سفرناما

ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

الطاف شيخ ڪيڏين نہ محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو. ھن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جپان جي مختلف شھرن جو سير ڪرايو آھي، جپان جي تاريخ، جپانين جي خوراڪ، جپان جي فلمن، جپان جي ڏوھارين، جپان جي تعليم، جپان جي گيشائن، جپانين جي ھوشياري، جپانين جي سادگي، ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿيڻ سميت ڪيترائي دلچسپ مضمون شامل آھن.  

  • 4.5/5.0
  • 33
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪراچيءَ کان ڪوڪورا

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو جپان بابت لکيل سفرنامو ”ڪراچيءَ کان ڪوڪورا“ اوهان اڳيان پيش آهي. 

الطاف شيخ ڪيڏين نہ محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو. ھن ڪتاب ۾ الطاف شيخ جپان جي مختلف شھرن جو سير ڪرايو آھي، جپان جي تاريخ، جپانين جي خوراڪ، جپان جي فلمن، جپان جي ڏوھارين، جپان جي تعليم، جپان جي گيشائن، جپانين جي ھوشياري، جپانين جي سادگي، ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿيڻ سميت ڪيترائي دلچسپ مضمون شامل آھن.  

ھي ڪتاب 2006ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


 محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

 books.sindhsalamat.com

انتساب

انتساب
هڪ پياري انسان شِيگِي يُوڪِي اَتاڪا نالي

هي ڪتاب پنھنجي هڪ بيحد پراڻي واقفڪار جپاني اَتاڪا سَانُ (مسٽر اتاڪا) _ اسلامي نالو: محمد عظمت اتاڪا نالي منسوب ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو. هو گذريل پنجويھه سالن کان منھنجي جپان بابت لکڻين جي ماڻهن سان ايڏي ته تعريف ڪندو اچي، جو ماڳھين مون کي شرم ٿو اچي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن گذريل پنجويھه سالن کان جڏهن 1981ع ۾ منھنجي ساڻس پھرين ملاقات ٿي، هن مون کي جپاني ادب، ڪلچر ۽ تاريخ پڙهڻ لاءِ ايترا ته ڪتاب ڏنا آهن، جو انهن کي پڙهڻ ۽ جپاني تھذيب، ڪلچر ۽ سائيڪي سمجهڻ بنا منھنجيون لکڻيون (گهٽ ۾ گهٽ جپان بابت) اڌريون ٿي پون ها. هو هميشھ منھنجي جھاز هلائڻ بابت نه، پر جپان تي لکڻ لاءِ همت افزائي ڪندو رهيو آهي.
اَتاڪَا سَان 18 آگسٽ 1945ع تي جپان جي شھر اوساڪا ۾ ڄائو، يعني مون کان هڪ سال ننڍو آهي. اتاڪا (Ataka) سندس ذات آهي ۽ شِيگِي يُوڪي (Shigeyuki) سندس نالو آهي ۽ اسلام قبول ڪرڻ بعد (1981ع کان) سندس نالو محمد عظمت اتاڪا آهي. جپانيءَ ۾ سان (SAN)معنيٰ محترم يا محترمھ، ان ڪري عام طرح کيس اسان ”اَتاڪا سان“ ئي سڏيون ٿا يعني مسٽر اتاڪا.
پاڻ سينئر هاءِ اسڪول تائين اوساڪا مان پڙهيو ۽ پوءِ ڪيوٽو شھر جي رتسو مينيڪا يونيورسٽيءَ مان بزنيس ائڊمنسٽريشن جي ڊگري حاصل ڪيائين. ماسٽرس ڊگري پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ورتائين.
اَتاڪا ڪجهه سال جپان ۾ نوڪري ڪرڻ بعد 1977ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جپان جي قونصل خاني ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿي آيو. ان بعد ڊائريڪٽر ٿيو ۽ هاڻ ڏهاڪو کن سالن کان هتي جي قونصل جنرل جو ائڊوائيزر آهي. پاڻ ”جپان ڪلچرل سينٽر“ ۾ جپاني پڻ پڙهائي ٿو ۽ ”پاڪستان جپان ڪلچرل ايسوسيئيشن“، سنڌ برانچ جو جوائنٽ سيڪريٽري به آهي.
سندس ويجهڙائيءَ ۾ پروفيسر آصفھ سان شادي ٿي آهي. جيڪا اڪيبانا (گلن ۽ ٽارين کي سھڻي نموني سيٽ ڪرڻ جي هنر) جي ماهر آهي.

الطاف شيخ؛ ڪراچي
5 مارچ. 2005

ماڻڪ چوڻو جن جو

ماڻڪ چوڻو جن جو
ج. ع. منگهاڻي

مھاڳ لکڻ واري روايت مان آئون ڪڏهن به مطمئن نه ٿيس. نه ئي متاثر ۽ متفق ٿيس. او، محمد ابراهيم جوئي کان وٺي.
سنڌي ادب ۾ ”مھاڳ“ لکڻ معنيٰ ڪنھن جھڙي تھڙي کي به عرش پڄائڻ آهي. اسين اڳ ته اهڙا منھن جا مائٽ نه هئاسين. بلڪ جيڪو جھڙو هو تنھن کي تھڙو ئي منھن ڦھڪائي ڏيندڙ هئاسين. چوندا هئاسين ”سِڌي ڳالهه سوٽي جي ماءُ مري کوٽي جي،“ پوءِ هاڻي هي خوشامند ڪرڻ ۽ اڳيان پويان ڦِت ڦِت ڪرڻ واري ريت ڪٿان آئي؟ اسان منجهه اهو چاپلوسيءَ وارو ٻج ڪنھن ڇٽيو؟ جو هاڻ جيڪو ٿو ٻه اکر لکي اهو گندي ڇنڊي اٿي ٿو، راڄ ۾ چوي ته مون ڪي ڦاڙها ماريا آهن. مون لاءِ مورا ڏيو/ لکو.
اهو ئي سبب آهي جو آئون مھاڳ لکڻ ۽ لکائڻ کان ونئون ويندڙ آهيان. مون پنھنجي پھرين شعري مجموعي ”خوابن جا ايوان“ جو مھاڳ پاڻ لکيو پر منھنجي ٻي ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي“ جو مھاڳ محترم ڀاءُ انور پيرزادي لکيو آهي، جنھن جو پڻ هڪ سبب آهي. منھنجو اهو ڪتاب جيئن ته لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپايو آهي، سو ڀيڻ فھميده صاحبھ چيو ته ، ”ڪتاب جي ضخامت گهٽ آهي. ڪنھن کان ٻه اکر لکائي وٺان.“
اها ئي مجبوري ڪتاب جي مھاڳ لکائڻ جو سبب بڻي. حالانڪ ان ڪتاب کي مھاڳ جي ڪا ضرورت به نه هئي، ڇو جو اهو تحقيقي ڪم ۽ محدود پڻ هو.
آئون ڄاڻان ٿي ته شهري ماڻهو مڃتا جو محتاج آهي. ماڻهو چاهيندو ته، هو جيڪو به (هن جي خيال ۾) سٺو ڪم ڪري ٿو، ان جي ساڌ ٿئي/ تعريف ٿئي/ واکاڻ ٿئي.
هئڻ ته ائين گهرجي ته ماڻهو اکيون ٻوٽي ڪم ڪري پوءِ وقت تي ڇڏي ڏئي، وقت پاڻهي ان جو قدر ڪندو/ مڃتا ڏيندو. دنيا جو اهو ئي دستور آهي. جڏهن اسان وٽ اونڌي نظام جي موجودگيءَ ۾ اهو خوف به وڏي ڪَرَ سان موجود آهي ته وقت تائين ان ڪم کي ڪير پھچائيندو؟ ڪير پيش ڪندو؟
هتي ته سنئين سيبتي ماڻهوءَ کي ٻوٿ تي هٿ هڻي پوئتي ڌڪي پنھنجن موڳن/ اڌ مغزين کي انعامن/ ايوارڊن سان نوازي اڳيان آندو ٿو وڃي. سچي، اهڙي صورتحال ۾ سٺي ۽ خراب ڪم جي پرک ڪير ڪندو؟ خطرو آهي ته متان اصل ڪم مفاد پرستن هٿان ضايع نه ٿي وڃي. ”الله ايئن مَ هوءِ.“
واقعي به اهو خطرو عام ڪونهي تدارڪ ٿيڻ گهرجي، ترياق ڳولڻ کپي. باقي ڀاءُ الطاف شيخ ته هٿين سڄو آهي ۽ پنھنجي ئي مڙسيءَ تي منڊل منڊي ويٺو آهي، نه ڪنھن جي محتاجي اٿس نه ئي ڪنھن جي منٿ ميڙ سان ڪو غرض. نه هاءِ نه گهوڙا. ٻيڙو اُهاري وڃي ۽ اُڪاري اچي لکي ۽ ڊوڙ ڪري ڪتاب ڇپائي ڇڏي. نه هات نه تات. نه هل نه هنگامو، سٻاجهو ماڻهو ٻاجهاري مرڪ مُرڪي مُڇَ کي وٽ ڏيئي وهيو رهي. (مڇيون الائي وٽ ڏيڻ جيڏيون اٿس ڪي نه!!) .
الطاف شيخ جو وجود سنڌي ادب جي کيتر لاءِ مون کي وَسَ جي وڏ ڦڙي مينھن جھڙو ڀاسندو آهي. ڏسجي ته الطاف شيخ سفرنامن جو اهو وڏڦڙو نه وسائي ها ته يقينن سنڌي ناول وانگيان سنڌي ادب جي کيٽ ۾ سفرنامن جو پڻ ڏڪار هجي ها.
سو، ڀاءُ الطاف شيخ جو فون ڪري مھاڳ لکڻ لاءِ چوڻ سٺو لڳو ۽ پڻ سندس ڳالهائڻ مان ڇلڪي پوندڙ سندس شخصيت جي معصوميت ۽ پنھنجائپ وڻي جيڪا لطيف چواڻي : ”وڃن سور سندا ڪيو“ جي مثل آهي.
سندس سفرناما ڪيئن آهن؟ ڀانيان ٿي انھي پرک جي کيس به هاڻي ضرورت نه هوندي. هو ته سفرنامن جي اڻ هوند واري زماني کان ئي جسڪارون ميڙيندو/ کريندو پيو اچي. وڏي ڳالهه ته مون سندس هڪ به سفرنامو پڙهيو ناهي پر ان جو اهو مطلب ڪونهي ته مون کيس پڙهيو ئي ناهي. مون ته ڪتابي صورت ۾ نه پڙهڻ واري ڳالهه ڪئي آهي. باقي ٽڙيو ڦڙيو ، ڪنھن جو منھن ته ڪنھن جو پڇ اخبارن / رسالن مان پڙهندي پئي اچان، جيڪو سدائين وڻيو اٿم.
هاڻي ته رسالي ”سوجهرو“ جي ايڊيٽر ان چيف جي حيثيت ۾ سندس جپان واري سفرنامي جا حصا هر مھيني عام کان اڳ پڙهڻ لاءِ ملندا اٿم. جنھن ۾ مائي نتسوميءَ جي رهاڻين ريس ڏياري آهي ته آئون به بي دعوتي وڃي وٽس مھمان ٿيان ۽ شاعره هئڻ جي ناتي سان وڃي هائيڪو جي مشھور شاعر ’ڪانيڪو مي سوزو‘ جي جنم ڀومي ’شمونو سيڪي‘ گهمي ڏسان. نتسوميءَ جي سھري تونيجيءَ جي پسنديده شاعر ماتسوئو باشوءَ جا ٻه هائيڪا مڌ جا مزا ڏياري ويا:
بازن جون اکيون پڻ
چُوچيون ٿي وينديون
هاڻ اونداهي رات جو ٿيڻ واري آهي....

۽ ٻيو هائڪو آهي
بھار جي رت ڄاڻ آئي
ان جو منظر تيار ڪري رهيا آهن
بادام جو وڻ ۽ چنڊ.

ڀاءُ الطاف شيخ جي لھجي جي نمرتا موهيندڙ آهي. ٻار جھڙي معصوميت سان پنھنجو اندر اورڻ ۽ کولڻ وارو انداز نيارو اٿس.
ڏوڪڙ پئسي جي هوندي سوندي سندس ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ دير ٿيڻ ۽ پبلشرن طرفان delay ٿيڻ واريون خير جون خبرون کلي کلي پرده پوشيءَ سان ٻڌائڻ به ڏاڍو وڻندو آهي.
ادب جي اهڙي سادي سوڌي ۽ موهيندڙ شخصيت سان به اهڙيون چالاڪيون ٿيون ڪيون وڃن!!
ايئن الائي ڪيئن ماڻهو ڪندا آهن!! ڇو ڪندا آهن ايئن؟
لطيف پاڪ فرمائي ٿو:

”جر ۾ ڦوٽو جيئن، لھريون لڳندي اڌ ٿيئي،
تون پڻ آهين ايئن، دنيا ۾ ڪو ڏينھڙو.“

سندس سفرنامن جو تعداد ڪيترو آهي؟ ان جو جواب پاڻ به نه ڏيئي سگهيو. يعني:

نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ؛
عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَهي. (شاهه)

الطاف شيخ تي لکڻ لاءِ ”شاهه جو رسالو“ کوليم ته هڪ بيت مليو، جيڪو سچو پچو سندس شخصيت جو عڪاس آهي:
ماڻڪ چوڻو جن جو، هنج حضوري سي،
چلر ۾ چھنج هڻي، مڇي کين نه اي،
لوڪ نه لکيا تي، جيلانھين ڀوڻن ٻگهن گڏيا. (شاهه)

مھاڳ

مھاڳ

هڪ پنجابي لوڪ گيت آهي ته ”جتي ناچڻي پير ڌَر دي_ اُٿي اُگدا سَرو دا بُوٽا“ يعني جتي نچڻي پير ڌري ٿي، اتي سرنھن جو ٻوٽو ڦٽي پوي ٿو. سرنھن جو ٻوٽو جڏهن ڦولاربو آهي ته ڏند ڪٿائن موجب چٽي چانڊوڪيءَ ۾ اُتي پريون رقص ڪرڻ اينديون آهن. انھيءَ ”سرنھن جي ٻوٽي وانگر“ جڏهن به الطاف شيخ ڪنھن جھاز تي پير ڌري ٿو ته ڪونه ڪو عظيم سفرنامو سرجي پوي ٿو.
بيشڪ! عظيم تخليقڪار انسان کي خلقي ٿو پر سفر انسان جي ”ضمير ۽ خمير“ کي محبت ۽ درد جي مٽيءَ مان ٻيھر ڳوهي منجهس نوان ڪيف جا رنگ ڀري ٿو. ڊگهي سفر جي سڦلتا اها هجي ٿي جو انسان خوشين کي کلي ڀليڪار ڪري ئي ٿو پر ڏکن کي به سنگي ۽ سکي بڻائي وٺي ٿو. سفر جي فلسفي کي ”من عين“ سمجهڻ کان سواءِ ڀٽ ڌڻي بادشاهه جون هي سٽون پوريءَ ريت هيانءُ سان هنڍائي نه سگهبيون:

تنين ڏکن کي شاباس، جنين مون سين گهاريو،
جان ڪي هياس جبل ۾، تان هئا مون پاس،
جڏهن پنهل کي ملياس، ته ويچارا ويا هليا. (شاهه)

هالا حويليءَ جو شھزادو نينگر عبداللطيف، بادشاهه جنھن جا مريد هجن سو پيراڻي گهر جو سڄو سک ۽ چين ڇڏي، انھيءَ وهي ۾ سفر تي نڪري ٿو، جنھن وهيءَ تي جنس جي تفريق کان سواءِ سچل، بيدل ۽ افلاطون وغيره جي ڌرتين جا ماڻهو عشق ڪمائيندا آهن انھيءَ ”ٻال_ جتيءَ“ واري وهيءَ ۾ سفر جي سڦلتا سان ڀٽائيءَ تي انڪشاف ٿيو ته :

اڳي ائين هئاس، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا ،
هاڻي هينءَ ٿياس، جو جت نه نين پاڻ سين. (شاهه)

آءٌ اڪثر سوچيندي آهيان ته ”رام“ ته ”سيتا“ کي اڳ ۾ ئي حاصل ڪري ورتو هو پر پوءِ هن چوڏهن سالن جو بنواس ڇو ورتو. سيتا جنھن لاءِ ”رامائڻ“ ۾ آهي:
”... وڻن جي جهڳٽي مان سيتا رام ڏانھن نھاريو، سندس نظرون رام تي ايئن ڄمي ويون، جيئن چڪور سرءَ جي چنڊ کي ڏسندو آهي. هن رام کي اکين وسيلي دل ۾ اوتوي ۽ اکين جي ڇپرن جا طاق بند ڪري ڇڏيا...“
سيتا جي ملڻ کان پوءِ هن ”بنواس“ ورتو، ڇاڪاڻ ته بنواس وٺڻ کان سواءِ هو ڪڏهن به رام بڻجي نه سگهي ها. بلڪل ايئن،جيئن ننڍي کنڊ جي وڏي شاعراه ”امرتا پريتم“ پنھنجي ”ڪروڙين ڪرشمن“ واري هن نظم ۾ لکيو آهي ته :
”اي رانجها! جيڪڏهن هيءَ تتي هير توکي پيار مان ’رانجهو‘ نه ڪوٺي ها ته ڀل سڄي ڪائنات توکي ’رانجهو‘ چوي ها، ته به توکي دنيا ۾ ’پيار ڀرئي رانجهي‘ جي نالي سان سڃاڻڻ وارو ڪو به نه هجي ها.“
صدين کان پوءِ به اڄ ڇوڪريون
پنھنجي پنھنجي سڄڻ جو رکن ٿيون رانجهن نالو
آئي هير! رانجهن تنھنجو نالو

ٿورڙو تصور ڪريو! جيڪي ماڻهو زندگيءَ جي ڊگهي سفر ۾ آهن، انهن ماڻهن لاءِ ڪي گهڙيون سوچيو. انهن ٻارن لاءَ سوچيو جن کي مائرون گناهه وانگر ڄڻي روڊن ۽ رستن تي اڇلائي ويون. روڊن جي ٻنهي پاسن کان راتين جو فوٽ پاٿ تي سمهندڙ فقيرن جا ٽولا ۽ هيروئني جيڪي نشي جي علت سبب پنھنجي گهر ۽ عزيزن قريبن کان ڏور بي گهر بڻيل آهن. يا ڪي پرديسي آهن، جيڪي فساد يا جنگ جدل سبب پنھنجي وطن کان ڏور رهڻ تي مجبور آهن، انهن سڀني لاءِ ”نتن مڪيش“ جي ڳايل هن گيت جون هي سٽون هنيانءُ ۾ اڻ ڳڻيا وڍ وجهندڙ هونديون يا نه؟

جب رات ہوئیاورجنکےگھرتھے
گھروںکوگئےاورسوگئے
اور جب رات ہوئیہمجیسےآوارہ
گلیوںمیںگئےاورکھوگئے۔

جن ماڻهن وٽ ڏات ۽ ڏانءُ آهي، انهن کي سفر جون اهي ڀوڳنائون ۽ گھرا مشاهدا عظيم انسان بڻائين ٿا. اڻ ڏٺي جو تجسس ۽ انھيءَ تجسس واري راهه تي هلڻ جي تمنا ئي ماڻهوءَ کي مھان بڻائي ٿي. تڏهن ته بلهي شاهه پنھنجي ”همزاد“ سان صلاح ڪري چوي ٿو :

”چل وےبلیااوتھےچلیےجتھےسارےآنے
ناں کوئی سادی ذات پچھائی ناں کوئی سانوں منے“

انھيءَ ”اڻ ڏٺي جي سفر“ مان ئي ماڻهوءَ جي محبوب سان ڏيٺ وائٺ ٿئي ٿي ۽ هو ايئن عظمت پڻي جي انھيءَ منزل تي پھچي ٿو، جتي کيس هر ٻيو ماڻهو پاڻ کان اتم ۽ اوچو نظر اچي ٿو. مثال طور:

”تسیں اُچےتسادی ذات اُچی، تسیں اُچ شہردےرہنڑ والے
اسیں قصوری تے ساڈی ذات قصوری، اسیں قصورشہردے رہنڑ والے“۔

سفر ڪرڻ ۽ سفرناما لکڻ بلڪل ئي ٻه الڳ ڪم آهن ۽ مان اهو به چڱيءَ طرح سمجهان ٿي ته الطاف شيخ جو سفر ڪرڻ ۽ ڀٽائي ۽ بلهي شاهه واري سفر ۾ ڪافي فرق آهي ۽ ٻئي پاسي وري مان اهو قبولڻ لاءِ به تيار نه آهيان ته ڪو الطاف شيخ ”جھاز رانيءَ واري شعبي ۾ ملازم هئڻ ڪري مڙوئي پاڻ کي ڪرت ۾ جنبيل رکڻ لاءِ لکڻ کي ترجيح ڏي ٿو. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته هن جا سفر ناما سنڌ اندر ايترا مقبول ۽ پبلشرن کي ڪمائي ڏيڻ واري صنف بجاءِ ذاتي ڊائريءَ کان وڌيڪ حيثيت نه رکن ها.“
الطاف شيخ سچ پچ به انھيءَ قول وانگر آهي ته : ”اديب انساني روح جا انجنيئر ٿيندا آهن.“ هڪ اهڙو مئرين انجنيئر جنھن سنڌي ٻوليءَ اندر، سفر نامي جي صنف کي پسنديده صنف بڻائي ڇڏيو. الطاف شيخ کي سنڌي ٻوليءَ اندر سفرنامي جي صنف جو سرواڻ ڪوٺجي ته هروڀرو وڌاءُ نه ٿيندو.
شيخ اياز پنھنجي ڪتاب ”سَرَ لوهيڙا ڳڀيا“ ۾ ڪڏهن لکيو هو ته اها صورتحال اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهي، ته سنڌي ادب اسرافيل جي صُور تي اُٿي ته اٿي باقي في الحال ته ان جي نبض بيھجي وئي آهي. سو اسان جي ادب ۾ ٻيون صنفون ته کڻي ڪٿي به بيٺل هجن، پر سنڌي سفرنامي جي نبض گهٽ ۾ گهٽ بيٺل نه آهي ۽ اهو سڄو ڪريڊٽ سمنڊ جي سيني تي وڌ کان وڌ سفر ڪندڙ هن شخص ڏانھن وڃي ٿو، جنھن جي لکڻيءَ ۾ جاذبيت آهي. سندس خيال سادا ۽ عام فھم آهن. جڏهن ته تصور ۽ لفظن جي اڻت ڏانءُ آهي، انھيءَ ڪري هر منظر ۾ هو اهڙا ته رنگ ڀري ٿو جو پڙهندڙ کي ايئن پيو لڳي ڄڻ الطاف شيخ ڪنھن سفر دوران سندن سونُھون (Guide) هجي ۽ ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس سفرناما ڪنھن (Guide) جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن.“ اها ئي سندس ڊڪشن جي خوبصورتي آهي جيڪا کيس منفرد ۽ نرالو بڻائي مھان ليکڪن جي صف ۾ بيھاري ٿي.
سفرنامو لکندي الطاف شيخ ڪٿي به دانشوراڻي ٺاهه ٺوهه ڪندي ويھن ئي ننھن ۽ ٻٽيھن ئي ڏندن جو زور نه ٿو لڳائي ۽ هن جپاني هائيڪي وانگر ته :

”ڪيڏي نه خوشي ٿي ٿئي
جڏهن آءُ ڪاغذ پکيڙي
پنھنجو برش کڻان ٿو
۽ ڏسان ٿو ته هو
منھنجي توقع کان چڱي
مصوري ڪري رهيو آهي.“

بلڪل مٿين سٽن وانگر جڏهن هو سفرنامو لکڻ ويھي ٿو تڏهن کيس اهو اندازو بلڪل نه هوندو ته سندس لکڻي ڪيڏي نه ”پراثر“ ۽ ”پر سوز، معنيٰ خيز ۽ وڻندڙ آهي.“ سندس لکيل ڳالهيون ايتريون ته دل جي ويجهو هونديون آهن جو ساڻس ڪتابن ذريعي سفر ڪرڻ ۾ بلڪل ئي پڙهندڙ کي اوپرائپ محسوس نه ٿيندي آهي. سندس قلم چٽساليءَ وارو ڪم ڪري ٿو. هن جا بيان ڪي ڪردار پڙهندڙ جي آڏو گهمندي ڦرندي جيئرا جاڳندا محسوس ٿين ٿا. جايون، هنڌ ۽ ماڳ ته ايئن محسوس ٿين، جو ڄڻ پڙهندڙ پاڻ اتي موجود هجي. نه صرف ايترو پر سنڌي سفرنامي جي سونھري سفر جو هي سرواڻ ليکڪ جتي به وڃي ٿو اتان جو علم، ادب، فلسفو، تاريخ، مذهب ۽ جاگرافي وغيره کڻي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڏئي ٿو ته وٺو ۽ وڃي علم ۽ عقل سان ڀرجهلا ٿيو.
هونءَ به سمنڊ اندر هڪ الڳ ۽ انوکي ڪائنات آباد آهي، جيڪا هميشھ کان تخليقڪار، ليکڪن، شاعرن لاءِ سڪون، اتساهه ۽ آٿت جو ثمر ثابت ٿي آهي. پيار مان ’پپو‘ ڪوٺجندڙ ’الطاف شيخ‘ ڪنھن انٽرويو ۾ ذڪر ڪندي پاڻ به چيو هو ته : ”منھنجي خيال ۾ ٻه شيون اهڙيون آهن جن کي ڏسي ماڻهو بيزار ناهي ٿيندو. هڪڙو سمنڊ ۽ ٻيو آسمان. لکڻ وقت چاهيندو آهيان سمنڊ هجي، ٻيڙي هجي، بادل هجن ۽ مينھن پيو وسندو هجي.“ سندس انھيءَ شاعراڻي اظھار مان محسوس ٿئي ٿو ته پراسرار سمنڊ جون ڇوليون ئي سندس حياتيءَ ۾ ڪشش جو سبب آهن.
اها حقيقت ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي ”سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جَرَ وهي ٿو جال“ مان پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿي. لڳي ٿو ته الطاف شيخ ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي انھيءَ دعا مان رڱجي ويو آهي:
”جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين“ (شاهه)
ملڪان ملڪ سفر ۾ رهڻ ۽ مھينن جا مھينا پنھنجي وطن کان ڏور رهڻ جي باوجود به هو پنھنجي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ کان هڪ پَلُ به ڌار نه ٿي سگهيو آهي. محاورن، مثالن، چوڻين ۽ تشبيھن جو ته ڄڻ خزانو کيسي ۾ کڻي هلندو هجي. جپان جي خوبصورت ثقافتي لباس ”ڪمونو“ جي ذڪر کان وٺي اتان جي جبلن جي خوبصورتيءَ جي منظرڪشيءَ تائين ۽ ٽوڪيو جي ”گيشا گرل“ جي سماجي ڪارج، حسن ۽ ادائن ۽ آخر ۾ پوڙهن عاشقن کي ڦاسائي انهن کي ڦري فقير بڻائڻ تائين ۽ هيروشيما جي پوڙهي عورت ”يائيڪو“ جي ڏک ڀري ڪھاڻي ڪندي ڪندي، جڏهن اوچتو ئي اوچتو هالا جي اجرڪ ۽ سوسي، سنڌي رلهي ۽ ٽُڪ جو قصو ڪڍي ٿو ته پڙهڻ واري کان ڄڻ ڇرڪ نڪريو وڃي.

نَوَ نيئر ڏهه ڏانوڻيون، پندرهن پند پياس
بگهاڙيو بغلن ۾، کين لوهه لڳياس
جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي. (شاهه)

الطاف شيخ جي ”قصي گوئيءَ“ جو هي ڏيک مون کي مشھور داغستاني شاعر رسول حمزاتوف جي ياد ڏياري ڇڏي ٿو. پنھنجي وطن جا وڻ ۽ گاري جا لنبيل ڪچا گهر، مصر جي اهرامن ۽ آمريڪي عظيم شاهراهن کان وڌيڪ مٺا ڪيئن ٿا ٿين؟ هن جي نظر ۾ دنيا جي سڄي خوبصورتي سندس ننڍڙي ڳوٺ داغستان تي دنگ ڪيئن پئي ٿئي؟ اچو ته رسول حمزاتوف جي انهن املهه سٽن کي وري ياد ڪريون:
”مان هندستان جي مندرن کان، مصر جي اهرامن کان، اطالوي محلن کان معافي ٿو وٺان. آمريڪا جي شاهراهن، پئرس جي خيابانن، برطانيا جي پارڪن ۽ سوئيٽزرلينڊ جي من موهيندڙ پھاڙن کان معافيءَ جو طلبگار آهيان. پولينڊ ،جپان ۽ روم جون خوبصورت عورتو! مون کي معاف ڪجو. مان توهان سڀني جي جلون کان متاثر ٿيو آهيان...
”پر جڏهن مان پھاڙن جي سربلند چوٽين جي وچ ۾ ٽڙيل پکڙيل پنھنجي ڳوٺ جي انهن ٽيھن ڪچن گهرن کي ڏسان ٿو ته ايئن ڇو ٿيندو آهي ته منھنجي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويندو آهي. منھنجي پاسراٽين ۾ مون کي درد گاڏڙ ڇڪ محسوس ٿيندي آهي. منھنجي اکين ۾ کيپ چڙهي ويندا آهن، منھنجي دماغ کي چڪر اچڻ لڳندا آهن، ائين لڳندو اٿم ڄڻ آءٌ مدهوش ٿيندو پيو وڃان ....
”ڇا انھيءَ جو مطلب اهو آهي ته داغستان جو هي ننڍڙو ڳوٺ وينس، قاهره يا ڪلڪتي جھڙن شھرن کان وڌيڪ خوبصورت آهي. يا مان پھاڙن جي اوٽ مان ڪاٺين جي ڀري کڻي ويندڙ جنھن سادي عورت کي ڏسان ٿو، اها ’اسڪينڊي نيويا‘ جي ڪنھن قداور ۽ سونھري وارن واري دوشيزه کان وڌيڪ حسين آهي.“
الطاف شيخ موجوده وقت ۾ اهو اڪيلو ليکڪ آهي، جنھن جي لکڻ ۽ ڇپجڻ جي رفتار ٻين اديبن ۽ شاعرن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هڪ ئي وقت جا ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي رهيا آهن. نوڪري ڪرڻ سان گڏوگڏ اخبارن لاءِ ڪالم پڻ لکي رهيو آهي. مان ته سوچيان ٿي هي سيلاني هيڏا سارا ڪم هڪ هنڌ ڪيئن ٿو ڪري؟ مھينن جا مھينا سفر ۾ لکڻ لاءِ ماحول ڪيئن ٿو جوڙي؟ پر انھيءَ جي باوجود هن جي لکڻين ”مقدار ۽ معيار“ واري چوڻيءَ کي پڻ ڪنھن حد تائين ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. انھيءَ چوڻي مطابق ”گهڻو لکبو ته معيار برقرار رهي نه سگهبو“ پر الطاف شيخ جي هن ”معيار ۽ مقدار“ جي وچ ۾ وڇوٽي نه وجهڻ واري وارتا انھيءَ سچ کي هڪ دفعو ٻيھر سچو ثابت ڪيو آهي ته : ”انسان پنھنجا قائم ڪيل رڪارڊ پاڻ ئي ٽوڙيا آهن.“ سو سفرنامن جي سرواڻ پنھنجي پوري معيار سان قلم جي اڃا تائين مس سُڪڻ نه ڏني آهي تنھن ڪري سندس هر سفرنامو اهڙو حسين محبوب بڻجي پوي ٿو جنھن لاءِ نظير نيشاپوريءَ هيئن چوي ٿو:

”محبوب جي پيرن کان وٺي
مٿي جي چوٽيءَ تائين جسم جي
جنھن هنڌ نظر وجهان ٿو
ان هنڌ جو حسن
دل جي پلاند کي سٽ ڏئي چوي ٿو
سڀ کان سھڻي جڳھه هيءُ اٿئي!“

مون جھڙي ننڍڙي ليکڪا لاءِ سچ پچ به اهو هڪ اعزاز آهي ته الطاف شيخ جھڙو مھان ليکڪ پنھنجي ڪنھن عظيم سفرنامي جي مھاڳ لکڻ لاءِ مون کي چوي . آءٌ بلڪل سچ ٿي لکان ته مون کي ڪجهه به نٿو اچي. هي ڪجهه سٽون ته الطاف شيخ لاءِ منھنجي عقيدت جو صرف اظھار آهن.
منھنجي حصي ۾ آيل سفرنامو ”جپان جي سفر“ تي مشتمل آهي.
”گرم پاڻِيءَ جي چشمن“ ۽ خوبصورت جبلن جي هن ديس جپان جي سفرنامي جو آغاز به الطاف شيخ جپان جي خوبصورت پوشاڪ ”ڪمونو“ پھريل پوڙهين جي ڏينھن سان ڪري ٿو ۽ هو پڙهندڙڻ کي ڄڻ ته انٽرٽين ڪندو هجي ته ڪيئن نه جپاني عورتون (پوڙهيون) سارو سال پئسا گڏ ڪري، هن خاص ڏينھن جي محفل سجائين ٿيون. پاڻ به جهمريون پائين ته آيل مھمانن کي به پارائين ٿيون. هن ڏينھن تي اهي تحفن جي ڏي وٺ پڻ ڪن ٿيون. الطاف شيخ جي هن سفر جو هي پھريون باب ڄڻ ته اسان جي پوڙهن لاءِ اتساهه ۽ ٻين لفظن ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته سبق هجي، جيڪي چاليھن سالن جي عمر کان پوءِ ”نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤ“ واري زندگي گهارين ٿا، جن جي خيال مطابق ته هاڻي هو پٺتي پيا وڃن، تنھن ڪري گوڙ گهمسان، دهلن دمامن، ٺينگ ٽپن واري ڳالهه کين سونھي نٿي. جڏهن ته خوشين ڏيڻ وٺڻ ۽ ورهائڻ لاءِ مھل، موقعن کي ملهائڻ لاءِ ڪا به حد مقرر ڪيل نه هوندي آهي.
دنيا جي خوبصورت پوشاڪ ”ڪمونو“ واري باب ۾ ته مون کي الطاف شاعر لڳي ٿو. ٻارنھن تيرنھن وال ڪپڙ ي ۽ رنگ برنگي ڌاڳي سان اڻيل هن ڳري وڳي جي سونھن کي بيان ڪندي، جڏهن ماساجو (Masajo) جي شاعريءَ جو حوالوڏئي ٿو ته:

”سلڪ جي لَسي ’ڪمونو‘ جو
جسم کي ڇھڻ
يار جي دل ۾ وَڍَ وجهي رهيو آهي.“

۽ گڏوگڏ سندس ذاتي زندگيءَ جي وارتا ٻڌائي ٿو ته هوءِ شادي شده هوندي به پاڻ کان ڏهه سال ننڍي عمر واري جھازي دوست سان ڀڄي وئي هئي، تڏهن ائين ٿو لڳي ته الطاف شيخ جپان جي ادب کي ڪنھن جپانيءَ وانگر ئي پڙهيو ۽ پروڙيو آهي. بيپوءَ جا چشما ۽ آسو ٻرندڙ جبل واري حصي مان خبر پوي ٿي ته جپان جي چئن وڏن ٻيٽن مان هڪ ڪيوٽو ٻيٽ آهي، جنھن جي قدرتي سونھن ڏسڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جا سياح اتي اچي ميڙاڪا ڪن ٿا. خوبصورت باغيچن جي وچ ۾ ٺھيل ننڍڙا ننڍڙا حوض سچ ته اکين کي آٿت ۽ من کي سرور ۽ ڪيف بخشين ٿا، پر ڪيڏو نه خوشنصيب آهي اهو سنڌي سفرناما پڙهندڙ جنھن کي الطاف شيخ چيچ کان وٺي اهي منظر ڏيکاري ٿو ۽ ائين ٿو لڳي ته پڙهندڙ انهن گرم پاڻيءَ جي خوشبودار چشمن مان وهنجي سھنجي ڄڻ ته هلڪو ۽ صاف شفاف ٿي پيو هجي. چون ٿا ته جپان ۾ انهن چشمن ۾ وهنجڻ لاءِ ڳريون ڳريون ٽڪيٽون ڀرڻيون پون ٿيون. جڏهن ته الطاف شيخ کي پڙهندڙ اهو مزو ڪتاب جي معمولي قيمت مان ماڻي سگهن ٿا.
جپان جي سفر نامي ۾ Tujiجو اسڪول ۽ هڪ اڻوڻندڙ واقعو مون کي ڏاڍو وڻيو. مينھن ۾ ڀڄندڙ هيسيل ڇوڪريءَ کي پوڙهي ٽيڪسي ڊرائيور جي ڇٽي ڏيڻ واري وارتا الطاف شيخ ايئن بيان ڪئي آهي ڄڻ ڪا آرٽ مووي اکين آڏو هلندي هجي ۽ ماڻهو انھيءَ تجسس ۾ هجي ته هاڻ ڇا ٿيندو؟ ۽ پوڙهو ٽيڪسي ڊرائيور جيڪو پھريان سڄي فلم ۾ ولن جو ڪردار نظر اچي ٿو پر ڪلائيميڪس سندس هيرو پڻي تي ٿئي ٿو. اهو ڏاڍو وڻندڙ هو، پر هيروشيما جي عورت ”يائيڪو“ جي درد جو داستان نه وري هينئن ۾ وَڍَ وجهي ٿو، جنھن جي ڌيءُ ”هيرو يوڪي“ نائين آگسٽ 1945ع تي هيروشيما تي ڪيرايل بم جو شڪار ٿي وئي هئي.“ ۽ هوءَ کيس چرين وانگر ڳولي ڳولي اڌ مئي ٿي پئي هئي، پر پوءِ به رڳو هڪ آس ئي سندس جيئڻ جو بھانو هئي ته اجهو سندس ٻچڙي موٽي آئي ۽ سندس ڪلهن تي هٿ رکي پنھنجي مٺڙي آواز ۾ کيس سڏ ڪندي ته : ”اوڪا سان“ (منھنجي ماءُ) آءٌ اچي وئي آهيان. هيروشيما تي بم ڪرڻ جو روداد ٻڌائيندي يائيڪو جا ڳچ ڳرن ٿا پر جس ته لھڻي الطاف شيخ جيڪو ان منظر کي پنھنجي برش بڻيل قلم سان ڪنھن مصور وانگر ذهن جي ڪينواس تي ائين چٽي ٿو جو پڙهندڙ پاڻ کي کنڊر بڻيل هيروشيما جي گهٽين ۾ محسوس ڪري ٿو. ڄڻ چؤ طرف لاشن ۽ مرڻينگ ماڻهن جا ڍير لڳا پيا هجن، اڀ ڏاريندڙ رڙيون آسمان کي چيرينديون، ڦاڙينديون هجن، ماڻهن جي جسم جا عضوا وڻن ۽ تارن مٿان ٽنگيل هجن ۽ هر هڪ بيوس بڻيل هجي.
ڌرتيءَ تي ٿيل انسان سان انهن ڏاڍاين کي پنن تي پلٽائڻ ڪو ايڏو سولو ناهي جيترو نظر اچي ٿو، پر ان لاءِ به رت پت ولوڙڻو پوي ٿو.
الطاف شيخ ڪيڏين نه محبتن جو مستحق آهي جيڪو ورهين کان اکين کي اوجاڳا ارپي مستقل مزاجيءَ سان لکڻ کي ڪمٽمينٽ سمجهي، سچائيءَ سان لکندو رهي ٿو، پر سندس مقصد شين کي جيئن ڏسڻ تيئن پيش ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه ناهي، هو دنيا ۾ جتي به ڪنھن انسان سان ويساهه گهاتي ٿيندي ڏسي ٿو ته ان کي نندي به ٿو ۽ انهن موضوعن کي هاءِ لائيٽ به ڪري ٿو، جيئن ”انسان ذات جو دشمن پير“ واري حصي ۾ اوسھارا بابت ذڪر ڪيل آهي، جنھن تي الزام آهي ته هن ٽوڪيو اسٽيشن تي مسافرن تي سارن Sarin گئس سان حملو ڪرائي ڪيترائي ماڻهو ماريا ۽ زخمي ڪيا ۽ سندس من پسند ماڻهو هٽلر آهي.
يا وري اڳتي خبر پوي ٿي ته جپاني ماڻهو جيترا ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ آهن، اوترائي سادڙا به آهن جيڪي ڪنھن گروءَ جي چنبي ۾ ڪيئن نه آسانيءَ سان اچي وڃن ٿا ۽ سندس حڪم مطابق مھينن جا مھينا وهنجن به نٿا ۽ وارن جي چڳن مان ٺاهيل چانھه پي ڪيئن نه پنھنجي پير کي خوش ڪن ٿا.
پر جيئن انهن چيلن کي سندس گروءَ جي اصل ڪرتوتن جي خبر پوي ٿي ته هو هيساڪو بڻجي (ان ڌرم جي وزير خزانھ) پنھنجي مرشد کي ڪورٽ ۾ کلئي عام نندڻ کان نه نٿا ڪيٻائين.
جپان جي هن سفرنامي ۾ ”ڪجهه گيشائن بابت“ واري موضوع تي نه لکجي/ ڳالهائجي ته مھاڳ جيڪر اڌورو رهجي وڃي. هونئن به گيشائن بابت الطاف شيخ جي لکيل ڪتاب ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ پڙهيل هيم تنھن ڪري ان ۾ ڪا نئين ڳالهه ته نه هئي پر ڪنھن به نئين پڙهندڙن لاءِ هي باب يقينن ڪشش جو سبب هوندو. جپان جي روايتي ڳري ۽ مھانگي وڳي ’ڪمونو‘ ۾ ڍڪيل ڪنھن ڪنوار وانگر خوبصورت، اعليٰ ڄاڻ رکندڙ، ادب آدابن کان واقف، مردن جي محفل ۾ ڪچھري قائم ڪرڻ ، راڳ روپ يا ناچ گاني ذريعي سندن دل وندرائڻ (نه ڪي انهن سان رات گذارڻ) واري گيشا جو ڪردار واقعي اسان جي سماج لاءِ هڪ نئين ڳالهه آهي ۽ اهي ڳالهيون اسان کي هڪ هنڌ سھيڙي ڏيڻ وارو صرف هڪڙو الطاف ئي آهي، جيڪو تجويزن، اعتراضن ۽ تنقيدي پرک واري بٺيءَ مان پچي راس ٿيڻ کان پوءِ به پنھنجي شخصيت ۾ نياز نوڙت، سٻاجهي طبيعت، ڳالهائڻ ۾ ميٺاج ۽ هر ڪنھن سان گهلي ملي وڃڻ واري روا برقرار رکيو اچي. نه صرف ڀلوڙ ليکڪ پر هڪ سٺي ۽ سچي انسان الطاف شيخ سان پنھنجي پھرين مني ملاقات (فون ذريعي) اڄ به دل و دماغ تي ڇانيل آهي، جنھن هڪ ڏينھن پنھنجي آفيس ۾ معمول مطابق ماڻهن سان ڊيلنگ ڪندي ٽيبل تي پيل CD’s کي سھيڙيندي اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، جيئن ئي فون کنيم ته پريان آواز آيو. ”هيلو ماهين!“
مون چيو: ”جي.“
آواز آيو: ”مان الطاف شيخ ٿو ڳالهايان.“
پوءِ ته ڄڻ منھنجي ڳالهائڻ جو انداز ئي مٽجي ويو ۽ جي جي ۾ پوري ٿي ويس. (جيئن ڪو ماڻهو پنھنجي من پسند ماڻهوءَ سان ملي گهٻرائجي ويندو آهي).
الطاف شيخ صاحب ڳالهه کي مختصر ڪندي چيو ته جپان جي سفر بابت نئون ڪتاب (سفرنامو) لکيو اٿم، سوچيان ٿو ته اوهان ان لاءِ مھاڳ لکو. اهو ٻُڌي مون کي ته ڄڻ چپ لڳي وئي. (جنھن مھان ليکڪ سان ملڻ ۽ کيس ڏسڻ جي حسرت ئي اڃا پوري نه ٿي ته سندس ڪتاب تي مھاڳ لکڻ، منھنجي لاءِ نه صرف اعزاز آهي، پر تمام وڏو اعزاز آهي) سندس ڳالهه ٻڌي ٿورڙو گهٻرائيندي چيم، ”توهان جي سفر نامي لاءِ مھاڳ مان ڪيئن لکي سگهنديس؟“
چيائين، ”ڇو نه؟ اوهان ايترو سٺو ڪم ڪيو پيا، مان اوهان جا پروگرام ڏسندو آهيان، ڪالم پڙهندو آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته توهان سٺو لکي سگهو ٿا.“
آخر ۾ چيائين ته: مان ٻن ٽن ڏينھن ۾ ڪتاب جو مواد ۽ ڪجهه ٻيا پنھنجا ڪتاب موڪليندس. بس پوءِ ته ٻيا سڀ ڪم ويا وسري، دل ئي دل ۾ خوش پئي ٿيس ته واهه ماهين تنھنجي لئي _ الطاف شيخ جھڙي وڏي ليکڪ توکي پنھنجي ڪتاب جي مھاڳ لاءِ چونڊيو آهي. جيئن ئي گهر پھتيس ته امان کي به لفظ به لفظ ٻڌايم، هوءَ به خوش ٿي ۽ چيائين : ”مان به جوانيءَ ۾ الطاف شيخ جا ڪتاب ڏاڍي شوق سان پڙهندي هيس.“ جھڙوڪر امان کي به ماضيءَ جي موجن ۾ وٺي هلي ويس، پوءِ هوءَ به ڪيئي قصا ڪڍندي وئي.
نيٺ سڄو سفرنامو پڙهي پورو ڪيم ۽ پڙهڻ دوران شيون نوٽ به ڪندي ويس پر لکڻ جي سگهه نه پئي ڀانيم ته هيڏي ڀلوڙ ليکڪ جي لکڻ لاءِ ڪيئن ۽ ڪٿان لکڻ شروع ڪيان، پر پوءِ هي مھاڳ به هن جپاني هائڪي وانگر اوچتو وجود ۾ اچي ويو ته :

اها ڪھڙي نه خوشيءَ جي ڳالهه آهي
ته سَون ڏينھن جي مٿي ماريءَ کان پوءِ
جو نظم تخليق نه ٿي ٿيو
اوچتو وجود ۾ اچي ويو.

ماهين هيسباڻي
فيبروري 2005ع
maheenhisbani@yahoo.com

سفرنامن جو ”عھدِ الطاف“

سفرنامن جو ”عھدِ الطاف“

منھنجي خيال ۾ سفر ڪرڻ ۽ سفرناما لکڻ ٻه الڳ الڳ لقاءَ آهن. دنيا ۾ روز هزارين لکين ماڻهو مختلف ملڪن، ماڳن جو سفر ڪن ٿا پر اهي سڀ سفرناما نٿا لکن. انهن جي ڀيٽ ۾ الطاف شيخ دنيا جو اهو واحد سيلاني آهي جنھن نه رڳو سفر ڪيا آهن، پر پاڻ سان گڏ لکين پڙهندڙن کي به گهر ويٺي سير ڪرايو آهي.
الطاف شيخ جي ڪتابن کي ڏسجي ٿو ته ان ۾ هڪ ننڍڙي دنيا ڇپ هنيو ويٺل ملي ٿي. عجوبن، اسرارن ۽ دلڪش نظارن جي اها دنيا جيڪا شايد الطاف شيخ هاڻ پاڻ به ڳولڻ چاهي ته نه ملي، سا هن ڪتابن ۾ قيد ڪري ڇڏي آهي. پنھنجي سفر نامن ۾ هڪ ننڍڙو گلوبل وليج اڏيندڙ هي سيلاني مون سميت ڪيترن ئي پڙهندڙن جي ذهني اوسر ۽ اتساهه جو سبب بڻيو آهي.
چڱي طرح ياد اٿم انهن ڏينھن ۾ آئون ستين ڪلاس ۾ پڙهندي هيس ۽ مون اڃا پنھنجن پئسن مان ڪتاب وٺڻ شروع نه ڪيا هئا پر ڪتاب پڙهڻ جو چاهه دل ۽ ذهن سان چنبڙي پيو هو. تڏهن ايئن ٿيندو هو جو گهڻا ڀيرا بابا جا ڪتاب آئون ڪڏهن پڇي ته ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ کڻي پڙهندي هيس، بس تڏهن کان ئي الطاف شيخ سان هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ دنيا جي سفر تي گڏ آهيان. نه الطاف شيخ جو قلم ٿڪيو آهي ۽ نه ئي اسان جي اکين ۾ ٿڪ لٿو آهي. الطاف شيخ جي هڪڙي انفراديت اها به آهي ته سفر کڻي ڪھڙي به ملڪ جو هجي، ڪھڙي به ڪلچر جو هجي ۽ ڪھڙن به ماڻهن جو هجي، توهان کي انهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي سنڌ، سنڌ جي ثقافت، رواج، چوڻيون لياڪا پائيندي نظر اينديون، ايئن هالا جو هي سيلاني پنھنجي ڪتابن جي سمنڊ ۾ لفظن جا جھاز هلائيندي عجب ۾ وجهندڙ منظرن، جڳھين تان سير ڪرائيندو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ ڪي ٽي اين ۾ نيوز ڪاسٽر هجڻ سان مختلف ملڪن کي ڏسڻ، ماڻهن سان ملڻ ۽ مشاهدي جو ٿورو گهڻو موقعو مون کي به مليو آهي، پر سچ پڇو ته ان ۾ به الطاف شيخ جي سفرنامن جو ئي شايد ڪو لاشعوري هٿ آهي جو دبئي جي چمڪندڙ شاهراهن کان ويندي ٿائلينڊ جي پتايا بيچ تائين، اها هورا کورا رهي آهي ته انهن سمورن شين جو ان پھلو سان مشاهدو ڪجي، جنھن سان الطاف شيخ پنھنجن سفرنامن جون ڀريون ٻڌيون آهن.
ڳالهيون جپان جون هجن يا ٿائلنڊ جون، ملائيشيا هجي يا مالديپ ٻيٽ يا وري ڪو اپٻيٽ ته انهن ۾ رڳو تاريخ ۽ جاگرافي جي معلومات هجڻ ئي ڪافي نه هوندو آهي، ڇو ته اها معلومات ته اوهان انٽرنيٽ جي هن دؤر ۾ هڪ بٽڻ دٻائڻ سان حاصل ڪري سگهو ٿا پر اصل ڳالهه انھي مشاهدي، انھيءَ گھري نظر جي هجي ٿي، جنھن سان ماڻهن جي روين، ڪلچر، اٿڻي ويھڻي، روايتن، سڀاءُ جي خبر پوندي آهي ۽ اوهان الطاف شيخ جو ڪوبه سفرنامو اٿلائي ڏسو، اوهان کي تاريخ جاگرافي جي خشڪ ڀرمار گهٽ پر وڻندڙ انداز سان ”ڪچھري“ اسٽائيل ۾ ڪيل اهڙي ڪيتري ئي معلومات ملندي، جيڪا عام رواجي معلومات کان هٽي اڳيان هڪ نئون جھان کولي ڇڏيندي.
ان کان علاوه الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي سندس اندازِ بيان آهي. غالب وانگر هن به ڪڏهن انداز بيان شوخ هجڻ جي دعويٰ ناهي ڪئي، سندس سادو، پُراثر لھجو ۽ جملن جي بناوٽ اهڙي آهي جو ان ۾ ڪنھن ٺيٺ ادبي ٻوليءَ کان سواءِ لفظن جي اهڙي ته سادگي ملندي جو دل چاهيندي ته هڪ ئي ويھڪ ۾ پڙهي پورو ڪجي.
اهو الطاف شيخ جيڪو نوجوانيءَ ۾ پاڻي جي جھاز جي ڪيبن ۾ ويھي سمنڊ جون ڇوليون ڳڻيندو هو، سو هاڻي ڀلي هوائي جھاز جي سيٽ تي ويھي دريءَ کان ٻاهر نھاري بحري جھاز جي ناسٽيلجيا ۾ وڃائجي وڃي، پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سفرناما لکڻ هاڻ سندس عادت بڻجي چڪي آهي.
ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ جو اهو واحد مسافر ليکڪ آهي جنھن سفرنامن کي پنھنجي اظھار جو ذريعو بڻائي سنڌي ادب کي سفرنامن جو هڪ پورو نسل ڏنو، پر ذاتي طور آئون سمجهان ٿي ته الطاف يخ جو سڀ کان وڏو Contribution انهن عام سنڌي ماڻهن آڏو دنيا کي متعارف ڪرائڻ آهي، جنھن تائين هو شايد ڪڏهن پھچي نه سگهن.
اها خبر ناهي ته الطاف شيخ جيتري پوٽينشل سان ڪنھن سفرناما ڇو ناهن لکيا، پر ان حقيقت کي رد نٿو ڪري سگهجي ته اڪيلي سر الطاف شيخ جيترو سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ Contribute ڪيو آهي، سو ڪيترائي اديب ملي به نٿا ڪري سگهن، ۽ ان سان گڏ اهو ڪريڊٽ به بھرحال الطاف شيخ ڏانھن ئي وڃي ٿو ته هن پرڏيھه ۾ به سنڌ ۽ سنڌيت جي انفراديت جا نشان ڇڏيا. بقول شاعر ته :
یہ اعجاز ہےحسن آوارگی کا
جہان بھی گئے داستان چھوڑگئے۔

ته الطاف شيخ نه رڳو اتي پنھنجا داستان ڇڏي آيو آهي پر اتان جا ڪيترائي داستان سنڌي ٻوليءَ جو ويس پھرائي لکين پڙهندڙن تائين پڻ پھچايا. جيڪڏهن اهو چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اسان هن وقت سفرنامن جي ”عھدِ الطاف“ ۾ جي رهيا آهيون.
مون کي خبر ناهي ته الطاف شيخ کن پوءِ سفرنامن جو اهو سفر ڪيئن ۽ ڪيترو جاري رهندو پر اهو ضرور ڄاڻان ٿي ته الطاف شيخ هن وقت تائين سنڌي ادب کي جيڪو ڪجهه ارپيو آهي اهو نسلن تائين سنڌ جي اسرندڙ ذهنن جي رهنمائي ڪندو رهندو.

ڊاڪٽر نازيه ميمڻ
ٿائلينڊ
10 اپريل 2005ع
memonazia@yahoo.com
nazia.memon@gmail.com

مسافر طرفان

مسافر طرفان

ڪجهه ملڪ جپان، انگلينڊ، ملائيشيا ۽ انڊيا جھڙن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي اهڙا ملڪ آهن، جن جون ڳالهيون لکيو نٿيون کٽجن. شايد ان ڪري مون وٽ به ڳالهين جا انبار آهن. هينئر نوڪري يا جھاز هلائڻ جي پابندي ناهي، ته پاڻ هيڪاندو آزاد سمجهان ٿو ۽ جنھن وقت ڪا ڳالهه ياد اچي ٿي، ته لکڻ ويھيو رهان. ڪڏهن ڪڏهن سڄو ڪتاب لکڻ ڪو ايڏو ڏکيو ڪم نٿو لڳي، جيڏو ان لاءِ نالو ڳولڻ. هينئر به جپان جي سفرنامن جا چار ڪتاب ڪمپوز ٿي ويا پر مس مس هڪ نالو ”جپان پنجويھن ورهين بعد“ دماغ ۾ اچي سگهيو آهي، سو به روشني پبليڪيشن جي علي نواز گهانگهري جي مدد سان.
”باقي ٽن ڪتابن جا نالا ڪھڙا رکجن؟“ اسان هڪ ٻئي کان پڇندا رهياسين ٿي. آخر هڪ ڏينھن علي نواز (هن ڪتاب جي پبلشر) فون تي چيو : ”هاڻ هيئن ٿا ڪريون جو چئن ڪتابن جي مواد کي گڏ ڪري کڻي ٿا ٻه ڪتاب ٺاهيون. گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪتابن جي نالن ڳولڻ کان بچي پونداسين.“
مون کي آئيڊيا پسند آئي ۽ ڪجهه مضمون گهٽائي چئن بدران ٻه ڪتاب ٺاهيا ويا آهن، جن مان پھرين ”جپان پنجويھه ورهين بعد“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي جو نالو في الحال ”جپان کان موٽندي“ طئه ڪيو ويو آهي.
جپان جي هن سفرنامي ۾ ٻه مھاڳ ڏنل آهن، جو جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هي سفرنامو در اصل ٻن ڪتابن جو جوڙ آهي، جنھن مان هڪ لاءِ مھاڳ محترمھ ج. ع. منگهاڻي لکيو آهي ۽ ٻئي لاءِ محترمھ ماهين هيسباڻيءَ. آئون ٻنهي جو ٿورائتو آهيان. ٻئي منھنجيون دلپسند شخصيتون آهن. منگهاڻي صاحبھ سنڌ جي اعليٰ درجي جي معروف شاعره، اديبھ ۽ اسڪالر آهي ۽ اڳتي هلي هوءِ ضرور هڪ دانشور ۽ محقق به مڃي ويندي. سندس شاعريءَ جا ڪتاب توڙي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي سندس تحقيقي مضمون، ڪالم ۽ مجموعا هر وقت منھنجي بستري جي سيرانديءَ کان هوندا آهن. بقول هڪ سگهڙ جي ج. ع. منگهاڻيءَ لطيف جي حوالي سان جنھن خوبصورت ۽ پنھنجائپ واري انداز سان سجاڳ ڪيو آهي، جيڪڏهن اسان سندس ڳالهيون هينئين سان هنڊايون ته اسان جا چوڏهن طبق روشن ٿي وڃن. پاڻ نه فقط سوجهرو رسالي جي چيف ايڊيٽر آهي، پر سوجهري جھڙي ادبي ۽ واحد ريگيولر رسالي کي بچايو ويٺي آهي، نه ته ان جو حشر هاڻ سومناٿ مندر وارو ٿي چڪو هجي ها.
ماهين هيسباڻي جا ڪالم، شاعري ۽ KTN ٽي وي چئنل تان ”سوال“ ۽ ”اُڏار“ جھڙا بحث مباحثي جا ۽ سوچ اڀاريندڙ، ۽ ”شعر ستارا“ جھڙا شاعريءَ جا پروگرام، منھنجي لاءِ ديس پرديس ۾ بھتر وندر رهيا آهن. هوءَ سٺي شاعره آهي، هن جو سٺو مطالعو آهي، سٺي ڪمپيئر آهي. ماهين اسان جي مستقبل جي ذهين ۽ محنتي ڇوڪرين مان هڪ آهي. حالتون سازگار نصيب ٿيڻ تي هن جھڙيون ڇوڪريون هن ملڪ ۽ هن قوم لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿيون.
۽ اهڙين سنڌ جي ڄاين مان هڪ ٻي ذهين، پڙهيل ڳڙهيل، ڪالم نويس، اديبه ۽ وڏيءَ همت واري ڊاڪٽر نازيھ ميمڻ آهي، جنھن کي اسين هر وقت خبرون پڙهندي ڏسون ٿا. ولايت ۾ گهمڻ لاءِ وڃڻ ٻي ڳالهه آهي، پر ٿائلينڊ ۾ جنھن جوابداريءَ ۽ محنت سان هوءَ KTN جي ڊيوٽي ڏئي رهي آهي، ان لاءِ اسان کي کيس ساراهڻ ۾ بخيل ٿيڻ نه کپي. ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته هر ڪلاڪ کانپوءِ خبرون پڙهڻ، پاڻي جي جھاز کي رات جا ۽ ڏينھن جا ڪجهه ڪلاڪ هلائڻ واري ڊيوٽيءَ کان به ڏکيو ڪم آهي، جو جھاز هلائڻ وارن کي ته وري به سمنڊ جي ڪجهه ڏکين ڏينھن بعد ڪي ڏينھن بندرگاهه جي سُک جا ته مليو ٿا وڃن، هتي ته هر ڪلاڪ بعد نيوز روم ۾ حاضر ٿيڻ جو لڙڪيل خنجر سخت پريشر ۾ ٿو رکي ۽ ٿائلينڊ جھڙو ٻڌن جو ملڪ گهمڻ ڦرڻ ۽ موسم کان ته کڻي دبئي کان به سٺو هجي، پر اهو حيدرآباد يا سکر جھڙو ته ٿي نٿو سگهي، جتي جي ڪنھن به هوٽل تان ماني گهرائي کائي سگهجي ٿي. ۽ نه وري ڪا هتي نوڪرياڻي يا بورچياڻي رکي سگهجي ٿي، جيڪا گهر جي ڪمن ۾ مدد ڪرائي. هتي ته خبرون پڙهڻ جي ڊيوٽي بعد رڌ پَچاءَ جو هر ڪم به پاڻ ٿو ڪرڻو پوي ۽ انهن مڙني ڪمن بعد جيڪو وقت بچي سگهي ٿو ان کي سڦل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر نازيھ ڪاوش اخبار لاءِ ڪالم لکي ٿي ۽ انهن خوبصورت ڪالمن مان هڪ ڪالم جيڪو هن منھنجن سفرنامن بابت لکيو آهي، سندس ۽ ڪاوش جي ٿورن سان هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.

الطاف شيخ
altafshaikh2005@gmail.com
Tel no: 0300 9241 666


جپانين جي محبوب مڇي يا موت جو ملائڪ

جپانين جي محبوب مڇي يا موت جو ملائڪ

جپان جابلو ملڪ آهي ۽ هن ملڪ ۾ جيڏو عوام آهي اوتري پوک ناهي. ماڻهن کي رهائش لاءِ ئي جاءِ ناهي، پوک ڇا تي ڪن. ان ڪري جپان جي ماڻهن جو صدين کان سامونڊي کاڌي تي گذارو هلندو اچي. جپاني ماڻهو سمنڊ ۾ ترندڙ هر مڇي، گانگٽ، کيکڙو ته کائين ٿا، پر وهيل ۽ شارڪ جهڙين وڏين مڇين کي به نٿا ڇڏين، ويندي سامونڊي گاهه (Sea Weeds) ۽ ڪائي به کائيو ڇڏين.
سامونڊي دنيا ۾ هڪ پفر (Puffer) نالي بيحد زهريلي مڇي ٿئي ٿي، جنهن کان وڏا سامونڊي جانور به پاسو ڪن ٿا، پر جپاني ان کي به نٿا ڇڏين. نه فقط هن کي وڏي شوق سان کائين ٿا، پر ان ڳالهه کي Status Symbol (ناموس ۽ وڏ ماڻهپيءَ جو نشان) سمجهن ٿا. جپان ۾ رهندڙ هڪ سنڌيءَ کي چيم ته اها به هڪ عجيب ڳالهه آهي، جو جپاني ڍير پئسن جا ڏئي موت کي سڏڻ (زهريلي مڇي کائڻ) کي مردانگي سمجهن ٿا.
”اهو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ ننڍي کنڊ ۾ وڏي مڇ رکائڻ وارو باهمت ۽ مرد جو پٽ سمجهيو وڃي ٿو.“ هن وراڻيو.
بهرحال جپانين جون ٻه ڳالهيون مون کي اڄ ڏينهن تائين سمجهه ۾ نه آيون آهن. هڪ پبلڪ باٿ ۾ ٻارن ٻچن توڙي پاڙي وارن سان گڏ اگهاڙو ٿي وهنجڻ، جيتوڻيڪ هونءَ جپاني _ خاص ڪري عورتون، بنيادي طرح بيحد شرميليون آهن ۽ ٻيو پفر جهڙي زهريلي مڇي، جنهن کي جپانيءَ ۾ Fugu (فُوگو) フグ سڏين، کائڻ وڏي شان ۽ برڪت واري ڳالهه سمجهن ٿا. جپان جي هوٽلن ۾ جتي برگر يا سئنڊوچ هڪ سؤ يين (هڪ سؤ رپئي) جي ملي ٿي ۽ ٻي عام مڇي، بيف يا چڪن واري ماني مهانگي مهانگي ته به هڪ هزار يا ٻن هزار يين جي، اتي اها ڊنر جنهن ۾ هيءَ زهريلي مڇي (فوگو Puffer) سَروِ ڪئي وڃي ٿي، ان جي قيمت پنجويهه هزار يين (اٽڪل 25000 رپين) کان گهٽ ناهي ۽ اها مڇي ايڏي زهريلي آهي جو بورچيءَ کان ٿوري به بي ڌياني ٿي وڃي ۽ هن مڇيءَ جي زهريلن حصن جو هن جي کائڻ واري گوشت کي ڇهاءُ ٿي وڃي ته ماڻهو اڦٽ مريو وڃي. يعني کائڻ وارو ٻڪ پئسن جا پنهنجي کيسي مان ڏئي پنهنجي زندگي هوٽل جي بورچيءَ جي قدمن ۾ اچيو رکي. ٻيو ڀلا ان کي ڇا چئجي؟ بورچيءَ جي معمولي غلطي يا سُستي، هوٽل ۾ آيل مهمان کي اڦٽ ماري سگهي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ مڇي (فُوگو) صاف ڪرڻ، ڇلڻ ۽ رڌڻ وارا بورچي تجربيڪار ۽ قابل ٿين ٿا، پر ان هوندي به انسان کان سوچي سمجهي يا بي خياليءَ ۾ غلطي ٿيو وڃي ۽ بورچي به هڪ انسان آهي. هن مڇيءَ کي تيار ڪرڻ وارن بورچين کي لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قلمي ڪورس ڪرڻا پون ٿا، ان بعد هنن کي ڪيترائي سال قابل بورچيءَ جي نگهباني هيٺ ڪم ڏسڻو، سکڻو ۽ ڪرڻو پوي ٿو- ويندي بورچي ٿيڻ لاءِ لکت جا ڏکيا امتحان به ڏيڻا پون ٿا، جيڪي هوائي جهاز جي پائليٽ يا ڊاڪٽر ٿيڻ وارن امتحانن کان به ڏکيا ۽ سخت ٿين ٿا، ان هوندي به ڪيترا مانوارا مهمان بورچين هٿان موت جو شڪار ٿيندا رهن ٿا ۽ تازن انگن اکرن موجب جپان جي مختلف هوٽلن ۾ هر سال 70 کان سؤ ماڻهو پفر مڇي کائڻ وگهي مرن ٿا ۽ اهي ماڻهو ڪي عام ته نه هوندا. جيڪي ماڻهو معمولي ماني کائڻ لاءِ ڏهن کان 25 هزار رپيا ڏئي سگهن ٿا اهي امير ۽ اهم ماڻهو ئي هوندا.
مون کي ياد ٿو اچي ته 1975ع ۾ اهڙي موت جو شڪار هتي جو هڪ مشهور ائڪٽر متسو گورو (Matsugoro Bando) ٿيو هو. هي همراهه هتي جي خاص اسٽيج ڊرامن (ڪابوڪي) جو بهترين اداڪار هو، جنهن هتي جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو ٿي ۽ جنهن کي مرڻ بعد هتي جي حڪومت ”جپان جي قومي خزاني جو سدا حيات هيرو“ جو خطاب ڏنو هو. ڪيوٽو جي هڪ اعليٰ ريسٽورنٽ ۾ جتي بيحد قابل ۽ ناليرا بورچي ڪم ڪن ٿا، اُتي هو فُوگو (پَفر) مڇي کائڻ سبب مري ويو. باوجود ڪوشش ۽ محنت جي بورچي مڇيءَ مان مڪمل طرح زهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هوندو ۽ متسو گورو جهڙي اداڪار کي هيءَ مڇيءَ کائڻ جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ پئسن سان گڏ پنهنجي جان به ڏيڻي پيئي.
هڪ هوٽل جي مالڪ ٻڌايو ته هن مڇيءَ جي زهر جو شڪار عجيب ڏکوئيندڙ موت مري ٿو. ڪيڏي بيوسيءَ جي ڳالهه آهي ته مرڻ واري جو آخري ساهه تائين دماغ سالم رهي ٿو، پر ڳالهائي نٿو سگهي. هو هر هڪ ڳالهه صاف سمجهي رهيو هوندو آهي، پر هن جو ڳالهائڻ ۽ چرپر صفا بند ٿيو وڃي ۽ پوءِ جلدئي ساهه کڻڻ کان عاجز ٿيو پوي.
”هن مڇيءَ جو زهر ڪيترو خطرناڪ آهي؟“ شروع جي ڏينهن ۾ جڏهن مون هن مڇيءَ بابت ٻڌو ته هڪ ڏينهن يوڪوهاما بندرگاهه ۾ اسانجي جهازران ڪمپني جي ڊاڪٽر کان پڇيو هو.
”توکي ڪهڙي نموني سان سمجهايان....“ هن ڪجهه گهڙيون سوچي مون کان پڇيو: ”Cynide جو زهر سمجهين ٿو؟“
مون هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو جو مون کي ان بابت معلوم هو ته ان مان ٻوڙيل سئيءَ جي چهنب ڪنهن کي لڳي وڃي ته مري پوي. جنگ دوران ان ڪيميڪل جي گوري جاسوس سپاهين کي ڏني ويندي آهي ته دشمن جي ملڪ ۾ پڪڙجي پوڻ بعد ذهني ۽ جسماني عذاب کان بچڻ لاءِ هيءَ گوري کائي پنهنجو جهٽ پٽ موت آڻين.
”فُوگو مڇيءَ جو زهر“ ڊاڪٽر ٻڌايو، ”سائينائيڊ جي زهر کان 1200 ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ آهي.“
اسان وٽ عاشق صاحب محبوبا جي محبت کان مايوس ٿيڻ تي زهر جو ڪٽورو پيئڻ جو هن کي دڙڪو ڏيندو آهي. يا سچي محبت ثابت ڪرڻ لاءِ محبوبا طرفان تحفي ۾ آيل وِهه جو وٽو اکين تي رکي پي ويندو آهي چي:

جن نه پيتا ٿي لڙڪ
تنهنجي چئي زهر پي ويا.

اهڙيءَ طرح جپاني عاشق کي عشق ۾ ناڪامي حاصل ٿيڻ تي فُوگو مڇي ياد ايندي آهي، تڏهن ته جپانيءَ جي هڪ مشهور شاعر يوسانو (Yosano Buson) پنهنجي محبوبا جي بي وفائين ۽ واعدي خلافين کان بيزار ٿي اڄ کان اڍائي سؤ کن سال اڳ چيو هو:

”اڄ رات به جيڪڏهن هوءَ نه آئي
ته پوءِ مونکي هن جي پچر ڇڏڻي پوندي
آئون وڃي فُوگو کائيندس.“

منهنجي خيال ۾ شاعر جو پنهنجي محبوبا لاءِ هي انتها درجي جو پيار آهي. هن جي بيوفائين بعد هو پنهنجي محبوبا کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ٿو. يعني هن کي عقل اها راهه ٻڌائي ٿو. پر هن کي خبر آهي ته هن جي دل ۾ پنهنجي محبوبا لاءِ ايڏو پيار آهي جو ٺلهو فيصلو ڪرڻ سان هو ان کي ڇڏي نه سگهندو. هن کي موت ئي ان راهه تان هٽائي سگهي ٿو ۽ هو يقيني ۽ اڻ ٽرندڙ موت چاهي ٿو. يعني هو فوگو مڇي کائيندو، جنهن جي زهر کان بچڻ ناممڪن آهي.
جپاني ته هن مڇي (فُوگو) جي تعريف ڪن ٿا، پر اسان ڌارين مان جن هيءَ مڇي چکي آهي ٻڌائين ٿا ته ”پَفر (فُوگو) جو گوشت عام مڇيءَ جهڙو هجڻ بدران ڪڪڙ جي گوشت جهڙو لڳي ٿو ۽ کائڻ بعد هاضمي ۾ هڪ وڻندڙ ۽ گرم اثر جو احساس ٿئي ٿو.“
سوال ٿو پيدا ٿئي ته پَفر (فُوگو) フグ مڇيءَ جو سواد ڪڪڙ جهڙو هجي يا تتر جهڙو پر ڇا اها ڪا اهڙي وڏي ڳالهه آهي جنهن لاءِ ماڻهوءَ کي ايڏو وڏو Risk کڻڻ کپي. مڇيءَ جا ڪجهه حصا جهڙوڪ جيرو، آنڊا، بڪيون Ovaries وغيره سخت زهريلا آهن، جيڪي ڪڍڻ مهل باقي گوشت کي رڳو Touch ٿي وڃن ته به کائيندڙ مريو وڃي ۽ هي موت منٽن جا فيصلا ٿئي ٿو. کائيندي کائيندي مانواري ميزبان جا هٿ ڏڪن ٿا ۽ هٿ ۾ جهليل Chop Sticks جو پليٽن تي وڄڻ شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ يڪدم هن جي هٿن مان چاپ اسٽڪس (يا ڪانٽو ڇُري) ڇڏائجيو وڃي. هن جي جسم جي چرپر بند ٿيو وڃي. ايتري قدر جو هو چَپ چوري ڳالهائي به نٿو سگهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن کي ساهه کڻڻ ۾ به تڪليف محسوس ٿئي ٿي ۽ گهُٽجيو مريو وڃي. نانگ جي زهر يا ٻين زهرن جو ته ڪونه ڪو علاج آهي، پر پَفر مڇيءَ جي زهر Tetrodotoxin جي اڄ ڏينهن تائين ڪا دوا (Antidote) ايجاد ٿي نه سگهي آهي. ”هڪ جوان مڙس جي موت لاءِ هن زهر جو هڪ يا ٻه ملي گرام ڪافي آهي.“ اهو هڪ دفعي هتي جي ٽي ويءَ تي هڪ نيورو سرجن ٻڌايو هو، ”۽ اهو زهر جو ايترو ذرڙو آهي، جيڪو ٽاچني يا سبڻ واري سئيءَ جي چهنب تي اچي وڃي ٿو.“ ڊاڪٽر معلومات ۽ خطري کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جپان ۾ رهندڙ اسان جهڙن ڌارين، خاص ڪري جهازين کي ٻڌائي رهيو هو.
"Puffer toxin block sodium channels in nerve tissues, ultimately paralyzing muscles. Respiratory arrest is the cause of death."
جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته پفر (فوگو) مڇي صاف ڪرڻ ۽ ڇلڻ وارا بورچي تمام تجربيڪار ۽ ڄاڻو ٿين ٿا _ خاص ڪري جپان ۾ ته پفر مڇي تيار ڪرڻ وارن بورچين لاءِ ٽريفڪ جي قانونن کان به وڌيڪ قانون ٺهيل آهن، جيئن مڇيءَ جا زهريلا حصا اهڙي نموني سان ڪپي ڌار ڪيا وڃن جو اهي باقي کائڻ واري گوشت اڳيان نه ڦاٽن ۽ نه وري ان کي ڇُهن. پر ڪڏهن ڪڏهن بدقسمتيءَ سان گوشت جي ڪا ڳڀي، ڪا ذرڙي زهريلي ٿي وڃڻ ڪري اها کائڻ وارو مهمان مريو وڃي. ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو ڪجهه دوست گڏجي هوٽل ۾ ماني کائڻ وڃن. ويندي وقت کلندا ڪڏندا وڃن ۽ پوءِ ڪلاڪ اڌ بعد هو هڪ جو لاش کڻي ٻاهر نڪرن.
اهڙي ئي هڪ نظاري تي جپاني هڪ گيت (Senryo) جو شعر آهي:

رات هوءَ ۽ آئون فوگو کائڻ وياسين
اڄ هن جي لاش کي
ڪلهو ڏيو پيو وڃان.

هيڏي خطرناڪ موت بعد به پفر (فوگو) مڇيءَ جو وڪرو ڏينهون ڏينهن نه رڳو وڌي رهيو آهي، پر ان جي قيمت به وڌي رهي آهي. سمنڊ مان ملڻ جي کوٽ تي ڪيترن ماڻهن پفر مڇيءَ جا فارم ٺاهيا آهن، جتي حوضن ۾ هيءَ مڇي پالي وڏي ڪئي وڃي ٿي. هڪ هوٽل ۾ هن مڇيءَ بابت ڀت تي لڳل وڏي پوسٽ تي لکيل هو:
Those who drink fugu soup are stupid.
But those who don't drink fugu soup are also stupid.
پفر (فوگو) مڇي جپان جي هر شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن هوٽل ۾ Serve ٿئي ٿي، پر سڀ کان گهڻي شمونوسيڪي شهر جي هوٽلن ۾ هلي ٿي. شمونوسيڪي شهر کي ان ڪري ”فوگو جو شهر“ (Fugu City) پڻ سڏيو وڃي ٿو. جپان کان ٻاهر رهندڙ جپاني پڻ هن مڇيءَ جو سواد وٺڻ چاهين ٿا، پر ڪن ملڪن ۾ پفر مڇيءَ جي وڪري ۽ رڌ پچاءَ تي سخت بندش آهي. آمريڪا پڻ انهن مان هڪ آهي. هاڻ ڪجهه سالن کان شمونوسيڪي جي هڪ ڪمپنيءَ کي آمريڪا ۾ فوگو مڇي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ملي آهي ۽ آمريڪا جي ”فوڊ ۽ ڊرگ ائڊمنسٽريٽر“ ان مڇيءَ جي اجازت ان شرط تي ڏني آهي ته اها مڇي جپان مان ئي صاف ٿي ايندي. يعني هن جا زهريلا حصا جپان ۾ ڪڍي صاف ڪري پوءِ آمريڪا موڪلي ويندي ۽ ان ڳالهه جي هر دفعي تصديق شمونوسيڪيءَ جو ميئر ڪندو. آمريڪا ۾ جن هوٽلن ۾ هيءَ مڇي Serve ٿئي ٿي، انهن مان نيويارڪ جي ”نپان ريسٽورنٽ“ هڪ آهي، جتي فوگو جي ڊنر لاءِ هر ماڻهوءَ کي 160 ڊالر (يعني 13 هزار رپيا) قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، جيڪڏهن هن جي قسمت سٺي آهي ته، نه ته ان 160 ڊالرن سان گڏ قيمت ۾ پنهنجي جان به ڏيڻي پئجي سگهي ٿي!
هونءَ فوگو مڇي گهڻو ڪري ڪچي کائي وڃي ٿي ۽ بورچي هن جون وڏيون ڳڀيون ڪرڻ بدران تمام سنها پاپڙن جهڙا ذرڙا بلڪ بلڪل ڇلرن جهڙا ٽڪرا، سنهي ڪپ سان ڪپي رکي ٿو ۽ اهي Corn Flakes جهڙا سنها ۽ ننڍڙا ڇلر پليٽ تي گلن ۽ پکين جي شڪل ۾ سينگاري گراهڪن اڳيان پيش ڪري ٿو. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ جنهن همراهه جو هن مڇي کائڻ سان موت ٿيو آهي، ان جي اڳيان هن مڇيءَ جي ٽڪرن کي ڪونج (Crane) جي شڪل ۾ سينگاري رکيو ويو هو ۽ مرڻ واري جي ڇا ته بدقسمتي چئبي جو جپانين جي عقيدي موجب هي پکي (ڪونج) وڏي ڄمار جي علامت مڃيو وڃي ٿو ۽ هن غريب جي ڄمار وڏي ٿيڻ بدران اتي جو اتي مختصر ٿي وئي!
اسان کي ته وري به خبر آهي ته هيءَ مڇي خطرناڪ آهي، پر بکايل جانور هن مڇيءَ جا هر وقت شڪار ٿيندا رهن ٿا. جپانيءَ جو هڪ مشهور هائيڪو آهي، جنهن جي شاعره هاشيموتو (Haishimoto Takako) چوي ٿي:

Fugu no wata
Tobetaru ino ga
Umi o miru

فوگو مڇيءَ جا زهريلا حصا (آنڊا، گجي، بڪيون، جيرو وغيره)
ڪتي کاڌا (سمنڊ جي ڪناري تي بک ۾ پاهه ڪتي کائي ته ورتا)
سمنڊ ئي ڏسڻو پيس. (يعني هو موت جي منهن ۾ هليو ويو)

آئن فلمينگ جي مشهور ناول From Russia with Love ۾جيمس بانڊ کي جنهن زهر سان مارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ان بابت Dr.No ناول (۽ فلم) ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهو زهر ڪنهن نانگ جو نه پر فوگو مڇيءَ جو هو.
دنيا جي هيءَ سخت ترين زهريلي مڇي، جنهن کي جپاني ته فوگو سڏين ٿا، پر انگريزيءَ ۾ پفر کان علاوه ٻين نالن سان پڻ سڏجي ٿي، جهڙوڪ: بِلو (Blow) فش، Globe Fish, Swell fish وغيره. اهي سڀ نالا سندس ڦوڪجي ٿلهو ٿيڻ ڪري رکيا ويا آهن. هن جي پيٽ ۾ هڪ قسم جي ڳوٿري ٿئي ٿي. ڊپ جي حالت ۾ هوءَ ان ڳوٿريءَ کي پاڻي يا هوا سان ڀري پنهنجي سائيز کان ٻيڻو بنائي ٿي. دشمن کان بچڻ لاءِ يا حملي ڪندڙ کي ڊيڄارڻ لاءِ قدرت هن کي اهو طريقو بخشيو آهي. ڦوڪجڻ وقت هوءَ اهڙو سخت ٿيو وڃي جو ان مٿان جيڪر ماڻهو چڙهي بيهي ته به اِها نه دٻجي! پفر مڇيءَ جو سائنسي نالو Tetrodontiformes آهي.

پوڙهين جو ڏينهن ۽ هوجمالو

پوڙهين جو ڏينهن ۽ هوجمالو

جپاني ماڻهو شادين مرادين جا ڪاڄ هوٽل ۾ ئي ملهائين. ملهائين ڇا، ويهارو کن مهمانن کي يا وڏو ڇيهه ته پنجاهه کن مهمانن کي گهرائي، ماني کارائين. ڳائڻ وڄائڻ يا ڪو گوڙ گهمسان نه ان هوٽل ۾ ڪن ۽ نه وري پنهنجي گهر يا گهٽي ۾ ڪن. سال جا ڪجهه ثقافتي فنڪشن اهڙا آهن جن ۾ مڙيئي بئنڊ باجو وڄائين ۽ نچن ٽپن- جهڙوڪ ڇوڪرن جي بالغ ٿيڻ تي، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي ست سال عمر ٿيڻ تي، بهار جي موسم ۾ گل کڙڻ تي- انهن فنڪشنن جي ڊگهي لسٽ آهي جن مان ڪجهه سڄي جپان ۾ ملهائين ته ڪجهه خاص صوبن، ٻيٽن ۽ ضلعن تائين محدود آهن. ڪن ڏينهن تي ته سڄي جپان ۾ موڪل به ٿئي.
اسان جي گهٽي ڪوگاني ني چومي (Kogane 2. Chome) جي آخري ڇيڙي وٽ هڪ ننڍڙو پارڪ آهي. (ٻن کي جپاني ۾ ”ني“ سڏجي ٿو. جپاني ائڊريسن ۾ انگ لکجن کڻي انگريزي ۾ ٿا پر پڙهجن جپاني ۾ ٿا...اِچي، ني، سان، شي...هڪ، ٻه، ٽي، چار...وغيره وغيره). ٻن ڏينهن کان ان پارڪ مان لنگهڻ وقت ڏٺم پئي ته ان کي عورتون صاف ڪري رهيون هيون. وچ ۾ رکيل پينگهن ۽ گسڪڻ کي هٽائي ڪنڊ ۾ رکيو هئائون ۽ پوءِ وچ تي هڪ اسٽيج به ٺاهي هئائون. سوچيم ته پڇان ته ڇا جي تياري ٿي رهي آهي پر هر هڪ عورت صفائي وغيره ۾ سخت مشغول ٿي لڳي. مون کي ائين ئي لڳو ته ڪو سندن ڪاڄ آهي يا موڪلون آهن، سو ان پارڪ جي ڀر وارن گهرن جون هي عورتون ٻارن جو ڪو فنڪشن يا ڊرامو ڪري دل وندرائڻ ٿيون چاهين.
۽ پوءِ سج لٿي مهل گهر ويٺو هوس ته نغارن ۽ ڪلاسيڪل راڳن جا آواز آيا. مون کي اهو ئي لڳو ته ان پارڪ مان ئي اچي رهيا آهن. دل چاهيو ته ڪئميرا کڻي چڪر ڏئي اچان. گهٽي گهوٽيءَ ۾ ڪنهن جپانيءَ جي شادي ته نه ٿيندي آهي پر هي نمونو شادي جي فنڪشن وارو پيو لڳي.
ڪپڙا بدلائي ڪئميرا کڻي لفٽ ذريعي پنهنجي اٺين فلور تان پهرين تي آيس. (جپان، ڪوريا ۽ هانگ ڪانگ پاسي گرائونڊ فلور فرسٽ فلور ٿئي ۽ يورپ پاسي يا پاڻ وٽ پاڪستان ۾ زمين سان ليول واري فلور کي گرائونڊ فلور سڏيون ۽ ان بعد پهرين، ٻي ٽي ماڙ ڳڻيون). پارڪ پاسي وڌيس ته آواز وڌيڪ چٽا ٿيندا ويا ۽ بتين جي روشني به وڌندي وئي. پارڪ جي چوڌاري ماڻهن جو ميڙو متل هو، خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن جو. اسٽيج تي ڏهاڪو کن جپاني عورتون خوبصورت ۽ تکن رنگن وارن ڪمونو وڳن ۾ نچي رهيون هيون. ڪيتريون ئي اهڙن ئي ويس وڳن ۾ سنواريل ۽ سجايل گهوڙن وانگر هيٺ بيٺيون هيون. خوبصورت رنگن وارن ڪمونن ۾ ايتريون ساريون جپاني عورتون سو به دوستاڻي ماحول ۾ ڏسي آئون سندن فوٽا ڪڍڻ ۾ مشغول ٿي ويس ۽ اهو پڇڻ رهجي ويو ته ڇا جو فنڪشن آهي. عورتن جو ڪو گروپ هِتي بيٺو هو ته ڪو هُتي. ڪن جا اڪيلا فوٽو سندن گروپ سان ڪڍيم ته ڪنهن گروپ ۾ آئون پاڻ ٿي بيٺس. اتي اوچتو هوش جاءِ آيا ته پائوڊر جي ليپ هيٺان اهي سڀ پوڙهيون آهن سو ڪنهن جوان جو به ته فوٽو ڪڍجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بذات خود ڪمونو (جپاني وڳي) جي ايڏي سونهن آهي جو پهريندڙ جي سونهن سوڀيا سيڪنڊري شيءِ ٿيو پوي ته به هيترن سارن فوٽن ۾ ڪنهن جوان عورت جو به ته فوٽو هجڻ کپي. مون کي ڪمونن جو دڪان ته نه آهي کولڻو جو رڳو ڪموني کي نظر ۾ رکي فوٽو ڪڍندو وتان. آخر هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ڦيري جاچيم ته نه هيٺ هار سينگار ڪيل عورتن ۾ ڪا هئي ۽ نه اسٽيج تي ”وڄندڙ رڪارڊ تي بنا قدم ملڻ جي“ ڊانس ڪندڙن ۾ ڪا اهڙي نظر آئي جيڪا پنجاهه سٺ سالن کان ننڍي هجي. جوان عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون سڀ مون وانگر ڏسڻ لاءِ آيل هيون ۽ پينٽ شرٽ يا اسڪرٽ ۾ هيون.
”ڇا ڪنهن جي شادي آهي؟“ هڪ منهنجي عمر جي مرد مون کي هوا هڻڻ جو خوبصورت پکو ۽ ٽوال تحفي طور اچي ڏنو ته مون يڪدم پڇيومانس.
”اوه نه! نه! بان او دوري آهي.“ هن وراڻيو. چئبو ته اها ڳالهه آهي. حق تي محلي جون پوڙهيون نچي رهيون آهن. جپان ۾ ”بان اودوري“ سال ۾ هڪ ڏينهن پوڙهين جو ڏينهن ٿيندو آهي، جنهن ۾ هو نچنديون ٽپنديون ۽ ڊانس ڪري خوش ٿينديون آهن ۽ ڏسڻ وارا سندن سر تال ۽ ناچ نخري جي تعريف ڪندا آهن. هتي هن فنڪشن ۾ آيل مهمانن کي هنن ته پکو ۽ ٽوال ٿي ڏنو پر ٻين شهرن ۾ مختلف تحفا ڏين. بهرحال آئون جپانين جي ان ڳالهه کي ڏسي خوشي ۽ حيرت ۾ رهيس ته هي ماڻهو ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ ڪيڏو خوش ٿين ٿا ۽ هنن جي ڪنهن به فنڪشن ۾ جهيڙو جهٽو يا ٽريفڪ جئم نٿي ٿئي. سڄو سال پاڙي جون پوڙهيون پئسا گڏ ڪري هن ڏينهن تي آيل مهمانن کي تحفا به ڏين ٿيون ته کارائين پيارين به ٿيون. سرڪار به خوش جو اُن بهاني پارڪ کي خراب نه پر صاف سٿرو ڪريو ڇڏين ۽ پاڙي وارن کي به ڪا شڪايت نٿي رهي جو هتي ڪو به راڳ روپ جو پروگرام ڏهين بجي کان مٿي نٿو ڪري سگهجي ۽ ان جي هڪ ٻه ڏينهن اڳ پرئڪٽس جي اجازت فقط نائين بجي تائين هوندي آهي. مجال آهي جو سرڪار طرفان مقرر ٿيل وقت کان ڪو هڪ منٽ به مٿي لائوڊ اسپيڪر جو استعمال ڪري. پوليس نه هوندي آهي ته به امن امان هوندو آهي ۽ خير خوبيءَ سان ڪم ختم ٿي ويندو آهي، جو هتي جي ماڻهن کي سندن پوليس جي اکين جي خبر آهي. اها ڪنهن کي به غير قانوني ڪم ۾ بخش نٿي ڪري، چاهي هو مسٽر سونيءَ جي خاندان جو هجي يا مسٽر سوزوڪيءَ جي.
اسٽيج جي چوڌاري ڪيترائي جوان ڇوڪرن جا ٽولا پئي ڦريا پر ڪنهن به ڪا اجائي سجائي هوٽنگ يا لوفرپائي نٿي ڪئي. هڪڙا ٽي ڄڻا سي به شايد نيڪ نيتيءَ ۾ يا شايد مستيءَ ۾، رکي رکي اسٽيج تي اچي ٽپ پائي ماڻهن کي کلائي ويا ٿي پر مون ڏٺو ته ڪيترن کي انهن جي اها بي ترتيب ۽ بي وقتائتي ٽرڙپائي پسند نٿي آئي. منهنجي ڀر ۾ منهنجي عمر جو هڪ جپاني مڪينڪ پنهنجي يونيورسٽي گريجوئيٽ پٽ سان بيٺو هو، تنهن مون سان خوش خير عافيت ڪندي شڪايت طور چيو: ”اڄ جو نوجوان جپاني ڪيڏو بي افعالو ٿيندو وڃي، هن کان پراڻو ڪلچر ۽ وڏن جي عزت نڪرندي وڃي!“
مون سندس ڳالهه تي تعجب کائي مرڪندي کانئس پڇيو:
”ويجهڙائي ۾ تون يورپ يا آمريڪا ويو آهين؟“
”نه“.
”ڀلا ملائيشيا، انڊونيشيا يا ٿائلينڊ؟“
”نه.“
”دراصل دنيا الائي ڪٿان وڃي نڪتي آهي. اڄ وري به جيڪي ڪجهه پراڻا قدر ۽ اخلاق موجود آهن سي هتي جپان ۾ آهن. سواءِ ان ايڪڙ ٻيڪڙ بداخلاقي ۽ ڏوهن جي، جپان اڄ به فضيلت وارو ملڪ آهي. توهان جي ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ مار ڌاڙ جا سين هوندي به جپان جون گهٽيون آڌي رات جو به Safe آهن.“ مون چيومانس. هن کي انگريزي به سٺي آئي ٿي. سندس پٽ تازو انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي پر اڃا ڪا نوڪري حاصل ڪري نه سگهيو هو جنهن لاءِ هو فڪرمند لڳو ٿي. دنيا جي هر ملڪ وانگر جپان ۾ به نوڪري هٿ ڪرڻ وڏو مسئلو آهي ۽ نه وري هتي ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ وانگر نوجوانن کي بيروزگاريءَ جو ڪو الائونس ملي ٿو. ڌارين ماڻهن لاءِ جپان ۾ نوڪري هٿ ڪرڻ اڃا به ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي پر تنهن هوندي به هٿ پير هڻڻ سان ڪيترن کي مليو وڃي.
ڏهن ۾ ويهه منٽ هئا ته آخري راڳ ۽ ناچ شروع ٿيو جنهن ۾ ٻين کي به سڏيو ويو. ماڻهو ايترا ٿي ويا جو ڪيترا اسٽيج کان هيٺ بيهي نچڻ لڳا. اهو هنن جو هڪ قسم جو هوجمالو هو، جنهن ۾ مون کي به ڇڪي شامل ڪيائون. هنن ۾ آئون هڪ ڌاريو هجڻ ڪري سڀني جون نظرون مون ۾ کتل هيون.

دنيا جي خوب صورت ڊريس- ڪمونو

دنيا جي خوب صورت ڊريس- ڪمونو

جپان جي روايتي ڊريس جو نالو ڪمونو (Kimono) آهي، جيئن اسان جي ڊريس ”شلوار قميص“ سڏجي ٿي يا ملئي ماڻهن جي ”باجو ڪرونگ“ آهي. هڪ جپاني عورت ڪمونو بابت ٻڌائيندي چيو هو: ”مغرب جا ماڻهو (يعني يورپي) ڪمونو تي اجايو الزام ٿا هڻن ته اها Impractical ڊريس آهي.“ يعني اها هلڻ چلڻ ۾ سهوليت واري ناهي.
مون کيس پنهنجي طرفان ته ڪجهه نه چيو پر دل ۾ سوچيم، يورپي ڳالهه ته صحيح ٿا ڪن. جيئن اسان جي شلوار قميص ڪيترين ڳالهين ۾ سهوليت واري نه آهي. ڇا يورپ جي ٿڌ ۾ ڪو شلوار قميص پائي ٻاهر نڪري سگهندو يا ڪارخانن ۽ انجڻين ۾ ان ڊريس ۾ ڪو ڪم ڪري سگهندو، جنهن ۾ قميص جو پلئه يا سٿڻ جو حصو گيئرن ۾ ڦاسي ماڻهوءَ کي ماري سگهي ٿو. پر اسان جي موسم ۽ ماحول مطابق سٿڻ قميص برمين ۽ تاملن جي گوڏين، دهلوي لکنوين جي چوڙيدار پاجامن ۽ نيپالين ۽ سريلنڪن جي ڌوتين کان تمام سٺي ۽ فضيلت واري ڊريس آهي. تڏهن ته آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج جو سهڻو جوان ذوالفقار ڀٽو، دنيا جو مشهور ڪرڪيٽ رانديگر عمران خان ۽ ننڍي اسڪرين توڙي وڏي اسڪرين جو ڊگهي عرصي کان ماڻهن جون دليون موهڻ وارو اميتاڀ بچن ۽ ٻيا ڪيترائي سٿڻ قميص پائڻ پسند ڪن ٿا.
اهڙي طرح يارو جپاني ڪمونو ائين آهي جيئن ڪا ڇوڪري پنج ڇهه کليل تاڪيا ڪلهن تي رکيو پئي وڃي، جنهن ۾ هوءَ نه تکو هلي سگهي، نه هلڪو محسوس ڪري سگهي. گرم ملڪن ۾ ته ان ڊريس ۾ جيڪر ساهه نڪري جو ڪمونو ڊريس تهه مٿان تهه آهي. پر سٿڻ قميص وانگر ”ڪمونو“ پڻ ان جي پائڻ واري کي سونهن ۽ Grace بخشي ٿو. هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته ڪمونو جا خوبصورت رنگ ۽ اسٽائيل هڪ پوڙهي ۽ ڪوجهي عورت کي به حسن بخشين ٿا. بقول هڪ جپاني دوست جي ڪمونو پهرڻ بعد ڪا ڇوڪري بي افعالي ٿي هلي نٿي سگهي. هن کي وک وک فضيلت سان کڻڻي پوي ٿي. هن جي ڳالهائڻ جي ادا ئي ڦريو وڃي.
اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي، جيتوڻيڪ جپاني سوسائٽيءَ ۾ گهڻو رهڻ سان توهان کي اهڙيون ڪمونو پهريل به ملنديون (خاص ڪري جوان عورتون ۽ يونيورسٽيءَ جون ڇوڪريون) جيڪي ڪمونو پائڻ بعد به پنهنجي لوفر پائيءَ کان باز نٿيون اچن. ايتريقدر جو رستي تان لنگهندي کلئي عام سگريٽ جا سُوٽا هڻنديون وينديون! پر اهڙيون ڪمونو پهريل تمام گهٽ ۽ اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. سو ٿلهي ليکي ڳالهه ڪجي ته ”ڪمونو“ اهڙي ڊريس آهي، جيڪا پائيندڙ جي نه فقط چال ڍال بدلايو ڇڏي، پر اندر به اُجاريو ڇڏي.
ڪمونو جپان جو قومي لباس آهي ۽ اڄڪلهه فقط شادين مرادين ۽ اهم فنڪشنن ۾ پاتو وڃي ٿو. ان ڪري ڪمونو هڪ قسم جي بيحد فارمل ڊريس ٿي پئي آهي. ان کان گهٽ پيماني واري ڊريس يوڪاتا (Yukata) آهي، جيڪا اڪثر هوٽلن ۾، خاص ڪري جپاني مسافر خانن (Ryokan) ۾ پاتي وڃي ٿي.
ڪمونو لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن کان تيرهن وال ڪپڙو کپي ٿو. ان ڪپڙي جا اٺ ٽڪرا ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن کي هڪ خاص پئٽرن ۾ ڳنڍيو وڃي ٿو. ڪمونو گهڻو ڪري سلڪ جي ڪپڙي مان ٺاهيو وڃي ٿو ۽ يوڪاتا ڪاٽن (سوٽي) ڪپڙي مان. ڪمونو کي رنگين بنائڻ لاءِ ان جو ڪپڙو مختلف رنگن جي ڌاڳن سان اُڻيو وڃي ٿو يا بعد ۾ رنگريز کان Dye ڪرايو وڃي ٿو. جيئن سوسيءَ جي ڪپڙن کان هالا مشهور آهي، تيئن ڪمونو جي رنگين اوڄي واري ڪپڙي Oshima Tsumugi کان امامي ٻيٽ مشهور آهي، جيڪو ڪيوشو جي ڏکڻ ۾ آهي. ڪمونو لاءِ هڪ ٻيو ڪپڙو Yuki Tsumugi پڻ مشهور آهي، جيڪو يوڪي شهر ۾ ٺهي ٿو. هن ڪپڙي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ايڏو مضبوط ٿئي ٿو جو هن ڪپڙي جا ڪمونو ٽي سؤ سال به هلن ٿا. Dye، ڊاءِ وارو ڪپڙو ڪيوٽو ۽ ڪانازاوا شهرن جو مشهور آهي.
ڪمونو لاءِ چون ٿا ته هن جو رواج هيئيئان (Heian) دور (1192ع- 794ع) ۾ پيو. ڪماڪورا دور (1138ع- 1192ع) ۽ مورو ماچي دور (1573ع- 1338ع) ۾ مرد توڙي عورتون چمڪ وارن رنگين ڪپڙن جا ڪمونو پائيندا هئا. پوءِ ايڊو (Edo) دور (1868ع- 1603ع) ۾، جنهن ۾ جپان تي حڪومت تاڪو گاوا گهراڻي ٿي ڪئي (جيڪي ملٽري جا ماڻهو ۽ جنگجو خاندان جا هئا) ڪمونو مختلف سردارن جي سپاهين لاءِ مختلف رنگن جو ٺاهيو ويو، يعني هن کي يونيفارم واري حيثيت ڏني وئي. پوءِ ميجي شهنشاهيت (1912ع- 1868ع) واري دور ۾ جپان تي مغربي دنيا جو وڏو اثر رهيو. حڪومت عوام جي همت افزائي ڪئي ٿي ته مغربي ڊريس پايو ۽ اتي جي ماڻهن جون عادتون ۽ رسم رواج اپنائڻ جي ڪوشش ڪريو. اڄ جي دور ۾ جپاني ماڻهو ورلي ڪمونو پائي ٿو. عام زندگيءَ ۾ جپاني مرد توڙي عورت مغربي ڊريس ۾ نظر اچي ٿو. ڪمونو فقط شادين مرادين جهڙن ڪاڄن ۽ اهم فنڪشنن لاءِ رکيو ويو آهي، جيئن اسان وٽ شيرواني آهي.
جپاني جي هڪ مشهور شاعره مساجو (Suzuki Masajo) جو ڪمونو بابت هڪ خوبصورت شعر آهي ته:
”سلڪ جي لسي ڪمونو جو
جسم کي ڇهڻ
يار جي دل ۾ وڍ وجهي رهيو آهي“
Usumono Ya
Hito Kanashimasu
Koi O Shite
مئڊم ماساجو ۽ ”رومانيت“، اڃا به جي Exact جپاني لفظ استعمال ڪجي ته ”عشق جي آڳ“، هڪ ئي شيءِ جو نالو سمجهيو وڃي ٿو. پاڻ سونهن، پيار ۽ هائيڪو شاعريءَ جي ديوي پڻ مڃي وڃي ٿي. جپان جي هن شاعره ماساجو جي شروع واري زندگيءَ جو هڪ واقعو _ شادي شده ٿي ڪري هڪ نوجوان جهازي يار سان (جيڪو کانئس ڏهه سال کن ننڍو هو) ڀڄي وڃڻ، ليجنڊري حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ جيستائين مون کي ياد آهي ته ان تي فلم به ٺهي چڪي آهي. ماساجو سان منهنجي ملاقات ٽوڪيو جي سندس هوٽل ۾ 1979ع ۾ ٿي، جڏهن هوءَ 73 ورهين جي هئي. ايڏي وڏي عمر جي باوجود به هوءَ ٻي ملڪا ترنم نورجهان لڳي رهي هئي. ان بعد منهنجي هڪ پاڪستاني جهازي دوست جي ساڻس 1991ع ۾ ملاقات ٿي، جڏهن پاڻ 85 سالن جي هئي. ساڻس گڏ فوٽو ڪڍرائڻ جو مون کي ڏاڍو شوق هو. ان وقت تائين سندس چار ڪتاب ڇپجي چڪا هئا. آخري ڪتاب Yuborarn) کڙکٻيتا) تي کيس ايوارڊ مليو هو.
”ان بعد وري ٽوڪيو اچان ها ته ساڻس گڏ ڪيترائي فوٽو ڪڍرايان ها. هن وقت جي جيئري هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ 100 سالن جي هجي ها جو هوءَ مون کان 38 سال وڏي هئي.“ مون هن سال ٽوڪيو اچڻ تي سوچيو.
۽ هينئر گنزا مان چڪر هڻندي سندس ريسٽورنٽ "Unami" وٽان لنگهندي منهنجا قدم ان طرف وڌڻ لڳا. ليئو پائي مئڊم ماساجو جو پڇيم ته هوءَ ڪهڙي سال گذاري وئي.
”ڇا مطلب؟“ ڪائونٽر تي ويٺل سندس ڌيءَ يا شايد ڏهٽي پوٽيءَ حيرت مان پڇيو، ”هوءَ ته هينئر مارچ ۾ گذاري وئي آهي.“
اهو ٻڌي مون کي حيرت ۽ افسوس ٿيو. تنهن جي معنيٰ ته هوءَ اڃا جيئري هئي ۽ هينئر ٻه مهينا کن اڳ منهنجي هتي هجڻ دوران گذاري وئي آهي! ريسٽورنٽ جي نئين مالڪياڻيءَ هڪ انگريزي اخبار جي ڪٽنگ پڙهڻ لاءِ مون ڏي وڌائي جنهن ۾ مئڊم ماساجو جي موت جي خبر هئي. ان هيٺان ٿلهي ٽائيپ ۾ لکيل هو:
Masajo has passed away. She was 96. She died a natural death peacefully in Tokyo on Friday 14th March 2003. Her life was one of love and haiku, which is chronicled in her own unforgettable poems and essays.
آئون انهي پيرين ٻاهر نڪتس. مون کي چوٿو صدي کن اڳ جا ڏينهن اکين اڳيان ڦري آيا، جڏهن منهنجي هن شاعره سان پهريون دفعو ملاقات، هن ئي ريسٽورنٽ ۾ ٿي هئي ۽ ان بعد ئي مون هن جي شاعري غور سان پڙهڻ شروع ڪئي هئي.
ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ هڪ ڏينهن دير تائين ڪم ڪرڻ بعد اتي جو فائننس ڊائريڪٽر اسان کي شهر وٺي هليو هو. ٽوڪيو جي هن شپ يارڊ ڀرسان ئي هتي جو مشهور علائقو گنزا آهي، جتي جا خوبصورت دڪان ۽ هوٽلون دنيا جا اعليٰ ترين سمجهيا وڃن ٿا.
”الطاف توهان کي هڪ اهڙي هنڌ وٺي ٿو هلان جتي گهٽ ۾ گهٽ توکي ڏاڍو مزو ايندو.“
”بس سمجهي ويس.“ مون ٺهه پهه وراڻيس. ”مئڪڊونالڊ تان ملڪ شيڪ پيارڻ ٿو هلين.“
۽ پوءِ فائننس ڊائريڪٽر جڏهن ’يونامي‘ نالي هن جپاني اسٽائيل ريسٽورنٽ جي ٻاهران اچي بيٺو ته مون خوشيءَ جو اظهار نه ڪندي چيومانس: ”يار هتي وٺي اچڻ ۾ اسان پاڪستانين جو ڪهڙو فائدو؟ تون ته ساڪي (جپاني شراب) به پيئندين ته بيف اسٽيڪ به کائيندين. اسان جي نصيب ۾ ته فقط ڪارن ڪِريم سُوپ ئي ايندو.“
”سُوپ سان گڏ مڇي ۽ سلاد کائجانءَ ۽ پوءِ رستي تان ملڪ شيڪ به وٺي هلجانءِ. هتي تنهنجي ملاقات اسان جي هڪ وڏي شاعره سان ٿو ڪرايان، جيڪا هن هوٽل جي مالڪڻ پڻ آهي.“
منهنجي ٻين پاڪستاني انجنيئر دوستن لاءِ اها ملاقات اهم هجي يا نه پر منهنجي لاءِ اها گهڙي ايتري ئي اهم هئي، جيتري اڄ کان ويهارو کن سال اڳ، جڏهن قمر شهباز مون کي شيخ اياز جي فليٽ تي وٺي هليو هو ۽ هن سان منهنجي پهريون دفعو ملاقات ٿي هئي.
جپان جي هيءَ مشهور شاعره سوزوڪي ماساجو (سوزوڪي سندس ذات آهي) 1906ع ۾ ڄائي. سندس ماءُ پيءُ يوشيدا نالي هڪ مسافر خانو هلايو ٿي. (اهو مسافر خانو اڄ به موجود آهي ۽ ’ڪامو گاوا گرانڊ هوٽل‘ جي نالي سان سڏجي ٿو). ماساجو جي هڪ عجيب ڏکن ڀري زندگي آهي جيڪا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ مختصر طور لکان ٿو.
ماساجو (Masajo) پنجن سالن جي مس ٿي ته سندس ماءُ جيڪا ان وقت 27 سالن جي هئي، گذاري وئي. ٻن سالن بعد سندس پيءُ ٻي شادي ڪئي. ماساجو جي هيءَ ماٽيلي ماءُ جيڪا سندس ماءُ جي همعمر، بيحد حسين ۽ مهربان هئي، هڪ گيشا هئي. چوڏهن سالن جي ٿيڻ تي جڏهن ماساجو گيشا ٿيڻ لاءِ پنهنجي ماٽيلي ماءُ کان صلاح ورتي ته هن ماساجو کي Support ڪيو، پر سندس ڀيڻن ۽ پيءُ گيشا ٿيڻ کان منع ڪيس.
ماساجو ٽن ڀيڻن ۾ سڀ کان ننڍي هئي. سندس وڏي ڀيڻ ريو (Ryu) به هائيڪو جي وڏي شاعره ٿي گذري آهي، جنهن پندرهن سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪئي. هوءَ 33 سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي. ان وقت ماساجو 29 سالن جي هئي. ان ئي سال ماساجو جو مڙس جيڪو هول سيل مرچنٽ هو، اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي ويو. دراصل هن جوا ۾ ايڏو ته هارايو جو هو کُٽي ويو ۽ ماڻهن اڳيان ڪنڌ کڻي هلڻ بدران جهنگ منهن ڪري ويو. اخبار ۾ ”گم ٿي ويل جو پتو گهرجي“ اشتهار ڏئي ماساجو ٿڪجي پئي. ساڻس ڇهه سال اڳ ماساجو جي وڏي شوق سان شادي ٿي هئي. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ڇتو عشق هو. ”جيڪڏهن تون فقير ٿي وئين ته آئون به توسان گڏ پنڻ نڪرنديس.“ ماساجو ساڻس ان حد تائين وَچن ڪيو هو- يعني تنهنجو ڏک منهنجو ڏک آهي.
ان بعد ماساجو جي ڪٽنب جي گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته ماساجو موٽي پنهنجي گهر اچي. مائٽاڻي گهر موٽڻ تي مڙس جي مائٽن سندس ڌيءَ پاڻ وٽ رکي ڇڏي، يعني ماساجو کان هڪ ئي وقت ٻه پياريون شيون کسجي ويون: هڪ سندس مڙس ۽ ٻي ٻن اڍائي سالن جي ڌيءَ ۽ پوءِ ماساجو جي زندگيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ ڏک شامل ٿي ويا، جڏهن مٽن مائٽن هن تي زور آندو ته هوءَ پنهنجي مري ويل ڀيڻ جي مڙس سان شادي ڪري. نه چاهيندي به ماساجو کي پنهنجي ڪٽنب جو مان مٿاهون ڪرڻو پيو ۽ پاڻ کان وڏي مڙس سان شادي ڪرڻي پيئي. نه فقط شادي ڪرڻي پيئي، پر سندس مرحوم ڀيڻ جي چئن ٻارن کي به نپائڻو پيو. ساڳي وقت مٿس پنهنجي سڳي ڌيءَ سان ملڻ تي به پابندي وڌي وئي.
انهن غمن دوران، هن شايد پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ يا وندر خاطر، پاڻ کان ڏهاڪو کن سالن جي ننڍي عمر جي هڪ نيول آفيسر سان، عشق ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.
ان دوران ساڻس ٻيون به ڪيتريون ٽرئجڊيون ٿيون. سندس مسافرخانو جيڪو سندن روزگار جو اڪيلو ذريعو هو، اهو سڙي ويو. سندس شاعر دوستن ان وقت سندس مدد ڪئي ۽ کيس نئون مسافرخانو ٺاهڻ لاءِ بنا وياج جي اوڌر ڏني. 50 سالن جي عمر تي پهتي ته سندس هي جهازي مڙس به کيس ڇڏي ويو- بلڪ سڄي ملڪيت تي قبضو ڪري هن کي هٿين خالي گهران ڪڍي ڇڏيو. هڪ دفعو وري سندس دوستن هن جي مدد ڪئي ۽ اڌارا ورتل پئسن مان گنزا ۾ "Unami" نالي هيءَ ريسٽورنٽ اچي کولي. ان وقت کان ماساجو هتي رهي هن ريسٽورنٽ کي هلايو ۽ هائيڪو شاعري ڪئي. سندس هڪ شعر آهي:
Sae Kaeru
Sumajiki monono
Naka ni koi
روح ڏڪائيندڙ ٿڌ ۾،
ٻين ڳالهين سان گڏ،
ڪجو نه ڪنهن سان عشق

بيپوءَ جا چشما ۽ آسو ٻرندڙ جبل

بيپوءَ جا چشما ۽ آسو ٻرندڙ جبل

صبح جو اٺين وڳي پروگرام مطابق هالا جي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ جي جپاني دوست ياماناڪا (Yamanaka Yasuhida) اسان کي فڪوئوڪا پريفيڪچر کان علاوه ڀروارن علائقن ساگا (Saga)، اوئيٽا (Oita)، ڪماموتو (Kumamoto) ۽ ميازاڪي (Miyazaki) پريفيڪچرن جا مختلف شهر، جبل، گرم پاڻيءَ جا چشما (جن کي جپانيءَ ۾ Onsen سڏين ٿا) ۽ ٻرندڙ جبل Volcanoes (جن کي جپانيءَ ۾ Kazan سڏين) ٻن ڏينهن جي سفر دوران ڏيکارڻ چاهيا ٿي.
ياماناڪا- سانُ (مسٽر ياماناڪا) هيروشيما جو رهاڪو آهي ۽ مشتاق جو ست اٺ سال اڳ دوست ٿيو، جڏهن مشتاق انگلينڊ مان انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ بعد هيروشيما جي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊيءَ لاءِ آيو هو. پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد هو ريسرچ ورڪ لاءِ فڪوئوڪا- ڪين(Prefecture) جي شهر ڪوڪُورا ۾ آيو ته ياماناڪا جي بدلي به ڪوڪُورا ۾ ٿي، پر هن جي فئملي هيروشيما ۾ ئي رهي ٿي.
هيروشيما شهر هيروشيما پريفيڪچر ۾ آهي، جيڪو ڀر واري ٻيٽ هونشو ۾ ياماگچي پريفيڪچر کان پوءِ آهي. ياماناڪا هر هفتي Kanmon پل (جيڪا موجي ۽ شمونو سيڪي شهرن کي ڳنڍي ٿي) ذريعي سمنڊ ٽپي هن ڪيوشو ٻيٽ کان هونشو ٻيٽ تي پهچندو آهي، جتي هن جي فئملي ۽ ماءُ پيءُ هيروشيما ۾ رهن ٿا. هن هفتي ٻارن کي موڪلون هجڻ ڪري سندس فئملي (زال ۽ چار ٻار: ٻه پٽ ٻه ڌيئون) ٽوڪيو هليا ويا هئا. سو پهرين جي ٺهيل پروگرام موجب هن مون کي ڪيوشو ٻيٽ گهمائڻ چاهيو ٿي- جيڪو جپان جي چئن وڏن ٻيٽن مان هونشو ۽ هوڪئدو بعد ٽي نمبر تي آهي ۽ قدرتي سونهن ۾ سڀني ٻيٽن کان سهڻو چيو وڃي ٿو ۽ جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه فقط دنيا جي مختلف ملڪن جا ٽوئرسٽ اچن ٿا، پر جپان جا مڪاني ماڻهو پڻ. اهوئي سبب آهي جو اسان کي هر هنڌ ڪيترائي سياح مليا پئي.
هن ٻن ڏينهن جي سفر ۾ منهنجي لاءِ جيڪي نيون شيون هيون ۽ جن مون کي متاثر ڪيو، اهي سوگي ۽ ٻين چهچ ساون وڻن ۽ گاهه سان ڀريل جبل- ۽ جبل به هڪ يا ٻه نه پر جبلن جو اڻ کٽندڙ سلسلو (جيڪو ٽوڪيو يا اوساڪا ۽ ڪوبي جهڙن شهرن ۾ ويهي ڪو يقين نٿو ڪري سگهي ته جپان واقعي 85 سيڪڙو جبل ئي جبل آهي) ۽ انهن جبلن مان ڪن تي نانگن وانگر گول ڦرندڙ رستا ته ڪن اندر سرنگهون (Tunnel) جن مان لاريون موٽرون زوڪاٽ ڪنديون ٿي ويون ۽ انهن جو ETC ذريعي ڪَٽيل ٽئڪس حڪومت جي خزاني ۾ واڌارو آندو ٿي. انهن ڏورانهن جبلن تي ننڍڙا ڳوٺ يا ڪٿي ته فقط ٻه چار گهر ۽ انهن ۾ ٻرندڙ بلبن مان لڳو ٿي ته حڪومت هرهڪ جي در تائين نه فقط بجلي پهچائي آهي، پر امن امان پڻ- تڏهن ته هو ههڙن ويران هنڌن تي به اڪيلا رهيا پيا آهن. گرم پاڻيءَ جا چشما ۽ ڦاٽندڙ جبل- جيڪي هونءَ جهاز تي اچڻ وقت نه انهن بابت سوچ آئي ٿي ۽ نه چڱيءَ طرح ڏسڻ جي توفيق ٿي ٿي، اهي شيون هاڻ پهريون دفعو هلي ملي ڏسي رهيو هوس، جن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو يورپ ۽ آسٽريليا کان ته ڇا يو ايس اي ۽ ڪئناڊا کان به اچن ٿا. هتي جي گرم پاڻيءَ جي چشمن، انهن ۾ وهنجڻ ۽ ڦاٽندڙ جبلن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. بهرحال وڏو Credit ياماناڪا کي هجي، جيڪو سڄي واٽ صبر سان ڊرائيونگ ڪندو رهيو ۽ جتي اسان چيس ٿي يا کيس ڪا دلچسپ شيءِ نظر آئي ٿي ته گاڏي بيهاري اسان کي چڱيءَ طرح ڏسڻ جو موقعو ڏنو ٿي.
اوئيتا پريفيڪچر جي هڪ جابلو ڳوٺ وٽان لنگهندي ياماناڪا هڪ هنڌ گاڏي روڪي اسان کي ماکيءَ جو ڪارخانو ڏيکاريو، جيڪو هڪ فئملي بزنيس هو. اڳيان دڪان ۽ شوروم هو، پويان گهر ۽ ڪارخانو ۽ ماکيءَ جون مکيون پالڻ جا انيڪ دٻا جيڪي چوڌاري جنگل ۾ پکڙيا پيا هئا. چوڌاري خاص قسم جا جهنگلي گل هئا، جن مان ماکيءَ جي مکين رس چوسيو ٿي- يعني گلن ۽ ٻوٽن جو ڪو ڪاٿو ئي نه هو- ٻين لفظن ۾ کنڊ جي پسيل شربت جا ٿالهه رکڻا نٿي پيا. اڳيان دڪان ۾ ماکيءَ جا شيشا وڪري لاءِ رکيل هئا ۽ آيل مهمانن کي ماکي ۽ اسٽرابيريءَ جو شربت مڪس ڪري مفت پياريو ويو ٿي. شوروم ۾ ڪيترائي ڪمرا هئا، جن ۾ ماکيءَ جا پلاسٽڪ جا مانارا ۽ انهن مان ماکي نچوڙڻ جا مختلف نمونن جا گهاڻا ۽ ماکيءَ جي مکين کي ڀَڄائي انهن جا مانارا کڻڻ لاءِ مختلف دور ۾ استعمال ۾ ايندڙ ڊريسون ۽ منهن ڍڪڻ جا Hood رکيل هئا.
هڪ شيشي جي ڀت پويان ماکيءَ جا مانارا هئا، جيڪي اسين مکين جي حملي بنا ڏسي سگهياسين ٿي. پٺيان ٺهيل ڪارخاني ۾ گهر جا ڀاتي ماکي نچوڙڻ ۽ ان کي شيشي جي بوتلن ۾ وجهڻ ۽ ليبل هڻڻ ۾ مشغول هئا. گهر جا نوجوان ڀاتي ۽ پگهار تي بيٺل ڪم وارا مکين کان بچاءَ وارا ڪپڙا پائي جنگل ۾ پري پري رکيل ماکيءَ جي مکين جا مانارا آڻي رهيا هئا. موڪلائڻ وقت مون ٻه چار فوٽو ڪڍيا ۽ ياماناڪا ٻئي هفتي هيروشيما کڻي وڃڻ لاءِ ٻه چار ماکيءَ جا شيشا ورتا ۽ دڪاندار ڇُوڪري ۽ ڇوڪريءَ مُرڪي سايو نارا چيو.
سفر دوران ڪٿي ڪٿي ننڊ به ڪندو هليس، جڏهن جاڳيس ٿي ته مختلف شهرن، سرنگهن ۽ جبلن جا نالا لکندو ويس، جيئن گهر اچي ڪنهن انگريزيءَ ۾ ڇپيل نقشي کي ڏسي Idea لڳائي سگهان ته ياماناڪا ڪٿان ڪٿان ڦيرائيندو رهيو. ڪار هلائڻ مهل ته هو ڊئش بورڊ مٿان لڳل GPS ذريعي رستو وٺندو پئي هليو، جنهن جي اسڪرين تي رستن ۽ جڳهين جا سڀ نالا جپانيءَ ۾ آيا ٿي ۽ آئون رڳو ايڪڙ ٻيڪڙ اهي پڙهي سگهيس ٿي، جيڪي ”ڪاٽاڪانا“ واري جپاني الف- ب ۾ لکيل هئا. باقي گهڻا تڻا ڪانجيءَ (شڪيلن واري جپاني لکڻيءَ) ۾ هجڻ ڪري سمجهه ۾ نٿي آيا. باقي ٻاهر رستن تي هتي جي روڊ ڊپارٽمينٽ وارن هر جاءِ، جبل، شهر، سرنگهه جو نالو ڪانجيءَ کان علاوه ڪاٽاڪانا ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ لکيو آهي، جيئن جپاني ٻار يا اسان جهڙا ڌاريا (ڪانجي ۽ ڪاٽاڪانا کان اڻ واقف) پڙهي سگهون. هونءَ به جپاني شهرن جا نالا جرمني جي شهرن وانگر اُچارڻ ۾ ڏکيا نه آهن. جپاني لفظن ۾ واولن جي سخاوت هجڻ ڪري ڪوبه جپاني لفظ ڌارئين لاءِ اُچارڻ ڏکيو ڪم ناهي. آئون اهي نالا ڪاپيءَ تان پڙهي نقشي ۾ ڏسان ٿو.
اوڪاگاڪي Okagaki
ڪوگا Koga
فوڪائوڪا Fukuoka
دازائفو Dazaifu
ڪورومي Kurume
ساگا Saga
ڪوماموتو Kumamoto
تاڪاداڪي جبل جيڪو سمنڊ جي سطح کان 1600 ميٽر مٿي آهي.
ڪُوجو سان (Kujo- San) جبل، جيڪو 1800 ميٽرن تائين مٿي ويو ٿي. جپاني نه فقط ماڻهن کي سَانُ چون ٿا (يعني مسٽر يا مئڊم) پر جبل به هنن لاءِ مسٽر يعني (San) آهي ۽ فوجي ياما (فوجي جبل) جي ته ڳالهه ئي نه پڇو. اهو ته تمام وڏو San (مسٽر) آهي.
اسان اوئيتا پريفيڪچر جي ٻن شهرن ۾ ترسياسين. پهرين ڏينهن بيپو (Beppu) ۾ ۽ رات اتي جي هڪ هوٽل ۾ گذاري ٻئي ڏينهن آسو (Aso) شهر ڏي روانا ٿياسين. بيپو قدرتي گرم چشمن کان مشهور آهي ۽ آسو اتي جي ٻرندڙ جبلن مان هڪ اهم جبل آهي جيڪو اسان ڏسڻ ويا هئاسين.
ڌرتيءَ هيٺ يعني دنيا جي گولي جي وچ ڏي جيترو وڃبو اوترو ٽيمپريچر وڌي ٿو ۽ هڪ فاصلي کان پوءِ ايڏي تپش آهي جو ويندي لوهه ۽ ٽامو به رجندو رهي ٿو. ٻين لفظن ۾ ڌرتي کي جي گدرو سمجهجي ته ان جو وچ جنهن ۾ ٻج آهي، اتي ٻرندڙ باهه آهي. ان باهه جي گرمائش ڪري پريشر پيدا ٿئي ٿو، جيڪو جبل جو وچ ڦاڙيو، ٻاهر لاوا جي صورت ۾ نڪري ٿو يا ڪٿي ڌرتيءَ اندر وهندڙ ندين جو پاڻي گرم ٿي ٻاڦ ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي صورت ۾ ٻاهر نڪري ٿو ۽ اها ٻاڦ ڌرتيءَ مان ٻاهر نڪرڻ مهل جنهن ڌاتو يا ڪيميڪل سان لڳندي نڪري ٿو، ان ۾ ان ڌاتوءَ جو اثر ٿئي ٿو. خاص ڪري سلفر جهڙن ڪيميائي شين جو. چشمي مان نڪرندڙ ان گرم پاڻي ۽ ٻاڦ جي رنگ تي پڻ ان ڪيميڪل جو اثر ٿئي ٿو. بيپوءَ ۾ جيڪي گرم پاڻيءَ جا هڪ ٻئي ڀرسان چشما اسان ڏٺا، انهن جو پاڻي جنهن حوض ۾ گڏ ٿي رهيو هو، انهن مان هڪ جو رنگ بلڪل واڱڻ جهڙو نيرو هو ۽ ٻئي جو ڳاڙهين سرن جهڙو، جيتوڻيڪ ٻنهي جي وچ ۾ ڪو ويهه کن وکن جو فاصلو مس هو، پر هرهڪ جي چوڌاري ڌرتيءَ ۾ مختلف ڪيميڪل هجڻ ڪري جدا رنگ ٿيو آهي. ڪن جو ته بلڪل سفيد به هو.
چشمن جي پاڻيءَ ۾ مختلف ڪيميڪل ۽ ڌاتو مليل هجڻ ڪري اهو پاڻي چمڙيءَ جي بيمارين لاءِ مفيد چيو وڃي ٿو ۽ پاڻيءَ جو گرم هجڻ ڪري اهو جسم جي ٽاڪوڙ ڪري ٿو. هونءَ به ڪوسي پاڻي (يعني سَهپ جيتري ڪوسي پاڻي- اٽڪل 40-42 ڊگريون گرم) ۾ وهنجڻ سان ڪنڌ يا پٺيءَ ۾ سور آهي ته في الحال لهيو وڃي ۽ انسان تازو توانو محسوس ڪري ٿو. اهو ئي حال هنن چشمن جي گرم پاڻيءَ جو آهي، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ، پئسو ڪمائڻ يا پنهنجي پنهنجي چشمي جي پاڻيءَ ۾ ماڻهن کي وهنجڻ لاءِ Attract ڪرڻ لاءِ ان قسم جا اشتهار گهڙيا ويا آهن ته ”هڏن جي سور (ريو ميٽزم) جهڙين بيمارين جو ڪلاڪ اندر علاج ٿيو وڃي.“ جيتوڻيڪ ڪهڙي به ڪوسي ۽ ڪيميڪل واري پاڻيءَ ۾ ماڻهو تازو ٿيو وڃي ۽ فرحت محسوس ڪري ٿو ۽ في الحال سور به لهيو وڃن.
ساڳي ريت چشمي جي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ سان چمڙيءَ جون بيماريون Skin Diseases ختم ٿيو ٿيون وڃن، جيڪا ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح آهي پر ڪوبه ائين نٿو چئي سگهي ته هر چشمي جو پاڻي ترياق آهي يا هر چمڙيءَ جي بيماريءَ جو علاج چشمي جو پاڻي آهي. منهنجي خيال ۾ ته ان بيماريءَ جو علاج ضرور ٿي ويندو هوندو، جنهن جي علاج لاءِ گهربل Chemicals ان پاڻيءَ ۾ موجود هوندا. بهرحال صاحب شفا ڏي مولا مريضن کي. في الحال ته علاج کان وڌيڪ Enjoyment لاءِ ڳرا ڀاڙا ۽ چشمن ۾ وهنجڻ جون ڳريون ٽڪيٽون ڀريو نه فقط جپاني پر ڌارين ملڪن جا ماڻهو به پهچيو وڃن. هونءَ به جپان لاءِ مشهور آهي ته جيترا گرم پاڻيءَ جا چشما، ٻرندڙ جبل ۽ زلزلا هن ملڪ جي حصي ۾ آيا آهن، اوترا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نه هوندا.
جپان ۾ ننڍا ننڍا منگهو پير ۽ لڪيءَ جهڙا ته ڪيترائي چشما آهن، پر وڏا جنهن مان ڏينهن رات ٽهڪندڙ پاڻي ۽ ٻاڦ نڪرندي رهي ٿي، اهي به ٻه هزار کن ٿيندا. ڪيترن چشمن مان گرم پاڻي ۽ ان جي ٻاڦ ايڏي ته وڏي پريشر سان نڪري ٿي جو پري کان لڳي ٿو ته ڪٿي باهه لڳل آهي، جنهن جو دونهون مٿي آسمان ڏي پيو وڃي. بيپو شهر کان، جيڪو پڻ جپان ۾ گرم پاڻيءَ جي چشمن کان مشهور آهي، جتي اسان رات رهي پوءِ ٻئي ڏينهن جو سفر شروع ڪيو هو، اڃا پري هئاسين ته اسان کي ائين لڳو ڄڻ شهر ۾ جتي ڪٿي باهه لڳل آهي، جنهن جو دونهون آسمان سان ڳالهيون پيو ڪري. پر پوءِ ’ياماناڪا- سانَ‘ ٻڌايو ته جتي جتي اهو نظر اچي رهيو آهي، اتي اتي چشما آهن ۽ اهو دونهون نه پر ٻاڦ آهي. شهر جي ويجهو ٿيڻ تي ان نڪرندڙ ٻاڦ وارين جاين جو تعداد اڃا به وڌي ويو. ائين لڳو ٿي ڄڻ ننڍا وڏا ڪارخانا هجن، جن مان ٿورو يا گهڻو دونهون نڪري رهيو هجي. هڪ ئي ٽُڪري ۾ ايترا گهڻا چشما ڏسي تعجب ٿو لڳي ته ڌرتيءَ جي ان حصي هيٺ ڇا باهه ٻري رهي هوندي جو اهو پاڻي جيڪو اسان نل سان ڌمي ٻاهر ڪڍون، اهو هتي پاڻهي پريشر سان نڪري رهيو آهي ۽ سالن کان لڳاتار پيو نڪري.
انهن چشمن ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ حڪومت جي پراپرٽي آهن نه ته ٻيا سڀ ماڻهن جا خريد ڪيل آهن، جن انهن جي چوڌاري وهنجڻ لاءِ مختلف نالن سان حوض ۽ باغيچا ٺاهي ڇڏيا آهن، جيئن ماڻهو پئسا ڏئي انهن حوضن (Ponds) ۾ وهنجن ۽ ساڳي وقت جپاني اسٽائيل باغن جو سير به ڪن. ڪيترن مالڪن انهن چشمن جي آسپاس رهائش لاءِ مغربي اسٽائيل جون هوٽلون جن جي ڪمرن ۾ پلنگ، ٽيبل ڪرسي آهن ۽ جپاني اسٽائيل جا مسافرخانا (Ryokon) ٺاهي ڇڏيا آهن، جن جا ڪمرا فرنيچر بنا ٿين. پٽ تي فقط تونئري (Tatami) وڇايل هوندي آهي. ٻاهرين ملڪن يا شهرن جا ماڻهو هتي اچي رات گذاري واپس وڃن يا اڳيان آسو (Aso) جبل تي هتي جو مشهور ۽ زنده Volcano ڏسن، جيڪو ٻن ٽن سالن ۾ هڪ دفعو ضرور ڦاٽي ٿو ۽ پوءِ سال ٻه ان مان باهه جا اُلا ۽ دونهون لڳاتار نڪرندو رهي ٿو. اسان به گرم پاڻيءَ جي چشمن واري هن مشهور شهر بيپو ۾ رات گذاري ٻئي ڏينهن ٻرندڙ جبل ڏسڻ لاءِ آسو شهر روانا ٿي وياسين.
بيپو ۾ اسان ٽي سؤ کن يين هرهڪ جي ٽڪيٽ ڏني. جنهن هنڌ چشما ڏٺاسين، اتي هڪ وڏي ريسٽورنٽ ۽ ميوزيم پڻ هو. چوڌاري خوبصورت باغيچو هو جنهن جي حوضن ۾ ڪنول جا گل لڏي لمي رهيا هئا. هتي هڪ ٻئي جي ڀرسان يڪا ٽي چشما هئا، جن مان ٽهڪندڙ پاڻي ٻاهر نڪري حوضن ۾ ڪِري رهيو هو.
پاڻي نڪرڻ واري جاءِ جي ڀرسان جتي ڪٿي اوٻارڻ لاءِ لوهي وڏي ڇاڻيءَ ۾ ڪجهه بيضا لڙڪايا ويا هئا، جيئن ڏسندڙ کي آئيڊيا ٿئي ته پاڻي ڪيترو گرم آهي. حوض ۾ لڳل ٿرماميٽر 97 ڊگريون ٽيمپريچر ڏيکاري رهيو هو، يعني ان ۾ ته هٿ وجهڻ سان هٿ به سڙي پوي. وهنجڻ لاءِ هن گڏ ٿيل پاڻيءَ کي پمپ ذريعي ٻئي تالاب ۾ ٽرانسفر ڪيو ويو ٿي، جتي ڪو وهنجي تازگي ۽ چمڙيءَ جي بيمارين کان نجات حاصل ڪري سگهي. ان کان علاوه پٿرن جي هڪ قدرتي نموني جو وڏو حوض پڻ جتي ڪٿي هو، جنهن ۾ جپاني پنهنجي ڪلچر مطابق ڪپڙن کان آجا ٿي گڏ وهنجن. هونءَ هتي جون ڇوڪريون ڇڪ (نڇ) ڏيندي به شرمائين، ڳالهائڻ يا کلڻ وقت به وات اڳيان هٿ پيون ڏينديون، جيڪا شرم ۽ حياءَ جي نشاني سمجهي وڃي ٿي ۽ اها خاصيت هڪ عورت- خاص ڪري جوان جپاني ڇوڪريءَ ۾ هجڻ ضروري سمجهي وڃي ٿي، پر هن قسم جي چشمن وارن حوضن ۾ توڙي شهر جي پبلڪ تالابن ۾ وهنجڻ مهل سڄا خاندانن جا خاندان، پاڙي وارا توڙي ڌاريا بنا ڪپڙن جي گڏ وهنجن. اها ڳالهه مون کي اڃا تائين سمجهه ۾ نه آئي آهي ته جپاني (خاص ڪري هنن جي نازڪ جنس عورت) جيڪي هونءَ شرميليون آهن، پر بنا ان احساس ۽ Feeling جي هتي جي تالابن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيون آهن. جپاني سينسر بورڊ وارن کي هونءَ ته ڪنهن عورت جي اڌ اگهاڙي ڇاتي به معيوب لڳي ٿي ۽ سندن جذبات مشتعل ٿين ٿا، پر هي پبلڪ باٿ ۾ زالون ۽ مرد گڏ ٿي وهنجندي کين ڪجهه به Feel نٿو ٿئي ۽ هرهڪ هن ميڙ ۾ هوندي به اپاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿو ۽ هرهڪ پنهنجو منهن وٺي حوض ۾ پيو آهي. هرڪو اچيو ڪپڙا لاهيو حوض کان ٻاهر لڳل نل تان پاڻ کي صابڻ سان ڌوئي صاف ڪري پوءِ ٻين سان گڏ حوض ۾ اچيو شامل ٿئي.... عجيب دنيا آهي هيءَ! هاڻ اڪثر ڌارين جي نقطه چيني ڪري جپاني ماڻهو ڌارين سان گڏ وهنجڻ ۾ پاسو ڪرڻ لڳا آهن ۽ مون ڏٺو آهي ته ڪيترائي ايشيائي ته ڇا يورپي ۽ آمريڪن پڻ ان گڏيل باٿ کان پاسو ڪن ٿا، جن لاءِ هن قسم جي مسافرخانن ۽ هوٽلن ۾ هڪ ٻه باٿ روم الڳ ٺهيل آهن، جن ۾ چشمي وارو پاڻي اوور هيڊ ٽئنڪ ذريعي نلڪن مان اچي ٿو ۽ هو پنهنجن ڪمرن مان نڪري انهن بند باٿ رومن ۾ بقول هڪ جپانيءَ جي ”الڳ الڳ ڌوڙ پائين ٿا ۽ پاڻي ضايع ڪن ٿا.“
بهرحال ڪنهن به ملڪ يا ڪنهن به هنڌ ٿڌي يا گرم پاڻيءَ جو چشمو نڪري اچڻ قدرت طرفان وڏي نعمت آهي ۽ جپان جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما جن مان ڪيترن ۾ جسم کي تندرست بنائڻ لاءِ ۽ بيمارين کي ڀڄائڻ لاءِ قيمتي ۽ پوري مقدار ۾ ڪيميڪل مليل آهن، قدرت طرفان انسان ذات لاءِ هيڪاندو وڏو تحفو آهي.
بيپو شهر جي چشمن (Hot Springs) مان ڪجهه ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مليل آهي ته ڪجهه ۾ مختلف لوڻ آهن (ضروري نه آهي ته فقط اسان وارو عام لوڻ Nacl هجي) ۽ ڪجهه نج پاڻيءَ جا آهن. هتي جي ماڻهن ٻڌايو ته هن شهر بيپو جا هي چشما ڦَٽ ڦرڙين، ٿڌ ۽ باهه جي سڙيل لاءِ بهترين آهن. جيتوڻيڪ فقط ڪجهه ڪلو ميٽر اولهه ڏي يوفو اِن (Yufuin) ۽ اوڀر طرف شڪاڪُو ٻيٽ جو دوگو (Dogo) شهر پڻ گرم پاڻيءَ جي چشمن (Onsen) کان مشهور آهي، پر اهي عام پاڻيءَ جا چشما آهن. انهن ۾ ڪن خاص ڌاتن يا ڪيميڪلز جو اثر نه آهي ۽ انهن چشمن ۾ وهنجڻ سان فقط ٿَڪ ۽ ٿڌ دور ٿئي ٿي. ائين هونشو ٻيٽ تي ’مي ساسا‘ (Misasa) ۾ گرم پاڻيءَ جا جيڪي چشما آهن، انهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي Radiocative آهن ۽ انهن ۾ وهنجڻ سان- يعني ڪلاڪ ٻه پاڻي ۾ ويهڻ سان چمڙيءَ جون پراڻيون بيماريون- خاص ڪري خارش، ڏڍ وغيره ختم ٿيو وڃي.
جپان جي ڪيترن چشمن جي پاڻيءَ ۾ هائيڊروجن سلفائيڊ مليل آهي. جيئن ته ياماناشي پريفيڪچر ۾، جيڪو ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما جي ويجهو آهي. شيراهوني شهر ۽ ڪاگوشيما پريفيڪچر جي ڪِرِي شِيما شهر جي چشمن ۾ پڻ قدرتي طرح هائيڊروجن سلفائيڊ مليل آهي ۽ انهن چشمن لاءِ سڄي جپان ۾ مشهور آهي ته انهن چشمن ۾ وهنجڻ سان منهن جا موهيڙا ۽ زنانيون بيماريون ختم ٿيو وڃن. ناگاساڪيءَ جي اُن زين (Unzen) چشمن ۾ به ساڳيون ڪيميائي شيون مليل آهن ۽ ساڳين بيمارين لاءِ مفيد آهن. جپان جي ڪجهه چشمن ۾ سوڊيم باءِ ڪاربونيٽ به آهي. هوڪئدو ۽ اتر هونشو جي ڪجهه چشمن ۾ سلفر ۽ سلفيورڪ ائسڊ (گندرف ۽ ان جي تيزاب) جو هلڪو اثر آهي. جپان جي ڪجهه چشمن ۾ ته اليومينيم سلفائيڊ به آهي. ذري گهٽ سڀني چشمن لاءِ چيو وڃي ٿو ته چمڙيءَ جون بيماريون دور ڪن ٿا ۽ ٻئي نمبر تي زنانيون بيماريون ۽ ٽئين نمبر تي ٿڌ، زڪام ۽ سڙيل چمڙيءَ کي فرحت ڏين ٿا. بهرحال ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته عام گرم پاڻيءَ جي ٽب ۾ ئي اڌ ڪلاڪ ويهڻ سان جسم جو سور ۽ ٿڪ ڀڄيو پوي. Stiff Neck ۽ Back Ache ختم ٿيو وڃي. هي ته قدرتي طرح ٽهڪندڙ ۽ ڪيميڪل مليل پاڻي آهي، جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي جپان لاءِ خوشنصيبي آهي.
جپان ۾ هونءَ گرم پاڻيءَ جا ٻن قسمن جا چشما آهن، هڪ عام چشما جن کي جپانيءَ ۾ Onsen چون. هنن جو پاڻي ايترو گرم نٿو ٿئي. ان قسم جا چشما سڄي جپان ۾ ڪيترائي آهن، جن ۾ وهنتو وڃي ٿو. ٻيا چشما ايڏو ته ٽهڪندڙ پاڻيءَ جا ٿين ٿا جو انهن ۾ بيضا ئي بوائل ٿي سگهن ٿا، وهنجي ته نٿو سگهجي. اهي چشما پري کان بيهي فقط ڏسڻ لاءِ ٿين ۽ گرم پاڻيءَ جي انهن چشمن کي جپانيءَ ۾ Jigoku چون- يعني دوزخ. بيپو شهر اهڙن دوزخي چشمن کان به مشهور آهي، جن کي ڏسڻ جي ٽڪيٽ 400 کن يين آهي. انهن دوزخي چشمن ۾ اُمي جيگوڪو (سامونڊي دوزخ) اڳيان بيهي فوٽو به ڪڍرايم. ڪجهه ٻيا Jigoku جن جا هن وقت نالا ياد آهن ۽ هن شهر بيپو ۾ هئا، اهي آهن: ڪامادو جِيگوڪو (چلهي وارو دوزخ)، اوني ياما جيگوڪو (Oniyama) يعني شيطاني دوزخ، ياماگيگوڪو يعني جابلو دوزخ... وغيره.
هزار سال کن اڳ جپان ۾ هي چشما فقط نوابن، ساموئي سردارن ۽ جنگجو جوڌن لاءِ هوندا هئا- ڪنهن گري گنجي کي انهن جو پاڻي استعمال ڪرڻ جي به اجازت نه هئي ۽ پوءِ ايڊو دور (Edo period) ۾ يعني 1603ع کان 1867ع واري دور ۾ هي چشما عوام لاءِ عام ڪيا ويا ۽ خاص ڪري صحت خاطر ماڻهو ڪَهي ڪَهي انهن تي پهچندا هئا، جيئن اسان وٽ اڌ صدي کن اڳ سنڌ جي ڳوٺن جا ماڻهو چمڙيءَ جي بيمارين کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ لَڪي جبلن تي (دادوءَ) ۽ منگهوپير (ڪراچي) ويندا هئا. پر تيستائين به جپاني ماڻهو هر چشمي تي وهنجڻ لاءِ ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ نه صحيح رستا هئا ۽ نه موٽر لاريون. جپاني خاص ڪري بيمار، پنهنجي صحت لاءِ ڪشالا ڪڍي انهن چشمن تي پهچندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري جابلو علائقن ۾ آهن. هونءَ پبلڪ باٿ (پاڙي جي گڏيل تالاب) ۾ جيتوڻيڪ مرد ۽ عورتون ٻارن سميت گڏ وهنجن ٿيون، پر گذريل صديءَ جي به اڌ تائين چشمن تي وهنجڻ لاءِ فقط مرد ويندا هئا.
گرم پاڻيءَ جا چشما ڇڏڻ وقت هڪ دفعو وري بيپو شهر جو چڪر ڏيارڻ لاءِ ياماناڪا شهر جو ڦيرو ڪيو.
شهر جي پوسٽ آفيس، Oita bank، فڪوئوڪا سٽي بئنڪ، Green Hotal ۽ Scala- za سئنيما وٽان ٿي بيپو شهر جي بس اسٽاپ تي آياسين. رستي تي هڪ ٻه ٻيون شيون پڻ نظر آيون، جن جا نالا ياد آهن اهي آهن: "Kiyo Mizu- so" هوٽل، بينٽو شاپ، هانا بشي هوٽل. هڪ هنڌ KFC به نظر آيو، جنهن تان ملڪ شيڪ ورتوسين. بيپو (جيڪو شهر گرم پاڻيءَ جي چشمن کان مشهور آهي) کان آسو (جتي ٻرندڙ جبل Active Volcano آهي) ايندي رستي تي ڪِي جيما ريسٽورنٽ تي ترسي منجهند جي ماني کاڌيسين. چوڌاري جبلن تي ساوڪ سان گڏ ڍڳيون ئي ڍڳيون نظر اچي رهيون هيون. ياماناڪا ٻڌايو ته هي اهڙو علائقو آهي، جتي مڇي گهٽ کاڌي وڃي ٿي، جو هتان سمنڊ پري آهي ۽ هي مٿانهون علائقو آهي. هتي بيف سستو ملي ٿو. سستي سان هن جو مطلب اهو ته ڪوبي، اوساڪا، ٽوڪيو، ڪيوٽو ۽ جپان جي ٻين شهرن کان هتي گوشت سستو آهي جو هتي ڍڳيون جام آهن.
رستي تي هڪ هنڌان بانس (Bamboo) جي پوک مان لنگهندي ياماناڪا چيو ته بانس جي پوک ۾ ڏاڍا نانگ ٿين ٿا.
”جي ها.“ مون وراڻيومانس. هنن کي بانس جي ڏنڊن ۾ لڪڻ جي جاءِ ملي ٿي. اسان بئنڪاڪ مان ڪراچيءَ لاءِ جهاز ۾ بانس کڻي ويندا هئاسين ته روزانو ڊيڪ تي هڪ ٻه نانگ ماريندا هئاسين ۽ اهو سلسلو جهاز تان بانس لهڻ تائين هلندو رهيو ٿي.
جبل جي هر سرنگهه ۾ گهڙڻ وقت يا نئين هاءِ وي تي چڙهڻ کان اڳ هڪ بورڊ نظر آيو ٿي، جنهن تي انگريزيءَ ۾ ETC لکيل هو. ياماناڪا کان پڇيم ته اهو ETC ڇا آهي؟
”اليڪٽرانڪ ٽال ڪليڪشن“ جو چتاءُ آهي، يعني ٽنل مان لنگهڻ يا نئون هاءِ وي اختيار ڪرڻ وقت ٽال پلازه وارن کي دروازن تي بيهي پئسا نه ڏيو. توهان جو ٽال (گذرڻ جي في) اليڪٽرونڪ مشين ذريعي توهان جي بئنڪ مان ڪٽجي ويندو. ان لاءِ بئنڪ جو پلاسٽڪ ڪارڊ ڊئش بورڊ جي مٿان رکي ڇڏيو آهي ۽ ٽال جي ادائگي وارن هنڌن تي لڳل اليڪٽرانڪ مشين ان بئنڪ ڪارڊ ڏي اليڪٽرانڪ Rays موڪلي گهربل ٽئڪس ڪٽيو وٺي ٿي. هي سسٽم سنگاپور توڙي سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ پڻ گذريل ڏهاڪو سالن کان هلي رهيو آهي. گذريل سال ملائيشيا ۾ هئس ته اتي به ائين هو. هن سان ٽريفڪ جو گيٽ وٽ جئم ٿيڻ جو انديشو نٿو رهي. گاڏيون فل اسپيڊ مان لنگهيو وڃن.
آسو جبل ڏي ايندي هڪ هنڌ گولف راند ٿي رهي هئي. ياماناڪا ٻڌايو ته ”گولف جپان جي سڀ کان مهانگي ۾ مهانگي راند آهي، يعني گولف کيڏڻ وارن کي ميمبر شپ لاءِ لکها يين ڏيڻا پون ٿا جو جپان ۾ زمين مهانگي آهي ۽ سخت سيءَ ۽ گرميءَ ۾ ڇٻر کي Maintain ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، ڪم ڪرڻ وارن مزدورن ۽ مالهين جا پگهار وڏا آهن. وغيره.“ ۽ مشتاق چيو ته اهوئي سبب آهي جو هتي ڳريون فيون ڏئي گولف کيڏڻ کان هتي جا ڪيترا ماڻهو ويڪ اينڊ تي هوائي جهاز جو ڀاڙو ڀري ٿائلئنڊ يا ملائيشيا هليا وڃن ٿا يعني جمعي ڏينهن شام جو وڃن ۽ آچر ڏينهن دير سان رات جو موٽن يا سومر ڏينهن صبح جو سڌا آفيس ۾ ورن. هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڀرڻ، هوٽل ۾ رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي خرچ جي باوجود هنن لاءِ هِتي جپان ۾ کيڏڻ کان ٻاهر کيڏڻ جي اها ٽرپ سستي پوي ٿي.
آسو جبل تي منجهند جو ٻي وڳي ڌاري پهتاسين- يعني ان جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل منهن (Crater) وٽ جتان گرم دونهون ۽ رکي رکي باهه جا اُلا نڪري رهيا هئا. هتي پهچڻ لاءِ ڪيبل ڪار به آهي، جيڪا مٿي پهچائي ٿي، پر اسان باءِ روڊ مٿي پهتاسين. ڪار پارڪ ڪري جبل جي بلڪل چوٽيءَ تي پهتاسين، جنهن جي چوڌاري لوهي پائيپ جو لوڙهو ڏنل آهي، جيئن ڪو ان کان اڳتي نه وڌي. پائيپ وٽ بيهي هيٺ کوهه وانگر غار نظر اچي ٿي ۽ اهو کوهه به ڪو ميٽر ڏيڍ جي قطر جو نه پر اڌ ڪلو ميٽر جو آهي. سمجهو ته جبل جي چوٽيءَ جو مٿيو چهنبدار حصو ڪيڪ وانگر ڪپيو ويو هجي ۽ پوءِ ان ۾ اندر وڏي کڏ ڪئي وڃي. دراصل ڌرتيءَ هيٺ ٻرندڙ ڌاتو، جڏهن پريشر پيدا ڪن ٿا ته اهو پريشر جبل جي چوٽيءَ تان Release ٿئي ٿو ۽ هيٺ تائين لاوا ڀرجيو وڃي. اهو لاوا جتي جتي لڳي ٿو، اتي سرسبز سايون ٻنيون ۽ وڻ ٽڻ ساڙيو رکي. ڳوٺن جا ڳوٺ ڍڪيو رکي. جبل ڦاٽڻ مهل باهه جا الا ۽ پگهريل ڌاتو آسمان سان ڳالهيون ڪن ٿا. پريشر جهَڪي ٿيڻ بعد به ڇهه اٺ مهينا ان جبل جي چوٽيءَ مان دونهون ۽ رکي رکي باهه جا اُلا نڪرندا رهن ٿا.
هينئر به ان جبل مان دونهون نڪري رهيو هو، جيتوڻيڪ هي جبل ٺڪاءُ ڏيئي ڇهه مهينا کن اڳ ڦاٽو هو. گاڏيءَ مان لهڻ مهل ياماناڪا چيو ته هلون پيا، پر جبل جي ڦاٽل منهن تائين پهچي ليئو پائي ڏسڻ جو مدار هوا جي رُخ تي آهي. جي جبل جي ٻئي پاسي کان اسان ڏي هوا اچي رهي هوندي ته پوءِ ڪوبه هلي نه سگهندو جو سڄو دونهون، جنهن ۾ سلفر مليل آهي، اهو ساهه سان گڏ اسان کي Inhale ڪرڻو پوندو، جيڪو خطرناڪ آهي.
خوش قمستيءَ سان هوا جو رُخ اهڙو هو جو سڄو دونهون پري طرف پئي ويو ۽ اسان بلڪل ٻَني وٽ اچي بيٺاسين. هيٺ جيستائين نظر وئي ٿي، دونهون نظر آيو ٿي. چوڌاري لڳل لائوڊ اسپيڪرن تان رکي رکي اعلان ٿي رهيو هو ته هوا جي رُخ بدلڻ تي يڪدم موٽڻ کپي. ان کان علاوه رستي تي ڪيترن ئي هنڌن تي آڏون ٺهيل هيون، جيئن جيڪڏهن اوچتو واچوڙو ٽائيپ هوا لڳي ته ان دونهين ۽ سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کان بچڻ لاءِ في الحال انهن آڏن ۾ ئي اچي لڪجي.
لڳي ٿو ته هن جبل جي هيٺان سلفر (هئڊي رنگ جو گندرف) جون کاڻيون آهن سو ڦاٽڻ مهل لاوا ۾ به گندرف ڏاڍو نڪتو هو. ان گندرف جا گول سلينڊر ٺاهي، ٽي چار جپاني، جبل جي منهن وٽ وڪڻي رهيا هئا.
”ڪهڙي ڪم لاءِ آهي؟“ مون انهن مان هڪ دڪاندار کان پڇيو. هن پنهنجي گاڏي مٿان لڳل ڪپڙي جي پوسٽر ڏي اشارو ڪيو ته ان جا فائدا پڙهه.
”مون کي ڪانجي (شڪلين واري جپاني) پڙهڻ نٿي اچي.“ مون چيومانس ۽ ياماناڪا جيڪو منهنجي ڀر ۾ بيٺو هو، تنهن پڙهي چيو: ”سلفر جا ڪيترائي فائدا آهن: صحت لاءِ، اسڪول ۾ تجربا ڪرڻ لاءِ ۽ هتي جي يادگيري لاءِ ته هن جبل جي ڦاٽڻ وقت Crater مان گهڻو سلفر نڪتو هو.“
اسان جبل جي منهن وٽ ۽ هيٺ لڳل بورڊن وٽ جن تي هن جبل Aso جي ڦاٽڻ جي سڄي هسٽري لکيل هئي، بيهي تصويرون ڪڍرايون. آسو جبل جي ڦاٽل وات (Crater) وٽ لڳل هڪ بورڊ تي جپاني، انگريزي ۽ ڪورين زبانن ۾ دم ۽ ساهه جي تڪليف وارن مريضن لاءِ چتاءُ هو ته جبل جي کليل وات جي ويجهو نه اچو، جنهن مان نه فقط دونهون پر سلفيورڪ ائسڊ گئس به نڪري رهي آهي. اهو Warning آئون به هاڻ نڪتل تصوير ۾ پڙهي رهيو آهيان، جيڪو انگريزيءَ ۾ هن ريت آهي:
Warning! Now Mt. Aso is strongly activating and producing Sulphurous Acid Gas. We warn those who have the asthama or trouble with the respiratory organs. "Not to near Volcanoe.
پنهنجو شهر ڪَوڪُورا ڇڏڻ وقت توڙي واپسيءَ تي دازائي فُو (Dazaifu) نالي هڪ شهر ۾ ڪجهه دير ترسياسين ۽ ڪافي وغيره پيتيسين. جپان جو هي شهر ’دازائيفو‘ هونءَ ته ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم جي مندرن ۽ درگاهن (Shrines) کان مشهور آهي، پر مون لاءِ ادبي واسطو رکي ٿو جو جپان جو مشهور شاعر ۽ اسڪالر سُگاوارا (Sugawara-no-Michizane) جو هن شهر سان تعلق هو. پاڻ 845ع ۾ ڄائو ۽ 58 سالن جي ڄمار ۾ سن 903ع ۾ وفات ڪيائين. هو تنهن زماني جي گادي واري شهر ڪيوٽو جي درٻار جي اهم شخصيت هو، پر پوءِ گهڻو مشهور ٿيڻ ڪري اتي جي گندي سياست جو شڪار ٿي پيو ۽ حاڪمن هن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڪيوٽو کان تمام پري هن ننڍڙي ڳوٺ دازائيفو ۾ موڪلي ڇڏيو، جتي هو ٻن سالن بعد گذاري ويو. ان بعد ڇا ٿيو جو ڪيوٽو شهر توڙي حاڪمن تي هڪٻئي پويان مصيبتون اينديون رهيون ۽ عوام ۽ حاڪمن اهي ڳالهيون سُگاوارا سان ٿيل ظلمن سان تعبير ڏنيون ۽ هو شاعر ۽ اسڪالر کان علاوه ديوتا جو درجو حاصل ڪندو ويو ۽ هن کي اڄ تائين جپاني ماڻهو تيمان تنجن ۽ ڪانڪو سڏين ٿا، يعني ڪلچر ۽ علم جو ديوتا. هن شهر دازائيفو ۾ سندس عاليشان مقبرو ۽ خوبصورت درگاهه ٺهيل آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي جپان کان ماڻهو اچن ٿا.
هونءَ ڪوڪورا، شمونوسيڪي يا فڪوئوڪا جهڙا شهر پوءِ مشهور ٿيا نه ته سن 300ع کان 710ع تائين ڪوفون دور ۾ ۽ 794ع کان 1185ع تائين هيئيئان (Heian) دور ۾ دازائيفو شهر هن سڄي ٻيٽ ڪيوشو جي گاديءَ جو هنڌ ۽ بلي بلي شهر هو. پوري علائقي ۾ هي شهر اهم بندرگاهه پڻ هو، جنهن جا چين سان ڪمرشل ۽ ڪلچرل تعلقات هئا. پوءِ سورهين صديءَ ۾ جيئن جيئن ڀروارو بندرگاهه فڪوئوڪا وڌندو ويو ته هن شهر دازائيفو جي اهميت وئي گهٽ ٿيندي.
دازائيفو جون ڪجهه اهم شيون جيڪي شهر مان ايندي ويندي نظر آيون ٿي.
ڪانڪو تاريخي ميوزيم، تيمان گُو درگاهه، شهر مان وهندڙ ميڪاسا نديءَ مٿان پنجن ڪمانن واري پل، ’ڪام يو جي‘ مند، ڪائي دان مندر وغيره جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو هلي ملي اچن ٿا.
آسو جيل جيڪو اڃا تائين ٻري رهيو آهي، پر هاڻ ٽهڪندڙ مواد (Lava) نڪرڻ بدران فقط ڪارو گهاٽو دونهون، کير جهڙو اڇو دونهون (جيڪا دراصل ٻاڦ آهي ۽ ڌرتي هيٺ ڪنهن وهندڙ درياهه جو پاڻي گرمائش ڪري ٻاڦ جي صورت ۾ ٻاهر نڪري رهيو آهي) ۽ زردي رنگ جي سلفر گئس نڪري رهي آهي، اتان موٽڻ تي اسان جو جپاني دوست ياماناڪا منهنجي چوڻ تي نوبي اوڪا (Nobeoka) وٺي آيو. ”نوبيئوڪا“ اوئيتا ۽ ڪوماموتو پريفيڪچر جي هيٺان ميازاڪي پريفيڪچر جو سامونڊي ڪناري وارو شهر ۽ ننڍڙو بندرگاهه آهي. هڪ دفعي ڪوبي کان ڪوگوشيما ويندي، اسان جو جهاز سامونڊي طوفان (Typhoon) جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. هيڊ آفيس سان وائرليس ذريعي صلاح ڪرڻ بعد اڳتي وڌڻ بدران اسان کي طوفان کان بچڻ لاءِ Shelter (ڪنهن بندرگاهه جي ويجهو بچاءُ) وٺڻو پيو هو ۽ اسان هن نوبيئوڪا جي سامهون اچي لنگر ڪيرايو هو. نوبيئوڪا ڪو اهڙو وڏو بندرگاهه نه آهي، جنهن ۾ اندر اسان جو اهو جهاز وڃي سگهي ۽ نه وري اسان کي پنهنجي آفيس طرفان بندرگاهه ۾ اندر گهڙڻ جي اجازت ملي هئي (جو بندرگاهه ۾ اندر جهاز کي بيهارڻ لاءِ تمام ڳريون فيون ڏيڻيون پون ٿيون- چاهي ڪو هڪ ڏينهن لاءِ جهاز بيهاري يا ڪلاڪ ڏيڍ لاءِ).
بهرحال هن طوفاني رات ۾ کلئي سمنڊ ۾ جهاز کي هلائڻ بدران اسان کي ڪيوشو ۽ شڪاڪو ٻيٽ جي وچ ۾ (جتي طوفاني هوائن جو زور ڪجهه جهڪو هو) نوبيئوڪا بندرگاهه وٽ لِڪڻ ۽ ساهه پٽڻ جي اسان جي هيڊ آفيس طرفان اجازت ملي وئي هئي، پر جپاني بندرگاهه اٿارٽيءَ وارن جي سڄي رات رڙ پئي پيئي ته متان بندرگاهه جي ويجهو آيا آهيون.
”توهان جو جهاز بندرگاهه ڏي Drift ٿي رهيو آهي.“ جپاني بندرگاهه وارن وري رڙ ٿي ڪئي.
”نه سائين ڪونه ٿو ڊرفٽ ٿئي (رڙهي)، تنهن هوندي به اسان لنگر جو رسو (Chain) ڪجهه وڌيڪ ٿا ڇڏيون.“ اسان کين يڪدم آٿت ٿي ڏني. اسان جو حال هيسيل هرڻيءَ وارو هو.
ٿوري ٿوري دير بعد بندرگاه وارن جي طرفان وري V.H.F (وائرليس ريڊيو) ذريعي دانهون ٿي ويون ٿي.
”هاڻ طوفان ڪافي جهڪو ٿي ويو آهي. هاڻ ته نڪرو.“
”سائين منهنجا طوفان ڪٿي جهڪو ٿيو آهي. ٿوري دير ٻي اسان کي هتي بيهي ساهه پٽڻ ڏيو، جيئن ئي موسم بهتر ٿيندي، اسان لنگر کڻي هليا وينداسين. اسان کي پاڻ فڪر آهي جو ڪاگوشيما پهچڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.“ اسان بندرگاهه وارن کي منٿ ميڙ ڪئي ٿي.
بهرحال ڏکي سکي رات گذاري صبح جو لنگر کڻي ڪوچ ڪيوسين، جيتوڻيڪ طوفان ۾ اڃا ڪافي شدت هئي ۽ جهاز اسپين جي روايتي ڇتي سانَ وانگر ڪُڏي رهيو هو ۽ اسان سي سڪنيس ڪري اپنڊاسائيٽس جي بيمار وانگر رکي رکي اٻڙاڪ ۽ الٽيون ڪڍي رهيا هئاسين، پر اها پڪ هئيسين ته اسان جي ٽرڻ بعد نوبيئوڪا بندرگاهه وارن سُک جو ساهه کنيو هوندو.
۽ اڄ ان بندرگاهه نوبيئوڪا جي ايڏو ويجهو پهچڻ بعد موٽي وڃڻ مون کي عجيب لڳي رهيو هو، ان ڪري منهنجي خاطر ياماناڪا سؤ کن ڪلو ميٽر وڌيڪ گاڏي هلائي نوبيئوڪا وٺي آيو. جيتوڻيڪ اسان اتي ترسياسين ڪونه، بس رڳو بندرگاهه واري علائقي ۽ وچ شهر جي اهم رستن تان گاڏي هلائي واپس ورياسين. بندرگاهه وٽ فقط ڪجهه منٽ گاڏي بيهارائي، اتي ئي ويٺي ويٺي ياماناڪا ۽ مشتاق وارن کي سامهون سمنڊ ڏي اشارو ڪري چيم ته هيءَ اها جاءِ آهي، جتي اسان جو جهاز سڄي رات لڏندو رهيو ۽ بندرگاهه وارا دڙڪا ڏيندا رهيا. ان سفر ۾ جهاز تي مون سان گڏ هي (منهنجي زال مستوران ۽ ڌيءَ مريم جيجل) به هئا. بندرگاه وارن کي اهو ڊپ هو ته متان اسانجو جهاز سندن بندرگاه جي مُنهن وٽ ٻڏي نه وڃي ۽ ان ڪري سندن بندرگاه جي ٽرئفڪ جئم ٿي وڃي.
نوبيئوڪا بندرگاهه ۽ آسو جبل جي وچ ۾ هڪ شهر آهي تاڪاچيهو، اتي ڪلاڪ کن ترسياسين ۽ ٻاهران ٻاهران مختلف مندر ڏسي هڪ هوٽل ۾ آئيس ڪريم کائي واپس ٿياسين.
تاڪاچيهو جابلو Resort وارو شهر آهي، جيئن اسان وٽ ڪوهه مري، ايوبيه ۽ دادوءَ واري گورک هِل آهي. هي شهر قدرتي آبشار کان به مشهور آهي. ملڪ جا ماڻهو هتي جبلن تان مٿان ڪِرندڙ پاڻي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. هتي JR جي ريل گاڏي پڻ اچي ٿي. تاڪاچيهو جي هن ريلوي اسٽيشن کان ميل کن جي فاصلي تي تاڪاچيهو- جِنجا (درگاهه) آهي، جتي روز شام جو 8 کان 9 تائين مڪاني ناچ Iwato- Kagura ٿئي ٿو. شهر جي وچ مان ايواتو Ewato ندي وهي ٿي، جيڪا هتي جي هڪ مندر اَمانو ايواتو (Amano Iwato) کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. هن مندر ڀرسان امانو ياسو گاوارا نالي مشهور غار پڻ آهي، جنهن لاءِ هتي جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته هن چُر (غار) ۾ ديوتائن ميٽنگ ڪئي هئي ته سج جي ديويءَ کي (جيڪا جپانين جي عقيدي موجب رُسي وڃي غار ۾ لڪي هئي ۽ دنيا ۾ اونداهه ٿي وئي هئي) ڪيئن پرچائجي جيئن اها وري موٽي ٻاهر اچي ۽ دنيا ۾ سج جي روشني ٿئي.
تاڪاچيهو جي ماڻهن جو اهو پڻ عقيدو آهي ته سج جي ديوي ”اماتيراسُو“ جي پڙپوٽي Ninigi-no-Mikoto سج مان هتي لٿي هئي ۽ جنت جي دروازي جو وڏو پٿر Amano- Iwato پڻ هتي ڪِريو هو، جنهن جي پويان سج جي ديوي اماتيراسُو لِڪي هئي ۽ سڄي دنيا ۾ رات ٿي وئي هئي. هن کي ڌُتاري ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻين ديوين گڏجي هڪ مسخرن وارو ناچ ڪيو هو، جنهن تي هوءَ اهڙو ته هرکي پئي جو ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ هڪ دفعو وري جپان ۽ سڄي دنيا ۾ ڏينهن ٿي ويو. هي اهو ناچ ”اِيواتو ڪاگورا“ آهي جنهن جو احوال مٿي لکي آيو آهيان.

سائنسدان ٿيڻ بدران پلمبر ٿيان ها...

سائنسدان ٿيڻ بدران پلمبر ٿيان ها...

هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي آمريڪا طرفان ڪيرايل ائٽم بم جيڪا تباهي ڪئي، گرمائش ۽ نيوڪليئر لهرن ڪري جيڪي گهر ۽ دڪان، اسپتالون ۽ اسڪول ڊهي پيا، اهي وري ٺهي ويا آهن. جڏهن ستر جي شروع وارن سالن ۾ آئون پهريون دفعو جپان جي شهر هيروشيما ۽ ناگاساڪي آيو هوس ته فقط پيس پارڪ جهڙن هڪ ٻن هنڌن تي نموني خاطر هڪ اڌ عمارت، ڊٺل حال ۾ ڇڏيل هئي جيئن اڄ جا ماڻهو ان تباهيءَ جو اندازو لڳائي سگهن. باقي هر شيءِ نئين ٿي چڪي هئي يا ٿي رهي هئي. پر بم جا جسماني طرح زخميل يا نفسياتي طرح بيمار ۽ Unbalance ماڻهو جتي ڪٿي نظر آيا ٿي. ظاهر آهي 1945ع ۾ بم ڪِرڻ وقت جيڪي 30 سالن جا هئا، سي 1975ع ۾ اڃان سٺ ستر سالن جا ٿي هئا ۽ اڃان جيئرا هئا .
نيوڪليئر Radiation جا شڪار ٿيل لولا لنگڙا يا جسم سڙيل جپاني مرد ۽ عورتون، نه فقط ناگاساڪي ۽ هيروشيما ۾ نظر آيا ٿي، پر ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما ۽ ٻين بندرگاهن ۾ پڻ ڏسڻ ۾ آيا ٿي. اسان انهن ڏينهن ۾ يعني ستر جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ 25-26 سالن جا جوان هئاسين ۽ اسان جي هم عمر جپاني جوانن ۽ سندن وڏن جي دلين ۾ آمريڪا ۽ ان جي هر شيءِ لاءِ ڏاڍي نفرت هئي. پر پوءِ اسان جي سال پٺيان سال جپان اچڻ تي اسان ڏٺو ته ان نفرت جو درجو گهٽجندو رهيو ۽ آهستي آهستي آمريڪا جي هر شيءِ جپانين کي وڻڻ لڳي! آمريڪن ميوزڪ ۽ ڊانس، آمريڪي ساڪر (فوٽ بال) ۽ بيسو بارو (بيس بال)، آمريڪن يونيورسٽيون ۽ آمريڪن ريستورنٽون، آمريڪن Motels ۽ محبت وارا ناول... ۽ خود آمريڪن به وڻڻ لڳا هئا.
آمريڪن جپان ۾ آيا ٿي ته هر هوٽل، هر مسافرخاني ۽ هر دڪان جو مالڪ خوش ٿيو ٿي. هنن جو پئسو ۽ اسٽائيل آهستي آهستي جپانين جي دلين کي موهڻ لڳو هو. هونءَ به يارو وقت وڏو مرهم آهي، جيڪو پراڻا زخم ڇٽايو ڇڏي. جپاني پوڙها ماڻهو ٻئي جهان ڏي روانا ٿيندا ويا، اسان جا هم عمر وڏا ٿيندا گهر ٻار ۽ نوڪرين جي مسئلن ۾ مشغول ٿيندا ويا ۽ نئين پيدا ٿيل نوجوان ٽهي جن ائٽم بم جي زخمين جي آهُن ۽ سڏڪن بدران آمريڪن ميوزڪ ٻڌي، تن لاءِ مارمارا واريون پراڻيون ڳالهيون اهم نه هيون.
1981ع جي شروعات ۾ جڏهن آخري دفعو منهنجو جهاز ٽوڪيو بي (خليج ٽوڪيو) مان نڪري رهيو هو ۽ منهنجو جپان جو آخري سفر هو ته جهاز تي آيل اسان جي مڪاني آفيس جي جپاني ڪلارڪ ائٽم بم جي ڳالهه نڪرڻ تي اهو چئي لنوائي ڇڏيو ته ”اسان جپانين جو به ته ڏوهه هو. جنگ ته اسان جپانين ئي شروع ڪئي هئي...“ ۽ پوءِ ساڳي ساهه ۾ هن ٻڌايو هو ته هو اسان جي يوڪاهاما واري آفيس ۾ سال کن نوڪري ڪري پئسو بچائڻ ٿو چاهي، جيئن ٻئي سال هو وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آمريڪا هليو وڃي. ”آمريڪا ۾ سٺي پڙهائي آهي. سٺي لائيف آهي. سٺو ماحول آهي“ هن چيو هو ۽ مون کي اهو ٻڌي تعجب لڳو هو.
۽ هاڻ ان ڳالهه کي به ٽيهارو سال گذري ويا آهن. آئون هڪ دفعو وري جپان آيو آهيان. اهي ٻار جيڪي 81-1980ع ڌاري ڄاوا، اهي به اڄ 30 سالن جا جوان ٿي ويا آهن ۽ اڄ هي جپان ڪيڏو بدليل بدليل لڳي ٿو- اڄ جپان ڪيترن ملڪن کان وڌيڪ Americanized آهي. جتي ڪٿي مئڪڊونالڊ، ڪينٽڪي، لوٽيرا ۽ ڊونٽ جهڙيون آمريڪن چين ريسٽورنٽون ۽ سپر مارڪيٽون نظر اچن ٿيون. گهڻي ڀاڱي، جپانين لاءِ جنگ بعد وارو دور (Post- war era) ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو آهي- گهٽ ۾ گهٽ هو ۽ اسان غير ملڪي اهو ئي سوچيون ٿا، پر سميڪو ۽ ڪوباياشي جهڙين پوڙهين ۽ پوڙهن لاءِ هرگز نه- جيڪي ائٽم بم جا Survival اڃا جيئرا آهن. جپان جي جنهن شهر ڪوڪورا ۾ آئون رهيل آهيان، ان جي هڪ پاسي ناگاساڪي آهي ته ٻئي پاسي هيروشيما- جتي اڄ به ان واقعي جا ڦٽيل ۽ ذهني مريض جيئرا آهن- سميڪو ۽ ڪوباياشيءَ سان ته هتي ڪوڪورا ۾ ئي ملاقات ٿي هئي جو هو هتي ئي رهن ٿا. 80 واري ڏهاڪي ۾ منهنجي ساڻن پهريون دفعو ملاقات شمونوسيڪي بندرگاه ۾ ٿي هئي جڏهن اسانجو جهاز ڊگهي مرمت خاطر هن بندرگاه ۾ يڪو مهنو کن بيٺو هو. شمونوسيڪي شهر هتان ڪوڪورا کان ائين آهي، جيئن دادوءَ کان سيوهڻ يا هالا کان حيدرآباد. منهنجا مٿيان جپاني سڃاڻا اڄ به ان حادثي جو ذڪر وڏي ذهني تڪليف سان ڪن ٿا. هو 90 سالن کان مٿي ٽپي چڪا آهن. هنن ماڻهن جي اها Suffering ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ڇا تڏهن ٿيندي جڏهن هنن کي موت ايندو يا جڏهن هي خطرناڪ نيوڪليئر بئلنس سيٽ ٿيندو؟ نه، شايد تڏهن به نه. هنن جي اها ذهني تڪليف تڏهن ختم ٿيندي جڏهن هنن جو خواب- ائٽمي هٿيارن کان بلڪل پاڪ ۽ پُرسُڪون دنيا، تعبير ٿيندو- جيئن آئيندي ڪوبه اهڙي آويءَ ۾ نه اچي سگهي.
”ائين ڇو آهي ته دنيا جون ملٽري طاقتون اڄ به خطرناڪ کان خطرناڪ ائٽمي هٿيار هٿ ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ آهن؟“
ان سوال جي جواب ۾ تاڪاشوڪو يونيورسٽيءَ جي پروفيسر گوتارو تائو چيو هو:
"This sad reality stem from two fundamental sins. One is insatiable desire of each nation for power, and the other is the undisciplined development of science in the name of progress."
هڪ جپاني ڏاهي واهه جي ڳالهه ڪئي، جيڪا سڀني جي دلين جي ٿي سگهي ٿي ته ”هر قوم جو مول متو عوام جي خوشحالي ۽ سڪون هجڻ کپي ۽ سائنس انسان جي بهتريءَ لاءِ استعمال ڪرڻ کپي ۽ نه تباهيءَ لاءِ.“ چون ٿا ته البرٽ آئن اسٽائن، جنهن ائٽم بم جو فارمولو ايجاد ڪيو هو، تنهن هڪ ڏينهن چيو هو:
"If I were born a second time, I would rather choose to be a plumber or a peddler".

هيروشيما جي عورت يائيڪو جون خبرون

هيروشيما جي عورت يائيڪو جون خبرون

”منهنجي ڌيءَ کي مون کان وڇڙندي اڄ 60 سال اچي ٿيا آهن. هوءَ نائين آگسٽ 1945ع تي ائٽم بم جو شڪار ٿي وئي هئي.“ 90 کن سالن جي پوڙهي عورت يائيڪو اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي ٻڌايو. ”هوءَ جيڪڏهن ڪنهن بيماري يا حادثي ۾ مري وڃي ها ته هن جي جدائيءَ جو غم مون کي شايد ايڏو ڀڃي ڀوري نه ڇڏي ها، پر هن جو ائٽم بم جي ڌماڪي ۽ ائٽمي لهرن جي گرمائش ۾ ائين بيدرديءَ سان مرڻ جو غم لڳي ٿو ته مون کي سڄي حياتي جهوريندو رهندو. ماڻهو چوندا آهن ته وقت اها شيءِ آهي، جيڪا ڏکن جي وڏن زخمن کي به ڇٽايو ڇڏي، پر ڪو منهنجي دل کان به ته پڇي ته حقيقت ڇا آهي. جيئن جيئن آئون پوڙهي ٿي رهي آهيان، تيئن تيئن منهنجي پياري ڌيءَ جي جدائيءَ جي پيڙا منهنجي دل کي نپوڙي رهي آهي.“
يائيڪو جو گهر هيروشيما ۾ بم ڪِرڻ واري جاءِ (Hypocentre) کان ٽي ميل کن اوڀر ۾ Mukainda واري علائقي ۾ هو. ”منهنجي ڌيءَ انهن ڏينهن ۾ هاءِ اسڪول جي ٻئي سال ۾ هئي ۽ سندس ڪلاس جي ٻين ڇوڪرين سان گڏ هُن پڻ ملٽري وارن جي شهري ڪمن ۾ مدد ڪئي ٿي. هن جون ٻه سٺيون ساهيڙيون هيون، جيڪي اسان جي ئي پاڙي ۾ رهيون ٿي، جن سان گڏ هوءَ روزانو ساڍي ڇهين وڳي ڪم لاءِ رواني ٿي ويندي هئي. پر ان ڏينهن جنهن ڏينهن هيروشيما تي بم ڪِريو، خبر ناهي ڇو منهنجي ڌيءَ پنهنجين ساهيڙين سان گڏ نه وئي. هو جڏهن کيس سڏڻ لاءِ گهر آيون ته هُن کين چيو ته توهان هلو ته آئون اڌ ڪلاڪ بعد اچان ٿي.
”هوءَ ڪا دير پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ فوٽوءَ کي ڏسندي رهي جيڪو سندس پيءُ سان گڏ نڪتل هو ۽ هوءَ پنهنجي منهن چوندي رهي: ڪيتري ته سهڻي لڳان ٿي. ۽ پوءِ فوٽوءَ کي ٽيبل تي ڦٽو ڪري ڪم لاءِ رواني ٿي. هن کي پيرن ۾ زوري (Zori) جپاني سئنڊل ۽ ننڍين ٻانهن وارو بلائوز پهريل هو. جيتوڻيڪ هوءَ هميشه ڊگهين ٻانهن وارو پائي نڪرندي هئي. ڪنهن کي خبر ته آئون پنهنجي ڌيءَ کي اهو آخري دفعو ڏسي رهي آهيان.“
۽ پوءِ جڏهن هيروشيما مٿان بم ڦاٽو ته سڄي دنيا ئي بدلجي وئي. ڇا مان ڇا ٿي ويو. بم جي تپش ۽ جتي ڪٿي لاشن ۽ مرڻينگ ماڻهن جا ڍير هئا. ماڻهن جي جسمن جا عضوا، ٻانهون، ٽنگون، هٿ پير وڻن ۽ تارن مٿان لڙڪيل هئا. آئون شهر جي گهٽي گهٽي پنهنجي ڌيءَ لاءِ ڳوليندي رهيس. هيروشيما شهر جي حالت کنڊر بڻجي چڪي هئي. چوڌاري لاشن جي ڌپ برداشت کان ٻاهر هئي. جتان ٿي لنگهڻ ٿيو، اتي ڦٽيل ۽ سڙيل ماڻهن جون رڙيون هيون. هر هڪ بيوس هو، ڪنهن جي ٻُڌي ڪنهن جي ٻُڌجي. ماڻهو هڪ ٻئي پويان مرندا رهيا ٿي. هنن ۾ گهڻا تڻا سڙيل ڪوئلي وانگر هئا. هر هڪ پاڻيءَ جي گهُر ڪري رهيو هو.آئون انهن جي وچ مان لنگهندي ٿڙندي ٿاٻڙندي رڙيون ڪندي پئي ويس ته من ڪٿان منهنجي ڌيءَ منهنجو سڏ ٻڌي ورندي ڏئي. هيڏانهن هوڏانهن ڳولي آئون وري پنهنجي گهر موٽيس ٿي ته متان هوءَ گهر پهتي هجي، پر پنهنجي ڊٺل گهر کي ڏسي مون کي چڪر ٿي آيا ۽ ڌيءَ کي ڳولڻ لاءِ آئون وري چرين وانگر ٻاهر ڊوڙي ويس ٿي.“
يائيڪو سندس شهر هيروشيما ۾ بم ڪرڻ جي روئداد ٻڌائي رهي هئي. ٻي وڏي لڙائي هلڻ دوران جپان جي ڪيترن ئي شهرن تي گڏيل طاقتن طرفان ننڍا وڏا بم ڪيرايا ويا پئي، پر هيروشيما تي ڪڏهن به ڪو ائٽم بم نه ڪِريو هو. ناگاساڪيءَ تي بم ٽي ڏينهن اڳ ڇهين آگسٽ 1945ع تي صبح جو پوري سوا اٺين وڳي ڪيرايو ويو ۽ اٽڪل هڪ لک ماڻهو ته ان ئي وقت بم جي ڌماڪي ۾ مري ويا ۽ پوءِ ائٽمي لهرن ۽ تپش ڪري چند ڏينهن ۾ لک کن ٻيا ماڻهو تڙپي تڙپي مري ويا. باقي جيڪي ماڻهو بچيا انهن تي به Radiation جو اهڙو اثر ٿيو جو اڄ تائين هتي جا ماڻهو ڪجهه اهڙي قسم جي ڪئنسر جا شڪار ٿيندا رهن ٿا جو ان ٽائيپ جي ڪئنسر دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ نه آهي.
هيروشيما ۾ جيڪو ائٽم بم ڪيرايو ويو هو، ان ۾ يورينيم استعمال ڪيل هو ۽ ناگاساڪي واري بم ۾ پليٽونيم، جيڪو بم ٽن ڏينهن بعد نائين آگسٽ تي ڪيرايو ويو. 2 سيپٽمبر تي جپانين Surrender ڪيو. اڄ ڏينهن تائين ان ڳالهه تي ڊبيٽ ڪئي وڃي ٿي ته آيا ائٽم بم ڪيرائڻ ضروري هو. بم ڪرڻ بعد جپانين جنگ بند ڪئي ۽ ڇا بم ڪيرائڻ بنا فقط وارننگ ڏيڻ تي جپاني ماٺ ڪري نه ويهن ها ۽ جيڪڏهن جپاني به ائٽم بم ايجاد ڪري چڪا هجن ها ته ڇا هو پڻ ان جو استعمال ڪري وڌيڪ تباهي نه مچائين ها.
بهرحال هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي جيڪي ٻه ائٽم بم ڪيرايا ويا، جن جپان جهڙي طاقت جا گوڏا کوڙي ڇڏيا، اهي ٽوٽل 83 ڪلو ٽن TNT جا هئا ۽ اڄ ائٽمي هٿيارن جي طاقت 50 ميگا ٽن برابر آهي، يعني هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڪريل بمن کان هڪ هزار دفعا وڌيڪ آهي ۽ ايڏي وڏي طاقت جا هٿيار هن ڌرتيءَ تي موجود آهن!
”جيئن ڏينهن تي ڏينهن ٿي گذريو ته منهنجي حالت چرين جهڙي ٿيندي ٿي وئي. ڪاش منهنجي ڌيءَ کي ڪو مون سان آڻي ملائي! هوءَ ڪٿي ٿي سگهي ٿي. ڪهڙي حالت ۾ ٿي سگهي ٿي. آهي ڪو جو مون کي ٻڌائي.“ يائيڪو اها ڳالهه ٻڌائيندي وري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
”هيروشيما مان وهندڙ نديءَ جي ڪناري تي جنهن وقت آئون پنهنجي ڌيءَ کي ڳولي رهي هئس ته اتي مون کي ڪجهه سپاهي نظر آيا، جيڪي درياهه ۾ لڙهندڙ لاش ڏنڊي ۾ ٻڌل Hook ذريعي ڇڪي ٻاهر ڪڍي رهيا هئا. سوين لاش هئا. آئون انهن سپاهين جي ڀرسان ٿي بيٺس ۽ هر لاش کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ تي مون ان کي چتائي ڏٺو ٿي ته متان منهنجي ڌيءَ جو لاش هجي. گهڻا تڻا لاش اهڙا سڙيل، ڪوئلي وانگر ڪارا ٿيل، سُڄيل ۽ چيريل هئا جو انهن کي ڪوبه سڃاڻي نه سگهي، ته به آئون انهن سپاهين کي منٿون ڪندي رهيس ته انهن کي هڪ ٻئي مٿان ڍير ڪرڻ کان اڳ منٽ ٻن لاءِ مون کي ڏسڻ ڏيو. ٿي سگهي ٿو انهن ۾ ڪو منهنجي ڌيءَ جو به لاش هجي، پر منهنجي ڌيءَ جو لاش انهن ۾ به نه هو.
”انهن ڏينهن ۾ هڪ ڪاليجي شاگرد مون وٽان اچي نڪتو ۽ مون کي چيائين ته فلاڻي جبل تي هڪ مندر ۾ هڪ ڪراڙو ٻُڌ بکشو رهي ٿو. ٿي سگهي ٿو هو پنهنجي روحاني طاقت ذريعي تنهنجي وڃايل ڌيءَ جا پار پتا ٻڌائي سگهي. آئون ان ئي وقت ان جبل ڏي رواني ٿي ويس. منهنجو جسم ڏڪي رهيو هو، پيٽ ۾ پورو کاڌو به نه هو، پر ڌيءَ بنا جهڙي چري ٿي پئي هئس. آخر مون کي پري کان جبل تي ڏيئي جي روشني نظر آئي. آئون ان ڏانهن وڌندي ويس ته هڪ مندر ڏسڻ ۾ آيو. مندر ۾ جيئن ئي گهڙيس ته ان ۾ موجود اڌ اگهاڙي ٻائي رڙ ڪري چيو: ”تون پنهنجي ڌيءَ جي ڳولا لاءِ نڪتي آهين. چئه سچ ٿو چوانءِ نه؟ تنهنجي ڌيءَ ان ئي ڏينهن آئوئي باشي ۾ مري وئي. باقي تنهنجو مڙس اڃا جيئرو آهي. ٿي سگهي ٿو مرڻ کان بچي وڃي.“
مون جيئن ئي هي لفظ ساڌو سنت کان ٻڌا ته آئون Aioi- Bashi ڏي رواني ٿيس. اتي پهچي ڏٺم ته چوڌاري سڙيل شين جا ڍير هئا. هر شيءِ ٻريل ۽ ڪوئلو ٿيل نظر آئي ٿي. گهر گهاٽ، وڻ ٽڻ ماڻهو ڇيڻو هر شيءِ سڙيل نظر آئي ٿي ۽ ان ڦلهير جي جبلن تان لنگهڻ به ڏکيو هو. پر جيئن تيئن ڪري آئون اڳيان وڌندي رهيس ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڳولا ڪيم، پر ڪٿي به اهڙو لاش نظر نه آيو جو منهنجي ڌيءَ جو هجي يا جنهن لاش مان منهنجي ڌيءَ هجڻ جا اهڃاڻ ملن.
اهڙي طرح ڳوليندي ڳوليندي 10 ڏينهن گذري ويا، پر ڪنهن کان ڪو ذري پرزي جو به اشارو نه ملي سگهيو ته هوءَ جيئري آهي يا مري وئي ۽ جي مري وئي ته هن جو لاش ڪٿي ڳولي سگهان ٿي. مون کي شهنشاهه جپان جو براڊڪاسٽ ڪيل اعلان ته ”هاڻ جنگ ختم آهي“ جي خبر هڪ پاڙيسري عورت جي گهر ۾ پيئي جتي ڌيءَ جي ڳولا ۾ ٿڪجي اچي ساهه پٽيو هوم. ان بعد وري ڌيءَ جي ڳولا لاءِ نڪري پئي هئس. ريڊ ڪراس اسپتال جي مين گيٽ ٻاهران سڙيل لاشن مان هڪ جو هلڪو آواز منهنجن ڪنن تي پيو ”اوبا- سان“، ”اوبا- سان“ ..(مئڊم، مئڊم..).
مون هن جي ويجهو ٿي ڏٺو ۽ هن جي ڳچيءَ ۾ لڙڪيل نالي جي پليٽ (Name Tag) تي ’سوني‘ نالو پڙهي مون کي تعجب لڳو ته هوءَ منهنجي ڌيءَ جي ٻن بهترين ساهيڙين مان هڪ هئي، جيڪي هن کي روز صبح جو ڊيوٽيءَ لاءِ وٺڻ اينديون هيون. هوءَ ويچاري ايتري ته سڙيل هئي جو سندس ڇاتيءَ جون هڏيون پئي نظر آيون، جن سان اها لوهي نالي واري پليٽ چمبڙي وئي هئي.
”اوبا- سان! ميزو ڪُداسائي“ (مئڊم مون کي پاڻيءَ ڍڪ پيار). هن مون کي جهيڻي آواز ۾ چيو ۽ ان کان اڳ آئون هن کي پنهنجي جهول ۾ کڻي چڪي هئس. مون وٽ پاڻيءَ جي بوتل هئي ۽ مون هن کي ان مان پاڻي پيارڻ چاهيو ٿي ته ايتري ۾ اسپتال مان نڪرندڙ نرس مون کي پاڻي ڏيڻ کان جهليندي چيو:
”ائين ڪرڻ سان هوءَ جلد مري سگهي ٿي. مهرباني ڪري جي هن جا والدين جيئرا هجن ته هنن کي ڪو گهرائي وٺندو؟“
مون سان گڏ منهنجي ڌيءَ جي ڳولا ۾ نڪتل منهنجين پاڙيسري عورتن مان هڪ هن ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي سڏڻ لاءِ ڊوڙي ۽ ٻي هن وٽ ترسي پئي ۽ آئون پنهنجي ڌيءَ کي ڳولڻ لاءِ اڳتي نڪري پيس.
آئون موتوياسو ندي (Motoyaso- gawa) جو ڪپر ڏيندي اڳتي هلي وري Aioi- bashi آيس، جتي مري ويل ماڻهن جي لاشن کي ساڙي رهيا هئا. هنن جي ڳچيءَ ۾ هار وانگر لڙڪيل لوهي پليٽون جن تي نالا لکيل هئا، هڪ پاسي ڍير ٿيل هئا. مون انهن مان سوين نالا پڙهيا، جن مان ڪيترائي منهنجي ڌيءَ جي ٽيچرن، ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن ۽ ٻين اهم ماڻهن جا هئا، جن کي مون سڃاتو ٿي. پر افسوس جو منهنجي ڌيءَ جو اتي به نالو نشان نه هو.
ٻه چار ڏينهن ٻيا به مون پنهنجي ڌيءَ جي ڳولا جاري رکي، پر هوءَ نه ملي سگهي. آخري ڏينهن تي هن جي هڪ ڪلاس ميٽ مري ويل لاشن ۽ سڙي ويل عمارتن جي ڍير تي پنهنجي ڪنهن مائٽ جي ڳولا ڪري رهي هئي. مون هن کي ٻڌايو ته آئون هيرو يوڪي جي ماءُ آهيان... منهنجي ائين چوڻ تي هن اکين ۾ ڳوڙها آڻي چيو ”اوڪا- سان (منهنجي امڙ)! تون ڪنهن کي ڳولي رهي آهين! ’هيرو يوڪي چان‘ ته پهرين ڏينهن ئي بم جي ڌماڪي سان اڇلجي وئي هئي....“ ۽ هوءَ ان وقت جو دل ڌڙڪائيندڙ نظارو بيان ڪري هڪ دفعو جهڙو چرين وانگر سوچن ۾ گم ٿي وئي ۽ پوءِ ٻي گهڙيءَ هوءَ غش ٿي وئي. آئون هن کي ڪلهن تي کڻي پاڙي جي ٺهيل ايسوسيئيشن واري آفيس ۾ کڻي آيس.
پنهنجي ڌيءَ جو لاش نه ملڻ ڪري آئون ٻين جي سڙيل لاشن جو ڦلهير کڻي اچي گهر پيالي ۾ رکيم. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو گهر جو پيارو ڀاتي هليو وڃي ۽ پيالي ۾ مري ويل جي راک جو ذرو به نه هجي!
ان دوران، کائڻ لاءِ کاڌو هڪ طرف نه پئي مليو ته ٻئي طرف منهنجو گهر ڀڄي ڀري پيو هو. اهو هڪ ته رهڻ جي قابل نه رهيو هو، ٻيو ته ان گهر ۾ پنهنجي پياري ڌيءَ جي غير موجودگي منهنجي دل ۾ عجيب خوف پيدا ڪري رهي هئي. ٿوري گهڻي جيڪا ننڊ آئي ٿي، ان ۾ ڊپ جا خواب ڏسڻ ڪري اٿي ٿي ويٺيس. آخر ڪجهه ڏينهن جي بي چينيءَ بعد آئون اڪينوبي شهر پنهنجي ڀاءُ جي گهر هلي ويس، جيڪو هيوگو پريفيڪچر ۾ آهي.
آئون اڪينوبي شهر ۾ ڪجهه عرصي لاءِ رهيس، پر جيئن ته مون کي اتي ڪا نوڪري نه پئي ملي، ان ڪري آئون اوبي شهر ڏي هلي آيس، جيڪو هونشو ٻيٽ جي اولهه واري ڪنڊ تي آهي. مون کي اهو معلوم ٿي ويو ته منهنجو مڙس جيئرو آهي، پر مون هن سان رهڻ پسند نٿي ڪيو.
مون کي پيٽ گذر لاءِ ڏاڍو هٿ پير هڻڻو پيو پئي ۽ منهنجي حالت آڻ ۽ چاڙهه واري هئي. مون ماڻهن جا ڪپڙا سبي ۽ ڪجهه شيون بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪڻي پيٽ لاءِ مانيءَ ڀور حاصل ڪيو ٿي ۽ ان دوران ائٽم بم جي شعائن ڪري جسم ۾ پيدا ٿيل بيمارين جا Symptoms ظاهر ٿيڻ لڳا. نڪ مان هر وقت نڪهير وهندي رهي ٿي ۽ نه فقط نڪ مان پر پيٽان ۾ به رت اچڻ لڳو.
اها نرس جيڪا مون کي بيمارين جي سئي هڻندي هئي، تنهن مون کي پيٽ سان ٿيڻ ۽ ٻار ڄڻڻ کان منع ڪئي، پر ٻن سالن بعد آئون پيٽ سان ٿي پيس. آئون وري پنهنجي ڀاءُ جي گهر اڪينوبي ۾ وڃي رهيس، جتي مون کي پٽ ڄائو.
منهنجي ڪرندڙ صحت بهتر ٿيڻ بدران ويئي خراب ٿيندي ۽ مون اهوئي فيصلو ڪيو ته ڪنهن وڏي شهر ۾ هلي رهان، جتي مون کي گهٽ ۾ گهٽ طبي سهولتون ته ملنديون رهن. اهو سوچي پنهنجي پٽ کي ڀاءُ وٽ ڇڏي آئون نِشي نوميا شهر ۾ هلي ويس. اهو 1957ع جو سال هو. نِشي نوميا شهر ۾ منهنجيون چار ماسيون رهيون ٿي ۽ اتي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي اسپتالون هيون.
ٻن سالن بعد مون پنهنجي پٽ کي به گهرائي ورتو ۽ ان سرڪاري گهر ۾ رهڻ لڳس، جيڪو انهن ٻارن لاءِ هو جن جا پيئر نه هئا. مون پنهنجي نڪمي مڙس کي طلاق ڏئي ڇڏي. هن ڪو پورهيو ڪري ڪمايو ته نٿي بلڪ مونکي کيس کارائڻو پيو ٿي.
اها هڪ نهايت ڏکي زندگي هئي، جيڪا مون گذاري پئي. هڪ طرف پٽ کي پالڻ جو فڪر ته ٻئي طرف پنهنجي دوا درمل جو بندوبست. مون پنهنجي خرچ جو وڏو حصو ڪمونو (وڳا) سبي پورو ڪيو ٿي، پر ان کان علاوه ٻيو به ڪو ڪم ڪار مليو ٿي ته ڪيم ٿي. هفتي ۾ هڪ دفعو اسپتال جا ڪپڙا ڌوئڻ ويندي هئس، ڇو جو اسپتال ۾ ڪم ڪرڻ سان اها آٿت هيم ته جيڪڏهن ڪم ڪندي آئون ڪري پيس يا بيهوش ٿي ويس ته منهنجو ضرور خيال رکيو ويندو.
اڄ آئون اهي گذريل ڏينهن ياد ڪريان ٿي ته ائين ٿو لڳي ته آئون هر وقت دوائن جي حوالي هئس. هر وقت ڊاڪٽرن اڳيان بيٺي رهيس ٿي ۽ ڪيتريون ئي آپريشنون ٿينديون رهيون- ڪنن جون، اکين جون، پيٽ جون. هڪ دفعو ته مون کي يڪا ٻه مهينا اسپتال ۾ رهڻو پيو هو.
هينئر منهنجي ڪنن تقريباً ٻڌڻ ڇڏي ڏنو آهي، اکين مان نور هليو ويو آهي ۽ سواءِ پاڻيٺ جهڙين شين جي ڪا شيءِ کايو نٿي سگهان، تڏهن به خوش آهيان ۽ پنهنجي پٽ جي فئمليءَ سان گڏ رهان ٿي. هو هن وقت 51 سالن جو آهي ۽ مون کي چار پوٽا پوٽيون به آهن. اسان کي گهر جي اڳيان اڱڻ ڀور به آهي ۽ اڄڪلهه منهنجي وندر ان ۾ گل پوکڻ آهي. آئون هيروشيما پنج ڇهه دفعا وڃي چڪي آهيان. هر دفعي اتان موٽڻ تي منهنجي دل غم سان اٿليو اچي. مون کي هر وقت پنهنجي پياري ڌيءَ جي ياد ستائي ٿي. اجهو هينئر به، رکي رکي منهنجي اندر ۾ اها اُميد ڪَرَ موڙي ٿي ته اجها ته منهنجي ٻچڙي موٽي آئي ۽ منهنجي ڪلهن تي هٿ رکي پنهنجي مٺي ۽ سريلي آواز ۾ مون کي سڏ ڪندي ”اوڪا سان“ (منهنجي ماءُ).
۽ اها سوچ مون کي سڀ کان وڌيڪ ديوانو بنائي ٿي.
(هتي منهنجي خيال ۾ نقاش ڪاظميءَ جو هڪ قطعو جيڪو ’نئين ڌماڪي‘ جي عنوان سان 16 مئي 1998ع تي اڙدو اخبار جنگ ۾ ڇپيو هو، ڏيڻ بي محل نه ٿيندو.)
”هيرو شيما ڪي خاڪ و راک ڪو ديک
آدميت ڪي ڀي شڪست هي يه
ايشيا ڪي نئين ڌماڪي... سن
ناگاساڪي ڪي بازگشت هي يه.“

هيروشيما هيروشيما آهي!

هيروشيما هيروشيما آهي!

جپان جي شهر هيروشيما ۾ اسان جو اچڻ 1973ع ڌاري کان ٿيو. پهريون دفعو اسان جو جهاز ملائيشيا جي بندرگاهه کان عمارتي ڪاٺ جا ڏهه هزار ٽن کڻي هيروشيما لاهڻ لاءِ روانو ٿيو هو. ڪاٺ هلڪو ٿئي ٿو ان ڪري ان کي هميشهه ٻئي سامان جي مٿان رکجي ٿو. هيٺ تري ۾ لوهه جو ۽ ٻيو ڳرو سامان رکيوسين. جهاز جا سڀ گدام سامان سان جڏهن ٽٻ ٿي ويا ته باقي سامان دستور موجب ڊيڪ تي رکيوسين. خاص ڪري ڪاٺ جا ڊگها ۽ ٿلها بنڊ. هونءَ ڪاٺ جهڙي شيءِ ڊيڪ (عرشي) تي سوچي سمجهي رکجي جيئن ان تي گهميل هوا ۽ سمنڊ جي ڇولين جو اثر نه ٿئي. ڇو جو ڪاٺ ۾ پاڻي چُهڻ جي خاصيت آهي ۽ ڪاٺن جا ڪيترائي قسم ايترو ته پاڻي جذب ڪريو وڃن جو ان ڪاٺ جو وزن ٻيڻو ٽيڻو ٿيو پوي ۽ سڄي جهاز جي Stability جيڪا جهاز هلائڻ لاءِ بيحد ضروري شيءِ آهي Unbalance ٿيو وڃي ۽ جهاز جي ٻڏڻ (Capsize ٿيڻ) جو خطرو رهي ٿو.
سال جي انهن مهنن ۾ ملائيشيا کان جپان ۽ ڪوريا تائين جي موسم جا سٺا ڏينهن هئا. نه اهي ڏينهن هوائن جا هئا نه سامونڊي وڏين لهرن جا. هونءَ به ڪڏهن ڪڏهن ته Risk کڻڻو پوي ٿو. جهازران ڪمپنيءَ اهو ڀاڙو وڃائڻ نٿي چاهيو جيڪو لکن ۾ ٿيو ٿي ۽ وڏي ڳالهه ته جهاز کي هونءَ به جپان تائين ته هلڻو ئي هو. بهرحال ڪراچي ۽ ڪولمبو بعد هاڻ آخري بندرگاهه پينانگ مان عمارتي ڪاٺ جي فل Consignment کنئيسين. ٻه هفتا کن ڏينهن رات، وڏا وڏا ٽرالر، وڻن جا ڊگها ڊگها ٿڙ ۽ چيريل چورس ڪاٺ ملائيشيا جي جنگلن مان ڍوئي جهاز تي رکندا ويا. آخرڪار جهاز هيروشيما لاءِ لنگر کنيو جو مٿيون سامان هيروشيما لاءِ هو، جنهن کي پهرين لاهڻ ضروري هو، ان بعد جپان جي ٻين بندرگاهن ۾ باقي سامان لاهڻ لاءِ وڃڻو هئوسين.
جهاز پينانگ مان نڪرڻ سان ئي فرحتي هلندو رهيو. نه انجڻ جو مسئلو نه اتر يورپ وارو ڌنڌ ڪوهيڙو. نه ڪيپ آف گڊ هوپ واريون جبلن جيڏيون ڇوليون نه بالٽڪ سمنڊ جهڙيون سوساٽ ڪندڙ هوائون جيڪي جهاز کي ڇوڏي وانگر لوڏين. سمنڊ سڄي واٽ سانت ۾ نظر اچي رهيو هو- ڪٿي ته اهڙو لسو جهڙي آرسي هو. هوا نيراني هير جهڙي ۽ آسمان ۾ ڪا ورلي ايڪڙ ٻيڪڙ رولاڪ ڪڪري ڏسڻ ۾ آئي ٿي نه ته سڄو آسمان صاف ۽ نيرو لڳو پيو هو! جنهن وقت جنهن سَياري (مريخ، وينس، جوپيٽر) يا چنڊ جي سيڪسٽنٽ ذريعي Sight وٺي جهاز جي رفتار ۽ ڪيل مفاصلي جو حساب وٺڻو پيو ٿي، ان وقت اهو آسمان ۾ صاف ظاهر آيو ٿي. (تن ڏينهن ۾ Satellite Navigator اڃا عام نه ٿيا هئا جنهن ذريعي جهاز جي سمنڊ تي روزمره جي پوزيشن آٽوميٽڪ معلوم ڪري سگهجي.)
رستي تي سنگاپور ۾ اڌ ڏينهن کن ٿڪ ڀڃي پوءِ اتر طرف وڌياسين. ڏکڻ چيني سمنڊ به بلڪل پرسُڪون مليو. سال جي انهن ڏيهن ۾ اهو هوندو ئي ائين آهي. هانگ ڪانگ تائين ترندا آياسين. ڪمري جي ٽيبل تي ته ڇا جهاز جي لوهي ڊيڪ تي ويهي لکيم ٿي ته به پين نٿي ڌُڏي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهو احساس ٿيو ٿي ڄڻ جهاز هلي ئي ڪو نه پيو. اهڙو لَس ئي لَس شيشي جهڙي ماٺي سمنڊ تي ترندو ويو پئي.
هانگ ڪانگ ۾ ٻه ڏينهن گذارياسين. جهاز جي اڳتي جي سفر لاءِ تيل، پاڻي ۽ جهاز هلائيندڙن لاءِ راشن کاڌو خريد ڪيوسين. اسان جي جهازران ڪمپني جي ڪراچيءَ ۾ هيڊ آفيس بعد، هن سڄي ڏور اوڀر جي علائقي ۾ ٻئي نمبر تي وڏي آفيس، هتي هانگ ڪانگ ۾ هئي جتي اسان جي ملڪ جو R.R (ريجنل رپريزنٽيٽو) مڪاني اسٽاف سان گڏ جهاز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ رهيو ٿي.
هانگ ڪانگ مان نڪرڻ بعد جپان ڏي رُخ رکيوسين. وري ساڳي خوش نصيبي. سمنڊ به ماٺو ته هوا به هلڪي. نه جهاز کي لوڏا اچن نه انجڻ جو مسئلو- هڪ جهاز هلائيندڙ ۽ جهاز جي مالڪ کي ٻيو ڇا کپي. جهاز جپان کان ٻن ڏينهن کن جي پنڌ تي هو ته اتان ان وقت هن جو رُخ اوڀر بدران ٿورو اولهه طرف لاڙيو ويو جو اسان کي ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا ۽ ڪوبي بدران پهرين هيروشيما وڃڻو هو. ۽ هاڻ جڏهن هيروشيما پهچڻ ۾ ڪو هڪ ڏينهن وڃي بچيو ته اچيو ٿو سمنڊ خراب ٿئي ۽ تيز لڳندڙ هوائون واچوڙن مان طوفان ۽ طوفانن مان Cyclone ۽ پوءِ Typhoon جو روپ ڌارڻ لڳيون ۽ جهاز کي ڪڏائڻ لڳيون. سخت طوفان جهاز کي هڪ طرف سٽڻ شروع ڪيو ته سامونڊي لهرن ان کي ٻئي طرف ڪٽڻ شروع ڪيو. جهاز ڪڏهن کاٻي پاسي سمنڊ جي سطح کي وڃي ٿي ڇهيو ته ڪڏهن ڊيڪ تي رکيل هزارين بنڊن کي کاري پاڻيءَ ڍڪي ٿي ڇڏيو. يقينن انهي صورت ۾ ڪاٺ ويو ٿي ڳرو ٿيندو ۽ جهاز کي بچائڻ لاءِ اهو ئي طريقو هو ته ڪاٺ جا رسا کولي جيتري قدر ٿي سگهي ان کي جهاز تان اڇليو وڃي پر ساڳي وقت ان خواريءَ جو پڻ احساس هو ته ڪاٺ جا مالڪ ڇا سوچيندا جن ڪاٺ موڪليو آهي ۽ جيڪي، ڪجهه ڪلاڪن بعد هيروشيما جي بندرگاهه تي ڪاٺ حاصل ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا. پر اهو به صاف ظاهر هو ته جيڪڏهن اهو ڪم نٿي ڪيوسين- يعني ڪاٺ جي مالڪن کي نقصان نه ڏيڻ جو ته سڄو جهاز ٻڏڻ بعد باقي سامان جا مالڪ ۽ جهاز جا مالڪ گاريون ڏيندا ۽ هرڪو چوندو ته ڪاٺ اڇلي گهٽ ۾ گهٽ ٻيو سامان ۽ جهاز ته بچايو ها. ان قسم جا فيصلا ڪرڻ، جن لاءِ وقت نه برابر ٿئي ٿو، ڏاڍو ڏکيو ڪم ثابت ٿئي ٿو ۽ جهازين جي دماغ کي مائوف بنايو ڇڏي.
اسان ڪو قدم کڻڻ جو سوچي رهيا هئاسين ته ان قدرت جنهن اهي طوفان ۽ تڪليفون پيدا ڪيون، ان بقول شاهه لطيف جي، تون ڏئين تون لاهين واري حساب ۾ ڏک درد (طوفان) به ان ئي لحظي ۾ لاهي ڇڏيا ۽ باقي ٻن چئن ڪلاڪن جو سفر آرام سان پورو ڪري اچي هيروشيما جي بندرگاهه مان نڪتاسين ۽ رب پاڪ جو شڪر ڪيوسين ته واپارين جو سامان، مالڪن جو جهاز ۽ اسان جهاز هلائيندڙن جي عزت بچي وئي.
اسان جو جهاز ان کانپوءِ به ڪيترا دفعا هيروشيما ايندو رهيو. هڪ دفعي ته اسان ملائيشيا جي هڪ بندرگاهه پورٽ ڪلانگ مان لاس اينجلس لاءِ تونا مڇي کڻي جپان تائين پهتاسين ته اسان جي جهاز ران ڪمپني طرفان انسٽرڪشن آيا ته، ”ٽوڪيو کان لاس اينجلس وڃڻ بدران هيروشيما جهاز کي وٺي اچون جتي اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جهاز لاس اينجلس وڃڻ لاءِ بيٺو آهي. اسان پنهنجي جهاز جو سامان لاهي ان جهاز تي ٽرانسفر ڪريون ۽ هيروشيما مان ڪارون، مشينري ۽ ٻيو سامان چاڙهي ڪراچيءَ موٽون.“ ۽ پوءِ ان چڪر ۾ مهينو ڏيڍ هيروشيما ترسي پياسين ۽ نه فقط هيروشيما جا پر اوس پاس جي شهرن جا به چڪر هڻندا رهياسين. هيروشيما جي انهن ڏينهن جو مختصر احوال اڄ کان ٽيهه سال اڳ کن ڇپيل ڪتاب ”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. هيروشيما جپان جي انهن چند شهرن مان آهي جنهن سان گهڻي پنهنجائپ رهي آهي ۽ هاڻ جڏهن پاءُ صدي کن بعد هتان (ڪوڪورا) شهر کان هيروشيما باءِ روڊ يا باءِ ٽرين ايندو ويندو رهان ٿو ته پراڻا ڏينهن اکين اڳيان تريو اچن. بم جي تباهي بعد به هيروشيما جي پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا آهي. اهي گهٽيون ۽ گهاٽ جن وٽان جوان الطاف سن 1975ع ۽ 1976ع ڌاري لنگهندو هو، اتان اڄ جو پوڙهو الطاف لنگهڻ وقت ساڳي سونهن، ساڳي خوشي، ساڳيا آواز ۽ هوٽلن ۽ دڪانن اڳيان ايندڙ ساڳيون خوشبوئون محسوس ڪري ٿو! جپان ايندڙ پنهنجن وطني دوستن کي هيروشيما گهمڻ لاءِ صلاح ڏيڻ وقت چوندو آهيان ته جيئن لاهور لاهور آهي تيئن هيروشيما هيروشيما آهي.
آئون اڄ وري ڪو ڪورا شهر کان ٽرين ذريعي هيروشيما جي ريلوي اسٽيشن تي لهان ٿو. ٻاهر نڪري ٽرامن جا نمبر پڙهي چوڌاري جائزو وٺان ٿو. اڄ آئون جلدي ۾ نه آهيان جو جهاز جي ڊيوٽيءَ کان آزاد آهيان. جيترو وقت جتي وڻيم اتي گذاريان ۽ واپس بندرگاهه ۾ جهاز تي پهچڻ بدران ڪيڏانهن به وڃي سگهان ٿو. جهاز جي انجڻ جي ڪنهن به مسئلي جو مونجهه منهنجي مغز ۾ نه آهي. ڪيڏو سڪون محسوس ڪري رهيو آهيان، البت شمس صديقي ياد اچي رهيو آهي. پهريون دفعو هيروشيما آيو هوس ته هي شهر مظهر صديقي ۽ سلطانه صديقي جي ڀاءُ شمس سان گڏ گهميو هوس. هو اسان جي جهاز تي پئسينجر هو. جهاز جي ڊيوٽين کان آزاد هو. هو شهر جو واءِ سواءِ پهرين اڪيلي سر لهي پوءِ مون کي ساڻ وٺي نڪرندو هو. گهٽ ۾ گهٽ هي شهر هيروشيما مون کي شمس گهمايو. شمس صديقي زندگيءَ جو وڏو حصو نارٿ ناظم آباد ۾ رهيو. اڄڪلهه ڪلفٽن تي رهي ٿو ۽ اتي ئي سندس ڪلينڪ آهي، پاڻ هوميوپيٿ ڊاڪٽر آهي.
منهنجي اڳيان شهر ۾ هلندڙ ٻيو ۽ ٽيون نمبر ٽرام گذري وڃي ٿي. آئون ان بعد ايندڙ 6 نمبر ٽرام ۾ چڙهان ٿو. اهي سڀ ٽرامون هيئيوا ڪوئن (Heiwa- Koen) ڏي وڃن ٿيون، جيڪو انگريزيءَ ۾ Peace Park سڏجي ٿو. يعني امن جو باغيچو. هتي جي هڪ عمارت انڊسٽريل پروموشن هال تي بم ڦاٽو هو. هيروشيما جون سڀ ڊٺل عمارتون هاڻ نيون ڪيون ويون آهن، سواءِ هن عمارت جي – جنهن جي ڀڳل گنبذ Dome جون تارون اڃا تائين ائين اکڙيل نظر اچن ٿيون. آئون هن پيس پارڪ جي هڪ ڪنڊ کان واڪ ڪري ”پيس ميموريل ميوزيم“ جي در تائين اچان ٿو. اندر وڃڻ تي دل نٿي چوي. هيروشيما جي ٻاهر رنگينيون، رونقون، خوشيون ڏسي جنگ جي بم ۽ بارودن جي تباهيءَ جي Idea نٿي رهي. هن ميوزيم ۾ وڃڻ سان ماڻهن جا سڙيل ۽ ٻريل لاش ۽ تصويرون ڏسي هر ماڻهو مايوسيءَ جو شڪار ٿيو وڃي. ميوزيم مان نڪرندڙ هر ماڻهوءَ جي چهري تي اُداسي ۽ خوف جا احساس نمايان آهن. هنن کي ائٽمي هٿيارن جي تباهيءَ جي اثرات جو احساس ٿئي ٿو. هڪ جپاني اڌڙوٽ همراهه ”ميوزيم“ مان نڪري منهنجي ڀرسان اچي بيهي ٿو ۽ کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکائي ٿو. مون ڏي نهارڻ سان آئون کيس جپانيءَ ۾ کيڪاري انگريزيءَ ۾ هن ميوزيم بابت پڇان ٿو، جنهن جي جواب ۾ هو وراڻي ٿو.
“It should serve as a warning to such weapons.”
آئون هن پارڪ مان نڪري شهر مان وهندڙ اوتا نديءَ جي ڪناري تي هڪ ننڍڙي ريسٽورنٽ ۾ اچي ويهان ٿو. رستي تان ورتل پٽئٽو چپس جي ٿليهي کولي چپس کاوان ٿو ۽ هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ کي ڪافي آڻڻ لاءِ چوان ٿو.
هيروشيما جو شهر اوتا نديءَ جي ڊيلٽا تي ٺهيل آهي. هيروشيما ڪارخانن جو شهر آهي- جنگ کان اڳ بم ۽ بارودن ٺاهڻ جو ۽ هاڻ بسڪيٽن ۽ بوٽن جو، ڪئميرائن ۽ ڪمپيوٽرن جو شهر آهي. هيروشيما شهر کي ڪا ايتري قدرتي سونهن نه مليل آهي جيتري هن جي ٻهراڙي ۽ اوسي پاسي کي. هتي ايندڙ ماڻهو ڀر واري ٻيٽ Itsukushima تي وڃن ٿا جيڪو مياجيما جي نالي سان مشهور آهي. هتي جا اوتارا ۽ درگاهون مشهور آهن خاص ڪري مياجيما سمنڊ اندر ٺهيل دروازو Torii، جيڪو جپان جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو. هن دروازي جي تصوير منهنجن ٻن ڪتابن جي ٽائيٽل ڪور تي پڻ آهي. ”جپان جن جي جيءَ سان“ ۽ ”ڳالهيون جپان جون“- جيڪو هن سال انڊس پبلشرس وارن وري ڇاپيو آهي. هي ٻيٽ (مياجيما) جپان جي ٽن بيحد خوبصورت شين مان هڪ آهي. باقي ٻن مان هڪ ماتسو شيما (سيندائي ڀرسان) ۽ ٻيو امانوهاشي داتي، (جيڪو اتراهين ڪناري تي آهي). مياجيما ٻيٽ تي ٽوئرسٽن لاءِ وڏي ڪشش هي ”توري ئي“ (دروازو)، درگاهه ۽ هتان جا آزاد گهمندڙ انيڪ هرڻ آهن. هن جهڙا دروازا جپان ۾ جتي ڪٿي درگاهن ۽ مندرن اڳيان نظر ايندا پر هي سڀ ۾ وڏو توروئي آهي. هي اٽڪل پنجاهه فوٽ اتاهون ۽ ستر فوٽ کن ويڪرو ٿيندو ۽ 1857ع جو ٺهيل آهي يعني جن ڏينهن ۾ اسانجي ننڍي کنڊ ۾ انگريزن خلاف ڇڪتاڻ هلي رهي هئي.
آئون ڪافي پي ”شو ڪيئين“ باغ ۾ اچان ٿو. جپاني باغن ۾ وڻن، ٻوٽن ۽ ڇٻر کان وڌيڪ وڏا پٿر رکيل ٿين ٿا جن مٿان پاڻي پيو ٽمندو. هي باغ هتي جي واسطيدارن مطابق سن 1620ع ۾ ڊيزائين ڪيو ويو هو. اتي ئي هيروشيما تي بم ڪرڻ ڪري هن قلعي کي ڪافي نقصان رسيو هو. هاڻي جيڪي ڪجهه آهي اهو 1945ع کانپوءِ جي ڪيل مرمت جو نتيجو آهي.
هيروشيما ۾ رهڻ لاءِ ڪيتريون ئي هوٽلون آهن پر آهن سڀ مهانگيون. توهان ڪمپنيءَ جي خرچ ۽ ڪم سان آيل آهيو ته پوءِ ته توهان کي ڪهڙو فڪر، باقي پنهجي خرچ تي رهڻ واري کي گهرجي ته ڪنهن يوٿ هاسٽل ۾ رهي يا رات واري ٽرين ۾ پنهنجي شهر پهچي وڃي جتي هو نوڪري ڪري ٿو يا پڙهي پيو. مون رات هتي جي سيمئن ڪلب ۾ گذاري جتي هڪ دفعو پهرين به رهي چڪو آهيان. Sea- mens ڪلب اسان جهازين جي رهائشي سهولت لاءِ سستي هوٽل آهي. ان قسم جا Sea- mens ڪلب آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن. ڪراچيءَ ۾ به هوندو هو پر هاڻ ختم ڪيو ويو.
صبح جو واپس ڪوڪورا وڃڻ لاءِ ڪٻٽ مان ڪپڙا ۽ ڪتاب ڪڍي بئگ ۾ وجهي رهيو هوس ته ڪٻٽ جي طاق جي اندرين پاسي ڪنهن ٽوئرسٽ جي لکيل شعر تي نظر پيئي. هڪ دفعو وري بئگ کولي منجهانئس پنو پينسل ڪڍي سڄو شعر لکيم، جيڪو هن شهر تي بم ڪرڻ بابت آهي.
Hiroshima
8: 15 am
Hell on earth
Don’t die
A dead baby clinging to the breast of his dead mother
her whole body charred, her skin unattached, hanging
the naked man holding his eyeball, red like a boiled octopus
even at nightfall the flames still raged – black rain poured down
this is the face of human being
all men and women take on shape
gender erased
names unknown
deaths unattended
skinless bodies
in corpse river
floating out to sea
that is never full.

