سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامور سياستدان، عالم ۽ جديد قومپرستيءَ جي باني جي ايم سيد جو ڪتاب ”محال مانجهدن جو تعليمي ۽ تنظيمي پروگرام“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. ڪتاب جو مرتب آزاد قاضي آھي.
سائين جي ايم سيد شاھہ حيدر سنائيءَ جي ميلي کي عوام جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو پروگرام پوءِ تعلقي، ضلعي ۽ بعد ۾ پوري سنڌ تائين پھتو. ھن ڪتاب ۾ جي ايم سيد پاران لکيل ڪتابچي، ڪانفرنس ۾ ڪيل تقريرن، پاس ڪيل قراردادن ۽ تنظيم جي ڪارگذاري کي شامل ڪيو ويو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1928ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ جي ايم سيد لٽريري سوسائٽي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي