شاعري

چوٿين اَکِ

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book چوٿين اَکِ

ارپنا

انھن سڀني جي نانءِ

جيڪي شاعر ھجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا

جيڪي شاعر ٿيڻ جا خواھشمند آھن

جن کي شاعري وڻي ٿي

جن کي شاعري سمجهه  ۾ اچي ٿي

۽ جيڪي شاعري ءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا



مٺل جسڪاڻي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري نثرنگار، محقق ۽ شاعر مٺل جسڪاڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”چوٿين اک“ اوهان اڳيان پيش آهي. 

مٺل جسڪاڻيءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظھارن سان سلھاڙيل آهي، جن کي مٺل شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھن مجموعي ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آھن. مٺل جي شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي. آئينو بہ خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.

ھي ڪتاب 2022ع ۾امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون مٺل جسڪاڻيءَ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


 

محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com

www.sindhsalamat.com

 books.sindhsalamat.com

اداري پاران - غير روايتي شاعر جي غير روايتي شاعري

اداري پاران - غير روايتي شاعر جي غير روايتي شاعري

سائين مِٺل جسڪاڻي، جيتوڻيڪ پنهنجي نالي جيان مٺڙو ضرور آهي، پر آهي پنهنجي رمز جو راڻو..! جنهن ڪري هن لاءِ ڪابه هڪ راءِ حتمي طور گهٽ ۾ گهٽ آءٌ نٿو ڏيئي سگهان... هُن جي طبيعت نرالي آهي. هُو ملنسار آهي ۽ منجهس نوڙت و نياز وارو وکر به نمايان آهي. مون هُن منجهه ’سهپ‘ سرس ڏٺي آهي، هُو گهڻو ڪجهه برداشت ڪري سگهڻ واري قوت سان سرشار آهي. ان سبب جي ڪري ئي هُو هڪڙي ئي وقت ۾ پاڻ کان مختلف طبيعتن وارن ماڻهن سان گڏ گهارڻ وارو هُنر بخوبي ڄاڻي ٿو. ساڳئي وقت هُو اُن ڀوڳنا کي اظهارڻ جو به ڪاريگر آهي ۽ ان لاءِ هُن کي فنونِ لطيفه جي ڪنهن به فن جي يا گهاڙيٽي جي گهرج واري محتاجي به ناهي. هُن کي مالڪ سائينءَ اهڙو نوازيو آهي، جو هُو لکت جي مختلف نمونن ۾ پنهنجي ڀوڳنا يا پنهنجي اندر جو اظهار ڪرڻ واري غير معمولي سگهه رکي ٿو.
مٺل سائينءَ جو هيءُ مجموعو ’چوٿين اک‘ بلاشڪ مختلف قسم جي اظهارن سان سلهاڙيل آهي، جن کي سائينءَ شاعريءَ واري پيرايي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. توڙي جو کيس ڪير به شاعر کڻي نه مڃي، ان جي به کيس پرواهه ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هُو پاڻ ئي پاڻ کي شاعر نٿو مڃي، پر هُن پنهنجن خيالن کي فن جي محتاجيءَ کان بچائيندي فڪر جو دانُ ڏنو آهي.
’چوٿين اک‘ ۾ شامل ڪي خيال انوکا آهن ته ڪي وري حيرتناڪ پڻ ۽ ڪي وري اَڇُهيل پڻ آهن، جن تي ڪنهن شاعر به ڪڏهن طبع آزمائي ڪونه ڪئي هوندي... مٿان سونَ تي سُهاڳو اهو آهي جو سائين مِٺل هن مجموعي ۾ پنهنجي پاڻ تي به قلم کنيو آهي ۽ پاڻ کي يا پنهنجي طبيعت کي، هلت چلت کي به کُلي اظهاريو آهي ۽ پنهنجي پاڻ تي راءِ زني بلڪل اهڙي ريت ڪئي آهي، جيئن ڪو حقيقي نقاد پنهنجي راءِ جو ڪڙو اظهار، بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ۽ دوستين توڙي واسطيدارين کي ڌار ڪري يا پاسيرو رکي ڪري. ائين پنهنجي پاڻ لاءِ کُليو اظهارڻ اڳ به ڏکيو هو ته هاڻ مرڳو بنهه ڏکيو ٿي پيو آهي، ڇاڪاڻ جو هتي هرڪو پاڻ کي پڏائيندي تيس مار خان يا سوا سير ٿو سمجهي، اهڙي صورتحال ۾ ۽ اهڙي زماني ۾ ائين پاڻ کي پاڻ ئي وائُکو ڪرڻ ڪنهن جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه قطعي ڪونهي.
هن مجموعي کي اشاعت کان پهرين مُسودي جي صورت ۾ پڙهندي، مون کي ڪيترين ئي جاين تي سائين مِٺل جي همٿ کي داد در داد به ڏيڻو پيو، ڪيترن ذهنن ۾ سوال اُڀري سگهي ٿو ته ڀلا داد در داد ڇو؟ رڳو داد ئي ڇو نه! پر جوابن عرض ڪريان ته داد بدران، مون داد در داد ڏيڻ، پنهنجي پاڻ تي ان ڪري واجب سمجهيو، جو عمر جي جنهن حصي ۾ سائين مِٺل آهي، ان عمر ۾ خاص ڪري ۽ هونئن عام طور به ماڻهو ائين، اهڙو ۽ اهڙي رِيت برملا اظهار ڪرڻ کان ڪِيٻائينِ ٿا، پر سائين مِٺل پنهنجي عمر جي اُهڃاڻن کي بنهه پراهون ڇڏي، پنهنجي سوچ، لوچ، فڪر ۽ مشاهدي کي حقيقي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. ادب جي دنيا ۾ ائين ڪرڻ وارا ماڻهو ٿورڙائي ٿيندا، جن پنهنجو پاڻ کي سڀني جي آڏو سينه سپر ٿي پيش ڪري ڇڏيو هجي.
هيءُ ڪتاب منهنجي راءِ موجب هڪڙو غير روايتي مجموعو آهي، جنهن ۾ جيڪو ڪجهه شامل ڪيل آهي، سو به غير روايتي آهي ۽ هن مجموعي جو تخليقڪار به غير روايتي آهي. تڏهن ئي ته هُو اهو سڀ تخليق ڪري ۽ پيش ڪري سگهيو آهي. ماڻهو جيئن جيئن عمر جا ڏاڪا مٿي چڙهندو ويندو آهي، تيئن تيئن هن جا تجربا وسيع ٿيندا ويندا آهن ۽ انهن آڌار هُو حياتيءَ کي گهارڻ چاهيندو آهي، اهڙن ئي تجربن جو اظهار هن ڪتاب جي ڪُک ۾ سمايل آهي. اچو ته توهان کي سائين مٺل جا اهڙا ٻه چار اظهار ڏيکاريان، جن ۾ هُن پاڻ تي ڳالهايو آهي ۽ پنهنجو تجربو، پنهنجي سوچ لوچ، فڪر ۽ مشاهدو پيش ڪيو آهي:
آئون پنھنجو تعارف پاڻ آھيان،
تون منھنجو ڪھڙو تعارف ڪرائيندين؟
ائين ئي درست آھي،
يا ھيئن درست رھندو:
تون پنھنجو تعارف پاڻ آھين،
آئون تنھنجو ڪھڙو تعارف ڪرايان؟
-
ڦَٽن تي پَھا رکڻ سکو،
لُوڻ ٻُرڪڻ،
اڪثريت کي اچي ٿو.
-
خلوص ۽ محبت جو سڳو ٽوڙائي،
ڪيترو وڌيو آھين تون،
قد بت جي ماپ تور ته ڪرائي!
-
کريون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو،
سچيون ڳالهيون نه ڪريو،
زوراور زور اٿوَ،
پهرين کاريندا، پوءِ کَليندا،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...
-
پاڻ ۾ ھڪ معاھدو ڪريون،
ڪڏھن تون اچي نڪر،
ڪڏھن آئون ھليو اچان.
-
مٺل کي به جي،
مٺل جي خبر نه ھوندي،
ٻئي ڪنھن کي ڀلا،
مٺل جي خبر ھوندي؟
-
تو تائين اچڻ،
خطري کان خالي ناھي،
تون پاڻ اچ.
-
لاڪ ڊائون،
۽ تنھنجي يادن،
چانهه جو،
موالي ڪري ڇڏيو آھي.
-
آگم،
پاڻ کان بيزار جي موسم،
آ مل،
ٿي پوي پيار جي موسم.
-
تنھنجون مُرڪون پھتيون آھن،
ڇيھه ڇڄي پيا آھن!
اوهان جي ۽ ڪتاب جي وچ ۾ وڌيڪ حائل ٿيڻ نٿو گهران، اوهان ڪتاب پڙهو ۽ پنهنجي راءِ جو برملا اظهار ڪريو، اهڙي اظهار جي به اوهان کي اجازت آهي. ساڳي آس اٿئون ته ’امرتا‘ پبليڪيشنس پاران پيش ڪيل هيءُ ڪتاب به اوهان جي بُڪ شيلف ۾ سهڻو لڳندو.


فقير محمد ڍول
خميس 23 ڊسمبر 2021ع
امرتا ڇاپ گهر - حيدرآباد

مُهاڳ - چوٿين اَکِ سان اَکِ ٽيٽَ

مُهاڳ - چوٿين اَکِ سان اَکِ ٽيٽَ

اکيون، اکين جو هجڻ، اکين ۾ روشني هجڻ، اکين جو اٽڪڻ، اکين جو ادراڪ، انهن جي هلچل، انهن جو چوڦير ڏسڻ، پسڻ، منظر نگاري ڪرڻ، ظاهري اکيون هڪڙيون، باطني اکين جي ڳالهه ئي ٻي. اک، هر اک، هر شئي تي اک، اک رکڻ وارا به گھڻا، ته اکين تي ويهارڻ وارو ڪو ڪو، اهڙو ڪو جنهن کي اکين تي ويهارجي، اکين ۾ ويهارجي، ٻيو ڪجهه به نه پسجي. پر جڏهن اکين جو جهان پنهنجا جلوا ڏيکاري ٿو ته نفيس جذبن جو اڀرڻ لازم ٿيو پوي. هي به ته اکين جو ئي ڪمال آهي، جو شاعري جهڙي لطيف ۽ ڪومل جذبن جي ڦُٽڻ جي شروعات ئي اکين جي اشارن سان شروع ٿي اکين جي انتظاري جي صورت ۾ رهندي ئي آئي آهي.
ڪي ڪم الاهي ڏکيا هوندا آهن، ڪي وري بنهه سولا، مونکي انتهائي ڏکيو لڳندو آهي جڏهن ڪنهن ڪتاب، شخصيت تي ويهي لکجي، سچ ته انتهائي ڏکيو، شروعات ڪبي آهي ته پار پوڻ مشڪل ٿي پوندو آهي، ائين لڳندو آهي ته شايد ٻي ڪناري تي پهچي نه سگھبو ۽ سهڻي وانگر لڙهي وڃبو.
سائين مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب ’چوٿين اک‘ کي پڙهڻ شروع ڪيو ته سچ ته اکيون کليل ئي رهجي ويون. سندس غزل جو هي بند ته پڙهي ڏسو:
پيار جي پرڻ ۾،
درد سڀ ڇاڻ.
ڪيترن ئي شاعرن خاڪ ڇاڻڻ جي ڳالهه ته ڳڻي هوندي، پر معاشري ۾ وڌيڪ سهپ، سگھه، ويجھڙائي ۽ امن برقرار رکڻ جو نسخو هنن ستن لفظن تي مشتمل ڪيڏو نه اثرائتو آهي. اسان کي پختو يقين رکڻ گھرجي جن، جڏهن ۽ جتي به اهو نسخو استعمال ڪيو ته پڪ ڄاڻو ته اتي جي رهندڙ ماڻهن کان جنت وسري وئي هوندي.
قرب ڪونهي ڪو ڪٿي،
ڪيئن ٿيو ڪال پرين،
ڏي خبر خير جي.
ڏي خبر خير جي! هي وراڻي ڪيڏي نه ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪئي وئي آهي، نج نبار ٻولي، عام واهپي ۾ ايندڙ لفظن کي سادي ۽ پر اثر انداز ۾ استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ به ته ڪو ڪو ڄاڻي، وراڻيءَ کان اڳ جيڪو درد بيان ٿيل آهي، اهو ڪو اڄوڪو ڪونهي، ڪيترن ئي شاعرن قحط الرجال جي ڳالهه ڪئي آهي، پر هتي حيرت منجھان اهو پڇڻ ته جيڪو ٿيو آهي اهو ته اڻ ٿيڻو هو پنهنجي جُوءِ ۾، پو به ٿيو! ٻي پاسي ته هو ئي هو، حال احوال وٺڻ اسان جي ڳوٺن مان هاڻ جھڙوڪر موڪلائي ويو آهي. هن بند ۾ بيان ڪيل پيڙا تي جيترو سوچيون ٿا اوترو ئي وڌيڪ ٿيندي وڃي.
ڪچا سنگ نه لڻجان ڇوري... هي پوري وائي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ حظ حاصل ڪرڻ جهڙي آهي، هن جي پڙهڻ سان من اسڪرين تي تري ايندڙ منظر، هر بند ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن جي ماضي، مستقبل جا اولڙا ۽ خدشا ظاهر ڪندي گَھرو اثر ڇڏين ٿا، پوءِ جيڪا ڪيفيت پڙهندڙ جي ٿئي ٿي سچ ته ان منجھان نڪرڻ ساڻس لاءِ سولو نه هوندو آهي.
خوش ھوندي ڏک جو اظھار ڪر،
ڏک ۾ ھوندي خوش ھجڻ جو چئو،
ڪنھن کي به تون انت نه ڏي،
ظاھري طور شاعر ٿي گذار.
سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦُ نه نڪري جي سَولي نموني جي تشريح هن نظم کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي هوندي.
انسان کي ٻه اکيون قدرتي مليل هونديون آهن، جڏهن ڪو علم حاصل ڪندو آهي ته هن جي ٽئين اک به روشن ٿي ويندي آهي، ان اک عطا ٿيڻ جو سمورو سهرو اسان جي استادن جي سر سونهي ٿو، پر سائين مٺل جسڪاڻي ’چوٿين‘ اک جي ڳالهه ڪئي آهي، اها ڪيئن، ڪڏهن کلندي آهي، ان کي ڪير روشن ڪندو آهي، تنهن ڳالهه کي سمجھڻ لاءِ اچو ته سندس هي نظم پڙهون:
چوٿين اک
هر لمحو گذري پيو،
هڪ مڪمل ۽ ڪامل استاد بنجي،
جيڪو روشن ڪري پيو،
ماڻهوءَ جي ڄڻ،
اک چوٿين،
جيڪا نه کلندي آهي،
ڪنهن به روايتي استاد کان...
هن نظم کي پڙهندي آئون ته دم بيخود رهجي ويس، جڏهن مون اڌ دم جي نشانيءَ کي هٽائڻ شروع ڪيو ته حيرت ٿيندي رهي، صرف هڪ نشاني هٽائڻ سان مفهوم الائي ڪٿي جو ڪٿي پڄي ٿو. پوءِ خبر پئي ته ’نشانيون‘ ڪيتريون اهم آهن.
سٺائي ۽ خرابي هر هنڌ موجود آهي، هن نظم ۾ جتي گڻن ۽ اوگڻن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، هن جو پيرايو ايڏو ته مضبوط مگر سادو رکيو ويو آهي، جو سچ ته ماڻهو پڙهندو به ويندو، خوش به ٿيندو ويندو، سندس ذهن آس پاس ڏانهن ڏسندو به ويندو ۽ من تي الائي ڪيترا خيال تري ايندس. اهائي ته اصل خوبي آهي لکڻهار جي ته هو ڪهڙي انداز سان مخاطب آهي ۽ هو پنهنجو نياپو ڪيتري سولي ۽ اثرائتي انداز سان پهچائي سگھي ٿو. سندس هن نظم جون ڪجهه سٽون ئي ڪافي آهن:
سُٺا ماڻهُو سُٺيُون سوچون،
سُٺا سندن عمل،
سُهڻيون ڪن ڳالهيون،
سونهن وڌائين سُرهاڻ ڦهلائين...
’دعائون‘ نظم جتي هن معاشري جي پوري عڪاسي ته ڪري ٿو، پر سلام آهي سندس نالي وانگر مٺڙي شاعر مٺل جسڪاڻي کي جيڪو ڪبير جي واڻي ’ڪبيرا کڙا بازار ۾، سب ڪي مانگي خير...‘ جي مصداق سڀني جو خير گھري ٿو. اهو خير گھرڻ ئي انهن جي نشاني آهي جيڪي مڙيو سو جڙيو تي عمل ته ڪن ٿا پر جڏهن ڳالهه دنگن ۽ ننگن جي ايندي ته ‘هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين’ واري سٽ جي اوس تعبير ٿي پوندا آهن.
ڪنهن معاملي ڏانهن نفيس انداز ۾ متوجهه ڪرڻ، هڪ عالم ۽ ڏاهي استاد جو ڪم آهي، هن نظم ۾ جنهن سوال ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو آهي ان جو جواب هرڪو پڙهندڙ پنهنجي پنهنجي انداز سان ڏيندو ۽ سوچيندو. توهان نظم پڙهو ۽ حظ حاصل ڪريو:
ٻيلي ڏاهو ٿيءُ،
ادا ڏاهو ٿيءُ،
ڀاءُ ڏاهو ٿيءُ،
پيارا ڏاهو ٿيءُ،
پاڻ سڀ،
ڏاهو ٿيڻ جون،
منٿون ڪريون ٿا،
۽ لطيف سائين،
جيڪو سونهون سنڌ جو،
سو چوي ٿو:
”الا ڏاهي مَ ٿيان،
ڏاهيون ڏُک ڏسن“،
پاڻ سڀ چريا يا،
لطيف سرڪار ڇو،
ائين چيو!؟
هن ڪتاب جي آخري نظم کي مون، جيتري ڪوشش ڪئي آهي سمجھڻ جي اوترو ئي منجھندو ويو آهيان، سائين جن جو هي نظم سچ ته ڪڙو سچ آهي! اسان وٽ نام ڪٺيا اڪابرن جي کوٽ نه آهي.
منهنجو فهم، ادراڪ، منهنجي سوچ سمجهه ٻُڍڙيءَ جي سُٽ جي ڦوري جيتري آهي جنهن سان يوسف جي خريدارن جي قطار ۾ شامل ٿيو آهيان.
مون کي اميد آهي ته هن ڀري بزم ۾ منهنجو به دُڪو داخل ٿيندو، سائين جن جي شاعري گھڻو ڪجهه لهڻي ٿي، ان تي تمام گھڻو لکي سگھجي ٿو. هي ڪتاب گذريل سال ئي توهان جي هٿن ۾ هجي ها، پر افسوس جو ترتيب مون کي ڏيڻي هئي، حالتن جا طوفان ايترا ته تيز هئا، جو پنهنجي ئي خبر نه هئي. اسان هن سون سريکي ڪتاب کي هڪ سال اڳ اچڻ کان رهجي وياسين.
مڙيئي منجهه مون نه هڪڙي منجهه هوتن.


نسيم بلوچ

پيش لفظ - مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو

پيش لفظ - مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو

مون ناچيز لاءِ پروفيسر مٺل جسڪاڻي جِي شاعريءَ جَي ڪتاب ’چوٿين اک‘ جي آڳر تي لکڻ جو شرف، ڪنهن سعادت کان گهٽ نه آهي، ڇو ته مٺل جسڪاڻي هن وقت ڄاتل سڃاتل ادب جي دنيا جو سنڌ ڌرتي مٿان ’جرڪندڙ ستارو‘ آهي.
هر ماڻهوءَ جو پنهنجو نظريو، پنهنجو مزاج هجي ٿو، اهڙي طرح صورت به پنهنجي هجي ٿي ۽ سيرت به پنهنجي هجي ٿي.
منهنجي، سائين مٺل جي نظريي ۽ مزاج سان، موافقت کڻي نه هجي پر، گهڻو فاصلو به نه آهي. صورت قدرت واري کان، هر ڪنهن کي پنهنجي مليل آهي. سيرت جي مشابهت، اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي، ڀل نه هجي پر، هتي مزي واري ڳالهه اها آهي ته، منهنجي مون کي، مٺل سائينءَ جي سيرت، يعني لڇڻن سان، موافقت نظر نه آئي!
هُو وقت تي پهچڻ وارو، آئون هميشه دير ڪرڻ وارو، هُو سَوير سُمهڻ ۽ طلوعِ سحر جاڳڻ وارو، آئون رات جاڳڻ ۽ دير سان اُٿڻ وارو، هُو سرگرم ايترو جو رشڪ ڪجي، آئون سُست انتها درجي جو، بمشڪل ڪنهن کي اهڙن جي دوستي نظر ايندي، پر اسين سٺا دوست آهيون ۽ دوستيءَ جو سفر طئه ڪري رهيا آهيون. اهو سفر ان ڪري جاري آهي، جو مون کي مٺل سان مٺل جهڙو، سجاڳ ٿيڻو پوندو آهي ۽ مٺل کي ڪڏهن ڪڏهن، مون سان مون جهڙو نِڪمو سُست ٿيڻو پوندو آهي.
بس اهڙي طرح چندر وارو گاڏو هلي رهيو آهي. نه مون ڪڏهن، مٺل جي لکڻين تي، لکڻ لاءِ ڏوڪڙن جي فرمائش ڪئي آهي، نه وري مٺل جون لکڻيون، مٺل لاءِ ذريعهءِ معاش آهن.
ماسٽر چندر واري گاڏَي تان ڳالهه ياد آئي ته، جيڪڏهن چندر ’رُٺائي رهن پر هُجن حياتي‘، اها شاعري هِن ’اسان واري‘ دور ۾ ڪري ها ته، هن دؤر جا ناقدين چون ها، جيڪي رُسي وڃن، تن کي زندگيءَ جي دُعا ڇو ڏجي!؟ دُعا اُن کي ڏجي، جيڪي اوهان سان، مرڻ گهڙيءَ تائين گڏ هجن، اگر نقادن جي ڳالهه کي درست به سمجهجي، ته پوءِ شاعرن کي دُعائون فقط گڏ رهڻ وارن لاءِ مختص ڪرڻيون پونديون. ان سان شاعريءَ جو تخيل محدود ٿي ويندو. ان ڪري خيال جو پسمنظر سمجهڻ ضروري آهي.
افسوس جهڙي ڳالهه آهي، اسان وٽ نقاد گهٽ، بلڪه نه هُئڻ برابر آهن. هِتي تصنيف مان چُڪ ڪڍڻ کي ئي نقاد سمجهيو وڃي ٿو. تخيلات جي اُڏار، ان جي خوبصورتيءَ تي ڳالهائڻ کي پُن سمجهيو وڃي ٿو.
جيڪي نقاد، نه هُئڻ برابر آهن، انهن کي همٿائڻ، وقت جي اشد ضرورت آهي.
شاعري هڪ اهڙو سحر انگيز اظهار آهي، جيڪو افسردگيءَ ۾ به راحت ڏئي ٿو ۽ خوشيءَ ۾ به درد محسوس ڪرائي ٿو. سموري جِيوَن جِي ڪٿا کي ٻن مصراعن ۾ سمائي ڇڏي ٿو.
لفظن کي قوتِ گويائي ڏيڻ لاءِ شاعر کي فني دسترس سان گڏ، فڪري ڪُن ۾ داخل ٿيڻو پوي ٿو.
شاعر کي نظامِ زندگي سمجهڻو آهي. گرد و پيش جي حالتن کي جاچڻو آهي. صرف مطالعو، مشاهدو ڪافي نه آهي. ان سان گڏ جدوجهد ۽ محنت به درڪار آهي. ان جي بغير شاعر ته ٿي ويندو، مگر ’شاعر‘ سليقه شعار نه ٿيندو.
پروفيسر مٺل جسڪاڻيءَ جِي شاعري جو ڪتاب ’چوٿين اک‘ کي آئون پنهنجي ٻنهي اکين سان پڙهي ويٺو آهيان.
مون جڏهن به مٺل جسڪاڻيءَ کي شاعر چيو آهي، تڏهن پاڻ مُرڪي چوندو آهي ته، ”آغا! مون کي شاعر ڪري ڇڏيئي!“ جيئن هِن مجموعي جي ’چوٿين اک‘ ۾ هڪ هنڌ چوي پيو:
شاعري جو آ پنڌ پري،
ڪهاڻيون ڪوهين ڏور،
مضمون مُور نه ويجهو،
ناول جو به نبيرو ڏکيو،
وات هڻڻ جنهن سکيو،
مٺل کي اوهان ڇڏيو،
مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو.
حالانڪِه مٺل، شاعري، مضمون، ڪهاڻيون، ناول ۽ ادب جي انيڪ صنفن تي عبور رکي ٿو، پر سائينءَ جي طبيعت ۾ جيئن انڪساري آهي، تيئن ئي اها انڪساري، مٿئين نظم مان عيان ٿي نڪتي آهي.
سائين مٺل ’متفرق نگار‘ آهي، ماضي، حال ۽ مستقبل تي گهري نظر رکي، هر موضوع کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سجايو آهي.
گذريل ٻن سالن کان سڄي دنيا ڪورونا جهڙي موذي وبا ۾ ورتل آهي. ان بيماريءَ سان پيوسته جيڪي خدشات آهن، انهن کي مٺل سائين پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي پهچائيندو رهيو آهي ۽ احتياط جو سڏ ڏيندو رهندو آهي. ان سان گڏ ماڻهن ۾ جيڪو خوف هو، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ، مزاح واري انداز ۾ مٺل صاحب لکي ٿو:
لاڪ ڊائون،
۽ تنهنجي يادن،
چانهه جو،
موالي ڪري ڇڏيو آهي.
ڪورونا جي ڪري، سماجي تعلقات مختصر ٿي ويا هئا ”اڃان تائين به ...“ اهڙي دور جِي بيوسي تي، ڪيڏيون نه اُڪير سان هي سِٽون لکيل آهن:
جدائي جهوري پئي،
منهنجا مٺل موچارا،
ڪورونا لاڪ ڊائون ۾....
مٺل جسڪاڻي جيئن پاڻ گهڻ رُخي شخصيت آهي، تيئن سندس شاعريءَ جا انيڪ پاسا آهن. سندس شاعريءَ جي فڪري وسعت تمام گهري آهي. ’چوٿين اک‘ جي مجموعي کي سمجهڻ لاءِ، گهٽ ۾ گهٽ ٻن اکين جو هئڻ ضروري آهي، هڪ اک سان شعر جي ذومعنيت تائين پهچي نٿو سگهجي، سائينءَ جو شعر آهي ته:
جيئن روئي ڪري ٿو رڙيون ڪو،
ڄڻ منهنجي اندر ڪو ٻار آهي!
سائين مٺل جا تمام گهٽ اهڙا غزل ملندا، جيڪي بحر و وزن جي بندهن (ٻنڌڻن) ۾ ٻڌل آهن، پر سائين پنهنجن غزلن ۾ خيال کي وزنائتو رکيو آهي.
هن مختصر نظم ۾ تمام وزنائتي ڳالهه ٿيل آهي:
وزن وارا،
وزندار هوندي،
بي وزن،
گهٽ وزن وارن کان،
ڊڄن ڇو ٿا؟
اڪثر ماڻهو، ڪنهن ردِعمل ۾ چوندا آهن ته، ”تون ڇڏي ويندين ته تو جهڙو ڪونه ڪو ملي ويندو...“ پر هتي مٺل ڳالهه ئي ٻي پيو ڪري. محبوب کان شڪايت باوجود محبوب کي ڪنهن ٻئي جهڙي جو مثال به نٿو ڏيئي:
تُون جي ساٿ نه ڏيندين، ته ڇا ٿي پوندو؟
تو جهڙو نه سَهي، ڪو ته ملي پوندو!
هن مجموعي ۾ هڪ نظم آهي ’ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نه وڃبو‘. اها پنهنجي شهر، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت آهي. سو شاعر ٿي نٿو سگهي، جنهن کي پنهنجي ديس سان محبت نه هجي.
مٺل جسڪاڻي، سڄي عمر جدوجهد ۾ گذاري آهي. زندگيءَ کي تمام ويجهي کان پرکيو اٿس. زندگيءَ کان گهڻو ڪجهه سِکيو اٿس. خزائون به سَٺيون اٿس، بهارون به گُهليون اٿس.
درد کي محسوس ڪرڻ لاءِ دردناڪ منظر ڏسڻ ڪافي نه آهي. احساس کي اُڀارڻ لاءِ، خود درد بڻجي وڃڻو آهي، پوءِ وڃي شاعري کي زبان ملي ٿي. اها زبان، وڻن، ٻوٽن، دريائن، دشتن، ديارن، جانورن ۽ انسانن جي ترجمان بڻجي وڃي ٿي.
مون مٺل سائينءَ جي شاعريءَ ۾ هر رنگ ڏٺو آهي. آئينو به خوب ڏيکاري ٿو. مزاح، مزاح ۾ خوبصورتيءَ سان طنز ڪري وڃي ٿو. رومانيت کي شائستگيءَ سان سينگاري ٿو، فطرت جي رنگن کي، مصور جيان نِکاري ٿو، پَني تي سُکن، کي ڏُکن سان سنواري ٿو.
’چوٿين اک‘ تي لکبو ته ڪئين ڪتاب لکجي ويندا، مٺل سائين چيو آهي نه:
لکڻ کان رهجي ويل،
ڳالهيون آهن ڳچ......
سو آخر ۾ هي ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته، مٺل سائينءَ جي ٻن ڪتابن جي مهورت جو اعزاز ’سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان‘ کي مليو آهي. ٻنهي جِي جدا جدا مهورت ٿي هُئي. پهرِين جنهن ڪتاب جي مهورت ٿِي، سو سفرنامي جو ڪتاب ’سفر بخير‘ آهي. ٻئي دفعي جنهن ڪتاب جي مهورت ٿي هئي، سو ڪتاب ’برسات ۽ ٻوڏ‘ ڪهاڻين ۽ نظميه ڪهاڻين تي مشتمل آهي. اهي ٻئي ڪتاب پروفيسر مٺل جسڪاڻيءَ جا تمام گهڻي پذيرائي ماڻي چُڪا آهن.


آغا جان آغا

پنهنجي پاران - شاعريءَ جو پنڌ پري ۽ ڏاڍو ڏکيو آهي...

پنهنجي پاران - شاعريءَ جو پنڌ پري ۽ ڏاڍو ڏکيو آهي...

حال حيات شاعرن ۾ ڪي چند شاعر ڳپل پنڌ پٽي سگهيا آھن، ڪي پنڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، اڪثريت جي ڳالهه ڪانه ڪبي...
مون ڪڏھن به شاعر ھجڻ جي دعويٰ نه ڪئي آھي، پر ڪي چند مون کي شاعر سمجهن ٿا. انھن مان نسيم بلوچ اھڙو نِڪتو، جنھن اھو خفو نه صرف ھٿن ۾ کنيو، پر سندس وت ۽ وس آھر پڄاڻيءَ تي به پھچايو، جيڪو مون کان نه ٿي سگهيو، ھن ڪري ورتو...
جي ھا... آئون نسيم بلوچ جو تمام گهڻو ٿورائتو آھيان، جنھن منھنجا ڪچا ڦڪا خيال سھيڙي ھي مجموعو ترتيب ڏنو. سندس اھو ٿورو املهه ته ھن منھنجي سٽن ۾ ھٿ چراند نه ڪئي، ڦيرڦار نه ڪئي، جيئن به لکيم، تيئن ئي کڻي، ترتيب ڏني...
عبدالرسول عباسيءَ جي مھرباني، جنھن ھن مجموعي جو سرورق آچر 09 آگسٽ 2015ع تي ٺاھي موڪليو، دير مون کان ٿي!
آغا جان آغا جا قرب، جنهن مسودو پڙهي، پنهنجي خيالن جي ونڊ ڪئي. جعفر جانيءَ جا به قرب، جنھن پڻ ٻه اکر لکي موڪليا.
انھن سڀني جا ٿورا نه ٿورا، جن ھي مجموعو پڙھندڙن تائين پھچندڙ ڪم ۾ ھٿ ونڊايو، پنھنجي حصي جو ڪم اڪلايو.
جيڪو جيڪو به ھي مجموعو پڙھي، پنھنجي دل گهُري راءِ مون تائين ۽ منھنجي پڙھندڙن تائين پھچائيندو، انھن سڀني جا آئون اڳواٽ ٿورا مڃي ٿو ڇڏيان.

مٺل جسڪاڻي
لياقت ٽائون - ٽنڊوڄام
صبح 6.51 وڳي
اربع 18 نومبر 2020ع

غزل

---

اسان کي لڳي سڪ آهي گهڻي،

اسان کي لڳي سڪ آهي گهڻي،
اچو يار هاڻي اسان ڏي کڻي.

ڪٽيو آ سدائين ڏکن جو سفر،
نه قسمت اسان جي سوا تو بڻي.

سدا ساٿ رهندو حياتي سڄي،
اسان يار هڪ ٻئي جا آهيون ڌڻي.

جيئڻ ۽ مرڻ جا ڪيَئي واعدا،
’مٺل‘ کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي.

توڙي جو تون ملين نه ٿو،

توڙي جو تون ملين نه ٿو،
پوءِ به آهين مون سان گڏ.

جند جان توتي گهوريندس،
واريندس سڀ مال ۽ مڏ.

ڌاريو نه ٿيندئي پنهنجو،
پنهنجن ۾ ئي اجهو اڏ.

ٻئي کي وڻندئي غلامي،
نه وڻندو چم نه وڻندو هڏ.

’مٺل‘ سان ته مرڪي مل،
ٻين جي ٻيلي پچر ڇڏ.

لڳي ٿو چوڏھين گذري وئي،

لڳي ٿو چوڏھين گذري وئي،
چنڊ ديرون ٿو ڪري!

ڪيڏانھن آھين تون ويو،
منهنجي تو بن نٿي سري!

مند آ ملڻ جي آئي،
ڇو پيو ڀڄين تون پري!

ھميش آئون آيو هان،
هڪ وار هلي آ پير ڀري!

مري ڪو موذي ويري مري،
پر هتي پيو ’مٺل‘ مري!

الئه ڇو گهڻو ستايو آھي صنم،

الئه ڇو گهڻو ستايو آھي صنم،
جَجهو بيزار ڪيو آھي موسم!

سَھجي به ته آخر ٻڌايو ڪيترو،
ڪھڙو ڪھڙو سَھبو آھي ستم!

دانھن پئي ٿي پوي سڀني جي،
ڪنھن کي ڇو سَڻايو آھي غم!

مون کي ڏيو ته آئون به ڏسان،
جيڪو ھن موڪليو آھي البم!

ڇا ڪري ۽ ڇو نه ڪري ’مٺل‘!
اڃان ھيڪاندو پيو آھي ڪم!

تون جي ساٿ نه ڏيندين، ته ڇا ٿي پوندو؟

تون جي ساٿ نه ڏيندين، ته ڇا ٿي پوندو؟
تو جهڙو نه سَهي، ڪو ته ملي پوندو!

مون ڏي نهاري، پنهنجو مُنهن نه ڦِٽائي،
مون سان ڪو ٻيو ئي، مِلي ۽ کِلي پوندو!