ڪوڪورا کي ڪڪرن بچايو

ڪوڪورا کي ڪڪرن بچايو

پڙهندڙ کي شايد ان ڳالهه تان تعجب لڳي ته قبلائي خان جپان فتح ڪرڻ لاءِ هن شهر ڪوڪورا تي، جنهن ۾ اڄڪلهه آئون رهان ٿو، حملو ڪيو هو.
هي شهر ”ڪوڪورا“ فڪوڪا (صحيح لفظ فاڪوئوڪا آهي پر اسين غير جپاني چاهي پاڪستاني، انڊين هجون يا يورپي آمريڪن تڪڙ ۾ هن کي فڪوڪا چئون ٿا) ضلعي ۾ آهي. هي ضلعو (Prefecture) جپان جي ٽئين نمبر وڏي ٻيٽ ڪيوشو جو اتراهون حصو آهي، جيڪو ڪوريا ۽ چين جي سرزمين کي ويجهو آهي. يعني ڪوريا يا ٻين پٽن کان ادب ۽ ڪلچر جي، توڙي حملو ڪندڙن جي، جيڪا اچ وڃ ٿي سا گهڻي تڻي جپان جي هن حصي اندر ٿي.
قبلائي خان منگول سلطنت جي باني چنگيز خان جو پوٽو هو. چنگيز خان مار ڌاڙ ڪري، تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پنهنجي سلطنت جا بارڊر هڪ طرف مغرب ۾ پولينڊ (يورپ) تائين وڃي پهچايا ته ٻئي طرف مشرق ۾ پِيلي سمنڊ (Yellow Sea) تائين، يعني چين جي ٻي ڪنڊ تائين، جتي هانگ ڪانگ ۽ تائيوان وغيره آهن.
قبلائي خان 1215ع ڌاري ڄائو ۽ 1260ع ۾ جڏهن هُن حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته هن کي صحيح طرح آرگنائيز ڪرڻ سان گڏ ان کي چين کان به اڳتي وڌائڻ چاهيو ۽ خاص ڪري جپان تي حملو ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ چين جي اڄ واري شهر بيجنگ وٽ ٺاهيو.
هي قبلائي خان ئي هو، جنهن جي ڪورٽ ۾ وينس جو مشهور سياح مارڪو پولو پنهنجي چاچي سان گڏ يورپ کان ٽن سالن جو سفر ڪري 1274ع ۾ پهتو ته قبلائي خان هن ويهن سالن جي نينگر جو سٺو ذهن ۽ هن جي ڪيترين ٻولين کان واقفيت ڏسي کيس پنهنجي ڪورٽ ۾ اهم عهدي تي عملدار ڪري رکيو ۽ کيس نه فقط هندستان، سريلنڪا ۽ ٻين اوسي پاسي جي ملڪن ۾ موڪليندو رهيو، پر جپان به موڪليو، جتان جو واءُ سواءُ هن قبلائي خان کي پهچايو. بهرحال مارڪو پولو جو تفصيلي احوال آئون پنهنجي هڪ سفرنامي ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ ڏئي چڪو آهيان، جيڪو قبلائي خان سان گڏ 17 سال کن رهي واپس وطن وڃي رهيو هو ته رستي تي (1294ع ۾) کيس قبلائي خان جي موت جي خبر پيئي.
قبلائي خان جي لشڪر جپان تي ٻه دفعا حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جپان ۾ ان وقت ڪماڪورا گهراڻي جو دور هو. هي دور 1192ع کان وٺي 1333ع تائين هليو، جنهن ۾ حڪومت جا هيڊ ڪوارٽر اڄ جي ٽوڪيو ڀرسان هڪ شهر ڪماڪورا ۾ هئا. (ان ڪري جپان ايندڙ سياح اڄ به نارا ۽ ڪيوٽو سان گڏ تاريخي شهر ڪماڪورا پڻ ڏسن ٿا).
قبلائي خان منگولن جو وڏو لشڪر وٺي چين ۽ جپان جي وچ وارو پِيلو سمنڊ ٻيڙين ذريعي اُڪري هن شهر ڪوڪورا وٽ هڪاتا نالي بندرگاهه ۾ لٿو. منگول، پهرين حملي ۾ چڱي سوڀ حاصل ڪري ويا ۽ جپانين جا اهڙا ڏوهه ڏڪايائون جو هنن بچاءَ لاءِ وڏي ڀت ٺاهي، جنهن جا ڪجهه ڪجهه آثار ساڍا ست سؤ سال گذرڻ بعد به هن ضلعي فڪوڪا ۾ نظر اچن ٿا.
1281ع ۾ منگولن جي ٻئي حملي ۾ هن ڀت جپانين جي ڪجهه مدد ضرور ڪئي، پر کين منگولن جي حملي کان صحيح معنيٰ ۾ سامونڊي طوفان بچايو. هن قسم جا ٽائفون (تمام تکيون هوائون جيڪي ڌرتي ۽ سمنڊ تي واچوڙا ۽ قهر جا ڪُن ٿيون پيدا ڪن) اڄ به هن علائقي ۾ لڳنديون رهن ٿيون ۽ منهنجي هوندي ٻن مهينن اندر ٽي ٽائفون اچي چڪيون آهن ۽ ساڳيون ٽائفون جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ به درپيش اينديون هيون ۽ ڪَلَ تي هلندڙ هيڏن آفت جيڏن جهازن تي هوندي به سمنڊ تي ته اسانجو ساهه سڪندو هو، پر ڪناري تي رسن ٻڌل جهاز به رسا ڇنائي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويندا هئا ۽ اسان جي ڪمپنيءَ جي هڪ اهڙي جهاز جي تصوير (جي گم نه ٿي وئي آهي ته) هتي ڏيڻ سان پڙهندڙ هتي جي طوفانن جو اندازو لڳائي سگهن ٿا، جن طوفانن منگولن جي سڀني ٻيڙين کي ڪک پن ڪري ڇڏيو ۽ انهن ۾ ويٺل هڪ لک منگول جوڌا ڀڳڙا ڀڳڙا ٿي ويا. جپانين جي عقيدي موجب هيءَ هوا (Kaze) يقيناً سندن ديوتا (Kami) طرفان ئي هئي. ان ڪري جپانين ان ٽائفون کي ڪامي ڪازي (Kami kaze) سڏيو. بهرحال جپاني وڏي کٽراڳ کان بچي ويا، نه ته ان زماني ۾ جپاني ڪي اهڙا جوڌا مڙس يا ٽيڪنيڪلي ايڊوانس نه هئا جو منگولن جو مقابلو ڪري سگهن ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو خبردار ضرور ٿي ويا ته پنهنجو پاڻ کي پهلوان بنائجي جو ڪمزور تي ڪنهن وقت به ڌاريا حملو ڪري سگهن ٿا. هوڏانهن ٻڏي ۽ لڙهي ويل منگولن جون مائرون منهن مٿو پٽي ويهي رهيون، جوين وڃي ٻيا مڙس ڪيا ۽ قبلائي خان جي باقي فوج هڪ دفعو وري پِيلو سمنڊ ٽپي جپان تي حملو ڪرڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا.
مٿيون لفظ ’ڪامي ڪازي‘ ٻي وڏي جنگ ۾ هڪ دفعو وري عام ٿيو هو. اهو لفظ (Kamikaze) جپان ايئرفورس ۾ انهن پائليٽن لاءِ استعمال ٿيو هو، جن بمن سان ڀريل هوائي جهاز کڻي آمريڪن بحري جهازن تي آپگهاتي حملا ڪيا هئا. هونءَ هوائي جهاز، مٿان اڏامندي هيٺ ٽارگيٽ تي بم اڇلائيندو آهي، پر ان ۾ هر وقت اهو خطرو هوندو آهي ته متان هيٺان ڪا ائنٽي ايئرڪرافٽ گن کيس نه ڪيرائي رکي. ان ڪري جپان ايئرفورس جي هنن ڪامي ڪازي پائلٽن جو جٿو سر تان آهو کڻي نڪتو ٿي. هر پائلٽ پنهنجي جهاز مان بم اڇلي موٽڻ بدران آمريڪن جي وڏي بحري جنگي جهازن جي چمنيءَ ۾ پنهنجي هوائي جهاز کي داخل ڪري ڇڏيو ٿي ۽ هڪ ئي وقت نه فقط ان جهاز ۾ موجود بم ڦاٽا ٿي پر ان جنگي بحري جهاز جو بارود به ڦاٽي پيو ٿي جنهن جي زوردار ڌماڪي تي اوسي پاسي ۾ بيٺل ٻيا جهاز ۽ بندرگاهه به تباهه ٿي ويو.
هنن دلير جپاني پائلٽن (ڪامي ڪازي) تي جپاني ادب ۾ ڪيتريون ئي ڪويتائون ۽ ڪهاڻيون لکيل آهن، فلمون ۽ ٽي وي سيريل ٺهيل آهن.
مٿين ڳالهه اڄ صبح جو هڪ جپاني لئبريرن جي چرچي تان ياد آئي. لئبرريءَ ۾ ڇَٽي کڻي پهتس ته لئبرري جي انچارج ڇوڪريءَ تعجب مان پڇيو ته مسٽر الطاف اڄ مينهن (آمي) آهي ڇا جو ڇَٽي (ڪاسا) هٿ ۾ اٿئي؟ دراصل اڄ ڪيترن ڏينهن جي لڳاتار مينهن بعد اُس نڪتي هئي ۽ اُس به اهڙي تکي جو منهنجي ٽڪڻ ٿي سڙي، سو ان جي بچاءَ لاءِ ڇٽي کنئي هيم. هونءَ به اسان جي ملڪ ۾ مينهن پئي ڪٿي ٿو، ان ڪري ته ڇٽيءَ کي مينهن ڇٽيءَ بدران ڌوپ ڇٽي چئون ٿا ۽ اسان جي حساب موجب هن ڌوپ ڇٽي (اُس جي بچاءَ جي ڇٽ) جي اڄ ڪوڪورا ۾ ضرورت هئي پر هاڻ هن ويچاري درويش مس يوڪو اُچيدا (Yuko Uchida) کي ڇا ويهي ٻڌايان ته تون هتي ايئرڪنڊيشن ۾ ويٺي آهين سو ٻاهر جي اَس جو احساس نه اٿئي باقي مون جهڙن گنجن جي ٽڪڻ ٿي سڙي- ان بدران مون ساڻس ها ۾ ها ملائي چيو ”اهو به اچڻ وارو آهي. هتي ڪهڙو وقت آهي جڏهن آسمان ڪڪرن کان خالي آهي؟“
”مسٽر الطاف اهي ڪڪر ئي ته آهن جن ڪوڪورا کي بچايو“ هن ڏاڍي آرام سان چيو. پهرين مون کي سندس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ اٿي چيومانس ته واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي. اها ڳالهه ته مون کي پنهنجي سفرنامي ۾ پهرين لکڻ کپي.
لئبرري جي هن انچارج يوڪو کي جيئن ئي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ ٻڌايو ته منهنجو مامو ليکڪ به آهي ته هن لاءِ آئون ڄڻ ڪامي (ديوتا) بنجي پيس. لئبرريءَ مان ڪيترا وڻيم ڪتاب گهر کڻي وڃان، جيترا ڏينهن وڻيم اوترا ڏينهن رکان مجال آهي جو هوءَ اعتراض ڪري. جپان بابت ڪا تصوير يا اسڪيچ ملندس ته اها به مون لاءِ رکي ڇڏيندي يا موڪلي ڏيندي. هر وقت موسم بابت آگاهه ڪندي رهندي، جيئن ڪيڏانهن وڃڻو هجيم ته موسم کي ڌيان ۾ رکي ان مطابق وڃان . هڪ دفعي هن شهر ڪوڪورا ۾ ايڏي وڏي ٽائفون اچڻي هئي جو صبح کان اسڪول ڪاليج بند ڪيا ويا. ٽائفون منجهند جو ٽين بجي کان شروع ٿيڻي هئي ۽ ظاهر آهي پوءِ ٻه ٽي ڏينهن پيو طوفاني مينهن هلندو آهي. آئون اهو سوچي جلدي ڪتاب بدلائڻ آيس. نڪرڻ وقت مس يوڪو در وٽ ڊوڙي اچي چيو: ”مسٽر الطاف پنهنجو خيال رکجان، ٽائفون اچڻ ۾ باقي ڪي ٻه اڍائي ڪلاڪ آهن.“
”ها مون کي خبر آهي.“ مون مرڪندي کيس چيو. يوڪو جو مون لاءِ اهو خيال هڪ انسان ۽ هڪ ڌارئين کان وڌيڪ هڪ ليکڪ لاءِ آهي، جنهن کي ههڙن ملڪن ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. دل ۾ سوچيم اسان وٽ اديب- خاص ڪري اسين سنڌي اديب ته پنهنجي ملڪ ۾ ائين ئي دربدر پيا ڦرون، تون اجايو ويٺي خيال ڪرين ۽ اسان جون عادتون خراب ڪرين.
بهرحال ان ڏينهن ڪوڪورا (هن شهر) جي بچاءَ لاءِ ڪڪرن واري سندس ڳالهه مون دل سان ساراهي. اسان ڌارين کي ته ڇا پر ڪيترن هتي جي رهاڪو جپانين کي به اها خبر گهٽ آهي ته ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ آمريڪن ناگاساڪيءَ تي بم ڪيرائڻ بدران هن شهر ڪوڪورا تي ڪيرائڻ چاهيو ٿي پر ان وقت هن شهر جي مٿان گهاٽا ڪڪر هجڻ جي ڪري آمريڪن پائلٽ ٽارگيٽ ڳولي نه سگهيو.
هونءَ هن شهر ڪوڪورا تي بم ڪيرائڻ جو آمريڪن وٽ پورو پورو جواز هو. ٻي وڏي لڙائيءَ جي خاتمي تائين ڪوڪورا جپان جو اهو اهم شهر هو جتي هنن جو سڀ کان وڏو بارودي ڊپو (Arsenal) هو. ولڪان ورڪشاپ نالي هٿيار ٺاهڻ جو ڪارخانو هتي هو. هن شهر ۾ نه فقط هٿيارن جا انبار هئا پر زهريلي گئسن جا اسٽاڪ هئا جن لاءِ اسان عراق کي ننديندا رهياسين. ٻيو ته ٺهيو پر جراثيمن جا ڪيترائي قسم هئا جيڪي Viruses (وچڙندڙ بيماريون) پيدا ڪري سگهن. بقول هڪ ليکڪ پال سافو جي جنهن پنهنجي ڪتاب: ‘دي روڊ فرام ٽرنٽي‘ جي چوٿين چئپٽر ۾ لکيو آهي ته:
"Bombs made in Kokura arsenal rained death not only upon American troops، but also on hapless civilians from Philippines to Singapore and Nanjing (China)."
9 آگسٽ 1945ع تي آمريڪن بامبر جهاز هن شهر ڪوڪورا مٿان ٽي چڪر هنيا پر ڪڪرن ۽ دونهين ڪري هو اها صحيح جاءِ ڳولي نه سگهيو جتي هن کي بم ڪيرائڻو هو. آخر بيزار ٿي جهاز جي پائيلٽ ناگاساڪيءَ ڏي رُخ رکيو ۽ پوءِ هڪ ڪلاڪ به نه گذريو هوندو ته ناگاساڪيءَ ۾ ائٽم بم ڪرڻ جي خبر پيئي جيڪو پوري يارهن لڳي ٻن منٽن تي ڪيرايو ويو هو. بم ڪرڻ سان ان جي ڌماڪي ۽ ائٽمي گرمائش ڪري شهر جون عمارتون ڊهنديون ويون ۽ هزارين شهري سڙندا ويا. بم جي تپش ايڏي هئي جو کل ۽ ماس ته ڇا انسانن ۽ جانورن جا هڏا به وٽڙي ويا پئي. لکين ماڻهو جيڪي بچي سگهيا اهي سڄي عمر پنهنجا زخم چيٺيندا رهيا ۽ ائٽمي لهرن ڪري پيدا ٿيل ٻين بيمارين ۾ پڄرندا رهيا.
هن وقت هي مضمون لکڻ وقت پنهنجي اٺين فلور جي فليٽ جي بالڪنيءَ مان نظر ايندڙ هن شهر ڪوڪورا جي آرمي برج (پل) جيڪا شهر مان وهندڙ موراساڪي نديءَ تي ٺهيل آهي، کي ڏسي اهي ڏينهن ٿا ياد اچن جڏهن موراساڪي نديءَ جي هن ڀر جپاني فوج جا بارود ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا، هٿيار ٺاهڻ جو وڏي ۾ وڏو ڪارخانو Vulcan workshop هو ۽ هن پل Army Bridge ان بارودي گدامن ۽ ڪارخانن کي شهر جي اسان واري پاسي سان ڳنڍيو ٿي. آمريڪن پائليٽ جي پريشانيءَ جو ان وقت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن هـُـن هـِـن پل ۽ بارودي گدامن کي گهوري ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي پر هيٺائين تي ترندڙ هنن ڪڪرن هن کي ڪامياب نه بڻايو.
اڄ آرمي پل سان گڏ موراساڪي نديءَ تي ٻيون به ڪيتريون پليون ٺهي ويون آهن ۽ ”آرمي برج“ جهڙي فوجي نالي بدران هاڻ هن پل ۽ ٻين پلين جا نالا رومانوي ۽ ڌرمي نوعيت جا رکيا ويا آهن، جيئن ته: Nakashima Bridge (هوا جي پل)، موراساڪي گاوا برج (لوهه جي پل)، Nakano (سج) جي پل، Ogai (سي گل پکيءَ) جي پل، katsuyama (پٿر) جي پل، Tokiwa (ڪاٺ) جي پل، Muromachi (باهه) جي پل.... وغيره. هن علائقي kita Kyushu (اتر ڪيوشو- جنهن ۾ ڪوڪورا کان علاوه ٻيا به چار شهر: هڪاتا، موجي، توباتا وغيره اچي وڃن ٿا) جو هاڻوڪو ميئر مسٽر ڪوئچي (Mr. koichi Sueyoshi) جيڪو تعليم ۽ پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر آهي، تنهن شهر کي نئون رنگ ڏئي ڇڏيو آهي. سندس آفيس پڻ هن نديءَ جي ڪناري تي ”ڪيٽا ڪيوشو سٽي هال“ نالي عمارت ۾ ٻارهن ماڙ تي آهي. ڪوئچي کي شهر جي صفائي سٿرائي جو نه فقط خيال آهي پر هن شهر کي جپان جو ماڊل شهر بنائي ڏيکاريو آهي. سال 2002ع ۾ جيڪا جهانسبرگ (سائوٿ آفريڪا) ۾ ماحوليات تي ورلڊ ڪانفرنس ٿي هئي، ان ۾ کيس ان ڳالهه تي ايوارڊ ڏنو ويو هو. سندس ٽيليفون نمبر 2121-093-582 آهي ۽ اي ميل ائڊريس:
koichi_sueyoshi01@mail2.city.kitakyushu.jp
ساڻس ويجهڙائي واري ملاقات ۾ ورلڊ وار II جي به ڳالهه اچي نڪتي. اڄ ماضيءَ جي ڪا به اهڙي ياد هن شهر ۾ نه آهي جيڪا ٻي وڏي لڙائي يا جپانين جي خوفناڪ هٿيارن جي ڪارخانن جي ياد ڏياري. اڄ کان 30 سال کن اڳ تائين جڏهن منهنجو جهاز ۾ هن پاسي اچڻ ٿيندو هو ته بمن جي ڪارخانن لاءِ ٺهيل هڪ Water Tower ئي اڪيلي شيءِ هن شهر ۾ رهيل هئي. ڪوئچي صاحب ٻڌايو ته ”هتي جي ماڻهن ان کي ياد خاطر بچائي رکڻ چاهيو ٿي پر ڪجهه سال اڳ ان کي به ڊهرايو ويو- بلڪه پاڻ ئي ڊهي ڪري پيو. هونءَ به هن شهر ڪوڪورا جي ماضيءَ جي اها ياد ڪا خوبصورت ياد نه هئي جنهن کي ساهه سان سانڍي رکجي. هاڻ ڪوڪورا ڪئسل (قلعي) جي ڀرسان Kokura Bomb Museum ئي هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن ۾ ان وقت جي تباهڪار هٿيارن جا نمونا رکيل آهن.“
موڪلائڻ وقت آئون سندس مٿاهين فلور جي آفيس جي دريءَ مان هيٺ ڏسان ٿو. موراساڪي نديءَ جي ٻئي پاسي بمن ۽ بارودن جي ڪارخانن بدران اڄ هلڪين ڦلڪين گهرو استعمال جي شين جون فئڪٽريون آهن، انهن جي ڀرسان هتي جو وڏو ۽ خوبصورت پارڪ Katsuyama نظر اچي رهيو آهي. هيءَ اها جاءِ آهي جتي 1945ع کان اڳ جپاني فوجي ڊرل ڪندا هئا ۽ دنيا کي زير ڪرڻ جون Exercises ڪندا هئا. اڄ اتي ننڍڙا ٻار خوبصورت ڪپڙن ۾ راند کيڏي رهيا هئا. هڪ ڪنڊ ۾ ٻُڌ مندر جو هڪ ٻائو ڪنهن مورتي اڳيان ڪنول جا گل رکي رهيو هو.

ٽوڪيو جي آس پاس

ٽوڪيو جي آس پاس

توهان جي تعليم، نوڪري يا ڪنهن ڪورس لاءِ ٽوڪيو ۾ آيا آهيو يا وري ڪنهن بزنيس وغيره جي خيال کان ٽوڪيو ۾ رهو ٿا، واندڪائي اٿانوَ ۽ ٽوڪيو کان علاوه ڪجهه ٻيو گهمڻ چاهيو ٿا ته پوءِ آئون پنهنجي تجربي مطابق، ڪجهه ڏسڻ وٽان جايون توهان لاءِ Suggest ڪري سگهان ٿو.
جپان اهڙو ملڪ آهي، جتي جي مهانگائي اميرن کي به ڏڪايو ڇڏي، ان ڪري ڪوشش اها ڪجي ته جيڪا يونيورسٽي يا ادارو جتي توهان تعليم يا نوڪريءَ لاءِ آيا آهيو، اهوئي توهان کي هيڏانهن هوڏانهن گهمائڻ لاءِ وٺي هلي ته سٺو نه ته جپان جي بسن توڙي گاڏين جا ڀاڙا ۽ جپان جي ڪنهن معمولي هوٽل ۾ ٺلهي ڊبل روٽي ۽ ڀَتَ جي پليٽ به ايتري مهانگي آهي جو هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ جو نظارو پَسڻ جي مِسَ ئي مريو وڃي. اسان به گهڻو تڻو جهازن جي هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ ڪري جپان جا ڪنڊ پاسا ڏسندا رهياسين. ڦري گري شام جو نه ته رات جو پنهنجن ڪکن ۾ يعني پنهنجي جهاز تي اچي ستاسين ٿي ۽ جهاز تي مفت جي ماني کاڌيسين ٿي. بلڪ پنهنجن جپاني دوستن کي به پاڻ وٽ ماني کارائي ٿي جو جهاز تي نه فقط نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ پر انهن جي مهمانن لاءِ به مانيءَ جو بندوبست مفت رهي ٿو.
هيٺ ڏنل سمورا شهر ۽ جايون ٽوڪيو جي ڀرسان ئي آهن ۽ ماڻهو صبح جو وڃي شام جو موٽي سگهي ٿو، يعني توهان هوٽل ۾ رهڻ جي خرچ کان بچي سگهو ٿا. جي توهان کي ڪو مڪاني دوست پنهنجي خرچ تي وٺي نٿو وڃي ته توهان اڪيلي سر به وڃي سگهو ٿا ۽ توهان کي فقط بس يا ريل جو ڀاڙو ڀرڻو پوندو. نيرن گهران ڪري منجهند جو ڪجهه کائڻ لاءِ پاڻ سان گهران سئنڊوچ ۽ پاڻيءَ جي بوتل کڻي نڪرو. جپاني ائين نه ڪندا آهن، هو ان معاملي ۾ بيوقوفيءَ جي حد تائين سادا آهن. هو مهانگين هوٽلن تي کائيندا وتندا ۽ جيتوڻيڪ جپان حڪومت طرفان جتي ڪٿي پيئڻ لاءِ صاف پاڻيءَ جا نلڪا هجڻ جي باوجود هو پئسن سان پاڻي جون پيڪ ٿيل بوتلون وٺي پيئندا، جن جي جپان ۾ قيمت ايتري ئي آهي، جيتري ڪوڪا ڪولا ۽ ڪنهن ٻئي شربت جي- يعني عام دڪان تي 100 يين (اٽڪل 100 روپيه) ۽ خاص خاص جاين ۽ وڏن هوٽلن تي ساڳي بوتل جي قيمت ڏيڍوڻي يا ٻيڻي آهي ۽ هيءَ بوتل ڪا لٽر يا ڏيڍ لٽر واري ناهي، پر ننڍي ڪوڪا ڪولا واري 330 ملي لٽر واري آهي! باقي يورپي ۽ آمريڪن امير هوندي به گهران آندل سئنڊوچون هڙ مان ڪڍي پيا کائيندا. پاڻيءَ جي بوتل به گهران کڻي نڪرندا يا ڪنهن جي ڪوڪ يا پيپسي جي اڇلايل بوتل دٻي مان ڪڍي، Toilet واري نل مان ڌوئي پيئڻ واري نلڪي مان ڀري بيشرم ٿي پيا پيئندا. سو توهان کي ڪنهن به قسم جو شرم يا فڪر نه ڪرڻ کپي. جپان جي نلڪن جو پاڻي (Tap water) جيڪو گهرن جي نلڪن ۾ اچي ٿو يا آفيسن ۽ عام پبلڪ جي جاين تي آهي، اهو بقول ڊاڪٽر خاصخيليءَ جي ان منرل واٽر کان گهڻو گهڻو هائيجنڪ آهي، جيڪو حيدرآباد ۽ سکر ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ بوتلن ۾ Seal ٿي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪامي ٿو.
1. جپان جو هڪ شهر آهي ڪاماڪورا (Kamakura)
ملتان ۽ لاهور وانگر هي تاريخي شهر آهي. منجهس ڪيترائي مندر آهن. جپان ۾ گوتم ٻڌ جي جيڪا وڏي ۾ وڏي مورتي آهي، اها هن شهر ڪاماڪورا ۾ رکيل آهي. ڪاماڪورا شهر جي جاگرافيائي پوزيشن به عجيب آهي. ٽن پاسن کان جبل ئي جبل آهن پر اهي لڪي ۽ کيرٿر جبلن جهڙا ٺوڙها نه آهن. اهي ملائيشيا جي گهاٽن وڻن سان چهچ ساون جبلن جهڙا جبل آهن. ڪاماڪورا شهر جي چوٿين پاسي کان نيرو نيرو پئسفڪ سمنڊ آهي. آسمان تي هر وقت چانديءَ جي تند سان مڙهيل بارڊر وارا ڪبوتري ڪڪر نظر اچن ٿا. هيٺ مندر ۽ مندرن سان گڏوگڏ جهوني جڳ جا گهر ۽ اڄ جون ماڊرن ملٽي اسٽوري بلڊنگون آهن. ڪن ڪن شهرن جا ههڙا سهڻا نظارا ڏسي حيرت مان سوچيندو آهيان ته ڪيئن ’قدرت‘ ۽ هنن شهرن جي ’واسطيدار عملدارن‘ ملي ويهي پلاننگ ڪئي آهي جو هي شهر سڪون ڀريا ٿي پيا آهن ۽ هتي پهچي ڇا اها ڳالهه، سڀ ڌاريان محسوس ڪن ٿا يا فقط مون جهڙا سنڌي جن جي ڳوٺن ۾ نه بنيادي سهولتون آهن ۽ نه امن امان ميسرآهي! جن جا ڳوٺ آلودگي (Pollution) جو لاجواب مثال آهن. هوا ۾ سڙانڊ، پاڻيءَ ۾ گٽر جو گندو پاڻي مليل، بجليءَ جو هر وقت بريڪ ڊائون....
هڪ جپانيءَ سان ڳالهه ڪيم ته چوڻ لڳو: ”اسان وٽ به ائين هو. گهڻو گهڻو اڳ ائين هو، جڏهن جپان ۾ فيوڊل سسٽم هو.“
”پوءِ توهان هن منزل تي ڪيئن پهتائو؟“ مون پڇيو.
”سر! توهان تاريخ ڇو نٿا پڙهو؟“ هن مون کي اهڙي نموني سان ٽوڪيو جو آئون هيسجي ويس ۽ وڌيڪ پڇڻ بدران چپ ٿي ويس. مٿيون جپاني ٻيو ڪو نه هئو، پر 1980ع ۾ مون سان گڏ ساڳي جهاز تي سفر ڪندڙ ’موراياما- سَانُ‘ هو. هو مون وانگر مئرين انجنيئر نه پر مڪينيڪل انجنيئر آهي ۽ جنهن شپ يارڊ ۾ هن تن ڏينهن ۾ نوڪري ڪئي ٿي، ان کان اسان جي جهازران ڪمپنيءَ هڪ نئون جهاز خريد ڪيو ۽ جپان کان پاڪستان ڪاهي اچڻ لاءِ مون کي ان جهاز جو چيف انجنيئر مقرر ڪيائون. آئون پنهنجي سموري اسٽاف سان گڏ ٽوڪيو پهتس ۽ جهاز جي چارج وٺي ان کي هلايوسين. شپ يارڊ وارن هڪ سال جي گئرنٽي ڏني ته ان سال اندر اسان کي جهاز ۾ جيڪو به نقص نظر ايندو اهو هو صحيح ڪري ڏيندا. اسان جو ڪم آسان ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي ساک وڌائڻ لاءِ هنن پنهنجي طرفان پنهنجو هي جپاني انجنيئر مسٽر موراياما اسان جي ّريد ڪيل هن جهاز تي گئرنٽي انجنيئر جي حيثيت سان رکيو، جيئن جهاز ٺاهڻ ۾ جيڪا غلطي نظر اچي اها هو به ان ئي وقت نوٽ ڪندو وڃي. ان ڪم لاءِ کيس پگهار هنن ڏنو ٿي، پر ڪم منهنجي مرضيءَ مطابق ڪيو ٿي.

جپاني انجنيئر موراياما هن کان اڳ جپان کان ڪڏهن ٻاهر نڪتو ئي نه هو. پاڪستان ته پري ٿيو، پر ٽوڪيو کان هو ڪوريا جي ڪنهن شهر يا هانگ ڪانگ، سنگاپور به نه ويو هو. سو هي همراهه جڏهن ٽوڪيو کان ڪراچي پهتو ته هن کي هي شهر عجيب لڳو. مون کي اڃا تائين ياد آهي ته طارق روڊ جي لبرٽي ريسٽورنٽ واري چوراهي وٽ هو ڪيئن تعجب مان ٽريفڪ جي پوليس کي هٿن سان ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪندو ڏسندو رهيو. تعجب هن کي ان ڳالهه جو به هو ته سگنل لڳل هئا، پر لوڊشيڊنگ يا ٻئي سبب ڪري بجلي غائب هئي. اسان جو جهاز ڪراچيءَ ۾ ٽي مهينا کن هو، جنهن ۾ موراياما کي آئون ٻه دفعا هالا، مٽياري ۽ ٺٽي وٺي ويس. هو تنهن زماني ۾ به اسان جي ڳوٺن جي ڪسمپرسي واري حالت تي وائڙو ٿيندو رهيو هو ۽ هر وقت ان جا سبب معلوم ڪرڻ جي جستجو ۾ هو ته اسان جي ڳوٺن جي اهڙي يتيماڻي حالت ڇو آهي؟ ان پٺيان ڪهڙا عوامل ٿي سگهن ٿا؟ هو مڪينيڪل انجنيئر هوندي به هر وقت تاريخ ۽ فلسفي جا ڪتاب پڙهندو رهيو ٿي. سمنڊ تي ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪئبن ۾ گهڙڻ وقت مون کي گانا ٻڌندو ڏسي يڪدم چوندو هو: ”چيف صاحب ڪجهه پڙهندا به ڪريو.“
آئون مٿي تي هٿ هڻي چوندو هوس: ”موراياما سَانَ (صاحب) ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو، ايترو به آئون ٿو پڙهان، ٻيا ته ايترو به نٿا پڙهن.“
۽ هاڻ وري موراياما اهڙي ساڳي ڳالهه ڪئي ته مون کي گذريل 22-23 سال اڳ جي ڳالهه ياد اچي وئي.
ڪاماڪورا پراڻن جاگيردان، جنگجو جوڌن، درٻارين ۽ بکشو ٻاون جو شهر ٿي گذريو آهي. ٻڌ ڌرم صحيح معنيٰ ۾ هن شهر ۾ وڌيو ويجهيو. هڪ دفعي جڏهن اسان جو جهاز يوڪوهاما ۾ هو (جتان ڪاماڪورا اڌ ڪلاڪ کان به گهٽ مفاصلي تي آهي) ته مون شهر جا مندر ڳڻيا ته سٺ کان مٿي ٻڌ ڌرم جا مندر هئا ۽ ويهارو کن شنتو ڌرم جون Shrines (جنهن کي وڻانوَ ته درگاهون چئون وڻانوَ ته خانقاه يا اوتارا- جپانيءَ ۾ کين اوتيرائي چوَن) هيون.
گوتم ٻڌ جو وڏي ۾ وڏو بت جيڪو شهر ۾ رکيل آهي، ان کي جپاني دائيبو تسو (Daibutsu) ٿا سڏين. گوتم ٻڌ جي هيءَ مورتي 35 کن فٽ اتاهين آهي ۽ وزن هڪ سؤ ٽن اٿس. هڪ ٽن ۾ 28 مڻ ٿين. ان ڊيگهه ۽ وزن مان هن مورتيءَ جي قد بت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اها مورتي 1252ع ۾ ٺاهي وئي. هن مورتيءَ سان جيڪا اماناوا (Amanawa- Shin- Meisha) درگاهه آهي، اها جپانين جي عقيدي موجب سج ديويءَ ”اماتيراسو اوميڪامي“ (Amaterasu Omikami) جي ياد ۾ اڄ کان ٻارهن صديون اڳ جي ٺهيل آهي.
ڪاماڪورا، جيئن مٿي لکي آيو آهيان، مندرن ۽ درگاهن سان ڀريو پيو آهي، جيڪي ڏسڻ لاءِ ڏينهن کپن، پر هڪ اڌ ڏينهن لاءِ هتي آيل ٻي ڪا درگاهه نه ته ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان واڪاميا روڊ (Wakamiya Avenue) تي هاچمين درگاهه سولائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿي. هاچيمن جپانين جي عقيدي موجب لڙائين جو ديوتا آهي، جنهن نالي هيءَ درگاهه منسوب ٿيل آهي. هيءَ درگاهه ڪڏهن جي ٺهيل آهي، اها ڪنهن کي خبر ناهي، پر اها هتي جي جهونن کي پهرين دفعو 1063ع ۾ نظر آئي.
2. يوڪوهاما (Yokohama)
ٽوڪيو جي ڀر ۾ هڪ سهڻو شهر ۽ بندرگاهه يوڪوهاما آهي، جتي ياماشيتا ۽ سانڪيئائي جهڙا باغيچا آهن. اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي وڏي آفيس ٽوڪيو ۾ نه پر هتي يوڪوهاما ۾ هئي. ان ڪري هن آفيس جي اهائي ڪوشش هوندي هئي ته اسان جو جهاز ٽوڪيو وڃي يا نه وڃي، پر يوڪوهاما ضرور اچي. تن ڏينهن ۾ ٽوڪيو ۾ رهندڙ سنڌ جي دوستن ظفر شيخ، آفتاب ميمڻ، اشفاق ميمڻ توڙي اقبال سولنگي ۽ جان محمد ڪيريو سان منهنجي پهرين ملاقات هتي يوڪوهاما ۾ ٿي.
يوڪوهاما ۾ ٻه ساڙهين جا دڪان مشهور هئا (۽ اڃا تائين آهن). هڪ سک جو دڪان ”روڪو ساڙهيز“ جي نالي سان جنهن جي برانچ ڪوبي شهر ۾ به هئي ۽ ٻيو دڪان پموءَ نالي هڪ سنڌي هندوءَ جو Kobe Saris نالي دڪان آهي. ٻنهي جون زالون يعني سک ۽ پمو سنڌيءَ جون جپاني هيون. کين ته هتي جي قوميت نه ملي، پر سندن اولاد جپاني سڏجي ٿو ۽ جپاني ڳالهائي ٿو. پموءَ سان منهنجي پهريون دفعو جڏهن 1977ع ۾ ملاقات ٿي ته هو سٺ سالن کان وڏو هو يعني هينئر جي جيئرو آهي ته نوي کن سالن جو هوندو. روڪو ساڙهين واري سک جو اولاد سندس دڪان هلائي پيو، پر پموءَ جو دڪان هن ڀيري نظر نه آيو ۽ نه ڪنهن کان معلوم ڪري سگهيس. هن کي هڪ پٽ يا ڌيءَ هئي، جيڪا تن ڏينهن ۾ آمريڪا پڙهي رهي هئي. ٿي سگهي ٿو پمو به جپان ڇڏي آمريڪا هليو ويو هجي يا ٻي جهان روانو ٿي ويو هجي.
هونءَ يوڪوهاما ڪو ننڍو شهر ناهي. آدمشماريءَ ۾ ٽوڪيو بعد ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي ۽ 40 لک آدمشماري اٿس، پر ٽوڪيو جي مقابلي ۾ هي جهڙو سانت ڀريو شهر، جنهن جي رستن ۽ گهٽين ۾ اها پيهه پيهان ناهي، جيڪا ٽوڪيو ۾، گاديءَ واري شهر هجڻ ڪري آهي. ريل ذريعي ٽوڪيو کان يوڪوهاما اڌ ڪلاڪ ۾ پهچي سگهجي ٿو. ڪيترا ماڻهو نوڪري ٽوڪيو ۾ ڪن، رهن يوڪوهاما ۾، جو ٽوڪيو جي مقابلي ۾ يوڪوهاما ۾ رهائش وري به سستي آهي. ظفر شيخ کي پنهنجي ٽوڪيو واري گهر کان سندس آفيس (پاڪستان ايمبسيءَ) پهچڻ ۾ منو ڪلاڪ لڳندو هو، پر هو جڏهن يوڪوهاما ۾ اسان جي جهاز تي رهي پوندو هو ۽ صبح جو يوڪوهاما جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن ساڪورا گيچو تان ريل ۾ چڙهي پنهنجي آفيس ٽوڪيو ويندو هو ته اڌ ڪلاڪ ۾ پهچي ويندو هو.
هن ڀيري پنهنجي ملئي دوست ڪئپٽن علي بڪر سان يوڪوهاما ويس. ڪئپٽن علي ملائيشيا ۾ پهرين منهنجو شاگرد هو پوءِ ڪئپٽن ٿيڻ بعد ساڳي نيول اڪيڊميءَ ۾ پڙهڻ لاءِ نه فقط ليڪچرار ٿي آيو، پر منهنجو پاڙيسري پڻ ٿي رهيو. سندس هڪ ڳالهه- بلڪ سندس زال جي هڪ سٺي ڳالهه جيڪا آئون هر وقت ٻين کي مثال طور زباني ٻڌائيندو رهيو آهيان، اڄ هتي لکڻ بي محل نه ٿيندي. علي اڃا شاگرد ئي هو ته شادي ڪيائين- ۽ پوءِ جڏهن ليڪچرار ٿي اسان جي پاڙي ۾ آيو ته کيس سال سال جي وقفي وارا پنج ٻار هئا. وڏو ٻار ڇهه سالن جو پٽ هوس ۽ ننڍو ٻار ٿڃ تي. علي پاڻ سنهو ۽ ڪمزور هو ته کانئس سنهي ۽ ڪمزور سندس زال ۽ ٻار هئا. پر سندس زال بيحد Strict Disciplinarian هئي. هن ٻارن کي اهڙو ٽرينڊ ۽ فضيلت وارو ڪيو هو، جو جتي ٻين جا ٻه ٻار به پيا رڙندا ۽ ڦاٽندا هئا، اتي عليءَ جا ٻار شام جو سادا ئي سهي پر اڇا اجرا ڪپڙا پائي گهران قطار ۾ نڪري ٻاهر ڪاٺ جي بئنچ تي اچي ويهندا هئا ۽ پوءِ پٺيان پٺيان هنن جي ماءُ ڪيلن جو ڇڳو کڻي نڪرندي هئي ۽ هڪ هڪ ڪيلو ٻار کي ڏيندي ويندي هئي. هوءَ جنهن جنهن ٻار اڳيان بيهندي هئي، اهو هٿ مٿي کڻي ڪيلو وٺندو هو ۽ پوءِ جنهن مزي سان هو ويهي ڪيلا کائيندا هئا، اهو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو هو ۽ مونکي اڄ به ياد اچي رهيو آهي.
هڪ دفعي مون عليءَ جي زال کي ٻارن کي ايڏو فضيلت وارو بنائڻ لاءِ شاباس ڏني ته هن چيو ته ”ڇا ڪريان منهنجي به مجبوري آهي. ائين Discipline ۾ نه رکان ته مون کي چريو ڪري وجهن.“ ۽ پوءِ کلي چيائين: ”هنن کي ٽرينڊ ڪرڻ لاءِ مون ڪا وڏي جاکوڙ نه ڪئي آهي. مون رڳو پهرين نمبر ٻار کي ڪنٽرول ۾ رکيو. پوءِ ٻيا ان کي فالو ڪندا ويا. هونءَ اسان وٽ ايشيا ۾ اهو ٽرينڊ آهي ته پهرين نمبر ٻار کي لاڏلو ڪريون ٿا. ان کي جڏهن کاري ٻهر ڪريون ٿا ته پوءِ سڀني جو اڇو منهن ٿيو وڃي.“
ڪئپٽن علي پنهنجي جهازران ڪمپني Petronas طرفان هتي يوڪوهاما ۾ سال ٻن کان رهيل آهي. ٻار ڪوالالمپور جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيا اٿس. ننڍي ڌيءَ جيڪا ان وقت 1987ع ۾ ٿڃ تي هئي، اها هينئر 19 سالن جي هئي ۽ موڪلن جا ڏينهن گذارڻ لاءِ پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ هتي يوڪوهاما آئي هئي. آئون ڪوڪورا کان اوساڪا ۽ پوءِ هتي يوڪاهاما جي مٿين ريلوي اسٽيشن Sakuragicho تي لٿس جتي هو مون کي وٺڻ لاءِ آيا هئا.
يوڪوهاما جي هن ريلوي اسٽيشن مان نڪري اسان اوڪا نديءَ جي ڪناري تي آياسين ۽ پوءِ ”باشا ميچي دُوري“ (ٽانگن واري گهٽيءَ) مان واڪ ڪندا سلڪ سينٽر ۾ آياسين، جتي عليءَ جي آفيس آهي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته ستر واري ڏهاڪي ۾ اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي آفيس پڻ هن ساڳي بلڊنگ (Silk Centre) ۾ هوندي هئي.
يوڪوهاما ڪنهن کي ڪيئن لڳي، پر مون جهڙا جهازي جيڪي مون وانگر سالن جا سال هن بندرگاهه ۾ ايندا ويندا رهيا، ماضي جون جايون، ماضيءَ جا ماڻهو ۽ ماضيءَ جون ڳالهيون ياد ڪري عجيب محسوس ڪندا هوندا- خوش ٿيندا هوندا ته غمگين به ٿيندا هوندا. تڏهن ته ڪنهن شاعر سوچي سمجهي چيو آهي ته ”ياد ماضي عذاب هي يارب“ ۽ اهڙين ماضيءَ جي ڏکوئيندڙ ڳالهين کان منهنجو حافظو (ياد رکڻ جي طاقت) ئي ختم ڪري ڇڏ.
3. ڪاواساڪي (Kawasaki)
ٽوڪيو جي ويجهو هي شهر بندرگاهه ڪاواساڪي پڻ آهي. ڪو ڪاواساڪي موٽر سائيڪلن کان مشهور ناهي، پر پراڻي زماني جي گهرن ۽ فارمن کان مشهور آهي. جيڪڏهن توهان اهو ڏسڻ چاهيو ٿا ته جپاني ماڻهن جا گهر گهاٽ ۽ رهڻي ڪهڻي اڄ کان هڪ يا ٻه صدي اڳ ڪيئن هئي ته ڪاواساڪي ضرور ڏسو.
4. فُوجي، هاڪوني ۽ اِيزو (Fuji, Hakone, Izu)
هي ٽئي جايون ٽوڪيون کان ٻن ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهن. توهان کي وقت آهي ۽ جي اويستائين پهچڻ لاءِ ڀاڙو ڀتو افورڊ ڪري سگهو ٿا ته قدرتي نظارن واريون هي جايون ضرور ڏسو.
منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ ڪوبه اهڙو جبل ناهي، جنهن جو معاشري ۾ تذڪرو فُوجي (Fuji) جبل کان وڌيڪ ٿيندو هجي. فوجي جبل کي جپاني پير ڪري ٿا پوڄين. اهو هنن لاءِ اڏيرو لعل ۽ سيوهڻ شريف آهي. ڪهاڻين قصن ۾ کيس مسٽر ڪوٺين- چي ”فوجي سَان“ جي هيءَ ڳالهه ”فوجي سان“ جي هوءَ ڳالهه. ڪو نظارو پيش ڪرڻو هوندو ته ليکڪ يا شاعر ائين نه لکندو ته سامهون فوجي جبل هو، پر فوجي جبل اسان کي ڏسي رهيو هو. سان (San) جپاني لفظ آهي جنهن جي معنا آهي مسٽر، جناب والا، عزتماب وغيرهه.
هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپاني سيٽ اپ ۾ فُوجي جبل بيحد سهڻو لڳي ٿو. جبل جي سامهون بيهي ڏس يا ٽرين ۾ لنگهندي جپانين جو هي پير مرشد واقعي اڇي ڏاڙهيءَ وارو باوقار، قداور ۽ سهڻو ساڌو سنت يا مولوي لڳي ٿو، جنهن جي اڳيان گذرڻ وقت ڪيترا جپاني ادب مان هٿ ٻڌي ڪنڌ جهڪائين ٿا.
فُوجي جبل جپان جي نشاني بڻجي ويو آهي. سالن کان هن جبل جي سونهن کان نه فقط شاعر ۽ آرٽسٽ متاثر ٿيا آهن، پر هڪ عام ماڻهو پڻ. اڄ کان 1300 سال اڳ جي هڪ شاعر اڪاهتو (Akahito Yamabe) جو هڪ شعر آهي:
Tago no uri ni
Uchi idete mireba
Shirotae no
Fuji no takane ni
Yuki wa furi- tsutsu
(ٽاگو جو سامونڊي ڪنارو وٺي آئون وڃي رهيو هوس ته مون کي اڇي ۽ ٻهڪندڙ چوٽي نظر آئي فوجي جبل جي- جنهن جي اڳيان برف ڇلرن وانگر ڪِري رهي هئي)
ٽاگو ايزو (Izu) صوبي ۾ هڪ سامونڊي ڳوٺڙو آهي. هيءَ جاءِ فوجي جبل جو خوبصورت نظارو پسڻ لاءِ مشهور آهي. سياري جي برفباري واري ڏينهن تي شاعر سمنڊ جي ڪناري وٽان هن جبل کي پسي اهو شعر چيو هو.
فوجي جبل جي چوٽي سطح سمنڊ کان 2776 ميٽر اتاهين آهي، جنهن جي اڳيان اوسي پاسي جي جبلن جون چوٽيون ڄامڙيون لڳن ٿيون. فوجي جبل جتي پنهنجي سونهن سان ماڻهن جو من موهي ٿو، اتي بگڙي ٿو ته تباهي به مچائي ٿو. سن 1707ع ۾ جڏهن ڦاٽو هو ته ايڊو شهر (جيڪو هاڻ ٽوڪيو جي نالي سان سڏجي ٿو) جي چوڌاري سؤ کن ڪلو ميٽرن جي پسگردائيءَ کي ڦلهير ۽ لاوا سان ڍڪي ڇڏيو هو. فُوجي جبل جي چوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ ماڻهو ويندا رهيا آهن، پر صدين تائين اتي عورتن کي وڃڻ جي اجازت نه هئي. فوجي جبل کي پاڪ پوتر ۽ ديوتا سمجهيو ويو ٿي ۽ ٻين ڪيترين جاين وانگر فوجي جبل تي به عورت کي ويجهو اچڻ کان جهليو ويو ٿي. ليڊر پارڪس هڪ انگريزياڻي پهرين عورت هئي، جيڪا 1867ع ۾ فوجي جبل جي ويجهو آئي ۽ ان جي چوٽيءَ تي پهتي. اڄ، چار لک ماڻهن ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون آهن، جن فوجي جبل جي چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
هاڪوني جو شهر فوجي جبل ڀرسان ئي آهي، جنهن جي تاريخي اهميت گهڻي آهي. منجهس اٺين صديءَ جي هاڪوني درگاهه آهي.
ايزو جو خوبصورت علائقو پئسفڪ سمنڊ ۾ پکڙيل خليج ساگامي کان وٺي خليج سوگورا (Sugura) تائين آهي. هي اهو سامونڊي ڪنارو آهي، جتان آمريڪن ڪموڊور پيريءَ جا "Black Ships" لنگهي ٽوڪيو ۾ آيا هئا.
5. ماشڪو (Mashiko)
ماشڪو شهر ٽوڪيو جي بلڪل ويجهو آهي، جتي ٺڪر جون شيون وڏيون تعداد ۾ ٺهن ٿيون. ان کان علاوه ماتسوموتو ۽ نيڪو شهر پڻ ٽوڪيو جي ڀرسان آهن ۽ موقعو ملي ته ٽوڪيو ۾ رهڻ دوران ضرور ڏسي ڇڏجن. منهنجي خيال ۾ ڪجهه وقت اڳ هڪ اخبار جي ڪالمسٽ ۽ سنڌ حڪومت جي هڪ آفيسرياڻي انيتا شاهه پڻ ڪنهن سرڪاري دوري تي هتي جپان آئي هئي ۽ مٿين ڪجهه جاين جو چڪر هڻي ويئي (پاڻ منهنجي تازي ڪتاب ”ملائيشيا 12 سالن بعد“ جو مهاڳ پڻ لکيائين). اهڙي طرح ڪيترن کي پنهنجي سرڪار طرفان يا جپاني حڪومت طرفان هيڏانهن جپان اچڻ جو موقعو ملي ته مٿيون جايون ڏسڻ جي ضرور ڪوشش ڪن.

فُوجي جبل بابت ٻه چار وڌيڪ سٽون
فوجي جبل تي ماڻهو اڪثر رات جو چڙهڻ شروع ڪن ٿا، جيئن صبح تائين ان جي چوٽيءَ تي پهچي وڃن ۽ اتان نئين ڏينهن جي اڀرندڙ سج کي پسي سگهن، جنهن کي جپاني ماڻهو ڀلارو ڪم سمجهن ٿا.
فوجي کي اسان توڙي انگريز فوجي جبل (Mount Fuji) سڏيون ٿا، پر جپاني ماڻهو فوجي کي هميشه ”محترم فوجي“ (Fuji- San) سڏين. San عزت ڏيڻ لاءِ مرد يا عورت جي نالي پويان ڳنڍيو وڃي ٿو، جيئن پاڻ وٽ نالي جي اڳيان مسٽر، مسز، مس يا جناب، محترم لکجي ٿو. جپاني هن جبل کي San سان خطاب ڪن، جيڪو ظاهر آهي، اسان لاءِ عجيب آهي جو اسان ڪڏهن به مسٽر يا مسز کيرٿر يا محترما منڇر ڍنڍ نه چونداسين.
جپاني هونءَ به هر جبل کي عزت ۽ خوف جي نظر سان ڏسن ٿا. هنن جو اهو عقيدو آهي ته جبل تي جن، ڀوت يا روح رهن ٿا. هو جبل کي پاڪ پوتر سمجهن، جيڪو عقيدو Sangku- Shinko سڏجي ٿو. ان عقيدي مطابق صدين تائين عورتن کي جبلن کان پري رکيو ويو ٿي، جو جپاني مرد عورت کي صاف سٿرو نٿا سمجهن ۽ هنن جي موجودگي ديوتائن جي ناراضگيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جپاني هر جبل کي جانورن جو رکوالو ۽ انسان ذات کي پاڻي مهيا ڪرڻ وارو سمجهن ٿا، جن تان وهندڙ درياهه جبلن جي قدمن ۾ وسيل ڳوٺن کي پوک ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي مهيا ڪري ٿو.
فوجي جبل ايڊو دور کان شاعريءَ ۾ خوب آيو آهي. 1600ع کان 1868ع وارو دور ”ايڊو دور“ سڏجي ٿو، جنهن ۾ ايڊو شهر (جيڪو هاڻ ٽوڪيو جي نالي سان مشهور آهي) تمام گهڻي ترقي ڪئي. آرٽ جي هن شاخ (شاعري) کي جپاني سوري مونو (Surimono) سڏين ٿا. سوري مونو جو جپان ۾ فل اوج 1820ع ۾ آيو. هڪ اهڙي سوري مونو جي پرنٽ 1919ع ۾ ڇپي، جيڪا آمريڪن شاعره ايمي (Amy Lowell) جي آهي. چي:
Being Thirsty,
I filled a cup with water,
And, behold! Fuji-Yama lay upon the water
Like a dropped leaf!
هي غير جپاني شاعره آهي، ان ڪري هن Fuji- San نه لکيو آهي، بلڪ Fuji Yama لکيو آهي. ياما جپاني لفظ آهي، معنيٰ جبل.
هونءَ فُوجي لفظ قديمي ائينو زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهيِ ”باهه وارو جبل“. مٿس اهو نالو شايد آتش فشان هجڻ ڪري رکيو ويو جو هن سهڻي برف سان ڍڪيل جبل جي چوٽيءَ تان رکي رکي باهه جا اُلا ۽ پِگهريل ڌاتو نڪرندو رهي ٿو.
ائينو جپان جا اصلي ماڻهو آهن، جيئن آسٽريليا جا ابورجنيز ۽ آمريڪا جا ريڊ انڊين. ائينو هاڻ جپاني ڳالهائين ۽ پڙهن ٿا ۽ جپان جي اتراهين ٻيٽ هو ڪئدو ۾ رهن ٿا.
1997ع ۾ يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا (USA) طرفان ايڊون بالڊون جو هڪ ڪتاب ("Sacred Mountain of the World" دنيا جو پوتر جبل) ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن فوجي جبل کي هنن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي.

MOUNT FUJI
"Lo! There towers the loft peak of fuji
From between Kai and wave- washed Suruga,
The clouds of heaven dare not cross it,
Not the birds of the air soor above it.
The snows quench the burning fires,
The fires consume the falling snow.
It baffles the tongue, it can not be named,
It is a spirit my mysterious sterious".
جپان ۾ هڪ ڪهاڻي مشهور آهي ته بانس (Bamboo) جي گريءَ مان هڪ ننڍڙي ڇوڪري ظاهر ٿي، جيڪا اڄ ننڍي سڀاڻي وڏي ٿي بيحد سهڻي ثابت ٿي. جنهن سان هن جي شادي ٿي، اهو به هن کي بيحد گهڻو چاهيندو هو.
هڪ ڏينهن هن خوبصورت ڇوڪريءَ، جنهن جو نالو ڪاگويا هيمي هو، پنهنجي مڙس کي چيو ته مون توسان وقتي طور شادي ته کڻي ڪئي، پر آئون فُوجي جبل جي مسٽريس (محبوبا) آهيان. هاڻ آئون ان وٽ موٽان ٿي. منهنجي پيار جي ياد اچئي ته هن آرسيءَ ۾ فوجي جبل جو اولڙو ڏسي ڇڏيندو ڪر. ۽ پوءِ ڇوڪري جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل منهن (Crater) ذريعي جبل اندر هيٺ هلي وئي.
هن جي مڙس کان سندس وڇوڙو سٺو نه ٿيو ۽ هو پاڻ به آرسي سيني سان ٻڌي جبل اندر هليو ويو. جبل مان رکي رکي هنن جي عشق جي باهه نڪرندي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته لڳاتار دونهون به نڪرندو رهي ٿو. بقول هڪ شاعر جي:
Trailing down the wind
The smoke of fuji
Vanishes into space
Till nothing lingers
Of my lover's deep fire.
جپان سڄو جبلن سان ڀريو پيو آهي. شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته جپان جي سرزمين جو 85 سيڪڙو جبل آهن. چوڌاري جبل ئي جبل پکڙيا پيا آهن. توهان جيڏانهن به وڃو ته توهان کي جبل نظر ايندا ۽ انهن مڙني جبلن ۾ فوجي جبل ان ڪري به نرالو آهي جو اهو ڌرتيءَ جي سيني تي تن تنها بيٺو آهي. ٻين جبلن جون قطارون آهن. هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن، پر فوجي اڪيلي سر بيٺل جبل آهي. ٻيا جبل ڦڏا سڏا آهن، پر فوجيءَ کي ڪٿان به ڏسڻ سان مصر جي پرئمڊ وانگر جاميٽري جي شڪل ٽڪنڊي وانگر آهي. جهڙو اُڀو رکيل پني جو جپاني وڃڻو. فوجي جبل تي هڪ طرف برف وسي ٿي ۽ سال جا ڪيترائي مهينا سندس چوٽي برف سان ڍڪيل رهي ٿي ته ٻئي طرف رکي رکي منجهانئس باهه ۽ دونهون نڪرندو رهي ٿو. بقول هڪ شاعر جي برف باهه کي جهڪو ڪري پيئي ته باهه برف کي ڳاري پئي:
جپاني ٽِسٽو (هائيڪو) جي بادشاهه باشو جو هڪ شعر آهي:
Kiri- Shigur
Fuji wo minu hi zo
Omo Shiroki
جنهن جو ڪنهن انگريزيءَ ۾ ترجمو هن ريت ڪيو آهي:
Misty Rain
Today is a happy day
Although Mt. Fuji is unseen
هڪ ٻئي جپاني شاعر يامابي نو اڪاهيتو (يعني يامابي شهر جي همراهه اڪاهيتو) جو:
Tago no Ura ni When I take the path
Uchi idete mireba To Tago's coast, I see
Shirotae no Perfect whitness laid
Fuji no takane ni On Mount fuji's lofty peak
Yuki wa furi tsutsu By the drift of falling snow
جپان جي فوجي جبل تي جيتري شاعري ڪئي وئي آهي يا جيترا چتر هن جبل جا ڪاغذ ۽ ڪپڙي تي ٺاهيا ويا آهن، آئون نٿو سمجهان ته اوترو ڪنهن ٻي شيءِ کي ساراهيو ويو آهي. جپانين جو هن جبل فُوجي لاءِ پيار ۽ ساڳي وقت خوف، پوڄا پاٺ ۽ پنهنجائپ جو احساس قابل داد ۽ حيرت آهي.
جپاني شاعر ’اس سا‘ (Issa) جنهن لاءِ آئون گهڻو ڪري عسيٰ ۽ عِسا لکندو رهان ٿو. ان جو هڪ دلچسپ هائيڪو آهي:
”او پَٽَ ڪينئان،
فوجي جبل تي ضرور چڙهه
پر آهستي, آهستي.“
۽ هڪ ٻئي جپاني شاعر جو هائيڪو آهي:
Fuji hitotsu
Uzuni nook shite
Wakaba kama
فوجي جبل ئي هڪ آهي
جيڪو مٿان برف سان ڍڪيو پيو آهي
پر نوان پن آهن سي ڦٽن پيا.



جپان ۾ رهندڙ سنڌي واپاري

جپان ۾ رهندڙ سنڌي واپاري

جپان ۾ ڌارئين ماڻهوءَ لاءِ ”هميشه لاءِ رهڻ“ اڳ به مشڪل هو ۽ هينئر به اهوئي سلسلو آهي. ڪنهن جپانيءَ سان شادي ڪرڻ بعد به ڪنهن ايشين يا يورپين کي پڪ ناهي ته جپان گورنمينٽ هن کي ڏهن سالن بعد به ڪا پنهنجي ملڪ جي قوميت ڏيندي. ڪوبي شهر ۾ ’روڪو ساڙهي‘ نالي دڪان جي سک مالڪ جي زال جپاني هئي. هر سال سک کان پڇندا هئاسين ته کيس جپان جو پاسپورٽ ملندو يا نه. چوندو هو: ”ڪا خبر ناهي، ٻار به جوان ٿي ويا آهن. هر ڇهين مهيني ويزا Renew ٿو ڪرايان، ڪنهن وقت به هو چاهين ته مون کي ملڪ کان ڪڍي سگهن ٿا.“
بهرحال اهڙي طرح اڳ ۾ به ۽ هاڻ 22 سالن بعد وري جپان آيو آهيان ته هينئر به ڪيترائي اسان جا ايشين هتي نوڪرين ۽ واپار وڙي خاطر سالن کان رهيا پيا آهن. ڪي هتان آمريڪا ۽ ڪئناڊا پاسي هليا ويا آهن ته ڪي وري ٻين ملڪن جا نوجوان جپان ۾ اچن به پيا.
ستر جي شروع وارن سالن ۾ جپان آيو هوس ته ان وقت ايشين ۾ ترڪ، روس جي رياستن جا ۽ اسان جي ننڍي کنڊ جا انڊين ۽ پاڪستاني هئا. ان بعد اسي واري ڏهي جي شروعات ۾ يعني 1980ع ۽ 81ع کان ايراني به نظر اچڻ لڳا ۽ اڄڪلهه اهي چڱي تعداد ۾ آهن ۽ هن دفعي ڪيترائي عرب دڪاندار به نظر اچن پيا. انڊين ۽ پاڪستانين ۾ انڊين گهڻا آهن جو ظاهر آهي اهو ملڪ به اسان جي ملڪ کان وڏو آهي، انهن جي حڪومت به انهن جي مدد ڪري ٿي. اسان جي نه حڪومت جو حال آهي ۽ نه سفارتخانن جو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انڊين Adjust به جلد ڪريو وڃن جو هنن لاءِ ڪي خاص مذهبي يا سماجي Restriction نه آهن.
جپان ۾ جيڪي پاڪستاني رهن ٿا انهن ۾ پنجاب ۽ صوبي خيبرپختونخواه جا گهڻا آهن، جيڪي هتي بزنيس ڪن ٿا. ٽوڪيو کان جيڪا ڪمپني حلال گوشت ۽ ٻيو سامان اسان جي گهر موڪلي ٿي، ان ڪمپني ۽ دڪان جو مالڪ لاهور جو آهي. سندس زال يوريڪو نالي جپاني آهي. هو 1985ع کان هتي رهي ٿو. سندس ڪيترائي مٽ مائٽ ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ ۾ بزنيس ڪن ٿا جن کان هو سامان هتي گهرائي ٿو. ڪڪڙين ۽ ڳئون جو حلال گوشت هو ڏکڻ آمريڪا مان گهرائي ٿو جتي پڻ هن جا مائٽ رهن ٿا ۽ بقول هن جي پاڪستان کان گهرائڻ ۾ هڪ ته ڪسٽم وارن جي جهڪ جهڪ گهڻي آهي ۽ ٻيو ڪاسائي سٺو ۽ صحتمند گوشت نٿا موڪلين ۽ گراهڪ ٽهيو وڃن. پاڪستان کان آيل پٺاڻن جو جپان ۾ گهڻو ڪاروبار غاليچن، ڪپڙي ۽ سيڪنڊ هئنڊ ڪارين ۽ انهن جي انجڻين جو آهي. ڪجهه پنجابين جون جپان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هوٽلون به آهن.
انڊين ۾ اڳ به ۽ هينئر به گهڻو تعداد سنڌي هندن جو آهي جن مان ڪيترا ته ورهاڱي بعد نه پر ان کان اڳ ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ آيا. ڪيترن جون زالون جپاني آهن ۽ سندن هتي ٻي ۽ ٽي جنريشن هلي رهي آهي. ڪيترن کي ته (خاص ڪري امير ترين واپارين کي ته) هتي جي قوميت به ملي چڪي آهي جو هو هن ملڪ (جپان) جي ايڪاناميءَ لاءِ وڏي هٿي آهن. ڪيترن ته پنهنجا اصلي نالا بدلائي جپاني رکيا آهن. اوڪيناوا ٻيٽ تي سنڌي هندن جا پنجاهه کن دڪان آهن ۽ اهي دڪان ڪي اهڙا تهڙا نه آهن پر ڪروڙن جي ملهه جا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هتي جي اخبار ۾ آيو ته اوڪيناوا ٻيٽ تي رهندڙ سنڌي بزنيس مين جي صدر گل بانيءَ سان اتي جي ميئر ناڪاسوني ملاقات ڪئي ۽ هن اوڪيناوا ۾ سنڌي واپارين جي ويلفيئر جو هڪ ادارو ٺاهيو آهي.
جپان ۾ رهندڙ سنڌي هندو واپارين ۾ سڀ کان امير ترين مسٽر هيرا آهي جنهن کي جپان ۾ پنهنجون يارهن فائيو اسٽار هوٽلون آهن. سندس اوڪيناوا واري هوٽل Rizzan Sea Park ۾ هينئر فرانس جو صدر رهيو هو، جڏهن هو G-8 Summit واري ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ آيو هو. انهن پنهنجين هوٽلن کان علاوه هيرا دنيا جي مختلف ملڪن جون هڪ سؤ کان مٿي هوٽلون Manage پڻ ڪري ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ هتي جي هڪ انگريزي اخبار ۾ Little India in Kobe جي نالي سان هتي جي هڪ ڪالم نگار سعيد نقوي جو مضمون ڇپيو، جنهن ۾ هن هتي رهندڙ انڊين بابت لکيو آهي، پر گهڻي ڪهاڻي سنڌي هندن جي آهي. سعيد نقوي پاڪستان يا شايد انڊيا جو مسلمان ليکڪ لڳي ٿو. ان مضمون مان ڪجهه جملا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيان ٿو.
”1923ع ۾ جيڪو جپان ۾ زبردست زلزلو آيو، ان ۾ يوڪوهاما شهر جو وڏو حصو تباهه ٿي ويو ۽ يوڪوهاما ۾ رهندڙ ننڍڙي انڊين ڪميونٽي جنهن ۾ هڪ هزار کن واپاري ٿيندا ۽ جن جي مادري زبان سنڌي هئي، تن کي جپان حڪومت يوڪوهاما مان لڏرائي اوساڪا جي ڀر واري شهر ڪوبي ۾ Resettle ڪرايو هو. هندو سنڌي اها قوم آهي جنهن جو واپاري سورت کان سنڌ جي آخري ڪنڊ تائين سڄي دنيا ۾ سالن کان ڇانيل آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ اها چوڻي عام هئي ته دنيا ۾ جيڪي زبانون آهن اهي حيدرآباد سنڌ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. مطلب اهو ته سنڌ جو واپاري دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ويو ٿي ۽ هن اتي جي زبان سکي ۽ ڳالهائي ٿي.
”ٻي وڏي لڙائي (Word War II) کان اڳ سنڌ جي هنن واپارين کي واپار وڙي لاءِ جپان هڪ دلچسپ ملڪ لڳو جتان سلڪ خريد ڪري ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ سٺا موقعا هئا. ان جي بدلي ۾ سنڌ ۽ مصر کان ڪپهه ۽ انگلينڊ کان سوٽي ڪپڙو جپان موڪلڻ ۾ وڏو فائدو هو. هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪرڻ بعد جپان جي ايڪاناميءَ جي حالت خراب ٿي وئي. ويتر Okinawa واري لڙائي جپان جي مستقبل بابت واپاري سيٺين کي مُنجهائي رکيو ۽ جنگ دوران ڪيترائي هندو واپاري جپان ڇڏي هليا ويا، پر اوڪيناوا تي آمريڪن جو Occupation (قبضو) ٿيڻ بعد ڪيترا ترسي به پيا بلڪ هنن اوسي پاسي جي ملڪن: هانگ ڪانگ، ملايا، برما وغيره کان پنهنجا مائٽ به گهرايا، جو هنن ڏٺو ته آمريڪن جي رهڻ ڪري پئسي ڪمائڻ جو سٺو موقعو ملندو. آمريڪن پئسي وارا هجڻ سان گڏ هٿ ڦاڙ به آهن. هنن جي سپاهين کي يونيفارمن جي ضرورت پوندي ۽ آفيسرن کي سوٽ ڪوٽن جي ۽ واقعي ريڊي ميڊ ڪپڙن جو رواج ايڏو ته عام ٿي ويو جو سڀ کان گهڻو ڌنڌو درزڪو هلڻ لڳو ۽ ٻئي نمبر تي هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن جو. جيڪو جيڪو سنڌي سکيو ستابو ٿيندو ويو اهو پنهنجي ڀاءُ ۽ سوٽ کي سنڌ توڙي اوسي پاسي جي ملڪن مان گهرائيندو ويو. ڀائر ۽ سؤٽ ختم ٿيا ته دوست گهرايا ويا.
اوڪيناوا جي ڪادينا (Kadena) آمريڪن ايئربيس جي ڀر واري اوئيچي اسٽريٽ جهڙين گهٽين ۾ ته اڄ سڀ دڪان هندو سنڌين جا آهن. بوتيڪ شاپ، درزين جا دڪان، گفٽ شاپ.... وغيره وغيره. اهڙي ئي هڪ ”وينس امپورٽ“ نالي دڪان ۾ گهڙ ته توهان جي دڪان جي مالڪ گل باني ۽ سندس زال مالا بانيءَ سان ملاقات ٿيندي، جيڪي ريڊي ميڊ ڪپڙن جي دڪان ۾ پنهنجي Sales Girls جي اٽالي سان گراهڪن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٽي آمريڪن سولجر جيڪي ڪپڙا خريد ڪري نڪري رهيا آهن، اهي ٻڌائين ٿا ته اسان کي هتي هر اهو ڪپڙو مليو وڃي جيڪو اسان چاهيون ٿا ۽ اڄ جي فيشن ۾ آهي.“
اوڪيناوا جپان کي واپس ملڻ ڪري آمريڪن پنهنجي ملڪ موٽن پيا، ان ڪري هاڻ ڌنڌي جي اها شوخي ناهي.
”اسان جا ٻار به آمريڪا ۾ پڙهن ٿا.“ گل بانيءَ ٻڌايو، ”ان ڪري اسان جا ڪيترا واپاري ڀائر ٻارن جي ڪري آمريڪا لڏي ويا آهن جتي واپار جا وڌيڪ سٺا موقعا آهن ۽ هاڻ سڄي جپان ۾ اسين ڪي ٽي هزار کن واپاري مس وڃي رهيا آهيون.“
گل بانيءَ ٻڌايو ته هتي جو ميئر سندن ڪافي مدد ڪري رهيو آهي، ”جيئن جيتري قدر ٿي سگهي اسان هتي ئي رهيا پيا هجون، جتي اسان جا ڏاڏا يا والدين ڪنهن زماني ۾ واپار لاءِ آيا.“
هونءَ هن ملڪ ڪيترن سنڌي هندو واپارين تي اهڙو ته جادو ڪيو آهي جو هو ڪنهن به صورت ۾ جپان ڇڏڻ نٿا چاهين. هو پنهنجو پاڻ کي جپان جو اٽوٽ انگ سمجهن ٿا. رميش انهن مان هڪ آهي، جنهن ويندي اباڻو نالو ۽ ذات ڇڏي جپاني نالو ميوڪو هيوا قبول ڪيو آهي ۽ هو جپان جو شهري آهي ۽ کيس حڪومت طرفان هن ملڪ (جپان) جو پاسپورٽ مليل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته نالي بدلائڻ ڪري هن پنهنجو ڌرم يا خير خيرات ڪرڻ جي عادت ڇڏي نه ڏني آهي. اڄ به دنيا جي ڪيترن ”سائين بابا مندرن“ تي سندس کيسي مان خرچ ٿئي ٿو.
اڄ هيرا جپان جي امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي. جنهن بابت مٿي لکي چڪو آهيان ته يارهن پنهنجون هوٽلون اٿس ۽ 140 هوٽلن جو ڪاروبار سندس هٿ هيٺ هلي ٿو.
هتي جپان ۾ رهندڙ سنڌين بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين ويب سائيٽ مشهور آهي.
http://www.sindhiinfo.com/nfi/japan.asp


هر ڳالهه ۾ ڏوهه ”هوا“ جو

هر ڳالهه ۾ ڏوهه ”هوا“ جو

هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته چنگيز خان جي پوٽي قبلائي خان هڪ دفعو جپان تي، ٻاهران ٻاهران هلڪو حملو ڪري جپان ۾ خوب ڏهڪاءُ پيدا ڪيو. ان بعد هو جڏهن ٺهي ٺڪي ٻيو دفعو هڪ لک جنگي جوڌن جو لشڪر وٺي جپان جا ڌاڻا ڪڍڻ لاءِ پهتو ته عين ان وقت لڳندڙ ٽائفون (تيز هوائن) قبلائي خان جا ٻيڙا ٻوڙي ڇڏيا. جپانين کي تباهه ڪرڻ وارا پنهنجو سر بچائڻ لاءِ واجهائيندا رهيا. ڪي ٻڏا، ڪي زخمي ٿيا، ڪي بچڻ بعد نفسياتي خوف ۽ هراس ۾ اهڙا مبتلا ٿي ويا جو هنن قبلائي خان کي وڌيڪ حملي ڪرڻ جي وري ”سهڻي“ صلاح نه ڏني ۽ ان سان گڏ قبلائي خان کي به مرڻ تائين پنهنجي حڪومت جپان تائين وڌائڻ جو وري شوق نه ٿيو.
قبلائي خان جا ٻيڙا جيڪڏهن جپان جي سرزمين تي پهچن ها ته جپانين کي به اٽي جي اگهه جي خبر پوي ها. اهو جپانين به سمجهيو ٿي، پر جپانين کي رب پاڪ بچايو. بقول جپانين جي اها هوا (ٽائفون، طوفان)، جنهن قبلائي خان جي لشڪر (Fleet) جون وايون بتال ڪيون، سندن ڪامي ديوتا (Kami) موڪلي يعني اها ’ڪامي ڪازي‘- ديوتا طرفان موڪيل هوا هئي.
هونءَ جپانين جو هلندڙ روايتن مطابق اهو عقيدو آهي ته جپان جو ڪاروبار جيڪا طاقت هلائي ٿي، اها ميزو (Mizu) آهي. جپانيءَ ۾ پاڻيءَ کي ميزو سڏين ٿا- واقعي چوڌاري پاڻي ئي پاڻي (سمنڊ) ئي ته آهي، جنهن مان صدين کان جپاني روزگار ڪمائيندا اچن. هو سمنڊ مان مڇيون ماري پيٽ گذر ڪن ٿا. سال جي 365 ڏينهن مان 360 ڏينهن مينهن وسي ٿو. گهڻو نه ته ڦڙ ڦڙ ته سانده لڳي پئي آهي، جيڪو فصل اڀاري به ٿو ته اڀريل فصل ٻوڙيو به رکي. ڪوڪورا جي هڪ ٽريول ايجنسي جي انچارج مس مورئڪيا مينهن جي ڪري فلائيٽ ڪئنسل ٿيڻ تي مون کي چيو هو:
"I tell you Mr. Altaf, this land (Japan) is being governed by the forces of Mizu (water)"
پر هتي جي پوڙهين کان پُڇ ته چونديون ته پاڻيءَ کان علاوه ٻي طاقت ڪازي آهي- يعني ”هوا“ پڻ آهي، جنهن جي رحم ۽ ڪرم تي هيءَُ ملڪ هلي ٿو.
جپانيءَ ۾ هڪ اصطلاح آهي Kazemuki ga kawaru (هوا جي تبديلي)- ان جو مطلب نه فقط حالتن جي تبديلي آهي، پر هر شيءِ جي تباهي ۽ مايوسي پڻ آهي.
هتي ڪن ماڻهن لاءِ Kaze no Yana hito (هو هوا وانگر آهن) اصطلاح استعمال ٿئي ٿو. يعني اهي ماڻهو جيڪي بنا ٻڌائڻ يا بنا سبب جي هليا وڃن ٿا ۽ وري بغير اطلاع جي هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو موٽيو اچن. هتي جي ماڻهن جو عقيدو اهو ئي چوي ٿو ته؛ ”هوا هنن کي گهر يا دوست يار ڇڏڻ لاءِ ڀڙڪائي ٿي ۽ هوا جي ان ڪم کي ڪير آهي جو چئلينج ڪري؟!“ ميزو (پاڻي) ته وري به نظر اچي ٿو، ان جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، پر ڪازي (هوا) جيڪا ڏسڻ ۾ ئي نٿي اچي، تنهن جي ڪير اڳڪٿي ڪري سگهيو آهي ته ڪهڙي وقت ڪهڙي طرف کان لڳندي ۽ نقصانڪار ثابت ٿيندي يا قبلائي خان جهڙن ظالمن جو زور ڀڃي هن ڌرتيءَ جي پُٽن لاءِ باعث رحمت ثابت ٿيندي.
هوا لڳي به سگهي ٿي رڪجي گهُٽ به ڪري سگهي ٿي. هوا رحمت به ثابت ٿي سگهي ٿي ته زحمت به. هوا اسان جي مدد به ڪري سگهي ٿي ته اسان کي تباهه به ڪري سگهي ٿي.... يعني هي جپانين جي عقيدي بابت لکي رهيو آهيان، آئون پنهنجو ڪو خيال پيش نه ڪري رهيو آهيان. ان عقيدي مان فائدو وٺندي، جپانين آمريڪن تان ڪاپي ڪري جيڪو پهريون پاڻيءَ جو وڏو جهاز ٺاهيو، جنهن جي (Center of Gravity) CG جو غلط حساب ڪتاب ڪرڻ ڪري اهو پهرين جهٽڪي ۾ ئي ٻڏي ويو، ان لاءِ پنهنجي غلطي مڃڻ بدران چيائون ”اهو هوا ڪم ڪيو“.
جوانيءَ جي ڏينهن ۾، ڪيترائي دفعه اسان طوفاني راتين ۽ خطرناڪ سمنڊن ۾ جهاز هلايا پر دوستن يارن ۾ گڏ ويهي ٻٽاڪ سٽاڪ هڻڻ مهل ان جو ذڪر ڪرڻ وڏي ڳالهه نه سمجهندا هئاسين، پر ڪوڙا سچا عشق جا داستان ٻڌائيندي فخر محسوس ڪندا هئاسين. اوساڪا کان ڪيوٽو شهر بس ۾ ويندي پنهنجي جپاني دوست ڇوڪريءَ جي پڇڻ تي سڄي واٽ پنهنجي عشق جي سچ ۽ ڪوڙ جي مڪسچر مان ٺهيل ڪهاڻي ٻڌائيندو هليس. پوءِ هيئن ٿيو پوءِ هونءَ ٿيو. پوءِ ملاقات ٿي، پوءِ هيءَ غلط فهمي ٿي، پوءِ هوءَ غلط فهمي ٿي، پوءِ هيئن پرچاءَ جي ڪوشش ٿي، پوءِ هونءَ ڪوشش ٿي، پوءِ جدائي ٿي ۽ وڇوڙو ٿيو. هن کي هيئن نه ڪرڻ کپي ها، شايد ائين نه ڪري ها ته دوستي قائم رهي ها. ٿي سگهي ٿو منهنجو ڏوهه هجي، مون کي هيئن نه ڪرڻ کتو ٿي.... اسان جي بس ڳوٺ ۽ شهر لتاڙي اچي ڪيوٽو پريفيڪچر جي حدن ۾ به پهتي ۽ پوءِ مون پنهنجو ’اصل وڏو قصو‘ ختم ڪري کانئس پڇيو:
”تنهنجا پنهنجي بواءِ فرينڊ سان چار سال پراڻا تعلقات ڪيئن ٽُٽا؟“
”اون....،“ هن ڪا دير سوچي پوءِ وات کوليو، ”اِيانا ڪازي، گا فُوئي تيڪيتا“
(Iyana Kaze ga Fuitekita)
(بس بدنصيب ”هوا“ لڳي).
”جي؟“ مون هن ڏي ڏسي تعجب مان پڇڻ جي ڪوشش ڪئي. ”ڇا جهيڙو ٿيو جو تو جهڙي سهڻيءَ کي هو ڇڏي ويو؟“
”بس چيم نه.“ هن وراڻيو.
”ڇا چيئي؟“ مون وري حيرت مان پڇيو.
”اهوئي ته اِي يانا ڪازي گا فوئي تيڪيتا.“
(بس بدنصيب هوا لڳي.. معنيٰ ڏوهه ٻئي ڪنهن جو نه پر ”هوا“ جو هو.)
مون کي پٺاڻ ۽ هندستانيءَ جي ڳالهه ياد اچي وئي. پليٽ ۾ ڀت ٿورو هو. پٺاڻ هندستانيءَ کي مشغول رکڻ لاءِ پڇيو، ”خوچه تمهارا باپ کيسي مرا؟“ ۽ سائين پوءِ هي دهلوي شروع ٿي ويو ته منهنجو پيءُ هيئن قابل مڙس هو. ههڙو ڏاهو هو. ان کي پهرين هيءَ بيماري ٿي، پوءِ اسپتال وٺي ويس....“
هندستانيءَ شدمد سان قصو ٻڌائيندو رهيو ۽ پٺاڻ گرانهه مٿان گرانهه وات ۾ وجهندو ويو ۽ گڏوگڏ اهو به چوندو ويو ”ڦِر ڪيا هوا؟“ ڦِر ڪيا هوا.“...تان جو هندستانيءَ جي جڏهن اک پٽي ته ڀت ته ڪو ٿورو وڃي بچيو هو. هاڻ پٺاڻ کي ڳالهين ۾ مشغول رکڻ لاءِ هُن پٺاڻ کان پڇيو ته هن جو پيءُ ڪيئن مري ويو؟
”بخار آيا.“ پٺاڻ گرانهه وات ۾ وجهندي چيو.
”ڦِر؟“ هندستانيءَ ڊگهي قصي جي اميد ۾ هو، تنهن پٺاڻ کي کولڻ ٿي چاهيو، پر پٺاڻ کائڻ قائم رکندي بيزاريءَ جي شڪل ٺاهي هن کي چيو:
”ڦِر ڪيا؟ بخار آيا، مرگيا مرگيا.“
سو جپانين وٽ به پنهنجو قصو مختصر ڪرڻ ۽ ڏوهه جو الزام لڳائڻ لاءِ ”هوا“ آهي. ٻيو ته ٺهيو پتي راند يا ماهجونگ راند کيڏڻ وارا جواري به دعا گهرندا ته ”اهڙي هوا لڳي جو سڄي بازي بدلجي وڃي.“

”يُوجيءَ“ جو اسڪول ۽ هڪ اڻوسرندڙ واقعو

”يُوجيءَ“ جو اسڪول ۽ هڪ اڻوسرندڙ واقعو

جپان جي هن شهر ڪوڪورا جي اتر واري علائقي ۾ نتسومي رهي ٿي جيڪا هتي جي ڪجهه ٻين عورتن وانگر ڌارين ملڪن کان ايندڙ شاگردن ۽ انهن جي فئملين جي رهنمائي ۽ مدد ڪري ٿي. هي عورتون ”هوسٽ مدر“ پڻ سڏيون وڃن ٿيون. شروع وارن سالن ۾ نتسوميءَ منهنجي ڌيءَ ۽ ان جي ٻارن جي به ڏاڍي مدد ڪئي، جڏهن هن جو مڙس هتي جي هڪ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو. بهرحال هن جي اڃا تائين هنن سان عليڪ سليڪ قائم آهي. هينئر اسان جي اچڻ جو ٻڌي هوءَ پنهنجي سترهن سالن جي پٽ يُوجيءَ سان گڏ اسان سان ملڻ آئي. سندس پٽ هتي جي هڪ پرائيويٽ ۽ مهانگي ٽائيپ اسڪول ۾ پڙهي ٿو، جتي عام اسڪولن جي ابتڙ ڪيترائي سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي جو يوُجي سٺي لهجي سان مون سان انگريزي ڳالهائي رهيو هو ۽ ويندي انگريزيءَ جا اهي اکر جيڪي جپانين کي اچارڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي اهي به چٽي طرح ڳالهائي رهيو هو. مون يُوجيءَ جي سٺي انگريزيءَ جي ماڻس (نتسومي) سان تعريف ڪئي. هن ان جو ڪريڊٽ اسڪول کي ڏنو ۽ مون کي اهو اسڪول گهمڻ لاءِ چيو. مون به تڪلف خاطر في الحال ته ڪئي پر گهٽ ۾ گهٽ هينئر ويجهڙائيءَ ۾ ان ڪم پٺيان وقت ضايع ڪرڻ نٿي چاهيو. پر نتسوميءَ ٻئي ڏينهن ئي اسڪول پهچي ان جي پرنسپال کي منهنجو جپان بابت ڇپيل ڪتاب به ڏنو ۽ ان سان گڏ منهنجيون وڏيون تعريفون ڪري آئي ته آئون پاڪستان کان آيو آهيان ۽ هتي جپان ۾ ڪيترا سال جهاز هلائڻ ۽ نوان ٺهرائڻ کان علاوه گذريل ڏهاڪو کن سالن کان ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آهيان. يعني تعليم جو ماهر آهيان، وغيرهه وغيرهه. پرنسپال نتسومي کي چيو ته الطاف کي دعوت ڏئي اسڪول گهمائڻ لاءِ وٺي اچ.
آئون ان ڏينهن شام ڌاري گهر پهتس ته نتسوميءَ جو نياپو مليو پر ان جو مطلب مون اهوئي سمجهيو ته سندس پٽ يُوجيءَ جي اسڪول ۾ شايد ڪو فنڪشن يا ”والدين جو ڏينهن“ آهي، جنهن لاءِ نتسومي مون کي به پاڻ سان وٺي هلڻ چاهي ٿي. پهرين مون هلڻ کان نٽايو پر پوءِ نتسومي جي گهڻي زور ڀرڻ تي مون هلڻ لاءِ حامي ڀري.
نتسومي جي پٽ ’يوجي‘ جو اسڪول اسان جي شهر ڪوڪُورا کان ڪافي پري ياهاتا نالي شهر ۾ هو جتي پهچڻ لاءِ ’اربن هاءِ وي‘ وٺي، جلدي پهچڻ لاءِ 500 جي ٽڪيٽ بچائي ٻه هزار يين جو فالتو پيٽرول ساڙي نتسومي مون کي جپان جي ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن، وستين ۽ عام رستن تان گهمائيندي هلي. دل ۾ چيم ته چڱو جو چڪر تي نڪتس ۽ اسڪول پهچي وڌيڪ احساس ٿيو ته اڄ جي نه اچان ها ته نه رڳو آئون پر منهنجو ملڪ به هن اسڪول جي انتظاميا جون پِٽون پاراتا کائي ها. اسڪول جو ڪوبه وڏو يا اهم ڏينهن نه هو ۽ هنن فقط مون لاءِ اسڪول گهمائڻ جو بندوبست ڪيو هو.
اسان جيئن ئي اسڪول جي گهڙڻ واري دروازي تي پهتاسين ته اسڪول جو وائيس پرنسپال مسٽر ماسائو پنهنجي فزڪس جي پروفيسر ۽ سيڪريٽريءَ سان اسان کي رسيو ڪرڻ لاءِ وڌيو. ايستائين به مون سمجهيو ته شايد سڀني مهمانن کي ائين رسيو ڪيو پيو وڃي پر پوءِ جيئن ئي اسڪول جي دروازي مان اندر گهڙياسين ته سامهون واري هال جي شيشي جي در تي ٽن فوٽن کن جو پني تي پاڪستان جو جهنڊو ٺهيل نظر آيو ۽ ان جهنڊي مٿان ۽ پاسي وارين ڀتين تي Welcome to our School لکيل نظر آيو جنهن جي اوسي پاسي ۾ ٻيو ڪو به جهنڊو نه هو. ان وقت مون کي احساس ٿيو ته هتي ڪو فنڪشن ناهي پر خاص مون کي گهرايو ويو آهي. اندر آفيس جي ٻين ماڻهن سان ملڻ بعد مون کي گيسٽ روم ۾ ويهاريو ويو، جتي پهرين چانهه بسڪيٽن جو دور هليو ۽ ماسائو پنهنجي اسڪول بابت به ٻڌائيندو رهيو ته مون کان خبرون به پڇندو رهيو.
ڳالهين ڪندي خبر پيئي ته نتسوميءَ منهنجو هنن سان اڳئين تعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ تعارف به اهڙو ٺاهي ٺوڪي ڪو ڪيو اٿس جو هنن جون مون لاءِ وڏيون ڳالهيون ٻڌي آئون پنهنجو پاڻ کي اوپرو ماڻهو پئي لڳس! نتسوميءَ وٽ منهنجا جپان بابت لکيل ٻه ڪتاب ”جپان رس“ ۽ ”جپان جن جي جيءَ سان“ هئا جن مان هڪ ڪتاب هن اسڪول وارن کي تحفي طور اچي ڏنو هو.
چانهه بعد اسڪول گهمڻ لاءِ چيو ويو. جنهن جنهن ڪلاس ۾ وٺي هلن ته سڄو بورڊ فزڪس يا ڪيمسٽري جي Sketches سان يا Equations سان ڀريل هو. ٽن ڪلاسن ۾ ته انگريزي پڙهائي پئي وئي. اتي به سڄو بورڊ گرامر، نيگيٽو ۽ پازيٽو جملن يا ٻين ڳالهين سان ڀريل هو. پوءِ مون کي سمجهه ۾ آيو ته ويندي ڪلاس ٽيچرن کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته ڌارئين ملڪ جو ليکڪ ۽ انجنيئر اچي رهيو آهي جنهن جو واسطو ٽيچنگ سان آهي. سو هر هڪ سٺو شو پيش ڪرڻ لاءِ سٺو ليڪچر ڏيڻ جو ثبوت ڏئي رهيو هو. دل ۾ چيم ته چڱو جو آيس. اڄ هي فقط ۽ فقط مون لاءِ سانگ سجايا ويا آهن.
هر هڪ ڪلاس ۾ مون کي ٽيچر يا ڪلاس جي ٻارن طرفان ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو. جپان ۾ جپانين کي سندن ئي ڳالهين ٻڌائڻ لاءِ مون وٽ کوڙ مواد! آئون کين پنهنجي شروع جي ڏينهن ۾ جپان اچڻ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳس جڏهن ته ويٺل شاگردن ۾ ته ڇا ڪيتريون اسڪولن جون مِسون (ماسترياڻيون) ئي اڃا ڄايون نه هيون جو انهن ۾ مون کي ڪابه 25 يا 30 سالن کان وڏي نٿي لڳي. هر ڪلاس ۾ منهنجا جپان بابت اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ 1973ع ڌاري جا مشاهدا ۽ تجربا غور ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌڻ لڳا. آئون ڪنهن ڪلاس ۾ هن شهر جي ڀر وارن بندرگاهن توباتا، موجي ۽ شمونوسيڪيءَ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳس ته ڪنهن ڪلاس ۾ جپان جي ڏورانهن شهرن: ڪوبي، اوساڪا، نگويا، ٽوڪيو، يوڪوهاما، هاچينوحي، ساسيبو وغيره جون ٻڌائڻ لڳس. نتسومي به خوش ٿي رهي هئي ته سندس عزت رهجي آئي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي هوءَ جپانيءَ ۾ مهرباني چوڻ بدران انگريزيءَ ۾ ”شنڪ يو شنڪ يو“ يعني ٿئنڪ يو ٿئنڪ يو چوندي رهي. هڪ ڪلاس ۾ سندس پٽ به هو جنهن جي ڀرسان ويهي فوٽو ڪڍراياسين. اٺ ڏهه ڪلاس ڏسڻ بعد اسڪول جي لئبرري ۽ ليبارٽريءَ ۾ آياسين. رکي رکي اسڪول وارن سان نتسوميءَ جي پٽ جي به تعريف ڪندو رهيس ته ”هو هن اسڪول ۾ پڙهڻ ڪري سٺي انگريزي ڳالهائي ٿو ۽ ان ئي ڳالهه مون کي هي اسڪول ڏسڻ لاءِ متاثر ڪيو.“ اهڙن موقعن تي نتسومي ”شنڪ يو شنڪ يو“ جي تسبيح اڃا تيز پڙهندي رهي.
جپان جهڙي ملڪ ۾ جتي ڳوٺن جا سرڪاري پرائمري اسڪول به الائي ڇا آهن، اتي ڪوڪورا جهڙي وڏي شهر ۾ (جيڪو آمريڪن لاءِ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ کان به اهم شهر هو، تڏهن ته پهرين ان تي بم ٿي هنيائون) ڇا سٺا اسڪول گهٽ هوندا؟ نتسومي جو پٽ پنهنجي شهر ڪوڪُورا جي به ڪنهن اسڪول ۾ وڃي سگهيو ٿي. ڪوڪُورا شهر ۾ اسين ريلوي اسٽيشن وٽ اتر (Kita) ۾ رهون ٿا ته نتسومي وارا ڪجهه ٻهراڙي واري علائقي ڏکڻ (Miniami) ۾ رهن ٿا، ائين سمجهو ته هو نارٿ ناظم آباد ۾ آهن ته اسين ڪراچيءَ جي صدر يا ڪلنفٽن واري علائقي ۾. نتسومي کي سندس پٽ جي پڙهائيءَ لاءِ ڪوڪورا شهر ۾ ئي ڪيترائي سرڪاري ۽ خانگي اسڪول آهن پر نتسومي پنهنجي پٽ کي روزانو ڪوڪورا کان پنجاهه ميل کن پري ياهاتا شهر جي هن هاءِ اسڪول ۾ موڪلي ٿي. هي اسڪول جنهن جو Kyushu International University نالو آهي، هڪ خوبصورت وڻن ۽ گلن سان جهنجيل جبل جي چوٽيءَ تي لاهور جي ايڇيسن قسم جي اسڪول وانگر هڪ پرائيويٽ ۽ ”ڪلاس“ قسم جو اسڪول آهي، جتي جي خرچن کي نواب، رئيس ۽ جاگيردار يا راجا ۽ مهاراجا ئي منهن ڏئي سگهن ٿا. (منهنجو مطلب ورهاڱي کان اڳ واري ايڇيسن اسڪول سان آهي جڏهن ان ۾ فقط انگريزن ۽ راجائن جا ٻار پڙهيا ٿي). پر نتسوميءَ کي به پئسو جام آهي ۽ پٽ اڪيلو آهي. هوءَ سمجهي ٿي ته ان اسڪول ۾ پڙهڻ سان هن جو پٽ جپانيءَ سان گڏ انگريزي به سکي ويندو ۽ ماڻس وانگر ڄَٽڪي نموني سان ”شنڪ يو“ چوڻ بدران انگريزيءَ جو صحيح اُچار ”ٿئنڪ يو“ چئي سگهندو. هي اسڪول جنهن ۾ هر شيءِ انگريزيءَ ۾ پڙهائي وڃي ٿي، جنهن جي بين الاقوامي اهميت هوءَ ڀلي ڀت محسوس ڪري ٿي ته اڄ جي دور ۾ انگريزيءَ جي واقفيت هجڻ ضروري آهي. تڏهن ته پاڻ به هن عمر ۾ انگريزي سکڻ لاءِ اليڪٽرانڪ جي ڳري ڊڪشنري هر وقت پرس ۾ کڻيو پئي هلي ۽ اسان جهڙن سان زوري زوري انگريزي ڳالهائي پنهنجي انگريزي سڌاري ٿي. پوءِ ڀلي اسان مٿس کلندا رهون.
واپسيءَ تي لنچ ٽائيم هو اسان کي ان ڊائينگ هال ۾ وٺي آيا جتي هزار کن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هڪ ئي وقت وهڻ جي جاءِ هئي. مختلف ڪلاسن جا شاگرد ٽولن ۾ يا اڪيلي اڪيلي ايندا رهيا. سيلف سروس هئي سو ڪائونٽر تي پئسا ڏئي پنهنجي پسند جي کاڌي جي شيءِ (جيڪا گهڻو ڪري سئنڊوچ نموني جي هئي) ورتي ٿي يا چوڌاري رکيل وينڊنگ مشينن مان پنهنجي پسند جون شيون ۽ ڊرنڪ ڪڍي ٽيبل تي اچي کاڌو ٿي. مون ڏٺو ته معمولي سئنڊوچ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ وغيره جو بل ڪنهن به صورت ۾ هڪ هزار يين کان گهٽ نٿي آيو.
ٻار ڊائينگ هال ۾ گهڙيا ٿي ته هنن جي هٿن ۾ هزار يين جو هڪ نوٽ ته ضرور هو. مون لاءِ ۽ مون سان گڏ منهنجن ڏوهٽن احسن ۽ ايمان لاءِ نتسومي ڳولي ڳولي هڪ ٻه اهڙيون شيون کڻي آئي جيڪي اسان کائي سگهون. نتسوميءَ کي خبر آهي ته مسلمان ڪهڙيون ڪهڙيون شيون کائين ٿا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون Avoidڪن ٿا، ان ڪري ڊبل روٽي جون Slices به اهي وٺي آئي جنهن لاءِ بلڪل خاطري هيس ته صحيح آهن. (نه ته هتي ڪيترن ڪيڪن، بسڪيٽن ۽ ڊبل روٽين ۾ جيڪو مڪس تيل وجهن ٿا ان ۾ خنزير جي چرٻيءَ جو به حصو ٿئي ٿو ۽ ڪيترن کاڌن ۾ ته پورڪ وجهن ئي وجهن ٿا). وائيس پرنسپال ان جو سبب پڇيو ته نتسوميءَ سٺي نموني سان هن کي ٻڌايو ته اسان لاءِ مذهب طرفان ڪجهه شين جي جهل آهي، جيئن شراب ۽ ڪجهه ٻيون شيون.
واپسيءَ تي سخت مينهن شروع ٿي چڪو هو. ايڏو تکو مينهن جو ڪجهه نظر نه پئي آيو. ڪا دير ته اسان گاڏيءَ ۾ ويٺا رهياسين، جيئن ڪجهه گهٽجي ته رستو ته نظر اچي.
نتسومي پڇيو ته مون کي اسڪول ڪيئن لڳو. مون مُرڪندي وراڻيومانس ته نتسومي ايترن پئسن ۾ پاڪستان ۾ ڏهه ڇوڪرا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهي سگهن ٿا. يعني هنن جي پڙهائي، رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ نڪري سگهي ٿو. تون جيڪڏهن چاهين ٿي ته تنهنجو پٽ انگريزيءَ ۾ به هوشيار ٿئي ته تون جيڪي هتي خرچ ڪرين ٿي ان جي اڌ مان هن کي آسٽريليا يا نيوزيلينڊ موڪلي سگهين ٿي.
”ڊڄان ٿي ته اتي خبر ناهي ڪهڙو ماحول هجي ۽ منهنجو پٽ ننڍي عمر ۾ غلط سوچ ڏي لڙي نه وڃي. ان ڪري آمريڪا يا انگلنڊ به موڪليندي گهٻرايان ٿي.“
نتسوميءَ اهو پڻ ٻڌايو ته سندس پٽ اسڪول طرفان هفتو هفتو آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ مان گهمي به آيو آهي.
”هونءَ منهنجو به گذريل ويهن سالن کان تعليم سان واسطو هلندو اچي ۽ نه فقط جپان جي اسڪولن ۽ تعليمي نظام کان واقف آهيان پر يورپ جي سٺن بُرن تعليمي ادارن کان پڻ واقف آهيان. دراصل تنهنجي هن جپاني اسڪول جي فقط ڪاسميٽڪ سونهن آهي.“ مون نتسوميءَ کي آگاهه ڪيو.
”مون کي به ائين لڳي ٿو.“ نتسوميءَ چيو، ”رڳو پئسو پئسو- هر ڳالهه لاءِ پئسي جي گهُر گهُر آهي. آئون پنهنجي اڪيلي پُٽ کي رف ۽ ٽف بنائڻ چاهيان ٿي پر هتي ڪِڪِلپڻو ۽ نازڪپڻو حد کان وڌيڪ آهي. منهنجي هر وقت اها خواهش آهي ته هي ڪٿي ٻاهر رهي ۽ پڙهي.“
”خيال ته صحيح آهي.“ مون چيومانس ”پوءِ هڪ ئي راهه منهنجي ڌيان ۾ آهي. هن کي سنگاپور موڪل- جيڪو ملڪ يورپ ۽ آمريڪا کان به بهتر آهي. پڙهائيءَ جي نظام ۾ به ته امن امان ۽ صحت جي خيال کان به. هونءَ ملائيشيا هڪ ٻيو ملڪ آهي جنهن کي به Prefer ڪري سگهجي ٿو، پر توهان جپانين لاءِ سنگاپور سٺو آهي جتي توهان جا ٻار آپشنل سبجيڪٽ ۾ چيني زبان کڻي سگهن ٿا جيڪا توهان لاءِ آسان آهي جو ان جي ۽ جپانيءَ جي ’ڪانجي‘ (شڪلين واري لکڻي) ساڳي آهي ۽ خرچ آسٽريليا کان به گهٽ ايندئي.“
”هي سال هتي پورو ڪري ته توسان Contact ٿي ڪريان، هن کي هلي سنگاپور ڇڏي اچون.“
بارش اهائي وڏڦڙو وسندي رهي پر هاڻ ان جو زور ڀڄي چڪو هو ۽ نه فقط سامهون جو رستو پر جبل تان هيٺ نهار ڪرڻ تي سمنڊ ۽ ڇولين تي لڏندڙ جهاز پڻ نظر اچي رهيا هئا. اسان جبلن جا ور وڪڙ پورا ڪندا هيٺ لٿاسين ۽ پنهنجي شهر ڪوڪُورا ڏي رُخ رکيوسين. رستي تي پيش آيل هڪ ننڍڙو واقعو ذهن ۾ اڃا فريش آهي، بلڪ ان ڪري ئي هي اسڪول جي ڳالهه ويهي لکي اٿم. اهو جي ننڍڙو واقعو در پيش نه اچي ها ته هي مضمون لکڻ اهڙو ضروري نه به سمجهان ها ۽ اسڪول گهمڻ جي ڳالهه ٻين ڳالهين وانگر وسري چڪي هجي ها.
اسڪول جي ڪجهه ڪلاسن کي لنچ ٽائيم تي موڪل ٿي چڪي هئي. هونءَ ته هتي جپان ۾ هر اسڪول صبح جو اٺين کان شام جو پنجين تائين ٿئي ٿو پر ڪن ڏينهن تي ڪجهه ڪلاسن کي ڪلاڪ ٻه اڳ به موڪل ٿئي ٿي ۽ جي بئنڊ (ميوزڪ سکڻ)، ترڻ يا فوٽ بال کيڏڻ جو پيرڊ آهي ته هو ڪلاڪ ٻه وڌيڪ به ترسايا وڃن ٿا. اسان ماني کائي نڪتاسين ته مينهن اچي شروع ٿيو ۽ ان ڏينهن مينهن جي اڳڪٿي به نه هئي. ايتريقدر جو اسان به پاڻ سان ڇَٽيون نه آنديون هيون. اسڪول وارن اسڪول جي ڪار پورچ کان ڪار پارڪنگ تائين سندن گاڏيءَ ۾ ڇڏڻ چاهيو ٿي پر نتسوميءَ چيو ته اچو ته پنهنجي ڪار تائين ڊوڙي هلون. پهرين پاڻ ڊوڙي وڃي ڪار جا دروازا کوليائين، ان بعد اسان ڊوڙي وڃي ڪار ۾ ويٺاسين ۽ پوءِ جڏهن مينهن جي رفتار ڪجهه جَهڪي ٿي ته رستي تي ڪيترن ئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ٽولا پنڌ ويندي نظر آيا، جن جا گهر جبل تي ئي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هوندا. ڪي ڇَٽين سان هئا ڪي بنا ڇَٽين جي- جن ظاهر آهي مينهن نه وسڻ جو ٻڌي ڇٽي نه آندي هوندي. بهرحال هو پنهنجن دوستن جي ڇٽين جي آڙ ۾ لڪندا پنهنجو پاڻ کي مينهن کان بچائيندا پئي ويا.
ڪجهه اڳيان هلياسين ته چار کن چوڏهن پندرهن سالن جون ڇوڪريون پئي ويون. ٻن وٽ ڇٽيون هيون، جيڪي ٽينءَ کي پنهنجي وچ ۾ وٺي پئي ويون پر چوٿين ويچاري جيڪا قد ۾ به هنن کان ٿوري ننڍي ٿي لڳي، هنن کان چار پنج قدم پٺيان پٺيان سرد هوا ۾ ڏڪندي ۽ مينهن ۾ سٽبي پئي وئي. شايد اڳيون ڇوڪريون هن جون دوست نه هجن. بهرحال هنن جي به مجبوري هئي جو ٻن ڇٽين جي هيٺان ٽي ماڻهو ئي اچي سگهن ٿا. هونءَ هو چاهين ها ته هڪ هڪ ڇٽيءَ هيٺان ٻه ٻه ٿي هلي سگهن ها ۽ سندن ڪافي بچاءَ ٿي سگهيو ٿي. گهٽ ۾ گهٽ هيءَ اڪيلي سرد هوا ۾ (جڏهن ته اسان ڪار جو هيٽر کولي رکيو هو.) پاڻيءَ ۾ ائين پسڻ کان بچي وڃي ها. لڳي ٿو اسڪول مان نڪرڻ بعد ئي هنن کي مينهن مليو ۽ هنن لاءِ هاڻ موٽڻ به مشڪل هو. نتسومي جي گاڏي هئي. اها ڇوڪري جنهن جي مٿي کان وٺي هيٺ اسڪرٽ تائين پاڻي ٽمي رهيو هو، ان کي نتسومي پنهنجي ڪار ۾ ويهاري پنهنجي ڪار کي آلو ڪرڻ پسند ڪندي يا نه. آئون چئي نٿي سگهيس.
رستو سوڙهو ۽ گولائيءَ وارو هو، اسان انهن ڇوڪرين پويان هلڪي رفتار ۾ ان انتظار ۾ وڌي رهيا هئاسين ته اڳتي هلي ڪٿي ويڪرو رستو ٿئي ته گاڏي تکي ڪجي ۽ پوءِ جيئن ان مقصد لاءِ ويڪرو رستو ٿيو، (جيئن ماڻهو ۽ گاڏيون هڪ ٻئي کي سولائيءَ سان ڪراس ڪري سگهن) ته اتي پويان ايندڙ هڪ ٽئڪسي اسان کي اوور ٽيڪ ڪري هن ڇوڪريءَ وٽان لنگهي کڻي بريڪ هنئي ۽ دريءَ مان هٿ ڪڍي هٿ جي اشاري سان گڏ ڇوڪريءَ کي رڙ ڪري ترسڻ لاءِ چيو.
ڇا مطلب ٿي سگهي ٿو هن ٽئڪسيءَ واري جو؟ هي اهوئي پوڙهو ٽئڪسي وارو هو جيڪو اسڪول وٽ پئسينجرن جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ اسان کي به سندس ٽئڪسي ۾ ڀاڙي تي هلڻ لاءِ چيو هئائين، جنهن تي اسان ٻڌايس ته اسان وٽ پنهنجي گاڏي آهي. ۽ هاڻ ڪا دير مسافرن جو انتظار ڪري، ڪوبه نه ملڻ تي واپس پئي ويو ۽ هن مينهن ۾ پُسندڙ ڇوڪريءَ جي مجبوريءَ مان فائدو وٺي ڀاڙو ڪمائڻ لاءِ شايد کيس ٽئڪسيءَ ۾ زوري ويهڻ لاءِ ٿو چوي.
۽ ڇا واقعي اها ڳالهه آهي؟ هو پنهنجو در کولي اڇل مان ٻاهر نڪتو. ڇوڪري هن کي هيسيل نگاهن سان ڏسندي رهي. هن جي چهري تي گهٻراهٽ صاف ظاهر هئي. مون سمجهيو ته ڊرائيور جو لٿو آهي سو پويون دروازو کولي هن ڇوڪريءَ کي زوري ويهارڻ ٿو چاهي. پر هو پويون دروازو کولڻ بدران سڌو ڪار جي پٺيان اچي ان جي ڊِڪي کولڻ لڳو. مينهن ۾ پاڻ به پسي رهيو هو ۽ جيترو جلد ڪيائين ٿي اوترو کولڻ ۾ وقت لڳي ويس. خبر ناهي نتسوميءَ ڇا پئي سوچيو پر آئون عجيب تجسس ۾ هوس ته هي پوڙهو ڊرائيور ههڙي مينهن ۾ ڊڪيءَ مان ڇا ٿو ڪڍڻ چاهي. اتي ڊڪيءَ جو ڍڪ کلي ويو ۽ هن اُن مان ڇَٽي ڪڍي (جيڪا يقينن هن پنهنجي لاءِ رکي هوندي) هن ڇوڪريءَ کي کولي ڏني ته مينهن ۾ پُسڻ بدران هيءَ کڻ. ڇوڪريءَ پرس کولي شايد ڇٽي جي بدلي ۾ پئسا آفر ڪرڻ ٿي چاهيس پر پوڙهي ڊرائيور کيس جهڪي پئسن وٺڻ کان منع ڪئي. ڇوڪريءَ ان جي موٽ ۾ جهُڪي ٿورائتو ٿيڻ جو اظهار ڪيو. ان بعد ڊرائيور مڙي اسان اڳيان جهڪي معافي ورتي جو هن رستو بلاڪ ڪري اسان کي انتظار ڪرايو.
جيسين ڊرائيور ڊِڪي بند ڪري گاڏيءَ ۾ ويهي گاڏي اسٽارٽ ڪري تيسين آئون ڇوڪريءَ جي چپن تي مرڪ ۽ چهري تي خوشيءَ جا رنگ ڏسندو رهيس. هن هلڻ کان اڳ پنهنجي مٿي تي ٻنهي پاسن کان هٿ سان زور ڏئي پاڻي ڪڍيو ۽ پوءِ پهرين کان تکو تکو هلڻ لڳي. مون کي ان جو ڏک اڄ ڏينهن تائين نٿو وڃي ته اسان هيتري دير ان ڇوڪريءَ جي پٺيان پٺيان پئي آياسين پر ڪجهه به نه ڪري سگهياسين. ڪيئن هوءَ جبل جو پاسو ڏئي پئي وئي. رستي تي ڪو گهر گهاٽ يا آڏ نه هئي جنهن هيٺان هوءَ بيهي کڻي مينهن بند ٿيڻ جو انتظار ڪري.
اڄ مون کان ان ڇوڪريءَ جو خوشيءَ مان ٻهڪندڙ چهرو نٿو وسري جڏهن هن کي ڇَٽي ملي ۽ هن پنهنجا وار نپوڙي هلڻ شروع ڪيو. مون کان اهو نيڪ پير مرد ڊرائيور نٿو وسري جيڪو ڪجهه دير اڳ مسافر حاصل ڪرڻ ۽ ڀاڙو ڪمائڻ لاءِ ڪيڏو واجهائي رهيو هو ۽ هاڻ پيٽرول ساڙي خالي ٽئڪسيءَ کي جبل تان هيٺ شهر ڏي وٺي وڃي رهيو هو. سندس وڏي دل چئبي جو هن پنهنجي 500 يين (اڍائي سؤ رپين) جي ڇٽي هڪ واٽ ويندڙ اڻ ڄاڻ کي ڏئي ڇڏي- بنا ڪنهن ظاهري اُجوري حاصل ڪرڻ جي. پر مون کي پڪ آهي ته اهو نيڪ ڪم ڪري، هڪ مجبور ڇوڪريءَ کي ههڙي مصيبت مان بچائي، کيس ڏاڍو سڪون محسوس ٿيو هوندو. ڪاش اهو ڪم هن کان اڳ اسان ڪريون ها.



ٻارن جي مائرن سان گڏ

ٻارن جي مائرن سان گڏ

جپان ۾ نيون نيون خبرون ۽ مزيدار ڳالهيون حاصل ڪرڻ ۽ سفرنامو لکڻ لاءِ منهنجن ڏوهٽن احسن ۽ ايمان جو اسڪول به دلچسپ جاءِ آهي. صبح جي وقت هرهڪ ٻار جي ماءُ جلدي ۾ هوندي آهي ۽ پنهنجي ٻار کي پري کان ئي ڇڏي هلي ويندي آهي. پر موڪل مهل مائرون پنهنجن ٻارن کي وٺڻ لاءِ وقت کان اڳ ئي پهچيو وڃن، جيئن ٻارن کي ڪلاس روم مان نڪرڻ مهل گهر وڃڻ لاءِ انتظار ڪرڻو نه پوي. پوءِ جيسين موڪل ٿئي ٻارن جون مائرون هڪ ٻئي سان دل جا حال اورين ۽ ڪوڙيون سچيون ٻڌل يا اخبار ۾ پڙهيل خبرون هڪ ٻئي کي ٻڌائين. هتي جپان ۾ سڀني ٻارن کي هڪ ئي وقت موڪل نه ٿئي. اسڪول شروع ضرور هڪ وقت تي ٿئي ٿو- يعني اٺين بجي، پر موڪل ڪنهن ڪلاس کي پنجين بجي ٿئي ته ڪنهن ڪلاس کي ڇهين بجي به. ڪنهن ڏينهن ته چئين ۽ ٽين بجي به ٿئي. ان جو مدار ميوزڪ، سئمنگ ۽ راندين جهڙين ڪلاسن تي آهي. پوءِ ڪنهن جا ٻه ٻار آهن ته اها ماءُ ٻئي ٻار جي موڪل ٿيڻ جي انتطار ۾ ويٺي هوندي آهي. احسن ۽ ايمان به مختلف ڪلاسن (ڪلاس فور ۽ ٿري) ۾ هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن مون کي به ڪلاڪ ڏيڍ وڌيڪ ويهڻو پوندو آهي. ايمان جي چئين بجي موڪل ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ جيسين احسن جو فُٽ بال راند سکڻ جو ڪلاس پنجين يا ساڍي پنجين ختم ٿئي تيسين ويٺو هوندو آهيان.
شروع وارن ڏينهن ۾ آئون چپ چاپ اڪيلو ويٺو رهيس، پر پوءِ آهستي آهستي پهرين اهي مائرون مون سان خبرچار ڪرڻ لڳيون، جن جا ٻار احسن ۽ ايمان جا سٺا فرينڊ هئا. احسن ۽ ايمان سان گڏ هنن جا ڪلاس ميٽ به مون کي اوجيسان (نانا) سڏڻ لڳا ۽ هاڻ انهن جي مائرن به مون کي نانا سڏڻ شروع ڪري ڏنو آهي. انهن ۾ هڪ ڏکڻ ڪوريا ۽ فلپين جي به عورت آهي، جن جا ڪورين ۽ فلپينو مڙس هتي نوڪري ڪن ٿا ۽ هڪ ميڪسيڪن ۽ هڪ تائيوان جي عورت پڻ آهي، انهن جا مڙس هتي جا جپاني آهن. اهي انگريزيءَ ۾ خبرون چارون ڪن. ان کان علاوه ڪجهه جپاني مائرون اهڙيون آهن، جيڪي پنهنجي انگريزي سڌارڻ لاءِ مون سان زوريءَ غلط سلط انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. هنن کان هتي جون خبرون حاصل ٿيڻ ڪري هو مون لاءِ دلچسپ عورتون آهن ۽ آئون هنن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ان ڪري آهيان جو آئون هنن پَٽَن تي ڏهه سال کن تڏهن رهي ويو هوس، جڏهن هو ٻن ٽن سالن جون ٻار هيون يا ڪي ته اڃا ڄايون به نه هيون. ظاهر آهي جيڪا هن وقت 35 کن سالن جي آهي اها 1973ع ۾ جڏهن آئون هتي جپان ۾ پهريون دفعو آيو هوس، ته ٽن چئن سالن جي ئي هوندي. هو انهن ڏينهن جي ۽ اڄ جي هن شهر ڪوڪورا ۽ ڀر وارن شهرن: موجي، فڪوئوڪا، شمونوسيڪي ۾ نظر ايندڙ خاص فرق بابت مون کان پڇنديون آهن. هو منهنجا سنڌي ۽ اڙدو جا ڪجهه ڪتاب ڏسي تعجب کائينديون آهن- خاص ڪري پوسان (ڏکڻ ڪوريا) جي رهاڪو ماءُ جنهن جي ڳوٺ پوسان ۽ هتي جي ڀر واري بندرگاهه شمونوسيڪي جي وچ ۾ اسان کي ڳنهن ڏينهن ۾ هر سال ڪيترائي دفعا جهاز کي وٺي وڃڻو پوندو هو ۽ سندن ساهيڙي- مريم (جيجل) يعني احسن ۽ ايمان جي ماءُ جو ننڍپڻ مون سان گڏ جهاز تي ۽ انهن شهرن ۾ گذريو هو. هو مون کان جهازي مسافرين ۽ هتي جي سامونڊي طوفانن جو پڇنديون آهن. هتي جي مڪاني ماڻهن ۽ ڪلچر جو پڇنديون آهن. پوءِ کين ڪڏهن ڪڏهن سندن جپاني اديبن: تاڪاگي، ياڪومو، ناتسومي سوسيڪي، اڪوتاگاوا ۽ ڪاوا باتا جون Quotations ۽ اِشي ڪاوا، ماتسو باشو، اس سا ۽ مورا ڪامي جهڙن شاعرن جا شعر (هائيڪو) ٻڌائيندو آهيان ته هنن کي تعجب لڳندو آهي. احسن ۽ ايمان اسڪول طرفان مليل ماني کائڻ بدران پنهنجي ڇو ٿا آڻين؟ اسلام ڇا آهي؟ اسلام ڪهڙن ڳالهين کان منع ڪري ٿو؟ هنن وٽ اڻ کٽندڙ سوال هوندا آهن، جن جا جواب ڏيڻ لاءِ آئون به تيار هوندو آهيان. ساڳي وقت سندن ڳالهيون، سندس خوشين ۽ غمن جون ڪهاڻيون، سندن خوفن ۽ اُميدن جا راز، سندن عقيدن، وسوسن ۽ سوچن بابت نت نوان پهلو معلوم ڪري مون کي به حيرت ٿيندي آهي ۽ انهن ۾ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن، جيڪي ڪتابن ۾ به نه ملي سگهن. انهن ۾ ڪيتريون اهڙيون خبرون هونديون آهن، جيڪي اخبار ۾ ڇپجڻ لاءِ ڏيئي نٿيون سگهجن. هو اڪثر منهنجي راين ۽ تاثراتن ٻڌڻ جي انتظار ۾ هونديون آهن ته آئون هنن جي ملڪ، ماڻهن ۽ ماحول بابت ڇا ٿو سوچيان. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن نه ويندو آهيان ته هنن مائرن مان اڪثر پڇنديون آهن ته ”اوجيسان ڪيڏانهن ويا هئائو؟“
”اوساڪا ويو هوس.“ ٻڌائيندو آهيان. يا ڪوبي ويو هوس، ڪيوٽو ويو هوس ۽ پوءِ کين اهو ٻڌائڻو پوندو آهي ته اهي شهر مون کي هينئر ڪيئن لڳا؟
ڪڏهن ڪڏهن هو پاڪستان بابت پڇنديون آهن ته ڪڏهن ملائيشيا بابت پڻ جتي مون ڪافي سال گذاريا. هنن کي وڏو فڪر اهو هوندو آهي ته هنن جا ٻار انگريزي ڳالهائڻ سکن. هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ انگريزي ڳالهائڻ وارن ملڪن ۾ رهڻ ڪري هو مون کان اڪثر پنهنجن ٻارن جي مستقبل جي تعليم لاءِ پڇنديون آهن ته هو اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجن ٻارن کي ڪيڏانهن موڪلين؟ ان لاءِ جواب ۾ آئون کين کڻي ڪيترا به دليل ڏيان ته سنگارپور، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جهڙا ملڪ تعليم جي لحاظ کان سٺا آهن، پر يارو جپاني ماڻهوءَ جي دماغ تي هڪ ئي ”ملڪ“ سوار آهي- اهو آهي USA! هنن کي بنيادي طرح پنهنجو ملڪ وڻي ٿو، هنن کي پنهنجي ملڪ سان پيار آهي، پر جپاني نوجوانن جي، خاص ڪري عورتن جي تمام گهڻي خواهش آهي ته امريڪا ۾ رهجي. هنن جي واتان هر وقت اهوئي ٻڌڻ ۾ ايندو ته ”آمريڪا جو Life Style سٺو آهي، يعني اتي عورتن کي وڌيڪ آزادي آهي ۽ عورتن جي گهڻي هلي ٿي.“
هتي جپان ۾ جپاني عورتون سڄو ڏينهن پورهيو ڪرڻ بعد به مڙس جي رحم و ڪرم تي رهن ٿيون- ڪيتريون ته هميشه موچڙن جي منهن ۾ رهن ٿيون. ڪيترين جي ڳالهين مان ته ائين لڳندو آهي ته هنن کي اهي ئي گهڙيون آرام جون ملن ٿيون، جيڪي هو هتي اسڪول ۾ اچي ٻارن جي موڪل جي انتظار ۾ گذارين ٿيون نه ته سڄو ڏينهن هو گهر ۾ پورهيو ڪن ٿيون. ڪم ڪار ۾ مدد ڪرڻ لاءِ نوڪرياڻي يا ڇوڪرو رکڻ جو ته سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. هن مهانگي ملڪ ۾ ڪم ڪار لاءِ ڪو نوڪر يا نوڪرياڻي رکڻ جو ته ڪو سوچي نه ٿو سگهي ۽ نه هتي جا مرد حضرات چاهيندا ته سندن جويون سک جو ساهه کڻن. جپاني عورت جنهن Tension ۾ رهي ٿي، ان کان جڳ جهان واقف آهي.



