الطاف شيخ ڪارنر

جپان رس

جپان جي ادبي تاريخ جي فڪري لاڙن جي پس منظر ۾ جڏهن الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب “جپان رس” ۾ شامل جپاني ڪھاڻين جي ترجمي کي پڙھجي ٿو تہ، اھي جپاني ادب جي ڏيڍ صديءَ وارن ٽن ادبي دؤرن، جيڪي حڪومتن جي تبديلين سان سڃاڻپ رکن ٿا، جو اولڙو محسوس ٿين ٿيون. هنن ڪھاڻين جي خوبصورتي ۽ مفھوم ان ڪري بہ ضربجي نہ سگهيو آھي، جو الطاف شيخ صاحب اھي سڌوسنئون جپاني ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آھن. جڏھن تہ هن هر ڪھاڻيڪار جو مختصر پر جامع تعارف ڏيئي، جتي ڪھاڻيءَ کي بامعنيٰ بڻايو آھي، اتي ڪھاڻيءَ جي دؤر کي پڻ واضح ڪيو آهي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ ۾، دؤر جي مناسبت سان پلاٽ، ڪردارنگاري، منظر نگاري، ٻولي، خيال ۽ ان جي ٽريٽمينٽ پڻ پڙھندڙ تي چٽي ٿي بيھي ٿي. ڪتاب ۾ چونڊ جپاني شاعريءَ جو ترجمو پڻ شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 81
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جپان رس

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: جپان رس
مترجم: الطاف شيخ
پھريون ڇاپو: نيو فيلڊس پبليڪيشن 1981ع
ڇاپو ٽيون: روشني پبليڪيشن 2000ع
ڪمپوزنگ: حبيب قادر قريشي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

JAPAN RAS
(Short Stories)
Translated by: Altaf Shaikh
Composed by: Habib Qadir Qureshi.
Roshni Composer, Hyederabad.
Printed by: Fine Communication Hyderabad.
Published by: Roshni Publication Kandiaro.
3rdEdition ©Roshni 2000

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ پاران مختلف لکڻين تي ٻڌل ترجمي جو ڪتاب ”جپان رس“ اوهان اڳيان پيش آهي.
جپان جي ادبي تاريخ جي فڪري لاڙن جي پس منظر ۾ جڏهن الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب “جپان رس” ۾ شامل جپاني ڪھاڻين جي ترجمي کي پڙھجي ٿو تہ، اھي جپاني ادب جي ڏيڍ صديءَ وارن ٽن ادبي دؤرن، جيڪي حڪومتن جي تبديلين سان سڃاڻپ رکن ٿا، جو اولڙو محسوس ٿين ٿيون. هنن ڪھاڻين جي خوبصورتي ۽ مفھوم ان ڪري بہ ضربجي نہ سگهيو آھي، جو الطاف شيخ صاحب اھي سڌوسنئون جپاني ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آھن ۽ اھي پڙھندڙ کي ان ڪري بہ آسانيءَ سان سمجهہ ۾ ايندڙ آھن، جو الطاف شيخ ھر ڪھاڻيءَ ۾ شامل ڏکين نالن، شھرن يا لفظن ‏۽ محاورن جي تشريح / وضاحت ان جي شروع ٿيڻ کان اڳ ڏيندو ويو آھي. جڏھن تہ هن هر ڪھاڻيڪار جو مختصر پر جامع تعارف ڏيئي، جتي ڪھاڻيءَ کي بامعنيٰ بڻايو آھي، اتي ڪھاڻيءَ جي دؤر کي پڻ واضح ڪيو آهي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ ۾، دؤر جي مناسبت سان پلاٽ، ڪردارنگاري، منظر نگاري، ٻولي، خيال ۽ ان جي ٽريٽمينٽ پڻ پڙھندڙ تي چٽي ٿي بيھي ٿي. ڪتاب ۾ چونڊ جپاني شاعريءَ جو ترجمو پڻ شامل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1981ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ۽ ٽيون ڇاپو 2000ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

انتساب_

حڪيم محمد سعيد نالي

دنيا ۾ ڪي اهڙا عظيم ماڻھو بہ آهن جن سان ويجهڙائي، رفاقت ۽ دوستي خوشنصيبي سمجهي وڃي ٿي. آئون بہ پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿو جو مون کي حڪيم صاحب سان ڪافي عرصي لاءِ ويجهڙائي نصيب رهي. منھنجي ساڻس پھرين ملاقات 1965ع ۾ سندن مطب ۾ ٿي. اسان چٽگانگ (مشرقي پاڪستان) مان مئرين انجنيئرنگ جي تعليم وٺي ڪراچي آيا هئاسين. چٽگانگ ۾ هئاسين تہ اسان جا ڪراچيءَ جا دوست حڪيم سعيد جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا تہ هن جي هٿ ۾ شفا آهي ۽ هو بنا پئسن جي مريضن کي ڏسي ٿو، سو ڪراچيءَ ۾ ڪجهہ ڏينھن رهڻ بعد آئون ۽ منھنجو هڪ ٻيو جهازي دوست حڪيم سعيد جي آرام باغ واري مطب ۾ فجر نماز مھل پھتاسين. پاڻ شروع کان فجر پڙهي اسپتال ۾ اچي ويھندو هو ۽ جيڪو مريض پھرين ايندو هو، ان کي پھرين ڏسندو هو. اسان ٻنھي جو ڪھڙو مرض هو؟ اڄ پورن پنجٽيھن سالن بعد سوچجي ٿو تہ کل ٿي اچي ۽ حڪيم سعيد کان بہ ٽهڪ نڪري ويو. جڏهن اسان چيو:” اسان جا وار ڪري رهيا آهن ۽ عنقريب گنجا ٿي وينداسين. توهان جي هٿ ۾ شفا آهي ڪا اهڙي دوا ڏيو جو اسان جا وار نہ ڪِرن (ٻين لفظن ۾ فلمي هيرو ديو آنند، دليپ ڪمار، سڌير، سنتوش ٿي رهون- انھن ڏينھن ۾ اهي ٽاپ جا هيرو هئا.)“
حڪيم سعيد اسان جي غلط فھمي دور ڪندي چيو: ”شفا پنھنجي جاءِ تي، پر ڪي ڳالھيون لاعلاج ٿين ٿيون. ٿي سگهي ٿو توهان جي فئملي ۾ هجي يا پريشاني ڪري يا سمنڊ جي کاري هوا ڪري اوهان جا وار ڪرندا هجن. وار هڪ دفعو ڪريو تہ وري نہ ايندو ۽ ٻي ڳالھہ تہ وارن جي آڌار تي نہ پر عقل ۽ محنت جي آڌار تي پنھنجو نالو پيدا ڪريو.“
حڪيم سعيد جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد چپڙي ڪري سندس دواخاني مان نڪتاسين. پر آئون هن شخص مان ڏاڍو متاثر ٿيس. ڪراچيءَ ۾ باقي ڏينھن رهڻ دوران ڪنھن فنڪشن يا دعوت ۾ حڪيم محمد سعيد کي ڏسندو هوس تہ وڏي عزت سان وڃي ساڻس ملندو هوس ۽ هو خبرچار پڇي مرڪندو هو. جهاز تي چڙهڻ بعد بہ عيد براد جي موقعي تي کين ياد ڪري ڪارڊ موڪليندو رهندو هوس يا جهاز جي ڪراچي اچڻ تي ساڻن ملاقات لاءِ ويندو هوس. اڳتي هلي ادبي ۽ تعليمي محفلن ۾ مون کي خاص طور گهرائيندو هو ۽ اهي محفلون گهٽ پر سوچ ويچار جون گڏجاڻيون وڌيڪ هونديون هيون. کين ادب سان لڳاءُ هو ۽ مون کي هر وقت گهڻي کان گهڻو لکڻ لاءِ چوندو هو. خاص ڪري جپان ۽ جپان جي ادب، ڪلچر ۽ ماڻھن جي سٺين ڳالھين بابت- جن مان حڪيم صاحب جن پاڻ بہ متاثر هئا. هڪ اهو بہ سبب آهي جو اڄ هي جپاني ادب جو ڪتاب ”جپان رس“ سندن ياد ۾ منسوب ڪري خوشي محسوس ڪريان ٿو.
حڪيم صاحب جي آخري ڏينھن ۾ کين سڀ کان گهڻو اونو قوم جي ڪرندڙ معيار ۽ تعليم جو هو. هو هر مھيني هوٽل آواري ٽاور ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻھن کي چانھہ پاڻيءَ جي دعوت ڏئي گهرائيندو هو، جنھن ۾ ڪيترائي تعليم يافتہ، تعليم جا ماهر ۽ استاد صاحبان اچي گڏ ٿيندا هئا. جن ۾ يونيورسٽين جا موجوده ۽ سابق وائيس چانسلر پڻ ايندا هئا ۽ اهم مسئلن تي سوچ ويچار ڪيو ويندو هو. پاڻ بنا ڪنھن گروهي، سياسي ۽ فرقي وارانہ اثر جي ملڪ ۽ قوم جي ڀلي لاءِ، هر ڳالھہ فراخدليءَ سان سوچيندو هو. سندن ڳالھائڻ فضيلت ۽ تحمل وارو هو ۽ ڪنھن بہ شيءِ ۾ بناوٽ ۽ ڏيکاءُ جو پھلو نظر نٿي آيو. هر هڪ جي ڳالھہ ۽ صلاح ٻڌندو هو ۽ وڏي توڙي ننڍي جي عزت ڪندو هو. آئون تہ هونءَ بہ کانئن عمر ۽ علم ۾ تہ هيٺاهين درجي تي هوس پر ٻيا جيڪي محفل جا مور هوندا هئا، انھن ۾ بہ گهٽ تعليم يافتہ هوس. ايتري قدر جو هڪ اهڙي محفل ۾ منھنجي ڀر ۾ ويٺل سائين ڪريم بخش خالد صاحب ۽ اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جي استاد ڪمانڊراسرار اللھ کي چيم: توڻي کڻي آئون گذريل پندرهن سالن کان تدريسي ڪم ڪري رهيو آهيان، پر بنيادي طور تہ هڪ جهازي (Sailor) آهيان. ٻين لفظن ۾ ماڇي، مھاڻو، ساٽي آهيان ۽ ملڪ جي ههڙن مشھور وائيس چانسلرن ۽ قابل تعليمي ماهرن جي وچ ۾ آئون بنھہ هيٺين ڏاڪي تي آهيان.“
ان ئي محفل ۾ بدقسمتيءَ سان ڪجهہ بدمزدگي ٿي پئي. اسان کي بحث مباحثي- بلڪہ اسان کي قومي زبان اڙدوءَ جي ترقيءَ بابت راءِ ڏيڻي هئي، پر مون ڏٺو تہ ان محفل کان اڳ دستور موجب چانھہ بسڪٽ جو دور هلڻ مھل حڪيم صاحب پنھنجي راءِ کان سڀني کي آگاھہ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ بعد ۾ محفل شروع ٿيڻ تي پنھنجي راءِ جو پختگي سان اظهار ڪيو تہ: ”حڪومت کي کپي تہ اڙدوءَ کي اڃا بہ ترقي ڏياري. اڙدوءَ ۾ اڃا بہ بھتر ڊڪشنريون ٺھڻ کپن. حڪومت کي اهڙو ادارو جلد از جلد قائم ڪرڻ کپي، جنھن جو ڪم انگريزي ۽ ٻين زبانن جا ڪتاب- خاص ڪري ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جا ڪتاب اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪري، هر ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايا وڃن.“ حڪيم صاحب جي تقرير بعد ٻين عالمن ۽ دانشورن پنھنجي راءِ ڏني پر سڀني جو هڪ ئي لب و لباب هو. مون کي سمورو وقت لڳو تہ معزز مقررين پنھنجي دل جي صحيح راءِ ڏيڻ بدران حڪيم صاحب کي خوش ڪرڻ لاءِ انھيءَ ئي طرز تي ڳالھائي رهيا آهن يا تہ سچ پچ کين بين الاقوامي زبان انگريزيءَ بدران اڙدوءَ ۾ هر ڪتاب شايع ڪرڻ جي سٺاين جي تہ خبر آهي پر ڪمزورين کان اڻ ڄاڻ آهن.
مون هڪ جونيئر جي حيثيت ۾ ڪجهہ چوڻ نٿي چاهيو پر پوءِ کڻي مٿي کُٽي اٿي خلاف ڳالھايم. جيتوڻيڪ ان ڳالھہ جو بہ اظهار ڪيم تہ اهو نہ سمجهيو وڃي تہ آئون هڪ سنڌي آهيان ان ڪري اڙدوءَ جي خلاف ڳالھائي رهيو آهيان ۽ تمھيد ۾ اهو بہ چيم تہ اڙدو پنھنجي جاءِ تي هڪ اهم زبان آهي. جيتوڻيڪ آئون اسڪول ۾ اڙدو نہ پڙهيس، پر مون کي والدين اهو چئي گهر ۾ اڙدو پڙهائي تہ اڙدو ۾ تمام گهڻيون اخبارون رسالا نڪرن ٿا ۽ اڙدوءَ ۾ تمام گهڻا مذهبي ڪتاب آهن ۽ ان جي فائدي جو احساس اڄ بہ اٿم پر اڙدو، بنگالي، تامل يا ڪنھن ٻيءَ علائقائي زبان کي ايڏي اهميت ڏيڻ سان اسان بين الاقوامي زبان انگريزيءَ ۾ ڪمزور ٿي وينداسين ۽ اسان اڄ جيڪي هن وقت دنيا جي هر هڪ ملڪ ۾ رهي سگهون ٿا، تن جو حال انڊونيشين جيان هالئنڊ تائين محدود ٿي پوندو. اهو تجربو/ عمل ٻين بہ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيو آهي، پر شاگردن کي اوريجنل انگريزي زبان جي آلجبرا، ڪيمسٽري، ميٽلرجي، ائناٽامي يا فارماڪالاجي بدران پنھنجي زبان ۾ پڙهڻ سان ويتر مونجهارو ٿئي ٿو ۽ پوءِ ان سلسلي ۾ برما، ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ناڪام تجربن جا مثال ڏنم ۽ اهو پڻ ٻڌايم تہ ائين فائديمند هجي ها تہ اڄ جپان ۽ سعودي عرب وارا انگريزيءَ کي ڇڏي ڏين ها. جيتوڻيڪ جپان ٽيڪنالاجي ۾ اڳيان آهي ۽ عربي دنيا جي پنجن اهم زبانن مان هڪ آهي.
چوڻ کي تہ آئون چئي ويٺس، پر ڏٺم تہ ڳالھہ مزو نہ ڪيو. منھنجي خيال کي ردڪد ڏيڻ لاءِ ٻين ڳالھايو ۽ حڪيم محمد سعيد کي بہ منھنجي اها تقرير نہ وڻي، جيڪا ٻين جي اميد جي خلاف هئي. مون کي ڪجهہ افسوس، ڪجهہ ڏک ٿيو- خاص ڪري حڪيم سعيد طرفان تہ هو ڇا سوچيندو. پر اهو ڏک گهڻي دير نہ هليو جڏهن رات جو نائين ڏهين بجي حڪيم صاحب جو فون آيو تہ پاڻ ”ساري“ ڪندي چيائون تہ هنن طرفان نہ ٿيڻ کتو ٿي. (يعني منھنجي ڳالھہ کي هڪدم نہ مڃڻ صحيح نہ هو) ۽ ”هاڻ محسوس ٿو ڪريان تہ تنھنجي ڳالھہ ۾ ڪافيSense هو ۽ هونءَ بہ غلط يا صحيح توکي پڻ ٻين وانگر پنھنجي راءِ ڏيڻ جو پورو پورو حق هو ۽ آئون تنھنجيون ڪيتريون ڳالھيون Appreciate ڪري رهيو آهيان.“
منھنجي خيال ۾ حڪيم محمد سعيد صاحب جي اها عظمت(Greatness) هئي جنھن مون جھڙي معمولي ماڻھوءَ کي فون ڪري احساس ڏياريو تہ منھنجي راءِ بہ اهميت رکي ٿي، توڙي کڻي اها ان وقت قبول نہ ڪئي وئي هئي.
حڪيم صاحب جون ڪي ڪي بيحد سٺيون ڳالھيون جن جو آئون تمام گهڻو قدر ڪريان ٿو:هو هڪ پڪو مسلمان هو. وقت جو پابند هو. ننڍي هوندي کان وٺي فجر نماز پڙهي اچي پنھنجو مطب کوليندو هو تہ مرڻ گهڙيءَ تائين نہ نماز ڇڏيائين نہ وقت جي پابندي. مون سندن ويجهو رهي ڏٺو تہ هو زبردست محنتي قسم جو ماڻھو هو. آئون بہ گهڻن جپانين ۽ جرمنن سان گڏ رهيو آهيان، جيڪي سخت محنتي ۽ پورهيت چيا وڃن ٿا، پر گهٽ حڪيم صاحب بہ نہ هو. فجر کان بہ گهڻو اڳ اٿندو هو ۽ سڄو ڏينھن هل هلان ۾ گذاريندو هو. مريض ڏسڻ، پنھنجي اداري همدرد دواخاني ۽ يونيورسٽيءَ جي انتظاميا کي منھن ڏيڻ، لکڻ پڙهڻ، ادبي، سماجي، سرڪاري ۽ غيرسرڪاري قسم جا جلسا فنڪشن ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ- سچ تہ وڏي Stamina وارو هو هي شخص! ان کان علاوه سادگي پسند، سادو کائڻ وارو ۽ حقيقت پسند، ماني ٽڪي ۽ دعوتن لاءِ هروقت ماڻھن کي نصيحت ڪندو رهندو هو تہ سادو ۽ گهٽ کائو- ان ۾ ئي صحت جو راز اٿانوَ.
ننڍپڻ ۾ اسڪول جي ڪتاب ۾ پڙهيو هوم: هڪ شخص حڪيم صاحب وٽ ويو ۽ عرض ڪيو، ”منھنجي پيٽ ۾ سخت سور آهي.“
حڪيم صاحب پڇيس: ”رات جو ماني ۾ ڇا کاڌو هئي؟“
جواب ڏنائين: ”سڙيل ماني.“
حڪيم صاحب دوا تيار ڪئي ۽ هن کي ڏيندي چيو: ”هن کي اکين ۾ وجهي ڇڏجان.“
هن شخص وائڙو ٿي پڇيو: ”حڪيم صاحب منھنجي پيٽ ۾ سور آهي، اکين ۾ نه.“
حڪيم صاحب ٺھہ پھہ وراڻيس: ”نہ تنھنجون اکيون خراب آهن. جيڪڏهن تنھنجون اکيون صحيح هجن ها تہ تون ڪڏهن بہ سڙيل ماني نہ کائين ها.“
سو اسان جي ملڪ جي نامور طبيب ۽ دانشور حڪيم محمد سعيد بہ پنھنجن مريضن مان اها توقع رکي ٿي تہ هو کاڌي جي معاملي ۾ احتياط رکن. پاڻ هميشہ اهو چوندو هو تہ چوويھن ڪلاڪن ۾ فقط هڪ ويلو (ڪوشش ڪري منجهند جو) ٻوڙ ماني کائو نہ تہ صبح شام Full Meal بدران فقط هلڪي ڦلڪي ڪا سئنڊوچ کائي گذارو ڪري ڇڏيو. پاڻ پنجاھہ لک کن مريضن جو علاج ڪيو هوندائين، جن ۾ ملڪن جي سربراهن کان وٺي غريب غربا شامل آهن. هن ڪڏهن بہ ڪنھن کان تپاس جي في نہ ورتي.
پاڪستان ۾ علاج جي يوناني طريقي کي آڻڻ ۽ وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ حڪيم محمد سعيد صاحب 1948ع ۾ ڪراچيءَ جي مشھور علائقي آرام باغ ۾ هڪ ننڍڙي ڪمري واري دواخاني (مطب) جو آغاز ڪيو. پاڻ 1947ع ۾ دهليءَ کان ڪراچيءَ آيو هو. پاڪستان پھچڻ تي هن کي پھريون دفعو غربت ۽ افلاس جو تلخ تجربو ٿيو. سنڌ پنجاب جون اهم شخصيتون دهليءَ وينديون هيون تہ هميشہ سعيد صاحب وٽ مھمان ٿي رهنديون هيون، پر پاڻ پنھنجي خودداري ڪري ڪنھن وٽ بہ مدد لاءِ نہ ويو. ڪراچيءَ ۾ پنھنجي شروع وارن ڏينھن ۾ هو نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ڪوتوال بلڊنگ اسڪول پھتو، پر اهو چئي کيس اندر اچڻ نہ ڏنو ويو تہ تنھنجا جوتا ڦاٽل آهن. نيٺ اتان مايوس ٿي هو ڪراچيءَ جي پٺتي پيل علائقي کڏي پھتو، جتي هڪ اسڪول ۾ هو هڪ عرصي تائين ٻارن کي قرآن مجيد پڙهائيندو رهيو، ان کان پوءِ آرام باغ روڊ تي اعوان لاج ۾ هن پنجاھہ رپيا مھيني جي مسواڙ تي هڪ ڪمرو ورتو ۽ فرنيچر جا ساڍا ٻارهن رپيا ڏيندو هو. حڪيم صاحب همدرد ٽرسٽ نالي دواساز ادارو، جيڪو پھرين هندستان ۾ کوليو هو، اهو ڪراچيءَ ۾ 19 جون 1948ع ۾ شروع ڪيو، جنھن لاءِ هڪ پارسي مسٽر جمشيد نسروانجيءَ اعوان لاج جي بلڪل سامھون کيس وڏو پلاٽ ڏنو ۽ ان جو افتتاح تن ڏينھن جي وزير تعليم مرحوم پير الاهي بخش ڪيو هو. هن اداري جي دوائن مان ساليانو ڪروڙها رپيا فائدو ٿئي ٿو، جيڪو همدرد فائونڊيشن ذريعي ادبي، تعليمي، سماجي ۽ ٻين خير جي ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿو. بھرحال حڪيم محمد سعيد پاڻ کي قوم ۽ ملڪ جي خذمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. هو هميشہ چوندو هو تہ هن جي دولت جا حقدار غريب ۽ مسڪين آهن، جن جي دعائن سان هن هيڏي عزت ۽ شھرت حاصل ڪئي.
حڪيم صاحب جنوري 1920ع تي دهليءَ ۾ ڄائو. پورن نون سالن جي ڄمار ۾ هن قرآن حڪيم حفظ ڪيو. 1948ع ۾ همدرد مطب قائم ڪيائين ۽ 1950ع ۾ همدرد فئڪٽري ٺاهيائين، جنھن ۾ روح افزا شربت، جوهر جوشاندي، خميره گائوزبان کان وٺي صحت سڌارڻ جون دوائون ۽ شيون ٺھن ٿيون. 1953ع ۾ همدرد وقف ٺھيو ۽ 1954ع ۾ همدرد فائونڊيشن جو بنياد رکيو ويو. 1958ع ۾ همدرد طبيه ڪاليج شروع ڪيو ويو، مطلب تہ ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ خذمت لاءِ حڪيم صاحب ڪو نہ ڪو ادارو قائم ڪندو رهيو. ايتريقدر جو 1995ع تائين شوريٰ همدرد، همدرد انسٽيٽيوٽ آف ايگريڪلچر، همدرد انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ سائنسز، همدرد يونيورسٽي اسپتال، بيت الحڪمت، همدرد پبلڪ اسڪول، همدرد يونيورسٽي، همدرد انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ائنڊ سوشل سائنسز، همدرد ڪاليج آف ميڊيسن، همدرد ڪاليج آف ايسٽرن ميڊيسنز، همدرد انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي وغيره قائم ڪيائين.
پاڻ سنڌ صوبي جو گورنر پڻ ٿيو ۽ سندن دور ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون قائم ٿيون. تاريخ کيس پاڪستان کي ٺاهيندڙ طور ياد ڪندي. پاڻ پاڪستان جي اميد هو. ڇنڇر 17 آڪٽوبر 1998ع صبح جو ڇهين وڳي آرام باغ روڊ تي پنھنجي مطب اڳيان دهشتگردن هٿان شھيد ٿي ويو. ان وقت کين روزو هو ۽ ڏکويل انسانن جي خذمت لاءِ اتي پھتو هو.
حڪيم محمد سعيد ستاره امتياز پاڪستان (1966ع) سميت ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز حاصل ڪيا هئا. پاڻ اڙدوءَ ۾ ڇٽيھہ ڪتاب ۽ انگريزيءَ ۾ ستاويھہ ڪتاب لکيا آهن. سائنس، طب، تاريخ ۽ اسلام بابت سندس ٽي سئو کان وڌيڪ مقالا ڇپجي چڪا آهن.


الطاف شيخ
ڪراچي
پھرين جنوري 1999ع

ليکڪ جا لفظ

نہ فقط اسان جي ملڪ ۾ رهندڙ سنڌي، پر هتي جپان ۾ رهندڙ سنڌي، جيڪي جپاني نٿا پڙهي سگهن، هي جپاني ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ پڙهي جپاني ادب بابت آئيڊيا وٺي سگهن ٿا.
موٽرن، وي سي آرن، ڪئميرائن ۽ واچن کان تہ جپان کي هرهڪ سڃاڻي ٿو پر افسوس جو اسان وٽ ٿورن ماڻھن کي خبر هوندي تہ جپان ادب ۽ آرٽ جي دنيا ۾ بہ مالامال آهي. ان جو احساس ويتر سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل ڪتاب ”ٻارن لاءِ آکاڻيون“ نالي پڙهي پيم. جنھن ۾ مختلف ملڪن جون ڇهويھہ ڪھاڻيون آهن، پر افسوس جو جپان جي ڪابہ ڪھاڻي شامل نہ آهي، جيتوڻيڪ نڪراگوئا ۽ اڪيڊار جهڙن ڏورانھن ملڪن ۽ يمن، برازيل، بيلجم، سويڊن جهڙن ملڪن جون بہ ڪھاڻيون ڏنيون ويون آهن.
اميد تہ هن ڪتاب مان پڙهندڙن کي جپان جي هڪ ٻئي رخ يعني ادبي پھلوءَ جي پڻ ٿوري گهڻي ڄاڻ ٿي سگهندي.


الطاف شيخ

هڪ سياح – اعزاز جنھن جي ڳولا ۾ آهن

جھڙي طرح ويھين صدي جي ”سنڌي شعري ادب“ ۾ سنڌ ”شيخ اياز“ کان وڏو ٻيو ڪو شاعر پيدا ناهي ڪري سگهي، اهڙي طرح ”سنڌي سفري ادب“ ۾ سنڌ ”شيخ الطاف“ کان وڏو ٻيو ڪو ليکڪ پيدا ناهي ڪري سگهي. منھنجي ذاتي راءِ آهي تہ اهي ٻئي ”سنڌي ادبي وطن“ جا اهڙا خوشنصيب حڪمران آهن جن مان هڪ جي حڪومت گذريل 50 سالن کان ۽ ٻئي جي گذريل 30 سالن کان پنھنجي پنھنجي ”ادبي پرڳڻي“ تي قائم آهي ۽ موجوده حالتن جي اعليٰ عدالت جو اهو verdict آهي تہ ايندڙ ايڪويھين صديءُ جي گهٽ ۾ گهٽ اڌ تائين سندن حڪومتن کي ڪو بہ معطل ڪري نہ سگهندو.
الطاف شيخ اهو ديوانو آهي، جيڪو گذريل ٽن ڏهاڪن کان چرين وانگر، ٻاهرين ملڪن جي هر قسم جي ڄاڻ جو خزانو چورائي، پنھنجيءَ سنڌ جا جهول ڀريندو رهيو آهي. پوءِ بہ ان ثواب عيوض هن ڪڏهن بہ ڪنھن Reward جي تمنا ناهي ڪئي ۽ اها حقيقت آهي تہ جيڪو شخص اعزاز جي تمنا بنا پنھنجي جنوني عشق سان سڀن جي لاءِ ريشم جا تاڪيا ٺاهيندو رهي ٿو، اعزاز هڪ ڏينھن ان جي گهر جي چائنٺ تي ضرور سجدہ ريز ٿين ٿا، ڪم ڪجي بہ اهڙو جو محبتون ماڻھوءَ جي ڳولا ۾ ۽ اعزاز ان جي قبوليت جا منتظر هجن. سنڌ پنھنجي الطاف شيخ کي بلڪل اهڙي طرح ڳولھي محبت ۽ مڃتا جون مالھائون پارايون آهن.
سنڌ جي هن هڪ ايمبيسيڊر، پنھنجي فيلڊ ۾ ايترو تہ گهڻو ڪم ڪيو آهي، جيڪو سنڌ جا مڙئي ادبي ۽ ثقافتي ادارا گڏجي بہ نٿا ڪري سگهن. هن دنيا جي مختلف ملڪن جي تهذيبي، سياسي، ادبي، سماجي، اقتصادي، سائنسي ۽ جاگرافيائي علمن کي سنڌ جي نئين شعور سان جوڙي ڇڏيو آهي. الطاف شيخ دنيا جي لڳ ڀڳ سمورن ملڪن کي سنڌ جا ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ ٺاهي، سنڌي ماڻھن جي ذهنن جي صدين کان بند ذهنن کي زوردار ڌڪ هڻي، انھن کي ٽوڙي، کين انھن ڳوٺن کان واقف ڪرايو آهي ۽ دنيا- شناسائي ڏني آهي.
الطاف شيخ جي حاوي حيثيت جيتوڻيڪ سفرنامن جي ليکڪ واري ئي آهي، پر ان سان گڏ هن دنيا جي مختلف ٻولين جو شاهڪار ادب پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ انھن ترجمن جا هن وقت تائين سندس پنج ڪتاب ”سوزي سان پيار“، ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“، ”اناميڪا“، ”لنڊن تائين لفٽ“ ۽ ”جپان رس“ پڻ شايع ٿي چڪا آهن، پر سندس انھن ادبي ڪتابن جي حيثيت سندس سفرنامن جي هيٺان ائين دٻجي ويئي آهي، جيئن شيخ اياز جي ڪھاڻين جي حيثيت سندس شاعريءَ جي هيٺان دٻجي ويئي آهي.
سنڌي اديبن جي تاريخ نويسن جي راءِ آهي تہ جڏهن 19هين صديءَ جي ٻئي اڌ جي شروع ۾ سنڌي نثري ادب جي لکڻ جي شروعات ٿي تہ دنيا جي مختلف ٻولين جو چونڊ ادب پڻ سنڌيءَ ۾ ڪثرت سان ترجمو ٿيڻ لڳو. جنھن جو بنيادي مقصد اهو هو تہ سنڌ کي دنيا جي ڪلاسيڪل توڙي همعصر ادب کان واقف ڪرائجي ۽ ائين سنڌي پڙهندڙ جي سوچ جي ڌارائن کي تيز ۽ بھتر موڙ ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ تہ ترجمي ڪرڻ وقت هنن ٻن ڳالھين جو لازمي طور تي خيال رکيو ويندو آهي: هڪ تہ ترجمو ٿيندڙ اسم (Item) ان ٻولي جنھن ۾ اهو ترجمو ٿي رهيو آهي جي پڙهندڙن جي لاءِ ڪيترو معلوماتي (Informative) آهي ۽ ٻيو تہ ان جي اوپري ماحول سان ڪيتري مطابقت (Relevancy) آهي. جيئن تہ هر دور ۾ هڪ قوم ٻي قوم کي لازمي طور تي سمجهڻ چاهيندي آهي تنھن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جي جيڪا 19هين صدي ۾ ضرورت محسوس ڪئي ويئي هئي، اها اڄ ويھين صديءَ جي آخري سال ۾ بہ ساڳي معنيٰ ۽ شدت ۾ موجود آهي.
انساني ارتقا جيئن تہ ٿوري گهڻي فرق سان هڪ ئي انداز ۾ ٿي آهي،تنھن ڪري مختلف انساني معاشرن جي تشڪيل کانپوءِ مختلف نسلن/گروهن/قومن جي تهذيب، ثقافت، ادب، سماجيات، ريتن رسمن ۽ سوچڻ ۾ پڻ معمولي فرق سان، هڪ جهڙائي موجود رهي آهي. ان ڪري جيڪڏهن الطاف شيخ جپاني ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿو تہ، اهي جپاني قوم جي تهذيب، ثقافت، ريتن رسمن، رواجن، اخلاقيات، سوچ، فڪر ۽ سماجي حالتن جو آئينو هئڻ سان گڏ اهي قديم توڙي جديد سنڌي سماج جي صورت پڻ محسوس ٿين ٿيون.
”جپان جنھن جو ”بياني نثر“ اٺين صديءَ ۾ لکيو ويو ۽ ”افسانوي بيان“(Fictional Narration) ڏهين صديءَ ۾ تحرير ٿيو، ان جي ادب کي يارهين صديءَ ۾ لکيل ”گينجي مونوگاتري“ (گينجيءَ جي ڪھاڻي) عروج تي پھچائي ڇڏيو.“
جپاني ادب جي نقادن جو خيال آهي تہ، جپاني ادب جو وڏو حصو ”شخصي سجاڳي“(Awareness of the self) ۽ ”انفرادي نظريي“(The Ideology of Individualism)، جيڪو اولھہ جو فڪر آهي، جو ترجمان رهيو آهي، پر 18هين صديءَ جي آخر ۽ 19هين صديءَ جي شروع واري جپاني ادب، خاص طور تي ائيدا اڪيناري (Ueda Akinari. 1734-1809) ۽ تاڪيزاوا باڪن (Takizawa Bakin 1767-1848) جي تحريرن ۾ ادب جو سمان سان جڙيل تعلق ملي ٿو (حوالو: Far Eastern Literature in the 20th Century)
”ٻئي طرف سڄي دنيا وانگر، جپاني ادب بہ طبقاتي تقسيم جو شڪار رهيو آهي ۽ اهڙي ورهاست واري ادب کي اول ”اعليٰ لکڻيون“(Gabun) ۽ عام رواجي لکڻيون (Zokuban)چيو ويو. بعد ۾ اها ورهاست خالص (Pure) ادب (Jun- bungaku) ۽ پاپولر ادب (Taisho-bungaku) جي نالن سان سڃاپجڻ لڳي. ان تقسيم جي هڪ ٽئين شڪل تنڪا (Tanka) ۽ هائڪو (Haiku) جي صورت ۾ ظاهر ٿي، جنھن ۾ تنڪا کي درٻاري شاعري ۽ هائڪو کي عوامي شاعري قرار ڏنو ويو.“ پر ويھين صدي سنڌي ادب وانگر جپاني ادب لاءِ پڻ شاندار رهي آهي. هن صديءَ ۾ جپاني ادب کي پنھنجو خاص گهاڙيٽو مليو ۽مغربي ادب کي جپاني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ خاص ۽ مناسب محاورا پڻ ايجاد ڪيا ويا، اهو ڪريڊٽ جپان جي مشھور ناول نويس فتابيتيءَ شمي (Futabatei Shimei 1864-1909) ڏانھن وڃي ٿو. هيءُ اهو جپاني اديب آهي جنھن 1881ع ۾ ”ٽوڪيو اسڪول آف فارين لينگويجز“ جي رشين شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ روسي ادب سان سندس ايترو تہ لڳاءُ ٿي ويو، جو هن خاص طور تي مشھور روسي اديب ترگنيف جي ڪھاڻين جو جپاني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري شھرت ماڻي. جڏهن تہ هن جي شھرت جو هڪ ٻيو ڪارڻ سندس ماڊرن ناول ”يوڪي گومو“(Ukigumo) هو. جنھن جا ڪجهہ ٽڪرا هن ڪتاب ۾ ”رڙهندڙ ڪڪر“ جي عنوان سان شامل آهن. سندس ان ناول بابت نقادن جو چوڻ آهي تہ:”اهو ناول زمان، مڪان ۽ ڪردارن جون حدون متعارف ڪرائي ٿو.“ هن ليکڪ جو موت روس مان سامونڊي جهاز ۾ جپان واپس ايندي رستي تي بيمار ٿيڻ سبب 10 مئي 1909ع تي ٿيو.
جپاني ٻوليءَ ۾ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ (1952-1948ع ۾) آيل سڌارن کي پڻ جپاني ادب جي عروج جو هڪ ذريعو قرار ڏنو پيو وڃي. هن صديءَ جتي جپاني ٻوليءَ ۾ حسن آندو، اتي ان نون نظرياتي لاڙن ۽ بحثن کي پڻ جپاني ادب ۾ متعارف ڪرايو، جنھن ۾ نيچرلزم (Naturalism) ۽ سوشلزم سر فهرست آهن. 1960ع ۾ جيئن نيچرلزم کي فروغ مليو تہ، ان رومانويت پسندي جي جاءِ والارڻ شروع ڪئي. هن ٿيوريءَ جي پيروڪارن جو موقف هو تہ: ”زندگي جيئن آهي، ان ئي ائين بيان ڪيو وڃي.“نيچرلزم جي پوئلڳ اديبن ۾ ڪونيڪيڊا ڊوپو (Konikida Doppo)، شمازاڪي توسون (Shimazaki Toson) ۽ تياماڪاتائي (1930ع-1871ع) ۽ اوانو هومي (Iwano Homei- 1873-1919)، توڪودا شوسي (Tokuda Shusei-1871-1943)جا نالا وڌيڪ نمايان آهن. جڏهن تہ هن فڪري تحريڪ جي مخالفت ۾ ناتسومي سوسيڪي (Natsumi Soseki) ۽ موري اوگائي (Mori Ogai) جهڙا سينئر ليکڪ ميدان تي نڪري آيا. ناتسومي جو موقف هو تہ: ”جيڪو شخص پنھنجي واندڪائيءَ وارا لمحا آرٽ ۽ ادب کي ارپي ٿو، اهي سندس وجود کي تڪليفن کان ڇوٽڪارو ڏيارين ٿا ۽ فطرت پسندن جي نظريي جي ابتڙ سندن ويساھہ کي اتانھون بڻائين ٿا.“ بعد ۾ هن جي خيالن کي ”ادب براءِ ادب“ جو نالو ڏئي ان کي ٻڌمت جي ويجهو قرار ڏنو ويو.
ٻئي طرف روسي ليکڪن دوستو وسڪي، ٽالسٽاء، جرمن ليکڪ روڊالف. سي. اوڪن (Rudolf C.Eucken) ھينري برگسان، ٽيگور، آسڪروائيلڊ ۽ ايڊگر ايلن پو (Edger Allen Poe) جھڙا ليکڪ پڻ ترجمن ذريعي جپاني ادب ۾ داخل ٿي پنھنجو پنھنجو فڪري اثر ڇڏڻ لڳا. ھن ئي صديءَ ۾ جپاني ليکڪ ڪواباتا (Kawabata) ادب جو نوبل پرائيز حاصل ڪيو.
ھوڏانھن داخلي طور تي، گذريل ڏيڍ صديءَ واري جپاني ادب جا جتي ٽي دؤر، ميجي دؤر (Meiji Era - 1868-1912)، تائشو دؤر (Taisho Era - 1912-1926) ۽ شووا دؤر (Showa Era)، جيڪو 1926ع کان اڄ ڏينھن تائين جاري آهي، ٻڌايا وڃن ٿا، اتي ويھين صديءَ جي ابتدائي ٻن ڏھاڪن دؤران دنيا ۾ آيل نظرياتي ۽ سياسي تبديلين پڻ جپاني ادب تي پنھنجا گھرا اثر ڇڏيا. خاص طور تي 1917ع ۾ روس ۾ آيل سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ جپان ۾ ترقي پسند ادب جو اڀار ٿئي ٿو ۽ اھڙي ادب جا ٻہ وڏا نالا - ماياما ياشيڪي (Mayama Yoshiki - 1894-1945) ۽ڪوباياشي تاڪيجي (Kobayashi Takiji - 1903-1933)، باوجود جپاني شھنشاھيت جي ظلم ۽ ڏاڍ جي اڀري اچن ٿا. جڏهن تہ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند اديب جيڪي جپاني حڪومت جي ڏاڍ ۽ ٻي عالمي جنگ جي ڪري خاموش ٿي ويا هئا، سي جنگ جي خاتمي ۽ جپان جي شڪست کان پوءِ ٻيھر منظر عام تي آيا، جن ۾ ناڪانو شيگيھارو (Nakano Shigeharu)، ھيراباياشي تائڪو (Hirabayashi Taiko - 1905-1972)، مياموتو ڪينجي (Miyamoto Kenji) ۽ ھياشي فوميڪو (Hayashi Fumiko) مرڪزي حيثيت رکن ٿا. ھي ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ وارو اھو دؤر آھي، جڏهن سنڌ ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، اياز قادري، غلام رباني آگرو ۽ محمد ابراهيم جويو جن ترقي پسند فڪر جي رھنما جي طور تي منظرعام تي اچن ٿا. ٻئي طرف مٿي ڄاڻايل ترقي پسند جپاني اديبن جي مقابلي ۾جيڪي رجعت پرست اديب اڀريا، انھن ۾ ھوري تاسو (Hori Tatsuo - 1904-1953) ۽ ڊزائي اوسامو (Dazai Osamu) نمايان ليکيا وڃن ٿا.
جديد جپاني اديب، جيڪو ٻين ٻولين ۾ وڌيڪ ترجمو ٿيو آهي، اهو ابي ڪوبو(Abe Kobo)آهي، جڏهن تہ جنھن ليکڪ نوجوانن ۽ ٻين معاشرتي معاملن تي سگهاري انداز ۾ لکي ماڻھن جو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪايو آهي، اهو 1935ع ۾ جنم وٺندڙ اوڪينزا بورو (Oekenzaburo) آهي. هيءُ ناول نگار، شارٽ اسٽوري رائيٽر ۽ مضمون نگار آهي. موراڪامي ريو(Murakami Ryu) ۽ انچي فوميڪو (Enchi Fumiko) پڻ جديد جپاني افسانوي ادب جا وڏا نالا تصور ڪيا وڃن پيا.
جپان جي ان ادبي تاريخ جي فڪري لاڙن جي پس منظر ۾ جڏهن الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب “جپان رس” ۾ شامل جپاني ڪھاڻين جي ترجمي کي پڙھجي ٿو تہ، اھي جپاني ادب جي ڏيڍ صديءَ وارن ٽن ادبي دؤرن، جيڪي حڪومتن جي تبديلين سان سڃاڻپ رکن ٿا، جو اولڙو محسوس ٿين ٿيون. ھن ڪتاب ۾ ڪل ست ڪھاڻيون شامل آهن، جن مان ٻہ ڪھاڻيون ”ڪوئي جا ڪم“ ۽ ”عشق جو آزار“ هڪ ئي ليکڪ سائيڪاڪو هارا (1693-1642 - Saikaku Hara) جون لکيل آهن، جيڪي سترهين صديءَ واري جپاني معاشري جون هوندي بھ، اڄ بہ ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ اهي اڄوڪي معاشري، (بشمول سنڌي معاشري) جون ڪھاڻيون هجن، باقي ڪھاڻيون اڻويھين صديءَ جي آخري اڌ ۽ ويھين صديءَ جي شروعاتي پنجن ڏهاڪن دؤران لکيل آهن. ڇاڪاڻ تہ انھن ڪھاڻين جي ليکڪن جي ڄم ۽ موت وارو عرصو پڻ اهو ئي آهي.
ويھين صديءَ جپان جي لاءِ خطرناڪ تباهي آندي، اتي ان ئي صديءَ جپان کي سرد جنگ جو فاتح ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو صنعتي ملڪ پڻ بڻائي ڇڏيو. ھيءُ ملڪ ٻي عالمي جنگ ۾ ائٽمي بمن ذريعي خاڪ ٿيو تہ، ان خاڪ مان ققنس وانگر جيئرو ٿي اٿيو. ھن جنگ جا ھلڪا ھلڪا اشارا پڻ ھنن ڪھاڻين ۾ موجود آھن.
ھي ڪھاڻيون سڌريل ملڪ بڻجڻ کان اڳ واري جپان جي سماجي صورتحال، روين، لاڙن ۽ ثقافتي اھڃاڻن جون نشانيون پڻ آهن. اھي پنھنجي اندر موضوعاتي عالمگيريت رکندي بہ مقامي سطح واري عوامي لھجي ۽ سادگيءَ سبب ڪمونو پاتل جپاني ڇوڪريءَ جھڙيون خوبصورت ۽ وڻندڙ محسوس ٿين ٿيون.
هنن ڪھاڻين جي خوبصورتي ۽ مفھوم ان ڪري بہ ضربجي نہ سگهيو آھي، جو الطاف شيخ صاحب اھي سڌوسنئون جپاني ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آھن ۽ اھي پڙھندڙ کي ان ڪري بہ آسانيءَ سان سمجهہ ۾ ايندڙ آھن، جو الطاف شيخ ھر ڪھاڻيءَ ۾ شامل ڏکين نالن، شھرن يا لفظن ‏۽ محاورن جي تشريح / وضاحت ان جي شروع ٿيڻ کان اڳ ڏيندو ويو آھي. جڏھن تہ هن هر ڪھاڻيڪار جو مختصر پر جامع تعارف ڏيئي، جتي ڪھاڻيءَ کي بامعنيٰ بڻايو آھي، اتي ڪھاڻيءَ جي دؤر کي پڻ واضح ڪيو آهي، جنھن ڪري ڪھاڻيءَ ۾، دؤر جي مناسبت سان پلاٽ، ڪردارنگاري، منظر نگاري، ٻولي، خيال ۽ ان جي ٽريٽمينٽ پڻ پڙھندڙ تي چٽي ٿي بيھي ٿي.
تخليقي ادب، دراصل ڪنھن قوم جي مزاج، تھذيب، تمدن، ثقافت، ريتن رسمن، فڪر ۽ سماجي ترقيءَ جو لفظن جي صورت ۾ اسٽل فوٽوگراف ھئڻ سان گڏ ھڪ دستاويزي فلم پڻ ھوندو آهي.
ھن ڪتاب ۾ شامل جيتوڻيڪ سڀئي ڪھاڻيون پنھنجي ڪيميائي ۽ فزيڪل ترڪيب ۾ تمام سٺيون آھن، پر خاص طور تي ”ٽوڪيو“، ”حان جو ڏوهه“، ”فوڪا گاوا جي گهنڊڻي“، ”ناروتو جو ڪئپٽن“ ۽ ”عشق جو آزار“ پڙھندڙ جي دل ۽ دماغ تي ھڪ ڊگهي عرصي تائين قبضو ڪري ويھڻ واري طاقت رکندڙ آھن. پر انھن سڀني مان بہ جيڪڏھن ھڪ سٺي ڪھاڻيءَ جي چونڊ ڪجي، تہ اھا 47 سال ڄمار ماڻيندڙ جپاني ليکڪا هاياشي فومي ڪو جي ڪھاڻي ”ٽوڪيو“ ئي ٿي سگهندي. هيءَ ڪھاڻي سائبيريا ۾ جنگ وڙھي واپس وريل فوجي سپاھي ”سورو“‏ ۽ جنگ تي ويل سائبيريا ۽ ڇھن سالن گذرڻ کان پوءِ بہ واپس نہ وريل ھڪ ٻئي فوجي سپاهيءَ جي زال ’ريو‘جي حسين تعلق تي لکيل مختصر عشق جي ھڪ طويل اثر ڇڏيندڙ ڪھاڻي آهي. ’سورو‘ سائبيريا کان واپس وريو آھي تہ، سندس زال ڪنھن ٻئي شخص سان کري چڪي آهي، نتيجي ۾ اُھا ھن کان الڳ ٿي ھن کي اڪيلو ڇڏي وڃي ٿي ۽ ’ريو‘ جو مڙس ھن جوان ۽ حسين عورت کي پٺتي ڇڏي ڇھن سالن کان واپس ناھي وريو. ’ريو‘ کي ھڪ ننڍڙو پٽ بھآهي. هوءَ چانھہ کپائيندي ھڪ ڏينھن ’سورو‘ سان اوچتو اچي ملي ٿي ۽ ائين ھڪ ئي معنيٰ واري حادثي جو شڪار ٿيل ھي ٻئي وجود ھڪ ٻئي جي ويجهو اچي وڃن ٿا.
ھڪ ڏينھن ’ريو‘، سندس ننڍڙو پٽ ۽ سندس نئون محبوب ’سورو‘گهمڻ لاءِ پھريون دفعو گڏجي نڪرن ٿا. برسات پئجي وڃي ٿي. رات ٿي وڃي ٿي ۽ ھي مجبور ٿي ھڪ هوٽل ۾ ترسي پون ٿا. ھڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ کان پوءِ هيءَ سندن پھرين رات آهي، جيڪا هو هڪ جاءِ تي گڏ گذاري رھيا آھن. پر هي ٻئي هڪٻئي کان پري ستل آھن. ’سورو‘ ھڪ وقت تي پاڻ تي وس نہ ھلائيندي ’ريو‘ کي ليلائيندي چوي ٿو:
”ريو، ريو، آئون ٿوري دير جي لاءِ تو وٽ اچي، توسان ڪي ڳالھيون ڪري سگهان ٿو...؟“
ريو انڪار ڪندي کيس چوي ٿي:
”نہ سورو، تنھنجو منھنجي ويجهو اچڻ صحيح نٿو لڳي!“
پر جڏھن رات کٽي ٿي تہ ھڪ ڳالھه’ريو‘ کي بيچين ڪري ۽ پڇتاءُ جي احساس ھيٺان کيس چيڀاٽي وجهي ٿي!
ريو دريءَ جي ٻاھران ڏٺو تہ، پرھہ ڦٽيءَ جي ھلڪي هلڪي روشني ظاھر ٿي رھي ھئي. اھو سوچي ھن کي ڏک ٿيو تہ، گڏ گهاريل رات نيٺ گذري وئي! ھڪ خيال کان ھن چاھيو ٿي تہ، سورو سندس چيو (انڪار) مڃي. ايترو جلديءَ ۾ ماٺ ڪري ويھڻ بدران (منھنجي ويجهو اچڻ جي لاءِ) ضد ڪري ھا...
ڪھاڻي جي پڄاڻي ٻن ڏينھن کان پوءِ ’سورو‘ جي، ھڪ پل تي ٽرڪ جي اونڌي ٿيڻ سبب ٿيل موت تي ٿئي ٿي ۽ ڪچڙي محبت/ نسرندڙ محبت ابتدا ۾ ئي مرجھائجي وڃي ٿي. ھن ڪھاڻيءَ جي جيتري ٻولي ۽ سبجيڪٽ سٺو آھي، اوتري ان جي منظرنگاري ‏۽ ڪردارنگاري پڻ ڪمال جي آهي.
”عشق جو آزار“ جيتوڻيڪ سترھين صديءَ جي لکيل ڪھاڻي آھي، پر ان رومانوي ڪھاڻيءَ جو ڪلاسيڪل موضوع اڄ بہ وقت سان ٺھڪندڙ لڳي ٿو.هن ڪھاڻي ۽ ’ٽوڪيو‘ ڪھاڻيءَ جا موضوعاتي پاند ڪٿي ڪٿي پاڻ ۾ ملن ٿا، خاص طور تي ’ٽوڪيو‘ جي ’ريو‘ٴ ۽ ”عشق جو آزار“ جي عورت ڪردار ’اوسان‘ جي زندگيءَ ۾ نئون موڙ پيدا ڪندڙ واقعو، ٻنھي جي مڙسن جو پنھنجن گهرن کان ٻاھر هئڻ آھي. مڙس جي غيرموجودگيءَ ۾ ’اوسان‘ پنھنجي نوڪر کي خوار ڪرڻ جي لاءِ جيڪا ڪوڙڪي اڏي ٿي، ان ‏۾ پاڻ ڦاسي پوي ٿي. ٻنھي جي حادثاتي عشق جي پڄاڻي پڻ ٻنھي جي سرعام ڦاسيءَ واري حادثي تي ٿئي ٿي. هن ڪھاڻيءَ ۾ جپاني معاشري ‏۾ ٻڌمت جي زيراثر ٿيندڙ اجتماعي ھاراڪِري (آپگهات) جي پڻ ھڪ جهلڪ ڏيکاري وئي آھي. تازو جپان مان اھي پڻ خبرون آيون ھيون تہ، اتي جي ماڻھن اھو چئي اجتماعي ھارا ڪري پئي ڪئي تہ، ”ھيءَ دنيا هاڻي رھڻ جي قابل ناھي رھي، اچو تہ اڳئين جھان ھلئون.“
”فوڪارا گاؤ جي گهنڊڻي“ ھڪ ڪنگلي ۽ اديب ٿيڻ جي خواهشمند شخص ۽ هڪ خوشحال پر رنڙ عورت جي نرالي لاڳاپي جي ڪھاڻي آهي. اديب کي دولت گهرجي ٿي ۽ عورت کي مڙس گهرجي ٿو. ٻئي ھڪ ٻئي جي تمام گهڻو ويجهو اچن ٿا. ان وچ ۾ ڪنگلو شخص ھڪ ڊرامي لکڻ کان پوءِ ناليوارو اديب بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪھاڻيءَ جو ڊراپ سين ائين ٿئي ٿو تہ، عورت پنھنجي حيثيت واري ھڪ شخص سان اھو سوچيندي شادي ڪري ڇڏي ٿي تہ، ”اديب سان گڏ جالي سگهڻ ڏکيو آھي.“ اھڙي طرح هن ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪھاڻيون بہ پنھنجي نرالي اسلوب ۽ موضوع جي لحاظ کان دائمي نقش چٽيندڙ آھن.
جپاني بنيادي طور تي فطرت پسند قوم آهي، جنھن جو اڪيلو مثال سندن شاعريءَ جي مضبوط ۽ مقبول صنف ”ھائيڪو“ آھي، جنھن جو بنياد منظرنگاري آهي. اھا قوم اڄ باوجود صنعتي سپر پاور بڻجڻ جي، پنھنجي ادبي ورثي کان الڳ ناهي ٿي ۽ مشينون سندن مزاج مان رومانويت پسندي، حسن جي پوڄا ‏۽ جذبن جي حساسيت کي ڪوري ٻاھر ڪدي ناھن سگهيون. ڪچي مڇي کائيندڙ، گرم شراب پيئندڙ ۽ صبح بدران رات جو وھنجندڙ اھا قوم، Humans Settlement ۾ ڀل باقي دنيا کان مختلف ھجي، پر مجموعي انساني احساسن، روين ۽ قدرن ڏانھن سندن اھائي ڇڪ ۽ خيال آھي، جيڪو ٻين جو ٿي سگهي ٿو.
مون کي رشڪ ايندو آھي، انھن تي ڪيترو،
جيڪي بي نيازيءَ مان پڇنديون آھن:
اھو ڪنھن جو ور آھي؟
جو وڃي رھيو آھي سرحدن جي حفاظت جي لاءِ،
فڪر ئي ناھي جنھن کي ڪو.
(ساڪيموري نومي)
ڀٽائيءَ چيو أھي:
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونھان،
تہ پڻ لڄ مران ، جي ھونس پٺ ۾.
ٻنھي شاعرن جي خيال جي مرڪزي معنيٰ ساڳي بيھي ٿي.
اھڙيءَ طرح هن ڪتاب ‏۾ شامل ڪھاڻيون جپان جون ھوندي بھ، سنڌي معاشري واري صوفيءَ جي تن تي اوڍيل رنگبرنگي رلي جون ڪي چتيون ضرور آهن.
ٻئي طرف جديد سنڌي ڪھاڻي جيتوڻيڪ پنھنجي موضوع توڙي ٽريٽمينٽ ۾ ھنن جپاني ڪھاڻين کان مڪمل طور تي مختلف آھي، پر ان جي باوجود بہ ھي ڪھاڻيون سنڌي پڙھندڙ ۽ خاص طور تي نوجوان سنڌي ڪھاڻيڪارن جي اڳيان ھڪ ٻئي ديس جي ادب جي حيثيت ۾ ھڪ آئيڊيا جي حيثيت رکن ٿيون ۽ ھنن ڪھاڻين جي پڙھڻ سان سندن دماغ جي ھڪ ڪنڊ ضرور روشن ٿيندي. هن موقعي تي محترم الطاف شيخ صاحب کان اھا اميد پڻ ڪري سگهجي ٿي تہ، هو 20ھين صدي جي آخري 50 سالن دؤران لکيل جديد جپاني ڪھاڻيون پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب جي سينگار ۾ هن ڪتاب جيان نکار آڻيندو.


انور ابڙو
25 فيبروري 1999ع
ڪراچي

پيار جو پانڌيئڙو - الطاف

ساوڻ جا ڪڪر ڏاڍا تيز ڊوڙندا آھن. هوا جي ھڪ جھوٽي سان ڪٿي جو ڪٿي پھچي ويندا آھن. پل ۾ ڇانو ۽ پل ۾ اُس جو هيءُ کيل ٿيندو تہ ڏاڍو وڻندڙ آهي، پر ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آهيانتہ آخر ڪڪرن جو ڪھڙو ڏيھہ آھي؟ ڪھڙي منزل، ڪھڙو ماڳ اٿن؟ ڪنھن جي ڳولا، ڪنھن جي ڳڻڳوت سندن وجود ۾ واسيل آھي؟ ڪٿان ايندا آھن اھي ڀُورا ناسي بادل؟ ۽ ڪيڏانھن ويندا آهن، اھي اجنبي؟

پرھہ جي پياڪن جيان
اوپرن اڌورن خوابن جيان
راتين جي رولاڪن جيان
اڪيلا - وياڪل - ويڳاڻا!
سمنڊ جي ھن پار ڪو تہ سندن ديس ھوندو.

سمنڊ جو خود اٿاھہ ‏۽ عميق آهي. جنھن جو وجود صدين کان سڪايل روحن جيان سڏڪندو پئي رهيو آھي. جنھن جون لھرون تقدير جو هر حرف مٽائڻ لاءِ آتيون آھن. جنھن جون ويرون چانڊاڻ جي مانڊاڻ خاطر آڌيءَ رات جو وار کولي ڪنارن ڏانھن ڊوڙنديون آهن.
جنھن جا ڪن مورڙئي جي مھت جا زندھہ مثال آھن ‏۽ جنھن جا ساحل مومل جي ميار ڀري نھار جي علامت آهن.
سمنڊ، متارن جو ساھہ پساهه، موکيء جي محبت جو تاج محل، وڻجارن جي زندگي ۽ ملاحن جي بندگي آهي.
سمنڊ، آسن، اميدن، امنگن ۽ اڌمن جي سرزمين آهي، جنھن ۾ آشا ۽ نراشا جا فصل اسرندا آھن. ٽھڪن ۽ چھڪن جا گوؤنچ ڦٽندا آھن. پيار ۽ نفرت جون ڪھاڻيون جنم وٺنديون آهن. وھم، وسوسن، خوف ‏۽ خود فريبي جا غوراب، بي يقيني جي ڌنڌ ۾، پاڇولن جيان تڙپندڙ لھرنجي سيني تي ترندا آھن. سڙھہ هوا جي ھوڪار آڏو سينو چيري ڇڏيندا آھن. تختا ڇولين جي ڇر ۾ وڇڙي وکڙي ويندا آھن. ناکئا انڌوڪار ۾ دور، گهڻو دور وڇڙيل ونين کي آخري بار ياد ڪندا آھن. سندن سڊول جسم ۽ آسائتين اکين کي سڪرات جي سڏڪي ۾ سموئڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ پوءِ جز ڪل ۾ شامل ٿي ويندو آھي. ڪا اوچي لھر کين پاڻيءَ جو ڪفن پھرائي ڇڏيندي آھي. ۽ پوءِ اوندھہ انڌوڪار ڇائنجي ويندو آھي. گهرو، اٿاهه، بي انت انڌيارو، جنھن تائين ونيءَ جي ٻاريل ڏيئي جي روشني ڪڏھن بہ پھچي نہ سگهندي آھي. سندن آھنُ جيان._

سمنڊ سان انسان جا سوين سڱ آھن.
پيار جا، ڌڪار جا. محبت جون ميخون آھن.
درد جا رشتا آھن ۽ شايد اھوئي سبب آھي :
جو ازل کان آدمي ساگر جو سڪايل آھي.

مَڇَ جي موجودگيءَ جو احساس بہ کيس پنھنجي جاکوڙ کان روڪي نہ سگهيو آھي.
ڪا اھڙي ڪشش آھي اونھي، گھري، نيري پاڻيءَ ۾ جا ماڻھوءَ کي سک سمھڻ نٿي ڏئي.
ماءُ جي مامتا جيان ٻئي ٻانھون ڦھلائي پاڻ ڏانھن سڏي ٿي. پاٻوھہ مان پڪاري ٿي. وڇوڙي ۾ ورلاپي ٿي.
۽ پوءِ جيئن پتنگ پچڻ جو پھہ ڪري مچ مٿان مڙندا آھن، ائين وڻجارا ھوڪاريندا، ھوڪرا ڪندا، ٿڙندا، ٿاٻڙندا، رڙھندا، رھڙجندا اونھي ۾ اوھرڻ لاءِ اچي ڳاهٽ ٿيندا آھن.
سڪ جو سڏ اونائڻ تہ ڪو ورھہ وارن کان سکي. الطاف کي مون هميشہ اونھاري جي ڪڪر وانگر پسيو آهي. وڻجاري جي روپ ۾ ڏٺو آھي.

کن ۾ آھي، کن ۾ ناھي.
پل ۾ کلائي، پل ۾ رئاڙي.

جا گهڙي ويھندو، آکاڻين جو شھر آباد ٿي ويندو. ٻئي لمحي سندس ئي سڻائل ڪھاڻين جي ڪاڪ اداس ۽ ويران نظر ايندي.
ناکئو آهي. سمنڊ سندس ساڻيھہ آهي. ان ڪري تانگھہ بہ اتان جي ئي هوندي اٿس.
ملاح آهي. موجن جو متوالو آهي. ڇَرَ ريءَ پاڻ کي ڇورو ڀائيندو آھي.

سُکاڻي آهي. پاڻي سان پريت جا پيچ اٿس. جَرَکانسواءِ جي نہ سگهندو.

سيلاني آهي. ملڪ ملڪ جو سير ڪندو آهي. ڀانت ڀانت جا ماڻھو ڏسندو آهي. من جي آئيني ۾ سندن عڪس سنڀالي رکندو آهي ۽ پوءِ جڏهن قلم کڻندو آهي، تڏهن ملاح مان مصور ٿي پوندو آهي. تخيل جي تھہ تائين ڀڄندو آهي تہ تخليق جي دنيا جو بي تاج بادشاھ بنجي ويھندو آھي. سندس سڀ ڪردار هڪ هڪ ٿي اسٽيج تي ايندا آهن. پنھنجا مڪالما دھرائيندا آهن ۽ پوءِ ايندڙ سين تائين پردن پويان هليا ويندا آهن. اهي ڪردار هر قسم جا آهن. جهاز تي ڪم ڪندڙ خلاصي، صفائي ڪندڙ جمادار، خدمتگار ڇوڪرا، بورچي، مستري، ڪناري تي رهندڙ مقامي ماڻھو، دڪاندار، وئيشائون، دلال، لوڀي، ٺوڳي، پوڙها، جوان، ٻار، جوانڙيون ۽ انيڪ ٻيا ننڍا وڏا اهڙا ڪردار جيڪي اسان کي هر روز، ھزارن جي تعداد ۾ رستي تي، بسن ۾، آفيسن ۾، سئنيما ٻاهران بازارن ۾ ملندا آهن، پر اسان پنھنجو پاڻ ۾ ايترو تہ الجهيل هوندا آهيون جو اکين هوندي بہ کين ڏسي نہ سگهندا آهيون.
الطاف ۾ مون اها خوبي ڏٺي آهي تہ جتي بہ ڪو اوپرو ماڻھو ڏٺائين، بنان هٻڪ پڇندو:
”اهو جيڪو پريان نيري سوٽ ۾ بيٺو آهي، تنھنجو نالو ڇا آهي؟“
”ڇا ڪندو آهي؟“
”ڪٿان جو آهي؟“
”ذات جو ڪير آهي؟“ وغيره وغيره.

جڏهن سموري معلومات حاصل ڪري ورتائين تڏهن وڃي پاسو وٺندو ان ماڻھوءَ جو.
باقي رھيل کھيل خبرچار وڃي وٺندو خود مالڪ کان. چند منٽن ۾ اھڙو کير کنڊ ٿي ويندا جهڙوڪر سالن جا واقف ھجن. پنھنجي بنديءَ ۾ نالو ائڊريس، فون نمبر ۽ ٻي ضروري ڄاڻ لکي محفوظ ڪري ڇڏيندو. وڏا تہ ڇڏيو پر ٻارن جا نالا بہ ياد ڪندو ويندو. سندن عمر، ڄم جي تاريخ، ڪلاس ۾ مشغلا سڀڪجهہ طوطي وانگر رٽي ڇڏيندو.
مون کي پنھنجي ٻارن جي متعلق ايتري ڄاڻ ڪانھي جيتري الطاف کي آهي. ڪٿي بہ ھوندو، فون ڪندو ۽ پڇندو:
”راجا ڪيئن آهي؟ فوٽو موڪليا هئم، مليس؟“
يا وري جيئن ڪالھہ پڇيائين:
”فون ڪھڙي ٻار کنئي هئي؟“
چيم: پنڪيء.
چيائين: جيڪا راجا کان ٿوري وڏي آھي؟
چيم: ھا.
چيائين: اڇا! مان بہ چوان تہ راجا جو آواز تہ ناھي.
ھونءَ بہ الطاف عجيب طبيعت جو سنڌي آھي، نہ سنڌين واري روايتي ڊيگھہ پٽار، نہ سستي، نہ ڪم چوري، نہ ڏيکاء بازي ‏ نہ وري ھروڀرو جي لٻاڙ. ايندو بہ طوفان وانگر ۽ ويندو بہ ڇوھي جيان. هڪ ھڪ گهڙيءَ کي مروڙي سروڙي، نچوڙي جھڙيءَ طرح الطاف ماڻيو آھي، شايد ئي ڪنھن ٻئي سنڌي اديب ائين ڪيو هجي. سمنڊ ۾، دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ ھوندو تہ ويٺو خاموشيءَ سان لکندو. جي لکينہ سگهندو تہ مواد جمع ڪندو ويندو. جي اھو بہ نہ ڪري سگهندو تہ فوٽ پاٿ تان مفت جا ڪتاب ميڙي اچي جھاز ۾ مطالعو ڪندو. اھي ڪتاب بعد ۾ ملڪ موٽڻ تي، گاڏي ڀري، ھرھڪ دوست جو در کڙڪائي، تحفي طور ورھائيندو ويندو.
ماڻھو پاڻيءَ جي جھاز جو آھي، پر رفتار ھميشھ ھوائي جھاز جي رکندو آھي. مليو نہ ملئي جھڙو. ٻہ اکر بہ پورا نہ ڳالھائيندو. پتو تڏھن پوندو جڏھن گاڏي اسٽارٽ ڪيائين ۽ اھو ٿو وڃي. وقت چوي تہ آئون بادشاهه. پر الطاف چوي تہ آئون شھنشاهه. بادشاھن ۽ شھنشاھن جي ان ويڙھاند ۾ اسان فقيرن جو ڇا؟
تڪڙ بہ ڪا تڪڙ ٿيندي آهي. ھروڀرو اھڙي تڪڙ بہ ڪھڙي ڪم جي. هيتري ٿوري عرصي ۾ ويھہ ڪتاب نہ رڳو لکيا اٿائين، پر ڇپايا بہ اٿائين. جيڪڏھن جان جو امان ملي تہ مان تہ جيڪر هينءَ چوان تہ الطاف هي واحد اھڙو ليکڪ آھي جيڪو سفر تي وڃڻ کان اڳ سفرنامون لکي وٺندو آھي ۽ پڙھندڙ ان کي ڇپجڻ کان اڳ پڙھي وٺندا آھن. سندس مقبوليت جو حال اھو آھي جو ھر عمر جا ٻار ۽ ٻڍا، عورتون ۽ مرد سندس شيدائي آھن. هيڏانھن ڪتاب آيو ناھي ۽ ھوڏانھن وڪاميو ناھي. مون کي تہ شڪ آهي تہ خود الطاف کي بہ پنھنجي مقبوليت جو پورو احساس ناھي. ورنہ هو اديباڻي وصفن کان بلڪل خالي نہ ھجي ھا.
اسان وٽ اديب ٿيڻ لاءِ جيڪي معيار مقرر آھن، الطاف انھن مان ھڪ تي بہ پورو نٿو اچي. نہ تہ هن جا وار پريشان آھن (ان جو ھڪ سبب اھو بہ ٿي سگهي ٿو تہ کيس وار آھن ئي ڪونہ تہ پريشان وري ڪٿان ٿيندا).
نہ وري ھو ڪنگلو آھي.
نہ پنھنجي شان ‏۾ ادبي گڏجاڻيون ڪرائڻ جو شوق اٿس.
نہ فوٽو ڪڍائي اخبارن ‏۾ ڇپائيندو آھي.
هڪڙو فوٽو ورديءَ وارو شروع شروع ۾ ڪمپنيءَ وارن ڪڍايو ھوس. اڃا تائين ان تي گذارو پيو ڪري.
جنھن ٻوليءَ ۾ ھڪ افسانو يا ھڪ شعر ھڪ ڊرامو لکڻ وارا اديب ھميشھ لاءِ سرٽيفڪيٽ يافتہ اديب ٿي ويندا آھن، اتي ويھہ ڪتابن جو خالق ‏۽ مالڪ محفلن ۾ ائين وڃايل گهمندو آھي، ڄڻ ڪو اجنبي آهي.
مون کي خبر آھي تہ سندس مداحن جو تعداد تمام گهڻو آھي. خاص ڪري نئينءَ ٽھيءَ جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سندس تعريف مان ڍاپندائي ڪونھن. آٽوگراف لاءِ حيران ۽ پريشان ھوندا آھن ۽ اھڙن موقعن تي الطاف دوستن کي رڻ ۾ رلائي ڪڪين جي جھرمٽ ۾ ‏ صرف ان لاءِ شامل ٿي ويندو آھي تہ ڪٿي سندن دل شڪني نہ ٿئي.
اھڙا موقعا سندس گهر واريءَ لاءِ نھايت صبر آزما ھوندا، پر مون کي اھا بہ ڄاڻ آھي تہ الطاف جي گهرو زندگي ھرقسم جي اسڪئنڊلن کان پاڪ آھي. ھڪ نھايت ئي سلڇڻي، سوڀياوان گهر واري اٿس. ٻہ گلڙن جھڙيون نياڻيون اٿس. هڪ خوبصورت سھڻو سجايل گهر اٿس، جنھن جو نالو رکيو اٿائين ”پيٽارو ھائوس“. پيٽارو سان عقيدت جو اھو عمدو مثال ان ڪري قائم ڪيو اٿس جو اتي تعليم حاصل ڪرڻ کان سواءِ شعور بہ اتان ئي مليس.
اھڙي جنت جھڙي ماحول ‏۾ اسڪئنڊل جو گذر ڪيئن ممڪن آھي. هونءَ بہ هو پنھنجا اسڪئنڊل (ٻار ٻچا) گهڻو ڪري جھاز تي ساڻ کڻي گهمندو آھي.
لکڻ سندس عادت آھي. ھروڀرو عالماڻي تحرير يا گلڪاريء واري لکڻي ڪونہ لکندو آھي. سولي سنڌي جيڪا روزمره پاڻ ۾ ڳالھائيندا آھيون، سا نھايت ئي غلط صورتخطيءَ ۾ لکي پبلشرن جي مٿي ۾ اڇلي ڇڏيندو آهي. اڳتي اھي ڄاڻن ۽ سندن ڪرم. خط لکڻ جو مڙس ماڻھو آھي. سمنڊ تہ ڇا واڳونءَ جي وات ۾ ھوندو تہ بہ خط لکڻ کان ڪونہ گسندو. فوٽو ۽ ڪئسيٽون ورهائڻ جو شوق جنون کان بہ مٿي، کنڌا کڻائڻ جي حد تائين پھچي ويو اٿس.‏
ھڪ دفعي خبر پيس تہ مان ”مڊ ايسٽ اسپتال“ ۾ داخل آهيان.‏ شام جو ٽيپ رڪارڊر ڪئسيٽون، ڪتابن جو ڍير، بسڪٽ، جام، جيلي ۽ پاڻ حاضر ٿي ويو.
چيم: هي ڇا؟
چيائين: دل بھلائڻ جو سامان.
چيم: پر مان تہ اڄ گهر ٿو وڃان.
چيائين: دل تہ گهر ۾ بہ ساڻ هوندئي نہ؟
کائڻ جي شين جا نالا ورتا اٿم تہ هتي اهو ذڪر بہ ڪندو هلان تہ الطاف بورچي ڏاڍو سٺو آھي. هر قسم جا ديسي ۽ ولائتي کاڌا ڏاڍي مھارت سان تيار ڪري وٺندو آهي. ان خوبيءَ سبب سندس رڌڻي ۾ ڪڏهن بہ رولو ڪونہ پيو آهي.
سفرناما سنڌي ادب ۾ نہ ھئڻ جي برابر آهي. ائين ڪونھي تہ سنڌي سفر گهٽ ٿا ڪن. پر ان صنف ڏانھن ڌيان تمام گهٽ ڏنو ويو آھي. ھونءَ بہ سفرنامو لکڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ ناھي. مون پنھنجي سر چڱي دنيا جھاڳي آھي. پر هر دفعي فرمائشن جي لسٽ پاڻ سان گڏ کڻي نڪرندو آهيان ۽ موٽندي پنھنجن پراون جي سامان جو بار ڪلھن تي کڻي واپس پھچندو آهيان.گهڻوئي سوچيم تہ شيڪسپيئر جي قبر تي ويھي ڪو شعر لکان يا آئيفل ٽاور تي چڙھي ڪو افسانو لکان يا وري جينيوا جي جوانڙين تي ڪو ڊرامو لکان. ٻيو ڪجهہ نہ تہ ٺھيو ڀلا روانگي ۽ موٽ جو اکين ڏٺو احوال ئي کڻي لکان پر ٻاھر وڃڻ کان پوءِ تہ گهر خط لکڻ لاءِ بہ دل گهرجي. اھي الطاف جا جگر جو ذري پرزي جو احوال لکي وڃي ٿو مٿي چڙھي. ۽ احوال بہ اھڙو جو ڄڻ تہ ماڻھو خود اتي موجود آھي. پھريون تہ پس منظر بيان ڪندو. پوءِ ڪردارن سان واقفيت ڪرائيندو ۽ پوءِ ڪھاڻي ٻڌائيندو. پر ائين جو ڄڻ تہ ڪنھن ٻار کي ھٿ کان جهلي ھلڻ سيکاريندو ھجي. رستي ۾ آکاڻيون، ٽوٽڪا، چرچا، چوڻيون، پھاڪا ۽ واقعا بہ ٻڌائيندو ھلندو. کلندو بہ هلندو. کلائيندو بہ ھلندو. تان جو سفر پورو ٿي ويندو. خبر ئي نہ پوندي تہ ڪتاب جي پڄاڻي ڪيئن ٿي. ھڪ اڃ رھجي ويندي تہ جيڪر اڃا بہ ڪجهہ وڌيڪ ھجي ھا.
ايتري سھڻي پيرائي ۾ ايتري ساري معلومات ڏيڻ صرف الطاف جو ئي فن آھي. هو نہ تہ لفظن جو پارک آهي نہ جملن جو جوھري.نہ ڊکاڻڪي ڄاڻي نہ لوھارڪي. سنئين راند سونٽي جي. کٽيون مٺيون ڳالھيون جيئن من ۾ اينديون ويندس، ائين ئي ٻڌائيندو ويندو. ھڪ ڳالھہ جيڪا مون محسوس ڪئي آهي ۽ شايد ٻين بہ محسوس ڪئي ھجي، سا هيءَ تہ ذاتي زندگيءَ ۾ هو ايترو تہ حجاب وارو ۽ لڄارو آھي جو اھي سموريون ڳالھيون جيڪي هو لکي وڃي ٿو، سي جيڪر پنھنجي زبان سان چئي نہ سگهي. ڌيئن جھڙو پٽ آھي، ۽ ڌيئون بہ اھڙيون جن کي ست ڪوٽ وڪوڙيل ھجن.
بھرحال، هن جي خوشبختي اھا آھي جو هن کي لکڻ لاءِ ماحول اڳواٽ ئي مليل آهي. ويڪرو، ڪشادو، اونھو ۽ پراسرار سمنڊ ان جي سيني تي هلندڙ ھزارين ٽن وزني جھاز ۽ جھاز ۾ سوار خلاصي ان کان پوءِ ڏورانھن ڏينھن جا ڪنارا. ڪناري تي مکين جيان مڙيل لانچون، ٽرالر ۽ ڌارين ملڪن جا جھاز، انھن جو عملو ‏۽ آخر ۾ خود پرڏيھہ جا بندر ۽ بازاريون.
ان پس منظر کي سامھون رکي هو لکندو رھي ٿو. ٻئي ليکڪ کي هر وار جيڪر پنھنجو ماحول پيدا ڪرڻو پوي. پڙھندڙن کي هر دفعي پنھنجي اعتماد ‏۾ وٺڻو پوي. ۽ ڪنھن بہ ليکڪ لاءِ اھا ڪا آسان ڳالھہ ناھي.
ڇا بہ ھجي، الطاف سان انصاف ڪرڻ خاطر هن جي صلاحيتن کي مڃڻو ئي پوندو.
هن اڪيلي سر سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي نہ صرف کوٽ پوري کئي آهي پر اوچو ڳاٽ ڪرڻ جي ھمت پڻ ڏني آھي. الطاف جي لکڻين مان ھڪ ٻي خوبي جا پڙھندڙ کي خوشبو جيان ڀاسي ٿي سا آهي سندس سنڌ ‏۽ سنڌ واسين لاءِ پيار. ۽ انھن سنڌين لاءِ اڪير جي ڪنھن نہ ڪنھن سبب وطن کان دور پرڏيھہ ۾ آباد آهن. مون ان ڳالھہ کي شدت سان محسوس ڪيو آھي تہ الطاف جنھن بہ ملڪ ۾ ويو آهي، اتي ڳولي ڦولي ”پنھنجا“ ھٿ ضرور ڪيا اٿس. انھن سان ڪچھريون ڪيون اٿس. حال اوريا اٿس. خيالن جي ڏي وٺ ڪئي اٿس.
اھڙيء طرح هو ديس وارن ۾ ديس کان دور آباد سنڌين جي وچ ۾ ھڪ اهم تعلق بنجي پيو آھي. سريلنڪا ھجي يا سنگاپور، هانگ ڪانگ هجي يا هوائي، لنڊن ھجي يا ٽوڪيو، هو هر ھنڌ پنھنجا جھانگيئڙا ڳوليندو نظر ايندو.
ھو ماضيءَ ۽ مستقبل جي وچ ۾ هڪ مضبوط ڏور آھي. هو آٿت ۽ دلداريءَ جي علامت آھي. هن جو تاريخ ۾ نہ رڳو ڀروسو آھي بلڪ ايمان آھي.‏ هو رشتن جو راءِ ڏياچ آھي. ھن کي ڄاڻ آھي ته’بڻ‘ (Roots) وقت، زمين ۽ حالتن جا محتاج نہ هوندا آھن. انھن کي ڳولي لھجي. کين هن گوڙ گهمسان ۽ پيھہ واري زماني ‏۾ وڃائجڻ نہ ڏجي.
الطاف کي جپاني قوم ڏاڍو متاثر ڪيو ٿو ڏسجي. منھنجي گهر ۾ سندس ھٿ جي جوڙيل ھڪ تصوير آهي جنھن ۾ ھڪ جپاني ڇوڪري چٽيل آھي. ھيءُ ڪتاب پڻ جپان متعلق آهي. هن کان اڳ ٻہ ڪتاب ساڳي ئي ملڪ تي ڇپائي چڪو آھي.
جپانين جي سادگي، اورچائي، محبت ۽ خلوص الطاف جي دل ۾ گهر ڪري وئي آهي. ھو چاھي ٿو تہ سنڌي قوم پڻ اھي وصفون پيدا ڪري تہ جيئن پنھنجي لاءِ ٻيھر ڪو بھتر مقام پيدا ڪري سگهي.
ٿوري ئي عرصي ۾ جپاني ٻوليءَ تي ايڏو عبور ۽ جپاني ادب جي ايتري ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ الطاف کي چڱي جاکوڙ ڪرڻي پئي ھوندي.
ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون، انھن تي ڏنل راءِ، تاريخون، سن ۽ تبصرا سندس اونھي اڀياس جي ساک هڪ طرف ڏين ٿا ۽ سندس پيار جي پورھڻي جي شاھدي ٻئي طرف ڏين ٿا.

ان کان سواءِ جپاني ادب سان روشناس ڪرائي ھن سنڌي ادب ۾ ھڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آھي. اميد تہ ايندڙ ۽ اڀرندڙ ليکڪ ان محنت کي اجايو وڃڻ نہ ڏيندا. ۽ ھاڻي، جڏھن منھنجي فلائيٽ جو ٽائيم ٿي ويو آهي. ايئرپورٽ پھچڻو اٿم. سامان سنڀاليان ٿو. ڪٿي فرمائشن جي لسٽ وسري تہ نہ وئي اٿم.
۽ مھيني ڏيڍ کان پوءِ جڏھن مان واپس ورندس تڏھن ڪنھن سفرنامي بجاءِ، ھميشھ جيان سامان مان ٻارن جا ڪپڙا، رانديڪا ۽ ڪاسميٽڪس نڪرندا. ڪاش مان هي پنھنجو سفر بہ الطاف کي ڏئي سگهان ھا. سنڌي ٻوليءَ کي ھڪ وڌيڪ ڪتاب ملي پوي ھا.

قمر شھباز
21جولاءِ 1982ع
ڪراچي

(دل جي آپريشن Heart Surgery لاءِ لنڊن روانو ٿيڻ کان ٿوري دير اڳ ڪراچي مان لکيل).

جپاني ادب سان منھنجو واسطو

اڄ کان اٽڪل اٺ ڏھہ سال اڳ، 1976ع ڌاري جي ڳالھہ آھي. اسين ڊئنمارڪ جي شھر آروس ۾ ھئاسين. اتي پندرھن ويھهڏينھن کن رھڻ بعد، جھاز کي اڃا بہ مٿي، اتر قطبي ملڪ ناروي ڏي وٺي وڃڻو ھو.
باوجود خبردار ھجڻ جي ھن دفعي غلطي ٿي وئي جو ڪراچيءَ کان ئي پڙھڻ لاءِ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب کنيو هوم. رستي تي اسپين جي بندرگاهه”سوٽا“ (Ceuta) ۾ ترسڻ ٿيو هو ۽ اتي ٿي سگهي ٿو تہ ڪي انگريزي زبان جا ڪتاب ملي وڃن ھا، پر مون اھو سوچي وٺڻ جو ارادو لاھي ڇڏيو تہ جيئن تہ جھاز جو ٻيو بندرگاھہ لنڊن آھي، سو اتان وٺندس. پر Bay of Biscay سمنڊ تي پھتاسين تہ آفيس طرفان نياپو مليو تہ لنڊن جيئن تہ ھاڻ ڪمپنيءَ جو ٻيو ڪو جھاز وڃي رھيو آھي، سو اسان اوڏانھن وڃڻ بدران ڊئنمارڪ ۽ ناروي ھليا وڃون. ان بعد ڪئناڊا ۽ آمريڪا جو رخ ڪريون. ڊئنمارڪ ۾ جيتوڻيڪ سندن ٻولي ڊئنش ڳالھائي وڃي ٿي، پر وري بہ ڳولڻ سان ڪنھن ھڪ اڌ دڪان ۾ ڪجھه انگريزي ڪتاب ضرور مليو وڃن.
ڊئنمارڪ ۾ سموري رھائش دوران اسان جھاز جي انجڻ، خاص ڪري جنريٽرن ۽ ’ھيٽنگ سسٽم‘ پٺيان ايڏو تہ مشغول رھياسين جو ھڪ ڏينھن بہ واندڪائي نہ ملي سگهي جو کڻي ڪتاب وٺجن. شام جو شھر ۾ نڪرڻ مھل رڳو ھوٽلون، ڪلب، سئنيما ھال ۽ ٿئيٽر کليل ملندا ھئا. نتيجي ۾ جڏھن ڊئنمارڪ ڇڏي ناروي پھتاسين تہ ھڪ تہ اتي ڪم جو بار صفا نہ رھيو ۽ ٻيو وري روز برف باري ٿيڻ ڪري هفتو ٿي ويو پر جھاز جو سامان ھڪ ٽن بہ نہ لٿو. (جيتوڻيڪ يڪ ساھي ڪم هلي ھا تہ ٻہ ڏينھن بہ کوڙ ھئا) سو سڄو ڏينھن جيل جي اي ڪلاس قيدين وانگر ويٺا هئاسين، فرق فقط اھو ھو تہ اسان وٽ پڙھڻ لاءِ ڪجھه بہ نہ ھو.
ٿورا گهڻا جيڪي اڙدو، سنڌي ۽ انگريزيء جا ڪتاب ۽ رسالا ھئا سي تہ ڪڏھوڪو ختم ٿي ويا ھئا. هاڻ برفباري ۽ سخت سيءَ ۾ سڄو سڄو ڏينھن ڪمري ۾ ويھي ڇا ڪجي! ڪتاب پڙھڻ جي ٻاڙ بہ سمجهان ٿو تہ سگريٽ ٻيڙيءَ جي ٻاڙ جيان ماڻھوءَ کي بي چين ڪريو ڇڏي. سو ناروي ملڪ جي ان ننڍڙي شھر جا سڀ دڪان پڇايم پر ڪنھن تي بہ ڪو انگريزي ڪتاب نہ مليو - سڀ نارويجن زبان جا يا گهڻو ڇيھه تہ ڪجھه ڊئنش ۽ سويڊش ٻولين جا ڪتاب مليا ٿي- جيڪي ٻوليون ھنن جي پاڙيسري ملڪن ۾ ڳالھايون وڃن ٿيون.آخر خبر پيئي تہ ھن ڳوٺ ۾ ٻہ کن لائبرريون آھن جتي ڪيترائي ڪتاب رکيل آھن. ناروي جو ملڪ دنيا جي بلڪل اتر ۾ مٿئين پڇڙيءَ تي آهي، تنھن جو وري ھي شھر تہ ان جي بہ اتر ۾ جتان اتر قطب تارو ذري گهٽ مٿي مٿان، وچ آسمان ۾ سڄي رات نظر ايندو ھو. ايتريقدر جو انھن ڏينھن ۾ ساڍا ٻاويھه ڪلاڪ کن اوندھہ يعني رات رھندي ھئي ۽ ڪلاڪ ڏيڍ ڏينھن ڪو مس ٿيندو ھو. پر زندگيءَ جو ڪاروبار - بازاريون، آفيسون، دڪان، اسڪول سڀ نارمل حالتن ‏۾ ڪلاڪن جي حساب سان ھلندا رھيا ٿي ۽ اتي جي ماڻھن لاءِ تہ نارمل ڳالھه ھئي، پر اسان کي ٻاهر نڪرڻ مھل سيءُ ۽ اوندھہ ڪري، نفسياتي طرح رات جو احساس وڪوڙي ويندو ھو. ان ھوندي بہ ڳولي ڳولي اھي ٻئي لائبرريون ھٿ ڪيم. ڪتاب واقعي انھن ۾ کوڙ رکيا ھئا. پر اسان لاءِ سڀ گرمکي هئا - جو نارويجن ٻوليءَ ۾ ھجڻ ڪري اسان تہ پڙھي نٿي سگهياسين.
مٿئين لئبرريءَ ۾ ھڪ ھمراھ مليو جنھن ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ ڏس ڏنو تہ ھتي ھڪ ’سي - مينس – ڪلب‘ آھي، ان کي آزمايو وڃي. گس واٽون پڇائي ان کي بہ ڳولي اچي لڌم. ڪلب جي پوڙھي انچارج چيو تہ ڪتابن وارو ڪمرو ھن وقت بند آھي. چاٻي جنھن ھمراھ وٽ آھي سو ڪلاڪ ٻن بعد ايندو، ڪجھه دير انتظار ڪريو. آئون ان ڪمري جي دروازي ۾ منھن وجھي، سامھون ڪرسيءَ تي ٿي ويٺس، جنھن ڪمري ۾ ڪتاب ھئا. منجھند جو ٻي بجي ڌاري، يعني وقت جي حساب سان، باقي سج جو نالو نشان بہ نہ هو، ھمراھہ موٽي آيو ۽ ھن ڪمرو کولي ڏنو. ڍير نون ۽ پراڻن نارويجي زبان جي ڪتابن مان فقط ھڪ انگريزيءَ جو ناول:
“The Sailor Who Fell From Grace With Sea!”
نالي ملي ويو جنھن جو ليکڪ هو جپان جو مشھور ناول نويس ۽ ڊرامھ نويس مشيما يوڪيو.
نہ کان ڪجھه تہ ڀلو. ڪتاب آمريڪا جو ڇپيل هو پر ترجمو هو جپاني ناول جو. هن کان اڳ مون ڪو جپاني ناول، ڪھاڻي يا افسانو نہ پڙهيو هو، ۽ ٻين اديب دوستن وانگر اسان لاءِ غير ملڪي ادب معنا: شيڪسپيئر، اسڪروائلڊ، البرٽو موراويو، هيمنگوي، ملٽن، ڪيٽس، بائرن، ڊڪٽس، بالزڪ، ٺئڪري ۽ وڏو ڇيھہ تہ چيخوف، ٽالسٽاء، گوگول ۽ هاڻي سولزنتسن وغيره وغيره- يعني انگلينڊ ۽ آسپاس جا ٻہ چار يورپي ملڪ .
اھو لکڻ مان منھنجي ڪا مراد مٿين اديبن ۽ شاعرن جي ڪا اھميت گهٽائڻ ناھي، پر لکڻ جو اھو مقصد آھي تہ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بہ _ خاص ڪري جپان ۾ بہ انھن جھڙا وڏا ليکڪ ۽ شاعر پيا آھن، جن کي پڙھڻ ۽ سمجهڻ بہ اسان لاءِ ايترو ئي اھم آھي ۽ ھي منھنجو ڪتاب بہ ان کي واضح ڪرڻ جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آھي.
مٿئين جپاني ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڙھڻ کان اڳ، منھنجو بہ ٻين ڪيترن ئي وانگر اھو ئي خيال هو تہ جپان فقط مشينري ۽ ٽيڪنالاجيء جو نالو آھي. جنھن جا ماڻھو فقط ٽي وي، ٽرانسسٽر ۽ ٽرينن کان علاوه ڪمپيوٽر، ڪارون ۽ ڪئميرائون ٺاھي سگهن ٿا ۽ ھنن جو ادب سان تہ ڪو پري جو بہ واسطو نہ آھي. جيتوڻيڪ جپان ‏۾ جڏھن بہ زمين دوز گاڏين يا بسن ۾ سفر ڪندو ھوس تہ اھو ڏسي تعجب لڳندو هو تہ سفر ڪندڙ جپاني يا تہ اکيون پوريو آرام پيا ڪن يا وري ننڍو وڏو، عورت مرد ڪونہ ڪو جپاني ناول کڻي وڏي چاھہ سان پيو پڙھي.
کانئن اھو پڇڻ جو سوچيندي سوچيندي ارادو لاھي ڇڏيندو ھوس تہ کانئن جپاني ادب بابت ڇا پڇي ڪندس.پڪ مشينريءَ سان واسطو رکندڙ ماڻھن جو ادب اھڙو ڪو متاثر ڪرڻ وارو نہ ھوندو. جيئن اسان وٽ ھڪ اھو بہ خيال آھي، جيتوڻيڪ بلڪل غلط سھي، تہ ادب جي شاگردن مان ئي لکڻ پڙھڻ جي اميد رکي سگهجي ٿي ۽ نہ ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنٽسٽ مان.
جپاني ليکڪ مشيمايوڪيو جي مٿئين انگريزي ترجمي مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ جپاني ادب سان پھريون دفعو تعارف ٿيو. ان ناول ۾ ڪھاڻي تہ کڻي ھڪ عام زندگيءَ جي آھي: ھڪ جھاز جي آفيسر - سيڪنڊآفيسر مسٽر تسوڪازاڪي جي ملاقات، جيٽيءَ تي بيٺل ھڪ عورت سان ٿئي ٿي، جيڪا پنھنجي ننڍڙي پٽ کي ان ڏينھن جھاز ڏيکارڻ لاءِ آئي هئي. جهاز جو آفيسر تسوڪا کيس مٿي جھاز تي هلڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ کين سڄو جھاز گهمائي چانھه پاڻي يا ماني کارائي ٿو. ھوءَ بہ کيس سندس گهر اچڻ جي دعوت ڏئي ٿي. اھڙيءَ طرح ھن جو جھاز جڏھن بہ ان جپاني بندرگاھہ ۾ اچي ٿو تہ ھڪ ٻئي سان ھنن جون ملاقاتون ٿين ٿيون. عورت بيواھہ ۽ امير هئي، شھر ۾ سندس ڪو دڪان بہ هو. اڳتي هلي ھن جي دوستي عشق ۾ ۽ پوءِ شاديءَ جو روپ اختيار ڪري ٿي ۽ هو جھاز کي ڇڏي ڪناري سان ناتو جوڙي ٿو. ننڍو ٻار ھنن لاءِ وچ ۾ ڪجھه رنڊڪ بہ ٿئي ٿو. بھرحال ڪجهہ اھڙي قسم جي ڪھاڻي آھي جا هن وقت چڱيءَ طرح ياد نہ آهي، پر ايترو آھي تہ ليکڪ جھاز، جھاز جي زندگي، ان جي آفيسرن جا بندرگاھ ۾ ۽ ڏينھن جا ڏينھن سمنڊ تي اڪيلائيء ۾ پيداٿيندڙ سوچون ۽خيال - اھڙي تہ پُراثر انداز ۾ چٽي ٿو جو خود اسان جهازين کي مڃڻو پوي ٿو تہ هن شخص ڪرشن چندر ۽ آسڪروائلڊ وانگر ناول لکڻ کان اڳ انھن ڳالھين جو ڪيترو گھرو مطالعو ۽ مشاهدوڪيو ھوندو. ان کان علاوه ناول ‏۾ ڪم آندل مثال ۽ مشابھتون، چوڻيون ۽ شاعريءَ جا چؤنڪ، ادبي ٻولي ۾ ادائگي، ڪردارن سان انصاف ۽ سندن ڳالھيون، خيال ۽ سوچون جنھن نموني سان بيان ڪيون آھن اهي قابلِ تعريف آھن.
ان ناول پڙهڻ کان پوءِ منھنجو جيئن جيئن جپان وڃڻ ٿيندو رھيو، ھڪ ھڪ ڪري مشيما يوڪيو جا سڀ ناول ‏۽ ڪتاب پڙهيم. جپان ۾ ڪتاب سڀ کان مھانگا آھن. ان ڪري پوءِ ڪولمبو، لنڊن، نيويارڪ جھڙن ھنڌن تان نہ ققط مٿئين ليکڪ جا ڪتاب وٺي پڙهيم پر پوءِ آھستي آھستي ٻين جپاني اديبن ۽ شاعرن: ’تانيزاڪي – جونيچيرو‘. ’ڪاواجاتا - ياسوناري‘، ’شيگا-نا اويا‘، ’اشيڪاوا–تاڪو بوعو‘، ’ھاتوري–بوشو‘، ’اوماچي‘، ناڪامورا-ڪوساتائو، نائتو، تڪاشي وغيرهوغيره جا پڻ پڙهڻ شروع ڪيم۽ اڄ منھنجي دل چاھي ٿي تہ پڙھندڙ دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏ جپان جي ادب کي بہ پڙھن. جيڪو پڻ تمام گهڻو صحتمند، شاھوڪار ۽ دلچسپ آھي. ھتي آئون پڙھندڙن کي ڪجهہ جپاني اديبن ‏۽ سندن لکڻين کان واقف ڪرائي رهيوآهيان. چونڊ ڪنھن بہ اصول، ننڍ وڏائي، گهڻي يا ٿوري لکڻين، مشھوري ‏۽ گمنامي، يا پيري ۽ جوانيءَ جي اصول تي نہ ڪئي وئي آھي. بس ائين ئي جيڪي مون کي وڻيا آھن ‏۽ سولائيءَ سان انھن تي لکي سگهيو آهيان، اھي ڪھاڻيون/ افسانا لکيا اٿم - مثال طور جپاني اديبن ۾ منھنجو سڀ کان گهڻو دلپسند اديبمشيما يوڪيو آھي - جنھن جا سڀ ڪتاب، ليک، مضمون وغيره چاھہ سان پڙهيا اٿم پر هن جي هتي ڪابہ ڪھاڻي يا ناول جو ٽڪرو نہ ڏئي سگهيوآهيان جو ان جو ڪوبہ ڪتاب الڳ ڏيڻ چاهيان ٿو. سندس ننڍي هوندي رسمي خودڪشيءَ (ھاراڪِريءَ) دنياکي تعجب ۾ وجھي ڇڏيو ھو.
هتي اھو لکڻ بہ دلچسپيءَ کان خالي نہ ٿيندو تہ جپاني ٻوليءَ جو گرامر ۾ جملن جي بيھڪ بہ اسان جي اڙدو سنڌيءَ وانگر آھي - ۽ نہ انگريزي عربيءَ جيان. مثال طور ھي جملو: ”ھي ڇا آهي“ هوبھو انگريزي ‏ ”دس واٽ از“ ترجمو ڪبو تہ غلط ٿيندو پر جپاني ۾ ”ڪوري وا نان ڊيسڪا“ بلڪل صحيح آھي. (ڪوري وا جي معنيٰ:’ھي‘، نان معني:’ڇا‘ ۽ ڊيسڪا معني:’آهي‘)، اھڙيءَ طرح ”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ جو جپان لفظ بلفظ ترجمو: ’اناتانو تومائي وا نان ڊيسڪا‘ آھي. اھڙي طرح جپانيءَ مان سنڌي ترجمو سولو ٿئي ٿو ۽ ساڳي وقت ڪھاڻيءَ جو روح ۽ جسم بہ ذري گهٽ ساڳيو بيهي ٿو.
ان کان علاوه ٻي ڳالھہ تہ اسان کي جپاني ڪھاڻيون يورپين ۽ آمريڪن کان وڌيڪ ويجهيون ۽ پنھنجيون لڳن ٿيون، جو انھن جو مشرقي ماحول اسان جي ننڍي کنڊ جي ماحول سان گهڻو ملي ٿو.ڪيتريون سوچون، خيال، ڀاونائون، احساسات، اٿڻي ويھڻي، ڏيتي ليتي، رسم رواج ساڳيا ملندا.
ھتي ڏنل جپاني ڪھاڻين جي چونڊ ۾ مون البت انھن ڪھاڻين کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي، جن ۾ ماڻھن جا گهڻا نالا نہ آھن - جو گهٽ ۾ گهٽ مون کي منجھائيندا آھن ۽ پڙھندڙ جو ذھن پرڏيھي لکڻيءَ مان لطف وٺڻ بدران ڪردارن جا نالا ياد ڪرڻ ۾ منجهيو رهي ٿو.
ھي ڪتاب نہ فقط اسان کي جپاني ادب سان سڃاڻپ ڪرائيندو پر جپان ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ سنڌي سمجهندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو پڻ سبب بڻبو.

جپاني ادب جا دور

ھڪ سوال تہ جپاني ادب جي شروعات ڪڏھن کان ٿي؟
موجودہ رڪارڊ موجب لکت ۾ پھريون مواد ’شوتو ڪو تائيشي‘ جي لکڻي: ’ھوڪيڪو گيشو‘ چئي وڃي ٿي، جيڪا اشوڪا دور جي آھي ۽ 592ع جي لڳ لڳ جي سمجهڻ کپي. هيءَ لکڻي ڳالھہ جي انداز ۾ آھي. شوتوڪو تائيشي شھزادي يوميئي جو ٻيو پٽ هو. 574ع ۾ ڄائو ۽ 622ع ۾ مري ويو.
782ع کان 1155ع تائين جپاني ادب جو اوائلي دور سڏيو وڃي ٿو، جيڪو نارا کان ڪيوٽو گاديءَ جو ھنڌ شفٽ ٿيڻ کان پوءِ جو آهي. ھن ۾ ڪيترين شين جي سڃاڻپ ٿي، جھڙوڪ: اوڪاشي (مزاح)، تاڪينا - ڪاشي (گھرائي)، مونو نو اواري (حساس پڻ) وغيره. ان کان علاوہ نظم ‏۽ نثر ۾ ڪيترين ئي شين ڪر کنيا، جھڙوڪ: واڪا (شاعريءَ جو قسم، جنھن بابت “ڳالھيون تنھن جپان جون” ڪتاب ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان)، مونو گاتاري (ڪھاڻي)، نيڪي (ڊائري) ۽ نرو ايهيتسو (متفرقو). ان دور جي سڀ کان مشھور ڪھاڻي - جنھن بابت جپاني هر وقت ڳالھہ ڪندي فخر محسوس ڪندا آھن، ڪتابي صورت ۾ اڄ بہ جتي ڪٿي نظر ايندي، گينجي مونو گاتاري (گينجيءَ جي ڪھاڻي) آھي. اھا موراساڪي شيڪيجوءَ لکي ‏۽ تمام وڏي ڪھاڻي ڪتابي روپ ۾ آھي.
ان بعد جپاني ادب ‏۾ ھڪ ٻيو دور آيو جنھن کي ”وچيون دور“سڏيو وڃي ٿو. 1156ع کان 1557ع تائين وارو. ھن ۾ ڪيتريون ئي ادبي تبديليون ۽ نواڻ آئي. ڪيترائي اديب ۽ شاعر هن دور جا مشھور آھن.
ان کان پوءِ 1867ع وارو دور جپاني ادب جو ”شروع وارو ماڊرن دور“ سڏجي ٿو. هن ۾ باشو، سائيڪاڪو، چيڪا ماتسو ۽ ڪيئي چو جھڙا جپاني اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن ادب ۾ ڪيتريون ئي نيون شيون پيدا ڪيون. هي اھو دور آھي جڏھن ملڪ تي ملٽريء جي حڪومت ھئي ۽ جيتوڻيڪ ليڊر توڪوگاوا قبيلي جا شوگن هئا، پر ملڪ جي واپارين ۽ ٻين شھرين پئسي دولت جي زور ڪري ٿورو گهڻو اثر رکيو ٿي.
هن دور ۾ ھائڪو قسم جي شاعري تمام وڌي وِيجهي، جيڪا هاڻ سنڌيءَ ۾ بہ گهڻي مشھور ٿي آھي ۽ پسند ڪئي وڃي ٿي. ان کان علاوہ ڪيوڪا ۽ سينريو پڻ، جيڪي جپاني مزاح ۽ طنز جي شاعري سمجهي وڃي ٿي. هن دور جي ھڪ ليکڪ ’سائيڪاڪوء‘ جي هڪ لکڻي’ڪوئي جا ڪم‘ نموني طور هتي ڏني وئي آھي.
1868ع کان ميئجي شھنشاهيت جو دور شروع ٿيو ۽ ملٽري حڪومت ختم ٿي. ان سن کان اڄ تائين جو دور جپاني ادب جو ”ماڊرن دور“سڏيو وڃي ٿو. ان دوران ميئجي شھنشاھيت 1868ع کان 1912ع تائين هلي، تائشو شھنشاهيت 1912ع کان 1926ع تائين، شووا شھنشاهيت 1926ع کان اڄ تائين.
جپان تي ملٽريء جي ماڻھن جي ڇھہ صديون حڪومت هلڻ بعد جڏھن نوجوان شھزادو ميئجي تخت تي ويٺو تہ ان وقت جپاني ادب جو معيار بلڪل ھيٺ تري ۾ وڃي پھتو هو. ھڪ تہ اڍائي سؤ سال کن جپان سڄي دنيا کان ڇنل رهيو جنھن عرصي ۾ ڪنھن کي بہ جپان ۾ اچڻ وڃڻ نٿي ڏنو ويو ۽ هر ڳالھہ محدود ٿي وئي. نتيجي طور جپاني نہ ٻاهرين دنيا کان ڪجهہ سکي سگهيا ٿي ۽ نہ پنھنجي خبر ٻين کي ڏئي سگهيا ٿي. پر ميئجي دور جي شروع ٿيڻ سان ئي جپاني هر سٺو ھنر ۽ ڳالھہ ڌارين کان بہ سکڻ لڳا. جنھن کي پوءِ کڻي ڪو ”ڪاپي“ سڏي. جپاني زبان ۾ ڪيترا ٻين ڌارين ٻولين جا، خاص ڪري انگريزيء جا لفظ ڳالھائڻ هڪ قسم جو فئشن ٿي پيو، جيئن اڄڪلھہ بہ آھي. مزي جي ڳالھہ اھا تہ ويندي ڊرامن ۽ شعرن ۾ بہ ڌاريان لفظ استعمال ڪرڻ لڳا. اھو سلسلو ايترو پراڻو آھي جو 1891ع جي هڪ پتلين جي تماشي ۾ بہ ڳالھايا ويا آھن. ھڪ پيار جي سين جي ڊائلاگ ۾ ھڪ فارينر ۽ گيشا جي وچ ۾ ڳالھايل جملن جو ھڪ نمونو:
”واسوريو مونوڪا Last Year نو Spring نو Fine day سميداهانايوري پئرس، لنڊن...“وغيره.
مٿي ھڪ لفظ ’نو‘ بار بار استعمال ٿيو آھي. اھو انگريزيء جو No نہ آهي پر جپانيءَ جو ’نو‘ آھي، جنھن جي معني ’جو‘ آهي. جيئن جپاني لفظ ’وتاشي‘ جي معني ’آئون‘ ٿي پر پٺيان نو هڻڻ سان ’وتاشي نو‘ جي معنيٰ’آئون جو‘يعني’منھنجو‘ ٿيو. يا ’پاڪستان – نو‘ معنيٰ پاڪستان جو. اھڙيءَ طرح مٿي ڏنل جملو ”لاسٽايئر نو اسپرنگ“ معني گذريل سال جو بھار.
بھرحال اڄ جي دور ۾ جپان ‏ ڪيترائي جپاني اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا آھن ۽ جپاني ادب ڏينھون ڏينھن وڌي ويجهي رهيو آهي، جنھن کي مشينن جو گوڙ شور يا ٽيڪنالاجيڪل ترقي بہ چنجھو ڪري نہ سگهي آهي. هتي هن ڪتاب ۾، ھن آخري دور - يعني’ماڊرن دور‘ جي پڻ ڪجهہ لکڻين ۽ سندن ليکڪن سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي وئي آھي.

Futabatei Shimei

فوتا باتيئي - جنھن جو جپاني ناول پڙھڻ سان
لڳي ٿو تہ ڪا تيلگو، مليالم، ‏پنجابي يا
سنڌيءَ جي ڪھاڻي هجي.

فوتا باتيئي شميئي (ناول نويس) 1864ع ۾ ڄائو، ‏ 1909ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ناول ”يوڪيگومو“ (رڙھندڙ ڪڪر) 1888ع ۾ ڇپيو. يعني ميئجي دور شروع ٿيڻ کان پوءِ سگهوئي. جپان ۾ ميئجي شھنشاهيت جو دور 1868ع کان 1912ع تائين ھليو. (ڊاڪٽر اقبال مٿئين ڪتاب ڇپجڻ وقت ٻارهن سالن جو هو، ۽ ھڪ سال اڳ، يعني1887ع ڪراچيءَ ۾ پھريون سنڌ ڪاليج ٺھيو هو. مٿيون سال 1888ع مولانا ابوالڪلام آزاد جو جنم سال پڻ آهي.)
جپان جي نئين دور ‏۾ هي پھريون اھم ناول سمجهيو وڃي ٿو. اھو سڄو ناول فوتا باتيئيءَ، ڪتابي ٻولي بدران ان زبان ۾ لکيو آھي، جيڪا جپان ۾ انھن ڏينھن ۾ عام مروج ھئي ۽ گهرن گهٽين ۾ ڳالھائي وئي ٿي. مغرب جو اثر جيڪو ميئجي دور کان جپان ۾ شروع ٿيو ان جي نمايان جهلڪ ھن ۾ ملندي. مزي جي ڳالھہ اھا تہ هن ۾ ڪيتريون ئي اھڙيون ڳالھيون نظر اينديون، جيڪي ائين لڳنديون ڄڻ اسان جي ننڍي کنڊ جون ھجن. ڪردارن جون ڪي ڪي ڀاونائون، احساسات ۽ ڳالھايل جملا اھڙا آھن جو هي ناول کڻي ڪھڙي بہ زبان ‏۾ ترجمو ڪيو وڃي، پر پڙھندڙن کي صاف ظاھر لڳندو تہ ھن ڪھاڻيءَ/ ناول جو واسطو مشرق سان آھي ۽ تعجب جي ڳالھہ اھا تہ ان زماني جو جپاني ماحول اسان جي ماحول سان ڪيترو ملندڙ جلندڙ لڳي ٿو. هي ناول پڙھندي ڪيترا دفعا مون کي ائين محسوس ٿيو تہ آئون ڪوتيلگو، مليالم، پنجابي يا سنڌي گجراتيءَ جو ناول پڙھي رهيو ھجان.
ناول جو مرڪزي ڪردار، جنھن کي جيتوڻيڪ هيرو تہ نٿو ڪوٺي سگهجي، ’يوتسومي بونظو‘ آھي جيڪو ھڪ بدنصيب نوجوان آھي جنھن جي سرڪاري عھدي واري نوڪري کسجي وڃي ٿي. فقط ان ڪري جو هو پاڻ کان وڏن عھدي وارن صاحبن جي چمچاگيري نٿو ڪري. هن جي چاچي، عوماسا، جنھن جي گهر ۾ هو ٽڪيل آهي، پھرين تہ چاھي ٿي تہ هن سان سندس ڌيءُ‘اوسيئي’ جي شادي ٿئي پر پوءِ بونظو جي نوڪري وڃڻ ڪري هوءَ نہ فقط پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ جو ارادو بدلائي ڇڏي ٿي پر کيس اھا پھرين واري عزت بہ نٿي ڏئي. ساڳي وقت سندس ڌيءَ سوسيئي پڻ، جنھن کي پنھنجي پڙھائي تي ٽيڙي آهي ۽ پاڻ کي روشن خيالن ۽ مغربي ڳالھين جي آدرش ڇوڪري سمجهي ٿي، بونظو کان منھن موڙي ڇڏي ٿي ۽ ھڪ ٻئي ھمراھ ’ھونڊا نوبورو‘ سان عشق جا پيچ ڳنڍي ٿي، جيڪو غلام ذھنيت ۽ چمچاگير قسم جو موقعي پرست آهي. نئين دور جي حڪومت ۾ سرڪاري عملدار پڻ آھي، سو ان جي لئه ۽ ٺٺ ٺانگر مان هي ماءُ ڌيءَ متاثر آھن.‏
سڄو ناول دلچسپ ڪردارن ۽ نظارن سان ڀريل آھي جيڪي جپان جي ارڙھين صديءَ جي زندگيءَ جي هوبھو عڪاسي ڪن ٿا. افسوس جي ڳالھہ رڳو اھا آھي تہ هن ليکڪ ھن ناول کي مڪمل نہ ڪيو ۽ اڌو گابرو ڇڏي ڏنو.
ھتي ناول مان ٻہ چار صفحا نموني خاطر آھن، جيئن اسان جا پڙھندڙ هن ناول جي سونھن جو اندازو لڳائي سگهن. هي ٽڪرا ان وقت جا آھن جڏھن چاچي جي ڌيءَ ’اوسيئي‘ هونڊا توبورو جي ٺٺ ٺانگر ۾ اچي وئي آھي.

رڙھندڙ ڪڪر

پڪنڪ ملھائڻ ۽ بھار جي موسم جي گلڪاري ڏسڻ لاءِ سڀ صبح کان تيارين ۾ رڌل ھئا. اوسيئي جي ڳھہ ڳٺي ۽ ڪپڙن جي بيھڪ جي پريشانيء سندس ماءُ عوماسا کي بہ ڇتو ڪري رکيو هو. وارن ٺاھڻ واريءَ کي اچڻو هو سان بہ اڃا نہ پھتي هئي. بھرحال انھن مڙني ڳالھين جي چڙ عوماسا سڀني نوڪرياڻين مان پئي ڪڍي، جن مان ڪن ڪنھن کي چانھہ پئي پياري تہ ڪنھن کي پاڻي. اڃا اھو مونجھارو برقرار هو تہ پاڙي جي ھڪ اھڙي مائي جيڪا اچڻ کان پوءِ وڃڻ جو نالو نہ وٺندي ھئي، اچي نڪتي. گهر جي ڀاتين مان ھرھڪ، ڪوشش آھر، ان ڳالھہ تي زور ڏنو تہ: ”اسان بس هينئر هينئر ’دانگوساڪا‘ وڃڻ وارا آهيون.“ پر ان جملي جو، ٺڳ حڪيم جي دوائن وانگر ھن تي ڪوبہ اثر نہ پئي ٿيو. مھمان عورت ڏاڍي سڪون سان پلٿي ماري، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھي ۽ ويتر کڻي هڪ اھڙو قصو کنيائين جيڪو کٽڻ جو ئي نہ هو. هاڻ تہ ڏاڍي ڳالھہ ٿي پر گهر جا ڀاتي ٻاهرين دل سان هن کان چانھہ پاڻيءَ جو بہ پڇندا رھيا، جيئن آيل مھمان جي خدمت ڪبي آھي. پر شڪر جو اھا آفت گهڻي اينگھہ ڪرڻ بدران، اميد کان اڳ ئي ھلي ويئي. جيئن ئي هيءَ آيل مھمان رواني ٿي تہ مٿان وارن سينگارڻ واري مائي بہ اچي نڪتي ۽ هڻ وٺ ڪري سڀني جا جلدي جلدي وار ٺاهي ورتا. يارهين بجي ڌاري سڀ ڪپڙا گنديون پھري تيار ٿي ويا. گوڙ گهمسان بدران ھاڻ سک جو واء وريو. جي ڪو آواز آيو بہ ٿي تہ دانھن بدران کلڪي ۽ ٽھڪن جو.
بونظو، ويچاري بدنصيب انسان کي، گهمڻ يا بھار جي موسم جا گل ڏسڻ لاءِ ڪوبہ شوق نہ ھو. هن وقت اوسيئيءَ جو نئون عاشق - ھونڊا نوبورو، جيڪڏھن هڪ کڙيل گلاب جي گل جيان لڳي رھيو هو تہ ھي بونظو ٿوھر جي سڪل ٽاري ٿي لڳو. ھن دل ۾ ئي فيصلو ڪيو تہ جيڪڏھن ھنن جي وڃڻ جو پروگرام نہ ٺھي تہ سٺو پر جي ويا تہ بہ ھي پاڻ ھنن سان وڃي ذليل ٿيڻ نہ چاهيندو. ھن چاهيو ٿي تہ حالتن موجب ڀلي جيڪو ٿيڻو ھجي سو ٿئي. پاڻ هيروکڻي نه، شھيدن وانگر ماٺ ۾ رھي سگهيو ٿي.
ھڪ ڏينھن اڳ جڏھن نوبورو ساڻن هلڻ لاءِ کيس دعوت ڏني ھئي تہ ھن ان ئي وقت سوچيو هو تہ ٿڏي تي انڪار ڪندو. پوءِ ان مھل کان هو پنھنجو منھن وٺي ماٺ ۾ ويٺو رهيو.گهمڻ لاءِ وڃڻ تي ڪو خوش ھجي يا نہ هن لاءِ اھا اھڙي معمولي ڳالھہ ھئي ڄڻ ڪنھن ٻئي جي آنڊي جو سور.
پر ھو اندروني طرح سڪون ۾ نہ هو. ٻين کي خوش ٿيندوڏسي هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ٿي رھي ھئي. ماضيءَ جا خوبصورت ڏينھن ياد ڪري هن ٿڌو ساھہ ٿي کنيو. مئي مھيني جي اداس ۽ گهميل آسمان وانگر ھن جا جذبا ھئا. سندس اندر ‏۾ ڪنھن درد جي پيڙا هئي، ۽ اھا پيڙا ڇو نہ هجي. ڪالھہ کانئس سندس چاچيءَ جي ڌيءَ (جيڪا ڪجهہ ڏينھن اڳ تائين کيس دل و جان سان چاهيندي بہ هئي) اوسيئيءَ هن کان پڪنڪ تي هلڻ لاءِ جڏھن پڇيو تہ هن هلڻ کان کڻي انڪار ڪيو. ان تي هوءَ تمام ٿڌي نموني سان ”سچ ٿو چوين.“ چئي هلي وئي.
۽ اھو ڇا هن لاءِ گهٽ عذاب هو. بونظو اھوئي محسوس ڪيو تہ جيڪڏھن هوءَ چاھي ھا تہ هي بہ ھلي تہ ھوءَ هن کي اتي ضرور منٿون ميڙيون ڪري ھا ۽ اڃا بہ جي هو ضد ڪري ها تہ اوسيئي ڪجھ هيئن چوي ها:
”چڱو جيڪڏھن تون نٿو ھلين تہ پوءِ مون کي بہ هلڻ لاءِ ڪو لاچار ڪونھي پيو. آءٌ بہ ھتي تو وٽ ئي ترسي ٿي پوان.“
”پر مون کي ساڙ نہ ڪرڻ گهرجي.“ بونظو پنھنجي طبيعت کي ٺاھڻ لاءِ پاڻ وندرايو. پر تڏھن بہ ڪجهہ هو جنھن جو سنھو سنھو چيھڪ هو دل اندر محسوس ڪري رهيو هو.
ھن وڃڻ بہ نٿي چاهيو ۽ ساڳي وقت گهر ۾ رھڻ بہ نٿي چاهيو. اھو ھڪ اھڙو مونجھارو هو جو هن کي چيڙائي رهيو هو. ھن کي اجائي ڪاوڙ لڳي رهي هئي، جيتوڻيڪ ڪنھن خاص ھڪ ماڻھوءَ تي بہ نه. ھڪ هنڌ سک سان ويھڻ بہ نٿي پڳس. رکي رکي ائين پاسا ورائڻ لڳو ڄڻ ڪا ضروري ڳالھہ ياد اچي وئي ھجيس.
نيٺ بونظو اھو سوچيو تہ دل کي ان خيال کان ھٽائڻ لاءِ ڪجهہ ويھي پڙھجي. سو ٽيبل تي رکيل ڪتابن مان جيڪو مٿان رکيل مليس، کڻي پڙھڻ لڳو. هن پنھنجي ڌيان کي ڪتاب ۾ گهڻو ئي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ذھن هر دفعي ڪتاب تان پري هليو ٿي ويس.‏ ڪتاب ڪو ايڏو ورچائيندڙ نہ هو پر پھرين ئي باب جون شروع واريون سٽون هن ڪيترا دفعا وري وري پڙهيون، پوءِ بہ ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ آيس. اوسيئي، پري ورانڊي ۾ بيھي جيڪي ٽھڪ ڏئي رهي هئي، اھي کيس صاف ‏۽ چٽا ٻڌڻ ۾ پئي آيا ۽ ھڪ دفعو اوسيئي جو آواز سندس ڪنن ۾ پيو ٿي تہ ڪيتري دير لاءِ ڄڻ اھي آواز سندس دماغ مان نڪتا ئي نٿي. نيٺ چڙ ۾ اچي ڪتاب کي کڻي ٽيبل تي اڇلايائين ۽ ڪاوڙ مان هيڏانھن هوڏانھن گهورڻ لڳو. وري مٿي تي ھٿ رکي سوچڻ لڳو.
”ٿي سگهي ٿو ھنن جي وڃڻ جو پروگرام پاڻ مرادو ڪئنسل ٿي وڃي.“ ھن چپن ‏۾ آھستي ڀڻڪيو.
پر افسوس، بونظو جي رقيب نوبورو جو رستي تي ڪو حادثو بہ نهٿيو ۽ پوري ھڪ بجي پھچي ويو ۽ سڄي محفل ۾ جھڙوڪر هيرو پئي لڳو. موقعي ۽ مھل مطابق اڄ هو ڪپڙا بہ اھڙي جپاني نموني جا پائي آيو هو. ناسي ريشم جو ڪمونو، ان مٿان ڪارو ڪوٽ - ھميشھ وانگر هو اڄ بہ ٽاپ فئشن جي وڳي ۾ ھو. زور زور سان ڏاڪڻيون چڙھندو سڌو بونظو جي ڪمري ۾ آيو ۽ بنا ڪنھن کيڪار کڙيءَ جي ھن بونظو کي ائين چتائي ڏٺو ڄڻ آرسيءَ ۾ پنھنجو نڪ ڏسي رهيو ھجي ۽ پوءِ نيٺ ڪڇيو: “ڇا ڳالھہ آھي بونظو؟ تون ائين پيو لڳين ڄڻ ٻڏي بچيو ھجين.“
”بس ٿورو مٿي ۾ سور اٿم.“
”سچي؟ يا ڪٿي چاچي پوڙهيءَ ڪو سور ڏنو اٿئي.“
اھڙي ردي قسم جي ڳالھہ ٻولھه، بونظو کي بيزار ڪري رهي هئي. هن پنھنجي بي عزتي محسوس ڪئي، پر ڌڪ پچائي ماٺ ۾ رهيو.
”ڀلا گهمڻ هلڻ جو ڇا پروگرام آھي؟ پڪ تون تہ نہ ھلندين.“ نوبورو پڇيو.
”آئون نٿو سمجهان تہ ڪو آئون ھلندس.“ بونظو وراڻيو.
”وڏو ڪو ضدي آهين. تون شايد اھو ٿو چاهين تہ آئون توکي هلڻ لاءِ منٿون ڪريان، ائين نہ؟“ ھن کليو ۽ وري چيو: ”پر آئون ڪجهہ بہ نٿو ڪري سگهان سواءِ کلڻ جي. ۽ نہ وري منھنجو ڪو چوڻ توتي اثر ڪندو.“ هو ڪتي جي ڀؤنڪ وانگر وري کلڻ لڳو.
هونڊا نوبورو ڪجهہ وڌيڪ منٽ بونظو سان اھڙي ڳالھہ ٻولھہ ‏۾ لڳو رهيو، جنھن کي نہ چرچو سڏي سگهجي نہ گار، تہ ايتري ۾ اوچتو اوسيئي سڏ ڪيو:
”ھونڊا سائين!“
”ڇا ڳالھہ آھي، من!“
”رڪشائون اچي ويون آهن، سو جيڪڏھن تون تيار آهين ته...“
”بس ھلو تہ ھلون.“
”تہ پوءِ جلدي ڪريو.“
”اوسيئي؟“
”جي؟“
”مون هنن کي چئي ڇڏيو آھي تہ اھو بھتر ٿيندو تہ پاڻ ٻئي گڏ ھڪ رڪشا ۾ ويھون. هنن اھڙوئي بندوبست ڪيو آھي. توکي دل ۾ تہ نہ ٿيندو نہ؟“
جواب ۾ اوسيئيء ڪجهہ نہ وراڻيو. بس اڇت وکن سان هيٺ لھي ويئي.
”ھن جي اھا ادا ڪيڏي تہ پياري آھي جو جواب ڏيڻ بنا ڊوڙيو پئي وڃي.“ نوبورو جا اھي لفظ بونظو تي آخري حملو هو، جيڪي چوڻ بعد هو بہ هيٺ لھي ويو. بونظو ھن کي ويندو ڏسندو رهيو ۽ پوءِ زور سان چيو: ”گڏھہ ڪنھن جاءِ جو.“ پر سندس لفظن جي پڙاڏي کان اڳ،سندس ذھن ۾ اوسيئيء جو خيال گونجڻ لڳو. ھن کي اھي ڏينھن ياد آيا جڏھن اوسيئي هن سان گڏ پڪنڪ ملھائڻ ۽ بھار ۾ کڙيل گل ڏسڻ لاءِ هلندي هئي. هو پوءِ بنا ڪنھن سبب جي اٿي بيٺو.ڪجهہ دير چوڌاري گهورڻ کان پوءِ هن سامھون ٻرندڙ باھہ ڏي نھاريو. ڪجهہ خيال دماغ ۾ گڏ ڪري وري اچي ساڳيءَ جاءِ تي ويٺو، ۽ وري چڙ مان چوڻ لڳو: ”گڏھہ ڪنھن جاءِ جو.“ هن دفعي ھن اھا گار پاڻ کي ڏني.
منجھند کان ٿڌي هير لڳڻ شروع ٿي ۽ موسم سٺي ٿي وئي. ويتر آچر جو ڏينھن موڪل هجڻ ڪري دانگوساڪا ۾ بھاري لڳي پئي ھئي. جتي ڪٿي آيل ماڻھن جي پيھہ پيھان ھئي. ڇا تہ ماڻھن جو ميڙو متل هو. ڪن عورتن جا وار ولائتي نموني ‏۾ ٺھيل هئا تہ ڪن جا شيمادا نموني جا. ڪي وار کولي پئي هليون تہ ڪن ٻہ چوٽيون کڻي ٺاهيون هيون. مئڊم ”ب“ بہ اچي اتان نڪتي ھئي، جيڪا ڪنھن پڙهيلن جي سوسائٽيءَ جي سيڪريٽري آهي، پر لڳي ڏائڻ يا پوڙھي ٻلي ٿي، ۽ مس ”ت“ پڻ موجود ھئي، جنھن کي ڄانڀي جي ٻج جيتروميڄالو ڪو مس آھي - سو بہ پير جي کڙيءَ ۾. ان کان علاوہ اسپتالن جون نرسون نظر اچي رهيون هيون تہ سھڻيون ڇوڪريون پڻ. ڪي نيم ولائتي وڳن ۾ فئشن واريون عورتون گهمي رهيون هيون تہ ڪي عورتون ائين ٿي لڳيون جو انھن کي ڏسڻ سان پڪ ٿئي ٿي تہ اڄ بہ ماڻھو ھڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري رھيا آھن. ڇا تہ ميڙ ھو. گل وڪڻندڙ ڇوڪرا هوڪا ڏئي رهيا ھئا تہ مندرن جا مٿي ڪوڙيل ٻاوا بہ ڦري رھيا هئا، تہ ڊگهن وارن وارا موالي نموني جا پڻ ۽ اھي پڻ ڦري رھيا ھئا جيڪي هاڻ ديوتائن کي بہ پيارا ھئا تہ ماڻھن کي بہ - منھنجو مطلب آهي جيڪي ماضيءَ ۾ تہ ڪجهہ بہ نہ هئا پر هاڻ نئين حڪومت ‏۾ سڀني جا صاحب ٿي پيا هئا ۽ پاڻ کي ’ڪامورا‘ ٿي سڏايائون. انھن کان علاوه واپاري قسم جا ماڻھو ھلي رھيا هئا تہ پت وائکي ٿيل سياستدان پڻ - جن جو اصول آھي تہ ڪنھن جي بہ اکين ۾ اکيون ملائي نہ ڳالھائجي. لڳو ٿي سڄي دنيا اچي گڏ ٿي آھي، هر قسم جا مھانڊا، ڪپڙن ۽ جسم مطابق ٺھيل وارن جا نمونا، ڪپڙا گنديون، ۽ ھر قسم جي عطر جون خوشبوئون، پر مون کي ايتري واندڪائي ڪانھي جو اھي سڀ ڳالھيون هتي ويھي لکان. ان کان علاوه رستو ھتي ايڏو سوڙھو آھي جو ماڻھن جي ڌڪ ڌڪان ناقابل يقين آھي. بس سمجهو تہ دانگو ساڪا ماڻھن جي عجيب گوڙ گهمسان ۾ ٻڏل هو.
پڙھندڙن لاءِ: مٿين ڳالھہ ھڪ رٽائرڊ ھمراھہ جي ڏٺل ذاتي ڏيک موجب سمجهجو. ڇو تہ مھربان پڙھندڙ بور ٿي سگهن ٿا.

وري اچون پنھنجيءَ ڪھاڻيءَ تي:
ٻہ رڪشائون ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻنديون دانگوساڪا پھچي، جھٽڪي سان ھڪ هنڌ اچي بيٺيون. رڪشائن مان اسان جا پراڻا يار: نوبورو (ھونڊا)، اوسيئي ۽ سندن ماءُ لٿا. نوبورو جي ڪپڙن جو ذڪر اڳھين ٿي چڪو آھي.
عوماسا کي ڪارو، چيني عورتن جھڙو وڳو پھريل هو ۽ هيٺان ناسي رنگ جو ڪريپ جي ڪپڙي جو نمونو. سندس ڌيءَ اوسيئيء کي ڦڪي هيڊي رنگ جو ڪمونو ۽ ناسي بلو رنگ جي سئش ھئي - مختصر طور هي تہ ھوءَ تمام سھڻي نموني سان سينگاريل هئي ۽ سھڻا ڪپڙا پھريل هيس. ماڻھو نہ فقط سندس ڪپڙن کي جانچي رھيا هئا، پر سندس سڄي بيھڪ ۽ قد بت کي پڻ ڏسي رھيا هئا. کيس ميڪ اپ تمام ھلڪو ٿيل هو جو ھن جي چوڻ مطابق منھن تي گهڻو رنگ روغن هڻڻ سان اھا قدرتي ڳالھہ نٿي رھي. سندس وارن جو نمونو جيتوڻيڪ يورپي هو پر اھڙي طرح جوڙو ٺھرايو هئائين جو ماڻھو ڀلجي ٿي پيا تہ شايد ڪو خاص جپاني نمونو ھجي.
ماڻھو ھن جوڙي تي ريس بہ ڪري رهيا ھئا تہ پنھنجي منھن اھو بہ چئي رھيا ھئا: ”شايد زال مڙس آھن.“
”ٿي سگهي ٿو اڃا شادي نہ ٿي هجين ۽ مڱيندا ھجن.“
”ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ ھڪ ٻئي جا دوست ھجن.“
اھي جملا ٻڌي نوبورو بہ دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو هو.
اوسيئي اڄ تمام خوش نظر اچي رھي هئي. ھن جي هلڻ چلڻ ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ ‏۾ اڄ ھڪ عجيب ناز نخرو ھو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪو ننڍڙو پکي پڇري مان ڀڄي نڪتو ھجي.هن کلڻ ٿي شروع ڪيو تہ بس ڪرڻ جو نالو نٿي ورتائين. نوبوروء ڪا بيھودي ڳالھہ ڪئي ٿي تہ ان تي بہ ٻڌا ٽھڪ ڏنائين ٿي. ان ڪري نہ تہ ڪو ان ڳالھہ ‏۾ اھڙو چرچو هو، پر بس ائين ئي. هوءَ ايتري خوشي محسوس ڪري رھي ھئي جنھن جو ڪو حساب نہ هو.
عوماسا ماٺ ۽ تحمل سان هلي رھي هئي. بس وڌ ۾ وڌ ڪٿي گل ڏنائين ٿي تہ ايترو چيائين ٿي: ”ڪيڏا تہ سھڻا آھن.“ ظاھري طرح ڪنھن کي چتائي ڏسڻ بدران سڀني لنگهندڙن کي ائين ئي مٿاڇري نظر وجھي رھي ھئي پر دل ئي دل ۾ سندس ڌيءَ اوسيئي جي عمر جي ڪا ڇوڪري لنگهي ٿي تہ هن ھُن جي منھن، وارن جي نموني، ڪپڙن، پيرن ۽ ھلڻيءَ کي غور سان ڏٺو ٿي. ان بعد ٽيڏيءَ اک سان پنھنجي ڌيءَ اوسيئيء کي ڏسي ساڻن ڀيٽ ڪئي ٿي جيڪا انھن ۾ سمارٽ لڳي رھي هئي.
نوبورو جي هيءَ پارٽي، سڄي شھر جو چڪر هڻي آخر ۾ جبل جي قدمن وٽ ٺھيل گلن جي دڪانن وٽ اچي بيٺي. ھڪ دڪان تي رکيل مٽيءَ جي بوتي ڏي اشارو ڪري نوبورو چيو: ”ڪمال آهي ھن مسخري جو منھن بونظو سان ڪيترو تہ ملي ٿو. ڄڻ تہ بونظو اٻاسي ڏئي رهيو آهي.“ اوسيئي اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ۽ منھن تي لاڏ سان ڪمونو جي ٻانھن رکي اچي کل ۾ پيئي. وري ان بت ڏي اشارو ڪري اڳيان لوهي ٻنوڙي تي جھڪي، ٽھڪن ۾ اونڌي ٿي ويئي. رستي تان لنگهندڙ ڪنھن اسڪول جا شاگرد کيس عجب مان ڏسڻ لڳا.
آخرڪار اوسيئي پنھنجي کل کي جهليو ۽ لوھي ٻنوڙي تان ناز سان ڪنڏ مٿي کنيو ‏۽ مرڪندي ڀر ۾ ڏٺائين تہ نوبورو غائب ھو. تعجب مان، ھن پنھنجي چوڌاري نظرون گهمايون، ۽ پوءِ کلڻ بند ڪري سنجيدو ٿي نوبورو کي ڳولڻ لاءِ هيڏانھن ھوڏانھن وري نگاھون ڦيرڻ لڳي تہ ڏسي تہ سامھون مغربي لباس ۾ ھڪ همراھہ سان هو ملي رهيو ھو. جنھن جيتوڻيڪ کيس ايتري لفٽ نہ پئي ڪرائي پر هي هو سو ھن کي جھڪي جھڪي سلام ڪري رهيو هو.
ڌارئين مڙسالي سان گڏ جيڪي ٻہ عورتون هيون تن ۾ ھڪ وڏي عمر جي هئي ۽ سندس زال ٿي لڳي ۽ ٻي ننڍيءَ عمر جي جوان ڇوڪري - سندس ھم عمر، ھن جي ڌيءَ يا سالي ٿي لڳي. ٻئي حد کان وڌيڪ سمارٽ ۽ سھڻيون لڳي رهيون هيون. نوبورو پھرين ھن جي زال سان جھڪي مليو، ان بعد ڇوڪريءَ سان، جيڪاکيڪار جو جواب ڏيڻ بعد شرمائي رھي هئي.
اوسيئي لاء اھو تہ ممڪن نہ هو جو ايترو پري کان هنن جون ڳالھيون ٻڌي سگهي. هو ڳالھائي تہ خبر ناھي ڇا رهيا هئا، پر نوبورو جي ڳالھائڻ دوران سندس منھن تي مرڪ برقرار ھئي ‏۽ هنن سان ڳالھائي ٺري رهيو هو، ۽ پوءِ هن ڪا اھڙي ڳالھہ چئي جو مغربي لباس وارو صاحب پنھنجو وات وڏو پٽي، ڪلھن کي جھٽڪا ڏئي کلڻ لڳو. سندس زال جي ڳلن ۾ بہ کلڻ ڪري گهنج پئجي رھيا هئا ‏۽ ساڻن گڏ سھڻي ڇوڪري بہ وات تي ھٿ رکي کلي رهي ھئي. نوبورو ان کي وڏي عزت سمجهي خوش ٿي رهيو هو. نوبورو ھنن سان ڳالھائڻ ‏۾ ايڏو تہ مست ٿي ويو جو کانئس اهو بہ وسري ويو تہ اوسيئي ۽ عوماسا ھن لاءِ انتظار ڪري رهيون آھن.
اوسيئي بہ ان مغربي لباس واري مرد ۽ سندس زال جي سو پرواھہ نٿي ڪئي پر هن ان ڇوڪريءَ ۾ اکيون کپائي لڳاتار گهورڻ جو شروع ڪيو تہ کانئس ساھہ کڻڻ بہ وسري ويو.ائين ٿي لڳو ڄڻ سندس اکين جي گهور ھن ڇوڪريءَ جي جسم مان آرپار لنگهي ويندي. ھوءَ ايڏو تہ خيالن ‏۾ گم ٿي وئي جو ڀر ۾ بيٺل ماءُ جو سڏ بہ نہ ٻڌائين.
نيٺ جڏھن اھي مھمان نوبورو کان موڪلائي اڳتي وڌيا تڏھن بہ نوبورو وائڙن وانگر هيڏانھن هوڏانھن نھاريندو رهيو. کانئس شايد اهو بہ وسري ويو تہ هو ڪنھن سان گڏ آيو هو.
”مسٽر نوبورو هونڊا اسين ھتي آهيون.“ نوبورو، عوماسا جي رڙ ٻڌي هنن ڏي وڌيو.
”معاف ڪجو، مون توهان کي انتظار ڪرايو.“
”هي ڪير هئا؟“
”اھو منھنجي آفيس جو صاحب ھو.“ ھن مرڪندي وراڻيو. ”مون نٿي سمجهيو تہ هو اڄ ھتي اچي نڪرندا.“
”ڀلا هوءَ عورت سندس زال ھئي؟“
”جي، ھا.“
”۽ هوءَ ننڍي نيٽي ڇوڪري؟“
”او. اھا ڇوڪري؟ اھا...“ هو ٻڌائيندي ٻڌائيندي پٺيان مڙيو،ھڪ دفعو وري ھنن کي ويندو ڏٺو، ۽ پوءِ چيو:
”اھا منھنجي صاحب جي سالي آھي. اڳئين دفعي جڏھن مون هن کي سندس گهر ڏٺو هو تہ هوءَ ايتري سھڻي نٿي لڳي. اڄ تہ واھہ جي لڳي رھي آهي.“
”ھا. تون کيس سھڻو چئي سگهين ٿو پر آءٌ سمجهان ٿي اھا سونھن سندس ڪپڙن جي ڪري آھي.“
”ٿي سگهي ٿو. اڄ تہ واقعي سھڻن ڪپڙن ڪري شھزادي لڳي رھي آهي، نہ تہ گهر ۾ ائين ڪي ميرا ڪپڙا پيا ھوندا اٿس ۽ هو کيس نوڪرياڻي ڪري ھلائيندا آھن.“
”ڀلا ڪا پڙهيل ڳڙهيل بہ آھي يا نہ؟“اوسيئيء اوچتو پڇيو.
نوبورو منجھي پيو. ”ان بابت وڌيڪ ڄاڻ نہ اٿم. پر ھوءَ گهڻو ڪجهہ پڙھي سگهي ٿي. ھوءَ ڳوٺ کان اڃا ھاڻ آئي آھي.وڌيڪ اڃا خبر نہ اٿم.“
انھن لفظن تي اوسيئيء ھڪ دفعو وري نگاھون کڻي ان ڇوڪريءَ ڏي ڏٺو جيڪا ھاڻ ھڪ گلن جي دڪان ۾ گهڙي وئي.اوسيئي ڪجهہ دير سوچ ۾ غرق ٿي وئي پر پوءِ جلدي پنھنجو پاڻ کي اصلي حالت ۾ آندائين.
ان بعد رڪشائن ۾ چڙھي ”ائينو پارڪ“ ڏي وڃي رھيا ھئا تہ عوماسا – جيڪا هينئراوسيئي سان گڏ رڪشا ۾ اچي ويٺي ھئي، چيو: ”توکي بہ هن ڇوڪريءَ جھڙو گهاٽو ميڪ اپ ڪرڻ کپي.“
”مون کي اھڙو ميڪ اپ بنھہ نٿو وڻي.“
”پر ڇو؟“ ماڻس پڇيو.
”ان ڪري جو اھو خراب ٿو لڳي.“اوسيئي وراڻيو.
”پر تون ڪا پوڙھي تہ نہ ٿي وئي آهين. تنھنجي تہ هيءَ عمر آھي. اھڙو ميڪ اپ وڌيڪ نمايان ٿو ڪري.“ ماڻس (عوماسا) سمجهايس.
”امان جيڪڏھن اھڙو ميڪ اپ توکي وڻي ٿو تہ تون پاڻ ڪري ھل. ڪمال آھي جو تون ان ڳالھہ کي سٺو ٿي چوين جنھن کي آئون ڌڪاريان ٿي.“
بھرحال ٻئي ماءُ ڌيءَ سڄي واٽ بحث ڪندي اچي ’آئينو پارڪ‘ ۾ نڪتيون.

سائيڪاڪو_ Saikaku Ihara جنھن ڏينھن ۾ ھزار شعر ٺاھيا

سائيڪاڪو (جپاني ناول نويس ۽ شاعر) 1642ع ۾ اوساڪا ۾ ڄائو ‏۽ 1693ع ۾ گذاري ويو. ھن جو اصلي نالو ٽوگو ھو ۽ ذات جو هيراياما. پر سندس قلمي نالو ”ايھارا سائيڪاڪو“ ھو. اوساڪا شھر تن ڏينھن ۾ واپار جي وڏي منڊي هو ۽ پاڻ اتي جي وڏن واپارين مان ھو. 1675ع ۾ سندس زال پنجويھہ سالن جي ننڍي ڄمار ۾ گذاري ويئي، جنھن سان سندس تمام گهڻو پيار ھو. سندس ھڪ ڪتاب ”ھڪ هزار ھائيڪائي شعر“ جي شروعات ۾ ان بابت لکي ٿو تہ ھن جي موت کيس سخت صدمو پھچايو ۽ پنھنجي پيار جي اظھار لاءِ ستين ڏينھن هن صبح کان شام تائين ويھي پورا ھڪ هزار هائيڪائي شعر لکيا. ٻن سالن بعد واپار وڙي تان بہ دل کٽي ٿي پيس ۽ هڪ ڪلارڪ جي حوالي ڪم ڪري پاڻ دنيا جي خفن کان آجو ٿي ڪڏھن ڪيڏانھن تہ ڪڏھن ڪيڏانھن گهمندو ڦرندو رهيو.
سائيڪاڪوء شاعري پندرھن سالن جي عمر ۾ شروع ڪئي ھئي ۽ هائيڪائي شاعريءَ جي دنيا ۾ تہ هو وڏي ڳالھہ سمجهيو وڃي ٿو.
1682ع ۾ سندس پھريون ڪتاب: ”عاشق جي زندگيءَ جو احوال“ ڇپيو. اھو ڪتاب ان ڪري بہ اهميت رکي ٿو تہ هن ۾ ھڪ عام ماڻھوءَ جي زندگيءَ جو احوال آھي، جيڪو سائيڪاڪوء جھڙي عام ماڻھوءَ لکيو.نہ تہ ان کان اڳ جپاني ادب عام ماڻھوءَ جي پھچ کان ٻاھر ھوندو هو. ادب جھڙو شوق/ شغل يا ڪرت فقط مٿئين درجي جي ماڻھن ۽ حاڪمن‏ لاءِ ھو. ان جو اھو بہ سبب ھو تہ عام ماڻھو اڻ پڙهيل هو ۽ ساڳي وقت غربت جو پڻ ايتروماريل جو ادب جھڙين ڳالھين ڏي هن جو ڌيان ئي نٿي ويو. جپاني ادب جي مشھور گينجيء جي ڪھاڻيءَ جي ليکڪا موراساڪي ھڪ اھڙي عورت هئي جنھن فوجي، واراميچي، ناگا جھڙي نواب جي ويجهو ڪم ڪيو. ٻيا سندس ھم عمر يارھين صديءَ جا ليکڪ نواب ھئا يا نوابن ۽ وڏيرن جي ويجهورهيل ھئا.
سائيڪاڪوءَ عشق/ محبت/ پيار تي گهڻو لکيو آھي. سندس ٻيا مشھور ڪتاب آھن: ’ڪوشوڪو گونين اون نا‘ (جنھن جو انگريزيء ‏۾ ترجمو Five Women who Loved Love آھي) ۽ ھڪ ٻيو ڪتاب: ”ڪوشوڪو اچي دائي اون نا“ (انگريزيءَ ۾ ترجمو The Life of an Amorous Woman ڇپجي چڪو آهي.)
سائيڪاڪوءَ جو هڪ ٻيو ڪتاب سندس وفات کان ھڪ سال اڳ ’سيڪين مونا سانيو‘ نالي 1692ع م ڇپيو. (يعني هي جپاني ڪتاب ايترو آڳاٽو آھي جيتري شاھہ لطيف جي تاريخ ولادت - جيڪا 1102هجري يعني1690ع ۾ ٿي) ان ڪتاب جو تازو 1965ع ۾ انگريزيء ۾ ترجمو This Scheming World نالي ھتي ٽوڪيو جپان ۾ ئي ڇپيو آھي. جنھن ‏۾ نئين سال تي پيش ايندڙ يا ٿيل ڳالھين جو مجموعو آھي. انھن مان ھڪ ڳالھه/ ڪھاڻي/ افسانو ’ڪوئي جو ڪمال‘ عنوان سان هتي ڏجي ٿو. هن ۾ کڻي افساني يا ڳالھہ جا مڙيئي اصول ‏۽ پابنديون موجود نہ ھجن جو ’ڪوانسي ئي گاڪو اِن‘يونيورسٽي جي پروفيسر ماسانوري تاڪاتو سوڪا جي چواڻي انھن ڏينھن جا ڪي ڪي ليکڪ ڪٿان پيا ايندا ھئا ۽ ڪيڏانھن پيا ويندا هئا. پر اھو سوچي لطف وٺي سگهجي ٿو تہ هيءَ ڳالھہ اڄ کان اٽڪل ٽي سؤ سال کن اڳ لکي وئي آھي، جڏھن تہ اڃا يورپ ۾ بہ ڪھاڻي يا افساني لکڻ جو ڪو پئٽرن مقرر نهٿيو ھو.

