ۽ کانئن نظرون بچائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، پر تنهن هوندي به پاڻ بچائڻ وڏي ڀاڳ جي ڳالهه آهي.
جيڪڏهن مرد صبر کان ڪم وٺي ۽ دل ۾ خدا جو خوف ڌاري ته پوءِ اها عادت پاڻ هُرتو ختم ٿي سگهي ٿي ۽ موٽ ۾ انهن وقتي لذتن جي بدلي ۾ کيس دائمي ذهني سڪون ۽ گهر ڀاتين پاران پيار ۽ محبت جهڙي نعمت ملي سگهي ٿي.
پيارا ڀاءُ! جيڪڏهن زندگيءَ ۾ سڪون ۽ سچي خوشي جهڙين نعمتن جا مزا ماڻڻ چاهيو ٿا ته شاديءَ کان پوءِ پنهنجي زال کانسواءِ ٻين عورتن کي ڏسڻ ڇڏي ڏيو، زال جي سامهون ڪڏهن به ڌارين عورتن جي واکاڻ نه ڪيو ۽ ائين هرگز نه چئو ته جيڪر منهنجي شادي فلاڻي ڇو ڪريءَ سان ٿئي ها يا فلاڻيءَ ڇوڪريءَ ته مون کي شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي ۽ فلاڻي ڇوڪري ته مون تي موهت ٿي پئي هئي يا وري فلاڻي ڇوڪري ته توکان وڌيڪ سهڻي سيبتي هئي. اهڙيون ڳالهيون ڀُلجي ڪري به زال سان نه ڪريو ڇو جو اهڙين ڳالهين سان زال جي دل ۾ شڪ پئجي سگهي ٿو ۽ مڙس سان سندس محبت ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته هوءَ به موٽ ۾ ائين ڪري جيئن توهان ڪريو ٿا. ۽ ڌارين مردن جي توهان آڏو واکاڻ ڪري يا پنهنجي اڳلن خواهشمندن جي ڳالهه ڪڍي. ان جو نتيجو اهو ٿيندو جو هڪ ٻئي کان نفرت ۽ ڌڪار چوٽ چڙهي ويندي ۽ سدائين پيو جهيڙو جهٽو هلندو رهندو. ڪيڏا نڀاڳا ۽ اياڻا آهن اهي ماڻهو، جيڪي پنهنجي پرهيزگار، پيار ڪندڙ ۽ معصوم زالن کي ڇڏي ڪجهه گهڙين جي عيش ڪاڻ وتن ٿا بيهودين عورتن جي ڪڍ لڳندا. اهڙن مردن کي زال ۽ ٻارن سان محبت، گهر گهاٽ ۾ دلچسپي ۽ ڪٽنب جي عزت جي ڪابه پرواهه ڪونه هوندي آهي. اهي جانورن وانگر رڳو کائڻ پيئڻ، سمهڻ ۽ جنسي اُڃ اجهائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه ڄاڻيندا آهن ۽ سندن دليون انسانيت، اخلاق، شرافت، جذبن ۽ احساس کان صفا وانجهيل هونديون آهن.

شڪر گذار بڻجو:

شڪر گذار بڻجو:
ٿي سگهي ٿو ته ڪن مرد ن کي گهر جا ڪم ڪار اهم نه لڳندا هجن، پر حقيقت ۾ گهر جا ڪم ڪار ڏکيا ۽ ٿڪائيندڙ هونداآهن.هڪ گهريلو عورت جيڪڏهن صبح کان رات تائين گهر جو ڪم ڪري تڏهن به ڪي ڪم کانئس رهجي ويندا آهن. رڌپچاءُ ڪرڻ، گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ، ڪپڙا لٽا ڌوئڻ ۽ ٻارڙن جي پالنا ڪرڻ ۽ سندن پرگهورلهڻ سولا ڪم ٿورئي آهن، تنهن ڪري ويچاري عورت سموري ڄمار اهي ڪم ڪار ڪندي گذاري ڇڏيندي آهي. مرد سمجهندو آهي ته جيڪو کاڌو ٽي وقت سندس اڳيان رکيو ويندو آهي سو نهايت سولائيءَ سان رڌيو ويندو آهي يا گهر جا ننڍا وڏا ۽ سنها ٿلها ڪم ته ائين پيا ٿيندا رهنداآهن. ٻارڙن جي پرورش ۽ سار سنڀال کي ته هي ليکي ۾ ئي ڪونه آڻيندا آهن. جيڪڏهن مرد رڳو هڪ مهينو گهر ۾ رهي اهي ڪم ڪار ڪري ۽ ٻار پالي ته پوءِِ کيس خبر پئجي ويندي ته گهڻي ويهين سئو ٿيندو آهي.
زال ويچاري اهي هڙئي تڪليفون خوشيءَ سان سَهندي رهندي آهي ۽ ڪابه شڪايت نه ڪندي آهي. پر مڙس مان ان ڳالهه جي اميد ضرور رکندي آهي ته هو انهن تڪليفن جي موٽ ۾ قدر ڪري ۽ سندس ٿورا پڻ مڃي. گڏوگڏ هوءَ اهو پڻ چاهيندي آهي ته مڙس سدائين ڏانهس ڌيان ڏيندو رهي ۽ سندس ڪم ڪار کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو رهي.
پيار ڀاءُ! جڏهن توهان ٺهيل سينگاريل ۽ صاف سُٿري گهر ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي زال جي ڪم ڪار جي واکاڻ ڪيو ته ڀلا ڇا ٿي پوندو؟ جيڪڏهن توهان ڪڏهن ڪڏهن سندس رڌيل کاڌي جي ساراهه ڪندا ته پوءِ توهان جو ڇا ويندو؟ ڪهڙي اربعا خطا ٿي پوندي جڏهن توهان ٻارڙن جي پرورش جهڙي ڏکئي ڪم کي سٺي نموني نڀائڻ تي سندس ٿورا مڃيندا؟ ڇا توهان اهو ڪونه ٿا ڄاڻو ته توهان جي ائين ڪرڻ سان منجهس ڪيڏو حوصلو پيدا ٿيندو. جيڪڏهن توهان زال جي ڪمن ڪارين کي ليکي ۾ ئي ڪونه آڻيندا ته پوءِ آهستي آهستي گهر جي ڪمن ڪارين مان سندس دلچسپي گهٽجي ويندي ۽ هوءَ پنهنجي دل ۾ سوچيندي ته جتي گهر ۾ منهنجو قدر ڪونهي اُتي ڇو ايڏيون تڪليفون ويٺي سهان؟ پو ءِ هڪ اهڙو وقت به ايندو جڏهن ڪنهن به ڪم ۾ سندس دل ڪونه لڳندي. تڏهن توهان واويلا ڪندا ته منهنجي زال ڪنهن به ڪم ۾ دلچسپي ڪو نه ٿي وٺي ۽ هو نه ٿي ڪري وغيره. جيڪڏهن ڳالهه ان حد تائين پهچي وڃي ته پوءِ ڪوبه حيلو ڪونه هلي سگهندو . ڏوهه اصل ۾ توهان جو پنهنجو آهي، ڇو جو توهان زال سان سٺي نموني نڀائڻ جي طريقن کان اڻ ڄاڻ آهيو. هڪ پرائو ماڻهو جيڪڏهن توهان جو ڪو معمولي ڪم ڪندو آهي ته پوءِ توهان سندس بار بار ٿورا پيا مڃيندا آهيو پر زال جي ڏينهن رات جي تڪليفن کي ته توهان ڏسوئي ڪونه ٿا پيا. هوند ڪيڏو نه سٺو ٿئي جو توهان ”مهرباني“ يا ”شڪرئي“ جو هڪ لفظ چئي سندس سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ لاهي ڇڏيو!
هيٺيون واقعو ڌيان سان پڙهو:
هڪ اوڻٽيهن سالن جي گهريلو عورت تهران کان لکي ٿي ته، ”منهنجي مڙس ڪڏهن به منهنجو قدر ناهي ڪيو. مان صبح کان شام تائين گهر ۾ هڻ هڻان ڪندي آهيان: لٽا ڪپڙا ۽ ٿانوَ ڌوئڻ، رڌو پڪو ڪرڻ، گهر جي صفائي سُٿرائي ڪرڻ، ڪپڙاسبڻ، ٻارڙن جي پرورش ڪرڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ڪم مان اڪيلي سر ڪندي آهيان. جڏهن هو گهر ايندو آهي ته ڪنهن به ڳالهه تي ڪو ڌيان ڪونه ڏيندو آهي ۽ پنهنجي ورتاءَ مان ائين ظاهر ڪندو آهي ته ڄڻ مان سڄي ڏينهن ۾ ڪو ڪم ئي ڪونه ڪيو آهي. استري ٿيل ڪپڙا، صاف سُٿري ٽاءِ ۽ پالش ڪيل چمڪندڙ بوٽ هر وقت سندس لاءِ تيار پيا هوندا آهن، پر هن ڪڏهن به شڪرئي جو لفظ واتان ڪونه ڪڍيو آهي. جيڪڏهن مان پاڻ ڪجهه چوندي آهيانس ته مون کي دڙڪا داٻ ڏئي ماٺ ڪرائيندو آهي ۽ چوندو آهي ته ڪهڙا ڦاڙها ماريا اٿئي؟ آسمان تان تارا لاهي ڪونه آئي آهين؟ مان گهر ۾ جيتري محنت ٿي ڪيان تنهن جي مون کي ئي خبر آهي. گهر جا ساک پت ته منهنجي ڪري ئي آهي.“
ڪي مرد، زال ۽ سندس ڪمن ڪارين کان لاپرواهي ڪرڻ پنهنجي مڙسي سمجهندا آهن ۽ چوند آهن ته جيڪڏهن زالن جي واکاڻ ڪنداسين ته پوءِ مٿي تي چڙهي وينديون. ڪي مرد وري ان خيال جا هوندا آهن ته شڪريو ته ڌارين ماڻهن جو مڃيو ويندو آهي، زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اهڙيءَ رسم جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اهو خيال صفا غلط آهي ڇو جو هر احسان ڪندڙ جي نفسياتي طور تي قدردانيءَ جو خواهشمند هوندو آهي، ۽ قدر داني شو ق جي جذبي جو سبب بڻبي آهي. خاص ڪري گهرو عورتون ته قدر جي معاملي ۾ وڌيڪ حقدار آهن ڇو جو اهي ويچاريون ته سڄو ڏينهن گهر جو ٿڪائيندڙ ڪم ڪنديون رهنديون آهن.
قدرداني حوصلو وڌائيندي آهي. اهوئي سبب آهي جو اسلام ۾ قدردانيءَ ۽ شڪر گذاريءَ کي سٺي اخلاق ۾ ڳڻيو ويو آهي.
پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”جيڪو ماڻهو ڪنهن مسلمان جو ادب ڪندو آهي، ساڻس اخلاق سان هلندو آهي ۽ کيس دلجاءِ ڏيندو آهي ۽ سندس ڏک ڏولاوا ختم ڪندو آهي ته اهڙي ماڻهوءَ تي سدائين خدا ٻاجهه ڪندو رهندو آهي.“
امام جعفر صادق عه فرمايو آهي ته، ”جيڪو ماڻهو ڪنهن مسلمان جي واکاڻ ڪندو تنهن جي خدا تعاليٰ قيامت ڏينهن واکاڻ ڪندو.“

گهر ۾ به صاف سٿرو رهجي:

گهر ۾ به صاف سٿرو رهجي:
صفائي سٿيرائيءَ جو خيال رکڻ هر هڪ لاءِ ۽ هر هنڌ ضروري آهي. ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو پنهنجو بدن ۽ لباس صاف سٿرو رکي، روزانو وهنجي، ڏينهن ۾ ٻه- ٽي ڀيرا صابڻ سان هَٿ مُنهن ڌوئي، صبح جو ۽ رات جو سمهڻ مهل ڏندڻ يا بُرش ڪري، وارن کي ڦڻي ڏي، مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ٺاهي، صاف بُوٽ پائي ۽ پنهنجي مالي سگهه مطابق صاف سٿرو لباس وڳا پائي.
اسلام ۾ صاف سٿري رهڻ ۽ صفائيءَ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي. حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”صفائي اڌ ايمان آهي.“
پاڻ سڳورن ﷺ هڪ ماڻهوءَ کي وکريل وارن ۽ گنديءَ حالت ۾ ڏسندي فرمايو، ”خدا جي نعمتن مان فائدو وٺڻ ايمان جو جائزو آهي.“
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ” گندو ماڻهو، بڇڙو ماڻهو هوندو آهي.“
پاڻ ﷺ جن اهو به فرمايو آهي ته، ”جبرائيل مون کي ڏندڻ هڻڻ لاءِ ايڏو زور ڀريو جو مون کي پنهنجي ڏندن جي ڏاڍي ڳڻتي رهندي آهي.“
حضرت علي رضه فرمايو آهي ته، ”خدا پاڻ خوبصورت آهي ۽ خوبصورتيءَ کي پسند ڪندو آهي ۽ پنهنجي نعمتن جا نشان پنهنجي ٻانهن ۾ ڏسڻ چاهيندو آهي.“
صفائي سٿرائي ۽ خوبصورتي رڳو عروتن لاءِ ناهي پر مردن کي به پاڻ کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ ۽ صاف سٿرو رهڻ گهرجي. ڪيترائي مرد پنهنجي لٽي ڪپڙي ۽ صفائيءَ تي ڪو ڌيان ڪونه ڏيندا آهن، مهيني ماسين ويهجندا آهن. مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار وڌڻ جي کين ڪا ڳڻتي ناهي هوندي، ميرن ڪپڙن ۾ ۽ گندن وارن سان ٻاهر پيا گهمندا ڦرندا رهندا آهن ۽ سندن پگهر ۽ پيرن جي ڌپ کان ماڻهوءَ ونءُ پيا ويندا آهن. ان جي ابتڙ ڪي مرد وري صاف سٿرو رهڻ، سٺا ڪپڙا پائڻ ۽ هار سينگار ڪرڻ جا شوقين هوندا آهن پر سندسن اهو شوق گهر کان ٻاهر ئي هوندو آهي پر گهر ۾ انهن ڳالهين تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏيندا آهن. جڏهن آفيس، بازار يا ڪنهن وهانءُ شاديءَ ۾ وينداآهن ته ٺهي جُڙي ۽ سٺا ڪم ڪپڙا پائي گهران نڪرندا آهن پر جڏهن گهر موٽي ايندا آهن ته اهي ڪپڙا لاهي ڪو ميرو سيرو وڳو پائي ڇڏيندا آهن. صبح جو اُٿندا آهن ته مُنهن تي پاڻيءَ جا ٻه ڇنڊا هڻڻ جي به تڪليف نه ڪندا آهن ۽ چپن ۾ ٿڦيل اکين سان ئي نيرن ڪرڻ ويهجي ويندا آهن. اتفاق سان جيڪڏهن ڏينهن ۾ گهران نڪرڻ نه ٿيندو اٿن ته پوءِ ان ئي گندي حالت ۾ رهندا آهن ۽ چوندا آهن ته گهر ۾ ويٺا آهيون، ڪو ڏسندو ٿوروئي! سندن خيال ۾ صفائي سٿرائي ۽ هارسينگار رڳو گهر کان ٻاهر ۽ ٻين ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي.
پيارا ڀاءُ! جهڙيءَ ريت ميرن ۽ بدبودار ڪپڙن ۾ توهان کي پنهنجي زال سٺي نه لڳندي آهي ۽ توهان چاهيندا آهيو ته هوءَ گهر ۾ صاف سُٿري ۽ اڇي اجري رهي. تيئن هوءَ به اوهان مان اها ئي اميد رکندي آهي، کيس به گندو ۽ گدلو مڙس ڪونه وڻندو آهي. هوءَ به چاهيندي آهي ته سندس مڙس سدائين صاف سٿرو ۽ سمارٽ ۽ وڻندڙ نظر اچي.
جيڪڏهن توهان گهر ۾ ڪرڀ ڏياريندڙ شڪل صورت بنايو ويٺا هوندا ۽ توهان جي زال ٻاهر سمارٽ ۽ صاف سٿرن مردن کي ڏسندي ته سوچيندي ته اهي شايد ڪنهن ٻي دنيا کان آيا آهن. جڏهن انهن جي توهان سان ڀيٽ ڪندي ته کيس ضرور صدمون پهچندو. تنهن ڪري توهان گهر ۾ اڇا اُجرا لڳا ويٺا هجو ته جيئن توهان جي زال سمجهي ته توهان به ٻين کان گهٽ ناهيو. ان سان سندس محبت ۾ واڌ ايندي، سندس دل خوش رهندي ۽ گهر ۾ گهڻي دلچسپي وٺڻ لڳندي. ڀلارڳو ڌارين عورتن ۽ مردن لاءِ هار سينگار ڪرڻ ۽ ويس وڳا پائڻ مان اوهان کي ڪهڙو پَٽڪو ملندو؟ توهان جو ساڻن ڇا وڃي؟ هارسينگار ته توهان کي پنهنجي زال لاءِ ڪرڻ گهرجن ڇو جو هوءَ ئي توهانجي زندگيءَ جي ساٿياڻي آهي. توهان کي جيڪڏهن سندس محبت کپي ته پوءِ سدائين اڇا اجرا رهو. پَڪ ڄاڻو ته اها ڳالهه توهان جي فائدي جي آهي.
اسان جي دين اسلام ۾ مردن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي زالن لا ءِ هارسينگار ڪن.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ” مرد تي واجب آهي ته هو پنهنجي زال جي کاڌ خوراڪ ۽ لٽي ڪپڙي جو بندوبست ڪري ۽ بڇڙي شڪل صورت ۾ سندس آڏو نه اچي. جيڪڏهن هن ائين ڪيو ته پوءِ ڄڻ پنهنجي زال جو حق ادا ڪري ڇڏيو.“
پاڻ ﷺ جن وڌيڪ فرمايو آهي ته، ”مردن کي گهرجي ته پنهنجي زالن اڳيان سٺي شڪل صورت ۾ رهن، ائين جيئن پاڻ چاهيندا آهن ته سندن زالون سندن لاءِ سنواريل هجن ڪن.“
اما رضا عه فرمايو آهي ته، ”بني اسرائيل جون عورتون ان ڪري پنهنجي پاڪائي ۽ عزت وڃائي ويٺيون جو سندن مرد ڍنگ سان نه رهندا هئا ۽ خوبصورتيءَ جو ڪو به خيال نه رکندا هئا.“ وڌيڪ فرمايائون ته، ”جنهن ڳالهه جي اميد توهان زالن مان رکو ٿا تيئن اهي به توهان مان اهڙي ئي اميد رکن ٿيون.“