انسانذات جو دشمن- جپاني پير

انسانذات جو دشمن- جپاني پير

اڄ ٻارن (ڏوهٽن) کي اسڪول مان وٺڻ لاءِ اتي پهتس ته مونکان اڳ اتي ويٺل ٻارن جون سڀ مائرون هڪ ئي عنوان تي خبرون ڪري رهيون هيون. اهو هو اساهارا (Shoko Asahara) جو ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس. مون به رات ٽي وي تي ۽ اڄ صبح جو هتان نڪرندڙ هڪ انگريزي اخبار ”جپان ٽائيمس“ ۾ ان بابت پڙهيو هو ته ڪجهه هفتن جي ساهيءَ (Gap) بعد ڪالهه اساهارا جي ڪيس جي 253 هين شنوائي هلي.
”اوجيسان! اوم شن ريڪيونو سوڪو اساهارا وڪاري ماسڪا؟“
منهنجي ڏوهٽي ايمان جي ڪلاس ميٽ هڪ ڇوڪريءَ جي ماءُ ايمان جي اسٽائيل ۾ مون کي ”نانا“ سڏيندي ٽوڪيو ريلوي اسٽيشن تي گئس سان حملو ڪندڙ هن جپاني پير ”اساهارا“ بابت مون کان پڇيو ته آئون هن کي سڃاڻان؟
”ها منهنجي ناني! توکان به وڌيڪ.“ مون کلندي وراڻيومانس ۽ مينهن ۾ پسيل ڇٽيءَ کي ڪنڊ ۾ رکي سندس ڀرسان ويهي هن پِير بابت ٻين جا خيال ٻڌڻ لڳس. هيترا سال هن واقعي بابت ٻين ملڪن ۾ غير جپانين جا تبصرا پڙهندو ۽ ٻڌندو رهيو هوس پر هي پهريون ڀيرو هو جو جپان ۾ هن جپاني همراهه ”اساهارا“ جيڪو ڪن جو پير، مرشد ۽ گرو آهي ته ڪن لاءِ خوني رهزن- بابت سندن ماڻهن جا رايا ٻڌڻ جو موقعو مليو هو. آئون به اڄ هلي ملي سوير ئي اچي نڪتو هوس، جيئن هنن ڊزن کن درويش مائرن جا بيباڪ تبصرا ٻڌي سگهان، جيڪي مونسان ڳالهائڻ ۾ ڪافي فري ٿي ويون هيون ۽ ٻين واٽ ويندڙ جپانين وانگر ڪنهن ڳالهه جو جواب ڏيڻ ۾ پنهنجن خيالن کي ستن پوشن ۾ نٿيون ڍڪين.
وڏي ڏاڙهيءَ سان هي 48 ورهين جو همراهه اساهارا 1995ع کان وٺي مقامي توڙي بين الاقوامي اخبارن، رسالن ۽ ٽي وي تي ڪورٽ جي ڪيسن جي سلسلي ۾ خبرن ۾ ايندو رهي ٿو. جپان جهڙو ملڪ جتي رستي تي ڪا ٻلي مري وڃي ته به وڏو ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو، اتي هن پرامن ملڪ ۾ ٽوڪيو جهڙي شهر جي مرڪزي علائقي ۾، جتي سر ڪاري آفيسون آهن، اتي صبح جي رش اور ۾ گاڏين ۽ اسٽيشن تي Sarin (سارين) جهڙي خطرناڪ گئس سان ٿيل حملي سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو، جنهن جو الزام اساهارا تي تقريبن ثابت ٿي چڪو آهي ۽ ساڻس شامل چيلن مان ڊزن کن کي ڦاسيءَ يا عمر قيد جي سزا ملي چڪي آهي ۽ ٻين مٿان اڃان ڪيس هلن پيا. هي واقعو 1995ع ۾ مارچ جي 20 تاريخ ٽوڪيو ۾ هلندڙ سب وي (زمين دوز) ريل گاڏيءَ ۾ ٿيو جتي هڪ ئي وقت پنج ڇهه هنڌن تي سارِين گئس ڇڏي وئي. ان ۾ ٻارهن ماڻهو اڦٽ مري ويا ۽ 3794 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ان کان نوَ مهينا کن اڳ 27 جون 1994ع تي به ساڳي گئس سان ماتسو موتو شهر ۾ حملو ٿيو، جنهن ۾ ست مري ويا هئا ۽ 144 زخمي ٿي پيا هئا. حڪومت ان وقت کان سخت پريشان هئي ته ان پويان ڪنهن جو هٿ ٿي سگهي ٿو. هنن کي ٿورو گهڻو شڪ هو ته هي مذهبي جنونين جو ڪم ٿي سگهي ٿو، جن جو تعلق اوم شِن ريڪيو ڌرم (Cult) سان آهي. ٽوڪيو واري حملي بعد پورن ٻن مهينن بعد هتي جي پوليس هن ڌرم جي گروءَ کي فيوجي جبل ڀرسان ٺهيل هڪ اونداهي هيڊڪوارٽر ۾ ڳولي لڌو. هو هڪ ٽي ميٽر ڊگهي کوکي ۾ بند ٿيل هو، جيڪو کوکو ڀت سان لتل هو. پوليس کي آواز مان ڀت جي پَوري هجڻ جو شڪ ٿيو ۽ اليڪٽرڪ ڪارائيءَ سان ان کي ڪٽڻ سان کين هي گرو اساهارا ان ۾ ستل نظر آيو.
”خبردار جو هن پيتيءَ ۾ قدم به رکيو اٿانوَ.“ هن پوليس وارن کي دڙڪو ڏيندي اڳتي وڌڻ کان منع ڪئي. ”هتي منهنجي خاص پوئلڳن کي به اچڻ جي اجازت نه آهي، ان ڪري آئون پاڻ ئي اچان ٿو.“
پيتيءَ مان ٻاهر نڪرڻ بعد هن پوليس کان پنهنجو ڏوهه پڇيو.
”توتي الزام آهي ته تو ٽوڪيو اسٽيشن ۾ مسافرن تي سارين گئس سان حملو ڪرائي هيترا ماڻهو ماريا ۽ زخمي ڪيا آهن.“
اساهارا ٿڌائيءَ سان جواب ڏنو ”ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو. ڇا هڪ مون جهڙو انڌو ايڏي طاقت رکي ٿو جو ائين ڪري سگهي؟“
اساهارا پوليس جي ور چڙهڻ تي هن ملڪ جي ماڻهن ڪجهه سک جو ساهه کنيو، نه ته هن واقعي بعد سڀ اهڙو ڊڄي ويا هئا جو هنن کي هر وقت اهو احساس ٿيو ٿي ته حڪومت جو ڪو کاتو هن شخص کان بچائي نه سگهندو. اساهارا ڪٿي به حملو ڪري سگهي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ به هن جو خوف ڪيترن جي دلين تي قائم آهي. اساهارا جو دلپسند ماڻهو هٽلر آهي ۽ هو وڏي واڪ چوي ٿو ته هو پنهنجي مريدن کي نه فقط سُک ۽ سُڪون ڏئي سگهي ٿو پر ڪجهه اهڙو پاور به ڏئي سگهي ٿو جيڪو انسانذات کان اتاهون آهي.
اساهارا جي ڪيترين ڳالهين جي خبر هن تي لکيل ڪتاب مان پوي ٿي، جيڪو جپان جي هڪ باعزت ليکڪا شوڪو ايگاوا لکيو آهي. اساهارا 1995ع ۾ ڪيوشو ۾ ڄائو ۽ سندس اصل نالو چيزوئو (Chizuo Matsumoto) آهي. ڄمڻ وقت کان هو هڪ اک کان بلڪل انڌو هو ۽ ٻيءَ ۾ ٿورو ٿورو نور هوس، سو هن جي پيءُ جيڪو هڪ غريب پورهيت هو ۽ تڏا ٺاهيندو هو، کيس ڪماموتو شهر ۾ انڌن جي اسڪول ۾ موڪليو، جيئن هن جي اسڪول في معاف ٿي سگهي. انڌن جي اهڙي اسڪول ۾ هڪ اهڙو ٻار جيڪو هڪ اک سان ئي سهي پر ٿورو گهڻو ڏسي سگهيو ٿي، سو وڏي ڳالهه ٿيو. چيزو (اساهارا) ٻين ٻارن کي لڪ چوريءَ شهر ۽ هوٽلن ڏي وٺي وڃڻ لاءِ کانئن چڱو خاصو اجورو ڪمائي وٺندو هو.
گريجوئيشن ڪرڻ بعد هن اتي ڪماموتو ۾ اڪو پنڪچر جو دڪان کوليو. ان بعد ٽوڪيو ۾ ۽ پوءِ هڪ ٻئي شهر فوناباشي ۾. 1978ع ۾ هن توموڪو نالي هڪ ڪاليج جي شاگردياڻيءَ سان شادي ڪئي ۽ پوءِ چيني دوائن جو دڪان کوليو. مختلف جڙيون ٻوٽيون رکي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳو ته هو انهن شين ذريعي سندن جهونين بيمارين جو به علاج ڪري سگهي ٿو.
1982ع ۾ هو انهن ٺڳين ۾ جهلجي پيو ۽ پوليس سندس دڪان ڊاهي کيس ويهن ڏينهن لاءِ جيل اندر ڪري ڇڏيو ۽ ٻه لک کن يين ڏنڊ به هنيو. هن واقعي بعد اساهارا صفا کُٽي پيو. ڌنڌو ڌاڙي به بند ٿي ويس. پاڙي اوڙي جي شرم کان هو رهيل کهيل سامان وڪڻي چند ضروري شيون خريد ڪري ٻئي شهر ۾ وڃي رهيو.
1984ع ڌاري، هن زال سان گڏجي، هڪ يوگا اسڪول کوليو جيڪو ڏاڍو ڪامياب ويو. هي اهو دور هو جنهن ۾ جپان ۾ ڪيترائي مذهب مشهور ٿي رهيا هئا. اساهارا هماليه جبل ڏي زيارت تي روانو ٿيو ۽ مهيني ٻن بعد واپسيءَ تي هن وطن موٽي اچي اهو اعلان ڪيو ته هن کي ساتوري حاصل ٿي وئي آهي. ساتوري ”نرواڻ“ جو جپاني لفظ آهي- يعني هن کي هاڻ علم جو نور حاصل ٿي ويو آهي.
ان بعد 1987ع ۾ هن اوم شنريو ڪو (Aum Shinrikyo) نالي هڪ پنهنجو مذهب شروع ڪيو، جنهن جي معنى ”عظيم سوچ“ آهي. ڏسندي ئي ڏسندي هن جا ڪيترائي پوئلڳ ٿيندا ويا ۽ هاڻ اساهارا پنهنجي طرفان ڏنل مختلف لقبن سان پاڻ کي سڏائڻ لڳو. جيئن ته ”اڄ جو مسيح“ يا ”هن صديءَ جو بچائڻ وارو.“ هن جا مريد نه فقط جپان ۾ پر آمريڪا، جرمني ۽ خاص ڪري روس ۾ وڌڻ لڳا. هڪ دفعي ته اساهارا ماسڪو جي راندين واري اسٽيڊيم ۾ پندرهن هزار ماڻهن جي ميڙ ۾ واعظ ڪيو. مريدن جي وڌڻ ۽ بي انتها دولت اچڻ ڪري هن کي هر سرڪاري اداري مان ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو. هن پنهنجي اڳڪٿيءَ جو اعلان ڪيو ته دنيا جي پڇاڙي ٿيڻ واري آهي ۽ 1997ع کان 2000ع تائين ڪنهن وقت زهريلي گئس ذريعي هي ملڪ تباهه ٿي ويندو. اساهارا جا هن وقت فقط روس ۾ 30 هزار کن مريد آهن. ڪڏهن ڪڏهن هي پاڻ کي ”زنده گوتم ٻڌ“ سمجهي ۽ سڏرائي ٿو. پاڻ ڪڏهن به مريدن سان گڏ هڪ ئي ليول تي نه ويٺو. هميشه هنن کان مٿڀرو ويٺو ٿي ۽ مريدن سندس پير چُميا ٿي. اساهارا جي هن ڪيس کي هلندي هي اٺون سال اچي ٿيو آهي. شروع جي ڏينهن ۾ هن ڪا نه ڪا ورندي ڏني ٿي پر هاڻ ڪيس هلندي خاموش رهي ٿو. مٿس زهريلي گئس ٺاهڻ، ماڻهن کي مارڻ ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ جهڙا ڏوهه مڙهيل آهن. سندس ڪيترن ساٿين جيڪي هن سان گڏ شامل هئا، پنهنجو ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي، جن مان هيستائين نوَن کي ڦاهي ۽ ڇهن کي عمر قيد ملي چڪو آهي. سڀني جي وات تي اهو ئي آهي ته هاڻ ڄاڻ ته فيصلو ٿيو ته اساهارا کي ڦاهي يا عمر قيد جي سزا ملي.

مريدياڻي مئڊم هِساڪو جو انٽرويو

مريدياڻي مئڊم هِساڪو جو انٽرويو

جپان جي خلجاني ”اوم شن ري ڪيو“ (اتم سچائي) نالي ڌرم جنهن ٽوڪيو جهڙي شهر ۾ جيڪا دهشتگردي پکيڙي ان جو مثال جپان جي تاريخ ۾ نٿو ملي. دنيا جو انت (Doomsday) آڻڻ جي پرچار ڪرڻ واري هن ڌرم جي ميمبرن 20 مارچ 1995ع تي صبح جوآفيس ٽائيم شروع ٿيڻ وقت، جڏهن ريل گاڏين ۽ زمين دوز ريلوي اسٽيشن تي تمام گهڻي رش رهي ٿي، ٽوڪيو جي مرڪز ۾ (جتي جپان جي ڪيترين ئي وزارتن جون اهم آفيسون آهن) Sarin جهڙي زهريلي گئس ٽن گاڏين ۾ ڇڏي تباهي آڻڻ چاهي ٿي. گئس جا سڀ دٻا نه ڦاٽڻ ڪري ۽ گئس پراڻي ۽ ڇڊي هجڻ ڪري ايڏو نقصان نه ٿيو، پر ته به 12 ماڻهو مري ويا ۽ هزارين بيمار ٿي پيا، جن مان سوين رش ڪري چيڀاٽجي زخمي پڻ ٿيا. ٻن مهينن بعد هن دهشتگرديءَ جي مُک ملزم شوڪو اساهارا کي پوليس پڪڙي ورتو، جيڪو هن ڌرم جو گرو آهي. ان کان علاوه سندس ٻه سؤ کن چيلا جهليا ويا، جن ۾ ڪيترا ته جپان جي تمام اهم يونيورسٽين جا گريجوئيٽ هئا. اهڙن ۾ هڪ 53 کن سالن جي هِساڪو (Hisako Ishii) نالي عورت پڻ هئي، جيڪا پهرين ڪنهن آفيس ۾ ڪلارڪ هئي، پر پوءِ اها نوڪري ڇڏي هن ڌرم جي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لڳي ۽ جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ گروءَ جي ويجهن ۽ اهم ماڻهن مان هڪ هئي. پاڻ گروءَ جي اندروني حڪومت جي سمجهو ته وزير خزانه هئي. هن وقت هوءَ ڪيترن الزامن هيٺ جيل ڪاٽي رهي آهي، جهڙوڪ ڏوهارين جي مدد ڪرڻ، قتل ٿيل ماڻهن جا لاش گم ڪرڻ وغيره. مٿين واردات کان ٽي سال پوءِ نيوز ويڪ رسالي جي جپاني نمائندي، وڪيلن جي معرفت، مئڊم هِساڪو جو ٽوڪيو جيل وڃي انٽرويو ورتو، جنهن ۾ ڪي ڳالهيون دلچسپ ۽ حيرت واريون لڳن ٿيون جيڪي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪري رهيو آهيان.
سوال: تون هڪ باعزت اداري ’ٽوڪيو انشورنس ڪمپني‘ جي آفيس ڪلارڪ هئينءَ. تنهنجي اساهارا (گروءَ) سان ملاقات ڪيئن ٿي ۽ تو هن جي مريدياڻي ٿي گذارڻ جو فيصلو ڪيئن ڪيو؟
هساڪو: 1984ع ۾ جڏهن آئون اساهارا (گروءَ) سان مليس ته ان وقت ”اوم شن ريڪيو“ ڪو ڌرمي ماڻهن جو ٽولو نه هو، پر هڪ يوگا اسڪول هو. منهنجي يوگا ۽ قدرتي راز ۽ رمزون پروڙڻ ۾ دلچسپي هئي. شوڪو اساهارا (گرو) انهن ڏينهن ۾ يوگا ۾ محو هو. مون کي ائين لڳو ٿي (يا شايد مون کي ڪنهن طرح بانور ڪرايو ويو هو) ته گروءَ کي اندروني طرح الهام ٿئي ٿو ۽ هن جي هٿ ۾ معجزا آهن. مون کي به اها تمنا هئي ته جيڪر مون کي به انهن ڳالهين جو راز ۽ روشني حاصل ٿي سگهي.
سوال: اساهارا (گروءَ) جي چيلن ۾ تو وانگر ٻيا به ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل، نوڪرين وارا ۽ اعليٰ طبقي جي سوسائٽيءَ جا چيلا آهن. هن ڌرم ۾ شامل ٿيڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟
هساڪو: گروءَ جي چيلن ۾ بلاشڪ وڏو انگ خوشحال گهراڻي جي ماڻهن جو آهي، جي نه فقط تعليم ۽ نوڪريءَ جي لحاظ کان وڏا ماڻهو چئي سگهجن ٿا، پر ڌن دولت جي خيال کان پڻ. پر حقيقت ڇا آهي جو ظاهري طور سڀ ڪجهه هوندي به هنن پنهنجو پاڻ کي اندران کوکلو محسوس ڪيو ٿي، هو روحاني غذا جي ڳولا ۾ هئا. (هونءَ عام طرح جپان انهن ماڻهن کي ڪَٿ ۾ نٿو آڻي، جيڪي روحاني ۽ مذهبي دنيائن جي ڳالهه ڪن ٿا.) هنن کي هن گروءَ ۾ هڪ قسم جي روحاني ڇڪ ۽ پُرڪشش طاقت نظر آئي. هنن اهو سمجهيو ته هن گروءَ جي احڪامن جي پوئواري ڪرڻ سان هنن کي دلي سڪون حاصل ٿي سگهندو ۽ هو پنهنجي اصليت کي سمجهي ۽ سڃاڻي سگهندا.
سوال: ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ دوران تو پنهنجي گروءَ جو پاسو کڻڻ بدران هن کي کلئي عام ننديو. هڪ اهو وقت هو جو تون هن ڌرم (Cult) جي وزير خزانه سڏي وئينءَ ٿي ۽ توکي پنهنجي گرو (اساهارا) جي بلڪل ويجهو سمجهيو ويو ٿي. ان اوچتي تبديليءَ جو ڪو سبب؟
هيساڪو: آئون ڌرم جي ليکي چوکي جي فائيلن جي فقط انچارج هئس- جيئن اڪائونٽنٽ يا ڪلارڪ ٿئي. مون کي ته ڪيس هلڻ دوران ڪورٽ ۾ معلوم ٿيو ته هن ڌرم کي وڏو ناڻو حاصل ٿي رهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ وقت کان گرو اسان لاءِ هڪ حاڪم ٿي پيو هو. هن پنهنجو پاڻ کي اهڙو ڊڪٽيٽر بنايو، جنهن جي هر ڳالهه بنا بحث جي مڃڻ کپي ۽ ان ڳالهه کي ئي هو هن ڌرم کي قبول ڪرڻ سمجهڻ لڳو. اسان لاءِ ٻاهر جي دنيا جا هر قسم جا دروازا بند ڪيا ويا ۽ اسان کي فقط ان ڳالهه ۾ ويساهه ڪرڻو پيو ٿي، جيڪا ڳالهه اسان کي ٻڌائي ۽ پڙهائي وئي ٿي. پوليس جي حراست ۾ اچڻ بعد مون هن گرو (اساهارا) جي تبليغ ۽ هن ڌرم ’اوم‘ جي تعليم تي پهريون دفعو غور ڪيو. نتيجي ۾ آئون ان راءِ تي پهتيس ته هي گرو ته فراڊ آهي ۽ هي ٻُڌ مت جي تعليمات کي مروڙي سروڙي پيش ڪري رهيو آهي ۽ جنهن نورانيت (Enlightment) حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اهو نسورو ڪوڙ ۽ دولاب آهي. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اهي ڳالهيون جن تي آئون گذريل ڏهن سالن کان انڌو يقين رکي ويٺي هئس، ان جي عمارت منهنجي اکين اڳيان پل کن ۾ اچي ڦهڪو ڪيو آهي. ڪيڏو آئون غلط فهمي ۽ غلط خيالن جي اثر ۾ وڪوڙيل هئس.
سوال: توکي اها ڄاڻ هئي ته توهان جي ان ڌرم جا سائنسدان ميمبر Sarin نالي زهريلي گئس ان ئي ڪمپائونڊ ۾ ٺاهي رهيا آهن، جنهن ۾ توهان رهيل هئائو؟
هساڪو: مون کي اها خبر ضرور هئي ته اسان جي ڌرم ۾ گروءَ جا ڪيترائي اهڙا چيلا آهن، جيڪي ملڪ جا سٺا سائنسدان ۽ ڪيميا جا ڄاڻو آهن، پر مون کي اها خبر نه هئي ته هو ڪو سارِين جهڙي گئس تيار ڪري رهيا آهن، جيڪا ٽوڪيو جي مرڪزي زمين دوز ريلوي اسٽيشن ۾ ڇڏي اسان جو گرو هن ملڪ جا هزارين اهم ماڻهو مارڻ چاهي ٿو، جن جو سرڪاري ادارن سان خاص واسطو آهي. ڪيترا ماڻهو منهنجي ان ڳالهه تي شايد اعتبار نه ڪن، پر حقيقت اها آهي ته ان قسم جي ظالم ۽ خوني ڌرمن جو اهوئي طريقه واردات آهي. ڌرم جو گرو پنهنجن ويجهن دوستن ۽ اهم اڳواڻن کان به ڪيتريون ڳالهيون لڪائي رکن ٿا.
سوال: جيڪڏهن مذهب جو مقصد ڏکويل ماڻهن جا درد سور ونڊڻ ورڇڻ آهي ته پوءِ توهان جي ان ڌرم ”اوم شن رِي ڪِيو“ جو مقصد ڇا هو؟
هساڪو: شروع ۾ اسان کي اهو ئي بانور ڪرايو ويو هو ته هن ڌرم جو ڪم انسانن جي روحن کي پيڙا کان بچائڻ ۽ نرواڻ ڏيارڻ آهي. اسان گوتم ٻڌ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ چاهيو ٿي. پر پوءِ اسان جو گرو (اساهارا) جڏهن پاڻ کي يسوع مسيح سڏائڻ لڳو ته اسان لاءِ مونجهارو پيدا ٿي پيو ته مرشد جو هر چيو اکيون ٻوٽي قبول ڪجي يا نه. پوءِ جن اساهارا جي حڪمن جي بجا آوري اکيون پوري ڪئي ٿي، انهن لاءِ عيش عشرت جي زندگي مهيا ڪئي وئي ٿي ۽ جن اساهارا جو چيو مڃڻ ڇڏيو ٿي، ته منهنجي خيال ۾، انهن جو قتل ڪيو ويو ٿي ۽ قتل بعد اهو ئي اعلان ڪيو ويو ٿي ته هنن جي روح کي مڪتي ڏياري وئي آهي.
سوال: توکي ٽوڪيو اسٽيشن تي زهريلي گئس ڇڏڻ جي خبر اڳواٽ هئي يانه؟
هساڪو: نه. ان جي مون کي ڪا خبر اڳواٽ نه هئي. مون اها خبر ٽي وي ۽ اخبارن ۾ پڙهي، مون کي يقين ئي نه پئي آيو ته اهي ڪم اسان جي ڌرم جا ٿي سگهن ٿا. هن وقت مون کي بيحد گهڻو احساس جرم ۽ پڇتاءُ ٿي رهيو آهي. تعجب جي ڳالهه آهي جو مون گروءَ جي تعليمات تي نه فقط اعتبار ڪيو ٿي، پر ان جي پرچار به ڪئي ٿي. شايد آئون حد کان وڌيڪ اڻ واقف ۽ اڻ ڄاڻ هئس جو هن قسم جي ٺڳ گروءَ جي پوئلڳ ٿي پئي هليس ۽ هِن جي اشاري تي هر ڪم ڪندي رهيس ۽ هاڻ منهنجو ضمير مون کي ملامت ڪري ٿو.
I am searching deeply to find ways to atone for my sins.
سوال: هن وقت توکي پنهنجي سابق گروءَ لاءِ ڇا سوچ آهي؟
هساڪو: آئون هن کي اهڙو ماڻهو سمجهان ٿي، جنهن تمام وڏا ڏوهه ڪيا آهن. هن پنهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهاري رکي هئي ته هو وڏي ڪرامت وارو پير آهي ۽ هن اندروني روشني حاصل ڪري ورتي آهي. جيتوڻيڪ هو اهڙي پهچ تي رسڻ کان گهڻو پري هو. اڄ اساهارا (گرو) جڏهن ته جيل ۾ آهي، پر هو حقيقت کان منهن موڙي رهيو آهي، هڪ سابق چيلي/ مريد/ پوئلڳ جي حيثيت ۾ آئون هن کي اها ئي صلاح ڏينديس ته هن جيڪي ڪڌا ڪم ڪري انسان ذات کي ڇيهو رسايو آهي، اهي قبول ڪري ۽ سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃي.

ياڪوزا- جپان جي مافيا

ياڪوزا- جپان جي مافيا

جپان ۾ پيدا ٿيندڙ ’اوم‘ ڌرم جهڙا تخريبڪار ڌرم، سوسائٽيون ۽ ڪلب ننڍي پئماني تي هر وقت جنم وٺندا رهن ٿا، جن جا اڳواڻ ۽ ٽاپ جا ميمبر مختلف ڪاررواين ۾ حصو وٺن ٿا ۽ اهي جيڪي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ خراب ثابت ٿين ٿا، انهن تي حڪومت طرفان بندش وڌي وڃي ٿي يا اهي پنهنجو موت پاڻهي ئي مريو وڃن. ’اوم‘ ڌرم جو باني اساهارا پوليس جي اک کان بچي ويو ۽ ڪافي حد تائين تباهي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر ان کان به خوفناڪ ۽ خطرناڪ ياڪوزا (Yakuza) آهي، جيڪا ائين آهي، جيئن آمريڪا ۾ ”مافيا“ جنهن کان امن امان قائم رکڻ واريون ايجنسيون به ڊڄن ٿيون. جنهن شهر ڪوڪورا (فڪوئوڪا) ۾ رهان ٿو ۽ هي مضمون لکي رهيو آهيان، اهو ته ڄڻ ياڪوزا وارن جو ڳڙهه آهي. ان ڪري هن تر جي ماڻهن کي جپان جي ٻين شهرين کان وڌيڪ خوف رهي ٿو. اسڪول ۾ ايندڙ مائرن جي ڪچهريءَ جو عام عنوان ياڪوزا ۽ ان جي وارداتن جون خبرون هونديون آهن. ”فلاڻي علائقي ۾ اسين اڪيليون نه ٿيون وڃون، اتي ياڪوزا وارن جو اثر گهڻو آهي.“ هو ٻڌائينديون آهن. ”فلاڻي اسڪول ۾ گهڻا ٻار ياڪوزا جي ميمبرن جا آهن، ان ڪري اسين پنهنجا ٻار ان ۾ موڪلڻ نه ٿيون چاهيون، متان اسان جي ٻارن کي به غلط ڪمن ۾ Involve ڪيو وڃي.“ ياد رهي ته ياڪوزا جا غنڊا (Gangsters) ڏوهن جا ڪم ٻارن کان ڪرائين ٿا، جيئن پڪڙجڻ تي انهن کي سزا نه ملي يا گهٽ ملي.
ياڪوزا بابت هڪ دفعي ايسٽرن ايڪانامڪ رويو ۾ آيو هو ته:
"Yakuza is Japan's organized crime syndicate, which resembles the mafia. Both thrive on extortion, the protection rackets and giving public what it wants"
ياڪوزا اها ڏوهارين جي گئنگ آهي، جنهن جي وجود کان جپان انڪار ڪري نٿو سگهي. جپان جي سرڪاري گائيڊ بڪ ۽ عام معلومات ۾ به ان بابت لکيل ملي ٿو. هنن جي ڏوهن جو طريقه ڪار اهڙي Organized نموني جو آهي جو هنن جا ڏوهه ثابت ئي نٿا ٿين. هو کلئي عام پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا ۽ ماڻهن ۽ حڪومت کي پنهنجي نيڪ هجڻ جو Image ڏين ٿا. نون ميمبرن کي پنهنجي هن سينڊيڪيٽ ۾ داخل ڪرڻ جي فنڪشن جا دعوتناما ڇپرائي ماڻهن کي ظاهر ظهور ڏين ٿا. بقول Economist هفتيوار رسالي جي:
"Being a Yakuza (gangster) is a legitimate profession in Japan."
ياڪوزا جا مختلف شهرن ۾ هيڊ ڪوارٽر آهن، جن جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ سندن نالو لکيل آهي. ميمبرشپ لاءِ به هو کليو کلايو اخبارن ۾ اشتهار ڏين ٿا ۽ بقول ياڪوزا وارن جي ته هنن جا نوي هزار ميمبر آهن. ياڪوزا جي ميمبرن جي شرلاڪ هوم وانگر هڪ خاص Look ٿئي ٿي ۽ سندن جسم تي Tatoo جا نشان اُڪريل ٿين ٿا. هونءَ ته ڪنهن زماني ۾ ياڪوزا جي ميمبرن جي پنجابي فلم جي هيرو وانگر سٺي ناموس هئي، جو هنن جو ڪم پاڙي جي ”مائرن ڀينرن“ جي عزت بچائڻ ۽ غريبن جي جائداد جو خيال ڪرڻ هو. پر هاڻ هنن جو اهم ڪم ڌاڙا، خون، ڦرون، اغوائون ڪري امير ماڻهن مان ناڻو ڪڍڻ آهي.
ٻي جنگ عظيم کان پوءِ آمريڪي فلمون ۽ ناول پڙهي ياڪوزا جا ميمبر به آمريڪا جي غنڊن وانگر پنهنجو ڏيک ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا ۽ اڄ هنن جي سڃاڻپ ڪارو سوٽ ڪوٽ، اڇي قميص، ڪارو چشمو ۽ فوجين جهڙي هيئرڪٽ ٿي پئي آهي. ياڪوزا آرگنائيزيشن جي ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪوبه خاص شرط ناهي. ڪنهن به شهر جو يا ملڪ جو ماڻهو ان جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، چاهي ڪو ننڍو ٻار هجي، جنهن کي ماءُ پيءُ ڪڍي ڇڏيو هجي، يا اهڙا ٻار هجن جن کي پڙهڻ يا ڪو ڌنڌو ڪرڻ لاءِ پئسو نه هجي يا چين يا ڪوريا کان جپان آيل رفيوجي (پناهگير) هجي. ياڪوزا هر ان ماڻهوءَ جو خيال رکڻ جو ذمو کڻي ٿي جيڪو اڪيلو، بيڪار ۽ نڪمو محسوس ڪري ٿو يا هو پاڻ کي (يا سوسائٽي هن کي) Misfit سمجهي ٿي.
ياڪوزا جي لفظي معنيٰ ”اٺ، نو، ٽي“ آهي. جپانيءَ ۾ Ya معنيٰ 8، Ku معنيٰ 9 ۽ Za معني 3. انهن سڀني انگن جو جوڙ 20 ٿيو، جيڪو جپاني ڪارڊن جي راند Oicho-Kabu ۾ بيڪار عدد آهي، جيئن تاش جي پتي ۾ ٽيونجاهون ڪارڊ ”جوڪر“ آهي، جنهن جي ڪا حيثيت نه آهي. ان انگ 20 مان هن گئنگ جو نالو جڙيو آهي، معنيٰ بيڪار ماڻهو- اهو ماڻهو جنهن جو سوسائٽيءَ ۾ ڪو قدر نه هجي.
ياڪوزا جو اصل ڪم چون ٿا ته 1612ع کان شروع ٿيو، جڏهن ڪجهه ماڻهو جيڪي Kabuki Mono سڏبا هئا، يعني ”چريا مست“ . اهي عجيب چرين جهڙا ڪپڙا ۽ وڌيل وارن سان تلوار کڻيو پيا هلندا هئا، جنهن تنهن کي ڊيڄاريندا وتندا هئا ۽ ڪنهن کي ماريندي به دير نه ڪندا هئا. پر هنن جي هڪ ٻئي سان ٻڌي ۽ وفاداري ايتري هئي جو پنهنجي ساٿيءَ جي بچاءَ لاءِ پنهنجي مائٽ کي به ماري رکندا هئا.
بهرحال ياڪوزا وارا پنهنجو لاڳاپو انهن ’ڪابوڪي- مونو‘ سان جوڙڻ بدران Machi- Yakko سان جوڙڻ چاهين ٿا. ماچي ياڪو معنيٰ ’شهري نوڪر‘ يعني شهر ۾ امن امان رکڻ وارا آفيسر. هنن کي پنهنجا ڪم ڪاريون ۽ دڪان هئا. ڪابوڪي مونو جهڙن چرين، ڇڙواڳن ۽ لوفرن کي مار موچڙو ڪري هنن پاڙي جي ماڻهن کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو ٿي ۽ هنن ’ماچي ياڪو‘ وارن پنهنجو پاڻ کي انگلينڊ جو رابن هڊ سمجهيو ٿي، جنهن شهزادي جان ۽ ناٽنگهام جي پوليس سان مقابلو ڪري عوام کي خوش رکيو ٿي. ٻين لفظن ۾ ڏاڍن ۽ بدمعاشن کي ڦُري غريب ۽ بيوس ماڻهن کي خوش ڪيو ٿي.
ياڪوزا ۾ شامل ٿيڻ بعد ميمبرن کي سختيءَ سان پنهنجي گئنگ ليڊر جو حڪم مڃڻو پوي ٿو. ڪوبه غلط ڪم ڪرڻ تي يا ليڊر جي حڪم نه مڃڻ تي هن کي پنهنجي هٿ جي هڪ آڱر وڍي پنيءَ ۾ ويڙهي پنهنجي گئنگ ليڊر ڏي معافي لاءِ موڪلڻي پوي ٿي. اهڙي طرح ٻيو دفعو ڏوهه ڪرڻ تي ٻي آڱر ڪپي موڪلڻي پوي ٿي. وڏي ڏوهه تي يا سڄي سوسائٽيءَ جي خلاف ڪم ڪرڻ تي هن کي قتل ڪيو وڃي ٿو.
ياڪوزا وارن جو وڏو يعني گئنگ جو ليڊر پيءُ برابر سمجهيو وڃي ٿو ۽ کيس Oyabun سڏين معنيٰ بابو- God Father. هن جي هيٺان جيڪي آهن، اهي Walkashu (ٻار) ۽ ڪيو دائي (Kyodai) ڀائر سڏجن ٿا. هر ميمبر جو ڪم پنهنجي اويابون (پيءُ) جون اکيون پوري چيو مڃڻو آهي ۽ ان جي عيوض هو کين هر خطري کان بچائي ٿو. Oyabun پنهنجي علائقي جي ميمبرن جو ديوتا آهي، جنهن جو هر لفظ قانون جي حيثيت رکي ٿو. هر ميمبر کي هن جو حڪم بنا سوچي سمجهي مڃڻو آهي، چاهي کڻي ان ۾ موت سامهون نظر اچي رهيو هجي.
اويابون جي هٿ هيٺ هڪ صلاحڪار پڻ ڪم ڪري ٿو، جنهن وٽ ڪيترائي وڪيل، اڪائونٽنٽ ۽ سيڪريٽري ڪم ڪن ٿا.
پوليس جي انگن اکرن موجب ياڪوزا جي هر چئن ميمبرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي اهم آهن، جن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو آهي يا امتحانن ۾ فيل ٿيا آهن. اهو ملڪ جتي تعليم تي سڀ کان گهڻو زور آهي ويندي ڀنگي ٿيڻ يا عمارتن جا شيشا صاف ڪرڻ لاءِ به انهن کي نوڪري ٿي ملي، جيڪي پڙهيل ڳڙهيل آهن، اتي ياڪوزا اسڪولن مان نڪتل ٻارن ۽ امتحان ۾ فيل ٿيندڙن کي حفاظت ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي ٿي ۽ چڱو خاصو پگهار پڻ ڏئي ٿي، جنهن تي هن جو گذر سفر ٿي سگهي ٿو. ياڪوزا جي ڪُڌن ڪمن ۽ غلط تعلقات بابت فلم پڻ ٺهي چڪي آهي ۽ ڪتاب ته ڪيترائي لکجي چڪا آهن. هڪ اهڙو دلچسپ ڪتاب ٻه چار سال اڳ پڙهيو هوم، جيڪو ڊئوڊ ڪاپلان ۽ اليڪ ڊبرو جو گڏ لکيل آهي ۽ آمريڪا جو ڇپيل آهي. ڪتاب جو عنوان هو:
"Yakuza- the Explosive Account of Japan's Under World"
ياڪوزا بابت هڪ ٻي ڳالهه ته هن جا سڀ ميمبر مرد آهن. فقط هڪ عورت جيڪا ياڪوزا جي ڪمن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿي، اها اويابون جي زال هوندي آهي. ياڪوزا جو اهو چوڻ آهي ته عورتون جسماني طرح ڪمزور ٿين ٿيون، هو دل ۾ راز نه ٿيون رکي سگهن، ان ڪري انهن کي ياڪوزا جي ڳجهين ڳالهين کان پري رکڻ کپي. هونءَ به توهان کي هيستائين ڄاڻ ٿي چڪي هوندي ته جپاني سوسائٽيءَ ۾ غريب عورت جي حيثيت ڇا آهي؟

يامانو گاوا

يامانو گاوا

جپاني زبان جون ٽي لکڻيون آهن. هڪ شڪلين (مورتين) واري جيڪا ڪانجي Kanji سڏجي ٿي ۽ ٻه اُچارن واريون، جن مان هڪ هراگانا Hiragana (平仮名)آهي ۽ ٻي ڪاٽا ڪاناKatakana (片仮名). ڌارين زبانن جا لفظ جيڪي جپانيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا، اهي ڪاٽا ڪانا ۾ لکيا وڃن ٿا. مثال طور سنڌيءَ جو هڪ لفظ آهي ”ور“ جنھن جي معنيٰ مڙس به آهي ته سٿڻ جو ور به آهي ته رستي جو ور وڪڙ به ٿي سگهي ٿو ته ڪا ٻي معنيٰ به، پر لکڻ لاءِ هر هڪ ۾ ساڳيا ٻه اکر ’ و‘ ۽ ’ر‘ ايندا. يعني اسان جي سنڌي، اڙدو، عربي ۽ انگريزيءَ اچارن موجب لکي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ اسان جون لکڻيون اچارن واريون Phonetic آهن. جپاني لکڻيون: هراگانا ۽ ڪاٽا ڪانا به اهڙي طرح اچارن واريون آهن پر ڪانجيءَ ۾ ساڳي اُچار لاءِ جي شيون جدا جدا آهن ته هر شيءِ جي شڪل مختلف ٿيندي. ور جنھن جي معنيٰ مڙس آهي، ان جي ڪانجي (شڪل) هڪڙي ٿيندي، ته سٿڻ جي ور جي ٻي ته موڙ واري رستي (ور) جي شڪل ٽين ٿيندي. ڪانجيءَ مان اهو فائدو ضرور آهي ته لکڻي (شڪل) ڏسڻ سان خبر پئجيو وڃي ته ان لفظ جي صحيح معنيٰ ڇا آهي پر سائين جتي انگريزيءَ جا 26 اکر لکڻ، سکڻ ۽ ياد ڪرڻ به ٻار لاءِ وڏي منزل آهي، اتي ڪانجيءَ جون هزارين شڪليون ياد ڪرڻ هڪ جپاني ٻار لاءِ ڪيڏو دماغي بار ٿي سگهي ٿو ۽ هتي جي ٻارن کي ڪيڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي! اهو ئي سبب آهي جو جنھن جپاني گهر ۾ وڃ ته ٻار کيڏڻ بدران لکڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا. هراگانا ۽ ڪاٽا ڪانا سولي آهي ته به اسان جي ”الف، بي“ يا انگريزيءَ جي ‘ABC’کان ڏکي آهي ۽ انهن ۾ به هڪ سؤ کان مٿي مختلف اچارن جا اکر آهن.
تصوير ۾ نموني خاطر ٻه اکر ”ڪا“ ۽ ”هو“ ڪانجي، هراگانا ۽ ڪاٽاڪانا ۾ ڏيکاريل آهن ۽ اهي ڪنھن لفظ جا فقط اکر آهن. مثال طور ڪاواساڪي لکڻ لاءِ ”ڪا“ بعد ٽي ٻيا اکر ” وا“ ، ”سا“ ۽ ” ڪي“ ڳنڍڻا پوندا.
جپاني ڪتابن ۽ رسالن جا صفحا ساڄي کان به شروع ٿين ٿا جيئن سنڌي، اڙدو، فارسي، عربي وغيره جا ته کاٻيءَ کان به شروع ٿين، جيئن انگريزي، بنگالي، هندي وغيره جا ۽ هر صفحي تي کاٻي کان ساڄي، مٿان کان هيٺ ۽ ساڄي کان کاٻي لکي سگهجي ٿو. تصوير ۾ ويھين صديءَ جي شاعر ميزوهارا (Mizuhara Shoushi) جو هڪ خوبصورت هائيڪو آهي، جنھن جون سٽون مٿان کان هيٺ ۽ ساڄي کان کاٻي آهن ۽ هن شعر ۾ جپان جون ٽئي لکڻيون (هراگانا، ڪاٽا ڪانا ۽ ڪانجي) استعمال ٿيل آهن.
مثال طور ، شعر جو پھريون لفظ جيڪو بلڪل ساڄي پاسي آهي. يعني ساڄي پاسي واري مٿان کان هيٺ ويندڙ سٽ جو مٿيون لفظ ”ياما“ 山آهي_ معنيٰ جبل. اهو لفظ ڪانجي ۾ لکيل آهي. يعني ان شڪل جو مطلب آهي جبل. هي شعر قلم بدران برش سان لکيل آهي، ان ڪري ان مان ياما جي شڪل ۽ ٻين لفظن جي شڪل عجيب ٿي وئي آهي، نه ته اها شڪل ” ب“ وانگر آهي، جنھن جو هيٺيون نقطو ڊاهي پوري وچ تي ”الف“ ٺاهڻ سان ياما 山 ٿيو. اهڙيءَ طرح ٻيا لفظ: نو، گو ۽ وا آهي. ٻي سٽ جي ساڄي پاسي وارو مٿاهون اڌ ڪاٽا ڪانا لکڻي ۾ ’رنپو‘ لکيل آهي، جيڪو انگريزي لفظ لئمپو آهي، پر جپانيءَ ۾ لام نه هجڻ ڪري ڪيترن انگريزي جي جپاني ۾ آيل لفظن وانگر هي به لئمپ بدران رنپو ٿي ويو آهي. جيئن مون کي به ڪيترا جپاني الطاف بدران ”اريطافو“ سڏين ٿا ۽ جپانيءَ ۾ هر اکر پويان واول ضروري آهي، ان ڪري ٺلهي ”پ“ يا ”ف“ چوڻ بدران پُو ۽ فُو اُچاريو وڃي ٿو. ڪاليج جي هڪ جپاني شاگرد ته مون وٽ لام جو اُچار سکڻ آيو ته ڪيئن اچاريان. جو جپانين لاءِ لام اُچارڻ ڏکيو آهي.
ٻي سٽ جو باقي اڌ ڪانجي ۽ هراگانا ۾ آهي ۽ ٽي سٽ ڪاٽا ڪانا ۽ ڪانجيءَ ۾ آهي. مون کي جپاني گهڻي نٿي اچي، پر سکڻ سان جيتري دلچسپ لڳي ٿي، اوتري ئي هڪ نئين ماڻهوءَ کي مٿي جو سور لڳي ٿي. سڄو شعر (هائيڪو) جيڪو سترهن Syllable جو آهي، هن ريت آهي:
ياما نو گاوا_ جبل جا پتنگ
رنپو ني ماوازو _ ڏيئي جي چوڌاري نٿا اڏرن
تُسوڪي نِي مائو _ هو ته چنڊ ڏي رخ ڪن ٿا

ڏيکاريل تصويرن ۾ ٽي تصوير ۾ سڀ لفظ ڪانجيءَ ۾ لکيل آهن. جپان جي مشھور خطاط (ڪيليگرافر) توشوءَ (Ogawa Toshu) هن شعر جي ڪانجي برش سان لکي آهي.
ان کان علاوه پڙهندڙن کي ڪانجيءَ بابت وڌيڪ آئيڊياز ڏيڻ لاءِ ست کن لفظن جي ڪانجي ڏجي ٿي. پکيءَ کي جپانيءَ ۾ توري سڏجي ٿو ۽ توري حجي ڪري لکڻ بدران ڪانجيءَ ۾ لکيل آهي، يعني مورت ٺھيل آهي. چين ۾ ڪيتريون ئي چيني زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. جھڙوڪ: منڊارن، ٽيوچو، فڪا، ڪنٽونيز، هڪا وغيره وغيره . هر زبان ۾ پکيءَ لاءِ مختلف نالا آهن، جيئن اسان وٽ پرنده، Bird، طائر، پکشي وغيره پر چين جي هر زبان ۾ جڏهن پکي لکبو ته ان لاءِ اها ساڳي شڪل ٺاهڻي پوندي جيڪا جپانيءَ ۾ ڪانجي لکڻي ۾ ٺھيل آهي. ان ڪري چين جي مختلف صوبن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي چيني ڳالهه ٻولهه نٿا سمجهي سگهن، پر لکيل ڳالهه پڙهي سگهن ٿا.
پکيءَ جي ڪانجيءَ کان علاوه چنڊ (تسوڪي)، ڪمي (ڪامي) ۽ هٿ (تي) جي آهي ۽ ان جي ڀرسان مٿان کان هيٺ وڻ (ڪي) 木، هڙي/ وڻڪار (هاياشي) جنگل (موري) جي ڪانجي ڏنل آهي. اها ئي شڪل هڪ دفعو لکڻ سان فقط هڪ وڻ ٿيو. ٻه دفعا木木ڏيڻ سان هُڙي (Woods) ۽ وري ٽي دفعا ساڳي شڪل ٺاهڻ سان ٻيلو ٿيو پوي.
جتي هيءَ تصوير واري لکڻي ڏکي آهي، اتي سمجهه ۾ اچڻ بعد مزو به ڏئي ٿي. ڪوشش نه ڪرڻ جي باوجود جپان ۾ رهڻ دوران ڪيترائي مورتن وارا لفظ (ڪانجي) ياد ٿيو وڃن. لکڻ کڻي نٿا اچن پر شڪل ڏسي ڏسي سمجهيو وڃجي ته ڇا آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪانجي لکڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا. اسڪول توڙي گهر ۾ ننڍپڻ کان هر جپاني پرئڪٽس ڪندو رهي ٿو. منھنجا جھازي دوست چوندا آهن ته جپاني انجنيئر جھاز سازيءَ جي ڊرائينگن ٺاهڻ ۾ ڏاڍا هوشيار آهن ته آئون کين اهو ئي چوندو آهيان ته جيڪو ٻار ڏهه ٻارهن سالن جي عمر ۾ پنج ڇھه هزار کن ڪانجي (مورتين وارا لفظ) لکڻ سکي ٿو، ان لاءِ اڳتي هلي مشين ڊرائينگ ڇا آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي ڳالهه جيڪا مون گذريل چوٿو صدي کن ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ پڙهائڻ دوران Observe ڪئي آهي ته اهي ملئي يا پاڪستاني مسلمان شاگردَ، جيڪي قرآن جا ياد حافظ آهن، اهي جھاز رانيءَ جا ڏکيا امتحان سڀ کان اڳ پاس ڪن ٿا ۽ هنن کي ايمرجنسيءَ جي حالتن ۾ به ڏکئي کان ڏکيا فارمولا ۽ جدولون ياد رهن ٿيون، جن کان ڪم وٺي هو جھاز کي مشڪل Situation مان ٻاهر ڪڍيو وٺن. اهو شايد ان ڪري جو ننڍي هوندي کان قرآن کي ياد ڪرڻ ڪري يعني پنهنجي ياداشت کي تيز ڪرڻ ڪري هنن لاءِ هي سائنس ۽ نيويگيشن جا فارمولا ۽ انگ اکر ياد ڪرڻ، هڪ معمولي ڳالهه ٿيو پوي.

جپان جهڙي ملڪ ۾....!

جپان جهڙي ملڪ ۾....!

جپان ۾ آمريڪا جي مافيا ٽائيپ گئنگ ’ياڪوزا‘ ۽ ڪوڙي پير ’شوڪو اساهارا‘ بابت ڪافي لکي چڪو آهيان، خاص ڪري ’شوڪو‘ ٺڳ بابت جنهن هڪ هٿ ٺوڪيو ڌرم ايجاد ڪري پنهنجو پاڻ کي ان جو گرو ۽ وڏو پهتل ٻانهو سڏائي ٻين کي اهو بانور ڪرايو ته هو پنهنجن چيلن کي دلي سڪون، اندر جي روشني ۽ نرواڻ ڏياري سگهي ٿو.
سنڌ يا پنجاب جي ڳوٺ ۾ ڪو ڪو ڪوڙو پير يا ٺڳ مرشد پيدا ٿئي ٿو ۽ ڪجهه ڳوٺاڻا، اڻ پڙهيل، سادڙا ۽ غريب ماڻهو هن جي ڳالهين ۾ اچي پنهنجو پاڻ کي لٽائين ڦرائين ٿا، تڏهن به اسان کي تعجب لڳي ٿو، اتي جپانين جون اهي ڳالهيون پڙهي توهان کي به مون وانگر ضرور حيرت ٿيندي هوندي ته ههڙا پڙهيل ڳڙهيل ۽ هوشيار ماڻهو، هڪ عام ماڻهوءَ جي چنبي ۾ ڪيئن ڦاسيو پون- سو به هڪ ٻن ڏينهن لاءِ هڪ ٻه ماڻهو نه پر سوين هزارين ماڻهو سالن تائين هڪ ڪوڙي پير کي پوڄيندا رهيا ۽ هيتريون ڳالهيون ظاهر ٿيڻ بعد به ڪيترا ان پير (شوڪو اساهارا) کي بي ڏوهي سمجهن ٿا. (جيتوڻيڪ هزارين ماڻهو هاڻ سندس ٺڳين ۽ ڪوڙن کان واقف ٿيڻ تي پاڻ تي افسوس پيا ڪن ته هو ڪيڏو ته غلط راهه تي هئا).
منهنجو جيڪو ذاتي خيال آهي، جيڪو ڪيترائي سال هن ملڪ ۾ هنن ماڻهن (جپانين) جي ويجهو رهڻ ۽ هنن جون ڳالهيون، رسم رواج ۽ ڪلچر جي اسٽڊي ڪرڻ بعد پيدا ٿيو آهي ته هڪ ته هنن جپانين وٽ هر Physical سک اچڻ بعد هاڻ هنن کي ذهني سڪون جي طلب ٿي آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو پنهنجن درگاهن ۽ مندرن ڏي ڀڄن ٿا ۽ پوءِ کين ڪو اهڙو ماڻهو مليو وڃي ته هن جي اکيون پوري ڳالهه مڃين ٿا، ڇو جو جپاني ماڻهو فطرتن هڪ Robot مثل ئي آهي- بلڪ هنن پنهنجي زندگيءَ کي اهڙو بڻائي ڇڏيو آهي. روبوٽ وانگر هو صبح کان شام تائين ائين ڪندا رهن ٿا، جيڪو هنن جي ذهن ۾ رٿيل آهن. يا ٻين لفظن ۾ جيئن هنن جو دماغ Programmed ٿيل آهي.
ٻي ڳالهه ته جپاني انڊيا، نيپال يا هماليه جبل کي اهڙيون جايون سمجهن ٿا، جتي ڄڻ ته پهچڻ سان انسان جي اندر ۾ روشني اچي ويندي. جپاني جيئن ئي دنيا جي گوڙ گهمسان کان نجات حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي ته هو پنهنجن مندرن ڏي رُخ رکندو آهي ۽ اڃا وڌيڪ مذهبي بڻجڻ لاءِ انڊيا ويندو يا هماليه جبلن (نيپال، ڀوتان، سِڪم) وغيره جي مندرن ڏي ڊوڙندو. اتان ٿي ايندو ته پاڻ کي ”عالم فاضل“ تصور ڪندو. اهو شايد ان ڪري جو جپان ۾ ڇانيل مذهب (ٻڌ ڌرم) به اتان آيو آهي ۽ هو مذهب ۽ اندروني سڪون ماڻڻ لاءِ اوڏانهن جي مهاڙ ڪن ٿا ۽ جتي جپاني پئسي ڏوڪڙ ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ آهن، اتي ٻين ڳالهين ۾ سادڙا آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته ستر جي شروع واري ڏهاڪي ۾ اسان جي جهاز تي ٻه پوڙها ڊگهين ڏاڙهين سان پٺاڻ خلاصي هئا، جيڪي ڪوبي ۽ يوڪوهاما بندرگاهن ۾ ڀروارن پارڪن (ڪلاڪ پارڪ ۽ ياماشيتا پارڪ) ۾ وڃي ويهندا هئا ۽ ڪيترائي جپاني خاص ڪري ڇوڪريون، انهن کي پنهنجو هٿ اچي ڏيکارينديون هيون ۽ موٽ ۾ کين ڪافي پئسا ڏئي وينديون هيون. هي همراهه جيڪي ڪنهن به ڪنڊ کان پامسٽ نه هئا، پر جپان ۾ اچي اهڙو هوشيار ٿي ويا هئا جو هنن سمجهيو ٿي ته ڇوڪريءَ جو هٿ جهلي رٺل محبوب جي پرچڻ ۽ سٺي نوڪري جلد ملڻ جي خوشخبريءَ کان ڳالهه شروع ڪجي. اهڙي طرح، اسان جي درگاهن ۽ مقبرن تي زيارتين جي نذراني سان ايتريون پيتيون نٿيون ڀرجن، جيتريون جپان جي مندرن، جنجائن ۽ اوتيرائن (درگاهن) ۾ رکيل ڪاٺ جون پيتيون پئسي سان پُر ٿين ٿيون.
جن ڏينهن ۾ ٽوڪيو جي ريلوي اسٽيشن ۾ زهريلي گئس جو واقعو ٿيو هو، ان کان پوءِ اوم نالي تخريبي ڌرم جي جپاني پير کي جهلڻ سان گڏ سندس سوين چيلا جهليا ويا، جن مان ڪيترن کي ته قيد جي سزا ملي ۽ ڪيترا بيڏوهي ۽ معصوم ثابت ٿيا ۽ کين باعزت نموني سان ڇڏيو ويو. اهڙن مان هڪ 28 سالن جو ماساتو نالي نوجوان پڻ هو، جنهن کي ٿاڻي تي پوليس کان ئي حقيقت جي خبر پئي ته جنهن کي هو پير سمجهيو ويٺو هو، اهو ته وڏو ظالم ۽ ٺڳ آهي. ماساتو هاڻ ان ڳالهه تي ڏاڍو شرمندو آهي، نه ته هن جو، پنهنجي پير/ گرو (اساهارا) تي ايڏو يقين هو جو هن ماڻهن اڳيان زمين تي جهڪي پنهنجي پير لاءِ وفاداريءَ جو وچن ڪيو هو. اها تصوير ان وقت اخبارن ۾ پڻ آئي هئي. پر هاڻ هو ان تي افسوس ٿو ڪري ته هن زندگيءَ جا ڪيترا سال هڪ ڪوڙي پير جي چنگل ۾ ڦاسي برباد ڪري ڇڏيا. ان بابت سندس ٻڌايل ڳالهيون توهان به پڙهو ۽ پڪ اٿم ته توهان کي به حيرت ٿيندي ته جپان جهڙي ملڪ ۽ اتي جي سوسائٽيءَ ۾ هيئن به ٿئي ٿو:
ماساتو انهن ڏيڍ هزار چيلن مان هڪ هو جيڪي گُرو (اساهارا) سان گڏ ڌرم جي ڪمپائونڊ ۾ رهيا ٿي. ٽوڪيو ۾ زهريلي گئس ڇڏڻ واري واقعي بعد ماساتو کي پوليس ٻه هفتا کن پاڻ وٽ نظربند رکي کانئس آڏي پڇا ڪئي. ان مان اهو ثابت ٿيو ته گروءَ جي ڪُڌن ڪمن جي هرهڪ کي ڄاڻ هجڻ بدران فقط چند خاص چيلن کي ان راز ۾ شامل ڪيو ويو ٿي. بهرحال ماساتو کي آزاد ڪيو ويو، پر جيل ۾ پنهنجي گروءَ جي ڏوهن جو ٻڌي هن کي پڇتاءُ ٿيو ته هو ڪهڙي ماڻهوءَ جون اکيون پوري چيو مڃي رهيو هو. ”مون پنهنجي گرو شوڪو اساهارا کي هن ڌرتيءَ جو خدا سمجهي پوڄيو ٿي.“ هن ٻڌايو.
هن گروءَ هڪ خاص قسم جا ٽوپلا ٺهرايا هئا، جن تي ائنٽينا به لڳل هئي. هن جا پڪا مريد اهي ٽوپلا پائي هلندا هئا جو گروءَ هنن کي چيو هو ته اهي ٽوپلا پائڻ سان سندس (يعني گروءَ جي) دماغ جون لهرون مريدن جي دماغ ۾ وڃي عقل ۽ روشني پيدا ڪن ٿيون. ماساتو هاڻ ته ٽاءِ سوٽ ۾ نظر اچي ٿو، نه ته جيل ۾ وڃڻ کان اڳ تائين هو به هميشه اهو ٽوپلو پائي هلندو هو.
”اوم ڌرم جي چيلن ۾ گهڻي ڀاڱي ڏوهاري نه هئا.“ ماساتو ٻڌايو، ”بلڪ اسان ته پنهنجي هر شيءِ پئسو ڏوڪڙ پنهنجي گروءَ حوالي ڪري ڇڏيو ۽ گروءَ جي چوڻ مطابق سڄي ڏينهن ۾ هڪ ويلو کائيندا هئاسين. جپاني معاشرو مون کي بيمار معاشرو لڳو ٿي. ان ۾ ڪو اخلاق ناهي. مون دل و جان سان اهو قبول ڪيو ته هر ڏک ۽ غم جي پاڙ خواهش آهي.“
ماساتو ٻڌايو ته هن ’اوم‘ ڌرم جون گهڻي ڀاڱي تعليمات اهي ئي هيون جيڪي ٻڌ ڌرم جون هيون ۽ هن اهي پسند ڪيون ٿي. پر مصيبت تڏهن شروع ٿي جڏهن گروءَ ڪجهه ظالماڻيون روايتون ان ۾ شامل ڪيون، جن کي هو ’پاڪ ٿيڻ‘ سڏيندو هو. هڪ چيلي کي پاڪ ٿيڻ لاءِ تمام ٿڌي يا گرم پاڻيءَ جي حوض ۾ ٽٻيون ڏياريون ويون ٿي. کيس گهڻي کان گهڻو پاڻي پياري پوءِ الٽيون ڪرايون ويون ٿي ۽ ان بعد کيس رسيءَ جو ٽڪرو ڳهڻو پيو ٿي.
ماساتو هن ڌرم ”اوم“ ۾ 1986ع ۾ شامل ٿيو، ان وقت هو ڪاليج ۾ تعليم وٺي رهيو هو. ”آئون اساهارا جي تصوير ڏسي هن مان ڏاڍو متاثر ٿيس جو هن کي وڏي ڏاڙهي هئي ۽ سندس چهري تي پدرانه شفقت هئي. هو اسان جپانين کان بلڪل مختلف لڳو ٿي.“
ٽن سالن بعد جڏهن هو ٽوڪيو جي واسيدا يونيورسٽيءَ ۾ Law ڪري رهيو هو ته هڪ ڏينهن پنهنجي ماءُ کي روئندو ڇڏي ڪاليج مان نڪري اوم ڌرم جي ڪمپائونڊ ۾ پهچي ويو. هن لاءِ هاڻ نئين فئملي اوم ڌرم جا چيلا هئا، جن سان گڏ هو رهڻ لڳو.
”اوم ڌرم جي ڪمپائونڊ ۾ رهڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي. جيتوڻيڪ پاڻ گرو لڪي لڪي پيالا ڀري مال کائيندو هو، پر اسان لاءِ سڄي ڏينهن ۾ هڪ ويلو کائڻ ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ لاءِ هو. گروءَ اسان چيلن کي شادي يا سيڪس کان منع ڪئي ٿي، پر پاڻ هر جوان ۽ سهڻي ڇوڪريءَ سان دل وندرائي ٿي. ان جي جواب ۾ هن هميشه اهو چيو ٿي ته ائين ڪرڻ سان سندس نون چيلن جي اندر روحانيت ۽ روشنيءَ جو اثر جلد پهچي ٿو.
ماساتو ٻڌايو ته هن ڌرم کي اختيار ڪرڻ وارن نون چيلن کي هڪ خاص چانهه پياري وئي ٿي، جيڪا گرم پاڻيءَ ۾ پنهنجي وارن جون چڳون وجهي ٺاهي وئي ٿي.
”مون کي ڇهه مهينا هڪ ننڍڙي ڪوٺي، هڪ ميٽر باءِ ٻه ميٽر ۾ رکيو ويو ته سڄو ڏينهن گروءَ جون نصيحتون ورجايان ۽ سوچ ويچار ڪريان. سڄي ڏينهن ۾ هڪ دفعو کاڌو در اڳيان رکيو ويندو هو ۽ فارغ ٿيڻ لاءِ هڪ لوهي دٻو مليل هو. ڇهه مهينا وهنجڻ جي به موڪل نه هئي. باغي چيلن کي مارڪٽ ڪري سڌو ڪيو ويو ٿي. ان بعد به نه سڌرڻ تي هنن جي ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌي گهٽيو ويو ٿي ۽ ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو موجود نه هوندو هو.“
”اسان تي سڀ کان وڏو ظلم Mediation جي نالي تي ڪيو ويندو هو.“ ماساتو ٻڌايو. ”هن ۾ سڄو مهينو پٿل ماري هڪ هنڌ ويهڻو پيو ٿي. چوويهه ڪلاڪن ۾ هڪ منٽ به سمهڻ جي اجازت نه هوندي هئي. مون ٻڌو آهي ته هفتو کن نه سمهڻ سان ماڻهو مري سگهي ٿو، پر آئون شايد ويٺي ويٺي ٿوري گهڻي ننڊ ڪرڻ ڪري بچي ويس. آخري وقت تي ٽنگن ۾ ايڏو سور ٿو ٿئي جو هر هڪ ڀڄڻ جي ڪري ٿو ۽ ان جي سزا اساهارا پاڻ چَهن سان ڏني ٿي. اڄ به انهن چهن جي مار جا ڦٽ منهنجي جسم تي موجود آهن.“
’ماساتو‘ کي جڏهن پوليس پنهنجي قبضي مان ڇڏيو ته هن جا ماءُ پيءُ ساڻس ملڻ لاءِ آيا. هو گهر ڇڏي وڃڻ بعد پهريون دفعو هنن سان مليو. ”هنن منهنجي جهلجڻ ۽ آزاديءَ جي خبر ٽي ويءَ تي ٻڌي.“ ان بعد ماساتو ٻن مهينن بعد هن تخريبي ڌرم کان جدا ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ”آئون وري ڪڏهن به ان ڌرم جو چيلو نه ٿيندس. مون کي هن ڌرم ۽ ان جي گروءَ جي اصليت جي هاڻ خبر پيئي آهي. ڪيترا ماڻهو پنهنجي ماضيءَ جون بيوقوفيون ۽ غلطيون لڪائيندا آهن، پر آئون هرهڪ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئون ڪيڏو بيوقوف آهيان جو پنهنجي نوڪري، پنهنجو مال ملڪيت، پنهنجا مٽ مائٽ ڇڏي هڪ اهڙي گروءَ جي پويان لڳس، جيڪو انسان نه پر وحشي هو ۽ جيڪو اڃا به اهو سمجهي ٿو ته هن جيڪو ڪيو اهو صحيح ڪيو.“
ياد رهي ته هن اوم مذهب جي گروءَ اساهارا کي ماڻهن جي مرڻ جو ڪو افسوس ناهي. هو اهوئي چوي ٿو ته هو جيڪا خونريزي ڪري ٿو، اها هڪ نيڪ ڪم جو حصو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان هو مئلن جا روح هڪدم جنت ۾ پهچايو ڇڏي.
ماساتو جهڙا سوين چيلا هن وقت به ان ڪمپائونڊ ۾ رهيل آهن، جيڪو هن ڌرم جو مرڪز آهي. هو اهو ئي سمجهن ٿا ته سندن گرو اٻوجهه آهي ۽ هن تي ڪوڙا الزام هڻي ڦاسايو ويو آهي. ڪجهه چيلا ڪمپائونڊ ڇڏي پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر موٽي ويا آهن يا مختلف شهرن جا مندر وڃي وسايا اٿن ۽ ڪجهه ته اندر جي روشني ماڻڻ لاءِ انڊيا روانا ٿي ويا آهن. ڪي ته گهٽين ۾ ئي رلندا رهن ٿا. هو Homeless ماڻهو بڻجي ويا آهن.
ماساتو پنهنجو پاڻ کي اڃا Set ڪري نه سگهيو آهي. هو ان ئي سوچ ۾ آهي ته هن کي ڇا ڪرڻ کپي ۽ نه وري ڪا کيس نوڪري ملي ٿي. ”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مون کي ڇا ڪرڻ کپي.“ ماساتو چيو، ”شايد مون کي ٻڌ ڌرم جي صحيح ڄاڻ معلوم ڪرڻ لاءِ تبت وڃڻو پوي.“
بهرحال ماساتو جي مٿين ڪهاڻي سنڌ جي رهاڪوءَ لاءِ ضرور دلچسپ ثابت ٿيندي ته هن سائنس جي دور ۾ ۽ جپان جهڙي ماڊرن ۽ تعليم يافته ملڪ ۾ به ان قسم جي ٺڳين جا ٺاهه پڻ ٿين ٿا ۽ اها ڪهاڻي نه فقط هڪ ڄڻي ’ماساتو‘ جي آهي، پر ان قسم جون يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڪهاڻيون ٻين به هزارين جپانين جون آهن، جيڪي نه فقط هتي جي ٽي وي، ريڊيو ۽ اخبارن رسالن ۾ اينديون رهن ٿيون، بلڪ دنيا جي ٻين ملڪن جي اخبارن ۾ پڻ اچن ٿيون. مٿين ڪهاڻي به مون کي نه فقط هتي اچي تفصيل سان معلوم ٿي، پر هانگ ڪانگ جي رسالي ۾ پڻ پڙهي هئم، جنهن ۾ تصويرون پڻ ڇپيون هيون.

موٽي ماڳ اچڻ

موٽي ماڳ اچڻ

جپان ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ خط پٽ يا سامان سَڙهو موڪلڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. پوسٽ آفيسون بيحد ايماندار آهن ۽ مالڪ کي جلد از جلد سامان پهچايو ڇڏين. خط پَٽَ کان وٺي ڪا سوکڙي سوغات، هتي جي پوسٽ ذريعي، نه فقط اندروني ملڪ ۾ پر ولايت ۾ به موڪلي سگهجي ٿي. بس اهو آهي ته اها شيءِ وزن ۾ ويهه ڪلو کان گهٽ هجي ۽ پوسٽ طرفان مقرر ٿيل سائيز جي دٻي ۾ سمائجي اچي. جپان جي هر پوسٽ آفيس ۾ چئن ماپن جا خالي دٻا ٽنگيل نظر ايندا. سڀ کان وڏو دٻو ويهه ڪلو بار وجهڻ لاءِ هوندو آهي، ان کانپوءِ ڏهه ڪلو وارو، پوءِ پنجن وارو ۽ سڀ کان ننڍو پنج ڪلو کان گهٽ سامان لاءِ.
جپان ۾ رهائش دوران مون وٽ ڪافي ڪتاب گڏ ٿي ويا. مون انهن مان ڪجهه ڪتاب ۽ ٻيو سامان پاڪستان موڪلڻ چاهيو ٿي. هڪ ننڍي بئگ ۾ سامان وجهي پوسٽ آفيس پهتس ۽ انهن کان ويهه ڪلو سامان کڻڻ وارو وڏي ۾ وڏو دٻو وٺي، آندل سامان ان ۾ وڌم. دٻي سان گڏ ٻه انچ ويڪري اسڪاچ ٽيپ به ملي، جنهن سان دٻي کي بند ڪيم. ان بعد ان مٿان ربن ٽائيپ ٽيپ ٻڌم، جيڪو رڳو ٽائيٽ ٿي سگهي ٿو. کولڻ لاءِ ڇري يا قئنچيءَ سان ڪٽبو آهي. هي اهو پئڪنگ ٽيپ آهي جيڪو ڪپڙي يا ڪپهه جي پريس ٿيل ڳٺڙيءَ جي چوڌاري ٻڌو وڃي ٿو. هي ٽيپ پڻ پوسٽ آفيس وارا ڏين. ان بعد سندن ڏنل پني تي پنهنجي ائڊريس يعني فرام (From) ۽ مالڪ جي (To) لکي، پوسٽ آفيس جي ڪلارڪ کي ڏنم، جنهن تور ڪري تور مطابق پئسا چارج ڪيا ۽ رسيد ڏني.
ٻاهران ڪنهن ملڪ کان جپان ۾ سامان گهرائڻ لاءِ، پوسٽ آفيس جو اهو هڪ چڪر به نٿو لڳائڻو پوي. جيڪا ائڊريس آهي ان تي پوسٽ آفيس وارا گهر تي پهچايو وڃن.
پوسٽ آفيس کان علاوه جپان ۾ سامان، خاص ڪري ڳرو سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ، ڪجهه ڪمپنيون آهن جيڪي جپاني زبان ۾ تاڪيوبن (Takkyubin) سڏجن ٿيون. انهن جون آفيسون شهر ۾ هجڻ کان علاوه هر وڏي ننڍي ايئرپورٽ، ريلوي اسٽيشن ۽ هر شهر جي بس اسٽاپ تي آهن. آئون ڪراچيءَ کان دبئي ۽ پوءِ ٻئي جهاز ۾ دبئي کان اوساڪا پهتس ته اتي جهاز ۾ ڪراچي وارو رکيل سامان ڏنو ويو، جيڪو ڪسٽمس کان ڪليئر ڪرائي مون کي اڳتي جي سفر لاءِ، ڊوميسٽڪ (مڪاني) اُڏام ذريعي اوساڪا کان فڪوئوڪا شهر وڃڻو هو، جتان پوءِ بس ۾ ڪوڪورا شهر ۾ پهچڻو هو جتي منهنجي ڌيءَ رهي ٿي. ڪوڪورا شهر فڪوئوڪا شهر کان سئو کن ڪلوميٽر پري آهي.
اوساڪا ايئرپورٽ تي جيئن سامان مليو ۽ ڪسٽمس مان ڪليئر ڪرايم ته سامهون انهن ”تاڪيوبن“ وارن جون ٻه آفيسون نظر آيون. هڪ جو پيليڪان نالو هو ۽ ٻيءَ جو IAS، جنهن وٽ سامان جي ٽرالي کڻي آيس ۽ سڀ بئگون ۽ ڪوڪورا شهر جي ائڊريس ڏئي رسيد ورتم ۽ پوءِ اتان هٿين خالي هوائي جهاز رستي فڪوئوڪا پهتس. فڪوئوڪا کان بس ۾ چڙهي ڪوڪورا گهر پهتس. ٻئي ڏينهن واعدي مطابق تاڪيوبن ڪمپنيءَ جو ماڻهو گهر اچي بئگون ڏئي رسيد واپس وٺي ويو. هن هڪ بئگ جي پهچاڻي هڪ هزار يين (يعني پنج سئو روپيا) ورتا، جيڪي هونءَ کڻي گهڻا سمجهجن پر جپان جي حساب سان گهٽ آهن، جتي هڪ ڇانهينءَ جي قيمت هڪ هزار يين کان ٻارهن سئو يين آهي. جتي پورن ڏهن ڀينڍين جي قيمت ٻه سئو يين ۽ ٽن پتائي گجرن جي قيمت به ٻه سئو يين آهي. Slices واري ڊبل روٽيءَ جي قيمت ڏيڍ سئو يين آهي-ـــ اتي هي سامان ڍوئڻ، پهچائڻ ۽ رکڻ جون تاڪيوبن ڪمپنيون هڪ مسافر لاءِ وڏي سهولت آهن-ــ نه ته اهي بئگون مون کي بس ۾ چاڙهڻ لاءِ تڪليف هڪ طرف ٿئي ها ۽ وڌيڪ ڀاڙو ٻئي طرف ڏيڻو پوي ها جيڪو ڀاڙو ان کان تمام گهڻو اچي ها.
واپسيءَ تيجپان ڇڏڻ وقت Pelikan نالي تاڪيوبن ڪمپنيءَ کي ڪوڪورا فون ڪري گهر گهرايم ۽ ٻه ڏينهن اڳ سامان سندن حوالي ڪري کين ٻڌايم ته مون کي ٻن ڏينهن بعد فلاڻي فلائيٽ تي اوساڪا ۾ ڏنو وڃي ۽ پوءِ آئون هٿين خالي ڪوڪورا کان فڪوئوڪا بس ذريعي پهتس. ان بعد فڪوئوڪا ايئرپورٽ تي آيس، جتان ٽي بجي منجهند واري جپان ايئر لائينز جي اڏام ۾ ٻن ڪلاڪن بعد اوساڪا پهتس. فڪوئوڪا کان اوساڪا ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان لاهور.
پنجين بجي ڌاري اوساڪا جي ڪنسائي ايئرپورٽ جي ٻئي فلور تي هوائي جهاز لاٿو. جهاز مان لهڻ سان مون پنهنجي سامان جي پڇا ڪئي ته هيڏي وڏي ايئرپورٽ تي تاڪيوبن وارن جي آفيس ڪٿي آهي ۽ آيا منهنجو سامان ڪوڪورا کان هتي پهچي چڪو آهي يا اڃا رستي ۾ آهي. منهنجي ٻي فلائيٽ اوساڪا کان دبئي ۾ اڃا ست ڪلاڪ هئا پر مون کي سامان جو فڪر هو ڇو جو جيڪو جپاني همراهه کڻڻ آيو هو ان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، بلڪه مون کي نه پئي آئي ته اوساڪا ايئرپورٽ تي سامان سندن ڪمپنيءَ کان نه پر هڪ ٻي ڪمپنيءَ کان ڇو وٺان ۽ هاڻ اوساڪا جي ڪنسائي ايئرپورٽ تي پهچي مون ان جي پڪ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ٻي صورت ۾ اوساڪا شهر ۾ ان ڪمپني Pelican جي آفيس ۾ فون ڪرڻ چاهيو ٿي.
تاڪيوبن ڪمپنيءَ جو ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ هڪ همراهه کان پڇيم. هن ٻڌايو ته اها چوٿين فلور تي آهي. لفٽ ذريعي اتي پهتس. چوڌاري مختلف ايئر ڪمپنين جا ڪائونٽر هئا. هڪ تان معلوم ڪيم ته اتي ويٺل همراهه هٿ جي اشاري سان ٻڌايو ته پٺيان بلڪل سامهون آهي جتي هي ڪاريدار وڃيو ٿو ختم ٿئي. ويجهو پهچڻ تي ان ڪمپنيءَ جو نالو چٽيءَ طرح نظر آيو ۽ ٿورو وڌيڪ ويجهو ٿيس ته منهنجون ٽئي بئگون هڪ ٽراليءَ تي، آفيس جي در ٻاهران ئي نظر اچي ويون.
”هي منهنجو سامان آهي.“ مون کين رسيدون ڏنيون. رسيدون وٺندڙ همراهه رسيدن تي نمبر ڏسي مون کي منهنجي سامان ڏي اشارو ڪري ”دوزو“ چيو- يعني ڀلي کڻ- يا جنهن لاءِ انگريزيءَ ۾ چئجي “You are welcome, sir”
”توهان جي آفيس ڪيڏي مهل بند ٿيندي؟“ مون پڇيو.
”ساڍي ڏهين بجي.“
”پوءِ ڀلا منهنجو سامان ڏهين سوا ڏهين تائين توهان وٽ پيو هجي جو اڃا ساڍا پنج ٿيا آهن. منهنجي فلائيٽ رات جو ٻارهين بجي ڌاري آهي.“
”ڀلي. توهان جي مرضي.“ هن چيو. ”توهان ڀلي هٿين خالي چڪر هڻو.“
ان بعد مون اتان ئي معلوم ڪيو ته بين الاقوامي اڏامن (International Flights) جو ڊپارچر ڪٿان ٿو ٿئي. معلو م ٿيو ته اهو اتان ئي چوٿين فلور تان ٿئي ٿو، جيڪو مختلف حصن ۾ ورهايل هو. مون کي Emirates وارن جي جهاز ۾ وڃڻو هو جن جو ڪائونٽر جپان ايئر لائينز سان گڏ “G” حصي ۾ هو. اتي پهچي انهن کان دبئي فلائيٽ جي پڪ ڪيم جو جپان ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان لڳندڙ Typhoon ڪري ڪيترين ئي اُڏامن جا وقت بدلجي رهيا هئا يا ڪئنسل ٿي رهيا هئا.
”دبئي واري اُڏام پنهنجي مقرر وقت تي ويندي. چيڪ ان (Check- In) لاءِ ڪلاڪ کن اڳ اچي وڃجو.“
”مهرباني“ چئي آئون سُڪون محسوس ڪرڻ لڳس جو هاڻ آئون Safe حالتن ۾ هوس ۽ بقول اسان جي هالا جي شاعر ۽ تعليمي ماهر حميد شهيد جي پاڻ کي ”رٽائرڊ بٽ ناٽ ٽائرڊ“ محسوس ڪرڻ لڳس. هيڏي وڏي ايئرپورٽ تي- بقول ڪئپٽن رشيد ابڙو جي، ”اوساڪا جو هي نئون هوائي اڏو Kansai Air Port ته ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ کان به وڏو ۽ پيچيده آهي، جنهن جي اڳيان دبئي ۽ ملائيشيا جو ايئرپورٽ به ڄڻ ڪارڊ تي لڳل ٽڪليءَ برابر آهي.“ سو هاڻ هيڏي وڏي ايئرپورٽ تي منهنجو سامان به اتي ئي پيو آهي جتي آئون بيٺو آهيان ۽ اتان ئي مون کي جهاز ۾ چڙهڻو آهي، سو وڌيڪ جوابداري يا پورهئي کان ڄڻ ته رٽائرڊ رهيس پر هاڻ ايئرپورٽ تي هوا خوري ڪرڻ لاءِ ٽائرڊ (ٿڪل) به نه هوس. چوڌاري ڪيترائي دڪان، بئنڪون ۽ هوٽلون هيون. مسافرن جي ويهڻ لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي ٽيبل ڪرسيون ۽ صوفا سيٽ رکيل هئا. انٽرنيٽ ۽ ٽيليفون بوٿ جتي ڪٿي هئا.
ٽيليفون جو ڪارڊ ڪڍي هڪ ويجهي فون تان جپان ۾ رهندڙ ڪيترن ئي ڄاڻن، سڃاڻن، واقفڪار دوستن کي آخري دفعو سايونارا ڪندو رهيس، جيسين ڪارڊ جا سڀ يونٽ خرچ ٿي زيرو تي وڃي پهتا. ان بعد ڪجهه واڪ ڪيم، چانهه پيتم، ڪجهه دير ڪنڊ ۾ رکيل صوفا تي ڊگهو ٿي سمهي به رهيس. اسپيڪرن تان رکي رکي مختلف ملڪن جي اڏامن جو اعلان ٿي رهيو هو. ڪڏهن ڪنهن مسافر سان ته ڪڏهن ڪنهن مسافر سان هيلو هيلو ڪري خبرچار به ڪندو رهيس. اوساڪا جي هن ايئرپورٽ تي آئون سڀ کان گهڻو وقت انتظار ڪرڻ وارو مسافر جو ٿيس! ڪجهه اهڙو گئپ به اچي ويو ٿي جو سڀ مسافر روانا ٿي ويا ٿي، باقي چند بچيل پئسينجرن کان ته هتي جي ايئرپورٽ سيڪيورٽي جي پوليس وڌيڪ لڳي ٿي. هڪ اهڙي پوليس آفيسرياڻي منهنجي صوفا جي اڳيان لنگهي ته مون هن کي هٿ جي اشاري سان سڏي خبرچار پڇي ۽ تصوير ڪڍيمانس.
”توهان جو ملڪ جپان ايترو باحفاظت آهي ۽ لا ائنڊ آرڊر جي صورت اهڙي سخت آهي جو شهر ۾ ڪو ورلي پوليس وارو (يا واري) نظر اچي ٿو. هاڻ آخري وقت تي تنهنجي ئي تصوير ڪڍي وڃان.“ مون چيومانس.
پوري ڏهين بجي پنهنجو سامانُ ”تاڪيوبن“ سروس ڪائونٽر تان کڻي پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ جي ڪائونٽر تي جمع ڪرايم ۽ جهاز ۾ چڙهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ ورتم. قطار ۾ منهنجي اڳيان فقط ٽي مصري جوان هئا. هو 25 کان 30 ورهين جا ٿيندا.
”هتي جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد آهيو؟ نوڪري ڪريو ٿا هتي؟ بزنيس لاءِ آيا آهيو؟ گهمڻ لاءِ آيا آهيو جپان ۾؟ انگريزي نٿي اچانوَ؟ جپاني به نٿي اچانو؟“
آئون ساڻن خبرچار ڪرڻ جي موڊ ۾ هوس، پر کين سواءِ عربيءَ جي ٻي ڪا زبان نه پئي آئي. خبر ناهي ڪيئن پيا هتي گذارو ڪن. انگريزي ته گهر کان نڪرندڙ هر شخص کي اچي ٿي ۽ هي هتي رهڻ جي باوجود جپاني نه سکي سگهيا آهن! بس هو خوش هئا ۽ ڏاڍو خوش ته پنهنجي وطن مصر (شايد موڪلن ۾) وڃي رهيا آهن. سوال پڇي پڇي مٿي ۾ سور پئجي ويو، نيٺ مون سندن معلومات وٺڻ جي پچر ئي ڇڏي ڏني. ساڻن ڳالهائڻ ۾ ڪائونٽر تي ويٺل ان جپاني ڇوڪريءَ کي به مغز ماري ڪرڻي پيئي، جيڪا اسان مسافرن کان سامان وٺي رهي هئي، پر هن سندن پچر نه ڇڏي. هوءَ صاف انگريزيءَ ۾ کين چوندي رهي ته سامان گهڻو اٿانوَ، وڌيڪ وزن جا پئسا پهرين ڏيو ته پوءِ بورڊنگ ڪارڊ ڏيانوَ- آخر هوءَ پنهنجي ضد ۾ ڪامياب وئي ۽ مصرين 20 ڪلو سامان کان وڌيڪ سامان کڻڻ جا پئسا ڀري ڏنا.
بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪري سامهون وارن دروازن مان اندر روانا ٿياسين، جتي اميگريشن جو حساب ڪتاب صاف ٿيو، يعني ملڪ ۾ اچڻ وقت جيڪو ٺپو لڳو هو ۽ نالو ڪمپيوٽر ۾ اچي ويو هو، هاڻ ڪئنسل ٿي ويو، يعني آيل مسافر جپان مان نڪتو- ويزا ختم ٿيڻ بعد جپاني پوليس کيس ڳولڻ جي تڪليف نه ڪري ۽ هاڻ پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو لڳو- يعني هاڻ جپان واپس ورڻ جي ڪا واٽ نه آهي، اڳيان جهاز ۾ چڙهي جتان جو مسافر هجي اوڏانهن هليو وڃي. هڪ دفعو مون وري مڙي ڏٺو. پري پري تائين هن ايئرپورٽ جون هوٽلون ۽ دڪان نظر اچي رهيا هئا. هاڻ منهنجو اوڏنهن وري وڃڻ ناممڪن ڳالهه هئي. جن رستن ۽ گهٽين ۾ مون گذريل ٽي چار مهينا گذاريا، اوڏانهن وري وڃڻ جو نالو نٿو وٺي سگهيس- آئون ٿيلهو ۽ ڪئميرا ڪلهي تي لڙڪائي پٺيان نهارڻ بدران اڳيان وڌان ٿو. سامهون بيٺل بنا ڊرائيور جي ڪمپيوٽرائيزڊ اليڪٽرڪ ٽرام ۾ اچي ويهان ٿو. مون سان گڏ ساڳي اُڏام جا ڪجهه ٻيا مسافر به ان ۾ چڙهن ٿا. هن ٽرام اسان کي ايئرپورٽ جي مين بلڊنگ مان کڻي رن وي جي ويجهو ٺهيل انتظار گاهه ۾ اچي ڇڏيو. اسان کي گيٽ نمبر 73 مان هوائي جهاز ۾ چڙهڻو هو، جتي اڳهين ڪجهه مسافر، دبئي وڃڻ واري اُڏام جو انتظار ڪري رهيا هئا. هي مسافر ڏکڻ ڪوريا جي هڪ شهر ’انچان‘ کان هتي ڪلاڪ کن اڳ پهتا هئا ۽ ٽرانزٽ پئسينجر هئا. انهن مان هڪ جيڪو مهانڊي ۾ عرب لڳو ٿي، درين واري پاسي جتان اسان کي دبئي کڻي ويندڙ جهاز نظر اچي رهيو هو، منهن ڪري نماز پڙهي رهيو هو. پٽ تي اڇي رنگ جو ٽوال يا رومال وڇايو هئائين.
”شاباس هجيس. وڏي دل وارو آهي.“ مون دل ئي دل ۾ هن جي تعريف ڪئي. شام کان آئون واندو ويٺو هوس پر مون کي همت نه پئي ٿي ته کڻي نماز پڙهان. مون کي هڪ بيڪار ۽ بي سبب خوف دماغ ۾ هو ته جي نماز لاءِ بيهندس ته هتي جا ماڻهو شايد اهو سوچين ته هي ڇا پيو ڪري، ڏسڻ لاءِ چوڌاري ميڙ ڪري بيهن! ۽ هاڻ هي خدا جو بندو ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ بنا بيٺو نماز پڙهي. آئون انهن ئي پيرن سان سامهون واش روم ۾ وضوءَ لاءِ هليو ويس. موٽيس ته هن نماز پڙهي بس ڪئي هئي. مون کيس سندس ڪپڙو کڻڻ کان جهليو جيئن آئون ان تي سومهڻي نماز پڙهي سگهان. سندس ڪپڙو جيڪو ٽوال نه پر گنجي هئي موٽائيندي وقت مهرباني (جزاڪ الله) چيومانس. هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ڇهه ست مسافر گڏ ٿي چڪا هئا، جيڪي سڀ جپاني هئا. هو اسان کي غور سان ڏسندا رهيا، هنن ڪابه اهڙي Look نه ڏني، جيڪا اسان کي، خاص ڪري مون کي، عجيب لڳي. هتي جا ماڻهو هاڻ اسان جي مذهب بابت سمجهي ويا آهن. هو پاڻ مسلمان ملڪن ۾، توڙي پنهنجي ملڪ جي جپاني ٽي ويءَ تي مسلمانن کي نماز پڙهندو ۽ حج ڪندو ڏسندا رهن ٿا. بلڪ هن ڀيري مون کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته جپاني ٽي ويءَ تان روزانو اڌ ڪلاڪ جپاني زبان ۾ عربي سيکاري وڃي ٿي. عربي سيکارڻ وارو عرب هجڻ بدران جپاني رکيو ويو آهي ۽ ڇا جپاني ٿي ڪري سندس عربي آهي. هن پروگرام ذريعي جپانين کي عربيءَ جا لفظ صحيح طرح اچارڻ ۽ سٺي صورتخطيءَ ۾ عربي لکڻ سيکاري وڃي ٿي.
ٿوري دير بعد هي عرب جيڪو 35 سالن جو ٿيندو، پنهنجو سامان کڻي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو.
”ڪٿي جا آهيو؟ دبئيءَ جا؟.“ مون انگريزيءَ ۾ پڇيومانس.
”نه. دبئيءَ جو نه آهيان. شام (Syria) جو آهيان.“ هن وراڻيو. سندس انگريزي تمام ڪمزور هئي- بلڪ جهڙي تهڙي گذاري لائق هئي، پر مڙيئي واندا هئاسين سو ويٺي مٿو هنيوسين، جيسين جهاز ۾ ويهڻ لاءِ اعلان ٿئي. عربي مون کي ڪانه ٿي آئي. هڪ هنڌ ته بيزار ٿي پڇيومانس ته ڀلا جپاني اچنئي؟“
”نه“ هن وراڻيو.
”ڀلا ٿوري ٿوري ته ايندي هوندءِ؟“ مون انگريزيءَ ۾ چئي وري جپانيءَ ۾ ورجايو:
”نهان گو سَڪوشي وَڪاري ماسڪا؟“
”نه. ڪورين اچي ٿي.“ هن جواب ڏنو ۽ مون حيرت مان پڪ ڪرڻ لاءِ ورجايو ”ڪورين؟“
”جي ها ڪورين.“ هن جواب ڏنو ۽ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته هن علائقي جي ملڪن جي زبان سکڻي ئي هجي ته جپاني سکجي، جيڪا سولي به آهي ۽ سندس مانُ به آهي، پر هي عرب حضرت خبر ناهي ڪهڙي خيال کان جپان ۾ رهي ڪورين پيو ڳالهائي، جڏهن ته هتي رهندڙ ڪورين ماڻهو مڪاني جپاني ماڻهن سان ته ڇا پنهنجو پاڻ ۾ به جپاني پيا ڳالهائين.
”ڀلا هتي جپان ۾ خير ۾ اچڻ ٿيو آهي- گهمڻ خاطر يا نوڪريءَ لاءِ؟“
”دراصل آئون جپان نه آيو آهيان.“ هن ٻڌايو. سندس نالو بشير شربتي هو. ”آئون ڪوريا کان پيو اچان ۽ هتان اوساڪا مان ٻيو جهاز دبئي لاءِ وٺڻو اٿم، جتان پوءِ پنهنجي ڳوٺ دمشق هليو ويندس.“
بشير ٻڌايو ته هو گاڏين جي انجڻين جو بزنيس ڪري ٿو. هو پاڻ ۽ سندس ڀاءُ واري وٽي تي، سال ۾ چار پنج دفعا ڪوريا جي مختلف شهرن ۾ اچن، جتي هو ڪورين دوستن سان گڏ لارين، ڪارين ۽ ٽريڪٽرن جون پراڻيون انجڻيون وٺي هر دفعي ست اٺ ڪنٽينر ڀرائي پنهنجي ملڪ موڪلين.
”هڪ يا ٻن ڪنٽينرن مان فائدو نٿو ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه هئڻ ضروري آهن، جيئن خرچ پکو لاهڻ بعد ڪجهه بچت ٿي سگهي.“
”ڀلا ڪوريا ۾ هوٽل ۾ هڪ رات رهڻ جو ڪيترو خرچ آهي؟“ مون پڇيومانس.
”گهڻو ناهي. انچان، ۽ پوسان جهڙن شهرن جي هوٽل جي ڪمري جي مسواڙ ٽيهه کن آمريڪن ڊالر آهي. پر آئون مهينو ڏيڍ جيڪو ڪوريا ۾ رهان انهن مان چند ڏينهن هوٽل ۾ رهان، باقي ڏينهن مختلف شهرن ۾ انهن ڪورين جي گهرن ۾ رهان، جن سان بزنيس اٿم. ماني به اتي کاوان. گذريل ڏهن سالن کان پيو ڪوريا اچان وڃان.“
پاڻ ٻڌايائين ته سندس ڀاءُ جيڪو هن کان سال ٻه ننڍو آهي، ان کي ڪورين کان علاوه انگريزي به سٺي اچي ٿي ۽ ٿوري ٿوري جپاني به اچي ٿي.
”ڀلا جپان مان سيڪنڊ هئنڊ مشينري ۽ ڪارون ڇو نٿا پنهنجي ملڪ شام ڏي ايڪسپورٽ ڪريو؟“ مون پڇيومانس.
هن يڪدم پنهنجي شڪل چٻي ڪري پنهنجي هٿ کي هيٺان کان مٿي ڪيو. ”جپان ۾ ڏاڍي مهانگائي آهي-ـــ رهائش، کاڌو پيتو-ــ هر شيءِ ايڏي مهانگي آهي جو بچت جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. شروع جي ڏينهن ۾ منهنجو ڀاءُ جپان آيو، پر ڪابه شيءِ واري ۾ نه اچي سگهي. اسان لاءِ ڪوريا صحيح آهي.“
موڪلائڻ مهل هن پنهنجو بزنيس ڪارڊ ڏنو، جنهن جي هڪ پاسي سندس پار پتا عربيءَ ۾ لکيل هئا ته ٻئي طرف انگريزيءَ ۾. هن ڪارڊ تي سندس ۽ سندس ڀاءُ جي نالي (بشير ۽ احمد شرباتي) جي هيٺان Al-Sharabati Store لکيل آهي ۽ ان جي هيٺان Auto Used Spare Parts- Korean لکيل آهي ۽ ان جي هيٺان شام جي ائڊريس ۽ فون نمبر آهي.
جهاز ۾ چڙهڻ وقت مون سان گڏ ماريڪو (Mariko Masuko) نالي چاليهه سالن جي عمر جي عورت پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ ٻن پٽن (ڏهن ۽ ٻارهن سالن) سان گڏ هئي. هونءَ جپاني ٻئي سان فري نه ٿيندا آهن، پر هيءَ عورت خوش مزاج لڳي رهي هئي. اوساڪا ايئرپورٽ تي منهنجي نهارڻ تي هن مرڪي ’هيلو‘ ڪيو ته مون پڇيومانس ڪٿي جي آهين؟
”چيبا شهر جي.“ هن وراڻيو. چيبا ٽوڪيو جي ڀرسان آهي.
”۽ توهان جي ماءُ؟“
”اها اوساڪا جي آهي.“ ماريڪو وراڻيو.
”ڇا ڳالهه ڪجي هن اوساڪا جي!“ ۽ پوءِ مون پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جا اوساڪا جي مختلف علائقن ۾ گذاريل ڏينهن ياد ڪري ساڻس ان وقت جي ڪجهه اهم جاين جي ڳالهه ڪئي ۽ اچي جهاز ۾ ويٺاسين. جهاز ۾ به هڪ ئي قطار ۾ جاءِ ملي.
ماريڪو ٻڌايو ته هوءَ ٻارن کي گهمائڻ لاءِ تنزانيا (آفريڪا) وٺي پئي وڃي ۽ ڏهه ڏينهن کن اتي رهندي. مون چرچي ۾ چيومانس ته ”خيال سان رهجو.“ منهنجو مطلب اهو هو (يعني منهنجي دل ۾ جنهن وقت اها ڳالهه ڪيم) ته شينهن ۽ جانورن جو خيال هو، پر ماريڪو ان مان منهنجو مطلب ”لا ۽ آرڊر“ جو سمجهيو ۽ يڪدم وراڻيو: ”تنزانيا آفريڪا جو ملڪ آهي، پر ڌارين لاءِ بلڪل باسلامت آهي.“
”I Know آئون سمجهان ٿو. آئون دارالسلام ۽ زنجبار ۾ رهي چڪو آهيان.“ مون وراڻيومانس. جيتوڻيڪ سؤ سيڪڙو پڪ اٿم ته هن جو مطلب اهو نه هوندو، پر الائي ڇو جڏهن هن مٿين ڳالهه ڪئي ته مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ چئي رهي هجي ته آفريڪا ڪارن شيدين (ماضي قريب تائين جاهلن) جو ملڪ هوندي به باحفاظت آهي ۽ ”اسان جهڙا حساس ٽوئرسٽ به اوڏانهن وڃڻ پسند ڪن ٿا ۽ توهان پنج هزار سال پراڻي تهذيب ۽ صوفين ۽ سنتن جي ڌرتيءَ جو Claim ڪندي به خوفائتا آهيو، جتي ڪو ڌاريون گهمڻ لاءِ ايندي ڏهه دفعا سوچي ٿو.“
”ٻئي دفعي اسان وٽ پاڪستان اچجو.“ مون چيومانس.
”ضرور اينداسين ۽ توهان به اوساڪا ۽ چيبا پاسي اچو ته اسان وٽ ضرور اچجو.“
”آئون ضرور ايندس-ــ جيڪڏهن وري جپان آيس ته. بهرحال اِي ميل تي هڪ ٻئي سان ٽچ ۾ رهنداسين.“ اسان هڪ ٻئي سان ائڊريسون مٽائيندي چيو. سندن ان وقت ۽ پوءِ جهاز ۾ پڻ هڪ ٻه فوٽو يادگار خاطر ڪڍيم. اوساڪا کان دبئي تائين لڳاتار ڏهه ڪلاڪ اڏام ۾ ٻه ٽي دفعا خراب موسم ڪري ۽ جهاز جو Altitude يڪدم گهٽجڻ ۽ وڌجڻ ڪري ڪَنن ۾ تاڙيون چڙهي ويون ٿي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان فلائيٽ ۾ اهي تاڙيون اهڙي قسم جون زبردست چڙهيون ٿي جو نڪ بند ڪرڻ يا ڳت ڏيڻ سان منهنجا به ڪن يڪدم نٿي کليا. ماريڪو جي وڏي پٽ کي شايد اهو پهريون تجربو ٿي رهيو هو. هن کي شايد گهڻي تڪليف ٿي رهي هئي يا نفسياتي طرح ڊڄي رهيو هو، جو هن هر دفعي اهڙي موقعي تي ايڏيون ته رڙيون ڪيون ٿي جو هن جي ماءُ ۽ ناني هڪ طرف پريشان ٿي ويون ٿي ته جهاز جا مسافر ۽ ايئرهوسٽسون ٻئي طرف. هن کي ماءُ ۽ جپاني ڳالهائيندڙ ايئرهوسٽس گهڻو ئي ڳراٽڙيون پائي سمجهايو ته آڱر ۽ آڱوٺي سان نڪ کي بند ڪري، زور سان ڳت ڏي ته ڪَن کلي پون، پر هو ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. روئڻ سان گڏ لتون به هڻندو رهيو. هن جي ان Symptoms ڪري ماريڪو (هن جي ماءُ) سخت پريشان ۽ گهٻرايل لڳي رهي هئي. هڪ وقت ڳالهين ڪندي اهو به چيائين ته ”وس پڄي ته دبئي مان تنزانيا لاءِ يڪدم ٻي فلائيٽ وٺڻ بدران ڏينهن ٻه دبئي ۾ ترسي پوءِ اڳتي جو سفر تنزانيا ڏي ڪريان.“ ان پريشانيءَ ۾ هنن نه رات جي ماني کاڌي ۽ نه صبح جو مليل نيرن.
هونءَ جهاز جو پائليٽ تمام سٺو لڳو ٿي. جهاز کي خراب موسم کان ڪافي بچائيندو هليو، جنهن ڪري هن کي پهرين جي مقرر ڪيل روٽ کان ٿورو گهڻو Deviate به ڪرڻو پيو ٿي. ايتريقدر جو پهرين جپان مٿان وٺي هانگ ڪانگ ۽ شنگهائي (چين) ٽپائي، لاهور مٿان ٿيندو دبئي هلڻو هوس، پر پوءِ شايد موسم جي خراب ملڻ ڪري يا خبر ناهي ڪن ٻين سببن ڪري، هو منڊالي (برما)، چٽگانگ (بنگلاديش)، ڪلڪتي، ۽ احمدآباد بڙودا جي ويجهڙائيءَ کان ٿيندو گلف ۽ ڪڇ وٽ پهتو ۽ پوءِ باقي سمنڊ مٿان اُڏامي دبئيءَ اچي لاٿو. سفر جي اها سڄي ڪارروائي اڄڪلهه گهڻو ڪري هر جهاز تي GPS (گلوبل پوزيشنگ سسٽم) ذريعي ٽي وي جي اسڪرين تي مسافرن جي ڄاڻ لاءِايندي رهي ٿي.
اوساڪا ايئرپورٽ تي جنهن وقت ”شام“ ملڪ جو بزنيس مئن بشير شربتي نماز پڙهي رهيو هو ته ويٺل چند مسافر مان ٻئي ڪنهن ته هن ڏي خاص ڌيان نه ڌريو، پر هڪ مسافر جيڪو قد ۾ ڊگهو هو- يعني جپاني نٿي لڳو، اهو پورو وقت هن کي گهوري ڏسندو رهيو. بشير بعد وري جڏهن مون نماز شروع ڪئي ته هر دفعي سلام ورائڻ مهل منهنجيون اکيون هن ڏي هلي ويون ٿي ۽ ڏٺم ته هو هاڻ مون کي ڏسي رهيو هو. ٿي سگهي ٿو ڪو ايجنٽ هجي. ڪو آمريڪن يا اهڙي مغربي ملڪ جو هجي جنهن کي مسلمانن جي ايڏي آزادي ۽ جرئت تي اعتراض هجي. مون سوچيو هو.
جهاز ۾ چڙهڻ وقت هي همراهه منهنجي بلڪل ڀرواري سيٽ تي اچي ويٺو. منهنجو سيٽ نمبر 28F هو ۽ هن جو 28Gهو. مون ڏٺو ته هنِ پاڻ ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو. پاڻ جپاني به سٺي ڳالهائي رهيو هو.
”منهنجو نالو منفريد (Manfred Huget) آهي ۽ آئون ٽيهه سال جپان ۾ رهيو آهيان.“ هن چيو ۽ ٻڌايائين ته هو جرمن آهي. سندس پيءُ جپان ۾ رهي ٿو، ان ڪري هو ننڍي هوندي کان وٺي هن وٽ ڪوبي شهر ۾ رهيو. تعليم به ڪوبي جي انگريزي اسڪول ۽ يونيورسٽيءَ مان ورتائين ۽ هاڻ هو جرمني ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ اتي ئي رهي ٿو. اٽڪل ٽن سالن بعد هو پيءُ وٽ ڪوبي (جپان) گهمڻ ويو هو ۽ هاڻ جرمني موٽي رهيو آهي.
”توهان جو والد ڪوبي ۾ ڇا ڪري؟“ مون پڇيومانس.
”هو ڪرسچن مشنري آهي.“ هن ٻڌايو. يعني سندس پيءُ عيسائيت جي پرچار ڪري ٿو ۽ ڪوبي شهر جي ڪنهن عيسائي ڪليسا گهر (Chruch) سان واسطو اٿس. منفريد پاڻ بيحد اخلاق ۽ نيازيءَ سان نه صرف ڳالهائي رهيو هو، پر منهنجي ۽ ٻين ڀروارن مسافرن جي، خاص ڪري ماريڪو وارن (جپاني فئملي) جي به مدد ڪندو رهيو ۽ سفر جي سڄي رات نه ستو. وچ ۾ مون کي سردي محسوس ٿي ته يڪدم پنهنجو بلينڪيٽ مون کي ڏئي پاڻ ٿيلهي مان پنهنجو سئيٽر ڪڍي پاتائين. ٻه دفعا کن پنهنجي لاءِ ڪِچن مان ڪافي کڻڻ ويو ته مون لاءِ به کڻي آيو. دبئي جي ويجهو ٿياسين ته هڪ مسافر چيس ته You are too good... مون به ان جي تائيد ڪئي ۽ کلي چيومانس ته منفريد! دل ۾ نه ڪرين ته چوانءِ ته يورپي ته هونءَ پاڻ کي سمجهن ٿا ۽ جرمن ماڻهن جو مٿو ته اڃا به وڌيڪ خراب آهي، پر تون ان حساب سان عجيب ماڻهو آهين! ان جو سبب ڇا آهي؟
”دراصل آئون جپان جهڙي مشرقي ڪلچر ۾ نه فقط رهيو آهيان، پر مون ان کي پسند ڪري اپنايو به آهي. جنهن مطابق وڏن جو خيال ڪرڻ، پاڙيسرين ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ، ٻئي کي گهٽ نه سمجهڻ جهڙيون ڳالهيون منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويون آهن.“ هن ٻڌايو.
جهاز دبئي هوائي اڏي تي لٿو. ڄڻ اسٽيج جو سين ئي بدلجي ويو. ٻارهن ڪلاڪ کن اڳ جيڪي اوساڪا جي ايئرپورٽ تي بندري قد جا جپاني نظر اچي رهيا هئا ۽ هاڻ جبن ۾ عرب، پٽڪن ۾ سوڊاني ۽ شلوار قميص ۾ اسان جا پٺاڻ ۽ ڪراچيءَ جا پنجابي ۽ دهلوي سوداگر ڀائر نظر آيا. انهن جون نه فقط شڪليون ۽ ويس وڳا مختلف هئا پر ڳالهائڻ جو ڍنگ به نرالو هو. هو جو اوساڪا ايئرپورٽ تي ڪا شيءِ پڇڻ تي جپاني مردن توڙي ڇوڪرين جهڪي جهڪي منجهيل مسافر کي سمجهايو ٿي، سو هتي دبئي ايئر پورٽ تي نه هو. انفارميشن ڪائونٽر تي ويٺل هڪ عرب کان ڪراچيءَ جي Connecting اُڏام جو پڇڻ تي هن چڙ مان مون ڏي گهوري، پينسل سان مٿي ٽنگيل چئن ٽي وي سيٽن ڏي اشارو ڪيو. ”اتي پيو Display ٿئي، پاڻهي کڻي ڏس“ هن چڙ مان چيو.
هٿ منهن ڌوئڻ واري نلڪي مان پاڻيءَ جي بوتل ٿي ڀريم ته باٿ روم صاف ڪرڻ واري اسان جي پاڪستاني ڀنگيءَ رڙ ڪئي:
”پيني ڪي پاني ڪي نلڪي باهر هين.“
”اڇا ڀائي معاف ڪرو.“ دل ۾ چيم.
ايئرپورٽ جي 24 نمبر انتظار گاهه وٽ مسجد هئي. فجر جي ٻانگ اچي رهي هئي. وضو ڪري نماز لاءِ پهتس. نماز پڙهي مسجد جي ورانڊي ۾ رکيل بئنچ تي ويهي بوٽ پائي رهيو هوس ته ڀر ۾ ٽائي سان هڪ نوجوان به نماز بعد بوٽ پائڻ لاءِ اچي ويٺو. هو پاڪستاني يا ايراني ته نٿي لڳو نه وري ڪو عرب يا افغاني! ڪير ٿي سگهي ٿو؟ باوجود اهو سوچڻ جي ته مون کي پڇڻ نه کپي ته به ٻاهر نڪرڻ مهل پڇي ويٺوسانس ته ڪٿي جا آهيو؟
”مراڪش جو.“ هن وراڻيو.
”ڏاڍي خوشي ٿي توهان سان ملي.“ مون ساڻس هٿ ملائي موڪلايو. اتان پنهنجي 19 نمبر انتظار گاهه ۾ آيس، جتان ٻن ڪلاڪن بعد ڪراچيءَ لاءِ اُڏام وڃڻي هئي. جنهن ڪرسيءَ تي آئون پنهنجو ٿيلهو رکي ويو هوس، ان تي هڪ پروفيسر ٽائيپ پڙهيل ڳڙهيل پاڪستاني قبضو ڪيو ويٺو هو ۽ منهنجي ٿيلهي کي هيٺ لاهي ڦٽو ڪيو هئائين. باقي ڪرسيون مسافرن سان ڀريل هيون. ڪيترائي آفريڪي شيدي ۽ يورپي گورا ۽ گوريون پٽ تي چادرون تاڻي ستا پيا هئا. خبر ناهي هنن جي ڪيترن ڪلاڪن بعد اُڏام آهي جو ائين بالم ٿيو ستا پيا آهن. انهن جي ئي وچ ۾ ٿورو ڳرکو جاءِ جو هو، جتي پهرين ٿيلهو ڦٽو ڪيم، پوءِ پاڻ ويٺس ۽ پوءِ جيئن جيئن ستل همراه پاسو ورائيندا ويا ۽ چپر جاءِ جي ٿيندي وئي آئون به ٻين وانگر پٽ تي ليٽي ڊگهو ٿيندو ويس. يعني اٺ تنبوءَ ۾ عرب (مالڪ) ٻاهر. ٽيهن ڪلاڪن کان ڪرسيءَ تي ويٺي گذاريو هوم سو ليٽڻ سان فرحت اچي وئي ۽ تيسين نه اٿيس جيسين ڪراچيءَ جي اُڏام لاءِ اسان کي آخري سڏ نه ٿيو.

جپان جا ڪجهه ڌاريان ڏوهاري

جپان جا ڪجهه ڌاريان ڏوهاري

جپان دنيا جي انهن ملڪن مان آهي، جتي قاعدي قانون تي سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو. ڪنهن بي گناهه جو پوليس يا ٻي ڪا ايجنسي نالو نٿي وٺي، پر ڏوهه ڪرڻ بعد جپان ۾ ورلي ڪو بچي سگهي. ان ڪري غير قانوني ڪمن کان هر جپاني پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن کي ننڍي هوندي کان ماءُ پيءُ طرفان ۽ اسڪول ۾ ماسترياڻين طرفان اها سُتي پياريل آهي ته ڪوڙ نه ڳالهائجي، چوري نه ڪجي، ٻئي کي نه رنجائجي، رستو صحيح طرح ٽپجي، پاڙي وارن کي ڊسٽرب نه ڪجي- ويندي لئبرريءَ مان ڪتاب وٺجي ته وقت تي واپس ڪجي ۽ ان تي ڪو داغ ڌٻو نه ڪجي. بهرحال دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ بنهه نه برابر بهCrime Rateناهي. ٿورا گهڻا ڏوهه ته ٿيندا رهن ٿا- جن ۾ وڏو حصو مڪاني ماڻهن جو ئي آهي. ڌاريو ماڻهو جپان ۾ تمام گهڻو خبردار ٿي هلي ٿو. هن جو پنهنجي ملڪ ۾ ڀلي خراب رڪارڊ هجي، پر جپان ۾ هو ڪابه اهڙي حرڪت نٿو ڪرڻ چاهي جو کيس ان جي سزا ملي ۽ جپان جهڙي ملڪ مان کيس نيڪالي ملي. هونءَ اڄڪلهه هتي جپان ۾ گووندا پرساد نالي هڪ نيپالي هندوءَ جو نالو مشهور آهي، جنهن چاليهه سالن جي هڪ جپاني عورت جو پئسو ڦريو ۽ ان بعد هن کي قتل ڪري ڇڏيو.
گووندا هتي جي ”ياسوڪو واتانابي“ نالي هڪ جپاني عورت کي 1997ع ۾ قتل ڪيو هو، ان بعد ڪورٽ جي پهرين ڪارروائي (Trial) ۾ گووندا ڪيس کٽي ويو، پر پوءِ ٽوڪيو هاءِ ڪورٽ ۾ هن ڪيس جي Ruling الٽ ٿي وئي ۽ هن کي عمر قيد جي سزا جو اعلان ڪيو ويو. هن ڪيس هتي جپان ۾ ڪافيControversyپيدا ڪئي آهي. ويندي ڪجهه اخبار نويس ۽ وڪيل گووندا جي بچاءُ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر اڄ (21 آڪٽوبر تي) جپان جي سپريم ڪورٽ گووندا جي اپيل Turn down ڪري ڇڏي آهي. گووندا جي هن ڪيس ۾ هتي جي ماڻهن جي دلچسپيءَ جو وڏو سبب اهو به آهي ته هن جي Victim ياسڪو هڪ قسم جي ٻٽي زندگي گذاري ٿي. هوءَ هڪ اعليٰ قسم جي يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽ هئي ۽ ڏينهن جي وقت هڪ مئنيجر جي حيثيت سان ”ٽوڪيو اليڪٽرڪ پاور“ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي ٿي. رات جي وقت شيبويا(Shibuya)واري علائقي جي پوين گهٽين ۾ عام رنڊين سان گڏ Prostituteٿي پئسو ڪمايو ٿي. گووندا جي هن سان ملاقات هِن رات واري ڌنڌي معرفت ٿي. هڪ ٻئي کي ڌتارڻ ۽ پئسو حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ معاملو خون ريزيءَ تي وڃي پهتو.
هن ڪيس ۾ ڪيترن جپانين جو اهو خيال آهي ته هڪ ڌارئين جي حيثيت ۾ گووندا کي سخت کان سخت سزا ملڻ کپي، پر ڪجهه جپانين جي هن سان همدردي به آهي جو هنن جو چوڻ آهي ته هڪ ڌارئين کي ياسوڪو جهڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ وڏي عهدي واري عورت پنهنجي حَوس جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ Trap ڪيو.
بهرحال گووندا جهڙا تمام ٿورا ڌاريا ملندا، جن جپان ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري بدناميءَ جو درجو حاصل ڪيو هوندو. ڌارين ڏوهارين ۾ سڀ کان گهڻو بدنام (Notorious) سابق بيٽلز ڳائڻو پال مڪارٿني هو، جنهن کي چرس جو ٿيلهو سمگل ڪرڻ جي ڪوشش واري ڏوهه ۾ جپان جي جيل ۾ نَو ڏينهن رکيو ويو هو. ڪجهه ٻيون ڌاريون شخصيتون جيڪي ڏوهن جي معاملي ۾ جپان ۾ تمام گهڻيون بدنام ٿيون، انهن مان هڪ والٽر نالي انگريز جي زال اِڊٿ پڻ ٿي گذري آهي. هي ڪيس هڪ سؤ سال کن اڳ جو آهي، جڏهن هوءَ 1890ع ۾ جپان ۾ آئي هئي ۽ والٽر ڪاريو نالي هڪ 43 سالن جي انگريز سان شادي ڪئي. ان وقت سندس عمر 27 سال هئي ۽ مڙس جي ڀيٽ ۾ هوءَ بيحد خوبصورت ۽ جوان هئي. والٽر يوڪاهاما جي مشهور ’يونائيٽيڊ ڪلب‘ جو مئنيجر هو. پاڻ تمام گهڻو شرابي ۽ زاني هو. هو ڪن جنسي بيمارين (Sexually Transmitted) ۾ مبتلا هو. هي اهو زمانو هو، جنهن ۾ اڃا Antibiotics يا ٻيون دوائون ايجاد نه ٿيون هيون. سور جي سخت جسماني پيڙا کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ڏينهن ۾ اهي شيون کاڌيون ويون ٿي، جن ۾ Arsenic جهڙي زهر جو حصو مليل ٿيو ٿي.
يوڪوهاما ۾ رهندڙ فارينرن ۾ والٽر جي ننڍي نيٽي ۽ خوبصورت زال اِڊٿ ’ميم صاحبه‘ جي زندگي گذاري ٿي جو هن کي پنهنجي امير مڙس کان خوب پئسو مليو ٿي. سندس مڙس ڏينهون ڏينهن بيمار ٿي کٽ حوالي ٿيندو ويو، پر هيءَ ويتر وڌيڪ آزاديءَ سان ڪلبن ۽ ناچ گهرن جي راڻي ٿيندي وئي.
ڪجهه سالن بعد والٽر جي حالت يڪدم خراب ٿيڻ لڳي ۽ 22 آڪٽوبر 1896ع تي هو ستو ته وري نه اُٿيو. پوسٽ مارٽم ۾ اهو ظاهر ٿيو ته والٽر کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي. سندس زال گهڻا ئي حيلا هلايا، ڊاڪٽر کي پئسو کارائي اها ڪوشش ڪئي ته اهو ثابت ٿئي ته هو ٻئي ڪنهن جي زهر سان نه پر پنهنجي ئي کاڌل دوائن جي غلط اثر ڪري مري ويو آهي، پر جپان پوليس ۽ ڪورٽ ۾ اهڙي وٺ پڪڙ ٿي جو راز کلي پيا ۽ اڊٿ جنهن کي پهرين شڪ جي بنياد تي نظربند ڪيو ويو هو، تنهن کي جج طرفان ڦاهيءَ جو حڪم ڏنو ويو، جو اهو ثابت ٿي ويو ته اڊٿ ئي پنهنجي مڙس کي زهر ڏيئي ماريو آهي.
ان ڪيس جي ڪري انگريزن جي وڏي بدنامي ٿي. هنن گهڻو ئي چاهيو ته اهو ڪيس ڪنهن ريت دٻجي وڃي ۽ ’ڪڏهن نه سج لهڻ‘ واري حڪومت تي ٽِڪو نه اچي، پر جپان حڪومت ان ڪيس جو فيصلو وڏي واڪ اعلان ڪري ڇڏيو. هي اهڙو ڪيس هو جنهن جي ڳالهه نه فقط جپان ۾ رهندڙ انگريزن ۽ يورپين جي وات تي اچي وئي، پر سڄي ڏور اوڀر ۽ ننڍي کنڊ ۾ چؤٻول مچي ويو.
بهرحال پوءِ انگريز ڊپلومئٽن وڏي ڪوشش ڪري هن جوان ۽ سهڻي انگريزياڻيءَ کي ڦاهيءَ جي ڦندي کان بچائي سخت پورهئي سان عمرقيد ڏياريو. اِڊٿ کي پوءِ يڪدم انگريزن جي ڪالوني هانگ ڪانگ جي جيل ۾ رکيو ويو، جتان پوءِ ڪجهه سالن بعد انگلينڊ جي هڪ شهر ايلسبرگ جي جيل ۾ موڪليو ويو ۽ اٺ سال کن جيل ڪاٽڻ بعد 42 سالن جي ڄمار ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. ان بعد هوءَ انگلينڊ ۾ خاموشيءَ جي زندگي گذاريندي رهي ۽ تمام وڏي ڄمار زندهه رهي، نَوي ورهين جي عمر ۾ سن 1958ع ۾ وفات ڪئي.
اِڊٿ جي مڙس والٽر جي قبر اڄ به جپان ۾ ”يوڪوهاما فارينرس جنرل سيميٽري“ قبرستان ۾ نمايان طرح نظر اچي ٿي.
هڪ ٻيو ڪيس جنهن ۾ هڪ ڪورين کي سزا ملي، پر جتي هو جپانين جي نظر ۾ ڏوهاري ثابت ٿيو، هو ڪورين لاءِ هيرو مڃيو وڃي ٿو. جپان ۾ سڀ کان گهڻا ڌاريا ڪوريا کان لڏي آيل آهن. انهن ڪورين ۾ ڪيترا ته اهي يا انهن ڪورين جو اولاد آهن، جيڪي جپان ۾ پنهنجي مرضيءَ سان رهڻ لاءِ نه آيا، پر جنگين ۾ جپاني هنن کي سندن ملڪ مان قيدي ڪري جپان وٺي آيا. هو ۽ سندن اولاد جپاني ڳالهائي ٿو ۽ ڪيترن جا ته جپانين سندن اصل ڪورين نالا بدلائي جپاني رکيا، جن سان هو اڄ به سڏيا وڃن ٿا، پر ان هوندي به اڄ جي دور ۾ به هڪ ڳالهه نمايان آهي ته هو جپانين جي نظر ۾ گهٽ ذات ۽ ڪمتر سمجهيا وڃن ٿا. هنن سان جتي ڪٿي خراب سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ان پس منظر ۾ جپاني ۽ ڪورين لٽريچر ۾ ڪيترائي افسانا ۽ ڪهاڻيون پڻ آهن.
بهرحال جپان ۾ ڌارين جي ڏوهن جي حوالي سان هي ڪيس هڪ ڪورين جو تمام گهڻو مشهور آهي. 20 فيبروري 1968ع تي ”ڪِم هي“ نالي هڪ چاليهه سالن جو ڪورين، جيڪو جپان ۾ ئي ڄائو هو، شيميزو شهر جي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ داخل ٿيو ۽ پاڻ سان آندل بندوق سان اتي موجود ٻن جپاني غنڊن کي ماري وڌو.
ان بعد هو هڪ نويڪلي جاءِ تي ٺهيل ساماتاڪيو نالي هوٽل ۾ پهچي اتي موجود تيرهن ماڻهن کي Hostage بنايو. ڪِم نالي هن ڪورين جپان حڪومت کي چتاءُ ڏنو ته هن جون گهُرجون پوريون نه ٿيڻ تي هو سڀني ماڻهن کي ڊائنامائيٽ سان تباهه ڪري ڇڏيندو.

