الطاف شيخ ڪارنر

پکي اڏاڻا پنھنجي ديس

الطاف شيخ جو هي ڪتاب پنھنجي نوعيت جو انوکو ڪتاب آهي. جنھن ۾ پکين، خصوصن پرڏيھ جو سفر ڪندڙ پکين بابت خاص قسم جو مواد موجود آهي، جيڪو دلچسپ ۽ ڄاڻ ڀريو آھي. الطاف شيخ پرديسي پکين سان گڏ مقامي پکين سان ٿيل ڪلورن تي بہ ماتم ڪندي نظر اچي ٿو. الطاف صاحب پکين تي لکڻ مھل عام رواجي طرح لکڻ بدران سائنسي انداز، وسيع سامونڊي ۽ دنيا گهمڻ جي تجربي سان گڏ دليلن سان لکيو آهي، نہ صرف ايترو پر انھن پکين جو ماضي بعيد کان رڪارڊ پڻ جانچيو آهي. الطاف شيخ جو هي ڪتاب پکين جي حوالي سان سٺي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ، پکين جي لڏ پلاڻ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پکين سان انساني روين متعلق سٺي گائيڊ بوڪ جو درجو رکي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پکي اڏاڻا پنھنجي ديس

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: پکي اڏاڻا پنھنجي ديس
ليکڪ: الطاف شيخ
ڇاپو پهريون: © روشني 2011ع
ڪمپوزنگ: حبيب قادر قريشي
روشني ڪپوزرس، حيدرآباد.
ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد.
ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ


PAKHI UDANA PAHINJY DES
by: Altaf Shaikh
Composed by: Habib Qadir Qureshi
Roshni Composers & Printers Hyder Chowk, Hyderabad
Printed: Fine Communication, Hyderabad, Sindh.
Published by: Roshni Publication, Kandiaro
First Edition © Roshni 2011


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل ڪتاب ”پکي اڏاڻا پنھنجي ديس“ اوهان اڳيان پيش آهي.
الطاف شيخ سفرنامن سان گڏ هڪ نئين ترتيب سان پڻ لکي رهيو آهي. ھو مختلف موضوعن تي دلچسپ نموني لکي انھن کي تاريخ جا ويس پارائي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪري رھيو آھي. الطاف شيخ جو هي ڪتاب پنھنجي نوعيت جو انوکو ڪتاب آهي. جنھن ۾ پکين، خصوصن پرڏيھ جو سفر ڪندڙ پکين بابت خاص قسم جو مواد موجود آهي، جيڪو دلچسپ ۽ ڄاڻ ڀريو آھي. الطاف شيخ پرديسي پکين سان گڏ مقامي پکين سان ٿيل ڪلورن تي بہ ماتم ڪندي نظر اچي ٿو. الطاف صاحب پکين تي لکڻ مھل عام رواجي طرح لکڻ بدران سائنسي انداز، وسيع سامونڊي ۽ دنيا گهمڻ جي تجربي سان گڏ دليلن سان لکيو آهي، نہ صرف ايترو پر انھن پکين جو ماضي بعيد کان رڪارڊ پڻ جانچيو آهي. الطاف شيخ جو هي ڪتاب پکين جي حوالي سان سٺي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ، پکين جي لڏ پلاڻ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پکين سان انساني روين متعلق سٺي گائيڊ بوڪ جو درجو رکي ٿو.
ھي ڪتاب 2011ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

هور وهيو ڙي هور: اسحاق مڱريو

الطاف شيخ هڪ وڏو سيلاني رهيو آهي. جنهن ڌرتي جي گولي تي وسندڙ ملڪن کي دنيا جا سمنڊ جهاڳي ڏٺو آهي. جتي هن نه رڳو دنيا جي ملڪن ۽ اتي جي وسندڙ ڀانت ڀانت جي ماڻهن کي روبرو وڃي ڏٺو آهي، هڪ لکاري هئڻ جي ناتي انهيءَ قسم جو هو پنهنجي نوعيت جو اهم مشاهدو رکندڙ آهي. انهيءَ حساس قسم جي مشاهدي جو نتيجو ئي آهي جو هن پنهنجي پکين جي مضمونن واري سيريز ۾ گهڻو حصو پرڏيهي پکين جي متعلق لکيو آهي. هن جي مشاهدي واري تکي اک برف وسندڙ ملڪن ۾ پکين جي چرپر ۽ برف وسڻ واري مند ۾ پنن کان خالي ٿي ويل وڻن ۾ رهجي ويل پکين جا آکيرا پڻ ڏسي وٺي ٿو. هن جي سيلاني طبيعت هئڻ ڪري هن سيلاني پکين جي انهيءَ سفر کي خاص اهميت ڏني آهي. جيڪو هر انهيءَ نوعيت وارو پکي جيڪو پنهنجي جين ذريعي اهو سفر ايندڙ نسل ۾ منتقل ڪندو رهي ٿو. الطاف شيخ پنهنجن انهن مضمون ۾ عام دلچسپي جي ڳالهين کان سواءِ انتهائي سائنٽيفڪ قسم جي پکين بابت انهيءَ ڪتاب ۾ معلومات مهيا ڪئي آهي.
سنڌي هڪ شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن ۾ پکين بابت ترجما ۽ اصلوڪو مواد اڳ ۾ به موجود آهي. ان جي باوجود الطاف شيخ جو هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو انوکو ڪتاب آهي. جنهن ۾ پکين، خصوصن پرڏيهه جو سفر ڪندڙ پکين بابت خاص قسم جو مواد موجود آهي، جيڪو ان کان اڳ ۾ سنڌيءَ ۾ نه ڏٺو ويو آهي.
جن ڏينهن ۾ الطاف شيخ جا پکين بابت لکيل مضمونن جي عبرت ۾ سيريز پئي هلي. سنڌ ۾ اهي موسمي طور چٽن وارا ڏينهن هئا. ٻاجهري جي پوکن ۾ ڪجهه سنگ ٻور ۾ هئا ته ڪجهه سنگن جو اَنُ پچي ويو هو. انهن ڏينهن ۾ ٻاجهريءَ تي جهار اوٿرون ڪري وري هئي. جبلن مان آيل ٻوڙي ۽ وهيو ته ڪٽڪ ڪري اچي لٿو هو. هارين پنهنجين پنهنجين پوکن ۾ پيها کوڙي ورتا هئا ۽ هاريءَ جو پورو گهر، جن ۾ هن جي زال ۽ ٻار جهار ڊوڙائڻ ۾ پورا هئا. پوک جي چئني ڪنڊن تي جنبو ٻڌل هئن پراڻي واڻ جي نوڙين سان انهن جنبن جو ڪنٽرول روم به پيهي تي لڳل هو.
هر فصل جو پنهنجو ثقافتي رنگ هجي ٿو. ٻاجهريءَ جي ماني ۽ رٻ جهڙي طرح سياري ۾ سنڌ جا ماڻهو پسند ڪن ٿا. اهڙي طرح وري ٻاجهريءَ جي سنگ ڳڀجڻ کان وٺي لاباري تائين پکي به ان لاءِ ايترو ئي بي تاب رهي ٿو. وهيو ۽ ٻوڙي ته ٻاجهري پچڻ جي نشاني آهن. فصل پچڻ ڪري ئي لوڪ گيت چيو وڃي ٿو. ”هور وهيو ڙي هور هور ته منهنجن ڀائرن جو...... اُنهن ئي ڏينهن ۾ ٻاجهريءَ جي فصل ۾ پکين ۽ هاريءَ جي وچ ۾ لڪ لڪوٽيءَ واري ڏسڻ وٽان هجي ٿي. خاص ڪري انهيءَ مند ۾ مهمان ٿي آيل وهيو ڪيڏو نه خوبصورت رنگن وارو پکي هجي ٿو. ڀلي شاعر ان کي ڳائيندا هجن. پر جهار جي مند ۾ وهئي ۽ ٻوڙيءَ تي جيڪا ڪاوڙ هاريءَ جي هجي ٿي، اها به ڏسڻ وٽان هجي ٿي. انهيءَ مند ۾ مهمان ٿي آيل ٻيو جهرڪي جيڏي هلڪي پيلي رنگ واري پکيءَ تي ٻوڙي نالو به ان ڪري رکيو ويو آهي جو ڀلي کڻي بندوق جو ٺڪاءُ ٿئي، ٻوڙي ڪنهن به ٺڪاوَ تي اٿڻي ئي نه آهي. ان ڪري سڄو ڏينهن هاري ۽ ان جو سڄو ڪٽنب هلا ٻوڙي.... هو ٻوڙيءَ جون هڪلون ڪندي چئني ڏسن تي کانڀاڻي سان ڳوڙها پيو اڇليندو. ٻوڙي اهڙي جو هڪڙي سنگ تان اٿي وڃي ٻئي تي ويهندي. وچئين جي مهل جڏهن چٽن جي ڪاڙهي ۾ اڃا وڌيڪ تک ايندو ته انهيءَ مهل پيهي جي مٿان ڇانوَ لاءِ اڏيل اجهي ۾ هاري کانڀاڻي اڇلي ساڻو ٿي ڪري پوندو. گهڻا هاري انهيءَ مهل بيهوش به ٿي پوندا آهن. اهڙي ريت سج لهڻ تائين هاري ۽ پکين جي وچ ۾ جنگ جاري رهي ٿي. جيتوڻيڪ هاريءَ جي اها پنهنجي روزگار جي جنگ آهي. پر انهيءَ جنگ ۾ هاريءَ وٽ هٿيار فقط کانڀاڻي، مٽيءَ جا ڳوڙها، ٺڙ ٺڙ ڪرڻ وارو جنبو- ڇانگيل وڻن تي ٻڌل اڇيون اڳڙيون، انهيءَ ماحول دوست هٿيارن جي مدد سان هاري پنهنجو فصل بچائي ٿو. جيتوڻيڪ اردوءَ ۾ اهو به پهاڪو آهي ته ”چڙي ڪيا کائيگي“ پر انهن ڏينهن ۾ هاري روزاني ايڏي رڻ جي جنگ وڙهي پکين کان پنهنجو فصل بچائي ٿو. هن وٽ ٻيا به زرعي ڪم گهڻا ئي هجن ٿا. پر چوندو پيٽ واري جي آسري ۾ ڪڇ تي کنيل ڪونه ڇڏجي. پڪل فصل اکين اڳيان ڪيئن ڇڏيون. پوءِ پورو مهينو اها جنگ جاري رکي. ان کان پوءِ سنڌ جي مند ۾ ٿوري تبديلي اچڻ لڳندي آهي. سر ڦاٽي پيو، چٽ ختم ٿي ويا، ڏياري اچي وئي، راتيون ٺرڻ لڳيون، ڪڻڪن جي پوکي شروع ٿي وئي. سنڌ جي زراعت ۾ هاڻ گهڻن هنڌن تي ڪڻڪ ريج ڪري کيڙڻ جي بدران ريج ۾ ئي ٻج ڇٽي ڪورڙ ڪرڻ جو رواج پئجي ويو آهي.
الطاف شيخ جا پکين وارا مضمون اڃا هليا پئي ته ڪورڙ واري ڪڻڪ جي ڇٽيل ٻج تي پکين ۽ هاريءَ جي وچ ۾ ٻيهر جنگ شروع ٿي وئي. ٻوڙي ۽ وهئي جون مهمانيون اڃا ختم نه ٿيون هيون. ٻاجهرين ۾ لابارن کان پوءِ وونئڻن جا فصل ٻوڙي ۽ وهئي جا ميزبان هئا. جتي انهن کي نه جهل نه پل. انهيءَ مند ۾ گلابي سنڊي کان وٺي امريڪن سنڊي تائين چڳيو قوت ڪن. انهيءَ ڪم ۾ وري مقامي پکين ۾ ڪٻريون ۽ جهرڪيون به وهئي ۽ ٻوڙيءَ سان گڏ گڏ هجن ٿيون. مٿان جو ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿيو وڃي ته انهن چئني پکين کان سواءِ ڪانگ، هيڙو ۽ ڳيرو به اچيو ساڻن پهچي. پوءِ ته بس هاري هجي ٿو جيڪو ٻنن تي پکين کي ڀڄائڻ لاءِ پريٽون ڪندو رهي ٿو. پکي اهڙا جو ڪڻڪ جي داڻي مان ڄاول سلو به پٽيو کنيو وڃن. ڪن هنڌن تي جهار واري ڪم کان بچڻ لاءِ ڪجهه ٽوٽي هاري وري ٻج ۾ زهر واري دوا ملايو ڇٽين پوءِ ته مري ويل پکي سٿيا پيا هوندا آهن. ڳوٺن جي ماڻهن ۾ اڃا به منهن ۾ نمڪ آهي ۽ اهڙن هارين تي ايڏي ته ٿڪ، ٿُڪ ٿئي جو پوءِ وري اهڙو ڏوهه ڪونه ڪن. هرڪو توبهه، توبهه پيو ڪندو.
اهڙي طرح ٻئي جهار وري باغن ۾ هڪلبي. باغائي کانڀاڻي کنيو هو ٻلو، واريون هڪلون پيو ڪندو. ان جي باوجود طوطا ۽ بربليون باغن ۾ پينگهون ٻڌي بيٺل هونديون. توت ته هنن جي محبوب غذا هجي ٿي. اهو آهي ڳوٺاڻي سماج ۾ هاري ۽ پکيءَ جي وچ ۾ سٻنڌ. هاريءَ ۽ پکي ته هڪ ئي وقت زرعي فصلن جا اسٽيڪ هولڊر هجن ٿا. انهيءَ جنگ جي باوجود هرڪو پنهنجو پنهنجو حصو حاصل ڪيو وڃي.
ڳوٺاڻي سماج ۾ پکي گهر جي ڪٽنب جو حصو هجي ٿو. جهرڪي ۽ ڪٻر ته گهر جون ڀاتي هجن ٿيون. پر ڪانگ کي پنهنجو حصو نه مڃبو ته پنهنجي مڙسي ڪري ڪنهن به ٻار جي هٿ مان ماني ڦري به زوري گهر جو ڀاتي ٿيو وڃي. ڳوٺن ۾ گهرن جي نئين اڏاوتن ۾ جهرڪين جو هاڻ خيال نٿو رکيو وڃي. بيدا لاهڻ وقت ڀڄيو پون ٿا.
ڳوٺاڻي رات جي صوتي اثرات ۾ ٽٽيهر جو آواز لازمي هجي ٿو. ڳوٺاڻيون زالون ڀنڀرڪي مهل ڪار ڪڻڇيءَ جي مڌر آواز تي اٿڻ جون عادي هجن ٿيون.
رات جو ڪنهن چٻ جي چرڙاٽ تي ڳوٺاڻيون زالون هڪل ڪنديون ”ڌوڙ هجئي نڀاڳي ڪو جهيڙو ڪرائيندينءَ ڇا، يڪا ٻرڙاٽ پيا پونئي.“ ڪانگ ڪو ٻار کان گوشت يا ماني ڦري ويو ته ان تي زالون لعنتون پيون وجهنديون. پر اهو ساڳيو ڪانءُ لنوي، ٽپڪا پيو ڏيندو ته گُد گُد پيون ٿينديون ته مهمان ٿو اچي.
ڳوٺن ۾ ته پکي ڪئين ڳالهين جو اهڃاڻ هجن ٿا. ملهاري کاٻي پاسي اچي ويئي ته چوري تي ويندڙ چور واپس موٽي ويندو. چانهه ۽ ڪاٺ ڪٽي پکيءَ جا جهڙا رنگ ۽ چٽ خوبصورت آهن، اهڙيون ئي وري انهن بابت ڳالهيون به مزيدار هلندڙ هونديون آهن. ڪاٺ ڪٽي لاءِ مشهور آهي ته اهي طوطن جا ملازم آهن. انهن لاءِ وڻن ۾ گهر ٺاهين ٿا. ٺوڙهو پکي جا آکيرا ته آرٽسٽ وانگر هجن ٿا. جيڪي هو ڊڀن جي تيلين مان ٺاهي ٿو. ان لاءِ مشهور آهي ته هو نانگ کي دوکو ڏيڻ لاءِ آکيري جو اصلي منهن لڪائي ڪوڙو منهن ظاهر ڪري ٿو. چانهه پکي لاءِ اها ڳالهه هلندڙ آهي ته هن جا ٻچا ڦٽڻ کان پوءِ پارس پهڻ لڳڻ کان پوءِ اکيون کولين ٿا. ان ڪري چانهه جبلن مان اهو پارس اکين تي لڳائڻ لاءِ کڻي اچي ٿي. ڳوٺاڻا وري اهي پيا پور پچائيندا ته ان گهڙيءَ چانهه جي آکيري ۾ لوهه جو ٽڪر رکي اچجي ته سون ٿي پوي. اهڙي طرح اڌ رنگ (فالج) لاءِ پاريهر ۽ سورڻي (الرجي) لاءِ ڇاپاڪو پکي وري هڪ ٽڪ سمجهيو وڃي ٿو. ڌنار چوندا جيڪڏهن ڇاپاڪو ماري ان جو گوشت هٿن کي هڻجي ته سورڻو (الرجي) ان کي ڪڏهن به نه ٿيندو. البت ان جي هٿ ڌوتل پاڻي هڻڻ سان سورڻي جي مريض جو علاج ٿيو وڃي.
جيئن پکي ۽ جيتن ۾ مور ۽ نانگ جي ويڙهه مشهور آهي. ائين جيتن ۾ ”عار“ وري پکين کي خطري کان اڳواٽ خبردار ڪرڻ واري ڊيوٽي ڏيندڙ آهي. عار جيستائين چين پئي ڪندي ان جو مطلب سڀ خير آهي. پر عار چپ ٿئي معنيٰ پکي الرٽ ٿي ويندا، خطري جي گهنٽي وڄي وئي. جيتوڻيڪ هاري ۽ پکي ڳوٺاڻي سماج ۾ هڪڙي ڪٽنب جا ڀاتي آهن پر خطري جي گهنٽي ته زهريليون دوائون هارين ۽ پکين لاءِ جڏهن کان هڪ ئي وقت بنجي ويون آهن. زراعت ۾ ڦوهاري واريون متعارف ٿيون آهن، تڏهن کان پکين جو وڏو موت واقع ٿيو آهي. زهريلي ڦوهاري ٿيڻ کان پوءِ جيت چڳندڙ پکين جي تباهي ٿي وئي آهي. زرعي دوا جيڪا ڳوٺاڻي سماج ۾هاريءَ جي گهر ۾ ٿانون وانگر ان جي گهر ۾ داخل ٿي وئي آهي. هاريءَ جي گهر واري لانڍي جيڪا هڪ ئي وقت هن جو رڌڻو به هجي ٿو. بيڊروم به هجي ٿو ۽ ڊائننگ روم به هجي ٿو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڇپر جي ورئي ۾ يا جاري ۾ اها دوا اٽي، چانور، کنڊ يا ٻئي کاڌي جي ٿانون سان گڏ رکيل هوندي آهي. جتي هن جا ٻار به راند کيڏندڙ هوندا آهن.
جيتوڻيڪ جهار دوران پکي ۽ هاريءَ جي وچ ۾ وڏو جهيڙو هلندڙ هوندو آهي، پر اهو ساڳيو پکي زرعي فصلن مان نقصانڪار جيت چڳي ختم ڪري هاريءَ جو ڀرجهلو بنجي بيٺل به هوندو آهي. زرعي دوائن جي استعمال کان پوءِ لاڳيو پکي پنهنجي جنگ هارائي رهيو آهي.
سنڌ ۾ رڳو ڪڪڙن جا ميل ٿيڻ جو رواج نه آهي، پر سنڌ ۾ وائلڊ پکين جي مقابلن جو به رواج آهي. تترن جي ٻولي واريون ته ٽورنامينٽن جو رواج عام پئجي ويو آهي. جڏهن ته ٻاٽيڀر جي ويڙهه جو مقابلو به ايڏو ته زوردار ٿئي ٿو جو اخبارن ۾ ان جي باقاعدگي سان رپورٽنگ ٿئي ٿي. بلوچستان جي ڀاڳ ناڙي شهر ۾ ٿاڻي جي صوبيدار کان وٺي بئنڪ جي مئنيجر تائين، شهر جي هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ويڙهه وارو ٻاٽيڀر کنيل ڏٺو ويو.
پکي جڏهن اسان جي زندگي سان ايڏو گهرو واسطو رکندڙ هجن ٿا ته ان لمحي الطاف شيخ جو پکين بابت گهڻ پاسائون معلومات ڏيندڙ ڪتاب اسان جي سماج جو ڪيڏو نه اهم ڪتاب چوائيندو.

اسحاق مڱريو
حيدرآباد
Email Address: ishaqmangrio@gmail.com

پکين جهڙيون مسافتون ۽ منزلون طئه ڪندڙ ليکڪ الطاف شيخ : نواز ڪنڀر

موبائل جي گهنٽي ته روز وڄي ٿي، پر ڪي ڪي فون ئي يادگار هوندا آهن. اهڙن فونن مان هڪ فون ان ڏينهن آيو، جڏهن سنڌ جي ابنِ بطوطه محترم الطاف شيخ صاحب فون ڪري پنهنجن پکين متعلق تازو عبرت اخبار ۾ ڇپيل ۽ هاڻ ڪتابي شڪل ۾ ايندڙ مضمون تي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو، نه صرف فون اهم هو بلڪه سندن چيل ڳالهه به ان ڪري اهم هئي، جو سندن جا ئي سفرناما پڙهي، ٻين وانگر مون کي به گهمڻ ۽ لکڻ جو شوق جاڳيو هو/ آهي. سندن لکيل هر سفرنامي گهمڻ ڦرڻ جي حوالي سان هڪ نئون اتساهه ۽ شوق پيدا ڪيو. سندن سفرناما پڙهڻ بعد دل ڪيتريون نه سَٽون کائيندي هئي ته بئگ تيار ڪري، هينئر جو هينئر نڪري وڃجي ڪنهن اڻ ڏٺي مقام ڏانهن. محدود وسيلن ڪري پري جا پنڌ ته نه ٿي سگهيا، پر گهٽ ۾ گهٽ سندن سفر نامن جي تعداد جيترا، ملڪ ۽ سنڌ جا سفر ضرور ٿي ويا. ان پس منظر ۾ جتي لکڻ جي دعوت تي خوشي ٿي، اتي نڀائي نه سگهڻ جو خوف به ٿيو. شيخ صاحب جي قربائتين فونن سبب نيٺ لکڻو پيو، نه ته ڪٿي اسان ۽ ڪٿي الطاف شيخ صاحب!
شيخ صاحب جا جيڪي مضمون منهنجي نظر مان گذريا، انهن کي پڙهي لڳي ٿو ته پاڻ جهڙوڪر هئا پکين جي پنڌن جا پيرا کڻندڙ، جهازن ۽ مسافرن جا سفرناما ته جهڙوڪر ”اضافي“ شئي هئي. شيخ صاحب پاران پکين تي لکڻ بظاهر نئين ڳالهه ته لڳي ٿي، پر انهن جي جهازن جي مسافرين ۽ پکين جي اڏامن ۾ ڏسجي ته ڪافي هڪجهڙايون هجڻ ڪري، اهڙي ڪا صفا نئين ڳالهه به ڪونهي. پکي جي سمنڊ مٿان ۽ ڪنارن سان سفر ڪن ٿا ته سائين به سمنڊ ٿا جهاڳين. پکين جا پنڌ به ڪٿي ڏينهن رات ته ڪٿي وري ڪلاڪن جا ڪلاڪ. جيئن پکي سياري ۾ هڪڙي طرف اڏامون ڪن ته گرميءَ ۾ ٻي طرف. ناکئا به هوا ۽ موسم جو رخ ڏسي سفر ڪن.
شيخ صاحب جي مضمون ”بي چئي جهرڪ جي ڪهاڻي“ ۾ جنهن نموني سياري جي سويڊن ۾ M.Sc ڪرڻ دوران پاڙي جي عورت کين پارڪ ۾ لنگهڻ دوران بيمار يا زخمي هئڻ ڪري ڏکڻ سفر ڪرڻ کان رهجي ويل پکين کي ڏيڻ لاءِ بسڪوٽ ڏيندي هئي، اها پڙهي اهي وڏا ياد اچي ويا، جيڪي ماني کائڻ مهل هڪ ٻه گرهه بچائي، پکي پکڻ يا ڪيڙين ماڪوڙين لاءِ ڀور ڪندا هئا، اڄ جڏهن خود انسان هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان سبب ماني ڇا ٿو کائي! بس گرهه ٿو اندر اڇلائي!! ان وٽ هاڻ ايترو وقت ڪٿي جو هو ماني کائڻ وقت ويٺو پکي پکڻ ياد ڪري. ساڳئي مضمون ۾ جنهن نموني انهن ٿڌن ملڪن ۾ سياري ۾ پکين لاءِ ايندڙ ڏکين ڏينهن سبب انهن جي ڏکڻ لڏ پلاڻ جو ذڪر ڪيو آهي، ڪاش! ان جو اسان وارن شڪارين جي دل تي به ڪجهه اثر ٿي پئي ۽ هو مجبوريءَ ۾ هتي ايندڙ پکين تي ڪجهه ته ڪهل ڪن! ڪاش ائين ٿي پئي! ”ولر ڪيو وتن“ ۾ جنهن نموني شيخ صاحب دنيا جي ڪونجن جي سفر جا پيرا کڻي، هت پهچڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اهو پڙهڻ بعد به جي ڪو ڪونج ڪُهي ته ان کي حيف کان سواءِ ٻيو چئي به ڇا ٿو سگهجي. ساڳي نموني انهن، جپانين وٽ ڪونجن جي اهميت جو ذڪر ڪري، انهن اڌ پڙهيل ”اسڪالرن“ کي ڄڻ ته ماٺ ڪرائڻ جي ڪئي آهي، جيڪي اسان وٽ ڪَٻرن جي ٻولڻ کي جهيڙو ٿيڻ، ڪانوَ جي لنوڻ کي مهمان اچڻ جي اطلاع ڏيڻ برابر سمجهڻ کي جهالت جون ڳالهيون سمجهن ٿا. شيخ صاحب ”اسان کان پکي رسندا وڃن...“ واري مضمون ۾ جنهن نموني دبئي ۽ عربن جي ڳوٺن ۾ تترن جي آزاديءَ سان گهمڻ ۽ سويڊن جي رستن، بس اسٽاپن تي بدڪن، هنجن، رتنبن جو ماڻهن جي پيرن، بيٺل بسن، ٽيڪسين ۽ ڦيٿن وٽ بي ڊپو ٿي چڳڻ جو اکين ڏٺو احوال لکيو آهي ۽ عربن پاران هتي پکين ۽ انسانن سان ڪيل ظلمن ۽ زيادتين جو ذڪر ڪيو آهي اهو پڙهي نه صرف پکين جي قتلام تي ڏک ٿئي ٿو، پر پنهنجين شين جي حفاظت نه ڪرڻ سبب اجتماعي بيغيرتيءَ جو به احساس ٿئي ٿو.
ساڳئي مضمون ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ پکين جي بي قدري ٿيڻ سبب انڊيا هليو وڃڻ واري ڳالهه به، اسان مسلمانن لاءِ ڪا چڱي ناهي. اهڙيءَ طرح ”نر وڃي ٻي مادي تاڙيندو“ ۾ به تلورن بابت ڏاڍي ڪارائتي، پر اصل ۾ دکدائڪ ڄاڻ ڏني آهي. ٻين مضمونن وانگر مضمون ”امن جا سفير، محبتن جي علامت“ ۾ شيخ صاحب يورپ واري پاسي جو ذڪر ڪندي لکن ٿا ته هتي روڊ رستن تي به ڪيترن ئي فروٽن جا وڻ آهن، جن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي پکي پيا کائين. ان کان علاوه هتي جا ماڻهو رستن جي ڪپرن، پارڪن ۽ بس اسٽاپن تي مختلف قسم جا ٻج ۽ Nuts پکين کي ڏيندا رهن ٿا، پڙهي پاڻ واري پاسي ڪٿي اڙيو ٿڙيو بيٺل کجيءَ ۽ ٻير جا اهي وڻ ياد اچي ويا، جن مان پکي پکڻ کي ته ميوو ڇا ملندو! ماڳهين انهن وڻن تي سڄو ڏينهن ٻارن پاران پٿرن جي مارو مار هوندي آهي. ٻير ۽ کجي پڪي ٿيڻ کان اڳ ئي ڀترن جي نظر ٿي ويندا آهن. ”اخبارون پکين جي بچاءُ لاءِ لکنديون رهن ٿيون“ ۾ هو لکن ٿا ته يورپ جا ننڍا وڏا پکين جي واپس ورڻ تي کين ٻج ۽ اَن اهو سوچي کارائيندا آهن ته هو وڏي منزل طئي ڪرڻ سبب ٿڪجي پهتا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڏينهن ته کاڌي جي ڳولا ۾ پريشان نه ٿين. اهو پڙهي ۽ اسان جو پکين ڏانهن رويو ڏسي، سچ ته ڪنڌ جهڪيو وڃي. ”اڄ پکي وري نڌڻڪا آهن“ ۾ جتي شيخ صاحب منهنجي مضمون مان سانگهڙ واري پاسي جي گيم وارڊن ڪريم داد جوڻيجو جو ذڪر حوالي طور پيش ڪيو آهي، اتي سائين عبدالقادر جوڻيجي جي ڳوٺ جنهاڻ ڀرسان جي اڳوڻي مختيارڪار قادر داد رند جي پٽ محمد حيات رند زميندار جي پکين سان پريت ۽ تحفظ جي حوالي سان لکي ڄڻ ته هتي جي پکي، جانور ۽ ماحول دوست ماڻهن کي به ياد ڪيو اٿس. پکين جي نڌڻڪائيءَ واري ڳالهه ڪندي ”ڪانگ لنوي مٺي لات“ ۾ شيخ صاحب پرديسي پکين سان گڏ مقامي پکين سان ٿيل ڪلورن تي به ماتم ڪندي نظر اچي ٿو. هو پنهنجي مضمون ”ڪيڏو لُڙ مچايو اٿي، او ٽٽيهر ٽرڙا...“ ۾ مقامي قديم ۽ جديد شاعرن جا پکين بابت شعر لکڻ ڪري سندن پکين بابت ڳوڙهي اڀياس جو پتو پئي ٿو.
الطاف صاحب پکين تي لکڻ مهل عام رواجي طرح لکڻ بدران سائنسي انداز، وسيع سامونڊي ۽ دنيا گهمڻ جي تجربي سان گڏ دليلن سان لکيو آهي، نه صرف ايترو بلڪه انهن پکين جو ماضي بعيد کان رڪارڊ پڻ جانچيو آهي. ڏسو سندن مضمون ”پکين ۾ Navigationجي قوت“. جيئن ته انهن جا سامونڊي رستا ۽ منزلون به ذري گهٽ ساڳيا پکين وارا آهن، ان ڪري ئي هن پکين جي سفرن جي ڏکيائين ۽ مشڪلاتن کي سولي نموني سمجهي سگهڻ سبب ان حساب سان ئي لکيو آهي. وڏين عمارتن جي روشني ۾ پکين جو ۽ پنهنجي ڀلجڻ جو ساڳيو سبب لکي، هو پکين ۽ سامونڊي سفر جي هڪجهڙاين جو ذڪر ڪندا محسوس ٿين ٿا. هو پکين متعلق معلومات ڏيندي وڏن ۽ مشهور پکين سان گڏ ننڍي کان ننڍي پکيءَ کي به نظرانداز نٿا ڪن ۽ ڪار ڪڇڻيءَ جهڙي پکيءَ، جنهن جو عام طور تي ڪوبه نوٽس نٿو وٺي، ان باري ۾ به اها ڪارائتي ۽ دلچسپ ڄاڻ ڏين ٿا ته هي پکي نيو انگلينڊ کان نڪري يا هڪ سئو ڏهه ڪلاڪ (يعني چار راتيون ۽ پنج ڏينهن) سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري، ڏکڻ آمريڪا جي سرزمين تي پهچي ٿو. ان سفر ۾ هي هيٺ به نٿو لهي، جو هيٺ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ڏسو سندن مضمون ”پکي لڏ پلاڻ ڇو ٿا ڪن؟“ سندن مضمون ”پکي سٺا ناکئا آهن...“ پڙهي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ناکئن وانگر دنيا ۾ ٻي پاسي به پکين کي موسمن جي پيشن گوئي ڪندڙ يا Weather Forecaster سمجهيو وڃي ٿو. سندن مضمون ”پکي به اهو ڪن ٿا جيڪو پائليٽ ڪري ٿو“ ۾ مالمو شهر جي ڊپارٽمينٽل اسٽور تان ڇانهين جي ٻج جو پاڪيٽ وٺي کائڻ تي ڊئنمارڪ جي ڪئپٽن جو اهو چوڻ ته هي ٻج پکين لاءِ هوندو آهي ۽ اهو ته سيارو شروع ٿيڻ تي شهر جي اسٽورن تي پکين لاءِ ٻجن جا پئڪيٽ وڪري لاءِ اچڻ، جيڪي اتي جا نيڪ انسان، ڪن سببن جي ڪري اڏامڻ کان رهجي ويل پکين کي کارائڻ لاءِ وٺندا آهن، پڙهي دل مان ٿڌو شوڪارو ٿو نڪري ته، ڪاش! هتي به ڪا اهڙي سوچ پئدا ٿئي. ڀلي ٻج وٺي پکين کي نه به کارايون، رڳو کين تحفظ ۽ امان ڏيون ته به لک کٽيوسين. هونئن سنڌ جي ذاتي رکن تي ايندڙ پکين لاءِ ٻج ڇٽڻ جي روايت خير اسان وٽ اڄ به موجود آهي، پر ان جي پٺيان نيت پکين کي کاڌي کارائڻ جي نه، بلڪه انهن کي هيرائي شڪار ڪري کائڻ جي وڌيڪ هوندي آهي.
سندن اهي مضمون پڙهي پکين جي لڏ پلاڻ جي سببن، وقت ۽ رستن جي جهڙوڪر مڪمل ڄاڻ ملي ٿي ۽ مختلف پکين جو اصل وطن به معلوم ٿئي ٿو. ان سان گڏ اها به خبر پوي ٿي ته هو ڪيترا هزار ميل پنڌ ڪري اسان وٽ موسمن ۽ بکن کان پناهه لاءِ زندگي جي دان لاءِ اچن ٿا، پر پوءِ به صوفين جي سڏجندڙ سرزمين سنڌ تي کين موت کان سواءِ ڪجهه به نصيب نٿو ٿئي. شيخ صاحب پنهنجي مضمونن ۾ نه صرف مختلف ملڪن جي شاگردن ۽ پروفيسرن جي ڏنل ڄاڻ انهن جي نالي سان ڏين ٿا، بلڪه سنڌ جي شاعرن، رپورٽرن ۽ ڪالم نويسن جي لکيل لکڻين واري ڄاڻ به سندن نالي سان ڏين ٿا. ساڳئي وقت مختلف اخبارن پاران مختلف موضوعن تي لکين ايڊيٽوريل جا حوالا به تاريخن ۽ اخبارن جي نالن سان ڏين ٿا، ان مان سندن پکين بابت مطالعي سان گڏ سندن قلمي ايمانداريءَ جو پتو به پوي ٿو، نه ته هتي ته ٻين جا سڄي جا سڄا مضمون به ماڻهو پنهنجي نالي ڪيو ڇپايو ڇڏين، ڪير ٿو پڇي! ها البته ڪجهه جاين تي پڙهندي ورجاءَ جو شدت سان احساس ٿئي ٿو، جيڪو ان پاسي ڌيان ڏجي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها.
بهرحال سندن هي ڪتاب پکين جي حوالي سان سٺي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ، پکين جي لڏ پلاڻ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پکين سان انساني روين متعلق سٺي گائيڊ بوڪ جو درجو به حاصل ڪري سگهي ٿو. سنڌيءَ ۾ پکين متعلق ڪتابن جي سفر کي هن ڪتاب نه صرف اڳتي وڌايو آهي، پر ان سفر کي جهڙوڪر وقت ۽ حالتن مطابق Update به ڪيو آهي.

نواز ڪنڀر
28 ڊسمبر 2009ع
سانگهڙ

الطاف شيخ، فطرت پسندي ۽ پرڏيهي پکي: امر لغاري

هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ،
لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
(شاهه)

الطاف شيخ فطرت پسنديءَ ۾ ماضي ۽ حال جو سنگم ڪرايو آهي. هڪ طرف ڪينجهر سان سانوڻيءَ جي ماحول ۾ نيرڳ پکيءَ جي نيهن جي ڳالهه ڪيل آهي (حالانڪه سانوڻيءَ ۾ نيرڳ ڍنڍن تي نه هوندا آهن، پر هتي نيرڳ تشبيهه طور استعمال ڪيل آهي) ۽ ٻئي طرف ڪينجهر جي (آڪٽوبر مهيني يا نومبر جي پهرين ڏهاڙن جي) منظر نگاري جي پس منظر ۾ ڪلاسيڪل ڪردار ڄام تماچيءَ جو ذڪر آهي، ڇو ته هن موسم ۾ ڪنڊي، مڃر ۽ ٻٻر گلن ڪرڻ ڪري ساوڪ يا بهاريءَ ۾ هوندا آهن، مٿان اتر جو واءُ اچي انهن جي بهاري ختم ڪندو آهي.
الطاف شيخ جي مضمونن جو هڪ وڏو حصو پکين جي هجرت (Migration) ۽ انهن جي جبلي محرڪن جي تفصيل تي ڦهليل آهي. هجرت بابت مختلف ماهرن جي راين ۽ نظرين جو اپٽار ڪندي ڪٿي ڪٿي هو پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪري وٺي ٿو. مان هت انهن ڳالهين کي ورجائڻ نٿو چاهيان، ڇو ته اهي ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ موجود آهن، مان هت رڳو ايترو چوندس ته الطاف شيخ هنن مضمونن ۾ اها راءِ پڻ رکي آهي ته پکي جڏهن هجرت ڪن ٿا ته اهي قدرت طرفان هنن جي دماغ ۾ موجود اڳ ۾ ئي فيڊ ٿيل پروگرام تحت هلن ٿا، جنهنڪري هو منزل مقصود تي بنا ڪنهن غلطيءَ جي پهچي وڃن ٿا. الطاف شيخ ڪيترن ئي مضمونن ۽ نظرين جي مطالعي کانپوءِ ئي اها راءِ ڏئي ٿو. پکين جي هجرت بابت جيڪي به سائنسي رايا سامهون آيا آهن، تن جي آڌار تي اهو اڃا چئي نٿو سگهجي ته پکين جي هجرت جا ڪي مخصوص محرڪ لڀي پيا آهن، ان ڪري الطاف سائين جي ان راءِ کي پاڻ کي به هڪ راءِ طور ڏسڻ کپي ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ تحرير ڪندو رهڻ کپي.
جڏهن دنيا جو ماحول يا آبهوا اڃا ايتري گرم نه ٿي هئي، تڏهن پکي هر سال هڪڙي ئي وقت ٿڌن ملڪن مان نڪرندا هئا ۽ طئي ٿيل وقتن تي گرم پاڻيءَ ۽ آبهوا وارن ملڪن ۾ پهچي ويندا هئا، پر موسم جي تبديليءَ جي ڪري هنن جو هجرتي ٽائيم ٽيبل ۾ فرق آيو آهي. سائنسدان پکين جي هجرتي بهيويئر (ورتاءَ)، ان مطابق چوڳي جي ميدانن جي چونڊ ۽ جنسي سڌن ۾ ايندڙ تبديلين تي تحقيق ۾ رڌل آهن، پر هيل تائين پکين جي بهيورل سائنس جي مد ۾ ٿيل تحقيق ٻڌائي ٿي ته پکين جون جبلتون موسمي تبديلين سان تبديل ٿين ٿيون، ائين جيئن ڏڪار ۾ جانور، وڻ ۽ ماڻهوءَ مشڪل سان پنهنجي نسل جي افزائش ڪري سگهن ٿا، ڇو ته کاڌي جي کوٽ ۽ آبهوا جي تبديلين سبب حياتياتي نوع کوڙ سارين ذهني (نفسياتي) ۽ جسماني تبديلين منجهان گذري ٿي، جنهنڪري جبلتون زندهه جسمن اندر خاموش ٿي يا زنگجي وڃن ٿيون، ان ڪري ضرورت (Need) نئون نفسياتي ضابطو بنجي، ذهنن اندر تحريڪ آڻي ٿي. هجرت به ماحولياتي تبديليءَ ۽ ضرورت، ٻنهيءَ جي ميلاپ سبب عمل ۾ اچي ٿي.
پکين جي هجرت بابت الطاف شيخ پنهنجن مضمونن ۾ سائنسي فطري، رومانوي ۽ مذهبي نظرين جو تت پڻ پيش ڪيو آهي. ڪافي جاين تي هن پڙهندڙن لاءِ ڇڏي ڏنو آهي ته هو انهن مان ڪهڙي نظرئي کي وڌيڪ صحيح ٿا محسوس ڪن. زميني دنيا اڃا تائين هڪ آهي. پکي هجن، انسان هجن، جانور هجن، ڪيڙا ماڪوڙا هجن، سڀ ماحول ۽ کاڌي جا محتاج آهن، جي زمين تي پاڻي نه هجي، آسمان تي سج نه هجي، وايو منڊل ۾ هوائون نه هجن، سردي ۽ گرمي نه هجي ته ڪائنات ۾ زندگيءَ جو تصور جي ناممڪن ناهي ته پوءِ ڪنهن ڪم جو به ناهي.
انسان جي رهڻي ڪهڻي، حرڪتون ۽ حواس، جيوَ جي ماحولياتي فطري قبوليت (Natural Adaptation) مطابق تبديل ٿيندا رهيا آهن، ان ڪري انسان سان گڏ اهي ڳالهيون پکين، جانورن ۽ جيت جڻن سان به لاڳو ٿين ٿيون. انسان جو دماغ وڏو، جانورن جو ننڍو، پکيءَ جي اک وڏي، ماڻهوءَ جي ننڍي، ماڪوڙيءَ، مک، پوپٽ ۽ ڀنڀوريءَ جون اکيون ٻن کان وڌيڪ ٿين. فطري طور پکيءَ کي پنهنجي حرڪت لاءِ پر مليل آهن، ان جي اک وڏي ان ڪري آهي، جو ان کي وايو منڊل مان پنهنجو رستو به ڳولي لهڻو آهي ته ان کي پنهنجي ماحول مان ننڍا ننڍا ڪيڙا ماڪوڙا، ٻج ۽ ٻيا کاڌا به ڳولي لهڻا آهن. پنهنجي دشمن کان بچاءَ لاءِ هر هر چوطرف ڏسي چوڪس به رهڻو آهي. پکيءَ جي اک ٽيلي ڪيميرا جي بلور جهڙي اک آهي، جنهن کي ننڍي ۾ ننڍو جسم به چٽو نظر اچي ٿو، جتي قدرتي آفتن وقت ماڻهوءَ کي عقل ڪم اچي ٿو، اتي پکيءَ کي پنهنجي اک ۽ حواس ڪم اچن ٿا، جو هو اڳواٽ ان کي محسوس ڪري وٺي ٿو. نانگن بلائن ۾ سنگهڻ جي حس مضبوط هوندي آهي، فطرت جا پنهنجا دستور آهن. وڻن کي پاڙون آهن، جيڪي کين زمين سان طاقتور نموني ڳنڍي رکن ٿيون. ان ڪري الطاف شيخ جي انهن ڳالهين ۾ وزن آهي ته قدرت انهن اندر اهي گوشا مضبوط ڪيا آهن، جن ذريعي هو زمين تي اهي رستا ۽ مقام ڳولي لهن ٿا، جن جي هجڻ تي هنن جي حياتيءَ جي ان ”سالياني ڦيري“ جو دارومدار آهي. ڪڇونءَ جي ٻچن جي پاڻيءَ ڏي ڀڄڻ جي ڳالهه هجي يا ڪوئل جي ٻچن جو ڪانون کان الڳ ٿي، پنهنجي فطرت اختيار ڪرڻ ٻئي پنهنجي اندرئين ۽ ٻاهرئين فطرت جي ڳانڍاپي کانسواءِ ائين ڪري نٿا سگهن. ڪڇونءَ جي ٻچي کي جي ٿر جي ڪنهن ڀٽ تي ڇڏي مشاهدو ڪبو ته ان صورت ۾ اهو ممڪن آهي ته هو ناري واري طرف نه اچي ۽ جيسلمير ڏانهن رخ رکي يا اڃا نه ته هو اولهه ڏکڻ سامونڊي هوائن واري طرف هلڻ شروع ڪري جي سامونڊي هوائن جي ان مقام تائين پهچ نه هجي، ته پوءِ اتي جو ماحول هن کي پاڻيءَ ۽ سمنڊ جي آبهوا جو ڪو گس ڏيئي نه سگهندو. اتي هن جا حواس توڙي اکيون ان باري ۾ هن جي ڪا به مدد ڪري نه سگهنديون. انهن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته جبلتن کي به ماحول تحرڪ ۾ آڻي ٿو. اهو سڀ ائين آهي، جيئن بجليءَ جو ڪرنٽ فقط پسرائيندڙ مان گذري سگهي ٿو، پسرائيندڙ هن جو ميڊيم (ذريعو) آهن، باقي ڪاٺ ۽ رٻڙ مان ته بجلي به گذري نٿي سگهي، جو انهن ۾ اهڙو ماحول يا جزا ئي ناهن.
فطرت کي فقط فطري قوتن سان ڳنڍي بيان ڪري سگهجي ٿو، ان کي جي شعوري قوتن ۽ مقصد جي تابع ڪبو ته معاملو گڙ ٻڙ ٿي ويندو. شاعر ۽ مذهبي مبلغ پکين ۽ جانورن کي تبليغي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آيا آهن، اهو ان ڪري جو ماڻهو جو سڌو سنئون واسطو فطرت سان آهي، هو اهڙن مثالن جو اثر جلدي وٺي ٿو، پر فطرت پنهنجي ذات ۾ نه مذهبي آهي، نه لادينيت. فطرت فقط فطرت آهي. پکين، جانورن ۽ ٻوٽن ۾ روحانيت جو ڪو به تصور ڪونهي، نه ئي انهن کي ان حوالي سان ڏسي سگهجي ٿو. بزرگي فقط ماڻهوءَ جي ميراث آهي، باقي شيون پنهنجي ويجهي ماحول جون محتاج آهن. دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي ڪري پکين ۽ جانورن اهڙن ماحولن کي پنهنجو ڪيو آهي، جيڪي اڳ ۾ هنن جي جبلتن سان هم آهنگ نه هئا. مثال: ڪڪڙ جا اصل ابا ڏاڏا هماليا ۽ لنڪا جي جهنگن جا اهي مرغا هئا، جيڪي باقاعدي اڏامندا هئا، پر ڪڪڙ انسان سان رهندي پنهنجون ڪيتريون ئي فطري جبلتون وساري ويٺو آهي، يا انهن کي استعال ڪرڻ جي قابل نه رهيو آهي. ڍڳو هن وقت پنهنجي سِڱ کان ڪابه مدد وٺي نٿو سگهي، جو پالتو ٿيڻ کانپوءِ اهي هن جي ڪم جا نه رهيا آهن. ائين جانورن کان ويندي پکين جي زندگي توڙي جسماني ساخت ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن.
ڪتي جو به مثال وٺنداسين ته اهو به ائين ئي بيهندو. ڪتو جهنگلي دور ۾ بگهڙ وانگر ”روڙ“ ڪندو هو، پر انسان سان گڏ رهندي نئين ”ايڊاپٽيشن“ هيٺ هن کي پنهنجي نئين دشمن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڀونڪڻو پيو، جو اهو هن جي اوائلي قدرتي اسڪيم ۾ موجود نه هو. اڳي ان کي خطري توڙي اڪيلائي وقت ”روڙ“ ڪري پنهنجي ڪٽنب جي رڪنن کي سڏڻو پوندو هو، پاڻ اها جهنگلي جيوت واري نشاني فقط اڪيلائيءَ مهل اڃا به استعمال ڪري ٿو، جنهن جو مقصد دشمن خلاف صفبندي ڪرڻ قطعي نه هوندو آهي.
الطاف سائين پکين ۾ جبلت کي وحيءَ سان ڀيٽيو آهي، پر مان Instinct کي وحيءَ سان نه ڳنڍيندس، جو پکين ۽ جانورن جي حوالي سان وحي وغيره بابت منهنجي ڄاڻ محدود آهي، پر ايترو سو ضرور چوندس ته ڪيتريون ئي جبلتون جانورن ۽ پکين لاءِ نهايت نقصانڪار به آهن. مثال خطري وقت هرڻ جو ڀڄي ڀڄي وري ڪجهه فاصلي تي بيهي پوئتي ڏسڻ واري جبلت، هن جي سڀ کان وڏي دشمن بنجي ٿي، جيئن ته اها هن جي جين ۾ شامل آهي، ان ڪري هو ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نٿو سگهي، جنهنڪري شڪاريءَ جي گوليءَ جو نشانو بنجي وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح پاڻيءَ وارن پکين جي اها جبلت ته جڏهن هنن کي هن جاءِ تان اڏاربو ته اهي ڍنڍن مٿان ٻه ٽي گهمرا کائي وري لهي پوندا. انهن گهمرن ۾ ئي اهي ڀٽن جي چوٽين يا ڪنهن ٻئي لڪ ۾ لڪيل شڪارين هٿان بندوقن جو کاڄ بنجي وڃن ٿا.
اسان جڏهن پيڻ پکي ۽ کنڀي جو مثال وٺنداسين ته معلوم ٿيندو انهن جي پيرن جون چاريئي آڱريون ڳنڍيل هونديون آهن. اهو ان ڪري جو هيءُ غوطا کائي پاڻيءَ مان تري به مڇيون پڪڙي کائين ٿا. پيڻ ۽ کنڀن جي خوراڪ فقط مڇي آهي، ان ڪري انهن کي پڪڙڻ لاءِ هنن کي گهري پاڻيءَ اندر لهڻو پوي ٿو. پاڻيءَ اندر اهي پنهنجا پر جسم ٻاهريان ڇٽيءَ جيئن فولڊ ڪري، پنهنجي ٻنهي پيرن جي پتوار سان هڪڙي وقت پاڻيءَ کي پوئتي ڌڪيندي شڪار تائين پهچن ٿا. انهن جيئن پينگوئن ۽ ٻين ٽٻڻن پکين جي پيرن جون چاريئي آڱريون پڻ ڳنڍيل هونديون آهن. انهن جي مقابلي ۾ بدڪن يا ان خاندان جي پاڻيءَ جي پکين جي پيرن جون فقط ٽي آڱريون ڳنڍيل هونديون آهن، ڇو ته انهن کي کاڌي لاءِ پاڻيءَ اندر گهڻو هيٺ نٿو وڃڻو پوي. چيڪلا، نيرڳ، رتنبا، هنجر، ڳيڻا، ڊڳوش ۽ ٻيا پکي پاڻيءَ جي گاهه يا مٽيءَ تي گڏ ٿيندڙ ڪوڏن، ننڍين مڇين، يا ان گاهه جي ٻجن تي گذران ڪن ٿا، ان ڪري اهي هلڻ چلڻ يا حرڪت ڪرڻ ۾ پاڻ کي ايترو مشڪل ۾ محسوس نٿا ڪن، جيترو پورو پير ڳنڍيل.
جيوت جي جسامت هن جي کاڏي پيتي جي طور طريقن ۽ قسمن مطابق هوندي آهي. ايمس (Emus) نالي پکي بنا اڏامڻ ۽ تيز ڊوڙڻ وارو پکي آهي، ان ڪري هن جي پيرن جون آڱريون سڌيون جُتي جي تري جيئن هونديون آهن. مزي جي ڳالهه ته هن جي پير جو آڱوٺو نه هوندو آهي، ڇو ته اهو وقت سان گڏ (استعمال ۾ نه ايندي) ناڪارا ٿي ڇڻي چڪو آهي. يعني، ارتقائي طور آڱوٺي واري فيڊ ٿيل پروگرام وارو جين ناڪارا ٿي، اڳتي منتقل ئي نه ٿي سگهيو آهي، جيئن موروثي گهٽتايون ماڻهوءَ جي نسل ۾ اڳتي منتقل ٿينديون رهنديون آهن، تيئن پکين ۾ به ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح اٺ پکيءَ جي پير ۾ فقط ٻه آڱريون آهن، ڇو ته وڌيڪ جي هن کي ضرورت ئي ڪانهي. ڪڪڙيون ۽ ٻيا فيزينٽ، جهڙوڪ مور، چڪور وغيره ڇو ته مٽيءَ وغيره ۾ کٽوليون يا کاٽوڙا ڪري پنهنجو داڻو حاصل ڪن، ان ڪري انهن جو چنبو ٽڙيل ۽ آڱريون ڪوڪن جيئن سڌيون ٿين. وڻن تي ويهڻ وارن پکين جو آڱوٺو ٻين ٽن آڱرين جي مقابلي ۾ ٿورو وڏو هوندو آهي، جيئن هو چڱي نموني ٽار کي مضبوط جهلي ويهي سگهن. شڪاري پکين جو چنبو وڏو، ننهن تيز، آڱريون آڱوٺو هڪ جيڏو هوندو آهي. ڪاٺڪٽن ۽ چتن جي پيرن جون ٻه آڱريون اڳتي طرف ۽ آڱوٺي سان گڏ ٿين آڱر پوئتي هونديون آهن، جنهنڪري اهي آسانيءَ سان وڻن جي ٿڙن تي اڀو گرفت سان هلي سگهن ٿا. ابابيلن، ننڍن چٻرن ۽ ڇاپاڪن جون چهنبيون ويڪريون ۽ ننڍيون هونديون آهن، ڇاڪاڻ جو اهي اڏامندڙ ڀئونرا، پتنگ، جيت ۽ ٻيون شيون هوا ۾ هلندي ڳِهي ويندا آهن.
اهي ته چند مثال هئا پيرن جا، ڪجهه مثال چهنبن جا به وٺي ٿا ڏسون. سنهي ۽ هيٺ تي مڙيل چهنب وارا ننڍڙا پکي ڪوريئڙن ۽ جيتن کي وڻن ۽ ڄارن مان ڪڍي کائين ٿا. باز جي چهنب جو ٽيون حصو هيٺ مڙيل ۽ هيٺيون سنئون هوندو آهي ته جيئن اهو شڪار يا گوشت کي چيري ڦاڙي سگهي. پوراڙي جي چهنب تمام ڊگهي، لوطي شڪل جي هيٺ تي مڙيل هوندي آهي ته جيئن اها ساموندي ڪنارن سان ريت يا گپ اندر لڪل ڪيڙن، ۽ سانپن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ ان جي ڪم اچي سگهي. ڪرينَ جي چهنب واري پکي ڄاڃي لاکي کي پنهنجي چهنب ڍنڍن يا دٻن جي پاڻيءَ مان گپ ڀري ڪري شيل مڇيءَ کي ٻاهر ڪڍي کائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اسان جي سامونڊي پٽيءَ وارين ڍنڍن ۾ چوڳو ڪندڙ ڏوئيرو نالي پکيءَ جي چهنب ڏوئي يا چمٽي جهڙي ٿئي ٿي، جيڪا مڇي پڪڙي کيس ڳهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڀالي جهڙي چهنب وارو ٻگهه جهڙو پکي ڪَڪَي اڪثر تلائن يا واٽرن جي ماڊولن تي ويهي انتظار ڪري، مڇيءَ کي ڀالي جيئن چهنب هڻي پڪڙي کائي ٿو. پيڻ پکيءَ جي چهنب هيٺان چمڙي جي ڳوٿري ان ڪري آهي، جو اها کيس وڏي ۾ وڏي مڇيءَ کي ڳهڻ ۾ سندس مدد ڪري ٿي، جهرڪين ۽ ٻين ان کائيندڙ پکين جي چهنب سخت ۽ نوڪدار ان ڪري آهي، جو اها کين زمين ۾ هڻڻي پوي ٿي.
اهڙيءَ طرح پکين جي پرن جو مثال آهي. پکين جي پرن جا کنڀ هيٺيان سڌا ۽ مٿان گولائيءَ ۾ وريل هوندا آهن. اهو ان ڪري جو هوا جي دٻاءُ لاءِ هيٺيان کان اهي هڪ پليٽ فارم ٺاهين ٿا، جنهن ڪري هوا دٻاءُ وجهي، کين مٿي کڻڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جڏهن ته ساڳي هوا انهن جي پرن جي مٿين کنڀن تان ترڪيو وڃي، انهيءَ ئي ٽيڪنڪ تحت جهاز مٿي کڄي ٿو. پولر رڇ جي جسم تي پشم جو گهاٽو تهه هوندو آهي ته جيئن ٿڌ ۾ هن کي گرم رکي سگهي. اٺ جي اک مٿان هڪ اضافي ڇپر پڻ هوندو آهي، جو طوفانن ۾ هن جي اک ۾ واري پوڻ کان هن جو بچاءُ ڪندو آهي. اٺ طوفانن ۾ به هلندو رهندو آهي.
انهن سڀني ڳالهين ڪرڻ جو هت منهنجو مقصد اهو هو ته فطرت جاندارن کي هنن جي ماحول مطابق سانچي ۾ وڌو آهي، اهو ئي سبب آهي ته جن پکين، جانورن ۽ خود انسانن، پاڻ کي قدرتي ماحول مطابق تبديل (Adapt) نه ڪيو، سي هن ڌرتيءَ جي گوليءَ تان پاڙئون ميسارجي ويا، ان ڪري پکين ۾ پير ۽ چهنبون اهي نشانيون آهن، جن مطابق اسان هنن جي ارتقائي تبديليءَ جي باري ۾ زمين تي موجود ايڪالاجيڪل فطري ماحولن پٽاندڙ اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا ۽ انهن جي ان حوالي سان درجيبندي پڻ ڪري سگهون ٿا. الطاف شيخ پکين جي فطري جبلتن کي جيڪو ماحول جي تبديليءَ سان ڳنڍي، هجرت جي ڳالهه ڪئي آهي، اها سچ پچ ته انسان لاءِ به هڪ وڏو پيغام رکي ٿي. پکين جي علم بابت اهڙن پرمغز مضمونن يا ڪالمن جو هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ جي ادب ۽ ان جي پاٺڪن لاءِ ڄاڻ جي نئين لهر ثابت ٿيندو.

