ڪالم / مضمون

منھنجا اخباري ڪالم

ھن مجموعي ۾ سال 2021ع ۽ 2022ع ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپيل 79 ڪالم/مضمون شامل ڪيا ويا آھن. جيتونيڪ اخباري ڪالمن جي عمر محدود ھوندي آھي ڇو تہ اھي مخصوص حالتن کي نظر ۾ رکي لکيا ويندا آھن، پر ساڳي وقت اھي ڪالم تاريخ بڻجي ويندا آھن. ھي ڪالم سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي، اقتصاد حالتن ۽ مسئلن کي نروار ڪرڻ لاءِ لکيا ويا آھن. ساڳي وقت ڪالمن ۾ ان وقت جي واقعن کي پڻ پڙھي سگهجي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 12
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book منھنجا اخباري ڪالم

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق نذير سومري جي لکيل اخباري ڪالمن جو مجموعو ”منھنجا اخباري ڪالم (ڀاڱو پھريون)“  اوھان اڳيان شيئر ڪري رھيا آھيون.  

ھن مجموعي ۾ سال 2021ع ۽ 2022ع ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپيل 79 ڪالم/مضمون شامل ڪيا ويا آھن. جيتونيڪ اخباري ڪالمن جي عمر محدود ھوندي آھي ڇو تہ اھي مخصوص حالتن کي نظر ۾ رکي لکيا ويندا آھن، پر ساڳي وقت اھي ڪالم تاريخ بڻجي ويندا آھن. ھي ڪالم سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي، اقتصاد حالتن ۽ مسئلن کي نروار ڪرڻ لاءِ لکيا ويا آھن. ساڳي وقت ڪالمن ۾ ان وقت جي واقعن کي پڻ پڙھي سگهجي ٿو.

ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڇپيل ڪونھي، پر سائين نذير سومري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو آھي.سنڌ سلامت سٿ سندس ٿورائتو آھي.


محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

 books.sindhsalamat.com

مهاڳ : منهنجا اخباري ڪالم

مهاڳ : منهنجا اخباري ڪالم
بيشڪ اخباري ڪالم جي عمر ٿوري هوندي آهي پر اها هڪ تاريخ آهي جيڪا ان صورت ۾ لکجي پيئي، مرتب ٿئي پيئي. اڄ کان پنجاه سٺ سال اڳ وارا ڪالم ان وقت جي حالتن، انهن ڏينهن جي خبرن کي سامهون رکي لکيا ويا هوندا تنهنڪري اهي سڀ تاريخ ئي آهن. تاريخ پکين وانگر پن پن ميڙي گڏ ڪري اسان کي ٻڌائيندي آهي ته
“تون ڪالهه ڪيئن هئين”
ان جملي ۾ اهو جملو لڪل هوندو آهي ته
“تون اڄ ڪيئن آهين”
ٻنهي جملن مان وري اهو جملو به ڦٽي نڪرندو آهي ته
“تون سڀاڻي ڪيئن هوندين”.
آخري فيصلو تاريخ کي ئي ڪرڻو آهي نه ڪالم لکندڙ کي نه وري ڪالم پڙهندڙ کي. لکندڙ جيئن سمجهو ائين ئي لکيو پڙهندڙ ان کي ڌُر ٿي پڙهيو سمجهوان سان ليکڪ جو ڪو تعلق ڪونهي. اهي حق ٻنهي کي حاصل آهن.
تاريخ جو فيصلو نيڪ نيت يا بد نيت هجڻ سان تعلق ڪونهي رکندو. فيصلو ان بنياد تي ڪونه ٿيندو ته ڪير ڪيئن سوچيندو رهيو تاريخ جو فيصلو انسان جي عملن سان تعلق رکي ٿو.
هي ڪالم اخبارن ۾ ڇپيل آهن جيڪي مون وقت به وقت لکيا انهن منجهان اٽڪل نوانوي سيڪڙو عوامي آواز ۾ ڇپيل آهن توڙي جو مون کي ٻين دوستن به چيو پر مون عوامي آواز ۾ لکڻ کي ترجيح ڏني.
ڪتاب ڇپرائڻ بجاء (اهي اڳ ئي اخبارن ۾ ڇپيل آهن) ڊجيٽل شڪل ۾ دوستن آڏو رکجي ٿو. هن ڪتاب ۾ سال ٻه هزار ايڪيهه ٻاويهه ۾ لکيل ڪالم شامل آهن. جلد ئي پراڻا ڪالم ڳولهي، ترتيب ڏيئي اهي به رکندس. هن سيريز ۾ نمبر ابتا ٿيل آهن يعني سال ايڪيهه ٻاويهه وارا ڀاڱو پهريون، سال ٻه هزار اوڻيويهه، ويهه وارا ڀاڱو ٻيو. ان جو سبب اهو ته هي جلد ڳولهي ترتيب ڏيئي ورتا ٻين ۾وڌيڪ ٽائيم لڳندو.
مان لطيف سائين جي رسالي کي ترجمو ڪرڻ واري ڪم ۾ مصروف رهان ٿو، منهنجي ترجيح به اهو ئي ڪم آهي پر جيئن ته هي ڪم به ڪرڻو ضرور هو تنهنڪري ٿورو وقت ڪڍي هن ڪتاب کي ڏنو. گهڻو وقت اڳ (شايد ٽيهه سال اڳ) مرزا قليچ بيگ (دي گريٽ) جي سوانح حيات پڙهي هئي جنهن ۾ هن لکيو هو ته مان هڪ وقت چار ڪتاب گڏ شروع ڪندو آهيان. ڪمري جي هر هڪ ڪنڊ ۾ هڪ اسٽول ۽ ٽيبل رکيل آهي. جڏهن هڪ ڪتاب مان دل ڀرجي ويندي آهي/ڳالهه تي وڌيڪ غور ڪرڻ لاء ٽائيم گهربل هوندو آهي ته اتان اُٿي ٻئي ڪتاب تي وڃي ويهندو آهيان............مون به سائينء جي ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي هي ڪم ڪيو. هن سان مون کي تمام گهڻو فائدو پيو. ائين کڻي سمجهو ته مان مفت جي ٽائيم مان هي ڪم ڪري ورتو.بلڪل ائين جيئن اسان مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ ڪا شيء (فرج، ٽي، اي سي وغيره قسطن تي وٺندا آهيون ۽ چوندا آهيون ته، “هي پيسا کاڌي کائڻ منجهان نڪري ايندا”).

ڪتاب پڙهي پنهنجي راء ڏيندوءُ ته لک ٿورا.


نذير سومرو
11.02.2023

ٻه هزار ايڪيهه 2021

---

ڇا دنيا ڪرونا مان آزاد ڪونه ٿيندي؟

ڇا دنيا ڪرونا مان آزاد ڪونه ٿيندي؟
جواب آهي نه. نالو ٻيو هجي يا ساڳيو هي انسان نون پراڻن جراثيمن جي ور چڙهيل رهندو. ڇو ته هي به هڪ نئون ورلڊ آرڊر آهي. نيو ورلڊ آرڊر جيڪو وقت به وقت ايندو رهيو آهي هن ڀيري “......هاڻي انسان جراثيمن جي وسيلي غلام رهندو”
نيو ورلڊ آرڊر ڇا آهي اچو ته ان جو مطلب سمجهون. پهرئين جنگ عظيم جي پڄاڻيء تي آمريڪي صدر ووڊرو ولسن بيان جاري ڪيو ته هاڻي ملڪ قومن جي بنياد تي ٺهندا. ان وقت آمريڪا ورلڊ آرڊر ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ڪونه هو پر هن کي اها پڪ هئي ته ٻيون سڀ قوتون جنگ ۾ ڏيئي وٺي بيٺيون آهن سندن طاقت پنهنجي ملڪ بچائڻ جيتري مس آهي. صدر صاحب جي بيان جو سڌو مطلب اهو هو ته روس ۾ نئين آيل انقلاب کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاء قوم پرستيء کي عام ڪيو ويندو. جنهن کي اڳتي هلي ٻي جنگ عظيم جي پڄاڻيء تي عملي روپ ڏنو ويو پر ان ۾ مذهب جي پيوندڪاري پڻ ڪئي ويئي يعني جتي قوم پرستي ڪم نه ڪندي اتي مذهبي ويڇن کي وڌيڪ وڌائي پنهنجو اصل ڪم يعني ڪميونزم جو مقابلو ڪيو ويندو. ان ۾ اسان جي ملڪ (ڊيلي ويجز تي) ۽ سعودي عرب (پنهنجو تاج بچائڻ جي قيمت تي) مرڪزي ڪردار ادا ڪيو جنهن جو اعتراف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ڪجهه مهينا اڳ ڪيو. هن سائين ته اڃان هڪ قدم اڳتي هلي اهو به ٻڌايو ته هاڻي وهابيت اسان جو سبجيڪٽ ئي ناهي.
ائين اڳتي هلي نوان ورلڊ آرڊر ايندا رهيا جنهن ۾ وڌيڪ اهم سوويت يونين جي وکري وڃڻ کان پوء آيل آرڊر وڌيڪ اهميت وارو هو ڇو ته سوويت يونين کان پوء هاڻي هي اڪيلو شينهن بچيو ۽ باقي سموري دنيا هرڻي. ان کان پوء سموري دنيا کي بدلائي بيوس بڻايو ويو. آفريڪا جي هڪ ملڪ کان مهانگائي خلاف بغاوت شروع ڪرائي اها تحريڪ ريل جي صورت ۾ هلائي ويئي جيڪا مصر ۾ تباهي مچائيندي پنهنجي اصل هدف (ٽارگيٽ) لبيا اچي پهتي. جتي ڪرنل قذافيء کي برباد ڪرائي اها ريل عراق آندي ويئي جتي صدام حسين تي ڪيميائي هٿيار رکڻ جو الزام لڳائي ان جو اهڙو حشر ڪيو ويو جو ان جي ڦاسيء تي آمريڪي فوج جا سپاهي به ڳوڙها ڳاڙي ويٺا پر فطرت جا پنهنجا قانون آهن. تبديليء جي قانون سرمائيداريء خلاف سرمائيداريء کي ميدان تي لاٿو ۽ چين اوچتو ئي اوچتو دنيا تي ڇائنجي ويو. پراڻي سرمائيداريء جڏهن جديد سرمائيداريء کي ڏٺو ته ڊڄي ويئي جنهن جو حل وري ڪرونا نالي ورلڊ آرڊر جي نالي سان ڳولهيو ويو آهي.
هن سال جي فيبروري مارچ کان سموري دنيا سڪتي ۾ اچي چڪي آهي روزانو ماڻهو مرن ٿا پيا. دنيا ويران قبرستان جو ڏيک پيئي ڏئي. ويڪسين اڄ ٿي اچي سڀاڻي ٿي اچي نيٺ فائزر ڪمپنيء جي ويڪسين اچي ويئي جنهن جا ترقي يافته ملڪن ايترا ته آرڊر ڏنا آهن جو سن ٻه هزار ٻاويهه تائين اهي آرڊر ميٽ/پورا مس ٿيندا ٻين لفظن ۾ غريب ملڪ آرڊر ڏيڻ لائق به ڪونه رهندا. جنهن جو وري آخري مطلب اهو هوندو ته تيسيتائين شايد ٻيو جراثيم اچي وڃي يا ان جراثيم جو نئون ورجن اچي وڃي. ٻڌو ويو آهي ته برطانيه ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪرونا جو خطرناڪ نئون روپ ظاهر ٿيو آهي جنهن تي اها ساڳي ويڪسين ائين جو ائين اثر ڪونه ڪندي. ان جا ٻه چار ڪيس اسان جي سنڌ ۾ به ڏٺا ويا آهن يعني هڪ نه ويو ٻيو پهچي ويو ته پوء ڪهڙي پڪ آهي ته ٽيون چوٿون پنجون ڪونه ايندا ان سموري ڪهاڻيء جو وري آخري نتيجو اهو نڪرندو ته دنيا سموري وري نئين قسم جي غلامي ڏسندي.
ڪرونا جي موجوده شڪل اسان جي ملڪ جي معاشي حالت سان جيڪو حشر ڪيو آهي اهو ڪنهن کان ڳجهوڪونهي. مائڪروفائنانس ڏيندڙ ننڍيون ننڍيون بئنڪون پنهنجون برانچون بند ڪري رهيون آهن. ان جي اسٽاف کان جڏهن ان بابت پڇيو ويو ته دل لوڏيندڙ ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون. چيائون ته سو روپيو رکندڙ ماڻهو هاڻي چاليهه روپين جي طاقت رکي ٿو يعني هو سٺ سيڪڙو طاقت وڃائي چڪو آهي جنهنڪري بئنڪ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاء ننڍن شهرن مان برانچون بند ڪري رڳو وڏن شهرن وارين برانچن کي هلڻ ڏنو ويندو. نتيجي طور اهڙين برانچن پاران ڏنا ويندڙ ننڍا ننڍا قرض هاڻي ڪونه ڏنا ويندا. اهڙا قرض ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن جنهن جو مثال بنگلاديش جهڙو غريب ملڪ آهي جيڪو اهڙا قرض ڏيئي نه رڳو پنهنجي عوام جو ڀرجهلو ٿيو آهي پر خطي ۾ پنهنجو جي ڊي پي ريٽ به سڀ کان مٿي ڪري ڇڏيو آهي. ٻيو نتيجو اهو نڪرندو جو اتي ڪم ڪندڙ عملونوڪريء مان فارغ ڪيو ويندو جنهن جو آخري نتيجو اهو نڪرندو جو غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاريندڙن جو انگ وڃي آسمان سان ڳالهيون ڪندو وڌيڪ ڏکوئيندڙ پاسو وري اهو آهي جو اسان جي وائڙي حڪومت وٽ ان جو ڪوبه حل ڪونهي. هتي پنهنجي عياشيء لاء روزانو جي بنياد تي شين جا اگهه وڌائي پنهنجا ڀڀ ڀريا وڃن ٿا. سو هوائن جا رخ ٻڌائين پيا ته غريب ماڻهن ۽ غريب ملڪن لاء ايندڙ وقت ڪو چڱو پيغام ڪونه آڻيندو.
01.01.2020

هر ماءُ جي هٿ ۾ فوٽو آ

هر ماءُ جي هٿ ۾ فوٽو آ
مطالبو رڳو اهو آهي ته رياست مدينه جو دعويدار وزيراعظم اچي ۽ اسان سان يارنهن اکيون ڪڍي، عضوا ڪپي بيدريديءَ سان ڪُهي شهيد ڪيلن جي ڏک ۾ شريڪ ٿئي. اهو مطالبو ڪيترن ڏينهن کان رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ ويٺل شهيدن جون امڙيون پيون ڪن جنهن جي جواب ۾ وزيراعظم کين مخاطب ٿي فرمايو ته وزيراعظم کي بليڪ ميل نه ٿو ڪري سگهجي ٻين لفظن ۾ اهي بليڪ ميلر آهن. ان کان هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم جي هڪ خاص مددگار محترم ذلفي بخاري صاحب جن جو بيان آيو هو ته جيڪڏهن وزيراعظم اچي ته اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو (غور ڪجي ته ان جا ڪيترا ئي مطلب نڪري سگهن ٿا جن مان هڪ اهو به آهي ته ان جي هٿ ۾ ته ڪجهه به ڪونهي). وڌيڪ فرمايائين ته جيڪڏهن هو اچي ته ان جي ذميواري ڪير کڻندو. هن جي اهڙي ڪلپ سوشل ميڊيا تي خوب وائرل ٿي.
بهشت ماء جي قدمن ۾ آهي. اها ڳالهه ڪائنات جي سڀ کان وڏي انسان جي ڪيل آهي ۽ پڪ سان ڪنهن به حڪمت کان خالي ڪونهي. انساني نسل جي بقا لاء مرد ۽ عورت جو هجڻ هڪ جيترو ضروري آهي. انساني بقا تيسين قائم ڪونه رهندي جيسين ٻيئي گڏ نه هوندا. رڳو امڙ هوندي ته به ڪونه، رڳو بابا هوندو ته به ڪونه. اهڙي قسم جي قدرت تاريخ ۾ رڳو هڪ دفعو ٿي آهي يعني حضرت عيسى بابا کان سواء پيدا ٿيو. بابا کان سواء نه ڪي امان کان سواء، جيڪا ڳالهه خود به سوچڻ تي مجبور ڪندڙ آهي. جيڪڏهن ٻنهي جو هجڻ هڪ جيترو ضروري آهي ته پوء جنت ماء جي قدمن ۾ ڇو. اها وڏي ڳالهه آهي ۽ فرمايل به تمام وڏي انسان کان آهي.
ٻي ڳالهه ته اڄ تائين دنيا پاران مڃيل حقيقت آهي ماء جهڙو پيارو رشتو ڪو ٻيو آهي ئي ڪونه پر جنهن سماج ۾ هر امڙ پنهنجي پياري هٿ ۾ فوٽو کنيو نماڻي نظرن سان ايندڙ ويندڙ ڏانهن واجهائيندڙ هجي ته پڪ سمجهو اهو اسان جو ئي سماج آهي جيڪو هاڻي ڪوس گهر جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي.
ڪوس گهر ۾ هر ساهوارو (مينهون، ڳئون، ٻڪريون) پنهنجي واري جو انتظار ڪندڙ هوندو آهي ته شايد ايندڙ نالو ان جو هجي. هن وقت ڪوس گهر جي قطار ۾ هزاره برادريء جا ماڻهو سڀ کان اڳ بيٺل آهن. هونئن ته بلوچ سنڌي پٺاڻ سڀ پنهنجي پنهنجي واري جي انتظار ۾ آهن پر پُکو هن برادريء جو پيل آهي.
يارنهن شهيدن کي مائرون، ڀينريون، ونيون، ڌيئرون، پٽ ۽ مٽ مائٽ به آهن جيڪي يارنهن شهيد اڳيان رکيو رت ڄمائيندڙ ٿڌ ۾ احتجاج پيا ڪن. سوال ته هو ڪيترا ئي پڇن پيا پر وڏو سوال اهو پيا پڇن ته “اسان کي ڏوه ٻڌايو جنهن تحت اسان کان اسان جا ٻچڙا کسيو ٿا. اهي مٿي تي قران کڻي اهي سوال پيا پڇن جن جو جواب هن ملڪ جي نالي ماتر سڏرائيندڙ حڪمرانن وٽ آهي ئي ڪونه. شهيد هڪ دفعو وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليا پر انهن جا پونئر روزانو/هڪ هڪ پل مرندا رهندا. يارنهن شهيدن مان هڪ شهيد کي ڇهه ڀينر آهن. انهن جي گهر ۾ ڪو به مرد ڪونهي بچو. انهن ڀينرن چيو آهي ته اسان پنهنجي ڀاء کي پاڻ ڪلهو ڏينديونسين. شايد اهو دنيا جو اڪيلو ڀاء هجي جنهن کي ڀينرن جو ڪلهو نصيب ٿيندڙ هجي.
احتجاج ڪندڙن وٽ ڪجهه وزيرڙا پهتا جن کي اهو چئي واپس ڪيو ويو ته اوهان جي هٿ وس ته ڪجهه ڪونهي اوهان ڇو آيا آهيو. اتي تازو پنهنجي نئين عهدي تي براجمان ٿيل وزير داخله به پهتو. هو چون پيا ته اسان وٽ وزيراعظم صاحب جن اچن پر وزيراعظم صاحب جيڪو اڳي چوندو هو ته پنج ماڻهو به ان جي خلاف احتجاج ڪندا ته هو پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو فرمائي پيو ته اوهان ٻچڙا دفنايو پوء ............. پوء ڇا ٿيندو، پوء ڏٺو ويندو. هر دفعي وانگر.
جيئن ته اهڙا ڪيس ملڪ جو هر ماڻهو عمومي طور تي ۽ هيء برادري خصوصي طور تي ڏسي چڪي آهي يعني حادثو ٿيو، بيان آيا، مذمتون ٿيون، جي آء ٽي ٺهيون نتيجو ٻڙي. ملڪ جي پهرئين غير منتخب وزيراعظم جي قتل جا نشان اڃان تائين ڪونه مليا. ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم کي عدالتي حڪم تي قتل ڪيو ويو ان جي ڌيء ٻه دفعا وزيراعظم ٿي اهو ڪيس ٻيهر هلرائي تاريخ جي درستگي به ڪونه ڪئي ويئي جنهن لاء ملڪ جو هڪ سابق چيف جسٽس اقرار ڪري چڪو آهي ته ڪيس ۾ “اهڙي فتوى” لاء مٿان کان دٻاء هو. ملڪ جي پهرئين عورت وزيراعظم گوليء جو بَک بڻائي ويئي پر اڄ تائين ثابت ڪونه ٿيو ته اها گولي ڪٿان هلي. پري نه ٿا وڃون خود هزاره برادريء جا ڪيترا انسان ڪيترا دفعا ائين ئي شهيد ڪيا ويا آهن اڄ تائين انهن جا قاتل پڪڙيا ويا آهن توڙي جو ملڪ جا سڀ عهدا رکندڙ (جن ۾ آرمي چيف به شامل آهي، وزير اعظم به شامل آهن) انهن کي يقين ڏياريندا رهيا آهن ته انهن سان انصاف ٿيندو پر ٿيو ڪجهه به ڪونهي. اهو ئي سبب آهي جو وارث مطالبو پيا ڪن ته هن ڀيري وزيراعظم صاحب شهيد دفنائڻ کان اڳ پهچي ۽ پنهنجي اکين سان ڏسي ته سندن پيارا ڪهڙي بيرحميء سان ماريا ويا آهن. جنهن کي اهڙو ذميوار عهدو رکندڙ بليڪ ميلنگ پيو ڪوٺي ڇا دنيا ۾ اهڙي موقعي تي اهڙو بيان ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ به جاري ڪيو ويو آهي، اهو سوال هي ڪالم پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کان ڪن.
08.01.2021

ادا ڪيل ٽيڪس جي عيوض ڇا ٿو ملي!

ادا ڪيل ٽيڪس جي عيوض ڇا ٿو ملي!
اوهان صبح جو ننڊ مان اٿيا. هڪ گهر جي پنجن ڀاتين لاء اوهان بسڪوٽن جون پنج پُڙيون ورتيون، هڪ پُڙي ڏه روپيا. ٽوٽل ٿيا پنجاه روپيا. ڇا اوهان ڪڏهن اهڙو حساب ڪيو آهي ته ان پنجاه ۾ اوهان ٽيڪس طور ڪيترا ادا ڪيا آهن. پڪ سان ڪونه. ڇو ته ننڊ مان اٿڻ شرط اوهان کي روزگار لاء وڃڻو آهي تنهنڪري اوهان مٿان ان جو فڪر حاوي هوندو آهي. جيڪڏهن اوهان ٽيڪس جي باري ۾ ناهي سوچيو ته اها ڳالهه سو سيڪڙو پڪي آهي ته اوهان ٽيڪس جي عيوض اوهان کي ملندڙ سهولتن بابت به ڪونه سوچيو هوندو.
رڳو بسڪوٽ ڪونه، اوهان سموري ڏينهن ۾ چانهه پتي، کنڊ، اٽو، چانور، سبزي، کير گوشت، گيهه/تيل، دوائون ۽ ڪيتريون ئي شيون خريد ڪريو ٿا. ان تي اوهان اٽڪل پنهنجي ڪمائيء جو پنجٽيهه کان چاليهه سيڪڙو سڌو يا اڻ سڌو ٽيڪس ڀريو ٿا. مثال طور ڏهن روپين جي بسڪوٽ جي ڪمائيء تي دڪاندار، بسڪوٽ ڪمپني، اها ڪمپني جنهن کان هنن مٿان يعني پيڪنگ واري پلاسٽڪ/پني ورتي، بسڪوٽ جو خام مال ورتووغيره ۽ وري سڀني ڪمپنين جا ملازم جيڪي خود به ٽيڪس ڀريندا آهن، اهي سڀ شامل هجن ٿا. رڳو کاڌو پيتو ڪونه، اوهان سفر لاء ادا ڪيو ويندڙ ڪرائي ڀاڙي تي به ٽيڪس ڏيو ٿا. پيٽرول ڊيزل گئس تي هلندڙ گاڏيون ٽيڪس ڀري اهڙو ٻارڻ خريد ڪن ٿيون جيڪو وري اوهان کان وصول ٿئي ٿو. اوهان گهر ٺهرايو ٿا ته سيمينٽ لوه وغيره تي ٽيڪس ڀريو ٿا.
بجلي، فون، گئس جي بلن وسيلي به اوهان کان ٽيڪس ورتي وڃي ٿي. اوهان موبائيل ۾ بيلينس وجهرائڻ وقت به ٽيڪس ادا ڪريو ٿا ته وري هر ڪال/ڳالهه ٻولهه تي ڌار ٽيڪس ڀريو ٿا. ان حساب سان اوهان کان ٽيڪس مٿان ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو.
ٻئي پاسي تازو ٽيڪس وصوليون ڪندڙ ادارن اهڙي رپورٽ ڏني آهي ته ٽيڪس جو هدف/ٽارگيٽ پورو ٿي ڪونه سگهيو آهي. خود وزيراعظم صاحب به وقت به وقت ٽيڪس وصوليء تي زور ڏيندو رهيو آهي. جيڪڏهن عوام کان هر شيء تي لکيل اگهه سان گڏ لکيل ٽيڪس ان ئي مهل وصول ٿئي ٿي ته پوء ڪير آهي جيڪو ٽيڪس ڪونه پيو ادا ڪري!
ٻي ڳالهه اها ته جيڪڏهن ٽيڪس وصول ڪرڻ حڪومتن جو ڪم هجي ٿو ته ان جي عيوض عوام کي سهولتون ڏيڻ به انهن جي عين فرضن ۾ شامل آهي. ڇا ان لاء به وزيراعظم صاحب يا ٻيا ادارا ايترا بيقرار آهن؟ ٽيڪس عيوض اهي سهولتون ڪهڙيون آهن جيڪي هر شهريء جو بنيادي حق هجن ٿيون، اچو ته ان بابت ويچار ڪريون.
اوهان جي صحت اوهان جي لاء سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي. صحت صحيح هوندي ته اوهين جي سگهندا، پنهنجي ۽ پنهنجي اهل و عيال جي پيٽ گذر لاء لوچي سگهندا. اوهان آهيو ته هيء دنيا به آهي تنهنڪري اوهان لاء “ڊور اسٽيپ” تي اسپتال/مفت علاج جو انتظام اوهان جو حق آهي جيڪو گورنمينٽ کي ڪرڻو آهي.
ٻيو نمبر اوهان جي تعليم لاء بهترين ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. اوهان ۽ اوهان جا ٻچا سٺا شهري تڏهن ئي ٿي سگهندا جڏهن سٺو تعليمي نظام هوندو. سو اوهان جي پنهنجي محلي/ڳوٺ/وستي واهڻ/شهر ۾ يعني “ڊور اسٽيپ” تي اسڪول/تعليم جو انتظام ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي.
ٽيون نمبر اچي ٿو امن امان جو. اوهان لاء اوهان جي حفاظت جو فول پروف انتظام ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. سٺي ننڊ اوهان جي صحت لاء تمام ضروري آهي ۽ اوهان جي سٺي ننڊ لاء امن امان جو هجڻ ضروري آهي. اهو سماج ڪڏهن به ترقي ڪونه ڪري سگهندو جنهن ۾ بدامني هجي. بدامنيء جي باه سماجن کي ساڙي رک ڪندڙ هجي ٿي.
روزگار جا ذريعا مهيا ڪري ڏيڻ به حڪومتن جي ذميواري هجي ٿي. ان لاء منصوبا بندي اهڙي ريت ڪيل هجي جو اوهان کي بنا ڪنهن تڪليف/سفارش جي روزگار ملي سگهي پوء اهو ڀلي سرڪاري نوڪريء جي صورت ۾ هجي يا ڪاروبار جي شڪل ۾.
روڊ رستا ۽ چرپر جون سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ به حڪومت جي ذميواري آهي. سستي ۽ محفوظ سفر جو ماحول اوهان جو حق آهي. روڊ سٺا ۽ محفوظ هوندا ته اوهان محفوظ هوندا.
ان لاء اوهان پنهنجي آس پاس ضرور نظر ڪريو ۽ سوچيو ته اوهان کي اهي سهولتون ملن ٿيون يا ڪونه، جيڪو اوهان جو حق آهي. ان جي ابتڙ وري ٽيڪس نه ڏيندڙ ڪمپنين جا مالڪ يا نالي ماتر ٽيڪس ڏيئي ڪيتريون مراعاتون حاصل ڪن ٿا اهو به وڏو سوال آهي جنهن تي به غور ڪرڻ ضروري آهي.
تنهنڪري وزيراعظم صاحب ۽ ٽيڪس وصول ڪندڙ ادارن کي انهن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ گهرجي جيڪي ان جي آسپاس/چوڌاري ويٺل آهن. جيڪي کيس اهڙيون عوام دشمن انسان دشمن صلاحون پيا ڏين. وزيراعظم صاحب جيڪو مديني جهڙي رياست جون دعوائون پيو ڪري ان کي اهو به سوچڻ گهرجي ته عوام پاران ادا ڪئي ويندڙ ٽيڪس عيوض عوام کي ڇا پيو ڏنو وڃي.
15.01.2021

اسد دراني به ...........!

اسد دراني به ...........!
روزانو جون اخبارون ڇرڪ ڪڍيو ٿيون ڇڏين. هاڻي اخبار پڙهڻ کان اڳ ئي دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار وڌي وڃڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي.
هڪ ٻه ڏينهن اڳ واري اخبار ايڏو وڏو ڇرڪ ڪڍيو جو ذري گهٽ اخبار هٿ مان ڪري پيئي هئي. اخباري خبر موجب اڳوڻي آء ايس آء چيف تي “را” سان لاڳاپن جو الزام. اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي مخالفت. اسد درانيء جا ڀارتي ايجنسيء سميت ملڪ دشمنن سان ٻه هزار اٺ کان لاڳاپن جا ثبوت آهن. اسد دراني ڀارتي ڳجهي ايجنسيء جي اڳوڻي سربراه سان گڏ ڪتاب لکي سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي. اسد درانيء جو ان ڪتاب لاء ٻاهر وڃڻ، پينل انٽرويو يا بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ حصو وٺڻ قومي سلامتيء جي خلاف آهي. اهڙا ڪيئي ڪتاب مرحلي ۾ آهن. اهڙي شخص کي پرڏيهه نه ٿو ڇڏي سگهجي جنهن تي ملڪ خلاف مخبري ۽ سازش جو الزام هجي. سموري ڳالهه جو مطلب ته اڃان ڪيترا ئي ڪتاب مرحلي ۾ آهي يعني ته اڃان رڳو هڪ ٻه سيڪڙو ڳالهيون ٻاهر آيون آهن. جيڪڏهن اهي (بقايا) به آيون ته. دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪلڪيوليٽر به اهڙو حساب ڪرڻ کان قاصر هوندو ته ملڪ ۾ هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي جو اڳوڻو محب وطنيء سا سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙ همراه به اهڙن الزامن جو شاڪر ٿئي. اهو ڪلڪيوليٽر اهو حساب ته ضرور ڪري سگهندو ته هن الزام لڳل همراه جا پنهنجي دور ۾ ورهايل سرٽيفڪيٽ ڪل غلط هئا ته پوء........
اهڙي ئي هڪ ٻي وڏي خبر به اخبارن جي زينت بڻي آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن گهٽجڻ بجاء وڌي ويئي آهي. ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل (دنيا ليول جي هڪ غير سرڪاري تنظيم) پاران ڪرايل سروي مطابق پاڪستان ۾ ڪرپشن چار درجا وڌي ويئي آهي. اها رپورٽ حقيقت ۾ حڪومت خلاف جاري ڪيل اڇو چٺو (وهائيٽ پيپر) آهي. هڪ آئينو آهي جنهن ۾ هو پنهنجو مڪروه چهرو ڏسي سگهي ٿي.
انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي ته هُن ڳالهه ڪئي مون اعتبار ڪيو، هن ورجايو مون کي شڪ پيو هن قسم کڻي ساڳي ڳالهه ڪئي مون کي پڪ ٿي ته هي ڪوڙ پيو ڳالهائي. جنهن نموني پراڻي حڪومتن کي ملڪ لٽيندڙ سڏيو ويو، ان جو ورجاء ڪيو ويو ۽ قسم کنيا ويا تڏهن پڪ ٿي ته هي سڀ نئين ٿيندڙ ڪرپشن لاء ماحول پيا جوڙيا وڃن. تقريرن کان ويندي ٽي وي انٽرويو تائين جيڪي به ڳالهيون “ليڪن بنده ايماندار هي” سڏيو ويندڙ همراه ڪيون ڪيترن کي شڪ پيا ته هي سڀ ڊراما آهن جيڪي ملڪ کي نئين سر لٽڻ ڦرڻ لاء ڪيا پيا وڃن. پراڻا انٽرويو ۽ تقريرون (جيڪي اڪثرسوشل ميڊيا جو سينگار بڻيل هجن ٿيون) ٻڌي سچ پچ ته کل پيئي اچي ته هي سڀ ڇاهي يعني ڪو ايترو غلط بياني ڪندڙ ماڻهو به اهڙي ذميوار عهدي تي ويهاري سگهجي ٿو. مٿان وري صادق امين جو سرٽيفڪيٽ. جڏهن ايترن ذميوار عهدن تي ويٺل ماڻهو به اندران کوکلا نڪرندا. غلط ڳالهيون ڪندڙ نڪرندا ته نتيجي ۾ هن ملڪ جو اهڙو حشر ئي ٿيندو جيڪو ٿيو آهي جو ڪو هڪ ماڻهو به (سواء ڦرلٽ ڪندڙ جي) خوش ڪونهي. عام ماڻهو جيڪو پنهنجي کاڌي پيتي لاء ايترو ته پريشان ڪيو ويو آهي جو هو هاڻي اهو ڄاڻڻ به نه ٿو چاهي ته ملڪ جو ڪهڙو حشر ٿيو آهي هاڻي هو رڳو اڄوڪو ويلو ٽپائڻ لاء پريشان آهي.
ٽي وي کوليو يا اخبارون پڙهو ڪو نه ڪو وزير وڙو ويٺو اهو راڳ پيو ڳائي ته پويون حڪومتون سڀ خراب هيون، انهن رڳو ملڪ کي لٽيو. انهن ٻاهرئين ملڪ ۾ ملڪيتون ٺاهيون. اهي سڀ ڀڳوڙا هئا تنهنڪري ڪنهن کي اين آر او ڪونه ڏنو ويندو. جيڪڏهن ٽرانسپيريسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي ڏسجي ته پوء هي وزير وڙا وزيراعظم (بنده ايماندار هي” سميت ڪهڙي خاني ۾ شمار ٿيندا ڇا ڪوڙ ڳالهائيندڙ به ڪڏهن صادق امين ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن ائين آهي ته نيب جهڙو ادارو جنهن تي اڪثر آڱريون کنيون وينديون رهيون آهن به ساڳي طرح جو ادارو نڪتو جيڪو اڪثر آمر پنهنجي مخالفن کي هيسائڻ/مارڻ لاء قائم ڪندا آهن. هٽلر به اهڙو ادارو قائم ڪيو هو جيڪو گسٽاپو جي نالي سان مشهور ٿيو ٿلهي ليکي ته نيب به گسٽاپو ئي ٿي.
حقيقت اها آهي ته هن رپورٽ کان اڳ ئي پي ٽي آء مٿان پيل پردو لهي چڪو هو. هن رپورٽ رڳو ان جو وڌيڪ ڀيانڪ چهرو ظاهر ڪيو آهي. ڪيترن ڏينهن کان ٿيندڙ کنڊ ۽ اٽي جا بحران هن مٿان پردا لاهي چڪا هئا. پر سڀ ڳالهيون ڇڏي جيڪڏهن رڳو نيب جي اها ڳالهه مڃجي ته ملڪ ۾ هڪ ڏينهن ۾ ڏه ارب روپين جي ڪرپشن ٿيندي رهي آهي ۽ هاڻي اها هنن ايماندار (صادقن ۽ امينن) جي حڪومت کان پوء ختم ٿي ويئي آهي ته اها رقم (ڪرپشن کان بچي ويل) ٿي نو هزار ارب پاڪستاني روپيا جيڪا تمام وڏي رقم آهي ۽ اها هر جاء تي نظر اچڻ گهرجي. جيڪا نظر ڪونه پيئي اچي. پوء وڏي دعوى سان چئي سگهجي ٿو ته ٻاهران واري رپورٽ بلڪل سچي آهي.
29.01.2021

ڳوهون کائڻ وارا مريخ تي وڃي پهتا ۽ اسين....!

ڳوهون کائڻ وارا مريخ تي وڃي پهتا ۽ اسين....!
ايراني شاعر فردوسي پنهنجي ڌرتيء تي ٻاهرين حملي خلاف هڪ شعر چيو هو جيڪو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو. شعر جو حاصل مطلب هي هو ته اٺين جو کير پيئڻ وارا، ڳوهن جو گوشت کائڻ وارا عرب اڄ ايران تي حملا ٿا ڪن! اي آسمان حيف هجيئي، اي آسمان حيف هجيئي.
هڪ خبر موجب متحده عرب امارات يعني يو اي اِي پنهنجي خلائي پروگرام جي حوالي سان جشن ملهائي رهيو آهي. هنن جو موڪليل سيارچو جنهن جو نالو هنن هوپ يعني اميد رکيو آهي اهو مريخ جي مدار ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن سياري جي مدد سان اماراتي سائنسدان هن خوبصورت سياري تي تحقيقات ڪندا. تحقيقات کان پوء اها ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ملندي ته هن سياري تان هوا ۽ پاڻيء جا ذخيرا ڇو ۽ ڪهڙيء ريت گهٽيا.
هي هڪ ڪم پوري عرب دنيا خاص ڪري اتان جي نوجوانن لاء سياري جي نالي وانگر هوپ يعني اميد جو سبب بڻبو. عرب نوجوانن ۾ اتساه پيدا ٿيندو ۽ هو هن ميدان تي به پاڻ ملهائڻ وارا ٿي پوندا.
عربن دنيا جي ملڪن خاص ڪري يو اي اي ٻيا به ڪيترا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. هن ئي ملڪ وٽ دنيا جو سڀ کان اوچو ٽاور يعني برج الخليفه آهي جنهن جي اوچائي ايتري آهي جو پهرئين منزل ۽ آخري منزل تي روزي رکڻ/کولڻ جو ٽائيم مختلف آهي جيڪو دنيا ۾ شايد وڏو ريڪارڊ به آهي ته هڪ ئي جاء تي ٽائيم جو فرق هجي پوء اهو ڀلي سيڪنڊن يا منٽن جو ڇو نه هجي.
دنيا ۾ خوبصورت ۽ وڏن هوٽلن جو ريڪارڊ به هن ملڪ وٽ ئي آهي جڏهن برج العرب ٺاهيو ويو (جيڪو سمنڊ ۾ آهي) ته دنيا کي ڏندئين آڱريون اچي ويون هيون.
مون پاڻ 2004 ۾ هي هوٽل ڏٺو (جيڪو شايد هاڻي وري نوان نوان (روزانو جي بنياد تي) هوٽل اچڻ سبب وسارجي چڪو آهي. هن هوٽل جي ڇت تي هيلي پيڊ به آهي جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جهاز مان لهي سڌو هوٽل پهچو ته هوٽل جو هيلي ڪاپٽر اوهان کي کڻي هوٽل جي ڇت تي لاهيندو ۽ اتان لفٽ جي وسيلي اوهان پنهنجي ڪمري تائين پهچايا ويندا). مون هن ملڪ ۾ لڳندڙ ساليانه فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي ۽ هڪ ڳالهه تمام گهرائيء سان محسوس ڪئي ته هي ملڪ هاڻي معاشي حب بڻجي چڪو آهي هتي مصنوعات جا انبار لڳل هجن ٿا. رڳو سون جي بازار ئي ايتري آهي جو ننڍڙو شهر ان ۾ سمائجي وڃي جتي هر دڪان تي مڻين سون پيل آهي. حيرت ۾ وجهندڙ وڏي ڳالهه اها جو وڪرو ڪندڙ ۽ خريداري ڪندڙ (اڪثريت) ٻيئي غير عرب آهن پر ڪمائي اتان جو مقامي عرب ٿو جيڪو سنڌ ۾ بلڪل ان جي ابتڙ آهي. هتي خريدار سنڌي آهي پر ڪمائڻ وارو سنڌي ڪونهي. فيسٽيول گهمڻ لاء آيل هڪ ايراني همراه سان ڪچهري ٿي ڪجهه سيڪڙو فارسي کان پوء انگريزيء ۾ جڏهن مون کيس ٻڌايو ته مان فارسي شاعري خاص ڪري حافظ جو ديوانو آهيان ته هن همراه به مون سان سٺو ورتاء ڪيو. اسان جي ڊگهي ۽ دلچسپ ڪچهريء دواران مون کائنس پڇيو ته ايراني شاعر فردوسي جيڪو عربن لاء شعر چيو هو، اوهان کي هي ساڳيا عرب لڳن ٿا!؟ جنهن جي جواب بجاء هن ڪيترو وقت مون ڏانهن گهوريو ۽ پوء خوشيء مان کلي جواب ڏنائين ته؛ نه هي اهي ناهن رهيا.
ان وقت کان وٺي اڄ تائين مان جڏهن به عرب دنيا جي ڪا خبر پڙهندو آهيان ته ان کي پنهنجي مرده سماج سان ڀيٽيندو آهيان. سوچيندو آهيان ته اسان جو ملڪ ۽ خاص طور تي اسين سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون.
اها سنڌي قوم جيڪي دعوا پيئي ڪري ته هوء پنج هزار سال پراڻي تهذيب جي مالڪ آهي ۽ دنيا کي تهذيب سيکاريندڙ آهي ان جو حال اهو آهي ته ان جا ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهن. غربت جي شرح حد کان وڌيڪ آهي ۽ ظلم اهو جو اها ڏينهون ڏينهن وڃي پيئي وڌندي. خودڪشيون روز جو معمول آهن. بيضمير وڏيرو جنهن ذات سان تعلق رکندڙ آهي ان کي پنهنجي ذات وارا ڇپر ڇانو پيا سڏين. گئس ۽ تيل جا ذخيرا رکندڙ، ڪوئلن جا ذخيرا رکندڙ، ذراعت ۾ خودڪفالت رکندڙ قوم وٽ نه ته نوڪريون آهن ۽ نه ئي ڌنڌا. ان جي نوڪرين تي ان جي ئي ضلعي/صوبي جو ڪوڙو ڊوميسائيل ٺهرائي روزانو جي بنياد تي قبضا پيا ڪيا وڃن. سنڌين جي ٻچن جي جاءِ تي سنڌ جي ڪاليجن/يونيورسٽين ۾ ڌاريا پيا داخلائون وٺن وڏي ڳالهه اها جو اهي ڪوڙا ڊوميسائيل به آفيسن ۾ ويٺل سنڌي ئي پيا ٺاهين جن مان گهڻائي وڏيرڪي سفارش تي ڀرتي ٿيل بدنسلا آهن جيڪي پيسي لاء پنهنجي نسل خلاف کڏون پيا کوٽين اها خبر ڪونه اٿن ته سندن ئي ٻچا نوڪرين لاء رلندا اسان سنڌين کي پاڻ کي دنيا سان ڀيٽڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون.
12.02.2021

“چور چور” ڪندڙ پاڻ چورَ نڪتا!

“چور چور” ڪندڙ پاڻ چورَ نڪتا!
پراڻي وقت جي ڳالهه آهي ته هڪ همراه پنهنجي ئي گهر مان مينهن ڪڍي. اتفاق سان ڀاڳيا اٿي پيا ۽ چور چور ڪندا ان (پنهنجي ئي گهر جي چور) پويان لڳي پيا جڏهن چور جي ويجهو پهتا ته ان چور ٻي ڪا واه نه ڏسي مينهن مان هٿ ڪڍيا ۽ پنهنجي ٻين گهر ڀاتين (ڀاڳين) سان ملي چور چور ڪرڻ لڳو ڀاڳين به سمجهو ته هي اسان جو ئي ڀاتي آهي چور ناهي.
شڪ ته پهرئين ڏينهن کان هو ته هي جيڪي چور چور پيا ڪن اهي به خود چور ئي آهن ۽ چورن کان سواء ڪجهه به ڪونه آهن اهو شڪ ڏينهون ڏينهن ويو گهرو ٿيندو ۽ هاڻي ته ڳالهه روشن سج وانگر عيان آهي ته “رانجها رانجها ڪردي ني مين آپ رانجها هوئي”. هي چور چور جو ايترو شور اصل پنهنجي ڪرپشن ۽ ان عيوض مهانگائي ڪري پاڻ کي ڀاڳيو باور ڪرائڻ لاء ئي هو جيڪو نڪ جي پڪائيء سان اڃان تائين هلندڙ به آهي جڏهن ته ملڪ ۾ مهانگائيء جي چڪيء ۾ پيسجندڙ هر ماڻهو هنن کي سڳ سوڌو پڪڙي چڪو آهي. رڳو ملڪ ۾ ڪرپشن جو بچي ويل پيسو (جيڪا هنن جي دعوى آهي) ايترو هجڻ کپي جو هر جڳهه تي ڏيک ڏيندڙ هجي. اهو پيسو روزانو جي بنياد تي وڌندڙ مهانگائي کي ٻنجو ڏيندڙ هجي ها پر ڳالهه ان جي بلڪل ئي ابتڙ آهي. نيب جي چوڻ مطابق ته ملڪ ۾ روزانو ڏه ارب روپين جي ڪرپشن هئي ان کي جيڪڏهن هن حڪومت جي وجود ۾ اچڻ واري دور/وقت (پوڻا ٽي سال اٽڪل اٺ سو ڏينهن) سان ضرب ڪجي ته اها بيهندي اٺ هزار ارب روپيا، جيڪا ڪٿي به نظر ايندڙ ڪونهي. لڳي ائين ٿو ته اها ڪرپشن ختم/گهٽجڻ بجاء مورڳو وڌي آهي جنهن ملڪي دڪان کي وڌيڪ خالي ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ سو ڇويهه ڏينهن جي ڌرڻي (جنهن خود هن ملڪ کي اقتصادي تباهي ڏني) جا نتيجا پهرئين ڏينهن (جڏهن کان هنن کي حڪومت ملي آهي) کان اچڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ جيڪي روزانو جي بنياد تي ويا وڌندا. هڪ هڪ وزير جو پير کوڙي ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪوڙ کي ورجائڻ ۽ يوٽرن خان جا يوٽرن سڀ ويا پنهنجي ئي پيرن هيٺان زمين کسڪائيندا. لکڻ وارن ته اهو سڀ اڳ ئي لکيو هو ته ساڳيا وزير جيڪي چور ڪوٺيو ويندڙ حڪومتن ۾ به وزير هئا بدليو ته رڳو وزيراعظم ئي آهي اهي اڳي چور هئا ته هاڻي اهي ساڌ ڪيئن ٿيندا. اها ته خود سوچڻ تي مجبور ڪندڙ ڳالهه آهي.
پيسا چوري ته پڪ سان آهي ئي آهي پر اليڪشن چوري لاء به هاڻي ڪو شڪ ناهي رهيو. پنجاب جي اين اي پنجهتر/ ڊسڪا جي تازي ٿيل چونڊ ڌانڌليء ته همراهن مٿان پيل سمورا پڙ لاهي قبر کي ننگو ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جنهن تي خود سواليه نشان آهن ۽ ملڪ جو ٻچو ٻچو ڄاڻيندڙ آهي ته اڻ ڌري چونڊ اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن ٿي ئي ڪونهي، اها پنهنجي روايت کي برقرار رکندي چونڊ نتيجا رد ڪونه ڪري ها ۽ ٻه هزار اٺارنهن وانگر منهن جي پڪائيء سان نتيجا ٻڌائي ها پر تڪ جي عوام پنهنجي ووٽ کي عزت ڏيندي اهڙي ته مڙسي ڏيکاري جو اليڪشن ڪميشن خود مجبور ٿي پيئي ته هاڻي هٿ مٿي ڪجن ته بهتر نه ته ڪپڙا لهڻ وارا آهن. پوئين قومي اليڪشن ۾ مشينن جي خراب ٿيڻ واري چوري ته ڦٻي وئي پر پرزائيڊنگ آفيسر کي باندي بڻائي چونڊ نتيجن کي عمراني سرڪار جي حق ۾ بدلائڻ واري ڊرامي کي ڪوهيڙي ۾ ڦاسي پوڻ وارو نالو ڏيئي ڦٻائڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ويئي.
نتيجا ايندي ايندي لڳي رهيو هو ته ن ليگ اميدوار کٽي رهي آهي ۽ وڏي وٿيء سان پي ٽي آء سرڪار کي شڪست نصيب ٿيندي پر پوء خبر آئي ته ويهه پرزائيڊنگ آفيسر گم آهي جيڪي رزلٽ کڻي رٽرننگ آفيسر وٽ ناهن پهتا جن لاء دعوى ڪئي ويئي ته اهي “ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي” ۾ ڦاسي پيا آهن. اڄ جي ٽيڪنالاجي اها ڳالهه هڪ منٽ ۾ عيان ڪري ڇڏي ته ماڻهو ڌنڌ ۾ ڦاسي سگهي ٿو پر موبائيل سگنل ته ڌنڌ ۾ ڪونه ٿا ڦاسي سگهن انهن سڀني جا موبائيل ڇو ڪونه پيا هلن؟
هاڻي جڏهن اليڪشن ڪميشن نه صرف اهي چونڊ نتيجا رد ڪيا آهن پر صوبي جي انتظاميه، ضلعي انتظاميه، تعلقي انتظاميه ۽ پوليس جي آفيسرن سميت ڪيترن کي عهدي لاء نااهل ڪوٺيندي انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي تڏهن وزيراعظم صاحب جيڪو سدائين چوندو رهيو آهي ته مغربي ملڪن ۾ ٿوري نقصان تي حڪومتون اسٽيفائون ڏينديون آهن اهو پنهنجي ئي ڳالهين کي پاڻي ڏيندي صوبائي انتظاميه خود پنهنجي انتظاميه خلاف ڪا ڪاروائي ڪندو؟ اليڪشن ڪميشن گهڻو ڪجهه چوڻ سان گڏ هي خطرناڪ جملو پڻ چيو آهي ته هنن آفيسرن کان آئينده ڪا به اهڙي قسم جي ڊيوٽي نه ڪرائي وڃي. جن جيئرن سماجن ۾ قانون زنده هجي اتي اها ڳالهه ڪاري داغ وانگر هجي ٿي ڀلي اسان وٽ فخر جي ڳالهه هجي.
26.02.2021

ميمبر پنهنجا ضمير ڇو نه وڪڻن!

ميمبر پنهنجا ضمير ڇو نه وڪڻن!
ويچارن ميمبرن کي ضمير وڪڻڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. جيڪي اليڪشن ۾ بيهي پيسا ڀري عوام جا ضمير خريد ڪري هتي پهتا آهن انهن کي ضمير وڪڻڻ ڇو ڪونه ڏجي آخر ان ۾ عيب ڪهڙو آهي. ڀلا ٻيا ڪهڙا سٺا ڪم ڪيا آهن انهن اڳي جو هنن کي هي ڪم ڪرڻ نه ڏجي. ڪو اهڙو گناه ڪنهن پڙهندڙ کي ياد آهي جيڪو هنن ناهي ڪيو! انهن جي ڪيل عملن جي نتيجي ۾ ئي ته اڄوڪو سماج اڏيل آهي جيڪو ڪنهن به طور دوزخ کان گهٽ ڪونهي.
هالي ووڊ وارن سهڻي اداڪارا ڊيمي مور جي جلون سان ڀرپور فلم ٺاهيو هو. نالو هوس انڊيسينٽ پروپوزل (نامناسب تجويز). ڪهاڻي ڦري گهري ان تي پيئي آئي ته سرمائيدار جو ذهن دنيا جي هر شيء کي ويڪائو وکر ٿو سمجهي. هو جسم کي به وکر ٿو سمجهي جنهن ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب به ٿيو آهي پر هو پيار کي به وکر ٿو سمجهي جيڪو ڪڏهن به ڪنهن به طور تي وکر ڪونهي پر سرمائيدار جي نظر ان کي به وکر ئي سمجهندي رهي ٿي.
هر قسم جي طاقت رکندڙ ٻئي کي ويڪائو پيو سمجهي، اهو سڀ روزانو جي منڊيء ۾ ڏسي سگهجي ٿو پر اسان وٽ گهوڙن جي منڊي (هارس ٽريڊنگ) ان وقت لڳندي/عروج ماڻيندي آهي جڏهن امين ۽ صادق پنهنجا سڀ طريقا آزمائي، پيسا ڏيئي، ماڻهن جا ساه سڪائي/ڌمڪائي، پرايون نياڻيون کڻائي يا اهڙا دڙڪا داٻ ڏيئي ووٽ وٺي اچي اسيمبلين ۾ پهچندا آهن تڏهن هو “باضمير” وڪري جي منڊيء ۾ پهچي پنهنجي مقرر اگهه ۽ ان جي واڌري لاء اداڪاريون ڪندا آهن. اهڙا ته پاڪ جملا ڳالهائيندا جو محسوس پيو ٿيندو ته هنن کان سچو ۽ کرو ته ڪو پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي ۽ پوء اوچتو ئي اوچتو هو فلورڪراس ڪري وڌيڪ باضمير ٿي پوندا آهن ۽ سمورو وقت وزارتون ماڻي عوام لاء آزار بڻجندا آهن. هونئن ته ملڪ ۾ ٿيندڙ هر اليڪشن ضمير فروشيء سان ڀرپور رهي آهي پوء اها پيسا ڏيئي وٺي يا ڪنهن مفاد تحت يا وري ڪنهن جي دٻاء ۾ ٿي هجي. ضمير وکر ئي ته رهيو آهي اسان وٽ. سن ٻه هزار اٺارنهن جي اليڪشن ۾ ڪهڙا ڪلور هئا جيڪي نه ڪيا ويا. ڪهڙا ڪيتري ۾ خريد ڪيا ويا خريدارن کي اي ٽي ايم مشين جا لقب ڏنا ويا جيڪي ڪنهن کان لڪل ڪونه آهن. پوء سموري دنيا ڏٺو ته انهن اي ٽي ايم مشينن کي ڪهڙي ريت فائدا ڏنا ويا جنهن جو آخري نتيجو روزانو جي بنياد تي وڌندڙ مهانگائي آهي جيڪا سچ پچ گهر پيئي اجاڙي. کنڊ مافيائون، اٽو مافيائون، پيٽرول مافيائون ۽ ڪيتريون ٻيون سڀ اهي اي ٽي ايم مشينون ئي ته آهن جن اهڙي ماڻهوء کي ڪرسيء تي ويهاريو آهي جنهن جي هو لائق آهي ئي ڪونه. ان جو پنهنجو ووٽ ۽ ان جي خاص وزيرن جا ووٽ ضايع ٿيا آهن ته پوء ڇا چئجي، يعني لکين ووٽ کڻندڙ ووٽ ڏيڻ نه سکيو هجي ته پوء ان کان وڌيڪ ڪهڙو قهر ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چوي ٿو ته پيسو استعمال ٿيو آهي، هن اهڙا الزام اليڪشن ڪميشن تي هنيا آهن ته هو اڻسڌي چونڊ ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي ان کي اها ڳالهه ياد ڪونهي شايد ته سينيٽ جي عدم اعتماد واري ووٽ وقت اوهان جي ڪيترن مخالفن اوهان جي فيور ۾ ووٽ ڏنا هئا اهي ڪهڙيء ريت مليا هئا. يعني مان ڪريان ته سڀ ڀلو ۽ تون ڪرين ته سڀ خراب. ٽن سالن جي حڪمرانيء کان پوء به تقرير ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ واريون ڳالهيون ڪجن يعني ثابت ڪجي ته مون هيئن جدوجهد ڪئي ته پوء افسوس کان سواء ڪرڻ لاء باقي ڪجهه ڪونه ٿو بچي جو اهڙيون ڳالهيون باور ڪرائين ٿيون ته همراه پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائڻ ۾ بااعتماد ڪونهي يا ان وٽ اهو ڪجهه چوڻ لاء آهي ئي ڪونه.
سماج جي آخري تصوير هيء آهي جو جج به اهو پيا چون ته اسين ڪنهن ملڪ ۾ ڪونه پر هڪ گٽر ۾ پيا رهون. ڪن وري چيو ته ٿي سگهي ٿو قيامت گذري ويئي هجي ۽ اسين دوزخ ۾ پيا رهون. هي جملا سمجهه وارن لاء تمام وڏا آهن هنن جملن کان پوء باقي ڪجهه ڪونهي جيڪو ڳالهائجي.
سنڌ جهڙي پرامن سرزمين کي جهنم بڻائيندڙ هاڻي ته سڀ پڌرا پيا ٿيندا وڃن. قانون کي جهڙيء ريت ننگو ڪري نچايو پيو وڃي ان تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. ڪيترين وارداتن ۾ گهربل سنڌ (يتيم خاني) اسمبلي جو ميمبر شيرزمان سرعام پنهنجي ئي منحرف پارٽي ميمبر کي سڀني اڳيان بيعزتو ڪيو، ماريو ڪٽيو، گهليو اهو هاڻي “سنهري تاريخ” پاڻ وٽ محفوظ ڪري ورتو آهي. اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ اهڙيون شرمناڪ حرڪتون ڪندي لڄي ٿيڻ بجاء اهو ڀڳوڙو اليڪشن واري ڏينهن ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي اليڪشني بوٿ ۾ يعني ووٽ وجهڻ وقت پاڻ سان موبائيل کڻي آيو آهي. ڪا ڪاروائي ڪونهي، ڪا توهين ڪونهي توڙي جو اليڪشن ڪميشن وٽ اهڙا اختيار آهن ته هوء بي ضبطيون ڪندڙ کي مهل موقعي تي سزا ڏيئي سگهي ٿي پر قانون پيسي وارن، اختيار وارن اڳيان هڪ ٻانهي آهي جيڪا ٽڪي ٽڪي ۾ پيئي وڪامجي.
05.03.2021

سترنهن هزار اسڪول بند شاباس سنڌ حڪومت

سترنهن هزار اسڪول بند شاباس سنڌ حڪومت
هيء سنڌ آهي، ايڪيهين صديء جي سنڌ! جتي ڇهه هزار اٺ سو ڇاهٺ اسڪول بند، ست هزار نو سو چوهتر اسڪول هلڻ جي لائق نه آهن. اها خميس واري ڏينهن جي اخبار جي سرخي آهي. اهڙي قسم جو خوبصورت اعتراف ڪيو آهي اسان جي صوبي يعني دنيا جي وڏي ۾ وڏي يتيم خاني ۽ لٽ ڦر جي مال واري حيثيت اختيار ڪري ويل سنڌ جي حڪومت سڳوريءَ. بلڪل هي سنڌ ئي آهي جنهن جا گهڻا تڻا ايم اين اي، ايم پي اي پنهنجي تڪ کي آبائي تڪ يعني وراثتي ملڪيت ڪوٺيندا آهن ۽ ان تي قبضو به اهڙي نموني ڪيو ويٺا آهن. اهو قبضو قائم رکڻ لاء هو ڪا به قيمت ڏيئي ۽ وٺي سگهن ٿا. سال ۾ ڏه پارٽيون بدلائڻيون پون، ضمير وڪڻڻا پون، ماڻهو مارائڻا پون، قبائلي جهيڙا ڪرائڻا پون پر ديکنا هي ڪسي عنوان تيري صورت مجهه ڪو، مين اٺون يه پردا ئي هستي اٺجائي. مٿان هٿ جي صفائي ايتري جو نه دامن په ڇينٽ نه خنجر په داغ...... وري علائقي جو سڀ کان معزز ماڻهو به اهو ئي. علائقي ۾ ڏهڪاء هوندو پوليس پروٽوڪول ۾ هوندي. “ويچارا ماڻهو”، (جيڪي دستوفسڪيء جي ناول “ذلتن جي ذهر پيئاري ماريل ماڻهن” کان وڌيڪ ويچارا آهن) بيوسيء جي تصوير بڻجي اندر جي بي انتها نفرت لڪائيندي ظاهري خوش ٿيندي گاڏين ڏانهن پيا تڪيندا پوء خبر پوندي ته اهو سڀ سندس خالي گاڏيء لاء هو. سائين جن پاڻ موجود ڪونه هئا گاڏيء ۾.
سترنهن هزار اسڪول بند يا هلڻ جي لائق نه هجڻ واري رپورٽ اها به ججن جي اڳيان پيش ڪيل لاء اهو نه لکبو ته اها حڪومت ڪيتري لائق هوندي/آهي ڇو ته رپورٽ خود سڀ ڪجهه ٻڌائيندڙ آهي پر ايترو ضرور چئبو ته جيڪڏهن هي سڀ ڪجهه ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ ٿيو هجي جتي قانون ڪا حيثيت رکندڙ هجي ته اتان جا حڪمران اسٽيفائن کان اڳتي جو به سوچين يعني رڳو اسٽيفا انهن جي ضمير کي مطمئن ڪونه ڪري ها پر درياء وغيره جو پاڻي به سندن سوچن ۾ ضرور اچي ها.
هتي هڪ سوال اڀري ٿو ته ڇا سنڌ جا اسڪول پنهنجي ليکي ئي بند آهن يا اهي ڄاڻي واڻي ڪرايا ويا آهن يعني اها نااهلي آهي يا نامرادي/بيضميري/بدنيتي. ڇا اهو سڀ ڪجهه هڪ ڏينهن ۾ ٿيو آهي يا آهستي آهستي سوچي سمجهي ڪيو ويو آهي.
ضيا ۽ مشرف جي وقت ۾ جڏهن سنڌ جي ڳڄيء ۾ ڳٽ وجهڻ جا وڏا وڏا منصوبا ٺاهيا ويا. ڪراچي حيدرآباد سميت وڏن شهرن ۾ سرڪاري دهشتگرد هٿ ۾ ڇريون ڏيئي ويهاريا ويا اتي سنڌ جي ڳوٺن ۾ کير جا رکوالا اهڙا ويهاريا ويا جن موقعو ملڻ تي ڍُڪ به نه ڇڏيو آهي. پوء دنيا ڏٺو ته انهن دهشتگردن ۽ کير جي رکوالن ڇا ڇا نه ڪيو. انهن ٻنهي صلاحي ٿي فيض جي ان شعر کي عملي بڻايو ته چلي هي يه رسم ڪه ڪوئي نه سر اٺا ڪي چلي يعني ڪو جي به نه سگهي ته مري به نه سگهي. سموري ملڪ جا ماڻهو عام طور سنڌ جا ماڻهو خاص طور هڪ پڃري ۾ بند ڪيا ويا. تڏهن سنڌ ۾ انهن رکوالن پنهنجا چٻا ڏنگا ڦڏا نوڪر/پنهنجي راڄ جا ماڻهو ماستر طور ڀرتي ڪرايا جن وڃي اتي اهڙو ڪردار ادا ڪيو جو اسان جا اهي استاد جن تي اسان کي ناز هو انهن کي پنهنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو جنهن جي آخري نتيجي طور اڇو پاڻي لڙ ٿيو. اهڙيون تنظيمون ٺهيون ۽ ٺهرايون ويون جن استادن/آفيسرن جا وڏا جهيڙا ڪرايا ۽ پوء ڊراما ڪرائي انهن جا فيصلا اوطاقن تي ڪرايا/ڪيا ويا. اوطاق جي فيصلن انهن آفيسرن کي بي همتو ڪيو ۽ اهي انهن رکوالن جا ڳيجهو بڻجي ويا پوء انهن جو ڪم اوطاقن جي حاضري کان سواء ڪجهه نه رهيو. ان کان پوء نياڻي جي نالي واري حڪومت ۽ پوء جمهوريت انتقام جي نالي وارين حڪومتن کان به جيڪو پهتو ڪري ڏيکاريائون نتيجي طور سترنهن هزار اسڪول بند باقي به بند ٿيڻ جون تياريون. پڙهائي نالي ڪا شيء ڪونه.
پرائيويٽ اسڪولن به اسان کان تعليم کسڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ٻن قسمن جا قانون ٺاهي پنهنجا ٻار خانگي اسڪولن ۾ پڙهايا جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جا ٻار وڃي بچيا.
ٻي جنگ عظيم ۾ سوويت يونين جي شهرن تي جرمنيء جي فوجن گهيرو ڪيو جيڪو سالن تائين هليو. انهن منجهان اسٽالن گراڊ ۽ لينن گراڊ جا گهيرا مشهور آهن. لينن گراڊ يعني پيٽرسبرگ تي اٺ سو ٻاهتر ڏينهن جو گهيرو ڪيو ويو پر ان دوران به انهن جا اسڪول کليل رهيا. اسپتالن ۾ لاشن رکڻ جي جڳهه ڪونه هجي، ڊاڪٽر آپريشن ڪندي بک سبب بيهوش ٿي وڃن، ڪنهن به گهر ۾ کاڌو پيتو ڪونه هجي. بک هجي، ويراني هجي، رت ڄمائيندڙ برف هجي پوء به اسڪول کليل هجي ته پوء ان جي نتيجي طور دنيا ڏٺو ته اها قوم دنيا تي حڪمراني ڪندڙ قومن منجهان هڪ ٿي ويئي. سنڌي سياسي طور ڪنهن به ڌاڙيل سان وڃي پنهنجا رشتا رکن پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي تعليمي نظام تي نظر ضرور رکن. هر پڙهيل لکيل دوست جو فرض آهي ته اهي پنهنجي آسپاس وارن بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاء وس آهر آواز اٿارين ايسين جيسين اهي اسڪول کلي نه وڃن. ٻيو ڪو به رستو ڪونهي ان کان سواء جو اسين پنهنجي سنڌ بچائي سگهن.
11.03.2021

نه اسٽيفائون نه نوازشريف کي اچڻ گهرجي...

نه اسٽيفائون نه نوازشريف کي اچڻ گهرجي...
نه اسٽيفائون ڏجن ۽ نه نوازشريف کي اچڻ گهرجي وچان ڪو رستو ڪڍي احتجاج ڪجي.
جديد دنيا جي جنگي فن جي هڪ استاد مائوزي تنگ چيو هو ته دشمن جي مرضيء سان وڙهڻ پڪ اوهان جي هار جو سبب بڻبو ڪوشش ڪريو دشمن کي پنهنجي مرضيء سان ويڙهايو. جنگ ۾ دشمن کي جذباتي بڻائي غلطي ڪرائڻ وڏي حڪمت عملي هجي ٿي اها غلطي ضروري ناهي ته رڳو نوان ويڙهاڪ ڪندا هجن وڏا گهاگهه قسم جا جنگي ماهر به ڪندا رهيا آهن. تاريخ اسان کي اهو ئي ٻڌايو آهي.
هوشمند ماڻهو آخري گولي بچائي رکندا آهن. سڀ هٿيار هلائي پاڻ کي بي هٿيار ڪرڻ ڪا عقلمندي ڪونهي. خاص طور ان جاء تي جڏهن دشمن عيار ۽ مڪار هجي.
هُنن چاهيو پئي ته پي ڊي ايم کي جذباتي بڻائي انهن کان سڀ هٿيار استعمال ڪرائي سڀ ڌَڪَ پچائي پوء ٻه چار اهڙا زوردار وار ڪجن جو نه رهي بانس نه وڄي ڪا بانسري.
نڙي ۾ اٽڪيل اٺارهين ترميم جنهن کي نه ته هو ڳيت ڏيئي سگهن ٿا ۽ نه ئي ان کي اوڳاڇي ٻاهر ڪڍي سگهن ٿا اها ڳيت سندن هاضمي جو سمورو نظام خراب ڪري وٺندي ۽ اوڳاڇڻ سان اها سندن نڙي چيري ڇڏيندي. اسٽيفائن جي ٻئي ڏينهن اها ترميم هڪ ئي وار سان ختم ڪيل هوندي. شيخ رشيد جهڙا ڀلا ماڻهو ته ڪيترائي اهڙا بيان ڏين پيا جنهن سان جذباتي ٿي بارود کي باه ڏيئي ڇڏجي جنهن جو شڪار ڪڏهن ڪڏهن سڀئي ٿيندا پئي آيا آهن پر پيپلز پارٽيء وٽ وڙهڻ جو تجربو آهي اهي هاڻي جذباتي ڪونه پيا ٿين ڇو ته هنن اڳ اهڙا عمل ڪري گهڻا ئي نقصان ڪيا جن ۾ سندن گهرن ۾ لاشن جو اچڻ به شامل آهي.
رڳو اٺارهين ترميم ڪونهي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي هنن کي. صوبن کي وري نئين نموني ڳٽ وجهڻو آهي، نوان نصاب (هڪ قوم هڪ نصاب) ٺاهي ذهني غلاميء جو نئون نظام جوڙڻو آهي. اليڪشني اصلاحات جي ڳڙ ۾ زهر پيئارڻي آهي. مضبوط مرڪز جا وڪيل هن همراه کي موقعو غنيمت سمجهي رهيا آهن ڇو ته نظر ائين پيو اچي ته هي اڃان تائين ڪجهه سوچڻ ۽ ڳالهائڻ کان قاصر آهي. ملڪ ٺهڻ کان وٺي سڀ وزيراعظم اهڙا ئي ايندا رهيا آهن پر انهن سڀني اڳتي هلي محسوس ڪيو ته هو استعمال ٿي رهيا آهن جنهن ڪري انهن ڳالهايو پر هن همراه اڃان اهو محسوس به ڪونه ڪيو آهي ڳالهائڻ ته پري جي ڳالهه آهي. ٻيو ته هن لٽيل مال واپس ڪرڻ واري جيڪا چورن چٽڻي پئي وڪي آهي اها اڃان تائين پاروٿي ڪونه ٿي آهي ۽ ماڻهو اڃان به سچ پيا سمجهن ته هي همراه سچو آهي جڏهن ته هي پنهنجي قول جي بلڪل ابتڙ آهي.
پيپلز پارٽيء وٽ هن وقت سنڌ حڪومت آهي جيڪو وڃائڻ خود هڪ وڏي غلطي هوندي ٻيو ته هن وٽ سينيٽ جي چيئرمين شپ به آهي ڇوته يوسف رضا گيلاني اصول مطابق چيئرمين آهي جيڪو ڪيس کٽڻ تمام وڏي ڳالهه هوندو ۽ حڪومت وٽ ان جو هارائجڻ هانءُ هارڻ برابر هوندو. پنهنجي وزيرخزانه جي هارائجڻ جو زخم پنهنجي جاء تي پر چيئرمين شپ هارائڻ اصل هانءَ جو ڪانُ هوندو.
ٻي ڳالهه ته اسٽيفائن سان حڪومت جي وڃڻ جو ڪو امڪان هجي ها ته پوء شايد پيپلز پارٽي دير ڪونه ڪري ها. اسٽيفائن کان پوء وڃي باقي بچي ٿو ڌرڻو. جيڪڏهن اهو ڌرڻو غيرقانوني قرار ڏيئي ڪورٽ مان اهڙو فيصلو ڪرائي ان تي عمل لاء حڪومت ڪنهن اداري جو ساٿ حاصل ڪري وٺي ٿي ته پوء حڪومت نه رڳو شينهن پر ساڳي وقت واڳون به بڻجي ويندي ۽ هنن کي جيئرو اڳري ويندي. ڌرڻي جي خاتمي جو ٽاسڪ ڪورٽ جو حڪم سمجهي ختم ڪرائڻ کاٻي هٿ جي راند هوندو پوء پي ڊي ايم وٽ ڪک به پاڇي ڪونه رهندو.
رهي ڳالهه نوزاشريف جي واپس ملڪ اچي قيادت ڪرڻ جي ته ان حوالي سان مريم صاحبه جي اها گهر پنهنجي جاء تي وڏي ڳالهه آهي ته ان جي زندگيء جي ضمانت ڪير ڏيندو. اهو هڪ وڏو سوال ان ڪري آهي ته ان پويان وري ٻيا سوال آهن ته ڇا نوازشريف جي زندگيء کي ڪو خطرو آهي. اهڙي ڳالهه محترمه کي ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي. ڇا اهڙي صورتحال نظرجي پيئي يا نوازشريف پنهنجي حياتي کي خطري ۾ ڏسي ٻاهر ويو هو. ان جو سادو جواب ته اهو آهي ته قياس ڪري سگهجي ٿو ته ائين ئي هوندو. ڇوته اها ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي اسان جي ملڪ ۾. هي به هڪ ڪوس گهر جو ڏيک ڏيندو رهيو آهي جتي هر ماڻهو پنهنجي واري جو انتظار ڪري ٿو. بلڪل ان انڊين گاني وانگر “جاني ڪهان، ڪب ڪسي ڪو ڪسي سي پيار هوجائي”. تنهن ڪري عقلمندي ان ۾ ئي آهي ته هو واپس به نه اچي ۽ ن ليگ جي قيادت مريم صاحبه وٽ ئي هجي جنهن پوئين ٿوري عرصي ۾ پاڻ کي ان لائق ثابت به ڪيو آهي.
ته پوء پي ڊي ايم کي وچان ڪو رستو ڪڍي پرامن جمهوري طريقي سان جدوجهد ڪري هن همراه مان جان ڇڏائڻ گهرجي. هي گهڻ پاسائين ويڙه يعني هر محاذ تي وڙهڻ جهڙي ويڙه آهي ڇوته جهڙي نموني هن کي آندو ويو آهي ۽ جهڙي نموني هن کان مزوري ڪرائي پيئي وڃي ان مان مسترين کي ڪو نقصان ڪونهي.
19.03.2021

نيب سڳوريء حاضري پوئتي ڪري جان ڇڏائي!