گڏبين تون گرمي ٿيندي، ساھ مُنجهندو،
تنهنجي دُور رهڻ سان، بس سِي پوندو!

تون وِک چورين نه چورين، جَي مون چوري،
جيڪو نه ٿيڻو هوندو، سو ڀي ٿي پوندو!

مُرڪي مِل مون سان تون، منهنجا اي ’مٺل‘،
هي تنهنجو جهوريل جاني، جِي پوندو!

ٿيو توسان جڏهن کان پيار آهي،

ٿيو توسان جڏهن کان پيار آهي،
مون سان گدري واري ڪار آهي!

جيئن روئي ڪري ٿو رڙيون ڪو،
ڄڻ منهنجي اندر ڪو ٻار آهي!

پيو مون کي سدائين سارڻو آ،
ٿيو توکي ڪڏهن لاچار آهي؟

آ شام صبح ۽ رات و ڏينهن،
هر پل ۾ سڄڻ تنهنجي سار آهي!

تنهنجو ناز ۽ نخرو ماري ٿو،
تکي تير وانگي ته نهار آهي!

سوا تنهنجي پرين نٿي منهنجي سري،
مون توکي چيو هر بار آهي!

تون آهين ’مٺل‘ جو ئي ته مٺل،
مون سڀ کي ٻڌايو يار آهي!

اچ تون ھاڻ،

اچ تون ھاڻ،
ملون پاڻ.

پيار جو تون ڏي،
اڻ ميو ماڻ.

ھُجون ڇو نه،
هڪ ٻئي ساڻ.

پري آن تون،
ڇا جي ڪاڻ؟

پيار جي پَرڻ ۾،
درد سڀ ڇاڻ.

ڪر ڪو قرب،
يار ’مٺل‘ ساڻ.

ڪرڻ جون آھن ڳالھيون گهڻيون،

ڪرڻ جون آھن ڳالھيون گهڻيون،
ڪرڻ جيڪڏھن اچي ڪنھن کي.

پرڻ جون آھن ڳالھيون گهڻيون،
پرڻ جيڪڏھن اچي ڪنھن کي.

سرڻ جون آھن ڳالھيون گهڻيون،
سرڻ جيڪڏھن اچي ڪنھن کي.

کِلڻ جون آھن ڳالھيون گهڻيون،
کِلڻ جيڪڏھن اچي ڪنھن کي.

رُئڻ جون آھن ڳالھيون گهڻيون،
رُئڻ جيڪڏھن اچي ڪنھن کي.

مرڻ جون آھن ڳالھيون گهڻيون،
مرڻ جيڪڏھن اچي ڪنھن کي.

وايون

---

مٺڙا مٺڙا جيڪي سمجهيم،

مٺڙا مٺڙا جيڪي سمجهيم،
اندران سڀ کارا نڪتا،
ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا!

سچن سان گڏ ڪوڙا جيڪي،
اهي ئي بس دل وارا نڪتا،
ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا!

روشن روشن راتين ۾،
چنڊ، ڪتيون، تارا نڪتا،
ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا!

جيڪي به هئا جوڌا جوان،
سي ئي هينئين هارا نڪتا،
ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا!

مُنهان مٺڙا اندر ڪارا،
’مٺل‘ ماڻهو ڪسارا نڪتا،
ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا!

ڪهڙا آهن حال پرين!

ڪهڙا آهن حال پرين!
ڏي خبر خير جي.

مُنهنڙو نه ڏيکاريئي،
ويا گذري سال پرين!
ڏي خبر خير جي.

ڪونه پيو ڪو پل گذري،
اکيون ٿي ويون لال پرين!
ڏي خبر خير جي.

قرب ڪونهي ڪو ڪٿي،
ڪيئن ٿيو ڪال پرين!
ڏي خبر خير جي.

ڪهڙي آهي ٿي خطا،
ڪهڙي هلان چال پرين!
ڏي خبر خير جي.

مٺل سان ٿي مٺل،
’مٺل‘ سان نه ڪر تال پرين!
ڏي خبر خير جي.

ڪچا سنگ نه لُڻجانءِ او ڇوري،

ڪچا سنگ نه لُڻجانءِ او ڇوري،
ڪچا سنگَ نه لُڻجانءِ.

ڪچا ڌاڳا نه تُڻجانءِ او ڇوري،
ڪچا سنگَ نه لُڻجانءِ.

منھنجا سڏ سُڻجانءِ او ڇوري،
ڪچا سنگَ نه لُڻجانءِ.

پنھنجا ڪيمَ پُڻجانءِ او ڇوري،
ڪچا سنگَ نه لُڻجانءِ.

’مٺل‘ کي ئي چُڻجانءِ او ڇوري،
ڪچا سنگَ نه لُڻجانءِ.

ڪُڇڻ جو به مليس موقعو،

ڪُڇڻ جو به مليس موقعو،
ڪُڇي نه سگهيو،
حجابن حجابن ۾!

لُڇڻ جو به مليس موقعو،
لُڇي نه سگهيو،
حجابن حجابن ۾!

پُڇڻ جو به مليس موقعو،
پُڇي نه سگهيو،
حجابن حجابن ۾!

چوڻ جو به مليس موقعو،
چئي نه سگهيو،
حجابن حجابن ۾!

ڏيڻ جو به مليس موقعو،
ڏئي نه سگهيو،
حجابن حجابن ۾!

وٺڻ جو به مليس موقعو،
وٺي نه سگهيو،
حجابن حجابن ۾!

ڳالھيون آھن ڳچ،

ڳالھيون آھن ڳچ،
الو ميان،
ڳالھيون آھن ڳچ.

ڪرڻ کان رھجي ويل،
ڳالھيون آھن ڳچ...

سلڻ کان رھجي ويل،
ڳالھيون آھن ڳچ...

لکڻ کان رھجي ويل،
ڳالھيون آھن ڳچ...

چوڻ کان رھجي ويل،
ڳالھيون آھن ڳچ...

ھلڻ کان رھجي ويل،
ڳالھيون آھن ڳچ...

رکڻ کان رھجي ويل،
ڳالھيون آھن ڳچ،
الو ميان،
ڳالھيون آھن ڳچ.

ڪورونا لاڪ ڊائون ۾،

ڪورونا لاڪ ڊائون ۾،
تون ڪٿي آھين پيارا!
ڪورونا لاڪ ڊائون ۾...

ڇو ته آھين گُم سُم،
منھنجا دلبر دل وارا!
ڪورونا لاڪ ڊائون ۾...

ھڪ وار ئي ھليو اچ،
تڪيان پيو ٿو چارا.
ڪورونا لاڪ ڊائون ۾...

جدائي جهوري پئي،
منھنجا ’مٺل‘ موچارا.
ڪورونا لاڪ ڊائون ۾...

مل اچي ’مٺل‘ سان،
ٿي ساهه جا سھارا.
ڪورونا لاڪ ڊائون ۾...

تيڏي پيار دا حساب ڏيوڻا پوسي،

تيڏي پيار دا حساب ڏيوڻا پوسي،
جڏهن سو وقت آسي.

هڪ ٻئي ڪون ڪيون يون چاهيندي،
اهڙي سوال دا جواب ڏيوڻا پوسي،
جڏهن سو وقت آسي.

تيڏي راهه وچ جو رڪاوٽ ڪريندان،
اهو ئي ميڪون خواب ڏيوڻا پوسي،
جڏهن سو وقت آسي.

جنهن وچ تيڏي پيار ديان ڳالهيان،
بس اهڙا ئي ڪتاب ڏيوڻا پوسي،
جڏهن سو وقت آسي.

جنهن ويلي محبت دا مچ مچدا،
تنهن ويلي من شباب ڏيوڻا پوسي،
جڏهن سو وقت آسي.

تئين جو چاهيا مَئين ڀي چاهيا،
پڇي ته بس جواب ڏيوڻا پوسي،
جڏهن سو وقت آسي.

نه ڪا توبنهن، نه ئي ڪا زاري

نه ڪا توبنهن، نه ئي ڪا زاري
شوق آ ٻي شاديءَ جو..!

ٿورو سوچ تون، ويچار تون
هڪڙي ٿي ڳاري عمر ساري
شوق آ ٻي شاديءَ جو..!

پيو رُلين هِن در، ڪڏهن هُن در
نه نوڪري، نه ئي ڪا زمينداري
شوق آ ٻي شاديءَ جو..!

دنيا واقف حال تنهنجي کان
نه مزدور آهين، نه ئي واپاري
شوق آ ٻي شاديءَ جو..!

لائق ته تون نه هُئين پهرين جو
پهرين زال به مائٽن پاري
شوق آ ٻي شاديءَ جو..!

عجيب ماڻهو آهين يار ’مٺل‘
نه ڳڻتي ڪا، نه ڪا ذميواري
شوق آ ٻي شاديءَ جو..!

ٻه چار بوندون ڇا ڇڻيون آھن،

ٻه چار بوندون ڇا ڇڻيون آھن،
ڇيھه ڇڄي پيا آھن!

تنھنجون مُرڪون پھتيون آھن،
ڇيھه ڇڄي پيا آھن!

تو ڪيون ئي چار ڳالھيون آھن،
ڇيھه ڇڄي پيا آھن!

ڪُمھليون آگميون اکيون آھن،
ڇيھه ڇڄي پيا آھن!

اڏامندي پھتيون مِٺيون آھن،
ڇيھه ڇڄي پيا آھن!

’مٺل‘ وٽان محبتون مليون آھن،
ڇيھه ڇڄي پيا آھن!

نظم

---

سڌري وڃو، سڌري وڃو...

سڌري وڃو، سڌري وڃو...

کريون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو،
سچيون ڳالهيون نه ڪريو،
زوراور زور اٿوَ،
پهرين کاريندا، پوءِ کَليندا،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...

ڪنهن ڪنهن کان-
انصاف ملڻ جو پڇندئو،
ڪنهن ڪنهن کان-
پڇڻ جي جُرعت ڪندئو،
اهڙو پڇڻ جو-
اوهان کي حق ڪنهن ڏنو،
پنهنجي سر جو خير گهرو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...

ڳالهيون ڪهڙيون پيا ڪريو،
پاڻ کي اڪابر پيا سمجهو،
قد سارُو ڪُڇو، پُڇو ۽ لُڇو،
هوش ۾ رهو، هوش ڪريو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...
هڪ ڪَنَ مان ٻُڌي،
ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو،
ڏٺي کي اڻ ڏٺو ڪريو،
ڏٺا نه ٿيو، ڏٺا نه ٿيو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...

پڙهيو سڀ اڻ پڙهيو ڪيو،
جو پڙهيو سو وساري ڇڏيو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...

جنهن ماڻ ۽ ماپي سان،
تورڻ ۽ ماپڻ گهرن،
ان تي ئي پورا لهو،
نه ته پاڻ کي نااهل سمجهو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...

ارمانن جو قتل ڇو،
ڀلي ته قتلام ٿي وڃي،
قاتلن جا نه پيرا کڻو،
سڌري وڃو، سڌري وڃو...

رَکي رَکي دل گهُرندي آھي،

رَکي رَکي دل گهُرندي آھي،
ھڪ ھڪ ڪري،
سڀ ڪجهه لکي ڇڏيان،
مُڙي ويندو آھيان...
مُڙندو رھيس جيستائين،
چاھيندي به نه لکندس،
جڏھن به پاڻي پلٽبو،
اُٿلي پوندو...
نه لُڙھڻ آئون ٿو چاھيان،
نه ئي ٻئي کي لوڙھڻ
منھنجي مرضي آهي،
اوھان جي مرضي،
اوھان جيئن به چاھيو...
اوھان جيئن به چاھيو،
اوھان سان رھنديون،
منھنجون نيڪ تمنائون...

طبيبن کي ڪجهه،

طبيبن کي ڪجهه،
چئي نه ٿو سگهجي،
دل جي عالمي ڏينھن تي به،
دل بيھو رھي!




خوش ھوندي ڏک جو اظھار ڪر،
ڏک ۾ ھوندي خوش ھجڻ جو چئو،
ڪنھن کي به تون انت نه ڏي،
ظاھري طور شاعر ٿي گذار.

پاڻ ۾ ھڪ معاھدو ڪريون،

پاڻ ۾ ھڪ معاھدو ڪريون،
ڪڏھن تون اچي نڪر،
ڪڏھن آئون ھليو اچان.



مٺل کي به جي،
مٺل جي خبر نه ھوندي،
ٻئي ڪنھن کي ڀلا،
مٺل جي خبر ھوندي؟

تو تائين اچڻ،

تو تائين اچڻ،
خطري کان خالي ناھي،
تون پاڻ اچ.




لکڻ لاءِ ته لکي سگهجي ٿو،
ڀرپور نموني لکي سگهجي ٿو،
لکڻ مان فائدو؟

منھنجي سُھڻي،

منھنجي سُھڻي،
منھنجي ھئي،
منھنجي آھي،
ڀُلجو نه،
غلط نه سمجهو،
منھنجي سھڻي ٻئين،
آئون ميھار ٻيون.




پيار جي حوالي سان،
مون کان نه پڇجو،
عشق ۾ آئون،
ميھار رھيو آھيان.

ڪي ويا گهٽائي ڳالھائڻ،

ڪي ويا گهٽائي ڳالھائڻ،
ڪن کان ويو ڇڏائي ڳالھائڻ،
ڪن جو ڪيو بند ويو ڳالھائڻ،
ڪن ڪيو آھي بند ڳالھائڻ،
ماسڪ جي اھا مھرباني ھوندي!





لفظ قيمتي آھن،
لفظن جو استعمال سکو.
لفظن کي استعمال ڪري سگهندڙ،
ڪڏھن ڪو نه ٿئي ڏکيو.
لفظن جو جنھن به کٽيو کاڌو،
اھو سدائين رھيو سُکيو.
لفظن جو استعمال سکو،
لفظ قيمتي آھن.


لفظن مان ٿا ماڻھو،
ڪڍن ڪي ئي معنائون،
نه ڪو لفظ ڪُڇبو،
نه ئي ڪو لفظ لکبو.

پاڻ،

پاڻ،
جڏھن به،
پاڻ ۾ ملنداسين،
تفصيل سان ڳالھائينداسين.


عالمي ڳوٺڙي ۾،
ڊڄڻ وارن کي،
ڊيڄارڻ وارا،
ڌمڪائين ٿا،
ڊيڄارين ٿا،
ماڻھو ڊڄن ٿا.

ڪاش!

ڪاش!

ٻڌڻ ڇوڙڻ جا اختيار هجن ها،
يا وري ٻڌرائي ڇوڙائي سگهان ها،
هجن ها ڏوڪڙ هيڪاندا،
ماڻهن جي در تي وڃي،
کين کارائڻ پيئارڻ جيترا ڏوڪڙ هجن ها،
انهن کي گهمائي ڦيرائي سگهان ها،
پنهنجي ڳوٺ ۽ ويجهي شهر جو ئي نه،
پنهنجي ضلعي صوبي جو ئي نه،
ملڪ جي ڇا ڳالهه ڪبي،
دنيا جو ترقي پسند شاعر هجان ها،
بهترين آئون نقاد هجان ها،
پر ڪاش!
ڪاش!...

آئون

آئون
مون جھڙن سان آھيان
۽ خوش آھيان
تنھنجي خبر اٿم
پاڻ جھڙا سمجهي
جن سان ھوندو آھين
اھي تو جھڙا آھن
مفاد ھوندو اٿن
گڏ ھوندا آھن
مفاد نه ھوندو اٿن
گڏ نه ھوندا آھن
وقتي طور گڏ
۽ وري
پنھنجي مُنھن مٿي
نه تون بدلبين
نه تو جھڙا بدلبا
آئون جھڙو آھيان تھڙو آھيان،
تون جھڙو آھين تھڙو آھين...




لکجن،
لَڇڻَ لکجن،
پر ڪنھن جا؟
ڀاءُ جا،
يا دوست جا؟

ڪنھن کي تون ٿو وڻين،

ڪنھن کي تون ٿو وڻين،
ڪنھن کي آئون ٿو وڻان،
ڪو ٿو توکي وڻي،
ڪو ٿو مون کي وڻي،
ڪو ڪنھن کي ٿو وڻي،
ڪو ڪنھن کي ٿو وڻي،
سڀ ٿا ھڪ ٻئي کي وڻون.

مان،

مان،
ھا مان،
بقلم خود،
جڏھن چاھيان،
جنھن جي چاھيان،
جيئن به چاھيان،
جيتري به چاھيان،
ثنا خواني ڪريان،
يا خاموش رھان.

اردو شاعر مطابق،

اردو شاعر مطابق،
ھر شاخ تي چٻرو،
بيلدار ٿا ٻڌائين،
ھر شاخ ۾ گند!
گند ويو آھي وڌي،
برساتن کان پوءِ شاخن ۾.





گهڻ رُخو سوچيو،
سوڙھن گهرن ۾ رھي،
محدود نه ٿيو.

ھلڪڙائي به آھي،

ھلڪڙائي به آھي،
ڳَئورائي به آھي،
جواب نه ڏيڻ،
ٽرڙائي به آھي،
مون کي به گهڻا،
جواب نه ڏيندا آھن،
آئون به گهڻن کي،
جواب نه ڏيندو آھيان.

پنھنجو قد بت ڀلي ذھن ۾ رک،

پنھنجو قد بت ڀلي ذھن ۾ رک،
ٻئي جو قد ڪاٺ به پرک،
نڪ جي سِڌائي ۾ ڀلي ھل،
آس پاس کي به ڏس،
پاڻ مان نڪر،
نڪري نه وڃين،
اڪيلو نه ٿي وڃين.







تون بادل ڏسي،
ڀلي خوش ٿي،
مارُو پڌري پٽ آھن،
منھنجا ٿا ڏيل ڏڪن!


ھڪ لفظ آھي ماٺ،
ٻيون لفظ آھي مصلحت،
تون ٻُڌاءِ:
ماٺ ڀلي يا مصلحت؟

آئون پنھنجو تعارف پاڻ آھيان،

آئون پنھنجو تعارف پاڻ آھيان،
تون منھنجو ڪھڙو تعارف ڪرائيندين؟
ائين ئي درست آھي،
يا ھيئن درست رھندو:
تون پنھنجو تعارف پاڻ آھين،
آئون تنھنجو ڪھڙو تعارف ڪرايان؟

خلوص ۽ محبت جو سڳو ٽوڙائي،

خلوص ۽ محبت جو سڳو ٽوڙائي،
ڪيترو وڌيو آھين تون،
قد بت جي ماپ تور ته ڪرائي!




جڏھن اک کلندي
سڃاڻي سگهبو
معذرت ڪبي




وار ڪارا ڪو نه ڪرائيندس،
ڪارن وارن ۾ تون مون کي،
صرف سڃاڻيندين ئي ڪو نه،
توکي گهڻو ڪجهه ياد اچي ويندو.

اڃان به آئون،
ڪڏھن ڪڏھن توڏانھن،
خط لکندي لکندي،
اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو آھيان!
اڌ ۾ رھيل خط،
ڦاڙي ڇڏيندو آھيان!

نوڙيءَ مان نانگ نه سهي،

نوڙيءَ مان نانگ نه سهي،
ب بلا ته ٺاهي ويندو آهيان،
ٻئي ڪنهن جي نه سهي،
پنهنجي کل لاهي ويندو آهيان!



چمچاگيريءَ جي،
جھان جي ماڻھو،
چمچاگيري سمجهي،
خير مبارڪ به نه چيو!

ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نه وڃبو،

ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نه وڃبو،
ٽنڊي ڄام مان لڏي نه وڃبو.
ٽنڊي ڄام کي جيڪي ڇڏي ويا،
ٽنڊي ڄام مان جيڪي لڏي ويا،
جتي جتي به ويا آھن،
ٻُڌو آھي خوش نه آھن.
ٽنڊي ڄام کي سارين ٿا،
لڙڪن پٺيان لڙڪ ھارين ٿا.
ٽنڊي ڄام کي ڇڏيو نه آھي،
ٽنڊي ڄام مان لڏيو نه آھي،
ٽنڊي ڄام ۾ ئي جيئبو،
ٽنڊي ڄام ۾ ئي مربو.
مُئي پڄاڻان ٽنڊي ڄام کي ڇڏبو،
مُئي پڄاڻان ٽنڊي ڄام مان لڏبو،
جيئرو جيسين ھوندو ’مٺل‘،
ٽنڊي ڄام ۾ ئي ملندو ’مٺل‘.

پاڻ کان وڏن سان،

پاڻ کان وڏن سان،
پاڻ جيڏن سان،
پاڻ کان ننڍن سان،
مخاطب ٿيڻ مان،
سکي نه سگهيو ھان!
ڇا تون ڇا مان؟
ڄاڻي نه سگهيو ھان!
سڃاڻڻ جو علم،
ملندو ڪٿان؟

تاريخ بدلجي چڪي آھي،

تاريخ بدلجي چڪي آھي،
ان ڪري سڀاڻي کان نه،
اڄ کان اوھان کي،
اڳوڻو ’مٺل‘ نه ملندو.

زندگيءَ جي،

زندگيءَ جي،
عجيب ترين رات،
رات ھئي جيڪا،
گذري وڃڻ باوجود،
ڄڻ ته اڃان،
گذري نه آھي!
ڇا آھي؟
ڇو آھي؟
اُٺ ڪتابن جا،
پڙھڻ کان پوءِ به،
اندازو نه آھي!

لاڪ ڊائون،

لاڪ ڊائون،
۽ تنھنجي يادن،
چانهه جو،
موالي ڪري ڇڏيو آھي.

روزاني وانگر،

روزاني وانگر،
آئون اڄ به وھنتو آھيان،
ڪپڙا تبديل ڪيا اٿم،
منھنجو منھن،
وڻندو ھجيئي،
ته حڪم ڪر،
تصويرون محفوظ ڪندڙ به آھن،
سيلفيون به ڪڍي سگهان ٿو.





ڪير به،
ڪجهه به،
ڪنھن جي چوڻ سان،
ڪنھن جي لکڻ سان،
ٿي نه سگهندو آھي.

چريا کريا به سمجهن ٿا

چريا کريا به سمجهن ٿا

ڪنھن کي،
ڪيئن،
ڇو نظر انداز ڪبو آھي؟
چريا کريا اھو به سمجهن ٿا،
بھانن ۽ بھتانن سان،
ڪنھن جو قد،
متاثر نه ٿيندو آھي.
چريا کريا ڄاڻن ٿا،
بُل ڏيندڙ گدڙ،
ڊاک کي نه پھچي،
ڇا چوندا آھن؟
چريا کريا اھو به ڄاڻن ٿا،
پنھنجي منھن مٿي،
لوڪ کان لڪي،
پنھنجي پاڻ کي به،
سچ چئبو آھي،
اٽڪلن سان،
نئين دفعي،
لفاظي ۽ لٻاڙ سان،
نيون اٽڪلون ڪبيون آھن.
ڪجهه نه ورندو،
اٽڪلين لاءِ،
ٻئي جو قد نه گهٽبو،
چريا کريا چون ٿا،
پنهنجو قد ڪونه وڌندو.




مرچ کي،
ھٿ لڳائڻ،
کائڻ سان،
مرچ لڳن ٿا،
اھا نئين ڳالهه ناھي،
مرچ تي،
ڳالھائڻ سان،
لکڻ سان،
مرچ لڳن ٿا،
اھا نئين ڳالهه آھي!



ڪٿي ائين ته ڪونھي،
پنھنجي جنم جو،
مھينو ساڳيو آھي،
پنھنجي ھر پسند ساڳي آھي،
تنھن ڪري ئي شايد،
مون کي تون ۽،
توکي آئون وڻان ٿو.

