شاعري

منھنجا نظم ۽ تنھنجون اکيون

اياز امر اسان جي دور جو ھڪ باڪمال شاعر آھي. ايازامر عالمي سطح جي شاعري ڪندڙ ۽ فطري ڪائناتي شعور جو مالڪ آهي، اياز محبتن جو امين آهي ۽ سندس لکيل لفظ لفظ ۽ سِٽ سِٽ منفرد حُسن جي مالڪ آهي. هو تاريخ جي ڪفن کي کولي حالتن جو حقيقي چھرو ظاهر ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو. ھو لکي ٿو ”آئون ڪو بہ ڏک جھڙو ڏُڪار پاڻ مٿان کڻڻ جي لاءِ تيار ناهيان، ان ڪري ئي تہ مون پنھنجن نظمن جي نيڻن ۾ تنھنجي ئي اکين جھڙا احساس پوکيا آهن، جن منجهان رڳو محبتن جا موتيا ئي مھڪي نڪتا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 21
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book منھنجا نظم ۽ تنھنجون اکيون

ارپنا

هي منھنجا نظم ناهن

پر تنھنجون ئي اکيون آهن

آئون جڏهن به ڪو

نظم لکڻ ويھندو آهيان ته

مونکي تون ياد اچي ويندي آهين

تنھن ڪري مون هي پنھنجو ڪتاب

تنھنجي ئي نانءُ ڪري ڇڏيو آهي

ڇو ته

مونکي منھنجا نظم گهٽ

پر تنھنجون اکيون وڌيڪ لڳندا آهن.


سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر اياز امر شيخ جي شاعريءَ جو مجموعو ”منھنجا نظم تنھنجون اکيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. 

اياز امر اسان جي دور جو ھڪ باڪمال شاعر آھي. ايازامر عالمي سطح جي شاعري ڪندڙ ۽ فطري ڪائناتي شعور جو مالڪ آهي، اياز محبتن جو امين آهي ۽ سندس لکيل لفظ لفظ ۽ سِٽ سِٽ منفرد حُسن جي مالڪ آهي. هو تاريخ جي ڪفن کي کولي حالتن جو حقيقي چھرو ظاهر ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو. ھو لکي ٿو ”آئون ڪو بہ ڏک جھڙو ڏُڪار پاڻ مٿان کڻڻ جي لاءِ تيار ناهيان، ان ڪري ئي تہ مون پنھنجن نظمن جي نيڻن ۾ تنھنجي ئي اکين جھڙا احساس پوکيا آهن، جن منجهان رڳو محبتن جا موتيا ئي مھڪي نڪتا آهن.

ھي ڪتاب 2022ع ۾روپا پبليڪيشن، سجاول پاران ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مور ساگر جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون اياز امر شيخ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


 

محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

 books.sindhsalamat.com


اداري پاران

   شاعري، ادب جو اھو روپ آھي جيڪو احساسن سان ٽمٽار ٿيل ھوندو آھي ۽ پڙھندڙن جي احساسن کي جنجھوڙي وجھندو  آھي، دنيا جي انيڪ خطن ۾ شاعريء جا موضوع اتان جي زندگيء جي معيار، ذھانت جي درجن ۽ سماجي حالتن پٽاندڙ جڙندا آھن، پر اھا خقيقت آھي ته ھر ٻوليء ۾ ڪجھ شاعر اھڙا پڻ پيدا ٿيندا آھن جن جي ڏات ۽ ڏانء کي دنيا جون انيڪ قومون عالمي سطح تي مڃتا ڏينديون آھن، سنڌ جي شاعراڻي ادب ۾ پڻ اھڙا برجستا ذھن پيدا ٿيندا رھيا آھن.

اياز امر شيخ جديد سنڌي شاعريء جي ميدان ۾ نئين ٽھيء جو نمائنده شاعر ھجڻ جو اعزاز رکي ٿو، سنڌ جا انيڪ پڙھندڙ کيس وڏي چاھ سان پڙھندا آھن.

روپا پبليڪيشن اياز امر شيخ جو ھي شعري مجموعو منھنجا نظم ۽ تنھنجون اکيون ڇپائي اوھان جي ھٿن تائين پھچائڻ تي سرھائي محسوس ڪري رھي آھي، سنندس ھن شعري مجموعي بابت اوھان پڙھندڙن جي قيمتي راء جو اوسيئڙو رھندو.


روپا پبليڪيشن


سمنڊ جي ڀريل اکين جھڙا نظم

منھنجي ڪائنات جو محور تون ئي ته آهين تون جيڪا هاڻ منھنجي لاءِ مڪمل منھنجي شاعري ٿي پئي آهين دل ۽ دماغ سان ڳنڍجي وڃڻ جو رشتو صرف ئي صرف منھنجو توساڻ ئي ته آهي پنھنجو پاڻ مان وڃائجي وڃڻ کانپوءِ مون هيل تائين رڳو توکي ئي ڳولھيو آهي دل جي هٿن مان ڪري پيل ماڻھو کي ٻيھر کڻي پاڻ ڏي وٺي اچڻ ڪيڏو نه مشڪل ھوندو آھي اهو صرف آئون ئي ڄاڻي ٿو سگھان مون پنھنجا نظم تنھنجن نيڻن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن هاڻ آئون توکي پنھنجن نظمن ۾ ئي ڏسڻ لڳندو آهيان سچ پڇين ته منھنجا نظم ھوبھو تنھنجي ئي اکين جھڙا آهن جن ۾ مونکي تون صاف نظر ايندين آهين مون ڪڏهن به توکي پنھنجن نظمن مان ٻاهر ناهي ڪڍيو آسمان جو ستارن سان ڀريل ۽ منھنجي نظمن ۾ مڪمل تنھنجو ئي هجڻ مونکي هڪ جھڙا ئي لڳندا آهن

سمنڊ جي ڀريل اکين جھڙا نظم مونکان سواءِ ٻيو ڪير به توتي لکي نٿو سگھي آئون دل جي دعويٰ سان ٿو چوان ته هي منھنجا نظم هر وقت تنھنجو ئي مطالعو ڪندا رهن ٿا

ضرورت زندگيءَ جو پھريون رستو هوندي آهي مون پنھنجي ضرورتن جي پورائي فقط تنھنجي ئي پيار مان ڪئي آهي هيل مون تو مٿان ڪيترائي ڪتاب لاٿا آهن جن جي هر صفحي تي تنھنجو ئي ذڪر آهي توکان سواءِ ڪا هڪ ٻي سٽ به ان سونھن جي صحيفي تي مون ناهي لاٿي منھنجي ارتقا جو سڄو آسمان تون ئي ته آهين هي منھنجو وجود تنھنجي ئي هجڻ جو هڪ احساس آهي وڃائجي وڃڻ جو ڊپ مونکي صرف تو مان ئي ٿيندو آهي مون منجھان تنھنجو وڃائجي وڃڻ منھنجن نظمن لاءِ هڪ اسيريءَ جي گھڙي جي برابر هوندو آئون نٿو چاهيان ته منھنجا نظم توکان سواءِ اسيريءَ جي اُس ۾ اداس ٿين ۽ آئون غم جي غربت ۾ اچي تنھنجي محبت جي ملڪيت منجھان ئي بيدخل ٿي وڃان آئون نٿو چاهيان ته هن عشق جي اثاثن جي اُجڙي وڃڻ جو درد دل جي بادشاهيءَ جي تخت گاھ تائين کڻي وڃان, ڇو ته بربادي ننڍي هجي يا وڏي پر هوندي ته وري به هاڃيڪار ئي آهي

آئون ڪو به ڏک جھڙو ڏُڪار پاڻ مٿان کڻڻ جي لاءِ تيار ناهيان ان ڪري ئي ته مون پنھنجن نظمن جي نيڻن ۾ تنھنجي ئي اکين جھڙا احساس پوکيا آهن جن منجھان رڳو ئي محبتن جا موتيا ئي مھڪي نڪتا آهن

هيل مون مٿان رڳو تون ئي وٺي آهين

هيل منھنجن نظمن توکانسواءِ ڪنھن ٻي ڏي ڏٺو ئي ناهي

هيل منھنجا نظم مڪمل ٿيڻ لڳا آهن

ان ڪري جو منھنجن نظمن ۽ تنھنجن نيڻن جو رنگ هڪ جھڙو ئي آهي ان ڪري مون پنھنجن نظمن کي تنھنجن ئي نيڻن جو نانءُ ڏئي ڇڏيو آهي

سچ پڇين ته هاڻ مونکي ٻنھي ۾ ڪو به فرق محسوس ناهي ٿيندو

اڄ کانپوءِ مون پنھنجن نظمن تي تنھنجو ئي نالو رکي ڇڏيو آهي تنھن ڪري هاڻ توکي منھنجن نظمن سان ئي گڏجي رهڻو پوندو...

هي منھنجو اٺون ڪتاب منھنجا نظم ۽ تنھنجون اکيون مون آس جي اوجاڳن جي هيٺان وهي لکيو آهي منھنجي هن ڪتاب کي منھنجو محبوب ۽ مخلص دوست محمد شريف منڌرو روپا پبليڪيشن مان ڇپرائي مونکي هڪ وڌيڪ محبت ڀريو احساس بخشيو آهي اهي سندس محبتون زندگيءَ جي زبان تي ھميشه ڳائبيون ئي رهبيون.


سنڌ سلامت ساٿ سلامت

اياز امر شيخ

03347091595

منھنجا نظم ۽ تنھنجون اکيون

---

صوفي شاھ عنايت...

صوفي شاھ عنايت...

سانجھيءَ ويلي سڀ ستارا
ڏيئن جھڙو ڏيک ڏين ٿا
گھنڊ وڄي ٿو شھر ٻُري ٿو
صوفي شاھ عنايت جي ئي
هُجري ۾ ڪو هُل مچي ٿو
مرزا باقي جون تلوارون
سانڌاڻن تي سر رکن ٿيون
تک جي تاريخن جا پاڻي
پيئندي ٻيھر ڪنڌ کڻن ٿيون
ان الحق جي نعري اڳيان
صوفيءَ جو سر آهي رکيل
نعرا نينھن نغارن جھڙا
اُڀ ۾ جاڳيل تارن جھڙا
راتين ۾ ٿيا روشن آهن
کيڙيءَ ميڙيءَ جو هي ماڻھو
پنھنجي پورهئي منجهه پُسيل آ
ايئن ڄڻ ڌرتيءَ ساڻ کُپيل آ
ڏکيا ڏن جا ڏينھن لڳن ٿا
ڪرندڙ وڄ جيان مينھن لڳن ٿا
ميران پور جي مٽيءَ توتي
ايڏو ماڻھو ساھ ڇڏين ٿا
پل به نه تنھنجي راھ ڇڏين ٿا
گيڙو ويس وصالن جو هي
ويڙهيل آهي ساري وطن کي
ليڪا ڏيو ڏس ويٺا آهن
ديس ڌڻي اڄ پنھنجن دنگن کي
گھوڙن جون هڻڪارون آهن
تيرن ۽ تلوارن اڳيان
ڪيڏا ڪنڌ ڪپيا پيا آهن
سنڌ جا سَنڌ ڪپيا پيا آهن
مڪلي مان اڄ مرزا باقي
ڏسندي ئي باهوڙ ڪئي آ
دهلي تائين دردن جي دانھن
ڏينھن ڏٺي جو ڊوڙ ڪئي آ
رت ٽمي پيو صوفيءَ سر مان
ڌرتي جي ڄڻ هر هڪ گھر مان
سُڏڪي جو آواز اُٿي ٿو
گھنڊ وڄي ٿو گھاءُ چُڀي ٿو
صوفي شاھ عنايت جو
ٻيھر ڌڙڪي ڌر اُٿي ٿو
ميران پور جي مٽيءَ مان
ان الحق جو نعرو اٿي ٿو.

مسيحا...

مسيحا...

او مسيحا
تون ڪٿي آهين مري ويو
ڪائنات جي ڪنڊن مان
روز توکي ٿي مان ڳولھيان
منھنجون راتيون ڏينھن سارا
رب تنھنجي رحمتن کان
ڇو لڪي آهن ويا
چُلهه جنھن کي چئن ڏينھن کان
باھ ڀاڪر ناهي پاتو
روز ٻاڪاري سمھن ٿا
ٻاجهه تنھنجي کانسواءِ
اڌ اُگھاڙا ٻار منھنجا
آئون توکي روز تسبيح
۾ پڙهي پورو ڪيان ٿي
پر مسيحا تون الائي
ڪٿ وڃين آهين لڪو
منھنجي ڳولھا جون ڳريون
هي صدائون سمنڊ جيڏيون
روز توکي ٿيون سڏين
درد جي پيڙاھ پراڻي
کاٽ خوشين کي هنيو آ
ڪو ڏڪاريل ڏيهه توکي
روز ڳوليندو رهي ٿو
تون سموري خلق کان
ڇو پري ٿي آهين ويو
دانھن منھنجي درد جي
ڪير هنڊائي هانءُ سان
آئون توکي روز سڏيان
تنھنجي ئي ٿي نانءُ سان
ساھ جو سنھڙو سڳو
اچ ڇني وڃ ڇڪ سان
هيءَ حياتي زهر جھڙي
تون به پي ڏس ڍُڪ سان
او مسيحا
آئون تنھنجي ماٺ تي
روز ٿي ماتم ڪريان
سور جا سُڏڪا ڊگھا
رويو ڍڪون ويٺي ڀريان
او مسيحا
ڇو نٿو جاڳين اڃان تون
او مسيحا
تون ڪٿي آهين مري ويو

اهو جي معجزو ناهي ته آخر ڇا ڀلا آهي...!؟

اهو جي معجزو ناهي ته آخر ڇا ڀلا آهي...!؟

اسان بس عشق جي اک ۾ تنھنجا آثار ڳولھيا هن
پري ٿي پاڻ کان تو ۾ رڳو بس پيار ڳولھيا هن
اهو جي معجزو ناهي ته آخر ڇا ڀلا آهي...!؟

هجڻ لاءِ تون هجين هڪڙي کپي پو ڇا اسانکي ٻيو
ملڻ جا معاهدا تنھنجا کڻيو ماڻھو وٺن خود کان
پيڻ کانپوءِ به ويٺو پي مزو آهي وڏو مڌ کان
حواسن جي حدن تائين پڄڻ تنھنجو ٿيو آهي
وڃائي پاڻ ۾ توکي اسان توکي لڌو آهي
ڇنائي ڇرڪ پنھنجا سڀ اچي تو ۾ ٻڌو آهي
اسان تي سونھن تنھنجي جو اثر چن ٿا سڌو آهي
اهو جي معجزو ناهي ته آخر ڇا ڀلا آهي...!؟

جڏهن دل جي ڌُٻڻ جي ڳالهه هلندي آ وڏي واڪي
اسانکي ياد ايندو آ اهو ئي مينھن محبت جو
جواني جُھڙ جھڙي گھاٽي وٺي جو ڏيک ڏيندي آ
اُهي سانوڻ اڃان تائين اسان ۾ اڄ به ساوا هن
اسان ۾ پيار تنھنجي جا نوان ڪي ٻار ڄاوا هن
اهو جي معجزو ناهي ته آخر ڇا ڀلا آهي...!؟

اسان لاٿو ڪٿي آهي لڱن جي ليڙ تان توکي
اسانکي عشق تنھنجي جو وڳو پاتل اڃان آهي
خليفا خيال منھنجي جا رهيا تنھنجي رسائي ۾
پچائي تو پڪو مونکي ڪيو نينھن جي نھائي ۾
وڄان پيو مان وڄت وانگي سوين سُر ساز گڏ آهن
ٻڌان پيو مان رڳو توکي ڪئين آواز گڏ آهن
سموريون ڪائناتون ڀي پرين تنھنجي پُڇا ۾ هن
اهو سچ آ سوا تنھنجي زمانا سڀ هچا ۾ هن
اهو جي معجزو ناهي ته آخر ڇا ڀلا آهي...!؟