بيمار زالن جي پر گهور لهڻ:

بيمار زالن جي پر گهور لهڻ:
زال ۽ مڙس کي سدائين هڪ ٻئي جي سهڪار ۽ محبت جي ضرورت پوندي آهي پر اها ضرورت ڪنهن وقت شديد ٿي ويندي آهي. ماڻهوءَ کي بيماريءَ ۽ پريشانيءَ ۾ پهرين کان وڌيڪ ڌيان ۽ دلجاءِ جي ضرورت پوندي آهي. بيمار لاءِ جيتري قدر ڊاڪٽر ۽ دوائن جي گُهرج هوندي آهي، ايتري ئي کيس پرگهور لهڻ جي ضرورت هوندي آهي. دلجاءِ ڏيڻ ۽ سندس خيال رکن سان کيس سڪون ملندو آهي ۽ اهائي ڳالهه منجهس جيئڻ جو حوصلو پيدا ڪندي آهي. زال به بيماريءَ مهل مڙس مان اها اميد رکندي آهي ته هو سندس علاج ڪرائي ۽ ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ پر گهور لهي. هوءَ سندس مهربانيءَ ۽ نوازش کي پيار ۽ خلوص جي نشاني سمجهندي آهي. هوءَ ويچاري ڏينهن رات هڪ نوڪرياڻيءَ وانگر گهر جو ڪم ڪار ڪندي رهندي آهي ۽ اڻ ڳڻيون تڪليفون ڏسندي رهندي آهي، تنهن ڪري جڏهن بيمار ٿيندي آهي ته مڙس مان اها اميد رکندي آهي ته هو سندس علاج لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري ۽ سندس پر گهور لهي.
ڊاڪٽر جي في ۽ دوا جو خرچ زندگيءَ جي انهن ضرورتن ۾ شامل آهي جنهن جو هر حال ۾ بندوبست ڪرڻ مڙس تي واجب آهي.
ڇا عورت، جيڪا ڏينهن رات بنا ڪنهن لالچ جي گهر جو ڪم ڪار ڪندي رهندي آهي، ان ڳالهه جي حقدار ناهي ته بيماريءَ ۾ مڙس سندس دوا دارون ڪرائڻ تي پئسو ڏوڪڙ خرچ ڪري؟ ڪي مرد ان ڏس ۾ لاپرواهه هوندا آهن. سچ پچ ته اهڙا مرد جذبن ۽ احساسن کان وانجهيل هوندا آهن تنهن ڪري پنهنجي زال تي کين ڪو قهقاءَ ڪونه ايندو آهي. جڏهن سندن زال خوش چڱيءَ ڀلي هوندي آهي ته پوءِ سندس وجود مان گهڻي کان گهڻو فائدو وٺندا آهن ۽ جڏهن ويچاري بيمار ٿيندي آهي ته پوءِ کيس ليکيندا ئي ڪونه آهن ۽ سندس علاج تي پئسا خرچ ڪرڻ کان پيا لنوائيندا رهندا آهن.
ڇا ان کي وافاداري جو نالو ڏيندؤ؟ ڇا اها ئي ”مڙسي“ آهي؟
هي واقعو پڙهو:
هڪ عورت پنهنجي مڙس جي شڪايت ڪندي چيو ته، ”مان ورهين کان ڏک سک ۾ پنهنجي مڙس سان ساٿ نڀايو آهي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪئي آهي. هاڻي جڏهن مان بيمار ٿي پئي آهيان ته مون کي گهر مان تڙي ڇڏيو اٿائين ۽ چوي ٿو ته مون کي بيمار زال نه گهرجي.“
مانوارا ڀاءُ! جيڪڏهن توهان ۾ انسانيت جو اکر آهي ۽ توهان کي پنهنجو گهر پيارو آهي ته پوءِ جڏهن به توهان جي زال بيمار ٿئي پئي ته توهان کيس سگهوئي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃو ۽ جيئن ڊاڪٽر چئي تيئن ڪيو. رڳو ڊاڪٽر ۽ دوائون ئي ڪافي ناهن پر اهڙي موقعي تي ٻاجهارن والدين وانگر توهان سندس پرگهور لهو. هوءَ پيءُ ماءُ جو گهر ڇڏي اوهان وٽ آئي آهي ۽ ان اميد سان هن پنهنجو پاڻ توهان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ته توهان کيس ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ ڀائيندا. هوءَ توهان جي ساٿياڻي، توهان جي ٻارڙن جي ماءُ ۽ توهان جي ٻانهن ٻيلي آهي. تنهن ڪري بيماريءَ ۾ پهرين کان به وڌيڪ ساڻس محبت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪريو ۽ کيس دلجاءِ ڏيندا رهو. ڊاڪٽر سندس لاءِ جيڪا به کاڌ خوراڪ ڏسي آهي تنهن جو هڪدم بندوبست ڪريو . جيڪڏهن ڪو خاص کاڌو يا ميوو کيس وڻندو هجي ۽ ان کان ڊاڪٽر نه جهليو هجي ته پوءَ اهو وٺي کارايوس . کاڌو ۽ دوا به پنهنجي هٿ سان ڏيو ڇو جو توهان جي اها ڳالهه کيس خوشي ۽ حوصلو ڏيندي . ان کان سواءِ ٻارڙن کي به چو ته اهي گوڙ گهمسان نه ڪن . پنهنجو بسترو سندس بستري ڀرسان رکو ۽ رات جو جاڳي سندس سنڀال لهندا رهو . رات جو جيڪڏهن جاڳي ته کانئس طبيعت جو پُڇو. جيڪڏهن تڪليف جي ڪري رات جو کيس ننڊ نه ايندي هجي ته پوءِ توهان به جاڳندا رهو. جيڪڏهن گهڻي اوجاڳي ڪري اوهان کي ننڊ ايندي هجي ته پوءِ گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ يا پنهنجي وڏي ٻارڙي کي سندس پرگهور لاءِ ويهاريو. ائين نه ٿئي ته توهان ته سڄي رات مزي سان سمهيا پيا هجو ۽ توهان جي زال تڪليف وگهي چنگهندي رهي.
جيڪڏهن اهڙي ڏکئي وقت ۾ توهان پنهنجي زال جي چڱيءَ ريت پر گهور لڌي ۽ هڪ محبت ڪندڙ مڙس جو فرض ادا ڪيو ته پوءِ اها ڳالهه منجهس حوصلو پيدا ڪندي ۽ گڏوگڏ کيس توهان جي محبت تي پورو پورو ويساهه ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح چڱيءَ ڀلي ٿيڻ کان پوءِ هوءَ پهرين کان به وڌيڪ گهر تي ڌيان ڏيڻ لڳندي ۽ سندس دل ۾ توهان لاءِ محبت ۾ پڻ واڌارو ٿي ويندو.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”توهان مان سٺو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر وارن لاءِ سٺو هجي. مان پنهنجي ڪٽنب وارن لاءِ سڀ کان سٺو آهيان!“
پاڻ ﷺ جن وڌيڪ فرمائين ٿا ته، ”جيڪو ماڻهو ڪنهن بيمار کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو، پوءِ کڻي اهو پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿئي يانه، ته پوءِ اهو پنهنجي گناهن کان ائين پاڪ ٿي ويندو جيئن ٻار، ماءُ جي پيٽان بي گناهه پيدا ٿيندو آهي.“ هڪ انصاريءَ کانئن پڇيو ته، اي الله جا رسول! جيڪڏهن بيمار، گهر جو ڀاتي هجي ته ڇا گهڻو ثواب نه ملندو؟“ فرمايائون ته، ”ها ها! ڇو نه!“

گهر جو خرچ پکو:

گهر جو خرچ پکو:
زال جون زندگيءَ جون سموريون ضرورتون (نان نفقو) مهيا ڪرڻ مڙس تي واجب آهي يعني قانوني ۽ شرعي طور تي مرد تي ان ڳالهه جو ذميدار آهي ته ڪٽنب جو هڙئي خرچ پکو پورو ڪري يعني لٽي ڪپڙي، کاڌي پيتي ۽ دوا دارونءَ جو بندوبست ڪري ۽ جيڪڏهن هن اها ذميواري پوري نه ڪئي يا ڪا ڪوتاهي ڪئي ته پوءِ شرعي لحاظ کان کانئس پڇاڻو ٿيندو.
زال ۽ ٻارڙن کي سدائين اهو چئي ٽاري نه ٿو سگهجي ته ”مون وٽ ته ڪجهه ئي ڪونهي.“ کين هر حال ۾ سڀ ڪجهه ملڻ گهرجي، سندن خواهشون هونديون آهن جيڪي ضرورت واري حد تائين پوريون ٿيڻ گهرجن.
هڪ سياڻو مرد گهر جي خرچ پکي جو حساب ڪتاب رکندو آهي ۽ زندگيء جي مڙني ضرورتن جي درجي بندي ڪندو آهي. زندگيءَ جي وڌيڪ اهم ضرورتن جهڙوڪ: کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي کي سڀني کان مٿي رکندو آهي، پنهنجي آمدنيِءَ جو ڪجهه حصو اوکيءَ ويل لاءِ لاڙي رکندو آهي ۽ ڪجهه حصو وري مسواڙ، بجلي، پاڻي، ٽيليفون، ٽيڪس ۽ ٻارن جي اسڪول جي فيءَ لاءِ بچائي رکندو آهي، گهر جي ضروري سامان لاءِ به ڪجهه بچائيندو آهي ۽ گڏوگڏ اجاين خرچن کان پڻ پاسو ڪندو آهي.
سياڻو ماڻهو سدائين سَوَڙ آهر پير ڊگهيريندو آهي. جيڪي ڪٽنب، پنهنجي آمدنيءَ ۽ خرچ جي بجيٽ ٺاهيندا آهن ۽سياڻپ سان آمدنيءَ جو لحاظ رکندي پئسو کپائيندا آهن سي قرض جهڙي مرض کان بچيل رهندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح خوشحال زندگي گذاريندا آهن.
الله سائينءَ وچٿرائپ کي ايمان جي نشاني ٻڌايو آهي. قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته، ”جيڪي ماڻهو اجايا خرچ ڪن ۽ نه ڪنجوسيءَ کان ڪم وٺن، سي ئي وچٿرا ماڻهو هوندا آهن.“
امام جعفر صادق عه هڪ ٻئي موقعي تي فرمايو آهي ته، ”چئن ماڻهن جي دعا قبول ناهي ٿيندي، جن مان هڪڙا اهي آهن جيڪي پنهنجي مال متاءُ فضول وڃائي چوندا آهن ته اي خدا اسان کي رزق عطا ڪر. خداکين فرمائيندو آهي ته ڇا مان توهان کي حڪم نه ڏنو هيو ته پنهنجي خرچن تي ڪنٽرول رکو.“
عبدالله بن ابان چيو آهي ته، ”مان هڪ ڀيري امام موسيٰ ڪاظم عه کان ڪٽنب تي خرچ ڪرڻ جي باري ۾ سوال پڇيو. پاڻ فرمايائون ته، ”فضول خرچي ڪرڻ ۽ ڪنجوسي ڪرڻ ٻئي مڪروهه آهن. وچٿرائپ کان ڪم وٺڻ گهرجي.“
سياڻا ۽ دورانديش ماڻهو قرض وٺڻ ۽ اوڌر تي سودو سامان وٺڻ کان پاسو ڪندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح اجاين خرچن لاءِ پنهنجو پاڻ کي قرض جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڪو نه ڦاسائيندا آهن. جيڪي پئسا ڏوڪڙ بينڪن ۽ ٻين ادارن پاران وياج تي ڏنا ويندا آهن سي شرعي ۽ عقلي اعتبار کان مناسب نه هوندا آهن. قسطن تي سامان وٺڻ ممڪن ته آهي پر حقيقت ۾ اهو ڪم ڪٽنب جون خوشيون کسڻ جو سبب بنبو آهي. ماڻهو قسطن تي گهر، قسطن تي فرج، قسطن تي ٽي وي، قسطن تي فون، قسطن تي غاليچا ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا وٺندا آهن. ڀلا غير ضروري شين کي وڌيڪ قيمت تي وٺڻ ۽ قسطون ڀرڻ لاءِ پنهنجي آمدنيءَ جو ڳچ حصو هر مهيني ادا ڪرڻ ڪا سٺي ڳالهه ته ڪانهي. ڇا اهو چڱو ناهي ته ٿورڙو صبر ڪجي ۽ جڏهن مالي حالت سٺي ٿي وڃي ته پوءِ اهي شيون گهٽ قيمت تي ۽ روڪ پئسا ڏئي خريد ڪجن.
اهو صحيح آهي ته پئسا ڪمائڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي پر ان کان اهم ڳالهه پئسن کي صحيح طريقي سان خرچ ڪرڻ آهي. ڪيترائي اهڙا ڪٽنب اوهان به ضرور ڏٺا هوندا جيڪي پنهنجي چڱي چوکي آمدني هوندي به سدائين قرضي ۽ پريشان هوندا آهن. ان جي ابتڙ ڪي ڪٽنب وري ٿوري آمدنيءَ جي باوجود به نهايت سڪون ۽ عزت سان زندگي گذاريندا آهن. انهن ٻنهي ۾ فرق فقط اهو هوندو آهي ته هو آمدنيءَ کي ڪهڙيءَ طرح خرچ ڪن ٿا. تنهن ڪري ڪٽنب جو ڀلو ان ۾ آهي ته مرد نهايت خبرداريءَ ۽ سياڻپ سان يا ته ذاتي طور تي گهر جو خرچ پکو هلائڻ جي ذميداري کڻي يا جيڪڏهن اهو ڪم ٻئي ڪنهن تي آهي ته پوءِ انجي نگراني ڪري.
هڪ ٻي ڳالهه به اوهان کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ خبرداريءَ سان خرچ ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي پر اجائي سختي يا ڪنجوسي به ڪٽنب جي ڀلي ۾ ناهي. جيڪڏهن مرد جي مالي حالت چڱي آهي ته پوءِ کيس زال ۽ ٻارڙن تي چڱيءَ ريت خرچ ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي آمدنيءَ پٽاندڙ سندن کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي ۽ ٻين ضرورتن جو پوراءَ ڪري.
پئسا ڏوڪڙ، خرچ ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ هوندا آهن نه ڪي گڏ ڪرڻ لاءِ ورثي ۾ ڇڏڻ لاءِ. ڀلا ان ۾ ڪهڙي چڱائي آهي ته ماڻهو ڏينهن رات هڪ ڪري ڪمائي ۽ وري پنهنجي ڪٽنب کي ڏکيو رکي ۽ پئسا ڏوڪڙ گڏ ڪري هن دنيا مان هليو وڃي ۽ مرڻ کان پوءِ ڇڏيل دولت تي ماڻهو ويڙهائي ناس ڪري؟
جيڪڏهن خدا ماڻهوءَ کي دولت ڏني آهي ته پوءِ کيس گهرجي ته پنهنجو آمدنيءَ پٽاندڙ ڪٽنب جي زندگيءَ جو معيار مٿانهون ڪري، کين سٺو گهر ٺاهي ڏي، لٽن ڪپڙن ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ۽ موسم آهر کين ميوا به کارائي.
پاڻ ﷺ سڳورن فرمايو آهي ته، ”اهو شخص اسان مان ناهي جيڪو آسودو هجي پر زال ۽ ٻارڙن کي ڏکيو رکي.“
حضرت موسيٰ بن جعفر عه فرمايو آهي ته، ”ڪٽنب جا ڀاتي مرد وٽ قيدين وانگر هوندا آهن، تنهن ڪري خدا جيڪي ڪجهه کيس ڏنو آهي سو دل کولي قيدين تي خرچ ڪري نه ته خدا کانئس اهي نعمتون کسي وٺندو.“
امام جعفر عه فرمايو آهي ته، ”سٺو ائين آهي ته مرد پنهنجي گهر ڀاتين تي چڱيءَ ريت خرچ ڪري ته جيئن اهي سندس مرڻ جو انتظار نه ڪن.“
حضرت علي رضه فرمائين ٿا ته، ”هر جمعي تي پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ ميوا وٺي اچو ته جيئن اهي جمعي ڏينهن اچڻ تي خوش ٿين.“

گهر جي ڪم ڪار ۾ زال جو هٿ ونڊائڻ گهرجي:

گهر جي ڪم ڪار ۾ زال جو هٿ ونڊائڻ گهرجي:
اهو صحيح آهي ته گهر جي مڙني ڪمن ڪارين جي ذميداري عورتن مٿان هوندي آهي پر حقيقت ۾ اها ذميداري نڀائڻ ڏاڍي هوندي آهي. گهر جو ڪم ڪار ايڏو ته گهڻو هوندو آهي جو هڪ گهريلو عورت صبح کان شام تائين هڻ هڻان پئي ڪندي آهي، پر تنهن هوندي به ڪيترائي ڪم کانئس رهجي ويندا آهن. گهر ۾ جڏهن مهمان ايندا آهن ته پو ءِ ته ڪمن جو بار ويچاريءَ کي ٿڪائي ڇڏيندو آهي.
گهر جي ڪمن ڪارين کان زال ويچاري لنوائڻ جو ته سوچي ئي نه ٿي سگهي پر هوءَ مڙس مان اها اميد ضرور رکندي آهي ته هو ڪڏهن ڪڏهن سندس هٿ ونڊائي.
جڏهن مرد گهر ۾ اچي ۽ ڏسي ته سندس زال گهر جي ڪمن ۾ ڦاٿل آهي ته پوءِ کيس اهو ڪونه ٿو سونهين ته پاڻ وڃي لَت ڏئي سمهي پئي يا ان ڳالهه جو انتظار ڪري ته سندس زال هڪدم چانهه پاڻي کڻي وٽس ايندي. محبت ۽ انسانيت جي اها تقاضا آهي ته اهڙي موقعي تي هو زال جي مدد ڪري ۽ کانئس جيڪو ڪجهه پُڄي سگهي سو ڪري. گهر ۾ آرام سان ويهي حڪم هلائڻ، اعتراض ۽ روڪ ٽوڪ ڪرڻ مڙسي ٿوروئي آهي.
گهر ڪو ڪمانڊ هيڊڪوارٽر ناهي جتان رڳو حڪم جاري ڪجن پر گهر محبت ۽خلوص جو مرڪز آهي . اهو هرگز نه سوچيو ته جيڪڏهن مان گهر جو ڪم ڪندس ته منهنجي عزت گهٽجي ويندي ۽ منهنجو رعب ۽ داٻو پڻ گهٽ ٿي ويندو . اهو خيال صفا غلط آهي ۽ توهان جي اهڙي هلت توهان کي پنهنجي زال جي نظرن ۾ ڪيرائڻ جو ڪارڻ پڻ بنجي سگهي ٿي .سٺو آهي ته توهان گهر جي ڪمن ڪارين ۾ زال جو هٿ ونڊايو . ائين ڪرڻ سان نه رڳو زال جي دل ۾ توهان جي لاءِ عزت ۽ محبت وڌي ويندي پر ٻيا ماڻهو به توهان کي هڪ مهربان ۽ هڏ ڏوکي ماڻهو سمجهندا .
حضور ﷺ جن پنهنجي ايڏي عظمت،بزرگي ۽ اعليٰ رتبي جي باوجود به گهر ۾ ڪم ڪار ڪندا هئا.
ام المؤمنين حضرت عائشه رضه فرمائي ٿي ته، ”جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي واندڪائي هوندي هئي ته پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندا هئا،پنهنجي جُتي پاڻ ڳنڍيندا هئا ۽ ٻين عام مردن وانگر گهر جو ڪم ڪار ڪندا هئا.“

گهرساجهر اچڻ گهرجي:

گهرساجهر اچڻ گهرجي:
مرد شاديءَ کان اڳ آزاد هوندو آهي، وڻيس ته ساجهر اچي ياوڻيس ته دير سان اچي. کيس ڪا جهل پل ڪونه هوندي آهي. پر شاديءَ کان پوءِ کيس پنهنجو پروگرام بدلائڻ گهرجي ۽ ساجهر گهر اچڻ گهرجي.
مڙس کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سندس زال صبح کان شام تائين گهر ۾ هڻ هڻان ڪندي رهندي آهي. گهر جاڪم ڪار لاهي شام جو مڙس جي اوسيئڙي ۾ هوندي آهي ته جيئن ساڻس ويهي ڳالهيون ٻولهيون ڪجن. ٻارڙا به پيءُ لاءِ پيا واجهائيندا رهندا آهن. تنهن ڪري اها ڳالهه بنهه سٺي ناهي ته مرد رات جو گهمڻ ڦرڻ ۽ دوستن وٽ وقت ڪاٽڻ يا ڀوڳ ٺڪاءُ ڪرڻ لاءِ هليو وڃي ۽ جڏهن ته ويچاري زال ۽ ٻارڙا سندس اوسيئڙي ۾ ويٺا رهن. ڇا مڙس جو فرض رڳو اهو آهي ته زال لاءِ کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي جو بندوبست ڪري؟ زال، زندگيءَ جي ساٿياڻي هوندي آهي، نه ڪي پگهاردار نوڪرياڻي. هوءَ مڙس جي گهر ۾ ان ڪري نه ايندي آهي ته ڏينهن رات محنت ڪري ۽ موٽ ۾ کيس مانيءَ ڳڀو ملي. پر هوءَ مڙس وٽ اها اميد کڻي ايندي آهي ته ٻئي سدائين هڪ ٻئي جا ڏک ونڊيندڙ، ساٿي ۽ هڏ ڏوکي بنجي زندگي گذاريندا. ڪي مرد انسانيت، جذبن ۽ احساسن کان سکڻا هوندا آهن. اهي پنهنجي پرهيز گار زال ۽ ابهم ٻارڙن کي گهر ۾ ته اڪيلو ڇڏيندا آهن پر پاڻ وڃي اڌ اڌ رات تائين سير سپاٽو ، ڪچهريون ڪندا رهندا آهن.
اهي پئسا ڏوڪڙ جيڪي گهر ۾ خرچ ٿيڻ کپن سي گهر کان ٻاهر اڏائيندا رهندا آهن. اصل ۾ انهن ويچارن سچي محبت جو مزو چکيو ئي ناهي هو فضول ۽ بيهودي عياشيءِ کي تفريح سمجهندا آهن. کين ايترو به خيال ناهي ته ان هلت ڪري سندن عزت ۽ حيثيت ڌوڙ ۾ ملي سگهي ٿي. ائين ڪري نه رڳو هو پاڻ کي خوار خراب ڪن ٿا ۽ پر ويچاري بي گناهه زال ۽ ٻارن کي به بدنام ڪن ٿا. نيٺ تنگ ٿي زال کانئس طلاق جي گُهر ڪندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح شادي، شده زندگيءَ جا بخيائي اڊڙي وڃن ٿا.
عبرت پرائڻ لاءِ هيٺيان واقعا پڙهو:
هڪ ماڻهوءَ جنهن پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، ڪورٽ ۾ چيو ته، ”شاديءَ جي مهڙين ڏهاڙن ۾ مان جوانيءَ جي نشي ۾ مست لڳو پيو هوندو هوس ۽ هر رات پنهنجي زال کي اڪيلو گهر ۾ ڇڏي خراب سنگتين سان عياشي ڪرڻ هليو ويندو هوس ۽ صبح جو سوير گهر موٽي ايندو هوس. اهو سلسلو ڪيترائي سال هلندو رهيو. نيٺ منهنجي زال انهن حرڪتن کان تنگ ٿي مون کان طلاق گهري. مان ائين ئي ڪيو. اسان کي ٻارڙا به هئا جن لاءِ اهو طئي ٿيو ته مان مهيني ۾ ٻه ڀيرا ساڻن ملندس. ڳچ وقت تائين ائين ئي ٿيندو رهيو. پر ڪجهه عرصي کان اهي پنهنجي ماءُ سان گڏجي الائي جي ڪيڏانهن هليا ويا آهن ۽ مان کين ڏسڻ لاءِ ماندو آهيان.“
هڪ عورت ٻڌايو ته، ”مان اڪيلائيءَ کان تنگ ٿي چڪي آهيان. منهنجي مڙس کي منهنجي ۽ منهنجي اڪيلائيءَ جو ڪو احساس ئي ڪونهي. هو روزانو گهمي ڦري ۽ دوستن سان ڪچهريون ڪري اڌ رات ڌاري گهر موٽندو آهي.“
محترم ڀاءُ! توهان خير سان ٻارن ٻچن وارا آهيو، تنهن ڪري هاڻي توهان کي پهرين وانگر آزاديءَ سان گهمڻ ڦرڻ جو ڪو حق ناهي. پنهنجي آئندي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي ڪا ڳَڻ ڳوت ڪريو. اجايو رلڻ پنڻ ۽ عياشيءَ کان پاسو ڪريو، واندن ۽ واهيات دوستن کان جان ڇڏايو ۽ ڪم ڪار کان واندا ٿي سڌو گهر اچو، پنهنجي زال ۽ ٻارڙن سان ويهو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جو حقيقي مزو وٺو. جيڪڏهن توهان سٺن دوستن سان اٿو ويهو ٿا ۽ سندن ڪچهريءَ ۾ وقت گذاريو ٿا ته اها سٺي ڳالهه آهي پر اڌ اڌ رات تائين گهر کان ٻاهر رهڻ بنهه سٺو ناهي. اها ڳالهه سچ پچ ته توهان جي لاءِ هاڃيڪار آهي.