امر لغاري
سانگهڙ

اهي اونهاري جون ڳالهيون هيون يارو!

اسان جو جهاز ناروي جي گادي واري شهر ۽ بندرگاهه اوسلو (OSLO) ۾ جڏهن پهريون دفعو آيو هو ته اهو جولاءِ جو مهينو هو. ڇا ته سهڻو ۽ صاف سٿرو هي بندرگاهه لڳي رهيو هو. ساهه کڻڻ سان محسوس ٿيو ٿي ته ڄڻ هتي جي هوا ڇاڻيل ۽ فلٽر ٿيل نج آڪسيجن هجي جيڪا اڪثر ايئروبِڪ ڪلبن ۾ ورزش دوران ڇڏي وڃي ٿي. منجهس عجيب قسم جي سڳنڌ هئي. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي رهي هئي. شهر جا پارڪ ته چهچ سائي رنگن جي ڇٻرن سان ڀريا پيا هئا پر رستن جا ڪنارا ۽ ميدان به مختلف سائي رنگ جي شيڊن جي ڇٻرن ۽ گاهن سان جهنجهيل هئا، جنهن لاءِ انگريزيءَ ۾ اڪثر Lush Green لفظ استعمال ڪبو آهي. چوڌاري قسمين قسمين وڻ هئا جن جا نه رڳو سائي رنگ جا پن هئا پر ڪي اهڙا به وڻ نظر هئا جن جا پن آرينج ۽ ناسي رنگ جا هئا. جتي ڪٿي ٻارين ۾ لڳل ٻوٽن ۾ قسمين قسمين گل هئا ۽ انهن وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ڇا ته سهڻن رنگن جا پکي ۽ پوپٽ نظر اچي رهيا هئا. اهي بدڪن، هنجن ۽ لنجن جي نسلن جا پکي نه رڳو وڻن تي ۽ اڏامندي، پر رستن، فٽ پاٿن ۽ بس اسٽاپن تي به بي ڊپا ٿي چُڳي رهيا هئا. هنن کي نه وڏن ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ۽ نه ٻارن ڊيڄاريو ٿي. بلڪه هر هڪ Pea Nuts، پٽاٽو چپس يا ٻيون اهڙيون شيون وٺڻ مهل انهن مان هڪ ٻه هنن رنگين پکين کي ڏنو ٿي جن هنن جي پيرن وٽ آرام سان کائي پنهنجين ننڍڙين ٻرانگن سان اڳتي وڌي ويا ٿي. ههڙا سهڻا پکي اسان سان گڏ فوٽ پاٿ تي، جنهن نموني سان بي ڊپوٿي، چهل قدمي ڪري رهيا هئا، ائين ته مون پنهنجي ملڪ جي چڙيا گهرن جي پڃرن ۾ به نه ڏٺو هو!
سال ٻن بعد منهنجو وري اوسلو اچڻ ٿيو پر هن دفعي آئون ان ساڳي جهاز تي نه هوس. جهاز هلائيندڙ به اهي ساڳيا نه هئا. سڀ نوان هئا جيڪي پهريون دفعو جهاز کي اوسلو جي بندرگاهه ڏي وٺي پئي هليا. آئون جيئن ته ناروي جي هن بندرگاهه اوسلو مان هڪ دفعو پهرين به ٿي ويو هوس ان ڪري آئون جهڙو سڀني ۾ سياڻو ٿي پيس. مون به ڪجهه سچ ۽ ڪجهه الله جي ڏني مان، اوسلو جي تعريف ڪري کين گهائي رکيو. کين مون اوسلو جي سامونڊي ڪناري (Beaches) بابت به ٻڌايو ته ڪيئن هزارين نارويجن عورتون سمنڊ جي ڪناري تي انگيءَ بنا، فقط ڪڇن ۾، ريتيءَ تي ليٽي اس جو سيڪ (Sun Bath) وٺندي نظر اچن ٿيون.
ڇَڪ ڇَڪ، ڇَڪ ڇَڪ ڪندو، اسان جو جهاز، آفريڪا جي ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان مُڙي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿيو ۽ هاڻ اتر قطب تاري کي فالو ڪندو اتر طرف وڌڻ لڳو. پاسن کان آفريڪا جي اولهه ڪناري وارا ملڪ، نميبيا، ائنگولا، ڪانگو، گئبن، ڪئمرون، گهانا، سينيگال، موريطانيا ۽ مراقش هڪ هڪ ٿي ختم ٿيندا ويا. يارهن يا ٻارهن ڏينهن بعد جبرالٽر واري نار لتاڙي يورپ جي حدن ۾ گهڙياسين. آٽوميٽڪ ۽ سينٽرلي هيٽيڊ ۽ ايئرڪنڊيشنڊ جهاز هو. ٻاهر ڊربن يا ڪيپ ٽائون ۾ ٿڌ هئي يا خط استوائي ملڪن ڪانگو ۽ ڪئمرون ۾ گرمي، پر اسان وٽ جهاز اندر اهوئي گرمي (۽ سردي) جو pleasant پد رهيو ٿي! جهاز اندر، جهاز جي ڪمرن توڙي گهٽين ۾ اسين چڍيون پائي پئي هلياسين ٻاهر کڻي ڪهڙي به موسم ٿيندي رهي ٿي. اها به هڪ ڏينهن شام جي وقت خبر پيئي، جڏهن جهاز جي ڊيڪ تي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ جهاز کان ٻاهر نڪتاسين ته جسم کي ڪپيندڙ ٿڌي هوا وڪوڙي وئي. جهاز جي ٿرڊ اِنجنير رڙ ڪندي خبردار ڪيو ته بابا هيءَ ته يورپ جي ٿڌ شروع ٿي وئي آهي ۽ ان ئي وقت جهاز جي چارٽ روم مان ڊيوٽي پوري ڪري نڪرندڙ سيڪنڊ آفيسر پنهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري مفلر جا ٻه ور ڏيئي چيو، ”توهان انجينيئرن کي هاڻ خبر پئي آهي ته يورپ شروع ٿي ويو آهي؟ اڄ ان کي ٽيون ڏينهن اچي ٿيو آهي. سڄو پورچوگال ۽ اسپين جو اتراهون حصو لتاڙي هن وقت Bay of Biscay واري سمنڊ ۾ گهڙي رهيا آهيون.“
بهرحال ان بعد انگلنڊ شروع ٿي ويو ۽ نارٿ سي (North Sea) مان ٿي اوڀر طرف ڊئنمارڪ ڏي رخ رکيوسين ۽ پوءِ وري مٿي اتر ڏي سفر ڪندا ڪندا آخر اچي اوسلو نڪتاسين. رات جو دير سان اوسلو جي بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائڻ ڪري ان وقت ڪنهن جو به موڊ ٻاهر نڪرڻ تي نه هو. هيڏي وڏي سفر بعد سڀ ٿڪل هئاسين. ٻيو ڏينهن آچر جو موڪل هئي. اوسلو جو شهر گهمڻ لاءِ هر هڪ مون سان هلڻ لاءِ آتو هو. صبح جو اک کُلي ته ڏهه ٿي چڪا هئا. نيرن جو ٽائيم، هر جهاز تي 8 کان 9 هوندو آهي، جيڪا مون کان مِس ٿي وئي سو پئنٽري (جهاز جي آفيسرن لاءِ ننڍڙي ڪچن) مان ڪجهه کائڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ته ائلي وي (جهاز جي گهٽيءَ) ۾، جهاز جو سينئر اليڪٽريڪل انجنيئر گوهر رحمان پنهنجي سامهون واري ڪئبن مان آر واري ٽوپيءَ ۾ نڪتو.
”ڪيڏانهن؟“ مون حيرت مان پڇيومانس.
”فجر جي ٻانگ ڏيڻ لاءِ مسجد ۾ پيو وڃان.“ هن وراڻيو ۽ ان سان گڏ هن اهو به ٻڌايو ته اوسلو ۾ اڄ ڪلهه سج اڀرڻ (طلوع آفتاب) جو وقت يارهن آهي.
اسان جي جهاز تي ڏاڙهي وارو اسان جو هي ساٿي گوهر رحمان، جهاز جي ننڍڙي مسجد جو ٻانگو ۽ پيش امام آهي. ان کان هڪ سال اڳ تائين، يعني 1973 تائين، پاڻي جي هر جهاز وانگر اسان جي پاڪستاني جهازن تي به هڪ عدد بار روم هوندو هو ۽ ڪنهن کي به بيئر کان برانڊي ۽ وسڪي کان ووڊڪا پيئڻ جي جهل پل نه هئي. پر هاڻ تازو ويجهڙائيءَ ۾ حڪومت طرفان نڪتل آرڊرن موجب پاڪستان جي جهازن جي مئخانن تي تالا لڳايا ويا ۽ انهن جي بدران راتو رات اندر جهاز جي هڪ ڪمري کي مسجد بنايو ويو. اهو ته ڊاڪٽر اقبال جي شعر وارو ئي حال ٿيو ته

مسجد تو بنالي شب ڀر مين
ايمان ڪي حرارت والون ني
من اپنا پرانا پاپي هي
برسون مين نمازي بن نه سڪا....

اهو به شڪر جو اسان جي جهاز تي گوهر جهڙو انسان هو، جنهن بندش کان اڳ ئي جهاز وارن کي شراب پيئڻ کان جهليو پئي ۽ نمازن جي وقتن تي ٻانگون پئي ڏنائين. پڪ ڪرڻ لاءِ ته سج اُڀريو آهي يا نه ۽ ڪٿي هي ملون ڏهين بجي فجر جي ٻانگ ڏئي غلطي ته نه پيو ڪري، موٽي پنهنجي ڪئبن ۾ آيس. اسان جي ان جهاز جي گهٽيءَ ۾ ڪا به اهڙي دري نه هئي جنهن کي کولڻ سان آسمان نظر اچي. پنهنجي ڪمري ۾ گهڙي، سمنڊ ڏي کلندڙ دريءَ جو پڙدو هٽائي ڏٺم ته ٻاهر واقعي اونداهه انڌوڪار هو. آسمان تي گهاٽو جهڙ هجڻ ڪري ڪو چنڊ يا تارو ته نظر نه آيو پر بندرگاه ۾ ٻرندڙ بتين جا اولڙا سمنڊ جي لهرن تي نچي رهيا هئا.
شهر گهمڻ لاءِ ٻارهين بجي جو سوچي وري ليٽي پيس. ٻارهين بجي لنچ ڪري اسان کي نڪرڻ کپي جيئن ان بعد به ٽي ڪلاڪ کن روشني جا ملي وڃن. مُلين گوهر ٻڌايو ته سانجهي نماز ٽي بجي ٿيندي، يعني سج ٽي بجي لهندو. نيرن ته رهجي وئي پر ٻارهين بجي پيٽ ڀري لنچ ڪيم جو دنيا جي مڙني جهازن وانگر اسان جي جهاز تي به لنچ (منجهند جي ماني) ٻارهين کان هڪ تائين ٿئي پوءِ جهاز کڻي سمنڊ تي هجي يا ڪناري تي. سج کڻي صبح جو پنجين بجي اُڀري يا يارهين بجي. مانيءَ جا ٽيئي وقت ۽ جهاز جون ڊيوٽيون هميشه واچ جي ڪانٽن مطابق ٿين.
پوري ساڍي ٻارهين بجي سئيٽر ۽ اوورڪوٽ پائي جهاز تان هيٺ لٿاسين پر جهاز جي ڏاڪڻ لهڻ سان ئي خبر پئجي وئي ته بابا سيءُ ڏاڍو آهي ۽ ٿڌيون هوائون جسم کي ائين پيون ڪپين ڄڻ اسان کي ڪنهن وڏي فرج ۾ اگهاڙو بند ڪيو ويو هجي. سڀ دوست وري موٽي جهاز تي آياسين. سڀني هيٺان وولن ”لانگ جان“ پاتا. ان مٿان قميص پتلون. پوءِ سئيٽر ۽ ڪوٽ ۽ ان مٿان ٿلهو اوورڪوٽ پاتوسين. مٿي تي ڪنٽوپ ۽ ڳچيءَ ۾ مفلر ويڙهي جهاز تان لٿاسين ۽ ٽئڪسي ڪري شهر پهتاسين. پر هي ڇا؟ جيڏي جوش مان شهر گهمائڻ لاءِ نڪتاسين ايڏي ئي وڏي ڊپريشن جو شڪار ٿياسين. چوڌاري شهر ۾ اهو ساءُ ئي نظر نه اچي! پارڪ ڏي روانا ٿياسين. نه اهي ڇٻرون ۽ نه اهي ساون پنن وارا وڻ! رڳو سندن ٿڙ ۽ ٺوڙهيون شاخون. ڪيڏانهن ويا پکي پکڻ ڪيڏانهن ويون رنگين بدڪون! چوڌاري جهڙي غيبات گهمي وئي هجي! چوڌاري جهڙو بي رنگو رڻ پٽ ۽ ٿر جي واري. سواءِ برف جي اڇي ٻوري جي سڀ رنگ ڪومايل ۽ جهڪا ٿيل هئا. حيرت ٿي ته ڇا ائين به ٿيندو آهي؟ هڪ مڪاني همراهه اسان کي سڄو نه ته اڌ چريو ته ضرور سمجهيو هوندو ۽ اسان کي جواب ۾ چيائين ”توهان شايد اونهاري جون ڳالهيون پيا ڪريو. هي نومبر جو مهينو آهي! ڪاٽو ٻارهن ڊگرين ٿڌ ۾ ڪٿان آيا گل ڪٿان آيون ڇٻرون!.....“
هن همراه جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي يڪدم پنهنجي جهاز جي دوستن کي چيم ته... ”۽ ڪٿي نظر اينديون اهي اگهاڙيون نارويجن عورتون. انسان ذات ته ڇا سمنڊ جي ڪناري تي کيکڙا به نظر نه ايندا. هلو هاڻ موٽي جهاز تي“
سچ ته اهو آهي ته سخت سيءَ ۾ هر واٽهڙو ايترن ته گرم ڪپڙن ۾ لنگهي رهيا هئا جو پري کان اها به خبر نٿي پئي ته ڪير مرد آهي ڪير عورت! هيترن گرم ڪپڙن جي هوندي اسان به ڏڪي رهيا هئاسين. جهاز ته سينٽرلي Heated هجڻ ڪري ان تي گنجي ۽ گوڏ ۾ به سيءُ محسوس نٿي ٿيو پر ٻاهر نڪرڻ لاءِ ته هٿن تي به دستانا (Gloves) پائڻا ضروري هئا. جهاز تي واپس موٽڻ وقت بندرگاهه جي ويجهو پهتاسين ته هڪ پوڙهي عورت، جهاز تي چڙهڻ لاءِ آيل ڪنٽينرن جي آڏ ۾ ويٺل هڪ خوبصورت کنڀن واري بدڪ کي هٿ سان داڻو چڳائي رهي هئي. ههڙيون ئي سهڻيون بدڪون، اڳئين دفعي مون هن شهر اوسلو ۾ جتي ڪٿي ڏٺيون هيون، جڏهن جولاءِ ۾ اسان جو اڳيون جهاز پهتو هو.
”هي ڇا پئي ڪرين؟“ اسان نارويجن پوڙهيءَ کان انگريزيءَ ۾ پڇيو. جنهن اسان جي انگريزي نه پر لهجو سمجهي، جواب ۾ هن بدڪ جي ڀڳل کنڀڙاٽيءَ ڏي اشارو ڪري پنهنجي منهن کي وڌيڪ ڪومايل بنايو. يعني هيءَ بدڪ بيمار آهي. هلي چلي يا اڏامي وڃي چُڳڻ کان لاچار آهي. هُن بنا پنن وارن وڻن ۽ برف ۾ دفنائجي ويل گاهه ڏي به اشارو ڪيو.... هن جو مطلب هو ته هيءَ معذور بدڪ ڇا کائي؟ نه وڻن ۾ ڪو ميوو آهي ۽ نه گاهه ۽ ان ۾ هلندڙ ڪينئان ماڪوڙا! ٺهيو! سمجهيوسين. ان ڪري هوءَ ڊبل روٽيءَ کي گرم کير جي ڪوپ ۾ ٻوڙي ڦَٽيل بدڪ کي کارائي رهي هئي.
”۽ ڀلا هن شهر جون ٻيون کوڙ ساريون بدڪون؟“ اسان وري انگريزيءَ ۾ سوال ڪيس. هن دفعي اسان هٿن جي اشاري کان به ڪم ورتو جو نارويجن زبان اسان کي نٿي آئي ۽ پوڙهي انگريزيءَ کان اڻ واقف هئي.
پوڙهيءَ اسان جي ڳالهه سمجهي، ڪوڪڙاٽ ڪري هٿن جي اشاري سان، اسان کي جهاز ڏي هلڻ لاءِ چيو. اسين گهٻرائجي وياسين ته پوڙهيءَ خبر ناهي ڇا سمجهي دل ۾ ڪيو آهي ۽ اسان کي هتان ٽري وڃڻ لاءِ پئي چوي ته ايڏانهن پنهنجي جهاز ڏي هليا وڃو. پر ان سان گڏ هر شيءِ مٿان وسيل برف ڏي اشارو ڪرڻ تي اسان جي جهاز جي ريڊيو آفيسر پوڙهيءَ جي ڳالهه سمجهي ورتي ته هوءَ اسان کي جهاز ڏي ڀڄائڻ جو اشارو نه پر ڏکڻ ڏي اشارو ڪري رهي آهي ته هي بدڪون وغيره سڀ اوڏانهن هليون ويون آهن. ههڙي ٿڌ ۾ هتي ڪيئن ٿيون رهي سگهن.

بي چَئي جهرڪ جي ڪهاڻي

ڪجهه سال جهاز هلائڻ بعد مون کي پنهنجي جهاز سان واسطو رکندڙ سبجيڪٽ ۾ M.Sc ڪرڻ لاءِ ٻن سالن لاءِ سئيڊن موڪليو ويو جتي جي ڏاکڻي شهر مالمو ۾ ”ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي“ آهي. سئيڊن جي انهن ڏينهن جو ذڪر مون پنهنجن ڪيترن ئي سفرنامن ۾ ڪيو آهي، جيئن ته.... اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ملير کان مالمو، جت برف پوي ٿي جام.... وغيره ۾. انهن ۾هڪ هنڌ لکيو اٿم ته سياري جي سرد موسم ۾ جڏهن اسين يونيورسٽيءَ ويندا هئاسين ته پاڙي ۾ رهندڙ هڪ امير عورت روزانه ولائتي Pea Nuts يا بسڪٽن جو دٻو ڏيندي هئي ته رستي تي يا پارڪ مان لنگهندي ڪو پکي نظر اچي ته ان کي ڏجو. هي پکي اڪثر اهي هوندا هئا جيڪي بيمار يا زخمي هجڻ ڪري پنهنجن ساٿين سان گڏ گرم ملڪن ڏي نه وڃي سگهندا آهن ۽ هاڻ جي هنن کي ڪو چوڳو نه ڏبو ته سئيڊن جي سخت سيءَ ۽ کاڌي جي اڻاٺ ڪري مري ويندا.
پکي به انسانن وانگر هڪ حد تائين گرمي ۽ سردي سهي سگهن ٿا. اسان وٽ اونهاري ۾ گرمي ضرور ٿئي ٿي پر گهرن ۽ وڻن جي ڇانوَ ۾ ته وري به فرحت آهي ۽ ٻيو ته اسان وٽ سخت اونهاري ۾ به انبن کان کجور تائين ۽ چانورن کان ڪڻڪ تائين جا فصل ٿين ٿا، جن مان ڪجه نه ڪجه پکي پکڻ چڳي سگهن ٿا. ٽيوب ويل، نلڪن، کوهن، نارن، واٽر ڪورسن ۽ دُٻن ۾ ايترو ته پاڻي رهي ٿو جو پکي پنهنجيون چهنبون ٻوڙي سگهن. پر ناروي، فنلئنڊ، سئيڊن، گرين لئنڊ، اتر ڪئناڊا ۽ سائبيريا وارن پٽن تي سياري جي سخت سرديءَ ۾ ڪٿي آهي ڪو ٻج ڪڻو يا گاهه ذرو؟ ڪٿي آهي ڪا مک ماڪوڙي يا ٽنڊڻ چچي، جنهن کي پکي کائي پيٽ ڀرين؟ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي. جيڪو پاڻي آهي اهو برف ٿيو وڃي. اهڙي صورت ۾ هتي رهندڙ پکي ڏکڻ طرف ڀڄن ٿا جتي جو سيارو ايڏو هلڪو آهي جيڏو اتر يورپ جو اونهارو. هنن اتراهن ملڪن ۾ سياري جون جيئن ئي ٿڌيون هوائون لڳڻ شروع ٿين ٿيون ته ننڍڙا جهرڪين جهڙا توڙي وڏا بدڪن جهڙا پکي لڏپلاڻ جي تياري شروع ڪن ٿا ۽ هو پوري ڪوشش ڪن ٿا ته وڌيڪ ٿڌ شروع ٿيڻ کان اڳ هو ڏکڻ ڏي سفر جو سانباهو ڪن، ڇو جو ان معاملي ۾ جيڪو پکي دير ڪندو اهو سورن ۾ پئجي ويندو. ٿڌي هوا ۽ برف باري ۾ هن لاءِ اڏامڻ ڏکيو ٿي پوندو.
پکين جي لڏپلاڻ به ائين آهي جيئن اسان وٽ هند- سنڌ واري عربي سمنڊ ۾ هزارين سالن کان سفر تي ٻيڙا ٿي نڪتا. ويهين صديءَ جي شروعات کان هي انجڻيون ايجاد ٿيون ۽ ڪوئلي، پوءِ ڊيزل آئل ۽ هاڻ ويندي نيوڪليئر پاور ذريعي، انجڻين کي جهازن تي فٽ ڪري پنهنجي مرضي سان جهاز هلايا ويا- نه ته حضرت نوح جي زماني کان وٺي اوڻهين صديءَ تائين ننڍا وڏا ٻيڙا سڙهن (Sails) تي هليا ٿي پر ناکئي (ناخدا Captain) جي مرضي مطابق نه پر هوا جي رخ مطابق .سنڌ کان ٻيڙا جيڪي سلون ۽ سري لنڪا ويندا هئا، جن لاءِ شاهه لطيف چيو ته ”سودو ڪن سون جو وڏا وهائو“ (يعني وڏا خريدار واپاري جيڪي ساڳي وقت جهازن جا مالڪ به هئا ته انهن جا ناخدا (ڪئپٽن) به. سي سامونڊي سائو (يعني اهي شاهوڪار سامونڊي) لنڪا لوپي آئيا (لنڪا لُٽي ڦُري آيا). سو سنڌ کان ٻيڙا نڪرندا هئا ته وڃي سري لنڪا کڻندا هئا ۽ وري اتان مالن سان ڀرجي واپس سنڌ ۽ مٿي خليج ۽ عدن تائين پيا ويندا هئا. پر سائين انهن ڏينهن ۾ اڄ وانگر نه ٿيندو هو ته جنهن وقت جهازران ڪمپني يا جهاز جي مالڪ جو آرڊر ملي ان وقت ڪئپٽن لنگر کڻي، اوڏانهن روانو ٿي وڃي. انهن ڏينهن ۾ اهي ٻيڙا هوائن يعني موسمن مطابق هلايا ويا ٿي. اسان وٽ هوائن جو پئٽرن هي آهي ته سياري ۾ اتر جون هوائون لڳن ٿيون ۽ اونهاري ۾ ڏکڻ جون هوائون. يعني جيئن ئي سياري جون هوائون لڳڻ شروع ٿينديون هيون ته مختلف ٻيڙيون، بتيلا ۽ وڏاندريون ديبل، ٺٽو، ڪراچي، بدين وارو علائقو ڇڏي ڏکڻ طرف، سري لنڪا ڏي ائين روانيون ٿينديون هيون جيئن سياري ۾ هتان يورپ جي ٿڌن ملڪن کان پکي ڏکڻ ڏي ڀڄن ٿا. ناکئا اتر جي هوا لڳڻ تي پوءِ دير نه ڪندا هئا. سندن گهرن ۾ کڻي ڪهڙي به امرجنسي هجي. هو ڀلي کڻي شادي ڪري نئين ڪنوار کي گهر ۾ وٺي آيو هجي پر اتر جي هوا لڳڻ بعد پوءِ هو نه ترسندو هو جو هن کي خبر هوندي هئي ته جي هن دير ڪئي هوا مان فائدو نه ورتو ته منزل تي پهچڻ کان اڳ سورن ۾ پئجي ويندو. بنا هوا جي هو چپن ذريعي ڪيترا ڪلاڪ ۽ ڪيترو فاصلو ٻيڙي کي اڳتي ڌڪي سگهي ٿو. سو ڀلي زال سان گڏ هني مون پيو ملهائي يا ستاوڙا کائي. اتر جي هوا جي پهرين جهونڪي سان اٿي کڙو ٿيندو هو. تڏهن ته اهڙن جي زالن ٻيڙي هلائيندڙ مڙس سان پرڻجڻ کان ڪنواريون رهڻ کي ترجيح ڏني ٿي. شاهه لطيف انهن جي خوب ترجماني ڪئي آهي، چي:

”وڻجاري ڪانڌاءُ، مون ور ويٺي گهاريو
لڳي اتر واءُ، ڍوليو هلڻ جون ڪري“

يعني وڻجاري يا سوداگر (Sailor) مڙس کان ته ڀل ائين ئي ويٺي هجان. ڇو جو جيئن ئي سيارو ٿئي ٿو، يعني اتر جو واءُ لڳي ٿو ته هو ڀڄڻ جي ڪري ٿو. يا هڪ هنڌ شاهه لطيف جهازران جي زال واتان هيئن چورايو آهي ته:

لڳي اتر هير، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير،
هنئڙي نِتُ اُڪيرَ، کاري کيڙائن جي.

اتر جي هوا مان ڪو ناکئو (جهازران) جي فائدو نه وٺندو هو ۽ دير ڪندو هو ته پوءِ منزل (سري لنڪا) تائين پهچڻ کان اڳ، هوا بند ٿي وڃڻ تي هو مصيبت ۾ اچي ويندو هو ۽ ان زماني ۾ هوا بند ٿيڻ معنى جهاز (ٻيڙي) جو بيهي رهڻ. ان ۾ اهو خطرو هوندو هو ته اوسي پاسي جا سامونڊي ڌاڙيل (قزاق Pirates) پنهنجين چپن وارين ٻيڙين ذريعي هنن مال بردار ٻيڙن تي پهچي ويندا هئا ۽ ڦرلٽ ڪري ڀڄي ويندا هئا.

دنگي وچ درياهه، ڪي ٻڏي ڪي اپڙي....
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا.....

سو اتر جي سخت سيءَ مان جان بچائي ڏکڻ ڏي ويندڙ پکين جو به اهو حال هوندو آهي. سرد هوائون شروع ٿيڻ سان ئي هو سفر جو سانباهو ڪندا آهن، جيئن برفباري کان اڳ ڀڄي نڪرجي. پر هر دفعي ڪجهه اهڙا پکي به هوندا آهن جن کي نڪرندي نڪرندي دير ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ جي گهڻي برفباري شروع ٿي ويندي هئي ته هو اڏامڻ کان ڳرا ٿي پوندا آهن ۽ هيٺ ڪِرڻ تي هتي جا يورپي ماڻهو کڻي کين پنهنجو کاڄ نٿا بڻائين، پر هتي جون بکايل ٻليون، ڪُتا ۽ ٻيا جانور جيڪي کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ سخت سيءَ جي ڪري هيڏانهن هوڏانهن واجهائينديون رهن ٿيون، انهن پکين کي کايو ڇڏين. ان تان هڪ مزيدار ڳالهه ياد آئي جيڪا جهازراني جي تعليم دوران اسانجو هڪ انگريز ڪئپٽن واٽڪسن اسان شاگردن کي نصيحت طور ٻڌائيندو هو ۽ نوڪريءَ جي آخري سالن ۾ جڏهن مون ٽيچنگ ڪئي ته آئون به پنهنجن شاگردن- ملائيشيا توڙي پاڪستان جي نيول ڪئڊٽن کي، اها ئي ساڳي ڪهاڻي ٻڌائي نصيحت ڪندو هوس- ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي:
Once upon a time there was a non conforming sparrow who decided not to fly south for the winter. However soon the weather turned so cold that he reluctantly started to fly south. In a short time ice began to form on his wings and he fell to earth in a barnyard almost frozen. A cow passed by and capped on a little sparrow. The sparrow thought it was the end. But the manure warmed him and defrosted his wings. Warm and happy, able to breathe, he started to sing. Just then a large cat came by and hearing the chirpings, investigated the sounds. The cat cleared away the manure, found the chirping bird and promptly ate him.
ڳالهه جو مختصر مطلب اهو آهي ته هڪ بي چَئي جهرڪ اهو پهه ڪيو ته هن سياري ۾ ٻين پکين سان گڏ ڏکڻ ڏي ڪوچ ڪرڻو ناهي. پر پوءِ جڏهن ٿڌ وڌي وئي ته هن ڏکڻ طرف ڀڄڻ ۾ ئي عافيت سمجهي. اڃا ٿورو ئي سفر طئي ڪيائين ته برف سندس جسم تي ڄمڻ لڳي ۽ وڌيڪ اڏامڻ بدران فروزن حالت ۾ هيٺ هڪ وٿاڻ ۾ اچي ڦهڪو ڪيائين. ان وقت اتان لنگهندڙ هڪ ڍڳيءَ، جهڙو ڇيڻو لاٿو ته اچي هِن جي مٿان ڪريو ۽ سڄو ان ۾ ڍڪجي ويو. جهرڪ ته اهو ئي سمجهيو ته بس هن جي پڄاڻي ٿي وئي. پر گرم ڇيڻ هن جي ٿڌي جسم ۾ گرمائش رسائي ۽ سندس کنڀڙاٽيون وغيره ڊيفراسٽ ٿيڻ لڳيون. گرمائش رسڻ ۽ ساهه کڻڻ جي خوشيءَ ۾ هو کڳيون هڻڻ لڳو- يعني لاتيون لنوڻ لڳو. نه ڄاڻ ڪو ٿُلهو جهنگراڙ ٻِلو اتان اچي لنگهيو ۽ هن جي ڳائڻ جو آواز ٻڌي شڪار کي ڳولڻ لڳو. هن ڇيڻ کي جهڙو ئي هيڏانهن هوڏانهن ڪيو ته سيٽيون وڄائيندڙ هي جهرڪ نظر اچي ويس جنهن کي ڇيڻ مان ڪڍي، بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي هڙپ ڪري ڇڏيو.
سو بهرحال اهو ئي حال ولر کان وڇڙي ويل پکيءَ جو ٿئي ٿو. هن جو انت ڪنهن نه ڪنهن جي پيٽ ۾ ٿئي ٿو. ان ڪهاڻي بعد اسانجو انگريز پروفيسر هن ڪهاڻيءَ مان حاصل ڪيل سبق هن ريت ٻڌائيندو هو ته:
اهو جيڪو توهان جي مٿان هنگي وڃي ٿو ضروري ناهي ته ڪو توهان جو دشمن هجي.
۽ اهو جيڪو توهانکي گونهه جي ڍير مان ڪڍي ٿو، ضروري ناهي ته توهانجو سڄڻ ئي هجي.
۽ جيڪڏهن توهان گونهه جي ڍير ۾ پاڻکي خوش ۽ فرحتي محسوس ڪري رهيا آهيو ته خوشيءَ جا سُر آلاپڻ بدران پنهنجي وات کي بند ئي رکو.

ڪَنگ جي خدمت ڪندو رهيس

گذريل ڪالم ۾ پاڻ يورپ جي ٿڌن ملڪن جي پکين جي ڳالهه پئي ڪئي ته هتي جي سخت سياري اچڻ کان اڳ هتي جون ڪيترن ئي قسمن جون بدڪون، ڪاز، هنج، سارس، چيڪلا، رتابا، سينڌر ۽ قسمين قسمين جهرڪيون، ٽيٽهر ۽ ٻيا خشڪي جا ۽ پاڻيءَ جا آبي پکي ٽولا ٺاهي ڏکڻ ڏي اڏامڻ شروع ڪن ٿا ۽ اهو ڪم آگسٽ کان ئي شروع ٿيو وڃي. مزي جي ڳالهه اها ته هر پکي پنهنجو پنهنجو ٽولو ٺاهي ٿو. ڪڏهن به آڙين (Coots) جي جهڳٽي ۾ تليهر (Rosy Pastor) يا تلور (Houbara) پکي نظر نه ايندا. ڪو پکي ڪنهن سبب رهجي ويندو ته ٻي يا ٽي ڏينهن ٻي قسم جي ٽولي سان ڪُوچ هرگز نه ڪندو. پٺيان ٿڌ ۾ ترسي Freeze ٿي مري ويندو پر پنهنجي ٽولي کانسواءِ گهر نه ڇڏيندو. شاهه لطيف به شايد اهائي Phenomena ڏسي چيو ته:
وَلَرَ ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ مان....
هي پکي سياري جا ٽي چار مهينا کن جيڪي ڏکڻ ۾ گذارڻ لاءِ نڪرن ٿا، ان لاءِ ڪوشش ڪري هو اڳواٽ ٽولا ٺاهيو وٺن ۽ پوءِ رستي تي ڪو ڪونج جهڙو پکي پنهنجي ولر کان وڇڙي ٿو ته هن جون ڏک ڀريون صدائون ۽ سڏ ٻڌڻ وٽان ٿين ٿا. هونءَ به ڪونج پکي جيڪو سائبيريا ۽ وچ ايشيا جي اتراهن ملڪن کان سنڌ ۾ اچي ٿو، اڏامندي وقت ماٺ ۾ سفر نٿو ڪري. ڪونجون هميشه آواز ڪنديون وينديون آهن ۽ هن پکيءَ لاءِ چوندا آهن ته کيس سندس آواز ئي مارائيندو آهي. ڪونج شڪل ۾ سهڻي پر طبيعت ۾ سادڙي ٿئي ٿي. بلڪل ڪانگ جي ابتڙ- يعني عقل ۾!
ڪجهه سال اڳ، مهراڻ رسالي ۾ پير علي محمد راشدي صاحب جو پنهنجي ننڍپڻ جو لکيل احوال پڙهيو هوم ته هڪ صبح جو سندس ميربحر نوڪر ڪونجن جا آواز ٻُڌي پير صاحب کي چيو ته ”ڀر واري کيت ۾ اڄ ڪونجون لٿيون آهن. رائيفل کڻ ته هلي ٺڪاءَ ڪري اچون.“ هو رائفل کڻي ڪڻڪ واري کيت ۾ لهي پيا. هنن کي پري کان ئي ڪونجون نظر اچي ويون، جن جو پوک جي ليول کان جسم گهڻو مٿي هو ۽ ڳچيون به ڊگهيون هئن. پير صاحب کي حيرت ٿي ته ڪونجون هنن کي پري کان ايندو ڏسي هرگز نه اڏاڻيون.
”هي ته پري کان پيون ڏسن، اسان کي ڏسي اجهو ڪي اجهو ٿيون پَر سوئن.“ پير صاحب ميربحر کي چيو.
”پرواهه نه ڪريو سائين، ويساهي پکي آهي.“ ميربحر وراڻيو.
پير علي محمد راشدي وڌيڪ لکي ٿو ته ويجهو وڃي، وجهه وٺي، مون گولي ڇوڙي. ولر منجهان هڪ ڪونج گهائجي وئي. ٻيون بروقت ته اڏاڻيون، پر پوءِ ڪيتري وقت تائين وڃايل ساٿيءَ جي ڦوڙائيءَ ۾ مٿان ڦرنديون ۽ ڪوڪون ڪنديون رهيون!“
مئل پکيءَ کي منهنجي سامهون رکي ميربحر چيو: ”ڪونج ويساهي ۽ مورک پکي آهي. الله تعاليٰ ڳچي ڊگهي ۽ ڄنگهون به وڏيون ڏنيون اٿس. ان لاءِ ته مَدي ميري کي پري کان ئي پروڙي پنهنجي جان جو بندوبست ڪري. پر ٿي پيو آهي تمام ويساهي. سمجهڻ لڳو ته جڏهن ته هو پاڻ ڪنهن شيءِ جو مَدو ڪونه آهي، تڏهن ٻيو به ڪو ساڻس ڇو مَدائي ڪندو؟ نتيجو اهو نڪتو جو اڄ تنهنجي اڳيان ٽنگون ٽيڙيو پيو آهي.“
ڪونج هميشه پنهنجي ڪڙم سان، پنهنجي ڪڙم اندر رهندي. ڪڙم کان جدا ٿي پکين جي ٻيءَ ڪنهن به ذات سان نه ملندي- نه واهپو رکندي، نه انهن جي ٻولي ٻوليندي. جيڏانهن وڃڻو هوندس، پنهنجي ولر سان ويندي اٿندي، وهندي، اڏندي، لهندي، ولر کان وڇڙڻ ڪونج لاءِ قيامت سمان آهي.
بهرحال مهمان پکي توڙي residential پکين کي تنگ ڪرڻ، مارڻ يا ڀڄائڻ اسان جي ايشيائي ملڪن ۾ هيڪاندو آهي. بلڪ تمام گهڻو آهي. يورپ جي ملڪن ۾ خاص ڪري هيڏانهن ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ جتي سڀ پکي يا مهمان آهن يا هتي جا اصل رهاڪو، جي وڏي سار سنڀال لڌي وڃي ٿي. ڏکڻ انگلنڊ، فرانس، اسپين، پورچوگال يا اٽلي وغيره ۾ ته وري به ڪيترائي پکي اهڙا آهن جيڪي سياري ۾ اتي رهي سگهن ٿا، پر هيڏانهن اتر قطبي ملڪن ۾، يعني هيڪاندن اتراهن ملڪن ۾ ڪهڙو پکي آهي جو ڊيپ فريزر جهڙي ٿڌ ۾ رهي سگهندو. سيارو شروع ٿيڻ سان آبي ۽ خشڪي جي پکين جا ٽولن جا ٽولا ڏکڻ ڏي اڏرڻ شروع ڪن ٿا. جيڪو رهجي ويو ان کي چُڳائڻ ۽ گرم رکڻ جو ذمو ڪو انسان ئي کڻي سگهي ٿو. هر شيءِ برف سان ڍڪيل هجڻ جي صورت ۾ غريب پکي ڪٿان ٿا ڪا اَنَ لپ حاصل ڪري سگهن! سارس، پيليڪان، ڪاز، هنس، هنجر، چيڪلا توڙي سينڌر، رتابا ڪٿان ٿا ڪا مڇي هٿ ڪري سگهن، جڏهن سڀ ڍنڍون ڍورا ته ڇا درياهه، نديون ۽ سمنڊ به برف ٿيو وڃن جن مٿان هتي جا ٻار ان مٿان اسڪيٽنگ پيا ڪندا آهن. پر هڪ ڳالهه آهي جيڪا آئون بار بار لکي چڪو آهيان ته هنن يورپي گورن کي اسان کڻي ڇا به گهٽ وڌ چئون، کين ڪافر چئون، شرابي ڪوابي سڏيون، پر هنن جي دلين ۾ جيڪو اوڙي پاڙي کان وٺي پکي پکڻ جو خيال آهي ان جو ڏور ايشيا يا آفريڪا جي ملڪن ۾ ڪو ويهي سوچي به نٿو سگهي. هتي يورپ ۾ ڪڏهن ڪنهن کي ڪو لاوارث يا بيمار گڏهه يا ڪتو ٻلو ملي ويندو آهي ته ان جو به هو خيال توڙي دوا درمل، پنهنجن ٻارن وانگر ڪندو. سئيڊن ۽ ناروي جي اخبارن ۾ ڪيترا دفعا اهڙن لاوارث گڏهن ۽ ٻين جانورن جا چندي لاءِ اشتهار ايندا رهن ٿا ته ”هر مهيني توهان جي فقط هڪ سؤ ڪرونن (هزار کن رپين) مان هڪ بيمار گڏهه، رڇ يا ڀولڙي جي خوراڪ جو بندوبست ٿي سگهي ٿو.“
ٿي سگهي ٿو مون هن پاسي جي سفرنامن (اڇن جي ملڪن ۾ اسين ڪارا، ملير کان مالمو... وغيره) ۾ اها خبر لکي هجي يا نه ته سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ (جتي جي يونيورسٽيءَ مان گهڻو اڳ، مون مئرين انجنيئرنگ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي) هڪ امير عورت هڪ ڪونج پکيءَ کي جيڪو ڪن سببن ڪري ڏکڻ طرف لڏڻ کان رهجي ويو هو ۽ جنهن جي ڪڙم قبيلي جا پکي ڪڏهوڪو روانا ٿي چڪا هئا، هوائي جهاز ذريعي اسپين موڪليو جيئن هوءَ سئيڊن جي سخت سياري کان بچي سگهي ۽ وڃي پنهنجن ڀائرن ڀينرن ۽ سهيلين جيڏن سان اسپين جي ڍنڍن ۽ درياهه جي ڪپرن تي بهتر موسم جا چار مهينا گذاري. ان قسم جون ڳالهيون اسان جي ايشيائي ملڪن جي ماڻهن کيِ ضرور عجيب ۽ اعتبار ڪرڻ جهڙيون نه لڳنديون، جو مون کي به پنهنجي ٻنيءَ تي، بندوق ڪلهي ۾ وجهي، پکي ماريندي يقين نٿي آيو. پر هتي تعليم حاصل ڪرڻ دوران يا جهاز کي بار بار ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ جهڙن ملڪن جي بندرگاهن ۾ وٺي اچڻ بعد سخت Guilty Conscience (احساس جرم) ٿئي ٿو ته هي مهمان پکي سخت سيءَ کان جان بچائڻ خاطر اسان وٽ اچن ٿا ۽ اسان کين جيئڻ بدران موت ڏيون ٿا. هتي جي-- خاص ڪري سئيڊن ۽ ناروي جي ملڪن جي ماڻهن جو، جن سان منهنجو گهڻو واسطو رهي ٿو ۽ هنن ئي پَٽن مان هي لکي رهيو آهيان، جانورن توڙي پکين کي چريائپ جي حد تائين چاهين ٿا-- خاص ڪري ڪتن کي ته! دنيا جو ڪهڙو ملڪ آهي جتي جا ماڻهو اولاد نه هجڻ جي صورت ۾ پنهنجي ملڪيت جو اڌ ڪنهن اسپتال ۽ اسڪول جي حوالي ڪرڻ جي وصيت لکندا هجن ته اڌ پنهنجي ڪتي نالي، جنهن سان گڏ هنن پيريءَ ۾ اڪيلائيءَ جا ڏينهن گذاريا.
۽ ان پوڙهي سخي ۽ پنهنجي وقت جي بيحد سهڻي عورت بابت ته لکي چڪو آهيان جيڪا اسان جي فلئٽن واري بلڊنگ ۾ رهي ٿي ۽ اسان جي ڄڻ ”هوسٽ مدر“ هئي. هوءَ پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ چار پنج هزار رپيا خرچ ڪري پئرس جي ٽڪيٽ به وٺي آئي. مالمو کان پئرس جو ڀاڙو ۽ مفاصلو ڪراچي اسلام آباد کان به گهٽ آهي. هاڻ سندس وڃڻ ۾ باقي ڪي وڃي ٻه ڏينهن بچيا ته شام جو گهر موٽڻ وقت کيس ڏاڪڻ وٽ هڪ سيءَ کان سَٽيل ۽ کنڀڙاٽيءَ ۾ زخم رسيل هڪ ڪَنگ (Black Tailed) Godwit پکي مليو، جنهن کي پنهنجي فلئٽ ۾ کڻي آئي. ٻئي ڏينهن سندس پريشاني جو سبب پڇڻ تي هن اسان سان ڳالهه ڪئي ۽ پئرس وڃڻ جو به ارادو ٿي لاٿائين جيئن هن زخمي پکيءَ جي ملم پٽي ڪري هن جي جان بچائي. بهرحال ان ڪم جي ذميواري مون کنئي جو سندس اسان تي به ڪيترائي ٿورا ٿيل هئا. اهو ٻُڌي هوءَ خوش ٿي ۽ پئرس رواني ٿي وئي. ۽ آئون سندس غير حاضريءَ ۾ سندس Instruction مطابق سڄو هفتو هن ڪنگ کي صبح شام ملم به هڻندو رهيس ته داڻو به چُڳائيندو رهيس، جنهن کي هوءَ پنهنجي بيڊ روم واري باٿ روم جي ٽب ۾ ويهاري وئي هئي. هر ٻئي ڏينهن پئرس مان فون ڪري پڇندي هئي ته سندس، يعني هن ڪَنگ جي صحت جو گراف بهتري ڏي وڌي رهيو آهي يا نه- شام جو ته کڻي واندو هوندو هوس پر صبح جي وقت جڏهن يونيورسٽي کي دير پئي ٿيندي هئي ته هن ڪنگ کي ملم هڻڻ ۽ چُڳائڻ تي ٻرو چڙهي ويندو هو. دل چوندي هئي ته موچڙو لاهي اچي وٺانس. اڃا به ڪو طوطي، مور، مينا يا ڪونج ۽ هنج جهڙو ڪو سريلو پکي حوالي ڪري وڃي ها ته به ڪا ڳالهه هئي. دل ته اهو به چوندي هئي ته هن پوڙهي، امير پر رحمدل عورت کي، ٿورو ماڻهو بنائڻ لاءِ شاهه جو ئي کڻي شعر ٻڌايانس ته هي اهو نڪمو ڪنگ آهي جنهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي ته،
اڇو پاڻي لـُڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن....
سو ان ڪني ڪنگ لاءِ هيءَ عورت مون تي ڊيوٽي هڻي وئي هئي ته سندس خذمت ڪريان. بهرحال سور پي کڻي کيس ملم ته هڻندو هوس، داڻو به ڏيندو هوسانس پر پوڙهيءَ جي چوڻ تي سندس ٽب جي چوڌاري سندس ڪو فرينچ عطر اسپري ڪرڻ بدران روزانو پاڻ کي هڻي ويندو هوس. پوڙهيءَ جي موٽڻ بعد منهنجي هڪ ٻن ڪلاس ميٽن جيڪي اهڙن اوچن عطرن جي خوشبوءِ کان واقف هئا ۽ منهنجي ان اوچتي شوق جي تعريف ڪرڻ ۽ داد ڇيڻ لڳا هئا، اهي حيرت مان پڇڻ لڳا ته مون اوچتو ئي اوچتو عطر هڻڻ ڇو بند ڪري ڇڏيو آهي!؟