ڪوئي جا ڪم

ھڪڙو ھمراھہ ھو، جيڪو هر سال ڊسمبر جي تيرهين تاريخ تي سڄي گهر جي صفائي ڪندو هو. سندس پاڙي جي مندر مان کيس ٻارھن ڪکائان بانس جا ڏندا ملندا ھئا. ھن کي اھو تعداد پسند هو جو اهو ڀاڳ وارو انگ هو ۽ سال ۾ مھينن جو تعداد بہ ٻارھن ئي ٿئي ٿو. انھن ڪکائن لڙھن سان گهر جي ٻھاري صفائي ڪرڻ بعد، انھن مان ڪک ڪڍي ٻهاريءَ ۾ هڻندو هو ۽ بانس جا ڏنڊا پنھنجي ڪکائين جھوپڙيء جي ڇت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻڌي ڇڏيندو هو. اھڙيءَ طرح ھو انھن ڀاڳ وارن لڙھن جو ھڪ ڪک بہ زيان نہ ٿيڻ ڏيندو ھو ۽ اھا ھن نيڪ شخص جي ’ڪڏھن بہ نہ بدلجندڙ‘ عادت هئي.
پر ھڪ سال ائين ٿيو جو ڊسمبر جي تيرهن تاريخ هو ٻين ڪمن ۾ اھڙو تہ رڌل رهيو جو گهر جي صفائي ان ڏينھن ڪرڻ بدران سال جي آخري شام جو ڪرڻ چاهي، جڏھن ھو ايندڙ سال جي خوشيءَ ‏۾ ماڻھن جي وھنجڻ لاءِ گرم پاڻيءَ جو حوض پڻ ٺاھيندو هو. هن موقعي تي هو سڄي سال جو گڏ ڪيل ڪن ڪچرو، ڪک پن ۽ ڌاڳا کوندا سڀ کڻي وڏي چلھہ ۾ وجھندو هو جنھن جي باھہ پاڻيءَ کي گرم ڪندي ھئي. ان معاملي ‏۾ هو ايتروتہ ڪنجوس هو جو ڪا ذري پرزي شيءَ کي بہ اجايو وڃائڻ نہ ڏيندو ھو.
هن جي پوڙھي ماءُ بہ هن سان گڏ ساڳي گهر ‏۾ ڌار ڪنڊ واري ڪمري ۾ رھندي ھئي. ظاھر آهي تہ اھڙي ڪنجوس جي ماءُ جنھن کيس ڄڻيو، هن کان بہ ٻہ رتيون وڌيڪ پڪائي ۽ سوس واري هئي ۽ سال جي اھڙي موقعي تي باھہ کي وڌيڪ کاڌ خوراڪ ڏيڻ لاءِ جھڙو پنھنجو ڇنل ۽ اڊڙيل جوراب ان ۾ وجھي رھي هئي تہ کيس امالڪ سندس ماضي اکين اڳيان تري آيو: ”جورابن جو جوڙو جنھن جو ھي ھڪ پيرهينئر باھہ ۾ وڌو اٿم، مون کي شاديءَ تي مليو ھو جڏھن آئون اڃا ارڙھن سالن جي هيس. ان ڏينھن کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اھي پاتم. چاھي جھڙ ڦڙي ھجي يا ڳڙو برفباري. جيتوڻيڪ انھن جا گيٽر ۽ رٻڙ ڇڄي ويا، پر ٽوپو ٽڙو ڪري مون ٽيونجاھہ سال هلايا. مون تہ سمجهيو پئي تہ مرڻ گهڙيء تائين انھن کي ھلائينديس پر افسوس جو انھن مان ھڪ کي ان ڏينھن گهٽيءَ جو ھڪ رول ڪتو کڻي وٺي ڀڳو. سو لاچار ھاڻ ھن ٻئي کي باھہ ‏۾ وجھي ساڙڻو پوندم.“
اھڙيءَ طرح دانھون ۽ ڏوراپا ڏيندي باقي بچيل جوراب کي جھڙو باھہ ۾ اڇلائڻ واري ھئي تہ کيس وري ڪا ڳالھہ ياد اچي وئي ۽ وري شروع ٿي وئي.”وقت بہ ڪيئن تکو ٿو گذري _ بلڪل تير وانگر“ ھن چيو، ”سڀاڻي ان کي پورو ھڪ سال وڃي ٿيندو ۽ ان جي ياد مون ڏکويل کي وڌيڪ ڏک ڏيندي.“
سندن پاڙي ۾ رھندڙ هڪ ڊاڪٽر ان وقت ان حوض ۾ وھنجي رهيو هو. ”چڱو هاڻ پنھنجن ڏکن جا داستان بند بہ ڪر.“ ڊاڪٽر هن کي دانھن ڪري چيو، ”سڀاڻي کان نئون سال پيو شروع ٿئي ۽ اھو ھڪ خوشيءَ جو موقعو آھي، پر اھو تہ ٻڌاءِ تہ تنھنجو ڪھڙو مٽ مائٽ مئو آھي جنھن جي ورسي سڀاڻ ملھائيندينء؟“
”آءٌ سمجهہ تہ ڪا چري پوڙھي مائي آھيان،“ ھن وراڻيو، ”جو جڏھن ڪو مٽ مائٽ مري ويندو اٿم تہ ان لاءِ ڪو ڏک نہ ڪندي آھيان - انسانن کي تہ ھڪ ڏينھن هونءَ ئي ھن جھان مان ھلڻو آھي. باقي ڪھڙيءَ ڳالھہ مون کي ڏک پھچايو آھي، اھا ھيءَ آھي: گذريل سال هن ڏينھن تي ساڪائي شھر مان منھنجي ڀيڻ نئين سال جي موقعي تي مون وٽ گهمڻ آئي ۽ تحفي طور ڪجهہ پئسا بہ ڏئي وئي. آءٌ ايڏي تہ خوش ٿيس جو خوشيءَ وچان اهي پئسا سامھون جاري تي رکيل ديوتا جي آڏو نذراني طور کڻي رکيم. پر ان ئي رات اھي چوري ٿي ويا. پڪ سان ڪنھن ٻاهرين ماڻھوءَ تہ اھي کنيا نہ ھوندا. مون پھرين ان ئي ديوتا اڳيان پڪاريو، ان بعد ھن وٽ ٻاڪاريو، پر جڏھن ڪجهہ بہ نہ وريو تہ پوءِ دائري ڪڍڻ واري ’ياما بوشي‘ (جابلو ٻائي) وٽ هلي ويس.
”جنھن ھڪ دلي مٿان پنا لڙڪائي سامھون بتي ٻاري چيو تہ منتر ٿو پڙھان.جيڪڏھن پنا لڏيا ۽ بتي وسامي وئي تہ پوءِ ستن ڏينھن اندر تو کي پئسا ملي ويندا. ھن جي يڪ ٽڪ جادوءَ جي ڪھڙي ڳالھہ ڪريان جھڙو ئي ھن منتر پڙھيو تہ پنا بہ لڏڻ لڳا تہ ٿوري دير بعد بتي بہ وسامي وئي. آءٌ ايتري تہ وائڙي ۽ خوش ٿيس جو ان ياما بوشيء کي ان ئي وقت جيڪي ھڙ ۾ ھڪ سؤ ويھہ کن ’مون‘ (ننڍا سڪا) ھئا، کڻي ڏنا. ان کان پوء پئسن موٽڻ جو انتظار ڪندي رهيس پر ستن ڏينھن بدران ست مھينا ٿي ويا پر نہ مليا.
”اھا ڳالھہ جڏھن مون ھڪ ٻئي سان ڪئي تہ هن چيوتہ آءٌ بہ ڪا چري آھيان جو راھہ ويندي کڻي پئسا اڇلايا اٿم.‏ اھڙا ياما بوشي (جابلو جادوگر) تہ ڪئين پيا هلن ۽ اھڙيون لچايون ڪري ٺڳيندا وتن. دلي ۾ مڪڙيون يا ڄرون وجهي ايندا. پوءِ منتر پڙھڻ مھل زور زور سان نغارا وڄائيندا. گوڙ کان ڊڄي مڪڙيون جهڙو ٽپ ڏينديون آھن تہ پنن کي وڃيو لڳن -يا جنھن شيءَ ۾ پنا ٻڌل ٿين. پوءِ پري کان اسان اھو سمجهندا آهيون ڄڻ جادوگر جي منتر تي پنا ٿا لڏن. اھڙيءَ طرح بتي وسائڻ لاءِ پائيپ جو نلڪو اڳواٽ بند ڪريو ڇڏين. باقي بچيل تيل جيترو بتي ٻري پاڻهي وسامي ويندي آهي.“
”مون جڏھن اھا ڳالھہ ٻڌي،“ پوڙھي افسوس ڪندي چيو، ”تہ مون يڪدم محسوس ڪيوتہ مون کي ھڪ بدران ٻہ نقصان رسيا. مون تہ زندگيءَ ۾ ڪڏھن ھڪ ’مون‘ (پئسو) بہ ائين نہ وڃايو ھوندو. پر گذريل سال ھن ڏينھن تي مون کان ايترو ڪجهہ ھليو ويو جو منھنجي اڳيان اونداھہ ڪارونڀار ٿي وئي آهي.“ پوڙھي اھو چئي دانھون ڪري اھڙو اچي اوڇنگارن ۾ پيئي جو گهر جا سڀ ڀاتي، نوڪر چاڪر وائڙا ٿي ويا تہ ھن کي ٿيو ڇا ۽ ڇا ڪرڻ کپي، جو ڌارين اڳيان کڻي لڄايو اٿس. ۽ گهر جي ماڻھن ۽ نوڪرن تي کڻي شڪ ڪيو اٿس، جيتوڻيڪ سڀني واري وٽيءَ تي ڪيترن ئي ديوتائن جا قسم کڻي کيس چيو ھوندو تہ کين انھن پئسن جي ڪابہ خبر ناھي.
ايتري ۾ گهر جي سالياني صفائي ۽ ٻھاري اچي پوري ٿي ۽ ھڪ نوڪر جھڙو ڪٻٽ جي پويان جھاتي پاتي تہ کيس‘سوگي حارا’ ڪاغذ ۾ ڪجهہ ويڙھيل ڏسڻ ۾ آيو.کڻي ڏسن تہ اھي ئي پئسا نڪتا جنھن لاءِ ھيء پوڙھي سڄو سال منھن مٿو پٽيندي رھي.
”ڳالھہ ھيءَ آھي تہ،“ پوڙهيءَ کي ٻين چيو، ”جيڪا شيءِ چورائجي نٿي وڃي سا ھڪ نہ ٻئي ڏينھن ضرور ملي ٿي. ڪو لچو ڪوئو ھوندو جنھن پئسن جي ڳنڍ کي جاري تان ڇڪي ھن ڪٻٽ پويان پنھنجي ٽنگ اڳيان اچي ڇڏيو ھوندو.“
پر سائين پوڙهيءَ کي يقين نہ اچي. چي، سڄي ڄمار ھن تہ ڪڏھن بہ اھڙو ڪوئو نہ ڏٺو نہ ٻڌو جيڪو پئسن جي ڳنڍ ڇڪي وڃي.”ھا. اھو پڪ ٻہ پيرو ڪوئو هوندو.“ ھن چيو. ”۽ مون کي ان کي ڳولڻو پوندو.“
اتي ڊاڪٽر، جنھن وھنجي سھنجي بس ڪيو، ٻاهر نڪري چيو: ”پراڻي زماني جا ڪجهہ قصا آھن جيڪي ھن ڳالھہ سان لڳن ٿا. ستٽيھين شھنشاهه، ڪوتوڪو جي ڏينھن ۾ بادشاھي محل اوڪاموتو - تاماتو کان ناگارا - تويو ساڪي (نانيوا) بدلي ٿي رهيو هو. ان ئي وقت ياماتو شھر جا ڪوئا بہ لڏڻ لڳا. مزيدار ڳالھہ اھا تہ ھو پاڻ سان گڏ پنھنجي گهرن جو سامان بہ کڻڻ لڳا. پنھنجن ٻرن کي نرم رکڻ لاءِ ڪپھہ جا ٽڪرا، پنن جا ڀور وغيرهجيئن انھن پٺيان لڪي پنھنجو پاڻ کي سرڻن ۽ چٻرن جي حملي کان پاڻ کي لڪائي سگهن. ڪوئا مار کولڻ لاءِ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪاٺيون، چانورن جي ڏڏر، کاڌل مڇين جا ھڏا ۽ ٻيوڪيتروئي سامان پنھنجي وات ۾ جهلي ٻن ڏينھن جو سفر ڪيائون. ھاڻ اھو سوچي اندازو لڳائجي تہ هن ڪوئي لاءِ تنھنجا پئسا جاري تان کڻي ڪٻٽ پويان پھچائڻ ڪھڙو ڏکيو ڪم ٿي سگهي ٿو.“ اھڙيءَ طرح ھن ڀلي ڊاڪٽر پوڙهيءَ کي پرچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر پوڙهيءَ تي ڪو اثر نہ ٿيو ۽ چوڻ لڳي جيسين ڪو پڪو ثبوت نٿو ڏئي کيس يقين اچڻ ڏکيو آھي.
ھر ھڪ منجهي پيوتہ ھاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي. آخر ڪنھن کي ياد آيوتہ ھڪ ”توبيئي“ وٽ هڪ ڪوئو آهي جيڪو ناگاساڪيء جي ”ميزيو مون“ وٽ ڪجهہ اٽڪلون سکيو آھي. ان ڪوئي کي گهرايو ويو.جيئن پوڙھي ان ڪوئي جا ڪرتب اکين سان ڏسي. جڏھن ڪوئي کي توبيئيء چيوتہ ھڪ ڇوڪر کي محبت نامون (خط) موڪلڻو آهي تہ ڪوئو يڪدم لفافو وات ۾ جهلي هلڻ لڳو، ويجهڙائيء ۾ هڪ ڇوڪري بيٺي هئي. ڪوئي اھو خط ان جي ڪمونو جي ٻانھن تي کڻي رکيو. ان کان پوءِ توبيئيء ڪوئي اڳيان ھڪ ”مون“ (پئسو) اڇلي چيو تہ ھن جون چانورن وارو ڪيڪ وٺي اچ. ڪوئي وات ‏۾ سڪو کنيو ۽ سامھون ٿالھيء ۾ رکيل ڪيڪن مان ھڪ کنيو ۽ سڪو اتي ئي ڇڏيو.
”ھاڻ تہ ڀلا توکي اعتبار ايندو يا اڃا بہ نہ؟“ سڀني پوڙهيءَ کان پڇيو.
”ھائو.“ پوڙهيءَ چيو، ”جيئن تہ مون هينئر اکين سان ڏٺو آهي سو انڪار نہ ڪنديس تہ ڪوئا ائين نٿا ڪري سگهن. پر ان هوندي بہ گهر جي واسطيدارن جو ڏوھہ آھي جو ھنن اھڙو چور ڪوئو گهر ‏۾ رھڻ ڏنو آھي جنھن منھنجا سال لاءِ پئسا مون کان پري ڪري ڇڏيا. گهٽ ۾ گهٽ ايتري وقت جو وياج مون کي ملڻ کپي.“
سو سال جي ھهڙي خوشيءَ جي موقعي تي ھن نيٺ پنھنجي پٽ کان پندرھن سيڪڙو جي حساب سان وياج چڪايو ۽ پوءِ ڀڻڪندي پنھنجي اڪيلي ڪوٺيءَ ڏي ھلي وئي.

شي گا - نا اويا - جپاني ناول نويس

”ادا ڙي اسين آھيون عاشق مزاج“

شي گا نا اويا - جپاني ادب جي ماڊرن دور جو تمام اھم ۽ مشھور ليکڪ ٿي گذريو آھي. پاڻ 1883ع ۾ ڄائو (جيڪو خليل جبران جو پڻ ساڳيو سن ولادت آھي.) 1906ع ۾ انگريزي ادب لاءِ ٽوڪيو امپيريل يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ۽ ھن ئي عمر ۾ ليکڪ ٿيڻ جو پڪو پھہ ڪيائين. ارواسا، اباشيري مادي، ھايائو نو اموتو، اراگينو سندس شروعاتي آکاڻيون آھن. 1908ع ۾ پڙھڻ ڇڏي هن ھڪ ادبي رسالو شِي راڪابا شروع ڪيو. 1949ع ۾ کيس”ڪلچرل ميڊل“ انعام طور مليو. 1971ع ‏۾ وفات ڪيائين.
اسان وٽ سنڌ ۾ ڏٺو وڃي تہ ھوتچند گربخشاڻي سندس ھمعصر ۽ هم عمر هو جو 1884ع ۾ ڄائو. ڊاڪٽر گريخشاڻي لنڊن مان ”انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف“ جي موضوع تي ڊاڪٽوريٽ ڪئي. ”شاھہ جو رسالو“، ”لنواريء جا لال“ ۽ ”نورجهان“ سندس لکيل ڪتاب آھن. ’نورجهان‘ سندس پھرين تصنيف آهي جيڪا 1915ع ‏۾ ڇپي ۽ ان ئي سال جي لڳ ڀڳ يعني 1913ع ۾ مٿئين جپاني ناول نويس شي گانا اويا ھڪ مشھور ليک: ”حان نو هانزائي“لکيو جيڪو هتي پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڏجي ٿو.
مرزا قليچ بيگ مرحوم جي وفات وقت (1929ع) ۾ مٿيون جپاني اديب شي گا 47 سالن کن جو ٿيندو. ڀيرومل مھرچند آڏواڻي (1953ع - 1876ع)، حڪيم فتح محمد (1942ع - 1882ع)، پرمانند ميوارام (1938ع - 1856ع)، مولانا دين محمد وفائي (ولادت 1893ع)، مخدوم محمد صالح ڀٽي (1953ع - 1887ع)، محمد صديق مسافر (1961ع - 1879ع) خانبھادر محمد صديق ميمڻ (1958ع - 1890ع) پڻ ساڳي ان دور جا آھن، جنھن جو شي گا آھي. ‬‬‬‬‬‬‬‬‬‬‬‬‬‬‬‬‬‬‬
شاعرن ۾ مير عبدالحسين سانگي (1924ع - 1851ع) ۽ شمش الدين بلبل (1919ع - 1857ع) شي گا جا همعصر چئي سگهجن ٿا. سانگي مرحوم جو ھڪ بيت جيڪو ھن وقت ياد اچي رهيو آھي.

”جو اکين سان نہ ڏٺو ڪنھن، سو ڏسون ٿا يارو،
جو ڪنن سان نہ ٻڌو ڪنھن، سو ٻڌون ٿا يارو“

|ن کان علاوہ سانگي جي هڪ ٻئي شعر جي هيءَ سٽ اڄ جا پوڙھا تہ وساري نہ سگهندا، جن جوانيءَ ۾ پڪ جهونگاري ھوندي.
”ادا ڙي اسين آهيون عاشق مزاج.“

حان جو ڏوهه (حان نو هانزائي)

ڏسندڙ سڀ وائڙا ٿي ويا جڏھن سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکاريندي ڏيکاريندي حان کان ھڪ وڏو خنجر سندس زال جي نڙگهٽ ۾ لڳي ويو ۽ ھوء اتي جو اتي اسٽيج تي ڦٿڪي مري وئي. پوءِ حان کي پوليس گرفتار ڪري وئي.
جاءِ واردات تي ٿيئٽر جو ڊائريڪٽر موجود هو، ان کان علاوه ھڪ چيني اسسٽنٽ، ھڪ انائونسر ۽ ٽن سؤن کان مٿي تماشبين ھئا. ڊيوٽي تي ھڪ پوليس وارو بہ هو جيڪو ڏسندڙن جي پويان بيٺل هو. ھيترن ماڻھن ھوندي بہ سڀني لاءِ اھا ڳالھہ راز ٿي پئي تہ آيا حان پنھنجي زال کي ڄاڻي ٻجهي ماريو يا اھو حادثو ٿيو.
حان اھو ڪرتب ھن ريت ڪندو هو. پنھنجي زال کي در جي ماپ جيڏي تختي اڳيان بيهاري پوءِ چار پنج وال پري کان بيهي، ھن ڏي ھڪ هڪ ڪري ڏھہ ٻارھن خنجر اھڙي طرح اڇلي ھڻندو ھو جو اھي سندس زال کي لڳڻ بدران سندس جسم جي چوڌاري ٻہ انچ کن پري تختي ۾ کپي ويندا ھئا.
پڇا ڳاڇا ڪندڙ جج پھرين ٿيئٽر جي ڊائريڪٽر کان پڇيو: ”ڇا تنھنجي خيال ۾ اھو ھڪ ڏکيو ڪرتب ھو؟“
”نه، يوئر آنر. ھڪ ماھر مداريء لاءِ اھو ڪم ڏکيو ناھي. پر صحيح طرح سرانجام ڏيڻ لاءِ اھو ضروري آھي تہ ماڻھوءَ کي دلي سڪون ھجي ‏۽ هو پوري ڌيان سان ڪري.“
”ڇا! تہ پوءِ ان کي جيڪڏھن حادثو سمجهيو وڃي تہ پوءِ اھو ھڪ اھڙو حادثو آھي جنھن جي ٿيڻ جي اميد تمام گهٽ آهي.“
”جي ھا سائين. توھان سچ ٿا چئو. جيڪڏھن ان حادثي جي اميد گهٽ نہ ھجي تہ پوءِ آءٌ ان ڪرتب جي پنھنجي ٿيئٽر ۾ موڪل ھرگز نہ ڏيان ھا.“
”ان جي معني تہ تون سمجهين ٿو تہ اھو ڄاڻي واڻي ڪيوويو آھي؟“
”نه. يوئر آنر. آءٌ نٿو سمجهان. ۽ اھا بہ حقيقت آھي تہ اسان سڀ سمجهون ٿا تہ غلطي بہ ٿي نٿي سگهي. پر جيڪي ڪجهہ ٿي گذريو ان بعد ڏٺو وڃي تہ اھو بہ ممڪن ٿي سگهي ٿو تہ شايد ھن کان غلطي ٿي وئي ھجي.“
”تہ پوءِ تنھنجو ڇا خيال آھي تہ اھا غلطي ھئي يا حادثو؟“
”نہ سائين. اھو آئون چئي نٿو سگهان.“
جج ٿورو منجهي پيو. ھي تہ سنئون سڌو خون جو ڪيس هو. پر اھو ٻڌائڻ ناممڪن پئي لڳو تہ آيا ملزم اھو ڪم سوچي سمجهي ڪيو آھي يا اتفاقي ٿي ويو اٿس. جي اھو ڪم اڳواٽ سوچي سمجهي ڪيو ويوآهي تہ پوءِ وڏي ھوشياريء سان سرانجام ڏنو ويو آھي، جج سوچيو.
ان بعد جج چيني اسسٽنٽ کان آڏي پڇا ڪرڻ جو سوچيو، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان حان سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو.
”عام طرح، حان جي ڪھڙي ھلت چلت رهي آھي؟“ هن پڇيو.
”سائين بلڪل سٺي رھي اٿس.‏ ڪڏھن بہ شراب، جوا يا عورتن پٺيان نہ لڳو آھي. تنھن کان سواءِ، گذريل سال کان هن مذھب ڏي بہ لاڙو رکيو آهي، ۽ عيسائي ٿيو آهي. هن انگريزي پڙھڻ بہ سکي آھي ۽ واندڪائيءَ ۾ بائيبل مان ڪجهہ نہ ڪجهہ پڙھندو رهي ٿو.“
”ڀلا هن جي زال جي چال چلت ڪھڙي هئي؟“
”ھن جي بہ سٺي ھئي، يوئر آنر. ھونءَ سرڪس ۽ کيل تماشن وارن رول ماڻھن جو ڪو اخلاق سٺو نہ ھوندو آھي. مسز حان ننڍي عمر جي تمام سھڻي عورت هئي ۽ ڪيترائي ماڻھو سندس پٺيان ھئا پر هن ڪنھن کي بہ لفٽ نٿي ڪرائي.“
”ڀلا ھنن جون طبيعتون ڪھڙي قسم جون هيون.‏“
”هميشہ تمام نرم دل ۽ سٻاجهي قسم جا ھئا.سائين هو سڀني دوستن۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن سان تمام سٺي طرح پيش ايندا ھئا. ڪنھن سان بہ جهيڙو جهٽو نہ ڪيو ھوندائون، پر...“ ھن ڳالھہ کي جهل ڏئي ڪجهہ گهڙيءَ لاءِ سوچيو، ان بعد چيو:”يوئر آنر. مون کي ڊپ آھي تہ جي آئون اھا ڳالھہ ٻڌائيندس تہ ٿي سگهي ٿو حان جي حق ۾ خراب ٿئي. پر حققت اھا آھي تہ ھي ٻئي ماڻھو جيڪي ٻين سان تہ تمام سٺو ملندا ھئا ۽ ڪڏھن بہ خود غرضيء کان ڪم نہ وٺندا ھئا، تن جي پاڻ ۾ تمام خراب ۽ ظالماڻي ھلت ھئي.“
”اھو ڇو؟“ جج پڇيو.
”مون کي خبر ناھي، يوئر آنر.“چيني اسسٽنٽ ٻڌايو.
”جڏھن کان تنھنجي ھنن سان ملاقات ٿي آھي تڏھن کان ھنن جي اھا حالت آھي؟“ جج سوال ڪيو.
”نہ يوئر آنر. اٽڪل ٻہ سال اڳ مسز حان پيٽ سان ھئي. ٻار وقت کان اڳ ڄائو ۽ ٽن ڏينھن بعد مري ويو. ان کان پوءِ ھنن جي پاڻ ۾ ڏي وٺ لڳي آئي. ننڍين ننڍين ڳالھين تي بہ زال مڙس جو جهيڙو ٿيڻ لڳو ھو. پر جهيڙي ۾ ڪڏھن بہ حان مار موچڙو نہ ڪندو ھو. ماٺ ڪري رڳو سوچيندو رھندو هو. في الحال جهيڙو تہ ختم ٿي ويندو هو پر سندس اکين مان لڳندو هو تہ سخت ڪاوڙ ۾ آھي! ڪڏھن ڪڏھن تہ اھو ڏسي ڊپ لڳندو ھو.
”ھڪ ڏينھن، مون حان کان پڇيوتہ جي توھان زال مڙس جي پاڻ ۾ ٺھي نٿي تہ پوءِ جوءِ کي ڪڍي ڇو نٿو ڇڏين. تنھن تي ھن ٻڌايوتہ دراصل کيس طلاق ڏيڻ لاءِ ڪي مضبوط سبب نہ آھن، جيتوڻيڪ ھاڻ هن جي دل ۾ زال لاءِ پيار جو ذرو بہ نہ رهيو آھي. ساڳئي وقت هن (زال) بہ اھو محسوس ٿي ڪيو ۽ کيس چاھڻ ڇڏي ڏنو هو. دراصل بائيبل يا ٻيون دعائون پڙھڻ جو سبب بہ اھوئي هو تہ جيئن سندس اندر جي باھہ ڪجهہ هلڪي ٿئي ۽ پنھنجي زال کي ڌڪارڻ ڇڏي ڏئي، جنھن ڌڪار لاءِ هن وٽ ڪوبہ سبب موجود نہ ھو. مسز حان واقعي نرم دل عورت ھئي. هوءَ ٽن سالن کان حان سان گڏ ھئي ۽ جتي جتي هو ويو ٿي هن ساڻس گڏ گهاريو ٿي. جي ھن کي حان کي ڇڏڻو ھجي ھا تہ اھڙي سان شادي بہ نہ ڪري ھا. اھڙي قسم جا گهمندڙ ڦرندڙ ماڻھو ڪيترا آھن جي پٺيان گهر ڇڏيل زالن تي ڀروسو رکن ٿا. منھنجي خيال ۾ هڪ اھو بہ سبب آھي جو حان جي خراب روش هوندي بہ ھوء ھن سان گڏ رهندي آئي.“
”۽ هن موت بابت تون حقيقت ۾ ڇا سوچين ٿو؟“
”سائين توھان جو مطلب آھي تہ منھنجي نظرن ‏۾ ان موت جو ڪارڻ حادثو ھو يا سوچيل سمجهيل ارادو؟“
”ھائو.“ جج چيو.
”سائين، ان مھل واردات کان وٺي آئون هر پھلوء کان سوچي رهيو آھيان. جيترو گهڻو سوچيان ٿو، اوتروئي گهٽ ان جي تھہ تائين پھچان ٿو. مون ان بابت انائونسر سان بہ بحث ڪيو آهي پر ھن کي بہ ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ اھو ڪم ڪيئن ٿيو.“
”صحيح آھي. پر هي ٻڌاءِ جنھن وقت اھو موت ٿيو، ان مھل تنھنجي اندر ‏۾ ڪھڙو احساس ٿيوتہ آيا اھو حادثو ٿيو يا ڄاڻي واڻي خون؟“ جج سوال ڪيو.
”ھا سائين بلڪل ٿيو. منھنجي خيال ۾... منھنجي خيال ۾ ان وقت اھو آيو: ’مار! حان ھڻي زال کي ماري رکيو‘.“
”ڄاڻي واڻي، تنھنجو مطلب آھي؟“
”ھائو سائين. جيتوڻيڪ انائونسر ٿو چوي تہ ھن کي ڌيان ۾ آيو: ’شايد هن جو ھٿ لڏي ويو‘.“
”ھا، پر ھن کي حان ۽ سندس زال جي گهريلو جهڳڙن جي اھا ڄاڻ نہ آھي جيڪا توکي آهي.“ جج چيو.
”ٿي سگهي ٿو، يوئر آنر. پر سائين پوءِ مون کي وري اھو بہ خيال آيوتہ جيئن تہ مون کي سندن ذاتي جهڳڙن جي خبر آهي، تنھن ڪري ٿي سگهي ٿو تہ مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ حان پنھنجي زال کي ڄاڻي واڻي ماريو آھي.“
”حان جا واردات وقت ڪھڙا تاثرات ھئا؟“
”ان وقت ھن کان رڙ نڪري ويئي: ’آ...‘ ۽ جيئن ئي مون سندس رڙ ٻڌي، مون مٿي نهاريو ۽ ڏسان تہ سندس زال جي نڙگهٽ مان ڦوھارو ڏئي رت وھي رهيو هو. ڪجهہ سيڪنڊن لاءِ. ھوءَ اتي ئي بيٺي رھي پوءِ گوڏن ڀر اچي اڳيان ڦهڪو ڪيائين.جيئن خنجر سندس ڳچيءَ مان ڪڍيوسين تہ ھوءَ اتي ئي ڍيري ٿي پئي. اسان سڀني مان ڪوبہ ڪجهہ ڪري نٿي سگهيو رڳو وائڙن وانگر نهاريندا رھياسين... باقي حان جو چئي نٿو سگهجي تہ ان جا ان وقت تاثرات ڪھڙا ھئا، جو آءٌ هن ڏي نهاري نہ رهيو ھوس. پوءِ اوچتو جڏھن منھنجي دل ۾ اھو خيال آيو ‘ھن نيٺ وڃي ھن کي ماريو’. ان وقت مون ھن ڏي نهاريو. هن جي منھن جو پنو ئي اڇو ٿي ويو هو ۽ اکيون پوري ڇڏيون ھئائين. اسٽيج مئنيجر کڻي پڙدو هيٺ ڪيو. جڏھن مسز حان جي جسم کي کنيائون تہ ھوءَ مري چڪي ھئي. حان ان وقت گوڏن تي جهڪيو، ۽ ڪا دير سانت ۾ دعا گهرندو رهيو.“
”ڇا ھي تمام گهڻو مُنجهيل نظر آيو ٿي؟“
”جي ھا سائين. هو تمام گهڻو منجهيل ڏسڻ ۾ پئي آيو.“
”چڱو ٺيڪ آھي.وڌيڪ جي مون کي توکان پڇڻو پيوتہ توکي وري گهرائيندس.“
جج چيني اسسٽنٽ کي موڪل ڏئي حان کي ڪٽهڙي ۾ گهرايو. هن، ڪرتب ڪندڙ جو ذھين چھرو ڦڪو ۽ ٿڪل لڳي رهيو هو ۽ ھرڪو ڏسندڙ اھو چئي سگهيو ٿي تہ ھو ذھني اذيت ۾ آھي.
”ٿيئٽر جي ڊائريڪٽر ۽ تنھنجي اسسٽنٽ کان مون اڳھين پڇا ڪئي آھي.“ جڏھن حان کي ڪٽهڙي ۾ وٺي آياتہ جج چيس، ”ھاڻ توکان پڇڻ چاھيان ٿو.“
حان ادب ۾ پنھنجو ڪنڌ جهڪايو.
”اھو ٻڌاءِ.“ جج چيو، ”تنھنجو پنھنجي زال سان ڪڏھن پيار محبت رهيو؟“
”ھا سائين. شاديءَ جي ڏينھن کان وٺي ويندي ٻار ڄمڻ تائين مون پنھنجي زال کي دل و جان سان چاهيو.“
”۽ پوءِ ڇو ٻار جي ڄم تنھنجي طبيعت ۾ ڦيرو آندو؟“
”ڇاڪاڻ جو مون کي خبر ھئي تہ اھو ٻار منھنجو نہ هو.“
”ڀلا ان جي توکي ڄاڻ آھي تہ اهو ڪنھن جو ٻار هو؟“ جج پڇيو.
”ھا مون کي پڪ آھي. منھنجي خيال ۾ اھو منھنجي زال جي سوٽ جو ٻار آھي.“ حان چيو.
”تون هن کي ذاتي طرح سڃاڻندو هئين؟“ جج پڇيو.
”اھو منھنجو گهاٽو دوست ھو. ھن ئي مون کي صلاح ڏني هئي تہ سندس ھن سوٽ سان شاديءَ ڪريان ۽ نيٺ مون کي ھن سان شاديءَ ڪرڻ تي مجبور ڪيائين.“ حان ٻڌايو.
”تنھنجي ڳالھين مان لڳي ٿو تہ ھنن جا تعلقات توھان جي شاديءَ کان ٻہ اڳ جا هئا.“
”جي ھائو، سائين. اسان جي شاديءَ کان پوءِ اٺن مھينن بعد ٻار ڄائو.“
”تنھنجي اسسٽنٽ جي بيان موجب، ٻار ڪچو ڄائو هو.“ جج چيو
”اھا ڳالھہ مون ئي مشھور ڪئي هئي.“ حان چيو.
”ڄمڻ کان پوءِ ٻار سگهوئي مري ويو. ائين نہ؟ ان جي مرڻ جو ڪارڻ ڪھڙو هو؟“
”ٻار ماءُ جي ڇاتين ‏۾ منھن وجهڻ ڪري ٻوساٽجي مري ويو هو.“
”ڇا تنھنجي زال اهو ڄاڻي واڻي ڪيو؟“ جج پڇيو.
”ھن چيوتہ اھو اتفاق سان ٿي پيو.“ حان ٻڌايو.
جج ماٺ ۾ رهيو. حان ٻئي سوال جي لاءِ مٿو مٿي کنيو پر اکيون ھيٺ ئي جهڪائي رکيون. جج سوال جاري رکيو، ”تنھنجي زال پنھنجي ناجائز تعلقات جي توسان ڪڏھن ڪا ڳالھه، ڪئي؟“
”ھن اھا ڳالھہ مون سان نہ ڪئي ۽ نہ مون ئي پڇڻ مناسب سمجهيو. ٻار جو موت ئي سڀني لاءِ ڪافي سزا ھئي ۽ مون فيصلو ڪيو تہ مون کي ان بابت صبر ڪرڻ کپي، پر...“
”پر پوءِ آخر ۾ تنھنجي صبر ساٿ ڇڏي ڏنو؟“
”توھان بلڪل صحيح آھيو، سائين، آءٌ اھو خيال ٽاري نہ سگهيس تہ ٻار جو موت ھنن لاءِ ڪا وڏي سزا آھي. زال جي غير موجودگيءَ ۾ آءٌ بلڪل پرسڪون ھوندو ھوس پر کيس ڏسندي ئي منھنجي اندر ۾ ڪجهہ ٿيندو ھو. جڏھن بہ هن تي منھنجي نظر پوندي ھئي تہ منھنجي ڪاوڙ چوٽ چڙھي ويندي ھئي.“
”ڀلا توکي طلاق جو بہ خيال نٿي آيو؟“ جج پڇيو.
”مون کي اڪثر طلاق جو خيال ايندو هو، پر مون ڪڏھن بہ ان جو ذڪر زال سان نہ ڪيو. منھنجي زال هميشہ اھوئي چوندي ھئي تہ جي تون مون کي ڇڏي ڏيندين تہ آءٌ ھڪ پل بہ جيئري رھي نہ سگهنديس.“
”ھن جو توسان پيار ھو؟“
”نه، هوءَ مون کي چاهيندي نہ ھئي.“
”تہ پوءِ هوءَ اھي ڳالھيون ڇو ڪندي ھئي؟“
”منھنجي خيال ۾ تہ ھن جو مطلب پئسي ڏوڪڙ سان ھو. گهر تہ سندس ھوئي ڪونہ جو اهو سندس وڏي ڀاءُ برباد ڪري ڇڏيو هو، ۽ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ڪوبہ سنجيدي قسم جو ماڻھو اھڙي عورت سان شادي نہ ڪندو، جيڪا هڪ رول مداريء جي زال ٿي رھي ھجي، ۽ سندس پير پڻ ايترا تہ ننڍا ھئا جو ڪنھن بہ ڪم جي ھن ۾ سگھہ نہ ھئي.“
”توھان جا جنسي تعلقات ڪيئن ھئا؟“ جج سوال ڪيو.
”منھنجي خيال ۾ اھي ئي جيڪي گهڻو ڪري ھڪ جوڙي جا ھوندا آھن.“ حان ٻڌايو.
”تنھنجي زال کي تولاءِ واقعي سچي قسم جي ڪا چاھت نہ ھئي؟“
”مون کي نٿو لڳي تہ ھن مون کي واقعي ڪو چاهيو ٿي.حقيقت ۾، تہ ھن کي مون سان رھڻ بہ پسند نہ ھو. بس، ھن مڙيئي گذارو پئي ڪيو.جنھن صبر سان مون ساڻس گذارو ڪيو پئي تنھن بابت ڪو ماڻھو سوچي بہ نٿو سگهين. ھوءَ مون ڏي بي رخي ۽ ظالماڻي انداز سان آھستي آھستي ائين ڏسندي ھئي جو آءٌ اندر ئي اندر ڪڙھندو رهيس، ڀڄي ڀور ڀور ٿيندو رهيس. آءٌ بھتر زندگي ۽ پُرسڪون ماحول لاءِ جدوجهد ڪندو رهيس پر ھن مون لاءِ همدرديءَ جو ڪو ذرو بہ نہ ڏيکاريو.“
”تو ڪو ٺوس قدم ڇو نٿي کنيو. ڪو فيصلو هن سان گڏ رھڻ يا ڇڏڻ جو ڇو نٿي ڪيو؟“ جج پڇيو.
”ڇاڪاڻ جو منھنجو اندر هر قسم جي آدرشن سان ڀريل هو.“
”ڪھڙا آدرش؟“
”مون چاهيو ٿي تہ پنھنجي زال سان اھڙو برتاءُ رکان جو مون ڏي ھڪ بہ ڳالھہ نہ اچي... پر آخر ۾ اھو منھنجو خام خيال نڪتو.“
”ڇا تو پنھنجي زال کي مارڻ جو ڪڏھن بہ نہ سوچيو؟“
حان ان جو ڪوبہ جواب نہ ڏنو. جج سوال وري ورجايو. ڊگهي ماٺ کان پوءِ حان وراڻيو، ”ھن کي قتل ڪرڻ جي خيال کان آئون اھوئي سوچيندو ھوس تہ ان کان مري وڃي تہ اھو سٺو.“
”ان حالت ۾، جيڪڏھن اھا ڳالھہ غير قانوني نہ ھجي ھا تہ تون شايد ھن کي قتل ڪرين ها.“
”آئون قانون جي نقطي نظر کان نہ سوچي رهيو ھوس، سائين. اھا ڳالھہ ناھي جنھن مون کي پئي جهليو پر ان ڪري جو آءٌ ڪمزور ۽ ڊڄڻو ھوس.“
”بھرحال تو پنھنجي زال کي مارڻ جو سوچيو، ائين نہ - کڻي پوءِ ئي سھي، منھنجو مطلب آھي.“
”مون ان جو ڪو پڪو ارادو ڪڏھن بہ نہ ڪيو. پر ھا، اهو چوڻ صحيح آھي تہ مون ان بابت ھڪ دفعو سوچيو ضرور هو.“
”واردات کان ڪيترو اڳ جي ڳالھہ آھي؟“
”گذريل رات... ياشايد انھيءَ ئي صبح جو.“
”ڇا تنھنجو ڪو جهيڙو ٿيو هو.“
”ھا. سائين.“
”ڇا بابت؟“
”بس ڪنھن اھڙي معمولي ڳالھہ تي جنھن جو ذڪر ڪندي بہ شرم ٿو اچي.“
”مون کي ان بابت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪر.“
”بس. اھا مانيءَ جي ئي ڳالھہ ھئي. ماني دير سان ملڻ تي مون کي هميشہ چڙ وٺي ويندي آهي. ان ڏينھن شام جو بہ منھنجي زال ھيڏانھن ھيڏانھن ڦرندي رھي ۽ وقت تي ماني تيار نہ ڪيائين، سو مون کي چڙ وٺي وئي.“
”ڇا توکي عام طرح کان وڌيڪ ڪاوڙ وٺي وئي؟“
”نه. پر پوءِ اھا ڪاوڙ لھڻ بدران وڌندي وئي. منھنجي خيال ۾ اھو ان ڪري جو آئون گذريل ھفتي کان ان بابت پريشان ھوس تہ گهر ۾سٺو ماحول ٿئي، جنھن جي ڪابہ اميد نظر نٿي آئي. سمھڻ مھل ھنڌ تي وڃي ليٽيس پر ننڊ مور نہ آئي. ھر قسم جا اونڌا ابتا خيال منھنجي ذهن ۾ڦرندا رهيا، ۽ آءٌ ان نتيجي تي پھتس تہ آءٌ کڻي ڇا بہ ڪريان پر اھا خوشگوار زندگي ماڻي نہ سگهندس - جيڪا آءٌ چاھيان ٿو ۽ آءٌ ھن نفرت ڀري ماحول مان جان ڇڏائي نہ سگهندس، اھو سڀ غم ۽ پريشاني منھنجي شاديءَ سان ڳنڍيل آهي. مون گهڻوئي پاڻ پتوڙڻ چاھيو ٿي تہ من ڪو روشنيءَ جو ڪِرڻو راھہ ڏيکاري مون کي ھن اونداھي زندگي مان پار ڪڍي.
”۽ پوءِ اھو گندو خيال منھنجي من تي واسو ڪرڻ لڳو، ’جيڪر ھوءَ مري وڃي. ڇو نہ آئون کيس پورو ڪريان.‘ ۽ ان جو عمل مون لاءِ ڪو ڏکيو نہ هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ان ڏوھہ جي سزا ۾مون کي جيل ۾ موڪليو ويندو، پر وري بہ جيل جي زندگي خراب نہ ھوندي - بھتر ٿي سگهي ٿي، گهٽ ۾ گهٽ زندگيءَ کان. ۽ پوءِ وري مون کي اھو خيال آيو تہ زال کي مارڻ سان مسئلي جو حل مھيا ٿي نہ سگهندو. مون کي ھر ڏينھن جا ڏک ڀوڳڻ کپن، مون پنھنجو پاڻ کي سمجهايو تہ ان کان نجات نہ ملي سگهنديم. اھا منھنجي حقيقي زندگي آهي، ڀوڳيندو رھان.
”منھنجي سوچ انھيءَ پٽڙيءَ تي ڊوڙي رھي هئي. نيٺ سوچي سوچي ساڻو ٿي وڃي ستس پر ننڊ نہ آئي. ذھن صفا مائوف ٿي رھيو ھو ۽ آھستي آھستي زال کي مارڻ جو ارادو جهڪو ٿي ويو. پر پوءِ وري ان سوچ ۾ پئجي ويس تہ بھتر زندگيءَ لاءِ مون کي اهو قدم کڻڻو ئي پوندو پر پوءِ مون کي اھو بہ مڃڻو پيو تہ مون جھڙي بزدل انسان لاءِ اھو ڪم ڏکيو آھي.نيٺ وڃي اڇو صبح ٿيو ۽ ڏٺم تہ منھنجي زال بہ رات کان جاڳي رھي ھئي...“
”جڏھن تون اٿئين تہ توھان ٻنھي ھڪ ٻئي سان سٺي نموني سان ڳالھايو؟“ جج پڇيو.
”نه. اسان ھڪ ٻئي سان ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھايو.“
”پر جڏھن معاملو ايستائين اچي پھتو هو تہ پوءِ تو هن کي ڇڏي ڇو نہ ڏنو.“
”سائين ڇا توھان جي خيال ۾ تہ اھو منھنجي مسئلي جو حل ثابت ٿئي ھا؟ نه. اھو ڪم ويترڳالھہ وڌائي ھا.جيئن تہ آءٌ توھان کي ٻڌائي چڪو آھيان تہ آءٌ پڪو فيصلو ڪري چڪو ھوس تہ آءٌ ظاھري طرح زال سان اھڙو وھنوار رکان جو ڪوبہ مون ڏي آڱر نہ کڻي.“
حان جج ڏي نهاريو، جنھن ڪنڌ ڌوڻي هن کي بيان جاري رکڻ جو اشارو ڪيو.
”ٻئي ڏينھن آءٌ جسماني طرح ٿڪ محسوس ڪري رهيو ھوس ۽ دماغ جون نسون سيٽجي ڄڻ تہ ڦاٽيون ٿي. گهر ۾ هاڻ وڌيڪ ترسڻ منھنجي لاءِ عذاب ھو. سو ڪپڙا پائي بنا ڪنھن ارادي جي ٻاھر نڪري پيس ‏۽ شھر جي ويران ھنڌن تي هيڏانھن ھوڏانھن ڦرندو رهيس. ذري ذري اھائي ڳالھہ منھنجي ڌيان ۾ ايندي رھي تہ خوشگوار زندگي گذارڻ لاءِ مون کي ڪجهہ ڪرڻ کپي، پر مارڻ جي سوچ وري نہ آئي. سچ اهو آهي تہ رات واري مارڻ جي سوچ ۽ ڏينھن جو ان تي عمل ڪرڻ جي ڇڪتاڻ ھلندي رھي.حقيقت ۾، ان ڏينھن ڪوبہ ڪرتب ڏيکارڻ جو ارادو نہ ھوم ۽ جي مون کي ڏيکارڻو بہ هو تہ اھو خنجرن وارو نه، ان جي عيوض ٻيا ڪئين ڊزن کن ڪرتب ڪري سگهيس ٿي.
”خير، شام ٿي ۽ آخر ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ اسان جو وارو آيو. مون کي ذرو بہ احساس نہ هو تہ اڄ ڪا غير معمولي ڳالھہ ٿيندي. روزمرہ وانگر، مون تماشبين کي خنجرن جو تکو ڦر پنا وڍي ڏيکاريو. پوءِ منھنجي زال چيني وڳي ۾ اسٽيج تي نمودار ٿي، ڏسندڙن تاڙيون وڄائي ھن جي آڌرڀاءُ ڪئي، جنھن جي موٽ ۾ ھن مرڪي جواب ڏنو ۽ پوءِ سامھون تختي اڳيان ٿي بيٺي. مون ھڪ خنجر کنيو ۽ ان جي سامھون ڪجهہ مفاصلي تي ٿي بيٺس.
”۽ ھاڻ وري اسان جون اکيون ھڪ ٻئي سان مليون. مون کي ان وقت ئي ھي ڪرتب چونڊڻ جو جوکم محسوس ٿيو. مون پنھنجو پاڻ کي پرسڪون بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منھنجي ھڏن جي گودي تائين پھتل ٿڪاوٽ مون کي سڪون نہ ڏئي سگهي. مون محسوس ڪيو تہ منھنجو پنھنجين ٻانھن تي ڪو ضابطو نہ رھيو آھي. مون ھڪ دفعو وري پنھنجو پاڻ کي پرسڪون رکڻ جي ڪوشش ۾ اکيون بند ڪيون پر منھنجو سڄو جسم ڌڏي رھيو ھو.
“ھاڻ اھو وقت ويجهو اچي چڪو هو! مون پھرين خنجر جو نشانو ھن جي مٿي مٿان ھنيو، جيڪو ھونءَ کان ھڪ انچ مٿي ئي لڳو. منھنجي زال ٻئي ٻانھون مٿي کنيون ۽ مون انھن جي ھيٺان ھڪ ھڪ ڪري خنجر ھڻڻ جي تياري ڪئي. جهڙو ئي پھرين خنجر کي اڇل ڏئي ھنيم تہ ائين لڳو ڄڻ ڪا طاقت منھنجي ھٿ کي جهلي رهي ھجي ۽ ھاڻ مون کي صحيح نشاني تي خنجر ھڻڻ جو پختو عزم نہ رھيو ھجي ۽ ھاڻ بس ڀاڳ جي ڳالھہ ھئي جو خنجر صحيح نشاني تي لڳي رھيو ھو. منھنجو ھر قدم وچڙندڙ لڳي رھيو ھو.
”مون ھڪ خنجر پنھنجي زال جي ڳچيءَ جي کاٻي پاسي اڇليو ۽ ٻيو ڳچيءَ جي ساڄي پاسي اڇلڻ وارو ھوس تہ ھن جي اکين ۾ مون کي عجيب ڪيفيت محسوس ٿي. ڪنھن ڊيڄاريندڙ شيءَ کي ڏسڻ وارو خوف سندس اکين مان بکي رهيو هو. ڇا ھن کي اڳواٽ ڄاڻ ٿي چڪي ھئي تہ منھنجو ھي خنجر، جيڪو چند سيڪنڊن ۾ ھن ڏي اڇلجي ويندو، سو سندس نڙگهٽ ۾ وڃي کپندو؟ مون کي چڪر اچڻ لڳا. ڄڻ تہ بيهوش ٿي ٿيس. خنجر کي پوري طاقت ۽ ڪوشش سان صحيح ھنڌ واري نشاني تي ھنيم...“
جج خاموشيءَ سان حان ڏي نهاريندو رهيو.
”اوچتو مون کي خيال آيو، ’مون تہ هن کي ماري رکيو‘.“ حان
ھڪدم چيو.
”ڄاڻي واڻي، تنھنجو مطلب آھي؟“
”ھا. اوچتو مون کي ائين محسوس ٿيوڄڻ مون ھن کي ڄاڻي واڻي ماري رکيو.“
”ان کان پوءِ آءٌ سمجهان ٿو تہ تون زال جي لاش اڳيان جهڪي ويٺين ۽ ماٺ مٺوڙي ۾ دعائون گهرندو رهئين؟“ جج پڇيو.
”ھائو، سائين! اھا مھل ۽ موقعي مطابق مون اٽڪل ڪئي. مون کي يڪدم ڌيان ۾ آيوتہ ھرڪو سمجهي ٿو تہ آءٌ عيسائي آھيان. پر آءٌ دعا گهرڻ جو ڍونگ رچائي، دل ئي دل ۾ اھو حساب لڳائي رهيو ھوس تہ مون کي ھاڻ ڪھڙو طريقو اختيار ڪرڻ کپي.“ حان ٻڌايو.
”سو تون ان بابت بلڪل مطمئن هئين تہ تو جيڪي ڪيو سو ڄاڻي واڻي ڪيئي؟“
”بلڪل. پر مون اھڙو نمونو اختيار ڪيو جو ماڻھو سمجهن تہ ڄڻ اھو مون کان حادثو ٿي پيو.“
”۽ اهو تون ڪيئن ٿو سمجهين تہ تو کان ڄاڻي واڻي ٿيو.“
”ان ڪري ٿو چوان جو ان وقت مون ۾ فيصلي ڪرڻ جي ڪا قوت نہ رھي ھئي.“
”ڇا تون سمجهين ٿو تہ تو واقعي ماڻھن کي اهو ڏيک ڏئي سگهئين تہ اھو توکان حادثو ٿي پيو ھو؟“
”ھا، جيتوڻيڪ پوءِ جڏھن ان بابت مون سوچيوتہ آءٌ ڏڪي ويس.پوءِ مون اھڙو نمونو ڪيو ڄڻ مان زال جي غم ۾ ڏکويل ھجان، پر ڪوبہ عقلمند ان وقت غور ڪري ھا تہ ڀلي ڀت سمجهي سگهي ھا تہ آءٌ ائين ئي مکر پيو ڪريان. پوءِ، ان وقت مون فيصلو ڪيو تہ آءٌ ڇو نہ ھن ڏوھہ کان بچي پوان. مون دل ئي دل ۾ سوچيوتہ منھنجي خلاف ڪوبہ ثبوت تہ ناھي. هونءَ کڻي ڪيترن کي خبر ھئي تہ منھنجا زال سان تعلقات سٺا نہ آھن، پر جيڪڏھن آءٌ چوندو رھندس تہ ھي حادثو آھي تہ ڪير آھي جو ان کي ڪوڙ ثابت ڪري سگهندو، سو دل ئي دل ۾ مون اھو فيصلو ڪيوتہ ان کي حادثو مشھور ڪبو.
”۽ پوءِ ھڪ عجيب سوال منھنجي دل ۾ پيدا ٿيو: آءٌ پاڻ بہ ڇو نہ يقين ڪريان تہ اھو حادثو ئي هو؟ ان کي خون ان ڪري پيو سمجهان جو رات زال کي خون ڪرڻ جو مون سوچيو ھو. آھستي آھستي آءٌ ذھني طرح ان حد تي پھتس جو مون کي خود سمجهہ ۾ نہ آيو تہ اصل ۾ ٿيو ڇا آهي؟ آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس - بس حد کان وڌيڪ خوش. دل چيوتہ خوشيءَ کان دانھون ڪريان.“
”ان لاءِ تہ تو ان کي ھاڻ حادثو ڪري سمجهيو؟“
”نه، اھو آءٌ چئي نٿو سگهان. ڇو جو مون کي پاڻ بہ ذري جي خبر نہ ھئي تہ اهو ڪم اتفاقي ٿيو يا ڄاڻي واڻي. بھرحال مون ان ۾ ئي پنھنجو ڇوٽڪارو سمجهيو تہ آءٌ هر ڳالھہ ۽ هر ڪوڙ کان پلاند آجو رکان. اھو چئي پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکو ڏيان تہ اھو حادثو ٿيو، ان کان بھتر آھي تہ ايمانداريء سان سچ سچ جيڪا ڳالھہ آھي اھا ڪريان تہ مون کي خبر ناھي. آءٌ ان کي نہ پنھنجي غلطي چئي سگهان ٿو ۽ نہ ان کي ڄاڻي واڻي مارڻ. دراصل آءٌ پنھنجو پاڻ کي نه”ڏوھاري“ چئي سگهان ٿو ۽ نہ وري ”اڻ ڏوهاري.“
حان ماٺ ٿي ويو. جج پڻ. چڱي دير لاءِ خاموش رھڻ کان پوءِ جج ڌيرج سان چيو: ”آءٌ يقين ٿو رکان تہ جيڪي ڪجهہ تو مون کي ٻڌايو آھي اھو سچ آھي. بس هاڻ باقي ھڪڙو سوال: ڇا توکي پنھنجي زال جي موت جو ذري برابر بہ ڏک ناھي؟“
”ڪجهہ بہ نه! ماضيءَ ۾ جڏھن آءٌ زال کي سخت ڌڪاريندو ھوس ان وقت تہ مان اھو سوچي بہ نٿي سگهيس تہ آءٌ سندس موت جي ڳالھہ ڪندي هيڏو خوش ٿيندس.“
”چڱو.“ جج چيو، ”تون ڀلي هيٺ ٿي بيهه.“
حان ڪنڌ هيٺ ڪري ڪٽهڙي کان ٻاھر اچي بيٺو. جج عجيب احساسات هيٺ ٽيبل تان قلم کنيو ۽ سامھون رکيل پنن کي پاڻ ڏي ريڙھي انھن تي لکيو: ”ھي ڏوھاري ناھي.“

ھلڪو ھلڪو چنڊ

شيگا نائويا (Shiga Naoya 1883- 1971)جي ھيء مختصر ڪھاڻي بقول سندس 16 آڪٽوبر 1945ع جي ڳالھہ آھي. ڪا خاص ڪھاڻي تہ نہ آهي پر گاڏيءَ ۾سفر دوران جيڪي ريلوي اسٽيشنون اچن ٿيون اهي اڄ بہ ساڳيون آهن ۽ اڌ صدي اڳ جي ٽوڪيو ۽ جپان جي اڄ جي حالتن سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي.
ٽوڪيو ريلوي اسٽيشن جي بنا ڇت واري ورانڊي ۾ بيٺو ھوس. جيتوڻيڪ سيارو ھو پر ھوا نہ لڳڻ ڪري ايتري ٿڌ نہ ھئي. ھلڪو ڦلڪو ڪوٽ جيڪو منھنجي بدن تي ھو چڱو گرم لڳو ٿي. منھنجن ٻن دوستن جي ’ائينو‘ ويندڙ ريل گاڏي اچي وئي ھئي سو اھي مونکي اڪيلو ڇڏي روانا ٿي ويا. آئون ’شينگاگاوا‘ ٽرين جو انتظار ڪرڻ لڳس.
آسمان تي سنھڙا سنھڙا ڪڪر پکڙيل ھئا جنھن جي پويان چنڊ ھلڪو ھلڪو چمڪي رھيو ھو ۽ پنھنجي جهيڻي روشنيءَ جي ورکا ’نيهان باشيءَ‘ جي سڙيل کنڊرن مٿان ڪري رهيو هو. شايد ڏھہ ڏينھن کن پراڻو چنڊ، ڪجهہ هيٺڀرو لڳي رهيو هو. ان وقت جيتوڻيڪ اڃا ساڍا اٺ ڪي مس ٿيا هئا پر ٽوڪيو جي ريلوي اسٽيشن تي ڪي گهڻا ماڻھو نہ ھئا، اسٽيشن جو ويڪرو ورانڊو ماڻھو نہ ھجڻ ڪري ويتر ويڪرو لڳي رھيو ھو.
ريل گاڏيءَ جون اڳيون بتيون پري کان ئي ظاهر ٿيون. ڪجهہ دير بعد گاڏي ريلوي اسٽيشن منجھہ گهڙي اچي اڳيان بيٺي. ان ۾ ڪا ماڻھن جي پيھہ پيهان نہ ھئي ۽ مون کي سولائيءَ سان در جي ڀر واري بئنچ تي جاءِ ملي وئي. منھنجي ساڄي پاسي پنجاھہ ورھين جي ڄمار جي، ڪم ڪار جي ڍلن ڪپڙن ۾ ملبوس عورت هئي. منھنجي کاٻي پاسي ھڪ سورهن سترھن سالن جو ڇوڪرو ويٺل ھو. هو ڪنھن فئڪٽري/ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ لڳو ٿي. ھن جي پٺ مون ڏي هئي جو هو پاسيرو ٿي ويٺل ھو. گاڏيءَ ۾ چڙھڻ وقت منھنجي نظر ھن تي پيئي ھئي. ھن جون اکيون پوريل ۽ هيٺيون چپ ۽ کاڏي هيٺ تي لڙڪيل هئي. ريل گاڏي جي لوڏن ڪري ھن جي جسم جو مٿيون حصو اڳيان پويان لڏي رهيو هو ياکڻيائين چئجي تہ سندس مٿيون حصو رکي رکي اڳيان جهڪي ٿي ويو ۽ ذري گهٽ ڪرڻ تي پھتو ٿي تہ ھن پاڻ کي پٺيان ڇڪي ٿي ورتو. وري اڳيان وڌيو ٿي تہ وري ھن پاڻ کي پٺيان ڇڪيو ٿي، لڳو ٿي تہ ھو گهاٽي ننڊ ۾ هو. مون ٿورو رڙهي هن جي ۽ پنھنجي وچ ۾ ٿوري جاءِ ڇڏي جيئن هن کي آساني رھي.
يوراڪوچو ۽ شمباشي تي ٽرين ڀرجڻ لڳي. لڳو ٿي تہ انھن مان ڪيترائي مسافر ھوٽلن تان موٽي پنھنجن گهرن ڏي روانا ٿي رھيا ھئا. ھڪ پنجويھہ ڇويھہ ورھين ڄمار جي گول منھن واري ھمراھہ پنھنجو ڳرو ٿيلھو پٺيءَ تان لاھي منھنجي ۽ ڇوڪريءَ جي وچ ۾ ڇڏيل وٿيءَ تي رکيو. هن جي پويان هڪ اڌروٽ عمر جو ھمراھہ ايڏي وڏي ٿيلھي سان ھو جيڪو رکي رکي ماڻھن جي ٿيلٿيلھان ڪري ٿاٻڙجي رهيو ھو. هن اڳيان بيٺل نوجوان ڏي نهاري، هن کان پڇيو:
”ڇا آئون پنھنجو ٿيلھو پڻ لاھي ھن تنھنجي ٿيلھي ڀرسان رکان؟“ ۽ پوءِ جواب ملڻ کان اڳ ھن پنھنجو ٿيلھو پٺيءَ تان لاھي هيٺ ٿي رکيو.
”ھڪ منٽ ترسجو.“ نوجوان پنھنجي ٿيلھي کي بچائيندي چيو، ”ھتي ٻن ٿيلھن جيتري جاءِ ٿي نہ سگهندي.“
”اوه. معاف ڪجو.“ ھن چيو ۽ مٿي سامان واري تختي ڏي نهاريو پر اتي بہ ڪا خالي جاءِ نہ ھئي. ھن پاسيرو ٿي پنھنجي ٿيلھي کي ڇڪي وري پٺيءَ تي رکيو.

شايدنوجوان جي دل ۾ وري خيال آيو جو ھن ھمراھہ کي چيو تہ جيڪڏھن ھو چاھي تہ ڀلي پنھنجو ٿيلھو سيٽ تي رکي.
”نہ مڙيئي خير آھي. منھنجو ڪو ايترو ڳرو ناھي. مون رڳو انکي ٺاھي رکڻ لاءِ ھيٺ ٿي رکيو. پر ھاڻ ان جي ضرورت نہ آهي.“ اڌڙوٽ ھمراھہ نوجوان جي مھرباني مڃي.
اھو ڏسي ۽ ٻڌي مون کي خوشي محسوس ٿي.
ھمامتسوچو ۽ شيناگاوا ريلوي اسٽيشن تي ڪجهہ مسافر لٿا ۽ ڪجهہ چڙھيا. بلڪ ڪجهہ وڌيڪ ئي چڙھيا جو ريل جي گاڏي ۾ گپاگيھہ وڌي وئي. ان سوڙھہ سنگهوڙ ۾ بہ ڇوڪرو جهوٽا کائيندو رھيو. رکي رکي جهوٽو کائي اڳيان ڪريو ٿي پر ڪرندي ڪرندي ھن پاڻ کي سنڀالي ورتو ٿي.
”ھن جي ٻوٿيءَ ڏي ڏسو.“ ھڪ مسافر ريمارڪ ڏنو. ھن سان گڏ ٻيا بہ چار پنج ھڪ ئي ڪارخاني جا ورڪر لڳا ٿي. اھي سڀ ٽھہ ٽھہ ڪري کلڻ لڳا. دراصل ھن جي ڳالھائڻ جو چرچائي انداز ھو ۽ جهوٽا کائيندڙ ڇوڪري جي شڪل بہ عجيب مسخرن جھڙي ھئي. ريل جي سڄي دٻي ۾ ھڪ خوشگوار ماحول طاري ٿي ويو.
ان مھل، گول منھن وارو نوجوان پٺيان بيٺل اڌروٽ ھمراھہ ڏي مڙيو. پنھنجي پيٽ کي ھٿ ھڻي، ھن آھستي آواز ۾ چيو: ”ھي ڇوڪرو ھن پاسي کان بکايل آهي.“ اھو ٻڌي ھمراھہ ڇوڪر ڏي تعجب مان ڏٺو.
ويندي اھي ماڻھو جن ھن ڇوڪر تي ٿوري دير اڳ ٺٺولي ڪري ٽهڪ پئي ڏنا اھي ھاڻ سوچڻ لڳا تہ ھن ڇوڪر کي واقعي ڪا تڪليف ٿي پئي آهي.
”ڇا ھي بيمار آهي؟“ ھنن مان ھڪ پڇيو.
”نشي ۾ آهي، شايد. ڪجهہ ائين ئي لڳي ٿو.“ ٻئي چيو، پر اتي ڪنھن ٽئين وراڻيو:
”نه، اھا ڳالھہ نہ آهي.“ شايد ڪجهہ سمجهي سڀ ھمراھہ يڪدم ماٺ ٿي ويا.
ڇوڪر جي سادي سودي ڪوٽ جي ڪلھي ۾ چتي لڳل ھئي ۽ ٻي ٻانھن وٽان ڦاٽل ھو جتان صاف ظاھر پئي ٿيو تہ اندران ڇنل ٽوال جو ٽڪرو لڳائي بخو ٽوپو ڪيو ويو آهي. ھاڻ ھو اڳيان پويان لڏڻ بدران پنھنجي ڳل کي در ۽ دريءَ جي وچ ۾ لڳل ڪاٺيءَ ڀور سان کنهڻ لڳو.
”هيڏانھن.“ ڇوڪري اڳيان بيٺل ھڪ قداور ھمراھہ ڇوڪري جي مٿي تي ھٿ رکي هن کان پڇيو. ”ڪيڏانھن پيو وڃين؟“
پھرين ڇوڪر ڪابہ ورندي نہ ڏني پر پوءِ ٻيو دفعو پڇڻ تي ھن ٿڪل ۽ ننڊاکڙو آواز ۾ وراڻيو:
”آئون ’ائينو‘ وڃي رهيو آھيان.“
”نه. تون ان پاسي نہ وڃي رهيوآهين. ھيء ٽرين بلڪل ابتي پاسي شيبويا وڃي رھي آھي.“
ڇوڪر ڇرڪ ڏئي اٿي بيٺو ‏۽ دريءَ مان هيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ لڳو. گاڏيءَ جي اوچتي جهٽڪي ڪري ڇوڪر پنھنجو وزن سنڀالي نہ سگهيو ۽ اچي مون سان لڳو. مون تي اوچتو ڪرڻ تي مون کان بہ ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڄاڻي ٻجهي نہ پر بي خياليء ۾ مون کڻي کيس پري ٺيلھو ڏنو. ھي ھڪ اھڙي ڳالھہ ھئي جنھن لاءِ آئون بيحد شرمائجي ويس ۽ پڇتاء محسوس ڪيم. ڇو جو ڇوڪرو مون سان ڪو ايترو زور سان اچي نہ لڳو هو. منھنجي انھن ڏينھن ۾ ڪا ھڪ سؤ ڏھہ پائونڊ تور ھئي. ڇوڪر جي ان کان بہ گهڻي گهٽ ھئي. مون ھن جي پٺ کان ڳالھايو:
”توکي ٽوڪيو اسٽيشن وٽ گاڏي بدلائڻ کتي ٿي. تون چڙھيو ڪٿان آھين؟“
”شيبويا کان.“ ڇوڪري وراڻيو. ھن پٺيان مڙي مون کي ڏسڻ جي بہ تڪليف نہ ورتي.
ڪنھن ٻئي اتي چيو:”پوءِ تہ يار تون سڄي دنيا جو ڦيرو ڪري وري ساڳي ھنڌ تي پيو پھچين.“
ڇوڪري پنھنجو نرڙ دريءَ جي اندر تي دٻائي، ٻاھر اونداھيءَ ۾ گهوريو ۽ پوءِ ڀُڻ ڀُڻ ڪري ڪجهہ ڳالھايوجيڪو مون ئي جهڙو تهڙو ٻڌو:
ڇوڪري جا آھستي ڳالھايل اھي لفظ، منھنجي دماغ ۾ وڏي عرصي کان رھندا اچن.
ڇوڪري جي اوس پاس ۾ موجود مسافرن پنھنجو ڌيان ھن ڇوڪري تان ھٽائي ٻين ڳالھين ڏي ڪري ڇڏيو. مون پاڻ بہ سوچيو تہ انھن حالتن ۾ آئون ڇا ٿو ڪري سگهان. مون وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ ھجي ھا تہ کڻي ڇوڪري کي ڏيان بہ ھا. ائين ڪرڻ سان مون کي خوشي محسوس ٿئي ھا. پئسو ڏوڪڙ ھن جي ڪم ۾ ڏينھن جو بہ نہ اچي سگهي ھا. ھينئر تہ رات جا نو ٿي چڪا آهن، ۽ ڪو کاڌو خريد ڪرڻ جي ڪا اميد نہ رھي آھي.
آئون غمگين ۽ ٻڏل دل سان شيبويا ريلوي اسٽيشن تي لھي پيس. ھي واقعو مون کي سورھين آڪٽوبر 1945ع تي درپيش آيو.

جپاني شاعري

يونو ناڪو وو
ناني ني تانو ايمو
اسان ڊوراڪي
ڪوگي يوڪي فوني نو
تو نو شيرا نامي.

ڇا سان ڀيٽيان
ھن دنيا کي؟
سمنڊ جي ان اڇي گجيءَ سان!!
جيڪا جهاز، ھلندي وقت، پٺيان ڇڏيندو آ...
صبح ٽاڻي.
(مان سيئي ٻائو 720ع)

سفر ۾ آھيان مان پر
رات ٿيندي ئي ٻاريان ڪو ڏيئو
نہ تہ اوندھ ۾ منھنجي محبوبا جي،
ساڙي رکندي تپش مون کي.
(اوتامارو: نائين صديءَ جو شاعر)

يومي يو ڀومي
ڪو اِشي ڪي ھتو ني
آئي مي سونا
سامي تي نو نوچي وا
وابي شي ڪاريڪبري.

خوابو، ٻڌو، منھنجا خوابو!
ان مھل مون سان نہ ملايو،
ان ماڻھوءَ سان جنھن سان پيار اٿم
جنھن وقت اک کلڻ واري اٿم
ڇو جو پوءِ ماري ٿو
مونکي احساس اڪيلائيءَ جو.
(ايگيو ٻائو)

آئون تہ لڪايان ان کي پر...
منھنجي اکين مان آ ظاهر ظهور
اھڙو ئي آ پيار منھنجو تو لاءِ
ماڻھو مون کان ڪن ٿا اھو ئي سوال
آھين وڃايل ڪھڙي سوچ ۾؟
(ڪاني موري — ڏھين صديءَ جو شاعر)

ھڪ جپاني شاھي خاندان جي عورت اڪازومي ايمون، شعر 1086ع جو، ڪتاب گوشو اشو تان ورتل

يا سورا وا دي
نينا ماشي مونو وو
سايو فڪيتي
ڪاتا بوڪر مادي نو
تسڪو ڪي وو مشي ڪانا

مون اجايو ويھي تنھنجو انتظار ڪيو
ان کان تہ بھتر ھو
سمھي رھان ھا ۽ توکي ڏسان ھا خواب ۾،
مون اجايو سڄي رات ضايع ڪري ڇڏي
چنڊ کي چڙھندو ۽ لھندو ڏسي

بي ڊپو ڪري ڇڏيو آ اھڙو تنھنجي عشق
ختم ڪري ڇڏيو حجاب جو ھو ماڻھن سان
اھا بہ ھڪ مون جھڙي عاشق جي آ عزت
جي کڻي تنھنجي ميلاپ جي قيمت آ موت
”ھڪڙي ماڻھوءَ جو زيان ڪو خاص زيان ناھ.“
(ناري ھيرا 823 - 880)

مرڻ وقت ھڪ شاعره جو پنھنجي محبوب ڏي پيغام:
ارازا را مو
ڪولو يو نو ھوڪا نو
او مو ئي دي
ايما ھتو تابي نو
او ڪوتو مو گانا،

ٿوري دير کان پوءِ آئون مري وينديس
آخري نشاني خاطر،
جيڪا ھن دنيا مان آئون کڻڻ چاھيان ٿي،
جنھن لاءِ آئون سڪي رھي آھيان...
اھو آھي تنھن ديدار.
(عزومي شيڪيبو)

ڪڏھن ھو منھنجي وھم گمان ۾؟
تہ آئون وري ھتان لنگهندس
ھڪ پوڙھي ماڻھوءَ جي روپ ۾!!
(سائي گيو: 1118ع - 1190ع)

تون اچي موٽي نہ وڃين شايد
يا آئون توڏي نہ ھليو اچان،
انھيء ڪشمڪش ۾
مون رات در کي ڪلف بہ نہ ڏنو.
(شاعر جي خبر ناھي)

جيڪڏھن مونکي خبر ھجي ھا تہ ٻڍاپو ايندو
در پنھنجو بند ڪري ڏيان ھا کيس جواب
تہ گهر جو مالڪ اندر ڪونهي
۽ ڪري ڇڏيان ھا کيس اتان ئي واپس.
(شاعر جي خبر ناھي)


پنھنجن ڳوڙھن کي ڪاش ڪنھن ڌاڳي ۾ پُوئي
تنھنجي ڳچيءَ جو جيڪر ھار ٺاھي سگهان.
(ھوري گوچي 1892ع)

ڇانھينء جي پوک ۾
لومڙ مليو چور کي.
(تائي گي: 1709ع - 1771ع)

تا نو شي ني وا
سوزو رو يومي يوڪو
ڪاڪي نو ناڪا ني
واري تو ھتو شڪي
ھتو وو مشي تو ڪي.

اھا مزي جي ڳالھه
پڙھندي جڏھن ڪنھن ڪتاب ۾
اتفاق سان مليو وڃي ڪو ڪردار
آھي جو ھوبھو مون جهڙو.
(شاعر جي خبر ناھي)

پڇي ڪوئي تہ ڇا ٿيو ’سوڪان‘ کي؟ چئجوس:
ويو آهي ٻئي جهان ۾ ڪنھن ڪم سان.
(سوڪان: 1458ع - 1546ع)

پنھنجي چھنب رکي پنھنجي ڇاتيءَ تي
ڏس روئي ويٺو پکي پاڻيءَ جو.
(گينڪو:1857ع ۾ ڄائو)


مختلف جپاني شعرن جون ڪجهہ سٽون

• ڌڙڪي پئي ائين منھنجي دل
ڄڻ کائي جهاز لوڏا سمنڊ ۾

• نہ ڪنديسانءِ محبت جي قيد مان آزاد

• اھي ڌاريا وڃي ٿيا، ھئا جي ويجها عزيز.

منھنجا ويجها مائٽ، ويا ڇڏي مونکي.

• چانڊوڪي ڪري ٿي بحث
اسان جي پاڇن سان.

• آھي ھن ئي شھر ۾،
پر منھنجي دنيا آ مون کان پري.

• نڪتو آ چنڊ پر
آھي ڪنھن شيءِ جي اڃا کوٽ.

• ھاڻي تو وٽ ڪجهہ رھيو ناھي
مون کي چوڻ واسطي.

• عشق منھنجو
مري ٿئي ٿو وري جيئرو.

• آئون نہ وساريندس عمر سڄي توکي
پر ھڪ ڏينھن تون وساري ڇڏيندينء مون کي.

• ھڪ بھار جي شام جي گهڙي
۽ ٽُڪر ھزار سون جا
تور ٻنھي کي کڻي
پر ڇا گهڙي بھار جي شام جي! 

زلف جي بند ڪمند وڌا

سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي، ”کٽل آهيون تہ بہ خان آهيون.“ يا ڪيترا ماڻھو عزت خاطر پنھنجو اندر لڪائي مٿان اڇو لٽو پائي ٻئي کي اهو لکاءُ ئي نہ ڪرائيندا آهن تہ ڪو ”ڏٻرا“ ٿي ويا آهن. اهڙو ئي حال جپانين جو آهي. جپاني چوڻي آهي تہ : ”بشي وا ڪووا نيدو تاڪا يوجنسي.“ يعني ورائي (پھلوان) کي کائڻ لاءِ نہ هوندو (پيٽ ۾ بک هونديس) تہ بہ تيليءَ سان ڏند کوٽي ماڻھن کي اهو ڏيک ڏيندو تہ هن ڍءُ ڪري گوشت پلاءَ کاڌو آهي.
جپان ۾ بہ مغرب جي دنيا کان ابتر پاڻ وانگر مال دولت کان وڌيڪ عزت کي مٿانھون سمجهيو وڃي ٿو. خاص ڪري ماڻھوءَ جي مُئي کانپوءِ هن جا ڳڻ ئي ڳايا وڃن ٿا. مرڻ وقت چاهي هو ڪو ڌن دولت ڇڏي ويو هجي يا نہ پر عزت ۽ لڇڻ اهڙيون شيون آهن، جن ڪري هو پوءِ بہ ڳائبو رهي ٿو. ان جو مثال اسان وٽ ڪيترائي بزرگ، فقير، شاعر اديب ٿي گذريا آهن. ان سلسلي ۾ جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: ”تورا وا شي شيتي ڪاوا اوت دومي، هتو وا شي شيتي تا او ڪوسو.“ شينھن مرڻ بعد پنھنجي کل ڇڏي ٿو ۽ ماڻھو مرڻ کانپوءِ پنھنجي عزت ڇڏي ٿو.
پاڻ وٽ اها چوڻي عام آهي تہ، انسان ڪڏهن گليل کان بہ پيو ڊڄندو پر ڪڏهن تہ هو توب منھن ۾ هوندي بہ پرواھہ نہ ڪندو آهي ۽ دلير ٿي مقابلي جي ڪوشش ڪندو آهي. سو جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي : ”ڪوسو، نيڪو اوڪامو.“ گهيري ۾ آيل ڪوئو ٻليءَ کي بہ چڪي رکندو آهي. جپان ۾ رهندڙ اسان جا سنڌي دوست ”ڏٺو پير پني مراد“ پھاڪي جو نعم البدل جپاني پھاڪو : ”نائي زان مي اِي دو شيتي نيزومي اپيڪي“ ڏريو جبل نڪتو فقط ڪوئو_ استعمال ڪن. يا اسان جو يار اقبال سولنگي سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ وقت سنڌي پھاڪو : ”سھسين ڪرين سينگار، تہ بہ کودڙي جو پٽ کودڙو“. استعمال ڪري ۽ جپاني ۾ ڳالھائيندي وقت ان ئي مفھوم جو جپاني پھاڪوڏيندو: ”ڪائيرو نڪو وار ڪائيرو“_ ڏيڏر جو ٻچو سو ڏيڏر. يا جيئن پاڻ وٽ ان جھڙو هڪ ٻيو سنڌي پھاڪو بہ آهي: ”جھڙا ڪانگ تھڙا ٻچا.“
پھاڪن جو ڀنڊار ظفر شيخ آهي جنھن جي سٺي، ادبي ۽ ٺيٺ جپاني ڳالھائڻ تي کيس جپاني بہ داد ڏيندا آهن. سندس واتان ٻڌل ڪجهہ جپاني پھاڪا: ”ڪامي نوڪو يوري توشي نوڪو“ عمر سان ئي عقل اچي ٿو.
هونءَ جپاني لفظ ’ڪو‘ جي معنيٰ ڪڇونءَ جو مٿيون ڍڪ، پُڙ پڻ آهي. پر هتي ڪو جي معنيٰ عمر يا تجربو ٿيندو.
هڪ ٻيو جپاني پھاڪو جيڪو شايد سنڌي چوڻي: ”جيڪو ڳڙ سان مري تنھن کي زهر ڇو ڏجي.“ جي بدران استعمال ڪري سگهجي ٿو، اهو آهي: ”نيواتوري اوسا ڪو ني اوزاڪو نزو گيوتو او موچي اِين.“ ڍور کي ڪھڻ جو ڪات ڪڪڙ تي ڇو استعمال ڪجي!!
يا هڪ ٻيو سندس دلپسند جپاني پھاڪو آهي : ”ميڪو سو هانا ڪوسو او وارائو.“ (اکين جون پچيون ٿيون نڪ جي پچين تان ٺٺوليون ڪن.)
جيئن پاڻ وٽ سنڌي ءَ ۾ آهي تہ: ”مينھن چوي ٿي ڍڳيءَ کي هل ڙي پڇ ڪاري.“ مٿئين قسم جو هڪ ٻيو بہ پھاڪو جپانيءَ ۾ آهي تہ ”جھڙا پنجاھہ قدم موٽڻ تھڙا سؤ.“ اها چوڻي هڪ جپاني قصي تان ٺھيل آهي جنھن ۾ جنگ دوران پنجاھہ قدم پٺتي ڀڄڻ وارو سپاهي سؤ قدم پٺتي آيل سپاهيءَ تان چٿرون ٿو ڪري.
جپانيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ”ڪمزور (بيڪار) گاھہ جلدي اڀري ٿو.“ اهو ٻڌي امر جليل جي ان جھڙي چوڻي ياد ايندي آهي جيڪا گهڻو گهڻو اڳ سندس هڪ افساني ۾ پڙهي هيم: ”اناج ۽ ڪارائتيون شيون تہ محنت سان ئي پوکي سگهجن ٿيون. پنھنجي سائي ڌرتيءَ مان رڳو ڊڀ، ڪرڙ ڪنڊا ۽ ٿوهر ئي ڦٽي سگهن ٿا.“
شاھہ لطيف جو شعر آهي تہ:
”صبر جنين جو سير، تير نہ گسي تن کان.“
اهو گهڻو ڪري ان وقت ياد ايندو آهي، جڏهن جپان جا اڪثر بندرگاھہ ڇڏيندي وقت جتي طوفان ۽ هوائون عام آهن_ جپاني مقامي ماڻھن واتان نصيحت ۽ صلاح خاطر هي جپاني پھاڪو ٻڌبو آهي: ”ماتيبا ڪائرو نوهيوري“_ سڻائو سمنڊ ان کي ئي ملي ٿو جيڪو انتظار ۽ صبر کان ڪم وٺي ٿو_ يعني ماڻھوءَ کي موسم ۽ سمنڊ سڻاوا ملن ٿا.
”ڏڌل کير وري ٿڻن ۾ نہ پوندو آهي.“ اهو هڪ سنڌي پھاڪو آهي جنھن جو لفظ بہ لفظ جپانيءَ ۾ ترجمو ڪري اشفاق ميمڻ (جيڪو ڏهن سالن کان جپان ۾ آهي)، استعمال ڪندو آهي. جيتوڻيڪ ان سان ملندڙ جپاني پھاڪو پڻ آهي: ”فوڪو سوئي بان ني ڪائي رازو.“ (هاريل پاڻي وري گڏ ڪري نٿو سگهجي.)
اسان جو ڳوٺائي اسڪاڊرن ليڊر، عبدالرزاق بہ جپانيءَ ۾ گهٽ قابل ناهي. جپان ۾ بہ پڙهائيءَ دوران پنھنجي سبجيڪٽ اليڪٽرانڪس کان علاوه جپاني ٻوليءَ جي لکت جي امتحانن ۽ ريڊيو ٽي ويءَ تي ڪيل تقريرن ۾ بہ نمبر کنيائين. ظفر شيخ وانگر سندس واتان جپاني پھاڪن، چوڻين ۽ شعرن سان ٽمٽار هوندي آهي. کانئس ٻڌل ڪجهہ چوڻيون جيڪي هن وقت هري رهيون آهن: ”جهرڪ سؤ سالن جو ٿي پوءِ ڪو نچڻ وساري.“
”بنبونين نو ڪو داڪو سان.“ (غريبن کي ٻار بہ گهڻا).

سندس خطن مان ڪجهہ ٻيا ڪوريل جپاني پھاڪا:
• ”سوٽن ماساتن کان پاڙيسري بھتر.“
• ”عشق جي مرض کان نہ گوتم ٻڌ ڇوٽڪارو ڏياري نہ ڪوسي پاڻيءَ جو چشمو.“
• ”ڪاني وا تينڪا نو ماوا ريموچي“ _ معنيٰ پئسو ايندڙ ويندڙ شي آهي. جيئن اسان وٽ سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي: ”پئسو هٿن جي مَرُ آهي.“
• اونا نو ڪامي نيوا اوزو موتسو ناگارو (عورت جا وار تہ متاري هاٿيءَ کي بہ سوگهو جهلي سگهن ٿا) پر جي ڪا جپاني ڇوڪري سنڌي سمجهي سگهي تہ ان جپاني چوڻيءَ بدران منھنجي خيال ۾ ايترو ئي چوڻ ڪافي ٿيندو:
تنھنجي زلف جي بند ڪمند وڌا
زندان هزارين، مان نہ رڳو.

ڪجهہ ٻيا جپاني پھاڪا ۽ چوڻيون

• باز جي پويان اڏامندڙ ڪٻر هميشہ اهو سمجهي ٿي تہ باز هن کان ڊڄي ڀڄي رهيو آهي.
• ماڻھوءَ کي پنھنجي وڃايل زال پھرين گهر ۾ ڳولڻ کپي.
• سئيءَ جي سوراخ مان سڄو آسمان نظر اچي ٿو.
• نانگ بانس جي سڌيپورَ ۾ بہ انگڙ ونگڙ ٿي سُري ٿو.
• رستي جي ڪَپَر تي جيڪڏهن بادامن سان ڀريل وڻ نظر اچي تہ پڪ ان جا بادام ڪڙا هوندا.
• ڪُڪڙَ بدران ڪُڪڙِ ٻانگ ڏئي تہ معنيٰ خير ناهي.
• ماڻھوءَ لاءِ هن جو نالو ۽ شينھن لاءِ هن جي کَل وڏي اهميت رکي ٿي.

هايا شي فومي ڪو

— ٽوڪيو ۾رهندڙ يا ٿي آيل، ھن جي ڪردارن کي اڄ بہ ياد ڪندا

ھيء ليکڪا 1904ع ۾ ڄائي ۽ 1951ع ۾ وفات ڪيائين. فومي ڪو جي ڪھاڻين جا ڪردار ٽوڪيو شھر جي ھيٺين طبقي سان تعلق رکن ٿا. چون ٿا ته”پيڙا ساھت جي سرجڻ جو چشمو آهي.“ جي اھا ڳالھہ صحيح آھي ته’فومي ڪو‘ ان جو مثال آهي. ننڍپڻ ۾ ڏٺل/سٺل ڏکن ڏاکڙن ۽ گذاريل ڪٺن زندگيءَ جا لمحا ۽ احساسات، ھن پنھنجي ڪردارن کي ڀلي ڀت ڏنا آهن. ان ڪري سندس ڪردار حقيقت جا مجسما لڳن ٿا.
سندس ھڪ ڪھاڻي ’ٽوڪيو‘ جيڪا مون کي تمام گهڻي وڻي آهي، ھتي نموني خاطر ڏيان ٿو، جنھن ۾سندس ڪردار جيئرا جاڳندا ائين لڳن ٿا ڄڻ اکين اڳيان ڊرامي جي اسٽيج تي ھلن پيا. ٽوڪيو ۾رھندڙ يا ٽوڪيو مان گهمي ايندڙن جي اکين اڳيان ’فومي ڪو‘ جو بيان ڪيل ٽوڪيو ۽ آس پاس جا نظارا، سُميدا ندي، اساڪسا وغيره، پڙھڻ وقت اکين اڳيان ڦرندا رهندا ۽ پڙھڻ بعدپڻ. مون وانگر ٽوڪيو مان وهندڙ سُميدا نديءَ جي پل تان لنگهندي وقت، کين مٿين ڪھاڻي ور ور ڏيئي ياد ايندي.

ٽوڪيو

منجهند جو وقت ھو پر سياري جي ٿڌي ھوا ايڏي تہ زور سان لڳي رھي ھئي جو ماڻھو ڏڪيو ٿي. ريو ڳوڻ پٺيءَ تي رکي ذري ذري پاسو ڏئي اتان ٿي لنگهي يا بيٺي جتي پيلي رنگ جي سج جا ڪي ڪرڻا ڪڪرن مان ڇڻي مٿس ٿي پيا. ھي ٽوڪيو جي وچ شھر وارو علائقو ھو جتي جنگ جي ڏينھن ۾ عام قسم جو بم ڪيرايو ويو ھو ۽ جنھن جا آثار اڃا تائين صاف ظاھر ھئا. ھن ھر گهر، آفيس ۽ اوطاق اڳيان لنگهندي چانھہ جو ھوڪو ڏنو ٿي.
اھڙي طرح ھڪ جاءِ ۾ ريو ليئو پائي ڏٺو تہ سامھون رنگ لڳل لوھہ جي تارن جا ڍير نظر آيس ۽ ان جي ڀر ۾ ھڪ کوکي جي ڪئبن جنھن ۾لڳل شيشي جي در مان صاف ڏسڻ ۾ پئي آيو تہ اندر باھہ ٻري رھي آھي. ڪئبن جي در وٽ ھڪ ھمراھہ ڪم جي ڪپڙن ۾ بيٺو هو. مٿي تي ڳاڙھو رومال ويڙھيل ھوس.
ريو کي ھن ڊگهي ماڻھوءَ ۾ ڪا لڪل خوبي محسوس ٿي ۽ ھمت کان ڪم وٺي ھوڪو ڏنو:
”چانھہ ويڪو. سائين چانھہ وٺنداؤ؟“
”چانھه؟“ ماڻھوءَ پڇيو.
”ھائو.“ ريو ڦڪي مرڪ چپن تي آڻي وراڻيو، ”ھا. شيزوڪا چانھہ اٿم.“
جاءِ جي ڀت ۾ ٺھيل لنگھہ ٽپي ريو اندر آئي ۽ پٺيءَ سان ٻڌل ڳوڻ جا پٽا کولي ان کي ڪئبن اڳيان رکيو. ڪئبن اندر ھن ڏٺو تہ چلھو ٻري رھيو ھو جنھن جي باھہ تي ڪيٽليءَ ۾ ٿيندڙ گرم پاڻي جي ٻاڦ جو آواز نڪري رھيو ھو.
”سائين ڳالھہ ٻڌو.“ ريو چيو، ”توهان دل ۾ تہ نہ ڪندا جيڪڏھن آءٌ اندر اچي ڪجهہ باھہ جو سيڪ وٺان. ٻاھر قهر جو پارو پيو وسي ۽ مون صبح کان ميلن جا ميل پنڌ ڪيو ھوندو.“
”ڀلي تون اندر اچ.“ ماڻھوءَ چيو، ”در بند ڪري اچي چلھہ وٽ ويھه.“
ھن سامھون رکيل اسٽول تي ويھڻ لاءِ چيوجيڪا سڄي ڪمري ۾ واحد فرنيچر جي شيءِ ھئي. پاڻ ڪنڊ ۾ رکيل سامان جي کوکي تي ٿي ويٺو.ريو پھريائين گهٻرائي پر پوءِ ڳوڻ کي اندر ڪئبن ۾ ريڙھي پاڻ باھہ جي ڀرسان بيھي ھٿ سيڪڻ لڳي.
”ھتي اسٽول تي وڌيڪ سولي ويھي سگهندينءَ.“ ھن ماڻھوءَ چيو ۽ سندس ڦاٽل ڪپڙن ۽ پرڪشش چھري ڏي ڏٺو جيڪو ٻاھران ٿڌ مان ٿي اندر باھہ جي سيڪ تي ڳاڙھو ڳٽول ٿي پيو ھو.
”ھا منھنجي خيال ۾ تنھنجو ھي روزمره جو ڪم ناھي - منھنجو مطلب آھي در در تي چانھہ وڪڻڻ.“
”ھا منھنجو اھو ئي ڪم آھي جنھن مان پيٽ گذر ڪريان ٿي.“ريو چيو، ”مون کي ٻڌايوويو ھو تہ ھي سٺو پاڙو آھي. پر آءٌ صبح کان وٺي پئي ھلان پر اڃا تائين فقط ھڪ دٻو چانھہ جو وڪڻي سگهي آھيان. آءٌ ھينئر گهر موٽڻ تي هيس پر سوچيم تہ رستي تي ڪٿي ماني کائيندي وڃان.“
”مڙيئي خير آھي. تون ڀلي ھتي ماني کائيندي وڃ.“ ماڻھوءَ چيس، ”۽ توکي اھو ارمان ھرگز ڪرڻ نہ کپي اڄ تنھنجي وڪري نہ ٿي.“ ‏۽ پوءِ مرڪندي هن وڌيڪ چيو: ”توکي خبر آھي تہ اھا سڀ ڀاڳ جي بازي آهي! سڀانڪو ڏينھن ٿي سگهي ٿو تولاءِ سدورو ثابت ٿئي.“
ايتري ۾ ڪيٽليءَ جو پاڻي ٽهڪڻ لڳو. جنھن کي لاھڻ لاءِ ھي اٿيو ۽ ريوکي پنھنجي چوڌاري ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. ھن ننڍڙي ڪئبن جي ڇت تختن جي ٺھيل ھئي جيڪا باھہ جي ڪارنٺ سان سڄي ڪاري ٿيل ھئي. دريءَ اڳيان ھڪ لکڻ جو بورڊ رکيل ھو ۽ ڀت ۾ لڳل تختي تي ڪٽنب جا ديوتارکيل ھئا ۽ ڀرسان ھڪ سڪاڪائيء جو ٻوٽو. ماڻھوءَ، ٽيبل تان ويڙھيل ڪاڳر کنيو جنھن کي کولي منجهانئس مڇيءَ جو ٽڪر ڪڍيو ۽ ٿورن منٽن بعد سڄي ڪئبن ۾ پڪل مڇيء جي خوشبوءِ پکڙجي وئي.
”اچ.“ ماڻھوءَ چيس، ”آرام سان ٿي ويھہ پنھنجي ماني کاءُ.“
ريو ڳوڻ مان پنھنجي مانيءَ جي ننڍي ڳنڍ ڪڍي اسٽول تي ٿي ويٺي. ”شيون وڪڻڻ ۾ ڪو مزو ناهي. ڪيئن؟“ ماڻھوءَ چُلھہ تي مڇيءَ کي گرم ڪندي چيو، ”اھو ڀلا ٻڌاءِ، تہ چانھہ جي سؤ گرامن جا توکي گهڻا پئسا ٿا ملن.“
”ان لاءِ مون کي پنجٽيھہ يين فائدو ملڻ کپي. پر جيڪي ماڻھوءَ مون کي وڪڻڻ لاءِ چانھہ موڪلين ٿا، سي خراب چانھہ بہ ملايو ڇڏين، سو ان صورت ۾ ٽيھہ يين بہ مليو وڃن تہ خوش قسمتيءَ جي ڳالھہ آھي.“
ريو جي ڳنڍ ۾ مڇيءَ جا ٻہ ننڍڙا ٽڪر ۽ ڪجهہ اوٻاريل جَوَن جو ڀت ھو. ھن کائڻ شروع ڪيو.
”تون ڪٿي ٿي رھين؟“ ماڻھوءَ پڇيو.
”شتايا جي علائقي ۾. دراصل مون کي ٽوڪيو جو هڪ حصو ٻئي کان الڳ نٿو لڳي. مون کي ھتي آئي ڪي ٿورا ئي ھفتا ٿيا آهن. منھنجي ھتي ھڪ ساھيڙي آهي جنھن مون کي ھتي ٽِڪايو آهي، جيسين آءٌ ڪا بھتر جاءِ ڳولي وٺان.“
مڇي سوڪ ٿي چڪي هئي. ھن ڪپ سان ان جا ٻہ ڳترا ڪري ھڪ ريو کي ڏنو. ان سان گڏ ڪجهہ پٽاٽا ۽ چانورن جو ڀت پڻ ڏنو. ريو مرڪيو ۽ ٿورو مڃڻ لاءِ جھڪي ’مھرباني‘ چئي. پوءِ ڳوڻ مان چانھہ جو ھڪ دٻو کڻي ان مان ڪجهہ چانھہ ڪاڳر جي رومال تي ليٽائي.
”اچي ھيء چانھہ پنھنجي ڪٽليءَ ۾ وجهو.“ ھن ھائوڪار ۾ پنھنجو ڪنڌ ڌوڻيو ۽ مرڪڻ وقت پنھنجا اڇا ڏند ظاهر ڪندي چيو: ”ھهڙي عمدي چانھه! نہ بابا ھيء تہ تمام مھانگي ھوندي.“
ھن جي جهلڻ کان اڳ، ريو ڪٽليءَ جو ڍڪ لاهي چانھہ ان منجھہ وڌي. ماڻھو ٽهڪ ڏيندي اٿيو ۽ تختي تان چانھہ جو ڪوپ ۽ مگ لاٿو.
”تنھنجي مڙس جي ڏي خبر؟ تون شادي شدہ آهين يا نہ؟“
”ھا. آئون آھيان. منھنجو مڙس اڃا تائين سائبيريا ۾ آھي. ان ڪري مون کي پورهيو ڪرڻو پوي ٿو.“
ريو جون سوچون ان مھل پنھنجي مڙس ڏي اڏامي ويون جنھن کان گذريل ڇهن سالن ۾ ھن وٽ ڪا خبر چار نہ آئي ھئي. ھاڻ تہ ھن جي شڪل يا ڳالھائڻ جو آواز ياد ڪرڻ لاءِ بہ ھن کي دماغ تي زور ڏيڻو پيو ٿي. ھر روز صبح جو اٿڻ مھل هن کي ھن دنيا جي خالي ۽ پوراٽيل ھجڻ جو احساس ٿيو ٿي. ھاڻ تهريو کي ائين لڳو ٿي ڄڻ سندس مڙس سائبيريا جي ٿڌي رڻ پٽ ۾ ڄمي برف جو جن يا ھڪ سنھو اڇو ٿنڀو ٿي ويو ھجي. هيڏي عرصي گذرڻ ڪري ھاڻ تہ جنگ جي ڳالھہ ئي ماڻھن جي ڌيان تان لھي وئي ھئي. سو کيس پنھنجي مڙس بابت ٻڌائيندي شرم ٿي آيوتہ هو اڃا اتي سائبيريا ۾ آھي.
”ڪمال آھي.“ ماڻھوءَ چيو، ”حقيقت اھا آھي تہ آءٌ بہ سائبيريا جي جيل ۾ ھوس! مون ٽي سال ’امور‘ نديءَ وٽ وڻن جون ڪاٺيون ڪپيندي گذاريا - بس گذريل سال ئي منھنجي اتان جان ڇٽي. اھا ڀاڳ جي ئي ڳالھہ آھي. تنھنجي مڙس تي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن آيل ٿا ڏسجن پر ساڳئي وقت توتي پڻ ڏکيا ڏينھن اچي ويا.“
”چئبو تہ تون بہ سائبيريا ۾ ئي هئين، پر تنھنجي حالت ڪا خراب نٿي لڳي.“ريوچيس.
”اھا تہ مون کي خبر ناھي.“ ماڻھوءَ ڪلھن کي لوڏي چيو.”بھرحال، جيئن توکي نظر اچي پيو، آءٌ اڃا جيئرو آھيان.“
ريو پنھنجي مانيءَ جي ڳنڍ ٻڌي ۽ انھيء دوران ھن ماڻھوءَ کي پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي. منجهس ڪا سادگي ‏۽ سڌائي ھئي، جيڪا گهڻو پڙهيل ماڻھن ۾ نہ ھوندي آھي جنھن ڪري ساڻس دل کولي ڳالھائڻ ۾ آر نٿي لڳو.
”ٻار ٻچا اٿئي؟“ ھن پڇيو.
”ھا ھڪ ڇهن سالن جو پٽ آھي. ھن جي اسڪول وڃڻ جي عمر آھي پر ھتي ٽوڪيو ۾ نالو داخل ڪرائڻ، ڏکيو ڪم آھي. هي آفيسر چاهين ٿا تہ ماڻھن لاءِ زندگي ڪيئن عذاب بڻائجي.“
ماڻھوءَ ويڙھيل ڳاڙھو رومال کوليو ۽ ان سان ڪوپ ۽ مگ اگهي انھن ۾ چانھہ وڌي.
”تمام عمدي چانھہ آهي.“ وڏي آواز سان چانھہ جون سرڪون ڀريندي ماڻھوءَ چيو.
”ڪيئن وڻي ٿي؟ اھا ڪا خاص اعلي قسم جي چانھہ تہ ناھي. ٻڌي اگھہ تي فقط ٻہ سؤ ڏھہ يين ھڪ ڪلو جا. پر تون سچ ٿو چئين _ ھيء بہ چڱي آھي.“
سندن ڳالھائڻ دوران ھوا اڃا بہ تکي ٿيندي وئي. رکي رکي ڪئبن جي ٽين جي ڇت تان ھوا جا سوسڙاٽ ٻڌڻ ۾ اچي رھيا ھئا. ريو دري کان ٻاهر ڏٺو ۽ گهر تائين پھچڻ لاءِ ڊگهي پنڌ جو سوچيو.
”آءٌ توکان ڪجهہ چانھہ وٺندس _ ست سؤ پنجاھہ گرام.“ اھو چئي ھن قميص جي کيسي مان ٻہ مروٽيل سروٽيل سؤ سؤ يين جا نوٽ ڪڍيا.
”چريو نہ ٿي.“ ريو چيس، ”ايتري تہ مان توکي ائين ئي ڏئي سگهان ٿي.“
”مفت ۾ تہ آءٌ بہ نہ وٺندس. واپار واپار آهي.“ ھن اھي ٻہ نوٽ ھن جي ھٿن تي زوريءَ رکيا ۽ چيو. ”باقي ھيڏانھن تنھنجو وري لنگھہ ٿئي تہ جهاتي ضرور پائجانء.“
”ھا. ضرور.“ ريو چيو ۽ پوءِ ان ننڍڙي ڪئبن ڏي چوڌاري وري نهاري چيو: ”پر تون شايد ھتي رھين تہ ڪونہ ٿو.“
”نه. رھندو ھتي ئي آھيان. سامھون رکيل لوھہ جي آءٌ چوڪيداري ڪندو آھيان ۽ ان کي ٽرڪن ۾ چاڙھائڻ مھل مزورن جي مدد پڻ ڪندو آھيان.“
ھن تختي ھيٺان وارو دروازو کوليو تہ سامھون ھڪ ننڍڙي کوليءَ ۾ صاف سٿرو ھنڌ نظر آيو.
”تہ ھي سائين جن جو آرامگاھہ آهي.“ ھن مرڪندي چيو، ”پورو تنھنجي ماپڻ جيترو.“
ھن دل ۾سوچيو تہ ھن جي ڄمار ڇا ٿي سگهي ٿي. ان ڏينھن کان پوءِ ريو ھر روز ان علائقي ۾ چانھہ وڪڻڻ لاءِ ايندي ھئي ۽ هر دفعي ان ڪئبن ۾ بہ ٿوري دير لاءِ ترسندي هئي. هن کي هاڻ خبر پئجي وئي تہ ماڻھوءَ جو نالو ’سورو‘1آھي. گهڻو ڪري ڏھاڙي هو ھن جي مانيءَ تي ڪانہ ڪا چھر وٺي رکندو هو، جيئن تہ آچار ذرو، تريل ڳائي گوشت جي ٻوٽي، مڇيءَ ڳڀ وغيره. ريو جو ڌنڌو بہ ھاڻ چڱو ٿيندو ويو ۽ ڪي گراھڪ تہ ھن جا پڪا ٿي ويا.
پھرين ملاقات کي ھفتو کن گذرڻ بعد، هڪ ڏينھن هوءَ پاڻ سان پنھنجو پٽ رائيوڪيچي وٺي آئي. سوروء ھن ٻار سان ٿوري دير ڳالھايو ٻولھايو پوءِ پاڻ سان چڪر تي وٺي ويس. واپسيءَ تي رائيوڪيچيء جي ھٿن ۾ ھڪ فروٽ ڪيڪ هو.
”ھي تنھنجو نينگر کائڻ جو مڙس ماڻھو آھي.“ سوروء ڇوڪري جي ٽڪڻ تي ٿپڪي ڏيندي چيو.
ريو ائين ئي سوچڻ جي ڪوشش ڪئي تہ آيا سندس نئون دوست شادي شدہ آھي يانہ. دراصل ريو هن جي ٻين بہ ڪيترن ئي پھلوئن تي سوچڻ چاهيو ٿي. هوءَ هاڻ اوڻٽيھن سالن جي هئي ۽ ھن شروع کان ئي محسوس ڪيوتہ ھي پھريون دفعو آھي، جڏھن مڙس کان علاوه ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ ۾ ھن سنجيدگيء سان دلچسپي ورتي آھي. سوروء جو بي فڪراڻي ۽ مستن واري نموني ھن جي دل ۾ ڏاڍو موھ پيدا ڪيو هو پر هن ان احساس کي پاڻ تائين خبرداريءَ سان سنڀالي رکيو ۽ صفا ظاهر نٿي ڪرڻ چاهيو.
ٿوري دير بعد سوروء صلاح ڏنن تہ ڪنھن موڪل واري ڏينھن تي هو ريو ۽ رائيو ڪيچيء کي اساڪسا2 گهمائڻ لاءِ وٺي ھلڻ چاھي ٿو. ’اوئينو‘ اسٽيشن وٽ معلومات واري دخل تي هو سڀ مليا. سوروء کي هڪ پراڻو سوڙھو ناسي سوٽ پاتل هو ۽ ريو کي آسماني رنگ جو ڪمونو ۽ مٿان ھلڪو ناسي ڪوٽ. غريباڻن ڪپڙن ھوندي بہ هوءَ ريلوي اسٽيشن تي ماڻھن جي ميڙ ۾ وڻي رھي ھئي جو منھن مھانڊن ۾ موچاري هئي ۽ عمر ۾ پڻ جوان جماڻ. ڳري جسم ۽ وڏي قد واري سوروء جي ڀرسان هوءَ ائين لڳي رھي ھئي ڄڻ ڪا اسڪول جي شاگردياڻي، موڪل وارن ڪپڙن ۾ ھجي. پاڻ سان کنيل ڳوٿريءَ ۾ سندن منجهند جي ماني ھئي: ڊبل روٽي، سنگتڙا ۽ ڀت سان گڏ سامونڊي ڪک پن.3
”بس اللھ ڪري، تہ مينھن نہ وسي.“ سوروء پنھنجي ٻانھن ريو جي چوڌاري ورائي، کيس ماڻھن جي ميڙ مان پار اڪاريندي چيو.
هو زمين دوز گاڏيءَ رستي اساڪسا اسٽيشن تي پھتا، پوءِ پنڌ متسويا ڊپارٽمينٽ اسٽور کان وٺي نائيتين شنتو دروازي تائين سوين ننڍا ننڍا دڪان لتاڙيائون. هن علائقي بابت جيڪي ڪجهہ ريو سوچيو هو ان کان مختلف ھو. سوروء آڱر جي اشاري سان ريو کي سامھون ڳاڙھي رنگ جو ننڍڙو مندر ڏيکاريو جيڪو رحم جي ديوي اساڪسا جو گهر هو. هوءَ اھو ڏسي وائڙي ٿي وئي. پري پري کان واڄن ۽ نغارن جون رکي رکي دانھن جھڙا آواز پئي آيا جيڪي سڪاڪائي جي پراڻن وڻن مان سيٽيون وڄائيندي ھوا جي سوساٽ سان ملي ٿي ويا.
هو پراڻن ڪپڙن جي لنڊا بازار مان ٿيندا اچي کاڌي جي اسٽالن سامھون اساڪسا حوض وٽ بيٺا، جتي ماڻھن جي چپ چپان لڳي پئي هئي ۽ ھوا ۾ تيل جي سڙڻ جي خوشبوءِ هئي. سوروء ھڪ دڪان تان نينگر کي کٽمٺڙن جي لڙي آڻي ڏني، جيڪا هو آھستي آھستي کائڻ لڳو ۽ ٽئي ھڪ سوڙھي گهٽيءَ مان لنگهڻ لڳا، جتي ٻنھي پاسي هوٽلن، ڪلبن ۽ سئنيما ٿيٽرن جا آمريڪن نموني جا اشتھار ‏۽ بورڊ لڳل هئا. ريو جي سوروءَسان ڄاڻ سڃاڻ کي اڃا مھينو بہ ڪو مس ٿيو هو پر کيس ايڏي تہ پنھنجائڀ محسوس ٿي رھي هئي جو ڄڻ تہ سڄي عمر جي واقفيت ھجي.
”اجهو آخر مينھن بہ اچي ويو.“ سندس ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺندي سوروءَ چيو. ريو مٿي نهاريو، جتان ڀورن ڪڪرن منجهان مينھن جا ڦڙا ڪري رھيا ھئا. ’سو ھاڻ سير جو مزو ئي ويو‘ريو سوچيو.
”سو ٿيندوتہ ھتي ھلي ويھون.“ سوروءَ، سامھون ھڪ دڪان ڏي اشارو ڪندي چيو، جنھن جي ٻاھران هڪ پراڻي زماني جو لالٽين لڙڪي رهيو هو ۽ بورڊ تي ڪانجي اکرن ۾ ”دلبھار چانھہ گهر“ لکيل ھو. هو ھڪ ٽيبل جي چوڌاري ٿي ويٺا، مٿان ڇت تي ھٿ جا ٺھيل گل لڳل ھئا. چوڌاري عجيب ڌاريون ماحول لڳي رھيو ھو. پر مڙيئي ٿيو جيئن تيئن وقت سٺي نموني گذارڻو. ھن چانھہ جو آرڊر ڏنو ۽ ريو ھڙ مان کائڻ جو سامان: ڊبل روٽي، سنگتڙا ۽ سامونڊي ڪک پن (Nori)ڪڍي ھڪ ٻئي ۾ ورھايا. کائي پي بس ڪيائون تيسين مينھن ھيڪاندو اچي وڏ ڦڙو ٿيو.
”سٺو ٿيندوتہ اسان اڃا بہ ٿوري دير ھتي ترسون جيسين مينھن ختم ٿئي، پوءِ آئون توھان کي گهر وٺي ھلندس.“
ريو تعجب مان سوچيوتہ خبر ناھي هي ڪھڙي گهر لاءِ ٿو چوي. سندس گهر يا ھن جو گهر. هوءَ تہ پنھنجي ساهيڙيءَ جي ڀڳل سڳل گهر ۾ ئي مسافر وانگر رهيل آھي ۽ کيس ڪو ڪمرو بہ ذاتي ناھي، جنھن کي کڻي ھوءَ پنھنجو سڏي. سندس اھڙي گهر کان تہ بھتر ٿيندو جي ھوءَ سوروء جي ان ننڍڙي ڪئبن ۾ موٽي هلي - پر اھا بہ ايڏي وڏي تہ ھئي ڪانہ، جنھن ۾ ٽي ڄڻا ماپي سگهن. پنھنجو پرس ڪڍي، ٽيبل ھيٺان پئسا ڳڻڻ لڳي. ست سؤ يين چڱو تعداد آھي جنھن جي بدران کين ڪنھن مسافرخاني ۾ ڪجهہ ڪلاڪن لاءِ اجهو ملي وڃي.
”خبر اٿئي تہ آءٌ ڇا چاهينديس؟“ ھن چيو.”آءٌ اھو چاھينديس تہ پاڻ ڪا فلم ھلي ڏسون، ان بعد ڪنھن مسافرخاني ۾ ماني کائي ھڪ ٻئي کان موڪلايون. پر ٿي سگهي ٿو اھو مھانگو پوي.“
”ھا. مون کي بہ ائين ٿو لڳي.“ سوروء کلندي چيو ”پر اچو تہ پاڻ اھو ئي ڪريون.“
مينھن کان بچڻ خاطر، سوروء پنھنجو ڪوٽ لاھي ڇوڪريءَ جي
مٿي تي رکي، رستي جي ھن پاسي سئنيما ڏي وٺي ڊوڙ پاتي. اندر سئينما ۾ ويھڻ لاءِ تہ سيٽ نہ ھئي سو بيھڻو ئي پيو. فلم ڏسندي ڇوڪري کي ننڊ اچي وئي ‏۽ سوروء کيس پاڻ تي جهڪائي ڇڏيو. سئينما گهر ۾ اندر بہ محسوس ٿي رهيو هو تہ ھوا وڃي پئي گهاٽي ۽ ڪوسي ٿيندي ۽ ڇت تي مينھن جو شپڪو ويو ٿي زور وٺندو.
فلم ختم ٿيڻ تي جڏھن هو ٻاھر نڪتا تہ اوندھہ ٿي چڪي ھئي.مينھن جي ڦڙن جو رستي تي ڪرڻ سان آواز ائين ٿي نڪتو، جيئن تکي هوا ۾ ڪيلي جي سڪل پنن مان نڪرندو آھي. آخرڪار ھنن ھڪ مسافرخانو ڳولي لڌو. جنھن جي مالڪ کين گلم وڇايل ورانڊي مان لنگهائي آخري ڪنڊ وارو ڪمرو ڏنو. ريو پنھنجا آلا جوراب لاھي رکيا. ڇوڪرو ان ئي وقت ڪنڊ ۾ وڃي ستو ۽ ليٽڻ سان ننڊ کڻي ويس.
”اچي ھي وھاڻي طور کڻي رک.“ سوروء ھڪ ڪرسيءَ تان گادي کڻي ڇوڪري جي مٿي هيٺان رکندي چيو.
دريءَ مٿان ٺھيل ناري مان پاڻي هيٺ ورانڊي ‏۾ ائين ڪري رهيو ھو ڄڻ ڪنھن جبل تان آبشار ڪري رهيو ھجي.
سوروءَ رومال کولي ريو جا آلا وار اگهيا. سوروءَ ڏي ڏسي ريو جي دل ۾ خوشيءَ جا جذبا اڀري رھيا ھئا.ريو کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سالن جي اڪيلائي هن مينھن ڌوئي ڇڏي ھجي.
ھوءَ کاڌي جي بندوبست لاءِ ٻاھر نڪتي تہ ورانڊي ۾ مغربي ڪپڙن ۾ ھڪ نوڪرياڻي مليس، جيڪا چانھہ جو خومچو کڻي پئي وئي. ريو کيس ٻہ پيالا اسپاگهيٽيءَ جا آڻڻ لاءِ چئي اچي سوروءَ جي سامھون ويھي جپاني چانھہ پيئڻ لڳي. وچ تي سگري ٻري رھي هئي.‏ ٿوري دير بعد سورو اتان اٿي هن جي ڀرسان پٽ تي اچي ويٺو.4 ٻئي ڀت کي ٽيڪ ڏئي سامھون ڪاري ۽ مينھوڳي واري آسمان ڏي ڏسڻ لڳا.
”ريو، تنھنجي عمر ڇا ھوندي؟“ سوروءَ ھن کان پڇيو.”منھنجي ڌڪي موجب تہ پنجويھن سالن جي ٿيندينء.“
ريوکليو.”نہ اھا نہ اٿم، سورو. آئون تہ پوڙھي ٿي چڪي آھيان. آئون اٺاوھين جي آھيان.“
”چئبو تہ تون مون کان سال وڏي آهين.“
”۽ تون تہ بنھہ ننڍو نڪتين.“ريو چيو. ”مون پئي سمجهيو تہ تون گهٽ ۾ گهٽ ٽيھن جو ھوندين.“
ريو ھن جي گهاٽن ڀرن ۽ ڪارين اکين ڏي چتائي ڏٺو. هو ٿورو شرمائڻ لڳو ۽ پوءِ اڳيان جهڪي هن پنھنجا آلا جوراب لاٿا.
مينھن جو وسڪارو جاري ھو. خذمتگار ڇوڪري ٺريل اسپاگهيٽيءَ جو پيالو ۽ سوپ کڻي آئي. ريو ڇوڪري کي اٿاري کيس سوپ جو پيالو ڏنو. هو اڃا ننڊاکڙو هو ۽ پيئڻ مھل بہ گِڏي رهيو هو.
”ڏس ريو.“ سوروءَ چيو، ”ٿي سگهي ٿو تہ پاڻ کي اڄ جي رات ھتي مسافرخاني ۾ ٽڪڻي پوي. هينئر پاڻ مينھن ۾ تہ گهر موٽي نٿا سگهون.“
”واقعي نه.“ريو چيو، ”منھنجي خيال ۾ تہ نه.“
سورو ڪمري کان ٻاھر نڪتو ۽ گاديلن ۽ سوڙن جا ويڙھا کڻي آيو.ريو ھڪ ويڙھي ۾ پنھنجي پٽ کي ٺاھي سمھاريو، جنھن کي ان ئي وقت گهري ننڍ وٺي وئي. پوءِ بتي وسائي پاڻ ڪپڙا لاھي اگهاڙي ٿي ھڪ ٻئي بستري ۾ سمھي پئي. ٻيءَ ڪنڊ مان سوروءَ جا آواز اچي رھيا ھئا جيڪو پنھنجي لاءِ ھنڌ ٺاھي رهيو هو.
”منھنجي خيال ۾ تہ هن مسافرخاني جا ماڻھو پاڻ کي زال مڙس ٿا سمجهن.“ سوروءَ ڪجهہ دير کان پوءِ چيو.
”ھا، مون کي بہ ائين ئي لڳي ٿو. اھا پنھنجي سٺي ڳالھہ ناھي جو کين بيوقوف ٺاھي رھيا آهيون.“
ھوءَ جيتوڻيڪ اهو ائين ئي چرچي ۾ چئي وئي پر جيئن تہ ھن وقت ھوءَ بستري ‏۾أگهاڙي ستي پئي هئي سو پھريون دفعو پاڻ کي منڌل ۽ ڏوھاري محسوس ڪيائين. ھيترن سالن ۾ مڙس کي ايترو ويجهو نہ ڀانئيائين، پر هينئر ڪن سببن ڪري ھن کي ائين پئي لڳو ڄڻ ھو ھن جي ويجهو، پھريدار جيان بيٺو ھجي. پر ھوءَ ھتي انھيء ڪري ٽِڪي پئي آھي جو مينھن کيس گهر تائين پھچڻ نٿي ڏنو - ھن پنھنجو پاڻ کي ياد ڏياريو... ۽ پوءِ سندس خيال هيڏانھن ھوڏانھن پُرلطف فضا ۾ ڦرندا رھيا ۽ ڪنھن مھل کيس اک بہ لڳي وئي.
جڏھن ھوءَ سجاڳ ٿي تہ اڃا اونداھہ ھئي. سورو پرئينءَ ڪنڊ کان آهستي سندس نالو وٺي رهيو هو. هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ويٺي.
”ريو، ريو، آئون تو وٽ ٿوري دير لاءِ اچي ڳالھيون ڪري سگهان ٿو؟“
”نہ سورو.“ريووراڻيس، ”تنھنجو منھنجي ڀر ۾ اچڻ صحيح نٿو لڳي.“
ڇت تي مينھن جي شپڪي جو آواز اڃا پئي آيو پر طوفاني بارش جو اھو زور گهٽجي چڪو هو. نارا بہ هاڻ ڍرا ٿي ويا ھئا، رڳو سنھي لار پئي ٽمي. مينھن جي ان آواز هوندي، ھن کي ٻڌڻ ۾ آيوتہ سورو جهڙوڪر ٿڌا ساھہ کڻيرهيو آهي.
”سورو!...‏ ٻڌ!! “ ھن ٿورو ساھہ پٽي چيو، ”مون توکان ھن کان اڳ ڪڏھن بہ نہ پڇيو ھو، پر ڇا تون شادي شدہ آهين؟“
”نه. هاڻ نه.“ سوروءَ چيو.
”ڇا تون هئين؟“
”ھا. آئون ھوس. جڏھن آرميءَ مان واپس آيس تہ پنھنجي زال کي ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ سان رھندي ڏٺم.“
”توکي - ڀلا ڪاوڙ لڳي؟“
”ڪاوڙ؟... ھا...شايد ڪاوڙ لڳي هئي. پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. هن مون کي ڇڏي ڏنو هو. پوءِ باقي ڳالھہ ۾ رهيو ئي ڇا.“
ان کان پوءِ هو وري ماٺ ٿي ويا.
”سورو، تون ڪھڙيون ڳالھيون ڪرڻ ٿو چاهين؟“ريو پڇيس.
سورو کليو.”بس، ڪا خاص ڳالھہ تہ ڪانہ آھي. جيڪا اسپاگهيٽي پاڻ سمھڻ مھل کاڌي ھئي سا خاص نہ ھئي، يا ھئي؟“
”نه. ان کي تہ ڪو سٺو چئي نہ سگهندو ۽ ھن ھڪ پيالي جا سؤ يين پاڻ کان ورتا.“
”ريو ڪيترو تہ سٺو ٿئي جيڪر توکي ۽ رائيوڪيچيء کي رهڻ لاءِ پنھنجو ڪمرو ھجي ھا.“ سوروءَ چيو.
”ھا واقعي، اھا تہ ڳالھہ آھي. ڇا تنھنجي گهر ڀرسان ڪو ڪمرو مسواڙ تي نہ ملي سگهندو. آئون پاڻ بہ تنھنجي ويجهو رهڻ چاھيان ٿي. سورو توکي ڪو سُجهي؟“
”اڄڪلھہ مسواڙ تي جاءِ ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آھي - خاص ڪري شھر جي وچ ۾ جتي آئون رهان ٿو. بھرحال مون کي ڪا جاءِ نظر آئي تہ ھڪدم خبر ڪندوسانءِ... تون ڪيڏي تہ سٺي عورت آهين، ريو.“
”آئون.“ريو کلندي چيس، ”چريو نہ ٿي.“
”ھا. تون واقعي سٺي آهين... واقعي سٺي.“
ريو پٽ تي پاسو ورائي اونڌي ٿي سمھي رھي. اوچتو ھن جي دل ۾ آيو تہ جيڪر سوروءَ کي ڀاڪر پائي ھن جي جسم کي پنھنجي ويجهو محسوس ڪري. ھن کي ڳالھائڻ جي ھمت نٿي ٿي ان ڊپ کان تہ ڪٿي آواز ھن جو ساٿ نہ ڇڏي وڃي. هن ساھہ کڻندي بہ تڪليف محسوس ڪئي ٿي. ھن جي سڄي جسم ۾ سيوڪاري ۽ سنھو سور ٿي رهيو هو. دريءَ ٻاھران ڪا صبح ساجهر ٽرڪ گذري.
”تنھنجا ماءُ پيءُ ڪٿي آھن، سورو؟“ ڪجهہ دير کان پوءِ ريو ڪڇيو.
”فڪوڪا شھر جي ڀرسان.“ سوروءَ وراڻيو.
”ڀلا ٽوڪيو ۾ تنھنجي ڀيڻ ٿي رھي.“ريو پڇيو.
”ھا. هوءَ تو وانگر اڪيلو سر آھي ۽ پٺيان ٻہ ٻار اٿس جن جي هن کي سارسنڀال ڪرڻي پوي ٿي. ھن وٽ سبڻ جي مشين آھي، جنھن تي مغربي نموني جا ڪپڙا سبي پورت ڪري ٿي. هن جو مڙس ڪجهہ سال اڳ مري ويو - چين واري لڙائيءَ ۾. جنگ، بس اھائي نڀاڳي نپٽ جنگ.“
دريءَ جي ٻاھران ريو ڏٺو تہ پرھہ ڦٽيءَ جي هلڪي روشني نمودارٿي رھي ھئي. اھو سوچي ھن کي ڏک ٿيوتہ گڏ گهاريل رات ذري گهٽ گذري وئي. ھڪ خيال کان ھن چاهيو ٿي تہ سورو سندس چيو مڃي ايترو جلد آسانيءَ سان ماٺ ڪري ويھڻ بدران ضد ڪري ھا. پر ٻي ڳالھہ کان ھوء اھو سوچي مطمئن ٿي وئي تہ ان ۾ ئي بھتري ھئي. جيڪڏھن سوروءَ جي جاءِ تي ڪو ٻيو ماڻھو ھجي ھا، جنھن سان هن جي سڃاڻپ نہ ھجي ھا يا جنھن جي لاءِ ھن جي دل ۾ ڪجهہ نہ هجي ھا، تہ پوءِ ھوءَ بنا ڪنھن سوچ جي پنھنجو پاڻ ھن جي حوالي ڪري ڇڏي ھا. پر سوروءَ سان ائين صحيح نہ هو في الحال ٺيڪ نہ هو.
”ريو مون کي ننڍ صفا نٿي اچي.“ سندس آواز وري ھن جي ڪنن تي پيو. ”آءٌ سوير کان جاڳي رهيو آھيان. آءٌ شايد ھن شيءِ جو عادي نہ آھيان.“
”ڪھڙي شيءِ جو؟“ريوچيو.
”اھوئي، ڪنھن ڇوڪريءَ سان گڏ، ساڳي ڪمري ۾ سمھڻ جو.“ سوروءَ وراڻيو.
”چڱو چڱو سورو، ھاڻ اھا بہ ڳالھہ نہ ڪر، ڄڻ تہ تو ڪڏھن ڪا ساھيڙي ئي نہ رکي ھوندي.“
”فقط واپاري قسم جون.“ سوروءَ جواب ڏنو.
ريو کلي ڏنو.”بھرحال ڪنھن بہ نموني سان، گهٽ ۾ گهٽ...“
هن سوروءَ جي رڙھي اچڻ جو آواز ٻڌو. جو اوچتو سندس ڀر ۾ سمھي، هن مٿان جهڪيو.ريو ڪابہ چرپر نہ ڪئي، ان وقت بہ نہ جڏھن ھن سوروءَ جون ٻانھون پنھنجي چوڌاري محسوس ڪيون ۽ سندس منھن پنھنجي منھن سامھون. اوندھہ ۾ سندس اکيون کليل ئي رهيون جن جي اڳيان جلڪندڙ روشنيون ٻري وسامي رهيون هيون. ھن جا گرم چپ سندس ڳلن مٿان زور ڏئي رھيا ھئا.
”ريو…ريو…“
”اھو پاپ آھي. سورو! توکي خبر آھي.“ ريو آھستي ڀڻڪي، ”منھنجي مڙس سان ويساگهاتي...“
پر، ذري گهٽ انھيء مھل ھن کي ائين چوندي افسوس ٿيو ۽ وڌيڪ چوڻ ڇڏي ڏنو. هلڪي سوجهري ۾ ھن جهڪيل سوروءَ جي منھن ۾ چتائي ڏٺو. هو سندس مٿان اھڙيءَ طرح جهڪي ويٺو هو ڄڻ ڪو پوڄاري، ديوتا اڳيان ويٺو ھجي. ريو پھرين ٿورو دل من هنيو پر پوءِ ٻي گهڙيءَ پنھنجيون ٽانڊن جھڙيون ٻانھون سندس ڳچيءَ ۾ وجهي کيس پنھنجي مٿان ليٽائي ڇڏيو.
پورن ٻن ڏينھن کان پوءِ ريو خوش خوش پنھنجي پٽ سان گڏ سوروءَ سان ملڻ لاءِ نڪتي. جڏھن ھوءَ ھن جي جاءِ جي سامھون پھتي تہ کيس ڳاڙھو رومال ٻڌي در اڳيان بيٺل نہ ڏسي ريو کي ڏاڍو تعجب لڳو. ھن کي گهر اندر ڏسڻ لاءِ رائيوڪيچي اڳيان ڊوڙي ويو ۽ موٽي اچي ٻڌآيو.
”امان، اندر تہ ڌاريان ماڻھو ويٺا آهن.“
بدحواسيء جي عالم ۾، ريو ڪئبن ڏي ڊوڙي اندر ليئو پاتو.ٻہ مزور ڪنڊ ۾ سوروءَ جي سامان جي هڙ ٻڌي رھيا ھئا.
”محترمہ، ڇا کپي؟“ هڪ مزور منھن ورائي پڇيو.
”آئون سوروءَ سان ملڻ آئي آھيان.“
”ڇا توکي خبر ناھي تہ سورو ڪالھہ گذاري ويو.“
”مري ويو!“ هن کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ڪجهہ وڌيڪ چوڻ چاهيو ٿي پر وات مان لفظ اڪلي نہ سگهيا.
هن ڏٺو تہ ھڪ ننڍڙي ميڻ بتي، تختي تي رکيل ڪٽنبي ديوتا اڳيان ٻري رھئي هئي ۽ هوءَ ان جو غمگين مطلب سمجهي وئي.
”ھا.“ مزور چيو، ”هو ڪالھہ رات اٺين وڳي مارجي ويو. هو هڪ ٽرڪ واري سان گڏ لوھہ جون شيخون ۽ گارڊر ’اومَيا‘ ڏيڻ ويو هو ۽ واپسيءَ تي سوڙھيء پل تي سندن ٽرڪ اُٿلي پيئي. ھي ۽ ڊرائيور ٻئي ٿڏي تي مري ويا. ڪمپنيءَ جي ھڪ ماڻھوءَ سان اڄ سندس ڀيڻ، لاش ساڙڻ جي رسم تي، اومَيا وئي آھي.“
ريو پنھنجي اڳيان گهورڻ لڳي ۽ بي دليءَ سان ٻنھي ماڻھن کي سوروءَ جو سامان ٻڌندي ڏٺو. تختي تي ميڻ بتيءَ ڀرسان ھن کي اھي ٻہ چانھہ جا دٻا نظر آيا جيڪي سوروءَ ھن کان پھرين ڏينھن خريد ڪيا هئا.‏ ھڪ ويڙھيل ھو، ٻيو اڃا کوليو ئي نہ هو.
”تون ھن جي دوست ھئينءَ، محترمہ؟ سورو دلبر قسم جو ماڻھو ھو. ھونءَ اهو سوچڻ آھي تہ نسوروئي بيوقوفي تہ ھوند هو ٽرڪ ڊرائيور کي لوھہ لاھڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ جيڪر اومييا نہ وڃي ھا. بس چريو چئبو، جيڪو جنگ ۽ سائبيريا ۽ ٻين ھنڌن تان تہ پاڻ بچائي آيو پر اچي ھتي مئو.“
ٻئي مزور اڳتي وڌي تختي تان سوروءَ جو سامان لاٿو. ريو سامھون پٽ تي سوروءَ جون شيون ٻڌندي ڏسندي رھي - ھڪ پراڻي ڪيٽلي. رڌڻ پچائڻ لاءِ ڪڻڇي، رٻڙ جا بوٽ.
جڏھن ھن جون نگاھون سامھون دريءَ وٽ رکيل بورڊ تي پيون تہ هن پھريون دفعو ڏٺو تہ ان تي ڳاڙھي چاڪ سان ڪو نياپو لکيل هو.
”ريو - مون تنھنجو انتظار ٻي بجي تائين ڪيو... شام تائين موٽي ايندس.“
ٻنھي مزورن کان هن جهڪي موڪلايو ۽ چانھہ جي ڳوڻ کي مٿڀرو ڪري، رائيوڪيچيء کي آڱر کان وٺي هلڻ لڳي. ڪئبن ڇڏيندي وقت هن کي سڄو بدن کيرو لڳي رھيو هو. ٿوريون وکون کڻڻ بعد ٻرندڙ ڳوڙھا سندس اکين مان نيسارا ڪري وھڻ لڳا.
”ڇا هو ماڻھو مري ويو، امان؟“
”ھائو. هو مري ويو.“ ريو جواب ڏنس.
”ھو ڇو مري ويو؟“
”ھو درياءَ ۾ ڪري پيو.“
شھر جي گهٽين مان لنگهندي وقت ڳوڙھا ھن جي ڳلن تان بنا جهل پل جي وھندائي رھيا. هو سُميدا نديءَ جي ڪماني واري پل تي پھچي، اھا ٽپي، نديءَ جو ڪنارو ڏئي ‘ھاڪوھو’ ڏي هلڻ لڳا.
”جيڪڏهن پيٽ سان ٿي پيئينء تہ بہ فڪر نہ ڪجانء.“ سوروءَ ان رات اساڪسا ۾ چيو، ”ڇا بہ ٿي پوي آئون تنھنجي پوئواري ڪندس، ريو.“ ۽ پوءِ موڪلائڻ کان اڳ هن چيو ھو، ”مون وٽ ڪو گهڻو پئسو ڏوڪڙ ناهي، پر تون مون کي موڪل ڏي تہ آئون تنھنجي ڪجهہ مدد ڪريان. آءٌ توکي پنھنجي پگهار مان هر مھيني ٻہ ھزار يين ڏئي سگهان ٿو.“ هن رائيوڪيچيء کي ولائتي سامان واري دڪان تان بيس بال راند جي هڪ ٽوپي خريد ڪري ڏني هئي ۽ پوءِ هو ٽئي ٽرام پٽي جي سنوت ۾، مينھن جي پاڻيءَ کان ٿيل دٻن کان پاڻ بچائيندا هليا. پوءِ، جڏھن کير واري جي دڪان ۾ پھتا، تہ سوروءَ ھرھڪ کي ھڪ وڏو گلاس کير جو وٺي ڏنو هو...
برف جھڙي ٿڌي ھوا نديءَ جي پاڻيءَ مٿان ٿيندي لڳي رهي ھئي. نديءَ جي پرئينء ڀر ڪجهہ پاڻيءَ جا پکي سيء ۾ ڏڪي رھيا هئا. وڏيون بارجون (ٻيڙيون) اوڀاريون لھواريون اچي وڃي رهيون ھيون.
”امان، مون کي مورتن وارو ڪتاب وٺي ڏي. تو وعدو ڪيو هو نہ؟“
”هينئر نه.“ ريو وراڻيو، ”آءٌ توکي پوءِ وٺي ڏينديس.“
”پر امان ڪتابن جا سڀ دڪان تہ لنگهي ويا، مون کي بک بہ لڳي آھي. امان ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيندين.؟“
”پوءِ... ڪجهہ دير کان پوءِ.“
هو، ھڪ بئرڪن جھڙي ڊگهي عمارت اڳيان لنگهڻ لڳا. اھي پڪ ماڻھن جا ذاتي گهر ھوندا، ھن سوچيو. جيڪي بہ اتي ماڻھو رهن ٿا انھن کي پنھنجا پنھنجا ڪمرا ھوندا. ھڪ گهر جي دريءَ مان چادر لڙڪي رهي هئي ۽ عورت ڪمرو پئي ٺاھيو.
”چانھہ ويڪو، چانھه.“ ريو ڌيرج سان ھوڪو ڏنو پر ڪوبہ جواب نہ ملڻ تي ريو ڪجهہ ڏاڍيان ھوڪو ڏنو
”مون کي نہ کپي.“ عورت چيو ۽ چادر ڇڪي زور سان کڻي دريءَ جا طاق بند ڪيا.
ريو ھڪ گهرن جي قطار کان ٻيءَ تائين پنھنجي وکر جو هوڪو ڏيندي رھي، پر ڪنھن کي بہ چانھہ جي ڪا ضرورت نہ هئي. رائيوڪيچي پنھنجي ماءُ پويان ننڍڙيون وکون کڻندو ھليو ۽ رکي رکي ٿڪ ۽ بک کان دانھن ٿي ڪيائين. ريو جي ڳوڻ جون ڪناريون سندس پٺيءَ ۾ چڀي رهيون ھيون ۽ رکي رکي ڳوڻ جا پٽا سولا ٿي ڪيائين، ھڪ خيال کان ھن ان ڏک درد جي بہ آجيان ڪئي ٿي.
ٻئي ڏينھن هوءَ پٽ کي گهر ۾ ڇڏي اڪيلي شھر ڏي نڪتي. ھوءَ جڏھن سوروءَ جي پراڻي جاءِ ويجهو پھتي تہ سندس ڪئبن ۾ باھہ ٻرندي ڏٺي. ھوءَ گهر اندر گهڙي وئي. سوروءَ جي چلھہ وٽ هڪڙي پوڙھي چوڪيدار ويٺي باھہ ۾ ڇوڏا وڌا ۽ سڄي ڪئبن دونهين سان ڀرجي وئي هئي.
”توکي ڇا کپي؟“پٺيان مڙندي پوڙھي ماڻھوءَ پڇيو.
”آءٌ شيزوڪا چانھہ وڪڻڻ لاءِ آئي آھيان.“
”شيزوڪا چانھه؟ مون وٽ تہ اڳھين ان جو ڍڳ لڳو پيو آھي.“
ريو ڪجهہ چوڻ بدران پٺيان مڙي اڳتي هلي وئي. ريو چاھيو ٿي تہ هن کان سوروءَ جي ڀيڻ جي ائڊريس وٺي ھن وٽ وڃي اگربتي ٻاري ساڻس عذر خواھي ڪري. پر ھاڻ اھو سڀڪجهہ بيڪار هو.
ھوءَ واپس نديءَ ڏي وڃڻ لڳي. شام جي سج جو اولڙو نديءَ جي پاڻيءَ ۾ نظر اچي رھيو ھو. ھوءَ ڀڳل ڪنڪريٽ جي ٽڪرن تي ٿي ويٺي. ڪجهہ وال پري ھڪ مئل ٻليءَ جو لاش پيو هو. هن جا خيال وري سوروءَ ڏي وڃڻ لڳا. هن سوچيو تہ ان کان بھتر ٿئي ھا تہ جيڪر سوروءَ سان ملاقات نہ ٿئي ھا. نه، نه، ائين تہ بلڪل ناھي. ھن کي ان جو افسوس آھي تہ هوءَ ٽوڪيو ڇو لڏي آئي. هوءَ جڏھن ھتي آئي ھئي، مھينو سوا کن اڳ، تہ هن اھو سوچيو هو تہ جيڪڏھن هتي ٽوڪيو ۾ سندس روزگار نہ ٿي سگهيو تہ ھوءَ واپس هلي ويندي، پر ھاڻ هن سمجهيو ٿي تہ هوءَ ھتي ٽوڪيو ۾ ئي رھڻ چاھي ٿي جتي سورو رھندو هو.
هوءَ اٿي بيٺي، ڳوڻ کي پٺن تي صحيح ڪيو ۽ سُميدا ندي کان پري ھلڻ لڳي. هوءَ جهڙو ھڪ سوڙھي گهٽيءَ مان ھلڻ لڳي تہ هن کي ھڪ ننڍڙي جهوپڙي نظر آئي، جنھن جون تختن واريون ڀتيون ڪوڪن سان ٺوڪيل هيون. در وٽ بيهي هن ھوڪو ڏنو:
”چانھہ ويڪو. آھي ڪو چانھہ وٺڻ وارو؟“ دروازو کليو ۽ لنگھہ وٽ ئي ھڪ عورت ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا ڪپڙن ۾ ريو کان بہ گهڻو غريب هئي. ”گهڻي ڏيندينءَ؟“ عورت پڇيو ۽ پوءِ ريو جي پٺن تي ڳوڻ جو بار ڏسي، عورت چيو: ”اچ، اندر اچ مائي. چاھين تہ ڪجهہ دير فرحت ڪر. تيسين آءٌ بہ ڏسان تہ مون وٽ ڪيترا پئسا بچيل آهن. ٿي سگهي ٿو ٿوري چانھہ وٺڻ لاءِ اسان وٽ ڪجهہ پئسا ھجن.“
ريو اندر لنگهي ڳوڻ کي ھيٺ رکيو. تيل جي چلھي جي چوڌاري چئن عورتن ويٺي سبڻ جون مشينيون هلايون. اڳيان ڍير جورابن ۽ قميصن جو رکيو هو. سندن سيون تڪڙيون تڪڙيون ڪپڙي منجھہ اچي وڃي رھيون ھيون. اھي عورتون هن ئي جھڙيون لڳي رھيون ھيون غريب، مسڪين، اڪيليون. ريو ھنن ڏي نهاري سوچيو ۽ پنھنجي اندر ۾ سڪون محسوس ڪيو.

_______________________
1 دراصل سڄو نالو ’سورو اشي . يوشي او‘ ھوس پر جيئن تہ اھو جپاني نالو ۽ ذات آسان لاءِ اوپري ۽ ڏکي آهي، ان ڪري ترجمي ۾ ان ماڻھوءَ جو نالو فقط سورو استعمال ڪيو اٿم، ۽ ھونءَ بہ اصل جپاني ڪھاڻيءَ ۾ اڳتي ھلي خود ريو بہ ان نالي سان ھن کي سڏي ٿي.

2 اساڪسا - ٽوڪيو جو ئي هڪ حصو سمجهڻ کپي جيئن اسان وٽ صدر، لالو کيت، ڪلفٽن ۽ چاڪيواڙو ڪراچيءَ جا ئي علائقا آھن.
3جپاني ماڻھو سامونڊي گاھہ جيڪو سين وانگر ٿئي ۽ سمنڊ اندر ڦٽيل ڪچڙا پن کائين جي ھنن لاءِ اھڙا لذيذ آھن جهڙا اسان وٽ بھه، پلي، گئار، پٻڻ وغيره.
4 جپان ۾ جپاني گهرن ۾ توڙي جپاني نموني جي مسافرخانن ۾ ماڻھو ننڍين ٽنگن واري ٽيبل جي چوڌاري پٽ تي ٿي ويھن. سياري جي موسم ۾ چورس نموني جي سگري ان ٽيبل جي اندر وچ ۾ ٺھيل جاءِ تي رکن.