نيب سڳوريء حاضري پوئتي ڪري جان ڇڏائي!
ڪالهه جي هڪ خبر آهي ته نيب ڇويهه مارچ تي مريم نواز صاحبه جي ٿيندڙ حاضري کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اهو اسان جي ملڪ ۾ گهٽ ٿيندو آهي. مشرف هجي يا ڪو ٻيو سدائين حاضريء کان پيا لنوائيندا رهندا آهن ڪڏهن بيماريء ته ڪڏهن ڪنهن مائٽ جي مري وڃڻ جو بهانو ڪري پيا ڪيس کي اينگهائيندا آهن پر اهو ڪڏهن ڪونه ٿيو آهي ته نيب سڳوريء پاڻ حاضري پوئتي ڪئي هجي. نيب پنهنجي جاري ڪيل پريس رليز ۾ ان جو سبب ڪرونا جي ٽين لهر جو اچڻ ۽ بي قابو ٿيڻ ڄاڻايو آهي. اها پريس رليز پڙهڻ کان پوء ان مان طرح طرح جي بوء اچي رهي آهي. ان ۾ اهو به لکيل آهي ته پوئين دفعي حاضريء وقت ايندڙ ماڻهن پاران ڪيل سخت پٿراء سان نيب جي عمارت کي نقصان پهچايو ويو هو جنهن جي ايف آء آر به داخل ڪرائي ويئي آهي. ان ڪيس موجب نيب سان تعاون نه ڪرڻ ۽ جاچ ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڏوه ۾ مريم صاحبه کي ڏه سال قيد جي سزا اچي سگهي ٿي پر نيب صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي اهو ڪجهه ڪرڻ کان پاسو ڪندي رهي آهي. (ڪورٽ صبر جو مظاهرو ڪري ٿي ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي) پريس رليز جي آخر ۾ وري پراڻو رٽيل جملو استعمال ڪندي لکيو ويو آهي ته مفاد عامه کي سامهون رکندي تاريخ پوئتي ڪئي وڃي ٿي وغير وغيره. جڏهن ته ڪرونا هوندي گهڻو ڪجهه ائين جو ائين پيو هلي جنهن ۾ ڪرونا سٽيل وزيراعظم جو اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ به شامل آهي. تنهن ڪري پريس رليز چڱيء ريت ٻڌائي ٿي ته اهي ڪيترو ڪنفيوز آهن.
هڪ ڳالهه اها ياد رکڻ گهرجي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مريم نواز هاء ڪورٽ مان پنهنجي ضمانت منظور ڪرائي چڪي هئي جنهن کان پوء شايد ان جي گرفتاريء جو ٽارگيٽ حاصل ٿيندي نه ڏسي تاريخ پوئتي ڪئي ويئي. ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته ن ليگ جي ڪارڪنن به وڏي تعداد ۾ حاضريء تي اچڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ پيپلز پارٽيء جو قمر زمان به اهو چوندي ٻڌو ويو ته هو به ڪارڪنن سان حاضريء تي پهچندو. چوڻ وارا هو چئي رهيا آهن ته نيب ان صورتحال ۾ پنهنجو پاڻ کي محفوظ رکڻ ۾ ئي بهتري سمجهي.
اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ملڪي تاريخ ۾ مريم صاحبه انهن ڪجهه ليڊرن ۾ شامل آهي جن تمام ٿوري وقت ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. سندس تقريرن جو لهجو، لفظ لفظ چٽو ڳالهائڻ، سوچي سمجهي ڳالهائڻ ٻڌائي ٿو ته ان هاڻي ماضيء مان سبق سکي ورتو آهي. سندس ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مقبوليت خاص ڪري پنجاب جي ماڻهن جو ٽوئيٽر تي بيخوف ٿي لکڻ ٻڌائي ٿو ته هاڻي کيس گرفتار ڪرڻ اڳ جيترو آسان ڪونهي. ان صورتحال اسٽيبلشمينٽ کي اهڙي ٻه واٽي تي بيهاريو آهي جيڪا گرفتاري جهڙو ڪو قدم کڻڻ به نه ٿي چاهي جنهن سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي وڃن ۽ اها مريم صاحبه مان هٿ ڪڍي آزاد ڪرڻ به نه ٿي چاهي ڇو ته هوء هاڻي کليل نموني انهن کي للڪاري رهي آهي ۽ هن جي للڪار ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي واضع ٿيندي. هاڻي ته هوء نالي وار فرياد جي طرز تي ڳالهائي رهي آهي. اها دليري پنجاب جي ماڻهن جون دليون فتح ڪندي ٻين صوبن تائين به پهچي چڪي آهي. ان جي ٽوڙ لاء هو پيپلز پارٽيء کي استعمال ڪندي پي ڊي ايم کي وائڙو ڪري ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ته ضرور ٿيا آهن پر اسٽيبلشمينٽ جو ڳاڙهو منهن ٻڌائي ٿو ته اها پڻ ڊنل آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ الطاف حسين جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي آئي هئي جنهن ۾ هو معافي وٺندي ڏيکاريل هو جنهن جو آخري مطلب اهو هو ته هن سدا بهار مهري کي استعمال ڪندي ڪراچيء ۾ وري ڪو ممڻ مچائي عوام جا خيال مٽائي ڇڏجن ۽ وري نوان بحث شروع ڪرايا وڃن. اهو پيپلز پارٽيء ڏانهن به هڪ پيغام هو ته هوء سنڌ صوبي ۾ پاڻ کي اڪيلو شينهن نه سمجهي.
ٻئي طرف ڊسڪه يعني اين اي پنجهتر واري چونڊ به اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي ويئي آهي ياد رکڻ گهرجي ته ان چونڊ حڪمران پارٽيء کي هڏڪين ۾ وجهي ڇڏيو هو گهڻا ئي لارا لپا ڏيندي نيٺ هو اها چونڊ هارائي چڪا جنهن کان پوء اليڪشن ڪميشن تي دٻاء وجهي ان کي پوئتي ڪرايو ويو آهي. اليڪشن جو پوئتي ڪرڻ/ڪرائڻ ويڙه ۾ ٻه قدم پوئتي هجڻ کي ظاهر ڪري ٿو ۽ واضع پيغام ڏئي ٿو ته حڪمران پارٽيء ۽ ان جي حامين ۾ عوام جو خوف وڌندڙ آهي ۽ هو ڪوبه رسڪ کڻڻ لاء تيار ڪونه آهن. ٻيو ته جيڪڏهن ن ليگ هارائي ٿي ته به حڪمران ٽولي تي ڌانڌليء جو الزام ٺهيل آهي ۽ جيڪڏهن ن ليگ کٽي ٿي ته حڪمران نفسياتي طور ٻه چار قدم پوئتي ٿي ويندا آخري نتيجي طور ن ليگ کي هارائڻ لاء ڪجهه ڪونه هوندو ۽ پي ٽي آء کي کٽڻ ۽ هارئڻ ٻيئي ڳچيء ۾ پوندا.
26.03.2021

ها ۽ نه جي وچ ۾ بيٺل نظام ڇا ٿو ٻڌائي!

ها ۽ نه جي وچ ۾ بيٺل نظام ڇا ٿو ٻڌائي!
فيصلو ٿيو ته ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪپهه جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاء ڀارت مان اهي ٻيئي شيون گهرايون وينديون. اڃان اها خبر اخباري پنن تي سڪي به ڪونه هئي ته سوشل ميڊيا تي اهڙا بحث هلي پيا ته دشمن ملڪ سان واپار ڇو! ڪن جو خيال هو ته هن ملڪ سان ڳالهائڻ به هڪ وڏو گناه آهي واپار ته پري جي ڳالهه آهي. ڪن جو خيال هو ته پاڙيسري ملڪ آهي اسان گهڻو وڙهي چڪاسين هاڻي ڪي امن جون ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ جڏهن ڀارت مان ڪو چڱو پيغام آيو آهي ته پاڪستان کي به سٺي موٽ ڏيڻ گهرجي ۽ هتان به سٺي موٽ ڏني ويئي. اها اڃان ڪجهه ڪلاڪن جي ڳالهه هئي ته پاڪستان مان هڪ ٻي سٺي خبر آئي ته ٻنهي ملڪن کي واپار ڏانهن به وک وڌائڻ گهرجي. اهڙي وک کڻندي کنڊ (جيڪا ڀارت ۾ ستٽيهه روپيا في ڪلو گرام آهي) ۽ ڪپهه اتان گهرائڻ لاء فيصلو ڪيو ويو ۽ پوء اهڙو فيصلو واپس ٿيو. اهي سمورا عمل ڪجهه ڏينهن ۾ پورا ٿيا يعني آئي ڀي وه گئي ڀي وه، ختم فسانه هوگيا. وري سموري صورتحال اتي ئي وڃي بيٺي.
هڪ ڏينهن فيصلو ها ٻئي ڏينهن نه. اهڙا فيصلا اسان جي حڪمران ٽولي جي ذهني وائڙپ جي چغلي هڻن ٿا. اها ڳالهه ڪا نئين به ڪونهي جو ان تي حيران ٿجي. سدائين ائين ئي ٿيندو پئي آيو آهي شروع کان پر هن حڪومت جنهن جو نالو ئي يوٽرن حڪومت رکيو ويو آهي تن اهڙن فيصلن جا ڄڻ ته رڪارڊ قائم ڪيا آهن يعني صاف لفظن ۾ اهو ته هيء حڪومت ٻين مڙني حڪومتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وائڙي ۽ “ها نه “ جي پچ تي ڊوڙندڙ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه حيرانگيء کان کل تائين وڃي پهچندي آهي. هن فيصلي کي ئي کڻي ڏسو ته ڇا کنڊ ۽ ڪپهه گهرائڻ جو فيصلو ڪرڻ وقت ڀارت دشمن ڪونه هو يا هو ان فيصلي کان پوء دشمن ٿي پيو. اڃان هڪ قدم اڳتي ته اهڙو ڪهڙو واقعو هن دشمن ملڪ هٿان واپار جي ڳالهه کان پوء سرزد ٿيو جو هي يڪدم رات وچ ۾ دشمن ٿي پيو. جيڪڏهن هو دشمن هو ته فيصلو ڪجي ئي نه ها ۽ جيڪڏهن ڪيو اٿو ته ان تي بيهو. ڪجهه ڏينهن اڳ چين جي هڪ وزير ايران لاء هي لفظ چيا هئا ته ايران پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندڙ ملڪ آهي ۽ هڪ فون ڪال تي پنهنجي پاليسي ناهي بدلائيندو. هن بيان به سوشل ميڊيا تي وڏي باه ٻاري هئي ۽ هر ڪنهن اهڙو اشارو اسان جي پنهنجي ملڪ ڏانهن ئي سمجهو ۽ سمجهايو. ته ڇا کنڊ ۽ ڪپهه واري فيصلي سان به ساڳيو حشر ٿيو جو اهو بنا دير جي واپس ڪيو ويو. وزيراعظم جيڪو هڪ پاسي دعوى ڪندو رهيو آهي ته هن سان ٻه سو ماهرن جي ٽيم آهي جيڪا ٽيم هر شيء کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندي (اها ٻي ڳالهه ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوء ساڳيو ماڻهو ساڳي ٽيم لاء شڪايتي لفظ استعمال ڪندو رهيو آهي. جنهن کي نقل ڪندي سوشل ميڊيا تي چيو ويندو آهي ته مون کي فلاڻو، فلاڻو به ڀلو نه مليو.....) حفيظ شيخ صاحب جيڪو پنهنجي شعبي جو هڪ ماهر انسان آهي ان جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو ويو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ان کي ڪم جو نه سمجهندي هٽائي ڇڏيو (سڀ وزير ان جي هٽائڻ تي هڪ جهڙي ڳالهه ڪونه پيا ڪن ڪي چون پيا ته هو چونڊن ۾ هارائي ويو ان ڪري کيس هٽايو ويو جڏهن ته ڪي چون پيا ته هو اهڙا نتيجا نه ڏيئي سگهيو جيتري ان مان توقع هئي) پوء ڪهڙي پڪ آهي ته ان جي جاء ڀريندڙ ڪم جو ثابت ٿيندو. ڊرائيور گاڏي هلائيندو يا گاڏيء مان نڪري پاڻ ڀڄندو.
پر هتي هڪ وڏو سوال اڃان ٻيو آهي جيڪو مٿئين صورتحال کي وڌيڪ ڀوائتو بڻائي ٿو ته اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ کنڊ ۽ ڪپهه ڪيڏانهن ويئي؟ اسان جو زرعي ملڪ جيڪو پنهنجي کپت جي حساب ۾ پاڻ ڀرو رهندو آيو آهي اتي اهڙي ڪهڙي آفت آئي جنهن اهڙا بحران پيدا ڪيا. ڇا عمران سرڪار لاء اي ٽي ايم مشين سڏجندڙ (جيڪا هڪ کنڊ مافيا جي شڪل وٺي چڪي آهي جنهن مٿان ڪي ڪيس ثابت به ٿيل آهن) وري ڪا سازش ڪري پنهنجي ٽجوڙين ۾ رکيل لکن کي ڪروڙن، ڪروڙن کي اربن ۽ اربن کي کربن ۾ بدلائڻ واري هئي! جنهن جي کڙڪ حڪمران (اي ٽي ايم مخالف) ٽولي کي پئجي ويئي ۽ مافيا کي دڙڪو ڏيندي رڳو اهڙي خبر هلائي ويئي) يا وري سڄو ڪم ڪميشن جو آهي يعني جڏهن ڪو فصل لهي ته ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪري/ڪرائي اهي ساڳيون شيون وڌيڪ ريٽ تي گهرائي ان تي ٻنهي پاسن کان ڪميشن کائو! (ڪجهه وقت اڳ ڪڻڪ سان به ساڳيو حشر ڪيو ويو) ته پوء پويان حڪمران ڇو غلط هئا ۽ اوهان ڇو صحيح آهيو. پوء هي نيب ڇو. هي اين آر او نه ڏيندس ڇو. ڇا اهو سڀ عوام جا خيال بدلائڻ لاء آهن.
02.04.2021

پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي!

پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي!
لبنان ڄائي مصطفى عقد جي هدايتڪاريء ۾ هڪ شاندار فلم ٺهيو هو نالو هوس “دي ميسيج”. ان ۾ اسلام جي شروعاتي دور کي ڏيکاريو ويو هو. هدايتڪار کي ان تي بهترين هدايتڪاري جو ايوارڊ به مليو هو. ان فلم ۾ان وقت جو هڪ وڏيرو اميه بن خلف مڪي ۾ ٿيندڙ سالياني ميلي ۾ (بازار ۾) خريداريء لاء پهتل آهي جنهن جي ڇٽي ان جي غلام جي هٿ ۾ آهي. جيڏانهن مالڪ وڃي ٿو غلام ان مٿان ڇٽي ان ريت جهلي ٿو جيئن مالڪ اس کان محفوظ رهي. سموري ڳالهه ڪرڻ جو مطلب ته ان وقت جا وڏيرا/سرمائيدار پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي عيب سمجهندا هئا جيڪا روايت ڪائنات جي بهترين انسان نبي سائين جن ختم ڪئي. پاڻ ڪريم جن پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي فخر سمجهندڙ ۽ سمجهائيندڙ هئا.
ڪجهه مهينا اڳ برطانيه جي هڪ وزيراعظم اليڪشن ۾ هارائڻ کان پوء وزيراعظم هائوس خالي ڪيو. ميڊيا تي اها وڊيو وائرل ٿي هئي ته هو پنهنجي گهر جو سامان پنهنجي فيملي (زال ۽ ٻار) سميت پاڻ کڻي رهيو هو.
دنيا جي سڀ کان امير ملڪ ( دنيا جي عملي بادشاه) آمريڪا جي صدر اوباما جي به اهڙي قسم جي ڪلپ وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هو ۽ سندس زال پنهنجو سامان پاڻ کڻي موڪل ملهائڻ لاء ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا.
پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ جو ڪلچر مٿي بيان ڪيل ملڪن (خاص طور يورپ جي ملڪن) ۾ عام آهي پر اهڙو ڪلچر اسان وٽ اڃان تائين ڪا جڳهه ناهي وٺي سگهيو. بي بي سي کان وٺي لوڪل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پاران پنهنجي آء ڊي تي رکيل اهڙي ئي هڪ تصوير جو ذڪر وائرل ٿيل آهي جنهن تي تبصرا به تمام گهڻا ۽ دلچسپ ٿيل آهن. هڪ سائين لکيو ته اسان وٽ انهن پروٽولن وغيره کان سواء بچيو ڇا آهي، ويڪسين ٺاهيندڙ (ترقي يافته) ملڪ جو وزير پنهنجي هٿ ۾ ڇٽي کنيو بيٺو آهي جڏهن ته ويڪسين خريد ڪندڙ (امداد طور وٺندڙ) وزير جي ڇٽي ان جو معاون کنيو بيٺو آهي. ٻئي هڪ همراه لکيو ته غلامانه سوچ جي ڇا ته عڪاسي آهي جو هڪ سپر پاور جو وزير پنهنجي هٿ ۾ پاڻ ڇٽي کنيو بيٺو آهي جڏهن ته اسان جي ملڪ جي وزير جو نوڪر اهو ساڳو ڪم ڪري رهيو آهي. وري هڪ صارف ته ائين به لکيو ته اسان پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي عيب ڇو سمجهندا آهيون وغيره وغيره.
اها ڇٽي ضروري ناهي ته وزير موصوف جي حڪم تي ٻئي ڪنهن جهلي هجي ڪي ئي پاڻ (بنا چوڻ جي) خوشامد طور ائين ڪندا آهن سو ڳالهه ڇٽي پاڻ کڻڻ يا نه کڻڻ جي ڪونهي ڳالهه رڳو ڪلچر/ماحول جي آهي ته اسان وٽ اهڙو ڪلچر ڇو ٺهيو آهي.
رڳو وزير ڪونه ننڍي کان ننڍو عهدو رکندڙ پاڻ کان ننڍي عهدي واري تي اهڙا حڪم هلائي ٿو يا ان مان اها توقع رکي ٿو ڇو ته هو جڏهن وري پاڻ کان وڏي عهدي واري سان ملي ٿو ته پاڻ اهڙي قسم جا عمل ڪري ٿو. خوشامدون ڪري ٿو جنهن سان اهو ڪلچر وڌيڪ طاقتور ٿي پوي ٿو. ان ڪلچر اسان جي سماج کي مئل سماج بڻائي ڇڏيو آهي. ان جو ئي آخري نتيجو اهو نڪتو آهي ته خوشامد غلاميء جو روپ ورتو آهي ۽ پاڻ کان وڏن عهدن تي ويٺلن آقا ۽ پاڻ کان ننڍي عهدن تي فائز رهندڙ غلام سمجهو وڃي ٿو. اهو ڪلچر اڄ جو ڪونهي ۽ رڳو اسان وٽ ڪونهي دنيا جي گولي تي اسان جهڙا نالي ماتر آزاد ٿيل ملڪ اهڙي ئي جهنم مان گذري رهيا آهن.
اسان جي حڪمرانن جهڙن حڪمرانن جي تاريخ اهڙن ئي ڪمن ۾ گذري آهي. تاريخ وڏي واڪي ٻڌائيندڙ آهي ته ملڪ جي عوام کي ڦري لٽي جمع ٿيل رقمون رڳو بادشاهن کي خوش ٿيڻ تي خرچ ٿينديون رهيون آهن. ڪي بادشاه پنهنجي مخالف کي شعر و شاعري ۾ گاريون ڏيڻ واري شاعري تي خوش ٿي انعام اڪرام ڏيندا هئا. ڪي وري پنهنجي عياشيء خاطر رقمون خرچيندا هئا. بادشاهن جي غسل خانن ۾سهڻيون ڇوڪريون انهن جي خوشيء لاء موجود هونديون هيون. بادشاه سلامت درٻار ۾ اچي ته ان کي کلائڻ لاء مسخرا موجود رهندا هئا. بادشاه سلامت ڪا ڳالهه ڪري ته ان تي واه واه ڪرڻ لاء ماڻهو موجود، ڪي هٿ ٻڌي بيٺل ته ڪي وري سون/چاندي/هيرن جا ڪشتا ٺاهڻ لاء ويهاريل هئا. جڏهن بادشاه جي دل چوي ڪنهن کي به هاٿيء جي پير هيٺان يا شينهن جي پڃري ۾ موڪلي ان جي مرڻ تي خوش ٿيندا رهن اهڙن سمورن ڪمن تي به رقمون خرچ ٿينديون هيون.
جديد دور ۾ به عرب سڳورا (پيسي وارا) اٺن جي ڊوڙ لاء دنيا مان اغوا ٿيل ٻارڙا خريد ڪندا هئا/آهن جن کي اٺ جي پٺيء تي ٻڌي ويهاربو آهي ۽ جيئن ٻار خوف کان رڙيون ڪندو تيئن اٺ تيز ڊوڙندو ۽ مالڪ جو اٺ کٽندو جنهن سان مالڪ خوش ٿيندو.
ٻئي پاسي تاريخ اهڙن حڪمرانن جي ڪارنامن سان به ڀريل آهي جن سمورو وقت، سمورو پيسو، سموريون طاقتون پنهنجي عوام کي خوش ڪرڻ لاء خرچ ڪيون نتيجو اهو آهي ته اڄ انهن جي ملڪن ۾ ٻار ڄمڻ شرط حڪومت جي ذميواري آهي. حڪومت ان جي کير جو الائونس ان ئي ڏينهن جاري ڪري ٿي ۽ اسان جي حڪمرانن جهڙن حڪمرانن جي ملڪن ۾ ٻار ڄمڻ شرط قرضي آهي جنهن سبب ٿيندڙ ڏينهون ڏينهن مهانگائي ٻارن جي وات تان کير کسيندڙ هجي ٿي.
09.04.2021

... ۽ بليڪ لسٽ ڏانهن سفر جاري آهي

... ۽ بليڪ لسٽ ڏانهن سفر جاري آهي
هو رڙيون ڪندو رهيو ته مان مسلمان آهيان، مان به آخري نبي جو امتي آهيان منهنجا ننڍڙا ٻچا روزانو قران مجيد پڙهڻ ويندا آهن پر هن کي ڪنهن به مسلماني جو سرٽيفڪيٽ نه ڏنو ۽ قانون نافذ ڪندڙ قانون مٿان تاريڪ راهن ۾ ماريو ويو. گذريل ٻه چار ڏينهن اهڙا جملا سوشل ميڊيا تي انساني شعور کي جهنجهوڙيندا رهيا. رڳو هي ڪونه ٻيا به ڪيترا ئي بيگناه تاريڪ راهن ۾ ماريا ويا جن کي موت جي ننڊ سمهارڻ وارن کي به اها خبر ڪونهي ته انهن جو ڏوه ڪهڙو هو.
ڳالهه فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏيڻ تان شروع ٿي، ڌرڻا لڳا، احتجاج ٿيا، روڊ بند ٿيا، شهري پريشان ٿيا ۽ “معاهدو” ٿيو ته اوهان جي ڳالهه مڃي ويندي پر ڪجهه وقت مهلت ڏيو ۽ قانون (جيڪو انڌو ۽ طاقتور هوندو آهي) کي مهلت ڏيڻي پيئي. هن ڌرڻي هڪ همراه جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. همراه تي ڪيس هليا آخري نتيجي طور هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ۽ ساڳي ڌرڻي ٻي همراه کي حڪومت ۾ آڻڻ جي راه هموار ڪئي. ڏٺو وڃي ته هلندڙ حڪومت ڌرڻن جي ئي ڌيء آهي. ڌرڻن وارا ئي وزير مشير آهن اها ٻي ڳالهه ته هاڻي اهي ئي وزير اهڙن ڌرڻن تي ڪڙڪي پون ٿا ۽ ساڳين ماڻهن کي ساڳي ڏوه ۾ “شاباس” ڏيندڙ ان تي پابندي هڻن ٿا.
فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏيڻ اسان جي وس جي ڳالهه به ڪونهي. ان جي آفٽر افيڪٽس جو مقابلو ته پري رڳو ان جو تصور به خواب ۾ شينهن اچڻ جيترو ڀوائتو آهي. باقي ٻي ڳالهه اها ٿي ته فرانس وارن پنهنجي شهرين کي ۽ پنهنجي عملي کي هتان نڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن کان پوء سفارت خاني ۾ رڳو نالي ماتر عملو رهندو. هاڻي اسان جي حڪومت انهن کي منٿون ڪندي ته سائين ائين نه ڪريو. اسان کي رڻ ۾ نه روليو.
اسان جو ملڪ هن وقت گري لسٽ ۾ آهي جنهن جي رنگ کي ٿورو گهرو ڪري ڪارو ڪري سگهجي ٿو ۽ فرانس ان جماعت جو ميمبر آهي. هر دفعي (ٽين چوٿين مهيني کان پوء) اها جماعت سڌرڻ جي وارنگ ڏيئي اسان کي ساڳي رنگ ۾ رکڻ جي مهلت ڏيندي رهي ٿي) ڪاري رنگ کان پوء اسان دنيا ۾ ائين نظر اينداسين جيئن ڪاري مينهن رات جي اونداهيء ۾. اٿوپيا ۽ فغانستان جهڙا ملڪ به اسان جي سامهون ڪنڌ مٿي ڪري گهمي اسان مٿان پيا ٽوڪون ڪندا. سعودي عرب ڪاوڙ ۾ اچي جهڙيء ريت پنهنجي پيسن جي گهُر ڪئي اهڙي گهر جيڪڏهن فرانس ڪئي ته اسان ڳولهي به ڪونه لڀنداسين. اسان جي معيشت جيڪا اڳ کي اسٽريچر تي آهي اها ڪوما ۾ هلي ويندي ۽ دنيا جو ڪوبه وينٽيليٽر کيس گيس فراهم ڪري ڪونه سگهندو. انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ اهو سوال پريشان ڪندڙ آهي ته آخر اوچتو ئي اوچتو اهڙا ماڻهو ڪٿان نڪري اچن ٿا جن جي هٿن ۾ لٺيون آهن ۽ اهي جڏهن چاهين جنهن کي چاهين زندگيء جي خاتمي جو سرٽيفڪيٽ ڏين. اک ڇنڀ ۾ روڊ بند ڪن، ايمبولنس کي به رستو نه ڏين (ايمبولنس جنهن لاء دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ رستي روڪ منع آهي اسلام ته زندگين جو محافظ مذهب آهي سلامتيء جي معنى رکندڙ آهي. ان جا نعرا هڻندڙ اهڙا عمل ان جي نالي ۾ ڇو پيا ڪن، ڪنهن جي ٽيڪ تي پيا ڪن). ايندڙ ويندڙ ماڻهو ته پري جي ڳالهه ڪنهن اسپتال جي ايمرجنسي (جتي اڳ ئي اهڙا ماڻهو داخل هوندا آهن جيڪي انتهائي نازڪ حالت مان گذرندڙ هوندا آهن جن کي رڳو هلڪو اشارو به ماري سگهي ٿو) تي حملا ڪن. ڇا رياست ايتري ڪمزور آهي جو قانون نافظ ڪندڙ ورديء سميت گهليا وڃن انهن کان پنهنجي مطلب جا نعرا هڻايا وڃن!
ڇا اسان جو وزيراعظم صاحب جيڪو سدائين چوندو رهندو آهي ته مون وٽ اهڙي ٽيم آهي جيڪا سموري دنيا منجهان سرمائيدار ڳولهي آڻيندي. ٻاهرين سيڙپ ڪاري عروج تي آڻي ڇڏيندي ته ڇا اهڙي ٽيم (جيڪا اڄ تائين دوربين ۽ خوردبين سان به نظر ڪونه پيئي اچي) اهڙن سيڙپڪارن کي وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. جيڪڏهن ڪنهن هڪ به اهڙو سوال ڪري وڌو ته “اسان جي زندگيء جو سوال اسان جي موڙيء کان وڏو آهي اها ڪيتري محفوظ هوندي” ته اسان جا وزير پهنجا کليل وات کڻي ڊوڙندا واپس پهچي ويندا. ڪو جواب انهن وٽ ڪونه هوندو. ڇا اهو چوڻ ته اسان اهڙين تنظيمن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي دنيا قبوليندي!
پر ڇا اهو سڀ پهريون دفعو ٿيو آهي. ڇا اهو ٻيهر ڪونه ٿيندو. ڇا اهڙين تنظيمن تي پابندي جي تاريخ ڪونه پيئي ٻڌائي ته اهي سڀ ڪنهن ٻئي نالي سان وري ساڳيا ڪم ڪندا رهيا آهن. ان ڳالهه کان به وڏو سوال اهو آهي ته ڇا دنيا ان قسم جي تنظيم مٿان ان قسم جي پابنديء کي ائين جو ائين سمجهندي. نه ڪڏهن به نه. دنيا جي ماڻهن/ملڪن کي اسان جي تاريخ ان تي اعتبار ڪرڻ ڪونه ڏيندي.
16.04.2021

اسيمبلين جا اجلاس به پٽ تي ٿيڻ گهرجن

اسيمبلين جا اجلاس به پٽ تي ٿيڻ گهرجن
ڪالهه جي اخباري سرخيء موجب سنڌ جي سرڪار سڳوريء هاء ڪورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته سورنهن لک ٻار زمين يعني پٽ تي ويهي علم پرائي رهيا آهن. علم جنهن لاء اسان جي نبي سائين فرمايو ته اوهان منجهان ڀلو اهو آهي جيڪو عمل سکي ۽ سيکاري. علم جنهن جا پاڻ سڳورا عاشق هئا. حڪومت سنڌ وڌيڪ فرمايو ته گذريل اٺن سالن ۾ ٻارڙن لاء هڪ ڊيسڪ به ناهي ورتي. اخبارن واري خبرن جي بنياد تي سوشل ميڊيا تي به هن موضوع تي تمام گهڻو مواد ڏٺو ويو آهي.
جيڪڏهن دنيا جو سڀ کان ڀلو عمل يعني علم سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل پٽ تي ٿي رهيو آهي. استاد ڀڳل ٽٽل ڪرسي تي ويهي ٿو. ڪرسي اڳيان پيل ميز ڀڳل/ ٽنگن بدران سرن تي بيٺل آهي ته اسمبلين جا اجلاس به پٽ تي ٿيڻ گهرجن. هي غريبن جا هڏڏوکي، همدرد، غريبن (اليڪشني لفظن جا جادوگر) جا يار به پٽ تي ويهن ۽ اتي اهڙيون جهڳيون هڻن جهڙيون هو اسمبليء ۾ هڻندا آهن. جيڪو خوبصورت ڳالهائڻ هو اسمبليء جي عمارتن کي بخشيندا آهن اهو پٽ تي ويهي اسان کي بخشين.
انهن کي ڪنهن اجازت ڏني آهي ته ڪروڙين روپيا رڳو پنهنجي ويهڻ واري آفيس کي خوشبودار بڻائڻ تي خرچ ڪن. آرام ڏيندڙ (ننڊ ڏياريندڙ) ڪرسين تي ويهن (سڄي دنيا ڄاڻي ٿي اسان جي اسمبلين ۾ ننڊ گهڻي ڪئي ويندي آهي) ٻارڙن جي اسڪول لاء آيل فرنيچر جا پيسا کائي دنيا جي ملڪن جا سفر ڪن ۽ اتي عياشيون ڪن.
پنهنجا ٻارڙا فائيو اسٽار هوٽلن جهڙن اسڪولن ۾ پڙهائي انهن جي ٻارڙن کي پٽ تي ويهي علم پرائڻ تي مجبور ڪن جن کين ووٽ ڏيئي اسمبليء ۾ وڃڻ جهڙو بڻايو. ٻين لفظن ۾ انهن جو احسانمند هجڻ بجاء انهن کي، انهن جي مستقبل کي تباه ڪن. اڃان ٿورو وڌيڪ ته پنهنجا محسن ڪش بڻجن. ڳالهه ته اڃان اڳتي به آهي پر تڪبر ۽ غرور سبب هو ٻڌڻ جي سگهه ڪونه رکندڙ آهن.
اهو مسئلو رڳو سنڌ جو ڪونه هوندو اهو سڀ سموري پاڪستان ۾ ٿيندڙ هوندو ۽ پڪ سان جتي به ٿيندو هوندو اتان ڪونه ڪو ايم اين اي، ايم پي اي، سينيٽر ضرور چونڊبو هوندو. اهو ڪنهن نه ڪنهن جو تڪ هوندو جنهن لاء هو وڏي فخر سان چوندا آهن ته هي منهنجو آبائي تڪ آهي. آبائي تڪن جو حشر اهو آهي جو اتي ٻارڙا پٽ تي ويهي علم پيا پرائين. اها ٻي ڳالهه ته انهن اسڪولن ۾ استاد/هيڊ استاد/سئيپر پنهنجا ماڻهو رکرايل اٿن جيڪي يا ته بنگلي تي نوڪري پيا ڪن يا پنهنجي برادري جنهن کي اڄ ڪلهه قوم جو نالو ڏنو پيو وڃي ان سان تعلق رکندڙ هجن ٿا. سنڌي قوم، بلوچ قوم وغيره ختم هاڻي قبيلا ۽ ذاتيون قومون پيون سڏجن. هن مڪروه سوچ پويان به اهي ئي آبائي تڪ رکندڙ ماڻهو آهي اهي ئي غريبن جا هڏڏوکي آهن.
ان کان اڳ بند پيل اسڪولن جو مسئلو جيڪو ڪيترن سالن کان هلندڙ آهي اهو به اڃان تائين حل ڪونه ٿيو آهي. آبائي تڪن ۾ موجود ڪيترائي اسڪول بند آهن انهن عمارتن تي قبضا آهن. اهي مينهن جا واڙا بڻيل آهن. ضلعي ناظميء جهڙي انسان دشمن عهده گهڙيندڙ مشرف جا تحفا ان وقت سموريون طاقتون رکندڙ هوندا هئا مٿيان گهڻا ڪم ان ئي دور جي پيداوار آهن پر موجوده حڪومت جيڪا ڪيتري ئي وقت کان سنڌين مٿان حڪومتي وڏيرا مڙهيندڙ آهي ان به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي. کين اها سڌ ڪونهي ته ڀٽي جو قرض سڏجندڙ نعرو پنهنجي وقعت وڃائي ويهندڙ آهي. نياڻيء کي ووٽ ڏيو وارو نعرو به پنهنجو ملهه وڃائي ويٺل آهي جيڪڏهن ڪو نعرو سدا بهار آهي ۽ رهندو ته اهو پنهنجي ڪارڪردگيء وارو هوندو. ڪجهه ڏيندڙ هجو ته ڪجهه وٺندڙ بڻجي سگهو ٿا نه ته شخصيت جو سحر پنهنجو ملهه وڃائي ويهڻ ۾ دير ڪونه لڳائيندو.
23.04.2021

اين آر او نه ڏيندس کان ڏيندس تائين

اين آر او نه ڏيندس کان ڏيندس تائين
بول راڌا بول سنگم هوگا ڪي نهين...نهين ڪبهي نهين........ جائو نه ڪيو ستاتي هو، هوگا هوگا هوگا.....
اين آر او ڇو نه ڏيندس.... ڪنهن کي وٺڻ اچي ته مان ضرور ڏيندس. ڏسو همراه ٽيهن ميمبرن سان پهچي مون کان اهڙيء ريت اين آر او وٺي ويو جو مون کي ئي خبر ڪونه پيئي. اهڙا اين آر او مون ايم ڪيو ايم کي به ڏنا آهن. جن لاء مون لنڊن جي عدالت ۾ ڪيس کڻي وڃڻ لاء تيار هوس، جن کي دنيا به قاتل ڪوٺيندي هئي مان به ڪوٺيندو هوس انهن کي نفيس لوگ چيم. ڇا اهو اين آر او نه هو؟ ماڻهن کي سمجهه ڪونهي نه ته مان ته اين آر او جو هول سيلر آهيان. جيئن ته مان تسلسل آهيان اين آر او جي بانيڪار مشرف جو جنهن پنهنجي ڪرسي مضبوط ڪرڻ لاء ۽ ايم ڪيو ايم کي بچائڻ ۽ وري طاقت ڏيڻ لاء اين آر او ڏنا جن مان ڪيترن ئي ٻوريون ڀريون.
سنڌ جي وڏيري جي طرز تي ٽيهن ماڻهن جي قافلي سان پهتل منهنجي پراڻي اي ٽي ايم مشين پهتي. بلڪل ائين جيئن وڏيرو ننڍڙي ڳوٺ جي معزز وٽ پهچندو آهي. ان جو هڪ ڪمدار ان معزز کي زور ڏيندو آهي، هٿ جوڙيندو آهي ٻيو وري پري کان مڇون وٽيندو آهي ۽ ائين معزز پنهنجي عزت بچائيندي وڏيري کي پراڻيون بيوفائون، زمينن جا قبضا، نياڻين جو عزتون سڀ ڪجهه معاف ڪندو آهي ائين ٽيهن ماڻهن هڪ اشارو ڪيو ته سائين اوهان هڪ ڌڪي جا مهمان آهيو هي ميمبر سڀ هن سان گڏ آهن اوهان لاء ڪو ٻيو رستو ڪونهي............۽ هو انڪواري آفيسر جي بدليء سميت سڀ ڪجهه حاصل ڪري موٽي آيا. وزيراعظم صاحب فيس سيونگ لاء بيان جاري ڪيو. قانوني ٻولي خوفناڪ هوندي آهي ان ٻولي ۾ چيو ويو ته اي ٽي ايم سان انصاف ٿيندو جنهن جي معنى سادي ٻوليء ۾ اها ته جيئن هو چوندو تيئن ئي ٿيندو...۽ اين آر او ملي چڪو.
هڪ اين آر جي بوء اڃان ڪمري مان وئي ئي ڪونه هئي ته نفيس لوگن چيو ته اسان ست ڀاتي جيڪڏهن چاهيون ته هن گهر کي ڪيرائي سگهون ٿا يعني اسان کي به ڪجهه ڏيو توڙي جو وقت به وقت سندن ڪشڪول ۾ قتل ڪيس جي مجرمن (سر ڪٽا، ڪاڻا، لنگڙا) جون معافيون پونديون رهيون آهن پر پهرئين ڏينهن کان انسان دشمني ڪندي ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان ياري رکندڙن جا پيٽ نه ڪڏهن ڀريا آهن نه ڀرجي سگهن ٿا تنهن ڪري انهن به هڪ نئين اين آر جو مطالبو ڪيو آهي.
هاڻي ته هر اليڪشن هارائيندڙ سليڪٽيڊ لاء هر ايندڙ ڏينهن ڏکيو پيو ٿيندو وڃي ڇو ته هو ڊسڪه کان پوء ڪراچيء جي سيٽ به هٿان وڃائي ويٺل آهن ۽ اهڙيون شڪستون اين آر او لاء هول سيل وارو ماحول ٺاهينديون پيون وڃن.
ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي به اين آر او وٺي مستفيد ٿي چڪي آهي. ان جي ڪشڪول ۾ به گهڻو ڪجهه وڌو ويو آهي. ڪيسن وارا ڊراما به وساريل گانن (ڀولي بسري نغمي) وانگر نشر پيا ٿين. تازو ڪراچيء جي سيٽ به سندن ڪشڪول ۾ وڌي ويئي آهي ۽ اها به پوئين اليڪشن وانگر مشين خرابيء واري رستي سان ئي آئي آهي.
اڳوڻي ڊي جي ايف آء اي محترم بشير ميمڻ جنهن جو ڪردار ساراه جوڳو رهيو آهي هو به هڪ ٽي وي اينڪر سان ڳالهائيندي گهڻو ڪجهه چئي ويو آهي. جنهن جو آخري/سولن لفظن ۾ مطلب اهو آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ رڳو سازشون پيون ٿين. هن کي به اهڙا ڪيس ٺاهڻ لاء چيو ويو جن جو بنياد ئي ڪونه هجي. وزيراعظم ڪنهن آفيسر کي گهرائي چوي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو ڪم اڳ ۾ ڪنهن ننڍي آفيسر جي معرفت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هوندي پوء ڪنهن وزير وڙي کي آزمايو ويو هوندو (وڏا بحث ٿيا هوندا) آخر ۾ وزيراعظم صاحب پاڻ ان نيڪ ڪم ۾ هٿ وڌو هوندو. بشير ميمڻ صاحب (جنهن جي اهڙي انٽرويو کي اڃان چوويهه ڪلاڪ به نه گذريا هوندا جو سندس هڪ ڪارخاني تي ڪوالٽي ڪنٽرول جهڙي پاڪ نعري هيٺ ناپاڪ ڇاپو هنيو ويو. ان مان سمجهڻ گهرجي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇا ٿيندو رهيو آهي. ڪنهن کان ڪيئن ڳالهرايو ويندو آهي ۽ ڪنهن کي ڪيئن چپ ڪرايو ويندو آهي) به حڪومت جي مغز ۾ جيت (ماڪوڙي کان وڏا) وجهي ڇڏيا آهن.
جج محترم عيسى فائز جي حق ۾ سپريم ڪورٽ جي آيل تازي فيصلي به حڪومتي وايون بتال ڪيون آهن. هن فيصلي جو به آخري مطلب اهو آهي ته وزيراعظم هائوس سازشن جو ڳڙه بڻيل آهي.
اهڙي سموري صورتحال ۾ محترم شهباز شريف جو جيل کان ٻاهر اچڻ حڪومتي ڪمزوري کي چٽيء ريت بيان ڪندڙ آهي.
ججن به اهڙي ٻولي ڳلهائڻ شروع ڪئي آهي جو همراه جو ڳلو خشڪ ڪرڻ لاء ڪافي آهي جيڪو به ڪيترن اين آر او جا روڊ رستا کوليندو ۽ اهو وقت پري ڪونهي جو هي همراه سبزيء جي ريڙهي واري وانگر اين آر او جا هول سيل ريٽ متعارف ڪرائيندي نظر ايندو.
30.04.2021

جنت جهڙي سنڌ دوزخ ڪيئن بڻي؟

جنت جهڙي سنڌ دوزخ ڪيئن بڻي؟
ڪنهن به قيمت تي ڪرسي سبب آهي اڄوڪي سنڌ جي صورتحال جو. ڪرسي حاصل ڪريو، پوليس کي پنهنجو نوڪر بڻايو ۽ مخالف مارايو نصب العين هجي ٿو اسان جي انهن همراهن جو جيڪي سڀ ڪجهه وڪڻي به ڪرسيء پويان ڊوڙندڙ آهن. صدريون سبرائي قطار ۾ ويٺل آهن بلڪل انهن وانگر جيئن درگاهن جي ڏاڪڻين تي فقير ڪشتو کڻي ويٺل هوندا آهن. مون اها ڳالهه وڌاء ڪري ڪونه لکي آهي بلڪل اهو ئي سچ آهي ته ڪرسيء جا متوالا ائين ئي در تي جهولي جهليو ويٺا آهن. ڪرسي وري انهن جي هٿ وس آهي جيڪي سنڌ ۽ سنڌين کي غلام بڻائي بيوس بڻائي سمورو مال هڙپ ڪرڻ جي منشور تي ڪارفرما آهن. اهي ڪرسيء جا متوالا ڪرسي ڏيڻ وارن سان ملاقات ڪري موٽندا ته انهن جا ڪارندا سوشل ميڊيا تي اچي اهڙيون ڳالهيون وڏي دعوى سان لکندا ته لکي وٺو علائقي جو ڇپر ڇانو ڀوتار گورنر/وزير/مشير ٿيندو. اتي هڪ سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا هنن متوالن ۽ ديوانن کي ڪرسي ائين مفت ۾ ملندي آهي يا اتي ڪو وکر ڏيڻو پوندو/گروي رکڻو پوندو آهي هنن کي. ائين مفت ۾ ڌڪو به ڪونه ملندو وارو پهاڪو سچ آهي هنن جي اندر مان ضمير نالي شيء ڪڍي ڪرسي هنن حوالي ڪئي ويندي آهي جيڪو سودو هنن لاء ڪا وڏي ڳالهه ناهي هوندو. اسان جي وڏيرن جي اها ڪمزوري هُنن يعني ٻي ڌر کي ڀلي ڀت خبر آهي تنهنڪري ڪرسي ڏيکاري هنن کي بلڪل ائين ئي تڙپايو ويندو آهي جيئن اسين مزاق مزاق ۾ ٻارن اڳيان پيسا يا ڪا کائڻ جي شيء ڏيکاري انهن کي هرکائي هنن جي اندر جي تڙپ کي وڌائيندا آهيون. ان کان پوء واڪ هلندو ته ڪير وڌيڪ وکر وڪڻندو ۽ سٺا نتيجا ڏيندو. اها ڳالهه ڪا لڪل ڪونهي ته ڪرسي ڌڻين کي ڪهڙا نتيجا گهربل هجن ٿا. پوء هي همراه ڪرسي وٺي سڌو ڳوٺ ايندو ۽ ڪمدارن کان پنهنجي مخلفن جا ڏس پتا پڇي ڪم شروع ڪندو.
ٻئي پاسي پراڻو ڪرسيء وارو وڏيرو عرف سنڌ جو ازلي دشمن پنهنجي ڪرسيء جا پراڻا جاوا وساري ڪونه سگهندو، پنهنجي گاڏيء جي اڳيان پويان پوليس جو پروٽوڪول هن کي خواب ۾ به پيو ڇرڪ ڀرائيندو جنهن ڪري هو وري اهڙا عمل ڪندو جيئن شهر جي ميونسپل چيئرمين کي فيل/ناڪام ڪرڻ لاء نالين ۾ پٿرن سان ڀريل ٻوريون وجهي بند ڪيو ويندو آهي. پنهنجي ئي اثر رسوخ وارن علائقن ۾ پاڻ بدامني ڪرائي پوء واويلا ڪندو بلڪل ائين جيئن ڪو وقت اڳ ڪراچيء جي لساني تنظيم ڪندي هئي. اسان سڀني کي اهي ڳالهيون ياد هونديون ته ان تنظيم وارا پنهنجا مخالف ماري پنهنجي پارٽيء جي جهنڊي ۾ دفنائي وري اچي روڊ بند ڪندا هئا ۽ مطالبا رکندا هئا ته قاتل اڃان تائين گرفتار ڇو نه ٿيا آهن.
اهڙن سمورن عملن جو آخري نتيجو هن وقت اهو آهي ته سنڌ هن مهل دوزخ جو دونهون پيئي اوڳاڇي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ ذات پرستي/قبائلي جهيڙا عروج تي آهن. بدامني ڪرائي وڃي ٿي يا موجود آهي ٻنهي صورتن عذاب سهندڙ عام ماڻهو/سنڌي آهي جنهن کان ان جو آخري گره کسڻ جون تياريون عروج تي آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ڪشمور جي علائقي ۾ هڪ ئي گهر جا ڏه ڀاتي ماريا ويا تڏهن نه ته آسمان لڏيو نه ته زمين ڦاٽي. باقي اسان جي حڪومتن کي ته پيسا ڦرڻ ۽ مخالف مارائڻ کان فرصت ئي ڪونهي تنهن ڪري ان کي ته نه لهر نه ڪو لوڏو. سوال اهو آهي ته اهي ماڻهو جڏهن مئا پئي ته قانون ڪٿي هو. هي اربن روپين جون پگهارون کائيندڙ ڪٿي هئا. ڇا انهن علائقن ۾ ڪو ڊي سي، ايس پي وغيره مقرر ڪونهي. هيء پوليس جيڪا مخالف ٻڌڻ ۽ ڇوڙڻ ۾ پوري آهي ڪٿي هئي. ٻيو ته قبائلي جهيڙن جي شوقين سردارن (انسان دشمنن، جن جي گهڻائي اسمبلين جي ميمبر آهي) کي لغام ڏيڻ وارا قانون سڀ ستل هئا! سوشل ميڊيا تي اهي خبرون آهن ته انهن مري ويل ماڻهن جا ايڪونجاه ٻار يتيم ٿيا آهن. اهي ايڪونجاه ٻار اڳتي هلي ڇا ڪندا. ڪير انهن جي پرگهور لهندو يا ته اهي (الله نه ڪري) ڌاڙيل ٿيندا يا انهن جون ملڪيتون ڦٻائڻ لاء اهي ماريا ويندا پنهنجن ئي مائٽن هٿان. گهڻو امڪان اهو آهي ته انهن جون ملڪيتون اهي ئي سردار قبائلي تحفظ ڏيڻ جي نالي ۾ ڦٻائي ويندا جيئن اڳي ٿيندو آيو آهي.
ڇا ڪيفيت هوندي، ڇا ماحول هوندو، ڇا سوڳواري هوندي جڏهن ايترا لاش گڏ کنيا ويا هوندا. ڪيترين مائرن ڀينرن جا جگر ڳريا هوندا. اهي مائرون اهي ڀينريون جيڪي هاڻي روز مرنديون. ڇا سوچينديون هونديون اهي بيواه ٿيل عورتون، ڪنهن کي اندازو آهي. انهن جي هڪ هڪ ساه ۾ ڪيترا رنج هوندا. اها به پڪ آهي ته مرندڙ ڌر جا سردار وري پنهنجي برادري جنهن کي قوم جو نالو پيو ڏنو وڃي ڪٺ ڪوٺائي بدلي جون تياريون ڪندا هوندا. پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاء گهر گهر چندا ڪندا هوندا. انهن جا ڪارندا حالتن کي وڌيڪ خوفناڪ بڻائي سڀني کي ٻڌائي انهن جي گهر ۾ پيل ان داڻا ۽ مال مويشي وڪڻي به وڏيري/سردار کي ڏيڻ جا سبق ڏيندا هوندا. هي صورتحال عام ماڻهو لاء تباهي جو پيغام ۽ سردار لاء خوشحاليء جو پيغام آهي.
21.05.2021

هڪڙي آپريشن اسمبلين ۾ به ڪريو!

هڪڙي آپريشن اسمبلين ۾ به ڪريو!
ڪجهه ڏينهن اڳ شڪارپور ضلعي ۽ لاڙڪاڻي ۾ پوليس جا جوان شهيد ٿيا. سڀ کان وڌيڪ محفوظ سمجهي ويندڙ بڪتربند گاڏيء ۾ ويٺل جوان شهيد ٿي ويا ته سوال اٿڻ شروع ٿيا ته اهڙا هٿيار ڌاڙيلن وٽ ڪٿان آيا جو بڪتربند گاڏيون به محفوظ ناهن رهيون. ڪن چيو ته اهي گاڏيون ڪرپشن ڪري گهربل قسم جي سامان بجاء ناقص مٽيرل مان ٺهيل هيون ان ڪري تباه ٿي ويون. اتان يعني جنگ جي ميدان تان بچي ويل پوليس جي جوانن وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکيون جيڪي ٻڌي/ڏسي عام ماڻهو جو هنيو ڳري پيو. عام ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿيو. جڳهه جڳهه تي اهڙا بحث شروع ٿي ويا. سڀني جو خيال/سوال هو ته آخر پوليس جا جوان ئي شهيد ڇو پيا ٿين. (وفاق هن جو نوٽيس ورتو، وزيراعظم صاحب وزيرداخلا کي حڪم ڪيو ته سنڌ وڃي مسئلي کي حل ڪري. باه لڳائي باه وسائڻ لاء ماڻهو موڪلڻ به ائين ئي آهي جيئن ڳوٺ جو وڏيرو چوري ڪرائي چوري لهي ڏيندو آهي) سوشل ميڊيا تي ئي اهڙا خيال به هئا ته ٻيلن کان اڳ هڪڙي آپريشن ڪلين اپ اسمبلين (سينيٽ، قومي، چار ئي صوبائي اسمبليون) ۾ به ڪريو ڇو ته گهڻيون ڌاڙيل فيڪٽريون اتان ئي پيون آپريٽ ٿين/هلن. اتي ئي اهڙا مهربان موجود آهن جن اهڙا ڪلچر ٺاهيا، ٺهرايا ۽ هلايا. پوليس ۾ پنهنجا باڊي گارڊ ڀرتي ڪرائي ڌاڙيلن جي مخبري ڪرڻ وارا ڪم به انهن جا ئي ڪرايل آهن.
پوليس جو مورال زمين دوز ڪرائڻ وارا به اهي ئي آهن. انهن ئي پوليس کي پنهنجو نوڪر بڻايو، پنهنجي بنگلن جو طواف ڪرايو. خاص طور تي ناظميء دور جي وقت، جڏهن وڏيرن پنهنجون سموريون “استاديون” اولاد کي سيکاري ناظم طور ڀرتي ڪرايو، ڪجهه وري اسمبلين مان استعفائون ڏيئي پاڻ ناظم بڻيا. مشرف جي جوڙيل هن نظام جو اصل ٽارگيٽ سنڌ جون ٻهراڙيون وڏيرن حوالي ڪري ڪراچي/حيدرآباد کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ هو. ان کي خبر هئي ته جاگيردار سوچ ڇا چاهيندي آهي. ان کي خبر هئي ته جاگيردار کي پوليس تابع ٿي ملي ان کان وڌيڪ ان جي ڪا عيد آهي ئي ڪونه.
مشرف جو تير نشان تي لڳو ناظمن حد کان وڌيڪ (يعني شاه کان وڌيڪ شاه جو وفادار ٿي ڏيکاريو) انسان دشمنيون ڪري “ٻڙڪ نه ڪڇندڙ سنڌ” ۽ “ٻڙڪ نه ڪڇندڙ بلوچستان” ٺاهي مشرف حوالي ڪيا جيڪو “موگمبو خوش هوا” وانگر ڏيک پيو ڏيندو هو. سندس باڊي لينگويج ٻڌائيندي هئي ته هو ڪيترو خوش ۽ پراعتماد آهي. هو خوش ٿيندو هو ۽ هي اسان وارا مهربان غريب عوام مٿان پنهنجي گرفت وڌيڪ کان وڌيڪ مضبوط ڪندا رهندا هئا. ان وقت آمريڪا مان پيسن جو سانوڻي مينهن وسندڙ هو جيڪو ڦري گهري ونڊ ورڇ ٿي اهڙن سڀني وٽ پهچندو هو. جاگيردار جيڪي رڳو آسرن تي به انسان دشمني ڪرڻ وارا هئا/آهن انهن ايترا پيسا ڏٺا ته اصل ڇتا چريا ٿي پيا.
ان ئي دور ۾ پوليس جا به لاه ڪڍيا ويا. ڪمدار، نوڪر، باڊي گارڊ ڀرتي ڪرائي پوليس جو مورال ٻڙي ڪري ڇڏيو ويو. پوليس جي جوانن ۽ آفيسرن جو شهيد ٿيڻ ان جو ثبوت آهي ته ڌاڙيلن کي اڳ ئي اطلاع پهچي وڃن ٿا ۽ هو پنهنجو هٿ هٿيار جي ٽرائيگر تي رکي پوليس جو انتظار ڪن ٿا ۽ بيخبر پوليس وارا شهيد ٿي وڃن ٿا. اها مخبري انهن ئي ڀرتي ڪرايلن جو ڪم آهي.
وقت به وقت ضلعي عملدارن ڪيترائي اهڙي قسم جا انڪشاف ڪيا آهن جن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسمبلين ۾ موجود ماڻهو هن ڪڌي ڪم ۾ ملوث آهن. اهي ڳالهيون بنگلن جي بند ڪمرن ۾ ڪونه پر کلي عام صحافين جي سامهون ٿيل آهن جيڪي سوشل ميڊيا جي هر فورم، اخبارن ۽ ٽي وي تي به اچي چڪيون آهن. انهن آفيسرن وڏي همت سان تمام وڏا ثبوت هٿ ڪري اهي صحافين حوالي ڪيا جن ۾ ڌاڙيلن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جي رڪارڊنگ به شامل آهي.
ڌاڙيل رڳو شڪارپور ۾ ڪونه آهن. ڪنڌڪوٽ/ڪشمور، جيڪب آباد سکر گهوٽڪي يعني سموري اتر سنڌ انهن سان ڀريل آهي. اتر سنڌ سان لڳندڙ پنجاب جا ضلعا خاص طور راجنپور به ان بيماريء ۾ ورتل آهي جتي ڇوٽو وغيره جي نالي سان ڪيترن جو صفايو ٿيو آهي. تازو هتي زمين ٽامو ڪندڙ بدبخت جهنم رسيد ٿيو آهي جنهن انسان دشمنيء جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
هتي به سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. فوج يا رينجرس ڇو.... پوليس کي جديد هٿيار ڏيئي انهن جو مورال بلند ڪري انهن کي هن ڪم سان موڪليو. سنڌ پوليس پنهنجي جذبي سان اوهان کي سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريندي.
سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحثن جو نچوڙ به اهو ئي آهي (سوشل ميڊيا تي عام ماڻهوء کان پڙهيل لکيل ماڻهن جا خيال هجن ٿا جن کي عوام جي رضا سمجهڻ گهرجي) ته سنڌ پوليس کي ٻين ملڪن، ٻين صوبن جيتريون سهولتون ڏنيون وڃن. جديد هٿيار ۽ جديد قسم جي ٽريننگ ڏني وڃي. باقي پوليس جا سپاهي شهيد ڪرائي انهن جا ٻچا يتيم ڪرائڻ مان ڪجهه ڪونه ورندو.
28.05.2021

باقي ٽيهتر سالن ۾ ڪهڙي ترقي ٿي آهي!؟

باقي ٽيهتر سالن ۾ ڪهڙي ترقي ٿي آهي!؟
اخباري خبرن موجب مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاه صاحب جن فرمايو ته محترم بلاول ڀٽي زرداري صاحب جن خاص هدايتون ڏنيون آهن ته ڪراچي شهر جي پاڻيء جو مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. (عوام کي ته اهو احساس ڀلي ڀت ٿي چڪو آهي ته حڪمرانن پاران ڳالهايل جملا گهڻو ڪري اجايا هجن ٿا پر حڪمرانن کي اڃان اهي روايتي جملا ڳالهائيندي اهو احساس ڪونه پيو ٿئي ته سندن جملا پنهنجو اثر وڃائي چڪا آهن. وزيرن کان وزيراعظم تائين روزانو ڳالهايا ويندڙ جملن ۾ “ترجيحي بنيادن تي” لفظن جو واڌارو ڪندي سڀني ضرور ٻڌو هوندو. جتي وڃن ٿا اتي چون ٿا ته هن علائقي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. (خاص طور تي وزيراعظم صاحب وڏي نڪ جي پڪائيء سان اهو چوندو رهندو آهي) پوري ملڪ جي هر شهر، ڳوٺ، وستي واهڻ ۾ وزير وڙا روزانو پيا اهڙا اعلان ڪن...انهن ڳوٺن، وستي واهڻن، شهرن جي حالتن تي ڪونه ٿا لکون ڇو ته اها سڀني کي خبر آهي ته انهن جو ڇا حشر ڪيل آهي) جنهن لاء برطانيا جي دور جا ڊملوٽي وارا کوه وري بحال ڪيا ويندا جيڪي انگريز سرڪار جي وقت ڪراچيء کي پاڻي ڏيڻ لاء استعمال ڪيا ويندا هئا. ان لاء لاڳاپيل سيڪريٽري پنهنجي عملي سميت ان جو دورو به ڪيو.
سوال اهو آهي ته وري به برطانوي دور (يعني غلاميء واري دور!) جون شيون/سسٽم ئي ڪم پيا اچن. ان وقت جي ڪراچيء جي آبادي ۽ اڄ جي آبادي زمين آسمان واري وٿي کان به وڏي آهي. مان ڳالهه اها ڪرڻ چاهيان ٿو ته ان وقت جي حڪمرانن اهڙا پلان جوڙيا هئا جيڪي گهڻي وقت لاء هئا يعني اسان وانگر رڳو شارٽ ڪٽ/ڪم ٽپائڻ واريون ڳالهيون ڪونه هيون.
سن ٻه هزار ڏه واري ٻوڏ (جنهن کي مها ٻوڏ جو نالو ڏيئي، واويلا ڪري دنيا مان ايندڙ مال تي هٿ صاف ڪيا ويا) وقت به چيو ويو ته جيڪڏهن پاڻيء کي پراڻو (غلاميء جي دور وارو) رستو (جيڪو ٺاهيو ئي اهڙي وقت لاء ويو هو) ڏنو وڃي ها ته شايد ايتري تباهي ڪونه اچي ها. ڪشمور ۽ سکر جي وچ واري علائقي وٽان سهڻي سنڌوء جي کاٻي پاسي کان اهي گس موجود آهن جيڪي پاڻي کي سلامتيء واري صورت ڏيئي سمنڊ تائين پهچائي سگهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن گسن تي به اسان جي حڪمرانن (ڀلن انسانن) قبضا ڪيا آهن بلڪل ائين جيئن ماحولياتي نظام کي برقرار رکڻ لاء قدرتي طور موجود ٻيلن تي قبضا ڪيا ويا آهن جن کي اهڙي طرح تباه برباد ڪيو ويو آهي جو انهن کي هاڻي ٻيلي جو نالو نه ٿو ڏيئي سگهجي. رڳو ڪجهه وڻ (هتي هُتي) وڃي بچيا آهن.
سن اوڻيويهه سو ٻٽيهن ۾ ٺاهيل بيراج جي نئين سر تعمير هڪ وڏو بحث رهيو آهي. سنڌ ۾ آبپاشيء جي جوڙيل شاندار نظام جو هڪ شاهڪار هيء بيراج پنهنجي عمر چوڙي چڪي آهي. اها بيراج هاڻي مرمت جوڳي هجڻ کان هڪ قدم اڳتي آهي پر رڳو ڳالهيون ئي پيون ٿين ڪو عملي قدم اڃان تائين ڪونه کنيو ويو آهي. عملي قدم نه کڻڻ پويان ڀلي ڪوئي رقم جي نه هجڻ کي سبب بڻائي پر اصل ۾ اهڙي ڪم ۾ هٿ نه وجهڻ جو سبب ڪم جو تڪميل نه ٿيڻ لاء پاڻ مٿان اعتماد جي ڪمي آهي. هنن کي (مجموعي طور اسان سڀني کي) برطانوي ماڻهن جي مقابلي پنهنجي صلاحيتن تي ڀروسو نه رڳو گهٽ پر بلڪل ڪونهي. اهو به اٽڪل هڪ سو سالن کان پوء جڏهن ٽيڪنالاجي جي حساب ۾ فرق ڏينهن رات کان به وڌيڪ آهي.
برطانوي دور جو هڪ ٻيو شاهڪار ريل جو سونهن ڀريو نظام آهي جنهن کي اسان اڳتي ته ڪونه وڌايو پر ان جي تباهيء ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. هندستان، بنگلاديش پاڪستان ۾ گڏيل طور ٺاهيل هي نظام اهڙو آهي جتي اسان جي سوچن کان تمام گهڻو مٿي جتي اسان جي ظاهري اک ڇا اسان جي باطني اک به پهچي ڪانه سگهندي. هزارين ڪلوميٽرن تي وڇايل پٽڙيون، پليون، سرنگون (جن تي انهن انجنيئرن پنهنجي گهر وارين/محبوبائن جا نالا لکرايا) اڄ به شاهڪار ليکجن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ ريل جا ٿيندڙ حادثا/ايڪسيڊنٽ اسان واري عملي جي لاپرواهي سبب ٿيندا آهن نه ته ٺاهيندڙن پاران ڪا گنجائش آهي ئي ڪونه. جيڪڏهن رڳو ٺاهيل قانونن تي عمل ڪجي ته ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو جاني نقصان ٿئي پر هتي انسان ۽ انسانيت جو قدر آهي ئي ڪونه ان ڪري اهڙيون لاپرواهيون ڪيون وڃن ٿيون جو وقت به وقت ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيو وڃن.
اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي سدائين اهڙا سوال ذهن ۾ ايندا رهن ٿا ته ملڪ ٺهڻ کان پوء اسان ڪهڙي ترقي ڪئي آهي. هي روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ وڏيون وڏيون ڳالهيون رڳو غلط بيانيون ئي آهن! پنهنجي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي آخر اسين ڪنهن کي ڌوڪو ڏيئي رهيا آهيون. هي اسان جا حڪمران جيڪي صادق امين پيا سڏرائين ڇا اهي صادق امين لفظن جي توهين نه آهن..... اهڙا سوال اڄ نه ته سڀاڻي کليل طور تي پڇيا ويندا ۽ ضرور پڇيا ويندا.
04.06.2021

سنڌ ۾ سنڌين جي اڪثريت پي پي جي حق ۾ آهي

سنڌ ۾ سنڌين جي اڪثريت پي پي جي حق ۾ آهي
“ٽي دفعا وزيراعظم ٿي رڪارڊ قائم ڪنديس”. محترمه پاران ڪيترا دفعا ڳالهايو ويندڙ هن جملي پويان سنڌين جو پاڻ سان (محترمه سان) گڏ هجڻ واري پڪ ئي هئي ۽ سنڌين ثابت به ڪيو ته هو ان سان گڏ آهن. ان جي هر جلسي ۾ ڇوليون هڻندڙ سنڌين جا سمنڊ هئا. ڪراچيء جي ديوارن تي جڏهن نازيبا لفظ استعمال ڪري نعرا لکيا ويندا هئا اتي لياريء جا بلوچ ۽ سنڌي پي پي سان گڏ بيٺا رهيا. بلاول صاحب لاء لڳندڙ نعرو “وزيراعظم..... بلاول ڀٽو” پويان به سنڌين جو ان سان گڏ هجڻ جي پڪ ئي آهي.
اوڻيويهه سو ستر واري اليڪشن کان وٺي سنڌي بنا ڪنهن شرط جي پيپلز پارٽيء سان محبت ڪندي ووٽ ڏيندا رهيا آهن. وري اوڻيويهه سو اٺاسي کان ته خاص طور تي سنڌ پي پي سان ئي سلهاڙيل رهي آهي. سنڌين انهن کي به ووٽ ڏنا جن ضيا جو ساٿ ڏنو، جن پي پي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي تي مٺايون ورهائي ضيا پاران ملندڙ سو جون سو مارڪون حاصل ڪيون. جن مشرف جي وقت ۾ به ناظمي دور جا شطر بي مهار وارا مزا ماڻيا. سنڌين ڏٺو ته رڳو اهو ته هن اميدوار کي پي پي جي ٽڪيٽ آهي ۽ بس.
پيپلز پارٽيء ان جي بدلي سنڌين کي ڇا ڏنو آهي ان تي هي ليک تمام ننڍڙو نه هجڻ برابر آهي ان تي ته ڪتاب لکي سگهجن ٿا. سنڌ جي ڪوٽا تي ڌارين کي چونڊرائڻ کان وٺي سنڌين جي ڪوٽا تي ڌارين کي نوڪريون ڏيڻ تائين جهڙا ڪم ڪيا ويا (وقت به وقت سنڌ جا وزير وڙا ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جون وڪالتون ڪندي اوهان کي نظر ايندا). هي سڀ ان قهر اڳيان ٻڙي جيترا قهر آهن جيڪو سنڌين جي ڳچيء ۾ سنڌي وڏيرو هيرو ڪري وڌو ويو جيڪو ڪنهن به طور ڪاريهر کان گهٽ ڪونهي. هي انسان دشمن پي پي ۾ اچڻ کان پوء صاف شفاف سمجهيو ويندڙ آهي، معصوم آهي، جيالو آهي جڏهن ته هن ڪاريهر ڪو اهڙو گناه ڪونهي ڇڏيو جيڪو نه ڪيو هجي....پر سنڌي براداشت ڪندا رهيا.
جڏهن سنڌين ڏٺو ته انهن جي ڌرتيء تي ترقيء جي نالي قبضا ٿي رهيا آهن (دنيا ۾ قبضا هميشهه ترقيء جي نالي ۾ ئي ٿيندا رهيا يعني ڳڙ جي شڪل ۾ زهر) جيڪي ڏينهون ڏينهن وڃن پيا وڌندا ۽ انهن قبضن جي آهر ڌاريا سنڌ ٽوڙڻ جون سازشون ڪندا رهن ٿا. وڏي واڪ سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ مالڪن لاء ڌرتي تنگ ٿي رهي آهي ته انهن احتجاج ڪيو اهو به ان خلاف جيڪو پيسي ۾ قارون کان گهٽ ڪونهي. جنهن ماڻهوء اهي ڳوٺ خالي ڪرائي (بلڪل ائين جيئن فلمن ۾ ڪجهه غنڊه موڪلي زمين جي مالڪن کان زمين خريد/ لکرائي ويندي آهي. ڳوٺ جا وڏيرا به اهڙيء ريت ئي زمين خريد ڪندا آهن. پهريائين ان سان اهڙي ڪار ڪئي ويندي جو هو تڪليف محسوس ڪري. ان جي گهرن جي ڀرسان ڪي پنهنجا ماڻهو (غنڊه) ويهاري انهن کي ان طرح جي رويي ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ڪيو ويندو. سندن ننگن ۾ هٿ وجهرايا ويندا، چوريون ڪرايون وينديون تان جو اهو ماڻهو لاچار ٿي زمين هنن کي وڪڻي ويندو. پوء چيو ويندو، هي دستاويز، هيء مالڪن جي لکت.... اسين سڀ چونداسين وڏيرو صحيح آهي ان وٽ لکت موجود آهي جيئن اڄڪلهه قارون جا واٺا سوشل ميڊيا تي پيا ڳالهائين) جتي هو سوين سالن کان رهندڙ آهن اتي وڏا بنگلا ٺاهي وڪيا جن مان کربين روپيا ڪمايا ويا. ان ڪمائيء مان مڙيا مڇ هزار وانگر گهڻن ئي کاڌو. هر ڪنهن کي پنهنجي قد بت آهر هڏو مليو.
قارون خلاف احتجاج ٿيو جتي قارون جي ماڻهن پنهنجي شين کي پاڻ باه ڏني/ڏياري ته جيئن الزام احتجاج ڪندڙن مٿان اچي. جڏهن ته احتجاج ڪندڙن جي موجود قيادت وڏي واڪي اعلان ڪندي رهي ته اهي اسان جا ماڻهو ناهن اهي اسان جا ماڻهو ناهن پر پوء به بيگناه ماڻهن/احتجاج ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪرايا ويا انهن کي جيل ۾ وڌو ويو. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪرسيء جو نشو/طاقت انسان کان ديد کسي وٺي ٿي.
ڇا پيپلز پارٽيء کي اها خبر ڪونهي ته سنڌ ۾ سنڌين جي اڪثريت ئي هنن کي ڪرسين تي ويهاري ٿي. ڪرسين تي ويهڻ جا رڪارڊ ٺهرائي ٿي. وزيراعظم ابن وزيراعظم جا لقب ڏياري ٿي. اها اڪثريت نه هجي ته هي وفاق کي ان جي (سنڌ جي) مظلوميت ڏيکاري ان کي ڪيئن انڪيش ڪرائيندا؟ بلڪل ائين جيئن ايم آر ڊي تحريڪ جي پٺ ۾ ڇرو هڻي وزارت عظمى ورتي ويئي. سنڌ ۾ سنڌين جي اڪثريت هجڻ هنن جي حڪمرانيء لاء به ضروري آهي اصل انهن فلمي گانن وانگر جنهن ۾ عاشق چوندو آهي ته منهنجي پويان ڪنهن کي ستائيندين؟
مڃيوسين ته پي پي جي ڪرسيء تي هجڻ سان سنڌين کي ڏڍ ملي ٿو جنهن جي عيوض هو ملڪ ۾ ڪا اهميت حاصل ڪن ٿا پر چند سالن جي ڪرسيء عيوض هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ قوم غلاميء جا زنجير پيرن ۾ وجهي ڇڏي اهو سودو مهانگو آهي جيڪو دنيا جي ڪنهن به قوم وانگر سنڌي ڪونه ڪندا ۽ نه انهن کي ڪرڻ گهرجي.
11.06.2021