ڪاغذي ڪونجن جي ڪرامت

گذريل ڪالم ۾ پاڻ جنهن ڪَنگ پکيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين اهو يورپ جي اتراهن ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ سئيڊن ويندي آئس لينڊ جو رهاڪو سڏيو وڃي ٿو. کيس يورپ جا ماڻهو ڪاري پڇ وارو ”گاڊ وِٽ“ سڏين پر سندس پڇ فقط ڪارو هجڻ بدران ڪارو ۽ اڇو آهي. سندس چُهنب ڊگهي ۽ سڌي ٿئي ٿي ۽ ٽنگون ڊگهيون آهن. سندس سائنسي نالو ’لموسا لموسا‘ آهي. سندس ئي جهڙو سندس هڪ ٻيو سوٽ ماسات به هتي ئي نظر اچي ٿو، جنهن جو سائنسي نالو ’لموسا لئپونيڪا‘ آهي جنهن کي هتي جا ماڻهو پَٽن وارو گاڊ وِٽ سڏين ٿا جو هن جي پڇ تي پَٽا ٺهيل آهن. زولاجي جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته هي پکي اپريل جي ٻئي هفتي کان بيضا ڏيڻ شروع ڪن ٿا ۽ مئي جي ٻئي هفتي کان هنن جا ٻچا نظر اچن ٿا، جيڪي جولاءِ آگسٽ تائين ڪافي وڏا ٿيو وڃن ۽ سيپٽمبر جون ٿڌيون هوائون لڳڻ سان هي ڪنگ ڏکڻ ڏي لڏپلاڻ شروع ڪن ٿا. سڄو يورپ لتاڙڻ بعد هنن مان ڪي آفريڪا جي ملڪن ڏي سيارو گذارڻ لاءِ لڙيو وڃن ته ڪي ننڍي کنڊ جو رخ رکن ٿا. هي ڪَنگ اسان وٽ سنڌ ۾ به جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هي ڪَنگ اڃان به اڳيان انڊونيشيا ۽ ڪي ته آسٽريليا تائين هليا وڃن ٿا ۽ پوءِ فيبروري جي آخر ڌاري پنهنجي وطن ورڻ جي ڪن ٿا. ڪَنگن يا ٻين مهمان پکين (Migratory Birds) لاءِ اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ته هنن جو وطن ڪهڙو آهي. مثال جي ڳالهه هنن ڪنگن يا ويندي تلور، ڪونجن يا آڙين وغيره کي اسان جي ايشيا جا ماڻهو پنهنجي وطن جو پکي ليکين ٿا. سندن نالا به اسان جي ديس جا آهن ۽ اسان کين پنهنجي ديسي شاعري ۽ ادب ۾ استعمال ڪريون ٿا. هنن جا مثال، پهاڪا ۽ ڪهاڻيون ننڍپڻ کان پنهنجين ايشيائي زبانن ۾ ٻڌندا اچون. پر وري هيڏانهن يورپ ۽ اتر روس ڏي ٿو ڏسجي ته اهي پکي ڄڻ آهن ئي هنن اتراهن ملڪن جا، جن کان هتي جو ٻچو ٻچو واقف آهي. پوءِ ڀلي اها ڪُوٽ (آڙي) هجي يا ڊيموسيل ڪرين (ڪونج)، پوچارڊ (رتابو) هجي يا شاولر (لنگهو) ۽ ٽيل (چيڪلو).
اها مٿين ڳالهه سوچي مون کي منهنجو هڪ جهاز جو انجنيئر ياد ٿو اچي جنهن سان گڏ مون ستر واري ڏهي ۾ جهاز هلايا، جن جهازن جي رُوٽ پاڪستان کان هن پاسي ناروي، جرمني، پولنڊ تائين هوندي هئي. هن انجنيئر جون ٻه زالون هيون. هڪ ڏاڏي پوٽي مان پنجاب جي، جيڪا رحيم يار خان ۾ رهي ٿي ۽ ٻي هتي جي پولش ڇوڪري هئي، جيڪا پولنڊ جي بندرگاهه گڊانسڪ ۾ رهي ٿي. هو چوندو هو ته ”منهنجي حالت تلهير (Rosy Pastor) جهڙي آهي. منهنجو سال جو ڪجهه حصو پاڪستان ۾ گذري ٿو ته ڪجهه حصو پولنڊ ۾. پاڪستان واري زال مون کي پنهنجو هم وطن ٿي سمجهي ته پولنڊ واري پنهنجو سمجهي مون کي پولنڊ مان نڪرڻ نٿي ڏئي.“
سو اهو ئي حال هنن مهمان پکين جو آهي. انهن سڀني ۾ گهڻو مشهور ۽ سهڻو پکي ڪونج آهي. ائين ته نيرڳ، تلور، راج هنس، آڙي........ ويندي هنجر، ڊٻڻ، فليمنگو، ٿرندو، ٻرڻو، پوڻي ۽ ڊگوس به گهٽ سهڻا پکي نه آهن. پر دنيا جي ادب، ڪلچر ۽ ثقافت ۾ ڪونج جو نالو گهڻو ورتو وڃي ٿو, خاص ڪري سنڌ توڙي جپان، چين ۽ ڪوريا پاسي، جتي منهنجو گهڻو وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو آهي. ٻين ملڪن جي گهڻي خبر نه اٿم.
جيئن ٻڪرين جا مختلف قسم ۽ جنسون ٿين ٿيون تيئن ڪونجن جون به ڪيتريون ئي جنسون آهن، جن ۾ ٿورو گهڻو قدبت ۽ رنگ جو معمولي فرق رهي ٿو. عام ڪونج جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”ڪامن ڪرين“ (Grus Grus) سڏجي ٿو هڪ شاهي قسم جو ڊگهين ٽنگن ۽ ڊگهي ڳچي وارو پکي ٿئي ٿو. هڪ ميڊيم سائيز ڪونج ساڍن ٽن کان چئن سوا چئن فٽن جي ڊگهي ٿئي ٿي ۽ پَر پکيڙي ٿي ته پر جي هڪ پوڇڙ کان ٻئي تائين اٺ فٽ ٿيو وڃن. ڪونج وزن ۾ ساڍن چئن کان ڇهه ڪلو گرام تائين ٿئي ٿي. ڪونجن جو ناچ ۽ ڪُوڪراٽ مشهور آهي. ڪيترن ملڪن ۾ ته ڪونج وانگر نچڻ کي عبادت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪوريا ۾ سِيلا گهراڻي (646ع) کان ٽونگ ڊوسا مندر جي ورانڊي ۾ ڪونجن جو ناچ ڪيو وڃي ٿو جيئن چينين جي نئين سال تي هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا چين ۽ تائيوان جهڙن ملڪن ۾ Lion Dance ڪئي وڃي ٿي. جپان جي اتراهين ٻيٽ هُڪيدو ۾ رهندڙ ايئنو (Ainu) قبيلي جا جپاني- خاص ڪري عورتون، ڪونج وارو ناچ ڪن. اسلام کان اڳ ڪعبي ۾ رکيل لات، منات ۽ عزا جي بتن لاءِ چيو ويو ٿي ته مٿان لٿل ڪونجون (Three Exalted Cranes) آهن، جنهن لاءِ عربي جو لفظ غرانق استعمال ٿيو ٿي.
جپان پاسي ڪونج کي وڏي زندگي جي نشاني پڻ سمجهيو وڃي ٿو. پوڙهن ماڻهن جي جنم ڏينهن تي هنن کي ڪيڪ يا ڪسٽرڊ مٿان ڪونج ٺاهي پيش ڪئي وڃي ٿي- يعني ”شل ماڻين وڏي ڄمار!“ هوٽل ۾ گهوٽ ڪنوار اڳيان فروٽ ۽ سلاد مان ڪونج ٺاهي پيش ڪئي وڃي ٿي. چين، ڪوريا ۽ ويٽنام ۾ ڪونج سان گڏ بانس ۽ ڪُمي پڻ ڊگهي زندگي جي نشاني سمجهي وڃي ٿي. ويٽنام جي شهر هنوئيءَ ۾ ”وان ميو“ نالي هڪ مشهور مندر آهي، جنهن ۾ هڪ ڪُمي رکيل آهي، جنهن جي پٺيءَ تي، ڇت تائين اتاهين ڪنهن ڌاتوءَ جي ٺهيل ڪونج بيٺل آهي.
جپان پاسي، جتي ڪونج کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي، اتي اهي افواهه مشهور آهن ته تبت ۾ هڪ خاص ڪونج هئي، جيڪا ايندڙ تيرٿين جي ڏکين سوالن جا جواب ڏيندي هئي. ان جادوئي ڪونج جي هاڻ صحيح خبر ناهي ته اها ڪٿي آهي يا ان جو ڇا ٿيو پر ڪن جو چوڻ آهي ته هوءَ مٿي جبل جي برفاني چوٽيءَ تي ٺهيل مندر ۾ رهي ٿي. ڪن جو چوڻ آهي ته هوءَ وڏي ڄمار ماڻڻ بعد مري وئي. ڪن جو چوڻ آهي ته اها ڪونج مرڻ بعد وري ٻيو جنم ڪاغذي ڪونج ۾ وٺي آئي آهي. جپاني اوري گامي (Origami)۾ پني مان ڪونج ٺاهڻ کي به عبادت سمجهن ٿا. Origami جپان جو ڪاغذ مان مختلف شيون ٺاهڻ جو آرٽ آهي، جيئن اسان وٽ چورس ڪاغذ کي ويڙهي (Fold ڪري) ٻيڙي ٺاهي وڃي ٿي.
جپان ۾ اڄ به ڪيترن ماڻهن جو اهو اعتقاد آهي ته جيڪو ماڻهو ڪاغذ جون هڪ هزار ڪونجون ٺاهيندو، ڪونج ان جي دل جي هڪ مراد ضرور پوري ڪندي! توهان کي جپان جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن مندرن ۾ رنگين پنن جون هزارين ڪونجون لڙڪيل نظر اينديون. ڪونج کي جپان جا ماڻهو وڏو پهتل ۽ پوتر پکي سمجهن ٿا.
ڪاغذن مان ٺهيل هڪ هزار ڪونجن (The thousand Origami Cranes) کي هن ڌرتي جي امن جي نشاني پڻ سمجهيو وڃي ٿو، جيڪا ڳالهه جپاني ڇوڪري ساداڪو ساساڪي جي ڪهاڻي کانپوءِ مشهور ٿي. ساداڪو نالي هڪ ڇوڪري هيروشيما ۾ رهي ٿي، جنهن کي ائٽم بم جي ڌماڪي بعد ائٽمي لهرن جي Radiation ڪري ليوڪيميا ٿي پئي. اسپتال ۾ علاج دوران هن ڪاغذ جون هڪ هزار ڪونجون ٺاهڻ چاهيون ٿي، جيئن هن جي صحتياب ٿيڻ جي مراد پوري ٿي سگهي. پني جي کوٽ ڪري هوءَ هڪ هزار ڪونجون ٺاهڻ کان اڳ مري وئي. هزار مان کٽل باقي ڪونجون بعد ۾ هن جي ساهيڙين ٺاهي پوريون ڪيون ۽ پوءِ ساداڪو کي 25 آڪٽوبر 1955ع تي دفنايو ويو.
ساداڪو جي وفات بعد هن جي ڪلاس ميٽ ۽ ساهيڙين ساداڪو جا لکيل خط وڪڻي ۽ ڪجهه چندا حاصل ڪري هن جي ياد ۾ ساداڪو جي مورتي ٺهرائي، جنهن ۾ هوءَ سونهري رنگ جي ڪاغذي ڪونج کي هٿن ۾ جهليو بيٺي آهي. اها مورتي (Statue) هيرو شيما جي امن پارڪ (Peace Park)۾ لڳل آهي. ان مورتي جي هيٺان انگريزي ۾ لکيل آهي ته:
This is our Cry. This is our Prayer. Peace in the world
ساداڪو جي هڪ مورتي آمريڪا جي شهر سيئٽل ۾ پڻ آهي. ساداڪو ۽ هن جي ساهيڙين جو اهوئي اعتقاد هو ته هن کي جيڪڏهن ڪاغذ ملي وڃي ها ۽ هڪ هزار ڪاغذي ڪونجون تيار ڪري وٺي ها ته هوءَ ڪڏهن به نه مري ها.

ولر ڪيو وتن

نه فقط جپان ۾ پر اسان وٽ سنڌ- هند ۾ به ڪونج هڪ اهم پکي ليکيو وڃي ٿو. پر اسان وٽ هي پکي جپان جيترو به هروڀرو گهڻو اهم نٿو سمجهيو وڃي. جپاني ڪونج کي پوڄڻ جي حد تائين مڃين ٿا ۽ جيئن گذريل ڪالم ۾ لکي چڪو آهيان ته جپاني ڪونج کي وڏو پير مرشد سمجهن ٿا، جيڪا هنن جي دل جي مراد پوري ڪري ٿي ۽ کين صحت ۽ تندرستي جهڙيون شيون عطا ڪري ٿي. جپان ۾ رهندڙ اسان جي دوست ۽ پاڪستان جي سفير ظفر شيخ کي منهنجي ان ڳالهه تان هميشه چڙ وٺي ويندي آهي ته آئون جپانين کي هروڀرو ايڏو وهمي ڇو ٿو سڏيان ۽ پاڻ سنڌين کي ڇو نٿو ڏسان. چوندو آهي: ”پاڻ وٽ سنڌ ۾ اڄ به ان حد تائين شرڪ آهي جو ڪيترا ماڻهو رب پاڪ کان پنهنجون ضرورتون گهرڻ بدران وتن پيرن فقيرن ۽ قبرن کي پوڄيندا ۽ هي جپاني رڳو صحت ۽ تندرستي لاءِ پَني جون هڪ هزار ڪونجون ٿا ٺاهين ته تون هنن جي گلا ٿو ڪرين.“ ان ڪري جپانين جي ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڳالهه ڪرڻ هتي مناسب نه ٿيندو.
اسان وٽ سنڌ ۾ ڪونج سونهن جو پکي ضرور سمجهيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪونج بيحد سهڻو پکي آهي، چاهي اها سائبيريا کان سنڌ ۾ ايندڙ Demoiselle crane ڪونج هجي جنهن کي ننڍي کنڊ ۾ Grus Grus نالي سان به سڏيو وڃي ٿو، يا جپان ۾ نظر ايندڙ Hooded Crane جنهن کي هو نابي زورو سڏين ٿا. هونءَ فقط ڪونج لاءِ جپانيءَ ۾ تسورو Tsuru لفظ آهي پر اڳيان ڪو نالو هڻڻ سان ”تسو“ فقط ”زو“ ٿيو پوي. جپان ۾ هڪ ٻي بلڪل سفيد رنگ جي به ڪونج نظر اچي ٿي _ بلڪ ٽوڪيو، اوساڪا کان ميجي ۽ فڪوڪا تائين مون کي ته اها اڇي ڪونج ئي گهڻو نظر آئي، جنهن کي جپاني مانازورو سڏين ٿا ۽ هن جو سائنسي نالو Grus Vipio آهي ۽ پهرين واري ڪونج جو Grus Monachus آهي. هونءَ ته اسان واري ڪونج به جپان ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ نه ته چڙيا گهرن ۾ ته ضرور نظر اچي ٿي، جنهن کي جپاني انيهازورو سڏين ٿا. اهي سڀ ڪونجون جپان جي ڏاکڻن حصن ۾ نظر اچن ٿيون، جتي هو سائبيريا کان پهچن ٿيون ۽ سياري جا چار مهينا گذاري روانيون ٿيو وڃن-- جيئن سنڌ ۾ اهي مهينا گذارين. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جپان ۾ Sandhill Crane به نظر اچي ٿي جيڪا ڪئناڊا کان سيارو گذارڻ لاءِ جپان پهچي ٿي. اهو سفر جهاڳڻ لاءِ هن کي سڄو پئسفڪ سمنڊ لتاڙڻو پوي ٿو!
اسان وٽ سنڌ ۾ ڪونجون روس جي اتراهن علائقن کان اچن ٿيون ۽ پهرين قزاقستان جي ڍنڍن ۽ آماجگاهن ۾ پنهنجو مختصر قيام ڪري پوءِ انڊس فلاءِ وي ذريعي هجرت ڪن ٿيون. هو افغانستان واري رستي هندوڪش ۽ قراقرم وارن جابلو سلسلن وچان اڏامنديون اچيو سنڌو درياهه جو پيٽ وٺن. ڪجهه ڪونجن جا قافلا افغانستان وٽان ايران ڏانهن مُڙي وڃن ٿا، جتان ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان مان ٽپي اسان واري بلوچستان ۾ داخل ٿين ۽ ڪوئيٽا، سبي مٿان اڏامي منڇر ۽ ناري جي ڍنڍن تي اچيو لهن.
بهرحال سنڌ ۾ ڪونج کي ڪورين، جپانين ۽ ويٽنامين وانگر پوڄڻ جو پکي ته نه پر سونهن جو پکي ضرور سمجهيو وڃي ٿو. ڊگهي ڳچي واري عورت کي هميشه ڪونج جي ڳچي سان مشابهت ڏني وڃي ٿي. هو راڳ ته توهان ضرور ٻڌو هوندو:

ڪونج پکيءَ جا پار اٿئي،
سنهڙي ڳچيءَ ۾ هار اٿئي.

اتر ٿائلنڊ جون عورتون به، خاص ڪري چانگمائي ۽ چانگ رائي علائقن جون ڇوڪريون، ڳچيءَ ۾ گول ڇلا چاڙهي ڳچيءَ کي ڪونج وانگر ڊگهو ڪن ٿيون. شاهه لطيف ته سر ڏهر ۾ خاص طور ڪونج پکيءَ کي ڳايو آهي. چي:

ڪونجڙي ڪالهه لهئين سڄڻ وڌم چت،
آئون جنين ريءَ هت گهنگهر گهاريان ڏينهڙا.

ائين ته ڪونج کي جپان ۾ به خوب شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. جپان جي هڪ مشهور شاعر ماتسو باشوءَ جو هائيڪو آهي ته:

ڪونيتسو نو
تسورو آئوزورا
تادا يوئيري.
(سخت بخار....
تري رهي آهي ڪونج
نيري آسمان ۾.)

جپان ۾ ڪونج نه فقط باعزت ۽ ديويءَ جو رتبو رکي ٿي پر هوءَ سونهن ۽ وڏي ڄمار جي به علامت سمجهي وڃي ٿي. ۽ هتي جپان ۾ هر وقت خراب موسم، جهڙ ڦڙ ۽ طوفاني هوائن ۾ آسمان جوصاف ۽ نيرو نظر اچڻ قدرت ۽ هن دنيا جي بهترين ۽ آئيڊل حالت سمجهي وڃي ٿي. سو ڪو کڻي بيمار هجي پر تادا يوئيري (نيري آسمان ۾) تسورو آئوزورا.... يعني اڏري رهي آهي ڪونج، هڪ آدرشي ماحول آهي.
ساڳي شاعر ماتسو باشو جو هڪ ٻيو شعر (هائيڪو) آهي جنهن ۾ پڻ هن ڪونج (Tsuru) جو ذڪر ڪيو آهي، چي:

سامي داري ني (اونهاري جي آڳاٽي مينهن ۾)، تسورو نو آسِهي (ڪونجن جون ٽنگون)، مِي جي ڪاڪُو ناري رِي (ٿي ويون آهن ننڍڙيون).
يعني مينهوڳي جي موسم ۾ بارش ڪري کيت پاڻيءَ سان ڀرجي ويا آهن ۽ انهن ۾ بيٺل ڪونجن جون ٽنگون ننڍيون لڳي رهيون آهن.
ڪونجن بابت مون وٽ ٻن انڊين شاعرن جا شعر نوٽ ٿيل آهن، جيڪي آمريڪا ۾ رهن ٿا ۽ اتي جي ڪنهن رسالي ۾ ڇپيا هئا. هڪ روحان بيندري جو آهي جنهن جي شعر جو عنوان آهي: مور ۽ ڪونج:

There goes picture
The peacock looks at sea,
He sees his image
No body is as beautiful as me
There comes crane
Ha ha ha, it may be true
But when I am in danger I can fly
You cannot.

۽ هي ٻيو ٽسٽو آهي، جنهن جي شاعره جيوتي سنيت چوڌري آهي:

Starving Crane
In the shallow stream
Fishing food.

اسان وٽ جيڪي سنڌ ۾ ڪونجون اچن ٿيون، جن کي يورپ پاسي Demoiselle Cranes سڏيو وڃي ٿو، عام ڪونج (Grus Grus) کان ڪجه ننڍيون ٿين ٿيون. سندن قد ٽي فٽ کن مس ٿئي، وزن ٻه کان ٽي ڪلو ٿئي. سندن رنگ هلڪو نيراڻ تي مايل سليٽي ٿئي. اک کان وٺي سندس ڳچيءَ جي پٺ تائين اڇي رنگ جا ننڍا کنڀ ٿين. سندن اکيون نارنگي رنگ جون ڳاڙهسريون ٿين. جپان ۽ ڪئناڊا پاسي جي Sandhill ڪونجن جي چهنبن کان سنڌ ۾ ايندڙ هنن ڪونجن جون چهنبون ننڍيون ٿين. سندن ٽنگون ۽ پيرن جا پٻ ڪاري رنگ جا ٿين. هنن ڪونجن جا نر ۽ ماديون هڪجهڙيون ٿين ۽ پري کان اهو سڃاڻڻ ته ڪهڙو پکي نر آهي ڪهڙو مادي ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ايترو ضرور آهي ته نر پکي قد ۾ ماديءَ کان کڻي ٿورو وڏو ٿئي ٿو. هي ڪونجون اتراهن علائقن جو پکي آهي ۽ گهڻي ۾ گهڻو اوڀر ايشيا (سائبيريا پاسي)، قزاڪستان (وچ ايشيا) ۽ ڪالميڪيا (بحر اسود ۽ ڪئسپين سمنڊ جي وچ واري حصي) ۾ ٿئي ٿو. ڪونجون ترڪيءَ ۾ پڻ چڱي تعداد ۾ ٿين ٿيون، جيڪي پڻ سياري جي موسم، سنڌ ۽ ڪڇ گجرات ۾ گذارڻ لاءِ ايران ۽ پاڪستان جي بلوچستان وارن صوبن مان ٿي سنڌ ۾ پهچن ٿيون، جن لاءِ اسان وٽ ڪن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته اهي ڪي ڪوئيٽا ۾ رهن ٿيون. ٻين ڪونجن وانگر سنڌ ۾ ايندڙ هي ڪونجون به نچڻ ٽپڻ ۽ ٻولڻ ۾ مشهور آهن. جپاني ڪونجن ۾ نچڻ واري ٽرڙپائي فقط نر پکي ڪري ٿو. اسان وٽ سنڌ ۾ به نر، ماديءَ کي impress ڪرڻ لاءِ ڊانس وارا show ڪري ٿو، پر ان کي، ان ڪم تي آڻڻ لاءِ ناچ جي شروعات مادي ڪري ٿي. ۽ هر نر پکي جي سڏ تي، مادي پکي ڪُوڪي هن کي هڪ دفعو ورندي ڏئي ٿي.
ڪونجن جو پاڻ سان پيار محبت ۽ ولر ڪري اڏامڻ ۽ داڻو پاڻي حاصل ڪرڻ، ڪڙم قبيلي جي ٻَڌي ۽ پيار جي علامت بنجي پيو آهي. هنن جي اها ٻَڌي ڏسي شاهه لطيف به فرمائيو:

وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

شاهه صاحب ڪونج پکي کي پيار کان ڪونجڙي به سڏي ٿو ۽ پنهنجن بيتن ۾ ان نالي سان به ياد ڪري ٿو:

قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن جنين جو روه،
ڪونهي ڪنهن جو ڏوهه، رزق رزاق هٿ ۾.

اسان کان اسانجا پکي رُسندا وڃن

ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته ڪي ڪي اهڙا جانور آهن جهڙوڪ ياڪ ڍڳو، لاما، اورانگ اُتان (ماڻهوءَ سان سڀ کان گهڻو ملندڙ ڀولڙو)، پانڊا، ڪئنگرو يا وري ڪيترائي پکي، جهڙوڪ بهشتي پکي (Bird of Paraelise)، ۽ مختلف ڪاڪاتئا (وڏا طوطا Cockatto)، پينگئن وغيره وغيره، جن کي ڏسڻ لاءِ اسان کي انهن جي وطن نيپال، برازيل، سراواڪ (ملائيشيا)، چين يا آسٽريليا وڃڻو پوي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهڙن جانورن يا پکين مان ڪو هڪ ٻه کڻي اسانجي حيدرآباد، ڪراچي يا لاهور واري چڙيا گهر ۾ هجي. پر اها اسان جي خوش قسمتي آهي ته مهمان پکي (لڏپلاڻ ڪندڙ Migratory Birds) جن جو وطن کڻي سئيڊن، ڊئنمارڪ، آئس لينڊ، ڪئناڊا يا سائيبيريا هجي، انهن کي ڏسڻ لاءِ اسان کي هنن جي ملڪ ۾ وڃڻو نٿو پوي. اهي سهڻا سهڻا ۽ رنگين پکي، پاڻ پسائڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾، هزارين ميل اڏامي اچيو اسان وٽ نڪرن. ڇا ته قسمين قسمين بدڪون، ٻگهه، نيرڳ، چيڪلا، هنجر، ٻهاڙون، ڳيڻا، لنج، هنج، هنس، ڊگوش ۽ پيڻ پکي آهن. هي سڀ اتراهن ملڪن کان اتي جي پاري جهڙي ٿڌ کان ڀڄي، سياري جا چار مهينا اسان وٽ گذارڻ لاءِ اچن ٿا.
اتراهان ملڪ؛ روس، ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ، پولنڊ جهڙا، جن ۾ منهنجو ڪيترائي دفعا وڃڻ ٿيو آهي ۽ ڪيترن ۾ ته وڏو عرصو رهڻ به ٿيو آهي، اتي هي لڏپلاڻي پکي اونهاري ۾ ضرور نظر اچن ٿا پر انهن مان ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ ايترا سارا مڙيئي پکي نظر ايندا هجن جيترا سياري ۾ سنڌ ۾ نظر اچن ٿا؟ ناروي، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ اهي پکي آهن ضرور پر ڪي جنسون ڪنهن ملڪ ۾ ته ڪي ڪنهن ۾. اهو اسان وارو سنڌ، ڪڇ، گجرات آهي جتي مٿين مڙني ملڪن جا پکي اچيو ٿا گڏ ٿين. پنهنجين مٺين لاتين سان اسان جو من لڀائين، پنهنجن سهڻين شڪلين ۽ رنگن سان ماحول کي وڻندڙ بنائين ۽ اسان-- خاص ڪري سنڌ جا ماڻهو، جنهن بيدرديءَ سان انهن جو قتلِ عام ٿا ڪريون، ان، هنن مهمان پکين کي پنهنجي جوءِ مٽائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. اسان وٽ شڪار ڪرڻ جو نه قاعدو قانون آهي ۽ نه ان تي عمل ٿئي ٿو. هرڪو ڏاڍو گابو آهي. ڪنهن کي به ڪو خيال نٿو ٿئي، ڪا همدردي نٿي ٿئي ته اسان ڇو هر پکيءَ کي ماريندا وتون. پکي ڪي انب يا زيتون ته نه آهن جو انهن کان ڀلي سڄو وڻ خالي ڪري ڇڏيون ته به ٻئي سال اهي وري اوترائي ٿيندا. هيڪاندا پکي مارڻ سان هنن جو نسل هڪ طرف ختم ٿي رهيو آهي ته ٻي طرف هو ڊپ ڪري اسان وٽ اچڻ ڇڏيو پيا ڏين. ساڳيو ٻه ٽي سو ميل پري ڪڇ، گجرات ۽ انڊيا جي ٻين علائقن ۾ هي پرديسي پکي پنهنجو پاڻ کي محفوط سمجهن ٿا. هو آهستي آهستي هيڏانهن اچڻ بدران انڊيا وڃي رهيا آهن. هڪ پکي جيڪو سائيبيريا کان ٽي چار هزار ڪلوميٽر جو فاصلو طئه ڪري سنڌ جي آبي جڳهين تي لهي ٿو، ان کي وڌيڪ ٽي چار سوَ ڪلوميٽر سفر ڪري انڊيا وڃڻ ۾ ڪهڙي تڪليف، ڪهڙي رنڊڪ؟ ۽ اهو ته اسين به ٽي وي ۽ اخبارن ۾ پڙهون پيا ته انڊيا پکين ۽ جانورن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ايڏو سخت آهي جو سلمان خان جهڙي مشهور ۽ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ هيرو کي به غير قانوني طرح شڪار ڪرڻ تي جيل ۾ اماڻيو ڇڏي. اسان وٽ ڇا ته اونڌو منظر آهي... اسين ته انهن پکين جي مار مارا ڪريون ٿا پر پنهنجي لئه رکڻ لاءِ، چمچاگيريءَ لاءِ يا چند ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ، وتون ههڙن سهڻن مهمان پکين کي ٻين کان به مارائيندا ۽ ڊيڄاريندا. ٻيو ته ٺهيو پر ڌارين ملڪن جي امير عربن کي گهرائي انهن کي کُلي عام ڇُٽي ڏئي ڇڏينداسين ته وتن ملڪ کي ڀيليندا. هو نه رڳو اسانجي جهنگلي جيوت تباهه ڪن ٿا پر انساني حقن تي به ڌاڙو هڻن ٿا. ڪيترائي اهڙا واقعا اخبارن ۾ اچي چڪا آهن، جن ۾ عورتن جي وڪري ۽ زوري زنا لاءِ نشاندهي ڪئي وئي آهي.
گذريل سال دبئي وڃڻ ٿيو جتي اتي جي مشهور ڊاڪٽر قادر سرڪي صاحب مونکي دبئي جي ٻهراڙي هلي ڏيکاري، جتي عربن جا پراڻي زماني جا گهر به آهن. خير ٻهراڙيءَ مان منهنجو مطلب گهاٽو جهنگ يا ڪچو ڳوٺ نه هو پر چوڌاري پڪا رستا ۽ اسٽريٽ لائيٽون به هيون. مونکي اهو ڏسي حيرت ٿي ته پڪن رستن جي ڪنارن تي توڙي چوراهن تي، انيڪ تتر ائين چُڳي رهيا هئا جيئن سئيڊن جي رستن ۽ بس اسٽاپن تي ڪيترن ئي قسمن جون بدڪون، هنجر، ۽ رتنبا ماڻهن جي پيرن ۽ بيٺل بسين ۽ تئڪسين جي ڦيٿن وٽ بي ڊپا ٿي چُڳندا آهن. مون پنهنجي ميزبان کي چيو ته عرب هيڏو خرچ ڪري اسان وٽ ٿا اچيو پکي مارين، هي ته هتي ئي هر گهٽيءَ اڳيان سوين تتر ائين پيا هلن جو اسان وٽ ڪانگ ۽ ڪٻرون به نه هلن. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته هو پنهنجي ملڪ جي پکين توڙي پرديسي پکين جو خيال ڪن ٿا جيئن يورپ جا ماڻهو پکين جو خيال ڪن ٿا. هتي جي عرب قانون مطابق هنن پکين کي هُش هُش ڪري ڊسٽرب ڪرڻ به ڏوه جو ڪم آهي.
”۽ ڀلا هتي دبکي ۽ ابو ڌابيءَ ۾ اسانجي پاسي جا هيترا سنڌي، بلوچ، پٺاڻ، بنگالي ۽ تامل پيا ڦِرن، جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ ڪبوتر ۽ ڳيري کي به نٿا ڇڏين انهن کي ته هي تتر ڏسي وات ۾ پاڻي ايندو هوندو؟ مون پڇيو.
”ڀلي وات ۾ پاڻي اچين“، ٺُل جيڪب آباد جي ڊاڪٽر سرڪيءَ کِلندي چيو، ”پر ڪوهتي جي پکين کي هٿ به ته لاهي ڏيکاري. جيل جي سزا بعد کيس هتي هڪ ڏينهن به رهڻ نه ڏنو ويندو.“
دل ۾ مون سوچيو ته پوءِ اسان وڏا جاهل آهيون ۽ اسانجو ملڪ، جيڪو ائين لڳي ٿو ته بنه ڪو نڌڻڪو هجي ۽ جنهن کي هر ڌاريون ماڻهو پنهنجي پراپرٽي ٿي سمجهي جو جنهن کي وڻي ٿو اهو هليو اچي ٿو ۽ جيئن وڻي ٿو ائين هو ڪري ٿو. قاعدي قانون هوندي به هنن کي ڪا پرواهه نٿي رهي! شايد اسانجي ملڪ جو هر قسم جو قانون ۽ پوليس سندن کيسي ۾ ٿي رهي! دبئيءَ ۾ تترن ۽ ٻين پکين کي ائين هلندو ڏسي اکين کي فرحت پئي آئي. دل ٿي چيو ته ڪاش اسانجي ملڪ ۾ به قانون تي عمل هجي ها ۽ اسان جي ماڻهن-- خاص ڪري شڪارين کي ساڃهه هجي ها ته ڳڄ اسان جي ڳوٺن جي گهٽين ۾ به قسمين قسمين رنگين پکي ائين نظر اچن ها جيئن هتي دبئي ۾ يا سئيڊن ناروي ۾ ڏسون ٿا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته دنيا جا سهڻي ۾ سهڻا پکي اسان جي ملڪ ۾ هوندي به گهٽين، روڊن رستن ۽ وڻن ٽڻن تي جيڪي ٿورا پکي نظر اچن ٿا اهي فقط ڪٻرون ۽ ڪانوَ وڃي بچيا آهن! شاهه لطيف جو هڪ بيت آهي ته:
جتي ماڻڪ ماڳ، تتي چوران تڪيو
سنئون تن سڀاڳ، امل جن اوباهيو.

يعني جتي ماڻڪ موتي هوندا، اُت چورن جا به ٿاڪ هوندا. خوش نصيب آهن اهي ماڻهو (قومون)، جن پنهنجا موتي ڦُرجڻ کان بچائي ورتا آهن.
سانگهڙ جو انگريزي جو پروفيسر ۽ مشهور ليکڪ امر لغاري (سڄو نالو محمد يعقوب لغاري) هنن پرديسي پکيئڙن جي سنڌ ۾ آمد گهٽجڻ جو سبب اهو ئي ٻڌائي ٿو ته هنن کي اسان وٽ سُک جو ساهه کڻڻ نٿو ڏنو وڃي.... بقول هن جي.....
اسانجي علائقي جي بدقسمتي اها آهي ته هتي شڪار ڪرڻ لاءِ ڪي به اصول ڪونهن، جنهن جي هٿ ۾ بندوق آهي، سو پنهنجي ليکي ئي شڪاري آهي. نه کيس ڪانيري جي تميز نه وري کنڀي جي. همراهه جي هٿ ۾ بندوق آهي ته پوءِ هن کي ٺڪاءُ ضرور ڪرڻو آهي. شڪار کاتو ڌڙا ڌڙ پرمٽون جاري ڪندو رهي ٿو. جيڪو هزار روپيا کڻي اچي سو پرمٽ جو مالڪ آهي..... پکين جي رَسڻ کان اڳ ئي همراهه ڍنڍن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا. ان ڪري پکين جو هڪ تمام وڏو تعداد نارو ڪينال يا مٺڙائو واهه ڏيئي بدين جي ساحلي علائقي وارين ڍنڍن ڏانهن روانو ٿي وڃي ٿو. اتان پوءِ ڀارت جي راجستان ۽ گجرات وارن علائقن جي ڍنڍن تائين پڻ پهچي ٿو، جتي کين مڪمل تحفظ ملي ٿو. هڪ سروي مطابق اسان وٽ هاڻ ستر واري ڏهاڪي جي چوٿين حصي جيترا پکي به نٿا لهن. وڏو پکي ته ماڳهين جوءِ ئي ڇڏي ويو آهي. پر حڪومت ۽ مقامي ماڻهو جيڪڏهن پنهنجين حدن وارين ڍنڍن ۽ آبگاهن تي سختيءَ سان رَک ڪن ۽ ياريون نه ملهائين ته مستقبل ۾ اسانجو نئون نسل هڪ دفعو وري اهي خوبصورت پکي ڏسي سگهندو، جيڪي اسان جي روين ۽ عملن سبب روسامو ڪري هليا ويا آهن.

نَر تلور وڃي ٻي مادي تاڙيندو

گذريل مضمون ۾ مون پرديسي پکين مان سڀ کان سهڻو پکي ڪونج کي قرار ڏنو آهي ۽ ان بابت ڪجهه لکيو اٿم. پر هاڻ پيو سوچيان ته ضروري ناهي ته لڏپلاڻ ڪندڙ پکين ۾، سڀني لاءِ سهڻو پکي ڪونج هجي. جپان ۾ رهڻ ڪري ۽ هنن جو ڪونج بابت عبادت جي حد تائين پيار، ڪونج بابت جپاني راڳ، جپاني ادب ۾ ڪونج بابت ڪهاڻيون ۽ شعر و شاعري هڪ طرف پڙهي ۽ ٻي پاسي ٽوڪيو مان وهندڙ سمدا نديءَ جي ڪپر تي، ڪونجن جا ناچ ٽپڪا ۽ Mating Dances ڏسي مون کي هي پکي سهڻو لڳي ٿو. ان ڪري ڪونج کي مون ٽاپ جو سهڻو ۽ پيارو پکي کڻي لکيو آهي، جيڪو منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي. نه ته ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ايندڙ ٻيا پرديسي پکي به گهٽ سهڻا نه آهن. ۽ ڀلا جي پهرين نمبر تي کڻي ڪونج آهي ته ٻئي نمبر تي تلور، آڙي، هنجر، ٻرڻو، ٿرندو، پوڻي، ڊگوش، چيڪلو، سينڌر، ڳوهر، رتنبو.... ڪهڙو پکي چئي ڪهڙو چئجي. اهي سڀ پکي اسان جي سنڌ ۾ ايندا رهن ٿا پر افسوس جو انهن لاءِ اسان کي ڪو قدر نه آهي. اهي پکي اسان وٽ سنڌ ۾ مهمان ٿي اچن ٿا ته هنن جي خدمت چاڪري ڪرڻ بدران اسان سندن سک ڦٽايو ڇڏيون. بقول عزيز سولنگي جي سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي نه صرف شڪار جا مقامي شوقين پر نار (Gulf) وارين رياستن کان به ڪيترائي شڪاري پنهنجن بازن ۽ حريص نگاهن سان سنڌ جو رخ ڪن ٿا ۽ پوءِ ڪڏهن باز جي بيرحم چنبن ۾ ڪا تلور ڦٿڪڻ لڳي ٿي ته ڪڏهن دولت جي مقتل گاهه مان، اَمي، ڦاپي ۽ شهناز جو سرد جسم موٽي ملي ٿو....
بهرحال پکين سان اهو ظلم اسان وٽ ٿو ٿئي پوءِ اهو پکي کڻي ڪونج هجي يا آڙي، تلور هجي يا راج هنس. جپان يا سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ جي اسان جي ملڪ ۾ اچڻ وارو ڊگوش (Pintail) يا نيرڳ (Mallard) اچي نڪري ته جيڪر ان کي به هو سوروءَ (ڪونج) وانگر لک عزتون ڏين. مسز خورشيد حميد ڏهر جو پرڏيهي پکين سان ورتاء بابت ڪاوش اخبار ۾ مضمون پڙهيو هوم، جنهن ۾ هوءَ لکي ٿي ته هي ناياب ۽ حسين پکي پنهنجي افاديت ۽ انفراديت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پر اسان جي وحشي خواهشن انهن بي زبان گگدامن جي نسل کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کان ٽيهارو کن سال اڳ جڏهن ڍنڍن ۽ دريائن ۾ پاڻي جام هوندو هو ته لکين پکي اتي اچي آرامي ٿيندا هئا. درياءَ ۽ ڍنڍون ته پکين سان ڀريون پيون هونديون هيون پر ارد گرد جا وڻ ۽ ٽڪر به پکين سان سٿيا پيا هوندا هئا ۽ اهڙو ته دلفريب منظر هوندو هو جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. ڪاش ان زماني ۾ وڊيو هجي ها ته شايد اسان پنهنجي نئين نسل جي بهتر رهنمائي ڪري سگهون ها ۽ کين ٻڌائي سگهون ها ته فطرت ڪيتري نه حسين آهي، جنهن کي اسان هٿ وٺي برباد ڪري رهيا آهيون. شڪار ته تڏهن به ٿيندو هو مگر ڪو شوقين ورلي پاڻ وڃي اهو شوق پورو ڪندو هو. پر هاڻ ته قاعدا قانون سخت هوندي به هر ڪنهن جي هٿ ۾ بندوق آهي.
پکين جي بچاءَ لا اسان وٽ جهنگلي جيوت (Wild Life) جي بچاءَ جو کاتو آهي، جنهن کاتي جا، هنن ناياب پکين جي سلامتي لاءِ، ڪجهه قانون به ٺهيل آهن. جيئن ته:
- ڪنهن به اهڙي پکيءَ يا جانور جي شڪار جي اجازت ناهي هوندي، جنهن کي جهنگلي جيوت جي کاتي تحفظ فراهمي ڪيو هجي. پرمٽ بنا ڪنهن به پکيءَ يا جانور کي مارڻ قانوني ڏوهه آهي.
- ڪنهن به جانور يا پکيءَ کي ڄار، ڪُنڍي يا آٽوميٽڪ هٿيار سان مارڻ تي بندش آهي، سواءِ ٻارهن بور جي بندوق جي يا پوائنٽ ٽوٽو رائيفل جي. ان کانسواءِ ڪنهن به طريقي سان شڪار ڪرڻ ڏوهه آهي.
- ڪنهن به جانور يا پکيءَ کي ڪنهن به قسم جي گاڏيءَ تي سوار ٿي يا گاڏيءَ اڳيان 200 گزن تائين شڪار ڪرڻ ڏوهه آهي.
- ڪنهن به جانور يا پکي کي سج اڀرڻ کان اڳ يا سج لهڻ کانپوءِ شڪار ڪرڻ منع آهي.
پر بقول نورين جي، جنهنجو ”پرڏيهي پکين جي ميزبان سنڌ“ تي لکيل مضمون ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هوم، ته اڪثر ڏٺو ويو آهي ته بااثر ماڻهو يا عادي شڪاري، مقرر ڪيل اصولن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ منع ڪيل جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪن ٿا، جن کي وائيلڊ لائيف کاتي پاران تحفظ فراهم ڪيل هوندو آهي ان جي باوجود انهن جو شڪار ٿيندو رهي ٿو.
نورين پنهنجي ان مضمون ۾ لکيو آهي ته هنن پرديسي پکين جي شڪار ڪندڙن ۾ اعليٰ سرڪاري عهديدار، قبائلي سردار، رئيس، وڏيرا ۽ مهمان، خاص ڪري عرب شامل آهن. ڪيترن عربن، شڪاري علائقن ۾ بنگلا ٺاهي رکيا آهن، جتي ڪيترائي شڪاري باز رهن ٿا. هڪ اندازي موجب هر سيزن ۾ 15 کان 20 هزار تلور پکي شڪار ڪيا وڃن ٿا، جنهن ڪري انهن جو نسل آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي....
هونءَ پرديسي پکين تي سڀ کان گهڻو مارو تلور پکيءَ تي ٿئي ٿو. تلور کي انگريزيءَ ۾ Houbara Bustard سڏجي ٿو. ”ٿر جي سير“ واري مضمون ۾ من موهن گياني هن پکيءَ لاءِ لکي ٿو ته.......
تلور پکي ٿر ۾ ڇڍو ٿيندو آهي. نومبر ڌاري ايندو آهي ۽ اپريل جي پڇاڙيءَ ۾ موٽي ويندو آهي. مطلب ته هي سردي گذارڻ لاءِ ايندو آهي. هن جو قد وڏي نَر ڪڪڙ جيڏو ٿئي ٿو. پري کان بندوق سان شڪار ڪبو آهي، ويجهو وڃڻ سان اڏامي ويندو يا اهڙي طرح ڪنهن ٻوٽي ۾ ڇپ هڻي ويهندو، جو ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو. هي ڏهرن ۾ گهڻو وقت پٽ تي چوڻ ڪندو رهندو آهي، بعضي اٺ جي گرگ سان شڪار ڪبو آهي. هن جو گوشت لذيذ ٿئي ٿو. هونءَ به ٿر ۾ هر قسم جو گوشت لذيذ لڳندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿئي ٿو....“
عزيز سولنگي هن پکيءَ لاءِ پنهنجي هڪ مضمون ”پرديسي پکي ۽ بي حَسِين جي ڊگهي اڏام“ ۾ لکي ٿو ته....
”شڪاري پاليل باز وسيلي ناياب پکي تلور جو شڪار ڪن ٿا. حالانڪ اها جڳ جهان کي خبر آهي ته تلور جو گوشت نه غير معمولي ذائقي وارو آهي ۽ نه وري جسماني سگهه جي لحاظ کان اهو ايترو بي انتها ڪارائتو آهي. ان جي باوجود به هزارين ڪلو ميٽرن کان ڪهي اچي تلور جو ئي شڪار ڪرڻ جو بنيادي سبب اذيت پسنديءَ واري جذبي جي تسڪين آهي. البته تلور بابت اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته تلور زعفران کائي ٿي، جنهن ڪري ان جي گوشت ۾ هڪ خاص قسم جو هڳاءُ موجود رهي ٿو. ڪوهستان جي هڪ پيرسن شڪاريءَ ٻڌايو ته تلور پکي پنهنجي حياتيءَ ۾ وڌيڪ نه ته هڪ دفعو ضرور انهن علائقن جو رخ ڪري ٿو، جتي زعفران جي پوک ٿئي ٿي. حقيقت اها آهي ته پکين ۾ تلور ئي اهڙو واحد پکي آهي جيڪو آخري پساهن تائين باز سان مزاحمت ڪري ٿو ۽ شڪاري ان کي باز جو مقابلو ڪندي، وڙهندي، تڙپندي ۽ مرندي ڏسي تسڪين حاصل ڪن ٿا. ان جون وڊيو موويز ڀريون وڃن ٿيون. بلڪل ائين ئي جيئن نار وارن ملڪن ۾ اٺن جي ڊوڙ ۾ معصوم ٻارڙن کي اٺ تي چؤ کنڀو ٻڌي اٺن کي ڊوڙايو وڃي ٿو ۽ ٻارڙن جي هراسيل ريهن مان مزو ورتو وڃي ٿو......“
تلور بابت تفصيلي طرح امر لغاريءَ پنهنجي ڪتاب ”ناري جي ڪناري“ ۾ لکيو آهي ته تلور (Houbara Bustard) جي ڇاتي نيري آسماني رنگ تي ٿئي ٿي، جنهن مٿان هيٺ لڙڪندڙ کنڀ نظر ايندا آهن. تلور جي اک نهايت خوبصورت ٿئي ٿي ۽ هوءَ وزن ۽ قد ۾ ڪڪڙ (نر) جيڏي ٿئي ٿي، پر هن جون ٽنگون ان کان وڏيون ٿين ٿيون. چنڀو ننڍو ۽ اسپنجي ٿئيس ۽ کڙيءَ وٽان آڱوٺو ڳولئي نه لڀيس. سندس ڳچي ڊگهي ۽ پٺ واريءَ جهڙي رنگ تي ٿئيس ۽ ان مٿان انگريزي جي اکر V جهڙي شڪل جا هلڪا هلڪا دٻڪ ٿينس. پٺ جا کنڀ لسا ۽ هيٺ تي مڙيل ٿيندا اٿس. مادي نر کان ننڍي ٿئي ٿي پر رنگ ۾ هڪجهڙي. تلور جو هيٺيون ڌڙ سفيد ٿئي ۽ پڇ تي ڪارا چورس ٽڪا ٿينس. مٿي جو تاج ڪارڙو پر سفيد لڪير سان هيٺ ورندڙ ٿئي. ڳچي هيٺان ڪمان جيئن لڙڪندڙ کنڀن جو ڇڳو سندس خاص نشاني آهي.
تلور سڀ کان وڌيڪ ڄانڀي جي فصل ۽ پوءِ توريي کي اهميت ڏئي ٿي. ان کانپوءِ ٻجن کي ۽ پوءِ ٻوٽن جي گؤنچن کي. جي اهي به نه مليس ته پوءِ ٻين ساهه وارن تي ورندي. ٽنڊڻ، ڏينڀو، مڪڙ ۽ ٻيا ڪيترائي جيت جڻا سندس بک اجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. نئين آيل تلور کي جيڪي ڪجهه هٿ اچي ٿو اهو کائي ٿي. پوءِ بهتر کاڌي جي ڳولا ۾ رات جو آس پاس وارو علائقو گهمي ڦري ڏسندي آهي. چڳڻ مهل صفا جهاپي ٿي نٿي هلي، پر هر طرف لوڻا هڻندي رهي ٿي. ماڻهو يا مال جي ڪڙ تي ڀڙڪو کائي اڏامي ٿي يا چنبين تي زور ڏئي ڪنهن ٻوڙي جي آڙ وٺندي. تلور ڪڏهن ڪڏهن اڪيلي به چڳندي آهي. جيڪڏهن پنهنجي ساٿي کي سڏڻ جي ضرورت پوندس ته گلي مان ”ٽڪ ٽڪ“ جو آواز ڪڍندي.
امر لغاري صاحب تلور پکي بابت وڌيڪ لکي ٿو ته بازن وارو عرب شيخ هن جو سڀ کان وڏو دشمن آهي. هو تلور کي شڪري بازي لاءِ استعمال ڪري ٿو. هو ان کي ”ڊيڪواء برڊ“ طور ڪتب آڻي باز جهليندو آهي. سنڌ ۾ تلور ختم ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن، پر اڄوڪي دؤر ۾ اسمگلنگ هن جي سڀ کان وڏي دشمن آهي. تلور پاڻ به اسمگل ٿئي ٿي ته ان جا بيضا ۽ ٻچا به عرب ملڪن ڏانهن موڪليا وڃن ٿا. جهنگ يا ٻيلن جو ڪٽجڻ يا انهن جو تباهه ٿيڻ، سوڪهڙو، ڏڪار ۽ ٺيڪو وٺي شڪار ڪرڻ هن جي ختم ٿيڻ جا ڪجهه ٻيا ڪارڻ آهن. تلور ٽي يا چار بيضا ڏئي ٿي. هن جو ڪوبه آکيرو نه ٿيندو آهي. هيءَ ڪنهن ٻوڙي هيٺان کڏ کوٽي ان ۾ بيضا لاهي ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ پاڻ مادي ئي ان ۾ آري تي ويهندي آهي. نر وڃي ڪا ٻي مادي تاڙيندو آهي.