حسن جي حد بندي ۾ ڀي هزارن کان مٿي آهين
مان سوچان ٿو صبح سانجھي الائي تون ڪٿي آهين
اسان ۾ رهڻ جون راتيون اڃان تولئه رکيل آهن
وڏا هن معجزا تنھنجا ڪئين ماڻھو ڪکيل آهن
ڪٿي تنھنجي وضاحت جو وظيفو اڄ به جاري آ
پڙهيل پاڻيءَ جيان توکي اسان ڏس پي ڇڏيو آهي
مرڻ جون موسمون ڪھڙيون اسان اڄ جي ڇڏيو آهي
اسانجي ساھ جا سارا سڳا توسان سبيل آهن
اهو جي معجزو ناهي ته آخر ڇا ڀلا آهي...!؟

ٽُـٽاسين به اهڙا جو ٽُڪرا ٿياسين

ٽُـٽاسين به اهڙا جو ٽُڪرا ٿياسين

ٽُٽاسين به اهڙا جو ٽُڪرا ٿياسين
ڳنڍيو ڪون ڪنھن ڀي ٿي ڳترا وياسين
هجر جي هٿن ۾ پليو پيار پنھنجو
ڪڏهن پي جياسين ڪڏهن پي مئاسين
ٽُٽاسين به اهڙا جو ٽُڪرا ٿياسين

پيڻ لاءِ پيالا وڏا درد جا هن
وڃي غم ٿيندو پيو روز گھاٽو
اسان اُڀ آڻي اکين ۾ رکيو آ
وٺا روز آهيون وڏا مينھن بڻجي
ڏُڪاريل ڏُکن جا ڊگھا ڏينھن بڻجي
مٿان تو محبت جي ملڪيت منجھان ئي
ڪري ڏس ڇڏيو اڄ صفا لا دوا آ
کنيوسين جڏهن پاڻ مان پاڻ کي ئي
ڏٺوسين ته هاڻي نه ڪٿ جا رهياسين
ٽُٽاسين به اهڙا جو ٽُڪرا ٿياسين

وري واعدن جو وڳو پائجي ڪو
نئون گيت گڏجي وري ڳائجي ڪو
زمانا زبانن تي آڻين اسانکي
ڄمارون گذاري به ڄاڻين اسانکي
وري گھاءُ جي نئين ڪنھن گھوڙي چڙهون ٻئي
ڊُڪي ڊوڙ پائيون ۽ پٽ تي ڪرون ٻئي
کلڻ ۽ ملڻ جا وري کيت پوکيون
انھيءِ لاءِ تنھنجو سڄو حُسن گھرجي
تڏهن خال ڀرجي وڃي مس خوشيءَ جو
اسان ڏينھن تولئه ئي ڏسندا رهياسين
ٽُٽاسين به اهڙا جو ٽُڪرا ٿياسين

جيئڻ ۽ مرڻ جي رهيو وچ ۾ ماڻھو
پيو سور سڏڪي منجھان ساھ کڻي ٿو
تکيون طلب جون ڪئين ترارون وڍين ٿيون
هنئين منجهه تنھنجو هجڻ لازمي آ
ڏهاڙي توکي بس ڏسڻ لازمي آ
اُميدن جو ڪيڏو اجل هت ٿئي ٿو
ڀنل عشق جي اک ڪجل پيو وهي ٿو
اسان ڀاڳ تي ڀرت وانگي ڀريو آ
پرين پيار تنھنجو ها روح جي رليءَ تي
ڪڇي قرب تنھنجو اچي پو ڪُٺاسين
ٽُٽاسين به اهڙا جو ٽُڪرا ٿياسين.

مُلحد ماڻھو دهريو ماڻھو

مُلحد ماڻھو دهريو ماڻھو

مُلحد ماڻھو
دهريو ماڻھو
روز خدا تي ڪاوڙجي ٿو
پاڻ زمين تي هوندي ڀي ڏس
اُڀ مٿان پيو آڪڙجي ٿو
ها ڄڻ پنھنجو پاڻ اندر پيو
روز ڪري ۽ ٿاٻڙجي ٿو
ڪافر ماڻھو
آزر ماڻھو
روز خدا جي سامھون بيھي
پنھنجي دنيا پاڻ اڏي ٿو
جنگ جبل جيڏي هو جوٽي
سارو سامھون لوڪ سڏي ٿو
ديڳ دليلن جي چاڙهي پوءِ
کوڙ وهي ڪي ڳالھيون ڪري ٿو
پنھنجو پاڻ ۾ ڄڻ ته خدا ٿي
آسمان جي تھن کي پيو
اُٿلائي پٿلائي ويٺو
پاڻ جھڙا ڪئين ماڻھو ٺاھي
خواب خدا جو ڊاهي ويٺو
منڪر ماڻھو
ابتر ماڻھو
ڪو نه ٻڌي ٿو ڪنھن جي ڀي
تبريزي جيان سج جي سامھون
روز اکيون اٽڪائي ٿو
ڳالهه صليبن جھڙي آهي
پل به نه پوءِ ڀي گھٻرائي ٿو
سيڙهي ھُن جي سوليءَ تائين
پوءِ به ڏهاڙي ڏاڪا چڙهي ٿو
پنھنجي اُڀ ۾ پاڻ اڪيلو
روز خدا ڄڻ ٿيندو وڃي ٿو
تھمتن جا طوق ڳچيءَ ۾
گھليندو پيو اڳتي وڃي ٿو
اوڀر کان هو اولهه تائين
دنيا جي هن گولي تائين
پنھنجو پاڻ کي پوکي ويٺو
خلق سڄي جي خيال کي کيڙي
ڄڻ ته خدا کان روڪي ويٺو
پنھنجي دنيا پاڻ اڏڻ لئه
پاڻ ۾ ڪوڪا ٺوڪي ويٺو
سقراطن جيان سينو تاڻي
زهر جو پيالو پيئي ويٺو
پوءِ به مرڻ جي منزل کان ڏس
اڳتي وڌي هو جيئي ويٺو
روز خدا جي سامھون وڃي ٿو
ڪنھن ڀي خوف کان ڪو نه ڊڄي ٿو
هو خود ماڻھو
مُلحد ماڻھو
دھريو ماڻھو
ڪافر ماڻھو.

غزل

غزل

خود ۾ خدا ٿيڻ جون ڳالھيون کنيو وتان ٿو
اکڙيون سمونڊ جيڏيون آليون کنيو وتان ٿو

مونکي وري ڄمڻ جو آواز ڪنھن ڏنو آ!؟
پنھنجي ئي پاڻ جي لئه ڀاليون کنيو وتان ٿو

هي محبتن جو ميلو تنھنجي هجڻ سان آهي
ورتل ڪلھوڪيون تولئه واليون کنيو وتان ٿو

تو مان ئي آئون ڀرجي آهيان چڪار ٿي پيو
خود کي ئي پي ڇڏڻ لئه پياليون کنيو وتان ٿو

ننڍپڻ نمن جي هيٺان رلندو رهي ٿو اڄ ڀي
تو ساڻ گڏ وڏيون ٿيون ٽاليون کنيو وتان ٿو

هٿ جي لڪير ميري ماڻھو وڃائي ويٺي
دل جي فقير اڳيان ڦاليون کنيو وتان ٿو.

هي شھر رات جھڙو

هي شھر رات جھڙو

هن شھر کي اکين جي
آهي گھڻي ضرورت
انڌي مزاج سان گڏ ماڻھو هتي رهن ٿا
ڪاري قضا ۾ ويڙهيل مُردن جيان لڳن ٿا
گُھٽ جي گھٽي مان نڪري
ڪو ساھ سلو کڻجي
خود ۾ ڀچي بيھڻ لاءِ
ڪوئي ته بلو کڻجي
ڪاري اداس اک ۾ ڳاڙهو نه خواب آهي
غم جي گھٽا ۾ ٽڙيو ڪو ڀي گلاب ناهي
ماڻھو ته هو مٽيءَ جو
ٿي پيو پٿر جو آهي
خود کي وڍڻ جي لاءِ
ٿي پيو خنجر جو آهي
مونکي ڏيئا کپن ٿا
هن رات کي ٻارڻ لئه
دل جي دنگن تي ويٺل
هر نانگ کي مارڻ لئه
رستا سُتا پيا هن ماڻھو مُئا پيا هن
هن شھر جي ڪنن ۾ ڄڻ ڪي سيئا پيا هن
ڪو بھي هتي نه ڪنھن جي
ڪنھن ڳالهه کي ڳڻي ٿو
ڄڻ کاٽ منجھان ئي ڪو
ٻيو کاٽ پيو ھڻي ٿو
پرزا پيو ٿي آهي ڪنھن سان نه ڪٿ جُڙي ٿو
اُڀريو ڪڏهن به ناهي هر روز پيو لڙي ٿو
هن جي حقيقتن جا
ڪھڙا حوالا لکجن
زندھ هجڻ کان پھرين
مُردن جا نالا لکجن
هن شھر کي اکين لئه
چشمه ڪي چار گھرجن
آڱر جھلي هلڻ لئه
ننڍڙا ڪي ٻار گھرجن
هن شھر کي ضرورت ناهي زندھ رهڻ جي
هن شھر کي ته عادت ٿي وئي آهي مرڻ جي
هن شھر کي ته جڏهن
جنھن ڀي اکيون ڏنيون هن
تلوار ساڻ لاهي
ڄڻ ڪي سسيون ڏنيون هن
هن شھر جي ڊهڻ جي آهي خبر پراڻي
هي شھر ماٺ جھڙو سنسان آ لڳو پيو
ماڻھن جي هوندي ڀي ڏس ويران آ لڳو پيو
هن شھر مان اميدن جي اڳڪٿي ملي ٿي
هي شھر ڪو نه ٿيڻو آهي ڪڏهن مياڻي
هي شھر رات جھڙو
ٻيھر ڪڏهن نه ٻرندو
هي شھر ماڻھو ماري
خود ۾ ئي پيو مرندو.

غزل

غزل

عشق کي اک ۾ رکي پوءِ عورتون گھڙجن رُڳو
سون ۾ تورڻ جھڙيون ڪي صورتون گھڙجن رُڳو

نينھن جي نازل ٿيڻ جا ڏينھن لٿا هن پاڻ تي
ڇو نه پنھنجي پيار تي اڄ آيتون گھڙجن رُڳو

تو آ جُھوڙيو جڳ سڄو ئي چاھ جو چوٽو ڪري
سچ پُڇين اڄ تو مٿان بس محبتون گھڙجن رُڳو

تو غضب جو گھنج چھري ۾ وجھي جڏهن ڏٺو
سو سمو ۽ سال ڳڻجي ساعتون گھڙجن رُڳو

آئون توسان ئي سڃاتو ٿو وڃان هاڻي هتي
توسان ئي منسوب تنھنجون شُھرتون گھڙجن رُڳو

تون جوانيءَ جي جبل جي چوٽ تي آهين پُڳي
ڇو نه تنھنجي بُت بدن تي بيعتون گھڙجن رُڳو.

ڪيڏانھن هلي وئي آهين...!

ڪيڏانھن هلي وئي آهين...!

مونکي صليب تي تون ٽنگيل ڇڏي اڪيلو
ڪيڏانھن هلي وئي آهين
هي عشق عيسيٰ جھڙو
اڄ تھمتن جي اڳيان بيٺو اداس آهي
دل جي گهٽيءَ مان گذريو ڪو بي لباس آهي
هي درد ڌوڙ وانگر
مون ڏي اچي پيو ڌڪبو
دلدل جھڙي دنيا ۾
منھنجي مرڻ جا موضوع
توساڻ هن مخاطب
تقسيم ٿي وڃڻ جي
تاريخ ٿي پيو آهيان
پنھنجو ئي پاڻ جي لاءِ
ڪا چيخ ٿي پيو آهيان
پنھنجي اکين جي وچ جو اڄ خواب ڪو مئو آ
ٻيڙيون ٻڏيون ٻکن جون اثباب ڪو مئو آ
هي جُھنڊ جھڙو منھنجو
جيئرو هجڻ به ڪھڙو
وڍيل وجود سان گڏ
مُرڪي ملڻ به ڪھڙو
هي خيال جھڙو خدشو
مونکي پيو ٿو کائي
منھنجو اندر اڌو اڌ
ٿي پيو ڪڏهوڪو آهي
کيرا هي خواب منھنجا
رت جا رباب بڻيا
ڇولين جيان ئي ڇُلڪي
اکڙين جا آب بڻيا
هي تڙپ جو تنبورو ڪيسين وڄايان ويھي
ڳالھين جا ڳوڙها ڳاڙي ڪيسين مان ڳايان ويھي
ڪيڏانھن هلي وئي آهين
دل ۾ اداسين جا
منظر مئا پيا هن
خوشين جي خون کانپوءِ
اندر مئا پيا هن
تنھنجي جدا هئڻ جو
مون سان صليب گڏ آ
رت مان رباعيون لکندي
توکي ڪيو مون سڏ آ
ڪاڀي وراڻي ناهي
سنسان ٿي ويو آهيان
ڪيڏانھن هلي وئي آهين
آئون مري ويو آهيان
منھنجو هجڻ به مون لئه ٿي پيو نراس آهي
ٽنگيل هي لاش منھنجو اڄ ڀي اداس آهي.

غزل

غزل

درياھ ٿي تون ملين جيڪر نديءَ تائين هليو هلبو
هي جھاڳي سمنڊ سورن جو صديءَ تائين هليو هلبو

ويس ڪٽجي ڪڏهوڪر آئون تنهنجي عشق آڱر مان
جي ٻانهن ۾ ٻکين ٻيھر ٻڌيءَ تائين هليو هلبو

اسان جي سڪ سهڻي جان اُڇل سان پئي اُٿي هر هر
ڀلي ڪُن ڪن پيا ڪڙڪا ڪنڌيءَ تائين هليو هلبو

وراثت پيار مُحبت جي ڪبي دل جي دڪانن تي
بچڻ لئه جي بچين هڪ تون ونڊيءَ تائين هليو هلبو

اسان کي نينهن جي نُک تي ڇڏيو آ عشق اُڇلائي
ڀلي ڇڏ پيار ۾ پيسي جنڊيءَ تائين هليو هلبو.

اي ڪراچي...!!!

اي ڪراچي...!!!

اي ڪراچي توکي پائي مون رکيو آ اک ۾
گڏ آهيان توساڻ آئون ۽ تون منھنجي ٻک ۾

دل جي شاهراھ تان لنگھين ٿا قرب جا ڪئين قافلا
حسن تنھنجي مونکي بخشيا آهن ڪيڏا حوصلا
ساھ جي سوڙهي گھٽيءَ مان تنھنجو گذرڻ آ غضب
آئون اوڀر کان اُٿي تو ۾ وڃان ٿو ٿي جذب
اڄ به تنھنجي هوڏ تي ئي پيو لڏان مان لک ۾
اي ڪراچي توکي پائي مون رکيو آ اک ۾

سمنڊ توتي ڄڻ ڇتو هي ڪوئي عاشق ٿو لڳي
هيل هيڪاندي اڃان تون مون ڏٺو هو ڪجهه اڳي
لھر تنھنجي لڱ جي ٿي واءُ سان گڏجو وڃي
بيقراريءَ جي بدن جا پئي رڳو بس بُت ڀڃي
آئون ترڻ توسان گھران ٿو تنھنجي ئي بس تک ۾
اي ڪراچي توکي پائي مون رکيو آ اک ۾

آئون تنھنجي گھور جي گھوڙن پٺيان ئي پيو ڍڪان
چھبڪن جھڙين چمين لئه سينڌ تائين پيو سڪان
پاڻ تي پائي ڇڏڻ جھڙا رکين ٿي ويس تون
دل جي ڌرتيءَ لئه ڪشادو آهين هڪڙو ديس تون
مون سڃاتو آهي توکي ڏک ۾ ۽ سُک ۾
اي ڪراچي توکي پائي مون رکيو آ اک ۾

تون ته ڪولاچي مٿان ڄڻ ڪو سجايل آسمان
نيڻ تنھنجي نعمتن اڳيان وڃن ٿيو ٿا حيران
تون قدآور عورتن جي چاھ جھڙو چاڳ آهين
مورڙا تنھنجا اسان ۽ تون اسانجو ڀاڳ آهين
سڀ حسين تنھنجا حوالا تون پلي آن هرک ۾
اي ڪراچي توکي پائي مون رکيو آ اک ۾.