آئون ’مٺل‘ آھيان

آئون ’مٺل‘ آھيان

گاڏيءَ ۾ گهمائڻ،
راتيون ٽِڪائڻ،
مانيون کارائڻ،
چانھيون پيارڻ،
کي تون ڇڏ کڻي،
پاڻي پيارڻ وارو،
جي ھجان ھا،
واھ واھ ڪندڙ ئي ڇو،
مون کي ملي وڃن ھا،
مون تان فِدا ٿيڻ وارا،
جن جي مون کي،
ڪا ضرورت ڪانھي،
جھڙو ۽ جيئن به آھيان،
آئون مطمعن آھيان،
آئون ’مٺل‘ آھيان،
آئون ’مٺل‘ آھيان.

انگي حساب جي ماھر کي به،

انگي حساب جي ماھر کي به،
شايد ئي سمجهه ۾ اچي،
ٽي رقمي حساب جھڙي ڪويتا.


وزن وارا،
وزندار ھوندي،
بي وزن،
گهٽ وزن وارن کان،
ڊڄن ڇو ٿا؟



جيستائين تون،
مون کي ڪَنَ مان جهلي،
منھنجو نالو وٺي،
مون سان مخاطب نه ٿيندين،
مون کي ڪھڙي خبر،
تون ڪنھن کي پيو سڏين؟

ادب اُھو،

ادب اُھو،
جيڪو مون لکيو.
اخلاق اھو،
جيڪو مون وٽ.
ضابطو اھو،
جيڪو مون وٽ.
درست اھو،
جيئن آئون چوان.
ٻيا سڀ نام نھاد،
ٻيا سڀ ٺيڪيدار،
ٻيا سڀ ڇڙواڳ.




نه منھنجي چوڻ سان،
نه تنھنجي چوڻ سان،
نه تون ۽ نه ئي مان،
ڪو به ناھي بي معنيٰ.

ڪجهه پڇڻو اٿئي ته تون-

ڪجهه پڇڻو اٿئي ته تون-
آرسي جي سامهون بيهي،
ان ۾ جيڪو تو کي نظر اچي،
تنهن کان پُڇ،
اهو ئي تنهنجي،
ڪري سگهي ٿو-
بهتر رهنمائي ...






آئون ماڪوڙو، ٽنڊڻ،
تون ھاٿي، ڊائنوسار،
مھرباني ڪري پڙهه،
تون ٻولي سک پھرين،
پوءِ ڀلي شاعري ڪر.

ڪورونا وائرس

ڪورونا وائرس

اھڙو ڳجهڙو وائرس
سائنسدانن کي جيڪو
وٺ ڏي نه ٿو
دعائن جو ان تي
اثر ٿئي نه ٿو
پِٽون ۽ پاراتا پڻ
ڪم ڪن نه پيا
پاڻ ته باشعور آھيون
ڀلو برو سمجهون ٿا
اوھان ۽ اسان گڏجي
ھمٿ ڪريون سڀئي
ان وائرس کي ھاڻي
ويجهو اچڻ نه ڏيون
پلجڻ جو موقعو نه ڏيون
وڌڻ جو وسيلو نه بڻجون
ھمٿ ڪريون جائي
ڪورونا جي ٿئي تباھي

وقت ۽ عمر،

وقت ۽ عمر،
موضوع الڳ،
معاملا الڳ،
سوچ مَٽبي،
ارادا بدلبا،
جيئڻ جي ڀلي،
آس نه ھجي،
ٻي ڀلي ڪا،
ھجي نه تمنا،
پيار،
ٿَڪندو نه آھي،
پوڙھو ٿيندو نه آھي.







توکي
تو کان سواءِ
ڪجهه نٿو سُجهي
مان ڇا ڪريان
تون ئي ٻُڌاءِ
عام طور چيو ويندو آھي:
”ٻئي سان ڳالهه نه ڪرين ته ٻُڌايان“،
آئون ائين نه چوندس ته:
”ٻئي کي نه پڙھايو ته لکان“،
آئون لکندس به ۽ چوندس به:
”پڙھو نه ته لکان“،
پر نه،
اوھان مُڙندؤ ڪونه،
ان ڪري،
نٿو لکان.


شاعريءَ لاءِ وڇوڙو گهرجي
ناڪامي گهرجي
مون سان
منھنجو محبوب
گڏ ھوندو آھي
خواب ۾ به ايندو آھي
مان شاعر نٿو ٿي سگهان

ٻار صرف ضدي نه ٿيندا آھن،
پرمتڙيا به ٿيندا آھن،
بي عقل جي آخري حد وارا به،
نپٽ چريا به ٿيندا آھن...
ٻار صرف ننڍي عمر وارا نه ھوندا آھن،
ٻارڙن جي پي ٿيڻ وارا به ٻار ھوندا آھن،
ڏاڏا پڙڏاڏا ٿي ويل به ٻار ٿيندا آھن،
ٻار صرف ضدي نه ٿيندا آھن،
صرف پرمتڙيا به نه ٿيندا آھن،
بي عقل جي آخري حد وارا به،
لاعلاج،
نپٽ چريا به ٿيندا آھن...

معاف ڪر ’مٺل‘،

معاف ڪر ’مٺل‘،
توکي ڀتو ڏئي،
ماٺ ڪرائڻ لاءِ،
مون وٽ،
ڪجهه به نه آھي.




منھنجي شڪل ئي نه،
منھنجا گُفتا پڻ،
منھنجي سڃاڻپ آھن،
تون پنھنجي شڪل ڏس،
تون جيڪو ڳالھائين ٿو،
اھو ڪَنُ ڏئي ٻڌندو ڪر،
تون جيڪو لکين ٿو،
اھو پاڻ به پڙھندو ڪر،
آئيني اڳيان بيھندين،
آئينو خوشامد نه ڪندئي.

خوشبوئن ۾،
پليو آھيان آئون،
ان ڪري مون تائين،
بدبوءِ گهٽ پھچندي آھي.



دل جون ڪي ڳالھيون،
ڪجهه آسون اميدون،
۽ ڪجهه ارادا پڻ،
ڪنھن سان به،
ونڊي نه سگهبا آھن پر،
ڪي سوال به،
ڪنھن کان به،
پڇڻ جھڙا به،
چاھيندي به،
پڇي نه سگهبا آھن!
مُرڪي،
کِلي،
محسوس نه ڪرائبا آھن.

پسند نه ڪرڻ،

پسند نه ڪرڻ،
رايو نه ڏيڻ،
وڏي ھجڻ جي علامت آھي،
جڏھن کان مٺل،
پاڻ کي وڏو سمجهڻ لڳو آھي،
جنھن کان به پاڻ کي،
وڏو سمجهڻ لڳو آھي،
ان کي ھاڻي مٺل،
پسند به نه ڪندو آھي،
رايو به نه ڏيندو آھي،
ھر ڪو پنھنجو قد ڪَڇي،
مٺل پنھنجو قد ڪَڇيو آھي.



تون عقلِ ڪُل،
مڃان ٿو،
آئون ٺپ چريو،
جِند ڇڏ،
پنھنجو گَسُ وٺ.

لالچ ھجي ته ’سائين سائين‘ ڪجي،

لالچ ھجي ته ’سائين سائين‘ ڪجي،
نه ھجي ته ’تون تون‘ ڪجي،
تون تون به ڪجي،
اديب ۽ شاعر به سڏائجي،
ڇا ته شعوري اڏام آھي،
ڇا ته سندر سوچ آھي،
ڇا ته تخليقي سگهه آھي،
اھڙي شعوري اڏام کي،
اھڙي سندر سوچ کي،
اھڙي تخليقي سگهه کي،
مٺل جو سلام آھي،
مٺل جو سلام آھي...


نٽائي نٽائي به،
’ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ‘،
وڃڻو ٿو پوي،
ڪنهن وقت ڪنهن وٽ،
ڪنهن مهل ڪنهن وٽ.


اکيون اڃا صحتمند آھن،
ڪَنَ به اڃا سَرلا آھن،
مسئلو اھو آھي ته:
گرمي تمام گھڻي آھي،
سمجھڻ جي صلاحيت،
گھڻي متاثر ٿي آھي!





ھر سوچ،
سوچيندڙ جي محتاج آھي.
تنھنجي لاءِ،
منھنجي لاءِ،
ھر ڪنھن لاءِ،
ڪو ڪيئن ته ڪو ڪيئن،
ھر ڪوئي،
پنھنجي مرضيءَ سان سوچيندو آھي.

اخلاقي قدر پائمال ڪندڙ،

اخلاقي قدر پائمال ڪندڙ،
ننڍ وڏائي جو احترام نه ڪندڙ،
مائٽ جي ساڃاھ نه رکندڙ،
اُستاد جي عزت نه ڪندڙ،
ماءُ پيٽان پڙھي نڪتل،
ڄمندي ڄام ٿي آيل،
عقلِ ڪُل ڪو ھڪڙو نه آھي،
پنھنجي پڳ ۾،
ٻئي ھٿ وجهي،
جيڪا جيڪا ڳالهه ڪبي،
جنھن جنھن سان ڳالهه ڪبي،
جيئن جيئن ڳالهه رکبي،
نتيجا قبولڻا پوندا،
نتيجا ڀوڳڻا پوندا،
پنھنجو ڪم پوءِ به ڪبو،
ڏاھپ سان منھن ڏبو،
پنھنجي ذميواري نڀائبي،
تڏھن ڪجهه مثبت ٿيندو.




ڪلھوڪي شام،
ڪنھن جي ڪيئن گذري،
اُن کي ڇڏ کڻي،
اڄوڪي شام،
ھُن پئي سِڪون لاٿيون،
ڪلھه شام واريون.
ناڪام رھيون سڀني جون،
کِلائڻ جون ڪوششون!!!




ھر دفعي
نئين ڳالهه
نئون آئيڊيا
مان کڻي ايندم
ڪم وڃي
اوھان پاڻ ڪريو


ڇا ٿو ڪري سگهان؟
آئون آهيان،
هڪ عام،
معمولي ماڻهو...
اوهان کي جيڪڏهن،
خوش نه ٿو ڪري سگهان،
اوهان کي رنجائڻ جو به،
مون کي،
ڪو حق نه آهي...




مٺل سان آھن،
معشوق مٺل جا،
مٺل سان آھن،
عاشق مٺل جا،
مٺل اڪيلو نه ھو،
مٺل اڪيلو نه آھي.

شاعريءَ جو آ پنڌ پري،

شاعريءَ جو آ پنڌ پري،
ڪھاڻيون ڪوھين ڏور،
مضمون مُور نه ويجهو،
ناول جو به نبيرو ڏکيو،
وات به ويڙھائيندو اھو،
وات ھڻڻ جنھن سکيو،
’مٺل‘ کي اوھان ڇڏيو،
’مٺل‘ پنھنجي رمز ۾ ڀلو.






ڏس ته -
ڪائين تاريخ جو چنڊ آھي؟
تون ڪڏھن ايندين؟
پاڻ ڪڏھن ملنداسين؟

سچ!؟
گهڻن کي آئون،
زھر لڳندو آھيان،
ڪي ٿورا مون کي،
زھر لڳن ٿا،
جڏھن منھن چڙھن ٿا،
منھنجو ڏينھن سڄو،
زھر ڪن ٿا،
آئون به گهڻن جو،
ڏينھن زھر ڪندو آھيان.



صرف آئون ئي ڪٿي،
ٻيا به گهڻا پيا لکن،
نه لکڻ جھڙو،
نه پڙھڻ جھڙو،
نه ٻُڌڻ جھڙو،
چئو ته کڻي،
نمبروار،
نالا لکان.

ماڻھن جي،

ماڻھن جي،
حالت ڏسو،
ڪورونا ۾ به،
چون ٿا،
اسڪول کوليو!
انھن ماڻھن جا،
آئون ڀانيان ٿو،
ٻار نه آھن يا،
گهر ۾ ٻار،
تنگ ڪن ٿا،
ڪم ڪار ۾،
دخل ڪن ٿا!