امن جا سفير، محبتن جي علامت

پرديسي پکين (Migratory Birds) بابت هي مضمونَ، هتان اتر يورپ جي ملڪن، خاص ڪري ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ مان لکي رهيو آهيان. ننڍپڻ ۾ سنڌ ۾ آڙيون، ڪونجون، تلور، بدڪون، ڪاز، ٻگهلا ۽ ٻيا پرديسي پکي ضرور ڏٺاسين پر کين غور سان ڏسڻ جو موقعو هنن اتراهن ملڪن ۾ اچي مليو آهي. جهازن کي جڏهن هنن سرد اتراهن ملڪن ناروي، فنلئند وغيره ڏي وٺي اچبو هو يا سئيڊن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ رهائش دوران يا هاڻ انهن ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ اونهاري جي موسم ۾ ٿو اچجي ته هنن سهڻن ۽ رنگين ڊگوشن، بدڪن، نيرڳن، آڙين جهڙن پکين کي شهر جي بس اسٽاپن تي، اسان جي پيرن اڳيان چڳندو ڏسي يا وري پارڪن ۾ اسان جي بينچن تي اسان سان گڏ وهندو ڏسي دل خوش ٿيو وڃي .
آئون سئيڊن يا ناروي جي ماڻهن کي هميشه چوندو آهيان ته توهان ته هتي فقط پنهنجي ملڪ يا وڌ ۾ وڌ پاڙي واري ملڪ جا چند پکي ٿا ڏسو پر اسان وٽ ڪينجهر ۽ هاليجي، منڇر ۽ سانگهڙ جي ڍنڍن تي هلي ڏسو ته توهان کي توهان جي يورپ جي هڪ هڪ ملڪ جا ۽ سائيبيريا ۽ وچ ايشيا جا پکي نظر ايندا! ڪڏهن ڪڏهن پکين جي لڏپلاڻ کان اڻواقف ماڻهو پڇي وهندا آهن ته هي ته سردي جا پکي آهن، توهان جو ملڪ ته گرم آهي، اتي ڇو ٿا وڃن؟ آئون کلي کين چوندو آهيان ته اسانجو ملڪ گرم ضرور آهي پر فقط اونهاري ۾ . سياري جا چار پنج مهينا ته ٿڌو آهي. ڪن کي يقين نه ايندو آهي ته چوندو آهيان ته پوءِ هتي جي سياري شروع ٿيڻ سان توهان جا هي پکي ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ اهي ڏکڻ طرف اسان جي علائقن سنڌ، پنجاب، راجستان ۽ گجرات ڏي وڃي ٽِڪن ٿا. يا وري چرچي طور چوندو آهيان ته توهان کي جي اعتراض آهي ته توهان جا پکي توهان کي ڇڏي اسان ڏي نه اچن ته کين سينٽرلي هيٽيڊ آکيرا ٺهرائي ڏيو يا کين ڪوٽ سئيٽر ٺهرائي ڏيون ته هتي ئي ويٺا هجن جيئن اسان وٽ سنڌ ۾، سياري جي موسم ۾ ٻڪرين کي لنڊا بازار جا ڇنل سئيٽر پارائي ڇڏيندا آهن.
هڪ دفعي مالمو شهر (سئيڊن) جي پارڪ ۾، پنهنجي هم پيشه جهازي انجنيئر ظهير بابر قريشيءَ کي ڪجهه خوبصورت هنجر ۽ چيڪلا قسم جي پکين ڏي اشارو ڪندي چيم ته هتي جا ماڻهو ڪيڏا خوش نصيب آهن جن وٽ هن قسم جا سهڻا پکي آهن پر پاڻ وٽ ته رڳو ڪٻرون ۽ ڪارا ڪانوَ آهن! ظهير بابر جيڪو دادوءَ جو آهي، منهنجي ڳالهه تي پهرين ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ وراڻيو، ”ادا هتي جي ماڻهن کان ته پاڻ وڌيڪ خوش نصيب آهيون. منڇر ڍنڍ تي ته هلي ڏسو، خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن ملڪن جي پکين سان ڀري پئي آهي.“
پر اها ڳالهه 1990ع جي آهي، جڏهن ظهير بابر مالمو شهر جي يونيورسٽي مان MSc ڪري رهيو هو ۽ منهنجي جهاز ڊئنمارڪ جي بندرگاه ڪوپن هيگن ۾ لنگر ڪيرائڻ سان آئون فيريءَ ذريعي بالٽڪ سمنڊ اڪري، هن جي شهر مالمو ۾ هن وٽ ٻه ڏينهن وڃي ترسيو هوس. اڄ ان کي 20 سال اچي ٿيا آهن. اڄ اها نه منڇر رهي آهي نه اهو پکين جو وڏو تعداد، جنهن جو تفصيلي ذڪر دادوءَ جي اديب، محقق ۽ صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ سائين تاج صحرائيءَ پنهنجي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب Lake Manchar (منڇر ڍنڍ) ۾ ڪيو آهي، جنهن ڪتاب لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته هن ڪتاب جو هڪ هڪ چئپٽر ريسرچ ورڪ آهي ۽ بقول محمد ابراهيم جويو صاحب جي هي ڪتاب تواريخ، آرڪيالاجي ۽ ائنٿراپولاجي جو مڪسچر آهي.
ڳالهه هيءَ آهي ته سائيبيريا پاسي جو يا هنن اتراهن يورپي ملڪن جو سيارو ايڏو سخت ٿئي ٿو جو آئون ته هر وقت اهو سوچيندو رهان ٿو ته جڏهن اليڪٽرسٽي ايجاد نه ٿي هئي ته هنن ماڻهن جو ههڙن ٿڌن ملڪن ۾ ڪيئن گذارو ٿيندو هو! جتي اونهاري ۾ به اسان جهڙو سيارو ٿئي ٿو. مثال طور هي جولاءِ جو آخري هفتو آهي ته به هتي، ناروي جي هن شهر اوسلو جو پد 16 ڊگريون آهي. يعني سخت سياري ۾ سکر پاسي ايتري ٿڌڪار هوندي آهي. اهو ته آهي اونهاري جو حال، سياري ۾ هنن ملڪن ڏي ڪاٽو 25 ڊگريون ٿڌڪار ته هڪ عام ڳالهه آهي. ٿڌڪار جو اهو پد، ڊيپ فريز جي ٿڌڪار کان به وڌيڪ ٿڌو ٿيو ڇو جو فريزر واري خاني جي ٿڌڪار وڌ ۾ وڌ ڪاٽو 15 يا 20 تائين هوندي آهي. اه ٿڌڪار به ايتري ته گهڻي ٿي لڳي جو ان ۾ گوشت يا مڇي رکڻ سان اٺن ڪلاڪن ۾ پٿر ٿيو وڃي.
ڪنهن چيو ته هي پکي سياري ۾ هتان (يعني يورپ جي اتراهن علائقن مان) ڏکڻ ڏي ڇو ٿا هليا وڃن؟
سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن اليڪٽرسٽي نه هئي ته به انسان وٽ ته قدرت طرفان اها ڏات هئي ته هو جانورن جون کلون به پائي پنهنجو سيءَ کان بچاءُ ڪري، سڄي رات باهه ٻاري پاڻ کي گرم رکي، برف جي سرن جو ڪمرو يا Igloo ٺاهي، پاڻ کي ٿڌي هوا کان بچائي جو هوا جي ڪاٽو 25 ڊگرين کان وري به برف گهڻي گرم آهي، جنهن جو ٽيمپريچر وڌيڪ ۾ وڌ ڪاٽو هڪ يا ٻه ٿئي ٿو. پر پکي ڇا ڪن؟ اهي ته هتي جي سياري جي هن ٿڌ ۾ ڄمي برف ٿي وڃن. پکي ته ڇا سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ جهڙن ملڪن جي سياري ۾ انسان ذات به رات جو هيٽنگ سسٽم بند ٿيڻ تي يا دري کُلڻ تي ننڊ ۾ برف ٿي وڃي! انهي ڪري هتي اوسلو ۾، چاهي اسٽاڪهوم يا مالمو وغيره ۾، گهرن ۾ ٺهيل درين کي ٻه ٻه شيشا ٿين ٿا جيئن هڪ شيشو پاڻهي ڀڄي پوي يا ٽڙڪي پوي ته بچاءَ لاءِ ٻيو ته هجي.
سو اهڙين حالتن ۾ هنن پکين لاءِ ههڙي ظالم موسم کان ڀڄي جان بچائڻ ۾ ئي عاقبت ۽ عافيت آهي. هتي جي پکين لاءِ هجرت ڪري سنڌ، پنجاب يا جهوناڳڙهه، ڪاٺياواڙ ۽ راجستان جهڙن هنڌن ڏي وڃڻ ڄڻ فطرت ۾ شامل آهي. ڇو جو سندن نسلي بقا جو راز ئي انهيءَ ۾ آهي، ۽ اهو هجرت جو عمل قدرت ئي کين سمجهايو آهي. هو يورپ جي اتراهن ملڪن کان، جيڪو سندن اصلي وطن آهي ۽ جتي هو آنا ڏين ٿا ۽ ٻچا ڪن ٿا، سردي جي موسم ۾ هجرت ڪري ڏاکڻن ملڪن ڏي وڃن ٿا، جتي ايتري سردي ناهي. هو ڏاکڻن علائقن ۾، جن ۾ اسان جي سنڌ به شامل آهي عارضي قيام ڪري، وري واپس موٽن ٿا. اهو سندن فطرت ۾ شامل آهي. اتر جي سخت ٿڌ کان بچڻ لاءِ هو ٻه ٻه ٽي ٽي هزار ڪلوميٽر سفر ڪن ٿا جنهن ۾ هنن کي جابلو سلسلن ۽ سمنڊن مٿان به لنگهڻو پوي ٿو ۽ اها هنن جي هر سال جي روٽين آهي. هوائي جهاز وانگر هو ساڳيا رستا ۽ ساڳيا Stop Overs ڏئي ڏکڻ ڏي سيارو گذارڻ وڃن ٿا ۽ وري واپسي جي مقرر واٽن تان موٽن ٿا. اها انهن جي ڄڻ ته لائيف سائيڪل آهي يا فطري مجبوري آهي. رب پاڪ انهن پکين کي جديد مواصلاتي نظام جهڙي جبلت عطا ڪئي آهي جنهن ڪري هو موسمن جي تبديلين مطابق پنهنجا يورپ پاسي جا ڪک ڇڏي سنڌ ڏي مهمان ٿي وڃن ٿا ۽ وري ساڳن ماڳن تي موٽن ٿا! باوجود ماڊرن اوزارن جي اسان کان رستو ڳولڻ ۾ غلطيون ٿيو وڃن پر هنن پکين کان هرگز نه!
ڪجهه عرصو اڳ سنڌيءَ جي هڪ اخبار ۾ نواز ڪنڀر صاحب جو هنن پرديسي پکين بابت مضمون پڙهيو هوم، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”هي پکي سنڌ ۾ اچڻ مهل صفا ڪمزور هوندا آهن پر موٽڻ وقت ڏاڍا متارا ٿي ويندا آهن. ايستائين جو آخري ڏينهن ۾ شڪار ٿيل پکين کي ترڻ وقت گيهه وجهڻ جي به ضرورت محسوس ڪونه ٿيندي آهي، ايتري چرٻي هوندي اٿن! شروع ۾ جڏهن پرديسي پکي سنڌ ۾ لهندا آهن ته بک جي ڪري مسلسل کائيندا رهندا آهن پر ڪجهه ڏينهن بعد کائڻ گهٽائي ڇڏيندا آهن.....“
ڪنهن مون کان پڇيو ته ڇا هتي يورپ پاسي، جتان هو سنڌ ڏي روانا ٿين ٿا، کائڻ لاءِ نٿو ملين ڇا جو هو ايڏو ڪمزور حالت ۾ سنڌ ۾ لهن ٿا؟
نه. اها ڳالهه ناهي. هيڏانهن يورپ پاسي ته پکين لاءِ تمام گهڻو کاڌو آهي. هن پاسي تي روڊ رستن تي به ڪيترن ئي فروٽن جا وڻ آهن، جن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي پکي پيا کائين. ان کان علاوه هتي جا ماڻهو رستي جي ڪپرن تي، پارڪن ۾ ۽ بس اسٽاپ تي مختلف قسم جا ٻج ۽ Nuts پکين کي ڏيندا رهن ٿا. ساوڪ ۽ گاهه به جام ٿئي ٿو جنهن ۾ موجود ڪينئان ماڪوڙا هو کائيندا رهن ٿا. سياري جي ٿڌي هوا شروع ٿيڻ سان جڏهن هي پکي (Migratory Birds) ڏکڻ ڏي روانا ٿين ٿا ته ان وقت هو بيحد ٿلها متارا هوندا آهن. بلڪه هڪ زولاجسٽ ٻڌايو ته اها قدرتي Phenomenon آهي ته لڏڻ وقت هنن تي چرٻي چڙهيل هجي، جيڪا هنن جي سفر دوران ڳري ٿي. ذرا اندازو لڳايو ته هي پکي ڇا ته ڊگهو سفر ڪن ٿا، جنهن کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن بلڪه ڪيترائي هفتا هنن کي پَرڙا هڻڻا پون ٿا ۽ چرٻي جي صورت ۾ هو انرجي ساڙين ٿا. پوءِ ظاهر آهي ته منزل تي پهچڻ مهل هو ڳري هلڪا ٿيو وڃن ٿا. اهڙي طرح وري واپس موٽڻ کان اڳ هنن لاءِ ضروري ٿيو پوي ته گهڻو کائي جسم تي چرٻي چاڙهين، جيئن هو ڊگهي اڏام جي مشقت ڪري سگهن. واپسيءَ جو سفر پورو ڪري هو جڏهن يورپ جي هنن اتراهن ملڪن ۾ پهچڻ شروع ڪن ٿا ته ان وقت به هو بيحد ڪمزور ۽ ڏٻرا هوندا آهن. هتي جي (يعني يورپ جي) ماڻهن جو پکين لاءِ پيار جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته هو هنن پکين جي اچڻ کان اڳ هنن لاءِ اناج ۽ ٻيون کائڻ جون شيون وٺي رکن ٿا ۽ جتي ڪٿي هنن پکين اڳيان اڇلائيندا رهن ٿا جيئن هيڏي وڏي سفر بعد کين آرام ملي ۽ کاڌي جي ڳولا ۾ يڪدم تڪليف نه وٺن. ان ڪري هنن ملڪن ۾ پکي انسانن کي پنهنجو دوست سمجهي ٿو ڇو جو هتي سندن قتل عام نٿو ٿئي. پر اسان وٽ سنڌ ۾ هي پکي انسانن جي آواز کان پيا ڇرڪن.
ماڪن شاهه رضويءَ جو هنن پرديسي پکين بابت هڪ مضمون ”مارجي ويل مهمان پکي ۽ احساس کان خالي دليون“ پڙهيو هوم، جنهن ۾ هو صاحب لکي ٿو ته هنن پکين جي قسمت به عجيب، ته پنڌ به بنهه ڊگها آهن. الائي ڪهڙا ڪهڙا ڊگها سفر ڪري هي پکي سنڌ سان پريت نباهڻ خاطر اچن ٿا پر افسوس جو اسان اهڙا بي حِس ٿي ويا آهيون جو اسان مان ڪنهن کي به هنن جي اکين ۾ لڪل عاشقي نظر نٿي اچي. هي پکي وڏا ويساهي آهن. هنن جي معصوم مَن ۾ ماريءَ جي مڪر جو ڪو به ڀئو نه هوندو آهي. هي پنهنجي ويساهه ۾ ئي مارجي ويندا آهن.
دلبو منجهه درياءَ، پکي پسي آئيا
ويچارن ويساهه، آڻي ات اڙائيو. (شاهه)
لطيف سرڪار جي وقت ۾ ۽ ان کان اڳ به اهي شوق شڪار هوندا هئا پر اڄ جي شڪارين ته سنڌ ۾ باهه ٻاري ڇڏي آهي. هڪ هڪ ڏينهن ۾ هزارين پکي ماريا وڃن ٿا. ڊگوش، لاکا، ڄاڃي، چيخلا، آڙيون، هنجهر، ڪانئرا، هنج، ڪونجون... الائي ڪهڙي ڪهڙي نسل جا ناياب ۽ حسين پکي مارجيو وڃن ٿا. ڪن شڪارين ته نه رڳو ڍنڍن تي پر ٿر تائين پرديسي پکين جو قتل عام شروع ڪري ڇڏيو آهي. تلور جي پويان ته شڪاري ايئن ٿا لڳن ڄڻ اها ڪو ڏوهه ڪري ماڻهو ماري آئي هجي. پکي، جيڪي امن جا سفير ۽ محبتن جو نشان هوندا آهن، انهن کي اسان وٽ سنڌ ۾، پنهنجا ۽ پراوا اچيو بيدرديءَ سان ماريو وڃن.

اخبارن جو پکين جي بچاءَ لاءِ لکڻ

ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو ئي سوچيندو آهيان ته اسان جي سنڌ جهڙي جاگرافيائي بيهڪ جيڪڏهن ملائيشيا، ٿائلنڊ، جپان جهڙن ملڪن جي نصيب ۾ هجي ها ته هو ڏورانهن ڏيهن کان ايندڙ هنن پرديسي پکين جي ايڏي ته پرگهور لهن ها، جو سئيڊن وانگر سنڌ ۾ به هي پکي فٽ پاٿن، بس اسٽاپن ۽ دڪانن اڳيان بي ڊپا ٿي ماڻهن جي پيرن اڳيان چُڳندا رهن ها ۽ سنڌ ۾ مهمان طور ايندڙ انيڪ ملڪن جا انيڪ جنسن جا پکي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو هلي ملي اچن ها. پر اسان جي سنڌ جي اها بدنصيبي آهي ۽ اسان جي ماڻهن جي اها جهالت آهي، جو هو قدرت جي هن نعمت جو خيال نٿا ڪن. نه وري منجهن ڪو احساس آهي. مقامي وڏيرا، سردار، آفيسر توڙي عام ماڻهو ته هنن پکين کي ماري منجهن ٽاهه وجهي رهيا آهن پر هو ٻين ڌارين کي به گهرائي هُنن هٿان پنهنجي گهر جي سونهن تباهه ڪري رهيا آهن. صحافي نياز کوکر جي ’سچ‘ اخبار ۾ هڪ رپورٽ پڙهي هيم ته سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکي اصل ۾ پنهنجن ملڪن ۾ گهڻي سردي پوڻ ڪري موت کان بچڻ لاءِ هجرت ڪن ٿا. پر وري به موت سندن پيڇو نٿو ڇڏي ۽ سرديءَ جي موت کان بچڻ لاءِ هزارين ميل سفر ڪندڙ هي پرڏيهي پکي، سنڌ پهچندي ئي بندوقن ۽ رڇن ذريعي موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان ماڻهو جيڪي سنڌ ڌرتي جا رهواسي آهيون، انهن کي ڪو احساس جرم به نٿو ٿئي!
ساڳي ڳالهه ڪالم نويس ماڪن شاهه رضوي به ڪئي آهي ته ... ”حيرت ته اها آهي جو انهن ڏور کان آيل مجبور پکين جي موت تي اڄ تائين ڪو تڏو ناهي وڇايو ويو!“ ۽ پوءِ وري پاڻ ئي جواب ۾ لکي ٿو؛ ” ان معاشري تي ڀلا ميار ڪجي ته ڪيئن ڪجي، جنهن ۾ احساس مري ۽ جذبا جهري ويا آهن. جتي محبتن کي ڪارو ڪري ماريو ٿو وڃي، جتي ڪنوارين اکين ۾ ڪجل بدران لڙڪ ڀريا ٿا وڃن، جتي چڱ مڙسيءَ جي پڳ پاتل ڏسڻا وائسڻا ماڻهو اختيارن جي حاصلات لاءِ سڀ ڪجهه وساري ٿا ويهن، جتي سڪل درياءَ جو ڦٻايل پاڻي واپس وٺڻ جي جاکوڙ ڪرڻ بدران ان جي ويران ڪنارن تي خفتي ڪڪڙ ويڙهائي لکين رپيا هارائي خوش ٿا ٿين، جتي نام نهاد شاعر تُڪبندي ڪري عوامي امنگن جي نالي تي فحش ڪلام لکي ڪئسٽ ڀرائيندا ۽ ڪمپنين کان پاڻ ڦُرائيندا آهن، جتي تدريسي ادارن ۾ استاد ۽ مائٽ گڏجي اولاد کي ڪاپي ڪرائي علم کان دور وٺي ويندا آهن، جتي تپيدار ۽ صوبيدار شهنشاهي اختيار رکندا هجن، جتي گلاب ڍڳين جي پڇن ۾ ٻڌا ويندا آهن، جتي سونهن شٽل ڪاڪ جهڙي برقعي ۾ قيد آهي، جنهن ديس جو هر ماڻهو شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي، جتي هاڻ مينهن وسڻ ۽ يار ورڻ به ڇڏي ڏنو آهي. اتي تڏا وڇائي بيگناهه ماريل پکين جون عذرخواهيون وٺڻ وارو ڀلا ڪير هوندو؟...“
اڱارو 17 فيبروري جي هڪ سنڌي اخبار ’خبرون‘ سامهون اٿم. اخبار جي رپورٽر اڪبر شورو جي ڏنل هڪ خبر پڙهان ٿو:
جهمپير- سڀني خوبين جي مالڪ ڪينجهر ڍنڍ پرديسي پکين لاءِ ڪوس گهر بڻجي وئي آهي. شڪاري وائلڊ لائيف وارن کي رشوت ڏئي، پکي ماري صبح سويري وڪري لاءِ کڻي وڃن ٿا. شڪارين جي مسلسل شڪار سبب پکي آڙي، نيرڳي، ڊگوش، ٿرانڊو، نيلس ۽ لالس جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. جيڪي پکي ڍنڍ ۾ ٽٻندي نظر ايندا هئا، اڄ اهي ڀڳل ٽنگن سميت ڍنڍ ڪناري نظر اچي رهيا آهن، جن کي به شڪاري پڪڙي کڻي وڃي وڪرو ڪن ٿا. ڪينجهر ڍنڍ جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ڍنڍ پنهنجو اصلي حسن وڃائي ويٺي آهي. پکين جي نسل ڪشي ۾ فشريز کاتو به ڀاڱي ڀائيوار بڻجي ويو آهي. سڄاڻ ڌرين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پرديسي پکين جي نسل ڪشي خلاف قدم کنيو وڃي.
هنن پکين جي بچاءَ ۽ سلامتي لاءِ اسان جا ڪيترائي اديب ڪالم لکندا رهن ٿا. ان سان گڏ ڪيتريون ئي اخبارون، خاص ڪري عبرت، ڪاوش، عوامي آواز وغيره اداريه لکنديون رهن ٿيون. 26 آڪٽوبر 1999ع جي ڪاوش اخبار منهنجي سامهون آهي، جنهن جو اداريو آهي: ”مهمان پکين کي جان جي امان ڏيو.“ جنهن ۾ ان ڳالهه لاءِ ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي ته جڏهن به پرانهين پار کان پنهنجي جوءِ ڇڏي سنڌ جي سرزمين تي ڪونجون ۽ ٻٽير پنهنجا پر پکيڙين ٿا تڏهن آهيڙن ۽ ٻٽيرن جا خفتي ور کنجي فصلن ۾ لهي پون ٿا ۽ ڌڙا ڌڙ هڪٻئي پٺيان اهي معصوم ۽ اٻوجهه پکي جيڪي پنهنجو وطن ڇڏي هن علائقي جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ اچن ٿا انهن جي نسل ڪشيءَ لاءِ ڪات ڪهاڙا اُڀا ڪري، انهن مهمان پکين جي ميزباني، کين ڄار ۾ ڦاسائي، سندن ڳچين تي سير وهائي ڪئي وڃي ٿي.
سنڌ ۾ انهن پرديسي پکين جي تحفظ لاءِ سرڪار طرفان ”جهنگلي جيوت“ (Wild Life) جو کاتو ٺهيل آهي، پر انهن جي ڪارڪردگي کان ڪوبه مطمئن نه آهي. ڪاوش اخبار جي 7 نومبر 2006ع جي ڪاپي به منهنجي سامهون آهي، جنهن جي هڪ ايڊيٽوريل جو عنوان آهي. ”پرڏيهي پکين جي نسل ڪشيءَ جو نوٽيس ڪير وٺندو؟“ هن ۾ مٿين ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
”....سنڌ ۾ پرڏيهي پکين جي نسل ڪشي ٻاهران آيل شڪارين جي هٿان گهڻي ٿئي ٿي ۽ پکين جي تحفظ لاءِ ذميوار اداري وائلڊ لائيف وارا پڻ ان قتل عام ۾ شامل ۽ شريڪ رهن ٿا. هو اهو قتل عام روڪڻ ته پنهنجي جاءِ تي، شڪارين کي مشروط طور تي اهڙيون سهولتون ۽ رهنمائي فراهم ڪندا رهن ٿا. هو پرڏيهي شڪارين جو پروٽوڪول ۽ خاطرداريءَ ۾ وسان نه گهٽائيندا آهن. دنيا جو فطرتي حسن انهن پکين سان ئي قائم آهي پر ان شڪار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ان حسن کي به قتل ڪرڻ جو ڏوهه ڪيو پيو وڃي....“
عوامي آواز اخبار جي 24 آڪٽوبر 2006ع جي ڪٽنگ اٿم، جنهن خبر جو عنوان آهي: ”سنڌ ۾ اتر جون هوائون شروع، پرديسي پکي پهچي ويا، عرب شڪارين جون به ڪئمپون قائم.
“ ڳنهرو، روجهاڻ، اڇڙو، ڪانجهرو ۽ حمل ڍنڍ تي آڙين، نيرڳ، ڪهنگ، کنڀراٽي، انڌي سانءِ ۽ ٻين ناياب نسلن جي پکين تي شڪارين جا ڪڙڪا. ميهڙ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي حلقن ناياب پکين جي نسل ڪشيءَ جي مخالفت ڪري ڇڏي. قادر چانڊيو، نياز ڀٽي، حفيظ سنڌي، حبدار شاهه، گلزار چانڊيو، رياض چانڊيو، رياض جهتيال ۽ ٻين پاران حڪومت کان شڪار تي بندش جو مطالبو.“
شايد اهڙن ظالم شڪارين لاءِ شاهه لطيف چيو آهي ته:

ماري مرين شال! ڍٻ وڃنئي ڍٻيون،
جو تو اچي ڪالهه، وڌو وڇ ورهن کي.

هنن پرديسي پکين جي مار مارا جي سلسلي ۾ اخباري رپورٽر سائين بخش رند هڪ دلچسپ خبر ڏني آهي ته سنڌ ۾ پکين جي نسلن جي بربادي ان حد تائين وڌي وئي آهي جو ملاح جن پکين کي حرام سمجهي نالو نه وٺندا هئا اڄ انهن جو انت به ديڳڙي ۽ ڪڻڇيءَ ۾ ٿي رهيو آهي. هن لکيو آهي ته منڇر ڍنڍ ۾ هونءَ ته لاتعداد پکي ڪُڪي، ٻگهو، سانهه، پرهي، ڪانئرو، ڪانيرو، گولاڙو، بگ، ڪينو، ڍنڍ ڪينو، ڪوراچو، سانولو، کاراهي، چورٻائي، ڪار ٻائو، ٽِمر، گاجيرو، رتياگ، دلگ، سام، ٽيٽو، کڳ ٽيٽو، ٽينگلو، لڪ، ڳاڙهي ڪنگڻي ۽ جهنگ ڪڪڙ وغيره اهڙا پکي آهن جن کي اسان جا ماڻهو حرام سمجهي انهن جو نالو نه وٺندا هئا، اهي به هاڻ شڪار ڪري کائي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ جڏهن منڇر ڍنڍ جي هڪ جهوني رهواسي ڊمڻ ملاح کان معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته اصل ۾ اهي پکي حرام ناهن. مهاڻن، پيٽ ڀرائيءَ جي ڪري انهن کي حرام ٿي سمجهيو ۽ هاڻ جڏهن جيئڻ جا سڀ ذريعا ختم ٿي ويا ته پنهنجي غلطيءَ جو احساس به هاڻ ٿيو آهي پر اهي پکي خريد ته ڪير به نٿو ڪري، پاڻ ئي کائي ڇڏيندا آهيون.
بهرحال حقيقت اها آهي ته قدرت طرفان اسان جي سنڌ کي پرديسي پکين جي شڪل ۾ جيڪو تحفو مليو آهي ان جي بربادي اسان پنهنجن هٿن سان ڪري رهيا آهيون. دنيا جو شايد ئي ڪو ملڪ هجي جتي ههڙن خوبصورت پکين جي اهڙي بيدردي سان مار مارا ٿيندي هجي جهڙي اسان وٽ اڄ ڪلهه ٿي رهي آهي. پکي به ڇا سوچيندا هوندا ته هڪ طرف يورپ ڏي سندن ڪيڏو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ ٻئي طرف اسان وٽ سنڌ ۾ کين سک جو ساهه به پٽڻ نٿو ڏنو وڃي. يورپ جي ملڪن لاءِ ته لکي چڪو آهيان ته هي مهاجر پکي جڏهن ڏکڻ ۾ سيارو گذاري واپس اتراهن ملڪن ۾ پهچندا آهن ته هنن کي ننڍا وڏا مختلف اَن ۽ ٻج کارائين ٿا ته هو وڏي منزل طئي ڪري ٿڪجي پهتا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڏينهن کاڌي جي ڳولا ۾ پريشان نه ٿين. اتر جا ماڻهو هنن کي امن امان ۽ سونهن جي علامت سمجهن ٿا. هو هنن پکين جي حفاظت لاءِ اسان کي به منٿون، آزيون نيرازيون ۽ پيغام موڪليندا رهن ٿا ته پکين جي نسل ڪشي نه ڪريو. سانگهڙ جي ڪنهن ڍنڍ تي هڪ نيرڳ (Mallard Anas) جهليو ويو، جنهن جي پيرن ۾ ٻڌل ڇلي ته لکيل هو:
"Save Us. Save the Nature".
هاليجي ڍنڍ جي هڪ مير بحر ٻڌايو ته هو سينڌر پکي (Teal) کي ڦاسائي ان جون کنڀراٽيون ۽ پَر ڀڃي رهيو هو ته ان جي پيرن ۾ ٻڌل ويڪرن ڇلن تي لکيل هو:

"We beg your pardon,
Turn your gun aside."

هڪ رٽائرڊ ڪسٽم آفيسر لاءِ مشهور آهي ته هو پنهنجي شڪاري مهم جوين سان گڏ اهو ڇلو سڀني کي اڃان تائين فخر سان ڏيکاريندو آهي، جيڪو هن کي بندوق ذريعي ماريل رتونبي (Red Crested Pochard) جي پيرن ۾ ٻڌل مليو. ان تي لکيل آهي:
A Glance, not the bullet..... اسان کي نگاهن سان ڏسو يعني اسان جو فقط ديدار ڪريو، بندوق جي گوليءَ کان ڪم نه وٺو.
ميوزيم ۾ رکڻ لائق پنهنجي Made in Spain بندوق کي بئليسٽڪ ميزائيل سڏيندڙ هن تعليم يافته شڪاريءَ پنهنجا ڪارناما ڳڻائيندي ٻڌايو ته ”پکي جڏهن ڍنڍ ۾ ويهندا آهن ته هميشه جوڙي جوڙي ٿي ۽ ڳچي ڳچيءَ سان ملائي ويهندا آهن. مون هڪ دفعي ڳچي ڳچيءَ سان ملائي ويٺل سانهن پکين جي جوڙي تي فائر ڪيو. هڪ پکي ته بئلسٽڪ ميزائيل کان بچي نه سگهيو، جڏهن ته ٻيو ميزائيل جي رينج ۾ ئي نه آيو. بچي ويل پکي پنهنجي ساٿيءَ جي مرڻ تي تمام گهڻي دير منهنجي مٿان ريهون ڪري لامارا ڏيندو رهيو ۽ شڪار ٿيل پکيءَ جي پير ۾ ٻڌل ڇلي تي لکيل هو:
The Envoy of Peace….. from C. Sasha.
اسان جي هڪ سنڌي اخبار ۾ ”مسافر پکين جي موت جو ذميوار ڪير....!؟” نالي هڪ ايڊيٽوريل ۾ هو ته اسان وٽ سنڌ ۾ مسافر پکين جي مقدر ۾ رڳو گوليون آهن. سياري جي موسم ۾ جڏهن پرديسي پکي اسان جي ديس جي ڍنڍن، ڍورن ۽ دٻن تي لهن ٿا ته صبح ساجهر کان وٺي رات دير تائين رڳو بندوقن جا پڙاڏا گونجندي ٻڌا وڃن ٿا. غير قانوني ۽ غير اخلاقي طريقي سان پکين کي مارڻ هتي جي ماڻهن جو ڪم ٿي چڪو آهي. انهن پکين جي تحفظ جي ڊاڙ هڻندڙ کاتي وائيلڊ لائيف جي ناڪاريپڻ سبب سرعام فطرت جي حسن ۽ ناياب نسل جي پکين تي ڪاهون ڪيون وڃن ٿيون. ڏينهن جو بندوقن ذريعي ۽ رات جو ڪوڙڪين، گلولين، ڊگهن رڇن ۽ ڪلو ذريعي پکين جو شڪار ڪيو وڃي ٿو. انهن پکين ۾ وڏي پئماني تي ڪونج، آڙي، هنجهر، طور، لاکي، جاني، چيڪلو، پگو، پوراڙو، نيرڳي وغيره شامل آهن. ماحول جي سونهن تي اهڙا حملا ۽ فطرت سان دشمني رکندڙ پکين کي پنهنجي کاڄ بڻائيندڙ اهڙن ماڻهن کي قانون جي ڪابه پرواهه نٿي رهي. سستو تحفظ فراهم ڪندڙ جهنگلي جيوت کاتو به ان ڏس ۾ بلڪل اپاهج ۽ انڌو نظر اچي ٿو. سو انهيءَ کاتي جي اهڙي خاموشي کانپوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته صوفين جي ڌرتي سنڌ ۾ پکين جي اهڙي غير قانوني ۽ غير اخلاقي موت جو ذميوار ڪير آهي؟

اڄ پکي وري نڌڻڪا ٿي ويا آهن

سنڌ ۾ اندازن اڍائي سؤ کان مٿي ننڍيون وڏيون ڍنڍون آهن. 200 ڪلو ميٽر سامونڊي پٽي آهي ۽ 250 ڪلو ميٽرن جو رڻ آف ڪڇ جو ڌٻڻ وارو علائقو آهي جتي سياري جي موسم ۾ يورپ جي اتراهن ملڪن ۽ سائيبيريا جي برفاني ۽ ميداني علائقن مان لکين آبي ۽ شڪاري پکي هزارين ميلن جو فاصلو طئه ڪري، قدرت جي مقرر ڪيل اصولن هيٺ پنهنجي مقرر رستن تان ٿيندا، مهيني کن جي اڏام ڪندا، اچي سنڌ جي آبگاهن تي پناهه وٺن ٿا، جتي هزارين سالن کان سندن وڏڙا ايندا ۽ ويندا رهيا آهن. پاڪستان ايندڙ پکين جو تعداد ڏهه لکن کان به مٿي هو پر هاڻ انهن جو تعداد هر سال وڃي گهٽجندو. بقول نواز ڪنڀر جي هنج ته جهڙوڪر ختم ٿي ويو آهي. هنج جي خاتمي جي شروعات شايد شاهه لطيف اڳ ۾ ئي محسوس ڪري ورتي هئي جو چيائين:

ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيرن جو.

هن ڀيري ته سنڌ جون ڪيتريون ئي ڍنڍون پکين کان خالي ٻُڌجن پيون. ڪٿي ڪٿي آڙي ۽ چيڪلو نظر اچي ٿو باقي ٿيو خير ڀلو- پکين جي نفسيات جا ماهر ٻڌائين ٿا ته هيٺين سببن ڪري پکين اڳ وارين مشهور ڍنڍن تي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي: شڪارين جي انگ وڌڻ سبب، بندوقن جي ٺڪائن ۾ اضافو ٿيڻ، ملڪ ۾ پئسو وڌڻ ڪري ڪارتوسن ۽ گاڏين تي وڌيڪ خرچ ڪيو وڃي ٿو، ڪيترائي ماڻهو سياستدان، ڪامورن، پيرن، رانديگرن ۽ ٻين نالي وارن ماڻهن کي شڪار ڪرائي پاڻ به خوش ٿين ٿا ته انهن کي به خوش ڪن ٿا ۽ واسطا وڌائي ڪم به ڪڍن ٿا ته اوڙي پاڙي وارن تي داٻو به وجهن ٿا. ڍنڍن جي پسگردائيءَ ۾ انساني آبادي وڌڻ، اتي بجلي پهچڻ ڪري پکين کي گهربل ماحول ميسر نه ٿيڻ، سانگهڙ، کپرو ڀرسان انڊيا جي بارڊر پريان پکين کي مناسب ماحول ۽ تحفظ ملڻ سبب پکين جو اوڏانهن هليو وڃڻ ... وغيره.
واوڙي ڳوٺ مان ”پرهه سنڌو“ جو خط ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هوم، جنهن جو عنوان هو ”پرديسي پکين جي پارت اٿو.“ ان ۾ هوءَ (يا شايد هو) لکي ٿي ته هزارين ڪوهن جو پنڌ ڪري، ڪوهه قاف کان ڪهي ايندڙ پرڏيهي پکيئڙن لاءِ، سنڌ ڌرتيءَ جون ڍنڍون ڍورا زهر قاتل بڻجي پيا آهن. ڪارخانن جو زهريلو پاڻي ڍنڍن ۾ پوڻ سبب هي امرت زهر ۾ بدلجي چڪو آهي. آب جي آس ۾ اڃايل هنن پرديسي پکين کي ڪهڙي ڪَل ته سدائين سنڌوءَ جو آب حيات پي نئون جيون ماڻيندڙ اهي ڍنڍون ۽ ڍورا هنن لاءِ سورن جو سامان بڻجي پيا آهن. ڌرتيءَ سان دل رکندڙ انهن پکين صديون اڳ لاکيڻي لطيف جي چيل انهن سدا سچين سٽن جي صدا شايد ڪانه ٻڌي هئي، جن ۾ هن کين هدايت فرمائي هئي ته ”چيتاري چڻيج!“
ڪن شڪارين ڍنڍون ته ٺهيو پر ٿر تائين باهه ٻاري ڇڏي آهي. پرهه سنڌو پنهنجي خط ۾ لکي ٿي ته هاڻ توهان کي ٿر جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ اَسر ويل مورن جا اهي ٽهوڪا ٻڌڻ ۾ نه ايندا. ٿر ۾ ته مورن سان گڏ هرڻن جي به ڀينگ ٿي رهي آهي. پکي امن جا سفير ۽ محبتن جا نشان هوندا آهن. شايد انهن محبتن جي سفيرن ۽ امن جي اهڃاڻ پکين کي اها ڪَل ڪانه رهي ته جنهن مٽيءَ جي موهه کين جڳن کان سڪ جا سفر ڪرايا، اتي هاڻي ڪيترائي ميرا من پاڻيءَ کي زهر بڻائڻ ۾ مصروف آهن. روايتون، ريتون ۽ رواج بدلجڻ ٻي ڳالهه آهي پر بي زبان مهمانن لاءِ زهريليون مهمانيون ڪرڻ هن مٽيءَ جو مرڪ ته ناهي؟ اسان جيءَ جهريل ۽ اڻهوند جي آڙاهن ۾ ٻرندڙ ماڻهو ٻه سٽون لکي پکين جي ڏک تي ٻه لڙڪ ته هاري سگهون ٿا، پر اسان جا بي پهچ هٿ بي موت مرندڙ پکين کي ان ڊوهه کان بچائڻ کان شايد قاصر آهن. پوءِ به پرڏيهي پکين کي لطيف سائينءَ جو هي نياپو ته ضرور پهچائڻ گهرجي:

آءُ اڏامي هنجڙا، سر ۾ سارينئي
متان مارينئي، پاريهڙي پهه ڪري.

اسان وٽ هنن پرديسي پکين ۽ ٻين جانورن ۽ مقامي پکين جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ جيڪو جهنگلي جيوت Wild Life نالي سرڪاري کاتو آهي، ان جي ڪارڪردگي کان ته هرهڪ واقف آهي. يورپ پاسي، جيڏانهن منهنجي اڌ زندگي گذري آهي، اتي جو نه فقط عوام هنن پکين جو خيال ڪري ٿو پر ڪيترائي غير سرڪاري ادارا آهن، جيڪي ماڻهن کان چندا حاصل ڪري هنن پکين جي زندگي بهتر بنائڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪن ٿا. اهڙن ئي ادارن مان هڪ بين الاقوامي شُهرت جو کاتو World Wide Fund for Nature آهي، جيڪو ڊبليو ڊبليو ايف (WWF) به سڏجي ٿو. هن اداري کي شروع ۾ ورلڊ وائيلڊ لائيف فنڊ جي نالي سان سڏبو هو ۽ اهو نالو اڃا تائين ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ مشهور آهي. هن اداري جون 90 ملڪن ۾ شاخون آهن. هو ناياب پکين ۽ جانورن جي سلامتي، تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ ڪيترائي پروجيڪٽ هلائين ٿا، جيئن هيءَ ڌرتي قدرت جي اهڙين ناياب شين کان خالي نه ٿي وڃي. انهن ڪمن لاءِ هو اڌ کان وڌيڪ پئسو خيرات طور رضاڪارن کان حاصل ڪن ٿا ۽ باقي چاليهه سيڪڙو آمريڪا، برطانيا ۽ نيدر لئنڊ ڏئي ٿو. هن اداري WWF جو بنياد 1961ع ۾ سئٽزرلئنڊ ۾ رکيو ويو. هن اداري جو 14 سال کن نيدرلئنڊ جو شهزادو برن هارڊ صدر ٿي رهيو. اهڙا 15 سال کن 1996ع تائين شهزادو فلپ، ڊيوڪ آف ايڊنبرگ صدر ٿي رهيو. پاڪستان جي به اها خوش نصيبي آهي ته هن بين الاقوامي اداري جي صدارت 1996ع کان 1999ع تائين هڪ پاڪستاني جناب سيد بابر علي کي سونپي وئي.
حق جي ڳالهه ڪبي ته هن قسم جا غير سرڪاري ادارا وري به پنهنجو فرض بهتر نموني سان نباهين ٿا. باقي سرڪاري ادارا توڙي اسان جي ملڪ جا زوراور جن ۾ سرڪاري ڪامورا، سياستدان، وزير ۽ انهن جا ماڻهو، نواب، جاگيردار، وڏيرا ۽ انهن جا چمچا هنن پکين پويان هٿ ڌوئي اچي پيا آهن. پر يارو! انهن ۾ به ڪي اهڙا ماڻهو ٿي گذريا آهن جن هنن پکين کي پنهنجن ٻچن وانگر سمجهي هنن جي ساهه ۽ سک لاءِ گهڻو ئي ڪجهه ڪيو آهي ۽ سندن نالا تاريخ ۾ ڳايا وڃن ٿا. انهن مان هڪ سانگهڙ جو گيم وارڊن ڪريمداد جوڻيجو به ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ڪنهن خان جي پٽ کي به اجائي ۽ اجازت کان مٿي بندوق هڻڻ نه ڏني. بقول ”نواز ڪنڀر“ جي، اڄ جا پرديسي پکي پنهنجن وڏن کان ڪريمداد جوڻيجو جون ٻڌل ڳالهيون ضرور ورجائيندا هوندا ته ڪاش ڪريمداد جوڻيجو وري اچي يا ان جهڙو ڪو ٻيو پيدا ٿي پوي، جيئن هنن کي جيئڻ جي ضمانت ڏئي سگهي.
ڪريمداد جوڻيجو لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هو هر سال هنن پکين جي آمد کان اڳ ڍنڍن جي ڪنارن تي ساريون ۽ ٻيو اَنُ ڇَٽرائي ڇڏيندو هو. هو وڏي کان وڏي آفيسر کي به اجائي شڪار کان منع ڪندو هو ۽ مٿس ڏنڊ هڻي ڇڏيندو هو. بقول نواز ڪنڀر سنڌي ليکڪ جي، هر سال سياري جي موسم ۾ سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکي پنهنجي دل ۾ ڪريمداد جوڻيجو جي هجڻ جو آسرو ڪري ايندا آهن. ننڍا پکي وڏا پکي ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو پنهنجي جنم ڀومي ڏسڻ لاءِ رات ڏينهن جو سفر ڪري اچي لهندا آهن پر هتي ڪوبه ڪريم داد نه هوندو آهي. هتي شڪاري بندوقون تيار ڪيو سندن خون ناحق ڪرڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن ۽ پکين جو هتي آڌر ڀاءُ ڇٽيل اَنَ سان نه پر وڇايل ڄار سان ٿيندو آهي. پکين شايد هاڻ آسرو پکي ڇڏيو آهي ته هاڻ هتي ڪوبه ڪريمداد جوڻيجو ڪونهي، ان ڪري انهن پنهنجا رستا بدلائي ڇڏيا آهن. انهن هتي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. ڪن جو ته شايد نسل ئي ختم ٿي ويو آهي. اهي ڳوليا نٿا لڀجن. اڄ ڪيتريون ئي ڍنڍون پکين کان خالي رهجي ويون آهن!
چون ٿا ته جن ڏينهن ۾ پٽيهل پراڻ ۽ هاڪڙي جو پاڻي سنڌ جي سينڌ سائي ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ ڌرتيءَ جو وڙائتو دلير پٽ بڊاماڻي پنرو راڄ ڀاڳ، جُوءَ ۽ جُوءِ سان گڏ پکين جي نگهباني به ڪندو هو. ڪنهن ماريءَ کي مجال نه هئي جو سندس تَرَ مان ڪنهن مهمان پکيءَ کي ماري سگهي. پوءِ ارغونن جي مڪر سان جڏهن پنرو شهيد ٿي ويو ته ڪوبه هٿ اهڙو ڪونه هو، جيڪو انهن پکين کي پناهون ڏيئي سگهي. تڏهن ته ڀٽ ڌڻيءَ انهن معصوم پکين کي سمجهائيندي چيو هو:

چيتاري چئيج، بڊاماڻي پٽ ۾
نيڻين ننڊ نه ڏيج، جو ڇيڙون ڇپر آئيون

سنڌ جو مشهور ليکڪ ماڪن شاهه رضوي ٻڌائي ٿو ته بڊاماڻيءَ کانپوءِ...... گهڻو گهڻو پوءِ.... صدين کانپوءِ، فضل ڀنڀري لڳ اسان جي برک ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجو جي ڳوٺ جنهاڻ کي صفا ويجهو، مهراڻي پٽ ۾ محمد حيات رند جو نالو ٿيو. اڳوڻي مختيارڪار قادر داد رند جو پٽ محمد حيات رند وڏو زميندار هو. سڀيئي ارڪان وڏيرڪا هئس پر ٻه ڳالهيون منجهس اهڙيون هيون، جن کي نه مڃڻ وڙ ڪونهي. هڪ ته هن ڪڏهن سياست ۾ حصو ڪونه ورتو ۽ سندس تر ۾ ڪنهن کي شڪار ڪرڻ ۽ پکي مارڻ جي همت ڪانه هوندي هئي. مور سئين ڳاٽ پيا هلندا ۽ ڊيلن سان عشق ڪندا هئا. ان ڪري ننگرپارڪر ۽ ويرا واءِ جا مور جڏهن اتي سرڪار جي ماڻهن سرڪاري بندوقن سان ماري کائڻ شروع ڪيا ته مورن ۾ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويو ۽ نيٺ ٿروٽ جي ٿلهي، ساڙدري، مرگهه ڇالا، ڀٽياڻي، گرٽياڻي، ڀوڏيسر ۽ ڪجلا سر جا پَٽ ترڪ ڪري مور آڏاڻا، ڪي جهليا، ڪي وڪيا، ڪي مئا، جيڪي بچيا تن حيات رند جي حدن ۾ اچي پناهه ورتي. پر هاڻي ٻڌو اٿئون ته ٻه ٽي سال اڳ حيات رند به لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس جُوءِ جا پکي وري نڌڻڪا ٿي ويا.