اڌ چريو عاشق اوهان جو

اڌ چريو عاشق اوهان جو

آئون تومان پاڻ کي ئي
روز ٿو ڌوئي وڃان
اڄ به آلو آئون ساڳيو
ڪٿ سُڪو آهيان اڃان
هي پراڻو پيار پنھنجو
پيو وڃي ٿيندو نئون
اڌ چريو عاشق اوهان جو
پيو وڃي ٿيندو سئون

مون ۾ لابارا وجهڻ لئه
لڱ پنھنجا تون کڻي اچ
آئون کرو تولئه ٿيان ۽
ان وانگي تون ڇڻي اچ
توکي ٻانھن سان ٻوهاري
کوڙ ڪي ويھي ڪيان
توتان جڳ جي جھار هڪلي
ڪانگتڙو ٿي وهي رهان

آئون تو ۾ پاڻ کي
پوکي وري ٻيھر ڦُٽان
تو منجھان وڻ ٿي وڌان ۽
تو مان ٽاريون ٿي ٽُٽان
دل جي ڌرتيءَ تي هن موريا
سڪ تنھنجيءِ جا سلا
آئون توکي ڪيئن اڪيلو
ايئن ڇڏي آخر وڃان

توکي محبت جي مُنڊيءِ ۾
آئون پائي ڪيئن پو لاهيان
سچ پڇين سھرا سمورا
سونھن تنھنجي جا پيو ڳايان
کاٽ ڪو اهڙو هڻي وڃ
مونکي مون مان ئي کڻي وڃ
آئون هنئين جي هر جڳا تي
تنھنجي لئه ويٺو سڪان.

غزل

غزل

تو ۾ ٻُڏي وڃان ۽ تو مان ئي تري نڪران
تو ۾ زندھ رهان ۽ تو مان ئي مري نڪران

آ هيل مونکي بارش ڏاڍو آ وئي ڀڄائي
شل پاڻ کي نپوڙي تو مان ئي ٻري نڪران

درياھ جي دھشتن کي دل جو ٿو دلو ڄاڻي
ميھار سان ملڻ لئه واپس ئي وري نڪران

هن خلق جي خوشيءَ لئه تنھنجو آ هجڻ لازم
تو سان جُڙيل هُجان ۽ تو مان ئي ڳري نڪران

تنھنجون اکيون نديءَ جيان ماڻھو ٿيون ڇڏن ٻوڙيو
پوءِ ڇو نه هاڻ آئون تو مان ئي ٺري نڪران

تنھنجي ئي کيت ۾ مون پوکي آ ڇڏيو خود کي
تو مان ٻڌي محبت جي شال ڀري نڪران.

ٻرندي وسامي وياسين...!!!

ٻرندي وسامي وياسين...!!!

ڪھڙا وجود پنھنجا ڪھڙيون بقا جون ڳالھيون
ٻرندي وسامي وياسين جھڙيون فنا جون ڳالھيون
غم جو گلاس ڀريل تڪ ساڻ ئي جو پيون ٿا
ڍُڪ ڍُڪ حياتي پنھنجي بس هارجون پيا ٿا
جيءِ ۾ وڏا جُھڙالا ويھي رڳو وٺاسين
خود ۾ مري وڃڻ جا ئي حادثا ڏٺاسين
تاريخ ڀي طلاقيون پنھنجي وفا جون ڳالھيون
ڪھڙا وجود پنھنجا ڪھڙيون بقا جون ڳالھيون

پنھنجي اڌو اڌيءَ سان سڀ ڪجهه ويو آ اڌ ٿي
خود کي ئي پي وڃڻ لئه ماڻھو ويو آ مڌ ٿي
خالي خمار آهي ڪٿ ڀي نبار ناهي
خود کي کڻي هلڻ جو خود تي ئي بار آهي
هر ڳالهه دل منجھان ئي ٿي آرپار آهي
اُس جو ننگو نياپو سج جي اکين جو اولو
پٽ تان کنئيو نه ڪنھن ڀي پيو آ اُتي ڪلھوڪو
ويو ڪانگ ڦُري اڄ ڀي آ ٻار هٿ مان لولو
ڪھڙيون ڪجن پو ويھي خود لئه دعا جون ڳالھيون
ڪھڙا وجود پنھنجا ڪھڙيون بقا جون ڳالھيون

لھرون لُڏيو لُڏن ٿيون اچيو ڪنڌيءَ لڳن ٿيون
هن سمنڊ جي اکين مان طوفان ٿيو اُٿن ٿيون
وڻ ٽڻ وڄائي پوءِ ڀي جبلن ڏانھن رُخ رکن ٿيون
پنھنجي ئي هوڏ جو بس گھوڙو چڙهي گُھمن ٿيون
توکي سُتي صديون ٿيون جيئري نه جاڳ تنھنجي
ڪٿ ڀي ڏٺي نه ويئي واريل ڪا واڳ تنھنجي
راڙو اُهو ئي آهي ڪاڙهو اُهو ئي آهي
خود کي ڪُھي ڇڏڻ جو لاڙو اُهو ئي آهي
ساھ ۾ سبيل رهن ٿيون هر هڪ صدا جون ڳالھيون
ڪھڙا وجود پنھنجا ڪھڙيون بقا جون ڳالھيون

خود کي زندھ رکڻ جو ڀي ذائقو کپي ٿو
اُڀ مان ٽٽو جو تارو آخر ته ڪو جھپي ٿو
هن کي چئي ڇڏيون ۽ هُن ساڻ هلي ملجي
ڪيڏو رُنا ٻئي آهيون هاڻي ته وهي کلجي
پنھنجي مٽيءَ جو ماڻھو پنھنجن هٿن سان گھڙجي
تلوار جي اکين سان تاريخ ويھي پڙهجي
دل جي درياھ تي بيھي ٻي پار هليو هلجي
ڌرتي ڌُٻڻ نه ٿيندي جي سمنڊ ڌڪي ڇڏجي!؟
اڄ ڇو نه ڪجن ويھي پنھنجي انا جون ڳالھيون
ڪھڙا وجود پنھنجا ڪھڙيون بقا جون ڳالھيون
ٻرندي وسامي وياسين جھڙيون فنا جون ڳالھيون.

جـمال خـاشـقـجـي

جـمال خـاشـقـجـي

تاريخ جي تنبوءَ مان
هڪڙو ڪُميت گھوڙو
هڻڪار جي ھڪل سان
ٽاپوليون هڻي ٿو
اي استنبول تو مان
اڄ رت پيو ڳڙي ٿو
قونيا سڄي ڪُٺل آ
رومي به رت جھڙيون
آهن لکيون رُبايون
دل جي دجال ٻيھر
دنيا سڄي آ ڌوڏي
اخبار جون به سُرخيون
ڳاڙهيون لڳيون پيون هن
هاڻي امن جي اک مان
ڳوڙهو سُڪي نه سگھندو
واپار جي منڊيءَ ۾
ماڻھو جو مُلهه سستو
ٿي ويو آهي سڀن کان
هت ملڪ جا محافظ
بندوق جي اکين سان
سڀ ڪجهه ڏسڻ لڳا هن
گوليءَ جي گونج اڳيان
گھايو پکي پيو آ
هڪ آبشار اک جو
اڄ ڪيسري درياھ جان
مون مان وهي رهيو آ
عربي سمونڊ توکي
ڇوليون ڇڪي کڻي ويون
ساحل سُتو پيو آ
جمال خاشقجي تون
خنجر جي نوڪ اڳيان
ورقن جيان وڍيو پيو
آهين اُتي اڪيلو
جت امن جا ڪبوتر
ويندا اُڏاريا هن
پر ناشتي ۾ ماڻھوءَ
جي گوشتن جا ٽُڪرا
کاڌا ئي ويندا آهن
اي استنبول پوءِ ڀي
تون ساھ پيو کـڻين ٿو
رت جا ڀريندي ڍُڪ تون
آخر نه ڇو مرين ٿو....!!؟

* استنبول جي سفارت خاني ۾ قتل ٿيل جمال خاشقجي تي لکيل.

ماڻھو خدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ...!!!؟

ماڻھو خدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ...!!!؟

خود کي گھڙي گھڙيءَ ۾ ٻيھر ڀُري وڃي ٿو
ماڻھو خدا ٿيڻ کان اڳ ۾ مري وڃي ٿو
هي آسمان نيرو
ڌرتي ڌمال جھڙي
هر ڳالھ عشق اوڍي
آهي ڪمال جھڙي
دوزخ جو در کلڻ سان سارو ٻري وڃي ٿو
ماڻھو خدا ٿيڻ کان اڳ ۾ مري وڃي ٿو
هڪ آسمان کان پوءِ
ٻي آسمان تائين
تارن منجھان ڪو ماڻھو
جنھن دم تري وڃي ٿو
هڪ پلصرات اُڪري
ٻي پلصرات تان هو هلندي ڪري وڃي ٿو
ماڻھو خدا ٿيڻ کان اڳ ۾ مري وڃي ٿو
هڪڙي ثواب اڳيان
ڪيڏا گناھ گڏ ٿيا
ويو ماس روڙهجي ۽
آخر ۾ هڏا گڏ ٿيا
مخلوق جي مرڻ تي
ڪو ڀي نه گڏيو آهي
سنسان صدائن کي
ڪنھن ڀي نه سڏيو آهي
ڌرتيءَ کان اُڀ ڏي سو واپس وري وڃي ٿو
ماڻھو خدا ٿيڻ کان اڳ ۾ مري وڃي ٿو
سڀ معجزا مٽيءَ جا
ماڻھو مٽيءَ جو آهي
احساس جو اثاثو
دل جي گھٽيءَ جو آهي
سڀ صفتون سونھن ٿيون
هڪ ٻار جي اکين ۾
توکي ڏٺو مون آهي
انڪار جي اکين ۾
تارو نه هوندي پوء ڀي تڪڙو تري وڃي ٿو
ماڻھو خدا ٿيڻ کان اڳ ۾ مري وڃي ٿو
هن خوف کي جو کوٽي
ٻاهر ڪڍيو مون جڏهن
تلوار,تير ,ڀالا
سامھون ٿيا ها تڏهن
خود سان اچي خودي جو
ڪلمون ڀرڻ کان پھرين
پنھنجي ئي باھ اندر
بيھي ٻرڻ کان پھرين
فتويٰ فروش اڳيان ايندي ٺري وڃي ٿو
ماڻھو خدا ٿيڻ کان اڳ ۾ مري وڃي ٿو
تاريخ جي تپڻ جي
جاڳي پئي تند آهي
جيئري رهڻ جي لاءِ
هڪڙي ئي جند آهي
منسوب ٿي وڃڻ سان
سڀني ملائڪن جون
سوچون سُڪي وڃن ٿيون
هن ڪائنات جون ڄڻ
ڪنڊون ڏڪي وڃن ٿيون
پرزا ٿيڻ کان پھرين ميڙي کڻي ٿو خود کي
ڳڻتي جي ڳالھ اندر آخر ڳري وڃي ٿو
ماڻھو خدا ٿيڻ کان اڳ ۾ مري وڃي ٿو

وڏ ڦُـڙي جـيان ويٺي وسان ٿي ...!!!

وڏ ڦُـڙي جـيان ويٺي وسان ٿي ...!!!

آئون ڏهاڙي ويٺي ڏُکان ٿي
سڪ جي سيءَ سٽيو آهي
ڪو به نه گھبرو عشق اُتر کي
ڪيئن مون توبن ڪٽيو آهي
آخر توکي ڪيئن ٻُڌايان
ڀريو سيڪارا ساھ کڻان ٿي
وڏ ڦُڙي جيان ويٺي وسان ٿي

ٻاهر ورانڊي ۾ هو ويٺل
سلهه جو ماريل کنگهه جو کرٽيل
جنھن جي ننڊ کي کاٽ لڳل آ
ڇرڪائيندڙ ڇاٽ لڳل آ
تاڻي ويٺو اُڀ جا تارا
اوڀارا ۽ سڀ لھوارا
مونکي تنھنجا خواب کڻن ٿا
آئون کٽ تان پاڻ کڄان ٿي
پنھنجو پاڻ ۾ روز ڀڄان ٿي
خيالن ۾ پئي توڏي اچان ٿي
آڌيءَ رات اڪيلي اُٿان ٿي
وڏ ڦُڙي جيان ويٺي وسان ٿي

غم جو گھاٽو مينھن وٺو آ
مون تي نسورو نينھن وٺو آ
ٻوڪيو آهي ٻور انبن ۾
آئون چُران هت ويٺي چنگن ۾
مونکي ڇانگڻ وارا ڇورا
آئون جوانيءَ جھڙي جھنگ ۾
روز وڃان پئي گھاٽي ٿيندي
وقت ولوڙڻ جھڙو پنھنجو
محبت ماٽيءَ ساڻ ملي شل
جھونگارون ٿي روز جُھلي شل
ڪھڙي ويھي لڪ لڪان مان
توسان ڀاڪُر منجھه ڀچان مان
ٻيڪڙيل پئي در ڏسان ٿي
وڏ ڦُڙي جيان ويٺي وسان ٿي

مون سان مکا ميل اچي ٿي
ڇڏ صبحاڻي هيل اچي ٿي
مونکي سنھڙي سينڍ ڏئي ڏس
هڪڙو ڀيرو نينڍ ڏئي ڏس
آئون جيڪا تولئه جيئان پئي
اڃ جو درياھ اک سان پيان پئي
واسينگن جھڙا هي وڇوڙا
منھنجي واٽ وٺيو بيٺا هن
پوءِ به لتاڙي لڪ اچان ٿي
ڊوڙون پائي ڊُڪ اچان ٿي
ساھ ۾ سھڪو ڇوليون آهن
تنھنجون منھنجون ٻوليون آهن
پيار هندوري منجهه لُڏان ٿي
آئون عرشن تائين پُڄان ٿي
ڇرڪ ڀريان ٿي اک مھٽيان ٿي
سلهه ۾ ورتل ور ڏسان ٿي
وڏ ڦُڙي جيان ويٺي وسان ٿي.

آئون اُن دور ۾ اچي ويو آهيان...!

آئون اُن دور ۾ اچي ويو آهيان...!

آئون پنھنجي دور کي وساري
هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي ويو آهيان
جت صرف ماڻھن جا قد ئي ماپيا ويندا آهن
قدن جي ماپ جو دارومدار
دلين سان ڪا به وابستگي نٿو رکي
تنھن ڪري آئون قدن ۽ دلين کان الاهي پري بيٺل آهيان

آئون ان دور ۾ داخل ٿي ويو آهيان
جنھن دور جون موسمون
ماڻھن جي مزاجن سان بلڪل به نٿيون ملن
ڇڻڻ ۽ ٽڙڻ
جي ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري سگھجي
اڀرڻ ۽ لھڻ جو اندازو
ماڻھن ۽ موسمن کي
ڏسڻ کانپوءِ به نٿو لڳائي سگھجي

آئون اُن دور ۾ داخل ٿي ويو آهيان
جنھن دور ۾ ماڻھو ماڻھوءِ کي نٿو سڃاڻي سگھي
۽ صرف قديم آثارن جون اکيون ئي ڳالھائي رهيون آهن
زندگيءَ کي ڪو به گيت ناهي
جي آهي ته فقط هڪ اهڙي ڪيفيت آهي
جنھن ۾ موت ۽ ماڻھو هڪ ئي شڪل جھڙا لڳي رهيا آهن

آئون هڪ اھڙي دور ۾ اچي ويو آهيان
جنھن دور ۾ تون به منھنجي ناهين رهي
۽ آئون مڪمل اڪيلو ٿي ويو آهيان
ايئن اڪيلو
جيئن خدا پنھنجو پاڻ ۾ اڪيلو هوندو آهي
پر آئون آخر ڇا ڪريان...!
خوف جيڪو مونکي خدا ٿيڻ به نٿو ڏي.

اڄ آئون سڄو ڏينھن تنھنجو ئي انتظار ڪندس...

اڄ آئون سڄو ڏينھن تنھنجو ئي انتظار ڪندس...

اڄ آئون سڄو ڏينھن تنھنجو ئي انتظار ڪندس
سج جي لھي وڃڻ کان وٺي
سج جي اڀري اچڻ تائين
سمنڊ ۾ غرق ٿيل ٻيڙن کان وٺي
اميد جي آخري ڳولا تائين
مونکي صرف تنھنجو ئي انتظار ڪرڻو آهي

آسمان مان پٽ تي ڪرندڙ ستارن کان وٺي
ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيندڙ زلزلن تائين
پکين جي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کان وٺي
وڍجي ويل وڻن جي واڪن تائين
مونکي صرف تنھنجو ئي انتظار ڪرڻو آهي

هڪ درياھ جي سُڪي وڃڻ کان وٺي
ٻي درياھ جي وهي اچڻ تائين
هڪ ڇوڪري جي جوان ٿيڻ کان وٺي
هڪ عورت جي پرڻجي وڃڻ تائين
هڪ ٻار جي ڄمڻ کان وٺي
هڪ مرد جي مري وڃڻ تائين
مونکي مسلسل تنھنجو ئي انتظار ڪرڻو آهي

آئون پنھنجي اداسين جو اڪيلو وارث هوندي به
تنھنجي انتظار ۾ ڪڏهن به اداس ناهيان ٿيو
منھنجي لاءِ
ضرورت جو پھريون ضد تون ئي ته آهين
دل کي دلاسا ڏئي زندگي گذارڻ جو فن
صرف مونکي ئي اچي ٿو
تون منھنجي پيار جي پھرين تاريخ جو چنڊ آهين
جنھن کي صرف آئون ئي ڏسڻ ٿو چاهيان
هي منھنجو انتظار تنھنجي اچڻ تائين
اوجاڳيل ئي رهندو
ڇو ته هاڻ مونکي صرف تنھنجو ئي انتظار ڪرڻو آهي

برسات جي بھي رهڻ کان وٺي
بادلن جي موٽي وڃڻ تائين
هن دنيا جي ٺھڻ ۽ ڊهڻ کان وٺي
خدا ۽ ماڻھو جو هڪ ٻي سان ملي وڃڻ تائين
آئون تنھنجي ئي انتظار ۾ رهندس

انتظار جيڪو مونکي اکيون به پورڻ نٿو ڏي
رات ۽ ڏينھن
منھنجي حالتن اڳيان هڪ جھڙا ئي آهن
مرڻ ۽ جيئڻ
مون تنھنجي انتظار جي اڳيان بھاري ڇڏيو آهي
هاڻ آئون تنھنجي انتظار کي
ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندس
انتظار جنھن اڄ ڏينھن تائين اک به ناهي ڇنڀي
انتظار جيڪو ھوبھو تو جھڙو ئي آهي
هاڻ آئون صرف تنھنجي لاءِ ئي جيئندو رهندس
هاڻ آئون صرف تنھنجي لاءِ ئي مرندو رهندس.

منھنجا نظم ۽ تنھنجون اکيون...

منھنجا نظم ۽ تنھنجون اکيون...

مون تنھنجي اکين مان
ڪيترائي نظم چوري ڪيا آهن
جن جي شڪل ھوبھو تو جھڙي ئي آهي
آئون جڏهن به ڪٿ ڪو نظم پڙهندو آهيان ته
ماڻھو مونکي
تاڙيون وڄائي اُٿي بيھي داد ڏيندا آهن
اها منھنجن نظمن جي نه
پر تنھنجي اکين جي ئي ڪرامت آهي
منھنجا نظم
تنھنجي حُسن مان چونڊيل اُهي گل آهن
جن سان ڪيترا ئي روحن جا ريگستان
آباد ڪري ٿا سگھجن
سچ پڇين ته
مونکي منھنجا نظم گھٽ
پر تنھنجون اکيون وڌيڪ لڳندا آهن.

جڏهن به ڪو غيرت تي بحث ٿيندو آهي ته...!

جڏهن به ڪو غيرت تي بحث ٿيندو آهي ته...!

جڏهن به ماڻھن تي
روئڻ جي موسم ايندي هئي
ته آئون وڏا ٽھڪ ڏئي کلندو هئس
ڇو ته اُنھن جو درد
مونکي پنھنجو درد محسوس نه ٿيندو هو
جڏهن به ڪو حملا آور لشڪر
منھنجن پاڙيسرين تي ڪاھ ڪري ايندو هو ته
آئون ٻانھن سيرانديءَ هيٺان ڏئي
گھري ننڊ سمھي پوندو هئس
ڄڻ ته آئون ڄايو ئي ننڊ ڪرڻ جي لاءِ هجان
جڏهن به ڪنھن عورت سان
ڪا زيادتي ٿيندي هئي ته
آئون اُنھيءَ جي ڦاٽل ڪپڙن مان
جھاتيون پائيو پيو سندس جسم کي ڏسندو هئس
۽ مونکي پنھنجي ڀيڻ
ڪڏهن به ڪپڙن کان آجي نظر نه ايندي هئي
هاڻ آئون ايترو ته عادي ٿي ويو آهيان
جو منھنجي لاءِ شرم ڪا به معنيٰٰ نٿو رکي
ڇو ته منھنجو نڪ
وڍجڻ جي ماپ کان به الاهي ننڍو ٿي پيو آهي
۽ هاڻ جڏهن به ڪو
غيرت تي بحث ٿيندو آھي ته
آئون پنھنجو پاڻ کي
بيغيرت ئي محسوس ڪندو آهيان.

توهان اُنھن ماڻھن کان الڳ ٿي وڃو...!

توهان اُنھن ماڻھن کان الڳ ٿي وڃو...!

توهان اُنھن ماڻھن کان الڳ ٿي وڃو
جن جي شڪل ته توهان جھڙي ئي هوندي آهي
پر سندن ارادا
مري ويل ماڻھن جھڙا ئي هوندا آهن
جن منجھان خوشبوءَ جي
ڪا به اُميد نٿي رکي سگھجي
سواءِ بدبوءَ جي

توهان انھن ماڻھن کان الڳ ٿي وڃو
جيڪي خواب ناهن ڏسندا
جن جون اکيون پٿر ٿي ويون آهن
جن جا پير
هڪ ئي جاءِ تي ڄمي بيھي رهيا آهن
جن مان اڳتي وڌڻ جو ڪو به آثار نظر نٿو اچي

توهان انھن ماڻھن کان الڳ ٿي وڃو
جن کي ڏينھن ۽ رات جي
اهميت جي خبر ناهي هوندي
جن کي سج ۽ چنڊ
ڏسڻ ۾ ته ايندا آهن
پر سمجھه ۾ ناهن ايندا
جن کي ڌرتي صرف
هڪ گولو ئي لڳندي آهي
جيڪي صرف آسماني ڪتابن کانسواءِ
ٻي ڪنھن به ڪتاب کي تسليم ناهن ڪندا
جن وٽ صرف پنھنجا ئي ٺھيل خدا هوندا آهن
جيڪي صرف پنھنجي لاءِ ئي جيئندا آهن
۽ پاڻ ۾ ئي مري ويندا آهن

توهان انھن ماڻھن کان الڳ ٿي وڃو
جن جي اندر ۾ ڪو به رقص ناهي هوندو
جيڪي بي سُري زندگيءَ جو ڊگھو باب لڳندا آهن
جن جي من مان ڪو به آبشار ناهي وهندو
جيڪي مڪمل صحرا جھڙا هوندا آهن
جن وٽ وهي ٿڪ نٿو ڀڃي سگھجي
جن منجھان ڪڏهن به ڪو آواز نٿو اچي سگھي

توهان انھن ماڻھن سان گڏجي وڃو
جيڪي ڌرتيءَ تي ته سمھندا آهن
پر آسمان کي ضرور ڏسندا آهن
توهان انھن ماڻھن سان گڏجي بيھي رهو
جيڪي آئيندن جا خواب ڏسندا آهن
جن جون اکيون
موت جي خوف کان ناهن ڊڄنديون
جيڪي آسمان ۾ اڏامڻ جيڏي همٿ رکندا آهن
جن کي صرف زندگيءَ جو گيت ئي ڳائڻ ايندو آهي.

ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ...!!!

ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ...!!!

غلاميءَ کي اکيون ناهن ٿينديون
ان ڪري ڄمڻ وقت ئي
منھنجي اکين ۾
سياھي جو سرمون وڌو ويو
ته جيئن منھنجي اکين جي
ڳاڙهاڻ ختم ٿي وڃي
۽ منھنجو رت ڪڏهن به ولوڙجي نه سگھجي
ڄمڻ کان وٺي مونکي ٻڌو ويو آهي
هٿن کان وٺي پيرن تائين
منھنجي چرپر بند آهي
هاڻ ته آئون کُلڻ کانپوءِ به
پاڻ کي ٻڌل ئي محسوس ڪندو آهيان
منھنجي اکين تي رکيل غلاميءَ جا هٿ
مونکي آزاد آسمان به ڏسڻ نٿا ڏين
ڄمڻ کانپوءِ مرڻ وقت به
هو منھنجن پيرن کي ٻڌڻ ٿا چاهن
ڪفن جي ڪنڊ مان ڦاٽل اڳڙي سان
۽ ٻڌڻ ٿا چاهن
منھنجي کليل وات ۽ ڄاڙي کي
هت آئون
ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ٻڌو ئي ويو آهيان
مون ڪڏهن به ڪو
ڳاڙهو خواب ناهي ڏٺو
خواب ڏسڻ ۽ تعبير ۾ تبديل ٿيڻ
ٻڌل نه پر کليل ماڻھو جي ئي نشاني آهي
پر آئون ته
ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ٻڌو ئي پيو آهيان
۽ پنھنجو پاڻ ۾ ئي مري ويو آهيان.

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته...

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته...

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته
توهان زندھ رهو
ته پوءِ توهانکي سج سان گڏ اُڀرڻو پوندو
رات کي روشن رکڻ لاءِ چنڊ ٿيڻو پوندو
۽ سمنڊ جي ٻي ڪناري تائين به
پنھنجو پاڻ کي وٺي وڃڻو پوندو

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته
توهان زندھ رهو
ته پوءِ توهانکي پکين جھڙا خواب ڏسڻا پوندا
آسمان ۾ اُڏامڻ جو هُنر سکڻو پوندو
۽ بازن جو خوف دل مان ڪڍڻو پوندو

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته
توهان زندھ رهو
ته پوءِ توهانکي جبل ٿيڻو پوندو
تيز ڪاڙهن ۽ بارشن سان گڏ
زلزلن کي به منھن ڏيڻو پوندو

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته
توهان زندھ رهو
ته پوءِ توهان درياھ جيان وھندا رهو
سمونڊ کي واپس ڌڪيندا رهو
۽ ڌُٻڻ کان پنھنجو پاڻ کي بچائيندا رهو

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته
توهان زندھ رهو
ته پوءِ توهان پنھنجن نسلن کان ننڊ کسي وٺو
جاڳ جي ٻيڙي ۾ سفر ڪندا رهو
۽ ڌرتيءَ جو گيت ڳائيندا رهو

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته
توهان زندھ رهو
ته پوءِ توهان مان موت جو خوف ختم ٿيڻ کپي
۽ توهان مان پنھنجي تاريخ جو
هڪ اهڙو ته طوفان اٿڻ کپي
جنھن جي وڌڻ سان زمانا زرد ٿيڻ لڳن
جنھن جي تاثير مان ضميرن کي زندگي ملي پوي...

سچ پڇين ته توکانسواءِ...!!!

سچ پڇين ته توکانسواءِ...!!!

چنڊ کي چُمي ڏيڻ وقت
مونکي تون ياد اچي ويندي آهين
مونکي اڄ محسوس ٿيو آهي ته
زندگي ڪيڏي نه خوبصورت هئي توساڻ گڏ
زندگي ڪيڏي نه بدصورت آهي تنھنجي بغير
هن وقت آئون
دنيا جو اهو مظلوم ماڻھو آھيان
جنھن کان تنھنجي پيار جي
سموري ملڪيت کسيل آهي
تنھنجو مونکان کسجي وڃڻ
مونکان سڀ ڪجھه کسجي وڃڻ جي برابر آهي
سچ پڇين ته
هاڻ آئون غم جي گھاٽي غربت ۾ گذاريندو آهيان
ڏکن جي ڏينھن جو تلخ تجربو
هاڻ آئون توکي بنا هٻڪ جي ٻُڌائي ٿو سگھان
سچ پڇين ته
زندگي ۽ موت جو فرق مونکي هاڻ سمجهه ۾ آيو آهي
توکانپوءِ تنھنجي سار جو سمنڊ
مونکي روز ٻوڙي ويندو آهي
جنھن منجھان اکين جو تري ٻاهر نڪرڻ به
محال ٿي پوندو آهي
سچ پڇين ته
تون ۽ تنھنجي پيار جي اهميت جو احساس
مونکانسواءِ ٻيو ڪير ڄاڻي ئي نٿو سگھي
اها حقيقت آهي ته
هاڻ آئون توکانسواءِ
مڪمل غريب ٿي ويو آهيان
سچ پڇين ته توکانسواءِ
منھنجو جيئڻ ئي جنجال ٿي پيو آهي.

مونکي مڪمل ٿيڻ ڏيو...!؟

مونکي مڪمل ٿيڻ ڏيو...!؟

منھنجي مڪمل ٿيڻ کان اڳ
تون ڪيڏانھن گم ٿي ويو آهين
اڌو اڌ ٿي ويل ماڻھو
ڇا واقعي مون جھڙا ئي ٿيندا آهن...!؟
آئون پنھنجي مڪمل ٿيڻ جي لاءِ
توکي ئي ڳولھي رهيو آهيان
ارتقا کان رهجي ويل منھنجو اڌ آسمان
مونکي اڌو اڌ ڪريو بيٺو آهي
آئون ڏسڻ ٿو چاهيان پاڻ کي تو جيان مڪمل
تون ڪٿي گم ٿي ويو آهين
آئون اڌ ڳوهيل مٽيءَ جو ماڻھو
توکي ئي ڳولھي رهيو آهيان
سمنڊ جي آخري لھر
مونکي ٻوڙڻ جي لاءِ سوچي رهي آهي
۽ هاڻ ته منھنجي دل به
ڌُٻڻ جيان ڌُٻڻ لڳي آهي
تنھنجو منھنجي مڪمل ٿيڻ کان اڳ
گم ٿي وڃڻ
منھنجي گمان ۾ به نه هو
رات ۽ ڏينھن ٿيڻ کانپوءِ به
سال ۽ صديون گذرڻ جي باوجود به
آئون مڪمل ناهيان ٿي سگھيو
ڇا منھنجي مڪمل ٿيڻ سان
توکي پنھنجي ڊهي پوڻ جو خوف ته ناهي جاڳي پيو...!؟

آخري وصيت نامون...!!!

