سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران حڪيم پريم چاندواڻيءَ جي ڪالمن جو مجموعو ”آئيني جي اڳيان“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
پريم چاندواڻيءَ جي ھر تحرير، ڪالم، قول، ٻول، شاعري يا ڪابہ لکڻي ھجي ان جو پنھنجو اثر آھي، جيڪي پڙھڻ کانپوءِ اھي ذھن تي اثر ڇڏين ٿيون. پريم جي سوچن جي ساگر ۾ خيالن جا انمول خزانا آھن. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ ڪوتا ڪالم، ڪھاڻي ڪالم ۽ اصلاحي ڪالمن ذريعي اخلاقي قدرن کي اجاڳر ڪيو آھي.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ نول سندر پبليڪيشن، مٺيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.