ڪانگ لنوي مِٺي لات

هي مضمون آئون سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو مان لکي رهيو آهيان، جتي جي يونيورسٽيءَ مان مون پنهنجي سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ يعني جهاز هلائڻ جي انجنيئرنگ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. مالمو بندرگاهه به آهي، جتي مختلف بحري جهازن ۾، تعليم حاصل ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ به اچڻ ٿيندو رهي ٿو. هن شهر جي پارڪن ۽ روڊ رستن جي ڪنارن تي جڏهن بدڪن، ٻگهن، هنجرن، ڊگوشن ۽ رتنبن ۽ نيرڳ پکين کي بي ڊپو ٿي اسان جي اڳيان چڳندو ڏسان ٿو ته منهنجي دل ۾ رکي رکي اهوئي احساس ٿئي ٿو ته ڪاش اسان وٽ به هو ائين هلندا چلندا رهن! اسان وٽ ته خبر ناهي ڪيترن قسمن جا پرديسي پکي هزارين سالن کان ايندا رهن ٿا پر هو اسان وٽ ايڏو ڊڄن ٿا جو هتي جي ملڪن (سئيڊن ناروي، فنلئنڊ، وغيره) وانگر اسانجي شهرن جي رستن ۽ دڪانن اڳيان ته بنهه نٿا هلن پر منڇر، هاليجي، ڪينجهر جهڙين ڍنڍن تي به هو ڏڪندا رهن ٿا! سچي ڳالهه ته اها آهي ته اهي ڳالهيون سوچي ڪڏهن ڊپريشن به ٿي پوندو اٿم. هتي جي ماڻهن، خاص ڪري ٻارن کي، بس اسٽاپن تي ناز سان ٽلندڙ هنن پکين کي بوهي مڱ يا پٽاٽو چپس ڏئي فوٽو ڪڍرائيندو ڏسي، دل چوندي آهي ته هتي جي مڪاني سئيڊش ماڻهن کي ٻڌايان ته هي پکي ته ڪجهه به نه آهن، اسان وٽ ته ڪونجون، آڙيون، تلور، چيڪلا، ڳيڻا، هنجر، نيرڳ، رونهارا، سارس، هنج، لنج، ڪاز، طور، وڏورا، ٻرڻا، ٿرندا ويندي ڀونئترا، ٻاٽيڀر، ٽيٽيهر، لاکا، ڪرارا ۽ ٻيا ڪهڙن ڪهڙن قسمن ۽ جنسن جا پکي آهن. پر هنن جي گهرن ۾ جيئن مختلف پکين سان گڏ فوٽو آهن مون وٽ ته هڪ به نه آهي! اسان وٽ ڪا آهي اهڙي جاءِ جتي پکي اچي اسان جي ڀر ۾ وهن ۽ اسين انهن سان فوٽو ڪڍرائي سگهون؟
اسان وٽ سنڌ ۾ پکين مارڻ جو هي نڀاڳو ڪلچر هاڻ گذريل اڌي صديءَ کان زور ٿي ويو آهي نه ته اسان ننڍا هئاسين ته ابابيل ۽ چيهن جهڙا پکي به، نه فقط اڏامندي نظر ايندا هئا پر گهرن جي ورانڊن ۾ ڇت ۾ لڳل ڪاٺ جي ڪامن ۾ ڪجهه دير ويهي ساهه پٽيندا هئا. 1959ع جي ڳالهه آهي جڏهن آئون نائين ڪلاس ۾ هوس ته مون کي ناني ايئرگن وٺي ڏني هئي. هالا ۾ پوسٽ آفيس وٽ وڻن تي ۽ پٽ تي ڪيترائي ڳيرا ۽ چتون نظر ايندا هئا، جن تي مون نشانو ٿي چٽيو ته هڪ ٻئي پويان ٻن واٽهڙن مونکي ڏاڍا دڙڪا ڏنا ته آئون بي زبان پکين کي ڇو ٿو مارڻ جي ڪريان؟ نتيجي ۾ مون کي ان ئي پيرين گهر موٽڻو پيو. پر اڄ ڏسان ٿو ته ڪانوَ ۽ ڪٻر جهڙو پکي به انسان جي پاڇي کان پيو ڊڄي ۽ ڪيڏي حيرت جي ڳالهه آهي ته اهي ساڳيا پکي جيڪي هنن يورپي ملڪن جي پارڪن ۾ اسان سان گڏ بينچن تي اچيو وهن يا بس اسٽاپ تي اسان جي پيرن وٽ پيا چڳن، اهيساڳيا پکي اسان جي ملڪ ۾ پهچي، انسان ذات کان خوف پيا کائين ۽ آهستي آهستي سنڌ ۾ اچڻ گهٽائي بارڊر جي ٻئي پار انڊيا جي راجستان ۽ گجرات رياستن ڏي پيا وڃن! مون کي اهوئي افسوس ٿئي ٿو، ان ئي ڳالهه جو ڏک ٿئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ پکين جي ايڏي مار مارا ڇو ٿي ٿئي. سنڌ ته صوفين جو ديس آهي، سنڌ ته مهمان نوازي کان مشهور آهي، سنڌ ته امن جي ڌرتي آهي.... يا آئون زمان حال جو ”آهي“ ڪڍي زمان ماضيءَ جو لفظ ”هو“ سمجهان. سنڌ ۾ ڪبوتر ۽ ڳيري کي ته ڇا ڪاري ڪانگ کي به پيار سان ڏٺو وڃي ٿو.... چي
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان مون پرين جي
يا اهو به ته ڪانگ آهي جنهن کي عاشقن پنهنجا جان، جگر، جيرا ٿي ڏنا ته،

وڃي کاءُ ولايت ۾ جت دوست جو ديرو
ته من هو پڇي هڪ ڀيرو ته هيءَ قرباني ڪنهن ڏني!

نه فقط سنڌ ۾ پر سڄي ننڍي کنڊ ۾ پکين کي پنهنجو سمجهيو ٿي ويو. پکين سان پيار ڪيو ويو ٿي.

آ کاگا چن چن کايو ماس
اک نينا مت کايو
جنهين پيا ملن کي آس....

آڳاٽي دؤر ۾ جڏهن ٽپال جو سرشتو موجود نه هو، تڏهن پرين کي پيغام پهچائڻ لاءِ ڪڏهن ڪبوتر تي ڀاڙيو ويندو هو يا ڪڏهن ”ڪانگل“ جون خدمتون حاصل ڪبيون هيون. ويچارا عاشق پنهنجي راز ۽ نياز جون ڳالهيون به انهن ڪبوترن ۽ ڪانگن سان ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته پيار جي پيغام رسائڻ جي مهم جوئيءَ دوران ويچارن پکين جي پنهنجي حياتيءَ کي پڻ هاڃو رسندو هو. اردوءَ جو هڪ شاعر اهڙي ئي هڪ منظر جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

خط ڪبوتر ڪس طرح لي جائي بامِ يار پر،
پَر ڪترني ڪو لگي هين، قئنچيان ديوار پر
پر وري پاڻ ئي اٽڪل ڏسيندي حل ٻڌائيس ٿو:
خط ڪبوتر اس طرح لي جائي بام يار پر،
ڪه خط ڪا مضمون هو پرون پر، پر ڪٽين ديوار پر.

شاهه لطيف جو نه فقط انسان ذات لاءِ پر پکين ۽ پسن لاءِ به تمام گهڻو قرب هو. هن ڪنهن به پکي پکڻ کي ڏک نه رسايو. شڪارين کي اجل جي يادگيري ٿو ڏياري جيئن ويچارن گگدامن کي مارڻ کان باز اچن. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

شڪار تون شهباز جو، تون تان منجهه شڪار!

شاهه لطيف پنهنجي نج سنڌي زبان ۾ پکين جي درد کي هن طرح بيان ڪري ٿو:

اصل سندي آسري، آيون ڍور ڍري
کنڀڙان ڀونءِ کري، پاڻ پير ڏکويا پکڙين

شاهه لطيف باز به ڏسي ٿو ۽ ڪرو به ڏسي ٿو ۽ ڳجهه جهڙو ماس کائو پکي به پسي ٿو. سڀني جي عادتن کي سامهون رکي فرمائي ٿو:

کڻ بورائو باز کي، ڳجهه جي ڪج مَ ڳول،
ڊوڙ جنهن جي ڍونڍ ڏي، رڻ ۾ وتي رول
جو ٻهون پاري ٻول، سو هٿان ڇڏم شڪرو.

مور پکيءَ کي ڪارايل به چوندا آهن. هو پکين جو شڪار نه ڪندو آهي پر نانگ بلائون ناس ڪري ڇڏيندو آهي. شاهه صاحب مورن لاءِ ٿو فرمائي:

سر ۾ سانجهيءَ وار، مون مانڊاڻا ڪيا
سٽون ڏين سپن تي، ڪئين ڪارايل ڪڻدار
ماري نانگ اپار، وه پيتائون وٽيين.

سنڌ ۾ چٻون، طوطا، چيها، جهنگلي پکي به هئا. سر سسئي ۾ وڻڪار يا جهنگن جي ڳالهه ڪندي شاهه لطيف فرمائي ٿو:

وڏا وڻ وڻڪار جا، جت چتون چانگارين
۽ هڪ ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:
وڏا وڻ وڻڪار جا، چٻون جت چيها

پکين جو واقفڪار وارهه جو سنڌي ليکڪ محمد ابراهيم لاشاري ڪانيئري لاءِ لکي ٿو ته هي ڍنڍ جو پکي آهي، جنهن جو رنگ ڪار مائل ٿيندو آهي. هي آڙي جهڙي پکيءَ کان ٿورو ننڍو ٿئي ٿو. ڳچي ڊگهي ٿيندي اٿس. ڪانيئر جا پير بدڪ جي پيرن جهڙا هوبهو ٿين. هميشه ڍنڍن ۽ دٻن ۾ رهندو آهي. هن جي پسند جو کاڌو جيت ۽ مئل مڇي ۽ گاهه هوندو آهي. هي پکي طبيعت ۾ سست ۽ ڪاهل هوندو آهي. ڪانيئرو ٻين پکين کان گهٽ اڏامي سگهندو آهي. لطيف سرڪار به سرڪارايل ۾ ڪانيئر کي اهڃاڻ بڻائي انسان ذات کي سستي ۽ ڪاهلائپ کان روڪيو آهي.

ويا مور مري، هنج نه رهيو هڪڙو
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيئرن جو
بهرحال شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪانگ تي ڪافي بيت چيا آهن: چي:

گهوڙا! گهڻي ڀون ووءِ! وڃن نڱئا،
مادر! مٿا مون، ڪانگ لوندا ڪڏهن.

شاهه صاحب سر پورب ۾ فرمائي ٿو:

قريبن جو ڪانگڙو، مٿي ٽار ٽلي
کڻيو کنيا تو خبرون، کيرون ڏيون کلي
لائي، جنهن لالن سان، منهنجي بات بلي
سو ور چشمن تي چلي، جو درباري دوس جو.

نه فقط شاهه لطيف پر سچل به پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪانگ پکيءَ کي خوب ياد ڪيو آهي: چي

ڪانگل آيم اڄ پريان سندي پار ڏانهن
ڳالهيون ڪيائين سڄڻان، سي روح ٻڌي ڪيو رڄ،
پکي ڪيو ناپج، ظاهر ڪيائين زبان سين.

سچل سائين جو ڪانگ تي هڪ ٻيو بيت آهي ته:

اڄ لاتيون ڪانگ لتيون، سي ڪي سڻو سرتيون
جو ڪهڻ سان ڪهيو وجهي، ويڙهي منجهه وتيون،
سنديون راز رتيون، ٿو پڻ ڪري پڌريون.

اسان جي ڳوٺ جي شاعر سيف بخاري ”تنها“ جي هڪ وائي جو بند آهي ته:

ڪانگُ لنوي مٺي لات....
اڄ ته منهنجو محب ايندو
اڄ ته دل ۾ کٽڪي ٿي
ڪانگل واري سا بات
اڄ ته منهنجو محب ايندو...

سيف بخاري اسان کان ننڍي عمر ۾ جدا ٿي ويو. مشهور ليکڪ ۽ پروفيسر سيد ممتاز بخاري جو هي فرزند 20 فيبروري 1977ع تي ڄائو ۽ 19 ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن هو NED يونيورسٽي ڪراچي ۾ سول انجنيئرنگ جي ٻئي سال ۾ هو ته گذاري ويو. سندس شعرن جو مجموعو ”سرس آهي سونهن“ سندس وفات بعد ڇپرايو ويو، جنهن جي هڪ وائيءَ جو مٿيون بند آهي.
آخر ۾ ڪانگل تي هڪ ٻيو بيت، جيڪو درازن جي سچل جو آهي.

آءُ ڪانگل ڪائين، تا توي عطر اوتيان
اچي ٻاجهون اوهان جي، اٻاڻڪ آئين،
ڏاها گهڻا ڏينهڙا، متان تون لائين،
پير اڱڻ پائين، ته منهنجو ساهه سڌير ٿئي....

ڪيڏو لُڙ مچايو اٿئي، او ٽيٽيهر ٽرڙا

گذريل مضمون ۾ ڪانگ پکي تي چيل ڪجهه بيتن جي ڳالهه ڪئيسين. اهڙي طرح ٻين پکين بابت پڻ اسان جي ڪيترن ئي شاعرن شاعري ڪئي آهي. سچل سرمست جو هڪ بيت آهي.

سگهو اڏامي آءُ، پکيئڙا پرين جا،
سڀ کنڀ ڪريان تنهنجا، ساڻ جواهر جڙاءُ،
عطر کٿوري اوتيان، ٻيا ماڻڪ تو مٿاءُ،
ساري سنهيا کي، آڻي ڏج عجيب جا.

شاهه لطيف فرمائي ٿو ته انسانن کان وڌيڪ پکين ۾ ساڃاهه آهي جو هو وڳر ڪيو پاڻ ۾ پريت ونڊين ٿا پر هيڏانهن انسان انسان کان وئون پيو وڃي!

وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾
پسو پکيئڙن ماڙهنئان ميٺ گهڻو.

ڪَنگ هڪ قسم جو پاڻيءَ جو پکي ٿئي ٿو. ڪنگ جو رنگ اڇو ٿيندو آهي. سندس ڳچي ۽ ٽنگون ڊگهيون ٿين. پير ۽ چهنب ڪاري ٿئيس. بقول محمد ابراهيم لاشاريءَ جي، هي پکي ٻگهه جو قسم سمجهڻ کپي. جيتوڻيڪ قد ۽ وزن ۾ ٻگهه کان ننڍو ٿئي ٿو. ڪنگ جي خوراڪ مڇي، ڏيڏر، تڏ وغيره آهي. سر سهڻي ۾ شاهه لطيف ڪنگ ۽ ٻگهه تي هن طرح نظر وڌي آهي.

ڪانڌي ڪَنگ ٿياس، وَهَڻُ جنازو سُهڻي
ٻگها جي ٻيٽن جا ڪلها تن ڏناس
اکين مَلَڪَ ڏِٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.

مٿين بيت ۾ وَهَڻُ جو مطلب پاڻي جو وهڪرو آهي. مَلَڪَ معنيٰ ملائڪ، حساب پڇندڙ فرشتا (منڪر ۽ نڪير)، ڪاڍو ميهار ڏي اشارو آهي معنيٰ هن جي ڪشش (ڇِڪَ) ميهار ڏي ئي آهي. سهڻيءَ جو ميهار لاءِ نينهن اَمر آهي. موت کانپوءِ به سهڻيءَ جي دل جو لاڙو ميهار ڏي آهي. مٿين بيت ۾ شاهه لطيف فرمائي ٿو ته ڪنگ سندس ڪانڌي ٿيا ۽ درياهه جو وهڪرو سندس جنازو، ٻيٽن جي ٻگهن کيس ڪلها ڏنا. حساب پڇندڙ فرشتا اچي اڳيان بيٺس، ته به من جو لاڙو ميهار ڏانهن هوس.
شاهه جو هڪ ٻيو شعر آهي؛

اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوڙيو ڪنگن
ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.

پاڻي جي پکين جو ذڪر شاهه صاحب هڪ جدا سر ڪارايل ۾ ڪيو آهي. هنج ۽ للو پکي پاڻيءَ وارن پکين ۾ سٺي مهانڊي وارا ۽ وڻندڙ پکي ٿين ٿا. ڪنگ ۽ ٻگهه پکي به ٽنگن ڊگها اڇا پکي ٿين ٿا، جن جو گذران جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته پاڻي جي جيتن ۽ مڇين تي آهي پر ٻنهي قسم جي پکين جي ڊيل ڊول ۾ وڏو فرق آهي. شاهه صاحب پنهنجي ديس جي انهن پکين کي ڏسي ٿو. هو هنج کي خاص انداز ۾ نصيحت ڪندي چوي ٿو ته؛

هاريا هنج، ٻگهن سين، ڪيهي ٻڌين ٻيلهه،
ميرو مٽائج تون، اڇي ڪر اڪيل،
ڪنگن سان ڪويل، للا جم لڙ پئين.

مولانا دين محمد وفائيءَ پنهنجي مضمون ”شاهه جي شاعريءَ ۾ پکين جو ذڪر“ ۾ مٿين بيت جي ڏکين لفظن جي معنيٰ هن ريت لکي آهي ته هاريا معنيٰ بيڪار، ٻيلهه معنيٰ دوستي، اڪيل معنيٰ اڪلائڻ، ڪويل معنيٰ بي وقتو، جم معنيٰ ڇو، لڙ پوڻ معنيٰ پاڻيءَ ۾ ترڻ.
شاهه جو هڪ ٻيو بيت آهي؛

هنجن سان هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارين
ٻگهن ساڻ ٻهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن.
شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو هڪ بيت آهي؛
هنج ته تيئن هوءِ، اونهي ۾ اوڙاهه جو
هي ڪانيرو ڪوءِ، ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري.

۽ شاهه لطيف جو هنجن بابت اهو بيت ته هرهڪ ٻڌو هوندو ته؛

ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو.

ڍنڍ جي پکين ۾ ڪانگ جهڙا ڪارا پکي به ٿيندا آهن، جن کي ڪانئيرو سڏيندا آهن. انهن جون عادتون نه هنجن جهڙيون هونديون آهن نه وري للن جهڙيون. مڇي جي ورن لاءِ پاڻيءَ کي ميرو لڙو ڪري ڇڏيندا آهن.
شاهه لطيف ٿو فرمائي؛

سر وڃايو سرهو ڪو، وڙن ڪانيرن
آڌي رات اٿي ڪري، ددا دانهون ڪن
سندي ذات هنجن، منهن کوڙي موتي چڻي.

ڪانوَ جو رات جو لنوڻ سنڌي رسمن موجب بدسوڻ آهي. مٿين بيت ۾ شاهه صاحب ان ڏانهن اشارو ڪندي ڪانئرن جي بد ذات (بي وڙائتي عادت) ڏي اشارو ٿو ڪري.
هنج پاڻيءَ جو پکي آهي. هنج ٻين ڍنڍ وارن پکين جيان خوراڪ ۾ مڇي جي در ۽ گاهه تي گذران نه ڪندو آهي. هن جو چوڻو ماڻڪ ۽ موتي هوندا آهن. هنج اونهي جو اسرار ڄاڻندو آهي. سوين فوٽن جو غوطو هڻي وڃي موتي کڻي موٽندو آهي. هنج پکي پٿر کي پاڻي ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. هو هڪ موتي پيٽ ۾ ڳهي پنهنجي اڃ بک لاهيندو آهي. اهو موتي ڳري کاڄ بڻجي ويندو آهي ته هو هفتن جو ڍوءُ پنهنجي جسم ۾ ڀري ڇڏيندو آهي. ڀٽائي هنج لاءِ هڪ هنڌ چوي ٿو؛

ماڻڪ چوڻو جن جو، هنج حضوري سي،
چلر ۾ چهنب هڻي، مڇي کين نه اي،
لوڪ نه لکئا ئي، جيلاهه ڀوڻن ٻگهن ته گڏئا.

شاهه جو هڪ ٻيو بيت آهي؛
سرهو سر وڃايو ڪوڙن ڪانئيرن
رٺا روهه وڃن تنهن هيڻائيءَ کان هنجڙا.

مولانا دين محمدوفائيءَ شاهه جي شاعري ۾ پکين جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو ته هيءَ دنيا ساگر آهي. سالڪ هن هنج پکي مثل آهن. هن دنيا ۾ نفساني خواهشن جا موئرا ۽ ڪاٺ جا ڪرنگهه ٺاهي نيڪ انسانن جي ڦاسائڻ لاءِ جتن ڪيا وڃن ٿا، تنهن ڪري شاهه صاحب انهن حالتن ڏانهن پنهنجي شعر ۾ اشارا ڪيا آهن. سالڪ کي چوي ٿو ته، دنيا جي گندگين کان جند ڇڏائي اڳتي وڌ نه ته شڪارين جو طعام ٿي ويندين.

آءُ اڏامي هنجڙا، سر ۾ سارينئي
هتان مارينئي، پارهيڙي پهه ڪري.

پرديسي پکين ۾ پاڻي سان واسطو رکندڙ هڪ پکي ٻگهه به آهي، جنهن کي اسان جي ننڍي کنڊ جا ڪي ماڻهو درويش پکي سمجهندا آهن ۽ کيس ٻگهه ڀڳت به چون ته ڪي هن کي احمق ۽ بي افعالو پکي ڪوٺين. سنڌي جو ڪالم نويس ابراهيم لاشاري صاحب ٻگهه پکيءَ لاءِ لکي ٿو ته هي ڪنگ وانگر هڪ پاڻي جو پکي آهي. رنگ جو اڇو ٿيندو آهي. ڳچي ڊگهي، پير ۽ چهنب ڦڪي ٿيندي اٿس. ڪيترن ٻگهه پکين جي ٽِڪڻ (مٿو) به ڦڪي رنگ جو ٿيندو آهي. گهڻن ٻگهن کي مٿي تي گل جهڙي چوٽي به ٿيندي آهي. ٻگهه پکي اڪثر ڪري هڪ ٽنگ تي بيهندو آهي. ٻگهه جون اکيون هميشه پوريون (بند) پيون هونديون اٿس. جڏهن مڇي يا ٻيو ڪو شڪار ور پوندو اٿس ته امالڪ ٽپ ڏئي ان جو شڪار آسانيءَ سان ڪري وٺندو آهي. ٻگهه پنهنجي خوراڪ اڪثر ڪري دُٻن مان در، مڇي، ڏيڏر، گاهه، جيت ۽ ڪِن ڦِٿ به کائيندو آهي. شاهه لطيف ٻگهه جو ذڪر هن طرح فرمايو آهي

ٻگهن سان ٻاڻ هڻي اڏاڻو آڪاس
جتي پرين سندياس سوسر مٿي هنجڙو.

شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو هڪ بيت آهي

سڪ روحاني سامين، جسمي جاهلن
ٻگهه نه مڇي من، پارس پسن ڪين ڪي.

سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکين ۾ ڪونج جو وڏو شان آهي. هوءَ سونهن ۽ امن جو پکي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ٽولن ۾ ٿي هلڻ ڪري هي پکي ٻڌي ۽ ڀائپي جي علامت پڻ سمجهيو وڃي ٿو. ڪونج کي به اسان جي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجن شعرن ۾ ياد ڪيو آهي، راڳيندڙن هن کي راڳن، ڪافين ۽ ڳيچن ۾ ڳايو آهي. ملائيشيا ۾ هندو سنڌين وٽ ڪاڄن ۾ ڪنوار جي سونهن جي شان ۾ اهو راڳ اڪثر ڳايو ويندو آهي ته،

ڪونج پکيءَ جا پار اٿئي
سنهڙي ڳچيءَ ۾ هار اٿئي.

ڪونج جي ڊگهي ڳچي سونهن جي نشاني سمجهي وڃي ٿي. شاهه صاحب هن مهمان پکيءَ لاءِ چوي ٿو

قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن سندن روهه
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، رزق رازق هٿ ۾.

شاهه لطيف سر ڏهر ۾ خاص طور ڪونج پکي کي ڳايو آهي؛

روههِ راماڻا ڪن، اڄ پڻ هلڻ هاريون،
ڪَر ڳَلُ ڪونجڙين، رائي ۾ رات ڪيو.

روهه معنيٰ جبل ۽ راماڻا معنيٰ دانهون، ڪوڪاٽون، ڪرڳل معنيٰ هل هلاچو ۽ رائي جي معنيٰ به جبل آهي.
ان ئي سر ۾ هڪ ٻئي بيت ۾ آهي ته؛

وَڳَرَ وِيا وَهي، ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي!
ڪندينءَ ڪوهه رهي، سَرَ ۾ سپرين ري؟

هڪ ٻئي بيت ۾ شاهه لطيف ٿو فرمائي؛

ڪونجون ٿيون ڪُڻڪن، جيڪس هلڻ هاريون
ٻچا پو اَٿَن، وڃن وانڌا ڪنديون.

ڪونج پکي تي شيخ اياز جو هڪ خوبصورت شعر هن ريت آهي ته؛

ڪونج ڪَرڪي پئي ڪا اتر پار جي
ياد آئي اسان کي وري يار جي!

بهرحال پکين تي خاص ڪري پرديسي پکين کي، جن ۾ ڊگوش، آڙيون، نيرڳ، سارس، ٽيٽيهر به اچي وڃن ٿا، اسان جي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجن شعرن ۾ ياد ڪيو آهي. آخر ۾ هتي ٻه چار ٻيا به اهڙا شعر لکان ٿو. دادوءَ جي مشهور شاعر بشير سيتائيءَ جو هڪ سهڻو شعر آهي ته؛

منهنجي لڙڪن جي ڍنڍ تي سارس
تون لٿو هئين سا اڄ سڪي وئي آ.

دادوءَ جي هڪ ٻئي شاعر ابل اداس ٻٻر به سارس کي هن ريت ياد ڪيو آهي ته؛
سارس جهڙا خواب لٿا هن،
نيڻن جي اڄ ڍنڍ ۾ ڪيڏا.

نوجوان شاعر ابل اداس جي شاعري اڪثر سوجهرو رسالي ۾ اچي ٿي، جنهن تان مون هي مٿيون شعر کنيو آهي. بشير سيتائيءَ جو هڪ ٻيو شعر آهي؛

ذهن جي منڇر تي يادن جا لٿا آهن ڊگوش
پر غمِ دوران به ڪيڏو آ شڪار الامان.

ڊگوش هڪ خوبصورت بدڪ جهڙو پکي ٿئي ٿو جنهن کي هيڏانهن يورپ ۾ ”پن ٽيل“ سڏين. سندس ڪيتريون ئي جنسون آهن، جن مان ڪي هيڏانهن سئيڊن ۽ ناروي پاسي نظر اچن ٿيون ته ڪي روس جي اتراهن ۽ بلقاني رياستن ۾. پر ڊگوشن جون سڀ جنسون، سياري ۾ سنڌ جي ڍنڍن تي اچيو نڪرن. اهڙي طرح هڪ ٻيو بيحد خوبصورت پاڻي جو پکي نيرڳ آهي، جنهن کي هتي يورپ ۾ ”مالارڊ اناس“ سڏين ٿا. هن پکيءَ جون به ڪيتريونئي جنسون سنڌ ۾ اچن ٿيون. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي برانچ جي سيڪريٽري بلوچ صحبت علي جيڪو هاڻ پاڻ کي ”تنها“ صحبت سڏائي ٿو، جو هڪ شعر آهي؛

ابر اڀري آئيا، وٺو ڪيڏو مينهن
نيرڳ تنهنجو نينهن، ٿيو ڪينجهر ڪپ سان.

۽ آخر ۾ هڪ دفعو وري بشير سيتائي جو هڪ شعر جنهن ۾ هن ٽيٽيهر (پلوور پکيءَ) کي ياد ڪيو آهي؛ چي

تنهنجي ڪن تي ڪو نه پون ٿيون، هنجن جون ٻوليون
ڪيڏو لڙ مچايو اٿئي او ٽيٽيهر ٽرڙا........

ڊگهي لڏپلاڻ ڪندڙ پکين

ڪيترن ماڻهن کي ٿي سگهي ٿو جانور پسند نه هجن پر پکي پنهنجي سونهن، رنگن ۽ ننڍي سائيز ڪري سڀني کي پيارا لڳن ٿا. اسان به پکين کي صحيح طرح ملائيشيا ۾ ڏٺو. ملائيشيا ۾ اٺ نَوَ سال کن رهڻ دوران اسان جو گهر سمنڊ جي ڪناري تي هو. يعني هڪ پاسي ’ملاڪا ڳچي سمنڊ‘ (Malacca Strait) جو تانگهو ڪنارو (Beach) هو ته ٻئي طرف گهاٽو جهنگل. جهنگل به اهڙو جو سنڌ ۾ رهي مون تصور نٿي ڪري سگهيو. انهي جهنگل ۾ ملائيشيا جي ميريٽائيم اڪيڊمي هئي، جتي ملائيشيا جا جهازران ڪلاسن ۾ ٿيوري پڙهندا هئا ته سمنڊ تي جهاز هلائڻ جي سکيا وٺندا هئا.
جهنگل ڪري نانگ بلائن ۽ زهريلن جيتن ۽ ماڪوڙين ۽ ڏينڀن جو آزار ضرور هوندو هو. اگوانا (وڏن سانڊن) ڀولڙن ۽ ٻين ننڍن وڏن جانورن جي به ڪجهه مصيبت هئي پر چوڌاري ڇا ته سهڻا پکي نظر ايندا هئا. صبح ساڻ هنن رنگين پکين جون لاتيون ٻڌڻ وٽان هيون. رستي تي ڪريل کنڀ گڏ ڪرڻ جهڙا هوندا هئا. اسان ته سنڌ ۾ فقط هڪ قسم جو سائي رنگ جو طوطو ڏٺو پر هتي ڇا پهلوان ۽ رنگين قسم جا طوطا ڏسڻ ۾ آيا ٿي، جن کي ملئي ماڻهو پنهنجي زبان ۾ پوڙهي ڀيڻ (ڪاڪا تئا) سڏين ۽ ان ملئي نالي تان انگريزي نالو ڪاڪئٽو (Cockatoo) جُڙيو.
ملائيشيا ۾ رهڻ دوران هڪ طرف جهنگل جا پکي نظر ايندا هئا ته ٻئي طرف، سمنڊ جي ڪناري تي پاڻي جا پکي نظر ايندا هئا. ڪجهه پکي وري اهڙا هوندا هئا، جيڪي خوراڪ ۾ ننڍيون مڇيون، ڏيڏر ۽ ٻيون آبي شيون کائڻ ڪري ڪناري تي چڳندي نظر ايندا هئا پر گهمڻ ۽ سير سپاٽي لاءِ جهنگل ڏي هليا ويندا هئا. جنهن وقت ڇول گهٽبي هئي، يعني Low Tide ٿيندي هئي ته ان وقت هو جهنگل مان موٽي ڪناري تي اچي آبي ساهوارن کي کائيندا هئا. ظاهر آهي وير لهڻ تي ڪيترائي مڇين، کيکڙن، گانگٽن ۽ ٻين سامونڊي ساهوارين شين جا ٻچا پٺيان رهجي وڃن ٿا، جيڪي گپ ۽ پاڻي جي ننڍن دٻن ۾ ڦُدڪندا رهن ٿا، جن تي هي پکي ميزباني ڪن ٿا. قدرت جي تعريف کان رهي نٿو سگهجي جنهن هڪ طرف هنن پکين کي سهڻا رنگ ڏنا آهن ته ٻئي طرف هنن جون عجيب عادتون ۽ ڄاڻ آهي. روزانو ٻه دفعا وير لهي ٿي ۽ ٻه دفعا وير چڙهي ٿي پر دنيا ۾ ڪنهن به سمنڊ تي ان جو ساڳيو ٽائيم ناهي. اها روزانو چنڊ وانگر ڪجهه وقت جي فرق سان چڙهي ٿي، جيڪا سڄي سال جي اسان وٽ چارٽ ۾ لکيل ٿئي، جنهن کي اسان سج جي اڀرڻ لهڻ وانگر حساب ڪري اڳواٽ لکون ٿا. پر هنن پکين جو اهو ڪمال آهي ته هنن کي ڪيئن ٿو الهام ٿئي جو هو هر روز صحيح وقت تي جهنگل کان موٽيو اچن!
کيکڙو وڏي وير اچڻ تي زمين کوٽي اندر لڪي وڃي ٿو ۽ ڇهه ڪلاڪ کن ننڊ ڪري پوءِ وير لهڻ تي سجاڳ ٿي ٻاهر نڪري اچي ٿو. تجربي خاطر توهان هن کي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪريو، جيئن هو سمنڊ کي ڏسي نه سگهي. توهان ڏسندائو ته وير چڙهڻ تي High Tide ٿيڻ تي هو اکيون پوري سمهي رهي ٿو. ڇهه ڪلاڪن بعد Low Tide ٿيڻ تي اکيون کولي جاڳي ٿو ۽ هر روز وير چڙهڻ جي وقت ۾ اڌ ڪلاڪ کن جو فرق اچي ٿو.
ناروي جي هڪ ننڍڙي جابلو ٻيٽ تي اونهاري جي موسم ۾ اتي هڪ خاص قسم جا پکي سنهن ڪکن مان خوبصورت آکيرو ٺاهي ان ۾ آنا لاهي ٿو. اهو آکيرو ڏسڻ وٽان آهي ۽ هنن پکين جو ذڪر مون ”ملير کان مالمو“ يا ”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“ ڪتاب ۾ به ڪيو آهي ته هي پکي آکيري ٺاهڻ جا ماهر آهن. وڏا آرٽسٽ آهن. ماڻهن جو اهو خيال هو ته هي پکي پنهنجن وڏن آکيرا ٺاهيندو ڏسي ٺاهڻ سکن ٿا. سائنسدانن ڇا ڪيو جو هنن پکين جي جوڙيءَ کي پڃري ۾ رکي هن کان اتي ئي سندن بيضا ڦوڙايائون. ان بعد انهن بيضن مان نڪتل ٻچن کي وڏو ڪري انهن کان انهن جا آنا ڦوڙايائون اهڙي طرح چئن جنريشن (ٽَهين) کي پڃري ۾ رکي پنجينءَ کي آزاد ڪري جنگل ۾ ڇڏيائون. هنن ڏٺو ته هنن پکين جن ڪڏهن پنهنجن ابن، ڏاڏن، پڙڏاڏن کان آکيرو ٺاهڻ نه سکيو نه ڏٺو، اُهي ساڳيو آکيرو ٺاهڻ لڳا، جيڪي هنن جا جهونا ٺاهيندا رهيا! ڪيڏي وڏي قدرت جي ڪاريگري آهي! ڪنهن سائنسدان خوب چيو آهي ته پکين يا تارن تي غور ڪرڻ وارو ڪڏهن به دهريو ٿي نٿو سگهي. يا بقول هڪ آمريڪن نئچرلسٽ مسٽر واٽرٽن جي ته پکي اسان لاءِ معجزو آهن، جن تي غور ڪرڻ سان ان جي خلقڻهار اڳيان جهڪڻ تي دل چوي ٿي. "We Can but bow"
پکين کي غور سان ڏسڻ جو مونکي سئيڊن ۾ به سٺو موقعو مليو، جتي تقريباً سؤ سيڪڙو هجرت ڪرڻ وارا پکي Migratory Birds رهيا ٿي، جيڪي سياري جون ٿڌيون هوائون لڳڻ سان ڏکڻ طرف اسان جي ايشيائي يا آفريڪي ملڪن ڏي لڏي ويا ٿي. سئيڊن ۽ فنلئنڊ ۾ جتي مون کي تعليم سان وابسته فيلڊ ورڪ جي سلسلي ۾ رهڻو پيو ٿي، پاڙي ۾ ڪجهه اهڙا به شاگرد رهيا ٿي، جن پکين جي ڪنهن جنس تي يا انهن جي عادتن تي يا انهن جي Behavior تي ڊاڪٽوريٽ (پي ايڇ ڊي) ڪئي ٿي. هنن کان پکين بابت دلچسپ ڳالهيون غور سان ٻڌندو هوس ۽ ساڳي وقت هنن کان ڪي سوال به ڪندو هوس. هونءَ به پکين بابت اخبار يا رسالي ۾ ڪو مضمون نظر ايندو آهي ته ان کي غور ۽ دلچسپي سان پڙهندو رهان ٿو ۽ ڪيتريون ڳالهيون نوٽ به ڪندو رهان ٿو، جن مان ڪجهه هتي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ Share ڪرڻ چاهيان ٿو. جيئن ته هي سموريون ڳالهيون مختلف وقتن تي ۽ مختلف ذريعن کان حاصل ٿيل آهن، انهيءَ ڪري ضروري ناهي ته منجهن ڪو تسلسل هجي يا اهي عنوان تحت هجن. بس سمجهو ته Random آهن. پر انسان لاءِ انهن ڳالهين جي ڄاڻ به ضروري آهي، جنهن ذريعي هڪ انسان کي قدرت جي وڏائيءَ جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو، چاهي هن جو واسطو ڪهڙي به مذهب سان هجي.
پکيءَ کي اڏامڻ لائق بنائڻ لاءِ قدرت هن کي هر خيال کان هلڪو بنايو آهي. جتي جانورن جا هڏا، وزن ۾ گهڻو ۽ ٿلها ٿين ٿا، اتي پکين جا هڏا بيحد هلڪا ۽ پورا ٿين ٿا ۽ کين ڏندن بدران چهنبون آهن. ان ريت سندن ڏندن ۽ ڄاڙين جي وزن جي بچت ڪئي وئي آهي.
پکيءَ جي نه فقط نظر تکي ٿئي ٿي پر اک جي سائيز به وڏي ٿئي ٿي. پکيءَ جي جيڪا اک اسان کي ظاهري طرح نظر اچي ٿي اها سندس سڄي اک جو فقط هڪ ننڍڙو حصو آهي. سندس مٿي ۾ ايڏو ميڄالو نه آهي، جيڏيون اکيون آهن. ڪن پکين جي ته فقط هڪ اک به سڄي ميڄالي کان وڏي ٿئي ٿي. ڪيترن بازن ۽ چٻرن جي اک جا بال اسان انسانن جي Eye ball کان به وڏا آهن. ڪيترن شڪاري پکين جي نظر اسان کان ڏهوڻ آهي. هو هڪ ميل کان مٿي جي فاصلي تان شڪار کي ڏسي سگهن ٿا.
ڪيترن نر پکين جي گلي ۾ قدرت اهڙو سرندو Syrinx رکيو آهي، جنهن مان هو مختلف سر ڪڍي مادي پکين کي ريجهائي سگهن ٿا.
هجرت ڪندڙ پکي 5000 فٽن جي بلندي تي اڏامن ٿا ۽ هر سال هزارين ميلن جو سفر ڪري ڏکڻ ڏي وڃن ٿا ۽ سيارو گذاري وري پنهنجي وطن ورن ٿا. هندستان تي حڪومت ڪندڙ انگريز ٿا ياد اچن جيڪي سياري جي موسم دهليءَ ۾ گذاريندا هئا ته اونهاري جا گرم مهينا شملي ۾. هرهڪ آفيسر پنهنجن ڪلارڪ ڪڙن، پٽيوالن ۽ فائيلن سان گڏ لڏپلاڻ ڪندو هو. ان وانگر هي Migratory Birds ڪن ٿا. ڪي پکي ته اتر ڪئناڊا جي ٿڌ کان بچڻ لاءِ برازيل ۾ سيارو گذارين ٿا. يعني هو 4000 ميل اوٽ ۽ 4000 ميل موٽ جو سفر هر سال ڪن ٿا. ٽيٽيهر جهڙو هڪ پکي جيڪو هتي Golden Plover سڏجي ٿو، هر سال ناروي ۽ سئيڊن جي سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ 8000 ميلن جو سفر طئي ڪري ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل وڃي ٿو. هي پکي ڪيئن ٿا هر سال ساڳيا رستا وٺي پنهنجين منزلن تي پهچن، قدرت جو اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن جي اڃان انسان کي صحيح ڄاڻ ئي نه پئجي سگهي آهي.
جاگرافي ۽ نيويگيشن جي سالن جا سال تعليم ۽ سکيا وٺڻ بعد، رڳو ڪراچي کان ممبئي يا ممباسا وڃڻ لاءِ به سمنڊ جي چپي چپي جا سمورا چارٽ (سمنڊ جا نقشا) پاڻ سان کڻون ٿا. سئٽيلائيٽ نيويگيٽر جي سهوليت هوندي سيڪسٽنٽ به کڻون ٿا، جيئن ان ذريعي چنڊ تارن جو به حساب لڳائي پڪ ڪري سگهون ته صحيح واٽ تي آهيون يا نه. ۽ الله نه ڪري جيڪڏهن سمنڊ تي طوفان ٿو اچي ته پوڙهن جهازرانن کي به پگهر اچيو وڃن، ڇو جو جهازن اسان جي مرضي واري راهه تان رڙهيو (ڊِرفٽ ٿيو) وڃي. کاڌي پيتي ۽ پاڻي جهڙو سامان الڳ کڻو ٿا ته جيئن متان راهه کان ڀٽڪي وڃون ۽ وڌيڪ ڏينهن لڳي وڃن ته کاڌو خوراڪ ته هجي ۽ سياري جي موسم ۾ جڏهن يورپ پاسي تيز هوائون ۽ ڌنڌ اسان جهازرانن جون وايون بتال ٿو ڪري ته نقشن ۽ رڊارن هوندي اسان مڪاني جهازران سُونهن (Pilot) کي کڻون ٿا ته اسان جي مدد ۽ رهنمائي ڪن ۽ هو هئمبرگ کان راٽرڊم ۾، يا ڪوپن هيگن کان ائنٽورپ بندرگاهه تائين پڄائي اچن ۽ هيءَ خدا جي مخلوق (مهاجر پکي) بنا نقشن ۽ ٻين نخرن جي، الله جي آسري جبلن، ريگستانن ۽ سمنڊن مٿان پيا ڏينهن رات اڏامن. شروع ۾ ته آئون سمجهندو هوس ته هنن مان پڪ ڪو پوڙهو پکي اڳيان هلندو هوندو، جنهن کي باقي قوم فالو ڪندي هوندي. پر جهاز جي ڊيڪ (عرشي) تي ليٽي مٿان ڪوچ ڪندڙ پکين کي غور سان ڏٺم ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. رکي رکي اڳيان اڏامندڙ پکي پٺيان ٿيو وڃن ۽ پٺين مان ڪڏهن ڪو ته ڪڏهن ڪو هن جاءِ تي ليڊر ٿيو وڃي. ڪڏهن ته يڪي قطار جنهن کي ڊرل (پريڊ) جي زبان ۾ ”سنگل فائيل“ سڏجي، اها سڄي قطار اڳيان وڌندي رهي ٿي، ڪڏهن ته هي پکي انگريزي جي اکر ’V‘ جي شڪل ۾ اڏامن ٿا.
۽ هي پکي ڪراچي کان ممبئي تائين ڪو 400 کن ميلن جو سفر نٿا ڪن پر هزارين ميل اڏامن ٿا. هيڏانهن ناروي سئيڊن پاسي، جتان هي مضمون لکي رهيو آهيان، سِي گَل (Sea Gull) پکيءَ جهڙو پاڻيءَ جو پکي آهي، جنهن کي هن پاسي جا ماڻهو پنهنجي مڪاني ٻولين جي نالي سان سڏين ٿا پر عام طرح انگريزي نالي ’آرڪٽڪ ٽرن‘ سان سڏيو وڃي ٿو. ٽرن پکي اسان وٽ سنڌ ۾ به سياري ۾ نظر اچي ٿو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ به ”ٽرن“ سڏيو وڃي ٿو پر هيڏانهن ايندڙ سانگهڙ ۽ دادو جي همراهن ٻڌايو ته هتي جي هن Arctic Tern پکي جي هڪ ٻي جنس جيڪا سانگهڙ ۽ منڇر ۾ نظر اچي ٿي، ان کي سنڌ ۾ ڪنائي سڏيو وڃي ٿو. هتي رهندڙ ايراني هن پکي کي خرشند به سڏين. بهرحال اسان وٽ ڪراچي ۽ بدين پاسي سمنڊ تي اڏامندڙ Seagull پکين جو هي سوٽ ماسات ئي سڏجي. سندس ڊيگهه 13 کان 15 انچ ٿيندي ۽ هڪ پَرَ جي ڪنڊ کان ٻي پر جي ڪنڊ تائين ماپ (Wing Span) 26 کان 30 انچن تائين ٿيندي. سندس مٿي جو مٿيون حصو اکين تائين ڪارو ٿئيس. اکيون به ڪاريون ٿينس. سندس ڳلن وارو ۽ هيٺيون حصو کير جهڙو اڇو ٿئيس. سندس پَرن جو مٿاهون حصو هلڪي سليٽي رنگ جو ٿئيس. چهنب ۽ پيرن جو رنگ رت جهڙو ڳاڙهو ٿئي. بيحد دلير ۽ بي ڊپو پکي آهي. جهاز جو بورچي رڌڻي جي صفائي بعد بچيل سچيل کاڌو جڏهن سمنڊ ۾ اڇلائيندو آهي ته سي گل جهڙا پکي ڊبل روٽي ۽ مانيءَ جا ڪنا کڻي کائيندا پر هي پکي ”آرڪٽڪ ٽرن“ ٽٻي هڻي پنهنجي لاءِ تازي مڇي ڪڍي وٺندو ۽ مڇي به جهڙي تهڙي نه پر سندس قدبت جيڏي. خاص ڪري eel جهڙيون مڇيون ڦاسائي کائي. مون وٽ هن پکيءَ جا ڏاڍا فوٽو آهن. ڪي اڏامندي، ڪي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻندي، ڪنهن ۾ هو وات ۾ مڇيءَ سان آهي. اتر طرف سج منجهند جو به هيٺ ٿئي ان ڪري هر فوٽو بيحد چٽو ۽ سٺو اچي ٿو. اهي فوٽو پڙهندڙن سان Share ڪرڻ تي دل چوي ٿي پر اخبار يا رسالي ۾ گنجائش نه هجڻ ڪري نٿا ڇپجن ان ڪري منهنجي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته ڪالم ڇپجڻ بعد اهي فوٽو پڙهندڙن کي اِي ميل ڪيا وڃن. بهرحال اتر قطب جي سمنڊن جو رهاڪو هي پکي ”آرڪٽڪ ٽرن“ سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي مڇي ڦاسائڻ ۾ هوشيار آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هو غوطو هڻي ٻه مڇيون چهنب ۾ جهلي ٻاهر نڪرندو آهي. ٻن مڇين کي هڪ ئي وقت چهنب ۾ ڪيئن ٿو جهلي، اهو هن آرڪٽڪ ٽرن پکيءَ جو ڪمال آهي ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته ڪئناڊا ۽ آئسلئنڊ جي وچ واري سمنڊ ۾ مون هڪ اهڙي ٽرن جي به تصوير ڪڍي آهي جنهن جي وات ۾ هڪ ئي وقت ٽي مڇيون آهن! پر هن پکيءَ جو جيڪو وڏو ڪمال آهي ۽ قدرت جو ڪرشمو چئجي، اها هن جي ڊگهي لڏڻ پلاڻ آهي. آرڪٽڪ ٽرن دنيا جو اهو Migratory پکي آهي، جيڪو هر سال سڀ کان ڊگهو سفر ڪري ٿو. هو اتر قطب واري سمنڊ Arctic Sea کان اڏامي ٿو ته ٻاويهه هزار ڪلو ميٽر جو سفر ڪري ڏکڻ قطب واري سمنڊ Antarctic ۾ اچيو دنگ ڪري! هو روزانو 240 ڪلو ميٽر اڏامي ٿو. سائنسدانن کي پهرين شڪ هو ته ائين نه هوندو پوءِ هنن هتان ناروي کان ڪجهه آرڪٽڪ ٽرن پکين جي پيرن ۾ اليڪٽرانڪ جا ڇلا چاڙهيا ۽ ٽن مهينن بعد هي پکي آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ ۾ رڊار ذريعي لڌا ويا.
سمنڊ تي جهاز هلائيندڙ يا مسافر، ڊيڪ تي ليٽي ڏسندا ته مٿي ڪونجون، آڙيون، نيرڳ ۽ هنجر هجن يا نه پر هي پکي Arctic Tern هر وقت سفر ۾ نظر ايندا پوءِ ڀلي ائٽلانٽڪ سمنڊ هجي يا پئسفڪ سمنڊ! هنن پکين جا ولر ڪڏهن ڏکڻ طرف پيا ويندا ته ڪڏهن اتر طرف. نئين ماڻهوءَ لاءِ هن پکيءَ جي بهترين سڃاڻپ سندس ڊگهو پڇ آهي جيڪو آخر ۾ ابابيل پکيءَ جي پڇ جهڙو ڪئنچيءَ جهڙو نظر اچي ٿو.

پکين ۾ Navigation جي قوت

هڪ دفعو پاڻ وري پکين بابت حيرت انگيز ۽ دلچسپ ڳالهين جو ذڪر جاري رکنداسين.
اڄ کان ڇهه ست صديون اڳ تائين يورپ، توڙي اسان پاسي جي ماڻهن اهوئي سمجهيو ٿي ته هي لڏپلاڻ ڪندڙ پکي سال جا پنج ڇهه مهينا ڪو اتي ڪٿي ڀر پاسي ۾، جبلن جي غارن يا سامونڊي ٻيٽن تي ٿا وڃيو لڪن. پر پوءِ آهستي آهستي جيئن ماڻهن ڏورانهن ڏيهن ڏي نڪرڻ شروع ڪيو ته کين خبر پئي ته هي پکي هر سال وڏو سفر ڪري اچن ٿا ۽ مقرر وقت پرديس ۾ گذاري، پنهنجي وطن روانا ٿي وڃن ٿا. گذريل صديءَ جي آخر ۾ جيئن آءِ سي چپ Integrated Circuit ايجاد ٿي ته سائنسدانن لاءِ هنن پکين جو ٽرئڪ رکڻ (پيڇو ڪرڻ) آسان ٿي پيو.
سئيڊن جي گوٿابرگ يونيورسٽي جي هڪ بائلاجسٽ ٻڌايو ته گذريل سال هنن اٽڪل هڪ لک پکين جي پيرن ۾ پؤنچيون (Bands) يعني اليڪٽرانڪ ڇلا چاڙهي ڇڏيا. سياري شروع ٿيڻ سان هو جيڏانهن جيڏانهن وڃڻ لڳا، سندن ڪمپيوٽر ذريعي رڪارڊ رکيو ويو. ڪجهه پکين سان ريڊيو ٽرانسميٽر به اٽڪايا ويا، جيئن هنن جي چرپر جي تفصيلي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ته هو ڪيتري رفتار سان اڏامن پيا ۽ ڪيترن ڪلاڪن بعد فرحت وٺن ٿا ۽ آخر ۾ هو ڪهڙي منزل چونڊي ان تي سيارو گذارين ٿا. حيرت جي اها ڳالهه ته سيارو گذاري هو جڏهن مئي ڌاري سئيڊن ۾ موٽيا ته ان ساڳي ساڳي هنڌ تي اچي لٿا، جتان هو روانا ٿيا هئا.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته پکي لڏپلاڻ ڇو ٿا ڪن؟
آخر اهو ڪم ڪو آسان ته ناهي. ڏينهن رات پَرَ هلائي هنن کي اڏرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ڌارئين ڏيهه ۾ به پهچي کاڌي خوراڪ جي ڳولا ڪرڻي پوي ٿي. هنن جو سفر ڪو انسانن وارو ته نه آهي جيڪي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ جمبو جهازن ۾ سفر ڪن ٿا ۽ منزل تي پهچي هو فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهن ٿا ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڪارن موٽرن ۾ گهمن ٿا. پکين وانگر انسانن مٿان هر ڳٽ تي شڪاري بندوقون تاڙي نٿا بيهن.
سائيبيريا، يورپ جي اتراهن ملڪن ۽ ڪئناڊا طرف سياري جي سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ اتي جا پکي هر سال ڏکڻ طرف هجرت ڪن ٿا. ڪنهن چيو ته هي پکي کاڌي خاطر ڏکڻ ڏي ڪوچ ڪن ٿا جو سياري ۾ اتراهن علائقن ۾ هر هنڌ برف ڇانيل رهي ٿي. ڪو گاهه يا سنگ ته نٿو اڀري پر ساوا وڻ به ٺوڙها ٿيو وڃن. سو اهڙن ملڪن جا رهاڪو پکي سيءَ کان نه پر بک کان ڀڄن ٿا. آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ جڏهن Bird Feeders، يعني پکين جي چُڳڻ لاءِ اناج سان ڀريل ڄاريءَ جون ٿيلهيون لڳايون ويون ته هرهڪ ڏٺو ته سياري ۾ گهرن ۾ ايندڙ ننڍن پکين جو تعداد هيڪاندو وڌي ويو. ان جو مطلب واقعي اهو ئي نڪتو ته ڪيترائي پکي اهڙا آهن جن کي جي پيٽ ڀرڻ لاءِ کاڌو ملي ته هو سيءَ جي به پرواهه نه ڪن. پر اهڙن پکين جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ هي اهي ئي آهن جيڪي گهرن ۾ اچن ٿا، گهرن ۾ رهن ٿا، جيئن پاڻ وٽ جهرڪيون ۽ ڪبوتر آهن. ٻاهر وڻن تي رهندڙ پکين لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هي سائيبيريا، ڪئناڊا يا ناروي، سئيڊن ۽ آئس لينڊ جهڙن ملڪن جي ڪاٽو 20 ڊگريون يا ان کان به وڌيڪ ٿڌ برداشت ڪري سگهن.
سائنسدان چون ٿا ته پکين جي هجرت ڪرڻ جو هڪ سبب روشني به آهي. سمهڻ لاءِ رات ضروري آهي پر پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ قوت لاءِ ڏينهن جي روشني ضروري آهي، جنهن ۾ هو کاڌي خوراڪ لاءِ اَن ڪڻا، ڪينئان ماڪوڙا يا مڇيون ڏيڏر ڦاسائين ٿا. پنهنجو ۽ پنهنجن آنن ۽ ٻچن جو بچاءُ به ڏينهن جي روشني ۾ بهتر ٿي سگهي ٿو. رات جي وقت اونداهه ۾ ڪيترائي چمڙن ۽ چٻرن جهڙا پکي، نانگ بلائون ۽ ٻيا جانور هنن پکين ۽ انهن جي ٻچن کي کائڻ لاءِ سرگردان رهن ٿا. سياري جي موسم ۾ اتراهن ملڪن ۾ رات تمام وڏي ٿئي ٿي. اسٽاڪهوم ۽ اوسلو ۾ به 18 ڪلاڪن جي ٿيو وڃي. اڃان مٿي نيسنا، ٽرومسو، هارسٽئڊ ۽ ڪرونا جهڙن شهرن ۾ ته ويندي 20 ڪلاڪن کان به ڊگهي رات ٿيو وڃي. هاڻ اهڙن هنڌن تي جتي ڏينهن ٻن ٽن ڪلاڪن جو مس ٿئي ٿو چوڌاري ڄميل برف تي پکي پنهنجي کائڻ لاءِ ڇا حاصل ڪري سگهن ٿا.
پر اها به حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سيءَ، بک ۽ اونداهين ڊگهين راتين کان بچڻ لاءِ ننڍڙا پکي جن ۾ پاءُ گوشت جو مس ٿو ٿئي، ٻن کنڀڙاٽين تي ڪيئن اڌ دنيا لتاڙين ٿا. هڪ اڻ ڏٺل دنيا ڏي پکي پنهنجي اڏام جو ڪورس ڪيئن پلاٽ ڪن ٿا، ڪمال جي ڳالهه آهي! سمنڊ تي رستا ٺهيل نه آهن سو اسان هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏي وڃڻ لاءِ پهرين سامونڊي نقشن (Charts) تي پنهنجي سفر جي پلاننگ ڪيون ٿا. مثال طور پهرين اولهه ڏي وڃڻو آهي، پوءِ فلاڻي ٻيٽ وٽان گذرڻ تي ڏکڻ ڏي رخ ڪرڻو آهي، پوءِ ٿورو اتر طرف لڙي وري اولهه جو رخ ڪرڻو آهي..... رستي تي جهاز لاءِ تيل ۽ ماڻهن لاءِ راشن پاڻي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ فلاڻي فلاڻي بندرگاهه تي ترسڻو آهي.... وغيره وغيره. ۽ هي پکي فقط ۽ فقط دعائن ۽ توڪل تي ئي سفر ڪندا رهن ٿا، شايد!
سئيڊن ۾ پنهنجي پاڙي ’هولما‘ ۾ رهندڙ هڪ مڪاني سُئيڊ شاگرد کان پڇيم، جيڪو سئيڊن جي يونيورسٽي مان هنن لڏپلاڻ وارن (Migratory) پکين تي ڊاڪٽوريٽ Ph.D ڪري رهيو آهي، ته هي پکي جن نيويگشن جي ڪنهن به ڪاليج مان تعليم حاصل نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪا جاگرافي پڙهيا آهن، پنهنجي منزل تي ڪيئن ٿا پهچن؟ ۽ سڄو سيارو اسپين، موراڪو يا سنڌ ۽ راجستان ۾ گذاريو وريو اچيو هن شهر مالمو جي پارڪن ۽ بس اسٽاپن تي پهچن.
هن جي ڄاڻ مطابق:
قدرت هنن تي اهو علم وَحي ڪيو آهي يعني Instinct جو حصو آهي، جيئن ٻار ڄمڻ سان ٿڃ پيئي ٿو. اڃان به بهتر مثال ڪميءَ جي ٻچن جو آهي. ڪمي (ڪڇون) بيضا ڏيڻ لاءِ سمنڊ مان نڪري ڪناري تي اچي ٿو ۽ سمنڊ کان چڱو پري ريتيءَ ۾ کڏ کوٽي ان ۾ پنجاهه سٺ آنا لاهي کڏ پوري واپس هليو ٿو وڃي. ڪجهه عرصي کانپوءِ ٻچا آنا ڦوڙي ٻاهر نڪري، مٿي اچن ٿا ۽ يڪدم سمنڊ جو رخ رکن ٿا. هنن کي ڪيئن ٿي خبر پوي ٿي ته سمنڊ هن پاسي آهي! کين مخالف طرف ڪرڻ سان هو مڙي وري سمنڊ ڏي رخ ڪن ٿا. هنن کي قدرت طرفان وحي ٿيل آهي ته سمنڊ ڪهڙي طرف آهي ۽ هنن جو بچاءُ سمنڊ ۾ آهي. دير ڪرڻ سان ڪانگ، سرڻيون ۽ ڪتا ٻلا کين کايو وڃن. سو هجرت ڪندڙ پکين کي قدرت طرفان Instinct آهي.
جبل، نديون، چراگاهه ۽ ٻيون ڌرتي مٿان نظر ايندڙ شيون Topographic Clues به هنن جي مدد ڪن ٿيون، جيڪي هنن لاءِ ائين آهن جيئن رستي تي لڳل بورڊ. هي جبل اچڻ کان اڳ کاٻي مڙڻو آهي، پوءِ وهندڙ درياهه مٿان سڌو ئي سڌو اڏامڻو آهي..... وغيره وغيره.
ڪن سائنسدانن جو اهو به خيال آهي ته پکي پنهنجي راهه جو تعين سج جي پوزيشن ذريعي به ڪن ٿا، جيئن اسان جهاز جي رفتار جو اندازو ۽ 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل سفر جو مفاصلو مختلف وقتن تي سج جي پوزيشن ذريعي حاصل ڪريون ٿا. بهرحال جي ائين آهي ته پوءِ هي پکي وڏا سياڻا چئبا جو بنا سيڪسٽنٽ (Sextant) ، بنا لاگ ٽيبل يا ڪئلڪيوليٽر جي، بنا ڪاغذ ۽ قلم جي، پنهنجي دماغ ۾ سڄو حساب ڪتاب ڪريو وٺن ۽ دماغ به ڪو خاص وڏو نه اٿن. پکيءَ جو مٿو چيري ڏسو! منجهس اڌ کان گهڻو حصو اک والاري ٿي. ميڄالو ته ڪو ذرو پرزو اٿس جو مٿي جي پٺين حصي جي هڪ ڪنڊ مس ٿو والاري.
پکين تي PhD ڪندڙ مالمو (سئيڊن) جي هن شاگرد ٻڌايو ته ڪيترائي پرديسي پکي رات جي وقت سفر ڪن ٿا، جڏهن سج ۽ ڌرتي تي موجود شيون (Landscape) نظر نٿيون اچن. رات جي وقت هو گهڻو ڪري تارن کان مدد وٺي پنهنجي منزل ڏي وڃڻ جي راهه جي آگاهي حاصل ڪن ٿا. هي سائنسدان چون ٿا ته ائين به هوندو. ڪجهه ڪجهه لڳي به ائين ٿو، جو ڪيترا پکي پئرس، روم، نيويارڪ، لنڊن جهڙن شهرن مان گذرڻ وقت، وڏين عمارتن ۾ ٻرندڙ بتين جي جهڳمڳ جهڳمڳ يا عمارتن جي چلڪندڙ شيشن ۾ بتين جي اولڙن تي ڀلجي پون ٿا. هو جن تارن ڪَتين ۽ ڇٽن (Constellations) کي دماغ ۾ رکي اڏامن ٿا، اهي هنن جي دماغ مان نڪريو وڃن ۽ صحيح ٽريڪ تي اچڻ جي ڪوشش ۾ هو اتي ئي چوڌاري ڦرندا رهن ٿا. نيٺ ٿڪجي فنا ٿي هيٺ ڪري پون ٿا يا انهن عمارتن سان ٽڪرائجيو پون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر سال وڏن شهرن جي عمارتن سان ٽڪرائجي لکين پکي مرن ٿا. سنگاپور، هانگ ڪانگ، جبرالٽر يا ٻين وڏن بندرگاهن يا سوڙهن رستن تان اسان جي جهازن جو لنگهه ٿئي ٿو ۽ جڏهن جهازن ۽ شهرن جي عمارتن جون بتيون نيويگيشنل بتين (جهازرانن کي رستو ڏيکاريندڙ سمنڊ يا ڪناري تي لڳل بتيون) گڊ مڊ ٿيو وڃن ته ان وقت اسان جي به ڪهڙي حالت ٿيندي آهي. صحيح رستو وڃائي ويهندا آهيون ۽ وري ساڳي ٽرئڪ تي اچڻ لاءِ ڇا ته جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي ۽ اهڙن موقعن تي ٿوري به ڪوتاهي يا انسان جي ذهني يا جسماني ٿڪاوٽ، حادثو ڪرايو وجهي ۽ موت جو سبب بڻجي ٿو.
صحيح آهي ته هجرت ڪندڙ Migratory پکين مان ڪي رات جو سفر ڪن ٿا ۽ واقعي رات جي وقت، خاص ڪري جهاز جي ڊيڪ تان، هي پکي نظر ايندا آهن. چوڌاري سمنڊ هوندو آهي ۽ هي پکي ڪڏهن ماٺ ۾ ته ڪڏهن لاتيون لَوندا، موسم مطابق ڪڏهن ڏکڻ ڏي ته ڪڏهن اتر طرف پيا ويندا آهن. جهاز ڪٿي ائنڪر تي ٻڌل هوندو آهي يا خراب ٿيڻ ڪري انجڻ بند ٿي ويندي آهي ته سمنڊ جي ڇولين جي هلڪي ٿپ ٿپ سان گڏ هنن پکين جي پرڙن هڻڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي.
انهن پکين وانگر اسان وٽ هن سائنسي دور ۾ به ڪيترائي ناکئا بنا ڪنهن ”اليڪٽرونڪ نيويگيشنل ايڊ“ جي، فقط ۽ فقط تارن جي مدد ذريعي ڪراچي کان دبئي، ڪراچي کان ممبئي پهچيو وڃن. ڪي ناکئا ته ويندي ڪراچي کان جبو تي يا مغديشو (سوماليا) کان به وڃيو نڪرن. پر طوفاني راتين ۽ مينهوگيءَ جي مند ۾ جڏهن آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڀريل هوندو آهي ۽ واٽ ڏَسيندڙ ڪو تارو نظر نه ايندو آهي ته هنن جون وايون بتال ٿي وينديون آهن. هنن کان تَڙَ توائي ٿي ويندا آهن ۽ اونداهه ڪارونڀار ۾ هنن لاءِ طرف سڃاڻڻ ڏکيا ٿي پوندا آهن. اسان جي جهازن تي کڻي ريڊار ٿين ٿا، ايڪو سائونڊر ٿين ٿا، ڊي ايف (Direction Finder) ٿين ٿا ۽ مختلف ڪمپاسن ذريعي ٽيئي اتر (جاگرافيائي اتر، چقمقي اتر ۽ True اتر) ڳولي وٺون ٿا. ان ڪري جهڙالين راتين ۾ به پنهنجي سفر کي جاري رکون ٿا. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهڙين راتين ۾ جيڪي هنن پکين جي سفر ۾ پڻ ڪٿي نه ڪٿي ضرور اينديون هونديون ۽ تارا ڪَتيون غائب ٿي وينديون هونديون، هي پکي رات جي وقت پنهنجو سفر ڪيئن ٿا جاري رکن؟
پکين جي معلومات رکندڙ هن شاگرد ٻڌايو ته ڪجهه پکي اهڙا آهن جيڪي جهڙالين راتين ۾ به پنهنجو سفر قائم رکن ٿا. هنن جي اندر ۾ قدرت طرفان ڪو اهڙو ڪمپاس (قطب نما) فِٽ ٿيل آهي جو هو ڌرتي جي چقمقي فيلڊ (Magnetic Field) کي پرکي سگهن ٿا.
پکين تي کوجنا ڪندڙ ڪجهه سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو لڏپلاڻ ڪندڙ هنن پکين جي ميڄالي ۾ پاليل ڪبوترن وارو ڪيميائي مادو هجي، جنهن کي انگريزي ۾ Magnetite سڏجي ٿو، جنهن کان ڪيمسٽري جو هر شاگرد واقف آهي. ڪجهه سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته پکي اکين يا دماغ ذريعي نه پر ڪنن ذريعي پنهنجي راهه ڳولين ٿا، جنهن تي هلي هو منزل تي پهچن ٿا. هو ڪنهن ذريعي هيٺاهين فريڪئنسي وارا آواز، جيئن ته سمنڊ جي ڇولين جي اٿل پٿل، سوين ميلن تان ٻڌي سگهن ٿا.
ائين به ناهي ته رستو ڳولڻ ۾ پکي غلطي نٿا ڪن. جڏهن انسانن کان ئي چُڪون ٿيو وڃن ته پکين کان ڇو نه ٿينديون هونديون. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته سمنڊ تي لڳندڙ طوفانن ۽ مونجهارن ڪري ڪيترا پکي واٽون وڃائي ويهندا آهن ۽ اتر ڪئناڊا کان نڪتل پکي ڏکڻ طرف برازيل يا وچ آمريڪا ڏي ويندي، طوفانن ۾ وچڙي ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪري اوڀر طرف يورپ کان اچي نڪرندا آهن. بهرحال اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ڪولمبس جهڙو چڱو مڙس ئي سمنڊ تي رستو وڃائي ويٺو. هو ايسٽ انڊيز (انڊونيشيا، ملايا وغيره) لاءِ پنهنجي ملڪ اسپين کان نڪتو هو. آفريڪا کنڊ جي ڇيڙي تائين پهچي کاٻي پاسي اوڀر طرف رخ ڪرڻ بدران ساڄي اولهندي ڏي ڌوڪيندو ويو. چڱو جو ان طرف زمين هئي ۽ پوءِ هن کي ڪريڊٽ مليو ته هن آمريڪا ايجاد ڪيو آهي پر جي زمين نه هجي ها يا آمريڪا اڃان به هفتو کن ڏور هجي ها ته بک ۾ پاهه ٿيندڙ جهازران هڪ ٻئي کي کائي کپائي ڇڏين .

پکي لڏپلاڻ ڇو ٿا ڪن؟

ڪئناڊا جي هڪ ننڍي بندرگاهه ”بي ڪامو“ ۾ اسان جي جهاز تان گوار جهڙين ڦرين جو ٻج لهي رهيو هو. هن ٻج سان اسان سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار مان جهاز کي ڀرائي، ڪئناڊا جي هن ڏور اتراهين بندرگاهه ۾ پهتا هئاسين. ٻج ۽ اناج تي ڪيترن ئي قسمن جا پکي هيڏانهن هوڏانهن چُڳي رهيا هئا. انهن ۾ هڪ پنج انچ کن ڊگهو جهرڪيءَ جهڙو پکي پڻ هو، جنهن لاءِ اتي ڪم ڪندڙ هڪ شيدي فورمئن چيو ته هن جو نالو ٽينيسي واربلر آهي. اُهي جولاءِ جا ڏينهن هئا. شيدي ڏاڏي چيو ته جهاز خالي ٿيڻ ۽ مرمت بعد جڏهن اسان نيويارڪ، بالٽيمور، هيوسٽن ۽ آمريڪا (USA) جي ٻين بندرگاهن مان سامان کڻي ويسٽ انڊيز جي ٻيٽن ٽرنيڊاد ۽ ٽباگو نومبر ڌاري پهچنداسين ته هي پکي اسان کان اڳ اتي پهتل هوندو. ان وقت مونکي ڏاڏي جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي جنهن جي ڏاڏي 1932ع ۾ ٽرنيڊاڊ کان لڏي ڪئناڊا ۾ اچي گهر وسايو هو. بعد ۾ خبر پئي ته مٿيون پکي هجرت ڪندڙ پکي آهي ۽ هر سال ڪئناڊا جي سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ 3000 ميلن جو سفر ڪري وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا وڃي ٿو ۽ وري بهار جي موسم شروع ٿيڻ سان ڪئناڊا واپس وري ٿو. هو موٽڻ بعد ساڳي هنڌ تي پهچي ساڳي وڻ تي آکيرو ٺاهي آنا لاهي ٿو.
ڪئناڊا واري ڏاڏي (شيدي) فورمئن جي ڳالهه ائين آهي جيئن ماسڪو، لينن گراڊ، هيلسنڪي يا اسٽاڪهوم جي ڪنهن پارڪ ۾ ڪنهن ڪونج، هنجر يا نيرڳ کي ڏسي آئون چوان ته هي پکي نومبر جي مهيني ۾ توهانکي منڇر يا ڪينجهر ڍنڍ تي يا سانگهڙ جي سانگراڙو يا نونگهڻو ڍنڍ تي نظر ايندو.
پکين جي لڏپلاڻ بابت هڪ ٻيو نقطو!
چيو وڃي ٿو ته سيءَ کان ڀڄڻ خاطر ۽ کاڌي جي ڳولا لاءِ اتراهن ٿڌن ملڪن کان سياري ۾ پکي ڏکڻ ڏي روانا ٿين ٿا. صحيح آهي. ائين ئي لڳي ٿو. پر يارو اهو به ته سوچيو ته انهن ۾ ڪي پکي پڪ عجيب مسخرا هوندا جو هيڪاندو گهڻو ڏکڻ ڏي هليا وڃن ٿا. جيئن ناروي، سئيڊن ۽ ٻين اتراهن ملڪن جا پکي سيءَ کان بچڻ لاءِ ڏکڻ طرف وڌ ۾ وڌ اسپين ۽ اٽليءَ تائين کڻي وڃن ۽ اتي ئي سيارو گذارين. ۽ اهو به آهي ته ڪجهه پکي اتيئي ٽِڪي پون ٿا پر ٻيا خبر ناهي ڇو سڄو ميڊيٽرينين (ڀوءَنچ) سمنڊ لتاڙي الجيريا، لبيا ۽ ڪي ته ترڪي ايران مان ٿيندا سنڌ ۽ گجرات (هندستان) کان وڃيو نڪرن. بهرحال ڪو اعتراض ناهي. بلڪه هنن پرديسي پکين جي اها سٺي ڳالهه آهي. جي هو عقل کان ڪم وٺي پاڻ کي وڌيڪ تڪليف ۾ وجهڻ جي نه سوچين ۽ فرانس ۽ اسپين جي ڏاکڻين ڍنڍن، درياهن ۽ سامونڊي ڪناري تي ئي ٽِڪي پون ته پوءِ اڄ اسانکي سنڌ ۾ ههڙا سهڻا پکي ڪٿي نظر اچن ها!
هڪ ٻي ڳالهه. سئيڊن جي شهر مالمو جي هڪ بس اسٽاپ جي بينچ تي آئون ۽ مون سان گڏ اتي جي يونيورسٽي مان M.Sc ڪرڻ وارو چيف انجنيئر حميد قاضي ويٺو هو. جولاءِ جو مهينو هو. هڪ ٻه رتنبا (Red Crested Pochard) ۽ اڇڙا (Marbal Ducks) اسان جي پيرن وٽ ناز سان هلي رهيا هئا. مون هڪ رتنبي جي پٺيءَ تي هٿ ڦيريو. هو نه ڇرڪيو ۽ نه ڀڙڪو ڏئي ڀڳو. هو پنهنجي ناز وار چال سان اڳتي وڌندو ويو. مون کلي قاضيءَ کي چيو ته يار هي پکي به وڏا سياڻا آهن. نومبر ۽ ڊسمبر ۾ جڏهن هو سنڌ ۾ آهن ته اتي ته ائين ڪنهن ماڻهوءَ جي ويجهو وڃن. هتي سئيڊن ۾ هڪ سنڌيءَ کان پٺيءَ تي هٿ لهرائيندي به ڊڄن نٿا جو هنن کي خبر آهي ته سئيڊن جي حڪومت ان معاملي ۾ سخت آهي. پرديسي پکين کي نقصان رسائڻ تي نه فقط ڏنڊ آهي پر جيل جي سزا پڻ آهي. ائين جي نه هجي ها ته هي بدڪون ۽ آڙيون ته ڇا، سئيڊن جا پاريهڙ به پاڻ وارو ٽيونيشيا جو عرب محمد عياض ڪُهي کائي ڇڏي ها. هڪ ڏينهن ڪوپن هيگن جي ريلوي اسٽيشن جي ڇت جي ڪامن ۾ ويٺل پاريهڙن ڏي اشارو ڪري محمد عياض مونکي چيو هو،”الطاف! حڪومت طرفان بندش نه هجي ته روز ڇُري کڻي گهٽ ۾ گهٽ ٻه پاريهڙ ڪُهي کڻي وڃان.“
مونکي حيرت مان گهوريندوڏسي چيائين،”توهان پاڪستاني شايد پکين کي نٿا کائو.“
”خير Reputation ته اسان پاڪستانين جي، بلڪه اسان سنڌين جي به ڪا خاص سٺي ناهي.“ مون عياض کي ٻڌايو، ”اسان ته هنن خوبصورت پکين جو اهڙو سُک ڦٽايو آهي جو اسان وٽ هاڻ اچڻ ئي گهٽائي ڇڏيو اٿن. پر اسان پاريهڙن ۽ ڪبوترن جو نالو نه وٺندا آهيون.“
منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ هاڻ اسان وٽ پاريهڙ ئي وڃي بچيا آهن، جن جو نه ڪو وڏيرو وزير نالو وٺي ٿو نه وري ڪو باگڙي ڀيل. سنڌ ۾ پاريهڙ پکيءَ لاءِ چوندا ته هي پکين ۾ سَيد آهي. هن کي مارڻ گناهه آهي. آس پڄڻ تي هنن پکين کي اَنُ پيا کارائيندا. باقي ٻين پکين کي نه فقط اسين پاڻ، پر عربن کي به وٺي اينداسين ته اچي ڪُٽيون.
ناروي جي هڪ اتراهين بندرگاهه ٽرنڍهام ۾، جتي پکين جون تمام گهڻيون ڪالونيون آهن، پکين جي هڪ ماهر Ornithologist کان پڇيم ته پکي لڏ پلاڻ ڇو ٿا ڪن؟ هنن کي سرءَ جي موسم ۾ ڏکڻ ڏي ۽ بهار جي موسم ۾ واپس اتر ڏي ورڻ جي هورا کورا ڪيئن ٿي ٿئي؟
اورنيٿالاجسٽ ان کي سڏجي ٿو جنهن کي پکين جي ڄاڻ هجي جيئن بايولاجسٽ يا زولاجسٽ وغيره. بايولاجي ۾ دراصل باٽني ۽ زولاجي اچيو ٿيون وڃن. Ornithology زولاجي جي اها برانچ آهي جيڪا پکين ۽ انهن جي عادتن وغيره سان واسطو رکي ٿي. بهرحال هن آرنيٿالاجسٽ مطابق ”فوٽو پيرڊزم“ پکين کي هجرت لاءِ مجبور ڪري ٿو. فوٽو پيرڊزم دراصل ڏينهن جي ننڍي يا وڏي ٿيڻ جي اثر کي سڏجي ٿو. بقول ڊڪشنري جي؛
Photoperiodicity is the physiological reaction of organisms to the length of day or night.
پکين جي سائنسدانن موجب ڏينهن جي واڌ يا کوٽ پکين جي Pituitary ۽ Pineal غدودن تي اثر ڪري ٿي ۽ پکي اڏامڻ لاءِ بي چين ٿيو وڃن ۽ آخرڪار هنن کي محسوس ٿئي ٿو ته هاڻ اڏامڻ جو وقت اچي ويو آهي.سائنسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته انهن ئي ڏينهن ۾ پکين جون Pectoral muscles تي به سوڄ چڙهيو وڃي. هنن ۾ هيڪاندي گهڻي مضبوطي ۽ طاقت پيدا ٿيو وڃي. ۽ اها ئي شيءِ آهي جيڪا هڪ ننڍڙي ”همنگ برڊ“ جهڙي پکيءَ ۾ ايڏي قوت پيدا ڪري ٿي جو هو هڪ سڪينڊ ۾ 50 دفعا پَر هڻي ٿو ۽ لڳاتار اڏامي خليج ميڪسيڪو (سمنڊ) جو 500 ميلن جو فاصلو 25 ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو.
سنڌ جي هڪ اخبار ۾ پڙهيو هوم ته هي پرديسي پکي پنهنجي اتراهين وطن کان بُکيا اُڃيا نڪرن ٿا جو جڏهن هو سنڌ جي ڍنڍن ڍورن تي لهن ٿا ته بيحد ڪمزور حالت ۾ هوندا آهن ۽ يڪدم چُڳڻ ۾ لڳي ويندا آهن. پهريان ٻه ٽي ڏينهن ته هنن کي جيڪي ڪجهه ملندو آهي اهو چُڳندا رهندا آهن. ان بعد هو پنهنجي پسند جي خوراڪ جي ڳولا ڪن ٿا......
بهرحال مٿين ڳالهه جو آخري حصو ته صحيح آهي پر پهريون غلط آهي. سنڌ ۾ ايندڙ هي پرديسي پکي سرءُ جي موسم ۾ جڏهن هتان سفر جو سانڀاهو ڪن ٿا ان وقت هنن جي صحت ڏسڻ وٽان هوندي آهي ۽ پوءِ هفتن جا هفتا پَر هلائڻ ۽ رستي تي جهڙو تهڙو پيٽ ڀرڻ ڪري هو ڪمزور ٿيو وڃن. اهو ائين آهي جيئن هڪ ماڻهو ڊائيٽنگ هڪ طرف ڪري ۽ ٻئي طرف سڄو ڏينهن ڊوڙندو رهي ته هفتي ٻن ۾ هن جي ڇا حالت ٿي ويندي. سو پکين جي به مشقت ڪري چرٻي ڳريو وڃي ۽ ڏٻرا نظر اچن ٿا ۽ وري کائي کائي جڏهن ٿُلها ٿين ٿا ته بهار جي موسم اچيو وڃي ۽ هنن کي پنهنجي وطن ڪوچ ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻي پوي ٿي.
پکين جي هڪ سائنسدان چيو ته قدرت طرفان جيئن ئي پکين جي جسم تي چرٻي چڙهي ٿي ته پکي بي چين ٿيو وڃن ۽ هو ان کي ڳارڻ لاءِ اڏامڻ ضروري سمجهن ٿا. اهي پکي جيڪي لڏپلاڻ نٿا ڪن، هڪ ئي علائقي ۾ رهن ٿا اهي هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڏهه منٽ يا اڌ ڪلاڪ کن اڏامي وري ڪٿي وڻ تي يا پٽ تي اَن داڻو چُڳي پيٽ ڀرين ٿا. پر اهي پکي جيڪي هڪ ملڪ ڇڏي ڏورانهن ڏيهه وڃن ٿا ۽ هنن کي لڳاتار اڏامڻو پوي ٿو انهن لاءِ سندن جسم تي چرٻيءَ جو هجڻ ضروري آهي، جنهن کي هو اڏامڻ وقت ساڙين ٿا جيئن هوائي جهاز جي انجڻ هلڻ لاءِ تيل جو هجڻ ضروري آهي. پوءِ ڪي پکي آرڪٽڪ ٽرن جهڙا، جيڪي ٻه ٻه مهينا سفر ڪن ٿا، اهي رستي تي نظر ايندڙ چراگاهن، جهنگلن ۽ ڍنڍن ڍورن تي ساهي پٽي چُڳندا وڃن ٿا پر سندن اهو چُڳڻ فقط گُجي ڀري بُک مٽائڻ آهي. ٻن ٻن ڏينهن جي بُک بعد لَپ ڪَڻن مان هنن تي چرٻي نٿي چڙهي. ڪي پکي، جيئن ته هڪ ڪار ڪڻڇي جهڙي پکي (Blackpolls) لاءِ ٻڌائين ٿا ته نيو انگلنڊ کان نڪري ٿو ته يڪا 110 ڪلاڪن جي اڏار بعد (يعني چار راتين ۽ پنجن ڏينهن ۾) سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري ڏکڻ آمريڪا جي سرزمين تي پهچي ٿو. ان سفر ۾ هي پکي هيٺ لهي به نٿو سگهي جو هيٺ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ائٽلانٽڪ ٽرن، هنجرن، رتنبن ۽ نيرڳ جهڙن پکين لاءِ سمنڊ مٿان اڏامڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. بلڪه اهڙا بدڪن ۽ سي گل قسم جا پکي سمنڊ مٿان ئي اڏرڻ بهتر سمجهن ٿا جيئن ٿڪ ڀڃڻ ۽ مڇي ڏيڏر کائڻ لاءِ هنن لاءِ سمنڊ وڌيڪ Safe آهي جو هو آبي پکي آهن. پر ڪارڪڻڇي جهڙن پکين لاءِ ائٽلانٽڪ جهڙو سمنڊ اڪرڻ وڏو امتحان ۽ آزمائش آهي، جو اهو هيٺ لهڻ تي سمنڊ مٿان تري نٿا سگهن.

پکي سٺا ناکئا آهن

بهرحال پکين جي هيڏي معلومات حاصل ڪرڻ جي باوجود اڃان تائين ڪوبه سائنسدان يا زولاجسٽ Navigation جو مسئلو حل ڪري نه سگهيو آهي ته پکي بنا ڪنهن نقشي، قطب نما، ايڪو سائونڊر، رڊار ۽ ڊئريڪشن فائينڊر (D.F) جي صحيح منزل تي ڪيئن ٿا پهچن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڏينهن جو يا رات جو اڏامڻ وقت هو سج، چنڊ ۽ تارن جي مدد وٺن ٿا پر انهن سان هنن کي فقط سندن پوزيشن جي خبر پوي ٿي ته هو دنيا جي گولي تي ڪهڙي هنڌ آهن. جيئن اسان جهاز هلائيندڙ Sextant دوربين ذريعي چوويهن ڪلاڪن ۾ ٽي يا چار دفعا کن سج ۽ ڪجهه خاص تارن جي پوزيشن معلوم ڪريون ٿا ۽ ٽرگناميٽري ذريعي حساب ڪري پنهنجي جهاز جي ڌرتي (يعني ان سمنڊ تي) پوزيشن معلوم ڪريون ٿا ته اسان اتر اڌ گول ۾ آهيون يا دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾، قطبن جي ويجهو آهيون يا خط استواجي، ۽ ميل اڌ جي فرق سان اسان Exact پوزيشن ڪڍيو وڃون ته ڪهڙي ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڪهڙي ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي اسان جو جهاز آهي. پوءِ چارٽ (سامونڊي نقشي) تي پينسل سان پنهنجي پوزيشن جو نشانو هڻون ٿا ۽ هڪ ڏينهن اڳ، ان وقت تي ورتل پوزيشن کان ماپ ڪيون ٿا ته خبر پوي ته جهاز دنيا جي گولي تي ڪيترا ميل سفر ڪيو. جهاز پاڻ کڻي چوويهه ڪلاڪن ۾ 500 ميل هليو هجي، جنهن جي خبر جهاز جي انجڻ جي RPM ميٽر مان پئجيو ٿي وڃي، جيئن ڪار جي مائيلِو ميٽر مان خبر پئجيو وڃي. ڪراچي کان حيدرآباد ويندي ڪار ڪيترا ميل هلي ۽ حيدرآباد پهچڻ ۾ ڪيترا ميل اٿس. هوائي جهاز جو فاصلو به ائين ماپي سگهجي ٿو پر پاڻيءَ جي جهاز ۽ پکين لاءِ ٻيا ڪجهه فئڪٽر مسئلو پيدا ڪن ٿا. سامهون يا پٺيان کان لڳندڙ تيز هوائون کين سندن پرن هڻڻ جي حساب سان پٺيان يا اڳيان ڪريو ڇڏين. واچوڙا ۽ طوفان جن ۾ گهيري واريون هوائون لڳن ٿيون، پکين ۽ پاڻيءَ جي جهازن کي نه رڳو اڳيان پويان پر ساڄي يا کاٻي لوڙهيو ڇڏين. پاڻي وارن جهازن کي ته سامونڊي ڇوليون ۽ ڪُن به توائي ڪريو ڇڏين ۽ پوءِ ٺاپر اچڻ تي سج تارن ذريعي اسان معلوم ڪريون ٿا ته اسان جو جهاز ڪٿي ۽ ڪهڙي هنڌ آهي ۽ پوءِ منزل تي وڌڻ کان اڳ اسان پنهنجي جهاز کي ان ڪورس تي آڻيون ٿا، جيڪا راهه اسان چارٽ تي پينسل سان اڳواٽ ٺاهي آهي ته اها وٺي هلنداسين ته منزل ڏي وڌندا رهنداسين.
سو سائنسدانن جي انهن ٿيورين کي ته کڻي مڃتا ملي آهي ته هل سائين پکي سج، چنڊ تارن کان مدد وٺن ٿا پر ان مدد ذريعي، هنن کي فقط سندن پوزيشن جي خبر پوندي هوندي ته هو دنيا جي گولي تي ڪهڙي نقطي تي آهن. سندن مهيني مهيني جي اڏام ۾ هنن کي ضرور طوفانن ۽ جَهڪُن ۽ واچوڙن مان به گذرڻو پوندو هوندو ۽ دماغ ۾ رکيل اصلي راهه تان ٿيڙ کائي ويندا هوندا. سو سوال اهو ٿي پيدا ٿئي ته هو پنهنجو ڪورس ڪيئن ٿا سَيٽ ڪن ۽ طوفان جهڙين آفتن بعد ان ڪورس تي واپس ڪيئن ٿا اچن! اها ڳالهه سائنسدانن کي اڃا تائين منجهائيندي اچي. ڏٺو وڃي ته ويندي ٻيون ڳالهيون به فقط ٿيورين جي روپ ۾ آهن. پکي ڳالهائي ته نٿا سگهن جو هو (پکي) ٻڌائين ته اسان (انسان) جيڪي سوچيون پيا اهي حقيقتون (Facts) آهن يا بيوقوفيءَ جا ڌُڪا.
جيئن مثال طور سائنسدان چون ٿا ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ ۾ پکي ڌرتي جي اهم شين کي ڌيان ۾ رکن ٿا. مثال طور ڪونجون سائيبيريا جي علائقي مان نڪرڻ وقت پهرين هندوڪش يا هماليه جبلن جي قطارن کي نظر ۾ رکي پوءِ سنڌو نديءَ کي فالو ڪنديون سنڌ ۾ لهن ٿيون. پر ڪيترائي اهڙا تجربا ڪيا ويا آهن جن ۾ هنن لڏپلاڻ وارن پکين کي سندن اصلي وطن بدران ڪنهن ٻئي ڏورانهن هنڌ ڏي کڻي جڏهن اتان ڇڏيو وڃي ٿو ته به هو ڦري گري ان منزل تي پهچيو وڃن جنهن تي هو سالن کان ايندا رهن ٿا.
هي پکي ڪيئن ٿا رستو ڳولين؟ ڪيئن ٿا منزل لهن؟ ان ڳالهه سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي! هڪ ٿيوري اها به آهي ته هي پکي ڌرتي جي چوڌاري Field of Magnetism جي لهرن مان رستو ڳولين ٿا، جيئن اسان جهاز هلائيندڙ قطب نما جي سئيءَ مان طرفن جو حساب لڳايون ٿا ۽ اها سئي ڌرتي جي چقمقي لهرن جي ڄار مطابق پاڻ کي Set ڪري ٿي. انهن چقمقي لهرن کان علاوه پنهنجي راهه جو تعين، هي پکي ڌرتي جي ڇِڪَ Vertical Direction of Gravity مان به ڪن ٿا.
لڏپلاڻ وارن (Migratory) پکين جي اڏام بابت هڪ اهم نقطو. هو ڏينهن جا ڏينهن، بلڪ هفتن جا هفتا اڏامندا رهن ٿا. ڪي ته هڪ هڪ سؤ ڪلاڪ به لڳاتا اڏامن ٿا پر جن جي منزل ڏور آهي اهي ڏينهن ٻن جي اڏام بعد ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪ ته ڪڏهن ڏينهن ٻه رستي تي ڪنهن ڍنڍ تي، سمنڊ جي ڪناري تي يا ڪنهن پارڪ، جهنگل، چراگاهه ۾ ترسي ساهي پٽين ٿا. هو ڪڏهن سمنڊن مٿان اڏامن ٿا ته ڪڏهن رڻ پٽ ريگستان مٿان. جيڪي آبي پکي آهن، يعني جيڪي تري سگهن ٿا ۽ جيڪي کاڌ خوراڪ پاڻيءَ مان حاصل ڪن ٿا، اهي پکي ڪوشش ڪري سمنڊ يا درياهه جو ڪنارو ڏئي هلن ٿا. هنن جي اها ئي ڪوشش رهي ٿي ته جتي زمين جو حصو گهٽ هجي اتان گذرجي. جيڪي جبل، ريگستان يا زمين جا پکي آهن، اهي اهڙو رُوٽُ اختيار ڪن ٿا جتان هنن کي سمنڊ مٿان اڏامڻو نه پوي. جيئن اسان اهڙو جهاز، جنهن ۾ خرابي پيدا ٿيڻ جو انديشو هجي، يا اهڙي موسم ۾ جنهن مان اسان کي لڳي ته اها جهاز کي رهڙي رکندي، ڪوشش ڪري ڪنارو ڏئي هلون ٿا، جيئن جهاز جي انجڻ جي بريڪ ڊائون ٿي پوي، يا آڏو طوفان جي اک ۾ وڃي پئون ته يڪدم ڀڄي پاسو ڪري ڪنهن ويجهي بندرگاهه ۾ هليا وڃون يا ڪنهن زميني آڏ ۾ (جتي سمنڊ جي ڇولين جو اثر گهٽ محسوس ٿئي) ترسي Shelter وٺون ٿا.
اڄ ڪلهه طوفانن، بارشن ۽ زلزلن جي اڳواٽ خبر پئجيو وڃي پر اها فقط ڏينهن اڌ اڳ پوي ٿي. ائين ناهي ته نئين سال شروع ٿيڻ تي ان سڄي سال جي اڳواٽ خبر پئجي وڃي جيئن سال شروع ٿيڻ تي، مختلف شهرن جو چارٽ ڇپجيو وڃي ته ڪراچي، پنڊي يا لنڊن پئرس ۾ سج اڀرڻ جو هي ٽائيم هوندو ته لهڻ جو هي. موسم، مينهن يا طوفانن جي اهڙي سڄي سال جي اڳواٽ خبر نٿي پوي ته فلاڻن فلاڻن ڏينهن تي فلاڻن فلاڻن سمنڊن تي هن طاقت جا طوفان لڳندا. بهرحال اهو به سٺو آهي ته جهاز تي موجود اليڪٽرانڪ اوزارن ذريعي يا ڪناري جي ڪنهن ويجهي ريڊيو اسٽيشن ذريعي ڪنهن به هنڌ تي طوفان يا سامونڊي سائڪلون لڳڻ جو ڏينهن اڌ اڳ اطلاع مليو وڃي ۽ اسان پنهنجو پاڻ کي يعني جهاز کي، ان آفت کان ٿورو پاسيرو ڪريو ڇڏيون. يعني چارٽ (سامونڊي نقشي) تي ٺهيل ڪورس ۾ ٿوري گهڻي تبديلي آڻيو ڇڏيون ۽ گهٽ ۾ گهٽ طوفان جي اک کان پاڻ بچايو وٺون. شروع وارن سالن ۾ يعني سٺ واري ڏهاڪي ۾ مون جڏهن جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته انهن ڏينهن ۾ موسم جي اڳ ڪٿي ڪرڻ جا اوزار اهڙا ”هاءِ ٽيڪ“ نه هئا. ريڊيو اسٽيشن طرفان موڪليل رپورٽون به اهڙيون خاطري جوڳيون نه هيون. سو نتيجي ۾ اسان اوچتو لڳندڙ طوفانن ۾ سٽجي ويندا هئاسين.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته هي Migratory پکي جن کي اسين پرديسي، مهاجر، هجرت ڪرڻ وارا يا لڏپلاڻ ڪرڻ وارا پکي سڏيون ٿا، طوفانن ۾ پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪن ٿا، جڏهن مهينو مهينو ائٽلانٽڪ، پئسفڪ ٻين سمنڊن مٿان اڏرن ٿا؟ ان لاءِ پکين جي ڄاڻ رکندڙ سائنسدان (Ornithologists) اهو ٻڌائين ٿا ته پکين کي قدرت طرفان ٻين ڳالهين سان گڏ موسم جي سڃاڻ جي پڻ قابليت آهي. پکين لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو بهترين Weather Forecasters آهن. هنن کي طوفانن، بارشن ۽ کنوڻ گجگوڙن جي گهڻو گهڻو اڳ خبر پئجيو وڃي ۽ هو عارضي طور ان روُٽ کي avoid ڪن ٿا يا لِڪڻ لاءِ اَجهو ڳولين ٿا. سمنڊ جي اٿل پٿل ۽ موسم جي خراب ٿيڻ جي خبر ڪڏهن ڪڏهن اسان کي پکين جي Behaviour مان به پوي ٿي. سمنڊ توڙي ڪناري تي ڪبوترن جهڙا سامونڊي اڇا پکي Sea Gulls نظر اچن ٿا. جيڪي ڪڏهن بندرگاهه جي ويجهو ايندي يا بندرگاهه ڇڏڻ وقت، جهاز جي پٺئين حصي تي قطارون ڪري ويهندا آهن. هو سمجهن ٿا ته اهڙن موقعن تي جهاز جو ڀنڊاري (ڪِچن صاف ڪرڻ وارو) کاڌي پيتي جو بچيل سامان پٺيان اچي سمنڊ ۾ اڇلي ٿو جو اهو ڪن ڪچرو بندرگاهه ۾ اڇلڻ جي اجازت ناهي. بهرحال عام حالتن ۾ اسان فقط اهي اڇا پکي ڏسندا آهيون. جهاز جي نوڪري شروع ٿيڻ بعد پهرين ئي هفتي هڪ ڏينهن ڪارن کنڀن وارن پکين کي ڏٺوسين جيڪي ان وقت اسان کي سي گل جهڙائي لڳي رهيا هئا پر پوءِ ناروي سئيڊن ۾ رهڻ دوران خبر پئي ته سي گل پکين جهڙا اهي پکي ٽرن (Tern) سڏجن ٿا ۽ انهن جو اباڻو ديس آرڪٽڪ سمنڊ يعني سئيڊن ۽ ناروي پاسي جو اتراهون علائقو آهي. ٽرن پکي لاءِ خاص ڪري ”آرڪٽڪ ٽرن پکي“، جيڪو سفيد رنگ جو ٿئي ٿو، چيو وڃي ٿو ته هي پکي هر سال سڀ ۾ وڏو مفاصلو طئي ڪري ڏکڻ اڌ گول ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان وڃيو نڪري. انهي آرڪٽڪ ٽرن جون ٻيون به ڪيتريون ئي جنسون آهن جيئن ته انڪا ٽرن، يا هي بلئڪ ٽرن. سو هن ڪاري پکيءَ کي ڏسي جهاز تي پراڻن جهازران دوستن يڪدم چيو ته ڄاڻ ته طوفان آيو ۽ ائين ئي ٿيو! هنن دوستن کان پوءِ خبر پيئي ته هي پکي، جيڪي عام حالتن ۾ جهاز جي ويجهو نه ايندا آهن، اهي اهڙي موسم جي اڳ ڪٿي تي ڪناري ۽ جهاز تي بچاءُ جو سهارو وٺڻ لاءِ اچن ٿا. چيو وڃي ٿو ته ڪيترن ئي پکين کي بئروميٽرڪ پريشر (هوائي دٻاءَ) ۾ معمولي رد و بدل اچڻ تي به ڄاڻ ٿيو وڃي!
اسان جهاز هلائڻ وارا چوندا آهيون ته نيويگيٽر (ناکئو) اهو سٺو جيڪو خراب موسم مان به فائدو وٺي سگهي. يعني هو سڙهن کي اهڙو ڪنڊائتو رکي جو هوا هن جي فائدي ۾ ٿي پوي ۽ جهاز هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران پنهنجي صحيح راهه تي ئي رهي. جهاز انهي ئي ڪورس تي رهي جيڪو منزل تائين پهچڻ لاءِ چارٽ ۾ لڳايو ويو آهي. بهرحال اهڙو ناکئو (يعني ناؤ خدا يعني ڪئپٽن) ته کڻي ڪو ڪو هجي پر هر Migratory (لڏپلاڻ ڪرڻ وارو) پکي ان ڪم ۾ ماهر آهي. هو اهڙي موسم ۾ هروڀرو پنهنجي سفر کي روڪڻ بدران پوري پوري ڪوشش ڪري ٿو ته سندس سفر جاري رهي. هو پنهنجي فائدي واري هوا جي ڳولا ۾ عام ليول ڇڏي، مختلف هيٺاهين مٿاهين (Altitudes) تي اڏامي ٿو.
پکين جي نه فقط ڏسڻ جي طاقت وڌيڪ آهي پر ٻڌڻ جي پڻ. اسين انسان ڏهن کان ويهه Cycles per second جي وچ وارا آواز هرگز ٻڌي نٿا سگهون پر پکي چٽيءَ طرح ٻڌي سگهن ٿا. دنيا جي مشهور پکين جي ماهر سائنسدان اسٽيفن ايملين جو چوڻ آهي ته:
"Birds are not living in the same sensory world we live in. They are hearing, seeing and sensing a world expanded from ours.
يعني پکي حواسن جي ان دنيا ۾ نٿا رهن جنهن ۾ اسين انسان رهون ٿا. پکين جي حواسن جي سگهه اسان انسانن جي حواسن جي طاقت کان گهڻي وسيع، اونهي ۽ بلند آهي.