آخري وصيت نامون...!!!

آسماني ڳالھيون ته مونکي
سمجھه ۾ اچي ويون آهن
پر زميني حالتون
اڃان تائين مونکي سمجهه ۾ ناهن اچي سگھيون
ڪفر جي ڪاري اک ۾
گناھ جي ڄڻيل اُگھاڙي ٻار
پوري دنيا کي اُگھاڙو ڪري ڇڏيو آهي
خدا جي هجڻ جي حقيقتن تي
نابري واري بيٺل وضاحتن جي وات تي
آخر ڪير اچي هٿ رکندو!؟
هاڻ ته آئون به
زمين ۽ آسمان جي وچ وارو فاصلو اڪيلي سر ڳڻي
ويتر اڪيلو ٿي ويو آهيان
هٿن جون منجھيل لڪيرون
منھنجي مقدر جون پھريون دستاويز آهن
جن کي ڏسي آئون پاڻ منجھي پيو آهيان
مونکي درياھ ۾ وهنجڻ ناهي وڻندو
ڇو ته منھنجي اکين ۾
اڳي کان ئي گھڻو سيلاب آهي
ماڻھو ملائڪ ۽ خدا
آخر ڪڏهن هڪ ٻي سان هم ڪلام ٿيندا...!؟
آئون پنھنجو آخري وصيت نامون تڏهن ئي لکندس
جڏهن زميني ۽ آسماني حقيقتون
مونسان گڏ ماڻھن کي به سمجھه ۾ اچي وينديون..

آئون توکي ڳولھي واپس موٽي آيو آهيان...!؟

آئون توکي ڳولھي واپس موٽي آيو آهيان...!؟

مونکي مٽيءَ جو خواب چئي
دفنائي ڇڏڻ وارن ماڻھن مان
منھنجون اکيون ڪنھن به کولي ناهن ڏٺيون
اکين جي ماڻڪين ۾ مري ويل منھنجا خواب
آخر ڪڏهن زندھ ٿيندا...!؟
هاڻ ته آئون پنھنجي مٽيءَ جو
پاڻ ئي مرثيو ٿي ويو آهيان
ساڀيان کان اڳ
مري ويل خوابن جي حالت تي
هت ڪير به نٿو روئي
آئون توکي ڪيترن ئي آسمانن تان ڳولھي
واپس موٽي آيو آهيان
پنھنجي گڏجي پوڻ جي لاءِ
آخر ڪيترن گناھن
۽ ڪيترن ثوابن جو هجڻ لازمي آهي!؟
منھنجو مٽيءَ تي هجڻ
۽ تنھنجو آسمان تي هئڻ
منھنجي سمجهه ۾ آخر ڪڏهن ايندو...!؟
اي منھنجي اميدن جا آخري خُدا
منھنجن خوابن کي مٽيءَ جو ملائڪ بڻائي
ته آئون پاڻ ۾ پورجڻ کان ٻاهر نڪري اچان...

منھنجي مري وڃڻ جو اطلاع...!!!

منھنجي مري وڃڻ جو اطلاع...!!!

هي سڀ ماڻھو چون ٿا ته
آئون مري چُڪو آهيان
هاڻ مون ۾
زندھ هجڻ جي ڪا به نشاني ناهي رهي
هلڻ ڏسڻ
اُٿڻ ۽ سمھي رهڻ
منھنجي زندھ هجڻ لاءِ ڪافي ناهي
رات جھڙيون منھنجون ڪاريون اکيون
ڏينھن ڏسڻ جي قابل ناهن رهيون
منھنجو رت ڳاڙهو هئڻ جي باوجود به
ڏينھون ڏينھن ڇڊو ٿيندو پيو وڃي
غيرت جو گھٽجي وڃڻ ئي
موت جي پھرين علامت آهي
پر مون ۾ ته
زندھ هجڻ جون سموريون علامتون موجود آهن!؟
ساھ کڻڻ
کائڻ پيڻ
۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ
ڇا اهو زندھ هجڻ لاءِ ڪافي ناهي...!؟
ماڻھو منھنجي مري وڃڻ جو اطلاع
منھنجن ڪنن تائين کڻي آيا آهن
۽ آئون ڪنن ۾ آڱريون وجھي وهي رهيو آهيان
هو سڀ ماڻھو
مونکي گڏجي اهو چئي رهيا آهن ته
تنھنجو مڪمل مري وڃڻ ئي
اسان لاءِ فائدي مند آهي
ڇو ته تنھنجي زندھ رهڻ سان
ڪيترن ئي ماڻھن جو رت ڇڊو ٿيندو
۽ ڪيترا ئي نسل پنھنجي غيرت وڃائي ويھندا.

اسراءَ الغمام ۽ آسمان جو اڪيلو خدا...!!!

اسراءَ الغمام ۽ آسمان جو اڪيلو خدا...!!!

ماڻھو جيڪو
خدا کان ڀي وڏو خدا ٿيڻ ٿو چاهي
حوس سموريون حدون اورانگھي
ڪيترائي جسم کائي ڇڏيا آهن
خدا کي ڳولھيندڙ ماڻھو
ڌرتيءَ تي خود خدا ٿي وهي رهيو آهي
اُٺن جي ٿوهن جو قسم
ابليس جي اک
ماڻھوءَ جي منافقت جيتري ئي ٿيندي آهي
کجين جيڏا ڊگھا قدآور ماڻھو
اڄ عورت جي کُڙيءَ کان به ننڍڙا لڳي رهيا آهن
اسراءَ الغمام تنھنجي آواز جي اُڇل
ڪيترن ئي خاموش سمونڊن ۾
ساھ وجھي ڇڏيو آهي
واريءَ جھڙا وجود
هاڻ تو اڳيان ڊهڻ لڳا آهن
مراقبن ۾ ويڙهيل چھرن مٿان چادر
تو ئي ته ڇڪي لاٿي آهي
ماڻھوءَ جي اگھاڙي ٿي پوڻ کي بدنامي جو ڀونڊو
توکان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ڏئي سگھي
تنھنجي بيگناھ قتل جي دانھن
خدا وٽ عرش تي پُڄي چُڪي آهي
تنھنجو ڪپيل ڪنڌ
سموري ڪائنات جو ڪپيل ڪنڌ آهي
عرب ملڪن جو صبح
اڄ رات ۾ تبديل ٿي ويو آهي...!
پوءِ به
زمين جا سمورا خدا
تنھنجي قتل تي گڏجي کلي رهيا آهن
جڏهن ته
منھنجو ڪنڌ هيٺ جھڪيل آهي
۽ آسمان جو اڪيلو خدا تو مٿان روئي رهيو آهي.

* ايران ۾ فتويٰ ڏئي قتل ڪيل اسراءِالغمام تي لکيل

عشق جو اٺون آسمان ...

عشق جو اٺون آسمان ...

خُدا کي ٻڌائڻ جھڙيون ڳالھيون
آئون صرف توساڻ ئي ڪرڻ ٿو چاهيان
پاڻ ٻنھي جا بُرج ته الڳ آهن
پر پاڻ ٻنهي جي حالت هڪ جھڙي ئي آهي
تون منھنجي ڪائنات جو اهو ڪتاب آهين
جنھن کي مون
پنھنجي دل جي دنگن تي وھي لکيو آهي
آئون تنھنجي سڪ جو ستون آسمان اورانگھي
اڄ عشق جو اٺون آسمان ٿي ويو آهيان
هاڻ مون مان
پٽ تي ڪرڻ جو خوف ختم ٿي چُڪو آهي
ڪنن ۾ ڪيل ڳالھيون
دماغ ۾ گھڙي وھي رهنديون آهن
پر تنھنجو منھنجي دماغ ۾ هجڻ کان وڌيڪ
منھنجي دل ۾ هجڻ لازمي آهي
ڇو ته پاڻ کي ڪيتريون ئي ڳالھيون ڪرڻيون آهن
دل ۽ دماغ جي وچ ۾
رات ۽ ڏينھن جي وچ ۾
ڇو ته هاڻ پاڻ کي اداس ناهي ٿيڻو
پاڻ کي دليلن جي دنيا ۾ رهي
خلا ۾ خوشبوءِ ڀرڻ جي ڳالھه ڪرڻي آھي
سج کي سمنڊ ۾ وهنجارڻ جي ڳالھه
هاڻ پاڻ ٻنھي کي گڏجي ڪرڻي آ
تون جڏهن به مون سان
عشق جي اٺين آسمان تي ملڻ ايندينءَ ته
آئون اُهي سموريون ڳالھيون توکي ئي ٻڌائيندس
جيڪي ڳالھيون
آئون اڃان تائين خُدا کي به ناهيان ٻُڌائي سگھيو.

آئون تو ۾ گُـناھ جو گھر اڏي وهي رهڻ ٿو چاهيان...

آئون تو ۾ گُـناھ جو گھر اڏي وهي رهڻ ٿو چاهيان...

گُناھن کي گڏ ڪرڻ لاءِ
مون توکي پاڻ منجهه ئي رکيو آهي
رات جي ڪاري اک
صبح جي ڀنل اک تي ڪڏهن به ناهي سوچيو
مون پنھنجي عمر جو اڌ حصو
تو ۾ آوارگيون ڪندي ئي وڃايو آ
باقي بچيل اڌ حصو
مون پنھنجي اُگھاڙپ کي ڏئي ڇڏيو آ
هاڻ مون مٿان ڪو به لباس ناهي
آئون پنھنجي اُگھاڙي هئڻ جو اعتراف
صرف توسان ئي ڪري ٿو سگھان
ان ڪري جو مونکي پڇتاءُ جي پويان ڊوڙڻ ناهي ايندو
۽ نه ئي وري ڪو ماتم ڪرڻ ايندو اٿم
مون پنھنجا سمورا گناھ
تنھنجن گناھن سان گڏي ڇڏيا آهن
جن جي عمر به هڪ جيتري ٿي چڪي آهي
تنھنجن تلوار جھڙين
تکين اکين کان به ڪو بچي سگھي ٿو ڇا...!؟
مونکي تنھنجي جواني جي جنگ فتح ڪرڻ جو
پورو هُنر حاصل آهي
خدا جي خيال ۾ خلل وجھڻ جھڙي ڇوڪري
آئون تو ۾ مڪمل
گناھ جو گھر اڏي وهي رھڻ ٿو چاهيان.

عشق جي عمر تنھنجي اکين کان وڏي ناهي...!

عشق جي عمر تنھنجي اکين کان وڏي ناهي...!

مون مٿان محبتن جا مينھن
صرف تنھنجي ئي
جواني جي جُھڙ منجھان وٺا آهن
آئون پاڻ کي نپوڙي
توکي پاڻ مان ٻاهر ڪڍڻ نٿو چاهيان
ڇو ته سونھن جي سوڪ
منھنجي ساھ ۾ سيرون وجھڻ جي لاءِ ڪافي آ
آئون اهو اعتبار سان چئي سگھان ٿو ته
عشق جي عمر
تنھنجي اکين کان وڏي ناهي
۽ تون جيڪا مونکي
خدا جو پھريون خواب ئي ته لڳندي آهين
هاڻ مونکي دنيا جي
حسين هجڻ جو حوالو ملي ويو آهي
تون محبتن جي اُها منزل آهين
جنھن جي رسائي منھنجي روح تائين آهي
آئون ڪيڏو نه خوشنصيب آهيان
جو مونکي تنھنجي پيار جي
بادشاهيءَ جو تخت حاصل آهي.

اڄ ڪير به روئي سگھي ٿو...!!!

اڄ ڪير به روئي سگھي ٿو...!!!

ماڻھو مٽيءَ جو خواب آهي
ان ڪري هو هاڻ
ڪو به خواب ڏسي نه سگھندو
موهن دڙي جي مورتين کي ٻڌائي ڇڏيو ته
اڄ رقص جي چيلھه ٽٽي پئي آهي
اڄ سمبارا جي ساھ ۾ سڏڪو ڀريل آهي
اڄ ڪو به گھنگھرو گيت نه ٿي سگھندو
اڄ دجلا ندي وهڻ ڇڏي ڏنو آهي
اڄ ڪا به ڪنواري گنگا ۾ گناھ ڌوئڻ نه ويندي
اڄ تاج محل جا مينار پٽ تي ڪري پيا آهن
۽ سمنڊ ۾ سوڳ جيڏي سانت اچي وئي آهي
اڄ ڪائنات جي اداس ٿي وڃڻ جو ڏينھن آهي
اڄ خدا سان مخاطب ٿي
ماڻھو جي مري وڃي تي ڳالھائڻ جو ڏينھن آھي
اڄ ڪنھن به اداڪار جي اک مان
ڪو به مصنوعي ڳوڙهو نه ڳڙندو
ڇو ته اڄ روئڻ جي رات آهي
اڄ ڪير به روئي سگھي ٿو
ڇو ته هاڻ سندس آواز درد ۾ دٻجي چُڪو آهي
جنھن کي مٽيءَ جو خواب ئي چئي ٿو سگھجي
اڄ ڪيترائي گيت غم جي ڌُن ڳائي رهيا آهن
اڄ ڪيترائي اسٽيج جي دنيا جا ڊائلاگ
تو ڏانھن اکيون کڻي ڏسي رهيا آهن
پرافسوس جو موت تنھنجي اکين تي
هميشه جي لاءِ پنھنجا هٿ رکي ڇڏيا آهن...

* فلم انڊسٽري جي بھترين ادڪار عرفان جي وفات تي لکيل

بنا ڪپڙن جي لکيل نظم...!!!

بنا ڪپڙن جي لکيل نظم...!!!

بنا ڪپڙن جي لکيل نطم
ھوبھو هن معاشري جھڙو ئي آ
سندس انگ انگ تي لکيل
چمين کان وڌيڪ چڪن جا نشان پڙهي
شھوت جھڙو شوڪارو ئي ڀري ٿو سگھجي
هڪ ئي رات ۾
ڪيترن ئي گراهڪن سان گڏجي
سمھندڙ هي نطم
هٿن مان ڪري پيل
شراب جي بوتل جھڙو ئي لڳندو آ
ته ڪٿ وري
فلٽر تائين سڙي ويل
سگريٽ جھڙو پيو ڏيک ڏيندو آ
هن نظم کان ته هاڻ
ڪپڙن پائڻ جي عادت ئي وسري وئي آ
مسلسل اگُھاڙو رهڻ جي ڪري
ساڻس ڪيتريون ئي زوري زنا جھڙيون
زيادتيون به ٿينديون رهيون آهن
هن اجتمائي لڄالُٽ جھڙي نظم کي
جيڪڏهن آئون شھر ۾ وٺي آيس ته
سڄو شھر ئي اُگھاڙو ٿي پوندو.

هاڻ منھنجي ڪا به اضافي قبر نه کوٽجو...!!!

هاڻ منھنجي ڪا به اضافي قبر نه کوٽجو...!!!