بي بي باگڙياڻيء کي سلام

بي بي باگڙياڻيء کي سلام
بي بي باگڙياڻي انهن شريف/عزتدار/غريبن جي همدرد/هڏڏوکي/شيرسنڌ کان لک دفعا ڀلي آهي جيڪي پاڻ کي ڪوڙا لقب ڏيئي عوام سان دوکو ڪري اليڪشن کٽي الله جي نالي تي “حلف” کڻي ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪندا آهن.
بي بي باگڙياڻي انهن بگهڙ وڏيرن کان لک دفعا ڀلي آ جيڪي پرايا گهر پنهنجي نالي ڪرائي اهي اسڪول لاء “خيرات/ڊونيٽ” ڪري اتي پنهنجا ماڻهو رکرائي انهن کان بنگلي تي مهمانن کي “چانهه پاڻي” پيئارڻ جو ڪم وٺي اسڪول کي مينهن جي واڙن ۾ بدلائيندا آهن...پوء سمورو علائقو ڀلي تعليم کان محروم رهي. اهي ٻار نه پڙهن نه ڪو هنر سکن ۽ پوء “جيڪو، جيئن” چاهي انهن کي استعمال ڪري.
بي بي باگڙياڻي انهن کان لک دفعا ڀلي آهي جيڪي جڏهن هڪ ٻئي سان ويهن ته رڪارڊ قائم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن. هي پنج دفعا، هي ڏه دفعا وزير ٿيو، ميمبر ٿيو. هن جو پيء ميمبر/وزير هن جو ڀاء وزير/ميمبر، هي پاڻ وزير/ميمبر.
بي بي باگڙياڻي انهن درندن کان لک دفعا ڀلي آهي جيڪي پنهنجي ذات کي قوم جو نالو ڏيئي، پنهنجي ذات جا ٻار ٻچا قبائلي جهيڙي ۾ باه جي بنڊيء وانگر ساڙائي ٿو. پنهنجي ذات جي ماڻهن کان مينهون وڪڻائي هٿيار خريد ڪرائي ٿو. جهيڙي جي بهاني انهن کان چندا گڏ ڪري ٿو. جيڪو پنهنجي علائقي ۾ شتر بي مهار ٿي پنهنجي علائقي کي آڱرين تي نچائي ٿو. هن کي بجلي ڏيو، هن کي گيس ڏيو، هن جي بجلي (جون جولاء ۾) ڪٽيو، هن جي گيس ڪٽيو، هن ڳوٺ/شهر کي روڊ ڏيو. اهڙا حڪم هلائي ٿو جنهن سان سمورو علائقو پاڻ کي زرخريد غلام سمجهي. هي شتر بي مهار پنهنجي علائقي جي نياڻين کي ڪارو ڪرائي مارائي ٿو ۽ انهن کان نياڻيء جي نالي تي ووٽ وٺي وزير/ميمبر ٿئي ٿو.
بي بي باگڙياڻي انهن پارليامينٽ جي ميمبرن کان به ڀلي آهي جن گارين (ماء ڀيڻ جي، (جن کي اها تميز ناهي ته اهي نياڻيون گهرن ۾ ويٺيون آهن انهن جو ڪهڙو ڏوه آهي. ڇا انهن جو اهو ڏوه آهي ته اوهان جهڙا “ڀلا انسان” ڄڻيا اٿائون)کي پارلياماني ٻولي (پارليامينٽري لينگويج) بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪي ٽڪي جي نوڪريء لائق نه آهن ۽ پنهنجي ضمير کي وڪڻي ميمبر/وزير وڙا ٿيا ويٺا آهن.
بي بي باگڙياڻي انهن ججن کان به ڀلي آهي جن کي ان ڪري ڪرسيء تي ويهاريو ويو جيئن اهي (غريب جي) آه سان عرش ڏڪائي وجهندڙن کي انصاف ڏيئي سگهن... جن کي پيء ماء پيٽ کي گوڏا ڏيئي پڙهايو، هنن پاڻ ڪيتريون ئي راتيون اوجاڳا ڪيا، امتحان پاس ڪيا ۽ ڪرسيء تي ويهي فرعون بڻجي ويا. جن پيسن تي انصاف وڪيا وري غريبن جي آه سان عرش ڏڪايا. جن چند سڪن عيوض بيواه عورتن جي مڙسن/پٽن جا خون لوڙهيا. جيڪي ڪيس ٻڌڻ دوران مجرم خلاف ريمارڪس ڏيئي مجرم تي دٻاء وڌائي ان کان گهڻي کان گهڻا پيسا وٺي ان جي حق ۾ فيصلا ڏين ٿا.
بي بي باگڙياڻي انهن پوليس جي ايس پي/ڊي ايس پي/ ايس ايڇ او/عملي کان ڀلي آهي جيڪي پنهنجي فرض کان غافل ٿي روڊن تي (سرڪاري اسلحي سان) ڏوه ڪن ۽ ڪرائين ٿا. جن کي عوام جو رکوالو ٿيڻو هو اهي رهزن ٿي پيا آهن. اهو پوليس جو ماڻهو ڪيڏو نه مڪروه هوندو جيڪو ڌاڙيلن جي مخبري ڪري پنهنجا مارائي ٿو. اخبارون ڀريل آهن اهڙن واقعن سان. تازو دادو جو ايس ايڇ او اهڙا ڪنا ڪم ڪندي پڪڙيو ويو آهي ۽ اهڙي ئي مار کائي، جهڙي هو ٻين کي ڏيندو هو کائي سڀ ڏوه باسي چڪو آهي. ڇا ڪيفيت هوندي ان جي جڏهن هنن ڏوه باسيا هوندا! سوچي به هينئڙو مون لوڻ ٿئي وانگر دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي.
بي بي باگڙياڻي انهن کان به ڀلي آهي جيڪي نيڪ ڳالهين جي آڙ ۾ گندا ڪم پيا ڪن ۽ سماج ۾ ڌپ ڪري ويل ليکجن ٿا. جن جون ڳالهيون هاڻي رڳو ڳالهيون ئي ليکيون پيون وڃن. جيڪي پاڻ مٿان لڳايل الزامن خلاف قرآن تي هٿ رکي ڪوڙ ڳالهائي وڊيو ذريعي صفائي پيش ڪن ٿا.
بي بي باگڙياڻي انهن اديبن/ليکڪن کان ڀلي آهي جيڪي علم وڪڻي ڇسا لفظ عوام کي آڇي رهيا آهن. جيڪي پاڻ کي ۽ تاريخ سان دوکيبازي پيا ڪن.
بي بي باگڙياڻي ان استاد/ماستر کان به ڀلي آهي جيڪو لکن ۾ پگهار ته کڻي ٿو پر اسڪول وڃي پڙهائڻ کا تپ اٿس. جيڪو ٻار پڙهائڻ کي عيب ۽ اوطاق تي ٿانو ڌوئڻ تي فخر ڪري ٿو. جيڪو تعليم جهڙي زيور کان قوم کي محروم رکڻ ۾ برابر جو شريڪ آهي.
ڏائڻ به ست گهر ٽاريندي آهي پوء هن نياڻيء (بي بي باگڙياڻيء) کي ڇو ڪونه پيو بخشيو وڃي. ڇا تاريخ جي ڪارنهن منهن تي ملڻ ئي اسان جو مقدر آهي. ڇا سونهن، تعليم، سچ جا ويري بڻجي پنهنجي سنڌ کي دنيا جي نقشي تان ميسارڻ ئي اسان سکيا آهيون. جنهن نياڻي اسڪول بند ڪرڻ بجاء پنهنجي سر اسڪول ٺهرايو، اهو هلائي به ڏيکاريو ان جي همت افزائي بجاء ان کي ڌمڪايو وڃي. ڇا چند شرابي بيهودا بي بنيادا اسان جي عزتن جا فيصلا ڪندا. ڪو هن سماج جو والي وارث ڪونهي! هرڪو پنهنجي پڳ بچائڻ ۾ پورو آهي پوء انهن جو ڇا ٿيندو جيڪي ان لاء ڪونه پيا ڳالهائين ته متان سندن پڳ ۾ ڪو هٿ وجهي...۽ انهن جي پڳ ۾ هٿ ضرور پوندا تاريخ اهو ئي ٻڌايو آهي. قمبر شهر همت ۽ شعور وارن جو شهر آهي اهي ضرور همت ڪندا ۽ سموري سنڌ انهن سان هوندي. تاريخ جو قسم کڻي اڳتي وڌو.
18.06.2021

مان مرد يا روبورٽ نه پر درندو آهيان

مان مرد يا روبورٽ نه پر درندو آهيان
مان پنهنجي پنجن سالن جي نياڻيء سان پنهنجي منهن تي ٺڪريون مليان ٿو. مان مقدس جاء تي مقدس علم ونڊيندي وحشي بڻجي وڃان ٿو، مان سڳ سميت پڪڙيو وڃان ٿو، مقدس ڪتاب تي هٿ رکي پنهنجي ڪيل گناه کي نه مڃيندي وضاحتي بيان جاري ڪريان ٿو اڳتي هلي مان پاڻ گناه جو اقرار ڪريان ٿو ۽ اهو به اقرار ڪريان ٿو ته منهنجو پاڪ ڪتاب تي ڏنل بيان ڪوڙ تي مبني هو. مان ٽن سالن جي نياڻيء سان پنهنجي ساٿين سميت اجتماعي منهن ڪارو ڪري ان ٻارڙيء کي قتل ڪريان ٿو. مان ماڊرن علم پڙهائيندي، پاڻ کي سائنسي سوچ جو ابو سمجهان ٿو ۽ اهي علم پڙهندڙ نياڻيء کي پاس ڪرڻ لاء، ان کي سٺيون مارڪون ڏيڻ لاء بليڪ ميل ڪريان ٿو. مان پنهنجي ڀاڻيجيء کي پنهنجي هوس جو نشانو بڻايان ٿو. پنهنجي ڀاء کان ملڪيت جو حساب نه ڏيڻ جي ڏوه ۾ ڀائٽي کي پاڻ ۽ پنهنجي دوستن هٿان ڏاڍائيء جو نشانو بڻائڻ کان پوء گهٽا ڏيئي قتل ڪريان/ڪرايان ٿو. ڪا به نياڻي/نوجوان/ڪراڙي عورت مون کان محفوظ ناهي ته پوء مان نه مرد آهيان نه مان روبورٽ آهيان نه ئي مان جانور آهيان مان رڳو درندو آهيان. هي منهنجا اهي روپ آهن جيڪي پڪڙيا ويا آهن باقي جيڪي نه پڪڙيل آهن انهن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي.
منهنجي انهن درندگين جا سبب مختصر ڪپڙا نه هئا، نه آهن ۽ نه رهندا. منهنجي پنجن سالن جي ڌيء کي پورا ڪپڙا پهريل هئا. مون جڏهن اهڙو گندو عمل پاڪ جاء تي پئي ڪيو ته منهنجي ان شاگرد جو ته منهن به لسو نه هو، ڪپڙا به مهذب قسم جا پهريل هئس. منهنجي ڀائٽي ڀاڻيجيء جا ڪپڙا ته رئي سميت پورا هئا. اسان جي سماج ۾ سياري جو ته اهي سڀ سئيٽر/جيڪيٽون به پهرينديون آهن. گهڻو ڪري بازار ۾ جن کي مان اک ديک تائين ڏسندو آهيان انهن کي ته برقعا پيل هوندا آهن. ڪن کي ته اڇو برقعو به (جيڪو ڪپڙي جو قلعو هوندو آهي) پهريل هوندو آهي، هٿن پيرن ۾ جورابا به پيل هوندا اٿن پر مان انهن جي جسم تي گوشت جي لاهن چاڙهن کي نه ڏسندي به اهڙا تصور ڪري مزا وٺندو آهيان. پوء به مون اهي سڀ ڪم ڪيا ته پوء منهنجي درندگيء جو سبب مختصر يا پورا ڪپڙا ڪونه هئا.
وزيراعظم صاحب ڪجهه ڏينهن اڳ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو هو ته مرد جيڪڏهن عورت کي مختصر ڪپڙن ۾ ڏسي ٿو ته ان جي اندر جو مرد جاڳي پوي ٿو. هن بيان تي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو بحث ٿي رهيو آهي. هر لکندڙ طرح طرح جو ڳالهيون لکي رهيو آهي. ڪيترن ته اهو به لکيو ته هي صاحب پاڻ اهڙي قسم جي الزامن هيٺ ايندو رهيو آهي. سندس پوري زندگي ان طرح جي گذري آهي جو الزام سندس زندگيء سان لازم ملزوم ئي رهيا آهن. ڪراچيء سميت ٻين شهرن ۾ عورتن مظاهرا ڪيا آهن. مظاهرن ۾ شامل عورتن هن بيان کي ڪروڙين عورتن جي توهين قرار ڏنو ۽ هنن مطالبو ڪيو ته وزيراعظم صاحب جهڙي وڏي منصب تي ويهي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ خود ان عهدي جي توهين آهي تنهنڪري هي صاحب اهڙي بيان جي معافي وٺي.
اتفاق سان جيڪڏهن ڪو راند کٽي وڃي، ڪو ڪپ/ٽرافي کٽي وڃي ته ان جو مطلب هرگز هرگز اهو ڪونهي ته هو ڪو دنيا جا سڀ ڪم ڪري سگهندو. جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوء هي انجنيئر/ڊاڪٽر جا ڪورس ڇو پڙهيا وڃن. راتين جا اوجاڳا ڇو ڪجن بس راند کٽي/ڪو ڪپ کٽي ڊاڪٽر ٿي ويهي رهجي، انجنيئر بڻجي وڃجي.
هي ڪو پهريون دفعو ڪونهي جو سائين جن اهڙي گوهر بياني ڪئي هجي هن سائين سدائين اهڙو ئي ڳالهايو آهي جنهن جو سبب ڪهڙو به هجي پر ماڻهو ان کي اهڙي ڳالهائڻ کان پوء ان ڪرسيء لاء اهل ڪونه سمجهندا. هن بيان لاء به کيس اها خبر هجڻ گهرجي ته اسان وٽ درندو بڻجڻ لاء ڪپڙن جي سائيز سبب ڪونهي. اسان جو سماج وزيراعظم چوڌاري ڦرندڙ وزير وڙن/ميمبرن/آفيسرن ٺاهيو آهي جيڪي ايوانن ۾ هڪ ٻئي کي ماء ڀيڻ جو گاريون به ڏيندا آهن. عورت ميمبرن کي ڏائڻ به ڪوٺيندا آهن انهن کي ڪنهن سوال جي جواب ۾ اهو به چوندا آهن ته ان سوال جو جواب کپيئي ته منهنجي چيمبر ۾ اچ. انهن جو دين ايمان رڳو لٽ ڦر آهي. جن قوم جي نفسياتي ڪيفيتن کي نه سمجهو، نه سمجهڻ جي زحمت ڪئي.
سائين وزيراعظم صاحب! عورت مرد کان سواء ٻڙي آهي ته مرد به عورت کان سواء ڪجهه ڪونهي. جيڪڏهن عورت کي مختصر ڪپڙن ۾ ڏسي مرد جا جذبا جاڳن ٿا ته عورت جا به جذبا تڏهن ضرور جاڳندا جڏهن اها ڪنهن مرد کي مختصر ڪپڙن ۾ ڏسندي. ان جو حل ڪڏهن به اهو ڪونهي ته عورت مرد کي ۽ مرد عورت کي ڪڏهن ڏسي ئي ڪونه. ذهني سافٽ ويئر/ونڊو جو ڪرپٽ هجڻ سان گڏ ڪيترا ئي ان جا سبب آهن. پيار تي پهرا به ان جو وڏو سبب آهن. اوهان شايد ناهي ٻڌو “جب جب پيار په پهرا هوا هي پيار اور ڀي گهرا هوا هي”. ان جو حل اسان جي سنڌ جي حڪيم شاعر شاه لطيف اڄ کان ٽي سو سال اڳ ٻڌايو هو، “سڀ ڪو پسي پرين کي”. پيار آزاد هجي نه ڪي ڇڙواڳ. آزادي ۽ ڇڙواڳيء ۾ فرق آهي. هڪ لمحي لاء اهي سماج ڏسو جن هن شاعر جي شعر تي عمل ڪيو آهي اوهان کي خبر پئجي ويندي.
25.06.2021

اسمبلي بلڊنگين ۾ مڇي مارڪيٽون ٺاهيون وڃن ۽....

اسمبلي بلڊنگين ۾ مڇي مارڪيٽون ٺاهيون وڃن ۽....
.......۽ موجوده مڇي مارڪيٽن ۾ قومي/صوبائي/سينيٽ اسمبلين جا اجلاس ٿيڻ گهرجن. هونئن به هاڻي وڃي ٿورو فرق بچيو آهي. اسمبلي ميمبر هڪ ٻئي تي الرون ڪرڻ کان هڪ ٻئي کي ڪرسيون هڻڻ وارو سفر پورو ڪري هاڻي هڪ ٻئي جي ماضيء جا قصا ڪڍڻ کان (جيڪي گهڻن جا قابل فخر ناهن رهيا) ڪچين گارين تائين پهتا آهن. اها ڳالهه پڪ سان ڪري سگهجي ٿي ته مڇي/گوشت مارڪيٽن ۾ هاڻي اهڙا قصا ڪونه ڏٺا پيا وڃن.
تبديلي جي نالي ۾ وزيراعظم جي ڪرسيء تائين پهچندڙ جيسين ڪرسيء تي نه پهتو هو ته ڏاڍيون ڀليون ڀليون ڳالهيون ڪندو هو. پاڻ فرمائيندا رهيا آهن ته پارليامينٽ جون عمارتون ڊهرائي اتي اسپتالون ٺاهيون وينديون. وزيراعظم هائوس کي ڊهرائي اتي راند جا ميدان ٺاهيا ويندا. وزيرعظم هائوس جون مينهون به وڪيون وينديون. اتان جون گاڏيون به وڪيون وينديون وغيره وغيره. (ان کان وڏو ۽ تمام وڏو ظلم اهو جو اسان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي بنا ڪنهن سوچ ويچار جي انهن تي اعتبار ڪندڙ هوندا هئاسون توڙي جو هن کان اڳ ساڳي ڪرسيء لاء جدوجهد ڪندڙ اهڙيون يا ملندڙ جلندڙ ڳالهيون ڪندا رهيا آهن پر اسان نه سبق سکيوسين نه سکنداسين)
پاڻ وڌيڪ فرمائيندا هئا ته کين ٻه سو ماهرن جي ٽيم کيسي ۾ پيل آهي جيڪا ڪجهه ئي وقت ۾ پنهنجي صلاحيتن سان هن ملڪ ۾ سون چانديء جو نهرون وهائي ڪڍندي. ان ٽيم جا ميمبر به وڏي واڪي چوندا هئا ته عمران خان آئي گي. ٻاهران پيسا لائيگي ٻه سو ارب ڊالر آء ايم جي منهن پر ماري گي...... اها ٽيم پنهنجي صلاحيتن سان اڄ ڏينهن تائين رڳو تباهيء کان سواء ڪجهه ڪونه ڏيئي سگهي آهي. پارليامينٽ جي اخلاقي پستي کي وڌيڪ پست ڪرڻ وارو ڪم به هنن جي نصيب ۾ آيو آهي. ائين ڪونهي ته هنن کان اڳ پارليامينٽن ۾ موجود ميمبر ڪي الله لوڪ فقير هوندا هئا. ائين به ڪونهي ته اهي هڪ ٻئي سان سٺو سلوڪ ڪندڙ هئا پر جيڪا اخلاقي پستي گهٽ ليول جي هئي اها هاڻي وڌي ويئي آهي. ميمبر ته اٽڪل ساڳيا ئي آهن، پاڻ نه ته سندن فرزند ارجمند يا ڀائٽيا ڀاڻيجا. ٻين کان سواء ڪير اچي سگهي ٿو يا ڪنهن کي اچڻ ڏنو ويندو پر اهي وڌيڪ ڪري پيل آهن.
ڪيڏي نه بدنصيبي چئبي جو قانون ٺاهيندڙ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ نه سکيا هجن. هڪ ٻئي کان قانون اندر رهي سوال ڪرڻ نه سکيا هجن ۽ نه ئي وري ٻيا انهن کي قانون اندر جواب ڏيڻ سکيا هجن. ڇا قانون ٺاهيندڙن لاء ڪي نوان قانون جوڙيا وڃن. انهن لاء وري ڪا نئين اسمبلي ٺاهجي، ڪي نوان ميمبر چونڊيا وڃن..... هي ڇا مشڪريون آهن.
بجيٽ اجالاسن وارن ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاريء جا جوهر اڃان بحث هيٺ ئي هئا اڃان انهن جي لائق زبان مان نڪرندڙ لفظن سان ٿيندڙ زخم سڪا ئي ڪونه هئا جو ٻي حد ڪئي ويئي. ملڪ جو وزيرخارجه (جنهن لاء سوشل ميڊيا تي گهڻو ڪجهه لکيو ويندو آهي. ڪن ته اهو به لکيو ته ان سميت گهڻن جا وڏا انگريزن جا مخبر هئا. مقامي ماڻهن کان وڌيڪ انهن جا وفادار هئا وغيره وغيره) ۽ ملڪ جي ايندڙ وزيراعظم جي اميدوار محترم بلاول ڀٽي زرداريء جي وچم ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. اهي جملا دلچسپ هئا يا نه بحث اهو ڪونهي. اهي جملا هڪ ٻئي لاء بغض ۽ ڪيني سان ڀرپور هئا. اهي جملا ايترا خوفناڪ هجن يا نه پر اهي جملا جنهن لهجي سان ڳالهايا ويا ان اڳيان بغض ڪينو ساڙ وارا لفظ ننڍڙا هئا.
ٻنهي صاحبن کي قابل احترام سمجهو ويندو رهيو آهي پر جنهن ادائگيء سان هنن هڪ ٻئي مٿان حملا ڪيا اهي گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ سان گڏ اهو به پيا ٻڌائين ته هنن پويان هلندڙ ماڻهو “ڪيترا وڏا” هوندا. هنن مڪالمن مان اها به ڄاڻ ملي ته وڏو ماڻهو، ننڍو ماڻهو پيسي سان ڪونه ٿيندو آهي. وڏو ماڻهو ننڍو ماڻهو عهدي سان به ڪونه ٿيندو آهي. ماڻهو پنهن جي اخلاق سان ئي وڏو ماڻهو ننڍو ماڻهو هوندو آهي.
اسان جي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻي عورتن جا جهيڙا به ان ئي ريت جا هوندا آهن. ڪڏهن غور ڪجو. مردن جا جهيڙا ان ڪري مان نه لکندس جو اهي هنن کان گهٽ گهاء ڪندڙ هوندا آهن ۽ نه ئي اهڙا اشارا ڪندڙ.
ٻڌايو پيو وڃي ته افغانستان مان دنيا جو وڏيرو پنهنجون فوجون پيو واپس گهرائي اهي فوجون اڃا پورا طرح ٻاهر نڪتيون ئي ڪونه آهن ته اتان جي طالبان ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اهي ڪيترا ضلعا هٿ ڪري چڪا آهن. ٻڌو آهي ته اشرف غني صاحب جيڪو وڏيري سان ملڻ ويو هو اهو واپس اچڻ جي تڪليف نه ڪري جيڪڏهن ڪري به ته طالبان کان “ويزا” وٺي پوء اچي. اهڙيون سنگينيون محسوس به ڪرايون وڃن ٿيون اسان جي پيارن حڪمرانن پاران. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته خطي جي صورتحال شايد مستحڪم نه رهي پوء به اسان جا همراه ملڪ کي مضبوط ڪرڻ بجاء هڪ ٻئي خلاف سازشون پيا ڪن.
02.07.2021

ڀيل اڳواڻن قومي منصوبن تي حملي جو رٿيو هو

ڀيل اڳواڻن قومي منصوبن تي حملي جو رٿيو هو
هي فرمان آهي ايس پي ٿرپارڪر صاحب جو. پاڻ فرمايو اٿائون ته ڀيل برادريء جو منصوبو هو ته قومي منصوبن تي حملا ڪيا وڃن. ٿر ڪول تي حملي جو پروگرام هو هنن جو. احتجاج پرتشدد هو، پوليس وارا زخمي ٿيا، انهن جون موٽر سائيڪلون ساڙيون ويون ان ڪري پوليس پنهنجي بچاء ۾ ڪاروائي ڪئي.
اها ٻي ڳالهه ته اڳتي هلي سندس اهي سڀ ڳالهيون بي بنياد/من گهڙت نڪتيون. سائين جن جيڪو فرمايو سڀ ڪوڙ هو. هن سائين ننڊون ڦٽائي علم پڙهيا هوندا اهي علم ڪهڙي ڪم جا ٿيا جيڪي انسان کي انسان بجاء “ڪوڙو” بڻائين. ڪوڙ جيڪو ايمان جي ڪينچي آهي.
دودي ڀيل جي قتل جو نوٽيس سنڌ جي چيف جسٽس صاحب به ورتو آهي ۽ پيپلز پارٽيء جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري صاحب به. مرتضى وهاب صاحب صحافين تي ٿيل تشدد جو نوٽيس ورتو آهي. مٿان وري سنڌ حڪومت دودي ڀيل جي وارثن کي هڪ ڪروڙ روپيا ۽ نوڪري ڏيڻ جو اعلان به ڪيو آهي.
وري خبر آئي ته ڪاميٽيء اتي وڃي مقامي ماڻهن جون شڪايتون ٻڌيون. اعتراف ڪيو ته اوهان سان زيادتي ٿي آهي. جيڪڏهن ازالو نه ٿيو ته ڪم بند ڪرايو ويندو. ڪاميٽيء پاران اهڙا خوفناڪ ڊراما ڪندي انهن کان معافي ورتي ويئي. ياد رکڻ جي ڳالهه آهي ته ساڳين ماڻهن اهو چيو هو ته هي سي پيڪ منصوبي جو حصو آهي جنهن خلاف ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي. ڇا ڪو منصوبو انساني جانين کان به وڌيڪ هجي ٿو. اهڙا بيان ڏيئي ڪرسي پڪي ڪرڻ وارا ڪهڙيء ريت جمهوريت جي سا ري گا ما پيا ڳائين.
اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ اقليتي برادريون هونئن به خطرناڪ قسم جون پرتشدد ڪاروايون ڪرڻ ۾ مشهور آهي انهن ۾ وري ڀيل برادري سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ. ڀيل برادريء جي ڪراڙي عورت جي هٿ ۾ اڪ جي ڪاٺي جنهن ۾ پن به لڳل هئا کڻي احتجاج ۾ شريڪ ٿيندي ڏٺو ويو جيڪا تصوير سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي وائرل به ٿي هئي. دنيا کي ته اها خبر ناهي پر ايس پي صاحب کي اها خبر پئجي ويئي ته اڪ جي ڪاٺي تمام گهڻي مضبوط ٿيندي آهي جنهن جي ڌڪ لڳڻ سان ماڻهو مري ويندو آهي اها ٻي ڳالهه ته پوليس وارا رڳو زخمي ٿيا آهن. ٻيو ته گهڻين عورتن جي هنجن تي ٻارڙا به هئا اها پڻ مشهور حقيقت آهي ته جنهن عورت جي هنج تي ٻار هوندو آهي اها وڌيڪ خوفناڪ بڻجي ويندي آهي ۽ احتجاج دوران پوليس وارا زخمي ڪري وجهندي آهي. ڀيل برادري امير برادري ليکي ويندي آهي جنهن ڪري انهن سان خوراڪ جي ڪميء جو به ڪو مسئلو ڪونه هوندو آهي ۽ هو نهايت ئي پهلوان يعني جهارا پهلوان جيتري طاقت رکندڙ هوندا آهن جنهن ڪري انهن جو هڪ ڌڪ ڪنهن کي هنڌان چرڻ جو موقعو به ناهي ڏيندو.
تمام پراڻي ڳالهه آهي ته هڪ سياستدان چيو هو ته جيڪڏهن پوليس چاهي ته ڪنهن کان به هن ملڪ ۾ پهرئين ڏينهن کان اڄ تائين ٿيل سڀني جرمن جي قبوليت ڪرائي سگهي ٿي. ڪنهن ماڻهوء کان ان جي ڄمڻ کان اڳ ٿيل ڏوهن جو اعتراف ڪرائي سگهي ٿي. نانگ کي نوڙي ۽ نوڙيء کي نانگ ته ڪا ڳالهه ئي ڪونهي.
ڳالهه ڪا ايڏي وڏي/ڏکي به ڪونهي جو نه سمجهي سگهجي. مقامي ماڻهن مٿان اسڪريب چوريء جو الزام لڳائي ٽن ماڻهن تي اتان جي فرعون ڪمپنيء جي گارڊن انهن مٿان تشدد ڪيو جنهن سبب هڪ مري ويو ٻيا مرڻ کان وڌيڪ خراب شڪل ۾ زنده آهن. چيو وڃي ٿو ته انهن گارڊن کي پوليس جي حفاظت ۾ هاء ڪورٽ موڪليو ويو جيڪي اتان ضمانت ڪرائي موٽي آيا. پنهن جي پيارن مٿان تشدد سبب انهن جي وارثن احتجاج ڪيو.
پوليس ماڻهن مٿان لٺيون وسايون، ڳوڙها آڻيندڙ گيس استعمال ڪئي ۽ ڪيترن تي ڪيس داخل ڪري، تشدد ڪري گرفتار ڪيو ويو. جنهن کي جسٽيفاء (پاڻ کي حق بجانب ڪندي) ڪرڻ لاء ايس پي صاحب خالص ۽ نج پوليسڪو بيان جنهن لاء من گهڙت لفظ ننڍڙو آهي اهڙو کل جهڙو بيان جاري فرمايو.
بحريا معاملي کان پوء اهو رواج اسان جي سنڌ ۾ هلندڙ آهي ته جيڪو به احتجاج ڪري ان تي ڪيس داخل ڪجي، ان جي پويان جيڪو هجي (نه هجي) انهن تي به ڪيس داخل ڪجي. ٿلهي ليکي فرعونيت اڳي کان اڳري آهي. فيض جي شعر واري صورتحال يعني چلي هي يه رسم ڪه ڪوئي نه سر اٺا ڪي چلي......
اسين ڪيڏانهن پيا وڃون. هڪ پاسي خطي جي صورتحال انتهائي ڳنڀير ٻڌائي پيئي وڃي. وزيراعظم صاحب بلوچستان جي ناراض دوستن سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، انهن جي اڳواڻن کي مشير ڪري کنيو پيو وڃي ٻئي طرف ڪن کي وري ناراض ڪيو پيو وڃي. رياست ته جيڪو ڪري پيئي اهو ان جي ڪردار تي ٺهندڙ آهي پنهنجا وزيروڙا آيتالڪرسيء بجاء ڪرسي ڪرسي ڇو پيا ڪن.
09.07.2021

پنهنجي ڪڻڪ ڪيڏانهن ويئي!

پنهنجي ڪڻڪ ڪيڏانهن ويئي!
ملڪي تاريخ جي بدترين حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته ڪڻڪ جي ملڪي ضرورتن جي پورائي لاء ويهه لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائي ويندي. جنهن لاء ڪابينه ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن کان اڳ ساڳي حڪومت سڳوري اعلان ڪيو هو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بمپر ڪراپ/رڪارڊ پيداوار ٿي آهي. اها پيداوار ملڪي ضرورتن کان وڌيڪ آهي. هاڻي اهو سوال ته ٻنهي مان ڪهڙو سچ آهي ڪهڙو ڪوڙ. رڪارڊ پيداوار وارو سچ آهي ته پوء پنهنجي ڪڻڪ ڪيڏانهن ويئي جو کوٽ پيدا ٿي جنهن جي پورائي لاء ٻاهران ڪڻڪ پيئي گهرائي وڃي. خيال نه پر پڪ آهي ته اها ڪڻڪ اسمگل ٿي ٻاهر وڪامجي چڪي آهي جنهن جي رقم “ڀاڱا ٿيندي سهڻي” وانگر “پاڪ صاف سڏجندڙ” انسانن جي وچ ۾ ورهائجي چڪي هوندي.
شايد دنيا جو زرعي ملڪ سڏجندڙ هي پهريون ملڪ آهي جيڪو زرعي هوندي به زراعت جي تباهي پنهنجي اکئين ڏسندڙ آهي. زراعت سان جيڪا جٺ پيئي ٿئي ان جو ڪو انت ڪونهي. هاري ته پري جي ڳالهه پر ننڍا زميندار به ٽي ويلا کائڻ لاء پريشان آهن. پاڻي جي فراواني هوندي جيڪا هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي يا ڪرائي وڃي ٿي. رڳو حڪومتي ماڻهو پنهنجون زمينون ئي آباد ڪن ٿا جن جي حڪم تي سرڪاري عملدار ڪمداريون ڪندي پاڻي فراهم ڪن ٿا ۽ ڪن جو پاڻي بند ڪن ٿا. زرعي جنسن (ٻج) ۽ ڀاڻ جا اگهه آسمانن سان ڳالهيون ڪندڙ آهن روزانو جي بنياد تي ڊي اي پي جا وڌندڙ اگهه هن وقت ڇهه هزار روپيا في ٻوري تائين وڃي پهتا آهن يعني آخري طور تي زمينون پنهنجو خرچ به ڪڍي ڪونه ٿيون سگهن ڪمايون ته پنهنجي جاء تي.
1980 ۾ اسان هڪ ڪتاب پڙهيو هو جيڪو پرفيسر عزيزالدين احمد جو لکيل هو نالو هوس “اسان غريب ڇو آهيون”. ان ۾ ليکڪ هٿيارن جي سوداگيريء کان وٺي غير ملڪي قرضن کڻڻ جي طريقن مان ڪميشنون ڪمائڻ جا ذڪر اذڪار ڪيا هئا. ان سان گڏ هن اها ڳالهه به لکي هئي ته جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ فصل لهندو آهي ته ملڪ جا مالڪ اهو ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي ان تي ڪميشن ڪمائيندا آهن ۽ پوء کوٽ پيدا ڪري ساڳيون شيون وري ٻاهران گهرائيندا آهن ۽ وري ان تي ڪميشن ڪمائيندا آهن. مثال ڪپهه لهندي ته اها ٻاهر موڪليندا ۽ کوٽ پيدا ڪري وري ڪپهه ٻاهران گهرائيندا ان تي ٻنهي پاسن کا ڪميشن ڪمائي پنهنجا ڀڀ ڀريندا. اها ڳالهه اڄ کان چاليهه پنجيتاليه سال اڳ ڇپيل ڪتاب ۾ لکي ويئي هئي جيڪا سو سيڪڙو اڃان تائين ائين جو ائين هر سال (بنا ڪنهن وقفي جي) جاري ۽ ساري آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوء هي تبديليء جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، هي هڪ سو ڏينهن جا ڌرڻا ڇو ۽ ڇالاء هنيا ويا. هي حلف نامه/قسم نامه ڇا جا. جيڪڏهن ڪوڙ ئي ڳالهائڻو آهي ته پوء قسم کڻي ڇو ڳالهائجي. هي عوام سان فراڊ ڇو.
جيڪڏهن ساڳيو ئي ڪم جاري آهي ته پوء اقتدار جي منتقليء تي به هڪ سو سوال آهن. ڇا ملڪ ۾ ساڳي ئي ماڻهن/خاندانن جي حڪومت آهي يا تبديل به ٿي آهي. جيئن سوشل ميڊيا تي هڪ ماڻهوء لکيو ته سدائين علي بابا بدلجي ٿو چاليهه چور ساڳيا ئي رهندا آهن.
جيڪڏهن پراڻي طريقي تي هلندي پنهنجي ڪڻڪ وڪڻي پرڏيهي ناڻو ڪمايو ويو آهي ته اها رقم ڪٿي آهي. هاڻي ته حڪومتي عملدار تمام پاڪ صاف آهن (جيڪو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي) ۽ ڪرپشن به ڪونهي پوء اهي پيسا ڪيڏانهن ٿا وڃن ۽ سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪڻي مهانگي اگهه تي ڪڻڪ وٺڻ جو فائدو ڪهڙو. ٻاهرين ملڪ مان ڪڻڪ گهرائڻ تي ٿيندڙ رقم (جيڪا اٽڪل ٽيهه ارب روپين جي برابر ٿيندي) هتان جي هارين/زميندارن کي ڏيو ته هن ملڪ جو هاري وڌيڪ محنت سان ڪم ڪندو جيڪو هن ملڪ کي سونو بڻائي سگهي ٿو پر ڪرپشن جي جن کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي ٿئي. اهو جن جيڪو ڪڏهن بوتل ۾ بند ڪونه ٿيو آهي ملڪ جي ويهه ڪروڙ انسانن جو جانيون داء تي لڳائي ويٺل آهي. هتان جي هارين سان جيڪا فصل جي اگهن تي هٿ جي صفائي ٿيندي رهي ٿي اها ڀلا ڪنهن کان ڳجهي آهي. کنڊ جا اگهه روزانو جي بنياد تي وڌائي اربين روپيا پنهنجي ٽجوڙيء ۾ جمع ڪندڙ هارين کي ڪمند جو اگهه سڪل ڪاٺين جيترو به ڪونه ڏيندا آهن. ساڳيو حشر ڪڻڪ سستي وٺي ان ئي هاريء کي اٽو ٻيڻي ٽيڻي اگهن تي وڪرو ڪيو ويندو آهي پر ان سموري معاملي کان سرڪار سڳوري پنهنجا ڪن ۽ اکيون بند ڪري ويٺل هوندي آهي.
ملڪ ۾ ٿيندڙ روزانو جي بنياد تي مهانگائي جيڪا هٿرادو آهي ان پويان ڪهڙا هٿ آهن. جيڪڏهن اهي لڪل آهن ته حڪومت ڪٿي آهي. ڇا وزيراعظم کان وٺي سڀ وزير رڳو اخباري بيانن ۾ زنده آهن باقي عملي طور در گور ٿيل آهن. اوهان کان ڪرسي نه ٿي هلي ته سنڌيء جي هن چوڻيء “مرو يا منجو ڇڏيو” تي عمل ڪريو. نئون پاڪستان ٺاهڻ وهان جي وس ۾ ڪونهي ته اسان کي پراڻو پاڪستان موٽائي ڏيو.
06.08.2021

“امپائر جي آڱر” کان پوء “آمريڪا جو دورو”

“امپائر جي آڱر” کان پوء “آمريڪا جو دورو”
تبديليء جي نالي ۾ اقتدار ۾ اچي مهانگائيء جا پهاڙ ڪيرائي عوام جا کيسا ڪٽيندڙ وزيراعظم عمران خان جڏهن نواز حڪومت خلاف ڌرڻو هنيو هو ته ان وقت پنهنجي ڪارڪنن سان روزانو جي بنياد تي شام وقت تقرير ڪندو هو. پهرئين يا ٻي تقرير دوران ڳالهايل سندس هڪ جملو تمام گهڻو مشهور ٿيو هو جنهن ۾ هن ڪارڪنن کي چيو، اوهان جو ڌرڻو هلندي ئي تمام جلد امپائر آڱر مٿي ڪندو ۽ نواز حڪومت “آئوٽ” ٿي ويندي..... بدلي ۾ اسان اقتدار ۾ اچي وينداسين.
هاڻي وري پيپلز پارٽيء جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري چيو آهي ته ڪجهه وقت کانپوءِ واشنگٽن جو دورو ڪندس پوءِ انهن جون (مخالفن جون) رڙيون ڏسجو. ان ئي بيان هيٺان ن ليگ جي هڪ نمائندي جو هي بيان ڇپيو آهي جنهن ۾ ن ليگ اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو ته پي پي وارن کي ڪٿان آسرو مليو آهي/ بلاول کي اميد ڏياري ويئي آهي ته ٿورڙي “محنت ڪريو” ته توهان جو وارو اچي سگهي ٿو.
ان کان اڳ ڪوئيٽه جي دوري دوران بلاول ڀٽي جي موجودگيء ۾ بلوچستان جي ٻن شخصيتن پ پ ۾ شموليت ڪئي جنهن کان پوء چيئرمين فرمايو ته بلوچستان جو ايندڙ وزيراعلى جيالو هوندو.
ٻئي ڏينهن جي اخبارن ۾ شهه سرخي آئي ته پ پ ۽ ن ليگ جا بيڪ ڊور رابطا، وفاق ۽ پنجاب ۾ بي اعتماديء جي رٿ آڻي وزيراعظم جنهن جا ڪيترائي “عرف عام” آهن ان مان جان ڇڏائي ويندي.
ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪنهن مان هٿ به ناهي ڪڍندي ڪنهن کي وري پنهنجي اوقات کان مٿي واري حيثيت به ناهي ڏيندي. بلڪل ائين جيئن ڪائناتي شيون (چنڊ ستارا ڌرتي سج وغيره) پنهنجي پنهنجي مدار ۾ گهمندا آهن ۽ انهن جو مدار مان نڪرڻ تباهي جو تصور هوندو آهي تنهنڪري هنن کي به مدار ۾ ئي گهمايو ويندو آهي اڃان وڏو سچ اهو آهي ته انهن کي آڱرين تي نچايو ويندو آهي ۽ اهي آڱريون هڪ ٻئي کي ٽچ (ڇهي) ناهن سگهنديون.
اهي آڱريون ڪٿي آهن ۽ اهي ڪهڙيء ريت ڪم ڪنديون آهن ان لاء ملڪي تاريخ کي سمجهڻو پوندو ڇو ته اڄ ڪالهه سان ۽ ڪالهه ٽيون ڏينهن سان ڳنڍيل آهي.
مدار مان نڪرڻ جي ڪوشش/آڱر تان لهي پاڻ نچڻ جي ڪوشش جي سزا ۾ ئي سڀ وزير اعظمڙا گهر ڀيڙا ڪيا ويندا رهيا آهن اهي ستين آسمان کان وڏا واعدا اقرار/سبز باغ ڏيکاري آندا ويا هئا. اهي جڏهن آيا ۽ ويا ته “سيڪڙون ارمان لي ڪر آئي ٿي، دل ۾ لاکون حسرتين لي ڪر چلي” جهڙي صورتحال مان گذريا انهن اچي ڏٺو ته سبز باغ اصل ۾ اهي ڀوت بنگلا هئا جتي مٽي، ڄاري سان گڏ چمڙن ۽ ڪوئن جو راڄ هو پر وڏو قهر اهو جو اهي ان ڀوت بنگلي سان ايترو مانوس ڪيا ويا جو اتان نڪرڻ کان پوء خواب ۾ به “ڀوت بنگلو، ڀوت بنگلو” ڪندا رهيا ۽ ائين وائڙا/پريشان رهيا جيئن چمڙا اونداهيء مان روشنيء ۾ اچڻ کان پوء.
هاڻي وري هن کي ڀوت بنگلي مان ڪڍڻ جون تياريون آهن. هن مان هٿ ته اڄ کان سال کن اڳ ئي ڪڍن ها پر “متبادل” اڃان “سنوت” ۾ نه پئي آيا جن کي نڙيء تي ننهن ڏيئي “موت ڏيکاري ڀوت بنگلي ۾ داخلا” ڏياري ويندي ۽ عمران خان کي “بي چيو (نافرمانبردار) هجڻ جو احساس ڏياري” انتظار گاه جي بينچ تي ويهاريو ويندو. جنهن جي وزيرن فرمايو هو ته ايندڙ قلعو سنڌ هوندي جيڪو اسان فتح ڪنداسين. اهو بيان ان ڪيفيت جي عڪاسي ڪندڙ هو جيئن ڍور ڪسجڻ کان پوء ڇڙهيون هڻي وڌيڪ خوفناڪ هجڻ جو احساس ڏياريندو آهي.
هي سڀ تسلسل آهي. ائين سمجهو ته هيء گاڏي ڪيتري وقت کان اسٽارٽ بيٺي هئي جيڪا سائرن وڄائي مختلف پارٽين کي مختلف پيغام موڪلي رهي هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول ڀٽي زرداريء جڏهن آمريڪا ياترا ڪئي تڏهن پي ٽي آء وارن ان کي “آمريڪا سي وي جمع ڪرائڻ” جو نالو ڏنو ۽ اتفاق چئجي يا ٻيو ڪجهه بلاول صاحب جو اهو بيان ته ويجهو ئي مان جڏهن آمريڪا ويندس ته مخالفن جون رڙيون نڪري وينديون ڄڻ “سي وي” واري ڳالهه جي پٺڀرائي پيو ڪري.
بدقسمتي ته ڏسو اسان جي، جو اقتدار لاء يا ته امپائر جي آڱر يا وري آمريڪا ياترا ئي ذريعا آهن ان کي ڪٽي (حساب ڪتاب جي دنيا ۾) باقي جيڪو بچي ٿو ان کي ٻڙي چئبو آهي ۽ اها ٻڙي ٽيڪسون ڏيندڙ، ڪڙي گوري اڳرندڙ، قرباني ڏيندڙ، نه گهٻرائيندڙ بکون ڪاٽي ٻچا وڪڻندڙ عوام جي نصيب ۾ آهي. جن جو ووٽ ته داخل آهي پر اهي سواء ڪهڙي قطار ۾ بيهڻ جي، ووٽ صبح منجهند يا شام ڏيڻ جي ٻيو ڪو فيصلو ڪري سگهڻ جي ڪجهه ڪرڻ کان قاصر آهن. اهي بحث ڪري سگهن ٿا، بحث ۾ هڪ ٻئي کي لٺيون، ڪهاڙيون بندوقون هڻي ماري سگهن ٿا، هڪ ٻئي سان رشتا ناتا برادريون ختم ڪري سگهن ٿا پر اهو فيصلو ته “هن ڀيري ڪهڙو بگهڙ سندن ٻڪريون کائيندو” نه ٿا ڪري سگهن. ڪهڙو رئيس/نانگ سندن ڳچي ۾ ويڙهجي ڏنگ هڻندو. ڪير سندن نياڻيون ڪاريون ڪري مارائيندو. ڪير سندن چوريون ڪرائي وري لهي ڏيندو نه ٿا ڪري سگهن اهو فيصلو ٻيا ڪندا ته هن ڀيري “ڪهڙي” جي پيرن هيٺان عوامي پٽڪا ميرا ڪرايا ويندا.
13.08.2021

سنڌ واسيو! حق وٺڻا اٿوَ ته اسان سان گڏجو

سنڌ واسيو! حق وٺڻا اٿوَ ته اسان سان گڏجو
سنڌ واسيو! حق وٺڻا اٿوَ ته اسان سان گڏجو. اهو بيان هو سنڌ جي هڪ وزير صاحب جو جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ اخبارن جي زينت بڻيو. وفاق يا ڪنهن کان به حق وٺڻ سنڌين جو حق آهي اهي حق وٺڻ به گهرجن ۽ سنڌين سدائين ان ڏس ۾ اوهان جو ئي ساٿ ڏنو آهي/اوهان مٿان ئي ڀروسو ڪيو آهي پر سوال اهو آهي ته اوهان پاڻ ڪيترو سنڌين سان گڏ آهيو. عملي طور اوهان سنڌين جي حقن لاء ڇا ڪيو آهي. ڇا سنڌ جي ماڻهن جي موجوده زندگي جيڪا زهر کان به ڪڙي آهي ان جا ڪنهن طرح ذميوار اوهين ناهيو!
سنڌ جي ماڻهن سدائين اوهان کي ووٽ ڏنا، محترمه بينظير صاحبه جي ٽي دفعا وزيراعظم ٿي رڪارڊ قائم ڪرڻ جي دعوى پٺيان به سنڌ جي ماڻهن پاران ووٽ ڏيڻ جي پڪ ئي هئي. ضيا جي ذري ذري ٿي وڃڻ کان پوء جڏهن هڪ ڊيل تحت اوهان کي حڪومت ملي جنهن لاء اوهان جي پارٽيء جو ئي چوڻ هو ته اسان کي حڪومت “هٿ پير ٻڌي” ڏني ويئي آهي. اوهان مان گهڻا ئي ضيائي مارشلا جا مزا وٺي موقعو ڏسي هن پارٽيء ۾ گهڙي آيا. ان اليڪشن ۾ ماڻهن جذباتي ٿي اوهان کي ووٽ ڏنا. سنڌ جي هر گهر ۾ بحث ٿيا ڀائرن ۾ جهيڙا ٿيا سنڌين پنهنجي مرشدن/برادريء جي چڱن مڙسن/ سالن صدين جي رشتن ناتن کي ٺڪرائي پيپلز پارٽيء کي ووٽ ڏنا. سنڌين اهو سوچيو ته هن ريت صدين جي قائم وڏيرا شاهي هڪ ڌڪي ڏيڻ سان ڪري پوندي پر ان وقت اهڙو سوچيندڙ سڀ مايوس ٿيا جڏهن ميرٽ کي گهٽا ڏيئي وڏيرڪيون اوطاقون مراعاتن جا مرڪز بڻايون ويون. سنڌين جا ڪنڌ جهڪائي وري انهن کي انهن ئي نانگن جي حوالي ڪيو ويو. سڀ ڏتڙيل سنڌي اوطاقن جو طواف ڪندا رهيا جيڪو اڃان تائين جاري آهي ۽ ڳٽ وڌيڪ سوڙهو پيو ٿيندو وڃي. اهي اوطاقون هاڻي ايتريون مضبوط آهن جتي هڪ فرعون/نمرود پنهنجي اشاري سان بادشاهي هلائي ٿو. علائقي جو “سڀ ڪجهه” هن جو آهي ۽ وري علائقن جون حد بنديون ڪيون ويون آهن اڌر تم اڌر هم.
اليڪشن کان ڪجهه ڏينهن پوء اوهان سنڌ دشمن فاشسٽ تنظيم جي ان گُهر ته بهاري اچڻ گهرجن جو نه رڳو معاهدو ڪيو پر ان وقت جي وزيراعلى صاحب فرمايو ته جيڪڏهن پنج لک بهاري آيا ته ڪهڙو آسمان ٽٽي پوندو ان ايڏي وڏي سنڌ دشمن بيان کان پوء به اوهان کي ڪنهن اها ميار به ڪونه ڏني ته جيڪڏهن اوهان ايم آر ڊي تحريڪ جي پٺ ۾ ڇرو هڻي حڪومت نه ورتي ته به ڪي آسمان ڪونه ٽٽندا.
اوهان جي هٿ پير ٻڌل حڪومت سنڌين کي اڃيو بکيو ڪري مارڻ واري ڪالاباغ منصوبي کي اڏڻ لاء بجيٽ ۾ پيسا رکيا ۽ اوهان جي وزير وڙن/ڪارڪنن ان جي تعمير لاء ذهني تياريء جي مهم به هلائي. (اها ٻي ڳالهه ته اوهان جي حڪومت ۾ ڪيترا وزير صاحب اهڙا به آهن جيڪي سنڌ دشمن/ملڪ دشمن آمر مشرف جي وقت ۾ ناظم هئا ۽ انهن ٽي وي پروگرامن ۾ ڪالاباغ جي وڪالت ۾ پروگرام ڪيا. مشرف جي وڃڻ کان پوء وري اچي هن پارٽيء ۾ پنهنجي سهڻن چهرن سان شامل ٿيا)
پوئين اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ صوبي کان سواء ڪٿي حڪومت ته ٺاهي ڪونه سگهي پر حزب اختلاف به پنهنجو آڻي ڪونه سگهي جنهن جو آخري مطلب اهو آهي ته اتي جي عوام اوهان جو ساٿ ڪونه ڏنو.
اوهان جا ئي يعني ساڳي وزير صاحب جا بيان سدائين سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيندا رهيا آهن. اوهان جو اهو چوڻ ته اسين ٻاهرين بهارين/بنگالن/برمين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏينداسون وغيره ظاهر ڪن ٿا ته اوهين ڄڻ ڪنهن قوم کان انتقام پيا وٺو. اوهان (سڀ) پاڻ کان ته پڇو اوهان ڪراچي سميت سنڌ جي ڊوميسائيل تي ڪيترن غير صوبائي ۽ غير ملڪين کي پوليس ۾ ڀرتيون ڏنيون آهن. جيڪي سنڌي نوجوان ڀرتي ٿيا آهن اهي ٻڌائين پيا ته اسين نئين ڀرتيء ۾ اٽي ۾ لوڻ آهيون. ڇا هي سڀ ڪجهه به ڪو ٻيو پيو ڪري. ڪوڙن ڊوميسائيلن کي رد نه ڪرڻ پويان ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا.
ٿي سگهي ٿو اوهان جي حڪومت پنهنجي ڪارڪردگيء مان مطمئن هجي ڇو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ٻڙيء جهڙي ڪارڪردگيء تي به ناز پيئي ڪري ته اوهان ڪهڙو ڏوه ڪيو جو ناز نه ڪريو پر سنڌ جو عوام اوهان منجهان ڪيترو مطمئن آهي ان جو ندازو آهي اوهان کي!
ون يونٽ جي ڳٽ کي ٽوڙڻ لاء اديب ۽ شاگرد اڳئين صفن ۾ شامل هئا ۽ وڏيرا (موجود وزير وڙا يا انهن جا وڏا) ان يونٽ جا حامي بڻيل هئا. ان لاء جيل اديبن ۽ شاگردن ڪاٽيا. ضيائي مارشلا جو مقابلو به اديبن ۽ شاگردن ڪيو. ڪوڙا به انهن مٿان وسيا وري حڪومتي مزا انهن وڏيرن/اوهان جي پارٽيء ماڻيا جيڪڏهن اوهان اڃان به سمجهو پيا ته سنڌ جا ماڻهو اوهان سان گڏ ڪين آهن ته پوء علامه اقبال چواڻيء “اگر هم وفادار نهين تو تو ڀي دلدار نهين”
10.09.2021

ام رباب جي فيصلي تي خوشي ڇو ٿي رھي آھي

ام رباب جي فيصلي تي خوشي ڇو ٿي رھي آھي
ڪجهه ڏينهن اڳ عدالت هڪ فيصلو ڏنو جنهن ۾ ٻن ماڻهن جو نالو رڳو ايف آء آر ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم هو يعني نه ڪو هنن کي سزا آئي نه ڏنڊ وغيره ڳالهه رڳو اها ته پوليس انهن جو نالو ايف آء آر ۾ ڪونه وڌو (جنهن جا سبب ڪي به ٿي سگهن ٿا) اهي نالا فريادي ڌر جي درخواست تي وڌا وڃن ۽ بس.
فيصلي اچڻ شرط سوشل ميڊيا تي خوشين ۽ شادمانن جا دهل وڄي ويا هر ماڻهوء پوسٽ رکي يا ان تي پنهنجي ذهن مطابق ڪجهه نه ڪجهه لکيو، گهڻو ڪري ڪو به خاموش نه ويٺو. ڪن دوستن ان کي مائي جندو سان ڀيٽيو، ڪن ان کي تاريخي ڪردار بختياور سان ڀيٽيو، ڪن هن کي بنياد بڻائي پيپلز پارٽي قيادت کي نشانو بڻايو ته اهي بينظير ڪيس جي پوئواري حڪومت ۾ هوندي، سڀني سهولتن هوندي، پيسي جي گهڻائي هوندي به نه ڪري سگهيا. اهو بحث اڃان تائين جاري آهي.
سوال اهو آهي ته ان فيصلي ۾ سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙي خوشيء جي ڳالهه نظر آئي آهي يا وري سڌي ڳالهه ڪجي ته ان ۾ سنڌ جي عوام خاص طور ان کي خوشيء جي خبر ڇو سمجهو. ڇا شامل ٿيندڙ نالن واري ماڻهن سان سنڌين جي ڪا خاص دشمني آهي يا ام رباب سان پيار آهي.
منهنجي نظر ۾ سنڌ جي ماڻهن کي اهي ٻيئي ڳالهيون ذهن ۾ ڪونه آهن. انهن جي اندر ۾ شامل ٿيندڙ نالن سان (خصوصي) دشمني ڪونهي پر ان جاء تي انهن کي هر ان عورت/مرد سان پيار آهي جيڪو جاگيرداريء خلاف/جاگيردارن خلاف وڙهي ٿو. خاص طور هڪ نياڻيء جو پنهنجي حق لاء وڙهڻ سنڌين ۾ خوشيء جي لهر پيدا ڪري ٿو اها خوشي ان ڪري به وڌي وڃي ٿي جڏهن جدوجهد ڪا ڪمزور ڌر/نياڻي ڪري ۽ ڪنهن جاگيردار/جاگيرداري سوچ خلاف هجي ٿي. سنڌي سماج هن بدبوء ڪري ويل نظام خلاف بي انتها نفرت رکي ٿو. هو سمجهي ٿو ته ساڻس ٿيندڙ هر ويڌن پويان اهو ئي عنصر آهي. اڄوڪي سنڌ جيڪو دوزخ جو دونهون پيئي لڳي انهيء گندي نظام ڪري ئي آهي. ان راء قائم ڪرڻ پٺيان سنڌين کي ملندڙ زخمن جي هڪ تاريخ آهي، ويساه گهاتين جي هڪ تاريخ آهي ۽ سنڌين ان خلاف نه رڳو سوچيو پر ڪيترا دفعا عملي اظهار به ڪيو آهي.
اوڻيويهه سو اٺاسي واري اليڪشن جا نتيجا اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ لاء ڪافي آهن جڏهن سنڌين پنهنجا سڀ لڳ لاڳاپا، ناتا رشتا وساري، پيرن مرشدن جي ڳالهه کي پوئتي اڇلي رڳو پارٽيء/ نظرئي جي بنياد تي ووٽ ڏنو ۽ هڪ ئي ووٽ ڏنو. ڪيترن ماڻهن اهو چيو سنڌي ڪنهن هڪ ڳالهه تي پهريون دفعو متفق آهن. اسان پاڻ اکئين ڏٺو جو اليڪشني عملو بينظير جي نالي جا نعرا هڻندو پولنگ اسٽيشنن تي پهتو ۽ نعرا هڻندي موٽيو نتيجي طور وڏا وڏا نالا جيڪي ڪڏهن هارائيندا ئي ڪونه هئا اهي پٽ اچي پيا. اليڪشن جي ٻئي ڏينهن جڏهن پيپلز پارٽيء کي ملندڙ حڪومت جي پڪ ٿي ته هر ماڻهوءَ خاص طور هر سنڌيءَ اهو سمجهو ته هو پاڻ وزيراعظم ٿيو آهي.
هن اليڪشن وڏيرن کي (هارايل ۽ کٽيل) پنهنجي ڪلاس جي رشتي جو ڀرم رکڻ لاء وري متحد ڪيو، هڪ ٻئي جي لاء پيپلز پارٽي (کٽندڙ پارٽي) ۾ گنجائش پيدا ڪئي ويئي ڏسندي ئي ڏسندي سڀ وڏيرا پيپلز پارٽيء کي پنهنجي آماجگاه (شڪارگاه به جتي ويهي لڪي شڪار ڪندو رهجي) بڻائي چڪا. انهن سنڌي عوام کان انتقام وٺڻ شروع ڪيو سنڌين کي قدم قدم تي باور ڪرايو ويو ته اوهان ووٽ ڪنهن کي به ڏيو، ڪهڙي به نالي سان ڏيو ووٽ وڏيرڪي سوچ کي ئي ملڻو آهي. هاڻي وتايو خوش آهي جو نالو به ڀلو، ماني به ڀلي کاء ڙي وتايا کاء.
هر سنڌيء جي اندر ۾ اها ئي تحريڪ (وري) اٿندي/ ڏسندي سنڌ جو هر جاگيردار سنڌين کي هڪ اهڙي نظام جي اندر ڌڪيندو رهي ٿو جنهن ۾ هو جاگيرداريء کان نفرت ته نه ڪري پر ان سان پيار ڪري. عوام خلاف هن نفرت ڀري ويڙه ۾ وڏيرن ذات پرستيء جو عنصر شامل ڪري هن کي وڌيڪ وڻندڙ بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن جيڪي سو سيڪڙو ڪاميابي ماڻينديون رهن ٿيون. وڏيرن جو اهڙين پارٽين ۾ هجڻ جتي اهي ويهڻ وڌيڪ محفوظ هجن اتي ويهي پنهنجي لاء وڌندڙ عوامي نفرت جو ٽوڙ ڪڍي سگهن، مجبوري آهي نه ڪي پيپلز پارٽيء سان محبت.
هن صورتحال ۾ پيپلز پارٽيء مٿان وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اها انقلابي قدم کڻندي اهڙن جاگيردارن/جاگيردار سوچ وارن کان پارٽيء کي پاڪ ڪري جيڪي اندر ئي اندر خود پارٽيء جا به دشمن آهن. دنيا ايڪيهين صديء کان به اڳتي جو سوچي ۽ هي اسان کي وري پنڌرهين صدي يعني رينانس واري دور ۾ ڦٽو ڪرڻ جا جتن پيا ڪن. جيئن ته هن وقت پيپلز پارٽيء جي قيادت نوجوان بلاول ڀٽو صاحب ۽ اسان جي ٻن نياڻين جي هٿن ۾ آهي تنهنڪري سنڌ جو عوام انهن منجهان بهتريء جي اميد رکي ٿو هن فيصلي يعني سنڌ جي هر ضلعي جي عوام مٿان باه وانگر ڪڙڪيل وڏيرن کي نيڪالي ڏيڻ جو فائدو اڳي پوء سنڌ کي ۽ پيپلز پارٽيء کي ئي ٿيڻو آهي.
17.09.2021

“ايبسوليوٽلي ناٽ” کان پوء ڇا ٿيندو

“ايبسوليوٽلي ناٽ” کان پوء ڇا ٿيندو
نتيجو وڃي ايبسوٽلي ناٽ تائين پهتو آهي. اهو سفر جيڪو وڏي پاٻوه ۽ پيار سان شروع ٿيو هو ڪم نڪرڻ کان پوء اهڙي جڳهه تي پهتو آهي جتي واٽون ويهه ٿين ٿيون ۽ هڪ به واٽ اهڙي ڪونهي جنهن جو ٻيو سرو وڏي کڏ نه هجي.
شڪست کان پوء جڏهن راجا پورس کي سڪندر اعظم جي سامهون پيش ڪيو ويو تڏهن هو نه ته گهٻرائي معافي وٺندڙ هو نه وري ان جي منهن تي هارائڻ جا ڪي آثار هئا. اها حالت ڏسي سڪندر اعظم کي وڏي ڪاوڙ لڳي. هن کانئس پڇيو، ٻڌاء توسان ڪهڙو ورتاء ڪجي. راجا پورس وراڻيو “جيڪو بادشاه بادشاهن سان ڪندا آهن”
بادشاه بادشاهن سان جيڪو سلوڪ ڪندا آهن ان کي بادشاهي ورتاء سڏبو آهي، بادشاه بادشاهن سان جيئن ڳالهائيندا آهن ان کي سفارتڪاري سڏبو آهي. سفارتڪاريء جي ٻولي انتهائي مهذب هوندي آهي. هڪ ٻئي جو احترام ڪندي اهڙا لفظ ڳالهايا ويندا آهن جيڪي ڪنهن جي لاء دل آزاريء جو سبب نه بڻجن. لهجي کي تمام گهڻو ڌيمو رکيو ويندو آهي. جيڪڏهن نه به ڪرڻي آهي ته ان جا به ڪي آداب هوندا آهن. اسان جي سماج ۾ هڪ چوڻي ان تي بلڪل پوري آهي ته ڳڙ نه ڏيو پر ڳالهايو ڳڙ جهڙو.
نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جيڪا سيڪيورٽي خدشا رکڻ سبب واپس موٽڻ لاء تيار ٿي تڏهن اسان جي ملڪ جو اڳوڻو ڪرڪيٽ ڪپتان ۽ موجود وزيراعظم انهن کي سفارتڪاريء جي فن سان قائل ته ڪونه ڪري سگهيو پر نيوزيلينڊ جي وزيراعظم (جيڪا ڪجهه عرصو اڳ اسان جي ملڪي عوام سميت دنيا کان پنهنجي ڌيمي لهجي ۽ نرم دل هجڻ جا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري چڪي آهي) مٿيان لفظ ڳالهايا. اصل سوال اهو آهي ته اهڙا لفظ هن ڇو ڳالهايا. ڇا اهو سڀ ڪجهه هن ڪنهن جي اشاري تي ڪيو. هن جو چوڻ هو ته سندس ٽيم جون حياتيون ڪرڪيٽ کان وڌيڪ قيمتي آهن. هن ذهن ۾ يقين ڪري ڇڏيو هو ته سريلنڪا جي ٽيم سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سندس ٽيم سان به ٿيندو ۽ اهو يقين ائين هروڀرو ڪنهن جي دل ۾ گهر ڪري ويهي ممڪن ڪونهي. ان پٺيان ڪڇ تو هي جس ڪي پرده داري هي وارو شعر راز ضرور آهي.
نيوزيلينڊ جي ٽيم کي هتان وئي ٿورا ئي ڏينهن گذريا هئا جو انگلينڊ جي ٽيم به ساڳيو عذر ٻڌائي پنهنجو دورو ختم ڪري ڇڏيو. هنن ٻنهي ٽيمن جي دورن جي خاتمي اسان جي ملڪ تي وڏا اثر ڇڏيا آهن سوشل ميڊيا تي ان باري وڏا بحث ٿيا جيڪي اڃان تائين جاري آهن.
هڪ ٻه ڏينهن ٿيا جو ٻن وفاقي وزير صاحبن پريس ڪانفرنس ڪندي (صفائي ڏيندي) پاڙيسري ملڪ تي نيوزيلينڊ کي ڊيڄاري ڀڄائڻ جا الزام هنيا. چيو ويو ته هندستان جي فلاڻي رهواسيء نيوزيلينڊ کي اي ميل ڪري ڊيڄاريو، اسان ڪوشش ڪئي پر هو نه رڪجي سگهيا.
اهو سڀ ڪجهه جاري ئي هو ته اڄ جي اخبار ۾ محترم اسد عمر صاحب جو بيان ڇپيو آهي ته “چين کي سيڪيورٽي تي خدشا آهن، ڪوئلي تي سيڙپ ڪاري نه ڪندو” هي بيان گهڻو ڪجهه سمجهائيندڙ آهي. هن بيان جو الزام هندستان تي به هڻي نه ٿو سگهجي ڇو ته چين هندستان جي چوڻ تي ڀڄڻ جو نه سوچيندو. چين پاڻ هڪ طاقت آهي جيڪو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي نه رڳو صلاحيت رکندڙ آهي پر ان جو هو عملي مظاهرو به ڪندڙ رهيو آهي.
ته پوء ڳالهه ڪهڙي آهي جو هر ملڪ ايبسوليوٽلي ناٽ /بلڪل نه (ائين ڪڏهن به نه ٿيندو) لفظ استعمال ڪري پيو جيڪڏهن هو ٻيا ڪي لفظ ڳالهائي ٿو ته ان جو مطلب اهو ئي آهي. ان جو جواب بلڪل سادو آهي جنهن لاء جيڪي به لفظ ڳالهائجن پر ان جو مطلب اهو ئي آهي ته اسان جي ملڪ جي خارجه پاليسي ناڪام ۽ بلڪل ناڪام آهي. اڄ اسان جي ملڪ جو بيانيو ڪنهن هڪ ملڪ کي به ڪونه پيو وڻي. هندستان ته ٿيو دشمن ملڪ، چين ته پنهنجو دوست ملڪ آهي. نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ته ڪنهن ملڪ جي اشاري تي اهڙا خدشا رکن ٿا سعودي ۽ ايران ته پنهنجا اسلامي ملڪ آهن. افغانستان تان ته اسان گهور گهور ٿيندا رهيا آهيون. پنهنجي ملڪ جي سموري ڪڻڪ، کنڊ ۽ گهڻو ڪجهه ان کي وڪڻي پاڻ مهانگي ڪڻڪ، کنڊ ٻاهران گهرائيندا رهيا آهيو اهو ڇو اهڙا عمل پيو ڪري. اهو اسان ڏانهن اشارو ڪندي ڇو پيو چوي ته اسان ڪنهن به ملڪ جي مداخلت برداشت ڪونه ڪنداسون.
وقت جي تقاضا آهي ته پنهنجي خارجه پليسيء کي صحيح رخ ڏنو وڃي خاص ڪري پاڙيسري ملڪ چين، هندستان، ايران ۽ افغانستان سان تمام سٺا لاڳاپا رکيا وڃن. حقيقت پسند ٿي سوچڻ سکجي نه ته گري (سليٽي رنگ) مان ڪارو رنگ ٿيڻ واري تلوار جو وار ۽ مٿين چئن ملڪن پاران ايبسوليوٽلي ناٽ وارا لفظ به ٻڌي سگهجن ٿا. جنهن جي سٽ سهڻ جي طاقت ملڪ ڪونه ٿو رکي.
24.09.2021

هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون ويون آهن! (ٽوڪ يا حقيقت)

هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون ويون آهن! (ٽوڪ يا حقيقت)
هڪ خبر مون ڏه دفعا پڙهي اکين تي يقين نه پئي آيو سوچيم هي اخبار جي نمائندي جي غلطي آهي، پرنٽ جي غلطي آهي يا ڪنهن غير ذميواريء سان هي خبر ڇاپي آهي، پر اخبار (اها به هن قهري زماني ۾) اهڙي خبر ڪيئن ڇاپي سگهي ٿي. سڀئي اخبارون ڏٺيون تڏهن وڃي پڪ ٿي. خبر موجب هڪ صحتمند وفاقي وزير صاحب جن بلڪل اهو ئي فرمايو آهي ته اسين ٽن سالن جي حڪمرانيء ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيئي چڪا آهيون. جيسيتائين حقيقتن جو تعلق آهي ته اها سچائي پڌري پٽ آهي ته هن حڪومت پنهنجي ٽن سالن جي حڪمرانيء دوران سواء مهانگائي جي ڪجهه به ڪونه ڏنو آهي ته پوء هن وزير صاحب جو بيان ڇا پيو سمجهائي. هڪ وفاقي عهدي تي براجمان وزير اهڙو بيان ڇو پيو ڏئي؟
ڇا سچ پچ هي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيئي چڪا آهن. ائين ته ڪونهي ته پنجاب صوبي جي ماڻهن ۾ اهي نوڪريون ڏنيون ويون آهن ۽ ستر پنجهتر سالن جي تاريخ ٻڌائي پيئي ته حڪمرانن پنجاب کي ئي ملڪ سمجهو آهي ٻيا صوبا ته ڪنهن ڳڻت ۾ ئي ڪونه آهن. جيڪڏهن اهو سچ هجي ها ته حڪومتي مشينري جيڪا ڪوڙ ۾ گوئبلز کان ڪنهن به ريت پوئتي ڪونهي اڃان تائين خاموش ڇو ويهي ها. ٻيو ته حڪومتي سربراه جيڪو پنهنجي خامين کي خوبيء طور بيان ڪندڙ ثابت ٿيل آهي اهو پنهنجي ڪرندڙ ساک کي بچائڻ لاء ان کي استعمال ضرور ڪري ها.
ته ڇا هي سڀ مزاق طور ڳالهه ٿيل آهي! ٿي سگهي ٿو ڇو ته اهڙي ڳالهه نظر ڪونه پيئي اچي. ٻيو ته اسان جي حڪمرانن جو مزاج اهڙو ٺهي چڪو آهي جيڪي ماڻهوء کي ماڻهو ڪونه پيا سمجهن.
هڪ صحتمند وزير جو اهو بيان اڃان عوام جي ذهنن ۾ هٿوڙا هڻي ئي رهيو هو جو هڪ ٻئي وڏن وارن واري صحتمند وزير جو بيان اچي ويو ته ملڪي معيشت کي هٿي ڏيڻ لاء پاڪستاني عوام ماني گهٽ کائي ۽ چانهن ۾ ڪجهه داڻا گهٽ وجهي جنهن سان چانهه جي مٺاڻ ۾ ڪو فرق ڪونه پوندو. جيڪڏهن هي بيان ڪنهن اهڙي ملڪ جي وزير جو هجي ها جتي عوام کي حڪمرانن جي گريبان کان وٺي پڇڻ جو حق حاصل هجي ٿو ته هن کان به پڇي سگهجي ها ته جيڪڏهن تون ۽ تو جهڙا وزير صاحبان جنهن شيء کي ڪورٽ ۾ ماکي ثابت ڪندا رهيا آهيو ان مان ڪجهه ڍڪ گهٽ پيئو ها ته جسماني سرور ۾ ڪا گهٽتائي ڪونه اچي ها، جيڪڏهن بلڪل ئي نه پيئو ها ته مري ڪونه وڃون ها ڇو ته ان کي پيئڻ کان سواء ننڊ ڪندڙن جو تعداد ان کي پي ڪري ننڊ ڪرڻ وارن کان تمام گهڻو آهي. هتي سوال اهو آهي ته ڇا هن وزير موصوف کي ملڪي معيشت جي ايتري ڳڻتي آهي يا هن پويان ڪا کرمستي/مزاق آهي. جواب سڌو آهي ته ملڪي معيشت جو فڪر اسان جي ملڪي حڪمرانن کي ڪڏهن رهيو ئي ڪونهي ته هن کي ڪٿان ٿيندو. باقي کرمستي ضرور آهي ڇو جو پيٽ ڀريو بکئي مٿان هميشهه ٽوڪ ڪندو رهيو آهي هي به پيٽ ڀريا آهن ۽ هي به ٽوڪون پيا ڪن.
هن کان اڳ ڪيترا وزير صاحبان اهڙا جملا ڳالهائيندا رهيا آهن. ڏتڙيل سنڌ جي به ڪيترن وزير صاحبن اهڙي کرمستيء وارا بيان ڏنا آهن جيڪي پڻ رڪارڊ تي آهن. مظلوم مظلوم جو پلٽا هڻي راڳ ڳائيندڙ هڪ وزير چيو هو ته هي ماڻهو چانورن جي خوشبوء تي ڀڳا اچن ٿا. هي جملو ٻوڏ ستايل ماڻهن کي دوميل/ڌپ ڪري ويل چانور کارائي انهن سان فوٽو ڪڍرائي حاتمطائي وارو روپ باور ڪرائيندڙ وزير ان وقت چيو هو جڏهن ڪنهن ان جي نشاندهي ڪئي هئي ته ماڻهن کي کارايا ويندڙ هي چانور کائڻ جي لائق ڪونه آهن. ان تي مشڪري وزير جا مٿيان تاريخي جملا سندس واتان گوهر ناياب وانگر نڪتا هئا. ان پويان به اها ئي ڪيفيت آهي جنهن کي تز لفظن ۾ ڀيٽ ڀرائي چيو ويندو آهي.
ته پوء اصل سوال ته هي حڪمران ٽولي سان لاڳاپيل (پراڻا يا نوان جو سوال ڪونهي ڇو ته حڪمران بدليا ئي ڪونه آهن، ستر پنجهتر سالن کان ساڳيا ئي آهن) اهڙيون انسان دشمن ڳالهيون ڇو ڪندا رهن ٿا.
ان جو سبب هي آهي ته حڪمرانن جي پالنا ان حساب سان ئي ٿيل آهي يعني انهن جي تربيت ۾ اهو سڀ شامل آهي ته اوهان حڪمران آهيو ۽ عوام محڪوم. عوام کي نفسياتي طور قابو ڪرڻ لاء ان کي پنهنجي هيٺاهين درجي جو هجڻ جو يقين ڏيارڻ ئي اوهان جي حڪمراني کي مضبوط ڪندو. جيترو اوهان پاڻ کي حڪمران سمجهندا ايترو عوام پاڻ کي غلام سمجهندو ۽ اهو ئي ميڪاولي نسخو آهي جيڪو اسان جي حڪمرانن کي گهوٽي پيئاريل آهي. ٻيو ته انهن جي تربيت ۾ ڪنهن علم جو عمل دخل ڪونهي تنهنڪري اهي ننڍڙي ذهن جا مالڪ ٿين ٿا ۽ بلڪل پراڻي زماني جي وليز جيپ وانگر ڏيک ڏين ٿا جيڪا وڌيڪ اسپيڊ ڏيڻ سان وڦلندي هئي ۽ ٽائر راڊ نڪري ويندو هوس جنهن سبب هوء قابوء ۾ نه ايندي هئي ٻين لفظن ۾ ٽڪي جا ماڻهو روپئي جي سيٽ تي ويهاريل آهن.
08.10.2021

مجهي ڪيون نڪالا جو عمراني ورزن

مجهي ڪيون نڪالا جو عمراني ورزن
سچ چيو اٿن ته ڏٻري ڍور کي چچڙ گهڻا هوندا آهن. ڏٻري ملڪ کي مسئلا به گهڻا. پوئين ٻن هفتن کان ملڪ جنهن عذاب مان گذريو آهي اهو عذاب جيڪڏهن ماڻهو کي (هڪ ماڻهوء) کي هجي ته مري وڃي پر جيئن ته هي ملڪ منڍ کان سازشي حڪمران ٽولي جي قبضي ۾ رهيو آهي ان ڪري محسوس ڪونه پيو ٿئي پر مسلسل عذاب واري ڪيفيت پهلوانن کي به جهوري وجهندي آهي هي ته هڪ ڏٻرو ڍور آهي. اڳي به ڪنهن نه ڪنهن چچڙ تي لکندا رهيا آهيون اچو ته اڄ هڪ اهڙي چچڙ بابت سوچون ۽ سمجهون جيڪو هاڻي چچڙ مان ناسور جي شڪل وٺي چڪو آهي. اچو ته ان ڳالهه جو جائزو وٺون ته ڇا هي چچڙ “مجهي ڪيون نڪالا” کي عمراني شڪل ڏياريندو.
وهم ۽ وسوسي وارو نالو رکندڙ هي چچڙ هن ملڪ مٿان هڪ نڀاڳي پکيء (رڳو چوڻيء مطابق، نه ته ڪوبه پکي، انسان، يا ڪا شيء نڀاڳي ٿيندي ئي ناهي. نڀاڳ انساني ڪردار سان واسطو رکندڙ وکر آهي) وانگر لامارا پيو ڏئي. هڪ طرف دنيا ڊجيٽل دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ وڌيڪ ٿيندي پيئي وڃي ٻئي طرف هڪ اسلامي ملڪ جي وڏن وڏن عهدن تي ويٺل اڃان ڦارون پيا ڪڍرائين جنهن کي اسلام ۾ گناه قرار ڏنو ويو آهي جنهن لاء ڪيتريون قراني آيتون ۽ حديثون موجود آهن.
روس جي ذارينه کي پنهنجي پٽ جي بيماريء نهوڙي ڇڏيو هو. ولي عهد هڪ اهڙي پراسرار بيماريء ۾ مبتلا ٿي ويو هو جنهن جي خبر ڊاڪٽرن کي به ڪونه پئي پيئي. جڏهن دوا اثر نه ڏيکاري ته دعا ڏانهن ڊوڙڻ انساني فطرت رهي آهي. ذارينه جي مامتا پنهنجي مڙس کي مجبور ڪيو ته بادشاه جي ڳيجهو ڪليسا جا راهب دعا لاء گهر ايندا رهن ۽ ائين ئي انهن راهبن جي معرفت راسپوتين جهڙو انساني نفسياتي ڪمزورين مان فائدا حاصل ڪرڻ جو ماهر گهر جي ڪمرن تائين رسائي حاصل ڪري چڪو. ڪمرن تائين پهچڻ کان پوء سندس ٽارگيٽ بسترا هئا جن تائين پهچڻ ۾ ان کي دير ڪونه لڳي. راسپوتين زار ۽ ذارينه کي پنهنجي ڳالهين وسيلي ايترو ڊيڄاريو جو هو هن جي هر ڳالهه کي الهامي حڪم سمجهي عمل ڪندا رهيا.
راسپوتين جهڙا ڪردار هر ملڪ ۾، هر شهر ۾، هر ڳوٺ ۾ موجود هجن ٿا اسان وٽ به اهڙي ئي صورتحال آهي. اسان جا حڪمران به اهڙن وهمن ۽ وسوسن جو شڪار بڻيل هجن ٿا ڇو ته هو قابليت جي حساب ۾ ٻڙي هجڻ ڪري مسئلن کي منهن ڏيڻ بجاء فرار اختيار ڪري ان کي دعا ڌاڳن/ٽوڻن ڦيڻن وسيلي ختم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ان صورتحال کي غنيمت سمجهي راسپوتين جهڙا ڪردار کين نه رڳو پيسن ڏوڪڙن وسيلي ڦرين ٿا پر انهن کان پنهنجا ڪارندا سرڪاري وڏن عهدن تي ويهارڻ جا حڪم جاري ڪرائين ٿا جن کان وري مخبري ڪرائي حڪمرانن جون وڌيڪ ڪمزوريون هٿ ڪندا رهن ٿا ۽ ائين سمورو چرخو ڄڻ اهڙن انسانن جي هٿ چڙهي وڃي ٿو.
وقت به وقت اهڙن عاملن جا عمل اخبارن جي زينت بڻبا رهن ٿا. وزيراعظم کان وزيراعلى تائين، وزيرن کان سرڪاري ڪامورن تائين اهڙا ماڻهو انهن نفسياتي ڪمزورين جي ماهرن جا شڪار ٿيندي اخباري خبرن جي زينت بڻبا رهيا آهن.
ملڪ جي وزيراعظم جهڙي وڏي عهدي تي رهندڙ گهڻو ڪري پاڻ کي ٻهارا هڻائيندي به عار محسوس ناهن ڪندا. ڪي وري پنهنجي دشمن کي ڳاري مارڻ لاء تعويذ ڪرائيندا رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي اهڙيون به خبرون هليون آهن جو وزيراعظم هائوس ۾ ٻه چار مجزوب/ملنگ قسم جا ماڻهو هڪ بت (ڪپڙي جي بت) کي سيون ٽنبيندي ڏٺا ويا. اهو بت ڪنهن وڏي عهدي واري جو هو جنهن جي خبر وري ان تائين پهچائي به ويئي. هي سڀ هڪ سيڪڙو لکيل آهي نوانوي سيڪڙو لکڻ جهڙو ڪونهي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايڪيهين صديء ۾ اهو سڀ ڪرڻ وارا دنيا سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهندا. ايڪيهين صدي جنهن کي ڊجيٽل صدي به چئجي ٿو، ڊجيٽلائيزيشن طرف وڌندڙ دنيا سان اسان ڪيئن مقابلو ڪري سگهنداسين. ٽوڻا ڦيڻا جيڪڏهن ڪنهن ملڪي ترقيء جا ضامن هجن ها ته پوء هي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، اسپتالون، هي ادارا ڇو. رڳو ڪجهه عامل ويهاريو جيڪي اوهان کي ٻڌائين ته هي اوهان لاء فائدي مند ۽ هي نقصان ڏيندڙ آهي اوهين هيئن ڪيو ته هي نقصان ٿيندو...... کل ڪونه پيئي اچي اهڙن عملن تي! پوء دنيا جي ٻين دشمن ملڪن کي ڪجهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. “بني تم دوست جس ڪي، اس ڪا دشمن آسمان ڪيون هو”
سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن/تبصرن ۽ وي لاگ پروگرامن مان ملڪ جي موجوده صورتحال جو ذميوار به وهم وسوسن کي قرار ڏنو پيو وڃي. انائون جيڪي ڪنهن کي به پٺتي هٽڻ جي ترغيب نه پيون ڏين اهي ملڪ کي ڪٿي پهچائينديون، ان تي ڪو هڪ به ڪونه پيو سوچي. ملڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪنهن کي پوئتي هٽڻو آهي. ڪنهن کي فيس سيونگ وٺي پوتئي هٽڻ گهرجي. ان کان اڳ جو مجهي ڪيون نڪالا جو عمراني ورزن اچي وڃي مقابلي کي ختم ٿيڻ گهرجي.
15.10.2021

هاڻي وري ڊالر مهانگي ٿيڻ جون برڪتون

هاڻي وري ڊالر مهانگي ٿيڻ جون برڪتون
خير سان ڊالر مهانگي ٿيڻ جون مبارڪون اچڻ شروع ٿي چڪيون. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر صاحب (تبديلي ٽيم جي هڪ ميمبر) ليڪچر ٽائيپ تقرير ۾ فرمايو ته ڊالر مهانگي ٿيڻ سان ملڪ کان ٻاهر ڪمائيندڙن کي پنهنجي رقم ڊالرن جي صورت ۾ موڪلڻ جي نتيجي ۾ فائدو ٿيندو. مثال جيڪڏهن ڊالر هڪ سو روپئي جو آهي ته هنن کي هڪ ڊالر موڪلڻ جي عيوض هڪ سو روپيا ملندا جيڪڏهن ڊالر ٻه سو روپين جو آهي ته هنن کي هڪ ڊالر موڪلڻ جي عيوض پاڪستاني ٻه سو روپيا ملندا. اهو نه ٻڌايو ويو ته ڊالر مهانگي ٿيڻ سان ملڪ ۾ رهندڙ ڪهڙي دوزخ جي دريء سامهون اچي ويندا.
ان کان اڳ وزيرن جي ٽيم مهانگائي بابت مسخري ٽائيپ بيان ڏيندا رهيا آهن مثالطور اهي فرمائيندا رهيا آهن ته فلاڻي ملڪ ۾ تيل اسان جي ملڪ کان مهانگو آهي، هتي کاڌي پيتي جون شيون وڌيڪ سستيون آهن وغيره. کل ايندي آهي جڏهن اتي وڪامجندڙ پيٽرول جون قيمتون اتان جي ڪرنسيء کي پاڪستاني ڪرنسيء ۾ تبديل ڪري اگهه ٻڌايا ويندا آهن. ان جي وضاحت به ڪڏهن ڪونه آئي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو آهي ته اتي جي ماڻهن جي فيڪس آمدني ڪيتري آهي اها اسان جي ملڪي عوام کان ڪيترو مٿي آهي. اڃان کل کان وڌيڪ اچرج ڏياريندڙ ڳالهه اها ته اتي جي فيڪس آمدنيء کي پاڪستاني ڪرنسيء ۾ تبديل ڪري ڪونه ڏيکاريو ويندو آهي جيئن پيٽرول جي قيمت کي.
وقت به وقت ان ٽيم جي وزير صاحبن پاران اهو به فرمايو ويندو رهيو آهي ته مهانگائي ٿيڻ سان ماڻهن جي قوت خريد وڌي ٿي يعني خريداري وقت ماڻهو پيسو وڌيڪ ڀري ٿو جيڪا قوت خريد جي نشاني آهي.
ان کان ڪجهه ڏينهن ئي اڳ تبديلي ٽيم جي سربراه وزيراعظم صاحب جن جي اها خبر به سوشل ميڊيا جي زينت بڻي هئي ته ڪوشش ۾ آهيون ته غريبن لاء پيٽرول سستو ڪريون. ان جي وضاحت ڪونه ڪئي ويئي ته غريب پيٽرول ڪڏهن ۽ ڪهڙي ضرورت تحت خريد ڪندو آهي، غريبن کي سستو پيٽرول ڪيئن ملندو، ان لاء راشن ڪارڊ ٺهندا وغيره.
رڳو تبديلي ٽيم ڪونه، اهڙا مثال اڳي به ملندا رهيا آهن. 1988 ۾ جڏهن پيپلز پارٽيء جي پهرين دور ۾ (نئين نئين عشق دوران) پهرئين بجيٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم لاء بجيٽ رکي تڏهن پيپلز پارٽيء جي وزير وڙن (ڪارڪنن تائين) ڪالاباغ ڊيم جا فائدا سرعام ٻڌائڻ شروع ڪيا. اڳتي هلي سنڌ جي عوام جو موڊ ڏسي پارٽي قيادت اهو راڳ بند ڪيو.
ان کان اڳ ضيا واري دور ۾ ضيائي ڪارڪن سندس هر فيصلي تي لبيڪ چئي ان جا ڳڻ ڳائڻ لڳندا هئا.
مٿيون منظر ٻڌائي ٿو ته اسان جا ذهن خالي ڪٽورا (ٿانوَ) آهن جنهن ۾ جيڪو ڪجهه ڀرڻ چاهجي ته ڀري سگهجي ٿو. قائد جيڪو ڀلي ڪهڙي به ذهن جو هجي ان جي ڳالهه تي بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي، بنا ڪنهن بحث جي، بنا ڪنهن اختلاف رکڻ جي لبيڪ چئي ميدان ۾ لهڻو آهي ۽ ان جو دفاع ڪرڻو آهي پوء ڀلي اڳتي هلي شرمسار ٿيڻو پوي.
ملڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان جا نمائنده گهڻو ڪري هڪ ليڪ/پيٽي/گول جي اندر رهي دماغ استعمال ڪندڙ رهيا آهن يا وري انهن کي ائين رکيو ويندو آهي. علم وارا، سائنسي سوچ وارا اسان جي نصيب ۾ آيا ئي ڪونه آهن. اهڙن کي وري ڪارڪن به اهڙا ئي کپن جيڪي ذهن هلائي، سوچ کي استعمال ڪندي ڪو سوال ڪونه ڪن “فقط يا قربان”هجن. رڳو جيئي جيئي ڪندي وات مان گڦ وهائين.
ملڪي ليول پنهنجي جاء تي، سنڌ ۾ جيڪي انقلاب جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندڙ رهيا آهن انهن مان به اڪثريت غير سائنسي سوچ وارن جي ئي رهي آهي. انهن کي ڪارڪن به اهڙا ئي کپن جيڪي رڳو نعرا هڻن ايتري قدر جو انهن نعرن جو نتيجو ڇا ٿيندو، هو انهن نعرن کي عملي روپ ڪيئن ڏيندا اهڙا سوال ڪرڻ سان يا ته خاموش ٿي وڃن يا وري کل ڏياريندڙ جواب ڏين.
ملڪ جي عوام کان علم کسي انهن کي رڳو مسئلا ڏيڻ سان “حاڪمن” سوچيو ته هاڻي رڳو حڪمراني ڪرڻي آهي پر وقت ثابت ڪيو آهي ته خالي دماغ وڌيڪ خوفناڪ ٿئي ٿو. خالي دماغ ڪڏهن به ڪهڙو به ڪم ڪري سگهي ٿو ان جي ابتڙ دنيا جي سڌريل ملڪن ماڻهن کي علم به ڏنا، مسئلا به گهٽائڻ جي حد درجي جون ڪوششون ڪيون نتيجو اوهان جي سامهون آهي.
وقت جي تقاضا آهي ته اهو ڪجي جيڪو نه ڪيو ويو آهي ۽ ان کان پاسو ڪجي جيڪو ڪيو ويو آهي نه ته تباهيون ئي منهن ۾ اينديون رهنديون. نادان دوست کان داناء دشمن بڻائجن ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. ماڻهن کي علم ڏيو ان کان اڳ جو خالي دماغ ڪنهن به وقت گئس جي سيلينڊر وانگر ڦاٽي پون ۽ الهو تلهو ساڙي رک ڪري وجهن.
22.10.2021

ساڳيا ماڻهو صحيح ساڳيا ماڻهو غلط!

ساڳيا ماڻهو صحيح ساڳيا ماڻهو غلط!
وري تحريڪ لبيڪ روڊن تي، وري ساڳيا مطالبا، وري ڀڃ ڊاه، وري ٻنهي پاسن کان موت جا ڀوائتا منظر.
اڳي اها تنظيم ڀلي هئي، ان جا سڀ مطالبا (جيڪي ساڳيا ئي آهن) صحيح هئا هاڻي اها تنظيم “ويڙهاڪ تنظيم” آهي، ان جا مطالبا مڃڻ جهڙا ڪونه آهن.
شيون تڏهن هڪ ٻئي سان ٽڪراء ۾ اچن ٿيون جڏهن انهن جو توازن بگڙي ٿو ۽ توازن بگڙڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب “مان صحيح تون غلط” يا “هي ڪم مان ڪريان ته ثواب جيڪڏهن تون ڪرين ته گناه”
“ڪنهن هڪ لاء قانون هڪڙو ٻئي لاء قانون ٻيو” اهڙو بم آهي جنهن سان سماج ائين ذريون ذريون ٿي ويندا آهن جيئن انبن جي ڪرامت سان بهاولپور ۾ ڪريش ٿيل جهاز ۾ آمر ضيا. هن قانون سان سماج پنهنجا ذهني توازن وڃائي پنهنجا وجود به وڃائي ويهندا آهن.
اسان جي ملڪ ۾ به اهڙو ئي قانون وڏي جاه و جلال سان هلندڙ آهي ٻين لفظن ۾ اسان جو ملڪ به اهڙي ئي بم مٿان بيٺل آهي.
ڳالهه ڪا ايتري پراڻي به ڪونهي، رڳو ٽي ساڍا ٽي سال اڳ جي آهي جڏهن ٽي ايل پي نالي هڪ تنظيم فيض آباد ۾ ڌرڻو هنيو. پنهنجي مطالبن ۾ هڪ مطالبو اهو به رکيو ته فرانس جي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. انهن مطالبن جي پيش ڪندڙن کان وڌيڪ پرجوش ماڻهو اهي هئا جن مان هن وقت هڪ ملڪ جو وزيراعظم آهي ۽ ٻيو وزير داخله. ان وقت ان ڌرڻي جي حمايت ۾ ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ اچي، روڊن رستن تي تقريرون ڪندي، غيرملڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي هنن ٻنهي همراهن جو جوش ڏسڻ وٽان هوندو هو. جڏهن ان وقت جي وزيراعظم نوازشريف جي خلاف هن ڌرڻي ۾ “اڳيان باه پويان ڪنڌي” واري صورتحال پيدا ڪرائي ويئي تڏهن هي ٻيئي همراه ٻرندڙ مٿان تيل وارو ڪم ڪندا رهيا. چوڻ وارا ته اهو به چوندا رهيا آهن ته ان همراه جو هن سموري معاملي ۾ هٿ هو جنهن جي ٽرانسفر پوسٽنگ تي هن وقت ملڪ ۾ هنگامو برپا آهي ۽ ستارن ۽ آسمانن جي چال جا بهانا بڻائي ان لاء وقت کي ڊگهو ڪيو ٿو وڃي. ان همراه تي اهو به الزام هو ته ڌرڻي جي خاتمي کانپوء ڌرڻي وارن کي گهر وڃڻ لاء ڪرايو ڀاڙو به ڏنو ويو هو. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ۽ آهي ته “هي سمورو ميلو لڳايو ئي ان ڪري ويو هو” ۽ ميلي جي پڄاڻي تڏهن ڪرائي ويئي جڏهن نوازشريف کي “مجهي ڪيون نڪالا” تائين پهچايو ويو.
اڄ اهي ٻيئي همراه هن ساڳي ئي تنظيم کي دهشتگرد تنظيم ڪوٺين پيا ۽ سڀ وزير واري واري هڪ ئي بيان پيا ڏين ته هن تنظيم سان ويڙهاڪ تنظيمن جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو. هن تنظيم جي هڪ مطالبي ته فرانس جي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي لاء هاڻي چون پيا ته اهو ناممڪن آهي جڏهن ته سرڪار سڳوريء پاڻ لکت ۾ معاهدو ڪيو هو ته ائين ئي ٿيندو.
وزيرداخلا صاحب فرمائي ٿو ته اڳ ئي ملڪ “نازڪ دور” مان گذري رهيو آهي ٻيا ملڪ اسان جي ملڪ ۾ سفير ڪونه پيا موڪلين هو تعلقات کي مڙوئي هلائڻ لاء ناظم الامور پيا موڪلين ڇو ته اهي سڀ اسان جي ملڪ کي بحرانن ۾ ڦاٿل ملڪ پيا سمجهين. سائين جن وڌيڪ فرمايو ته ڪنهن به اسلامي ملڪ فرانس جي سفير کي ملڪ نيڪالي ناهي ڏني ته اسان ڪيئن ڏيون.
اتفاق چئجي يا تاريخ جي بي رحمي جو نوازشريف جي دور ۾ وزيرداخله اهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون ته هن مٿان موتمار حملو ٿيو هو ۽ موجوده وزيرداخلا ان وقت اهڙي معاهدي جو مسودو پاڻ ويهي تيار ڪرائي رهيو هو جنهن پوء معاهدي جي صورت ورتي. هتي هڪ وڏو سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته هن وقت نالي ماتر ئي صحيح جمهوريت آهي، تاريخ جي بدتر حڪمراني ئي صحيح پر جمهوريت آهي ڇا هن جمهوريت کي بچائڻ لاء “جمهوريت جمهوريت” جو راڳ ڳائي نڙي ويهاري ڇڏيندڙ پارٽين کي اڳتي اچڻ گهرجي.
ان سوال جو جواب ڪو ايترو آسان ڪونهي ڇو ته ملڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ائين ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي. اسان جي سانڀر ۾ هڪ دفعو ائين ٿيو آهي جڏهن پيپلز پارٽيء جي پهرين حڪومت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي ويئي ته سنڌ جي ڏاهي ماڻهوء رسول بخش پليجي صاحب سڀني پارٽين جي سربراهن ڏانهن ٽيليگرام موڪليا هئا ۽ جمهوريت کي بچائڻ لاء پيپلز پارٽيء جو ساٿ ڏيئي عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام ڪرڻ لاء پنهنجو ڪردار نڀائڻ جي اپيل ڪئي.
هن وقت پيپلز پارٽي، نوازليگ، جميعت علماء اسلام سڀ ئي هن حڪومت جي خلاف ڪم ڪنديون رهيون آهن اهي اهڙيون جمهوري به ڪونه آهن جو هن حڪومت جو ساٿ ڏين. ان جو وڏو سبب اهو به آهي ته هي سائين خود غيرجمهوري انسان آهي جنهن جو ڪردار سدائين غيرجمهوري رهيو آهي.
سموري صورتحال مان لڳي ائين ٿو ته هن پارٽيء/ڪابينه ۾ “ويهاريل” ماڻهو عمران خان کي ان نهج/جڳهه تي پهچائڻ چاهين ٿا جتان هن همراه لاء موٽڻ ناممڪن بڻجي وڃي.
29.10.2021

ايف اي ٽي ايف ۾ شامل رهڻ ۾ اسان جو ڪردار

ايف اي ٽي ايف ۾ شامل رهڻ ۾ اسان جو ڪردار
سال ٻه هزار اٺارنهن ۾ اسان جي ملڪ کي گري لسٽ ۾ رکيو ويو هو ۽ اڃان تائين ساڳي لسٽ ۾ آهي. گري لسٽ کان پوء بليڪ لسٽ هوندي آهي اها ان گري لسٽ جي ايترو ئي ويجهو هوندي آهي جيترو بليڪ (ڪارو) رنگ گري (گهرو سليٽي) جي ويجهو هوندو آهي ٻين لفظن ۾ سليٽي رنگ کي وڌيڪ گَهرو/ڪارو ٿيڻ ۾ دير ڪونه لڳندي آهي.
هن ڀيري واري اجلاس ۾ به هر دفعي ونگر اسان جي ملڪ کي گري لسٽ ۾ ئي رکيو ويو ان لاء اجلاس وارن کي ڪو وڏو بحث به ڪونه ڪرڻو پيو توڙي جو ملڪي سرڪار سدائين زور ڀريندي رهي آهي ته اسان ستاويهه ئي الزام ختم ڪري چڪا آهيون پر هنن ڪوبه دليل ڪونه مڃيو ۽ اسين وري “واچ لسٽ” ۾ آهيون يعني اسان تي نظر رکي پيئي وڃي ته اسان ان مان نڪرڻ لاء ڇا ڇا پيا ڪريون.
جاچ لسٽ جو مطلب اسان جي هر حرڪت تي نظر رکي ويندي. اسان ڇا پيا ڪريون اسان جو رويو ڪهڙو آهي وغيره. اتي سوال اهو آهي ته ڇا (ڪنهن شاعر جي شعر وانگر ڪڇ شهر دي لوگ وي ظالم سن، ڪڇ سانون مرڻ دا شوق سي سي) صرف شهر جا ماڻهو ئي ظالم آهن يا اسان کي به مرڻ جو شوق آهي ان جو جواب ڪو ايترو مشڪل ڪونهي.
ٻيا مثال ته پري جي ڳالهه ڪجهه ڏينهن اڳ لڳرايل ميلو دنيا کي اهو سمجهائڻ لاء ڪافي ناهي ڇا ته اسان ڇا پيا ڪريون. هڪ بندش پيل تنظيم جنهن لاء ملڪ جو وزيراعظم چوي پيو ته انهن سان دهشٿگرد تنظيم جهڙو ورتاء ڪيو ويندو. حڪومتي رٽ ڪنهن به طور هنن اڳيان نه جهڪندي. گهرو وزير صاحب فرمايو ته اهي “را” جا ايجنٽ آهن انهن کي انڊيا مان فنڊنگ ٿئي ٿي حڪومت انهن اڳيان نه جهڪندي ۽ پوء انهن سان معاهدو ڪيو ويو. ڇا دنيا وارا ايترا اڻڄاڻ آهن جيڪي اها ڳالهه ڪونه سمجهندا. اوهان پاڻ انهن کي دهشتگرد چئو، انهن سان ڳالهيون ڪريو، انهن جا شرط مڃو انهن سان معاهدا ڪريو، وري سال اڌ ۾ اهڙا ڊراما ڪندا رهو ۽ انهن ڊرامن ۾ ماڻهو به مارائيندا رهو دنيا ڪونه ڏسندي/سمجهندي.
ملڪي ميڊيا ته خبرون ڪونه ڏنيون جنهن کي معاهدي کان پوء وزير شاباسون ڏيندا رهيا ته انهن “ذميواري” جو مظاهرو ڪندي رپورٽنگ ڪونه ڪئي، (ان “ذميواري” جو احساس ميڊيائي ماڻهن کي ڪيئن ڏياريو ويو هوندو ان لاء ڪجهه لکڻ جي ضرورت ڪونهي ان لاء ملڪي تاريخ قدم قدم تي گواهي ڏيندي رهي آهي) پر غيرملڪي ميڊيا تي آيل خبرن ۽ مختلف وي لاگ يوٽيوب هلائڻ وارن جيڪي خبرون ڏنيون انهن مطابق ٻنهي ڌرين جا ڪيترا ئي ماڻهو مارجي ويا. تحريڪ لبيڪ وارن پاڻ ڪجهه انٽرويو به ڏنا جن ۾ ٻڌايو ويو ته پهرئين ڏينهن هنن جا هڪ ڊزن ماڻهو ماريا ويا هئا. خبرن مطابق پوليس جا پنجن کان وڌيڪ جوان مارجي ويا هئا. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو مطابق پوليس جي ماڻهن کي اغوا بعد تشدد جو نشانو بڻايو ويو انهن کان نعرا هڻايا ويا. اهي وڊيو پراڻيون يا نيون واري بحث کان سواء ڏسي انهن مان ظلم جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
اهي خبرون اڃان هلندڙ ئي آهن ته مٿان تحريڪ انصاف وچ پنجاب جي صدر سينيٽر اعجاز احمد چوڌري چيو آهي ته بندش پيل تنظيم سان سياسي معاملن خاص طور تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهيون شروع ڪنداسين سائين جن وڌيڪ فرمايو ته هو پاڻ بندش پيل تنظيم (وزيراعظم ۽ وزيرن جي بقول انڊيا جي ايجنٽ تنظيم) جي سربراه جي جيل مان آزاديء وقت گلدستو کڻي استقبال لاء ويندو.
“بندش پيل” تنظيم سان معاهدي ۾ اهو به شامل آهي ته هن تنظيم جي ڪڍ لڳايل لفظ “ڪلعدم/بندش پيل” به هٽايو ويندو جنهن لاء پنجاب ڪابينه پنهنجي اجلاس ۾ اهو لفظ هٽائڻ جي سمري منظور به ڪري ورتي آهي جيڪا وفاقي سرڪار کي موڪلي ويندي اميد آهي ته ملڪ کي وزير اعظم، وفاقي وزيرن سميت ڏنل بيانن مطابق هندستان جي ايجنٽ، “را” کان پيسا وٺندڙ احتجاج سبب روڊ بند ڪري اربين روپين جا نقصان ڏيندڙ تنظيم کي هن لفظ کان “پاڪ” ڪيو ويندو. وفاق به ان ۾ ايتري ئي جلدي ڪندو جيتري پنجاب ڪابينه پاران ڪئي ويئي آهي ۽ پوء............
“اب مين سمجها تيري رخسار په تل ڪا مطلب” وانگر هاڻي هن ميلي/ڊرامي کي سمجهڻ ايترو ڏکيو ڪونهي. هڪ همراه جو ميلي ۾ کيسو ڪٽجي ويو جنهن تي هن چيو ته اهو ميلو لڳرايو ئي منهنجو کيسو ڪٽڻ لاء هو. سو هي ميلو نواز ليگ جي پنجاب ۾ وڌندڙ مقبوليت جو مقابلو ڪرڻ لاء لڳرايو ويو آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ “ووٽ ورهايو ۽ پنهنجا کٽرايو” واري پاليسي هيٺ ووٽ ورهائي “پنهنجا” کٽرايا/سليڪ ڪرايا ويندا. هن معاهدي ملڪي وزيراعظم کي خوشي ڏني آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ به کيس ئي کٽرايو/سليڪ ڪرايو ويندو پر کيس اها خبر ڪونهي ته ڪوبه ڪل وقتي “پنهنجو” ڪونه هوندو آهي سندس چوڌاري ڦرندڙ به ان جا ڪونه هوندا.
05.11.2021

ڇا اسان سڀ ناظم جوکئي وانگر ماريا وينداسين!

ڇا اسان سڀ ناظم جوکئي وانگر ماريا وينداسين!
ها! بلڪل ائين ئي ماريا وينداسين. هر ڳوٺ ۾، هر شهر ۾ جتي جتي وڏيري جي بندوق جي نالي پهچندي اسان سڀ بندوق ڏيکاري، بندوق جو خوف ويهاري، بندوق بجاء ائين ئي ڌَڪَن ۽ چَڪَن سان ماريا وينداسين. اسان جي جسم جي هر ٽڪر کي جدا جدا قسم جا اهنج پهچائي اسان کي ماريو ويندو. جيئن ناظم جوکيو کي بيدرديء سان قتل ڪيو ويو آهي ۽ “عرب سڳورن/شڪارين/پيسن سان گهر ڀريندڙن” کي لائيو ڏيکاريو ويو آهي. اهو سڀني سنڌين لاء پيغام هو ته وڏيرڪن کيسن ڀرجڻ خلاف جيڪو ايندو ماريو ويندو، بلڪل ائين سمجهڻ گهرجي ته اسان سڀ هڪ ڪوس گهر (سلاٽر هائوس) ۾ پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺل آهيون.
ڇو! ڇو ته اسان پاڻ کي ان جو غلام سمجهون ٿا، پنهنجي سردار/وڏيري/جاگيردار کي پنهنجو مالڪ سمجهون ٿا، پنهنجي علائقي جو ڇپر ڇانو سمجهون ٿا، شير سنڌ سمجهون ٿا ۽ ان جي “غداريء واري گوء” ۾ ان جي سوڀاري ٿيڻ تي خوشيون ملهايون ٿا، کيس ڪلهن تي کڻون ٿا. ڇا اوهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته ڪنهن ڪورٽ سڳوريء ۾ قاتلن جي حق ۾ نعرا هنيا وڃن، سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وڃي ته هي معاملو اسان جو، “پنهنجي راڄ” جو آهي ٻئي ڪنهن جو واسطو ڪونهي. وائرل ٿيل فون آڊيو ٻڌي شرم کان ڪنڌ جهڪي وڃي ٿو ۽ شڪ ٿئي ٿو ته اسين ايڪيهين صديء ۾ ٿا رهون يا پٿر واري دور ۾!
اهڙا منظر اسان اڳ به سوشل ميڊيا تي ٻڌا ۽ ڏٺا جڏهن محترمه ام رباب پنهنجي وارثن جي قتل خلاف اٿي بيٺي ۽ عام ماڻهوء ان جو ساٿ ڏنو تڏهن ڪيترا اڻ ڄاڻ (اڻ ڄاڻ لفظ ان لاء استعمال ڪيو آهي ته وڏيرڪا واٺا جن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته اڄ اهو سڀ ڪنهن ٻئي سان ٿيو آهي سڀاڻي انهن سان به ٿي سگهي ٿو) سوشل ميڊيا تي آيا جن اهي ڳالهيون ڪيون ته هي چانڊين جو ذاتي معاملو آهي ۽ هي راڄ جو معاملو آهي ان ۾ ڪنهن کي ڳالهائڻ نه گهرجي اڃا اڳتي اهي ڌمڪيون به ڏنيون ويون ته باز نه ايندڙن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. بلڪل ائين ئي جيئن هاڻي وارثن کي، سوشل ميڊيا وارن کي ۽ وڪيلن کي ڌمڪايو پيو وڃي.
جڏهن اسان ان کي پنهنجو مالڪ سمجهون ٿا ته هو اسان کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ٿو. هتي سوال اهو آهي ته هو اسان کي ملڪيت اڳ ۾ ٿو سمجهي يا اسان ان کي مالڪ اڳ ۾ ٿا سمجهون. جواب آهي ته اصل ڪم رياست جو آهي جنهن اهڙو ماحول جوڙيو آهي. اسين ان ماحول جو حصو آهيون ان ڪري ان جا سڀ قانون اسان مٿان “پنهنجو پاڻ” لاڳو ٿي وڃن ٿا. وڏيري جي اها ذهنيت ته هي منهنجو راڄ آهي ۽ هي تڪ منهنجو آبائي تڪ يعني ورثي ۾ مليل تڪ آهي. هي عوام نه پر ڪوليون ماڪوڙا آهن جن کي ائين ئي ماري ڇڏڻ مون کي بخش ٿيل آهي. هو پاڻ ۽ پوء پنهنجي اولاد کي اهو سمجهائي ٿو ته هنن کي ڪَرُ کڻڻ نه ڏجي، هنن جو ڪنڌ هميشهه نوائي رکجي ۽ اسان سڀ ڪنهن فرمانبردار غلام وانگر پنهنجو ڪنڌ اڳ ۾ ئي جهڪائي رکون ٿا.
هن سموري راند ۾ پيپلز پارٽي (جيڪا دعوى ڪندي رهي آهي ته هوء ترقي پسند سوچ رکندڙ آهي) تي وڏي ذميواري عائد ٿئي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته پهرئين ڏينهن ئي انهن جون اسمبلي سيٽون سسپنڊ ڪيون وڃن ها، انهن جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي وڃي ها پر ان کان ٻه قدم اڳتي ٿي انهن کي پارٽيء مان نيڪالي ڏني وڃي ها پر پيپلز پارٽيء ائين ڪونه ڪيو. پيپلز پارٽي جنهن کي سنڌي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا رهيا آهن ۽ اهي رڪارڊ ٺاهيندا يا رڪارڊ ٺاهڻ جون تمنائون ڪندا رهيا آهن انهن رڪارڊن پويان سنڌين جو ووٽ ئي آهي. هن پارٽيء کي سمجهڻ گهرجي ته تاريخ سدائين اهو ئي ثابت ڪندي رهي آهي ته وڏيرو هر روپ ۾ خوفناڪ ثابت ٿيو آهي ۽ هاڻي به تاريخ وڏي آواز سان سڀني کي پنهنجي ان پراڻي فيصلي کي واڪا ڪري ٻڌائي ۽ خبردار ڪري رهي آهي. جيڪي نه ڀٽي جا سڄڻ هئا نه وري بينظير جا ۽ نه وري موجوده قيادت جا.
ته ڇا سنڌي اهو سمجهي ڇڏين ته هر سنڌي ناظم جوکيو آهي ۽ هر وڏيرو “ڄام”، جيڪڏهن انهن اهو سمجهي ورتو ته دهشت ۾ دٻجي ويندا يا مزاحمت لاء اٿي کڙا ٿيندا. ان جو جواب وقت ٻڌائيندو پر تاريخ جيترا فيصلا ڏنا آهن ته انسان “تنگ آمد بَجنگ آمد” جي اصول تي عمل پيرا رهندو آيو آهي.. جيڪڏهن سنڌين وڏيري کي “دشمن نمبر هڪ” سمجهي ورتو ۽ اهو سمجهي ورتو ته هي ئي اهو دشمن آهي جيڪو انهن مٿان يعني نڙيء تي ننهن ڏيارڻ لاء ويهاريو ويو آهي. هي اليڪشن وڙهي سوڀارو ڪونه ٿو ٿئي پر “پنهنجي قوم” وڪڻي “سليڪٽيڊ” ٿئي ٿو ته قوم انهن کي ڪلهي تي ويهاريندي يا چين وانگر گند ٽوڪري (ڊسٽ بن) تي نالو لکي سدا لاء ذليل خوار ڪندي. پنهنجو راڄ سمجهي ويندڙ سان ظلم ڪرڻ خود ان ظالم لاء وڌيڪ هاڃيڪار آهي ته جيڪڏهن ان جو سمورو راڄ ائين ماريو ويو ته ان کي اليڪشني ڊرامي ۾ ووٽ ڪير ڏيندو؟ ان لاء دماغ جي ضرورت هجي ٿي ۽ ڪرسيء جو نشو دماغ تي حملو ڪري ان کي مفلوج ڪندڙ هجي ٿو جنهن جا اثر ۽ نتيجا ڪرسي کسجڻ کان پوء سمجهه ۾ ايندا آهن.
12.11.2021

اوهان جا ميمبر به اوهان جا ناهن چيئرمين صاحبان!

اوهان جا ميمبر به اوهان جا ناهن چيئرمين صاحبان!
سترنهن نومبر وارو اجلاس، ان ۾ ٿيندڙ سموري ڪاروائي ان پيغام کي پيئي ورجائي جيڪو سينيٽ جي چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري رٿ وقت ڏنو ويو هو. اهو پيغام اصل ۾ پارٽي جي چيئرمين صاحبن ڏانهن هو جنهن جو خلاصو اهو هو ته ڪير به هجي، اوهان جي پارٽي ٽڪيٽ تي، اوهان جي منشور تي ووٽ وٺي چونڊجي اچي پارليامينٽ ۾ پهچڻ کان پوء اهو اوهان جو نه هوندو. ان کان اڳ اهڙا “سگنل/اشارا” به ايندا رهيا آهن ته اسان ڪنهن کي ڪٿان به چونڊرائي سگهون ٿا. اهو اتي ڄائو هجي يا نه، اتي رهيو هجي يا نه، ان جو اتي هڪ به ووٽ هجي يا نه، اهو ان ڪري چونڊجي ويندو ڇو ته اسان جو آهي.
سترنهن نومبر واري اجلاس جنهن لاء عام تاثر اهو آهي ته اهو ڪنهن به صورت ۾ “اوڻيويهه نومبر” کان اڳ ڪرائڻو هو ڇو ته ان ۾ ڪيترن ميمبرن کي “اختلاف” ختم ڪندي هڪ “صفحي” تي بيهارڻو هو..... ۽ پوء سڀ هڪ صفحي تي اچي ويا جنهن جو تفصيل ٻڌائيندي هڪ ميمبر اهو چيو ته مان آيو ڪونه آهيان پر آندو ويو آهيان. ڪنهن پڇيس ته ڪنهن آندو آهي اوهان کي، جنهن جو جواب ڏنائين ته، جيڪي اڳ ۾ آڻيندا رهيا آهن. ساڳي ئي همراه رات جو هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ سموري بيان کي وڌيڪ واضع ڪري ٻڌايو ۽ معنى خيز اشارا پڻ ڪيا. اها ڳالهه بظاهر ته هڪ همراه پنهنجي زبان سان چئي پر اها گهڻن جي زبان هيٺان دٻجي ويئي يا هو جرئت ڪري نه سگهيا. سوشل ميڊيا تي چيو پيو وڃي ته “صفحي” کي کنئور سان جوڙيو ويو آهي جيڪو جوڙ ڪڏهن به کلي سگهي ٿو ۽ پوء “ڪا به زبان” دٻجي ويل نه هوندي.
هن اجلاس کان پوء پارٽي سربراهن کي اها ڳالهه سو دفعا سوچڻ کپندي آهي ته ڪرسيء جي آسري تي اوهان جي پارٽيء ۾ ايندڙ اوهان جا ڪونه آهن. تاريخ ته اهو به ٻڌايو آهي ته ڪرسيء جي ڊوڙ ۾ جيڪا پارٽي اڳتي نڪرندڙ هوندي آهي ۽ امپائر جي آڱر ان جي حق ۾ هوندي آهي ته ان پارٽيء کي “ميمبر اميدوارن” جي لسٽ ڏني ويندي آهي جيڪا لسٽ اها پارٽي اکين تي رکندي آهي ان ڪري جو ڪرسيء جي بيقراري انهن کي اهڙي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪندي آهي جنهن کي سولي سنڌيء ۾ “ڦونڊ ۾ ڀرجي وڃڻ” چئبو آهي اها ڳالهه حيرت جوڳي ڪونه آهي ڇو ته تاريخ اهڙن قصن ڪهاڻين سان ڀريل آهي ته ضمير جو سودو سٺي اگهه تي ٿئي ٿو ته ويڪائو خوش ٿين ٿا.
تاريخ ان جي تصديق ان وقت ڪرڻ شروع ڪندي هئي جڏهن اسمبلي اجلاس کان اڳ اهي پارٽي بدلائيندا هئا جنهن کي عام طور تي “هارس ٽريڊنگ” چوندا هئا جن کي سوشل ميڊيا تي ڊانڪي ٽريڊنگ جي نالي سان به سڏيو ويو. ان عمل کان بچڻ لاء پارٽين “هوش ۾ اچڻ” کان پوء قانون ٺاهيو جنهن کان پوء هارس ٽريڊنگ ظاهري طور تي ختم ٿي ويئي جنهن جي جاء وري “هارس هائيجيڪنگ” ورتي. هن طريقي ۾ گهوڙا وڪامندا ناهن ڌمڪائي استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ استعمال کان پوء ايندڙ وقت جي تياري جي واعدي تي نوازيا به ويندا آهن. انهن کي باور ڪرايو ويندو آهي ته “تون اسان جو” آهين اهو وري پنهنجي ان عمل کي عوام تائين لاهي ووٽرن ۾ خوشي ۽ خوف پيدا ڪندو آهي. ان جا ماڻهو وڏي وات چوندا آهن ته “اسان جو خان وڏن جو ماڻهو آهي”
هاڻي جڏهن ووٽ وٺي قانون جوڙيو ويو آهي ۽ مهينن جيترا بل ڪلاڪن ۾ پاس ڪرايا ويا آهن ته حڪومت پيار جو اظهار ڪندي مخالف ڌر کي سڏي رهي آهي ته اچو اسان سان ڳالهيون ڪريو.
اهڙو اظهار ڳالهائڻ واري وزير ڪالهه هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ فرمايو ته تحريڪ لبيڪ واري معاملي تي ڪجهه ڏينهن اڳ رياست کي پوئتي هٽڻو پيو هو. سائين جن وڌيڪ فرمايو ته اسان کي آمريڪا، ڀارت ۽ يورپ مان خطرو ڪونهي پر اصل خطرو انتها پسنديء مان آهي يعني گهر کي جاچي ڏسڻ جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته اهو بيانيو نواز شريف جو هو جيڪو ڊان ليڪس کان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ نڪتو ۽ لفظ بدلائي ساڳي مطلب سان هلندو رهيو. هن بيانئي ئي نواز شريف کان وزارت عظمى کسرائي، جلاوطني ڏيکاري ۽ ڪورٽن جا چڪر لڳرايا. ڪورٽن جي ڳالهه ڪندي هي به چئي سگهجي ٿو ته اهو بيانيو ئي هو جنهن تي ججن پاران هن کي سزائون ڏنيون ويون جن لاء هاڻي ان مٿان پيل رک هٽجندي رهي ٿي ته اهي سزائون ڏنيون نه پر ڏياريون ويون هيون. اهڙو اظهار سزا ڏيندڙ ججن کان ٻاهر ويٺل ججن تائين سڀ پيا ڪن. سڀ پيا چون ته موبائيل فون اهي سڀ ڪم ڪيا.
سو جيڪڏهن هاڻي ڳالهه ساڳي ئي ڪرڻي آهي ۽ هاڻي اها صحيح ٿي لڳي يا هاڻي سمجهه ۾ آئي آهي ته پوء پاڪستاني پراڻي فلم انصاف اور قانون (جنهن ۾ اداڪار محمد علي لازوال اداڪاري ڪئي هئي) کي عملي شڪل ڇو ڏني ويئي ٻين لفظن ۾ ان جو ازالو ڪير ڪندو ۽ ڪو ڪري سگهندو!
19.11.2021

ڇا وڪيل ئي آخري اميد آهن!

ڇا وڪيل ئي آخري اميد آهن!
ها! وڪيل ئي آخري اميد آهن. وڪيل علامت آهي قانون جي ۽ قانون علامت آهي انصاف جي ۽ انصاف سماج جي جيئڻ جي ضمانت ڏيندڙ آهي. دنيا جا سڀ سڌريل سماج قانون جي حڪمراني سبب ئي ترقيء جون منزلون پيا طيء ڪن. ان جي ابتڙ اسان جو سماج جيڪو هڪ منجمد/ڄميل سماج جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي ان جي هيء ڀيانڪ صورت ان ڪري ئي آهي جو هتي انصاف سستو ڇا مهانگو به ملڻ هڪ معجزو آهي.
اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ٻه تقريرون باه ٻاريو بيٺل آهن جن مان پهرئين نمبر تي علي احمد ڪرد صاحب جي تقرير جنهن وائرل ٿيڻ جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن. هيء تقرير (ڪجهه حصن ۾) ايترو وائرل ٿيل آهي جو جنهن ڪنهن ڏانهن موڪلي ته وري اها تقرير ڦرندي ڦرندي اچي ساڳي ماڻهو سان شيئر ٿي.
هيء تقرير لاهور ۾ ٿيل انساني حقن جي علمبردار مرحومه عاصمه جهانگير جي ياد ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ڪئي ويئي. هن تقريب ۾ چيف جسٽس سميت اٽڪل سڀني پارٽين جا نمائنده/سربراه موجود هئا. ڪرد صاحب جي نهايت ئي جذباتي تقرير قانون جي حڪمرانيء لاء ئي آهي. قانون جي حڪمراني اسان جي ملڪ مان ڏينهون ڏينهن اڻلڀ ٿيندي پيئي وڃي. هاڻي ته اها هڪ خواب لڳي رهي آهي. تقرير دوران تنقيد جو نشانو عدالتون به هيون ته سگهارا ادارا به.
هيء ڪانفرنس ان وقت ٿي رهي هئي جڏهن اڳوڻي چيف جسٽس جا مبينا “آڊيو ٽيپ” سامهون آيا آهن جن ۾ هن کي ڪنهن ٻئي جج کي اهي هدايتون ڏيندي ٻڌي سگهجي ٿو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل مان ٻاهر نه اچڻ گهرجي ڇو ته هن جي جڳهه تي ڪنهن ٻئي کي وزيراعظم بڻائڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي آيل اهڙين دعوائن جا لفظ ٻيا ٿي سگهن ٿا پر مطلب اهو ئي يعني مٿي بيان ڪيل آهي.
آڊيو ٽيپس کان پوء اخباري خبرن مطابق ان آڊيو جو فرانزڪ تجزيو ڪندڙ آمريڪي ڪمپنيء کي ڌمڪيون مليون آهن. آمريڪي ڪمپنيء گيرٽ ڊسڪوري پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ ٻڌايو ته اسان کي آڊيو جي تصديق ڪرڻ کان روڪيو ويو باز نه اچڻ جي صورت ۾ زندگي جي خطري جي ڌمڪي ڏني ويئي. اها اخباري خبر پنهنجي اندر به وڏي ڪهاڻي رکي ٿي ۽ گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي. اها ڪمپني ڪوڙ پيئي ڳالهائي يا سچ پر ملڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اڳي ائين ئي ٿيندو آيو آهي يعني ڏوه جا نشان ئي ختم ڪيا ويندا رهيا آهن.
ان کان هڪ قدم اڳتي جي اها خبر به آهي ته اهي آڊيو ٽيپ ليڪ ڪندڙ صحافي عورت تي لاهور ۾ حملو به ٿيو آهي.
عدالتن تي اهڙا الزام ڪي نوان ڪونه آهن. جسٽس منير/مولوي تميزالدين ڪيس (جنهن جو ذڪر هاڻي ايترو عام ڪونهي ڇو ته ان جي مقابلي ۾ سو سيڪڙو وڌيڪ ڀيانڪ ڪيس سامهون ايندا رهن ٿا) کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهيء واري ڪيس ۾ ان وقت جي ججن اهڙو اعتراف ڪيو آهي ته انهن فيصلا دٻاء هيٺ ڪيا. ٿورن لفظن ۾ اهو ته عدالتن تي آڱريون ملڪ ٺهڻ جي پهرئين ڏينهن کان کڄنديون رهيون آهن.
ٻي تقرير قومي عوامي تحريڪ جي سربراه اياز لطيف پليجي صاحب جي هئي جنهن چيو ته سنڌين کي هاڻي 1935 واري هندستاني ايڪٽ جيتري به ڪونهي. هن چيو ته اسين ڪٿي آهيون، هن ملڪ ۾ پنهنجو وجود به رکون ٿا يا نه. اسان سان مفتوح قومن وارو ورتاء ڪيترا خراب نتيجا ڏيندو ملڪ جي حڪمرانن کي ان جو اندازو به ڪونهي. هن چيو ته اڳي به ملڪ جي ڪن رهواسين کي چار-پنج فوٽ جو سمجهندي اهڙو ورتاء ڪيو ويو.
ان کان اڳ سنڌ جو هر هڪ ڪيس به هڪ قانوندان/وڪيل محترم رسول بخش پليجو وڙهندو رهيو جنهن جي جرئت سان ڳالهائڻ جا دشمن به مداح هئا. اهو ڪيس ڪالاباغ ڊيم جو هجي يا بهارين جي آبادڪاري جو، هي ماڻهو ئي ديوار بڻيو رهيو ۽ ان پويان قانون جي ڄاڻ ئي هئي جنهن کي هن طاقت ۾ تبديل ڪيو.
اهڙيون جرائت ڀريون تقريرون رڳو وڪيل ئي ڪري سگهن ٿا. تازو مدر نيچر/امڙ فطرت جو بچاء ڪندي بيدرديء سان ماريل ناظم جوکئي جي قتل خلاف ادا ڪيل ڪردار به اهو يقين ڏياريو آهي ته وڪيل هن سماج کي “نه” ڪري سگهي ٿو.
هڪ اهڙي “نه” ڊڪٽيٽر مشرف جي خلاف به وڪيلن ئي ڪئي هئي جڏهن هڪ جج جي “نه” جي بچاء ۾ تحريڪ هلائي ويئي جنهن تي موجوده وزيرداخله (سدا بهار وزير) تبصرو ڪندي چيو هو ته ڪارن ڪوٽن وارن سان ڦٽائڻ نه گهرجي.
هن وقت ملڪ جنهن دور مان گذري رهيو آهي ان جو اندازو حڪمرانن کي ڪرسيء جي مستيء ۾ ڪونه آهي پر زميني حقيقتون ٻڌائين پيون ته اقتصادي حالت تمام گهڻي خراب آهي. آء ايم ايف کان قرض وٺي ملڪ کي هلائڻ انسان کي آڪسيجن تي هلائڻ برابر آهي. هر ماڻهو جو خيال آهي ته تبديلي هڪ فراڊ ثابت ٿيو آهي.
ملڪ ۾ قانون نالي ڪا شيء ڪونهي، روزانو جون اخبارون لاقانونيت جي خبرن سان ڀريون پيون آهن. اخبارون لاشن سان ڀريل آهن، اخبار پڙهندي گمان ٿو ٿئي ته اخباري خبر وارو مقتول اخبار پڙهندڙ پاڻ آهي. هن کي شبهو ٿئي ٿو ته سڀاڻي واري خبر ۽ تصوير هن جي ئي هوندي. ان صورتحال ۾ وڪيل ئي هن ملڪ کي بچائي سگهن ٿا.
26.11.2021

بي روزگارن سان مزاق نه ڪريو!

بي روزگارن سان مزاق نه ڪريو!
جيڪڏهن اوهان بئنڪ ٻاهران نوجوانن جون قطارون ڏسو ته سمجهي وڃو، اها سنڌ آهي ۽ پڪ سان نوڪريء جو ڪو شوشو ڇڏيل آهي. بي روزگاريء سنڌ جي هر گهر جي چلهي کي ٿڌو ڪري ڇڏيو آهي. تبديليء جي نالي تي فراڊ ڪري رياست مدينه جا خواب ڏيکارڻ وارن ايتري ته مهانگائي ڪئي آهي جو ملڪ جي هر گهر جو چلهو ٿڌو ٿي چڪو آهي ان صورتحال ۾ هڪ بي روزگار نوڪريء جو آسرو ڏيئي ڦريو وڃي ته ان کان وڌيڪ قهر ڪهڙو!
لائين ۾ بيٺل هڪ نوجوان ٻڌايو ته مان ڀر واري ڳوٺ سان واسطو رکان ٿو رات اچي شهر ۾ رهيو هوس جتي ڪمپيوٽر واري کي پيسا ڏيئي آن لائين درخواست جمع ڪرائي جتان وري هي چالان مليو. مون ميٽرڪ، انٽر ۽ بي اي جي لاء درخواستون جمع ڪرايون جن جو ٽوٽل سترنهن سو پنجاه روپين جا چالان ٿين ٿا.
مون هڪ بئنڪ اڳيان لڳل لائين کي پوري سنڌ ۾ موجود بئنڪن جي لائين سان اندازو لڳائي حساب ڪيو ته جيڪڏهن ڏه لک بي روزگار به چالان جمع ڪرائين ته اهي اٽڪل ٻه ارب ريپين جا چالان ٿين ٿا جيڪي اهڙن کيسن مان ڪڍيا ويا جيڪي اڳ ئي خالي آهن. ٻين لفظن ۾ اڳ ئي ڪنگال بڻايل هڪ هڪ نوجوان گهر کان آنلائين درخواست ۽ چالان تائين اٽڪل ٽي هزار روپيا خرچ ڪيا. جيڪي هڪ بي روزگار نوجوان لاء ٽن لکن جي برابر آهن.
ٻئي پاسي برطانيه اهي لفظ چئي ته برطانيه جي ڌرتيء مٿان بدعنوان ماڻهو قدم (ٻين لفظن ۾ پليت قدم) رکي نه ٿا سگهن انهن جي ويزا درخواست رد ڪري ڇڏي جيڪي ماڻهو هتي جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن. ان مافيائي سربراه جو قصو پڙهي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون.
ڳالهه مختصر طور تي هن ريت آهي ته سال ٻه هزار اوڻويهه ۾ برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي ان مافيائي سرگني جي خلاف جاچ ڪئي. ان جاچ جي نتيجي ۾ ان ماڻهوءڪيس وڙهڻ جي بجاءِ برطانوي ايجنسي سان معاملو طئي ڪيو.
برطانيا جي ججن مطابق سن ٻه هزار سترنهن ۾ لنڊن جي بينڪ ۾ مافيائي سرگني ۽ سندس پٽ جي اڪائونٽ ۾ پنج ارب ستر ڪروڙ پائونڊ جمع هئا جيڪي پاڪستاني روپين ۾ اٽڪل تيرنهن کرب روپيا ٿين ٿا. اها رقم يڪدم وڌي اٽڪل چوڏنهن ارب پائونڊ يعني ٻٽيهه کرب روپيا ٿي ويئي. اها رقم پاڪستان جي سالياني بجيٽ جي اڌ جيتري بيهي ٿي) ججن جو خيال هو ته ان رقم ۾ ايتري تڪڙي واڌ مشڪوڪ آهي. هن رقم لاء عام خيال (اسان جي ملڪ ۾) اهو آهي ته اها پاڪستان مان چوري ڪري برطانيه پهچائي ويئي آهي. هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هن مافيائي سرگني اهو ڪم اڪيلو ڪيو هجي ان جو تصور به اجايو آهي ڇو ته هي سڌو ڪنهن ڪرسيء تي ويٺل ڪونهي ان سان ڪرسيء وارا ٻڌل آهن يا وري سڀ ڪرسيون هن جون خريد ڪيل آهن. تازو ٿيل ڪراچيء ۾ ان مافيائي سربراه جي خلاف جڏهن جلوس نڪتا ته سنڌ حڪومت ان جو ساٿ شاه کان وڌيڪ شاه جي وافادارن وانگر ڏنو. هڪ هڪ ماڻهوء تي اهڙي ڏوه جا ڪيس داخل ڪيا ويا جيڪي هن ڪيا ته ڇا تصور ۾ به ڪين آندا هئا.
مٿي بيان ڪيل رقم ايتري گهڻي آهي جو جيڪڏهن سنڌ حڪومت ان سرگني جو ساٿ ڏيڻ بجاء ان کان اها رقم ڦري (ڇو ته ان رقم جو گهڻو حصو هتان سنڌ مان ئي ڦريل آهي) ته سنڌ جي هر شهر/ هر ڳوٺ ۾ ڪارخانا لڳي سگهن ٿا جتي مقامي ماڻهن کي لکين روزگار جا موقعا ملي سگهن ٿا پر نوجوانن جون بئنڪ اڳيان اهي قطارون ٻڌائين ٿيون ته لٽ ڦت ۾ سڀ گڏ آهن.
هي قصو رڳو هڪ ڦريندڙ جو آهي جڏهن ته اهڙا سوين ڦريندڙ ٻيا آهن جيڪي ڪيترا دفعا اگهاڙا ٿيا آهن پر چور چور جو ساٿاري چوڻي مطابق وري انهن کي ڪپڙا پارائي ڍڪيو وڃي ٿو. اهي ڦريندڙ ۽ ساٿاري اسان جي مٿان صادق ۽ امين جا لقب رکندڙ هجن ٿا جيڪي پاڻ کي دنيا جي سڀ کان وڏي انسان ۽ صادق امين سان نسبت جوڙي اسان کي پيا ٺڳين.
اسان جا حڪمران ڪيترا صادق ۽ امين آهن ان جون خبرون روزانو اخبارن ۾ پڙهي هر شهري سمجهي چڪو آهي ته اهي صادق امين نه پر مها چور ثابت ٿيا آهن. هن وقت وڏي ۾ وڏي عهدي تي ويٺل اڃان جڏهن ڪرسيء تي ڪين ويٺو هو ته سوين واعدن سان گڏ هڪ واعدو اهو به ڪيو هئائين ته هو هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو. ان جي هڪ واعدي تي ڳالهائيندي هڪ وزير صاحب جيڪو پڻ صادق امين سڏرائي ان عهدي تائين پهتو آهي چيو هو ته وزير اعظم صاحب ته هڪ لک نوڪريون ڏيئي چڪو آهي.
سرمائيداري طبقن جي حامي آهي ۽ ان جي تبليغ ڪندڙ پڻ. اها هڪ طبقي ۽ ٻئي طبقي ۾ ايتري وٿي وجهي سگهي جيتري اسان جي سماج ۾ وڌي اٿائين اهو هڪ ڪمال آهي. شايد هن ۾ به اسان جو سماج رڪارڊ ٺاهي جو هڪ ماڻهو ڪروڙن جي غسل خاني/باٿ روم ۾ پنهنجي حاجت پوري ڪري ۽ ٻيو پنهنجي مري ويل مائٽ جي جنازي کي پنهنجي ڳوٺ کڻي وڃڻ لاء هلاڪ هجي. ڇا هي تضاد ڪنهن بيچيني جو سبب ڪونه ٿو بڻجي سگهي ۽ اها بيچيني هن سموري نظام کي نيست نابود ڪري ڇڏي.
03.12.2021

سيالڪوٽ جهڙا سانحا ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسون

سيالڪوٽ جهڙا سانحا ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسون
هڪ ڏينهن واري اخبار ۾ ٽي خبرون آهن جيڪي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن. هڪ خبر اها آهي ته فيصل آباد ۾ پنا ميڙيندڙ عورتون جڏهن اڃ اجهائڻ لاء دڪان ۾ داخل ٿيون ته مٿن چوريء جو الزام لڳائي کين سخت مارڪٽ ڪرڻ بعد ننگو ڪيو ويو، سندن وڊيو ٺاهيا ويا ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي به هلايا ويا. انهن عورتن جي مدد لاء جيڪي ٻه ٻيون عورتون آيون انهن پاڻ کي بيوس محسوس ڪندي پاڻ کي احتجاج طور ننگو ڪري ڇڏيو.
ٻي خبر آهي ته سرگوڌا ۾ اڱاري بازار ۾ اسٽال هڻندڙ عورت کي پيسا/ڀتو نه ڏيڻ سبب تشدد جو نشانو بڻائي باه ڏني ويئي. اها عورت هاڻي اسپتال داخل آهي.
ٽين خبر اها آهي ته وزير اعظم صاحب جن فرمايو ته “مذهب جي آڙ ۾ سيالڪوٽ سانحي جهڙا واقعا ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين”
غور سان ڏسجي ته هي خبرون رڳو ڪنهن هڪ ڏينهن جي اخبار جون ڪونه آهن اٽڪل هر ڏينهن تي ساڳيون ئي خبرون هجن ٿيون ساڳيا ئي بيان اچن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن ڪنهن کي ڪالهه وارا نه ته واقعا ياد رهن ٿا نه وري حڪمرانن جا بيان. هي چرخو ملڪ ٺهڻ جي ڪجهه وقت کان پوء شروع ٿيو جيڪو ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهي ٿو.
هي سڀ پڙهڻ کان پوء سوال اهو ٿو اڀري ته آخر هي سماج هن نهج تي ڪيئن پهتو. ٻيو سوال اهو ٿو ذهن ۾ اچي ته هن وزيراعظم به بيان ڏنو پراڻا به بيان ڏيئي ڏيئي هليا ويا ڇا انهن جي ۽ هن جي هٿ وس اها ڳالهه آهي به صحيح يا نه. جواب آهي ته اسان جي ملڪي وزير اعظم صاحب جي هٿ وس اها ڳالهه آهي ئي ڪونه. ٻيو ته هي وزير وڙا بيان جي حد تائين جيئرا آهن يا نيت به صاف اٿن جواب آهي ته بيان جي حد تائين. اڃان هڪ قدم اڳتي ته هي خود چاهين ٿا ته عمل بيانن جي ابتڙ ئي هجي، کين خبر به آهي ته هو خانه پوري پيا ڪن.
اڄ جيڪو ٿي رهيو آهي يا جيڪو فصل لڻجي ٿو پيو اهو ڪنهن پوکيو هو. جواب آهي ته پهرئين ڏينهن کان حڪمران رهندڙن اهو فصل پوکيو، پوء وارا ان کي ڀاڻ ڏيندا رهيا ان جي حفاظت ڪندا رهيا. هاڻي هي فصل پچي راس ٿيو آهي.
انسان جي بدني بناوٽ وانگر سماج جون سڀ اڪايون به هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هجن ٿيون. هڪ اڪائي ٻئي تي اثر ڇڏي ٿي ۽ ٻين جا اثر قبول به ڪري ٿي. سوال مان سوال اڀرن ٿا ته پاڻ فريادي پاڻ جج ٿيڻ لاء ڪهڙي ڏاڪڻ چڙهي سماج هن ڇت تائين پهتو آهي. ڇا ان پٺيان اسان جي پوليس جي تفتيشي طريقي مظلومن جي دانهن ٻڌڻ بجاء ظالمن کان پيسن عيوض يا ان جي طاقت/سفارش عيوض خون لوڙهڻ هن جو سبب ڪونهي! (ڇا پوليس پاڻ ايتري ظالم ٿي آهي يا وڏيرن/ميمبرن/اصل مالڪن ان جا سڀ دڳ بند ڪري ان کي ظالم بڻايو آهي) وري جيڪڏهن هڪ ٻه سيڪڙو ڪيس پوليس وٽان ٿي ڪورٽ سڳوريء پهچن ٿا ته پوء اتي انصاف ٿئي ٿو؟ ڇا ججن اڳيان/ڪورٽن جي عمارتن اڳيان فريادين انصاف نه ملڻ ڪري پاڻ کي ساڙيو ڪونهي.
اچو ته هڪ منظر ڏسون ۽ فيصلو ڪريون ته انسان هي سڀ ڇو ٿو ڪري. هڪ صحافي پکين جي شڪار لاء آيل عياش پرستن پاران پکين کي مارڻ جي وڊيو ڀري ٿو، انهن عياشن کان پيسا وٺي انهن جي عياشين جا سهولتڪار ان کي روڪين ٿا. ان صحافي کي گهران اغوا ڪري ان جي جسم تي تشدد ڪندي ان کي ماري ڇڏين ٿا. تشدد سبب انسان ڪيئن مرندو آهي تصور ڪري پوء اڳتي پڙهو. ان جا وارث ان جو ڪيس داخل ڪرائين ٿا، پرعزم آهن ته هو شهيد ٿيل پنهنجي مائٽ کي انصاف ڏيارڻ تائين خاموش نه ويهندا. سموري سنڌ اٿي پوي ٿي انهن سان ساٿ جو وچن ڪري ٿي هر ڳوٺ/شهر ۾ مظاهرا ٿين ٿا.
روپوش ٿي ويل ملزم ڪارن شيشن وارين وڏين گاڏين مان لهي اوچتو ظاهر ٿين ٿا ضمانتون ڪرائي گهر اچن ٿا ڪنهن کي طاقت ڪونهي جيڪو انهن کي چوي. ايس پي کان صوبيدار تائين ان جا رکرايل آهن سڀ ان جي پروٽوڪول ۾ آهن، هٿ ٻڌيو بيٺا آهن. وارثن ڏانهن خوف ۽ لالچ جا پيغام وڃن ٿا. وارثن پاران “نه” ٿئي ٿي. خوف کي وڌايو وڃي ٿو، ٻچن جي اغوا جا خوف اڀاريا وڃن ٿا، وارثن جي سهپ جواب ڏيئي وڃي ٿي، نيٺ وارث ٺاه ڪن ٿا سڀ خاموش ٿي وڃن ٿا نانگ سنگهي وڃي ٿو سڀني کي ۽ سڀ ڪجهه وسارجي وڃي ٿو ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه.
اوهان جو ذهن ڇا ٿو چوي اهڙا ٿيندڙ واقعا جيڪي معمول بڻجي چڪا آهن، هر گهر ساڳئي ئي واقعي مان گذريل آهي (ٿوري گهڻي فرق سان). هي واقعا ذميوار ڪونه آهن روڊن تي هجوم پاران عدالتون لڳائڻ جا! ڇا هر مظلوم جي ذهن ۾ ڪونهي ته “پوليس ۽ ڪورٽن مان ڪجهه ڪونه ٿيندو” جنهن جي نتيجي ۾ هو پاڻ ئي پنهنجي باه ماري ٿو. جي ائين ٿيندو رهيو ته پوء اهو جملو سماج کي ڪٿي وڃي پهچائيندو، آهي اسان جي حڪمرانن وٽ ان جو جواب؟ جيڪو نسل هنن ان لاء تيار ڪيو آهي ته ان کي ڪيئن به استعمال ڪندا رهن ڇا اهو نسل ان ماچيس جي تيلي ثابت نه ٿو ٿي سگهي جيڪا تيلي گهر جي چلهي کي ٻاري مانيء پچڻ طور ڪم ايندي آهي ساڳي ئي تيلي گهر ساڙڻ لاء پڻ.
10.12.2021

ڇا دنيا وڏي رفتار سان بدلجي پيئي!

ڇا دنيا وڏي رفتار سان بدلجي پيئي!
مٿئين سوال جو جواب ها يا نه ۾ نه ٿو ڏيئي سگهجي هي سوال وڏي بحث کان پوء پنهنجو جواب ها ۾ ئي ڏيندو ڇو ته دنيا ان طرف وڃي رهي آهي سڀ اشارا ٻڌائين پيا ته “تيار رهو”
آمريڪا جو افغانستان مان نڪرڻ وقت ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هاڻي دنيا وري هڪ نئون ورلڊ آرڊر ڏسندي. نئين ورلڊ آرڊر مطابق آمريڪا مڊل ايسٽ سان لاڳاپيل سڀ مٿي جا سور لاهي هڪ مٿي جي سور يعني چين ڏانهن متوجهه ٿيندو. چين جيڪو دنيا ۾ عام طور ۽ اسان واري خطي ۾ خاص طور هڪ وڌندڙ قوت کان اڳتي وڌي چڪو آهي. چين جيڪو آمريڪا کي اقتصادي چيلينج ڪرڻ کان پوء فوجي چيلينج ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي چڪو آهي تنهن جي رستا روڪ لاء ضروري آهي ته ان کي مڊل ايسٽ کان پري رکيو وڃي جنهن لاء سعودي عرب، عرب امارات، مصر سان گڏ ٻيا ملڪ جيڪي سعودي اثر ۾ آهن تن جو “ٺاه” پنهنجي پياري پٽ اسرائيل سان ڪرائڻ آمريڪا لاء تمام ضروري آهي. هڪڙي ڳالهه اسان سڀني کي پنهنجي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته آمريڪا سموري دنيا مان هٿ ڪڍي سگهي ٿو پر مڊل ايسٽ مان هٿ نه ٿو ڪڍي سگهي ڇو ته مڊل ايسٽ “دنيا” جي ڏکندڙ رڳ آهي ۽ هن وقت آمريڪا پنهنجو پاڻ ۾ دنيا آهي.
غور سان ڏٺو وڃي ته آمريڪا جي اها ڪوشش به پراڻي ئي آهي جنهن جي شروعات هن مصر اسرائيل دوستي يعني 1978 ۾ ٿيل ڪيمپ ڊيوڊ معاهدي سان ڪئي هئي. مصر جي صدر انورالسادات ۽ اسرائيلي وزيراعظم بيگن جي وچ ۾ ٿيل معاهدي وقت آمريڪي صدر جمي ڪارٽر اهو ئي چيو هو ته “هيءَ شروعات آهي” ان کان پوء 1979 ۾ مصر پاران اسرائيل کي تسليم ڪيو ويو. ڪنهن به عرب ملڪن منجهان مصر واحد ملڪ هو جنهن اسرائيل کي تسليم ڪيو توڙي جو 1967 ۽ 1973 ۾ ٻه وڏيون جنگيون ۽ ڪيتريون ئي سرحدي جهڙپون ٿي چڪيون هيون.
هاڻي روزانو جون خبرون ٻڌائين پيون ته دنيا جي گولي جو سڀ کان حساس حصو يعني وچ اوڀر/مشرق وسطى/مڊل ايسٽ جنگي ڌٻڻ مان نڪرڻ لاء تيار ڪيو ويو آهي. هن علائقي جو اهم ملڪ سعودي عرب پراڻي حريف ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاء تيار آهي. هن ملڪ کان سواء ٻيا عرب ملڪ به ساڳي ئي راه تي هلڻ لاء تياريون پيا ڪن.
عرب هاڻي ايراني شاعر فردوسي جي شعر وانگر ڳوهون کائيندڙ ۽ اٺين جو کير پيئندڙ عرب نه آهن اهي پاڻ کي جديد دنيا جو حب/مرڪز بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن. عرب امارات يورپ جي ڪاپي آهي جتي سواء جهيڙي جي “سڀ ڪجهه” جائز آهي. هر سال ٿيندڙ فيسٽيول کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته “ملڪ ترقي ڪيئن ڪندا آهن/ترقي ڇا کي چئبو آهي” يعني دڪاندار به غير عرب ته گراهڪ به غير عرب (گهڻو ڪري) پر ڪمائڻ وارو اتان جو مقامي ماڻهو، اها ڪمائي آخري طور ملڪي خزاني ۾ اضافي جو سبب بڻجي پيئي جيڪا وک وک پيئي نطرجي.
سعودي شهزادي (جيڪو هاڻي دنيا جي نگاهن جو مرڪز آهي ان جون ڪيل ڳالهيون سموري دنيا ۾ بحث پيون ٿين) جون ڳالهيون ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون جن جو آخري مطلب هو ته هو اسرائيل کي تسليم ڪندي پنهنجي ملڪ کي يورپ بڻائيندا. جنهن کان پوء سعودي عرب سياحت جو مرڪز بڻجندو ۽ سياحت جو پهريون نڪتو امن آهي.
ٻي ڳالهه اها ته دنيا جي اڪثريت اسرائيل کي تسليم ڪندڙ آهي پر ان جو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته اڪثريت جو فيصلو صحيح آهي پر هڪ اصول تحت اهو فيصلو صحيح مڃيو ويندو آهي ته طاقت هجي ته دنيا کي پاڻ سان گڏ هلائجي جيڪڏهن نه ته پوء دنيا سان هلڻ ئي بهتر آهي. عربن اسرائيل سان وڏيون خوفناڪ جنگيون ڪيون ڪجهه ڪاميابيون ماڻڻ کان پوء آخري نتيجو وري به عرب ملڪن جي شڪست ئي ٿيو. ٻيو ته ان وقت سوويت يونين جو ساٿ وڏو ڏڍ هو جيڪو هاڻي ڪونه رهيو آهي دنيا ۾ ٻيو ڪو اهڙو سسٽم به ڪونهي جنهن سان ملي اسرائيل جو مقابلو ڪجي جنهن جو آخري نتيجو دنيا جي تباهيء ئي هوندو ڇو ته آمريڪا/برطانيه آخري گوليء تائين اسرائيل جو دفاع ڪندا تنهن ڪري بهتري ان ۾ آهي ته فلسطين مسئلي جو عزت ڀريو حل ڪڍندي اسرائيل کي تسليم ڪجي.
جيڪڏهن آمريڪا مڊل ايسٽ جا مٿي جا سور لاهي هتي پهچي ٿو ته ان جو پهريون نشانو هتي وارا ملڪ عام طور اسان جو ملڪ خاص طور هوندو جنهن لاء هو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. ملڪي اقتصادي صورتحال اڳ ئي تشويش ناڪ کان به وڌيڪ واري آهي ۽ ڪا به سٽ سهڻ جهڙي ڪونهي. ملڪ اڳ ئي ايف اي ٽي ايف جي ڇري هيٺان ڪنڌ رکيل آهي جيڪڏهن هو اها ڇري هلائي وجهن ٿا ته صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي سگهي ٿي. ان ماحول ۾ سون تي سهاڳو اهو آهي ته ملڪي قيادت ان تي سنجيده نظر ايندڙ ڪونهي ان جا “پرڪار” پراڻا ئي آهن. ته ڇا دنيا اسان جي سنجيده ٿيڻ جو انتظار ڪندي يا پنهنجو ڪم جاري رکندي.
17.12.2021

پنهنجي شڪست کي غلط رنگ ڏيڻ

پنهنجي شڪست کي غلط رنگ ڏيڻ
ڪي پي ڪي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ آيل شڪست کي غلط رنگ ڏيندي ملڪ جي وزيراعظم صاحب فرمايو ته اسان غلط اميدوار بيهارڻ سبب شڪست کاڌي. آئنده حڪمت عمليء جي پاڻ نگراني ڪندس. متوقه طور اٽڪل ساڳيا جملا/لفظ وزير صاحبن به ڪم آندا.
غور سان ڏٺو وڃي ته چونڊون هارائڻ جو سبب غلط اميدوار نه پر وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جون غلط حڪمت عمليون ئي سبب بڻيون آهن هاڻي وري فريب سان ان شڪست کي ٻيو رنگ ڏيئي ماڻهن جي ذهنن کي ڦيرائڻ لاء اهڙا بيان ڏنا پيا وڃن. دنيائي تاريخ ٻڌائي ٿي ته حڪمرانن پاران اصل اها ئي جنگ عوام سان وڙهي ويندي رهي ٿي يعني پروپيگنڊا جي جنگ. هن جنگ ۾ نشانو ڪنهن جو جسم نه پر ذهن هجي ٿو ۽ پنهنجي زهر جهڙي ڳالهين کي/ عملن کي ڳڙ جهڙن لفظن جو روپ ڏيئي عوام آڏو پيش ڪيو وڃي ٿو جنهن کي سٻاجهڙو عام ماڻهو ڪونه سمجهندي سدائين شڪار ٿيندو رهي ٿو. دنيائي تاريخ رڙيون ڪندي اهو ئي ٻڌائي ته سڀ ئي حڪمران ائين ڪندا رهيا آهن سندن هن عمل ۾ سدائين نواڻ ايندي رهي ٿي ۽ پنهنجي عذاب جهڙي زندگيء جو وڏو پٿر گهليندڙ عوام سڀ ڪجهه وساري وري هنن جي ڳالهين ۾ اچي وڃي ٿو. اسان جي ملڪ جا حڪمران هن اصول تي پابنديء سان هلندڙ رهيا آهن پر هي حڪمران ٻين کان ٻه قدم اڳتي آهن جنهن کي وري هي ڪڏهن ڪڏهن يوٽرن جو نالو به ڏين ٿا. ڪا ڳالهه جيڪا هنن کي ڦٻي ڪونه ٿي ان تان ڦري ان کي يوٽرن جو نالو ڏيڻ هنن جو کٻي هٿ جو کيل آهي پر اها ڳالهه اصل ۾ هوندي پروپيگنڊائي جنگ جو حصو ئي آهي.
پنهنجي ڪرتوتن تان توجهه هٽائڻ خاطر هن ملڪ ۾ اهو ڌنڌو پراڻو آهي جنهن لاء ڪتاب ڀريل آهن. حڪمران سدائين اهڙي انداز ۾ ڳالهائيندا رهيا آهن جن مان ڪيترائي مطلب نڪرن ۽ پڪڙجڻ کان پوء ان تان آسانيء سان ڦرندا رهيا آهن ۽ هن عمل سان سندن ٻيو مقصد به پورو ٿيو پوي ته عوام جا ذهن اصل حقيقت کان مڙي وڃن.
وزيراعظم صاحب به ٽن سالن کان جاري پنهنجي برباد ڪندڙ پاليسين کي ان جو ذميوار قرار ڏيڻ بجاء اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته سندس پارٽيء غلط اميدوار چونڊيا جيڪا ڳالهه حقيقت کان گهڻو پري آهي.
وزيراعظم صاحب کي کليل دل سان اعتراف ڪرڻ گهرجي ته سندس پاليسين جي ڪري کيس عوام ٺڪرايو. خاص طور تي جيڪو مهانگائيء جو اوڙاه هن شخص جي حڪومت ۾ ٻاريو ويو آهي ان عوام جو ويساه کسي ورتو آهي. عوام جو ويساه هن حڪومت جي داخله ۽ خارجه پاليسين سميت پراڻن (اقتدار کان ٻاهر هجڻ وقت ڪيل) وڏن وعدن تي عمل وري بلڪل ان جي برعڪس ڪرڻ به کڻائي ورتو هو پر جيئن ته مهانگائي عوام مٿان سڌو اثرانداز ٿئي ٿي تنهنڪري ووٽ ڏيڻ وقت عوام جي ذهن ۾ هن خلاف نفرت کين مجبور ڪيو ته اهي ٺپو هن جي نشان بجاء هن جي مخالف جي نشان تي هڻن.
ملڪي خارجه پاليسي ته اڳ ئي ناڪام هئي جيڪڏهن ائين چئجي ته پنهنجي پاليسي هئي ئي ڪونه اها ٻئي دوست ملڪن جي پويان ڪڍ لڳندڙ پاليسي هئي ته بجا ٿيندو پر هن حڪومت جيڪو ڪردار رکيو آهي اهو ڪردار دنيا کان ملڪ کي ڪوهين دور ڪندڙ آهي. افغان پاليسي جنهن لاء وڏيون وڏيون دعوائون ٿينديون رهيون آهن ان جا پول به پڌرا ٿي رهيا آهن. خاص طور ٽي ٽي پي جيڪا افغان طالبان جو حصو آهي ۽ طالبان جي چوڻ کان ٻاهر ڪڏهن به ناهي ان پاران جنگ بندي معاهدي جي تجديد نه ڪرڻ گهڻا راز کوليندڙ آهي توڙي جو عمران حڪومت پنهنجي وت/قد بت کان وڌيڪ انهن لاء چندي ڏيڻ کان ڪانفرنسن ۾ افغان عوام لاء دنيا کي نرم گوشو رکڻ جي اپيل ڪندي رهي آهي.
آمريڪا کان سعودي عرب تائين، ايران کان ترڪيء تائين ادا ڪيل ڪردار به ملڪ کي وڌيڪ اڪيلو ڪندڙ آهي. ماضيء ۾ مٿي بيان ڪيل ملڪ ڊالرن جي برسات/امداد سان “پل ڀريندڙ” رهيا آهن ۽ اسان به انهن سان شاه کان وڌيڪ شاه جو ڪردار ادا ڪندڙ رهيا آهيون. اسان يا قربان واري پاليسي اختيار ڪندي پوئتي مڙي ڪونه ڏٺو ته اهي ڊالر مفت ۾ ناهن ملندا جيڪا ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي چڪي آهي.
داخله پاليسيء جي حالت اها آهي جو قانون نالي ڪا شيء موجود ڪونهي. تحريڪ لبيڪ واري ڌرڻي ۽ ان جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي ان سان معاهدا ڪرڻ ۽ هن حڪومت جي وزيروڙن پاران انهن جي حق ۾ بيان ڏيڻ به عوام کي تحريڪ انصاف جي نشان مٿان ٺپي هڻڻ کان روڪيندڙ رهيو هوندو ڇو ته عام تاثر اهو هو ته ملڪ جا حڪمران ڌرڻن وارن کان بليڪ ميل ٿين پيا جيڪا حڪومتي رٽ جي ناڪامي آهي.
تنهنڪري وزيراعظم صاحب کي کلي دل سان پنهنجي داخلي ۽ خارجي پاليسين جي ناڪاميء جو اعتراف ڪندي هن شڪست کي قبولڻ گهرجي عوام جي ذهن کي ڌوڪو ڏيڻ بجاء صاف لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن.
24.12.2021

ٻه هزار ٻاويهه 2022

---

ڇا سڀ ڪم عدالتن کي ڪرڻا آهن!

ڇا سڀ ڪم عدالتن کي ڪرڻا آهن!
هن سوال جو جواب شايد ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن منجهان ڪنهن وٽ به ڪونه هجي ته آخر هي ملڪ ڪير پيو هلائي ٻين لفظن ۾ ڪنهن کي ذميوار ڪوٺجي. ڪو هڪ کاتو اهڙو ڪونهي جيڪو پنهنجو ڪم پيو ڪري ٻين لفظن ۾ سڀ پرايو ڪم پيا ڪن. اهڙيون ڳالهيون هر عام ماڻهو ته ڪندو رهندو آهي هاڻي ته اسلام آباد هاء ڪورٽ ۾ به اهي پڙاڏا پيا گونجن ته هر اداري ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار کوليو آهي، ادارن پنهنجون پرائيويٽ سوسائٽيون ٺاهيون آهن سڀني جا پرائيويٽ ڪاروبار آهن. انهن سڀني ڳالهين کي تز لفظن ۾ چئجي ته هر کاتو تباه آهي، هر کاتو کنڊرات جو ڍير بڻايو ويو آهي. ملڪي عوام ويچارو ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونهي. ڄڻ ته هڪ فٽبال هجي جنهن کي وفاق لت هڻي صوبن ڏانهن پيو موڪلي ۽ صوبا لت هڻي ان کي وفاق ڏانهن پيا اڇلائين. لڳي ٿو ڪو ملڪ نه ٿو هلي ڪو تماشو آهي جنهن جو آخري نتيجو عوام جي بکن تي منتج ٿئي ٿو. عوام ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو پنهنجي زندگيء جو معيار گهٽائيندو. ملڪ مان پيسو غائب ٿي ڏوهاري ماڻهن جي ٽجوڙن ۾ جمع ٿيندو پيو وڃي اهي ڏوهاري روڊ تي ڌاڙو هڻندڙ هجن يا وزير ميمبر مشير هجن يا آفيسر سڀ مافيائون بڻجي چڪا آهن. هاڻي ڏوهاري لفظ انهن اڳيان ننڍڙو آهي معصوم آهي.
قهر ته ڏسو ڪارونجهر جبل به مافيائن ورهائي کنيو ويو جنهن جي ڪٽائي تيزيء سان جاري رکي ويئي روزانو جي بنياد تي مافيائون ياجوج ماجوج بڻجي هن سونهن ڀرئي پٿر کي کائينديون رهيون. سلسلو هلندو رهيو آخرڪار سنڌ جي عوام جي همت ڪم آئي، ٿر سميت سموري سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هليا ۽ سپريم ڪورٽ سنڌ جي سونهن ٿر ۽ ٿر جي سونهن ڪارونجهر کي ڪورڻ وارو ڪم بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت حڪم ڪيو ته هي جبل ٿر جي سونهن هجڻ سان گڏ ٻن ملڪن جي سرحد تي واقع هجڻ ڪري ملڪي دفاعي ماورچو آهي ان کي ڪيئن ٿو ختم ڪري سگهجي. عدالت تفصيلي فيصلي ۾ ٻڌايو ته ڪارونجهر مقامي ماڻهن جي چوڻين مطابق روز سوا سير سون ڏيندو آهي، هي ننگرپارڪر جي ماڻهن جي اڃ اجهائڻ جو ذريعو آهي ۽ ان مان نڪرندڙ پاڻيء تي زمينون به آباد ٿين ٿيون. عدالت پنهنجي حڪم ۾ اهو پڻ چيو ته هي مذهبي ۽ ثقافتي حيثيت رکندڙ جبل آهي. هتي هندو ماڻهو پوڄا پاٺ لاء اچن ٿا.
سچ به اهو ئي آهي ته ڪارونجهر پٿرن جو ڍير ڪونهي. ڪارونجهر جي اها وصف ڪونهي ته پٿرن جو قدرتي ڍڳ جنهن جي اوچائي هزار فوٽن کان گهٽ هجي ان کي ٽڪر جنهن جي اوچائي هزار فوٽن کان مٿي هجي ان کي جبل چئبو آهي. هي ٽڪر ٿر جي سونهن آهي. هي ٽڪر ٿر جي سونهن جو نڪ آهي جيڪڏهن انساني منهن مان نڪ ڪڍي ڇڏجي ته سونهن جي پاڇي وڃي ٻڙي بچندي. ڪارونجهر کي ڏسڻ لاء هزارين سياح ٿر اچن ٿا جيڪا ٿر جي معيشت لاء هڪ ٽيڪ پڻ آهن.
ڪارونجهر جي هنج ۾ قديم جين مذهب جا مندر (نشان) آهن جنهن لاء اها پڪ آهي ته ان کي بيدرديء سان تباه ڪيو ويو هوندو ڇوته ٺيڪيدار جو ڪم رڳو پيسا ڪمائڻ آهي نه ڪي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪرڻ. جنهن ڪري خيال آهي ته ڪا شيء محفوظ نه هوندي.
رڳو ڪارونجهر ڪونه اروڙ جون سڀ ٽڪريون اٽڪل ختم ٿي چڪيون آهن. هي سلسلو به هندستاني سرحد تائين ڦهليل آهي. انهن مان گهڻيون ٽڪريون مين هاء وي روڊ کان ڀلي ڀت ڏسي سگهجن ٿيون جتان سڀ وزير مشير آفيسر روزانو گذرن ٿا پر ڪنهن جي نيڪ نظر انهن تي ڪونه پيئي پوي ته پوء ائين چوڻ غلط نه هوندو ته سڀ چور مليل آهن رڳو عوام کي ڏيکارڻ لاء بيانبزيون پيا ڪن. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڪارونجهر جي حوالي سان اها ڳالهه پڻ ڪئي ته جبل جي ڪٽائيء سان زميني توازن بگڙي سگهي ٿو ۽ زلزلن جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
سنڌي ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته سياسي طور هو ڪنهن به پارٽيء سان لاڳاپو رکي سگهن ٿا اهو انهن کي حق حاصل آهي پر ثقافتي طور، هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ طور سنڌ جي تاريخ جي تقدس جي پاماليء خلاف انهن کي ويڇا ڇڏي هڪ ٿيڻو ئي پوندو اهو ئي هڪ حل آهي پنهنجي وڏڙن کان مليل سنڌ وري پنهنجي ٻچڙن کي سونپيندي ان جي هر شيء جي حفاظت ڪئي وڃي. سنڌين تاريخ جون وڏيون تحريڪون هلايون آهن، ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر اهو ڪافي ناهي. دنيا هاڻي لٺين ڪهاڙين بندوقن کان مٿي وڃي چڪي آهي سائنسي سوچ ئي اسان کي ناپيد ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿي.
پي ٽي وي جي پروگرام جي هڪ ميزبان اسلم آزاد مرحوم جو اهو جملو ڪراچيء کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ هر تقريب ۾ گوجندو رهيو آهي جيڪڏهن ڪارونجهر نه رهيو ته پوء هي جملو ڪيئن پورو ٿيندو اهو سوال سوچي به هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
01.01.2022

... ليڪن بندو ايماندار آهي!

... ليڪن بندو ايماندار آهي!
خير سان ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ ايماندار سڏائيندڙ جنهن لاء “...... ليڪن بندو ايماندار آهي” جو جملو هيٺ لاهي عوام کي اهو باور ڪرايو ويو ته هن ٽيم جا ٻيا ساٿي کڻي ڪرپٽ به هجن پر هي ائين ناهي. جيئن ته هي ايماندار آهي تنهنڪري هن کي “مليل نعرو” ته ڪرپشن ملڪ کي کوکلو ڪيو آهي ۽ جن ڪرپشن ڪئي آهي انهن خلاف جيڪي به ڪم ٿين اهي جائز هوندا. ڪيترو وقت اهو ڪيس هوا ۾ ٽنگيل هو نيٺ هن ايماندار خلاف اليڪشن ڪميشن جي اسڪريوٽني ڪاميٽيء پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي جيڪا هيٺ لاٿل جملي جي بلڪل ابتڙ آهي يعني “ بندو ايماندار ناهي” مٿان وري قهر اهو ته پروپيگنڊائي جنگي اصول مطابق هلندي ملزم پارٽي ان کي به وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي مطالبو پيئي ڪري ته “ٻين پارٽين جي به جاچ ٿيڻ گهرجي!” يعني عوام کي وري اهو باور ڪرائڻو آهي ته بندو ايماندار آهي.
وڏو سوال جيڪو ذهن ۾ اٿي ٿو ته اها رپورٽ ايتري دير سان ڇو آئي. اسڪريوٽني ته اليڪشني فارم بحال ٿيڻ کان اڳ هجڻ گهرجي ها جيڪڏهن تڪڙ هئي ته پوء به ڪو هڪ اڌ مهينو دير ٿئي ها ان جي جاء تي سال لڳايا ويا. ان پويان ڪهڙي حب الوطني هئي جڏهن ته ملڪي عوام اهو شڪ ته ڪيتري وقت کان ڏيکاريندو رهيو هو ته هي بندو ڪرپشن ۾ گهڻن کان گوء کڻي ويندو ۽ مطالبو ايندو رهيو هو ته فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچڻ گهرجي.
ملڪ مان فنون لطيفه جون ته پاڙون ئي پٽيون ويون هڻي رڳو فراڊ/ڪرپشن ئي هڪ آرٽ آهي هڪ فن آهي ۽ هي فن اسان جي ملڪ سميت دنيا ۾ روزانو جي بنياد تي وڃي ٿو ترقي ڪندو. اسان جي ملڪ ۾ هن فن جي فنڪارن پنهنجي استاد ميڪاولي کي به مات ڏيئي ڇڏي آهي انهن کي ڏسي شبهو ٿئي ٿو ته هنن کان ڪو معصوم ٻيو ڪو آهي ئي ڪونه. ان اصول تحت هيء پارٽي به شبهو پيئي ڏياري ته هنن هيرا ڦيري به ملڪي مفاد لاء ڪئي.
انگن اکرن جي هڪ وڏي ظالم دنيا آهي ملڪي بجيٽ به انگن اکرن جو هڪ کيل هوندو آهي پي ٽي آء به انگن اکرن جي راند ڪندي رقمون لڪايون آهن. هن جا ڪل پنجهٺ اڪائونٽ هئا پر ظاهر رڳو ٻارنهن ڪيا ويا يعني ٽيونجاه اڪائونٽ لڪايا ويا. آڊٽ ۾ تاريخ جو اندراج به ڪونهي ته ڪهڙي تاريخ تي ڪهڙو فنڊ مليو پر هن سموري دنيا کي وساري في الحال ان سوال جو جواب ٿا ڳولهيون ته فارين فنڊنگ ۽ لوڪل فنڊنگ ڇو ملي يعني دنيا جي ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن پيسا ڇو ڏنا. دنيا جو ڪوبه ملڪ يا ماڻهو بغير غرض جي پيسا ڪونه ڏيندو. جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه ڏنو آهي ته ان ڪجهه ورتو ضرور هوندو اڃان وڌيڪ اهو ته ان ڏيڻ کان وڌيڪ ورتو هوندو. ملڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته وقتي مفاد لاء اسان دائمي مفاد وڪڻندا رهيا آهيون يعني دنيا وارا اسان کي لوه ڏيئي سون وٺندا رهيا آهن ۽ اسان ان وقتي مفاد حاصل ڪرڻ تي وري فخر ڪندا رهيا آهيون.
سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن موجب بغير غرض جي پيسا ڪنهن به ڪونه ڏنا آهن انهن پيسن ڏيندڙن سيڙپڪاري ڪئي ان مان اهو ڪجهه ڪمايو جيڪو سندن وهم گمان به ڪونه هو. ڪنهن انهن پيسن جي عيوض هزار دفعا مٿي حاصل ڪيو ته ڪنهن ٻه هزار دفعا. مثال طور هڪ همراه جيڪو وزيراعظم جي اي ٽي ايم جي نالي سان مشهور ٿيو اهو اي ٽي ايم ٿيو ته ان جي عيوض ان کي کنڊ جي کاتي ۾ ايترو مليو جنهن مان هو وري هزار دفعا اي ٽي ايم ٿي سگهي ٿو.
هڪ همراه جنهن جي نٿياگلي واري هوٽل جو افتتاح ڪندي خود وزيراعظم صاحب جن فرمايو ته مان هن کي سڃاڻان ٿو هي سائين اسان لاء چندا ڏيندو ۽ ڪٺا ڪندو رهيو آهي ان همراه جي تعارف ۾ سوشل ميڊيا ايتري ڀري پيئي آهي جو لڳي ٿو ته اهو “هر ڪم ڪري ڄاڻيندڙ” آهي.
ٻئي همراه لاء جيڪو پڻ چندا ڏيڻ ۽ ڪٺا ڪرڻ جو ڪم ڪندو رهيو آهي ان لاء به سوشل ميڊيا تي وڏو چرچو آهي اهو جڏهن برطانيه ۾ گرفتار ٿيو ته ان کان پڇيو ويو ته اسان توکي گرفتار ڪيو آهي جيڪڏهن تون اهڙو اطلاع پنهنجي ڪنهن ويجهي ماڻهو ذريعي گهر وارن تائين پهچائڻ چاهين ٿو ته ان جو نالو ٻڌاء جنهن تي گرفتار ٿيندڙ همراه وزيراعظم ۽ صدر صاحب جو نالو ورتو. هي اهو ئي گمراه هو جنهن لاء ايف آء جي ڊائريڪٽر کي وزيراعظم صاحب گهرائي چيو هو ته هي اسان جو ماڻهو آهي هن کي تنگ نه ڪريو جنهن تي ڊائريڪٽر صاحب چيس ته هي ته ڪيئي ارب کائي مفرور ٿيل آهي.
هيء رپورٽ اچڻ ۾ پي ٽي آء پاران مختلف بهانن سان دير ڪرائي ويندي رهي ۽ هاڻي جڏهن رپورٽ اچي ويئي آهي ته وري چيو وڃي ٿو ته ان کي پبلڪ نه ڪيو وڃي يعني ڪوڙ ڳالهايو، ڪوڙ لڪايو جيڪڏهن پڪڙجي پئو ته ڪوڙ تي فخر ڪريو ۽ سڀني ڳالهين جي باوجود پاڻ کي صادق ۽ امين به چورائيندا رهو. وڏي واڪ ليڪچر به ڏيندا رهو. سموري دنيا کي اهو باور ڪرائيندا رهو ته سڀ ڪرپٽ آهن مان ئي ايماندار آهيان اهو رويو ڪنهن کي قبول نه هوندو.
هاڻي جڏهن رپورٽ اچي ويئي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن کي ان رپورٽ جي بنياد تي پنهنجو فيصلو به ڪرڻو آهي مطالبا اهي به پيا ٿين ته سپريم ڪورٽ هن رپورٽ جي بنياد تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڪيس هلائي ته ممڪنه فيصلو ڪهڙو هوندو اهو سوال وري ملڪ لاء ڪو ڀلو سَوَڻُ ڪونهي. جيڪڏهن اهو فيصلو ٿئي ٿو ته بندو صادق امين ناهي ته پوء ڇا ٿيندو. نااهل ڪيو ويو ته مجهي ڪيون نڪالا جو عمراني ورزن اچي سگهي ٿو پر پوء به اهو سوال ته ضرور اٿندو ته هي بندو ايترو وقت ڪيئن ڪڍي ويو ڪنهن جي سهاري ڪڍي ويو. ٻيو سوال ته ملڪي عوام کي ساڍا ٽي سال ڪير موٽائي ڏيندو. مهانگائي جو حساب ڪير ڏيندو.
07.01.2022

ڊڪٽيٽرن جا ڀٽڪندڙ روح ۽ صدارتي نظام

ڊڪٽيٽرن جا ڀٽڪندڙ روح ۽ صدارتي نظام
“دل ٿي چوي سڀني کي گهٽو ڏيئي ماري/مڃائي مان صدر ٿي ويهي رهان ۽ جيئن دل چوي تيئن ڪريان” هيء خواهش اسان جي هر حڪمران جي رهندي آئي آهي. هي خواهش رڳو ڊڪٽيٽرن جي ئي ڪونه پر سمورو وقت جمهوريت جي تسبيح پڙهندڙ هر حڪمران جي به رهي آهي ڇو ته کيس اختيار کپي جيڪا هن جي سڀ کان وڏي ڪمزوري رهي آهي. جيئن ڪاٺيء کي رندو لڳندو آهي ۽ اندران نج شڪل ظاهر ٿي پوندي آهي هتي هر ڪنهن کي رندو هڻبو ته اندران هڪ فرعون، هڪ خودڪش بمبار هڪ انسان دشمن ظاهر ٿي پوندو. “تبديليء” کي رندو هڻي چڱي ريت ڏٺو وڃي ته اندران ڀيانڪ ڊڪٽيٽرشپ ظاهر ٿي پوندي. هونئن به هيء حڪومت مشرف مووي 2 آهي جنهن تي اڳي لکيو آهي. هن وقت تبديليء جا ڪارندا سوشل ميڊيا تي مهم هلائي رهيا آهن، ٽئيٽر تي هيش ٽيگ هلائي رهيا آهن ته ملڪ لاء صدارتي نظام ڀلو رهندو. صدارتي نظام کي ووٽ ڏيو صدارتي نظام ئي ملڪ جو واحد حل آهي.
ان جي جواب ۾ سوشل ميڊيا تي ئي انهن جا جواب ڏنا ويا آهن ته صدارتي نطام ئي ملڪ جا درياء وڪيا هئا، صدارتي نظام ئي ملڪ ٽوڙيو هو. صدارتي نظام ئي ڪارگل تان واپسي ڪئي هئي وغيره.
ته پوء ڳالهه ڪنهن جي صحيح آهي. اچو ته ٿورو جائزو وٺون. هن کان وڌيڪ ڪهڙي بدقسمتي جو ملڪ ۾ ستر-پنجهتر سالن کان پوء به اهو بحث هلندڙ هجي ته ملڪ ۾ ڪهڙو نظام هجڻ گهرجي. ملڪ ۾ موڪل جمع ڏينهن هجي يا آچر ڏينهن. ڪو فيصلو نه ٿو ٿئي رڳو بحث پيو هلي. ڏٺو وڃي ته سازشن جي ابي گورنر جنرل غلام محمد ان بحث کي شروع ڪيو جنهن کان پوء اهو اڄ ڏينهن تائين بند ڪونه ٿيو آهي.
ايوب شاهيء جي ضد هئي ته صدارتي نظام آڏو جيڪو اچي ان کي نه بخشيو وڃي بنگالين ان تي اعتراض واريا ته انهن کي علحده ٿيڻ لاء چيو ويو. محترمه فاطمه جناح جهڙي عورت کي هندستان جو ايجنٽ ڪوٺي زبردستيء هارايو ويو.
يحيى خان به ساڳي خواهش رکي پر سندس اوليت جسماني عياشي هئي جنهن مان واندڪائي نه ملڻ سبب هو ان تي وڌيڪ ڪم ڪونه ڪري سگهيو ۽ حالتن ان کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچايو.
جنرل ضيا ان تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪندي ان کي رائج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. يارنهن سال ڪارو اونداهون دور هلندو رهيو جنهن جي پڄاڻي هوائي حادثي سان ٿي. ملڪ جي پاڙن ۾ زهر اوتيو ويو جيڪو قدم قدم تي موجود آهي.
مشرف وڏا هيلا وسيلا هلايا، ريفرينڊم ڪرائي پاڻ کي چيف ايگزيڪيوٽو مان صدر ٿي ويو. اهڙو نظام لاڳو ڪيائين جنهن ۾ هر ضلع/تعلقي کي اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو جن اهڙا ڪم ڪيا جو الامان الحفيظ. ملڪ جو ذرو ذرو هڪ فرعون حوالي رهيو. مشرف کي ملڪي ڪورٽ اهڙي سزا ٻڌائي جيڪا اڄ تائين ڪنهن کي به نه ٻڌائي ويئي آهي يعني اهو “اعزاز” صدر مشرف کي حاصل ٿيو جيڪو هن وقت “مفرور” آهي.
هاڻي هي همراه به چاهي ٿو ته هي به صدر ٿئي. هي همراه ساڍن ٽن سالن جي ملڪي تاريخ جي بدترين حڪمرانيءَ ۾ مهانگائيء کان سواء ڪجهه به ڏيئي ڪونه سگهيو آهي ملڪ وڃي تباهيء جا پاسا ورتا آهن اندروني حالتون ۽ خارجه پاليسيون بري طرح ناڪام ٿي چڪيون آهن ملڪ جو ڪو دوست دنيا ۾ بچيو ئي ڪونهي. هن وقت عوام جو ذهن بدلائڻ لاء/پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاء وري پراڻي بحث کي هيٺ لاٿو ويو آهي. اصل ۾ ڏٺو وڃي ته جڏهن به ملڪ ڪنهن ٻه واٽي تي اچي بيهندو آهي ته هي بحث شروع ٿي وري پنهنجو پاڻ بند به ٿي ويندو آهي. هن وقت ملڪ لاء ڀينگ لفظ ئي مناسب آهي جو استعمال ڪجي تنهنڪري وري هي بحث هيٺ لاٿو ويو آهي.
ملڪي معيشت جي حالت هڏڪين واري آهي. ڪجهه سال اڳ تائين هڪ سو روپين جي ايڪسپورٽ تي هڪ سو پنج-ست روپين جي امپورٽ هئي هن وقت هڪ سو روپين جي ايڪسپورٽ تي ٻه سو ٽيهه روپين جي امپورٽ آهي يعني اسان هڪ سو روپين جو سامان ٻاهر موڪليون ٿا ۽ ٻه سو ٽيهه روپين جو سامان ٻاهران گهرايون ٿا نتيجي ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڃن ٿا ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندا جن جو ازالو قرض وٺي پورو ڪجي ٿو ۽ قرض اندر ئي اندر ملڪ کي اوڏوهيء وانگر پورو ڪري چڪو آهي. قرض ڏيندڙ سو سيڪڙو اسان جي ملڪ کي غلام بنائي چڪو آهي. حڪمران انهن جا شرط پورا ڪرڻ کان سواء ڪجهه ڪري نه ٿا سگهن. ملڪ ڪڏهن به ان شهتير وانگر ڪري سگهي ٿو جنهن کي اوڏوهي کائي چڪي هوندي آهي. معيشت جا ماهر چون پيا ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو آهي اعلان باقي آهي. قرض جو آخري نتيجو عوام جي بدحاليء تي وڃي دنگ ڪندو آهي جيڪو اوهان اسان جي اکئين چوڌاري پيو ڏسجي.
21.01.2022

بک کي دريء مان ڏسندڙ ستر باز ماري ڇڏيا

بک کي دريء مان ڏسندڙ ستر باز ماري ڇڏيا
هي سماج رڳو ماڻهن لاء ئي دوزخ جو دونهون ڪونهي، رڳو حڪومتي تحويل ۾ ماڻهو ڪونه پيا مرن پر هتي رهندڙ سڀ جيو بنا فرق جي زهر جهڙي زندگي پيا جيئن.
هڪ خبر موجب ڪسٽمز کاتي پاران پڪڙيل ناياب نسل جا ستر باز حڪومتي تحويل ۾ مري ويا. هڪ سال اڳ ڪسٽمز کاتي جي اينٽي اسمگلنگ آرگنائيزيشن پريوينٽو گزري ڪراچيء ۾ ڪروائي ڪري سائيبيريا مان مهمان ٿي آيل پنجهتر باز هٿ ڪيا هئا. ڪورٽ اهي باز کاتي وٽ تحويل ۾ رکڻ جو حڪم ڪيو هو جنهن مان ستر مري چڪا آهن ۽ پنجن جي حالت به خراب آهي. خبر ۾ بازن جي وڏي اگهه تي عرب رياستن ۾ وڪامجڻ جون خبرون به آهن.
ساڳيء ريت ڪجهه ڏينهن اڳ چڙيا گهرن ۾ قيد معصوم جانور جن جون تصويرون ڏسي معلوم ٿيندو هو ته انهن ڪيترن ڏينهن کان وٺي گهٽ خوراڪ/بک ڏٺي هوندي. بک ڇا آهي ان جي خبر انهن کي ڪونه پوندي جن پنهنجي بنگلي جي دريء مان بک ڏٺي آهي. اها ڳالهه مارڪس ته اٺارهين صديء ۾ ڪري ويو پر ان تي سو سيڪڙو عمل ايڪيهين صديء ۾ اسان جي ملڪ ۾ پيو ٿئي. وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ رڳو واڳونء وارا ڳوڙها ڳاڙيندڙ ثابت ٿيا آهن. اخبارون ڀريل آهن انهن منافق حڪمرانن جا جن جا بيان ۽ عمل بلڪل ابتڙ هجن ٿا. جيڪي ڳالهائين اهڙو پيا جو لڳي ٿو ته سموري جهان جو فڪر هنن کي کائي ويو پر عمل اهڙا ٿن جو وس پڄين ته دنيا ۾ هڪ ماڻهو جيئرو نه ڇڏين. ڇا انهن کي خبر ڪونهي ته سندن ملڪ ۾ سندن حڪمرانيء ۾ ڇا پيو ٿئي
مٿئين خبر موجب ايتري تعداد پکين جو مرڻ ڪا گهٽ ڳالهه ته ڪونهي. ڇا دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ جتي انسانن جي حڪمراني آهي اتي ڪڏهن ائين ٿيو هوندو. انهن پکين لاء اهڙو رهائشي/پالڻ جو انتظام نه ٿا ڪري سگهو انهن جي کاڌ خوراڪ نه ٿا ڪري سگهو ته پوء اهڙا ڪم ڪيو ڇو ٿا. پرديسي پکي ان لاء ٿا اچن ته اوهين انهن کي ڦاسائي قيد ڪري ظالم پيسي وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيو.
لڳي ٿو ته خبر جو پويون حصو صحيح آهي يعني اهي معصوم پکي وڪيا ويا هوندا ۽ ڪروڙين روپيا مڙيا مچ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي وانگر ڀاڱا ٿيا هوندا. ڪيترائي ڀاڱا انهن معصوم حڪمرانن جي حصي پتيء ۾ به آيا هوندا.
جڏهن کان هي حڪمران (جنهن کي شايد اها خبر به ڪونهي ته هو هاڻي حزب اختلاف ۾ نه پر ڪرسيء تي ويهاريو ويو آهي هاڻي ان کي رڙيون ڪوڪون نه پر ڪم ڪري ڏيکارڻو آهي) آيو آهي ملڪ ان ماڻهوء وانگر

وزيراعظم جي چين ۾ آجيان

وزيراعظم جي چين ۾ آجيان
هڪ اخباري خبر هيئن هئي “وزير اعظم عمران خان چين 4 ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو، چين جي نائب پرڏيهي وزير چيني سفارتي اختيارين وزيراعظم جو استقبال ڪيو”
ٻي جنگ عظيم هلندي هڪ ملڪ جي سربراه جي پٽ (جيڪو هڪ فوجي هو) کي دشمن ملڪ پاران گرفتار ڪيو ويو. ان دشمن ملڪ ان پٽ جي پيء کي (اهو سوچي فون ڪئي ته هاڻي هي مجبور آهي جيڪو چونداسين اهو ڪري وجهندو) چيو ته پٽ جي عيوض ڪجهه جنرل جيڪي اوهان وٽ اڳ ئي قيد آهن ڇڏيو ته اسان اوهان جو پٽ آزاد ڪريون. ان سربراه وراڻيو فوجيء جي عيوض فوجي ڇڏينداسين جنرل جي عيوض جنرل جيڪڏهن قبول آهي ته ٺيڪ نه ته بس.
سنڌيء ۾ چوندا آهن مڙس مڙس جو مٽ هوندو آهي. مثال طور ملهه جي ميدان ۾ ڪو وڏو پهلوان پاڻ کان گهٽ بيهڪ واري سان ملهه ڪونه وڙهندو آهي جو اهو ئي اصول هلندڙ آهي هن راند ۾ ته مڙس مڙس جو مٽ باقي پاڻ کان گهٽ واري سان وڙهڻ توهين آهي.
وزيراعظم جو استقبال نائب پرڏيهي وزير ڪري اهو اسان جي چوڻي مطابق صحيح ناهي ۽ راند جي اصول مطابق هڪ توهين آهي. ڇا چين جو صدر، وزيراعظم يا وزير خارجه مجبوريء سبب وزيراعظم ۽ ان سان ويندڙ وفد (جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي سميت گهڻا ئي شامل آهن) جو استقبال نه ڪري سگهيا، نه ائين ناهي.
دنيا ۾ سفارتڪاريء جا به ڪي آداب ٿيندا آهن آجيان ڪرڻ لاء ايندڙ جي حيثيت نظر ۾ رکي ويندي آهي يعني مڙس مڙس جو مٽ. ڳالهه کي اڃان به هيئن سمجهجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ته جيڪڏهن چين جو وزيراعظم پنهنجي پرڏيهي وزير سميت اسان جي ملڪ اچي ها ته اسان جي ملڪ جو به ڪو ايرو غيرو ان جي آجيان ڪري ها. ڪڏهن به نه، اسان جي ملڪ جي وزيراعظم جي ننڊ حرام هجي ها سمورو وقت پريشان رهي ها پنهنجي ڪابينه سميت اتي پهچي وڃي ها ته پوء چينين ائين ڇو ڪونه ڪيو.
هڪ هٿ آهي گهرندڙ ٻيو آهي عطا ڪندڙ اسان جي ملڪ جو هٿ هميشهه گهرندڙ رهيو آهي. چينين کي خبر آهي ته ڀلي پاڪستاني ميڊيا دنيا کي اهو باور ڪرائڻ لاء زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏي ته دنيا جي وڏن ملڪن/يورپ پاران اولمپڪ راندين جو بائيڪاٽ ڪرڻ باوجود پاڪستان ان ۾ شرڪت ڪري چين تي ٿورو ڪري رهيو آهي پر اصل ۾ وزيراعظم پنهنجي وفد واري فوج سان قرض گهرڻ ئي اچي رهيو آهي. ٽي ارب قرض کپي ان لاء هي سڀ جتن ڪيا وڃن ٿا.
آء اين ايف کان پوء چين، روس، سعودي عرب سميت دنيا جي ڪنهن به ملڪ کان قرض ملي ته وٺبو ۽ ضرور وٺبو پوء شرط ڪهڙا به هجن هاڻي ته ڪزاڪستان کان به قرض وٺڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. قرض ڇا آهي ان لاء پنهنجي چوڌاري ڳالهايا/ٻڌا ويندڙ جملا سوچي سمجهي سگهجي ٿو. اسان وٽ جيڪڏهن ڪو ڪنهن هڪ کان قرض وٺڻ کان پوء ٻئي/ٽئين ڏي ويندو آهي ته سڀني جي نظرن ۾ ڪري پوندڙ سمجهو ويندو آهي ان جي عزت جيئن پوء تيئن مٽيء ۾ ملندي ويندي آهي بس پرڏيهي قرض به ائين ئي آهي ڇو ته اسان جي سماج ۾ هڪ فرد واري حيثيت ئي هجي ٿي هڪ ملڪ جي دنيا جي گولي ۾.
آء ايم ايف جا شرط پورا ڪندي ڪندي ملڪ وڃي هڏائين پڃري جهڙي شڪل ورتي آهي. ڏينهون ڏينهن ايندڙ مهانگائي جا طوفان (عوام جو معيار زندگيء جو ڪرڻ غربت جي ليڪ کان هيٺ گذاريندڙن ۾ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ بي پناه اضافو) انهن شرطن جي پوئواري ڪندي ئي ايندا رهن ٿا. ان ۾ آء ايم ايف جو ڏوه ڪونهي اوهان پنهنجي آس پاس ڏسو قرض ڏيندڙ قرض ڏيڻ کان اڳ پنهنجي قرض کي محفوظ ڪرڻ جو خواهشمند هوندو آهي جيڪو هن جو حق به آهي. اوهان ڪڏهن رحم طور ڪنهن کي قرض ڏيندي ڪونه ڏٺو هوندو رحم کائي ڏني ويندڙ رقم خيرات هوندي آهي توڙي جو قرض ۽ خيرات ۾ وڏو فرق هجي ٿو پر گهڻو قرض/وري وري قرض اڳتي هلي خيرات جهڙي صورت وٺندو آهي. گهرندڙ جو ڪنڌ هيٺ ۽ ڏيندڙ جو ڪنڌ مٿي ٿيندو ويندو آهي جنهن جي صورت اسان اوهان جي سامهون آهي ته ملڪ جي وزيراعظم جي آجيان دنيائي اصولن مطابق ڪونه ٿي.
ملڪي ميڊيا پاران وزيراعظم جي دوري لاء ٿيندڙ پروپيگنڊا سان گڏ اهي سوال به گردش ۾ هئا/آهن ته ڇا چين جو صدر وزيراعظم سان ملاقات لاء راضي به ٿيندو يا ڪونه جنهن لاء شروعات ته سٺي ڪونهي باقي خبر ۾ به رڳو ٻه يا چار ڏينهن.
04.02.2022

انساني سِسِين جو فصل تيار آهي

انساني سِسِين جو فصل تيار آهي
تاريخ جي هڪ بدبخت حڪمران جمع جي خطبي ۾ چوڌاري نظر ڦيرائي فرمايو هو ته سسين جو فصل تيار ٿي ويو آهي ۽ پوء قتلام جو حڪم جاري ڪيائين ڪجهه لمحن ۾ ئي رت جا درياء وهي هليا. اسان جي ملڪ ۾ (خاص طور سنڌ ۾) به عوام جي سسين جو فصل تيار ٿي چڪو آهي هر وڏيرو باختيار بڻايو ويو آهي ته جيئن هو اهو تيار فصل لڻي وٺي. علائقا ورهائي ڏنا ويا آهن پوليس روينيو سميت سڀ کاتا صبح جو اٿي وڏيري جي ڪوٽ جو طواف ڪري هدايتون وٺي پوء پنهنجي آفيس پهچن ٿا پوء عوام کي دوزخ جو دونهون ڏيڻ شروع ڪن ٿا. وڏيرا اهڙو ڪاروبار ڪيتري وقت کان پيا هلائين.
هڪ ڪاروبار ڳوٺ نواب ولي محمد ۾ ڪيو ويو جتي پوليس جي موجودگيء ۾ ڇهن سسين جو فصل لڻيو ويو. پوليس منٿون ڪندي رهي پر هدايتون ڏيئي موڪليل “جوانن” اهي منٿون نه ٻڌيون ۽ هدايتن مطابق رڪاوٽ بڻجندڙ ايس ايڇ او کي به انهن سان گڏ ئي قتل ڪيو ويو جن لاء حڪم مليل هو. هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مرندڙ هاري ئي هئا جنهن لاء ڪجهه ڏينهن اڳ ڏينهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين جي اڳواڻيء ۾ انهن کي ڀاڻ جي فراهميء لاء مظاهرن وارا ڊراما ٿيا هئا. هن قتلام جوحڪم ڪنهن ڏنو ۽ ڪنهن جي ڏڍ تي ڏنو ويو اصل سوال اهو آهي.
طاقت جي هڪ نفسيات آهي ته ان کي ڪنٽرول ۾ رکڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي. جڏهن عام ماڻهو سياسي طور ايترو وائڙو بڻايو وڃي جو اهو پنهنجي قاتلن کي ووٽ ڏيڻ وقت اهو نه سمجهي سگهي ته منهنجو ووٽ منهنجي قاتل کي مضبوط ڪندو ته اهو وڌيڪ مضبوط بڻايل قاتل پنهنجي طاقت کي ڪنٽرول ۾ رکي سگهي اهو سائنسي طور ناممڪن آهي. ننڍڙن ذهنن کي وڏين ڪرسين تي ويهاري ڌرتي دوزخ بڻائيندڙن کي سوچڻ گهرجي ته اهو ئي ساڳيو عوام مختلف نالن/نعرن جي غلاميء ۾ ڦاسائي گهڻو وقت غلام نه ٿو رکي سگهجي. جيڪو عوام ڏه دفعا ويهه دفعا ايم اين اي/ايم پي اي/وزير/وزيراعظم جا رڪارڊ ٺهرائي سگهي ٿو ته اهو ساڳيو عوام اها ڏنل عزت واپس به وٺي سگهي ٿو. تاريخ مان هنن ڪو سبق سکيو ڪونهي ۽ نه ئي سکڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ڇهن سسين ايف آء آر ڪٽرائڻ چاهي ته طاقت ان اڳيان به ديوار بڻجي ويئي. لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو جتي ڪيترا ڪلاڪ ٽريفڪ بند رهي ڪي پنهنجي ٻارڙن سان ڦاسي پيا ڪي سامان پاروٿا ٿي ڌپ ڪري ويا بيڪ ڊور ڊپلوميسي هلندي رهي، پهريائين ته طاقت گوڏا کوڙڻ لاء تيار نه هئي پوءِ جڏهن ڪيترين ئي پارٽين جا نمائندا پنهنجي ڪارڪنن سان اچي پهتا نعرا لڳا. وڪيل برادريء احتجاج ڪيا صحافين ڪالم لکيا، سنڌ جي هر ڳوٺ هر شهر ۾ مظاهرا ٿيا. ان وچ ۾ ڪو حڪومتي نمائندو ان ڌرڻي وارن مظلومن ڏانهن لڙي ڪونه ويو اها به ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته جڏهن ڪوئيٽه ۾ هزارا برادريءَ وارن جا ماڻهو قتل ٿيا هئا ۽ انهن اهو چئي ڌرڻو هنيو هو ته جيسين وزيراعظم صاحب ڪونه ايندو تيسين اسين لاش ڪونه دفنائينداسون تڏهن سنڌ حڪومت جي اصل وارثن اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪيون هيون ته وزيراعظم کي انهن وٽ وڃڻ کپي اڃان تائين وزيراعظم ڇو ڪونه ويو آهي پر اهي حڪمران هتي ٻيو رويو رکندڙ هئا. ان وچ ۾ وفاق پراڻا پلاند ڪرڻ لاء اندران ئي اندران کاٽ هڻڻ شروع ڪيا لفظن جون وڏيون رانديون ٿيون پوء طاقت کي سمجهه ۾ آيو ته “هاڻي گند ٿيندو” تڏهن وڃي ايف آء آر لکڻ جي “اجازت” ڏني ويئي ۽ قانون ويچارو چٻرا ڪڍي لاشن کي قانوني طور گم ڪرڻ لاء لفظ ڳولي لکندو رهيو. هاڻي ايف آء آر جي لفظن منجهان لفظ ڳولهيا ويندا ۽ ڪيس کي ختم ڪرڻ لاء وڪيل ڪتاب ٽيبل تي هڻندا ۽ قاتل باعزت بري ٿي ويندا بلڪل ائين جيئن سو ماڻهن جا قاتل بري ٿي ويا.
سنڌ جي حڪمران پارٽيء جي چيئرمين ان قتلام جو نوٽيس ورتو آهي، گورنر به نوٽيس ورتو آهي نوٽيسن جي ڀرمار آهي پر نوٽيسن جو انجام تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪو سٺو ڪونه ٿيو آهي.
سسين جي هن فصل کان پوء ٻئي ڏينهن سکر ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڀائرن ۽ سوٽن پاران هڪ عورت سميت ڇهه سسين جو فصل لڻيو ويو. موگنبو خوش هوا وانگر وڏيرن جي روح شانتي حاصل ڪئي ۽ مور جي ٽور هلندي هنن پنهنجي بنگلي ۾ پسار ڪيو.
مٿئين بيان ڪيل منظرنامي ۾ پوليس منٿون ڪندي رهي وارو جملو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو هليو جنهن تي ڪيترا ئي تبصرا ٿيا. جنهن سماج ۾ قانون جا رکوالا قانون جو لاش کڻندڙ بڻجي پون اتي قانون چٻرا ڪڍڻ کان سواء ڇا ڪري سگهندو. پوليس کي هن حال تائين ڪنهن پهچايو آهي جواب ۾ ٻين جا نالا ته ايندا پر پوليس جو پنهنجو نالو به ايندو جنهن پاڻ کي بنگلن جو ڳيجهو ۽ غلام بنايو آهي ته پوء اهو علم(سي ايس ايس وغيره) ڪهڙي ڪم جو جنهن کي پڙهندي بابا امان جي محنتن سان ڪمايل پيسا خرچيا ويا راتين جون ننڊون حرام ڪيون ويو جيڪڏهن انسان دشمني ئي ڪرڻي آهي ته پوء اسڪول ڪاليج ڇو، ايڏا وڏا امتحان محنتون ڇو!
18.02.2022

روس کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها!

روس کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها!
جيڪڏهن ڪو ٻاهريون ماڻهو/ٻئي شهر/ٻئي ملڪ جو ماڻهو منهنجي گهر جي ڪمري ۾ پنهنجي اوطاق ٺاهڻ چاهي ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي هن سوال جو جواب ڏيئي پوء اڳتي وڌو.
سوويت يونين جي خاتمي تي به جڏهن آمريڪا جي دل ڪين ٺري ته هن روس، جيڪو سوويت يونين جو محرڪ هو تنهن کي ڳٽ وجهڻ لاء ان جي پراڻين رياستن مٿان “شفقت” جو هٿ گهمائڻ شروع ڪيو. بلڪل ان طرح جو هٿ سيٽو ۽ سينٽو ۾ شامل ڪري اسان جي مٿي تي به رکيو ويو هو جنهن جو نتيجو سامهون آهي. ڳالهه جيڪڏهن دوستيء جي هجي ها ته به قبول پر انهن سڀني رياستن کي نيٽو ۾ شامل ڪرڻ روس لاء موت هو ۽ موت ڪنهن کي به قبول ڪونه هجي ٿو.
يوڪرين سوويت رياستن منجهان هڪ اهڙي رياست هئي جتي سوويت يونين جون سڀ کان وڌيڪ صنعتون هيون خاص طور تي هٿيارن جي صنعت جو هي مرڪز هو تنهن ڪري آمريڪا شروعات اتان ڪئي جيڪا اوڻيويهه سو ايڪانوي ٻيانوي جي ڳالهه آهي. ٻي ڳالهه ته روس ۽ يوڪرين تاريخي لحاظ کان هڪ ٻئي سان تمام گهڻا واڳيل آهن هنن جا شهري هڪ ٻئي ۾ ضم ٿيل آهن. يوڪرين جي ڪيترن علائقن ۾ روسي ٻولي ڳالهائڻ وارا يوڪريني ٻولي ڳالهائڻ وارن کان به اڪثريت ۾ آهن. يوڪريني ٻولي خود پنهنجي لپيء ۾ ڪونه پر بائلورشين لپي يا روسي لپيء ۾ لکي ويندي آهي. ڪا به ٻولي ٻين ٻولين جا اثر ڪو يڪدم ڪونه قبوليندي آهي مثال روسي ٻولي عربي/سنڌي/هندي جا اثر قبول ڪونه ڪندي اهو ٻوليء جو لپي وارو تعلق قومن جي پاڻ ۾ تعلق بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائيندڙ هجي ٿو. ٿورن لفظن ۾ اهو ته تاريخ ۾ ڪنهن به طور روس جو ذڪر يوڪرين کان سواء ۽ يوڪرين جو ذڪر روس کان سواء ڪري ئي نه ٿو سگهجي. ان صورت حال ۾ اتي ريڊ ڪلف وانگر هڪ ليڪ ڪڍڻ ۽ اتي وري پنهنجي اوطاق ٺاهڻ روس کي قبول ڇو هجڻ گهرجي.
بقول اشوڪ اعظم جي جنگ هڪ ڏوه آهي اسان سڀ به جنگ کي ڏوه سمجهندڙ آهيون ۽ ڪوبه شعور وارو انسان ڪنهن به جنگ جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي. روسي حملي جي به نه پر پنهنجي وجودي بچاء لاء نه وڙهڻ به هڪ ڏوه آهي جنهن جي سزا جنگي ڏوه کان به وڏي آهي. جن قومن پنهنجي وجود جي حفاظت لاء ويڙه ناهي ڪئي انهن جا وجود تاريخ پنهنجي صفحن تان ميساري ڇڏيا آهن اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
هاڻي ڇا ٿيندو....ان جو جواب ايترو ڏکيو ڪونهي لڳي ٿو ته آمريڪا ۽ يورپي يونين هن جنگ کي رڳو سلامتي ڪائونسل (جتي روس کي ويٽو پاور حاصل آهي) کان پوء جنرل اسمبلي (جيڪا رڳو ٺهراء پاس ڪري سگهي ٿي ڪنهن کي ڪجهه ڪرڻ لاء مجبور نه ٿي ڪري سگهي) کڻي ويندا جنهن کان پوء پابنديون هڻي سگهن ٿا ان کان مٿي ڪجهه ڪونه. ته ڇا روس خاموش ويهندو نه ڪڏهن به نه جيڪڏهن روس پاران يورپ جي رڳو گيس لائين بند ڪئي ويئي ته يورپ کي نڪ ناڪيلي لڳي ويندي تنهنڪري قوي امڪان اهو ئي آهي ته رڳو گدڙ ڀڀڪيون جاري رهن.
روس يوڪرين جي طاقت جو فرق به تمام گهڻو آهي تنهنڪري امڪان آهي ته روس پاران سرجيڪل اسٽرائيڪ ريت جون ڪاروايون ڪري ڳالهه کي جلدي ڪنهن ٿانو ۾ وڌو وڃي ڇو ته اڄ ڊگهي جنگ جو زمانو ڪونهي ۽ سموري دنيا ڄاڻي ٿي ته جيڪڏهن جنگ شروع ٿي ۽ ڪو ٻيو ملڪ وچ ۾ آيو ته ان جنگ کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي.
دنيا تي هن حملي جا اثر به تمام گهرا ٿي سگهن ٿا خاص طور تي دنيا جي گڏيل اقتصادي پيداوار جيڪا اڳ ۾ ئي دٻاء ۾ آهي ۽ ٽن سالن کان وٺي ڪرونا جي اثرن مان ئي ڪونه نڪتي آهي اها وڌيڪ خطرناڪ صورت وٺي سگهي ٿي خاص طور تي پوئتي پيل ملڪن جي اقتصادي ترقي وڌيڪ دٻاء ۾ اچي سگهي.
اسان جي ملڪ جو وزيراعظم صاحب به روس جي دوري تي هو اهڙي وقت جڏهن ڪيترن هفتن کان صورتحال ڪشيده هئي وزيراعظم صاحب جو دورو ڪرڻ مغربي دنيا لاء ڪو سٺو پيغام ڪونه هوندو. پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اسان مغربي دنيا جي اثر هيٺ رهندا آيا آهيون اسان جي معيشت کي آمريڪي امداد کان ڌار ڪري ڏسبو ته پاڇي وڃي بچندي ٻڙي. ان ٻڙيء کي وڌيڪ خبردار رهڻ جي ضرورت آهي خاص طور هن وقت جڏهن ايف اي ٽي ايف واري تلوار به مٿان پيئي لڙڪي ۽ عجب اتفاق ته ان جو اجلاس به هلندڙ آهي. ڀلي هن ڀيري نه پر اها تلوار ڪڏهن به گردن مٿان ڪري سگهي ٿي ۽ گردن ۾ ان جو گهاء برداشت ڪرڻ جي سگهه ڪونهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته روس ۽ چين اسان جي ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا جيڪو خيال خام خياليء کان سواء ڪجهه ڪونهي ڇو ته اهي ٻيئي ملڪ اهڙي پوزيشن ۾ ڪونه آهن ان کان وڏي ڳالهه اها ته ملڪن جا ملڪن سان ورتاء مفادن کان سواء ڪونه هوندا آهن انسان هڪ ٻئي مٿان رحم کائي سگهي ٿو ملڪ هڪ ٻئي مٿان رحم به ڪونه ڪندا آهن.
25.02.2022

هي لانگ مارچ ڪنهن جي خلاف پيا ٿين!

هي لانگ مارچ ڪنهن جي خلاف پيا ٿين!
فارسيء جي هڪ چوڻي آهي ته “من ترا قاضي بگويم، تو مرا حاجي بگو” يعني مان توکي قاضي چوندس تون مونکي حاجي چوندو ڪر نتيجي طور عوام اسان ٻنهي کي قاضي ۽ حاجي سمجهندو، اسان مٿان چڙهيل قلعي نه لهندي گڏيل لٽ ڦر جو سلسلو جاري رهندو. هوبهو ساڳي تصوير اسان جي هن ملڪي سماج جي آهي جتي ٿيندڙ هر عمل آخري طور عوام جي کيسن ڪترڻ لاء ئي آهي. مٿئين چوڻيء کي جيڪڏهن ابتو ڪجي ته مطلب ٿيندو تون منهنجي خلاف مارچ ڪر مان تنهنجي خلاف نتيجي ۾ عوام منجهي پوندو ته اصل ڏوهي ڪير آهي. عوام نوان بحث شروع ڪندو هنڀوشيون هڻندو پر ڪنهن نتيجي تي ڪونه پهچندو جنهن جو آخري فائدو وري به اسان کي ئي ٿيندو ڇو ته ڪيتري ئي ڊگهي بحث کان پوء نتيجو اهو ئي نڪرندو ته ايم اين اي/ايم پي اي ساڳيا ئي هوندا رڳو جهنڊو بدلائي اداڪاريء جا جوهر ڏيکاري لٽ ڦر وارو ڪم اتان شروع ڪندا جتي ڪنهن ٻي پارٽيء جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجڻ وقت ڇڏيو هئائون.
پي پي جو لانگ مارچ ڪراچيء کان اسلام آباد ڏانهن ٿيندڙ آهي جڏهن ته پي ٽي آء جو مارچ وري سنڌ جي هڪ سرحدي شهر کان ٻئي شهر ڏانهن جاري آهي ٻنهي مارچن کي ڏسي عوام وائڙو ٿي ويل آهي ته ڪير سچو ڪير ڪوڙو. ٻنهي جا نعرا/ڳالهيون هڪ ٻئي خلاف جيڪي اصل ۾ ان جي پنهنجي لاء سچ آهن. پي ٽي آئي جيڪا اڄ تائين سنڌ دشمنيء ۾ ٻه وکون اڳتي رهي آهي، خود وزيراعظم ڪڏهن چڱو ڳالهايو به ڪونهي سنڌ کي فائدو ڏيڻ ته پري جي ڳالهه، اها پارٽي سنڌ جي عوام کي حق ڏيڻ لاء شاه محمود قريشيء جي سربراهيء ۾ جلسا جلوس پيئي ڪري ۽ پي پي جيڪا سنڌ صوبي جي خسته حاليء جو وڏو سبب آهي جيڪا صوبي کي کنڊرات بڻائي چڪي آهي پاڻ بدانتظاميء جو ماڊل آهي اها وري پي ٽي آئي تي ساڳيا الزام هڻي بلاول ڀٽي جي سربراهيء ۾ جلسا جلوس ڪري رهي آهي ۽ عوام “ويچارو” بڻجي ٻنهي ڏانهن رحم جوڳين نگاهن سان پيو نهاري ۽ جلوسن ۾ هلندڙ گاڏين جي شاه خرچين تي غور پيو ڪري، اهو پيسو ڪنهن جو آهي جيڪو پاڻي وانگر وهايو پيو وڃي. ڇا ڪا پارٽي پنهنجي فنڊن مان اها خرچ پيئي ڪري نه اهي خرچ ڦري گهري عوام جي ئي کيسي کي پيا خالي ڪن. جلسن جلوسن ۾ جيڪي تقريرون ٻنهي طرفن کان ٿين پيون اهي به ٻڌڻ جهڙيون آهن جن کي ٻڌي اهو فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي ته انهن تي کلجي يا ملڪي بدنصيبيء تي روئجي. ٻيئي جتي ٻيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن اتي هڪ ٻئي تي ڪرائي جا ماڻهو گهرائي جلسي گاهن کي ڀرڻ جا الزام به هڻي رهيا آهن جيڪي ڳالهيون سوشل ميڊيا تي هلن پيون.
انهن جلوسن پويان تبديليءَ جي نالي ۾ ساڳين وزيرن مشيرن ميمبرن کان عوام کي ڦرائيندڙ وزيراعظم صاحب خلاف بي اعتماديء جي رٿ جو ڳالهيون پڻ هلي رهيون آهن جيڪا روزانو جي بنياد تي دلچسپ شڪل وٺندي پيئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ شاه محمود قريشيء جو اسلام آباد کان ٻاهر هجڻ به معنى رکندڙ آهي. هي سائين رڳو ملڪ جي وزيرخارجه جي عهدي تي ويٺل ڪونهي ان سان گڏوگڏ هي پي ٽي آء ۾ نائب جو عهدو رکندڙ به آهي. ٻيو ته جهاز ۾ ماڻهو کڻي پهچائيندڙ ۽ اي ٽي ايم چَوَرائيندڙ به هن وقت ملڪ کان ٻاهر ويٺل آهي اهي ٻيئي ڳالهيون عدم اعتماد واري منصوبي کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي رهيون آهن.
پي پي ۽ نواز ليگ جن لاء سوشل ميڊيا مطابق موجوده ايم اين اي/ايم پي اي سمجهن ٿا ته سڀ ڪجهه اشاري تي پيو ٿئي پنهنجو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاء هٿ پير هڻي رهيا آهن. انهن ميمبرن کي پنهنجي ئي پارٽيء جي وزيراعظم خلاف ووٽ ڏيڻ جي قيمت طور ايندڙ اليڪشن ۾ کين پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جا معاهدا پيا ٿين. اتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته پرائي حڪومت واري دور ۾ پارٽيء جو ڏکئي وقت ۾ ساٿ نه ڇڏيندڙ ڪهڙي منهن سان پنهنجي ڪارڪنن کي ووٽ ڏيڻ لاء چئي سگهندا. مثال طور نوازليگ جي هڪ ميمبر کان پي ٽي آء جي ٽڪيٽ رکندڙ همراه اليڪشن کٽي ميمبر/وزير/مشير ٿيو. ٽي چار سال پنهنجي عهدي تي رهندي جاوا ڪندو رهيو. اشارو ملڻ تي پنهنجي ئي وزيراعظم خلاف ووٽ ڏيڻ جي نتيجي ۾ نون ليگ جي ٽڪيٽ وٺي عوام وٽ پهتو ته ان جو ڇا ٿيندو جيڪو هارائي پنهنجي تڪ جي ڪارڪنن سان عذاب ڪاٽيندو رهيو. هاڻي جڏهن ٽڪيٽ وري ان جي مخالف کي ملي آهي ته هو ڪهڙي منهن سان پنهنجي ڪارڪنن کي چوندو ته ووٽ ڪنهن کي ڏيڻو آهي. اهو پنهنجي حريف جي اليڪشني مهم ڪيئن هلائي سگهندو. انتهائي غور سان ڏٺو وڃي ته ملڪ جي سموري تاريخ اهڙن ئي “ڪارنامن” سان ڀريل آهي ۽ اهڙن ئي ڪارنامن هن ملڪ جي شڪل اهڙي بيهاري آهي جو نه ته دنيا ۾ ڪو ملڪ هن جو دوست نه وري پنهنجي ملڪ جو عوام.
04.03.2022

چاٻي وري به اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ آهي

چاٻي وري به اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ آهي
پنهنجي عمر جي حساب ۾ جيڪي به حڪومتون ڏٺيون آهن اهي اهڙي پارليامينٽ مان ووٽ وٺي ٺهندڙ رهيون آهن جنهن کي هينگ/لڙڪيل اسمبلي سڏيو ويندو آهي. اسمبلي سدائين اهڙي ڇو آهي يعني ڪجهه سيٽون ڪا پارٽي ڪجهه سيٽون ڪا پارٽي ڪجهه سيٽون آزاد ميمبر کڻي اسمبليء ۾ پهچندا آخري طور تي ڪابه پارٽي رڳو حڪومت ٺاهي سگهي هلائي نه سگهي. هتي سوال اهو آهي ته اها ورهاست سدائين اتفاقي آهي يا هينڊ ميڊ/هٿ جي ٺهيل. جواب آهي ته اها هٿراڌو آهي ۽ “انگن اکرن جي جادوئي راند”
مثالطور جيڪڏهن ڳالهه 1988 کان شروع ڪجي ته 1983-86 جي تحريڪ جي نتيجي ۾ جڏهن ڪرسي پيپلز پارٽيء کي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو ته پيپلز پارٽيءَ کي ٽڪيٽ ڏيڻ لاء “ڪرسي ڏيڻ وارن” پاران اهڙن ماڻهن جي لسٽ ڏني ويئي جيڪي سڌا اڻ سڌا ڀٽي جي قتل ۾ ملوث هئا يا ان جي قتل تي مٺايون ورهايون هئائون ٻين لفظن ۾ مهرا هئا. پيپلز پارٽي ملندڙ اقتداري خوشيء ۾ اهو وساري ويٺي ته “ٺاهي وري ڊاهڻ” هنن جو کاٻي هٿ جو کيل آهي ان خوشيء ۾ هن پارٽي انهن سڀني کي وساري ڇڏيو جيڪي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سندن ساٿي هئا. جڏهن اليڪشن ٿي ته ايم ڪيو ايم (جنهن کي پنڌرنهن) قومي اسمبليء جو سيٽون ڏياريون ويون هيون، حڪومت ٺاهڻ لاء سڀني انهن ڏانهن پنڌ شروع ڪيا ان وچ ۾ ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ايم ڪيو ايم کي آسماني تحفو قرار ڏيڻ لاء زمين آسمان هڪ ڪيو ويو. نيٺ “حڪم” تحت انهن پيپلز پارٽيء کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو اڳتي هلي انهن پنڌرنهن ووٽن حڪومت جو جيڪو حشر ڪيو اهو هتي بيان ڪرڻ کان وڌيڪ آهي بس وزيراعلى ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي ملاقات لاء انتظار ڪندو هو ۽ شرف ملڻ کان پوء هڪ ڊگهي لسٽ وٺي ان تي عمل لاء روانو ٿيندو هو. اهو عمل هفتي ٻن ۾ ضرور ٿيندو هو. جڏهن حڪومت بليڪ ميل ٿيندي ٿيندي ٿڪي پيئي ۽ هڪ حد پار ٿيندي ڏٺي ته هن پنهنجي هٿ کي ٿورو پوئتي ڇڪيو نتيجي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آندي ويئي جنهن حڪومت جي چيلهه ڀڃي وڌي. اهي ساڳيا ماڻهو ٻئي دفعي ڪنهن ٻئي سان اهو سڀ ڪندا رهيا.
ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي مٿي بيان ڪيل سين/منظر ئي ورجايو وينديورهيو آهي جيڪو هاڻي به جاري آهي. چند مهرا جيڪي ٿنڀا بڻيل آهن ساڍا ٽي سال جاوا ڪرڻ کان پوء سموري ملڪ جي عوام جي اعصابن سان کيڏن پيا. ڪنهن کي به سڌي “ها يا نه” ڪونه پيا ڪن بس ڳجهه ۾ پيا ڳالهائين ۽ پنهنجي لٽ ڦر کي مضبوط پيا ڪن.
حڪومت اندر به اهڙا وزير موجود آهن جيڪي “اصل ۾ هڪ آهن ۽ ٻڌڻ ۾ ٻه”. اهي هن وزيراعظم (جنهن کي ڪو اهڙو تجربو ڪونهي) کي اهڙي نهج تي پهچائي پوء پير ڪڍڻ پيا چاهين جتي هنن اڳ وارن کي پهچايو هو ۽ پير ڪڍيا هئا.
هو سدائين وانگر وزيراعظم کي چون پيا “اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي اوهان انهن تي اهڙو زوردار حملو ڪيو جو انهن جون وايون بتال ٿي وڃن” ۽ پوء وزيراعظم انهن کي سچو/پنهنجو ماڻهو سمجهي جوابي حملي جو اندازو لڳائڻ بنا ڦوڪڻي مان هوا نڪتل ماڻهن مٿان حملي لاء سوچي رهيو آهي جنهن جو نتيجو اهو ئي نڪرندو جو اڳي وارن وانگر وزيراعظم پاڻ به ستين آسمان تان هيٺ اچي ڪرندو.
جيڪو ڪجهه ٿئي پيو هدايتڪار جي هدايت مطابق پيو ٿئي. ايم ڪيو ايم، ق ليگ ۽ تحريڪ انصاف ۾ ويٺل اهي ميمبر جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي ايلفيء سان ڳنڍيل آهن اهي هڪ پاسي اهو روئڻو پيا روئن ته سندن مطالبا پورا نه ٿيا آهن حڪومت مايوس ڪيو آهي ٻئي پاسي اهي اپوزيشن کان عهدا پيا گهرن. مٿان وري اهو قهر ڏسو جو ٽي وي چينل/يوٽيوب تي ٿيندڙ تبصرن ۾ اهو پيو چيو وڃي ته وزارت/عهدو گهري فلاڻي پارٽيء وارن اصولي موقف رکيو آهي ڇو ته هنن سدائين اصولي سياست ئي ڪئي آهي. يعني اي الله تنهنجا سادا ٻانها ڪاڏي وڃن جو سلطاني به عياري ته درويشي به عياري.
انهن دوست سڄڻن ئي وزيراعظم صاحب کي صلاح ڏني آهي ته اسلام آباد ۾ ڏه لک ماڻهو گڏ ڪجن، انهن کي وزيراعظم صاحب خطاب ڪري ايترو جذباتي بڻائي جو اهي ايندڙ ويندڙ ميمبرن کي خونخوار نظرن سان ڏسن ۽ “نامعلو” “بگڙي لوگ” وري ڪو ممڻ مچائين جنهن جو سڄو ڪيس وزيراعظم جي ڪنڌ ۾ وجهي کيس سدا لاء تباه برباد ڪري ڇڏجي. وزير صاحبن هاڻي اها صلاح به ڏيڻ شروع ڪئي اٿن ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائي سنڌ حڪومت جو خاتمو ڪري عدم اعتماد واري تحريڪ جي مائينڊ ماسٽر کي سبق سيکارجي. جيڪڏهن وزيراعظم صاحب ائين ڪرڻ لاء سوچي ٿو ۽ ڪا ٻڙڪ ڪڇي ٿو ته اها ٻڙڪ به کيس وڌيڪ پريشان ڪرڻ لاء ڪافي هوندي. ايم ڪيو ايم ق ليگ شيخ رشيد صاحب فواد چوڌري صاحب اصل ۾ هڪ ئي ايلفيء سان ڳنڍيل آهن جن ئي سڄو ممڻ مچايو آهي. نتيجي ۾ ملڪ ۾ ٿيندڙ انتشار سندن لاء هڪ فلم کان گهٽ نه هوندو اها ڳالهه ملڪي تاريخ به ٻڌائي ٿي.
18.03.2022