پکي به اهو ڪن ٿا جيڪو پائلٽ ڪري ٿو

لڏپلاڻ ڪندڙ (migratory) پکين بابت، ڪجهه عام ڳالهيون:

- لڏپلاڻ يا هجرت ڪندڙ پکي اتر جي سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ سيارو اسان جهڙن گرم ملڪن ڏي رهڻ لاءِ نڪرن ٿا يعني هو ڏکڻ طرف سفر ڪري خط استوا جي ويجهو ملڪن ۾ اهي ٽي چار مهينا گذارين ٿا، جتي سياري ۾ ڪو خاص سيءُ نٿو پوي. ڏينهن ننڍو ٿئي ٿو پر ايڏو ننڍو نٿو ٿئي. اها ٻي ڳاله آهي ته رات کان کڻي ڪلاڪ ڏيڍ ننڍو ٿئي ٿو. ناروي، ڊئنمارڪ، اتر ڪئناڊا، آئس لئنڊ يا سائبيريا جي علائقن وانگر ڏينهن رات نٿي ٿئي، جتي سياري ۾ رات تمام ڊگهي ٿئي ٿي ۽ ڏينهن جي روشني ڪا ٻه ٽي ڪلاڪ مس رهي ٿي.
- اونهاري جي موسم ۾ هي پکي اتر ڏي واپس ورن ٿا جتي هو آنا لاهي ٻچا ڪن ٿا. اتراهن ملڪن ۾ اونهاري جا ڏينهن هيڪاندا ڊگها ٿين ٿا جيڪا پکين لاءِ فائدي واري ڳالهه آهي. اتر سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ وغيره پاسي اونهاري ۾ ڏينهن جي روشني ويهه ٻاويهه ڪلاڪ به رهي ٿي ۽ هي پکي ڊگهي ڏينهن مان فائدو وٺي پاڻ ۽ پنهنجن ٻچن جي خوراڪ جي چڱي طرح ڳولا ڪري وٺن ٿا. اونهاري ۾ اتراهن ملڪن ۾ خوب ساوڪ ۽ وڻن ۾ ميوو ٿئي ٿو. ماڻهو گهٽ آهن. رستن تي ڪيترائي صوفن، ٻيرن، چَيرين، پستن ۽ بادامن جا وڻ اهڙا به آهن جن کي ڪو ماڻهو ڇيڻو هٿ ئي نٿو لاهي. پکي پکڻ کايو پيا ڍؤ ڪن.
- اتراهن ملڪن ۾ سخت سيءَ ڪري سياري ۾ پکي ڏکڻ ڏي لڏپلاڻ ڪن ٿا، پر ڪي ڪي جهرڪين جهڙا پکي ترسيو به پون ٿا. اهي گهرن ۾ ترسيو پون ۽ سياري جي ٿڌي موسم ۾ جڏهن چوڌاري برف جو ٿلهو تهه چڙهيو پيو آهي ۽ کائڻ لاءِ ڪو اَن ڪَڻو يا مَک ماڪوڙي نظر نٿي اچي ته ڪيترن ئي گهرن جا ماڻهو هنن پکين کي سڄو سيارو اَنُ ڏيندا رهن ٿا ۽ ان آسري تي اهي پکي هر سال ترسيو پون.
- مالمو (سئيڊن) ۾ منهنجي فلئٽ جي اتراهين دريءَ مان نظر ايندڙ ننڍڙي پارڪ جا سڀ پکي، سرد هوائن جي شروع ٿيڻ کان اڳ روانا ٿي ويا پر ڪجهه پاريهر ۽ ڪبوتر اتي ئي ترسي پيا. وڻن جا پن ته سڀ ڇڻي ويا رڳو سُڪَل ڪاٺيون نظر اچڻ لڳيون. رات جي بارش ۽ برفباري کان بچڻ لاءِ هي ڪبوتر سيمينٽ جي بينچن هيٺان لڪندا هئا ۽ هڪ ٻئي کان پري ويهڻ بدران هڪ ٻئي سان لڳي وهندا هئا جيئن کين سيءُ گهٽ لڳي ۽ جسم جي گرمائش اتي ئي رهي. آئون سوچيندو هوس ته هي کاڌو خوراڪ ڪٿان ٿا حاصل ڪن. چوڌاري ته برف ئي برف لڳي پئي آهي. ڪو ٻج يا ميوو ته ٿي پري جي ڳالهه، ڌرتيءَ تي ڪنهن گاهه جو هڪ پترو به نه آهي ۽ نه وري ڪو ڪنهن وڻ ۾ ڪو هڪ به پن آهي. پر پوءِ ڏٺم ته صبح جي وقت جيڪي ماڻهو پنهنجن ڪتن کي هنگائڻ مُٽائڻ لاءِ اُن پارڪ ۾ اچن ٿا اهي پاڻ سان هنن ڪبوترن لاءِ ٻج ۽ اناج کڻيو اچن.
- هڪ دفعي مالمو شهر جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور تان ڇانهينءَ جي ٻجن جي ٿيلهي (پاڪيٽ) خريد ڪري، يونيورسٽي ۾ رسيس ۾ کائي رهيو هوس ته ڊئنمارڪ جي ڪئپٽن مون تي حيرت کائيندي پڇيو: ”هي ڇا پيو ڪرين؟“
”ڇا پيو ڪريان! ٻج پيو کاوان ٻيو ڇا پيو ڪريان.“ مون وراڻيومانس.
”ڪمال آهي“، هن چيو، ”ٻج ته پکين لاءِ هوندا آهن پر لڳي ٿو اسپين وانگر توهان جي ملڪ ۾ به ماڻهو ٻج کائين ٿا.“
پوءِ خبر پئي ته سيارو شروع ٿيڻ سان مالمو يا سئيڊن جي ٻين شهرن جي ننڍن وڏن اسٽورن تي ٻين ملڪن کان ٻجن جا پاڪيٽ اچڻ شروع ٿي ويندا آهن. اهي ٻج اسان انسانن لاءِ نه هوندا آهن پر هتي جا نيڪ انسان اهي ٻج وٺي انهن پکين کي کارائيندا آهن جيڪي اڏامڻ کان لاچار ۽ معذور هوندا آهن ۽ سياري ۾ هتي ئي رهجي ويندا آهن.“
- پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به ٻڌائيندو هلان ته هيڏانهن سئيڊن ۽ ناروي پاسي ”نٽ ڪرئڪر“ نالي هڪ اهڙو به پکي ٿئي ٿو جنهن جي چوڌاري سنهن کنڀن جا ايڏا ته تهه آهن جو هن کي نه ٿڌ جي پرواهه ٿئي نه بک جي- ٻيا پکي ٿڌيون هوائون شروع ٿيڻ سان هتان لڏي ويندا آهن پر هي سڄو سيارو هتي پيو گهمندو آهي ۽ اهڙا پستن بادامن جهڙا Nuts پيو کائيندو آهي جنهن جي موسم ئي نه هجي. ڳالهه اها آهي ته هي پکي اونهاري جي موسم ۾ جڏهن وڻ ٽڻ مختلف ميون سان ڀريل هوندا آهن ته هي پکي Nutcracker)) سياري جي موسم لاءِ مختلف نٽ-خاص ڪري pine nuts گڏ ڪرڻ شروع ڪندو آهي. هتي جي ماهرن تجربا ڪيا آهن ته هن جنس جو هڪ هڪ پکي پنهنجي کاڌي لاءِ اٽڪل ٽيهه هزار ”پائين نٽ“ گڏ ڪري ٿو ۽ اهي سڀ هڪ هنڌ لڪائڻ بدران 15 ميلن جي گهيري ۾ اٽڪل 5000 کن ننڍين ننڍين کڏن ۾ لڪائي ٿو ۽ پوءِ سيارو اچڻ تي پنهنجي يادداشت کان ڪم وٺي هڪ هڪ کڏ کي کوٽي ان مان نٽ ڪڍي کائي ٿو. هن پکيءَ جي يادداشت جو ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي. ذرا سوچيو ته سياري ۾ هتي جي ڌرتي برف جو لسو تهه بڻجي وڃي ٿي. ان لس ئي لس برف تي اندازو لڳائڻ ته هن ڪهڙي ڪهڙي هنڌ کڏ کوٽي سياري جي خوراڪ لڪائي آهي، ڪمال جي ڳالهه ئي آهي. بندرگاهه ۾ جهاز جي گهڙڻ وقت اسان جهاز هلائيندڙن مان هر هڪ کي پنهنجي ڇڪڻ لاءِ سگريٽن جي فقط هڪ ڪارٽن يعني ڏهن پاڪيٽن جي اجازت هوندي آهي. بندرگاهه ۾ جهاز پهچڻ تي ان ملڪ جو عملو سختي سان چڪاس ڪندو آهي ته ڪنهن وٽ مقرر مقدار کان وڌيڪ شيءِ ته نه آهي. اسان جو هڪ سائين بخش نالي اليڪٽريڪل انجنيئر جيڪو ”چين سموڪر“ هو، پنجاهه کن سگريٽن جا پاڪيٽ لڪائي ڇڏيندو هو. ڪو پاڪيٽ ڪنهن مشين اندر ته ڪو ڪنهن پمپ اندر. ڪو سگريٽ ڪنهن پائيپ کي کولي ان اندر وجهي ڇڏيندو هو ته ڪو پاڪيٽ ڪنهن تيل يا پاڻي جي ٽانڪي پٺيان. پوءِ مقرر ڪوٽا جا سگريٽ ختم ٿيڻ تي ٻاهران مهانگا سگريٽ خريد ڪرڻ بدران پنهنجا لڪايل سگريٽن جا پاڪيٽ هڪ هڪ ڪري ڪڍندو هو. اسان سندس يادگيري ۽ پاڪيٽن کي ڳولڻ جي خوبيءَ کي داد ڏيندي کيس Nut Cracker پکي سڏيندا هئاسين.
- پکين جي اڏام جا رستا سالن کان ساڳيا هلندا اچن جيڪي Fly ways سڏجن ٿا. اهي رستا routes)) گهڻو ڪري جبلن جي قطارن، سامونڊي ڪنارن ۽ درياهن مٿان لنگهن ٿا. هنن راهن (fly ways) جي ڄاڻ ڄڻ پکين کي ورثي ۾ ملي ٿي يعني هنن جي جينيز ۾ (Genetically Programmed) آهن ۽ ڪنهن حد تائين هو پنهنجن وڏن کان سکن ٿا. ڪيترن پکين جا وڃڻ جا رستا هڪڙا آهن ته موٽڻ جا ٻيا.
- لڏپلاڻ ڪندڙ هي پکي هميشه ولر ۾ اڏامن ٿا. وڏا پکي انگريزي اکر V جي شڪل ۾ اڏامن ٿا. رڊار ذريعي ساڳي پکي جي اڪيلي اڏامڻ ۽ ولر سان اڏامڻ جو حساب ڪيو ويو آهي ته ولر ۾ اڏامڻ سان پکيءَ جي رفتار 5 ڪلوميٽر في ڪلاڪ وڌيڪ رهي ٿي.
- هي پکي جنهن اوچائي (Altitude) تان اڏامن ٿا اهو سڄي سفر ۾ مختلف رهي ٿو. ايوريسٽ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻ وارا اهو ٻڌائين ٿا ته هنن کي 5000 ميٽرن (16400 فوٽن) جي بلنديءَ تي، کمڀ گلئشير وٽ ڪيترن ئي ڪنگن، هنجرن ۽ ڊگوشن ( Pintail۽Black Tailed Godwit ) جا هڏاهان پڃرا نظر اچن ٿا. ڪاز جي قسم جو هڪ پکي (Bar headed Geese) هماليا جبلن جي اتاهين چوٽين مٿان، جيڪي 8000 ميٽرن (29000 فوٽن) کان به مٿاهيون آهن، لنگهي ٿو جيتوڻيڪ ڪجهه فاصلي تي 3000 ميٽرن جي بلنديءَ تي هيٺاهون لنگهه به آهي پر هي پکي پنهنجي ولر سان گڏ هن هيٺاهين بدران مٿاهون لنگهه اختيار ڪري ٿو.
آبي جانور سمنڊ مٿان لنگهڻ وقت ڪافي هيٺاهين Altitude تي اڏامن ٿا ان ڪري جهاز جي ڊيڪ تان انهن کي آساني سان ڏسي ۽ فوٽو ڪڍي سگهجي ٿو.
- هونءَ گهڻي تعداد ۾ پکي 500 فوٽن کان 2000 فوٽن جي وچ واري بلنديءَ تي اڏامن ٿا ۽ پکين جي هڪ ٻئي سان ۽ ڊگهين عمارتن سان ٽڪرائجي مرڻ جا واقعا به 2000 فوٽن کان هيٺاهين بلنديءَ تي رونما ٿين ٿا. اهي پکي جيڪي 6000 فوٽن کان مٿاهين بلندي تي اڏامن ٿا انهن ۾ هڪ جو به ٽڪرائڻ نٿو ٿئي.
- پکين سان گڏ پينگئن جهڙا سامونڊي پکي جيڪي فقط تري سگهن ٿا يا پيرن تي هلي سگهن ٿا پر اڏامي نٿا سگهن، پڻ لڏپلاڻ ڪن ٿا. پينگئن جون ڪيتريون ئي جنسون ائنٽارڪٽڪ سمنڊ ۾ برف ڄمڻ کان اڳ پنهنجو وطن ڇڏين ٿيون. هو هر سال 1000 کان به مٿي ڪلوميٽرن جو سفر سمنڊ ۾ تري پورو ڪن ٿيون.
- هوائي جهاز هلائيندڙ پائلٽ کان توهان پڇندائو ته هو توهان کي ٻڌائيندو ته مختلف بلندين Altitudes)) تي هوا جا مختلف دٻاءَ رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن موسم جي خرابي ڪري هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ مسافر لڳاتار جهٽڪا به محسوس ڪن ٿا ۽ اڪثر چيو ويندو آهي ته هوائي جهاز ”ايئر پاڪيٽ“ ۾ اچي ويو آهي ۽ پوءِ اهڙين خراب حالتن ۾ هوائي جهاز ۽ ان ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي سلامتيءَ لاءِ پائلٽ هوائي جهاز کي ڪجهه هيٺاهين Altitude تي وٺي ايندو آهي يا مٿاهين تي، جيئن ماڻهو ۽ هوائي جهاز بهتر حالت ۾ رهي. ڪڏهن ته پائلٽ کي هوائي جهاز جو ڪجهه رُخ بدلائي هلڻو پوندو آهي جيئن سامهون ايندڙ طوفان وغيره سان گهڻو مهاڏو نه ٿئي. بهتر موسم ٿيڻ تي هو وري جهاز کي صحيح ڪورس تي آڻي ٿو. ائين ڪرڻ سان هن جو سفر ڪجهه ڊگهو ضرور ٿئي ٿو پر جهاز ۽ ان ۾ سفر ڪندڙن انسان سُک ۽ سلامتي ۾ گذارين ٿا.
- مٿيون ساڳيو حال پکين سان ٿئي ٿو ۽ هو به خراب موسم کي منهن ڏيڻ لاءِ هوائي جهاز وانگر ڪڏهن هيٺاهين ليول تي اچيو وڃن ته ڪڏهن مٿاهينءَ تي ۽ ڪڏهن ته پنهنجي ڪورس کي بدلائي ٿورو کاٻي يا ساڄي طرف اڏامن ٿا. هيڪاندي خراب حالت ۾ هو اڏامڻ بدران هيٺ سمنڊ تي لهيو اچن. آبي پکي آهن ته سمنڊ يا درياهه جي ڪپر تي ۽ جي ٻيا پکي آهن ته خشڪي تي. اهو ئي سبب آهي جو آبي پکي اهڙي روٽ اختيار ڪن ٿا جنهن ۾ خشڪي گهٽ ۽ سمنڊ جو حصو وڏو هجي. ويندي سائبيريا ۽ ازبڪستان پاسي کان سنڌ ۾ ايندڙ ڪونجون جبلن جو سلسلو ٽپڻ بعد يڪدم سنڌو درياهه مٿان اڏامن ٿيون.
- ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جيڪو گهڻو سفر ڪندا رهن ٿا انهن کي خبر آهي ته سندن گاڏي ڪيترو پيٽرول يا گئس کائي ٿي ۽ هنن کي اها به خبر آهي ته جي سامهون جي تيز هوا آهي ته هنن کي ايڪسلريٽر کي وڌيڪ دٻائي رکڻو پوي ٿو ۽ ساڳي سفر ۾ گهڻو پيٽرول خرچ ٿئي ٿو پر جي پٺيان جي هوا آهي ته پوءِ عام حالتن کان به گهٽ ٿئي ٿو. ساڳيو حال اسان جو سمنڊ تي آهي. پٺيان جي هوا هوندي ته جهاز ترندو ويندو. هڪ قسم جي عجيب فرحت محسوس ٿيندي ۽ تيل به گهٽ سڙڻ ڪري بچت ٿيندي. سامهون جي هوا هڪ ته جهاز کي گڏهه وانگر اهڙو ڪڏائي ٿي جو ڪيترائي سي سڪنيس جا مريض ٿيو پون ۽ اُلٽين جو ڦهڪو لاهيو ڏين ۽ تيل به گهڻو سڙي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي جو هي لڏپلاڻ ڪندڙ پرديسي پکي ان معاملي ۾ به سياڻا آهن. هو سفر جي Start تيستائين نه وٺندا جيسين هنن کي اها پڪ نه ٿئي ته پٺيان جي هوا هنن جي اڏام ۾ فائديمند ثابت ٿيندي ۽ پوءِ هڪ دفعو هنن سفر شروع ڪيو ته پوءِ دنيا جي ڪا طاقت هنن کي موٽائي نٿي سگهي. ڪيترا پکي (خاص ڪري وڏي قد بت جا) تمام مٿاهين Altitude تي ان ڪري اڏامن ٿا جو اتي گهڻي ٿڌ آهي ۽ لڳاتار پَرَ هڻڻ ڪري هنن ۾ گرمي پئدا ٿئي ٿي. هي ائين آهي جيئن تکو تکو واڪ ڪندي اسان پگهرجي وڃون ٿا ۽ واڪ جو جيڪو مزو ٿڌن ملڪن ۾ آهي اهو اسان وٽ سنڌ ۾ يا ملائيشيا، ٿائلنڊ ۾ ناهي. سو پکي به ٿڌڪار ۾ اڏامندي فرحت محسوس ڪن ٿا.

قدرت جو ئي ڪمال آهي

هنن Migratory (لڏپلاڻ وارن) پکين جو سوچجي ٿو ته حيرت ٿي ٿئي ته هو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين اوٽ موٽ جو سفر ڪن ٿا. ۽ ائين به ناهي ته ڪو هو اسان انسانن وانگر هوائي جهازن ۾ سفر ڪن ٿا. هوائي جهاز، جيڪو هلائي ڪو ٻيو ٿو، اسان مسافر آرامده ڪرسين تي ننڊون ڪندا، ڪافيون پيئندا ۽ هاڻ ته T.V جا مختلف چئنل ڏسندا، سفر پورو ڪريون ٿا ته به منزل تي پهچڻ وقت ٿڪل محسوس ڪريون ٿا. توهان ڪراچي کان اسلام آباد، ممبئي، دبئي يا جده تائين ٻن ٽن ڪلاڪن جو سفر ڪريو ٿا ته توهان کي مزو اچي ٿو پر انهن مسافرن کان پڇو جيڪي ڪراچيءَ کان ٽوڪيو، ڪوپن هيگن، ٽورنٽو يا نيويارڪ تائين سفر ڪن ٿا- پوءِ ڀلي هنن کي رستي تي ڪنهن هڪ يا ٻن ايئرپورٽن تي لهي ٽنگ ڊگهي ڪرڻ جو موقعو ملي. هنن جي ڇا حالت ٿئي ٿي!
مٿين ڳالهه کي ڌيان ۾ رکي ذرا سوچيو ته هي مهاجر پکي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ ۾ ڪيڏي جدوجهد ڪن ٿا. هنن کي نه فقط وڏن شڪاري پکين کان پاڻ بچائڻو پوي ٿو پر منزل تي پهچڻ لاءِ صحيح راهه جو به تعين ڪرڻو پوي ٿو. واٽ تي ملندڙ خراب موسم جو سوچڻو پوي ٿو. راهه (چونڊيل رُوٽ) تان ڀٽڪي وڃڻ جي صورت ۾ هنن کي وري ساڳي ٽرئڪ تي پنهنجو پاڻ کي آڻڻو پوي ٿو. ۽ هي سفر ڪو ٽن، چئن يا چوويهه ڪلاڪن جو نٿو ٿئي پر ڏينهن جا ڏينهن بلڪ هفتن جا هفتا هلي ٿو. علم فلڪيات (Astronomy) پڙهڻ وقت جيئن انسان حيران ٿيو وڃي ته ڇا ته ڪائنات آهي. اسان جي ڌرتيءَ کان گهڻو گهڻو وڏا سَيارا ۽ سج ۽ تارا، ملين به نه پر بلين جي حساب سان، هن ڪائنات ۾ جنهن تيز رفتاري سان ڊوڙي رهيا آهن، انهن بابت هڪ علم فلڪيات جو شاگرد فقط سوچي اهو مڃڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي ته هي سڄو ڪاروبار هلائڻ وارو هڪ حڪيم، داناءُ، طاقت وارو، هر وقت هر هنڌ موجود، خبير ۽ عليم آهي ۽ جيڪو ماڻهو به انهن ڳالهين تي سوچي ٿو، ڄاڻ حاصل ڪري ٿو، عقل کان ڪم وٺي ٿو ان کي اهڙيون ڳالهيون پنهنجي رب جي وجود جي خاطري ڏين ٿيون. هي سڀ ڳالهيون انسان لاءِ قدرت طرفان ڏنل نشانيون آهن. سالن کان سائنسدان اڃا ان جو ئي فيصلو ڪري نه سگهيا آهن ته پکي پنهنجو رستو ڪيئن ٿا ڳولهين؟ ڪو چوي ٿو ته سج ذريعي، ڪو تارن ذريعي ٻڌائي ٿو، ڪو ڌرتي جي چقمقي شعاعن (Magnetic Field) جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ هاڻ اها به ٿيوري پيش ڪئي وئي آهي ته پکين کي سونگهڻ ۽ ٻڌڻ جي وڏي سگهه آهي جنهن ذريعي هو سوين ميل اڳيان جا رستا ۽ موسم جو حال معلوم ڪري سگهن ٿا. بهرحال سڀ ڪو ڦِريو گِريو ان ڳالهه تي پهچي ٿو ته پکي هن قسم جا ڪرتب instinct ذريعي ڪن ٿا. يعني اهو سڀ علم رب پاڪ هنن کي وحي ڪيو آهي ۽ اها ئي ته ڳالهه اڄ کان 1400 سال اڳ قرآن ۾ آئي آهي ته:
وَ اَو حي رَبُڪَ اِلَي النَحلِ ..... (النحل 16، آيت 68)
۽ (ڏسو) تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک جي دل ۾ هيءَ ڳالهه وجهي ڇڏي (وحي ڪري ڇڏي) ته جبلن ۾، وڻن ۾ ۽ انهن جاين ۾ جيڪي انهيءَ مطلب لاءِ ڪنهن مٿاهين جاءِ تي ٺاهيون وڃن ٿيون، پنهنجو مانارو ٺاهين....
سو اهڙي طرح هنن لڏپلاڻ ڪندڙ پکين جي دلين ۾ به رب پاڪ اهي سموريون ڳالهيون وحي ڪري ڇڏيون آهن ۽ جيڪو جيڪو وقت اچي ٿو هو ان تي اهو مقرر ڪم ڪن ٿا ۽ رستن، راهن، منزلن، موسمن وغيره جو علم، جيڪو اسان سالن جا سال ڪتابن ۽ ماهر ناکئن ذريعي حاصل ڪريون ٿا هنن پکين جي دماغ ۾ اڳهين قدرت طرفان موجود آهي ۽ پکيءَ جو دماغ به وري ڇا ذري پرزي جيڏو آهي! ڪيترن پکين جي مٿي ۾ موجود ميڄالي کان سندن فقط هڪ اک وڏي ٿئي ٿي. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون قدرت طرفان انسان لاءِ نشانيون (Signs) آهن جيڪي نيو من لائين پريان سندي پار جو.
رب پاڪ ساڳي مٿين سورت ۾ مينهن وسڻ ۽ مردار زمين سرسبز ٿيڻ جو مثال ڏيئي فرمائي ٿو ته بيشڪ هن صورتحال ۾ انهن ماڻهن لاءِ هڪ نشاني آهي جيڪي (حق جي دعوت کي دل جي ڪنن سان) ٻڌن ٿا. يا ساڳي سوره ۾ چوپائي مال جو کير ڏيڻ ۽ انگورن مان نشو ڪندڙ عرق يا مفيد غذا حاصل ڪرڻ جو مثال ڏئي رب پاڪ فرمائي ٿو ته بيشڪ هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ (فهم ۽ بصيرت جي) هڪ نشاني آهي جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا.
هنن Migratory (لڏپلاڻ ڪندڙ) پکين وانگر جانورن ۽ مڇين جا به ڪي اهڙا ڪارنامه آهن جن لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته هنن کي اهو علم ۽ ڄاڻ قدرت طرفان وحي ٿئي ٿو ۽ هنن جو هر ڪم بامقصد ٿئي ٿو. هڪ ماهرِ طيور (پکين جي ماهر سائنسدان) جو چوڻ آهي ته هنن پکين جون هر سال هي ڊگهيون اڏامون ڪي اجايون نه آهن. انهن پٺيان مقصد رکيل آهي. انهن جي حيثيت هڪ اعليٰ درجي جي جاگرافيائي بندوبست (Geographical Arrangement) هيٺ آهي. هنن پکين جو سفر ايترو ئي بامعنيٰ آهي، جيترو ڪنهن انسان جو سوچيل سمجهيل سفر.
گوٿابرگ يونيورسٽي سئيڊن جو سائڪالاجي جو پروفيسر ميٽارڊ جانسن، جيڪو مالمو شهر ۾ منهنجو پاڙيسري آهي، سٺي انگريزي پڻ ڳالهائي ٿو. هڪ ڏينهن لانڊري روم ۾ ڪپڙا ڌوئڻ دوران پڇيومانس ته يار تون هر وقت instinct جي ڳالهه ڪرين ٿو مون کي ان شيءِ جي آسان وصف ٻڌاءِ. هن اهو ئي مثال ڏنو ته جيئن سامونڊي ڪُميون (Turtles) هر سال ڪناري تي کڏ کوٽي آنا لاهي هليون وڃن ٿيون ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد انهن مان جيئن ئي ٻچا نڪرن ٿا ته اهي سڌو سمنڊ ڏي رُخ رکن ٿا. هڪ نئون ڄاول ڪميءَ جو ٻچو جنهن کي نه ڪنهن سيکاريو ۽ جنهن نه ڪنهن ٻئي کي ڏٺو، ڪيئن ٿو يڪدم سمنڊ ڏي رخ رکي! اها منجهس قدرت طرفان inbuilt ڄاڻ ۽ urge آهي، جيڪا هن کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ۽ اهو ئي instinct آهي. هڪ گهوڙي جو ڦر ڄمڻ سان هڪ ڪلاڪ اندر اٿيو بيهي، هلي ۽ ٽپ ڏئي ٿو. اهڙي طرح ماکيءَ جي مکين جي حيرت انگيز زندگي ۽ انهن جا عجيب ڪم آهن. يا کڻي چئجي ته پکي ڪيئن ٿا آکيرو ٺاهين ۽ هر پکي پنهنجي نموني جو آکيرو ٺاهي ٿو! اهي سڀ ڳالهيون هو اسان وانگر يونيورسٽين يا ورڪشاپن مان نٿا سکن ۽ نه ئي ڪنهن کي ڏسي سکن ٿا پر قدرت طرفان هنن کي اها ڄائي ڄم کان ڄاڻ مليل آهي ۽ مقرر ڪيل fixed پئٽرن مطابق ڪم ڪن ٿا. ان شيءِ کي اسين instinct سڏيون ٿا. هن جو مطلب هو ته:
Instinct is the in-born behavior of a living organism that is not learned. It is a fixed action pattern which is inherited.
قرآن مجيد ۾ آيل لفظ وحي (وَ اَو حيٰ رَبُڪ اِلَي النَحلِ....) جي سمجهاڻي مولانا مودوديءَ تفهيم القرآن ۾ بهتر نموني سان ڏني آهي ته:
.... وحي جي لغوي معنيٰ آهي ڳجهو ۽ لطيف اشارو جيڪو اشارو ڪرڻ وارو ۽ اشارو حاصل ڪرڻ واري کان علاوه ٻيو ڪو محسوس نه ڪري. انهي مناسبت سان هي لفظ اِلقاءَ (دل ۾ ڳالهه وجهڻ) ۽ الهام (لڪل تعليم و تلقين) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق کي جيڪا تعليم ڏئي ٿو اها ڪنهن مڪتب يا مدرسي ۾ نٿي ڏني وڃي بلڪه اهڙن لطيف طريقن سان ڏني وڃي ٿي جو ظاهري طرح ڪو تعليم ڏيندڙ يا ڪو تعليم حاصل ڪندڙ نظر نٿو اچي، ان ڪري هن کي قرآن ۾ وحي، الهام ۽ القاءَ جي لفظن سان تعبير ڪيو ويو آهي. هاڻ اهي ٽئي لفظ ڌار ڌار اصطلاحن جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن. لفظ وحي نبين لاءِ مخصوص ٿي ويو آهي. الهام کي اوليائن ۽ خاص ٻانهن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي ۽ القاءَ انهن جي ڀيٽ ۾ عام مخلوق لاءِ استعمال ٿئي ٿو. پر قرآن ۾ اهو اصطلاحي فرق نٿو ملي. ماکيءَ جي مک کي هن جو پورو ڪم وحي (فطري تعليم) جي ذريعي سيکاريو وڃي ٿو. ۽ هي وحي فقط ماکيءَ جي مک تائين محدود ناهي. مڇيءَ جو ترڻ، پکي جو اڏامڻ ۽ نئين ڄاول ٻار جو ٿڃ پيئڻ به قدرت وحي ذريعي سيکاري ٿي.
لڏپلاڻ ڪندڙ Migratory پکين جو مطالعو ڪندڙ هڪ محقق لکيو آهي ته، هنن پکين جي هجرت لاءِ اڏام جا رستا مقرر ٿيل آهن. هنن جي ڊگهي سفر ۾ ڪئسپين سمنڊ، بحر اسود (ڪارو سمنڊ) ۽ ميڊيٽرينين (ڀؤنچ سمنڊ) پار ڪرڻو پوي ٿو. هي پکي ائين ويٺي ويٺي بي خبري جي عالم ۾ نڪريو نٿا پون ۽ نه وري کين جيڏانهن اچي ٿو ڪاهيو پون. هن مقصد لاءِ هو نهايت خبرداري سان ان طرف جي چونڊ ڪن ٿا، جيڪو هنن لاءِ موزون ترين آهي. پکين جا هي سفر بيحد حيرت انگيز آهن. اڄ جو انسان جڏهن هن قسم جو ڊگهو سفر ڪري ٿو ته هو ڪيترن ئي ڳالهين جي مدد حاصل ڪري ٿو. پر پکين جي اندر نه انساني ذهن آهي ۽ نه معلومات حاصل ڪرڻ جو انتظام. پوءِ هي پکي اهڙا ڊگها ۽ پيچيده سفر ڪاميابيءَ سان ڪيئن ٿا پورا ڪن. حقيقت اها آهي ته هن قسم جا واقعا ان عقيدي کي پوري طرح قابل فهم بنائين ٿا جنهن کي آسماني مذهبن ۾ وحي سان تعبير ڪيو ويو آهي. بهرحال هي قدرت جو ئي ڪمال آهي جنهن هڪ ننڍڙي ساهه واري کي ايڏو مفاصلو طئي ڪرڻ جي طاقت ڏيڻ کان علاوه هن کي جاگرافي، علم فلڪيات، نيويگيشن، موسم جي ڄاڻ کان علاوه همت، عزم ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري اڏامڻ جو جذبو ڏنو آهي.

تون ڪٿي آهين منهنجي

خيرپور جو ظفر شيخ جيڪو شروع کان فارين سروس ۾ رهيو ۽ گذريل سال رٽائرمينٽ وٺڻ کان اڳ هو ڪيترن ئي ملڪن جرمني، بنگلاديش، چاد، آلجيريا، ٽيونيشيا، زائر وغيره ۾ سفير ٿي رهيو. هن جو گهڻو عرصو جپان ۾ گذريو. اتفاق سان هي اهو وقت هو جڏهن منهنجي به جپان ۾ موجودگي هوندي هئي. جنهن جهاز تي هوندو هوس ان کي جپان جي ئي بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻو پوندو هو يا ڪنهن جهاز جي ڊگهي مرمت لاءِ جپان جي ئي ڪنهن بندرگاهه ۾ رهڻو پوندو هو. هڪ دفعي ته ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ نئون جهاز ٺهرائڻو پيو ۽ ڇهه مهينا کن گنزا ۾ رهڻو پيو، جتان چار پنج لوڪل اسٽيشنن بعد ظفر جو روپنگي ۾ گهر ۽ ٿورو اڳيان اسان جي ملڪ جو سفارتخانو هو. CSS جو امتحان پاس ڪرڻ وارا تعليم ۾ سٺا ۽ ذهين ته ٿين ٿا پر ظفر ۾ اها به خوبي آهي ته هو سخت محنتي به آهي. جپان ۾ نوڪريءَ خاطر هن مڪاني زبان جپاني ”ڪم هلائڻ“ لاءِ نه سکي پر هن وڏي محنت ۽ دل سان ائين سکي ۽ ان تي عبور حاصل ڪيو ڄڻ هن کي سڄي عمر جپان ۾ رهڻو هجي. اهو ئي سبب آهي جو مڪاني ماڻهن هن کي بيحد پسند ڪيو ٿي. جپاني طبيعت ۾ شرميلا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ رهڻ وارا هجڻ جي باوجود هُنن ظفر کي پنهنجين غمين ۽ خوشين ۾ شامل ڪيو ٿي. هو چوندا هئا ته ظفر ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل جپانين کان به سٺي جپاني ڳالهائي ٿو. تن ڏينهن ۾ صدر ضياءُ الحق جپان ايندو هو ته هو به ترجمي لاءِ ظفر کي پاڻسان کڻندو هو. ظفر کي جپاني ٻوليءَ سان گڏ جپانين جي ڪلچر، ثقافت، رسم رواج، وهمن وسوسن ۽ خوفن خوشين جي به وڏي ڄاڻ رهي ٿي. اڄ به ظفر سان جپان ۽ جپانين بابت ڳالهيون ڪندي مزو اچي ٿو ۽ معلومات ملي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن ڳالهين ۾ آئون سندس راءِ يا سوچ سان سهمت نه ٿيندو آهيان، پوءِ بحث بعد يا هن کي مون کي قائل ڪرڻو پوي ٿو يا مون کي کيس مڃرائڻو پوندو آهي.
هڪ دفعي ٽوڪيو جي اينو چڙيا گهر وٽان لنگهي رهيا هئاسين ته ان جي اوس پاس ۾، يا شايد چڙيا گهر جي اندر، ڪنهن هنڌ اسان جي هڪ دلپسند جپاني شاعر ماتسو باشو جو شعر ڪنهن ڪاٺ جي تختي (يا شايد ڊگهي ٽائيل تي) اڪريل نظر آيو.
ماتسو باشو سترهين صديءَ جو جپاني شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ جي تعريف مون پنهنجن ڪيترن سنڌي شاعرن نصير مرزا، انور ابڙو، قمر شهباز، هدايت بلوچ، تاج بلوچ جهڙن کان به ٻڌي آهي. باشو 1644ع ۾ ڄائو ۽ 1694ع ۾ وفات ڪيائين. جپان جو ٽاپ جو مشهور شاعر آهي، جيئن اسان وٽ سمجهو ته اڄ ڪلهه استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ عبدالغفار تبسم آهن. سندس ڪيترائي شعر ڳائڻ ۾، مضمونن ۽ ڪالمن ۾ ۽ مختلف عمارتن ۽ رستن تي نظر اچن ٿا. ان ڏينهن ظفر شيخ ماتسو باشو جي لکيل ان شعر ڏي ڌيان ڇڪائيندي چيو:
”هو ڏس! سامهون ڇا لکيو پيو آهي! يوڪو هارويا....“
”تَوري ناڪِي يو نو،
مي وا نامِيدا....“ مون ان هائيڪو جون باقي ٻه سٽون پڙهي شعر پورو ڪيو. پر مون کي ته ان شعر ۾ ڪوبه کڙ تيل نظر نه آيو جو واهه واهه ڪجي. هڪ ڏينهن اڳ ۾ ظفر جي ئي هڪ نوجوان پاڙيسري عورت شنجوڪو اسٽيشن جي سب وي ۾ ٽرين جو انتظار ڪندي هڪ شعر ٻڌايو هو، جيڪو پسند نه اچي ها ته به سندس خماريل اکين ۽ نخريلي ادائن کي ڪَٿي ضرور واهه واهه ڪريون ها. ڇو ته اهي ڏينهن اسان ٻڌڻ وارن جا ڀرپور جوانيءَ جا هئا.... يعني اها ڳالهه اڄ کان 35 سال اڳ جي آهي. جپاني زبان جو هي شعر توهان لاءِ به لکندو هلان:
Hito ni awan
Tsuki no naki ni wa
Omoiokite
Mune hashiribi ni
Kokoro yakeori.
هي شعر جپان جي مشهور وَڪا (Waka) شاعره ”اونو نو ڪوماچي“ جو آهي، جيڪا پيار، محبت ۽ شهوت انگيز (erotic) قسم جي شاعريءَ کان اڄ به مشهور آهي، جيتوڻيڪ کيس وفات ڪئي يارهن سؤ سال گذري چڪا آهن. وَڪا جپاني شعر جو قسم آهي، جنهن ۾ پنج سٽون به ٿين ته ست به، جيئن هائڪو ۾ ٽي ٿين ٿيون. اونو نو ڪوماچي پنهنجي زماني جي بيحد خوبصورت عورت مڃي وڃي ٿي. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ انهن ڏينهن جي شهنشاهه جي هيٺين درجي جي ڪنيز ۽ خدمتگار پڻ رهي هئي. هن شاعره (ڪو ماچيءَ) بابت ڪيترائي سچا ۽ هٿ گهڙيل پيار، محبت ۽ عشق جا داستان آهن. انهن ۾ هڪ قصو ’فوڪا ڪوسا‘ نالي هڪ اعليٰ آفيسر جو تمام مشهور آهي، جنهن سان ڪوماچيءَ وعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو هڪ سؤ راتين تائين لڳاتار هن سان همبستري ڪندو ته هوءَ ٻين سڀني عاشقن کي ڇڏي، هميشه لاءِ فقط هن جي محبوبا ٿي رهندي. فوڪا ڪوسا صاحب هر رات ڪوماچي وٽ حاضري ڀريندو رهيو پر اچي اچي آخري راتين ۾ هڪ دفعو هو همٿ ساري نه سگهيو. ان ڏک ۽ صدمي ۾ هو بيمار ٿي پيو ۽ بستر تان وري اٿي نه سگهيو. بيماريءَ هن کي موت تائين پهچائي ڇڏيو. چون ٿا ته ڪوماچيءَ کي پنهنجي ههڙي عاشق جي موت تي ڏاڍو ڏک ٿيو. يعني فقط ڏک ٿيس باقي ٻيو مڙيئي خير. ٻيا ڪم نه ڇڏيائين.
جپان جا ماڻهو ڳالهه ٿا ڪن ته ڪوماچيءَ جي پيريءَ وارا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذريا، جڏهن هن جي سونهن سوڀيا ختم ٿي وئي ۽ کيس پاڻي ڀري پيارڻ وارو به نه رهيو. هن جي سمورن سابق عاشقن کيس نڌڻڪو ڪري ڇڏيو . پئسو ڏوڪڙ سڀ ختم ٿي ويو هوس ۽ هن پنهنجي ماضي جي زندگيءَ تي سخت احساس جرم ۽ افسوس محسوس ڪيو هو. هوءَ هڪ بي گهر فقيرياڻيءَ وانگر گهٽين ۾ ڀٽڪندي رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هن جي شاعريءَ کي بيحد پسند ڪندا رهيا. بهرحال ڪوماچيءَ جي مرڻ بعد هن جي شاعريءَ کي اڄ تائين قومي ليول تان مڃتا ڏني وڃي ٿي. مٿس جپانيءَ ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ۽ فلمون ٺهي چڪيون آهن. پاڻ اڪيٽا ضلعي (پريفيڪچر) ۾ ڄائي جنهن جي بليٽ ٽرين ”اڪيٽا شنڪانسين“ کي جپان جا ماڻهو اونو نو ڪوماچيءَ جي ياد ۾ ”ڪوماچي ريل“ به سڏين ٿا. ان کان علاوه جپان جي چانورن جي هڪ جنس ’ڪوماچي‘ جو نالو پڻ هن سان منسوب ڪيو ويو آهي. سندس زندگي تي ويجهڙائيءَ ۾ هڪ انگريزي ٽيلي فلم ”ڪال مي ڪوماچي“ ٺهي آهي، جنهن ۾ ڪوماچيءَ جو پارٽ جپان جي مشهور ائڪٽريس ’ڪائوري هاماموتو‘ ادا ڪيو آهي.
بهرحال پاڻ ڪاموچيءَ جي مٿين شعر جي ڳالهه ڪريون جيڪو اسان جي دوست ظفر شيخ جي پاڙيسري نوجوان عورت (جنهن جا بقول هڪ ٻئي پاڙيسريءَ جي ”حقوق غير محفوظ“ هئا،) اسان کي سب وي ۾ ٻڌايو. ٻڌڻ وقت آئون نه فقط ڪنن سان پر اکين سان به سندس وات مان چيل ڪوماچي شاعره جا ٻول ٻڌي رهيو هوس. منهنجو نڪ سندس جسم ۾ لڳل ڪولون يا پائوڊر جي خوشبوءِ سونگهي رهيو هو. يعني هن شعر تي اسان جا، (گهٽ ۾ گهٽ منهنجا،جو گاڏيءَ جي انتظار ۾ وڌندڙ پيهه پيهان ۾ هن سان بلڪل لڳو لڳ بيٺو هوس)، سڀ حواس مشغول هئا-- سواءِ هڪ حواس چکڻ جي.

هِتو ني اوان، (تون اچين نٿو)
تسڪي نو ناڪي ني وا، (ههڙي بنا چنڊ واري رات جو )
اوموئي ڪيٽي، (انتظار پئي ڪريان، تولاءِ)
مُوني ها شِيري بِي نِي، (منهنجيون ڇاتيون اُڌما پيون کائين)
ڪوڪورو ياڪي اوري. (دل منهنجي ٻري پئي).

”واهه واهه! واهه واهه!“ مون سندس شعر جي هڪ هڪ سٽ تي واهه واهه ڪئي. مون تعريف ۾ جپاني زبان جون جيڪي صفتون آيون ٿي نڇاور ڪري ڇڏيون. سامهون بيٺل ظفر کي منهنجو اهو عاشقاڻو مزاج هرگز نه وڻيو. بلاشڪ اونداهي رات ۾ اچڻ لاءِ، اڄ کان يارهن صديون اڳ، شاعره اونو نو ڪوماچيءَ پنهنجي يار کي چيو هو. پر گنزا اسٽيشن تائين، ڪوماچيءَ جو هي شعر ٻڌائڻ واري هن سهڻي جپاني خاتون سان گڏ ٽرين ۾ ته ويهي سگهجي ٿو.
پر ائين ٿي نه سگهيو. ٽرين اچڻ تي پيهه پيهان ۾ جنهن سيٽ تي هوءَ وڃي ويٺي، ان تي منهنجي پهڌڻ کان اڳ ڪو ٻيو هتي جو مڪاني نر ويهي رهيو ۽ مون کي ظفر ڀرسان ئي سِيٽ ملي.
”تو اجائي پئي واهه واهه ڪئي،“ گاڏي هلي ته ظفر مون کي چيو، ”شعر ۾ ته ڪا ٿوم بصر هوئي ڪونه.“
”نه يار ڳالهه ئي نه پڇ. ڊگهي سامونڊي سفر بعد، جوان توڙي پوڙهين ڇوڪرين جي واتان چيل هر شعر مان مون کي اتساهه ملي ٿو.“
”پر تڏهن به شعر ۾ ڪجهه ته هجي،“ ظفر چيو، ”هڪ ته پليٽ فارم تي ماڻهن جي گوڙ ۽ لائوڊ اسپيڪرن تان هلندڙ اعلان ڪري ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو....“
”.... ٻيو تون هن سان مون وانگر لڳي نه بيٺو هئين“ مون سندس ڳالهه کي ڪٽيندي چيو، ”مون ته ان وقت اها دعا پئي گهري ته اڄ اها هبايا لائين جي گاڏي ئي نه اچي.“
”شعر ڇا هو؟“ ظفر پڇيو.
”اهو ته هن جي واتان ٻڌين ها ته مزو اچئي ها. چڱو ڀلا انهي جهڙو ۽ انهي مفهوم جو هڪ سنڌي شعر ٻڌ، جيڪو تاج بلوچ جو آهي.

”چنڊ ناهي ۽ نه آهي زندگي،
تون ڪٿي آهين او منهنجي روشني،
رات ساري مون اکين ۾ آ ڪٽي
منهنجي ڇاتي سمنڊ جيئن ڇلڪي پئي،
هجر ۾ دل کامي ۽ تڙپي پئي.“

ظفر شعر ٻڌي واهه واهه ڪئي. بهرحال اڄ جڏهن ٽوڪيو جي اُئي نو (Ueno) پارڪ وٽ، ظفر شيخ ماتسو باشو جي شعر ڏي ڌيان ڇڪرايو ته ٻه دفعا پڙهڻ بعد به مون کي منجهس ڪا اهڙي خاص ڳالهه نظر نه آئي. شايد مون هن شعر ۾ به ڪوماچيءَ وارو erotic مفهوم پئي ڳولهيو. يا شيخ اياز واري رمز پئي پروڙي....

”ڪنهن ڪاري چڳ تي رات ڪَٽي
ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي
هي سانگ سجايو آهي پيارا....“

يا وري امداد حسيني جي چواڻي

”پريت جو هڪڙو پل ئي سهي،
چوريءَ جو هڪڙو پل ئي سهي،
کاڌل ئي سهي، پيتل ئي سهي،
مومل نه سهي، سومل ئي سهي

.... وغيره وغيره، پر باشو جي هن شعر ۾ صاف صاف بيان ٿيل هو ته:

يوڪو هَارو نَا، .... بهار جي مند موڪلائي پئي
توري ناڪي يو نو، ..... پکي (هي پَٽَ ڇڏڻ تي) روئي رهيا آهن
مي وا ناميدا. .... مڇين جي اکين ۾ ڳوڙها آهن.

مون ظفر ڏي سوالي نگاهن سان ڏٺو يعني پڇڻ چاهيو ته ان شعر ۾ ڇا آهي؟
”جپاني شاعرن کي پکين جو، خاص ڪري پرديسي پکين جو ڪيڏو خيال آهي،“ ظفر چيو، ”هو پنهنجي شاعريءَ ۾ پکين جو به ذڪر ڪن ٿا.“
”هائو. اها ته مون کي به خبر آهي. ڪوباياشي اِيسا ۽ ماسائوڪا شِڪيءَ به ڪونجن، ڪوئلن ۽ هَنجن جو ذڪر ڪيو آهي.“ مون چيو.
”تڏهن ته هتي جا ماڻهو پکين سان پيار ڪن ٿا،“ ظفر چيو، ”هو پکين مارڻ بدران هنن جي سونهن جي تعريف ڪن ٿا.“
ان تي مون ظفر کي ٻڌايو ته ائين نه آهي. پکين تي جيترا شعر اسان جي سنڌي شاعرن چيا آهن اوترا شايد ئي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي شاعرن چيا هجن. ان حساب سان ته اسان سنڌين کي پکين جو-- خاص ڪري مهمان پکين جو وڌيڪ خيال هجڻ کپي. پر اسان جي بدبختي اها آهي جو نه فقط اسان پنهنجن پر ڌارين پکين کي به پنهنجي ڌرتيءَ تي سڏائي، ههڙن سهڻ پکين جي ڀينگ ڪئي اٿئون ۽ هاڻي باقي بچيل پکي پنهنجي پراڻي جُوءِ بدلائي ٻين هنڌن ڏي پيا وڃن، خاص ڪري ڪڇ ۽ گجرات ڏي، جهونا ڳڙهه ۽ جيسلمير ڏي، جتي انڊيا جي حڪومت هنن جي حفاظت ڪري ٿي.

ساٿ تنهنجو به پکيءَ جهڙو نه هو

ظفر شيخ جيترو جپاني لٽريچر پڙهيو آهي اوترو سنڌي به نه پڙهيو هجيس، خاص ڪري سنڌي شاعري. ائين ته شاعري مون به گهٽ پڙهي آهي پر ايترو ڄاڻان ٿو ته سنڌي شاعرن پکين بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي. عام ديسي پکين کان وٺي پرديسي پکين تائين. انهن جا ڪيترائي مثال گذريل پرديسي (هجرتي، لڏپلاڻ ڪندڙ، Migratory) پکين وارن مضمونن ۾ ڏنا اٿم. هتي ان سلسلي جي آخري مضمونن ۾ پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ ڪجهه شاعرن جا، مون وٽ گڏ ٿيل پکين جا شعر، ڏئي رهيو آهيان. ڊائريءَ جي پهرين صفحي تي شيخ اياز جا ڪجهه شعر هن ريت آهن:
گونج به ڪائي ڪُونج، ڪَرڪي پنهنجي ڪُڙم لئه
گيت ڪَئي جو گونجَ، ماروَ پَرتا پاڻ ۾.

ڪجهه ٽسٽا هن ريت آهن:

سپني اُماڙيون،
ڪيڏيون ڪينجهر ڪنڌئين
آڙيون ئي آڙيون!

ڪيڏي سُڃَ اَپارَ
مون مَن ائن جيئن روههَ ۾
ڪُونجن جي ڪُڻڪارَ!

ڪهڙا سفر سانگ
اڳتي رڻ راڙا ڪري
ڪِرنگهن مٿان ڪانگ!

ڪنهن جي لاءِ اڃان
ڪارو ڪانءُ لنوي پيو
سائيءَ نم مٿان!

شيخ اياز ڄائو شڪارپور ۾ پر سکر سان سندس وڏو تعلق رهيو. سکر جي ئي هڪ ٻئي شاعر ادل سومري جا ڪجهه شعر هن ريت آهن.

جنمن تائين جيئرو رهندو تنهنجو منهنجو پيار
تون ڪاڇي جي ڪونج ته آهيان مان تنهنجو هالار

مور جو کنڀ مون اکين تي هو رکيو
پر اهو تنهنجي سڳيءَ جهڙو نه هو

سونهن جا اجرن پکين ۾ ٿي رهي
شاعرن جي سا دلين ۾ ٿي رهي

اوهان پنهنجي گهر جي ڪشادي پڌر مان
پرين جي پکين کي اڏاري نه ڇڏجو

جيئن پکين جا پَر سنڀالن ٻار ٿا
تيئن اسان تنهنجي سنڀاليون سَار ٿا.

شعر برابر سڪا ناهن پوءِ به آهيون ڌنوان
ڪوئل ڪنهن لئه ڳائي ٿي سا ڇا سمجهن نادان

محبت سان آهي جبل تي جهڙالو
ڪائي ڪونج تنها اڏاڻي نه آهي

گهار تنها ڪجهه ڏهاڙا اي ندي!
تون پکين جا آسرا ڇو ٿي ڪرين.

پيار منهنجو جي نديءَ جهڙو نه هو
ساٿ تنهنجو ڀي پکيءَ جهڙو نه هو

پکين جيئن وايون
اڏري ڄڻ آيون
دل جي ڌرتيءَ تي.... دل جي ڌرتيءَ تي.

ادل سومرو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ پروفيسر ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين آهي. ان کان علاوه شيخ اياز چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آهي. ادبي نالي ادل سومري سان مشهور هن شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ تعليمدان جو نالو ڊاڪٽر عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. پاڻ 15 آگسٽ 1955ع تي سکر ۾ ڄائو.
ادل سومري 1977ع ۾ ايم اي اڪنامڪس ۾ ۽ 1979ع ۾ ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو ۽ 1981ع کان درس و تدريس جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان تمام گهڻو لکيو اٿس. سندس هيل تائين تيرهن کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾ ست ڪتاب شاعريءَ جا ۽ ڇهه نثر جا آهن. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
روز ٽڙن رابيل.... هي سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو اڄ کان 35 سال اڳ ڇپيو جڏهن سندس ڄمار 22 سال هئي. ان کان علاوه ٻيا نظم جا ڪتاب آهن:

چنڊ پشم گولو
پتلين جو تماشو
وليون وڻن ڦلاريا
پوپٽ جهڙا گيت
سمنڊ جاڳي ٿو
وساري نه ڇڏجو
مٽيءَ جا رانديڪا

ادل سومري جا نثري ڪتاب هن ريت آهن:

آچر جا احوال
جيتن جي ڪانفرنس
اسين مسافر پيار جا.

پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان ادل سومري جو اڙدو ۾ لکيل، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي لکيل ڪتاب ’شخصيت اور فن‘ پڻ گذريل سال ڇپجي چڪو آهي.

ادل سومرو مختلف علمي ۽ ادبي ادارن ۽ تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ رهي چڪو آهي. سندس ادبي خدمتن جي عيوض کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. سندس گيت ٽي وي ۽ ريڊيو تان مختلف فنڪارن جي واتان اڪثر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.

شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو ئي هڪ ٻيو شاعر، پروفيسر اياز علي دل صاحب آهي جيڪو پنهنجي ادبي خدمتن ڪري پنهنجي ادبي نالي ’اياز گل‘ سان هند- سنڌ ۾ مشهور آهي. اياز گل 6 مارچ 1959ع تي سکر ۾ ڄائو. 1980ع ۾ سنڌي ۾ ايم اي ڪيائين، جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان علاوه هن ايم اي انٽر نيشنل رليشنز ۾ ۽ ايل ايل بي پڻ ڪئي آهي.
اياز گل جيتوڻيڪ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزل سندس پسنديده صنف آهي. پاڻ خاص ڪري غزل جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ زبردست موسيقيت آهي ۽ سندس ڪيترائي غزل ريڊيو ۽ ٽي وي تان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. هڪ ٻه ته هن وقت به ياد اچي رهيا آهن، جهڙوڪ ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ جيڪو اڄ کان 20 سال کن اڳ بلقيس خانم کان هڪ فنڪشن ۾ ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان تان ٻڌوسين. يا ”ڏسي ڪائي نه موسم نه ڪوئي پهر، محبت به مٺڙا ڪري ٿي قهر.“ عابده پروين ڳايو آهي. اهڙي طرح اياز گل جو هڪ غزل ”تو تائين پهتا منهنجي نيڻن جا سارا ٿڪ لهي ويا،“ بيدل مسرور به ڳايو آهي ته سرمد سنڌيءَ به. يعني ساڳيو غزل هڪ کان وڌيڪ ڳائڻن ڳايو آهي. سندس هڪ گيت ته هر ننڍي وڏي جي زبان تي هوندو آهي، جنهن جا ٻول آهن ”توکان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.“ ريڊيو پاڪستان وارن ٻڌايو ته اياز گل جو هي گيت جيڪو پهرين مشهور راڳي صادق فقير ڳايو، ان بعد ٻين به پنڌرنهن آرٽسٽن ريڊيو ۽ ٽي وي تان ڳايو آهي.

اياز گل جا ست اٺ شاعريءَ جا مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:

سوچون سرها گل..... هي ڪتاب 1978ع ۾ ڇپيو جڏهن اياز گل اوڻهيئن سالن جو هو.

گل ۽ تارا
پيلا گل پلاند ۾
ڏينهن ڏٺي جا سپنا
تو بن ڪهڙا ڇانورا
دک جي پڄاڻي آهي.

اياز گل کي تقريبً هر ڪتاب تي ڪو نه ڪو ايوارڊ ضرور مليو آهي. سندس پکين بابت لکيل شعرن مان ڪجهه هن ريت آهن.

ايئن هِن لڙڪن لارُون پيارا!
اُڀَ تي ڪُونجَ قطارون پيارا!

جڳ ڀل ته ڪري بندوق سڌي
پاڻ ڳيرا ٿا اڏايون جاني!

درد ائين ٿا ڳولنِ مون کي
مارِي ڄڻ ٿا ڳيرا ڳولنِ

ايئن لُڙڪَ، جيئن ڍَنڍ ۾
ٻه هنَج تريا آهن

موٽ مورَ ڙي، مري نه پئي
ڊوڙي ڊوڙي ڊيلَ
برکا رُت جي بانوري!

ڪويل! پنهنجي ”ڪُوڪُوءَ“ ۾ تون جهيڻو جهيڻو ڳاءِ!
مسين ته دِل جو درد ستو آ، تنهن کي ڪين جڳاءِ!

ڪنهن سان ته اٿس ملڻو

پاڻ سکر جي ٻن شاعرن ادل سومرو ۽ اياز گل جي شاعريءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جن جو تعلق درس تدريس سان آهي. سندن ئي شهر جو هڪ نوجوان شاعر عبداللطيف انصاري آهي جنهن جو واسطو پڻ تعليم سان آهي.
عبداللطيف ولد عبدالرحيم انصاري 20 سيپٽمبر 1978ع تي سکر ۾ جنم ورتو. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم- اي سنڌي ادب ۾ ڪرڻ بعد سکر جي هڪ ڪاليج ”گورنمينٽ اسلاميه آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج“ ۾ ليڪچرار آهن. پر کين ويب سائيٽون ٺاهڻ جي حوالي سان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندن سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ويب سائيٽ http://www.sascitysukkur.com سنڌي ادب جي حوالي سان نهايت اهم ويب سائيٽ آهي. سندس ڪجهه هائڪو ۽ ٽه سٽا جن ۾ پکين جو ذڪر آهي، هن ريت آهن:

ڪونج نه رهي ڪائي
سارا مور مري ويا
رات جڏهن آئي.

آڙي اڏاڻي
بندوق جي ٺڪاوَ تي
ڏڪي مهاڻي.

ٻولي پئي ڪڻڇي
بارودي بدبوءِ ۾
ڪوئي نه رهيو پڻڇي.

اڇو سارو ڪنگ
اندر ڪاري ڪانگ جيان
عجب قدرتَ رنگُ

ڪنول ڪوماڻا
پرديسي پکيئڙا
جڏهن اڏاڻا

ڪک پن آکيرو
واءُ، مينهن ۽ گجگوڙ
ويڳاڻو ڳيرو

ڏينهن لٿو ٿِي سانجهي
پکي آکيري ويا
موٽيا ڪونه مانجهي.

اُڀ ۾ چنڊ چڪور
ڦيرا پائيندي ڏسي
کِلي ويٺو مورُ.

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور سان واسطو رکندڙ شاعرن ادل سومرو، اياز گل ۽ عبداللطيف انصاري جا مٿيان شعر لکڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسرن سحر امداد ۽ انور فگار کي فون ڪري ان قسم جي شاعري لاءِ پڇيم.
عورتن جي برٿ ڊيٽ ضرور لکجي پر سال جو پتو نه ڏجي. پر سحر امداد (اصل نالو سحر نگار ڌيءَ صلاح الدين بلوچ) هن عمر ۾ به سهڻي ۽ سدا جوان لڳي ٿي ان ڪري ان اصول کي في الحال ڇڏي سندس ڄم جي تاريخ 20 جولاءِ 1951ع لکون ٿا. هونءَ به ايندڙ سال هوءَ 60 ورهين جي ٿيڻ تي سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائرمينٽ حاصل ڪري. پاڻ حيدرآباد ۾ ڄائي. سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ايم اي ڪرڻ بعد اتي ئي درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائين ۽ اڄ ڪلهه سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر آهي. سنڌ جي نامياري شاعر امداد حسيني سان شادي ڪرڻ بعد هوءَ ”سحر امداد“ سڏجي ٿي، جيڪو سندس ادبي نالو پڻ آهي.
سحر سورهن سالن جي هئي ته لکڻ شروع ڪيائين. هن ڪيترائي شعر، ڪهاڻيون، مضمون، مقالا، ڪالم ۽ ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪيترائي گيت مختلف فنڪارن کان ريڊيو ۽ ٽي وي تي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جيئن ته

چاهه اسان جو چانڊوڪي جيئن
چمڪيو آ چوڌار، چمڪيو آ چوڌار
آ ته هلون هن پار.

سحر جو اهو مٿيون گيت عابده پروين ڳايو آهي. سندس هڪ ٻيو مشهور گيت آهي:

زندگي آهي سفر، اي همسفر،
زندگي سان پيار ڪر، اي بي خبر!

يا هڪ دوگانو جيڪو عابده پروين ۽ رجب علي ڳايو آهي، هن ريت آهي:

ويل وَيل جي واڳ ورائي
آڻيون اهڙي رات
الوميان آڻيون اهڙي رات
جنهن جي سهڻي سانجهه هجي
۽ رنگ رتي پرڀات… الوميان….

سحر امداد جا ٻه ڪتاب (جيڪي شاعري تي آهن) تمام مشهور آهن جن تي هن کي ايوارڊ به ملي چڪا آهن. اهي آهن:
-
چوڏهين چنڊ آڪاس، ۽
- شعور، شاعر ۽ شاعري

پروفيسر سحر امداد کي 2009 جو صدارتي ايوارڊ به ملي چڪو آهي. سندس ڪجهه شعر جن ۾ پکين جو ذڪر آهي، هن ريت آهن:

ويٺي اڏايم ڪانگ الا،
سهسين ڪيريم، سانگ سانول،
سڏڪي سڏڪي ساريان
ڍولڻ آ وري.

سحر جو مٿيون گيت اڪثر ريڊيو تان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. اهڙي طرح امداد حسيني جو هي گيت جيڪو شادين جي موقعي تي ڳايو وڃي ٿو، پڻ ريڊيو تان عام ٻڌجي ٿو:

هٿن پيرن تي ميندي لائي
ڪونج ڳچيءَ ۾ دُهري پائي
کنڊون کير پيئن شل
جيڏل شال جُڙي رهين…

منهنجي خيال ۾ هتي امداد جا پکين جي ذڪر وارا ڪجهه شعر ڏيڻ بي محل نه ٿيندو.

مڌر مڌر ڪو گيت لڳي ٿو
تارو تارو ميت لڳي ٿو
ڪونج پئي ڪَرَلائي
ها، آ ته ٻُڌون ڪَن لائي!

پار پرڻ لئه، تار تري انءَ جيئن تري ڪو هنج
ساهڙ واهڙ ٿو وهي،
سڪ جو سيني منجهه!

هيءَ چوڏهين اڌ رات
ڪنن ۾ وئي رس اوتي
ٽٽيهر جي لات

اُٺا ملير مٿان مينهن ٻول ٻاٻيها
پلر پِئي ته جِئي ملڪ مرڪندي ماڻين.

ڇنن ڇنن ڇُلي ڇُلي ڇولي وئي
الا ڇولي وئي
تاڙي جي تاڙ ڪندي ٻولي وئي
الا ٻولي وئي
گهوريان توتان نوٽ پرين
گهر هليا گهوٽ پرين
مند کاڌي موٽ پرين…

امداد حسيني (سڄو نالو: سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽکڙ شهر ۾ 1941 ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني/ سانول آهي. پاڻ موجوده دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ سماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. امداد تمام سٺي شاعري ڪئي آهي ۽ نوجوان ٽهيءَ جو هميشه هيرو رهيو آهي. اسان به جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ”سهڻي“ ۽ ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ امداد جا شعر ڳوليندا وتندا هئاسين. جهاز تي به جيڪي چند ڪتاب کڻڻ جي اجازت هوندي هئي (جو ڪمرو ننڍو هوندو هو) انهن ۾ امداد جي شعرن جو مجموعو ”امداد آهي رول“ ضرور هوندو هو. هي ڪتاب 1976 ۾ ڇپيو هو. امداد جي شاعري جو هڪ ٻيو ڪتاب ”هوا جي سامهون“ پڻ آهي.
سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ جتي سحر امداد پروفيسر آهي اتي اسان جي سنڌ جو هڪ ٻيو شاعر ۽ اديب پروفيسر انور فگار هَڪڙو به آهي. بقول هن ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي، ڊاڪٽر انور فگار هڪ ذهين، ماٺيڻو ۽ سنڌ ۾ گهڻو ڄاتل سڃاتل اديب ۽ شاعر آهي. هو هر وقت لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رکندڙ آهي.“
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي جو جنم شڪارپور ۾ 1961 ۾ ٿيو جتي جي مشهور ڪاليج سي اينڊ ايس (چيلا سنگهه اينڊ سيتلداس) ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) جو امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. انور فگار پي ايڇ ڊي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. ان بعد پنهنجي اباڻي پورهئي يعني درس و تدريس جو ڪم سنڌ يونيورسٽي ۾ شروع ڪيائين. انور فگار جو والد صاحب مرحوم محمد صديق شڪارپور ۾ استاد هو. انور فگار جي خاندان ۾ پڙهڻ پڙهائڻ جو سلسلو پنجن پيڙهين کان هلندو اچي. سندس ڏاڏو عبدالرحمان صاحب سنڌي کان علاوه فارسي ۽ انگريزي جو به ڄاڻو ۽ ليکڪ هو.
انور فگار هَڪڙو صاحب ٿوري عرصي ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ۽ ترتيب ڏنا آهن، اهي هن ريت آهن:
- سمنڊ سمايو بوند ۾
- سون برابر سڳڙا
- جي تند برابر توريان
- جنم جنم جيت اياز
- پَٽ جيون ڳنڍيون، ريشم ويڙها
- سنڌي ٻوليءَ بابت مضمون
ڊاڪٽر انور فگار شڪارپور تي ڪيترائي مقالا لکيا آهن. جيئن ته شڪارپور جون ادبي انجمنون ۽ اشاعت گهر، شڪارپور جا ڦيرواڻي ڀائر، شڪارپور جون ناٽڪ منڊليون، شڪارپور جو تاريخي پس منظر، شڪارپور ۾ سنڌي ڪهاڻي جي اوسر وغيره. بهرحال هتي سندس ڪجهه اهڙا شعر ڏئي رهيا آهيون جن ۾ پکين جو ذڪر اچي ٿو.

ڇو ٿو ڪرين ڪلور
مارين ٿو ماري پيو
ڄانڀي منجهه تلور.

ڪيئن ماريءَ آهي تاڙي
ٿي ڄاڻ وڃي ڦاسي
اڏري نه جي هيءَ آڙي.

ڪيڏو ته وڻي ٿو مون
اڄ قرب ته ڪر پيارا
چيهو ته جهلي ڏي تون.

ٿي ڪانگ اڏائي پئي
ڪنهن سان ته اٿس ملڻو
هوءَ سانگ سجائي پئي

هي ڪاٺ ڪٺو آهي
رنگين کنڀن وارو
سڀني کان سٺو آهي.

هي چانهه پکي آهي
ڄڻ ڪاٺَ ڪُٺي جي هوءَ
سُهڻِي ڪا سَکي آهي.

آ سونهن ۾ سڀ کان زور
منڙو ٿو وجهي موهي
ڪيڏو ته آهي سهڻو مور.

پکي ۽ اسان جا شاعر

پاڻ سنڌي شاعريءَ ۾ پکين جو احوال ڪري رهيا هئاسين.
سنڌ جي مشهور ادبي رسالي ’سوجهرو‘ جي ايڊيٽر تاج بلوچ پکين بابت شعوري يا لاشعوري هڪ موضوع طور تي ڪجهه نه لکڻ جيترو لکيو آهي، پر هيٺ هن جا ڪجهه شعر ڏجن ٿا جن ۾ فراق جو درد آهي ۽ تشبيح طور تي پکين جو ذڪر آيل آهي. ڪونج تاج بلوچ جي شاعري ۾ حجر فراق ۽ وڇوڙي جي استعاري طور ملي ٿي؛

اڄ ڪٿي ڪونج آهي ڪُرلايو
مون کي ڀي ڪنهن جي ياد تڙپايو.

منهنجي دل جو پکي ڇو تڙپي ٿو
ڇا ڪٿي ڪونج ڪا رڙي آهي؟

جيئن پکي ڍنڍ تي سهڙيا هوندا
رنگ پاڻيءَ ۾ کڙي پيا هوندا.

ايئن ڌرتي تي درد تڙپائي
جيئن افق تي ٿي ڪونج ڪُرلائي.

ڪو ڇهين جُون تي ويو وڇڙي،
وههُ وڇوڙي هيانءُ کي کائي.

تاج بلوچ (پورو نالو؛ تاج محمد ولد نور احمد جتوئي بلوچ) 25 مئي 1942 تي پنوعاقل تعلقي ۾ جنم ورتو. پاڻ مشهور صحافي، شاعر ۽ اديب آهي. پاڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪيائين. هو گذريل 13سالن کان مشهور ادبي رسالو سوجهرو ڪڍي رهيو آهي. تاج بلوچ وٽ شعر جو اندازِ بيان ۽ لهجو نرالو آهي، جنهن تي ڪنهن به شاعر جو اثر حاوي ٿي نه سگهيو آهي. پاڻ غزل، نظم ۽ قطعن جو خوبصورت ڪوي آهي. ان کان علاوه هو سٺو ڪهاڻيڪار ۽ نقاد پڻ آهي. ادبي خذمتن جي سلسلي ۾ کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. هيل تائين هن جا چار شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن.

• درد جو صحرا
• خوشبو جو زهر
• لفظن جو ماتم، ۽
• دل جزيرو اداس سپنن جو.

انهن ڪتابن کان علاوه شاعري جو هڪ مجموعو ”چچريون چچريون خواب“ اڄڪلهه ڇپائيءَ هيٺ آهي.
ويجهڙائيءَ ۾، ڪراچيءَ ۾ منهنجي ملاقات ٿر جي هڪ شاعر پروفيسر محمد هنڱورجو سان ٿي. پاڻ تعليم جهڙي مقدس ۽ قومن جي زندگي ۾ بنيادي تعميري حيثيت رکندڙ شعبي سان لاڳاپيل آهي. هن لائق استاد ۽ اديب جو ٿر سان ايترو ته پيار آهي جو سندس ڪلام ۾ به ٿر جون يادگيرون سمايل آهن. پروفيسر محمد هنڱورجو (تخلص ملزم ٿري) 1946ع ۾ مٺيءَ ۾ ڄائو. بنيادي تعليم مٺيءَ مان وٺڻ بعد هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي ڪئي. پاڻ زندگي جو وڏو حصو تعليم سان ئي وابسته رهيو آهي. ٻه سال کن اڳ سندس شاعريءَ جو مجموعو ”کيرون کاهوڙين جون“ ڇپيو آهي. نموني خاطر سندس ڪجهه شعر هتي ڏجن ٿا،

”اچن اتر پار کان پهه ڪري پرواز،
تلورون تڙن تي انوکي انداز،
همه گڏ همراز، پائر جي پٽن ۾.“

محمد هنڱورجو (ملزم ٿري) مٿئين بيت ۾ تلورن (Houbara Bustard) جو ذڪر ڪيو آهي. بيت جي آخري سٽ شايد ڪيترن کي سمجهه ۾ نه اچي. مون به هي سٽون لکڻ مهل کيس مٺيءَ فون ڪري پڇيو. پاڻ ٻڌايائين ته پائر ٿر جي ڏکڻ اوڀر واري حصي کي سڏجي ٿو، جتي ميلن ۾ ڌرتي flat آهي ۽ ڪٿي ڪٿي تلاءَ به ٺهيو وڃن، جن تي هي پکي لهن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي ته مارئي جو ڳوٺ، عمر ڪوٽ ڀرسان نه، پر هن پائر واري علائقي ۾ هو. ملزم ٿريءَ جا ڪجهه ٻيا خوبصورت بيت هن ريت آهن:

پائر جي پٽن ۾ تلورون تمام
پرديسان پيهي ڪن سنڌڙي کي سلام
حُسن هاديءَ ڏنو تن ازل کان انعام
عجب اکيون ان جون گلابي گلفام
مارڻ واري مام پوءِ به مارينِ من ۾.

پوءِ به مارن من ۾ سندو سونهن شڪار
هلن پيا هر وار ڪاهيو ڪڍ انهن جي.

۽ هي هيٺيون شعر پرديسي پکي چيڪلو (Teal) تي آهي. چيڪلو هڪ هوشيار پکي ٿئي ٿو. شاعر ملزم ٿري چوي ٿو:

چيڪلا چالاڪ ڪٿان آئين اڏري
رک اهيرين اڍڪو وتن تنهنجي تاڪ
آئين جو ادراڪ نه آهي ڪو اِن کي.

نه آهي ڪو ان کي آئين جو احساس
معصومن جو ماس کپي نت کرين کي
کپي نت کرين کي روزانو رت ڇاڻ
بازن بندوقن سان رکن ڄاڻ سڃاڻ
اياڻن اماڻ مور نه ڄاڻن موڳڙا.

سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ۽ قومي شاعر محمد خان ”مجيدي“ جي هڪ نظم جو بند آهي:

ويڙهيچن جي وچ ۾ ويهي
ڪارونجهر سان قول ڪريون ڪي
ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.

اهي ته پٻ جا پهاڙ اوري
پنهل جا پيرا اڃان به اڳتي
اهي پکي سڀ سکيا ستابا
غريب ڳيرا اڃان به اڳتي.

گلابي گلن جو وٺي واس جا
اسان وٽ نه اهڙي ڪا بلبل ادا.

محمد خان ”مجيدي“ ولد قيصر خان جتوئي 5 جنوري 1918ع تي ٺٽي ضلعي جي جهوڪ شريف ۾ ڄائو. پاڻ هڪ بيحد ذهين شاگرد هو. 1934 ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو ۽ مختلف اسڪولن ۾ رهندي 1976 ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. مجيدي صاحب رٽائر ٿيڻ بعد سمورو وقت سنڌ جي شاعري کي ڏنو. سندس قومي شاعري کي زرينه بلوچ، سرمد سنڌي ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن ڳايو آهي. مجيدي جا شاعري جا به ڪتاب تمام مشهور آهن:

سنڌڙي ۽ ان جون قومون،
مٽي منهنجي مٽي آهي.

محمد خان مجيدي کي ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ آهي. سندس ٻيو نمبر ڌيءَ مريم مجيدي مشهور شاعره ۽ غزل جي راڻي سڏجي ٿي. هتي ڪجهه مريم مجيدي جي شاعري پڻ ڏجي ٿي،

ڪاتاري آ ڪونج وري ڪا
رات پهاڙن ۾ هئي پٽ

سڄڻ جي سار
ڪونجون لٿيون روهه تان
ڪري ڄاڻ قطار.

ڪيڏي نه ڪڻ ڪڻ مان سڄي ٿي ڪوڪ ڪوئل جي مٺي
ڄڻ ڪا ڪويتا ساز سان آهي ڳتل رت سانوڻي.

راتو ڏينهان ڪوئل ڪوڪي
ڪير ٻڌي ٿو سڪ جي ٻاڻي

او مورن جهڙا مور پرين
ڪين ڪسا ڪر قول پرين

آخر ۾ هتي ڪجهه مختلف شاعرن جا شعر آهن:
دريا خان صوفيءَ جي هڪ ڪافيءَ جا ٻول آهن:

آءُ ڪانگ ڪر ڳالهه
مون کي تن ماروئڙن جي
ماروئڙن جي، سانگيئڙن جي.

فتاح ملڪ جي هڪ نظم جو بند آهي ته:

جڏهن ڪونج ڪرڪي قطارون پڇي ٿي
تڏهن ياد تنهنجي پراهان پڇي ٿي.

ذوالفقار راشدي جي نظم جو هڪ بند آهي ته:

چڻ بڻ کان چپ جهرڪين ڪئي آ،
ڪوماڻيل سڀ ڪانگ هيءُ ڪهڙو آ پرهه،
پيارا، ڏنگي ويس ڄڻ نانگ.

سيد اڪبر شاهه جو هڪ بيت آهي:

ڪرڪي ڪائي ڪونج اڱڻ مٿان اوچتي
سڻي سائي گونج رڙ سان روح رڙي پيو.

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو هڪ شعر:
پکين وانگي آءٌ اڏامان،
مولا مون کي اهڙا پرڙا ڏي.

ساڀيان سانگي (سڄو نالو ساجده خدابخش ”ساڀيان“ سانگي) جو هڪ شعر آهي:

جيئن ٿر ٻاٻيهو، سِڪي آگم ڪاڻ
اسان ائين هاڻ، سڪون تولئه ساڀيان!

سائين طالب الموليٰ (مخدوم محمد زمان) جو هڪ بيت آهي:

ڪونجن ڪرڪي ڪالهه مون کي رات رئاڙيو
روئندي روئندي روئندي هينئان ٿيم حال
هو ٻيهر وڃي ٻچن سان ڪنديون واهه وسال
آئون پاڙي رهان پرينءَ جي ته به جر وهايان جال،
طالب موليٰ طلب ۾ سڪندي وريا سال
ڪيم گڏ فراق جا ميڙي چونڊي مال
عجائب احوال آهن منهنجي عشق جا.

شيخ اياز جي نظم جا بند آهن:

ڪونجن جي ڪڻڪار ڪچي ۾
هئه هئه جيءُ جهٻي پيو آهي
اڄ جو ڪو ڪرلاهو ڪونهي
منهنجو هيانؤ هڄي پيو آهي.

ڪيڏي آ هٻڪار هوا ۾
توڙي سوَ پرمار هوا ۾
ڪوئل ڪوڪ ڪٽاريءَ وانگر
اڀري آ ٻيهار هوا ۾.

شيخ اياز جي هڪ مشهور وائي آهي:

ڪيرون ڪيرون ڪوهه ڪرين،
ڇا ٿو سارين ڪارڙا

۽ هڪ نظم جو بند آهي:

ڪونج ڪرڪي پئي ڪا اتر پار جي
ياد آئي اسان کي وري يار جي

۽ سندن هڪ نثراڻو نظم آهي:

ڪونجڙيون پيون ڪرڪن،
تو جيان انهن جو ڀي،
دور جو سفر آهي
رات ڄامشوري جي
بيشمار تارن سان
تنهنجي منتظر آهي.
شيخ اياز جو هڪ ٻيو نثراڻو نظم هن ريت آهي:

ڪانوَ پنهنجا ڪانگيرا
ڇو ڇڏي اڏاڻا ها
نيرري ٽپهريءَ ۾؟
ڪيتري نه ڪان ڪان هئي
جا ٻڌي وئي آهي،
سانت گهريءَ ۾.

شيخ اياز جا پکين بابت ڪجهه ٻيا شعر هن ريت آهن؛

جهونجهڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي!
منهنجو من،
جيون بَن:
اڏري اڏري پوندو ٿڪجي
تنها تن
منهنجو من....
جهونجهڪڙي ۾ ڪارو ڪڻڇي!

سانجهي، سانت، اُتر جي واءُ،
ڪونج افق ۾ ڪَرڪي، آءُ!
تون بڻجي پڙلاءُ.

اڏري آڌيءَ رات
ڪونجون ڪرڪن روه تي
جڳ نهوڙيو ننڊ ۾ تن کي پنهنجي تات،
اڏري آڌيءَ رات.
آهي ڪهڙي ماڳ جي وائي ولر- وات،
اڏري آڌيءَ رات.

شيخ اياز جا ڪجهه هائيڪا:

هاڻ رڳو گونجون
ٽوليون ٿي اڏري ويون
ڪَرڪي سڀ ڪونجون.

ڪيستائين هي قطارون
ايتريون آهن اَڇوتيون
ڪونج! اڄ تنهن جا ناڏارون!

اُڊيءَ اک تاڙيون
ناليءَ مان بندوق جي
منڇر تي آڙيون.

وڻن تي ويهي
پنڇي اُڏريا ڪيترا
ڏيهي پرڏيهي.

ميان ڪهڙي ڪام سان
وابستگي هن جي هئي
اڏريو پکي لام تان

پاڻيءَ تان رُتبو
اڏريو ڄڻ آڪاس ۾
ڪَؤتا جو سپنو

هو جو رتونبو
ڄڻ ڪوئي اڏري پيو
شاعر جو سپنو.

چپ ۾ چگهه پکي
ٻولي پيو جهنگ ۾
ڪوئي گهگهه پکي!

۽ آخر ۾ تاجل بيوس جي شاعري؛

ويا هنج اڏري سويرو سَرن تان
ڪيا ڌار قسمت ڪڻا اڄ ڪڻن کان
ڏئي سِر ڌٻين کي اياڻا وڃن ٿا

اچن ماڳ موٽي اويرا سويرا
ڪٽڪ ڪونجڙين جا تتر باز ڳيرا
بکن ۾ بيوس سدا خوش رهن ٿا.

ڪونجڙين جون ڪيچ ڏي آڌي اڏارون لک لهن
ٿر مٿي ٿڌڪار ۾ بوندون بهارون لک لهن.

گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ گهائي ويٺي
ڪوئل بن ۾ ڳائي ويٺي.

تاڙيءَ تي ڪبوتر کي اڏاري نه سگهياسين
اي دوست اسان توکي به وساري نه سگهياسين.

تاجل بيوس جون ٻيون مشهور وايون آهن:
جيئن ٿا ڪانگ لنون تيئن ٿا پور پَون.

ڪونجان ڪيچ وڻن تي ڪرڪن سانوڻ ۾.

تاجل بيوس (سڄو نالو: تاج محمد ولد محمد جعفر سمون) 22 سيپٽمبر 1938ع تي صوڀي ديري (خيرپور) جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ جو سدا بهار شاعر مڃيو وڃي ٿو. شيخ اياز، استاد بخاري بعد تاجل بيوس سڀ ۾ گهڻو ڳايو وڃي ٿو– يعني تاجل جي همعصرن جي جڏهن ڳالهه ڪجي ٿي.
تاجل بيوس ڀونڀٽ پور جي پرائمري اسڪول ۾ اڃان ٻيو درجو پڙهندو هو ته سندس والد 1946 ۾ گذاري ويو. پيءُ جي لاڏاڻي بعد پڙهڻ ڇڏي ڪلهي تي پاڻ کان وڏي لٺ کڻي مينهن جو ڌنار بڻيو. ٽن سالن جي ڌنارپ کان پوءِ 1949 ۾ وري پڙهڻ شروع ڪيائين. آخر ايم اي ايڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪيائين. عملي زندگيءَ جو آغاز سيڪنڊري استاد جي حيثيت سان ڪيو ۽ سيڪريٽري ليول تي وڃي پهتو. 1998ع ۾ رٽائر ٿيڻ وقت چيف/رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تي هو.
تاجل بيوس جي سنڌي ڪلام جو پهريون مجموعو ”جڏهن ڀونءِ ڀڻي“ 1982ع ۾ شايع ٿيو. ان بعد سندس شاعريءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا:

• سرجيندڙ ساڻيهه جا
• سنڌ منهنجي امان
• ڪنڌيءَ ڪؤنر ترن
• ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا
• صحرا ستر جن
• تنهنجا نيڻ غزل
• وڏا وڻ وڻڪار جا
• ڏوريان ڏوريان مَ لهان
• انبن جهليو ٻور
• ڪاڇي مٿان ڪونج
• انداز بيان اور.... (اڙدو ۾) وغيره.

تاجل جو لکيل گيت ”سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکي ڇا لکان...“ جتي به سنڌي رهن ٿا، ان کي وڏي شوق سان ٻڌن ٿا. انڊيا جا سنڌي ته تاجل جي ان گيت کي قومي تراني جو درجو ڏين ٿا. تاجل بيوس 70 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس سندس وصيت موجب چوڪنڊي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
تاجل بيوس هر عنوان تي تمام گهڻو لکيو آهي. پکين تي به هن جا ڪيترائي شعر آهن. سندس وفات کان مهينو کن اڳ منهنجو سندس گهر وڃڻ ٿيو ته هن مون کي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل سندس پنج ڪتاب ڏنا جن مان ٽي ته ”ڏک سکن جي سونهن“ عنوان سان سندس آتم ڪهاڻيءَ جا ٽي واليوم آهن. هڪ هندستان جو سفرنامو ۽ هڪ شاعري جو ڪتاب جنهن جو نالو ئي آهي ”پکي ساڳي پار جا“. هن ڪتاب مان تاجل بيوس جا ڪجهه شعر هتي ڏجن ٿا:
ٻاٻيهو ٻولي
پرهه ڦٽيءَ جو پرين جا
خطڙا ٿو کولي.

ڪونجون ٿيون ڪرڪن
داڻي، پاڻيءَ ڪارڻ ڏس
ڪيڏو ٿيون تـڙپنَ!

پنڇي ٿا ٻولين
هيري، لڇمڻ ڪومل جا
خطڙا ٿا کولين

ڪانگل ٻولي ويو
جيوت، ٺاڪر، موتيءَ جا
خطڙا کولي ويو

ڪونجون ٿيون ڪَرڪن
شايد اڄ ٿر واسين تي
بادل ٿا برسن

ٻاٻيهن ٻوليون
نغما ننگر واسين جا
مورا ۽ لوليون

ڪونجون ڪَرڪن ٿيون
مَسَ وري مُهراڻي جون
مائرون مُرڪن ٿيون

ڪُرلائن ڪونجون
آءُ ته چونڊيون ڏهرن مان
پلڙا ۽ پُسيون

برسن ٿيون بُوندون
شال ڪٿان ڪارونجهر تي
ڪُرلائن ڪونجون

هنج ڪُهنگ هِن پارِ
ڄاڻ ڊگوشن مُنهن ڪڍيو
باهه وساڻل ٻارِ

ٻيڻو ۽ ٻوهاڙ آهي ڪهنگن
ڪُونجن جي
پاڻيءَ اندر پاڙ

ڪانيرن قطارون
تُور، هنجر ۽ ٽوٻارا چيههَ
ڦِرن چوڌار

نيرڳ ۽ نردور
نيڙيءَ جي نير مٿي
هنج به زوران زور.

پنهنجي زال کي هتي ڇڏي وڃ

ڪيترائي ماڻهو مون کان ولايت بابت عجيب سوال ڪندا آهن. انهن سوالن مان هڪ اهو به آهي ته توهان کي ڪهڙا ملڪ سٺا لڳا ٿا؟
خير هڪ خيال کان اهو سٺو سوال به آهي جنهن جو جواب شروع وارن ڏينهن ۾ سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڪهڙن ملڪن کي سٺو چئجي. انهن ڏينهن، يعني چاليهه سال کن اڳ، جنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ اسانجو جهاز گهڻا ڏينهن بيهندو هو ۽ اسان کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ گهڻو وقت ملندو هو ته ان ملڪ کي اسان سٺو سمجهندا هئاسين. يا جنهن ملڪ ۾ ورڪشاپ طرفان جهاز جي ڳري رپيئر ٿيندي هئي ۽ جهازران ڪمپني اسان کي جهاز تي رهڻ بدران ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ترسائيندي هئي ته اسان لاءِ موج مزا ٿي ويندا هئا جو پوءِ نه ڊيوٽي ڪرڻي پوندي هئي نه ڪو ڪم ڪار. سڄو ڏينهن گهمبو هو يا ننڊون ڪبيون هيون ۽ جهاز شپ يارڊ (ورڪ شاپ) يا ڊاڪيارڊ (خشڪ گوديءَ) حوالي هوندو هو. جهاز جي مالڪ لاءِ خرچ پکي جي وڏي چٽي ٿي پر اسان لاءِ ان ملڪ جهڙو ڪو ٻيو ملڪ نه ٿيو.
پر پوءِ آهستي آهستي، جيئن جيئن دنيا جا مختلف ملڪ ڏسندا وياسين ۽ انهن جون حالتون هڪ ٻئي سان ڀيٽيندا وياسين ۽ وقت سان گڏ ٻارن ٻچن وارا ٿياسين ۽ مٿي تي جوابداريون آيون ته اهو محسوس ٿيو ته ملڪ کڻي ايشيا جا هجن يا آفريڪا جا، يورپ جا هجن يا آمريڪا جا، مشرق جا هجن يا مغرب جا، ٿڌي موسم وارا هجن يا خط استوا وارا گرم، عرب ملڪ هجن يا يهودي ۽ عيسائين جا.... سٺا ملڪ اُهي آهن جتي قاعدي ۽ قانون جي حڪمراني آهي، يعني لا ائنڊ آرڊر جي حالت بهتر آهي، جتي انصاف آهي. اها ڳالهه پهرين پهرين مون جپان ۾ محسوس ڪئي، جڏهن اتي اسان جي ملڪ جي هڪ جهاز جي آفيسر ڪجهه غلط ڪم ڪيو ۽ هن کي جهلي جڏهن ڪورٽ ۾ آندو ويو ته ثبوت خاطر اتي جي پوليس هن جي حرڪتن جي وڊيو فلم ڏيکاري جيڪا هوءَ ٽن ڏينهن کان لڳاتار لڪي ڇپي ڪڍي رهي هئي. يعني هنن اهو يعني هنن اثابت ڪيو ته هو واقعي ڏوهاري آهي تڏهن هن کي جهليو ويو آهي نه ته قانون جو خيال ڪرڻ وارو جپان ۾ امير توڙي غريب هڪ عزت وارو انسان آهي. اهڙي طرح ناروي ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ رهي محسوس ٿيو ته اتي جيڪڏهن ڪو ڏوهه نٿو ڪري ته مجال آهي جو ڪو هن جو نالو وٺي. اهڙن ملڪن ۾ اسان کي بي فڪر ٿي هلڻو پيو ٿي. اهڙن ملڪن ۾ ڪو ڀوتار، وڏيرو يا پوليس جو ڪو اهلڪار ڪنهن بي ڏوهيءَ جو نالو ته وٺي ڏيکاري.
ستر واري ڏهي تائين، خاص ڪري شروع جي اڌ تائين سنگاپور چورن ۽ ٺڳن جو ملڪ هو پر پوءِ وزير اعظم لي ڪئان يو جي حڪومت قاعدي قانون کي سخت ڪندي وئي. لوفر لفنگا رولي ۾ اچي ويا. امير توڙي عام ماڻهوءَ کي نه فقط سندن در تي انصاف ملڻ لڳو پر جلد ملڻ لڳو، ڇو جو اها چوڻي سچ آهي ته:
Justice delayed is justice Denied.
اڄ سنگاپور دنيا جي بهترين ملڪن مان هڪ آهي، جتي هر هڪ رهڻ ۾ خوش نصيبي سمجهي ٿو. چاهي مڪاني ماڻهو هجي يا ڌاريون، هو جي شريف آهي ته هن لاءِ سنگاپور ۾ سُک آهي، ڏوهي کڻي ڪيڏو به طاقتور هجي هن کي نٿو بخشيو وڃي. انهيءَ جهڙو ملائيشيا ٿي چڪو آهي. ٻهراڙي ۽ جنگلن ۾ رهندڙ اڪيلي گهر جا ڀاتي به سڪون جي ننڊ سمهن ٿا. مجال آهي ڪو چور، ڌاڙيل اچي ان گهر ۾ ڌاڙو هڻي. مختلف فئڪٽرين، ايئرپورٽس يا اسپتالن ۾ رات واري شفٽ ڪري اڪيليون ڇوڪريون پيرين پنڌ، سائيڪلن تي يا ٽئڪسي ۽ بسن ۾ پيون گهر ڏي اچن وڃن. مجال آهي جو ڪو سندن پرس ڦري يا کين اغوا ڪري. اهو سڀ ان ڪري جو اهڙن ملڪن جي هر باعزت شهريءَ کي خبر آهي ته ساڳي وقت لوفر، غنڊي يا چور ڌاڙيل کي به خبر آهي ته ان ملڪ ۾ قاعدو قانون آهي. هرهڪ لاءِ ساڳيو انصاف آهي ۽ فيصلو جهٽ ٿئي ٿو. پوليس ڪنهن جي به کيسن ۾ نه آهي ۽ هن جي بقا فقط ۽ فقط عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ سٺو شهري ٿي رهڻ ۾ آهي.
اهي ملڪ جن ۾ لا ۽ آرڊر آهي، جن ۾ سستو ۽ جلد انصاف ملي ٿو اتي توهان پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ موڪليندي سڪون محسوس ڪيو ٿا، اتي توهان پنهنجو ناڻو لڳائي بزنيس ڪريو ٿا، اتي توهان گهمڻ لاءِ ويندي خوشي محسوس ڪريو ٿا ۽ اهڙن ملڪن جا ادارا مضبوط ٿين ٿا هو ڪوبه غلط ڪم نٿا ڪن. اهڙن ملڪن کي پاڙيسري ملڪ يا طاقتور ڏورانهان ملڪ تنگ ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا. ملائيشيا ۽ ايران جو مثال اسان جي اکين آڏو آهي. ملائيشيا ۾ پنهنجي رهڻ وارن ڏينهن جو هڪ واقعو ڪنهن ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان ته اسان واري ملاڪا رياست جي ڀرواري رياست ”نگري سيمبيلان“ جي سلطان جي پٽ پنهنجي رياست جي شهر سريمبان ۾ تيز رفتاري سان ڪار هلائي ته پوليس چالان ڪيس. سندس پيءُ جيڪو ان رياست جو والي وارث ٿيو ۽ جيڪو واري اچڻ تي چئن سالن لاءِ سڄي ملائيشيا جو بادشاهه ٿئي ٿو تنهن کي به ان ڳالهه جي ان ئي وقت خبر پيئي..... توهان، يعني اسان جي ملڪ پاڪستان جا رهاڪو، پڪ اهو سوچي رهيا هوندائو ته سلطان کي خبر پوڻ تي هن نه فقط پوليس واري پر ان جي ايس پي کي به نوڪريءَ مان خارج ڪيو هوندو. پر ائين نه ٿيو. سلطان پنهنجي پٽ کي سڏائي ٿڦڙ وهائي ڪڍي ته ماڻهو ٿي هل. اها ڳالهه ٻئي ڏينهن اخبار ۾ اچڻ سان سڄي قوم جي ماڻهن لاءِ توڙي اسان ڌارين لاءِ نياپو ثابت ٿي ته ٻيلي هن ملڪ ۾ رهڻو آهي ته شريف ٿي رهڻو آهي. ڪنهن به قسم جي مستي نه هلي سگهندي. اهوئي سبب آهي جو ملائيشيا ۾ هرهڪ سڌو ٿي هلي ٿو. سنگاپور، جپان، چين ۽ ڪوريا ۾ هرهڪ سڌو ٿي هلي ٿو. سعودي عرب، دبئي ۽ ڪويت ۾ هرهڪ سڌو ٿي هلي ٿو. توهان کي جيڪي حق مليل آهن، اهي ڀلي Enjoy ڪريو. گهمو ڦرو، ڳايو، وڄايو، نچو ٽپو پر ٻئي شهريءَ کي نه رنجايو. عوام جي پراپرٽيءَ کي نقصان نه رسايو. اهوئي سبب آهي جو ڌاريان، يورپ توڙي ايشيائي ملڪن جا به ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ سڪون سان گهمن ڦرن ٿا. يورپي ۽ جپاني ته ڇا عرب ۽ ايراني به پنهنجين زالن ۽ جوان ڌيئن سان گڏ ملائيشيا جي شاپنگ سينٽرن ۾ خريداري پيا ڪن. سئنيما هالن ۾ ڌارين سان گڏ ويهي فلمون پيا ڏسن. مجال آهي جو ڪو ٺلهو رمارڪ به ڏي. ٽوئرسٽن جي اچڻ ڪري ملائيشيا جهڙا ملڪ وڃن خوشحال ٿيندا. انگلينڊ جو ته هرڪو مثال ڏئي ٿو. خاص ڪري چرچل جي ٻي جنگ عظيم واري ڳالهه ته هرڪو ورجائي ٿو.
دنيا جي ٻي عالمي جنگ زور شور سان هلي رهي هئي. جرمني ڏينهون ڏينهن زور نظر اچي رهيو هو. پولنڊ، فرانس جهڙن ملڪن تي ته هو حاوي ٿي ويو هو ۽ هاڻ برطانيه تي موچڙن جو وسڪارو هوس. انگريزن جي فوج جا سپاهي مارجي رهيا هئا. هٽلر جا هوائي جهاز روزانو لنڊن مٿان، جڏهن چاهيو ٿي تڏهن بمباري ڪري سلامتي سان موٽي ويا ٿي. لنڊن جا رستا ۽ گهٽيون ويران ٿي ويون هيون. کاڌ خوراڪ جي کوٽ به شروع ٿي چڪي هئي. کاڌي جي شين تي راشن بندي ٿي رهي هئي. انگريز عوام مايوس ٿي چڪو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪجهه ڪارخانن جا مالڪ، وڪيل، پروفيسر ۽ دانشور ٽولو ٺاهي، ان وقت جي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل سان ملڻ پرائم منسٽر جي سرڪاري رهائشگاهه 10 ڊائوننگ اسٽريٽ پهتا.
هنن وزيراعظم چرچل کي عوام جي مايوسين کان آگاهه ڪيو ۽ پڇيو ته ”جناب وزيراعظم! برطانيه جو ڇا مستقبل آهي. هرهڪ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي.“
اڌ ڪلاڪ تائين چرچل هنن سڀني جا خوف ۽ وسوسا خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو ۽ سندس عادت مطابق هُن جو سگار هن جي چپن تي رکيو رهيو. جڏهن هو سڀ ڪجهه ڳالهائي چڪا ته چرچل وات مان سگار ڪڍي هنن کان پڇيو ته ”ڇا توهان جي ملڪ جي ڪورٽن (عدالتن) ۾ ماڻهن کي انصاف ملي رهيو آهي يا نه؟“
هنن سڀني هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو ”هائو! بلڪل ملي رهيو آهي.“
چرچل وڏي اعتماد سان کين وراڻيو؛ ”منهنجا هم وطنو، وڃو ۽ عوام کي ٻڌائي ڇڏيو ته دشمن توهان تي ڪڏهن به حاوي نه ٿيندو. توهان سڪون سان رهو، شڪست دشمن جو ئي مقدر ثابت ٿيندي.“
سڄي دنيا ڏٺو ته برطانيه جيڪو ظاهري طرح لڳو ٿي ته هن جنگ ۾ هارائيندو، ان کي سوڀ نصيب ٿي ۽ هٽلر کٽي کٽيل جنگ هارائي ويو.
بهرحال ڏٺو وڃي ته جتي انصاف آهي، جتي غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو قانون آهي ۽ نه رڳو قانون آهي پر ان قانون تي سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو. جنهن ملڪ ۾ ڪوبه ٻئي جي حق تي ڌاڙو نٿو هڻي، اهو ملڪ ڪڏهن به برباد نٿو ٿئي. منهنجو هڪ ملئي شاگرد جيڪو هاڻ جهازن جو ڪئپٽن آهي، ان مٿين ڳالهه جو هڪ بيحد دلچسپ مثال ڏيندو آهي، جيڪا نصيحت آموز ڳالهه (جنهن کي ملئي زبان ۾ ”حڪايت“ سڏجي ٿو) هن ريت آهي.
هڪ طوطو ۽ طوطي سڄو ڏينهن رزق جي ڳولا بعد شام جا پاڇا لڙڻ تي هاڻ هو پنهنجي گهر روانا ٿي رهيا هئا ته رستي تي رات ٿي وئي. اهڙي حالت ۾ هنن لاءِ پنهنجو سفر جاري رکڻ ممڪن نه هو ۽ هڪ جهنگل مان لنگهڻ وقت هنن اها رات اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ ڊگهي وڻ جي چوٽيءَ تي هنن پنهنجو عارضي ٺڪاڻو ڳوليو. اتان هنن کي پنهنجي آسپاس جو نظارو ڪرڻ جو به سٺو وجهه مليو ٿي. ٿورو پريان هڪ اجڙيل وستيءَ کي ڏسي ٻئي پريشان ٿي ويا. طوطي سخت مونجهاري جي حالت ۾ طوطيءَ کان پڇيو ته خبر ناهي هن وستيءَ جي برباد ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟
ان تي طوطيءَ پنهنجي عقل موجب وراڻيس ته جنهن وستيءَ جي ويجهو چٻرا اچي رهن ته ان جاءِ جو تباهه ٿيڻ مقدر بڻجيو وڃي.
اڃا هو ان موضوع تي ڳالهه ڪري رهيا هئا ته هڪ چٻرو اڏامندو اچي هنن وٽ پهتو. هن طوطي ۽ طوطيءَ کان سندن موجودگيءَ جو سبب پڇيو. طوطي جواب ۾ ٻڌايس ته گهر ويندي رستي ۾ رات پئجي وئي ۽ اونداهه ۾ وڌيڪ اڏامڻ بدران هن ۽ سندس زال رات هتي ٽِڪڻ جو ارادو ڪيو آهي. صبح ٿيڻ سان هو ٻئي پنهنجي گهر روانا ٿي ويندا.
چٻري پنهنجو تعارف ڪرائيندي هنن کي ٻڌايو ته هو هن ئي جهنگل جو رهواسي آهي. هڪ ميزبان جي حيثيت ۾ هن هنن ٻنهي جي چڱي خدمت چاڪري ڪئي. صبح ٿيڻ تي جڏهن طوطو ۽ طوطي پنهنجي منزل ڏي روانا ٿيڻ لڳا ته هنن اهو مناسب سمجهيو ته پنهنجي ميزبان چٻري سان الوداعي ملاقات ڪئي وڃي. چٻري سان ملي هاڻ جڏهن هو هلڻ لڳا ته چٻري طوطي کي چيو ته تون ته وڃي سگهين ٿو پر طوطيءَ کي پاڻ سان وٺي وڃي نٿو سگهين. اهو ٻڌي طوطي جا هوش خطا ٿي ويا ۽ احتجاج طور چيو ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هو پنهنجي زال کي هتي ڇڏي وڃي. ان تي چٻري چيو ته طوطِي ته هن جي (چٻري جي) زال آهي ۽ نه طوطي جي. پريشان طوطيءَ به رڙيون ڪري چيو ته هوءَ ته طوطي جي زال آهي ۽ نه چٻري جي.
چٻري ۽ طوطي جي وچ ۾ طوطيءَ جي متعلق اڃا بحث هلي رهيو هو ته ڀر واري اجڙيل وستيءَ سان تعلق رکڻ واري هڪ شخص جو اتان گذر ٿيو. چٻري رڙ ڪري ان همراهه کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ عرض ڪيو ته هو هن جي ۽ طوطي جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي جو فيصلو ڪري. هو همراهه خوشيءَ سان راضي ٿي ويو ۽ ٻنهي ڌرين کان الڳ الڳ بيان ورتو ۽ پوءِ طوطيءَ کان پڇيو ته هوءَ ڪنهن جي زال آهي؟
طوطيءَ هن جنگل ۾ رات رهڻ جو سڄو قصو ٻڌايو ۽ قسم نامي تي چيو ته هوءَ ته طوطي جي ئي زال آهي ۽ هن جو چٻري سان ڪنهن به قسم جو واسطو يا ڪو تعلق ناهي.
هن شخص ٽنهي جي ڳالهه ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌايو ته طوطِي طوطي جي نه پر چٻري جي زال آهي ۽ طوطي کي هتان هڪدم هليو وڃڻ جو حڪم ڏنو. ان تي طوطو اوڇنگارون ڏئي رئڻ لڳو پر هن جي هڪ به نه ٻڌي وئي.
مايوسيءَ جي حالت ۾ جڏهن طوطو گهر ڏي روانو ٿيڻ لاءِ اڏامڻ لڳو ته چٻري هن کي روڪيو ۽ چيو ته پنهنجي طوطيءَ کي به پاڻ سان وٺي وڃ. ان تي طوطو خوش ٿي چٻري ڏي حيرت مان ڏٺو. چٻري ٻنهي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ياد رکو ته وستيون يا ملڪ چٻرن ڪري نٿا نابود ٿين پر اهي ناانصافيءَ ڪري تباهه ٿين ٿا.