آگم،
پاڻ کان بيزار جي موسم،
آ مل،
ٿي پوي پيار جي موسم.


پنهنجو ماضي ساڳيو،
پنهنجو حال ساڳيو،
پنهنجو مستقبل به،
سُجهي پيو ساڳيو،
اهڙي صورت ۾،
منهنجون دانهون،
منهنجون ڪوڪون،
منهنجا سڀ سک ۽ سُور،
ساڳيا نه هوندا ته پوءِ...
تبديلي ڪا اچي،
جدت پاڻهي ايندي سائين، سانئڻ...


ھڪڙي ڳالھه تو سان،
آئون ڪري ڇڏيان،
جيئن تون مون کي پڙھي،
خاموش رھندو آھين،
آئون به توکي پڙھي،
خاموش رھندو آھيان.

ڳالھائڻ نه اچي، ته نه ڳالھائجي،

ڳالھائڻ نه اچي، ته نه ڳالھائجي،
لکڻ نه اچي، ته نه لکجي،
تون پاڻ سُڌار ’مٺل‘،
پُڇڻ نه اچي، ته نه پُڇجي.
ڪُڇ تون اُتي ’مٺل‘،
جتي ڪو ٻُڌي،
ٻُڌي ته:
سمجهڻ جي ڪوشش ڪري،
۽ اھو اعتبار به ڪري.






ڦَٽن تي پَھا رکڻ سکو،
لُوڻ ٻُرڪڻ،
اڪثريت کي اچي ٿو.

ٻاڙائي ناھي ته صرف:

ٻاڙائي ناھي ته صرف:
پاڻ کي سياڻو،
پاڻ کي پارکو،
پاڻ کي ڄاڻو،
پاڻ کي ماھر،
پاڻ کي بي عيب،
پاڻ کي تخليقڪار،
پاڻ کي نقاد،
پاڻ کي سنجيدو،
پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهندڙ،
پاڻ کي فيصلو ڏيندڙ،
پاڻ کي سمجهندڙن جي،
ٻاڙائي نه آھي،
جيڪو به اھڙو،
جيڪو به ايترو،
سياڻو نه آھي،
پاڻ ۾ صلاحيتون پيدا ڪري...



وڌي وئي وبا آھي،
کُٽي پئي وفا آھي.
ڇونه آيو ’مٺل‘ اڃا،
وڏي ڪئي جفا آھي.

2019ع جي،

2019ع جي،
ويندي ويندي جا ڌڪ،
۽ 2020ع جي،
ايندي ايندي ۽
گذرندي گذرندي جون چوٽون،
چَوِرائين پيون:
ٻِيائِيون ڇڏيو،
وَيرَ ڇڏيو،
نفرتون نه وڌايو،
محبتون ونڊيو،
ھڪ ٻئي جا ڀرجهلا ٿيو،
ھڪ ٻئي لاءِ سونھان بڻجو...


مون کي
منھنجو ڪم
منھنجي محنت
منھنجي ڪارڪردگي
مون کي مليل نتيجا
ٻڌائيندا آھن ته
مون متعلق رايو ڏيندڙ
ڪيتري پاڻيءَ ۾ آھي




پاڻي سڀني کي گهرجي
ڪن کي پيئڻ لاءِ
ڪن کي من جي ميرَ ڌوئڻ لاءِ
ڪن کي جيئرو رھڻ لاءِ
ڪن کي ٻُڏي مرڻ لاءِ
پاڻي سڀني کي گهرجي








ڪڏھن ڪو پاڻ جھڙو سمجهي،
پاڻ ئي ويجهو آيو،
ڪڏھن ڪو پاڻ جھڙو نه سمجهي،
ڀڄي پاسي ٿيو،
پوءِ به اڪيلائي نه آھي،
جيئڻ تائين جا،
صرف مٽ مائٽ ئي نه،
ججهي عمر کان،
گڏ ھجڻ واري،
سنگت ساٿ به آھي،
ايندڙن جو به خير،
ويندڙن جو به خير،
مون آھي سڀني جو خير گهريو.


ھجين ويجهو،
اڇڙا پير ڏئي،
پُڄي وڃان.
آھين پرڀرو،
سواري آھي،
وڏي خواري،
بنا سواري،
ڪيئن اچان؟

پنج ست راتيون،

پنج ست راتيون،
اجهي کان،
ٻاھر نه نڪرجو،
نڪرو جي اوھان،
چنڊ کي ڏسي،
ڪو ڪُرڪو نه ڪجو.


مون کان ڇو ٿو پُڇين،
ڪيئن آھي ’مٺل‘؟
منھنجي جي صلاح وٺين،
تون ڪنھن کان نه پُڇ،
’مٺل‘ جي دوستيءَ جو،
حلقو ڏسي وٺ!



عقلِ ڪُل نه آھيان،
نه ئي ڪو سُجھي ٿو!
جيڪو پاڻ کي،
يا ڪنھن ٻئي کي،
عقلِ ڪُل سمجھي ٿو،
ممڪن آھي ته اھو،
عاقل، بالغ، وات وڪيل ھجي،
ان جي مرضي،
ڪنھن کي ڪجهه به سمجھي،
ڪنھن لاءِ ڪجھه به چئي...

ڪھڙي ماحول ۾

ڪھڙي ماحول ۾
ڪنھن جي پرورش ۾
پليو نپنو آھيان/آھين
پڙھڻ لکڻ سکيو آھيان/آھين
اٿيو ويٺو آھيان/آھين
گهميو ڦريو آھيان/آھين
ٻُڌو ڳالھايو آھي/اٿئي
ڪھڙي قسم جو
مطالعو ڪيو آھي/اٿئي
مشاھدو ڪيو آھي/اٿئي
ڪنھن سان ڪيئن
مخاطب ٿِجي
ڪٿان سِکيو آھيان/آھين
ڪھڙي ماحول جي
پيداوار آھيان/آھين





ليکڪ ھجڻ ناتي
منھنجون ئي ڳالھيون
آھن تمام گهڻيون
لکان نٿو مان
ٻيا ليکڪ متان
وڙھي نه پوَن مون سان




ياد ڪر...
35 سال پوئتي وڃ...
ٽنڊوڄام جي حوالي سان،
توکي ڪجهه ياد آيو؟
ڀلا ٻيو ڪجهه نه ئي سھي،
توکي ’مٺل جسڪاڻي‘ ياد آھي؟






ھلي پيل ھيءَ مُند،
ھي گهُٽ ٻُوسٽ،

برسات جون ڦيريون،

برسات جون ڦيريون،
بجلي جي آمد و رفت،
ڪيئن ٿو ڀانئين؟
تون ئي ٻُڌاءِ،
ڪھڙي ڪم جي لاءِ،
موافق آھي؟
اي ڪاش!
مان شاعر ھجان ھا،
شاعرن وانگر،
مَٽ ڀڃي ڇڏيان ھا،
پَٽ ڀڃي ڇڏيان ھا،
ڪاش!
مان شاعر ھجان ھا.

ماڻھوءَ جي وس ۾ ڇا آھي؟

ماڻھوءَ جي وس ۾ ڇا آھي؟

ٿورڙو به ايمانداري سان سوچيون،
پنھنجي ئي حوالي سان سوچيون،
پنھنجي وس ۾ ڪجهه نه آھي...
پنھنجي وس ۾ ڪجهه نه آھي.
ٻئي کي تنگ ڇو ڪريون؟
ٻئي جو گس ڇو روڪيون؟
جڏھن پنھنجي وس ۾ ڪجهه به نه آھي...
صرف پنھنجي ۽ پنھنجن لاءِ ڇو سوچيون،
صرف پنھنجي ۽ پنھنجن لاءِ ڇو چاھيون؟


آئون
مشھور
معروف
گهڻو ڇپجندڙ
وڏو ليکڪ آھيان
منھنجون تحريرون
ذاتي واسطن
منٿ ميڙ
چئو چواءَ سان
ڇپبيون آھن
اھا ٻي ڳالهه آھي


شعوري طور،
نفرت جو ٻج ڇٽڻ،
ٻج جي آبياري ڪرڻ،
ڦُٽل سَلي کي سنڀالڻ،
خواھش وري -
پيار جي فصل جي!


جيئن وڻيئي تون لِک،
ڀلي پڙھندڙن کي خبر پوي،
تون ڇا ٿو لکين؟
آئون،
سوچي سمجهي لکندو آھيان،
منھنجي لکئي تي،
مون کان تون،
پُڇي سگهين ٿو،
منھنجو لکيو ميسارڻ جو،
توکي حق نٿو پھچي.

تنقيد کان پھرين،

تنقيد کان پھرين،
اصل تحرير ته پڙھو!
پڙھڻ کان سواءِ،
راءِ ڇو ٿا مڙھيو؟


آئون به انهن سان سهمت،
جيڪي چون ۽ لکن ٿا:
زراعت، ادب نه آهي،
ادب، زراعت نه آهي،
پر منهنجي خيال ۾،
زراعت ۾ ادب هجڻ گهرجي!



پڙھڻ سان اوھان کي،
ڪھڙو تپ ٿو وٺي؟




مٺل غور سان پڙھندو آھي،
پڙھي پرائڻ چاھيندو آھي،
تخليقڪار کي،
زرعي زھر ياد اچي ويندا آھن.


ڏاھپ، عقل ۽،
دانش جا به گُل ٽڙندا آھن،
جڳ ڏسندو آھي.


محسوس ڪرڻ کان سمجھڻ ڏکيو،
سمجھڻ کان گھڻو آھي ڪرڻ ڏکيو.

گاھن لاءِ آھن گاھه مار زھر،

گاھن لاءِ آھن گاھه مار زھر،
جيتن لاءِ ٿا ملن جيت مار زھر،
ڦنگي لاءِ موجود آھن ڦنگي مار زھر،
نيماٽوڊ لاءِ ميسر نيماٽوڊ مار زھر،
بيڪٽيريا لاءِ اينٽي بايوٽڪ،
تنھنجي نازن ۽ نخرن لاءِ،
روزاني روز جي فرمائشن لاءِ،
آئون ڳوليان ڇا،
اھو ملندو ڪٿان؟


جنھن ڪِرت لاءِ،
تون چوين ٿو:
”سمجھڻ سَولي ناھي“،
ٿورو اندازو ڪر:
ڪرڻ ڪيتري ڏُکي آھي؟


وزن اُھا شئي آھي،
جيڪا،
ٻورا ڦاڙيو ڇڏي!



تون ڪٿي آهين؟
آئون ڪٿي آهيان؟
’دنيا‘ جا ٻيا واسي ڪٿي آهن؟
پاڻ سڀ ڪير ڪير آهيون؟
ڪٿي ڪٿي آهيون؟
۽ ڇا ڇا ٿا ڪريون!؟


فيس بوڪ ٽرين جي
ساڳئي گاڏي ۾
سُمھي پيل مسافرن سان
سفر ڪندي ڪندي
بوريت وڌي پئي
سوچيان پيو ھاڻي
گاڏو تبديل ڪجي
نوَن مسافرن سان
سفر جاري رکجي



اوھان جو مون سان،
منھنجو اوھان سان،
سھمت ھجڻ ضروري نه آھي؛
سھمت نه ھجڻ جي صورت ۾،
ٻنھي جي لاءِ،
وڌيڪ مطالعو ۽،
وڌيڪ مشاھدو ضروي آھي.

لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آھي،

لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آھي،
لکي به وٺجي،
پڙھڻ وارا ٿورڙا آھن!
ٿورڙا به ورھايا پيا آھن!
ورھايل به پاڻ کي،
پاڙھُو ئي نه،
ليکڪ به سمجهن ٿا!
اڄ ڪلهه جي ليکڪن جھڙو،
شل ڪو دشمن به نه ٿئي.
ليکڪ سڏائيندي،
سرجڻھار سڏائيندي،
تخليقڪار طور ڪو،
منھنجو تعارف ڪرائي ٿو،
مون کي ڦِڪائي ٿئي ٿي!
ھر ڪنھن جي حصي ۾،
ڦِڪائي به نه ايندي آھي.