منھنجي لاءِ
جيڪا به قبر کوٽي وئي آهي
اُنھيءَ مان نانگ نڪتو آهي
نانگ جيڪو عذاب جي نشاني آهي
زندگيءَ ۾ لڳل نانگن جا ڏنگ
مونکي قبر تائين به بخش نٿا ڪن
آئون پنھنجي قبر کان وڌيڪ نانگ کي ڏسي رهيو آهيان
نانگ جيڪو مونکي ڄمڻ کان وٺي
مسلسل ڏنگيندو رهيو آ
قبر جو نانگ ۽ دنيا جو نانگ
ڏسڻ ۾ به هڪ جھڙا آهن
ته وري ڏنگڻ ۾ به هڪ جھڙا ئي آهن
مون دنيا جي نانگن جا ڏنگ سٺا آهن
ان ڪري هاڻ منھنجي ڪا به اضافي قبر نه کوٽجو
ڇو ته دنيا جي نانگ کان بچڻ جي لاءِ
هاڻ آئون
قبر جي نانگ سان ئي گڏجي سمھڻ ٿو چاهيان.

مونکي چون ٿا ته تون اسان مان ناهين...!!!

مونکي چون ٿا ته تون اسان مان ناهين...!!!

مونکي چون ٿا ته
تنھنجون اکيون اسان کان مختلف آهن
۽ تنھنجو مھانڊو
اسان سان مشابھت نٿو ڏي
تنھنجو ۽ اسانجو نسل هڪ جھڙو ناهي

مونکي چون ٿا ته
اسانجو ڄمڻ گولين جا آواز ٻُڌي ٿيو آ
اسانجي ڪنن ۾ وڏي آواز سان
قبيلي جي قتل ٿيل ماڻھن جا نالا وڌا ويا آهن
اسان کي سُتي ۾ ئي دشمنيءَ جو رت پياريو ويو آ
اسان جا هٿ تلوارن کي تکو ڪندي فخر محسوس ڪندا آهن

مونکي چون ٿا ته
توکي ماڻھوءَ جو ماس کائڻ نٿو اچي
تون جھنگ جي ٻولي کان اڻ واقف آهين
توکي جانورن جي زبان سمجهه ۾ ناهي ايندي
ان ڪري جو تنھنجي مُڇ جو موڙ
اڃان مرد ٿيڻ جي منزل تائين ناهي پڳو

مونکي چون ٿا ته
تو مان اسانکي بزدليءَ جي بوءِ ايندي آ
تنھنجو عقل عورت جي عقل جيان ڏائي کُڙيءَ ۾ آ
تنھنجو عقيدو اسانجي عقيدي کان ڪمزور آ
تون اسان کان ان ڪري به مختلف آهين
جو تنھنجي اکين ۾ ڪارو ڪجل ڀريل آهي
۽ اسانجي اکين ۾ رت جو سرمون ڄمڻ کان وٺي وڌو ويو آ

مونکي چون ٿا ته
باھ ۽ مٽيءَ جي پيدائش گڏ نٿي هلي سگھي
اسان پلاند جي پلال کي ٻاري
مري ويل ماڻھن مٿان وهي پنھنجا هٿ سيڪيندا آهيون
اسان موت جي ماچيس جون اهڙيون ته تيليون آهيون
جن کي هڪ ئي وقت گڏي ٻاري سگھجي ٿو

مونکي چون ٿا ته
تون اسانجي نسلن جي مٽيءَ مان ٺھيل ناهين
ڇو ته تنھنجي اکين ڪڏهن به ڳاڙها خواب ناهن ڏٺا.

هي ڪنھن جو لاش آهي...!؟

هي ڪنھن جو لاش آهي...!؟

هي ڪنھن جو لاش آهي...!؟
جنھن کي هوائون
وڌيڪ ننڊ سمھارڻ جي لاءِ لوڏي رهيون آهن
۽ پکي پنھنجون اکيون مھٽي
گلن کي ڀاڪر پائي پار ڪڍي منھن مٿو پٽي رهيا آهن
نون مھينن جي ڪُک
سُنڍ ٿيڻ جو سور پي ڇڏيو آهي
عرش تي ٺھيل جوڙا
مٽيءَ تي ملڻ کانپوءِ ڇو الڳ ٿي ويندا آهن...!؟
حوس جي حدن ۾ مري ويل ماڻھن کي ته
صرف جسمن جي ئي ضرورت هوندي آ
عورتن جي اڳٺن ۾ ٻڌل
مردن جا مغز
الائي ته ڪڏهن آزاد ٿيندا
آئون تنھنجي لٽڪيل لاش تي
سمنڊ جيڏا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهيان
ڪائنات پنھنجو پاڻ کي ڪاري چادر ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي
اڄ سج جي اڀرڻ جو ڪٿان به آثار نظر نٿو اچي
ان ڪري جو اڄ آسمان جو خدا
زمين جي ننڍڙي خدا جي لاش تي روئي رهيو آهي.

* زيادتي ٿيل چئين سالن جي معصوم تي لکيل.

خدا جو لکيل پھريون خط...!!!

خدا جو لکيل پھريون خط...!!!

مونکي خدا جو لکيل
پھريون خط پڙھڻو آهي
۽ ڏاڪڻ رکي آسمان تي چڙهي وڃڻو آهي
آدم ۽ ابليس جي وچ ۾
لڳل جنگ کي نبيرڻ جي لاءِ
خدا جي لکيل پھرئين خط جو هجڻ لازمي آهي
آئون نٿو چاهيان ته
سج جي اک تي هٿ رکي
ڪنھن ڪاري رات ۾ لڪي وڃجي
آسمان جون ڳالھيون
زمين تي آئڻ جي لاءِ
مونکي آدم ۽ ابليس جي صُلح لاءِ
سوچڻو پوندو
خط جي وڃائجي وڃڻ جي ذميداري ته
ڪير به کڻڻ لاءِ تيار ناهي
آئون گناھ ۽ ثواب کي آخر ڪيئن گڏي ويھاريان.!؟
اڃان ته آدم ۽ ابليس جي وچ ۾
لڳل جنگ جو نبيرو ئي ناهي ٿي سگھيو
جيسين مونکي
خدا جو لکيل پھريون خط نٿو ملي
تيسين آئون آسمان تي ئي رھندس
۽ سج جي اک تي رکيل پنھنجو هٿ ھٽائي ڇڏيندس.

اڄ مونکي اُنھن ئي ماڻھن سان ملڻو آهي...!

اڄ مونکي اُنھن ئي ماڻھن سان ملڻو آهي...!

اڄ مونکي اُنھن ماڻھن سان ڳالھائـڻو آهي
جيڪي ماڻھو
پنھنجي زندگيءَ ۾ به زندھ ناهن رهي سگھيا
اڄ مونکي اُنھن ئي ماڻھن ڏانھن وڃڻو آهي
جن جا ذهن زنجيرن ۾ ٻڌل آهن
جيڪي شڪل مان ته ماڻھو ئي لڳن ٿا
پر جيئن وري به جانورن جھڙي زندگي ٿا
اڄ مونکي اُنھن ئي ماڻھن سان ملڻو آهي
جن لاءِ صبح ۽ شام
رات ۽ ڏينھن ڪا به معنيٰ نٿا رکن
جن کي جيئڻ کان وڌيڪ
مرڻ جيتري مھلت سان ئي محبت آهي
جن پنھنجي قبر پاڻ ۾ ئي کوٽي ڇڏي آهي
اڄ مونکي اُنھن ئي ماڻھن جون اکيون کولي ڏسڻيون آهن
جن خواب ۾ ڪڏهن به آسمان ناهي ڏٺو
جن جا پر پکين وانگر پٽيل آهن
جن جا پير
ڌرتيءَ تي هلندي درد کي محسوس ناهن ڪري سگھندا
جن کي اکين ۾ آڱر هڻڻ کانسواءِ
ڪڏهن به خبر ناهي پئجي سگھندي
ته اک ڇنڀ ڇاهي
اڄ مونکي اُنھن ئي ماڻھن تي ويھي روئڻو آهي
جيڪي پنھنجو پاڻ ۾ مري چُڪا آهن
جن جي دفن ٿي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ئي آهن
جن مٿان هاڻ ڪڏهن به فخر سان کلي نٿو سگھجي
جن مٿان هاڻ فقط روئي ئي سگھجي ٿو
اڄ مونکي جي ٿوري به فرصت ملي ته
اڄ آئون پنھنجو پاڻ سان به ضرور ملندس
۽ پاڻ تي ئي ويھي روئندس.

هاڻ آئون ڪڏهن به اکيون بند نه ڪندس...!

هاڻ آئون ڪڏهن به اکيون بند نه ڪندس...!

آئون ڪيترائي ڀيرا
اکيون کولي ۽ اکيون بند ڪري سُتو آھيان
پر خدا مونکي ڪڏهن به خواب ۾ ناهي آيو
آئون آدم جي پٽ کان وٺي
حوا جي ڌيءَ کي ڏسڻ لاءِ
ڪائنات جي ڪنڊن تائين ويو آهيان
مونکي پنھنجو پاڻ کانسواءِ
ٻيو ڪجھه به ملي ناهي سگھيو
فطرت
ماڻھوءَ جي فنا کان الاهي وڏي آهي
مٽيءَ مان گھڙيل ماڻھو
بارشن ۾ ڀڄڻ کانپوءِ آخر ڇو نٿو ڀُري پوي ...!؟
ڪنن ۾ پيل آڱرين کي
مون هاڻ ڪڍي ڇڏيو آهي
هاڻ هر آواز منھنجي اندر سان اچي ٽڪرائجي ٿو
جنھن کي ٻڌڻ کانپوءِ مون ۾
اڏامڻ جيڏا پر ڦُٽي ٿا اچن
تاريخ جا تباھ ٿيل آثار
مون پنھنجي پھرين پيڙهيءَ مان ئي ڏسي ورتا آهن
مونکي درد جي دوزخ جو اندازو
اکيون کولڻ کانپوءِ ئي ٿيو آهي
سمنڊ مٿان هوا جو هلڻ
مون اکيون کولڻ کانپوءِ ئي ڏٺو آهي
هاڻ آئون پنھنجون اکيون ڪڏهن به بند نه ڪندس
ڇو ته اکيون بند ڪري ڇڏڻ کانپوءِ
مونکي ڪڏهن به خدا خواب ۾ ناهي آيو...!

رستا جيڪي ماڻھو کي ڪيڏانھن به وٺي وڃي سگھن ٿا...!

رستا جيڪي ماڻھو کي ڪيڏانھن به وٺي وڃي سگھن ٿا...!

مونکي رستا مٽائن ناهن ايندا
ان ڪري آئون
هڪ ئي جاءَ تي بيٺل نظر ايندو آهيان
درياھ جي بيھي رهڻ
۽ سمنڊ جي وڌي اچڻ جي
مونکي ڪا به خبر ناهي پئجي سگھندي
ڇو ته منھنجو ساحلن تي وڃڻ ئي ناهي ٿيندو
وڻن جي وڍجي وڃڻ جو ڏک
مونکي ڪڏهن به
پکين جي اکين مان محسوس ناهي ٿيو
ڇو ته آئون صرف سڌن ئي رستن تي هلندو آهيان
منجھيل رستن جا موڙ
مونکي ڪنھن به وقت پنھنجو پاڻ مان وڃائي ٿا سگھن
آئون نڪ جي سڌائي تي ئي هلندو آهيان
ان ڪري مونکي رستا مٽائن ناهن ايندا
عمر جي آڱر کي جھلي هلڻ جو هنر
مون پنھنجن وڏن کان سکيو آهي
هڪ ئي جاءَ تي رهڻ جي ڳالهه
صدين کان وٺي مون سان گڏي اچي
اباڻن قبرستانن جي قبرن جا پراڻا ڪتبا
اڄ به مونکي منھنجي سڃاڻپ جھڙا لڳندا آهن
ان ڪري ئي مونکي رستا مٽائڻ ناهن ايندا
موڙ جيڪي ماڻھو کي ڪيڏانھن به وٺي وڃي سگھن ٿا
هاڻ مونکي ڪنھن به موڙ ڏانھن مڙي ناهي ڏسڻو
ڇو ته...!؟
رستن جي وڃائجي وڃڻ سان ئي ماڻھو وڃائجي وڃي ٿو.

اڄ وسامي ويل ڏيئي جو ڏينھن آهي...!!!

اڄ وسامي ويل ڏيئي جو ڏينھن آهي...!!!

اڄ اُداس عورتن جو ڏينھن آهي
اڄ ڪا به عورت
پنھنجي پٽ کي جنم نه ڏيندي
اڄ ڪا به ماءُ
پنھنجي مٿي ۾ تيل نه وجھندي
ڇو ته اڄ
وسامي ويل ڏيئي جو ڏينھن آهي
اڄ تھمتن جي تاريخ
مذهبن جي مٽيءَ جي طوفان سان
ماڻھن کي انڌو ڪري ڇڏيو هو
اڄ پھاڙن جي چوٽين کي باھ لڳي هئي
۽ پکين جا پر پٽيا ويا هئا
اڄ ڌرتيءَ جي ڌُٻي وڃڻ جو ڏينھن آهي
۽ آسمان جو پٽ تي ڪري پوڻ جو مليل اطلاع آهي
اڄ ڪا به عورت
ڪٿي به ويهي روئي سگھي ٿي
ڇو به اڄ دنيا جي دفن ٿي وڃڻ جو ڏينھن آهي
اڄ آئون اداس عورتن کي
صرف نوحا ئي ٻڌائيندس
ته جيئن هو وڌيڪ روئي سگھن
ڇو ته اڄ
ڪاري رات جي وچ ۾ وسامي ويل ڏيئي جو ڏينھن آهي.

* مشال خان جي شھادت تي لِکيل.

مزدور جي اک جيڪا صرف ماني ڏسڻ ٿي چاهي...!!!

مزدور جي اک جيڪا صرف ماني ڏسڻ ٿي چاهي...!!!

اڄ سمورن ماڻھن ماٺ جا روزا رکي
پنھنجن گھرن جا دروازا
بند ڪري ڇڏيا آهن
بند ٿي ويل دروازا
هاڻ ڪير به نٿو کولي
گلين ۾ ٻرندڙ بلبن کي
رات ۽ ڏينھن هجڻ جو فرق وسري ويو آهي
زندگيءَ جي جنگ کٽڻ لاءِ
سڀ ماڻھو پنھنجن گھرن ۾
مورچا بند ٿي ويھي رھيا آھن
دروازي تي ڪيل کڙڪو
هاڻ ڪنھن کي به ٻُڌڻ ۾ نٿو اچي
مسجدن جا ممبر
مندرن جا در
۽ گرجا گھرن جا گھنڊ
هڪ ٻي ۾ ڏسي خاموش ٿي ويا آهن
هاڻ ته ماٺ جو روزو
ماڻھن سان گڏ عبادت گاهن به رکي ڇڏيو آهي
مزدور جيڪو خدا جو دوست آهي.!؟
اهو فلسفو
بک اڳيان ڀڄي ڀور ٿي پيو آهي
سڀئي هُجرا بک اڳيان اڄ بي معنيٰ ٿي پيا آهن
ڳڀي جي ڳولا جي ڳالهه
خدا جي ڳولا کان وڌي وڏي ٿي چڪي آهي
مزدور جي اک
جيڪا صرف ماني کي ڏسڻ ٿي چاهي
ماني جيڪا هفتن تائين
ڪارخانن جا دروازا بند ڪري مورچا بند ٿي وهي رهي آهي
۽ مزدور خدا جو دوست
خدا کان وڌيڪ ماني کي ڳولھي رهيو آ.

هوءَ جيڪا خوشبوءِ جو رقص آهي...!

هوءَ جيڪا خوشبوءِ جو رقص آهي...!

هوءَ جڏهن به مونکان
گلن جي باري ۾ پڇندي آهي ته
آئون سڄو خوشبوءِ ٿي ويندو آهيان
مونکي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته
آئون ڄڻ ته ڪنھن تازي ٽڙيل
گلابن جي باغ ۾ اچي ويو هجان
هُن جون ڳالھيون
مون منجھان ڪيترائي
پيار جا پوپٽ اڏاري وٺنديون آهن
هوءَ جيڪا خود به گل آهي
کيس خوشبوءِ جو رقص به چئي سگھجي ٿو
آئون سندس چپن جي ٽاريءَ تان
جڏهن به ڪا محبت جي مکڙي ماڻڻ چاهيندو آهيان ته
هوءَ ويتر پنھنجو پاڻ ۾ ٽڙي پوندي آهي
هوءَ جيڪا پاڻ سڄي گل ٿي پئي آهي
هاڻ مونکي خوشبوءِ تي ڳالھائڻ جي ضرورت ناهي پوندي
هاڻ اسان ٻئي هڪ ٻي کي ڏسي وٺندا آهيون
۽ هڪ ٻي مان ئي گل ٿي ڦُٽي پوندا آهيون.

چنڊ جي اک تي گُـــذارو ڪندڙ رات ...!!!

چنڊ جي اک تي گُـــذارو ڪندڙ رات ...!!!

هاڻ مون وٽ
جيئڻ جو ڪو به جواز ناهي رهيو
آئون پنھنجا هٿ مٿي ڪرڻ کانپوءِ به
پنھنجو پاڻ ۾ ئي ٻڏي ويو آهيان
پنھنجي پاڻ ۾ ئي مري وڃڻ جو حادثو
آئون پاڻ سان گڏ کنيو وتان
رات کي اکيون ناهن جو مونکي ڏسي سگھي
چنڊ جي هڪڙي اک تي
گذارو ڪندڙ رات کي ڪھڙي خبر ته
ستارن جي ڳڻپ
سج جي سامھون بيھي نٿي ڪري سگھجي
سمنڊ جي اک جو ڳوڙهو
دنيا جي درد جو آخري اظھار آهي
آئون آسمان کي اهو اطلاع به آخر ڪيئن ڏيان ته
زمين منھنجي زندھ هجڻ جو
هڪ به ثبوت هٿ ناهي ڪري سگھي
آئون پنھنجو پاڻ ۾
مري وڃڻ جو ڏک کڻي رُلي رهيو آهيان
رات جيڪا مونکي هڪ ئي اک سان ڏسي رهي آهي
چنڊ جي اڪيلي اک تي هلندڙ رات کي ڪھڙي خبر ته
آئون ٻنھي اکين سان انڌو آهيان
هاڻ مونکي آسمان نظر ناهي ايندو
هاڻ آئون زمين ته ڇا پر
پنھنجو پاڻ ۾ به هلڻ جھڙو ناهيان رهيو
هاڻ مونکي رات کان وڌيڪ
پنھنجو پاڻ مان ئي خوف ٿيندو آهي
هاڻ جيڪو آئون
پنھنجو پاڻ مان به
ڪڏهوڪو ئي مري چڪو آهيان.

لکجي ويل فيصلو,...!!!

لکجي ويل فيصلو,...!!!

مونکي سمجھه ۾ نٿو اچي ته
منھنجي شاعريءَ کي ڇا ٿي ويو آهي
گھاٽي گرمي ۾ ڪپڙا لاهي
بارش وسڻ جون ڳالھيون پئي ڪندي آ
۽ بارشن جي موسمن ۾ ڏيئا ٻارڻ لاءِ
گھر جا سمورا ماچيس کڻي ختم ڪري ڇڏيندي آ
بک جو وزن لفظن جي بجاءِ
ساهمي ۽ تورن سان پئي ڪندي آ
مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته
منھنجي شاعريءَ جو
ذهني توازن ايئن اچانڪ ڇو ٿي ويو آ
سندس اکيون آسمان کي ڏسڻ جي بجاءِ
زمين ۾ ئي کپيل رهن ٿيون
هوا
پکي
۽ سمنڊ سان
هاڻ سندس ڪو به تعلق ناهي رهيو
منھنجي شاعري الائي ڇو مونکي
زنجير ۾ ٻڌل زندگيءَ جھڙي لڳي رهي آ
جنھن کي جت بھاري ڇڏجي
اُتي ئي جي ۽ مري وڃجي
تاريخ جي ڳالھين کان خالي ٿي ويل منھنجي شاعري
هاڻ مونکي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي
آئون سندس اگھاڙيون عادتون ڏسي
آخر ڪيستائين اکيون پوريندو رهندس
مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته
هيءَ ماڻھوءَ جيان معذور ٿي ويل شاعري
تندرست به ٿيندي الائي نه
مونکي منھنجي شاعري جيڪا هر روز
توازن کان ٻاهر نظر ايندي آ
۽ آئون شاعريءَ جون زمين ۾ کپيل اکيون ڏسي
آسمان جي طرف ڏسڻ لڳندو آهيان
۽ لکجي ويل فيصلن تي سوچيندي ئي رهجي ويندو آهيان.

هن شھر کي ٻڌائي ڇڏجو ته...!!!

هن شھر کي ٻڌائي ڇڏجو ته...!!!

هن شھر کي چئو ته
ايڏو شور نه ڪري
آئون ڪلھوڪو بکايل آهيان
بک جي قيمت ننڊ کان الاهي وڏي آهي
رستن جون اکيون جيڪي صرف
ماڻھن کي پنھنجن گھرن تائين وٺي ٿيون وڃن
جنھن سان زندگيءَ جي تعلق جو
ڪو به واسطو ناهي
پنھنجو پاڻ ۾ جيئڻ ۽ مرڻ جو مرض
هيل ماڻھن کي لڳي ويو آهي
هن شھر کي چئجو ته
پنھنجن دڪانن جا در آهستي بند ڪري
مون پنھنجي بک جو گلو گھٽي
کيس هاڻ ئي ننڊ سمھاريو آ
هن شھر کي ٻڌائي ڇڏجو ته
آئون پنھنجي بک کي
بازار ۾ وٺي اچڻ نٿو چاهيان.

نظم جيڪو تنھنجي لاءِ ئي لکيو ويو آهي ...

نظم جيڪو تنھنجي لاءِ ئي لکيو ويو آهي ...

هي نظم آئون صرف
تنھنجي لاءِ ئي لکي رهيو آهيان
جيڪو توکي تنھنجي حسين هئڻ جون
سموريون خوبيون ٻڌائي سگھي ٿو
هن نظم مان
تون اهو اندازو لڳائي سگھين ٿي ته
تون ڪيتري حسين آهين
هي نظم جيڪو مون صرف
تنھنجي لاءِ ئي لکيو آهي
نظم جون اکيون ھوبھو تو جھڙيون ئي آهن
جنھن کي پڙهي
تو مٿان ڪيترائي تبصرا ڪري ٿا سگھجن
هي نظم مون
تنھنجي حسن جي ڇانو ۾ ويھي لکيو آهي
جنھن کي پڙهندي
اُس جو احساس محسوس ئي نٿو ٿي
هي نظم حُسن جي تاريخ جو
سڀ کان وڏو نظم آهي
جنھن ۾ توکانسواءِ ٻي ڪا به تشبيهه ناهي ڏنل
مونکي يقين آهي ته
هي نظم پڙهي وٺڻ کانپوءِ
تون خود ئي نظم ۾ سمائجي ويندينءَ
۽ مونکي به
توکي ئي ڏسڻ جي لاءِ
هاڻ انھيءَ ئي نظم کي پاڻ سان گڏ ئي کڻي هلڻو پوندو.

اڄ سندس آخري رسمون آهن...!!!

اڄ سندس آخري رسمون آهن...!!!

سرد ملڪن جون اڇيون عورتون
اڄ پنھنجو پاڻ ۾ ڪاريون ٿي ويون آهن
رقص ڪندڙ پيرن ۾ زنجير پيل آهي
ڪردستان جي قبر ۾ رهندڙ ماڻھو
هاڻ ڪڏهن به ڪو تازو ٽھڪ
پنھنجي مرضيءَ سان نه ڏئي سگھندا
ڪرد عورتن جي اکين جا اڇا لڙڪ
اڄ رڳو اداس گيت ئي لکي رهيا آهن
جن کي هاڻ ڪو به ڳائي نٿو سگھي
ڇو ته راڳ بک هڙتال تي ويٺل آهي
جنھن کي وقت جو جلاد
هڪ گيت جيترو گراھ به کائڻ نٿو ڏي
اڄ ترڪ جي ڪبوترن اڏامڻ ڇڏي ڏنو آهي
ساز ۽ آواز جو گلو دٻجي چڪو آهي
هيلن بوليڪ جيڪا موسيقيءَ جي ماءُ آهي
اڄ سندس آخري رسمون آهن
جنھن ۾ ڪيترائي گل سندس سيرانديءَ کان رکيل آهن
پر هڪ گيت جيڪو اڄ به اداس آهي
اي ڪرد ملڪ جون اڪيليون عورتون
اچو ته ان گيت کي گڏجي ڳايون
گيت جيڪو زندگيءَ لاءِ زندھ هجڻ جو گيت آهي
اي ڪرد ملڪ جون اداس عورتون
اچو ته ان گيت سان گڏجي
ڊگھي بک هڙتال تي ويهي رهون
۽ پنھنجن هٿن جون سموريون آڱريون کولي
وقت جي جلاد جي منھن طرف ڪري ڇڏيون.

* موسيقي لاءِ بُک هڙتال ڪندي وفات ڪري ويل هيلن بوليڪ تي لکيل.

هاڻ آئون آسمان تي به هلي ٿو سگھان...!

هاڻ آئون آسمان تي به هلي ٿو سگھان...!

مون جڏهن به پنھنجا پير
وقت جي واڍن جي حوالي ڪيا آهن
آئون تڏهن کان
هوائن تي هلي ناهيان سگھيو
سمنڊ مٿان ٻيڙن جو هلڻ
منھنجي لاءِ ھڪ ئي جاءِ تي
بيھي رهڻ جي لاءِ ڪافي آهي
آئون پنھنجي مٽي پنھنجي ئي منھن تي ملي
ماڻھوءَ مان مردو ٿي ويو آهيان
ڏينھن ۾ زندھ رهندڙ ماڻھو
رات جو مونکي مون جھڙا ئي لڳندا آهن
گھر جي ڇت تي سمھڻ کانپوءِ
جيترو مون رات کي اگھاڙو ڏٺو آهي
ايترو شايد ڪنھن به نه ڏٺو هجي
آئون پنھنجن پيرن ۾
ڪاٺ جي لڳل ڪلين کي ڏسي
صليب تان وهندڙ رت کي
اکين سان پي ڇڏيندو آهيان
بنا پيءُ جي پيدا ٿيندڙ ٻار
خدا جي خدائي جو ئي معجزو ٿي سگھي ٿو
مونکي اڃان تائين ڪا به
مريم جھڙي ماءُ ناهي ملي سگھي
جنھن ۾ آئون به کڻي پناھ وٺي سگھان
منھنجا زمين ۾ کتل پير
آخر ڇو آسمان تي هلڻ ٿا چاهن...!؟
وقت جي واڍن کي اهو ٻڌائي ڇڏجو ته
مونکي هلڻ جو هُنر اچي ويو آهي
هاڻ آئون زمين ته ڇا پر آسمان تي به هلي ٿو سگھان.

منھنجي بکايل شاعري...!

منھنجي بکايل شاعري...!

آئون پنھنجي بکايل شاعريءَ
تو وٽ وٺي آيو آهيان
مونکي تنھنجي بدن مان
پنھنجن ڪيترن ئي نظمن کي
کارائي ڍئو ڪرائـڻو آهي
مون پنھنجي شاعريءَ کي
تنھنجو گس ڏيکاري ڇڏيو آهي
جتان هاڻ کيس
بک مرڻ جو ڪو به ڀئو نه ٿيندو
شاعري تنھنجي لڱن مان لفظن جو رس پي
ڪيترائي سال ساھ کڻي سگھي ٿي
هاڻ آئون اهو دعويٰ سان ٿو چئي سگھان ته
منھنجي شاعري تو وٽ پڄي وڃڻ کانپوءِ
ڪڏھن به بک نٿي مري سگھي.

هاڻ مونکي سمجھه ۾ اچي ويو آهي...!؟

هاڻ مونکي سمجھه ۾ اچي ويو آهي...!؟

هاڻ آئون گھٽ اداس رهندو آهيان
پنھنجا ڳوڙھا
پنھنجن ئي هٿن سان اُگھي ڇڏيندو آهيان
هاڻ مونکي زندگيءَ جو گيت
سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته
درد جي ڌُن کي ڪيئن ڳائي سگھجي ٿو

هاڻ مونکي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته
آسمان جو الله
۽ زمين جو خُدا
هڪ ٻي کان الڳ ڇو آهن
سج جي روشني تي
ھلندڙ چنڊ
ڪنھن جو محتاج آهي
جيڪو ڪنھن به وقت بي نور ٿي سگھي ٿو

هاڻ مونکي سمجھه ۾ اچي ويو آهي ته
باندر جي شڪل مان تبديل ٿيل ماڻھو
ڪنھن به وقت اصل شڪل ۾ اچي سگھي ٿو
آئون ڪيئن اُن چٻري کي نڀاڳو چوان
جنھن جون اکيون ئي
رات ٿيڻ کانپوءِ روشن ٿينديون آهن

اهو هاڻ مونکي سمجھه ۾ آيو آهي ته
طبقن ۾ ورهايل دنيا جا به
ڪيترائي طبقاتي خدا آهن
جن وٽ پنھنجي الڳ الڳ جنت ۽ دوزخ آهي
هاڻ مون به
قيامت جي غضب کان گھبرائڻ ڇڏي ڏنو آهي
هاڻ مون وٽ به
گناهن ۽ ثوابن کي گڏ ڪرڻ جيترو وقت ناهي رهيو.

مون رات کان ننڊ ناهي ڪئي...!

مون رات کان ننڊ ناهي ڪئي...!

ساھ جي سگريٽ کي
موت سوٽا هڻي پي رھيو آھي
۽ آئون ايشٽري ۾ پيل
زندگيءَ جي گڏ ٿيل رک کي ڏسي رهيو آهيان
هوا جي اک ۾
ڪنھن ڌوڙ ڀري ڇڏي آهي
جو هاڻ ڪجھه به
ڏسڻ ۾ نٿو اچي
بي لغام گھوڙي جي سواري
ماڻھوءَ کي ڪيڏانھن به کڻي وڃي سگھي ٿي
مون رات کان ننڊ ناهي ڪئي
ڇو ته مون مٿان
سج اڀرڻ ڇڏي ڏنو آهي
اڄ مون مٿان روئڻ جو حق
صرف ڪتابن کي ئي مليل آهي
ڇو ته ڪھاڻيءَ جي
دفن ٿيڻ جو اڄ پھريون ڏينھن آهي
۽ هاڻ منھنجي شاعري به
سڏڪي وارو ساھ کڻڻ سکي ورتو آهي.

* عبدالقادر جوڻيجو جي وفات تي لکيل.