"I don't intend to die until the media makes people aware of the discrimination against Korea".
هن اخباري نمائندن سان پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته ”آئون تيسين مرڻ نٿو چاهيان، جيسين جپان جي عوام کي اسان سان رکيل سندن بي روا سلوڪ جي ڄاڻ نه ٿئي.“
هن کي جيئڻ جو گهڻو موقعو نه ملي سگهيو جو اخباري نمائندن ۾ موجود هڪ سادا ڪپڙا پهريل ڪمانڊو هن کي سوگهو ڪري ورتو.
ڪِم تي ڪيس هليو ۽ مليل سزا مطابق هن جيل ۾ 33 سال گذاريا، ان بعد جپان حڪومت هن کي 1999ع ۾ ڪوريا موڪلي ڇڏيو.
جپان ۾ رهندڙ هڪ ننڍڙي ڪورين ڪميونٽي جي سهنج ۽ سهولتن لاءِ ورتل ڪوشش ڪِم کي ڏکڻ ڪوريا جو قومي هيرو بنائي ڇڏيو- جپانين جي نظرن ۾ توڻي کڻي هو وڏو ڏوهاري هجي.

جپاني فلمن جو رنگيلو ۽ جاني ليور

جپاني فلمن جو رنگيلو ۽ جاني ليور

جپان جي رنگيلي قسم جي چرچائي ۽ وتائي فقير جهڙي درويش قسم جي هڪ ائڪٽر ”تورا- سان“ (Tora San) بابت ٻه چار سٽون نه لکڻ ناانصافي ٿيندي، جيڪو هن دفعي جپان پهچڻ سان خبر پيئي ته هو ڪجهه سال اڳ گذاري ويو.
تورا سانُ جو اصل نالو ڪيوشي اتسومي (Kiyoshi Atsumi) آهي ۽ هو 1928ع ۾ ڄائو هو. هو پهرين ته ائين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اسٽيج ڊراما ڪندو رهيو پوءِ 1968ع ۾ کيس پهريون دفعو ٽي ويءَ تي ڪم مليو ۽ هڪ سال اندر سندس ”تورا سان“ نالي جي ڪردار جا قسطوار ڊراما ڏاڍو مقبول ٿيا ۽ ٻئي سال (1969ع) کان کيس فلمن ۾ کنيو ويو ۽ هو سڄي جپان ۾ مشهور ٿي ويو. ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جيئن ئي اسان پهريون دفعو جپان پهتاسين ته اسان جي به ساڻس فلمن ذريعي يڪدم واقفيت ٿي وئي. اڄڪلهه جپان ۾ ڪيتريون ئي انگريزي ۽ ترجمي سان فرينچ فلمون هلن ٿيون، نه ته انهن ڏينهن ۾ فقط اوساڪا ۽ ڪوبي جهڙن شهرن ۾ ڪنهن هڪ اڌ سئنيما هال ۾ انگريزي فلم هلي ٿي نه ته جنهن تنهن ۾ جپاني فلمون هونديون هيون. اسان جا جپاني ميزبان اسان کي جپاني فلمن ۾ وٺي هلندا هئا ۽ خاص ڪري ”تورا سان“جي فلم ۾. آئون ڏسندو هوس ته تورا سان جي هر فلم هِٽ هوندي هئي ۽ شپ يارڊ ۽ بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ جپاني آفيسر توڙي ڌِڪي جا مزور تورا سانَ جون فلمون وڏي شوق سان ڏسندا هئا ۽ ٻئي ڏينهن تورا سان جي ٻالين ڀولين ڳالهين ۽ ڪمن کي ياد ڪري کل ۾ اونڌا ٿي ويندا هئا.
”تورا سان“ ڪو شڪل جو به سهڻو نه هو، بلڪل اسان واري رنگيلي وانگر دٻلي مهانڊو هو. ايتريقدر جو جپاني به کيس پٽاٽو چون ٿا، پر سندس ائڪٽنگ جو نمونو بنا شڪ جي ڏسڻ وٽان آهي. جيئن هندستاني فلمن جو مشهور ائڪٽر سنجيو ڪمار جيتوڻيڪ شڪل جو اهڙو سهڻو نه آهي پر سندس ائڪٽنگ ۽ اسٽائيل ڪري سندس ڪيتريون ئي فلمون ڪامياب رهيون. اهڙيءَ طرح هي جپاني ائڪٽر تورا سان (ڪيوشي اتسومي) هو. پر ظاهر آهي هن کي سنجيو ڪمار سان نٿو ڀيٽي سگهجي جو سنجيو ڪمار سنجيدو ائڪٽر هو ۽ سندس طنز مزاح به ڇيڳڙائپ وارو نه هو، پر هن جپاني ائڪٽر ڪيوشي (تورا سان) جو ائڪٽنگ ۽ چرچن جو اسٽائيل اڄ جي انڊين چرچائي ائڪٽر ’جاني ليور‘ سان ڪافي مليو ٿي. بس جاني ليور ڪارو آهي ۽ تورا سان اڇو هو، باقي سونهن ۾ هڪ جهڙا چئي سگهجن ٿا. بهرحال شڪل ۾ کڻي اڄ جي فلمي هيرو جهڙو جاني ليور يا هيءُ جپاني تورا سان نه هو، پر فلم ڏسندڙ لکين ماڻهن جي دل تي راڄ ڪيو ٿي.
جپاني ماڻهو چوندا آهن ته سندن تورا سان ۽ آمريڪا جي چرچائي ائڪٽر چارلي چپلن ۾ ڪافي هڪجهڙائي آهي. ٻئي ڄڻا ڪنهن به ڪم پويان نڪرڻ سان ڪنهن خوبصورت ڇوڪريءَ سان ٽڪرائجيو وڃن. ٻئي ڄڻا عجيب مونجهارن ۾ پئجيو وڃن، هوٽل ۾ ماني کائڻ بعد ڳرا بل ڏسيو پريشان ٿيو وڃن، ٻين جي مدد دوران مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃن، تورا سان وٽ کيسي ۾ کڻي سؤ ٻه سؤ يين هجن، پر ڪنهن ضرورتمند تي نظر پوڻ تي اهي به ان کي ڏئي پاڻ کيسي خالي ٿي ويندو.
چارلي چپلن ۽ تورا سان ۾ هڪ ڳالهه جدا جدا ضرور آهي. چارلي چپلن جو واٽ ويندي ڇوڪريءَ سان نه رڳو ٽڪر ٿئي ٿو، پر ”پوپائي دي سيلر“ وانگر آخر ۾ هن کي حاصل به ڪري وٺي ٿو، پر ”تورا سان“ سيمي فائينل ۾ ئي هارايو وڃي ۽ ڇوڪري ٻئي جي ٿيو وڃي. ايتريقدر جو سندس مري وڃڻ تي هانگ ڪانگ جي هفتيوار رسالي ”فار ايسٽرن ايڪانامڪ ريويو“ جيڪو ڪارٽون ڏنو، ان ۾ به ڏيکاريائون ته مري وڃڻ بعد ڪڪرن ۾ سندس انتظار ۾ ويٺل هڪ حور پري کيس پاڻ وٽ سڏي رهي آهي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ کيس ڏاڪڻ ته ملي وئي، پر افسوس جو مٿيان ٻه ڏاڪا گهٽ هجڻ ڪري اتي به هن جو ميلاپ گهپلي ۾ پئجي وڃي ٿو.
”تورا سان“ 1969ع کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين- يعني 27 سال هڪ ئي عنوان "Otoko wa Tsurai Yo" (مرد ٿيڻ به مصيبت آهي) تي 48 فلمون ٺاهيائين. هنن فلمن ۾ تورا سان ننڍڙيون شيون کڻي ميلن ملاکڙن ۽ گهٽين ۾ وڪڻي ٿو. هر فلم ۾ هن جو ڪنهن ’حسينه‘ سان اوچتو ميلاپ ٿيو وڃي. ڪڏهن ڪنهن نوڪريءَ مان نڪتل گيشا سان ته ڪڏهن ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ سهڻي ڇوڪريءَ سان ۽ اهي حالتون هن کي عجيب مونجهاري ۾ وجهيو ڇڏين. هو هنن سان عشق ڪرڻ جو جڏهن فيصلو ڪري ٿو ته هو کيس ڇڏيو وڃن ۽ ”تورا سانُ“ دل جو درد دل ۾ ئي سانڍي چپن تي مرڪ آڻي ٻاهران خوشيءَ جو ڏيک ڏئي چندر وانگر ڳائيندو وتي ته، ”دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳولهيان“. سندس غم ۽ بئڊلڪ کي ڏسندڙ ناظرين ان غم کي پنهنجو ڪري سمجهن ٿا. سندس خوشي ۽ چرچن تي فلم ڏسندڙ ٽهڪ ڏين ٿا، سندس قربانيون ۽ ٻين لاءِ پاڻ پتوڙڻ کي ڏسندڙ داد ڏين ٿا ۽ سندس شڪل سنجيو ڪمار، جاني ليور يا پاڪستاني ائڪٽر رنگيلا جهڙي هوندي به ڏسندڙ کيس پيار ڪن ٿا.
هڪ نالي جون ايتريون فلمون اڄ تائين نه ٺهيون آهن، ان ڪري تورا سان جو نالو ۽ اها ڊگهي فلمي سيريز گنيس بڪ آف رڪارڊ ۾ پڻ هن عنوان هيٺ آئي آهي:
"World's longest running film series in which the same actor played the title role."
تورا سان (ڪيوشي اتسومي) 4 آگسٽ 1996ع تي ڦڦڙن جي ڪئنسر ڪري گذاري ويو. هن کي هڪ زال ۽ ٻه ٻار آهن- هڪ عام ماڻهوءَ کي هن جي ذاتي زندگيءَ جي بس ايتري ئي ڄاڻ آهي. ”تورا سانُ“ طبيعت ۾ بيحد شرميلو هو. هن ڪنهن سان به پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت ڊسڪس نٿي ڪرڻ چاهيو. ڪو اختياري نمائندو انٽرويو وٺڻ ايندو هوس ته لنوائي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اسٽوڊيو به ڇڏي ويندو هو. ماڻهن سان ملڻ کان بچڻ لاءِ هو ٻاهر جي دنيا ۾ پنهنجو روپ بدلائي هلندو هو يا بيس بال جي ٽوپيءَ کي هيٺ ڪري هلندو هو، جيئن ڪو سندس چهرو سڃاڻي نه سگهي. مرڻ کان اڳ پنهنجي زال کي وصيت ڪئي هئائين ته سندس وفات جو اطلاع ڪفن دفن بعد ڪجو.
سندس وفات تي چئن ڏينهن بعد جپان جي حڪومت کيس People's Honour Award ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان وقت جي وزيراعظم هاشيموتو ”تورا سانَ“ جي تعريف ۾ ڳالهائيندي چيو: ”تورا سانَ جون فلمون ڏسي مون کي پهريون دفعو محسوس ٿيو ته فلمون مزيدار به ٿين ٿيون.“

جپان جو اعليٰ تعليم يافته ۽ امير معذور

جپان جو اعليٰ تعليم يافته ۽ امير معذور

همت، دليري، اڳتي وڌڻ جو جذبو ۽ پنهنجو پاڻ کي هر حال ۾ خوش رکڻ جو مدار انسان جي فقط جسماني صحت مندي ۽ بدني طاقت ۽ سونهن تي نه آهي. روزمره جي زندگيءَ ۾ اسان اڪثر اهڙا مثال ٻڌندا آهيون، جن ۾ ڪيترائي مرد جسماني طرح معذور هجڻ جي باوجود تعليم حاصل ڪري رهيا آهن يا ٻئي تي بار بڻجڻ بدران هو پاڻ ئي پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪري رهيا آهن. انهن ۾ ڪي نابين هوندا ته ڪي هٿن پيرن کان لولا لنگڙا. اهڙي طرح عورتون پڻ.
جپان جي هڪ نوجوان کي سڃاڻان جنهن کي ڄائي ڄم کان هٿ پير نه آهن. سندس ٻئي ٻانهون ٺونٺين تائين آهن ۽ ٽنگون گوڏن تائين. هو هڪ ڀڀري مثل آهي، پر هن کي ان جو ذري برابر به ڏک ناهي. بس رب پاڪ هن کي ائين خلقيو. هو چاهي ڪيترو به روئي ڌوئي پر هن کي ائين ئي رهڻو پوندو. پوءِ ڇو نه زندگيءَ جا ڏهاڙا خوشيءَ ۾ گذاري. هو گوڏن تي ڊوڙي ٿو. نه فقط ڊوڙي ٿو، پر بيس بال ۽ فوٽ بال کيڏي ٿو. پين کي ڳل ۽ ٺونٺ جي وچ ۾ جهلي لکي ٿو ۽ هن عذر وارن (Handicap) ٻارن جي اسڪول ۾ پڙهڻ بدران عام ٻارن جي اسڪول ۽ ڪاليج مان پڙهي ٽوڪيو جي نامياري يونيورسٽي واسيدا (Waseda University) ۾ داخلا حاصل ڪئي. ويجهڙائيءَ ۾ هو پنهنجي لکيل ڪتاب ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو آهي. سندس سڄو نالو اوتوتاڪي هيرو (Ototake Hirotada) آهي، پر پيار مان کيس هرڪو ”اوتو“ سڏي ٿو.
اوتو 1976ع ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائو. پاڻ چئن سالن جو هو ته مون کي پاڪستان جي سفير ظفر شيخ ڏيکاريو. ظفر انهن ڏينهن ۾ ٽوڪيو جي سفارتخاني ۾ فرسٽ سيڪريٽري هو. انهن ڏينهن ۾ هلندڙ فلو جي بچاءَ لاءِ اسان پنهنجن ٻارن کي سيون هڻائڻ لاءِ ٽوڪيو جي گنزا واري اسپتال ۾ آياسين ته ظفر اتي اسان کي اوتو ڏيکاريو، جيڪو ان وقت چئن سالن جو هو. کيس سندس آرڪيٽيڪٽ پيءُ سيون هڻائڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ کڻي آيو هو.
اڄ 24 سالن بعد ٽوڪيو کان ڏور ڪيوشو ٻيٽ جي هن شهر ڪوڪورا ۾ ويهي جڏهن اوتو جون خبرون مقامي توڙي دنيا جي اخبارن ۾ پڙهان ٿو ته تعجب لڳي ٿو ته هن جپان جهڙي ملڪ ۾ جتي معذور ماڻهن جي نه اها پرگهور لڌي وڃي ٿي ۽ نه انهن لاءِ دل ۾ اها خاص جاءِ پيدا ڪئي وڃي ٿي (جيڪا سئيڊن، ناروي ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ تمام گهڻي آهي) هن دلشڪستو ٿيڻ بدران حالتن سان مقابلو ڪيو ۽ پڙهائي دوران نه فقط خوش مزاج ۽ کلڻو ملڻو شاگرد ٿي رهيو، پر سٺين مارڪن سان پاس به ٿيندو رهيو. تڏهن ته کيس ٽوڪيو جي واسيدا يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي.
سندس آتم ڪهاڻي جو جپانيءَ ۾ لکيل ڪتاب Gotai Fuanzoku (جنهن جي لفظي معنيٰ کڻي چئجي ”اڻ سڌا هڏ گڏ“) جپان ۾ سڀ کان گهڻو وڪرو ٿيڻ کان علاوه ڪورين، چيني، فرينچ ۽ هاڻ انگريزي زبان ۾ "No Body is Perfect" جي نالي سان ترجمو ٿي چڪو آهي. اهو ڪتاب ’بيسٽ سيلر‘ لسٽ تي ڪيترائي هفتا رهيو ۽ 45 لکن کان مٿي وڪرو ٿي چڪا آهن. ڪتاب جي هن معذور ليکڪ ان ۾ پنهنجي احوال سان گڏ عوام کي، خاص ڪري جپانين کي معذور ماڻهن جي حقن جي ياد ڏياري آهي ته هنن کي قدرت جي طرفان بدنصيب سمجهڻ بدران سندن خيال رکيو وڃي ۽ سهولتون مهيا ڪيون وڃن. اوتو پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:
"In Japan, everyone just assumes that the disabled are people you feel sorry for. But I am not pitiful. I enjoy my life, and I want to tell people that."
جنهن بيماري ڪري اوتو تاڪي کي هٿ پير نه ٿيا، ان جو نالو Tetra- Amelia ٻڌائين ٿا. ڄمڻ وقت اوتو جي پيءُ اوتو کي ماءُ کان مهينو کن لڪائي رکيو، جيئن هڪڙو عذر وارو ٻار ڏسي هن کي صدمو نه رسي، پر چون ٿا ته جڏهن ماءُ جي اڳيان اوتو کي آندو ويو ته اوتو جو سهڻو چهرو ڏسي هن جي وات مان ”ڪوائي ديس“- ڇا ته سهڻو آهي نڪري ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوتو ننڍي هوندي کان سهڻو ٻار آهي. جهڙو به هن جو جسم آهي، پر هو اوچيون قميصون پائڻ جو شوقين آهي- خاص ڪري مارگريٽ هوويل جون هن جون دلپسند قميصون آهن. هو هر وقت مرڪندو رهي ٿو ۽ بقول سندس:
"Being handicapped is a little inconvenient, but it doesn’t make me un happy".
هن جو گهڻو وقت اليڪٽرڪ ڪرسيءَ تي گذري ٿو ۽ لکڻ پڙهڻ به ان ئي ڪرسيءَ تي ڪري ٿو. هو ان ئي خيال جي پرچار ڪري ٿو ته مون جهڙن معذور ماڻهن جي ڪوبه صحيح جسم وارو ماڻهو سٺي طرح وڪالت ڪري نه سگهندو. ان ڪري معذور ماڻهن جي حقن لاءِ مون جهڙن معذور ماڻهن کي ئي وڙهڻو پوندو.
اوتو اها ڳالهه به مڃي ٿو ته هڪ معذور ماڻهو مجبور رهي ٿو. ڪنهن کي ڪو عذر ٿيڻ سٺي ڳالهه ناهي، پر ساڳي وقت ان کي سبب بڻائي ماٺ ڪري ويهڻ به سٺي ڳالهه ناهي. پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:
"I don't suppose a disability is actually an asset in too many people's eyes, but don't let that stop you. In the end, it all comes down to what you, as a person, have to offer".
اوتو تاڪي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي پڙهائيءَ مان واندو ٿي ويو آهي ۽ سندس لکيل ڪتاب کيس دولت ۽ ناموس به ڏني آهي ۽ هاڻ هن جو اڳتي جو پروگرام ڇا آهي. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي هن جا Ambitions اهي ئي عام آهن، جيڪي ٻين ماڻهن جا ٿيڻ کپن. ايشيا ويڪ رسالي جي نمائندي جڏهن اهو سوال اوتو کان پڇيو ته جواب ۾ هن چيو:
"I would like to be married and have kids".
(آئون شادي ڪرڻ ۽ ٻارن وارو ٿيڻ چاهيندس.)
اوتو جون وڌيڪ خبرون ۽ تصويرون ساڻس وري ملاقات ڪرڻ بعد ٻئي مضمون ۾ ئي لکي سگهندس، جنهن ملاقات لاءِ ٽوڪيو ۾ رهندڙ روهڙيءَ جي قاضي طفيل کي چيو اٿم. طفيل ٽوڪيو ۾ اسان جي ملڪ جي سفارتخاني ۾ ٻن سالن کان سيڪريٽري آهي. آسٽريليا ۾ رهندڙ منهنجي ڪئڊٽ ڪاليج جي ڪلاس ميٽ اقبال قاضي ۽ اسان جي دلپسند ليکڪ جليل قاضي (امر جليل) جو هو مائٽ آهي.

ايشيا جي غريب عورتن سان جپان ۾ ظلم

ايشيا جي غريب عورتن سان جپان ۾ ظلم

ڪجهه مهينا اڳ جي ڳالهه آهي ته چين جي هڪ شهر ۾ آيل جپاني ٽوئرسٽ، اتي جي هڪ هوٽل ۾ ڪجهه مڪاني (چيني) نابالغ ڇوڪرين سان عياشي ڪندي جهليا ويا. اها خبر نه فقط اخباري ميڊيا زور شور سان ڏني، پر عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سوسائٽين به ان لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ ڌارين (جپاني دولتمندن) سان گڏ مڪاني هوٽلن جي چيني مالڪن کي به خوب ننديو ويو، جيڪي پئسي ڪمائڻ جي لالچ ۾ جپانين لاءِ هن قسم جي عياشي مهيا ڪن ٿا.
جيتوڻيڪ مٿئين قسم جي عياشيءَ جو سڄو بندوبست لڪ ڇپ ۽ راز ۾ ٿيل هو، پر ڪنهن نموني سان ڳالهه ڦاٽ کائي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن لاءِ ڪافي Embarrassment پيدا ٿي. اهو سڀ ان ڪري جو اڄڪلهه عورتن جون ڪيتريون ئي Organizations ۽ انساني همدرديءَ جا ادارا ڪافي چوڪس ٿي پيا آهن ۽ ڪوبه امير، نواب، وڏيرو يا سياستدان سولائيءَ سان نٿو ڦٻجيو سگهي. اڄ جي اخبارن، انساني همدردي جي ادارن ۽ عورت ذات کي ظلم کان بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ عورتن جي سوسائٽين جي الرٽ هجڻ ڪري گهوٽڪي جهڙن ڳوٺن جون ڪمزور شائستائون به پنهنجي حياتي (اڃا تائين ته) بچائي سگهيون آهن ۽ مٿين ادارن واڌو سندن تعليم, کين سگهه ڏني آهي، نه ته اسان جي هند سنڌ جي جاهل وڏيري توڙي جپان جهڙي تعليم يافته ۽ ماڊرن ملڪ جي امير ۽ فيوڊل لارڊ اڳيان عورت گهر جي ٻهاريءَ برابر هئي. ستر واري ڏهاڪي تائين جڏهن ته اڃا هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۽ ويندي ڪوريا به غريب ملڪ هو، جپاني ٽوئرسٽن جا گروپ پئسي جي زور تي هر ملڪ ۾ کلئي عام عياشي ڪندا وتا ٿي. جنهن بندرگاهه ۾ به وڃبو هو اتي جون ٽوئرسٽ ايجنسيون جپانين کي ساڻ وٺي پيون هلنديون هيون. هنن جي عياشيءَ لاءِ هر هوٽل ۽ هر ڪلب نوجوان ڇوڪريون آفر ڪندو هو. هانگ ڪانگ جهڙن بندرگاهن ۾ ته هنن جي عياشين ۽ فئنٽسين جي پورائي لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ايندا هئا. ايتريقدر جو انهن ٽوئرن جو نالو ئي 'Sex- Tour' پئجي ويو. پوءِ 1980ع ڌاري جپان ۽ ٻين ملڪن جي عورتن جي حقن لاءِ وڙهندڙ ادارن، ان عياشيءَ خلاف آواز اٿاريو. نتيجي طور ان قسم جي جنسي عياشيءَ جا دورا هاڻ جيتوڻيڪ گهٽ ٿي ويا آهن، پر ساڳي وقت جپانين جي جنسي بک جي پورائي ڪرڻ ۽ انهن مان پئسو ڪمائڻ لاءِ فلپين، ٿائلئنڊ، ڏکڻ ڪوريا ۽ ويٽنام جهڙن غريب ملڪن جي عورتن کي ڌتارڻ ۽ Exploit ڪرڻ لاءِ کين جپان ۾ نوڪري مهيا ڪرڻ جو دلبو ڏنو وڃي ٿو. هنن کي جپان جي آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ نوڪريءَ جو دلاسو ڏئي پوءِ بدپيشو ڪرايو وڃي ٿو. بقول ملائيشيا جي هڪ جرنلسٽ ”مهارياني عثمان“ جي، جيڪا عورتن جي ان ظلم تي ريسرچ ڪري رهي آهي:
"...Infact, the flesh trade has become a giant business in Japan, running into billions of yens in income annually."
ٽوڪيو جي "Asian Women's Association" مطابق جپان ۾ فحاشيءَ جي ڪم ۾ ڦاٿل عورتن ۾ 90 سيڪڙو اهي آهن، جيڪي ٽوئرسٽ ويزا تي ڌارين ملڪن کان جپان ۾ اچي پوءِ نوڪري ڪرڻ چاهين ٿيون. انهن ۾ وڏو انگ فلپين جي عورتن جو آهي ۽ ٻئي نمبر تي ٿائيلينڊ ۽ ڪوريا جهڙن ملڪن جو. جپان جي قانون Immigration Law مطابق ڪوبه بي هنر (Unskilled) پورهيت جپان ۾ ڪم لاءِ اچي نٿو سگهي. تنهن جي معنيٰ ته جپان ۾ ٺهندڙ عمارتن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ڌارين ملڪن جا مرد مزدور توڙي مئخانن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ مهمانن جي خدمت چاڪري ڪندڙ عورتون جپان ۾ غير قانوني طور رهي، نوڪري ڪري رهيون آهن، ڇو جو اهي Skilled Jobs ته نه آهن. ٻين لفظن ۾ هو قانون جي نظر ۾ ڏوهاري آهن. پوليس جي اوچتي ڇاپي لڳڻ تي يا ڪنهن جي به شڪايت ڪرڻ تي هو جيل ۾ موڪليون وڃن ٿيون ۽ ان بعد سندن ئي خرچ تي کين سندن ملڪ ڏي روانو ڪيو وڃي ٿو. هونءَ حقيقت هيئن آهي ته جپان ۾ نوڪري ڪرڻ هڪ هنرمند (ڪم جي ماهر) لاءِ به ڏوهه آهي. انهن سخت قانونن ڪري ايشيا جي غريب ملڪن جا غريب ماڻهو- خاص ڪري عورتون، پنهنجن جپاني سيٺين جي رحم و ڪرم تي رهن ٿيون. هو قرض کڻي ڀاڙا ڀري هتي جپان ۾ پئسي ڪمائڻ لاءِ اچن ٿيون، پر جيئن ته هنن لاءِ نوڪري يا پورهيو ڪرڻ ڏوهه جو ڪم آهي، ان ڪري جپاني مالڪ هنن کي جنهن ڪم لاءِ به مجبور ڪن ٿا ته هو ان لاءِ راضي ٿيو وڃن، بلڪ هنن کي Black Mail ڪيو وڃي ٿو، ڇو جو ڀڄي وڃڻ تي پوليس کين غير قانوني طرح جپان ۾ رهڻ جي ڏوهه ۾ جيل حوالي ڪري ٿي. اهڙي ريت اهي عورتون زوري فحاشيءَ لاءِ مجبور ڪيون وڃن ٿيون. ٻي صورت ۾ هوٽلن ۽ ڪلبن جا مالڪ مٿن طرح طرح جا ظلم ڪن ٿا ۽ مارڻ ڪٽڻ کان علاوه کين نشي جو عادي بڻايو ڇڏين ۽ پوءِ هو ويچاريون پنهنجيون سڀ ڳالهيون ڇڏي نشي جي پورائيءَ لاءِ مالڪ جي هر ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن.
غريب ايشيائي ملڪن جي مجبور عورتن سان هن قسم جي ظلم ڪيترين ئي جپانين جي ضمير کي ڌونڌاڙيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هاڻ جپاني عورتن جون ڪيتريون ئي تحريڪون ڪم ڪري رهيون آهن، جن مان خاص تحريڪ ”ايشين وومين ايسوسيئيشن“ آهي. ان ايسوسيئيشن ۾ جپاني عورتن سان ڪم ڪندڙ هڪ فلپينو عورت جو چوڻ آهي ته جپان سان گڏ اسان جي ملڪ جي عورتن جو به ڏوهه آهي، جيڪي ڌارئين ملڪ جي حالتن جو جائزو نه ٿيون وٺن ۽ هر ڳالهه تي وسهجيو وڃن. هنن کي نوڪري ٿي کپي ته پهرين اهو معلوم ڪن ته جپان جون Working Conditions ڇا آهن ۽ هو پنهنجي حفاظت ڪيئن ڪري سگهن ٿيون ۽ هو پنهنجو پاسپورٽ ڪٿي رکي سگهن ٿيون؟ ڇو جو ڪيترين ئي حالتن ۾ ظالم سيٺ ۽ ڪلبن جا مالڪ هنن پورهيت عورتن جا پاسپورٽ پنهنجي قبضي ۾ رکيو ڇڏين ۽ پوءِ هو ڪيڏانهن نڪريو به نه ٿيون سگهن. هر پورهيت عورت کي Points of Contacts پاڻ وٽ رکڻ کپن، جيئن هوءَ وقت بوقت واسطيدار ماڻهن يا ادارن کي پنهنجو حال ٻڌائيندي رهي يا هو کانئس پڇندا رهن، جيئن هوءَ سٺي ۽ لڳاتار سار سنڀال هيٺ هجي.
مٿين فلپينو عورت (گلوريا بيلان) ٻڌايو ته جپان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون فلپينو عورتون رهن ٿيون، جن جا مڙس جپاني آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هي فلپينو عورتون پنهنجي هم وطن غريب عورتن جي مدد ڪرڻ يا کين مشڪل مان بچائڻ بدران ويتر پنهنجي ملڪ مان غريب ڇوڪرين کي اعليٰ نوڪرين جا ڏٽا ڏيئي جپان ۾ گهرائي هنن کي غلط ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون.
هي ڪم ائين آهي، جيئن لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي اڪثر پنهنجو ئي هم وطني هڪ نئين آيل سادي ٽوئرسٽ کي گشا پتا ٻڌائي ڦري بي واهي بي مدد بنائي ٿو. گذريل سال ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ڪيترائي پاڪستاني مشڪل حالتن ۾ مليا، جن کي پنهنجن هم وطنين، جيڪي ملائيشيا جا شهري آهن، ملائيشيا ۾ نوڪري ڏيڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏئي کانئن نه فقط وڏو پئسو ڦري فقير بنائي ڇڏيو، پر ملائيشيا پهچڻ تي کانئن پاسپورٽ به کسي ورتو ۽ هاڻ هنن جي هر گهڙي پوليس جي ڇاپي کان بچڻ ۽ خوف جي حالت ۾ رهڻ ۾ گذري ٿي ۽ ڪيترا ته ڪوالالمپور جي پُودو جيل ۾ پيا آهن.
ايشيا جي غريب ملڪن جي عورتن کي جپان جي ظالم سيٺين، مالڪن ۽ جسم جو ڌنڌو هلائيندڙ مافيا ٽائپ گئنگسٽرن کان خبردار ڪرڻ لاءِ جپان جي ”ايشيا وومين ايسوسيئيشن“ (AWA) وارن هڪ سؤ کن صفحن جو ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپرايو آهي، جنهن ۾ ڌارين ملڪن کان ايندڙ پورهيت عورتن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته جپان ۾ اچڻ کان اڳ هنن کي ڪهڙي ڪهڙي معلومات رکڻ کپي ۽ ڪهڙا ادارا آهن، جيڪي مشڪلات ۾ هنن جي مدد ڪري سگهن ٿا. سندن پناهه لاءِ ڪهڙا گهر، مندر ۽ سفارتخانا سندن آڌر ڀاءُ ڪري سگهن ٿا... وغيره وغيره. هن ڪتاب جو نالو آهي:
Women from across the sea
(Migrant Workers in Japan)


جپان ۾ ڏتڙيل عورتن جي مدد لاءِ

جپان ۾ ڏتڙيل عورتن جي مدد لاءِ

اوساڪا ۾ اسان جي جهازي آفيس جي مئنيجر مون کي مئڊم يوڪيڪو نالي هڪ جپاني عورت سان ملايو ۽ ٻڌايو ته هيءَ نيڪ عورت ڏتڙيل عورتن جي مدد ڪري ٿي ۽ هن کي هن وقت، ڪنهن تامل ۽ سنهالي ڳالهائيندڙ جي ڳولا آهي، جيئن ڏکڻ هندستان ۽ سريلنڪا جي ڪن مظلوم ڇوڪرين جو بيان مٿين زبانن مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري سگهي. مون کيس ٻڌايو ته آئون ننڍي کنڊ جو ضرور آهيان، پر جنهن اتراهين حصن سان منهنجو تعلق آهي اتي سنڌي، اڙدو، پنجابي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون.
يوڪيڪو اوساڪا جي ڀرواري شهر ڪوبي جي ڪورٽن ۾ ترجمو ڪندڙ آفيسرياڻي (Interpreter) آهي. هوءََ دنيا جي مختلف ملڪن (خاص ڪري ايشيا جي ملڪن) کان جپان ۾ ڌتاري آندل ۽ جنسي عياشين لاءِ استعمال ٿيندڙ عورتن کي هتي جي دلالن جي چنبي مان بچائڻ چاهي ٿي.
جپان، هونءَ گهڻو ئي سٺو آهي. امن امان برقرار رکڻ لاءِ نه فقط قاعدا قانون آهن پر انهن تي سختيءَ سان عمل به ٿئي ٿو، پر هتي ٻين ڪمزورين سان گڏ اها پڻ خرابي آهي ته هتي ڌارين ملڪن جي عورتن کي آڻڻ (Trafficking) تي بندش جو قانون نه آهي. ان ڪري هتي جي ڪارخانن، دڪانن ۽ آفيسن جا ماڻهو، مختلف ڪمن لاءِ دنيا جي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ گهرائين ٿا جن ۾ گهڻائي ڇوڪرين ۽ نوجوان عورتن جي آهي. جپان امير ملڪ آهي ۽ ڪيترن ئي غريب ملڪن جون عورتون جپان ۾ آفيس جو ڪو ڪم يا ڪارخاني جي مزدوري خوشيءَ سان قبول ڪن ٿيون، پر ڪارخاني جي مالڪن سان گڏ ڪئين اهڙا ڪوڙا دلال به آهن جيڪي عزت واري نوڪريءَ جو آسرو ڏئي پوءِ هتي پهچڻ تي انهن عورتن کان غلط ڪم وٺن ٿا. اسان جي جهازي آفيس جي مئنيجر چواڻي ”جپان ۾ دوکي ذريعي هر سال هڪ لک کن عورتون اچن ٿيون“. هيومن رائيٽس جي رپورٽ مطابق ته اهو تعداد ٻن لکن جي لڳ ڀڳ چيو وڃي ٿو.
دلالن کي غلط ڪمن ۾ ڇوڪرين کي لڳائڻ جي سزا فقط تڏهن ملي سگهي ٿي جڏهن ڪا ڇوڪري ڪورٽ ۾ ثابت ڪري ته هن کي بار گرل، مساج گرل يا Prostitute طور استعمال ڪيو پيو وڃي. هڪ ڌارئين ۽ غريب ڇوڪريءَ کي ڪٿي ايتري همت ۽ پئسو جو هوءَ ڪورٽن تائين پنهنجو فرياد پهچائي!
مئڊم يوڪيڪو ٻڌايو ته ڌارين ملڪن جي ڇوڪرين کي ريهي ريڀي جپان ۾ آڻڻ ۽ انهن کان غلط پورهيا ڪرائڻ ۾ وڏو هٿ هتي جي ياڪوزا وارن جو پڻ آهي، جن کي ”جپاني مافيا“ چئي سگهجي ٿو. جنهن جو ملڪ جي ڪيترن ئي ڏوهن ۾ توڙي اليڪشن کٽائڻ ۽ هارائڻ ۾ وڏو حصو آهي. ملڪ جا هي غنڊا ”ياڪوزا“ آمريڪا جي مافيا وانگر بيحد Organized ۽ پئسي وارا آهن. ۽ جتي هنن کان هتي جي پوليس به ڊڄي ٿي اتي انهن جي خلاف هڪ ڌارئين ملڪ جي غريب ۽ لٽيل عورت ڇا مقابلو ڪري سگهي ٿي. اهڙي تناظر ۾ مئڊم يوڪيڪو پوري پوري ڪوشش ڪري ٿي ته غريب ۽ پرديسي عورتن جي مدد ڪئي وڃي. هن پاڻ جهڙين ٻين به ڪيترين عورتن کي پاڻ سان ملايو آهي، جيڪي هنن ڏتڙيل عورتن جي مالي مدد سان گڏ ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهڻ لاءِ وڪيل ڪن ٿيون ۽ ترجمي جا فرض ادا ڪن ٿيون.
يوڪيڪو پاڻ سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي ۽ هن هڪ ٻه فلپينو ۽ ٿائي ترجمو ڪرڻ وارا پگهار تي پڻ رکيا آهن، ڇو جو سڀ کان گهڻيون ڇوڪريون انهن ملڪن (فلپين ۽ ٿائيلينڊ) جون جپان ۾ ڦاسن ٿيون جو اتي غربت سان گڏ عورتن جي آزادي آهي ۽ هو آسانيءَ سان جپاني دلالن جي چنبي ۾ ڦاسيو پون. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ سريلنڪا ۽ مدراس پاسي جي ڪجهه ڇوڪرين جا ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيا هئا جن لاءِ مئڊم يوڪيڪو کي اهڙي همراهه جي ڳولا هئي، جيڪو هنن ڇوڪرين جي سنهالي ۽ تامل زبان جي ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري سگهي، جنهن کي هوءَ جپانيءَ ۾ ترجمو ڪري جج کي ٻڌائي سگهي. هن ٻڌايو ته مختلف زبانن جا ترجما ڪرائڻ لاءِ هن کي هتي جي جهازران آفيسن مان ماڻهو مليو وڃن جو هتي اوساڪا ۾ هر ملڪ جي جهازي ماڻهن جو اچڻ ٿيندو رهي ٿو.
مئڊم يوڪيڪو اهو پڻ ٻڌايو ته جپان ۾ غلط ماڻهن جي چنبي ۾ ڦاٿل ايشيا جي مختلف ملڪن جي ڏتڙيل ڇوڪرين جو داد فرياد ٻڌڻ ۽ جوڳي صلاح ۽ مدد ڪرڻ لاءِ هوءَ 0644-581 (078) تي هر وقت حاضر رهي ٿي.

هڪ فلپينو عورت جي ڪهاڻي

هڪ فلپينو عورت جي ڪهاڻي

گذريل ڪالمن ۾ ايشيا جي مظلوم عورتن بابت لکيو اٿم، جن کي جپان جي مافيا جا ميمبر ۽ سندن ملڪن جا هٿ ٺوڪيا نوڪريون ڏياريندڙ ”ايجنٽ“ جپان ۾ نوڪريون ڏيارڻ جا ڏٽا ڏئي جپان موڪلين ٿا. پوءِ جپان پهچڻ تي هنن کان غلط ڪم ورتا وڃن ٿا. پر ڪجهه عورتون _ خاص ڪري فلپين ۽ ٿائيلينڊ جون، سڀ ڪجهه سوچي سمجهي پوءِ جپان اچن ٿيون. هنن کي ڄاڻ آهي ته جپان جهڙي امير ملڪ ۾ کين ڪا عزت واري نوڪري ملڻي ناهي ۽ هو پنهنجي مرضيءَ سان ئي بدپيشي لاءِ جپان ۾ اچن ٿيون. هنن وٽ تعليم يا هنر ناهي ۽ هو پاڻ به ان غلط طريقي سان ئي پئسو ڪمائڻ چاهين ٿيون. ان ڳالهه ۾ ٿائيلينڊ کان به فلپين جون عورتون اڳيان اڳيان ثابت ٿيون آهن جو هو انگريزي زبان کان به واقف آهن.
جپان ۾ رهندڙ يورپ جي هڪ جرنلسٽ ويجهڙائيءَ ۾ هڪ فلپيني عورت جي ڪهاڻي هتي جي انگريزي اخبار ”جپان ٽائيمس“ ۾ ڏني آهي، جنهن مان پڙهندڙن کي جپان ۾ ايشيائي ملڪن کان پورهئي لاءِ ايندڙ عورتن جي هڪ ٻئي رخَ جي به آئيڊيا ٿي سگهندي ته فلپين جهڙن ملڪن جون ڪي عورتون ايتريون تيز آهن جو جپان جهڙي اوپري ۽ ڏکئي ملڪ ۾ وڏي دليري سان اٽڪلون ڪنديون رهن ٿيون. هيءَ ڪهاڻي آئرين نالي هڪ فلپينو عورت جي آهي، جنهن جو جپان ۾ اچڻ وقت نالو مئٿلڊا هو.
”...فلپين ست هزار کن ننڍن وڏن ٻيٽن جو مجموعو آهي. آئون هڪ ڏورانهين ننڍڙي ٻيٽ تي ڄايس، جنهن تي غربت ۽ بک کان سواءِ ڪجهه نه هو. زندگيءَ جي شروعات جا ڪجهه سال اتي ئي ڌڪا کائيندي رهيس. مون کي اها ڄاڻ هئي ته بهتر زندگيءَ لاءِ مون کي پنهنجو هي اباڻو ٻيٽ ڇڏڻو پوندو جو هن ٻيٽ تي معاشي طرح جيڪا خراب حالت هئي اها ڪٿي به ٿي نٿي سگهي. هتان هُتان ڪري ڪجهه پئسو گڏ ڪيم ۽ جيئن ئي ڀڄڻ جون حالتون سازگار محسوس ڪيم ته منيلا هلي ويس.“ ان ريت هن فلپينو ڇوڪريءَ پنهنجي ڪهاڻي اخباري نمائندي کي ٻڌائي.
”منيلا ۾ رهڻ دوران منهنجي ڪيترن ئي ايجنٽن سان ملاقات ٿي، جيڪي اسان جهڙين اڻ پڙهيلن ۽ بي هنر نوجوان ڇوڪرين کان ڪميشن طور پئسا وٺي، جپان جي ڪلبن ۽ مئخانن ۾ ڳائڻ، نچڻ ۽ مساج جهڙا Jobs ڏيارين ٿا، جيڪي فقط زباني ڏٽا هوندا آهن، باقي اصل ڪم Prostitution (بدپيشي) جو هوندو آهي. مون پنهنجي زندگي ٺاهڻ چاهي ٿي سو مون جپان جو رُخ ڪيو.“
”ڪهڙي ريت آئينءَ؟“ اخباري نمائندي پڇيس.
”آئون منيلا ۾ هڪ ايجنٽ وٽ ويس، جيڪو جپان جي نائيٽ ڪلبن ۽ هوٽلن لاءِ فلپين مان ڊانسر، ويٽريس ۽ ڳائڻيون ڇوڪريون موڪليندو آهي. جيئن آئون ٻڌائي آئي آهيان ته اهو فقط ڇوڪرين جي مائٽن ۽ عوام کي ٻڌائڻ لاءِ هوندو آهي، ڇو جو نه جپاني ۽ نه اسان جا فلپينو ايجنٽ کلئي طرح اهو چوندا آهن ته هو رنڊيون موڪلڻ چاهين ٿا. بس مون جهڙيون ڪيتريون ئي گونگيون ان ڄار ۾ ڦاسي پونديون آهن.“
”پر تون ته گونگي نه آهين، تو فلپين ۾ رهي تعليم حاصل ڇو نه ڪئي؟“
”فلپين ۾ تعليم ڪا سستي آهي جو مون جهڙو غريب ماڻهو اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلا وٺي سگهي؟ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به ٻُڪ ٽَڪن جي ضرورت آهي ۽ پوءِ ڊگريون حاصل ڪرڻ بعد به ڇا ٿو ملي؟ فلپين جي يونيورسٽين جا ڪيترائي گريجوئيٽ هانگ ڪانگ جي گهٽين کي ٻهاريون پيا ڏين.“
”بهرحال تون جپان رواني ٿيئينءَ.“
”جي ها. منيلا جي ايئرپورٽ تان ٽوڪيو لاءِ جهاز روانو ٿيو. مون سان گڏ ٻيو به ڌڻ فلپيني ڇوڪرين جو هو. پر ٽوڪيو جي ناريتا هوائي اڏي تي جهاز مان لهڻ بعد آئون هنن سڀني کان جدا ٿي ويس. اميگريشن مان نڪرڻ کان اڳ آئون هتي جي ٽوائليٽ ۾ گهڙي ويس، جتي مون سڄي رات گذاري ۽ منيلا کان ايندڙ ٻي اڏام جو انتظار ڪندي رهيس. پورن ڇٽيهه ڪلاڪن بعد ان فلائيٽ جي لهڻ جو مون اعلان ٻڌو ۽ جيئن ئي ان مان پهريان هڪ ٻه مسافر نڪتا ته آئون انهن سان گڏ ايئرپورٽ مان نڪتيس. پاسپورٽ منهنجي هٿ ۾ هو. جيڪو نوڪري ڏيڻ وارا ايجنٽ ايئرپورٽ مان نڪرڻ سان کسي پاڻ وٽ رکن ٿا. پر منهنجو ايجنٽ خبر ناهي ڪيتري دير انتظار ڪري هڪ ڏينهن اڳ موٽي ويو هو. هن وقت آئون آزاد هيس پر مون وٽ ايترا پئسا مس هئا، جيڪي جپان جهڙي مهانگي ملڪ ۾ ڪو ڏينهن ٻه مس هلي سگهن. اهو سوچي ايئرپورٽ جي گيٽ کان ٻاهر نڪري رهي هئس ته مسافرن کي وٺڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺل مائٽن، هوٽل وارن ۽ ايجنٽن جي وچ ۾ هڪ جپاني هاري نموني جو همراهه ڪنهن نالي واري بورڊ سان نظر آيو. منهنجي دل ۾ يڪدم اها اٽڪل اچي وئي ته ڇو نه آئون هن مڙسالي کي چوان ته آئون اها فلپينو ڇوڪري آهيان جنهن جي هن کي ڳولا آهي. دراصل هي پوسٽ ذريعي جوءِ هٿ ڪرڻ وارو اميدوار جپاني هو. اڄڪلهه اڌڙوٽ قسم جا غريب ڳوٺاڻا جپاني هاري، جيڪي ڪنهن مڪاني جپاني عورت جي خرچ پکي جو بار نٿا کڻي سگهن ۽ نه ڪا جوان ۽ سهڻي جپاني ڇوڪري ههڙن اڌڙوٽ ۽ ڪوجهن جپاني مردن سان شادي لاءِ راضي ٿي ٿئي، سي ايجنٽن ذريعي فلپين مان پنهنجي لاءِ جوان ڇوڪريون گهرائين ٿا. ڪيتريون غريب فلپينو ڇوڪريون هنن پوڙهن پڪن سان به شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن، جو هنن کي جپان جهڙي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت مليو وڃي، جتي غريب کان غريب ماڻهوءَ کي به زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون مليو وڃن. سو بهرحال آئون هن همراهه کي چهٽي ويس ۽ مون کي خبر پئجي وئي ته هو ڪنهن جي انتظار ۾ آهي. هن کي تعجب ضرور لڳو ته سندس شاديءَ لاءِ جنهن زال جي موڪليل تصوير هن وٽ هئي، ان کان آئون ڪجهه مختلف لڳي رهي هئس. پر بهرحال هو مايوس نه ٿيو جو هن کي موڪليل پئسن جي بدلي ۾ هڪ عدد جوان فلپينو زال ملي وئي. گهر پهچي منيلا کان ايجنٽ جو فون به آيو ته فلپينو زال جيڪا اسان موڪلي سا پهچي وئي يا نه؟ مسٽر اوئشيءَ جهڙي تهڙي انگريزيءَ ۾ ڪجهه ڪجهه ناراضگي جي اظهار سان شروعات ڪندي، آخر ۾ پنهنجي مطمئن هجڻ جو اظهار ڪيو. ”بس توهان کي پئسن سان ڪم سو توهان کي پئسا ملي ويا، مون کي فلپينو زال ملڻ سان ڪم سو مون کي اها ملي وئي، جيتوڻيڪ شڪل صورت ۾ ڪجهه مختلف لڳي رهي آهي، پر آهي ته فلپينو ئي.“
”ڀلا پوءِ نالي ۽ فوٽوءَ جو مسئلو ڪيئن حل ڪيئي؟“ اخباري نمائندي هن فلپينو عورت کان پڇيو.
”مون مڙس کي اهو چئي مطمئن ڪيو ته ڪئٿولڪ عيسائين جا ٻه نالا ٿين ٿا. مون ولايت موڪليندڙ ايجنٽ کي جيڪو نالو ٻڌايو هن توهان کي اهو لکيو پر پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ تي ٻيو اٿم. باقي فوٽن جي مون کي خبر ناهي. ايجنٽن وٽ ڪيترين ئي ڇوڪرين جا فوٽا رهن ٿا، هن شايد ڀُل ۾ ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ جو فوٽو توهان ڏي موڪلي ڇڏيو هجي.... اوئشي کي منهنجين انهن ڳالهين تي يقين اچي ويو ۽ هن کي ڪرڻو به پيو جو پوءِ ٻي صورت ۾ هو ڇا ٿي ڪري سگهيو. زال هٿ ڪرڻ لاءِ هو فلپين واري ايجنٽ کي اڳواٽ پئسا ڏئي چڪو هو. هن لاءِ جيڪا فلپينو عورت منيلا کان ٽوڪيو آئي هئي، اها هن وقت الائي ڪٿي هجي سو هن وٽ انڪار ڪرڻ تي هو مون کان به هٿ ڌوئي وهي ها. ساڳي وقت منهنجو هن سان رهڻ به مجبوري هو. نه ڄاڻ نه سڃاڻ، نه زبان اچي نه پئسو هٿ ۾، ڪيڏانهن وڃي ٿي سگهيس.“
”چئبو ته پوءِ تون ياما گاتا ڳوٺ جي اوئشي نالي هاريءَ جي زال ٿي زندگي گذارڻ لڳينءَ؟“
”ها، ائين ڪرڻ سان مون کي جپان ۾ رهڻ لاءِ Stable ويزا اسٽئٽس مليو ۽ آئون وقت مان پورو پورو فائدو وٺڻ لڳيس. مون اهو پڪو فيصلو ڪيو ته سڀ کان پهرين مون کي هتي جي زبان سکڻ کپي، جيڪا جپان ۾ رهندڙ ڌارئين لاءِ بيحد ضروري ۽ اهم شيءِ آهي. منهنجو هاري مڙس اوئشي ڪو اهڙو خراب ماڻهو به نه هو. سادو ۽ موڳو ضرور هو، پر خراب هرگز نه هو. هن کي هر وقت اها آترويلا رهي ٿي ته ٻار ٿئي. پر سڄو سال پتوڙڻ بعد به جڏهن ڪو کڙ تيل نه نڪتو ته هن مون تي ڏوهه ڏيڻ بدران پاڻ کي ئي ڏوهاري مڃيو. آئون به ٻاهرين دل سان هن کي اهو ئي مطمئن ڪندي رهيس ته ٻار ٿيڻ جي مون کي به ڏاڍي سڪ آهي. هاڻ کيس ڪهڙي خبر ته اندر ئي اندر آئون ٻار نه ٿيڻ جون دوائون ۽ علاج ڪري رهي هيس جو مون سڄي عمر هن ڪنگال وٽ سندس ڳوٺ ۾، غربت جي زندگي نٿي گذارڻ چاهي. مون اڪيلو ۽ آزاد رهڻ ٿي چاهيو، ان ڪري ٻار جهڙي فلم پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ نٿي چاهي.“
”پوءِ هن هاري مڙس اوئشيءَ مان جان ڪيئن ڇڏائي؟“
”گهر جي خرچ لاءِ هي جيڪي ٿورا گهڻا پئسا ڏيندو هو، ان مان ٽوڪيو تائين ڀاڙي ۽ ٻين آئيندي جي خرچن لاءِ بچائيندي رهيس. جڏهن مون ڏٺو ته مون وٽ چڱو پئسو پاڇي ٿي ويو آهي ۽ منهنجي جپاني به سٺي ٿي وئي آهي ته اوئشيءَ جي گهر ۽ ڳوٺ ياما گاتا تي ڏيڍ ٻڪ مٽيءَ جو اڇلي ٽوڪيو ويندڙ ريل ۾ چڙهي پيس. ٽوڪيو ۾ هفتو ٻه ڌڪا کائڻ بعد مون هڪ ’اسٽيٽ ايجنسيءَ‘ ۾ نوڪري حاصل ڪري ورتي. مون کي پنهنجي مادري زبان تگالوگ سان گڏ انگريزي ۽ جپاني به آئي ٿي، ان ڪري آفيس وارا مون کان خوش هئا ۽ مون ههڙي هنڌ نوڪري ان ڪري پسند ڪئي جو جايون يا پلاٽ وٺڻ ۽ وڪڻڻ وارا امير ٿين ٿا ۽ مون هاڻ پاڻ لاءِ ڪو پئسي وارو وَر هٿ ڪرڻ چاهيو ٿي. مون ٽوڪيو اچي پنهنجي نئين سڃاڻپ ٺاهي ۽ پراڻي نالي مئٿلڊا بدران نئون نالو آئرين رکيو. ڪجهه چالاڪين ڪري ڪجهه منهن جي ٺاهه جوڙ رکڻ ڪري نئون مڙس هٿ ڪري ورتم. هي ڏندن جو ڊاڪٽر هو. خوب پئسو ڪمايائين ٿي ۽ شڪل جو به ڪو اهڙو خراب نه هو. هن سان رهي مون کي حيرت ٿي ته ڪي ڪي ماڻهو ڏندن جهڙن معمولي شين ذريعي به ڇا ته ڌن دولت ڪمائين ٿا.“
”نئين مڙس سان شادي رچائڻ بعد توکي ڪڏهن پهرئين مڙس اوئشي جو يا ان غريب عورت جو خيال آيو، جنهن سان ناريتا ايئرپورٽ تي اوئشي ملي نه سگهيو؟“
”مون جهڙي ڌڪاريل ۽ دربدر عورت کي ٻئي جي جذبن جو ڪهڙو خيال ڪهڙو قدر؟ منهنجي ماءُ پنجين ٻار جي ويم تي مري وئي. ننڍڙي ساران به امان سان گڏ مري وئي. ان بعد اسان جي پيءُ ڪا دير نه ڪئي. اسان کي پٺيان ڇڏي ٻي رَن سان گڏ هليو ويو. آئون اڃا جوان ئي مس ٿيس ته مون کي بدپيشي تي لاٿو ويو، جنهن جو پهريون دلال منهنجو چاچو هو. فلپين جي جنهن ڏورانهين ٻيٽ سان منهنجو تعلق آهي، اتي انسان جا جذبات جوان ٿيڻ کان اڳ دفن ٿيو وڃن. اوئشي لاءِ ناريتا ايئرپورٽ تي آيل فلپينو ڇوڪريءَ کي اوئشيءَ جهڙو ڪو ٻيو جپاني هاري ملي ويو هوندو، جيڪو ڪا زال حاصل ڪرڻ لاءِ ماندو هوندو. اهڙن رنڙ جپاني هارين جي ڪا کوٽ ته آهي ڪانه ۽ جيستائين اوئشي جو تعلق آهي ته ان لاءِ آئون پهرين به ٻڌائي چڪي آهيان ته هو ڪو اهڙو خراب ماڻهو نه هو. هو مون سان موچارو هليو، ان جي بدلي ۾ مون پنهنجي زندگيءَ جا ٻه سال هن کي ڏنا ۽ خوش رکيو ۽ اهو مدو ايڏو آهي جو اڄ ڏينهن تائين مون ڪنهن مرد سان نه گذاريو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي اڪائونٽ ۾ اڄ به ڪجهه پئسا وجهي ڇڏيندي آهيان ته غريب جو ڀلي سٺو وقت گذري. هونءَ به جپاني هارين ۽ بي گهر فلپينو عورتن جا رشتا آسمانن تي طئي ته نٿا ٿين. جپان ۾ آئون هڪ رنڊيءَ جي حيثيت سان گهرائي وئي هيس ۽ هتي پهچي آئون Mail Order Bride بڻجي ويس. بهرحال ٻنهي شين ۾ ڪو خاص فرق نه آهي. ”وقت“ سان گڏوگڏ پنهنجو ”عقل“ به استعمال ڪري، آئون انهن ٻنهي غلامين مان آزاد ٿي جپان جي خوشحال ۽ امير عورت بڻجي وئي آهيان.

جپان جي ٽي وي مسالا

جپان جي ٽي وي مسالا

توهان کي تعجب لڳندو ته جپان ۾ هڪ اهڙو ٽي وي چئنل به آهي جنهن تان پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ مئچون، اڙدو ڊراما، هندي فلمون ۽ گانا به ڏيکاريا وڃن ٿا. مون کي به ان چئنل بابت خبر نه هئي. ويجهڙائيءَ ۾ هتان نڪرندڙ هڪ انگريزي اخبار جپان ٽائيمز ۾ پڙهيم ته ”ٽي وي مسالا“ نالي هڪ ڪيبل ٽي وي ورڪ جپان ۾ تمام گهڻو مشهور ٿي رهيو آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جو جپان ۾ پهريون ۽ اڪيلو چئنل آهي، ان جو پريزيڊنٽ نوفل اقبال نالي هڪ پاڪستاني آهي.
ٽي وي مسالا نالي جپان جي هن ٽي وي چئنل تان دنيا ۾ ٿيندڙ اهي رانديون (خاص ڪري ڪرڪيٽ ۽ اڙدو/ هندي جا ڊراما، فلمون ۽ گانا ڏيکاريا وڃن ٿا جيڪي جپان ۾ رهندڙ ننڍي کنڊ (پاڪستان ۽ هندستان) جي ماڻهن جي پسند جا آهن. هي چئنل انهن پاڪستانين ۽ هندستانين جي گهرن ۾ وڌيڪ پاپولر آهي جيڪي اڙدو ۽ هندي سمجهن ٿا. ائين ته اهي زبانون نه سمجهڻ جي باوجود ڪيترن بنگلاديشين ۽ نيپالين وٽ به اهو چئنل (T.V. Masala) هلي ٿو. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ ان چئنل تان ڇهه ٻين چئنلن جا پروگرام به ڏيکارڻ شروع ڪيا ويا آهن. اهي چئنل هن ريت آهن. اسپورٽس، بي فار يو، آج تڪ، زي سئنيما، زي ٽي وي ۽ زي ميوزڪ. ٽي وي مسالا چوويهه ڪلاڪ ئي هلندو رهي ٿو سو ڏينهن توڙي رات جو هي چئنل کولڻ سان ڪا نه ڪا مسالي واري شيءِ ضرور نظر اچي ٿي. جپان ۾ ٽي وي مسالا چئنل ڏسڻ لاءِ 60 سينٽي ميٽرن واري ڊش ۽ ائنٽينا جي ضرورت آهي جنهن جي مهاڙ (Direction) 166 اوڀر هجڻ کپي ۽ 38 Elevation هجڻ ضروري آهي. اهو ڊش ۽ ائنٽينا ٽي وي مسالا وارن کان اٽڪل سورهن هزار روپين ۾ ملي ٿو. ان کان علاوه ٻين چئنلن وانگر هن چئنل جي به ماهوار في آهي جيڪا ڏيڍ هزار رپيا آهي ۽ هتي جي حساب کان نارمل سمجهي وڃي ٿي جو ان کان وڌيڪ ته بي بي سي، ڊسڪوري، ائنيمل ورلڊ جهڙن چئنلن جي آهي. هتي جپان ۾ ٽي وي چئنل هلائڻ وارن جو خرچ به ان حساب سان اچي ٿو. نوفل اقبال وارن کي به هي مسالا چئنل کولڻ جي شروعاتي في ٽي ملين ڊالر (يعني 18 ڪروڙ رپيا) ڏيڻا پيا. هاڻ هن چئنل کي قائم رکڻ لاءِ هر سال نوي لک رپيا کن ڏيڻا پون ٿا. نوفل هي چئنل اڪيلي سر هلائڻ چاهيو ٿي پر هيڏي وڏي خرچ کي منهن ڏيڻ لاءِ هن کي اٺ ڏهه کن امير بزنيس مين پاڻ سان ڀائيوار رکڻا پيا.
ٽي وي مسالا جي پهرين ٽرانسميشن 26 ڊسمبر 2003ع تي انڊيا- آسٽريليا جي ڪرڪيٽ مئچ سان شروع ڪئي وئي هئي. نوفل اقبال هن ٽي وي چئنل جو نالو پهرين “Spice-T.V” رکڻ چاهيو ٿي پر پوءِ خبر پيئي ته ان نالي سان دنيا ۾ هڪ چئنل اڳهين ئي آهي ۽ پوءِ نوفل کي Spice بدران ان جو اڙدو ترجمي وارو نالو ”مسالا“ ڌيان ۾ آيو. هاڻ ته هن ٽوڪيو ۾ هڪ وندر جو ڪلب به ‎ٺاهيو آهي جنهن جو نالو پڻ ٽي وي مسالا تان ”ڪلب مسالا“ رکيو ويو آهي جيڪو اڃان فقط سندن دوست ميمبرن لاءِ آهي.
مٿي ذڪر ڪيل جپاني اخبار جپان ٽائيمس ۾ هن ٽي وي چئنل جي صدر نوفل اقبال جي زندگيءَ جو احوال پڻ هو ته هو 1978ع ۾ جڏهن ڇهن سالن جو هو ته پنهنجي پيءُ سان گڏ ٽوڪيو آيو هو.سندس پيءُ ان وقت پاڪستان جي هوائي ڪمپني پي آءِ اي ۾ هو ۽ لاهور کان بدلي ٿي هتي جپان ۾ آيو هو.
اهو پڙهي مون کي ماضيءَ جا ڏينهن ياد اچي ويا. جڏهن ستر جي ڏهي ۾ اسان جو جپان ۾ هر هر اچڻ ٿيندو هو. جپان پاڪستان کان ڪپڙو، ڌاڳو، ڪپهه، گانگٽ، مڇيون ۽ ٻيون ڪيتريون شيون خريد ڪندو هو ۽ اسان جي ڪمپنيءَ جا جهاز هڪ ٻئي پويان سامان سان ٽٻ ٿي جپان ايندا رهيا ٿي. اسان جي جهازن جي گهڻي ڀاڱي مرمت به جپان جي بندرگاهن ۾ ٿيندي هئي. اسان جهاز هلائيندڙ جهازراني ۽ جهازسازيءَ جا مختلف تعليمي ڪورس به جپان ۾ ڪرڻ ايندا هئاسين. ان ڪري اسان جو 1980ع تائين جپان ۾ اچڻ وڃڻ ڏاڍو رهيو. ان دور ۾ جپان ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻهو تمام ٿورا نظر آيا ٿي ۽ پاڪستاني ته ٽوڪيو جهڙي شهر ۾ به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. انهن ٿورن ماڻهن ۾ هڪ اسان جي هوائي ڪمپني پي آءِ اي جو مئنيجر اقبال منظور پڻ هو. اقبال سان منهنجي آخري ملاقات 1980ع جي آخري ڏينهن ۾ ٽوڪيو جي هڪ هوٽل ۾ ”پاڪستان ڊي“ جي دعوت ۾ ٿي. ساڻس گڏ اٺ نوَ سالن جو ڇوڪرو به هو، جيڪو ماءُ سان گڏ هڪ ئي صوفي تي ويٺو هو ۽ هاڻ مون کي ياد آيو ته اقبال جي ان سنهڙي پٽ جو نالو نوفل هو.
مون ٽي وي مسالا چئنل جي خبر پڙهي نوفل اقبال کي اِي ميل ڪيو ته مون کي لڳي ٿو ته توهان اقبال منظور جا پٽ آهيو جنهن سان تن ڏينهن ۾ اسان جي ملاقات ٿيندي هئي ۽ مون وٽ ان جا فوٽو به آهن. شام ڌاري ٽيليفون جي گهنٽي وڳي.
”انڪل آئون ٽوڪيو مان نوفل پيو ڳالهايان. آئون اهو ئي نوفل آهيان.“ هن کلندي ٻڌايو.
”ڏاڍي خوشي ٿي ۽ حيرت پڻ ٿي ته هيءَ دنيا ڪيڏي ننڍڙي آهي. ڀلا اسان وارو اقبال ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو.
”ڊيڊي ٽي سال ٿيا ته ڪراچي وڃي وسائي آهي.“ نوفل ٻڌايو. ”هن ميٽرو پول هوٽل ۾ World Vision نالي هڪ ٽريول ايجنسي جي آفيس کولي آهي ۽ ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ خيابان تنظيم تي رهي ٿو.“
”پوءِ ته پاڙيسري ٿيو. ڪراچي پهچي هن سان ضرور ملندس.“ مون چيو ۽ نوفل کان سندس گذريل ٽن ڏهائين جو احوال پڇيم.
”آئون 1990ع ۾ جڏهن 18 سالن جو ٿيس ته پاڪستان رهڻ ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ ويس پر مون کي سواءِ جپاني جي ٻي ڪا زبان نٿي آئي. پاڪستان پنهنجو وطن هجڻ جي باوجود مون کي اوپرو لڳو جو ٻارهن سال کن جپان جي سوسائٽي ۽ ڪلچر ۾ رهڻ بعد مون کي اتي ايڊجسٽ ٿيڻ ۾ ڏکيائي ٿي. مجبورن وڌيڪ تعليم لاءِ مون کي انگلينڊ ۽ آمريڪا وڃڻو پيو جتان يونيورسٽيءَ جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد نيويارڪ (آمريڪا) ۾ ڪجهه سال نوڪري ڪئي ۽ پوءِ جپان موٽي آيس. هتي به پهرين نوڪري ڪيم پر پوءِ منهنجي دماغ ۾ جيئن ته اهو ڀوت ويٺل هو ته ڪو پنهنجو پرائيويٽ بزنيس ڪجي ان ڪري ڪجهه دوست هٿ ڪري هي ٽي وي چئنل جو ڪم شروع ڪيو اٿم.“
نوفل کي جپان جي شهريت آهي ۽ هو ايندڙ سال پورن 40 سالن جو ٿيندو. سندس ڀيڻ سمن ۽ 30 سالن جو ڀاءُ صدام، اڄڪلهه ماءُ پيءُ سان گڏ ڪراچيءَ ۾ ئي رهن ٿا.


ڪجهه گيشائن بابت

ڪجهه گيشائن بابت

جپان جي نالي سان جيڪي شيون هڪدم ڌيان ۾ اچن ٿيون انهن مان ”گيشا“ هڪ آهي. ٽوڪيو جو بارونق ۽ سهڻو علائقو ”گنزا“، برف سان ڍڪيل ”فُوجي“ جبل، تيز رفتار ”بُليٽ ٽرين“، خوبصورت ٽڙيل ”سڪورا گُلَ“ پڻ اهڙيون شيون آهن، جيڪي جپان ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ ڏسڻ چاهين ٿا.
گيشا اسٽيج ڊرامي ۾ ڪم ڪندڙ اداڪاره وانگر ميڪ اپ ۾ سجيل، ڪنوار وانگر خوبصورت ۽ مهانگي ڪمونو (جپان جي روايتي وڳي) ۾ ڍَڪيل، ناز نخري ۽ ادائن سان هلندڙ، ناچ، گاني، چرچي ڀوڳ ۽ ڪچهريءَ قائم رکڻ جي ماهر ۽ مهمانن کي وندرائڻ لاءِ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان وٺي مختلف راندين ۾ ڀڙ ٿئي ٿي. اسان ايشيائي ڌاريا توڙي يورپي ۽ آمريڪن سياح جپان جي گيشا کي اڪثر غلط تصور ڪريون ٿا. ڪيترا هن کي ناچڻي، ڳائڻي ۽ ويندي Prostitute سمجهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هوٽل جي ڪمري ۾ ايندڙ ڪال گرل پاڻ کي گيشا سڏرائي، آيل ڌارئين مهمان مان پئسو ڪڍي وڃي يا عياشيءَ جي اڏن تي ويٺل عورتون به پاڻ کي گيشا سڏرائي، هڪ ٽوئرسٽ کي بيوقوف بنائين، پر صحيح معنيٰ ۾گيشا جو مانُ مربتو توڙي شان ۽ آداب اطوار تمام مٿانهون آهي، جيئن هندستان ۾ ڪنهن زماني ۾ امرائو جان ادا ٽائيپ عورتن جو هو، جن وٽ ملڪ جي حاڪمن جا ٻار اٿڻ ويهڻ توڙي شعر و شاعري جهڙا اعليٰ هنر سکڻ آيا ٿي.
هتي گيشا بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکان ٿو.
پهرين ڳالهه ته ڪابه گيشا عام حالتن ۾ ڪنهن به اسانجهڙي توڙي يورپي يا آمريڪن فارينر کي پنهنجي محفل ۾ ويهارڻ پسند نٿي ڪري. توهان جو ڪو امير جپاني دوست آهي يا توهان جو واسطو ڪنهن امير جپاني ڪمپنيءَ سان آهي ته پوءِ توهان هنن جي معرفت يا هنن سان گڏ ان دعوت ۾ ويهي سگهو ٿا، جنهن ۾ وندرائڻ لاءِ گيشا کي سڏايو ويو آهي. گيشا آيل مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ کان وٺي هنن کي چانهه ۽ شراب وغيره پيارڻ جا آداب بجا آڻي ٿي. هوءَ مهمانن کي وندرائڻ لاءِ هنن سان مختلف عنوانن تي ڪچهري ڪري ٿي ۽ ويندي ڳائي ۽ نچي هنن جي دل خوش ڪري ٿي. هن جو ڳائڻ نوابشاهه کان حيدرآباد هلندڙ بسين ۾ وڄندڙ واحيات گانن جهڙو نه آهي ۽ نه وري سندس ناچ پنجابي فلمن جي انهن ناچڻين جهڙو آهي، جيڪي اڪثر ڪوٺي وارين جو پارٽ ادا ڪن ٿيون. گيشا جو ڳائڻ توڙي ناچ ڌيرج ۽ تحمل وارو ٿئي ۽ اسان جهڙن ڌارين کي ته لڳندو آهي ته هوءَ ڪنهن ويجهي مائٽ جي مري وڃڻ تي پار ڪڍي روئي رهي آهي. اسڪول وارا ڏينهن ياد اچيو وڃن جڏهن ٽرگنامينٽري يا ڪئلڪيولس جهڙي ڏکئي پيرڊ ۾ مزو نه اچڻ ڪري اٻاسين جو ڦهڪو شروع ٿي ويندو هو.
بهرحال گيشا جو ڪم ڪچهري برقرار رکڻ، چانهه پيارڻ ۽ وڏو ڇيهه ته سُرندي جهڙي واڄي تي هڪ اڌ راڳ ٻڌائڻ ۽ سلو موشن جهڙو ڪو ناچ ڏيکارڻ جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ جذبات اُڀارڻ وارو ناچ چئي نٿو سگهجي. هونءَ به جپاني ڪمونو اهڙي ڊريس آهي، جهڙو برقعي مٿان برقعو. ان ۾ هوءَ ڪهڙا پنهنجا انگ اُگهاڙا ڏيکاري اشتعال انگيزي پيدا ڪري سگهي ٿي. بهرحال طئي ڪيل اگهه تي مقرر ڪيل ڪلاڪ پورا ڪري هُوءَ پنهنجي اڏي تي رواني ٿي وڃي ٿي ۽ مهمان باقي وقت پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي گذاري يا هنن کي جي وڌيڪ ڪنهن ڳالهه جو شوق آهي ته ڪنهن مئخاني يا ڪئبري هائوس ۾ وڃي سگهن ٿا، جتي انگ اگهاڙيون ڇوڪريون گيشا جي Rate کان تمام گهٽ اگهه تي اشتعال انگيز کان شهواني گانا ۽ ٻيا ڪرتب ڪن ٿيون. گيشا جيڪا مختلف هنرن ۽ علمن ۾ ڀڙ ٿئي ٿي، ان جي محفل ۾ ويهي ڳالهائڻ جي في تمام ڳري ٿئي ٿي، جيڪا وڏين فئڪٽرين جا مالڪ ۽ هيرن جواهرن جا واپاري ئي ڀري سگهن ٿا. ڪيترن آمريڪن ناولن ۽ افسانن جي مصنفن گيشائن سان معاشقن جا خيالي قصا به لکيا آهن، پر حقيقت جي زندگيءَ ۾ ائين نه آهي. هر گيشا جي وفاداري ۽ محبت سندس اڏي ۽ ان جي مالڪڻ سان رهي ٿي. ڪو بيحد امير جپاني جنهن مان پڪ ٿي وڃي ته هو فلاڻي گيشا کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ سان گڏ چاهي به ٿو ته پوءِ اها گيشا پنهنجي مالڪڻ (سانئڻ) جي اجازت سان يا هن جي اشاري سان ان جپاني سيٺ کي اهميت ڏيڻ جو اظهار ڪري ٿي ۽ گهڻو خرچ ڪرڻ تي هوءَ فقط هن جي ئي حاضري ڏئي سگهي ٿي ۽ ٻين وٽ وڃڻ کان انڪار به ڪري سگهي ٿي. دراصل جپان ۾ وڏن سيٺين ۽ امير جپاني ماڻهن جو اهو به Status Symbol آهي ته آيا هو هڪ يا ٻن گيشائن کي Maintain ڪري (پالي) سگهي ٿو يا نه؟
ڪابه گيشا ڪنهن سان به يڪدم اک اٽڪائي ان سان ڀڄي نٿي وڃي سگهي جو هن کي گيشا ٿيڻ جي ڪيترائي سال تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ جنهن سانئڻ خرچ ڪيو آهي، ان جي هوءَ مقروض رهي ٿي. مڪمل گيشا ٿيڻ تائين هن جي رهائش، کاڌي پيتي، اوچي کان اوچي ويس وڳي ۽ ميڪ اپ، مختلف هنر سکڻ لاءِ ٽيوشن فيون ۽ ٻيا خرچ جيڪي لکين رپيا ٿين ٿا، انهن جو حساب سندس ”ماما سان“ (سانئڻ/گرو) لکندي وڃي ٿي ۽ ان سيڙپ تي هوءَ فائدو به چاهي ٿي، جيڪو جيستائين هن کي مڪمل طرح نه موٽي ملي تيسين گيشا هن جي قرضدار رهي ٿي. آخر عمر جي هڪ اهڙي گهڙي اچي ٿي، جڏهن هوءَ آزاد ٿيو وڃي. ان آزاديءَ کي جلدي حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ گهڻين دعوتن ۾ وڃي ٿي، يعني اوور ٽائيم ڪري ٿي ۽ ڪوشش ڪري امير کان امير Patron ڳولي ٿي، جيڪو کيس ايترو پئسو ڏئي، جنهن مان هن جو يڪدم قرض به لهي ته آئيندي جي روزمرهه جو خرچ به هلي.
بهرحال ناچ، گاني، بانسري، واڄي (Samisen) وڄائڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جون قابل هي جپاني عورتون جيڪي گيشا سڏجن ٿيون، اها مخلوق آهي، جيڪا جپان کان سواءِ دنيا ۾ ڪٿي به نه ملندي.
گيشا (Geisha) دراصل ٻن لفظن جو مجموعو آهي. گي (Gei) معنيٰ هنر، قابليت ۽ شا (Sha) معنيٰ ماڻهو. سو ان ريت ڏٺو وڃي ته گيشا هڪ قابل، هنرن جو ڄاڻو ۽ فضيلت وارو ماڻهو ٿيو.
ڪيوٽو شهر جيڪو گيشائن جو وڏو اڏو مڃيو وڃي ٿو، اتي گيشا کي گيئيڪو (Geiko) سڏيو وڃي ٿو، يعني قابل ترين جوان عورتون.
هونءَ عام طرح هڪ نوجوان ڇوڪريءَ لاءِ گيشا جي ٽريننگ لاءِ چونڊجڻ هڪ تمام خوشي ۽ فخر جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، جو اڳتي هلي هن جي اهم شخصيت ٿيڻ جا هن کي وڏا موقعا مهيا ٿين ٿا. هوءَ ڊراما اسٽيج جي وڏي اداڪار يا فلمن جي مشهور Movie- Star به ٿي سگهي ٿي.
گيشا ٿيڻ جي ٽريننگ تمام ڊگهي، سخت ۽ مهانگي ٿئي ٿي. عام طرح اها ٽريننگ تڏهن کان شروع ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ڇوڪري ستن اٺن سالن جي آهي. هن کي مختلف Subjects جي علم سان گڏ، ڳائڻ، نچڻ، اداڪاري ۽ ڪيترائي جپاني ساز وڄائڻ جي سکيا ڏني وڃي ٿي.
ڪيترن ڌارين کي اها غلط فهمي هوندي آهي ته گيشا جي ٽريننگ لاءِ غريب گهرن جون ڇوڪريون خريد ڪيون وڃن ٿيون، جيڪا ڳالهه هميشه صحيح نه آهي. گيشا ٿيڻ لاءِ ڪابه ڇوڪري سکيا وٺي سگهي ٿي، جنهن جو خرچ اڪثر وڏي عمر جي گيشا برداشت ڪري ٿي. ٽريننگ دوران هن کي گيشا گهر ۾ رِهڻو پوي ٿو، جيڪو نيشو (Nishu) سڏجي ٿو. سکيا وٺندڙ ڇوڪري جيسين اٺ نَو سالن جي ٽريننگ مڪمل ڪري گريجوئيٽ گيشا ٿئي، تيسين هوءَ مائيڪو (Maiko) سڏجي ٿي ۽ ڪن هنڌن تي هن کي Oshyaku به سڏين.
گيشا جي چونڊ ۾ شڪل کان وڌيڪ هن جي قابليت ۽ شخصيت وڌيڪ اهم سمجهي وڃي ٿي.
هر گيشا جي ڊيوٽي يعني وندرائڻ جو اگهه ڪلاڪن سان يا في شام جي حساب سان ٿئي ٿو. ڪابه صحيح قسم جي گيشا گراهڪ وٽ رات نه گذاريندي. جپان ۾ اهڙين هيٺائين درجي جي عورتن جي به کوٽ ناهي، جيڪي علم ۽ هنر ۾ ته قابل نه آهن، پر پاڻ کي گيشا سڏرائين ٿيون ۽ هو پنهنجي گراهڪ کي پنهنجي قابليت ۽ ڳائڻ وڄائڻ جي هنر سان وندرائڻ بدران جتي ڪٿي رات جو وڃڻ لاءِ به تيار رهن ٿيون. اهڙين گيشائن کي جپاني ماڻهو ”ماڪورا گيشا“ سڏين. جپاني لفظ ماڪورا جي معنيٰ وهاڻو ۽ ان قسم جي عورتن هتي جي اصل هنرمند، قابل ۽ باذوق گيشائن کي بدنام ڪيو آهي.
گيشائن لاءِ والٽ شيلڊان نالي هڪ ليکڪ خوب چيو آهي ته گيشا کي ڏسڻ سان توهان کي هن جي قابل هجڻ جو احساس ٿيندو.
You will be struck by her elusive, subtle expression... at once innocent and wicked, ad once bold and coy. There will be the trained grace of a dancer in her vanity, and the apotheosis of womanhood in her apparent breathless interest in her companion.

گيشائن بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون

گيشائن بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون

گيشائن جي زندگيءَ تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون (عشقيه توڙي الميه)، افسانا، ڪتاب ۽ فلمون ٺهي چڪيون آهن. گهڻيون ڪهاڻيون ۽ ڪتاب يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻهن جا لکيل آهن. مغربي ماڻهو، جيڪو هر شيءِ کي خريد و فروخت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هن لاءِ عورت (خاص ڪري ايشيا جي غريب ملڪن جي عورت) پڻ پئسن جي بدلي ۾ حاصل ڪرڻ جي Commodity آهي، اهو هتي جپان ۾ گيشا وٽ پهچيو سخت ناڪام ٿئي ٿو. هو پئسي جو گهڻو ئي زور لڳائي ٿو، عشق جو چڪر پڻ هلائي ٿو پر گيشا جو فقط وقتي پيشيورانه قرب ته حاصل ڪري سگهي ٿو پر هن کي هميشه لاءِ پنهنجو نٿو ڪري سگهي.
گيشائن جي لاءِ جپان جا ماڻهو توڙي گائيڊ بڪ اسان جهڙن بيوقوف ڌارين کي خبردار ڪندا رهن ٿا ته هي سهڻن وڳن، خوبصورت ميڪ اپ، اعلى ڄاڻ رکندڙ ۽ اتم اتاهن ادب آدابن کان واقف، جپان جون هي تربيت يافته عورتون، جيڪي گيشائون سڏجن ٿيون، اهي ڪي رنڊيون کَنڊيون نه آهن پر روايتي جپاني آرٽسٽ “Traditional Japanese Artist-Entertainer” آهن، جن جو ڪم امير مردن جي محفل يا ميٽنگ ۾ ويهي ڪچهري، راڳ روپ يا ناچ گاني ذريعي شام جا ڪجهه ڪلاڪ وندرائڻ آهي. دئٽ از آل! ان سروس جو هو ڪلاڪن، بلڪه منٽن جي حساب سان ڳاٽي ٽوڙ ملهه وٺن ٿيون.
اهي معزز مرد حضرات جيڪي گيشائن جي محفل ۾ گهڻو پيئڻ يا مستيءَ ۾ اچڻ سان ڇيڳرا ٿيو پون، اُهي دلپشوري لاءِ شهر جي ڪنهن نائيٽ ڪلب، ڪئبري ڊانس يا ريڊ ايريا ۾ وڃي سگهن ٿا_ جن شين سان جپان ڀريو پيو آهي (يا جيستائين جپان غريب هو ته ڀريو پيو هو، هاڻ اهڙن اڏن جي ٿورڙائي ضرور ٿيندي وڃي.) بهرحال هڪ گيشا توهان سان شام ته ملهائي سگهي ٿي پر رات هرگز نه. ان ڪري گيشائن کي جپان ۾ Evening Entertainer سڏجي ٿو. جيئن هڪ ٽي وي يا فلم جي فنڪاره يا ائڪٽريس کي اسان Prostitute نٿا سڏي سگهون، جو هوءَ هڪ آرٽسٽ آهي. هوءَ ائڪٽنگ جي هنر جي ڄاڻو آهي. اهڙيءَ طرح گيشا به آرٽسٽ آهي، بلڪه لفظ ”گيشا“ جي معنى ئي ”هنرمند عورت“ آهي. هوءَ ناچ گاني ۽ سُرندي وڄائڻ کان وٺي چانهه يا ساڪي (جپاني شراب) پيارڻ، ڪچهري جاري رکڻ ۽ روزمره جي مڪاني ۽ بين الاقوامي خبرن کان واقفڪار آهي. هوءَ مردن جي بور کان بور ڳالهه کي به وزن ڪرائي ٿي ۽ مُرڪي کين اهو احساس ڏياري ٿي ته هو وڏي دلچسپ شخصيت جا مالڪ آهن ۽ هو بيحد سٺيون ڳالهيون پيا ڪن. پاڻ به هنن ۾ دلچسپي رکي سندن دل خوش ڪري ٿي ۽ ارادتن يا غير ارادتن رکي رکي پنهنجي ڪمونو ڊريس جي تهن کي ٿورو هٽائي ڪڏهن ڪڏهن کين پنهنجي ٻانهن جا ڏورا ۽ وارن کان صاف ڪڇون ڏيکاري ٿي ته ڪڏهن سٿرن جي جهلڪ سان سندن اکيون ٺاري ٿي_ جنهن کي پاڻ گرمائڻ به چئي سگهون ٿا. ۽ پوءِ مقرر وقت- ڪلاڪ، ٻه يا اڍائي گذرڻ تي هوءَ متل محفل ڇڏي پنهنجي گيشا گهر رواني ٿي وڃي ٿي، يا جي ڪنهن ٻئي هنڌ Appointment اٿس ته ان هوٽل، ڪلب يا چانهه گهر ڏي رواني ٿي وڃي ٿي.
گيشا هڪ سستي قسم جي ناچڻي يا رنڊيءَ وانگر پنهنجي خدمت جو ملهه اڳواٽ يا وڃڻ وقت هرگز نٿي وٺي. هوءَ ان وقت پئسن جي ڳالهه آڻڻ بدران شان سان اٿي وڃي ٿي. سندس خدمت جو چِٺو (بل) گيشا گهر جي مالڪڻ- جيڪا ان گيشا جي مسٽريس، باس يا ”ماما سان“ آهي، طرفان ميزبان يا ڪمپنيءَ ڏي هفتي ڏيڍ کان پوءِ موڪليو وڃي ٿو، جيڪو ڪجهه هن ريت ٿئي ٿو؛
 ”ميشرس سوني اليڪٽرانڪ ڪمپني اوساڪا جي نالي مس فلاڻي گيشا جي ٻن ڪلاڪن لاءِ ڏنل خدمتن جو بل جيڪي هُن مانواري ڪمپنيءَ جي معزز مهمانن جي شام بهتر نموني وندرائڻ لاءِ سرانجام ڏنيون.“
 گيشا مس فلاڻي جي ميڪ اپ، تياري ۽ سواري جا 20 هزار يين.
 مانوارن مهمانن کي کِلي کيڪارڻ جا 10 هزار يين.
 مهمانن سان خبرون چارون ڪرڻ جا 10 هزار يين.
 مهمانن جا بيئر سان گلاس ڀرڻ جا 15 هزار يين.
 پندرهن منٽ نچڻ ۽ پندرهن منٽ ڳائڻ جا 25 هزار يين.
 ساميسن (جپاني سُرندو) وڄائڻ جا 15 هزار يين.
 ٻي ننڍي ننڍي اُٿ ويهه (مهمانن کي ٽشو پيپر ڏيڻ، مهمانن کي آرام سان ويهڻ لاءِ گادي کڻي ڏيڻ وغيره) جا 35 هزار يين.
 جملي بل هڪ لک ٽيهه هزار يين.

يعني انهن ٻن ڪلاڪن جي خدمت جي في ٿي پنجهٺ هزار رپيا (ڇو جو اڄ ڪلهه هڪ رپئي ۾ ٻه يين آهن.) ان مان گيشا جو هڪ هڪ پَلُ مهانگو هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ ان قسم جا خرچ سوني، ٽويوٽا ۽ ياشيڪا جهڙيون امير ڪمپنيون ۽ ماڻهو برداشت ڪري سگهن ٿا. اهي به اهڙا خرچ سوچي سمجهي انهن گراهڪن لاءِ ڪن ٿا جيڪي سندن پراڊڪٽ جي لکين ڊالرن ۾ خريداري ڪن ٿا. جيئن اسان وٽ دڪاندار ان گراهڪ کي ئي ٻه ٻه ڪوڪا ڪولائون پياريندو جنهن مان هن کي ڪمائڻ جي اُميد هوندي يا جيڪو کانئس ڳري اگهه تي خريداري ڪري چڪو هوندو.
جپاني ڪمپنيءَ جا مهمان جيڪڏهن هتي جا جپاني ئي آهن ته هو گيشا جي ڪلچر کان ڀلي ڀت واقف آهن ته گيشا جي مرڪ يا سندس مهمان جي هر ڳالهه ۽ ادا کي پسند ڪرڻ ۽ مٿانئس اکين اکين ۾ قربان ٿيڻ پٺيان هن جي پيشيورانه تربيت آهي ۽ اهو جادو فقط انهن ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ محدود آهي، جنهن لاءِ گيشا کي payment ٿيڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي. مقرر وقت (ڀاڙي تي ڪٿيل ڪلاڪ) گذرڻ بعد ”جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ“ وارو حساب هوندو آهي ۽ جپاني مهمان ”رات گئي بات گئي“ بلڪه شام جي پوري ٿيڻ تي ان سهڻي ۽ سهاني شام جون يادون، اتي ئي ان هوٽل جي هال ۾ وڇايل تيتامي (تڏي) تي ئي ڇنڊي اٿي کڙا ٿيندا آهن. پر مهمانن ۾ جي يورپي يا آمريڪن آهن ته هن مشرقي ڪلچر ۽ فضا جي ڄاڻ هجڻ جي باوجود هنن مان ڪو هڪ اڌ گيشا جي هنن عارضي ادائن جو تاب نه جهلي يا انهن کي هميشه لاءِ جو تصور ڪري هو غلط فهمي (بلڪه خوش فهميءَ) جو شڪار ٿي ويندو آهي. هڪ اهڙي غلطي جي بنياد تي منهنجو ترجمو ڪيل ناول ”ٽوڪيو جي گيشا“ (مس سدا بهار چنبيلي) آهي، جنهن ۾ آمريڪا کان آيل هڪ انجنيئر پهرين دعوت ۾ ئي گيشا جي انهن پيشيورانه ادائن کي حقيقت تي مبني سمجهي هن کي هميشه لاءِ دل ڏئي ويهي ٿو ۽ وتي ٿو هن پويان خرچ ڪندو. جپاني ڪمپنيءَ جي مجبوري هي آمريڪن انجنيئر آهي ۽ هن آمريڪن نوجوان جي ڪمزوري اها هڪ خاص گيشا مس سدا بهار چنبيلي آهي جيڪا ٽوڪيو جي اعلى ترين گيشا هجڻ ڪري سندس منٽ منٽ جو ڳالهائڻ هزارين رپيا آهي، جيڪو خرچ جپاني ڪمپني برداشت ڪندي ڪندي ڏيوالپڻي ۾ هلي وڃي ٿي. ڪمپني گهڻو ئي چاهي ٿي ته سندن مانَ وارو آمريڪن مهمان (جنهن جي معرفت هنن کي پنهنجي ڪمپنيءَ جي اليڪٽرانڪ پراڊڪٽ جي آمريڪا ۾ Sale وڌائي وڏو فائدو حاصل ڪرڻو هو اهو) ان گيشا بدران ڪنهن هيٺاهين درجي جي ناچڻي، ڳائڻي يا اڃا به وڌيڪ عيش ڪرائڻ واري ڪنهن فاحشه (جنهن جو اگهه گيشا جي اگهه کان ڪئين دفعا گهٽ ٿئي ٿو) تي راضي ٿي وڃي. پر هو ان ئي غلط فهميءَ ۾ رهيو ته گيشا کيس دل سان چاهي ٿي ۽ هن جي سڏڻ تي ايندي رهي ٿي. هن کي اها خبر ئي نه ته هر دفعي هن وٽ اچڻ جو لکن ۾ بل ڪمپنيءَ طرفان گيشا جي مسٽريس (موڪلڻ واري پوڙهيءَ) ڏي گيشا گهر روانو ٿئي ٿو.
ائين به نه آهي ته گيشائن کي فقط وڏيون ڪمپنيون پنهنجن مهمانن کي وندرائڻ لاءِ مسواڙ تي (يا کڻي چئجي ته هنن جي مقرر ٿيل في يا اگهه تي) Hire ڪن ٿيون پر ڪي ڪي جپاني بزنيس مين، ڪارخانيدار يا زميندار، جهازن جا مالڪ يا سرڪاري ڪامورا اهڙا به آهن، جيڪي فقط پنهنجي دل وندرائڻ لاءِ اعلى قسم جي گيشائن کي Engage ڪن ٿا ۽ انهن امير ماڻهن جي بار بار ساڳي گيشا کي گهرائڻ ۽ ان تي وڏو خرچ ڪرڻ تي اها گيشا پهرين ترجيح هميشه ان سيٺ کي ڏئي ٿي ۽ جپان ۾ ڪنهن ناليري گيشا کي ڳوٿريون نوٽن جون ڏئي پاڻ لاءِ Reserve ڪرڻ Status Symbol آهي. يعني ان مان اُن ماڻهوءَ جي دولت، بلند معيار ۽ اعلى سماجي رتبي جو ڏيک ملي ٿو. چوندا، فلاڻي همراهه جو ڌنڌو سٺو هلڻ لڳو آهي. کيس لوڪل جپاني ڪار بدران جرمن مرسڊيز ڪار آهي. وڌيڪ سٺو ڌنڌو ٿيڻ تي چي، ”فلاڻي کي هن هن شهر ۾ پنهنجا بنگلا ۽ گاڏيون آهن. نوڪر چاڪر، بورچي ۽ چوڪيدار آهن. ڪمپني جي اڃا به وڌيڪ ڪمائي ٿيڻ تي ان جو مالڪ گيشا رکي ٿو.
پنهنجي هڪ ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيترن پوڙهن اميرن جون زالون به اهو پسند نه ڪنديون ته سندن مڙسالو سج لهڻ کان اڳ گهر اچي نڪري ۽ پاڙي وارن کي شڪ پوي ۽ طعنو ڏين ته ڌنڌي ۾ نقصان پئجي ويو آهي ڇا؟ امير ۽ وڏي سيٺ جي شام ته گيشا سان گڏ ڪنهن ٽي هائوس يا ريسٽورنٽ ۾ گذرڻ کپي ۽ واقعي جيڪو پنهنجي شام ڪنهن گيشا سان ٿو گذاري، لکاپتي يا ڪروڙ پتي ته ڇا ارب پتي ئي هوندو، جيڪو هن ڌارئين عورت جي فقط ڪجهه ڪلاڪن جي مرڪ ۽ مٺين ڳالهين پٺيان ايڏو ڌن دولت خرچ ڪري ٿو.
اهو بار بار چيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ گهڻي ڀاڱي حقيقت آهي ته گيشا جو ڪم ڪچهري، راڳ، سُرندي يا ناچ جهڙين شين سان معزز مردن کي وندرائڻ آهي. گيشا جو بستر يا وهاڻي سان تعلق ناهي. هن جو عشق يا دل لڳائڻ سان واسطو ناهي پر اها سؤ سيڪڙو ڳالهه صحيح به نه آهي. گيشائون به انسان آهن. هنن جي سيني ۾ به هڪ جذبات سان پُر دل آهي. هو Entertainment جي سفر ۾ ڪنهن هنڌ ڪنهن کي دل به ڏيو وجهن پر اهو آهي ته ان لاءِ هو بيحد امير ترين (پوءِ اهو توڙي کڻي وڏي عمر جو هجي) مرد ڳولين ٿيون، جيڪي هنن جا نه فقط انگل آرا کڻي سگهن، مستقبل جا خرچ برداشت ڪري سگهن پر انهن گيشائن جي مالڪياڻين کي، جن هنن کي ننڍي لاڪون پالي وڏو ڪيو، کين مختلف هنر سيکارڻ لاءِ محنت ۽ پئسو خرچ ڪيو، ان جي به بمع فائدو ادائگي ڪري سگهن.
جيئن ئي گيشا پوڙهي ٿيڻ لڳي ٿي ته هن جي مالڪڻ جيڪا ”ماما سانَ“سڏجي ٿي، ڪجهه اهوئي چاهي ٿي ته هاڻ ڪو گرو گنجو، پوڙهو سيٺ بُل ۾ اچي وڃي، جنهن سان هن کي وڪڙائي ڇڏجي، جيئن هيءَ به وڃي خوشحال گهريلو زندگي گذاري ته کيس (ماما سان کي) به سندس باقي اجورو لم سم پئسن ۾ ملي وڃي. اهڙو ڪو پوڙهو امير سيٺ يا وڏيرو جپان ۾ ڦاسائڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي. جپان ۾ لکين ڪمپنيون آهن جن جا امير مالڪ انهن گيشائن پٺيان ئي ڦرندا رهن ٿا ۽ گهڻو خرچ ڪرڻ ۽ هڪ ئي گيشا جي حاضري ڀرڻ ڪري پوءِ اها گيشا ٽَل شَل سان کين هٿڙو به گهمائڻ ڏئي ٿي ته اڳتي هلي هن کي رات ٽِڪڻ لاءِ به چوي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا پوڙها امير هنن گيشائن لاءِ بيحد Safe آهن. هو فقط گهر ڇڏي گيشا وٽ ان ڪري اچيو ٿا رهن ته پاڙي اوڙي تي سندن ۽ سندن زال جي لئه ويهي ته هو بزنيس ۾ گهڻو ڪمائي رهيا آهن ۽ ايترو افورڊ ڪري سگهن ٿا جو هو گيشا وٽ رات به گذاري سگهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هوڏانهن گيشا جي ڀرسان ليٽي هو ٻي ڪا ڦڏيبازي ڪرڻ بدران فقط فائننشل ٽائيمس جهڙي ڪا اخبار کڻي وهن ٿا. ان جو فقط چوٿو صفحو پڙهڻ سان کين ننڊ کڻيو وڃي ۽ گيشا جي گُڻن ۽ ڳالهين مان لطف اندوز ٿيڻ يا سندس قيمتي وڳي ۽ ترڪڻي جسم جي تعريف ڪرڻ بدران ماڳهين سڄي رات کونگهرا هڻي ڀر ۾ ستل گيشا کي اوجاڳي جي تڪليف ڏين ٿا.
گيشا جي مسٽريس (مالڪڻ)، جنهن هن کي مڪمل طرح گيشا ٿي ڪمائڻ لائق بنائڻ تي ننڍپڻ کان وٺي، سالن جا سال وڏو خرچ ڪيو، ان کي گيشا جي Engagements مان مليل پئسي جو هڪ حصو ملندو رهي ٿو يا جيسين هوءَ ڪا امير Patron ڳولي، ان کان پنهنجي مالڪڻ جي ڪيل Investment جي ادائگي ڪرائي، پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪري. گيشا جي مالڪڻ کي اهو ايڏو پئسو ملي ٿو، جيڪو ٻئي کي ڪنهن ٻئي بزنيس، واپار يا سڄي Investment مان نه ملي سگهي. ان کان علاوه گيشا جي مالڪڻ ان مشهور رسم مان به وڏو ناڻو حاصل ڪري وٺي ٿي، جنهن کي جپانيءَ ۾ ميزو آگي (Mizuage) سڏجي ٿو، جنهن کي ننڍي کنڊ جي عياشيءَ جي اڏن تي نٿ يا بولي ڀڃڻ چيو وڃي ٿو.
ميزو آگي رسم ۾ گيشا جي مالڪڻ گيشا جي Virginity ڪنهن امير وٽ وڏي اگهه ۾ وڪڻي ٿي. ان هڪ رات بعد گيشا تي مالڪڻ طرفان ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي ته هوءَ مهمانن کي راضي ڪرڻ لاءِ سيڪس جو سهارو نه وٺي. اڄڪلهه جا سرڪاري جپاني گائيڊ بڪ جيتوڻيڪ اهو Claim ڪن ٿا ته جپان ۾ نٿ ٽوڙڻ Mizuage جي رسم ختم ٿي چڪي آهي پر ان هوندي به ان بابت انيڪ قصا ڪهاڻيون ٻڌڻ ۾ اينديون رهن ٿيون.
ڪجهه سال اڳ آمريڪن ليکڪ آرٿر گولڊن جو جيڪو گيشا جي زندگيءَ تي “Memoirs of Geisha” نالي ناول ڇپيو آهي، ان ۾ هن ناول جي مرڪزي ڪردار ”چييو“ نالي هڪ گيشا جي Mizuage واري رسم ادا ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي ادائگي ڊاڪٽر ڪرئب نالي همراهه وڏو ملهه ڏئي ڪري ٿو. شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته جپان جي گيشائن جي ڪهاڻين تي ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن مان گهڻا تڻا آمريڪن لکيا آهن. ان عنوان تي ڪجهه مشهور ڪتاب (جيڪي مون پڙهيا آهن) هن ريت آهن:
• ليزا ڊالبي جو گيشا نالي ڪتاب. هن ڪتاب جي ليکڪا ليزا آمريڪا جي Anthropologist آهي هوءَ پنهنجي ٿيسز جي ريسرچ لاءِ جڏهن جپان ۾ آئي ته پاڻ گيشا بڻجي گيشائن جي مشهور شهر ڪيوٽو ۾ ٻه سال کن گذاريائين ۽ آيل مهمانن کي وندرايائين. هن ليکڪا پنهنجي ڪتاب ۾ گيشا جي زندگيءَ جي سلسلي ۾ پنهنجا تجربا لکيا آهن.
• ليسلي ڊائونر نالي ليکڪ جي ڪتاب، “Women of the Pleasure Quarters: The Secret History of the Geisha” ۾ هن گيشا جي شروع وارن ڏينهن کان وٺي تاريخ لکي آهي.
• گيشائن جي زندگيءَ تي هڪ ٻيو ڪتاب هڪ جپاني عورت Mineko Iwesaki جو “A Life of Geisha” آهي. هن ۾ فل ٽائيم گيشا جي زندگيءَ جو احوال ڏنل آهي.
• De Becker نالي هڪ ليکڪ جو هڪ ڪتاب: “Nightless City of Geshia”
پر انهن سڀني ۾ گهڻو مشهور، گهڻو وڪرو ٿيندڙ نيويارڪ ٽائيمس ۾ 58 هفتن تائين Bestseller لسٽ تي ايندڙ ۽ دنيا جي تقريبن 30 زبانن ۾ ترجمو ٿيندڙ آرٿر گولڊن جو ڪتاب “Memoirs of a Geisha” آهي، جنهن تي اسٽيون اسپيلبرگ فلم به ٺاهي آهي.
ٻه اکر هن ڪتاب جي مصنف آرٿر گولڊن بابت:
“Memoirs of a Geisha” ڪتاب جو ليکڪ Aruthur Golden آمريڪا جي رياست ٽينيسي ۾ ڄائو ۽ هارورڊ ڪاليج مان ”آرٽ هسٽري“ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. سندس ميجر سبجيڪٽ جپاني آرٽ هو. 1980ع ۾ هُن ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان جپاني تاريخ ۾ ايم اي ڪئي ۽ اتي جي هڪ مشهور چيني زبان منڊارن (جيڪا سنگاپور ۾ پڻ ڳالهائي وڃي ٿي) پڻ سکي ۽ پوءِ سال کن بيجنگ يونيورسٽي (چين) ۾ رهڻ بعد ٽوڪيو ۾ اچي نوڪري ڪئي. ان بعد واپس آمريڪا اچڻ تي هن آمريڪا جي بوسٽن يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ سبجيڪٽ ۾ ايم اي ڪئي. چين ۾ رهائش دوران هن جي واشنگٽن يونيورسٽي جي گريجوئيٽ ڇوڪري ٽرڊي سان ملاقات ٿي ۽ 1982ع ۾ شادي ٿي.
تعليم مان واندو ٿيڻ بعد آرٿر کي ”نيويارڪ ٽائيمس“ جهڙي اخباري دنيا ۾ سٺي پگهار تي نوڪري ملي وئي پر هن نوڪري ڪرڻ بدران لکڻ پسند ڪيو. ان سلسلي ۾ 1987ع ۾ هن جپان جي گيشا عورتن تي ريسرچ ورڪ شروع ڪيو ۽ بقول سندس، هن کي اها خبر پيئي ته اها دنيا ئي ٻي آهي.
“It is a subculture with its own strange rules.”
اسان جي کدڙن وانگر جپان جون گيشائون پنهنجي دنيا جون حقيقتون ۽ تفصيلي خبرون ۽ راز ٻڌائيندي نٽائين ٿيون پر مٿئين ڪتاب جو مصنف خوش قسمت هو جو هن کي سندس ڪنهن دوست جي معرفت مينيڪو ايواساڪي نالي (هڪ 42 سالن جي شادي شده ۽ هڪ ٻار جي ماءُ) گيشا ملي وئي، جيڪا پاڻ جڏهن ننڍي هئي ته ان وقت رڪارڊ قيمت اٺ لک ڊالر يعني چئن ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ٿي هئي. هن ”گيشا“ ڪتاب جي ليکڪ کي گيشائن جي دنيا ۽ سندن روزمره جي ڪارواين جي تفصيل کان آگاهه ڪيو. بهرحال هن ناول جي ڪهاڻي هن گيشا مينيڪو ايواساڪي جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ناهي پر ناول جي هيروئن ”چييو“ جون ڪيتريون ڳالهيون ان سان مشابهت ضرور رکن ٿيون.
آرٿر گولڊن کي هي ڪتاب “Memoirs of Geisha” لکڻ ۾ ڏهه سال لڳي ويا ۽ 1996ع ۾ پورو ٿيڻ تي هن ڪتاب جو مواد ڇپڻ لاءِ Alfred A. Knopf اڍائي لک ڊالرن ۾ ليکڪ کان خريد ڪيو.
“Memoirs of a Geisha” (هڪ گيشا جون يادون) ڪتاب مهاڻن جي ڳوٺ جي هڪ خوبصورت نينگري ”چييو“ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا وڏي ٿي، سن 1930ع ڌاري ڪيوٽو شهر جي بيحد مشهور گيشا ثابت ٿئي ٿي.
چييو جڏهن ننڍڙي هئي ته هڪ ڏينهن ڳوٺ جي امير مهاڻي جي هن تي نظر پوي ٿي، جيڪو ڇوڪريءَ جي پوڙهي پيءُ ۽ مرڻ ڪنڌيءَ تي بيمار ماءُ جي موڪل سان ڇوڪريءَ کي ڪيوٽو ۾ وٺي اچي ٿو. (ٽوڪيو کان اڳ ڪيوٽو جپان جي گاديءَ جو هنڌ هو. ڪيوٽو خوبصورت باغن، جهونن مندرن ۽ گيشائن جي اڏن کان اڄ به مشهور آهي). ڪيوٽو ۾ هوءَ هڪ گيشائن جي اڏي تي مسز نيٽا نالي هڪ ”ماما سان“ کي وڪرو ڪري ڏني وڃي ٿي. چييو جيسين هڪ مڪمل گيشا ٿئي ۽ گيشائي اڏي جي مالڪڻ لاءِ ڪمائيءَ جو ذريعو ثابت ٿئي، هڪ پورهيت وانگر ”ماما سان“ جي حڪم جي پوئيواري ڪرڻ سان گڏ مائٽن ۽ ڳوٺ کي به ياد ڪندي رهي ٿي، جتي سندس ننڍپڻ جو وقت کلندي ڪڏندي گذريو هو.
گيشا ٿيڻ جي ٽريننگ دوران ”چييو“ لاءِ اها مصيبت پڻ شامل هئي ته گيشا گهر ۾ ”هاتسو مومو“ نالي جيڪا ٻي گيشا موجو د هئي سا هن نئين آيل نينگري ”چييو“ جي ٺاهوڪي جسماني بيهڪ ۽ سهڻي نڪ چپ ۽ ڪبوتري اکين کي ڏسي سڙڻ لڳي ۽ چييو کي مختلف طريقن سان تنگ ڪندي رهي . هن چييو کي پنهنجو Rival سمجهيو ٿي ۽ چييو هر وقت هاتسومومو جي ڪوڙڪين کان پاڻ کي بچائيندي رهي ٿي. هن هڪ دفعو خودڪُشي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي.
گيشا ٿيڻ بعد هوءَ پنهنجن گراهڪن مان هڪ (ڪمپنيءَ جي چيئرمين) کي پاڻ ارپڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جيڪو پهرين ته هن ۾ دلچسپي وٺي ٿو ۽ همدرديءَ سان پيش اچي ٿو پر پوءِ عجيب سرد رخيءَ سان پاسيرو ٿي وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ هي هڪ افسانوي ڪهاڻي آهي پر ليکڪ گيشائن جي زندگيءَ جو ايڏو ته گهرو مطالعو ڪيو آهي جو هي ناول حقيقت تي مبني لڳي ٿو.