او شاعرو..!

او شاعرو..!
او اديبو..!
اوھان پنھنجيون
تخليقون پڙھو
تحريرون پڙھو
پنھنجا عمل ڏسو
سماج کي اوھان
ڇا پيا ڏيو

او شاعرو..!
او اديبو..!
سنواريو ڪجهه سوايو پيا
يا اڳيون حال به وڃايو پيا
او شاعرو..!
او اديبو..!

چوٿين اک

چوٿين اک

هر لمحو گذري پيو،
هڪ مڪمل ۽ ڪامل استاد بنجي،
جيڪو روشن ڪري پيو،
ماڻهوءَ جي ڄڻ،
اک چوٿين،
جيڪا نه کُلندي آهي،
ڪنهن به روايتي استاد کان...

تون ۽ مان...

تون ۽ مان...

آئون روز گهرڻ چاهيندو آهيان،
توکان تنهنجي تصوير پرين،
ڪڏهن گهري نه سگهيو آهيان!
-
آئون روز کڻي ايندو آهيان،
کيسي ۾ وجهي تصوير منهنجي،
تو ڪڏهن گهري نه آهي،
پاڻهي توکي ڏئي نه پيو سگهان!
-
تنهنجي ۽ منهنجي حوالي سان،
ڪافي آهيون تون ۽ مان،
پر قصو ٺهي نه پيو،
وچ ۾ آڻڻ جهڙو،
ٽيون ماڻهو اچي ڪٿان!؟
-
مون تو کي سمجهڻ جي،
ڪوشش ڪئي آهي گهڻي،
تو ڪڏهن ويچاريو آهي:
منهنجي لاءِ پرين!؟
-
جڏهن به توکي ياد اچان،
مون کي تون نه ڳولجان،
پاڻ سان گڏ ئي ڀانئجان.
-
منھنجو ٿئين ھا،
ته ٻنھي لئه سٺو ھو،
ھاڻي ڏسبو ته،
ڪيئن ٿي تنھنجي گذري؟
ڪيئن ٿي منھنجي گذري؟
-
ڇڏبو ڪو نه توکي،
توسان ڳالھيون ڪبيون،
سڀ چِٽايون ڪبيون،
وضاحتون ڏبيون وٺبيون،
معاملا سمجهبا سمجهائبا،
مونجهارا سُلجهائبا.
-
اڄ کان به جيڪر،
تون ھمٿ ڪرين،
سنورجي پوندو،
مستقبل پنھنجو.

جيئڻ جو حق!

جيئڻ جو حق!

ڪاش!
پنھنجي پنھنجي ذميواري،
پاڻ سمجهي سگهون،
اُھا ئي قبول ڪري،
اُن سان ئي نڀائي،
اُن تائين ئي محدود رھڻ سکي پئون...

ڪاش!
جيڪو پنھنجو ڪم آھي،
اھو خوش اسلوبيءَ سان،
سليقي ۽ ساڃاھه سان،
اُڪلائيندا ھلون...

ڪاش!
جيڪو ڪم پنھنجو نه آھي،
جنھن ڪم سان پنھنجو،
پري جو ڪو تعلق نه آھي،
اُن کي ويجها نه وڃون...

ڪاش!
جيڪو ڪم جنھن جو آھي،
اُھو ڪم اُن لاءِ ڇڏيون،
اُن کي ئي ڪرڻ ڏيون...

ڪاش!
پنھنجي ذات تي،
ڪَک نه سَھڻ وانگر،
ٻئي جي ذات لاءِ پڻ،
نه ڪَک ٿيون،
نه مَک ٿيون...

ڪاش!
ڪنهن ٻئي جي،
ڪنھن ڪم اچي سگهون،
ڪم نه اچي سگهون،
ته ان لاءِ ڪو،
مسئلو به نه بڻجون...

ڪاش!
ڪنھن کي ٺُونٺون نه ھڻون،
ڪنھن جي رستي ۾،
رڪاوٽون نه وجهون،
پاڻ پنھنجي گس سان،
ھلندا رھون،
وڌندا رهون،
ٻئي کي سندس گس سان،
ھلڻ ڏيون،
وڌڻ ڏيون...

ڪاش!
ٻئي جو اڳ جهلي،
دڳ ماڻڻ بدران،
ٻئي جو ٻيڙو ٻوڙي،
پنھنجو تارڻ بدران،
ھر ڪنھن کي،
پنھنجي تُرھي تَرڻ ڏيون...
ڪاش!
ڪنھن سان ڀلائي،
ڪري نه سگهون،
ان سان بُرائي،
ڪڏهن ڪينَ ڪريون...

ڪاش!
ٻين کي پوءِ،
پھرين پاڻ کي،
پاڻ سڃاڻي سگهون،
پاڻ سمجهي سگهون...

ڪاش!
ڪاش!
پاڻ جيان ٻئي کي به،
جيئڻ جو حق ڏيون..!

سُٺا ماڻھو سُٺيون سوچون!

سُٺا ماڻھو سُٺيون سوچون!

خبرون ته سڀ رکو ٿا،
ظاھر ڪرڻ بدران،
من اندر ۾ ئي رکو ٿا!
-
محفوظ آھن،
تصويرون سڀ،
من اندر ۾!
-
ڪُڇڻ پُڇڻ ڏوھه آھي وڏو،
ڏوھه جي سزا ضروري آھي!
اسڪول ۾،
ڪاليج ۾،
يونيورسٽي ۾،
جنھن به شاگرد ھوندو پڇيو،
ان کي ھوندو اندازو،
ڪُڇڻ پُڇڻ آھي ڪيڏو ڏوھه وڏو؟
۽ خبر آھي انھن کي به،
ڪُڇڻ پُڇڻ جي جيڪي،
جُرعت ڪن ٿا!
واھه واھه ٿي وڻي رڳو،

ھر سوال گولي ٿي لڳي ٿو!

ھر سوال گولي ٿي لڳي ٿو!
-
آئون بي سمجھه ماڻھو،
سمجھي نه سگھيو ھوندس،
اظھار تنھنجو!
-
گندا ماڻھو گنديون سوچون،
گندا ماڻھو گند ڪندا آھن،
گندا ماڻھو گند ڦھلائيندا آھن،
گندا ماڻهو گدلاڻ جو سبب بڻبا آهن،
گندا ماڻھو ماحولياتي گدلاڻ ڦھلائيندا آھن،
گندا ماڻھو ھر ڪنھن کي گندو ڏسڻ چاھيندا آھن،
گندا ڀلي ڇا به ڪن پاڻ کي گندو نه ڪبو،
سُٺا ماڻهُو سُٺيُون سوچون،
سُٺا سندن عمل،
سُهڻيون ڪن ڳالهيون،
سونهن وڌائين سُرهاڻ ڦهلائين...

سڄو سڄو ڏينھن رلڻ کان پوءِ به،

سڄو سڄو ڏينھن رلڻ کان پوءِ به،
انڌا ڪجھه به ڏسي نه سگھندا آھن!

ھر ڪنھن جي،
آهي پُهچ پنھنجي،
ڪنھن جي لاءِ،
ڇا ٿو چئي سگھجي؟
ڪنهن کي،
ڇا ٿو ڪري سگهجي؟

اسڪول ۾ سائين چوندو ھو جيئن،
پُڇ ڪُتي جو سڌو ٿيندو نه تيئن.

آئينو ڏيکارجي به کڻي،
سياڻا چون ٿا:
انڌا ڏسي نه آهن سگھندا.

وچينءَ کان دعائون لٿي تائين،

وچينءَ کان دعائون لٿي تائين،
لٿي کان دعائون سومھڻيءَ تائين،
سومھڻيءَ کان پرھه ڦُٽيءَ تائين،
پرھه ڦُٽيءَ کان منجھند تائين،
منجھند کان وچينءَ تائين،
آئون دعاڳو آھيان،
انھن سڀني جي لاءِ،
ٻين کي تڪليف ڏيڻ ۾،
جن کي مزو ايندو آھي...

بس يار!
ڇڏ کڻي!
ڪُڇندس ته:
پاڻ ٻن ئي نه،
سڀني جي،
ڪَچِي ٿي پوندي!







کِلڻ جھڙيون،
ڳالھيون گھڻيون،
ٻڌائبيون ته:
ٻُڌندڙ کِلندا،
لکبيون ته:
پڙھندڙ کِلندا،
ماڻھن کي آئون،
کِلائڻ به چاھيان ٿو،
پر سوچيان ٿو:
پاڻ تان،
ماڻھو ڇو کلائجن؟



ڏسڻ کي ئي مشاھدو چئبو آھي،
پر صرف ڏسڻ کي مشاھدو نه چئبو آھي.

صورت کي خوبصورت،

صورت کي خوبصورت،
خوبصورت کي بدصورت،
ڪا ٻي مخلوق نه،
اشرف المخلوق بنائي ٿي!

ڪنهن کي جيئدان ڏيڻ،
ڪنهن کان جيئڻ جو حق کسڻ،
ڪنهن ٻئي جو نه،
اشرف المخلوق جو ڪم آهي!

ماڻهو نه هجڻ باوجود،
خود کي ماڻهو سڏائي،
اهو ڪو ٻيو نه،
اشرف المخلوق آهي!

شين کي استعمال ڪرڻ سکو،
ماڻهن مان فائدا ماڻڻ سکو.


بي سمجھه کي،
سمجھائڻ بدران،
ھيسائڻ سٺو نه آھي!

پُڇڻ واري کي،
ماٺ ڪرائڻ لاءِ،
پاڻ وٽ،
ھر اٽڪل ڪبي آھي!؟

جيئن مان چاھيان،
جيئن مان لکان،
جيئن مان ڪيان،
اعتراض نه ڪريو،
اختلاف نه رکو،
مان نثر نويس آهيان،
مان شاعر آھيان.

واندو تون به نه آهين،
واندو آئون به نه آهيان،
صرف تون ۽ آئون ئي نه،
واندو ته ڪير به ڪونهي،
ته پوءِ!!!؟؟؟

ٻيلي ڏاهو ٿيءُ،

ٻيلي ڏاهو ٿيءُ،
ادا ڏاهو ٿيءُ،
ڀاءُ ڏاهو ٿيءُ،
پيارا ڏاهو ٿيءُ،
پاڻ سڀ،
ڏاهو ٿيڻ جون،
منٿون ڪريون ٿا،
۽ لطيف سائين،
جيڪو سونهون سنڌ جو،
سو چوي ٿو:،
”الا ڏاهي مَ ٿيان،
ڏاهيون ڏُک ڏسن“،
پاڻ سڀ چريا يا،
لطيف سرڪار ڇو،
ائين چيو!؟








ڪنهن لاءِ هو ڏينهن ننڍو،
ڪنهن جي گذري رات ننڍي،
ماڻهو ڪن ٿا ڳالهيون،
آئون پوندو آهيان مُنجهي،
اُڀرن ٿا سوال انيڪ!...



منهنجو گذريو،
هر پل هڪ جهڙو،
تون ٻُڌاءِ ساجن،
تنهنجو ڪيئن ڏينهن گذريو،
تنهنجي ڪيئن رات گذري؟...

مون کي ڏاهپ نه کپي،

مون کي ڏاهپ نه کپي،
سمجهه ۽ ساڃاهه جي،
ضرورت اٿم جَجهي....




مون ۾
۽ تو ۾
فرق ٿورو
بس ايترو
جيڪو
سمجهه ۾
اچي نه پيو

لکڻ لاءِ ته مون کي لکڻو هو:

لکڻ لاءِ ته مون کي لکڻو هو:
سمجهه ٿي گهرجي،
عنايت ڪري ڪوئي!
مون کان لکجي ويو:
ھجي ڪو نٿو خيرو،
ڪَنَ مان جھلي،
سمجھائجيس،
عقل جون،
نديون وھائيندڙ کي،
الله سمجهه ڏي،
آمين.