ناروتو جو ڪئپٽن

ھڪ سال، بھار جي رت ۾ شھنشاهي دربار جي اندرين ميدان تي فوٽ بال راند جو مقابلو ٿيو، جنھن کي ڏسڻ لاءِ اعلي خانداني ماڻھن ۽ معزز شھرين کي سڏايو ويو ھو. ڏسندڙن ۾ ڪيتريون عورتون پڻ ھيون، جن مان هڪ شھنشاھہ جي نگاھن جو مرڪز ٿي پيئي ۽ ھو راند کي ڏسڻ بدران ان عورت کي ايڏو تہ لڳاتار گهوريندو رهيو جو سندس نگاھن جو تاب نہ جهلي ھوءَ ’کاٻي در‘ واري پاسي کان رواني ٿي وئي.
شھنشاھہ يڪدم پنھنجي سيڪريٽريءَ کي سڏيو ۽ حڪم ڏنو تہ ان عورت جي پٺ وٺي معلوم ڪر تہ ڪٿي ٿي رھي. سيڪريٽريءَ تکو تکو ھن کي ڳولي وڃي لڌو ۽ ھن جي پٺيان پٺيان ھلڻ لڳو. عورت سمجهي وئي ۽ ھن کي منجهائڻ ۽ جان ڇڏائڻ خاطر ھڪ ھنڌ ترسي پيئي. جيئن ئي ھو اچي ويجهو پھتو تہ مرڪي چيائين:
”حاڪم کي چئجانءِ، ’تون ھڪ ڪچڙو بانس جو ڪانو آھين‘. آئون ھتي بيٺي آھيان ۽ واعدو ٿي ڪريان تہ تنھنجي جواب آڻڻ تائين ھتي بيٺي انتظار ڪنديس.“
سيڪريٽريءَ کي اھو وھم گمان بہ نہ آيو تہ ڪا ھوءَ دو کو ڏئي ھلي ويندي. ويتر سمجهيائين تہ ھيءَ شھنشاھہ سان ملڻ لاءِ پاڻ ئي آتي آهي. سو خوشيءَ وچان نياپو کڻي شھنشاھہ ڏي ڀڳو.
شھنشاھہ نياپو ٻڌي سمجهي ويو تہ ھن نياپي ۾ اشاري طور ڪنھن شعر جي سٽ ڳجهارت طور چئي آهي. پر ان پروليء کي ڪير سلي. ويٺل درٻارين ۽ خذمتگارن مان ھڪ ھڪ کان پڇيو ويو پر ڪوبہ اھا ڳجهارت ڀڃي نہ سگهيو سو شھر جي ھڪ سياڻي کي سڏايو ويو.
”اھا سٽ ھڪ جهوني شعر جي آھي.“ ھن ٻڌڻ سان ھڪدم چيو، ۽ اھو شعر آھي:
”ڊگهو جيتوڻيڪ آهي، پر ھڪ ڪچڙو بانس جو ڪانو، ڪھڙي ڪم جو جنھن ۾ ڳري ئي ڪا ھڪ ٻہ آهي. ٻي معني ۾ تون جيتوڻيڪ کڻي اعلي ۽ اھم رتبي جو مالڪ آھين، پر اھڙي پيار جو فائدو ئي ڪھڙو جيڪو فقط ھڪ يا ٻن راتين لاءِ ھجي.“
اھو ٻڌي شھنشاھہ کي چڙ وٺي وئي ۽ شعر جو جواب ڪنھن شعر يا ڳجهارت ۾ سوچي ڏيڻ بدران سيڪريٽريءَ کي ڀڄايو تہ وڃي ڏس تہ اھا عورت ڪٿي ٿي رھي. جڏھن سيڪريٽري ان ’کاٻي دروازي‘ وٽ پھتو، جتي ھن کي ڇڏيو ھئائين، تہ ھوءَ غائب ٿي چڪي هئي. ھن موٽي وڃي حاڪم کي اطلاع ڏنو جيڪو اھو معلوم ڪري ويتر باھہ ٿي ويو. سيڪريٽريءَ کي دڙڪا ڏيندي چيائين تہ جي ان عورت جو پتو نہ لھي ايندين تہ توکي ھڪ گنڀير قسم جي جرم جو ڏوھاري سمجهيو ويندو.
اھو ٻڌي سيڪريٽري تهتٿ پٿان ۾ اچي ويو، ۽ شھنشاھہ کي عشق جي گهوماٽ دماغ ۾ اھڙي گهڙي وئي جو فٽ بال مئچ تان ئي ارواھہ کڄي ويس ۽ ختم ٿيڻ کان اڳ ئي حويليءَ ڏي ھليو ويو.
ان ڳالھہ کان پوءِ شھنشاھہ ھر وقت ايڏو تہ منجهيل ۽ پريشان رهڻ لڳو جو درٻاري ۽ واسطيدار سڀ سوچ ۾ پئجي ويا تہ ھاڻ ڪجي سو ڪجي ڇا. شھنشاھہ جي وندر لاءِ ھڪ ڏينھن، ھڪ وڏي خليفي ھڪ محفل جو انتظام ڪيو پر تہ بہ حاڪم جو اھوئي حال تہ نہ مئن سان گڏ نہ جيئرن سان. محفل دوران ھن خليفي شراب جو گلاس ڀري سندس رکڻ جي بھاني ويجهو ٿي چيو:
”جهان پناهه! ھن کان اڳ تہ ڪڏهن بہ عشق جي ڪنھن چڻنگ توهان جي اندر ۾ ايڏي باھہ نہ ٻاري جيڪا ھن اڻ ڄاتل سڃاتل عورت لڳائي آهي. بھرحال ڳولا سان ڇا نٿو ملي سگهي. چين ۾ تہ بھشت جي بہ ڳولا ڪئي وئي هئي. ھن عورت جو تہ گهر ئي ھن ديھہ اندر آھي. ان کي ڳولڻ ۾ ڪھڙي تڪليف.“
ھي اشارو چين جي حاڪم سوئان سنگ جي ھڪ حسين محبوبا يانگ ڪوئي فيئي (756ع – 718ع) جي روح جي ڳولا ڏي آھي، جيڪو روح تائوست بھشت ۾ مليو.
پوءِ شراب جو گلاس کڻي شھنشاھہ جي ھٿن ۾ ڏنو ۽ ھو، جيتوڻيڪ چيپ ۾ ٿورو مرڪيو، پر ڪو خاص خوش نہ ٿيو ۽ محفل مان جلدي ئي اٿي ويو.
ھوڏانھن سيڪريٽري شھر جي ڪنڊ ڪنڊ ڳوليندو رهيو ۽ جتي بہ ھن کي ٿورو شڪ ٿي ٿيو تہ اتي ڳولڻ لاءِ ڀڳو ٿي. ھن ويندي ديوتائن ۽ ٻڌا اڳيان ڪيتريون ئي سکائون باسيون ۽ دعائون گهريون، پر ڪابہ ثاب نہ پئي. ھي انھيء فڪر ۾ ھوتہ ھن کي اوچتو ياد آيو تہ فومپيرا نالي هڪ جوتشي آهي جيڪو جادوءَ جي زور تي ڪنھن بہ وڃايل شيءِ جو ڏس پتو ڏئي سگهي ٿو. سيڪريٽري ھن جوتشي جي خذمت ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ ان ڏس ۾ مدد گهريائين.
جوتشيءَ وٽ پھچڻ شرط ھُن چتاءُ ڏنس:”جنھن ڪم لاءِ تون آيو آهين ان جو احوال مون تائين اڳھين پھچي چڪو آهي ۽ اھا بيحد افسوسناڪ ڳالھہ آھي. ھاڻ ڏسون تہ منھنجي اڳڪٿي ڪيتري قدر صحيح ٿي نڪري. اسان ھن وقت مريخ سَياري جي اثر ھيٺ اچي چڪا آھيون. اڄ جي نشاني ’بلا‘ آھي. ان مان آءٌ ان نتيجي تي پھتو آھيان تہ ھيء عورت عارضيء طرح لڪي ويٺي آهي ۽ ھاڻ جلد نظر ايندي. ڳالھہ ڇاھي اونهاري ۾ مريخ ھميشھ ڀاڳ وارو ثابت ٿيندو آهي ۽ ’بلا‘ جي حڪم تي ھلندو آھي. ايندڙ اونهاري ۾ توکي ھوءَ ان ئي جاءِ تي نظر ايندي، جتان ھوءَ توکان گم ٿي وئي آهي.“
سيڪريٽريءَ جيتوڻيڪ جوتشيءَ جي ڳالھين کي ايترو اثرائتو نہ ورتو جو آخرڪار ھو بہ ھڪ عام فاني ماڻھو ھو پر تنھن هوندي بہ ھن جيڪي ڪجهہ ٻڌو ان مان متاثر ضرور ٿيو. ان کان پوءِ ھيڏانھن ھوڏانھن رلڻ پنڻ بدران ھڪ ئي ھنڌ – يعني کاٻي دروازي وٽ ئي جانچ پڙتال ڪندو رهيو.
اھي پنجين مھيني جو تيرھون ڏينھن هو، جو ھن کي اھا ساڳي خوبصورت عورت اوچتو ئي اوچتو، ٻين پنجن ڄڻين سان گڏ ان ئي جاءِ تي نظر اچي وئي. ھن کي ايڏي خوشي ٿي جو يقين ئي نہ پيو اچيس تہ اھا حقيقت آھي يا خواب. عورت کي شڪ کان پري رکڻ خاطر ھو ماڻھن جي ميڙ ۾ پري کان ھلندو رھيو تان جو ھوءَ ساھيڙين سان گڏ ھڪ تماشو ڏسڻ لاءِ اچي پارڪ جي ھڪ بئنچ تي ويٺي. سيڪريٽريءَ اھو تہ سوچيو تہ متان ھوءَ وري ھن ميلي ۾ گم ٿي وڃي، پاڻ اتي ئي ترسيو ۽ ھڪ ٻئي ھمراھہ کي موڪليو تہ شھنشاھہ کي وڃي اطلاع ڪري تہ سندس دلپسند عورت ملي وئي آھي. ھن موٽي اچي سيڪريٽريءَ کي ٻڌايو: ”شھنشاھہ ھن وقت راڻي صاحبہ سان گڏ واعظ پيو ٻڌي ۽ ڪنھن کي بہ ملڻ جي اجازت ناھي.“
سيڪريٽريءَ پوءِ اھڙي موقعي لاءِ خاص محلات جو ماڻھو ڳوليو جيڪو نياپو کڻي وڃي. پر ڪوبہ نہ مليو. آخر ھن کي محلات جي ھڪ خاص ٻانھي ملي وئي.
”معاف ڪجانءِ.“ سيڪريٽريءَ ھن کي چيو، ”ھي ڪم منھنجو پنھنجو ناھي پر شھنشاھہ جي مرضيءَ جي بيحد اھم نوعيت جو آهي.“ ۽ پوءِ ھن کيس شھنشاھہ لاءِ نياپو ٻڌايو تہ هن بابت ھڪدم اطلاع ڪيو وڃي. ان ٻانھيءَ کي حاڪم جي ان ڳجهي معاشقي جي اڳواٽ خبر ھئي ۽ ھن ئي دم چيو مڃي اچي شھنشاھہ جو پاسو ورتو.
نياپو ٻڌي شھنشاھہ ان ٻانھيءَ ھٿان جواب موڪليو: ”واهه، واهه! بس ھاڻ ان پري چھري جي ڪڍ لڳي سندس گهرگهاٽ اک ۾ رکي اچ.“
کيل تماشو ۽ تقريرون ختم ٿيڻ وقت منھن اونداهي ٿي چڪي هئي ۽ عورت ٻين ساھيڙين جيڏين کان موڪلائي ھڪ ٽانگي ۾ چڙهي گهر ڏي رواني ٿي. سيڪريٽريءَ اھو سوچيو تہ متان کيس ڏسي ھوءَ وري شڪجي ۽ لڪي وڃي، پاڻ وڃڻ بدران ھن ھڪ عورت تي اھو ڪم رکيو. جنھن جانچي جونچي اچي ٻڌايس تہ اھا عورت سانجو شيراڪاوا پاڙي ۾ ھڪ جونيئر ڪئپٽن جي گهر منجھہ گهڙي وئي.
جيئن ئي شھنشاھہ کي اھو ٻڌايو ويو تہ ھن ھڪدم ڏانھس ھڪ خط موڪليو:
”ڇا اھو خالي خواب ھو يا حقيقت! مون کي بانس جو ڪچڙو
ڪانو نظر آيو، جنھن جي عشق ۾ ڏينھن رات آءٌ پچي رھيو آھيان؟“ ’اڄ رات بنا ڪنھن بھاني جي.‘
بس خط ۾ ايترو ئي ھو. سيڪريٽري خط کڻي ھن حسينا جي گهر ويو. اھا حسينا جيئن تہ شادي شدہ نڪتي سو خط حاصل ڪري پريشان ٿي وئي ۽ پڇتائڻ لڳي. نياپي آڻيندڙ چيس تہ ڇا بہ ٿي پوي تہ هن خط جو جواب ڏيڻو اٿئي نہ تہ راجا جي ڏمر جي ڪنھن کي خبر ناهي؟
عورت اھو سوچي تہ ھيءَ اھڙي ڳالھہ آهي جا لڪائي نٿي سگهجي، پنھنجي مڙس سان سربستو احوال ڪيو. ظاھر آهي تہ سندس ڪئپٽن مڙس بہ منجهي پيو.
”ھڪ انسان جي حيثيت ۾ مون لاءِ اھا ڳالھہ صبر آزما ۽ نفرت جوڳي آهي تہ منھنجي زال ڪنھن ٻئي جي بستر جي سونھن ٿئي.“ ھن چيو، ”پر ساڳئي وقت حاڪم جي حڪم کي ٽارڻ بہ نہ جڳائي. ھن دنيا ۾ ھر ھڪ ماڻھوءَ لاءِ ساڳيا مسئلا ۽ ساڳيون ڳالھيون نہ آھن. ۽ ھونءَ بہ اھا تہ پاڻ لاءِ ھڪ عزت آھي. ڀلي ماڻھو ڇا بہ پيا ڀؤنڪن. تون ان حڪم جي پوئواري ڪر ۽ سيگھہ ڪر.“ ھن زال تي زور ڀريو.
ھوءَ اچي روئڻ ۾ پيئي ۽ ذري ذري انڪار ڪندي رهي تہ اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
”گذريل ٽي سال.“ ڪئپٽن پنھنجي زال کي چيو، ”پاڻ پيار محبت ۾ گڏ ائين گذاريا آهن ڄڻ اسان پيدا ئي ھڪ ٻئي لاءِ ٿيا ھجون پر حاڪم جي تولاءِ ايتري آنڌ مانڌ ۽ اڻ تڻ مان لڳي ٿو تہ هن جو توسان سکڻو پيار يا مکر ناھي. جيڪڏهن تون وڏائي ڪري نہ وئينءَ، تہ ان جو نتيجو تمام اگرو نڪرندو ۽ ٿي سگهي ٿو تہ ان جو بدلو مون کان ورتو وڃي. ماڻھو اھو تہ سوچيندائي ڪونہ تہ انڪار جي حالت ۾ اسان سان ڪھڙي ويڌن ٿي سگهي ٿي. سو اڇت ٿي ۽ سيگھہ ڪر.“
سڏڪا ڀريندي ھن خط وري کوليو ۽ ”اڄ رات بنا ڪنھن بھاني جي“ جملي ھيٺان ڪاري ٿلھي ڪلڪ سان فقط ھڪ لفظ”وو“ لکيو، ۽ پوءِ خط کي ويڙھي قاصد ھٿان واپس موڪليو.
شھنشاھہ کي جڏهن سندس خط واپس موٽي مليو ۽ منجهس ڪابہ ڦيرڦار ظاھري طرح نظر نہ آئي تہ ذري گهٽ ڪاوڙ وٺي ويس تہ سندس نياپي ڪوبہ اثر نہ ڪيو. پر پوءِ اوچتو سندس آخري جملي جي ھيٺان لفظ “وو” ڏسڻ ۾ اچي ويس. ھن ان لفظ تي جيترو غور ڪيو اوترو ان جي معني يا اڻ سڌو اشارو سمجهہ ۾ نہ آيس. حويليءَ جي ھڪ ھڪ خذمتگار ٻانھيءَ کي گهرائي ان لفظ بابت پڇيو. ھڪ ٻڌايس: “گهڻو گهڻو اڳ ھڪ وڏي وزير ازومي شڪيبوءَ جي ڌيء کي لفظ ”چنڊ“ لکي موڪليو – جيڪا شعر و شاعري ۽ راز رمزن ۾ ڀڙ ھئي. ھن پنھنجي ماءُ سان ڳالھہ ڪئي ۽ ان بہ اھا ڳالھہ سمجهي ھن جي ھيٺان ساڳيو لفظ ”وو“ لکيو. آئون سمجهان ٿي اھا اڻ سڌي ڳالھہ ھئي. چنڊ مان مراد ھئي تہ عاشق ھن لاءِ ان رات انتظار ڪندو ۽ مٿئين نينڍ لاءِ ھائوڪاري جواب ۾ مردن کي ”يو“ لکڻ کپي ۽ عورتن کي ”وو“. پوءِ اھا عورت ھن وٽ رات جو وئي. سو مون کي پڪ آھي تہ ھيءَ توهان جي معشوقا بہ توهان وٽ رات جو ضرور اچي حاضر ٿيندي.“
شھنشاھہ اھو ٻڌي خوش ٿيو ۽ ايندڙ گهڙين جو سوچڻ لڳو. رات ٿيندي وئي ۽ ٿڪ ھجڻ باوجود بہ ھو انتظار ڪندو رهيو ۽ پنھنجي خوابگاھہ ۾ وڃي سمھڻ ۾ اڃا دير پئي ڪئي. جيئن ئي ھن پھريدار جي چوڪيءَ جي ھڪل ٻڌي تہ سمجهي ويو تہ رات جو پويون پھر بہ ٿي ويو آهي ۽ وقت چئن جي وچ ۾ ھوندو ۽ ھاڻ ھي آسرو لاھي ٿي اٿيو تہ ايتري ۾ سيڪريٽري ڀڄندو آيو ۽ اچي سندس معشوقا جي آمد جو اطلاع ڏنو.
اھو ٻڌي شھنشاھہ ايڏو خوش ٿيو جو چيني حاڪم ’سئان سنگ‘ پنھنجي محبوبا ’يئانگ ڪوئي فيئيءَ‘ کي حاصل ڪري يا ’ھان ويو‘ پنھنجي ’ليڊي لي‘ سان ملي بہ ايترو خوش نہ ٿيو ھوندو. کيس ھڪدم اندر گهرايو ويو. رات جو باقي حصو تمام ٿورو وڃي بچيو هو جنھن ۾ ھو پنھنجي دل جون ڳالھيون پنھنجي محبوبا کي ٻڌائي، جيئن ئي اڇو صبح ويجهو ٿيو تہ ھن شھنشاھہ کي پنھنجي حالت کان آگاھہ ڪري عرض ڪيو تہ خراب نہ لڳي تہ کيس ڏينھن جي روشنيءَ کان اڳ سندس گهر پھچايو وڃي. شھنشاھہ جي مرضي جيتوڻيڪ ٻي ھئي، جنھن ھن کي پنھنجي حويليءَ ۾ ٻين سرتين سان گڏ ھميشھ لاءِ پاڻ وٽ رکڻ ٿي چاهيو. پر شھنشاھہ جي ان مرضيءَ تي سندن نئين محبوبا ڏک جو اظهار ڪندي چيو تہ ائين ڪرڻ سان ھو ھن تي ظلم ڪندو ۽ کيس سندس ڪوٽ جھڙي حويليءَ ۾ رھندي ھر وقت ائين محسوس ٿيندو ڄڻ ھڪ اونهي تالاب جي تري ۾ پئي ھجي، جتان ڀڄي نڪرڻ جي بہ ڪا راھہ نہ ھجي، جيستائين ڪم ائين ئي پيو ھلي ۽ ڪنھن کي بہ خبر نٿي پوي تہ ھوءَ ھر وقت سندس حڪم جي باندي آهي ۽ ٻن اکرن تي ايندي رھندي.
آخرڪار شھنشاھہ ھن جي اھا ڳالھہ مڃي تہ ھوءَ ڀلي پنھنجي ئي گهر ۾ ئي رھي ۽ ھو کيس وقت بوقت لڪ چوريءَ پاڻ وٽ گهرائيندو رھندو.
سندس مڙس ڪئپٽن جيڪو شھنشاھہ جي نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿي چڪو ھو تنھن کي ڪنھن بھاني دربار ۾ گهرائي وري ھن کي نہ فقط نوڪري ڏني وئي پر پروموشن ڏئي جونيئر ڪئپٽن مان ’مٿاھون ڪئپٽن‘ ڪيو ويو. پروموشن جي ڳالھہ جيتوڻيڪ لڪ ۾ رکي وئي، پر ان ڳالھہ جي ڄاڻ جنھن تنھن کي پئجي وئي ۽ ماڻھو واھيات ڳالھيون ڪرڻ وقت ھن ڪئپٽن کي ياد ڪرڻ لڳا ۽ انھن ڏينھن جي عام گار موجب کيس “ناروتو جو ڪئپٽن” سڏڻ لڳا. ڇو جو ناروتو اھا جڳھہ آهي جتي جو سامونڊي گاھہ شھر ڏي موڪليو ويندو آھي.
حاڪم رعيت لاءِ ائين آھي جيئن پاڻي مڇين لاءِ. وڏيرو يا فيوڊل لارڊ کڻي ڪيڏو بہ ظالم ھجي، پر ھو ڪنھن بہ ڏوھہ جو ڏوھاري سڏي نٿو سگهجي. ساڳي وقت راڄ جا ماڻھوکڻي ڪيڏو بہ گهٽ ھجن پر ھنن سان ريس ڪري کين نہ ستائجي ۽ نہ رنجائجي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ شھنشاھہ گوساگا جي ٻاجهارين ڀاونائن ۽ سڀاء ۽ ڪئپٽن جي دل کولي ڏنل ”قرباني“ ھڪ سٺي ۽ خانداني خيال جو اعلي مثال آهي ۽ منجهانئس سبق حاصل ڪري سگهجي ٿو. اھو ھڪ قدرتي امر آهي ۽ پراڻن وقتن کان اھو چيو وڃي ٿو تہ حاڪم ۽ رعيت جي وچ ۾ ڪابہ ڌاريائپ نہ ھئڻ کپي. پر ٻنھي جي وچ ۾ اونهي ھمدرديءَ جا جذبا ھئڻ کپن.

دلبر پنھنجي ڀاڳ جي دري پوري اٿئي

جپاني ڪھاڻيءَ: ”ناروتو جو ڪئپٽن“ (جپاني نالو: ناروتو چوجو مونو گاتاري) جيڪا تيرھين صديءَ جي آخر ڌاري لکي وئي ۽ ھڪ سچي ڳالھہ آهي، ان وقت جي شھنشاھہ گوساگا جي درٻار جي صحيح تصوير پيش ڪري ٿي، جنھن 1242ع کان وٺي 1246ع تائين راڄ ڪيو، شھنشاهه، وڏيري، شھزادي، راڄ ڌڻيءَ جو ڪيتري قدر چيو مڃيو وڃي، جيئن ڪھاڻيءَ جي ليکڪ آخر ۾ پنھنجو فلسفو ھنيو آھي، پر اڄ جو پڙھندڙ ان دور جي درٻار جي اھا حالت ڏسي ضرور ٽوڪ طور کلندو. ٿي سگهي ٿو اسان ان ڪھاڻيءَ تان ايترو تعجب نہ کائون جيترو ٻين ملڪن جا ماڻھو. ڇو جو اسان جو ننڍو کنڊ بہ ڪنھن دور ۾ ۽ ٿورو گهڻو ھينئر بہ وڏيرن، پيرن، چوڌرين، مرشدن، ساونتن جي چنبي ۾ جڪڙيل آهي، جيئن تڏھن جو جپان شھنشاھن، جاگيردارن زميندارن ۽ حاڪمن جي هٿ ۾ ھو. اسان وٽ سنڌ ۾ بہ ان ظلم جي ٿوري گهڻي جهلڪ اڃا بہ نظر اچي ٿي. ان جو سبب گهٽ تعليم، ھيڻائيء ڪري غريب ماڻھن جي مجبوري، ماحول جي اھڙي پنجوڙ يا جوڙجڪ جو ڪو غيرتمند اڪيلي سر ڪجهہ نٿو ڪري سگهي. جيئن ھن ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ سمجهاڻي ڏني وئي آھي تہ حاڪم رعيت لاءِ ائين آھي، جيئن پاڻي مڇين لاءِ. ھتي حاڪم کي جيئن وڻي تيئن ڪندو رھي تہ ان لاءِ ھر ڳالھہ روا آهي. اھڙيءَ طرح اسان وٽ پڻ ڪيتريون ايجنسيون: خليفن، ڪمدارن، چمچن جي روپ ۾ ملنديون جي ڏھڪاء پيدا ڪرڻ ۽ وسوڙيل عوام کي سنئين راھہ تي ھلڻ بدران اھا راھہ ٻڌائيندا جنھن ۾ سندن ۽ سندن آقائن جو فائدو ھجي:
”بابا سيد جي ھٿ ۾ ٻنھي جهانن جي ڪنجي آهي. پير جو چيو ڪو موٽائبو ناھي. وڏيري جي ڳالھہ ڪا ٽاربي ڇا.“ ان قسم جون تفصيلي ڪھاڻيون ۽ حقيقتون ۽ ڪردار ھلال پاڪستان اخبار جي ڪالم ”ٺڳيءَ جا ٺاهه“ ۾، ڪيترن سڄاڻ اديبن جي افسانن ۾ – خاص ڪري طارق اشرف، نورالھديٰ شاهه، عثمان ڏيپلائي، عبدالقادر جوڻيجو، ماھتاب محبوب وغيره ۽ مرحوم حسام الدين راشدي جي ڪتاب: ”ھو ڏوٿي هو ڏينھن“ ۽ ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ڪتاب: ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ چٽي طرح ملندا.
ڪيترن پڙھندڙن لاءِ اها ڳالھہ بہ تعجب خيز نظر لڳندي تہ ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ شھنشاھہ وقت جي حاڪم جو رعيت جي ھڪ عام ماڻھوءَ تي ائين ڇڪن ٿي پوڻ، جو ڪيڏانھن وئي فوٽ بال مئچ ڪيڏانھن ويا ٻيا حڪومتي ڪاروبار. ڏينھن رات محبوب جي تات ايتري جو سيڪريٽريءَ کان وٺي حويليءَ جي ٻانھين تائين سڀني کي سندس ان اندر جي باھہ جي خبر. پر اھا ڪا نئين ڳالھہ ناھي. اھڙا ڪيترائي قصا دنيا جي تاريخ ۾ ملندا. مصر جي شھنشاھہ فاروق جي زندگيءَ جي ڪھاڻيءَ ۾ آھي تہ ھو رات جو ويس مٽائي لڪ چوريءَ ھڪ ڇوڪريءَ جي گهر کان وڃي نڪرندو هو جنھن سان هن جي نظر اٽڪي هئي. فاروق ھن سان پنھنجي عشق جي ڳالھہ ٿي ڪئي تہ هن ڪاوڙ مان دريءَ جا طاق کڻي زور سان بند ڪيا. فاروق جو تہ اندر ئي سڙي ويو پر پوءِ مرڪي چيائين: ”دلبر پنھنجي ڀاڳ جي دري پوري اٿئي. توکي ڪھڙي خبر تہ تنھنجي پيار جو سائل ھڪ عام ماڻھو نہ پر وقت جو حاڪم آهي جيڪو توکي ڍائي ڇڏي ھا.“1
ھيءَ ڪھاڻي ترجمو ڪندي ھڪ ٻي ڳالھہ ڌيان ۾ آئي تہ ھن ۾ خط و ڪتابت ۾ دل جي ڳالھہ اڻ سڌن اشارن/ ڳجهارتن/ شعرن جي سٽن ۾ ڪيل آھي. تعجب جي ڳالھہ آھي تہ اھو طريقو نہ فقط جپان ۾ پر ھتي اسان وٽ ھند سنڌ – سڄي ننڍي کنڊ ۾ عام آهي. اڄ بہ ڪولمبو جي سامونڊي ڪناري تي سلوني ڇوڪرو ڪاغذ ڀور مان جهاز ٺاھي ان تي ڪنھن عشقيه شعر جي سٽ لکي سامھون پنھنجي ساھيڙيءَ ڏي اڇلي ٿو جيڪا ٻين ٻن ٽن ڇوڪرين جي جهنڊ ۾ انناس ويٺي کائي. ھوءَ اھو نياپو پڙھي اکين ئي اکين ۾ جواب ٿي ڏئي. سنڌ جي ڳوٺ جو جوان نوائي رات جو يا ٽاڪ منجهند جو وڻ ھيٺان ويھي بانسري يا چنگ تي ڪو راڳ ٿو آلاپي جيڪا سندس محبوبا گهر ويٺي ٻڌي تڙپي ٿي. ڪشمير يا سرحد جي ڇوڪري پنھنجي عاشق کي ھٿ پير ھڻڻ ۽ پنھنجي مجبوريءَ کان آگاھہ ڪرڻ لاءِ مروٽيل گل موڪلي ٿي ۽ ھو سندس پيغام سمجهي وڃي ٿو. ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي بي ايس سي آنرز جي ڇوڪري ليڪچر دوران سامھون ويٺل سندس ڪلاس ميٽ کي اک ڀڃي پنھنجي آڱر نڪ تي ھڻندي رھي ٿي، غيرت ڏيارڻ لاءِ تہ جي نڪ اٿئي تہ اٿي ڪا مڙسي ڪر ۽ سنڱ لاءِ اڄ ئي مائٽن کي اسان جي گهر موڪل نہ تہ آئون ڪنھن ٻئي خنڊڪر، بسواس، چئٽرجي يا مڪرجي جي ٿيو ٿي وڃانءِ ... وغيره وغيره. سو ھزارين ميل پري جپان ۾ بہ اھو نمونو نہ فقط ھو پر اڄ بہ ڪجهہ ڪجهہ ھلندو اچي. ياماشيتا پارڪ جي ٻيءَ ڪنڊ کان جپاني ڇوڪري پنھنجي رٺل عاشق کي ھٿ ٻڌي اشارو ڪندي تہ اچ ۽ ھو انڪار لاءِ اونڌو آڱوٺو ڪري اشارو ڏيندس يا کاڌل سنگ جو ڏوڏو گند جي ٽوڪري ۾ زور سان اڇلي کيس اندر جي چڙ/ نفرت کان آگاھہ ڪندس. جپاني ڇوڪري اڄڪلھہ آمريڪن ۽ يورپين وانگر جيتوڻيڪ ڊيٽنگ ڪري ٿي پر مشرقي حيا، شرم ۽ گهٽ ڳالھائڻ اڃا اٿس. پھرين ئي Dating ۾ ئي گهڻو ڪري ڇوڪري اڳيان ويھي چوندي، ”ھميشھ لاءِ“ يعني آءٌ ھلي آئي آھيان ساجن تو وٽ رھڻ لاءِ ھميشھ لاءِ. اھڙو نمونو يا ڳالھہ سندس Counter Part آمريڪن يورپي (مغربي)، ڊئنمارڪ ناروي جي ڇوڪري سوچي بہ نٿي سگهي. بلڪ فضول ٿي سمجهي. جپان سائنسي ترقيءَ ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي برابري ڪري ٿو پر عشق محبت، نياپن پيغامن، محبوب سان ملڻ، پيار جتائڻ ۾ سندس حال اسان جي ننڍي کنڊ جهڙو آهي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون وتنديون عشقيه شعرن جون سٽون ياد ڪنديون ۽ رومالن ۽ پنن تي لکي پوسٽ ڪنديون. پيار محبت وارن فلمي نظارن جا ڄملا ۽ ڊائلاگ ياد ڪنديون. اڃا اڄڪلھہ جتي ڪٿي اھو نمونو گهٽبو وڃي پر اڳ۾ تہ، خاص ڪري جپان توڙي ھندستان۾ تہ ڏاڍو ھو. ان جا مثال ڪيترن ئي پراڻين جپاني ڪھاڻين ۽ ڪتابن۾ ملن ٿا.
ھڪ ٻہ اھڙا مثال جپان بابت، جيڪي ھن وقت ڌيان ۾ اچي رھيا آھن:
ھڪ جاگيردار پنھنجي جائداد تي شڪار لاءِ ويو. سندس جائداد ۾ شامل ھڪ ڳوٺ ۾ ٻہ سھڻيون ڇوڪريون رھنديون ھيون. سندن گهر جي اڳيان ڏنل لوڙھو لنگهندي سندس نگاھہ ھنن تي پئجي وئي ۽ ھمراھہ کي ساڻن ميلاپ جو شوق ٿيو. ھاڻ ھنن سان پنھنجي دل جي ڳالھہ ڪيئن ڪري. يڪدم پنھنجي گوڏ جي ڪنڊ مان ڪپڙي ٽڪر ڦاڙي ان تي ھي شعر لکي کين اڇلي ڏنو:
ڪاسوگانو
واڪا مورا ساڪي نو
سوري گورو مو
شينو نوميداري
ڪاگيري شيرا ريزو
مٿئين شعر جي معني لکڻ کان اڳ هن ڳالھہ جي وضاحت ڪندس تہ مٿئين شعر ۾ آيل لفظ ’ڪاسوگا‘ ھڪ ڳوٺ جو نالو آهي (جيڪو لڳي ٿو تہ اڄ جي نارا شھر ڀرسان ھو.) ھيءَ ڳالھہ نائين صديءَ جي آھي ان زماني ۾ ڪپڙي تي ڇر ۽ ڇپائي وڻن جي پنن ۽ گلن کي مھٽي ڪئي ويندي ھئي ۽ اھا باقاعدي ڊزائين يا نموني ۾ نہ ٿيندي ھئي. ائين ئي انگڙ ونگڙ ڪم ھوندو ھو. ڪٿي ڪھڙو گل تہ ڪٿي ڪھڙو پن، ڪٿي رنگ تکو تہ ڪٿي ھلڪو ۽ انھيء ڇر ۽ ڇپائيءَ جي ڪم کان مٿيون ڪاسوگا ڳوٺ ائين مشھور ھو جيئن اجرڪن کان نصرپور ۽ ھالا. ھتي ان ڇر جو ذڪر بيت ۾ آھي:

”جيئن ھن ڪپڙي تي انگڙ ونگڙ نمونو آهي
جيڪو وانڱڻائي رنگ ۾،
ڪاسوگا ڳوٺ ۾ ڇريو ويو آهي
ان کان بہ وڌيڪ ڦڏي سڏي حالت ۾،
توکي ڏسڻ بعد منھنجي دل جي ٿي پئي آ.“

ھڪ دفعي ھڪ ھمراھہ ڪم سانگي شھر ڇڏي ھڪ ڳوٺ موساشي وڃي رھيو جتان پنھنجي شھري محبوبا کي لکيو:
”جيڪڏهن آءٌ توکي کليو کلايو لکندس تہ مون کي پشيماني ٿيندي ۽ جيڪڏهن نہ تہ پوءِ پاڻ کي بدنصيب سمجهندس.“
يعني ھمراھہ جي موساشي ڳوٺ ۾ پھچي اتي جي ھڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ سان دل لڳي وئي آھي. پر جيئن تہ شھري محبوبا سان سندس پراڻو ناتو آهي سو ھو ان راز کي لڪائڻ نٿو گهري. ڇو جو ھو محسوس ٿو ڪري تہ اھا ڳالھہ لڪائڻ سان سندس پراڻي محبوبا جي وچ ۾ پنھنجائپ ختم ٿي ويندي. خط جي ٻاھران اشاري ۾ ھن فقط ھي جملو لکيو: “موساشيء ۾ لڙڪيل” يعني سندس دل ان ڳوٺ موساشيء ۾ اٽڪي/ لڙڪي پئي آھي. ان خط کان پوءِ ھو ماٺ ڪري ويھي رهيو ۽ پراڻي شھري محبوبا ڏي نہ خط پٽ لکيائين ۽ نہ ڪو نياپو مڪائين. آخرڪار ڪيترن ڏينھن بعد سندس شھري محبوبا ھن ڏي ڇڙو ھي شعر لکي موڪليو:

”سڀڪجهہ ڄاڻندي بہ توکي چاھيان ٿي،
منھنجو توھان ڀروسو اڃا ڀڳو ناھي،
جيتوڻيڪ تنھنجي ماٺ مون لاءِ مصيبت آ،
پر مون کي اھا ڳالھہ بہ تہ نہ وڻندي،
تہ تون منھنجي خبرچار معلوم ڪر.“

آخري سٽن مان سندس محبوبا جي اھا مراد آهي تہ جيتوڻيڪ تنھنجي ماٺ مون کي جهوري رهي آهي تہ تون مون کي وساري ڇڏيو آهي ۽ اھو بہ ڄاڻان ٿي تہ نئين ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ تنھنجي من تي اھڙو تہ واسو ڪيو آهي جو ھن جي پيچ ۾ تون قابو ٿي ويو آهين. ۽ ھاڻ جي تون کڻي منھنجي خبرچار پڇڻ لاءِ ٻہ اکر لکندين تہ بہ اھا ھڪ قسم جي منافقي ٿيندي ۽ آءٌ سمجهي وينديس تہ توکي ھاڻ مون لاءِ پيار نہ رھيو بس ائين مون کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي رھيو آھين.
مڙس سندس ان شعر جي جواب ۾ کيس لکي ٿو:

”جيڪڏهن لکندس تہ تون ڪاوڙ ڪندينءَ،
جيڪڏهن نہ ، تہ تون نفرت ڪندينءَ،
ھي اھي ئي زندگيءَ جون گهڙيون آهن،
جڏھن مرد زندھہ مريو ٿا وڃن، دلين جي ٽٽڻ ڪري.“

مٿيون مثال مشھور جپاني ڪتاب: ”اي سي مونو گاتاري ( اي سي جون ڪھاڻيون)“ تان کنيل آهي، جيڪو ناري ھيرا شاعر (880ع - 820ع) جو لکيل آهي.
ان کان بہ پراڻي دور جا ٻہ ٻيا عشقيه ڊائلاگ – شعرن جي روپ ۾. ھي اٺين صديءَ جي ھڪ جپاني ڪتاب: ”مان يو شو“ معني ”ڏھہ ھزار پنن جي چونڊ“ تان کنيل آهي. منجهس پورا ڏھہ ھزار بيت تہ نہ آھن پر چار ھزار پنج سؤ ضرور آھن. نموني خاطر ٻہ کن شعر آزاد سنڌي ترجمي ۾ ھيٺ ڏجن ٿا. پھريون شعر تہ:
”پيرين ڌريان پنبڻيون ھنڌ وڇايان وار.“
وارو مفهوم پيش ڪري ٿو. ڇوڪري ٿي چوي:
”جيڪڏهن مون کي اڳ خبر پئي ھا تہ منھنجو ساجن ٿو اچي، تہ پنھنجي باغ ۾، جيڪو ھن وقت گاھہ سان ڀريو پيو آهي، ان ۾ جيڪر قدم قدم تي موتي پوئي ڇڏيان ھا.“

جواب ۾ جپاني ڇوڪرو وراڻيس ٿو:

”مون کي ان گهر ۾ ڪھڙي راحت
جنھن ۾ ڀلي ھيرن جا ھار ھجن،
اھا جهوپڙي جنھن ۾ ڀلي کڻي جهنگلي گاھہ ھجي،
ڇو جو منجهس تون موجود آھين.“

ان ئي قسم جو ھڪ ٻيو ڊائلاگ وارو شعر:

”جيئن تہ مون طاق بند ڪري ڇڏيا آهن.
۽ در کي ڪلف بہ لڳائي ڇڏيو آھن.
تون، منھنجا محبوب، ڪٿان اندر اچي،
مون سان خوابن ۾ ملندين؟“

تہ جواب ۾ محبوب لکيس ٿو:

”جيتوڻيڪ تون طاق بند ڪري ڇڏيا آهن،
۽ در کي ڪلف بہ ھڻي ڇڏيو آھي،
ان ھوندي بہ تنھنجي خوابن ۾ ھليو ايندس،
ان ڏرڙ مان لنگهي جيڪو چور ٺاھي ويا آهن.“

ڪتاب Farooq Uncensored تان ورتل

ڪڪڙ جي ٻانگ تي منھنجو يار ھليو ويو

سائيڪاڪو جي اھا ڪھاڻي: ”عشق جو آزار“ پڻ توڪوگاوا دور جي آھي ۽ 1686ع جي لکيل آهي. ھن سن جي لڳ ڀڳ انگلينڊ ۾ جيڪي مشھور انگريزي ناول لکيا ويا، اھي آھن: Memoirs (ڊائري) ۽ رابن سن ڪروسو.
ھن جپاني ڪھاڻيءَ جو اصل نالو: ’ڪوشوڪو گونين اونا‘ آهي. ڪھاڻيءَ کان اڳ، ڪھاڻيءَ ۾ آيل ڪجهہ ڳالھيون جيڪي جپان ۽ ان جي ماڻھن ۽ تهذيب تمدن سان واسطو رکن ٿيون انھن جي وضاحت ۽ سمجهاڻي ضروري ٿو سمجهان.

سوروبان
ھي انگي حساب ڪرڻ جو ھڪ تمام پراڻو اوزار آهي، جنھن کي انگريزيءَ ۾ Abacus سڏجي ٿو. ھي ھڪ ڪاٺ جو مستطيل فريم ٿئي، جنھن ۾ ڏھہ ٻارھن کن تارون ٿين جن ۾ ڪجهہ موتي يا ڪاٺ جا گول ننڍا بال ٿين. انھن گولن / موتين کي ساڄي کاٻي ڪري نہ فقط واڌو ڪاٽوء جا حساب پر ضرب ونڊ جا وڏا حساب سيڪنڊن ۾ ڪري سگهجن ٿا. اڄ جڏهن اليڪٽرانڪ ڪئلڪيوليٽر دنيا۾ عام ٿي ويا آھن، تڏھن بہ ڪيترائي جپاني پنھنجو حساب ڪتاب ’سوروبان‘ ذريعي ڪن. ھي سوروبان دراصل چينين جي ايجاد آھي ۽ چيني پڻ، اڄ بہ نہ فقط چين ۾ پر سنگاپور، ھانگ ڪانگ، ملايا ويندي آمريڪا جي چائنا ٽائون ۾ ھي استعمال ڪندي نظر ايندا. سو ايندڙ ڪھاڻيءَ ۾ مالڪڻ جو نوڪر ’مومون‘ پڻ ان ڪاٺ جي سوروبان سان گهر جي خرچ پکي جو حساب ڪتاب ڪندو رھي ٿو. ننڊ اچڻ وقت وھاڻي بدران ڪنڌ ھيٺان بہ سوروبان ئي رکي ٿو.

موڪسا
اھو لفظ اڄڪلھہ سڄي دنيا ۾ مشھور ٿي ويو آهي، جيڪو دراصل جپاني لفظ ’موڪوسا‘ جي کار آھي، جنھن لفظ جي معني آهي ”ٻرندڙ ٻوٽي.“
پراڻي زماني ۾ چين ۽ جپان ۾ ڪيترين بيمارين جو علاج موڪسا ذريعي ڪيو ويندو هو. جابلو ٻوٽين سان گڏ جاڻ، ھنڱ، ھئڊ ۽ تيل جي مالش ڪري پوءِ جسم کي ھلڪي باھہ جو سيڪ ڏنو ويندو هو، جيئن بدن جي چمڙيءَ جو مٿيون سنھو تھہ سڙي وڃي ۽ اھو علاج ھر مرض لاءِ يڪ ٽڪ علاج سمجهيو ويندو هو _ خاص ڪري ناڪيلي، مرگهي، سنڌن جو سور، وائي سور ۽ ٻين سوين بيمارين لاءِ. جيئن اسان وٽ اھو عام ھو تہ ھر مرض لاءِ يا ڄرون لڳايون وينديون هيون يا پِنِي (حِجاما... (Cupping مٿي تي چَتي ڪڍرائي ان تي مکڻ رکڻ پڻ عام ھو. اھڙيءَ طرح هي موڪسا ڪٿي ڪٿي تہ ڏنڀ وانگر پڻ ڏنو ويندو هو. خاص ڪري ٻار ڄڻڻ وقت عورت کان جي ويم جا سور سٺا نہ ٿيندا ھئا تہ هن جي ساڄي پير جي پٻ کي ٽن هنڌن تان ڏنڀيو ويندو هو. (منھنجي خيال ۾ تہ عورت جو ڌيان ڏنڀ جي سور ڏي هليو ويندو هوندو ۽ ويم جا سور وسري ويندا هوندس) ان کان علاوه پراڻي جپان ۾ ڏنگن ٻارن کي سزا ڏيڻ لاءِ بہ موڪسا ڏبي هئي ۽ ڪيترن کي ان ڏنڀ جا نشان پٺن تي نظر ايندا. سزا خاطر سنڌ ۾ پڻ ڏنڀ ڏنو ويندو هو.
ڪي ماڻھو پاڻ ۾ سھپ جو مادو وڌائڻ ۽ سخت سيءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنھنجي جسم کي موڪسا مالش ۽ باھہ رستي تپش ڏياريندا هئا. جيئن اسان وٽ گرميءَ لاءِ پاڻ کي تيار رکڻ ۽ سھپ جو مادو پيدا ڪرڻ لاءِ نمورين جو شربت، ُڀرٽَ، ڦاروان، ڏڌ يا اڄڪلھہ گلوڪوز پيئن ٿا يا سيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ ڄانڀي ۽ گلولين جو تيل پيئن ۽ ٻيا ساٽ سوڻ ڪن. موڪسا بہ مساج ۽ سانا باٿ وانگر جپان ۾ اڄ بہ ڪيترين ئي هنڌن تي ٿئي ٿو ۽ ان ۾ خاص ڪري ڇوڪريون مالش ڪن. جيئن ان ڪھاڻيءَ ۾ حويليءَ جي ھڪ ٻانھي ”رين“ موڪسا ٿي ڪري.

آپگهات
جپان ۾ آپگهات ڪرڻ نہ فقط رسم، فئشن ۽ مصيبت ڀري زندگيءَ کان نجات حاصل ڪرڻ آهي، پر عبادت پڻ جيڪا پراڻي زماني کان هلندي اچي. آپگهات (خودڪشيءَ) کي جپاني زبان ۾ هارا ڪِريچئجي ٿو. ’هارا‘ معني پيٽ ۽ ’ڪِري‘ معني ڪپڻ. يعني پيٽ ڪپي پاڻ کي مارڻ. اڄ جي دور ۾ بہ ڪيترائي اهڙا واقعا اخبارن ۾ پڙهبا تہ ڪنھن نوجوان شرمندگي جي احساس کان، امتحان ۾ فيل ٿيڻ ڪري يا عشق ۾ ڪاميابي حاصل نہ ٿيڻ ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيو. پوءِ اها ٻي ڳالھہ آهي تہ اڄڪلھہ هاراڪري پيٽ ڪپڻ سان نہ پر ڪلوروفارم سونگهي، هلندڙ گاڏيءَ مان ٽپو ڏيندي يا ڪنھن ٻئي طريقي سان ڪئي وڃي ٿي. جيئن هن ڪھاڻيءَ ۾ گهر جي مالڪڻ هڪ هيٺاهين ذات جي نوڪر سان هم بستري ڪرڻ جي غلطيءَ جي احساس ۽ شرمندگيء ڪارڻ پنھنجو انت آڻڻ جو فيصلو ڪري ٿي.

• چنڊ جي سترهين تاريخ گهڻا ماڻھو دير تائين جاڳي چنڊ ڏسندا هئا. پراڻي جپان ۾ اها هڪ قسم جي رسم ۽ عبادت هئي. مجبوريءَ جي حالت ۾ ماڻھو فقيرن کي پئسا ڏئي اها عبادت هنن کان ڪرائيندا هئا، جيئن ھن ڪھاڻيءَ ۾ مومون فقير کي ان ڪم لاءِ پئسا ڏئي ٿو.
• پراڻي جپان ۾ صبح جو اٿارڻ جو ڪم ’الارم ڪلاڪ‘ نہ پر ڪڪڙ ڪندو هو. ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو هو، معني صبح ٿي ويو ۽ نوڪر مالڪن کي اٿاريندا هئا ۽ اٿارڻ مھل کين چوندا ئي ائين هئا تہ ”اٿو ڪڪڙ ٻانگ پيو ڏئي.“ بلڪ ڪن ڪھاڻين ۽ ڳالھين ۾ محبوب صبح آڻڻ لاءِ ڪڪڙ کي ڏوهاري ٺاهيو آهي. جيئن جپاني شعر ۾ هڪ عورت ڪڪڙ کي پٽي ٿي، جنھن جي ٻانگ ڏيڻ تي سندس يار هليو ويو:

يو مو آڪيبا
ڪتسو ني ها مينادي
ڪوتا ڪاڪي نو
مادا ڪي ني ناڪي تي
سينا او ياري تسورو

(بيھہ رڳو ڏينھن ٿئي تہ ان حرامي ڪڪڙ کي گهٽو ڏئي، ليٿڙائي ٿي ماريانس _ جنھن جي سويرئي ٻانگ ڏيڻ ڪري، منھنجو يار جلدي هليو ويو.)