وفادار ٿجي:

وفادار ٿجي:
جڏهن مرد ۽ عورت ازدواجي ٻنڌڻ ۾ بڌبا آهن ته پوءِ سندن شخصي زندگي گڏيل زندگيءَ ۾ بدلجي ويندي آهي. ان مقدس ٻنڌڻ جي معنيٰ آهي ته زال ۽مڙس اهو واعدو ڪندا آهن ته سڄي عمر گڏجي گذارينداسين ۽ گڏجي ڪري زندگيءَ جو انتظام هلائينداسين ۽ ان ڏس ۾ هڪ ٻئي سان پورو پورو سهڪار ڪنداسين، هڪ ٻئي کي سکيو رکڻ جي ڪوشش ڪندا سين ۽ ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ نڀائينداسين. انسانيت ۽ شرافت جي تقاضا آهي ته زال ۽ مڙس پڇاڙيءَ تائين ان مقدس ٻنڌڻ کي نڀائيندا رهن ۽ زندگيءَ جي ڏکن سکن ۽ لاهن چاڙهن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺا هجن. هڪ نوجوان ڇو ڪري پنهنجي وجود کي پنهنجي مڙس جي حوالي ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اها اميد رکندي آهي ته هوءَ سڄي ڄمار پنهنجي مڙس جي اَجهي ۾ گذاريندي. تنهن ڪري اها مڙسي هر گز ناهي ته جواني ختم ٿيڻ ۽ خوبصورتيءَ ۾ گهٽتائي اچڻ کان پوءِ مڙس زال کي ڇڏي، وتي عياشي ڪندو.
غربت ۽ محتاجيءَ جا ڏينهن ته ويچاري زال صبر سان نڀائيندي رهندي آهي. ڪڏهن سندس پيٽ بکيو هوندو آهي ته ڪڏهن اڌ ڍَوَ تي ۽ لٽي ڪپڙي جي کوٽ به. هوءَ اميد رکندي آهي ته ڏکيا ڏينهن جلد گذري ويندا. تنهن ڪري اها وفاداري ناهي ته جڏهن مرد جي مالي حالت سٺي ٿي وڃي ۽ وٽس ڪجهه پئسا ڏوڪڙ گڏ ٿي وڃن ته هو به شاديءَ لاءِ پر ساهي يا زال کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي پاڻ وتي عياشي ڪندو ۽ مزا ماڻيندو.
اها ڪهڙي انسانيت آهي ته چڱڀلائيءَ ۾ ته زال ويچاري سندس خدمت چاڪري ڪندي رهي ۽ جڏهن هوءَ بيمار يا ڪمزور ٿئي ته مڙس ويجهو به نه وڃيس. جڏهن ته اهڙي وقت ۾ مڙس تي فرض آهي ته هو سندس پر گهور لهي ۽ کيس دلجاءِ ڏي. ڪي مرد مڙسيءَ، جذبن ۽ احساسن کان صفا ڪورا هونداآهن. جڏهن سندن زال جوان، خوش چڱي ڀلي ۽ خوبصورت هوندي آهي ته پوءِ هو سندس وجود مان پورو پورو فائدو وٺندا آهن. پر جڏهن سندس زال جواني ٽپي پوڙهپ ڏانهن وڌندي آهي ته مرد کيس ڇڏي عياشي ڪرڻ لڳندو آهي يا وري بيهودا ۽ اڻ وڻندڙ بهانا گهڙي کيس طلاق ڏئي ڇڏيندو آهي.
هيٺين واقعن کي ڌيان سان پڙهو:
هڪ مرد پنهنجي زال کي نپٽ نڀاڳي چئي طلاق ڏئي ڇڏي ڇو جو شاديءَ کان پوءِ سندس پيءُ گذاري ويو هو ۽ سندس مامي کي ڪاروبار ۾ نقصان پهتو هو.“
هڪ شخص پنهنجي زال کي طلاق ڏيڻ جو ڪارڻ ٻڌائيندي چيو ته، ”مون کي زال سان ڪابه محبت ڪانهي، جيتوڻيڪ اسان محبت جي شادي ڪئي هئي.“
هڪ عورت مڙس جي دانهن ڏيندي چيو ته، ”مان سالن جا سال پنهنجي مڙس سان ڏک سک ۾ گڏ گذاريو آهي ۽ نهايت خلوص ۽ پيار مان سندس خدمت چاڪري ڪئي آهي. هاڻي جڏهن مان بيمار ٿي پئي آهيان ته مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو اٿائين ۽ چئي ٿو ته مون کي بيمار زال نه گهرجي.“
ادا سائين! توهان جانور ناهيو جو رڳو ڀرڻ ۽ جنسي اڃ اجهائڻ جي ڳڻتي هجيوَ. توهان انسان آهيو ۽ انسان کي ٻاجهه، پيار ۽ محبت ۽ قربانيءَ جهڙين صفتن سان ڀريل هجڻ گهرجي. هڪ معصوم ڇوڪريءَ پنهنجو اباڻو گهر پيءُ، ماءُ، ڀائر ڀينر ۽ ٻيا مٽ مائٽ ڇڏي پنهنجي جوانيءَ کي توهان جي حوالي ڪيو، نوڪرن کان به وڌيڪ توهان جي خدمت چاڪري ڪئي، تڪليفون برداشت ڪيون ۽ ڏک سک ۾ ساٿ ڏنو تنهن ڪري ڇا اوهان کي اها ڳالهه سونهين ٿي ته توهان کيس اڪيلو ڇڏي پنهنجي مُنهن سان وتو عيش ڪندا؟ توهان ائين ڪري، مٿس ظلم ڪري رهيا آهيو، جنهن جي سزا توهان کي ضرور ملندي. جيڪڏهن توهان ڪنهن ٻي عورت جي ڪڍ آهيو ته پوءِ ياد رکو ته توهان کي نه رڳو سوين ذهني پريشانيون ملنديون پر توهان جي عزت به ڌوڙ ۾ ملي ويندي. ۽ ماڻهو توهان کي زاني، خود غرض ۽ بد اخلاق جي لقبن سان ياد ڪندا. توهان جا ٻار توهان کان بيزار ٿي ويندا ۽ ڏينهون ڏينهن مسئلا ۽ مونجهارا وڌندا رهندا.
جيڪڏهن توهان جي زال بيمار آهي ته پوءِ سندس پورو پورو علاج ڪرايو ته جيئن هو جلد چاق ٿي وڃي. ان ڏس ۾ توهانکي ڪا به ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن خدا نه ڪري سندس مرض لاعلاج آهي ته پوءِ پنهنجي مڙسيءَ ۽ وفاداريءَ جو ثبوت ڏيو ۽ جيستائين هوءَ جيئري آهي تيستائين ٻي شادي هر گز نه ڪيو. ڇا توهان جو ضمير توهان کي ان ڳالهه جي موڪل ڏئي ٿو ته توهان هڪ بيمار کي ڏکارو ڪيو؟ جيڪڏهن توهان سندس جاءِ تي هجو ها ۽ بيمار هجو ها ته پو ءِ منجهائنس ڪهڙي اميد رکو ها؟ اهائي نه، جيڪا هوءَ توهان مان رکي ٿي.؟
فرض ڪيو جيڪڏهن توهان بيمار آهيو ۽ توهان جي زال توهان کان طلاق گهري ٿي ته پوءِ توهان مٿان ڇا گذرندي؟ ڇا سندس اهو ڪم صحيح ليکيو ويندو؟ جيڪڏهن توهان وٽ وفاداريءَ ۽ قربانيءَ جو ڪو قدر آهي ته پوءِ توهان به هر حال ۾ زال سان نڀايو ۽ ساڻس دغا نه ڪيو.

تعليم ۽ تربيت:

تعليم ۽ تربيت:
هڪ ڇوڪري جڏهن پرڻجي مڙس وٽ ايندي آهي ته مٿس گهر هلائڻ جي ذميداري پوندي آهي. گهر هلائڻ لاءِ ڪيترين ئي ڳالهين جو ڄاڻڻ نهايت ضروري هوندو آهي. جهڙوڪ: رڌو پڪو ڪرڻ، ڪپڙا ۽ ٿانوَ ڌوئڻ، استري ڪرڻ، سلائي ڪرڻ، گهر جي سامان کي ٺاهي رکڻ، مڙس جو خيال رکڻ ۽ ٻارڙن جي پالنا ڪرڻ. مڙس پنهنجي نئين ڪنوار مان اها اميد رکندو آهي ته هوءَ اهي سمورا ڪم ڄاڻيندي هوندي. پر سندس اها اميد ان وقت ڌوڙ ۾ ملي ويندي آهي جڏهن کيس خبر پوندي آهي ته سندس زال ڪجهه ڪين ٿي ڄاڻي.
هاڻي ڏيو منهن! اسان جي معاشري جي اها وڏي خامي آهي جو نه ماءُ پيءُ ڇوڪري کي ڪجهه سيکاريندا آهن ۽ نه ئي وري اسڪول يا ڪاليج جي نصاب ۾ اهڙي قسم جي تعليم ۽ تربيت شامل هوندي آهي. اجاين ڳالهين سيکارڻ کان ڀلو آهي ته ڇوڪرين کي گهر هلائڻ جي سکيا ڏني وڃي جيڪا کين ڪم به ايندي. خير جيڪو ٿيو سو گذريو. هاڻي ان ڳالهه جو ڪو حيلو ٿيڻ کپي. مرد کي جيئن ته سڄي ڄمار زال سان گذارڻي هوندي آهي تنهن ڪري مٿس ضروري آهي ته هو سندس تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪري. اهو ڪم مڙس ئي ڪري ته هوند چڱو، ڇو جو اهو عام ڪري زال کان وڏو هوندو آهي تنهن ڪري کيس تجربو به گهڻو هوندو آهي ته وٽس ڄاڻ به گهڻي هوندي آهي.
جيڪڏهن مڙس ٿورڙي صبر ۽ همت کان ڪم وٺي ته زال جي خامين کي درست ڪري کيس پنهنجي مرضيءَ پٽاندڙ سندس تربيت ڪري سگهي ٿو. سندس زال کي جيڪي ڪم نه ٿا اچن سي کيس سيکاري. ان ڏس ۾ گهر جي تجربيڪار عورتن جهڙوڪ: ماءُ، ڀينرن، ڀاڄاين، چاچين، ماسين ۽ پڦين کان به مدد وٺي سگهي ٿو. ان کانسواءِ کاڌي رڌڻ، مهمان نوازيءَ ۽ اٿڻ ويهڻ جي طور طريقن تي لکيل ڪتاب به کيس پڙهائڻ گهرجن. جيڪڏهن سندس زال بداخلاق ۽ اڍنگي آهي ته پوءِ کيس نرميءَ ۽ همدرديءَ سان سمجهائڻ گهرجي، ان جي ابتڙ جيڪڏهن مٿس اعتراض ۽ ٽوڪون ٺٺوليون ڪيون ويون ته پوءِ گهربل نتيجا ڪونه نڪري سگهندا.
مرد جيڪڏهن شاديءَ جي مُهڙين سال ٻن ۾ ٿورو صبر ۽ همت کان ڪم وٺي ۽ دانائيءَ سان سندس تربيت ڪندو ته پوءِ هوءَ هڪ سگهڙ زال بڻجي سگهي ٿي. اهو صحيح آهي ته ان ڪم لاءِ وقت، صبر ۽ حوصلو گهرجي پر ان ڏس ۾ هو جيتري محنت ڪندو اوترائي سٺا نتيجا نڪرندا.
هڪ ٻي خاص ڳالهه جنهن تي مرد کي ڌيان ڏيڻ گهرجي سا اها آهي ته زال ماشاءَ الله هڪ مسلمان ڇوڪري آهي، تنهن ڪري کيس پنهنجي دين اسلام جي چڱي ڄاڻ هجڻ گهرجي. شرعي مسئلا ته ٺهيو، پر ڪيتريون ئي ڇوڪريون اسلام جي ابتدائي تعليم جهڙوڪ: نماز، وضو، غسل ۽ تيمم جهڙن حڪمن کان اڻ ڄاڻ هونديون آهن. تنهن ڪري ماءُ پيءُ تي اهو فرض آهي ته اهي پنهنجي نياڻِين کي اسلام جي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪابه ڪو تاهي نه ڪن. جيڪڏهن کانئن ائين نه ٿي سگهيو آهي ته پوءِ هاڻي مڙس تي اهو فرض آهي ته هو کيس اسلام جون بنيادي ڳالهيون ۽ ديني مسئلا سمجهائي، جيڪڏهن هو پاڻ پڙهيل آهي ته پوءِ کيس ديني ڪتاب خريد ڪري ڏيو ۽ ضرورت پوي ته هڪ ديندار عورت يا قابل اعتماد مرد کي سندس تعليم ۽ تربيت لاءِ مقرر ڪيو.
زال کي سٺين ڳالهين ڏانهن لاڙڻ، غلط واٽ تي هلڻ کان جهلڻ ۽ سندس رهنمائي ڪرڻ مڙس تي فرض آهي. جيڪڏهن هن پنهنجو اهو فرض پورو ڪيو ته پوءِ هڪ ديندار، مهربان، خوش اخلاق، سٻاجهي ۽ سياڻي عورت سان سندس زندگي گذرندي ۽ آخرت ۾ پڻ ان جو کيس وڏو اجر ملندو. ۽ جيڪڏهن پنهنجي فرض ۾ هن ڪا ڪوتاهي ڪئي ته پوءِ کيس هڪ جاهل ۽ ڪمزور ايمان واري عورت سان جالڻو پوندو جيڪا ديني ۽ اخلاقي اصولن کان اڻ ڄاڻ هوندي ۽قيامت جي ڏينهن به کانئس ان ڏس ۾ پڇا پڪڙ ٿيندي. خدا تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته، ”اي ايمان وارؤ! پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪٽنب وارن کي دوزخ جي ان باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر هوندا.“
امام جعفر صادق عه فرمائي ٿو ته، ”جڏهن قرآن پاڪ جي اها آيت نازل ٿي ته ان کي ٻڌي هڪ مسلمان روئڻ لڳو ۽ چيائين ته مان پنهنجي نفس کي باهه کان بچائي نه ٿو سگهان ته گهر وارن کي وري ڪيئن بچائي سگهندس؟“ اهو ٻڌي حضور ﷺ جن فرمايو ته، ”تون جيڪي ڪم ڪرين ٿو، اهڙائي ڪم ڪرڻ جي کين هدايت ڪر ۽ جيڪي ڪم نه ٿو ڪرين تن کي ڪرڻ کان کين به جهل.“
پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو آهي ته، ”هر سرپرست تي پنهنجي هٿ هيٺ رهندڙن جي ذميداري هوندي آهي.“
حضور ﷺ جن عورتن کي چيو آهي ته، ”ان کان اڳ جو اهي (مڙس) توهان کي بڇڙا ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪن، توهان کين سٺا ڪم ڪرڻ ڏانهن لاڙيو.“

ٻارڙن جي پيدائش:

ٻارڙن جي پيدائش:
هڪ ڳالهه جيڪا زال مڙس ۾ اختلاف پيدا ڪندي آهي سا آهي ٻار جي پيدائش. اهو اختلاف هيئن ٿيندو آهي جو ڪڏهن زال چاهيندي آهي ته ٻار پيدا ٿئي ۽ مڙس وري ان جي مخالفت ڪندو آهي يا وري ڪڏهن ان جي ابتڙ ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اها ڇڪتاڻ ايڏي خطرناڪ ٿي ويندي آهي جو ڳالهه وڃي طلاق تي دنگ ڪندي آهي.
هڪ عورت ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته، ”مان ستاويهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي پسند تي يونيورسٽيءَ جي هڪ استاد سان شادي ڪئي هئي. پر منهنجو مڙس ٻار ڄڻڻ جو مخالف آهي. سندس ان ڳالهه مون کي سخت پريشان ۽ بي چين ڪري ڇڏيو آهي. اصولي طور تي اسان ٻئي خوش چڱا ڀلا آهيون ۽ ٻار ڄڻي سگهون ٿا ۽ پئسي پائيءَ جي ڪابه پاڻ وٽ کوٽ ڪونهي. مطلب ته هر لحاظ کان اسان ٻار ڄڻڻ ۽ ٻار پالڻ جي لائق آهيون. مان اڄ ڏينهن تائين اهو سمجهي ناهيان سگهي ته منهنجو مڙس ٻار ڄڻڻ جي خلاف ڇو آهي. جيتوڻيڪ کيس ٻار ڏاڍا سٺا به لڳندا آهن ۽ پنهنجي ڀاڻيجن ۽ ڀائيٽين ۽ دوستن جي ٻارن کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي. ٻيو ڪو ڏسي سمجهندو ته هن ويچاري جو ته ٻارن لاءِ ساهه ٿو وڃي. هاڻي منهنجي عمر ٽيهه ورهيه ٿي وئي آهي ۽ ان عمر ۾ هر عورت ماءُ ٿيڻ جي خواهشمند هوندي آهي. منهنجي مڙس کي منهنجي ان خواهش جي چڱيءَ ريت پروڙ آهي پر ان جي باوجود به هو چئي ٿو ” ٻار اسان کي تنگ ڪندا تنهن ڪري انهن کي ڄڻڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“
ايترو چئي ان عورت جي اکين مان لڙڪ وهڻ وارا هئا، هن مشڪل سان پاڻ کي سنڀاري ورتو. لڳو ٿي ته هوءَ ڏاڍو ڏکاري هئي ۽ چاهيائين ٿي ته مڙس کان طلاق وٺي ٻي شادي ڪري پنهنجي ماءُ ٿيڻ جي خواهش پوري ڪري سگهي.
ٻار ڄڻڻ انسان ته ڇا پر هر جانور جي به خواهش هوندي آهي. ٻارڙي جو وجود شاديءَ جو سٺو ثمر ۽ ڀلو يادگار ليکيو ويندو آهي. جيڪڏهن ماڻهو اولاد وارو آهي ته مرڻ کان پوءِ سندس يادون ختم نه ٿي وينديون آهن پر ڄڻ ته سندس عمر ڊگهي ٿي ويندي آهي. بي اولاد ماڻهو پاڻ کي اڪيلو ۽ بي وارث سمجهندو آهي ۽ اهو احساس خاص ڪري ڪُراڙپ ۾ وڌي ويندو آهي. ٻارڙي جو وجود ڪٽنبي زندگيءَ کي ڏاڍو وڻندڙ بنائي ڇڏيندو آهي. جنهن گهر ۾ ٻار نه هوندو آهي سو گهر ڄڻ ته سُڃو ۽سکڻو لڳندو آهي.
امام جعفر صادق عه فرمايو آهي ته، ”ڀلي اولاد ماڻهوءَ جي ڀاڳ جو سبب بڻبي آهي.“
حضور ﷺ جن فرمائين ٿا ته، ”گهڻي اولاد پيدا ڪيو ته جيئن قيامت ڏينهن مان توهان جي گهڻائيءَ ڪري ٻين امتن کان وڌيڪ فخر ڪريان.“
جي ها! اولاد سان محبت هڪ فطري ڳالهه آهي پر ڪي ماڻهو وري قدرت جي قانون جي ڀڃڪڙيءَ ڪري هڪ قسم جي بيماريءَ ۾ ڦاسي پونداآهن ۽ غربت ۽ محتاجيءَ جو بهانو ڪندا آهن. جيتوڻيڪ روزيءَ جي ضمانت ته خدا ڏني آهي ۽ اهو ئي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان روزي ڏيندو آهي. بڪر بن صالح چئي ٿو ته، ”حضرت ابوالحسن عه کي لکيو ته مان پنجن سالن کان ٻار ڄڻڻ کان لنوايان پيو ڇو جو منهنجي زال راضي ناهي. هوءَ چئي ٿي ته اسان غريب آهيون، تنهن ڪري ٻار نه ڄڻجن. ان ڏس ۾ توهان جو ڇا رايو آهي؟“ پاڻ مونکي لکيائون ته، ”ٻار ڄڻڻ کان نه لنوايو ڇو جو رزق ته خدائي ڏيندو آهي.“
ڪي ماڻهو رزق جي تنگيءَ کان ٻار ڪونه ڄڻيندا آهن پر الله پاڪ ٻارڙي جي برڪت سان سندس ماءُ پيءُ جو رزق ڪشادو ڪندو آهي. مان اهڙا ڪيترائي ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي ٻارن جي ڄمڻ کان اڳ صفا ڀينگيا هوندا هئا پر پوءِ جڏهن کين ٻار ڄاوا ته اهي آسودا ٿي ويا. ڪي ماڻهو وري ٻار جي وجود کي پنهنجي آزاديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجهندا آهن پر ائين ناهي. ٻار ته ماءُ لاءِ وندر ورونهن ۽دل وندرائڻ جو سٺو وسيلو هوندو آهي.
اهو صحيح آهي ته ٻار جي پالنا ۽ تعليم ۽ تربيت ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون ڏسڻيون پونديون آهن پر جيئن ته اهو هڪ فطري عمل آهي تنهن ڪري ان سان منهن ڏيڻ بنهه ڏکيو نه هوندو آهي. حقيقت ۾ اهي زال مڙس ڪيڏا نه خود غرض ۽ گهٽ سوچ وارا ٿيندا آهن جيڪي ٻار ڄڻڻ جي مسئلي تي پاڻ جيهڙا ڪندا آهن چَٽُ ٿيند ا آهن ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ازدواجي زندگيِءَ جي مقدس ٻنڌڻ کي ٽوڙي ويهندا آهن.
ڇا هڪ سياڻي سيبتي مرد کي اها ڳالهه سونهين ٿي ته هو ٻار ڄڻڻ جي خطري يا خواهش جي مخالفت ڪري ۽ ان ڳالهه تي ايڏي ڳنڍ ڏئي بيهي جو ازدواجي زندگيءَ جا بنياد ڌڏي پون؟ ڪن ماڻهن وٽ وري ٻار ڄڻڻ جي مسئلي تي نه پر دير سوير جي معاملي تي ڇڪتاڻ ٿيندي آهي.
زال يا مڙس مان ڪو به هڪ چوندو آهي ته، ”جوانيءَ جا ڏينهن خوشيءَ ۽ آزاديءَ سان گذارڻ گهرجن ڇو جو ٻار جو وجود سندن آزاديءَ ۾ رڪاوٽ بڻبو آهي. جوانيءَ ۾ ٻار نه ڄڻجن ته ڀلو. باقي عمر جي آخر حصي ۾ ٻه ٽي ٻار ڄڻي ڇڏجن ته ڪا ڳالهه ناهي.“ پر انهن مان هڪ ٻئي جي ڪونه ٻڌندو آهي ۽ پوءِ ڳالهه جهيڙي جهٽي تائين پهچي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اها ڇڪتاڻ طلاق جو سبب پڻ بنجي ويندي آهي. هڪ ڳالهه اوهان کي چوندا هلندا سين ته شادي کان پوءِ جيترو جلد ٿي سگهي ته ٻار ڄڻي وٺو ڇو جو جوانيءَ جي دور جي اولاد پوڙهائپ جي ڏينهن جي اولاد کان وڌيڪ سٺي هوندي آهي. پهرين ڳالهه ته جوانيءَ جا ٻار وڌيڪ تندرست ۽ طاقتور هوندا آهن ۽ ٻيو ته جيئن ته کين زندگيءَ جو ڳچ وقت ماءُ پيءُ سان گڏ گذارڻ جو موقعو ملندو آهي تنهن ڪري سندن تعليم تربيت سٺي نموني ٿي سگهندي آهي. ان جي ابتڙ پوڙهائپ جي اولاد عام ڪري تعليم ۽ تربيت کان صفا وانجهيل رهجي ويندي آهي ۽ ماءُ پيءُ جي موت يا سندن معذور ٿيڻ ڪري اها دربدر ۽ محتاج بڻجي ويندي آهي.
ٽيون هي ته جوانيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارڙا، جيستائين سندن ماءُ پيءُ پوڙها ۽ ريٽائرٿين، ڪنهن نوڪريءَ سان لڳي ويند آهن، اهڙي ءَ طرح پوڙهائپ ۾ ماءُ پيءُ پنهنجي روزگار لڳل اولاد جي مدد سان زندگي سٺي نموني گذاريندا آهن. تنهن ڪري ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته جوانيءَ ۾ اولاد جي پيدائش، پوڙهائپ جي دور کان ڀلي آهي پر اها ڳالهه ايڏي اهم به ناهي جو ان جي ڪري ويڙهه جيهڙ ٿي پوي ۽ معاملو طلاق تائين پهچي وڃي. ڪڏهن ته وري ٻارڙن جي تعداد جي مسئلي تي به ڇڪتاڻ ٿيندي آهي. مرد چاهيندو آهي ته ٻار گهڻا ٿين پر زال سندس مخالفت ڪندي آهي يا وري ان جي ابتڙ ٿيندو آهي.
هڪ عورت جيڪا ٻن ٻارن کي هنج ۾ کنيو ويٺي هئي تنهن ٻڌايو ته، ”شاديءَ کان پوءِ چئن سالن جي اندر مون کي ٻه نياڻيون ڄايون پر منهنجي مڙس کي جيئن ته پٽ جي خواهش هئي تنهن ڪري مان وري ٽيهر ڳورهاري ٿي ويس. پر هن ڀيري به منهنجي مڙس جي خواهش جي ابتڙ مون کي ڌيءَ ڄائي ۽ هاڻي مون کي ٽي ڌيئر آهن، منهنجي مڙس کي بينڪ ۾ نوڪري آهي ۽ سندس پگهار به ايتري آهي جو اسان ٻنهي زال مڙس ۽ ٽن ٻارن جو گذران مشڪل سان ئي ٿيندو آهي. پاڻ ضد ڪيو بيٺو آهي ته مان ٻار ڄڻڻ جو سلسلو جاري رکيو اچان ته جيئن ڪڏهن نه ڪڏهن پٽ ڄمي پوي. مان ائين نه ٿي چاهيان ڇو جو اسان غريب آهيون ۽ گهڻا ٻار پالڻ اسان جي وس جي ڳالهه ڪونهي. مان هزار ڀيرا کيس سمجهايو آهي ته ڌيءَ ۽ پٽ ۾ ڪو فرق ڪونهي پر هو منهنجي ته ٻڌي ئي ڪونه ٿو. مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي وري ڌيءَ نه پيدا ٿي پئي ۽ هو وري پٽ جو بهانو ڪري پنجون ٻار به نه ڄڻائي.مان اهو ئي مسئلو کڻي ڪورٽ ۾ آئي آهيان.“
هتي اها ڳالهه پڻ ٻڌائڻ ضروري آهي ته گهڻن ٻارڙن جو خرچ پورو ڪرڻ سندن تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪرڻ ههڙي مهانگائيءَ جي دور ۾ گهٽ آمدني ءَ وارن ماڻهن لاءِ نهايت ڏکيو ڪم آهي. سٺو آهي ته زال مڙس هٺ ۽ هوڏ تان لهي پنهنجي مالي حالتن کي آڏو رکي اولاد جي انگ تي اتفاق ڪن. هونئن به ضد يا هٺ ڪرڻ ڪا سٺي ڳالهه ٿوروئي آهي. تنهن ڪري زال مڙس کي سياڻپ کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽کين گڏجي ڪري مسئلن سان منهن ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻنهي مان ڪو به هڪ ضد تي بيٺو هجي ۽ ٻيو صبر ڪري ته پوءِ نه ويڙهه جهيڙ ٿيندي ۽ نه ئي ڳالهه طلاق تائين پهچندي.
اصل ۾ هي موضوع ايترو اهم ناهي. گهڻي اولاد يا گهٽ اولاد وارا ڪٽنب ته کوڙ هونداآهن. تنهن ڪري رڳو ايتري ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ شاديءَ جهڙي مقدس ٻنڌڻ کي ٽوڙڻ ڪنهن به طرح مناسب ناهي ۽ نه ئي ڪنهن جي فائدي ۾ آهي.
ڪڏهن زال مڙس ۾ پٽ ۽ ڌيءَ جي مسئلي تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوندي آهي. اڪثر زال مڙس، پُٽ کي ڌيءَ تي اوليت ڏينداآهن ۽ ڌيءَ جي ڄمڻ سان کين ڪا به خوشي ناهي ٿيندي، جيڪڏهن ڌيءَ ڄمي پوندي آهي ته زال ته ماٺ رهندي آهي پر مڙس ناراضگيءَ جو اظهار ڪندو آهي.
ڪي مرد ڌيءَ جي ڄمڻ تي دل ڏکارا ٿي ويندا آهن پر صبر کان ڪم وٺندي ڪو به رد عمل ظاهر نه ڪندا آهن پر سندن منهن ضرور لهي ويندو آهي ۽ ٻار جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ زال جي پوريءَ طرح پر گهور ڪونه لهنداآهن. ڪي مرد وري شديد رد عمل ڏيکاريندا آهن ۽ پنهنجي بي گناهه زال سان وڙهندا ۽ بهانا ٺاهي کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن. ڪي ته وري اها حد به ٽپي ويندا آهن ۽ زال کي مارڪٽ ڪندا آهن ۽کيس طلاق ڏيڻ کان به ڪيٻائيندا آهن.
هڪ عورت ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته، ”ڏيڍ سال کن اڳ منهنجي شادي ٿي هئي ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ مان ڳورهاري ٿي ويس. منهنجو مڙس مون کي چوندو هو ته پٽ ڄڻجانءِ. مون کي ائين لڳندو هو ته ڄڻ منهنجي پيٽ ۾ هڪ بدران ٻه ٻار آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ اسپتال ۾ مون کي ٻه ڌيئر ڄايون. جڏهن نرس مون کي اها خبر ٻڌائي ته مون خوشيءَ ۾ نٿي ماپيس. جڏهن منهنجو مڙس مون کي ڏسڻ اسپتال آيو ته ٻن ڌيئرن جي خبر ٻڌي ڪاوڙجي پيو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. رات جو جڏهن هو مون کي وٺڻ لاءِ آيو ته مان کيس چيو ته ادڙين کي کڻ ته هلون.“ تنهن تي هن رڙيون ڪندي چيو ته، ”تون جاڙيون ڌيئر ڇو ڄڻيون؟ انهن کي هتي ئي ڇڏي هل.“ مان سندس اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي هن مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. مان هاڻي پيڪين ۾ پئي رهان ۽ هتي ڪورٽ ۾ طلاق جي درخواست ڏني آهي.“
هڪ عورت ڪورٽ ۾ روزاني ”اطلاعات“ اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو ته، ”مان پنهنجي شاديءَ جا ايڪيهه سال رت جا ڍڪ پي گذاريا آهن. پنجن ڌيئرن ڄڻڻ کان پوءِ هاڻي مون کي الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيوپيو وڃي. ڇو جو منهنجو مڙس هڪ اهڙي عورت سان وهانءُ رچائڻ ٿو چاهي جيڪا رڳو پُٽ ڄڻي سگهي. مون کي پنج ڌيئر آهن ۽ سڀئي سُهڻيون سيبيتيون، ذهين ۽ پڙهڻ ۾ ڏاڍيون هوشيار آهن ۽ هنن ويچارين ڪڏهن به پيءُ کي تنگ نه ڪيو آهي. جيڪڏهن خدا مونکي پُٽ نه ٿو ڏئي ته ڀلا مان ڇا ڪيان؟“
افسوس جو اها بڇڙي عادت ڪيترن ئي مردن ۾ هوندي آهي. اها عادت اصل ۾ ان جهالت واري دور جي ياد ڏياري ٿي جڏهن مردن کي عورتن جي انسان هجڻ ۾ شڪ هوندو هو ۽ اهي ساڻن جانورن کان به خراب ورتاءَ ڪندا هئا. جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ ڌيءَ ڄمندي هئي ته پوءِ سندس پيءُ برادريءَ ۾ ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه رهندو هو، تنهن ڪري اهي بي گناهه نياڻين کي جيئرو پوري ڇڏيندا هئا. قرآن پاڪ انهن ماڻهن جي باري ۾ فرمايو آهي ته:
”۽ جڏهن انهن مان هڪڙي کي ڌيءَ جي ڄمڻ جي خبر ڏني وڃي ته ان جو منهن ڪاراٽجي ويندو آهي ۽ هو رنج ٿيندو آهي. جا خوشخبري کيس ٻڌائي وئي آهي ته ان جي رنج سبب قوم کان لڪندو وتندو آهي. ڇا ان کي جيئرو رکي ذلت سان يا کيس زمين ۾ پوري؟ ڏسو: اهي ڪيڏي نه بي انصافيءَ کان ڪم پيا وٺن.“
پر اسلام اهڙي ڪڌي ڪرتوت جو سختيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ مردن ۽ عورتن کي برابر ڪري ڇڏيو. پاڻ ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”توهان سڀ پهرين ڌيءَ ڄمي.“
پاڻ ﷺ اهو به فرمايائون ته، ”اها عورت ڀاڳ واري آهي جنهن کي سڀ کان پهرين ڌيءَ ڄمي.“
پاڻ ﷺ جن وڌيڪ فرمايو آهي ته، ”جيڪو شخص ٽن ڌيئرن يا ٽن ڀينرن جي پالنا ڪري تنهن کي بهشت ضرور ملندو.“
مانوارا ڀاءُ! توهان روشن خيال ۽ سڌريل هجڻ جي دعويٰ ڪريو ٿا، تنهن ڪري ان غلط سوچ کي ذهن مان سدائين لاءِ ڪڍي ڇڏيو. ڀلا ڌيءَ ۽ پٽ ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي؟ ٻئي توهان جي ئي اولاد ته آهن ۽ ٻئي انسان ته آهن. جيڪڏهن نياڻيءَ کي صحيح طريقي سان تعليم ڏياري وڃي ۽ سندس تربيت ڪئي وڃي ته پوءِ هوءَ به معاشري ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح پنهنجي پيءُ ماءُ جو مان مٿانهون ڪري سگهي ٿي. ڌيئر ته ڪيترين ئي ڳالهين ۾ پُٽن کان به مٿي هونديون آهن، جهڙوڪ: ڌيئر پنهنجي پيءُ جو گهڻو خيال رکنديون آهن پر پُٽ کي آزاد سمجهندا آهن ۽ پنهنجي والدين تي ڪو ڌيان نه ڏيندا آهن. ڪيترائي پٽ اهڙا به هونداآهن جيڪي والدين لاءِ آزار بڻجي وينداآهن ۽ ڪي وري والدين کي آزار ته ڪونه ڏيندا آهن پر کين ڪو خاص فائدو به ڪونه پهچائيندا آهن. پر ڌيءَ ويچاري هر حال ۾ پيءُ ماءُ سان راضي رهندي آهي. جيڪڏهن ماءُ پيءُ، پٽ ۽ ڌيءَ ۾ ڪو فرق نه ڪن ۽ ڌيئرن جا حق نه ڦٻائين ته پوءِ اهي سدائين ڌيئرن جي نظرن ۾ مانائتا ۽ پيارا رهي سگهن ٿا.
مالي لحاظ کان به ڌيءَ، پٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ خرچائو هوندي آهي ۽ ماءُ پيءُ وٽ رهڻ جو مدو به ويچاريءَ جو ٿورو هوندو آهي. وڏي ٿيندي ئي ٿورو ٿڪو ڏاج کنيو مڙس جي گهر هلي ويندي آهي. کيس پرڻائڻ کان پوءِ پيءُ ماءُ سندس فرض کان آجا ٿي ويند ا آهن پر ان جي ابتڙ پٽ سڄي عمر پيءُ ماءُ جي مٿي تي بار هوندو آهي. سندس تعليم جا خرچ ڀرڻ، نوڪري وٺرائي ڏيڻ يا ٻي ڪنهن ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳائڻ ۽ شادي ڪرائڻ ۽ شاديءَ جا خرچ پکا ڀرڻ، پيءُ ماءُ جي ئي ذميداري هوندي آهي.
جيڪڏهن پيءُ ماءَ، ڌيءَ ۽ پٽ ۾ ڪو فرق نه ڪن ۽ پنهنجي ڄاٽي سان سٺو ورتاءَ ڪن، کيس پنهنجو پٽ سمجهن ۽ مشڪلاتن ۽ پريشانين ۾ سندس مدد ڪن ته پوءِ هو مٿن گهور گهور پيو ويندو آهي.
اصولي طور تي ڌيءَ جي پيدائش ۾ آخر زال ويچاريءَ جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو مڙس اعتراض ٿا ڪن؟ ڌيءُ ڄمڻ ۾ ته اهي ٻئي شامل هونداآهن.
ٿي سگهي ٿو ته زال، مڙس تي اعتراض ڪري ته ڌيءَ ڇو پيدا ڪيئي؟ حقيقت ۾ ان معاملي ۾ڪو به ڏوهدار نه هوندو آهي. اهو سڀ ڪجهه ته خدا جي مرضيءَ سان ٿيندو آهي. هو جنهن کي وڻيس ڌيءَ ڏي ۽ جنهن کي وڻيس ته پُٽ ڏي. ڪجهه طبي ماهرن جو خيال آهي ته پُٽ يا ڌيءَ جي ڄمڻ جو دارو مدار پيٽ ٿيڻ جي مُهڙين ٻن مهينن ۾ ماءُ جي کاڌ خوراڪ تي آهي. سندن چوڻ آهي ته کاڌ خوراڪ جي هڪ خاص پروگرام تي عمل ڪري پنهنجي مرضيءَ سان اولاد پيدا ڪري سگهجي ٿي. تنهن ڪري جن ماڻهن کي پُٽ جي خواهش آهي سي اهڙن ماهرن سان لهه وچڙ ۾ اچن ۽ هروڀرو پنهنجي زال تي ڏاڍ يا ڪاوڙ نه ڪن.
هڪ روشن خيال ماڻهو ڌيءَ جي ڄمڻ جي خبر ٻڌي غمگين نه پر خوش ٿيندو آهي. ان خيال ڪري ته متان سندس زال ۽ ٻيا سوچين ته کيس ڏک ٿيو آهي، هو ويتر به خوش ٿيڻ لڳندو آهي. پهرين جي ڀيٽ ۾ زال سان سٺوورتاءَ ڪندو آهي ۽ سندس لاءِ ڌيءَ ڄمڻ تي سندس زال غمگين هوندي آهي ته هو کيس دلجاءِ ڏيندو آهي ۽ سمجهائيندو آهي ته ”ڌيءَ ۽ پُٽ ۾ ته ڪو فرق ڪونهي. نياڻيءَ جي اچڻ سان اسان جا ڀاڳ ڀلا ٿيندا.“ اهڙيءَ طرح هو ڌيئرن کي به پُٽن وانگر خدائي عطا سمجهندو آهي ۽ جهالت واري دور جي بيهودن خيالن سان مقابلو ڪندو آهي.“
هڪ ماڻهو حضور ﷺ جن وٽ ويٺو هو ته کيس ڌيءَ جي ڄمڻ جي خبر ٻڌائي وئي. اهو ٻڌي سندس مُنهن جو رنگ ڪاراٽجي ويو. پيغمبر ﷺ کانئس پڇيو، ”ڀلا تنهن جي مُنهن جو رنگ ڇو مٽجي ويو؟“ عرض ڪيائين، ”جڏهن مان هيڏانهن ٿي آيس ته منهنجي زال پير ٿي لڌا. مون کي اميد هئي ته هوءَ پٽ ڄڻيندي، پر هاڻي خبر ٻڌوَ ته کيس ڌيءَ ڄائي آهي.“ تنهن تي پاڻﷺ جن فرمايو: ”هيءَ زمين کيس جاءِ ڏيندي ۽ آسمان سندس مٿي تي ڇانوَ ڪندو ۽ الله پاڪ کيس رزق ڏيندو. هوءَ ٻارڙي خوشبودار گل وانگر آهي جنهن مان توکي وڏو فائدو ٿيندو.“

حمل جا ڏينهن ۽ ٻار جي پيدائش:

حمل جا ڏينهن ۽ ٻار جي پيدائش:
حمل جا ڏينهن ڏاڍا نازڪ ۽ ڏکيا هونداآهن. انهن ئي ڏينهن ۾ ماءُ جي کاڌ خوراڪ ۽ سندس جسماني چرپر ۽ نفسياتي حالتون سندس پنهنجي آئندي ۽ پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار تي گهڻو اثر وجهنديون آهن. ٻار جي چڱڀلائي ۽ بيماري، سگهه ۽ هيڻائپ، خوبصورتي ۽ بدصورتي، خوش اخلاقي ۽ سياڻپ ۽ ذهانت انهن ئي ڏينهن ۾ ٺهندي آهي.
تنهن ڪري حمل وارن ڏينهن ۾ڪا به لاپرواهي نه ڪجي ۽ ان دور کي عام دور نه سمجهيو وڃي ۽ بي ڌياني نه ڪجي. حمل جي ابتدائي ڏينهن کان ئي ماءُ پيءُ کي کتي تمام وڏي ذميداري اچي ٿي. جيڪڏهن ان دوران به غفلت ڪئي ته کين ڏاڍيون تڪليفون ڏسڻيون پونديون. هتي ان ڏس ۾ ڪي خاص ڳالهيون ٻڌائجن ٿيون:

1- کاڌ خوراڪ جو پروگرام:

1- کاڌ خوراڪ جو پروگرام:
جيڪو ٻارڙو ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي سو ماءُ جي رَتُ مان خوراڪ حاصل ڪندو آهي ۽ نشونما وٺندو آهي. تنهن ڪري ماءُ جو کاڌو خوراڪ ايترو مڪمل هجي جيئن هوءَ نه رڳو پنهنجي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي پر ٻئي پاسي ٻارڙي جي واڌويجهه لاءِ خوراڪ جي جنهن مواد جي ضرورت هوندي آهي سو به کيس ملي سگهي ته جيئن ٻار چڱو ڀلو رهي. مخلتف وٽامنز، معدني مواد، پروٽين، چرٻي، کنڊ ۽ نشاستي جي کوٽ هوندي ته پوءِ ماءُ ۽ ٻار تندرست نه رهي سگهندا.
امام جعفر صادق عه هڪ حديث نقل ڪئي آهي ته، ”ماءُ جيڪو ڪجهه کائيندي پيئندي تنهن مان ئي سندس پيٽ ۾ موجود ٻارڙي جو کاڌو ٺهندو آهي.“
هتي هڪ ٻيو مسئلو به پيش ايندو آهي، سو اهو آهي ته حمل جي ڏينهن ۾ ڪن عورتن جي طبيعت بدلجي ويندي آهي ۽ ڪجهه کاڌن کان کين نفرت ٿي ويندي آهي. ڪي وري پنهنجو کاڌو گهٽائي ڇڏينديون آهن، جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ وڌيڪ کاڌي جي گهرج هوندي آهي تنهن ڪري جيڪي شيون وڻنديون هجن ۽ جيڪي مختلف غذائي مواد سان ڀريل هجن سي جهجهي مقدار ۾ کائڻ گهرجن، اهڙي قسم جي کاڌ خوراڪ جو پروگرام رٿڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي خاص ڪري انهن ماڻهن لاءِجن جي آمدني گهٽ هوندي آهي ۽ جن کي وري صحت جي اصولن ۽ کاڌي جي خاصيتن جي پوري ڄاڻ به نه هوندي آهي. حمل وارن ڏينهن ۾ ٻارڙي جي پيءُ تي وڏي ذميداري پوندي آهي تنهن ڪري کيس گهربو آهي ته پنهنجي ڳورهاري زال ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار لاءِ طاقت ۽ توانائيءَ سان ڀريل کاڌي جو بندوبست ڪري. جيڪڏهن هن ايڏي وڏي ذميداري نڀائڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي ته پوءِ سندس زال ۽ ٻار جي صحت ۽ سلامتيءَ کي وڏو هاڃو رسي سگهي ٿو. ان نقصان جي سزا کيس هت به ملندي ته آخرت ۾ پڻ ملندي.

2- ذهني سڪون:

2- ذهني سڪون:
حمل وارن ڏينهن ۾ عورت کي مڪمل ذهني سڪون ۽ آرام جي ضرورت هوندي آهي ڇو جو جسماني آرام ۽ ذهني سڪون ۽ خوشيءَ جو سندس صحت ۽ پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار جي جسم ۽ نفسيات تي وڏو اثر ٿيندو آهي. خوشيءَ ۽ سڪون جو ماحول مهيا ڪري ڏيڻ به مڙس جي ئي ذميداري آهي، تنهن ڪري مڙس کي گهرجي ته هو سدائين ساڻس محبت ڪندو رهي ۽ پنهنجي ٻاجهه ۽ مهربانيءَ وسيلي پنهنجي زال جي دل کي خوش ڪندو رهي. حمل وارن ڏينهن ۾ ته اها ذميداري اڃا به وڌي وڃي ٿي. مڙس کي گهرجي ته هو ساڻس مثالي ورتاءُ ڪري ته جيئن سندس زال پنهنجي پيٽ ۾ موجود ٻار تي فخر ڪري ۽ کيس اها به دلجاءِ ٿئي ته سندس مڙس کيس ۽ ٻارڙي کي دل سان ڀانئين ٿو.