اسٽيبلشمينٽ جو ڄار ۽ ڪرسي پرست سياستدان

اسٽيبلشمينٽ جو ڄار ۽ ڪرسي پرست سياستدان
نيٺ اهو ڏينهن به ڏسڻ لاء مليو جو “سڀ کان وڌيڪ سليڪٽيڊ” (اڄ تائين هڪ وزيراعظم به “مرضي” کان سواء ڪونهي آيو) بڻايل سياستدان به ان نتيجي تي پهتو جنهن تي پراڻا وزيراعظم پهتا هئا. سڀ ان ئي نتيجي تي پهتا ته کين سبز خواب ڏيکاري ڪرسي ڏيئي استعمال ڪري ٽشو وانگر اڇلايو ويو. فرق رڳو اهو آهي ته ڪي جلد پهتا ڪي دير سان، ڪي هڪ دفعو ڪرسي حاصل ڪرڻ کان پوء، ڪي ٻه دفعا پر پهتا سڀئي. ڏک اهو آهي ته ڪو به ڪرسي وٺڻ کان اڳ يعني “بي آبرو هوڪر ڪوچي سي هم نڪلي” کان اڳ ڪونه پهتو.
ملڪي تاريخ جا سڀ ئي ڪرسي چمندڙ خواب کڻي ايندا رهيا ۽ ڪرسيء تي ويهڻ کان پوء پاڻ کي “سڀ ڪجهه” سمجهندا رهيا پر جڏهن استعمال ٿي چڪا ته کين سمجهه ۾ آيو ته هي رڳو نظر جو دوکو هو، ٻيو ڪجهه ڪونه.
لڙڪپن کيل ۾ کويا، جواني نيند ڀر سويا بڙهاپا ديک ڪر رويا وه هي قصا پرانا هي” انتخاب ٿيو اڱر کان جهلي وڏو ڪيو ويو، استعمال ٿيو ۽ اڇلايو ويو سمورو قصو اتان شروع ٿي اتي ئي پورو ٿيندو رهيو آهي اڄ تائين.
1977 ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جو تختو اونڌو ڪري جنرل ضياء اميرالمومنين وارو خواب کڻي پهتو تڏهن ڀٽي صاحب رسول بخش پليجي سان ملاقات ڪئي. ملاقات کان پوء ڀٽي چيو ڪاش! مان پليجي سان اڳ ۾ مليو هجان ها. ڳالهه ملاقات جي ڪونهي ڀٽو اڳ ۾ به پليجي سان مليو هو پر ان وقت “دست شفقت” مٿس هو جنهنڪري هن سمجهيو ته شايد “هو منهنجا آهن ۽ سدائين رهندا” تنهنڪري اهو ملڻ “ملڻ” نه هو. ڪرسيء تي ويهي ۽ تڏي تي ويهي ملڻ ۾ فرق هجي ٿو جيڪا ڳالهه ڀٽي صاحب کي پوء سمجهه ۾ آئي، “ته هو ڪنهن جا به ڪونه آهن” اڳتي هلي انهن ڀٽي سان اها ڪئي جيڪا اڳي ڪنهن سان ڪونه ٿي هئي. هڪ بي جان ڪيس ۾ هن کي ڦاسيء تي چاڙهيو ويو جنهن جي فتوى تي ڪيترا دفعا آڱريون کڄيون رهيون آهن وڏي قهر جي ڳالهه اها ته ان جي ڌيءَ ٻه دفعا وزيراعظم ٿي ته اهو ڪيس نه کولرائي سگهي. هن ڪيس کلڻ سان ڀٽو صاحب زنده ڪونه ٿئي ها پر تاريخ جي درستگيء لاء ۽ اڳتي اهڙن ڪڌن فيصلن لاء دروازا بند ڪرڻ واسطي اهو ضروري هو. هي ڪيس ايترو ڏکيو به ڪونهي ڇو ته سابق جج صاحبن جا بيان رڪارڊ تي آهن ته هي عدالتي قتل هو ۽ ججن دٻاء ۾ اچي فيصلو ڪيو هو. ساڳي تناظر ۾ هڪ ڳالهه ڪندو هلجي ته پنجاب بار جي ڪيترن وڪيلن ڀڳت سنگهه کي 1931 ۾ ڦاسي ڏيڻ واري ڪيس مان ڪيتريون ڪمزوريون تلاش ڪندي اهو ڪيس ٻيهر کولي تاريخ جي درستگيء لاء اپيل جون تياريون ڪندا رهيا آهن.
مٿي بيان ڪيل ڀٽي ۽ پليجي صاحبان جي ملاقات ۾ پليجي ڀٽي تي (گهڻين ڳالهين سان گڏ) واضع ڪيو هو ته هن وقت تنهنجي لاء سڀ دروازا بند ڪيا ويا آهن هاڻي رڳو هڪ ئي دروازو کليل اٿيئي ته تون عوام وٽ وڃ توڙي جو ان لاء به دير ٿي چڪي آهي پر اها هڪڙي ڳالهه ئي تنهنجي لاء ٺاهيل ڦندي کي ختم ڪري سگهي ٿي ٻيو ڪجهه ڪونه.
پوء ڀٽو عوام وٽ ويو وڏا وڏا اجتماع ڪيائين پر تيسين گهڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ پوء “انتخاب ڪري، طوطي وانگر پڙهائي، استعمال ڪري کيس ماريو ويو”
ساڳيو ڪم بينظير سان به ٿيو کيس 1983 ۽ 1986 جي ايم آر ڊي تحريڪ جي بدلي (سنڌين جي جدوجهد مان هوا ڪڍڻ لاء) ٻه دفعا وزيراعظم بڻائي ٽئين دفعي جا خواب ڏيکاري هن دنيا مان اهڙيء ريت رخصت ڪرايو ويو جو اڃان تائين خبر ناهي ته “هي سڀ ڪنهن ڪيو” جڏهن کيس هٽايو ويو ته هوء به عوام وٽ ويئي جلسن ۾ پنهنجي ماڻهن کان اهو نعرو هڻايائين “يا الله يا رسول، بينظير بيقصور” پر “هنن” تي اهڙا نعرا ڪٿي ٿا اثر ڪن هو سمجهي ويا ته اهي نعرا زبان مان نڪتل آهن دل مان نه.
نواز شريف به ساڳي ئي مرحلي مان گذاريو ويو پر هو “لاڙڪاڻي ۽ لاهور” جي فرق ڪري ماريو ڪونه ويو آهي. پهرئين دفعي کيس چيو ويو ته اسٽيفا ڏي جنهن تي هن ضد ڪئي ته مان ويندس ته صدر به ويندو ۽ پوء ٻيئي ويا. ٻئي دفعي هن اسمبليء ۾ “ڀاري مينڊيٽ” سان آمد ڪئي اچڻ شرط اٺين ترميم جو خاتمو ڪيائين ۽ پاڻ کي بي خطر سمجهي مسند تي ويهي رهيو. ٻئي دفعي کيس ٻئي طريقي سان هٽايو ويو. ٽين دفعي ٽين طريقي سان.
هر دفعي ٻين وانگر هي به عوام وٽ ويو جتي چيائين مجهي ڪيون نڪالا پر تيسين سندس لاء سڀني دروازن سان گڏ هي دروازو به بند ٿي چڪو هو.
هاڻي هي سائين به اهائي ٻولي پيو ڳالهائي ڏه لک ماڻهن جو جلسو ڪري اتي پنهنجو ڪيس رکڻ پيو چاهي ڇو ته هن جي لاء به سڀ در بند ٿي چڪا آهن. عوام جو در به بند اٿس جو هن عوام سان اها ڪئي آهي جهڙي ٻرڙي ٻارن سان. چوڌاري گهمندڙ ڦرندڙ کيس اهڙي ڪُنَ ۾ اڇلائي چڪا آهن جتي پيو ڦرندو ۽ جيسين ڪن ۾ ڦاٿل ٻيڙيء وانگر تختو تختو ٿي نه پوي تيسين ڪونه نڪري سگهندو.
مٿي بيان ڪيل سڀني حڪمرانن جي ذهنن ۾ اهڙيون ڳالهيون ويهاريون ويون ته هي بهارون سدا لاء. هي بجليون پيون ٻرنديون اهڙين ڳالهين هر ذهن کي فرعون بڻايو کين عوام ڪوليون ماڪوڙيون لڳيون هڪ لمحو به اهو نه سوچيائون ته تاريخ جو سبق ياد رکون ۽ عوام سان نه ڦٽايون جو اڳي پوء اهو هڪ در ئي ڪم ايندو.
25.03.2022

سفارتي خودڪشي

سفارتي خودڪشي
ملڪ جي وزيراعظم صاحب پنهنجي تقرير ۾ فرمايو ته ان کي ڌمڪيء وارو خط آمريڪا موڪليو هو. هن خط جو ذڪر ڪيترن ڏينهن کان جاري هو خاص طور تي وزيراعظم صاحب جي ستاويهه مارچ واري جلسي ۾ ڪيل تقرير دوران پنهنجي کيسي مان ڪڍي ڏيکارڻ بعد ان خط تي روزانو سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تبصرا ٿيندا رهيا جنهن ڪري هن خط کي تمام گهڻي پذيرائي ملي هئي جنهن کي نيٺ ڪالهه واري تقرير ۾ ملڪي وزيراعظم ان ملڪ جو نالو کڻي واضع ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم صاحب جن ٻئي ڏينهن اهو به فرمايو آهي ته ملڪ ۾ پيدا ٿيل غيريقيني واري صورتحال جي ڪري ملڪ مان ڏيڍ ارب ڊالر جي سرمائيڪاري نڪري ويئي آهي جنهن جو واسطو سڌو سنئون عدم اعتماد جي تحريڪ سان آهي جڏهن ته بي بي سي جي اردو ويب سائيٽ تي آيل خبر موجب اسٽيٽ بينڪ جي پڌرائي موجب مالي سال دوران نڪتل سرمائيڪاري ۾ اهي انگ اکر يعني ڏيڍ ارب ڊالر ٻڌايل آهن.
وزيراعظم صاحب جا وزير مشير (جيڪي عدم اعتماد وري پيش ڪيل تحريڪ کان پوء ٻين پارٽين کي ايلاز منٿن ۾ لڳا پيا آهن ته کين قبوليو وڃي ڇو ته هو حڪمرانيء جو نشو ڇڏڻ لاء تيار ڪونه آهن پر هر پارٽيء مان کين جواب مليو آهي) وزيراعظم صاحب لاء پيا چون ته کيس جان جو خطرو لاحق آهي تنهنڪري سندس حفاظتي اپائن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.
هي ملڪ ڪيڏانهن پيو نيو وڃي ان طرف ڪنهن جو ڌيان ڪونهي. ڪنهن ملڪ جو نالو کڻي اهڙو سنجيده الزام هڻڻ جي نتيجن کان واقف آهي اسان جي ملڪ جو وزيراعظم! هي عهدو انتهائي ذميوار هوندو آهي جڏهن وزيراعظم ڪا ڳالهه ڪري ته اها ملڪي پاليسي طور سمجهي ويندي آهي.
ملڪي وجود ۾ اچڻ جي پهرئين ڏينهن کان آمريڪي ڊالرن جي جيڪا سانوڻي مينهن وانگر برسات ٿيندي رهي آهي هڪ دور ۾ اربين روپين جي امداد کي مڱ ڦري چئي ان ۾ واڌاري جو مطلبو ڪيو ويو هو يوٽيوب تي پيل انٽرويوز ۾ اسان جي ذميوار عهدن تي ويٺل ماڻهن جا جيڪي انٽرويو پيا آهن انهن کي ٻڌي حيرت ٿئي ٿي ته هتي ڊالرن جي “مها ٻوڏ” ايندي رهي آهي اها ٻي ڳالهه ته ان جو لاڀ عوام تائين پهچڻ نه ڏنو ويو ۽ مٿان ئي مٿان “ڀاڱا ٿيندي سهڻي” وانگر ورهائي وري مغربي ملڪن جي بئنڪن ۾ پنهنجي نالي وارن اڪائونٽن ۾ رکرايا ويا. اهڙي ملڪ لاء ايڏو وڏو الزام ڇا ٿو ٻڌائي! اها دوستي اهڙي دشمنيء ۾ ڪيئن بدلي اهو سوال به پنهنجي جاء تي موجود آهي. اهي رقمون وٺڻ وقت اهو ڇو ڪونه سوچيو ويو ته “اها مهرباني” ختم به ٿي سگهي ٿي.
هن وقت ملڪ جي اقتصادي صورتحال ايتري خراب آهي جنهن جو ڪو مثال ڪونهي. ملڪي جي ڊي پي تاريخ جي گهٽ ۾ گهٽ واري انگن کي پيئي ڇهي. ملڪ ۾ انفليشن (افراط زر) جو ريٽ اٺ کان ڏه سيڪڙو (سرڪاري طور تي ٻڌايل آهي) آهي جڏهن ته اهو ريٽ ان کان تمام گهڻو مٿي آهي (ملائشيا ۾ اهو ٻه سيڪڙو آهي هي سمجهاڻي طور ڏجي ٿو) ملڪ جي اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ٿيڻ کان به وڌيڪ واري شڪل ۾ پهتل آهي. ملڪي ڪرنسي روپئي جي طاقت ڏينهون ڏينهن گهٽجندڙ آهي ملڪي روپئي ۾ ڪنهن غيرملڪي ڪرنسيء سان مقابلي جي طاقت ئي ڪونهي. هڪ ڊالر (سرڪاري طور) هڪ سو پنجاسي جو ٿي چڪو آهي جڏهن ته اصل ۾ اهو ٻه سو جي لڳ ڀڳ هوندو ڇو ته آء ايم ايف کان قرضن جا انباز وڃن پيا ڏينهون ڏينهن وڌندا. ملڪ مٿان ايف اي ٽي ايف جو ڪارو پاڇو بيٺل آهي. اندروني خلفشار عروج تي آهي. سرحدي صورتحال خراب کان خراب تر ڏانهن پيئي وڌي. اهڙي وقت ۾ ڪنهن ملڪ جو نالو کڻي ان تي اهڙو الزام هڻڻ جنهن کي ثابت به نه ڪري سگهجي ڪهڙي عقلمندي چئبي. هتي سوال اهو آهي ته پوء ملڪ جي سڀ کان وڏي ذميوار عهدي تي ويٺل شخص اهڙي ڳالهه ڇو ٿو ڪري. ان جو جواب منهنجي نظر ۾ سندس سفارتي ڪلچر کان ناواقفيت آهي. جيئن ته هي سائين ڪنهن پارٽي جي بٺيء مان پچي ناهي نڪتو تنهنڪري کيس اهڙن الزامن جي سنجيدگي ۽ ان جي نتيجن جي خبر ڪونهي شايد. هي سڌي سئين سفارتي خودڪشي آهي جيڪا هن ملڪ لاء تمام گندا نتيجا ڏيندي. ٿي سگهي ٿو ته هي سائين اهڙي صورتحال پيدا ڪري ايندڙ حڪمرانن لاء ڏکيائون پيدا ڪرڻ چاهيندو هجي جيئن سنڌيء ۾ چئبو آهي ته نه کيڏنداسون نه کيڏڻ ڏينداسون شايد کيس خبر ڪونهي ته اهي ڏکيائون ڪنهن حڪمران لاء گهٽ ملڪ لاء وڌيڪ هونديون ۽ اها سفارتي خودڪشي رڳو آمريڪا ڪونه پر سڄي دنيا ۾ ملڪ جو وقار ڪيرائيندي. دوست ملڪ (جيڪو هن وقت پوري دنيا ۾ ڪونهي) آئنده اسان کي ڪهڙي نظر سان ڏسندا. پاڻ ئي چون ٿا ته اسان دنيا ۾ اڪيلائي جو شڪار ٿيندا پيا وڃون.
01.04.2022

آئين ٽوڙڻ جي سزا به ملڻ گهرجي

آئين ٽوڙڻ جي سزا به ملڻ گهرجي
اولهه پاڪستان جو هڪ گورنر پنهنجي وڏين مُڇن منجهان هڪ تي هٿ رکي چوندو هو “هي منهنجو آئين آهي” ٻيء مُڇ تي هٿ رکي چوندو هو “هي منهنجو قانون آهي”. ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ ايندڙ هر حڪمران (مڇن واري يا بنا مڇن واري) آئين ۽ قانون کي ائين ئي سمجهو آهي ۽ ائين ئي سمجهي عمل ڪيو آهي. ٽي اپريل ٻه هزار ٻاويهه تي ٻين حڪمرانن جيئن هن (موجوده حڪمران) بنا مڇن واري سائين به آئين کي ائين سمجهو ۽ ان تي عمل ڪيو ۽ ڪرايو.
وزير اعظم دعائون گهرندو رهيو ۽ جڏهن سندس دعا اگهاڻي ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل تحريڪ عدم اعتماد سڀ مرحلا طيء ڪندي اچي ووٽنگ جي اسٽاپ تي پهتي ته ووٽنگ لاء گهرايل اجلاس مان هڪ ميمبر (وزيرقانون) اٿيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر کان هڪ سوال ڪيو ۽ چيو ته پهريائين هن تي رولنگ ڏيو. اهو سوال هڪ منٽ کان به گهٽ وقت جو هو ۽ ٻڌڻ کان پوء ڊپٽي اسپيڪر ان تي هڪ سيڪنڊ بنا ڪنهن دماغ جي استعمال جي هڪ پني تي اڳ ۾ ئي لکيل رولنگ پڙهي ٻڌائي ته موجوده تحريڪ عدم اعتماد غير آئيني آهي ۽ اجلاس ملتوي ڪجي ٿو. پنجاه هزار کان وڌيڪ ڪوڙا ٺپا هڻي اليڪشن کٽڻ جي الزام هيٺ هلندڙ ڪيس ۾ ڪورٽ کان اسٽي وٺي ڊپٽي اسپيڪر جي ذميوار ڪرسيء تي ويٺل هن همراه فتوى پڙهڻ وقت ايتري ته تڪڙ ڪئي جو هواس قائم نه رکندي لکيل رولنگ واري پني تي نالو ان جو پڙهي ويو جيڪو اجلاس ۾ هو ئي ڪونه يعني سوال هڪ ٻڌو جواب ٻئي پاران ڏنو ويو. شايد اهو ڪم پنجين درجي وارو شاگرد به نه ڪري.
اهو سڀ ايتري پلاننگ سان ٿيو جو حزب اختلاف جا ميمبر هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهجي ويا ۽ ڪجهه ڪري نه سگهيا. سندن چهرا ان وقت ايتري بيوسيء جي جهلڪ هئا جيئن سندن حڪمراني وقت عوام جا چهرا نسوري بيوسي ڏيکاريندڙ هوندا آهن.
ايتري ۾ وزيراعظم صاحب تقرير ڪندي فرمايو ته مون صدر کي اسمبلي ٽوڙي نگران حڪومت جو چئي ڇڏيو آهي قوم چونڊن جي تياري ڪري. صدر صاحب اسمبلي ٽوڙڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو ۽ وزيراعظم صاحب کي نگران حڪومت جي جوڙجڪ تائين ڪم جاري رکڻ جو چيو. وزيراعظم صاحب جي وزيرن مشيرن هن بيانئي تي ڪم شروع ڪري ڏنو ته حزب اختلاف وارا اليڪشن کان ايترو ڇو ٿا پري ڀڄن.
وزيراعظم صاحب پنهنجي ميمبرن کي اهو به فرمايو ته مونکي خبر هئي پر مون اوهان کي نه ٻڌايو ڇو ته متان اوهان اها ڳالهه حزب اختلاف جي ميمبرن کي ٻڌايو. پنهنجي ميمبرن کي فخريه انداز ۾ اهو به چيائين ته اوهان جو ڪپتان آخري بال تائين کيڏڻ وارو آهي مون اوهان کي ڪونه چيو هو ته مان اوهان کي سرپرائيز ڏيندس.
جنگ جي دنيا ۾ هڪ لفظ/ٽرم استعمال ٿيندو آهي سرجيڪل اسٽرائيڪ جنهن جو مطلب اهو آهي ته اهڙي تڪڙي ڪاروائي جو ٻئي کي سنبرڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ئي نه ملي. هي سمورو عمل سوچيل سمجهيل سرجيڪل اسٽرائيڪ هئي جيڪا وزيراعظم جي سربراهيء ۾ منصوبه بنديء جي عمل مان گذري. اهو سمورو عمل آئين سان ٿيل اهو ورتاء هو جنهن جو مثال اڳي اسان جي ملڪ ۾ ڪونه ملندو توڙي جو پهرئين ڏينهن کان روزانو جي بنياد تي آئين ٽوڙڻ جا خوب تجربا ٿيندا رهيا آهن.
ان دوران ملڪ جي وڏي عدالت پاڻ مرادو نوٽيس ورتو جنهن جي ٻڌڻي چار ڏينهن روزانو جي بنياد تي ٿيندي رهي. عدليه جو پراڻو رڪارڊ ڏسي قوم ۾ بيچيني وڌندي رهي توڙي جو ٻڌڻي دوران ججن پاران ايندڙ “رمارڪس” عوام تي پاڻي جي ڇنڊي وانگر پوندا رهيا پر عوام پويون رڪارڊ ڏسي مايوس ٿيندو رهيو.
ان دوران حزب اختلاف جي ليڊرن خاص طور تي مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽي پاران انٽرويو دوران سخت احتجاج جي تنبيهه ايندي رهي. اهو به چيو ويو ته احتجاج ايترو سخت هوندو جو اڄ تائين ڪنهن ڏٺو ڪونه هوندو.
ڪالهه سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته صورتحال رولنگ کان اڳ واري بحال ڪجي ٿي وڌيڪ چيو ويو ته نائين تاريخ اجلاس ڪري ووٽنگ ڪرائي وڃي جيڪڏهن وزيراعظم خلاف رٿ ناڪام ٿئي ٿي ته بس نه ته نئين قائدايوان جو انتخاب به ان ڏينهن ئي ڪرايو وڃي.
ٿي سگهي ٿو عدالت کي وزيراعظم صاحب جي ذهن ۾ پلجندڙ نئين ڪنهن “هوشياري” جي کڙڪ پئجي ويئي هجي تنهنڪري هنن واضع فيصلو ڏنو ته هيئن هيئن ٿيڻ گهرجي.
هتي سوال اهو آهي ته ڳالهه اتي ختم ڪونه ٿي ٿئي ۽ نه وري ان کي ختم ڪرڻ گهرجي. جن آئين ٽوڙيو انهن کي ان سموري ٽيم سميت سزا به ملڻ گهرجي. ڇو ته اڄ ميڊيا جو زمانو آهي ڪا ڳالهه لڪائي ڪونه ٿي سگهجي. تيار ٿيل سازش ڏاڪي به ڏاڪي ميڊيا تي آيل آهي ان کي بنياد بڻائي سگهجي ٿو ۽ اهو ٿيندو ڇو ته نئين حڪومت اهو سڀ ڪندي. نئين حڪومت صدر صاحب سان گڏ گورنرن سان گڏ وزير مشيرن لاء به گهڻو ڪجهه ڪندي. ٿي سگهي ٿو فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جيڪو به تيار آهي اهو به اچي وڃي. هن سموري صورتحال ۾ ڇڙهيون هڻڻ/ڦٿڪڻ حڪومت لاء وڏي تباهي ۽ رسوائي جو سبب بڻبو. وقت وقت جي ڳالهه هوندي آهي ڪڏهن هٿ لائڻ سان مٽي به سون ٿي پوندي ۽ جڏهن وقت نه هوندو ته سون به مٽي ٿي پوندو آهي ڪڏهن پراوا ميمبر به پنهنجا ته ڪڏهن پنهنجا ميمبر به پراوا.
08.04.2022

آمريڪا مخالف بيانيو ڪيترو ڪاگر ثابت ٿيندو!

آمريڪا مخالف بيانيو ڪيترو ڪاگر ثابت ٿيندو!
اٺ مارچ تي قومي اسمبليء ۾ وزيراعظم عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ٿي جنهن کي مخالف ڌر پاران آمريڪا سان ملي سندس حڪومت ختم ڪرڻ جي سازش قرار ڏيئي مخالف ڌر کي غدار ڪوٺيو ويو. ستاويهين مارچ تي عمران خان هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي کيسي مان هڪ خط ڪڍي ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته هن خط وسيلي آمريڪا ڌمڪي ڏني آهي ته ملڪ ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب نه ٿي ته ملڪ لاء ڀلو نه ٿيندو. اهو خط اڳتي هلي خطرناڪ صورت اختيار ڪندو رهيو. سوشل ميڊيا کان پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين ان کي خوب پزيرائي ملي. هن خط کي پوء ڊيڪلاسيفاء ڪري ڪجهه “شخصيتن” کي ڏيکاريو ويو ۽ ڪجهه کي ڏيکارڻ لاء تياري به ڪئي ويئي. توڙي جو ان جي اصلي هجڻ تي شڪ ظاهر ڪيا ويا ۽ ان خط کي سفارتڪار پاران موڪلي ويندڙ روزمره جي ڪاروائي چيو ويو جنهن کي سفارتي ٻوليء ۾ ڪيبل ڪوٺيو ويندو آهي پر حڪومت بضد رهي ته اها غدارن پاران سازش آهي.
جڏهن سڀ طريقا آزمائڻ کان پوء به عمران خان جي حڪومت بچي ڪين سگهي ۽ هو گهر ڀيڙو ڪيو ويو ته هن آمريڪي مخالف بيانيو کڻي عوام ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو جنهن لاء مختلف شهرن ۾ جلسا ڪيا پيا وڃن. سوال اهو آهي ته آمريڪا مخالف بيانيو عمران خان کي ڪيترو فائدو ڏيندو ان جو جواب ڳولهڻ لاء گهڻو نه رڳو ٻه مثال سمجهون ته ڳالهه چٽي ٿي پوندي.
جن ماڻهن عالمي تاريخ جو مطالعو ڪيو آهي اهي عراقي صدر صدام حسين لاء ڀلي ڀت ڄاڻين ٿا ته ان کي اقتدار ۾ آڻڻ وارو به آمريڪا هو ته يارنهن سال ايران سان جنگ ڪرائڻ وارو به آمريڪا ئي هو. ان کي ايٽمي ري ايڪٽر جو شوق ڪرائڻ وارو به آمريڪا هو ته اسرائيل پاران سندس ايٽمي ري ايڪٽر تباه ڪرائڻ وارو به اهو ئي هو. صدام کي ڪويت مٿان حملو ڪرائڻ وارو به آمريڪا هو ته صدام کي ڦاسيء جي ڦندي تي پهچائڻ وارو به اهو ئي هو. صدام حسين به هي بيانيو کڻي عوام تائين پهتو هو پر ان وقت تائين “دير” ٿي چڪي هئي.
اتي جتي نورجهان کي مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ جهڙو سدا بهار گيت رڳو ان ڪري نه ڳائڻ ڏنو وڃي جو اهو فيض جي شاعري آهي ۽ فيض ڪميونسٽ آهي (۽ ڪميونسٽ آمريڪا مخالف آهن) ان ماحول ۾ “سوشلزم اسان جي معيشت آهي” نعري هيٺ ڪنهن کي وزيراعظم جي ڪرسيء تي ويهارڻ وارو به آمريڪا هو ته (ان جي بيانئي مطابق ته سفيد هاٿي مون کي مارائڻ چاهي ٿو) ان کي ڦاسيء جي ڦندي تائين پهچائڻ وارو به اهو ئي هو. ڀٽو صاحب به 1977 ۾ ضيا پاران تختو الٽائڻ کان پوء اهو ئي بيانيو کڻي نڪتو هو پر ان وقت تائين “دير” ٿي چڪي هئي.
ڪالهه فوج جي ترجمان پريس ڪانفرنس ڪري هن بيانئي کي اڌ دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ نئين وفاقي حڪومت ان خط جي تحقيقات به ضرور ڪرائيندي پوء جيڪڏهن ان تحقيقات ۾ ان خط کي ملڪ خلاف سازش قرار نه ٿو ڏنو وڃي ته عمران خان جي ان بيانئي جي ڦوڪڻي ۾ هوا باقي رهندي! منهنجي خيال ۾ ائين ئي ٿيندو هن ڦوڪڻي منجهان هوا ڪڍي ويندي پوء خالي ڦوڪڻو ڪهڙي ڪم جو!
ٻيو ته هر حڪمران وانگر هن مٿان به ڪي ئي ترارون لڙڪيل آهن (هن جا به ڪيترائي فائيل تيار آهن) هڪ ترار فارين فنڊنگ ڪيس جي به آهي جنهن لاء به ڪالهه ڪورٽ سڳوريء حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي ته ان جو فيصلو هڪ مهيني اندر ڪيو وڃي جيڪڏهن ان ڪيس جو “فيصلو” ڏياريو وڃي ٿو ته هن سائين وٽ پاڇي وڃي ٻڙي بچندي ساڳي وقت هن جي پيرن هيٺان زمين به کسڪائڻ جو ڪم جاري رهندو يعني چوڌاري ڦرندڙ هڪ هڪ ٿي “علحدگي” اختيار ڪندا ته پوء ڳالهه وڃي ڪٿي پهچندي!
سن اوڻيويهه سو پنجيتاليهن ۾ نازين جي شڪست کان پوء انهن تي جنگي ڏوهن جي الزام هيٺ ڪيس هلايا ويا ان دوران هڪ جنرل چيو هو ته عوام چاهيندو آهي ته هن کي شيون سستيون ملن، ملڪ ۾ امن امان هجي باقي جنگ وغيره سان ان جو ڪو واسطو ڪونه هوندو آهي غور سان ڏٺو وڃي ته وڏو سچ اهو ئي آهي ته عوام کي شيون سستيون ملن، ملڪ ۾ امن امان هجي باقي ڪير ڪرسيء تي ويٺو آهي ان سان عوام جو تعلق ثانوي آهي. وڏو سچ اهو آهي ته عمران خان جو دور ٻنهي لحاظ کان انتهائي ڏکيو دور هو. هر شيء ٻيڻ ٽيڻ تي مهانگي ٿي جنهن عوام کي جهولي کڻي بددعائون ڏيڻ تي مجبور ڪيو.
ڪالهه يعني ساڍن ٽن سالن جي حڪومت وڃڻ کان پوء وزير خارجه جهڙي عهدي تي رهندڙ قريشي صاحب فرمايو ته ملڪي عوام مهانگائي جي چڪيء ۾ پيسجي رهيو آهي يعني رڳو ڏيڍ ڏينهن کانپوء اهو احساس ٿيو!
سو لڳي ٿو ته صلاحڪارن پاران هڪ دفعو وري اهڙيون صلاحون ڏنيون پيون وڃن جتان موٽڻ جا سڀ رستا بند ٿي ويندا ۽ ڪجهه ئي هفتن اندر صورحال اهڙي وڃي بيهندي جو هي همراه هن بيانئي تان هٿ کڻي ويندو پر تيسين هڪ دفعو وري “دير” ٿي چڪي هوندي.
15.04.2022

ايڪيهين صديء ۾ ماڻهو سڙي مرن ٿا!

ايڪيهين صديء ۾ ماڻهو سڙي مرن ٿا!
ڌرتيءَ جي گولي تي اڃان تائين هڪ بدنصيب ملڪ آهي جتي ايڪيهين صديء ۾ ماڻهو سڙي مرن ٿا جتي جائن جڳهن جو سڙڻ ڪنهن ليکي ۾ ڪونهي، جتي جانورن جو سڙي مرڻ ڪنهن ليکي ۾ ڪونهي جتي ڪيترا ڪلاڪ باه جاري رهي ٿي پري پري تائين فائربرگيڊ جو نالو نشان ڪونهي وارث بيوس ٿي پنهنجا پيارا سڙندي ڏسن ٿا. جتي جا اکين، ڪنن ۽ ضميرن کان وانجهيل حڪمران جمهوريت ذريعي عوام کان بهترين انتقام وٺڻ ۾ مصروف آهن انهن کي عوام لاء وقت ئي ڪونهي. عوام عوام جي تسبيح پڙهندي جمهوريت تي راتاها هڻندڙن کي تمغا ڏيئي انهن جي در جي چائنٺ چمندا رهن ٿا.
ڇا ڪيفيت هوندي ان ماء جي جنهن جي سامهون ان جا ٻچا سڙندا هوندا ۽ هوء بيوس ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي هوندي آخر هن ٻيئي ٻانهون آسمان ڏانهن کڻي نهاريو هوندو. ڇا ان وقت ان جي ذهن ۾ اها ڳالهه نه آئي هوندي ته اهي دوکي ۽ فراڊ جا ريڪارڊ رکندڙ حڪمران هن جي ڪا واهر ڪين پيا ڪن. ان ماء هن نظام کي دعا ڏني هوندي يا بد دعا جنهن نظام کي ٺاهڻ، ان جي هوس ۾ مرڻ تي شهادت جا ڊراما رچائيندڙ جمهوريت رستي بهترين انتقام وٺي رهيا آهن.
سوشل ميڊيا تي هڪ فوٽو وائرل ٿيو آهي ان فوٽو ۾ هڪ سڙي ڪوئلو ٿي ويل ٻار نظر پيو اچي جنهن کي اها به خبر ڪونه هوندي ته هن کي ڪهڙي ڏوه ۾ ساڙي ماريو ويو آهي. ان ٻار کي هنج ۾ کڻي ان جي ماء تصور پيئي ڪري ته ٿوري دير اڳ به هو هن جي هنج ۾ سمهيل هو، ٿوري دير اڳ به هو پنهنجي سمورين شرارتن سان ڀرپور اکيون کڻي هيڏي هوڏي نهاري رهيو هو. هو هڪ حقيقت هو، هو هڪ امڙ جي اکين ۾ اميد جا ڏيئا ٻاريندڙ هو. هاڻي هو ڪوئلو آهي ٿوري دير کان پوء ان ڪوئلي کي سيني سان لڳائيندڙ عورت کان ان جو مڙس ۽ ٻيا مرد سڀ ملي ان کان اهو ڪوئلو به کسي وڃي ڌرتي ماء حوالي ڪندا. ان کان پوء ان امڙ لاء پاڇي وڃي بچندي ان ٻار جون شرارتون، ان جا ٻاتا ٻاتا ٻول.
فرض ڪريو اهڙي هڪ باه پارليامينٽ (ڪروڙ پتي وڏيرن جي ڪلب) کي لڳي ۽ قانون ٺاهي ان کي مزاق بڻائيندڙ سڙي ڪوئلو ٿين ۽ انهن جا وارث انهن کي ان ئي نظرن سان ڏسن جهڙي نظر سان ان ٻار ڏانهن امڙ ڏسندي رهي ته ان جي وارثن مٿان ڇا گذرندي! اهو تصور ميمبر/وزير مشير ڪري ڏسن. فرض ڪرڻ ڪو ايترو ڏکيو ڪم ڪونهي ۽ گناه به ڪونهي.
ڇا سموري دنيا ۾ حڪمراني ائين ئي ٿيندي آهي جو تڪ جو ايم پي اي، ايم اين اي، وزير وڙا ايترا بيحس ٿي وڃن اهڙو تصور رڳو سنڌ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو. اها به پڪ آهي ته ان ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي واهر لاء ڪاغذن ۾ فائربرگيڊ جي هڪ فوج ڀرتي ٿيل هوندي جيڪا رڳو بنگلن تي ڪم ڪندڙ هوندي. بنگلي تي حاضري ڀريندڙ علائقي جي چڱن مڙسن کي پاڻي پيئارڻ ته ان جي ڊيوٽيء ۾ شامل هوندو پر کين خبر به ڪونه هوندي ته هو ڪٿي ڀرتي ٿيل آهي ڪهڙي عهدي تي ڀرتي ٿيل آهي. اها به پڪ آهي ته هر مهيني انهن گاڏين جي مينٽيننس، تيل وغيره جا پيسا هر مهيني بل ٺاهي ضرور کنيا ويندا هوندا. اها ڀرتي ٿيل فوج ويهه پنجويهه ڪلوميٽرن تائين نه پهچي سگهي ته ان لاء ڪهڙا لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن. ڇا ايڪيهين صديء ۾ سنڌ کان سواء ٻئي ڪنهن ملڪ/علائقي ۾ به ائين ئي هوندو. جواب ايترو ڏکيو به ڪونهي دنيا ۾ هن وقت به ڪيترا ئي علائقا هوندا جتي اهڙا ماحول هوندا پر سنڌ جو وڏيرو جيترو انسان دشمن آهي ايترو شايد ئي ڪو ٻيو هجي.
باه ڪا پهريون دفعو ڪونه لڳي آهي نقصان ڪو پهريون دفعو ڪونه ٿيو آهي. ڇا سنڌ گورنمينٽ کي اها خبر ڪونهي ته گرميء وارن مهينن ۾ سنڌ جا ڳوٺ باه جي خطري هيٺ هوندا آهن. جيڪڏهن ٿوري به ذميواريء کان ڪم وٺجي ها ته نقصان کي گهٽائي سگهجي پيو. فائر برگيڊ وقت تي پهچي وڃي ها ته انساني حياتيون ڇو ضايع ٿين ها.
سوشل ميڊيا تي اهي ڳالهيون به هلندڙ آهن ته فائربرگيڊ عملو جيڪو يارنهن ڪلاڪن کان پوء پهتو ان تيل/ڊيزل جا پيسا انهن کان ورتا جن جا ٻچا سڙي مئا هئا. سوشل ميڊيا تي اهي خبرون به آهن ته امداد طور آيل سامان جو ويهه سيڪڙو متاثرن ۾ ورهائي باقي پوليس جي ايس ايڇ او جي سربراهيء ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ پهچايو ويو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوء ڳالهائڻ لاء ڇا باقي بچي ٿو. شرم و حيا ته لڄي ٿيندڙ لفظ هوندا هتي!
هاڻي سنڌ حڪومت پاران کنيل قدم ۽ وفاق پاران کنيل قدم کڻي ساراه جوڳا هجن توڙي جو انهن جو عمل ۾ اچڻ سو سيڪڙو پڪ ڪونهي ڇو ته اڳي به اسان سنڌي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رڳو فوٽ بال واري حيثيت رهندي آئي آهي.
22.04.2022

توشه خاني ۾ منهنجو به حصو آهي

توشه خاني ۾ منهنجو به حصو آهي
تنهنجو مليل ڇلو مان چيچ ۾ پائي ڇڏيو آهي ان ڪري جيئن مان ان کي تمام سولائيء سان ڏسي سگهان. ان ڏانهن ڏسندي مون تي ڪنهن کي شڪ به نه ٿئي ۽ مان جڏهن چاهيان پنهنجي هٿ کي پنهنجي وات جي ويجهو ڪري هڪ تڪڙي چمي به ڏيئي سگهان. رات جو ساڳيو هٿ پنهنجي ڳل هيٺان ڏيئي سمهندي آهيان جيئن اهو ڇلو ڳل ۽ چپن جي ويجهو رهي. اهو ڇلو ڪو عام ڇلو ڪونهي اهو تون ڏنو هو ان جي قيمت هن دنيا ۾ ڪَٿي نه ٿي سگهجي.
تحفو ڀلي هڪ ٽڪي جو هجي يا هڪ ارب جو تحفو تحفو ئي هوندو آهي. جنهن جي قيمت پئسن ۾ ڏيئي وٺي نه ٿي سگهجي پر سرمائيدار دنيا جتي هر شيء کي وکر بڻائي ٿي اتي محبت جو به ملهه ڪري ٿي. عشق جيڪو اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي ان پويان سرمائيداريء جون مهربانيون ئي آهن جو ڀاڪر جا ملهه ڏنا ورتا وڃن ٿا.
اسان جي ملڪ جي وزير وڙن کي به ٻين ملڪن جي بادشاهن کان تحفا ملندا رهندا آهن اڳي ته ڪونه باقي سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کان پوء انهن تحفن سان ٿيندڙ ويڌنون “ٻاهر” اچي وڃن ٿيون. اڳي اهي سڀ هڙپ ٿيندا هئا پر ذڪر ڪونه ٿيندو هو هاڻي اهي هڙپ ٿين ٿا پر انهن جو ذڪر لڪي ڪين ٿو. هونئن ته ڪيترا ڪلور ٿيل آهن پر تحفي ۾ مليل واچ جو ذڪر سڀ کان جدارو آهي. هاڻي اهو قصو ايترو “ٻاهر” آيو آهي جنهن موجب هڪ بادشاه سلامت ٻه واچون ٺهرايون جن مان هڪ پاڻ کنيائين ۽ ٻي اسان جي ملڪ جي وزيراعظم صاحب کي ڏنائين. اسان جي ملڪ جي صاحب اها واچ وڪرو ڪرڻ چاهي جيئن ته هن واچ جو گراهڪ ملڻ سولو ڪونه هو تنهنڪري وڪري جو سفر ٿورو ڊگهو ٿيو ۽ اها واچ ساڳي ئي ڪمپنيء تائين پهتي. ڪمپنيء پاران واچ ٺهرائيندڙ کي ٻڌايو ته اوهان جيڪي ٻه گهڙيون آرڊر تي ٺهرايون هيون انهن منجهان هڪ وڪري لاء آئي آهي ان سائين حڪم ڪيو ته اها واچ خريد ڪري مون ڏانهن موڪليو. بادشاهي حڪم هو واچ خريد ڪري هنن کي پيسا ڏنا ويا ۽ واچ بادشاه سلامت ڏانهن موڪلي ويئي.
اهو قصو “اصل وڏو قصو باتصوير” ٿي دنيا ۾ هليو نه پر ڊوڙيو آهي هن قصي پڙهندي/ٻڌندي منهنجي ذهن ۾ رڳو ٻه سوال اڀرن ٿا. پهريون ته ڇا سوچيو هوندو ان بادشاه جنهن پنهنجو ڏنل تحفو بازار ۾ وڪري لاء پيش ٿيڻ جي خبر ٻڌي هوندي. هن جي ذهن ۾ ملڪ جي وزيراعظم صاحب/ملڪ/ملڪي عوام لاء ڪهڙا تاثرات اڀريا هوندا. ڇا هن اهو سوال ڪيو هوندو پنهنجو پاڻ کان ته تحفو ان کي ڏجي جيڪو ان جو قدر به ڄاڻي. ڇا اها تحفي ڏيندڙ جي توهين ڪونهي ۽ هي بادشاه سلامت (جيڪي هن لحاظ کان وڏا حساس هوندا آهن) ڪهڙي ڪيفيت منجهان گذريو هوندو!
تحفن سان ويڌنو اڳ به ٿينديون رهيون آهن چون ٿا ائين ڪنهن خليفي جي وقت به ٿيو هو جنهن تي ان انصاف پسند خليفي ان کي سزا ڏني ۽ حڪم ڪيو ته اهي تحفا توکي تنهنجي عهدي جي ڪري ملندا آهن تنهنڪري اهي عوام جا آهن ۽ اهي بيت المال ۾ جمع ٿيڻ گهرجن. حقيقت به اها ئي آهي ته اهي تحفا عهدي کي ملن ٿا ۽ عهدو ملڪي عوام پاران بخشيل هجي ٿو تنهنڪري ان تحفي مٿان عوام جو ئي حق آهي.
ٻيو سوال جيڪو ذهن ۾ اڀري ٿو ته جن ماڻهن واچون وڪيون آهن انهن باقي پوئتي لاء ڇا ڇڏيو هوندو! هي ته شاباس آهي سوشل ميڊيا کي جو هاڻي ڳالهه لڪي ڪونه ٿي. مون اڳي به پنهنجي ڪالمن ۾ لکيو آهي ته عمراني دور جون چوريون جڏهن سامهون اينديون ته اڳ ۾ ٿيل وارداتون وسري وينديون. هن بدقسمت سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻين تي چوريء جا الزام هڻندڙ عمران خان پاڻ ڇا پيو ڪندو رهيو آهي اهو هن هڪ ڪيس مان ئي ظاهر آهي جڏهن ته هڪ وڏي فهرست اڃان “پنڌ” ۾ آهي. اڃان ته هڪ عورت جنهن جي هٿ ۾ ڪروڙن جو پرس هو اها رڳو خالي پرس جي قيمت آهي ان ۾ ڪيتري رقم جا سامان پيل هئا انهن جو ڪاٿو اڃان باقي آهي. نيب به هن مائي مٿان ڪيس هلائڻ جي تياري پئي ڪري. هيء عورت ته ڏاڪڻ جو هڪ ڏاڪو هئي سمورا ڏاڪا جڏهن هڪ ٻئي سان ڳنڍيا ويندا ته نتيجو ڪهڙو ايندو اهو سوچي به لڱ ڪانڊاريو وڃن!
هيء ساڳي نيب آهي جيڪا هڪڙن جي لاء هيرو ته ٻين لاء زيرو رهندي آئي آهي. اهو الزام پراڻو به آهي ته گهڻي ڀاڱي صحيح به آهي. ڏٺو ويو آهي ته نيب انصاف بجاء انتقام لاء استعمال وڌيڪ ٿي آهي هاڻي جڏهن ملڪ ان ڏاڪي تي پهتل آهي جتي ننڍڙي غلطي به وڏو هيجان پيدا ڪري سگهي ٿي ته نيب کي آزاد ڇڏيو وڃي يا نيب کي وڏي ڪورٽ ماتحت ڪري ان جي ڪارڪردگيء تي ڪڙي نظر رکي وڃي.
29.04.2022

ڇا جمال ناصر آمريڪي ايجنٽ هو

ڇا جمال ناصر آمريڪي ايجنٽ هو
تازو اخبارن ۾ مصر جي جمال عبدالناصر لاء لکيو پيو وڃي ته هو پنهنجي گفتار ۽ ڪردار جي ابتڙ هو يعني هو آمريڪا جي خلاف زهر اوڳاڇيندڙ تقريرون ته ڪندو هو پر اهي تقريرون خود آمريڪي ايف بي آءِ وارا لکندا هئا.
ان لاء ڪي ٺوس ثبوت ڪونه پيا ڏنا وڃن رڳو آمريڪي سي آء اي جي ڳجهن دستاويزن ۾ ٿيل ذڪر جو حوالو ڏنو پيو وڃي.
هڪ اردو شعر ۾ چيل آهي ته اي الله! تنهنجا سادا ٻانها ڪيڏانهن وڃن جتي درويشي به عياري ته سلطاني به عياري. بلڪل سچ آهي ان شعر جو هڪ هڪ لفظ.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته آمريڪا هر ملڪ ۾ اتي جي ماڻهن جي سوچ/نفسيات مطابق پنهنجا ماڻهو ٺاهيندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ هر ٻيو-ٽيون ماڻهو سندس لاء ڪم پيو ڪري. خاص طور تي مذهبي سوچ واريون پارٽيون گهڻو ڪري سڀ سندس ئي پيداوار آهن. جڏهن ڪميونزم جي مقابلي لاء اسان شاه کان وڌيڪ شاه جا وفادار بڻياسون ته هن سائين (آمريڪا) ڪميونسٽ به پنهنجا ٺاهيا هئا جن وڏا وس ڪيا ته ڪنهن به طور تي اصل ڪميونزم کي کوکلو ڪجي. وڏين ڪوششن کان پوء قوم پرستيء کي ڪميونزم جي مخالفت ۾ بيهاريو ويو ان سموري راند ۾ ڪمال/هٿ جي صفائي ايتري جو اهي سندس ورڪر سمورو ڪم “آمريڪا مرده باد” جي نعري هيٺ ڪندڙ هئا ۽ آهن.
پروپيگنڊا به هڪ جنگ آهي جنهن ۾ دشمن جي خيالن مٿان گوريلا جنگ جهڙو حملو ڪرڻو آهي حملو اتر کان ڪجي ڏيکاري ڏجي ڏکڻ کان. دشمن ۽ ان جا عام ماڻهو ائين سمجهن ته هي سڀ ڪم ڪو ٻيو ماڻهو پيو ڪري.
تاريخ ڪوڙ جو اهو ڍير آهي جنهن مان سچ جي سئي ڳولهڻ اٽڪل ناممڪن آهي ڇو ته اهو ڍير رڳو وڏو نه پر منجهيل آهي. چور جڏهن چوري ڪندا آهن ته کين خبر هوندي آهي ته ڀاڳيا پير کڻي انهن تائين پهچي ويندا تنهنڪري هو پنهنجا پير وڃائڻ لاء تمام وڏيون ڪوششون ڪندا آهن ڇو ته پيرن جا نشان سندن لاء نقصانڪار هوندا آهن اهڙيء ريت انسان دشمنن پنهنجا فراڊ لڪائڻ لاء عوام جي ذهنن کي اهڙيون ته ڦيراٽيون ڏنيون آهن جو اڄ به اهي بحث ٿيندڙ آهن ته هزار ٻه هزار سال اڳ هي ماڻهو ظالم هو يا مظلوم.
جمال ناصر لاء ائين سي آء اي مان خبر “ليڪ” ٿي آهي پر اها خبر اصل ۾ “ليڪ ڪئي” ويئي آهي. جنهن جو مقصد تاريخ (اسان سڀني) جي ذهن کي ڦيراٽي ڏيڻ آهي.
جيسين جمال ناصر لاء سوال آهي مان (ذاتي طور تي) سي آء اي واري خبر سان سهمت ڪونه آهيان. اها خبر هن سان “ڀيانڪ دشمني” جي بنياد تي گهڙيل آهي ۽ ليڪ ڪرائي ويئي آهي اهڙي دشمني جنهن کي ياد ڪرڻ به هڪ عذاب هوندو آمريڪا لاء.
جمال ناصر مصر جو حڪمران هو جتان سئيز واه گذري ٿو. هي واه روزانو دنيا جي سموري واپار جو ستر سيڪڙو گذاري ٿو. پهرئين ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ برطانوي تاج جي مدد جي بدلي 1948 ۾ جيڪو اسرائيل کي هتي ويهاريو ويو ان جو سبب به اهو ستر سيڪڙو واپار ئي هو ڇو ته کين نه ته مصر تي نه وري فلسطينن (عربن) تي آمريڪي ۽ برطانوي سامراج کي اعتبار هو نه آهي جنهن ڪري اسرائيل کي چوڪيدار ڪري ويهاريو ويو. آمريڪي خدشا صحيح ثابت ٿيا 1956 ۾ جمال ناصر هن واه کي قومي تحويل ۾ ورتو. هڪ ڳالهه هتي واضع ڪندو هلجي ته مصر هندستان وانگر برطانوي راڄ ۾ هو جنهن کي برطانيه آزادي ڏيئي نڪري ويو پر سئيز واه کي پنهنجي قبضي ۾ رکيائين ڇو ته برطانوي سامراج پنهنجي تسلط دوران مصر ۽ سئيز واه جي جدا جدا حيثيت رکي هئي. جيئن مصر منجهان هٿ ڪڍڻ کان پوء به سئيز واه پاڻ وٽ رکي سگهجي ۽ ائين ئي ڪيو ويو.
هي اهڙو ڪم هو جو جڏهن ريڊيو تي ٿيندڙ تقرير دوران جمال ناصر واه کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو ان وقت ئي برطانوي وزيراعظم انٿوني ايڊن کي فون ڪري ٻڌايو ويو. ان وقت وزيراعظم صاحب عرب ملڪن جي بادشاهن سان مانجهاندو ڪري رهيو هو. هن جي سيڪريٽريء جڏهن هن کي مانيء جي ٽيبل تي ڪن ۾ اها ڳالهه ٻڌائي ته هو هواس باخته ٿي ويو اهڙو جو مهمانن کان اجازت به نه ورتائين هنگامي طور ڪابينا جو اجلاس ڪوٺائي آمريڪي صدر آئزنهاور سان صلاح مشورا ڪري ٻئي ڏينهن ئي مصر تي حملي جو اعلان ڪيو ويو. آمريڪا برطانيه ۽ اسرائيل ٻئي ڏينهن مصر تي ڀرپور حملو ڪيو جنهن کي سوويت يونين جي خروچيف اهو اعلان ڪري ٽن ڏينهن ۾ ختم ڪرايو ته “اسان جي تنبيهه باوجود جن مصر تي حملو جاري رکيو انهن کي ياد ڪرڻ گهرجي ته هاڻي اسان جي ميزائيل تي لنڊن شهر جو نالو لکيل هوندو” هي ذلت آميز شڪست هئي سامراج جي.
ڪوبه ماڻهو پنهنجي مستقل مفاد خلاف ڪم ناهي ڪندو. پنهنجا ماڻهو مارائڻ انساني خون وهائڻ سامراج جي کاٻي هٿ جو کيل هوندو آهي. جنگ به ڊرامو ٿي سگهي ٿو ۽ ڪيترائي اهڙا ڊراما ڪرايا ويا آهن. گهڻو ڪري سڀ جنگيون پنهنجي مفاد لاء، پنهنجا هٿيار “ٽيسٽ” ڪرڻ لاء، انهن جي مارڪيٽنگ لاء ئي ڪرايون ويون آهن پر مستقل مفاد کي ڇيهو رسڻ جو جتي به خيال هوندو اهو ڪم نه ڪيو ويندو.
20.05.2022

اسان غريب ڇو آهيون

اسان غريب ڇو آهيون
غربت آسماني ڪونهي. منهنجو خدا اهڙو ٿي سگهي ئي نه ٿو جو ان جي خدائيء ۾ هڪ ماڻهو ڪروڙ ڏيڍ ڪروڙ جي باٿ روم ۾ پنهنجي حاجت پوري ڪري ۽ ٻيو ماڻهو پنهنجي بيمار/مرندڙ اولاد لاء سگهه ئي نه ساري سگهي ته ان کي ڪنهن اسپتال پهچائي رڳو ان کي پنهنجي اکين سامهون مرندي ڏسندو رهي.
غربت ڇا آهي ۽ ڪٿان ٿي اچي اچو ان کي تمام سادي/آسان نموني سان سکون. فرض ڪريو هڪ ڪمري ۾ ڏه ماڻهو ويٺا آهن ۽ ڪو ماڻهو ان ڪمري ۾ ڏه مانيون کڻي اچي ٿو. انصاف جي گُهر اها آهي ته هر ماڻهوء کي هڪ هڪ ماني ملي. ان جي ابتڙ ٿئي ڇا ٿو جو ڪو ماڻهو ٻه مانيون کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿو، ڪو وري ان کان ڏاڍو چار مانيون کڻي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿو اهڙي نموني هڪ ماڻهو انصاف سمجهندي باقي بچيل مانين منجهان هڪ ماني کڻي ويهي ٿو رهي ۽ دعوى ٿو ڪري ته هو انصاف مطابق ماني کڻندڙ آهي. آخري طور تي ٽي ماڻهو ست مانين تي قبضو ڪري ويهي رهن ٿا ۽ بقايا ٽي مانيون وڃي بچين ٿيون باقي ستن ماڻهن لاء. هاڻي جي رڳو اهي بچيل ٽي مانيون انصاف سان ورهائجن ته سڀني کي ٽڪر ٽڪر هٿ ايندو نتيجي طور اهي سڀ ڍوء ڪري کائيندڙ ڪونه هوندا. هن ننڍڙي مثال کي روپئي پيسي جي ورڇ سان سموري دنيا جي ليول تائين لاڳو ڪري ڏسجي ته ڳالهه سمجهڻ آسان ٿي پوندي.
ان سون مٿان سهاڳو اهو ته سرمائيداريء جي هٿ جي صفائي اها آهي ته شين کي پيسي جي صورت ڏني اٿائين جيئن ان کي گهڻي کان گهڻي تعداد ۾ ٿوري کان ٿوري جڳهه تي جمع ڪري سگهجي وڌيڪ اهو ته ان سموري ڪم ۾ آساني به هوندي ۽ آخري قهر طور اها ڳالهه ته مانيون/ماني کسجندڙ ان کي آسماني عمل سمجهي ڪا مزاحمت به نه ڪري.
ان غيرمنصفاڻي ورڇ کي قائم رکڻ لاء سرمائيداريء سمورين شين کي اهڙي بيهڪ ڏني آهي جيئن اهي سڀ چند هٿن تائين محدود ڪري سگهجن ايتري تائين جو علم کي به اهڙيون شڪليون ڏنيون ويون آهن جو اهو علم سرمائيداريء جو رکوالو بڻجي پوي ۽ ان نظام جي حفاظت لاء وقت جي تقاضائن مطابق نت نوان طريقا ڳولهيندو رهي.
اسان جي ملڪ کي به هن نظام هيٺ هلايو ويندو رهيو آهي نتيجي طور هن ملڪ جي دولت نه رڳو چند هٿن تائين محدود آهي/ڪئي ويئي آهي پر اها پاڻ کي محفوظ رکڻ لاء قانون کي پنهنجو غلام رکندي پيئي اچي. سموري دنيا ۾ سرمائيداري ۽ غربت جو تعلق هڪ جهڙو هڪ جيترو آهي پر طريقا ٿورو گهڻو مختلف ضرور آهن. غريب کي صبر شڪر جو لولي پاپ ڏيئي سمهاريو ويو آهي. جڏهن ته سرمائيداريء مان فائدا وٺندڙ صبر شڪر جا عملي مخالف هوندا آهن.
اسان وٽ سمورا پيداواري ذريعا ڪجهه هٿن ۾ قيد آهن رياستي طاقت انهن جي رکوالي ڪندي رهي ٿي، آئين قانون انهن مٿان ياقربان رهندڙ آهي. پيداواري ذريعا پنهنجي هٿن ۾ ڪرڻ کان پوء انهن غيرپيداواري ذريعا به پاڻ وٽ قيد ڪيا آهن. مثال طور غير پيداواري ذريعو هڪ قرض وٺڻ به آهي جيئن آء ايم ايف کان قرض ورتو ويندو آهي جيڪو اتان يعني اصل جڳهه تان نڪرڻ کان اڳ ئي ورهائجي ويندو آهي ۽ عوام اهي قرض جا پيسا ۽ ان جا ثمر وغيره ڏسڻ کان اڳ ئي قرضي/وڌيڪ قرضي ٿي ويندو آهي.
آء ايم ايف جڏهن قرض ڏيندي آهي ته اها پنهنجي رقم کي محفوظ رکڻ لاء هتان جي ڳيجهو/ڪميشن کائيندڙ حڪمرانن کي حڪم ڪندي آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ واپرائي ويندڙ فلاڻي شيء جو اگهه هيترو ڪريو هن شيء کي هن اگهه تائين کڻي پهچايو. اهو سڀ ڪرائڻ کان پوء قرض جاري ڪري ان مان پوئين قرض جي قسط وياج سميت کڻي وٺندي آهي. باقي بچيل رقم “طاقت” جي بنياد تي ورهائي ويندي آهي. نتيجي طور بنا ڪجهه حاصل ڪرڻ جي/بنا ڪجهه اکين سان ڏسڻ جي ملڪ جو عوام قرضن جي بار هيٺان ويندو آهي دٻجندو.
هن وقت ملڪ سچ پچ هڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي (سدائين ٻڌندا رهياسين جيڪا هڪ پروپيگنڊا هئي ته جيئن اسان کي هيسيل رکي سگهجي پر هن ڀيري صورت حال ٻي آهي) وري به ڪيترا ئي ماڻهو ان کي هلڪو ڪري پيا وٺن پر ائين ڪونهي. دنيا ۾ سوويت يونين کان ڪوبه ملڪ طاقتور ڪونه هو پر ٽٽي ويو. سوويت يونين جي عوام ۾ اندروني تضاد ۽ مونجهارا اسان جي ڪنهن حصي کان به گهٽ هئا. اسان جا تضاد ۽ مونجهارا ڳڻڻ کان مٿي آهن جن کي هوا ڏيئي ايترو ته وڌايو ويو آهي جو واپسيء جا سڀ رستا بند آهن.
آء ايم ايف کان ملندڙ قسط مان عوام کي ڇا ملندو؟
ڪجهه به ڪونه. هاڻي جڏهن آء ايم ايف پاران تيل جي اگهن ۾ واڌ جو شرط ٽيهه روپيا لٽر وڌائي پورو ڪيو ويو آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ٿي به آهي اڃان به ٿيندي مٿان وري اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ڏيڍ سيڪڙو وڌائي آهي اهي سڀ شيون ملي ڪري عوام مٿان هڪ قهر نازل ٿينديون عوام کي سواء مهانگائي روڄ راڙي جي ٻيو ڪجهه ڪونه ملندو عوام جو معيار زندگي حد کان هيٺ ڪري پوندو باقي رهي قسط جي پيسن جي ڳالهه ته اهي سدائين وانگر “طاقت” جي بنياد تي ورهايا ويندا.
27.05.2022

پرڏيهي سيڙپڪار ڇو اچن!

پرڏيهي سيڙپڪار ڇو اچن!
ملڪ جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته “ترڪ سيڙپڪار پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ۽ هتي اچي سيڙپڪاري ڪن”. اها ڳالهه ان ترڪيء جي دوري دوران ڪئي جيڪا عقل کان مٿاهين ڳالهه آهي. پوئين دور جون حڪومتون هجن يا هلندڙ دور جي حڪومت پنهنجي ذهني سطح مطابق هڪ جهڙيون ئي هجن ٿيون يعني پنهنجي اندر کي ڏسڻ کان سواء ڳالهه ڪرڻ هنن جو دستور رهندو پيو اچي اهڙيون ڳالهيون سدائين عقل کن مٿاهيون هونديون آهن.
سئي پن تي بيٺل هلندڙ حڪومت جيڪا سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن مطابق ايڪٽيهه مئي تي ختم ٿي چڪي هئي (پوء انهن کي حڪم ڏيئي ته اڃان هڪ ٻئي سان وڙهي ڌار ٿيڻ جو وقت ناهي آيو (اهو اچڻ ۾ ٿوري دير آهي) هڪ ٿي رهڻ جي هدايت ڪئي ويئي ۽ وري اهي سڀ هڪ صفحي تي موٽي آيا) ۽ ڪنهن به هڪ پارٽيء، گروپ جي “نه” ڪرڻ سبب ڪڏهن به ڪري سگهي ٿي، ان جي وزيراعظم جي چوڻ تي دنيا سيڙپڪاري لاء ڊوڙندي ايندي اها عقل کان مٿاهين ڳالهه ئي آهي. هڪ ڳالهه جو شڪر ڪجي ته اها سفارتي آداب جي خلاف آهي ته انهن ترڪ وزيرن يا واپارين اسان واري وزيراعظم صاحب کان اهو نه پڇيو ته “اوهان گهڻا ڏينهن/ڪلاڪ آهيو”.
اها عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته جنهن ملڪ جا اصلوڪا رهواسي پنهنجي ملڪ منجهان ڦرلٽ ڪري ٻاهر پيا وڃن/ويندا رهن ٿا اتي ڪو ٻاهريون سيڙپڪار پنهنجي پونجي کڻي پهچي.
اها ڳالهه عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن لاء اوهان پنهنجي ملڪ ۾ ڪهڙو ماحول جوڙيو آهي جو هو هتي سرمايو کڻي اچن. امن امان اوهان قائم ڪري ڪونه سگهو، ڪنهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضمانت اوهان ڪين ڏيئي سگهو امن امان جو حشر اهو آهي جو بڪتربند گاڏيء ۾ ويٺل پوليس جو ايس ايڇ او ان جا سپاهي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿين، گاريون کائين موت کي پنهنجي اکئين ڏسن پر ڪجهه ڪري نه سگهن. حڪمرانن جي رٽ اها هجي جو هو اغوا انڊسٽري هلائيندڙ وڏيرن کي ايلاز منٿ ڪري اغوا ٿيل پوليس وارن کي واپس ورائين.
اها ڳالهه عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته دنيا جي گولي تي موجود ڪو هڪ ملڪ به اوهان جو دوست ڪين هجي. ڪنهن کي اوهان تي اعتبار ڪونه هجي. اوهان سفارتي ميدان تي روز هارائيندا رهو پوء دنيا جا جنت جهڙا ملڪ ڇڏي ڪو اوهان ڏانهن ڇو اچي.
اها ڳالهه عقل کان مٿاهين ان ڪري به آهي ته اوهان جو ملڪ آء ايم ايف جي قرض جي ڪوڙه ۾ ورتل هجي اوهان هٿ ادب جا ٻڌي ان جي سامهون بيٺا هجو ته مان به ان کي رحم پوي ٻه چار ڊالر ڏيئي وجهي ۽ “ڪجهه ڏينهن” نڪري وڃن، ان ماحول ۾ ڪو اوهان جو در خوشخبريء لاء ڇو کڙڪائي.

عوام کي نفسياتي مريض نه بڻايو

عوام کي نفسياتي مريض نه بڻايو
ڪالهه رات عوام مٿان هڪ ٻيو بم ڪيرايو ويو جيڪو ايٽم بم کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. هي بم انسان کي ساڙي هڪدم ماريندڙ ڪونهي. ان جي ابتڙ هي عوام کي نفسياتي مريض بڻائي چيچلائي ماريندڙ آهي يعني غالب چواڻيء “مجهي ڪيا برا ٿا مرنا جو ايڪ بار هوتا” هڪ دفعي مرڻ کان چيچلائي مرڻ وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هجي ٿو. هي سڀ تڏهن وڌيڪ چيڙائيندڙ لڳي ٿو جڏهن پويون خزاني جو وزير چوي ته حڪومت (هلندڙ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي هڪ هڪ لٽر تي پنجاه کان وڌيڪ روپيا ڪمائي رهي آهي جڏهن ته هي صاحب پنهنجي دور ۾ چئي چڪو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ٻه سو ستر روپيا هجڻ گهرجي يعني هن حڪومت پاران سٺ روپيا وڌائڻ کان پوء به سٺ روپيا گنجائش آهي. ان ئي سلسلي جي هڪ ڳالهه اها ته پنهنجي دور جو ناڪام ترين وزيرخارجه رهندڙ پنهنجي حڪومت وڃڻ جي ڏهن ڏينهن کان پوء چوندو رهيو آهي ته عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. هونئن ته هنن ٻنهي جو وزيراعظم صاحب جنهن کي عرف عام ۾ يوٽرن خان به چيو ويندو آهي چوندو رهي ٿو ته ملڪي عوام مهانگائيء جي چڪيء ۾ پيسجي رهيو آهي جڏهن ته دنيا ڄاڻي ٿي ته سندس دور هن حساب سان ڪيترو ڀيانڪ هو. ڇا هي ايترا چريا آهن جو هنن کي اها خبر نه ٿي پوي ته هو ڇا پيا ڳالهائين. نه ڪڏهن به نه هي ايترا چريا ڪونه آهن عوام مٿان ظلم ڪرڻ ۾ هي هڪ ٻئي جا ساٿي آهن هي ڄاڻيندڙ هوندا آهن ته هي سڀ ڇو پيو ٿئي ڪير پيو ڪري ۽ ڪرائي پر هنن کي ڪنڌ ۾ وڏائيء جي جيڪا ڪِلي پيل آهي اها هنن جي دماغ کي “ڀلو ٿي ڀلي لاء سوچڻ” کان روڪيندي رهي ٿي هي انسانيت جي خاني مان نڪتل هوندا آهن جيڪا هنن جي “ڪواليفڪيشن” (گهربل تعليم) هوندي آهي جنهن جي بنياد تي هي ٻه چار ڏينهن جي حڪومت “هٿ ڪرڻ” ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. ٻئي پاسي هي ڪرسيء سان تمام گهڻو پيار ڪندڙ هوندا آهن جنهن جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته پوئين حڪومت جي ڪارنهن پنهنجي منهن تي هڻڻ هنن کي سمجهه ۾ ڪونه ايندي آهي.03.06.2022

آء ايم ايف آخر ڪهڙي بلا آهي!