گيشائن جي دنيا

گيشائن جي دنيا

هڪ جپاني ڪلچرل فنڪشن ۾ وڏي عمر جي هڪ جپانيءَ اڄ جي نوجوان ٽهيءَ جي شڪايت ڪندي چيو ته هنن کي اڄ جي مغربي ماحول سان وڌيڪ دلچسپي آهي. هو صبح جو سوير اٿي ڪنهن کي سُرندو وڄائيندو ڏسي شوق سان ٻڌڻ بدران شام جو نائيٽ ڪلبن ۾ ڊسڪو ميوزڪ جو گوڙ شور پسند ڪن ٿا.
جپان ۾ جنهن نموني سان گيشائن جو تعداد گهٽبو وڃي، ان جو ”الڪو ڪرڻ“ تي مون پڇيو ته آخر ائين ڇو آهي.
”ان ڪري جو اڄ انهن جا قدردان ئي گهٽبا وڃن.“ هن سبب ٻڌايا، ”جهوني جڳ جي ماڻهن کي سڪون ٿي کتو ۽ وڻندڙ ٻول ٿي پسند آيا، ساميسين (جپاني ٽن تارن وارو سرندو) ۽ ڪلاسيڪل راڳ جا هو قدردان هئا، وڏي ڳالهه ته هنن گيشا جهڙين ڄاڻو، هنرمند ۽ قربائتين عورتن جي صحبت ۾ ويهي خوشي ٿي محسوس ڪئي، پر اڄ جو نوجوان لست وٺڻ چاهيٿو، جيڪا هن کي ’يوجو‘ ۽ جورو ئي وٺرائي سگهي ٿي.“
جپاني لفظ يوجو ۽ جورو فاحشه عورت (Prostitute) لاءِ ئي استعمال ٿين ٿا. گيشا مرد سان نويڪلي وهي ٿي، ڳائي، نچي، دنيا جون تازيون ترين سياسي خبرون ۽ ويندي فحش شاعري به ٻڌائي ٿي. گو (شطرنج ۽ ليوڊو وانگر جپاني راند) کيڏائي، کيس ۽ سندس مهمانن کي چانهه پياري ۽ مٺيون ڳالهيون ڪري وندرائي ته سگهي ٿي، پر چادر ۽ وهاڻي کان پري رهي ٿي.
گيشا لاءِ جپانيءَ ۾ هڪ ٻيو لفظ (Gieko) به استعمال ٿئي ٿو، جيڪو ڪيوٽو ۽ اوساڪا ۾ عام آهي. گيشا لفظ ٽوڪيو جو آهي ۽ جيئن ته گهڻا فارينر ٽوڪيو ۾ رهن ٿا ان ڪري جپان کان ٻاهر هنن هنرن جي ڄاڻو عورتن جو نالو گيشا وڌيڪ عام آهي.
اها ڇوڪري جيڪا گيشا ٿيندي آهي، پهرين پنج سال مائيڪو ٿي ڪم سکندي آهي. يعني ڳائڻ وڄائڻ، نچڻ، ڳالهائڻ، هار سينگار ڪرڻ ۽ مردن جي دل وندرائڻ جو هنر. هونءَ گيشا وانگر مائيڪو به ٻن لفظن جو جوڙ آهي. مائي (Mai)معنى ناچ ۽ Ko معنى ٻار يعني ’ڊانسنگ گرل‘. مائيڪو جڏهن Gei (هنر) سکي ٿي ته گيشا ٿئي ٿي. مائيڪو به گيشا وانگر هڪ قسم جي فنڪاره آهي ۽ Prostitute هرگز نه. هڪ هنڌ (شايد ڪنهن ناول ۾) مائيڪو هڪ اڻ ڄاڻ آمريڪن فوجيءَ کي سندس بيجا Advances کي روڪڻ ۽ پنهنجي اصليت کان کيس واقف ڪرائڻ لاءِ (جيئن هو سندس عزت ۽ قدر ڪري) ٻڌائيس ٿي ته:
“A maiko and geisha’s profession is based on preserving the traditional art such as dance, singing and music, and entertaining in a non- sexual manner.”
هڪ ٻئي ناول يا ڪهاڻيءَ ۾ گيشا کان پڇيو ٿو وڃي ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا مردن (يعني امير ۽ وڏن طاقتور عهدن وارن جپاني مردن) لاءِ باعث ڪشش آهي.
”اهو آهي اسان جو مٺو ڳالهائڻ ۽ مردن جي هر ڳالهه کي اهميت ڏيڻ. يعني کين اهو احساس ڏيارڻ ته توهان وڏي ڳالهه آهيو. هو پنهنجين ڇترين زالن کان پري ر هي، ڪجهه وقت اسان وٽ سڪون ۾ گذارڻ چاهين ٿا.“
ٿي سگهي ٿو ڪي جپاني زالون ڇتريون به هجن، تڏهن ته هنن جا پوڙها امير مڙس کين ڇڏيو، هنن سهڻين (گهٽ ۾ گهٽ ويس وڳي ۽ لالي سرخي ڪرڻ ۾ قابل)، جرڪندڙ جسمن ۽ خوشبوئن جي هٻڪار ۾ ڀريل گيشائن وٽ پهچيو وڃن.
حق جي ڳالهه ڪبي ته جپاني ڇوڪريءَ جي شادي ٿيڻ سان هوءَ روبوٽ وانگر پورهئي ۾ شروع ٿيو وڃي. مڙس جي خدمت، سس سهري جي ٽهل ٽڪور، گهر جي صفائي، پاڻي ۽ بجلي مهانگي هجڻ ڪري هٿ سان کار صابڻ ۾ ڪپڙا ڌوئڻ، چاهي واشنگ مشين پئي هجي. جپان ۾ ٽي مهينا سخت جيڪب آباد جهڙي گرمي ۽ ٽي مهينا سخت ڪوئيٽا جهڙي سردي ٿئي ٿي، ان ۾ هيءَ اڀاڳي ننڍي سائيز جي چئمپل ۾ (جنهن مان پير جي کڙي زمين تي گسي گسي سيراٽجي ويندس) ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ويندي، سستي بصر پٽاٽي لاءِ اوسي پاسي جون مارڪيٽون رلي سامان ڪلهن تي رکي گهر ايندي، جيئن مڙس جي ٿوري بجيٽ مان پورائو ٿئي. نوڪر يا ڪم واري رکڻ جو ته ڪا جپاني عورت سوچي به نٿي سگهي جو مڙس موچڙا هڻيس. مڙس کي رڳو آفيس جي تات ۽ پنهنجي ترقي ۽ پگهار وڌڻ جو اونو رهي ٿو. پوءِ پنجاهه سالن جي لڳ ڀڳ جڏهن مڙس صاحب پنهنجي آفيس يا ڪارخاني جو وڏو صاحب يا M.D يا چيئرمين ٿئي ٿو، سندس پگهار ۽ Facilities وڌن ٿيون ته پوءِ هن کي پنهنجي زال، جيڪا ان عمر تائين پورهيا ڪري ڪري بس ٿي وڃي ٿي، سا صفا نٿي وڻي ۽ امر جليل جي هڪ افساني ۾ سنڌي وڏيري يا ڪاموري جي ڪردار وانگر جنهن کي پنهنجي ڳوٺاڻي زال مان هر وقت پگهر ۽ ڇيڻي جي ڌپ اچي ٿي، ان ڪري هو هر وقت هيرا منڊي ڀڳو بيٺو آهي، ان ريت هن جپاني پوڙهي ۽ هاڻ امير ۽ طاقتور پوسٽ تي پهچڻ واري جپاني مرد کي سندس بيحال زال مُور نٿي وڻي. نه شڪل شبيهه ۾ نه ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ۽ هتي جي چئيوان ۽ پورهيت عورت به سڄي عمر ناقدري ۽ پورهئي جي جنڊ ۾ پيسجي پيسجي هاڻ مڙس جي ڇڙٻن تي کيس ورندي ٿي ڏئي يا سوال جواب ٿي ڪري ته مڙس ان کي سائيڪو يا ڇتري ٿو سڏي.
هڪ جپانيءَ گيشائن جي گهٽجندڙ تعداد لاءِ ٻڌايو ته گيشائن تي ايڏو خرچ آهي جو اڄ جو امير کان امير ماڻهو به لنوائي ٿو. ”وڏي خرچ کان علاوه“، هن ٻيو سبب ٻڌايو، ”جپان ۾ اڄڪلهه پيار جي شادي عام ٿيڻ ڪري جپاني زال مڙس هڪ ٻئي مان خوش گذارين ٿا. اڳ ۾ مائٽن طرفان شاديءَ جو بندوبست ٿيندو هو پوءِ ڪيترائي امير مرد پنهنجين بور ۽ ڪومايل زالن مان ڪجهه گهڙيون نجات حاصل ڪرڻ لاءِ گيشائن ڏي ڀڳا ٿي.“
بهرحال ڪنهن گيشا جو خاص گراهڪ ٿيڻ ۽ سندس قرب حاصل ڪرڻ لاءِ گيشا هن کي چڱو خاصو ڦُري فقير ڪري ٿي. جاين جڳهين کان وٺي مڙس جو ”هلندڙ ڪاروبار“ پنهنجي نالي ڪرائي پوءِ هن کي پنهنجي کٽ جي پيرانديءَ کان ويهڻ ڏئي ٿي. هر گيشا آخر ۾ هڪ پڪو عاشق Patron ٺاهي ٿي، جيڪو هن کي کارائي پياري ۽ خدمت چاڪري ڪري. جپان ۾ گيشا جي Patron کي ڊانا (Danna) سڏجي ٿو. لاهور جي هيرا منڊيءَ وانگر جپان جي شهر ڪيوٽو ۾، جيڪو گيشائن جو سڀ کان وڏو علائقو (هانا ماچي) آهي، اهو Gion Kobu سڏجي ٿو. هونءَ هانا معنى گل ۽ ماچي معنى شهر. جتي به گيشائون رهن ٿيون، اهو علائقو گلن جو شهر (Hanamachi) سڏجي ٿو، يعني گلن جي سيج. گيشا جيڪا خدمتون ڏئي ٿي، ان جي في مالڪڻ (ماماسانَ) کي ملي ٿي جنهن مان جيڪو حصو يا پگهار ماماسانَ پنهنجي گيشا کي ڏئي ٿي، ان کي Hanadai سڏين، يعني گلن جا پئسا. گيشائون پنهنجي مالڪڻ کي Okasan پڻ سڏين يعني ”ماءُ“ ۽ جنهن گهر ۾ رهن اهو اوڪييا سڏجي. جيسين گيشا اوڪاسان جي حوالي هوندي آهي تيسين هن کي اوڪييا ۾ ئي رهڻو پوي ٿو.
راکي ٻڌڻ جهڙي سانسان ڪودو نالي هڪ رسم هنن گيشائن ۾ عام ٿئي جنهن جي معنى آهي ”ٽي دفعا ٽي نو ڀيرا.“ هن رسم موجب گيشا ۽ مائيڪو (يا ٻئي گيشائون) ساڪي شراب جي ٽن گلاسن مان ٽي ٽي ڍڪ ڀرين، يعني جملي نَو ڍُڪَ ٻرين. ان بعد اهي ٻئي ڀيڻون سڏائين.
هنر سکندڙ ڇوڪري گيشا ٿيڻ کان اڳ مائيڪو هوندي آهي پر مائيڪو طور رهڻ کان اڳ هوءَ ”شي ڪومي“ سڏبي آهي. شي ڪومي ڇوڪريون گيشا گهرن ۾ مالڪڻ کي ٻهاري پوچي ۽ رڌ پچاءَ جي ڪمن ۾ مدد ڪن ۽ مائيڪو ۽ گيشائن کي ميڪ اپ ۽ هار سينگار ۾ همراهي ڪرائين.
شي ڪومي بعد اهي ڇوڪريون مائيڪو ٿين ۽ پوءِ آخر ۾ گيشائون. يعني گيشا لاءِ گريجوئيٽ ٿيڻ لاءِ ڇوڪرين کي وڏي عرصي لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي.
هونءَ اها شايد ڪيترن کي خبر نه هجي ته شروع ۾ گيشائن وارا ڪم کدڙا ڪندا هئا ۽ اُهي ”اوتوڪو گيشا“ سڏبا هئا. پوءِ آهستي آهستي انهن جي جاءِ عورتن والاري. پر هاڻ جنهن رفتار سان ڏينهون ڏينهن گيشائن جو نظر اچڻ گهٽجي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته جپان جا امير ماڻهو هن ”ڪموڊٽي“ تي خرچ ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا. ان قسم جو سبب ڏيندي هتي جي هڪ جهوني گيشا مئڊم هارو ڪاٽو ٽي وي وارن کي ٻڌايو: ”ٻي وڏي لڙائيءَ کان اڳ تائين جپان ۾ گيشائن جي هنرن ۽ ڄاڻ جو وڏو قدر ڪيو ويو ٿي. ماڻهو هن سان گهڙي ساعت گذارڻ کي به روح جي راحت ۽ اعلى قسم جي وندر سمجهندا هئا. پوءِ آمريڪن جي قبضي بعد اسان جي ڌنڌي کي وڏو ڇيهو مغرب جي بار گرلس رسايو جن کي ڏسي اسان جون جپاني ڇوڪريون به محنت ڪري هنر سکي گيشا ٿي مردن جي دل وندرائڻ بدران فقط گيشا جهڙا ڪپڙا ۽ ميڪ اپ ڪري مردن کي مزو وٺرائڻ لڳيون. نتيجي ۾ اسان جا گراهڪ هاڻ اسان جا ديسي ۽ روايتي (پڪي قسم جا) راڳ ۽ پراڻا ناچ پسند نٿا ڪن.“
وقت سان Status Symbols به بدلبا رهن ٿا. اهو به ڪو دور هو جو وڏ ماڻهپي جي نشاني گيشا سان ويجها تعلقات هئا، پر اڄ گولف کيڏڻ آهي. هڪ هنڌ لکي آيو آهيان ته جپان ۾ ميدانن (زمين) جي کوٽ هجڻ ڪري گولف راند جي ميمبر شپ سڀ ۾ مهانگي شيءِ آهي. اهو تمام وڏو امير سمجهيو وڃي ٿو جيڪو هفتي ۾ هڪ دفعو يا پندرهن ڏينهن ۾ هڪ دفعو گولف راند کيڏي ٿو. ان جي في ايڏي وڏي آهي جو ڪيترا ماڻهو جپان ۾ کيڏڻ بدران ويڪ اينڊ تي ملائيشيا يا ٿائيلينڊ هليا وڃن ٿا ۽ ڇنڇر ۽ آچر جي شام اتي راند کيڏي، رات واري فلائيٽ ۾ وطن ورن ٿا. هوائي جهاز جي اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ، ٻه ڏينهن کن هوٽل ۾ رهائش ۽ راند کيڏڻ جي في ۽ ٻيو خرچ جوڙ ڪيو وڃي ته به جپان ۾ گولف کيڏڻ کان گهٽ ٿئي ٿو. سو اڄڪلهه فلاڻو يا فلاڻو ماڻهو گيشا سان شام گذارڻ سان نه پر گولف راند کيڏڻ سان وڌيڪ وڏ ماڻهپي جو ڏيک ڏئي ٿو.

جپان جي هڪ جهوني گيشا

جپان جي هڪ جهوني گيشا

ڪيتريون ئي گيشائون جپاني معاشري ۾ سونهن سوڀيا، هنر، فن ۽ پئسي ڏوڪڙن کان علاوه تمام اهم ۽ طاقتور پڻ سمجهيون وڃن ٿيون، جو هنن جي ملڪ جي امير ترين ۽ اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان ويجهڙائي رهي ٿي ۽ هنن جي پيٽ ۾ انهن ماڻهن جا ڪيترائي راز ۽ ڪار گذاريون لڪل ٿين ٿيون. گيشائن جي سخت Code مطابق ڪابه گيشا مرندي مري وڃي ٿي، پر پنهنجي قدردان ۽ پيارن جا راز عام اڳيان نٿي کولي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پنج ئي آڱريون برابر نه آهن. رکي رکي ڪا گيشا اهڙو دٻڙاٽ ڪڍندي آهي جو ملڪ جي ميڊيا مشغول ٿي ويندي آهي ۽ ان همراهه کي منهن لڪائڻ لاءِ ڪو ڪنڊ پاسو نه ملندو آهي. 1989ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم سَوسُوڪي جو سر هليو ويو هو. جڏهن ان دور جي هڪ گيشا ماڻهن کي وزيراعظم سان هلندڙ افيئر بابت ٻڌايو. جپاني عوام توڙي ملڪ جي سياستدانن لاءِ اها ايڏي ته وڏي بي عزتي ثابت ٿي جو ٻي اليڪشن ۾ سوسوڪي جي سياسي پارٽيءَ کي ذليل طرح هارائڻو پيو.
ان راز کولڻ واري ڳالهه جو نه فقط وزيراعظم ۽ ان جي پارٽيءَ کي نقصان رسيو، پر سڄي گيشا برادريءَ کي پڻ. گيشائن وٽ وڃڻ وارا اُهي جيڪي گيشائن وٽ پنهنجين زالن جي شڪايتن کان وٺي غير قانوني طور ڪمايل پئسي جون ڳالهيون ويهي ڪندا هئا، سي جاني عاشق ڊڄي ويا ته جن کي پنهنجي پيشي جي پهرين اصول مطابق پنهنجي گراهڪ جي ڳالهه ٻاهر ناهي ڪڍڻي، انهن کي هي ڇا ٿي ويو! ملڪ جون گيشائون مٿي تي هٿ رکي گراهڪن جي سڏ جو انتظار ڪنديون رهيون. جپان جي هيءَ وڏي انڊسٽري ڏيوالي جي حد تي پهچي وئي هئي.
1981ع ڌاري جپان مان آخري جهاز هاڪارڻ وقت جپان جي مشهور ۽ وڏي عمر واري گيشا هارو ڪاٽو جون خبرون اڪثر اخبار ۾ پڙهڻ جو موقعو ملندو هو. مئڊم هاروءَ ٻئي وڏيون لڙايون ڏٺيون. هوءَ 1894ع ۾ ڄائي هئي. منهنجي جپان ڇڏڻ وقت هوءَ 86 سالن جي هئي. پورن 16 سالن بعد 1996ع ۾ هوءَ 102 سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي. مون به هفتيوار انگريزي رسالي نيوز ويڪ ۾ پڙهيو ته جپان جي پوڙهي ۾ پوڙهي ”هارو ڪاٽو“ نالي گيشا ٽوڪيو اسپتال ۾ گذاري وئي.

هارو ڪاٽو لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن 80 سال پنهنجي پروفيشن ۾ لڳايا ۽ جپان جي Rich & Powerful ماڻهن کي وندرايو، جن مان جپان جو وزيراعظم تاڪاشي هارا، ٻي وڏي لڙائيءَ جو بدنام جنرل هيديڪي توجو، هونڊا موٽر ڪمپنيءَ جو فائونڊر مسٽر ”سوئي چيرو هونڊا“ هن جا ڪجهه گراهڪ هئا. پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا انهن مان ڪنهن سان هن گيشا جو عشق ٿيو، جڏهن ته ٻئي ڌريون جوان هيون؟ هاروءَ ان بابت ڪڏهن به نه ٻڌايو. هوءَ اهو ئي چوندي هئي ته سٺي گيشا کي ان بابت ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍڻ کپي.
هارو ڪاٽو جو جيتوڻيڪ ڄمڻ وقت اهو ئي نالو هو، پر پوءِ هوءَ پاڻ کي Tsuta kiyokomatsu Asaji (تسوتا ڪييو ڪومتسو اَساجي) جي نالي سان سڏائڻ لڳي. منهنجي خيال ۾ هن کان وڏو جپاني نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو. ”اَساجي“ سندس ذات ڪڍي ڇڏجي ته به چڱو نالو رهي ٿو.
اَساجي 1905ع ۾ جڏهن يارهن سالن جي هئي ته جپان جي Entertainment جي دنيا ۾ داخل ٿي، يعني گيشا ٿيڻ لاءِ گيشا گهر ۾ آئي. پنجن سالن اندر هوءَ مختلف هنر سکي مڪمل گيشا ٿي ۽ پنهنجي پروفيشن جي شروعات ٽوڪيو جي يانا گيباشي علائقي ۾ ڪئي، جتي هوءَ زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي رهي.
جپان جي روايتي راڳ (Okiwazu bushi) جيڪو ڪابوڪي (Kabuki) اسٽيج ڊرامن ۾ ڳايو وڃي ٿو، ان جي پاڻ ماهر هئي. 1989ع ۾ پاڻ ڪلچر ايوارڊ به کٽيائين ۽ مرڻ کان ٻه سال اڳ 1994ع ۾ سندس زندگيءَ بابت لکيل آتم ڪهاڻي ڇپي. ٻڌو اٿم ته ويجهڙائيءَ ۾ سندس ان Autobiography جو ڪتاب انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿيو آهي. هن قسم جي گيشائن جي زندگيءَ جو احوال ڪنهن فوجي جانيل يا سياستدان جي آتم ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ دلچسپ ٿئي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هارو ڪاٽو (اَساجي) پراڻي جڳ جي هڪ صحيح قسم جي گيشا هئي. جهور پوڙهي ٿيڻ جي باوجود کيس پنهنجي قابليت ذريعي ماڻهن کي وندرائڻ جو آرٽ هو. هن گيشا لاءِ چيو ويندو هو ته:
"She is one of the last links to a fading and much misunderstood artistic tradition."
هارو ڪاٽو (اَساجي) گيشا وڏي عمر ۾ هڪ پاڻ کان وڏي سان شادي به ڪئي، جيڪو پوءِ ستت ئي گذاري ويو. پاڻ پونئيرن ۾ ڪُنيڪو نالي فقط هڪ ڌيءَ ڇڏي آهي.

ڇا جپان ۾ اڇوت به آهن؟

ڇا جپان ۾ اڇوت به آهن؟

جپان وارن کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هنن جي قوم Homogeneous آهي، يعني ان ۾ ڪا گهٽ وڌائي، ڦِڏ ڦير، ننڍ وڏائي ۽ ملاوت مَير نه آهي. هڪ ئي قوم، هڪ ئي زبان، هڪ ئي قسم جي سوچ، عادتون، ريتون رسمون ۽ ڪلچر آهي. سندن منهن مهانڊا به هڪجهڙا ته قدبت به ساڳيو. جپان ۾ ڪو وچ ايشيا يا يورپ کان منگول يا سڪندراعظم جو لشڪر اچي نه رهيو ۽ نه عربستان يا ايران کان ڪو سيد يا شاهه اچي رهيو ۽ نه وري ننڍي کنڊ جي هيٺين ذاتين جا شودر شڪاري ۽ ٻيا اڇوت اچي جپان ۾ رهيا، جن مڪاني ماڻهن سان مڪس اپ ٿي هڪ نئون اتاهون يا نيچ نسل پيدا ڪيو. جپان هڪ الڳ ٿلڳ ٻيٽن تي مشتمل ملڪ آهي ۽ جپاني پنهنجي فطرت ۾ ايڏا پنهنجو پاڻ ۾ رهڻ وارا Conservative ثابت ٿيا آهن جو ڪيترين صدين تائين ته هنن ڪنهن ڌارئين کي گهمڻ لاءِ به جپان ۾ اچڻ نٿي ڏنو. ساڻن هميشه لاءِ گڏرهڻ ۽ مڪس اپ ٿيڻ ته ٿي پري جي ڳالهه، گذريل صديءَ ۾ جيڪي ڪجهه اوسي پاسي جا چيني ۽ ڪورين اچي جپان ۾ رهيا اُهي به اڄ ڏينهن تائين ”ڪار ٻُوٿا“ سمجهيا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ هاڻ انهن جا پوٽا ۽ پڙپوٽا ۽ ڏهٽا پڙڏهٽا رهن ٿا ۽ جپاني ڳالهائين ٿا، ويندي سندن نالا به جپاني آهن ۽ سندن مذهب جپانين وارو ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم آهي ته به جپاني هنن کي ڌاريون سمجهن ٿا جو هنن جا وڏا ٻئي ديس کان آيا ۽ هو اڄ به پنهنجي ڏاڏن جي شڪلين سان ملن ٿا ۽ کين منهن مهانڊي مان ئي سڃاڻي سگهجي ٿو ته هي ڪوريا يا چين جا آهن. جپانين لاءِ پنهنجا ۽ عزت جا لائق فقط سندن جپاني آهن. غريب هجي توڙي امير، شهري هجي يا ڳوٺاڻو پر جي هو جپاني آهي ته اهو هنن لاءِ اتم اتاهون آهي.
پر اها ڳالهه سؤ سيڪڙو به صحيح نه آهي. جپاني هوموجينس قوم ضرور آهي پر جپان جي تاريخ جو اهو هڪ راز ۽ حقيقت آهي ته جپان ۾ جپانين جي هڪ ننڍڙي اقليت اهڙي به آهي جنهن کي پنهنجا جپاني ئي نيچ سمجهن ٿا ۽ هنن کان ائين پري ڀڄن ٿا جيئن برهمڻ اڇوتن کان. اهي اڇوتن جهڙا جپاني بوراڪومن (Burakumin) يا اِيٽا (Eta) سڏجن ٿا.
جپان ۾ انهن بوراڪومن جو تعداد اٽڪل 30 لک کن چيو وڃي ٿو، جيڪي پنهنجين ڪميونٽين ۾ مختلف ڳوٺن ۾ رهن ٿا. بوراڪومن (جن کي ٻيا جپاني ذري گهٽ اڇوت ئي سمجهن ٿا) شڪل شبيهه مان هرگز غير نٿا لڳن ۽ حقيقت ۾ غير آهن به ڪونه. انهن سان سندن ئي جپانين جو نفرت جو اظهار ڪو Racially ناهي ته انهن جو ڪو ڌارئين يا گهٽ ذات واري قوم سان واسطو آهي. بوراڪومن کي پنهنجي طرفان اها نفرت ۽ دوري سندن وڏن جي نوڪري ۽ ڪم جي نوعيت ڪري رهي آهي، جن جو ڪم قبرون کوٽڻ، ڪاسائي ٿي جانور ڪُهڻ يا گوشت ڪٽڻ، جانورن جي کلن جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ هو، جن کي جپاني (جيڪي ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم جا پوئلڳ آهن) خراب ۽ گندو ڌنڌو سمجهن ٿا جو انهن ڪمن ڪرڻ جو واسطو مئل شين سان رهي ٿو.
دراصل ٻڌ ڌرم جي پرچار موجب ڪنهن جانور يا جيت جڻيي کي مارڻ پاپ جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ٿائلينڊ ۾ (جتي جو مذهب پڻ ٻڌ ڌرم آهي) گهڻي ڀاڱي ڪاسائي اسان جا مسلمان نظر اچن ٿا. ٿائي ماڻهو پاڻ اهو ڪم ڪرڻ ۾ گناهه ۽ گهٽتائي سمجهن ٿا. سو هتي جپان ۾ به ٻڌ ڌرم مطابق اهي ماڻهو پاپي ۽ هيٺائين درجي جا سمجهيا وڃن ٿا جيڪي مارڻ جو يا مئل شين تي ڪم ڪن ٿا. ساڳي وقت شنتو ڌرم (جيڪو پڻ جپانين جو مذهب آهي) به ڪنهن کي مارڻ يا مئل شين جو وڪرو يا Treatment ڪرڻ (جيئن جانور جي کلن کي لوڻ ۽ ڪيميڪلن سان صاف ڪرڻ يا انهن مان جوتا ۽ بئگون ٺاهڻ) کي گندگي تصور ڪري ٿو. ان ڪري ڪيترا ڪاسائي ۽ چمڙي جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ انهن جو اولاد نفرت مان Eta پڻ سڏيا وڃن ٿا. جپاني لفظ اِيٽا جي معنيٰ آهي گندگيءَ سان ڀريل. ان کان علاوه اهي Hinin به سڏيا وڃن ٿا جيڪو پڻ هيٺائين درجي جو لقب آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”غير انسان“. ڪنهن زماني ۾ ته هي ڪم ڪندڙن ۽ انهن جي اولاد کي مقرر ٿيل ڳوٺن جي خاص حدن تائين محدود رکيو ويو ٿي ۽ کين ٻين سان ڳالهائڻ وقت عزت خاطر مٿي تي ٻڌل رومال يا ٽوپي لاهڻي پئي ٿي. ڪن هنڌن تي ته هنن بوراڪومن (اِيٽائن) کي مٿي ڍڪڻ کان مڪمل طرح منع ٿيل هئي. چاهي مينهن پيو پوي پر هنن کي اها اجازت نه هوندي هئي ته مٿي تي ٽوپي رکن يا ڇَٽي جهلي بيهن.
شيما زاڪي نالي هڪ جپاني ليکڪ 1859ع جو هڪ ڪورٽ ڪيس لکيو آهي جنهن ۾ مئجسٽريٽ اعلان ٿو ڪري ته ايٽا (يعني مٿي ٻُڌايل ڌنڌا ڪندڙ جپاني ۽ سندن اولاد) عام ماڻهن جي ستين حصي برابر آهن. يعني ست ايٽا (بوراڪومن) هڪ عام جپانيءَ جي برابر آهن.
ميجي حڪومت پنهنجي دور ۾ جپان کي ماڊرن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ 1871ع ۾ بوراڪومن کي ذليل نالن سان سڏڻ تي پڻ بندش وڌي ۽ انهن سان جيڪا Discrimination رکي وئي ٿي، ان تي بندش وڌي وئي يعني هو به ٻين عام جپانين وانگر جتي ڪٿي وڃي سگهيا ٿي ۽ مختلف نوڪرين لاءِ Apply ڪري سگهيا ٿي. ان قانون جي هڪ محدود پوئواري ضرور ٿي، خاص ڪري معاشي حالتن ۾، باقي سماجي طرح اڄ به بوراڪومن (Eta) گهٽ درجي جا تصور ڪيا وڃن ٿا. ويندي خانگي نوڪرين ۾ به، جيڪڏهن ڪارخانيدار کي خبر پئجي وڃي ته سندس ڪنهن ملازم جا ابا ڏاڏا ڪاسائي يا چمڙي جا واپاري هئا يعني ”ايٽا“ هئا ته ڪارخانيدار هن کي اهاني بهاني نوڪريءَ مان ڪڍڻ ۾ دير نه ڪندو. خاص ڪري شاديءَ جي معاملي ۾ ته جپاني تمام احتياط کان ڪم وٺن ٿا ته سندن پٽ يا ڌيءَ جو عشق يا دوستي بوراڪومن جي پٽ، پوٽي يا پڙپوٽي سان نه ٿئي.
جيتوڻيڪ بوراڪومن ۽ غير بوراڪومن جپانين جو مذهب، زبان، شڪل شبيهه هڪ جهڙا ٿين ۽ جيسين ڪو ٻڌائي نه تيسين ڪنهن جپانيءَ جي شڪل ڏسي، اهو چوڻ ته هي بوراڪومن آهي ناممڪن آهي ۽ هر اهو جپاني جيڪو بوراڪومن آهي، يعني جنهن جي وڏن ڪاسائين، قبر کوٽڻ يا جانورن جي کَلن جو ڪم ڪيو، اهو پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جيئن سوسائٽيءَ ۾ هو ننديو نه وڃي. شادين مرادين ۾ ڪنوار جا ماءُ پيءُ ڇوڪري جي اصل نسل جي وڏي پُڇا ڪن ٿا ۽ خبر پوڻ تي ٺهيل ٺڪيل رشتو ٽوڙيو ڇڏين. هنن کي ڇوڪري جي بوراڪومن هجڻ جي ڄاڻ پرائيويٽ جاسوسن کان به پوي ٿي جيڪي هِتان هُتان جون کوجنائون ڪريو بوراڪومن جون لسٽون ٺاهيندا رهن ٿا. ڪيترين حالتن ۾ ڪارخانيدار به انهن پرائيويٽ جاسوسن کي رجوع ڪن ٿا ۽ جڏهن پڪ ٿئين ٿي ته چونڊ لاءِ آيل ماڻهو بوراڪومن نه آهن ته پوءِ هنن کي نوڪري ڏين ٿا.
بوراڪومن کان علاوه ڪو غير بوراڪومن به ڪنهن اهڙي هنڌ تي نوڪري ڪري ٿو جتي مٿي بيان ڪيل ڌنڌا ٿين ٿا ته هن کي به گهٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. جپان ۾ رهندڙ منهنجن ڏهٽن کي پڙهائڻ واري هڪ ”غير-بوراڪومن“ ماسترياڻيءَ مون کي ٻڌايو ته هن کي هيءَ نوڪري ملڻ کان اڳ ڪيترن ئي هنڌن تي نوڪريءَ لاءِ Apply ڪرڻ تي Reject ڪيو پئي ويو، فقط ان ڪري جو سندس انجنيئر پيءُ هڪ چمڙي جي ڪارخاني جو انچارج هو ۽ پوءِ جيئن ئي هن جي ٽرانسفر ٿي ۽ اليڪٽرڪ جي شين جي فئڪٽريءَ ۾ آيو ته کيس نه فقط مختلف هنڌن تي نوڪريون ملڻ شروع ٿي ويون پر شاديءَ لاءِ پڻ جلدي رشتو اچي ويو.
هونءَ ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن اسان کڻي چئون به ته قبرون کوٽڻ، جانورن جي کَلن کي صاف ڪرڻ يا ڪاسائيءَ جو ڪم ڪرڻ ڏوهه يا گناهه جو ڪم آهي، جنهن جي سزا ملڻ کپي ته به اصول مطابق پيءُ جي ڏوهه جي سزا پٽ کي ۽ پٽ جي ڏوهه جي سزا پيءُ کي ته نه ملڻ کپي. ان حساب سان مٿيان ناپسنديده يا ڏوهن جا ڪم جيڪڏهن ڪيا ته به اڄ جي بوراڪومن جي وڏن ڪيا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به انهن جي نائين ڏهين پيڙهي کي Eta (گند سان ڀريل) سڏيو وڃي ٿو پوءِ چاهي اهي ڪهڙي به نوڪري يا ڌنڌو ڪندا هجن، ڪهڙي به شهر يا محلي ۾ رهندا هجن. جيئن اسان وٽ اڄ به باگڙي ڀيل کي گهٽ ذات سمجهيو وڃي ٿو. نه فقط ڪولهي چُهڙو پر هر ماڻهو Discrimination جو شڪار ٿيندو رهي ٿو. ويندي شيخ ميمڻ کي به گهٽ سمجهيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو ڀلي ڪو سيد پير چوي ته منهنجا وڏا پاڪستان ۾ ڊائريڪٽ عربستان کان آيا پر جيئن ته هو سنڌي آهي ته هن کي اسلام آباد يا لاهور ته ٺهيو پر ڪراچيءَ ۾ به ڄٽ سمجهي نوڪري يا جاب کان ڌڪاريو وڃي ٿو. ان نفرت ۽ ڌڪار لاءِ اسان جي ووٽن تي چونڊيل ميمبر به اسيمبليءَ ۾ نٿا ڪُڇن. پر هيڏانهن جپان ۾ اندازي مطابق رهندڙ ٽيهه لک بوراڪومن سان وڌيڪ خراب حشر آهي. جتي ٻي سڄي جپاني قوم اُتم ۽ اعليٰ آهي سواءِ هنن جي ۽ جتي جيتوڻيڪ اسيمبلي جا ميمبر ۽ انسانن جا حق ڏياريندڙ تنظيمون ان Discrimination کي مِٽائڻ لاءِ دانهون ڪن ٿيون ۽ باقي عوام دل سان اها ڳالهه مڃي به ٿو ته به Practically ان تي عمل نٿو ٿئي. بوراڪومن کي اڄ به اِيٽا (اڇوت) سمجهي ڌڪاريو وڃي ٿو. اسڪولن، ڪاليجن ۾ داخلا جو مسئلو، ٻين ٻارن سان راند کيڏڻ جو مسئلو، نوڪري حاصل ڪرڻ جو مسئلو، ويندي ڪنهن سان پيار محبت ڪرڻ جو مسئلو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته بوراڪومن ۽ باقي جپانين ۾ ڪو به ظاهري فرق ناهي. زبان ساڳي، ڌرم ساڳيو، جسماني بناوٽ ۽ سونهن سوڀيا ساڳي پر هو ڌڪار جو سبب ان ڪري بڻيل آهي جو هنن جي تڙڏاڏن جي به تڙڏاڏن اڄ کان سؤ يا ٻه سؤ کن سال اڳ قبرون کوٽڻ يا گوشت وَڍڻ جو ڪم ڪيو ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته جيئن اسان وٽ ڪيترائي باگڙي ڀيل جن کي اسان جي علائقي جا مسلمان توڙي هندو هيٺاهين درجي جا ماڻهو سمجهن ٿا، محنت ۽ عقل ڪري پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ ڪيترن سيدن پيرن ۽ سمن سومرن کان مٿاهين ڏاڪي تي آهن ۽ اهي ئي باگڙي ڀيل ۽ ڏکڻ هندستان جون ٻيون اڇوت ذاتيون جن جا ماڻهو ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ڏي هليا ويا، اتي انسانن کي برابر جا حق ملڻ ڪري انهن جو اولاد، روينيو، قانون، بئنڪن وغيره ۾ وڏين نوڪرين ۽ عهدن تي آهن. اهڙي طرح جپان ۾ ڪيترائي بوراڪومن (اڇوت) موقعا ملڻ تي وڏا امير ٿي ويا آهن. پر ان هوندي به هنن کي پنهنجي ئي ذات پات ۽ ڳوٺ برادريءَ جا ماڻهو ڌڪارين ٿا.
ٻي وڏي لڙائي هارائڻ بعد جڏهن جپان تي آمريڪن جو قبضو ٿيو ته آمريڪا سڀني لاءِ تعليم ڪمپلسري ڪري ڇڏي ۽ ڪيترائي بوراڪومن (جپاني اڇوتن) ان موقعي مان فائدو وٺي پڙهي ورتو، نه ته بوراڪومن کي پنهنجو نالو به لکڻ پڙهڻ نٿي آيو. ان دور جي هڪ مشهور هستي ناڪاگامي (Kenji Nakagami) آهي.
ناڪاگامي 1946ع ۾ وڪاياما علائقي جي شنگو ڳوٺ ۾ بوراڪومن (جپاني اڇوتن) جي گهر ۾ ڄائو ۽ پاڙي جو پهريون ڇوڪرو هو جيڪو اسڪول ويو. اسڪول جا ٻار کانئس پري ڀڄندا رهيا ٿي. ٻارن جا مائٽ خارون کائيندا رهيا ٿي ته هي آمريڪن ساڻن ڪيڏو ظلم ڪيو آهي جو اڇوتن کي علم ٿا ڏيارين. هڪ انگريزي رسالي کي انٽرويو ڏيندي ناڪاگاميءَ چيو هو:
“If Japan hadn’t been defeated in the war, I wouldn’t have become what I am today”.
ناڪاگاميءَ پنهنجي ڳوٺ شنگو جي اسڪولن مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ٽوڪيو مان گريجوئيشن حاصل ڪئي ۽ ڪنهن آفيس ۾ نوڪري ڪرڻ بدران اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو. Bungei-Shuto نالي هڪ ادبي رسالي جي ادارتي بورڊ جو ميمبر پڻ ٿي رهيو ۽ اخباري ڪمن سان گڏ ناول لکڻ تي پڻ ڪم شروع ڪيو. 1976ع ۾ سندس لکيل هڪ ناول مِساڪي تي کيس جپان جو اعليٰ ايوارڊ “Akutagawa” مليو. ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ ناڪاگامي پهريون جپاني هو، جنهن کي اڪوتاگاوا انعام مليو.
ناڪاگامي پنهنجي مٿين ناول مساڪي (جيڪو The Cape جي نالي سان انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿيو آهي) ۽ ٻين ناولن ۽ طويل ڪهاڻين ۾ پنهنجي ماحول بابت ٻين کي آگاهه ڪيو آهي ته اڇوت هجڻ جي حيثيت ۾ هڪ انسان کي ڪهڙين پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ زندگي ڪيڏي ڏکي گذري ٿي. ناڪاگاوا جو هڪ ٻيو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ناول Snake Lust آهي. هي ٻئي ناول دنيا کي ٻڌائڻ خاطر ته جپان جنهن لاءِ مشهور آهي ته اتي جا سڀ ماڻهو هڪ ئي گروپ ۽ نسل جا آهن، اتي بوراڪومن جي هڪ ننڍي Minority کي سندن ڏاڏن پڙڏاڏن جي پورهئي جي نوعيت ڪري ”ايٽا“ (اڇوت) سمجهيو وڃي ٿو ۽ نه فقط کين ”گند جو ڍير“ سمجهيو وڃي ٿو پر هنن کان هرڪو پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ناڪاگامي پاڻ کي بوراڪومن سڏائڻ کان هرگز لِڪَ نٿو ڪري. هو جپاني عوام ۽ دنيا کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته جيتوڻيڪ جپان ۾ Caste System تي 1871ع ۾ مڪمل طرح بندش لڳائي وئي، ان هوندي به هن جهڙا انيڪ ننڍا وڏا تعصب ۽ ناانصافيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسبا رهن ٿا. ٺهيل ٺڪيل رشتا شاديءَ جي موقعي تي ٽوڙيا وڃن ٿا. مليل نوڪريون واپس ورتيون وڃن ٿيون. پنهنجن ۽ پراون جون ٽوڪون ۽ طعنا ٻڌڻا پون ٿا.
جپاني ڪارخانيدار ڪنوار جو پيءُ پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪنهن کي نوڪري يا ڌيءُ جو سڱ ڏيڻ کان اڳ اميدوار جو نسل ۽ وڏن جي اصل رهائش معلوم ڪري ٿو ته هن جي وڏن جو تعلق انهن ڳوٺن سان ته نه آهي جن ۾ بوراڪومن کي محدود رکيو ويو هو. جپان ۾ هر هڪ جي وڏن جي رهائشي ائڊريس جو رڪارڊ رهي ٿو ۽ ان ذريعي هر هڪ جي اصل جي خبر پئجيو وڃي توڙي کڻي هينئر هو ٽوڪيو جي خوبصورت ۽ مهانگي علائقي گنزا يا شنجوڪو ۾ رهي ٿو. بقول اوساڪا جي ڪنسائي يونيورسٽيءَ جي هڪ تاريخدان مسٽر ساتوشي اوئيسڪوگي جي:
“We have the same skin and colour and we speak the same language. So the burakumin discrimination is difficult to understand from outside Japan. It’s because Japanese judge others by bloodline and birth place.”
انسانن جا حق وٺرائي ڏيڻ واريون ڪيتريون ئي بين الاقوامي تنظيمون توڙي ڪجهه اڪيلي سر مڪاني ماڻهو جپان جي هن Minority لاءِ لکت پڙهت ۾ ڪافي ويڙهاند ڪري رهيا آهن. انهن مان هڪ سوميئي (Sue Sumii) نالي نوي سالن جي جپاني عورت آهي جيڪا جيتوڻيڪ پاڻ بوراڪومن ناهي پر انهن جي حقن لاءِ گذريل اڌ صديءَ کان لکي رهي آهي. تازو هڪ جپاني فلم ”هاشي نو نائي ڪاوا“ نالي ٺهي آهي. (جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو The River with no Bridge سان ٿيو آهي) اها فلم سوميئي جي ساڳي نالي سان ڇهن واليومن جي ناول تي ٻڌل آهي جنهن ۾ بوراڪومن جي زندگيءَ جو غمگين داستان آهي. ان ۾ جپان جي هنن اڇوتن (بوراڪومن) جي هڪ مسڪين ۽ غيرتمند گهر جي ڪهاڻي آهي جيڪو تاريخي شهر نارا جي ڀرپاسي واري ڳوٺ ۾ آهي. گهر جو سڀ کان وڏو فرد ”هاتاناڪي“ بوراڪومن هجڻ جي ناتي هر هڪ جي نفرت ۽ حسد جو شڪار ٿئي ٿو. اسڪول ۾ سندس ڪلاس جا ٻار ويندي پاڻي پيئڻ لاءِ کيس ستائين ٿا. ڪلاس جي مَٽَ مان پيئڻ تي ان کي پليت سمجهي هاريو وڃي ٿو. ٻار ته ٺهيو پر اسڪول جا ٽيچر به هن کي ذليل ڪندا رهن ٿا.
ان فلم جي هڪ بيحد ٽچي سين آهي ته هي ڇوڪرو هاتا ناڪا ۽ سندس سوٽ ڇوڪري نانائي ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ٻار ڪيئن ٿا پيدا ٿين. ٻئي اٺن نون سالن جا ننڍا ٻار آهن. نانائي پنهنجي سؤٽ هاتا ناڪا کان پڇي ٿي ته آيا هن جي پيٽ ۾ ٻار ته نه آهي ۽ پوءِ جڏهن نانائي جي پيٽ تي هاتاناڪا ڪن رکي پڪ ٿو ڏئيس ته هن جي پيٽ ۾ ڪو ٻار نه آهي ته اهو ٻڌڻ تي نانائي سڪون محسوس ٿي ڪري. ”چڱو جو منهنجي پيٽ ۾ ڪو ٻار ناهي“. هوءَ معصوميت مان چوي ٿي، ”ڇو جو منهنجو ٻار به مون وانگر اِيٽائي ٿيندو ۽ اهائي ڳالهه مون کي ڊيڄاري ٿي ته منهنجو ٻار به مون وانگر ننڍي هوندي کان ذلالت ۽ ٿُڪ بُجي جي زندگي گذاريندو.“
فلم جي آخر ۾ نانائي هاڻ هڪ جوان عورت ڏيکارين ٿا جنهن جي شاديءَ جي تياري ٿي رهي آهي. سندس ٿيڻ واري گهوٽ کي ان وقت جيل جي سزا ڏني وڃي ٿي. اها سزا سندس ان ڏوهه جي آهي جو هن ٻين نوجوان بوراڪومن ڇوڪرن سان گڏجي بوراڪومن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ۽ حقن جي گهر جي تحريڪ هلائي هئي. نانائي شادي جي دعوت ختم ڪرڻ بدران ان شاديءَ جي رسم کي پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي. نڪاح وقت هوءَ گهوٽ جي غير موجودگيءَ ۾ ان اسڪرين جي اڳيان ٿي بيهي ٿي جنهن تي سندس گهوٽ جي تحريڪ جي مک Declaration لکيل آهي. ”اسان جي وڏن جانورن جون کلون لاٿيون ان جي عيوض انهن جون ۽ انهن جي اولاد جون جيئري کلون لاٿيون پيون وڃن.“ ان پڌرنامي تي لکيل آهي، ”جانورن جون دليون، جيرا ڪپڻ جي بدلي انسانن جون پيار ڀريون دليون پٽيون پيون وڃن. هنن تي ۽ هنن جي اولاد تي هر وقت ٿڪ لعنت پئي ٿئي. ههڙين ظالم راتين ۾ ڊپ جهڙا خواب ڏسڻ جي باوجود هنن جو انساني رت سندن جسم ۾ وهندو رهي ٿو. اسين، جيڪي ان رت جي پيدائش آهيون، پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. ٻيا نٿا چاهين ته اسين جيئرا رهون پر مرڻ اسان به نٿا چاهيون.... وقت اچي ويو آهي جو اسان کي ان ڳالهه ۾ به فخر هئڻ کپي ته اسان اڇوت آهيون.“
۽ اتي فلم جي پڄاڻي ٿئي ٿي. فلم ڏسڻ وارا جپاني پنهنجن ئي جپانين تي سندن هٿان ٿيل ظلم ۽ ناانصافيون ڏسي ڏکويل دل سان سئنيما هال مان نڪرن ٿا. اسان جي آفيس جي 28 سالن جي جپاني مترجم توميڪو جيڪا اسان جهازين کي، منهنجي چوڻ تي اها فلم ڏيکارڻ لاءِ وٺي هلي هئي، ان ٻاهر نڪري مون کي چيو ته هن کي خوشي آهي ته هن اها فلم ڏٺي.
“It teaches the true meaning of human dignity”.
بهرحال هن فلم جي 90 سالن جي ڪهاڻي لکندڙ مئڊم ’سوميئي‘ جي ڇهن واليومن جون اٽڪل ڇهه ملين ڪاپيون وڪامي چڪيون آهن ۽ هاڻ سندس ستون واليوم به ڇپجي رهيو آهي. هن جي هر لکڻي غريب ۽ غيرتمند بوراڪومن جي cause لاءِ آهي. فلم جي ڪاميابيءَ بعد هڪ انٽرويو ۾ ٽي وي وارن کي پوڙهي سوميئي ٻڌايو ته بوراڪومن کي جپاني سوسائٽيءَ ۾ مٿاهون درجو ڏيارڻ لاءِ هن جي جنگ مرڻ گهڙيءَ تائين قائم رهندي.
“I will keep writing as long as I live. This is my own war against human stupidity”.




جپاني گهر واريون

جپاني گهر واريون

پاڻيءَ جي جهاز جي مختلف سفرن دوران هڪ دفعي جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ سامان لاهي (جيڪو ڪراچي ۽ رستي تان ڪولمبو ۽ سنگاپور مان آندو هئوسين) خالي جهاز کي ساسيبو (Sasebo) وٺي آياسين. ساسيبو بندرگاهه هن اسان واري شهر ڪوڪورا ۽ ناگاساڪيءَ جي وچ ۾ آهي. هونءَ ته جپان جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ جهازن جي مرمت ته ڇا پر سڄا نوان نوان جهاز ٺهن ٿا ۽ ان کان اڳ مختلف جهازن جي مرمت اوساڪا، يوڪوهاما ۽ ڪوبي ۾ به ڪرائي چڪو هوس پر هن ڀيري پنهنجي ڪراچي هيڊ آفيس جي Instructions موجب مرمت ۽ Dry Docking لاءِ جهاز کي ساسيبو آڻڻو پيو. ضرور اتي جي شپ يارڊ ۾ رش نه هوندي ۽ هنن گهٽ اگهن تي مرمت جي آڇ ڪئي هوندي ۽ ٻيو سبب اهو به ٿي سگهيو ٿي جو ساسيبو ڏکڻ ڪوريا جي بلڪل ويجهو آهي ۽ جهاز جي مرمت بعد اسان کي ڪوريا مان سامان کڻي ڪراچي (هوم پورٽ) ڏي موٽڻو هو. بهرحال جهاز لاءِ ڪارگو هٿ ڪرڻ، ان کي چاڙهائڻ ۽ منزل تي لهرائي مالڪن حوالي ڪرڻ، جهاز جي Repair (مرمت) لاءِ ڪو بندرگاهه ۽ ان جو شپ يارڊ چونڊڻ ۽ انهن کي ان مرمت جو حساب ڪتاب ڏيڻ ڪراچيءَ جي هيڊ آفيس ۾ ويٺل عملي جو ڪم آهي. اسان جو ڪم هڪ بندرگاهه کان ٻئي بندرگاهه تائين جهاز کي وٺي اچڻ ۽ جهاز جي مرمت تي نظر رکڻ آهي. ٻي صورت ۾ سمنڊ تي ان جهاز کي هلائڻ اسان لاءِ ئي مصيبت ٿي پوندو.
جهاز جي مرمت مان نه فقط جهاز جي چيف انجنيئر کي مطمئن ٿيڻو آهي پر جنهن ڪمپني وٽ جهاز جي انشورنس ٿيل آهي، ان جي سروير کان به خاطري وٺڻي پوندي آهي ڇو جو ان بعد۾ ڪو حادثو ٿي پيو ته ان جو سڄو خرچ انهن کان ورتو وڃي ٿو.
اسان جو اهو جهاز هڪ برٽش ڪمپنيءَ وٽ انشوئر ٿيل هو ۽ ساسيبو جو هي شپ يارڊ ايڏو وڏو هو ۽ ان ۾ انشورنس ڪمپنيءَ جا ايترا ته جهاز آيا ٿي جو هنن هڪ انگريز سرويئر ساسيبو ۾ رهائي ڇڏيو هو، جيئن هن کي هر هر انگلينڊ مان گهرائڻو نه پوي. هي انگريز سرويئر ساسيبو شهر ۾ جتي رهيل هو، ان ئي پاڙي ۾ منهنجي رهائش جو بندوبست ڪيو ويو هو، جيئن مهينو کن جهاز جي مرمت دوران شپ يارڊ جي گوڙ گهمسان کان ڪجهه پري رهي، گهٽ ۾ گهٽ رات جو سڪون جي ننڊ ڪري سگهان. انگريز سرويئر به فئملي سان رهيو ٿي ۽ سندس اٺن سالن جي پٽ کي هن تن ڏينهن ۾ پاڙي جي جپاني اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انگريز سرويئر کان پڇيم ته سندس پٽ جو ڪهڙو حال آهي ۽ هتي جو اسڪول ڪيئن ٿو لڳيس.
”سٺو ٿو لڳيس پر هتي جي رواج ‘Soji’ (صفائيءَ) جون دانهون ٿو ڪري ته موڪل کان اڳ روزانو ڪلاس رومن جي صفائي ڪرڻي پوي ٿي. جپانين جا ٻار ته ننڍي هوندي کان ان ”سوجيءَ“ جي رسم کان واقف آهن ۽ ان جا عادي آهن ته اسڪول کان موڪل ٿيڻ جو گهنڊ وڄڻ تي، هنن کي ٿيلها کڻي گهر روانو ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ڪلاس جي Soji (صفائي) ڪرڻي آهي. بئنچون ۽ ڀتيون ڇنڊڻ لاءِ هر ٻار کي پنهنجو ڪپڙو ٿئي جنهن کي جپاني زوڪن (Zokin) سڏين. اهي ڇنڊڻ ۽ صاف ڪرڻ جا ڪپڙا ڪلاس روم جي پٺيان ڀت ۾ لڳل ڪنڍن ۾ لڙڪيل هوندا آهن، جتان موڪل مهل ٻار پنهنجو پنهنجو زوڪن کڻي ڪلاس جي صفائي ڪن، ان بعد ٻهارن سان فرش ميڙي پوءِ پاڻيءَ ۾ Mop ٻوڙي پوچو ڏين. ان ڪم ۾ ڏهه منٽ به نٿا لڳن پر اهو ڪم ڪنهن ڀنگي يا ”جهاڙو پوچي“ واري مائيءَ کان ڪرائڻ بدران اسڪول جي ٻارن کي ڪرڻو پوي ٿو.
مٿين ڳالهه 1975ع ڌاري جي آهي. اڄ ٽيهه پنجٽيهه سالن بعد جڏهن ته ويندي اسان جهڙن ملڪن ۾ ئي وئڪيوم ڪلينر جهڙيون صفائي ڪرڻ جون شيون عام ٿي ويون آهن پر جپان ۾ اڄ به اسڪول جي Soji (صفائي) اسڪول جا ٻار ئي ڪن ٿا ۽ اها صفائي ڇنڊڻ واري ڪپڙي Zokin ۽ باردي ۾ ڀريل پاڻي ۽ Mop سان ڪن ٿا.
ٽرم ختم ٿيڻ تي ۽ ٻن يا ٽن هفتن جي موڪل شروع ٿيڻ کان اڳ، هيءَ صفائي وڏي پيماني تي ڪئي وڃي ٿي جنهن کي ‘O-Soji’ سڏجي ٿو، يعني خاص صفائي. اها صفائي ڏهن منٽن بدران ٻه چار ڪلاڪ هلي ٿي، جنهن ۾ ڀتيون، در، دريون شيشا هر شيءِ صاف ڪئي وڃي ٿي. جپاني اسڪولن ۾ ڌارين ملڪن جا ڪي ڪي ٻار ان ‘Soji’ (صفائي) کان ڪيٻائيندا آهن پر جپاني ٻار ۽ سندن والدين ان کي عبادت ئي سمجهن. هو ان کي تعليم جو حصو ئي سمجهن. بقول جپانين جي هنن جي ٻارن کي ننڍي هوندي ئي Seiketsu (صفائي) جي هنر ۽ عظمت جي ڄاڻ پيدا ٿئي ٿي.

جپاني مردن (ڇوڪرن) کي گهڻو ڪري اها صفائي آخري دفعو اسڪول ۾ ئي ڪرڻي پوي ٿي. گهرن ۾ سندن مائرن جو ڪم آهي ته گهر جي ٻهاري پوچو ڪن ۽ شاديءَ بعد سندن جوين جو، يعني اسڪول ڇڏڻ بعد مردن کي عمر ڀر صفائي ڪرڻ کان نجات ملي وئي پر عورتن لاءِ ابتڙ آهي. هنن لاءِ اسڪول جي ڏينهن واري صفائي ڄڻ ڪتاب جو مهاڳ يا پيش لفظ آهي _ ان سڄي زندگيءَ جو جيڪا هن کي گهر کي صاف سٿرو رکڻ ۾ گذارڻي آهي. جپاني مرد ڪيڏو به امير ٿي وڃي، هو ڪلاڪن جي حساب سان گيشا سان ڪچهريءَ لاءِ لکين يين خرچ ڪندو پر پنهنجي زال کي ٻهاري پوچي ۽ ڇنڊ ڦوڪ کان ٿوري فرحت ڏيارڻ لاءِ ڪجهه هزار يين خرچ ڪري نوڪرياڻي نه رکندو. بلڪ جپان ۾ نوڪر يا نوڪرياڻي رکڻ جي اجازت ئي ناهي. ”رنون ته گهڻو ئي ٿيون دانهون ڪن پر اسيمبلين ۾ گهڻائي ته سندن مردن جي آهي، اهي ڇو اهڙو قانون پاس ڪن جنهن ۾ سندن جوين کي ڪجهه فرحت ملي.“ اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ چوندو آهي جنهن سڄي تعليم جپان مان حاصل ڪئي ۽ پهرين شادي به جپاني ڇوڪريءَ سان ڪيائين.
اسان کي حلال گوشت وڪڻڻ واري ٽوڪيو جي هڪ لاهوري همراهه به ٻڌايو، جنهن جي زال پڻ جپاني آهي. جپاني زالون مٿين مهيني پيٽ سان هونديون ته به پيون ٻهاريون ۽ پوچا ڏينديون. نه فقط گهر کي پر گهر جي دڪين ۽ آڳنڌن کي به پيون صاف ڪنديون. فرش کرڙيندي، ڄارا لاهيندي هتي جي زالن جا ڀلي هٿ پير ته ڇا شڪليون به ڦري وڃن پر جپاني مردن کي ڪهڙي پرواهه. سرڪاري يا آفيشل دعوتن ۾ پنهنجين زالن کي هي نه وٺي اچن جو کين پنهنجيون کٿل زالون ڏيکاريندي شرمندگي ٿئي. گهڻو ڪري اڪيلا ايندا يا ڪا ننڍي نيٽي گرل فرينڊ وٺي ايندا. مختلف جهازن تي 10 سال کن منهنجو جپان اچڻ ٿيو، جنهن ۾ خبر ناهي ڪيترا دفعا اسان جي واسطيدار آفيسن جي ماڻهن لاءِ جهاز تي يا مڪاني هوٽلن ۾ دعوتن جو بندوبست ٿيو هوندو. مون کي ياد ناهي ته ڪو جپاني آفيسر يا بزنس مين پنهنجي زال سان گڏ دعوت ۾ آيو هجي. بلڪ اسان شروع جا سال ان موضوع تي بحث ڪري حيرت کائيندا هئاسين ۽ پوءِ اسان به سمجهي وياسين. ڪوبه جپاني مهمان عورت سان گڏ ايندو هو ته ان کي هن جي زال نه سمجهندا هئاسين. پڪ هو پنهنجي گرل فرينڊ يا آفيس يا ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ سندس سهڻي سيڪريٽري يا ڪلارڪ وٺي آيو هوندو. سندس زال گهر ۾ ٻارن جا پوتڙا بدلائڻ ۾ مشغول هوندي يا مڙس جا جوراب پئي ڌوئيندي هوندي. مزي جي ڳالهه ته پاڻ دعوت ڪندا ته به پنهنجين گهر وارين کي گهرائڻ بدران ٻاهر واريون مسواڙ تي گهرائيندا ته ميزبان جي حيثيت سان آيل مهمانن کي کارائڻ پيارڻ ۾ مدد ڪن ۽ ساڻن ۽ آيل مهمانن سان مٺا ٻول ٻولين.
جپان جي شهر ڪيوٽو جي گهرن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سڄي جپان ۾ ان جهڙا صاف سٿرا نه ملندا. ان جو سبب اهو چيو وڃي ٿو ته ڪيوٽو ۾، اتي جي رواج موجب هر ڇوڪريءَ کي اهو سبق ڏنو وڃي ٿو ته عورت جي گهر سان شادي ٿئي ٿي ۽ نه مڙس سان. ڪيوٽو ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته:
“Iye Wa onna no takara.” (اييي وا اوننا نو تاڪارا).
يعني گهر عورت جو خزانو آهي. ان پويان اهو لاجڪ ٻڌايو وڃي ٿو ته مرد سڀ هڪ جهڙا آهن ۽ توهان کي مايوس ئي ڪندا پر گهر ڪڏهن به توهان کي دوکو نه ڏيندو. خبر ناهي مرد جي موچڙي مار جي ڊپ کان يا پنهنجي شوق کان، جپاني عورت کي گهر جي صفائي جو ڏاڍو Craze آهي. پٽ ۽ ڀتيون ڪيئن صاف ڪجن، نل ۽ چلها ڪيئن چمڪائجن ، ڪموڊ ۽ بئسن ڪيئن چلڪائجن. ان بابت جيترا ڪتاب جپان ۾ نطر ايندا ايترا ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ هرگز نه ملندا. اخبارن ۾ اڪثر ان قسم جي ليڪچر جو اشتهار هوندو، جنهن ۾ ڪنهن مشهور عورت ٻين عورتن کي گهر جي صفائيءَ بابت ليڪچر ٻڌڻ لاءِ گهرايو هوندو. ان ليڪچر ۾ اڪثر اهو ٻڌايو ويندو آهي ته گهر جي شين کي ڪنهن ڪيميڪل سان صاف ڪرڻ بدران نج ڪپهه سان صاف ڪريو. لاٿل آلا ڪپڙا ائين ڪنڊ ۾ اڇلائڻ بدران خشڪ ڪري پوءِ ٿيلهيءَ ۾ وجهي رکو. گهر کي ٻهارڻ بعد گهٽيءَ جو به ڪجهه حصو صاف ڪرڻ کپي.... وغيره وغيره ۽ جيڪا عورت صفائيءَ جي معاملي ۾ سست آهي ان کي جپاني سڏائڻ جو ڪو حق ناهي.
”Nihon no onna jya naidesu-yo!”
هڪ جپاني عورت صفائيءَ جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو:
The act of Soji nourishes the soul- the more a woman does it, the closer she gets to heaven.
(صفائي عورت جي روح کي قوت بخشي ٿي. عورت جيتري گهڻي صفائي ڪندي اوترو ئي جنت جو ويجهو پهچندي.)
بقول ظفر شيخ جي جپاني مرد به وڏو لاهه آهي. هڪ طرف هن عورت کي هيٺاهون ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ جي پهاڪي ”عقل عورت جي ڏائيءَ کڙي ۾ آهي“ جهڙا پهاڪا ويهي گهڙيا آهن، جيئن عورت کي هر وقت اهو احساس رهي ته سياڻن هن کي بيوقوف ۽ ڇسو قرار ڏنو آهي، عورت جهيڙي جي پاڙ آهي، عورت غير پاڪ آهي (ايتري قدر جو صدين تائين کيس مندرن، گرم پاڻيءَ جي چشمن، ويندي فُوجي جهڙن جبلن جي ويجهو اچڻ نٿي ڏنو ويو) ۽ ٻيا اهڙا پهاڪا (جن جو ذڪر آئون پنهنجي هڪ ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان“ ۾ تفصيل سان ڪري چڪو آهيان) هڪ طرف ٺاهيا آهن ته ٻئي طرف هن کان پورهيو ۽ مزوري وٺڻ لاءِ، هن کي چئيوان ۽ خدمتگذار بنائڻ لاءِ مٿين قسم جا قول گهڙيا ويا آهن ته جيتري گهڻي صفائي ڪندينءَ اوترو جنت جي ويجهو پهچندينءَ. يعني جنت ۾ اندر به نه (اتي پاڻ مرد بنا محنت جي پهچندا) هيءَ رڳو ان جي ويجهو پهچندي.
۽ سائين جپاني عورت جي سادڙائپ ۽ گهر جي خدمت لاءِ سر ڏيڻ جي به ڇا ڳالهه ڪجي. کيس پورهيي کان ڇڏايو وڃي ته به هوءَ ان کي چهٽي رهندي. گهر جي صفائي، پورهيو، چاهي مڙس بي افعالو ۽ ٽوٽي هجي، ڏنگو مڙس هجي ۽ ڪنهن ٻيءَ تي عاشق هجي ته به هيءَ پنهنجي گهر واري تان ساهه پئي صدقي ڪندي. هڪ Robot وانگر صفائي ۽ پورهيو هن جي دماغ ۾ Programmed آهي.
اسان جي هڪ جهازي هم وطنيءَ جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. ان کي ويهه سال اچي ٿيا آهن. ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ رهن ته ڪڏهن ڳوٺ (پنجاب) هوندا آهن، جتي سندس مڙس جون اباڻيون زمينون ۽ باغ آهن. هن ڀيري اسلام آباد ويندي ان دوست وٽ ڳوٺ ويس. نوڪرن چاڪرن هوندي ڏسان ته سندس جپاني زال ڇنڊ ڦوڪ کي لڳي پئي آهي. مون کان کل نڪري وئي. نيٺ سڀني اڳيان ڳالهه ڪيم ته جپاني عورت جو گهر جي صفائيءَ جي معاملي ۾ جواب ناهي. يورپي ماڻهو چوندا آهن ته اهو گهر جنهن جون دڪيون به پيون چمڪن، ان ۾ ضرور جپاني عورت رهندي هوندي.
هن مرڪندي چيو ”مسٽر الطاف! گهر جو ڪم شِي گوتو (Shigoto) ناهي (يعني مزوري ناهي)، جنهن جي عيوض پگهار وٺجي. اها Michi (يعني راهه) آهي، جيڪا انسان کي اندر جي نور ۽ سڪون ڏي وٺي وڃي ٿي.“
هاڻ سائين ڏيو منهن!

فوٽو ڪڍيو سو به فلئش تي

فوٽو ڪڍيو سو به فلئش تي

جپان ۾ ڪي ڪي ڳالهيون جهان کان نراليون آهن. ماڻهن سان ٽُٻ ريل گاڏيءَ ۾ توهان جي ڀرسان بيٺل جپاني ڇوڪري سڄي واٽ سندس نڪ مان ڳڙندڙ سِنگهه کي سُڙسُڙ ڪري مٿي ڇڪيندي رهندي، پر رومال يا ٽشو پيپر نڪ تي رکي نڪ کي صاف نه ڪري وٺندي. جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ سان فقط هڪ دفعو نڪ جي سڻڪي جو آواز ٿيندو ۽ هڪ دفعو باقي بيٺل ۽ ويٺل مسافرن جو هن ڏي ڌيان ويندو ۽ نڪ مان ڳڙندڙ سنگهه مان هن جي هميشه لاءِ جان ڇٽي پوندي، پر اها ڳالهه هتي جي سوسائٽيءَ ۾ معيوب سمجهي وڃي ٿي. اهو ڪم اسٽيشن تي لهڻ بعد Wash room ۾ ڪري سگهجي ٿو. في الحال ريل گاڏيءَ ۾ ٻين مسافرن اڳيان رکي رکي نڪ کي سُڻڪي سِنگهه کي مٿي چاڙهيندو رهجي جو ان قسم جي پيدا ٿيندڙ ايمرجنسي ۾، هن ملڪ ۾ فضيلت واري ڳالهه اها ئي آهي.
جپان ڇڏڻ کان هفتو ڏيڍ اڳ آئون هر ان ماڻهوءَ جو فوٽو ڪڍندو رهيس، جنهن سان منهنجو سفر دوران جپان ۾ واسطو يا ويجهڙائي رهي. ان کان علاوه اهڙين جاين ۽ نظارن، ڪاڄن ۽ فنڪشنن، ماڻهن ۽ انهن جي ويس وڳن جا ته پهرين ڏينهن کان فوٽو ڪڍندو رهيس، جن بابت اخبار جي ڪالمن لاءِ ڪجهه لکڻ ٿي چاهيم.
هڪ ڏينهن آئون شهر جو چڪر ڏئي گهر آيس ته منهنجي زال اسان جي فئملي ڊاڪٽر ۽ ڀرواري بس اسٽاپ ”اِرو سينٽر“ واري اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر وتنابي جي ڳالهه ڪئي.
”اڄ آفرين (اسان جي ڏهٽي) کي ٽُڪا هڻائڻ ويس ته ڊاڪٽر وتنابيءَ پري کان ئي ڏسي مون کي کيڪاريو ۽ هلي اچي خير خبر پڇي.“ مستوران ٻڌايو.
ڊاڪٽر وتنابي سان اسان جا ڪجهه وڌيڪ سٺا تعلقات ان ڪري به آهن جو هن کي سٺي انگريزي اچي ٿي ۽ هو پنهنجي انگريزي ڳالهائڻ جي پرئڪٽس اسان سان ئي ڪندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هو سنگاپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪري چڪو آهي، ان ڪري اسان سان سنگاپور ۽ ملائيشيا جي ڀرواري شهر ”جوهور باروءَ“ جون خبرون ڪندو رهي ٿو. اڄ اتفاق سان هو مون کي بس ۾ مليو هو. بلڪ صبح جو آفيس ٽائيم ۾ نڪرڻ سان ڪڏهن ڪڏهن منهنجو ان بس ۾ چڙهڻ جو اتفاق ٿي ويندو آهي، جنهن ۾ هو پاڻ به هوندو آهي. سندس گهرُ اسان جي بس اسٽاپ کان ٽي چار اسٽاپ پهرين آهي. پاڻ اسپتال لاءِ ارو سينٽر اسٽاپ تي لهي ويندو آهي ۽ آئون ٻه چار اسٽاپ اڳتي هن شهر ڪوڪورا جي ريلوي اسٽيشن تي يا احسن ۽ ايمان (ڏهٽن) جي اسڪول واري اسٽاپ تي وڃي لهندو آهيان.
”ٻارن لاءِ چيو هوندائين ته بس ۾ کيچل ڪندا هليا.“ مون زال کي چيو.
”نه تنهنجي دانهن پئي ڏنائين.“ هن چيو ۽ آئون وائڙو ٿي ويس.
”منهنجي شڪايت؟ خير ۾؟ مون ته پاڻ اڄ سندس فوٽا ڪڍيا ته توکي پاڪستان وڃي ياد ڪنداسين.“ مون چيو.
”ان فوٽن واري ڳالهه جي ئي شڪايت ڪرڻ لاءِ مون وٽ هلي آيو هو ته الطاف منهنجا ڀَري بس ۾ فوٽو ڪڍيا، سي به فلئش لائيٽ سان.“ مستوران ٻڌايو.
اهو ٻڌي مون کي يڪدم ڳالهه دل سان لڳي ته واقعي ڀريل محفل يا بس وغيره ۾ ڪنهن جو ائين فوٽو ڪڍڻ سو به فلئش سان جنهن ۾ هو ٻين اڳيان ويتر نمايان ٿي وڃي، هڪ جپانيءَ لاءِ وڏي Embarrassment آهي. هونءَ ته آئون ڪيترن ئي واقفڪار ۽ اڻ واقفڪارن جا فوٽو بس ۾ يا گس پنڌ تي ڪڍندو رهان ٿو، پر اهي سڀ تڏهن جڏهن چوڌاري ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هجي، پر جيئن ته ڊاڪٽر وتنابي اڄ مون کي ان وقت ملي ويو، جنهن وقت منهنجي هٿ ۾ ڪئميرا به هئي ۽ هن جي تصوير ڪڍڻ لاءِ مهيني کن لاءِ آتو هوس سو يڪدم ڪڍي ورتيمانس، پوءِ جيتوڻيڪ کيس شرمائيندو ڏسي آئون به ڏاڍو پريشان ٿي ويو هوس.
هڪ دفعي بس اسٽاپ تي يوڪو نالي هڪ عورت ننڍڙي ٻار سان ملي جيڪا ڪراچيءَ ۾ ڪجهه سال رهي وئي هئي. ڪجهه لفظ اردو جا به ڳالهائي رهي هئي. سندس مڙس ڪنهن بين الاقوامي ڪمپنيءَ طرفان ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي آيو هو ۽ هاڻ هو دبئي ۾ رهي ٿو. پاڻ ماءُ پيءُ سان ملڻ هتي آئي هئي، جيڪي هن ئي شهر ۾ رهن ٿا. هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ ڪوڪورا اسٽيشن وڃي رهي هئي.
هڪ دفعي بس ۾ سفر ڪندڙ هڪ ڇوڪريءَ جي ميڪ اپ ڪرڻ دوران تصوير ڪڍيم. هڪ اسٽاپ تي جيئن ئي بس خالي ٿي ته هن يڪدم پرس مان لپ اسٽڪ ڪڍي جلدي جلدي ميڪ اپ شروع ڪيو، جيئن ٻئي اسٽاپ کان اڳ مڪمل ڪري سگهي، جنهن تان گهڻا ماڻهو چڙهن ٿا. مون کانئس موڪل وٺي تصوير ڪڍي، پر سندس تصوير ۾ اهو نئچرل اسٽائيل Capture ٿي نه سگهيو، جيڪو جيڪر لڪ چوريءَ، کيس احساس ڏيارڻ بنا تصوير ڪڍڻ ۾ اچي ها. ان ئي ڏينهن بس ۾ ويٺل ڪمونو ۾ ملبوس ٻن ڇوڪرين جي پڻ تصوير ورتم، جيڪي پنهنجي ڪاليج جي ڪنهن فنڪشن لاءِ وڃي رهيون هيون. جپان ۾ اڄ ڪلهه ڪمونو ڪو ورلي پهري ٿو. مردن سان گڏ عورتون به مغربي ڊريس ۾ ئي نظر اچن ٿيون.

ان سال ۾ ڄاول ڇوڪريءَ سان ڪير شادي ڪندو؟

ان سال ۾ ڄاول ڇوڪريءَ سان ڪير شادي ڪندو؟

جپاني دنيا جون ماڊرن شيون ٺاهين ٿا.
روبوٽ ۽ ڊجيٽل ڪئميرا کان ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ ڊڪشنري جهڙيون سائنسي شيون ٺاهي، دنيا جي ماڻهن لاءِ وڏا سک پيدا ڪيا اٿن پر پاڻ اڃا به ڪيترن ئي پراڻن وهمن ۽ وسوسن ۾ ڦاٿل آهن.
جپان ۾ ڪيتريون ئي شيون بد بختي جو ڪارڻ ۽ نڀاڳ جون نشانيون سمجهيون وڃن ٿيون، انهن مان چئن جو انگ پڻ هڪ آهي. جيئن پاڻ وٽ ٽن جو انگ آهي. يا يورپ پاسي تيرهن جو انگ، تيئن جپانين وٽ چئن جو انگ نڀاڳو سمجهيو وڃي ٿو. پاڻ وٽ چوندا آهن ته ٽي شيون دشمن کي به نه ڏجن. ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي ٽي دوست گڏجي فوٽو نه ڪڍرائيندا. چي ائين ڪرڻ سان هڪ جو موت اچڻ لازمي آهي. انگريز تيرهن کي Unlucky نمبر سڏين، ڪيترين هوٽلن ۾ تيرهين نمبر جو ڪمرو ٿئي ئي ڪونه. ٻارهين بعد چوڏهون نمبر ڪمرو ٿئي.
گورن جي پوئلڳي ڪرڻ ۾ گهٽ ته اسين به نه آهيون. اسان وٽ به ڪيترا ماڻهو تيرهن جي نمبر کي نڀاڳو سڏين. انگريز ته فقط ٻارهين بعد ڪمري جو نمبر چوڏهن رکن، اسان وٽ ته يڪو فلور ئي کايو وڃي ٿو. ٻارهين ماڙ بعد واري فلور کي چوڏهون نمبر ڏيون، ان جو مثال PNSC جي پندرهن ماڙ عمارت اڃا سلامت آهي جنهن ۾ تيرهين نمبر وارو سڄو فلور ئي غائب آهي. سو هتي جپان ۾ وري چئن جي انگن جي مصيبت آهي. ڪنهن کي تحفي ۾ به چار شيون نه ڏجن. ٽي يا پنج ضرور ڏجن. تور ۾ چار صوف يا چار بصر پٽاٽا ترندا ته جپاني مري مري چوٿون کڻندو. اهوئي سوچيندا ته چئن وڏن صوفن بدران جيڪر پنج ننڍا ئي کڻان ته سٺو. جپان جي به ڪيترين هوٽلن (۽ ويندي اسپتالن) ۾ توهان کي چئن جي انگ وارو ڪمرو نظر نه ايندو. ٽن ڪمرن بعد چوٿين نمبر واري ڪمري تي پنجن جو انگ لکيل هوندو يا وري هڪ، ٻه، ٽي اي ۽ پوءِ ٽي بي ۽ ان بعد پنج، ڇهه نمبر هوندا. جپانين جو چوڻ آهي ته چئن جي انگ جو اچار موت (SHI) سان ملي ٿو ان ڪري چئن جو انگ خراب سوڻ پيدا ڪري ٿو.
ڀت کائڻ جي چمچن ڪانٽن يا تيلين Chop Sticks)) کي ڪڏهن به کاڌي ۾، خاص ڪري ڀت ۾، اُڀو نه بيهارجي. ڇو جو جپاني مري ويلن جي قبرن يا گهر ۾ ٺهيل ننڍن مندرن Altar)) اڳيان هنن جي روح کي ثواب بخشڻ لاءِ جيڪو ڀت يا ميوو رکيو وڃي ٿو ان ۾ کائڻ جون چاپ اسٽڪس اڀيون ڪري رکيون وڃن ٿيون.
جپاني اتر ڏي مٿو ڪري سمهڻ کي به بدسوڻي سمجهن جو مردن کي ان طرف دفن ڪيو وڃي ٿو.
جنازي واري گاڏي گذرڻ تي جپاني پنهنجي آڱوٺي کي هٿ اندر لڪائين يا رومال سان ڍڪين.
جپاني رات جو ننهن ڪٽڻ کان گريز ڪن. هنن جو اهو عقيدو آهي ته جيڪو ماڻهو رات جو ننهن ڪتري ٿو اهو مرڻ بعد پنهنجي ماءُ پيءُ سان هرگز نه ملي سگهندو.
اهو سڄي دنيا مڃي ٿي ته ماني کائڻ بعد ڪجهه دير واڪ ڪجي، خاص ڪري رات جي مانيءَ بعد. پر منجهند جي مانيءَ بعد نه فقط اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو پر ملائيشيا، انڊونيشيا، ويندي اسپين ۽ آفريقا جي ڪيترن ملڪن جا ماڻهو ٿوري دير لاءِ ننڊ ڪن ٿا. انگريز به جڏهن هند سنڌ ۾ هئا ته ائين ڪندا هئا ۽ اها چوڻي مشهور ٿي ته:
After Lunch – Sleep a while.
After Dinner- walk a mile.
پر جپاني ماني کائڻ بعد يڪدم سمهڻ کي بدسوڻي سمجهن. ٻارن کي چوندا ته ماني کائڻ بعد جيڪو يڪدم سمهي ٿو اهو هڪ ڏينهن ڍڳي ٿي پوندو. جپاني رات جو سيٽي وڄائڻ کان به جهليندا آهن. هنن جو عقيدو آهي ته رات جو سيٽي وڄائڻ واري وٽ نانگ اچي ٿو.
ڪاري ٻليءَ جو رستو ٽپڻ هتي جپان ۾ پڻ بدشگوني سمجهيو وڃي ٿو.
هتي جي مزارن، درگاهن، مندرن ۽ تحفي جي دڪانن تي مختلف قسم جي فائدن جا تعويذ عام وڪامن ٿا. خاص ڪري اسڪول، ڪاليج ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون ۽ ٽيڪنيشن امتحانن ۾ پاس ٿيڻ، پيار ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ، رستي جي سلامتي ۽ حادثي کان بچڻ ۽ ٻين ڳالهين لاءِ اهي تعويذ وٺي ڳچيءَ، ٻانهن يا کيسي ۾ رکيا وڃن ٿيون. ان کان علاوه منتر پڙهيل رنگين پنيون جيڪي هتي جپان ۾ Omikuji (اومي ڪُوجي) سڏجن ۽ جن تي خريدار جي مستقبل جي اڳڪٿي به لکيل ٿئي، خريد ڪري وڻن جي ٽارين سان ائين ٻڌن جيئن اسان وٽ سکا باسڻ لاءِ وڻ جي ٽارين ۾ اڳڙيون ٻڌيون وڃن ٿيون. ائين ڪرڻ سان هنن جو چوڻ آهي ته سندن مستقبل بابت لکيل سٺيون ڳالهيون پوريون ٿين ٿيون ۽ خراب ڳالهيون يعني مصيبتون ڀڄيو وڃن. بهرحال ٻئي ڪنهن جون مصيبتون ڀڄي وڃن يا نه پر هي تعويذ ۽ پنيون (اومِي ڪُوجي) ٺاهڻ وارن جون مالي مصيبتون ضرور دور ٿي وينديون هونديون جو جپان ۾ تعويذ ۽ اومي ڪوجي جهڙيون شيون ٺاهي وڪڻڻ وڏي انڊسٽري آهي. يعني ڪمائي ئي ڪمائي آهي. مت جي موڙهيل ۽ وسوسن جو شڪار ٿيل جپاني ڇوڪرين جي ڪنهن به قسم جي کوٽ نظر نٿي اچي.
جپان ۾ ظاهري طرح ته هر شيءِ انگريزي سال مطابق هلي ٿي، جنهن ۾ سال جو هر مهينو ڌرتيءَ جي چرپر موجب ساڳي موسم ۾ اچي ٿو. يعني 25 ڊسمبر ڪرسمس ڊي هميشه سخت سيءَ ۾ اچي ٿو پر لکين جپاني پنهنجي ڀاڳ ۽ نڀاڳ جا لڳ لاڳاپا چنڊ جي چرپر جي حساب سان ٻڌن ٿا، جيئن اسان مسلمانن جا مهينا آهن، جن ۾ عيد چنڊ جي حساب موجب ڪڏهن سياري ۾ ته ڪڏهن اونهاري ۾ به اچي ٿي. بهرحال جپانين جو چنڊ مطابق ڇهن ڏينهن جو چڪرو آهي، جنهن ۾ ڀاڳ وارا ڏينهن به ٿين ته بدبختيءَ جا ڏينهن به ٿين ته وچٿرا ڏينهن به ٿين جيڪي نه ڀاڳ وارا سمجهجن ۽ نه نڀاڳ وارا. انهن ڏينهن تي ٿي سگهي ٿو ڀاڳ صبح جي وقت اچي منجهند ڌاري غائب ٿي وڃي. جپانين جي عقيدي موجب جيڪڏهن ڪنهن کي بيماري اهڙي نڀاڳي ڏينهن تي لڳي وئي ته اها انگهندي ئي رهندي جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته جمع ڏينهن مينهن پوڻ سان سڄو هفتو هلي سگهي ٿو، تيئن جپاني چوندا آهن ته نڀاڳي ڏينهن تي ڪنهن کي دفن ڪرڻ سان جلد ئي ٻيو موت به ٿئي ٿو.
سڄي سال جي چڪري ۾ ان ڏينهن کان وڌيڪ ڀاڳ وارو ڏينهن ٿي نٿو سگهي، جنهن کي جپاني تائي آن (Taian) سڏين ۽ سال ۾ هڪ ڏينهن بيحد نڀاڳو به ٿئي ٿو جيڪو بوتسو ميتسو Butsu Metsue سڏجي ٿو. سال 1941ع جو 8 ڊسمبر وارو ڏينهن تائي آن وارو ڏينهن هو يعني بيحد لَڪي ڏينهن هو. جپان ۾ هي اهو ڏينهن هو جنهن تي جپاني بهادر پائلٽن (Kami Kazi) پرل هاربر تي آمريڪا جي جنگي جهازن تي حملو ڪري آمريڪا کي دست ڏئي ڇڏيا. آمريڪا ۾ اهو ڏينهن 7 ڊسمبر جو هو.
بوتسو ميتسو (سال جي نڀاڳي ترين) ڏينهن تي جپاني شادي ڪرڻ کان به ڪيٻائين.
جپانين جو اهو وهم مشهور آهي ته شيطان ۽ بدروح اتر اوڀر ڪُنڊ کان اچنٿا. جيئن اسان وٽ چوندا آهن ته ڏکڻ ۾ شيطان رهي ٿو، ان ڪري سمهڻ مهل پير ڏکڻ طرف ڪجن، يعني شيطان کي پيرن سان بُجا ڏجن. ان چڪر ۾ جپاني گهر ٺهرائڻ وقت پوري ڪوشش ڪندا ته سندن گهر جو ڪوبه در يا دري اتر اوڀر طرف نه کلي. يعني گهر ۾ شيطان نه گهڙي سگهن.
ٻارن جا نالا رکڻ وقت ٻار جا مائٽ برش جا Stroke ڳڻين ته ڪٿي برش جي چرپر جو انگ نڀاڳو نمبر ته نه آهي. (جپاني پين کان علاوه برش سان به لکن جيئن اسان وٽ ڪاني جي قلم سان لکيو وڃي ٿو ۽ اسٽروڪن جو حساب ائين آهي ته الف ۾ هڪ ئي Stroke ٿئي ٿو، جنهن ۾ برش کي مٿان کان هيٺ وٺي اچجي ٿو. ”ب“ ۾ نقطي سميت سمجهو ته چار Stroke ٿيا. ڪيترا دڪاندار پنهنجن دڪانن ٻاهران لوڻ جي ڇٽڪار ڪن. ائين ڪرڻ سان هو نڀاڳ کي سندن دڪان اڳيان ويجهو اچڻ کان ڀڄائين ٿا. سومو پهلوانن جي ملهه شروع ٿيڻ کان اڳ به مندر جو ٻائو سندن اڳيان لوڻ جون مٺيون ڀري اڇلائيندو آهي، جيئن پهلوانن جي جان کي جوکو نه رسي.
جپاني ڇوڪريون پنهنجي روايتي وڳي (ڪمونو) جو هميشه کاٻو پاسو ساڄي پاسي واري پلئه مٿان ٺاهي هلنديون ڇو جو ان جي ابتڙ نمونو جنازن لاءِ آهي. يعني مري ويل ڇوڪريءَ جي لاش کي دفن ڪرڻ يا ساڙڻ کان اڳ هن کي ڪمونو ائين پهرايو وڃي ٿو ۽ ان جي کاٻي پاسي واري پلئه مٿان ساڄو پاسو رکيو وڃي ٿو.
پاڻيءَ واري جهاز ۾ ٽوڪيو ويندي وقت اوشيما نالي هڪ ٻيٽ اچي ٿو جيڪو ٽوڪيو کان ستر ميل کن پري آهي. يعني ٽوڪيو پهچڻ کان ٽي چار ڪلاڪ اڳ اچي ٿو. هن ٻيٽ تي سال جو 24 جنوريءَ وارو ڏينهن نڀاڳو ترين سمجهيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ هتي جا ماڻهو هيئيمي ساما Hiimi-sama لفظ استعمال ڪن ٿا، يعني ”يوم بدبختي“. هن ڏينهن تي هن ٻيٽ جي ٻهراڙيءَ وارا ماڻهو ته ڇا پر شهر ۾ رهندڙ به سج لهڻ کان اڳ پنهنجي گهرن ۽ دڪانن جا در دريون، ويندي ڪو ننڍڙو سوراخ هوندو ته ان کي به اڳڙين ۽ ڪاٺ جي چپڙين سان بند ڪري رکن، جيئن بدبختي گهر ۾ گهڙي نه اچي. ڪي ماڻهو ته وڌيڪ احتياط ڪارڻ گهر جي ٻاهران تکي ۽ اُگري بانس وارو گاهه ساڙين ۽ هڱ جهڙيون شيون پڻ رکن جيئن نڀاڳ آڻڻ وارو شيطان سندن گهر کان پري ئي رهي.
جپان ۾ ڪي ڪي ڏينهن سانرنبو (Sanrinbo) پڻ سڏيا وڃن ٿا، جيڪي گهر جي اڏاوت يا مرمت (Repair) لاءِ خراب سمجهيا وڃن ٿا پر انهن ڏينهن تي نڀاڳ گهر واري لاءِ نه پر پاڙي وارن لاءِ چيو وڃي ٿو. اهڙي ڏينهن تي توهان جي گهر ۾ رازي يا واڍي کي گهڙندو ڏسي پاڙي وارا ئي گوڙ ڪندا.
پر اهي سڀ مصيبتون ۽ بدبخت ڏينهن ”باهه ۽ گهوڙي“ واري سال جي نڀاڳ جو مقابلو ڪري نٿيون سگهن. اهو سال ”هينوئي اوما“ Hinoe-Uma سڏجي ٿو ۽ سٺ سالن بعد هڪ دفعو اچي ٿو. جپاني به چينين جي مئٿالاجي ۾ يقين رکن ٿا ته ٻارهن جانورن مان هر سال هڪ جانور جو آهي، مثال طور گهوڙي جو سال، نانگ جو سال، ڪوئي جو سال، سهي جو سال وغيره ۽ ان ٻارهن سالن جي چڪري Zodiac جو هر سال پنجن مختلف شين مان هڪ جي نالي پڻ آهي جيڪي آهن: ڪاٺ، باهه، ڌرتي، ڌاتو ۽ پاڻي. مثال طور، 1987ع سَهي جو سال هو، ان بعد 1999ع سهي جو سال ٿيو ۽ هاڻ وري 2011ع سهي جو سال ٿيندو. پر 1987ع وارو سهي وارو سال ”ڪاٺ“ ۾ آيو ٿي ته 1999ع وارو ”باهه“ ۾ ته 2011ع وارو ”ڌرتي“ ۾ ٿيندو. اهڙي طرح ساڳين ٻن ڳالهين وارو سال سٺ سالن بعد اچي ٿو. سو اهڙي طرح سٺ سٺ سالن بعد گهوڙي ۽ باهه جو ايندڙ سال سخت نڀاڳو سال سمجهيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪيترائي جپاني ايتري قدر پڪو يقين رکن ٿا ته هن سال ۾ ڄاول عورتون گهڻو ڪري پنهنجن مڙسن کي قتل ڪن ٿيون. اهو سخت نڀاڳو سال Hinoe Uma هاڻ 2026ع ۾ ٿيندو ۽ گذري ويل نڀاڳو سال 1966ع هو جنهن ۾ جپان ۾ ڄم جو سيڪڙو بنهه ڪِري پيو هو. بقول وهمي جپانين جي، ان سال جي ڄاول ڇوڪريءَ سان ڪير شادي ڪري پنهنجي قاتل کي گهر ۾ گهرائيندو؟







ڦلترو، اردلي ۽ فيچڪ وال

ڦلترو، اردلي ۽ فيچڪ وال

جپانيءَ جا ڪي ڪي لفظ به عجيب ۽ کل جهڙا آهن. خاص ڪري اهي لفظ جيڪي هنن ٻين ٻولين تان کنيا آهن. انگريز يعني English- man کي Ingirisu چون. پوءِ ڪي اکر جيڪي جپاني زبان ۾ آهن ئي ڪونه جهڙوڪ ’ف‘، ’ل‘، ’ٿ‘ وغيره، ته انهن بدران جپانين ٻيا اکر استعمال ڪيا آهن. مزيدار ڳالهه اها ته جپاني لفظ Vowels سان ڀريا پيا آهن. هر اکر (Consonant) پويان a,e,o,u,i جو هجڻ سمجهو ته ضروري آهي. ان ڪري منهنجو نالو به الطاف بدران جپانيءَ ۾ اريطافو لکڻو پوي ٿو. ڇو جو جپانيءَ ۾ لام جو اچار آهي ئي ڪون. ان بدران ”ر“ (ري) جو اچار استعمال ڪرڻو پوي ٿو. ۽ لام يا ري پٺيان ڪو واول هجڻ به ضروري آهي سو اريطافو يا اراطافو ڪرڻو پوي ٿو. اهڙي طرح آخر ۾ ”ف“ جي پويان به ڪو واول هجڻ زروري آهي سو ”و“ لڳايو ويو آهي يا ٻي صورت ۾ ”ي“ جو واول هڻي اريطافي لکڻو پوندو جيئن جپاني ڪيڪ کي ڪيڪي ٿا سڏين. اهڙي طرح انگريزيءَ جو لفظ چاڪليٽ چاڪوريٽو Chokoreto ٿيو پوي. (ڏسو آهي نه هر اکر پويان واول.) ملائيشيا ”ماريزيا“سڏجي ٿو. اهڙي طرح ٻيا ڪجهه دلچسپ لفظ آهن، جيئن ته:
Australia- Osutoraria
Italy- Itaria
Application- Apurikeshon
Click- Kuriku
Salesman- Serusman
Ball pen- Boru pen
جپاني ٻوليءَ ۾ هڪڙو 'N' اهڙو اکر آهي، جيڪو جيڪڏهن لفظ جي آخر ۾ اچي ته ان جي پويان واول لڳائڻ ضروري ناهي. ان ڪري جن ڌارين جي نالن پويان Nاچي ٿو اهي ائين رهن ٿا، جيئن ته ميمن، پاڪستان، فرحان وغيره. اسان جي ڏهٽيءَ جو نالو ايمان ميمن آهي ته ان جو نالو ائين ئي لکيو وڃي ٿو جو هر اکر پويان واول آهي ۽ ”ن“ آخر ۾ اچڻ ڪري ان پويان ڪو واول لڳائڻو نٿو پوي نه ته جپانيءَ ۾ ڪيڪ ڪيڪي، بال بارو ۽ بس Basu ٿيو پوي.
حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته ان قسم جا سڀ ڌاريا لفظ يا اسان ڌارين جا نالا ڪانجيءَ ۾ نٿا لکي سگهجن. ڪانجي جپاني زبان جي ٽن لکڻين مان هڪ آهي جيڪا شڪلين واري سڏجي ٿي. ڌارين جا لفظ پنهنجي زبان ۾ لکڻ لاءِ جپانين جيڪا الف ب ايجاد ڪئي آهي، اها ڪاٽا ڪانا سڏجي ٿي. مٿيان دلچسپ لفظ به مون ڪاٽا ڪانا ۾ پڙهيا، جيڪي هتي اچڻ سان يعني جڏهن اڄ کان چاليهارو سال اڳ پهريون دفعو جپان ۾ آيو هوس ته سکي ياد ڪري ڇڏيا هئم، جيئن هوٽل، ڪلب، ڊپارٽمينٽ اسٽور، سپر مارڪيٽ جهڙين شين جي ته خبر پئجي سگهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي اصل انگريزي اُچارن بدران هوتيرو، ڪيرابو، ڊيپاٽو ۽ Supa لکيل ٿئي جو جپاني انهن کي ائين ٿا اُچارين جيئن اسان وٽ ڊرم کي ڊم، واليوم کي واليم، اسٽيشن کي ٽيشن ۽ بس اسٽاپ کي بس اسٽان سڏيون ٿا.
اڄ به ڪيترائي جپانيءَ ۾ لکيل نوان لفظ اُچاري سوچيندو آهيان ته اهي اصل جپاني لفظ آهن يا انگريزيءَ تان مروڙيل. جيئن ڪالهه هڪ هنڌان لنگهي رهيو هوس ته دڪان جي ٻاهران جپاني (ڪاٽا ڪانا) ۾ لکيل هو: Doraee Kireeneego سمجهه ۾ نه اچي ته اهو ڇا جو دڪان ٿي سگهي ٿو ۽ دورائي ڪيري اين ايگو ڇا ٿي سگهي ٿو. ڇا توهان جي دماغ ۾ ڪجهه اسٽرائيڪ ڪري ٿو؟ گهٽ ۾ گهٽ آئون ته سمجهي نه سگهيس. نيٺ واپسيءَ تي رستو ٽپي دڪان جو دروازو کولي اندر ليئو پائي ڏٺم ته هي دڪان ڇا جو آهي، جنهن جو مالڪ پنهنجي مادري زبان جپاني جو نالو ڏيڻ بدران شوق ڪري انگريزي نالو جپاني زبان ۾ لکيو آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪيترا انگريزي نالا سنڌيءَ ۾ لکيا ويندا آهن، پر جيسين ڪو صحيح اُچار نه ٻڌائي سمجهه ۾ نه پيو ايندو. جيئن Waves ريفريجريٽر جو نالو اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو، پر ان ويوز کي Waves بدران Views به پڙهي سگهجي ٿو.
بهرحال دڪان ۾ گهڙڻ سان ٽنگڻين ۾ لڙڪيل ڪپڙن کي ڏسي سمجهي ويس ته ڌوٻيءَ جو دڪان آهي ۽ مالڪ انگريز ٿيڻ جي شوق ۾ جپانيءَ ۾ Dry Cleaning لکڻ لاءِ وڌيڪ Vowel هڻي ”دورائي ڪيرينيگو“ ڪيو آهي.
هڪ جپاني شاعره جيڪا مونکي اڪثر پنهنجا شعر ٻڌائيندي رهي ٿي، گهڻا ڏينهن گذرڻ بعد به جڏهن نه ٻڌائين ته انٽرنيٽ ذريعي کانئس شعر نه لکڻ جو پڇيم ته هن ان جو سبب هن ريت لکيو ته هوءَ اڄڪلهه Roman chiku Moodo ۾ نه آهي ۽ آئون ڪا دير سوچيندو رهيس ته اهو ”رومان چِيڪو مُودو“ ڪهڙو لفظ ٿي سگهي ٿو! بهر حال اهو جپاني لفظ ٻيو نه پر انگريزي جي لفظ Romantic Mood آهي. جيئن هڪ ٻئي مان خوش جوڙي "Happy Couple" کي جپاني Hapee Copuru لکن. پر اهي لفظ وري به ٿورو گهڻو سوچڻ بعد سمجهه ۾ اچيو وڃن، پر ڪي ته اهڙا آهن جو پهرين نظر ۾ سمجهه ۾ نٿا اچن ته اهي ڇا ٿي سگهن ٿا. مثال طور هي لفظ ڏسو:
Ooeere, Takushii, Doraibu, Baire enguru, Panfuvetto.
ان قسم جا انگريزيءَ جا جپانيءَ ۾ آيل لفظ خود انگريزن لاءِ سمجهڻ به اهڙا ئي ڏکيا آهن، جهڙا ڪيترا انگريزيءَ جا لفظ جيڪي اسان جي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ اچي ويا آهن.
جهڙوڪ: ڦُلترو (بندوق صاف ڪرڻ جي تار Pull Through)، اردلي (فوجي آفيسر جي ٺاهه جوڙ ڪرڻ وارو سپاهي Orderly)، فيچڪه وال (بئائلر جو Feed Check Valve) وغيره.
بهرحال مٿيان جپاني لفظ هيٺين انگريزي لفظن تان کنيل آهن:
Oil, Taxi, Drive, Billingual, Pamphlet

همدرديءَ جي لائق يورپي ڇوڪريون

همدرديءَ جي لائق يورپي ڇوڪريون

هاڻ ته سالن کان جپان ۾ اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ ڪري ۽ جپاني ادب جو مطالعو ڪرڻ ڪري اسان به هتي جي عورت جو جپاني معاشري
هاڻ ته سالن کان جپان ۾ اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ ڪري ۽ جپاني ادب جو مطالعو ڪرڻ ڪري اسان به هتي جي عورت جو جپاني معاشري ۾ قدر چڱيءَ طرح سمجهي ويا آهيون، نه ته اسان جي سفير دوست ظفر شيخ ته اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جپان ۾ اچڻ سان اسان کي ان حقيقت ڏي ڌيان ڇڪايو ته ٻيلي ڏٺو وڃي ته ”دنيا جي عورتن ۾ سڀ کان گهڻو سورن ۾ جپاني عورتون آهن.“ ظفر جي ڳالهه ٻڌي اسان کلندا هئاسين ته هو ويتر سنجيدو ٿي چوندو هو ”توهان پاڻ ئي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏسو ته هي جپاني عورتون ڪيڏو سورن ۾ آهن. هو ڇا ڇا نٿيون ڪن؟ نوڪريون ڪن، پورهيا ڪن، گهرن جون صفايون ڪن، ٻارن ۽ مڙسن جي خدمت ڪن، رڌ پچاءُ، ڪپڙا ڌوئڻ، استري ڪرڻ، سڀ ڪجهه پاڻ ڪن. کين نوڪرياڻي يا نوڪر رکڻ جي به اجازت ناهي. ان هوندي به سندن مڙس خوش ٿيڻ بدران نشي ۾ يا بنا نشي جي حالت ۾ کين موچڙا هڻن!“
هاڻ مڙيئي ٽي وي چئنلن، ناولن ۽ فلمن ذريعي جپاني عورتن ۾ اهو احساس وڌي ويو آهي ته هو واقعي سورن ۾ آهن نه ته هو سمجهنديون هيون ته شايد دنيا جون مڙيئي عورتون ائين عتاب هيٺ آهن.
”ڀلا دنيا جون خوش نصيب عورتون ته يورپ ۽ آمريڪا جون چئبيون.“ اسان چوندا هئاسين.
”نه هرگز نه.“ ظفر يڪدم Disagree ڪندو هو. ”دنيا ۾ خوش نصيب عورتون پنهنجيون پاڪستاني آهن.“
”اهو وري ڪيئن؟“ ٽوڪيو ۾ ظفر وٽ اسين مانيءَ تي آيل پاڪستاني حيرت مان پڇندا هئاسين.
”ڏسو نه يورپي يا مغربي عورت ته وري به نوڪري ڪري ٿي، جنهن لاءِ هن کي سوير اُٿي ٻارن کي تيار ڪري اسڪول موڪلي پوءِ آرام ڪرڻ بدران آفيس پهچڻو پوي ٿو، جتي سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ آفيس پهچڻ ۽ موٽڻ ۾ ميل اڌ پنڌ ڪري بس يا ريل ۾ سوار ٿيڻو پوي ٿو ۽ اهي رش واريون سواريون ڪي عياشي نه پر عذاب ٿين ٿيون ۽ پوءِ وري گهر اچي گهر کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪهڙو گهر يورپ يا آمريڪا جو آهي، جنهن ۾ نوڪر چاڪر ۽ ماسيون ڪم ڪن ٿيون. اهي اسان جي ملڪ جون زالون خوش نصيب آهن، جيڪي نه نوڪري ڪن، نه پورهيو مزوري! گهر جي ڪم لاءِ به پارٽ ٽائيم ٻهاري پوچي لاءِ ماسيون آهن. ڪيترن وٽ ته نوڪر چاڪر به آهن، پوءِ به پاڻ کي خوش نٿيون سمجهن.“
اڄ ٽيهن سالن بعد سوچيان ٿو ته ظفر کي شاباس هجي جو جپان ۾ اچڻ سان آفيس جي ڪم ۽ جپاني زبان سکڻ کان علاوه جپاني معاشري جي ڪيترن ئي ڳالهين تي کوجنائون ڪندو رهيو.
جپان ۾ مردن جو عورتن ڏي رويو سخت هجڻ ڪري ڪيتريون ئي جپاني عورتون ڪنهن ڪنگلي کٽل آمريڪن سان شادي ڪرڻ ۾ به وڏي خوش نصيبي سمجهن ٿيون ۽ ايشيا جي ماڻهن سان ته تڏهن کان شاديون ڪنديون اچن. جپاني عورتون ڪيتري قدر محنتي، چئيوان ۽ مڙسن جون خدمتگذار آهن، ان بابت گذريل ٽيهن سالن جي سفرنامن ۽ جپاني لوڪ ادب توڙي ڪهاڻين ۾ لکندو اچان.
جپاني مردُ يورپ يا آمريڪا ويندو پر ورلي ڪنهن يورپي يا آمريڪن ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ايندو. هن کي خبر آهي ته سندن جپاني ڇوڪرين جي مقابلي ۾ اهي ڌاريون عورتون وڏو مٿي جو سور آهن، جيڪي مرد ۽ عورت جي برابري چاهين ٿيون. سئيڊن، ناروي، ڊنمارڪ جهڙن يورپي ملڪن ۾ هر ڪم رڌڻ پچائڻ کان ٻار جا پوتڙا (پئمپر) بدلائڻ جهڙو ڪم عورت سان گڏ مرد کي به ڪرڻو پوي ٿو _ سواءِ ٻار ڄڻڻ ۽ ان کي ٿڃ ڏيڻ جي، جنهن لاءِ ظاهر آهي، هڪ مرد Biologically (جسماني طور) مجبور آهي. جپان ۾ ته جپاني عورت آخري مهيني پيٽ سان هوندي به پئي گهر کي پوچا ڏيندي ۽ دڪيون صاف ڪندي. هڪ ٻار ڪڇ تي، هڪ ٻار پيٽ ۾ ۽ ٽئي ٻار کي آڱر کان وٺي اسڪول ڇڏڻ ويندي. مڙس آفيس مان سڌو ڪلب يا بار مان ٿي رات جو دير سان موٽندو ته به ان جو مرڪندي آڌر ڀاءُ ڪندي. نشي ۾ ڌت ٿي اچي بستر تي ڪرندو ته بوٽ ۽ جوراب به پاڻ پيئي لاهينديس ۽ الٽيون صاف ڪري زور پئي ڏيندس. ڪنهن آفيس يا بزنس جي دعوت ۾ ڪنهن جپاني مرد کي زال سميت دعوت هوندي ته به نڀاڳو زال کي ڍوئڻ بدران آفيس جي ڪلارڪ ڇوڪري يا گرل فرينڊ کي وٺي دعوت ۾ حاضر ٿيندو. اڃا وڏي پوسٽ تي پهچندو يا پئسو ايندس ته سريتون (Keeps) يا گيشائون رکندو ۽ هوڏانهن جوڻس جو گهر ۾ ٻارن جي وڌيل انگ کي منهن ڏيڻ ۾ ئي وقت گذري ٿو. اڌ پير چئمپل ۾ اڌ پٽ تي سڄو ڏينهن سستن پٽاٽن، بصرن پويان بازاريون ماپيندي يا ٻارن جي ضرورت جي شين پويان سپر مارڪيٽون ڇاڻيندي وتندي. سو ڪو ورلي نڀاڳو جپاني مرد هوندو جيڪو يورپي يا آمريڪن عورت سان شاديءَ جي چڪر ۾ ڦاسندو، نه ته هن لاءِ پنهنجي جپاني عورت The Best ۽ Most Obedient Servant آهي- جيڪا موچڙا کائي به مرڪندي رهي ٿي.
۽ هوڏانهن جپاني عورتن لاءِ فارينر چاهي آمريڪن ۽ يورپي هجي يا اسان جي ننڍي کنڊ جو هجي يا عرب ايراني هجي، هن جي لاءِ بهترين مڙس آهي. ساڳي وقت جپان ۾ رهندڙ اسان جا ڪنوارا مرد جپاني عورتن سان شادي ڪرڻ ۾ پنهنجي عاقبت موچاري سمجهن ٿا، جو هنن کي جپان ۾ رهڻ جي ويزا ملڻ جي آساني ٿئي ٿي. جپان ۾ توهان کي ڪيترائي آمريڪن ۽ يورپي نظر ايندا، جيڪي جپان ۾ رهندڙ پنهنجي ملڪ جي عورتن سان دوستي ڪرڻ بدران، جپاني ڇوڪرين سان گهمندي ڦرندي نظر ايندا ۽ ڪيترن ته جپاني ڇوڪرين سان شادي ڪري هتي جپان ۾ پرمننٽ رهائش اختيار ڪئي آهي. هو اهوئي چوندي ٻڌبا آهن ته سندن ملڪن جي زالن جي مقابلي ۾ جپاني زالون بيحد وفادار ۽ خدمتگار آهن. جپاني عورتن ۾ نه گهڻو نخرو آهي ۽ نه وري ڪو انگل آرو آهي. بلڪ ڏٺو وڃي ته جپاني عورتون ٿي ڪري به هو پنهنجن مڙسن جا لاڏ کڻن ٿيون.
ڪنهن جپاني مرد جي يورپ يا آمريڪا ۾ ڊگهو عرصو رهڻ ڪري ڪنهن مڪاني يورپي يا آمريڪي ڇوڪريءَ سان عشق ٿيندو ته به هو عورت جي غلاميءَ ۾ رهڻ کان وڌيڪ سندس قد بت کان ڪيٻائيندو جو جپاني قد بت ۾ بندرا ٿين ٿا. هڪ ڊگهو مرد بندري قد جي جپاني عورت سان رهندي ايڏو عجيب نٿو محسوس ڪري جيڏو هڪ بندرو مرد ڊگهي قد جي عورت سان. هڪ اهو سبب پڻ آهي جو جپاني مرد آمريڪن عورتن کان سندن ڊگهي قد ڪري ٽهن ٿا.
جپان جي شهر فڪوئڪا شهر ۾ يونيورسٽي جي هڪ ڇوڪري کي ٽيوشن پڙهائيندو هوس. ظاهر آهي هو مون کان قد ۾ ننڍو هو. جپان ڇڏڻ وقت هن ڇوڪري کي ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ مونکي ائبي نالي هڪ آمريڪا جي ڇوڪري ملي وئي، جيڪا قد ۾ مون کان به ڊگهي هئي. ڊگهو قد کڻي سونهن جي نشاني هجي پر جپان جهڙي ننڍڙي قد جي ماڻهن جي ملڪ ۾ Abbie عجيب لڳي ٿي. موڪلائڻ مهل فوٽو ٿي ڪڍايوسين ته سمجهه ۾ نه آيو ته پنهنجي جپاني شاگرد کي وچ ۾ بيهاري هڪ سؤ هڪ ٺاهي بيهون يا پاسي تي بيهاري هڪ سؤ ڏهه ٺاهيون. پوءِ نيٺ ائبيءَ کي چيم ته ٿورو گڪو ٿي بيهه ته اسان جي ليول ۾ اچين.
جپان ۾ يورپ يا آمريڪا کان آيل مردن جا موج مزا آهن. هو ميلن ملاکڙن يا دعوتن ۾ يڪدم ڪا جپاني ڇوڪري ڳوليو وٺن ۽ ڪيترا ته انهن سان شادي ڪري کين پنهنجي وطن وٺيو وڃن يا جپان ۾ ئي ٽڪيو پون. ٻئي خوش هوندا آهن، يعني جپاني ڇوڪري به ته يورپي ڇوڪرو به، جو جپاني ڇوڪريءَ لاءِ پنهنجي جپانيءَ مرد کان ڌاريون بهتر آهي ۽ هن کي هڪ ڌارئين سان شادي ڪري وڌيڪ آزادي ۽ عزت ٿي ملي. ساڳي وقت يورپي مرد لاءِ پنهنجي ٻه مُنهي بلا يورپي عورت کان وڌيڪ بهتر جپاني ڇوڪري آهي، جيڪا جنهن ليول جي چئيوان ۽ چاهيندڙ ٿي مڙس سان ٻڌجي رهي ٿي ۽ جيتري اها قربائتي آهي، ان جي مقابلي ۾ سندس يورپي ڇوڪري جهڙي چيلاٽو. جپان ۾ نوڪري يا تعليم لاءِ ترسيل يورپي عورت پاڻ کي بدنصيب سمجهي ٿي جو هن ڏي ڪو جپاني مرد ته ڌيان نٿو ڌري پر پنهنجو يورپي به نه! يورپي مرد جپان ۾ ڀلا آخر ڇو انهن جو رخُ ڪري جڏهن چوڌاري جپاني ڇوڪريون هن مٿان فدا ٿيڻ لاءِ تيار آهن.
يوڪوهاما شهر جي ياماشيتا پارڪ ۾ منهنجو ملئي شاگرد (هاڻي هتي جي جهازران ڪمپنيءَ جو مئنيجر) ڪئپٽن علي وٺي هليو. چوڌاري جوڙا جوڙا نظر اچي رهيا هئا. يورپي، آفريقي ۽ اسان جا ايشيائي شاگرد جپاني ڇوڪرين سان گڏ هلي رهيا هئا. اتي اسان جي نظر وڻ هيٺان بيٺل ٻن يورپي ڇوڪرين (جيڪي بيلجيم جي ڪنهن ڪمپنيءَ طرفان هتي بدلي ٿي آيون هيون ۽ ڪئپٽن عليءَ سڃاتن ٿي) تي نظر پيئي. هو پنهنجي منهن اڪيليون آئيس ڪريم ڪون کائي رهيون هيون. عليءَ مون کي ملئي زبان ۾ چيو هنن ڇوڪرين سان جپان جهڙي ملڪ ۾ وڏو ظلم آهي. عليءَ جنهن انداز سان چيو آئون سمجهي ويس ته يورپ جي هنن راڻين کي هتي ڪير پڇندو- ويندي سندن هم وطنين کي به کُٽيءَ ته نه کنيو آهي، جو هو جپان جهڙي مهانگي ملڪ ۾ جپانين جهڙين مڪاني مهمانواز ڇوڪرين کي ڇڏي هنن چَٽين کي پاڻ سان رکن.