عشق جو آزار

شاديءَ کان اڳ ڇڙي رهڻ واري زندگيءَ ۾ پنھنجو لطف آهي. پر زال بنا رات جي اڪيلائي مڙسن کي کايو رکي. اها ڳالھہ هڪ ”جنتريون ٺاهيندڙ“ ڪنواري همراھہ بہ محسوس ڪئي، جنھن عمر جو ڳپل حصو گذارڻ بعد بہ اڃا شادي نہ ڪئي هئي. شھر ۾ ڪيتريون ئي سھڻيون عورتون هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار هيون پر هن ڪنھن اهڙيءَ سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي جيڪا نہ فقط سونھن سوڀيا ۾ پر مان شان ۾ بہ اتاهين هجي. آخر تنھائيءَ جي زندگيءَ کان بيزار ٿي هن پنھنجن دوستن ساٿين تي ڪم رکيو تہ هن لاءِ ڪا ڪنوار ڳولھين. هنن هن کي تنھن زماني جي ناٽڪ ٿيئٽر جي ھڪ اھڙي حسين اداڪارا سان ملائڻ جو بندوبست ڪيو جنھن شھر جي نوجوانن جي دلين تي راڄ ٿي ڪيو.
جنتريون ٺاهيندڙ همراھہ کي هوءَ پھرين نظر ۾ ئي وڻي وئي. ”ههڙي ئي تہ عورت آءٌ گهران ٿو.“ هن دل ئي دل ۾ چيو ۽ وڌيڪ ڪنھن ٻئي کٽراڳ ۾ پوڻ بنان يڪدم شاديءَ جي تيارين ۾ لڳي ويو. سنڱ ڳولڻ ۽ مٽي مائٽي ڪرائڻ لاءِ هڪ وچ واري اهڙي عورت کي هٿ ڪيو ويو جيڪا ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ اهڙن ڪمن اڪلائڻ ۾ سڀ کان سياڻي سمجهي وئي ٿي. ان سڄو ڪم خير اسلوبيء سان سرانجام ڏنو ۽ آخر ۾ گهوٽ طرفان ڪنواريتن کي سنڱ ڏيڻ جي خوشيءَ ۾ ساڪي شراب جي گهگهي ڏني وئي. مقرر ڏينھن تي ”اوسان“ نالي اها ڪنوار پنھنجي نئين گهر ۾ بہ اچي ويئي. گهوٽ خوش ٿي سندس آڌرڀاءٌ ڪئي.
ٿورن ئي ڏينھن ۾ هن جوڙي جو پاڻ ۾ ايترو تہ سمجهوتو ۽ پيار ٿي ويو جو مڙس کي ٻي ڪنھن بہ ڳالھہ جي پرواھہ نہ هوندي هئي. هر وقت پنھنجي سھڻي زال جي ئي تات هئي، پوءِ کڻي بھار جي مند هجي يا سرء جي، چانڊوڪي يا اوڻٽيھن جي اونداهي. ساڳي طرح زال بہ هن سان سچي ٿي بيٺي ۽ ٽن سالن کان پنھنجي مڙس ۽ گهر لاءِ اھو سڀڪجهہ ڪندي رھي جيڪو هڪ شادي شدہ عورت کي پنھنجي گهر لاءِ ڪرڻ کپي. رڌ پچاءُ ڪرڻ، سُٽ ڪَتي ڌاڳو اُڻڻ لاءِ نوڪرياڻين حوالي ڪرڻ، گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ۽ ٻهاري ڪرڻ، پگهار مان اهڙي طرح خرچ هلائڻ جو پورت ٿي وڃي، مڙس جي شڪل صورت ۽ بيهڪ جو خيال رکڻ، بچت خاطر ڏيئي ۾ پورو تيل وجهڻ ۽ وٽ کي ننڍو رکڻ. ان کان علاوه مڙس جو ليکو چوکو ۽ حساب ڪتاب صحيح ۽ پورو رکڻ. مطلب تہ هوءَ اهڙي تہ سگهڙ ۽ سليقي شعار عورت هئي جو ان جھڙي زال لاءِ شھر جو هرڪو ماڻھو سڌون ڪري سگهي.
سندس گهر ڏينھون ڏينھن خوشحال ٿيندو ويو. انھن ئي ڏينھن ۾ اوچتو واپار وڙي سانگي سندس مڙس کي ٻئي شھر ”ايڊو“ ۾ وڃڻو پيو. مڙس جي عارضي جدائيءَ جو زال کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر ڏک ڪرڻ سان ڇا هڙ حاصل. وڃڻ کان اڳ هو پنھنجي سھري – اوسان جي پيءُ کان بہ موڪلائڻ ويو، جيڪو ان ئي شھر ڪيوٽو جي ٻئي حصي ۾ رهندو هو. اوسان جي پوڙهي پيءُ کي پنھنجي ڌيءَ جو ڏاڍو اونو رهندو هو. خاص ڪري سندس مڙس جي غير حاضريءَ ۾ ڪم جي جهجهائي ۽ حساب ڪتاب جي فڪر ڪري هن سوچيو تہ جيڪر ڪو اهڙو شريف ۽ محنتي ماڻھو ملي وڃي، جيڪو سندس ناٺي اوسان کي گهر جي ڪم ۾ بہ مدد ڪري سگهي. اهڙو هن وٽ هڪ ڇوڪرو ”مومون“ نالي هو، جيڪو ڪيترن سالن کان ايمانداري سان هن وٽ نوڪري ڪري رهيو هو. ان نوڪر کي هن پنھنجي ناٺيء جي گهر اماڻيو.
هي ڇوڪرو مومون نهايت ايماندار ۽ ڪفايت شعار هو. ايتري قدر جو گهر جي ڪم ڪار ۾ هن کي پنھنجو بہ هوش نہ رهندو هو تہ منھن ڌوتل آهي ۽ ڏاڙهي لٿل آھي يا نه. ۽ پڪائيء ۾ بہ ايتري حد درجي جو، جو ڪپڙا ڦاٽي ويندا هئس تہ بہ انھن مان ئي ڪم ڪڍندو رهندو هو. گهر ۽ ٻاھر جو حساب ڪتاب ۽ ليکو چوکو ڪندي جتي ايندوهوس اتي وهاڻي بدان سوروبان مٿي هيٺان رکي سمھي رهندو هو. شايد رات جو خواب ۾ بہ حساب ڪتاب ۽ پئسن جي ڏيتي ليتي ڪرڻ ٿي چاهيائين.
وقت گذرندي مينھوڳيء جي موسم اچي ويجهي ٿي ۽ هڪ رات سخت طوفان مومون کي ڌيان ۾ ڳالھہ آندي تہ اجهو تہ سيارو بہ شروع ٿيو ۽ سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ کيس هينئر ڪو بندوبست ڪرڻ کپي. هن ان کي منھن ڏيڻ لاءِ موڪسا ڪرائڻ ٿي چاهيو. گهر ۾ ڪم ڪندڙ ٻانھين مان هڪ رين نالي ٻانھي تيل ۽ جبل ٻوٽيون ساڙي مالش ڪرڻ ۾ هوشيار هئي. تنھن کي هن ان ڪم لاءِ چيو. ان ٻانھيءَ پنھنجي ڊريسنگ ٽيبل تي چادر وڇائي ان تي مومون کي اونڌو ڪري سمھاريو ۽ ڪپھہ جا پھا انھن دوائن ۽ تيل مان ٻوڙي مالش ڪري اگهاڙن پٺن کي باھہ سان سيڪ ڏنو. پھرين پھرين هڪ ٻہ دفعو تہ ان جو سور سھڻ کان ٻاهر هو. سو ڏند ڀيڙي سور پي وڃڻ لاءِ کيس منھن ٺاهيندو ڏسي ٻين ٻانھين، آيائن ۽ گهر جي نوڪرياڻين کان کل نڪري وئي. جڏھن هڪ ٻئي پويان مالش جو دور هليو تہ هن کي ايترو تہ اچي سور ٿيو جو مالش ختم ٿيڻ کان اڳ آخر ۾ لوڻ ٻرڪڻ لاءِ بہ ترسي نہ پئي سگهيو. ايتري ۾ ڇا ٿيو، جو ٻرندڙ باھہ جي کوندي مان ڪپھہ جو ٽڪر سندس پٺن تي اپاڪي ڪري پيو ۽ سندس بدن جو اهو حصو سڙڻ ڪري گهنججي ويو. پر جيئن تہ ٻانھيءَ کان اهو ڪم بي خياليءَ ۾ ٿي پيو هو جنھن ۾ هن جو رتيءَ برابر بہ ڏوھہ نہ هو سو مومون دانھون ڪرڻ بدران اکيون پوري صبر سان سور پچائي ويو. رين کي هن تي ڏاڍو رحم آيو ۽ يڪدم پٺيءَ تي ٻرندڙ ٽانڊو هٿ سان پري ڪري کڻي ڀاڪر پاتس. رين کي ڪھڙي خبر تہ سندس اهو ڇهاءُ هن جي دل ۾ مومون لاءِ پيار جي باھہ ڀڙڪائيندو. اهو راز پھرين تہ هوءَ پنھنجي دل ۾ سانڍيندي رهي پر پوءِ نيٺ هڪ ٻن جي واتان ٿيندو مالڪياڻي اوسان جي بہ ڪن تائين پھتو.
رين پنھنجي دل ۾ جڏهن مومون لاءِ پيار دٻائي نہ سگهي تہ ھن ان آڳ جي سيڪ کان مومونءَ کي بہ واقف ڪرڻ چاھيو. پر ان جو اظهار ڪنھن طرح ڪيو وڃي جو کيس خط لکڻ تہ ڇا پر مکي در جي درٻان جيترو بہ لکڻ نٿي آيو، جيڪو اڪثر ياداشت خاطر پني تي اونڌا ابتا اکر لکندو هو. هن درٻان کان پڇيو تہ جيڪڏهن هو خط لکي سگهي تہ هڪ پيار جو خطڙو سندس فلاڻي محبوب لاءِ لکي ڏئي، پر درٻان ماڳھين پاڻ ڪو عشق جي موڊ ۾ هو سو لڳو پنھنجو پيار جتائڻ.
سو رين جي اندر جي آڳ سندس اندر ۾ ئي رهي ۽ آهستي آهستي ڏينھن گذرڻ لڳا ۽ اچي سيارو بہ ڪڙڪيو. هڪ ڏينھن اوسان پنھنجي مڙس کي ’ايڊو‘ ڏي جهڙو خط لکي بس ڪيو تہ چرچي ۾ نوڪرياڻي رين کان پڇيو تہ جيڪڏهن هوءَ چاهي تہ سندس يار ڏي خط لکي ڏيئس. رين ڏاڍي خوش ٿي ۽ اوسان برش سان ڪجهہ پريت ڀريون سٽون پني ڀور تي لکي لفافي ۾ بند ڪري ٻاهران: ”ملي مو – کي، از طرفان جيڪا دل و جان سان چاهي ٿي.“ لکيو. رين خط وٺي ڏاڍي خوش ٿي ۽ هاڻ موقعي جي ڳولا ۾ هئي تہ جيئن ئي وجھہ ملي تہ ھن جي حوالي ڪري. ايتري ۾ ٻاهران دڪان تا مومون جو آواز سندس ڪن تي پيو، جيڪو تماڪ دکائڻ لاءِ ٻرندڙ ڪاٺي گهري رهيو هو. خوش قسمتيءَ سان ان وقت ٻيو ڪو ماڻھو ڇيڻو موجود نہ هو. هن جلدي رڌڻي مان هڪ ٻرندڙ اماڙي ڪڍي، خط سان گڏ هن جي حوالي ڪئي.
حالتن جو جائزو وٺڻ جي باوجود بہ مومون سمجهي نہ سگهيو تہ اهي اکر ڪي سندس مالڪڻ اوسان جا آهن. هن سمجهيو تہ رين اهڙي قسم جي ڪا هالو چالو ڇوڪري آهي جيڪا وتي ههڙي قسم جا خط جنھن تنھن کي لکندي. سو بنا ڪنھن رک رکاء جي جهڙو تهڙو جواب لکي رين جي حوالي ڪيائين، جنھن کي پڙهڻ تہ آيو ڪونہ ٿي انڪري مالڪڻ اوسان جي سٺي موڊ جو انتظار ڪرڻ لڳي، جنھن کان پڙهائي سگهي.
تنھنجو ھي اوچتو ۽ اڻ مدائتو خط – جيڪو پڙهي مون جهڙو جوان شايد جذبات جي وهڪري ۾ وهي وڃي، پر آءٌ ڪو اهڙو تهڙو نہ آهيان جو تنھنجين ڳالھين ۾ اچي توتي عاشق ٿي پوان. هن خط ذريعي آءٌ توکي رڳو اهو چتاءُ ڪندس تہ تنھنجيون اهي حرڪتون اڳتي هلي جيڪي مسئلا پيدا ڪنديون، انھن کي منھن ڏيڻ لاءِ هڪ عدد دائيءَ جي بہ ضرورت پئجي سگهي ٿي. پر تون جيڪڏهن ان حادثي ۾ پيش ايندڙ خرچ پکي: ڪپڙا، ٽوال، بلاڪيٽ، صابڻ، ٻار کي وهنجارڻ جو خرچ، ويم وغيره جو ذمو کڻي ٿين تہ پوءِ مون کي ڪوبہ اعتراض ناهي ۽ آءٌ پنھنجي پوري قابليت سان تنھنجي ڪم اچي توتي احسان ڪرڻ ۾ عيب نہ سمجهندس.
”ڇا تہ وڏائي ۽ ٽيڙي اٿس.“ٻانھي رين ڏي لکيل اهڙو شوخ قسم جو خط پڙهي مالڪڻ اوسان تعجب کاڌو، ”دنيا ۾ مردن جي ڪا ايتري بہ کوٽ ناهي ۽ رين تہ ڪا اهڙي شڪل صورت ۾ صفا ويل بہ نہ آهي. مومون جهڙو مرد تہ هوءَ جنھن وقت چاهي تہ حاصل ڪري سگهي ٿي.“
اوسان اهو پروگرام ٺاهي هن رين طرفان مومون ڏي رحم کائڻ ۽ دل نہ ڀڃڻ جون لڳاتار درخواستون خطن جي روپ ۾ ڪيون. آخر تہ هو بہ جوان هو ۽ خطن هن جي دل تي اهڙو اثر ڪيو جو نيٺ هن رين ڏي جواب ۾ چوڏهين مئي تي سڄي چنڊ ڏسڻ جي رسم ختم ٿيڻ بعد ملڻ جو واعدو ڪيو. مالڪڻ اوسان اهو پڙهي دل ئي دل ۾ کليو تہ پاڻ کي الائي ڇا ٿي سمجهيائين، پر هاڻ منجهانئس سڀ ڪسرون ڪڍبيون. سو سڀني ٻانھين کي گڏ ڪري چيائين: ”هاڻ پاڻ گڏجي هن جي ان رات خبر وٺنديونسين.“
پلان اها ٺاهي وئي تہ ان رات رين بدران اوسان پاڻ سوٽي ڪپڙا پائي رين جي کٽ تي وڃي سمھندي. جيئن ئي مومون رين سان ملڻ لاءِ اتي پھچندو تہ هوءَ وٺي دانھون ڪندي ۽ سڀ ٻانھيون هٿن ۾ لٺيون ۽ ڏيئا کڻي هن کي مارڻ لاءِ اتي پھچي وينديون. اهڙي طرح هر ڳالھہ جو پورو پورو بندوبست ڪيو ويو. پر اتفاق سان ان رات چنڊ کي گهڻي دير تائين ڏسڻ جي اوجاڳي ۽ ڊوڙڻ ڊڪڻ جي ٿڪ ڪري اوسان کي ننڊکڻي وئي پر ٻيون ٻانھيون بہ سندس سڏ جو انتظار ڪندي ڪندي کونگهرن ۾ لڳي ويون. سياري جي رات جي پوئين پھر ۾ جڏهن سڀ ننڊ ۾ مست پيا هئا تہ اوندھہ ڪانڀار ۾ لڪ چوريءَ مومون فقط پوتڙو ٻڌي اچي رين جي ڪمري ۾ پھتو. جلدي جلدي اهو بہ لاهي، سوڙ مٿي کڻي اگهاڙو هنڌ اندر گهڙي ويو، جتي هن سمجهيو تہ رين ستي پئي آهي. هن جي دل ڌڙڪي رهي هئي پر چپ خاموش رهيو. هوءَ نيم غشيء جي حالت ۾ ستل هئي ۽ ڪو گهڻو چري پري بہ ڪانھ. مومون جلدي جلدي واندو ٿي هنڌ مان ٻاهر نڪتو ۽ ٻليءَ پير کڻندو ڪمري کان ٻاھر نڪري آيو: ”واقعي هن عورت کي زندگيءَ جي لاهين چاڙهين جي خبر هوندي. مون تہ ھن کي ڪنواري ٿي سمجهيو پر لڳي ٿو تہ مون کان اڳ بہ هتي مردن جي قطار لڳل آھي.“ ۽ هو پڪو ارادو ڪري اچي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ نڪتو تہ هاڻ ڪنھن بہ صورت ۾ ھن جي عشق محبت جي ڄار ۾ وڌيڪ ڦاسڻو ناهي.
هن جي وڃڻ کان ٿوري دير پوءِ ننڊ پوري ٿيڻ تي اوسان سجاڳ ٿي تہ هن کي ڪجهہ عجيب عجيب لڳو. هوءَ اهو ڏسي وائڙي ٿي وئي تہ مٿي هيٺان رکيل وهاڻو بہ اتان غائب هو ۽ کٽ جي پيرانديء وٽ پيو هو، سندس ڪمونو جو سئش (اڳٺ) پڻ کليو پيو هو ۽ سڄو هنڌ چادر سميت گهنجيو پيو هو. آهستي آهستي هن کي سموري ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي وئي. شرم ۽ حيا کان هوءَ پاڻي پاڻي ٿي وئي، ۽ هاڻ هن اهو پڪو پھہ ڪيو تہ هن خواريءَ کان بچڻ لاءِ فقط هڪ ئي طريقو آهي: ”اڄ ڏينھن کان پوءِ مون کي پنھنجو پاڻ کان بہ پري ٿيڻ کپي جو هاڻ جڏهن عزت ئي نہ رهي تہ ھن دنيا ۾ رهڻ مان ڪھڙو فائدو ۽ هاڻ هن دنيا کي هميشہ لاءِ الوداع چئي ٻي دنيا جي سفر تي وڃڻ لاءِ مومون کي بہ پنھنجو ساٿي بڻائجي.“
سو جيڪي ڪجهہ ٿي گذريو هن جو سربستو احوال هن مومون کي ٻڌايو ۽ پنھنجي اڳتي جي ارادي – يعني آپگهات کان پڻ واقف ڪيو ۽ جيسين ان تي عمل ٿئي، تيسين هوءَ ماڻھن جي پرواھہ ڪرڻ بنا هر رات مومون کي پاڻ وٽ گهرائيندي رهي ۽ مومون سندس اها خذمت بہ اهڙي ئي دل ۽ جان سان ڪرڻ لڳو، جهڙو ٻيو گهر جو ڪم ڪار.
هڪ ڏينھن هوءَ خودڪشي ڪرڻ جي ارادي سان گهر ڇڏي اچي شيگا شھر (بي وا ڍنڍ جي ڏکڻ اولھہ ڪناري تي، شھنشاھہ ٽيفجي 682ع - 666ع جي ڏينھن ۾ جپان جي گاديءَ جو هنڌ) پھتا. پنھنجي موت جو سوچي هنن جو منھن لھي ويو ۽ شيراهگي درگاھہ ۾ اچي ديوتائن جي آخري دفعو پوڄا پاٺ ڪئي.
”دراصل ڏٺو وڃي تہ جيتري گهڻي ڊگهي عمر اوترا گهڻا پاپ ۽ ڏک غم.“ اوسان هن کي چيو. ”اچو تہ پنھنجو پاڻ کي ڍنڍ ۾ اڇلي پنھنجو پاڻ ٻڌا جي حوالي ڪريون.“ پر مومون، جنھن، جيتوڻيڪ پنھنجي زندگيءَ جي پرواھہ تہ ڪانہ ٿي ڪئي پر ساڳي وقت کيس اها بہ تہ پڪ نٿي ٿي تہ موت کان پوءِ جي زندگيءَ ۾ ڇا ٿيندو. ”منھنجي دماغ ۾ هڪ اٽڪل آئي آهي.” هن چيو، “اچو تہ پاڻ ٻئي پنھنجي ڳوٺ وارن ماڻھن کي خط لکون تہ اسان پنھنجو پاڻ کي هن ڍنڍ ۾ ٻوڙي انت آندو آهي ۽ موت کان پوءِ ٻئي جهان ۾ اسان ٻئي هميشہ لاءِ هڪ ٻئي جا ٿي رهنداسين ۽ اسان جو پوءِ ڪو بني بشر وار بہ ونگو نٿو ڪري سگهي.“
اوسان اها صلاح ٻڌي خوش ٿي. ”گهر ڇڏڻ وقت آءٌ پڻ اهوئي سوچي نڪتي هيس. انھيء ڪري هلڻ مھل بئگ ۾ پنج سؤ سونيون گنيون وجهي ڇڏيون هيم، جيڪي پاڻ کي هاڻي ڪم اچي سگهن ٿيون.“
اها ايتري دولت هئي، جنھن سان واقعي نئين زندگيءَ سولائيءَ سان شروع ٿي سگهي ٿي.
”ڳوٺ خط لکڻ ۾ اسان کي پورو پورو خبردار رهڻ کپي، جيئن ڪنھن کي بہ شڪ نہ ٿئي.“ مومون اوسان کي آگاھہ ڪندي خط لکايو: ”شيطاني خيالن ۾ ڦاسي اسان جيڪو زنا جهڙو پاپ ڪري ويٺا آهيون ان لاءِ قدرت طرفان مقرر ڪيل سزا کان اسين ڀڄي نٿا سگهون. هن جهان ۾ هاڻ وڌيڪ رهڻ خاطر اسان لاءِ ڪابہ جاءِ ناهي سو اڄ اسين هن دنيا کي سدائين ڇڏي وڃڻ لاءِ موڪلايون ٿا.“ خط لکي پوءِ اوسان پنھنجي ڳچيءَ ۾ گوتم ٻڌ جي تصوير وارو پاتل لاڪيٽ لاٿو – جيڪو مصيبتن کان بچڻ لاءِ هميشہ سندس ڳچيءَ ۾ هوندو هو، پنھنجي ڪارن وارن جون ڪجهہ چڳون ڪتريون. مومون ٻانھن ۾ ٻڌل پتل جي پتلي واري لڙهي لاٿي. اهي شيون هنن خط سان گڏ ڪناري تي ئي ڇڏڻ ٿي چاهيون، جيئن پويان خط ۽ اهي شيون ڏسي سڃاڻي وٺن تہ هنن درياءَ ۾ واقعي پاڻ کي ٻوڙي آپگهات ڪيو آهي، ۽ اڃا بہ ڪم پڪو ڪرڻ لاءِ هنن پنھنجا ڪوٽ ۽ بوٽ بہ لاهي اتي ئي ڦٽا ڪيا ۽ جيئن تہ ڍنڍ جي ڪناري تي ڪيترائي مھاڻا رهندا هئا، جيڪي تمام سٺا تارو هئا سو هنن ٻن مھاڻن کي پئسا ڏئي پنھنجو پلان سمجهائي ڇڏيو تہ ڇا ڪرڻو آهي ۽ پاڻ شھر جي پوئين پاسي کان روانا ٿي ويا.
پرھہ ڦٽيءَ کان بہ چڱو اڳ، اڃا ڪڪڙن ٻانگن جو دس نہ هنيو هو ۽ چوڌاري اڃا اونداھہ لڳي پيئي هئي ۽ ڍنڍ ڀرسان ڪير بہ جاڳيل نہ هو تہ هنن مھاڻن رڙيون ڪري پاڻ کي کڻي ڍنڍ ۾ اڇليو. پاڻيءَ ۾ ڪرڻ جي شپڪي ۽ سندن دانھن تي ٻيا جاڳي ڍنڍ جي ڪناري تي آيا ۽ لاشن کي ڳولڻ لڳا تہ ڪنھن خودڪشي ڪئي آهي. گهڻو ئي پاڻيءَ جي تري ۾ ويا پر تيسين هي ٻئي مھاڻا هيٺان ئي هيٺان تري ٻئي پاسي کان ٻاهر نڪري ويا. ڪناري تي اوسان ۽ مومون جو خط ۽ سامان ڏسي سڄي ڳوٺ ۾ سندن خودڪشيءَ جي ڳالھہ مشھور ٿي وئي، ۽ ڏک ڀري خبر سندن شھر ڪيوٽو ۾ بہ پھچي وئي.
ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي مٽن مائٽن خواريءَ کان بچڻ لاءِ ان ڳالھہ کي گهڻو ئي لڪايو ۽ پاڻ تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هن دنيا ۾ جتي هر هڪ جا ڪن خبر ٻڌڻ لاءِ واجهائيندا رهن ٿا، اها ڳالھهبہ ٻڌي ورتي ۽ اها بھار جي سڄي مند ماڻھن جي وات تي گلا ڪرڻ لاءِ اوسان ۽ سندس يار مومون جي ڳالھہ هئي، ۽ هنن ٻن همراهن جيڪي ڪم ڪيو ان بابت ٽيڪاٽپڻي واقعي ختم ٿيڻ جي نہ هئي.
اوسان ۽ مومون ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي وچان ئي وچان جهنگ جهر مان اڳتي وڌندا ويا. هنن کي پاڻ لاءِ پاڻهي رستو ٺاهڻو ٿي پيو ۽ ڪنڊن ۽ کڏن کوٻن کان پاڻ کي بچائڻو ٿي پيو. آخرڪار هو هڪ اتائين چوٽيءَ تي چڙهي ويا جتان پٺيان نظر ڪرڻ تي سندس پٺتي جون منزلون ۽ ڏکيائيون نظر پئي آيون. اهو سڀڪجهہ هنن پاڻ ئي چونڊيو هو پر ان درد ۾ بہ ڪجهہ مزو هو جو مئلن جو پارٽ ادا ڪري اڳتي وڌي رهيا هئا. هنن کي اڃا بہ ڪافي اڳتي هلڻو هو پر سامھون ڪوبہ رستو يا پيچرو تہ پري پر ڪنھن ڪاٺيڙ جي پيرن جا نشان بہ ڪٿي نظر نٿي آيا، جن تي هلي اچي ڪنھن آباديءَ مان نڪرجي. بھرحال هو ڌڪي تي سامھون وڌندا رهيا. اوسان تہ هلي هلي اهڙو ٿڪجي پئي جو هاڻ سندس پير وڌيڪ هلڻ کان جواب ڏئي بيٺا هئا. نيٺ هڪ هنڌ ساڻي ٿي ڪري پيئي. سندس نبض بہ هاڻ ڪمزور ٿي وئي. مومون ڪجهہ ٻيو تہ نٿي ڪري سگهيو جو هن وٽ نہ دوا درمل هئي نہ ڪا سواري. سامھون جبل تان چشمي جو ٿڌو پاڻي ڪري رهيو هو. ٻڪن ۾ اهو ڀري هن اوسان جي مٿان ڇڻڪيو ۽ هوءَ جيتوڻيڪ ٿوري سامت ۾ آئي پر سندس بچڻ جي اميد تمام گهٽ نظر ٿي آئي. مومون هاڻ مجبور ٿي ڀرسان ويھي سندس موت جو انتظار ڪرڻ لڳو تہ سامھون کيس ڪنھن ڳوٺ جون ڪچيون جايون نظر اچي ويون. خوش ٿي ان اوسان کي ٻڌايو: ”بس همت ڪر. سامھون واري ڳوٺ ۾ پھچي هن مسافريءَ جا ٿڪ سور سڀ لھي ويندا ۽ پاڻ کي هڪ دفعو وري پيار جي زندگي گذارڻ جو موقعو ملي ويندو.“
ڳوٺ جو ٻڌي اوسان کي پنھنجي ساڻي شرير ۾ نئين جوت محسوس ٿي ۽ مومون جي ڪلھي تي هٿ رکي اڳتي هلڻ لڳي.
ان ڳوٺ کان ٻہ رستا ڦٽا ٿي، هڪ پڪو رستو سندس شھر ڪيوٽو ڏي ويو ٿي ۽ ٻيو سنھو رستو جنھن تان ٻہ گهوڙا بہ مس اچي وڃي سگهن جبل ڏي ويو ٿي. هڪ ڪکائين ڇت واري هوٽل ۾ هو ٿڪ ڀڃڻ ۽ چانھہ پيئڻ لاءِ اچي ويٺا، جيڪا خاص رستي جي مسافرن لاءِ هئي. هوٽل جي ٻاهران ’هتي گهر جون بھترين ٺھيل شيون ملي سگهنديون‘ لکيل هو پر چانورن جا جيڪي ٺھيل ڪيڪ رکيا هئا سي نہ فقط پاروٿا هئا پر رستي جي اڏاميل ڌوڙ ۾ انھن جو اڇو رنگ ئي لٽجي ويو هو. پاسي تي مختلف ڪٻٽن ۾ گڏيون، ٽڪيون ۽ ٻيون شيون وڪامڻ لاءِ رکيل هيون. هنن ٻنھي ڄڻن کي هتي ايتري تہ فرحت ۽ مزو آيو جو اٿڻ مھل خوشيءَ وچان اوسان هڪڙي سوني گني ڪڍي هوٽل واري کي انعام طور ڏني، جيڪا هن وائڙن وانگر ڏسي کين موٽائيندي چيو: ”مھرباني ڪري مون کي چانھہ جي قيمت پئسن ۾ ڏيو.“ هن کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ سوچيو بہ نہ ھو تہ شھر کان فقط پندرهن ميل پري ڪو اهڙو بہ ڳوٺ ٿي سگهي ٿو جنھن جي ماڻھن کي سونين گنين جي بہ خبر ناهي.
اتان پوءِ هي ٻئي عاشق معشوق ڪايابارا نالي ڳوٺ ڏي ويا جتي ڇوڪري جي هڪ پوڙهي چاچي رهي ٿي جنھن بابت جيتوڻيڪ هن کي پڪ نہ هئي تہ اڃا تائين اها جيئري بہ هوندي يا مري چڪي هوندي. هن جي گهر پھچي مومون پنھنجي وڏن جي پنھنجائپ جو ذڪر ڪيو ۽ پوڙهيءَ هنن کي پاڻ وٽ ٽڪائڻ لاءِ راضي ٿي وئي. رات جو دير تائين اها پوڙهي هن جي پيءُ ۽ ٻين وڏن مائٽن جون ڳالھيون ياد ڪري روئندي رهي. صبح جو هن کي اوچتو اوسان جو ڌيان آيو، جنھن جي سونھن ۽ شاهاڻي هلت چلت ڏسي هن کي شڪ بہ ٿيو. ”هيءَ وري ڪير آهي؟“ چاچيء پڇيو. مومون پنھنجي چاچيء جي اهڙن سوالن لاءِ پاڻ کي تيار ڪري نہ آيو هو سو هن جي اوچتي سوال تي منجهي پيو تہ ڇا جواب ڏجي. ”منھنجي ننڍي ڀيڻ آهي.“ هن وراڻيو، ”ڪيترن سالن کان هڪ وڏي جاگيردار جي گهر ۾ ڪم ڪيو اٿس، هاڻي اتي جي ڏکي نوڪريءَ مان بيزار ٿي پئي ۽ چيائين تہ ڪنھن جابلو ڳوٺ جي گهر ۾ – هن جھڙي ۾، هلي ڪجهہ ڏينھن پرسڪون زندگي جا گذارجن. سو اها نوڪري ڇڏي مون سان گڏ هتي آئي آهي، جيئن هتي ڳوٺ جي ڪنھن گهر يا باغ جي سارسنڀال ڪري پئسو ڪمائي سگهي. هن جي رهائش جي خرچ پکي جو تون فڪر نہ ڪجانءِ جو هن پاڻ سان سؤ سونيون گنيون بہ آنديون آهن.“
اهڙيءَ طرح هن ڳالھہ ٺاهي پوڙهيءَ کي في الحال ماٺ ڪرائي پر هيءَ هڪ لالچي دنيا آهي توهان کڻي ڪٿي بہ وڃو. مومون جي چاچيءَ هن ۾ پنھنجو فائدو ڳولي چيو: ”اها تہ واھہ جي ڳالھہ ٿي. منھنجي پٽ کي ڪا زال ناهي ۽ تنھنجي ڀيڻ هن جي مائٽياڻي بہ تہ ٿي. ڇو نہ ٻنھي جي پاڻ ۾ شادي ڪئي وڃي.“
اها ڳالھہ سندس دل وٽان نہ هئي. اوسان سڄو ڏينھن لڪ چوريءَ ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ پنھنجو پاڻ کي پٽيندي رهي. شام ڌاري پوڙهيءَ جو رولاڪ پٽ گهر موٽيو. هن کي ڏسي اوسان ڊڄي وئي. هن جهڙو بي ڊولو، ڊگهو ۽ ڌاڙيلن جهڙو ماڻھو جنھن جي اکين مان ڄڻ تہ رت ٿي ٽميو، هن ڪڏهن بہ ڏٺو نہ هو. سندس ڏاڙهي گاھہ وانگر ڇڏيل ۽ هٿن پيرن تي مر چڙهيل، هڪ هٿ ۾ رسو ۽ جانور ڦاسائڻ جو ڪوڙڪو ۽ ٻئي ۾ شڪار ٿيل سھن ۽ نورن جو کارو. ”منھنجي روزگار جو هي طريقو آهي.“ زيٽارو چيو. پوڙهيءَ جي پٽ کي هرڪو زيٽارو سڏيندو هو.
ڳوٺ ۾ هرهڪ کي خبر ھئي تہ هي هڪ ڪميني قسم جو ماڻھو آهي. ماڻس جڏهن ٻڌايس تہ تنھنجي شاديءَ لاءِ ڪيوٽو شھر جي هيءَ ڇوڪري آئي آهي تہ زيٽارو خوش ٿي چيو: ”واھہ واهه! بس پوءِ تہ دير ڇاجي آهي. اڄ رات ئي منھنجي هن سان شادي رچائي وڃي.“ ۽ پوءِ هن هڪ آرسيءَ جو ٽڪرو پنھنجي منھن ڏسڻ لاءِ کنيو: ”ڇا تہ ٺاهوڪو جوان آهيان.“ هن چيو.
هن جي ماءُ شاديءَ جي تيارين ۾ لڳي وئي. جلدي جلدي شاديءَ جو شربت ڪوپن ۾ ٺاهيو. کائڻ لاءِ سندن اڳيان لوڻاٺيل مڇي رکي ۽ پيئڻ لاءِ شراب جي بوتل ڪڍي آئي، جنھن جو منھن ئي چٿريو پيو هو. گهوٽ ڪنوار جي سمھڻ لاءِ ڪمري کي سينگاريو ۽ پٽ تان تڏا ۽ تونئريون کڻي ڪمري جي درين ۽ ڀتين تي پڙدي طور هنيا. ٻہ ڪاٺ جا وهاڻا ڪٿان اڌارا وٺي آئي. ٻہ سنھيون سوڙيون ۽ هڪ هيٺان وڇائڻ لاءِ چادر پڻ. سيءَ کان بچڻ لاءِ وڻن جا ڇوڏا کڻي اچي سگريء ۾ وڌا.
پر اوسان وئي ٿي غمگين ٿيندي ۽ ساڳي طرح مومون جي اندر ۾ بہ اڻ تڻ وڌندي وئي. ”هيءَ سزا آپگهات کان ڀڄڻ ۽ جيئرو رهڻ ڪارڻ ڀوڳي رهيا آهيون. پاڻ کي ڍنڍ ۾ ٻوڙڻ کپندو هو. هاڻ قدرت پاڻ کان ان ڳالھہ جو بدلو وٺي رهي آهي.“
هو خنجر ڪڍي پنھنجو پاڻ کي مارڻ وارو هو پر اوسان کيس جهلي ورتو.
”ايڏو دلشڪستو ڇو ٿي رهيو آهين، ڀڄي نڪرڻ جون تہ اڃا بہ راهون موجود آهن. تون هر ڳالھہ مون تي ڇڏي ڏي ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ پاڻ هتان ڀڄي هلنداسين.“ اوسان چيس.
سج لھڻ کان پوءِ جڏهن اوسان ۽ زيٽارو کي شاديءَ جو شربت پيئاريو ويو تہ اوسان زيٽارو کي چيو: ”مون سان شادي ڪرين تہ ڀلي ڪر پر آئون آهيان نڀاڳي جو باھہ واري سال ۾ ڄائي هيس.“1زيٽارو اهو ٻڌي چيو: ”مون کي انھن ڳالھين جي پرواھہ ناهي. باھہ جي سال ۾ ڄائي هجين يا ڪتن ٻلن جي سال ۾. مون کي چچيون بہ وڻن ٿيون ۽ دراصل آئون انھن کي کائيندو بہ آهيان. ان هوندي بہ اڃا تائين جيئرو آھيان. اٺاوهين سالن جو اچي ٿيو آھيان پر اڃا تائين مون کي هڪ دفعو بہ پيٽ ۾ ڪينئان نہ پيا آهن. مومون صاحب کي بہ مون سان گڏ کائڻ کپي. باقي تون، توسان مان ان ڪري شادي نٿو ڪريان جو تون هڪ شھري نازڪ ناري آهين، پر ان ڪري جو تون منھنجي مائٽياڻي آهين.“ ۽ ائين ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندي پنھنجو ڪنڌ اوسان جي جهولي ۾ رکي سمھي رهيو.
اوسان ۽ مومون ڏک ۽ بيزاريءَ جي عالم ۾ سوچيندا رهيا تہ هن چرئي سان چڱو واسطو پيو آهي. پوءِ هو ٻئي بي چينيءَ سان انتظار ڪندا رهيا ۽ جيئن ئي زيٽارو کي اک لڳي تہ ٻئي ڄڻا وٺي ڀڳا ۽ مختلف هنڌن تي منزلون ڪندا رهيا. هڪ دفعي تہ هو ’مونجو – ديوتا‘ جي مندر ۾ بہ اچي ستا. 2جيڪو رات جو خواب ۾ اوسان کي نظر آيو ۽ کيس چيو: ”توهان ٻنھي تمام وڏو پاپ ڪيو آهي ۽ هاڻ توهان کي ڪٿي بہ سک چين نہ ملندو. توهان کي کپي تہ مٿو ڪوڙائي منھنجي مندر ۾ ٻاوا ٿي رهو. توهان ٻنھي کي گڏ رھڻ نہ کپي.“
ڪنھن ديوتا کي خواب ۾ ڏسڻ خوش نصيبيء جي ڳالھہ آهي پراوسان دل ئي دل ۾ چيو: ”منھنجي کڻي پڇاڙي ڇا بہ ٿئي. اهو منھنجو پنھنجو مسئلو آهي پر آئون پنھنجي يار کي تہ هرگز نہ ڇڏينديس. هن جي پيار مون کي ايڏو تہ مزو ڏنو آهي جو آءٌ پنھنجو مڙس بہ وساري ويٺي آهيان. مونجو ديوتا کي عورتن جي پيار جي ڪھڙي سڌ ۽ ڪھڙو قياس. هن کي تہ رڳو مرد جي مرد سان دل جي ڄاڻ آهي.“
صبح جو اوسان جي اک کلي تہ ٿڌي هير لڳي رھي هئي. جيتوڻيڪ سامھون سمنڊ جي ڪناري تي بيٺل ناريل جا وڻ ڌوڙاٽيا پيا هئا. ”سڀڪجهہ ڌوڙ ۽ فنا آهي.“ اوسان پنھنجو پاڻ کي چيو ۽ هن کي پنھنجي بچاءُ جي ڪابہ راھہ نظر نٿي آئي.
انسان پنھنجي نڀاڳ جي ڳالھہ پنھنجي دل ۾ ئي سانڍي رکي ٿو. هڪ جواري ڪڏھن بہ پنھنجي هار جي هام نٿو هڻي. چڪلي ۾ ويندڙ جڏهن پنھنجي پسند جي عورت کي ڪنھن ٻئي مرد سان گڏ ڏسي ٿو تہ هو اهوئي ڏيک ڏئي ٿو تہ هن پاڻ انھيء عورت کي ڇڏي ڏنو آهي. جهڳڙالو همراھہ هارايل جهيڙن ۽ موچڙا کائڻ جي ڳالھہ ڪڏهن بہ ڪنھن سان نٿو ڪري. واپاري پنھنجي بيوقوفي ڪري رسيل نقصان جو ذڪر ڪنھن سان نٿو ڪري ۽ انھن سڀني جي حالت ان ماڻھو مثال آهي جنھن جو اونداھہ ۾ پير ڪتي جي غلاظت مٿان اچي وڃي.
پر انھن سڀني مان اهو انسان جنھن جي زال ٻئي سان کريل هجي پاڻ کي گهڻو بدنصيب سمجهي ٿو. ٻاهرينءَ دنيا کي اوسان جي مڙس اهو ڏيک ڏنو ڄڻ هن پنھنجي زال کي وساري ڇڏيو آهي: هوءَ مري چڪي آهي، جنھن لاءِ ڪجهہ چئي سگهجي ٿو ۽ نہ ڪري سگهجي ٿو. ڪڏھن اهڙيون بہ گهڙيون آيون ٿي جڏهن اوسان جي ياد ۽ ساڻس گڏ گهاريل ڏينھڙا سندس دل ۾ ڪنڊي وانگر چڀيا ٿي ۽ اوسان جي بيوفائيءَ جو سوچي جيتوڻيڪ هن کي باھہ ٿي ويئي پر تنھن هوندي بہ ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ٻائي يا ٻانڀڻ کي گهرائي پنھنجي مئل زال جي حق ۾ دعا ٿي گهري. هڪ ڏينھن تہ مندر جي جهنڊي لاءِ ڪپڙي موڪلڻ بدران هن اوسان جو رکيل سلڪ جو دلپسند وڳو موڪلي ڏنو تہ جيئن اهو موت ۽ زندگيءَ جي هوا ۾ ڦڙڪندو رهي ۽ ان کي ڏسي ماڻھو پڇتاء ڪن.
اهڙيءَ طرح ان ماڻھوءَ کان وڌيڪ ڪو بھادر ناهي جنھن کي هن دنيا جي شين سان ڳانڍاپو ۽ سڪ هجي. مومون، جيڪو سج لٿي کان پوءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ پسند نہ ڪندو هو تنھن کي هاڻ پنھنجو شھر ۽ ان جون شيون ڏسڻ لاءِ اچي سڪ لڳي، سو اوسان کي ڳوٺاڻن جي نگهباني ۾ ڇڏي، پاڻ هڪ ڊگهو چوغو پائي مٿان ٽوپلي کي هيٺ نرڙ تائين لاڙي اچي پنھنجي پراڻي شھر ڪيوٽو کان نڪتو. جيتوڻيڪ هن کي قدم قدم تي ڊپ لڳي رھيو ھو تہ متان ڪو کيس سڃاڻي وٺي ۽ کيس ائين ٿي لڳو ڄڻ تہ هو دشمنن جي حوالي ٿيڻ وارو هجي.
پنھنجي پاڙي ۾ پھچندي هن کي رات ٿي ويئي، تالاب ۾ چنڊ جو اولڙو ڏسي هن کي اوسان ياد اچي وئي. اکين ۾ تري آيل ڳوڙها هن پنھنجي ٻانھن سان اگهيا. جنھن پاڙي ۾ هن جو پراڻو مالڪ رهندو هو ان ۾ پنھنجو پاڻ کي پرديسي سڏائي اچي خبرچار معلوم ڪئي تہ ماڻھو هن بابت ڇا راءِ ٿا رکن. هڪ ميڙ ۾ ماڻھو اڄڪلھہ جي وارن ۽ ڪپڙن جي نئين فئشن بابت ڳالھائي رهيا هئا. ان بعد هو عشق ۽ محبت جا ڪوڙا قصا هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ لڳا ۽ پوءِ اچتو سندس بہ اچي ذڪر نڪتو. هڪ چيو: ”اڙي هن گڏھہ مومون کي تہ ڏسو، جيڪو سڄي شھر جي سھڻي ۾ سھڻي عورت چورائي هليو هو. هن کي ان جي قيمت ۾ پنھنجي بيڪار زندگي ادا ڪرڻي پيئي. سودو ڪو خراب نہ پيس. اهو موت بھتر آهي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڏو ڪارنامو تہ ڪري ويو.“ پر هڪ ٻئي ماڻھوءَ هڪدم هن جي خلاف ڳالھايو.
”اها بہ ڪا وڏي ڳالھہ ٿي. مومون کي تہ ٻڏي مرڻ کپي جنھن هڪ ئي وقت پنھنجي مالڪڻ سان بہ دوکو ڪيو تہ سندس مڙس سان بھ.“
اهو آواز ٻڌي، مومون دل ۾ قسم کڻي چيو: ”منھنجي خلاف اها بڪواس ڪرڻ وارو دائيموجيا پاڙي وارو لوفر ڪسوڪي ڪيڏو نہ ذليل چئبو. هڪ تہ منھنجا اسي تولا چانديءَ جا اڌارا وٺي کائي ويو ۽ آخر تائين موٽائي نہ ڏنائين. پر هاڻ سندس هن بڪواس جي بدلي ۾ کانئس اهي واپس ئي وٺي رهندس چاهي مون کي هن جي ڳچي مروٽڻي پوي.“
هي اڃا هن تي خارون کائي رهيو هو تہ هڪ ٻئي چيو: ”يار مون کي تہ لڳي ٿو تہ مومون مئو ڪونهي، هو پڪ جيئرو آهي ۽ اوسان سان مزا ماڻي رهيو آهي.“
اهو ٻڌي مومون ڏڪي ويو ۽ ان ميڙ مان آهستي ٿي نڪري شھر جي هڪ مسافرخاني ۾ اچي مسواڙ تي رهيو ۽ بنا وهنجڻ جي سمھي رهيو 3 جيئن تہ اها سترهينء تاريخ هئي، هن ٻارھن ٽامي جا سڪا ڪاغذ ۾ ويڙهي هڪ فقير کي ڏنا تہ هن بدران ميڻ بتيون وٺي اها رات اوجاڳو ڪري، ۽ پوءِ هو ڪيتري دير دعا گهرندو رهيو تہ شل سندس شھر جا ماڻھو کيس نہ سڃاڻن. پر هن کي ڪھڙي خبر تہ خود پيار جو ديوتا اتاگوساما بہ هن جي خلاف ڪم ڪري رهيو هو.
ٻئي ڏينھن صبح جو شھر ڇڏڻ کان اڳ هن کي اتي جي ھڪ ٿيئٽر ۾ڊرامو ڏسڻ جي سڌ ٿي جيڪو ھن ٻڌو تہ بلڪل نئون نئون هلي رهيو آهي. ”مون کي اهو ضرور ڏسڻ کپي جيئن ان جي ڪھاڻي اوسان کي بہ ٻڌائي سگهان.“ هي ڪنڊ واري سيٽ جي ٽڪيٽ وٺي وڃي ويٺو. کيس هر وقت اهو ڊپ هو تہ متان ڪو هن کي سڃاڻي وٺي. ڊرامي جي ڪھاڻي ڪجهہ اهڙي هئي جنھن ۾ ڪنھن ماڻھوءَ جي ڌيءَ چورائجي ٿي وڃي. مومون کي ان ڳالھہ تي سندس ضمير مارڻ لڳو. پوءِ هن هيٺ اڳئين قطار ڏي ڏٺو. ڇا ڏسي تہ اوسان جو مڙس پھرين قطار ۾ ويٺو آهي، جنھن کي ڏسڻ سان ٿوري وقت لاءِ هن جو ڄڻ تہ رت ئي سڪي ويو. نرڙ تي پگهر جا ڦڙا تري آيس. هن کي ائين لڳو ڄڻ هو دوزخ مٿان لڙڪي رهيو هجي. هو هڪدم ٽپ ڏئي اٿيو ۽ ٿيئٽر کان ٻاهر نڪري آيو. اتان سڌو ‘ٽانگهو’ ڳوٺ ڏي رخ ڪيو، جتي اوسان کي ڇڏي آيو هو ۽ ڪيوٽو وري اچڻ کان هن توبنهن ڪري ڇڏي.
سڄي جپان ۾ گلن جي رت جو ميلو هو. هڪ پستا بادام وڪڻڻ وارو گهوريئڙو هوڪو ڏيندو اچي جنتريون ٺاهيندڙ (اوسان جي مڙس) جو در کڙڪايو. هن مالڪڻ اوسان جو پڇيو. پر اها اهڙي ڳالھہ هئي جنھن بابت گهر جي ڪنھن بہ نوڪر ڪجهہ ڪڇڻ نٿي چاهيو. نيٺ ڪاوڙ مان اوسان جي مڙس وراڻيس:
”هوءَ مري وئي.“
”ڪمال آھي؟!“ گهوريئڙي وراڻيو، ”مون هڪ اهڙي عورت کي ڏٺو آهي جيڪا شڪل صورت ۽ بيهڪ ۾ بلڪل هن سان ملي ٿي ۽ تر جيترو بہ فرق ناهي، ۽ هن سان گڏ جيڪو ماڻھو رهي ٿو اهو بہ هوبھو توهان جي پراڻي نوڪر مومون جهڙو آهي. هو ’ڪٽارو‘ جي ويجهو ’ٽانگهو‘ ڳوٺ ۾ رهن ٿا.“
گهوريئڙو جڏهن هليو ويو تہ اوسان جي مڙس پھرين هڪ همراھہ کي ٽيٽ وٺڻ لاءِ موڪليو تہ وڃي جانچ ڪري اچ تہ اها ڳالھہ ڪيتري قدر سچ آھي. پوءِ جڏهن هن کي پڪ ٿي تہ اوسان ۽ مومون اڃا واقعي جيئرا آهن تہ هن پنھنجا چڱا خاصا ماڻھو اوڏانھن موڪليا جي وڃي هنن کي ٻڌي وٺي آيا. هنن جيڪو ڏوھہ ڪيو هو ان لاءِ ڪابہ رحم جي گنجائش نہ هئي. ٻاويھين سيپٽمبر تي ماڻھن جي ميڙ اڳيان ٻنھي کي ڦاسيءَ تي لڙڪايو ويو. سندن اها ڪھاڻي چوڌاري باھہ وانگر پکڙجي وئي. اڄ بہ اوسان جو نالو ماڻھن جي دلين تي حسن ۽ سونھن جي ياد ڏياري ٿو – جيڪا مرڻ وقت بہ دستور موجب سنھي سونهري پاتل پھراڻ ۾ حسين لڳي رھي هئي.


___________________________
1 چنڊ جي حساب سان اهو سال جپان ۾ نڀاڳو سڏيو ٿي ويو ۽ انھيء سال ڄاول عورتن لاءِ چيو ٿي ويو تہ شادي ڪرڻ بعد گهر ۾ جهيڙو ڪنديون يا پنھنجن مڙسن کي ماري ڇڏينديون. ڪتن ٻلن جو سال تہ نہ ٿئي پر هتي زيٽارو ٽوڪ طور اوسان کي چئي رهيو آهي تہ مون کي ان ڳالھين جي پرواھہ ناهي.(مترجم)

2 جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ملان لٽر جا چرچا مشھور آهن، تيئن هتي پراڻي جپان ۾ ‘مونجو’ مشھور آهي. مونجو ديوتا هڪ ڇوڪر ساڪيا موني نالي تي عاشق هو. ان ڪري مونجوء کي ‘هم جنس پرستيءَ’ جو ديوتا سڏيو وڃي ٿو. (مترجم)

3 جپان ۾ اها سڄي دنيا کان نرالي رسم اڃا تائين هلندي اچي تہ هو صبح جو وهنجڻ بدران رات جو سمھڻ مھل ضرور وهنجن. (مترجم)

سوشي، ڪمونو، ساڪي ۽ هائيڪو

اڳيان ڏنل ڪھاڻي ”فوڪاگاوا جي گهنڊڻي“ جو ليکڪ مشھور جپاني ناول نويس”مٽوتارو ڪاواگچي“ آهي. فوڪا گاوا جڳھہ جو نالو آهي _ جيئن خيرپور، بدين، شڪارپور. توڪوگاوا دور ۾ شيبا، هونجو ۽ اساڪسا شھرن جيان فوڪاگاوا بہ شيتاماچيء جو هڪ حصو هو، جنھن جي پس منظر ۾ هيءَ ڪھاڻي لکي وئي آھي. ڪھاڻي جو لکندڙ ڪاواگچي 1899ع ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائو. سندس مائٽن جي غريب هجڻ ڪري کيس تعليم حاصل ڪرڻ ۾ وڏو ڌڪ رسيو ۽ هو پرائمري تعليم کان مٿي حاصل ڪري نہ سگهيو. بھرحال کيس ادب، ٿيئٽر، ڊرامي سان ننڍپڻ کان لڳاءُ هو ۽ پنھنجين محنتن ۽ ڪوششن سان هن چڱو ڪجهہ حاصل ڪري ورتو.
1923ع واري ڪانٽو جي زلزلي کان پوءِ کيس اوساڪا ۾ هڪ رسالي جو ايڊيٽر چونڊيو ويو. ان کان پوءِ بہ هن ڪيترائي جدا جدا ڪم ۽ نوڪريون ڪيون. ڊراما نويس ٿي رهيو، ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، ڊائلاگ لکيائين، اسٽيج پروڊيوسر ٿي رهيو ۽ ان بعد فلم ڊائريڪٽر پڻ. پر پاڻ ناول نويسيءَ جي روپ ۾ وڌيڪ اڀريو. پاڻ 1935ع ۾ ناول نويسي جو وڏو انعام ”نائوڪي پرائيز“ پڻ کٽيائين ۽ ان کان پوءِ لڳاتار ڊراما ۽ ڪھاڻيون لکندو اچي.
ڪاواگچي ويجهڙائيءَ ۾ ٽوڪيو ۾ ئي گذاري ويو. پاڻ انھن جپاني اديبن ۽ شاعرن مان آهي جيڪي ٽوڪيو جي آس پاس هجڻ ڪري، ساڻن منھنجي اڪثر ڏيٺ ويٺ، خبرچار ٿيندي رهي. پاڻ آخري ڏينھن ۾ دائيئي موشن پڪچر ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر هو. هن ڪھاڻي ”فوڪاگاوا جي گهنڊڻي“ ۾ سندس زندگيءَ جو گهڻو اولڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو _ جنھن جي هيرو کي پڻ لکڻ جھڙي شوق لاءِ چڱو پاڻ پتوڙڻو پيو.
ان کان علاوه هن ڪھاڻيءَ جي هيرو يا ليکڪ ڪاواگچيء جي ادبي شوق ۽ پروفيشن کي ڏسي مون کي پنھنجا اديب: قمر شھباز، امر جليل، ممتاز مرزا، محترم اسماعيل عرساڻي، قاضي خادم، منظور قريشي، عبدالڪريم بلوچ، تاج بلوچ ۽ مرحوم رشيد احمد لاشاريءَ جهڙا عظيم ماڻھو ياد اچن ٿا جن پڻ ادب جي دنيا ۾ چڱو نالو پيدا ڪيو آھي ۽ مشھوري جي اڀ تي پھچڻ تائين اڀ کڙي ڏاڪڻ جا ڪيترائي مختلف ۽ اڻانگا ڏاڪا ڪاواگچي وانگر چڙھيا، جنھن لاءِ هنن پڻ ڇا ڇا نہ ڪيو. افساني نويسي، شاعري، ڊراما نويسي، فلمن لاءِ ڪھاڻيون، ڊرامن لاءِ ڊائريڪٽرشپ، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي مختلف ڪم / نوڪريون، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهائڻ کان وٺي اسٽيج تي اچي تقريرون ۽ انائونسمينٽ ڪرڻ تائين.
هن جپاني ڪھاڻيءَ ۾ پڻ ڪي اهڙيون ڳالھيون اچي ويون آهن جن جو واسطو جپان ۽ ان جي ڪلچر ۽ تهذيب سان آهي. انھن مان ڪجهہ شين جي هتي سمجهاڻي ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.

”سوشي يا“ ۽ ”سوشي“
افساني جي هيروئن محترمہ ايتو ’سوشي يا‘ آهي. جپاني ڪلچر ۾ سوشي اهڙي شيءِ آهي جنھن جو عام ترجمو رڳو ”مڇيءَ جي دڪان واري“ لکي آنگ لاهڻ هڪ ناانصافي ٿيندو. بلڪ ائين ٿيندو جيئن ڪو ”گيشا“ جو ترجمو رنڊي، دل وندرائيندڙ عورت، ڳائڻي ڪري – جيڪو غلط ٿيندو.
اسان جي پلي ۾ پلاءُ وانگر ”سوشي“ دراصل هڪ جپاني کاڌي جو ڊش آهي جيڪو پراڻي زماني کان هلندو اچي ۽ اڄ بہ سڄي جپان ۾ مشھور آهي، ۽ ڪي هوٽلون ۽ دڪان فقط اهو ڊش ئي وڪڻن. هن ۾ پھرين چانور سرڪي سان گڏ اوٻاريا ويندا آهن. ٿورو لوڻ يا کنڊ پڻ منجهس ٻرڪي ويندي آهي. پوءِ چانورن مٿان ڪچي مڇيءَ جي بيضوي شڪل جي ڳترن سان، يا رڌل سپن سان يا وري رڌل بيضن سان تھہ ڏنو ويندو آهي. ڪن دڪانن ۾ اهي شيون چانورن سان ملايونوينديون آهن، يا ڪٿي وري اسان جي سنبوسن، پيٽيز وانگر ان کي ”نوريءَ“ ۾ گول ويڙهيو ويندو آهي. نوري جپاني لفظ آهي ۽ سامونڊي گاھہ کي سڏجي ٿو. بھرحال ڪچي مڇيءَ جي ڪري هي ڊش غير جپانين کي ايترو نٿو وڻي يا جيسين ان جو ڪو عادي ٿئي، باقي جپاني ماڻھو تازي ڦاسايل تونا مڇي، بونيتو مڇي ۽ سي بريم مڇيءَ کي ڪچو ئي کايو وڃن.
جپاني زبان ۾ دڪان کي ’مسي‘ چئبو آهي. ”وهان نو مسي“ ڪتابن جو دڪان، ”تيريبي نو مسي“ ٽيليويزن جو دڪان، وغيره. وڏي دڪان کي ”ڊپارٽو“ سڏين، جيڪو انگريزي لفظ ”ڊپارٽمينٽل اسٽور“ جي کار آهي. هڪ دفعي اسان جي جهاز تي کاڌي جو شيون: آچار، مربن کان جئم، چٽڻيون، ماکي وغيره هڪ ئي ڪمپنيءَ موڪليون جنھن جي هر بوتل تي وڏن اکرن ۾ هڪ لفظ ”مائيدي يا“ لکيل هو. پنھنجي منھن گهڻيون ئي ڊڪشنريون جانچيم پر جڏهن ڳولي نہ سگهيس تہ ان ڪمپنيءَ جي نينگر کان پڇيم. تنھن ٻڌايو ته”مائيدي يا” معني مائيدي صاحب جو دڪان. ”يا“ پٺيان وجهڻ سان ان لفظ جي معني دڪان ٿيو وڃي. اهڙيءَ طرح ”سوشي يا“ معني سوشي جو دڪان يعني ان جپاني پلي ۾ پلاءُ جو دڪان يا سوشي دڪان وارو / واري پڻ ٿئي. جيئن ھن ڪھاڻيءَ جي هيروئن ’ايتو سوشي يا‘ آهي. بھرحال ان لفظ جي معني سنڌيءَ ۾ لکڻ بدران ساڳيو جپاني لفظ ”سوشي يا“ ۽ سوشي ڪتب آندو اٿم.

ڪمونو
جپاني ڊريس کي ”ڪمونو“ سڏجي ٿو. هيءَ چڱي ڳري ۽ قيمتي ٿئي ٿي. اڄڪلھہ جپان ۾ مغربي ڊريس وڌيڪ مشھور ٿيندي وڃي جيڪا ڪمونو جي مقابلي ۾ ڪم ڪار ۾ هلڪي ۽ سستي پڻ آهي. باقي شادين مرادين يا ٻين ڪاڄن تي عورتون ڪمونو پائين، جيڪو صدري ۽ گائون جي تهن جهڙو ٿئي. جپاني ماڻھو ڪمونو پائڻ وقت پيرن ۾ اڇا جوراب ۽ چاکڙين جهڙا چئمپل پائين.
ڪمونو جهڙو، پر ان کان تمام هلڪي ۽ هڪڙي ئي ڪپڙي جو گائون اونهاري ۾ مرد پائين. اهو يوڪاتا سڏجي ٿو.

ساڪي
جپان ۾ صدين کان چانورن جو ٺھيل شراب مشھور آهي، جنھن کي ساڪي سڏجي ٿو. مزي جي ڳالھہ اها تہ دنيا جا ماڻھو مڇي رڌي کائين ۽ شراب ٿڌو پيئن. پر رات جو وهنجڻ وارا جپاني مڇي ڪچي کائين ۽ شراب کي وري گرم ڪري پيئن. جپاني ساڪي شراب کي ٺڪر جي شيشن ۾ چلھہ تي گرم ڪري پوءِ ٺڪر يا چينيءَ جي ننڍڙين پيالين ۾ پيئن. اهڙي پياليءَ ۾ اسان وٽ اڪثر پٺاڻ ’اسٽان وارين هوٽلن‘ ۾ چانھہ پيئن ۽ موراڪو ۽ مصر جي رڻ پٽ وارين هوٽلن ۾ عرب بربر ۽ شيدي قهوو پيئندي نظر اچن.

هائيڪو
هائيڪو جپاني شاعريءَ جو قسم آھي. جيئن اسان وٽ بيت، ڪافي، غزل، وائي، قطعو، رباعي، وغيره. جپاني ادب ۾ هائيڪو، سينريو ۽ واڪا تمام گهڻو مشھور آهن. هائيڪو ۽ سينريو ٽن سٽن جو ٿئي. پھرين سٽ ۾ پنج، ٻئي ۾ ست ۽ ٽينءَ ۾ وري پنج ماترائون Syllabus ٿين. هائيڪو گهڻو ڪري سنجيده قسم جي عنوانن تي هوندو آهي ۽ سينريو طنز ۽ مزاح جهڙن عنوانن تي. واڪا ۾ پنج سٽون ٿين. پھرينءَ سٽ ۾ پنج، ٻيءَ ۾ ست، ٽيءَ ۾ پنج، چوٿينء ۾ ست ۽ پنجينء ۾ وري ست Syllabus ٿين. اسان وٽ سنڌ ۾ پڻ جپاني هائيڪو کان متاثر ٿي ڪافي عرصي کان هائيڪو لکيا پيا وڃن (جيتوڻيڪ ٽن سٽن جا پر مختلف بيهڪ سان) ۽ ڪيترائي شاعر هائيڪو کان مشھور آهن، جيئن تہ ڊاڪٽر تنوير عباسي، امداد حسيني، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، انور پيرزادو، ڊاڪٽر نعيم دريشاڻي، تاجل بيوس وغيره وغيره. ڊاڪٽر تنوير لاءِ تہ ٻڌجي پيو تہ هن هائيڪو شعر تي هڪ ڪتاب پڻ لکيو آهي ۽ ڇپائيءَ هيٺ آهي. پاڻ هائيڪو تي تمام گهڻو Research Work ڪيو اٿس. هاڻ اصل ڪھاڻي پڙهو ....