آء ايم ايف آخر ڪهڙي بلا آهي!
اسان جي ملڪ ۾ اڄ ٻار ٻار آء ايم ايف جو ذڪر ڪري ٿو، هر جڳهه تي اهو نالو هر زبان تي آهي پر ڪيترن کي خبر ڪونهي ته هيء آخر آهي ڪهڙي بلا ۽ ڪيئن ڪم ڪري ٿي.
ڳالهه ڪجهه ڊگهي آهي، ڳالهه آدجڳاد کان وٺي شروع ٿئي ٿي. غلامي هڪ اهڙو طوق آهي جيڪو انسان ذات جي ڳچيء ۾ پيل آهي. غور سان ڏسجي ته انساني تاريخ غلاميء کي قائم رکڻ ۽ غلاميء کان نڪرڻ لاء هڪ ويڙه جي تاريخ رهندي پيئي اچي. غلام اهو ڳٽ لاهي ڦٽي ڪرڻ لاء وڙهي ٿو آقا وري اهو ڳٽ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاء ڪوششون پيو ڪري. ان ويڙه کي هزارها سال ٿي ويا آهن پر جاري آهي. غلام وٽ ڪچا ذهن آهن تعليم ان کان کسجي ويل آهي ٻئي پاسي آقا وٽ هزارها سالن جو تجربو آهي تعليم ان جي ٻانهي بڻيل آهي جنهن جي بنياد تي هو اهڙو وايومنڊل ٺاهيو ويٺو آهي جنهن جو آخري نتيجو ان جي حق ۾ اچي ٿو. ها هڪ ڪاميابي غلام کي ضرور ملي آهي ته ان جي جدوجهد سان غلامي روزانو شڪليون پيئي بدلائي جنهن لاء هن کي وڏن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. بس! آء ايم ايف غلاميء جو هڪ نئون ڳٽ/نئين شڪل آهي.
جڏهن ٻي جنگ عظيم ختم ٿي ته بيٺڪيت کي نئين شڪل ڏيڻ لاء نوان ملڪ جوڙيا ويا جن کي گهڻو ڪري اهڙي بيهڪ ڏني ويئي جو هو سدا لاء “ويڙه/جنگ” لاء تيار رهن يعني انهن کي ٺاهيو ئي ويڙه لاء ويو. ٻين لفظن ۾ اهي نالي ماتر آزاد ٿيا. سڌي غلاميء مان نڪري اڻ سڌي غلاميء ۾ آيا. جنهن لاء بظاهر ته خوشيون ملهايون ويون پر نچي نچي جڏهن انهن قومن پنهنجي پيرن ڏانهن ڏٺو ته هنن جي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا جيئن مور پکيء لاء چيو ويندو آهي ته هو پنهنجي سونهن تي ناز ڪندي نچندو آهي ۽ جڏهن پنهنجا بي زيبا پير ڏسندو آهي ته روئي پوندو آهي.
ٻئي پاسي وري انهن قومن لاء هڪ ڪوڙڪي اڏي ويئي جنهن کي عرف عام ۾ آء ايم ايف چيو ويندو آهي جنهن جو ڪم آهي ملڪن کي قرض ڏيڻ. قرض ڏيڻ وٺڻ روز جو ڪم آهي ۽ اهڙو ڪڌو ڪم به ڪونهي پر قرض ڏيڻ جي لاء جيڪو ماحول جوڙيو ويو آهي ان کي درياء جو ڪُن ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو يعني جيڪو ملڪ هنن وٽ ويو اهو ان ٻيڙيء وانگر پيو ڪن ۾ ڦرندو ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي جيسين هو تباه نه ٿئي.
هڪ ننڍڙي سمجهاڻيء طور، اسان جي ڳوٺن ۾ وياج ڏيندڙ قهاري ماڻهو موجود رهندڙ آهن جن کي وري تر جي وڏيري جي هُشي حاصل هوندي آهي. اهي قهاري جوا جي اڏي تي اچي ويهندا آهن ۽ هر هارائيندڙ کي موقعي تي قرض فراهم ڪندا آهن ان سان تمام ڪڙا شرط ڳالهائيندا آهن جيئن ته هارائڻ کان پوء رقم وري کٽڻ لاء هو “حد کان وڌيڪ” جذباتي هوندو آهي ان ڪري ان کي خبر ڪونه پوندي آهي ته هو ڪهڙا شرط منظور ڪري چڪو آهي. ان کي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن هو ان ننڍڙي قرض عيوض پنهنجو الهو تلهو وڃائي چڪو هوندو آهي. بلڪل ان وانگر آء ايم ايف قرض ڏيندي آهي ۽ ڪڙا شرط رکندي ويندي آهي ۽ وٺندڙ ملڪ جا ڪرپٽ حڪمران ڪميشن جي لالچ ۾ ويندا آهن اکيون ٻوٽي صحيحيون ڪندا.
هن قهاري وياجي وٽ اسان جو ملڪ اوڻويهه سو اٺونجاه ۾ پهريون ڀيرو “بيل آئوٽ” لاء ويو. (بيل آئوٽ جو مطلب سولي سنڌي ۾ هيئن سمجهجي ته ڪنهن ماڻهوء/ملڪ کي ڪي اهڙا قرض واپس ڪرڻا هجن (اندروني يعني پنهنجي ملڪ جي بئنڪن کان ورتل يا ٻاهريان قرض) اهو گهڻن ماڻهن جي قرضي ٿيڻ کان بهتر سمجهي ته هڪ ماڻهوء کان قرض وٺي سڀني جو قرض لاهي. مثال ويهه روپيا هڪ جو قرض، ڏه روپيا ٻئي جو قرض، پنج روپيا ٽئين جو قرض ان کان پنجٽيهه روپيا هڪ ماڻهوء کان قرض کڻي ان جو قرضي ٿجي ته بهتر. ان لاء حڪمران ايوب خان اهو قرض ورتو جنهن ۾ هر ايندڙ حڪمران اضافو ڪيو آهي. اهو اضافو سڌو ورتل قرضن جو ڪونهي پر ان ۾ قرض مٿان وياج به قرض ۾ شامل ٿيندو رهيو آهي. مثال طور ڪنهن ماڻهوء جو ڪنهن ڏانهن قرض هو هڪ لک ۽ مٿان وياج پنج هزار. هن ماڻهوء ان کي چيو مون کي ڏه هزار ٻيو قرض ڏي ان منجهان پنج هزار پنهنجي وياج جا کڻ ۽ پنج مون کي ڏي. هاڻي قرض وڌي هڪ لک ڏه هزار ٿي ويو يعني هاڻي وياج وري هڪ لک ڏه هزار تي ڏيڻو پوندو ائين هر سال ڇهين مهيني ٿيندو آيو جيڪو هاڻي ان جاء تي پهتو آهي جو تصور ڪري به هانءُ ڏريو پوي.
هاڻي وري ان کان وڌيڪ هانءُ ڏاريندڙ ڳالهه ٻڌو. اُها اِها ته آء ايم ايف يا قرض ڏيندڙ ڪو ٻيو ادارو/ماڻهو پنهنجي قرض کي محفوظ رکڻ لاء قرضيء مٿان نظر رکندو آهي ته ڪٿي سندس ڏنل پيسا ٻڏي ته نه ويندا تنهنڪري اهو ڪوشش ڪندو ته پاڻ ان جي ملڪ وڃي ويهي يا پنهنجو ڪو نمائندو اتي ويهاري بلڪل ائين جيئن ڪا بئنڪ رائيس/فلور/ڪاٽن مل کي قرض ڏيندي آهي ته ان مل تي پنهنجو نمائندو ويهاريندي آهي ته متان مل جو مالڪ مل منجهان مال ڪڍي وڪڻي ڇڏي. اوهان اسان کي ياد هوندو ته ڪيتري وقت کان وٺي اسان جا وزيرخزانه (خزاني بابت سموري اندروني ڄاڻ رکندڙ) اتان ئي ايندا آهن جيڪي اسان جي اندروني حالتن جي پل پل جي خبر انهن کي ڏيندا رهندا آهن. اوهان اسان ٽي وي تي اها ڳالهه هاڻي وڏي واڪي ٻڌندا رهون ٿا ته آء ايم ايف جي شرط مطابق پيٽرول، گيس، بجلي وڌائڻي آهي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ جي ان منع ڪئي آهي.
لڳي ٿو ته پڙهندڙ دوستن جي اندر ۾ اٿندڙ هن سوال ته آخر هن بيماريء مان ڪڏهن جان ڇٽندي يا نه، جو جواب “ڪڏهن به نه” جي صورت ۾ ملي چڪو هوندو.
10.06.2022

ڇا اوهان هڪ نوڪري هڪ گهر ۾ ڏني آهي

ڇا اوهان هڪ نوڪري هڪ گهر ۾ ڏني آهي
ڇا اوهان هڪ گهر هڪ نوڪري ڏني آهي، نه! ته پوء بجيٽ ۾ پنج ڏه سيڪڙو پگهار وڌائي فاتحانه انداز مان ڊائيس تان لهڻ اوهان کي نه جڳائي. اوهان ائين ڇو سمجهي ويٺا آهيو ته سو سيڪڙو مهانگائي وڌائي ڏه پنڌرنهن سيڪڙو پگهار وڌائي اوهان قوم کي فتح ڪري چڪا. جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته معصوم عوام جا ذهن جيڪي اوهان مسئلن ۾ ايترو منجهائي ڇڏيا آهن اهي ڪڏهن به اوهان جي استادين/هٿ جي صفائين، چالاڪين کي نه سمجهي سگهندا ته اها اوهان جي ڀل آهي. اوهان ملڪ ۾ رهندڙ ٻاويهه ڪروڙ عوام کي نوڪريء وارو ڇو ٿا سمجهو. اوهان ته وزارت کان وٺي آفيسري تائين ڪلارڪ کان پٽيوالي/صفائي ڪندڙ مزور تائين جون نوڪريون پاڻ وٽ رکيون آهن. اوهان جا پٽ، ڀائٽيا ڀاڻيجا (ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون) ئي رکرايل آهن هر سيٽ تي. اوهان جي شفقت هيٺ هلندڙ ڪيترن ئي گهرن ۾ نوڪريون ئي نوڪريون آهن ۽ وري ڪيترا ئي لکين گهر اهڙا آهن جنهن ۾ هڪ به نوڪري ڪونهي. اڪثريت نه وارن جي آهي ته پوء اوهان جون وڌايل پگهارون ته رڳو ڪجهه گهرن جي چلهن کي گرم ڪنديون گهڻا چلها ته اوهان وسائي ڇڏيا. اوهان هڪ نوڪري هڪ گهر ڏيو ته ڪا ڳالهه ٺهي. پوء اوهان پگهار وڌائي فخر سان چئي سگهو ٿا ته “اسان ڪو ڪم ڪيو” يا وري بيروزگاري الائونس ڏيو گهٽ ۾ گهٽ هر گهر ۾ هڪ کي ته ڏيو. اوهان اها ڳالهه ڀلي ڀت ڄاڻيندڙ آهيو ته هڪڙن جي پگهار ٻين جا خالي هٿ “مارڪيٽ” کي تباه ڪندڙ هوندا آهن افراط زر جو اصل سبب پيسي جو ٿورن هٿن ۾ اچي وڃڻ هوندو آهي يعني پيسي جي ورڇ ۾ توازن قائم نه رهندو آهي ته مارڪيٽ ۾ شيون هڪڙن لاء سستيون ۽ ٻين لاء ناقابل خريد بڻجي پونديون آهن جنهن کي اوهان جي اهڙن عملن سان هٿي ملندي آهي.
تازو ملڪ ۾ وفاقي ۽ صوبائي بجيٽون پيش ڪيون ويون. بجيٽ اصل ۾ انگن اکرن جي اهڙي راند هوندي آهي جنهن کي چڱو ڀلو پڙهيل لکيل ماڻهو به سمجهي ڪونه سگهندو آهي. عام ماڻهوءَ کي رڳو خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن هو دڪانن تي پهچي سامان خريد ڪندي ان وقت حيران پريشان ٿيندو آهي جڏهن هن کي هوشربا قيمتون ٻڌايون وينديون آهن. بجيٽ کي سوليء سنڌيء ۾ ڦرلٽ کي قانوني حيثيت ڏيڻ چئجي ته غلط نه ٿيندو (اسان جي ملڪ ۾) ڇو ته بجيٽ جو وڏي ۾ وڏو فائدو حڪمران ٽولي ۽ ان جي ساٿي ٽولن (جيڪي اصل ۾ “مافيائون” هونديون آهن) کي پوندڙ هوندو آهي ۽ وڏي ۾ وڏو نقصان غريب کان غريب عوام کي. ائين کڻي سمجهو ته بجيٽ هڪ پرنالو (نيسارو، جنهن ذريعي مينهن جو پاڻي ڇت تان هيٺ ڪرندو آهي) آهي جنهن ذريعي سمورو پيسو غريبن جي کيسن کي خالي ڪندي اميرن جي کيسن کي ڀريندو آهي.
اڳي ائين ٿيندو هو ته بجيٽ ۾ ئي هر شيء جون قيمتون وڌايون وينديون هيون يعني سال ۾ هڪ دفعو پر هاڻي ائين ناهي. بجيٽ اهڙي پيش ڪندا جو اواهان اسان سمجهنداسين ته “خير” ٿي چڪو جيڪو اصل ۾ “خير” نه پر “شَرُ” هوندو آهي. ملڪ کي اهڙي نهج تي پهچايو ويو آهي جو ان کي ٿوري ٿوري دير کان پوء آڪسيجن ڏيئي هلائڻ جي ضرورت پوي ٿي. ملڪ جا ڦڦڙ ساه کڻي ڪونه سگهندڙ آهن تنهنڪري ان کي هٿراڌو طور ساه کڻايو وڃي ٿو. بلڪل ڦڦڙن لاء آڪسيجن وانگر ملڪ کي هلائڻ لاء ٿوري ٿوري وقت کان پوء اگهه وڌائي ملڪ کي هلڻ جهڙو بڻايو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو بجيٽ کي اڃان ڪجهه ڏينهن ئي مس گذريا آهن ته روزانو جي بنياد تي نوان نوان ٽيڪس لڳائي قيمتون وڌايون وڃن ٿيون.
ڊراما بند ڪريو!
ڪالهه سينيٽ ۾ تيل جي قيمتن وڌائڻ خلاف هنگامو ٿيو، اپوزيشن بائيڪاٽ ڪيو. اصل ۾ هي ڊرامو آهي، عوام سان مزاق آهي. اپوزيشن جڏهن حڪومت ۾ هئي ته مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هئي ان وقت انهن بائيڪاٽ ڪونه ڪيو. ان وقت وري اهي بائيڪاٽ ڪندا هئا جيڪي هن وقت ڪرسيء تي “ويهاريل” آهن يعني مان ڪرسيء تي ته هر شي صحيح تون ڪرسيء تي ته هر ڳالهه غلط. “هي منهن ڏيئي ٻن تون وه کائي نه مرين” منافقيء ۽ انسان دشمنيء جا ريڪارڊ قائم ڪندڙ ته سڀ ئي آهن. هر پارٽيء جا منافق اقتدار ۾ اچڻ وقت پوئين حڪومت تي تنقيد ڪندا آهن مهانگائي ڪندي اهو ٻڌائيندا آهن، هي سڀ پوئين حڪومت جي ڪري ٿيو آهي ته پوء ان کي گرفتار ڇو ڪونه ٿا ڪريو. نه! ڇو ته اهو ۽ هاڻي وارا (منڍ کان وٺي) هڪ ٻئي سان ٻڌل آهن هنن جي ازلي دشمني عوام سان ئي آهي. جيڪڏهن عمران خان مهانگائيء جا بنياد وجهي چڪو تيل ٽي سو روپيا ڪرڻ جا معاهدا ڪري ويو آهي ته پوء ان کي سزا ملڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهان ان کي گرفتار ڪري سزا نه ٿا ڏيو ته پوء هي منافقت وارا ڊراما ڇو.
17.06.2022

اتر سنڌ ۾ ٿيندڙمڪاني چونڊون

اتر سنڌ ۾ ٿيندڙمڪاني چونڊون
جمهوريت ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن پر انسانذات جي بدقسمتي آهي جو ان کان سٺو نظام اڄ تائين ٺاهي ناهي سگهي. اها ڳالهه برطانيه جي دانشور وزيراعظم ونسٽل چرچل چئي هئي. هونئن ته يورپ جي سمورن ملڪن سميت آمريڪا، ڪئناڊا ۽ دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ جهموريت وارو نظام هلندڙ آهي پر هن سائين يعني ونسٽن چرچل جي ملڪ ۾ جمهوريت پنهنجي جوڀن سان جلوه گر آهي جتي هيٺهين سطح تائين اقتدار منتقل ٿيل آهي.
يورپ ائين ئي اهڙو خوبصورت ڪونه بڻيو آهي جنهن لاء هر ماڻهو خاص طور تي ٽين دنيا جو ماڻهو ان ملڪ کي ڏسڻ لاء تڙپندڙ آهي. اهڙن ملڪن جي ڏسڻ لاء اتان جي ويزا لاء ماڻهوء کي ڪيترا پيسا خرچ ڪرڻا پون ٿا انهن جي ويزا جا ڪڙا شرط قبول ڪرڻا پون ٿا. هي ملڪ اصل ۾ جمهوريت جو ئي نتيجو آهن جتي هيٺهين سطح (گراس روٽس) تائين جمهوريت جو پاڙون ايتريون مضبوط آهن جو هاڻي انهن کي ڪنهن واءُ مينهن کان خطرو ڪونهي ٻين لفظن ۾ جمهوريت پنهنجو حسن ان ڌرتي مٿان اوتي ڇڏيو آهي جو مٽيء جي ذري کان وڻ جي سڪل پنن تائين به سهڻا پيا لڳن. شهر هجن يا ڳوٺ پنهنجي پنهنجي انداز سان خوبصورت بڻايا ويا آهن انهن جا روڊ رستا هلندي هلندي کٽي ويندا پر گل ڪونه کٽندا. گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ شين منجهان بچيل گند ڪچرو ڪيڏانهن ٿو وڃي ڪا خبر ڪونهي. جڏهن پڇا ڳاڇا ڪجي ٿي ۽ اها خبر پوي ٿي ته گهرن مان کنيو ويندڙ گند ڪچرو ساڙي ان منجهان بجلي ٺاهي شهرن کي فراهم ڪئي وڃي ٿي اهو ڄاڻي حيرانگي جي انتها نه ٿي رهي. گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻيء جو نيڪال ڪيڏانهن ٿو خارج ڪيو وڃي نظر ايندڙ ڪونهي. جڏهن شهرن جي وچ منجهان لنگهيندڙ وڏا وڏا واه ڏسجن ٿا جن کي هو اتان جي مقامي سير سياحت لاء استعمال ڪري چڱي خاصي رقم ڪمائين ٿا. اهي واه اصل ۾ نالين جي پاڻي کي صاف ڪري وهايا وڃن ٿا ته حيرانگي ويتر وڌي ٿي. ان سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏي ڳالهه اها ته اهي سڀ ڪم مڪاني ادارا ئي ڪندا آهن.

ورهاڱي کان اڳ اسان وٽ/سنڌ ۾ به مڪاني سطح جو سٺو نظام رهيو آهي جنهن کي سينيٽري ڪاميٽي ڪوٺيو ويندو هو جنهن کي اڳتي هلي جمهوريت کي هيٺهين سطح تائين آڻڻ بهاني ڪنهن آمر بيسڪ ڊيموڪريسيء جو نالو ڏيئي پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ته ڪنهن وري ناظمي نظام ڏيئي وري به پاڻ کي مضبوط کان مضبوط ڪيو. هو پاڻ کي مضبوط ڪري پنهنجي اقتدار کي ته ڊيگهه ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا پر ان جو ٻيو خطرناڪ نتيجو اهو نڪتو جو وڏيرڪو نظام ويو ڏينهون ڏينهن سگهارو ٿيندو جنهن جي انتها اوهان اسان ناظمي نظام جي صورت ۾ ڏٺي. ٽڪي جا ماڻهو جڏهن روپئي جي ڪرسيء تي ويهاريا ويا ته هنن ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي ۽ حقيقي طور لڳندو هو ته انسان زندگي ڪونه گذاري رهيو آهي پر هنن جي هٿ جي تريءَ تي ريڙهيون ڏيئي رهيو آهي جنهن کي جڏهن هو چاهي مٺ بند ڪري ساه ٻوساٽي چيڀاٽي سگهي پيو.
روٽس ليول يعني هيٺهين سطح تي اتر سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڇويهه جون آچر ڏينهن ٿي رهيون آهن ان کان اڳ ساڳي طرح جون چونڊون بلوچستان ۾ به ٿيون. بلوچستان ۾ هن ڀيري سٺي ڳالهه اها ٿي ته نوجوانن ۽ عورتن ان ۾ ڀرپور حصو ورتو. ٽوٽل هڪ سو ٻٽيهه عورتن جو حصو وٺڻ، نوجوانن جو پراڻن سياسي حريفن خلاف بيهڻ بلوچستان جي سياسي سجاڳيء بابت آگاهي ڏيندڙ آهي.
سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ به ساڳي ڳالهه اتساهيندڙ آهي. ڪيترائي نوجوان ۽ عورتون ان ۾ حصو وٺي رهيون آهن. نوجوانن هتي به ڀوتارڪي ڪلچر ۾ ڏار وڌا آهن پراڻي ڌپ ڪري ويل نظام خلاف نوجوانن جو بيهڻ خاص ڪري اتر سنڌ جهڙي ڀوائتي نظام کي کوکلو ڪرڻ وڏي تاريخي فتح آهي. سوشل ميڊيا تي هن نظام خلاف باه ٻريل آهي جيڪا اصل ۾ “دکي دکي جا ٻري پئي” جو ڏيک ڏيندڙ آهي. آزاديء جي شروعات آقا کي ماري وجهڻ سان ڪونه پر غلام پاران “نه” ڪرڻ سان ٿيندي آئي آهي. انساني تاريخ ٻڌائي ٿي ته “نه” لفظ وڏا وڏا ڪوٽ ڪيرايا آهن.
اڄ سموري سنڌ خاص طور اتر سنڌ دوزخ جي دونهين وارو ڏيک ڏيندڙ آهي. اتر سنڌ جا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان ڪوهين ڏور آهن. شايد ئي ڪو ڳوٺ هجي جتي ڪو پارڪ هجي وڏا وڏا وڻ هجن، گل هجن. شايد ئي ڪو ڳوٺ هجي جتي نوجوانن جي لاء وڏن امتحانن جي تياريء وارو ماحول هجي، ڪا لائبريري هجي ڄڻ اهي سڀ ڳالهيون هڪ خواب وانگر/اڻ ٿيڻيون پيون لڳن.
رڳو روڊ رستا ئي پڪا ڪري ڏيو. رڳو نيڪال جي پاڻيء جو جوڳو بندوبست ڪري ڏيو. ڇا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انسان ڪونه ٿا رهن، ڇا محروميون ئي سندن مقدر آهن. نه، اهو مقدر ناهي اهو سڀ نتيجو آهي هڪ خاص قسم جي سوچ جو.
“مان ئي هجان پوء ڀلي سڀ ڪجهه تباه ٿئي” واري ان پاروٿي سوچ کي چيلينج ڪرڻ آسان ڪونهي. اهڙي سوچ انساني دماغ کي ڪرڙيء جهڙا مضبوط چنبا کوڙي ويٺل آهي. اهي چنبا اتان اهڙيءَ ريت هٽائڻا آهن جو دماغ کي هاڃو به نه رسي ۽ دماغ سوچڻ لاء آزاد به ٿي پوي. هي ڪو ننڍڙو ڪم ڪونهي جيڪڏهن اڄ جون عورت اميدوار ۽ نوجوان سوچون آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته باقي اڳتي وارو پنڌ تمام سولو آهي.
24.06.2022

...۽ پوء تند وڙهي تلوارن سان

...۽ پوء تند وڙهي تلوارن سان
گڏه گاڏو هلائيندڙ پورهيت جي ڌيء سرڪاري مشينري کي شڪست ڏيئي ڪامياب ٿي ويئي. قاضي احمد ۾ هڪ برياني وڪڻندڙ پورهيت به هڪ خونخوار کي شڪست ڏيئي ماڻهن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. نصيرآباد ۾ فوزيه ڀيڻ به ڪاميابي ماڻي وڏيرڪي منهن تي ٺڪريون ملي ڇڏيون ۽ ٻيا به ڪيترا ئي اهڙا “سرڦريا” آهن جن “ستارون په ڊالتي هين ڪمند” جو مثال قائم ڪيو......پوء ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي. ها ان ۾ نه رڳو حيران ٿيڻ جي ڳالهه آهي پر عقل وارن لاء ان ۾ گهڻيون ئي پڻ نشانيون آهن.
پهريون ته هتي ڪنهن پورهيت جو اليڪشن ۾ بيهڻ ناممڪن آهي ان کان پوء ان جو کٽڻ وري اڻ ٿيڻي ڳالهه مٿان وري ڪا نياڻي جيڪا پورهيت هجي/ان جي ڌيء هجي اهي سڀ ڳالهيون اسان جي سماج ۾ اڻ ٿيڻيون آهن ان ڪري حيرانگيء جي ڳالهه ضرور آهي. مٿان وري سماج ۾ پروپيگنڊا جا ماهر سنڌي وڏيرا هجن ۽ پاليندڙن پاران پٺي ٺپيل هجين ته پوء اهي سڀ شيون ناممڪن واري خاني ۾ اچن ٿيون.
1988 ۾ بينظير لاء هنن اهڙي پروپيگنڊا ڪئي ته نياڻي ست قران آهي، نياڻيء اوهان جي در تي آئي آهي، ان کي مهت ڏيو جڏهن ته اهي سڀ ئي نياڻين کي ڪارو قرار ڏيئي مارائڻ ۾ اڳئين صفن ۾ شامل هئا ۽ آهن. هاڻي وري هن نياڻي يعني پورهيت جي ڌيء پروين شيخ لاء چيائون ته نياڻيء جو ڪهڙو ڪم سياست سان. تون نياڻي آهين تون گهر جي زينت آهين تون گهر ۾ ئي ويهه. جڏهن ته جنس جي حساب سان بينظير ۽ هيء پورهيت جي ڌيء ساڳيون آهن پر جيئن ته هيء اقتداري ڏاڪڻ جو حصو ناهي، هيء گندي نظام جو حصو بڻجڻ بجاء ان کي للڪاريندڙ آهي تنهنڪري قبول ڪونهي.اسان سنڌين کي پٺي ٺپيل پالتو وڏيرڪي پرپيگنڊا کي سمجهڻو پوندو.
هي مڪاني چونڊون گهڻي حساب سان نواڻ کڻي ايندڙ ثابت ٿيون. چونڊن ۾ جتي وڏا اپسيٽ ٿيا اتي نياڻين ۽ نوجوانن جي لاء اتساهيندڙ نتيجا پڻ آيا. وڏي ڳالهه ته ڪيترن اهڙن ماڻهن جي ذهنن ۾ پڻ اليڪشني سياست ۾ دلچسپي نظر آئي جيڪي اڳ اليڪشني سياست کي گناه عظيم سمجهندڙ هئا. انهن به سوچيو ته هن طريقي پنهنجي ماڻهن جي زخمن تي مرهم رکي سگهجي ٿي. سوشل ميڊيا تي پڻ اهڙا بحث ڏسڻ ۾ آيا جيڪي اتساهيندڙ هئا.
عوامي تحريڪ منجهان جنم وٺندڙ قومي عوامي تحريڪ جي ماڻهن به هن اليڪشن ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دلچسپيء سان حصو ورتو ۽ ڪجهه سيٽن تي ڪاميابيون ماڻيون توڙي جو عوامي تحريڪ اڳ ۾ به اليڪشني سياست ۾ يقين رکندڙ آهي پر هن ڀيري سندس ڪجهه سيٽن تي ڪاميابي سماج ۾ اتساه پيدا ڪندڙ آهي.
هن اليڪشن ۾ هڪ نئون رجحان به ڏسڻ ۾ آيو جيڪو ٿوري گهڻي پيماني تي/لڪ ڇپ ۾ اڳي به هلندڙ هو پر هن ڀيري نروار ٿي نظر آيو. اٽڪل هر تڪ تي ووٽن جي خريد و فروخت ٿي. هن جي سببن جو جيڪڏهن پيرو کنيو وڃي ته پيرو وڃي وڏيرڪي نظام ۽ ان کي پناه ڏيندڙ پارٽين جي گهر ۾ پوندو. سڀ ئي پارٽيون وڏيرن لاء لِڪَ يعني ٿَمَ آهن پر هن وقت پيپلز پارٽي اها پارٽي آهي جيڪا هن نظام کي نه رڳو پناه ڏيو بيٺي آهي پر هن نظام جي واڌ ويجهه ۾ “اندروني ڪردار” پڻ ادا ڪندڙ آهي.
ووٽ جو وڪرو اڳ ۾ آهي يا ووٽ جي خريداري اڳ ۾، ان موضوع تي بحث ڪري سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾ ووٽ جي خريداريءَ اڳ جنم ورتو جيڪا پڻ پيداوار آهي وڏيرڪي گندي سوچ جي. هن سوچ مطابق جيڪي منجهه جهان سو سڀ آهي منهنجو. هي به منهنجو هتي به مان ان ڪري ڪنهن به قيمت تي ووٽ منهنجو هجڻ گهرجي رهي ڳالهه قوت خريد جي اها اڳ ۾ ئي هن ملڪ کي ڪنگال ڪرڻ کان پوء هنن وٽ حد کان گهڻي آهي. جتي قوت خريد هجي اتي پيسو اها سوچ ازخود پيدا ڪري ويندو آهي ته دنيا ۾ موجود سڀ شيون ڪموڊٽي آهن ۽ انهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو هن حساب ۾ ووٽ ته ڇا جسم ضمير سميت خريدوفروخت ٿين پيا.
ووٽ جي وڪري پويان به هن ئي نظام جون مهربانيون آهن. ووٽر سان جيتريون ويساه گهاتيون ٿيون آهن ان مطابق ووٽر هي لفظ چوڻ ۾ حق بجانب آهن ته “هنن اسان کي ڇا ڏنو آهي، پوء هنن کان پيسا ڇو ڪونه وٺون”....۽ پوء ووٽ وڪرو ٿيندو رهيو جيڪو ٽي هزار کان اٺ هزار في ووٽ جي حساب تائين وڪرو ٿيو. ڪن مهربانن سولر پليٽون ڏنيون، ڪن وري موٽرسائيڪلون ته ڪن روڪ پيسا.
هن اليڪشن ۾ هڪ ٻي ڳالهه به ڏسڻ ۾ آئي ته حڪمران پارٽي يعني پيپلز پارٽيء منجهه ڪيتريون ئي پيپلز پارٽيون نظر آيون هر شهر ۾ اهي ئي منظر هئا. پاڻ ئي پنهنجي پارٽيء لاء ٻئي تڪ ۾ ڏکيائون پيدا ڪيون ويون جنهن جو آخري نتيجو اهو وڃي بيٺو ته شخصيت کي ووٽ ڏيڻ وارو رجحان وري سگهارو ٿيندي نظر آيو. 1988 ۾ سنڌ جي ماڻهن پارٽيء کي ووٽ ڏيڻ سکيو هو جنهن جو سهرو پيپلز پارٽيء تي هو تنهن جي خراب کان خراب ٿيندڙ ڪارڪردگيء وري ماڻهن کي شخصيت کي ووٽ ڏيڻ واري رجحان ڏانهن موٽايو هتي هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته شخصيت منجهان مراد نظرياتي يا آئيڊيل شخصيت ڪونه پر خونخواريت آهي جيترو خونخوار ايترو سگهارو.
01.07.2022

ڇا سنڌ ۾ پي پي خلاف ڪجهه ٿيڻ وارو آهي!

ڇا سنڌ ۾ پي پي خلاف ڪجهه ٿيڻ وارو آهي!
هڪڙي پنجابي شاعر جو شعر آهي ته “ڪڇ شهر دي لوگ وي ظالم سن، ڪڇ سانون مرڻ دا شوق وي سي” بلڪل سچ. پي پي دشمنيء جي تاڙ ۾ “ماڻهو” ويٺل هئا ۽ آهن. جنرل ضيا کان مشرف تائين ڪهڙا طريقا نه آزمايا ويا پر سنڌ جي عوام اهي سڀ ناڪام بڻايا تنهن هوندي به پي پي کي پنهنجي برباديء جو ايترو شوق آهي جو هو پنهنجي برباديء جو پاڻ انتظام ڪندڙ آهي.
غور سان ڏٺو وڃي ته 1988 کان وٺي پي پي ڪنهن نه ڪنهن طور تي حڪمراني ڪندڙ پارٽي رهي آهي (تنهنڪري هن پارٽيء کان پڇاڻو به ان دور کان وٺي ٿيڻ گهرجي) پر ڪارڪردگي زيرو اٿس. خود بينظير صاحبه به اهو ڪجهه نه ڏيئي سگهي جيتري ان لاء سنڌ جي عوام ميد رکي هئي.
ان ڳالهه جا اسين اکين ڏٺا شاهد آهيون ته 1988 ۾ هر سنڌي ماڻهوء اهو پئي سمجهو ته بينظير صاحبه وزيراعظم ڪونه ٿي آهي پر هو پاڻ (هر سنڌي) وزيراعظم ٿيو آهي. جنرل ضيا جي ذريون ذريون ٿيڻ کان پوء واري صورتحال اها هئي ته اليڪشني عملو نعرا هڻندي پولنگ اسٽيشنن تي پهتو هو. وڏو گرمجوشيء وارو ماحول هو. گهر گهر رڳو پي پي جا جهنڊا هئا. گڏه گاڏي وارن چندا ڪيا، ٽانگي وارن چندا ڪيا ٽيڪسي ڊرائيورن چندا ڪيا جن مان بينر ۽ جهنڊا ٺهرائي انهن تي لکرايو ويو ته ووٽ بينظير جو آهي ٻيو ڪو اچڻ جي تڪليف نه ڪري. ٻئي پاسي پي پي جون ٽڪيٽون انهن کي مليون جن منجهان گهڻا ضيا جي مجلس شورى جا ميمبر رهيا هئا، جن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ڦاسي تي چڙهڻ وقت مٺايون ورهايون هيون ڇو ته انهن کي مجلس شورى جي ميمبري اهڙي “ڪم” سبب ملڻي هئي. اهڙن ماڻهن جا نالا لسٽ ۾ ڪنهن شامل ڪيا يا ڪرايا خبر ناهي پر عام ماڻهن خاص ڪري سنڌين ڪنهن جي به ڳالهه ڪونه ٻڌي ۽ ووٽ پي پي کي ڏنو. وڏا وڏا سياسي رانديگر پنهنجي سيٽ هارائي گهر وڃي اهو سوچڻ ۽ چوڻ تي مجبور ٿيا ته هي سيلاب آهي هر ڪو پي پي مخالف ان ۾ لڙهي ويندو.
ان هوندي به اميدون پوريون نه ٿيون ٿوري ئي وقت ۾ عام ماڻهن منهن موڙڻ شروع ڪيو. پي پي جو پنجاب مان صفايو ٿي ويو، هاڻي خود پارٽي قيادت ان کي مڃي ورتو آهي ته پنجاب ۾ پي پي جي حيثيت تائيد ڪندڙ پارٽيء واري به ڪونه رهي آهي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ وڃي ڪي بچيا آهن پر سنڌي پنهنجي نڀائڻ واري ريت سبب نڀائيندا پيا اچن.
سنڌين کي پي پي مايوس پئي ڪيو آهي ۽ ان تي گهري نظر رکڻ وارن پاران ان کي وڏو اڀاريو پيو وڃي خاص ڪري تازي ٿيل برساتن ۽ ان کان پوء جيڪي تباهيون آيون ان هن پارٽيء لاء مشڪل صورتحال کڙي ڪئي آهي. ان ٻرنديء تي تيل جو ڪم پي پي جي نااهل ميمبرن جون اهي ڳالهيون آهن جن ۾ هو اهو به خيال ڪونه پيا ڪن ته انهن جي لفظن سان برسات ٻڏلن جي دل آزاري ٿيندي. اڳي رڳو هڪ قائم علي شاه هوندو هو جيڪو چوندو هو ته ٿر جي عورتن کي ٻار ڄڻڻ ڪين پيا اچن. هي ٻوڏ ستايل (2010 واري ٻوڏ وارا) چانورن جي خوشبوء تي ڀڳا ٿا اچن وغيره. هاڻي اٽڪل سڀ ميمبر اهڙيون گوهر افشانيون پيا ڪن. جنهن ڪري سوشل ميڊيا تي هنن جي ناڪام پاليسين تي کلي عام تنقيدون پيون ٿين. ماڻهو وڏيرن کي اهڙا لفظ پيا ڳالهائين جيڪي ڳالهائڻ منع هوندي آهي. پي پي جي مرڪزي قيادت به ان کي محسوس ڪندي پاڻ کي رڳو ڊي سي/ايم پي اي/ايم اين اي سان ميٽنگين تائين محدود ڪيو آهي. کلي عام اچڻ کان لهرائن پيا اهي سڀ جيڪي عوام عوام جي تسبيح پڙهندي ٿڪبا ڪين آهن.
ان سموري صورتحال مان “فائدو وٺندڙ” هاڻي عوام ۾ اهي ماڻهو لاهي رهيا آهن جيڪي پي پي خلاف ٻريل ان باه ۾ پيٽرول جو ڪم ڪن. اهي وڏيرا جيڪي پي پي ۾ اچڻ لاء ايلاز منٿن تائين پهتل هئا اهي پنهنجي باه ڪڍڻ لاء وڏيون وڏيون رٿائون پيا رٿين. اهڙي صورتحال ۾ پي پي قيادت خاص طور تي چيئرمين بلاول ڀٽي صاحب تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ئي پارٽيء جي اندر ويٺل غيرذميوار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي، پنهنجي پارٽيء جي سنڌ مٿان حڪمرانيء جو نئين سر جائزو وٺي ان کي بهتر کان بهتر ڪري. هن ڏکئي وقت ۾ ان عوام جو ساٿ ڏي جن هن جي وڏڙن کي عزتون بخشيون هيون ۽ اڃان تائين عزتون پيا بخشين. خراب کان خراب حڪمرانيء جا رڪارڊ ٺاهيندڙ سندس پارٽي خلاف نڀائيندا پيا اچن. هڪ ڳالهه اسان سڀني کي سمجهڻي پوندي ته تنقيد کان بالاتر ڪوبه ڪونهي. مقدص ڳئون وارا تصور ختم پيا ٿين. ماڻهو هاڻي سوچين پيا، “جگنو ڪو دن ۾ پرکني ڪي ضد ڪرين، بچي هماري عهد ڪي چالاڪ هوگئي” سنڌي ڀلي ايترا چالاڪ ڪونه ٿين پر چڱي بري جي سمجهه ته هر ماڻهو رکندڙ آهي.
09.09.2022

سوويت يونين جي انتقام ۾

سوويت يونين جي انتقام ۾
ڪنھن بھادر انسان کي مارڻ کان پوء گيدي ماڻھو ڪيترو وقت ان خوف ۾ ورتل ھوندو آھي ته اهو مئل (بهادر) اڃان جيئرو آهي. ان گيديءَ کي پنهنجي فتح تي ڀروسو ئي نه ايندو آهي هو بار بار پيو سوچيندو آهي ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مان جهڙو گيدي اهڙي بهادر کي ماري وجهي. لٽ ڦر جي نظام جنهن کي پاڪ دامن بڻائيندي کيس سرمائيداريء جهڙو دل لڀائيندڙ نالو ڏنو ويو آهي جيڪو پنهنجي ڳُر ۾ ڪوڙو، فريبي نظام آهي ۽ دنيا جو مڃيل سچ آهي ته ڪوڙ ڊڄڻو ۽ گيدي هجي ٿو. سرمائيداريءَ هٿان ڪميونزم جو اهڃاڻ سوويت يونين ڪنهن مڪر ۽ فريب سان ماريو ويو پر سرمائيداري رات جو ڇرڪ پيئي ڀري ته ڪٿي هو جيئرو نه ٿي پوي. ان عمل دوران سرمائيداريء پنهنجي لٽ ڦر جي پيسن منجهان ڪي بيضمير خريد ڪيا انهن کي استعمال ڪيو ۽ پوء دنيا ڏٺو ته اهي سڀ جا سڀ ٽشو پيپر وانگر نه رڳو اڇلايا ويا پر انهن کي باه ڏيئي ساڙيو ويو.
ڳالهه رڳو سوويت يونين جي خاتمي تائين ڪونه هئي/آهي ڳالهه پورو غلبو حاصل ڪري به پوري نه ٿيندي اڃان اڳتي هلندي ڇوته سرمائيداري جيسين انساني لاشن جا ڍير نه ڏسي ننڊ ڪونه ڪندي آهي. جنگ يا ٻي ڪنهن آفت سبب مئل ماڻهو به کيس پسند آهن پر سندس سڀ کان وڌيڪ پسند جو لاش اهو آهي جيڪو بک وگهي مئل هجي.
سوويت يونين جي خاتمي کان پوء اسڪيم جو فيز ٽو ائين شروع ڪيو ويو ته جيئن وري ڪڏهن اهڙي آفت ٻيهر ڪر نه کڻي سگهي. سوويت يونين جي محرڪ نظرئي يعني ڪميونزم کي زنده يا مرده گرفتاريء کان اڳتي “ڏسندي گولي هڻڻ” جو حڪم آهي. نه رڳو ڪميونزم جو نظريو پر جتي جتي اهو نظريو وڌيو ويجهيو ۽ سرمائيداريء لاء للڪار بڻيو اهي سڀ ملڪ عام طور ۽ روس خاص طور هن وقت وڏي عتاب ۾ آهن.
روس لاء اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون جو هو نه چاهيندي به جنگ ۾ ڪُڏي پوي. کيس اهڙي جنگ ۾ ڦاسايو ويو آهي جيڪا بظاهر آسان لڳندڙ هئي پر ان پويان اهڙي حڪمت عملي رکي ويئي جو اها جنگ جيڪا مختصر هجڻ جو ڏيک ڏيئي رهي هئي اها ڀيانڪ ٿيندي پيئي وڃي. محدود جنگ جي حڪمت عملي تحت وڙهي ويندڙ جنگ ٻن ڀائرن (جيڪي صدين کان گڏ رهندڙ هئا) کي هڪ ٻئي کان پري پيئي ڪندي وڃي. هڪ پاسي يوڪرين هاڻي روس لاء ٻيو افغانستان بڻجندو پيو وڃي، روس جي معيشت کي سدا لاء ختم ڪري وري ٻيهر اسري نه سگهڻ جهڙو بڻايو پيو وڃي ٻئي طرف آرمينيا ۽ آزربائجان ۾ ويڙه شروع ڪرائي ويئي آهي جن جا اٽڪل هڪ سو فوجي ماريا ويا آهن. اهي ملڪ به ڪا ٻي دشمني ڪونه سوويت يونين واري سزا پيا لوڙين. ٻنهي ملڪن پويان هيري ٽرومين (ان وقت جو آمريڪي نائب صدر جيڪو پوء صدر ٿيو ۽ دنيا جي گولي مٿان پهريون ايٽم بم هڻڻ طور سڃاتو وڃي ٿو) جي هن بيان واري ذهنيت آهي جيڪو بيان هن ٻي عالمي جنگ جي شروعاتي وقت ۾ ڏنو هو. جنهن ۾ هن چيو هو ته اسين ڏسنداسين جيڪڏهن جرمني ٿو کٽي ته اسين سوويت يونين جي مدد ڪنداسين ۽ جيڪڏهن سوويت يونين ٿو کٽي ته اسين جرمنيءَ جي مدد ڪنداسين. سموري ڳالهه جو مطلب اهو ته اهو سمورو خطو دوزخ بڻايو ويو آهي/بڻايو ويندو جيڪو به سرمائيداريء لاء ڪنهن به قسم جو خطرو بڻجي سگهندڙ هجي.
ڪجهه ڏينهن رومانيه کان مولڊوو ويندي آمريڪي فوجي قافلي کي روڪي ماڻهن انهن خلاف نعرا هنيا ته جنگ نه کپي ان لاء اوهين واپس وڃو جيڪو عمل پيغام ڏيندڙ آهي ته آمريڪا سوويت يونين جي پراڻن ميمبر ملڪن خلاف ڪهڙا ارادا رکي ٿو.
خوش مذهبي سڃاڻ رکندڙ به نه ٿين انهن جو وارو به اچڻ وارو آهي. “چراغ سب هي ڪي بجهينگي هوا ڪسي ڪي نهين” مصداق سڀني جو وارو ايندو. هي خطو به باه جي اثر کان بچي ڪونه سگهندو.
اهي سڀ جنگيون پاڻ ۾ جوڙ ڪري ماحول وري به ٽين عالمي جنگ وارو ٺاهيو پيو وڃي ڇو ته اصل منزل اها ئي آهي. ٽين عالمي جنگ دولت جي ورڇ کي وري ٿورن هٿن ۾ محدود ڪرڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿيندي. اهي هٿ انسان جي نڙيء جي ويجهو ايندا پيا وڃن گرفت وڌيڪ مضبوط ٿيندي پيئي وڃي.
عالمي ماحول ۾ انهن مٿي بيان ڪيل قومن اڳ به گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي. موت کي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. انهن منجهان هڪ شهر ٽي سو ڏينهن جو گهيرو به ڏٺو، ڪنهن شهر اٺ سو ٻاهتر ڏينهن جو گهيرو به ڏٺو. ڪجهه ڏينهن ۽ مهينن جا گهيرا ته عام هئا. اهي قومون مري وري جي سگهندڙ آهن اصل سوال اهو آهي ته اسان جو ڇا ٿيندو جن سموري زندگي رڳو ڪوڙ ٻڌو آهي. جيڪي ڪجهه ڏينهن جي برسات ۾ پينو فقير وارو ڏيک ڏيئي رهيا آهيون. جن جي حڪمرانن جي لسٽ ۾ عوام نالي ڪا شيء آهي ئي ڪونه.
16.09.2022

نيٺ معافي.... ته پوء دير ڇو!

نيٺ معافي.... ته پوء دير ڇو!
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيٺ اعلان ڪيو ته هو عورت جج کان معافي وٺندو. ٿي سگهي ٿو ٻين سمجهي ورتو هجي پر مون کي الائي ڇو اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه پيئي اچي ته معاملو ڪٿي اٽڪيل هو. اعتراض عورت جج کان معافي وٺڻ تي هو يا جج کان. ڇو ته اها جج صاحبه عورت به آهي ته جج به. جج کان معافي وٺڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي اڳي يا پوء گهڻو ڪري ائين ئي ٿيندو آيو آهي. توهين عدالت جا سڀ ڪيس معافي نامي تي ئي منتج ٿيا آهن پر اهي سڀ جج مرد هئا. عورت جج جو معاملو شايد پهريون دفعو (مان سمجهان ٿو) پيش آيو ان ڪري ان ۾ “دير” لڳائي ويئي.
فرد جرم لاء پروگرام پئي ٺهيا ۽ ڊهيا نيٺ اهو اعلان ٿيو ته خميس ٻاويهه آڪٽوبر جي ڏينهن فرد جرم عائد ڪيو ويندو . جڏهن عدالت سڳوريء اهو اعلان ڪيو ته اڄ رڳو فرد جرم واري ڪاروائي ٿيندي سائين جن کي روسٽرم تي گهرايو ويو جتي سائين جن اعلان ڪيو ته هو جج صاحبه کان معافي وٺڻ لاء تيار آهي. جنهن کان پوء فرد جرم عائد ڪرڻ واري ڪاروائي ملتوي ڪئي ويئي.
ڇا اڳوڻو وزيراعظم گهران ئي فيصلو ڪري آيو هو ته هو معافي وٺندو يا عدالت وارو ماحول ڏسي هن فيصلو ڪيو ته “معافي” ئي حل آهي. ملڪ جي ويجهي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مشرف صاحب جيڪو ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو يعني “اوڀر کان اولهه اتر کان ڏکڻ هيٺ کان مٿي رڳو هو” رهيو اهو ڪورٽ کان تمام گهڻو گهٻرايل هوندو هو. عدالتي حاضريء کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ سخت بيمار ٿي پوندو هو ۽ اچي اسپتال داخل ٿيندو هو. ان کان پوء هي ٻيو شخص آهي (جيڪو به مشرف جي ريفرينڊم جي مهم هلائيندڙ هو) ڪورٽ ۽ ممڪنه جيل جي سزا کان گهٻرايل نظر ايندو آهي. لڳي ٿو روسٽرم ئي اتي پهچائي چڪو سائين جن کي جتي عدالت کي پهچڻو هو. روسٽرم تي وڃڻ کان پوء فيصلو “ها” ۾ ڪرڻ واري منظر جهڙو منظر ملڪي ويجهي تاريخ ۾ اڳي به يعني سائين جن خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ وقت نظر تي آيو هو جنهن ۾ به سائين جن “نه” پئي ڪئي پوء قيدين جي گاڏي ڏيکاري سائين جن کي “ها” ڪرائي ويئي.
هي ڪيس هڪ عورت جج کي جلسي دوران ڌمڪيون ڏيڻ تي ٺهيو هو جنهن ۾ سائين جن انتهائي جذباتي انداز ۾ جج صاحبه کي للڪاريو هو ته هو جڏهن اقتدار ۾ ايندو ته ان کي نه ڇڏيندو. ساڳي قسم جي ڌمڪي هن آء جي پنجاب صاحب جن کي به ڏني هئي.
ملڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته توهين عدالت ڪيس ۾ معافي وٺڻ ڪا ايتري مشڪل نه رهي آهي ۽ هڪ ٻن حاضرين کان پوء معاملو رفع دفع ٿي ويندو آهي پر هي صاحب ڪيترا دفعا ڪورٽ ۾ آيو لکت ۾ جواب به جمع ڪرايائين ۽ هر لکت ۾ ٽال مٽول کان ڪم وٺندو رهيو ۽ عدالت سڳوري وڏي دل ڪندي کيس موقعو فراهم ڪندي رهي پر سائين جن پنهنجي ڳالهه تي اڙيل رهيا. نيٺ جڏهن ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي ويئي ۽ فرد جرم تائين پهتي تڏهن سموري منظر کي هميشهه مسخري سمجهندڙ کي سمجهه ۾ آيو ته هاڻي اسپرو وغيره مان شفا ڪين ملندي باقائده دوا وٺڻي پوندي.
ملڪي تاريخ ۾ جيڪي حڪمران آيا آهن انهن جي ڪردار جو ٿورو گهڻو اندازو لڳائيندي سمجهه ۾ اچي پيو ته هي سائين عورت کان معافي وٺڻ پنهنجي توهين سمجهي رهيو هو.
اسان جي سماج ۾ وڏن گناهن منجهان هڪ گناه عورت کي انسان سمجهڻ به رهندو آيو آهي مرداڻي سماج ۾ پاڻ کي فاتح اعظم سمجهندڙ مرد گهڻو ڪري عورت کي ڪمتر سمجهندو رهيو آهي. ان تي تفصيل سان روزانو جي بنياد تي ليک هر اخبار ۾ ڇپجندا رهن ٿا. جيئن ته حڪمران جي ڪنڌ ۾ تڪبر جي ڪلي ٿوري وڌيڪ هوندي آهي ان ڪري اهو سماج کان پاڻ کي مٿاهون سمجهندڙ هوندو آهي.
سوال انهن سڀني ڳالهين کان اڳتي جو به آهي ته ڇا اڳوڻي وزيراعظم صاحب اهو ڪم دل سان ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن کيس ٻيهر طاقت ۾ اچڻ جو وارو مليو ته هو ان جج صاحبه خلاف اهڙي ڪاروائي ڪين ڪندو جنهن جو اعلان هن ڀرئي جلسي ۾ ڪيو هو. ملڪي تاريخ اها به شاهدي پيئي ڏئي ته اسان جي حڪمرانن پنهنجي اندر مان انتقام جي باه وسامڻ ڪين ڏني آهي. اهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي مخالفن کان بدلو وٺندا رهيا آهن نه رڳو ايترو پر ائين چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو حڪمرانن حڪمراني ڪئي ئي مخالفن تي آهي نه ڪي ٻين تي ۽ انهن اقتدار ۾ اچي رڳو انتقام ئي ورتا آهن ۽ ان کان هڪ قدم به اڳتي نه هليا آهن ۽ هتي وري معاملو عورت (کڙيء ۾ عقل رکندڙ) جو آهي.
دنيا گهڻو اڳتي نڪري ويئي آهي. سعودي عرب ۽ ٻيا عرب ملڪ هاڻي عورتن جي آزاديء ۾ يقين رکن ٿا ان ڪري اسن سڀني کي به کپي ته عورت کي انسان سمجهون.
23.09.2022

ڪڪڙن جي ميل بجاء حڪمران ميل ڏسو

ڪڪڙن جي ميل بجاء حڪمران ميل ڏسو
ٻه ڪڪڙ وڙهن ٿا، چوڌاري خفتي ويٺا آهن. رڳو هوڪرا آهن. هڻ کَڙهَ، اکين ۾ ٺوڪينس. ويو ڙي ويو. کڻ پنهنجو ٽرڙو ڪڪڙ. وڃي ڪهي کائو، اسان کي به دعوت تي گهرائجو...ها ها ها....
هي کيل پراڻو ٿي چڪو، شايد پوئين ڪنهن صديء ۾ وڏو دلچسپ هو. هاڻي ان کان وڏا دلچسپ ميلا پيا هلن. اسان جي حڪمرانن جي جهالتن جا کيل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. هِن جي آڊيو ليڪ ٿي اڄ هُن جي وڊيو ليڪ. سڀني پوسٽن تي ڪرمنلس مجرم ويٺل آهن جيڪي رڳو عوام کي پيا ڦرين.
تصور ڪريو ته جنهن ملڪ جا حڪمران رڳو وڙهڻ، هڪ ٻئي جون ڪمزوريون ڳولهڻ ۾ سڄو ڏينهن لڳل هجن ان ملڪ جو حشر ڪهڙو هجڻ گهرجي ۽ ڪهڙو آهي.
هتي بيهو. هڪ سوال اوهان کان پڇون پوء ٿا اڳتي هلون. سوال اهو آهي ته ڇا هي سڀ جيڪو اوهان ٻڌي، ڏسي اخبارن يا سوشل ميڊيا تي پڙهي رهيا آهيو اهو اڄ ڪلهه جو آهي يا اهو کيل پهرئين ڏينهن کان جاري آهي. اوهان جو جواب به پڪ مون وارو ئي هوندو ته هي کيل پهرئين ڏينهن کان جاري آهي فرق رڳو اهو آهي ته هاڻي اليڪٽرانڪ ميڊيا ايتري تڪڙي آهي جو ڪجهه منٽن کان پوء اها خبر پراڻي لڳي ٿي اڳي سڀ ڪجهه لڪي ويندو هو هاڻي لڪي ڪين ٿو. بس
اسڪندر مرزا کان ايوب خان ڪهڙيء ريت اقتدار ورتو هاڻي اهو سڀ اوپن سيڪريٽ آهي يوٽيوب تي سڀ ڪجهه پيو آهي. سازشي بيوروڪريٽ غلام محمد ڪيئن روزانو وزيراعظم بدلائيندو هو هاڻي اهو سڀ روزروشن وانگر عيان آهي. سوشل ميڊيا اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي سڀ ڪجهه جيڪو اڳي رڳو انومان ڪڍي تبصرن هيٺ رهندو هو ۽ عوام رڳو واه واه پيو ڪندو هو ڇو ته عوام کي گمراه ڪرڻ لاء ريڊيو ۽ اخبارون هر خبر کي اهڙو ته “عوام دوست” بڻائي پيش ڪندا هئا جو عوام پيو سمجهندو هو ته اجهو ٿا سموري ملڪ جي عوام ۾ سون ۽ چانديء جا چمچا ۽ پليٽون ورهائجن، اجهو ٿي سڄي دنيا هار مڃي اسان جي در تي پنڻ لاء پهچي. ان سموري راند ۾ ڀوائتو ڪرادر اخبارن جو هو جن پاڻ تي قومي ميڊيا جو پيارو نالو رکيو پر پردي پويان ڪم ناپاڪ ڪندا رهيا. اهو سلسلو هڪ لمحي لاء به رڪيو ناهي. جيڪو هاڻي وڌيڪ ڊرامائي روپ اختيار ڪندو رهي ٿو.
بلڪل تازي صورت حال مطابق وزيراعظم صاحب جي هڪ آڊيو ليڪ ٿي وري مقابلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي آڊيو ليڪ ٿي. موجوده وزيراعظم صاحب جي آڊيو ڪجهه سيڪڙو ڀيانڪ هئي ته اڳوڻي وزيراعظم جي ٿورو وڌيڪ سيڪڙو ڀيانڪ آهي. اصل ۾ تازي باه جنوري کان ٻريل آهي جتان کان اڳوڻي وزيراعظم صاحب جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ شروع ٿي. ان وقت جي حزب اختلاف اهو منصوبو جوڙيو ته وري حزب اقتدار ان منصوبي کي آمريڪي سازش جهڙو مقبول نالو ڏنو. (اسان وٽ سڀ ڪجهه آمريڪا جي هدايتڪاريء ۾ ئي ٿيندو آهي پر ان کي نالو آمريڪا مخالفت جو ڏنو ويندو آهي. جيئن اڳي ڪو فلم فلاپ ٿيندو هو ته ان جي پوسٽر مٿان “صرف بالغان لاء” لکندا هئا پوء اهو فلم کڙڪي توڙ ثابت ٿيندو هو) هن آڊيو ۾ اڳوڻو وزيراعظم صاحب پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري (جيڪو اصل ۾ ٻيو وزيراعظم هوندو آهي بلڪل ائين جيئن وڏيري کان وڌيڪ ڪمدار خطرناڪ هجي) کي هدايتون ڏيئي رهيو آهي ته اسان کي رڳو کيڏڻو آهي آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو. پوء ان وقت هڪ خط ڀريل جلسي ۾ لهرائي ڏيکاريو ويو ته آمريڪا جي سازش جو ثبوت هي خط آهي. ان خط تي وڏا تبصرا هليا هڪ صحافي ان لاء ڪالم لکيو ته اهو خط روزمره جي خط وڪتابت آهي جيڪو به اصل ناهي ۽ اهو “ٻيهر لکيو” ويو آهي يعني ان ۾ مرضيء مطابق “ڊاه ڊوه” ڪئي ويئي آهي. (جيڪا ڳالهه ثابت به ٿي چڪي)
اها “حڪمران ميل” هلندڙ آهي. ٻنهي طرفن کان “خفتي” ويٺل آهن جيڪي ساڳيا تبصرا هوڪرا طعنا پيا هڻن. کڻ همراه، مري ويو، ڏاڍو گندو ٿيو آهي، وائکو ٿي چڪو. ان سياست کان ٻڏي مرو.......وغيره. ٻئي طرف ويچارو عوام آهي جيڪو هڪ ئي وقت ڪيترين چڪين ۾ پيسجي رهيو آهي. سنڌ بلوچستان ۽ سرائڪي بيلٽ ۾ برسات جي تباه ڪارين سبب ماڻهو مري رهيا آهن. جن جا ٻچا سندن سامهون پاڻيء ۾ لڙهي ويا هجن، جن جون عورتون اڻپورن ڪپڙن ۾ هجن (هڪ سماجي ڪارڪن روئي ٻڌايو ته انهن برسات سٽلين ۾ امداد ورهائيندي اهڙا منظر ڏٺا جو تصور ڪندي به هانءُ ٿو ڦاٽي، اسان ڪيتريون عورتون اڻپورن ڪپڙن ۾ ڏٺيون) جيڪي ٻه وقت مانيء لاء پريشان هجن جن مان اسي سيڪڙو بيمارين ۾ ورتل هجن. شهر مٽيء جا کوڙ بڻيل هجن انهن جو اونو ڪڪڙن وانگر وڙهندڙ غيرت ۽ شرم کان وانجهيل حڪمرانن وٽ ڇا هوندو. اڳتي هلي ساڳيا ماڻهو نسل در نسل جن اسلام جي نالي، ڀٽي جي نالي، نياڻيء جي نالي، تبديليء جي نالي ووٽ ورتا انهن سان ڪهڙو ورتاء ڪندا، ڇا تاريخ سڀ ڪجهه وساري ويهندي!
30.09.2022

پيار جو پرڻو ڪندڙ هڪ ٻي نياڻي قتل

پيار جو پرڻو ڪندڙ هڪ ٻي نياڻي قتل
“حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو، سو مون سڀ ڄمار اورڻ اهو ئي ٿيو”لطيف سائين فرمائي ٿو ته هڪ دفعو حبيبن مهر منجهان، پيار منجهان سڏ ڪيو بس اهو ئي منهنجي سموري ڄمار جو اورڻ ٿيو. اورڻ جو مطلب حال ونڊڻ، دل جو حال ڏيڻ وٺڻ. انساني زندگي ڪيتري ٿئي ٿي، مثال طور لطيف سائين جي ٽيهٺ سال ئي وٺون ٿا. ٽيهٺ سالن جا ڪلاڪ ٿيا (ننڊ وارا اٺ ڪلاڪ ڇڏي) هڪ هزار اٺ. انهن جا منٽ ٿيا سٺ هزار چار سو اسي ۽ وري سيڪنڊ ٿيا ڇٽيهه لک اٺاويهه هزار اٺ سو. ڪنهن کي سڏ ڪرڻ ۾ هڪ يا ٻه سيڪنڊ لڳندا آهن. (مهر منجهان پرينءَ سڏ ڪيو، عبدالطيف!) لطيف سائين چوي ٿو ته باقي منهنجي زندگيء جا ڇٽيهه لک اٺاويهه هزار ست سو اٺانوي سيڪنڊ منهنجي زندگيء ۾ ڳڻيا ئي نه وڃن. انهن دوران مون جيڪو ڳالهايو، مون جيڪو ٻڌو اهو ڪنهن ڪم جو نه هو ڄڻ ته ٻڌو اڻ ٻڌو هو. ائين سمجهو منهنجي عمر ڪل ٻه سيڪنڊ هئي.
ڪجهه ڏينهن اڳ اخبار ۾ وري هڪ خبر ڇپي ته ٻه سال اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ سنڌ يونيورسٽيء جي فائن آرٽ شعبي جي شاگردياڻيءَ کي ان ماڻهو پٿر هڻي قتل ڪيو جنهن اُن کي مهر منجهان سڏ ڪيو هو. ان نياڻيء کي ڪراچيء گهمائڻ بهاني، فريب ۽ مڪر سان گهرائي پٿر هڻي قتل ڪيو ويو. قتل کان پوء سندس لاش نوري آباد ڀرسان اڇلايو ويو. پوليس موجب اهو درندو گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ڏوه جو اعتراف به ڪيو آهي. هاڻي هو ننڍي کان وڏي جيل ويندو جتي ساٿي قيدين کي پنهنجي مڙسي (غيرت کان وانجهيل) جون ڳالهيون ڪندو. وڏي ڳاٽ هلندو. پويان سندس گهر ۾ امڙ ۽ پيءُ روئيندا، ڀينر روئينديون. سڀ ئي پنهنجي ڪنن/ڳچيء ۾ پيل سون وڪڻنديون، قرض لاء در در ڌڪا کائينديون، سڀئي ٿاڻن تي ڌڪا کائينديون، عدالتن جا ڌڪا کائينديون ڇا اها به غيرت ۾ شمار ڪندو اهو قاتل؟
پنهنجي پرينء کي قتل ڪرڻ وارا هٿ دنيا جا گندا هٿ آهن. اها سوچ سوچيندڙ دنيا جو سڀ کان گندو ذهن آهي ۽ اهو پٿر بي حياء پٿر آهي جنهن پرين جي مغز ۾ لڳي ان کان ان زبان جو رابطو ختم ڪيو جنهن سان هن قاتل کي مهر منجهان سڏ ڪيو هو. ڇا محسوسات هوندي ان نياڻي جي جنهن آخري وقت ۾ وري به ان بابا کي سڏ ڪيو هوندو جنهن جي سيني تي لڳي هوء وڏي ٿي هوندي. ڇا فيلنگس هونديون ان جون جڏهن هن قاتل کي پنهنجي پيار جا واسطا ڏنا هوندا. اکين اکين ۾ هن کي چيو هوندائين “انڌا انهن اکين کي پيو اُجهائين جن تو ڏانهن پيار سان ڏٺو!”
مورک آهي اهو انسان جيڪو ان نياڻيء لاء برو به سوچي، قتل ڪرڻ ته وڏي ڳالهه. غيرت کان وانجهيل آهي اهو جيڪو ان نياڻيء کي قتل ڪري جنهن پنهنجي ماء جو پيار پوئتي ڪري ان کي مهت ڏنو. جنهن پنهنجي پيء جي ڇاتيء کي پوئتي ڌڪو ڏيئي ان کي ڳلي لڳايو. گند جو ٽوڪرو آهي اهو انسان جنهن اهڙي بهادر نياڻيء لاء گندو سوچيو جيڪا زماني جون ريتون رسمون سڀ پوئتي اڇلي اچي ان سان ملي. اڙي گندا انسان! پرين ئي اچي ته دل کي گوشت جي ٽڪر مان دل بڻائيندو آهي. هيء نياڻي ته فائن آرٽ جي شاگردياڻي هئي هن جو ذهن ته ڪيترن انسانن کان سهڻو هوندو تڏهن ته ان هِن شعبي جو انتخاب ڪيو. هن نياڻيء جي ڪوري ۽ صاف ذهن ۾ ته هر سرجندڙ سوچ آرٽ جو شاهڪار هوندي. هيء نياڻي ته سڪل وڻ جا به سور ڄاڻيندڙ هوندي. هن نياڻيء جي اک جي ڏسڻ جو انداز ئي انوکو هوندو. تون آرٽ کي قتل ڪيو آهي! صد حيف هجيئي!
هي ڪو پهريون دفعو ڪونهي اسان جون نياڻيون اهڙن غيرت کان وانجهيل جانور جي مٺين ڳالهين ۾ اچي پنهنجي ماتا پتا جي عزت کي شيهو رسائيندي اچي انهن سان ملن ٿيو جيڪي وري کين جلد ئي پاروٿو گوشت سمجهي قتل ڪري ٿا ڇڏين. هنن ئي ڪالمن ۾ مون سميت هر لکندڙ انهن نياڻين کي وينتيون ڪيون آهن ته اوهان جا ڪچڙا ذهن آهن، جلدي دوکو کائي وڃن ٿا. ان جو واحد حل اهو آهي ته هر نياڻي پنهنجي امڙ کي پنهنجي ساهيڙي سمجهي ان کي پنهنجي دل جو حال ڏي ۽ امڙ به ان جي ساهيڙي بڻجي ان سان اهڙو ورتاء ڪري جو نياڻي امڙ کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي.
هي سماج هاڻي انساني سماج رهيو ئي ڪونهي جو هن تي ڪا ميار جڙي. هاڻي هر ماڻهو پاڻ بقا جي جنگ پاڻ وڙهي. هتي هاڻي ڪنهن جي عزت محفوظ ڪونهي رهي پر عزت، شرم و حيا وارا لفظ اجنبي بڻيل آهن. ناياب نسل وانگر پنهنجا نالا ڇڏي اهي لفظ ڪيڏانهن ويا هليا. هي ڇسو سماج وري پنهنجي بحالي چاهيندي به نه پيو ڪري سگهي. قدم قدم تي وڏيراشاهي پنهنجي آب و تاب سان موجود آهي جيڪا هر شيء کي بي معنى بڻائيندي رهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ جتي اسڪول بگهڙن جي ور چڙهيل آهن، يونيورسٽيون جنوني جانورن جي هٿن ۾ بيوس آهن مدرسا ڪو وقت ٿيو پنهنجي ڪردار سبب اصليت وڃائي ويٺا آهن اتي والدين کي خاص طور نياڻين کي محتاط رهڻو پوندو.
07.10.2022

دادو ضلعي سان ايتري دشمني ڇو!