جتي مغربي ڪاڻو به راڻو آهي

جتي مغربي ڪاڻو به راڻو آهي

گذريل ڪالم ۾ جپان ۾ رهندڙ يورپي ۽ آمريڪي مردن ۽ عورتن بابت لکيو اٿم، جيڪي جپان ۾ تعليم يا نوڪري سانگي پنهنجن ملڪن کان هتي جپان جي مختلف شهرن ۾ اچن ٿا. ڪن جو واسطو پنهنجن ملڪن جي سفارتخانن، سامونڊي ۽ هوائي جهازن جي ڪمپنين سان آهي ته ڪن جو بين الاقوامي فرمن ۽ ادارن سان آهي. پوءِ جپان ايندڙ انهن ڌارين ۾ جيڪي اڪيلا ۽ بيچلر مرد آهن اهي گهڻو ڪري هتي جپان ۾ خوش زندگي گذارين ٿا جو هنن جي جپاني ڇوڪرين سان يڪدم دوستي ٿيو وڃي. هڪ جپاني ڇوڪريءَ لاءِ پنهنجي جپانيءَ وٽ زندگي گذارڻ کان ڌارئين وٽ وڌيڪ آرام، عزت ۽ آزاديءَ جي زندگي آهي ۽ ساڳي وقت ڌارئين مرد لاءِ پنهنجي يورپي يا آمريڪن ڇوڪريءَ کان وڌيڪ مڪاني جپاني ڇوڪري بهتر ثابت ٿئي ٿي، جنهن سان دوستي يا شادي ڪرڻ سان هن جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ ٿيو وڃن. رهائش ۽ رڌي پچي جي بار کان بچڻ کان علاوه هو اهو به محسوس ڪري ٿو ته هڪ جپاني ڇوڪري هن لاءِ وڌيڪ وفادار، خدمتگار ۽ چئيوان ثابت ٿئي ٿي. جپان ۾ رهندڙ يورپي ۽ آمريڪن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ ڇوڪرا ته مزي ۾ نظر اچن ٿا پر يورپي ڇوڪريون اڪيلائيءَ جي زندگي گذارين ٿيون. ساڻن مڪاني جپاني ماڻهو ته دوستي نٿا رکن پر سندن ملڪي ماڻهو به کانئن ونءُ وڃن ٿا. ڇو ته جپاني مرد جيڪو عورت کي گهر جي جُتي سمجهي ٿو ۽ هر ڳالهه ۾ هو چاهي ٿو ته سندس مانُ مٿاهون هجي، اهو ڪيئن ٿو هڪ يورپي يا آمريڪن ڇوڪريءَ سان دوستي يا شادي ڪري جيڪا “Ladies First” واري ماحول مان آئي آهي، جيڪا مرد کان برابر جا حق گهري ٿي! ٻيا ته ٺهيو پر سندن ملڪ جا کٽل ۽ بيروزگار يورپي مرد به کانئن پري ڀڄن ٿا ۽ ڇونه کانئن پاسو ڪن جڏهن چوڌاري جپاني حسينائون ڦري رهيون آهن جيڪي هڪ خادم، هڪ نوڪر، هڪ خدمتگار ۽ هڪ وفادار زال جون هڪ ئي وقت ڊيوٽيون ڏئي سگهن ٿيون.
جنهن ٻارهن ماڙ بلڊنگ ۾ اسان رهون ٿا ان ۾ ٽوني نالي هڪ انگريزي ماستر هڪ جپاني عورت سان شادي ڪري هن سان ئي رهي ٿو. هن جيڪا انڌي منڊي نوڪري ڪئي ٿي هاڻ اها به ڇڏي ڏني اٿس. هاڻ رڳو گهر ۾ ويهي اخبارون پڙهندو آهي ۽ پنهنجي ملڪ انگلينڊ جي شان ۾ قصيدا پڙهي پنهنجي جپاني زال ۽ ان جي ساهيڙين کي Impress ڪندو آهي. نوڪري به سندس زال ڪري ته نوڪريءَ تان موٽي اچڻ بعد گهر جو ڪم ڪار به اهائي ڪري. هاڻ زال جو ويم ٿيو آهي سو مڙيئي کيس زال جي ٿوري گهڻي خدمت ڪرڻي پوي ٿي پر تنهن هوندي به ماني سسُ وٽان اچين جنهن جو گهر ڀرواري گهٽيءَ ۾ آهي. ههڙو نڪمو مڙس به هن جپاني عورت لاءِ رانجهو آهي، جنهن جي ڪري سندس ساهيڙين ۾ سندس مانُ مٿانهون آهي ته انگريز سان شادي ٿي اٿس.
جپان ۾ اهڙا ڪيترائي مثال چوڌاري نظر ايندا. ڪيترن ئي پاڪستانين، عربن ۽ ايرانين به جپاني عورتن سان شادي ڪري ڄڻ مڪاني يونيورسٽيءَ مان ڊگري ۽ نوڪري حاصل ڪري ورتي آهي. بلڪ رٽائرمينٽ حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هاڻ کين رڳو آرام جي زندگي گذارڻي آهي، باقي ڪم جپاني جوين حوالي.
اسان جي ئي بلڊنگ جي ڇهين فلور تي پئٽريڪا نالي هڪ ننڍي عمر جي خوبصورت انگريز ”اسڪول ٽيچر“ رهي ٿي جيڪا ڪنهن بين الاقوامي اداري جي Exchange پروگرام مطابق پنهنجي ملڪ انگلينڊ کان ٽن سالن لاءِ بدلي ٿي هتي جپان ۾ آئي آهي. انگريز، يورپي يا آمريڪن نوجوان ڇوڪريءَ جي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن هفتي جي موڪل وارا ٻه ڏهاڙا (Week end) بنا ڪنهن بواءِ فرينڊ جي گذرن ته سندس لاءِ ان کان ٻي وڏي مايوسي نه آهي. هونءَ به هنن ترقي يافته ملڪن ۾ هڪ نوجوان ۽ اڪيلي ڇوڪريءَ جي سوشل لائيف ته بواءِ فرينڊ سان ئي آهي. چوڌاري جپاني ڇوڪرا پنهنجي هم عمر جپاني ڇوڪرين سان پيا هلن. اهي قد جا بندرا ۽ احساس ڪمتريءَ جو شڪار هن انگريزي ڳالهائيندڙ قدآور انگريز ڇوڪريءَ سان ته هرگز نه هلندا. رهيا سندس ملڪ انگلينڊ جا ڇڙا سي هن سان دوستي رکي ڇو پنهنجي زندگي عذاب ۾ وجهن جڏهن ته چوڌاري جپاني ڇوڪريون جام پيون ڦرن.
مٿين انگريز ڇوڪري پيٽريڪا سان منهنجي اڪثر بلڊنگ جي لفٽ ۾ يا بس اسٽاپ تان ايندي ويندي ملاقات ٿيندي آهي. پڇندو آهيانس ته ڪيئن پيا جپان ۾ ڏينهن گذرن ته هر وقت بيزاريءَ مان ساڳيو جواب ڏيندي آهي، Just so so جيتوڻيڪ هن جي جاءِ تي ڪنهن مرد انگريز يا يورپيءَ کان پڇ ته خفتي جپان ڇڏڻ جو نالو نه وٺندو. هڪ ڏينهن جمعي جي شام جو بس اسٽاپ کان گهر ڏي ايندي سندس هٿ ۾ کاڌي پيتي جا ڪجهه ٿيلها ڏسي پڇيومانس ته ڇا ٻن ڏينهن جي پڪنڪ تي ڪيڏانهن وڃين پئين ته يڪدم وراڻيائين ”مسٽر الطاف تون ته هن ملڪ جي ماحول کان واقف آهين. هتي يورپي عورت لاءِ ڪهڙي سوشل لائيف آهي. اسڪول جي هڪ ٻن جپاني ماسترياڻين کي گهر ۾ دعوت ڪئي اٿم، انهن لاءِ هي شيون ورتيون اٿم. شايد ڪا اچي وڃي.“
واندڪائيءَ جون گهڙيون گذارڻ لاءِ هن وٽ فقط هڪ ئي ذريعو آهي: ٽي وي ڏسڻ يا ناول ۽ رسالا پڙهڻ. سندس فليٽ رهائش کان وڌيڪ ڪتابن جي لائبرري لڳندو آهي جتان اسان جي بلڊنگ ۾ رهندڙ انگريزي ڳالهائڻ وارن ملڪن جا رهاڪو پڙهڻ لاءِ اوڌر تي ڪتاب وٺي اچن.
بهرحال جپان جي هر شهر ۾ هر هنڌ توهان کي ڪانه ڪا اهڙي جپاني ڇوڪري ضرور نظر اچي ويندي، جنهن جي قدآور مڙس مان توهان کي ڄاڻ ٿي ويندي ته هو ڪنهن ڌارئين ملڪ جو آهي. مڙس پنهنجي پَرِ ۾ خوش نظر ايندو ته جپاني ڇوڪري پنهنجي حساب کان خوش هوندي. ڇو جو جپاني ڇوڪِري جپاني مرد جي ڏهن نخرن کڻڻ کان بچيو وڃي ۽ انگريز يا آمريڪن مرد لاءِ پنهنجي هم وطن داداگير مغربي عورت کان هڪ جپاني عورت گهڻو بهتر آهي.
سو ڪيترن يورپي ۽ آمريڪن مردن جون زالون جپاني آهن. هو هتي جپان ۾ نوڪري يا گهمڻ لاءِ آيا ۽ هڪ عدد جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪري کيس پنهنجي وطن وٺي ويا يا ڪيترا کُٽل هتي جپان ۾ ئي پنهنجي جپاني جوءِ وٽ رهي پيا ۽ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن. چوندا آهن ته سٺي زال اها جيڪا جوانيءَ ۾ مڙس جي دوست ٿي رهي. مڙس پوڙهو ٿئي ته هوءَ نرس وانگر سندس خدمت ڪري. پر جپاني عورتون پنهنجن ولائتي مڙسن جون جواني توڙي ٻڍاپي ۾ سچيون سنگتياڻيون، پيار ڏيڻ واريون، زور ڏيڻ واريون، ڳائي يا سرندو وڄائي دل وندرائڻ واريون، نرس ٿي خدمت ڪرڻ واريون، سندن مڙسن جي ڇڏي وڃڻ تي يعني کيس ڇڏي ڪنهن ٻيءَ کي سير تي يا ڪلب ۾ وٺي دل پشوري ڪرڻ تي ٻڙڪ نه ٻاهر ڪڍڻ واريون، نوڪر چاڪر، بورچي ۽ ٻهارو پوچو ڪرڻ واري ماسيءَ جا جملي ڪم پاڻ سرانجام ڏيڻ واريون اهڙيون ثابت ٿيون آهن جو انهن گورن (يورپي ۽ آمريڪن) کي به، جن جون زالون يا محبوبائون جيڪي پنهنجي ملڪ جي معيار کان سٺيون سڏيون وڃن، هتي اچي اهي به کين ڇتريون، رعب ڄمائڻ واريون ۽ Miss Give بدران Miss Take، بلڪ وڏيون Mistakes لڳن ٿيون.
ان سلسلي ۾ هڪ دلچسپ ڪارٽون نظر مان گذريو، جيڪو هڪ فرينچ ٽوئرسٽ آرٽسٽ جو ٺهيل آهي. ڪارٽون چئن حصن ۾ آهي. آمريڪن همراهه جپان جي ڪنهن شهر ۾ آهي ۽ هن کي گهر موٽندي رستي تي جپاني ڇوڪريون ملن ٿيون، جن کي ڏسي هن کي پنهنجي فرينچ زال ياد اچي ٿي- پهرين نظر ۾ ته ڪجهه ائين ئي لڳي ٿو ته شايد سندس زال جپاني آهي جو جپاني ڇوڪريءَ کي اڪيبانا (گل سينگارڻ) جي اسڪول ڏي ويندو ڏسي هن کي ڌيان ۾ اچي ٿو ته گهر پهچڻ سان سندس جپاني زال به اڪيبانا سان سندس دل وندرائيندي. يا شايد ان ڇوڪريءَ کي ڏسي سوچي ٿو ته ان سان شادي ڪيان ها ته آفيس مان موٽڻ تي منهنجي دل گلن سان وندرائي ها. اڳتي هلڻ تي هڪ گيشا نموني جي جپاني عورت ڏسي هن کي اهو ڌيان ۾ اچي ٿو ته جپاني عورت منهنجي ڳائڻ سان دل وندرائي ها ۽ پوءِ ٽين تصوير ۾ هو هڪ جپاني ڇوڪريءَ کي صابڻ شيمپو وٺي گهر ڏي ويندو ڏسي هن کي اهوئي ڌيان ۾ اچي ٿو ته منهنجي اها زال هجي ها ته منهنجي گهر پهچڻ تي ٻين خدمتن سان گڏ مونکي وهنجارڻ جو ڪم به هوءَ ڪري ها.
پر حقيقت ڇا آهي جيڪا آرٽسٽ ڪارٽون جي چوٿين حصي ۾ ڏيکاري آهي ته هن جي زال جپاني نه پر پنهنجي فرينچ آهي. آفيس کان گهر پهچڻ تي پيار جا ٻه مٺا ٻول چوڻ بدران هُن ڏاڙهڻ شروع ڪيو اٿس ته ڪچن سڄي ٿانون سان ڀرجي وئي آهي، جلدي ڪري ٿانوَ ڌوئڻ شروع ڪر! ۽ هي سندس مڙس، موسٽ اوبيڊنٽ سرونٽ، ائپرن ٻڌي ٿانوَ ڌوئي رهيو آهي.
جپان ۾ رهي جتي ڌاريا پنهنجي هم وطن عورتن سان شادي نٿا ڪن اتي ڪهڙو جپاني مرد هڪ ڌارئين يعني آمريڪن يا انگريز عورت سان شادي ڪندو. پر ڪن ڌارين عورتن جپاني مردن جي به دل موهي ورتي آهي ۽ ڪجهه جپاني مردن پنهنجين جپاني عورتن بدران ڌارئين سان شادي ڪئي آهي. هڪ اهڙي فئمليءَ سان ملاقات ياماگاتا پريفيڪچر جي هڪ مسافر خاني ۾ ٿي جيڪو اتسوشي نالي هڪ جپاني همراهه جو آهي. سندس جيني نالي آمريڪن زال سئن فرانسسڪو جي آهي.
چوٽيهن ورهين جي جينيءَ ٻڌايو ته هوءَ جڏهن ايڪيهن سالن جي هئي ته آمريڪا جي Linfield ڪاليج طرفان Students Exchange پروگرام هيٺ جپان جي صوبي (پريفيڪچر) ڪانا گاوا ۾ ڇهن مهينن لاءِ اچي رهي هئي. اتي هن جي ملاقات اتسوشيءَ سان ٿي ۽ دوستيءَ مان وڌي شاديءَ تائين معاملو پهتو.
”منهنجو ڊاڪٽر ٿيڻ جو ارادو هو،“ جينيءَ ٻڌايو.
”پر پوءِ مون سڀ ڪجهه ڇڏي هن سان شاديءَ جو ارادو ڪيو ۽ اڄ آئون مڙس سان گڏ سندس ابي ڏاڏي جو ٺهيل هي جهونو ريوڪان (مسافرخانو) هلايان پيئي.“
”جپان توهان کي ڪيئن ٿو لڳي؟“ مون پڇيومانس.
”هتي مونکي آمريڪا کان وڌيڪ سڪون محسوس ٿئي ٿو.“ هن ٻڌايو.
”ڪيئن ڀلا؟“ مون پڇيومانس جنهن جي جواب ۾ هن وراڻيو:
“The temples, shrines, gardens, people wearing Kimono, all the traditional things have an aura of quiet serenity. Even in busy cities you are likely to see an old shrine next to a tall building. I really like that.”
جيني نه فقط جپاني ڳالهائي ٿي پر جپاني ڊريس (ڪمونو) به پهري ٿي. کين ٻه ٻار (ڌيءُ پٽ) آهن.





۽ مڙس به نئون هٿ ڪيائين

۽ مڙس به نئون هٿ ڪيائين

مرڻي ۽ پرڻي تي جپاني وڏو خرچ ڪن ٿا. هونءَ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ هو وڏا هوشيار آهن بلڪ خرچڻ کان وڌيڪ ڪمائڻ ۾ ڀڙ آهن پر مٿين ٻن ڳالهين ۾ مار کايو وڃن. زماني کان هلندڙ ريتن رسمن مان هو جان ڇڏائي نه سگهيا آهن. پنهنجو ۽ پنهنجي ڪٽنب جو مانُ مريادا مٿانهون ڪرڻ لاءِ جپاني ماڻهو انهن ٻن ڳالهين تي دل کولي خرچ ڪرڻ تي مجبور آهن. ايتري قدر جو پنهنجن وڏن جي قبر مٿان ڪُتبي وارو ٽُڪ جي ڪم جو پٿر لک ڏيڍ کان ٻن ٽن لکن وارو رکن ٿا. اهڙيءَ طرح شاديون به وڏين هوٽلن ۾ ڪن ٿا. هو اهوئي چون ٿا ته زندگيءَ ۾ اهو موقعو هڪ دفعو ئي ته ملي ٿو. ان کي ڇو نه اهڙي طرح ملهائجي جو هميشه يادگار رهي ۽ سچي ڳالهه ته اها آهي ته ڪجهه پنهنجو نڪ مٿانهون ڪرڻ لاءِ به ان جو ڦاهو ڦڪين ٿا جيئن ڪو ائين نه چوي ته فلاڻي ڪٽنب جي بزنيس مئن ههڙي سادي نموني سان شادي ڪئي. ڪجهه وري ڏيکاءَ خاطر ته اسان جو سوشل Status (سماجي رتبو) مٿانهون آهي يا هاڻ مٿانهون ٿي ويو آهي، هو قرض کڻي به وڏي شان شوڪت سان هي فنڪشن ڪن ٿا چي ”کٽل آهيون پر خان ته آهيون“.
جپانين جو ملڪ آهي سو گهڻي ڀاڱي ٻئي ڌريون هتي جون مڪاني ڌريون ٿين پر ڪي شاديون جيڪي ڪجهه وڌيڪ رونق ڀريون ئي ٿين اهي ڌارين جون، خاص ڪري مغربي ملڪن (انگلينڊ، يورپ، آمريڪا) جي مردن جون جپاني ڇوڪرين سان ٿين ۽ ڪڏهن ڪڏهن (جيتوڻيڪ تمام گهٽ، ورلي ڪو) ڪنهن جپاني مرد جي يورپي، آمريڪي يا ٿائي يا فلپينو ڇوڪريءَ سان شادي ٿئي.
هونءَ ته پراڻين ريتن رواجن موجب جپانين جي شادي شنتو يا ٻڌ ڌرم جي مندر (Shrine) ۾ ئي ٿئي ٿي پر جيئن ته ان شاديءَ جي رسم ۾ رنگيني گهٽ آهي ان ڪري اڄ جا شوقين نوجوان جپاني گهوٽ عيسائين جي ڪليسا گهر (Church) ۾ شادي ملهائين. ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو هنن جو Christianity سان تعلق آهي پر هو ان کي هڪ ڪلچرل ۽ رسم طور ملهائين ٿا جيئن سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ويندي جپان جا ماڻهو ڪرسمس ڊي ۽ نئين سال جي پهرين جنوري تي نيو ييئر ڊي ملهائين ٿا. جيتوڻيڪ جپانين جو ٻڌ ڌرم موجب نئون سال ڪنهن ٻي تاريخ تي اچي ٿو.
شاديءَ جي دعوت تي وڃڻ لاءِ مهمان لفافي ۾ ڪجهه پئسا پوئي يا تحفي طور کڻي ويندا آهن، جنهن کي جپاني Goshuugi سڏين، جيئن چيني ان کي ”انگ پائو“ چون ٿا ۽ اهوئي لفظ رشوت لاءِ به استعمال ٿئي ٿو. تحفي طور ڏنل هن خرچيءَ جو تعداد اِڪي انگ ٿئي ڇو ته ٻَڌي انگ ته ڪنهن به انگ سان ونڊجي سگهي ٿو ۽ ان معاملي ۾ جپاني ڏاڍو Sensitive آهن. ڪنهن انگ جو ونڊجڻ معنيٰ سندن شادي يا پيار محبت ۾ به وَنڊ يعني وڇوڙو اچي سگهي ٿو.
ورگيلو نالي هڪ آمريڪن همراهه جي اسان واري پريفيڪچر فڪوڪا جي هڪ جپاني ڇوڪري اِشي ڪاوا سان هتي شادي ٿي. هڪ مڪاني اخبار وارن کانئن شاديءَ بابت سوال پڇيا.
تنهنجي هن آمريڪن گهوٽ سان ملاقات ڪٿي ٿي؟
اِشي ڪاوا: اسين آمريڪا ۾ ملياسين جتي آئون JICA (جپان انٽرنيشنل ڪارپوريشن ايجنسي) جي نمائندي طور ٽي سال رهيس. منهنجو گهوٽ جنهن يونيورسٽيءَ ۾ ايڪنامڪس جو ليڪچرر هو ان يونيورسٽيءَ جي ڀرسان اسان جي جپاني آفيس هئي.
توهان جي شاديءَ جي رسم ڪيئن رهي؟
اِشي ڪاوا: اسان جي هيوشي نالي مندر ۾ شادي ٿي جيڪو يانا گاوا ۾ آهي ۽ پوءِ هتان جي خوبصورت باغيچي ۾ مانيءَ جو بندوبست هليو.
جپان ۾ شاديءَ جي رسم ادا ڪرڻ جو ڪو خاص سبب؟
اِشي ڪاوا: منهنجي آمريڪن مڙس کي جپان ۾ شادي رچائڻ جو شوق هو جو هتي شادي رنگينين سان ڀرپور رهي ٿي. رنگين ويس وڳا، رنگين گل ڦل ۽ وڻ ٽڻ، رنگين عمارتون ۽ کاڌا.
گهوٽ صاحب! توکي جپان جي شادي ڪيئن لڳي؟
ورگيلو: آئون خوش آهيان جو منهنجي لاءِ اهو نئون تجربو ٿيو. شاديءَ جي جپاني ريتن ۾ ڪجهه ڪجهه عجيب ڳالهيون آهن ته ڪجهه ڪجهه اجايون پڻ آهن، جهڙوڪ ايرو نائوشي (O’Iro Naoshi) جنهن ۾ ڪنوار کي ٻه ٽي دفعا هڪ پوشاڪ لاهي ٻي پائڻي پوي ٿي. هر هڪ دعوتي گهوٽ ڪنوار کي مبارڪ ڏيڻ کان اڳ شراب سان ننڍڙو گلاس ڀري پيئڻ لاءِ ڏئي ٿو. آئون ته پي پي جلد ئي نشي ۾ اچي ويس. بعد ۾ مون کي خبر پيئي ته ان جي پيئڻ کان بچڻ لاءِ ٽيبل هيٺان ٽب رکيو ويو هو جنهن ۾ اهو پيار ڀريو شراب جو گلاس هاري جان ڇڏائي سگهجي ٿي پر ان ٽب جي خبر اسان کي دير سان پيئي.
هڪ جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو ڪو خاص سبب؟
ورگيلو: منهنجي اِشي ڪاوا سان دوستي ٿي وئي ۽ مون هن کي پنهنجين آمريڪي ڇوڪرين کان وڌيڪ خوش مزاج، Humble ۽ مڙس جي عزت ۽ قدر ڪرڻ وارو محسوس ڪيو. منهنجي مائٽن کي اِشي ڪاوا پسند هئي جو هن وڏن جو به خيال رکيو ٿي.
ڪجهه جپاني جوڙا ملڪ کان ٻاهر ڏکڻ پئسفڪ جي ڪنهن ٻيٽ يا يورپ جي ڪنهن رومانوي شهر ۾ به شاديءَ جي رسم رچائين ٿا جنهن جو بندوبست (۽ هني مون ملهائڻ جو پڻ) ڪيترائي ٽريول ايجنٽ ڪن ٿا. ان قسم جي شادي ۽ هني مون تي وڏو خرچ اچي ٿو ۽ اهڙين شادين ۽ هني مون ملهائڻ جي بندوبست جا اشتهار ڪيترين ئي ٽريول ايجنسين جي آفيسن ٻاهران نظر ايندا.
جپان ۾ هڪ ٻيون شاديون ”پوسٽ ذريعي“ سڏجن ٿيون. جپان جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ غريب هاري نموني جا ماڻهو جن وٽ ايترو پئسو ڏوڪڙ ناهي جو هو پنهنجي ڪنهن جپاني عورت سان شادي ڪري سگهن يا اُهي گهٽ نوڪرين ۽ ڪمائڻ وارا ۽ وڏي عمر جا جپاني، جن کي پنهنجي ملڪ ۾ سڱ نٿو ملي، اهي فلپين، ٿائيلينڊ ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن جي ڇوڪرين سان شادي ڪن ٿا. هي جپاني پوڙها، گهٽ پڙهيل ۽ گهٽ پگهار وارا ان ۾ خوش ته کين هڪ عدد ننڍي نيٽي ڪنوار گهر ويٺي مليو وڃي ۽ مٿين ملڪن جون غريب ڇوڪريون ان ۾ خوش ته هنن کي پيٽ گذر لاءِ در در جا ڌڪا کائڻ ۽ Unsecure (غير محفوظ) زندگي گذارڻ بدران جپان جهڙي ملڪ ۾ رهائش مليو وڃي، جتي جهڙي تهڙي رهائش ۽ زندگي به پنهنجي ملڪ جي ڏکي زندگيءَ کان آسودي ۽ عزت واري سمجهن ٿيون.
ان قسم جي Postal Marriages جا اڄڪلهه ڪيترائي ايجنٽ جپان توڙي فلپين ۽ ٿائلينڊ جهڙن ملڪن ۾ رشتا هٿ ڪري ڏيڻ جون آفيسون سجايو ويٺا آهن ۽ ٻنهي ڌرين کان ڪميشنون وٺي کين خوش ڪن ٿا. ان قسم جي هڪ فلپينو Bride (ڪنوار) جي حيرت انگيز ڪهاڻي ڏئي چڪو آهيان ته ڪيئن هڪ فلپينو عورت پورهئي لاءِ ٽوڪيو پهتي جتي ايئرپورٽ جي ٻاهران هڪ جپاني هاري فلپين کان سندس لاءِ ايندڙ ڪنوار جو انتظار ڪري رهيو هو. هوءَ موقعي مان فائدو وٺي هن هاريءَ سان گڏ هلي وئي ۽ ان هاريءَ لاءِ فلپين کان آيل اصل ڪنوار جو ڇا حال ٿيو، ان جي ته خبر نه پئجي سگهي پر هن کي ٽوڪيو جي مئخانن ۾ ذلالت جي زندگي گذارڻ بدران هن غريب هاريءَ سان گڏ رهڻ جو موقعو ملي ويو ۽ پوءِ هوءَ اٽڪلن، عقل ۽ حالتن جو جائزو وٺي ٽن چئن سالن ۾ هڪ امير عورت بنجي وئي ۽ مڙس به دل وٽان نئون هٿ ڪيائين.



جپان جون ڪجهه نراليون ڳالهيون

جپان جون ڪجهه نراليون ڳالهيون

جپان پهچڻ لاءِ دبئي مان عرب امارات جي هوائي جهاز ۾ چڙهيس. اوساڪا جي بين الاقوامي ايئرپورٽ تي پهچي، هاڻ ٻئي جهاز ۾ فڪوڪا شهر روانو ٿيڻو هوم، جنهن لاءِ هوائي اڏي جي ان حصي تائين پهچڻ لاءِ جيئن ئي چرندڙ پٽي تي پير رکڻ جي ڪيم ته يڪدم آواز آيو : ”ويلڪم. پنهنجو قدم پٽي تي سنڀالي رکجو. سامان کي پٽ تي يا هٿيءَ تي رکڻ بدران هٿ ۾ جهلي بيهجو.“
ٺهيو! چئبو ته جپان واقعي پهچي وياسين. قدم قدم تي هن قسم جي چِتاءَ (خبردار ڪرڻ) جا اعلان جپان جي خصوصيت آهي. ان قسم جي چِتائن (Warnings) جون Recordings جتي ڪٿي پيون هلن. بس ۾ ويهو ته اتي به مسافر کي ڏهن ڳالهين کان رکي رکي آگاهه ڪيو پيو ويندو. چڙهڻ کان وٺي لهڻ تائين ڪن ڳالهين کان ڊرائيور مائيڪ ذريعي آگاهه پيو ڪندو ته ڪن ڳالهين ٻڌائڻ لاءِ رڪارڊنگ پئي هلندي.
”مقرر ڀاڙو باڪس ۾ وجهو... وڏو نوٽ آهي ته بس جي بيهڻ وقت مشين مان ريجو حاصل ڪيو...
Wasure Mono Nai لهڻ وقت پنهنجيون شيون بس ۾ نه وسارجو....
سوگي و هائيوا دوري ديس... (ٻيو اسٽاپ ”هائيوا دوري“ جو آهي.)
۽ بس ڪنهن سگنل يا بس اسٽاپ تي بيهي پوءِ جيئن ئي هلڻ جي ڪندي ته ان کان اڳ ڊرائيور مسافرن کي خبردار ڪندو ته ”Hashahi Masu... يعني هاڻ هلي ٿي. (اهو چتاءُ ان ڪري ڏنو وڃي ٿو ته جي بيٺل آهيو ته ڪنهن ڏنڊي کي جهليو متان بس جي جهٽڪي تي ڪري پئو.) ڊرائيور به انسان آهي. شام تائين ٿڪجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن ”بس هاڻ هلي ٿي“ ان وقت پيو چوندو جڏهن بس هلي چڪي هوندي آهي. يعني جيڪو بي خيالو بيٺو هوندو اهو بس جي اوچتي هلڻ تي ڪرندي ڪرندي بچندو آهي- اهڙي صورت ۾ هن کي اهو ٻڌائڻ مان ڪهڙو فائدو؟
۽ اسان مسافر به انسان آهيون. هر بس اسٽاپ تي بس بيهڻ کان منٽ اڌ اڳ ڊرائيور واتان يا رڪارڊنگ ذريعي ٻڌندا رهنداسين ته ”لهڻ مهل پنهنجي ڪا شيءِ نه وسارجو“ پر ان هوندي به بس مان لهڻ وقت ٿيلهو، ڪتاب يا ڌوپ ڇٽي بس ۾ ئي وساري لهندا آهيون.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هيترن چتائن جي باوجود به جپاني ماڻهن جا هي حال آهن ته کين رکي رکي ياد نه ڏيارڻ تي ته الائي ڇا ڪن! پر ڪنهن چيو ته ان قسم جي رڪارڊنگ ٻڌي ٻڌي جپاني اهڙو ته نرڄا ٿي پيا آهن، جو هو هاڻ نه ان قسم جا چتاءُ ٻڌن ٿا ۽ نه ان تي عمل ڪن ٿا.
ان ڏينهن ايئرپورٽ تي ان قسم جي رڪارڊنگ پهريون دفعو ٻڌي آئون وائڙو ضرور ٿيس. مون کي اوساڪا کان فڪوڪا شهر ڏي وڃڻ لاءِ جنهن جهاز ۾ چڙهڻو هو، اهو ڪافي پري بيٺل هو ۽ اوستائين پهچڻ لاءِ هڪ ٻئي پويان فرلانگ اڌ کن جا پنج ڇهه کن پٽا هئا. بيلٽ جيئن ئي ختم ٿيو ٿي ڇوڪريءَ جي آواز ۾ انگريزي ۽ جپاني زبان ۾ واري وٽي سان رڪارڊ شروع ٿي ٿي ته بيلٽ تان هيٺ قدم رکڻ وقت خيال ڪريو. پنهنجو سامان پنهنجن هٿن ۾ قابو رکو.
۽ پوءِ هڪ بيلٽ پورو ڪري ٻئي تي چڙهڻ جي ڪرڻ تي وري پهرين وارو چتاءُ شروع ٿي ويو. ”ويلڪم! پنهنجو قدم پٽي تي سنڀالي رکو...“
ماڻهوءَ جي بيلٽ تي چڙهڻ مهل رڪارڊنگ ڪيئن ٿي شروع ٿيو وڃي ۽ جي اڌ ڪلاڪ کن ڪو نٿو اچي ته وڄت ڪيئن بند رهي ٿي! مون دل ئي دل ۾ ان بابت سوچيو ۽ ان جي Idea لڳائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ته بيلٽ جي شروع واري هنڌ تي ٽارچ جهڙي هلڪي روشني پئي آئي. يعني اها آرپار لنگهندڙ روشني جيئن ئي ماڻهوءَ جي لنگهڻ تي Disturb ٿئي ٿي، ته سسٽم Activate ٿيو وڃي ۽ ٽيپ رڪارڊر وڄڻ شروع ٿيو وڃي.
هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان قسم جي اعلانن، چتائن ۽ تنبيهن جي جيڏي رڪارڊنگ جپان ۾ هلي ٿي اوڏي مون کي دنيا ۾ ڪٿي نظر نه آئي. اسان جهڙو نئون آيل ماڻهو پهريون ڏينهن ٻه اهي وڏي واڪ وڄندڙ ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي ٿو، پوءِ اهو به ٻڌڻ ڇڏي ڏئي ٿو. هڪ ٻار کي صبح کان شام تائين قدم قدم تي هن جو ماءُ پيءُ نصيحتون ڪندو رهندو ته سنڀالي هل، ڀِت کي هٿ نه لاءِ، پاڻي گلاس ۾ پيئجان، نڪ رومال سان صاف ڪجانءِ... وغيره وغيره ته هو ٻڌڻ ڇڏي ڏيندو. اهو ئي حال اسان جو ٿي ويو آهي ۽ اهائي ڳالهه ڪيترائي جپاني ڪن ٿا ته قدم قدم تي ان قسم جا Instructions، نصيحتون ۽ چتاءَ ٻڌي ٻڌي موڳا ٿي پيا آهيون ۽ غور سان نه ٻڌڻ ڪري ڪي ضروري ڳالهيون رهجيو وڃن.
مون کي گهر کان ٻاهر نڪري بس اسٽاپ پهچڻ تائين رستي تي ٽي دفعا روڊ ٽپڻ مهل وڄندڙ رڪارڊنگ ٻڌڻي پوي ٿي ته ”هاڻ رستو نه ٽپو ڳاڙهي بتي ٻري رهي آهي. هاڻ سائي بتي ٿي آهي رستو ٽپو...“ سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن هر روڊ ڪراسنگ تي زيبرا ڪراسنگ جا پٽا ٺهيل آهن، ٻه ٻه بتين جا سنگل لڳا پيا آهن ته پوءِ مٿان اسپيڪرن تان چوويهه ئي ڪلاڪ ان راڳ ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت! جپاني هونءَ ئي Disciplined ماڻهو آهن، ڪو غلط ڪم نٿا ڪن، پر جيڪو ڏنگو ماڻهو منجهن آهي ته اهو غلط وقت تي به رستو ٽپيو وڃي، ڀلي کڻي رڪارڊنگ ۾ هن کي چتاءُ ڏنو وڃي يا چار چار بتيون ٻاريون وڃن.
ان بعد بس اسٽاپ تي ٿيندڙ اعلانن کان علاوه بس ۾ چڙهه ته هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو اعلانن ۽ انفارميشن جو شروع ٿيو وڃي... هيءُ فلاڻو اسٽاپ آهي... اسان جو ٻيو اسٽاپ فلاڻو ايندو... هاڻ بس هلي ٿي... لهڻ وقت پنهنجيون شيون نه وسارجو...
Oo Rino Katawa O Shi ra se Kudasai.
ڪنهن پبلڪ باٿ روم ۾ وڃ ته اتي به اعلان... پاڻيءَ جو خيال رکجو... خراب ڪيل ڪموڊ جو شئنڪ هلائي نڪرجو...
باٿ روم تان ڳالهه ياد آئي ته جپان ۾ مردن ۽ عورتن جا Toilets ڌار ڌار ضرور آهن، پر اسان جي ايشيائي ملڪن يا يورپ ۽ آمريڪا وانگرهڪ ٻئي کان پري پري نه آهن. جپان ۾ هڪ ئي دروازي مان عورتن ۽ مردن کي اندر گهڙڻو پوي ٿو، پوءِ عورتن کي ساڄي يا کاٻي مڙي پنهنجي ٽئاليٽن ۾ وڃڻو پوي ٿو، مرد اتي ئي بيٺل نظر اچن ٿا. جپانين جو چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ سان Crime rate گهٽ رهي ٿي. عورتن جو واش روم مڪمل طور ڌار ۽ پري رکڻ سان ڪو چرسي موالي يا لوفر غنڊو اندر وڃي هنن کي پريشان ڪري سگهي ٿو. پر هن قسم جي جپاني واش رومن ۾ جتي مرد به اتي ئي ڦري رهيا آهن، اتي ڪنهن جي همت نه ٿيندي.
ٻي ڳالهه ته سڄي جپان ۾ واش روم وغيره پوڙهيون عورتون ئي صاف ڪن ٿيون. يورپ جي ملڪن ۾ به (خاص ڪري ايئرپورٽن، ريلوي اسٽيشنن ۽ پارڪن ۾) مردن توڙي عورتن جي واش رومن کي عورتون صاف ڪن ٿيون، پر اتي مردن جو پاسو صاف ڪرڻ وقت ٻاهر جو رستو صفائيءَ واري گاڏي سان بلاڪ ڪري پوءِ عورتون صفائي ڪن، جيئن صفائيءَ وقت ڪوبه مرد اندر نه اچي. پر هتي جپان ۾ مجال آهي جو مردن کي ڪو روڪي! صفائي ڪندڙ هتي جي جپاني عورت منهن ڌوئڻ جون ڪونڊيون، يورينر ۽ ڪموڊ صاف ڪرڻ ۾ محو هوندي ۽ مرد حضرت پنهنجي ڪم ۾ مشغول!



جپان ۾ ڌاريائپ جو احساس

جپان ۾ ڌاريائپ جو احساس

جپان ۾ ڌارين کي خاص ڪري يورپي ۽ آمريڪن کيGaijin (گائيجن) سڏين ٿا. ڏٺو وڃي ته گائيجن ڪو خراب لفظ نه آهي، پر ماڻهوءَ ماڻهوءَ تي مدار رکي ٿو ته هو ڪهڙي نيت سان سڏي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻي ڀاڱي اهو لفظ ڌڪار يا ناپسنديدگيءَ جي حالت ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيئن بنگلاديش ٿيڻ کان اڳ ڪنهن بنگاليءَ کي گهٽ سمجهڻ يا هن سان چڙ جو اظهار ڪرڻ لاءِ سندس نالو وٺڻ بدران کيس ”بنگالي“ سڏيو ويو ٿي يا عربن مان خوش هونداسين ته سندن تعريفون ڪنداسين نه ته کين بَدو سڏينداسين. يا اسان وٽ مهاجر کي ”پناهه گير“ ۽ اسان کي ”سائين“ يا ”سنڌي ماڻهو“ گهٽتائي ڪرڻ جي خيال سان سڏيو وڃي ٿو. لفظي معنيٰ ۾ ته کڻي برائي ناهي، پر سڏڻ واري جي ٽون ۽ نيت تي مدار رکي ٿو. اهڙي طرح جپاني لفظ ’گائيجن‘ اسان ڌارين لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
جپان جي هن شهر ڪوڪورا ۾، اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ انگريز همراهه، جنهن جي شادي جپاني عورت سان ٿي آهي، تنهن ”گائيجن“ سڏجڻ بابت ٻڌايو: ”يار آئون هتي جپان ۾ سالن کان رهيو پيو آهيان. منهنجي زال به جپانڻ آهي، پر جڏهن ڪو مون لاءِ Gaijin لفظ استعمال ڪري ٿو، ته نه فقط مون کي پر منهنجي زال کي به باهه وٺيو وڃي. هڪ دفعي نوڪري جي انٽرويو ۾ آفيس جي جپاني مئنيجر مون لاءِ ”گائيجن“ لفظ استعمال ڪيو. منهنجي زال کي ڏاڍي مٺيان لڳي. هن يڪدم مئنيجر کي چيو ته توکي ڇا محسوس ٿيندو، جيڪڏهن توکي ڪو جئپ (Jap) يا بوراڪومن سڏي؟ ياد رهي ته ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپانين جي هار بعد آمريڪن کين چڙ ۽ نفرت مان Jap سڏڻ شروع ڪيو هو. جيئن اسان پاڪستانين کي انگلينڊ جا رهاڪو پاڪستاني چوڻ بدران پاڪي سڏي اسن لاءِ پنهنجي نفرت جو اظهار ڪن ٿا، ۽ جپانين لاءِ ’بوراڪومن‘ لفظ ائين آهي، جيئن اسان وٽ اڇوت، يا ڪنهن کي باگڙي ڀيل سڏڻ.
جپاني جيتوڻيڪ هڪ ئي نسل ۽ مت ڀيد جي (Homogeneous) قوم آهي. پر هو پنهنجن انهن جپاني ماڻهن کان پري رهڻ چاهين ٿا، جن جو ڪاسائڪو يا موچڪو (چمڙي جو) ڪم آهي يا ڪنهن زماني ۾ انهن جي ابن ڏاڏن جو هو. (جپاني اڇوتن يعني ”بوراڪومن“ بابت آئون ڪافي لکي چڪو آهيان، ان ڪري هتي تفصيل ۾ وڃڻ نٿو چاهيان.)
بهرحال هن انگريز مڙس جي جپاني زال انٽرويو وٺندڙ جپاني مئنيجر کان جڏهن اهو مٿيون سوال ڪيو ته هن يڪدم چيو؛”مون کي ڪو Jap چوندو ته مون کي خراب لڳندو جو اهو ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ آمريڪين اسان جپانين کي نيچ ۽ ڇسو ڏيکارڻ لاءِ استعمال ۾ آندو.“
”تنهنجي معنيٰ ته توهان ڌارين کي Gaijin سڏيو ته صحيح آهي، باقي ڌاريان اسان کي جئپ سڏين ته صحيح ناهي؟“

ان تي هن جپاني مئنيجر، منهنجو ڪو رک رکاءُ ڪرڻ بنا، يڪدم وراڻيو ۽ سو به انگريزيءَ ۾:
"They are foreign devils that have invaded Japan. They take Japanese jobs, marry Japanese women."
مٿئين منهنجي پاڙيسي انگريز اهي ڳالهيون ڪرڻ بعد ٻڌايو: ”ڏس الطاف! مون کي هتي رهندي ويهه سال ٿي ويا آهن. مون شادي به هتان ڪئي آهي ۽ آئون هتي جي Citizenship وٺڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان، پر رکي رکي اهو به احساس ٿئيم ٿو ته هن ملڪ (جپان) لاءِ کڻي آئون جان به فدا ڪريان پر ان هوندي به هتي جي ماڻهن (جپانين) جي نظرن ۾ آئون هميشه ”گائيجن“ ۽ ”ڌارئين ديس کان آيل شيطان“ سڏيو ويندس. يعني جن ڪاڻ مران پيو اهي ڪانڌي به نه ٿيندا.
هونءَ جپاني مردَ به ٻين ايشيائي مردن وانگر (بلڪه انهن کان به ڪجهه وڌيڪ) ساڙ سڙيا آهن. هنن کي اها ڳالهه هرگز نٿي وڻي ته سندن ڪو جپاني مرد ڪنهن يورپي يا ويندي ڪنهن ڪورين، فلپينو، ٿائي جهڙي ايشيائي عورت سان گڏ هلي ۽ ساڳئي وقت جپاني عورت کي ڪنهن ڌارئين مرد سان ڏسي، کين اڃا به وڌيڪ خار لڳن ٿا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ٻئي جي معاملي ۾ ڪجهه ڪري نٿا سگهن، پر ان هوندي به وس آهر پنهنجي جپاني ڇوڪريءَ يا عورت کي ٽوڪڻ جي ڪوشش ضرور ڪن ٿا.
جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ جپان جي بندرگاهن ۾ جڏهن جپاني عورتون اسان جو جهاز گهمڻ يا دعوت کائڻ لاءِ جهاز تي اينديون هيون ته رستي تي ڪونه ڪو جپاني واندو کين ٽوڪيندو يا تنبيهه ضرور ڪندو هو، توڙي کڻي هوءَ اڪيلي اچڻ بدران پنهنجي ماءُ پيءُ سان يا ٻين ساهيڙين سان گڏ هجي. ۽ هتي جون عورتون به اهڙيون گامون سچار آهن، جو سڄي ڳالهه اسان جهاز وارن کي ٻڌائي ڇڏينديون هيون ته سندن هم وطني مرد کين اسان سان ملڻ کان منع ڪن ٿا.
مهينو کن اڳ اسان جي پاڙي واري پوسٽ آفيس ۾ تومومي نالي هڪ پنجويهه سالن کن جي نوجوان عورت جي مونسان ملاقات ٿي. پوسٽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪ ڇوڪريءَ کي ايتري انگريزي نٿي آئي جو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهي، سو منهنجي پٺيان بيٺل هن توموميءَ اسان جي مدد ڪئي. کيس ”جهڙي تهڙي“ کان ڪجهه وڌيڪ ئي بهتر انگريزي آئي ٿي ۽ اڃا به وڌيڪ سکڻ جو شوق هوس، ان ڪري هتي جي ماڻهن جي عادت وانگر هوءَ پنهنجي انگريزي بهتر بنائڻ لاءِ نه فقط ان ڏينهن پر پوءِ به ڪيترا دفعا مون سان اتي پوسٽ آفيس ۾ ملاقات ٿيڻ تي خبرون چارون ڪندي رهي. پاڻ ڪنهن اسپتال ۾ ڪلارڪ يا اسسٽنٽ جو ڪم ڪري ٿي ۽ سندس رهائش جو فليٽ پوسٽ آفيس جي سامهون واري بلڊنگ ۾ آهي. نائيٽ ڊيوٽي ڪرڻ ڪري صبح جو اڪثر پوسٽ آفيس وٽ يا ڀر ۾ سبزي مارڪيٽ ۽ ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۽ بس اسٽاپ وٽ نظر ايندي آهي. ياد رهي ته جپان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ جتي ڪاليج آهن، اتي انهن جا شاگرد فارينرس کي پئسا ڏئي به ڪلارڪ ٻه ڌارئين زبان (خاص ڪري انگريزي يا فرينچ ۾) ڳالهه ٻولهه ڪرڻ يعني Conversation جي پرئڪٽس ڪن ٿا.
تومومي کي پڙهڻ جو شوق آهي، پر ان کان وڌيڪ نوڪري ڪري پئسو ڪمائڻ جو شوق اٿس، ان ڪري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هڙان پئسو ڏئي وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ بدران هوءَ نوڪري ڪري رهي آهي. جنهن ۾ هوءَ آزادي محسوس ڪري ٿي ۽ پئسو خرچڻ بدران حاصل ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ پاڻ ٻڌايائين ته سندس وڏو ڀاءُ ۽ ننڍي ڀيڻ يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. بهرحال گس پنڌ ملاقات تي هن سان خبر چار ٿيندي رهي ٿي. هڪ دفعي هن مون کي پاڻ سان گڏ شهر کان ٻاهر هلڻ لاءِ چيو. ”آئون اڄ واندي آهيان، هلو ته شهر کان ٻاهر مشهور جاين تي هلون جتي توهان جي سٺي فوٽو گرافي ٿي ويندي.“
کيس پجيرو ٽائيپ گاڏي آهي ۽ پئسو خرچڻ جي به هيڊ ماسترياڻي آهي سو آئيڊيا سٺي هئي، پر اهو سوچي ساڻس اڪيلي هلڻ کان نٽائڻ جي ڪيم جو مون کي هتي جي جپاني مردن جي طبيعت جي ڄاڻ آهي. اسان ٽي چار ڄڻا هجون ها ته پوءِ اها ٻي ڳالهه هئي، پر اسان جو اڪيلو اڪيلو ائين پارڪن، مندرن، هتي جي تواريخي محلن ۽ قلعن ۾ گهمڻ ڪيترن کي خراب لڳندو. پر پوءِ توموميءَ جي زور ڀرڻ تي جيئن آئون جپان جون ڪجهه وڌيڪ شيون ڏسي انهن جون تصويرون ڪڍي اخبار ۾ ڏئي سگهان، مون ها ڪئي ۽ اهو به سوچيم ته منهنجي ۽ توموميءَ جي عمر ۾ ايڏو وڏو Gap آهي، جو هتي جي ڪنهن ساڙ سڙئي مرد کي اسان جي گڏ گڏ هلڻ تي اعتراض نه هئڻ کپي. هن کي گهاٽو ٿيڻ لاءِ شهر ۾ ڪيترائي پنهنجا ۽ ڌاريان جوان ملي سگهن ٿا ۽ نه منهنجي هيءَ اها عمر آهي، جنهن ۾ کيس ڀڄائي ويندس. پر سائين اسان سان اهڙو حال ٿيو جو پهرين آئون ۽ پوءِ هوءَ پاڻ به ماڻهن جي تکين ۽ گهور ڪندڙ نظرن مان بيزار ٿي پئي. خاص ڪري ٻهراڙي پاسي جا مرد اسان کي گڏ گڏ گهمندو ڏسڻ تي حيرت (۽ ضرور خارون به) کائڻ لڳا. خارون کائڻ جو مقام به هو جو ڪٿي سندن اتم اعليٰ ۽ سڌريل ماڻهن جي ملڪ جپان جي نوجوان غير شادي شده عورت ۽ ڪٿي هڪ ڌاريون (Gaijin) ۽ جپانين لاءِ ڌاريون معنيٰ ڄٽ ۽ اڻ آريو- چاهي هو ايشين هجي يا يورپي يا آمريڪن. هڪ ڌاريون، بقول جپانين جي، ڪيڏو به کڻي پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪري ته به هو هنن جپانين جي جتيءَ ۾ پير نٿو پائي سگهي.
هڪ جپانيءَ چيو ته ”جپان ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جا ماڻهو Gaijin (ڌاريون) سڏجڻ تي اجايو چڙن ٿا ۽ گائيجن هجڻ کي بدنصيبي سمجهن ٿا. دراصل مون کي ته گائيجن هجڻ تي رشڪ ٿئي ٿو. ڇو جو ڌاريون هجڻ ڪري ۽ جپاني ٻوليءَ کان اڻ واقف هجڻ ڪري، ڪيترين ڳالهين کان بچيو وڃجي. مثال طور پوليس اسان مڪاني جپانين کي ننڍين غلطين تي به نٿي بخشي پر گائيجن بچيو وڃن. ۽ ڪيترا انگريزي ڳالهائڻ وارا گائيجن اسان سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ جا به پئسا وٺن ٿا. ڌارين جي اسان جي ملڪ جپان ۾ ڇا ته عياشي لڳي پئي آهي. ان ڪري ته هو هتان واپس وڃڻ جو نالو نٿا کڻن.....“
ڪيترا جپاني چوندا ته ڌارئين (Foreigner) لاءِ جپانيءَ ۾ گائيجن ئي لفظ آهي پوءِ ڀلا اسان ڇا ڪريون....!“
پر جپانيءَ کي ٻي جي ملڪ ۾ گائيجن ته چئي ڏسو. مالمو سئيڊن ۾ تعليم دوران، جتي مون سان گڏ هڪ سؤ کان مٿي ملڪن جا اڍائي سؤ کن جهازي رهيا ٿي، هڪ ڏينهن اتي جي يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين ۾ هڪ ٽيبل تي ٻن ٽن جپاني جهازن جي ڪئپٽنن کي چانهه پيئندو ڏسي چيومان. ”هاڻ توهان هتي گائيجن آهيو.“
منهنجو اهو چوڻ تي سڀني کان هڪ ئي وقت رڙ نڪري وئي: "Nannniiii" ڇا!
جپاني زبان ۾ ”ناني“ لفظ جي معنيٰ ”ڇا“ آهي. هنن تعجب مان ائين رڙ ڪري پڇيو ڄڻ مون کين گار ڏني هجي. تنهنجي معنيٰ جپاني جڏهن پاڻ ان لفظ تي چڙن ٿا ته پوءِ ٻين کي ائين ڇو ٿا سڏين؟ بقول اسان جي هڪ پاڪستاني دوست جي، جيڪو جپان ۾ رهي ٿو ۽ هتي ئي شادي ڪئي اٿس. ”جپانين کي ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي گائيجن سڏڻ بدران هنن کي سندن ملڪ جي قوميت سان سڏڻ کپي يا بهتر ٿيندو ته 'Gaikokujin' سڏيو وڃي. جيڪو ساڳي لفظ جو وڌيڪ Polite Form آهي. پاڻ جپاني ته اسان کان وڌيڪ دل ۾ ڪن ٿا ، جڏهن ٻاهرئين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽ کين جپاني سڏڻ بدران "Japs" يا "Nips" سڏين ٿا.
هتي ڇهن سالن کان رهندڙ ملئي همراهه (جنهن جي شڪل جپانين سان گهڻي ملي ٿي) چيو ته گائيجن سڏجڻ تي هو پنهنجي بي عزتي نٿو محسوس ڪري.
”ڇو ڀلا؟ Why“
"Because it is easier to be a gaijin rather than go unrecognized and mistaken as a Japanese with expectations that you as a gaijin can not fulfil.”


مون سي ڏٺا ماء

مون سي ڏٺا ماء

منهنجو جپان ۾، پاڻي واري جهاز تي ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن کان وٺي 1981ع تائين لڳاتار ڏهاڪو کن سال اچڻ وڃڻ ٿيو. پهريون دفعو آيو هوس ته جهاز جو ٿرڊ انجنيئر هوس يعني چيف انجنيئر کان پوءِ ٽئين نمبرتي هوس. ان بعد مختلف جهازن تي سيڪنڊ انجنيئر ۽ پوءِ آخرڪار چيف انجنيئر ٿي رهيس. يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن کان، مختلف جهازن کي وٺي جپان جي بندرگاهن ۾ اچڻو پيو ٿي. ڪٿي سامان لاهڻو پوندو هو ته ڪٿي چاڙهڻو هوندو هو. جهاز ضرور ماڊرن ٿي ويا هئا، پر بندرگاهن جو حال اڃا ساڳيو هو. اڃا ڪنٽينر سسٽم به ايڏو مشهور نه ٿيو هو، ان ڪري هر بندرگاهه ۾ جهاز کي ڪافي ڏينهن بيهڻ جو موقعو ملي ويو ٿي، جيسين مڪاني آفيسن وارا سامان لهرائين ۽ چاڙهين يا جيسين اڳتي جي سفر لاءِ جهاز جي مرمت ۽ ضروري چڪاس پوري ٿئي.
جپان ۾ سڀ کان گهڻو جن بندرگاهن ۾ ترسڻو پيو ٿي، اهي هئا ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا، ڪوبي، نگويا، موجي، شمونوسيڪي ۽ ساسيبو وغيره. وڪاياما ۽ هاچي نوحي جهڙن ننڍن بندرگاهن ۾ به وڃڻو پيو ٿي، پر ايترو گهڻو نه جيترو وڏن بندرگاهن ۾ رهڻو پيو ٿي. 1977ع ۾ اوساڪا جي مسجد اسان اڳيان ٺهي، جيڪا جپان جي تاريخ ۾ اهم مسجد چئي سگهجي ٿي جو هن کان اڳ واريون (ٽوڪيو ۽ ڪوبي واريون) مسجدون جپان ۾ رهندڙ ترڪن، وچ ايشيا جي رهاڪن ۽ ٻين ڌارين ملڪن کان آيل مسلمانن گڏجي ٺهرايون هيون، پر هيءَ اوساڪا واري مسجد جپاني مسلمانن ٺهرائي ۽ اڄ تائين ان جي سار سنڀال ۽ مئنيجمينٽ جو ڪم جپاني مسلمان ئي ڪن ٿا.
اوساڪا واري هن مسجد جي ٺهڻ ۽ مڪمل ٿيڻ دوران اسان جو جهاز اڪثر اوساڪا ۾ ايندو ويندو رهيو ٿي. ان وقت جي جپاني مسلمانن ۾ هڪ همراهه حاجي مصطفيٰ ڪومورا نالي پڻ هو، جيڪو هن مسجد جي ٺهڻ پويان ۽ جپان جي ماڻهن کي اسلام جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ هڪ اهم طاقت هو. هن مسجد ٺهڻ بعد به پاڻ پورا ويهه سال کن جيئرو رهيو. 1998ع ۾ آئون ڪراچيءَ ۾ هوس ته هن مرد مجاهد جي خبر ٻڌم ته ان سال جي 10 آگسٽ تي گذاري ويو.
الحاج محمد مصطفيٰ ڪومورا 1912ع ۾ جپان جي ڪيوٽو شهر ۾ فوجيو (Fojio) نالي سان Komura ذات واري هڪ امير جپاني گهراڻي ۾ ڄائو. ڇهويهن سالن جي عمر ۾ هن اسلام قبول ڪيو ۽ سڄي عمر دين جي خدمت ڪندو رهيو. هن نه فقط اسلامي اسڪول، تحقيقاتي ادارا ۽ ٻيون آرگنائيزيشنون قائم ڪيون، پر سڄي عمر داعي ٿي جپان ۽ جپان کان ٻاهر دين جي تبليغ ڪندو رهيو.
جپان ۾ اسلام جي تاريخ ڪا پراڻي ناهي. جپانين جي اسلام بابت گهڻي ڄاڻ تڏهن کان شروع ٿي جڏهن هڪ صدي کن اڳ ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت (Ottoman Caliphate) جي خليفي سلطان عبدالحامد ٻئي جپان ڏي پنهنجي نيول ڊيليگيشن موڪليو. ان بابت جپان جي هڪ ٻئي سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته 1887ع ۾ جپان جي ميئجي شهنشاهه طرفان شهزادو ڪوماتسو (Komatsu) ۽ هن جي زال سوکڙيون پاکڙيون کڻي استبول ويا هئا، جن جي سلطان عبدالحامد وڏي آڌر ڀاءُ ڪئي ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد التغرل نالي جهاز ۾ عثمان پاشا جي اڳواڻيءَ ۾ ڇهه سؤ کن ترڪ عدن، بمبئي، ڪولمبو، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جي بندرگاهن مان ٿيندا جپان جي بندرگاهه يوڪو هاما ۾ پهتا، جتي هو جپان جي حڪومت جا ٽي مهينا کن مهمان ٿي رهيا. پوءِ جڏهن پنهنجي وطن موٽي رهيا هئا ته 16 سيپٽمبر 1890ع تي جپان جي ڪيوشو ٻيٽ وٽ هنن جو جهاز ٽائفون (سخت طوفان) جو تاب نه جهلي اونڌو ٿي ويو ۽ 500 کان مٿي ماڻهو ٻڏي ويا. جيڪي بچي سگهيا، انهن کي جپاني جهاز ۾ استنبول موڪليو ويو. باقي مري ويلن جي لاشن کي جپان جي هن ٻيٽ تي ئي دفن ڪيو ويو.
هن ٽريجڊي بعد ٻه جپاني نوجوان يامادا ۽ نودا جپاني ماڻهن کان چندا گڏ ڪري، اها رقم، مري ويل ترڪن جي مائٽن کي استنبول ڏيڻ ويا. ترڪيءَ جو سلطان انهن سان ملي خوش ٿيو ۽ کين ترڪيءَ جي آرمي آفيسرن کي جپاني زبان پڙهائڻ لاءَ چيو. هتي هيءَ ڳالهه فقط ان لاءِ لکي اٿم ته مٿين جپاني همراهن جي شاگردن ۾ هڪ اهم شاگرد مصطفيٰ ڪمال پاشا (اتاترڪ) پڻ هو، جيڪو پوءِ سلطنت عثمانيه ختم ٿيڻ بعد ترڪ ريپبلڪ جو پهريون صدر ٿيو. بهرحال ترڪن ۽ جپانين جي هڪ ٻئي وٽ اچ وڃ ڪري وقت بوقت ڪو نه ڪو جپاني اسلام مان متاثر ٿي مسلمان به ٿيندو رهيو ٿي. ان بعد چاليهه ۽ پنجاهه جي ڏهي کان ڪافي جپاني اسلام قبول ڪرڻ لڳا، جن مان مصطفيٰ ڪومورا هڪ هو.
1935ع ڌاري ڪيوٽو مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد فوجيو ڪومورا (Fujio Komura) کي جپان جي وزارت انصاف ۾ چونڊيو ويو ۽ نوڪريءَ خاطر کيس منچوريا (چين) روانو ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ چين جو اهو حصو جپان جي قبضي ۾ هو، جيئن ننڍو کنڊ انگريزن جي هٿ ۾ هو. (منچوريا تي جپانين جي حڪومت 1910ع کان وٺي هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪرڻ تائين رهي). بهرحال چين ۾ ته ڪيترائي مسلمان هئا. هن جپاني نوجوان ڪامورا جي ڪيترن ئي چيني مسلمانن سان دوستي ٿي وئي، جن سان گڏ هو ڪيترن ئي مسجدن ۽ انهن محفلن ۾ ويندو رهيو، جتي واعظ (درس) ٿيو ٿي. شنتو ۽ ٻڌ ڌرم جي ديس جي هن نوجوان ”فوجيو ڪومورا“ جي دل تي اسلام جو اثر ايڏو ٿيو جو هو ٽي سال نوڪري ڪرڻ بعد استعيفيٰ ڏئي پنهنجي ڳوٺ ڪيوٽو موٽي آيو ۽ ان ئي سال (1938ع ۾) ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو ”فوجيو“ بدلائي ”محمد مصطفيٰ“ رکيو، باقي ڪومورا (Komura) سندس ذات آهي، جنهن جا ڪيترائي ماڻهو ۽ سندس مائٽ توهان کي ڪيوٽو ۽ جپان جي ٻين شهرن ۾ ملندا.
مصطفيٰ ڪومورا جن ٻن شاهدن اڳيان مسلمان ٿيو انهن مان هڪ ابراهيم بي (Bey) ترڪ عالم هو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ استنبول (ترڪي) کان جپان گهمڻ آيو هو ۽ ٻيو جپاني مسلمان احمد آريگا هو، جيڪو جپان جي اوائلي مسلمانن مان هڪ هو.
هڪ ٻي دلچسپ اها ڳالهه ته ڪيوٽو (جپان) ۾ رهي مصطفيٰ ڪومورا جنهن وٽ وڌيڪ اسلامي تعليم حاصل ڪئي، اهو جپان جي اهم شخصيت حاجي عمر ياما اوڪا (Yamaoka) هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو جپان جو پهريون مسلمان هو، جنهن (1919ع ڌاري) حج ڪيو. سن 1938ع ۾ جپان ۾ رهندڙ ترڪن ۽ ٻين ڌارين مسلمانن جي مدد سان ٽوڪيو ۾ مسجد ٺهي هئي ته محمد مصطفيٰ ڪومورا انهن چند جپاني مسلمانن مان هڪ هو، جن مسجد جي رسم افتتاح ۾ حصو ورتو. ان وقت مصطفيٰ ڪومورا جي عمر 26 سال هئي ۽ هو ان ئي سال مسلمان ٿيو هو. ان سال جي آخر ڌاري هو وري چين روانو ٿيو، پر هاڻ هو سرڪاري ڪاموري جي حيثيت سان نه پر اسلام جي خدمت ڪرڻ لاءِ، هڪ خادم جي حيثيت سان چين جي ٻين حصن سان گڏ اندروني منگوليا تائين هليو ويو. هن مرڻ گهڙيءَ تائين زندگي جا سٺ سال دين جو داعي ٿي ڪم ڪيو، جنهن مان فقط ڇهه سال کن هو اسلام جي تبليغ ۽ تعليم جو ڪم نه ڪري سگهيو جو جپان جي ٻين جو ان مردن سان گڏ هن کي به جپاني آرمي ۾ شامل ڪيو ويو.
مصطفيٰ ڪومورا منگوليا (چين) ۾ رهي ڪيترائي ڪم ڪيا. هن منگوليا جي مسلمانن جي ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو، جنهن جو پاڻ چيف ائڊوائيزر ٿي رهيو. ان کان علاوه هن مسلم جونيئر هاءِ اسڪول، مسلم بواءِ اسڪائوٽ ۽ مسلم وومين ايسوسيئيشن پڻ منگوليا ۾ ٺاهي. مشرقي ترڪستان (جيڪو هاڻ چين جو Xinjiang نالي علائقو آهي)، جي خودمختياري واري تحريڪ ۾ حصو وٺڻ بعد 1942ع ۾ ڪومورا North West China Turkistan Research انسٽيٽيوٽ کوليو.
محمد مصطفيٰ ڪومورا کي 1944ع جي شروع وارن مهينن ۾ فوج ۾ موڪليو ويو. پاڻ گهڻو وقت ان ۾ نه رهي سگهيو جو سگهو ئي زخمي ٿي پيو. ڏيڍ سال بعد جپان سرينڊر ڪيو. 1946ع ۾ ڪومورا جڏهن پنهنجي وطن موٽيو ته جپان مٿان آمريڪن جو قبضو هو. هر شيءَ جي کوٽ ۽ ڏڪار جي حالت هئي. ڪومورا جي ڪيوٽو واري گهر تي به غنڊن غير قانوني طرح قبضو ڪري ورتو هو، جيڪو آخر تائين هو حاصل ڪري نه سگهيو. جپان جي سوسائٽي اهڙي آهي، جتي ڪنهن به مذهب جو پختو ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي، پر ان هوندي به ڪومورا تبليغ ۽ مسلم ڪميونٽي جي ڪمن ۾ مشغول رهيو. ”جپان اسلامڪ ايسوسيئيشن“ ۾ ريسرچر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ بعد مصطفيٰ ڪومورا 1954ع ۾ ڪيوٽو شهر ۾ ”جپان اسلامڪ فرينڊشپ ايسوسيئيشن“ ٺاهي، جنهن جو پاڻ صدر ٿي رهيو.
جپان جو هي مسلمان الحاج محمد مصطفيٰ ڪومورا پاڪستان پڻ اچي چڪو آهي. پاڻ اسلام بابت علم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه اڍائي سال کن (62-1960ع) اسان جي ملڪ جي شهر لاهور ۾ به رهيو. ان بعد 1964ع ڌاري سعودي عرب جي ديني اداري ”رابطة العالم الاسلامي“ کيس مڪي اچي هڪ ٻئي جپاني مسلمان ”حاجي عمر ميتا“ کي قرآن جو جپاني ۾ ترجمو مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڪرائڻ لاءِ گهرايو. اتي هن حج پڻ ڪيو. حاجي عمر ميتا جي قرآن جو جپانيءَ ۾ ڪيل ترجمو جپاني زبان ۾ قرآن جو پهريون ترجمو آهي. اهو جپاني ترجمو ڏهين جون 1972ع تي شايع ٿيو. حاجي ڪومورا جو پنهنجو لکيل ڪتاب "History of Islam" جپان جي مختلف يونيورسٽين ۾ Reference طور استعمال ٿئي ٿو. سندس قرآن پاڪ جو تفسير پڻ بيحد ڪمائتو ڪتاب آهي. سعودي عرب مان موٽڻ بعد حاجي ڪومورا نه فقط جپان جي شهرن ۾ پر جپان کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ به جماعت جي صورت ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ نڪرڻ لڳو. 1973ع ۾ هن هانگ ڪانگ ۽ تائيوان جا دورا ڪيا، 1974ع ۾ مختلف عرب ملڪن ۽ رياستن ۾ ويو. دعوة خاطر هو فيبروري 1976ع ۾ پاڪستان پڻ آيو. آئون تن ڏينهن ۾ سندس شهر ڪيوٽو ۽ ڪوبي وغيره ۾ هوس. واپسي تي جپان ۾ تبليغ لاءِ ڪجهه جماعتون پاڪستان کان جپان به آيون، جن جو ڪجهه ذڪر آئون يورپ وارن سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان ۽ ڪجهه احوال ٽوڪيو ۾ موجود اسان جي سفارتخاني ۾ تن ڏينهن جي سيڪريٽري (۽ هاڻ سوڊان ۽ چاڊ جي سفير) ظفر شيخ اڙدو جي هڪ رسالي ”تدريس القرآن“ ۾ پڻ ڪري چڪو آهي.
جپان جي مسلمان شاگردن کي سعودي عرب، پاڪستان، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ مصر ۾ ديني تعليم ڏيارڻ جي بندوبست لاءِ پڻ حاجي ڪومورا ڪافي جاکوڙ ڪندو رهيو. 1980ع ۾ اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جو هڪ نئون جهاز ٺهي راس ٿيو هو، جنهن تي سامان چاڙهائڻ لاءِ اسان کيس هلائي جپان جي ڏاکڻن بندرگاهن موجي ۽ شمونو سيڪي مان ٿيندا ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهه ’پوسان‘ ۾ آيا هئاسين. پوسان ۾ هونءَ به اسان جو ٻين جهازن تي به اچڻ ٿيندو رهيو ٿي، پر ان سال پوسان ۾ پهرين مسجد ٺهي هئي. جپان کان به ڪيترائي جپاني مسلمان ۽ اسان جا پاڪستاني هن مسجد جي افتتاح جي موقعي تي آيا هئا، جن ۾ الحاج محمد مصطفيٰ ڪومورا پڻ هو.
حاجي ڪومورا جو ڪيوٽو شهر ۾ جيتوڻيڪ هڪ سادو سودو گهر هو، پر اهو هر پرديسيءَ لاءِ مسافر خانو هو. هو هڪ وڏو امير ماڻهو هو، پر حالتن هن کي غريب بنائي ڇڏيو هو. ان هوندي به هو دل جو وڏو هو. هن هر شيءِ دين لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. وڏيون نوڪريون ۽ وڏا واپار ڇڏي هو ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ ان کي پکيڙڻ ۾ لڳو رهيو.
پاڻ 10 آگسٽ 1998ع تي نوي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.

پاٻوڙا جنين پوشاڪ

پاٻوڙا جنين پوشاڪ

هڪ ڏينهن ٽوڪيو جي گنزا واري علائقي ۾ امپيريل هوٽل مان نڪري هبايا (Hibaya) پارڪ ڏي وڃي رهيو هوس. رستي تي هڪ هنڌ، ميوي ۽ ڀاڄين جي هڪ ننڍڙي مارڪيٽ اچي ٿي، جنهن جي منهن وٽ اڪثر جپاني ڳوٺاڻيون عورتون فٽ پاٿ تي گل وڪڻندي نظر اينديون آهن. پر ان ڏينهن ڏسان ته هڪ اڌڙوٽ قسم جي عورت پلاسٽڪ جي ٿالهه ۾ پنجاهه کن پاٻوڙا ۽ بِهه به رکيو ويٺي هئي. پهرين آئون پنهنجن ئي خيالن ۾ تڪڙو لنگهي ويس، ڄڻ پنهنجي ملڪ بلڪ پنهنجي ڳوٺ جي مارڪيٽ مان لنگهي رهيو هجان. پر پوءِ چند وکون اڳتي وڌڻ بعد يڪدم بيهي رهيس. ”هي ڇا!“ مون سوچيو. ”چند سيڪنڊ اڳ ۾ جيڪي مون ڏٺو اهي پاٻوڙا ۽ بِهه ئي هئا يا ڪجهه ٻيو؟“
بِهه ۽ پاٻوڙا ڪي صوف، ڪيلا يا پٽاٽا ۽ بصر ته نه آهن جيڪي جتي ڪٿي نظر اچن! پاٻوڙا ۽ بهه ته اسان کي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ به ائين عام ڏسڻ ۾ نٿا اچن. ڳوٺ هالا وڃبو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن نظر ايندا آهن ۽ اسين ڳوٺن جا رهاڪو ڏڌڙي ۽ کُنڀين جيان پاٻوڙا به پنهنجن شهري دوستن لاءِ وٺي ايندا آهيون. بِهه ته اڃا به ڏکيا ملن ٿا. جسٽس غلام نبي سومرو جي ڀاءُ ابراهيم سومري ۽ اعجاز قريشيءَ جي ڀاءُ ظهير بابر کان هر مهيني ڏيڍ پيو پڇبو آهي ته يار بهه ته کارايو الاهي ڏينهن ٿي ويا آهن. ميهڙ يا دادوءَ کان ڪو همراهه ڪونه آيو آهي ڇا؟
يعني اسان جي ڌيان ۾ (گهٽ ۾ گهٽ) ان ڏينهن تائين، پاٻوڙن ۽ بِهن جو واسطو سنڌ جي ڳوٺن خاص ڪري دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي ڳوٺن تائين محدود هو. سو ٽوڪيو جهڙي شهر جي خوبصورت علائقي گنزا جي ايلفي جهڙي گهٽيءَ ۾، هڪ ڳوٺاڻي جپاني عورت کي، پاٻوڙا ۽ بِهه وڪڻندو ڏسي وائڙو ٿي ويس. مڃان ٿو ته جپان جهڙي ملڪ ۾ جتي پنهنجي پوک ته نه برابر ٿئي ٿي، دنيا جو هر ميوو ۽ ڀاڄي وڪامي ٿي. پر جپان ۾ جيڪو ميوو يا ڀاڄي اچي ٿي، اها فلپين، ٿائلينڊ، ملائيشيا، برازيل، اسپين ۽ موراڪو جهڙن ملڪن کان اچي ٿي. پاڪستان کان ته صوف ۽ ڪينو به نٿو اچي. سو هي ڳوٺ شاهه پنجو سلطان يا خيرپور ناٿن شاهه جا پاٻوڙا ۽ بهه ٽوڪيو ڪنهن امپورٽ ڪيا آهن!
آئون اڳتي کڻي آيل وکون وري واپس ڀري موٽيس. جپاني عورت ٿالهه ۾ واقعي پٻڻ ۽ بهه وڪڻي رهي هئي! مون تعجب مان انهن کي ۽ عورت کي ڏٺو. عورت مون کي پنڊ پهڻ جي صورت ۾ ڏسي چيو:"Yasui" ياسوئي- (يعني تمام سستا پئي وڪڻان.)
ضرور سستا ئي ڏئي رهي هوندي. اُها شيءِ جيڪا هتي جي دڪانن تي ملي ٿي اها مهانگي ٿئي ٿي، جو دڪان واري کي دڪان جي مسواڙ، بجلي، پاڻيءَ جي بل ۽ نوڪرن جي پگهار کان علاوه وڪري تي ڊيوٽي ٽئڪس ۽ ڪمائيءَ تي انڪم ٽئڪس به ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري هتي جي ماڻهن جي، انهن ڀاڄين وارن وٽ پيهه پيهان هوندي آهي، جيڪي آفيس ٽائيم کانپوءِ يا موڪل وارن ڏينهن تي فٽ پاٿ تي پٽاٽا، ٽماٽا ۽ بصر جهڙيون ڀاڄيون رکي وڪڻن ٿا. هو پوکڻ وارا به پاڻ آهن ته آڻڻ ۽ وڪڻڻ وارا به پاڻ آهن. سو ظاهر آهي ته اها شيءِ سستي ئي ٿئي ٿي. پر هينئر آئون پاٻوڙا ۽ بهه خريد ڪرڻ لاءِ آتو نه هوس، پر پنهنجن اکين تي اعتبار ڪرڻ لاءِ بيٺو هوس ته ڇا اها حقيقت آهي، جيڪي منهنجيون اکيون ڏسي رهيون آهن. يعني ٽوڪيو جي هن گهٽيءَ ۾ بهه ۽ پاٻوڙا رکيا آهن.
"Ikura Desuka" ڇا اگهه آهي؟ منهنجي وات مان نڪري ويو.
هن عورت پهرين پاٻوڙو ۽ پوءِ بهه کي کڻي چيو "Goju yen dake" پنجاهه يين فقط.
اهو ملڪ جتي هي هارياڻيون فٽ پاٿ تي سستي ڪري ڀاڄي وڪڻن ٿيون ته به هڪ سؤ يين يعني پنجاهه رپين ۾ ٽي ٽماٽا يا پٽاٽا ٿين، اتي پنجويهه رپين جو پاٻوڙو ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر جپان ۾ پاٻوڙا ۽ بِهه آيا ڪٿان آهن؟
”ٻُڌا جي ملڪ ۾ ڇا پاٻوڙا ۽ بهه نه ملندا؟“ منهنجي پڇڻ تي هن مائيءَ ٺهه پهه مون کان سوال ڪيو.
دل ۾ سوچيم ته ڳالهه ته واهه جي ٿي ڪري. ٻُڌن جو ته ڪعبو قبلو ئي ڪنول جو گل ۽ بهه پاٻوڙا آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جپان ۾- سو به ٽوڪيو جهڙي شهر ۾، بهه ۽ پاٻوڙا وڪامندي مون کي اڄ پهريون دفعو نظر آيا آهن ۽ هڪ سنڌيءَ جي حيثيت ۾ آئون رڳو ان کي پنهنجي منڇر جي سوغات سمجهيو ويٺو هوس. مون لاءِ ته اها فقط سنڌ جي سوکڙي هئي، تڏهن ته ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران ڪنهن کي لاڙڪاڻي يا دادوءَ ويندو ڏسي اهي شيون آڻڻ لاءِ چوندو هوس پر يارو رڳو آئون نه، گهڻا ورهيه ٿيا ته ڪنهن سگهڙ سمن جي صاحبيءَ ۾ چيو هو:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بِهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندي سوکڙي.
جيئن اسان سنڌين وٽ سيد پکي ڪبوتر (پاريهر) آهي، تيئن هن سڄي ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن- سريلنڪا ۽ سيام (ٿائيلينڊ) کان جپان ۽ ڪوريا تائين جتي جتي ٻڌ ڌرم جو واسطو آهي اتي اتي ڪنول (Lotus) جو ٻوٽو سيد پير آهي. ڪنول (پٻڻ جي گل) ۽ پن کان وٺي هن جون پاڙون (بهه) ۽ ٻج (تازا پاٻوڙا) توڙي سڪل (پٻڻيون) پوڄا پاٺ کان وٺي ڀاڄي ڀتي ۽ دوا درمل ۾ ڪم اچن ٿا. ڪنول جو گل گندي گپ مان نروار ٿئي ٿو ته به پاڻ صاف سٿرو ۽ جلڪندڙ رهي ٿو. مانوارو هيـ ”گل“ هڪ نيڪ ماڻهوءَ جي اندر جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪنول جي گل لاءِ اهو يارهين صديءَ جي ڪانفيوشس عالم چيو هو:
It rises from the muddy soil but is not contaminated. It aspires high to daylight and reveals an immaculate beauty undefiled but the darkness it traversed… The noble flower typifies the soul of the perfect man."
ڪنهن زماني ۾ مٿيان جملا چيني زبان ۾، چين جي هر شاگرد کي طوطي وانگر ياد ڪرڻا پيا ٿي.
ٻڌ ڌرم جو باني ”گوتم ٻڌ“ هندستان ۾ ڄائو ۽ سندس پيش ڪيل ٻڌ ڌرم جو فلسفو هند سنڌ کان سريلنڪا پهتو، اتان مٿي چين، ملايا، ويٽنام، ڪمبوڊيا مان ٿيندو ڪوريا ۽ جپان ۾ پهتو. ٻڌن ڪنول جي گل کي پهريون دفعو پنهنجو بنيادي ڌرمي نشان، اڄ کان ٻه هزار سال کن اڳ مقرر ڪيو. روايتن مطابق شهزادو سڌارٿا (جيڪو پوءِ اڳتي هلي گوتم ٻڌ ٿيو) جيئن ئي ماءُ جي پيٽ مان نڪتو ته هن يڪدم ست قدم هلي ڏيکاريو. هر قدم جي نشان مان پٻڻ جا گل (ڪنول) اڀري پيا. اهڙي ريت گوتم جي ڄم جو واسطو ڪنول جي گل سان جڙيو ۽ پوءِ جڏهن کان هي شهزادو اندر جي روشني حاصل ڪري گوتم ٻڌ ٿيو ته هي گهڻو ڪري ڪنول جي کڙيل گل مٿان پٿل ماري ويٺل نظر اچڻ لڳو. ان پٿل ڀڃي وهڻ واري پوزيشن جو هاڻ "Lotus Position" نالو مشهور ٿي ويو آهي.
ٻڌ ڌرم جي پکڙجڻ سان گڏ ڪنول (پٻڻ) به ايشيائي ملڪن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙبو رهيو. بورو بودر (جاوا) جا مندر هجن يا برما جا، توهان کي جتي ڪٿي ڪنول يا ان سان واسطو رکندڙ ڪا شيءِ نظر ايندي. سوخوٿائي (ٿائيلينڊ) ۾، ائنگڪوروت (ڪمبوڊيا) ۾، سري لنڪا جي اسٽوپائن ۾، ڪفن دفن جي رسمن ۾، باليءَ ۾ ۽ منگوليا ۽ تبت ۾ ...- جتي ڪٿي توهانکي ڪنول جو گل نظر ايندو. ڪاٺ، ٽامي، چاندي يا سون جي ٺهيل مندرن ۾ توڙي هر شهر جي ڀاڄي مارڪيٽن ۾، توهان کي تازو پٽيل ڪنول جو گل ڏسڻ ۾ ايندو.
ڪنول جنهن کي سنڌيءَ ۾ پٻڻ جو گل يا ڪونئر به سڏين ٿا، ان جو Botanical نالو Nelumbium Speciosum آهي، جيڪو سريلنڪا جي زبان سنگهالي جي لفظ Nelumbo مان نڪتل آهي. منهنجي خيال ۾ مذهبي ۽ فلسفي طور جيتري هن ٻوٽي جي عزت آهي، ايتري ٻي ڪنهن ٻوٽي جي ناهي. ائين به ناهي ته ڪو ڪنول گوتم ٻڌ جي جنم کانپوءِ مشهور ٿيو. پٻڻ جو گل ٻه هزار سال اڳ کان نه پر پنج هزار سالن کان به مٿي کان وٺي عورت جي سونهن، پاڪائي، Divinity، بخشش، Resurrection ۽ سچ جي نشاني ۽ علامت رهندو اچي ۽ هن گل جي ٻج (پاٻوڙي) جي زندگي سڀ کان گهڻي آهي. ڪجهه سال اڳ اخبار ۾ آيو هو ته ٽوڪيو جي ڀرواري ڳوٺ ۾ ٻه هزار سال پراڻيون پٻڻيون (ٻج) مليون، جيڪي پوکڻ سان ڦٽي پيون. انهن جا پنهنجا پنهنجا ٻوٽا ٿيا، جن ۾ گل ۽ پاٻوڙا ٿيا.
ڪنول جي سڀ کان پراڻي تصوير اڄ کان پنج هزار سال اڳ جي آهي. نومبر 1984ع واري ريڊرس ڊائجسٽ ۾ آهي ته حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به ٽي هزار سال اڳ جي هڪ مورتي ’موهن جو دڙو‘ مان ملي آهي. هن اگهاڙي ديويءَ جي وارن ۾ ڪنول جو گل لڳل آهي. تنهنجي معنيٰ ته تن ڏينهن ۾ به ڪنول جو ٻوٽو هو. ماڻهن بهه ۽ پاٻوڙا کاڌا ٿي. ڪنول جي ديويءَ جو پهريون لکت ۾ رڪارڊ هندن جي ڌرمي ڪتاب رگ ويد ۾ ملي ٿو ته اها ڪنول جي گل مان پيدا ٿي، ڪنول جي گلن جو هار پائي ڪنول جي پن تي براجمان آهي.
سنسڪرت جي هڪ شاعر پنهنجي محبوبا لاءِ لکيو آهي ته هن جون اکيون ڪنول جي مکڙين جهڙيون آهن، هن جا هٿ ٽڙيل گلن جهڙا ۽ هن جون ٻانهون هن گل جي پاڙن جهڙيون- يعني بِهن جي ڏنڊين جهڙيون آهن.
اسان جي شاهه لطيف جي به ڪيترن ئي شعرن ۾ ڪنول جو ذڪر اچي ٿو. شاهه صاحب جو هڪ مشهور شعر آهي، تمام خوبصورت شعر ته:

ڪَوَنرَ پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس
ٻِنين سندي ڳالهڙي رازق آندي راس
تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
(تنهن محبت کي آفرين هجي، جنهن ٻن پريمين يعني ڪنول جي گل ۽ ڀونر کي ملايو. هڪ (ڪنول) جنهن جون پاڙون پاتال ۾ آهن ته ٻيو (ڀونر) جيڪو مٿي آسمان ۾ پيو گهمي!)
جپاني شاعري ته ڪنول، بهن ۽ پاٻوڙن سان ڀري پئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ هڪ هائيڪو (ٽن سٽن جو شعر) نظر مان گذريو، جيڪو بِهن تي آهي- بلڪ بهه ۾ موجود سوراخن بابت آهي ته بهه کائڻ وقت اسان انهن سوراخن کي به چٻاڙيون ٿا. شعر جپان جي هڪ مشهور شاعر سيئيئائي (Seiai) جو آهي، جيڪو 1989ع ۾ گذاري ويو چي:
رين ڪان نو (ان ۾ ڪو شڪ ناهي)
انا مو تاشيڪاني (جڏهن توهان بهه کائو ٿا)
ڪاندي تابي (سوراخ به چٻاڙيو ٿا)
"Renkon no
Ana mo tashikani
Kande tabe"
بنيادي طرح جپاني ماڻهو ڪنول جي ٻوٽي کي موت ۽ روحاني دنيا سان جوڙين ٿا. ڪلاسڪ قسم جي اڪيبانا (جپاني گلن جي ٺاهه جوڙ) ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ڪومايل ڪنول جو پن ۽ پاٻوڙو ”ماضي“ کي Represent ڪري ٿو. نئون کڙيل پن ۽ ڪنول جو گل ”حال“ ڏي اشارو ڪري ٿو ۽ ”مستقبل“ جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪنول جي مکڙي ۽ اڻ کِڙيل پن ڏيکاريو وڃي ٿو.
چين ۽ جپان ۾ هن ٻوٽي جي ذري گهٽ هر شيءِ کاڌي وڃي ٿي. بهن ۾ Fibre آهي، جيڪي قبضي ۽ ٿولهه کان بچائين ٿا. منهنجن تمام گهڻي پروٽين، اسٽارچ ۽ وٽامن C پڻ آهي. بهه ميوي وانگر ڪچا به کاڌا وڃن ٿا (يعني هتي جپان ۾، سنڌ ۾ مون ڪنهن کي ائين ڪچا کائيندو نه ڏٺو آهي ٿي سگهي ٿو سنڌ جي مارڪيٽ ۾ جيڪي بهه ايندا هجن اهي وقت کان اڳ پٽيل هجن، ان ڪري منجهن اهو سواد نه هجي، جيڪو صحيح وقت تي پٽيل ۾ ٿئي ٿو. جيئن شاخ ڏيڻ کان اڳ (وقت کان اڳ) وارو پٽيل انب پچي ضرور ٿو، پر منجهس اهو سواد نٿو رهي) ۽ رڌي ۽ تري به کايا وڃن ٿا.
هتي جپان ۾ ڪنول جو ٻج (پٻڻيون) کنڊ سان گڏ اوٻاري کاڌيون وڃن ٿيون ۽ ٽافين ۾ به وڌيون وڃن ٿيون. ان کان علاوه ڀاڄين سان گڏ سُوپ ۾ وڌيون وڃن ٿيون ته کيرڻي، ڪيڪن ۽ پڊنگن ۾ به (يعني هتي جپان ۾ ان پئماني تي استعمال ۾ اينديون ڏٺيون اٿم.)
پٻڻين کي سُڪائي انهن کي پيهي اٽو پڻ ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو ڪيترين مٺائين، چاڪليٽن ۽ قلفي آئسڪريمن مٿان ٻرڪيو وڃي ٿو. اهو دوائن ۾ به استعمال ٿئي ٿو. ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ ڪيترا پوڙها پنهنجي پاروٿي جواني ۽ سُسيل طاقت وري تازي ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڪنول جي ٻوٽي جون ڪيتريون ئي شيون سڪائي، پيهي کائين ٿا. ٿائيلينڊ جون حامله عورتون ڄَم جي سورن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪنول جي گل جي پنکڙين جي نيراني چانهه پيئن ٿيون.
هونءَ هر سو گرام پٻڻين ۾ چيو وڃي ٿو ته 65 گرام ڪاربو هائڊريٽ آهي، 17 گرام پروٽين ۽ ٻه گرام چرٻي آهي. باقيءَ ۾ تيرهن سيڪڙو پاڻي ۽ ٻيون معدنيات آهن. خاص ڪري سوڊيم، پوٽئشيم، ڪئلشيم ۽ فاسفورس وغيره. هر سؤ گرام پٻڻين ۾ 350 ڪئلوريون طاقت ٿئي ٿي.
پٻڻ جو ٻج- يعني پاٻوڙا يا پٻڻيون جنهن لاءِ جپاني لفظ هان زائي (Hanzai) استعمال ٿئي ٿو، نئين شادي شده جوڙي کي ڏنا وڃن ٿا. اهو ان ڳالهه جو Symbol آهي ته تازي شادي شده جوڙي کي قدرت هر سال هڪ عدد ٻار سان نوازي. بهرحال چين جو اهو قديمي رواج ۽ عقيدو آهي. اڄ جي دور ۾ ڪوبه چيني نه چاهيندو ته هن کي ڪو هر سال ٻار ٿئي. حڪومت طرفان هر چينيءَ کي فقط هڪ ٻار ڄڻڻ جي اجازت آهي. حڪومت هڪ ٻار لاءِ مفت تعليم ۽ دوا درمل جو ذمو کڻي ٿي. هڪ بعد ٻيو ٻار ٿيڻ تي حڪومت پهرين ٻار جو به خرچ بند ڪريو ڇڏي ۽ جپاني ته گذريل اڌ صديءَ کان گهڻو خبردار آهن ته ٻارن جو تعداد نه وڌي جو ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ تي هڪ طرف چڙهيل آهي ته ٻئي طرف گهر گهاٽ ٺاهڻ لاءِ زمين جي کوٽ آهي. برازيل يا ٻيو ڪو ڏکڻ آمريڪا جو ملڪ وڌيڪ جپانين کي رهائڻ کان اڄڪلهه ڪَترائي ٿو.
جپان جي هڪ زميندار ٻڌايو ته ڪنول (پٻڻ) جي پيدائش جو اصل ملڪ انڊيا آهي، جتان پوءِ ٻڌ ڌرم وانگر ڪنول (Lotus) به سري لنڪا، چين، جپان ڪوريا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ پکڙيو. هن وقت ڪنول جپان ۾ به ڪافي پوکيو وڃي ٿو، پر هن جي گلن ۽ پاڙن (بهن) جي جپان ۾ ايڏي ته ضرورت (Demand) آهي جو هر سال اٽڪل ويهه هزار ٽن بِهه (Rhizomes) ٻاهران گهرايا وڃن ٿا. جن مان سمجهو ته سورهن هزار کن ٽَن چين مان اچن ٿا.
جپان ۾ مختلف ملڪن کان بهه تازو پٽيل به اچي ٿو ته يخ برف (Forzen) ٿيل ۽ دٻن ۾ بند (Canned) ٿيل به اچي ٿو. ڪنول جيڪو سنڌيءَ ۾ ڪنور يا پٻڻ جو گل سڏجي ٿو، اهو انگريزيءَ ۾ Water lily ۽ Lotus سڏجي ٿو.

ٻار جو نالو ڇا رکجي ؟

ٻار جو نالو ڇا رکجي ؟

اسان جي ملڪ ۾ ٻارن جا مختلف نالا رکڻ تي ڪا جهل پل يا پابندي ناهي. وڻي ته ڪو پنهنجي ٻار جو نالو گل احمد رکي يا تاج محمد. چنبيلي رکي يا سوسن. انب، ليمون، ڏاڙهون رکي يا اَڪ، ٽُوهه، چڀڙ رکي. اهڙي طرح ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ ماڻهو آزاد آهن ته هو پنهنجن ٻارن تي جيڪو نالو وڻي اهو رکن. اهڙي طرح ذات به جيڪا جنهن کي وڻي اها رکي سگهي ٿو. ڀلي ابن ڏاڏن کان هلندڙ ذات جتوئي، جماڻي، ميمڻ يا شيخ رکائي يا انهن جي ڪنهن برانچ سان پاڻ سڏرائي جيئن منهنجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻن ڀائر ڪلاس ميٽن غلام حسين ۽ دوست محمد مان هڪ چانڊيو ٿو سڏائي ته ٻيو بلوچ. ”ڪي ٽي اين“ ٽي وي چئنل جون ٻه مشهور ۽ ذهين ڪمپيئرر ڀيڻون ماهين ۽ صنم مان هڪ هيسباڻي ۽ ٻي بلوچ ٿي سڏائي. ڪيترا پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي ذات بدران پنهنجي لاءِ نئين ذات ايجاد ڪن ٿا ۽ پنهنجي ڏاڏي يا پڙ ڏاڏي جي نالي زاهد، يونس، يوسف يا دائود تان پنهنجي سڃاڻپ زاهداڻي، يونساڻي، يوسفاڻي يا دائودي واري ذات سان لاڳاپين ٿا.
پر ڪيترا ملڪ آهن جتي نالي يا ذات جي معاملي ۾ اتي جي حڪومت دخل اندازي ڪري ٿي ۽ وقت به وقت اتي جي ماڻهن کي اطلاع ڪندي رهي ٿي ته ڪهڙين شين وارا نالا يا ذاتيون ختم ڪيون وڃن جو اهي شيون سٺيون نه آهن. جپان به انهن ملڪن مان هڪ آهي. جپان جي وزارت انصاف (Justice Ministry) وٽ قانوني اٿارٽي آهي ته ٻارن تي رکڻ لاءِ ڪهڙا نالا رد ڪري ۽ ڪهڙا قائم رکي. ان سلسلي ۾ وقت بوقت اخبارن ذريعي مائٽن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو جيئن هو پنهنجي نئين ڄاول ٻار جو نالو ملڪ جي قاعدي قانون مطابق صحيح رکن.
هونءَ ته خير هڪ خيال کان اها ڳالهه سٺي به آهي ته ان معاملي لاءِ حڪومت جي ڪنهن ڊپارٽمينٽ جا ڪجهه ڏاها ويهي سوچين ٿا ته ڪهڙا نالا سٺا ۽ صحيح آهن جيڪي رکڻ کپن ۽ ڪهڙا نالا بي افعالا ۽ خراب آهن جن جي ڪري ملڪ جو نالو بدنام ٿئي ٿو ۽ ڌارين کي کِل جو موقعو ملي ٿو. ڪيترا نالا اهڙا به آهن جيڪي گهر ۾ نياڻين سياڻين اڳيان نٿا کڻي سگهجن. انسان جي پرائيويٽ عضون جا نالا، جيڪي ميڊيڪل جي ڪتابن ۾ به ڍڪيل ڇپيل انداز ۾ ڏنا وڃن ٿا، سنڌي ۽ اڙدو جي ڪتابن ۾ ته اهي لفظ عربي يا فارسي زبانن ۾ ڏنا وڃن ٿا جيئن ٻار ٻچو سمجهي نه سگهي، ساڳي وقت ڪنهن محفل ۾ چئن چڱن اڳيان کڻندي شرمندگي محسوس نه ٿئي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪن ملڪن ۽ ڪن قومن ۾ اهڙا نالا فخر سان ٻارن تي رکيا وڃن ٿا. جيئن اسان جي ڀرواري ملڪ ڀارت جي ڏکڻ واري حصي ۾ جتي تامل پنهنجن ٻارن جو نالو انساني نسل پئدا ڪرڻ واري عضوي تان رکن ٿا. نه فقط ايترو پر ڪيترن جا نالا ته ان عضوي جي سائيز جي به نشاندهي ڪن ٿا. مثال طور لنگم يا مهالنگم ڇا آهي. ذرا سوچيو ته ڪا عورت اهڙي مرد جو نالو کڻي ڀري محفل ۾ سڏ ڪري يا ڪو ٻار اسڪول ۾ ماستر کي ٻڌائي ته سندس پيءُ جو نالو مها لنگم يا ويلو لنگم آهي ته ڪيڏو عجيب لڳي ٿو. جن ڏينهن ۾ آئون ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته اتي جي هڪ وزير جو نالو ”ويلو لنگم“ هو. ڪنهن جو نالو شيردل، دلبر خان يا عاشق يا ويندي معشوق هجڻ ڪا اهڙي خواري ناهي جهڙي مٿين قسم جي نالي سان.
اسي واري ڏهي ۾ ملائيشيا جي مذهبي امور واري کاتي پڻ ٻارن تي نالا رکڻ لاءِ ڪجهه نالا رد ڪيا هئا ته اهي نالا ڪوبه مائٽ پنهنجي ٻار تي نه رکي جو اهي خراب ۽ خونخوار جانورن، پکين، وڻن ٻوٽن ۽ ڳهه ڳٺن جا آهن يا انهن جي غلط معنيٰ آهي جيئن مثال جي ڳالهه اسان وٽ ان قسم جو حڪم نامو نڪري ته انب، زيتون ۽ بادام جهڙن سٺن ميون جا نالا ڀلي رکو پر اڪ، ٽوهه، چڀڙ يا گيدوڙو نالو نه رکو جو اهي ڪِنن، ڪَڙن ۽ گِگَ وارن وڻن ۽ ميون جا نالا آهن ته ڪيڏو عجيب لڳندو!
بهرحال ملائيشيا ۾ منع ٿيل نالن جي لسٽ اچڻ تي وڏو گوڙ مچي ويو. عوام اهو ئي چوڻ لڳو ته مذهبي امور واري کاتي ۾ جن آفيسرن پاڻ کي عالم سمجهي اهو فيصلو عوام تي ٿاڦيو آهي، اُهي وڏا جاهل آهن جو هنن کي اها به خبر ناهي ته سعودي عرب جي بادشاهه جو نالو اسد هو، جنهن جي معنيٰ شينهن ئي ته آهي ۽ حضرت عمر فاروق رض جي ڌيءَ جو نالو حفصه يعني شينهڻ هو ۽ حضرت معاويه جي نالي جي معنيٰ لومڙ آهي ته پوءِ هيءَ اسان جي ملائيشيا جي حڪومت اهڙن نالن رکڻ کان ڇو ٿي جهلي. اهڙي طرح ڇوڪرين جو نالو ”واتي“ رکڻ تي ڇو پابندي وڌي وئي آهي؟
ياد رهي ته انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ برونائي پاسي ڇوڪرين جي نالي پٺيان واتي لفظ ائين عام آهي جيئن اسان وٽ بانو، خاتون يا بيگم آهي. هن پاسي توهان کي رتنا واتي، نور واتي، ارپنا واتي جهڙا نالا عام ٻڌڻ ۾ ايندا. ملائيشيا جي مذهبي کاتي جي مُلن جو اهو موقف هو ته ان لفظ Wati جي جيئن ته عربيءَ ۾ معنيٰ زنا، ۽ عورت مرد جو ميل ميلاپ آهي، ان ڪري ملئي مسلمانن کي اهڙن نالن رکڻ کان گريز ڪرڻ کپي. ان جي جواب ۾ اخبارن ۾ ڪيترن ئي پڙهندڙن جا خط آيا هئا ته ان لفظ Wati جي جيڪڏهن عربيءَ ۾ خراب معنا آهي ته ان سان اسان جو ڪهڙو واسطو. اسان جي ملڪ ۾ عربي زبان ته نٿي هلي. اسان جڏهن ”واتي“ چئون ٿا ته اسان ان جو مفهوم عربي وارو نه پر پنهنجي زبان ملئي جو وٺون ٿا. دراصل ملئي زبان ۾ ڪيترائي سنسڪرت جا لفظ صدين کان شامل آهن ۽ هي واتي لفظ به Originally سنسڪرت جو آهي جنهن جي معنيٰ آهي اتي جي ”رهواسڻ“ يا ”ان واري“ جيئن نور واتي معنيٰ نور واري. ملئي ماڻهن جي قبرن تي لڳل ڪتبي تي وفات ڪري ويل جي نالي ۽ تاريخ بعد هيٺان اڪثر لکيل هوندو آهي سرگ واتي (Swarga Wati) معنيٰ سرڳ (جنت) جو رهواسي. ملئي ماڻهو جنت کي Swarga ۽ جهنم کي Nawarga سڏين جيڪي پڻ سنسڪرت يا هنديءَ جا لفظ آهن. بهرحال ملائيشيا ۾ انهن نالن تي هلندڙ گوڙ جو تفصيل پنهنجي هڪ ملائيشيا واري سفرنامي ”خبرون کيڙائن جون“ ۾ ”نالن جو تڪرار“ عنوان هيٺ لکي چڪو آهيان ۽ هاڻ هتي جپان ۾ رهڻ دوران هتي جي اخبار ۾ ان قسم جي خبر تي نظر پيئي ته جپان کاتي جي وزارت انصاف مائٽن کي پنهنجن ٻارن تي ڪجهه نالا رکڻ کان جهل ڪئي آهي. خاص ڪري ڪجهه جانورن، پکين، وڻن، ٽنڊڻن، ماڪوڙن ۽ نانگ بلائن جا نالا جيڪي شيون هاڃيڪار يا خراب سمجهيون وڃن ٿيون. جيئن انگريزيءَ ۾ Spider man نالو آهي. ٻار ڄمڻ تي مائٽن کي وزارت صحت طرفان منظور شده ٻه هزار کن نالن مان ئي ڪو نالو چونڊي ٻار تي رکڻو آهي.
جپاني نالا گهڻو ڪري ڪانجي لکڻي (شڪلين واري الفابيٽ) ۾ لکيا وڃن ٿا پر ڪجهه نالا آوازن واري جپاني زبان هراگانا ۽ ڪاٽا ڪانا ۾ به لکيا وڃن ٿا. ڪانجيءَ ۾ اهو مسئلو آهي ته هڪ ئي نالي جون ڪيتريون ئي شڪليون ٿين ٿيون، جنهن مان معنيٰ مطابق صحيح شڪل چونڊڻي پوي ٿي. مثال طور اسان سنڌيءَ ۾ ”وار“ لکون ٿا ته اهو مٿي جو وار به ٿيو ته حملي وارو وار ڪرڻ به ٿيو ته گهورڻ وارو وار به ٿي سگهي ٿو. پر جپاني ۽ چيني زبان ۾ ساڳي اُچار جي معني مطابق مختلف ڪانجي يعني شڪل ٿيندي. سو جپانيءَ ۾ ڪي ڪي نالا اهڙا آهن جن جون سٺ سٺ، ستر ستر ڪانجيون يعني شڪليون آهن. ڪنهن ڇوڪريءَ جو نالو ڪيڪو (Keiko) آهي ته ڪو (Ko) معنيٰ ٻار پر پهريون حرف ڪي (Kei) جون پنجاهه کن معنائون آهن. ان ڪري صحيح معنيٰ ڪهڙي ٿيندي يعني هن ڇوڪريءَ پنهنجو نالو ڪهڙي ڳالهه تان رکيو آهي ان لاءِ ان جي نالي جي لکڻي (شڪل) ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سمجهائڻ لاءِ ان ڳالهه جو سنڌي يا اڙدو ۾ هن ريت مثال ڏئي سگهان ٿو ته جيئن اسان وٽ ڪو چوي ته هن جو نالو Lal آهي ته اهو لفظ سنڌي يا اڙدو ۾ لکيل ڏسي اندازو لڳائي سگهبو ته آيا هن جو نالو ڳاڙهو (لال) آهي يا هيرو جواهر (لعل).
جپاني ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جا نالا، توڻي ذاتيون سمنڊن، جبلن، دريائن، تارن، وڻن، ٻوٽن ۽ انساني صفتن ۽ وصفن جهڙوڪ خوشي، سونهن، همت، بردباري، ڪاميابي، ڏاهپ جهڙن لفظن سان جڙن ٿيون. ڇوڪرين جي نالي پويان گهڻو ڪري Dai، معنيٰ وڏي، ta معنيٰ عظيم، mi معنيٰ سونهن ۽ vuu معنيٰ هلڪي هلڪي- جيئن هلڪي هير، هلڪو چشمو وغيره لفظ اچن ٿا. ڇوڪرن جي نالي پويان هيڪو، ڪازو، تومو، يا، ماسَي، متسو جهڙا لفظ اچن ٿا. جيئن ته ڇوڪرن جا نالا ٿين: Aki (سرءُ جي موسم)، Daichi (پهريون پوٽو)، Ichiro (پهريون پُٽ)، Kiyoshi (پاڪ پُوتر)، Osamu (قانون جي پابندي ڪندڙ)، Takeshi (بانس جو ڏنڊو)، Yoshiro (ڏاهو پٽ)، Yuki (برف)، Hachiro (اٺون پٽ)، Nanashi (بنا نالي وارو) وغيره.
جپان ۾ ڇوڪرين جا نالا هن ريت ٿين: Hiroko (سخياڻي)، Amaya (رات واري بارش)، Hitoni (اک)، Katana، (ڇري)، Izumi (ڦوهارو)، Miki (وڻ جو ٿُڙ)، Suzu (گهنڊڻي) Suzume جهرڪي، Hikari (بجلي) وغيره هتي جي تيز رفتار گاڏيءَ جو نالو به هڪاري آهي. ڇوڪرين جا ڪي ڪي نالا انگريزي نالن تان به کنيل آهن، جيئن ته Arisu انگريزي نالو ائلس تان کنيل آهي.
اهڙي طرح جپانين جون ذاتيون آهن جيڪي پڻ درياهن، جبلن، شهرن، وڻن، گلن ۽ جانورن، پکين جي نالن تان کنيل آهن. جپانين جون ذاتيون شهرن تان آهن (جيئن اسان وٽ بخاري، شيرازي، دهلوي، ٺٽوي وغيره) پر اهي سڀ پنهنجي ملڪ جپان جي شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن جي نالن سان آهن. جپاني سڄي دنيا ۾ فقط پاڻ کي اتم اتاهون سمجهن ٿا، باقي دنيا جي ماڻهن کي سخت احمق ترين ۽ جاهل سمجهن ٿا! سو هتي جپان ۾ ايران، عراق يا بصري بغداد جو سڏائڻ وڏي خواري آهي. ايتريقدر جو ڪئين سالن کان هتي رهندڙ چيني ۽ ڪورين جيڪي سمجهو ته جپانين جا سوٽ ماسات ئي ٿيا، سي به پاڻ کي پنهنجن ملڪن جو سڏائڻ کان لِڪ پيا ڪندا آهن ڇو جو جپاني پنهنجو پاڻ کي اهي سيد پير ٿا سڏائين جن اڳيان چيني ۽ ڪورين به باگڙي ڀيل آهن. هڪ خيال کان سٺي ڳالهه به آهي. هر هڪ کي پنهنجي مٽيءَ سان پيار هئڻ کپي. اهي اسان پرمتڙيا ۽ ڪامپليڪس جا ماريل آهيون جو اسان انهن مان Impress پيا ٿينداسين جن جا پڙڏاڏا تڙڏاڏا بغداد، بخارا، شيراز، ازبڪستان ۽ منگوليا وغيره کان آيل هجن پوءِ کڻي انهن مان ڪيترا، انهن ڏينهن جي اسانجي ستابي سنڌ ۾، پنڻ يا ڦرلٽ لاءِ آيا هجن. اسان وٽ تمام گهٽ راز ناٿن شاهي، منوج هالائي، عثمان ڏيپلائي يا سيف ٻنوي نظر ايندا.
ڪيترن جپانين جون ذاتيون سندن ڪرت ۽ ڪمن پويان به آهن. پر هر صورت ۾ جپان ۾، نئين ڄاول ٻار جو نالو سوچي سمجهي رکيو وڃي ٿو ته متان ان نالي رکڻ تي حڪومت طرفان بندش ته نه آهي. ان کان علاوه اهو نالو، ڄمڻ واري ڏينهن مطابق ڀاڳ وارو آهي يا نه ۽ نالو ذات سان به ٺهڪي اچي ٿو يا نه! ائين نه ته ذات جو زرداري هجي يعني سون پئسي وارو ۽ نالو وري مسڪين خان رکيو وڃيس.
بهرحال جپان جي وزارت انصاف جي فيصلي مطابق ڪجهه نالا رکڻ کان منع ڪئي وئي آهي ته ڪجهه نالا وڌايا ويا آهن، يعني انهن نالن رکڻ جي پهرين اجازت نه هئي پر هاڻ حڪومت طرفان موڪل ڏني وئي آهي ۽ نئين ڄاول ٻار جو اهو نالو رکڻ سان ”ڄم جو سرٽيفڪيٽ“ ٺهڻ ۾ ڪنهن کي اعتراض نه ٿيندو. حڪومت طرفان نالن جي وڌاءَ ۽ ڪٽاءَ تي اخبارن ۾ پڙهندڙن جا اڄ ڪلهه دلچسپ خط ايندا رهن ٿا ته ڇو ڀلا جپاني ڇوڪريون ان محنتياڻي جيت ”ماڪوڙي“ جو نالو هاڻ پاڻ تي نه رکن ۽ ماکيءَ جي مک جيڪا ڏنگي ٿي ان جو نالو لسٽ مان خارج ڪرڻ بدران رهڻ ڏنو ويو آهي. (ياد رهي ته ڪيترين جپاني ڇوڪرين جو نالو ”ماڪوڙي“ ۽ ”ماکيءَ جي مک“ به آهي. پر هاڻ نئين قانون موجب ڪوبه مائٽ پنهنجي ڌيءَ جو نالو جيڪڏهن ”ماڪوڙي“ رکندو ته هتي جي حڪومت جو ڄم جو کاتو اهو نالو ٻار جي برٿ سرٽيفڪيٽ ۾ رجسٽرڊ نه ڪندو. اهڙي طرح ڇوڪرن جو نالو ”ڪوريئڙو“ به خارج ڪيو ويو آهي. جپان جي هن نئين قانون موجب مُردو، پِٽَ پاراتو، سرطان، ظلم، ساڙ ۽ ڪنيز جهڙن نالن رکڻ تي پڻ پابندي وڌي وئي آهي.
جسم جي ڪجهه حصن وارن نالن مان پڻ ڪجهه نالا خراب سجهي انهن تي پابندي لڳائي وئي آهي. جهڙوڪ، دُڏ، ڄاڙي، گوڏو، سٿر ۽ ڳچي وغيره. نالن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوڙڻ، چيڀاٽڻ، ٽنگڻ ۽ مارڻ جهڙن لفظن تي به پابندي وڌي وئي آهي. جيل، فاحشه، رشوت ۽ ليئو پائڻ جهڙا لفظ به جپاني نالن مان ڪڍيا ويا آهن. ڪجهه اهڙا جانور جن جو ٻارن جي ڪهاڻين ۾ سٺو Image ناهي جهڙوڪ ڪوئو، لومڙ ۽ تانوڪي (هي ڪوئي مهانڊو ڪتي جيڏو وڏي پيٽ وارو جپاني جانور آهي) ۽ ڪجهه جانورن جون ماديون جهڙوڪ ”ڪُتِي“ جپاني نالن مان ڪڍيا ويا آهن. جانورن جي نالن تي به ماڻهن جا ڪافي خط اخبارن ۾ اچي رهيا آهن ته وزارت انصاف جي عملدارن عوام سان انصاف نه ڪيو آهي. ماڪوڙي، ڪوئي ۽ ويندي ڏيڏر جهڙي جانور جو نالو ڪٽيو ويو آهي ۽ ڇا جپان جي وزارت انصاف کي خبر ناهي ته ٽوڪيو جي ماڻهن کي ڪانگ پکيءَ بيزار ڪري ڇڏيو آهي! هو شهر جي هر گهٽيءَ ۾ گند ڪچري جون ٽوڪريون پنهنجي چهنب سان ڦاڙي بيماري پکيڙيندو وتي ته به ان جو نالو بچايو ويو آهي. يعني ان جي نالي مٿان بندش جي ڪهاڙي نه هلائي وئي آهي. اهڙي طرح مڇر، موت، زهر، اکين جا ڳوڙها، نفرت ۽ ويندي سوئر جهڙا لفظَ ڇڏيا ويا آهن ته ڀلي نالن ۾ استعمال ڪريو.
نالن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ وڌايل لفظن مان هن ڀيري ڪجهه اسان جي جهازي پروفيشن جا لفظ پڻ شامل ڪيا ويا آهن. جهڙوڪ: سڙهه، سکان، گنيل (ٻيڙيءَ جي مٿاهين اَند)، سِي گل پکي وغيره. پکين ۾ ڪانگ ۽ سي گل (Sea Gull) کان علاوه ابابيل، جنگلي بدڪ ۽ ڪونج کي به شامل ڪيو ويو آهي جيئن ڇوڪرين تي سهڻي ڪونج، ذهين ڪونج، اڻ پاليل بدڪ، جابلو بدڪ جهڙا نالا رکيا وڃن ۽ ڇوڪرن تي ڏاهو ڪانگ، تکو ابابيل، اڇو سي گل جهڙا نالا رکيا وڃن. هاڻ ڏسجي ته ڪيترا والدين پنهنجن ٻارن جا نالا لسٽ ۾ شامل ڪيل نون نالن مان ٿا چونڊين.