ماڻھو پنھنجو پاڻ ۾ ڪيترو انڌو آهي...!؟

ماڻھو پنھنجو پاڻ ۾ ڪيترو انڌو آهي...!؟

اڄ مونکي اهو ڏسڻو آهي ته
هر ماڻھو پنھنجو پاڻ ۾ ڪيترو انڌو آهي
آئون صبح کان وٺي رات ٿيڻ تائين
ماڻھن ۾ انڌپڻ جون علامتون
ڳولھيندو رهان ٿو
مونکي ڪيترائي ماڻھو
پنھنجو پاڻ ۾ مئل ملندا آهن
جن جي خالي ساھ کڻڻ سان
ڪو به معاشرو
ڪڏهن به صحت مند نٿو ٿي سگھي
آئون پنھنجو پاڻ ۾ ڪيترو انڌو آهيان
اهو آئون
تڏهن ئي توکي ٻڌائي ٿو سگھان
جڏهن هر ماڻھو
انڌي هجڻ جو اعتراف
پنھنجو پاڻ ڏانھن آڱر کڻي ڪندو
سچ پڇو ته مونکي
پاڻ سميت سمورا ماڻھو
انڌا ئي نظر آيا آهن
اڄ آئون صرف
ماڻھن جي انڌي هجڻ جي ڳالھه
پاڻ سان ئي گڏي ٿو ڪري ڇڏيان
ڇو ته انڌي هجڻ کانپوءِ اگھاڙي هئڻ جو اعتراف
جيڪو صرف مونکي پنھنجو پاڻ سان ئي ڪرڻو آهي.

آئون وقت کي جاهل به آخر ڪيئن چوان...!؟

آئون وقت کي جاهل به آخر ڪيئن چوان...!؟

هو اسانکي ايئن ڏسي رھيا آھن
جيئن فتح ڪيل جنگ کانپوءِ
هٿ آيل عورتن ۽ زيورن کي ڏٺو ويندو آهي
فقط ورھاست ڪرڻ جي لاءِ

هُنن جا قد ڀلي ڪيڏا به وڏا هجن
پر سندن دماغ
دنيا جي گول دائري جيڏا هرگز ناهن

هنن کي عورتون صرف
بسترن تي سمھارڻ لاءِ ئي وڻنديون آهن
هو پاڻ کي ڍڪڻ جي باوجود به
اُگھاڙپ کان لڪي ناهن سگھندا

هو ماڻھوءَ کان وڌيڪ
موت جا ملائڪ لڳندا آهن
هو جيڪي پنھنجن مفادن خاطر
ڪنھن به ماڻھوءَ مٿان
ساھ ڪڍڻ جي صور ڦوڪي ڇڏڻ ۾ دير ئي ناهن ڪندا

هو پنھنجن مزاجن ۾ فرسوده هئڻ سان گڏ
دنيا کي به فرسوده بنائي ويٺا آهن
هو نٿا چاهن ته ڪو پراڻن فلسفن ڇنڊڇاڻ ٿئي
هو جيڪي دنيا کي نئين نگاھ سان ڏسڻ به نٿا چاهن

آئون وقت کي جاهل به آخر ڪيئن چوان
ڇو ته مونکي موت جو خوف
خدا کان وڌيڪ ماڻھن مان ئي ٿيندو آهي.

او زندگيءَ جا خواب...!!!؟

او زندگيءَ جا خواب...!!!؟

ڪيترا ڏينھن لنگھي ويا آهن
پر تون ڪٿي به نظر نٿو اچين
قبر جي اداس مٽي
گلن کي ڀاڪر پائي روئي رهي آهي
۽ سانت جو سمنڊ ويتر وسيع ٿي پيو آهي
آئون تنھنجي تعزيتي بڪ تي
صرف ٻه لڙڪ ڇڏي آيو آهيان
جن صديءَ جيڏي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آ
ساھ ۾ اٽڪيل ڳوڙهن هاڻا ڪيترائي سڏ
تنھنجا ئي پار پڇي رهيا آهن
پر تون ڪٿي به ڪو نه آهين
گھر جي گھٽي کان ويندي شھر جي بازارن تائين
تنھنجو ڪو به تازو ڏنل ٽھڪ ٻڌڻ ۾ ئي نٿو اچي
آخر هيءَ ڪھڙي ڪربلا ٿي آهي
جنھن ۾ رڳو من ماتم ئي ڪري رهيو آهي
۽ تون ڪجهه به نٿو ڳالھائين
بس رڳو خاموش آهين...
تنھنجو اوڀر کان اڀرڻ
اُن رات لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي چڪو هو
جيڪا رات ماڻھن جي ذهنن مٿان هٿرادي ويھاري ويندي آهي
سچ پڇين ته توکانپوءِ
رات ويتر گھري ٿي وئي آهي
ايتري گھري جنھن ۾ اکيون کولي به نٿو هلي سگھجي
سورج...!!!؟
تو جڏهن کان اڀرڻ ڇڏي ڏنو آهي
تڏهن کان اميد مرڪڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي
او زندگيءَ جا خواب
تون آخر ڪيڏانھن هليو ويو آهين...!!!؟

* سورج سجاولي جي وفات تي لکيل.

سج جي اک ۾...

سج جي اک ۾...

آئون سج جي سامھون بتي رکي
روشني ڳولھي رهيو آهيان
درياھ منھنجي پيرن جو آواز ٻُڌي
ڪيڏو نه خاموش ٿي ويو آهي
نڙيءَ ۾ اٽڪيل اُڃ کي
آئون آخر ڪيڏانھن ڪريان!؟
هاڻ ته مونکي
سمنڊ به سُڃاڻڻ ڇڏي ڏنو آهي
آئون پنھنجي دور کان
اڳي ته ناهيان دفن ٿي رھيو
دنيا ڪاروبار جي منڊي ۾ اڳتي نڪرڻ جي لاءِ
ماڻھن جي لاشن مٿان هلڻ سکي ورتو آهي
گھرن ۾ بند ٿي ويٺل ماڻھن کي
صرف ساھ بچائڻ جيترو ئي وقت مليل آهي
جن کي هاڻ خدا کان ڪو به خوف ناهي
وبا جي عمر
هٿن ڌوئڻ سان گڏ ڪجهه هفتن جيتري آهي
پر بک جي عمر
گھرن ۾ ويھي رھڻ سان ويتر وڌي وڏي ٿي ويندي آهي
آئون سج جي اک ۾ آڱر هڻي
روز پاڻ کي انڌو محسوس ڪندو آهيان
۽ ڏينھن جي روشنيءَ ۾ به
بتي ٻاري پاڻ سان گڏ کڻي هلندو آھيان.

جنگ جيڪا تلوار کان وڏي ٿي چُڪي آهي...!!!

جنگ جيڪا تلوار کان وڏي ٿي چُڪي آهي...!!!

دنيا باھ جو گولو ٿي پئي آهي
ماڻھو خدا کان وڏو ٿيڻ جي لاءِ
ڪيترو نه اڳتي ڊوڙي رھيو آھي
پاڻ جيڪي هڪ ٻي جو اکيون به چُمي نٿا سگھون
سج جو لھڻ ۽ واپس اُڀري اچڻ
سڀ ڪجهه ناهي
وبا جي ڦھليل وڏي جنگ ۾ ته
جھازن به اڏامڻ ڇڏي ڏنو آهي
جنگ جيڪا هاڻ تلوار کان وڌي وڏي ٿي چُڪي آهي
ائٽم جي اک سان ڏسندڙ ملڪن جو ساھ به
گُھٽجڻ لڳو آهي
ڪٿ آئون
تاريخ جي گولي تان وڃائجي ته نه رهيو آهيان
وڻن ۽ پکين جو هڪ ٻي سان گڏجي ويھڻ
پر ماڻھو جو ماڻھوءَ کان پري ٿي وڃڻ ئي
دنيا جي دٻجي وڃڻ جو درد آهي
آئون وبا جي جنگ جو
جائزو وٺڻ کانپوءِ اتي پھتو آهيان ته
ڪٿي هيءَ ماڻھو ۽ خدا جي وچ ۾ لڳل جنگ ته ناهي...!؟

سج کي چئجو ته اڄ اسان مٿان نه اُڀري...

سج کي چئجو ته اڄ اسان مٿان نه اُڀري...

مقصد ڪڏهن به مرندا ناهن
اهو اندازو مون تنھنجي اکين مان
تڏهن ئي لڳائي ورتو هو
جڏهن تون بيساخته کلندو هئين
ته بي مندائتيون محبتون به
من ۾ مورڻ لڳنديون هيون
تون اهو سنڌ جو دولھه درياھ خان هئين
جنھن جي تلوار جي تجلن سان به
ڪنھن کي ڀيٽي نٿو سگھجي
اڄ آئون تو مٿان اداس بيٺو آهيان
۽ تون ننڊ سُتل آهين
سموري موسمن جا گل زخمي آهن
چنڊ آسمان تان اچي
پٽ تي ڪري پرزا ٿي پيو آهي
سج کي چئجو ته اڄ اسان مٿان نه اڀري
ڇو ته اڄ رت روئڻ جو ڏينھن آهي
پر آئون ساک جي صبح کي
اهو ضرور ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته
شھيدن جو رت
دلين جي ڌرتيءَ تان ڪڏهن به
ڌوپجي ناهي سگھندو
۽ تون سنڌ جو اهو شھيد آهين
جنھن جي مٽيءَ کي آئون مقدس ٿو چوان
ڇو ته تنھنجي وهيل رت مان
ڪيترائي سرخ اميدن جا گلاب ڦُٽڻا آهن
۽ ايندڙ وقت جي لاءِ نوان انقلاب ٿي اڀرڻا آهن


• شھيد الطاف جسڪاڻي جي شھادت تي لکيل

اسان ٻئي هڪ ٻي کان الڳ ٿيندا پيا وڃون...!؟

اسان ٻئي هڪ ٻي کان الڳ ٿيندا پيا وڃون...!؟

اسان ٻنھي جي پسند الڳ آهي
مونکي خوبصورت جسم وڻندا آهن
۽ هُن کي خوبصورت مرد
اسان ڪڏهن به دل سان هڪ ٻي کي قبول ناهي ڪيو
رات جو هڪ ئي بستر تي گڏجي سُمھڻ
اسان لاءِ هاڻ پراڻو ٿي چڪو آهي
هوءِ مونکي نائيٽ ڊريس ۾ ڏسي
ڪڏھن به خوش ناهي ٿي
۽ مون وٽ وري
سندس تعريف ڪرڻ لاءِ لفظ ئي ناهن هوندا
اسان ٻنھي جي پسند جو معيار
ڏينھون ڏينھن الڳ ٿيندو پيو وڃي
سڄي زندگي هڪ ٻي کي قبولي ڇڏڻ جو بار
هاڻ اسان ٻنھي مان ڪو به
پنھنجن ڪلھن تي کڻڻ جي لاءِ تيار ناهي
بار جانورن کي ئي کڻايو ويندو آهي
ماڻھو ۽ گڏھ تي ڳالھائڻ وقت
هوءِ اڪثر پاڻ کان وڌيڪ مونڏانھن ڏسڻ لڳندي آهي
۽ مون ڪڏهن به
ان بحث تي توجه ڏيڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي
اسان ٻنھي جي پسند جو پاڻ ۾ نه ملڻ
هاڻ اسانکي به ڀاءِ پئجي ويو آهي
ايتري قدر جو
آئون خوبصورت جسمن تي ڳالھائيندي
هُن سان هڪ رات به اگھاڙو سمھي ناهيان سگھندو
۽ هوءِ به خوبصورت مردن جون ڳالھيون ڪندي
مون تي توجه ئي ناهي ڏيندي
مون ھُن کي
جسمن جي نمائش جي ڳڻپ کان ٻاهر بھاري
ڪڏھن به ڪو تعريفي اعزاز ناهي ارپيو
۽ هُن کي به مون ۾
ڪڏھن به ڪو خوبصورت مرد نظر ئي ناهي آيو
اسان ٻنھي جي پسند الڳ هئڻ سان گڏ
هاڻ اسان به هڪ ٻي کان الڳ ٿيندا پيا وڃون
ان حد تائين جو
آئون ھُن کي خوبصورت جسمن جي
معيار مطابق ئي ناهيان سمجھندو
۽ ھوءِ به
خوبصورت مردن جا حوالا ڏيڻ وقت
مونکي وساري ويھندي آهي.

اڄ گلن جو ڏينھن آهي...!

اڄ گلن جو ڏينھن آهي...!

اڄ محبتن جو عالمي ڏينھن آهي
۽ آئون توکي ياد ڪري رهيو آهيان
منھنجي دل مان درياھ جھڙا وهندڙ سڀ وهڪرا
هڪ ئي جاءِ تي بيھي رهيا آهن
منھنجي زندگيءَ جي مرجھائجي ويل موسمن ۾
هاڻ ڪو به گل نٿو ٽڙي
اڄ گلن جو ڏينھن آهي
جيڪو هر سال ساڳي تاريخ تي موٽي ايندو آهي
محبتن کي مرڪي ڏسڻ جي لاءِ
پر تون منھنجي وجود جي وڻ مان
الائي ته ڪٿي ڇڄي ڇڻي پيو آهين
آئون توکي پنھنجي ڏينھن جي ٽٽل ٽارين سان
آخر ڪھڙي ڀيٽا ڏيان
جن تي هاڻ ڪو به گل نٿو ٽڙي
تون منھنجي محبت جو عالمي ڏينھن آهين
جنھن کي آئون هاڻ
هرروز ئي ياد ڪندو رهندو آهيان
غم جي موريل موسم سان گڏ
ساھ ۾ اٽڪيل سڏڪي سان

• ننڍڙي عمر ۾ وڇڙي ويل پنھنجي پٽ کي ويلن ٽائن ڊي تي ڏنل ڀيٽا

آئون جيڪو ماڻھوءَ مان روبوٽ ٿي ويو آهيان....!!

آئون جيڪو ماڻھوءَ مان روبوٽ ٿي ويو آهيان....!!

مونکي وقت نٿو ملي
پنھنجو پاڻ سان ملڻ جي لاءِ
پنھنجو پاڻ کان پري ٿي وڃڻ کانپوءِ
آئون پاڻ مان توکي به وڃايو ويٺو آهيان
گھڻو مصروف هئڻ جي ڪري
ماڻھو ماڻھو نٿو رهي
ماڻھو جو ماڻھوءَ منجهه ئي مري وڃڻ
مونکي پنھنجي اکين جي آثارن مان ئي
محسوس ٿيڻ لڳو آهي
پر پوءِ به الائي ڇو
مونکي وقت نٿو ملي پنھنجو پاڻ سان ملڻ جي لاءِ
درياھ جو سمنڊ سان ملڻ
بارش جو بادلن ۾ ڀرجڻ
زمين ۽ آسمان جو هڪ ٻي ڏانھن ڏسڻ
ماڻھو جو ماڻھوءَ ۾ منتقل ٿيڻ
۽ واپس وري موٽي اچڻ
ڪائنات جو فطرت سان وڌڻ
اهو سڀ ڪجهه وقت نه هُئڻ جي ڪري
آئون پاڻ مان وڃايو ويٺو آهيان
آئون هاڻ ماڻھو گھٽ ۽ روبوٽ وڌيڪ لڳندو آهيان
هڪ ئي ڏسيل راھ تي هلڻ
ماڻھو نه پر روبوٽ ئي ڪري ٿو سگھي
هاڻ مونکي پڪ ٿي وئي آهي ته
مون ۾ ماڻھو هجڻ جي ڪا به صلاحيت ناهي رهي
آئون جيڪو ماڻھوءَ مان فري روبوٽ ٿي ويو آهيان
صبح کان وٺي رات ٿيڻ تائين
آئون صرف وقت سان گڏ ڊوڙي رهيو آهيان
مونکي وقت ئي نٿو ملي
پنھنجو پاڻ سان به ملڻ جي لاءِ
وقت جنھن مونکي تو منجھان به وڃائي ڇڏيو آهي
وقت جنھن مونکي ماڻھوءَ مان روبوٽ بنائي
پنھنجو پاڻ سان به ملڻ جھڙو ناهي ڇڏيو
مونکي وقت نٿو ملي جيئڻ کان وٺي مرڻ جيترو به.