دادو ضلعي سان ايتري دشمني ڇو!
ڇو ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ هي ضلعو سڀ کان اڳرو هو ان ڪري دادوء کان ان جو انتقام هلندڙ آهي. دادوء ۾ وري خيرپور ناٿن شاه وارو علائقو ٻين سڀني کان اڳرو هو ان ڪري هن شهر تي عذاب مڙوئي سرس آهي. ذراعت جي پاڻي ڦڙي لاء سِڪايل هي علائقو جتي پاڻيء جي کوٽ خلاف مظاهرا ڪندو رهيو، ڪو ان جا سڏ نه ورنائيندو رهيو. ايم پي اي ايم اين اي سڀ پنهنجو پاڻ ڪڍرائيندا رهيا اتي وري ان شهر کي ٻوڙيو ويو. هن علائقي جو ٻڏڻ ڪو نئون ڪم ڪونهي. سن ٻه هزار واري ٻوڏ وقت به هي شهر عتاب هيٺ رهيو. تصور ڪريو ته ڏه سال اڳ تباه ٿيل شهر وري ٻيهر تباه ڪيا وڃن ته اتان جي ماڻهن جون ڪيفيتون ڇا هونديون. جيڪي ماڻهو هر ڏهين پنڌرهين سال پنهنجا ڪک لڙهندا ڏسن، پنهنجي گهر جا سامان لڙهندا پنهنجي اکئين ڏسن. پنهنجا ٻچا وٺي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ڌڪا کائيندا رهن. اهي ڇا سوچيندا هوندا. ڇا “جمهوريت بهترين انتقام آهي” وارو راڳ (جنهن ڏيڻ بجاء ٻار ٻچا به کسيا آهن) انهن کي وندرائي سگهندو!
دادو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ٽياسي ۽ ڇهاسي واري ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ڳنڍيو. هونئن ته سموري سنڌ هن تحريڪ دوران هڪ باه جي شعلي وانگر ڀڙڪي پيئي هئي پر سنڌ جو هي ضلعو ڄڻ ته هن تحريڪ جو اڳواڻ ٿي اڀريو هو. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مالڪن ٻيئي هٿ کڻي مٿي تي رکيا. هو سوچڻ لڳا ته هي ڪير آهن جيڪي مرد ۽ نياڻين جي فرق کان سواء چوڪ چوڪ تي گرفتاريون ڏيئي رهيا آهن. هي ڪير آهن جيڪي گولين جو کاڄ بڻجندي به اڳي کان اڳرا آهن. هي ڪٿان پيا اچن اهي سڀ سوال اهڙا هئا جن اسان جي مالڪن جي مٿي ۾ جيت وڌا.
ٿوري ئي وقت يعني اوڻيويهه سو اٺاسيء ۾ ضيا جي ذري ذري ٿيڻ کان پوء يڪدم اهڙو ماحول جوڙيو ويو جو “سڀ” جمهوريت پسند ٿي پيا. (ضيا جو ذري ذري ٿيڻ اڃان تائين هڪ معمو آهي جيڪو حل ڪونهي ٿيو) ملڪ جي واحد ٽي وي چينل پي ٽي وي تي هلندڙ سڀ پروگرام راتورات جمهوريت پسند ٿي پيا. جيڪو سماج جمهوريت مخالف بيانيو (اٽڪل) قبول ڪري چڪو هو اهو سماج اوچتو “جمهوريت جمهوريت” جو ورد ٻڌي وائڙو ٿي ويو. اها صورتحال پيدا ڪري اقتداري بک ۾ سرسي حاصل ڪيل پيپلز پارٽيء کي اقتدار ڏنو ويو جنهن وري رڪارڊ قائم ڪرڻ جي هٻڇ ۾ سنڌين جي ان “ڪروڌ” کي آهستي آهستي ختم ڪري ڇڏيو جنهن “ڪروڌ” ٽياسي ۽ ڇهاسيء جي تحريڪن کي جنم ڏنو هو. ڪروڌ ختم ٿيڻ کان پوء سنڌين کان ان جو انتقام ورتو پيو وڃي جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ڪونه ٿو وٺي. جنهن جي اڳتي هلي بجاء گهٽ ٿيڻ جي وڌڻ جا امڪان وڌيڪ آهن.
ايم آر ڊيء جي ڏوه ۾ مالڪن پاران ورتو ويندڙ انتقام باه وانگر سنڌ کي ساڙيندو رهي ٿي. هتي هاڻي هر شهر، هر ڳوٺ ڪنهن انسان دشمن وڏيري حوالي ٿيل آهن. ڪو به شهر ڪوبه ڳوٺ ۽ ان جا رهواسي “محفوظ” ڪين آهن هر ماڻهو پنهنجي عزت بچائڻ لاء “پنهنجي وجود جي ويڙه” پيو وڙهي جنهن جي نتيجي ۾ موقعي پرست وڏيرو ٻئي پاسي سنڌ کي لٽيندو رهي ٿو. روڊ رستا هجن، ناليون هجن يا ٻيو “انفرا اسٽرڪچر” هجي پنهنجو وجود ئي نه ٿا رکن. ڄڻ ته ڪو خواب هو. دادو وري انهن سڀني ۾ وڌيڪ ظلم هيٺ آهي. تازو ٿيل بارشن ۾ ئي ڏسو ته هي ضلعو (جيڪو وزيرعلى صاحب جو ضلعو آهي) سموري سنڌ کان وڌيڪ پيو ڀوڳي. دادو ضلعي جا رهواسي عام طور منڇر جا علائقي واسي خاص طور ساه مٺ ۾ ڪري جيئندا رهيا. اڄ ٿو ڪٽ لڳي، اڄ ٿا ٻڏون. هتان ٿو پاڻي اچي هُتان ٿو اچي ان ڪيفيت منجهان هو نڪتا ئي ڪين ته وري هو اڃ پيا مرن. منڇر واسين جون پيئڻ جي پاڻيء لاء دانهون سوشل ميڊيا تي پيون هلن. مليريا جهڙي موضي مرض جو ڦهلجڻ به هتي وڌيڪ آهي ڪنهن دوست سوشل ميڊيا تي لکيو هو ته ڪي علائقا اهڙا به آهن جتي سو سيڪڙو ماڻهن کي مليريا آهي مٿان وري واپارين موقعو غنيمت سمجهندي سڀ دوائون لڪائي ڇڏيون ۽ ڳري منافع سان وڪڻندا رهيا.
دنيا جا گهڻا ملڪ امداد ڏيندا رهيا ڪي ماڻهو پنهنجي کيسي مان به ڏيندا رهيا. اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل به آيو ان به اپيل ڪئي. ڪي ملڪ وري هن سموري قصي کي “جعفر ۽ بگهڙ” واري ڪهاڻي سمجهي اسان جي حڪمرانن تي اعتبار نه ڪندي امداد ڏيڻ کان لنوائيندا رهيا. جتان امداد ملي اها سموري وري نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ نالي هڪ کاتي وٽ جمع ڪئي ويئي جتان “ورهاست” ڪنهن خاص طريقي سان ڪئي وڃي ٿي ٻين لفظن ۾ “مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي”
هن سموري منظر ۾ حڪمران پارٽيء مٿان سڀ کان وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اها پنهنجا ووٽ ڏيئي کين اقتداري ڪرسيء تي پهچائڻ وارن جي مالڪي ڪن. ائين نه ٿئي ته عام ماڻهو اٺاسيء ۾ مليل اقتدار کي شڪ جي نگاه سان ڏسڻ شروع ڪري.
14.10.2022

آمريڪي صدر ڇا پيو فرمائي

آمريڪي صدر ڇا پيو فرمائي
اڳي ائين هياس، جو پنهونء ڌوتم ڪپڙا. پنهونء ايترا ڪپڙا ڪونه ڌوتا هوندا جيترا آمريڪا اسان جا ڪپڙا ڌوتا. ڪجهه ڏينهن اڳ “نيپي بدلائڻ” وارو محاورو گهڻو مشهور ٿيو هو بلڪل آمريڪا بهادر اسان جون نيپيون بدلايون. اڄ اهو آمريڪا چوي پيو ته هي ملڪ خطرناڪ ملڪن منجهان هڪ آهي.
رڳو هي جملو ڪونه بائيڊن جي سموري تقرير وڏي اهم هئي. هن اهو به چيو ته دنيا جي منظرنامي ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن ۽ تمام گهڻا ملڪ پنهنجي اتحادين جي لاء رکندڙ سوچ تي نظرثاني ڪري رهيا آهن. هن مثال ڏيندي چيو ته ڪيوبا جي ميزائيل مسئلي وقت جيڪو روس ڪردار ادا ڪيو ڇا اهڙو ڪردار اهو (روس) هاڻي ڪري سگهي ٿو. ڇا ڪنهن سوچيو هو ته چين ان پوزيشن ۾ اچي سگهي ٿو ته روس، انڊيا، پاڪستان سان پنهنجي تعلقات جو جائزو وٺي ۽ ان کي بدلائڻ لاء سوچي، ڇا اهو ممڪن هو. بي بي سي تي هڪ آرٽيڪل مطابق تازو پاڪستان ۽ آمريڪا پاران تعلقات کي افغانستان ۽ هندستان جي پسمنظر کان هٽي هڪ نئين سڃاڻ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي هئي.
پوئين هفتي اٺيتاليهه صفحن تي ٻڌل هڪ دستاويز ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي خطي ۾ دهشتگرديء جي خطرن جو ذڪر ته ٿيل آهي پر ان ۾ (اڳي جي ابتڙ) پاڪستان جو ذڪر هڪ اتحاديء طور ٿيل ڪونهي. اهڙو ذڪر سال ٻه هزار ايڪيهه واري دستاويز ۾ به ڪونه هو.
بائيڊن اها به ڳالهه ڪئي ته دنيا اسان ڏانهن پيئي ڏسي. ٻيو ته ٺهيو اسان جا دشمن به اسان ڏانهن پيا ڏسن. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت گهڻو ڪجهه داءَ تي لڳل آهي. هن ته ايتري تائين به چيو ته دنيا کي جتي وٺي وڃڻ چاهي آمريڪا وٺي وڃي سگهي ٿو.
ڳالهه بائيڊن جي ڪونهي هينئر جيڪڏهن هيري ٽرومين، آئزنهاور، ڪينيڊي، جانسن هجن ها به ساڳي ئي ٻولي ڳالهائين ها ۽ ان وقت جيڪڏهن بائيڊن هجي ها به جانسن ۽ ٻين واري ٻولي ڳالهائي ها پر اصل ۽ وڏو سوال هي آهي ته “عاشق معشوق” واري ٻولي “عاشق رقيب” واري ٻوليء ۾ ڪيئن بدلي. ان کان به وڏو سوال اهو ته بائيڊن جي اهڙي بيان تي هتان وارا اهڙا بيان “ڪجهه ناهي ڪجهه ناهي” ڇو پيا ڏين. ڳالهه ايتري سادي/سافٽ ڪونهي جيتري عوام کي ٻڌائي پيئي وڃي يا اسان وارا حڪمران هميشهه وانگر هاڻي به ڪوڙ پيا ڳالهائين!
هڪ ٻه ڏينهن اڳ سعودي عرب جي هڪ فيصلي ته هو پنهنجي تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي آڻي پيو به آمريڪا کي چڙائي وڌو جنهن جي جواب ۾ شهزادي سلمان جي سوٽ اهڙو بيان ڏنو جيڪو ٽيوٽر تي وائرل ٿيو. جنهن مطابق هن آمريڪا کي خبردار ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن سعودي عرب جي حڪومت يا ملڪ خلاف ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي ته اسان سڀ جهاد ۽ شهادت لاء تيار آهيون. هي بيان به ايترو “سادو/سافٽ” ڪونهي. سعودي عرب اڳي به ڪيترا ڀيرا پنهنجي پيداوار گهٽائي چڪو آهي پر آمريڪا پاران ان تي ايترو سخت رد عمل ڪونهي آيو. جيئن ته هن وقت پيداور گهٽائڻ جو فائدو روزانو جي بنياد تي پوئتي پوندڙ روسي معيشت کي ملندو ان ڪري روس جي معيشت جي ٻيڙي ٻڏندڙي ڏسڻ جي خواهش رکندڙ آمريڪا اهو نه پيو چاهي.
آمريڪا سچ پچ به هن وقت اهڙيون حرڪتون ڪرڻ يعني دنيا جي ڪنهن به ملڪ کي چيڙائڻ جي پوزيشن ۾ آهي. هو پنهنجي هڪ وڏي ۾ وڏي حريف سوويت يونين کي ٽوڙي چڪو آهي. سوويت يونين قائم ڪندڙ ملڪ روس کي هن وقت اهڙي جنگ ۾ وچڙائي چڪو آهي جنهن منجهان هو سولائيء سان نڪري ڪين سگهندو. چين لاء “ڀڳي هڏ جي سور وانگر” شڪل رکندڙ تائيوان ماچيس جي هڪ تيليء جي مار آهي. جيڪڏهن چين اهڙي قسم جو ڪو قدم کنيو ته ڪوريا ۽ آسٽريليا جيڪي تائيوان سان معاهدن ۾ سلهاڙيا ويا آهن اهي چين سان اهو ڪجهه ڪري سگهن ٿا جيڪو يوڪرين روس سان پيو ڪري. جيئن ته جاپان به چين سان پراڻا پلاند ڪرڻ وارا ارادا رکندڙ آهي تنهنڪري اهو به چين تائيوان جنگ جي پيٽيء م “چندو” وجهي سگهي ٿو. “وڙان” نه ته “هڙان” جاپان هن ۾ ڪُڏندو ضرور.
روس ۽ چين کي ڪٽي باقي دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ ڪونهي (جيڪي آهن ته اهي اڳ ئي آمريڪي درگاه تي مٽيون ڀريندڙ آهن) جيڪو آمريڪا جي راه جو ڪنڊو بڻجي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو هو هاڻي دنيا جي انهن ملڪن جن کان هو “سڀ ڪم” وٺي چڪو (جنهن ۾ سڀ کان مٿاهون نمبر اسان جو هو اسان سندس سڀ ڪم پيڊ سرونٽ طور ڪيا) انهن جي پٺيء تي ڦيريو ويندڙ هٿ هٽائي انهن جي ڳچيء ۾ (هٿ) وجهڻ جي تياري پيو ڪري. اسان جنهن کي “عاشقي معشوقي” سمجهوسين اهو منظر انهن وٽ “ڏهاڙيء” جي مزوري طور سمجهيل هو جنهن لاء هو ادائگيون ڪري چڪا. پگهار به ڏيئي چڪا ته بونس به سو هاڻي پنهون ڪپڙا ڪونه ڌوئيندو هاڻي هو سڀني جا ڪپڙا ڦاڙي سگهي ٿو.
21.10.2022

بيوسيءَ کان بيوسيءَ تائين

بيوسيءَ کان بيوسيءَ تائين
اها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. حڪمرانن پاران اهي رڙيون ڪوڪون پراڻيون آهن ته کين ڪو اختيار ڪونه هو يعني هو وزيراعظم ته هئا پر بيوس هئا، سندن هٿ پير ٻڌل هئا. هڪ پِيٽو (گول دائرو) هو جنهن جي اندر ئي مونکي ڪم ڪرڻو پيو/مون کان ڪم ورتو ويو. اها شڪايت وڌ ۾ وڌ بااختيار سمجهو ويندڙ وزيرعظم ذوالفقار علي ڀٽي به ڪئي. ان جا ڪتاب پڙهڻ کان پوء محسوس ٿئي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ ملڪ جو اڌ کسجي چڪو هو توڙي جو “اصل حڪمران” ان عمل تي عالمي طور تنقيد جي نشاني تي هجڻ ڪري “مايوس/ٻه قدم پوئتي” هئا پر پوء به هر قدم تي اسپيڊ بريڪر لڳايل هئا جنهن سبب ڀٽو صاحب “بيوس” بڻايو ويو.
اها شڪايت ملڪ جي ٺهڻ کان هر حڪمران کي رهندي آئي پر انهن اها ڳالهه کليل نموني ڪونه ڪئي ڳجهه ڳوه ۾ ڳالهائيندا رهيا. اها شڪايت هنن حڪمرانن کي ڪونه رهي يعني ايوب خان، يحيى خان، ضيا ۽ مشرف. انهن اقتدار ۾ رهندي يا ان کان پوء ڪڏهن به اهڙي شڪايت (سڌي اڻ سڌي) ڪونه ڪئي. هنن همراهن اهڙي شڪايت ڇو ڪونه ڪئي اهو هڪ وڏو يعني زمين آسمان جيترو سوال آهي جنهن تي غور ڪرڻ تمام ضروري آهي.
ذوالفقار علي ڀٽي جي ڌيء جڏهن اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ “ڪامياب” ٿي تڏهن ان جا ٻيئي ڀائر اهڙي قسم جي ڪرسي وٺڻ جي حق ۾ ڪونه هئا. جيئن ته اهي پنهنجي بابا جي ويجهو رهي چڪا هئا ۽ انهن ڀٽي صاحب جي اقتداري بيوسي پنهنجي اکئين ڏٺي ۽ ڪنئين ٻڌي هئي. انهن اقتدار کان پوء ان جي بيوسي جي وڏي ۾ وڏي شڪل يعني “محرومي/مايوسي” به ڏٺي هئي تنهنڪري انهن جو چوڻ هو ته اختيارن کان سواء ڪرسي وٺڻ خودڪشي ڪرڻ برابر آهي. ڀٽي صاحب جي اقتداري ويجهڙائپ ته بينظير صاحبه به ڏٺي هئي پر ان “اهڙين” ڳالهين کي اهميت ڪونه ڏني.
بيوسيء جي شڪايت نوازشريف به ڪئي هڪ دفعو ڪرسيء تان بيدخليء وقت ٿورو آهستي ٻيو دفعو ٿورو وڌيڪ آواز ۾ ٽيون دفعو اڃان وڏي آواز ۾. اهو آواز وڌندو ويو ۽ “مجهي ڪيون نڪالا” تائين پهتو.
تازو آواز عمران خان عرف انوکا لاڏلا عرف سليڪٽيڊ جي واتان آيو آهي جيڪو پڻ وڏي آواز ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. هي ساڳيو ئي عمران خان آهي جيڪو وڏي آواز ۾ چوندو هو ته اسان سڀ “هڪ صفحي” تي آهيون ۽ ان هڪ صفحي تي فخر آهي. اڄ جون سندس ڳالهيون ٻڌي لڳي ٿو ته سندس مٿيون دعوائون “وڏي غلط فهمي” سبب هيون جيڪا ڳالهه ان وقت جي صحافين ۽ ٻين وڏي واڪ ڪيون ته ڳالهه ائين ڪونهي جيئن لاڏلو سمجهي ٿو.
هتي ڪيترائي سوال اڀرن ٿا جن جي شروعات عمران خان کان ئي ٿا ڪريون. مثالطور جيڪڏهن اهو ڦاٽي پيل “هڪ صفحو” وري جڙي پوي ته ڇا هي همراه اهڙيون شڪايتون ڪندو ته مان بيوس هوس يا آهيان. ملڪي تاريخ ان جو جواب نه ۾ ڏي ٿي. جيڪڏهن اهو صفحو جڙي پوي ته هي وري چاڪيء جو ڏاند بڻجي ائين ئي ڪم ڪندو جيئن اڳي وارا ڪندو رهيو هو. اهو سڀ انهن سان به لاڳو ڪجي جيڪي هن کان اڳ ويا (۽ هن وقت ويٺا آهن...۽ اهي جيڪي سڀاڻي ايندا. لڙڪپن کيل ۾ کويا، جواني نيند ڀر سويا، بڙهاپا ديک ڪر رويا وهي قصه پرانا هي. سڀني سان ساڳيو ٿيڻو آهي پر اهي هن ٻر مان بار بار ڏگجڻ باوجود وري ڏنگجڻ لاء تيار آهن) ته پوء سندن اقتدار ۾ رهڻ وقت اهڙي شڪايت ڪرڻ نه ڪرڻ جو مطلب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. ڇا ممڪنه اقتدار (ان جو هجڻ ۽ کسجڻ) ئي اصل هدف رهيو آهي اهڙي “وڏن انسان دوست” “عوام عوام” ڪندڙن جو. يعني اقتدار ۾ هججي ته سڀ خير ان مان تڙي ڪڍيو وڃي ته هاء گهوڙا. پوء اهڙي هاء گهوڙا عوام ڇو ورنائي اهو به هڪ سوال آهي جنهن تي به غور ٿيڻ گهرجي.
اهو هڪ صفحو جوڙڻ لاء جتن ڪرڻ ڪهڙي جمهوريت دوستي آهي جيڪا تسبيح حڪمران پڙهندا رهيا آهن. هن جاء تي هڪ سوال جيڪو اندر کي جهنجهوڙي ٿو ته ڇا هڪ صفحي تي اچڻ لاء مٿيان مذڪوره سياستدان مڇي وانگر تڙپن ٿا، منٿون ڪن ٿا، پنهنجي عزت انا داء تي لڳائين ٿا يا اهي جن تي بيوسي جا الزام لڳن ٿا. ان کان هڪ قدم اڳتي اهو ته اقتدار حاصل ڪرڻ لاء جيڪي هڪ صفحي تي اچڻ لاء ميڙ منٿ قافلا وٺي “منزل” تي پهچن ٿا اتي اهي سڀ ڪجهه “سرينڊر” ڪري پوء کين “ها” ۾ جواب ملي ٿو ته پوء هي منشور ۽ تقريرون (رڙيون) جن منجهان لڳندو آهي ته اهي عوام لاء ننڊون حرام ڪندڙ آهن، عوام کان سواء ماني ڪونه پيا کائين سڀ ڪوڙ ۽ مڪر آهي. اقتدار ۾ اچي مهانگائي جا طوفان نئين سر آڻڻ ۽ وري جڏهن ڪرسيء تان بي آبرو ڪري لاٿو وڃڻ وارا منظر جڙن ته عوام کي انهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ان باوجود ته اهي وري “سڀاڻي پرينهن سدا لاء” انهن جا ئي هئا/آهن/رهندا!
28.10.2022

حزب اختلاف ۾ ويٺل “وزيراعظم”

حزب اختلاف ۾ ويٺل “وزيراعظم”
شايد ملڪي تاريخ جو هي پهريون وزيراعظم آهي جيڪو پاڻ کي حزب اختلاف ۾ ويٺل ٿو سمجهي. ٻه هزار اٺارنهن جي اليڪشن ۾کٽرايو ويندڙ هي صاحب اڃان تائين سمجهي پيو ته هو ڪنٽينر تي بيٺل آهي، جوشيلي ڪارڪنن اڳيان تقرير پيو ڪري ته هو اقتدار ۾ اچي مخالف ڌر کي جيل ۾ وجهندو، وزيراعظم هائوس جون مينهون وڪڻي ڇڏيندو، گاڏيون وڪڻي ڇڏيندو هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو ۽ ڪارڪن وري جوش ۾ اچي تاڙيون پيا وڄائين، نعرا پيا هڻن. جيڪو همراه ساڍا ٽي سال واري دور ۾ مهانگائي ۽ بازاري ٻولي واري سياست کان سواء ڪجهه ڪونه ڏيئي سگهيو آهي اهو اڃان پيو چوي ته فلاڻو منهنجي بندوق جي نشاني تي آهي فلاڻي سان مان ڇا ڪندس اهو ان کي اندازو ئي ڪونهي وغيره.
کيس خبر هجڻ گهرجي ته هو ساڍن ٽن سالن کان ملڪ جو وزيراعظم آهي ان دوران هو ڪيترن کي جيل ۾ به وجهي چڪو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ سندس خلاف بي اعتماديء جي رٿ جمع ڪرائي ويئي آهي جنهن کي ناڪام بڻائڻ لاء هو ڊوڙون پائي رهيو آهي. انهن سڀني ڏانهن وڃي رهيو آهي جن کي سبز باغ ڏيکاري اتحادي بڻايو ويو هو اها ٻي ڳالهه ته اهي باغ سبز بجاء وڌيڪ پيلا ٿيا. ٻين لفظن ۾ کيس خبر هجڻ گهرجي ته وزيراعظم ۽ حزب اختلاف ۾ ويٺل جي ٻولي جداري هوندي آهي پر بي اعتمادي رٿ کان پوء هن پنجاب جي ضلعي وهاڙيءَ ۾ جلسي ۽ گورنر هائوس سنڌ ۾ جيڪو ڳالهايو آهي ان ۾ ڪيل لفظن جي چونڊ ڪنهن به طور وزيراعظم کي زيب ڪونه ٿي ڏئي.
رڳو وزيراعظم ڪونه سندس سڀ ساٿاري اها ئي ٻولي ڳالهائيندڙ آهن ۽ ان ٽيم لاء ئي سوشل ميڊيا تي “گالي برگيڊ” نالو استعمال ٿيندڙ آهي. اها ڳالهه سمجهه کان بالاتر آهيته اسان جي ملڪ ۾ ڪرسيء تي ويهڻ کان پوء سڀ ئي سو سيڪڙو بدلجي ڇو ويندا آهن. انهن کي اسٽيبلشمينٽ جي “قرب ڪچهري” تي ايترو يقين ڪيئن ٿي پوندو آهي جڏهن ته هڪ تلخ تاريخ انهن جي اڳيان هوندي آهي. ان جي ٽيڪ تي ٺهندڙ هي ڪلچر اسان جهڙي ملڪ لاء تمام گهڻو نقصان ڏيندڙ آهي خاص ڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن دنيا جو ڪو هڪ ملڪ به اسان جو دوست ڪونهي. آمريڪا جيڪو پهرئين ڏينهن کان امداد جو مکيه حصو ڏيندو رهيو آهي، جتان اربين روپيا آيا ۽ هضم ڪيا ويا، يورپي ملڪ جيڪي امداد لاء ٺهندڙ ڪنسورشيم جو حصو رهندا آيا آهن اهي سڀ هن ملڪ کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ وارين ڪوششن ۾ رڌل آهن. هن صورت حال ۾ اندورني جهيڙا ڪهڙا نتيجا ڏيندا اهو اندازو حڪمران ٽولي کي ڪونهي جن غربت کي رڳو پنهنجي ايڪڙن ۾ ٺهيل بنگلن جي دريء مان ڏٺو آهي. هن صورتحال ۾ ڀڀڪيون ڏيڻ ۽ اهڙو ماحول ٺاهڻ ڪهڙي عقلمندي چئبي. ڪالهه واري بلاول ڀٽي صاحب پاران ڪيل پريس ڪانفرنس جيڪا وزيراعظم جي ڳالهايل ٻوليء جو جواب هئي ۽ پوء جيڪڏهن سڀ اهڙي ٻولي ڳالهائين ته ڇا ٿيندو. ڇا حڪومت چاهي ٿي ته ملڪ ۾ گهرو ويڙه شروع ٿئي جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڇا ٿيندو. گذريل رات ان فلم جو هڪ ٽيلر به هلرايو ويو جنهن موجب پارليامينٽ لاجز ۾ پوليس داخل ٿي ڪجهه ايم اين اي صاحبان ۽ ڪارڪن گرفتار ٿيا جنهن جي ڪجهه ئي منٽن بعد پارٽي اڳواڻ ملڪ جا روڊ رستا بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي بس حڪم جي دير هئي لمحا به نه گذريا ته سڀ روڊ رستا بند ٿي ويا سموري ڳالهه ڪرڻ جو مطلب ته هاڻي روڊ رستا بند ڪرڻ ۾ دير به ڪونهي ۽ ان کي هڪ هٿيار طور استعمال به ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي حڪومتي وزير پنهنجي ڪارڪنن کي ڊي چوڪ تي پهچڻ جي اپيل پيا ڪن جتي سندن چواڻيء ملڪي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو جلسو ڪيو ويندو. ملڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اتي “اتفاقي” طور ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جنهن کان پوء حالتون سڀني جي هٿن مان نڪري وينديون. ٿورن لفظن ۾ اهو ته ملڪ هڪ سئي پن جي چوٽيء تي بيٺل آهي يا ملڪ پلال جي اها ٻنڊ بڻجي چڪو آهي جنهن کي سگريٽ دکائي اڇلايل تيلي به رک ڪري سگهي ٿي.
هن وقت ملڪي ڪاروهنوار رڪيل آهي ان کي پريشر بريڪ لڳل آهي دنيا جي ڪنهن ملڪ سان ڪو رشتو بچيو ئي ڪونهي ان صورتحال ۾ اندروني ڪم به ٺپ هجن ته معيشت جيڪا اڳ ۾ ئي سو سالن جي ٻڍڙي انسان جيان پيئي پيرڙا کڻي ان جو ڇا ٿيندو. جيڪڏهن آمريڪا ۽ يورپي ملڪ به ڪو اهڙو قدم کڻن ته پوء سماج جي شڪل ڪهڙي بيهندي. ايران، اتر ڪوريا، روس وغيره ته پوء به پنهنجي ملڪ کي هلائي ويا ۽ هلائي سگهن ٿا هن ملڪ جو ڇا ٿيندو. روس ته اسٽالن گراڊ ۽ لينن گراڊ شهرن تي ٿيل سالن جي گهيري ۾ به پنهنجو وجود بچائيندڙ ثابت ٿيو، ماڻهو بک ڪاٽي به وڙهندا رهيا اهڙي قسم جو ڪو تجربو به هتي ڪونهي.
11.03.2022

فيصل واڍا کي سزا ايتري ننڍي ڇو

فيصل واڍا کي سزا ايتري ننڍي ڇو
سينيٽر فيصل حيات واڍو تاحيات نااهل، ٻن مهينن ۾ سموريون مراعتون ۽ پگهارون واپس ڪرڻ جو حڪم. سائين جن هن کان اڳ قومي اسمبليء جا ميمبر به رهيا، وزير به رهيا. ٻاويهه مهينا شنوائي ٿي ۽ سائين جن نااهل ٿي چڪا. تحريڪ انصاف (جيڪا ڪڏهن انصاف جي ڳالهه عملي طور ڪونه ڪندي رهي آهي خاص ڪري ننڍن صوبن سان سندس ورتاء ڪنهن ازلي دشمني کان گهٽ ڪونهي) کي حڪومت ملڻ وارن شروعاتي ڏينهن ۾ هي سڀ کان گهڻو ڳالهائيندو هو ۽ سنڌ کي پاڻي جي ڦڙي لاء سڪائڻ جون ڳالهيون پڻ ڪندو هو. هونئن به گهڻائي وزير وڙا پنهنجي حڪمرانيء جي شروعات ڪالاباغ ڊيم سان ئي ڪندا آهن يعني سنڌ کي سبق سيکارڻ سان. ٻيا ته پري پر بينظير به پنهنجي شروعات ڪالاباغ سان ڪئي ۽ ان لاء بجيٽ ۾ رقم به رکي. ان جو ڪهڙو سبب آهي ڇا اهي ڪنهن جاء تي (انٽرويو وقت) ايتريون ڊاڙون هڻي اچن ٿا جنهن جي پوروائي لاء سمورو وقت ڪوڙ ڳالهائيندا رهن ٿا.
سائين واڍا صاحب جن تي الزام آهي ته هن ڪوڙو بيان حلفي جمع ڪرايو هو. حلفي بيان ۾ الله کي حاضر ناظر ڄاڻي اهو اقرار ڪيل هوندو آهي ته هن جيڪو ڪجهه فارم ۾ لکيو آهي يعني جيڪي ڪجهه تفصيل ڏنا آهن اهي سچا آهن. جيڪڏهن هن تي اهو ثابت ٿيو آهي ته هن الله جي نالي جو قسم کڻي ڪوڙ ڳالهايو آهي ته پوء سزا ايتري ننڍي ڇو؟ ڪوڙ ته هر جرم جي جڙ آهي ۽ اهو به الله جو نالو کڻي ڳالهائڻ ان کان پوء رياست مدينه ٺاهڻ جا ذڪر ڪرڻ جي سزا ايتري ننڍي نه هجڻ گهرجي. اسان جي ملڪ ۾ پنڌرنهن پيسا چوري ثابت ٿيڻ تي ان کي نه رڳو نوڪريء مان برطرف ڪيو ويو آهي پر ان کي قيد جي سزا به ملي آهي ته پوء هن لاء اهڙو قانون ڇو. يعني رڳو مراعتون واپس ڇو. اقتداري مزا انهن ڏينهن ۾ هن جا ڪيل سمورا ڪم انڊو (واپس) ٿيڻ گهرجن.
جيڪڏهن منهنجو حافظو صحيح ڪم ڪري ٿو ته پوء مون کي اهو به ياد آهي ته سائين جن ئي هئا جيڪي هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ هڪ وڏي بوٽ جو پادر کڻي شريڪ ٿيا هئا جنهن مان ڪيترائي شبها ظاهر ڪيا ويا سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن اهي به انومان ظاهر ڪيا ته سائين پنهنجي وابستگي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ڇا هن سان رعايت ان وابستگي جي بنياد تي ٿي آهي.
هڪ ڳالهه جو ڏک ضرور ٿيو ته نااهلي ڪيس جو فيصلو هڪ ڏينهن اڳ آيو نه ته وزير اعظم صاحب پنهنجي وزيرن کي “ڪامياب وزارت” هلائڻ تي جيڪي ايوارڊ ڏنا آهن انهن ۾ هن نااهل جو نالو به هجي ها ڇو ته هي “ويجهو” رهندڙ آهي.
وزيراعظم صاحب ڏه وزيرن کي سندن بهترين ڪارڪردگيء جي بنياد تي هن وقت جيڪي انعام ڏنا آهن اهو عمل گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ لاء ڪافي آهي. پرڏيهي وزير، فواد چوڌري ۽ شوڪت ترين صاحب جن هن ايوارڊ کان محروم ٿيا جنهن لاء پڻ سوشل ميڊيا تي وڏيون ڳالهيون پيون هلن. ڇا پرڏيهي وزير خاص طور هن ۾ نشانو بڻايو ويو آهي ڇوته ڳالهيون اهي به ٻڌيون پيون وڃن ته ڪجهه وزير/مشير/ميمبر جلد ئي ڪنهن ٻي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ وارا آهن. ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو ته جيڪڏهن واڍا صاحب نااهل نه ٿئي ها ته جيڪر انعام ماڻي ها ته ڇا اهو چئي سگهجي ٿو ته ملڪي حڪمرانن مان گهڻا ڪوڙا حلف نامه جمع ڪرائيندڙ ئي رهيا آهن. جيڪڏهن ملڪ جي حالت زار کي ڏسجي ته پوء ان ڳالهه کي سمجهي سگهجي ٿو ته اهو ئي وڏو سچ آهي. اڄ ملڪ جو نه ته ڪو دوست دنيا ۾ بچو آهي نه ته داخلي طور تي ڪا قوم هن رياست جي ڪنهن بيانئي سان متفق آهي. ڪو ملڪ اهڙو ڪونهي جنهن لاء چئي سگهجي ته اهو اسان جو دوست ملڪ آهي.
هڪ سوال جيڪو هتي وڌيڪ اڀري اچي ٿو ته وزيراعظم صاحب هن وقت ايوارڊ ڏنا آهن تنهنجو ڇا مطلب آهي. ملڪي ڪارڪردگي اهڙي آهي جو دنيا ۾ جنهن نمبر (خراب ڪارڪردگي واري حساب ۾) تي هو هاڻي ان کان به ٻه چار قدم پوئتي آهي ته پوء هن ملڪ کي ڪنهن اڳي کان به ٻه قدم پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ڇا ان ۾ وزيرن جو ڪو ڪردار ڪونهي. ٻيو ته ساڳي وقت ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڇا پيو ٻڌائي ائين ته ڪونهي جو وزيراعظم صاحب مٿان ڪا تلوار لڙڪي رهي آهي جنهن تان توجهه هٽائڻ لاء هي سڀ ڊراما پيا ٿين. ڇا هي همراه به آخري ڇڙهيون پيو هڻي ۽ عوام ۾ پنهنجو هڪ تاثر ڇڏڻ چاهي ٿو ته جيئن هن جي وڃڻ کان پوء هرڪو چوي ته ڏکيا ڏينهن پورا ٿي چڪا هئا وزيراعظم صاحب عوامي ڀلائي شروع ڪئي ۽ کيس وزارت تان هٽايو ويو ڇو ته ملڪي تاريخ اهو ئي منظر رکندڙ آهي.
11.02.2022

گولي سدائين پيرن ۾ ڪين لڳندي!

گولي سدائين پيرن ۾ ڪين لڳندي!
لانگ مارچ جو ستون ڏينهن هو قافلو وزيرآباد پهتل آهي. عمران خان ڪنٽينر تي موجود آهي اوچتو فائرنگ جا آواز اچن ٿا. هڪ ڪارڪن فوت ٿي وڃي ٿو ڪجهه اڳواڻن کي پيرن ۾ گوليون لڳن ٿيون. ڪپتان کي به پير ۾ ئي گولي لڳي ٿي. افراتفريء جو عالم آهي. فوت ٿيل ڪارڪن کي کڻڻ لاء ڪو تيار ڪونهي سڀئي قاتل جي ڪڍ آهن. زخمي ڪارڪنن ۽ ليڊرن کي لوڪل اسپتالن ۾ جڏهن ته عمران خان کي لاهور آندو ويو جتي سندس علاج جاري آهي. ڊاڪٽرن ٻڌايو آهي ته سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.
جيڪو پڪڙيو ويو آهي ان لاء متضاد ڳالهيون پيون هلن ته هي ساڳيو ئي حملو ڪندڙ آهي يا ڪو ٻيو. پڪڙيل اقبالي بيان ڏنو آهي ته عمران خان ماڻهن کي گمراه ڪري رهيو هو. آذان جي وقت ڊيڪ تي گوڙ (وڏو آواز) مون کي سٺو ڪين لڳو ان ڪري مون هن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. (ملڪي تاريخ اهو به ٻڌائيندڙ آهي ته “اهڙن” موقعن تي “اهڙا” بيان ڏيئي “اهڙن عملن” کي “اهڙا” رنگ ڏنا ويندا آهن ۽ پويان انتظار ۾ ويهاريل غازي سڏ ورنائيندي اچي روڊ رستا بند ڪندا آهن ۽ قاتل/قتل جو ارادو ڪندڙ نعرا هڻي “باعزت” بري ڪرايو ويندو آهي.
ست ڏينهن اڳ لانگ مارچ لاهور کان شروع ٿي لاهور ۾ ئي ڦرندو رهيو. هي شايد پهريون لانگ مارچ آهي جنهن ۾ ليڊر واپس اچي ننڊ پنهنجي گهر ڪندو هجي. پي ٽي آءِ وارن پهريائين اعلان ڪيو ته ٽي- چار نومبر تي اسلام آباد پهچنداسين پوء اها تاريخ وڃي ڏه يارنهن نومبر تائين پهتي آهي. پهرئين ڏينهن لبرٽي چوڪ کان نڪتل لانگ مارچ داتا درٻار تي پهتو ڪپتان لاهور واري گهر زمان پارڪ وڃي رات گذاري. ٻئي ڏينهن لانگ مارچ شاهدره لاهور کان شروع ٿي ڪجهه ڪلاڪن اندر ختم ٿيو ڪپتان وري رات گذارڻ لاء پنهنجي رهائش زمان پارڪ موٽي آيو. اها سست روي ڪهڙي سبب آهي ان لاء عام طور تي تاثر اهو آهي ته ماڻهو ايترا ڪونه آهن جيترا پي ٽي آء دعوى ڪندي رهي آهي جڏهن ته پي ٽي آء رهنما چون ٿا ته سست روي جو سبب ماڻهن جي گهڻائي آهي. تجزيه نگار وري ڳالهه ئي ٻي پيا ڪن ته آرمي چيف جي مقرري اصل هدف آهي ۽ جنهن جي مقرري وقت لانگ مارچ جو پهچڻ اصل هدف آهي جيئن حڪومت تي دٻاء وجهي سگهجي.
ٻئي پاسي حڪومت وارا به ننڊ ۾ ڪين آهن انهن جي نمائندن ته ٽي وي ٽاڪس ۾ صاف لفظن ۾ چيو آهي ته لانگ مارچ اسلام آباد پهچندو ئي ڪين. ته پوء اهو آخر ڪيڏانهن ويندو جنهن لاء قياس آرايون هيون ته اهڙو ماحول ٺاهيو ويندو ۽ “فيس سيونگ” جو رستو ڏيئي عمران خان کي ائين ئي خالي هٿين واپس موٽايو ويندو جيئن مولانا فضل الرحمان کي واپس موٽايو ويو هو. اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندڙ پڻ آهي جنهن لاء ڪپتان جو هي بيان “چونڊن جو اعلان نه ٿيو ته تحريڪ ڏه مهينا جاري رهندي، اسلام آباد پهچڻ کان پوء به تحريڪ ختم ڪين ٿيندي” گهڻو ڪجهه سمجهائي ٿو ته لانگ مارچ ڪو “فيصلو ڪندڙ” ڪين هوندو. يعني هاڻي کان ئي ڳالهه کي ٿڌو ڪيو پيو وڃي. ڪي وري اڃان نرالي ڳالهه پيا ڪن. اهي چون ٿا ته ڪپتان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ “بيڪ ڊور” ڳالهيون پيون هلن جنهن جي گواهيء طور تازي ٿيل پريس ڪانفرنس جو حوالو ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ اها ڳالهه دعوى سان ڪئي ويئي هئي ته “رات جو اسان سان رابطا ڪيا وڃن ٿا ڏينهن جو اسان کي بروڀلو ڪوٺيو وڃي ٿو”
مٿيون سڀ ڳالهيون ڪونه ٿيون انهن بجاء اوچتو حملو ٿيو جنهن سبب قافلو سچ پچ اسلام آباد ڪين پهتو. ته ڇا پير ۾ لڳل گولي اصل ۾ پيغام آهي ته قافلو اسلام آباد نه پهچڻ گهرجي. ها! ملڪي تاريخ ٻڌائي ٿي ته بندوق جي نالي ايتري ڊگهي ٿيل آهي جو اها ڪنهن به شهر جي، ڪنهن به روڊ تي، ڪنهن به گهر، جي ڪنهن به ڪنڊ تائين پهچي سگهي ٿي. اها بندوق جي نالي پاڻ منجهان هڪ گولي ڪڍي سيني ۾ به ٽپائي سگهي ٿي، دماغ ۾ گهڙي سگهي ٿي ته پيرن ۾ به لڳي سگهي ٿي. ان شخص کي مارڻو آهي يا زخمي ڪرڻو آهي اهو گوليء مٿان اڳ ۾ ئي لکيل هوندو. گولي پنهنجي بندوق مان نڪرڻ کان پوء به حڪم جي ٻانهي هوندي. هن کي حڪم جيڪڏهن سيني جو آهي، دماغ جو آهي ته اها سيني، دماغ کي پروڻ ڪري ان کي زخمي ڪرڻ بنا هِن دنيا مان سڌو هُن دنيا ۾ موڪلي ڇڏيندي. اسان جي ملڪي تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته بندوق مان نڪتل گولي ڳالهائيندي به آهي. اها گولي دماغ ۽ سيني بجاء پيرن ۾ لڳي پيغام به ڏيندي آهي ته “قافلو اسلام آباد تڏهن پهچندو جڏهن اسلام آباد جا روڊ رستا چاهيندا”
ڏٺو وڃي ته پوئين سال جي جون مهيني کان وٺي هو ڦڏو هلندڙ آهي جنهن جي لاء ئي عدم اعتماد جي رٿا آئي. رٿا تي حڪمت عمليون اهڙيون ٺهيون جو کل اچي. ڪپتان هڪ جلسي ۾ خط هوا ۾ لهرائي چيو، آمريڪا مون خلاف سازش پيو ڪري. اسمبليء ۾ تقريرون ايتريون ته ڊگهيون ڪيون ويون جو انهن جو ڪو منهن نه سر. رڳو لفاظي ئي لفاظي. اسمبليء جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي “اختيارن جو استعمال” ڀرپور نموني سان ڪيو. آخرڪار جڏهن رات جو عدالت کلي ۽ قيدين واري گاڏي آئي تڏهن وڃي ڪپتان پنهنجي ڪرسي خالي ڪئي. هاڻي وري پير ۾ لڳل گولي کيس سمجهائي رهي آهي ته گولي سدائين پير ۾ ڪين لڳندي آهي.
04.11.2022

انگ اکر قيامت جو ڏيک پيا ڏين

انگ اکر قيامت جو ڏيک پيا ڏين
بي بي سي جي هڪ خبر موجب گذريل ٻارنهن مهينن دوران ايپل، نيٽ فليڪس، ايمازون، ميٽا (فيس بوڪ جي مالڪ ڪمپني) مائڪروسافٽ، الفابيٽ (گوگل) سميت هن قسم جي صنعت جي وڏين ڪمپنين کي آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٽي ٽرلين (ٽيهه کرب) ڊالرن جو نقصان ٿيو.
ايمازون اعلان ڪيو آهي ته اها سموري دنيا ۾ ڦهليل پنهنجي عملي منجهان هڪ لک ڇٽيهه هزار ماڻهو فارغ ڪرڻ لاء سوچي پيئي. ميٽا ۽ ٽئيٽر ڪمپنين اٺيتاليهه هزار (سڌا ملازم) ڪڍي ڇڏيا آهن. جڏهن ته ٻيا به ان نقش قدم تي هلڻ لاء ويٺا سوچين.
انگن اکرن جي دنيا وڏي ظالم هوندي آهي بظاهر ڪي انگ اکر ايڏا وڏا نظر ڪين ايندا آهن اسين مٿان مٿان پڙهي وساري ڇڏيندا آهيون پر غور ڪرڻ سان اهي ساڳيا انگ اکر قيامت خيز لڳندا آهن. اچو مٿين انگن اکرن جو جائزو وٺون؛
پهريائين ڏسون ته ٽي ٽرلين (ٽيهه کرب) ڊالر ڪيترا ٿيندا آهن. اسان جي ملڪ جي ٽوٽل سالياني بجيٽ (2022) ستيتاليهه ارب (47 ) آهي. جيڪڏهن ٽيهه کرب ڊالرن کي ستيتاليهه اربن سان ونڊ ڪجي ته جواب ايندو ٽيهٺ ڏهائي ٻياسي يعني جيڪڏهن اسان جي ملڪ جون اٽڪل چوهٺ سالن جون بجيٽون ڳنڍجن ته ايتري رقم بيهندي جيترو انهن مٿين ڪمپنين کي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ سال اندر نقصان ٿيو آهي. ٿلهي ليکي هي ملڪ چوهٺ سال ان رقم مان هلي سگهي ٿو بنا ڪنهن ڪمائڻ جي. آهي نه تعجب کان به وڏي ڳالهه!
اڃان هڪ ليکو ٻيو ڪريو ته سموري دنيا جي غريب ملڪن جي بجيٽ (ٿوري گهڻي فرق سان ايتري ئي هوندي آهي جيتري اسان جي ملڪ جي) ملائي مٿئين نقصان وارا انگ اکر برابر بيهندا ٻين لفظن ۾ دنيا جا سڀ غريب ملڪ هڪ سال ۾ ايتري طاقت نه ٿا رکن جيتري مٿين ڪمپنين جي اسٽاڪ مارڪيٽ واري نقصان جي ٿئي ٿي.
هڪ ضروري وضاحت اها ته مٿيان انگ اکر سال دوران اسٽاڪ ايڪسچيج مان ٿيل نقصان جا آهن جيڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جا ٿيا هوندا يعني انهن ڪمپنين کي ان جو ڪجهه سيڪڙو فرق پوندو انهن ڪمپنين جي ڪاروبار تي. سڌو نقصان انهن جو ناهي هي سڀ ڪمپنيون کربين ڊالر ساليانو ڪمائينديون آهن. اهو منافعو پنهنجي جاء تي برقرار آهي. ان کان هڪ وک اڳتي هلو ته سوال پيدا ٿئي ٿو ته جن جو اسٽاڪ مارڪيٽ جو نقصان ايترو آهي ته انهن ڪمپنين جي سموري ورٿ (سيڙپڪاري، ملڪيت) ڪيتري هوندي. (ان سان وابسته ٻي ڳالهه ته اسان جي ملڪ جي اسٽاڪ مارڪيٽ جو ٽوٽل ويليو ٻاونجاه (52) ارب ڊالر آهي. ان مان اندازو لڳايو ته اسان ۽ انهن جو مقابلو ڪيترو آهي)
اڃان هڪ قدم اڳتي جو سوال ته اها ايتري وڏي ورٿ (سيڙپڪاري/ملڪيت) انهن وٽ ڪٿان آئي جواب آهي ته سموري دنيا مان روزانو جي بنياد تي پنجاه سو روپين جو پيڪيج جيڪو اسان روزانو/هفتي/مهيني ڪرائيندا آهيون هي سڀ پيسا اتان جمع ٿيا آهن. ڪي ڪمپنيون وري سامان وڪڻي (آن لائين) به ڪمائينديون آهن. اها ڳالهه اڳ به ڪئي هئي ته دنيا جي سموري دولت ڪنهن نه ڪنهن طور سرمائيدار دنيا (خاص طور آمريڪا) ۾ بلڪل ائين پهچي ٿي جيئن مينهن جو پاڻي جيڪو ڇت جي ڪنهن به ڪنڊ تي ڪرندڙ هجي پر ايندو نيساري ۾. حوالي طور هڪ ٻي ڳالهه ته ڪجهه وقت اڳ ايراني صدر هڪ بيان ڏنو هو ته ڊالر سموري دنيا مان ڪمائي رات جو ننڊ وڃي آمريڪا ۾ ڪندو آهي)
هاڻي وري پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ذات جي اقتصادي صورتحال يعني ورٿ ڏسو ته اسان جو ملڪ جيڪو وسيلن سان مالامال آهي اهو چوهٺ سال جي پنڌ تي آهي جتي هو اڄ بيٺا آهن (حقيقت ۾ اهو پنڌ هڪ هزار چوهٺ سالن جي پنڌ برابر آهي ڇو ته اسٽاڪ مارڪيٽ جو نقصان انهن جو ڪونهي. انهن جو منافعو کربن ڊالرن ۾ ائين جو ائين برقرار آهي)
اسان جي ملڪ جي اقتصادي صورتحال اها آهي ته پيسن جي جهول ڀري وڃجي ٿي ڪنهن به خريداريء لاء. (جيڪڏهن اوهان هڪ روپئي وارا نوٽ کڻي وڃو ته هزار، ٻه هزار، پنج هزار روپين مان جهول ئي ڀربي). مارڪيٽون تباه برباد ٿي چڪيون آهن. ماڻهن جي قوت خريد جو حال اهو آهي ته عام ماڻهو پنهنجي کاڌ خوراڪ جي ڪوالٽي وڃي ٿو گهٽائيندو، جنهن ڪري سندن صحت وڃي پيئي ڏينهون ڏينهن ڪرندي. ان ڳالهه جي تصديق اوهان مارڪيٽ ۾ موجود شين جي ڪوالٽي ڏسي ڪري سگهو ٿا ڇوته مارڪيٽ ۾ اهي ئي شيون موجود هونديون آهن جيڪي گراهڪ خريد ڪندو آهي. وري ڊاڪٽرن وٽ/اسپتالن ۾ رش ڏسو ۽ صحت جو اندازو لڳايو.
ملڪ جي لاء وري اهڙيون ڳالهيون/افواه گرم آهن ته اقتصادي ڊفالٽ جو خطرو وري وڌي ويو آهي. هونئن ته هر ڇهين مهيني اهي ڳالهيون هلنديون آهن پر ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه صداقت ضرور هوندي آهي. بهرحال ملڪ ڊيفالٽ ڪري نه ڪري ملڪي عوام ڊفالٽ ڪري چڪو آهي.
اهڙي ئي حالت هئي دنيا جي جڏهن پهرئين ۽ ٻي عالمي جنگ جو آغاز ٿيو هو. سموري دنيا ۾ دولت جي ورهاست جو توازن اهڙو ئي هو جهڙو اڄ آهي. سموري دنيا محرومين جو ائين ئي شڪار هئي جيئن اڄ آهي.
25.11.2022

ڪهڙا علم اڳتي ڪهڙا علم پوئتي

ڪهڙا علم اڳتي ڪهڙا علم پوئتي
ڇا اسان غلام ڪونه آهيون، ڇا سموري ڌرتيء تي ٿيندڙ هر قسم جي چرپر غلام ڪونه آهي. ڇا علم غلام ڪونه ٿي چڪا آهن. ڇا هر ماڻهوء جي وات ۾ لولي پاپ ڏيئي هر وات بند ڪونه ڪيو ويو آهي. ڇا هر نظريو ڳيجهو ڪونهي بڻايو ويو. ڇا هر نظرئي جي تشريح جيئن “چاهي” ويندي ائين ڪونه ٿيندي يعني تشريح به غلام آهي. هي جملا ٻڌي پهريون ته ڪاوڙ ايندي هئي پوء جڏهن سوچيو سين ته اهو سڀ ڪجهه سچ لڳو.
اڄ جي دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچ اهو ئي آهي ته ڪابه شيءِ آزاد ڪونهي. سڀني تي ڌار ڌار لکڻ جي ضرورت آهي ۽ لکبو. اڄ رڳو ان تي ٿا لکون ته علم ڪئين غلام آهن ۽ ڪهڙو علم اڳتي ڪهڙو علم پوئتي ڪرڻو آهي/ڪيو پيو وڃي. ڇا هي فيصلو به اهو “ساڳيو” ئي ڪندو جنهن لاء چيو ويندو آهي ته هر نظرئي جي تشريح جيئن “هو” چاهيندو ائين ئي ٿيندي ۽ ائين ئي ٿيندي آئي آهي.
ڇا سرمائيداري ئي اهو طيءِ ڪندي ته ڪهڙا علم اڳتي آڻجن يعني دنيا ۾ پڙهايا وڃن ڪهڙا علم رديء جي ٽوڪريء حوالي ڪيا وڃن. ها سرمائيداري ئي فيصلو ڪندي ۽ ان جي فيصلي جو نتيجو ئي آهي جو اڄ انسان دوست علم سڀ پوئتي آهن جيڪي علم انسانيت لاء اتساه بڻجن اهي سڀ پوئتي آهن رڳو اهي ئي علم اڳتي آهن جيڪي سرمائيداريء جي واڌ ويجهه جو سبب بڻجن. ها بلڪل سرمائيداري ئي اهو طيء ڪندي ڇوته ڪميونزم کي شجر ممنوع بڻائڻ کان پوء اها هاڻي ايتري طاقتور آهي جو دنيا ان جي ٻڌي ٻانهي ٿي بيٺي آهي/رهندي. مائو زي تنگ جنهن چيو هو ته مان دشمن جي ڪُلهِيءَ تي ڪونه وڙهندس مان دشمن کي منهنجي پنهنجي مرضيءَ سان وڙهڻ لاء مجبور ڪندس ان جو ملڪ هاڻي دشمن (سرمائيداريءَ) جي مرضيء سان سرمائيدار جي سرغني سان وڙهي رهيو آهي. دلچسپ ڳالهه اها ته هيء ويڙه آخري طور تي سرمائيداري ئي کٽندي (يعني سرمائيداري هارائيندي ڪونه ٻنهي صورتن ۾کٽندي)
تاريخ، جاگرافي، فلسفو، نفسيات، ادب، فنون لطيفه جا سڀ علم هاڻي پوئتي پيا وڃن يعني ڪو به اهي علم “فرسٽ چوائس” تحت ڪونه ٿو کڻي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ ۾ داخله ڪونه ملي ته پوء اهي علم کنيا/پڙهيا وڃن ٿا،جڏهن پڙهجن ٿا ته دل سان ڪونه، يعني موقعي جي تلاش هر وقت سندس ذهن تي سوار رهندي ته هتان فرار ڪيئن ٿجي. هر اهو علم جيڪو سرمائيداري يا ان سان لاڳاپيل (ڪنهن به طور، مطلب آخري طور هو سرمائيداريء کي هٿي وٺرائيندڙ هجي) اهڙا سڀ علم پهرئين چوائس آهن ايتري تائين جو ٻار جي ڄمڻ وقت ئي وارث طيء ڪن ٿا، هي وڏو ٿي “هي” ٿيندو.
1917 ۾ جڏهن ڪميونزم عملي طور سرمائيداري خلاف نروار ٿي آيو ۽ باقائده هڪ رياست پنهنجي “سمورين گهرجن/ايڪيوپمينٽس” سان وجود وٺي چڪي ته سرمائيداريء ان کي پنهنجي لاء موت جو پيغام سمجهندي ان خلاف ڀرپور ويڙه جو فيصلو ڪيو. ان وقت جي آمريڪي صدر ووڊرولسن چيو ته هاڻي نوان ملڪ قومن جي بنياد تي ٺهڻ گهرجن ٻين لفظن ۾ هاڻي اسان قوم پرستيء سان ڪميونزم جو مقابلو ڪنداسين.....۽ ائين ئي ڪيو ويو. هٽلر کي تيار ڪري پنهنجي ڏنل “نيو ورلڊ آرڊر” تي عمل ڪرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ دنيا مان بيٺڪيت واري سماج جو خاتمو آندو ويو. مذهب ۽ قوم پرستيء جي پاڪ نالن ۾ شاطرانه کيل کيڏندي سموري دنيا جي هر خطي ۾ “مهرا” ويهاريا ويا. چين جي سرخ انقلاب (1949) کان پوء قوم پرستيء کي مذهب سان سلهاڙي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. عرب علائقي ۾ ڪميونزم کي روڪڻ لاء (ان کي رستي تان ڀٽڪائڻ لاء ) عرب قوم پرستيء جو اصطلاح ٺاهي ان کي اڀاريو ۽ استعمال ڪيو ويو هڪ ڳالهه جيڪا ڪرڻ ضروري آهي، جيئن ته اعتبار ڪنهن تي ڪونهي ۽ ڪنهن کي عزت به ناهي بخشڻي تنهنڪري وري هر ملڪ ۾ ويڇا وڌائڻ لاء (مقامي) قوم پرستي ۽ مذهبي جنونيت کي سلهاڙي ان ملڪ خلاف ان ملڪ ۾ به ماحول جوڙيو ويو. ان وقت سرمائيداري پنهنجي سموري ڪمائي دنيا جي هر خطي ۾ قوم پرستيء ۽ مذهبيت تي خرچ ڪندي رهي. (جنهن جو اعتراف پنجاه سٺ سالن کان پوء سعودي شهزادي محمد بن سلمان ڪيو) ٻين لفظن ۾ اهي ٻيئي “ڌنڌا” عروج تي هئا. اڄ انهن ٻنهي ڪاروبارن ۾ منديء جو رجحان آهي يعني ان ريت ڪونه پيا هلن. قوم پرستي (هلائڻ وارو هٿ نڪرڻ کان پوء) وڃي پيئي ڏينهون ڏينهن سڪڙجندي. ٻئي پاسي مذهبيت پنهنجو روپ بدلائي ڪنهن اهڙي “استعمال” لاء تيار ويٺي/ڪئي ويئي آهي جيڪو سرمائيداريء کي جلا بخشي.
ان ماحول لاء ضروري آهي ته اهڙا علم اڳتي آندا وڃن جيڪي سيکارين ئي اهو ته انسان سميت دنيا جي هر شيءِ هڪ “وکر” آهي ۽ هر وکر جو ڪاروبار ٿيڻ گهرجي. دنيا ۾ اهڙن علمن جي ڪارج کي اڀاريو پيو وڃي، ليڪچر پيا ٿين. هاڻي اوهان کي ڪٿي به (اسڪول ڪاليج يونيورسٽيء سميت، جتي ڪنهن زماني ۾ ڏينهن جا ڏينهن علمي، سياسي بحث هلندا هئا) علمي بحث ٻڌڻ لاء ڪونه ملندا. اڄ رائج الوقت علمن جو شاگرد پنهنجي علم (ڪتابي انگن اکرن) کان سواء ڪجهه نه ٿو ڄاڻين. سرمائيداري پڙهيل لکيل ماڻهن جي روپ ۾ روبورٽ ويٺي ٺاهي هاڻي اسڪول ڪاليج يونيورسٽيون ادارا ڪونه پر ڪارخانا آهن جتي مينيفيڪچرنگ ٿئي پيئي نه ڪي سوچيندڙ ذهن ٺاهيا وڃن ٿا.
18.11.2022

....۽ سڀ ڦوڪڻا ڦاٽي چڪا

....۽ سڀ ڦوڪڻا ڦاٽي چڪا
هُن هڪُ تاريخ وار (ڊيٽ وائيز) منصوبو ٺاهي ڏنس. فلاڻي کي ٽي سال ايڪسٽينشن ڏي ان کانپوء قانونسازي ذريعي ان کي قانوني حيثيت ڏيئي منهنجي لاء رستو هموار ڪر. تيسين مان “هِتان هُتان” ٿي ان جڳهه تائين پهچي ويندس. تون مونکي مقرر ڪجانءِ. ان تاريخ تائين تنهنجو هڪ مدو (پنج سال) پورو ٿي چڪو هوندو. مان سيٽ تي موجود هوندس توکي وري ائين ئي کٽرائيندس جيئن ٻه هزار اٺارنهن ۾ مشين خراب ڪرائي کٽرايو هو. تو جهڙو “فرمان بردار” ڪٿي ملندو تون دلجاء ڪر. آئين قانون هونئن به “ٽڪي جو ملازم” آهي ڪهڙي طاقت اٿس جو اهو رڪاوٽ بڻجندو. ان دوران “چيف سڀ چيپ” بڻايا ويندا اهي فيصلي ۾ اهو ڪجهه لکندا جيڪو “واٽس ايپ” تي وصول ڪندا. ان کان پوء ملڪ ۾ صدارتي نظام آڻي هڪ هڪ کي ٽنگي پاڻ ٻيئي بيفڪر ٿي ويهي رهنداسين. چلو سجنا جهان تڪ گهٽا چلي........
منصوبي تي جيئن جو تيئن عمل هلندڙ هو سڀ ڪجهه نقشي مطابق ٿي رهيو هو. گهڻن ئي ڦوڪڻن ۾ هوا ڀري ويئي ڪنهن ڪنهن ۾ گنجائش کان وڌيڪ رڳو ان ڪري ته جيئن اهي مخالفن لاء پري کان ئي خطري جو پيغام هجن. اهي ايترو ڳالهائين جو ٻڌڻ وارو ڳالهائڻ جي جرئت ئي نه ڪري سگهي. هنن سمجهو ڪوئي ڇا ڪندو پر جيڪي اڳ اهي گهٽ گهيڙ ڏسي چڪا هئا اهي سمورو منصوبو سمجهي ويا ۽ ان نقشي مٿان ٿيندڙ عمل ۾ اسپيڊ بريڪر وانگر ٿي بيٺا.
جولاء ٻه هزار ايڪيهه ۾ ان همراه جي بدليء لاء وزيراعظم عمران خان وٽ پيغام ويو هن جا ٺپ ئي ٺري ويا. جنهن ڏاڪڻ تي بيهي هو دنيا خلاف ڳالهائي رهيو هو پيرن هيٺان نڪرندي محسوس ٿيس. دٻاء وڌي وڃڻ ۽ اها لالچ ته چيف ٿيڻ لاء ان جو بدلي ٿيڻ ضروري آهي جنهن ڪري هن اها زهر جي گوري کاڌي. زهر جي گوريء اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا. مخالفن پاران موقعو مناسب سمجهندي تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جي تياري ڪئي ويئي. پنڌرنهن آگسٽ اوڻيويهه سو ستيتاليهه کان بي ٽيم طور ڪم ڪندڙ جماعت وزير اعظم صاحب تي واضع ڪيو ته “هاڻي گڏ گذارو ممڪن ڪونهي، سو مٺا پنهنجي اٿئي موڪلاڻي”. هن جملي ۽ ان جي اثرن وزيراعظم صاحب (جنهن لاء چيو ويندو آهي ته هن ڪڏهن ڪو ڪتاب ناهي پڙهيو. جيڪو ڪرڪيٽ مان سياست ۾ آيو. شاگرد تحريڪ جو عهديدار به ڪونه رهيو. ڪڏهن ڪا سياسي جدوجهد به ڪونه ڪيائين جيل به ڪونه ويو جنهنڪري سندس ذهن مضبوط ٿئي ها) دل هاري ويٺو. گهڻا ئي هٿ پير هنيائين،گهڻيون ئي تقريرون ڪيائين. پراڻا نسخا آزمايائين جن ۾ آمريڪا پاران ڪيل دشمنين جي تاريخ کي به آزمايو ويو. ان وچ ۾ واٽس ايپ وارا فيصلا به آيا جن هن کي عارضي فائدا ڏنا گهڻن کي ڌمڪين واريون فونون به ويون پر وريو ڪجهه به ڪونه. پوء آخري طور تي قيدين جي گاڏيء هن جي ذري پرزي بچي ويل هوا به ڪڍي ڇڏي ۽ همراه وڃي پٽَ سان لڳو.
ان کان پوء جدوجهد جو ٻيو دور شروع ٿيو. نومبر ٻه هزار ٻاويهه ۾ رٽائر ٿيندڙ همراه جي جاء تي ڀرتيء لاء گهڻا جاڳيا وڏيون جدوجهدون ٿيون. ان همراه جنهن سمورو تاريخ وار (ڊيٽ وائيز) نقشو ٺاهيو هو تنهن زمين آسمان هڪ ڪيو. ڦوڪڻن ۾ وري هوا ڀري ويئي. پنهنجي حيثيت وساري ويٺل ڦوڪڻا وڏي ڏک ڏيندا رهيا. عمران خان اعلان ڪيو ته هو لانگ مارچ ڪندو. ان لانگ مارچ کي خوني لانگ مارچ جو نالو سندس ئي پارٽيء جي هڪ همراه ڏنو. لانگ مارچ ۾ ايترا ماڻهو ڪونه نڪتا ڇوته ڏاڪڻ کسڪي چڪي هئي. ڪيئي ڏاڪا ڀڄي ڀري ويا هئا پر پوء به ڏيک وڏو ڏنو ويو.
ان لانگ مارچ دوران سابق وزيراعظم عمران خان مٿان قاتلانو حملو ٿيو کيس پيرن ۾ ٻه گوليون لڳيون جنهن لاء چيو ويو ته آپريشن ڪري ٽي گوليون ڪڍيون ويون. هي همراه دٻاء جا سڀ هربا آزمائيندو رهيو پر کيس اونده نظر ايندي رهي ڇو ته هي ڏسي رهيو هو ته هي سڀ ڦوڪڻا آهن جن ۾ هوا ڪٿان ٻئي هنڌان ڀريل هئي ان ڪري منجهس اهڙو اعتماد ڪونه رهيو جهڙو هو اڳي ڏيک ڏيندو رهيو آهي.
گورنمينٽ سڳوريء جي ڏينهن رات ننڊ حرام ٿي ويئي نيٺ انهن سينارٽيءَ جي حساب سان مقرري ڪري جان ڇڏائي. ان کان پوء ماحول اهڙو بڻجي ويو جو سڀني ڦوڪڻن مان هوا نڪري ويئي سڀ ڦوڪڻا هاڻي ڪاٽا ٿيل لغڙ وانگر پيا لڙڪن. ان همراه جنهن سمورو منصوبو جوڙيو هو ان وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺڻ ۾ ئي جان جي امان سمجهي. ٻيا به گهڻا جيڪي ان ڊوڙ ۾ هئا اهي به ساڳيء ريت پيا سوچين.
ان سموري قصي ۾ سمورو ملڪ ائين ٽياس تي ٽنگيل رهيو جيئن ارغونن ۽ ترخانن جي وقت ۾ سنڌي ٽياس تي ٽنگيا ويندا هئا. ملڪي معيشت جيڪا اڳ ئي جنازي جهڙي شڪل رکندڙ آهي اها مئل ماڻهوء جي هيڊي منهن جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳي. پري پري اک ديک تائين ڪا واه نظر نه ٿي اچي جنهن مان ڪا اميد جي روشني نظر اچي. عوام کي اهو جملو وڍ پيو وجهي ته، “سندن ڇا ٿيندو”
02.12.2022

...هيئن نه ٿيو ته ملڪ هٿن مان ويندو

...هيئن نه ٿيو ته ملڪ هٿن مان ويندو
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نيون چونڊون نه ڪرايون ويون ته ملڪ هٿن مان نڪري ويندو. هي سائين اٽڪل روزانو جي بنياد تي اها ڳالهه ڪندو رهندو آهي ته هيئن نه ٿيو ته ملڪ ٽٽي ويندو. ساڳي ڳالهه ملڪ جو هر حڪمران ڏهين پنڌرهين ڏينهن ڪندو رهندو آهي. لفظ ڪهڙا به هجن آخري طور تي مطلب اهو هوندو اٿن ته ملڪ اسان جي هٿن ۾ نه ڏنو ويو ته ملڪ ٽٽي ويندو.
اها ڳالهه ڪا نئين ڪونهي ملڪي تاريخ جنهن کي ڀيانڪ تاريخ چئجي ته به ڪسر اڃان رهجي ويندي اها ٻڌائي ٿي ته اها ڳالهه هر سازش جي پورائي لاء ڪئي ويئي آهي. ملڪ جو پهريون نه ته به انهن سڀني ۾ وڏو سازشي غلام محمد هو جيڪو سدائين ائين پيو چوندو هو ته هيئن نه ٿيو ته ملڪ لاء ڀلو ڪونه ٿيندو. ان جي نقش قدم تي هلندي (ان کان ٻه چار قدم اڳتي هلندي) سڀني اها ئي ڳالهه ڪئي آهي. ڪتابن ۾ ته اهو به پڙهيو آهي ته ايوب خان جڏهن اسڪندر مرزا کان ڪرسي کسي ان تي پاڻ ويهڻ چاهيو ته کيس نياپو موڪليائين ته ملڪي مفاد ۾ آهي ته اوهان ڪرسي به ڇڏيو ۽ ملڪ کان ٻاهر به هليا وڃو. جنهن کان پوء اسڪندر مرزا ايئرپورٽ تي پهچايو ويو جتي هو اهو ڏسي حيران رهجي ويو ته آمريڪي سفير اڳ ئي ايئرپورٽ تي کيس الوداع ڪرڻ لاء موجود هو.
ان کان پوء وارو ٽائيم اسان پاڻ اکئين ڏٺو آهي ۽ روزانو جي بنياد تي ٻڌو ۽ پڙهيو آهي. يحيى به پنهنجي تقريرن ۾ اهو ئي چوندو هو جيڪو ڀٽي صاحب وڏي آواز ۾ چيو ته ملڪ کي بچائڻ لاء مون هي هي ڪيو.
اهو راڳ اڃان تائين ساڳين ماترائن سا ري گا ما سان جاري آهي وڏي ڏک ۽ کلڻ جهڙي ڳالهه اها ته ملڪي مفاد سدائين پوئتي رهندو آيو آهي. ملڪ ڪالهه کان اڄ بدتر کان بدتر صورتحال رکندڙ آهي. ڪا به اهڙي فيلڊ ڪونهي جنهن ۾ ڪا وک اڳتي هجون.
سياسي صورتحال اها آهي ته اسمبليون نه ٽٽن ٿيون نه وري هلن ٿيون. سڪرات واري ڪنهن مريض وانگر جنهن لاء ڪجهه به چئي نه سگهجي. سياست ۽ اصول ڄڻ ته هڪ ٻئي جي ابتڙ لفظ آهن. هي صورتحال ماضيء جي انهن سڀني “عملن” کان پوء آخري نتيجي طور جي آهي. سو اها ڳالهه وثوق سان چئي سگهجي ٿي ته ملڪي سياسيات جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي.
ملڪ جي اخلاقي صورتحال اها آهي ته جيڪي به وزير يا وزيراعظم گورنر جج بيوروڪريٽ آهن يا رهيا آهن انهن جا آڊيو وڊيو موجود آهن جيڪي ڪنهن جي “اختلاف راء” جهڙي جرئت ڪرڻ تي ڪنهن به وقت “وائرل” ڪري سگهجن ٿا. زال مڙس جهڙي پاڪ پوتر رشتن کي به بخشيو ڪونه ويو آهي. باٿ روم ۾ به ڪيميرائون لڳل هجڻ جي تصديق ٿيندي رهي آهي. ڪنهن به نياڻيء جي عزت محفوظ ڪونهي. سابق وزيراعظم صاحب کي ئي ڏسو ته ان جون آڊيوز روزانو جي بنياد تي وائرل ٿين ٿيون. سوشل ميڊيا تي اهي به تبصرا آهن ته آڊيو کان پوء ڪيتريون وڊيوز به پوئتي آهن جيڪي “مناسب وقت” لاء سنڀاري رکيل آهن. انهن آڊيو وڊيوز کان ڪوبه محفوظ ڪونهي. بس فرق وائرل ٿيڻ جو آهي. جنهن کي هيرو کان زيرو ڪرڻو آهي بس اشاري جو انتظار آهي. هڪ منٽ ۾ اهو ماڻهو هيرو مان زيرو. اهو ساڳيو وزير وڙو/جج/بيوروڪريٽ هڪ منٽ ۾ ساه مٺ ۾ محسوس ڪندي اچي پيرن ۾ ڪِرندو جيڪڏهن نه ڪِريو ته سلسلو اڳتي هلندو هڪ آڊيو ٻي آڊيو ٽين...پوء وڊيوز، نيٺ هو اچي پيش پوندو. هاڻي اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ڪونهي ته جج صاحبن کان به ان ذريعي ڪيئي فيصلا ڪرايا ويا آهن جن پاڻ ان جو اقرار به ڪيو ۽ انهن کي “ڀوائتا خواب” به نظر ايندا رهيا. آخري طور تي ملڪ جو اخلاقي ڏيوالو به نڪري چڪو آهي.
اقتصادي صورتحال وري اخلاقي ۽ سياسي صورتحال کان به بدتر آهي. ملڪ ۾ مهانگائي جا طوفان روز پيا اچن. ملڪ هڪ کان قرض وٺي ٻئي جا قرض پيو لاهي هاڻي ته وياج جا پيسا به ڪونه آهن مُول ته پري جي ڳالهه. اڄ جو ڄاول ٻار جنهن نه ڪو ڏوه ڪيو نه ثواب اهو ڄمڻ سان ڪروڙن جو قرضي ٿيو پوي. اسان جي ملڪ جي ڪرنسي نوٽ نه پر هڪ ڪاغذ آهي جيڪو هتي ته مڙوئي ڪلو ڏيڍ اٽو/چانور وٺي سگهي ٿو پر ٻاهرين ملڪ جي ڪرنسي آڏو چٻري وانگر پيو لوندو جنهن جي ڳالهه ڪو ڪونه ٻڌندو سو اقتصادي ڏيوالو پڻ نڪري چڪو آهي.
ان صورتحال ۾ اسان جي حڪمران ٽولي جا اهڙا بيان ته ملڪ بچايو، سياست نه رياست بچايو اندر ۾ شڪ شبها پيدا پيا ڪن. اسان ته پنهنجي ملڪ وارا اهي ڳالهيون ٻڌي سمجهي/برداشت ڪري سگهون ٿا اهي ڳالهيون جيڪڏهن دنيا وارا ٻڌندا، دوست دشمن ملڪ ٻڌندا ۽ پڪ سان ٻڌندا به هوندا ته پوء ڇا ٿيندو ان طرف ڪنهن جوبه ڌيان ڪونهي.
23.12.2022

حڪمرانن جي تلاش تي به انعام هجڻ گهرجي!

حڪمرانن جي تلاش تي به انعام هجڻ گهرجي!
جيئن ڪنهن رهزن ڌاڙيل جي گرفتاريء لاء (زنده مرده) انعام رکيل هوندا آهن حڪمرانن تي به ائين ئي انعام رکڻ گهرجن جيڪي گيليلو جي ٺاهيل دوربين (جنهن سان خلا ۾ گهمندڙ سيارن کي به ڏسي سگهجي ٿو) سان به ڪٿي نظر ڪونه پيا اچن. حڪمران ڪيڏانهن گم ٿي ويا ڪا خبر ڪونهي. هي ملڪ شايد دنيا جي ڪجهه ملڪن منجهان هڪ بدنصيب ملڪ آهي جيڪو ڪنهن به حڪمران کان سواء هلندڙ هجي. رڳو مٿي يعني وزيراعظم وزير وڙا ئي گم ڪونه آهن ملڪ جي هر صوبي جا وزيراعلى ۽ ننڍڙا وزيروڙا به گم آهن خاص طور تي سنڌ ۾ ته هر ضلعي جو ڊي سي، ايس پي به گم آهن. يوسي ليول تي حڪمراني ڪندڙ وڏيرن کان مختيارڪار تائين ڳولهيا نه پيا لڀن. ايم پي اي، ايم اين اي وڏيرا به رڳو ماڻهو مارائڻ وقت نظر ايندڙ آهن باقي ڪنهن چڱائيء لاء ڪونه. لڳي پيو ملڪ هاڻي ملڪ رهيو ئي ڪونهي. ورهائي کنيل ٽڪرا آهن جتان جي عوام کي رڍ ٻڪري سمجهي مقامي “طاقتور” ان مٿان لٺ بازي ڪن پيا.
ڀلا اوهان کي اهي ڪٿي نظر اچن پيا جن پوئين حڪومت جي خلاف مهانگائي مارچ ڪيا! اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. ڪيترين گاڏين جا قافلا ڪاهي اسلام آباد تائين مارچ ڪيو. تر جا ايم پي اي ايم اين اي صاحبان حڪم جي تعميل ڪندي، ايندڙ چونڊن ۾ بيهڻ لاء پنهنجي ٽڪيٽ پڪي ڪندي سهڪندي سهڪندي وڃي اتي پهتا. پيٽرول، ڊيزل، گاڏين، کاڌي پيتي تي اربين روپيا خرچ ڪيا (اها پڪ آهي ته اهي انهن پنهنجي کيسي مان ڪونه ڪيا هوندا انهن جو بار به اڳي يا پوء سڌو يا اڻ سڌو عوام مٿان ئي پيو هوندو) پوئين حڪومت مٿان مهانگائيء جا الزام هڻندڙن پاران ڪيترو رڻ ٻاريو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل ڪرسي تي ويهي وري عوام مٿان نئين سري کان مهانگائي ڪئي پيئي وڃي!
اڄ انهن جي دور ۾ ٻيون سڀ شيون ته گم آهن پر اٽو جيڪو بنيادي کان به بنيادي شيء هجي ٿو اهو ڏيڍ سو ۽ هڪ سو چاليهه تائين وڪري جون خبرون آهن. وزير وڙا نڪ جي پڪائيء سان “سڀ ٺيڪ، سڀ ٺيڪ” جو پراڻو بي سرو راڳ ڳائي پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ جا بندوبست پيا ڪن. وزير صاحبان چون پيا ته حڪومت پاران اٽو پنجهٺ روپئي ڪلو فراهم ڪيو پيو وڃي پر سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا انهن خبرن جي تصديق پيا ڪن ته عوام جون رڙيون سچيون آهن ۽ اٽو هڪ سو چاليهه ۽ ڏيڍ سو روپين ۾ پيو هلي.
وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت واري گردان ڳائي ڳائي حڪمرانن جون نڙيون بيهجي ويون آهن. اهو مسئلو وفاق پاران پيدا ڪيل آهي وفاق وري بال کي ٺوڪر هڻي صوبي ڏانهن پيو اڇلائي ان وچ ۾ عوام جو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي انهن عياش ۽ بيخبر حڪمرانن کي خبر ڪونهي.
امن امان جي صورتحال خاص طور اتر سنڌ ۾ ڀيانڪ کان ڀيانڪ شڪل وٺندي پيئي وڃي. ڏينهن هجي يا رات ڪوبه روڊ محفوظ ڪونهي. شڪارپور ضلعو وري سڀ کان اڳئين صف ۾ بيٺل آهي جتي روزانو ٻه چار وارداتون ڄڻ ته قانوني حساب سان پيون ٿين جيڪي ڳاڻيٽي ۾ ئي ناهن انهن کان مٿي واري خبر توجهه سان ٻڌي وڃي ٿي باقي عوام پاران به ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪيو وڃن. قبائلي جهيڙي جي نالي ۾ ڪيترا ڪونڌر پيا ڪسجن ڪيتريون مائرن جون جهوليون پيون خالي ٿين ڪيتريون نياڻيون بيواهيون پيون ٿين حڪمران انهن کان مڪمل لاتعلق بڻيل آهن. تر جا بااثر پنهنجا پنهنجا دڪان پيا چمڪائين. هڪ ٻئي مٿان الزام هڻي پاڻ کي عوام وٽ وڻائڻ لاء پيا جتن ڪن جن جو آخري نتيجو وري به عوام دشمني جي صورت ۾ ئي نڪري ٿو، ننڊ وري به عوام جي ئي ڦٽل رهي ٿي.
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعو وري ڀنگ لاء اغوا جي وارداتن ۾ سرفهرست رهندو پيو اچي. اغوا ٿيندڙ پاڻ ۽ سندن خاندان ظلم جي چڪيء ۾ پيسجي رهيا آهن. انهن مٿان تشدد ڪري انهن جون وڊيو ڀري اهي مائٽن ڏانهن موڪليون پيون وڃن. وڊيو جو مقصد مائٽن مٿان دٻاء وجهڻ هجي ٿو ته جيئن اهي پيسا ڏيئي پنهنجي پيارن جون زندگيون بچائين. اهو سڀ ڪو لڪ ۾ ڪونه سرعام ٿئي ٿو. وڊيو اهي ڌاڙيل ئي وائرل ڪن ٿا جن اڳيان پوليس بيوس آهي.
اڃا ڪالهه جي ئي خبر آهي ته پنهنجي پٽ جي قتل جو ڪيس وڙهندڙ پي ماء ڪيس جي حاضريء تان موٽي رهيا هئا ته کين قتل ڪيو ويو. هي خبرون اصل صورتحال جو هڪ سيڪڙو به ڪونه آهن ان کي هزار سان ضرب ڪريو يا آتشي شيشي سان ڏسو ته اوهان کي سنڌ خص طور اتر سنڌ جي عوام جي ذهني ڪيفيت معلوم ٿي سگهندي ته هو ڪيتري اذيت ڀري زندگي پيا گذارين.
ان سموري صورتحال ۾ سنڌ جي حڪمران پارٽي جيڪا سنڌ جي عوام کي دلي جي مڇي يا پنهنجي کيسي ۾ پيل ووٽ سمجهندي آهي ان کي پنهنجون اکيون کولڻ گهرجن ائين نه ٿئي جو تاريخ انهن کي ڳچيء کان پڪڙي.
30.12.2022