رات واريون خدمتگار

رات واريون خدمتگار

جپان جي ماڻهن، عمارتن، رسم و رواجن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. خاص ڪري جپان جي Night life، گيشائن، مئخانن ۽Sex life بابت، جن جا ليکڪ نه فقط سندن جپاني آهن پر ڌاريان پڻ، جيڪي گهمڻ لاءِ جپان اچن ٿا يا نوڪري ۽ تعليم لاءِ هتي جپان ۾ ترسن ٿا.
گذريل هفتي ليزا (Lisa Louis) نالي هڪ آمريڪن ليکڪا جو ڪتاب:
“Butterflies of the Night:
Mama sans, Geisha, Strippers and
The Japanese Men They serve.”
پڙهڻ جو موقعو مليو، جيڪو ڪتاب انهن عورتن بابت آهي جيڪي جپان جي مختلف ڪلبن، مئخانن، ٽي هائوسز ۽ اگهاڙن ناچ گهرن ۾ مختلف ماڻهن (گراهڪن) کي Serve ڪن ٿيون. ليکڪا ليزا انهن عورتن کي رات جون تِتليون (پوپٽ) سڏيو آهي.
ليزا جيڪا ڪجهه ڏينهن لاءِ جپان جي سير لاءِ آئي سا جپان ۾ ڪجهه سال رهي پئي. جپان ۾ رهائش دوران هن کي جڏهن به فالتو پئسن جي ضرورت محسوس ٿي ته هن ٽوڪيو جي مئخانن، ناچ گهرن ۽ ڪلبن ۾ هوسٽس جي نوڪري حاصل ڪري اتي آيل مرد مهمانن کي ڊرنڪ پيش ڪرڻ جو ڪم ڪيو ٿي. ليزا جپاني به سٺي ڳالهائي ٿي. شايد ان ڪري به هن مٿين ڪتاب ۾ جپان جي رات جي زندگيءَ تي پنهنجي فرسٽ هئنڊ معلومات لکي آهي. ڪتاب جي شروع ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جو احوال ۽ اهي سبب ٻڌايا آهن جن هن کي هي ڪتاب لکڻ لاءِ مجبور ڪيو. هن سبجيڪٽ تي هوءَ ڀڙ هوندي به هن فقط پنهنجي معلومات ڏيڻ بدران ٻين به ڪيترين ئي خدمتگار ڇوڪرين جو احوال انٽرويو جي روپ ۾ ڏنو آهي ته هنن سان جپان جي اونداهين راتين ۾ رنگين روشنين وارن مئخانن، راڳ گهرن ۽ چڪلن ۾ ڇا ٿو وهي واپري. ڪيئن جپان جون مجبور ڇوڪريون ۽ انهن کان وڌيڪ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي غريب ملڪن جون ڇوڪريون، جپاني ظالم غنڊن ۽ مافيا ٽائيپ گئنگن جي ور چڙهي هن ڌنڌي ۾ اچن ٿيون. خاص ڪري اهي ڇوڪريون جيڪي غير قانوني اميگريشن هيٺ جپان ۾ نوڪريءَ لاءِ اچن ٿيون.
جپان جي روايتي چانهه گهرن کان اگهاڙن ناچ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ٽوڪيو جي تمام مهانگن مئخانن ۽ پبن کان ٽرڪش باٿ (جن کي ترڪي جي حڪومت جي احتجاج بعد هاڻ Soaplands سڏجي ٿو) ۽ سيڪسو هارا (Sexual Harassment) ڪلبن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين کان ورتل انٽرويوئن مان جپان جي اندروني زندگيءَ جا ڪيترائي ڳجها پهلو ظاهر ٿين ٿا. بقول هڪ جپاني هوسٽس جي ”جپاني مردن جي روبوٽ واري مشيني زندگي آهي. هنن وٽ يورپي يا ايشيا جي ٻين ملڪن جي مردن وانگر نه ڪا هابي آهي ۽ نه ڪا وندر. نه ڪو شوق آهي ۽ نه ڪنهن ڳالهه لاءِ دلچسپي. پوءِ پئسو خرچڻ لاءِ هنن جو سڄو زور ههڙن رات وارن ڪلبن ۽ چڪلن ڏي آهي.“
هڪ شوقيه طوائف ڏاڍو آرام سان ٻڌائي ٿي ته هوءَ اهو ڌنڌو هر وقت نه پر ڪڏهن ڪڏهن جاري رکي ٿي. ”منهنجي مڱيندي کي ان بابت ڪابه کڙڪ ناهي ته آئون ڪو نائيٽ ڊيوٽي بهاني جسم وڪڻڻ هلي وڃان ٿي... آئون دراصل پنهنجي شاديءَ لاءِ پئسا بچائي رهي آهيان جو آئون پنهنجي شادي ڌوم ڌام سان ڪرڻ چاهيان ٿي.“
دراصل جپان جي ننڍي ٽهيءَ ۾ ان قسم جا مسئلا پڻ ڪَر کڻي رهيا آهن. جپاني فلمن توڙي ناولن ۾ ان قسم جا ڪيترائي مثال ملندا ته آفيسن يا ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۾ ڪم ڪندڙ جپاني ڇوڪريون پنهنجن مڙسن يا مڱينڌن کي سندس جنم ڏينهن تي سٺو تحفو ڏئي پنهنجي لئه رکڻ ڪارڻ هوَ ان تحفي لاءِ پئسا هٿ ڪرڻ لاءِ ڌارئين سان جنسي تعلقات رکن ٿيون. يا ڪيترا مرد پنهنجين نوڪرين ۾ ۽ ان بعد رلڻ پنڻ ۾ ايڏو محو رهن ٿا جو هنن جي گهرو زندگيءَ ۾ ڏار پئجيو وڃن.
جپاني عورت وفادار، پورهيت ۽ خدمتگار هجڻ جي باوجود هن کي اڄ جي مغربي ٽي وي چينلن ۽ ناولن فئنٽسي ۽ جنسي ائڊوينچر لاءِ اتساهه ۽ همت پئدا ڪيو آهي. سندس مڙس ته صبح ساڻ، منهن اونداهيءَ ۾ گهر ڇڏي ٿو ته رات جو دير دير سان نشي ۾ ڌت ٿي ساڻس گڏ ”سمهڻ“ بدران بستر تي اچيو ”ڊهي“ ٿو. سو ظاهر آهي ڪي عورتون ڪجهه شوق خاطر ته ڪجهه جنسي بک مٽائڻ خاطر هيڏانهن هوڏانهن هٿ پير هڻن ٿيون يا پنهنجن ۽ ڌارين جي مهمان نوازي ڪندي نظر اچن ٿيون. اسان جي جهازي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ جپاني همراهه ان سلسلي سان واسطو رکندڙ هڪ واهه جو لطيفو ٻڌايو.
هڪ جپاني همراهه سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر رهيو ٿي. زال جي ايلاز منٿن سان به هن گهر کي وقت نٿي ڏنو. هڪ ڏينهن ٻاهر نڪرندي هن پاڙي جي همراهه کان پڇيو: ”فلاڻي سئنيما ۾ ڪهڙي فلم هلي رهي آهي؟“
”خبر نه آهي“ پاڙيسري وراڻيو.
”فلاڻي پئي هلي. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر به نڪري خبر چار لهندو ڪر.“
وري ٻئي ڏينهن ساڳي همراهه کان پڇيو ”فلاڻي ڪلب ۾ ڪم ڪندڙ فلاڻي ڊانسر ڏٺي اٿئي؟“
”نه“. پاڙيسريءَ وراڻيو.
”اڙي نڀاڳا ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر به نڪري خبر چار لهندو ڪر ته ڇا پيو وهي واپري.“
پاڙيسريءَ کي اهو ٻڌي هن ڀيري باهه وٺي وئي يڪدم هن کان پڇيائين: ”اڙي ميان تاڪا هيرو نالي باڪسر ڏٺو اٿئي؟“
”نه نه.“
”اڙي نڀاڳا! اهڙن ماڻهن جي خبر چار لهڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ لِڪي لقاءُ ڏسندو ڪر.“
ڪتاب جي ليکڪا ليزا، جيڪا جپان جهڙي مهانگي ملڪ ۾ ڪيترائي سال رهي، جتي هر شيءِ جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪري، پنهنجي خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ مختلف مئخانن ۽ ڪلبن ۾ ساقيءَ جا فرائض سرانجام ڏيندي رهي. پنهنجي ڪتاب Butterflies of the Night ۾ پنهنجي هم جيڏين کي، جيڪي هن Mizu Shobai (پيارڻ جي ڌنڌي) ۾ اڃا ڪم ڪري رهيون آهن، پنهنجي حاصل ڪيل تجربي مان ڪيتريون ئي Ideas ڏئي ٿي. هن جي سوچ مطابق سُٺي ۽ ڪامياب هوسٽس (خدمتگار ساقي) اها آهي جيڪا آيل گراهڪ مردن کي فقط سندن دلپسند خواب ۽ خواهشون ڏيکاريندي رهي. ٻين لفظن ۾ هنن کي خوش رکڻ لاءِ اهڙا ڏٽا ڏيندي رهي جو هو سمجهن ته ساڪي (جپاني شراب) يا اوچا (جپاني چانهه) پيش ڪرڻ واري خوبصورت ساقي، سندن مٿان اڪن ڇڪن آهي ۽ اجهو ٿي سندن دل جي مراد پوري ڪري. پوءِ آيل مهمانن کي وڏو خرچ ڪرائڻ بعد کين اٽڪل سان اهڙي طرح پاسيرو ڪري ڇڏجي جو هنن کي بي عزتي به محسوس نه ٿئي.
ٽئڪسي ڊرائيور ۽ مئخانن ۾ ڪم ڪندڙ عورت جو هر قسم جي ماڻهن سان واسطو پوي ٿو. ڪتاب جي ليکڪا ليزا جو به هن ”ميزو شوبائي“ واري ڌنڌي ۾ جپان جي مختلف ماڻهن سان لهه وچڙ ٿي. ملڪ جي وڏن ادارن جي Top Executive سياستدانن ۽ طاقتور دهشتگرد تنظيمن جي غنڊن کان وٺي ظاهري طرح نيڪيءَ جا ڪم ڪندڙن، ٻڌ ڌرم جي بکشوئن، مغربي ٽوئرسٽن، ٽين دنيا جي پناهه گيرن ۽ ڊپريشن ۾ مبتلا ڇڙن تائين. ليزا رات جي پڙدي ۾ پيش ايندڙ جنسي ۽ ناچ گاني جي روپ ۾ ٿيندڙ وارداتن جو دل کولي احوال لکيو آهي. هن هڪ سڄو چئپٽر ”ياڪوزا“ تي به لکيو آهي. ياڪوزا جپاني اسٽائيل جي مافيا آهي جنهن ۾ جپان جي پوليس به هٿ وجهندي لنوائي ٿي.
سرسري طور هي ڪتاب جپان جي سوسائٽيءَ جي عجيب تصوير چٽي ٿو. گهر گهاٽ هوندي به جپاني مردن جي اڪيلي ۽ پنهنجي ذات تائين محدود زندگي، اڪيليون زالون جن لاءِ مستقبل، حال ۽ ماضي فقط ۽ فقط پورهيو ڪرڻ ۽ مرد جي خدمت چاڪري ڪرڻ آهي. جپان جهڙي مهانگي ترين ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ”آڻڻ ۽ چاڙهڻ“ جهڙي سادگي واري زندگي گذارڻ لاءِ به هنن کي رات جي اوٽ ۾ ڌارين مردن وٽ ساقي ٿي ساڪي پيارڻ، جسم جي نمائش ڪرڻ، ويندي جسم جو وڪرو ڪرڻ ضروري ٿيو پوي.“
ليزا جو هي ڪتاب Butterflies of the Night پڙهي عورت جي آزادي لاءِ جنگ وڙهندڙ تنظيمن کي خوشي ٿيڻ بدران پڪ چڙ وٺندي _ ڪتاب جي ليکڪا تي نه پر جپاني مردن تي جيڪي جپاني عورتن بابت عجيب ڳالهيون ڪن ٿا. پنهنجين زالن توڙي گيشائن کي هو پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهن ٿا. ڪتاب جي ليکڪا پنهنجي پوزيشن صاف رکڻ لاءِ اهو پڻ لکي ٿي ته ڪتاب ۾ ڏنل اهي comments سندس نه پر انهن جپاني مردن جا آهن، جن سان هن جو واسطو رهيو، توڙي کڻي سڀ جپاني مرد اهڙا نه به هجن. بلڪه گهڻائي سٺن جي ئي هوندي.
ڪيترا ڌاريان اهو سمجهن ٿا ته گيشا ۽ ٻيون عورتون جيڪي مردن جي خدمت ڪن ٿيون ۽ دل وندرائين ٿيون، انهن فقط ماضيءَ ۾ ڏکيو وقت گذاريو ٿي، پر ليزا جي هن ڪتاب مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته جپان ۾ اڄ جي ماڊرن دور ۾ به عورت سان اهو ئي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو جيڪو هتي جي رواج مطابق صديون اڳ ڪيو ويو ٿي. ان جي جهلڪ هڪ آمريڪن ليکڪ آرٿر گورڊن جي ڪتاب Memories of a Geisha مان به ملي ٿي.
ان سلسلي جا ڪجهه ٻيا دلچسپ ڪتاب جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپجي بين الاقوامي مشهوري حاصل ڪري چڪا آهن، هن ريت آهن:

1. Geisha: A life by Mineko Lwasaki.
2. Women of the Pleasure Quarters: The Secret History of the Geisha by LESLEY DOWNER
3.Geisha by Liza Crihfield Dalby
4. Yoshiwara: The Glittering world of the Japanese Courtesan by Cecilia Segawa Seigle
5. Geisha: The life, the Voice, the Art by JODI COBB
6. Nightwork: Sexuality, Pleasure and Corporate Masculinity in a Tokyo Hostess Club by Anne Allison




”صحيح“ بدران مُهر هڻڻ

”صحيح“ بدران مُهر هڻڻ

هڪڙو ته ٺپو ٿئي ٿو، جنهن تي ماڻهوءَ جو نالو، عهدو ۽ ائڊريس پڻ ٿئي. انگريزيءَ ۾ اهو Stamp سڏجي ٿو، ٻي وري مُهر ٿئي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Seal سڏجي ٿو. پوسٽ آفيس ۾ وڃبو ته پوسٽ ماسٽر خاص پارسل بند ڪري ان مٿان گرم ٿيل لاک هڻي لوهي مُهر هڻندس ته پوسٽل ڊپارٽمينٽ جو لوگو (نشان) ٺهي ويندو. اها لوهه جي مهر آهي. اهڙي طرح رٻڙ ۽ ڪاٺ جون به مهرون (Seal) ٿين، جن تي ڪونه ڪو logo، مونو گرام يا ڪو ٻيو نشان ٿئي يا ڪنهن جي ذاتي صحيح يا نالو پور وانگر اڪريل ٿئي. ڪاٺ جي يا رٻڙ جي اها مهر مس مان ٻوڙي ڪاغذ يا ڪپڙي تي لڳائي وڃي ٿي.
پراڻي زماني ۾ جڏهن هر ماڻهوءَ لاءِ لکڻ عام نه ٿيو هو ته ڪيترا حاڪم ۽ بادشاهه صحيح ڪرڻ بدران پنهنجي خاص ”مهر“ نشاني طور هڻندا هئا ته جيئن عوام لاءِ ثبوت رهي ته هيءَ ڳالهه يا ڪم واقعي هن حاڪم جي آشيرواد سان ٿيو آهي. هاڻ انهن مُهرن بدران هرڪو پنهنجي صحيح استعمال ڪري ٿو. غريب غربو توڙي حاڪم يا رئيس، ويندي بئنڪ جا چيڪ ڪئش ڪرائڻ لاءِ هر هڪ پنهنجي مقرر ڪيل صحيح ڪري ٿو. وڌ ۾ وڌ ڪورٽ ۾ جاين جڳهين جي رجسٽريشن جي ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ بدران يا آڱوٺو هڻڻ بدران ذاتي مهر (Seal) لڳائي وڃي ٿي، جنهن کي جپاني زبان ۾ Hanko هئنڪو سڏجي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي ان کي انڪان (Inkan) پڻ سڏجي ٿو.
هتي جپان ۾ گهر تي پارسل پهچائڻ وارو ٽپالي يا سامان آڻڻ وارو دڪاندار، پهچ جي رسيد تي صحيح کان وڌيڪ مهر هڻڻ لاءِ چوندو. جپان ۾ اڪثر هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجي مُهر (Seal) ٿئي، جنهن تي ڪانجي لکڻيءَ ۾ سندس ذات اڪريل ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ذات سان گڏ نالو به نظر اچي ٿو. جپان ۾ رهندڙ فارينرن مان به ڪيترا ان قسم جي مهر (Hanko) ٺهرائي رکن.
جپاني ۾ استعمال ٿيندڙ هر مهر (Hanko) جي قيمت جو مدار ان جي مٽيريل، شڪل (Sample) ۽ سائيز تي ٿئي ٿو. سائيز جو مدار وري اکرن جي تعداد ۽ ڏکيائي تي آهي جو ڪانجي (شڪلين واري جپاني لکڻي) جا ڪي اکر سولا آهن ته ڪي تمام ڏکيا ۽ منجهيل، جن جي لکڻ (بلڪه جن جي شڪلين ٺاهڻ) تي گهڻي محنت ۽ ڪاريگريءَ جي ضرورت ٿئي ٿي.
هانڪو (جپاني مُهرون) گهڻو ڪري ٻن قسمن جون ٿين: گول ۽ چورس. گول ذاتي استعمال لاءِ ٿين ۽ چورس مختلف ادارن ۽ آرگنائيزيشن لاءِ. مثال طور آئون پنهنجي ذاتي استعمال لاءِ مهر ٺهرائيندس ته مون کي گول ٺهرائڻي پوندي، پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن اداري يا سوسائٽي جي انچارج جي حيثيت سان ٺهرائي ٿو، جيئن ته سگا يا ميمڻ جماعت جي ڪنهن عهديدار جي حيثيت سان ته پوءِ اها چورس هانڪو (مهر) ٿيندي.
ڪي ڪي جپاني مهرون جن تي تمام گهڻو ٽُڪَ جو ڪم ٿئي ٿو ۽ بيحد اوچي مٽيريل مان ٺاهيون وڃن ٿيون، ويهه ٽيهه هزار روپين جي ماليت جون به ملن ٿيون. جپان ۾ نئين ڄاول ٻار کي هن جو نانو يا ڏاڏو تحفي ۾ اڪثر بئنڪ بڪ يا اوچي قسم جي هانڪو (مهر) تحفي ۾ ڏيندو آهي. جپان ۾ سرڪاري طرح ٻار جي بالغ ٿيڻ جي عمر ويهه سال آهي. بالغ ٿيڻ تي هو اها ڏاڏي يا ناني طرفان تحفي ۾ مليل مهر استعمال ڪري سگهي ٿو. ان کان اڳ ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ جي مهر استعمال ڪن. ڪو ٻار اسڪول ۾ ڏنگائي ڪندو يا هوم ورڪ نه ڪندو ته ڪلاس ٽيچر کان مليل خط تي پنهنجي ماءُ يا پيءُ جي مهر هڻائي ايندو. يعني ٽيچر کي پڪ ٿئي ته هن جي ماءُ پيءُ کي خبر پئجي وئي. ائين ته ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ کي ٻڌائڻ بنا هنن جي مُهر کڻي هڻي سگهي ٿو، پر هر هڪ جي مهر ايڏي قيمتي شيءِ آهي جو هو جان سان سانڍي رکي ٿو. جپاني ٻار کي ننڍي هوندي کان اهو سبق ڏنو ويندو آهي ته ڪو ڊاڪومينٽ پڙهڻ بنا مُهر نه هڻجي. ”دوستي ياريءَ ۾، بنا پڙهڻ جي، لڳايل مهر سر ڪپائي سگهي ٿي.“
”هن مون کي شاهدي طور مُهر هڻڻ لاءِ چيو. مون کي اها ڄاڻ به نه هئي ته اها مهر مون کي لکن جو قرضي بنائي ڇڏيندي.“
”ڪاغذ Attest ڪرڻ لاءِ مون دوست کي مهر هڻي ڏني. نتيجي ۾ منهنجي سڄي جائداد هن جي ٿي وئي.“ اهي هڪڙا عام جملا آهن، جيڪي جپان جي ڪورٽن ٻاهران ڪيترن ٺڳجي ويل جپانين جي واتان ٻڌبا جن ”بنا پڙهڻ“ جي اکيون پوري ٻين جي ڪاغذن تي پنهنجي مُهر هڻي ڏني. بهرحال اکيون پوري صحيح ڪرڻ جا اگرا نتيجا اسان به ننڍي هوندي کان انڊين ۽ پاڪستاني فلمن ۾ ڏسندا اچون ٿا.

ميڊ اِن جپان ۽ بئنڪن جو گهوٽالو

ميڊ اِن جپان ۽ بئنڪن جو گهوٽالو

ڪجهه دير اڳ ڪنهن آمريڪي رسالي ۾ جپان بابت ٻه لطيفا پڙهيا اٿم.
هڪ جپاني همراهه گهمڻ واسطي آمريڪا ويو. آخري ڏينهن تي هن ٽئڪسي گهرائي ٽئڪسي ڊرائيور کي ايئرپورٽ هلڻ لاءِ چيو.
رستي تي هڪ هونڊا ڪار هن جي ٽئڪسيءَ کي ڪراس ڪيو. آمريڪا ۾ گهڻو ڪري آمريڪا جون ٺهيل شيورليٽ ڪارون ٽئڪسي طور هلن ٿيون. جپانيءَ پنهنجي ملڪ جي هونڊا ڪار کي شيورليٽ کان تکو ويندو ڏسي دريءَ مان منهن ڪڍي خوشيءَ مان رڙ ڪئي: ”هونڊا! ويري فاسٽ. ميڊ اِن جپان.“ (هونڊا! ڇو نه تکي هجي. آخر جپان ۾ ٺهي آهي.(Made in Japan.
اهڙي طرح ٿورو اڳيان هليا ته هڪ ٽويوٽا ڪار جيڪا هنن جي پٺيان هئي کانئن اڳيان ٿي وئي. جپاني همراهه هڪ دفعو وري ٻهڪندي رڙ ڪئي:
“Toyota! Very fast! Made in Japan!”
۽ اهڙي طرح ڏسندي ئي ڏسندي هڪ هنڌ متسوبشي ڪار کين ڪراس ڪيو. جپاني همراهه خوشيءَ وچان رڙ ڪئي: ”متسوبشي! ويري فاسٽ! ميڊ اِن جپان!“
۽ ائين ايئرپورٽ تائين جپاني همراهه پنهنجي ملڪ جي ڪارن کي اڳيان ويندو ڏسي نعرا هڻندو رهيو. آمريڪن شيدي ٽئڪسي ڊرائيور دل ئي دل ۾ پچرندو رهيو پر ڪڇيو ڪونه. ايئرپورٽ تي پهچي جپانيءَ ڀاڙو پڇيو. شيدي ٽئڪسي ڊرائيور سندس ڪار ۾ لڳل تيرا ساڪي (جپان جي هڪ اليڪٽرانڪ ڪمپني) جي ميٽر ڏي اشارو ڪري ٻڌايس ”ڏيڍ سئو آمريڪن ڊالر.“
”ڏيڍ سئو ڊالر!“ جپانيءَ حيرت مان رڙ ڪئي. ”ڇا ته بل آيو آهي!“
ان تي ڊرائيور ساڳي انداز ۾ رڙ ڪري چيس:
“Meter! Very fast! Made in Japan.”
(ميٽر! ڇو نه تکو هجي! آخر توهان جهڙن ٺاهيو آهي. ميڊ اِن جپان.)

جپاني سڪي يين جو اگهه ڪجهه ڏينهن اڳ ڪِرڻ ڪري جپان جي ڪيترين بئنڪن جي حالت خراب ٿي وئي هئي. ڪيترين ئي بئنڪن پنهنجيون ڪجهه فالتو برانچون بند ڪري ڇڏيون ته ڪيترين بئنڪن پگهار بچائڻ لاءِ پنهنجو اسٽاف گهٽائي ڇڏيو. ڪجهه نيون بئنڪون اٿندي ڏيوالي ۾ هليون ويون ۽ مالڪن کي اهي هميشه لاءِ بند ڪرڻيون پيون. جپان جي بئنڪن جا اصل نالا ته ٽوڪيو بئنڪ، مستوبشي بئنڪ، نِشي نهان بئنڪ، ياماگچي بئنڪ، فڪوئوڪا بئنڪ وغيره آهن پر هتي هن چرچي ۾ نقلي نالن وارين بئنڪن جو حال پيش ڪيو ويو آهي ۽ انهن نالن جي چونڊ ئي هن خبر کي دلچسپ چرچو بنائي ٿو.
Japanese Banking Crisis

The Japanese banking crisis shows no signs of improvement. If any thing it’s getting worse.
Following last week’s news the “Origami Bank” had folded, we are hearing that “Sumo Bank” has gone belly up and “Bonsai Bank” plans to cut back some of its branches.
“Karaoke Bank” is up for sale and is (you guessed it!) going for a song.
Meanwhile, shares in “Kamikaze Bank” has nose- dived and 500 bank- office staff at “Karate Bank” got the chop.
Analysts report that there is something fishy going on at “Sushi Bank” and the staff there fear they may get a raw deal.

جپاني بئنڪون گهوٽالي ۾
”گهوٽالي ۾ ويل جپاني بئنڪن جي بهتريءَ جي ڪا به اُميد اڃا نظر نه پئي اچي. ويتر ڏينهون ڏينهن حالتون خراب ٿينديون وڃن.
گذريل هفتي جي خبر مطابق ”اوريگامي بئنڪ“ کي ٻيڻو ٽيڻو (بند) ڪيو ويو آهي ۽ اسان ٻڌي رهيا آهيون ته ’سومو‘ بئنڪ به پٺيءَ ڀر وڃي ڦهڪو ڪيو آهي ۽ ”بونسائي بئنڪ“ پنهنجيون ڪجهه شاخون ڇانگڻ جو پئي سوچي.“
(اوريگامي (Origami) دراصل پني کي ويڙهي سيڙهي (Fold ڪري) ان مان مختلف شين ٺاهڻ جو آرٽ آهي جيئن پاڻ وٽ به پني کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ٻيڙي، آگبوٽ وغيره ٺاهيو وڃي ٿو. سومو (Sumo) جپاني مَلهه جو نالو آهي جنهن ۾ ٻه ٿلها متارا پهلوان هڪ ٻئي کي ٿيلها ڏئي گول چڪري مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پوءِ جيڪو ٻئي کي Ring مان ٻاهر ڪڍي يا ٻئي کي پٺيءَ ڀر ڪيرائي، اهو کٽيندو آهي. بونزائي (Bonsai) ڄامڙن وڻن جو نالو آهي جن کان جپان مشهور آهي. هي هڪ آرٽ آهي جنهن ذريعي وڌندڙ وڻ جون شاخون اهڙي طرح ڪٽبيون وينديون آهن جو وڻ عمر ۾ ته ضرور وڏو ٿيندو رهي پر قدبت ۾ هڪ ننڍڙي ٻوٽي جهڙو ڄامڙو لڳي. اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ بعد هڪ پڙهندڙ مٿين مختلف نالن وارن بئنڪن جي خبر وڌيڪ Appreciate ڪري سگهندو.)
”ڪارا اوڪي (Karaoke) بئنڪ وڪري لاءِ تيار آهي ۽ اها ڦلن مٺ ۾ (توهان صحيح سوچيو آهي) يعني راڳ جي بدلي ۾ وڪامي رهي آهي.
في الحال ته ڪامي ڪازي (Kamikaze) بئنڪ جي شيئرن جي اگهن اونڌي منهن کڻي ٽٻي هنئي آهي ۽ ڪاراٽي بئنڪ 500 کن آفيسرن جون نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون آهن.
تجزيو ڪندڙن جي رپورٽ آهي ته ان سلسلي ۾ سوشي (Sushi) بئنڪ مان به ککي ڌپ اچي رهي آهي..
(ڪارا اوڪي (Karaoke) جپان ۾ راڳ گاني جا ڪلب ۽ بئنڊون آهن جتي جپاني نوجوان مست ٿي زوردار ميوزڪ تي ڳائين ٿا. هنن لاءِ راڳ سڀ ڪجهه آهي. سو ڪارا اوڪي نالي واري بئنڪ راڳ جي بدلي ۾ وڪامي وئي.
ڪامي ڪازي (Kami kaze) انهن فدائي (خودڪش) حملو ڪندڙ جپاني دلير پائليٽن جو نالو آهي جن ٻي وڏي جنگ ۾ پرل هاربر تي بيٺل آمريڪن بحري جهازن تي حملو ڪيو. هنن پائلٽن بندرگاهه ۾ بيٺل بحري جهازن مٿان بمن جو وسڪارو ڪري ڀڄڻ بدران بمن سان ڀريل پنهنجن هوائي جهازن کي پاڻي جي جهازن مٿان ٽٻي هڻي پاڻ کي ته تباهه ڪري ڇڏيو پر آمريڪن بحري ٻيڙي کي لولو لنگڙو ڪري آمريڪن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون.
۽ ڪاراٽي (Karate) ويڙهه کان ته اسان سڀ واقف آهيون ته ڪيئن هڪ ڪمزور انسان به عقلمندي سان پنهنجي طاقت کي صحيح طرح استعمال ڪري ڪاٺ جي تختين کي يا سرن کي به ائين ٻن حصن ۾ ڀڃيو ڇڏي جيئن ڇُريءَ سان گدري کي ڪپي ٻه اڌ ڪجي.
سوشي (Sushi) ڪَچي مڇيءَ جو ڊش آهي. جپانين جي عجيب ڳالهين مان اها به هڪ آهي ته هو مڇين جا ڪجهه قسم تري يا رڌي کائڻ بدران ڪچو (Raw) کائين ٿا. سو ان تان مٿين بئنڪ جو نالو Sushi رکيو آهي.)
هاڻ ان معلومات کي ڌيان ۾ رکي بئنڪن جي ڏيوالي واري خبر پڙهڻ سان توهان هن چرچي مان صحيح طري لطف ماڻي سگهندائو.

ڪهڙا ڪهڙا مور مري ويا

ڪهڙا ڪهڙا مور مري ويا

جپان ۾ ايندڙ ڪيترا ڌاريا ماڻهو ميڪ اپ ۾ ٿڦيل، اوچن ۽ ٻهڪندڙ ويس وڳن ۾ ملبوس، ناز نخري سان هلندڙ گيشائن کي رنڊيون ئي سمجهن ٿا، پر ائين هرگز ناهي.
گيشائون اعليٰ درجي جون فنڪار چئي سگهجن ٿيون، جن مختلف فنن جو علم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ۽ جدوجهد ڪئي آهي. هو اڪيلي سر ويهي مردن جي ٽولي يا اڪيلي مرد جي، ڳالهين ذريعي دل وندرائي سگهن ٿيون. هو دعوت ۾ گهرايل مهمانن کي وڏي ادب ۽ احترام سان چانهه ۽ ڪافي پيارين ٿيون، جپاني سرندو (Samisen) وڄائي يا پنهنجي مٺي سر ۾ راڳ آلاپي پنهنجي مهمان کي خوش ڪري سگهن ٿيون، پر هو ڪنهن به صورت ۾ هنن سان بستري لاءِ ٻڌل نه آهن. ائين ته هي به انسان آهن، ڪنهن کي دل ڏئي سگهن ٿيون، پنهنجي مالڪڻ جو اڏو ۽ ساٿ ڇڏي پنهنجي ڪنهن پراڻي مهمان يار يا عاشق سان ڀڄي به سگهن ٿيون، پر اهڙا واقعا گيشائن جي دنيا ۾ بلڪل نه برابر ٿين ٿا. وڏي پئماني جي ڌاڙيلن، قذاقن ۽ ننڍي کنڊ جي کدڙن وانگر جپان جي هنن گيشائن جا به ڪجهه اصول آهن، جن کي ٽوڙڻ هنن لاءِ ناممڪن ڳالهه آهي. ڪوٺي تي آيل ڪنهن يار سان ڀڄي وڃڻ- توڙي کڻي شاديءَ خاطر، نه فقط ان هڪ گيشا لاءِ پر گيشائن جي سڄي ڪميونٽي لاءِ ٻڏي مرڻ برابر آهي.
ڪيترا ڌاريا خاص ڪري امير آمريڪن، گيشائن کي شهواني ضرورتون پوريون ڪرڻ جو Symbol ان ڪري به سمجهن ٿا جو ٻي وڏي لڙائي هارائڻ بعد جپان آمريڪا جي قبضي ۾ اچڻ ڪري، هي شان شوڪت، ڄاڻ ۽ فن جو ادارو پٺتي هليو ويو. ان جي جاءِ تي عام رنڊيون گيشائن جو روايتي لباس پهري هوٽلن ۾ رهندڙ امير آمريڪن جي گهرائڻ تي گيشائون ٿي آيون ٿي ۽ آمريڪن توڙي ٻيا ان ۾ ئي خوش ٿيڻ لڳا ته هنن جي حڪم تي جپان جون گيشائون به آڻ مڃي سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ ائين نه آهي. هي هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن کي هتي جو مڪاني ماڻهو ئي سمجهي سگهي ٿو يا اهو جيڪو هتي گهڻو وقت رهيو هجي.
گيشائن جو سلسلو ائين نه آهي جيئن اسان وٽ ڪنهن زماني ۾ هيرامنڊي لاهور کان آيل هر ڳائڻي رنڊي سمجهي وئي ٿي. بلڪ هر اسٽيج ڊرامي، فلم يا ويندي ٽي وي جي اوائلي ڏينهن تائين هر ڳائڻي لاءِ جنهن اسٽيج فلم يا ٽي ويءَ تي ڳايو ٿي ان کي ماڻهن فاحش عورت جي صف ۾ ئي بيهاريو ٿي. بلڪ سچي ڳالهه اها آهي ته ان ڪم لاءِ آيون ئي ان صفت جون عورتون ٿي. هڪ فلم پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر کي گهڻي ڀاڱي اداڪارائون چونڊڻ لاءِ ملڪ جون گهڻي ڀاڱي ڳاڙهيون بازارون ئي تپاسڻيون پيون ٿي ۽ نه ڪي يونيورسٽي جون گرئجيوئيٽ. پر اڄڪلهه اسان وٽ فلمن يا ٽي وي ڊرامن جون اداڪارائون يا ڳائڻيون يونيورسٽين جون گريجوئيٽ ۽ سٺن خاندانن جون ٿينديون وڃن. انڊيا جو ته معيار اڃا به گهڻو مٿانهون آهي. هنن جي ائڪٽريسن توڙي ماڊل عورتن جي تعليم، صحت، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي ڍنگ، معلومات ۽ محفل ۾ اٿڻ ويهڻ جي ادب آدابن جو مقابلو اسان جي ملڪ جي ڪا ورلي ڪري سگهي، پر اهو ان قسم جو معيار اسان وٽ توڙي انڊيا ۾ سمجهو ته اڄ آيو آهي، پر جپان ۾ جيستائين گيشائن جو تعلق آهي ته هنن وٽ اهي ڳالهيون سوين سال اڳ کان موجود هيون. صحيح معنيٰ ۾ هر گيشا هڪ اعليٰ طاقتور ادارو آهي. ڪيتريون گيشائون ملڪ جي وڏن سياستدانن، فوجين، حاڪمن، فلمي اداڪارائن، اعليٰ رانديگرن کان مٿانهون درجو رکن ٿيون. هر گيشا جي زندگيءَ ۾ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن اهم شخصيتن سان ويجهڙائي رهي ٿي- توڙي کڻي Sexual ويجهڙائي نه ٿيندي هجي، پر جيستائين دل جي رازن جي ڳالهه آهي، اهي هڪ گيشا کان ڳجها نٿا رهن ۽ جنهن اڻ ڇپيل Code of Conduct مطابق اهي راز هتي جون گيشائون پنهنجي پيٽ ۾ محفوظ رکن ٿيون، ان جو به جواب نه آهي. پنج ئي آڱريون برابر به نه آهن. ڪڏهن ڪڏهن (تمام ورلي) ڪا گيشا، پنهنجي ڪنهن يار بابت، ڪو ٻڙڪ ٻاهر به ڪڍي ويهندي آهي ۽ پوءِ ان همراه جو سر هليو ويندو آهي. اهڙي ئي هڪ گيشا جنهن جو ذڪر هڪ ٻئي سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان، ملڪ جي هڪ وزيراعظم جا واڄٽ ڪڍي ڇڏيا هئا ۽ ايتريقدر جو ٻي اليڪشن ۾ پاڻ ته ڇا سندس پارٽي به هارائي وئي. ساڳي وقت ان هڪ گيشا جي غلطيءَ ڪري ٻيون گيشائون منهن مٿو پٽينديون رهيون جو ان ڪيس بعد ملڪ جا امير ڪارخانيدار، فوجي جنرل، سياستدان ۽ اعليٰ بيورو ڪريٽ گيشائن وٽ ڀيرو ڀرڻ کان ٽهي پيا.
بهرحال ملڪ جي مشهور سياستدان، بزنس مين، رانديگر ۽ ٻين اهم شخصيتن وانگر جپان جي گيشائن ۾ به ڪجهه اهم شخصيتون ٿي گذريون آهن ۽ انهن ۾ ڪي ته بين الاقوامي Fame جون به مالڪياڻيون ٿيون. گيشائن بابت جيتوڻيڪ هن کان اڳ وارن جپاني سفرنامن ۾ ايترو گهڻو ڪجهه لکي چڪو آهيان جو هاڻ وڌيڪ لکڻ جو ارادو نه هئم، پر ويجهڙائيءَ ۾ هڪ تمام اهم ۽ پنهنجي وقت جي حسين ترين ۽ ذهين گيشا جي مرڻ جو اخبار ۾ پڙهي ٻه چار لفظ هن ”پنهنجي زماني جي بلي بلي“ گيشا صاحبه ميڊيم ڪيهارو ناڪامورا (Kiharu Nakamura) تي لکڻ ويٺو آهيان، جنهن جي ملاقاتين ۾ آمريڪا جي چارلي چئپلن (ائڪٽر) کان وٺي مشهور فرينچ ليکڪ ۽ آرٽسٽ Jean Cocteau جهڙا دنيا جا مشهور ماڻهو هئا ۽ جپان جي تاريخ جي هيءَ پهرين گيشا آهي، جنهن انگريزي سکي. ان ڪري نه فقط سندس ملڪ جا جپاني پر مغرب جا به اهم ماڻهو هن جا ئي Visitor ٿيڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا هئا. مٿين ٻن ماڻهن کان علاوه اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جو مشهور بيس بالر بيت رٿ ۽ اخباري دنيا جو امير ترين وليم رئنڊولف به هن گيشا وٽ ٻڪر ٿيندا رهيا ۽ ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، عاشق هزارين مان نه رڳو“ آلاپيندا رهيا.
مئڊم ڪِهارو ناڪا مورا ٽوڪيو جي هڪ امير ۽ تعليم يافته فئملي ۾ 1913ع ۾ ڪازوڪو (Kazuko) جي نالي سان پيدا ٿي. گيشا ٿيڻ بعد هن پنهنجو نالو ”ڪِهارو“ رکيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”خوشنما بهار“. گيشائون گهڻو ڪري هن پروفيشن ۾ اچڻ بعد پنهنجو نالو بدلائين ٿيون، جيئن گيشا جي ڪهاڻي بابت مون وارو ڪتاب ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ ۾ مرڪزي ڪردار واري گيشا جو نالو ”مس سدا بهار چنبيلي“ آهي.
ڪِهارو جي مائٽن چاهيو ٿي ته هوءَ ڊاڪٽر يا ٽيچر ٿئي، ان ڪري پندرهن سالن جي ڄمار تي پهچي جڏهن هن گيشا ٿيڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ته سندس ماءُ پيءُ ان جي مخالفت ڪئي جيتوڻيڪ جپان جي سوسائٽيءَ ۾ ڪنهن جو گيشا ٿيڻ ڪو خراب نٿو سمجهيو وڃي، بلڪ فخر جي ڳالهه ليکي وڃي ٿي. بهرحال سال بعد جڏهن هوءَ سورهن سالن جي ٿي ته ماءُ پيءُ هن کي گيشائن جي اعليٰ ڪميونٽي ۾ داخل ڪرايو.
ٽريننگ دوران (جڏهن ٿيڻ واري گيشا مائيڪو سڏبي آهي) هن آرٽ ۽ فن جي شين سکڻ سان گڏ انگريزي پڙهڻ ۾ به ڌيان ڏنو. اهوئي سبب آهي جو گيشا ٿيڻ بعد پنهنجي وقت جي مڙني گيشائن ۾ ڪِهارو کي مغربي ملڪن کان آيل Dignitaries وڌيڪ پسند ڪيو ٿي ۽ هن سان رهاڻ ڪرڻ ۾ پنهنجي خوشنصيبي سمجهي ٿي. فرينچ شاعر جين Cocteau ته هن جي حسن ۽ ذهانت تي ايڏو فدا هو جو هڪ دفعو ته هن يڪو هفتو ڪِهارو سان ڪچهريءَ ۾ گذاريو ۽ هن جي ڳالهين مان Inspire ٿي گيشا تي نظم لکيو.
ڪهارو گيشائن بابت چوندي هئي ته صحيح معنيٰ ۾ ڪامياب گيشائون اهي آهن جيڪي آرٽ ذريعي مرد جي دل وندرائين- يعني دلچسپ ڳالهين، ڳائڻ وڄائڻ، چرچي ڀوڳ ۽ شعر شاعري ذريعي- ۽ نه Sex ذريعي. ڇو ته ”شا“ معنيٰ وندرائڻ واري ۽ گي (Gei) معنيٰ آرٽ ذريعي. اها گيشا جيڪا مرد کي هئنڊل نٿي ڪري سگهي اها گيشا نه چئبي.
۽ ڪِهارو لاءِ مشهور آهي ته هوءَ ان ڳالهه ۾ اهڙي ته هوشيار هئي جو هن Mizuage (نٿ ٽوڙڻ) واري رسم جي رات به پنهنجي مانَ واري مهمان کي ڳالهين ۾ اهڙو ته وڪوڙي ۽ ٿڪائي رکيو جو Sex تائين نوبت ئي نه آئي ۽ هن کي ننڊ اچي وئي. مٿين رسم بابت پهرين لکي چڪو آهيان ته جنسي تعلقات بابت گيشا تي گراهڪ يا سندس مالڪڻ (ماما سان) طرفان ڪابه پابندي نه هوندي آهي. يعني گيشائن جي مالڪڻ ”ماماسا“ پاڻ وٽ پاليل گيشا کي گراهڪ وندرائڻ لاءِ ٻين ڳالهين لاءِ ته زور بار آڻي سگهي ٿي پر هم بستري لاءِ حڪم نٿي ڏئي سگهي. البت هن جي پهريون دفعو Virginity ختم ڪرڻ لاءِ هوءَ obliged رهي ٿي ته ”ماما سان“ طرفان آندل امير گراهڪ سان هڪ رات لاءِ همبستري ڪري، جنهن کي جپاني ماڻهو ”ميزو آگي“ سڏين ٿا. ان ڳالهه لاءِ گراهڪ کان تمام وڏو ملهه ورتو وڃي ٿو، جيڪو ”ماما سانَ“ کي هڪ قسم جو ان محنت جو اجورو آهي، جيڪا محنت هوءَ هڪ عام ڇوڪريءَ کي گيشا بنائڻ ۾ ڪري ٿي. ان کان علاوه گيشا جي هر شام جي ورتل في ۾ ماما سانَ جو وڏو حصو ٿئي ٿو. هي هڪ اهو ڌنڌو آهي، جنهن ۾ ”ماما سان“ (مالڪڻ) گيشا جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ ٽريننگ تي پنج ڇهه سال Investment ڪري ٿي ۽ پوءِ گيشا جي قابليت مطابق هن جي Earning ٿئي ٿي. سواءِ "Mizuage" واري رسم واري هڪ رات بعد Sex لاءِ نه گيشا ٻڌل رهي ٿي ۽ نه ماما سانَ کيس زور ڀري سگهي ٿي.
ڪِهارو جي حسن ۽ آرٽ جي دنيا جي ذهانت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ پنهنجي وقت جي مهانگي ترين گيشا هئي. هن وٽ مڪاني ۽ ڌاريا امير ماڻهو آيا ٿي ۽ بلن جون رسيدون ۽ انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ جا رجسٽر شاهد آهن ته ڪهارو جي ڪنهن ڪنهن شام جي في (جنهن ۾ مهمانن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ سان گڏ ميوزڪ ۽ ناچ به شامل هوندو هو) ٻارنهن هزار ڊالر (يعني ڇهه لک روپيا) به هئي.
ٽوڪيو جي هيءَ انگريزي ڳالهائيندڙ گيشا- ڪِهارو پنهنجي وقت جي مڙني گيشائن کان وڌيڪ شان شوڪت واري ٿي رهي ۽ مرڻ گهڙي تائين هوءَ جپاني توڙي بين الاقوامي اخبارن ۾ ڇپبي رهي. پاڻ مشهور ليکڪا به هئي ۽ سندس ڇهن ڪتابن مان The Memoirs of a Tokyo- born Geisha ۽ ٻيو ڪتاب Lexicon of Obsolete Witty Japanese Phrases جپان ۾ سڀ کان گهڻو وڪامندڙ (Best Sellers) شمار ٿيا. مٿين ٻن ڪتابن مان پهريون ڪتاب جيڪو اصل ته جپانيءَ ۾ "Edokko Geisha Ichidai-ki" جي نالي سان ڇپيو هو. اهو انگريزيءَ کان علاوه فرينچ، اسپيني، جرمن، چيني، اطالوي، سئيڊش ۽ ڪورين زبانن ۾ به ڇپجي چڪو آهي. هونءَ ڪنهن گيشا لاءِ ڪتاب لکڻ ڪا نرالي ڳالهه ناهي. هنن وٽ لکڻ لاءِ هزارين ڳالهيون ۽ راز رهن ٿا. هو پنهنجن عزت ماب ۽ امير (پر پريشان) گراهڪن کي سڪون رسائڻ لاءِ نه فقط مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪن ٿيون، پر هنن جا گهرو جهيڙا توڙي Financial مونجهارا ۽ سياسي شڪستن جا راز ٻڌن ٿيون.
جپان جي ڪيترين ئي گيشائن جا ڪتاب يا ڊائريون پڙهڻ لاءِ دلچسپ مواد ثابت ٿيون آهن. ڪيترا ته اهي ڪتاب آهن جيڪي يورپي يا آمريڪن ليکڪن گيشائن بابت لکيا آهن. انهن ۾ به وڏي Contribution ڪنهن نه ڪنهن گيشا جي آهي. ويجهڙائي ۾ هڪ آمريڪن جو گيشا بابت لکيل ڪتاب جنهن تي فلم به ٺهي ۽ هن ان مان ڪروڙها رپيا ڪمايا آهن، ان ليکڪ تي جپان جي گيشا آمريڪا جي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو آهي ته ان ڪتاب ۾ ڇپيل ڳالهيون هن پنهنجي آمريڪن ليکڪ سنگتي کي فقط دوستي ياريءَ ۾ ٻڌايون هيون ۽ نه ڇپائي عوام ۾ عام ڪرڻ لاءِ.
بهرحال مئڊم ڪهارو نه فقط سٺي ليکڪا، سٺي ڳائڻي، سٺي سرندو نواز ۽ مرحوم علي ناز وفائيءَ وانگر سٺي Conversationalist هئي، پر پڙهندڙن کي تعجب لڳندو ته هوءَ هوائي جهاز جي پائليٽ به هئي. گيشا جي ٽريننگ وٺڻ دوران هن گيشا ٿيڻ لاءِ ضروري آرٽ ۽ فن سکڻ سان گڏ انگريزي ۽ هوائي جهاز هلائڻ جي سکيا به ورتي. بلڪ جپاني رڪارڊ موجب مئڊم ڪِهارو جپان جي پهرين عورت آهي، جنهن هوائي جهاز اڏائڻ جا ڪلاڪ مڪمل ڪرڻ بعد امتحان پاس ڪري بين الاقوامي "Pilot License" حاصل ڪيو.
ڪِهارو لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ صحيح قسم جي گيشا هئي، جنهن گيشائن جي اصولن تي پورو پورو عمل ڪيو ٿي. ٻي وڏي لڙائيءَ دوران جڏهن ڪِهارو تي حڪومت طرفان زور ڀريو ويو ته هوءَ جپان پاران جاسوسيءَ جي ڪمن ۾ حصو وٺي ته هن صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته هڪ گيشا جي صورت ۾ هوءَ نه ڪنهن گراهڪ جو راز فاش ڪندي ۽ نه ڪنهن جو راز ڪڍڻ لاءِ هوءَ ڪنهن سان قربائتي ٿيندي _ ڀلي کڻي اهو گراهڪ فارينر هجي يا دشمنن جي ملڪ جو هجي. جپان حڪومت ڪهارو کي شايد ٻي وڏي لڙائيءَ جي ”ماتا هري“ (Mata Hari) ٺاهڻ ٿي چاهيو.
اڳتي هلي ڪِهارو ڏٺو ته هِنَ انگهي پيل لڙائيءَ ۽ تيزيءَ سان جپان ۾ ايندڙ Modernization ۾ ڪيتريون گيشائون پنهنجا قدر وڃائي ويٺيون آهن. ان سان گڏ انهن وٽ ايندڙ گراهڪ هاڻ دل جو سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ هنن جي فن (ڳائڻ، وڄائڻ ۽ ڳالهائڻ) مان لطف اندوز ٿيڻ بدران جسماني لست وٺڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. اهو سوچي هن گيشا جي زندگي تان دستبرداري حاصل ڪئي ۽ هڪ جپاني ڊپلوميٽ سان شادي ڪري انڊيا رواني ٿي وئي. پاڪستان اڃا نه ٺهيو هو. هوءَ دهلي، ممبئي، ڪراچي ۽ لاهور جا چڪر هڻي ڪلڪتي اچي Settle ٿي. بنگال جو مشهور سياسي ليڊر چندرا بوش انگريزن جي خلاف هو ۽ هو هماليه جبلن جي لڪل هنڌن تان برطانيه خلاف تحريڪ هلائي رهيو هو. ڪِهارو جيئن ته هاڻ هڪ گيشا نه هئي ۽ ويتر هڪ سفارتڪار جي زال ٿي پئي هئي، ان ڪري هن کي جپاني حڪومت جي چوڻ تي انگريزن خلاف ڪم ڪرڻو پيو. هن کي اهو ڪم سونپيو ويو ته چندرا بوش کي جپان حڪومت جا ڳجها نياپا پهچائي ۽ کانئس مليل خبرون پنهنجي مڙس ذريعي جپان جي فوجي حڪومت کي ٻڌائي.
ڪجهه عرصي بعد هنن جي ڪلڪتي (انڊيا) کان رنگون (برما) بدلي ٿي، جتي سندس مڙس سان گهرو مسئلن تي اختلاف ٿيڻ تي کانئس طلاق وٺڻي پيئي ۽ پنهنجي اڪيلي پٽ سان گڏ جپان موٽڻو پيو. هن وري گيشا ٿي ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي، پر لڳاتار هلندڙ جنگ (Second World War) جي بيماريءَ ۾ ٽوڪيو ۽ ان جا سڀ Tea Houses ۽ ڳاڙهيون بازاريون تباهه ٿي چڪيون هيون. گيشا ٿي ڳائڻ وڄائڻ جهڙا ڪم ڪرڻ تي به بندش پئجي وئي هئي. هن ٽوڪيو جهڙن وڏن شهرن کان پري رهي، جتي بمباريءَ جون حالتون هيون، ڳوٺ ۾ زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ ٽوڪيو تڏهن موٽي جڏهن 1945ع ۾ ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪرڻ کان پوءِ جپانين آڻ مڃي ۽ جنهن جو اعلان شهنشاهه هيرو هِٽو تقرير ذريعي ڪيو.
جنگ هارائڻ بعد جپان جون ويران حالتون به ڪِهارو پنهنجين اکين سان ڏٺيون. ڪيترا جپاني امير، فوجي، ڪارخانيدار ۽ بيورو ڪريٽ جيڪي سندس گراهڪ رهي چڪا هئا، اهي آمريڪن اڳيان جنگي ڏوهاري (War Criminals) طور پيش ٿيڻ لڳا. هر طرف ڏڪار ۽ غربت جي حالت ڏسڻ ۾ آئي ٿي. آمريڪن فوجين کي خوش ڪرڻ لاءِ ۽ کانئن پئسو حاصل ڪرڻ لاءِ عام رنڊيون پاڻ کي گيشا سڏرائي هنن جي هوٽلن جي ڪمرن ۾ پيش ٿيڻ لڳيون ۽ اهي ڪم جن کان گيشائون انڪار ڪن اهي هي عورتون ڪرڻ لڳيون. گيشا جو صديون پراڻو جيڪو Image هو، اهو داغدار ٿي ويو. ڪِهارو کي هاڻ هي پروفيشن ۽ پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ پسند نه آيو. هوءَ پنهنجي ٻي مڙس سان گڏ جيڪو کانئس 10 سال کن ننڍو هو ۽ ڌنڌي جي لحاظ کان فوٽو گرافر هو، نيويارڪ آمريڪا هلي وئي.
آمريڪا پهچي هن پنهنجو پاڻ کي جپاني آرٽ ۽ ڪلچر جو ايڪسپرٽ طور تعارف ڪرايو. هر وقت ڳري ڪمونو ۾ ملبوس هجڻ ڪري ڪمونو هن جي سڃاڻپ ٿي پيو. هوءَ پنهنجي ۽ فئمليءَ جي گذر سفر لاءِ اخبارن ۾ مضمون لکڻ کان علاوه ماڊلنگ ڪرڻ لڳي ۽ اسڪول کولي آمريڪن ڇوڪرين کي جپاني راڳ، ميوزڪ ۽ ڊانس سيکارڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اباڻي وطن جپان جو به چڪر هڻي ايندي هئي، جتي پنهنجي ليڪچرن ۽ ٽاڪ شوز ۾ اهو ئي روئڻ روئندي رهي ٿي ته جپانين کي ڇا ٿي ويو آهي جو پنهنجا پراڻا قدر ۽ ريتون رسمون وساريندا وڃن. آمريڪا ۾ رهي هن مختلف سئنيمان ۽ ٿيٽر پروڊڪشن ۾ جتي جپان ۽ اتي جي ڪلچر بابت ڪا فلم يا ڊرامو ٺهيو ٿي ته صلاح مشورو ڏنو ٿي. اهڙين فلمن ۽ ڊرامن مان "Madam Butterfly" ۽ "Pacific Overtures" بيحد مشهور ٿيا. پاڻ پنهنجي سڄي زندگي ”گيشائن“ بابت ماڻهن جون غلط فهميون دور ڪندي رهي ته هنن کي Sex Symbol نه سمجهيو وڃي ۽ هن جي چوڻ مطابق هن ڪڏهن به پنهنجي گراهڪ کي وندرائڻ دوران Sex کي هٿيار نه بڻايو. ڪو گراهڪ ان ڏي رُخ اختيار ڪندو به هو ته هوءَ هن کي ان ڳالهه تان هميشه ٽاري ڇڏيندي هئي ۽ هن کي ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آماده ڪندي هئي.
زندگيءَ جا آخري سال مئڊم ڪِهارو آمريڪا جي پرنسٽن ۽ ڪولمبيا جهڙن يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيندي رهي، جتي سندس ڪتابن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ٿي. بقول هفتيوار رسالي ”دي ايڪانامسٽ“ جي سندس ليڪچر دوران، ليڪچر هال ماڻهن سان هميشه ٽٻ رهيا ٿي ۽ هوءَ پنهنجن ٻڌندڙن کي پنهنجو ليڪچر ٻڌائڻ ۾ اهڙو ئي ڪامياب رهندي هئي ۽ سڄي هال ۾ ائين حاوي رهي ٿي، جهڙو هوءَ هڪ گيشا جي صورت ۾ گراهڪ اڳيان هئي. ان کان اڳ جو ڪو ٻڌندڙ (گراهڪ وانگر) راهه تان ٿڙي وڃي، پاڻ ئي اعلان ڪندي هئي:
"Now, another question, please, preferably not about sex."
۽ پاڻ ته ميزو آگي واري رسم واري رات تي به پنهنجي گراهڪ کي ان ڳالهه تان ٽاري ڇڏيو هئائين، جنهن لاءِ ان جو گراهڪ (خريدار) ”ماما سان“ کي لکن جي ادائگي اڳواٽ ڪري آيو هو. نٿ ٽوڙڻ جي ان ملهه کان جيڪو ڪِهارو جي ”ماما سان“ حاصل ڪيو هو، ڪِهارو ان گراهڪ کان پاڻ لاءِ کير جي پئسن وٺڻ بدران پنهنجي لاءِ تحفي ۾ ٽائيپ رائيٽر جي گهر ڪئي هئي.
ٽوڪيو جي هيءَ مشهور گيشا جيڪا 1913ع ۾ ڄائي سا نوي سالن جي ڄمار ۾ 2004ع ۾ پنجين جنوريءَ تي آمريڪا ۾ گذاري وئي.
هن مضمون ۾ مئڊم ڪهارو جي فرينچ شاعر يار Jean Cocteau جو گيشا بابت هڪ نظم جو ذڪر ڪيو اٿم، اهو هن ريت آهي :

I HAD THE STRANGEST DREAM

The geisha hurries down the street,
Balancing on high wooden shoes,
A maiko beside her for balance.
The skies growl threats of rain,
And the wind is growing stronger.
Her paper parasol is no protection.

When the rain finally comes,
It washes the white off her face.
The cherry-crimson of her lips
Runs in red rivers down her breasts.
Her silken robes turn muddy,
Her careful wig grows damp.
The parasol, a drowned tissue-bird,
Shakes its paper feathers in the rain

ماتا هري

ماتا هري

گذريل هڪ مضمون ۾ ڪِهارو نالي هڪ جپاني گيشا جو احوال لکندي ماتا هري (Mata Hari) نالي عورت جو حوالو ڏنو اٿم ته ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جپان جي مليٽري حڪومت پنهنجي ملڪ جي مٿين گيشا ڪهارو کي هن لڙائيءَ جي ماتا هري بنائڻ ٿي چاهيو. هتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ڪجهه احوال ماتا هري جو لکڻ ضروري سمجهان ٿو جو پڪ اٿم ته پڙهندڙن لاءِ دلچسپ ثابت ٿيندو.
ماتا هري هڪ ڊچ خوبصورت اگهاڙي ڊانسر هجڻ کان علاوه پهرين لڙائي جي مشهور ترين جاسوس ٿي گذري آهي. آخر ۾ مٿس ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس فائرنگ اسڪواڊ اڳيان بيهاري گوليون هلايون ويون. ماتا هري 1876ع ۾ مار گريٽا نالي هالنڊ جي شهر ”ليو وارڊن“ ۾ آدم زيلي جي گهر ۾ ڄائي. مارگريٽا جو پيءُ ٽوپلن جو واپاري هو. هي اهو زمانو هو، جڏهن يورپ ۾ هر ماڻهو ٻاهر نڪرڻ مهل ٽوپلو پائي نڪرندو هو. آدم زيليءَ جو ٽوپلن جو وڏو واپار هو، جيڪو پوءِ اڳتي هلي نقصان ۾ هليو ويو. هو پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ڇڏي پرڏيهه هليو ويو. سندس زال صدمي ۾ مري وئي ۽ مارگريٽا (ماتا هري) پيٽ گذر لاءِ هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي ٿي رهي، جتي جي هيڊ ماستر سان ناجائز تعلق رکڻ ڪري کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. ان بعد ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ هڪ ڊچ نيول آفيسر سان شادي ڪئي، جيڪو هن کان ويهه سال کن وڏو هو. شادي بعد هو لڏي انڊونيشيا آيا، جتي ڊچ (هالنڊ وارن) جي حڪومت هئي (جيئن ملايا، انڊيا سريلنڪا وغيره تي انگريزن جي هئي). مارگريٽا جي ماءُ به انڊونيشيا جي مشهور ٻيٽ جاوا جي رهاڪو هئي. مارگريٽا وارا انڊونيشيا ۾ ڏهاڪو کن سال رهيا، ان دوران کين ٻه ٻار ٿيا، پر پوءِ طلاق وٺي مارگريٽا پئرس هلي آئي. پئرس ۾ پنهنجي پراڻي نالي ۽ شخصيت بدران هڪ نئين نالي ”ماتا هريءَ“ سان هوءَ پنهنجو پاڻ کي جاواني شهزادي سڏائڻ لڳي. هن فرانس جي Oriented Studies Museum ۾ اگهاڙو ۽ اشتعال انگيز ناچ (Erotic dance) جي شروعات ڪئي.
ماتا هري (Mata Hari) دراصل ملئي زبان جو لفظ آهي، جيڪا ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي وغيره ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ماتا هري در اصل ٻه لفظ آهن. ماتا معنيٰ اک ۽ هري معنيٰ ڏينهن. ملئي ماڻهو سج کي ”ڏينهن جي اک“ يعني ”ماتا هري“ سڏين. ملئي زبان جا ڪيترائي لفظ ان خيال کان عجيب آهن، جيئن ملئي زبان ۾ چنڊ کي چون ”انَڪ بولان“ (Anak Bolan) يعني ”مهيني جو ٻار“.
بهرحال انهن ڏينهن ۾ پهرين وڏي لڙائي شروع ٿي. ان لڙائيءَ دوران ماتا هريءَ جو هڪ 25 سالن جي روسي ”ڪو پائليٽ“ سان Affair ٿيو، جنهن هڪ فرينچ پائليٽ سان گڏجي جهاز هلايو ٿي. هنن جي معرفت ماتا هريءَ کي جرمنن جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ وڏي رقم جي آڇ ڪئي وئي ۽ سندس ڳجهو نالو H-21 رکيو ويو. جاسوسيءَ لاءِ ماتا هري اسپين ۽ انگلينڊ مان سفر ڪندي لڪي لڪي جرمني پهتي. جرمني ۾ اتي جي جرمن فوجين جي جاسوسي ڪرڻ ته پنهنجي جاءِ تي، ماڳهين انهن مان هڪ جرمن فوجيءَ سان عشق ۾ ڦاسي پئي ۽ فرانس جي راز جون ڳالهيون ويندي پنهنجو ڳجهو نالو H-21 فاش ڪري ويٺي. 4 جنوري 1917ع تي فرانس موٽڻ تي ماتا هريءَ کي Arrest ڪيو ويو. مٿس ڪيس هليو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 15 آڪٽوبر 1917ع تي فرينچ فائرنگ اسڪواڊ اڳيان بيهاري بندوقن جا منهن کوليا ويا. چون ٿا ته کيس فائرنگ اسڪواڊ اڳيان بيهارڻ مهل هن پنهنجي اکين تي پٽي ٻڌرائڻ کان منع ڪئي ۽ فائرنگ اسڪواڊ جا ٻارهن ماڻهو مٿس گوليون هلائڻ شروع ڪن، ان کان اڳ هن هٿ جي اشاري سان کين اڏامندڙ چمي ڏني.
ماتا هري دنيا جي تمام مشهور ڊبل ايجنٽ جاسوس (جيتوڻيڪ جاسوسيءَ ۾ ڪا اهڙي هوشيار ثابت نه ٿي)، پنهنجي سونهن، ڪيترن ئي وڏن ۽ اهم ماڻهن سان هڪ ئي وقت عشق جا چڪر ۽ ڄاڻ سڃاڻ هجڻ ڪري اڄ تائين دنيا جي اهم ۽ عجيب جاسوس عورت مڃي وڃي ٿي. سندس زندگيءَ تي ڪيترين ئي زبانن ۾ فلمون ٺهيون آهن ۽ دنيا جي مشهور ترين فلمي اداڪارائن سندس رول جي اداڪاري ڪندي فخر محسوس ڪيو آهي.

گيشائن بابت ڪجهه جپاني شاعري

گيشائن بابت ڪجهه جپاني شاعري

جپاني شاعريءَ ۾ گيشائن تي ڪيترائي شعر آهن، جيڪي هنن جي عاشقن لکيا آهن، عام ماڻهن لکيا آهن ۽ ڪيترا ته گيشائن پنهنجو پاڻ تي لکيا آهن. آئون شاعر نه آهيان ۽ نه وري ڪا رديف قافئي جي ڄاڻ رکان ٿو، ان ڪري هتي انهن شعرن جو هوبهو نظم ۾ ترجمو ڪرڻ بدران نثر ۾ ڪريان ٿو. ان ڪري انهن جپاني شعرن جي اها اصليت واري سونهن نه رهي آهي، پر ان هوندي به پڙهندڙ ان مان ڪجهه نه ڪجهه جپاني شاعري ۽ شاعرن جي احساسات ۽ جذبن جو اندازو لڳائي سگهندا.

تون ۽ مان
ٻئي رهون ٿا آني اندر
آئون، آئون آهيان ان جي اڇ
توکي مون پنهنجي جسم سان ڍڪي ڇڏيو آ.

اڄ رات سمهان ٿي اڪيلي
پنهنجي لڙڪن جي بستر تي
هڪ اونهي ساگر ۾ ڄڻ
لوڙهي ڇڏيل ٻيڙيءَ جيان

جڏهن مان اوتيان ٿي ساڪي
ان شخص لاءِ جنهن سان پيار آ
هن جي چپن تائين پهچڻ کان اڳ
آئون سڪورا جيان کڙيو پوان
(ساڪي= جپاني شراب جو قِسم آهي جيڪو چانورن مان ٺاهيو وڃي ٿو. سڪورا= چيري بلاسم جا گل)
مون سپني ۾ توکي پاڻ سان گڏ گڏ ڏٺو
منهنجي ٽهڪن مون کي ننڊ مان جاڳايو.
چرين وانگر چوڌاري توکي ڳوليم
اکين مان لڙڪ وهائيندي.

ڪجهه دير اڳ جي پريت محبت
۽ دکيل سگريٽن جو هي دونهون
آهستي آهستي سڀ روانا ٿي ويا
رهي فقط آهي راک

منهنجي جنهن لاءِ دل ماندي
مُور نه اچڻ جي اهو ڪري
جن لاءِ مون کي آهي ڌڪار
اچن هر روز هڪ سؤ بار

ڄاڻان ٿو مان ته هوءَ هلڪي آهي ۽ بي وفا پڻ
پر هوءَ اڌ گابري پڇتاءَ سان واپس موٽي آ
ساڻي ۽ ڏکويل حال ۾.
هڪ پوپٽ کي به ضرورت آهي
سج لٿي کان پوءِ ماڳ موٽڻ جي.


جپان ۾ قبرستان ۽ اُس جو مسئلو

جپان ۾ قبرستان ۽ اُس جو مسئلو

جپان ۾ رهندڙ جپاني توڙي ڌارين ملڪن جي رهندڙ مسلمانن لاءِ جپان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو قبرستان جو آهي. اهو ملڪ جتي رهائش ۽ پوک لاءِ ڌرتي فقط 15 سيڪڙو هجي ۽ باقي 85 سيڪڙو جبل هجن، جتي جي آدمشماري تمام گهڻي ۽ رهائش جي زمين دنيا ۾ مهانگي ترين هجي ۽ جتي زمين ايڪڙن يا جريبن ۾ وڪامڻ بدران فٽن جي حساب سان وڪامي ، اُتي انسان جي لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ ٻه گز زمين جاحاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي.
جپاني قانون مطابق، جپاني ماڻهوءَ جي مرڻ تي هن جي لاش کي ساڙڻ تمام ضروري آهي ۽ ڪيترا اهڙا علائقا آهن، جتي مسلمانن لاءِ قبرستان نه آهي، اُتي جپاني مسلمانن جي لاشن کي به ساڙڻ جو رکي رکي اطلاع ملندو رهي ٿو. اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ جپان جي هڪ شهر اين زان ۾ سعودي حڪومت قبرستان لاءِ زمين ڀور خريد ڪري ”جپان مسلم ايسوسيئيشن“ حوالي ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ اسان جهاز کي وٺي جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ ايندا هئاسين ۽ جپان ۾ جپاني توڙي ڌاريان مسلمان ايترا نه هئا. بهرحال اسان ان قسم جون خبرون هتان جپان مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ۾ پڙهي خوش ٿيندا هئاسين. ان مٿئين موقعي تي ان شهر جي ميئر سعودي عرب جي سفير جي آڌر ڀاءَ ڪندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو ته هن جي شهر ان حوالي سان هڪ بين الاقوامي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي، جو هاڻ هتي دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو پنهنجي آخري آرامگاهه لاءِ ايندا. هن ان موقعي تي هر قسم جي سهوليت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هينئر به اتي هر جپاني ۽ غير جپاني مسلمان جي دفنائڻ جي، ’شهر جي ميونسپالٽيءَ‘ طرفان اجازت آهي، جيڪا ڪوبي شهر ۾ نه آهي، جتي مسلمانن جو ٻيو قبرستان آهي. ڪوبي واري قبرستان ۾ فقط ڪوبي شهر ۽ اُن جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهندڙ ڌارين قومن جي مسلمان رهاڪن جي لاشن کي دفنائڻ جي اجازت آهي. باقي جپان جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ ڪنهن به جپاني مسلمان (توڙي کڻي هو ڪوبي شهر مان لڏي آيو هجي) کي ڪوبي واري قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي موڪل نه آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته حڪومت طرفان ڪوبي جي هن قبرستان لاءِ مليل زمين تمام ٿوري آهي، جيڪا پڻ هاڻ ختم ٿيندي وڃي جو ڪوبي ۾ وڏي مسجد هجڻ ڪري ڌارين ملڪن جا مسلمان هتي گهڻا رهڻ لڳا آهن. هتي جا مسلمان وڌيڪ زمين خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر ان زمين کي قبرستان لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.
مٿي ذڪر ڪيل شهر ڪوبي (Kobe) ۽ ان جي مسجد تان ياد آيو ته ڪجهه سال اڳ هتي جي رهندڙ مسلمانن کي ڪافي بيچيني پيدا ٿي پئي هئي، جڏهن مسجد جي اڳيان (اولهه ۾) هڪ نَو ماڙ عمارت ٺهڻ شروع ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ آئون هتي جپان ۾ نه هوس پر دنيا جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ان بابت خبرون پڙهندو رهيس ته ڪوبي ۾ رهندڙ مسلمانن کي ان ڳالهه تي اعتراض آهي ته ”ايڏي وڏي عمارت اسان جي مسجد جي اولهه پاسي ڇو ٺهي رهي آهي.“ اها خبر پڙهي جپان جي حالتن کان اڻ واقف، دنيا جي ڪيترن ماڻهن کي تعجب لڳو هوندو ته هي مسلمان ڪهڙي قسم جا آهن، جو مسجد جي اولهه ۾ (جنهن طرف منهن ڪري جپان جا مسلمان نماز پڙهن ٿا) ٻئي کي اوچي عمارت ٺاهڻ لاءِ جهلين ٿا. ويتر ڪجهه اسلام دشمن ۽ تعصب رکندڙ اخباري نمائندن هن قسم جون خبرون سنسني خيز انداز ۾ ڏئي، دنيا کي مسلمانن خلاف غلط تاثر قائم ڪرڻ لاءِ تقويت بخشڻ جي ڪوشش ڪئي ته مسلمانن کي هن نئين ٺهندڙ گهڻ ماڙ عمارت تي اُن ڪري اعتراض آهي ته هن عمارت ٺهڻ سان مڪي کان ايندڙ نُور جا ڪِرڻا مسجد تائين پهچي نه سگهندا. ان قسم جي خبرن جي هڪ اخباري ڪٽنگ مون وٽ هن وقت به موجود آهي، جنهن جو عنوان آهي:
"Kobe mosque attacks plan that blocks light from Mecca."
جيتوڻيڪ جپان جا رهاڪو توڙي اهي ڌاريان جيڪي جپان ۾ گهڻو وقت رهي ويا آهن، اهي چڱي طرح سمجهن ٿا ته مسجد وارن جا اعتراض جائز آهن ۽ هو مسجد اڳيان وڏي عمارت ٺهڻ ڪري سج جي روشنيءَ جي نه اچڻ جي ڳالهه ٿا ڪن، جنهن کي تعصبي ميڊيا وارا مروڙي سروڙي غلط ڳالهه ٿا لکن. بهرحال جپان کان ٻاهر رهندڙ لاءِ هتي ڪجهه معلوماتي ڳالهيون لکي رهيو آهيان، جن جي پس منظر ۾ هو صحيح ڳالهه تائين پهچي سگهن ٿا.
جيئن پاڪستان مڪي جي اوڀر ۾ آهي ۽ اسان پاڪستان جا ماڻهو اولهه ڏي منهن ڪري نماز پڙهون ٿا. اهڙي طرح جپان به مشرق ۾ آهي ۽ هتان اولهه طرف منهن ڪري نماز پڙهي وڃي ٿي، يعني جپان کان قبلي جو رخ اولهه ڏي آهي. ان کان علاوه جپان ۾ سج جي روشني به اولهه طرف کان گهڻي اچي ٿي ۽ اهڙا گهر جن جون دريون اولهه ڏي کُلن ٿيون، انهن جا اگهه توڙي مسواڙون وڏيون ٿين ٿيون. جپان کي ”اڀرندڙ سج جي ڌرتي“ سڏيو وڃي ٿو ۽ حقيقت به اها آهي ته دنيا ۾ نئين سج جي روشني پهرين جپان ۾ پهچي ٿي. هن ملڪ جي جهنڊي جو نشان به سفيد پس منظر ۾ ڳاڙهي رنگ جو سج آهي. هتي جي ڪجهه مذهبن ۾ سج جي پوڄا به شامل آهي. ايتريقدر جو فيوجي جبل جي چوٽيءَ تي وڃڻ وارا به ڪوشش ڪري رات جو ويندا، جيئن فجر تائين پهچي نئين سج جو ديدار ڪري سگهن. جيڪا ڳالهه هنن جي عبادت ۾ شامل آهي. گهڻن جپانين جو اهو خيال آهي ته اهي گهر جيڪي اهڙي طرح ٺهيل آهن، جو سج جي روشني نٿي پهچي يا گهٽ ٿي پهچي ته انهن گهرن ۾ جيتن جڻين جي ويجهه ٿئي ٿي ۽ انهن جيتن جڻين ۽ جراثيمن جي پيدا ٿيڻ سبب انهن اونداهن گهرن جا رهاڪو مختلف قسمن جي بيمارين جا شڪار ٿين ٿا. ان ڪري جپان ۾ اهڙن گهرن جون مسواڙون تمام گهڻيون ٿين ٿيون، جن ۾ گهڻو وقت اُس رهي ٿي.
هونءَ ته سج اوڀر کان اڀري اولهه ۾ وڃي لهي ٿو ۽ اوڀر پاسي وارين درين مان به سج جي روشني اچي ٿي، پر صبح پهر ايندڙ ان روشنيءَ ۾ اهو تاءُ نٿو رهي، جيڪو شام جي سج ۾ رهي ٿو ۽ اولهه کان ايندڙ شام جي پهر واري روشني گهڻي دير پڻ رهي ٿي. ٻي ڳالهه ته جپان جي روايتن موجب نئين عمارت ٺهرائيندڙ کي عمارت شروع ڪرڻ کان اڳ ان ڳالهه جو خيال رکڻو پوي ٿو ته سندس عمارت ٺهڻ تي ڀرواريءَ عمارت وارا سج جي روشنيءَ کان محروم ته نه ٿي ويندا. اهڙيءَ حالت ۾ حڪومت طرفان نئين ٺهندڙ عمارت جو ڪم روڪيو ويندو آهي ۽ هتي مسجد جي اڳيان هڪ گهڻ ماڙ عمارت ٺهڻ ڪري مسجد ۾ سج جي روشني نٿي آئي ۽ ان ڳالهه لاءِ مسجد وارن حڪومت ۽ عمارت وارن جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ چاهيو ٿي ۽ کين اهو چوڻ چاهيو ٿي ته هو پنهنجي عمارت مسجد کان پنج کن ميٽر پري ڪري ٺاهين، جيئن اها عمارت سج جي روشنيءَ کي آڏي ٿي نه بيهي ۽ ڏٺو وڃي ته اها هڪ عام ۽ روزمرهه جي ڳالهين مان هڪ آهي، پر جپان ۽ ڌارين ملڪن جي ڪجهه اخبارن ان کي غلط رنگ ڏئي، ان نموني سان خبرون ڏنيون ته جپان ۾ رهندڙ مسلمانن کي مسجد جي اولهه ۾ ٺهندڙ عمارت تي اعتراض ٿئي ٿو جو اها مڪي (اولهه) طرف کان ايندڙ نور جي وچ ۾ آڏ ٿي بيهي ٿي.
جيتوڻيڪ هر شهريءَ وانگر مسجد وارن به اهو ئي چاهيو ته اها عمارت سج جي روشنيءَ ۾ آڏ نه ٿئي، جنهن لاءِ هنن عمارت جي مالڪن کي اها عمارت مسجد کان پنج ميٽر پري ڪري ٺاهڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ اهو پڻ ته اها عمارت پلان مطابق نو ماڙ بدران پنج ماڙ ٺاهين، جيئن روشنيءَ جو لنگهه برقرار رهي سگهي. ڏٺو وڃي ته اهو اڻ لکيل قانون اسان وٽ به آهي ۽ ويندي ڳوٺن ۾ به هڪ ماڙ ٺاهڻ وقت به اُتر ۽ اولهه وارن گهرن جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ انهن کان اخلاقي طرح اجازت ورتي وڃي ٿي، جو اسان وٽ هند، سنڌ، پنجاب ۾ ڏکڻ واري طرف کي وڏي اهميت آهي جو اونهاري ۾ اسان کي ڏکڻ جي هوائن جي ضرورت پوي ٿي. سنڌ ۾ توهان کي اهڙو گهر ورلي نظر ايندو، جنهن جو اڱڻ اتر ۾ هجي! اڱڻ اتر ۾ هجڻ معنيٰ اونهاري ۾ هوا روڪي وڌيڪ گرمي پيدا ڪرڻ ۽ سياري جي پاري ۾ اتر کليل رکي وڌيڪ ٿڌ پيدا ڪرڻ. اهڙي طرح اسان وٽ سنڌ ۾ هرڪو چاهي ٿو ته هن جي گهر ۾ صبح پهر واري اُس اچي جو منجهند بعد اسان وٽ اُس ۾ تمام گهڻي تپش ٿئي ٿي ۽ اسان گرم ملڪن جا رهاڪو ايڏي تپش پسند نٿا ڪريون. اهي ملڪ جن ۾ هوا جو رخ ڏينهن ۾ 10 دفعا بدلبو رهي ٿو ۽ اونهاري توڙي سياري ۾ ساڳيو حال آهي اتي اهڙين ڳالهين جو ڪنهن کي به فڪر نٿو رهي ۽ ڪوبه اسان وانگر ”ويسٽ اوپن“ جي ڳالهه نٿو ڪري. ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ اهڙا آهن، جن ۾ ڀلي ڪو ڪنهن جي گهر اڳيان وڏي عمارت ٺهرائي يا پويان، ٻارهوئي ٿڌڪار لڳي پئي آهي، ٻارهوئي جهُڙڦُڙ لڳو پيو آهي. سئيڊن، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۾ ته ڪو سڄي سال ۾ هڪ دفعو به پنهنجي ڪمري جي دري نٿو کولي. بسن ۾ شيشن جون دريون ٿين، پر هميشه لاءِ بند ٿين. هرڪو سياري ۾ هيٽر، اونهاري ۾ ڪولر هلايو ويٺو آهي. سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ته سج به سڄي سال ۾ فقط جولاءِ جي مهيني ۾ نظر اچي ٿو.

جپاني مرد جي مردانگي ۽ ڀَت

جپاني مرد جي مردانگي ۽ ڀَت

جپاني مرد ۾ ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جي ٽون ڦان هجي يا نه پر کاڌي جي معاملي ۾ هو وڏو شوقين مڙس آهي. ملڪ ۾ پوک جو حال لڀي ڪونه. ٺلها چانور به ايترا ڪونه ٿا ٿين جو هن ملڪ جي هيڪاندي آدمشماري لاءِ پورا ٿي سگهن ۽ ٻيءَ جنگ عظيم دوران توڙي ان کان اڳ ته جپان جي هيڪاندي حالت خراب هئي، ته به انهن ٺلهن پاڻي پُسيل چانورن جا به هنن نموني نموني جا شوق ڪيا ٿي. هينئر ته جپان پئسي جي زور تي دنيا جو هر قسم جو کاڌو، ميوو ۽ ڀاڄي ڀتي حاصل ڪري مختلف نموني جا ڊش تيار ڪرائي ٿو ۽ اڄ جو ٽوئرسٽ سمجهي ٿو ته اهو سڄو ناز نخرو دولت جي اچڻ ڪري آهي پر اها ڳالهه نه آهي. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته جپان ۾ غربت وارن ڏينهن ۾ به جڏهن جپان ۾ فقط اِري ۽ اَڌڙن جهڙا چانور هئا، تڏهن به جپانين انهن کي وڏي چَس ۽ چاهه سان کاڌو ٿي جنهن جو ذڪر جپاني ادب مان اڄ به معلوم ٿئي ٿو. ٺلهي ڪاري چانهه جنهن کي ڪو پُڇي به ڪونه ٿو ۽ جنهن کان سُٺي، مهانگي ڌوڌپتي واري چانهه سنڌ جي غريب ڳوٺن جي بس اسٽاپن تي غريب هاري به هفتي ڏيڍ پيو پيئي، اتي اسان جي جپانيءَ لاءِ ڪاري سليماني چانهه پيئڻ جو شوق پورو ڪرڻ به شاديءَ جي رسم کان گهٽ ناهي. ”چانهه گهرن“ ۾ چانهه جو ڪوپ پيئڻ وارا خاص سججي ڌججي پهچندا، پوءِ چانهه پيارڻ واري مائي وڏي ناز نخري سان ٽيبل جي وچ تي ڪوئلي سان ڀريل سِگري رکي، پاڻي ٽهڪائي چانهه کي دم ڪندي، پوءِ پنجن چمچن جيڏي ماپ جي مختصر پياليءَ ۾ چانهه ڀري مانوارن مهمانن آڏو رکندي جيڪي چُسڪيون ڏيئي ايڏو آهستي آهستي پيئندا ڄڻ چانهه جو ڪوپ خالي ٿيڻ بعد هنن جي ڳچيءَ ۾ ڦاهيءَ جو ڦندو پوندو.
بهرحال کاڌي پيتي جي معاملي ۾ جپانين جي چونڊ، سواد ۽ ناز نخرو اڄ جو نه پر پراڻو صدين جو آهي. جيئن عربن لاءِ چيو وڃي ٿو ته تمام گهڻو ٿا کائين. ڪنهن چيو ته کين پيٽرول جو پئسو جو مفت ۾ ملي ويو آهي ان ڪري. پر بقول منهنجي هڪ عرب دوست ۽ نيول آفيسر جي عرب کائڻ جا شوقين اڄ نه پر اڳ کان هئا، ۽ هو گهڻو کاڌو اڳ به کائيندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ دولت اچڻ ڪري هو رڍون، ڪڪڙيون ۽ گانگٽ ٿا کائين، پر اڳ ۾ جڏهن غربت هئي، ته اُٺ ڪُهي ٿي کاڌائون.
بهرحال جپانين وٽ کاڌي جو ڪلچر تمام پراڻو آهي ۽ بقول هڪ جپاني ڪالم نويس ”ڪائوري شوجي“ جي ته Japanese are food snobs.
۽ پوءِ جتي کاڌي جو ايڏو خيال ۽ اهتمام هجي، جتي کاڌو وڏي ناز نخري ۽ ريتن رواجن پٽاندڙ اصولن تي کاڌو وڃي ۽ جتي کاڌو ماڻهوءَ جي معيار Social Status Symbol جي ساک ڏئي اُتي ماني تيار ڪرڻ لاءِ اسان جي ڳوٺ جي فقط ماسي ايمڻا شيدياڻي ڪافي ناهي جيڪا آلين ڪاٺين جي دونهاٽيل باهه تي اڌ درجن ڪچيون پڪيون مانيون پچائي هلي وڃي ٿي. جپان جي فوڊ ڪلچر وڏا وڏا بورچي ۽ رڌ بچاءَ جا اسپيشلسٽ پئدا ڪيا آهن، جيئن هڪ هنڌ لکي چُڪو آهيان ته زهريلي مڇي پڦر کي کائڻ لائق تيار ڪرڻ لاءِ بورچيءَ کي هوائي جهاز جي پائلٽ وانگر هڪ ڊگهي ٽريننگ وٺڻي پوي ٿي ۽ امتحان پاس ڪرڻا پون ٿا. اهو به لکندو هلان ته جيئن اسان وٽ نه فقط حجام پر هيئر ڊريسر ۽ هيئر ڊزائينر به ملندا، تيئن جپان ۾ بورچين سان گڏ ٻيا به پروفيشنل نظر ايندا، جهڙوڪ Food Coordinator، ٽيبل اسپيشلسٽ (جيڪي کاڌي جا ٽيبل سجائين ۽ سينگارين)، سئنڊوچون ۽ سمبوسا ٺاهيندڙ چَيف- ويندي “Konamono Kenkyuka” (اَٽي مان ٺهندڙ شين جا ڪاريگر) - ڪهڙي ڳالهه ڪري ڪهڙي ڪجي!
جيئن اسان جي لاڙ جي ماڻهن جو اُترادين سان عقل تي جهڳڙو هلندو رهي ٿو (چي ”اُتر جو ڍڳو لاڙ جو ماڻهو“، يا شايد صحيح چوڻي هيئن هجي ته ”لاڙ جو ماڻهو اُتر جو ڍڳو“) تيئن اوڀر واري جپاني حصي Kanto جي ماڻهن جو Kansai (اولهه واري جپان) جي ماڻهن سان کاڌي جي معاملي ۾ هڪ ٻئي سان ننڍ وڏائي تي بحث ضرور هلندو رهي ٿو ۽ کاڌي جي بنياد تي هڪ ٻئي جي سماجي پوزيشن اعليٰ سمجهي وڃي ٿي. جيئن ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسان جا پاڙيسري ملئي مسلمان توڙي چيني اسان پاڪستانين توڙي انڊين تان کِلندا هئا. جيتوڻيڪ اسان جا ماڻهو پنهنجي پر ۾ ڏاڍا حليم وغيره ٺاهي پاڻ کي وڏو ڪاريگر تصور ڪندا هئا، پر اڌ ڪچيون اڌ پڪيون رڌل ڀاڄيون کائڻ وارا ملائيشيا جا ماڻهو چوندا هئا ته هي اسان ڇا ٿا ڪريون! هر شيءِ جي چٽڻي بڻايو ڇڏيون. تورين، ٽماٽن ۽ گوبيءَ جهڙين ڪچڙين ڀاڄين کي به رڌيو رڌيو چٽڻي ٺاهيو ڇڏيون ۽ هي حليم آهي يا مسخري جنهن کي سڄي رات چُلهه تي رکيو ويٺا گهوٽيو، ايترو وقت تپش تي رکڻ بعد هن جون وٽامن ۽ طاقتون ته سڙي ٻري وينديون هونديون. بهرحال هتي جپان جا ڪانسائي ماڻهو (اولهه پاسي جا رهاڪو) هميشه چوندا آهن ته ”ڪانٽو اسٽائيل“ کاڌا (اوڀر جپان جي ماڻهن جا) کاڌا اڌ ڪچا اڌ پڪا، ۽ ذائقي بنا آهن. ساڳي وقت اوڀر پاسي جا جپاني ”ڪانساني“ رڌ پچاءَ کي سوادي پر ڏڦ نڪتل (Unnourishing) سڏين ٿا. ايتريقدر جو ڪانٽو ۽ ڪانسائي ماڻهن جي وچ ۾ شاديون به ڪي ورلي ٿين. آهي نه تعجب جهڙي ڳالهه! پنهنجو پاڻ کي ٻئي کان اُتم سڏائڻ يا محسوس ڪرڻ لاءِ بنيادي طور ڪا ته ڳالهه هجي! سڄي جپان جا ماڻهو به هڪجهڙا، زبان ۽ تعليم به ساڳي، سڀ جپاني پورهيت ۽ ايماندار به هڪ جهڙا، سڀني جپانين جي پوشاڪ به هڪ جهڙي، پوءِ ڪا ته ڳالهه هجي جنهن جي بنياد تي پاڻ کي سماٽ ۽ غير سماٽ سڏائجي. اها آهي کاڌو پيتو.
منهنجي هڪ جپاني سڃاڻو ٻڌايو ته هن جو سندس ساهيڙي (Girl friend) سان اختلاف فقط ان ڳالهه تان ٿيو جو هن غريب جي ٻار هر شيءِ مٿان مايونيز لڳائي ٿي کاڌي. بس ان ڳالهه تان منهنجي دل ٽُٽي پيئي ۽ يڪدم ڇڏي ڏنومانس. هو ڇا چوندا آهن ته Hyakunen no koimo sameta (سؤ سالن جي عشق جي تپش لحظي ۾ ٿڌي ٿي وئي).
توهان کي عجب لڳندو ته جپانين جي ڪلچر ۾ ايتري ته food snobbery آهي جو هو ٻئي جي اصل نسل ۽ personality (شخصيت) جو اندازو کاڌي جي ڪجهه شين جي نالن مان لڳائين ٿا. جيئن پاڻ وٽ ڪو هنداڻو سڏي ته ڪو ڇانهين. يا ڪو مٽر چوي ته ڪو پيز. ۽ ان مان ماڻهو اندازو لڳايو وڃن ته اڳلو اُترادي آهي يا لاڙ جو، ڳوٺ جو آهي يا شهر جو، ٿري آهي يا شڪارپوري. اهڙي طرح جپاني ٻئي جي ڳالهائڻ مان اُن جي شخصيت جو جائزو لڳائين ٿا ته هو جيڪو ”آپ آپ“ ڪري پيو ڳالهائي سو پڙهيل لکيل لکنوي يا دهلوي آهي ۽ هي ٻيو ائين ڄٽ رانگڙ آهي جيڪو پنهنجن ٻارن جون دانهون ڏئي رهيو آهي ته... نه کاريا هي نه پي رهيا هي... بس روئي ريا هي...
اسان وٽ ڪڻڪ جام ٿئي ٿي ۽ هر شيءِ ڪڻڪ جي ملندي. بسڪيٽ، ڊبل روٽي، نان پوريون ويندي سَويون ۽ سمبوسن جا تهه ڪڻڪ جي اٽي جا ٿين پر ملائيشيا، انڊونيشيا کان وٺي مٿي اُتر تائين (ڪوريا جپان تائين) سڄي ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ چانورن جي پوک عام ٿئي ٿي ۽ هيڏانهن جپان ۾ ”ماني“ معنيٰ ڪڻڪ جي چپاتي يا اُڦراٽو نه آهي پر پاڻيءَ پُسيو ڀت آهي! ويندي هتي استعمال ٿيندڙ مختلف قسم جون سَويون (سنهيون توڙي ٿلهيون) چانورن جي اٽي مان ٺهن ٿيون- بلڪ هن پاسي اٽو معنيٰ چانورن جو اٽو ۽ نه ڪڻڪ جو اٽو. ۽ هتي گهڻيون شيون وينديون ڪيڪ ۽ بسڪٽ به چانورن مان ٺهن ٿا. هتي جي هڪ مشهور شيءِ جيڪا هتي جي سئنڊوچ يا سمبوسو چئي سگهجي، ”اونيگري“ آهي- بلڪه صحيح طرح اچارڻ لاءِ ”اوني گري“ سڏجي. اونيگري چنبڙيل چانورن جو بال ٿئي ۽ چانورن کي هٿ سان ايئن ملائي ٺاهبو آهي جيئن قيمي مان ڪوفتا ٺاهبا آهن. پر هي ڪوفتن کان ڪجهه وڏو ٿئي ۽ شڪل ۾ گول هئڻ بدران رس گلي وانگر ڪجهه ڊگهو ٿئي، منجهس وچ ۾ ڀاڄيءَ ذرو يا قيمون يا چڪن جي ڪاتر وجهبي آهي- يعني هڪ قسم جو سمبوسو يا سئنڊوچ ٿئي جيڪا هتي هلندي چلندي ننڍن وڏن دڪانن يا ڪئنٽين هوٽلن مان، ماڻهو وٺي کائين ٿا. هونءَ ڏٺو وڃي ته ان جو نالو فقط ”نيگري“ ڪافي آهي پر هتي جپان ۾ ڪيترين شين جي اڳيان، خاص ڪري کاڌي جي شين اڳيان عزت خاطر ’او‘ لڳايو وڃي ٿو. پاڻ وٽ اُن جو ڏورانهون مثال کڻي ”شريف“ سمجهو. سيوهڻ شريف، مٽياري شريف، درگاهه شريف. هڪ همراهه چيو ته ”مزار شريف“ تي ”رنگ شريف“ ٿي رهيو آهي _ يعني حد درجي جي عزت بخشڻ.
سو هتي جپان ۾ ڪيترين شين اڳيان ’O‘ لڳائي ڳنهن شين ڱي عزت بخشي وڃي ٿي. جيئن پاڻ ٺلهو ”ان“ چوڻ بدران ”ان نور“ چئون ٿا. سو هتي جپان ۾ به جيئن چانهه جو جپاني لفظ Cha آهي ته ان کي هتي جا ماڻهو ٺلهو ”چا“ چوڻ بدران ”اوچا“ سڏين ٿا. اهڙي طرح oniku (گوشت) آهي يا ويندي omizu (پاڻي)، obento (لنچ باڪس) آهي. ايتريقدر جو sara يعني پليٽ اڳيان به او لڳائي اوسارا سڏيو وڃي ٿو. يعني اها ئي وڃي مٿين ڳالهه ٿي ته ”رنگ شريف“ پيو ٿئي. سو اونيگري دراصل فقط نيگِري لفظ آهي جيڪو فعل nigiru مان نڪتو آهي، معنيٰ ”سوگهو ڪرڻ“ يعني ڀاڄي يا قيمي جي چوڌاري ڀَتَ کي سوگهو ڪري هڪ قسم جو چانورن جو ڪوفتو، بال يا کڻي چئجي ته رس گولو ٺاهيو وڃي ٿو. (هونءَ اها شيءِ فقط جپاني چانورن سان ئي ٺاهي سگهجي ٿي جيڪي جيتوڻيڪ سواد ۽ سڳنڌ ۾ اسان جي چانورن کان گهٽ سادا آهن پر منجهن کونئر جهڙي لئيدار (Sticky) شيءِ اهڙي آهي، جو رڌل چانور نارمل حالت ۾ به هڪ ٻئي سان پليٽ سان چنبڙيا پيا هوندا آهن. مُٺ ۾ جهلي ٿورو ئي زور ڏيڻ سان بال ٺهيو وڃي).
اسان ڌاريان جن جي جپاني جهڙي تهڙي آهي، توڙي جپان جا عام ماڻهو يعني ٻار ٻچا، ڪُڙمي ڪاسبي، ڪارخانن جا مزور ۽ شپ يارڊن جا ڪاريگر ۽ ڪم وارا (جن کان اسان جپاني سکڻ جي شروعات ڪئي) سڀ اونيگري سڏين ۽ اسان ٻين وڌيڪ مڪاني پڙهيل ڳڙهيلن( يعني جپاني سيدن پيرن يا کڻي چئجي ته جپاني دهلوي لکنوين) ۾ اسان ڄٽ سمجهيا وڃون ٿا جو هو ان ساڳي سئنڊوچ کي اونينگري سڏڻ بدران omusubu سڏين ٿا جيڪو لفظ فعل musubu مان نڪتو آهي معنيٰ ”ڳنڍڻ“.
مٿي ٻُڌائي چُڪو آهيان ته جپاني زيان ۾ ڪيترن اسمن اڳيان Honourific “O” عزت خاطر لڳايو وڃي ٿو، پر هتي جپان ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد توهان کي ڄاڻ ٿي ويندي ته ان قانون جي به وڏي پابند هتي جي عورت آهي. هتي جو جپاني مرد شينهن بادشاهه (وڻيس ته آنا ڏئي وڻيس ته ٻچا)، ان قاعدي قانون کان آزاد آهي ۽ هو اڪثر ’O‘ جو اُچار ڪاٽو ڪري باقي لفظ اُچاريندو وتندو. آخر ته هو هن اڀرندڙ سج جي ڌرتيءَ جو ”هسبنڊ مئن“ آهي- هو هر ڳالهه کان آزاد آهي. باقي هتي جي عورت ’او‘ جي اُچار بنا فقط چا، نيڪو، سارا، بينٽو ته چئي ڏيکاري! بقول ظفر شيخ جي:
Pity that woman who omits ‘o`.
(ظفر شيخ جرمني، آلجيريا، مصر، سوڊان وغيره جو سفير ٿيڻ بعد هاڻ ريٽائرڊ ٿيو آهي. هو ستر واري ڏهاڪي جو وڏو حصو مون سان گڏ جپان ۾ هو ۽ اڄ به بهترين جپاني ڳالهائي ٿو).
جپاني سوسائٽي بابت هڪ ٻي ڳالهه جيڪا گهڻو وقت رهڻ بعد هڪ ڌاريون به محسوس ڪري ٿو ته جپاني مردانگي جي اها به نشاني آهي ته جپاني مرد ڊبل روٽي يا ڪڻڪ جي ٻيءَ ڪا شيءِ بدران ڀت پسند ڪري ٿو جيئن اسان وٽ ”ڏهه لڳي ڏهه منٽن“ واريون وڏيون مُڇون مردانگيءَ جي نشاني سمجهيون وڃن ٿيون، (ايئن ته پنجابي عيسائي ڀنگين جون مُڇون به وڏيون ٿين پر اهي گهڻو ڪري چار لڳي چاليهه منٽن واريون مُڇون ٿين.) ڪيترا ته نوان جپاني گهوٽ صبح جو نيرن تي به جپان جو مشهور چانورن جو ڊش Asagohan Shiromeshi no گهرائي کائين يعني پهرين رات ئي ٻلي مارين، جيئن هتي جي جپاني عورت کي جيڪا اڳهين سُورن جي ستايل ٿئي ٿي، اُن کي خبر پوي ته گهر تي ڪنهن جو راڄ آهي؛ سندس يا مرد ڀٽاري جو.
۽ پوءِ جيڪڏهن اڳتي هلي ڪنهن جپاني گهر ۾ نيرن تي عورت پنهنجي ”سرتاج“ لاءِ ڀت نه رڌي ته معنيٰ زال مڙس جا تعلقات ٻُڏتر ۾ آهن. ان جي خاطري يعنيKateinai Bekky (In-home Seperation) جي پڪ مڙس کي پان شوڪو (ڊبل روٽي) کائڻ مان لڳائي سگهو ٿا.
جپان ۾ کاڌي جي زبان جو واسطو Sex سان به آهي ۽ فعل taberu (معنيٰ کائڻ) Sexual act لاءِ به استعمال ٿئي ٿو. پنهنجي هڪ پهاڪن جي انگريزي ڪتاب Proverbs of Far East ۾ هتي جي هڪ مشهور جپاني چوڻي ڏئي چڪو آهيان ته: Suezen kuwanuwa otoko no haji معنيٰ اهو ماڻهو جيڪو سندس اڳيان سجايل کاڌو نٿو کائي، اُن جي مردانگي تي شڪ آهي ۽ اها چوڻي فقط کاڌي لاءِ نه پر sex لاءِ به آهي. ڪيترا جپاني مرد پنهنجي بي انتها پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ عورت کي هميشه اهوئي چوندا آهن ته: Tabechaitai hodo kawaii.
(تون ايڏي سهڻي آهين جو توکي کائڻ تي دل چوي ٿي.)
بهرحال، هن مضمون جي پڄاڻيءَ تي انگريزيءَ جي “The End” لکڻ بدران جپانيءَ جي Itadakimasu لکان ٿو جيڪو لفظ هو ماني شروع ڪرڻ کان اڳ چوندا آهن.

پلاسٽڪ جا کاڌا- فقط ڏسڻ لاءِ

پلاسٽڪ جا کاڌا- فقط ڏسڻ لاءِ

اسان جو هڪ جهازي دوست آهي، ڪئپٽن بشير وسطڙو. ستين ڪلاس کان وٺي ساڻ ساٿ رهيو آهي. ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پنج سال گڏ هئاسين، ان بعد مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ۽ پوءِ مختلف جهازن تي ۽ مختلف ملڪن ۾. ساڳي ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سئيڊن) مان پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ ڪري سئيڊن ۾ به ٻه اڍائي سال رهياسين ۽ هينئر به ساڳي پاڙي ۾ رهون ٿا. سندس اسڪول جي ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هڪ عادت، بلڪ هڪ ڳالهه نرالي آهي ته جڏهن به مانيءَ لاءِ هن سان گڏ هوٽل ۾ وڃبو آهي ته هو بئري جي ٻڌايل مينو يا ٽيبل تي رکيل ڇپيل مينو مان آرڊر ڏئي نه سگهندو آهي. بئري کي چوندو آهي ته پنج منٽ رکي اچ تيسين سوچيون ٿا. پوءِ ويهي سوچڻ بدران اٿي هوٽل جو چڪر هڻندو آهي ته ٻيا ڇا ويٺا کائين. پوءِ بئري جي اچڻ تي هن کي چوندو ”فلاڻي ٽيبل تي جيڪو فلاڻو ماڻهو کائي رهيو آهي اهو کڻي اچ.“
اڄ به پراڻا ڏينهن ياد ٿا اچن ته پيٽارو کان حيدرآباد ايندي اسان اڪثر انهن ڏينهن جي هوٽلن: ڪراچي هوٽل، ڪيفي جارج، زميندار هوٽل ۽ حبيب هوٽل ۾ ويندا هئاسين. اسان جا ڪجهه ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇليو، شوڪت جماڻي، سراج شيخ وغيره بشير وسطڙي تان کلندا هئا، پر آئون بشير سان گڏ اُٿي ٻين ٽيبلن تي ويٺلن جو جائزو وٺندو هوس ته ٻيا ڇا پيا کائين. سچي ڳالهه اها آهي ته مون سان به ساڳيو مسئلو آهي. بئري جي زباني ٻڌائڻ يا لکيل مينو مان ڪڏهن به آئڊيا نه ٿي سگهندي آهي ته جنهن ٻوڙ يا ڀت لاءِ بئرو ٻڌائي رهيو آهي، اهو ڪيئن رڌل آهي. جنهن هوٽل تي ان وقت گراهڪ نه هوندا آهن ته ان ۾ وڃڻ بيڪار ٿيو جو ان ۾ فقط بئري جي ڀڳت ٻڌي آرڊر ڏيڻو پوندو. ان خيال کان سنگاپور، ملائيشيا ۽ سري لنڪا جون هوٽلون صحيح آهن، يعني تاملن (سائوٿ انڊين)جون هوٽلون. انهن هوٽلن جي منهن وٽ ئي کاڌي جا سڀ ديڳڙا رکيل ٿين ٿا، جن جا ڍڪ کُليل نه آهن، انهن جا کولي به ڏسي سگهو ٿا ته اندر ڇا جو ٻوڙ آهي ۽ ڪيئن رڌل آهي. ڀت ڪيئن آهي خُشڪو، پلاءُ، برياني يا ”ناسي ڪنيت“ (هيڊ وارو ڀت).
بهرحال جهاز هانگ ڪانگ، ڪوريا ۽ خاص ڪري جپان ۾ (جتي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ وڃڻو پوندو هو) ته هوٽل ۾ کائڻ جو وڏو مسئلو ٿيندو هو جو جپاني ڪيتري به سکڻ بعد جپاني کاڌن جي خبر نٿي پيئي. وڏي ڳالهه ته هر هوٽل جي رڌ پچاءَ جو پنهنجو طريقو ٿئي ٿو. هڪ عام ڊش- آمليٽ بيضي جو ئي مثال وٺو، ڪنهن هوٽل ۾ فقط بصر تي ٺاهين ته ڪنهن ۾ ٽماٽا، ڌاڻو ۽ ڦودنو به وجهن ته ڪن ۾ فقط پنير ۽ پيز وجهن. روز روز جهاز جي ساڳي سواد واري ماني کائڻ کان بچڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ته هوٽل ۾ کائڻ تي هرهڪ جي دل چوي ٿي خاص ڪري جيڪڏهن جهاز ڪنهن بندرگاهه ۾ بيٺو آهي ۽ بندرگاهه به اهڙو (ڪوبي، اوساڪا جهڙو) جنهن جي مين گيٽ کان نڪرڻ سان ئي هوٽلن جون قطارون هجن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿئي ٿو ته جهاز تي ڳري مرمت هلڻ ڪري جهاز جا بورچيخانا بند ڪيا وڃن ٿا ۽ جهاز هلائيندڙ سڀني ماڻهن کي هر ويلي جا چڱي طرح پئسا ڏنا وڃن ٿا ته هو اهي ڏينهن ان بندرگاهه جي ڀلي جنهن هوٽل ۾ جيڪا ماني وڻي اها کائين.
۽ پوءِ اسان جپان جهڙن ڌارين ملڪن جي هوٽلن ۾ ماني کائڻ جو آسان طريقو اهو ئي ڳولي ورتو ته هڪ ڊش جو نالو ياد ڪري ڇڏيو هئوسين ۽ هر وقت اهو ئي کائيندا هئاسين. اهو طريقو به اسان کي بشير وسطڙي ٻڌايو.
هڪ دفعو اسان جو جهاز (اهو سال شايد 1973ع) هو اوساڪا جي بندرگاهه ۾ ڪافي ڏينهن لاءِ اچي بيٺو. جپان جي هن بندرگاهه ۾ نه فقط اسان کي سامان لاهڻو هو، پر اڳتي جي سفر لاءِ جهاز کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ لاءِ وڏي مرمت پڻ ڪرائڻي هئي. اسان کي هن بندرگاهه مان ٻاهر نڪري تعجب لڳو ته ڪجهه اهڙيون هوٽلون هيون (جيتوڻيڪ تمام ننڍيون ننڍيون)، جن جي ٻاهران لڳل شيشي جي ڪٻٽ ۾ هر اها شيءِ تيار رکيل هئي، جيڪا اندر Serve ٿي ٿي. مثال طور هڪ پليٽ ۾ ڀت سان گڏ ٻه تريل گانگٽ، ڪجهه پٽئٽو چپس ۽ پاسي کان سلاد رکيل هو. هڪ پليٽ ۾ بيف اسٽيڪ ۽ ان جي ڀرسان ڊبل روٽيءَ جا سلائيس وغيره هئا. ايتريقدر جو ڪافيءَ سان ڀريل ڪوپ، بيئر جو گلاس وغيره به رکيل هو، جيئن ٻاهران لنگهندڙن کي خبر پوي ته هوٽل ۾ ڪهڙا ڊش ٺهن ٿا ۽ انهن جي اڳيان سندن قيمتن جي پرچي (Chit) به لڳي پئي هئي.
اڄ کان 30 سال اڳ اها اسان لاءِ نئين ڳالهه هئي. اسان ته سمجهيو ته پئسا ڏئي ڪٻٽ مان اها شيءِ کڻي کائڻي آهي، جيئن ڪيڪ بسڪيٽن جي دڪان تي پئسا ڏئي ڪيڪ جي سلائيس يا سئنڊوچ کڻڻي هوندي آهي. پر پوءِ خبر پيئي ته ٻاهر رکيل اهي کاڌا فقط ڏيکاءَ لاءِ آهن، جن ڏي اشاري ڪرڻ سان اها ساڳي شيءِ گرم گرم تيار ٿي ملي ٿي. بهرحال جپانين جي اها ڳالهه اسان کي ڏاڍي وڻي جو هوٽل ۾ ٻين گراهڪن جا ٽيبل تاڙڻ بدران ٻاهران ئي پنهنجي پسند جي شيءِ، کيسي ۾ موجود رقم موجب طئي ڪئيسين ٿي.
۽ پوءِ هر نئين دفعي اچڻ تي ان قسم جي هوٽلن جو تعداد جپان ۾ وڌيل نظر آيو. جپان جي وڏن شهرن ٽوڪيو، يوڪو هاما، ڪوبي اوساڪا کان علاوه ننڍن ڳوٺن جي هوٽلن ۾ به اهو رواج عام ٿيندو ويو ته جيڪا شيءِ ان هوٽل ۾ وڪامي ٿي، ان جو تيار ٿيل هڪ ڊش ٻاهر به رکيل نظر آيو ٿي. شروع وارن ڏينهن ۾ ته اسان انهن ٻاهرين ڊشن جو ڪو خاص نوٽيس نه ورتو، پر پوءِ سگهو ئي سوچڻ لڳاسين ۽ جهاز تي بحث هلڻ لڳو ته هوٽل جي ٻاهران شيشي جي ڪٻٽن ۾ رکيل اهي ڊش سچا آهن يا ڪوڙا؟ گانگٽ، مڇي، گوشت جي ٻوٽي ۽ سلاد ۽ سئنڊوچ تائين هر شيءِ ته ساڳي آهي- ويندي فراءِ بيضو، اوٻاريل بيضو ۽ آمليٽ بيضو به هوبهو اصلي جهڙو آهي! پر جي اهي واقعي سچا ڊش آهن ته شام تائين ڪومائجن يا خراب به نٿا ٿين. بلڪ رات جو دير سان موٽڻ مهل جڏهن هوٽلون بند آهن ته به اهي ساڳيا ڊش ٻاهر رکيل انهن ڪٻٽن ۾ ان ئي صورت ۾ رکيا آهن. ڪنهن چيو ته اهي ڊش تيار ڪرڻ بعد ان مٿان Lacquer جو تهه Spray ڪيو وڃي ٿو، جيئن اهو کاڌو Sealed رهي ۽ هوا کان بچيل رهي، جيئن خراب نه ٿئي. ساڳي وقت اهو لئڪر، وارنش جهڙو Transparent هجڻ ڪري اندرين شيءِ چٽي طرح نظر به اچي سگهي ٿي.
بهرحال اها مٿين ڳالهه کڻي مڃجي پر بيئر جي ڀريل گلاس مٿان ٺهيل ڦيڻ (گجي) يا ڪافي مٿان ٺهيل فراٿ ڪيئن ٿي قائم رهي سگهي! ٻيو ته ٺهيو پر ڪوڪا ڪولا سان ڀريل گلاس ۾ جيڪي ٽي ڪيوب برف جا پيل آهن، اهي به نٿا ڳرن! ڪڏهن ڪڏهن گُمان ٿيندو هو ته اهي سڀ شيون چيني مٽي يا پلاسٽڪ جون ٺهيل ٿي سگهن ٿيون، پر ان تي به يقين نٿي آيو جو چانورن جي پليٽ ۾ رکيل ڀت جو هڪ هڪ چانور ڌار ڌار ۽ هوبهو سچو لڳو ٿي. ان سان گڏ مڪئي جي سنگن جا ڪڻا ۽ پيز پڻ اصلي صورت ۾ نظر آيا ٿي.
هاڻ ته ان قسم جا هوٽلن جي ٻاهر رکيل کاڌا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام ٿي ويا آهن. بهرحال هن دفعي جپان پهچڻ سان مون هڪ هوٽل واري واقفڪار سان ملي، هڪ اهڙو ڪارخانو گهميو جتي پلاسٽڪ مان هر قسم جا ڊش تيار ٿين ٿا ۽ واقعي اهي سڀ کاڌا پلاسٽڪ جا ئي آهن. هرهڪ اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪيڏي محنت لڳندي هوندي.
پلاسٽڪ جا کاڌا ٺاهڻ وارو هي ڪارخانو هڪ وڏو بورچيخانو لڳي ٿو، جتي ڪي ڇوڪريون پلاسٽڪ جا پتائي گجر ۽ پٽاٽا پيون ڪٽين ته ڪي انهن کي رنگ پيون هڻن، جيئن لڳي ته هي تريل پٽاٽا آهن، جن جون ڪجهه ڪُنڊون گهڻي ترجڻ ڪري سڙي ويون آهن، جنهن ڪري ناسي ۽ ڪاريون لڳن ٿيون. اهڙي طرح پلاسٽڪ جي ڊبل روٽيءَ جي ٻن سلائيسن وچ مان وهندڙ پلاسٽڪ کي اهڙو رنگ هڻي رهيون هيون جو لڳي ته ان جي وچ ۾ پنير ۽ آمليٽ بيضو پيل آهي. هي ڪارخانو واقعي هڪ وڏي هوٽل جو رڌڻو لڳو ٿي، جنهن ۾ رکيل اوون ۾ هي پلاسٽڪ جون شيون وجهي انهن جي پلاسٽڪ کي سخت ڪيو ويو ٿي. پر فرق فقط اهو هو ته هتي اها کاڌي پيتي جي خوشبوءِ نڪ کي محسوس نٿي ٿئي، جيڪا ڪنهن رڌڻي ۾ گهڙڻ سان اچي ٿي.
هن ڪارخاني ۾ هوٽلن وارا پنهنججن کاڌن جون پلاسٽڪ جون شيون ٺهرائين ٿا. مثال طور گراهڪ (يعني هوٽل جو مالڪ) آمليٽ بيضو کڻي ايندو.
* ڪارخاني وارا ان آمليٽ کي سانچي واري پيتي (Casting box) ۾ وجهي مٿان Silicon وجهندا جيئن ان بيضي جو سانچو ٺهي پوي.
* Silicon جي سخت ٿيڻ تي بيضي کي ڪڍيو وڃي ٿو.
* هاڻ هن خالي پور ۾ پلاسٽڪ ڀري وڃي ٿي، جيڪا ان آمليٽ بيضي جي هوبهو شڪل والاري ٿي.
* ان بعد پلاسٽڪ سميت ان سانچي کي اوون (Oven) ۾ وڌو وڃي ٿو، جيئن اها پلاسٽڪ گرم ٿي سخت ٿئي.
* ان بعد اوون مان سانچو ڪڍي ان مان پلاسٽڪ جو ٺهيل آمليٽ رنگ ڪرڻ وارين ڇوڪرين حوالي ڪيو وڃي ٿو، جيئن هُو ان کي مختلف رنگ ۽ شيڊ هڻي هوبهو اصل آمليٽ جي شڪل جهڙو ٺاهين، جيئن هوٽل جو مالڪ ان کي پنهنجي هوٽل جي ٻاهران شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکي سگهي.
جيڪڏهن ان هوٽل ۾ آمليٽ سان گڏ ڪيچ اپ ۽ پتائي گجرن جي ڪاتر به ڏني وڃي ٿي ته ڪارخاني وارا ان پلاسٽڪ جي آمليٽ جي ڪنڊ تي ٿوري ڳاڙهي رنگ جي پلاسٽڪ پيسٽ ۽ پلاسٽڪ جي پتائي گجرن جي ڪاتر پڻ رکي ڏين ٿا.
اهڙيءَ طرح گانگٽ، مڇيون ۽ ٻيون شيون، ڪچيون توڙي فراءِ ٿيل شيون، ٺاهيون وڃن ٿيون. يعني انهن تي اهڙا رنگ لڳايا وڃن ٿا جو لڳي ته اها اصل شيءِ جهڙي ڪچي يا تريل آهي.

الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

1. اناميڪا
2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
3. پيار جي گُهٽَ
4. وايون وڻجارن جون
5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
6. دنيا آهي ڪاڪ محل
7. سمونڊ جن ساڻيهه
8. بندر بازاريون
9. سمونڊ جي سيوين
10. سي جوڀن ڏينهن
11. بندر ديسان ديس
12. خبرون کيڙائن جون
13. ڪويت ڪنارا
14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس
15. جاني ته جهاز ۾
16. جپان جن جي جيءَ ۾
17. ڳالهيون تنهن جپان جون
18. خدا ڏي خط
19. جپان رس
20. سانڀاهو سمونڊ جو
21. موج نه سهي مَڪڙي
22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
23. بهترين سفرناما
24. لنڊن تائين لفٽ
25. ٻارن جون آکاڻيون
26. ٽوڪيو جي گيشا گرل
27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين
28. سنگاپور ويندي ويندي
29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
31. دُنگيءَ منجهه درياهه
32. ڏاهي جهرڪي
33. جت جر وهي ٿو جال
34. يادن جي انڊلٺ
35. ڳالهيون آهن ڳچ
36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ
37. Proverbs Of Far East
38. اوهريا جي عميق ڏي
39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
40. ملير کان مالمو
41. جت برف پئي ٿي جام
42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
43. ارائونڊ دي ورلڊ
44. رٺي آهي گهوٽ سان
45. يورپ جا ڏينهن راتيون
46. اي روڊ ٽو مدينا
47. هيلسنڪي جي حسينا
48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري
49. آل ابائوٽ سنگاپور
50. ملائيشيا منهنجي من ۾
51. ڀلي ڀار تان ڀيرو
52. هي ٻيٽ هي ڪنارا
53. بوتلن جو سفر
54. سوزيءَ سان پيار
55. جل پريون
56. ملائيشيا 12 سالن بعد
57. تيستائين گڊ باءِ
58. جپان پنجويهه ورهين بعد
59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
60. دهليءَ جو درشن
61. نيو هالا کان نيويارڪ
62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
63. ايران ڏي اُڏام
64. چنڊ چوانءِ سچ
65. هلي ڏسجي هندستان
66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
67. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر
69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
71. مونکي موهيو ملائيشيا
72. وسي وڏ ڦڙو
73. نه سي سڙه سُکان
74. بنارس کان برمودا
75. برونائيءَ کان برازيل
76. گهاتو گهر نه آيا
77. جل پريءَ جي اڳ ڪٿي
78. ڪئمپس جا ڏينهڙا
79. تاريخ جو سفر
80. جيءَ اندر جهاتي
81. واٽ ويندي...
82. ڳوٺ جروار کان جپان
83. جي وڃين تون جپان
84. وري ياد آيا
85. آرڪٽڪ سرڪل جي آسپاس
86. دنيا رنگ رنگيلي
87. جهونا ٿيا جهاز
88. پهتا اُت پانڌيئڙا
89. چين ڪيو بي چين
90. جپان جپان آهي
91. زئنزيبار، جهنگٻار
92. زندگيءَ جا ميلا ...
93. نڪري ويا ناکئا
94. آمريڪا ڙي آمريڪا
95. بغداد ۽ بصري جي گهٽين ۾


اردو میں
96. سمندر کے دن
97. ملائیشیا کے دن
98. یورپ کے دن
99. کراچی سے کوپن ہیگن
100. ایران کے دن
101. گيشائون کے ديس مين
102. جہاز چلانے کے دن
103. جپان کے دن
104. کنارے کے دن
105. میں چلا ممباسا
106. چلو چلیں ہندوستان
107. ملائیشیا نے مجھے موھ ليا
108. الطاف شيخ کے سفرنامے