فوڪاگاوا جي گهنڊڻي

”پر آخر زندگيءَ ۾ تون ٿيڻ ڇاٿو چاهين؟“ اينگو مون کان هميشہ اهو پڇندو هو.
”آئون ناول نويس ٿيڻ چاهيان ٿو.“ آئون ورندي ڏيندو هوسانس.
اينگوء کي ٻين جي همت ۽ افعال پرکڻ جي ٿوري ٿوري قابليت هئي ۽ هن جي حساب موجب آءٌ ’ليکڪ‘ جهڙو ڪئريئر کڻي نٿي سگهيس سو هن هر وقت اها صلاح ڏني ٿي تہ آءٌ اڃا ننڍو آھيان ۽ اهو ليکڪ ٿيڻ وارو ارادو دل مان ڪڍي ڇڏيان.
”هڪ ناول نويس ٿيڻ وارو شوق جوکائتو آهي. اهڙا ماڻھو جيڪي لکڻ مان پيٽ پالين ٿا هڪ هٿ تي ڳڻڻ جيترا بہ ڪي مس ٿيندا. بابا اهو جوکم وارو ڪم آهي ۽ هڪ غريب جي ٻار کي ان بابت صلاح بہ نٿي ڏئي سگهجي. سمجهہ کڻي تہ تنھنجو ڪوبہ ناول، مضمون، ليک وغيره نٿو هلي، پوءِ ڇا ڪندين؟ هيءَ دنيا چڙهئي جي تہ آهي پر ڪرئي کي ڪير بہ نٿو پڇي. لکڻ جهڙو شوق تون تڏهن ئي ڪري سگهين ٿو جڏهن پٺيان ڪو ڪمائڻ وارو ويٺو هجئي ۽ توکي هر وقت کارائيندو رهي. سو ان بابت توکي اڳواٽ سوچڻ کپي.“ بھرحال اها اينگيوء جي روزمره جي تقرير هوندي هئي جنھن مان هن بابت صاف ظاھر ٿيندو هو تہ هو ڪنھن بہ شيءِ مان پراميد ناهي. هو ڪنھن بہ نئينءَ ڳالھہ ۾ هٿ وجهندي گهٻرائي ٿو ۽ شاهوڪار ماڻھن کي ئي پسند ڪري ٿو جن جو مستقبل محفوظ آهي. ”شاهوڪار ماڻھو ڪڏهن بہ توهان کي تڪليف نہ ڏيندا. ماڻھو کڻي ڪيڏو بہ سٺو هجي پر پئسن بنا ٻئي جو محتاج آهي. پئسو اڌارو گهرڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا خراب ڳالھہ ناهي. پر غريب ماڻھو ان بابت ڪڏهن سوچيندو بہ نہ آهي.“ هن کي اهڙا ماڻھو هرگز نہ وڻندا هئا، جيڪي بڇڙا حال ڪريو پيا هلن ۽ پنھنجي ڪپڙي لٽي جو بہ خيال نٿا رکن يا جيڪي رڳو خيالي دنيا ۾ گم هوائي محلن جون اوساريون کڻندا وتن. ان ڪري هن منھنجي ادبي شوق جي مخالفت ڪئي ٿي.
”جيڪڏهن ڪو ليکڪ چمڪي نٿو سگهي تہ دنيا ۾ ان کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالھہ ٻي آهي ڪانھ. جيڪڏهن تون اديب ٿيڻ بہ چاهين ٿو تہ ڀلي ٿي. آءٌ ڪو جهليانءِ ڪونہ ٿو. آءٌ توکي رڳو اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو تہ اديب کي ٻيو ڪو روزگار هجڻ ضروري آهي جو لکڻ مان هو ايترو نٿو ڪمائي سگهي جنھن مان هو ٻچا ٻار ۽ پنھنجو پيٽ پالي سگهي. سو پھرين کان نوڪري ڳولجي. هڪ دفعو ڪمائڻ جو ذريعو ملي وڃي تہ لکڻ پوءِ ئي شروع ڪجي.“
هن ان بابت پنھنجي راءِ ڪڏھن بہ نہ بدلي، انھن ڏينھن ۾ واقعي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اديب لکڻين مان پئسو ڪمائي سگهندو هو ۽ نوجوان اديبن کي پئسي پونجيء جي معاملي ۾ پنھنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پھرين ڪا نوڪري ڳولڻي پوندي هئي ۽ اينگيو کي اهو عجيب لڳو ٿي تہ مون جهڙو گهٽ قابليت وارو ماڻھو جنھن جي اڀرڻ جي ڪا اميد نہ هئي ليکڪ ٿئي.
”آءٌ انھن مان نہ آهيان جو توکي خراب صلاح ڏيان.“ جيسين آءٌ ٿڪجان نہ تيسين هو چوندو رهيو ٿي، ”اهڙو ڪو ڌنڌو ڳول جنھن سان پيٽ ڀري سگهين.“
مون ۾ ايترو اعتقاد نہ هو جو کڻي ورندي ڏيان يا وري جڏهن ڪنھن ڌنڌي ڳولڻ لاءِ چوندو هو تہ مون کي سمجهہ ۾ نہ ايندو هو تہ ڇا ڪريان. آخر هڪ ڏينھن بيزاريءَ مان پڇي ويٺس: ”توهان ڇا ٿا چاهيو تہ مون کي ڇا ڪرڻ کپي؟“
لڳو ٿو تہ هي ڪو منھنجي ان قسم جي سوال جو اڳھين منتظر هو، ”شيون وڪڻڻ وارو ماڻھو (دڪاندار) هميشہ مضبوط پوزيشن ۾ رهي ٿو. تون بہ اهوئي چاهيندين تہ توکي جيڪر پنھنجو ڪو هٽڙو يا دڪان هجي ها – پرواھہ ناهي ننڍڙو ئي سھي.“
”دڪان تہ گهڻن ئي قسمن جا جتي ڪٿي پيا آهن.“
”جي پئسي جي سگهي سگهي آمد چاهين ٿو تہ کائڻ پيئڻ جي شين جو ڪو دڪان يا هوٽل کول. روز جي وڪري جا پئسا ۽ فائدو روز ايندو رهندو. بس ڪو کاڌي جي شين جو دڪان کڻي کول.“
”اهو ڪو ڪم اهڙو تہ سولو ناهي. ننڍو يا وڏو بھرحال هر صورت ۾ ڏوڪڙن جي ضرورت پوندي ئي پوندي.“
”مون کي هڪ هنڌ سجهي ٿو جتان تنھنجو اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، ۽ تون آسانيءَ سان ان دڪان تي ڪم ڪري سگهين ٿو. اهو هڪ ’سوشي يا‘ (مڇيءَ جو دڪان) آهي ۽ آهي بہ وري بھترين هنڌ تي، سوزاڪي پاڙي جي ٻاھران جتان شھر جو چڪلو شروع ٿئي ٿو. ان کي هلائڻ سان ان ئي وقت ڪمائي ٿي سگهي ٿي.“
”سوزاڪي پاڙي ۾ مڇيءَ جو دڪان ’ياڪو‘ نالي سڏجي ٿو؟“
”ڇا توکي ان دڪان جي خبر آهي؟“
”ان دڪان کي ڪير نہ سڃاڻي، سندس مالڪڻ ’ايتو سان‘ هتي ڪا ڌارئين تہ نہ آهي.“
”ايتري ڄاڻ سڃاڻپ ئي تولاءِ جهجهي آهي. بس پوءِ تہ مون کي تنھنجي ۽ هن جي وچ ۾ شادي ڪرائڻ واري جو پارٽ ادا ڪرڻو پوندو.“
جيئن اسان هوش سنڀاليو آهي تہ سوزاڪي پاڙي ۾ اهو ياڪو نالي سوشيء جو دڪان ڏٺو اٿئون. هن جو پھريون مالڪ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندو هو پر سندس اداڪاري ڪا خاص نہ هلي ۽ رٽائرڊ ٿيڻ تي هن هي مڇيءَ جو دڪان ڪڍيو. پوءِ پاڻ تہ مري ويو. سندس ڌيءُ ۽ ان جو مڙس هن کي هلائيندا رهيا. ڪجهہ عرصي کان پوءِ مڙس سلھہ وگهي جهٽ پٽ مري ويو ۽ سندس پويان هن جي زال ايتو کي اڪيلي سر اهو دڪان پنھنجي ۽ پنھنجن ٻارن ڪارڻ هلائڻو پيو. هن عورت اڪيلي سر پنھنجن ٻارن: چئن سالن جي ڌيءُ ۽ ٻن سالن جي پٽ جي بہ سارسنڀال لڌي ٿي تہ دڪان جو ڪاروبار بہ سنڀاليو ٿي – يعني مڇي خريد ڪرڻ کان وٺي سوشي تيار ڪرڻ ۽ خريدارن کي ڏيڻ تائين. اينگيو هن مان تمام خوش هو ۽ هن لاءِ ڪنھن سٺي مڙس جي ڳولا ۾ هو.
”وري بہ سوچي وٺ. ٻارن کي پنھنجي پيءُ ملڻ خوش نصيبي ٿيندي. ساڳي وقت ايتو سان شادي ڪندي افسوس توکي بہ نہ ٿيندو. ايتو هڪ سٺي قسم جي عورت آهي. ’سو شي يا‘ هجڻ ڪري ٿي سگهي ٿو هن کي توسان ٺھڻ ۾ ڪجهہ وقت لڳي پر اها ڪا ڏکي ڳالھہ ناهي ۽ سندس دڪان جهڙو ڄميل ڌنڌو ڪو هڪ رات ۾ نہ ٺاھي سگهندو. تولاءِ هو بلڪل آدرش رهندو. تون پڙهڻ جهڙو شوق بہ پورو ڪري سگهندين تہ پنھنجو پيٽ قوت بہ حاصل ڪري سگهندين.“ اينگيوء بلڪل سنجيدگيءَ سان سمجهايو. مون کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا جواب ڏجي. ’سوشي-يا‘ واري ايتو شڪل شباهت ۾ ڪا اهڙي خراب بہ نہ هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ سندس ڏند ڪجهہ ڦڏا سڏا هئا پر ٽنگون ايڊو شھر جي ٻين ڇوڪرين جھڙيون ڊگهيون، سھڻيون ۽ لسيون هيون. جسم ڀريل ۽ مردن لاءِ موهيندڙ هو. اينگيوء جي صلاح موجب ان کان وڌيڪ سٺي ساٿيءَ جو ملڻ مشڪل هو ۽ نہ مون اميد ٿي رکي.
”تولاءِ اهو چوڻ تہ سولو آهي پر آءٌ سمجهان ٿو تہ ايتو ڪا مون کي گهڻو پسند نٿي ڪري.“
”جي تون راضي هجين تہ آءٌ هن سان ڳالھہ چوريان.“
”پھرين ڀلا مون کي سوچڻ ڏي.“
مون اهوئي سوچيو تہ هڪ اهڙي بيوھ سھڻي عورت سان سنڱ ڪرڻ ۾ ڀلا مون کي ڪھڙو آر ۽ ان کان وڌيڪ بھتر سنڱ مون کي ڪو ٻيو ملي بہ تہ نٿي سگهيو. هڪ ڪم ڪيم جو اينگيو کي ٻڌائڻ بنا آءٌ ايتو جي دڪان تي هليو آيس. اهو دڪان سوزاڪي پاڙي سان ملائيندڙ گهٽيءَ ۾ ٻين سستي قسم جي هوٽلن ۾ شراب گهرن جي وچ ۾ هو. هي سڀ دڪان ڪي خاص سينگاريل نہ هئا.بس چڪلي ۾ وڃڻ کان اڳ ماڻھو هتان جلدي جلدي ۾ ڪجهہ کائي پي ويندا هئا. ايتو جي دڪان جي اندرين پٽ ۽ ٻاهرين آڳنڌ ۾ پاڻي جي ڇڻڪار ٿيل هئي ۽ هر شيءِ صاف سٿري پئي لڳي. دروازي وٽ لڳل پڙدن کي ريڙهي اندر گهڙيس. مئي مھيني جي وچ وارا ڏينھن هئا ۽ ايتوء کي هلڪين پٽين وارو ڪمونو اوڍيل هو جنھن جون ڊگهيون ٻانھون مٿي ورائي هن هيڊي رنگ جي ربن ٻڌي ڇڏي هئي. وارن ۾ لڳل قيمتي ڳھہ پري کان نمايان هئا. ان وقت دڪان ۾ ڪوبہ گراهڪ موجود نہ هو ۽ هوءَ ڪائونٽر وٽ سامان ميڙي دڪان بند ڪرڻ جي تيارين ۾ هئي.
”اچو. اچو. ڀلي ڪري آيائو.“ چانورن ڇڙڻ جي نموني ۾ هن ڪلھن کي جهٽڪو ڏيندي چيو. ”خير تہ آهي. اڄ ڪيئن تو جھڙي ماڻھوءَ ڀلجي هيڏانھن جو رخ ڪيو آهي؟“
”بس ائين ئي. اڄ سوشي کائڻ جو شوق ٿيو.“
هن ايڊو واري کل کلندي چيو: ”تہ پوءِ ان لاءِ ٿوري دير ويھڻو پوندء جيسين تيار ڪري وٺان جو هينئر هينئر دڪان بند ٿي ڪيم.“ هن پنھنجن ڪلھن مٿان نهاريندي چيو، ”سامھون ساڪي رکيو اٿئي، پاڻ کي ڪوسو رکڻ چاهين تہ ڪڍي پيءُ. پر جي بيئر پيئڻ چاهين تہ اهو برف جي پيتيءَ ۾ رکيو اٿئي.“ خوشيءَ وچان هوءَ وري کلڻ لڳي.
”تنھنجي مدد ڪرڻ لاءِ دڪان ۾ ٻيو ڪو ڪونهي؟“
”بس اهو ئي مسئلو آهي. ڪنھن مرد کي دڪان ۾ رکڻ خطري واري ڳالھہ ٿيو پوي ۽ هن دڪان جو ڪم وري اهڙي نوعيت جو آهي جو عورت جي جاءِ ناهي.“
”واقعي توکي اڪيلي سر منھن ڏيندي شابس هجي. ڀلا گراهڪن جي آرڊر جو سامان ڪيئن گهرائين؟“
”پٺيان شراب جي دڪان واري نوڪر کان اهو ڪم وٺان. هونءَ ڪم ڪار لاءِ هڪ ڇوڪري رکي اٿم پر اها ٻارن جي ئي سارسنڀال لھي ٿي.“
”شابس هجنئي. توکي ڏسي تعجب لڳي ٿو تہ هيڏو پورهيو ڪيئن ٿي ڪرين.“
”ائين نہ سمجهہ تہ هي سڀ پورهيو ڪرڻ سان مون کي ڪو مزو ٿو اچي. بس مجبوري آهي. مڙس مري ويو. سنھا ٻچا، گهر کي هلائڻ لاءِ پورهيو نہ ڪنديس تہ پوءِ ڀلا ڪيئن گذر ٿيندو.“
”اها ڳالھہ صحيح آھي ۽ واقعي قابل تعريف جو تون بنا ڪنھن ٻئي جي مدد جي اڪيلي سر ٻن ٻارن کي بہ نپائي رهي آهين.“
”ٻي ڪا خبرچار ٻڌاء.“
”تون واقعي مثالي ۽ همدردي جي لائق عورت آهين.“
”مھرباني. پر ان همدرديءَ بدران ٿي سگهي تہ مون کي ڪو مڙس ڳولي ڏي.“
”تون شايد چرچا پئي ڪرين. تو جھڙي سھڻي ۽ محنتي عورت کي شاديءَ لاءِ تہ ڪنھن وقت بہ سٺو مرد ملي سگهي ٿو.“
”هاڻ وري شايد تون پيو چرچا ڪرين. هڪ پوڙهي عورت ۽ ٻن ٻارن جي ماء کي ڪير پسند ڪندو.“
”منھنجي خيال ۾ تہ هرڪو. وچ بازار ۾ ههڙو هلندڙ دڪان، ٻيو ڇا کپي.“
”تنھنجي معني منھنجي دولت کي ڏسي مون سان شادي ڪندو؟“
”نه. منھنجو مطلب آهي دولت ۽ محبت ٻنھي کي ڏسي.“ هن گفتگو دوران مون اٿي ساڪي شراب کڻي پيتو ۽ هڪ ٽيبل تي اچي ويٺس. هن هڪ وچولي ٿالھي کنئي، جنھن ۾ جلدي جلدي ڪپ سان مڇيءَ جا ڳترا ڳترا ڪري ٿالھي مون ڏي وڌائي. ”منھنجي خيال ۾ اها تولاءِ کوڙ ٿيندي.“ باقي مڇي ڇٻيء ۾ وجهي پٺيان ساڪيء جي دڪان ۾ رکڻ وئي.
”معاف ڪجانءِ. تون اڪيلائي محسوس ڪري رهيو هوندين.“ هوءَ وري ڪمونو جو ٻانھون کنجي منھنجي سامھون ٿي ويٺي. ”اينگيوء جو ڪھڙو حال آهي؟“
”بس هن بھار جي رت ۾ هو هميشہ چاق نظر اچي ٿو.“
”۽ پوءِ جيئن ئي هن جي صحت سڌرڻ لڳي ٿي تہ زبان خراب ٿيو وڃيس.“
”اها حقيقت آهي.“
”سال پٺيان سال پوڻ تي ويتر خراب ٿيندي وڃيس.“
”پر هو تنھنجو ڏاڍو خيال رکي ٿو ۽ هر وقت تولاءِ فڪرمند رهي ٿو.“
”اها هن جي مھرباني آهي. آءٌ تہ هن جو ٿورن هيٺ دٻجي رهي آهيان، سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڪھڙو جواب ڏيانس.“ هن پنھنجي لاءِ ڪوپ ۾ ساڪي اوتيندي چيو، ”۽ ساڳي وقت توکي پڻ.“ هن مٿي مون ڏي نهاريو. ”منھنجي خيال ۾ تہ هن توسان ڳالھہ ڪئي هوندي پڪ هن توکي چيو هوندو تہ مون سان شادي ڪر.“ هن پنھنجو ڦڪو چھرو منھنجي ويجهو آڻيندي چيو. آءٌ منجهي پيس تہ کيس ڪھڙو جواب ڏيان. هن اڳتي چيو، ”مھينو ڏيڍ کن اڳ هن مون کي تو بابت ٻڌايو هو.“
”ڇا ٻڌايو هئائين تہ؟“
”بس هو تعريف ڪري رهيو هو.“ هن ٽهڪ ڏنو ۽ سندس وات کلڻ تي اندر ڄاڙيءَ جي آخر ۾ هڪ سونو ڏند ڏسڻ ۾ آيو. ”هن ٻڌايو تہ تون هڪ ناول نويس ٿيڻ چاهين ٿو. پر ان لاءِ حالتون سازگار نہ آهن. هن ٻڌايو تہ توکي دڪان هجڻ گهرجي جتان خرچ پکي جو پئسو ايندو رهي ۽ پوءِ تون سڪون سان هڪ مَنو ٿي جيڪر ويھي لکين تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ سٺو نتيجو نڪري سگهي. هن کي ياد هو تہ مون بہ ڪنھن زماني ۾ هڪ ٻہ هائيڪو (شعر) لکيا هئا، سو هن جي خيال موجب آءٌ تنھنجي لاءِ صحيح جوڙ ٿي سگهنديس. بس سمجهہ تہ توکي ’سوشي يا‘ (مڇيءَ جي دڪان) جو مالڪ ٺاهي ڇڏينديس ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ بہ مھلون مھيا ڪنديس.“
”هن اهو توکي بہ ٻڌايو ڇا؟“
”۽ توکي پڻ. انھيء ڪري تہ تون اڄ هلي آيو آهين.“
ڪجهہ بہ ذهن ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا جواب ڏيانس. سو چئبو تہ اينگيو اسان ٻنھي سان ڳالھائي چڪو آهي. اها هن جي مھرباني چئبي جو هو اهڙو بندوبست اڳواٽ ڪري چڪو آهي، جيئن منھنجو ادب لاءِ شوق قائم رهي سگهي. پر تنھن هوندي بہ هن جي اها صلاح مون کي نٿي آئڙي تہ هيءَ محترمہ ’سوشي يا‘ ٻن ٻارن سان گڏ هڪ مڙس کي بہ پالي.
”پاڻ ٻنھي جي ساڳي عمر آھي – مون کي پڪ آھي تہ پاڻ هڪ جيڏا آهيون.“ ايتوء چيو.
”ڇا واقعي؟“
”تون مون سان شادي ڪرڻ چاهيندين؟“
”توکي ائين سنئون سڌو تہ پڇڻ نہ کپي.“
”ڇو؟ پاڻ ڪي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي تہ نہ آهيون. دراصل پاڻ کي تہ ھڪ ٻئي جي حال جي تمام گهڻي ڄاڻ آهي. جيڪڏهن آءٌ توکي پسند نہ آهيان تہ تون سنئون سڌو انڪار ڪر. آءٌ دل ۾ هرگز نہ ڪنديس. توسان شادي ڪري پاڻ مون کي گهڻو پورهيو ڪرڻو پوندو. حقيقت ۾ اينگيو کي آءٌ اهو جواب ڏئي نٿي سگهان جيڪو هو گهري ٿو.“
”تہ اها ڳالھہ آهي. آءٌ تولاءِ ڪنھن بہ ڪم جو نہ ٿيندس.“
”ڪنھن ڪم جو – ائين سمجهہ تہ تون منھنجي ڳچيءَ ۾ لڙڪندڙ پٿر وانگر هوندين.“
”تون ڪجهہ تکو ڳالھائي رهي آهين.“
”پر ڇا اها حقيقت ناهي؟ هڪ ليکڪ ’سوشي يا‘ جي ڪم ئي ڪھڙو اچي سگهي ٿو؟“
”آءٌ گهٽ ۾ گهٽ تنھنجي دڪان ۾ چانور اوٻاري سگهان ٿو.“
”تون وري چرچا ڪري رهيو آهين. ماڻھوءَ کي جي چانور اوٻارڻ اچي وڃن تہ پوءِ هو سمجهہ تہ پڪو ’سوشي يا‘ ٿي ويو. ان ڪم سکڻ لاءِ تہ توکي گهٽ ۾ گهٽ پنج سال گهرجن، چاهي کڻي ڪيتري بہ محنت ڪرين.“
”چانورن اوٻارڻ ۾ پنج سال گهرجن تنھن جي معني تہ گراهڪن اڳيان پيش ڪرڻ جي آداب سکڻ ۾ پنج سال ٻيا گهرجن؟“
”بلڪل. ۽ پنج سال مڇي خريد ڪرڻ جي سڃاڻپ ۾ ۽ پنج ٻيا سال ان کي ٺاهڻ لاءِ.“
”تيسين تہ آءٌ پوڙهو ٿي ويندس.“
”چڱو جو ٻڌائي. پوءِ تہ مون کي توسان سنڱ ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي.“ اسين ٻئي کلڻ لڳاسين. مون ڪجهہ سوشي کاڌي ۽ ساڪي پي گفتگو جو رخ اداس ۽ کهرين ڳالھين تان کسڪائڻ لڳس.
”منھنجي دڪان تي ڏينھن جي وقت گهڻو ڪري گراهڪ نہ هئڻ جي برابر هوندا آهن. ٿي سگهي تہ ڪڏهن وري ليئو پائيندو رهجانءِ. پوءِ کڻي شادي ڪرين يا نه.“ هن مون ڏي ڌتاريندڙ نگاهن سان نهاريو.
۽ پوءِ آءٌ سندس دڪان تي ساڪي پيئڻ لاءِ منجهند ڌاري ايندو رهيس. انھيءَ دوران اسان جي وچ ۾ سوالن جي ڏي وٺ پڻ هلندي هئي. سوزاڪي جھڙي پاڙي ۾ رهي هن جو ڳالھائڻ بي ڊپو ۽ بي حجاب ٿي پيو هو. بحث دوران ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ هن کي لڄ يا هٻڪ نٿي ٿي. ويندي زال مڙس جي جنسي رشتن تي ڳالھائيندي پڻ. اڪثر ائين ٿيندو هو جو ڪنھن ڪنھن ڳالھہ تان پاڻ مون کي شرم اچي ويندو هو. هوءَ پيئڻ جي بہ مڙس ماڻھو هئي ۽ سٺو ساٿ ڏنائين ٿي.
”منھنجي گهڻي اچڻ تي ماڻھو اعتراض تہ نٿا ڪن؟“
”ڇا اها ڳالھہ توکي منجهائي ٿي؟“
”مون کي تہ نه، آءٌ تو بابت ٿو پڇان؟“
”ذرو بہ نه. منھنجو مڙس هليو ويو آهي ۽ پنھنجي حفاظت ۽ جذبات لاءِ مڙس ڳولڻ جو پورو پورو حق اٿم. ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي فطري ڳالھہ ٿي سگهي ٿي تہ مڙس ٿيڻ لاءِ مون وٽ اميدوار ايندا رهن.“
”تنھن جي معني آءٌ بہ هڪ اميدوار ٿيس.“
”ٿي سگهي ٿو تنھنجي دل ۾ ڪا ٻي ڳالھہ هجي.“
”نه. ٻي تہ ڪانہ آھي.“
”پر تون ’سوشي يا‘تہ ٿيڻ نٿو چاهين. تون لکڻ پڙهڻ ئي چاهين ٿو، توکي مان ڪو گهڻو بہ نٿي وڻان، پر ضرورت خاطر تون مون سان شادي بہ ڪرڻ چاهين ٿو.“
”پر آءٌ توکي چاهيان ٿو.“
”مون کي ٻہ ٻار بہ آهن.“
”مون کي خبر آهي تہ توکي ٻہ ٻار آهن.“
”بس پوءِ تہ تون لکڻ شروع ڪري سگهين ٿو، ائين نہ؟“
”اها ڳالھہ نہ ڪر. آءٌ توکي ٻڌائي چڪو آهيان تہ اهو ڪو سبب ناهي.“
”سٺو ڪھاڻيڪار يا ناول نويس ٿيڻ ۾ توکي ڪيتري پئسي جي ضرورت آھي؟“
”ان ۾ ڪو پئسي جو سوال ناهي. ڪجهہ سال پڙهڻ يا لکڻ سان ضروري ناهي تہ هرڪو ماڻھو وڏو ليکڪ ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪو خوشنصيب آهي ۽ سندس لکڻيءَ ۾ جان آهي تہ هو ٻئي ڏينھن ئي مشھور ٿي سگهي ٿو پر جي ڀاڳ سٺو نہ اٿس تہ پوءِ ڏهن سالن جي محنت بعد بہ ماڻھو ڄڻ تہ تري ۾ گتو پيو آهي.“
”منھنجي خيال موجب لکڻين جي معاملي ۾ ڪيترن ماڻھن جو ڀاڳ سٺو نہ ھوندو هو.“
”اهو سوچ جو طريقو ڏڍ ڏيندڙ آھي.“
”توکي ٻن سالن اندر جي پاڻ ڏسڻو آھي تہ ايترو وقت آءٌ تنھنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ هوءَ اها ڳالھہ کل چرچي ۾ نہ ڪري رهي هئي. ”باقي سڄي عمر جو سانگو نٿي کڻي سگهان.“
”اهو ائين ناهي جيئن آئون ڪو ڪورس ڪري رهيو هجان ۽ ان دوران تون منھنجي مدد ۽ خذمت چاڪري ڪرين.“
”پر سچ تہ تنھنجو سوچي مون کي ڏک ٿئي ٿو جيڪو پڙهڻ خاطر هڪ ’سوشي-يا‘ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو.“
”مون کي خبر ناهي تہ اينگيو مون بابت توکي ڇا چيو آهي پر آءٌ سڀڪجهہ ائين نٿو سوچيان. لکڻ پڙهڻ الڳ شيءِ آهي ۽ توسان تعلقات الڳ. جيڪڏهن ان بابت تون دل ۾ نٿي ڪرين تہ ٻن ٻارن جو پيءُ ٿيڻ لاءِ آئون بہ دل ۾ هرگز نٿو ڪريان.“ هن جي سنجيدگيءَ کي ڏسي آئون بہ سنجيدو ٿي پيو هوس.
”چڱو ڀلا، توکي پاڻ سان شادي ڪرڻ جي موڪل ڏيان؟“ هوءَ وري چرچا ڪرڻ لڳي. ”جيڪڏهن تون شادي ڪرڻ چاهين تہ ڀلي ڪر.“
”آءٌ واقعي ڪرڻ چاهيان ٿو. آءٌ ان بابت بلڪل سنجيدو آهيان.“
”فقط سنجيدو ٿيڻ سان اهو ڪم نہ ٿيندو.“
”ڇا تون مون کي پسند نٿي ڪرين؟“
”نه. منھنجي خيال ۾ تہ هرگز نه. ۽ ساڳي وقت تون مون کي تمام گهڻو وڻين بہ ٿو.“
”تعجب آهي.“
”واقعي ڪمال آھي.“
ان رات اسان وري پيئڻ شروع ڪيو. آءٌ ڪو گلاس بہ ساڪيء جو مس ٿي پي سگهيس. پر ايتو ان مقابلي ۾ مون کان تکي هئي. ٻہ چار گلاس چاڙهڻ بعد جھڙي ٻرندڙ ڳاڙھو ٽانڊو. بھرحال اسان ٻئي ان ڳالھہ جا شوقين هئاسين.
”هن عمر ۾ مون کي اسڪول وڃي پڙهڻو ناهي، مون کي فقط لکڻ لاءِ فرصت ۽ ماحول گهرجي.“
”پر تون ڪٿي بہ رهي لکي سگهين ٿو. ضروري تہ ناهي تہ ڪنھن ’سوشي يا‘ سان شادي ڪئي وڃي؟“
”جي کڻي آء لکان بہ تہ بہ آءٌ پنھنجين لکڻين جي عيوض دولت تہ نٿو ڪمائي سگهان.“
”توکي هڪ دفعو لکڻين ذريعي جي مشھوري ملي وڃي تہ پوءِ تون دڪان تي ويھي شيون وڪڻي سگهين ٿو.“
”مصيبت اها آهي تہ ان گهڙي تائين پھچڻ لاءِ گذارو ڪيئن ڪجي. اينگيو چواڻي شروع ڪرڻ کان پوءِ شيون وڪڻڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي.“
”سو تنھن جي معني تہ جيسين تون وڪڻڻ شروع ڪرين تيسين کائڻ جي بندوبست جو مسئلو آهي.“
”خير ائين تہ ڪو آءٌ ايترا ڏينھن لنگهڻ تي بہ نہ ھوس. آئون ايترو ڪمائي سگهان ٿو جو پنھنجي پورت ڪري وڃان. پر موريشيتا جي علائقي ۾ جتي آءٌ اينگيو جي گهر رهان ٿو اتي فقط هڪڙو ڪمرو آهي، ۽ مون کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪابہ جاءِ ناهي. آءٌ اهو ئي پيو سوچيان تہ ڪنھن ٻئي هنڌ ڪمرو مسواڙ تي وٺي اڪيلو وڃي رهان ۽ موريشيتا ۾ فقط ڏينھن جي وقت ويندو ڪريان.“
”تنھن جي معني توکي هن وقت ضرورت هڪ ڪمري جي آھي، جنھن ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪري سگهين.“
”اڄڪلھہ مسواڙ تي جاءِ ملڻ ڪا سولي ڳالھہ ناهي.“
”مون وٽ مٿي ٻہ ڪمرا آهن. هڪ تون کڻ. آءٌ توکي ننڍڙو ڪمرو مسواڙ تي ڏئي سگهان ٿي. اينگيو کي دل ۾ نہ ڪرڻ کپي. آخرڪار هو توکي مون سان شادي ئي ڪرائڻ چاهي ٿو.“
”آئون بہ نٿو سمجهان تہ ڪو هو دل ۾ ڪندو، پر...“
”پر هتي رات جي وقت ايترو ماٺ مٺوڙو نہ هوندو جو چڪلي ڏي ويندڙ ماڻھو شام جي وقت هتان لنگهي وڃن ٿا. پر تنھن هوندي بہ هو تنھنجي ڪم ۾ خلل انداز نہ ٿيندا. جيڪڏهن تون ڪنھن ٻئي هنڌ ڪمرو وٺندين تہ پوءِ وري رڌ پچاءَ جو مسئلو درپيش ايندء. پر هتي رهڻ ڪري اسين تنھنجو خيال رکنداسين. هوٽل جي ڌنڌي ۾ هڪ يا ٻن وڌيڪ ماڻھن جي کائڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. خير وڌيڪ ٻي ڪا تہ اسين تولاءِ خذمت ڪري نٿا سگهون پر مون کي پڪ آھي تہ توکي هتي رهڻ ۾ ايترو ئي مزو ايندو جيترو ڪنھن سٺي گهراڻي ۾ رهڻ سان.“ هوءَ ان بابت تمام گهڻو سنجيدي هئي، ۽ مون کي ان قسم جي خيرات حاصل ڪرڻ جي ڪا اميد بہ نہ هئي، پر هينئر بہ مون کي سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ مون جھڙي هڪ ڪنواري لاءِ هڪ بيوه عورت ايتو جي گهر ۾ سندس ٻن ٻارن ۽ نوڪرياڻيءَ سان رهڻ صحيح بہ ٿيندو يا نه.
”توکي اينگيو کي ايترو سو ٻڌائڻو پوندو تہ تون اڳتي هلي مون سان هڪ ڏينھن شادي ڪرڻ ٿو چاهين ۽ لکڻ ڪارڻ تون هي ڪمرو مسواڙ تي وٺي رهيو آهين، هي اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو.“
”پر منھنجو توسان رهڻ ڪجهہ سٺو نہ لڳندو.“
”ڇو نہ؟ پاڻ مون لاءِ سٺو آهي تہ ڪو مرد ماڻھو مون وٽ ٽڪيل هجي.“
”ڇا تون واقعي ائين چاهين ٿي؟“
”بلڪل. اهو تولاءِ بہ بھتر آهي تہ مون لاءِ پڻ. بس سامان کڻ اڄ ئي هليو اچ.“
اينگيوء وٽ پھچي هن سان سڄي ڳالھہ ڪيم.
”واھہ سائين واهه! رھہ هينئر اچي، شادي ڀلي پوءِ ڪجانءِ.“ هي ٽوڪ طور کليو. ”تمام سٺو. پر هڪ ڳالھہ آهي. اتي ماڻھو دير تائين جاڳندا رهن ٿا. تون پاڻ ۾ اها دير تائين جاڳڻ جي عادت هرگز نہ وجهجانء.“
جيئن تہ اسان ٻئي ھڪ ڪمري ۾ ڏکيائيء سان رهيا پيا هئاسين ۽ هو پاڻ بہ ڪوشش ۾ هو تہ مون کي ڪو الڳ ڪمرو ملي وڃي، سو هيءَ ڳالھہ ٻڌي هن يڪدم کڻي هائوڪار ڪئي. سندس زال جو جيتوڻيڪ اهو خيال هو ته‘سوشي يا’ جي مٿان رهي ڪري آئون لکڻ پڙهڻ جو گهڻو ڪم ڪري نہ سگهندس. يا تہ هن ائين ئي ٿي چيو يا تہ منھنجي خيال ۾ تہ هنن سان گهڻو وقت رهڻ ڪري آئون بہ ڄڻ سندن ڪٽنب جو هڪ ڀاتي ٿي ويو هوس ۽ چرچو ڀوڳ گڏ لڳو پيو هوندو هو ۽ هاڻ هنن کي منھنجي جدا ٿيڻ جو ڏک هڪ قدرتي ڳالھہ هئي.
”توکي ايتو جي گهر وڃي رهڻ نہ جڳائي.“
پر آءٌ پڪو ارادو ڪري چڪو هوس. ايتوء مان آءٌ گهڻو متاثر هوس جيڪا فوڪاگاوا ۾ ڄائي نپني ۽ جيڪا خوش مزاج ۽ مردن جھڙي سخت جان ۽ پورهيت هئي. مون پنھنجو ٿورو جيڪو سامان هو ان کي ميڙيو چونڊيو. نوڪر گهرائي گاڏيءَ ۾ رکايو ۽ ايتو جي گهر – سوشي-يا مٿان اچي رکايو. اڄڪلھہ سوزاڪي جو علائقو اهو اڳيون نہ رهيو آهي پر ٻي وڏي لڙائيءَ جي آخر وارن ڏينھن تائين سمنڊ جي ڪناري تي هي علائقو رونق، سونھن ۽ ماڻھن جي کل خوشيءَ کان بلي بلي هو. سمنڊ کان ٿڌي هير لڳڻ ڪري هي علائقو وچ شھر کان ٿڌيرو ۽ رومانيت سان پُر هو. بھرحال موريشيتا – جتي پھرين رهيل هوس ان کان تمام سٺو هو، اسان واري گهٽي جيڪا چڪلي ڏي وئي ٿي، ان جي ٻنھي پاسن کان وڻن جون ڊگهيون قطارون هيون جن جون ٽاريون ڄڻ تہ لڏي سمنڊ جي پاڻيءَ سان ڳالھيون ڪري رهيون هجن. هيءَ جاءِ ۽ سامھون ايندڙ نظارا هڪ ماڻھوءَ کي ليکڪ ٿيڻ لاءِ آدرش ۽ اتساهيندڙ هئا. ايتوء جي هيءَ جاءِ جيڪا صديءَ جي شروع ٿيڻ کان اڳ ٺھڻ ڪري، سڄي ٿنڀن ۽ گاڊرن تي ٻڌل هئي. مون پنھنجي لکڻ جي ٽيبل دريءَ اڳيان رکي جتان هر وقت قدرت جو نظارو بہ ٿي سگهيو ٿي. مون کي جيتوڻيڪ اهو فڪر هو تہ پاڙيسري مون جھڙي هڪ ڌارئين ماڻھوءَ کي هڪ نوجوان رن زال سان گڏ رهندو ڏسي ڇا سوچيندا. پر ايتوء کي انھن جي ڪا پرواھہ نہ هئي. ”انھن کي تون ڇڏي ڏي جيڪي وڻين سو چوندا رهن. ان سان پاڻ تي ڪوبہ اثر نٿو پوي. توکي هڪ شاهڪار لکڻ لاءِ ڪرسيءَ تي گاديلو رکي ويھڻ گهرجي.“ هن هڪ ڪشن ميڪر کي گهرائي مون لاءِ هڪ ٿلھو گاديلو ٺھرايو جنھن تي سلڪ جو پوش چاڙهائي ڏنو. هڪ خوبصورت ڪوپ گهرائي چانھن جي ٻئي سامان سان گڏ خومچي تي رکي ڏنو. هوءَ منھنجو ڪم ڪار ائين ڪرڻ لڳي ڄڻ هن گهر ۾ پنھنجي لاءِ واقعي مڙس آندو هجي. هوءَ هر ڳالھہ ۾ خوشي محسوس ڪرڻ لڳي. جيتوڻيڪ مون کي ڪجهہ ڪجهہ مونجھہ ۽ بي چيني محسوس ٿي ٿي.
”اڄ کان وٺي هي مڙسالو پنھنجي گهر ۾ رهندو.“ هن پنھنجي ڌيءَ شين ۽ پٽ تامينوء کي چيو، ”جنھن وقت هي لکي پڙهي رهيو هجي توهان مان ڪوبہ گوڙ نہ ڪري.“
سو ڪم ائين هلڻ لڳو تہ صبح جو روز مون کي موريشيتا وڃڻو پوندو هو ۽ شام جو هيڏانھن موٽي ايندو هوس. ٽيبل تي پنا رکي ڏانئيل ڊرامي کي مڪمل ڪرڻ لڳس.
ٽوڪيو جو رهاڪو ٿي ڪري مون کي هميشہ ٿيئٽر ڊرامي لاءِ پيار هوندو هو. مون ڊرامي نويس ٿيڻ جو سوچيو. ائمپيريل ٿيئٽر انھن ئي ڏينھن ۾ ڊرامي لکڻ جي مقابلي لاءِ هڪ هزار يين ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. اڄ هزار يين جي ڪا قيمت ناهي پر انھن ڏينھن ۾ اُهي هزار يين اڄ جي پنج ملين يين برابر هئا. ڊرامي لکي ڏيڻ جي آخري تاريخ ۾ اڃا بہ ٽي مھينا هئا. مون هڪ ائڪٽ ڊرامو لکڻ جو سوچيو. هڪ سماجي ڊرامو اهڙي نموني سان لکڻ چاهيو ٿي جنھن نموني جو لکڻيون چيخوف جون مشھور آهن. مون کي پنھنجي ڳوليل پلاٽ، ڪردارن ۽ ڪھاڻيءَ ۾ اعتماد هو. موريشيتا کان سوزاڪي اچڻ شرط لکڻ ۾ اهڙو تہ جنبي ويندو هوس جو مون کي اکيون کڻي مٿي نهارڻ جي بہ واندڪائي نہ ملندي هئي. مون کي محنت ڪندو ڏسي ايتو خوش ٿيڻ لڳي هئي. رکي رکي مون کي چانھہ ۽ مٺائي آڻي ڏيندي هئي.
”ايتري گهڻي ڪم ڪرڻ سان توکي ڪو فائدو نہ رسندو. ٿوري دير توکي آرام بہ ڪرڻ کپي.“
هوءَ پنھنجي ڀرسان ويھي لکيل اسڪرپٽ کي ڏسندي ھئي. هن پاڻ بہ هڪ دفعو هائيڪو (شاعري) تي طبع آزمائي ڪئي هئي ۽ منھنجي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندي هئي. آئون موريشيتا ۾ ڪم تان ٽين بجي ڌاري واندو ٿي چئين بجي گهر پھچندو هوس ۽ رات جو ڏهين تائين لڳاتار ڪم ڪندو هوس. پھرين لکڻي پوري ڪرڻ ۾ پورو مھينو کن لڳي ويو. مڪمل ٿيڻ تي جڏهن ايتوء کي پڙهي ٻڌايم تہ هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
”تمام سٺي ڪوشش آهي.“ هن ڏک وارو اڀو ساھہ کڻندي چيو، ”تمام سٺو لکيو اٿئي.“
”تنھنجي مھرباني ٿيندي جي تون ان ۾ ڪجهہ اوڻاين جي جانچ ڪري ڏين.“
”مون کي تہ ڪا رهيل ڪسر نظر نٿي اچي. مون تہ سوچيو بہ نہ هو تہ ڪو تون ايڏو سٺو لکي سگهندين سچ تہ واھ جو لکيو اٿئي. اميد تہ تنھنجي ئي سوڀ ٿيندي.“ هن مون ڏي ڳوڙهن هاڻين اکين سان ڏٺو. مون جيئن تہ پھرين ڪڏهن ايڏي ساراھہ نہ ٻڌي هئي سو ايتوء جي واکاڻ ڪرڻ تي وائڙو ٿي ويس.
ڪھاڻيءَ کي وري وري ٺاهي جوڙي لکڻ جي دوران ڪجهہ تبديليون آڻيندو رهيس ۽ ناپسند ڳالھيون ڪڍي ٿي ڇڏيم يا درستي ٿي ڪيم. ليک ڏيڻ جي آخري تاريخ کان هڪ ڏينھن اڳ واري رات جو هڪ بجي تائين لکيل مواد کي آخري دفعو پڙهي چڪون صحيح ڪندو رهيس. هيٺ دڪان جو ڌنڌو آڌيء رات تائين ختم ٿي چڪو ھو. هڪ بجي ايتو دڪان جا پڙدا ڏئي صفائي ڪرڻ لڳي. گهر جي نوڪرياڻي رات جو ٻئي ٻار سمھاري پوءِ دڪان بند ڪرڻ وقت ڪم وارا ڪپڙا مٽائي رهي هئي، جنھن جي کرکر مون کي چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ٿڪ کان پنھنجو سڄو جسم سور ڪري رهيو هو. هڪ ننڍڙي ڊرامي ۾ مون پنھنجي سڄي محنت، سڄي جان اوتي ڇڏي هئي. پوري اعتماد سان، هاڻ پنھنجي لکڻي آخري دفعو پڙهڻ شروع ڪيم.
”ڇو. اڃا ستو نہ آهين؟“ ايتوء در کي واپس ريڙهيندي پڇيو.
”سڀاڻي آخري تاريخ آهي. ان ڪري اڄ هر حال ۾ مڪمل ڪرڻي هيم.“
”تون بہ ڪمال جو ماڻھو آهن. ڀلا ڪجهہ پيئڻ لاءِ کپي؟“
”شايد!“
”مون کي پاڻ بہ ڪجهہ پيئڻ لاءِ گهرجي.“ هوءَ وري هيٺ ڀڳي ۽ جلدي بيئر ۽ ڪرئڪر بسڪيٽ وٺي آئي. ”توکي بک بہ لڳي هوندي. ٻي ڪنھن کائڻ جي شيءِ جو آرڊر ڏئي اچان؟“
”نه، بک مون کي بنھہ نہ لڳي آهي.“
”منھنجي خيال ۾ بيئر بھتر رهندو. ٿڌو بيئر.“ هن بوتل کولي، ”ڊراما نويسيءَ جي مقابلي ۾ انعام کٽڻ جي نالي.“
ايتو پنھنجو گلاس منھنجي سان ٽڪرائي يڪ ساھہ پي وئي. هوءَ اڃايل لڳي ٿي. منھنجي قابليت کان وڌيڪ منھنجي تعريف ڪندي رھي ۽ منھنجي ڏات کي پڏائيندي رهي. آئون شڪي ٿي رهيو هوس پر خوش بہ ٿي رهيو هوس. خوشي پيار ۾ تبديل ٿيڻ لڳي ۽ پنھنجي جذبات تي قابو نہ پائيندي مون سندس ٻانھن کي پاڻ ڏي سٽ ڏني. هوءَ منھنجي مٿان ائين اچي ڪري ڄڻ ان جو هوءَ بہ انتظار ڪري رهي هئي. آءٌ پاڻ تي سندس جسم جو دٻاءُ محسوس ڪرڻ لڳس. سندس جسم جو ڪاٺ تختو جيتوڻيڪ هلڪو هو پر گوشت سان ڀريل هو. سندس ڪلھا جيڪي مون کي لڳي رهيا هئا گول ۽ لسا هئا. سندس ڪرڻ وقت جيئن ئي مون کيس ڀاڪر ۾ جهليو تہ پاڻ بہ مون سان چھٽي وئي ۽ وهندڙ جذبات جي لھرن ۾ وهڻ لڳي. هوءَ منھنجين ٻانھن ۾، ڊگها ڊگها ساھہ کڻڻ لڳي ۽ تمام ننڍن ۽ گهٽيل لفظن ۾ چيو: ”ڇا ڪير آهي، جو مون کي پيار ڪري؟“
اها گهڙي ايڏو تہ ضابطي کان ٻاهر هئي جو آئون پاڻ تي ڪنٽرول ڪري نہ سگهيس ۽ وهندڙ درياءَ جي جوش کي بئراج هيٺان لنگهڻ ئي ڏنم. اتي ئي پٽ تي ڪکن جي ٿڌي تاتامي (تڏي) تي اسان ٻئي پکين جي جوڙي وانگر پرڙا هڻي سمھي رهياسين.
ٻئي ڏينھن صبح جو لکيل ڊرامي جي اسڪرپٽ لفافي ۾ ويڙهي هيٺ لٿس.
”مون کي ڏي تہ آءٌ موڪلي ڏيان.“ ايتو ڏاڪڻين تائين ڊوڙي آئي. پاڻ اڃا رات جي سمھڻ وارن ڪپڙن ۾ هئي. ڳالھائڻ وقت هن وري مون کي ڀاڪر پائي ڀت ڏي ڌڪيو.
”مون آڻ مڃي.“ پنھنجو منھن منھنجي ويجهو آڻي هن چيو، ”مون آڻي مڃي.“
”پنھنجي زندگيءَ کان ڌار ٿي سگهان ٿو پر توکان هڪ پل بہ جدا نہ رهندس.“ ڪجهہ وڌاء کان ڪم وٺي مون بہ جواب ڏنو.
ايتو کي لکيل مواد ڏئي آئون موريشيتا ڏي روانو ٿيس. واپسيءَ تي هن کي پنھنجي در وٽ انتظار ڪندي ڏٺم. ”وڃ ۽ وهنجي سھنجي تازو ٿي اچ.“ هن صابڻ ۽ ٽوال مون کي ڏيندي چيو. سندس وهنوار ڪالھہ واري رات کان بدلجي چڪو هو. ”تو وارو مواد مون رجسٽرڊ پوسٽ ذريعي موڪليو آهي. تون وڃي وهنجي اچ. آءٌ تيسين ڏيئو ٿي ٻاري وٺان.“ هن مون کي ٻاهر ڌڪو ڏيندي چيو.
جڏھن آءٌ موٽيس تہ هوءَ ٻن ڄڻن لاءِ خومچو جهلي بيٺي هئي. هن گهر جي کروت ۾ ٻُڌا (گوتم ٻُڌَ جي مورتي) اڳيان ڏيئو رکيو هو ۽ اسان ٻنھي گڏجي منھنجي انعام کٽڻ جي دعا گهري.
آءٌ پنھنجو پاڻ کي هلڪو ۽ آزاد محسوس ڪري رهيو هوس. ان رات دڪان بند ٿيڻ تائين هن سان گڏ مختلف ڪم ڪندو رهيس: ساڪيء کي گرم ڪرڻ، ٿانو ڌوئڻ، ٻيا اوٽ پٽانگ جا ڪم.
”تون ايترو سٺو ڇو آهين.“ جنھن وقت گراهڪ ڪوبہ نہ هو تہ هن مون کي چيو، ”آءٌ نٿي چاهيان تہ ڪو تون مون سان ايتري سٺي روش رک.“ هن مون کي پٺيان ٻک وجهي چيو. رات اندر هر شيءِ ڪيترو نہ بدلجي چڪي ھئي.
ان ڏينھن کان پوءِ دڪان جو ڪم لاهڻ بعد هوءَ رات جو مون واري ننڍي ڪمري ۾ منھنجي ڀر ۾ اچي سمھندي هئي. مون بہ پنھنجو پاڻ ھن کي ارپي ڇڏيو هو ڄڻ تہ اسان ٻئي ساڳين جذبن جي لھر تي تري رهيا هئاسين. هن عورت ۾ همت هئي، زندھ رهڻ جي خواهش هئي، پنھنجن ٻن ٻارن پالڻ جو عزم هو ۽ ان طاقت سان گڏ کيس پيار ڪرڻ جو ڀرپور جذبو ۽ سگھہ هئي. ڪڏھن ڪڏھن تہ جوش ۾ اچي هوءَ اهڙا ڀاڪر پائيندي هئي جو ساھہ گهٽجڻ لڳندو هو. پوءِ ٻنھي تان جڏهن جوشيلي لھر لنگهي ويندي هئي تہ ساڻا ٿي ائين گهاٽي ننڊ ۾ سمھي رهندا هئاسين ڄڻ نشي جون گوريون کاڌيون هجنسون.
مون واري ننڍي ڪمري ۾ ائين گڏ سمھندي اسان کي ٻہ مھينا کن ٿيا هوندا جو هڪ رات ٻار جي دانھن تي اوچتو اک کلي. ٻار جون دانھون ڏاڪڻ جي اڌ وٽان اچي رهيون هيون. اهو آواز ايتوء جي ننڍڙي ڌيءَ ’شِين‘جو هو، جنھن جو ڄڻ تہ ڪو هٿ پير سڙي پيو هجي. ننڊ مان ڇرڪ ڀري، ڳرين اکين سان ايتو ٽپ ڏئي اٿي ۽ شين کي ڪڇ ۾ کڻي آئي. شين پڪ ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو هو. ماءُ کي نہ ڏسي ڳولڻ لاءِ ننڊ جي مَئي ۾ جهڙو اٿي هلي تہ وچڙي هيٺ ڪري پئي. هن جي هڪ اک وٽ دڪيء جي ڪنڊ لڳڻ ڪري وڍ بہ پئجي ويو هو.
”امان. امان!“ هوءَ ماءُ کي چھٽي رڙيون ڪري رهي هئي.
پر ايتوء کي ڪا پرواھہ ئي نہ هئي. ٻي رات ٻارن وٽ سمھڻ بدران هوءَ وري مون سان گڏ اچي ستي.
”شين جي وري اٿي پوي ته؟“ مون پڇيومانس.
”مون هر ڳالھہ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.“ هن مون کي پنھنجي کاٻي ٻانھن ڏيکاري جنھن ۾ سلڪ جو سنھو ڌاڳو ٻڌل هو. اڌ تي راند جي ننڍڙي گهنڊڻي لڏي رهي هئي.
هي ڇا آهي؟“
”هن ڌاڳي جي ٻي پڇڙي شين کي ٻڌي اٿم. هن جي سجاڳ ٿيڻ تي ڌاڳي کي سٽ ايندي ۽ گهنڊڻي وڄڻ جو آواز ايندو.“
هوءَ انھيء ايجاد / اٽڪل تي ڏاڍو خوش هئي، پر آئون خوشيءَ جو اظهار ڪري نہ سگهيس. هن جي مون سان چاهت کانئس ٻار بہ وسرائي ڇڏيا هئا. سندس ننڍڙي ٻار شين لاءِ گهنڊڻي ۽ ڌاڳو ڪا گهڻي مدد ثابت نہ ٿي. پيار جي دوران اسان جي چرپر ان گهنڊڻي کي لڳاتارلوڏيو ٿي. ڪنھن ڪنھن دفعي اها گهنڊڻي رات جو هڪ کان بہ مٿي ڀيرا وڄندي هئي.
”ڇا ائين نٿو ٿي سگهي تہ پاڻ اها گهنڊڻي ڪڍي ڇڏيون؟“
”ڇو ٺيڪ تہ آهي. ڀلا هن جي وڄڻ ڪري توکي ڇا ٿو ٿئي.“
”خبر ناهي ڇو مون کي اها ڳالھہ نٿي وڻي.“ مون چيومانس.
”جان! وقت گذرڻ تي تون ان جو عادي ٿي ويندين.“
ايتو رڳو کلي ۽ پوءِ اسان روز رات جو اها گهنڊڻي وڄائيندا رهياسين. منھنجي ڪنن ۾ هينئر بہ ان خاموش ڪمري ۾ وڄندڙ ننڍڙي پتل جي گهنڊڻيء جو آواز ٻُري رھيو آھي. هڪ رات اسان جي سمھڻ کان پوءِ بہ اها گهنڊڻي وڄندي رهي. ڇرڪ ڀري کڻي ڏسون تہ شين پنھنجي کٽ تي ويھي، ان گهنڊڻي جي ٻيءَ پڇڙيء کي ڇڪي خوش ٿي رهي هئي. ٻار هاڻ مون سان هري ويا هئا. آئون پاڻ کي گهر جو ماڻھو محسوس ڪرڻ لڳس ۽ سوزاڪي پاڙي جي هن ’سوشي يا‘ جي مٿين ماڙ کي باقي زندگيءَ جو رهائش گهر سمجهڻ لڳو هوس. اونهارو گذري سرء آيو.
”نڪري ويو. نڪري ويو.“ هڪ رات نومبر جي آخري ڏينھن ۾، ايتو مون وٽ چرين وانگر ڊوڙندي آئي. هن جي هٿن ۾ شام جي اخبار هئي. نتيجي جي اعلان ٻڌڻ لاءِ منھنجو خود ڪجهہ ڏينھن کان ساھہ هيٺ مٿي هو. ڏڪندڙ هٿن سان کانئس اخبار ڦري انعام جو نتيجو پڙهڻ لڳي. ٿيئٽر واري صفحي جي ڪنڊ تي ڏهن انعام يافتہ ڊراما نويسن جا نالا ڏنل هئا. لسٽ تي منھنجو نالو ٻي نمبر تي هو. ڪنھن بہ هڪ کي پھريون انعام نہ ڏنو ويو هو. ڏهن ڊرامن کي هڪ جيترو ئي انعام، ٽي ٽي سؤ يين ڏيڻ جو اعلان ڪيل هو.
”مبارڪون هجن. آخرڪار تون کٽي وئين.“ هن پنھنجو پاڻ مون تي کڻي ڇڏيو. سندس اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا.
”اهو سڀڪجهہ تنھنجي ڪري ٿيو.“
”نه. اهو سڀ ڪجهہ تنھنجي محنت جو نتيجو هو، تو تمام سٺو لکيو هو. واقعي تمام سٺو لکيو هو. ان کي ڪيترا دفعا تہ وري وري ٺاهي لکيئي – راتين جون راتيون اوجاڳا ڪري.“ هوءَ پنھنجو منھن منھنجي ڇاتيءَ تي رکي روئندي روئندي سڏڪن ۾ اچي پيئي. ان رات اسان ٻنھي کي هڪ موڙ تي آندو هو. ۽ هاڻ زندگيءَ جو جيڪو اسان باب کوليو هو ان کي ڪير بہ ڇڏي نٿو سگهي.
”ڇا توکي پڪ آھي تہ اها حقيقت آهي؟“
”بلڪل اها حقيقت آهي. تو اڪيلي جو تہ نالو آهي ڪونه، ۽ ڪوڙي خبر ڇاپڻ مان فائدو بہ ڪھڙو.“
”سو هاڻ مون کي ٽي سؤ يين تہ ملي ويندا.“
”فقط پئسن جي ڳالھہ تہ نہ آهي، وڏي ڳالھہ اها آهي تہ تون هاڻ شاهڪار لکي سگهين ٿو. تون هاڻ ناليرو ليکڪ بنجي سگهين ٿو.“
”پر في الحال ٽي سؤ يين بہ وڏي ڳالھہ آهي. آئون ٻارن لاءِ ڪپڙا وٺندس ۽ تو لاءِ نئين سال جو ڪمونو. آئون ٽئي سؤ توتي خرچ ڪري ڇڏيندس.“
”نه، توکي خرچڻ نہ کپن. پر وڌيڪ پڙهڻ ۾ استعمال ڪرڻ کپن.“ هن مون کي ڇينڀيندي چيو. پوءِ آهستي چيو: ”ائمپيريل ٿيئٽر ۾ اڄ ڪو ڊرامو هلي ڏسجي؟“
”ڪھڙي خيال کان؟“
”بس ائين ئي، اڄ دل ٿي چوي. تنھنجو ڊرامو بہ هڪ ڏينھن ان هال ۾ ڏيکاريو ويندو ۽ ڇو نہ ان هال کي بہ هلي ڏسجي. اٿ تہ هلون.“
”۽ دڪان جو ڇا ٿيندو؟“
”بس اڄ رات کڻي ٿا موڪل ڪريون. هڪ رات لاءِ دڪان بند ڪرڻ سان ڪو خاص فرق نٿو پوي. تبديليءَ خاطر بس جيئن آئون چوانءِ ٿي ائين ڪر.“
هن اٿي دروازا بند ڪيا ۽ اسان ڊرامي ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. سوزاڪي پاڙي کان ويھن منٽن جي پنڌ تي ائمپيريل ٿيئٽر هو. ٿيئٽر سڄو بتين سان جهنجهيو پيو هو ۽ کير جھڙين اڇين سرن جي عمارت ڄڻ تہ پاڻيءَ تي تري رهي هئي.
منجهس ڊرامو ڏسڻ بعد اسان ٿوري دير هبييا پارڪ ۾ هلندا رهياسين. اها سياري جي رات هئي. سيءُ ايترو هو جو اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي گڏ گڏ هلي رهيا هئاسين. رات جو يارهين بجي ڌاري گهر آياسين ۽ انعام جي خوشيءَ ۾ ڪا دير ساڪي پي کلندا ۽ دانھون ڪندا رهياسين.
آخرڪار هڪ ڏينھن انعام جا پئسا ۽ ان بابت خط ائمپيريل ٿيئٽر طرفان مليو ۽ واقعي هي ايترا پئسا هئا جو ڪڏھن بہ مون هڪ وقت پاڻ وٽ نہ ڏٺا هئا. جيتوڻيڪ مون وارو اهو لکيل ڊرامو ڪڏهن ٿيئٽر ۾ پيش نہ ڪيو ويو. ٽيھن کان بہ مٿي سال گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين اهو ڊرامو اسٽيج جو منتظر آهي. بھرحال منھنجي ان سان همت افزائي ٿي وئي ۽ آئون ان وقت کان شاهڪار لکڻ لڳس. منھنجو لکيل ٻيو ڊرامو ”نئون صبح“ ناڪازا ٿيئٽر اوساڪا ۾ پيش ڪيو ويو. ڊرامي جي پھرين رات جي جشن لاءِ آءٌ پڻ اوساڪا ويس.
”تون بہ ڇو نٿي گڏ هلين؟“ مون ايتوء کان پڇيو.
”آئون نٿي هلي سگهان.“ هن ٿورو ڏک مان وراڻيو.
”پر ڇا اها خوشيءَ جي ڳالھہ ناهي.“ هن هلڪي آواز ۾ وڌيڪ چيو، ”تہ تون هڪ مشھور ليکڪ ٿي ويو آهين.“
”نہ اڃا ڪٿي مشھور ٿيو آهيان. آئون سمجهان ٿو تہ ايترو آهي جو هاڻ لکڻين ذريعي ٿورو گهڻو پيٽ گذر ڪري سگهان ٿو.“
”مون کي خوشي آهي تہ آءٌ تنھنجي ڪم اچي سگهيس.“
”اوساڪا کان موٽڻ تي آئون توسان شادي اچي ڪندس.“
ايتو ان جو ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
نازاڪا ٿيئٽر ۾ اهو سڄو مھينو منھنجي ڊرامي رش نہ کنئي. فقط پھرين رات اڌ کن هال ڀريل هو. پڙدي کڄڻ تي ماڻھن ڪو خاص داد نہ ڏنو. ڪي خاص تاڙيون نہ وڳيون. ڏاڍو دلشڪستو ۽ ٿورو ٿورو شرمندو ٿيس تہ اجايو ٽوڪيو کان هيڏو پنڌ بہ ڪري آيس. ٿوري دير شنشائيباشي جي پر رونق علائقي جو چڪر هڻي رات واري گاڏيءَ ۾ موٽڻ جو ارادو ڪيم. ايتو کي اوساڪا اسٽيشن تان تار ڪيم جيئن هوءَ مون کي وٺڻ لاءِ اسٽيشن تي اچي. ساڻس جلدي ملڻ جو سوچي مون کي ڪجهہ فرحت آئي ۽ دل وڏي ٿيم پر ٽوڪيو پھچڻ تي هوءَ نظر نہ آئي.
اوساڪا وڃڻ کان اڳ هن چيو هو: ”تنھنجي آڌرڀاء لاءِ آئون ٽوڪيو اسٽيشن تي اينديس. ياد ڪري مون کي تار ڪجانءِ متان وساري ڇڏين.“ هوءَ ور ور ڏئي چوندي رهي ايتري قدر جو آئون ڪڪ ٿي ٻاهر نڪري آيس. پر هاڻ اسٽيشن کان اڪيلو گهر سوزاڪي پاڙي پھتس تہ اينگيو مٿين ٻن ڪمرن مان ننڍي ۾ منھنجو انتظار ڪري رهيو هو. ايتو ۽ ٻار ٻاهر نڪري ڪي ويا هئا، نوڪرياڻي مايوس نظر اچي رهي هئي. صبح جا نو کن ٿيا هوندا، ”آئون تنھنجو انتظار ڪري رهيو هوس.“ اينگيو جي لھجي ۾ ٿوري سختي هئي. ”ڪجهہ ڳالھيون توسان ڪرڻيون اٿم.“
”ڪم بابت؟“
”ايتو بابت.“
”ايتو ڪٿي آهي؟“
”هن ڪنھن ٻئي سان شاديءَ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.“ هن آهستي ٻڌايو. ”هن کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڇا ڪجي. ان کان آئون چڱيءَ ريت واقف آهيان. توسان شادي ڪرڻ خاطر هن ويندي پنھنجو دڪان بند ڪرڻ ٿي چاهيو، پر ٻارن جي مستقبل کي نظر ۾ رکي هوءَ ائين نٿي ڪري سگهي. هڪ عورت لاءِ هن قسم جو دڪان / هوٽل اڪيلي سر هلائڻ تمام ڏکيو آهي، جيسين تنھنجو سوال آهي، سو ظاھر آهي هاڻ تون هڪ مشھور ليکڪ جي حيثيت ۾ ويھي چانور تہ نہ اوٻاريندين، ۽ ساڳي وقت تون لکڻين مان ايترو بہ ڪمائي نہ سگهندين جو هوءَ کڻي دڪان بند ڪري.“
”اهو تہ واقعي آهي.“ مون جهيڻي آواز ۾ ورندي ڏني.
”سو اسان کي سڄي ڳالھہ کي وري هر نقطي نظر کان ڏسڻو پيو.“
”پر ڇا تون اهو نہ آهين جنھن چاهيو ٿي تہ آئون ايتو سان شادي ڪريان؟“
”ها مون ائين ئي چاهيو ٿي، پر ان وقت مون اهو نہ سوچيو هو تہ ڪا توکي ڏات آهي.“
”مون اهڙو ڪم اڃا ڪيو تہ نہ آهي جنھن کي ڏسي اندازو لڳايو وڃي تہ مون کي ڏات آهي.“
”تون هاڻ هڪ ناليرو ليکڪ ٿي رهيو آهين، جنھن سڄي ڳالھہ کي نئون موڙ ڏنو آهي. جيڪڏهن تون ڪنھن اهڙي شاهڪار ڊرامي کي تخليق ڏئي سگهين ٿو تہ پوءِ هيءَ جاءِ تولاءِ ناهي. آءٌ توسان متفق راءِ ٿي نٿو سگهان تہ تون ٻن ٻارن کي بہ رکين جڏهن تہ تنھنجي ادبي زندگي شروع ئي هاڻ ٿي ٿئي. ايتوء کي ڇڏي ڏي. ان بابت پنھنجي طبيعت ۽ ارادي کي ٺاهه. ايتوءَ اڳھين هڪ اهڙي ماڻھوءَ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي، جنھن کي واپار جو تجربو آهي.“ هن ائين ڳالھايو ڄڻ اها تقرير هن پھرين ئي ٺاهي رکي هجي. هو منھنجو ڪوبہ اعتراض ٻڌڻ لاءِ تيار نہ هو. هن مون کي سامان ٻڌرائي گاڏيءَ ۾موريشيتا روانو ڪيو. پوءِ هي منھنجي پويان آيو ۽ مون سان گڏ کيس بہ اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
سو ان ريت آئون موريشيتا ۾ واپس موٽي آيس. مون کي ان ڳالھہ جي اجازت نہ ھئي تہ ايتو کي ڳولي معلوم ڪريان تہ هوءَ ڪيئن ۽ ڇا ٿي محسوس ڪري ۽ هن مون کي ڇڏڻ جو فيصلو ڇو ڪيو.
”مون ٻڌو آهي تہ تنھنجو هن سان نڀاھہ نہ ٿي سگهيو.“ اينگيو جي زال چيو.
”هوءَ تمام سٺي عورت آهي.“ اينگيو پاڻ ورندي ڏني، ”هن پاڻ ڏٺو تہ هي ناتو سڄي عمر هلي نہ سگهندو.“
”تو ان بابت چيو هوندس.“ مون ڪجهہ ڪاوڙ مان چيو.
”تنھنجي پھرين لکڻي ئي پڙهي هوءَ ڏڪي وئي هئي. هو پاڻ سياڻي هئي ۽ هن سمجهي ورتو تہ هوءَ تو جھڙي اڀرندڙ ليکڪ جي لائق ٿي نہ سگهندي.“
”هن مون کي ڪجهہ وڌيڪ ئي سمجهيو.“ آئون اڃا تائين کيس نٿي ڇڏي سگهيس. هوءَ مون کي ڏسڻ بہ نہ آئي. بھرحال، ان کان پوءِ ڪو گهڻو عرصو نہ گذريو هوندو جو سندس شاديءَ جي اطلاع جي خبر پيئي. اينگيو ۽ سندس زال تحفو کڻي ويا.
”تنھن جي معني اها ڳالھہ صحيح نڪتي.“ آءٌ ڏاڍو دل شڪستو ٿي پيو هوس.
”بس هوءَ ان قسم جي عورت هئي. جڏھن هن ڏٺو تہ شاديءَ بعد توهان مان ڪوبہ سُکي رهي نہ سگهندو تہ هن هڪ سلڇڻي عورت جيان ان شاديءَ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو.“
ائين لڳي ٿو تہ جيئن ئي ايتو منھنجي انعام کٽڻ جو ٻڌو تہ هن مون سان شادي ڪرڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. هوءَ واقعي عظيم عورت هئي جو هن جڏهن ڏٺو تہ اسان جو هاڻ جوڙ صحيح نہ رهندو تہ بنا ڪُرڪڻ جي ان شاديءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو. هوءَ هڪ دفعو وري محنت ۾ جنبي وئي ۽ ’سوشي-يا‘ مڙس سان ئي شادي ڪيائين، جيڪو ھن سان گڏ دڪان جو ڪم ڪري سگهي. دڪان ظاھر آهي وڌندو رهيو. آءٌ بھرحال ڪنھن نہ ڪنھن ريت ليکڪ ٿي ويس ۽ ڪيترن ئي لاهن چاڙهن بعد چڱي خاصي مشھوري حاصل ڪري ورتيم. پوڙهو اينگيو بہ هڪ ڏينھن راھہ رباني وٺي ويو. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ جنگ وارن ڏينھن ۾ مون پاڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالھيون حاصل ڪيون: ڪيتريون ئي ساراهون، الزام، لقب وغيره. هڪ فلم ڪمپنيءَ ۾ مئنيجر بہ ٿي رهيس. جنھن اسٽوڊيو کي ائڪٽر پيدا ڪرڻ لاءِ اسڪول بہ آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن آئون بہ وڃي پڙهائيندو آهيان. هڪ ڏينھن پيرڊ ختم ٿيڻ بعد هڪ نينگري مون وٽ آئي.
”آئون ساساڪي ايتو جي ڏهٽي آهيان.“ هن ٻڌايو.
”جنھن جو سوشي جو دڪان سوزاڪي پاڙي ۾ هوندو هو.“
هن تمام جهيڻي آواز ۾ ٻڌائي ڪجهہ شرمايو. ايتو جو نالو گذريل ٽيھن سالن ۾ اڄ پھريون دفعو ٻڌو هوم.
”ايتو جي تون ڏهٽي آهين؟“
”ها. شين منھنجي ماءُ جو نالو آهي.“ هن جو آواز تمام هيڻو ٿيندو ويو تہ هيءَ شين جي ڌيءُ هئي. شين ان وقت چئن سالن جي هئي جڏهن گهنڊڻيء کي ويھي ڇڪيندي هئي ۽ هاڻ سندس ڌيءَ منھنجي شاگرد آهي. وقت ڪيئن تہ تکو تکو گذري ويو، مون سوچيو ۽ زندگي ڪيڏو نہ عجيب ۽ دلچسپ ٿي سگهي ها! ڇوڪريءَ کي پاڻ سان وٺي آفيس آيس ۽ کانئس سندس ماءُ جو پڇيم.
”۽ ناني خوش آهي. هوءَ امان سان گڏ منيامي سينجوءَ ۾ ’سوشي-يا‘ هلائي رهي آهي.“
ايتو جو مڙس مري چڪو هو. شين شاديءَ بعد دڪان هلائي رهي هئي. ايتو جو پٽ تامينو سيندي شھر ۾ وزارت آمدرفت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. ايتو بابت سوچي منھنجي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا.
”پنھنجي نانيءَ کي ٻڌائجانء تہ آئون هن سان ملڻ ٿو چاهيان. چوي تہ آئون هن وٽ اچان يا هوءَ مون وٽ اچي سگهي ٿي؟ هن کي ٻڌائجانء تہ آئون گذريل زماني جي يادين بابت ڳالھيون ڪرڻ گهران ٿو.“
ڇوڪريءَ کي محنت ڪري پڙهڻ بابت نصيحتون ڪندو کيس در تائين ڇڏڻ آيس ۽ آئون گذريل وقت جي لمحن جو سوچڻ لڳس، جڏھن آئون سوزاڪي پاڙي ۾ رهندو هوس. 1923ع واري زلزلي ۽ 1945ع واري بمباريءَ بعد اتي هاڻ ڪجهہ بہ نہ بچيو آهي. پر تنھن هوندي بہ ايتو ۽ آءٌ اڃا زندھہ ۽ چاق چڱا ڀلا آهيون. آءٌ ايتو کي اڇن وارن واري پوڙهي عورت جي روپ ۾ تصور ڪرڻ لڳس. مون هن کي وري ڏسڻ چاهيو ٿي. پر جلدي مون کي آفيس ۾ هڪ خط مليو جيڪو هڪ وڏي پني تي پرتڪلف قسم جو لکيل هو. اکر لڏيل ۽ پوڙھي ماڻھوءَ جا لکيل ٿي لڳا.
”آءٌ توسان ملڻ نٿي گهران.“ ڏهٽي سان سٺي نموني ملڻ بابت شڪريو ادا ڪرڻ بعد ان ۾ لکيل هو. ”عورت وقت گذرڻ تي بہ لڄيو وڃي ۽ هن لاءِ اها شرمساري واري ڳالھہ آهي تہ هوءَ انھن ماڻھن سان ملي جيڪي ھن جي جوانيءَ جي ڏينھن جا سڃاڻا هجن. هن سان گڏ آئون پراڻي وقت جي هڪ تصوير موڪلي رهي آهيان. مھرباني ڪري ان کي پاڻ وٽ رکج ۽ گذريل ڏينھن ياد رکجانءِ.“
خط سان گڏ هڪ ڦڪو ٿيل فوٽو هو جيڪو سوزاڪي جي ڏينھن جي نوجوان ايتو جو هو. هوءَ پنھنجي ڪَڇَ ۾ شِين کي جهليو ويٺي هئي. مون ان ننڍي ڇوڪريءَ جي منھن کي غور سان ڏٺو جيڪا هڪ رات ڌڪو کائي وڃي ڏاڪڻ تي پئي هئي ۽ مون سمجهيو ٿي تہ پوڙھي ايتو مون سان ڇو نٿي ملڻ چاهي. مون سندس خط جو ڪوبہ جواب نہ ڏنو. هينئر بہ سندس اهو فوٽو منھنجي ٽيبل جي خاني ۾ ستو پيو آهي، جنھن مٿان لڳي ٿو تہ ڪا گهنڊڻي وڄي رهي آهي.