3- گهڻي چرپر نه ڪجي:

3- گهڻي چرپر نه ڪجي:
حمل جي ڏينهن ۾ عورت کي آرام جي گهڻي ضرورت پوندي آهي، تنهن ڪري کيس ڏکيا ڪم نه ڪرڻ گهرجن. ڳريون شيون کڻڻ، تکو تکو هلڻ ۽ ٽپا ڏيڻ سندس ۽ سندس ٻار لاءِ نهايت هاڃيڪار ٿي سگهن ٿا. ڳورهاري عورت کي ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي. مڙس جو به فرض آهي ته زال کي ڳريون شيون کڻڻ نه ڏي ۽ سخت ڪم پاڻ ئي ڪري.
4- حمل جي ڏينهن ۾ ڪي عورتون ٻار ڄڻڻ جي مرحلي کان ڏاڍو ڊڄنديون آهن، خاص ڪري اهي عورتون جيڪي پهريون ڀيرو ٻار ڄڻينديون آهن يا وري جن عورتن جا ٻار غير فطري طريقي سان ڄمندا آهن. ان ڏس ۾ پڻ مڙس کي پنهنجي زال جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ کيس دلجاءِ ڏي ۽ همت ٻڌرائي ۽ چئي ته جيڪڏهن تون پنهنجي صحت جو خيال رکيو ته پوءِ ٻار ڄڻڻ مهل توکي ڪا به تڪليف نه ٿيندي. اهو هڪ فطري عمل آهي جنهن کان عورت کي گذرڻو پوندو آهي ۽ ان کي برداشت ڪرڻ ڏکيو هر گز ناهي. ان تڪليف کان پوءِ توکي هڪ پيارو ٻار ڄمندو جنهن کي ڏسي تنهنجا سمورا ڏک سور ختم ٿي ويندا.
5- ٻار ڄڻڻ جو مرحلو ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي تنهن ڪري عورتون ان جي خطرن ۽ نتيجن کان ڏاڍو ڊڄنديون آهن. ٻار ڄڻڻ کان پوءِ اهي ڏاڍو ڪمزور ٿي وينديون آهن. ٻارڙي جي پيدائش جي ڏس ۾ عورت کي نَوَ مهينا ٻار کي پيٽ ۾ رکڻو پوندو آهي ۽ پوءِ وري ٻار ڄڻڻ جهڙي تڪليف ڏيندڙ مرحلي ما ن لنگهڻو پوندو آهي. ٻار کي وجود ۾ آڻن جي ڏس ۾ مڙس جو اصل دخل هوندو آهي. ٻارڙو ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جي ميلاپ سان ئي وجود ۾ ايندو آهي. پر جيئن ته ان وجود جومرڪز ماءُ جي ٻچيداني هوندي آهي، تنهن ڪري مڙس جو اهي اخلاقي، انساني ۽ اسلامي فرض آهي ته ٻار ڄڻڻ جهڙي سخت مرحلي مان لنگهڻ ۾ پنهنجي زال کي دلجاءِ ڏي ۽ پوري پوري ڪوشش ڪري ته جيئن اهو مرحلو خير سان گذري وڃي. جيڪڏهن ڊاڪٽر کي وٺي اچڻ، دوا آڻڻ يا وري کيس اسپتال وٺي وڃڻ جي ضرورت هجي ته هڪدم ائين ڪري ۽ پيار ۽ محبت جي اظهار وسيلي زال کي همٿائي. جڏهن سندس زال اسپتال ۾ هجي ته ان جي لاڳيتي پرگهور لهي ۽ کانئس خبر چار وٺندو رهي ۽ پوءِ جڏهن زال ۽ ٻارڙو گهر اچن ته کين مڪمل سڪون مهيا ڪري. زال کي ڪو به سخت ڪم ڪرڻ نه ڏي ۽ کيس طاقتير شيون کارائي ته جيئن هوءَ پنهنجي وڃايل سگهه وري حاصل ڪري سگهي ۽ اهڙيءَ طرح خوش چڱي ڀلي ٿي ٻارڙي جي پالنا ۽ گهر جي ڪمن ڪارين کي لڳي وڃي.
مڙس جيڪڏهن ائين پنهنجو اسلامي ۽ اخلاقي فرض پورو ڪيو ته پوءِ خدا کيس وڏو اجر ڏيندو . حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته، ”توهان مان ڀلو مرد اهو آهي جيڪو پنهنجي زال سان سهڻو ورتاءَ ڪري ۽ مان توهان جي سڀني جي ڀيٽ ۾ پنهنجي زالن سان سٺو ورتاءَ ڪندو آهيان.“
حضرت امام جعفر صادق عه فرمائي ٿو ته، ”الله ان ماڻهوءَ تي رحمت نازل ڪري ٿو جيڪو پنهنجي زال سان سٺا لاڳاپا رکي ٿو ڇو جو الله پاڪ مرد کي اختيار ڏنو آهي ۽ کيس سرپرست بنايو آهي.“
مرد پنهنجي سٺي ورتاءَ وسيلي پنهنجي ڪٽنب ۽ پنهنجي ازدواجي زندگيءَ کي وڌيڪ سگهارو ۽ جٽادار بنائي سگهي ٿو، جڏهن مرد پنهنجي زال سان پيار ۽ محبت سان پيش ايندو ته پوءِ موٽ ۾ هوءَ به ساڻس محبت ڪندي ۽ نهايت شوق ۽ دلچسپيءَ سان گهرگهاٽ جي ڪمن ۽ ڪارين ۾ مشغول رهندي.

ٻار جي پالنا ۾ زال جو هٿ ونڊائڻ گهرجي:

ٻار جي پالنا ۾ زال جو هٿ ونڊائڻ گهرجي:
ٻارڙا، زال ۽ مڙس جي گڏيل ازدواجي زندگيءَ جو هڙ حاصل هوندا آهن. جيئن ته اهي ٻار جي پيدائش ۾ هڪ جيترا ڀاڱي ڀائيوار هونداآهن، تنهن ڪري ٻارڙن جي پالنا ڪرڻ مڙس ۽ زال جو گڏيل فرض آهي، اهو ڪم رڳو زال جو ئي ناهي. اهو صحيح آهي ته مائرون نهايت پيار ۽ پاٻوهه مان ٻارڙي جي پالنا ڪنديون آهن، کارائڻ پيارڻ وغيره وڏي دلچسپي ۽ ڌيان سان ڪنديون آهن، ٻار جي پالنا ۽ پر گهور لهڻ اڻ ڳڻيون تڪليفون ڏسنديون آهن ۽ جڏهن ٻار بيمار ٿيندو آهي ته راتيون جاڳي گذارينديون آهن پر پوءِ به مڙسن کي گهرجي ته اهي پنهنجي زال جي ايثار ۽ تڪليفن کي گهٽ نه سمجهن ۽ ائين نه چون ته ٻار پالڻ عورت جو ڪم آهي ۽ ان ڏس ۾ مٿن ڪابه ذميداري ڪونهي.
ڀاءُ! ائين ڪرڻ ٺيڪ ناهي. ٻارڙو توهان ٻنهي جو آهي تنهن ڪري سندس سار سنڀال لهڻ توهان جو گڏيل فرض آهي. ڇا توهان محبت ۽ جذبن کان وانجهيل آهيو؟ پاڻ آرام سان وڃي سمهڻ ۽ زال کي اڪيلو پريشانيءَ ۽ گوڙ ۾ ڇڏي ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار ڪري رڳو توهان ئي نه ٿڪبا آهيو پر توهان جي زال به ويچاري سڄو ڏينهن گهر ۾ ڪم ڪار ڪندي رهي آهي. جيڪڏهن توهان کي ننڊ پئي اچي ته کيس به آرام جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ٻار جو روئڻ رڙڻ توهان کي نه ٿو وڻي ته صبر کڻي ڪريو.
پيارا ڀاءُ! انصاف، ضمير، اخلاق ۽ ساٿ نڀائڻ جي اها تقاضا آهي ته توهان اهڙي نازڪ وقت ۾ ٻار جي پرگهور لهڻ ۾ پنهنجي زال جي مدد ڪريو. ٻار کي جيڪڏهن ڪا تڪليف هجي ته پوءِ رات جو اوهان واري واري سان جاڳو. جيڪڏهن توهان جي زال صبح جي نماز پڙهڻ کان پوءِ آرام ڪرڻ چاهي ته کيس ائين ڪرڻ ڏيو ۽ توهان پاڻ نيرن ٺاهي ڪم تي هليا وڃو. جڏهن سفر ۾ هجو يا ڪنهن وهانءُ شاديءَ تي وڃو ته ضروري ناهي ته زال ئي سڄو وقت ٻار جي هنج ۾ کنيو ويٺي هجي ان ڪم ۾ توهان به ساڻس پورو پورو سهڪار ڪريو. اخلاق ان ئي شيءِ جو نانءُ آهي ۽ اها ئي شيءِ اوهان جي زندگيءَ کي خوشين سان ڀري سگهي ٿي.
ڀينرن کي به ان ڏس ۾ نماڻو عرض ڪبو ته اهي مڙس مان گهڻيون اميدون هر گز نه رکجن، ڇو جو روزي ڪمائڻ ۾ ويچاري کي الائي جي ڪهڙيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون هونديون. هو ويچارو سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ گهر ايندو آهي تنهن ڪري توهان کائنس اها اميد نه رکو ته هواچڻ سان ئي ڪپڙا لاهي هڪدم ٻارن ۽ گهر جي ڪم ڪارين ۾ جُنبي ويندو. ان ڏس ۾ ضرورت کان وڌيڪ اميد نه رکڻ گهرجي.

اڻبڻت کي ختم ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ:

اڻبڻت کي ختم ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ:
ڪٽنبي اڻبڻت کي ختم ڪرڻ جي واٽ ۾ جيڪا شيءِ رڪاوٽ بنبي آهي سا آهي پاڻ پڏائڻ ۽ پاڻ وڻائڻ جي بيماري، اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو ان خطرناڪ بيماريءَ ۾ ڦاٿل هونداآهن، تنهن ڪري سندن عقل تي به پردو پئجي ويندو آهي.
اهڙو ماڻهو رڳو پنهنجي خوبين کي ڏسندو آهي ۽ انهن کي تمام مٿانهون سمجهندو آهي، پر کيس پاڻ ۾ ڪا به خامي يا ڪو عيب نظر ڪونه ايندو آهي. تڏهن ان ماڻهوءَ کي ان بيماريءَ جا اڃا به وڌيڪ دؤرا پونداآهن جڏهن ان ئي بيماريءَ ۾ ڦاٿل ٻيو ڪو ماڻهو کيس ملي ويندو آهي.
ڪٿي زال ۽ مڙس ٻئي ان بيماريءَ ۾ وچڙيل هوندا آهن ته ڪٿي وري انهن ٻنهي مان رڳو هڪ ان بيماريءَ ۾ ڦاٿل هوندو آهي. جتي ٻئي زال ۽ مڙس ان بيماريءَ جي وَر چڙهيل هوند اآهن اتي ڏينهن رات لڙائي لڳي پئي هوندي آهي. اهي ٻئي هڪ ٻئي جي عيبن تي نظر رکندا آهن ۽ انهن کي وڏو سمجهندا آهن هڪ ٻئي تي چٿر ۽ تنقيد پيا ڪندا آهن پر پنهنجو پاڻ کي هر قسم جي عيبن ۽ نقصن کان آجو سمجهندا آهن. جيڪڏهن زال ۽ مڙس مان ڪو هڪ ان بيماريءَ ۾ ڦاٿل هوندو آهي ته پوءِ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو آهي، پر پاڻ کي صفا پاڪ پوتر ۽ بي عيب سمجهندو آهي. جيڪڏهن زال ۽ مڙس ٻئي ان بيماري جو شڪار آهن ته پوءُ کين سڌارڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ڇو جو اهي ٻئي پاڻ کي بي عيب سمجهندا آهن ۽ ڪو به نصيحت ٻڌڻ لاءُ تيار نه هوندو آهي . جڏهن ريڊيو يا ٽي ويءَ تي ڪٽنب جي باري ۾ ڪو پروگرام هلندو آهي ۽ ان ۾ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي عيب بابت ٻڌايو ويندو آهي جيڪو انهن مان ڪنهن هڪ ۾ موجود هوندو آهي ته پوءِ هڪدم ان ڏانهن مُنهن ڪري ڳالهائيندا آهن پر جيڪڏهن ڪنهن اهڙي عيب جو ذڪر ٿيندو هجي جيڪو منجهن موجود هوندو آهي ته ان تي ڪو به ڌيان نه ڏيندا آهن ڇو جو اهي پاڻ کي هر عيب کان آجو سمجهندا آهن. اهي ڪڏهن ڪڏهن اخلاقي ڪتاب وٺي ايندا آهن ۽ زالن کي چوندا آهن ته اهي پڙهو ۽ پنهنجا فرض پورا ڪيو پر پاڻ کي سؤ سيڪڙو بي عيب سمجهندا آهن. ڪن ماڻهن ۾ خود پسندي ۽ وڏائي ايڏي گهڻي ۽ ايڏي اونهي هوندي آهي جو کين پنهنجي ان بيماريءَ جو ٿورڙو به احساس ڪونه هوندو آهي. ظاهر آهي ته اهڙن ماڻهن کي سُڌارڻ ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ هڪ اڻ ٿيڻو ڪم هوندو آهي. اهي مجبور هوندا آهن ته يا ته سڄي عمر وڙهندي گذاري ڇڏين يا پاڻ کي تيار رکن. تنهن ڪري اڻبڻت جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل مڙني ڪٽنبن کي گذارش ٿي ڪجي ته پاڻ پڏائڻ ۽ پاڻ وڻائڻ جو علاج ڪرائين ۽ پڻ اها ڳالهه سمجهي ڇڏين ته منجهن به ڪيتريون ئي خاميون آهن. ڀلو ٿيندو ته اهي هڪ ڏينهن ويهي اڻبڻت تي ڳالهائين ۽ پنهنجون غلطيون مڃي انهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ پاڻ کي سڌارڻ جو پڪو پهه ڪن. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجي وڃايل محبت کي ٻيهر حاصل ڪري سگهن ٿا.
جيڪڏهن اهي پنهنجا مسئلا گڏجي ويهي حل ڪرڻ ڏکيائي محسوس ڪن ته پوءِ ڪنهن ٽياڪڙي جي طور تي ڪنهن تجربيڪار، خيرخواهه ۽ ڀروسي جهڙي ماڻهوءَ جي مدد وٺي سگهن ٿا. اهو ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي مائٽن مان هجي ته چڱو آهي. ان موقعي تي اهي کلي ڪري اُهي ڳالهيون ٻڌائين جن جي ڪري سندن وچ ۾ اڻبڻت پيدا ٿي آهي ۽ کيس گذارش ڪن هو منجهن نبيرو ڪري. پوءِ هو جيڪو ڪجهه چئي تنهن تي نهايت ايمانداريءَ سان عمل ڪيو وڃي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي وڃايل ساک ۽سڪون کي حاصل ڪرڻ سولو ٿي پوندو. جيتوڻيڪ خود غرضي ۽ ضد ڇڏڻ ۽ ڪنهن ٽياڪڙ جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ سولو ڪم نه هوندو آهي، پر هڪ سياڻي ماڻهو لاءِ، جيڪو گهر جي سڪون جو خواهشمند هوندو آهي، اهو ڪم ڏکيو بنهه نه هوندو آهي.
زال ۽ مڙس جا ماءُ پيءُ يا ويجها مٽ مائٽ جيڪڏهن سندن وچ ۾ اڻبڻت کان آگاهه آهن ته پوءِ ڪنهن به هڪ جي ڀر وٺڻ کانسواءِ اهو مسئلو حل ڪرڻ ۾ دير نه ڪن. سٺو آهي ته زال ۽ مڙس چپ چاپ ۾ اڻبڻت کي هڪ ايماندار، خير خواهه ۽ تجربيڪار ماڻهوءَ آڏو پيش ڪن ۽ ان ڏس ۾ کانئس مدد وٺن ته جيئن خدا جي مدد سان رنجش ختم ٿي وڃي.
الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته، ”جيڪڏهن زال ۽ مڙس ۾ جدائي ۽ جهيڙي ٿيڻ جو انديشو هجي ته پوءِ هڪ شخص کي مرد جي مائٽن مان ۽ بئي شخص کي زال جي مائٽن مان چونڊيو. جيڪڏهن اهي ٻه ٽياڪڙ انهن جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪرائڻ چاهيندا ته پوءِ خدا تعاليٰ سندن وچ ۾ ميل ميلاپ پيدا ڪندو. خدا بيشڪ سڀني شين کان سونهون ۽ مڙني رازن کان با خبر آهي.“

طلاق:

طلاق:
جيتوڻيڪ اسلام جي نظر ۾ طلاق هڪ جائز ۽ شرعي ڳالهه آهي پر گڏوگڏ ان کي هڪ بڇڙو ۽ اڻ وڻندڙ فعل ڪوٺيو ويو آهي. امام جعفر صادق فرمايو آهي ته، ”شادي ڪريو پر طلاق نه ڏيو، ڇوجو طلاق ٿيڻ سان خدا جو عرش لُڏي ويندو آهي.“
حضرت امام جعفر صادق عه وڌيڪ فرمائي ٿو ته خدا تعاليٰ ان گهر کي دوست رکندو آهي جتي شادي ٿيندي آهي ۽ ان گهر کي پسند ناهي ڪندو جتي طلاق ٿيندي آهي .خدا جي آڏو سڀ کان وڌيڪ نفرت جوڳي ۽اڻ وڻندڙ شيءِ طلاق آهي.
شادي ڪرڻ ڪو بوٽ خريد ڪرڻ ناهي جو جڏهن دل بيزار ٿي وئي ته اڇلائي ڇڏيو ۽ بيو خريد ڪري ورتو .شاديءَ وسيلي ٻه انسان هڪٻئي سان اهو واعدو ڪندا آهن ته اسان سڄي عمر هڪٻئي سان نڀائندا رهنداسين ۽ گڏ رهنداسين. ان مقدس واعدي تئ ڀروسو ڪري ڇوڪري پنهنجو اباڻو گهر ماءُ پيءُ ۽ مٽ مائٽ ڇڏي مڙس جي گهر هلي ايندي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي سندس حوالي ڪري ڇڏيندي آهي .اهو مقدس واعدو پورو ڪرڻ لاءِ مرد به زندڱيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيندو رهندو آهي. شادي ڪا ٻاراڻي راند ناهي جنهن کي جڏهن وڻي ڦٽائي ڇڏي .اهو صحيح آهي ته طلاق کي جائز سمجهيو ويو آهي پر اسلام جي مقدس شريعت ۾ ان جي سختيءَ سان جهل ڪئي وئي آهي افسوس جو اسلامي ملڪن ۾ اها بيهودي شئي ايڏي ته گهڻي ٿي وئي آهي جوڪٽنب جا بنياد لڏي پيا آهن ۽ ازدواجي زندگي تباهه ٿي وئي آهي
طلاق جائز آهي پر نهايت اڻٽر حالتن ۾ ان جي موڪل ڏني وئي آهي. پيغمبر ﷺ جو فرمان آهي ته، مون کي جبرائيل عورتن جي ايڏي ته پارت ڪئي آهي جو مان سمجهان ٿو ته جڏهن اهي زنا جو ڏوهه ڪن ته کين طلاق ڏجي، نه ته ٻئي ڪنهن حالت ۾ هر گز طلاق ڏيڻ نه گهرجي .
اسان جي معاشري ۾ طلاق جا سبب بي بنياد هوندا آهن ۽ گهڻيون طلاقون زال مڙس جي اجاين بهانن ۽ ٻاراڻي ضد ۽هوڏ جي ڪري ٿينديون آهن ۽نهايت ننڍين ننڍين ۽ غير اهم ڳالهين جي ڪري زندگي جو ڍانچو ڊاٿو ويندو آهي .زال ۽ مڙس پنهنجي اياڻپ ۽خود غرضيءَ جي ڪري نهايت ننڍڙي ڳالهه کي ايڏو وڏو بنائي ڇڏيندا آهن جو پرچاءَ جي واٽ بند ٿي ويندي آهي. هيٺيان واقعا پڙهو جيڪي اسان وٽ اخبارن جي زينت بڻجي چڪا آهن .
هڪ چوويهن سالن جي عورت،مڙس کي چيو ته منهنجي ماءُ پيءُ لاءِ هڪ وڏي دعوت جو بندوبست ڪر.جيئن ته سندس مڙس ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري هوءَ کانئس طلاق گهرڻ لڳي.
هڪ عورت مڙس کان ان ڪري طلاق جي گهر ڪئي ته سندس خيال ۾ مڙس صوفي آهي ۽ کيس زندگيءَ سان ڪا دلچسپي ڪانهي .
هڪ عورت ان ڪري طلاق جي گهر ڪئي جو سندس . مڙس پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾پئسا لڪائي رکيا هئا.
هڪ شخص پنهنجي زال کي نڀاڳي سمجهي طلاق ڏني ڇو جو شاديءَ کان پوءَ سندس پيءَ گزاري ويو ۽سندس مامي کي ڪاروبار ۾ وڏو نقصان پهتو.
گهڻيون طلاقون اهڙين معمولي ۽ غير اهم ڳالهين جي بنياد تي ٿينديون آهن .طلاق هڪ نڀاڳي شيءِ آهي تنهن ڪري ان کان پاسوڪيو وڃي
جيڪي زال مڙس ڌار ٿيڻ چاهيندا هجن تن کي اٻهرائي نه ڪرڻ گهرجي .ڀلو ته ان ۾ آهي ته طلاق جي نتيجن ۽ آئيندي جي باري ۾سوچي ويچاري پوءَ ڪو قدم کڻڻ گهرجي . خاص طور تي کين هيٺين ڳالهين تي سوچڻ گهرجي.
زال مڙس سوچيندا آهن ته طلاق ٿيڻ کان پوءَ اهي ٻئي شادي ڪري ڇڏيندا. مرد سوچيندو آهي ته زال کي طلاق ڏئي هو پنهنجي پسند سان ٻي عورت سان شادي ڪندو . زال به وري ائين ئي سوچيندي آهي ته هوءَ هن مڙس مان جان ڇڏائي هڪ آئيڊيل مرد سان پرڻبي .پر ٻنهي کي اهاڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته طلاق کان پوءَ کين ڪو به چڱين نظرن سان ڪونه ڏسندو ۽ کين لالچي ، منافق ۽ بي وفا جهڙا لقب ملي ويندا. مرد جنهن ڇوڪريءَ ڏانهن شاديءَ جو پيغام موڪليندو تنهن جا ماءُ پيءُ ضرور جاچا جوچ ڪندا ۽ جڏهن کين خبر پوندي ته هن اڳ ۾ ئي هڪ زال کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي ته پوءِ اهي کيس سٺو ڪونه سمجهندا ۽ نيٺ انڪار ڪري چڏيندا.
عورت کي به سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته ٻي شادي سولائي سان ڪونه ٿيندي ڇو جو ماڻهو سوچيندا ته جيڪڏهن هيءَ عورت وفادار هجي ها ته پوءِ مڙس کيس طلاق نه ڏئي ها .
اهڙي طرح مرد ۽عورت کي ٻي شادي ڪرڻ ۾ وڏيون مشڪلاتون پيش اينديون آهن ۽گهڻو ڪري اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته طلاقيل مرد ۽ عورتون اڪيلي زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا آهن .اڪيلي زندگي سچ پچ ته ڏاڍي ڏکي ۽ٿڪائيندڙ هوندي آهي.ڪڏهن ڪڏهن ته اڪيلائي ماڻهوءَ کي ڏنگڻ ايندي آهي .ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو اهڙي زندگيءَ کان بيزار ٿي پنهنجو انت آڻي ڇڏي.
هڪ ٻاويهه سالن جي نوجوان عورت هڪ ٻارڙي هجڻ جي باوجود به طلاق وٺي پيڪين هلي آئي ۽ پنهنجي ڀيڻ جي شادي رات آپگهات ڪري ڇڏيايئن
هڪ اسي سالن جي مرد ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته، لڳ ڀڳ سٺ سال کن اڳ مان هڪ عورت سان شادي ڪئي هئي. منهنجي زندگي ڏاڍي سڪون سان گذري پر ٿوري عرصي کان پوءِ مان پنهنجي زال جي ورتاءُ کان تنگ ٿي کيس طلاق ڏئي ڇڏي . ان کان پوءَ مان ڪيترين ئي عورتن سان شادي ڪئي پر پوءِ کين طلاق ڏئي ڇڏي .ڳچ عرصي کان پوءِ نيٺ مان محسوس ڪيو ته منهنجي پهرين زال انهن مڙني کان وڌيڪ وفادار هئي .ڏاڍي ڪوشش کان پوءِ مان کيس ڳولي لڌو .جيئن ته هوءَ به مون وانگر اڪيلائي مان ٿڪجي چڪي هئي تنهن ڪري اسان ٻئي ٻيهر شادي ڪرڻ تي راضي ٿي وياسين
هڪ ماڻهو پنهنجي ٻي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي ڇو جو هن سندس پهرين زال جي ٻارن تي ڪوبه ڌيان ڪو نه ٿي ڏنو .پوءِ هن وري پهرين زال سان ، جنهن کي پنج سال اڳ طلاق ڏني هيائين ، شادي ڪري ڇڏي .
جنهن زال مڙس کي ڌار ٿيڻ جو شوق آهي ۽ جيڪڏهن کين ٻار به آهن ته پوءِ هو ان اهم ۽ نازڪ مسئلي تي به ويچارين ، ڇو جو ٻارڙن جي خوشي ۽ ڀلائي ان ڳالهه ۾ هوندي آهي ته ماءُ پيءُ گڏ رهن ته جيئن اهي سندن محبت ۽ شفقت جي هنج ۾پلجندا رهن.
ماءُ پيءُ جي طلاق کان پوءِ ٻارڙن جي اميدن جا تاج محل ڊهي پٽ پوندا آهن ۽ خوشي کانئن موڪلائي پري هلي ويندي آهي .جيڪڏهن اهي پيءُ وٽ هوندا آهن ته پوءِ ماءُ جي محبت ۽ ممتا کان وانجهيل رهندا آهن. جيڪڏهن کين ماٽيجي ماءُ هوندي آهي ته پوءِ ته ويچارن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو آهي، ڇو جو ماٽيجي مائرن جو ورتاءُ عام ڪري سٺو ڪو نه هوندو آهي . اڪثر ڪري ماٽيجون مائرون ٻارن لاءِ آزار ڪري ڇڏينديون آهن.
هڪ چوڏهن سالن جي ڪنوار جنهن آپگهات پئي ڪئي ، اسپتال ۾ ٻڌايو، مان جڏهن هڪ سال جي هيس ته منهنجي پيءُ منهنجي ماءُ کي طلاق ڏئي ٻي شادي ڪري ڇڏي .هن مون کي پنهنجي ماءُ کان کسي ورتو ۽ اهڙيءَ طرح مان ماٽيجي ماءُ جا عذاب ڀوڳڻ لڳيس. هوءَ مون کي ڏاڍو ماريندي هئي. هڪ ڀيري ته ڪباب جي لوهي سيخ سان منهنجو بدن ساڙي ڇڏيائين. جيتوڻيڪ منهنجي پيءُ جي مالي حالت سٺي آهي پر پوءِ به هن مون کي اسڪول ڪونه موڪليو ، مون کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، جيڪو بدقسمتيءَ سان پورو نه ٿي سگهيو . هڪ مهينو منهنجي پيءُ زور سان مون کي هڪ پنجيتاليهن سالن جي مرد سان پرڻايو آهي.
هڪ تيرهن سالن جي ڇوڪري ڳچي ۾ رسو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو. اها ڇوڪري پنهنجي ٻن ڀائرن سان گڏ رهندي هئي، سندس هڪ ڀاءُ ٻڌايو ته اسان جا ماءُ پيءُ، ٽي سال اڳ ڌار ٿيا هئا. پوءِ منهنجي ماءُ هڪ ٻئي مرد سان شادي ڪري ڇڏي. مان ڪالهه شام ساڍي ڇهين بجي جڏهن گهر موٽس ته مون کي خبر پئي ته منهنجي ڀيڻ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن ٻارڙا ماءُ وٽ هوندا آهن ته پيءُ جي سرپرستي ۾ محبت کان وانجهيل هوندا آهن. ماٽيجو پيءُ کين اوترو پيار ٿورو ئي ڏئي سگهندو.
هڪ ماءُ پنهنجي اٺن سالن جي ماٽيجي پٽ کي پلنگ سان ٻڌي ڇڏيو ۽ ڪمري جو دروازو بند ڪري ٻارڙي جي پيءُ سان ٻاهرگهمڻ هلي وئي. واپس اچي ڏٺائون ته ان ڪمري باهه وڪوڙي چڪي هئي ۽ ٻارڙو سڙي خاڪ ٿي چڪو هو .
طلاق، ڪٽنب جهڙي محبت سان ڀريل مرڪز کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ اهڙي ڪٽنب جا ٻارڙا دربدر ٿي ويندا آهن . ماءُ پيءُ جي ضد ۽ هوڏ ڪري اهي ويچارا لاوارث ٿي ويندا آهن.
چئن، ڇهن، نون، ۽ ٻارهن سالن جا چار ٻارڙا رلندا رلندا هڪ يي تي پهچي ويا .وڏي ٻارڙي ٻڌايو ته اسان جي ماءُ پيءُ ۾ روزانو جهيڙو ٿيندو رهندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن اڳ اهي طلاق وسيلي ڌار ٿي ويا . هاڻي ته ٻنهي مان ڪوبه اسان کي قبول ڪرڻ لاءَ تيار ناهي ۽ اسان وتون ٿا ڀٽڪندا.
ڏسڻ ۾ آيو آهي ته گهڻو ڪري اهڙا ٻار، جن جو ڪو به سرپرست نه هوندو آهي، رولو ۽ بدمعاش ٿي ويندا آهن. سندس نفسياتي مونجهارا کين ننڍپڻ ۾ ئي يا وڏي ٿيڻ کان پوءُ کين چوري، ڌاڙي ۽ قتل جهڙن ڏوهن ۾ ڦاسائي ڇڏيندا آهن . اخبارن ۽ رسالن ۾ اهڙن ڏوهارين جو خبرون عام جام ڇپبيون آهن. روزاني اطلاعات لکي ٿي ته، ٻارڙن جي سڌاري ۽ سکيا واري مرڪز ۾ تحقيق ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته ان مرڪز جي هڪ سو سورهن ڏوهاري نوجوانن مان اسي نوجوانن جون مائرون ماٽيجون هيون ۽ سندن چواڻي ته ماٽيجي مائرن جي ظالماڻي ورتاءَ ئي کين ڏوهن جي دڳ لاتو هيو .
پيارا ڀاءُ ۽ ڀيڻ خدا پاڪ جي راضپي ۽ پنهنجي ابهم ٻارڙن جي خاطر، ايثار ۽ قرباني کان ڪم وٺو. جيڪو ٿيو سو گذريو ، تنهن کي صفا وساري ڇڏيو ، بهانا نه ڳوليو ، خود غرضي کي ڇڏي ڏيو ، هڪٻئي جي خامين ۽ عيبن ته گنڍ ٻڌي نه بيهو گڏيل ڇڪتاڻ ۽ هوڏ ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارڙن جي پڇاڙي تي ٿورڙو ويچار يو اهي ته ويڇارا بي قصور آهن .
توهان ڀلائي ڪري انهن ابهم ٻارڙن جي ڏکايل ۽ ڪوماڻيل چهرن ۽ نماڻين نظرن ته ترس کائو. اهي معصومڙا توهان مان اها اميد رکن ٿا ته توهان سندن اجهي يعني ڪٽنب جي پيار سان ڀريل مرڪز کي نه ڊاهيندا ۽ اهڙي طرح کين دردر جا ڌڪا ۽ ٿاٻا کائڻ کان بچائيندا.
جيڪڏهن توهان سندن دلي خواهشن ۽ جذبن کي نه ليکيو ته پوءِ سندن ننڍڙيون ۽ معصوم دليون ٽٽي پونديون. ياد رکو ته سندن آهون ۽ دانهون نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪنديون ۽ پوءِ توهان کي ڪڏهن به سڪون ۽ آرام نصيب ڪو نه ٿيندو.*