ڪومايل مکڙي

ڪميڪو جي اڄ صبح کان اک ڦڙڪي رهي هئي. منجهند ڌاري فون جي گهنٽي وڳي. ”مشي مشي!“1 پاڻ فون کڻي هيلو هيلو ڪيو.
”آئون شام جو پنجين بجي ڌاري اچي نڪرندس.“ فون تي ڳالھائيندڙ همراھہ ٻڌايو. يڪي سال جي خاموشيءَ بعد اها هڪ عجيب ڳالھہ هئي، پر تڏهن، ڪنھن کي ڇا خبر ھئي... ڪميڪو پنھنجي واچ ڏي ڏٺو. پنجن ۾ اڃا بہ ٻہ ڪلاڪ هئا جن ۾ هن تيار ٿي وڃڻ چاهيو ٿي. پاڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ هن لاءِ سڀ کان اول ۽ اهم شيءِ هئي وهنجڻ.
هوءَ پنھنجي ڪم واري ڇوڪريءَ کي جلدي ماني ٺاهڻ لاءِ چئي وهنجڻ جاءِ ڏي رواني ٿي. اهو ضروري هو تہ پنھنجي پراڻي يار اڳيان هوءَ جيتري قدر ٿي سگهي ننڍي نيٽي لڳي. گهٽ ۾ گهٽ آخري ملاقات تي موڪلائڻ مھل جھڙي لڳي رھي ھئي، ان کان ڪجهہ بھتر لڳڻ کپي. ڇو تہ جي اڳلي کي سندس وڏي عمر جو احساس ٿي وڃي تہ پوءِ باقي ڳالھہ ئي ڇا رهي. سو اهي ڳالھيون سوچي ٽب ۾ پنھنجو پاڻ کي فرحت سان پسائي، جسم کي مھٽيندي ۽ مليندي رهي.
وهنجڻ کان پوءِ ٻاهر نڪري ريفريجريٽر مان برف جو ڳوڙهيون ڪڍيائين ۽ سنھي ململ جي ڪپڙي جو ٻٽو تھہ ٺاهي، ان ۾ برف جي سنھي ڪاتر ڪري وڌائين. ان کان پوءِ آرسيءَ جي سامھون ويھي ڏهن منٽن کن لاءِ برف جي ان ڪاتر سان پنھنجي منھن جي مالش ڪندي رھي. سندس سڄو منھن ڳاڙهو ۽ سوٽ ٿي پيو. جنھن ڪري هن ۾ ڪجهہ جوانيءَ واري تازگي محسوس ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ سندس ڇاتيون چغلي هڻي رهيون هيون تہ هوءَ ڇاونجاھہ سالن جي ٿي وئي آهي،پر پنھنجي ڊگهي تجربي جي آڌار تي هن کي پنھنجو پاڻ ۾ اعتماد هو تہ ان جو ڪو نہ ڪو بندوبست يا ڍڪ ڪري وٺندي. اهو سوچي هن ڪٻٽ مان هڪ ولائتي ڪريم جي برني ڪڍي جيڪا هن اهڙن موقعن لاءِ سانڍي رکي هئي. ڏسڻي ۽ وچين آڱر برنيء ۾ وجهي هن ڪجهہ ڪريم ٻاهر ڪڍي ان جو ليپ پنھنجي منھن ۽ ڇاتين کي ڏئي مالش ڪئي. سامھون آرسيءَ مان هڪ وڏي عمر جي عورت جي ڦڪي پيلي منھن جون مرجهايل اکيون، جن جي ھيٺان نيرا سنڌا ٺھي ويا هئا، هن ڏي گهورڻ لڳيون.
ڪجهہ گهڙين لاءِ پنھنجي چھري جو اهو اصلي روپ ڏسي / محسوس ڪري هن کي پنھنجو پاڻ کان بڇان لڳي ۽ پوءِ سندس اکين اڳيان اُهي ڏينھن ڦرڻ لڳا جڏھن سندس ان چھري تي جادوءَ ڀري سونھن جو راڄ هو. ان سونھن جو تصويرون ۽ پوسٽ ڪارڊ ان وقت جا نوجوان پنھنجن ٻٽوئن ۽ فريمن ۾ رکندي فخر محسوس ڪندا هئا. اهو بہ ڪو وقت هو جڏهن عاشق مزاج مٿس پھرين نظر وجهڻ سان ئي دل ڏئي ويھندا هئا. هن ٿڌو ساھہ کڻي هيٺين جسم تي ويڙهيل ڪپڙو مٿي ڇڪي پنھنجين سٿرن کي چتائي ڏٺو. ڪنھن زماني ۾ انھن تي موجود ڇانھينء جھڙي ڳاڙهاڻ ۽ ڀريل ماس هاڻ وقت سان گڏ وڃي چڪو هو ۽ هاڻ نيري ۽ ڳاڙهي رنگ جو اڀريل شريانيون ۽ نسون منجهيل کونڌن وانگر سندس سنھڙي چمڙيءَ هيٺان نظر اچي رهيون هيون. پر ان هوندي بہ هوءَ سڪل ۽ هڏائين نہ هئي ۽ اها هڪ اهڙي ڳالھہ هئي جنھن لاءِ هن شڪر ٿي ڪيو ۽ سندس سٿرون اوڪڙون ويھڻ سان هڪ ٻئي سان اڃا بہ چڱيءَ طرح ملي ويون ٿي. وهنجڻ وقت هوءَ هميشہ دستور موجب اڄ بہ گوڏا ملائي کڙين تي ٿي ويٺي ۽ پوءِ پيالي سان پاڻي ڀري ٽنگن جي وچ ۾ نائيو. سندس ٽنگن جي وچ ۾ ٺھيل ان گهٻ ۾ پاڻي دٻو ٺاهي بيهي رهيو. اها هڪ اهڙي ڳالھہ هئي جنھن هن جي اندر کي هميشہ خوشي ۽ سڪون بخشيو ٿي تہ هوءَ وڏي عمر جي ٿيڻ جي باوجود بہ اڃا پوڙھي نہ ٿي آهي. ’هوءَ اڃا بہ ماڻھن جون دليون جيتي سگهي ٿي، ۽ جيستائين سندس جسم ان حد کان ٻاھر نہ نڪتو آهي،‘ ڪميڪو چيو، ’ماڻھو هن لاءِ هوءَ پنھنجي زندگيءَ لاءِ موھہ برقرار رکي سگهي ٿي.‘ هن پنھنجيون ٽنگون ڌار ڪيون ۽ گڏ ٿيل پاڻي هيٺ ناري وانگر وهي ويو. هن لڄايل ڇوڪريءَ وانگر شرمائيندي پنھنجي ٽنگن جي مٿان ۽ پاسن تي هٿ گهمايو. سندس بدن جي چمڙي اڃا اهڙي لسي ۽ نرم هئي، جھڙي هرڻيءَ جي نئين ڄايل ڦر جي کل تيل هڻڻ سان ٿي پوندي آهي.
ڪميڪو ڪجهہ سال اڳ ارڙهين صديءَ جي جپاني ليکڪ ”سائي ڪاڪوء“ جو لکيل جپان جو سفرنامو پڙهيو هو. ان ۾ ٻين دلچسپ ڳالھين کان علاوه ٻن سھڻين ڇوڪرين جو پڻ ذڪر هو، جيڪي سامي سين (جپاني ساز) ٿيون وڃائين. هڪ جو نالو ‘اوسينگي’ هو ۽ ٻيءَ ڇوڪريءَ جو ’تاما‘. ٻئي ڄڻيون ساميسين وڄائڻ وقت ڳاڙهي کھنبي رنگ جي رسين پويان ٿي وهنديون هيون ۽ ڏسندڙ داد ڏيڻ خاطر نوٽن جا ٻڪ اڇلي هڻندا هئا. هرهڪ جي خواهش هئي تہ سندن نوٽ رسين جي وچ مان لنگهي ڇوڪرين جي منھن کي وڃي لڳن. ڪميڪو جي ڌيان ۾ ان وقت ڪتاب جو اهو نظارو هُرڻ لڳو. رسين پويان ويٺل ڇوڪرين جھڙي سونھن ڪنھن وقت هن جي بہ ملڪيت هئي. پر هاڻ اها ڳالھہ ماضيءَ جي ئي سمجهڻ کپي.
جوانيءَ جي ڏينھن ۾ هن جي نظرن ۾ پئسو ئي سڀ ڪجهہ هو، جنھن لاءِ هوءَ پنھنجو پاڻ کپائيندي رهي – باقي ٻي ڪنھن ڳالھہ لاءِ طلب نہ هيس. پر هاڻ هوءَ پوڙھي ٿي چڪي آهي. ٻي وڏي لڙائيءَ وارا ڏينھن بہ هوءَ آسانيءَ سان اڪاري وئي پر هاڻ مرد بنا واري زندگي هن کي اڪيلائي ۽ خاليپڻي جو احساس ڏياري رهي هئي. هن جي سونھن سوڀيا بہ وقت سان گڏ آهستي آهستي چُڙي چڪي هئي. ويجهڙائيءَ وارن سالن هن جي سوچ ۽ ڪردار ۾ ائين تبديلي آڻي ڇڏي جيئن لوهار جا مترڪا لوھہ کي هڪ شڪل مان ٻيءَ ۾ آڻين. بھرحال پوڙهي ٿيڻ تي هن بي افعالي قسم جي ڪپڙن پائڻ کان پاسو ڪري ڇڏيو. هن کي اهي ردي قسم جو اٽڪلون ڪڏهن بہ نہ وڻيون، جيڪي اڪثر پنجاھہ سالن جي وهيءَ کان مٿي چڙهيل رنون پاڻ کي پرڪشش بنائڻ جي جاکوڙ ۾ڪن ٿيون. سُسيل ڇاتين جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ ڌيان هٽائڻ لاء لاڪيٽ پائڻ، شوخ ڳاڙهي رنگ جي چيڪ واري ڪپڙي جون قميصون ۽ اسڪرٽ پائڻ – جيڪو ڪپڙو دراصل اندرين پڙي، يا پيٽيڪوٽ لاءِ ٺھي ٿو. سفيد ساٽن جو بلائوز پائڻ، ويڪرين اندين وارو هئٽ استعمال ڪرڻ، جنھن جي ڪنار ۾ جيئن پيشانيءَ جا گهنج لڪي وڃن. هن کي اهي جپاني عورتون تہ بنھہ نٿي وڻيون، جيڪي ڳچيءَ ۾ رنڊين وانگر ڳاڙهي کهنبي رنگ جو رومال ٻڌي هلن ٿيون.
ڪميڪو ڪڏهن بہ مغربي ڊريس نہ پاتي هئي. هن گهڻو ڪري تکي آسماني رنگ جو ڪمونو پسند ڪيو ٿي، جنھن جي مٿان اڇي ڪريپ جي ڪپڙي جو مٿيون تھہ هجي، چيلھہ جو پٽو پيلي ۽ ڪريم ڪلر جو جنھن مٿان جهالر ۽ اندريون اوبي (اڳٺ) ڦڪي آسماني رنگ جو استعمال ڪندي هئي. پر ان اڳٺ کي ٻين عورتن وانگر ڏيکاءَ لاءِ ٻاهر نہ ورائيندي هئي، هوءَ پنھنجيون ڇاتيون اهڙي نموني سان باڊيءَ ۾ ٺاهي ٻڌندي هئي جو هميشہ گول، ڀريل ۽ اڀريل نظر اچن. چيلھہ سنھي هيس ۽ دڏيون بہ ايتريون موڪريون ۽ بي ڊوليون نہ هيس. ڪپڙن پائڻ کان اڳ هڪ سنھي ڪپڙي جي سوڙهي گنجي ڇڪي پائيندي هئي، جيڪا بدن سان ڄڻ چھٽي ويندي هيس. پٺيان ٻنڍڻن تي نرم سلڪ جا سنھا گاديلا ٻڌندي هئي. سندس جسم جي کليل اڇي رنگ ۽ وارن جي ڊگهين چڳن ڪري هوءَ ڪڏهن بہ پنجاھہ سالن کان مٿي نٿي لڳي.
مرد ماڻھو سان ملڻ کان اڳ هوءَ هميشہ اڄ وانگر خبرداريءَ سان تيار ٿي ٿي. ان کان پوءِ آرسيءَ اڳيان ويھي ساڪي شراب جو پيگ پي پوءِ ياد ڪري چڱي طرح ڏند ۽ وات صاف ڪيو ٿي. جيئن شراب جي ڌپ مري وڃي. اهڙي موقعي تي شراب جي انھن ٻن ٽن ڍڪن سندس منھن کي اهڙي تہ ٻهڪ ڏني ٿي جو ڪا لالي سرخي ۽ پائوڊر بہ نہ ڏين ۽ ان شراب جيڪو هلڪو سرور پيدا ڪيو ٿي ان ۾ سندس اکين کي ضرورت مطابق آلاڻ ۽ نشيلوپڻ مليو ٿي ۽ ڳلن وارو هڏو ڳاڙهو سرخ ٿي ٿي ويو. ڪريم ۽ لوشن ۾ ڌوپڻ کان پوءِ تہ سندس منھن ائين جرڪڻ لڳو ٿي، ڄڻ منجهس نئين حياتي ڦوڪي وئي هجي. اوچي قسم جي لپ اسٽڪ، سا بہ تکي رنگ واري، فقط ھڪ اھڙي ڳاڙهي شيءِ هئي، جيڪا ھن چين تي هنئي ٿي. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن هڪ دفعو بہ ننهن کي پالش نہ لڳائي هوندي ۽ هاڻ جواني وڃڻ کان پوءِ تہ هن کي ان ڳالھہ جو ارادو بلڪل نہ هو. ان بدران هٿن جي پٺ کي نرم رکڻ لاءِ فقط لوشن هنيو ٿي ۽ ننهن تہ صفا ننڍا ٿي رکيا جن کي فقط ڪپڙي سان پالش ڪندي هئي. عطر – هلڪي ۽ مٺي خوشبوءِ واري عطر جو مک اهڙن موقعن تي ڪلھن ۽ ٻانھن جي ڏونئرن تي ڏنو ٿي. ڪنن جي پاپڙين تي يا پٺيان هڻڻ کان گريز ڪئي ٿي.
ڪميڪو ڪڏهن بہ پنھنجو عورتپڻو نٿي وساريو. عورت جي ٻڍاپي کان تہ موت بھتر آهي، هن سوچيو. هڪ شعر آهي. ماضيءَ جي ڪنھن مشھور جپاني شاعره عورت جو ئي چيل تہ:
”جوان عورت جيترو ٿوري ڪوشش سان پاڻ ڏي ماڻھن
جو گهڻو ڌيان ڇڪائي سگهي ٿي پوڙھي ٿيڻ تي اوتروئي گهڻي
ڪوشش جي باوجود هوءَ ٿورو بہ ڌيان نٿي ڇڪائي سگهي.“
جوانيءَ ۾ تہ ڪنھن بہ ڳالھہ جو احساس نٿو ٿئي پر پوءِ ئي خيال اچي ٿو تہ مرد بنا، ڏونگر جھڙي زندگي ڏورڻ عورت لاءِ ڏکيو ڪم آهي. ڪميڪو سامھون رکيل تازن گلن ڏي گهوري ڏٺو، جيڪي اتايا هينئر هينئر رکي ويو هو. انھن گلن جي سونھن کيس پنھنجي ماضيءَ جي سونھن جي ياد ڏياري ٿي. پر هاڻ اهي ڏينھن گذرندي ڪو وقت ٿي ويو. هاڻ تہ ان سان گڏ سندس پنھنجي پسند ۽ اهي مڙئي شيون جن کيس لست ڏني ٿي – سڀ هڪ ٻئي پويان بدلجي ويون هيون، پر ان هوندي بہ هوءَ خوش هئي. ڪڏهن ڪڏهن، جڏھن هوءَ اڪيلي ستل هوندي هئي ۽ اڌ رات جو اک کلي پوندي هيس تہ وقت گذارڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کي وندرائڻ لاءِ آڱرين تي ڪن خاص خاص مردن جي ڳڻپ ڪندي هئي، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ تڏهن آيا، جڏھن تہ هوءَ بيحد جوان ۽ ننڍي نيٽي هئي. ’هڪ تہ هو هوندو هو، ۽ پوءِ هو مڙسالو مليو، تنھن کان پوءِ هي يا شايد هو هو ۽ ها سچي، هن کي تہ وساريويٺيس... پر شايد اهو هن کان پھرين آيو هو...؟ يا شايد پوءِ، هاڻ...؟‘ ۽ جيئن جيئن هن فلم جو اهو ريل هلايو ٿي تہ ياديون سيني منجهان اڀري ڄڻ ڳلي ۾ ٿي ڦاٿس. ڪن ڪن ماڻھن کي تہ ياد ڪري – خاص ڪري هنن سان آخري وڇڙڻ واريون ملاقاتون ياد ڪري، اکين مان ڳوڙها ٿي ڳڙيس. ان ڪري انھن ماڻھن جون فقط پھريون ئي ملاقات ڌيان ۾ آندائين ٿي. ”هڪ تہ همراھہ هوندو هو...،“ هن پراڻن معاشقن جون بہ فقط اهي اڳياڙيون ياد ڪيون ٿي جن ۾ ميلاپ ۽ خوش هئي. پيار ۽ پئسو هو. پريت جو پيغام ۽ محبت جي ماکي هئي. ۽ ائين ستي ستي پنھنجن يارن چگهن جو ويچاريندي اکين تي خمار چڙهي ويس ٿي.
”تابيءَ جي اوچتي آيل هن فون تي ڪميڪو کي تعجب ضرور لڳو. اهو ائين هو ڄڻ، ڪو خاص ۽ مھانگو تحفو گهر جي ڇت ڦاڙي اچي ڪريو هجي. هو اڄ اچي رهيو آهي – ظاھر آهي پنھنجين پراڻن ڏينھن جي ياد تازي ڪرڻ يا شايد پنھنجي جوانيءَ جي ٻاريل باھہ جي ڦلھير کي ڏسڻ خاطر. جذبات جي ٿڌي ٿيل رک کي هٽائي ڪا چڻنگ يا دکيل باھہ جو ڪو بچيل الو ڏسڻ ڪارڻ – پر هوءَ هن کي نہ آهون ڀرڻ ڏيندي نہ پنھنجي کسجي ويل جوانيءَ جون پچارون ڪرڻ ڏيندي ۽ نہ وري سندس غربت جو ڳالھيون ٻڌي وقت وڃائيندي. هوءَ پوري شان شوڪت سان هڪ خوش باش ماحول واري فضا ۾ ويھي ساڻس ڳالھيون ٻولھيون ڪندي. جيئن هو جڏهن وڃي تہ پاڻ سان اهو اثر کڻي وڃي تہ هوءَ اها عورت آهي جيڪا ڪڏهن منھنجي هئي جنھن ۾ اڃا بہ تازگي برقرار آهي ۽ جنھن جي جواني ۽ سونھن ۾ ڪا خاص تبديلي نہ آئي آهي.
آخرڪار وهنجڻ سھنجڻ ۽ ميڪ جو ڪم پورو ٿيو ۽ هاڻ ڪميڪو سين فلمائڻ لاءِ منتظر ائڪٽريس جيان، آرسيءَ اڳيان ٿي بيٺي ۽ بي چينيءَ سان پنھنجي جسم جو آخري جائزو وٺي پوءِ ڪمري ۾ داخل ٿي. رات جي ماني ٽيبل تي لڳي چڪي هئي، پاڻ ٻانھيءَ جي سامھون ٿي ويٺي ۽ هلڪي ڦلڪي ماني کاڌائين. ڇڍڙو ”مِسو“ سوپ پيتائين ۽ ٻي ڪا ڳري شيءِ کائڻ بدران کچڻيءَ سان آچار کاڌائين. مانيءَ جو ڪم لاهي پوءِ ڪچو بيضو ڀڃي ان جي پيلي ٽڪي ڳٿائين.
ڪميڪو کي گهر ۾ آيل مرد مھمان کي ماني کارائڻ جي عادت بنھہ نہ هئي. هن کي ڪڏهن بہ اهڙين عورتن تي رشڪ نہ آيو، جيڪي مرد جي دل جيتڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کي رڌ پچاءَ پٺيان سڄو ڏينھن رڌڻي ۾ پيون ساڙينديون آهن. پوءِ مانيءَ کي ٽيبل تي سينگاري رکڻ جا سوين سانگ ڪنديون. گهرو عورت ٿي رهڻ جي تہ هن ڪڏهن بہ سڌ نٿي ڪئي. هن کي گهر گهريتري ٿيڻ جي ضرورت ئي ڪھڙي هئي، جڏهن هن کي ڪنھن سان شادي ڪري گڏ گذارڻ جو خيال شروع کان نہ هو. اها هئي هن جي فطرت، ان هوندي جيڪي بہ مرد – خاص ڪري سندس وطن جا جپاني مرد، ڪميڪو سان ملڻ لاءِ ايندا هئا، سي پاڻ سان ڪونہ ڪو تحفو ضرور آڻيندا هئا. هن لاءِ اها تعجب جوڳي ڳالھہ نہ هئي. ڪنجوس ۽ بنا پئسي واري مرد لاءِ ڪميڪو جي دل توڙي گهر ۾ ڪا جاءِ نہ هئي ۽ اهڙن مردن لاءِ کيس ڪڏهن ڪا ڪشش نہ ٿي. اُهي مرد جيڪي هن سان اڻ استري ٿيل سوٽ ۾ اچي سمھندا هئا يا جن جي ڪَڇَن جا بٽڻبہ سڄا نہ هوندا هئا – اهڙا لاپرواھہ ۽ جوکا عاشق هن جي نظرن ۾ هميشہ بيڪار هئا. پيار يا محبت، هن جي سوچ موجب، هڪ آرٽ جي لڳاتار ڪمن جي تعلق وانگر هئڻ کپي.
جڏهن هوءَ ڇوڪري هئي تہ ماڻھن جي چوڻ موجب هن جو نڪ نقشو انھن ڏينھن جي مشھور گيشا ’مان ريو‘ سان مليو ٿي. هن ’مان ريو‘ کي سندس شاديءَ بعد ئي ڏٺو هو. هن جي جرڪندڙ سونھن ۾ هميشہ جي تازگي هئي. هن ڪميڪو جي دل تي ’ڪڏھن بہ نہ ميسارجڻ‘ جهڙو اثر ڇڏيو هو ۽ ڪميڪو ان ئي وقت محسوس ڪيو تہ ڪابہ عورت جيڪڏهن پنھنجي سونھن جي تازگي برقرار رکڻ چاهي ٿي تہ هن کي هڪ ڳالھہ جيڪا تمام اهم سمجهڻ گهرجي، اها آهي پئسو ڏوڪڙ. بنا پئسي ڏوڪڙ جي پاڻ کي خوش، پرسڪون ۽ حسين رکڻ ڏکيو آهي.
ڪميڪو جڏهن پھرين گيشا ٿي هئي تہ ان وقت سندس عمر اوڻيھہ سال هئي. هن جي سونھن اهڙي هئي جو هرهڪ قبول ڪئي ٿي. باقي ضروري فن جي سکيا هن تمام گهٽ حاصل ڪئي. گيشا ٿيڻ بعد سگهوئي هن کي هڪ فرينچ مرد کي وندرائڻ لاءِ سڏايو ويو ھو، جيڪو ڪو ننڍو تہ نہ هو. ايشيا جي دوري جي سلسلي ۾ سندس جپان اچڻ ٿيو هو. هو ڪميڪو جي حسن تي موهت ٿي پيو ۽ کيس جپاني مارگوريٽ گاتير سڏڻ لڳو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ڪو دور اهڙو بہ هو جو ڪميڪو پنھنجين نظرن ۾ فرانس جي Dame Aux Camelias هئي. جيتوڻيڪ هو سچي عاشق جي ڪسوٽيءَ تي پورو اچي نہ سگهيو، پر تڏهن بہ هن ۾ ڪا اهڙي مڙئي ڳالھہ هئي جيڪا ڪميڪو جي دل ۾ هميشہ لاءِ گهر ڪري ويئي. هن جو نالو مائيڪل هو ۽ هينئر جي عمر جو ويھي حساب ڪجي تہ هن وقت هو فرانس جي ڪنھن اتراهين حصي ۾ قبر جي پرسڪون زندگي گذاري رهيو هوندو. پنھنجي ملڪ فرانس پھچي هن ڪميڪو ڏي تحفو موڪليو هو – اهو هڪ لاڪيٽ هو جنھن ۾ ڪئين ياقوت ۽ هيرا جڙيل هئا. جنگ دوران جڏهن حالتون بلڪل ئي خراب ٿي ويون هيون تڏهن بہ ڪميڪو اهو ئي فيصلو ڪيو تہ ڇا بہ ٿي وڃي پر هوءَ ههڙي تحفي کي پنھنجي جيءَ کان ڌار نہ ڪندي.
سڀ اهي مرد جن جي ڪميڪو سريت ٿي رهي هئي، اڳتي هلي پنھنجي ڪم ۽ فن جا اهم ماڻھو ٿيا هئا ۽ پنھنجن پنھنجن ملڪن ۾ هنن وڏو نالو پيدا ڪيو هو. پر جنگ جي دوران انھن مان ڪيترن ئي جا پار پتا کانئس هيٺ مٿي ٿي ويا ۽ پوءِ هڪ ٻئي جي خبرچار معلوم ٿي نہ سگهي. ڪيترن ماڻھن اهو بہ چيو ٿي تہ ڪميڪو پنھنجي سونھن ۽ جوانيءَ جي ڏينھن ۾ ڪا گهٽ ملڪيت هٿ نہ ڪئي. اهو صحيح هو يا غلط پر ڪميڪو ٻين گيشا ڇوڪرين جي نقش قدم تي هلي ڪو پنھنجو چانھہ گهر يا هوٽل کولڻ جو شوق نہ ڪيو. هوءَ دراصل ايتري بہ پئسي واري نہ هئي، جيترا ماڻھن کڻي هن بابت افواھہ اٿاريا هئا. هن جي ملڪيت ڇڙو سندس هڪ گهر هو جنھن ۾ جنگ وارن ڏينھن ۾ پاڻ ٿي رهي ۽ هڪ ٻيو گهر اتامي شھر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هو. جنگ بعد سڄي جپان ۾ رهائش جو مسئلو ٿي پيو هو ۽ ڪميڪو هن جو فائدو وٺي پنھنجي ان سامونڊي ڪناري واري گهر کي وڪڻي چار ڏوڪڙ ٺاهي ورتا هئا.
ڪميڪو ٻيو ڪو بہ ڌنڌو ڌاڙي نٿي ڪيو. سڄو ڏينھن گهر ۾ ويٺي گذرندو هوس. اوڪينو نالي، ڪم ڪار لاءِ هن وٽ هڪ ٻانھي هئي جيڪا سندس ڪنھن رشتي جي ڀيڻ هٿ ڪري ڏني هئي. اها نوڪرياڻي (اوڪينو) ٻوڙي ۽ گونگي هئي. ٻاهران ايندڙ مھمان ڪميڪو کي ان قسم جي بند ۽ خاموش زندگي گذاريندو ڏسي تعجب کائيندا هئا. ڪميڪو کي فلم يا ڊرامو ڏسڻ جو بہ ڪو شوق نہ هو ۽ نہ وري اجايو هيڏانھن هوڏانھن گهمڻ ڦرڻ يا ماڻھن وٽ وڃي ڪچھري ڪرڻ ۾ ڪو مزو آيو ٿي. ڏينھن جي روشنيءَ کان هوءَ پري ئي ڀڄندي هئي جو ان ۾ ماڻھوءَ جي اصلي عمر ظاھر ٿئي ٿي ۽ هرهڪ کي چتائي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. هن ڄاتو ٿي تہ ڪيترا بہ کڻي قيمتي ڪپڙا پاءِ تہ بہ سج جي تکن ڪرڻن کان پاڻ بچائي نٿو سگهجي.
هن گهر جي بند زندگيءَ ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو ٿي ۽ ٻي ڪنھن بہ شيءِ جي تمنا نہ هيس. ناول پڙهڻ جو سو کيس تمام گهڻو شوق هو. ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو هن کي صلاح ڏيندا هئا تہ ڪنھن کي ڌيءَ ڪري کڻي نپائي، جيئن اها پيريءَ جو سھارو بڻجي. پِيري ۽ ان سان ڳنڍيل ٻين اهڙي شين جو سوچي ڪميڪو کي دل ڄڻ ڪچي ٿي ٿي ۽ ٻي ڳالھہ تہ سڄي عمر هن اڪيلائيءَ ۾ گذاري ۽ ڪڏھن بہ هوءَ ڪنھن بہ اهڙي قسم جي لڳ لاڳاپي رکڻ جي عادي نہ هئي.
سندس زندگي بہ عجيب هئي، هن ننڍي هوندي کان ماءُ پيءُ نہ ڏٺا. کيس رڳو اها ڄاڻ هئي تہ هوءَ اڪيتا ضلعي جي هڪ ڳوٺڙي اوساگاوا ۾ ڄائي هئي. پاڻ جڏهن پنجن سالن جي ٿي تہ ٽوڪيو شھر جي هڪ ڪٽنب کيس پاڻ وٽ ڌيءَ وانگر پالي نپائي وڏو ڪيو. پوءِ انھن جي ئي ذات سان سڏجڻ لڳي. سندس ويڳو پيءُ سول انجينئر هو جنھن جي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ منچوريا بدلي ٿي. جتان هو وري واپس نہ آيو ۽ نہ وري ڪا پوءِ خبرچار پھتي.
ڪميڪو انھن ڏينھن ۾ پرائمري اسڪول ۾ هئي. سندس پيءُ جي زال رتسو ڌنڌيء ۾ ڪا گهٽ نہ هئي، سو اڪيلي سر گهر جي خرچ پکي کي منھن ڏيڻ لاءِ بچيل سچيل پئسن مان گهر ٺھرائي مسواڙ تي ڏنو. نتيجي طور ان مان ايتري تہ آمدني ٿيڻ لڳي جو هو شھر جي وڏي علائقي ۾ رهندي بہ ناليرا ۽ امير سڏبا ھئا.
ڪميڪو جڏهن اوڻهين سالن جي هئي تہ هڪ همراهه’توري گوئي‘ جي هنن جي گهر ۾ گهڻي اچ وڃ شروع ٿي هئي. دراصل ھن خاندان جو زوال ان کان پوءِ شروع ٿي ويو ۽ ڏينھون ڏينھن پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ بہ پٺتي ٿيندا هئا. ڪميڪو جي ويڳي ماءُ رتسوء تہ پيئڻ بہ شروع ڪري ڏنو ۽ هر وقت چڙچڙي رهڻ لڳي ٿي. ان سان گڏ ڪميڪو جي بہ تڪليف واري زندگي ان وقت کان شروع ٿي هئي. آخر مصيبتون ان حد تي پھتيون جو ’توري گوئي‘ جيڪو ڪميڪو جي عصمت لٽيندو رهيو ٿي، هڪ ڏينھن ايترو تہ وحشي ٿي پيو جو هن کي مارڻ لاءِ ڪاهي آيو. پر ان کان اڳ ڪميڪو پنھنجي جان بچائي گهر کي هميشہ لاءِ ڇڏي اڪاساڪا علائقي جي هڪ چانھہ گهر ۾ اچي پناھہ ورتي. جتي هوءَ پنھنجي سونھن جي ڪري يڪدم گيشا طور رکي ويئي، ۽ پنھنجي نئين زندگي نئين نالي ’ڪن يا‘ سان شروع ڪئي. ڏسندي ئي ڏسندي هوء ايڏو تہ مشھور ٿي وئي جو سندس فوٽو هر مشھور رسالي، ڪتاب ۽ پوسٽ ڪارڊ تي اچڻ لڳو هو.
اهي سڀ ڳالھيون اڄ ڪميڪو لاءِ هڪ ڏور ۽ وسري ويل ماضيءَ جون يادون هيون ۽ اهو سوچي هن کي بيزاري بہ ٿي ٿي تہ هو ڪڏهوڪو پنجاھہ جي غلط پاسي واري عمر ۾ پير رکي چڪي آهي. ڪميڪو کي پالڻ لاءِ آڻڻ کان پوءِ سگهوئي رتسوء کي پنھنجي ڌيءُ ’سميڪو‘بہ ڄائي هئي. ان ڪري رتسو جي موت تي ڪٽنب جي بچيل سموري ملڪيت سندس سڳي ڌيءَ سميڪو جي ئي حوالي ڪئي وئي. ان کان پوءِ ڪميڪو تي ڪٽنب جي ڪابہ جوابداري نہ ٿي آئي ۽ نہ وري پاڻ ڪنھن تي بار ٿيڻ چاهيو ٿي.
سميڪو ۽ سندس مڙس پوءِ ٽاٽسڪا شھر ۾ شاگردن جي رهڻ لاءِ هڪ هاسٽل اچي کولي هئي، جتي ڪميڪو جي ملاقات پئسفڪ واري لڙائيءَ جي ڏينھن ۾ تابي سان ٿي هئي. ڪميڪو ’چانھہ گهر‘ ۾ پنھنجي سرپرست وٽ ٽي سال رهڻ کان پوءِ تعلقات ڇني ڌار هڪ آزاد زندگي گذارڻ لاءِ سميڪو وارن جي هاسٽل ۾ مسواڙ جي ڪمري ۾ اچي رهي هئي.
تابي هن هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن مان هڪ هو، جنھن کي ڪميڪو وقت بوقت پنھنجي ڪمري تي گهرائيندي رهي ۽ ٻنھي جي ڏسندي ئي ڏسندي چڱي ڏيٺ ويٺ ٿي ويئي. هونءَ تابي عمر جي لحاظ کان ڪميڪو جو پٽ ٿي لڳو پر اهو سوچڻ کان اڳ هنن جي دوستي ايڏي تہ وڌي ويئي جو پاڻ ۾ لڪ ڇپ۽ ڳجھہ ڳوھہ وارين ملاقاتين وارو سلسلو بہ شروع ٿي ويو هون. ڪميڪو جي سونھن ۽ کهي اڃا بہ اهڙي ٿي لڳي ڄڻ اڃا سٽتيهن سالن جي هجي ۽ نہ پنجاھہ سالن جي – جيڪا سندس اصلي عمر هئي. گرئجويشن ڪرڻ بعد تابيءَ کي هڪدم آرميءَ ۾ ڪميشن ملي وئي ۽ سب ليفٽيننٽ جي عهدي تي جپاني آرميءَ ۾ مقرر ڪيو ويو. کيس، البتہ، بارڊر تي سڌو موڪلڻ بدران، ڪجهہ عرصي لاءِ هيروشيما رکيو ويو، جتي ڪميڪو ساڻس ٻہ دفعا ملڻ ويئي هئي.
ٻئي دفعا، ڪميڪو جي هوٽل ۾ پھچڻ شرط تابيءَ يونيفارم ۾ ئي اچي ٺڪاءُ ڪيو هو. ڪميڪو کي چمڙي جي شين کان سخت بڇان لڳي ٿي جنھن جا پٽا سٽا تابي يونيفارم مٿان ٻڌي آيو هو. بھرحال ڪميڪو ٻئي راتيون تابي سان گڏ هوٽل ۾ گذاريون. هوءَ هيترو پري کان ڪھي تابي سان ملڻ آئي هئي. پر هن کي مسافريءَ جي ٿڪ ڪري ڪو خاص مزو نہ آيو. تابيءَ جي پٽ سٽ ۽ جوانيءَ جي جوش اڳيان هن جي حالت طوفان ۾ اڏامندڙ پني ڀور جيان ٿي پئي هئي. هن کي ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي پڇاڙي ٿيڻ واري هجي. اهي ٻہ دفعا هيروشيما وڃڻ کان پوءِ بہ هن کي گهرائڻ لاءِ ڪئين خط ۽ تارون موڪليندو رهيو. 1942ع ۾ تابي کي برما موڪليو ويو، جتان جنگ ختم ٿيڻ بعد دلشڪستو ٿي وريو هو. جپان پھچڻ تي هو هڪدم ٽوڪيو آيو ۽ ڪميڪو سان سندس گهر اچي مليو. جسماني طرح هو ڪافي پوڙهو ٿي ويو هو، اڳيان ڏند بہ ڀڄي پيا هيس. ڪميڪو هن کي ان حالت ۾ ڏسي مرجهائجي وئي، ۽ ساڻس ملندي پنھنجي گهٽتائي محسوس ڪئي ۽ سندس خواب اڌ گابرا رهجي ويا.
تابي دراصل پھرين هيروشيما آيو هو، جتي سندس وڏي ڀاءُ جي مدد سان هن هڪ آٽوموبائل ڪمپني شروع ڪئي پر سال اندر ئي ٽوڪيو ورڻو پيس. جڏھن ڪميڪو سان ملڻ لاءِ آيو هو تہ سندس حال اهڙا هئا جو ڪميڪو پھرين تہ هن کي سڃاڻي بہ نہ سگهي هئي. پاڻ ٻڌائين تہ هو عنقريب شادي ڪرڻ وارو آهي. ان کان پوءِ سال کان مٿي گذري ويو پر هو وري نظر نہ آيو.
ڪميڪو هي هاڻوڪو وارو گهر، ٽيليفون سميت، فقط ھڪ راڳ جي بدلي حاصل ڪيو هو ۽ هاسٽل مان لڏي هتي اچي رهي هئي. جنگ جي ڏينھن ۾ جڏهن سميڪو جو گهر سڙي ويو تہ سميڪو مڙس سوڌي اچي ڪميڪو سان گڏ هن گهر ۾ رهي هئي. پر جيئن ئي جنگ ختم ٿي تہ هن کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. بھرحال سميڪو لاءِ اهو سٺو ٿيو جو هن يڪدم پنھنجي ڊٺل گهر مٿان نئون گهر ٺھرائي ورتو، جنھن جي ٺھرائڻي انھن ڏينھن ۾ تمام گهٽ پيس، نہ تہ اڄ ڏينھن تائين نہ ٺھرائي سگهي ها.
ڪميڪو هاڻ آتامي وارو گهر وڪڻي ڇڏيو ۽ مليل پئسن مان هيئن ڪرڻ لڳي جو ڊٺل ۽ پراڻا گهر وٺي انھن جي مرمت ۽ رنگ روغن ڪرائي سٺن پئسن ۾ وڪڻڻ لڳي، جنھن مان هن ٻيڻ ٽيڻ فائدو ڪمائي ورتو ٿي. پئسي ۽ ڏيتي ليتيءَ جي معاملي۾ هن ڪڏهن بہ اٻهرائي نٿي ڪئي. هن کي پنھنجي ڊگهي تجربي ٻڌايو هو تہ پئسو پنھنجو فائدو پاڻ سان آڻي ٿو ۽ برف جي ڳوڙهي وانگر وڌيڪ برف لڳڻ سان وڌندو رهي ٿو بشرطيڪ هر وقت پنھنجا هوش حواس صحيح رکجن. هوءَ وياج تي پئسا بہ ڏيندي هئي. جن ماڻھن سامان گروي رکيو ٿي يا سٺي ساک مھيا ڪئي ٿي انھن کي گهٽ وياج تي، باقي ٻين کي وڏي اگھہ تي. ٻي وڏي جنگ کان پوءِ هن جو بئنڪن تان وشواس کڄي ويو هو. ان ڪري هن پاڻ وٽ بچيل پئسي کي ڪنھن نہ ڪنھن ريت واپار ۾ لڳائي رکيو ٿي ۽ انھن ڏينھن جي بيوقوف ڪڙمين وانگر گهر ۾ کڏ کوٽي لڪائڻ بہ نٿي چاهيو. اهو ڌنڌو ڌاڙي ۽ ڏيتي ليتي هلائڻ لاءِ هن سميڪو جي مڙس هيرويوشيءَ کي مقرر ڪيو هو. کيس اها بہ ڄاڻ هئي تہ پورهيت تڏهن ئي دل تي ڪم ڪندو جڏهن ڪمائي ڏنل پئسن مان کيس بہ ڪجهہ رقم ڪميشن طور ڏني وڃي.
هوءَ پنھنجي نوڪرياڻيءَ سان گڏ اڪيلي سر رهي ٿي. جيتوڻيڪ چئن ڪمرن وارو گهر ٻاهران ويران لڳو ٿي، پر ڪميڪو ڪڏهن بہ اڪيلائي محسوس نہ ڪئي. جيستائين چورن ڌاڙيلن کان بچاءُ جو واسطو هو، ڪو چوڪيدار يا ڪتو بيهارڻ بدران هن اهو بھتر سمجهيو تہ دروازي کي چڱيءَ طرح بند رکي مٿان تالو هڻي ڇڏي. ڪميڪو وٽ کڻي ڪھڙي بہ قسم جا مرد آيا ٿي، پر پاڙي اوڙي جي گلا غيبت کان بي الڪي هئي، جو گهر جي ڳالھہ ٻولھہ ٻاهر ڪڍڻ واري نوڪرياڻي گونگي ۽ ٻوڙي هئي.
انھن مڙني ڳالھين هوندي ڪڏهن ڪڏهن اهڙو وقت بہ ايندو هو جو هوءَ اٻاڻڪو محسوس ڪندي هئي. کيس لڳندو هو ڄڻ ڪو خوفناڪ موت سندس سامھون انتظار ۾ هجي. هر وقت جي ڀوائتي ماٺ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ صبح کان رات تائين ريڊيو آن ئي رکندي هئي.
ڪجهہ وقت کان ڪميڪو جو معاشقو اتابا نالي هڪ همراھہ سان بہ ٿيو جنھن ٽوڪيو شھر کان پرٻهرو گلن جو باغ هلايو ٿي. ڪميڪو هن جي ڀاءُ جي معرفت ساڻس ملي هئي جنھن کانئس آتاميءَ وارو گهر خريد ڪيو هو. جيتوڻيڪ سندس عمر چاليھہ ورهيه يا ان جي لڳ ڀڳ مس هئي، پر سڄو مٿو گنجو هجڻ ڪري عمر کان گهڻو وڏو لڳو ٿي. هن کي گهر جي سلسلي ۾ ٻہ ٽي دفعا ڪميڪو وٽ اچڻو پيو هو. ان بعد هر هفتي سندس اچڻ وڃڻ قائم رهيو.
اتابا جي دوستي شروع ٿيڻ سان ڪميڪو جو گهر گلن کان ٻهڪڻ لڳو هو، جيڪي هو پاڻ سان آڻيندو هو. اڄ بہ سندس گهر گلن کان خالي نہ هو. بخاريءَ تي سجايل گلدستي ۾ پيلي رنگ جا وڏا گل هئا. ڪميڪو کي انھيء رنگ ۽ خوشبوءِ جي گلن هڪ جوان عورت جي سڳنڌ جي ياد ڏياري ٿي. هينئر تابي جو فون اچڻ تي هن کي احساس ٿيو تہ نوجوان تابي لاءِ جيڪا هن کي اندر ۾ ڇڪ رهندي اچيسا اتابا لاءِ مور ناهي، جيتوڻيڪ هوءَ هيروشيما ۾ هن کان سخت مايوس ٿي هئي. پر اهو سوچڻ کپي تہ هو تن ڏينھن ۾ هڪ فوجي هو ۽ اها هن لاءِ هڪ قدرتي ڳالھہ هئي ۽ ننڍپڻ جي ان ڇڪتاڻ کي هاڻ ماضيءَ جي ڳالھہ سمجهي وسارڻ کپي ۽ ساڳي وقت اها هڪ اهڙي سھڻي ڳالھہ هئي، جيڪا هن وقت ياد اچڻ تي انھن پراڻن ڏينھن لاءِ دل واجهائي ٿي.
پنج لڳي ڪجهہ منٽ ٿيا جو تابي گهر ۾ داخل ٿيو. پاڻ سان گڏ جيڪا هڙ کڻي آيو هو، ان مان هن وسڪيءَ جي بوتل، گوشت، پنير ۽ ڪجهہ ٻيون شيون ڪڍي ٽيبل تي رکيون ۽ پوءِ ٻرندڙ بخاريءَ جي ڀرسان رکيل ڪوچ تي ڦان ٿي ڪري پيو. سندس لڏي ويل جوانيءَ جو ڪوبہ ڇڏيل نشان سندس منھن تي موجود نہ هو. پاڻ عجيب ناسي چيڪ جي جئڪيٽ ۽ تکي سائي رنگ جي پينٽ ۾ موڪل تي پسار ڪندڙ ڪنھن مڪينيڪل انجنيئر جهڙو ماڻھو لڳي رھيو ھو.
”تون هميشہ وانگر اڄ بہ سدا بھار لڳي رھي آھين، سچ ته!“ کيڪار کڙيءَ بعد تابي ڪميڪو کي چيو.
”سچ؟ ائين چوڻ لاءِ مھرباني پر آءٌ تہ پنھنجو وقت ڪڏهوڪو گذاري چڪي آهيان.“ ڪميڪو وراڻيو.
”اڃا تہ ذرو بہ نہ گذريو آهي. تون تہ اڄ بہ منھنجي زال کان وڌيڪ سھڻي لڳين ٿي.“ تابي چيو.
”هوءَ تہ چڱي ننڍي هئڻ کپي، منھنجي خيال موجب ته.“ ڪميڪو پڇيو.
”ها هوءَ عمر ۾ کڻي ننڍي آهي، پر آهي تہ هڪ ڳوٺاڻي.“
ڪميڪو تابي جي روپي دٻيءَ مان سگريٽ ڪڍيو. تابي تيلي ٻاري سندس سگريٽ دکايو. نوڪرياڻي ٽري ۾ وسڪيءَ جا گلاس، پڪل گوشت ۽ پنير جي پليٽ کڻي آئي. تابي نوڪرياڻيءَ ڏي بکايل بکايل نظرن سان گهورڻ لڳو.
”ڇوڪري تہ واھہ جي گهر ۾ رکي اٿئي.“ هن نيٺ چيو.
”ها. ويچاري گونگي ۽ ٻوڙي آهي.“ ڪميڪو وراڻيو.
”ڇا واقعي؟“ تابي تعجب مان اکين جا ڀرون مٿي ڇڪيا ۽ ڇوڪريءَ کي وري دلچسپيءَ سان ڏسڻ لڳو. نوڪرياڻي ادب سان جهڪي کيڪار جو اشارو ڪيو.
ڪميڪو، جنھن جو پھريون دفعو نوڪرياڻيءَ جي جوانيءَ ڏي ڌيان ويو، تنھن چڙ مان تابي ڏي ڏٺو.
”توهان زال مڙس، منھنجي خيال ۾ هڪ ٻئي سان سٺو ئي هلندا هوندائو؟“ ڪميڪو پڇيو.
تابي هڪدم اڇل سان خيالن مان نڪري هلندڙ ڳالھين ڏي ڌيان ڏنو ۽ دونهين جو ڊگهو ڪش ٻاهر ڪڍندي چيو: ”اسان کي ٻئي مھيني ٻار بہ ٿيڻ وارو آهي.“
ان ڳالھہ تي تعجب جو اظهار ڪندي ڪميڪو اٿي بيٺي ۽ وسڪي کڻي آئي. هن گلاس ڀري تابي کي ڏنو، جنھن هڪ ئي ڳت ۾ خالي ڪري ورتو ۽ ڪميڪو لاءِ ٻئي گلاس ۾ وسڪي ڀرڻ لڳو.
”تنھنجي هن زندگيءَ تي مون کي ريس ٿي اچي.“ تابي چيو.
”ڇو، خير ۾؟“
”بس، ڏس نه، ٻاهر کڻي ڇا بہ پيو ٿئي، پر تو وٽ تہ عيش ئي عيش لڳو پيو آهي... مون کي تہ سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ تون ڪيئن ٿي ڪم هلائين. ها اها بہ ڳالھہ آهي ڪنھن عورت کي جي تو جيتري سونھن سوڀيا آهي تہ پوءِ هن کي سٺو وڏيرو، رئيس مليو وڃي، جيڪو هن جي پيريءَ تائين پَرگهور لھندو اچي. عورتن جي اها ئي تهلئه آهي.“
”ڇا تون مون کي ٽوڪي رهيو آهي؟ مون تہ تنھنجو ڪڏهن نالو نہ ورتو آهي جو تون مون سان ائين ٿو ڳالھائين؟“
”چڱو هاڻ ناراض نہ ٿيءُ. تو شايد مون کي سمجهيو ناهي.“ هن نرم لھجي ۾ چيو، ”مون فقط اهو چوڻ ٿي چاهيو تہ تون خوش نصيب آهين. توکي هر وقت خوشحال ڏسي ائين ئي خيال آيو تہ زندھہ رهڻ لاءِ مردن کي ڪيتري تہ هڻ هڻان ڪرڻي پوي ٿي. اڄڪلھہ جون حالتون تہ اهڙيون آهن جو ڪو مرد تہ اهڙي سک ۽ آرام جو سوچي بہ نٿو سگهي – منھنجو ئي کڻي مثال وٺ. زندگي بس لڳاتار جوئا وانگر ٿي پيئي آهي. ڪو ڀاڳ وارو آهي، جيڪڏهن هو چار ڏوڪڙ سولا ڪمائي سگهي ٿو، نہ تہ نہ سٺي نوڪري آهي ۽ نہ وري واپار ۾ ڪو فائدو.“
”خير واپاري ماڻھو تہ خوش آهن، اڄڪلھه.“ ڪميڪو چيو.
”اهو تہ تون ٿي سوچين! نہ تہ پئسو ڪمائڻ اڄڪلھہ اهڙو ڏکيو ٿي پيو آهي جو ڳالھہ ئي نہ پڇ.“
ڪميڪو جواب ڏيڻ بدران وسڪيءَ جي سرڪ ڀري. ڪنھن تِڏِ ڀت ڀرسان چِرچِر ڪئي. تابي وسڪيءَ جو ٻيو گلاس بہ پي ورتو ۽ اوچتو، بنا ڪنھن اطلاع جي، ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ بخاريءَ جي ٻئي پاسي ويٺل ڪميڪو جو هٿ سٽ ڏيئي پنھنجي هٿ ۾ جهليو. ڪميڪو جو منڊين بنا هٿ سلڪ جي رومال جهڙو نرم هو. ڪميڪو ڪابہ چرپر نہ ڪئي. ماٺ ۾ ئي رهي، ڄڻ ساھہ بہ ڪو ورلي کڻي رهي هجي. ڪميڪو جو هٿ، جنھن ۾ ڄاڻي واڻي ڪا جان پيدا نہ ٿي هئي، هن کي ٿڌو ۽ بي سَتو لڳو.
نَشي تابي کي سرور ۾ آڻي ڇڏيو هو ۽ ماضيءَ جون ڳالھيون سندس اڳيان ڦرڻ لڳيون. هوءَ سامھون بنا چرپر جي ويٺي هئي، جنھن جي يادگار سونھن کي ڄڻ ڪنھن ڇهيو بہ نہ هجي. هن کي اها ڳالھہ تعجب خيز لڳي. هن لاءِ وقت جو ڦيٿو لس ئي لس هلندو رهي ٿو. زماني جي گردش ۾ ڪنھن تجربو ٿورو ٿورو حاصل ڪيو ۽ ڪنھن يڪو ڍير. ڪنھن کي هيٺاهين نصيب ٿي تہ ڪنھن مٿائين ماڻين – ڇا مان ڇا تبديليون اچي ويون پر هيءَ عورت جھڙي هئي، جيئن هئي، ائين ئي ويٺي آهي. هن ڪميڪو جي اکين ۾ گهوري ڏٺو. سندس منھن تي نڪتل گهنج بہ ائين ٿي لڳا ڄڻ کيس اصل کان هجن. سندس منھن تي اڃا بہ ساڳي رونق موجود هئي. هو سوچڻ لڳو تہ ڪنھن پر کيس سندس رهڻ ڪھڻ جي راز جي وڌيڪ ڄاڻ هجي ها. هن کي رڳو اها خبر ھئي تہ گذريل سالن جا سماجي گوڙ گهمسان بہ هن کي ڇُهي نہ سگهيا هئا ۽ هينئر بہ هوءَ سامھون بت بڻي ويٺي هئي. تابي کي سندس عمر جي صحيح خبر نہ ھئي، پر هاڻ هوءَ پڪ پنجاھہ کان مٿي چڙهي چڪي هوندي. هن جي دماغ ۾ وري سندس زال جو نقشو سامھون ڦرڻ لڳو، جيڪا هن وقت ننڍڙي فليٽ واري گهر ۾ ڪم ڪري رهي هوندي، جيڪا جيتوڻيڪ پنجويھہ سالن جي ڪا مس ٿي آهي پر وڏي عمر جي ۽ بنھہ بس ٿيل لڳي ٿي.
ڪميڪو بخاريءَ مٿان چاندي جو پائپ کڻي هن ۾ سگريٽ وجهي دکايو. تابي کي ذري ذري پريشانيءَ منجهان ٽنگون لوڏيندو ڏسي ڪميڪو کي لڳو تہ ڪا مڙئي ڳالھہ آهي. ڇا ائين تہ ناهي تہ تابي مالي مشڪلاتن جي ڪُنَ منجھہ آهي. هن تابي جي منھن جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو. هاڻ هن جي دل ۾ بہ پيار جو اهو ڌڙڪو نہ رهيو آهي، جيڪو هيروشيما ۾ هن محسوس ڪيو هو. دلين ۾ ڪنھن بہ ريت ان پراڻي پيار جي چڻنگ مچي باھہ ٿيڻ کان نابري واري ويٺي هئي. ڇا اهو هن ڪري تہ نہ آهي، هن سوچيو، تہ جسماني طرح هن سان ايڏو ويجهو رهڻ ڪري هاڻ هن لاءِ اها چاهت نٿي پيدا ٿئي. هن کي ايندڙ ڪنھن خطري جو خيال ٿيو.
ٿوري دير چپ رهڻ کان پوءِ تابي چيو: ”ڪميڪو! تون ڪو اهڙو ماڻھو ڳولي سگهندينءَ جيڪو مون کي چار لک يين اڌار ڏيئي سگهي؟!“
”چار لک تہ تمام گهڻو پئسو آهي.نہ؟“
”ها اهو آهي تہ سھي، پر مون کي ڪنھن بہ صورت ۾ هٿ ڪرڻو آهي، هينئر. ڇا ڪو اهڙو ماڻھو نہ سجهنئي؟“
”نہ منھنجي ڌيان ۾ تہ ڪو اهڙو ماڻھو ناهي پر تون مون کان اهڙين شين جو ڇو ٿو پڇين، جڏھن تہ توکي خبر آهي تہ مون کي نہ ڪٿان پگهار ملي ٿو نہ وري ڪو آمدنيءَ جو مستقل ذريعو اٿم.“
”اهو تہ ائين ئي چوڻ خاطر ٿيو. ڏس نہ آءٌ توکي تنھنجن پئسن تي تمام گهڻو وياج ڏيندس. هاڻ تہ مڃ نہ؟”
“اها ڳالھہ صحيح تہ ناهي، جيڪي تون چئين پيو.“
ڪميڪو جسم ۾ سيوڪاري محسوس ڪئي. سخت بيزاريءَ مان اٿي بخاريءَ وٽ ويئي جتي چانھہ لاءِ رکيل پاڻيءَ جي ڪٽلي سيٽيون وڄائي رهي هئي. گرم ٿيل پاڻي ۾ چانھہ جي پتي وڌي.
”ڀلا ٻہ لک ڪنھن نموني سان هٿ ڪري ڏيندينءَ. آئون بيحد ٿورائتو رهندس...“
”مون کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ تون ڇا ٿو چوڻ چاهين، مون کان پئسا گهرڻ مان ڪھڙو فائدو جڏهن تہ مون وٽ پائي بہ ناهي... توکي اها خبر هئڻ کپي تہ مون کي پاڻ بہ پئسي جو کپ آهي. تنھنجيون اهي ڳالھيون ٻڌي مون کي لڳي ٿو تہ تون پئسا گهرڻ لاءِ آيو آهين ۽ نہ مون سان ملڻ؟“
”نه، اها ڳالھہ ناهي. آئون تہ توسان ئي ملڻ لاءِ آيو آهيان. پر، توکان ڇا لڪايان، ايترو ضرور سوچيو هوم تہ تون ئي هڪ اهڙو ماڻھو آهين، جنھن سان مان هر مسئلي تي ڳالھائي سگهان ٿو...“
”ڀاڻين سان ڇو نٿو ڳالھائين؟“ ڪميڪو پڇيو.
”ان سلسلي ۾ هو صحيح نہ رهندو.“
ڪميڪو ماٺ ٿي وئي. هڪ پٺيان ٻيو سال گذرڻ کان پوءِ، هن سوچيو، هوءَ بنھہ پوڙھي ٿي ويندي. هن هينئر ئي محسوس ڪيوتہ ڪجهہ وقت اڳ سندن وچ ۾ هيڏو پيار هوندي بہ هاڻ اهو ٺري ۽ ٺاپرجي ويو آهي. اهوئي تہ سبب آهي جو ايتري دير گذرڻ بعد بہ سندن جذبات هڪ ٻئي کي ڇهڻ لاءِ نہ اڀري سگهيا آهن. نہ تہ ڪو زمانو هو، اهو ساڳيو ماڻھو ڪمري ۾ گهڙڻ شرط ککر وانگر چھٽي ويندو هو. شايد، تڏهن، اهو سڀ ڪجهہ پيار جي جذبي هيٺ نٿي ٿيو. اها محبت نہ هئي پر هنن جي وچ ۾ اهڙن ٻن جانورن جهڙا تعلقات هئا، جيڪي شھوتي لذت ماڻڻ خاطر ڪجهہ گهڙين لاءِ هڪ ٻئي جي ويجهو اچي پوءِ اڻ ڄاڻ ٿي ويندا آهن. سندن وچ ۾ عورت ۽ مرد وارو هڪ اهڙو ئي ڀڙڪندڙ ڳانڍاپو هو جيڪو وقت جي هوا ۾ سڪل پن وانگر اڏامي وڃي ۽ هاڻ پاڻ ۽ تابي ائين ويٺا آهن ڄڻ ڪو سندن وچ ۾ جوڙ نہ هو ۽ جي ڪو ڳانڍاپو رهيو بہ آهي تہ هڪ معمولي ڄاڻ سڃاڻ وارو. اهو سوچي ڪميڪو پنھنجين ڇاتين ۾ ٿڌي سور جي هڪ لھر محسوس ڪئي. هن پنھنجي چانھہ جو ڪوپ کڻي پيئڻ شروع ڪيو.
”تون دل ۾ تہ نہ ڪندينءَ جي آئون اڄ رات هتي ئي رهان.“ تابي لالچي نظرن سان پڇيو. ڪميڪو بناوٽي تعجب سان ڪوپ جي مٿان هن ڏي ڏٺو.
”ها بلڪل دل ۾ ڪنديس. هن عمر ۾ توکي مون سان مزي ماڻڻ جو خيال اچڻ تہ نہ کپي.“ هن مرڪيو، ۽ ائين ڪرڻ سان سندس اکين جي ڪنڊن کان ڪانگ پير صاف ظاھر ٿي بيٺا. سندس نقلي اڇا ڏند چمڪڻ لڳا.
”جان، هاڻ ايترو بہ سخت ۽ سرد نہ ٿيءُ.“ تابي چيو، ”آءٌ پئسن بابت هرگز نہ ڳالھائيندس. بس ائين ئي ان وقت خيالن ۾ لڙهي ويو هوس. مون اهوئي سوچيو تہ شايد مان هن ڪميڪو سان ڳالھائي رهيو آهيان جنھن سان منھنجي سڃاڻپ هئي. پر... خير آهي. سڀ گذريل وقت جو ڳالھيون هيون.“ هن ساهي کنئي. ”تون تہ آهين ڀاڳن واري. ڪھڙو بہ کڻي ملڪ ۽ ماڻھن جو حال هجي پر تون هميشہ مزن ۾ رهين ٿي. خبر ناهي ڪيئن ٿي ڪم هلائين. ايترو خوش تہ اڄڪلھہ ننڍي عمر جون ڇوڪريون بہ نہ گذارينديون هونديون. ڀلا ڪنھن سان ڊانسنگ لاءِ وڃين؟“
”تو مون کي الائي ڇا سمجهيو آهي! ۽ تون؟“
”مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن.“ تابي جواب ڏنو.
”هاڻ سمجهيم، ڪو نئون معشوق تاڻيو اٿئي! پئسن جي بہ ضرورت ان لاءِ پئي اٿئي. ها نہ؟“
”چري نہ ٿي. تو ڇا ٿي سمجهين تہ آءٌ ڪو ايترو ڪمايان ٿو جو سريتون رکندو وتان؟“
”چئي نٿو سگهجي، پر تنھنجي افعالن مان لڳي ٿو. بنا پئسي ڏوڪڙن جي اهڙي شو بازي ڪيئن ٿي ڪري سگهجي.“
”اھو شو رڳو ايترو اٿئي. اڇا ڪپڙا کيسا خالي. هينئر بہ کيسن ۾ هٿ وجهي ڏس تہ خبر پوندء تہ ڇا آهي؟ ڪجهہ بہ نه. بس هرهڪ ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۾ لاهيون چاڙهيون اينديون رهن ٿيون پر منھنجي لاءِ ڪجهہ وڌيڪ ئي حالتون ناساز آهن.“
ڪميڪو دل ئي دل ۾ کلندي رهي ۽ ٽيڏيءَ اک سان تابي جي گهاٽن ڪارن وارن ڏي ڏٺو جن ۾ اڃا اڇا نہ پيا هئا. کُسڻ بدران وار نرڙ تائين وڌي آيا هئا. هن ۾ اها جوانيءَ واري تازگي تہ نہ رهي هئي، جيڪاڪميڪو کي هن جي شاگردي واري زماني ۾ موهيندڙ لڳي ٿي. پر هن جي منھن مان اڌروٽ عمر واري ماڻھوءَ جي جوانمردي ۽ طاقت بکي رهي هئي. ڪميڪو هن لاءِ ڪوپ ۾ چانھہ وڌي. سندس اکيون تابي ۾ ائين کتيون رهيون جيئن ڪو جانور ٻئي جانور کي پري کان سونگهي خبردار ٿي وڃي. ”چون ٿا تہ ناڻي جي قيمت جلد ڪرڻ واري آهي.“ هن اڌگابري چرچي ۾ چيو.
”ڇا اهو سچ آهي؟“
”تنھنجي معني تو وٽ ايترو مڙيئي آهي جو فڪر ٿي ڪرين ائين نہ؟“
”هر ڳالھہ جي نتيجي تي يڪدم پھچڻ لاءِ ڪيئن نہ ٽپ ٿو ڏين! تون واقعي بدلجي ويو آهين. مون تہ ائين ئي کڻي پڇيو جو مون بہ افواھہ ٻڌا هئا ۽ مون کي ائين ئي دلچسپي هئي.“
”مون کي خبر ناهي، پر آئون نٿو سمجهان تہ جپاني سڪو اڄڪلھہ ائين ڪري سگهندو. بھرحال ڪجهہ بہ ٿئي، گهٽ ۾ گهٽ اهي ماڻھو جن وٽ پئسو ناهي انھن کي ان جو ڪھڙو فڪر؟“
”ها، اها تہ ڳالھہ برابر آهي.“ ڪميڪو وراڻيو، ۽ خوشگوار ماحول جو تاثر ڏيندي تابي لاءِ وسڪيءَ جو ٻيو گلاس ڀريو.
”بس منھنجي دل اڄڪلھہ ڏاڍي چاهي ٿي تہ هڪوني شھر يا ڪنھن ٻئي اهڙي سانتيڪي جاءِ تي هليو وڃان،“ هن چيو، ”مون کي اوڏانھن رهڻ مان ٻيو ڪو فائدو رسي يا نہ پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي اتي ٻہ ٽي ڏينھن آرام سان ننڊون ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو.“
”ٿڪجي پيو آهين؟“
”ها، بس هن پئسي جي پويان ڊڪي ڊڪي. توکي تہ خبر آهي.“
”پر تو جھڙي ماڻھوءَ لاءِ اهڙي پريشاني ضروري آهي.“ ڪميڪو جي اها ٽوڪڻ واري عادت تابي کي هميشہ چڙ ڏياريندي هئي. ههڙي پوڙھيء سان رات رهڻ ائين هو، هن سوچيو، ڄڻ ڪنھن فقير کي خيرات ڏيڻ. هن جون اکيون ڦري گري ڪميڪو جي کاڏيءَ تي وڃي کتيون. اوچتو، ٻوڙي نوڪرياڻي – ان جي جسم جي جواني ۽ تازگي، سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. هوءَ سھڻي نہ هئي پر جوان ضرور هئي ۽ عورت جو جوان جسم هڪ تازي هوا جي هير مثل آهي، جنھن کان تابي جهڙو عورتن جو پارکو ڀلي ڀت واقف هو. ڪميڪو جي اکين جي ٿڪاوٽ هاڻ سندس سڄي جسم تي حاوي پئجي ويئي ۽ هوءَ تابي جي نظرن ۾ اوچتو ڪجهہ وڌيڪ پوڙھي محسوس ٿيڻ لڳي.
ڪميڪو ٽپ ڏئي اٿي ۽ اندر وئي. ڄڻ هن تابي جي اندر جي سوچ پروڙي ورتي هجي. ڊريسنگ ٽيبل ڏي وڃي، هارمون سان ڀريل سرنج پنھنجي ٻانھن ۾ هنئي، پوءِ ڪپھہ جي ٽڪر سان ٻانھن جو اهو هنڌ مھٽيندي آرسيءَ ڏي ڏٺو. پف سان پنھنجي منھن تي نڪ هيٺان پائوڊر هنيو. هن کي ڪجهہ ڪجهہ بي عزتيء جو احساس ٿيو ۽ هيءَ ملاقات کيس نسورو ئي اڍنگي لڳي ٿي، جنھن ۾ مرد ۽ عورت ٻئي هڪ ٻئي لاءِ جسماني طرح مردار هئا. هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. اتي جي هن جو گلن وارو يار اتابا هجي ها تہ جيڪر هن جي ڪڇ ۾ منھن وجهي زور زور سان روئي ها. هن جي ڪوڙي ساراھہ ڪري هن کي پاڻ ڏي مائل ڪري ها. پر تابي جيڪو ھن وقت سامھون باھہ اڳيان ويٺو هو– ان لاءِ کيس ڪجهہ ڌيان ۾ نہ پئي آيو تہ سندس دل ۾ ڇا پيو وهي واپري. ڪڏھن کيس خيال ٿي آيو تہ جيڪر هو هينئر جو هينئر هليو وڃي. وري ٻي گهڙيءَ اهو ٿي خيال آيس تہ هو تيسين نہ وڃي جيسين هوءَ هن جي دل ۾ پاڻ لاءِ چاهت پيدا ڪرائي پنھنجو پاڻ مڃرائي. هن جي آخري ملاقات کان پوءِ تابي جي زندگيءَ ۾ پڪ ٻيون بہ ڇوڪريون آيون هونديون.
هوءَ اٿي واش روم ڏي ويئي. واپسيءَ تي نوڪرياڻيءَ جي ڪمري ۾ ليئو پائي ڏٺو. نوڪرياڻي اخبار جي پنن مان ڪپڙي جا مختلف نمونا ڪترڻ جي مشق ڪري رهي هئي. هن جو ڀريل ۽ ويڪريون ڏڌيون تڏي تي ائين وڇايون پيون هيون ڄڻ لتيل هجنس. سندس تاڻيل ڇاتيون ڪئنچيء مٿان جهڪيل هيون. وارن جو جوڙو چڱيءَ طرح ٻڌل هوس ۽ مٿان لڙڪندڙ بلب جي روشنيءَ ۾ سندس اڇي ڳچي جرڪي رهي هئي. سندس جسم سيٽيل گوشت جو ڍير ٿي لڳو جنھن ۾ جواني هئي، ڪشش هئي.
ڪميڪو هن کي ڪمري ۾ ئي رڌل ڇڏي وري وڃي بخاريءَ وٽ ويٺي. تابي، پٽ تي آهليو پيو هو. هن ريڊيو کوليو. وڏي آواز سان ميوزڪ وڄڻ لڳي. تابي ڇرڪ ڏئي اٿي ويٺو ۽ وسڪيءَ جو گلاس کڻي چپن تي رکيو.
”اهو وقت ياد اچئي ٿو جڏهن پاڻ ٻئي گڏ شيبا ماتا هوٽل ۾ هليا هئاسين؟“ تابي پڇيو، ”ٻاهر زبردست مينھن وسي رهيو هو ۽ پاڻ نانگن جھڙيون سنھيون ٿيل مڇيون رُکيون ئي رُکيون کاڌيون هيون جو ڀت سڀ کپي چڪو هو ۽ نڪرڻ مھل پنھنجو ٿڏو گلدان کي وڃي لڳو هو جيڪو ڀڄي ڀور ٿي پيو هو. ائين آهي نہ؟“
”جنگ جي ڪري انھن ڏينھن ۾ ملڪ ۾ کاڌو تمام گهٽ هو. تنھنجي آرميءَ ۾ وڃڻ کان اڳ واريون حالتون تمام خراب هيون. ائين هو نہ؟ سوديسڪا؟“
”سو ديس ني – بلڪل ائين ئي هو.“ ڪميڪو جو منھن اوچتو ٻهڪڻ لڳو ۽ هن جا جذبا جوان ٿي پيا.
”ڀلا ڪڏهن اتي وري نہ هلجي؟“ تابي پڇيو.
”ها خيال تہ تمام سٺو آھي پر، توکي تہ خبر آهي تہ اڄڪلھہ مونتي سستي ڇانيل رهي ٿي ۽ ٻي ڳالھہ تہ هاڻ تہ سڀ ڪجهہ ملي وڃي ٿو جيڪو بہ تون کائڻ چاهين تہ، سو هاڻ اڳ جهڙو مزو هرگز نہ ايندو.“
هن کي وري خوف ٿيو تہ مس مس تہ ماحول ۾ رومانيت پيدا ٿي آهي، متان اها دلچسپي بہ پاروٿي نہ ٿي وڃي، سو ماضيءَ جي ڪا ٻي رومانوي ميل ملاقات يا ڪا دلڪش ڳالھہ کوٽڻ لڳي، جنھن سان ڪجهہ موھہ پيدا ٿي سگهي. پر سڀ بيڪار ثابت ٿيو جو اهو تابي نہ پر هڪ ٻيو همراھہ هو جنھن کي نياپو ڪرڻ سان هڪدم اچي ٿي حاضر ٿيو ۽ هڪدم موقعي تي، اها ان کان پوءِ جي ڳالھہ آھي، جنگ کان هڪدم پوءِ جي، هوءَ يامازڪيء نالي هڪ ٻئي مرد سان شيباماتا وئي هئي، جيڪو تازو هينئر ڏينھن بہ ٿيندا تہ پيٽ جي آپريشن ۾ مري ويو. هو گذريل سال اونهاري جي هڪ گهميل رات جو ايڊو نديءَ جي ڪناري واري هوٽل ۾ گڏ وڃي رهيا هئا. ان هوٽل جي ڪمري جو ماحول هن وقت سندس ذھن ۾ بلڪل چٽو اڀري آيو... سج لٿي مھل هوٽل اڳيان وڻن تي جهرڪين جي چون چون، نديءَ جي ڪناري وٽ ڏيڏرن جي ٽان ٽان، پاڻيءَ جي پمپ جو آواز جيڪو پاڻي مٿي ڇڪي رهيو هو، ڪپر تان لنگهندڙ سائيڪلين جي ڦيٿن جو چيڪٽ. هن جي يامازڪيء سان اها ٻي ملاقات هئي. هو عورتن جي معاملي ۾ بلڪل نئلو لڳو ٿي، انھيء ڪري ڪميڪو کيس پاڪ پوتر ئي سمجهيو ٿي. کائڻ پيئڻ لاءِ هاڻ جام هو ۽ جنگ بہ ختم ٿي وئي هئي. ٿڪل دنيا هڪ عجيب خاموشيءَ ۾ ائين غرق ٿي وئي هئي، جو لڳو ٿي تہ ڪو خلا ۾ ٽنگيل هجي. ٻئي ڏينھن شام جو ٽوڪيو موٽڻ تي جنھن بس ۾ اسٽيشن تائين آيا، اها بس آرميءَ لاءِ ٺھيل ويڪري رستي تان هلي آئي هئي.
”ڀلا منھنجي غير موجودگيءَ ۾ ڪنھن مرد سان تنھنجي ميل ملاقات ٿيندي رهي ٿي؟“ تابي پڇيو.
”منھنجي؟“
”ها.“
”مون سان ميل ملاقات؟ تو کان سواءِ ٻيو ڪنھن بہ مرد سان تہ نہ ٿي.“
”ڪوڙي!“
”ڇو؟! اهو سچ آهي، هاڻ هن عمر ۾ مون تي ڪير عاشق ٿيندو؟“
”مون کي توتي يقين نٿو اچي!“
”توکي نٿو اچي؟... چڱو اهو بہ صحيح آهي. آئون هڪ دفعو وري جوان ٿي زندگيءَ جو مزو وڃي ٿي ماڻيان.“
”ها. اڃا تہ توکي صفا بس ٿيڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو.“
”ها اهو صحيح آهي. مون کي اڃا مزو ماڻڻ کپي جيسين آئون ايتري پوڙھي ٿي وڃان جو منھنجو جسم صفا ڪومائجي وڃي.“
”ڏاڍي ٻڌائي! تون اڄ بہ اهڙي ئي ڦيريءَ گور آهين جھڙي اڳ هئينءَ.“ تابي چيو.
”ڏس تہ سھي، ڪيترو تہ تون بدلجي ويو آهين. تون تہ اهڙو سٺو ڇوڪرو هئين جو بس. توکي ڇا ٿي ويو آهي جو اهڙيون ڳالھيون پيو ڪرين. ڪو وقت هو جو تون تمام سٺو هئين.“
تابي ڪميڪو کان چانديءَ جو چروٽ وٺي ڪش هنيو جنھن مان گهاٽي ڪاري رنگ جي لار جو ڦڙو اچي ڄڀ تي لڳس. هن رومال ڪڍي وات صاف ڪيو.
”هي چروٽ تہ اندران بند ٿيو پيو اٿئي سندس صفائيءَ جي ضرورت آھي.“ ڪميڪو مرڪندي هن کان چروٽ ورتو ۽ ڪاغذ تي ٻہ چار دفعا ٺوڪيائين.
تابي کي ڪميڪو جي رهڻي ڪھڻي تي حيرت لڳي ٿي. ظالم دنيا ۾ کڻي ڇا بہ وهي واپري پر ٻاهر جي ڏک ڏالائن ڪميڪو جي گهر جي اندرين سڪون تي ڪڏهن بہ اثر نہ ڇڏيو. سندس رهڻي ڪھڻي جي معيار کي ڏسي لڳو ٿي تہ هوءَ ڪنھن نموني سان ٻہ ٽي هزار حاصل ڪري وٺندي هوندي. ڪميڪو جي ٻڏندڙ سونھن تہ هن لاءِ بنھہ ڪشش نٿي پيدا ڪئي پر تابي کي ايترو لڳو ٿي تہ ڪميڪو وٽ گهڻو مال ملڪيت آهي ۽ هوءَ جي ٿورو بہ وجھہ ڏئي تہ هي گهڻو ڪجهہ حاصل ڪري سگهي ٿو. پٺيان، جنگ جي ڏينھن ۾ تابي واپار وڙي ۾ بہ حصو ورتو پر اهو سڀ ڪجهہ هو وقت پاس ڪرڻ خاطر ئي ڪندو رهيو ٿي. سنجيدگيءَ سان دل لڳائي ڪم نٿي ڪيو جو واپار ڄمي سگهي يا فائدو ٿئيس. واپار لاءِ جيڪو پئسو ڀاڻس ڏنو سو بہ ڇهن مھينن ۾ وڃائي وري ڦڪڙ ٿي ويھي رهيو. زال کان علاوه هڪ ٻي عورت کي بہ بنا شاديءَ جي ويھاريو ويٺو هو جنھن کي هن مان پيٽ بہ ٿي پيو هو ۽ مھيني اڌ ۾ اها بہ ٻار ڄڻڻ واري هئي. سو اهڙي موقعي تي هن کي ڪميڪو واري ياد آئي هئي ۽ ان لاءِ هلي آيو هوس تہ من هوءَ ڪا سندس مدد ڪري. ڪميڪو جيڪا اڳ ۾ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ سادي ۽ هٿ جي ڇوٽ سمجهي ويندي هئي، تنھن هاڻ دنيا جا دولاب کائي وقت سان گڏ گهڻي ڏاهپ حاصل ڪري ورتي هئي. هيڏي عرصي کان پوءِ تابي سان ملڻ تي بہ هن جي دل تي ڪو اثر نہ ٿيو. ڪميڪو جي گهڻي ماٺ ۽ گهري نہ ٿيڻ ڪري تابي کي ساڻس ڇيڳرو ٿيڻ ۽ هجت ڪرڻ لاءِ همت نہ پئي ٿي.
هن ڪميڪو جو وري هٿ جهلي معني خيز نموني سان ان کي دٻايو، پر ڪميڪو موٽ ۾ ڪجهہ بہ جواب نہ ڏنو. شايد تابي تہ اها اميد ٿي رکي تہ هوءَ بخاريءَ جي هن پاسي کان اٿي اچي سندس ڀر ۾ وهي، پر هوءَ اتي ئي ويٺي ويٺي ٻئي واندي هٿ سان پائيپ صاف ڪندي رهي.
گذري ويل سالن ٻنھي جي دلين تي عجيب ۽ پيچيده جذبن جا نقش ٺاهي ڇڏيا هئا. ٻئي ڄڻا وقت جي وهڪري ۾ آهستي آهستي پوڙها ٿي ويا هئا – هو پنھنجي نموني سان، هيءَ پنھنجي نموني سان. منجهن هاڻ هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ تانگھہ نہ رهي هئي، جيڪا ڪنھن زماني ۾ سندن دلين ۾ هوندي هئي. هاڻ هنن هڪ ٻئي سان هميشہ لاءِ لڳ لاڳاپا ختم ڪرڻ ٿي چاهيا ۽ اڄ جي ملاقات هڪ ان مقصد لاءِ بہ هئي.
ٻيو ڪو چاڙهو نہ ڏسي تابي جي دماغ ۾ ڪميڪو کي خون ڪرڻ جي رٿ اڀري. جيتوڻيڪ اهو سوچي هن کي تعجب ٿي لڳو تہ هن قسم جي هالو چالو هڪ يا ٻن زالن کي مارڻ ڪو ڏوھہ جو ڪم سمجهڻ تہ نہ کپي جيڪي نہ ڪھڻ جون آهن ۽ نہ ڏهڻ جون. هن جيئن ان تي سوچيو تيئن هن کي محسوس ٿيو تہ هي ڪم جو کائتو آهي ۽ نتيجو خطرناڪ نڪرندو. اها بہ هڪ عجيب ڳالھہ هئي تہ هن پوڙهي عورت جو جيئرو رهڻ ايترو ئي غير ضروري لڳو ٿي جيترو ڪنھن مک، ماڪوڙي يا ٻي ڪنھن هيٺاهين قسم جي جيت جڻي لاءِ. پر ان هوندي بہ ھن کي حق آهي تہ هوءَ هن گهر ۾ پنھنجي بيڪار زندگي گذاريندي رهي. سامھون وارا ٻہ ڪٻٽ پڪ انھن قيمتي ڪپڙن سان سٿيل هوندا جيڪي ھن گذريل پنجاھہ سالن ۾ گڏ ڪيا آهن ۽ اهو هار پڻ هوندس جيڪو کيس هڪ فرينچ همراھہ تحفي ۾ ڏنو هو ۽ تابي کي پڻ ڏيکاريو هئائين. ان کان علاوه ٻيا بہ ڪيترا هيرا جواهر ان ڪٻٽ ۾ يا ڪنھن ٻي هنڌ رکيل هوندس. گهر پڻ سندس ئي نالي هوندو. هوءَ هڪ گونگي ٻوڙي نوڪرياڻيءَ سان گڏ اڪيلي رهي ٿي. سو هن جو خون ڪرڻ تمام سولو ڪم هئڻ کپي.
هن جون سوچون کيس ڪٿي جو ڪٿي وٺي پئي ويون ۽ وري، ساڳي وقت، سندس شاگردي وارن ڏينھن جون يادون – جڏھن هوءَ هنلاءِ سڀ ڪجهہ هئي ۽ هو لڪي ڇپي ملاقاتون ڪندا هئا. هڪ ڏکويل تازگي چٽائيءَ سان سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. هو نشي ۾ ڌت هو، ان ڪري ماضي ۽ حال هن کي گڏوچڙ ۽ اڻ چٽو لڳي رهيو هو ۽ ساڳي وقت ڪميڪو جو وجود هن کي پاڻ تي حاوي ٿيندو محسوس ٿيڻ لڳو. هن کي هاڻ ڪميڪو لاءِ ڪا خواهش نہ هئي، پر سندس ماضي هن جي دل تي اثر انداز ٿيڻ لڳو.
ڪميڪو اٿي بيٺي. ڪٻٽ ڏي وڃي، ان مان هڪ فوٽو ڪڍي اچي کيس ڏيکاريو – جيڪو تابي جي شاگردي وارن ڏينھن جو نڪتل هو. تابي ان ڏي تعجب مان ڏٺو.
”شاباس هجي توکي، جو هيترا ڏينھن هن معمولي شيءِ کي سانڍي رکيو اٿئي.“
”مون کي اهو فوٽو سميڪو جي گهران مليو هو. توسان منھنجي واقفيت ٿي ان کان بہ اڳ جو اٿئي. تون صحيح معني ۾ نوجوان هئين جڏهن هي فوٽو ورتو ويو هو. ڇا تہ سھڻو ياڪوتا (ڪمونو) پاتل اٿئي. تون ان ۾ ڏس ٺھين پيو نہ؟ اچي، تون ڀلي کڻ، تنھنجي زال ان کي ضرور ڏسڻ چاهيندي.“ هن ساھہ کنيو، ”توکي خبر آهي، تہ تون انھن ڏينھن ۾ ٺاهوڪو جوان لڳئين ٿي. اهڙو نہ جهڙو هينئر اڻ وڻندڙ ڳالھيون ويٺو ڪرين.“
”سو آئون واقعي هن فوٽي جهڙو هوس، ڪنھن زماني ۾؟“ هن فوٽو کي غور سان ڏسندي پڇيو.
”بلڪل ائين هئين ۽ اهڙو ئي سٺو هلندو اچين ها تہ جيڪر اڄ بہ اهڙو ئي هجين ها. سمجهئي.“
”تنھنجو مطلب آھي تہ آئون صحيح طرح هلندو نہ رهيس. ائين نہ؟“ هن پڇيو.
”ها. بلڪل.“
”خير توکي، خبر ناهي ڪيئن ٿي لڳس، پر اهو سوچ تہ جنگ جي ڪري حالتون ڪھڙيون ٿي ويون هيون.“
”چڱو هاڻ اهي اجايا بھانا نہ ڏي. اهڙيون شيون ٿينديون رهن ٿيون. انھن جو ڪھڙو وجھہ واسطو. بس تون ڪنھن طرح سان رکو رکو ۽ کهرو ٿي پيو آهين.“
”ڇا واقعي ائين ٿي پيو آهيان؟ کهرو ۽ چڙچڙو؟ پر ڇا سڀ ماڻھو ائين نہ آهن؟“ تابي چيو.
”مون بابت ڇا خيال اٿئي؟“ ڪميڪو پڇيو، ”ڇا هيڏا سال تنھنجي تصوير کي سانڍڻ نٿو ٻڌائي تہ ماڻھوءَ کي جيڪڏهن ڪنھن لاءِ چاهت آهي تہ اها هميشہ رهي ٿي.“
”پر تو تہ مون کي فوٽو بہ نہ ڏنو هو.“
”فوٽو؟ منھنجو؟“ ڪميڪو پڇيو.
”ها.“
”فوٽو ڪڍائڻ ۾ مون کي مونجھہ ٿيندي آهي.“ ڪميڪو چيو، ”پر مون توکي گيشا وارن ڪپڙن ۾ تڏهن هڪ موڪليو تہ هو جڏهن تون هيروشيما ۾ آرمي آفيسر هئين.“
”واقعي تو موڪليو تہ هو، پر مون کان هيٺ مٿي ٿي ويو هو، آئون...“
”ڏس ڏس! ان مان ئي خبر پوي ٿي تہ تنھنجي دل ۾ ڇا هو.“
ٻئي ڄڻا بخاريءَ جي پاسن کان ئي ويٺا رهيا. يعني بخاري ٻنھي جي وچ ۾ آڏ هئي. تابي گهڻي پيئڻ ڪري هاڻ ڪافي مدهوش ٿي چڪو ھو. جيتوڻيڪ ڪميڪو جو اڃا پھريون گلاس بہ خالي نہ ٿيو هو. تابي پنھنجي چانھہ کنئي جيڪا ٺري شربت ٿي ويئي هئي ۽ هڪ ئي ڍڪ ۾ پي ويو. پنھنجي فوٽوء کي بنا ڪنھن دلچسپيءَ جي، پير سان هڪ پاسي ڪري ڇڏيو.
”هتي جي گاڏين جي ٽائيم ٽيبل جي خبر تہ اٿئي نہ؟“ ڪميڪو پڇيس.
”گاڏين جي؟ هينئر مون لاءِ گهر وڃڻ ممڪن تہ نہ آهي. ههڙي نشي جي حالت ۾ ڇا تون مون کي لوڌي ڪڍڻ ٿي چاهين؟“ تابي چيو.
”ها. بلڪل ڪڍي ٻاهر ڪنديسانء. ٻاهر. بلڪل ائين.“ هن هٿ سان اشارو ڪندي چيو، ”هن گهر ۾ ڪوبہ مرد ماڻھو رهيل ناهي، ۽ آئون نٿي چاهيان تہ پاڙي وارن کي ڪنھن ڳالھہ ڪرڻ جو موقعو ملي.“
”پاڙي وارا؟ چڱو هاڻ گهڻو ئي ڪئي. ڪڏھن کان تو پاڙي وارن جو خيال ڪرڻ شروع ڪيو آهي؟!“
”جڏهن کان سمجهين، سمجهه. آئون انھن جو خيال ڪريان ٿي.“ ڪميڪو چيو.
”يا ڪو ٻيو يار اچڻو اٿئي سو ان جي اچڻ کان اڳ مون کان ٽپڙ ٿي ٻڌائين؟“ تابي چيو.
”توبنهن! ڇا تہ تنھنجي جهنگلي سوچ آهي! اوھ، سچ پڇ ته...! مون کي توکان سخت بڇان ٿي اچي جڏهن تون اهڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين.“
”ڪر، اڃا بہ وڌيڪ نفرت ڪر، پر جيڪڏهن مون کي پئسا نہ ملندا تہ پوءِ ڀلي ڏينھن بہ گذري وڃن پر هتان هرگز نہ چرندس. مون تہ سمجهيو ٿي تہ تون تہ مون کي شايد...“
ڪميڪو، کاڏي هٿن رکي، اکيون ڦاڙي تابي جي نيرن چپن ڏي گهورڻ لڳي. سو اجهو ان پيار جي نيٺ ائين پڄاڻي ٿي جنھن لاءِ ماڻھو قسم کڻي سگهيو ٿي تہ هميشہ قائم دائم رهندو... ماٺ ميٺ ۾ نموني سان، هن سامھون ويٺل ماڻھوءَ جي هڪ هڪ ڳالھہ جو چڱيءَ طرح جائزو ورتو. ختم ٿي ويئي، هميشہ لاءِ، اها رومانيت ۽ پيار جي ڇڪ ۽ سڪ، جيڪا ڪڏهن هنن هڪ ٻئي لاءِ محسوس ڪئي ٿي. شرميلوپڻو جيڪو نوجوان ڇوڪرن کي هوندو آهي ان جو نالو نشان بہ تابي جي چھري تي نہ هو... هڪ گهڙيءَ لاءِ هن کي اهو بہ خيال آيو تہ رشوت خاطر تابي کي ڪجهہ پئسا ڏئي کڻي جان بچائي. جيئن هو چُپڙي ڪري هليو وڃي ۽ کيس سڪون سان رهڻ ڏئي، پر وري ڪنھن شيءِ هن کي روڪي ڇڏيو تہ هن جھڙي ماڻھوءَ کي، جيڪو هينئر نشي ۾ ڌت سامھون تڏي تي ڦان ٿيو پيو آهي، هڪ پئسو بہ نہ ڏيڻ کپي. ان کان ڪنھن ٻئي ڏورانھين ماڻھوءَ کي ڏيئي سگهجي ٿو. ڪنھن بہ ماڻھوءَ مان هن کي اهڙي بيزاري نہ پئي ٿي جھڙي تابي مان، جنھن کي پنھنجي عزت جو خيال بہ نہ ھو. جيتوڻيڪ ڪميڪو جي هميشہ اها دلچسپي رهي ٿي تہ پنھنجي لاءِ صحيح ماڻھو ڳولجن پر تابي جنھن نموني سان پنھنجو پاڻ کي خراب ڪري وڌو ان لاءِ کيس افسوس کان وڌيڪ نفرت هئي. جڏھن ٻيا سٺا ماڻھو لڙائيءَ تاننہ موٽيا تہ پوءِ هن جي موٽڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي؟ پر پوءِ، قسمت ۾ جو ائين ئي ٿيڻو هو... هوءَ جي تابي پٺيان هيروشيما بہ وئي تہ هن پنھنجو فرض پورو ڪيو هو. هن کي جيڪڏهن ان وقت خيال اچي ها تہ تابي اڳتي هلي اهڙو نٺر ثابت ٿيندو تہ اهڙي ناتي کي تڏهن ئي ٻنجو ڏئي ڇڏي ها.
”آهي تہ خير؟ يڪو پئي گهورين؟“
”مون سمجهيو شايد تون مون ڏي گهوري رهيو آهين. ڪھڙي ڳالھہ پئي سوچئي؟ پنھنجو پاڻ سان ايڏو خوش نظر اچي رهيو آهين؟“ ڪميڪو چيو.
”بس اهوئي پئي سوچيم تہ تون اڄ بہ اهڙي ئي سھڻي لڳي رھي آھين؟“
”سچي؟ مان تہ تنھنجو پئي سوچيو تہ تون ڪيترو تہ سٺو ٿي پيو آهين.“
”ڪمال آهي جو هڪ ئي ڳالھہ پاڻ پئي سوچي.“تابي چيو. هن جي بلڪل زيان تي اچڻ وارو هو تہ هو خون ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي، پر اهو چوڻ کان هن پاڻ کي جهلي ورتو.
”تون تہ خوش نصيب آهين، مون کي خبر آهي.“ ڪميڪو چيو، ”تنھنجي ڦوھہ جواني تہ شروع ئي اڃا هاڻ ٿي آهي.“
” ۽ تون ڪر خبر؟ توکي بہ اڃا گهڻو وقت کپي صفا بس ٿيڻ ۾.“ تابي وراڻيو.
”مون کي؟ آءُ پنھنجا ڏينھن گذاري اچي چڙهي آهيان. بس هاڻ جلد ئي ڳري سڙي وينديس. سوچيان پئي تہ سال ٻن بعد ٻهراڙيءَ ۾ وڃي رهان“ ڪميڪو چيو.
”پوءِ هيڏي حرص جي ڪھڙي ضرورت اٿئي جو اڃا وڌيڪ پئسو چاهين ٿي.“
”مون ائين ڪو نہ چيو آهي، تابي! آءُ اها عورت آهيان جيڪا ماضيءَ جي يادين تي جي رهي آهيان. سمجهئه ... ڇا پاڻ جهيڙي کان علاوه ٻيو ڪجهہ نٿا ڳالھائي سگهون؟“
”آءٌ جيڪو سوال ڪرڻ چاهيان ٿو ان کان تون وري ڀڄي رهي آهين. تون اسڪولي ڇوڪرين واريون ڳالھيون ڇڏ. يادين جي سھاري ڪير ڪونہ ٿو جيئي مري.“
”ڪمال ٿو ڪرين...“
تابي هيڏانھن هوڏانھن پاسا ورائڻ لڳو. هن کي ڪنھن بہ ريت پئسا ٿي کتا. پئسا... ڪنھن بہ ريت هن کي ڪميڪو کان ملڻ کپن. پنجاھہ هزار جيڪر ملي وڃن تہ نہ کان اهي بہ بھتر.
”سو تون واقعي بندوبست نٿي ڪري سگهين؟ ڀلا ساک طور پنھنجو ڌنڌو لکي ڏيان تڏهن بہ نہ ڏيندينءَ؟“ هن ڪميڪو کي منٿ ڪندي چيو.
”ڇا وري پئسن جو ذڪر؟ مون تہ سمجهيو تہ تو ان ڳالھہ جي پچر ڇڏي. ڏس اها ڳالھہ سٺي ناهي. تون ڀلي ڇا بہ چئه پر مون وٽ هڪ پئسو بہ ناهي ۽ نہ آءٌ ڪنھن کي ڄاڻان سڃاڻان ٿي، جنھن وٽ هجي. آءٌ پاڻ ئي پنھنجي لاءِ اڌارو وٺڻ چاهيان ٿي، ٻئي کي ڏيڻ جي ڳالھہ تہ پري ٿي.“
”ان جو تون فڪر نہ ڪر. هڪ دفعو رڳو منھنجو ڪاروبار ڄمي وڃي ۽ پوءِ پئسو اچڻ تي آءٌ تنھنجي بہ سار سنڀال پيو لھندس. تون اهڙي عورت نہ آهين جنھن کي مان وساري ڇڏيان...“
”چڱو، هاڻ اهي لھپون نہ رک. اهڙيون مون گهڻيون ئي ٻڌيون آهن. تو تہ واعدو ڪيو هو تہ تون پئسن جي وري ڳالھہ نہ ڪندين؟“
سياري جي راتين واري ٿڌي هوا اوچتو ڪمري ۾ گهوگهاٽ ڪندي تابي جي دل تائين اثر ڪري ويئي. بخاريءَ جي ڌڳندڙ باھہ وٽ رکيل لوهي چمٽي کي هن هٿ ۾ جهليو. ڪاوڙ جي جوهي ۾ سندس منھن ئي ڪاراٽجي ويو. اکين ۾ جهڙو رت ٽمي آيس. هٿ ڀيڙي چمٽي جي مٺئي کي هن وڌيڪ سوگهو جهليو. سندس نسون ٽڙڪڻ لڳيون. ڪو اندريون آواز چوڻ لڳس: ”نہ ڇڏينس. نہ ڇڏينس.“ ڪميڪو جون اکيون ان وقت سندس هٿ ڏي ڄمي ويون.، کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪٿي، ڪنھن وقت، ائين هوبھو پھرين بہ ٿي چڪو هجي.
”تون نشي ۾ آهين، ڪا خبر بہ پويئي ٿي.“ ڪميڪو هيٺاهين وٺي چيس. ”هتي رات ڇو نٿو کڻي ٽڪين؟“
رات ڇو نٿو کڻي ٽِڪين... تابي جي هٿن مان چمٽو ڇڏائجي ويو. ٿڙڪندڙ حالت ۾ هو پيرن تي اڀو ٿي بيٺو ۽ واش روم ڏي ڏڪندڙ وکن سان وڌڻ لڳو. هن کي ويندو ڏسي، ڪميڪو يڪدم صحيح ڪري ورتو تہ هن جي دل ۾ ڇا هو ۽ اهو سوچي پنھنجي گهٽتائي بہ محسوس ڪئي. جنگ ماڻھن کي ڇا مان ڇا تہ بڻائي رکيو آهي، هن سوچيو. هن ڪٻٽ مان فليپان (Philapon) گورين جي شيشي ڪڍي ۽ يڪدم هڪ گوريءَ کي ڳھي ورتو. هن وسڪيءَ جي بوتل ڏي ڏٺو. اها اڃا تائين ٽيون حصو ڀريل هئي. هن کي اها بہ ڪنھن ريت ڏوڪڻ کپي. جيئن نشي ۾ الوٽ ٿي مئل ماڻھوءَ وانگرسمھي رهي. ٻي ڏينھن صبح جو کيس دروازي جو رخ ڏيکاري ٻاهر روانو ڪري ڇڏينديسانس. پنھنجي سا ننڊ هلي ويس ۽ اها رات جاڳي گذارڻو پونديس. نوجوان تابي جو فوٽو کڻي هن چلھہ ۾ باھہ جي ڀڙڪندڙ ڄڀين حوالي ڪيو. دونهون ڪڪرن وانگر اڀريو، ۽ ڪاڳر ٻرڻ جي ڌپ سان سڄو ڪمرو واسجي ويو. نوڪرياڻيءَ گهرڪندڙ دروازن جي ٿيل وٿيءَ مان ليئو پائي ڏٺو جيڪي تابي ٻاهر وڃڻ وقت چڱيءَ طرح بند نہ ڪري ويو هو. ڪميڪو مرڪي اشاري سان سمجهايس تہ مھمان لاءِ سوڙ ڪڍي گيسٽ روم ۾ رات لاءِ هلي وڇاءِ. ڪاغذ ٻَرڻ جي ڌپ مارڻ لاءِ هن ڪپ سان پنير جي ڦار ڪوري باھہ ۾ اڇلائي.
”اڙي هي ڇا پئي ساڙين؟“تابي چيو جيڪو واش روم مان ان ئي وقت اچي نڪتو هو. سندس هٿ نوڪرياڻيءَ جي ڪشادن ڪلھن تي هئا.
”بس ائين خيال آيم تہ پنير کي سيڪي ڏسان تہ ڪيئن ٿو لڳي، پر مون کان جهليو نہ ٿيو ۽ چمٽي مان ڇڏائجي ويو.“
ڪارو دونهون اڇي دونهين جي وچان، مٿي اڀريو ۽ لئمپ جو چمڪندڙ گول ڍڪ ائين لڳو ڄڻ چنڊ ڪڪرن ۾ تري رهيو هجي. سڙيل گيھہ جي ڌپ نڪ ۾ گهڙي وئي. کنگهندي ۽ اٽوڙجندي ڪميڪو ٽپ ڏئي اٿي بيٺي ۽ ڪمري جي چوڌاري ڊوڙي ڪمري جا گِهرڪندڙ در سڄا کولي ڇڏيا.

___________________
1. جپان ۾ فون کڻڻ وقت ’هيلو‘ چوڻ بدران ”مُشي مُشي“ چيو وڃي ٿو.

الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

2. اناميڪا
3. منھنجو ساگر، منھنجو ساحل
4. پيار جي گُهٽَ
5. وايون وڻجارن جون
6. سي ٻيڙيون رکين ٻاجھہ سين
7. دنيا آهي ڪاڪ محل
8. سمونڊ جن ساڻيهه
9. بندر بازاريون
10. سمونڊ جي سيوين
11. سي جوڀن ڏينھن
12. بندر ديسان ديس
13. خبرون کيڙائن جون
14. ڪويت ڪنارا
15. ڇا جو ديس ڇا جو وديس
16. جاني تہ جهاز ۾
17. جپان جن جي جيءَ ۾
18. ڳالھيون تنھن جپان جون
19. خدا ڏي خط
20. جپان رس
21. سانڀاهو سمونڊ جو
22. موج نہ سھي مَڪڙي
23. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
24. بھترين سفرناما
25. لنڊن تائين لفٽ
26. ٻارن جون آکاڻيون
27. ٽوڪيو جي گيشا گرل
28. مڪليءَ کان ملاڪا تائين
29. سنگاپور ويندي ويندي
30. ڪوالالمپور ڪجهہ ڪوهه
31. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
32. دُنگيءَ منجھہ درياهه
33. ڏاهي جهرڪي
34. جت جر وهي ٿو جال
35. يادن جي انڊلٺ
36. ڳالھيون آهن ڳچ
37. اي جرني ٽو ٿائلينڊ
38. Proverbs Of Far East
39. اوهريا جي عميق ڏي
40. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
41. ملير کان مالمو
42. جت برف پئي ٿي جام
43. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
44. ارائونڊ دي ورلڊ
45. رٺي آهي گهوٽ سان
46. يورپ جا ڏينھن راتيون
47. اي روڊ ٽو مدينا
48. هيلسنڪي جي حسينا
49. سنگاپور ٿو سڏ ڪري
50. آل ابائوٽ سنگاپور
51. ملائيشيا منھنجي من ۾
52. ڀلي ڀار تان ڀيرو
53. هي ٻيٽ هي ڪنارا
54. بوتلن جو سفر
55. سوزيءَ سان پيار
56. جل پريون
57. ملائيشيا 12 سالن بعد
58. تيستائين گڊ باءِ
59. جپان پنجويھہ ورهين بعد
60. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
61. دهليءَ جو درشن
62. نيو هالا کان نيويارڪ
63. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
64. ايران ڏي اُڏام
65. چنڊ چوانءِ سچ
66. هلي ڏسجي هندستان
67. پکي اُڏاڻا پنھنجي ديس
68. ممباسا، شيديبادشاھہ همباشا
69. ڏيھہ پرڏيھہ جو سفر
70. بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾
71. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
72. مونکي موهيو ملائيشيا
73. وسي وڏ ڦڙو
74. نہ سي سڙه سُکان
75. بنارس کان برمودا
76. برونائيءَ کان برازيل
77. گهاتو گهر نہ آيا
78. جل پريءَ جي اڳ ڪٿي
79. ڪئمپس جا ڏينھڙا
80. تاريخ جو سفر
81. جيءَ اندر جهاتي
82. واٽ ويندي...
83. ڳوٺ جروار کان جپان
84. جي وڃين تون جپان
85. وري ياد آيا
86. آرڪٽڪ سرڪل جي آسپاس
87. دنيا رنگ رنگيلي
88. جهونا ٿيا جهاز
89. پھتا اُت پانڌيئڙا
90. چين ڪيو بي چين
91. جپان جپان آهي
92. زئنزيبار، جهنگٻار
93. زندگيءَ جا ميلا ...
94. نڪري ويا ناکئا
95. آمريڪا ڙي آمريڪا
96. بغداد ۽ بصري جي گهٽين ۾

اردو میں

97. سمندر کے دن
98. ملائیشیا کے دن
99. یورپ کے دن
100. کراچی سے کوپن ہیگن
101. ایران کے دن
102. گيشائون کے ديس مين
103. جہاز چلانے کے دن
104. جپان کے دن
105. کنارے کے دن
106. میں چلا ممباسا
107. چلو چلیں ہندوستان
108. ملائیشیا نے مجھے موھ ليا
109. الطاف شيخ کے سفرنامے