ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

سکر تاريخ جو گلدستو

هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ: ”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ”بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ”معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلھوڙو“، ”ساڌ ٻيلو“ شامل آهن. ان کان علاوه سنڌو درياھ، سنڌوءَ جي پھرين تھذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير ۽ سکر جي يادگيرين بابت پڻ ليک پڻ ڏنا ويا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سکر تاريخ جو گلدستو

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب نمبر: 170


ڪتاب: سکر، تاريخ جو گلدستو
موضوع: تحقيق
ليکڪ: عنايت کٽياڻ
ٽائيٽل لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇاپو: پهريون
مهينو، سال: فيبروري 2023ع
تعداد: پنج سئو
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

Published By: Murk Publication Karachi
Office: Room No 305/320 3rd Floor Sabir manzil 98
Behind Gul Plaza Marston Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtazalaghari64@gmail.com
021-32772494
03005182494

ملهه: 600 رپيا

ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:
مرڪ ڪتاب گهر ڪراچي، ٿامس ڪتاب گهر ڪراچي،
ڪنول ڪتاب گهر حيدرآباد، دانيال ڪتاب حيدرآباد،
سرمست ڪتاب گهر حيدرآباد، ڪامريڊ ڪتاب گهر ڄامشورو
مدني ڪتاب گهر دادو، رابيل ڪتاب گھر لاڙڪاڻو
تهذيب بڪ اسٽور خيرپورميرس، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر،
الحبيب بوڪ اسٽال شهدادڪوٽ، عمير بوڪ پوائنٽ شهدادڪوٽ
سليمان ڪتاب گهر نواب شاهه، مرتضيٰ بوڪ اسٽور شڪارپور
عوامي ڪتاب گهر جيڪب آباد

ارپنا

ادب ۽ احترام سان
سنڌي ادب جي علمبردار
عالمي مڃتا ماڻيندڙ
اصول پرست ليکڪ ۽ ڏاھي
”علي بابا“ جي نانءِ
جنھن منھنجي دلچسپيءَ ڏسي
سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ لاءِ اتساھ ڏنو
۽ رھنمائي ڪئي.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق عنايت کٽياڻ جي تحقيق تي آڌاريل سنڌ سڀيتا سيريز جي ٽين ڪڙي ”سکر تاريخ جو گلدستو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ: ”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ”بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ”معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلھوڙو“، ”ساڌ ٻيلو“ شامل آهن. ان کان علاوه سنڌو درياھ، سنڌوءَ جي پھرين تھذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير ۽ سکر جي يادگيرين بابت پڻ ليک پڻ ڏنا ويا آهن.
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون عنايت کٽياڻ ۽ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ:

تحقيق لفظ جي سڌي سنئي معنيٰ آهي ”ڳولا“
ڳولا جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، سڀني قسمن جي پنهنجي افاديت ۽ اهميت ٿئي ٿي، پر جيڪا تحقيق ادارا ڪرائين ٿا، ان عيوض ٻيو ڪجهه نه ئي نه اسڪالر کي ڊگري ايوارڊ ڪئي وڃي ٿي، اهڙي تحقيق کي اڪيڊمڪ ريسرچ چيو وڃي ٿو.
اڄ جي دور ۾ ادارن ۾ ٿيندڙ تحقيق پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿي پر پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪندڙ محققن جو وڏو ڪمال آهي.
اهڙو ڪمال سنڌ ڌرتيءَ جو جاکوڙي ليکڪ ۽ محقق عنايت کٽياڻ پڻ پنهنجي مدد پاڻ ڪري رهيو آهي. سندس چواڻي نامياري ليکڪ علي بابا جي اتساهه کيس ان طرف مائل ڪيو. اُهو ئي سبب آهي جو هي ڪتاب به هن علي بابا جي نانءِ ڪيو آهي.
عنايت کٽياڻ زندگيءَ جو گهڻو حصو لکڻ کي ڏنو آهي، پر سندس لکڻين ۾ تحقيقي ليک گهڻا آهن، پر اُنهن ۾ سندس لاڙو سنڌ جي مختلف تاريخي ماڳن ڏانهن آهي، اهڙي موضوع تي سندس اڳ به ٽي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. هن ان موضوع کي نالو ئي ”سنڌ سڀيتا“ ڏنو آهي.
سنڌ سڀيتا جي سيريز هيٺ هي عنايت صاحب جو هي چوٿون ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ پهرئين ڪتاب جو ”سندهو تهذيب“ جي نالي سان اردو ترجمو به شايع ٿي چڪو آهي.
سنڌ سڀيتا -3 سکر جي تاريخي ماڳن تي آڌاريل جامع ڪتاب آهي، اُهو ئي سبب آهي جو هن سيريز جي هن ڪتاب جو نالو ”سکر تاريخ جو گلدستو“ رکيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ سکر جا اهم تاريخي ماڳ:”اروڙ“، ”ڪالڪا مندر“، ”مومل جي ماڙي“، ” بکر جو قلعو“، ”سَتِين جو آستان“، ” معصوم شاھ جو منارو“، ” آدم شاھ ڪلهوڙو“، ” ساڌ ٻيلو“ شامل آهن.
ان کان علاوه سنڌو درياهه، سنڌوءَ جي پهرين تهذيب، سکر جي قديم تاريخ، روهڙيءَ جي تاريخ، سکر جي نئين تعمير بابت ليک پڻ ڏنا ويا آهن.
هونئن ته سنڌ جي تاريخ ۽ تاريخي ماڳن تي هن کان اڳ به گهڻو تڻو ڪم ٿيو آهي، ڪيترائي تحقيقي مقالا شايع ٿيا آهن ۽ اڻ ڳڻيا ڪتاب به شايع ٿي چڪا آهن، پر عنايت کٽياڻ ان پهرين ٿيل ڪم مان مطمئن نظر نه ٿو اچي، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪافي شين تي سوال اٿاريا آهن. جيتوڻيڪ انهي ڪم کي وڏن ادارن ڪتابي صورت ۾ آندو آهي. ان جي باوجود تحقيق ڪڏهن به مڪمل نه ٿي هجي. هڪڙو تحقيقي ڪم اڳتي ٻي ڪم لاءِ راهه هموار ڪندو آهي، اهڙي ريت هر ڪو پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪم ڪري ٿو.
عنايت کٽياڻ پنهنجي مزاج ۾ سادو ۽ نفيس طبيعت جو مالڪ آهي، هن جا ليک به بنهه وڌاءُ، هروڀرو لفاظي يا ذاتي انا سبب ڪنهن به ڀڃ ڊاهه کان آجا هجن ٿا. هو پنهنجي ڪم سان ڪم ۽ سنڌ سان عشق رکي ٿو. اُهو ئي سبب آهي جو هن سنڌ جي تاريخ کي اهميت ڏني ۽ تاريخي ماڳن تي قلم کنيو. سندس پورهيو ايندڙ نسل لاءِ وڌڪ ڪارائتو آهي.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان عنايت کٽياڻ جو هي ٻيو تاريخي ڪتاب پڌرو ڪري خوشي ٿي رهي آهي. هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين رسايون ٿا، ان اميد سان ته ليکڪ توڙي اداري جي محنت صاب پوندي.

مرتضيٰ لغاري
03005182494

پنهنجي پاران:

شاھي رستو دور ڇڏي مون جھاڳيو پنڌ پھاڙن مان،
جو سوڙھو لڪ وڃي ٿو دور انڌيرن لاڙن مان.
(اياز)

سونهن ڀري سنڌ جي تاريخي ماڳن جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ پنهنجي جاکوڙ جاري رکندي، ”سنڌ سڀيتا“ سلسلي جو چوٿون تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ ڏيئي رهيو آهيان. پهريون ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ ٿر ۽ مڪليءَ جي تاريخي ماڳن تي لکيل مضمونن تي آڌاريل آهي، جيڪو 2017ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ ان ڪتاب جو اردو ترجمو ”سنڌو تهذيب“ جي نالي سان 2019ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. جنهن بعد ٿر ۽ لاڙ جي پهرين ڪتاب کان پوءِ لکيل ۽ تحقيق ٿيل ماڳن جي مضمونن تي آڌاريل ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ ڀاڳو ٻيو 2021ع ۾ ”مرڪ پبليڪيشن“ ڪراچي ڇپائي پڌرو ڪيو.
اصل ۾ ننڍپڻ کان پنھنجي والد صاحب سان گڏ سير ۽ تفريح ڪندي تاريخي ماڳن سان شوق شروع ٿيو، وري نوجوانيءَ ۾ سنجيده قومي ڪارڪن جي حيثيت سان سنڌ جي تاريخ سان لڳاءُ رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو تاريخي ماڳن تي ويندو رهيو آهيان. تاريخ جا ڪتاب ۽ سفرناما شوق سان پڙهندو رھيو آھيان. سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت سنڌ جي سيلاني قلمڪار نامور اديب حق، سچ ۽ اصول پرستي جي علمبردار علي بابا سان 1996ع کان ڪچھريون ٿيون ۽ ساڻس تاريخي ماڳن تي وڃڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي 2000ع ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ علي بابا جي مشوري سان ”سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم“ جوڙيوسين. ھن پليٽ فارم تان ڪراچيءَ جي مختلف آبادين ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت ليڪچر پروگرام ڪرائيندا هئاسين، ۽ ”سنڌ سڀيتا“ نالي ٽماهي رسالو به جاري ڪيو. ان دوران علي بابا مون کي لکڻ تي اتساهيو ۽ سمجهاڻيون به ڏيندو رهيو. جنهن سبب مون سنڌ جي تاريخي ماڳن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا. جيڪي مختلف اخبارن: ”عوامي آواز“ ۽ ٻين ۾ ڇپجندا رهيا. هاڻي به سلسو جاري آهي. منهنجا مضمون ۽ مقالا روزاني ”ايڪتا“ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.
ڪتاب ”سکر تاريخ جو گلدستو“ سنڌ سڀيتا سلسلي جو چوٿون ڪتاب آهي، هي منهنجي پهرين ڪتابن کان وڏو ۽ جامع ڪتاب آهي، هن ڪتاب ۾ سکر جي تاريخي ماڳن جي تفصيلي ۽ تحقيقي مضمونن سان گڏ سنڌو درياهه جي اهم تاريخي ڄاڻ، سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ٻين درياهن ۽ نندين سميت سندن وهڪرن جو سمونڊ ۾ ڇوڙ تائين جو اهم تاريخي تفصيل قلمبند آهي.
هن ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا جي ابتدائي دراوڙ تهذيب ۽ ان کان پوءِ جي آرين تهذيب سميت سنڌوءَ تي ڌارين جا حملا، حڪومتون ۽ مقامي بادشاهتن جا سلسلا جڙڻ ۽ ٽٽڻ جي تاريخ جو تسلسل قلمبند ٿيل آهي، سنڌو سلطنت جي قديمي مرڪزي گاديءَ واري ھنڌ ”اروڙ“ جي اھميت ۽ اروڙ شھر جي اجڙڻ کان پوءِ سندس تسلسل طور روهڙي، بکر ۽ سکر جي اسرڻ جي تاريخ کان موجود دؤر جي ترقيءَ تائين جو پورو سفر شامل آهي.
”سکر تاريخ جو گلدستو“ ڪتاب منهنجي پهرين ڪتابن کان مقدار ۽ مواد ۾ وڌيڪ آهي، جامع تحقيق ۽ تاريخ کي مختصر ڪري ڄڻ ”درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪري“ اوهان جي هٿن تائين پهچايڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ڪري باربار واڌارا ۽ سڌارا ڪرڻا پيا، جنهن ۾ مانواري مرتضى لغاريءَ جي ڀرپور تعاون ۽ محنت پڻ شامل آهي.
هن ڪتاب جي مضمونن لکڻ دوران مختلف تاريخي ڪتاب پڙهيا ۽ خريد ڪيا، تحقيق لاءِ انٽرنيٽ کان مدد پڻ حاصل ڪئي. وڏن تاريخي ڪتابن ۾ ساڳين ڳالهين جو وڌاءُ تمام گهڻو ۽ ورجاءُ به باربار ڪري ڪتابن کي وڌائي وڏو ڪيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جي دؤر ۾ وقت جي ڪميءَ سبب عام ماڻهو اهڙن غيرضروري ڊيگهه وارن وڏن ڪتابن پڙهڻ کان قاصر آهي. ٻيو ته انهن ڪتابن ۾ گهڻو مواد بادشاهن، نوابن، اميرن ۽ پيرن جي خوشامند، تعريف ۽ خانداني سلسلي کي وڌائي ڪنهن نه ڪنهن امام يا خليفي سان ملايو ويو آهي. انهن ۾ مقامي ماڻهن، قبيلن، ڪاريگرن ۽ پورهيتن جو ڪو خاص ذڪر نه ٿو ملي.
اهڙا تاريخي ڪتاب پڙهندي ائين محسوس ٿي رهيو آهي، ڄڻ سڄي ملڪ ۾ چند حاڪم، وزير ۽ مشير سندن ثناخوان، پير ۽ ملان رهندا هجن. زمين آباد ڪندڙ هاري، ناري ۽ زميندار ڪيڏانهن ويا؟ انهن جو ذڪر نه ٿو ملي. جيتوڻيڪ ڌرتيءَ جي وارثن جي پورهيي سبب وطن خوشحال رهيو آهي، ۽ اها خوشحاليءَ ئي ڌارين جي يلغارن جو سبب پئي بڻي، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر ۾ بار بار بغاوتون ۽ مزاحمتون ٿنديون رهيون آهن، انهن کي ماضي جي تاريخدانن نظر انداز ڪيو آهي، ان ٽينيوئر ۾ سکر ۽ بکر جي ڀرپاسي جيڪي راڄ رهندا هئا، انهن ۾ ڌاريجا، مهر، ڏهر ۽ ماڇي وڏا ويڙاڪ رهيا آهن. انهن ڪئي ڀيرا بکر جي حاڪمن خلاف بغاوتون ۽ مزاحمتون ڪيون آهن، انهن بابت سکر جي سڄاڻ قلمڪارن کي تفصيلي تحيق ڪري پنهنجي تاريخ کي اجاڳر ڪرڻ گهرجي.
مون پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي آهي ته اضافي پٽار کان پاسو ڪري تاريخي ماڳن جي اهميت افاديت ۽ حقيقي تاريخ کي اجاڳر ڪيان ۽ انهن جي اڏيندڙن جو مختصر تعارف پيش ڪيان.
تاريخ جو تحقيقي سفر ڪندي 22 سال ٿي ويا آهن. مختلف ماڳن مڪانن تي وڃي مشاهداتي تحقيق سان گڏ مقامي ماڻهن جا رايا قلمبند ڪندو آهيان. پوءِ تاريخي ڪتاب پڙهي انهن مان مستند حوالا حاصل ڪري ان ماڳ جي تاريخي اهميت ۽ موجوده صورتحال تي لکندو رهيو آهيان، ڪوشش ڪئي آهي ته، تاريخي ماڳن کي مسارجڻ کان بچائجي ۽ انهن جي تاريخي اهميت کي اجاڳر ڪري نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن کي ڄاڻ ڏجي ته اهي پنهنجي وطن جي تاريخ کان واقف ٿين ۽ پنهنجي تاريخ بچائڻ لاءِ مضبوط طريقي سان پنهنجو ڪرادر ادا ڪري سگهن.
محدود وسيلن آهر منهنجي جاکوڙ جاري آهي. ان اميد سان ڪتاب ”سکر تاريخ جو گلدستو“ اوھان جي تاريخي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو ۽ تاريخ جي ڳولا لاءِ نوان دڳ نروار ڪندو.
آئون ٿورائتو آهيان مان وارن دوستن ايڊووڪيٽ عبدالوهاب بلوچ صاحب، ايڊووڪيٽ ايم بي کٽياڻ صاحب، ايڊووڪيٽ آغا غلام نبي پٺاڻ صاحب، عبدالحميد جمالي صاحب، نند لال صاحب ۽ محمد صديق ملاح صاحب جو جن هن ڪتاب جي اشاعت ۾ سهڪار ڪيو، ۽ پنھنجي انهن پيارن دوستن جو به ٿورائتو آهيان، جيڪي تاريخ جي ڳولا ۽ جاڳرتا جي اڻانگي سفر ۾ مون کي اتساهه بخشين ٿا ۽ منھنجا مددگار آهن.

سونھن سنڌ لاءِ لکان ٿو قلمڪار آھيان،
ڌرتيءَ جي دنگن جو محافظ سالار آھيان.
(ضمير)

عنايت کٽياڻ
چيئرمين
سنڌ ھسٽري اويئرنيس فورم
03453343003

سنڌو درياهه

سنڌو درياهه جنهن تي سنڌ جي زندگيءَ جو دارو مدار آهي،
ڇو ته مٺو پاڻي زندگي آھي، جيڪو انسانن ۽ جانورن جي اڃ اجهائڻ سان گڏوگڏ زراعت لاءِ به بنيادي ضرورت آھي. سنڌو درياهه انساني آبادي کان هزارين سال اڳ کان سرزمين سنڌ مان وهندو رهيو آهي، جنهن جو پاڻي انسانن ۽ جانورن جي پيئڻ جي ڪم اچڻ سان گڏ زراعت لاءِ به بنيادي ضرورت آھي.
سنڌو درياھ جنهن جي ڪنارن تي انساني تاريخ جي پهرين اوائلي تھذيب پروان چڙھي ۽ هن ديس جو نالو به سنڌو درياھ جي نسبت سان ”سنڌ“ سڏجڻ لڳو. سنڌو درياھ جنهن جي قدامت انسان جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽي آهي. سنڌو درياهه کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ”اباسين“، ”سپت سنڌو“، ”مهراڻ“، ”انڊس“ وغيره سنڌو درياهه جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ جو ذڪر قديم ھندو ويدن ۽ پستڪن ۾ به ملي ٿو. دنيا جي انهن قديم ويدن کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي تخليق ڪيو ويو. رگ ويد توڙي ٻين ويدن ۾ سنڌوءَ جي ساراهه ۾ ڀڄن چيل آهن. تاريخن ۾ اچي ٿو ته سنڌ توڙي هند تي اهي نالا سنڌو درياهه جي ڪري پيا.
سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي. مسلمانن جي روايتن موجب جنت مان چار درياهه نڪرن ٿا.1- نيل، 2- فرات، 3- جيحون،4- سيحون۔ جن مان سيحون ”سنڌو“ نديءَ کي چيو ويو آهي ۽ هنن درياهن جي ڪري مصر، عراق، ماروا، النهر ۽ سنڌ دنيا ۾”ارض معموره“ سڏجن ٿا، اهڙيءَ طرح ھندو ڌرم جي اوائلي ڪتاب رگ ويد جي ڏهين منڊل ۾”سنڌو نديءَ“ جي تعريف 75 سلوڪن ۾ بيان ڪيل آهي. سنڌو درياهه دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.(1)
** سنڌو ندي، 1800ميل/ 3000 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جيڪا هماليه جبل جي ”سنگي ڪباب“ جي برفاني ڌارا مان نڪري ٿي، سنگي ڪباب ”ٿٻيٽ“ ۾ آهي ۽ سنگي ڪباب مانسرور ڍنڍ کان 30 ميل پري آهي. سنڌو ندي والاريل ڪشمير مان ٿيندي آزاد ڪشمير، خيبر پختون خواهه، پنجاب لتاڙيندي، اتان جي ندين ۽ درياھن جو پاڻي پاڻ منجهه سمائيندي، سنڌ ۾ ڪشمور وٽان داخل ٿئي ٿي. پوءِ هاڻوڪي سنڌ کي سرسبز ۽ آباد ڪندي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سنڌودرياھ جو اصلي نالو ”سنڌو“ آھي، سنڌو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنهن جي معنيٰ مھا ساگر (وڏوسمنڊ) جنهن جو ڪنارو نظر اچي نه سگهي، ۽ اها حقيقت آھي ڇو ته اڳ سنڌوءَ جي ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ بند ڏنل ڪون هئا ۽ پاڻيءَ جي چاڙھ جي وقت ۾ سنڌو درياھ وڻن ٽڻن، ڳوٺن ۽ جهنگلن کي ٻوڙيندو تمام گهڻو پکڙجي ويندو هئو ۽ سمنڊ جھڙو نظر ايندو هئو. شروعاتي دور کان ڪابل ندي، گومتي وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون. سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻي وڏي رهي آهي. جنهنڪري آڳاٽن لوڪن نالو اهو نالو رکيس. ٻيو هي به چيو وڃي ٿو ته سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ جو مطلب آهي سمنڊ يا وڏو درياءُ. ”سنڌو“ جو بنياد سنسڪرت لفظ ”سيند“ آهي جنهن جو مطلب آهي وهڻ، يا هميشه وهندڙ۔ ايرانين پاران ”سنڌو“ جو اچار ڦيرائڻ ڪري لفظ سنڌو لاءِ ڦري ٿيو ”هندو“ مطلب ته ”س“ کي ڦيرائي ”هه“ ڪيو ويو. قديم ايراني سنڌو ماٿري (سنڌ ۽ پنجاب) کان گهڻو پري ڪونه ويا. هنن اڪثر علائقن ۾ آرين کي رهندي ڏٺو انڪري چيو ويو هندو. آسٿان جيڪو اڳتي هلي ٿيو ”هندستان“. اهڙي طرح قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان بابت ڄاڻ پئي.
سڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا تن سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ ماڻهن کي اُچار ڦيرائي سڏيو ”انڊو“ ۽ سنڌوندي کي سڏيائون ”انڊوس“، اهڙِي طرح سڄي ملڪ کي سڏيائون انڊيڪا. اڳتي هلي لئٽن ٻوليءَ ۾ اهي اُچار ڦري ٿيا ”انڊس“ ۽ ”انڊيا“. عرب فاتحن ”سنڌو درياهه“ کي مهراڻ نالي سان سڏيو ليڪن پوءِ به پنهنجي اوائلي سنسڪرتي نالي“سنڌو“ سان سڏجي ٿو.(2)
سنڌو (هندو) لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌونديءَ جي ڪناري رهندڙ“، هندستان لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌوندي وارو ملڪ“. اڳتي هلي جڏهن مسلمانن حڪومتون قائم ٿيون ته هندستان جو مطلب ڦري ٿيو. ”برهمڻي ڌرم کي مڃيندڙ“. اهڙي طرح لفظن جا اصلوڪا مطلب متروڪ يا گم ٿيندا ويا ۽ نوان مفهوم رائج ٿيندا ويا. آڳاٽن عربن کي به ”هند“ جي ڄاڻ قديم ايرانين وٽان پئي.(3)
** سنڌو درياھ ۾ ڇوڙ ڪندڙ نديون ۽ درياهه
کاٻي پاسي کان زنسڪار ندي، سرو ندي، سوئان درياهه، جھلم درياهه، چناب درياهه، راوي درياهه، بياس ندي، ستلج درياهه، پنجند ندي، گھگر، ھاڪڙو ندي، لوڻي ندي.
ساڄي پاسي کان شيوڪ ندي، ھنزہ ندي، گلگت ندي، سوات ندي، ڪونر ندي، ڪابل درياهه، ڪرم ندي، گومل ندي، زوب ندي.
سنڌو درياهه جي اترئين علائقن ۾ جڏهن برسات پوي ٿي يا جڏهن هماليا جي برف تيز گرمي سبب پگهرجي ٿي تڏهن مارچ ڌاري ان ۾ چاڙهه شروع ٿئي ٿو، جيڪو آگسٽ ۾ پنهنجي جوانيءَ کي پهچي ٿو ۽ نيٺ آڪٽوبر ڌاري لهڻ شروع ٿئي ٿو.
سنڌو ندي هماليا جبل جي ڪيلاش پربت واري مانسرور ڍنڍ مان نڪرڻ کان پوءِ ڪشمير ۽ گلگت واري جابلو حصي کي لتاڙيندي ٻارهنن هزار فوٽن جي بلنديءَ کان پهريان بنجيءَ تائين اتر اولهه وهندي اچي ٿي، تنهن کان پوءِ ڏکڻ اولهه جو رخ اختيار ڪري ٿي ۽ پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ به پهچي ٿي ته سندس رخ ڏکڻ اولهه آهي.
سنڌو درياھ جنهن جي وهڪري جو رخ اتر کان ڏکڻ طرف ۽ سنڌ ۾ (S) جيان آھي، ليڪن مختلف وقتن ۾ پاسن تي وهڪرا مٽائيندو به رهيو آھي، عربن جي ابتدائي دور تائين سکر کان مٿي ڇڄي سندس ٻه وھڪرا ٿيندا هئا، هڪ سکر وارو وهڪرو ٻيو وڏو وهڪرو اروڙ پاسي کان وهندو هو، جيڪو عمرڪوٽ ڀرسان گذري ٿر کان ٿيندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هئو، ھن کي مھراڻو سڏيو ويندو هو ۽ هن وهڪري جي ٻنهي پاسن تي به زمين آباد ٿيندي هئي (موجوده نارا ڪينال ان دريائي وهڪري تي ٺھيل آھي) اربن جي دور ۾ سنڌو درياھ پاسو ڦيرايو جنهن ڪري اروڙ پاسي واري وهڪري جو پاڻي به سکر واري پاسي ڏانهن وهڻ لڳو جنهن ڪري اروڙ شھر جو اوج ڦٽي ويو، واپار جي سامان لاء سکر ۽ روهڙي جو پتڻ استعمال ٿيڻ لڳو جنهن ڪري سکر ۽ روهڙي تيزي سان آباد ٿيڻ لڳا ۽ اروڙ آھستي آھستي برباد ٿيندو ويو.
ٻيو درياھ جو وڏو وهڪرو سنڌو نديءَ مان هاڪڙو درياهه به ”پنجند“ وٽان الڳ ٿي وهندو هئو، ھن کي به سنڌوءَ درياھ جي هڪ شاخ به چيو ويندو هو، ليڪن ھي الڳ درياهه ھئو جيڪو ھندستان ۽ پنجاب جي علائقن ۾ ٻين مختلف نالن سان سڏبو ھو ۽ سنڌ ۾ ھاڪڙو درياهه سڏيو ويندو هو.
هاڪڙي درياه جو وهڪرو به بلڪل سنڌوءَ جي وهڪري جيان هو. اهو گم ٿيل درياه جڏهن بهاولپور واري ”ديروار“ وٽ پهچندو هو، ته سنڌوءَ جيان اولهه ڏکڻ وارو عام وهڪرو اختيار ڪندو هو ۽ خيرپور وارين ٽڪرين تائين سندس رخ ساڳيو رهندو هو. ان کان پنجاهه ميل پوءِ ڏکڻ وهڻ شروع ڪندو هو. وري سندس رخ هڪ سو ميل تائين ڏکڻ اوڀر ٿي ويندو هو. اتان کان پوءِ ڏکڻ اولهه وهڻ شروع ڪندو هو ۽ ڪوري کاريءَ سان هڪ سو ويهه ميل سفرڪري، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ڏسڻ ۾ ايندو ته هاڪڙو درياه به سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ انگريزي اکر ايس ”S“ جهڙي شڪل اختيار ڪري ويندو هو. ھي درياهه به ھندستاني علائقي ۾ زلزلي سبب سڪي ويو، ھن سڪي ويل درياهه جا نشان بھاولپور ۽ سنڌ ۾موجود آهن.
ھي درياهه بهاولپور کان ٿيندو ناري کان اوڀر وارو علائقو سيراب ڪندو ٿر کي لتاڙي وڃي ننگرپارڪر کان اوريان پارينگر بندر جي ويجهو ڪڇ واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هئو.
*سنڌ جي ڪلهوڙا دور ۾ به سنڌو درياهه جي وهڪري جي تبديلي اهم آهي. جيڪا 59 – 1758ع ۾ آئي.
نصرپور ڀرسان مراد آباد جو شهر هو، جيڪو 57- 1756ع واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويو. مرادياب خان ۽ سندس ٻن پُٽن ٻيڙي ۾ چڙهي نڪري جان بچائي هئي. پوءِ اُتر ۾ سڪرنڊ جي پرڳڻي ۾ وڃي نئين راڄڌانيءَ جو بنياد رکيو هئائين. جنهن جو نالو هن احمد آباد رکيو هو. امڪان اُهو آهي ته هيءَ ٻوڏ هن علائقي ۾ وڏين درياهي تبديلين ڪري آئي، يا ٿي سگهي ٿو، ته هن وڏي ٻوڏ ڪري مٿيون درياهي تبديليون اچي ويون هيون.
سنڌو درياهه هماليا جبل کان نڪري سنڌو ماٿري جو ڊگهو سفر پورو ڪري وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، سمنڊ ويجهو پهچي ٿو ته منجهائنس ڪئي ڇوڙ ٽٽي نڪرن ٿا جيڪي 70 ميلن ۾ پکڙيل آهن.(4)

بدر ابڙو صاحب سنڌو درياهه مان سفر ڪري ان تي ھڪ ڪتاب لکيو آهي، جنھن ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌو نديءَ ۾، اوڀر طرف کان پنج نديون گڏجي پنجند وٽ اچي پون ٿيون ۽ اولهه کان ڪابل ندي، پاڻ سان سوات نديءَ جو پاڻي کڻي، اٽڪ وٽ سنڌوءَ سان ملي ٿي. درياهن جي پنهنجي ريت هوندي آهي. هر ننڍو درياهه ان مهل پنهنجو نالو وڃائي ڇڏيندو آهي جڏهن پاڻ کان وڏي درياهه ۾ شامل ٿي ويندو آهي. جهڙي طرح اوڀر جا چار درياهه گڏجي جهلم ۾ پوڻ کانپوءِ پنهنجي سڃاڻپ وڃائي جهلم ندي سڏجن ٿا ۽ جهلم ندي سنڌوءَ ۾ ملي پنهنجي نالي تان هٿ کڻي ٿي، اهڙي طرح سوات ندي پنهنجو وجود ڪابل نديءَ ۾ ۽ ڪابل ندي سنڌوءَ نديءَ ۾ ملي پنهنجي نالي تان هٿ کڻي ٿي. اهڙيءَ طرح سوات ندي پنهنجو وجود ڪابل نديءَ ۾، ڪابل ندي سنڌوءَ ۾ ملي ملائي پنهنجي سڃاڻپ ختم ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح سنڌو هڪ هڪڙي عظيم ندي بڻجي ٿي جو، سنڌو ماٿريءَ کان گهڻو پري نازل ٿيل الهامي ڪتابن ۾ به ان جو نالو شامل ٿيو ۽ دنيا جي چئن مقدس مکيه درياهن ۾ شامل ٿي. يعني، دجله، فرات، نيل ۽ سيحون (سيون، سين يا سنڌو) سنڌو نديءَ جي ٺاهيل ماٿريءَ پاڻ ۾ نيٺ ايتري ڪشش پيدا ڪئي جو آخرڪار شهنشاهيت پسندن ان جو ترو ۽ انت لهڻ لاءِ عظيم مهمون سر ڪرايون. انهن مهمن جا پڙاڏا اسان نيرڪس ۽ اسڪائي ليڪس جي صورتن ۾ ٻڌون ٿا.
ڪابل ندي اولهه کان اوڀر طرف سفر ڪري ٿي، اها افغانستان جي شهر ڪابل وٽان لنگهندي سنڌوءَ ڏانهن اچي ٿي. ان ڪري ان درياهه جي مهڙ واري اڌ، يعني اولهه واري حصي ۾ ٻنهي ڪنارن تي افغان رهن ٿا، جڏهن ته اوڀر واري اڌ تي پٺاڻ ۽ هندڪو ڳالهائيندڙ ماڻهو آباد آهن. ڪابل نديءَ جو اولهه وارو گهڻو ڀاڱو، ان لائق ناهي جو ان ۾ ٻيڙيون لاهي درياهي سفر ڪري سگهجي. ان ڪري قديم مهمون جيڪي اٽڪل 550- قبل مسيح کان شروع ٿيون پڪ سان ڪابل نديءَ جي ان حصي کان شروع ٿيون، جتان کان ٻيڙين ذريعي سنڌوءَ تائين رسائي ممڪن آهي، يعني لڳ ڀڳ نوشهري وٽان.“(5)
سنڌوءَ جا قديم بندرگاهه اروڙ، بلري، منصوره، منجابري، سکر، روهڙي، نيرون، ۽ ديبل وغيره هئا. هن وقت سنڌ صوبي ۾ سنڌوندي جي ڊيگھ 750ڪلوميٽر
سنڌ ۾ هن وقت به سکر، روهڙي، ڪوٽڙي ۽ ڪيٽي بندر سنڌوءَ جا اهم بندر آهن.(6)

سنڌو درياهه جي اڀياس مان صاف ظاهر آهي، ته اڳوڻي دور ۾ سنڌو درياهه جا ٻه وھڪرا ۽ ھاڪڙو درياهه سنڌ مان وھندڙ ھئا ته يقينن سنڌ پوري زرخيز ۽ خوشحال ھئي جنھن ڪري سدائين ٻاھرين حملن جي عتاب ۾ رھي آھي. انھن کان سواءِ ٻوڏ جي موسم ۾ گڊو ۽ سکر جي وچ کان درياھ جو ھڪ وھڪرو ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ شھدادڪوٽ کان ٿيندو، منڇر مان وھي سيوھڻ ڀرسان سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو. جنھن ڪري سنڌ جي تمام گھڻي زرعي زمين درياھي وڪرن سبب آباد ٿيندي ھئي.
انڊس ڊيلٽا جيڪا ڪنهن زماني ۾ جهازرانيءَ واري ڊيلٽا هئي. اڄ اها ان حوالي سان ختم ٿي چڪي آهي. سنڌو درياهه جي ڊيلٽا سنڌي جي تهذيب جي شروعات کان وٺي گذريل صدي تائين، سنڌ ۽ پري پري جي ملڪن مصر، حجاز، سمير، ايران، اوڀر آفريڪا، مها راشٽر، سريلنڪا ۽ چين سان گڏيل واپار جو مرڪز رهي آهي. سنڌو درياھ جو قديم دور وارو عروج مختلف بئراجن ۽ ڊيمن اڏجڻ سبب گهٽجي ويو آهي. جنهنڪري سنڌوءَ جي ٻنهي طرفن کان موجود ٻيلا پڻ پنهنجو جوڀن وڃائي ويٺا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ ڊيلٽائي علائقن جي سونهن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. اتان جي انساني آبادي پڻ بحران جي وَر چڙهي پڪي جي علائقن ڏانهن تيزيءَ سان لڏپلاڻ ڪري رهي آهي. سامونڊي ويرن جي چاڙهه سبب تقريبن سموري ڊيلٽائي علائقي ۾ کارو پاڻي ڪاهجي پيو آهي ۽ هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباھ ٿي رهي آھي.



حوالا :

(1) ”جنت السنڌ“ صفحو 30، (رحيمداد خان مولائي شيدائي)
(2) ”جنت السنڌ“ صفحو 33، (رحيمداد خان مولائي شيدائي)
(3) ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ليکڪ سائين جي ايم سيد)
(4) ”جنت السنڌ“ صفحو- 31، رحيمداد خان مولائي شيدائي)
(5) ”سنڌوءَ جو سفر“، بدر ابڙو
(6) ”سير ريگستان“ (محمد اسماعيل عرساڻي)

روزاني ايڪتا 8 اپريل 2022ع

سنڌو درياهه جي پھرين تهذيب

عالمي تاريخ موجب ڌرتي جي گولي تي انساني آبادين جي شروعات درياهن جي ڪنارن تي ٿي ۽ ابتدائي تھذيبن جا بنياد به درياهن جي ڪنارن وارين وڏين آبادين ۾ رکيا ويا ۽ پوءِ انهن ۾ واڌ ويجھ ۽ سڌارا ايندا رهيا آھن، ڇو ته مٺو پاڻي زندگي آھي، جيڪو انسانن ۽ جانورن جي اڃ اجهائڻ سان گڏوگڏ زراعت لاءِ به بنيادي ضرورت آھي. سنڌو درياهه انساني آبادي کان هزارين سال اڳ کان سرزمين سنڌ مان وهندو رهيو آهي، جنهن جي ڪنارن تي ۽ ان ۾ پري کان وهي اچي پوندڙ ندين ۽ درياهن جي ڪنارن ۽ سنڌو درياھ مان نڪرندڙ وهڪرن جي ڪنارن تي واديءَ سنڌ جي تھذيب نمودار ٿي.
سنڌو ماٿريءَ (Indus Valley) مٿي ڏنل تصوير ۾ سنڌو ماٿري جا اهم تھذيبي ماڳ ڳاڙهن ٽٻڪن جي صورت ۾ واضح ٿيل آهن، جنهن مان سنڌو ماٿريءَ جي اوائلي آباديون ۽ علائقا سمجهي سگهجن ٿا. واضح رهي ته ”سنڌوماٿري“ مان مراد صرف هاڻوڪي سنڌ نه آهي بلڪه هاڻوڪو پورو پاڪستان، افغانستان جو اوڀر وارو حصو، ڀارت جو اولهه وارو ڪجھ حصو سنڌو ماٿريءَ ۾ شمار ٿيندو آهي. سنڌو ماٿري اولهه ۾ بلوچستان ۽ اوڀر ۾ اُترپرديش تائين ڦهليل آهي. جڏهن ته اتر ۾ افغانستان جي اتر اوڀر واري حصي کان ڏکڻ ۾ ڀارتي رياست مهراشٽر تائين ڦهليل آهي.
عالمي تاريخدان ان ڳالھ تي متفق آھن ته سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جنهن کي انگريزي ۾ (Indus Valley Civilization) دنيا جي اوائلي چند تھذيبن وارين تھذيبن مان هڪ آهي. ليڪن ڪجھ تاريخدانن سنڌو تھذيب کي دنيا جي پھرين تھذيب به چون ٿا، ۽ ان سان گڏ سنڌو تھذيب جي ابتدائي ۽ ارتقائي دور جي نسلن ۽ قومن جي حوالي سان به مختلف رايا آھن. جن کي ڇنڊي ڇاڻي مختصر ڪري اوهان جي اڳيان پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، ته جيئن مفروضن ۽ ڏند ڪٿائن جي ڊيگھ کان بچندي حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري انهن کي نروار ڪجي.
** ”سنڌو“ لفظ سنسڪرت ٻوليء جو آھي ۽ سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ جو مطلب آهي سمنڊ يا وڏو درياءُ. آڳاٽي دور کان ڪابل ندي، گومتي وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون. سنڌو رواجي ندين ۽ دريائن کان تمام وڏو درياھ رهيو آهي، جنهنڪري آڳاٽن لوڪن اهو نالو رکيس. ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته لفظ ”سنڌو“ جو ڌاتو يا بنياد سنسڪرت لفظ ”سيند“ آهي جنهن جو مطلب آهي سدائين وهندڙ. (1)
** سنڌو درياھ جنهن جي ڪنارن تي انساني تاريخ جي اوائلي تھذيب پروان چڙھي ته هن ماٿري جو نالو به سنڌو درياھ جي نسبت سان ”سنڌ“ سڏجڻ لڳو، سنڌو درياھ جنهن جي قدامت انسان جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽي آهي. سنڌو درياهه کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي.”اباسين“، ”سپت سنڌو“، ”مهراڻ“، ”انڊس“ وغيره سنڌو درياهه جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ جو ذڪر قديم ھندو ويدن ۽ پستڪن ۾ ملي ٿو. دنيا جي انهن قديم ويدن کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي تخليق ڪيوويو. رگ ويد توڙي ٻين ويدن ۾ سنڌوءَ جي ساراهه ۾ ڀڄڻ چيل آهن. تاريخن ۾ اچي ٿو ته سنڌ توڙي هند تي اهي نالا سنڌو درياهه جي ڪري پيا. سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.(2)
سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن کي انساني اوائلي آبادي ٿي جنهن سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي زراعت ڪري ان اُپائي ابتدائي تهذيب جو بنياد رکيو، جنهن کي سنڌ جو پھريون تھذيبي دور چيو وڃي ٿو، سنڌو جنهن جو ذڪر اوائلي مذهبي ڪتابن ۾ عام جام ملي ٿو، رگويد ۾ سنڌو جو ذڪر 75 ڀيرا ملي ٿو، سنڌو جي اوائلي تهذيب جو ذڪر 2500 قبل مسيح کان ملي ٿو، هن دور ۾ سنڌ جي شاندار تهذيبي ترقي ٿي ۽ اقتصادي خوشحالي سان گڏ مستحڪم سياسي ڍانچو پڻ موجود هئو، جنهن جا نشان هڙپه ۽ مرڪزي گاديءَ جو هنڌ موهن جو دڙو مان ظاهر ٿيا آهن، هن اوائلي سنڌ جي خوشحاليءَ واري تهذيب ۽ دور جي پڄاڻي 1500 قبل مسيح ۾ ٿي جنهن جو ھڪ سبب آرين جي پوري سنڌ تي والار ۽ سندن مذهبي اڻبرابري وارا قانون هئا، جن ۾ انسانن جا هنن 4 طبقا ٺاهيا جنهن سبب ترقي ۽ واپار کي ڌڪ رسيو.
* آرڪيالاجي پروفيسر غلام مصطفيٰ شر صاحب جو چوڻ آهي ته آرڪيالاجي ماھر موھن دڙو دريافت ڪرڻ بعد 1930ع واري ڏھاڪي ۾ ھاڪڙي جي سروي دوران موھن دڙي جا ھم عصر شھر لڌا، جيڪي ھاڻي 500 شھرن جي تعداد تائين ملي ويا آھن. ھاڪڙو جنھن کي گھاگر ندي, سرسوتي ۽ واھند جي نالن سان سڏجي ٿو، سو ھماليا جبلن کان پوروڇوٽ تي سنڌو دريا سان گڏ سنڌ ۾ وھندو ھيو.
جرمن ۽ جاپاني Sedimentologists تھن جي علم جي ماھرن سنڌ مان گم ٿي ويل ھاڪڙي جو سيٽ لادٔـيٽ فوٽوگرافي ۽ تھن جي اڀياس مان پتو لڳايو آھي ته انڊيا جي ڪالي بينگن موھن دڙو جي ھم عصر شھر جي اتر ۾ چنديڳڙھ پنجاب ۾ 1800 قبل مسيح ۾ ھاڪڙو درياھ کي بند ٻڌي ان جو اڌ پاڻي جمنا ۽ اڌ ستلج پنجاب جي ندين ۾ وھايو ويو، انڪري ھاڪڙو درياھ سنڌ ۾ سڪي ويو, جنھن تي موھن جي دڙي جي تھذيب جا 500 شھر آباد ھيا. انھن شھرن جي آدشماري شھر ڇڏي لڏ پلاڻ ڪئـي. اھي لڏيل ماڻھون ڪٿي آباد ٿيا تحقيق ٿي سگھي ٿي. پر موھن دڙي جي 500 شھر ويران ٿيڻ سنڌو رياست جي اقتصاديات ڏڪر طرف ڌڪجي وئي ۽ ايڏي وڏي اقتصاديات اندروني بيروني واپار کي ڌڪ ھنيو جنھن ڪري اتر ۽ اولھ جي رياستن جن ۾ اتر ھندوستان پنجاب افغانستان ايران عراق طرفان حملا ٿيا، شھرن ۾ سنڌين جنگين ۾ مقابلا ڪيا جو شھرن ۾ لاش ملڻ ثابتي آهي. سنڌ جو ميٽروپوليٽن شھر موھن دڙو ۽ ٻيا اربن شھر 200 سال ڌارين ھٿان گڙٻڙ ۽ حملن جو شڪار رھيا، سنڌ رورل علادٔـقن جي سنڌي ماڻھن وري پنھنجا شھر پنھنجي قبضي ۾ ڪيا.(3)

* آثار قديم وارن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي هزار سال اڳ سنڌو درياهه جي ڪنارن تي ماڻهو پنهنجو تمدن ۽ تهذيب ٺاهي آباد ٿي ويٺا هئا. موئن جو دڙو ۽ ان سان لاڳاپو رکندڙ آثار قديم سندن تهذيب ۽ تمدن جا مرڪز هئا، جن تي اٽڪل 1700 قبل مسيح ۾ يا ان جي لڳ ڀڳ عرصي ڌاران آرين ھنن جي شھرن تي قبضو ڪيو، جن مان ڪي وڙهندي مري ويا، ڪي ڪمزور هئڻ سبب داس (غلام) ۽ اچوت بڻجي ويا ۽ ڪن وري لڏي وڃي مدراس ۽ ٻين ملڪن کي آباد ڪيو.(4)
آريا سنڌ ۾ 2500 قبل مسيح کان 1700 قبل مسيح تائين مختلف رستن کان مختلف قبيلن جي صورت ۾ ايندا رهيا، ۽ سنڌ جي سرزمين تي آرين جي آبادين جو تعداد وڌندو رهيو، آريا ابتدا ۾ دراوڙن کان گهٽ سڌريل خانه بدوش ۽ ويڙهاڪ هئا، پر دراوڙن جي ٺهيل ٺڪيل گهرن ۽ شهرن تي قابض ٿيڻ کانپوءِ هنن به پنهنجا تمدن ۽ تهذيبون برپا ڪيون. تحقيق مان پتو پئي ٿو ته آرين دراصل دراوڙن جي تهذيب ۽ تمدن مان ڪيتريون ئي ڳالهيون پاڻ اختيار ڪيون، جنهن ڪري سندن عقيدا گڏيل ۽ هڪ ٻئي کان ورتل معلوم ٿين ٿا.
۽ ٻوليءَ جي باري ۾ سائين جي. ايم سيد لکيو آهي ته: ”سنڌ جي اصل ٻولي دراوڙي هئي جنهن جو رسم الخط به هئو، جو موهن جي دڙي مان لڌل مهرن مان معلوم ٿي سگهيو آهي، ليڪن ان ٻوليءَ جي لفظن جو گهڻي تعداد ۾ لکيل نه هئڻ ڪري ان سان گڏ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي هم معنيٰ لفظن جي موجود نه هجڻ ڪري، مهرن جي لفظن جي معنيٰ معلوم نه ٿي سگهي آهي. درواڙي ٻوليءَ جون ٽي شاخون مدراس ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ مروج آهن، ان کان سواءِ ملا بالم تامل ۽ تيليگون به دراوڙي زبان سان مشاهبت رکندڙ ٻوليون آهن ۽ براهوي ۾ ڪيترائي لفظ دراوڙي آهن. پوءِ آرين اچي دراوڙن سنڌ جي اصل باشندن جي جاءِ والاري ۽ انهن جي مختلف قبيلن جي ٻوليءَ جا لهجا جدا جدا قسم جا هئا، سنڌي زبان پراڪرت معلوم ٿئي ٿي، آرين جي زبان ترقي ڪري وچ هندستان ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن ۾ ويد ۽ پراڻ لکيا ويا. جئين ته آريا قوم اتر هندوستان جي گهڻي حصي، روس، ايران، يونان، جرمني ۽ انگلينڊ وغيره جي ملڪن ۾ پکڙجي وئي انڪري انهن جي زبانن کي انڊو يورپ زبانون سڏجي ٿو. موجوده سنڌي زبان به انهن انڊو يورپ زبانن مان هڪ آهي يا انهن مان ڪنهن هڪ جي پراڪرت آهي.(5)
دراوڙي قوم يا نسل هنن بابت ٻه روايتون ملن ٿيون، هڪ راويت موجب اهي اصل پونج سمنڊ واري زمين تي رهندڙ هئا جن کي اتي پنهنجو تمدن ۽ تهذيب هئي، پوءِ اتان جي زمين سمنڊ هيٺ اچڻ ڪري انهن مان گهڻا ٻڏي ويا باقي جيڪي بچيا سي آهستي آهستي ڪري لڏي مصر، سمير، بابل ۽ سنڌوءَ جي سرزيمن تي اچي آباد ٿيا ۽ جدا تهذيبون ۽ تمدن برپا ڪيا. ٻي روايت آهي ته دراوڙ نسل وارا اصل ”انڊين اوشن“ جي ڀرواري ملڪ جتي هن وقت ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ آهي، اتان جا رهواسي هئا، جيڪي آسٽرلائيڊ نسل جا هئا اٽڪل 75 هزار سال اڳ زمين جي تبدليءَ ڪري اها زمين سمنڊ ۾ ٻڏي وئي ۽ اتي جي رهاڪن جن کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن هئي سي گهڻا ٻڏي ناس ٿيا پر جيڪي بچيا سي لڏي اچي انڊونيشيا انڊوچائنه، برما، سام ۽ بنگال کان مدراس طرف آيا ۽ اتان آهستي آهستي ڪري سمنڊ جو ڪنار وني سنڌ ۾ آيا، جتان وري ڪي ايران، عرق، شام ۽ مصر جي رستي پونج سمنڊ واري زمين تي آباد ٿيا ۽ گهڻي وقت کان پوءِ وري اتي زمين سمنڊ ۾ اچڻ ڪري تباهه ٿي ويا ۽ جيڪي بچيا سي مصر، سمير، ۽ بابل کان ٿيندا سنڌ آيا. (6)
آريائي قوم بابت به مختلف رايا آهن، هڪ ته اهي اصل ڪوهه ڪاف جبل جا رهاڪو هئا، جتان انهن مان ڪي ايران ۽ وچ ايشيا ذريعي سنڌ ۽ هنڌ ۾ آيا ۽ ٻيا رومانيا جي ذريعي يورپ طرف ويا. ٻي راءِ موجب ته اهي اصل ۾ وچ ايشيا جي يورال جبلن جا رهاڪو هئا، جتان ڪي وچ ايشيا کان ٿيندا سنڌ ۽ هنڌ طرف آيا ۽ ٻيا ايران ۽ يورپ طرف ويا. ٽين راءِ آهي ته آريا اصل اتر سائيبريا ۾ مارو جبل جا هئا جيڪي اتان مختلف رستن کان سنڌ، هنڌ ۽ ايران ۾ پکڙجي ويا. (7)
سنڌو ماٿري جي زرخيز زمين، مناسب پاڻي ۽ موزون گرمي پد جي مناسبت ڪري سنڌ جي وادي زراعت ۽ انساني رهائش جي لاءَ موزون آهي. ان ئي سبب ڪري انسانن جون ابتدائي وستيون سنڌ جي وادي ۾ آباد ٿيون، جيڪي اڳتي هلي سنڌ جي شاندار تهذيب جو بنياد بڻيون. سنڌو تھذيب سنڌو ماٿريءَ جي ميدانن، سنڌو درياھ ۽ ان ۾ ڪرندڙ ٻين ندين ۽ دريائن جي ڪنارن تي شروع ٿي. جنهن جا اھم مرڪز ڪوٽ ڏجي، موهن جو دڙو مھرڳڙھ ۽ ھڙپه ظاهر ٿيا آھن، جنهن مان خبر پئي ٿي ته هن تھذيب جا ماڻھو گھر پڪين سرن سان ٺاهيندا هيا. انھن وٽ ڏاند گاڏيون به هيون، هو چرخي ۽ کڏي تي ڪپڙا ٺاهيندا هيا، مٽي جي ٿانون ٺاهڻ جا ماهر ھيا. هاري، لوھار، ڪنڀر ۽ مستري سنڌو ماٿري جي تھذيب جا اڏيندڙ هيا. سوٽي ڪپڙو جنھن کي انگريزي ۾ ڪاٽن چوندا آهن، اهو به هنن جي ئي ايجاد هئي. ۽ سنڌ جي ٺھيل ململ ملڪان ملڪ پسند ۽ خريد ڪئي ويندي هئي، ۽ ململ ڪپڙو مصر احرامن ۾ رکيل ممين کي محفوض ڪرڻ ۾ به ڪم ايندو هو. هن تھذيب جي ترقيءَ، زراعتي پيداوار، صنعتي پيداوار ۽ مستحم واپار جي ڪري سنڌو ماٿريءَ جي خوشحالي ۽ دولت هزارن سالن کان ٻين ملڪن جي ماڻھن کي پنھنجي طرف ڇڪيو آهي.
پهريان جو هڪ خيال هو ته هندستان ۾ تھذيب ۽ تمدن جو بنياد آرين 1500 قبل مسيح ۾ وِڌو هيو. ان کان پهرين هتان جا رهاڪو جھنگلي ۽ تھذيب کان اڻ واقف ھيا. ليڪن بعد جي تحقيقن هن نظريي کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ هن ملڪ جي تاريخ کي ڏيڍ ھزار سال پوئتي ڪري ڇڏيو. موهن جي دڙي ۽ هڙپه جي آثارن جي دريافت ٿيڻ کان پوء انهن تي ٿيل تحقيق مان خبر پئي ته هتان جا رهاڪو آرين جي اچڻ کان ڪافي اڳ تھذيب ۽ تمدن جا مالڪ هيا.
** سنڌو تھذيب جي اصليت ظاهر ٿيڻ جو پهريون سبب اهو بڻيو جو راءِ بھادر ڏيارام 1921ع ۾ ھڙپه جي جڳهه تي قديم تھذيب جا آثار ڳولهي لڌا، جنهن ڪري آرڪيالاجي ماهرن جي دلچسپي وڌي ۽ ان کان هڪ سال پوءِ مسٽر آر ڊي بنرجي کي موهن جو دڙو مان قديم آثار مليا ۽ هن جو اطلاع هندستان جي قديم آثارن جي محڪمي کي مليو. محڪمي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل دلچسپي جو اظهار ڪندي انهن ٻنهي جڳهن تي توجه ڏني. انکان پوءِ راءِ بهادر ڏيا رام ڊائريڪٽر ارنسيٽ ميڪي ۽ آثار قديمه کاتي جي ٻين آفيسرن جي نگرانيءَ ۾ کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. 1931ع ۾ فنڊن جي گهٽتائي جي ڪري ڪم بند ڪيو ويو. ان عرصي دوران محڪمي پاران ٻين جڳهن تي به قديم آثارن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ وڏي ڪاميابي ملي ۽ خبر پئي ته هي تهذيب صرف موهن جو دڙو ۽ هڙپه تائين محدود نه آهي پر هن جو سلسلو سنڌ ۾ چانهيو جو دڙو، جهوڪر ۽ آمري ۽ پنجاب ۾ روپر ۽ بلوچستان ۾ نال ۽ ڪلي جي جڳهن تي به آثار آهن. (8)
ھنن آثارن جي کوٽاين مان ظاهر ٿيو ته سنڌو ماٿري جي تھذيب ان وقت پنهنجي عروج تي هئي، جڏهن دنيا ۾ پهرين شهرن جو بنياد وڌو پئي ويو، ليڪن بعد ۾ هيءَ تهذيب زوال پذير ٿي وئي. هن تھذيب جي آثارن جو ظاهر ٿيڻ 20 ھين صدي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم تاريخي ۽ آرڪيالاجي مظھر بڻيو آهي. ڇو ته هن تهذيب جي ڦهلاءُ ۽ معنيٰ کي 1922ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي کان پهرين ڪو به سمجهي نه سگهيو هو.
** سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب اوائلي تاريخ کان به پهريان جي بهترين نشاندهي ڪئي آهي. هن تهذيب جون ڪافي اهڙيون خصوصيتون آهن جيڪي صرف هن تهذيب سان تعلق رکن ٿيون. ماضيءَ ۾ هن تهذيب جي باري ۾ ماهرن جي راءِ هُئي ته هيءَ تهذيب اولھ ايشيا مان هن سرزمين تي آندي وئي هئي. ليڪن 1950ع ۾ ڊاڪٽر ايف اي خان ”ڪوٽ ڏجي“ جي کوٽائي ڪئي، جنهن مان نيون ڳالهيون جديد سائنسي بنيادن تي سامهون آيون ۽ پُراڻن تصورن ۽ خيالن ۾ تبديلي آئي. ڪوٽ ڏجي ۾ موهن جي دڙي جي دور کان ڪافي اڳ جي دفن ٿيل آبادي ملي آھي ۽ هن تهذيب جي زماني جو ريڊيو ڪاربن جي ذريعي پتو لڳايو ويو، جنهن مان ثابت ٿيو ته هي آبادي موهن جي دڙي کان به 800 سال اڳ جي تهذيب آهي! اُن کان پوءِ لڳولڳ کوٽايون ٿيون، جن مان اهو ثابت ٿيو ته هن تهذيب جي سرچشمي جي هن ئي سرزمين تي ابتدا ٿي. هي مقامي سماج جي ارتقا جو لازمي نتيجو هيو ۽ ٻاهرين اثر جيڪي به هُيا اهي گهٽ اهميت وارا هيا. هن تهذيب جو پختو زمانو 2500 ق م کان 1700 ق م آهي. ليڪن هن جو تسلسل ان کان آڳاٽو نظر اچي ٿو. پراڻين کوٽاين ۾ هن تهذيب سان واسطو رکندڙ شهر 42 جي تعداد ۾ هيا، هاڻي هنن جي تعداد ۾ سَون جو اضافو ٿي چڪو آهي. صرف چولستان ۾ ڊاڪٽر رفيق مغل 363 دفن ٿيل وستيون لڌيون آهن. ان کان علاوه سرائي کولا، جهنگ، بٺيال، سوات وادي ۾ غالا گئي، گومل وادي ۾ ڪافي جڳهون، بلوچستان جي علائقي مهر ڳڙهه ۾ هن تهذيب جا آثار مليا آهن. ڀارت ۾ گهگهر(هاڪڙي) درياھ ۽ اُن ۾ ڪرندڙ درياهن جا علائقا هنن آثارن سان ڀريا پيا آهن.
سنڌو تهذيب جا نُمايان شهر موهن جو دڙو، هڙپه، مھر ڳڙھ، ڪوٽ ڏجي، آمري، چانھون جو دڙو، بالاڪوٽ وغيره آهن.
تاريخ جا ماهرن سنڌ جي تهذيب لاءِ سلطنت جو لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، ليڪن پگٽ ۽ ويلز مٿاڇري طور انڊس امپائر جو لفظ استعمال ڪيو آهي. اڪثر ماهرن جو رجحان اهو آهي ته هن کي سلطنت نٿو سمجهي سگهجي. ليڪن ڪجھ حقيقتون اهڙيون آهن، جن جي ٻي تشريح هن وقت تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي. جيئن سنڌو ماٿريءَ جي صنعتي پيداوار جي زبردست هڪجهڙائي هن خيال جي ضرور گنجائش پيدا ڪري ٿي تہ هتي هڪ طاقتور مرڪزي حڪومت موجود هئي، جيڪا سڄي علائقي کي ڪنٽرول ڪندي هئي. ان کان علاوه موهن جو دڙو ۽ هڙپه همعصر شهر آهن، ۽ انهن ٻنهي شهرن جي اندر اوچا ۽ وڏا قلعا هيا، جنهن جي ڪري اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته هي دارالحڪومت هيا.ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ مصنوعات ۽ دستڪارين ۾ گِهري هڪجهڙائي ۽ هر علائقي ۾ اوزار هڪ جهڙا هيا. سرن جي ماپ، گهرن جو نقشو، وڏين گهٽين جي ترتيب مطلب ته سڄي شهر جي ٽائون پلاننگ هڪ جهڙي هئي. موهن جي دڙي ۾ ڪُل نوَ رهائشي سطحون ڪڍيون ويون آهن، انهن مان ڪافي جڳهن تي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جو ثبوت ملي ٿو. پر انهن مختلف دورن ۾ ڪجهه فرق نٿو ملي. نه ٻولي تبديل ٿي آھي، نه ئي رسم الخط، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هي تهذيب گهڻو وقت قائم رهي آھي.
پراڻي پٿر دور جي ماڳن جي وڌيڪ چڪاس ڊسمبر 1975ع ۾ برطانيه جي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي جي ماهر ڊاڪٽر الچين ۽ سندس زال ۽ ٻين ٻن ميمبرن سنڌ اندر شروع ڪئي. هنن دعوى ڪئي آهي ته، ”سنڌ ۾ پٿر دور جي انسانن طرفان اوزار ٺاهڻ جي ڪارخانن وارا هنڌ، ماڳ ۽ مڪان موجود آهن. اسان روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۽ حيدرآباد ويجهو اهڙا آثار معلوم ڪيا آهن ۽ اهڙا ماڳ ۽ مڪان ڏٺا آهن، جن کي پٿر جي دور جي اوزارن ٺاهڻ جي ڪارخانن جا هنڌ چئي سگهجي ٿو.“ انهن آثارن بابت ڊاڪٽر الچين جي راءِ آهي ته اهي آثار پنهنجي خاص نوعيت وارا هنڌ آهن، جن جهڙا دنيا ۾ هن کان اڳ فقط مصر ۾ مليا آهن. پروفيسر الچين هتان مليل اوزارن کي پراڻي پٿر دور جا اوزار سڏيو آهي ۽ انهن جي عمر 50 هزار سال ق- م مقرر ڪئي اٿائين.
سنڌوندي ۽ انجي معاون درياهن جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ ڪابل جي آس پاس جي ميداني علاقن کي عرف عام ۾ ”سنڌ جي وادي“ چيو ويندو آهي. سنڌ جي وادي هماليه، قراقرم ۽ هندوڪش جي پهاڙي سلسلن کان نڪرڻ وارن درياهن سان سيراب ٿئي ٿي ۽ ان پهاڙي سلسلن جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. موجوده وقت ۾ تقريباً پورو پاڪستان سنڌ جي وادي تي مشتمل آهي. زرخيز زمين، مناسب پاڻي ۽ موزون گرمي پد جي مناسبت ڪري سنڌ جي وادي زراعت ۽ انساني رهائش جي لاءِ موزون آهي. ان ئي سبب ڪري انسانن جون ابتدائي وستيون سنڌ جي وادي ۾ آباد ٿيون جيڪي اڳتي هلي سنڌ جي شاندار تهذيب جو بنياد بڻيون.
سنڌو تھذيب سنڌو ماٿريء جي ميدانن، سنڌو درياھ ۽ ان ۾ ڪرندڙ ٻين ندين ۽ دريائن جي ڪنارن تي شروع ٿي. جنهن جا اھم مرڪز ڪوٽ ڏجي، موهن جو دڙو ۽ ھڙپه ظاهر ٿيا آھن، جنهن مان خبر پئي ٿي ته هن تھذيب جا ماڻھو گھر پڪين سرن سان ٺاهيندا هيا. انھن وٽ ڏاند گاڏيون به هيون، هو چرخي ۽ کڏي تي ڪپڙا ٺاهيندا هيا، مٽي جي ٿانون ٺاهڻ جا ماهر ھيا. هاري، لوھار، ڪنڀر ۽ مستري سنڌو ماٿري جي تھذيب جا اڏيندڙ هيا.
سوٽي ڪپڙو جنھن کي انگريزي ۾ ڪاٽن چوندا آهن اهو به هنن جي ئي ايجاد هئي. ۽ سنڌ جي ٺھيل ململ ملڪان ملڪ پسند ۽ خريد ڪئي ويندي هئي، ۽ ململ ڪپڙو مصر احرامن ۾ رکيل ممين کي محفوض ڪرڻ ۾ به ڪم ايندي هئي. هن تھذيب جي ترقيءَ، زراعتي پيداوار، صنعتي پيداوار ۽ مستحم واپار جي ڪري سنڌو ماٿريءَ جي خوشحالي ۽ دولت هزارن سالن کان ٻين ملڪن جي ماڻھن کي پنھنجي طرف ڇڪيو آهي.
ھنن آثارن جي کوٽاين مان ظاهر ٿيو ته سنڌو ماٿري جي تھذيب ان وقت پنهنجي عروج تي هئي جڏهن دنيا ۾ پهرين شهرن جو بنياد وڌو پئي ويو، ليڪن بعد ۾ هيءَ تهذيب زوال پذير ٿي وئي. هن تھذيب جي آثارن جو ظاهر ٿيڻ 20 ھين صدي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم تاريخي ۽ آرڪيالاجي جو مظھر بڻيو آهي. ڇو ته هن تهذيب جي ڦهلاءُ ۽ معنيٰ کي 1922ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي کان پهرين ڪو به سمجهي نه سگهيو هو.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب اوائلي تاريخ کان به پهريان جي بهترين نشاندهي ڪئي آهي. هن تهذيب جون ڪافي اهڙيون خصوصيتون آهن جيڪي صرف هن تهذيب سان تعلق رکن ٿيون. ماضيءَ ۾ هن تهذيب جي باري ۾ ماهرن جي راءِ هُئي ته هيءَ تهذيب اولھه ايشيا مان هن سرزمين تي آندي وئي هئي. ليڪن 1950ع ۾ ڊاڪٽر ايف اي خان ”ڪوٽ ڏجي“ جي کوٽائي ڪئي، جنهن مان نيون ڳالهيون جديد سائنسي بنيادن تي سامهون آيون ۽ پُراڻن تصورن ۽ خيالن ۾ تبديلي آئي. ڪوٽ ڏجي ۾ موهن جي دڙي جي دور کان ڪافي اڳ جي دفن ٿيل آبادي ملي، ۽ هن تهذيب جي زماني جو ريڊيو ڪاربن جي ذريعي پتو لڳايو ويو. جنهن مان ثابت ٿيو ته هي آبادي موهن جي دڙي کان به 800 سال اڳ جي تهذيب آهي! اُن کان پوءِ لڳولڳ کوٽايون ٿيون جن مان اهو ثابت ٿيو ته هن تهذيب جي سرچشمي جي هن ئي سرزمين تي ابتدا ٿي. هي مقامي سماج جي ارتقا جو لازمي نتيجو هيو ۽ ٻاهرين اثر جيڪي به هُيا اهي گهٽ اهميت وارا هيا.هن تهذيب جو پختو زمانو 2500 ق م کان 1700 ق م آهي. پر حقيقت ۾ هن جو تسلسل 3800 ق م تائين نظر اچي ٿو. پراڻين کوٽاين ۾ هن تهذيب سان واستو رکندڙ شهر 42 جي تعداد ۾ هيا، هاڻي هن جي تعداد ۾ سَون جو اضافو ٿي چڪو آهي. صرف چولستان ۾ ڊاڪٽر رفيق مغل 363 دفن ٿيل وستيون لڌيون آهن. انکان علاوه سرائي کولا، جهنگ، بٺيال، سوات وادي ۾ غالا گئي، گومل وادي ۾ ڪافي جَڳَهون، بلوچستان جي علائقي مهر ڳڙه ۾ هن تهذيب جا آثار مليا آهن. ڀارت ۾ گهگهر(هاڪڙي) درياھ ۽ اُن ۾ ڪرندڙ درياهن جا علائقا هنن آثارن سان ڀريا پيا آهن.
سنڌوءَ جي پھرين تھذيب 2000 سال ڪنهن رنڊ روڪ ۽ رڪاوٽ کان سواءِ ڪنهن تبديليءَ بغير ھلندي ۽ ترقي ڪندي رهي. جنهن جا نشان ظاهر ٿيل آثار قديمه آھن پوء رڪاوٽون پيو ته واڌ ويجھ ۽ ترقي رڪجي وئي. (9)
آرڪيالاجي جي پروفيسر غلام مصطفيٰ شر صاحب جي چوڻ موجب ته: ”سنڌ بابت جيڪي ٿورا انگ اکر مليا آھن، ان مان معلوم ٿو ٿئي تـ اھو نالو (سنڌ) تمام گھڻو زمانو اڳ جو رکيل آھي، جيئن اسان جسم جي حصن جا نالا اک، ڪن، ھٿ، چپ، ڄڀ يا وغيرھ، تيئن درياھ ۽ سمنڊ تي سنڌو نالو رکيو ويو، مٿين علائقن ۾ سنڌو درياھ کي ابا سين يعني درياھن جو ابو به سڏيو ويو. اھا حقيقت آھي ته ھن سرزمين وطن جو نالو سنڌو درياھ جي نالي سان پيو ۽ سندس رھاڪن کي سنڌي چيو ويو. ھن جنت جھڙي ملڪ ۾ ٻن کان وڌيڪ نديون وھنديون ھيون جن ۾ مکيه سنڌو ۽ ھاڪڙو ھيون.
ملڪ جي طبعي جاگرافيائي ۽ ماحولياتي جز جھڙوڪ جبل، ريگستان، سامونڊي گذرگاھ، درياھ، سرسبز ميدان ٻيلا، چراگاھ ۽ ھر قسم جا گاھ اناج، ھر قسم جي جاندارن لاءِ کاڌو موجود رھيو آھي. درياھ ڪري مٺو پاڻي ۽ آبھوا وڻندڙ رھي آھي. سنڌ جي ماڻھن جي ڪلچر جو ارتقا جو سفر جو ڪاٿو آرڪيالاجي جي مليل ثبوتن مان پٿر جي اوزار مان 34 لک سال جي اوائلي اوزارن مان لڳائجي ٿو پر ان کان اڳ به ھت انسان موجود ھيا، جن تي تحقيق ٿئي پئي.
روھڙي جي ٽڪرين تي جيڪي پھرين دور جا اوزار مليا آھن، تنهن بابت اٽلي جي پروفيسرن ڊاڪٽر پائلو بياجي ۽ ڪرماسڪي ۽ پروفيسر مصطفيٰ شر 1980 واري ڏھاڪي ۾ اتي موجود ٽنھي پٿر جي دورن جا ھنڌ ڳولي لڌا ۽ رپورٽون ساڳي وقت دنيا جي وڏن جرنلن ۾ شايع بـ ڪيا. جن ۾ اوائـلي پٿر جا اوزار 20 لک سال قديم، وچولي پٿر جي دور جا 85 ھزار سال قديم ۽ مٿين پٿر جي دور جا 35 ھزار سال قديم اوزار مليا ويھن سالن جي کوجنا ۾ وڌيڪ 13 ھزار سال، 9 ھزار ۽ 5 ھزار سال قديم پٿر جا اوزار مليا آهن.
ميزولٿڪ پيرڊ: 13000 سال ھن دور کي پٿر کان ڌاتن چاندي سون لڀڻ جو دور سڏجي ٿو، ھن جا آثار ٺري ميرواھ جي ڍنڍن ڀرسان ٿر ۾، ڪوٽ ڏجي ۽ روھڙي جي پھاڙن تي ملن ٿا. ھن دور ۾ سنڌ جا ماڻھون شڪار ۽ جھنگلي ميوا پاڙون اناج گڏ ڪرڻ، ھنٽر گيدر واري زندگي کي چاندي سون ٽامي ڌاتن مان ٺھيل شيون استعمال ڪرڻ لڳا.

نئون پٿر جو زمانو .Neolithic
ھي دور اڄ کان 9000 ھزار سال اڳ روھڙي جي ٽڪرين جي اتر ۾ سکر شھر ۾ لاکين جي دڙي ۾ ملي ٿو، ھن دور ۾ سنڌ ۾ زراعت جي شروعات ٿي ۽ جانورن کي گھرو ڪيو ويو.
سنڌو تھذيب جي اوائلي دور ۾ آمري 3400 قبل مسيح جا ٻه درجن شھر سنڌ ۾ ملن ٿا.
ڪوٽ ڏجي ڪلچر 2900 قبل مسيج جا به ويھارو شھر مليا آھن.
موھن دڙو تھذيب 2500 قبل مسيح سنڌ جي پھرين رياست جيڪا ڏھ لک چورس ڪلوميٽرن تي ۽ 1500 شھرن تي وجود ۾ اچي ٿي .

سنڌو تھذيب جو زوال:
ھاڪڙو درياھ ٻڌي ان جو پاڻي ستلج ۽ جمنا ۾ وھائيو ويو ان تي سنڌو تھذيب جا 500 شھر ويران کنڊر بنجي ويا.

آرين جي ٿيوري:
آريا سنڌي ھيا سواستيڪا موھن دڙي ۾ ملي آهي ۽ پوءِ ايرانين, جرمن، فرينچن پاڻ کي آريا ظاھر ڪيو.

دراوڙ ٿيوري:
سنڌي سنڌي آھن موھن دڙي واري لاشن تي کوجنا ٿي آھي، اتان مليل انساني باقيات (ھڏاوان ڍانچا) جيڪا آھي، سا ساڳئي سنڌ ۾ موجود سنڌين جھڙي آھي، نڪي دراوڙ يا بروھي، دراوڙ تامل ناڊو ڏکڻ ھندوستان ۾ آھي، انھن سان موھن دڙي تھذيب جو ڪو تعلق ناھي.“ (10)
پروفيسر غلام مصطفيٰ شر موھن جي دڙي جي ٽنھي ٿيورين بابت ٻڌايو ته:
”ٽنھي ٿيورين لاءِ جزوي مڃجي، ان لاءِ ثبوت به آھن. موھن دڙي جو شھر ڪيترائـي ڀيرا سنڌوءَ جي ٻوڏ ھيٺ آيو آھي، جو ٻوڏ جي سلٽ جا نشان مليا آھن، ٻوڏ اچي پئـي ته ھو پاڻ سان سونا زيور (جيڪي ھلڪا ھيا) ڇو ڇڏي ويا، جو ھن وقت تائـين موھن دڙي جو %8 سيڪڙو کوٽائـيءَ ٿي آھي، جنهن مان 35 ڪلوگرام سون مان ٺھيل ڳھھ مليا آھن، جيڪي ٽامي جي ٿانون ۾ وجھي گھر ۾ پوريل آھن ۽ واپارين جون قيمتي، اھم مھرون، نالين، گٽرن ۽ کوھن ۾ اڇليل مليون آھن .
شھرمان 35 لاش مليا آھن، جيڪي جنگ جو منظر پيش ڪن ٿا، پر انھن ۾ بحرين ۽ برما جي نسل جي ماڻھن جا لاش به آھن. حملي آور افغاني، ايراني، عربي، اتر ھندستاني، به ٿي سگھن ٿا !
ٽئـين ٿيوري تھ سنڌو درياھ رخ مٽائـي ويو، ايڏو وڏو شھر درياھي واپار، زرعي پيداواري شيون نھ ملڻ سبب ويران ٿي ويو.
آرڪيالاجي ماھر موھن دڙو دريافت ڪرڻ بعد 1930ع واري ڏھاڪي ۾ ھاڪڙي جي سروي دوران موھن دڙي جي ھم عصر شھر لڌا، جيڪي ھاڻي 500 شھرن جي تعداد تائـين ملي ويا آھن. ھاڪڙو جنھن کي گھاگھر ندي، سرسوتي، واھند جي نالن سان سڏجي ٿو، سو ھماليا جبلن کان پور وڇوٽ تي سنڌو دريا سان گڏ سنڌ ۾ وھندو ھيو .
جرمن ۽ جاپاني تھن جي علم جي ماھرن، سنڌ مان گم ٿي ويل ھاڪڙي جو سيٽ لائـيٽ فوٽوگرافي ۽ تھن جي اڀياس مان پتو لڳايو آھي ته انڊيا جو شھر، ڪالي بينگن جيڪو موھن دڙو جي ھم عصر شھر جي اتر ”چنديڳڙھ“ پنجاب ۾، سن 1800 بي سي ۾ ھاڪڙي درياھ کي بند ٻڌي، ان جو اڌ پاڻي، جمنا ۽ اڌ ستلج پنجاب جي ندين ۾ وھايو ويو. انڪري ھاڪڙو درياھ سنڌ ۾ سڪي ويو. جنھن تي موھن جي دڙي جي تھذيب جا 500 شھر آباد ھيا. انھن شھرن جي آدشماريءَ شھر ڇڏي لڏ پلاڻ ڪئـي. اھي لڏيل ماڻھون ڪثي آباد ٿيا، تحقيق ٿي سگھي ٿي پر موھن دڙي جا 500 شھر ويران ٿيڻ سبب سنڌو رياست جي اقتصاديات ڏُڪر طرف ڌڪجي وئـي، ۽ ايڏي وڏي اقتصاديات اندروني بيروني واپار کي ڌڪ ھنيو، جنھن ڪري اتر ۽ اولھ جي رياستن جن ۾ اتر ھندستان، پنجاب، افغانستان، ايران ۽ عراق طرفان حملا ٿيا، شھرن ۾ سنڌين جنگين ۾ مقابلا ڪيا، شھرن ۾ لاش ملڻ جنھن جي ثابتي آھي .
سنڌ جو ميٽرو پوليٽن موھن دڙو ۽ اربن شھر 200 سال ڌارين ھٿان گڙٻڙ جو شڪار رھيا، سنڌ رورل علائـقن جي سنڌي ماڻھن وري پنھنجا شھر پنھنجي قبضي ۾ ڪيا.“(11)
* اوائلي سنڌو تهذيب جا نُمايان شهر موهن جو دڙو، هڙپه، ڪوٽ ڏجي، مھرڳڙھ، چانھين جو دڙو، آمري جو دڙو، بالاڪوٽ وغيره آهن. کوٽائين مان ظاهر ٿيندڙ سنڌو تهذيب ۾ وڏن شهرن جي موجودگي ثابت ڪيو آهي ته آبادي گهڻي هئي ۽ ماهرن کي اهي به ثبوت مليا آھن ته هتي وڏا جهنگ ۽ ٻيلا به هئا. کوٽائين مان مليل ٿانون ۽ مهرن تي جانورن جون شڪليون ٺھيل آھن جيڪي پڻ جهنگن جو ثبوت آهن. هنن جانورن ۾ گينڊو، شينهن، مينهن ۽ هاٿي گهڻي تعداد ۾ هيا ۽ واڳن جو پڻ ثبوت مليو آهي. رڇ جا ڪجهه نسل، بندر، نوريئڙو ۽ طوطو به مليو آهي. هرڻ ۽ ان جي نسل جو هڪ ٻيو جانور به مليو آھي.
جديد تحقيق دراوڙن ۽ آرين کي ٻاھران آيل واري خيال کي رد ڪري ٿي ۽ ٻڌائي ٿي ته ھي سڀ سنڌي ھئا. جنھنڪري سمجھ ۾ اھو ٿو اچي ته ابتدائي موھن دڙي واري تھذيب به مقامي سنڌين جي ھئي جن پڪا گھر ٺاھيا ۽ وڏا شھر آباد ڪيا، جنھن ڪري قوم ۽ ملڪ کي وڏي ترقي ۽ آسودگي حاصل ٿي. ھنن جي سڌريل ۽ پر امن شھرن تي ٻاھرين ۽ مقامي جنگجو قبيلن قبضو ڪيو، ۽ شھرن جي سڌريل ماڻهو، ھنرمند ۽ واپاري ڪجھ مارجي ويا ۽ ٻيا شھر ڇڏي جان بچائي شھرن کان پري پري ھليا ويا ۽ شھر غير ھنرمند جنگجو ماڻهن جي ھٿ چڙھي ويا، جنھن ڪري ھنر ۽ واپار کي وڏو نقصان پھتو ۽ سوين سالن تائين ترقي رڪجي وئي، پوءِ وري آھستي آھستي ھنرمندي ۽ واپار مستحڪم ٿيو ۽ ھن نئين تھذيب تمدن کي آرين جي تھذيب (آرياورت) سڏيو ويو، ۽ سنڌ نئي سر ترقي ۽ تھذيب جو عروج ماڻيو. ھنن آرين جو مذهب ھندو ڌرم ھيو ۽ پوءِ اڳتي ھلي ھندو ڌرم مان جين ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم فٽي نڪتا، ڇو ته آرين پاڻ کي ٻين کان افضل سڏائي ٻين کي داس (غلام) ۽ اڇوت سڏيو.
* هڙپه ۽ موهن دڙي واري تهذيب جي اجڙي وڃڻ کان ڪجھ وقت پوء موجوده ”سيوڻ“ جو اصل ۾ ”شو آستان“ يا ”سيوستان“ ۽ ان کان پوءِ ”اروڙ“ ۽ ”ملتان“ جا شاندار شھر سنڌو درياھ جي ڪنارن تي آباد ٿيا، جن مان ”اروڙ“ واديءِ سنڌ جي مضبوط ”سنڌو سلطنت“ جي گاديءَ جو ھنڌ بڻيو. جنهن ڪري واپار ۽ صنعت جو وڏو مرڪز رهيو. سيوڻ ۽ ملتان اروڙ جي ماتحت صوبائي گاديءَ جا تختگاھ بڻيا ۽ هي شھر به واپار ۽ صنعت جا وڏا مرڪز رهيا. سنڌو درياھ ڪناري هنن شھرن جو ”ديبل“ به هم عصر شھر رهيو آھي. هنن سڀن شھرن جي آباد ٿيڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو اهم سبب سنڌو درياھ ئي هو، ڇو ته ملڪي توڙي غير ملڪي وڻج واپار سنڌو درياھ ذريعي ئي ٿيندو هئو ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي زمينون آباد ٿين پيون ۽ زرعي پيداوار ڪري معيشت مضبوط ۽ ملڪ خوشحال هئو جنهن ڪري هميشه ڌاريا سنڌ تي حملا ڪري لٽ ڦر ڪندا رهيا، آھن.
روزاني ايڪتا 01 اپريل 2022ع

حوالا :
(1) ”سنڌوءَ جي ساڃاھ“ صفحو 39، (جي ايم سيد)
(2) ”جنت السنڌ“ صفحو 30، (رحيمداد خان مولائي شيدائي)
(3) آرڪيالاجي پروفيسر غلام مصطفيٰ شر صاحب.
(4) ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ صفحو 145، (جي ايم سيد)
(5) ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ صفحو 392، (جي ايم سيد)
(6) ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ صفحو 142، (جي ايم سيد)
(7) ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ صفحو 142، (جي ايم سيد)
(8) ”قديم سنڌ“ (مهرچند ڀيرومل)
(9) ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ صفحو 44، (جي ايم سيد)
(10) آرڪيالاجي پروفيسر غلام مصطفيٰ شر صاحب.
(11) آرڪيالاجي پروفيسر غلام مصطفيٰ شر صاحب.

سنڌ: اوائلي دور کان عرب دؤر تائين

سڀ کان پهرين سنڌ تي اوئلي وقت کان حڪومتن جا مختلف دور ۽ انهن جي وقت جو مختصر وچور سمجهڻ ضروري آھي، ته ڪهڙي وقت ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي ۽ ڪيترو وقت قائم رهي، ته جيئن پوءِ مختلف دور ۽ انهن جي ٽٽل سلسلن واري اوئلي تاريخ کي سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو.
* قديم سنڌو سلطنت، 7000 ق- م کان.
* عظيم سنڌو سلطنت، (اوائلي دور) 2500 ق- م 1600 ق- م
* عظيم سنڌو سلطنت، جو زوال 1600 ق- م کان.
* قديم سنڌو سلطنت (آريا دور)1000 ق- م کان 579ق-م تائين221 سال
* ايراني هخامنشي بادشاهي، 579 ق- م کان450 ق- م تائين 129سال
* جدا جدا حڪومتون، هيون 450 ق- م 330 ق- م 125 سال
* سڪندر اعظم يوناني، 329 ق- م 323 ق- م 07 سال
* موريا خاندان، 323 ق- م 187 ق- م 137 سال
* بيڪٽريا يوناني، 187 ق- م 70 ق- م، 114 سال
* سٿين جو دور، 70ق- م، 46ع، 116 سال
* پارٿين جو دور، 46ع، 78ع، 32 سال
* ڪشن دور، 78ع، 175ع، 113 سال
* جدا جدا، 176ع، کان 283ع. 107 سال
* ايراني ساساني دور، 284ع، 367ع، 83 سال
* گپت ۽ وهليڪا دور، 324ع، 367ع، 470ع، 103 سال
* هوڻ، 475ع، 499ع، 24 سال
* راءِ خاندان 499ع، 632ع، 137 سال
* برهمڻ خاندان، 632ع، 711ع، 79 سال
* عربن جو سنڌ تي حملو، 711ع
* سنڌ تي آريا، حاڪمن جو دور، 1000 ق- م کان 579، ق- م تائين 221 سال

* جيئن ته هن کان پهرين مضمون ۾ اوائلي دور جو تفصيلي ذڪر ڪري آيا آھيون، ان دور جي سنڌين کي دراوڙ سڏيو ويو آهي. ھنن موهن جو دڙو، هڙپه، ڪوٽ ڏڄي ۽ مهر ڳڙھ واري اوائلي عظيم تھذيب (انڊس ويلي) جوڙي ھئي. تاريخي طور چيو وڃي ٿو ته هنن جو زوال آرين جي اچڻ ڪري ٿيو، جن دراوڙن سان جنگيون ڪري هنن کان شھر، مال دولت ۽ زمين کسي کين داس/غلام بڻايو ۽ گهڻن کي هڪالي ٻاهر ڪڍيو، انهن کان پوءِ آرين جو دور شروع ٿيو. آرڪيالاجي جا ماھر چون ٿا ته اوائلي سنڌو تھذيب جي بربادي جو سبب درياهن جي اٿل پٿل ۽ خاص ڪري ھاڪڙي درياھ جو رخ مٽائڻ آهي، جنھن جو تفصيل ۽ حوالو ھن کان پھرين مضمون ۾ ذڪر ٿيل آهي.
تاريخي طور چيو وڃي ٿو ته آريا سنڌ ۾ وچ ايشيا ۽ اوڀر يورپ کان وارد ٿيا. سندن ملڪ ۾ تمام گهڻي سردي ۽ سنڌ جو سرسبز ۽ مالامال هجڻ سندن ڪاهن جا سبب ٻڌايا وڃن ٿا. سندن دؤر 1500ق- م ٻڌايو وڃي ٿو. آرين مقامي ماڻهن سان جنگيون ڪري کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رهيلن کي غلام ۽ هيٺئين درجي جو شهري قرار ڏنو. آرين جي دور ۾ سنڌ ۽ هند جو اوائلي پهريون ڪتاب رگ ويد (Ragg Ved or Rug Veda) سنڌو جي ڪنارن تي لکيو ويو، هندو ڌرم جي هن تمام وڏي ڪتاب ۾ بيتن جي صورت ۾ ان وقت جا رواج رسمون ۽ تاريخ لکي ويئي آھي. سنسڪرت ٻولي ۾ لکيل آھي، هن ڪتاب کي مستند سمجهندي اڄ جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آھي. هن ڪتاب مان ڄاڻ پوي ٿي ته آڳاٽا آريا ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سھنج ڪري والاري ويٺا هئا، جنهنڪري سندن والاريل ملڪ ”سپت سنڌو“ يعني ست درياهو سڏبو هو. ڪن عالمن کي رگ ويد مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ستن ندين مان پنج نديون پنجاب واريون هيون، ڇهين سرسوتي ۽ ستين سنڌو، جنهن ۾ سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون (Tributaries) يعني ڪابل ندي، گومتي (گومال)، سوات ۽ ڪرم به ليکيون وڃن ٿيون، جي تنهن وقت وهنديون هيون ۽ سنڌو نديءَ سان اچي گڏبيون هيون. ندين جا اهي سڀ نالا رگ ويد جي منڊل ڏهين ۾ ڏنل آهن. ان ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جا نالا به ڄاڻايل آهن، پر اهي گهڻو پوءِ نامياريون ٿيون، ۽ پوتر ليکجڻ ۾ آيون. اول رڳو سرسوتي ندي پوتر ليکبي هئي ۽ سنڌو ندي وڏي ۽ مکيه هئي، تنهنڪري رگ ويد ۾ گهڻي ساک رڳو انهن جي لکيل آهي. انهن ندين جي ڪنارن تي آرين جون جيڪي بيٺڪون هيون، تن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪشمير ۽ گنڌار (قنڌار) يعني هاڻوڪو پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ (هاڻوڪو افغانستان ۽ بلوچستان جي حدن تائين) اچي ٿي ويا. آرين جي انهن بيٺڪن کان ئي گهڻو اڳي، سور جونسي گهراڻي وارا ايوڌيا ۾، ۽ جندر ونسي گهراڻي وارا پرتيسٿان( الهه آباد) ۾ راڄ ڪندا هئا، ليڪن اهي پاسا رگ ويد واري هندستان ۾ نه ليکيا اٿن، جو ان وقت شايد اڏهين اڻ آريه لوڪ گهڻا هئا. بنگال، بهار ۽ ٻين هنڌ به اڪثر اڻ آريه قومون رهنديون هيون، جي پڻ پوءِ آرين جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيون. سپت سنڌوءَ ۾ رهڻ ڪري آرين جو ملڪ ”سنڌو“ نالي مشهور ٿيو. سنڌ جو پرڳڻو به ”سنڌو“ سڏبو هو، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”هندو“ ٿيو، ۽ آهستي آهستي سڄو علائقو هندستان سڏجڻ ۾ آيو.
سرسوتي نديءَ ۽ سنڌونديءَ جي وچ وارو ملڪ رگ ويد جي منڊل ٽئين (4،33) ۾ ديو ڪرت يوني (Davkrta yoni) سڏيو ويو آهي، جنهنجي اکري معنيٰ آهي ”ديويا ڀڳوان جو جوڙيل ملڪ“(God fashioned Country)، مطلب ته اهو ملڪ اهڙو سرسبز ۽ ڀريو ڀاڳيو هو، جو ڄڻ ته واليءَ خاص طرح ساڻس پنهنجو وڙ ڪيو هو، جنهنڪري آرين کيس اهو نالو ڏنو.
چندر ونسي آرين جا ڪل يا خاندانن بابت رگ ويد ۾ ڄاڻايل آھي ته چندرونسي گهراڻي وارا آريه لوڪ جدا جدا ڪلن ۾ ورهايل هئا، جن مان پنجن ڪلن يا خاندانن وارا مکيه هئا، جنهنڪري ”پنج جن“ يعني پنج ڄڻا يا پنجن نياتن وارا (Five folds or five peoples) رگ ويد ۾ گهڻا گهمرا ڪمآيل آهي. مطلب ته چندرونسي گهراڻي وارن جون پنج مکيه شاخون هيون، ۽ هر شاخ وارا پنهنجي ڪنهن وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏبا هئا. انهن پنجن شاخن يا نياتن مان هڪڙا سڏبا هئا يدو (يادؤ يا جادؤ ونسي)، ٻيا تروسو، ٽيا پُرو، چوٿان آنُو ۽ پنجان درهيون. اهي ڪير هئا، سا ڳالهه رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪانهي؛ پر اتهاسن ۽ پراڻن مان سندن سربستو احوال ملي ٿو. راجا پروروس، جنهن بابت مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته چندرونسي گهراڻي جوبنياد وڌو هئائين، تنهن جو پڙ پوٽو راجا يياتي هو، جنهن کي ٻه راڻيون هيون: هڪڙيءَ جو نالو ”ديويائي“ هو، جا آسرن جي گرؤشڪر آچاريه جي نياڻي هئي، ۽ ٻيءَ جو نالو ”سرمشٺا“ هو، جا دئتن، دانون ۽ اسرن جا راجا ”ورس پرون“ (Varsparuan) جي نياڻي هئي. راجا يياتيءَ کي راڻي ديويائيءَ مان ٻه پٽ، يڊو ۽ تروسو ۽ راڻي سرمشٺا مان ٽي پٽَ، درهيو، انو ۽ پرو هئا. انهن پنجن پٽن جو اولاد سندن ئي نالن پٺيان سڏبو هو. مطلب ته اهي ”پنج جن“ اصل هڪڙي ئي ڏاڏي جو اولاد هئا، پر پوءِ وچ ۾ گهڻيون پيڙهيون پئجي ويون هيون، جنهنڪري رگ ويد ۾ اهي علحديون علحديون شاخون هيون. ڪي پنهنجي ويجهي ڏاڏي تي ڪي ڪنهن ڏورانهين ڏاڏي جي نالي پٺيان پاڻ کي سڏائيندا هئا. ائين جملي چاليهن کن خاندانن جا نالا رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن؛ پر منجهانئن مکيه وري به ”پنج جن“ هئا. اهو ”پنج جن“ وارو خيال هن وقت ”پنچات“ لفظ ۾ سمايل آهي، جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”پنجن ڄڻن جو ميڙ“(1)
سنڌ ۾ سورج ونسي آرين ۾ هڪڙا سورج ونسي ٻيا چندر ونسي هئا. سورج ونسي گهراڻي مان پهريون راجا اڪشو اَڪو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ايوڌيا هو، جو نالو هاڻ ”ائوڌ“ تي پيل آهي. اڪشو اڪو جي ڀيڻ جو نالو ”اِلا“ هو، جا ٻڌ سان پرڻيل هئي. ٻڌ جي پيءُ جو نالو ”سوم“ (چنڊ) هو، تنهنڪري انهيءَ خاندان وارا چندرونسي سڏبا هئا. چندر ونسي گهراڻي مان پهريون راجا پروروس هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”پرتيسٿان“ (Partisthana) هو، جو هاڻ الهه آباد سڏجي ٿو. راجا پورس ۽ سندس اولاد ”آئل“ (Aila) يعني ”اِلا“ سڏيا ويا آهن. ميرو پربت کان وچ هماليه جبل واري واٽ وٺي اتر هندستان ۾ آيا هئا، جا ڳالهه پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي. اها هڪ وڏي سند آهي، جنهن جي آڌار تي اسان چيو آهي ته آريه اصل هندستان جا رهاڪو نه هئا، ليڪن ميرو پربت کان آيا هئا.(2)
سنڌ جو واسطو ٻنهي گهراڻن وارن سان آهي. هتي اول ايترو ڄاڻائجي ٿو ته سورجونسي گهراڻي وارا، جن مان راجا اڪشو اڪو، کان گهڻو گهڻو پوءِ راجا دسرٿ ۽ سري رامچندر ڇيدا ٿيا. سي قديم زماني ۾ سنڌ ۾ به هئا. (3)
هن دور کي رامائڻ ۽ مهاڀارت وارو دور به چيو وڃي ٿو. اصل ۾ آرين جڏهن سنڌ ۽ هنڌ جي پوري سرزمين تي قبضو ڪري ورتو ته هنن جي طاقتور قبيلن مختلف پرڳڻن تي پنهنجون الڳ الڳ رياستون قائم ڪيون، جن ۾ وڏو مذھبي اثر هئو، جنهن ڪري طبقاتي اونچ نيچ جو به وڏو فرق قائم رکيو ويندو هئو. جنهن ڪري مختلف رياستن جي راجائن جن کي برهمڻن ۽ پنڊتن جي پٺڀرائي پڻ حاصل هئي. انهن وچ ۾ جنگيون لڳيون هنن ۾ ڪوروئن ۽ پانڊوئن جا نامور خاندان هئا، جن وچ ۾ ڪئي سال وڏي جنگ هلي ۽ ٻين رياستن جا راجا هنن ٻنهي ڌرين الڳ الڳ حمايتي ۽ مدد گار رهيا، هن جنگ ۾ هندو مت جا نامور نيتا (پيشوا) رام ۽ ڪرشن به شامل هئا، جنهن ڪري هن جنگ واري دور کي مهاڀارت ۽ رامائڻ وارو دور چيو وڃي ٿو.
مها ڀارت واري دور ۾ سنڌ به مختلف رياستن ۾ ورهايل هئي. جن مان هڪڙي رياست ”ڪيڪيه راڄ“به هئي، جيڪا موجوده کيرٿر جبلن کان پريان هئي. سندس گادي جو هنڌ راڄ ڳڙھ سڏبو هو ۽ راجا جو نالو اسواپتي هو. هي رياست فوجي لحاظ طاقتور سلطنت هئي. هتان جا گهوڙا تمام گهڻو مشهور هئا. ساڳي وقت دولت مند ۽ خوشحال راڄ هو. راجا اسواپتي جي ڀيڻ راڻي ڪيڪئي ايوڌيا جي راجا ۽ شري رام جي پيءَ راجا دسرٿ جي ٽيون نمبر زال هئي. جنهن مان هن کي ڀرت نالي پٽ هو. راڻي ڪيڪئي جي نيڪي، وفاداري ۽ عمدہ مزاج جي رامائڻ وڏي تعريف ڪئي وئي آهي. پر ساڳي وقت کائنس شري رام کي ڊنڊڪ ڍنڍ ڏانهن بنواس ( جلاوطني) ڪرائڻ واري به ڪيڪئي هئي. (4)
اڳوڻو ڪيڪيا جو پرڳڻو، هاڻوڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان کان وٺي ملتان جي حدن تائين هو. ملتان وارو پاسو’سؤوير‘ سڏبو هو ڪيڪيه ۽ سؤوير ٻئي ڀائر هئا، تنهنڪري سندن انهن ٻنهي پرڳڻن جي ٻولي ساڳي هئي. انهن پرڳڻن ۾ پئشاچن بيٺڪون وڌيون، ته اتي جي پراڪرت ’ڪيڪيه پئشاچي‘ سڏجڻ ۾ آئي، جنهن مان هاڻوڪي ’لهندا‘ٻولي يعني پنجاب جي الهندي طرف جي ٻولي پيدا ٿي آهي، جا پنجاب جي اتر- الهندي ڏي ديري غازي خان، ديري اسماعيل خان ۽ ميانوالي تائين، ۽ پنجاب جي اتر-اڀرندي ڏي بهاولپور رياست جي حدن کان وٺي مانٽگومري (ساهيوال)، پنجاب واري گجرات ۽ ڪشمير طرف پيرپنجل واري گهاٽ تائين ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي. اها ملتان ڏي ’ملتاني‘ ۽ بهاولپور ڏي ’بهاولپوري‘ سڏجي ٿي. اهو سڄو علائقو هن وقت سرائڪي بلوچن جو علائقو آهي، ۽ ايڏانهين ڪيترا پنجابي هندو به اها ٻولي ڳالهائيندا آهن، تنهنڪري پٺاڻ ۽ ٻيا ’لهندا‘ کي ’هندڪي‘ يعني هندن جي ٻولي به سڏيندا آهن
مهاڀارت جي زماني ۾ سنڌ جي ٻي وڏي رياست سيوهڻ (سيوستان) جو ذڪر ملي ٿو ته هيءَ وڏي خودمختيار رياست هئي، جنهن تي راجا جئدرٿ نالي هڪ طاقتور بادشاہ حڪومت ڪندو هو. هن مهاڀارت ۾ حصو ورتو هو ۽ ڪورون جي طرف کان وڙهندي مارجي ويو هيو.(5)
آرين جو مذھب هندو ڌرم ئي سرڪاري مذھب ھو، جنهن ۾ طبقاتي اونچ نيچ جي روين کان بيزاري وڌي ويئي جنهن جي اظھار تي سخت سزائن ڏيڻ تي هنن ظلمن کان نفرت ڪندڙن جين ڌرم جو بنياد وڌو هن ڌرم جي وڏي واڌ ويجھ ٿي، خاص طور راجستان ۽ سنڌ ۾ ٿر پارڪر ۾ جين ڌرم جا شاندار اوائلي تاريخي مندر موجود آھن ۽ جين مت جو دور هلندي ئي ٻڌ مت جي پرچار به شروع ٿي ويئي ۽ هن مذهب کي پوري برصغير خاص طور سنڌ ۾ وڏي پزيرائي ملي.
سنڌ تي هميشه کان غيرملڪين جون ڪاهون ٿينديون رهيون آهن. قديم دؤر ۾ سنڌ ڌرتي تي آرين، مصرين، عراقين، ڪلدانين، يمنين ۽ يونانين جي ڪاهن جا واقعا ملن ٿا.
ٻڌ ڌرم واري زماني کان اڳي ئي سنڌ جو پرڳڻو سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ سبب ملڪان ملڪ مشهور هو. انهيءَ تي ايران جي بادشاهه دارا (پهرئين) جو وات پاڻي ٿيو، سو عيسوي سن کان 516 کن ورهيه اڳي پنجاب، گنڌار (قنڌار) ۽ سنڌ تي ڪاهي آيو. انهن ٽنهين هنڌن جا رهاڪو سندن ڏن ڀرو ٿيا. ۽ ٽي سؤ سٺ (360) ٽڻلينٽ، يعني اٽڪل ٻه سؤسٺ (260) مڻ، سون خالص جا سالياني ڍل طور کين ڏيندا هئا ۽ ايتري ڍل ٻئي ڪنهن به هنڌان ڪا نه ملندي هيس. انهن ٽنهي هنڌن جا نالا ايران جي هڪ ڪتبي (اُڪريل نوشتي) ۾ اڄ تائين لکيل آهن. دارا بادشاهه جي پوئينرن به ڪي سال اهو ڏن پئي اڳاڙيو. ايران جي ڪياني بادشاهن جو زور، عيسوي سن کان 330 ورهيه اڳي سڪندر اعظم ڀڳو. ان وقت پنجاب، سنڌ ۽ گنڌار (قنڌار) ايراني حاڪمن جي هيٺ هئا، تنهنڪري سڪندر اعظم اهي به اچي هٿ ڪيا. (6)

* سڪندر يوناني جي سنڌ تي ڪاھ.
327 ق- م ۾ سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهه ڪري ڏني ۽ سنڌي راجائن مان راجا پورس ۽ راجا سامبس ساڻس دليري سان مقابلو ڪيو.

*راجا پورس جو سنڌ تي راڄ
سڪندراعظم جي وڃڻ بعد سنڌ جو وڏو حصو راجا پورس جي حڪمراني ۾ ڏنو ويو هو، ۽ چندرگپت موريا جي اچڻ تائين ان جي قبضي ۾ رھيو. راجا پورس پنجاب جو تاريخي حڪمران، جنھن جي رياست جھلم درياھ ۽ چناب درياھ جي وچ ۾ قائم ھئي. جھلم جي پار ٽيڪسلا تي راجا امڀي حڪمران ھو. پورس ۽ امڀي ھڪ ٻي جا دشمن ھا. سڪندر اعظم ھندستان تي 327 ق.م. ۾ حملو ڪيو ته امڀي رڳو پورس سان دشمنيءَ جي ڪري سڪندر جي فرمانبرداري قبول ڪئي ۽ ست سو هٿياربند ۽ ٽي ھزار پيادا فوج انجي ڪمان ۾ ڏئي ڇڏي. تمام گهڻا جواھر به نذر ڪيا. پورس سڪندر جي اطاعت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ فوج وٺي جھلم جي ڪناري پھتو. رات جي اونداھ ۾ سڪندر جي فوج درياھ ٽپي، اوچتو حملو ڪري ڇڏيو. پورس جا جنگي ھاٿي وڦلجي ويا ۽ انھن پنھنجي ئي فوج کي چيڀاٽي ڇڏيو. پورس کي شڪست ٿي، ھن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ سڪندر جي سامھون پيش ڪيو ويو ته سڪندر پڇيو: ”ھاڻي توسان ڪھڙو سلوڪ ڪيو وڃي؟“ پورس وڏي بھادری سان جواب ڏنو: ”جيڪو سلوڪ ھڪ بادشاھ کي ٻي بادشاھ سان ڪرڻ گھرجي. سڪندر ان جواب مان خوش ٿيو ۽ پورس جي رياست ان کي واپس ڪري ڇڏي. سڪندر اعظم پنهنجي پاران پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪي گورنر مقرر ڪري، پاڻ بئبلان ڏي موٽيو ۽ عيسوي سنه کان 323 ورهيه اڳي گذاري ويو. سندس مرڻ جي خبر ٻڌي، ماڻهن يوناني لشڪر کي تڙي ڪڍيو ۽ پنهنجي پرڳڻي جا پاڻ والي ٿيا.
انهن ڏينهن ۾ مگڌ، يعني بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾، نند گهراڻي جي حاڪمن راج ٿي ڪيو. سندن لشڪر جو سپهه سالار چندر گپت نالي هڪ جوڌو جوان هو، جنهن ڪيترا همراهه ساڻ ڪري پنجاب مان يونانين کي لوڌي ڪڍيو. انهيءَ ڳالهه ۾ سوڀارو ٿيو، ته سنڌ به پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين بلڪ نند گهراڻي وارن جو به زور ڀڃي، پاڻ سڄي اتر هندستان جو والي ٿيو ۽ مؤريا گهراڻي جو بنياد وڌائين.
سڪندر اعظم کان پوءِ سندس بادشاهت جو ڪجهه ڀاڱو سيليوڪس نڪيٽر کي مليو هو. پوءِ پنجاب ۽ سنڌ کي هٿ ڪرڻ لاءِ هو عيسوي سن کان 305 ورهيه اڳي، پنجاب تي ڪاهي آيو. ان وقت تائين مهاراجا چندر گپت اهڙو زور آور ٿي اڀريو هو جو سيليوڪس جي ساڻس پڄڻ جي جاءِ نه هئي. مهاراجا چندر گپت اهڙو ته سوڙهو گهٽيس، جو سيليوڪس پنجاب ۽ سنڌ تان ته هٿ کنيو، پر پنهنجي ڌيءُ جو سڱ مهاراجا کي ڏيئي، ساڻس صلح ڪيائين ۽ افغانستان ۽ بلوچستان جا ڪي پاسا کيس ڏاجي ۾ ڏنائين. (7)

** موريا خاندان 323ق. م، 187 ق. م، 137 سال
موريا گھراڻي جو راڄ
عيسوي سن کان 184 ورهيه اڳي، جڏهن موريا گهراڻي جو زور ٽٽو، تنهن کان وٺي اٽڪل 320ع تائين. يعني ڀريا پنج سؤ ورهيه ساندهه، سنڌ پرڳڻي گهڻا لاهاچاڙها ڏٺا. انهيءَ کان پوءِ 320ع ڌاري مڌيا ديش جي پنچالن جي ڪل وارن پنهنجو نالو ڪڍيو. يجرويد واري زماني کان وٺي اهي پنچال، ڪانيا ڪبج (ڪنوج) ۾ راڄ ڪندا هئا، سندن ڪل وارن گپت گهراڻي جو بنياد وڌو ۽ سنڌ جي سٿين حاڪمن کي پنهنجو ڏن ڀروُ ڪيائون؛ پر سنڌ جي حڪومت جون واڳون وري به سٿين لوڪن جي هٿن ۾ ڇڏيائون.
گپت گهراڻي جي راڄ شروع ٿيڻ سان برهمڻن لاءِ ڄڻ ته سونو سج اڀريو ڇاڪاڻ ته گپت گهراڻي وارا سڀ ڪريا ڪرم برهمڻن کان ڪرائيندا هئا. ٻڌ ڌرم جاري ٿيڻ ڪري برهمڻن ٺوڪر کاڌي هئي، سي هينئر چيتي هلڻ لڳا ڪن لنگ جي پوڄا ٿي ڪئي ۽ ٺاڪردوار ٿي ٺاهيا، ته انهن ڳالهين تي اعتراض ڪونه اٿاريائون. ائين ماڻهن جي ڀيت تي هلڻ لڳا ته ٻڌ ڌرم هوندي به، برهمڻي ڌرم وري پاڻ کڻڻ لڳو. راجا سمدر گپت جو پٽ راجا چندر گپت (ٻيو)، جو عام طرح وڪرماجيت (وڪرمادنيه) سڏجي ٿو، تنهن جي جاکوڙ سان وديا پکيڙ چڱي ٿيي. سندس دربار ۾ جيڪي عالم ۽ فاضل هئا، تن مان نوَ ڄڻا ’نوَ رتن‘(Nine gems) سڏجڻ ۾ آيا، جن مان هڪڙو ناميارو ڪوي ڪاليداس هو، جنهن جا سنسڪرت ناٽڪ مشهور آهن ۽ ٻيو وررچي هو. گپت گهراڻي وارن جي صاحبيءَ ۾ ماڻهو سک سانت ۾ گذارڻ لڳا. گهرن ۾ ڪٿائون ٿيڻ لڳيون ۽ ماڻهو پراڪرت لفظن بدران ڪيترا نج سنسڪرت لفظ ڪم آڻڻ لڳا. (8)
اهو پوري طرح معلوم نه ٿو ٿئي ته سنڌ چندرگپت جي هٿ هيٺ ڪڏهن آئي. عين ممڪن معلوم ٿئي ٿي ته پورس جي مرڻ تي چندرگپت هڪ اهڙي صوبي جي مٿان بالادستيءَ جي دعويٰ ڪئي هجي، جيڪو پرڏيهي فاتحن طرفان سندس حليف ۽ ساٿي جي حوالي ٿيل هو. سال 305 ق- م ڌاري، نڪيٽور سيليوڪس، پاڻ کي بابل ۾ مستحڪم ۽ اعليٰ طاقت جي مالڪ بنائڻ ۽ هندستاني سرحد تائين واقع ملڪن تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ، سڪندر واريءَ هندستان جي فتح کي تازو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. چندر گپت موريا انهيءَ ڪاهه کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو لشڪر ڪٺو ڪيو. سيليوڪس سنڌوندي پار ڪئي، پر اهو معلوم نه ٿو ٿئي ته ڪا وڏي جنگ لڳي يا نه پر اھا تصديق آھي ته ٻنھي بادشاھن ۾ نيٺ ٺاھ ٿيو، ممڪن آهي ته هندستاني راجا جنگ ڪرڻ لاءِ سهولت واري هنڌ تي قبضو ڪري ورتو هجي، جنهن سيليوڪس کي مفيد شرطن جي آڌار تي اتحاد جي ٺاهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هجي ۽ اهو پڻ امڪان آهي ته عين انهيءَ موقعي تي سيليوڪس کي شام کان امداد لاءِ سڏ ٿيو هجي، جن کيس پنهنجين فوجن کي فوراً جنگ جي ميدان کان علحده ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو هجي. ۽ سيليوڪس سڪندر جي سلطنت جي وڃايل ڪنهن علائقي تي ٻيهر قبضي ڪرڻ جي بدران، چندرگپت کي گنڌارا ۽ آرڪوسيا ۽ گيڊروسيا جي مغربي حصن جي مٿان بالادستيءَ جا حق سپرد ڪري هليو ويو. اهو سرحدي علائقو جلال آباد کان ڪوئيٽا، قلات ۽ عربي سمنڊ ڏانهن پورالي نديءَ کان ڪڍيل سرحد تائين پکڙيل هو. ممڪن آهي ته انهيءَ علائقي ۾ اڳي ئي هندستاني داخل ٿي چڪا هئا، ۽ عملي لحاظ کان اهو سندن قبضي ۾ هو، جنهن ڪري ٻنهي شهنشاهتن جي سرحد اڳي ئي ائين واضح ٿي چڪي هئي. گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ سرحدي صورتحال ۾ ٻي ڪا ڦيرگهير آيل نه ٿي معلوم ٿئي ۽ ٻنهي ملڪن جي درميان ڪيترن نسلن تائين تعلقات خوشگوار رهيا. سيليوڪس کي سندس طرفان ڏنل علائقي جي بدلي ۾ پنج سو جنگي هاٿي مليا، ۽ صلح جي ٺاهه ۾ ٻنهي شاهي گهراڻن ۾ دوستانه تعلقات قائم ڪرڻ سان گڏ شادي ذريعي مائٽاڻا لاڳاپا پڻ استوار ڪيا ويا.
اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ لس ٻيلي کي عهد نامي جي ذريعي ايران جي شهنشاهت کان جدا ڪري، هندستان جي شهنشاهت ۾ شامل ڪيو ويو. هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته اهي ٻيئي مگڌ بادشاهيءَ جون ڏن ڀريندڙ ماتحت رياستون بڻجي ويون ۽ سندن حڪمران اتان جا مقامي ماڻهو هئا ۽ اندروني انتظام انهن جي پنهنجي هٿ ۾ رهندو آيو، جيتوڻيڪ اهو به امڪان آهي ته چندر گپت پنهنجي طرفان انهن ايراضين تي پنهنجا شاهي وائسراءِ به مقرر ڪيا هجن. اسين اهو به اندازو ڪري سگهون ٿا ته سنڌو نديءَ جي الهندي طرف وارا هي علائقا ۽ ٻيون اهڙيون ايراضيون هن جي پوٽي اَشوڪ جي هٿ ۾ هيون جيڪي گپتا شهنشاهت جون ”سرحدي رياستون“ هيون.
مهاراجا اشوڪ جي وقت ۾ سنڌ ۾ ڪن هنڌ تي ٻڌ ڌرم جا پرچارڪ مرڪز ”سٽوپا“ (Stupa) ٺهيا، جيڪي ٻڌ ڌرم جا عبادتگاھ آھن۔ ۽ ان وقت ۾ ٻڌ ڌرم وڌيڪ زور ورتو ۽ پالي ٻوليءَ به ترقي ڪئي. مهاراجا اشوڪ، عيسوي سنه کان 227 ورهيه اڳي گذاري ويو. کانئس پوءِ عيسوي سنه کان 180ع کن ورهيه اڳي، بختر (بئڪٽريا) طرف جا ڪي يوناني لوڪ پنجاب تي ڪاهي آيا ۽ پوءِ سنڌ جي به فتح ڪيائون.(9)

** سنڌو سلطنت ۽ راءِ گهراڻو
سنڌو سلطنت تي راءِ خاندان جي حڪومت 499ع کان 632ع تائين لاڳيتا 137 سال قائم رهي.
عيسوي سن کان 184 ورهيه اڳي، جڏهين موريا گهراڻي جو زور ٽٽو، تنهن کان وٺي اٽڪل 320ع تائين. يعني ڀريا پنج سؤ ورهيه ساندهه، سنڌ گهڻا لاهاچاڙها ڏٺا. جنهن کان به گهڻي عرصي کان پوءِ راءِ گهراڻي وارن جي هڪ مضبوط حڪومت جڙي جن سنڌ کي مضبوط ڪيو ۽ واپار کي هٿي ڏيئي ملڪ کي معاشي ترقي وٺرائي.
سنڌ جو راءِ گهراڻو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ طاقتور، وڏي عرصي تائين حڪومت ڪندڙ، جاگرافيائي طور هڪ وڏي ۽ مضبوط، سياسي طور مستحڪم، معاشي طور خوشحال ۽ فوجي لحاظ کان هڪ طاقتور ملڪ ”سنڌو سلطنت“ مٿان حڪومت ڪندڙ گهراڻو ٿي گذريو آهي.
سنڌ جو هيءُ حاڪم گهراڻو شروع ۾ سنڌ تي ايراني سلطنت جي ساساني حڪمرانن جي ماتحت ٿي حڪومت ڪئي، پوءِ پاڻ کي مضبوط ۽ طاقتور ڪري سنڌ کي ساساني ايرانين جي قبضي مان ڇڏايو ۽ سنڌ جون سرحدون اتر ۾ ڪشمير تائين اولهه ۾ مڪران تائين ڏکڻ ۾ ديبل تائين ۽ اوڀر ۾ گجرات ۽ مالوا تائين واڌائي سنڌ جي مضبوط سلطنت قائم ڪئي.
ڪاڪا ڀيرومل جي لکت موجب گپت گهراڻي وارن جي راڄ شروع ٿيڻ کان پوءِ، ڏيڍ سؤ کن ورهيه ساندهه، هندستان جي ماڻهن امن امان ۾ گذاريو، پر پوءِ'هون‘ لوڪ هندستان تي ڪاهي آيا، جي ’هُون‘ به سڏبا هئا. انهن مان ڪي گورجر، ڪي اهير(اڀير) ۽ ٻين ذاتين وارا هئا، پر سڀني کي گڏي ’هوڻ‘ (Huns) سڏيو ويو. سندن اڳواڻ ’مهر گل‘ نالي هو، ھنن گنڌار (قنڌار) طرف ڦرلٽ ڪري ماڻهن جي گهرن کي باهيون ڏنيون. هندن ۾ اهڙو هراس پيدا ٿيو، جو اهو سمورو پاسو خالي ڪري ويا ۽ پنجاب جي الهندي طرف ڪيڪيا جو پرڳڻو هو سو به هنن هون لوڪن باهيون ڏيئي ساڙيو ۽ اتان جي هندن کي به لڏڻو پيو. اڄ اهو علائقو ديرو اسماعيل خان ۽ ديرو غازي خان سڏجي ٿو. اهي ئي هون لوڪ هئا، جن گپت گهراڻي جو خاتمو ڪيو ۽ سنڌ ۾ اچي راءِ گهراڻي جو راڄ قائم ڪيو. اهي ئي لوڪ پهريائين شودر ليکيا ويندا هئا، پوءِ برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا، ته برهمڻن گهڻي خوشيءَ سان سندن شڌي ڪري، کين کتري بنايو. ڀانئجي ٿو ته اگني (باهه) ٻاري، هون هوم ڪري، سندن شڌي ڪيائون، جنهنڪري سندن اولاد ’اگني ڪل‘ يعني باهه جي خاندان مان پيدا ٿيل راجپوت (راجا جا پٽ) سڏجڻ ۾ آيو. هندستان جي تازين جڙيل تاريخن ۾ راجپوتن جو زمانو سن 650ع کان وٺي ليکيو وڃي ٿو. (10)
اسلام کان اڳ جن گهراڻن سنڌ تي حڪمراني ڪئي هئي. انهن ۾ هڪ راءِ گهراڻي جي حڪومت اهم آهي. هن گهراڻي جو مذهب ٻڌمت هو. سندن دؤر سنڌ ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقيَ جو دؤر آهي.

راءِ گهراڻي جي راجائن جو حڪومتي عرصو
* راءِ ڏياچ نامعلوم
* راءِ ديواجي، 489ع تائين
* راءِ سھارس پھريون، 535ع تائين
* راءِ سھاسي پھريون، 565ع تائين
* راءِ سھارس ٻيون، 595ع تائين
* راءِ سھاسي ٻيون 632ع تائين (11)
راءِ گهراڻي ڇهين عيسوي پوري صدي ۽ ستين صدي جي اڌ تائين حڪومت قائم رکي. ان دور جي دنيا جي نقشي تي ننڍي کنڊ جون ٻه مکيه طاقتور سلطنتون هيون، هڪ سنڌو ۽ ٻي هرشا، ٻئي پاسي ايرانين جي ساساني سلطنت هئي ۽ چوٿين ان جي پريان رومن سلطنت موجود هئي.
راءِ گهراڻي جي تاريخ بابت احوال مختلف ڪتابن مان ملي ٿو، جن ۾ هڪ چيني سياح ”يُئان چوانگ“ جي لکت به آهي، جيڪو 640ع ۾ سنڌ آيو هو. ان کان سواء ٻيو وڏو ڪتاب چچنامو ۽ عربن جون لکيل ٻيون تاريخون به آهن. ليڪن هن دور جي سنڌو سلطنت جي سرحدن ۽ حڪومتي سالن بابت تاريخن ۾ گهڻا مونجهارا آهن. ان جو اهم سبب سنڌ جي اصلوڪن تاريخي دستاويزن جو سڙي ۽ گم ٿي وڃڻ آھي، ٻيو ته عرب تاريخ نويسن تاريخ ۾ رومانويت، هٿ ٺوڪيا عربن جي سورهيائي جا حوال ۽ ڌرتي ڌڻين جي مخالفت ڪندي بھتان بازي به گهڻي آھي، ۽ چچمنامي ۾ ڪافي ڌڪا پڻ لکيل آهن. انهن کان سواءِ تحفته الڪرام به آهي، ليڪن اهو به چچنامي تان جيئن جو تيئن نقل ڪيل آهي.
جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي لکي ٿو ته راءِ گهراڻو- ايوڌيا جي سورج ونسي خاندان جي راجائن مان رامچندر جي اولاد مان راجا بليڪا جي پوڻن يارنهن سئو ورهيه قبل مسيح ۾ اروڙ تي حڪومت قائم ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ چندر ونسي راجائن دکن کان وٺي گهرات، سنڌ، بلوچستان، رابلستان ۽ قابل تائين هنن حڪومتون کڙيون ڪيون جن جو تفصيل هن ريت آهي.
1. ’آنو‘ هنن جي پنجاب تي حڪومت هئي، 2. ’پارواز‘، هنن جي اتر اولهه هندستان تي حڪومت هئي، 3. ’دروهي‘ هنن جي اولهه هندستان جي هڪ ڪنڊ تي حڪمت هئي، 4. ’يادو‘، هنن جي گجرات، سنڌ ۽ مڪران تائين حڪومت هئي، 5. ’ترواسو‘، هنن جي هسناپور تي حڪومت هئي، هنن کي مختلف لقبن سان سڏيو ويندو هو، ۽ يادو جيڪي سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا، انهن کي ”راءِ“ سڏيو ويندو هئو ۽ جيڪي ڪابل ۽ رابليستان تي حڪومت ڪندا هئا انهن کي ”رتبيل“ سڏيو ويندو هئو ۽ مڪران تي حڪومت ڪندڙن کي ”راشل“ لقب سان سڏيو ويندو هو.(12)
سنڌ تي يادو حڪومت جو پايو وجهندڙ ”سمبا“ هو جو دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻيءَ ماموتيءَ جو وڏو پٽ هو جنهن جي اولاد مان ”سامبس“ هو جنهن سڪندر اعظم سان مقابلو ڪيو هو.
راءِ گهراڻي جا پنج راجا مشهور ٿيا، جن سنڌ سلطنت تي حڪومت ڪئي جن جو تخت گاهه ”اروڙ“ هئو، 1. راءِ ديواجي، 2. راءِ سهارس پهريون، 3. راءِ سهاسي پهريون، 4. راءِ سهارس ٻيول، 5. راءِ سهاسي ٻيو، هي سڀ ٻڌمت جا پوڄاري هئا، سندن حڪومت جون حدون اتر ۾ ڪشمير، قنڌار ۽ هيلمند تائين هوين، اولهندي ۾ ڪرمان ۽ واديءَ بنور منشور تائين ڏکڻ ۾ سورت ۽ اوڀر ۾ چتور ڳڙهه به سندن ماتحت هئو، هنن جي سلطنت ۾ اروڙ اُچ ماٿيلو، سيوستان نبروز ڪوٽ، برهمڻ آباد ۽ ديبل مخمور قلعا هئا ۽ سندن پاران چار نائب صوبن تي مامور هئا جيڪي ”ملڪ“ سڏبا هئا.(13)

راءِ گهراڻي وارا جيتوڻڪ پاڻ ٻڌ ڌرم وارا هئا، ليڪن ان جي باوجود پنهنجي گاديءَ جي هنڌ اروڙ ڀرسان هڪ شِو جو هڪ وڏو مندر ۽ ڪالڪا مندر پڻ ٺهرايو هئائون. هنن جي اهڙين حڪومتي رواداري وارين پاليسين ڪري سڄو دور سنڌ جو امن ۽ ترقي وارو دور رهيو. انڪري ان دور جي چيني سياح ”يُئان چوانگ“ لکيو ته ان وقت سنڌ جو ڪو به سرڪاري مذهب نه هو. عورتون ۽ مرد ٻوڌي طريقي سان زندگي گذاريندا هئا. وار ننڍا رکندا هئا ۽ هيٺ گوڏ ٻڌندا هئا. ان چيني ياتريءَ کي سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم زوال جو شڪار نظر آيو هو. چچنامي ۾ راءِ گهراڻي جي باري ۾ تمام وڏا قصا بيان ڪيا ويا آهن، جڏهن ته چچ واري برهمڻ گهراڻي کي ڏاڍو نيچ ڏيکاريو ويو آهي. جنهن کي بعد ۾ عربن 712 عيسوي ۾ ختم ڪيو. راجا سهاسي راءِ ٻيئن ايرانين جي عربن سان جنگ وقت وڏي مدد ڪئي هئي. ايرانين کي لشڪر ۾ هاٿي ۽ جت فوج ۾ موڪلي ڏنا هئائين. اهو عمر رضه جي دور ۾ 637ع ڌاري جو واقعو آهي. جڏهن ايرانين جي ساساني سلطنت عربن ڊاهي پٽ ڪئي ته پوءِ انهن سنڌ تي حملا ڪرڻ به شروع ڪيا. سنڌ تي راجا سهاسي ٻئين جي دور ۾ هارشا سلطنت جي هندو راجا پڻ ڪافي حملا ڪيا پر سنڌ تي قبضو نه ڪري سگهيو. عمر رضه کي به ڪمانڊرن اها رپورٽ ڏني ته سنڌ فتح ڪرڻ ڏکي آهي. پوءِ ان سنڌ ڏانهن پيش قدمي روڪرائي ڇڏي هُئي. جنهن ڪري عربن راسل واري جنگ کٽڻ باوجود اڳتي نه وڌيا. هن گهراڻي جي دور ۾ خاص طور تي راجا سهاسي ٻئين 600 عيسوي کان 640 عيسوي تائين هرشا سلطنت، عربن جا حملا ۽ وائٽ هُونن جا حملا ناڪام ڪيا ۽ سنڌ جو بچاءُ ڪيو. جنهن ڪري ”يُئان چوانگ“ به لکيو آهي، ته سنڌ جا ماڻهو ڏاڍا ويڙها ۽ بهادر، بردبار ۽ سٺي اخلاق وارا آهن.
”يُئان چوانگ“ اهو به لکيو آھي، ته ان وقت ۾ سنڌ جو ڪو به سرڪاري مذهب نه هو. عورتون ۽ مرد ٻڌ مت طريقي سان زندگي گذاريندا هئا. وار ننڍا رکندا هئا ۽ هيٺ گوڏ ٻڌندا هئا. ان چيني ياتريءَ کي سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم زوال جو شڪار نظر آيو هو. چچنامي ۾ راءِ گهراڻي جي باري ۾ تمام وڏا بيان لکيا ويا آهن، ۽ راجا چچ جي برهمڻ گهراڻي کي ڏاڍو نيچ ڏيکاريو ويو آهي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته چچنامو عربن جو لکيل آھي، عربن جڏنهن سنڌ تي ڪاھ ڪئي ته سنڌ تي برهمڻن جي حڪومت هئي جن عربن سان مقابلو ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم وارن برهمڻن جي دشمني ۾ عربن جي هرهنڌ آجيان ڪئي. چچنامي ۾ راءِ گهراڻي جي حڪومت جي ختم ٿيڻ بابت بيان ڪيل آهي، ته سيئلاج جو پُٽ چچ جيڪو راجا ڏاهر جو پيءُ هو، سو راءِ سهاسي ٻئين جي دور ۾ ننڍو ملازم بڻيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو وزير بڻجي ويو ۽ حڪومتي اختيارن ۾ تمام گهڻو اثر رسوخ پيدا ڪري ويو. چچ جو راجا سهاسي ٻئين جي زال سُهندي راڻيء سان عشق ٿي ويو هو. جڏهن راجا سهاسي ٻيون مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پهتو، تڏهن ان کي ڪمري ۾ واڙي بستري ڀيڙو ڪيو ويو جتي هو مري ويو. سندس موت جي خبر کي حڪمت عملي تحت لڪايو ويو. سڀ کان اڳم راجا سهاسي ٻئين جي سڀني مائٽن کي بشمول راجا جي ڀاءَ کي قتل ڪيو ويو. پوءِ چچ ۽ راڻي سُهندي شادي ڪئي ۽ ان ريت چچ بادشاهه بنجي ويو ۽ راءِ گهراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ سنڌ ۾ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت جو دور شروع ٿي ويو. جنهن کي بعد ۾ عربن 712 عيسوي ۾ ختم ڪيو.
سنڌ جي اوائلي عروج واري دور کان پوءِ لاڳيتو رساڪشي ۽ ٻاهرين جي حملن ۾ لٽ مار جو شڪار ٿيندي رهي، جنهن کان پوء رائي گهراڻي جي حڪومت جو دور ئي پائدار امن ۽ ترقي جو دور رهيو. هن دور ۾ سنڌ ۾ شاندار شهر آباد ٿيا، ڪوٽ ۽ قلعا جوڙايا ويا، جنهن ڪري سنڌ جون سرحدون مضبوط ٿيون ۽ ٻاهرين حملي آورن سان مقابلا ڪري کين شڪستون ڏنيو ويون، جنهن ڪري امن ۽ انصاف قائم ٿيو، اناج جي اپت ۽ وڻج واپار وڌيو. مجموئي طور هي سنڌ جو امن ۽ ترقي وارو دور رهيو، جنهن کي برهمڻن به قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جي مذھبي تضاد جي واڌاري سبب ملڪ اندروني طور ڪمزور ٿيو جنهن جو فاعدو عربن وٺي سنڌ تي وڏو حملو ڪري سنڌ جي مال دولت ڦري سنڌ کي برباد ڪيو.

روزاني ايڪتا 26 اپريل2022ع

حوالا:
(1) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(2) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(3) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(4) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(5) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(6) ”قديم سنڌ“، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
(7) ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، پهريون ڇاپو، 1956ع
(8) ساڳيو
(9) ساڳيو
(10) ساڳيو
(11) ”جنت السنڌ“، رحيم داد خان مولائي شيدائي
(12) ”جنت السنڌ“رحيم داد خان مولائي شيدائي، (ص 76)
(13) ”جنت السنڌ“ رحيم داد خان مولائي شيدائي (ص 77)

مددي ڪتاب:
(1) ”مهاڀارت جو شانتي پرو“، موکش ڌرم، 255
(2) ”جنت السنڌ“، رحيم داد خان مولائي شيدائي
(3) ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، پهريون ڇاپو 1956ع.
(4) ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“
(5) ”تاريخ ريگستان“ (ڀاڱو پهريون)، رائچند هريجن.
(6) ”وڪيپيڊيا“

اروڙ

عربن جي حملي کان پھريان سلطنت سنڌ جي عروج واري دور جو اوائلي تخت گاهه اروڙ رهيو آهي، جيڪو هن وقت سکر ضلعي جي تعلقي روهڙي ۾ آثار قديمه جي صورت ۾ موجود آهي، سال 2018ع نومبر مهيني ۾ سکر وڃڻ ٿيو، جنهن لاءِ پياري سليم مھر دعوت ڏني ۽ چيائين ته آءٌ 15 ڏينهن لاءِ سکر ۾ آھيان ۽ سکر اوهان جو به پنهنجو شھر آھي موسم به ٺيڪ آھي، اچو ته سکر جا تاريخي ماڳ گڏجي گهمون. سليم جي پيار ڀري انداز ۾ سکر اچڻ جو ٻڌي مون کي به سکر جون ساروڻيو ورائي ويون ۽ مون چيومانس ته اروڙ وٺي هلين ته اچان، جنهن تي وراڻيائين ته ضرور هلنداسين ۽ پوءِ آءٌ سکر پهتس ته سليم سان ڳڏ پراڻن ۽ نون دوستن سان رات تي ڪچھري ٿي ۽ صبح تي اروڙ لاءِ سليم مهر، ايڊووڪيٽ رفيق چاچڙ ۽ آءٌ سکر شهر کان بيراج تي وياسين جتي ڪجھ وقت گزاريوسين ۽ پوءِ بيراج پار ڪري روهڙيءَ کان ٿيندي قومي شاهراهه تي روانيا ٿياسين، رفيق چاچڙ گاڏي هلائي رهيو هئو جنهن جو اروڙ وارو ماڳ ڏٺل هئو، روهڙي کان 5 ڪلو ميٽر اڳتي هلي اسان قومي شاهراهه کان سڄي هٿ تي اروڙي واري لنڪ روڊ تي مڙياسين جنهن تي تقريبن 8 ڪلو ميٽر پنڌ ڪيوسين ته وري به سڄي هٿ تي اروڙ واري ٽڪري طرف مڙياسين، هي رستو ڪچو ۽ ٽٽل ڦٽل آهي ڇو ته هن رستي کان چن ۽ پٿر شهرن ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. هن رستي تي هلندي کٻي هٿ تي ننڍي مٿائين ٽڪري آهي، جنهن تي اروڙ جا آثار نظر اچن ٿا، سڀ کان پهرين محمد بن قاسم جي نالي سان منسوب مسجد جا آثار آهن، هتي گاڏي تان لهي مٿاهين دڙي تي مسجد جا آثار ڏٺاسين. هڪ ونگدار ٻاهريون دروازو ۽ مسجد جي هڪ پوئين محراب واري ديوار ٻئي زبون حال ۾ موجود آهن، جنهن کي ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي مسجد تمام شاندار ٺهيل هوندي. هن وقت انهن ٻنهي ديوارن جي ڀر ۾ هڪ مولوي چادرن جي ڇپري ۾ ننڍو مدرسو قائم ڪري ويٺو آهي.
مسجد کان ٿوروئي اڳتي هلياسين ته هڪ وڏي مٿاهين دڙي تي چڙهياسين جتي اروڙ جي قلعي جي آثارن جي نالي ۾ پڪين سرن جا ٽڪڙا هڪ دڙي جي صورت ۾ نظر آيا جن تي ڪو به ديوار جو بنياد نظر نه ٿو اچي، سرن جي ٽڪڙن جي ڀر ۾ هڪ کوهه جا آثار نظر اچن ٿا جنهن جي اندرين ديوار پٿرن جي ٺهيل آهي، ۽ ڀرسان هڪ پٿريلي دڙي جي تري ۾ ٽي غار نما وڏا سوراخ نظر اچن ٿا جيڪي به پورجي ويا آهن. هنن آثارن جي ڀر پاسي ۾ به قبضا ٿي ويا آهن، گهر ۽ ديوارون ٺهي ويا آهن. هن تاريخي ورثي جي ڪا به مالڪي نظر نه آئي مقامي ماڻهن ٻڌايو ته اروڙ جي قلعي ۾ سرن جا به رڳو اهي ئي آثار بچيا آهن.
درڙي تان لهي واپس اچي گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ ڪالڪا مندر لاءِ اڳتي روانا ٿياسين. ڪالڪا مندر تقريبن 3 ڪلو ميٽر اڳتي آهي ان کان پهريان هڪ ٻي عمارت جا آثار ٽن ونگدار دروازن جي صورت ۾ موجود آهن. هن کي به مغل دور جي مسجد جا آثار چيو وڃي ٿو. ليڪن هن ونگدار دروازن لاءِ هڪ ٻي راءِ به آهي ته هي هڪ پراڻي محل جا آثار آهن ڇو ته مغل دور ۾ اروڙ برباد ٿي چڪو هئو ۽ هن علائقي جو اهم حڪومتي مرڪز بکر بڻجي چڪو هئو ۽ ارغونن ۽ ترخان دور ۾ اروڙ جون پڪيون سرون پٽرائي کڻي بکر جي قلعي ۾ لڳرايون ويون هيون ته پوءِ هتي حڪومتي طور تي اهڙي وڏي جامع مسجد ٺهرائڻ جو سبب سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ٻيو ته محمد بن قاسم واري جامع مسجد به هن کان ٿوري ئي مفاصلي تي موجود هئي ۽ ان کان سواءِ ته مغل دور ويجهو دور آهي ان دور ۾ مسجد ٺهي ها ته موجود هجي ها ان دور جون عمارتون اڄ به بهتر حالت ۾ موجود آهن ، ان ڪري هنن آثارن کي ڪنهن محل جي باقيات واري راءِ صحيح ٿي سمجھ ۾ اچي.

ڪتاب جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”راءِ گهراڻو -ايوڌيا جي سورج ونسي خاندان جي راجائن مان رامچندر جي اولاد مان راجا بليڪا جي پوڻن يارنهن سئو ورهيه قبل مسيح ۾ اروڙ تي حڪومت قائم ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ چندر ونسي راجائن دکن کان وٺي گهرات، سنڌ، بلوچستان، رابلستان ۽ قابل تائين هنن حڪومتون کڙيون ڪيون.(1)
۽ ٻئي ھنڌ ساڳئي ڪتاب ۾ اروڙ بابت شيدائي صاحب ذڪر ڪري ٿو ته: ”اروڙ سنڌ جو قديم تختگاهه آهي، جنهن جي قدامت آرياورت جي قديم شهرن هستاپور، اندرپرسا ( دهلي) ۽ پتاليپترا (پاٽنا) جي برابر هئي. يوناني جاگرافي دانن اروڙ کي ’موسيڪانوين‘ نالو رکيو هئو ۽ هوئن ٽسانگ هن شهر کي پيشاپوپولو ۽ جنرل اليگزينڊر ڪننگهام هن کي رورپورا (رورانگر) جي نالن سان لکن ٿا.“ شيدائي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: ”هن شهر کي چئو طرف مضبوط عالم پناهه ڏنل هئي ۽ باغات ۽ محلاتن ڪري تمام مشهور هئو، شهر جي وچ ۾ ٻڌ ڌرم جو مشهور مندر هئو، هن شهر جو اصل نالو هنديءَ ۾ اروڙ آهي. ڇاڪاڻ جو هتي جا راءِ گهراڻي جا راجا اروڙ ونسي خاندان جا سڏبا هئا، هي شهر ڪنهن وقت ۾ واپار جو اهم مرڪز هئو جيڪو ڏيهان ڏيهه مشهور هئو، سنڌو درياءُ جي رخ مٽجڻ ڪري هي زوال پذرير ٿي ويو.(2)
ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ اروڙ بابت لکي ٿو ته اروڙ جو شهر جيڪو سنڌ جي ٻڌ حڪمرانن جو صدين تائين گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي، سو سڪندر اعظم جي سنڌ ۾ اچڻ وقت ميوميڪانس راجا جي گاديءَ جو هنڌ هٿو هن شھر ۾ عاليشان جايون، مندر، باغ ۽ نهرون پڻ هيون ۽ انهن جي چوڌاري ٻيڻي ديوار ڏنل هئي ۽ اڳوڻي وقت ۾ ملتان جيڏو وڏو شهر هئو.ليڪن هن جي آدمشماري ملتان کان به وڌيڪ هئي. جيئن ته هي شهر سنڌ جي اترين سرحد تي هئو، انڪري هن جي حفاظت لاءِ چوڌاري ٻن ديوارن وارو مضبوط قلعو هئو، سنڌو درياهه جي رخ مٽجڻ ڪري هتي جي رهواسين اچي روهڙي شھر آباد ڪيو ۽ روهڙي جو نالو به اروڙ جو ننڍڙو فارم آهي، اروڙ پنهنجي عروج ۾ واپار جو مرڪز ي شهر هئو.(3)
راءِ گهراڻي جي دور ۾ سنڌ سلطنت هئي جنهن جون حدون اتر طرف کان ڪشمير، قنڌار ۽ هيلمند تائين، الهندي طرف کان ڪرمان جي وادي نورمنشور تائين، ڏکڻ ۾ سورت ۽ ديو بندر کان ديبل ۽ مڪران تائين، اوڀر ۾ چتور ڳڙھ تائين هيون. ملڪ کي چئن صوبن ۾ ورهائي هر هڪ حصو هڪ نائب جي حڪومت ھيٺ هوندا هئا، جيڪي ”ملڪ“ جي لقب سان سڏبا هئا،(4) ۽ سنڌ سلطنت جو اروڙ شهر تختگاھه هو.
(اروڙ بابت وڌيڪ تحقيقي تفصيل)
** هندو ڌرم جي اهم ڪتاب مهاڀارت ۾ راجا جئدرٿ کي سنڌ جو زبردست ۽ زورآور حاڪم ڄاڻايو ويو آهي. هن جي حڪومت هيٺ سنڌو، سوي (سبي) ۽ سويا (ايراني دور وارو سيوستان ۽ هاڻوڪو سيوهڻ ۽ قلات وارو علائقو) اچي پئي ويا. ان بابت مهاڀارت مان هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو. جڏهن جئدرٿ دروپديءَ کي ڀڄائي سنڌ ۾ آڻي ٿو ۽ ساڻس محل ۾ ملڻ وڃي ٿو، تڏهن دروپدي کيس چوي ٿي: ”ڇا تون ئي اهو اڪيلو راجا آهين، جنهن سنڌو، سوي ۽ سيوپا هٿ ڪيا آهن، ۽ ان آسودي ملڪ تي انصاف ۽ تدبر سان راڄ ڪرين ٿو؟“ پوءِ جڏهن دروپدي کيس پانڊون جي سگهه ۽ سلطنت جو ڀؤ ٿي ڏئي تڏهن جواب ۾ جئدرٿ وراڻي ٿو: ”دروپدي! اسان انهن دڙڪن ڀر ڊڄڻ وارا ڪين آهيون. اسان آريا نسل جي سترهين پيڙهي آهيون ۽ ڇه شاهي خوبيون اسان جي رت ۾ رهيل آهن، انڪري مان پانڊون کي پاڻ کان هيچ ٿو ڀانيا“.(5) انڪري به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ، سري ۽ سيريا واري گذريل راڄ جي مهان راجا جي راڄڌاني به اروڙئي هوندو، جتان هو سڄي علائقي تي آسانيءَ سان نظر ۽ قبضو رکي پئي سگهيو.
** مهاڀارت کان پوءِ، هندن جي ٻي مشهور ڌرمي پستڪ ”رامائڻ“ ۾ به سنڌ جو ذڪر ملي ٿو. هي اهو دور هو جڏهن آريا سنڌو گنگا جي وادين ۾ باقاعدي بستيون ٺاهي ويٺا، ۽ مهاڀارت جي دور جيان ڇڙو ڇڙ ڪونه رهندا هئا. ”رامائڻ“ ۾ سنڌ ملڪ جو نالو ڪيڪان ڄاڻايو ويو آهي، جو اٽڪ جي اوريان شروع ٿئي ٿو ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين هليو وڃي ٿو. ان ديس جي راجڪماري ڪيڪئي رامائڻ جي هيري رام جي پيءُ راجا دسرٿ جي زال هئي، جنهن مان کيس ڀرت پٽ هو. مهاڀارت جي دور جيان رامائڻ جي دور ۾ به سنڌ هڪ ملڪ هو،جو پوءِ يونانين جي ڪاهه وقت چئن ملڪن ۾ ورهائجي ويو ۽ وري عربن کان اڳ راءَ گهراڻي وقت هڪ ملڪ ٿي ويو.(6) انڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته رامائڻ جي دور ۾ به هن ديس جي گادي اروڙئي هو، ڇو جوسنڌ جو هيءُ پراڻو شهر ۽ تختگاهه به قدامت جي لحاظ کان آريه ورت جي ٻين شهرن هستناپور، اندر پرستا (دهلي) پتاليپترا (پاٽنا) ۽ ايوڌيا (اؤڌ) جو ثاني آهي.(7)
رامائڻ واري دور کان پوءِ ايوڌيا جي سورج ونسي راجپوتن مان راجا بليڪا جيپٽن 1100 ق م، هن شهر تي راڄ ڪيو ۽ ان کي وڌايو ۽ويجهايو.(8) راجپوتن مان سورج ونسي راجا رام جي اولاد آهن، جي سنڌ ۾ ايوڌيا کان آيا ۽ چندرونسي ڪرشن مهاراج جي اولاد ٿين جي گجرات کان آيا،(9) اهي سورج ونسي راجپوت پاڻ کي اروڙ ونسي سڏيندا هئا، جنهنڪري سندن راڄڌانيءَ تي نالو ئي اروڙ پئجي ويو.(10) وڌيڪ ممڪن ائين ٿو لڳي ته جيئن ٻيا راجپوت ۽ کتري پاڻ کي شهر جي نالي پٺيان سڏائيندا آهن، تيئن اروڙ جا کتري به پاڻ کي اروڙ ونسي سڏائيندا هوندا.(11) سورج ونسين کانپوءِ سنڌ تي چندر ونسين جو راڄ ڪيو ٿو نظراچي ٿي. ان راڄ جي پيڙهه چندر ونسي راجپوتن جي يادو ونسي قبيلي وڌي ۽ پايي وجهندڙ جو نالو ”راجا سمايا“ هو، جنهن جي پٺيان سنڌ کي ”سنڌ سمه“ به سڏيو ويندو هو.
** سلطنت جا چار صوبا هئا، جن تي الڳ الڳ وائسراءِ مقرر ٿيل هئا. آريه ورت جي قديم شهرن جيان انهن جي راڄڌانيءَ جو هي شهر به دولت سان مالامال هو. سندس ڀروارين ٽڪرين ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. هوئن تسانگ هن شهر کي ”پيشان يو چولو“ سڏيو آهي ۽ ٻين مؤرخن سورج ونسي ڪلن جي هن راڄڌانيءَ جي آسودگيءَ ۽ شاهوڪاريءَ جي ساراهه ڪندي کيس ”رورايور“ يا ”رونگر“ سڏيو آهي.
** مولائي شيدائي اروڙ بابت ”تاريخ سکر“ ۾ لکي ٿو ته: ”موجوده اروڙ هينئر هڪ ڳوٺ جيان آهي، روهڙيءَ کان پنج ميل کن ڏکڻ اوڀر طرف ٽڪريءَ تي. ليڪن جنهن زماني ۾ اروڙ سنڌ جو تختگاهه هو، انهن ڏينهن ۾ شهر جي الهندي کان مهراڻ ۽ اڀرندي کان هاڪڙي جي وجود ڪري هي شهر باغات، نخلستانن، حوضن ۽ واهن ڪري سرسبز ۽ شاداب هو. شهر کي ٻٽي عالم پناهه ڏنل هئي ۽ ڪيتريون ئي ڪاٺ جون ماڙيون ۽ محلات ٺھيل هئا. شهر جي وچ ۾ ٻڌ ڌرم جو عظيم الشان مندر هو، منجھس گوتم ٻڌ جو وڏو بت (مجسمو) رکيل هو، جنهن جي ٻانهن ۾ سونا ڪنگڻ هوندا هئا. هٿيارن جا گدام هئا. گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ زمين دوز ناليون هيون. اروڙ پنهنجي باغن ۽ تفريح گاهن ڪري مشهور هو ۽ ملتان جيڏو وڏو شھر هو. راءِ گهراڻي جا راجائون انصاف پسند ۽ رعايا پرور هئا. ڪابل، چين، ڪشمير، پنجاب ۽ هندستان جو مال ٻيڙين وسيلي ديبل ڏانهن ويندي، هِتي لنگر انداز ٿيندو هو. حڪومت کي محصول مان وڏي آمدني هئي. شاهي خزانا دولت سان مالا مال هئا. راءِ گهراڻي جي راجائن جي حڪومت سڄي هندستان ۾ سياسي ۽ اقتصادي نقطهءِ نظر کان مضبوط هئي. سنڌ جي راجائن جي راجپوتانا ۽ ڪشمير جي راجائن سان مائِٽي هئي.
** اسلام کان اڳ سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت هئي، جيڪا 137 سالَ هلي. هن گهراڻي جا پنج راجا ٿي گذريا آهن جن جو ٻڌ ڌرم سان واسطو هو. هنن مان پهريون راجا راءِ ڏيوائچ هو. جن ڏينهن ۾ حضور صلم جن مڪي کان مديني هجرت فرمائي ته انهن ڏينهن ۾ اروڙ جو حاڪم راءِ سيهرس بن ساهسي هو. راجا راءِ سيهرس لاءِ چون ٿا ته هو بيحد دولتمند ۽ اخلاق ۽ سيرت جي اعتبار کان تمام نيڪ انسان هو. جنهن بابت ڪتاب تاريخ سنڌ ۾ اعجاز الحق قدوسي لکي ٿو ته، هن پنهنجي حڪومت کي چئن صوبن ۾ ورهائي هر هڪ تي صوبيدار مقرر ڪيو جيڪو گورنر سڏيو ويو ٿي. پاڻ راجا الور (اروڙ) ۾ ئي رهيو ٿي. راجا راءِ سيهرس ثاني جي فارس (هاڻوڪي ايران) جي حاڪم نمروز سان لڙائي ٿي، جنهن ۾ راءِ سيهرس کي ڳچيءَ ۾ تير لڳڻ ڪري مري ويو. هن بعد راءِ ساهسي ثاني سنڌ جو حاڪم ٿيو. هو بي اولاد هو. هن جي راڻي سونهندي (سونهن ديوي) نهايت حسين هئي. چچ نالي هڪ ڪشميري نوجوان برهمڻ جيڪو بيحد خوبصورت ۽ زبان جو چتر هو، هن کي چارئي ويد ياد هئا، وڏي وزير رام جي آفيس ۾ محرر مقرر ٿيو. گورنرن جا خط جيڪي درٻار ۾ پهچندا هئا، سي هي وزير (رام) راجا کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ راجا جي حڪمن موجب انهن جا جواب لکي گورنرن ڏي روانا ڪندو هو. هڪ دفعي رام وزير موڪل تي ويو ۽ چچ کي هدايت ڪري ويو ته سندس غير حاضري ۾ ٻاهران آيل خط راجا کي احتياط سان پڙهي ٻڌائي ۽ راجا جي چوڻ مطابق انهن جا جواب ڌيان سان لکي روانا ڪري. وزير جي غير حاضري ۾ چچ شاهي محلات جي در تي پهتو ته ان وقت راڻي به موجود هئي. جيئن ته چچ برهمڻ هو ان ڪري راجا اهو ضرورر ي نه سمجھيو ته راڻي هن کان پڙدو ڪري ۽ چچ کي راڻي اڳيان روبرو گهرايو. هن ترتيب وار خط راجا اڳيان اهڙي موزون انداز سان پڙهي ٻڌايا جو راجا هن نوجوان برهمڻ جي لياقت جو قائل بنجي حڪم ڏنو ته آئيندي رام جي غير حاضري ۾ چچ ڪم هلائي. ليڪن راڻي برهمڻ نوجوان جي حسن کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پئي. ڪجهه وقت ڳجھن راز و پيامن جو سلسلو جاري رهيو. آخر هڪ ڏينهن راجا بيمار ٿي پيو ۽ ڪجهه ڏينهن علالت ۾ رهي انتقال ڪيو. راڻيءَ راجا جي موت کي لڪائي، چچ سان واعدو ڪري راجا جي مائٽن ۽ اهلڪارن کي گهرائي سڀني کي قيد ڪري مارائي چچ سان شادي ڪئي. راءِ گهراڻي جو راڄ ختم ٿيو ۽ برهمڻن جو راڄ شروع ٿيو. چچ 643ع کان 682ع تائين سياڻپ سان حڪومت ڪئي. جن جن راجائن ۽ قومن بغاوتون ڪيون تن کي مات ڪيائين. هر سال ملڪ جو دورو ڪري حالتن جو جائزو وٺي جوڳو انتظام ڪندو رهيو. حضرت عمر الفاروق رضه جي ڏينهن ۾ عربن پوئين ساساني ايراني شهنشاهه يزد گرد سوم کي شڪست ڏئي ايران تي قبضو ڪيو. هن موقعي تي چچ ايران کي هاٿين ۽ جنگي سامان جي امداد ڪئي. اهڙي طرح هو سياسي توازن قائم رکندو رهيو. سنڌ جا رهاڪو سهتا، لوهاڻا، لاکا ۽ جاٽ جيڪي ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا، سي چچ جي برهمڻ حڪومت جي خلاف هئا. هونئن به چچ جي برهمڻ حڪومت ٻڌن تي خاص ڪري لوهاڻا ۽ جاٽ قومن تي ڪجهه سختيون مڙهيون هيون. جهڙوڪ: گهوڙي تي هني رکڻ کانسواءِ سواري ڪن. ريشمي ڪپڙن پائڻ کان پرهيز ڪن. چيلهه سان ڪاٺ جي ترار ٻڌي نڪرن. ٻاهر نڪرڻ وقت ڪتو پاڻ سان کڻن. مندرن جي لنگر خانن کي ڪاٺيون پهچائين. مٿي تي پٽڪي رکڻ بدران رومال ٻڌن. حڪومت جي حفاظت ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪن.
چچ جي 682 ۾ وفات بعد هن جو ڀاءُ چندر تخت تي ويٺو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن 8 سال حڪومت ڪئي. جنهن بعد چچ جو وڏو پٽ ڏاهر سنڌ جو راجا ٿيو، جنهن جي ڏينهن ۾ عرب محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪري سنڌ فتح ڪئي. ان کان اڳ به عربن هن پاسي حملا ڪيا. خاص ڪري 644 ۾ جڏهن عربن ايران فتح ڪيو ته هنن جا سپاهي مڪران تائين پهچي ويا ۽ مڪران ۽ بلوچستان جو اوڀر وارو حصو عربن حوالي ٿي ويو، پر انهن ڏينهن جي خليفي حضرت عمر رضه (644 ـــ 634) کين سنڌو ندي کان اڳتي وڌڻ کان روڪيو. پوءِ حضرت عثمان رضه (656 ـــ 644) جي ڏينهن ۾ عربن راءِ خاندان جي حڪومت جو اتراهون شهر قترابيل فتح ڪيو جيڪو 662 ۾ سنڌين وري حاصل ڪري ورتو. راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ دمشق تي بنو اميه گهراڻي جو خليفو وليد بن عبدالمالڪ هو. سندس پاران حجاج بن يوسف ثقفي بصري جو حاڪم هو جنهن جي حڪم سان محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. ان وقت محمد بن قاسم جي عمر 17 سال ٻڌائين ٿا. سکر (سنڌ ۽ پنجاب جي ڏاکڻي حصي سميت) اميه خلافت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو.

** اروڙ راءِ گهراڻي (494ع کان 622ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (622 کان 712ع) جي دور ۾ سنڌ سلطنت جو تختگاهه ھيو. ھي شھر سنڌ جو قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل ھو. ھي ماڳ اتر ’27◦40 ۽ اوڀر‘68◦ 50 ڊگرين ڦاڪ تي آهي. ھن ماڳ جو دور پراچين تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي گهڻو زور ھو. هتي ئي ان کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو آباد ھو.
** اروڙ تي چندر ونسي راجائن حڪومت ڪئي. جن کي راءِ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو. چندر ونسي گھراڻي 1100 قبل مسيح ۾ به ھن شھر تي حڪومت ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت ھتي جو راجا موسيڪانوس ھو. راءِ ساھسي جي وقت ۾ نيمروز ايرانيءَ ڪاھيو. ھي ھڪ وڏو بندرگاهه ھو، جنھن کي مضبوط حصار ڏنل ھو. عربن جي وقت به ھي شھر اوج تي ھو. عربن جي وقت ۾ توڙي جو ھي شھر تختگاهه نه رھيو، پر وڏو بندرگاهه ضرور ھو. ھي سنڌوءَ جي ھاڪڙي ڪپ تي ٻڌل ھو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ھاڪڙي جي رخ مٽائڻ ڪري ھي بندر ڦٽڻ لڳو. ھاڻي ھي بندر، تختگاهه، قلعو، ھڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آھي. اروڙ ماضيءَ جو بهشت برين ھو، جنھن جي ساراهه ابن خردازبه، مسعوديءَ، ابن حوقل ۽ ٻين تاريخ نويسن به ڪئي آھي.
** اروڙ سنڌ جي هن قديم تختگاهه کي سنڌي ڳوٺاڻن, ڪن روايتن ۽ تاريخن اروڙ سڏيو آهي، جو ستين صدي عيسويءَ ۾ برهمڻن جي راڄڌاني هو. هيءَ ڳالھ تحقيق طلب آهي ته اروڙ جو پايو ڪڏهن پيو؟ پر جئن ته مسلمانن جي آمد (96ھ: 811ع) بعد به هي شهر هڪ- ٻن صدين لاءِ آباد رهيو، سو هي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهو شهر ڇهن صدين جي عرصي لاءِ هن فاني دنيا جي پردهءِ سمين تي وجود ۾ رهيو، ۽ سندس بناءَ هڪ سؤ ۽ ٻن سؤ عيسوي سنن جي وچ ۾ ٿي هوندي. تختگاهه اروڙ بابت چچنامه جو بيان هن طرح آهي ته: ”هن شهر ۾ هر ڪنهن قسم جون شاهاڻيون محلاتون، ٿنڀا، باغ، چشما،نهرون، پارڪ ۽ وڻ هئا، ۽ مهراڻ جي ڪناري تي واقع هو. تاريخ معصومي مطابق:اروڙ مهراڻ نديءَ جي ڪناري تي هڪ نهايت وڏو شهر هو، جنهن ۾ بلند عمارتون، مضبوط محلاتون، ميويدار وڻن سان ڀريل باغ ۽ تمدن ۽ شهرت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي مقيم، خواه مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي.(12)
** هيءُ قديم شهر هندو راجائن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ منجهس وڏو ڪوٽ هو. راجا ڏاهر انهيءَ ۾ رهندو هو ۽ محمد قاسم به انهي کي گهيرو ڪري ورتو. پوءِ اتي ابو عاف بن قيس اسديءَ کي حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پاڻ ملتان ويو ۽ اتان پوءِ قنوج ڏي ٿي ويو، پر حڪم ملڻ تي بغداد ڏي موٽيو. بني اُميه خليفن جي وقت ۾ هندو راجا دلو راءِ اروڙ جو حاڪم هو، ۽ اروڙ کي دلوُر به سڏيندا هئا. اُهو ڏاڍو ظالم هو ۽ انهيءَ جي ڏينهن ۾ شهر غرق ٿيو ۽ ناس ٿيو. ڄام فتح خان سمي جي ڏينهن ۾ جڏهن مرزا پير محمد بکر جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ آيو، تڏهن اتي جي سيد ابوالغيث جي منت آزيءَ تي ماڻهن کي معافي ڏنائين ۽ اروڙ جو پرڳڻو(صوبو) سيد کي جاگير ڪري ڏنائين. جڏهن مرزا شاهه بيگ سکر ورتو ۽ اتي جو قلعو جوڙائڻ لڳو، تڏهن اروڙ جي ڪوٽ جون سرون کڻائي انهيءَ ڪم ۾ آندائين. وري سنه 930هه (سنه 1523ع) ۾ سلطان محمود خان مبارڪ خان کي اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيو، جو اڳي ماٿيلي جو حاڪم هو.(13)
** عربن جي سنڌ تي ڪاهه وقت اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ھو، محمد بن قاسم اروڙ قلعي جو گهيرو ڪيو، ۽ شھر جي معززين سان علافي جي معرفت ڳالھيون ڪيون، ان وقت اروڙ جي ھڪ مندر ۾ هڪڙي سوار جو بت (مجسمو) رکيل هئو، جيڪو سڄو جواهرن سان جڙيل هو، شهر جي ٻاهران محمد بن قاسم لشڪر سميت گهيرو ڪيو ته شهر واسين سندس آڻ مڃڻ لاء جيڪي شرط رکيا انهن ۾ هن بت جي سلامتيجو به شرط رکيو ويو هو جيڪو محمد بن قاسم مڃيو ۽ ان کان پوءِ قلعي جا دروازا کوليا ويا.(14)
** عرب جاگرافي نويس اروڙ کي ”الرور“ ڏيکاريو آهي، جنھن ۾ ”ال“ عربي علت آهي ته باقي ”رور“ وڃي بچندو. اروڙ پوءِ ”روهڙيءَ“ جي نالي سان سڏيو ويو. عربن ھن شھر کي ”لوهري“ به ڄاڻايو آهي. قديم هندستان ڪتابن ۾ ھن شهر کي اروڙ پورا، روڙ نگرا سڏيو ويو آھي. يوناني جاگرافي دانن جي دستاويزن ۾ ھن شهر کي ”موسيڪانوس“ به لکيو آهي.
** عرب جغرافيدانن اروڙ کي ”الرور“ ڏيکاريو آهي. جيڪڏهن ال عربي علت آهي ته باقي رور وڃي بچندو. هن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته اروڙ جي باشندن رڙهي اچي نئون ”رور“ آباد ڪيو، جنهن کي ”الرور“ نالو ڏنو ويو، ۽ بعد ۾ روهڙيءَ جي نالي سان معروف ٿيو. عربن هن کي لوهري به ڄاڻايو آهي. نديءَ جي وهڪري مَٽائڻ بعد به پراڻي پيٽ ۾ پاڻي رهيو، ان ڪري اروڙ جي اردگرد بستيون آباد رهيون. هڪ سجد جا آثار آهن، جا غازي محمد بن قاسم ڏانهن منسوب ڪئي وڃي ٿي. هندستان جي قديم آثار وارن ۽ ڊاڪٽر سورلي هن مسجد کي اورنگزيب عالمگير جي نالي منسوب ڪيو آهي، پر هي صحيح نه آهي. اتي ٻن بزرگن جون مزارون به آهن. هڪ شاھه شڪر گنج، لعل شهباز قلندر جي معاصر جي، ۽ ٻي حضرت مخدوم جھانيان جي مريد، شيخ مخدوم قطب جي. هن شيخ صاحب جي ويجهو بي ننڍي مسجد ٺهيل آهي، جا شايد اورنگزيب عالمگير جي جوڙايل هجي. ان کان سواءِ هندن جي ڪالنڪا ديويءَ جو وڏو مندر به آهي.
** ڊاڪٽر سورلي پنهنجي شهره آفاق گزيٽيئر ۾ ٿامس پيننٽ جي قديم هندستان جي نقشي 1798ع ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌو نديءَ کي هماليه جبل مان نڪري، ستلج جي اُڀرندي کان وهي، هيٺ عمر ڪوٽ کي عبور ڪري، ڪَڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اتي هن کي گهاگهر ندي سڏيو ويو وڃي ٿو، جا ڊاڪٽر جي راءِ مطابق هاڪڙا لفظ جي بگڙيل صورت آهي. اروڙ واريءَ پراڻي نديءَ کي هاڪڙا جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪافي وقت گذرڻ بعد هيءَ ندي هڪ نارو ٿي وهي، ۽ سنڌو نديءَ جي اٿل جو پاڻي ان ذريعي پراڻي ڍوري ۾ پوندو هو ۽ ڪورِي ڇوڙ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. اروڙ جا کنڊرات روهڙيءَ کان پنج ميل پَري ڏکڻ اوڀر طرف، اڀرندي ناري، ناروا واهه يا هاڪڙو درياھ جي پيٽ مٿان آھن.
** اروڙ جا قديم آثار- عربن جي فتح وقت اروڙ راجا ڏاهر جي مهاراڄڌاني هو. عربن پنهنجي گادي منصوره ۾ شروع ڪئي، ته به اروڙ هندن جي حڪومتگاهه جي صورت ۾ ٻن صدين کان وڌيڪ رهيو ۽ پوءِ ناپيد ٿيو. هن جي ناس ٿيڻ جي حڪايت برهمڻ آباد جي راجا دلوراءِ جي ڏاڍ سان لاڳياپيل آهي. پر ان ۾ ايتري حقيقت نه آهي، ڇو ته اٺين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاريءَ جڏهن سنڌو نديءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو ته هي شهر اجڙي ويو. نديءَ جي وهڪري ۾ ڦيرو 341ھه : 962ع ڌاري آيو، جڏهن سنڌ ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو ۽ ڌرتي ڌُٻي هئي.
** تحفته الڪرام مطابق، هندو راجائن اروڙ ۾ 130 سال حڪومت ڪئي. ان وقت تائين، جڏهن چچ، برهمڻ ۽ اروڙ جو رهواسي، جو راءِ سهاسي ٻئي وٽ نوڪريءَ ۾ گھڙيو، ۽ هُشياري سبب سندس وزير بنيو، ۽ راجا جي مهاراڻيءَ، سُهاندي (سونهن ديوي) جي زلفن جي پيچ ۾ ڦاٿو ۽ راجا کي قتل ڪرايو، بعد ۾ پاڻ زوريءَ اروڙ جو حاڪم بنيو. ”تحفته الڪرام“ مطابق، هي 1ھہ : 622ع جو سمو هو. چچ نامو ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جو احوال ان وقت کان وٺي هندو حڪومت جي زوال تائين آهي.

** جنت السنڌ مطابق- الور سنڌ جي قديم تختگاه، روهڙيءَ کان ستن ميلن جي مفاصلي تي، مهراڻ جي هڪڙيءَ شاخ جي اولهندي ڪپ تي، هڪ وسيع شهر هو، جو قدامت جي لحاظ کان آرياورت جي قديم شهرن هستناپور، اندر پرسا (دهلي) ۽ پتاليپترا (پاٽنا) جو ثاني هو. يوناني جاگرافي دانن مٿس ’موسيڪانوس‘ نالو رکيو هو. سندس ڀروارين ٽڪرين ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. هوئن ٽسانگ شهر کي ’پيشان پوپولو‘ ۽ جنرل اليگزينڊر ڪننگهام ’رور پورا‘ (رورانگر) جي نالن سان لکن ٿا.(15) هن شهر کي چؤطرف مضبوط عالم پناه ڏنل هئي ۽ باغات ۽ محلاتن ڪري مشهور هو. شهر جي وچ ۾ ٻڌ جو مشهور مندر هو. عرب سياح ۽ جاگرافي دان پنهنجي پنهنجي لهجي ۾ هن شهر جا جدا جدا نالا لکن ٿا؛ مثلا: مسعودي، جنهن هن شهر کي 942ع ۾ مهراڻ جي اوڀرندي واريءَ شاخ تي ڏٺو هو، سو ’الرور‘ لکي ٿو. ابن خردازبه سنه 250هه ڌاري ’رور‘ سڏيس ٿو؛ ابن حوقل واري نقشي ۾ سندس نالو ’الرور‘ ڏنل آهي، سيوطي پنهنجي ڪتاب ’مراصدالاطلاع‘ ۾ هن کي اهو ساڳيو نالو ڏنو آهي. شريف ادريسي، مشهور جاگرافي دان، سنه 560هه (1165ع) ۾ الور کي ’رور‘ لکي ٿو. هن شهر جو هندي نالو ’اروڙ‘ آهي. ڇاڪاڻ جو هتي جا راجائون اروڙ ونسي خاندان مان هئا. مهراڻ جي شاخ جي مٽجڻ کان پوءِ، هي شهر، جو ڪنهن وقت واپار ڪري ديسان ديس مشهور هو، ان جو زوال شروع ٿي ويو، اڄ سندس کنڊر ھن شھر جي عظمت جي شاهدي ڏين ٿا.
** نديءَ جي پيٽ ۾، اروڙ جي ڀر ۾، ٻه پٿر ڏسجن ٿا، جي شايد مهراڻ جي قديم وهڪري جا نشان ڏيکارين ٿا. جيتوڻيڪ اروڙ صدين تائين هندو راجائن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو، پر اُتي هندو صنعت ۽ ڪاريگريءَ جا اهڃاڻ بلڪل ڪين ٿا ملن.
** عربن سنڌ تي محمد بن قاسم اڳواڻي ۾ حملو ڪري اروڙ تي 711ع قبضو ڪيو، ۽ ان کان پوءِ اُتي ابو عاف بن قيس اسدي کي حاڪم مقرر ڪيائين. ڄام فتح خان سمي جي ڏينهن ۾، مرزا پير محمد بکر جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ آيو، تڏهن اتي جي هڪ سيد ابوالغيث جي منٿ آزيءَ تي ماڻهن کي معافي ڏنائين ۽ اروڙ جو پرڳڻو سيد صاحب کي جاگير طور ڏنائين. جڏهن مرزا شاھه بيگ سکر تي قبضو ڪيو اتي بکر جي قلعي کي اونچو ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ اروڙ جي ڪوٽ جون سرون کڻائي انهيءَ ڪم ۾ آندائين. وري سن 930ھه: 1523ع ۾ سلطان محمود بکري مبارڪ خان کي اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيو، جو اڳ ماٿيلي جو حاڪم هو.
** اروڙ جي باري ۾ سفرياتي رپورٽون.
مسٽر اين. جي. مجمدر، سال 1929 - 1930ع جي قديم آثارن جي رپورٽ (Explorations in Sindh) ۾ لکيو آهي: ”اروڙ جي اتر- اوڀر پاسي، ڏاکِڻيو روڊ تي، ننڍڙن دڙن جو جھڳٽو آهي، جنهن کي ”ڳڙهي گور“ سڏين ٿا. انهن جي اوچائي اٺن فوٽن کان مٿي نہ آهي. جڏهن هڪ دڙي کي کوٽيو ويو ته ان مان ستينءَ يا اٺينءَ صديءَ جي سمي جون ڪيئين منقش سرون نظر آيون، جن هن حقيقت جي ترجماني ڪئي ته عربن کان اڳ اروڙ ۾ هندو حڪومت رائج هئي. روهڙيءَ جي ڏکڻ ۾، ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي هاڪڙي جو ڳوٺ آهي، جنهن جي ۽ اروڙ جي وچ ۾ ناري کي پيارڻ لاءِ کاري آهي.
** 1855ع ۾، ڪيپٽن ڪربي هن ناري کي کوٽيندي لکيو آهي ”وڏي ناري کي کوٽيندي اسان کي سرن جي ڪم جو وڏو مقدار نظر آيو ۽ ڏهن فوٽن جي سطح هيٺان گهڻن گهرن جي بنياد جا آثار نظر آيا. انهن ڦٽل آثارن مان ٺڪر جي نموني نموني جو سامان نظر آيو، جنهن ۾ پاڻي پيئڻ جا پيالا، کجيون، پاڻي لاءِ پاٽيون ۽ ٻارن جا رانديڪا هئا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي جو اڃا به ڪنهن ويجھيءَ ڇڪ ۾ اهڙي کوٽائي ٿئي جا ڪنهن قديم اوائلي تواريخي بيٺڪ جو نمونو پيش ڪري.
** ڊاڪٽر سورلي به 1956ع ۾ اروڙ ويو ڊاڪٽر سورلي اروڙ ۾ ور وڪڙ ڏنگا دڙا ڏٺا، جن ۾ برتنن جا بيشمار ذرا ۽ ڪي ٽامي جا سڪا مليا. پاڪستان جي قديم آثارن واري کاتي اروڙ جي باري ۾ پنهنجي 1964ع جي شماري ۾ هيئن لکيو آهي. ”قديم منارو ۽ اروڙ جا آثار روهڙي شهر جي ڏکڻ - اوڀر، چئن ميلن تي، سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪناري پسجن ٿا. اهي ديبل، نيرون، منصوره، محفوظه وغيره وانگر اسلامي سرزمين جو منظر ڏيکارين ٿا، جو عربن اٺين صدي عيسويءَ ۾ قائم ڪيو. سرزمين کي خزاني جي مهوسين ۽ مٽيءَ جي کوٽيندڙن ڏاڍو ولوڙي ڇڏيو آهي، ۽ هر هنڌ کڏون آهن، جن مان سڙيل سرون پسجڻ ۾ پيون اچن. اهو بنياد، جنهن تي مسلمانن پنهنجو شهر ٺاهيو، سو ڪچين سرن جو ٺهيل آهي ۽ ان جو گارو ٺڪرن جي ذرن ۽ ٻين شين جو ٺهيل آهي. جو اسلامي دور جو مواد هٿ ڪيو يو آهي سو ڀنڀور جي اوائلي اسلامي سطح سان برابري ڪري ٿو.
** اروڙ وٽان سنڌو درياهه تي بند چوٿين صدي هجريءَ ۾ سنڌو درياهه، هاڪڙي وٽان وهندو هئو. جڏھن اروڙ وٽان مٿس ٻنڌ ٻڌائون ته رخ مٽائي ويو. هاڪڙي واري پاسي بدران، ٺٽي واري پاسي ڏانھن وهڻ لڳو. درياھ جي رخ مٽائڻ سبب درياھ جي پاڻيءَ تي ٿيندڙ سموريون رونقون اوڏانھن ڦري ويون. خاص طور تي بھ، مڇي ۽ لوڙھ وغيره ٺٽي طرف ٿيڻ لڳا. اڳي اھي اروڙ وارن وٽان کين تحفي طور ملندا ھيا، جنھنڪري موٽ ۾ پاڻ به اروڙ وارن جي مزماني ڪندا ھيا. ان ڪري ماموئين هن بيت اندر پيشن گوئيءَ طور چيو آهي ته، شال اروڙ جو بند ٽٽندو ۽ درياءُ وري هاڪڙي واري پاسي ڏانھن سير ڪري وهندو. پوءِ ٺٽي واري پاسي، جتي سمن جي حڪومت آهي، پاڻي نه وڃڻ سبب بھه، مڇي ۽ لوڙهه نه ٿيندا، جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ، کين وري هاڪڙي وارن ڏانھن، واجھائڻو پوندو ۽ لاڳاپا وڌائڻا پوندا.(16)
** اڄ تائين راءِ گھراڻي جا پونئير پاڻ کي اروڙ ونسي سڏائيندڙ موجود آھن، جن بابت ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ لکيل آهي ته عربن جي ڪاھ وقت اتي اروڙ ونسين ۾ ڀاڄ پئي، ڪجھ وقت کان پوءِ ٿورا موٽي اچي آباد ٿيا، سندن ونش وارا وري زلزلي سبب شھر جي اجڙڻ ڪري اتان لڏي ويا، جن مان گهڻا اڄ تائين بهاولپور ۽ ان جي پريان سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ۽ پنجاب جي پنجن ئي ندين جي ٻنهي ڪنارن تي پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا آهن. انهيءَ مان ائين سمجهجي ٿو ته الور ۾ جڏهن لڏ پلاڻ ٿي تڏهن اتان جا ڪيترائي رهاڪو، ٻيڙين ۾ چڙهي نڪتا، پوءِ جن کي جتي بهتر لڳو اتي آباد ٿيا، هن وقت تائين اهي وڌي ويجهي اٽڪل پندرهن لک ٿيا آهن. منجهائن گهڻا گروءَ جا سک، ۽ ٿورا آريا سماجي، برهمو سماجي ۽ ديو سماجي آهن، پر سڀ اڄ تائين پاڻ کي ”اروڙونسي“ يعني اروڙ جي رهاڪن جو اولاد سڏائين ٿا. ڪي راجپوتانا ويا، ڪي سنڌ ڏي موٽيا ۽ شڪارپور کان قلات طرف ويا. وڌيڪ حقيقتون ۽ تفصيل اردو ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”تواريخ اروڙ ونسي“ ۾ موجود آهن، جنهن موجب شربيت لالا رامچند وڪيل، لاهور ۽ مهتا ٽيڪچند بجاج وڪيل، چيف ڪورٽ ملتان جي اهي ٻئي صاحب پاڻ به اروڙ ونسي آهن.
** اوائلي آريا دور کان اروڙ شهر جي آسودگي جي شاندار تاريخ ملي ٿي، ۽ محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاهه وقت به اروڙ سنڌ جي گادي جو هنڌ هئو، جنهن مان عربن کي وڏو خزانو مليو. عربن به پنهنجي دور ۾ ڪافي سال هن شھر کي گادي جو هنڌ رکيو ۽ پوءِ برھمڻ آباد ڀرسان منصوره شهر آباد ڪري، ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻايائون، راءِ گهراڻي جي راجائن ۽ برهمڻن گهراڻي جي حڪومتن دوران هي شاندار شھر پنهنجي عروج ۾ هئو افسوس جو هيڏي وڏي شاندار ۽ پراڻي تاريخ رکندڙ شهر هن وقت نه صرف سرزمين تان مٽجي ويو آهي، ليڪن ان جي مضبوط ٻٽي قلعي جا ڪي آثار به نه ٿا ملن، ۽ نه وري هن جي قلعي جي پکيڙ بابت ڪا ڄاڻ ملي ٿي. تاريخدانن ۽ محققن هن شھر جي عروج ۽ زوال جي تاريخ کي اڳتي وڌائيندا رهيا آهن، ليڪن هن قلعي جي بيهڪ ڪيئن هئي، ڪيتري اراضي تي ٺھيل ھو، ھن قلعي جا ڪيترا دروازا هئا ۽ ڪيترا مورچا هئا، سندن اڏاوت ڪيئن ھئي ۽ اونچائي ڪيتري هئي، ان جي ڪا خبر پئجي نه ٿي سگهي. مون کي خاص افسوس آھي ته آرڪيالاجي جي ماھر محترم اشتياق انصاري صاحب کي سنڌ جي ڪوٽ ۽ قلعن جي تحقيق ۽ سروي لاءِ سرڪاري طور تي پراجيڪٽ مليو ھو، جنھن ٻين سڀني ڪوٽن ۽ قلعن جا تفصيل پنھنجي ڪتابن ۾ لکيا آھن، پر اروڙ بابت پراڻن تاريخي ڪتابن جي لکيل مواد کي ئي ورجايو ويو آھي. اشتياق صاحب ھن قلعي بابت پنھنجي تحقيق موجب ڪا به سروري نه لکي آھي. جنھن ڪري قلعي جي ايراضي مورچن جو تعداد ۽ بناوٽ وغيره بابت ڪا به ڄاڻ نه ٿي ملي.
حڪومت کي اپيل ٿي ڪجي ته هن شهر اروڙ ۽ ان جي قلعي بابت جديد تحقيق ڪرائي وڃي ۽ سنڌ جي هن تاريخي ماڳ تي ڪو ميوزم قائم ڪري هن جا انگ اکر گڏ ڪري اتي رکيا وڃن، ته جيئن تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهن کي ھن تاريخي شھر ۽ قلعي بابت پوري ڄاڻ ملي سگهي.
---------
روزاني يڪتا 29 نومبر 2019ع

حوالا۔

(1)- ”جنت السنڌ“ صفحو 76، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(2)- ”جنت السنڌ“ صفحو 78، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(3)- ”سنڌ عرب دور“ صفحو 746، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ.
(4)- ”جنت السنڌ“ صفحو 77، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(5)- ”مھاڀارت“ انگريزي ترجمو (پي. سي. راءِ) جلد 02، صفحو 562.
(6)- ”دي اٺنلس ائنڊ ائنٽيڪئيٽز آف راجستان“ (جي. ٽاڊ) جلد پهريون، صفحو 61.
(7)- ”جنت السنڌ“، مولائي شيدائي صفحو 71.
(8)- ”دي ائنلس ائنڊ ائنٽيڪئيٽز آف راجستان“ (جي. ٽاڊ) جلد 01، صفحو 61.
(9)- ”ايشيئٽڪ ريسرچ“ (سر ڊبليو. جونس) جلد 02، صفحو 128.
(10)- ”تاريخ تمدن سنڌ“، رحيمداد طان مولائي شيدائي، صفحو 73.
(11)- ”پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو“ دوار ڪا داس رو جيرام، صفحو 101.
(12)- ”تاريخ مَعصُومي“، مير محمد معصوم بکري، ايڊيشن ٽيون 2006ع، ڇپائيندڙ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
(13)- ”قديم سنڌ- ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ مرزا قليچ بيگ، ايڊيشن: چوٿون 1999ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
(14)- ”جنت السنڌ“، صفحو 74، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(15)- ”جنت السنڌ“ باب ٻيون، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(16)- ”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ انجنيئر عبدالوھاب سھتو.

ڪالڪا مندر

اسين اروڙ جا آثار ڏسڻ کان پوءِ ڪالڪا مندر پهتاسين. ڪچي ٽٽل ڦٽل رستي تي تقريبن 3 ڪلوميٽر پنڌ ڪيوسين ته هن مک رستي جي ساڄي هٿ تي هڪ ٻيو رستو آهي، جنهن تي مڙندي ئي کٻي هٿ تي ڪالڪا ماتا جو تاريخي مندر آهي. مندر هڪ اونچي ٽڪريءَ تي آهي. ٻاهرين وڏي دروازي کان اندر احاطي ۾ گاڏي بيهاري پڪي ۽ ڪشادين ڏاڪڻين تي چڙهي مٿي مندر تي پهتاسين، ڏاڪڻين جي ٻنهي پاسن کان رهائش ۽ پوڄاپاٽ لاءِ وڏا وڏا حال ۽ عمارتون ٺهيل آهن، ڏاڪڻين جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مندر جو وڏو صحن آهي، صحن جي ٻنهي پاسن کان به رھائشي وڏا حال آهن ۽ ھڪ وڏو کليل دالان ياترين جي کاڌي خوراڪ لاءِ مخصوص آهي، ۽ آخري ڇيڙي تي اصل مندر هڪ غار اندر آهي، جنهن جي ٻاهران به هڪ وڏو حال ٺهيل آهي جتي مندر جا رکوالا ۽ پوڄاري ويٺا هئا. جن اتي اچي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو، مون ساڻن پنهنجو پياري سليم مهر ۽ ايڊووڪيٽ رفيق چاچڙ جو تعارف ڪرايو ۽ ٻڌايوسين ته اسان هن تاريخي مندر جي معلومات ڄاڻڻ چاهيون ٿا. مندر جي برهمڻ چيو ته اچو پهريان اوهان کي اصل مندر ۽ ڪالڪا ماتا جو درشن ڪرايان، پوءِ اچي ڪچهري ڪيون ٿا، هن مندر جو اندريو دروازو کوليو ۽ اسين سندس پويان غار اندر مندر ۾ داخل ٿياسين، اندر هڪ وڏو ۽ ڪشادو غار هئو جنهن ۾ داخل ٿيندي ئي سامهون تقريبن 20 فوٽن جي مفاصلي تي ڪالڪا ماتا جي اصل قدرتي مورت جيڪا قدرتي پٿر تي نمودار ٿيل هئي ان جو درشن ڪيوسين، اندر کٻي هٿ تي غار اندر هڪ ٻي قدرتي راهداري هئي جنهن جي ٻنهي پاسن کان ديوين ۽ ديوتائن جون مورتيون سجايل آهن، هي هڪ وڏو غار آهي ۽ اندر روشني لاءِ بجليءَ جو سٺو انتظام ٿيل آهي، برھمڻ اسان کي غار جي راهداريءَ جي آخر ۾ وٺي ويو، جتي هڪ گول سوراخ نما ٻيو غار ڏيکاريائين ۽ ٻڌايائين ته هي سرنگهه آهي، جيڪا هتان کان سيوڻ ۽ پوءِ هنگلاج تائين پهچندي هئي. جنهن رستي ڏکين ڏينهن ۾ پوڄاري محفوظ سفر ڪندا هئا، هاڻي هيءَ سرنگهه لٽجي بند ٿي ويئي آهي. مون کي ياد آيو ته اهڙي ئي هڪ سرنگهه مون مڪليءَ جي شنگھ ڀواني مندر ڀرسان به ڏٺي آهي، جنهن لاء به چيو ويندو آهي ته ھي سرنگهه پڻ هنگلاج تائين هوندي هئي، جيڪا پڻ هاڻي بند ٿي ويئي آهي ۽ مون پڙهيو آهي، ته اهڙي قسم جون خفيه سرنگهون وڏي محنتن ۽ خرچ سان ٺهرايون وينديون هيون ته جيئن مخالف مذهبن جي حڪومت هوندي به پنهنجي تحريڪن کي جاري رکڻ لاءِ محفوظ سفر ڪري سگهجي. اسين برهمڻ سان گڏ غار کان ٻاهر آياسين ۽ حال ۾ اچي ويٺاسين، هن اسان کي ٻڌايو ته هي مندر قدرتي طور ٽڪريءَ جي هيٺان تعمير ٿيل آهي. اصل مندر ته غار ۾ قائم ٿيل آهي. برهمڻ جو چوڻ هو ته ڪيترا ئي لک سال اڳ ۾ ڪالڪا ديوي هن جاءِ تي ڪنهن ديوتا جي حڪم تي هڪ ظالم ۽ شيطان صفت وجود کي شڪست ڏني ۽ ان وقت جي ماڻهن کي ظلم ۽ جبر کان آزادي ڏياري هئي، انڪري هتي سندس پوجا لاءِ مندر آباد ٿي ويو.
مون برهمڻ کان پڇيو ته سائين آءٌ مڪليءَ جي شنگهه ڀواني مندر به ويو آهيان، ۽ اسان دوستن ۾ هڪ بحث هتي ايندي ٿيو آهي، جنهن ۾ منهنجو رايو آهي ته ڪالي ماتا، ڪالڪا ۽ شنگهه ڀواني ماتا هڪ ئي ديوي جا نالا آهن، جڏهن ته سليم مهر صاحب جي راءِ آهي ته اهي الڳ الڳ ديويون آهن. اوهان اسان کي ان بابت ٻڌايو ته حقيقت ڇا آهي پوڄاريءَ جواب ڏنو ته اصل ۾ هڪ ئي ماتا جا هي ست روپ آهن، ماتا هڪ آهي، جيڪا مختلف علائقن ۽ مختلف وقتن ۾ مختلف نالن سان سڏي وڃي ٿي ۽ سندس پوڄا ڪئي وڃي ٿي، هن جا نالا ماتا ديوي، ديوي مان، مھا ڪالي، ڪالي مان، ڪالي ماتا، ڪاليڪا، ماتا شنگهه ڀواني به آهن، ۽ اسان جي ڌرم جو سڀ کان وڏو ديوتا شِو ديوتا کي مڃيو وڃي ٿو، جيڪو ڪالي ماتا جو مڙس هئو، هنن کي وڏو ديوتا ۽ وڏي ديوي مڃيو وڃي ٿو. پوڄاريءَ ٻڌايو ته هن مندر تي نوراتڙيءَ ۾ وڏو ميلو لڳي ٿو ۽ ديوي کي هزارين ناريلن جي ڀيٽا ڏني ويندي آهي. هتي ماتا شنگهه ڀواني مندر (مڪليء) جو ذڪر به ڪندو هلان ته ڪراچيءَ کان ٺٽي ويندڙ رستو جڏهن مڪليءَ جي ٽڪريءَ تان هيٺ ٺٽي شهر ڏي لهي ٿو ته بلڪل اُن هنڌ سڄي هٿ تي هي مندر آهي. هيءُ مندر هندو ڌرم جو وڏو ۽ قديمي مندر آهي. هن مندر جو اصل نالو ”ماتا شنگهه ڀواني مندر“ آهي. ماتا شنگهه ڀواني جيڪا ڪالي ديويءَ ۽ ڪالي ماتا جي نالي سان به مشُھور آهي. هن مندر ۾ به ماتا شنگهه ڀوانيءَ جي قُدرتي مورتي آهي، جنهن ڪري هيءُ مندر قديمي دور کان هندو ڌرم جو هڪ اهم زيارت گاهه آهي. هتي پري پري کان زيارتي اچن ٿا. هن مندر جي هڪ ٻي به خاص اهميت آهي ته هنگلاج وڃڻ وارا ياتري هن مندر تي پهچي پوءِ هتان پنهنجي ڌرمي ياترائن لاءِ پنهنجو سفر شروع ڪن ٿا. سڄي برصغير خاص ڪري رڻ ڪڇ ۽ راجستان کان هنگلاج لاءِ وڃڻ وارا ياتري پھرين هن مندر تي پهچندا آهن. هتي قُدرتي مورتيءَ کان سواِء ڪالي ماتا ديوي ۽ هندو ڌرم جي ٻين اهم اوتارن ۽ ديوتائن جون مورتيون به رکيل آهن ۽ هيءُ مندر ڪالڪا جي مندر طور به مشهور آهي. هن مندر جي ڀر سان هڪ غار به آهي. جنهن لاء مُختلف وقتن جون مُختلف ڏند ڪَٿائون موُجود آهن. هن غار لاءِ چيو وڃي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن غار ۾ اندر داخل ٿيو ۽ سڌو وڃي هنگلاج نڪتو. اهڙيءَ طرح جون ڏند ڪٿائون ڀٽائي صاحب کان اڳ جي هندو سامين ۽ ساڌوئن لاءِ به مشُھور آهن. رحيمداد خان مولائي شيدائي اروڙ جي ڪالڪا مندر بابت لکي ٿو ته عربن جي ڪاهه وقت اروڙ سنڌ سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هئو، ۽ هي مندر تمام وڏو مندر هئو، هتي هڪ سوار جو مجسمو رکيل هئو. جيڪو سڄو هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل هئو ۽ شهر وارن محمد بن قاسم سان آڻ مڃڻ لاءِ جيڪي شرط رکيا هئا انهن ۾ هڪ شرط هن بت جي سلامتيءَ لاءِ به هئو، جيڪو محمد بن قاسن سڀن شرطن سميت قبول ڪيو هئو ۽ پوءِ اروڙجي قلعي جا دروازا سندس لاءِ کوليا ويا هئا.(1)
مندر جي مک پوڄاريءَ سان اسان جي جيڪا ڪچهري ٿي ان ۾ هن اسان کي هندومت ۽ ڪالي ماتا بابت ڪافي ڄاڻ ڏني باقي مندر يا اروڙ جي قلعي بابت ڪا تاريخي ڄاڻ هن کي به نه هئي ۽ نه وري اروڙ جي آثارن بابت ڪا هن کي خاص خبر هئي. هن مذهب بابت پنهنجي وڏڙ کان ٻڌل ڳالهيون ئي ٻڌائيون، اسان هن کان موڪلائي مندر کان ٻاهر نڪتا سين، مندر ننڍي ٽڪريءَ تي آهي جنهن جي پويان وڏو پهاڙ نظر اچي ٿو ۽ آسپاس ننڍيون وڏيون ٽڪريون آهن، جن سڀن جي وچ ۾ هي مندر پري کان تمام خوبصورت منظر پيش ڪري رهيو آهي. خاص طور مندر پويان وڏي پهاڙ جو سڀن کان منفرد حسين نظارو آهي، مندر جي سامهون به پهاڙ آهي جنهن جي دامن ۾ سرڪاري اسڪول قائم آهي.
حوالا: ”جنت السنڌ“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 74.

مومل جي ماڙي

سال 2018ع نومبر جي مهيني ۾ سکر جي تاريخي ماڳن کي ڏسڻ لاءِ ويس ته هڪ ڏينهن تاريخ 15 جي صبح تي مانوارو دوست آغا غلام نبي مون کي ”الفرقان ليبرري“ تي وٺي هليو، جيڪا محترم فقير امان الله ماڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ڪئي آھي. هتي مختلف قسمن جا سوين قرآن شريف- تفصير ۽ ترجما موجود آھن ۽ ديني تعليم سائنسي انداز ۾ مفت ڏني وڃي ٿي. فقير امان الله ماڪا ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر محمد اسماعيل صاحب سان سٺي ڪچھري ٿي ۽ موڪلائيندي فقير سائين قران شريف جو ترجمي سان مڪمل آڊيو سيٽ مونکي تحفي طور ڏنو ۽ مون پنهنجو ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ امان الله ماڪا صاحب کي پيش ڪيو. هن فقيري شخصيت جي مالڪ هڪ جديد ۽ خوبصورت ليبرري قائم ڪئي آھي کيس لک شابسون.
ماڪا ڀائرن کان موڪلائي مومل جي ماڙي (ماٿيلو) روانا ٿياسين، سکر کان نيشنل هاءِ وي رستي روهڙي کان گهوٽڪي پهتاسين، شھر کان پهريان ميڪڊونلڊ جي خوبصورت پارڪنگ تي آغا صاحب ڪار بيھاري چيائين ته سائين مانجهاندو ڪيون ته پوءِ ٿا اڳتي هلون. پوءِ اندر حال ۾ آياسين ته حال به تمام خوبصورت سينگاريل ۽ صاف سٺو هو بلڪل بر ۾ بھاري لڳي پئي هئي، هتي ڪجھ دير ۾ کائي پي اڳتي روانا ٿياسين ۽ گهوٽڪي شهر مان گذري ماٿيلو ويندڙ رستي سان تقريبن 12 ڪلوميٽر سفر ڪري ماٿيلو پهتاسين. ماٿيلو هڪ ڳوٺ يا ننڍڙو شهر چئي سگهجي ٿو، جتي مک رستي تي ڪافي دوڪان آهن جن کان سواءِ هڪ بازار به آهي، جنهن مان گذري پڇائيندي پڇائيندي وڃي مومل جي ماڙيءَ (نند ڪوٽ) تي پهتاسين. ڪوٽ کان پهرين ئي ”مومل جي ماڙي“ نالي هڪ ننڍو ليڪن خوبصورت ميوزم به ٺهيل آهي جيڪو عام طور تي بند رهي ٿو، ان وقت سرڪاري طور اتي ڪو به ملازم مقرر ٿيل نه هيو جنهن ڪري ميوزم جي سنڀال پاڙي ۾ رهندڙ ڳوٺاڻا ڪري رهيا هئا ۽ ميوزم جي تالي جي چاٻي به انهن وٽ ئي هئي، چاٻي وارو ماڻهو موجود نه هئو جنهن کي فون ڪري گهرايو ويو، جيستائين هو اچي، اسين هڪ ٻئي پاڙيسريءَ جنهن کي ڪوٽ ۽ ماڙيءَ بابت ڪافي معلومات هئي، ان کي ساڻ ڪري ڪوٽ تي وياسين، ڪوٽ مٿاهين دڙي تي آهي، جنهن جي اڳيئين ديوار، مورچا ۽ هڪ پاسي واري ديوار جو ڪجهه حصو زبون حالت ۾ موجود آهن. مک دروازي کان مٿي چڙهڻ لاءِ هڪ ڊگهي ڏاڪڻ آهي، جنهن تان چڙهي اسين مٿي ڪوٽ جي اندر پهتاسين. ڪوٽ جو وڏو حصو ڊهي پٽ ٿي ويو آهي، جنهن جي زمين تي قبضا ڪري گهر ٺاهيا ويا آهن ۽ هڪ ڪنڊ تي سرڪاري اسپتال پڻ ٺهيل آهي، باقي بچيل حصي کي بچائڻ لاءِ ثقافت کاتي پاران لوهي کاردار تارن جو لوڙهو لڳايو ويو آهي. جنهن ڪري هي اڳيون حصو محفوظ ٿي سگهيو آهي مک درواي جي سامهون ڪوٽ اندر ثقافت کاتي پاران ڪجهه سال اڳ کوٽائي ڪرائي وئي هئي جنهن هنڌ مومل جي ماڙيءَ جا بنياد ظاهر ٿيا آهن کوٽائيءَ مان پڪيون سرون ۽ انهن جو ٺڪراٺو نڪتل آهي، جنهن مان هڪ پڪي سر موجود هئي جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي، جنهن کان پوءِ اسين ڪوٽ جي پوئين پاسي کان ڦري اچي ميوزم تي پهتاسين.

قلعي جي تاريخ
هي قلعو سنڌ جي راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾ ٺهرايو ويو هئو، اڳوڻي دور ۾ هن طرف اروڙ (جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هئو) کان ملتان (سنڌ جي هڪ صوبي جي گاديءَ وارو شهر) ويندڙ شاهي رستي تي هي هڪ وڏو ۽ مضبوط قلعو هئو، جنهن ۾ هميشه وڏي تعداد ۾ سوار ۽ پيدل فوج رهيل هوندي هئي، جيڪا ٻاهرين حملي آوورن کي اروڙ تي ٿيندڙ حملي کان پهريان ئي رستا روڪ ڪندي هئي ۽ امن جي ڏينهن ۾ واپارين ۽ مسافرن جي حفاظت ڪندي هئي.
هن قلعي بابت رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته راءِ گهراڻي جي ڪل پنجن راجائن سن 450ع کان سن 662ع تائين اروڙ ۽ سنڌ تي حڪومت ڪئي. سندن حڪومت جون حدون اتر ۾ ڪشمير، قنڌار، هيلمند تائين الهندي ۾ ڪرمان جي وادي نور مٿسور تائين ڏکڻ ۾ سوت ۽ اوڀر ۾ چتور ڳڙهه به سندن ماتحت هو. هن سلطنت اندر اچ، ماٿيلو، سيورا ۽ مائو، سيوستان، نيرون ڪوٽ، اروڙ، برهمڻ آباد ۽ ديبل مشهور قلعا هئا.(1)
** عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد سنڌ تي سومرن جي حڪومت جي آخري دور دوران ماٿيلو آزاد رياست ھئي، جنھن تي راجا نند (گجر) جي حڪومت ھئي ۽ سندس گاديءَ جو هنڌ ھي قلعو هئو، جنھن ڪري ھن کي نند ڪوٽ سڏيو ويندو آهي. هيءَ رياست سنڌ جي درياهه جي کاٻي پاسي موجوده گهوٽڪي ضلعي کان بدين ۽ راجستان تائين ڦهليل هئي، ۽ انوقت ۾ ڦٽي ويل اروڙ به هن رياست جو حصو هئو. راجا نند کي 9 ڌيئرون هيون جن ۾ ٻيو نمبر ڌيءَ جو نالو مومل هئو، جيڪا سڀن ڀينرن کان سياڻي ۽ خوبصورت هئي ۽ راجا نند جي حڪومتي وهنوار ۾ صلاحڪار ۽ مددگار به هئي.
** محمدصديق ميمڻ (ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر جنهن 23 مارچ 1982ع تي ماٿيلي جي قلعي جو معائنو ڪيو هو. تنهن پنهنجي هڪ ماٿيلو جي قلعي بابت مضمون ۾ لکيو آهي ته راءِ سهاسي سن 630ع ۾ هن شهر وارن تي ڍل انهيءَ شرط تي معاف ڪئي ته اتي هڪ مضبوط قلعو اڏي تيار ڪري ڏيندا. ماٿيلو ته مٿي هجڻ ڪري مشهور ٿيو ليڪن هن شهر کي مومل جي ماڙي ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته مومل جي چوڻ تي راجا نند ڪوٽ اندر مومل لاءِ هڪ عاليشان ماڙي ٺهرايائين.(2)
** مومل راڻي جي عشق تمام گهٽي مشهوري ماڻي جنهن ڪري راجا نند جو هي ڪوٽ جيڪو رياست جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سندس گهراڻي جي مستقل رهائش هئو، انڪري ظاهر آهي ته سندس سڀئي ڌيئرون هتي ئي ڄايون هونديون ۽ هتي ئي وڏيون ٿيون هونديون ۽ ٻيو نند ڪوٽ جيڪو موجوده بدين ضلعي جي شهر جاتيءَ کان 9 ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آهي، جتي راجا نند سخت گرمين جا ڏينهن گذاريندو هئو، ڇو ته اتر سنڌ جي علائقي ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي ۽ لاڙ ۾ سمنڊ جي ڪري آبهوا گهٽ گرم ۽ سرد رهي ٿي انڪري راجا نند گرميون لاڙ ۾ گذاريندو هئو، مومل راڻي جي عشق ڪري هي ٻئي نند ڪوٽ مومل جي ماڙي سڏجڻ لڳا. هنن ٻن ڪوٽن کانسواءِ مومل پاڻ به (ان وقت ۾ راجستان به سنڌ جو حصو هئو جيڪو هن وقت هندستان ۾ آھي) راجستان ۾ ڪاڪ نديءَ ڪناري هڪ طلسماتي ڪاريگريءَ سان محل جوڙايو هو، جتي ويهي اعلان ڪرايائين ته جيڪو به راجا راڻو يا شاهوڪار هن ڪاڪ محل جي طلسم کي پار ڪري اچي مون تائين پهچندو ته ان سان شادي ڪندس ۽ نه پهتو ته سندس سڀ دولت منهنجي ٿي ويندي. اهڙي، اعلان ڪري ڪيئي شاهوڪار آيا جيڪي مري ۽ لٽيجي ويا پر راڻي سڀ طلسم پار ڪري وڃي مومول ماڻي، جنهن ڪري ڪاڪ محل به مومل جو ماڳ آهي ۽ جڏنهن راڻي کي همير سومري قيد ڪري ڇڏيو ۽ مومل سندس تلاش ۾ آمرڪوٽ ٻاهران اچي راڻي کي ريجهائڻ لاءِ ماڙي جوڙائي اتي رهي ۽ نيٺ راڻي جي واپس نه ورڻ ڪري باهه جي مچ ۾ پاڻ ساڙي پنهنجو انت آندائين ته هي ماڳ به مومل جي ماڙي سڏجي ٿو مطلب ته راجا نند جي ڪوٽن ۽ ماڙين جي مشهوري مومل جي نالي سان مشهور ٿي وئي.
** ماٿيلي وارو نند ڪوٽ (مومل جي ماڙي) راءِ گهراڻي جي دور حڪومت ۾ ٺهيو جيئن ته راءِ سهاسي ٻئي پنهنجي حڪومت دوران مختلف ڇهن علائقن ۾ قلعا جوڙائڻ تي ڍل جي معافي جو اعلان ڪيو، جنهن ڪري ماٿيلي ۾ آمر راجپوت هي قلعو جوڙايو هئو راءِ گهراڻي جو دور 450ع کان 632ع تائين رهيو. هن گهراڻي جا پنج راجا رهيا، جنهن کان پوءِ برهمڻ دور شروع ٿيو جيڪو پڻ سنڌ تي امن ۽ ترقيءَ وارو دور رهيو، راجا ڏاهر جي دور ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ۽ اروڙ جي فتح کان پوءِ جڏهن اچ ۽ ملتان کي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ته شاهي رستي تي هن کي نند ڪوٽ مان سخت مزاحمت ٿي، جنهن ڪري کيس خندقوون کوٽائي ڇاوڻي هڻي هتي رهڻو پيو. نند ڪوٽ تي منجنيڪن سان حملو ڪري فتح حاصل ڪيائين ۽ سندس سپاهه جو هتي وڏو قبرستان به آھي.(3)
** جنهن کان پوءِ وري سومرا دور جي مشهور جنگ جيڪا چنسير جي چرچ تي ٿي ۽ هندستان جي بادشاهه علاوءُ الدين خلجي جي فوج جيڪا سلار خان جي سرداري ۾ سنڌ تي ڪاهي آئي، اها جنگ به ماٿيلي جي ميدان تي لڳي جيڪو هن نند ڪوٽ کان 10 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. جنهن کان پوءِ سمن جي دور ۾ به هي قلعو پنهنجي شان شوڪت سان قائم رهيو، پوءِ ارغونن جي دور ۾ شاھ حسن ارغون هن قلعي کي بغاوت جي خدشي کان ٽوڙايو ۽ مغلن به هن ڪوٽ تي حملو ڪيو هو جن کي پڻ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو هو. انگريزن ۽ ميرن جي آخري معرڪن ۾ مير شير محمد ٽالپور، انگريزن سان وڙهندي ماٿيلي طرف روانو ٿيو جتي انگريزن اڳئي هن قلعي جي قلعا بندي ڪري ڇڏي هئي، مير شير محمد راولو بند وٺي ڇاندڻ ۾ پنهنجا خيما کوڙيا ۽ انگريزن سان جنگ ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ لاء مصلحت ڪرڻ لڳا. ڇاندڻ اصل ڇانو يا ڇنو هيو جيڪو لغارين ٺاهيو هيو ان بعد هن ڇني ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪئي جيڪو اڄ جي دور ۾ به هڪ تمام وڏي ڳوٺ جي شڪل ۾ ميرپور ماٿيلي تعلقي ۾ موجود آهي. مير شير محمد، مير عبدالله خان ۽ ٻيا ٽالپر پنهنجي بچيل کچيل لشڪر سان هن قلعي تي هڪ زوردار حملو ڪيو جنهن ۾ هو سوڀارا ٿيا. هن جنگي معرڪي ۾ مير شير محمد ٽالپر جا ٻه گهوڙي سوار جنگي جوڌا دريا خان لغاري ۽ غلام حسين لغاري شهيد ٿيا ۽ ان ئي غلام حسين لغاري جي نالي تي قائم ٿيل ڳوٺ، داد لغاري ۽ ميرپور ماٿيلي جي وچ تي اڄ به موجود آهي.(4)

ماٿيلي جي قلعي کي وڏي ۾ وڏو نقصان انگريزن جي دور ۾ ٿيو، جو هن علائقي ۾ تعمير ٿيندڙ ريلوي جي پٽڙي ۾ ماٿيلي جي قلعي جي پڪين سرن کي ڪنڪريٽ طور استعمال ڪيو ويو.
جنهن کان پوءِ هي تاريخي قلعو برباد ٿي ويو ۽ لاوارث رهڻ ڪري هتي قبضا ٿي ويا.(5)
** مشهور محقق ڊاڪٽر گربخشاڻي به شاهه جي رسالي ۾ لکيو آهي ته ماٿيلو جي ڪوٽ جو بنياد پهريائين راءِ گهراڻي سال 495ع ڌاري وڌو هو.(6)
هن قلعي بابت هڪڙو بيت ماٿيلي جا ماڻهون اڪثر ٻڌائين ٿا، ھن مان پڻ تاريخي ڄاڻ ملي ٿي.


پهرين سر ڪوٽ ۾ هنئين ڄام پڙن،
ٿورا ورهيه ٿهيم هئا، آيو وارو وريامن،
ڪوٽ اسري تيار ٿيو نو سئو ويهه ورهين،
تهان پڄاڻان ٿا چون بادشاهي راجا نند جي.

هن بيت مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعي تي بالترتيب ڄام پڙن، ٿهيمن ۽ وريامن جو ڪنٽرول 920 ورهين تائين رهيو آهي ۽ پوءِ راجا نند جي قبضي هيٺ آيو هوندو ۽ بيت مان اهو به محسوس ٿئي ٿو ته قلعي جي اڏاوت جو آغاز ڄام پڙن ڪيو.
** ھتي جي ميوزيم ۾ ٽي وڏا حال ٺهيل آھن، جن مان هڪ حال ۾ ڪوٽ مان مختلف وقتن تي مليل ٿانون جا ٽڪڙا ۽ سڪا رکيل آهن، ٻيو حال آفيس طور استعمال ۾ آهي ۽ ٽيون به ادبي گڏجاڻين لاءِ مخصوص آهي، هن ڪوٽ جي سائنسي تحقيق ٿيڻ گهرجي، هتي صدين جي تاريخ دفن ٿيل آهي ۽ صدين تائين سنڌ جو مضبوط دفائي قلعو رهيو آھي، انڪري ھي سنڌ جو وڏو تاريخي ورثو آهي. سنڌ حڪومت کي اپيل ڪجي ٿي ته هن تاريخي ڪوٽ جي حدن مان قبضا ختم ڪرائي ڪوٽ کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ گهرجي ڇو ته ھي ھڪ اھم تاريخي ورثو آهي.
واپسي تي گهوٽڪي شھر ۾ اديب ۽ سماجي اڳواڻ رئوف پارس دايو سان سندس گهر ملاقات ڪئي سون هن جاکوڙي دوست نند ڪوٽ بابت ڪافي معلومات ونڊ ڪئي هي هڪ همدرد ۽ پرخلوص انسان آھي. دايو صاحب کان موڪلايوسين ته رات ٿي وئي هئي، جنهن ڪري واپس سکر روانا ٿياسين ۽ سڌو سينئر ايڊوڪيٽ امان الله ملڪ جي جاء تي پھتاسين جتي منھنجي مان ۾ امان الله صاحب پاران دعوت رٿيل هئي. جتي سکر شھر جا سينئر وڪيل ۽ ٻيا معزز شھري پڻ مدعو هئا جن سڀن سان ڀرپور ڪچھريون ٿيو.

===========

** مومل راڻي جو قصو
سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي، گجر ذات جو راجا نند حڪومت ڪندو ھو. کيس دولت ڪٺي ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو. ھڪ ڀيرو ڪنھن جانور جو شڪار ڪري، آن جوڏند ھٿ ڪيائين، ۽ ان جي مدد سان پنھنجو سمورو خزانو درياء جي پيٽ ۾ لڪائي ڇڏيائين.
راجا نند کي نوَ نياڻيون ھيون. منجھائن مومل سڀني کان وڌيڪ سھڻي سياڻي ھئي. راجا به کيس ڏاڍو ڀائيندو ھو. انڪري اھو جادوئي ڏند کيس سنڀالي رکڻ لاءِ ڏنائين، پر ڏند جي اصلي راز جو نه ٻڌايائين.
ھڪڙي جادوگر کي ڪنھن طرح راجا جي لڪايل خزاني جي پروڙ پئجي ويئي، سو ھڪ ڏينھن جڏھن راجا شڪار تي ويل ھو ته ھو مومل ساڻ ٺڳي ڪري اھو ڏند وٺي، درياهه مان سمورو خزانو ڪڍي غائب ٿي ويو. راجا جڏھن شڪار تان موٽيو ته کيس ڏند وڃائڻ جي خبر پئي. ھو مومل تي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر سندس ڌيءُ آٿت ڏنس ته ايترو خزانو آئون اوھان کي گڏ ڪري ڏيندس.
مومل پيءُ کان موڪل وٺي، ڪاڪ ڪنڌ تي ھڪڙي ماڙي اڏائي ۽ پنھنجي ڀيڻ سومل ۽ نوڪرياڻين کي ساڻ وٺي اتي رھڻ لڳي، ھن پنھنجي چالاڪيءَ سان ماڙي جي چوڌاري جادوءَ جو باغ تيار ڪرايو ۽ ان تي رھڻ لڳي ۽ ان جي وچان لنگھندڙ سوڙھي رستي تي خوفناڪ جادوئي جانور بيھاري ڇڏيا. جن جي ڊيڄاريندڙ رڙين تي وڏا وڏا بھادر به ڏڪي ويندا ھئا. ان کان سواءِ ڪيترائي گمراھ ڪندڙ ۽ خطرناڪ جادوئي کيل پڻ تيار ڪرائي رکيائين.
جڏھن ڪاڪ محل جي ڪناري تي اھو جادوئي محل تيار ٿي ويو ته مومل عام اعلان ڪرايو ته جيڪو شھزادو باغ مان لنگھي مومل وٽ سلامتيءَ سان پھچندو، اھو ساڻس شادي ڪندو. ٻي حالت ۾ کيس پنھنجي مال ۽ سامان تان ھٿ کڻڻو پوندو.
مومل جي سونھن جي ھاڪ ٻڌي ڪيترائي شھزادا آيا، پر پنھنجو ڌن دولت ڦرائي ويا. ان وقت عمرڪوٽ جو بادشاھ ھمير سومرو ھو. ھڪڙي ڏينھن ھو پنھنجي ٽن وزيرن سان گڏجي شڪار تي نڪتو. راڻو مينڌرو سوڍو انھن سڀني ۾ بھادر ۽ عقلمند هو ۽ ھمير سومرو جو سالو به ھو. رستي تي ھڪ فقير مليو، مومل ۽ ان جي ڪاڪ محل بابت پنھنجي روئيداد ٻڌائي. انھيءَ ڳالھ چئني يارن جي دل ۾ مومل حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ڪري ڇڏيو. پوءِ ته چارئي ڄڻا پنھنجو ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڪاڪ محل ڏانھن روانا ٿيا. اتي پھچي ماڙيءَ جي ٻاھر رکيل ڀير تي ڏونڪو ھنيائون ته سيکاريل نوڪرياڻي ناتر ٻاھر آئي ۽ سندن اچڻ جو اطلاع وڃين اندر ڪيائين.
ٿوري دير کان پوءِ ناتر طعام کڻائي اچي سندن اڳيان رکيو. راڻي مينڌري پنھنجي ٽنھي ساٿين کي اھو کائڻ کان منع ڪئي ۽ ان مان ذرو کڻي ڪتي کي ڏنو. جيڪو کائڻ سان ئي مري ويو. ناتر پوءِ ٻيون به اٽڪلون ڪيون. پر سندس ڪابه اٽڪل ڪامياب نه ٿي. آخر ۾ کين چيائين ته، مومل سان ملڻو اٿو ته مون سان ھڪ ھڪ ڪري ٿي ھلو. پوءِ ته اھي ھڪ ھڪ ٿي ناتر سان گڏجي ويا. پر ھو رستي تي گوھي ڏئي نڪري ٿي ويئي. پڇاڙيءَ ۾ جڏھن راڻي مينڌري کي ساڻ ڪري، ھن رستي تان ڀڄڻ واري ڪئي ته راڻي کڻي وارن کان ورتس ۽ ڇڪي سڌو ڪيائينس. اڳيان ھلي جڏھن ھڪ تلاءَ تي پھتا ته ناتر وري به اٽڪل ڪري ڀڄي وئي ۽ راڻو اڪيلو رھجي ويو. راڻو پاڻيءَ جي اونھائيءَ کي ڏسڻ لاءِ سوپاري ڪڍي پاڻي ۾ اڇلائي، پر اھا آواز ڪندي پري وڃي پئي تڏھن راڻو سمجھيو ته تلاءُ رڳو ٺڳي جو ٺھيل آھي. پوءِ ته گھوڙي کي ڊوراڙي اچي مومل جي ماڙي وٽ پھتو، جتي ناتر اڳيئي بيٺي ھئي. ھوءَ کيس انھي ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي ھڪجھڙيون کٽون ۽ ست بسترا ھڪجهڙن ھنڌن سان پيل ھيا. راڻي جڏھن بسترن کي آزمائڻ لاءِ پنھنجي لڪڻ سان مٿن زور ڏنو ته ڇھن بسترن جا ھنڌ ھيٺ وڃي کوھن ۾ ڪريا، پوءِ راڻو ستين کٽ جي بستري تي ويٺو. جيڪو صحيح ۽ سلامت ھو. جڏھن اھا اٽڪل به ڪامياب نه ٿي ته ناتر کيس ھڪڙي ٻئي ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي ھڪجھڙين سھڻين شڪلين واريون ڪيتريون ئي ناريون بيٺيون ھيون. سندن ھٿن ۾ گُلن جا ھار ھئا. ناتر راڻي کي چيو ته ھنن نارين ۾ مومل به بيٺل آھي، پر تون جنهن کي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندين، ان سان تنھنجي شادي ڪرائي ويندي.
راڻو پھرين ته مُنجھي پيو، پر پوءِ ھڪڙي عورت جي وارن جي مٿان ڀوئنر ڀرندي ڏٺائين. راڻو سمجھي ويو ته خوشبودار وارن واري ئي مومل ٿي سگھي ٿي. ھن اڳتي وڌي وڃي کيس ھٿ کان ورتو ته مومل پڻ گُلن جو ھار سندس ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو. پوءِ ته خوشيون ٿي ويون ۽ ٻنھي جي شادي ٿي وئي.
راڻي جا ٽئي دوست ڪاوڙجي، پنھنجي علائقي ڏانھن روانا ٿي ويا. ٿورن ڏينھن کان پوءِ ھمير سومرو ڪنھن بھاني سان راڻي کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو ته جيئن ھو مومل سان ملي نه سگھي. پر راڻي کان رھيو نه ٿيو، ھو روز جو ڦڙتيلي اُٺ تي چڙھي ڪاڪ محل ھليو ويندو ھو ۽ مومل سان ملي تُرت ئي واپس ايندو ھو.
ھڪ ڀيري راڻي مومل سان ملڻ ۾ گھڻا ڏينھن ٿي ويا ته سندس جدائيءَ ۾ مومل اداس رھڻ لڳي ۽ پنھنجي ۽ پنھنجي وڏي ڀيڻ سومل کي مرداڻو لباس پھرائي، پاڻ سان گڏ سمھاري ڇڏيندي ھئي. ھڪ رات راڻو جيئن ماڙي تي پھتو ته اونداھ ۾ سومل کي مرد سمجھي، ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ پنھنجو لڪُڻ نشاني طور مومل جي ڀرسان رکي واپس امرڪوٽ ھليو ويو.
صبح جو جڏھن مومل ننڊ مان اٿي ته سمجھي وئي ته راڻو ڪاوڙجي واپس ھليو ويو آھي. پوءِ ته کيس اچڻ لاءِ ڪيترائي نياپا موڪليائين، ھو نه آيو. پوءِ مومل به ڪاڪ محل ڇڏي اچي امرڪوٽ ٻاهران ماڙي ٺھرائي ان ۾ رهائش ڪئي ۽ راڻي کي پرچائڻ لاءِ وس ڪيائين ليڪن راڻو ڪين آيو، مومل بيزار ٿي باھ جو ھڪ مچ تيار ڪرائي پاڻ کي ان ۾ اڇليائين. راڻي کي جڏھن اھا خبر پئي ته ھو به ڊوڙندو اتي پھتو. پر تڏھن گھڻي دير ٿي وئي ھئي، انڪري پاڻ به ان مچ ۾ ٽپي پيو ۽ مومل سان گڏ سڙي امر ٿي ويو. سوين سال گزڻ باوجود اڄ به مومل راڻو کي ياد رکيو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي سرتاج شاھ ڀٽائي به پورو سر مومل راڻي تي لکي هنن جي ڪردار کي امر ڪري ڇڏيو آھي.

حوالا

(1)- ”جنت السنڌ“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 77.
(2)- تحقيقي مضمون، محمدصديق ميمڻ
(3)- تحقيقي مقالو، رئوف پارس دايو
(4)- تحقيقي مقالو، رئوف پارس دايو
(5)- تحقيقي مقالو، رئوف پارس دايو
(6)۔ ”شاهه لطيف جو رسالو“، ڊاڪٽر گربخشاڻي، صفحو 635

سکر جي قديمي تاريخ

سکر سنڌ جو تمام خوبصورت شهر آهي، جنهن جي خوبصورتي ۽ ترقي جو اصل سبب سنڌو درياءُ آهي، جنهن جي ڪپ تي سکر شهر آباد آهي. هن جاءِ تي سنڌو درياءُ جي وچ ۾ ٻيٽ به آهن جن جي ڪري وڌيڪ دلڪش نظارا پسڻ لاءِ ملن ٿا، جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو. اوائلي دور ۾ سنڌ سلطنت جي گادي جو هنڌ اروڙ هئو ۽ سنڌو درياءُ جو هڪ وهڪرو اروڙ ڀرسان گذرندو هئو، جنهن جي رخ مٽڻ ڪري اروڙ جو وڏو خوبصورت ۽ آباد شهر برباد ٿي ويو، ڇو ته ان وقت ۾ درياهه جي وهڪرن رستي وڻج واپار هلندو هئو، جنهن ڪري درياهن جي ڪنارن شھر آباد ڪيا ويندا هئا، ۽ انهن جي حفاظت ۽ حڪومت قائم رکڻ لاءِ ڪوٽ ۽ قلعا به جوڙايا ويندا هئا. سنڌو جي هن وهڪري ڪري اوائلي دور کان اروڙ هن وڏي ملڪ جي واپار جي مرڪزي منڊي پڻ هئو، جيڪو ڏيهان ڏيهه مشهور هئو، هن درياهي وهڪري کي مهراڻو به چيو ويندو هو، جيڪو سکر جي اتر کان سنڌو درياهه مان نڪري اروڙ جي پاسي کان وهندو خيرپور جي ناري واري علائقي کان ٿيندو عمر ڪوٽ کان وهندو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هئو. عمرڪوٽ جو اوائلي قلعو به هن مهراڻي جي ڪپ تي آباد ڪيو ويو هئو، مهراڻ جو اروڙ کان رخ مٽائڻ جو جو سال مسٽر ايڇ۔ ريورٽي تي 335هه ۔ 946ع لکيو آهي، مسٽر ايڇ ڪرينس 345 هه۔ 952ع لکيو آهي، جنهن ڪري اروڙ جي واپار لاءِ سکر جو پتڻ استعمال ٿيڻ لڳو ۽ روهڙي شهر آباد به ٿيو، بکر جي قلعي کان واپارين ۽ سامان جي حفاظت شروع ٿي جنهن ڪري ڏوراهن ملڪن خاص طور وچ ايشيا ۽ ٻين رياستن جي مرڪزي منڊي سکر ٿي اڀريو ۽ ترقي ڪندو رهيو.
سکر جي پتڻ جو ذڪر عرب دور ۾ به ملي ٿو ۽ هن جا نالا مختلف وقتن تي مختلف رکيا ويا آهن، بکر جو قلعو ۽ روهڙي سکر جي پتڻ کان بعد ۾ ٺهيا آهن. سکر جو پتڻ پراڻو آهي، بکر جو قلعو فوجي مقصد لاءِ ٺهيو ۽ ڪم آيو شهري آبادي درياهه جي ڪپ تي ۽ ٽڪرين تي سکر جي هئي، پر بکر قلعي جي فوجي اهميت ڪري ۽ درياهه جي وچ ۾ هئڻ ڪري تاريخ ۾ بکر جو ذڪر وڌيڪ آيو آهي. هن وقت سکر ۾ تمام گهڻيون تاريخي عمارتون ۽ اڏاوتون آهن جنهن ڪري سکر شهر جي سنڌ جي شهرن ۾ هڪ منفرد حيثيت آهي: 1 بکر جو قلعو، 2 ستين جو آستان، 3 ساڌ ٻيلو، 4 معصوم شاهه جو منارو، 5 آدم شاهه جو مقبرو، 6 لينس ڊائون پل (روهڙي جي پل )، 7 سکر بئراج، 8 ايوب پل، 9 لب مهراڻ ۽ ٻيا ڪيترائي خوبصورت تاريخي ماڳ مڪان آهن جيڪي پنهنجي منفرد تاريخي حيثيت رکن ٿا ۽ ڏسڻ وٽان آهن.
تاريخ جي ڪتابن ۾ بکر ۽ سکر جو ذڪر اوائلي دور کان ملي ٿو، جنهن جا مختلف مثال ۽ رايا هن مضمون ۾ هيٺ ڏنا آھن، ته جئين پڙهندڙ سکر جي قدامت کي سولائي سان سمجهي سگهن.
** سنڌ جي سياسي تاريخ کان سواءِ سنڌ جي جاگرافي به نهايت اهم آهي سنڌ جي تاريخ تي ته ٿورو گهڻو ڪم ٿيو آهي ليڪن سنڌ جي جاگرافي ۽ معاشي يا معاشرتي تاريخ تي بلڪل نه هجڻ برابر ڪم ٿيو آهي، سنڌ جي جاگرافي تي يوناني سياحن ڪجهه لکيو آهي جن مان هڪ اهم جاگرافي دان بطلبوس بکر جو نالو بينا ننگر ڏنو ۽ لکيو آهي ته انهيءَ بکر ۾ بينا قوم رهندي هئي.(1)
** سکر ۽ بکر جي نالي بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي خيال موجب سکر ۽ بکر ٻن ميدن جا نالا هئا، جن جي نالي پٺيان هي وسنديون آباد ٿيون، ميدن تمام قديم زماني ۾ سکر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ پنهنجي رياست قائم ڪئي هئي.(2) ميد سنڌ تي اوائلي چند قبيلين مان هڪ قبيلو هئو، جنهن جو ڪم مڇي مارڻ ٻيڙيون هلائڻ ۽ زراعت ڪرڻ هئو ۽ هن قبيلي مان اڳتي هلي ڪيتريون ئي ذاتيون ٺهيون جيڪي اڄ به سماٽ ذاتين جي اڪثريت جي صورت ۾ موجود آهن.
** سنڌ ۾ يونانين ۽ پورچوگيزن کان سواءِ ڪيترائي ٻيا به مغربي ماهر ۽ سياح آيا جن سنڌ جي ان وقت جي تاريخ، جاگرافي ۽ اقتصادي حالتن بابت لکيو آهي، انهن مان ميجر ريوٽي به سنڌو ۽ ان مان ڦٽندڙ شاخن بابت لکيو آهي هو لکي ٿو ته: ”’اڪر ۽ بڪر‘ ٻه شهر آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام کان اڳ سکر کي ’اڪر‘ ۽ بکر کي ’بڪر‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هئو.(3) ميجر ريوٽي ٻي هنڌ هي به لکي ٿو ته قديم زماني ۾ بکر کي بيهڪر جي نالي سان به سڏيو ويندو هيو، جو دنيا جي تمدن وارن ملڪن ۾ مشهور هئو.“(4)
** هن علائقي ۾ عربن پنهنجي حڪومت دوران سکر ڀرسان سنڌو درياهه تي هڪ پل به جوڙائي هئي جنهن جو اشارو “ لب تاريخ سنڌ“ ۾ هن طرح آهي ته: ”عربن سکر ويجهو ماڻهن جي آمد رفت لاءِ سنڌو نديءَ تي پل ٺهرائي هئي، جنهن کي سڪرالميد نالي سان سڏيندا هئا.(4) ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت به ايتري آبادي هئي جنهن لاءِ درياهه تي پل ٺهي ته اها شھري آبادي عربن جي اچڻ کان اڳ جي ئي هوندي ڇو ته ايتري آبادي جي واڌ ويجھ ۾ ڪئي سال لڳا هوندا.
** ابن بطوطه 733 هجري ۾ هن شهر جي عظمت جا ڳيچ ڳايا آهن. پنهنجي سفر نامي ۾ لکيو آهي ته: ”بکر بلڪل خوبصورت شهر آهي ۽ سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ شهر جي وچ مان لنگهي ٿي هت هڪ خانگاهه آهي، جتي مسافرن کي کاڌو ملي ٿو انهيءَ شهر ۾ منهنجي ملاقات امام عبدالله حنفي ۽ شهر جي قاضي ابو حنيفه ۽ شمس الدين شيرازي سان ٿي جنهن جي عمر 120 سال هئي.(6)
** ”عجائب السفار“ جي تحقيق موجب سکر ۽ بکر کي هڪ ئي نالي سان ”بکر“ سان سڏيو ويندو هئو زماني گذرڻ کان پوءِ سکر ۽ بکر جدا جدا نالن سان سڏجڻ ۾ آيا.(7)
الوحيد ۾ لکيل آهي ته: ”قديم تاريخن جي بيانن مان معلوم ٿيو آهي ته انهن مورخن هتي عالمن ۽ بزرگن کي سکر سان منسوب ڪري ڳڻيو آهي ۽ سندن مدفن به بکر ڄاڻايو آهي، ليڪن تحقيق کان پوءِ واضح ٿيو آهي ته انهن جون مزارون پراڻي سکر جي لڳ نظر ايون آهن، جئين حضرت محمد مڪيءَ جي تربت بکر جي قلعي ۾ ڄاڻائي وئي آهي، ليڪن هن جي مزار سکر ۾ آهي. اهڙيءَ طرح مير معصوم شاهه کي بکري سڏيو ويندو آهي، پر سندس مزار ۽ حويليون سکر ۾ آهن.
** ايران جي آشڪاني فرمانروائن مان دارا جي حاڪميت وارن ڏينهن ۾ مهراڻ جو الهندو حصو اٽڪ کان وٺي ويندي سمنڊ تائين سکر سميت ايران جي ماتحت ھو، ۽ دارا کي هن حصي مان 178272 پائونڊ ساليانو آمدني ٿيندي هئي، ايرانين قندابيل ۽ بھمڻ آباد شهر تعبير ڪرايا، لاڙڪاڻي ضلعي جي دڙن مان جيڪي شيون مليون آهن سي ايراني ساخت جون آهن.(8)
دارا مهراڻ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ۽ سامونڊي رستا معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اميرالبحر سائيڪلاس کي اٽڪ کان جهازن جو دستو ڏئي روانو ڪيو جنهن ٽن سالن ۾ مهراڻ جي ڊيلٽا جي ڳاڙهي سمنڊ کان مصر تائين جو رستو معلوم ڪيو هو، ۽ هي ڪم 480 قبل مسيح ۾ ٿيو آهي.(9)
ھنن مختلف حوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سکر اوائلي دور کان آباد آهي، جيڪو مختلف وقتن تي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي، جن مان اهم نالا ”سڪر“، ”بکر“ ۽ ”بينا ننگر“، هن ئي اوائلي آبادي جا نالا آهن ۽ تحقيق مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته سکر ۽ بکر هڪ ئي شهر جا نالا آهن سکر اوائلي پتڻ رهيو آهي، جنهن جي حفاظت لاءِ بکر جو قلعو قائم ڪيو ويو، ڇو ته ٻيٽ تي ٺهرايل بکر قلعو انتهائي محفوظ فوجي ڇانوڻي ثابت ٿيو آهي ۽ تاريخي تحقيق مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته اروڙ جي ڦٽڻ کان پوءِ سکر جي پتڻ جي اهميت وڌي ويئي ۽ هن آباديءَ ترقي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ جنهن ڪري روهڙي ۽ سکر جا شهر اڏجي ويا.
سکر جي تاريخ کي اجاڳر ڪرڻ لاء سکر جي خوبصورتي جا اھڃاڻن مختلف ۽ اھم تاريخي ماڳن بابت مون الڳ الڳ مضمون ھن ئي ڪتاب ۾ لکيا آهن، جن مان پڙھندڙن کي سکر شھر جي مختلف دورن جي تاريخ، تمدن، حاڪمن ۽ حڪومتن جي ظلم زيادتين يا تعمير ۽ ترقي جا وچور ملندا، ۽ تاريخي ماڳن جا تفصيل پڙھي، انھن جي اھميت کان به يقين واقف ٿيندا.


حوالا
(1)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ڀاڱو ٻيو، اشتياق انصاري، مضمون بکر جو قلعو.
(2)- ساڳيو
(3)- ساڳيو
(4)- ساڳيو
(5)- ساڳيو
(6)- ساڳيو
(7)- ساڳيو
(8)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي)
(9)- ساڳيو

روهڙي شھر جي مختصر تاريخ

سکر شھر جي سامهون سنڌو درياهه جي اوڀرندي ڪناري تي روهڙي شهر آباد آهي، جنهن ڪري سکر ۽ روهڙي کي جاڙا شهر به سڏيو وڃي ٿو، ڇو ته ٻئي شهر پلين ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل به آهن، ۽ تاريخي طور به ٻئي شھر هم عصر ليکيا وڃن ٿا.
روهڙي شهر جو بنياد سنڌ تي عربن جي حڪومت دوران وڏي زلزلي سبب سنڌو درياهه جو هڪ ٻيو وڏو وهڪرو جيڪو اروڙ ڀرسان وهندو هو، اهو بند ٿي ويو ، ٻنهي وهڪرن جو پاڻي گڏ ٿي روهڙي ۽ سکر جي وچان وهڻ لڳو۔زلزلي وارو واقعو 962ع ۾ ٿيو.(1) جنهن ڪري درياءِ سنڌ جو وھڪرو بدلجي ويو، ته اروڙ شهر جيڪو واپار جو وڏو مرڪز هئو، ان جو بندر ڦٽي ويو ۽ اروڙ جي واپارين روهڙي جي بندر کان واپاري سامان جي آمد رفت شروع ڪئي، جنهن ڪري روهڙي جي بندر ڀرسان پنهنجا گدام ۽ واپاري مرڪز قائم ڪيائون ته هي شهر ٺهي پيو ۽ پوءِ ترقي ڪندو رهيو ۽ پوءِ تيرھين صدي عيسويءَ ۾ روھڙي درياهه سنڌ جو ھڪ مصروف بندر ۽ زرعي جنسن جي واپار جو مرڪز ھيو.
روهڙي شھر جي اوڀر ۾ 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اروڙ جو قديم شھر واقع ھيو، جنهن جا آثار اڄ به موجود آھن. عربن جي اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ۾ آمد کان اڳ واري تاريخ جي باري ۾ ڪن علائقي متعلق رڪارڊ تمام گھٽ آھي، ليڪن اروڙ ان وقت اتر سنڌ جو وڏو شھر ۽ واپاري مرڪز هئڻ سان ڳڏ پوري مضبوط سنڌو سلطنت جو راءِ گهراڻي جي دور ۽ پوءِ برھمڻ گهراڻي جي گاديءَ جو هنڌ رھيو آھي، ۽ 711ع ۾ محمد بن قاسم ان تي قبضو ڪيو ۽ عربن جي پهرين دور ۾ به سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو.(2)
روهڙي شهر جي نالي بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ مختلف ويچار آهن، ڪنهن هن شهر کي لوهڙي سڏيو آهي ته ڪنهن لوهر ڪوٽ، روڙا ننگر ۽ روڙپرا به سڏيو آهي. اصل ۾ روڙي سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ننڍو پهاڙ يا ٽڪري. ٻئي پاسي روهه جي معنيٰ جبل به سنڌيءَ ۾ آهي، اڄ تائين پنجاب ۽ هندستان ۾ هن شهر کي روڙي چون ٿا جو هن جو اصل نالو آھي ۽ مختلف دور جي مختلف مرحلن ۽ لهجن مان گزري اڄ ”روهڙي“ مشھور آھي. هي اوائلي دور جو درياهه ڪناري ٽڪريءَ تي ننڍو ڳوٺ اروڙ جي بندر ڦٽڻ ڪري هي بندر ۽ ان سان گڏ شهر آباد ٿي ويو، هن جي جي تعمير ۽ ترقي مختلف دورن ۾ ٿيندي رهي آھي. روهڙي جي تاريخ، تعمير، ترقي ۽ اهم ماڳن جو زڪر هن مضمون ۾ اوهان کي پيش ڪجي ٿو. هن مضمون ۾ اوهان کي پيش ڪجي ٿو.

روهڙي شهر جنهن ٽڪريءَ تي آباد آهي اها درياهه جي پاڻيءَ کان 50 فوٽ بلند آهي، اڳ ٻوڏ جي وقت ۾ پاڻي ٽڪريءَ سان لڳي وهندو هئو جنهن جا نشان اڄ تائين موجود آهن. هي شهر درياهه ڪناري هئڻ ڪري تڪڙي ترقي ڪئي، روهڙي جي آس پاس سٺي زراعت ۽ ميون جا باغ پڻ هئا، جنهن ڪري ھتي جي خوشھالي ڏسي وڏي تعداد ۾ پير ۽ بزرگ هتي اچي آباد ٿيا، هن شهر ۾ سوا لک پير دفن آهن جنهن ڪري هن کي ”روهڙي شريف“ چيو وڃي ٿو، هي علم هنر ۽ روحاني فيض وارو شهر مشھور آهي.
شاھ بيگ ارغون، سنڌ جي فتح کان پوءِ بکر جي قلعي کي مضبوط ڪرڻ وقت، بکر جي سيدن ۽ قاضين کي ھن شھر ۾ زمين ڏيئي آباد ڪيو، ان کان پوءِ ھي شھر وڌيڪ وڌڻ لڳو. ابن ھوقل، ادريسي، ٻين عرب مورخن، ابوالفضل ۽ يورپي سياحن، روھڙي جي باغن، ميون، گلن، کارڪن، درياءُ جي مڇي، خاص ڪري پلي، ۽ بندر جي وڻج واپار جي پڻ ساراھ ڪئي آھي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي تاريخ سکر ۾ لکي ٿو ته: ”خلجين جي يادگار طور رضوي سيدن جو روهڙي اسٽيشن ويجهو ڪچو قلعو آھي، جنهن ڪري کين ڪوٽائي سيد چيو وڃي ٿو. رضوي سيدن کي سلطان علاءُ الدين خلجي روهڙي جي آسپاس جاگيرون ڏنيون هئائين، ۽ ڪوٽ جي ڏکڻ اولھ پاسي هڪ ٽن قبن ۽ بلند مينارن واري شاندار مسجد به جوڙائي ھئائين جيڪا زبون حال ۾ موجود آھي.“ (3)
* هن شھر جي قديم هئڻ جي باري ۾ ڪي شيون درياه جي پيٽ مان 1875ع ۾ هٿ لڳيون، اهي شيون پٿر واري دور سان تعلق رکندڙ هيون. اهڙو بيان رائل انجنير مسٽر ٽويملو ۽ مسٽر جان ٽيٽ جي ٻن مضمونن مان معلوم ٿيو جيڪي جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ بيان ڪيل سال ۾ شايع ٿيا هئا. ائين معلوم ٿو ٿئي ته ٽڪريءَ تي پنجاه فوٽن جي بلنديءَ تي هي شهر ڪيترا دفعا آباد ٿي ۽ پوءِ مٽندو رهيو آھي.(4) سنڌ گزيٽئر ۾ شهر جو نالو ”لوهڙي“ ڄاڻايل آهي. ڪپتان اي- ويسٽ ميڪاٽ 1841ع ۾ جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال ۾ شهر جو نالو ”لوهر ڪوٽ“ لکندي ڄاڻايو هئائين ته اهو شهر جو قديم نالو هيو. ريوٽي صاحب ”مهراڻ “ ۾ روهڙي جو قديم نالو ”روڙپورا“ يا ”روڙا ننگرا“ لکيو آهي.(5)
* روهڙي شھر سنڌ جي قديمي تاريخي شھرن مان ھڪ آھي ھتي تمام جھونيون، وڻندڙ ۽ تاريخي عمارتون آھن، جن ۾ ڪنھيا لال ڪاٽيج تمام مشھور ۽ ڏسڻ وٽان آھي ۽ لئنسڊائون پُل تان لھندي سامھون تمام خوبصورت ڏيک ڏيندي آھي. ھي شھر، بکر ٻيٽ کان ھڪ دلڪش نظارو پيش ڪري ٿو. ھن جي ڀر سان درياءُ جي ٻيٽن ۽ ٽڪرين مان قديم زماني جون شيون ھٿ آيون آھن، جن کي ڏسي قديم آثارن جي ماھر ليفٽيننٽ ٽيوملر اندازو لڳايو آھي ته ھي شھر تمام قديم ۽ پٿر واري دور ۾ بہ آباد ھيو. قديم آثارن جي ھڪ ٻئي ماھر ڊاڪٽر بلئم فورڊ انھن شين کي ڏسي اندازو لڳايو ھو ته ھندوستان جي ٻين علائقن مان لڌل شين جي ڀيٽ ۾ ھتان جون شيون وڌيڪ سھڻيون آھن.(6)
* روهڙي شهر بابت سنڌ جي پهرين گزيٽيئر ۾ مسٽر اي ڊبليو هيوز صاحب ڄاڻايو آهي ته 1297ع ۾ سيد رڪن الدين هي شهر تعمير ڪرايو يعني سلطان علاوالدين خليجي جي حڪومتي دور ۾ جڏهن علاو الدين خلجي رضوي سيدن لاءِ هتي ڪوٽ تعمير ڪرايو. (7)
ھي شھر زماني جي لاھين چاڙھين سبب ڪيترا ئي دفعا آباد ۽ غير آباد ٿيندو رھيو آھي. جيتوڻيڪ ھي قديم شھر آھي، پر ھاڻوڪو شھر عربن جي دور جو آھي، جيڪو مٿي زڪر ڪيو آھي، ۽ پوءِ ترقي ڪندو رهيو آهي.
ھن شھر کي خاص اھميت، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي وار مبارڪ جي ڪري آھي. وار مبارڪ، ھڪ سوني جواھرن سان جڙيل دٻليءَ ۾ رکيل آھي. جنهن جي مون به ننڍپڻ ۾ والد صاحب سان ڳڏ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا زيارت ڪئي آھي.
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ”لوهري يا روهڙيءَ جو شھر اروڙ جي ڦٽڻ ڪري اتي جي ماڻهن اچي اهو شهر ٻڌو ۽ آن جو نالو به گهڻو ڪري رور مان پيو ۽ هاڻ سڏجي به روهڙي ٿو. اهو وار مبارڪ ۽ ان جي قديم مسجد جي ڪري مشهور هو. اها مسجد سنه 954 هجري (1545ع) ڌاري جڙي ۽ وار مبارڪ به تڏهين آيو. اهو وار حضرت صلعم جن جي سونهاري جو چوڻ ۾ ٿو اچي ۽ عبدالباقي نالي شخص اتي آندو. جو شيخ نظام الدين جو ناٺي هو ۽ اهو شيخ حضرت ابوبڪر جي اولاد مان هو ۽ لوهريءَ ۾ اچي رهيو هو. اهو هڪ انچ جو چوٿين پتي جيترو مس آهي ۽ سوني قلمدان ۾ رکيل آهي ۽ حج جي ڏينهن ماڻهو انهيءَ جي زيارت ڪندا آهن. (8)
** وار مبارڪ وارو روضو، ايران جي بادشاھ نادر شاھ ٺھرايو ھو. وار مبارڪ جي روضي جي ڀر سان ھڪ عاليشان مسجد پڻ ٺھيل آھي، جا سن 1545ع ۾ جڙي راس ٿي. روھڙي ۾ ھڪ ٻي تاريخي مسجد به آھي. جيڪا شھنشاھ اڪبر جي گورنر فتح خان 1583ع ۾ تعمير ڪرائي، اھا مسجد وڻندڙ ڳاڙھين سرن سان ٺھيل آھي، جنھن تي ٽي عاليشان گنبذ آھن، پر اھا ھن وقت زبون حالت ۾ آھي. ٽين عاليشان مسجد عيدگاھ آھي جنھن کي ٽي قبا آھن، جا سن 1593ع ۾ مير معصوم بکري ٺھرائي، انھن کان سواءِ ھڪ ٻي مسجد به آھي جيڪا مير يعقوب علي شاھ جي آھي ۽ 1677ع ۾ جڙي راس ٿي. ھي مسجد تمام وسيع آھي ۽ قلعي وانگر اڏيل آھي.(9)
روھڙي شهر جي ڏکڻ پاسي هڪڙيءَ ٽڪري تي درياھ جي ڪناري تي هڪڙو مقام آهي. جنهن کي ستين جو آستان چوندا آهن، هن ماڳ جو تفصيلي احوال اڳتي الڳ ڏبو. روهڙي شھر جي سامنھون روهڙي ۽ بکر جي وچ تي درياھ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ آهي، جتي هڪ ننڍڙي مسجد به آهي. انهي کي خواجه خضر جو آستان چوندا آهن. جتي پوءِ هندو اچي ڏيو ٻاري پوڄا ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته زنده پير آهي. يعني درياھ شاھ يا اڏيرو لعل ۽ مسلمانن جي وري الڳ ڏند ڪٿا آھي. جنهن موجب شاھ حسين نالي دهلي جو هڪڙو سوداگر پنهنجي نياڻي سميت ٻيڙي تي چڙهيل اچي درياهه تان لنگهيو ۽ حج تي ٿي ويو. اروڙ وٽ دلوراءِ بادشاھ هن کي روڪيو ۽ زور سان سندس ڌيءَ کسڻ ٿي گهريائين. پر انهي خدا کي مدد لاءِ سوال ڪيو. خواجه خضر هڪدم اچي حاضر ٿيو ۽ درياه اروڙ ڇڏي بدلجي اتان روهڙي وٽان وهڻ لڳو ۽ ٻيڙي صحيح سلامت لنگهي ويئي. انهيءَ جي يادگيري لاءِ شاھ حسين اتي هڪڙي مسجد جوڙائي، جيڪا تاريخ اتي اڪريل آهي ۽ جا لفظ” درگاھ اعليَ“ مان ٿي نڪري، سا سنه 341ھ آهي، يعني 952ع، پر شڪ آهي ته اهو پهڻ پوءِ ٺاهي اتي هنيو ويو آهي، جن ٻين پهڻن کان پوءِ جو ٿو ڏسجي. مسجد تي تاريخ سنه 1011ھ (=1602ع) جي آهي.(10)


**روهڙي جا ٻه صوفي شاعر بيدل ۽ بيڪس
قادر بخش ”بيدل“ 1230هه ۾ ڄائو. چوڏهن سالن جي عمر جي تحصيل ڪيائين. روحانيت جي خيال سان قلندر تي ويو. اتان موٽڻ بعد، مير صوفي جان الله شاهه جو مريد ٿيو، جنهن جي طريقت جو سلسلو صوفي شاه عنايت شهيد سان ملي ٿو. بيدل فقير سنڌ جو عظيم شاعر، وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. سندس علم ۽ فضل سندس تصنيفن مان معلوم ٿئي ٿو. جيڪي فارسي نثر ۽ نظم، عربي نظم، سنڌي سرائيڪي ۽ هندي تي مشتمل آهن، فارسيءَ ۾ سندن ٻه ٽي ديوان آهن. بيدل جي 1814 ڪلام ۾ هر هنڌ تصوف ۽ وحدت الوجود جي اپٽار آهي. سندس ڪلام جي ٻولي سادي آهي. بيدل جي سنڌي ڪافي جا ڪجھ بند.
ڪانگ لنوي مٺي لات، محبت مسافر ڄاڻ ڪي ايندا،
ايندا جوُءِ ۾ جانب جائي، وائي جنين جي اٿم وات،
دوست دلاسو دل ڏيندا، بيدل بلڪل ٿي نه ماندو،
سمجهه صبح ڪي رات، توسان هڪ ٿين.

* حضرت محمد محسن قريشي المعروف ”بيڪس“ سن 1275 هجري مطابق 1859ع ۾ تولد ٿيو. سندس والد بزرگوار جو اسم گرامي حضرت قادر بخش بيدل رحه هو.سندن تعلق ملتان شريف جي قريشي خاندان سان هو.حضرت قادر بخش رحه جون ٻه شاديون ٿيل هيون.هڪ شادي پنهنجن ئي مائٽن مان ۽ ٻي شڪارپور جي مغل خاندان مان ڪئي هئائين، بيدل کي شڪارپور واريءَ گهر مان تولد ٿيو. محمد محسن عرف ”بيڪس“ جو ننڍپڻ کان ئي حسين شين ۽ خوبصورت چهرن ڏسڻ سان ڏاڍو شوق هو، ۽ ساڳئي وقت پاڻ به خوبصورت هو ۽ رنگت پڻ دلڪش سفيد هوندي هئس. جڏهن سندن والد حضرت قادر بخش بيدل رحه 16 ذوالقعد 1289هجريءَ تي وفات ڪئي ته سندن عمر فقط 14 سال هئي. بيدل سائين جي رحلت جو صدمو بيڪس تي وڏي شدت سان اثر انداز ٿيو. جنهن سبب پاڻ هر وقت بيدل جي مزار جي ڀر ۾ ويٺو هوندو هو. ڪجھ وقت کان پوءِ بيڪس ڪجهه فقيرن سان گڏجي درگاهه جهوڪ شريف وارن بزرگن ڏانهن بيدل سائين جون امانتون کڻي روانا ٿيا. ۽ ان وقت جي سجاده نشين پير زاهد شاههرح ٻئي جي خدمت ۾ پهتا ته هن صاحب سندن وڏي عزت ۽ محبت سان آجيان ڪئي.جنهن بعد بيڪس سائين طرفان آندل تبرڪات جنهن ۾ هڪ دستار(تاج) هڪ خرقو(جُبو) ۽ هڪ عصا شامل هئي خدمت ۾ ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو. جنهن تي پير زاهد شاهه فرمايو”اوهان درويش بلڪل وڏا امانت وارا آهيو، هي تبرڪات اوهان کي لائق ڄاڻي ڏنا ويا آهن. جيڪي اوهان جي عشق ۽ ادراڪ جو انعام آهن. ادا! ڏنل ڏاڻ واپس نه وٺبا آهن“ اهڙي طرح ذڪر ڪيل تبرڪات سرڪار بيڪس رح جي تحويل ۾ ئي رهيا. درگاهه جهوڪ شريف ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ صوفي بيڪس ٻيڙي ذريعي سيوهڻ شريف روانو ٿيو.جڏهن سرڪار بيڪس رح سيوهڻ شريف پهتا ته هڪڙا چار درويش اچي ساڻس مليا جن جي رفاقت سان حضرت قلندر لال شهباز رح جي بارگاهه ۾ وڃي پهتو. پاڻ حضرت عثمان مروندي المعروف قلندر شهباز جي به وڏي سوز ۽ عشق سان ثنا ڪئي اٿائون مثال طور:
قلندر ماڙ ڪر منهنجي اچي ٿي راهه ۾ رهبر. يا قلندر شاهه سيوهڻ جا سدا ڪرنظر بيڪس بندي تي لڳ خدا.
جڏهن صوفي بيڪس ڦوهه جوانيءَ ۾ 5 رمضان 1298 هه مطابق 01 اگسٽ 1881ع تي وفات ڪيائين. کيس سندس والد بزرگوار جي ڀرسان روهڙيءَ ۾ ئي دفنايو ويو ۽ هرسال هتي ميلو به لڳندو آھي.

* سکر ۽ روهڙي ٻئي شھر پلين جي ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيل آھن، ھڪ پل جو نالو لئنسڊائون پل آھي جيڪا 1888ع ۾ ٺھي راس ٿي ۽ ٻي ايوب پل جيڪا 1962ع ۾ تعمير ٿي، ٻنھي پلين جا ٻه ٻه حصا آھن ڇاڪاڻ تي وچ تي بکر قلعي ورو ٻيٽ آھي. روھڙي طرف واري طرف کان ٻنھي پلين کي ڪو بہ ٿنڀو ڪونھي، ليڪن سکر واري پاسي کان ٻنھي پلين کي ٿنڀا آھن. لئنسڊائون پل تان اڳ ۾ ريل گاڏيون لنگھنديون ھيون، پوءِ ايوب پل کي ريلوي پل جي حيثيت سان تعمير ڪري لئنسڊائون پل تان ريل جي پٽڙي ختم ڪئي وئي. لئنسڊائون پل اڄڪلھ ھلڪين گاڏين جي اچ وڃ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آھي. ٻنھي پلين جا سکر طرف وارا حصا سادا آھن پر روھڙي طرف وارا حصا انجنيئرنگ جو شاھڪار آھن ۽ ستين جي آستان کان ھڪ دلڪش نظارو پيش ڪن ٿا. ايوب پل پاڪستان جي واحد (Semi Suspension Bridge) يعني جزوي لڏندڙ پل آھي، ۽ ھڪ اڌ گول ڪمان تي رسين جي ذريعي لٽڪيل آھي. هنن ٻن پلين کان سواءِ سکر بيئراج واري پل ۽ ان جي ئي ڀرسان سنڌو درياھ تي موجودھ دور ۾ ٺھيل نئي پل به ٻنهي شھرن جي وچ ۾ آمدرفت جي ڪم اچن ٿيو.
انگريز دور ۾ ريلوي جي قيام ڪري روهڙي ۽ سکر کي ملائڻ لاءِ لينس ڊائون پل ۽ وڏي ريلوي جنڪشن اسٽيشن ٺهي، جيڪا اڄ به پاڪستان جي وڏين اسٽيشنن مان هڪ آهي. ۽ هن جي پليٽفارم کي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو پليٽفارم چيو وڃي ٿو. هتي ٻين صنعتن سان گڏ هڪ وڏي سيمنٽ فيڪٽري پڻ آھي.
سنڌ جي ٻين شھرن وانگر، آبادي جي واڌ جي ڪري روھڙي شھر ۾ به رھائش، تعليم، صحت ۽ صفائي جا مسئلا موجود آھن.

حوالا
(1)- ”سنڌ عرب دور“
(2)- ساڳيو
(3)- ”تاريخ سکر“،رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو40
(4)- ”جي- ايڇ ڪزنس: سنڌ جا آثار قديمه بيان روهڙي ڪلڪتو“ 1929ع.
(5)- ساڳيو
(6)- ساڳيو
(7)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 47
(8)- ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، مرزا قليچ بيگ.
(9)- ساڳيو
(10)- ساڳيو

بکر جو قلعو

شهر سکر ۽ بکر جو قلعو تاريخ ۾ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. سنڌو درياھ جي وچ ۾ بکر هڪ وڏو ٻيٽ آهي، جنهن تي قديمي قلعو ٺھيل آھي، ۽ سکر ابتدائي طور درياهه جي ڪناري پتڻ طور آباد ٿيو ۽ بکر قلعي جي دفاعي طور تي ھر دور ۾ وڏي اهميت رھي آھي، ڇو ته هن جي چوڌاري درياهه جو تيز وهڪرو آهي، جنهن کي عام ڏينهن ۾ به ٻيڙين کان سواءِ پار ڪرڻ ۽ هن قلعي تائين ڪنھن به حملي آور جو پهچڻ تمام ڏکيو ھوندو هئو. سنڌ تي اتر ۽ اوڀر کان ڪاھ ڪندڙن کي پهرين مزاحمت هن بکر قلعي مان ٿيندي هئي، جنهن ڪري بکر جي قلعي کي سنڌ جو دروازو سڏيو ويندو هو. تاريخ جي مطالعي مان خبر پئي ٿي ته سکر ۽ بکر اوائلي وسنديون هيون، جن جو ذڪر عرب دور کان گهڻو اڳ ملي ٿو ۽ روهڙي اروڙ جي برباد ٿيڻ کان پوءِ وجود ۾ آئي، ۽ سکر جي پتڻ به پوءِ تيزيءَ سان ترقي ڪئي.
* بکر جو قلعو ھن وقت لينسڊائون برج جنهن کي عام طور تي روھڙي جي پل سڏيو وڃي ٿو، ۽ ايوب پل ھي ٻئي پليون سکر ۽ روهڙي ٻنھي شھرن کي ملائڻ ٿيون. لينسڊائون برج روهڙي ۽ سکر کي ملائيندڙ پهرين ريلوي پل آهي، هن جي اهميت انڪري به آهي، ته هن پل جي هنڌ تي سنڌو درياءُ ٻن شاخن ۾ ورهائجي ۽ وري ملي اڳتي وڌي ٿو ته وچ تي وڏو ٻيٽ ٺهي ٿو، جنهن جي ٽڪريءَ تي بکر جو قلعو ٺهيل آهي، هي ٽڪري به اروڙ وارين ٽڪرين جي سلسلي جو حصو آهي.
* موجوده وقت ۾ بکر جي ٻيٽ تي وڃڻ تمام سولو آهي، روھڙي کان يا سکر کان روڊ رستي بکر ٻيٽ تي آرام سان پھچي سگھجي ٿو، جيڪو پڻ ننڍو خوبصورت شھر بڻجي ويو آهي، اسين به اروڙ کان واپسي تي روھڙي کان ٿيندي لينسڊائون پل رستي بکر ٻيٽ تي پھتاسين.
14 نومبر تي 2018ع تي سکر جي تاريخي ماڳن جي دوري دوران اروڙ کان واپسي ٿيندي، لئنسڊائون پل رستي روھڙي کان بکر جي قلعي واري ٻيٽ تي پھتاسين، بکر جي قلعي جي موجوده صورتحال اها آهي، ته قلعي جون ڪجهه ديوارون زبون حال موجود آهن. بکر جي قلعي جو وڏو حصو جيڪو لئنسڊائون ۽ ايوب پل کان سکر بئراج واري پاسي تي آهي، اهو سڄو فوج جي حوالي آهي، جنهن ۾ ٻيو ڪو به عام طور تي وڃي نه ٿو سگهي. ٻئي پاسي واري ننڍي حصي ۾ هڪ وڏي درگاهه بزرگ صدرالدين شاھ جي آھي، جنهن جي اندر وڃي قلعي جا ٻه برج به ويجهي کان ڏسي سگهجن ٿا، ۽ قلعي جي ھن حصي ۾ ڪجهه شھري آبادي به آهي، جنهن ۾ پراڻيون ماڙيون ۽ ٻيون عمارتون به موجود آهن. بکر جي قلعي جي ايراضي اوڀر کان اولهه 800 گز ۽ ويڪر 300 گز آهي ۽ درياهه کان 25 فوٽ اونچي ٽڪري تي ٺهيل آهي. جنهن جا آثار به هاڻي پوين پساهن ۾ آھن.
اسان پل واري وڏي رستي تان بزرگ صدرالدين شاهه جي درگاھ واري پاسي ننڍي رستي سان ھيٺ بکر قلعي ۾ لٿاسين ته ھن رستي تي ئي سامنھون قلعي جي ھڪ ڊگھي ديوار نظر اچي ٿي جيڪا مزار ڀرسان ھڪ برج کان ڦيرو کائي ٿي، آبادي ۾ اندر وڃڻ کان پھرين ھتان ڪنڊ واري برج کان سواءِ سڌي ديوار سان گڏ بيٺل ٻيا ٻه برج به نظر اچن ٿا، جيڪي پڻ ضعيف حالت ۾ آھن، ليڪن اندران ويجھو کان ڪوٽ ۽ سندس برج ڏسي دل خوش ٿي، ڇو ته ھن قلعي جي اھميت ۽ تاريخي حيثيت تمام بھترين ۽ طاقتور رھي آھي. ھن وقت ھي ڪمزور آهي، ليڪن سنڌ جي تاريخ جو اھم نشان زندھ سلامت بيٺو آهي، ھن جي ديوار ۽ برجن کي ڏسي ھن قلعي جي عروج جو تصور ڪري سگھجي ٿو، اروڙ جو ته ڪو نشان ئي نه بچيو آهي.

** بکر قلعي جي تاريخ
تاريخ ۾ بکر جو ذڪر عربن جي اچڻ کان اڳ برھمڻ گھراڻي جي دور ۽ راءِ گھراڻي جي دور کان به اڳ ملي ٿو، انھن جي وقت ۾ بکر اروڙ جي ماتحت ھڪ دفاعي قلعو ھو ۽ سڪندر آعظم جي سنڌ تي ڪاھ وقت به بکر جو قلعو قائم ھيو، جنھن جو ذڪر يوناني سياحن ۽ تاريخدانن ڪيو آهي، ته ھتي بينا قوم رھندي ھئي جنھن ڪري ھن کي بينا ننگر سڏيو ويندو هئو، ۽ ريوٽي بينا قوم کي سوڍا ڏيکاري ٿو.(1) بکر جي قديمي هجڻ جو ذڪر چچ نامي ۾ به آهي، ۽ هن قلعي کي مختلفن نالن سان لکيو ويو آهي، جيئن بينا ننگر، بکر، بڪر، بيهڪر ۽ عربن جي عباسي حاڪمن هن کي نئين سر تعمير ڪرائي هن تي ”فرشته“ نالو رکيو پر اڳتي هلي وري پنهنجي اصل نالي بکر سان سڏجڻ لڳو.(2)
* سينئر آرڪيالاجسٽ، اشتياق انصاري صاحب پنهنجي تحقيقي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ڀاڱو-2 ۾ قديم ۽ اھم تاريخي ڪتابن جا حوالا ڏيندي بکر بابت لکيو آهي ته: ”سنڌ ۾ مسلمانن جي آمد کان اڳ ئي بکر ۽ سيوھڻ جا قلعا، دشمنن سان منهن مقابل ٿيڻ جا اھم مورچا ھئا، ”بکر جو قلعو ھندو دؤر ۾ موجود ھو، ھر دور جي حاڪمن ان جي مرمت ۽ توسيع ڪئي آهي، ڇا ڪاڻ ته انھي دؤر ۾ بکر ۽ سيوھڻ جا قلعا، سنڌ جي ٻن مکيه رستن جون ڪنجيون سڏبا ھئا.“ سيوھڻ جو قلعو افغانستان کان ٿيندڙ حملن کي روڪڻ جو اھم دروازو ھو. اھڙي طرح بکر جو قلعو اتر سنڌ جي علائقن جو محافظ ۽ پنجاب کان ٿيندڙ حملن کي روڪڻ جو اھم دروازو ھو.“
ساڳئي مضمون ۾ اڳتي انصاري صاحب لکي ٿو ته: ”ريورٽي جي لکت موجب عربن جي فتح کان اڳ به اتر سنڌ ۾ ٻه شھر اڪر ۽ بڪر موجود آهن، سکر کي اڪر ۽ بکر کي بڪر سڏيو ويندو هو، ۽ بڪر تي سوڍن جي حڪومت ھئي.“ محمد بن قاسم 711ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ته ان وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ ھو. ان وقت جو علي ڪوفيءَ چچنامي ۾ بکر کي فتح ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لکي ٿو ته: ”بغرور (بکر) جي مقابل ٻڌيه طرف جي اھا اراضي، جا مھراڻ جي ڪناري تي واقع آھي.“ انصاري صاحب وڌيڪ حوالا ڏيندي لکيو آهي ته محمد بن قاسم جي فتوحات جي سلسلي ۾ غلام ابوالعباس احمد بن يحيا جابر بلازري ٻن شھرن ”الررور“ ۽ ”بغرور“ جن مان مراد اروڙ ۽ بکر سمجھڻ گھرجي.(3)
** سکر ۽ بکر تي نالو ڪيئن پيو ان بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالحميد سنڌيءَ جو چوڻ آهي، ته سکر ۽ بکر ٻن ميدن جا نالا هئا، جن هي ٻئي وسنديون آباد ڪيون هيون، ميدن قديم زماني ۾ سکر ۽ ان جي پسگردائي ۾ پنهنجي رياست قائم ڪئي هئي، ميد سنڌ جي چند اوائلي قبلين مان هڪ آهن، جن جو ڪم مڇي مارڻ ٻيڙيون هلائڻ ۽ زراعت ڪرڻ هئو، جن مان اڳتي هلي ڪئي ذاتيون ٺهي ويون. مھاڻا ميدن جا پونئير آهن.(4) يوناني جاگرافي دان بطليموس بکر جو نالو ”بينا ننگر“ ڏنو آهي، ۽ لکي ٿو ته: ”بکر ۾ انهيءَ دور ۾ بينا قوم بکر ۾ رهندي هئي.“
* عرب دور ۾ اروڙ جي ويراني کان پوءِ اتي رھندڙ عرب عالمن به بکر ۾ رھائش اختيار ڪئي، جنهن ڪري بکر علمي ميدان ۾ ملتان، منصوره، ڪوفي، بغداد ۽ دمشق سان ھمسري ڪرڻ لڳو.(5)
عرب جڏهن پنھنجي اندروني ويڙھ ڪري ڪمزور ٿيا، ته مختلف پرڳڻن ۾ ڪجھ سنڌي قبيلا پنھنجي طور تي طاقتور ٿيڻ لڳا، ليڪن سنڌ تي ٻاهرين جون ڪئي سالن تائين ڪاهون ۽ ڦر لٽ جو دور رهيو، جيڪي اڪثر اولھ اتر کان ٿينديون رهيون، جن جو پھريون نشانو بکر ٿيندو رهيو آهي، جنهن جو مختصر احوال اوھان جي سامھون رکجي ٿو ته جيئن بکر قلعي جي تاريخ کي سمجهي سگهجي.

** بکر قلعي تي حملا ۽ حڪومتون
* عربن جي دور کان پوءِ سن 1025ع ۾ سلطان محمود غزنويء جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاھ ڪئي. پهرين بکر تي قبضو ڪري، ٻه سال ھتي رھيو، انتظامي معاملا پورا ڪري پوءِ سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏانهن ويو.(6)
* غلام سلاطين بادشاھن جي 1206ع کان 1290ع تائين حڪومت رهي ۽ بکر سکر سندن ماتحت رهيو. ناصر الدين قباچه ملتان، اچ ۽ سنڌ جو بادشاهه رهيو.(7)
* ان کان پوءِ وري 1226ع ۾ سلطان شمس الدين التمش جي وزير نظام الدين الملڪ اچي بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو ۽ ناصر الدين قباچه کي قلعي مان ڀڄائي ڪڍيو، جيڪو سامان سان ڀريل ٻيڙين سميت درياھ پار ڪندي ٻڏي مري ويو.(8)
ان کان پوءِ وري 1251ع ۾، ناصر الدين محمود بن التمش وڏي لشڪر سان اچي بکر تي حملو ڪري قلعو حاصل ڪري ورتو.
* ترڪن جو خلجي قبيلو 1288ع کان 1320ع تائين دھليءَ تي بادشاهي ڪئي، ۽ سنڌ به سندن ماتحت رهي. (تاريخ سکر، ص 38). سلطان علاءُ الدين خلجي جي حڪم تي 1296ع ۾ نصرت خان ڏھن هزارن جو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاھ ڪري آيو ته پھرين اچي بکر فتح ڪيائين، ۽ ھتي قبضو پڪو ڪري پوءِ سيوهڻ ۽ ٺٽي تائين به ويو. وري 1320ع کان پوءِ سگھو ئي دهليءَ جي بادشاھ سلطان غياث الدين تغلق، سنڌ ۾ سومرن جي طاقتور ٿيڻ جو ٻڌي، خواجه خطير کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو.
ان کان پوءِ وري جڏهن فيروز شاھ 1351ع ۾ دهليءَ جو بادشاھ ٿيو، ته ھن ٺٽي ۾ سومرن کي شڪست ڏيئي، موٽي اچي بکر جي قلعي ۾ ڪجهه ڏينهن رهيو، ۽ مَلڪ رڪن الدين کي پنهنجي پاران سنڌ جو نائب مقرر ڪري کيس ”اخلاص خان“ لقب ڏنائين. ڪيائين. فيروز شاھ بنگال فتح ڪرڻ کان پوءِ وري ٻيهر به ۾ بکر ۾ آيو.(9)
* سومرن جي زماني ۾ بکر جو شھر علم جو وڏو مرڪز رهيو. ھڪ وڏا وڏا جيد عالم ۽ فقيـه هن شهر ۾ رهندا هئا. شيخ محمد مڪي ۽ ان جا فرزند شيخ صحرائي ۽ سيد جلال سرخ بخاري هن شهر جا جيد ۽ بلند مقام بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن.(10)
* سنڌ جي سما دور جي بادشاهه ڄام انڙ سمي 1354ع ۾ اچي ترڪن کان بکر جو قلعو فتح ڪيو، ۽ وڏي عرصي سوين سالن کان پوءِ بکر جي قلعي تي سنڌين جي حڪومت قائم ٿي. سنڌ جي عظيم سلطان ڄام نظام الدين (ڄام نندو) به 1490ع ۾ ٺٽي کان بکر آيو، ۽ هڪ سال ھتي رهي فسادي ماڻهن کي سيکت ڏنائين ۽ امن امان قائم ڪرايو. سنڌ تي سما دور جي ڄام نظام الدين جي وقت ۾ بکر قلعو پوري اتر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ھو، لاڙڪاڻي ۽ سيوي تائين پاسباني ڪندو ھو، ڄام سلطان ھتي قاضي قادن کي پنھنجو نائب مقرر ڪيو ھو.(11)
* شاھ بيگ ارغون 1520ع ۾ سنڌ جي گاديءَ جي شهر ٺٽي تي قبضو ڪيو، ليڪن ان کان پھرين ھن پنھنجي ٻن جرنيلن ھڪ فاضل ڪوڪلتاش کي بکر قلعي تي ۽ ٻيو مرزا عيسا خان ترخان کي سيوڻ تي ڪاھ ڪرڻ لاء موڪليو، ڄام فيروز عياشين ۽ غير ذميوار ھجڻ ڪري ھنن ٻنهي قلعن تي وقت سر فوجي امداد نه ڪري سگهيو، جنهن ڪري بکر قلعي تي قاضي قادن ھٿيارن ڦٽا ڪيا، ۽ سيوڻ تي به قبضو ٿي ويو. جنھن کان پوءِ بکر ڀرسان درياهه جي کاٻي پاسي کان رھندڙ مھر ۽ ڌاريجا مظبوط ۽ جنگجو سماٽ قبيلا ھئا، جن تي ڪوڪلتاش ھٿ رکي پنھنجو ڪيو، ان وقت دربيلو به بکر سرڪار جو حصو ھو. (12)
* جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون مير فاضل جي پٽ سلطان محمود خان کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو هو، تڏهن هو پندرهن ورهين جي عمر جو هو. ۽ ان وقت ڌاريجا به بکر . ڪجهه وقت کان پوءِ اهي سلطان محمود خان سان مخالفت ڪرڻ لڳا ۽ ان کي تڪليفون پهچائيندا رهيا. نه رڳو ايترو بلڪ سلطان محمود خان کي بکر مان تڙي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڍلن ڏيڻ کان روڪڻ ۾ ڪمر ڪشي بيٺا. سلطان محمود خان جا جيڪي عملدار وٽن ويندا هئا، تن کي بي عزتو ڪريو روانو ڪندا هئا. آخر انهن ڌاريجن روهڙيءَ جي ميدان ۾ لشڪر گڏ ڪيو ۽ سلطان محمود خان کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ڪيائون. سلطان محمود خان به بکر جي قلعي مان نڪري انهن سان جنگ ڪرڻ لاءِ سنبريو، پر قلعي ۾ رهندڙن ڪوٽائي ساداتن جي صلاح موجب ترسي پيو. هوڏانهن وري ڌاريجن ٻه ڀيرا درياهه اڪري بکر جي قلعي تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر ڪوٽائي ساداتن کي سلطان محمود خان جي طرفان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار سيدن کي سامنھون نه ٿيا، ۽ مڙي ويا.(13)
* جيڪي ڪوٽائي سادات هينئر روهڙي ۽ سکر ۾ رهن ٿا، انھن جا وڏا گهڻي وقت کان بکر جي ڪوٽ اندر حويليون ٺاھيون ويٺا هئا. ۽ جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون سلطان محمود کي بکر موڪليو هو، ته بکر جي قلعي ۾ رهندڙن ڪوٽائي سيدن نهايت وفاداريءَ سان سلطان محمود خان جي پٺڀرائي ڪئي. ڌاريجن جي مخالفت ۽ بغاوت وقت به انهن سيدن جا هٿ سلطان محمود خان جو بچاءُ ڪندا آيا، ڌاريجن ھڪ ڀيري سلطان محمود کي قلعي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ بکر قلعي تي ڀرپور طاقت سان وڏي ڪاھ ڪئي ھئي ته ھي سيد سلطان محمود جي حفاظت لاءِ ڌاريجن سان سامنھون ٿيا، ته ڌاريجن سيدن تي ھٿ کڻڻ مناسب نه سمجهيو ۽ واپس ٿي ويا.
* جڏهن مير فاضل بکر جي نزديڪ اچي منزل ڪئي، تڏهن لالي مهر جيڪو وڏو زميندار هو، سو پنهنجن ڀائرن سميت سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ ڌاريجا زميندار به جدا جدا ڳوٺن مان گڏ ٿي مير فاضل جي سلام تي آيا. مير فاضل ستيتاليهن ڌاريچن وڏيرن کي پاڻ سان بکر ۾ وٺي آيو. سلطان محمود خان پنهنجي پيءُ جي قدم بوسي اچي ڪئي ۽ دل جو سارو احوال ٻڌايو.
مرزا شاهه بيگ ارغون کي خبر پيئي، ته مير فاضل خير سان بکر پهچي ويو، تڏهن پاڻ به تڪڙيون تڪڙيون منزلون ڪري، اچي سکر جي ميدان ۾ منزل ڪيائين، ته سلطان محمود خان اتي وڃي مرزا شاهه بيگ جو سلام ڪيو، جنهن ان کي نهايت مهرباني ۽ نوازشن سان نوازيو. قاضي قاضن به پنهنجن ڀائرن سميت مرزا شاهه بيگ جي سلام تي آيو. سلطان محمود خان ڌاريجن جي ساري حقيقت مرزا شاهه بيگ جي اڳيان پيش ڪئي. مرزا شاهه بيگ وري قاضي قاضن ڏي منهن ڪري ان کان صلاح پڇي. قاضي قاضن عرض ڪيو، ته: ”هن ملڪ جي زمين پوسل واري آهي، جنهن ۾ ڪنڊا گهڻي قدر اڀرندا آهن. زمين کي ڪنڊن کان صاف ڪرڻ واسطي ڪوڏر هميشه ڪلهي تي رکڻ گهرجي.“ مرزا شاهه بيگ انهيءَ گفتي ٻڌڻ شرط سلطان محمود خان کي حڪم ڏنو، ته ”جيڪي ڌاريجا بکر ۾ موجود هجن، تن سڀني کي هڪدم وڃي قتل ڪريو.“ تنهن تي سلطان محمود خان بروقت بکر قلعي ۾ آيو ۽ جيڪي به ڌاريچا قلعي ۾ هئا، تن کي هڪڙو هڪڙو ڪري قتل ڪرائيندو قلعي جي برج تان درياهه ۾ ڦٽو ڪرائيندو ويو. ان کان پوءِ ان برج کي خوني برج سڏيندا هئا.(14)

* مرزا شاهه بيگ جي حڪم موجب بکر جي ڌاريجن کي جڏهن سلطان محمود خان قتل ڪرڻ خاطر جمع ڪيو، تنھن کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو ڪوٽائي ساداتن کي ساڻ ڪري مرزا شاهه بيگ جي سلام تي آيو ۽ ساداتن جي نيڪ خدمتن ۽ خير خواهيءَ جي گهڻي تعريف ڪيائين، جنهن ڪري مرزا شاهه بيگ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ساداتن کي انعام اڪرام ڏيئي نوازيائين. جڏهن مجلس برخاست ٿي ۽ سادات به موٽي بکر ۾ ويا، تڏهن مرزا شاهه بيگ سلطان محمود خان کان خلاصائيءَ ۾ ساداتن جو حال احوال ورتائين. سلطان محمود خان وري به سيدن جي تعريف ڪئي، مگر پڇاڙيءَ ۾ عرض ڪيائين ته: ”سيد حضور جن جي حڪومت جا بيشڪ خيرخواهه آهن، مگر سڀ هڪڙيئي ڪٽنب جا ۽ ڏاڍا بھادر جوان آهن. تنهن ڪري انهن جي جماعت جو قلعي جي اندر رهڻ خطري کان خالي نه آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي مرزا شاهه بيگ مرڪيو ۽ چيائين ته ”ساداتن جي سفارش تو ڏاڍي چڱي ڪئي آهي.“ پوءِ مرزا ساداتن ڏي پيغام موڪليو ته: ”ڪي مغل آيا آهن، جيڪي قلعي ۾ ئي رهندا، تنهن ڪري جيڪي به سادات جدا جدا حويلين ۾ رهن ٿا، سي ٻن ٽن وڏين حويلين ۾ گڏجي وڃي رهن، ته باقي حويلين ۾ اهي مغل اچي رھندا. ساداتن انهيءَ طرح سان قلعي ۾ رهڻ کي سٺي ڳالهه نه سمجهي، ان ڪري مرزا شاهه بيگ کي چورائي موڪليائون ته: ”مغل قلعي ۾ اچي رهن، تنهن کان اڳ اسان کي اجازت ڏيو، ته ڪوٽ کان ٻاهر وڃي رهون، اھا ڳالھ ٻڌي مرزا شاهه بيگ انهن ساداتن کي روهڙيءَ ۾ رهڻ لاءِ زمينون ڏنيون، جتي هو پنهنجون حويليون اڏائي اچي رهيا ۽ اڄ تائين سندن اولاد روهڙيءَ ۽ سکر پراڻي ۾ رهندو اچي ٿو.
* سن 1542ع ۾ همايون بادشاھ ھندستان مان شڪست کائي سنڌ آيو ۽ بکر تي چڙھائي ڪري حاصل ڪرڻ چاھيائين، ليڪن ناڪام ٿي پوء اتان ٿر ڏانهن روانو ٿيو.
* 1555ع ۾ مرزا عيسا خان ترخان ۽ سلطان محمود خان جي بکر ۾ لڙائي لڳي، پر مرزا عيسا خان نااميد ٿي موٽي ٺٽي ويو. سگھو ئي پوءِ ٺٽي جا ارغون به مرزا عيسا کان رنج ٿي سلطان محمود خان وٽ آيا ۽ بکر ۾ رهي پيا.
* سن 1574ع ۾ سلطان محمود خان جي مرڻ تي، اڪبر بادشاھ ڪيسو خان کي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو، ۽ پوءِ هڪٻئي پٺيان مير عدل ۽ اعتماد خان آيا، ۽ پوءِ مسند علي خان بهادر ۽ راجا پرمانند گڏ مقرر ٿي آيا، جن کان پوءِ نواب محمد صديق خان مقرر ٿي آيو. 1587ع ۾ بکر نواب اسماعيل قلي خان کي جاگير طور مليو، ۽ هن جو پٽ رحمان قلي بيگ بکر ۾ اچي رهيو. ان کان پوءِ اها جاگير شيرويه سلطان کي ملي، جو نشئي هو. تنهنڪري 1589ع ۾ بکر وري به نواب محمد صديق خان کي جاگير ٿي مليو. انهيءَ سال ۾ نواب خانخانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ بکر ۾ آيو، ۽ پوءِ هن کي وٺي بادشاھ ڏانهن ويو. ۽ سنڌ جي مال تي ڌارين جي ڦر لٽ ھلندي رھي. پوء اڪبر بادشاھ پاران ابوالقاسم نمڪين بکر جو حاڪم مقرر ٿيو، جنهن ستين جو آستان وارو ٿلھو ۽ ٻيا به يادگار ٺھرايا، ھن کان پوءِ اڪبر بادشاھ پاران 1598ع مير معصوم شاھ بکر جو گورنر مقرر ٿيو، جنھن جو تفصيلي احوال الڳ مضمون ۾ ڏنل آهي.
* سن 1736ع ۾ بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽي جي حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ملي. جنهن کي ”خدا يار خان“ لقب مليو. انهيءَ ڌاري شاهزادو محمد معزالدين به بکر ۾ آيو، ۽ انهيءَ سال ۾ ميان نور محمد کي بکر ۽ سيوهڻ ۽ ٺٽو، يعني ساري سنڌ ملي. ٻه ورهيه پوءِ، جڏهن نادر شاھ آيو، تڏهن انهيءَ به ميان کي قائم ڪيو ۽ ”شاھ قلي“ جو خطاب ڏنائينس.
** بکر جي قلعي جي مختلف وقتن ۾ تعمير، ترقي ۽ مرمت ٿيندي رهي آهي، جيڪي به قلعي جا حاڪم بڻيا، انهن پنهنجي طور تي مرمت ۽ سڌارا آڻڻ جو ڪم ڪرايو آهي. اوائلي قلعي کي ٻٽي ديوار ڏنل هئي، بکر جي قلعي جي پهرين مرمت چوٿين صدي هجري جي آخر ۾ بنو عباس جي حڪومت دوران ٿي، ٻيو ڀيرو مرمت 555 هجري ۾ غزني جي حاڪم ڪرائي، ٽيون ڀيرو سن 926 هجريءَ ۾ شاهه بيگ ارغون ڪرائي، جنهن اروڙ جي قلعي جون پڪيون سرون ڪڍرائي بکر جي قلعي جي ٻٽي ديوار تي لڳرايون، ديوارن جي اونچائي 30 کان 35 فوٽ ڪرايائين. قلعي جا دروازا ۽ برج به مضبوط ڪرايائين ۽ ڪجھ نوان برج به تعمير ڪرايائين، جنهن مان ھڪ وڏي برج تان ڏوهارين کي سزا طور هيٺ درياهه ۾ اڇلائي ماريو ويندو هئو. جنهن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ سلطان محمود بکري گورنر مقرر ٿيو ۽ هن بکر جي قلعي جي چوٿون ڀيرو 948 هجري ۾ مرمت ڪرائي سلطان محمود بکريءَ قلعي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٽين ديوار تعمير ڪرائي، جنهن جي اونچائي 40 فوٽ هئي، ست دروازا لڳرايا نئين ديوار سان نوان مستر برج ٺهرائي قلعي کي ناقابلي تسخير بڻايو ويو، پنجو ڀيرو مرمت 1152 هجري ۾ نادر شاهه افشار ڪرائي. ڇهون ڀيرو بکر جي قلعي جي مرمت 1192 هجري ۾ شڪارپور جي درائي گورنر غلام صديق خان ڪرائي، جنهن جي حڪومت 1773ع کان 1783ع تائين رهي ۽ افغان بادشاهه امير تيمور خان پاران گورنر مقرر ٿيل هئو.(15)
* رياست خيرپور جي ٽالپرن حوالي بکر ۽ سکر 1809ع ۽ 1824ع جي وچ واري دور ۾ ٿيو. 1833ع ۾ قنڌار (افغانستان) جي جنگجو شاهه شجاع ۽ ميرن جي سکر وٽ جنگ لڳي، ليڪن پوءِ معاهدو ڪري بکر ۽ سکر ٽالپرن واپس ورتو. مير نصير خان جي ڏينهن ۾ انگريزن بکر جو قلعو پنهنجي لشڪر لاءِ ٽالپرن کان اڌارو ورتو، ڇو ته سندن لشڪر شاھ شجاع پٺاڻ جي مدد لاءِ ٿي ويو. 1842ع ۾ وري انگريزن ميرن سان عهدنامو ڪري، بکر، سکر، روهڙي، ٺٽُو ۽ ڪراچي پنهنجي ڪم لاءِ ورتا. ۽ پوءِ جڏهن سنڌ انگريزن فتح ڪئي، تڏهن بکر ۾ توپخاني جي بارود ٺاھڻ ۽ رکڻ جو بندوبست ڪيائون. 1843 ۾ انگريزن (جنرل چارلس جيمس نئپيئر جي اڳواڻيءَ ۾) ٽالپرن کي حيدرآباد ويجھو مياڻي ۽ دٻي وٽ لڙائين ۾ شڪست ڏني ۽ هو سکر ۽ باقي سنڌ جا 1947 تائين حاڪم ٿي رهيا. اڄ وارو سکر ضلعو 1901ع ۾ ٺهيو جيڪو ڪجهه حصو شڪارپور ضلعي مان ته ڪجهه لاڙڪاڻي مان ڪڍي ٺاهيو ويو هو.
سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت ٿيڻ سان هنن اسڪولن، اسپتالن، ريلوي، امن امان ۽ انصاف تي زور ڏنو. ڪراچي کان سکر ريلوي پهچڻ تي هنن روهڙي ۽ سکر کي ڳنڍڻ لاءِ پل جو بندوبست ڪيو جيئن سامان ٻيڙين رستي ڍوئڻ بدران ريل کي ڪتب آندو وڃي.
بحرحال ھن خوبصورت جزيري جي حسن جي واکاڻ ڏيھن ۾ مشهور رھي آھي، بکر جي قلعي جي آسپاس جي زرعي زمينن جي پيداوار ۽ ھر موسم جي ڦلدار باغن باغيچن جي ڪري ھي علائقو ھميشه معيشت ۾ مضبوط رھيو آھي. جنهن ڪري سدائين ڌارين جي لٽ ڦر جو نشانو بڻايو ويو آهي، مٿي بيان ڪيل تاريخي حقيقتن مان ۽ سڄي سنڌ جي تاريخ مان، واضح اھا ڄاڻ ملي ٿي ته مال زر جي لالچ ۾ ھڪڙا لٽيرا وحشي ٻاھران لشڪر ڪاھي ايندا رهيا، ۽ ھتي انھن کان اڳ ۾ آيل پير ملان انھن جي لاء رستا ٺاھيندا صاف ڪندا رھيا آھن، ۽ سنڌين کي تعويذ ڌاڳي پيري مريدي جي ڄار ۾ ڦاسائي، حملا ڪندڙن جا وفادار رھيا آھن، ڌرتي ڌڻين جي ڦر لٽ ۾ ٻاھرين جا ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا رهيا آهن. ڪجھ نيڪ مرد عالم ۽ فاضل به ھتي آيا آهن، ليڪن انھن جو تعداد تمام گھٽ آھي. بکر جي تاريخ ۾ به معلوم ٿئي ٿو ته ساڳيا لٽيرا ۽ ٺڳ اڪثر وقتن ۾ ھتي جي خوشحالي جو فائدو وٺندا رھيا آھن، ۽ سنڌ جي مال خزاني تي ھڪ ٻئي سان وڙھندا رھيا به رھيا آھن، ۽ جنھن وقت به ڌرتيءَ ڌڻي سجاڳ ٿيا آهن ته ھڪڙن دشمنن ھنن کي مذهبي گوري ڏئي سمھاريو آهي ته ٻين دشمنن ھنن کي غافل ڏسي راتاھو لڳايو آهي. تاريخ اھڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، ۽ اسان جي وطن جي خوشحالي اسان جي ڪم نه آئي آھي. صديون گذرڻ باوجود اڄ به ساڳيو حال آهي.
هن اوائلي ۽ تاريخي قلعي کي انگريزن خيرپور رياست جي ٽالپر حڪمرانن کان معاهدو ڪري هٿ ڪيو ۽ هتي بارود خانو ۽ بارود ٺاهڻ جا ڪارخانا ٺاهيا ۽ هن شاندار قلعي کي برباد ڪري ڇڏيو ، بکر جي قلعي جي موجوده صورتحال اها آهي ته قلعي جون ڪجهه ديوارون زبون حال موجود آهن. بکر جي قلعي جو وڏو حصو جيڪو لئنسڊائون ۽ ايوب پل کان سکر بئراج واري پاسي آهي اهو سڄو فوج جي حوالي آهي جنهن ۾ ٻيو ڪو به وڃي نه ٿو سگهي ٻئي پاسي واري ننڍي حصي ۾ هڪ وڏي درگاهه بزرگ صدرالدين شاھ جي آھي، هن حصي ۾ اندر وڃي قلعي جا ٻه برج به ويجهي کان ڏسي سگهجن ٿا، ۽ ڪجهه آبادي آهي جنهن ۾ پراڻيون عمارتون به آهن. ماضيءَ ۾ ھي قلعو پوري اتر سنڌ ۽ سبي جنهن کي سيوي سڏيو ويندو هو، ان تائين پوري علائقي جي حفاظت ڪندو ھو. ھن وقت ھن جا آثار به هاڻي پوين پساهن ۾ آھن. حڪومت کي گهرجي ته هن تاريخي اوائلي قلعي کي اصلي شڪل ۾ بحال ڪري سياحت لاءِ کوليو وڃي. ۽ سنڌو درياھ جي ٻيٽ تي ھتي، تفريح گاھ ٺاھي وڃي ته ھي تاريخي جزيرو نه صرف سنڌ ليڪن پوري ملڪ جو ھڪ منفرد ۽ خوبصورت تفريح گاهه بڻجي دنيا جي سياحن ۽ تاريخ سان چاهه رکندڙڻ لاءِ پوري دنيا ۾ مشھوري ماڻي سگھي ٿو.
بکر جي قلعي جي حاڪمن، پِيرن ۽ بزرگن جي تعريف ۾ تاريخ ڀري پئي آھي، ۽ اڄ تائين به سندن پونئرن جي آشيرواد سان حاڪمن جون سخاوتون ۽ پِيرن جون ڪرامتون قلم بند ٿي رھيون آھن، پر مستند سمجھيا ويندڙ تاريخ جا ڪتاب سکر بکر جي علائقي ۽ ڀرپاسي رھندڙ اصل ڌرتي ڌڻين، پورھيتن، ھنر مندن، راڄن، برادرين، ذاتين، قبيلن ۽ زميندارن جي لاءِ بلڪل خاموش آھن. جنھن کي انتھائي بي حسي چئي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ ته جن جي محنت ۽ پورھيي سان ڪوٽ ٺھيا ۽ حڪومتون قائم ٿيون، اُنھن بابت ڪٿي به ڪو ھڪ جملو نظر نه ٿو اچي، جيڪا منھنجي نظر ۾ تاريخي نا انصافي آھي.
اسان قلعي اندر بزرگ صدرالدين شاهه جي مزار ڀرسان واري آباديءَ ۾ دوست سليم مهر جونيئر جي گهر تي مانجهاندو ڪيوسين، پوءِ بکر ٻيٽ جي پل واري مک رستي کي پار ڪري قلعي جي ٻئي پاسي ڀرسان سنڌوءَ جي ڪناري واري رستي سان ھن پاسي وارو بکر قلعي جو حصو ٻاھران کان ڏسندي ساڌ ٻيلو لاءِ روانا ٿياسين دوست سليم مهر جونيئر تي ئي ساڌ ٻيلو ۽ ستين جو آستان گهمائڻ جي ذميواري به رکيل هئي، جنهن ساڌ ٻيلي لاءِ اڳواٽ اجازت نامو به وٺي ڇڏيو ھئو، جنهن ڪري آئون ۽ رفيق چاچڙ ساڻس ساڌ ٻيلو ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين.


حوالا:

(1)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو15
(2)- ”جنت السنڌ“، رحيمداد خان مولائي شيدائي.
(3)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (ڀاڱو-2) اشتياق انصاري، صفحو 83
(4)- ”سکر تاريخ ۽ سماج“ ڊاڪٽر ڪليم لاشاري.
(5)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 29
(6)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (ڀاڱو-2)، اشتياق انصاري، صفحو 90
(7) ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 31
(8)- ”جنت السنڌ“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 259
(9)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (ڀاڱو-2) اشتياق انصاري، صفحو91
(10)- ”تاريخ سومره سنڌ“، وزير علي.
(11)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 58
(12) ”ساڳيو“، صفحو59.
(13)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (ڀاڱو-2)، اشتياق انصاري، صفحو 92
(14)- ”ساڳيو“ صفحو 93
(15)- ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“(ڀاڱو-2) اشتياق انصاري، صفحو 116

سَتِيُن جو آستان

نومبر 2018ع ۾ سکر جي تاريخي ماڳن جي دوري ڪرڻ دوران سليم مهر جونيئر سان آءُ ۽ ايڊوڪيٽ رفيق چاچڙ مشهور تاريخي ماڳ ”ستين جو آستان“ ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. سکر کان بئراج رستي سنڌو درياھ پار ڪري روھڙيءَ پاسي روانو ٿياسين، ستين جو آستان روهڙيءَ کان ٿورو پھرين روڊ جي کاٻي پاسي تي سنڌوءَ درياهه جي ڪناري ھڪ ننڊي ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي ٺھيل پڪي ٿلھي تي ٺھيل ھڪ ننڍو ۽ خوبصورت قبرستان آهي. ٽڪريءَ جي ھيٺاھين کان مٿي وڃڻ لاءِ پٿر جي ڏاڪڻ ٺھيل آھي. ٽڪريءَ جي ٽن پاسن کان درياهه آهي، مٿي چڙھڻ واري ڏاڪڻ واري پاسي اڳيان به درياهه جي پاڻيءَ تي ڪوسٽ گارڊ وارن جي مسلح لانچ بيٺل نظر آئي، اسين ڏاڪڻ تي مٿي چڙھياسين ته وچ تي ٻنهي پاسن کان ھجرا ٺھيل نظر آيا، ليڪن جڳاڙي مجاور گھرن ۾ وڃڻ کان روڪيو ته ھيڏي پاڪن جون قبرون آھن ۽ مردن جو وھڻ منع آهي. مجاور جي ڀرسان ھڪ فقيراڻي ويس ۾ عورت بيٽي ھئي مون کي ٻئي منشيات فروش محسوس ٿيا. اسين مري ٽڪريءَ تي ھليا وياسين، مٿي ابوالقاسم نمڪين جو خوبصورت تاريخي قبرستان گھڻي عرصي کان پوءِ ويجھڙائيءَ کان ڏسي رهيو ھيس، قبرستان جي ٿلھي ۽ سندس چئني ڪنڊن تي ٺھيل خوبصورت مينارن جي تازي مرمت ٿيل نظر آئي، پراڻي ئي ڊزائين جون نيون ٽائلون وڏي نفاست سان لڳل ھيون، جنهن ڪري ھي تاريخي ماڳ تمام خوبصورت نظر اچي رهيو هيو. ابوالقاسم نمڪين ۽سندس خاندان جي قبرن ۽ ڪتبن جي به بحالي ڪئي وئي هئي جنهن ڪري اھي صاف ۽ سٺيو نظر اچي رهيون هيون، مون قبرن جي ڪتبن پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن سمجهي نه سگهيس ته سڀن ڪتبن جون تصويرون ڪڍيون.
* ھن ٽڪريءَ کي عام طور تي ”ستين جو آستان“ سڏيو ويندو آهي. ان جو سبب هڪ روايت آهي، ته ھتي ست ھندو عورتون ستيون ٿيون ھيون. ٻيءَ روايت آھي ته اتي ستن درويشن پنھنجو آستانو قائم ڪيو ھو، تاريخي ڪتابن ۾ انھن ٻنهي ڳالھين جو ڪو به ثبوت نه ٿو ملي، ۽ نه وري ڪائي وزندار تصديق ٿي ٿئي.
* تاريخ ۾ ھن ٽڪريءَ جو ذڪر مير ابوالقاسم نمڪين جي قبرستان واري ٽڪري طور ملي ٿو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ٽڪريء کي قبرستان ٺھڻ کان اڳ به ”ستين جو ٿان“ سڏيو ويندو ھو، يعني ستين جو آستان۔ هي قبرستان روھڙي جي سول ڪورٽ جي ويجھو، اتر ۽ اولھ جي ڪنڊ تي درياهه جي ڪپ تي ھڪ بلند ٽڪري مٿان ٺھيل آھي. اوڀر کان ٻن فرلانگن جي پنڌ تي لئنسڊائون پل ۽ ايوب پل آھن. سامھون اتر کان درياهه جي ٻي ڀر سکر جو شھر آھي ۽ ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ٻن ٽن فرلانگن جي فاصلي تي روھڙي جو شھر آھي. اوڀر کان بکر جي قلعي جون ديوارون ۽ برج ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ساڌ ٻيلو اتر کان درياهه جي وچ تي سامھون موجود آھي. جاءَ وقوع جي لحاظ کان ھي ٽڪرو بي مثال آھي. چارئي طرف کليل ڪوھن تائين نظر پوي ٿي، قدرتي مناظر صبح شام پري پري تائين ڏسي سگھجن ٿا. سڄو ڏکڻ طرف انبن ۽ کجين جي باغن سان ڀريو پيو آھي، سکر کان ايندڙ رستو (پراڻو قومي شاھراھ) درياهه جو ڪپ ڏيو، انھي ٽڪري جي پھلو کي ڇھندو روھڙي ڏانھن وڃي ٿو.
تاريخي طور سنڌ جي ھڪ مضبوط ڏند ڪٿا آھي، ته جڏھن مسلمانن بکر تي حملو ڪيو ھو تڏھن شاهي گهراڻي جي عورتن پنھنجي ست بچائڻ لاءِ انھي جڳھ تي پاڻ کي باھ ۾ ساڙي آپگھات ڪيو ھو، جنھن ڪري ان تي ستين جو ٿان نالو پيو آھي، پر پوء مسلمانن ان جاءِ تي قبرون ٺھرائي ان جاءِ کي پنهنجي شناخت ڏني، ليڪن هن ماڳ کي اڄ بي ستين جي آستان سڏيو وڃي ٿو.

* مير ابوالقاسم نمڪين
جو ذڪر برصغير تي مغل دور جي حڪومت دوران جي تاريخن ۾ شھنشاھ اڪبر ۽ جهانگير جي دور جي هڪ امير ۽ نواب طور ملي ٿو. مير ابوالقاسم نمڪين بابت ڄاڻ ملي ٿي ته پاڻ حسيني هروي (هرات جو) سيد هو. سندس والد جو نالو مُلا مير سبزواري هو. جيتوڻيڪ ميرابوالقاسم نمڪين برِصغير سطح تي مختلف ماڳن ۽ جدا جدا عهدن تي ڪم ڪيو، تڏهن به اسان وٽ سندس اهميت، بکر، سبي ۽ سيوهڻ جي حاڪم طور نمايان ملي ٿي.
رحيمداد خان مولائي شيدائي لکيو آهي ته: ”ميرابوالقاسم نمڪين نه رڳو سياست ۽ تلوار ۾ مڃيل ڪردار هو. جنھن ڪري شھنشاھ اڪبر کيس پھرين خوشاب ۽ ڀيري جا پرڳڻا کيس جاگير طور ڏنائين ۽ پوءِ 1003ھجري ۾ بکر کيس جاگير طور ڏنائينس.“(1)
مير ابوالقاسم نمڪين بھادر سپھ سالار ھجڻ سان گڏ ساڳئي وقت بطور مصنف ۽ اهل قلم جي به هن کي وڏي مڃتا ملي آهي، سندس مشهور تصنيفن ۾ منشئات النمڪين ۽ جوامع الجواهر شامل آهن. ”تاريخ مظهرشاهجهاني“ جو مصنف يوسف ميرڪ سندس فرزند هو. هن جو ٻيو پٽ امير خان به مشهور هو، انهيءَ جو اولاد ٺٽي ۾ وڃي رهيو. مير نمڪين اڪبراعظم ۽ جهانگير جي دور ۾ پورا اٺٽيهه سال مختلف عهدن ۽ مرتبن تي رهي، 1018 هجري ڌاري قنڌار کان موٽندي واٽ تي انتقال ڪيائين ته سندس لاش سکر آندو ويو ۽ روهڙي جي هن ٽڪريءَ تي سندس پاران جوڙايل صفحه صفا/ستين جي آستان تي سندس وصيت مطابق دفنايو ويو.(2)
مير ابوالقاسم نمڪين جڏھن بکر ۾ حاڪم ٿي آيو ته بکر کي ئي پنھنجي رھائش لاءِ پسند ڪيائين ۽ اتي ئي پنھنجا يادگار ٺھرائڻ شروع ڪيائين. تڏھن انھي ٽڪري جو ماحول، جاءِ وقوع ۽ ڀرپاسي جا ڏيک کيس پسند آيا ۽ ھن انھي ٽڪري جي چوٽي کي صاف ڪرائي، ھموار ڪري، چوڌاري ديوار ڏئي، پڪين سرن جو فرش ٻڌرائي، چئني ڪنڊن کان چار منارا ۽ گوشا ٺھرائي، ان کي پنھنجي خاندان جي قبرستان طور ڪتب آڻڻ جو ارادو ڪيو، مگر ان کان اڳ جو فوتين کي اتي دفن ڪيو وڃي، مير صاحب ان جاءِ کي چانڊوڪين راتين ۾ مجلسن لاءِ ڪتب آندو ۽ ان جو نالو ”صفه صفا“ رکيائين.(3)

لب تاريخ جي مصنف انھي پھاڙي کي ”قاسم خواني“ جي نالي سان سڏيو آھي، انھي پھاڙي جي ايترن جدا جدا نالن جي ھوندي اڄ به ھن ماڳ کي ستين جي آستان سڏيو وڃي ٿو. ”ھن ٽڪريءَ کان ڏکڻ طرف چند ڪلوميٽرن تي سنڌ جو تمام پراڻو گادي جو ھنڌ اروڙ آھي، جنھن کي عربن فتح کان پوءِ الور سڏيو، مير ابوالقاسم جي زماني ۾ اھو مير صاحب جي جاگير ۾ شامل ھو.“(4)
مير ابوالقاسم سنگتين ساٿين عالمن ۽ اديبن کي چانڊوڪين راتين ۾ انھي ٽڪري تي گڏ ڪري مجلسون ڪري قدرتي نظارن مان سڀ لطف اندوز ٿيندا هئا. انھيءَ صحن تي چانڊوڪين راتين جون مجلسون مير صاحب جي زندگي تائين قائم رھيون. 1018ھ ۾ مير نمڪين پھريون پاڻ ان ٽڪري تي آرامي ٿيو ۽ بعد ۾ اصلي مقصد مطابق اھو سندن خاندان جو قبرستان ٿي ويو. ڏکڻ کان مٿي پھچڻ لاء جيڪا ديوار آھي، ان جي ٻنھي پاسن کان خوبصورت صحرا ٺھيل آھن، جيڪي ڏينھن ۾ آرام جي لاءِ ڪتب ايندا ھئا، اھڙي طرح اتر جي طرف کان اوڀر ۽ اولھ جي ڪنڊن تي ٻه حجرا آھن جن جو رخ درياهه طرف آھي، جيڪي صبح شام درياهه جي نظاري ڪرڻ لاء نشيمن جو ڪم ڏيندا ھئا. ”فرش جي سطح کان پنج فوٽ چار انچ اوچائي تي ھڪ ٿلھو ٺھيل آھي جنھن جي ڊيگھ 48 فوٽ 6 انچ ۽ ويڪر 38 فوٽ آھي. ڏھ قبرون آھن، جن مان مکيه مير ابوالقاسم نمڪين جي آھي. انھي ٿلھي تي چئني ڪنڊن تي چار منارا ترڪي منارن جي نموني تي آھن، جيڪي پنج فوٽ کن اوچا ٿيندا. نمبر 9 ۽ 10 قبرون چوني جي پلاسٽر جون آھن باقي سڀ پٿر جون آھن، جن تي اڪر جو ڪم ٿيل آهي، ھي قبرون اڪر جي بھترين ڪم جو شاھڪار آھن.“(5)

ھن شاندار شاھي قبرستان ۾ سڀ کان نمايان قبر بکر جي حاڪم ابو القاسم نمڪين جي آهي، جيڪو اڪبر اعظم جي وقت ۾ بکر ۽ سيوهڻ جو جاگيردار هو ۽ پوءِ جهانگير جي دور ۾ قنڌار لڳ هڪ لڙائيءَ ۾ 1018 هجريءَ (1609ع) ۾ مارجي ويو هو. سندس لاش سکر آندو ويو ۽ پوءِ روهڙيءَ لڳ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. ٻيون قبرون سندس ويجهن مائٽن جون آهن. ستين جي آستان جا ٻيا نالا قاسم خاني ۽ صفن صفا آهن، جتي پهرين قبر ابو القاسم جي ٺهي ۽ پوءِ ھي ماڳ شاهي خاندان جي قبرستان ۾ تبديل ٿيو آهي. قبرستان ۾ موجود قبرون 1018 هه کان 1301 هه جون آهن.
گھڻي وقت گذرڻ ۽ مرمت نه ٿيڻ ڪري، ھي مير ابوالقاسم جو ٺهرايل قبرستان زبون ٿي ويو ھو، منارا ڊھي اچي پٽ پيا ھئا، قبرون ڊھي ويون ھيون ۽ ڪتبا منتشر ٿي چڪا ھئا، ليڪن ھن ماڳ جي خاص اھميت ۽ ٽڪريءَ جي چوڌاري جي خوبصورت نظارن محڪمه آثار قديمه کي متاثر ڪيو، جنھن ڪري محڪمي ھن ماڳ کي پنھنجي حفاظت ۾ وٺي، ان جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ڪري قبرستان کي اصلي حالت ۾ آندو منارا ٺاھيا ويا، قبرن جي مرمت ڪري مٿن اصلي ڪتبا لڳايا ويا فرش لڳايو ويو ۽ حدبندي واري ديوار ٻيھر مضبوط ڪئي وئي ۽ حجرن کي به مرمت ڪري استعمال لائق ڪيو ويو جن تي هاڻي جڳاڙي فقيرياڻن جو قبضو آھي. ليڪن سنڌودرياھ ڪناري ”ستين جو آستان“ تمام خوبصوت منظرن وارو ماڳ آهي، جيڪو درياھ جي هر طرف کان پاڻ به خوبصورت ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ هن ماڳ تي پهچڻ کان پوءِ هن جي چوڌاري دلفريب نظارا آھن، جن ۾ سنڌو درياھ جا خوبصورت منظر ۽ ماڳ جي سڄي هٿ تي لينسڊائونس پل ۽ ايوب پل، سامهون بکر جو تاريخي قلعو ۽ بکر جي قلعي ۽ ساڌ ٻيلي جي ٻيٽن پويان سنڌو درياهه جي ويڪري پيٽ جي پريان سکر شھر جون خوبصورت اوچيون عمارتون ۽ انھن جي وچ ۾ معصوم شاهه جو منارو، کٻي هٿ تي ساڌ ٻيلو ۽ سکر بئراج ۽ ٻئي پاسي نيشنل هاءِ وي پريان انبن ۽ کجين جي خوبصورت باغن جا منظرن آھن، ۽ ھنن سڀن منظرن جو هيءَ ٽڪري مٿاھون خوبصورت مرڪز آھي. هن ٽڪريءَ جي چوڌاري نظر ڦيرائڻ سان جيڪي خوبصورت منظرن نظر اچن ٿا، انھن جي خوبصورتي لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهجي. هن خوبصورت ماڳ جي هر طرف جا منظر اکين مان اوتجي دل جي گهراين ۾ پهچي ذھن کي سڪون بخشين ٿا.

حوالا

(1)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو94
(2)- ”ساڳيو“، صفحو95
(3)- ”ساڳيو“
(4)- ”ساڳيو“ صفحو96
(5)- ”ساڳيو“، صفحو97

روزاني ايڪتا 2 جنوري 2020ع

معصوم شاھ جو منارو ۽ ٻيا تاريخي ماڳ

سونهاري سنڌ جي هر شهر جي پنهنجي اهميت آهي، ليڪن سکر شهر تاريخي ماڳن جي ڪري خاص حيثيت رکندڙ آهي، سکر شهر جي خوبصورتي وڏو سبب سنڌو درياهه ۽ ان تي ٺھيل بئراج ۽ ٻيون پليون به آهن. جنهن ڪري ھن شھر جا منظر تمام خوبصورت ۽ دلڪش آهن. سکر / بکر جي اهيمت سنڌو درياهه جي اروڙ کان رخ مٽائڻ کان پوءِ وڌي وئي ۽ خوش قسمتيءَ سان سنڌو درياهه اڄ به سکر کان وهي رهيو آهي، جنھن ڪري سکر شھر جي اھميت ۽ خوبصورتي ان به قائم آهي.
آءٌ پهريائين سکر/بکر جي شروعاتي دور جو ذڪر ڪري آيو آهيان، جنهن ۾ بکر جي قلعي جي اهميت ۽ مشهوريءَ جو به ذڪر ٿيل آهي، ۽ هن قلعي کي سنڌ جو اهم دروازو سڏيو ويندو هو، اروڙ جي ڦٽڻ کان پوءِ بکر قلعي جي اھميت وڌي وئي ۽ اڳتي هلي اتر سنڌ جي گادي جو هنڌ بڻجي ويو، ته آبادي وڌڻ لڳي ۽ بکر جو قلعو ۽ ٻيٽ محدود ھئو، جنھن ڪري سندس سامھون سکر پاسي به سرڪاري ۽ ٻيون پڪيون جايون ٺھڻ شروع ٿيون ۽ شھر آباد ٿي ويو، جنهن کي ھاڻي پراڻو سکر سڏيو وڃي ٿو. مغل شهنشاهي دور ۾ سکر واري پاسي تي تاريخي عمارتن جي اڏاوت شروع ٿي، پھرين مير ابو قاسم نمڪين جڏهن بکر جو حاڪم مقرر ٿيو، ته هن تعيراتي ڪم ڪرايا، ھن مسجدون ۽ عيد گاهه ٺھرايا جيڪي هاڻي بلڪل مٽجي چڪا آهن، ليڪن سندس اهم يادگار ”صفه صفا“ ستين جو آستان اڄ به روھڙيءَ پاسي درياھ جي ڪناري موجود آهي. ابوالقاسم نمڪين ۽ ستين جي آستان جو الڳ تفصيلي احوال لکبو، ھن مضمون ۾ مير معصوم شاهه ۽ سکر جي سڀن کان نمايان ۽ اھم تاريخي ماڳ مير معصوم شاهه جي مينار، مير صاحب ۽ سندس اڏايل ٻين تاريخي عمارتن جو زڪر اوھان جي سامھون رکجي ٿو.

* مير معصوم شاهه
سکر جي معصومي سيد گهراڻي جو فرزند مير معصوم شاھ بکري جنهن جي پيدائش 944ھ.(1) سندس والد جو نالو سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ ترمنذي هئو، جن جي نسبت مشهور اولياءُ ”حسن ابدالي“ سان ٻڌائي وڃي ٿي.
مير معصوم شاهه پھريان بکر جي حاڪم سلطان محمود خان وٽ سرڪاري عهدي تي مقرر ٿيو ۽ پوءِ شهنشاهه اڪبر جي درٻار ۾ اميريءَ جو منصب ماڻيائين. ھن 1595 ۾ مغل فوج جي ڪمان ڪندي بلوچستان جي سبيءَ وارو علائقو فتح ڪري مغل سلطنت ۾ شامل ڪيو. ان بعد 1598ع ۾ اڪبر بادشاهه پاران کيس سنڌ جو نواب مقرر ڪيو ويو ۽ هن پنهنجي شهر سکر کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وڏا تعميراتي ڪم ڪرايا ۽ 1014هه/ 1605ع ۾ وفات ڪيائين.(2)
پير علي محمد راشدي لکيو آھي ته: ”سکر ۽ روهڙيءَ ۾ مير محمد معصوم گهڻيون عمارتون تعمير ڪرايون آهن. مسجدون ۽ مذهبي عمارتون تعمير ڪرائڻ هن جو مشغلو هو. عمارتن ۾ جيڪو پٿر استعمال ٿيندو هو، انهن کي پنهنجي نقاشي نمونن تي ٺهرائيندو هو. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۽ ڪتبا ٺهرائڻ ۾ يگانه عصر هو. ان کان سواءِ خوشخطي جو وڏو ماهر هو. هڪ دفعي اڪبر پاران شاهي سفارت سان ايران ويو هو، ۽ هندوستان کان وٺي تبريز تائين ۽ اصفهان تائين پنهنجي سفر جا حالات مسجدن ۽ خاص عمارتن تي نقش ڪندو ويو. آگره جي قلعي جي دروازي، فتح پور سيڪري جي جامع مسجد ۽ ٻين مسجدن تي هن جا ڪتبا لڳل آهن. بکر جي آسپاس هن گھڻيون عمارتون جوڙايون. سندس منارو اڃا به موجود آهي. هن گھڻا ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ لکيا. ”تاريخ معصومي“ سنڌ جي احوال بابت مشهور آهي. شعر ۾ سندس تخلص ”نامي“ سندس خلاصو ”طب نامي“ اڃا موجود آھي.(3)
* مولائي شيدائي تاريخ سکر ۾ لکي ٿو ته: ”مير محمد معصوم صاحب سيف و قلم هو فنِ شاعري ۾ سندس تخلص ”نامي“ هو ۽ صاحب ديوان هو. ديوان نامي کان سواءِ هن عالم فاضل سنڌ جي مشهور افساني ”سسئي پنهون“ کي پارسي ۾ منظوم ڪري مٿس ”ناز و نياز“ نالو رکيو. مختلف لڙاين ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري، نوابي جو لقب ۽ عهدو حاصل ڪيائين ۽ درٻار اڪبري کان جاگير حاصل ڪيائين. پنهنجي وقت جو باڪمال معمار هو ۽ سندس خوش نويسي جي ثبوت لاءِ سندس ڪتبا دکن، آگره کان اصفهان ۽ تبريز تائين پکڙيل آهن. هن کي پنهنجي وطن سکر سان بيحد محبت هئي، سر زمين وطن کي پنهنجن هٿن سان سينگاري، صنعت گري ۽ هنرمندي، صدق ۽ اخلاص جو مثال پوين لاءِ ڇڏي ويو. سندس صناعي هٿن جيڪي عمارتون تعمير ڪيون، تن جي وجود ڪري سکر سياحن لاءِ آماجگاه آهي. سکر جي قدرتي نظارن ۽ لافاني حسن ۽ رعنائيءَ کي مناري تي چڙهي ڏسي سگهجي ٿو. مير صاحب پنهنجي وقت جو مؤرخ ۽ محقق به هو، سندس ”تاريخ معصومي“ جا هن پنهنجي فرزند مير بزرگ جي تعليم لاءِ لکي آهي، سنڌ جي وچين زماني جي تاريخ اڪبري دور تائين آهي. مؤرخن ۽ محققن لاءِ ماخذ آهي. انگريزي راڄ جي شروعات 19 صديءَ ۾ منشي نيوندرام سيوهاڻيءَ ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، بعد ۾ شمس العلماء مرحوم عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب، جڏهن انڌيري ڪاليج بمبئي ۾ پروفيسر هو، تاريخ معصومي کي اهتمام سان قلمبند ڪري پارسي نسخو تيار ڪيو، جنهن کي ”ڀنڊارڪر اورينٽل انسٽيٽيوٽ پونا“ 1938ع ۾ مطبع قيمه مان شايع ڪرايو، تنهن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ، تاريخ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو. مير محمد معصوم صاحب پنهنجي وقت جو حڪيم به ٿي گذريو آهي. طب ۾ سندس ڪتاب ”طبِ نامي“ آهي، جنهن جو نسخو سندس پوين مان سيد منور علي شاهه صاحب سکر پراڻي وٽ موجود آهي ۽ ”مفردات - نامي“ جا چند اجزا شيخ عبدالرحيم روهڙائي وٽ آهن.(4)
مير معصوم شاهه بکر جو نواب/ گورنر مقرر ٿي اچڻ کان پوءِ سکر جي اھم تاريخي عمارتن جي تعمير ڪرائي جنهن ۾ معصوم شاهه جو منارو ۽ ھن جي ڀرسان گنبذ جنھن نالو فيض محل آهي ۽ ھن کي آرامگاهه به سڏيو ويندو آهي، ان کان سواءِ پراڻي سکر ۾ مسافر خانو، مسجد منزل گاهه جون عمارتون باغ باغيچا ، شاد ٻيلي ۾ ”ستياسر“ نالي هڪ وڏي گنبذ واري عمارت مشهور آهن ۽ روهڙيءُ ۾ وڏو عيد گاهه پڻ تعمير ڪرايو.

** معصوم شاهه جو منارو.
مير صاحب هي منارو سکر جي اونچيءَ ٽڪريءَ تي 1003هه ۾ تعمير شروع ڪرائي جنهن جو ڪم اڌ ۾ هئو ته مير صاحب فوت ٿي ويو ۽ سندس وفات کان تيرھين سال پوءِ سندس پٽ مير بزرگ مناري کي 1027ھجري ۾ مڪمل ڪرايو.(5)
هن مينار جي تعمير جو مقصد هڪ يادگار ۽ اونچائيءَ کان پري پري تائين نظرداري ڪري شهر جي دفائي حڪمت عملي کي قائم رکڻ هئو.
آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا نمبر 2 جي دوران ۾ مناري جي ماپ وغيره ڪرائي وئي آهي، ۽ ان رپورٽ مان معلومات ملي ٿي ته "هي مينار ٽڪري تي واقع آهي، هن مينار تي پڪيون سرون ۽ چوني جي پٿر جو استعمال ٿيل آهي. هن مينار جو بنياد وٽ 84 فٽ ويڪرو آهي، ۽ ھن جي اونچائي به 84 فٽ آهي ۽ مينار جي اندران گولائي ۾ ٺھيل ڏاڪڻ جي ڏاڪن جو تعداد به 84 آهي.“(6)
ھن شاندار مينار جي چوٽي تي هڪ هوادار گنبذ جڙيل آھي جنهن تي اندرين ڦيردار ڏاڪڻ رستي پهچي پري پري تائين جو خوبصورت نظارو ڏسي سگهبو هئو. بعد ۾ چوٽيءَ واري گنبذ جي چوڌاري ميونسپالٽي چوڌاري پنڃرو هڻائي ڇڏيو آهي، ورنه اڳ ڪيترا ماڻهو مٿان ٽپ ڏئي خودڪشي ڪندا هئا، ۽ ھن حفاظتي پنڃري لڳڻ سبب مينار جي خوبصورتي ۾ پڻ وڏو اضافو ٿيو آهي۔
مينار بابت اي ڊبليو هيوز صاحب سنڌ گزيٽئر ۾ لکي ٿو ته ”تعجب انگيز ڳالهه هيءَ آهي ته منارو سڌائي کان ڪجهه مڙيل آهي، اها خبر نه ٿي پئجي سگهي ته اهو ان جي تعمير ۾ ڄاڻي واڻي پاڻ ڪيو ويو آهي، يا پوءِ سندس پيڙهه جي هڪ پاسي جهڪي وڃڻ ڪري مڙي پيو آهي،“ يا ڪنهن ڪاريگر جي غلطي سبب ٿيو آھي، يا وري پوءِ ڪنهن وقت زمين جي ڌڏڻ ڪري اهو فرق ٿي پيو آهي. سنڌ ۾ گهڻائي دفعا نهايت شديد نموني ۾ ڌرتي ڌٻڻ جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، 1828ع ۾ به ڌرتي اهڙي ڌٻي هئي جو ڏکڻ سنڌ جي طبعي جاگرافي تبديل ٿي وئي هئي.(7)
اڄ به هي شاندار منارو سکر جي تاريخ جو دنيا ۾ ڳاٽ اونچو ڪيون بيٺو آهي. سنڌو درياهه مان يا سکر بئراج کان روھڙيءَ ويندڙ رستي کان سکر کي ڏسبو ته شھر جي وڏين عمارتن جي باوجود ھي مينار نمايان نظر اچي ٿو ۽ سکر شھر جي منظر کي دلڪش بڻائي ٿو.
هاڻي هن مينار تي مٿي چڙهي وڃڻ جي اجازت نه آهي، ليڪن آءٌ ننڍي هوندي ۽ نوجوانيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا هن ميناري تي مٿي چڙهي وڃي سکر شهر ۽ سنڌو درياهه جي دلڪش منظرن جو نظارو پسيو آهي، ۽ مٿي چوٽيءَ واري ھوادار گنبذ ۾ ڪافي دير ويھي سڪون وٺندو ھئس ڇو سکر جي گرم موسم ۾ به ھتي سنڌو درياهه کي ڇھي ايندڙ جي ٿڌڙيون ھوائون لڳنديون ھيون جن جو لطف اڄ به ياد آهي. ڪجھ عرصو اڳ 2018ع ۾ سکر ويس ته صبح جي وقت مهربان دوست آغا غلام نبيءَ سان هن مينار جي دلڪشي پسڻ لاءِ پهتاسين مٿي چڙهڻ واري ڏاڪڻ جي دروازي کي مستقل بند ڪيو ويو آهي جنهن ڪري مٿي چڙهي سکر ۽ سنڌوءُ جو نظارو پسڻ جي حسرت اداس ڪري ڇڏيو ۽ پراڻين يادگيرن جي گهري ۾ هجڻ باوجود مناري- فيض محل ۽ مير معصوم جي مزار تي ڪجهه فوٽوگرافي ڪري واپس ٿياسين.

** فيض محل (آرامگاھ)
ميرصاحب 1003هه ۾ مناري جو بنياد رکيو ۽ پوء 1004هه ۾ منار جي ڀرسان اٺن فوٽن جي فاصلي تي هڪ خوبصورت اٺ ڪنڊو حال ۽ مٿان گنبذ واري خوبصورت عمارت جوڙائي وئي، جنهن جو اصل نالو ”فيض محل“ آهي، مگر عام طور تي هن کي آرامگاهه سڏيو وڃي ٿو. اٺ ڪنڊو گنبذ زمين کان پنجاه فوٽ کن اونچو آهي. جنهن ۾ ونگن سان چار دروازا آھن ۽ زمين کان 14 فوٽ کن مٿي اندرين پاسي ڏانهن هڪ گيلري اٿس، جنهنڪري چار دريون آرپار آهن. چارئي دريون چئني دروازن جي مٿان آهن، ۽ ٻن درين جي مٿان پٿر جي ڇڄهري آهي. ڇڄهري جي ڇتين تي ڪي نصيحت آميز رباعيون پٿر تي اُڪريل آهن، جي چوڌاري ڦري آيون آهن. عمارت سهڻين پڪين سرن جي آهي ۽ زينت جي خيال سان ڪاشيءَ جون سرون ڪثرت سان منجهس استعمال ڪيل نظرن اچن ٿيون، جنھن ڪري ھي جاءِ رنگا رنگي ٿي پئي آهي. ان جاءِ جي ويڪرائي اندرين پاسي کان سترهن فوٽ کن آهي. ذڪر ڪيل رباعيون گهڻيون آهن، پر هڪ رباعي مان جاءِ جو نالو ۽ تعمير جو سال ملي ٿو.

** روھڙي جو عيدگاھ
سکر (بکر) ۾ مير صاحب جون ٺهرايل عمارتن ۾ قدامت جي لحاظ سان روهڙيءَ وارو عيدگاه سڀ کان پھرين نمبر تي آهي، جيڪو مير صاحب 1002هه ٺھرايو. روهڙيءَ جو عيدگاهه روهڙي شهر جي اولھ ڏکڻ جي ڪنڊ طرف ٽڪريءَ تي اهو عيدگاهه آهي. ٻن ايڪڙن کن زمين جي چوڌاري ديوار نڪتل آهي، ٽن طرفن کان ننڍي ديوار ۽ اولاهين طرف کان وڏي ديوار آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن ۽ وچ تي ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. اهي گنبذ فقط اولاهين ديوار ۾ آهن. وچين گنبذ هيٺان محراب آهي، جنهن جي مٿان ٻاهرين طرف ڏانهن هڪ سفيد پٿر لڳل آهي، جنهن تي ٽن سٽن ۾ ڪتبو اُڪريل آهي. هي عيد گاھ اڄ به موجود آھي جنهن جي مرمت ۽ واڌارو سرڪاري خرچ تي ٿيو آھي.(8) باقي ٻيا مير معصوم شاھ جا تعمير ڪرايل تاريخي ماڳ مٽجي چڪا آھن جنهن جو بيحد افسوس آھي.

** مسافر خانو
پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ موجود جيل خانه جي ڀر ۾ هڪ سٽ ڪنڊي گنبذ نما جاءِ آهي، ان جي اوساري پڪسري ۽ ٻاهران سفيد پڪو چونا گچ چڙهيل اٿس. چون ٿا ته ان جاءِ جي چوڌاري ست کوهه هوندا هئا، جن مان ڇهه کوهه لٽجي ويا آهن، باقي هڪ کوهه ان جي اولاهين پاسي ڏانهن اڃا تائين سلامت آهي. جنهن مان ماڻهو عام جام پاڻي وٺي رهيا آهن. کوهه جي سڄي اوساري پٿر جي آهي. ذڪر ڪيل هشت پهلو جاءِ لاءِ روايت آهي، ته مير محمد معصوم مسافر خاني طور عام ماڻهن ۽ واپارين جي آسائش لاءِ جوڙائي هئي.

** روھڙي ۾ مير معصوم حويلي
مير صاحب سکر ۽ بکر کان سواءِ، روهڙيءَ ۾ به پنهنجي هڪ حويلي جوڙائي هئي، جا ”حويلي مير محمد معصوم“ جي نالي سان سڏي ويندي هئي. اها حويلي روهڙي شهر ۾ بکر جي مغل نواب فتح خان جي تعمير ڪرايل مسجد جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع هئي، ۽ اھا 1 اپريل 1811ع تي مرزا سهراب خان افغان خريد ڪئي هئي. انهيءَ حويليءَ جي سامهون بکر قلعي جو ھڪ برج نظر ايندو هو. ھو.

** پخته پل
مير صاحب پراڻي سکر ۾ ”لالڻ واھ“ تي عام ماڻهن جي سهولت لاءِ هڪ پــُـل تعمير به ڪرائي هئي. هڪ قلمي ســَـندَ مان پتو پوي ٿو ته اها پــُـل سن 1750ع تائين موجود هئي. هن پــُـل جي محل وقوع جي سلسلي ۾ اهو معلوم ٿئي ٿو ته اها پــُـل سکر پراڻي جي مشهور ”دٻن واري زمين“ جتي سيد تقي الدين محمد پــُـورانيءَ جي زمين جي جي ڀرسان هئي.

** ستياسر
سيد حسام الدين راشديءَ هن عمارت جو ذڪر ”سيتاسر يا ستياسر“ جي نالي سان ڪيو آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هيءَ هڪ بي مثال وڏي ۽ خوبصورت گنبذ واري عمارت هئي. ھي عمارت سکر شھر سامھون ھڪ ننڍڙي ٻيٽ جي ٽڪريءَ تي ٺھرائي وئي ھئي، ۽ ھن ٻيٽ کي دين ٻيلو سڏيو ويندو هو، جيڪو ھاڻي سادو ٻيلي سان ملحق آهي، اڳ ھن کان ڌار ھو. راشدي صاحب، انهيءَ عمارت جي تعمير جو سن ”گنبذ دريايي“ مان 1007هه وضع ڪيو آهي. سيد مرتضيٰ ميرڪ، انهيءَ مٿئين عمارت جو نالو”سيتاسر يا ستياسر“ جي بجاءِ ”سيت سر“ يعني سفيد سر يا گنبذ دريائي ڄاڻايو آهي.(9)
** منزل گاهه تي جايون. سکر جو بندرگاهه ھتي ھو ۽ ھتي لاھور ۽ لاڙ جي لاھڙي بندر کان غوراب جھاز لنگر انداز ٿيندا هئا، ۽ سکر ٻنهي جو مرڪزي وڏو بندرگاهه ھو، ان کان سواءِ سامونڊي رستي کان سنڌو درياهه رستي آيل سامان ھتان کان ڪوئيٽا ۽ افغانستان ويندو ھو. جنھن ڪري واپارين ۽ مسافرن جي سھولت لاءِ مير معصوم شاهه منزل گاهه تي جايون تعمير ڪرايون. سندس پٽ اتي وڏو باغيچو پڻ ٺھرايو ھو.
مير صاحب سکر ۾ شاندار عمارتون تعمير ڪرائي سکر کي خوبصورت بڻايو، سندس يادگار اڄ به سکر جي خوبصورتي، ۽ تاريخي اھميت جا نمايان اھڄاڻ آهن. مير معصوم شاهه بکري 1605ع ۾ وفات ڪئي ۽ شھنشاھ اڪبر به انهيءَ سال ۾ وفات ڪئي. اهو مير معصوم شاهه جي پٽ جو نالو مير بزرگ هو ۽ چيو وڃي ٿو ته انهيءَ جو اولاد گھڻو ٿيو ۽ اڃا تائين معصومي سيد بکر ۽ سکر ۾ رهندا اچن ٿا.

روزاني ايڪتا 23 جنوري 2020ع

حوالا

(1)- ”تاريخ معصومي“، مير معصوم شاهه بکري
(2)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 107
(3)- ”سکر ۽ روھڙيءَ جا آثار قديمه“، (اخبار الوحيد ۾ ڇپيل مضمون)، پير علي محمد راشدي
(4)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 117
(5)- ”ساڳيو“، صفحو 118
(6)- “ساڳيو“، صفحو 109
(7)- ”ساڳيو“
(8)- ”ساڳيو“
(9)- ”ساڳيو“، صفحو114

آدم شاهه ڪلهوڙو

سنڌ تي حاڪميت ڪندڙ ڪلهوڙا خاندان جو وڏو بزرگ آدم شاهه ڪلهوڙو ٿي گذريو آهي، سندس مزار سکر شهر ۾ ملٽري روڊ ڀرسان هڪ ٽڪريءَ تي آهي، هي ٽڪري سندس نالي سان (آدم شاهه جي ٽڪري) مشهور آهي. آءٌ سکر ۾ پڙهڻ دوران هن ٽڪريءَ تي ويندو هئس ڇو ته اسان جو سکر ڊگري ڪاليج هن ٽڪري جي ويجهو هئو ۽ ان وقت هي مزار ۽ ٽڪري پري کان نمايان نظر ايندي هئي ملٽري روڊ ۽ ٽڪريءَ جي وچ تي ڪجهه ڪچي آبادي هئي باقي ٽڪريءَ وارو پورو حصو خالي هئو ۽ پري کان آدم شاھ جي ٽڪري ۽ مقبرو نمايان نظر ايندا هئا ۽ هن ٽڪريءَ جي مٿان بيھڻ سان سکر شهر جو پري پري تائين نظارو ڏسڻ ۾ ايندو هئو ۽ سنڌو درياھ جو ڪجھ حصو سکر بئراج ۽ ان مان سڄي هٿ تي نڪرندڙ ٽئي ڪينال صاف نظر ايندا هئا ۽ انهن جو خوبصورت منظر ڏاڍو راحت بخش هوندو هئو، 2018ع جي نومبر مهيني ۾ سکر جي تاريخي ماڳن تي ويس ته هڪ صبح تي آغا غلام نبي سان گڏ آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي وياسين، هن وقت ملٽري روڊ کان هڪ رستو وڃي ٿو جنهن جي ٻنهي پاسن کان دوڪان ۽ ٽي چار منزل جايون ٺهي ويون آهن هن رستي مان هڪ سوڙهي گهٽي آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي وڃي ٿي جنهن مان ننڍي ڪار به مشڪل سان گذري سگهي ٿي، موٽر سائيڪل تي يا پنڌ آسانيءَ سان وڃي سگهجي ٿو، ٽڪريءَ جي آس پاس ۽ ٽڪريءَ جي هيٺاهين حصي تي افغاني پٺاڻڻ جو قبضو آهي. وڏي مشڪل سان وڃي هڪ هنڌ ڪار بيهاري ۽ اسين ٻئي مٿي مزار تي وياسين فاتح کان پوءِ مقبري ٻاهران نظارو پسڻ جي ڪوشش ڪئي ته هر طرف شهر جي جاين جو منظر نظر پئي آيو، ليڪن درياهه جي بئراج يا انهن مان نڪرندڙ ڪئنال پوري طرح ڏسي نه ٿا سگهجن ڇو ته وچ ۾ وڏيون وڏيون جايون ٺهي ويون آهن مون آغا صاحب سان پنهنجي شاگرديءَ واري دور جون يادون ۽ ٽڪريءَ تان پسيل منظر ٻڌايا ۽ آغا صاحب به ٻڌايو ته هو به ننڍي هوندي پنهنجي والد صاحب سان گڏ هتي ايندا هئا ۽ اهي پراڻا خوبصورت منظر پسندا هئاسين ۽ پوءِ اتي موجود مجاور ۽ مرمت جو ڪم ڪندڙ ڪاريگر سان به ڪجھ ڳالھيون ڪيوسين ۽ ڪجهه تصويرون ڪڍي واپس ٿاسين.

آدم شاھ ڪلھوڙو جي تاريخ
سنڌ ۾ سمان دور جي ختم ٿيڻ ارغونن ۽ ترخانن جي سنڌ تي قبضي ۽ ظلم خلاف سنڌ جي مختلف قبيلن جي مختلف هنڌن تي مزاحمت ھلندڙ ھئي ته مٿان اچي مغلن قبضو ڄمايو، ان دوران ڪلهوڙن جو خاندان جيڪي زميندار هئا، اهي به سنڌ جي ٻين پاڻ جھڙن، مُکيه قبيلن وانگر سنڌ ۾ ڌارين خلاف، پنھنجي مُنھن وڙھندا رھندا ھئا. سندن وڏو ميان چنو پڳدار ھو. ھن سيوھڻ کان ڇھ ڪوھه پري جهانگارا ۽ باجارا جا شھر ٻَڌايا. ھو ھڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار ھو ۽ وڄام چنو، ستن مُک قبيلن ڪوريجن، سھتن، چنن، سمن، مھرن، ٻلالن ۽ ڏھرن جو پڳدار ھو. ۽ وڏي ساک وارو، سخي، پھلوان مڙس ھو. ھن 1220ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. (1)

ميان چنو جي قبيلي مان ميان آدم شاھ ڪلھوڙو پيدا ٿيو، ھن جا ڪيترائي مريد ٿيا ھئا، ھو الله وارو ۽ درويش صفت انسان ھو. تحفة الڪرام موجب سن 1592ع ۾ مغل ڪمانڊر عبدالرحيم خانخانان سنڌ جي فتح وقت ميان آدم شاھه وٽ دعا لاءِ آيو ھو، جنهن کان ميان صاحب جي خاص مريد کٻڙ ابڙي مريدن فقيرن جي لنگر لاء مدد جي گهر ڪئي ته خانخانان هن بزرگ جي لنگر خاني لاءِ چانڊڪي جو پرڳڻو کيس جاگير طور ڏنو ھئو، هن جاگير جون حدون مدئجي کان سيوڻ تائين هيون، جنهن ۾ لاڙڪاڻو، قنبر ۽ نصير آباد شامل هئا، ابڙن هن ۾ واھ کوٽائي فصل ۽ باغ آباد ڪيا، جنهن ڪري هن جاگير جي سالياني آمدني ٻارهن لک هئي.(2)
ھڪ راءِ آهي ته جاگير ملڻ سان سندس ميانوال تحريڪ زور ورتو ۽ مريدن ۾ به اضافو ٿيندو ويو، سندس مريد ٻين زميندارن کي آزارڻ لڳا، جن جون دانھون مغلن کي ملڻ لڳيون ۽ ٻيو سبب آدم شاھ جو مھدوي هجڻ ۽ ان فرقي جي پرچار ڪرڻ به هئو، جنهن ڪري آدم شاھه سان تصادم جو خطرو ٿيو بکر جي نواب ان معاملي کي ملتان جي گورنر تائين پھچايو ۽ ملتان جي گورنر نواب ميان صاحب کي پاڻ وٽ گهرايو ته ميان صاحب سان پنج سو کن مريد ڳڏ ملتان ويا، جتي کيس ڪافي وقت قيد ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ 1598ع ۾ کيس شھيد ڪرايو ويو.
محمد ابراھيم جويو صاحب لکي ٿو ته: ”ڪلھوڙا سنڌ جي اصل رھاڪن جو ھڪ مُک قبيلو ھئا، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جھڙن، مُک قبيلن وانگر سدائين سنڌ جي ڌارين خلاف، پنھنجي مُنھن وڙھندا رھندا ھئا. سنڌن وڏو ڄام چنو، ستن مُک قبيلن ڪوريجن، سھتن، چنن، سمن، مھرن، ٻلالن ۽ ڏھرن جو پڳدار ھو. ھن سيوھڻ کان ڇھ ڪوھه پري جھانگارا باجارا جا شھر ٻَڌايا. ھو ھڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار ھو ۽ وڏي ساک وارو، سخي، پھلوان مڙس ھو. ھن 1220ع ۾ وفات ڪئي. ھن قبيلي مان ميان آدم شاھه ڪلھوڙو پيدا ٿيو، جنھن جا ڪافي مريد ھئا. ھو الله وارو ۽ درويش صفت انسان ھو. سندس ڏينھن ۾ خان خانان سنڌ تي ڪاھه ڪئي. ھن ترخانن ۽ مغلن جي تصادم جو فائدو وٺي، پنھنجي مريدن کي منظم ڪري، ڌارين فاتحن جي خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو. ان ڪري ملتان جي گورنر کيس شھيد ڪرائي ڇڏيو.“(3)

مقبرو
ميان آدم شاھ ڪلھوڙي پنهنجي مريدن کي وصيت ڪئي هئي ته کيس سکر جي ان ٽڪري تي دفن ڪيو وڃي، (ميان صاحب ملتان وڃڻ اڳ هن ٽڪري تي ترسيو هو) انڪري سندس وصيت موجب ملتان مان سندس مڙھ کڻي اچي هن ٽڪري تي دفن ڪيو ويو.
آدم شاھ جي ٽڪري سکر وارين ٽڪرين مان ھڪ مشھور ٽڪري آھي، ھيءَ ٽڪري سکر شھر جي اتر الھندي پاسي آھي ۽ ان تي ميان آدم شاھ ڪلھوڙي جي مزار جي ڪري آدم شاھ جي ٽڪريءَ جي نالي سان مشھور آھي.
ابراھيم جويو صاحب لکي ٿو ته: ”آدم شاهه کان پوءِ ھن جي پوٽي ميان الياس گادي سنڀالي. ميان الياس کان پوءِ شاھل محمد پنھنجي مريدن کي گڏ ڪري مغلن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو، جنھن ڪري کيس شھيد ڪيو ويو. کانئس پوءِ ميان نصير محمد 1657ع ۾ شاھجھان جي ڏينھن ۾، گاديءَ کي زور وٺرايو، جنھن جي وفات کان پوءِ سندس پُٽ دين محمد گاديءَ تي ويٺو جنھن مغلن خلاف بغاوت کي زور وٺرايو، ان ڪري کيس قتل ڪيو ويو. ميان دين محمد کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ ميان يار محمد پنھنجي اھل عيال ۽ ٻين پنھنجن ماڻھن سميت جابلو علائقن ۾ پناھه ورتي ۽ اتان مغل شھزادي معزالدين سان جنگ جاري رکي ۽ ان کي شڪست ڏني. ان کان پوءِ ھو جبلن تان ھيٺ لھي آيو ۽ نئينگ کان ٿيندي، منڇر ڍنڍ جي ڪناري وارا شھر سامتائي ۽ ڳاھن جي ايراضي، فتح پور، شڪارپور، گچيرو، کاري، ڪنڊيارو ۽ لاڙڪاڻو آزاد ڪرائي پنھنجي قبضي ۾ ڪيا. 1701ع ۾ مغلن پنھنجي اختيار جي سج جو زوال ڏسندي سبي، بکر ۽ سيوھڻ جي علائقن جا اختيار سندن حوالي ڪري خدايار خان جي لقب سان گڏ خلعت، سوني جڙت واري ڪَلنگي، ترار، گھوڙو ۽ ھاٿي به ھن جي پذيرائيءَ طور کيس ڏنا.“(4)
آدم شاھ جي مزار مٿان مقبرو ۽ ڀرسان مسجد ميان غلام شاهه ڪلھوڙي جو ٺھرايل آھي ۽ تعمير جو ڪم 1774ع ۾ مڪمل ٿيو مقبرو چوڪنڊو آھي.(5) ٻاھران سندس ماپ 29.8 x 29.8 فوٽ آھي، ۽ اوچائي 42.6 فوٽ آھي. مقبرو ڏکڻ منهن آھي. دروازي جي ماپ 8.5 فوٽ آھي.
انگريزن طرفان هتي دفائي مورچو قائم ڪيو ويو هئو، جنهن ڪري 1890ء کان 1914ع تائين ھن زيارتگاهه تي بندش پيل ھئي. ھن مقبري جي وقت به وقت مرمت ٿيندي اچي ٿي.
هن تاريخي مقبري تي اچڻ واري رستي تان قبضا ختم ڪرائي رستو صاف ڪيو وڃي ته هي زيارت گاھ سان ڳڏ هڪ سٺي تفريح گاھ به ٿي سگهي ٿي.

حوالا
(1)- پروفيسر غلام محمد لاکو.
(2)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو91
(3)- ”شاھه سچل سامي“، محمد ابراھيم جويو، صفحو55
(4)- ”ساڳيو“
(5)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 92

مسجد منزل گاهه

سکر جي مسجد منزل گاهه پوري برصغير ۾ شھرت رکندڙ آهي، ھن مسجد جي تاريخي وجود بابت بنيادي وچور اوھان جي سامھون رکجن ٿا.
2018ع ۾ سکر جي تاريخي ماڳن جي دوري دوران اروڙ کان واپسي ٿيندي بکر جي قلعي اندر بزرگ صدرالدين شاهه جي مزار ڀرسان واري آباديءَ ۾ دوست سليم مهر جونيئر جي گهر تي مانجهاندو ڪيوسين ۽ هن دوست تي ئي ساڌ ٻيلو ۽ ستين جو آستان گهمائڻ جي ذميواري به رکيل هئي، ماني کائڻ کان پوءِ ساڻس آءٌ ۽ رفيق چاچڙ ساڌ ٻيلي لاءِ روانا ٿياسين، سليم مهر جونيئر دوست ساڌ ٻيلي جي انتظاميه وارن سان اڳ ۾ ئي ڳالهائي ڇڏيو، اسان بکر ٻيٽ کان لينسڊائونس پل جي ننڍي حصي ذريعي سنڌو درياهه جو ننڍو وهڪرو پار ڪري پراڻي سکر پھتاسين ۽ بندر روڊ تان سفر ڪري اچي ساڌ ٻيلي واري پتڻ جي مک دروازي تي پهتاسين، ته دروازي جي بلڪل سامهون سکر جي مشهور مسجد منزل گاهه آهي. ڪار مان لهي مون دوستن کي چيو ته هن مسجد جي به وڏي تاريخي حيثيت آهي، پھرين اها ڏسندا سين، مسجد سامھون ئي آهي، اسان مسجد ڏانهن مڙياسين ھن وقت قديمي مسجد جو فقط هڪ گنمبذ ئي باقي بچيو آھي، جنھن جي ڀرسان وڏي نئين مسجد تعمير ٿي وئي آھي. اسان نئي مسجد ۽ پراڻي تاريخي مسجد جي گمبذ جا فوٽو ڪڍيا.
مير معصوم شاهه جي مناري ۽ سندس ٻين تعميرات واري مضمون ۾ مسجد منزل گاهه ۽ ان جي ڀرسان هشت پهلو پڪسري ٻي عمارت جنهن مٿان به گنبذ ۽ چوٽي ٺهيل ھئي، جو مختصر ذڪر ڪيو آهي، ليڪن هتي ھنن عمارتن جو تفصيلي احوال لکبو ته جيئن، ھن اھم مسجد بابت تاريخي ڄاڻ حاصل ڪري ان بابت ماضيءَ ۾ ٿيل مسئلي کي به سمجهي سگهجي.
** مسجد منزل گاهه جي تعمير ۽ تاريخ
مير معصوم شاهه پنھنجي دؤر حڪومت ۾ سکر شھر کي سٺو سنواريو ۽ سينگاريو، ھن يادگار عمارتون، مسجدون، عيدگاهه، مسافر خانا، باغ باغيچا ۽ تفريح گاهه ٺھرائيا، جيڪي سندس تعميرات جو شوقين، باذوق ۽ باوقار شخصيت ھجڻ جا زندھ مثال آهن. سندس دور ۾ به سکر واپار جو وڏو مرڪز هو، ۽ سمنڊ کان ٺٽي جي لاھڙي بندر کان سنڌو درياهه رستي واپاري ٻيڙا سکر پھچندا ھئا ۽ ھتي منزل ڪري پوءِ وري ھتان لاھور ۽ پنجاب جي ٻين بندرن ڏانهن روانا ٿيندا هئا. ڪوئيٽا ۽ افغانستان لاءِ به سامان سکر جي بندر تي لھندو ھو، ۽ ھتان اٺن جي قافلن ذريعي اڳتي روانو ٿيندو هيو. واپاري ٻيڙن لاءِ سکر جو بندرگاهه پھرين وڏي منزل گاهه ھئي. انڪري مير معصوم شاهه سنڌوءَ جي ڪپ تي ٻه عمارتون ٺهرايون، پھريان ھڪ اٺ پاسائون وڏو گنبذ ۽ جنهن کي سراءِ يا مسافر خاني طور ڪم ايندو ھيو، ۽ ان کان ھڪ سال پوءِ گول گنبذ واري مسجد ٺهرايائين ھنن عمارتن تي لکيل ڪتبن مان سندن ٺھڻ جي تاريخ واضح ٿئي ٿي. انھن ئي ڏينهن ۾ مير معصوم شاهه منزل گاهه جي سامھون دين ٻيلي ۾ ھڪ خوبصورت گنبذ تعمير ڪرايون جنهن کي ”ستياسر“ سڏيو ويندو ۽ ھي عام ماڻهن جي سير تفريح لاءِ مخصوص ھو. منزل گاهه جي ٻن عمارتن ٺهرائڻ کان پوءِ مير معصوم جي پٽ ”مير بزرگ“ انھن جي ڀرسان واري زمين خريد ڪري مسافرن جي آرام لاءِ باغ ٺھرايو، جنھن جو دستاويزي ثبوت پڻ مير معصوم شاهه جي پوئينءَ وٽ موجود آهي.
ھي ٻئي عمارتون سوين سالن تائين ساڳئي مقصد لاءِ ڪم اينديون رهيون. اوڻهويهين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ تي انگريزن جي فتح وقت اهي ٻئي عمارتون انگريزن پنهنجي قبضي ۾ ڪيون. ۽ پوري برصغير تي انگريز جي قبضي کان پوءِ ٻين مقبرن ۽ عمارتن جيان ھنن عمارتن کي به پنهنجي سکر ۾ مقرر فوجي ۽ سياسي عملدارن جي رهائش لاءِ استعمال ڪيائون. ھنن عمارتن جي حقيقيت پروڙڻ لاءِ ڪافي تاريخي حوالا موجود آهن. جن مان ڪجهه ھيٺ ڏجن ٿا.
* سکر شھر جو تاريخدان رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”ھي ٻئي عمارتون مير معصوم شاهه پهرين 1006 هجري ۾ مسافرن جي آسائش ۽ آرام لاءِ پتڻ ڀرسان ٺهرائي ۽ ٻئي سال هن خوبصورت مسافر خاني جي اولهه ۾ 1007 هجري ۾ مسجد ٺهرائي هنن ٻنهي عمارتن تي لڳل ڪتبن مان اڏاوت جي تاريخ ۽ مقصد جو بيان ملي ٿو.“ ڪتبن جي اصل تحرير به رحيمداد خان جي ڪتاب ۾ موجود آهي.(1)
* ڪزنس صاحب به ان سلسلي ۾ هڪ نهايت اهم نڪتو بيان ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته: ”اهي جايون هڪ باغ سان ملحق آهن، جن مان هڪ ۾ سير تفريح ڪندڙ عوام آرام وٺي سگهي ٿو ۽ ٻي عمارت عبادت گذاريءَ لاءِ آهي.(2)
* منزل گاهه بابت هڪ نهايت ئي قيمتي دوستاويز مان به ثابت ٿئي ٿو، جيڪو اصل حالت ۾ سردار ثابت علي شاهه صاحب معصومي وٽ موجوده آهي، ان دوستاويز مان هي حقيقيت معلوم ٿئي ٿي، ”تاريخ 9 جمادي الثاني 1005 هجري ۾ سيد محمد معصوم ۽ سندس فرزند مير بزرگ ”ڪوهه شاد ٻيلي“ جي سامهون سکر شهر ۾ قاضي فخر الدين جي پوين کان هڪ سئو ٽڪا جي عيوض، قيمت ڏئي ورتو حدود نروار ڪيل آهن ته اوڀر ۾ باغيچو ۽ سراءِ مشترين (يعني خريد ڪندڙ جي) اولهه ۾ زمين سعادت سلطان بيگم بنت مير يار حسين اتر ۾ عام رستو ۽ ڏکڻ ۾ درياهه، هي اصل دستاويز 1005 هجري جو لکيل آهي ۽ قاضي علي بن محمد اسماعيل جي مهر لڳل آهي، مغليه دور ۾ سرڪاري دفتري زبان ۾ سکر کي بکر لکيو ويندو هو ۽ گهرو زبان ۾ سکر سڏبو هو، ۽ جنهن ٻيٽ کي هينئر ساڌ ٻيلو سڏيو وڃي ٿو، ان کي ان دور ۾ شاد ٻيلو سڏيو ويندو هو.(3)
* انگريزن جي سکر تي قبضي ٿيڻ سان هنن جاين ۽ باغ تي به سندن قبضو ٿي ويو، انگريز ابتدائي دور ۾ ان جاءِ تي سفارت خانو کوليو هو ۽ هشتم پهلو جاءِ ۾ سفارتخاني جي آفيس هوندي هئي هيئنر اهو عظيم الشان باغ برباد ٿي ويو. عيسوي ويهين صدي جي شروعا ت ۾ هن ميدان ۾ انبن ۽ کجين جا وڻ هئا ۽ اڀرندي پاسي ۾ کوهه به هو، راقم هتان پاڻ انب خريد ڪيا هئا.(4)
* جنهن هنڌن تي نئون سکر آهي، اتي اڳ جهنگ، زمينون ۽ب کجين جا باغ هئا، اڪثر جلائر مغلن جون زمينون هيون، اليگزينڊر برنس کي وائسراءِ لارڊ آڪلينڊ بولان لڪ واري رستي کي صاف ڪرڻ لاءِ پهرين افغان جنگ وقت روانو ڪيو هو، ان وقت اليگزينڊر برنس جي اچڻ وقت نئين سکر ۾ م معصوم شاهه جي مينار ۽ مسجد منزل گاهه وارين عمارتن کان سواءِ ٻي ڪا به عمارت نه هئي.(5)
* رچرڊ برٽن، جنهن پنهنجي نوڪريءَ جا شروعاتي سال سنڌ ۾ گذاريا. سندس لکتن مطابق انگريزن انهن گنبذن ۾ دريون جوڙيون ۽ انهن جاين جي ٻاهران مٽي ۽ گاري سان ورانڊا جوڙي انهن کي فوجن جي رهڻ لاءِ بنگلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. (6)
* ھنن عمارتن جي هڪ ابتدائي مڪينن مان هڪ اي بي ايسٽ وِڪ هو، جيڪو 1839 ع ۾ چوويهن سالن جي ڄمار ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ آيو هيو ۽ سکر ۾ متعين سياسي آفيسر بڻيو. هو اڍائي سال هت رهيو ۽ تڏهوڪي سنڌ بابت هڪ انتهائي دلچسپ ڪتاب ”پراڻي مصر جا نوان ورق Dry leaves of young egypt) لکيائين. (7)
* فارسي ڄاڻيندڙ ايسٽ وڪ چڱي موچاري تحقيق ڪئي ۽ ان علائقي ۾ موجود مزارن ۽ تاريخي عمارتن تي ٿيل تحريرون نوٽ ڪيائين. اهي عمارتون آفيسرن طرفان خالي ٿيڻ کان پوءِ سرڪاري ڪنٽرول ۾ رهيون. بهرحال عمارت جي تحفظ يا مرمت لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو. (8)
سنڌو درياهه ۾ چاڙهه اچڻ سبب ھنن جاين تائين پاڻي اچي ويو، جنهن ڪري انگريز آفيسرن ھي جايون خالي ڪيون، ۽ پاڻي ورڻ بعد انگريزن ھنن جاين کي رھائش جي قابل نه سمجهيو، ساڌ ٻيلو جي انتظاميا وارن ياترين جي اچڻ لاءِ مستقل پتڻ مسجد منزل گاهه سامهون مقرر ڪري ڇڏيو ۽ اثر رسوخ هلائي انگريزن پاران منزل گاهه جون عمارتون خالي ڪرڻ تي انهن کي تالا هڻائي ڇڏيائون.
جنهن تي اڳتي هلي مسلمانن مسجد جي بحالي جي تحريڪ ھلائي جنھن ڪري ھنگاما آرائي خونريزي ٿيڻ بعد مسجد منزل گاهه 1940ع ۾ بحال ٿي. مسجد منزل گاهه جي تحريڪ جو ذڪر اڳتي ٻئي مضمون ۾ بيان ٿيندو.

روزاني ايڪتا 10جون 2022ع

حوالا
(1)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 112
(2)- ”ساڳيو“
(3)- ”ساڳيو“، صفحو113
(4)- ”ساڳيو“
(5)- ”ساڳيو“، صفحو 112
(6)- ”محمد ايوب کهڙو“، ڊاڪٽر حميده کهڙو، باب ڏهون
(7)- ”ساڳيو“
(8)- ”ساڳيو“

ساڌ ٻيلو

ايڊووڪيٽ رفيق چاچڙ ۽ سليم مهر جونيئر سان ساڌ ٻيلي لاء پراڻي سکر کان بندر روڊ رستي تي ھلندي، اسان پتڻ جي مک دروازي تي پھتاسين، جنهن جي سامهون سکر جي مشهور مسجد منزل گاهه موجود آهي. درياهه جي چاڙهه کي مد نظر رکندي پتڻ جي گيٽ اونچي ٺهيل آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنهن، تان چڙهي وڃي پتڻ تي پهتاسين. ساڌ ٻيلي جي انتظاميه وارن سان اڳ ۾ ئي ڳالهائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري انتظاميا پاران اجازت ملڻ تي موٽر واري ٻيڙيء تي چڙھي ساڌ ٻيلي روانا ٿياسين، ساڌ ٻيلو بکر جي ٻيٽ جي مقابلي ۾ ننڍو ٻيٽ آهي، ليڪن هتي مندر جي مک عمارت کان سواءِ مندر سان منصوب ٻيون جايون به آهن ۽ ڪافي وڏي ايراضيءَ تي مشتمل آهي، ٻيڙي جيئن ته سنڌو درياهه ۾ هلڻ لڳي ته سکر شھر ۽ سنڌودرياهه جا وڏا خوبصورت نظارا هتي پسڻ لاءِ ملن ٿا، سچ پڇو ته اهڙو منظر پوري ايشيا کنڊ جي ڪنھن به ھنڌ نه ملندو، وچ درياهه ۾ سامهون وڏي وڻڪاري وارو ساڌ ٻيلو، سڄي هٿ تي سکر بيراج جنهن جي پاسن کان نڪرندڙ واهن جو خوبصورت منظر ۽ کٻي هٿ تي ستين جو آستان، لينس ڊائون پل، ايوب پل، بکر جو قلعو ۽ وچ درياهه ۾ درياهه جي هلڪين ڇولين تي سج جا ڪرڻا پون پيا ته ستارن جيان ڇولين ۾ تجليون ۽ ترورا به ڏاڍا دلڪش نظر اچن پيا، پوئتي ڪناري تي سکر شهر جون گنجان عمارتون خوبصورت منظر پيش ڪري رهيون هيون، جن تي هڪ قد آوار چوڪيدار طور مير معصوم شاهه جو منارو ڄڻ ته اڄ به پنهنجو فرض نڀائي رهيو هيو. مطلب ته وچ درياهه مان چوڌاري نظر ڦيرائيندي هر نظر هڪ نئين خوبصروت منظر کي پسي پئي، سکر کي ڏسڻو آهي ته هن هنڌ تان ڏسجي ته مون کي يقين آهي ته يورپ جا نظارا وسري ويندا، اسين ھي سڀ نظارا پسندي اچي ساڌ ٻيلي جي گھاٽ تي پهتاسين. ساڌ ٻيلي ٻيٽ جي چوڌاري پٿرن جي خوبصورت ۽ مضبوط ديوار ڏنل آهي، جنهن جي مک دروازي تي گول مورچا به ٺهيل آهن، مک دروازي وٽ پڪي سنگ مرمر جي ڏاڪڻ به ٺهيل آهي، جنهن ڪري درياهه جو پاڻي ڪيترو به هجي ليڪن مندر تي پهچڻ ۾ آساني رهي ٿي، پٿر جي ٻاهرين پڪي ديوار جو دروازو پار ڪرڻ کان پوءِ مندر جي مک وڏي ونگدار گيٽ آهي، جيڪا تمام خوبصورت ۽ اونچي ٺھيل آهي، ۽ مڪمل سنگ مرمر جي جڙيل آهي، گيٽ جي کٻي هٿ تي ساڌ ٻيلي جو مک مندر ٺهيل آهي، جيڪو پڻ تمام وڏو آهي، ۽ پورو سنگ مرمر سان جڙيل آهي ۽ هن جي ٻاهران مغليه ۽ راجستاني طرز تعمير جيان دروازا دريون پلر ۽ بالڪونيون ٺهيل آهن.
ھن مکيه مندر جي وڏي شاندار حال ۾ بابا بنکنڊي مھراج جي مک مورتي خوبصورت سونھري ڄاري ۾ سجايل آھي، ان کان سواءِ ھن حال ۾ شريمد ڀاڳوت، سکن جو ڪتاب گرو گرنٿ صاحب، ان سان گڏ سريچند بابا، رام ڪرشڻ ۽ ٻين ديوين ۽ ديوتائن جون مورتيون پڻ رکيون ويون آهن. هڪ وڏي مورتيءَ جنھن جو نالو ترلوڪ ناٿ آهي، جڏهن ته ٻيون مورتيون گيڻس، ڪارتڪ، سوام، پارپتي ۽ رشي جون به رکيل آھن. اسان کي ٻڌايو ويو ته جڏهن بنکنڊيءَ مھراج ساڌو ٻيلي جو ٻيٽ وسايو ته اتي تمام وڏو جهنگ هوندو هيو، جنهن ۾ شينهن سميت ٻيا به ڪيترائي جانور رهندا هئا. پوءِ وري ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ ڪري يا ته اهي ساڌو ٻيلو ڇڏي هليا ويا يا وري هوريان هوريان ختم ٿيندا ويا. تنهن ڪري انهن جي يادگار طور، سنگرمرمر جي پٿر مان هڪ شينهن جو مجسمو ٺهرائي مندر جي وچ تي رکيو ويو آهي، جيڪو نهايت خوبصورت نظر اچي ٿو.
هن مک مندر کان سواءِ ٻيون به گهڻيون عمارتون ھتي ٺهيل آهن، جيڪي پڪين سرن سان جڙيل آهن. هنن عمارتن ۾ هڪ ٻه منزله لئبريريءَ جي عمارت به آهي، جنهن جي مٿين منزل تي ڪاٺ جون خوبصورت گئلريون ٺھيل آهن، ساڌ ٻيلو جي انتظاميا جو ھڪ نمائندو اسان سان گڏ ھيو، جنهن ٻڌايو ته هن لئبريريءَ ۾ ٻين ڪتابن سان گڏ هندو ڌرم بابت تمام گهڻا ڪتاب رکيل آهن، جيڪي سنڌيءَ سميت ٻين ٻولين ۾ به آهن. ساڌ ٻيلي ۾ وڏي مندر کان سواءِ اونچي چوٽيءَ وارو ننڍو شو مندر (شوالو) نانگ ديوتا جو مندر پڻ موجود آهي. جو لئبرريءَ کان ڪجهه پرڀرو هتي اٺڪنڊي ديوارن مٿان گول گنبذ ٺھيل آهي، جنهن جي گنبذ مٿان نيل نمان چوٽي به ٺهيل آهي، گنبذ جو رنگ ڳاڙهو آهي ۽ لئبريريءَ جو رنگ به ڳاڙهو آهي، ھي گنمبذ مختلف نظر آيو، جنهن متعلق مون انتظاميا جي نمائندي کان پڇيو ته ھي ڇا آهي؟ ھن وراڻيو ته ھن اندر هڪ پراڻو کوهه آهي، جنهن جو دروازو لوھي گرل سان بند ھو. ٻيون عمارتون پيلي رنگ سان رنگيل ھيون. ھنن جي سامھون هڪ وڏو باغيچو به آهي، ۽ ياترين جي لاءِ رهائش ۽ خوراڪ جو پڻ ھتي وڏو بندوبست ٿيل آهي. اولهه پاسي ڪجهه نيون عمارتون به ٺهي رهيون ھيون، جن جي جديد آر. سي. سي. اڏاوت ٿي رهي ھئي، بهرحال پوري ٻيٽ کي خوبصورتيءَ سان سنيگاريو ويو آهي ۽ هر طرف خوبصورتي ۽ صفائي نظر اچي رهي هئي.
مطلب ته ساڌ ٻيلو مندر جيڪو پري کان سنڌو درياھ جي وچ ۾ هڪ خوبصورت گلدستي وانگر نظر اچي ٿو. هن کي ساڌو ٻيلو به چيو وڃي ٿو ۽ بابا بنکنڊي مھراج جنهن هتي ھن مندر جو بنياد رکيو. تاريخ جي ڪتابن ۾ ان کان اڳ هن ٻيٽ کي شاد ٻيلو سڏڻ ۽ ھتي مير معصوم شاهه جي وقت ۾ ٺھيل ھڪ گنبذ جو ذڪر به ملي ٿو. ۽ اھو به چيو وڃي ٿو ته ٻئي عمارتون ٽالپرن جي دور تائين ميسارجي ويون هيو. ۽ ٽالپرن جي دور ۾ ساڌو بابا بنکنڊي مھراج هتي اچي، هن ٻيٽ تي دوھنين دُکائي ته پوءِ آهستي آهستي ڪيترائي چيلا (ساڌو) اچي بنکنڊي سان گڏ رهڻ لڳا.
اسان کي انتظاميا جي نمائندي ٻڌايو ته جن ڏينهن ۾ بنکنڊي مھراج ھن ٻيٽ تي آستان قائم ڪيو انهن ڏينهن ۾ خيرپور رياست جي والي مير رستم خان ٽالپر کي اولاد نه پئي ٿيو، ته هو بابا بنکنڊي جي آستان تي ساڌ ٻيلو ۾ پهتو، ۽ اولاد لاءِ کيس عرض ڪيو. بابا بنکنڊيءَ دعا ڪئي، جنهن جي نتيجي خيرپور جي والي مير رستم ٽالپر کي اولاد عطا ٿيو. ٻن سالن کان پوءِ والي خيرپور مير رستم ٻن پٽن سان گڏ ساڌ ٻيلي ۾ بابا بنکنڊي جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ بابا وڻکنڊي جي عقيدت ۽ احترام ۾ ساڌ ٻيلي وارو ٻيٽ بابا وڻکنڊي نالي الاٽ ڪري پنهنجي مهر هنئي ۽ اڄ تائين هي ٻيٽ بابا وڻکنڊي جي نالي سان منسوب آهي جيڪو هن جديد دور جي حڪومتن پڻ برقرار رکيو آهي ۽ متروڪ املاڪ واري کاتي پاران ساڌ ٻيلي جي سمورن مندرن، مورتين، لائبررين، ڌرمشالائن، ڀانڊارن ۽ ٻين عبادت وارن هنڌن جي انتظامڪاري جو خيال رکيو وڃي ٿو.
ساڌ ٻيلو تي بنکنڊي مھراج مورتيون کڙيون ڪري مندر جو بنياد رکيو، جنهن کان پوء ھن ٻيٽ کي ساڌو ٻيلو سڏيو ويو. هندو ياتري زيارت لاءِ ھتي ايندا رهيا ۽ ھي مندر وڏو تيرٿ بڻجي ويو ۽ هتي تڪڙي ترقي ٿيندي رهي. هن وقت ٻيٽ تي سنڌ جو هڪ اهم ۽ مشهور مندر موجود آهي، هن مندر جي هندو ڌرم ۾ وڏي مڃتا ۽ تمام گهڻي اهم حيثيت رهي آهي. ساڌ ٻيلي تي مندر جي زيارت لاء ويندڙن ياترين لاءِ صرف ٻيڙي ذريعي وڃڻ جو رستو آهي.
** بابا بنکنڊي مھراج
مهراج بابا بنکنڊيء جو جنم 1763ع ۾ شري رامچند شرما گور برهمڻ جي گهر ۾ ٿيو. سندس پيدائشي نالو ٻالچند َرکيو ويو هو. هن 9 سالن جي عمر ۾ ئي علم حاصل ڪري َبن (جهنگ) ڏانهن رخ ڪيائين. جيئن ته هن جي حياتيءَ جو گهڻي وقت اتي گذاريو هو، ان ڪري سندس نالو ٻالچند مان ڦيرائي ”بنکنڊي“ رکيو ويو. هي هندستان جي پٽيالا رياست جي مهاتما ميلارام کان سکيا وٺي سندس شيوڪ ٿيو. هو پاڻ 1803ع ۾ پنهنجو اباڻو ملڪ نيپال ڇڏي برصغير جا مختلف علائقا بر ٿر ۽ ڪوهستان جاڳي ٽالپرن جي دؤر ۾ روهڙي ۾ آيو. هو ذات جو برهمڻ ۽ اداسي پنٿ هو، ”اداسي پنٿ“ مڃڻ وارو سڄي عمر شادي نه ڪندو آهي. هي اچي روهڙيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ بابابنکنڊي مهراج 60 سالن جي عمر ۾ سال 1823ع ۾ هن ٻيٽ تي اچي ڌوڻي قائم ڪيائين. جنھن کان پوءِ ٻيا ساڌو به اچي ساڻس گڏ ٿيا، هن ماڻهن کي ڪنهن به خاص پوڄا جي هدايت نه ڪئي، ان جي برعڪس هر ڪنهن کي آزادي هئي. ان جو پتو هن مان به ملي ٿو ته بنکنڊي مهراج جي آستاني ساڌ ٻيلي ۾ اڄ تائين ڪيترن ئي قسمن جا مندر جوڙيل آهن، جن مان ديوي ماتا مندر، شو مندر (شوالو)، گڻيش مندر، هنومان مندر، وشنو مندر ۽ بابا سريچند جو مندر موجود آهن. بابا بنکنڊي مهراج سؤ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن وقت ساڌ ٻيلو سنڌ ۾ هندو ڌرم وارن جو اهم تيرٿ آهي.
بابا بنکنڊي صاحب کان پوءِ جيڪي به ساڌو ٻيلي جا گادينشين ٿيندا رهيا، جن کي ”گادي سر“ سڏيو ويندو آهي. ھن مندر جي ترقي ٿيندي رھي، ياترين جي رھائش ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ عمارتون ٺهرايون ويون. اڳتي ھلي ورهاڱي کان پوءِ وارن ڏينهن تائين، ساڌو ٻيلي جو گادينشين سوامي هرنام داس هيو، جيڪو سدائين عام عوام جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪندو رهندو هيو. سندس دور ۾ ساڌو ٻيلي کي گهڻو سڌاريو ۽ سينگاريو ويو. ٻيٽ جي چئني پاسن کان سنگ مرمر جا گهاٽ ۽ پٿرن جي مضبوط ديوار ٻڌائي وئي ته جيئن درياهه جو پاڻي ٻيٽ ۽ مندر کي کاڌ نه ڪري سگهي. هن مندر جي شاندار لائبريري ۾ خاص ڪري هندو مذهب بابت سوين ڪتاب ۽ رسالا رکيا ويا آهن. اهي ڪتاب سنڌي، هندي، سنسڪرت، انگريزي، اردو ۽ ڪجهه ٻين ٻولين ۾ لکيل آهن. ساڌ ٻيلي ۾ هر جمعي تي هڪ خاص ڏڻ ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾خاص ڪري اتر سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان هندو ڀائي شريڪ ٿيندا آهن، ۽ سندن روحاني تربيت ڪئي ويندي آهي. ۽ هر سال جون مهيني جي وچ ڌاري بابا بنکنڊي چند شرما جي ورسي ملهائي ويندي آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا کان هزارين ياتري شامل ٿيندا آهن. انهن مان اڪثر ياتري پنهنجن گهرن کان ڪڻڪ ڀڃي کڻي ايندا آهن، جنهن کي ”ستو“ چيو ويندو آهي. سڀئي ياتري ستو کائي ۽ چانهه پي مندر جي اڱڻ تي ڳائيدا وڄائيندا ۽ خوشيون ملهائيندا آهن. اهي پوڄا هندو سناتن طريقي موجب ڪندا آهن، ۽ سنڌو درياهه مان مور جا کنڀ ٻوڙي هڪ ٻئي کي هڻندا آهن ۽ هٿ کڻي ترشي نمشڪار جو اشارو ڪندا آهن.
* سادو ٻيلو بابت رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته:
”نئين سکر سامهون سنڌو درياهه ۾ ٻه ننڍا ٻيٽ آهن، جن کي اڳ شاد ٻيلو ۽ دين ٻيلو سڏيو ويندو هو، هتي کجين جي وڻن جا جڳٽا هئا، شاد ٻيلي تي پهرين عمارت مرزا شاهه حسن ارغون جوڙائي هئي ۽ اڪبري دور ۾ نواب مير محمد معصوم هڪ گنبذدار عمارت ”ستياسر“ دين ٻيلي تي ٺهرائي هي عمارت کجين جي جھڳٽن اندر پري کان تمام خوبصورت منظر پيش ڪندي هئي، ۽ هي عمارت تفريح گاهه طور ٺهرائي وئي هئي.“(1) مٿين ٻنھي عمارتن جو موجوده دور ۾ ڪو وجود نه آهي.
* مولائي شيدائي صاحب ھي به لکيو آهي ته: ”سن 1823ع ۾ جڏهن مير سهراب خان جي پٽ مير رستم خان مٿيان ٻئي ٻيٽ سکر ۽ بکر سميت شڪارپور جي درانين کان فتح ڪيا. ان وقت ۾ هندستان کان هڪ سيلاني بنکنڊي مهراج هن شاد ٻيلي ٻيٽ تي آيو، هن سڄي سنڌ جو سفر ڪيو هو ليڪن هن کي هيءَ جاءِ وڻي ويئي ۽ هن ٻيٽ تي دونهين دکائي ويٺو، بنکنڊي مهراج جي پيدائش 1962ع ۾ ڪرو ڪيشتر (ڪرنال) ۾ ٿي هئي ۽ پاڻ ساڌن جي اداسين فرقي مان هو ۽ 58 سالن جي عمر ۾ سنڌ آيو. 1838ع ۾ پهرين افغان ويڙهه وقت انگريزن بکر ۽ سکر تي قبضو ڪيو ته ملٽري لاءِ جايون ٺاهڻ لاءِ سندن ٺيڪيدار اڪثر هندو هئا جن جي مدد سان شاد ٻيلي ۾ ورکندي مهراج پٿر جا بت ٺهرائي کڙا ڪيا، جنهن ڪري هي شاد ٻيلو ڦري ساڌ ٻيلو سڏجڻ لڳو.“(2) ھن مندر کي اداسين جو آشرم به سڏيو ويندو هو ۽ هي اهم تيرٿ بڻجي ويو، 1862ع ۾ سوامي ورکنڊي پرلوڪ پڌاريو ته سندس گادي ٻين سنڀالي ۽ پوءِ 1883ع ۾ انگريزن سکر کي ضلعو ٺاهيو ته هندن اثر هلائي هتي عمديون عمارتون تعمير ڪرايون، 1893ع ۾ سکر جي ھڪ واپاري جو پٽ سوامي هرنامداس ساڌ ٻيلي جي گاديءَ تي ويٺو ته هن ٻيٽ تي سنگمرمر جو اعليٰ شان مندر تعمير ڪرايو، ٻيٽ جي گهاٽ تي به سنگمرمر جو وڏو گيٽ ٺهرايو ۽ ٻيٽ کي چوڌاري پٿر جي ديوار ڏياري جنهن ۾ ننڍو ٻيٽ دين ٻيلو به ديوار جي اندر ڪرائي ڇڏيو. ان سان گڏ ياترين جي اچڻ لاءِ مستقل پتڻ مسجد منزل گاهه سامهون مقرر ڪري ڇڏيو ۽ اثر رسوخ هلائي انگريزن پاران منزل گاهه جون عمارتون خالي ڪرڻ تي انهن کي تالا هڻائي ڇڏيائيون.(3)
* بکر کان لهواري طرف وڻن سان گِهريل سهڻو ٻيٽ سنڌ جو شايد سڀ کان سهڻو تيرت آستان آهي. ساڌ ٻيلي جي تاريخ گهڻي پراڻي ناهي پر مسلمانن جي اها دعوا ته ساڌ ٻيلو اصل ۾ شاد ٻيلو يا سعيد ٻيلو هو، اجائي لڳي ٿي ڇاڪاڻ ته اها دعوا سؤ سيڪڙو مفروضي تي ٻڌل آهي.(4) بدر ابڙو صاحب پنهنجي ھن موقف بابت ڪو به دليل نه ڏنو آهي.
* بدر ابڙو صاحب لکي ٿو ته "چون ٿا ته بنکنڊي مهاراج نيپال ملڪ کان آيو، جتي سندس ڌُوڻي آهي. سندس گرو هندستان جي رياست پٽياله ۾ هو. بابا بنکنڊي جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن سندس عمر 60- سالن جي لڳ ڀڳ هئي . اهو ٽالپرن جو دور هو. چون ٿا ته مير سهراب خان اڪثر هن ساڌوءَ سان ملڻ ايندو هو. ساڌ ٻيلي ۾ بڙن جا ٽي وڻ هنيا ويا جن جا نالا برهما، مهيش ۽ وشنو رکيا ويا ان سان گڏوگڏ هوريان هوريان ڪالي، شو، گڻيش ۽ هنومان جا مندر ٺاهيا ويا. ڇاڪاڻ ته بکر ۽ روهڙيءَ جي وڏي آبادي هندن تي ٻڌل هئي ۽ ميرن جا وزير ۽ شهر جا شاهوڪار سيٺيون هندو هئا، تنهن ڪري ساڌ ٻيلي ترقي وٺڻ ۾ دير نه ڪئي. خود مير سهراب خان ۽ پوءِ انگريزن هيءُ ٻيٽ تيرٿ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. شروع شروع ۾ هيءُ تيرٿ هندو ياترين لاءِ آشرم ۽ اَجهي طور ڪتب آندو ويو، ليڪن پوءِ پاڻ به هوريان هوريان تيرٿ ٿي ويو." بدر ابڙو صاحب ھي به لکيو آهي ته " چون ٿا ته مير سهراب خان اڪثر هن ساڌوءَ سان ملڻ ايندو هو. ساڌ ٻيلي ۾ بڙن جا ٽي وڻ هنيا ويا جن جا نالا برهما، مهيش ۽ وشنو رکيا ويا ان سان گڏوگڏ هوريان هوريان ڪالي، شو، گڻيش ۽ هنومان جا مندر ٺاهيا ويا. ڇاڪاڻ ته بکر ۽ روهڙيءَ جي وڏي آبادي هندن تي ٻڌل هئي ۽ ميرن جا وزير ۽ شهر جا شاهوڪار سيٺيون هندو هئا، تنهن ڪري ساڌ ٻيلي ترقي وٺڻ ۾ دير نه ڪئي. خود مير سهراب خان ۽ پوءِ انگريزن هيءُ ٻيٽ تيرٿ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو.“(5)
مون ساڌ ٻيلو تفصيلي ڏسڻ کان پوءِ ان بابت مختلف ڪتابن پڙهڻ کان سواءِ سکر جي مختلف ھندو ۽ مسلم ساڃاھ وندن کان به معلومات حاصل ڪري ان نتيجي تي پهتو آهيان، ته ساڌو ٻيلي تي بنکنڊي مھراج جي اچڻ کان اڳ واري دور ۾ ڪا عمارت يا گنبذ تعمير ٿيا به ھئا، ته اھي وقت گذرڻ سان گڏ ختم ٿي ويا، ساڌو ٻيلو بنکنڊي مھراج جي اچڻ کان پوءِ ساڌن جي گڏ ٿيڻ سان آباد ٿيو آهي، ۽ انھن جي ئي نالي سان سڏجي ٿو.
اصل ۾ ھن ٻيٽ جي خوبصورتي آهي، جيڪا ضرور ڏسڻ وٽان آهي. ھن ٻيٽ جو ھرھڪ منظر منفرد ۽ دلڪش آهي. ڇو ته سنڌو درياهه جي وچ ۾ وڏي وڻڪاريء اندر مختلف رنگن وارين عمارتن ۽ باغن سان سينگاريل آهي، جنهن ڪري پري کان سنڌو درياھ جي وچ ۾ هڪ خوبصورت گلدستي وانگر نظر اچي ٿو. اندر به خوبصورت عمارتون، وڻڪاري، صفائي سٿرائي ۽ پرسڪون ماحول آهي، جنھن ڪري جيڪي به گھڙيون ھتي گذريون ڏاڍيون راحت بخشيندڙ ھيون. ساڌ ٻيلو سنڌ ۾ هندن جي انهن تمام ٿورن تيرٿ آستانن مان هڪ آهي، جتي مسلمان نٿا وڃن. نه ته لڳ ڀڳ هر تيرٿ مسلمانن لاءِ ساڳي اهميت جو ماڳ آهي. اڄڪلهه ڪنهن به غير هندوءَ کي ساڌ ٻيلي ڏانهن وڃڻ کان اڳ مقامي انتظاميه ۽ پنچائت کان اجازت نامو وٺڻو پوي ٿو، البت سِک مت وارا سولائيءَ سان وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته ”سريچند“ جي نالي سان به هتي هڪ مندر آهي، ۽ سريچند سکن جي وڏي پشوا ”گرونانڪ“جو وڏو پٽ ۽ اداسي پنٿي هو. هونئن به سنڌ جا سک هندو ڌرم جو حصو سمجهيا وڃن ٿا.
انتظاميا کي گذارش ڪجي ٿي ته سنڌو درياهه جي ھن خوبصورت ٻيٽ تي هڪ اهم ۽ مشهور تيرٿ مندر موجود آهي، جنهن مندر جي هندو ڌرم ۾ وڏي مڃتا ۽ تمام گهڻي اهم حيثيت رهي آهي. ان جي باوجود ساڌ ٻيلي تي مندر جي زيارت لاءِ ايندڙ ياترين لاءِ صرف ٻيڙي ذريعي وڃڻ جو رستو آهي، جيڪو تمام خطرناڪ پڻ آهي، خاص طور درياھ جي چاڙهه واري موسم ۾ وڌيڪ خطرناڪ آهي، ۽ ان موسم ۾ ھر سال جاني نقصان ٿين ٿا، جنهن کي ماتا جي بلي جو رنگ ڏنو وڃي ٿو، ان لاءِ ڪو بھتر بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آھي، ۽ ھن تيرٿ ۽ خوبصورت ٻيٽ تي سياحن ۽ ساڃاھ وندن جي لاءِ کوليو وڃي.

روزاني ايڪتا 17 جون2022ع

حوالا
(1)- ”تاريخ سکر“ رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو114
(2)- ”ساڳيو“ صفحو157
(3)- “ساڳيو“، صفحو158
(4)- ”سنڌوءَ جو سفر- ساڌ ٻيلو“، بدر ابڙو، سنڌ سلامت ڪتاب گهر.
(5)- ”ساڳيو“

نئين سکر جي تعمير

پراڻو سکر اڄ به پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهي، جيئن ته پراڻو سکر شھر بکر قلعي تي مغل شهنشاهي دور جي حاڪمن جي دور ۾ آباد ٿيو. ھن کان پهرين مضمونن ۾ پراڻي سکر جي شروعاتي دور جو ذڪر ڪري آيو آهيان، جنهن ۾ بکر جي قلعي جي اهميت ۽ مشهوريءَ جو به ذڪر ٿيل آهي، ته جڏهن بکر قلعو اتر سنڌ جي گادي جو هنڌ بڻجي ويو ته سندس آبادي به وڌڻ لڳي ۽ بکر جو قلعو ۽ ٻيٽ محدود ھجڻ ڪري سندس سامھون سکر پاسي به سرڪاري ۽ ٻيون پڪيون جايون ٺھڻ شروع ٿيون ۽ شھر آباد ٿي ويو. ٻارھين صدي عيسويءَ کان پراڻو سکر درياهه جي اولهندي ڪناري تي واپاري سرگرمين سان ڀرپور دريائي بندر ھوندو ھو ۽ زرعي جنسن جي واپار جو وڏو مرڪز ھيو.
جنهن کي ھاڻي پراڻو سکر سڏيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ مغل شهنشاهي دور ۾ ئي نئي سکر واري پاسي تي تاريخي عمارتن جي اڏاوت شروع ٿي، پھرين مير ابوالقاسم نمڪين جڏهن بکر جو حاڪم مقرر ٿيو، ته هن تعيراتي ڪم ڪرايا، ھن مسجدون ۽ عيد گاهه ٺھرايا جيڪي هاڻي بلڪل مٽجي چڪا آهن، صرف سندس ھڪ اهم يادگار ”صفه صفا“ ستين جو آستان اڄ به روھڙيء پاسي درياھ جي ڪناري موجود آهي. ان کان پوءِ نئين سکر جي ھڪ اونچي پھاڙي تي مير معصوم شاهه پنھنجي حڪومت ۾ سکر جي سڀن کان نمايان ۽ اھم تاريخي ماڳ مير معصوم شاهه جي مينار تعمير ڪرايو ۽ ان جي ڀرسان خوبصورت گنبذ تعمير ڪرايو، نئي ۽ پراڻي سکر جي وچ تي ھڪ شاندار مسافر خانو به مير معصوم شاهه صاحب تعمير ڪرايو، جيڪو موجودہ ڊسٽرڪٽ جيل سکر ڀرسان ھيو. ان کان سواءِ مير معصوم شاهه ٻين تاريخي ماڳن سان گڏ سنڌو درياهه جي منزل گاهه واري پتڻ سامھون مسافر خانو ۽ مسجد جي به تعمير ڪرائي ۽ سندس پٽ ھنن عمارتن ڀرسان مسافرن جي آرام ۽ سھولت لاءِ باغ ٺھرايو. جنھن کان پوءِ غلام شاهه ڪلھوڙي پنھنجي دؤر ۾ آدم شاهه جو مقبرو تعمير ڪرايو ۽ ان کان سواءِ شاهه لطيف جو اوتارو پڻ تعمير ڪرايو، جنھن جو ھاڻي وجود نه رھيو آھي. ان کان پوءِ انگريزن جي اچڻ تائين سکر ۾ ڪائي به قابل ذڪر تعمير نه ٿي سگهي. چيو وڃي ٿو ته انگريزن جي اچڻ وقت به معصوم شاهه جي مناري ۽ منزل گاهه جي وچ تي صرف جھنگ ھيو.

* ٽالپرن جي دؤر ۾ سکر
سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت کان پھرين ڪلھوڙن جي دور ۾ ئي شڪارپور ۽ ان جي آسپاس اتر سنڌ جا علائقا افغانستان جي ماتحت ھئا، جنھن تي دوراني گورنر حڪومت ڪندا هئا ۽ ھن پوري علائقي کي مغولي سڏيو ويندو هو، بکر جو قلعو به انهن جي قبضي هيٺ هو.
ٽالپرن 1783ع ۾ ڪلھوڙن کي شڪست ڏئي سنڌ جون واڳون سنڀاليون، ليڪن ٽالپر به ڪلهوڙن وانگر ڪابل کي ڍل ڀريندڙ هئا، ڪجھه وقت کان پوءِ ٽالپرن سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ته خيرپور رياست مير سهراب خان ٽالپر جي حصي ۾ آئي. بکر ۽ شڪارپور به سھراباڻين کي ويجھو ھئا. ”جڏهن 1793ع ۾ تيمور شاهه وفات ڪري ويو ۽ زمان شاهه تخت تي ويٺو ته ان وقت بکر قلعو سکر، شڪارپور ۽ آسپاس جي ٻين علائقن کي سري جو مغولي علائقو سڏيو ويندو هو، جنھن تي افغانستان جي ماتحت دراني حڪومت ڪندا هئا.
ان تي مير سهراب خان جي پٽن مير رستم خان ۽ مير مبارڪ خان سکر ڀرسان دورانين سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي، ھنن علائقن تي پنھنجو قبضو ڪيو، فقط شڪارپور مٿان ڪابل پاران نائب حڪومت ڪندو هو، پوءِ 1824ع ۾ شڪارپور تي به ٽالپرن قبضو ڪيو.“ (1)
ٽالپرن جي دور ۾ سکر جي علائقي ۾ خوشحالي هئي هتي جون زمينون ۽ باغات خوشحالي جو وڏو سبب هئا، ۽ ميرن هتي آبپاشي بھتر بنائڻ لاءِ واهه کوٽايا هئا، جيڪي اڄ به ميرواهه سنڌجن ٿا.
انگريزن ھندستان جي پوري ملڪ کي فتح ڪرڻ بعد ”وائسراءِ لارڊ آڪلنڊ ڪابل سان جنگ ڪرڻ لاءِ رنجيت سنگهه ۽ شاهه شجاع سان عهد نامو ڪري بمبئي ۽ بنگال جي لشڪر کي تيار ڪيو، جن کي سنڌ مان لنگهڻو هو ان لاءِ وائسراءِ پنھنجي پاران اليگزينڊر برنس کي 25 ڊسمبر 1838ع تي مير رستم خان ڏانهن موڪليو جنهن مير صاحب سان زبردستي معاهدو ڪيو ته بکر جو قلعو فوجي مقصدن لاءِ انگريزن وٽ رهندو، جنهن کي افغان جنگ کان پوءِ انگريز خالي ڪندا.“ (2)
بکر جو قلعو انگريزن جي هٿ اچڻ ڪري پراڻو سکر به سندن قبضي ۾ اچي ويو ۽ نئين سکر جي ٽڪرين تي به فوجي بيرڪون ۽ ڇاوڻيون اڏجي ويون.
انگريزن بکر قلعو هٿ ڪري ان ۾ هٿيار ٺاهڻ ۽ بارود ٺاهن جا ڪارخانا قائم ڪيا جن جو انچارج ليفٽيننٽ جان جيڪب هئو، جنهن بعد ۾ جيڪب آباد شهر ٺاهيو.
** ”نئين سکر“ جي نئين تعمير 1843ع کان شروع ٿي، جڏهن انگريزن پوري سنڌ تي قبضي بعد سکر کي فوجي لشڪر جو هيڊ ڪوارٽر بڻايو. انهيءَ کان اڳ رياست خيرپور جي ميرن جي اجازت سان هتي هڪ فوجي ڇانوڻيءَ جو قيام عمل ۾ آيو هو، انگريزن جي قبضي ۾ پراڻو سکر هو، نئين سکر جو وجود بعد ۾ ٿيو.
انگريزن سکر جي فريڪ هل تي فوجن لاءِ بريڪون تعمير ڪرايون، جتي 18000 فوجن کي سکر ڇاوڻيءَ ۾ آرام ڪرڻو هئو، جن جو ٺيڪو آغا خانين جي امام آغا خان حسن علي جي مريدن خواجن، ميمڻن، پارسين ۽ هندو سيٺين کي ٺيڪن جا ڪم مليا، جن پنهنجي رهائش لاءِ نئين سکر ۾ ڪچا گهر ٺاهي ويٺا ۽ سرڪاري پڪا دفتر اسپتالون ۽ رهائشي بنگلا تعمير ٿيا.بکر ۽ آسپاس علائقي جي هندن معصوم شاهه جي ميناري کان هيٺ جهوپڙن ۾ سيڌي سامان جا دوڪان کوليا، جنهن ڪري هنن دوڪانن کي ڇپري بندر سڏيو ويو، جنهن ۾ وقت سان گڏ واڌارو ۽ ترقي ٿيندي ويئي هيئنر اها مک ڪپڙي جي بازار آهي.
ان کان اڳ معصوم شاهه جي مناري کان ھيٺ گھاٽو جھنگ هو ۽ خوفناڪ جانور به اتي رهندا هئا. انگريزن انهيءَ جھنگ کي ڪٽرائي صاف ڪيو ۽ اتي هنن ملٽريءَ جو مرڪز قائم ڪيو، جنهن بعد آبادي وڌندي وئي ۽ هي شهر تعميري ترقيءَ تي گامزن ٿيو. عاليشان محلاتون، پهاڙين تي سرڪاري دفتر ۽ رهائشگاهون تعمير ٿيون. 1845ع ڌاري هڪ مهلڪ بيماريءَ منهن ڪڍيو، جنهنڪري 500 کان وڌيڪ فوجي مري ويا. اهو ڏسي چارلس نيپئر باقي فوج کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو.
1842ع ۾ سکر شهر شڪارپور ضلعي ۾ هو ۽ اڪثر چيو وڃي ٿو ته 1883ع ضلعي هيڊ ڪوارٽر بڻيو. ليڪن پير علي محمد راشدي سکر ضلعي ھيڊ ڪوارٽر ٿيڻ جو سال 1901ع لکيو آهي. جنھن لاء پير علي محمد راشدي صاحب لکي ٿو ته: ”سنڌ تي انگريزن جي قبضي بعد به سکر ضلعو پهريائين شڪارپور ضلعي جو هڪ حصو هو. 1901ع ڌاري، شڪارپور ضلعي کي ختم ڪري، منجهانئس ٻه ضلعا ٺاهيائون، يعني سکر ۽ لاڙڪاڻو. سکر جي ڪليڪٽرن جو ٻاٻو آدم ڪرنل ميهو هوندو هو، جنهن سڀ کان پهرين سکر کي ٺاهي ۽ سينگاري، موجوده صورت وٺرائي.“(3)
سکر ضلعو ٺهڻ کانپوءِ سکر جي وڌيڪ ترقي ٿي ۽ شڪارپور جي تجارت به گھڻي ڀاڱي سکر ۾ منتقل ٿي. ليڪن ان کان اڳ به انگريز حڪومت سکر جي ترقي لاءِ اھم تاريخي منصوبا عمل ۾ آندا، جن ۾ سب کان پهرين سنڌو درياهه رستي جديد جھاز راني قابل ذڪر آهي.
* انگريزن پوري برصغير تي قبضي کانپوءِ جديد جهاز رانيءَ جي شروعات سنڌ مان ڪئي. ھنن سنڌو درياھ ۾ پهريون وڏو ٻيڙو ”انڊس“ ته 1835ع ڌاري هلايو ويو، پر ان کان پوءِ انگريزن (Planet) ۽ (Satellite) نالي ٻه ٻيا ٻيڙا سنڌو درياھ ۾ هلايا. انهن ٽنهي ٻيڙن کي انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ وقت استعمال ڪيو هو. سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ انگريزن سنڌو درياھ ۾ هڪ ننڍو جهاز بيهاري ڇڏيو، جنهن لاءِ نيويءَ جو هڪ آفيسر به مقرر ڪيو ويو.
* سنڌو درياھ ۾ ٻيڙين وسيلي آمد رفت ۽ وڻج واپار اوائلي دور کان جاري رهيو آهي. پر سنڌوءَ ۾ جديد جهاز رانيءَ جي ابتدا انگريزن جي دور ۾ ٿي. 1852ع ڌاري انگريزن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين پاڻيءَ جو هڪ ننڍو جهاز هر پندرهين ڏينهن ٽپال لاءِ استعمال ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت سرڪاري سطح تي برصغير ۾ ٽپال جي ابتدا به سنڌوءَ درياھ وسيلي سنڌ مان ڪئي وئي.
جڏهن انگريزن سنڌو درياھ کي واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان لاءِ سڀ کان پهريائين 1856ع ڌاري ”Oriental Inland Steam Company“ قائم ڪئي وئي ۽ ان ڪمپنيءَ کي برطانوي سرڪار ساليانو 50 هزار روپيا سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان ڪمپنيءَ اڍائي لک پائونڊ جي سيڙپڪاريءَ سان برصغير ۾ ’اسٽيم ٽرين‘ هلائڻ جو برطانيا سرڪار سان ٺاهه ڪيو، ليڪن بد انتظامي جي ڪري ترت ئي ان ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ ان 1869ع ڌاري پنهنجو ٻيڙو وڪرو ڪري ڇڏيو. 1859ع ڌاري انگريز سرڪار جي ڪوشش سان ”Indus Steam Flotilla“ جي نالي سان ڪمپني ٺاهي وئي ۽ ان ڪمپنيءَ کي انگريز سرڪار ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ تعمير هيٺ ريلوي لائين وڇائڻ ۾ مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سمنڊ وٽ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي سطح مٿي هئڻ جي ڪري انگريز سرڪار سنڌ جي قديم شهر جهرڪ ۾ ’انڊس اسٽيم فلوٽيلا‘ جو بندرگاھ ٺاهيو، جيڪو برطانيا سرڪار پاران سنڌ ۾ قائم ٿيل پهريون بندرگاھ آهي. ان دور ۾ جهرڪ ويجهو سنڌو درياھ انتهائي گهرو هو، تنهن ڪري اتان جهاز جي آمد رفت آسانيءَ سان ٿي پئي سگهي. بندر ٺهڻ ڪري ”جهرڪ“ شھر تمام گهڻي ترقي ڪئي. انڊس فلوٽيلا تي جهرڪ ۾ سامان چاڙهڻ کان اڳ ٻاهران ايندڙ سامان ڪراچي ڪياماڙيءَ تي لاٿو ويندو هو، جتان اهو سامان سنڌ، پنجاب ۽ سرحد ڏانهن درياھ وسيلي موڪليو ويندو هو. سنڌو درياھ ۾ هلندڙ وڏا جهاز ڪوئلي تي هلندا هئا ۽ اهي ملتان ۽ اٽڪ کان ٿي ڪالاباغ واري هنڌ تائين ويندا هئا. 1859ع ڌاري ڪراچي هاربر کان گذريءَ تائينءَ پٽڙي وڇائجي وئي. جنهن بعد ڪياماڙيءَ کان سامان ريل رستي گذري، ڪراچيءَ تائين ايندو هو، اتان ٻيڙين ۾ وجهي سمنڊ وسيلي انڊس ڊيلٽا وارو رستو وٺي جهرڪن تائين پهچايو ويندو هو.
* انڊس اسٽيم فلوٽيلا بابت نامور تاريخدان مولائي شيدائيءَ پنهنجي ڪتاب ’تاريخ سکر‘ ۾ لکيو آهي ته: ”انهن ڏينهن ۾ ’انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ‘ جا جهاز مهراڻ جي ڊيلٽا مان ملتان مال ڍوئيندا هئا، جن سان فلاٽون ٻڌندا هئا. مال آڻيندا هئا، جيڪو ڪراچيءَ کان ولايت ويندو هو ۽ ولايتي مال سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن کي پهچندو هو. آگبوٽن ۾ ڪاٺيون ٻرنديون هيون، جن جي کڻڻ لاءِ مهراڻ جي ڪپ تي اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، وري جيڪي شهر بندر هئا، اتي ٽرئفڪ ايجنسيءَ جا دفتر کوليا ويا. سکر ۾ مسجد منزل گاهه واري هشت پهلو عمارت ۾ ٽرئفڪ جي آفيس کولي وئي هئي، ان کان اڳ ۾ ٻيڙين وسيلي جيڪو اناج سکر پهچندو هو، سو وڻن هيٺيان ڍڳ ڪري رکندا هئا. مگر انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جي باقاعدي سروس کلڻ کان پوءِ بندر تي ريلوي ڦاٽڪ لڳ هڪ وڏو گدام مال رکڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو، جيڪو وقت گذرڻ کان پوءِ نواب فئڪٽري ۾ بدلجي ويو، سکر بندر تي هيءُ پهريون گدام هو. 1858ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جو هيڊ ڪوارٽر ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو. سنڌ ۽ پنجاب کان ايندڙ مال ڪوٽڙيءَ ۾ لهندو هو ۽ هتان ريل گاڏين ۾ چاڙهي ٻين هنڌن ڏانهن موڪليو ويندو هو. هن بندر تي هزارين مزدور ڪم ڪندا هئا. جهازن جي گودي به ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ٿي آئي. انهيءَ سموري عرصي دوران ڪوٽڙي بندر کي وڏي اهميت ملي ۽ ڪوٽڙي سنڌ جو بمبئي بندر بڻجي ويو.“ (4)
انگريزن جي دور ۾ پھريون وڏو منصوبو سکر ۽ روھڙيءَ کي ريل رستي ملائڻ لاءِ لينسڊائونس پل، سکر بيراج جنھن کي لائڊ بيراج جو نالو ڏنو ويو سو به برٽش دور ۾ ٺھيو جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي سسٽم کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ان کان سواءِ تعليمي ادارا، بجلي گهر، سکر ريلوي اسٽيشن، روھڙي ريلوي اسٽيشن، ڪارخانا ۽ فيڪٽريون جن سان سکر جي صنعت ۽ تجارت جي وڏي ترقي ملي. انگريز دور جي مک ترقياتي منصوبن جو تفصيلي احوال اڳتي هلي الڳ الڳ لکبو.

روزاني ايڪتا 2 جولاءِ 2022ع

حوالا
(1)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 140
(2)- “ساڳيو“ صفحو 143
(3)-”اھي ڏينھن اھي شينھن“، پير علي محمد راشدي، صفحو51- 52
(4)- ”تاريخ سکر“، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو 159

سکر انگريزن جي دور ۾

سکر شھر انگريزن جي دور ۾ گھڻي ترقي ڪئي، ليڪن دور ۾ سنڌي ھاري، مزدور خاص طور اٺن جي قافلن ذريعي مال برداري کي نقصان پھتو، ٻھراڙيءَ جو سنڌي نئين ھنر ۽ ترقيءَ کي سمجھي نه سگھيو ۽ شھرن کان پري رھيو جنھن ڪري سندن وڏو معاشي نقصان ٿيو. جيئن ته انگريزن جي وقت ۾ سڄو برصغير ھڪ ملڪ ھو، انگريزن واپار ۽ صنعت جي ترقي لاءِ سنڌ کان ٻاهران مزدور ۽ ڪاريگر گھرائي ھتي آباد ڪيا.
انگريزن جي دور ۾ سکر ۾ ٿيل اھم اڏاوتن ۽ ادارن جون خاص تاريخي حقيقتون اوھان جي سامھون رکجن ٿيون.

* سکر ۾ ريلوي جي آمد
ڊسمبر1855ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ سرڪار وچ ۾ ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي شھرن کي ريلوي لائين ذريعي جوڙڻ جو معاهدو ٿيو جنھن جو مقصد واپار کي ھٿي وٺائڻ ھيو ان لاءِ ھڪ سنڌ ڪمپني نالي ڪمپني جوڙي وئي.
ان ريلوي لائين جي پيڙھ جو بنياد 29 اپريل 1858ع تي سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر رکيو ۽ اھا لائين 13 مئي 1861ع تي تياري ٿي کولي وئي رستو ھڪ طرفو ھيو پٽڙي جو معيار ماپو 5 فوٽ 6 انچ ھو ان کان پوء ٻيو قدم ڪوٽڙي سکر جي وچ ۾ ريلوي لائين جوڙڻ، ان کان علاوه ملتان لاھور امرتسر لائين رڪ کان سبي ان ڪم لاء مختلف ڪمپنيون جوڙيون ويون ھيون، جن ۾ سنڌ ريلوي پنجاب ريلوي دھلي ريلوي پنجاب نادرن اسٽيٽ ريلوي انڊس فلوٽيلا ڪمپني انڊس ويلي ريلوي اسٽيٽ ريلوي ايسٽرن سيڪشن آف سنڌ ساگر ريلوي سائوٿ سيڪشن آف سنڌ پشين ريلوي ۽ قنڌار اسٽيٽ ريلوي، انھن سڀني ڪمپنين کي حڪومت 1جنوري 1886ع تي پنهنجي ھٿ ۾ کڻي ان کي نادرن ويسٽرن ريلوي نالو ڏنو.
1879ع ۾ ريلوي لائين ڪوٽڙي کان براسته دادو لاڙڪاڻو سکر پهتي ۽ مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي روھڙيءَ کان خانپور پنجاب تائين ريلوي لائين چالو ٿي. ان وقت روھڙي جي ريلوي اسٽيشن جنهن کي بندر اسٽيشن سڏيو ويندو، جتي ھڪ ويٽنگ روم به جڙيل ھئو، اھا ڀائي وسڻ رام جي باغ وٽ ھئي يعني ستين جي آستاني کان اولهه طرف ساڌ ٻيلي جي سامهون ۽ سکر جي ريلوي اسٽيشن وري بندر روڊ تي موجده گونگن ٻارن جي اسڪول جي سامهون ھئي ۽ بندر روڊ تي پٿر واري گودي ريلوي لوڪو شيڊ ھئي سکر بندر اسٽيشن تي جڏھن ريل گاڏي ايندي ھئي، تڏھن اھا ھڪ انجڻ ۽ اٺ گاڏن تي مشتمل ھوندي ھئي ان وقت روھڙي ۽ سکر وچ ۾ درياه تي اڃان پل نه جڙي ھئي، جنھن ڪري ڪري ڪمپنيءَ ريلوي گاڏي کي روھڙي پهچاڻڻ لاءِ وڏا پاڻي جا ٻيڙا ٺھرايا ھيا جن تي مال سميت گاڏا ۽ انجڻ چاڙھي روھڙيءَ واري پاسي موڪليا ويندا ھئا جتان اھا ساڳي ٽرين جڙي پنجاب ڏانهن ويندي ھئي اھڙيءَ طرح روھڙيءَ کان ٽرين ٻيڙن ذريعي ايندي ھئي جيڪا اڳتي ڪراچيءَ ويندي ھئي 27 مارچ 1889ع ۾ لئنسڊائون پل جڙي ان جو افتتاح بمبئي جي گورنر لارڊ ري ڪيو ۽ اھڙي طرح سکر روھڙي جو ريلوي لائين ذريعي رابطو جڙي ويو، جنهن ڪري بندر اسٽيشن سکر کي مال گدام ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ پٿر گودي واريءَ لوڪو شيڊ ۾ريلوي جون آفيسون جڙي ويون ۽ عارضي سکر ريلوي اسٽيشن موجده جڳهه تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو 1891ع ۾ موجده وڏي ريلوي اسٽيشن سکر جي جوڙي وئي اھڙي طرح ستين جي آستان واري اسٽيشن کي بند ڪري روھڙي واري اسٽيشن پهاڙيءَ کي ڪٽي جتي اڳ رضوي بکري سيدن جو قبرستان ھو اتي ٺاھي وئي.
1882ع آدم شاه جي ٽڪري ھيٺان ڏاکڻي طرف انجڻين جي مرمت لاء ريلوي ورڪشاپ کولي وئي جنهن کي نارٿ ويسٽرن ريلوي جي ورڪشاپ ۽ گودي سڏيو ويندو ھو جنهن ۾ ان وقت موٽو ۽ ويگن ورڪشاپ پڻ ھئي جيڪا بعد ۾ مغلپورا شفٽ ٿي وئي ان زماني ان ۾ 2 ھزار مزدور ڪم ڪندا ھئا، ان سان گڏ انهن ملازمن لاءِ ورڪشاپ جي آسپاس ڪجهہ بنگلا ۽ ڪواٽر ڪلب ۽ گرائونڊ جوڙيا ويا.
ان وقت ان ورڪشاپ ۾ زياده مزدور ڪم ڪرڻ لاءِ پنجاب کان آيل ھيا، جيڪي نئين ڳوٺ جنهن کي پنجابي ۾ نئون پنڊ سڏيو ويندو ھيو. ان جاءِ تي چمڙيءَ جو گدام وٽ جتي ريلوي برج کاتي جو اسٽور آھي اتي خانگي جهوپڙيون جوڙي رھندا ھئا ان بعد ريلوي وارن اتي کين رھائش لاء ڪچا ڪواٽر جوڙائي ڏنا ان سان گڏ سکر ريلوي اسٽيشن لڳ لوڪو شيڊ جي ملازمن لاءِ ڪواٽر جوڙايا ويا، ان سان گڏ جيڪب آباد جي لوڪو شيڊ کي ختم ڪري سکر ريلوي اسٽيشن ڀرسا لوڪو شيڊ ٺاھي وئي جنهن ۾ ان وقت 50 انجڻيون اينديون وينديون ھيون.
15 ڊسمبر 1896ع حيدرآباد ڀرسان شادي پلي ريلوي اسٽيشن کا روھڙي تائين ريلوي لائين وڌي وئي ۽ 25 مئي 1900ع ڪوٽڙي ۾ درياهه مٿان پل جڙي وئي ۽ اھڙي طرح روھڙي جو ڪراچيءَ سان ريل جو رستو جڙي ويو جيڪو پراڻي روٽ کان فاصلي ۾ گهٽ ھيو 1858ع ۾ ريل جون جون ننڊڙيون انجڻيون ھيون، جيڪي 20 کان 35 گاڏا ڇڪي سگهنديون ھيون اھي انجڻيون ڪاٺين جي ٻارڻ سان پاڻي جي ٻاڦ تي ھلنديو ھيون، ان لاءِ انجڻ سان گڏ ھڪ گاڏو ڪاٺين جو ڀريل لڳل ھوندو ھو ان سان گڏ ھڪ اسٽيشن ڇڏي ٻي اسٽيشن تي ڪاٺين جو گدام ۽ پاڻي جو ٽانڪيون ٺاھيون ويون ھيون. روھڙي ۾ ڪاٺين جو وڏو اسٽور پليٽ فارم 4 جي اتر طرف قائم ھيو جتي ھاڻي ٻيو سامان رکيو وڃي ٿو. پوءِ ڪوئلن تي ھلڻ واريون انجڻيون اچي ويون، جنھن ڪري ڪاٺن جي اسٽورن کي پٿرن جي ڪوئلن جي اسٽور ۾ تبديل ڪيو ويو. شروع ۾ ريلوي جون گاڏيون مال کڻنديون ھيون مسافرن جون گاڏيون بعد ۾ ھليون، مئي 1861ع ۾ ريلوي وٽ 20 انجڻيون ۽ 40 گاڏا ھئا ڊسمبر 1874ع ۾ 25 انجڻ 734 گاڏا 116 پٿر کڻڻ جا گاڏا ھئا.
سکر ۾ ريلوي جو ڪم وڌڻ ڪري بعد ۾ ريلوي ڊويزن ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سکر جي گرم گودي ورڪشاپ ۾ عارضي دفتر قائم ڪيو اپريل 1963ع موجده نئين عمارت جڙي تيار ٿي وئي جتي سکر ريلوي ڊويزن جو دفتر پنهنجو ڪم شروع ڪيو.


* لئنسڊائون برج
انگريزن برصغير ۾ ريلوي نظام شروع ڪيو، سنڌ ۾ پھرين ريلوي لائين ڪراچي ڪياماڙيءَ کان ڪوٽڙيء تائين وڇائي وئي جنھن کان پوءِ ”انڊس اسٽيٽ وئلي ريلوي“ ۽ ”سنڌ پشين ريلوي“ لائنن جي لڳائڻ کان پوءِ انگريز سرڪار فوج جي چرپر، جنگي حڪمت عملي ۽ مال گاڏين ذيعي واپار وڌائڻ لاءِ ڪوئٽا کي لاهور ۽ ڪراچي سان ملائڻ ضروري سمجهيو، جنهن ڪري هنن سکر ۽ روهڙي وارين درياهه جي ٻنهي شاخن تي لوهي پل تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي منظوري 1883ع ۾ ڏني ويئي ۽ 1885ع ۾ ڪم شروع ٿيو جيڪو 1889 ۾ مڪمل ٿيو.
روھڙي ۽ سکر کي ڳنڍيندڙ ”لئنسڊائون پل“ دنيا جي ٻيو نمبر اهڙي پل ليکي وڃي ٿي، جنهن کي متحرڪ يعني (Suspention Bridge) چيو وڃي ٿو، اها پل مضبوط گارڊرن تي بيٺل آهي، هيءَ پل سکر ۽ روهڙيءَ کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. 1879ع کان 1889ع تائين ريلوي جا سامان ۽ مسافر مال بردار جهاز انهيءَ پل ذريعي گذاريا ويندا هئا. بمبئيءَ جي گورنر مارچ 1889ع ۾ پل جي تعمير مڪمل ٿيڻ تي ان جو افتتاح ڪيو، جنهن تي نالو به گورنر ’لارڊ لئنسڊائون‘ جي پٺيان ’لئنسڊائون پُل‘ رکيل آهي.
”لئنسڊائون پُل“ جا ٻه حصا آهن، هڪ سکر پاسي وارو ۽ ٻيو روهڙي پاسي وارو وچ تي بکر جو ٻيٽ ۽ قلعو آهي، سکر پاسي واري پل ٽن ٿنڀن تي جڙيل آهي جيڪي ٽيئي درياهه تي ٺهيل آهن هن حصي جي ڊيگهه 600 فوٽ آهي ۽ ٻيو وڏو حصو روهڙي پاسي وارو آھي، جنھن جي ڊيگھ 820 فوٽ آهي ۽ هي حصو بغير درياهي ٿنڀن جي ٻنهي ڪپرن روھڙي ۽ بکر ٻيٽ کان ڪئنچين ذريعي بيٺل آهي، ۽ وچ چاٻيءَ ڪل تي ٺهيل هئو، جنهن کي حرڪت ۾ آڻڻ سان پل کي ٻنهي ڪئنچين سان ڇڪي پل جو رستو ختم ڪري سگهجي، اها حڪمت عملي دشمن فوج جي درياھ پار ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪئي ويئي هئي. هن پل تي ان وقت ۾ چاليهه لک روپيا خرچ آيو ۽ ان وقت جي وائسراءِ لارڊ ليئنسڊائون جي نالي تي هن جو نالو ”لئنسڊائون برج“ رکيو ويو ۽ هيءَ پل دنيا جي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي.
پل جي افتتاحي رسم بمبئيءَ جي گورنر ادا ڪئي، جنهن لاءِ سکر ميونسپالٽي پاران بکر جي قلعي ۾ وڏو شاميانو جهنڊين سان سينگاريل کوڙيو هو. هن موقعي تي سنڌ جو ڪمشنر مسٽر چارلس رچرڊ ۽ خيرپور جو والي هزهائنس، سر مير علي مراد خان ٽالپر، هندوستان ۽ پنجاب جي وڏن ماڻهن ھن تقريب۾ شرڪت ڪئي، گورنر تقرير ۾ چيو ته افغانستان سان واپار ترقي ڪندو. پل تي چاليهه لک روپيا خرچ ٿيو ۽ ٺيڪو انگلنڊ جي ڪمپني ”ويسٽ ووڊائنڊ ايلي“ کي ڏنو ويو ۽ مسٽر رابرٽن انجنيئر جي نگراني هيٺ ڪم هليو، وائسراءِ لارڊ لينسڊائون جي نالي تي پل ”لينسڊائون برج“ سڏجڻ لڳي، سکر جا ڀاڳ کلي ويا ڇو ته هيءِ پل دنيا جي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي، جنهن ڪري پري پري کان ماڻهون ھن کي ڏسڻ اچن ٿا، انڊس فلو ٽيلا ڪمپنيءَ جو ڪاروبار 1889ع ۾ پل کلڻ کان پوءِ بند ٿي ويو ۽ سکر تجارتي مرڪز بنجي ويو.سکر ۽ روهڙيءَ وچ ۾ آمدرفت انهيءَ پل ذريعي ٿيڻ لڳي. لڳ ڀڳ سوا صدي گذرڻ باوجود به لئنسڊائون پل هڪ خوبصورت ڏيک ڏئي ٿي، پر اڄڪلهه ان تان بس ۽ ٽرڪ وغيره جي گذرڻ تي پابندي مڙهيل آهي. اڄ هيءَ پل صرف عام گذرگاهه لاءِ آهي، ڇاڪاڻ ته 1967ع ۾ پُل جي ڀرسان ئي ٿوري تبديليءَ سان ريلوي ڪراسنگ لاءِ الڳ پل ٺاهي وئي، جنهن جو نالو ’ايوب پل‘ رکيو ويو.
ھن وقت لئنسڊائون پل هڪ روڊ رستي واري عام پل آهي جنهن تي سکر ۽ روهڙي اچڻ وڃڻ لاءِ عام ٽريفڪ جي استعمال ۾ آهي.

* ھو جمالو
ھن وقت سنڌ جي قومي گيت ۽ رقص جو درجو رکي ٿو، ھن لاءِ پڪختي روايت آهي ته سکر واري پل جو ھن لوڪ گيت ۾ ذڪر سکر جي لينسڊائون پل متعلق آھي. ھن پل جي خاصيت ھئي ته روھڙيءَ واري پاسي کان ان ۾ ڪوبه ٺل نه ھيو، جنھن ڪري ھڪ لوڪ ڪھاڻي جنم ورتو ۽ روايت ۾ اچي وئي. ڪھاڻي مطابق جڏهن ھيءَ پل تيار ٿي ته ھڪ پاسي ٺلھ نه ھجڻ ڪري ريل جي ڊرائيورن ڊپ جي ڪري ھن پل تي ريل ھلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري انگريزن کي مشڪل پيش آئي ۽ انتظاميه ان کي حل ڪرڻ جو انوکو منصوبو جوڙيو. سکر جيل جي سنڌي شيدي جمالو نالي موت جي سزا واري قيدي کي ريل ھلائڻ سيکاري ۽ معاھدو ڪيو ته پل تان ريل کي پار ڪندو ته کيس سزا کان معافي ڏني ويندي. اھڙي طرح جمالو پل تان ريل کي پار ڪري ڏيکاريو ته کيس سزا کان معافي سان گڏ انعام به مليو ته ان جي زال مڙس جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ھو جمالو نالي گيت ڳايو اھڙي طرح ان لوڪ گيت جي ابتدا ٿي. ان روايتي ڪھاڻي جي اڃان ڪٿان ثابتي نه ٿي آھي. ليڪن اڪثر ليکڪ ھن ئي روايت کي صحيح سمجھن ٿا.
ھن وقت به ھيءُ گيت سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي اھڃاڻ جي حيثيت رکي ٿو ۽ ھن گيت جي ڌن تي قومي رقص ڪيو ويندو آھي. هيءُ گيت سنڌي ماڻهن جي نفسيات سان جڙيل آهي. جَمالَي ۾ ڪيترن شاعرن وقت به وقت نيون ڳالهيون به شامل پئي ڪيون آهن. ھي ڳيت ڳائيندي گول پڙ ٺاهي، وچ ۾ سازنده بيهاري، گروپ جي صورت ۾ اهو رقص ڪيو ويندو آهي، جيڪو هر ڪنهن جي وس کان ٻاهر آهي. مگر سنڌي ڳوٺاڻن جي رڳ رڳ ۾ اهو رقص سمايل آهي، تنهن ڪري ڳوٺاڻن کي ھن جي صدا ڪن تي پئي ٿي ته ڳوٺاڻا پاڻ مرادو ٿڙڪڻ شروع ٿيو وڃن۽ رقص شروع ٿي وڃي ٿو.

* سکر بئراج
سنڌو درياهه تي ٺهيل سکر بئراج جنهن جو اصل نالو ”لائيڊ بئراج“ آهي، ۽ ھن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو بئراج چيو وڃي ٿو. ويهين صدي ۾ سکر ۾ جيڪي عمارتون ۽ ترقيءِ جا ڪم ٿيا، انهن ۾ سکر بئراج جو شمار دنيا جي عجائبات ۾ آھي. دنيا ۾ ھي وڏي ۾ وڏو بند آھي. سکر بئراج بکر جي قلعي کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي اولهندي طرف جتي اڳ سنسان جهنگ هو ان جاءِ تي ٺھيل آھي. سنڌو درياهه متان پُل جي ڊيگهه پورو هڪ ميل آهي، ميٽوڻي رنگ جي پٿرن سان جڙيل تمام خوبصورت شاھڪار آهي. ھن بئراج کي سنڌو درياهه مٿان ڇاهٺ(66) فولاد جا در لڳل آهن، جيڪي بجليءَ جي قوت سان کڄن ۽ بند ٿين ٿا ۽ بئراج جو جو پنھنجو الگ پاور ھائوس آھي. هن پل جي اسڪيم ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ 1846ع ۾ تيار ڪئي هئي. 1904ع ۾ ڊاڪٽر سمرس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مٿئين اسڪيم حڪومت ھند جي ڌيان تي آندي ۽ 1910ع ۾ ھي سوال حڪومت اڳيان پيش ٿيو ۽ 1916ع ۾ جانچ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ڪم کي چالو ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي. ليڪن پهرين جنگ عظيم لڳڻ ڪري 1918ع تائين ڪم کي ملتوي ڪيو ويو. مسٽر اي، اي مسٽو بئراج ۽ ان جي ستن واھن جو نقشو تيار ڪري بمبئي حڪومت اڳيان پيش ڪيو. 1923ع ۾ سيڪريٽري هند کان منظور ٿيڻ کانپوءِ جولاءِ مهيني ۾ بئراج ڪالوني جي ڪوارٽرن ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1926ع ۾ پل جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو. 1925ع ۾ واھن جي کاٽيءَ جو ڪم مشينن (ايڪسڪيوٽرن) جي وسيلي شروع ٿيو. ھر مشين ھڪ منٽ اندر 74 ٽن مٽي کوٽي ٻاھر اڇلائڻ لڳي. جملي 46 مشينون مختلف ھنڌن تي لڳايون ويون. انهن مشينن جي کوٽائي جو ڪم ڏسڻ وٽان ھو. انهن مشينن (Excavators) ستن واھن جي کاٽي ڪندي جملي 596 ڪروڙ چورس فوٽ مٽي کوٽي ھئي. پل تعمير ڪرڻ لاءِ ڪافر ڊيم Cofferdam ٻڌي پاڻي ڪڍي ٻاھر اڇلائينديون ھيون. مهراڻ جي کاٻي ڪناري وارن روھڙيءَ جي ريلوي لائين جي لڳ ٽڪرين ۽ ساڄي پاسي سکر جي اُتر طرف وارين ٽڪرين مان پٿر ڪاٽي پل تعمير ڪئي وئي. لائيڊ بئراج جي اھميت ھن طرح آهي ته سکر جي لينسڊائون پل سڄي لوهه جي جڙيل آھي ۽ بئراج پل سڄي پٿرن جي جڙيل آهي. پاڻي جي نيڪال جي گنجائش، 15 لک ڪيوسڪ آھي.
13 جنوري 1932ع ۾ وائسراءِ لارڊ ولنگڊن ھن پل جو افتتاح ڪيو. ھن موقعي تي سڄي ھندستان جا سرڪاري ۽ غير سرڪاري معزز ماڻهو حاضر ٿيا. اهڙو اجلاس شايد ٻئي ڪنهن هنڌ يا سکر ۾ اڳ ڪڏهن به ڪو نه ٿيو ھو. بئراج تي ”لائڊ“ جو نالو ان ڪري رکيو ويو، جو ان وقت بمبئي جو گورنر لارڊ لائڊ هو، جنهن ڪم ۾ دلچسپي ورتي ھئي. لائڊ بئراج پل جا دنيا ۾ آبپاشيءَ جو سڀ کان وڏو بند آهي، ان ڪري ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. خاص ڪري چاندوڪي رات ۾ ان جو منظر نهايت دلفريب ۽ ڏسڻ جي قابل آهي. پل جي کاٻي پاسي هڪ عجائب خانو به جڙيل آهي. هيءَ پل لنڊن جي ٿيمس پل کان پنجوڻ تي وڏي آهي. ساڄي پاسي کان 3 وڏا واهه:ـ (1) اُتر اولهه ڪئنال، (2) رائيس ڪئنال، (3) دادو ڪئنال نڪرن ٿا. ۽ کاٻي پاسي کان ڇار وڏا واهه نڪرن ٿا:ـ (1) اوڀرندو نارو، (2) اوڀر خيرپور ڪئنال، (3) روهڙي سنڌ سڌار ڪئنال، (4) مغربي خيرپور ڪئنال (جنھن کي عام طور ابل واهه سڏيو وڃي ٿو) نڪرن ٿا. درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان ٻه مضبوط ديوارون درياهه ۾ 1600 ۽ 1900 سوء فوٽ ڊگهيون آهن، اوهي درياه جي لٽ کي روڪڻ ۽ واهن کي پاڻي پهچائڻ لاءِ آهن. مٿيان واهه سدائين وهن ٿا ۽ ھر موسم ۾ پاڻي پهچائين ٿا. ھنن واھن تي 75 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. گڊو بئراج مان ٻه وڏا واھ، بيگاري، سنڌ فيڊر ۽ پٽ فيڊر نڪرن ٿا، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي 3 لک 66 ھزار ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿا.
سکر بئراج سنڌ بلوچستان کي بھترين ۽ وڏو آبپاشي نظام فراھم ڪري ٿي، ۽ ان سان گڏو گڏ ھي بئراج ٻوڏ کان بچاءَ جي لاءِ استعمال ٿئي ٿي.

* سکر جي ميونسپلٽي
سکر ميونسپالٽي 1856ع ۾ شروع ٿي، جڏهن شهر جي آدمشماري 12 هزارن کي قريب پهچڻ تي هئي، انهن ڏينهن ۾ حڪومت شهر واسين مان پاڻ ميمبر چونڊيندي هئي، صدارت ڪليڪٽر ڪندو هو، جو شڪارپور ۾ رهندو هو. ميونسپالٽيءَ جي پھرين آفيس مير معصوم شاهه جي مناري ڀرسان قائم ڪئي وئي. 1883ع ۾ جڏهن سکر ضلعو بنجي ويو ته 1884ع ۾ پهريون دفعو شهر واسين کي ميمبر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو مگر صدر ڪليڪٽر ٿيندو هو، راءِ صاحب ديوان پيسو مل ذوقيرام پهريون شهر واسي هو جو صدارت جي ڪرسيءَ تي ويٺو، 1911ع ۾ شهر واسين کي صدر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو ۽ سکر جو مشهور وڪيل ديوان ڀوڄسنگه صدر چونڊيو ويو ۽ 1914ع تائين صدر رهيو، 1922ع کان 1928ع تائين ٻيو دفعو صدر ٿيو، 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان ڇڄي ڌار صوبو ٿيو ته ديوان ڀوڄسنگهه سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر ٿيو، هو صاحب ميونسپل جنرل لائبرري جو چيئرمين به هو. ديوان صاحب جي چيئرميني جي دور ۾ سکر جنرل لائبريري بيحد ترقي ڪئي، اٽڪل 5 هزار ڪتاب هر فن تي موجود هئا، 1947ع ۾ هندو پاڻ سان بيش بها نسخا ساڻ کڻي ويا، 1914ع کان 1922ع تائين ميان پير بخش سي- آئي- اي رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر سکر ميونسپالٽي جو صدر ٿيو، 1928ع کان 1937ع تائين ديوان بهادر ايسر سنگه پبلڪ پراسيڪيوٽر صدر ٿيو ۽ 1938ع کان 1947ع تائين مسٽر بسنترام موٽواڻي وڪيل صدر هو، مٿئين بيان مان اوهان معلوم ڪندا ته 1911ع کان 1947ع تائين 36 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ فقط هڪ دفعو مسلمان صدر ٿيو، باقي سمورو عرصو هندو صدارت جي ڪرسي ماڻيندا رهيا، وٽن علم هو، دولت هئي ۽ اتفاق هو، ازانسواءِ اڪثريت ۾ هئا، تنهنڪري شهر واسين مان فقط هندن کي فائدا پهتا، جن جو ميونسپالٽيءَ تي قبضو رهندو آيو.

* بجلي گھر
سال 1922ع ۾ سکر بجلي گهر قائم ڪيو ويو ۽ ضرورت آھر هن کي وڌايو ويو. ليڪن تقسيم برصغير کان پوءِ نون ڪارخانن کلڻ ڪري شهر ۾ بجلي جو کاپو وڌڻ لڳو ۽ پراڻين مشينن ۾ بار کڻڻ جي طاقت نه ھئي. جنهنڪري مارچ 1962ع ۾ ڪولمبو پلان موجب حڪومت ڪئناڊا ۽ جمهوريه پاڪستان درميان ٿرمل پاور جي تعمير لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ھن ڪم تي 5 ڪروڙ 38 لک ۽ 40 ھزار روپيا غير ملڪي زرمبادله خرچ ٿيو،
نئون بجلي گهر 13 شهرن باڊھ، چڪ، ڏوڪري، گمبٽ، گهوٽڪي، ڪنڌرا، ڪنڊيارو، ڪنڌ ڪوٽ، خانپور، کهڙا، خيرپور ناٿن شاه، نوشهرو فيروز، مورو، نصير آباد، راڻي پور، پير جو ڳوٺ، پنو عاقل، ٺل، اٻاوڙو، راڌڻ، غوث پور، لکي، مديجي، سلطان ڪوٽ ۽ نئون ديرو کي بجلي مهيا ڪئي ويئي.
سکر شهر جي مرڪز ۾ انگريز دور جو ٺھيل خوبصورت گهنٽا گهر موجود آهي، جنهن کي هاڻي سينگاري سنواري تازو ڪيو ويو آهي.
سکر ۾ مير معصوم شاهه جي مناري کان اڳتي انگريزن جي دور جو هڪ خوبصورت باغيچو ليوڪس پارڪ موجود آهي. هي پارڪ 1919ع ۾ ٺهرايو ويو ۽ ان وقت سنڌ جو ڪمشنر ليوڪس جي نالي تي هن جو نالو رکيو ويو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ھن پارڪ جو نالو محمد بن قاسم پارڪ رکيو ويو، هي پارڪ اڄ به سدا بهار آهي، آءٌ به هن پارڪ ۾ ڪئي ڀيرا ويو هيس ۽ اسان جي شاگرديءَ واري دور ۾ هن پارڪ کي هوشو پارڪ به سڏيو ويندو هو، ۽ ھن پارڪ ۾ ورزش ڪرڻ لاءِ بھترين انتظام ھوندو ھو.
1938ع ۾ بيراج پل ڀرسان کاٻي پاسي تي سينٽرل جيل ۽ پوليس لاءِ ڪوارٽر ٺهيا.
انگريز دور ۾ سڄي ھندستان ۾ آزاديءَ جون تحريڪون مختلف ھنڌن تي مختلف وقتن ۾ ھلنديون رھيون، انھن کي ماٺو رکڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاء انگريزن ويڙھايو ۽ حڪومت ڪيو جي پاليسي کي جاري رکيو، جنھن ڪري پوري برصغير ۾ ھندو مسلم فسادن کي ھٿي ملي، سڄي ھندستان جي برعڪس سنڌ ۾ مذهبي انتشار بلڪل نه ھو. ليڪن مسجد منزل گاهه جي بحاليءَ جي پرامن تحريڪ کي سازش تحت ٻنهي ڌرين ۾ اشتعال انگيزي پيدا ڪري کين ويڙھايو ويو، وڏي ويڙھ ۽ خونريزي ٿي، جنھن جي عيوض مسجد منزل گاه ته بحال ٿي وئي، ليڪن ھندو مسلم تضادن جي نتيجي ۾ قوم ورھائجي وئي، برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ سکر ميونسپلٽي جي صورت ۾ شھر تي حاڪميت ڪندڙ ھندو، جيڪي اڪثر ڪانگريس پارٽيءَ سان سلهاڙيل ھئا، آھي سکر ڇڏي ھندستان ھليا ويا، ۽ سندن جاءِ تي ھندستاني مسلمان سکر اچي ويا. سکر شھر ۾ ورھاڱي کان اڳ ۾ ئي ريلوي ۽ ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڪارخانن جا ملازمن ۽ مزدور ڌاريان غير سنڌي ھئا، ورھاڱي کان پوءِ سکر جي وڏي سنڌي آباديءَ جو وڏو حصو ھندستان ھليو ويو، ته شھري آباديءَ ۾ سنڌي تمام ٿورائي ۾ رھجي ويا ۽ شھر جي واپار ۽ مارڪيٽن ۾ اڪثريت ڌارين جي ٿي وئي. ھندو سنڌين جي ھتان لڏپلاڻ ۽ ھندستانين جو ھتي اچڻ ڪري سکر شھر جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏي. مٿان وري ون يونٽ مڙهيو ويو ته سنڌ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به ٻين صوبن کان وڏو تعداد غير سنڌي ملازم ۽ مزدور اچي ويا ۽ سکر ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۾ اضافو ٿيندو رهيو.
روزاني ايڪتا 19 ڊسمبر 2019ع

موجوده دؤر جو سکر

ھن وقت سنڌ انتظامي طور ستن ڊويزنن ۾ ورهايل آهي.
ڊويزن واري ورھاست جي شروعات برٽش انڊيا واري دؤر ۾ ڪئي وئي ھئي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ لڏ پلاڻ ۽ حڪومت ۾ انتظامي ڇڪتاڻ جاري رھي نيٺ 1956ع ۾ ون يونٽ مڙهيو ويو، جنھن تحت سنڌ پنجاب بلوچستان ۽ سرحد (خيبر پختونخواھ) کي ملائي اولھ پاڪستان کي ھڪ صوبي جو درجو ڏئي 1970ع تائين ان شڪل ۾ برقرار رکيو ويو ۽ سموري سنڌ ان جو ھڪ حصو ھئي. ان وقت شروع ۾ ڪراچي شھر وفاق جي حوالي ھيو، ۽ باقي سنڌ واري پوري علائقي کي ٻن ڊويزنن ۾ ورھايو ويو هو، جن جا نالا حيدرآباد ڊويزن ۽ خيرپور ڊويزن ھيا. خيرپور ڊويزن ۾ پوري اپر سنڌ، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاھه ۽ خيرپور ضلعا شامل ھئا ۽ ان جو ھيڊڪوارٽر به خيرپور شھر ۾ ھو.
ڪراچي جي واپسي بعد ڪراچي ڊويزن قائم ٿي. ۽ 1970ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ موجوده سنڌ جي بحال ٿيڻ بعد خيرپور ڊويزن ختم ڪري سکر ڊويزن قائم ڪئي وئي ۽ ميرپورخاص ڊويزن جو پڻ قيام ٿيو. بعد ۾ لاڙڪاڻو ڊويزن، نوابشاھ ڊويزن ۽ ڀنڀور ڊويزن قائم ڪيون ويون آهن. نوابشاھ ڊويزن جو نالو تبديل ڪري شھيد بينظيرآباد ڊويزن رکيو ويو. آگسٽ 2000ع ۾ ڊويزن سسٽم ختم ڪري لوڪل گورنمينٽ جي ضلعي نظام قائم ڪري ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر آفيسر (DCO) جي پوسٽ ٺاھي وئي ۽ ڊويزن سطح تي عملدارن جا عھدا ختم ڪيا ويا پر 2008ع ۾ ڊويزن سطح تي انتظامي تقسيم بحال ڪئي وئي.

تعليمي ادارا
* اسلاميه ڪاليج
اسلاميه ڪاليج 1955ع ۾ ڪليڪٽر نصرت حسين قائم ڪيو، 1959ع ۾ خيرپور جي ڪمشنر ڪاليج جي نئين عمارت جو سنگ بنيا رکيو، ھن ڪاليج ۾ ابتدائي طور آرٽ ۽ ڪامرس جي تعليم ڏني ويندي هئي، بعد ۾ شام جي شفٽ ۾ سائنس جا ڪلاسن جي شروع ڪئي وئي، ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ ھن کي اسلاميا سائنس ڪاليج بڻايو ويو.

* ڊگري ڪاليج
حڪومت پاران سکر شهر ۾ ٻه انٽر مينڊيٽ ڪاليج شڪارپور روڊ تي قائم ڪيا ويا، جيڪي بعد ۾ ڊگري ڪاليج ٿيا ۽ سائنس جو شعبو به شامل ڪيو ويو، هن ڪاليج جو بنياد 1957ع ۾ انٽر ميڊيٽ ڪاليج طور رکيو ويو، پوءِ 1963ع ۾ ڊگري ڪلاسز جو آغاز شام جي شفٽ ۾ ڪيو ويو، ان وقت به ڪاليج کي پنهنجي عمارت نه هجڻ ڪري ڪاس گورنمنيٽ هاءِ اسڪول سکر ۾ هلايا ويندا هئا ۽ گڏو گڏ ڊگري ڪاليج جي پنهنجي عمارت به تعمير هيٺ هئي، جنهن ڪري شاگردن ۽ استان کي مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو هو، 1966ع پوسٽ گريجوئيٽ ۽ آرٽس ڊگري جا ڪلاس B,ED ڪاليج جي عمارت ۾ منتقل ڪبا ويا ، 1967ع ۾ سائنس آرٽس ۽ ايڊمن بلاڪ مڪمل ٿيڻ تي ڪاليج جي ڪافي حصي کي نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ 1969ع ۾ پوسٽ گريجوئيٽ سيڪشن به نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. هي ڪاليج سنڌ جو هڪ ناليوارو ادارو رهيو آهي، جنهن ۾ انٽر کان پوسٽ گريجوئيٽ تائين، آرٽس، انگلش ۽ ايڪانومڪس پوليٽيڪل سائنس ۽ سائنس پڙهائي ويندي آهي،شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم ٿيڻ کان اڳ تائين سکر ڊگري ڪاليج اپر سنڌ جو وڏي ۾ وڏو تعليمي ادارو هيو، جنهن کي يونيورسٽيءَ جي برابر سمجهيو ويندو هئو.
ھن وقت تائين به سکر جي تعليمي صورتحال بهتر رهندي آئي آهي. هن ضلعي ۾ ڪل 1128 پرائمري اسڪول، 113 مڊل اسڪول، 65 هاءِ اسڪول، 180 نجي تعليمي ادارا ۽ اسڪول، 7 ڪاليج، هڪ لا ڪاليج، 10 ووڪيشنل ٽريننگ انيسٽيٽيوٽ ۽ 107 کن ديني درسگاهون ۽ مدرسا موجود آهن. سکر تعليمي بورڊ جو ريجن خيرپور، نوشهروفيروز ۽ گھوٽڪي ضلعن تائين آهي. ضلعي ۾ موجود ڊگري ڪاليجن ۾ سائنس توڙي آرٽس ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس ڊگري پروگرام هلن ٿا. هڪ ٽيچنگ اسپتال به سکر ۾ قائم آهي، صحت جي حوالي سان سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ جديد طريقي سان علاج جون سهولتون موجود آهن.
هتي 3 ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتالون، 2 تعلقي اسپتالون، 2 گورنمينٽ اسپتالون، 2 ماءُ ۽ ٻار جي صحت جا مرڪز، 3 رورل هيلٿ سينٽر، 26 بيسڪ هيلٿ يونٽ، 7 ڊسپينسريون، 33 ٽي. بي جي علاج جا مرڪز، ڪيترائي ميٽرنٽي هوم ۽ 46 جانورن جون اسپتالون قائم ٿيل آهن. ھتي ھر قسم جا رھائشي هوٽل ۽ تفريحي ماڳ به موجود آهن.

* سکر آءِ بي اي يونيورسٽي
موجوده وقت ۾ سکر جي آءِ. بي. اي. يونيورسٽي پاڪستان جي تمام اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شمار ٿئي ٿي. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پھرين سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن يا سکر آءِ بي اي، ( Sukkur IBA) هڪ بزنس جو تعليمي ادارو قائم ڪيو ويو، جنھن جي شروعات 1994ع کان ڪئي وئي. هي ادارو ايئرپورٽ روڊ سکر تي واقع آهي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي درجا بندي موجب هي ادارو بزنس جي لحاظ کان سڄي پاڪستان ۾ چوٿين نمبر تي آهي. ھن اداري کي 16 مئي 2017ع تي سنڌ اسيمبلي پاران يونيورسٽي ڪرڻ جو ٺھراءُ پاس ڪيو ويو. ھن ۾ پنج شعبا آهن.
(1) بزنس ايڊمنسٽريشن جو شعبو.
(2) ڪمپيوٽر سائنس جو شعبو.
(3) تعليم جو شعبو.
(4) اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جو شعبو
(5) رياضي جو شعبو.

* غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج
سنڌ حڪومت آڪٽوبر 2003ع کان سکر ۾ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو. پهرين بيچ ۾ 40 شاگردن سان شروع ڪيل اداري ۾ اڄ 425 شاگرد آهن ۽ اها پهرين بيچ فائنل ايئر ۾ آهي. هن ميڊيڪل ڪاليج سان سول اسپتال سکر ۽ سول اسپتال خيرپور کي ٽيچنگ اسپتال جو درجو ڏئي ان سان ڳنڍيو ويو، سکر سول اسپتال، جيڪا اڳ ۾ 150 بسترن تي مشتمل هئي، جنهن ۾ هاڻي ان ڪاليج جي ڳانڍاپي ۽ پروفيسرن جو اسپتال ۾موجود هجڻ سبب هاڻي هن اسپتال ۾ 300 بيڊن جي سهولت ڏني وئي آهي، سکر سول اسپتال کي جڏهن ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ اسپتال بڻايو ويو ته ان ۾ِ حيرت جوڳي تيزي سان ترقي آئي، جتي پهرين صرف هڪ سرجن هو، اتي هن وقت 12 سرجن آهن، جتي صرف هڪ فزيشن هو، اتي هن وقت اٺ فزيشن آهن، پروفيسر، اسٽنٽ پروفيسر ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر، شاگردن کي نه صرف پڙهائي رهيا آهن، پر ان سان گڏوگڏ پوري اتر سنڌ جي مريضن کي علاج جي سهولت پڻ مهيا ڪري رهيا آهن، جيڪي اڳ ۾ ڪراچي ويندا هئا، پر هاڻي هر قسم جي وڏي توڙي ننڍي سرجري سکر ۾ ٿي رهي آهي. موجودہ دؤر ۾ تازو ۾ ھتي بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ٿيو آهي.

* اروڙ يونيورسٽي
موجودہ دؤر ۾ اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر ڊزائين اينڊ ھيريٽيج سکر.
(Aror University of Art, Architecture, Design and Heritage, Sukkur.)
روھڙيء ۾ قائم ڪئي ويئي آهي، پھريان ھي ادارو اپريل 2013ع ۾ سنڌ ڪاليج آف آرٽس ايندڙ ڊزائين جي نالي سان قائدِ عوام يونيورسٽي جي ماتحت قائم ڪيو ويو. پوءِ 15 جولاءِ 2020ع تي سنڌ حڪومت ھن کي يونيورسٽي بنائڻ جو آرڊر جاري ڪيو، ۽ ھن يونيورسٽيءَ لاءِ جديد ۽ شاندار عمارتون تيار ڪيون ويون آهن. اميد آھي ته ھن يونيورسٽي جي شروع ٿيڻ سان، ماھر پروفيسرن جي تعليم ۽ تربيت وسيلي سنڌ جي تاريخ جا گھڻا لڪل راز پڌرا ٿيندا ۽ سنڌ جي حقيقي تاريخ اجاگر ٿي سامھون ايندي.

* سماجي ڀلائيءَ لاءِ (SRSO) جو قيام
سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ پڻ سکر ۾ ھڪ وڏو ادارو سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (SRSO) جي نالي سان قائم ڪيو ويو آھي. ھن اداري جو قيام 2003ع ۾ سکر ۾ ڪيو ويو. ھن وقت ھن اداري جي ھيڊ آفيس شڪارپور روڊ سکر ۾ آهي، جتي جديد عمارتن جي وڏي ڪامپليڪس جي صورت ۾ موجود آهي، ھن اداري ۾ سماجي ڀلائيءَ جي لاءِ مختلف ٽريننگ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. ھن اداري جي ماتحت سنڌ جي 15 ضلعن ۾ (SRSO) جو نيٽورڪ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ مصروف آهي. ھي ادارو سنڌ حڪومت ۽ عالمي سماجي ڀلائي ۽ مالياتي ادارن جي تعاون سان ھلندڙ غير سرڪاري آرگنائيزيشن (NGO) آهي.

* سينيمائون
فلمي صنعت جي حوالي سان 80-1970ع جا ڏهاڪا عروج وارا ڏهاڪا سمجهيا وڃن ٿا، ان دور ۾ سکر جي شهر ۾ به سينيمائون عروج تي هيون، هڪ ڏينهن ۾ 3 شو هر هڪ سينيما ۾ هلندا هئا. بئراج ڪالوني ۽ پراڻي پيرڳوٺ بس اسٽاپ کان شهر ويندي پهرين نشاط سئنيما، ان کان ڪجهه اڳتي فردوس سئنيما ۽ ان کان اڳتي گهنٽا گهر ڀرسان حفيظ ٽاڪيز ۽ ان جي سامهون امپريل ٽاڪيز ۽ مينار روڊ تي پراڻي سکر کان پهريان شاليمار سئنيما مشهور سئنيمائون هيون. جيڪي ڏجي ملڪ ۾ فلمي صنعت تي زوال اچڻ کان پوءِ زوال پزير ٿي ويون.
* موجوده دؤر ۾ سکر سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر سکر ضلعي ۽ سکر ڊويزن جو ھيڊ ڪوارٽر آهي. هن وقت سکر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر آهي، جنهن ڪري هتي سکر هاءِ ڪورٽ برانچ موجود آهي. واپار جي لحاظ کان سکر اڄ به چئني صوبن جو مرڪزي واپاري شهر آهي، هر قسم جا ڪارخانا ۽ صنعتون موجود آهن، اعليٰ تعليمي ادارا قائم آهن، هن شهر جي مک تفريح گاهه لب مهراڻ آهي، جتان سنڌو درياهه منظر ۽ سکر بئراجي جي خوبصورتي تي لينس ڊائون پل، ايوب پل ۽ ساڌ ٻيلو نظر اچن ٿا، ٻيڙين تي چڙهي سنڌو ءَ جا نظارا پسي سگهجن ٿا. سکر شهر اڄ به تمام پرڪشش ۽ دلفريب نظارن جو گلدستو آهي.
موجوده دؤر جي انگن اکرن موجب سکر ضلعي جي زميني پکيڙ 5165 چورس ڪلوميٽر آهي. جنهن ۾ پنج تعلقا سکر، نئون سکر، روهڙي، پنو عاقل ۽ صالح پٽ آھن، سکر ضلعي آبادي 12 لکن کان وڌيڪ آهي ۽ ان ۾ 2.88 سيڪڙي جي شرح سان اضافو رڪارڊ ٿئي ٿو. هتي تعليمي خواندگيءَ جي شرح 46.42 سيڪڙو آهي، جنهن تحت شهري آباديءَ مان 59.76 سيڪڙو، جڏهن ته ٻهراڙيءَ مان 31.72 سيڪڙو پڙهيل لکيل ماڻهو آهن. هي ضلعو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. هتي سيمينٽ، کنڊ، گيهه، ڪپهه، ڪڻڪ، چانورن ۽ بسڪيٽن جا ڪارخانا، کير/ ڊيري جي صنعت، چوپائي مال توڙي اناج جي وڏي منڊي آهي. سکر شهر روڊ، ريل ۽ هوائي رستي سڄي ملڪ توڙي دنيا سان ڳنڍيل آهي. سکر ضلعي جي سراسري طور موسم خشڪ ۽ سخت گرم، جڏهن ته سياري ۾ گھڻي ٿڌي رهي ٿي. سکر ضلعي جي 487،721 ايڪڙ زمين زرخيز ۽ آباديءَ لائق آهي، سنڌوءَ جي وهڪري سبب پاڻيءَ جي کوٽ نه ٿي ٿئي، هتان جي مکيه فصلن ۾ ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، مڱ، ٻاجھري، مٽر وغيره آهن. هتي ڪيلن ۽ کجين جا وڏا باغ به آهن. سکر ضلعي ۾ ٺهيل پڪن روڊن جي ماپ لڳ ڀڳ 918 ڪلوميٽر آهي. سکر ضلعي جي آباديءَ مان اڪثر سنڌي ڳالهائيندڙ، جڏهن ته اقليت ۾ سرائيڪي، اردو، بلوچي، براهوي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ به آباد آهن. هن ضلعي ۾ پنج ريلوي اسٽيشنون آهن، جن مان روهڙي ملڪ جي ٻيو نمبر وڏي ريلوي جنڪشن آهي، جڏهن ته پنو عاقل، منڊوديرو ۽ سانگي ريلوي اسٽيشنون ڪراچيءَ کان پشاور ريلوي ٽريڪ تي آهن، ۽ سکر اسٽيشن، ڪوئٽا واري ٽريڪ تي ٺهيل آهي. سکر ضلعي ۾ هڪ ايئرپورٽ، 2 بس ٽرمينل، موجود آهن.


موجودھ سکر جا علائقا ۽ رھندڙ ذاتيون ۽ قبيلا

01. آچر گھٽي (مڪراني بلوچ ۽ ٻيا)
02. ڀُٽا محلو (ميمڻ، ڀُٽا ۽ ٻيا)
03. ميمڻ محلو (ميمڻ، ڀُٽا ۽ ٻيا)
04. شيخ شينھن بادشاھه (شيخ، سيد ۽ ٻيا)
05. بندر روڊ (چوھاڻ، لٻاڻا، )
06. گڏاڻي محلو (گڏاڻي، دايا ۽ ميراڻي)
07. معصومي محلو (معصومي سيد ۽ ٻيا)
08. بکر محلو (پيرزادا ۽ ٻيا)
09. جيئي شاھھ محلو (سيد، دايا، شيخ، ميمڻ جھنڊير ۽ انصاري)
10. قريشي ڳوٺ (قريشي، ميراڻي، دايا ۽ ڀٽي)
11. راھوجا روڊ (راھوجا، ميراڻي، لکڻ ۽ کوسا)
12. ڀوسيٰ لائين (ميراڻي، دايا، گڏاڻي، لٻاڻا ۽ ڀٽار)
13. نمائش روڊ (سيد، ميراڻي، مھر، چنا ۽ ڀٽي)
14. ملٽري روڊ (جتوئي، مھر، لاشاري، مڱڻھار ۽ شيخ)
15. نيو پنڊ (گوپانگ، مھيسر، سومرا، شيخ ۽ پھوڙ)
16. مائڪرو ڪالوني (ميراڻي، مھيسر، بگٽي ۽ ٻيا)
17. ڪنڀار پاڙو (ڪنڀار، جتوئي، ڀُٽا، شر ۽ ٻيا)
18. بچاءُ بند يا زيرو پوائنٽ (ميراڻي، شيخ ۽ ٻيا)
19. بچل شاھھ مياڻي (ميراڻي، جتوئي، رند، ملڪ ۽ ٻيا)
20. آباد (لاکا، کوسا، جوڻيجا، ڊيھا ۽ ٻيا)
21. آدم شاھھ ڪالوني (اوٺا، ابڙا، ڊيھا، سھتا ۽ ٻيا)
22. شمس آباد (سومرا، انصاري، مڱڻھار، چنا ۽ ڀٽي)
23. مگسي محلو يا سول اسپتال (مگسي، زنگيجا، چنا، ڊومڪي ۽ ڪلھوڙا)
24. نانگي شاھھ محلو ( گڏاڻي، ڪلھوڙا، سومرا ۽ سيد)
25. منگي محلو (منگي، شيخ، سيال ڌ، ٻرڙا ۽ ملڪ)
26. منزل گاھھ روڊ (سيد، شر، شيخ، ميراڻي، منگي ۽ ميمڻ)
27. نوگزو پير (کوکر، ڪھڙا، پنھيار، لاکا ۽ ڌاريجا)
28. لوڪل بورڊ (شيخ، مھر، ابڙا، ميمڻ ۽ اُنڙ)
29. ٿرمل پاور ڪالوني (لٻاڻا، چوھاڻ، ميراڻي، شيخ، ويسر، ناپر، ڀيا، ٻگھيا، ملاح، مھاڻا ۽ ميربحر)
(نبي بخش گڏاڻي وٽان مليل ڄاڻ)

سکر جي شهري آبادي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، شهر ۾ جديد عمارتون مارڪيٽ ۽ ٻاهران خوبصورت جديد قسم جون سوسائٽيون آباد ٿي ويون آهن.
موجوده وقت جديد شاپنگ مال، وڏا وڏا مارڪيٽ ۽ ھر برانڊ جا ڊسپلي سينٽر ۽ شوروم موجود آهن. سکر ان به پاڪستان جي چئني صوبن جي واپار جو مرڪز ۽ ڪاروباري حب آهي. حاصل مطلب ته سنڌ سڄي سونهن جي راڻي آهي، ۽ سکر جو سھڻو شھر سونهن راڻيءَ جي سر تي خوبصورت تاج جيان سونھين ٿو. شال سونهن راڻي سنڌ سدائين سلامت ھجي اتر، لاڙ، وچولو، ٿر ۽ ڪاڇو آباد ۽ خوشحال ھجن.

سکر سان سندم يادگيريون

سکر سنڌ جو تاريخي ۽ خوبصورت شهر آهي. جنهن جي خوبصورتي ۽ ترقي جو اصل ڪارڻ سنڌو درياءُ آهي، جنهن جي ڪپ تي سکر شهر آباد آهي، سنڌو درياهه تاريخ جي اوائلي دؤر کان سکر ڀرسان موجود آهي، جنھن ڪري آسپاس جون زمينون سدائين آباد رھيون آھن، ۽ درياهه رستي وڻج واپار ٿيندو رهيو آهي، جنھن ڪري سکر ۽ آسپاس جو علائقو ھميشه خوشحال رھيو آھي. سکر ڀرسان سنڌو درياءُ جي وچ ۾ ٻيٽ به آهن، جنھن ڪري سنڌوءَ جي ڪنارن ۽ ٻيٽن جا خوبصورت نظارا ۽ دلڪش منظر ھر پاسي وکريا پيا آهن، تاريخي ماڳن ۽ عمارتن جي حوالي سان به سکر مالامال آهي، جن جا منظر پڻ تمام خوبصورت آهن، جن کي ڏسڻ سان سکر جي عظمت ۽ قدامت کي پرکڻ پروڙڻ جو گس ملي ٿو.
** منهنجي ننڍپڻ ۽ نوجوانيءَ جي وقت جون سکر جي سهڻي شهر سان ڪافي يادگيريون آهن، ليڪن انهن کي مختصر ڪندي سکر سان صرف پنھنجو لاڳاپو بيان ڪيان ٿو. ته ننڍپڻ ۾ 5 سالن جي عمر کان 11 سالن جي عمر تائين بابا سائين ڪيترائي ڀيرا مون کي اڪيلو ۽ ڪڏهن گهر ڀاتين سميت سکر وٺي ايندو هئو، ان وقت پنهنجي ڪار گاڏي جو رواج گهٽ هئو، اسان وٽ به ڪونه هئي، پير ڳوٺ کان سکر بسن تي سفر ٿيندو هئو، پر بابا سائين هر ڀيري لالي جبار جي ولز جيپ ڪرائي تي ڪرائي هلندو هئو. گهر ڀاتي هوندا هئا ته ڪنهن هڪ تاريخي ماڳ ۽ هڪ ڪنهن بزرگ جي درگاهه تي يا وار مبارڪ جي زيارت ڪري ۽ ڪنهن چنڱي جاءِ تي ماني کائي واپس ايندا هئاسين ۽ جيڪڏهن بابا ۽ آءٌ اڪيلا هوندا هئاسين ته بابا پنهنجي دوستن سان ملاقاتون ڪندو هئو، جن ۾ ڪي واپاري هوندا هئا، ته ڪي سرڪاري آفيسر انهن سان ملڻ کان پوءِ منهنجي پسند جي ماڳ معصوم شاهه جي مُناري تي وٺي هلندو هئو ۽ شام جو وري اچي ”لب مهراڻ“ تي ويهي سنڌو درياهه ۽ بئراج جو نظارو ڪندا هئاسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻيڙيءَ تي چڙهي درياهه جو سير به ڪندا هئاسين، گهرڀاتين سان گڏ هوندي به لب مهراڻ تي ضرور ايندا هئاسين ۽ سنڌو درياھ جا خوبصورت منظر پسي پوءِ واپس ٿيندا هئاسين. آءُ ستين درجي ۾ پڙھندو هئس ۽ عمر 11 سال هئي ته بابا سائين وفات ڪري ويو ۽ سکر شهر مون کان پري ٿي ويو. پوءِ وري مون جڏهن 1976ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ته مون سميت اسان ڇهن دوستن صلاح ڪري سکر ڊگري ڪاليج وڃي فسٽيئر ۾ داخلا ورتي، اسان جو ضلعي هيڊ ڪوارٽر خيرپور هئو ۽ ويجهو به هئو، ليڪن سکر جي ڪاليجن جو تعليمي معيار سٺو هئڻ ڪري اسان دوستن سکر جو رخ ڪيو ھو. ان وقت ۾ ڊگري ڪاليج سکر اپر سنڌ جو وڏي ۾ وڏو تعليمي ادارو هئو ۽ يونيورسٽيء جي برابر درجو رکندو ھو. ھتي اسان کان اڳ اسان جو سينئر سياسي اڳواڻ سيد غلام شاهه به ھن ڪاليج ۾ پڙھيو ۽ بھادري سان جساف جي قيادت به ڪيائين، مانوارو دوست سينئر ايڏوڪيٽ آغا صيف الله پٺاڻ به ھن ڪاليج ۾ ئي پڙھيو، ھتي ھميشه جساف جو ھولڊ رھيو.
اسان پنهنجي ڪلاسن ۾ توڙي ڪينٽين يا ڪنهن ٻئي هنڌ تي ڇهئي دوست گڏ هوندا هئاسين. ان وقت به ڪاليج جي شاگردن تي ڌاڪو جساف جو هوندو هئو، جنهن جو ان وقت ضلعي صدر عبدالوهاب ڏهر هئو (جنهن جو وڏو ڀاءُ غفار ڏهر سکر ڊگري ڪاليج ۾ جساف جو بھادر اڳواڻ ٿي رهيو هو) ۽ ان وقت ڪاليج ۽ ضلعي جو جنرل سيڪريٽري گل محمد جکراڻي هوندو هئو، بعد ۾ صدر ٿيو. سپاف ۽ جميعت به ڊگري ڪاليج ۾ متحرڪ ھئي ۽ سڀن اسان کي پنهنجي پنهنجي جماعت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، ليڪن اسان دوستن صلاح ڪئي ته في الحال ڪنهن سان به شامل نه ٿينداسين، پنهنجي طور تي ڪجهه وقت ايڪٽو ٿي رهجي ۽ سڃاڻپ ڪرائجي. اسين سڀ نظرياتي طور تي جيئيمسٽ هئاسين ۽ منهنجي اوطاق تي سائين جي ايم سيد جي فريم ٿيل تصوير 1973ع کان ئي لڳل هئي. جبار ميمڻ ۽ آءٌ هاءِ اسڪول پير ڳوٺ ۾ ئي اسڪول يونين ۽ جهيڙن ڪري مشهور هوندا هئاسين، ڪنهن ڪمزور شاگرد سان ڪنهن جي ڏاڍ مڙسي يا بدمعاشي برداشت نه ڪندا هئاسين، اسان جي اها گرم طبعيت به جساف سان ئي ٺهڪي اچي پئي ليڪن اسين ڪنهن سان به شامل نه ٿياسين، ۽ پوء ٻه ٽي مهينا گذريا ته اسان جي ھڪ ڪلاس فيلو شڪارپور جي ڪاڪيپوٽو اسان کي دانهن ڏني ته پنهنجي ڪلاس ۾ جتي 150 شاگرد هئاسين، انهن ۾ هڪ حبيب الله لنڊ آهي، جيڪو مون کي تنگ ڪري ٿو جنهن ڪري آءَ پريشان آهيان، اوهان منھنجي مدد ڪريو ۽ ھن کي سمجهايو. حيبب الله لنڊ ڪنڌڪوٽ جي وڏيرڪي گهر جو هئو، جيڪو اسان کان عمر ۾ گهڻو وڏو هئو، هن سان ٽي چار دوست به هميشه گڏ هوندا هئا ۽ هن وٽ هڪ ولز جيب هوندي هئي، جنهن تي دوستن سميت گهمندو ڦرندو هئو ۽ گل محمد جکراڻي به ڪاليج ۾ يا ٻاهر هن جي جيپ تي ئي چڙهي گهمندو هيو. جنهن ڪري اسان جي ڪلاس ۾ حبيب لنڊ طاقتور ترين سمجهيو ويندو هئو، ليڪن اسان به طئي ڪيوسين ته هن وڏيري کي طاقت سان ئي سمجهائڻ ضروري آهي ۽ پوءِ ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا ته اسين سڀ ڪلاس روم ۾ وڃي رهيا هئاسين، ته ڪاڪيپوٽو سان حبيب هٿ چراند ڪئي جيڪا ڏسندي ئي منهنجو مڪو هن جي منهن تي ٺڪاءُ ٿي ويو پوءِ منهنجي دوست جبار ميمڻ به ٻه ٽي وهائي ڪڍيس هن جا ساٿي جن کي اسان سڃاڻو پيا انهن تي به ٺونشن ۽ فلائنگ ڪڪن جو وسڪارو ٿي ويو ۽ پوءِ بس سڀن کي سبق مليو ته اسان کي ڌمڪيون ڏيندا ٻاهر روانا ٿي ويا ۽ اسان به سمجهيون پيا ته هي دير نه ڪندا جلدي ٻين ساٿين سميت اسان تي حملو ڪرڻ ضرور ايندا، ڪلاس مان پيرڊ پورو ٿيو، اسان ٻاهر نڪتاسين، ته ٽي جساف جا ميمبر جن کي اسان سڃاڻو پيا، اسان ڏي وڌيا ۽ چيائون ته اوهان حبيب سان وڙهي سٺو نه ڪيو آهي، ۽ جساف جي آفيس تي گل محمد جکراڻي اوهان کي گهرايو آهي. اسين هنن سان گڏجي سچل سرمست هاسٽل تي پهتاسين جتي گل محمد سان 25 کن جساف جا دوست ويٺا هئا، گل محمد خان اسان کي کيڪاريو ۽ چيائين ويهو ۽ احوال ڏيو حبيب سان ڇو وڙهيا آهيو، پاڳاري جي ڳوٺ جا آهيو ان ڪري بدمعاشي ڪئي اٿوَ؟ مون چيو مانس ته بيشڪ اسين سڀ پير سائين پاڳاري جي ڳوٺ جا آهيون، ليڪن آهيون اسان به جيئمسٽ ۽ هاء اسڪول جي يونين ۾ ايڪٽو رهيا آهيون. حبيب هڪ شريف نوجوان کي تنگ ڪندو رهيو آهي، جنهن ڪري هو ڪاليج ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿي ويو آهي. اهو شاگرد شڪارپور جو آهي، ان اسان کي جڏهن روئي دانهن ڏني ۽ اسان پاڻ به اکين سان ڏٺوسين ته حبيب هن سان هٿ چراند ڪئي ته اسان برداشت نه ڪري سگهياسين حقيقت اها آھي. هاڻي اوهان جي مرضي آهي ڀلي جيڪو به فيصلو ڪيو اسان اوهان جي چوڻ تي آيا آهيون، جنهن تي وراڻيائين اوهان صرف ٻه آيا آهيو ٻيا ڪاٿي آهن، مون چيو ته وڙهيا به اسان ٻه ئي آهيون باقي ٻاهر آهن، اسان اگر خيريت سان ٻاهر نه نڪتاسين ته هو اسان جي مائٽن کي اطلاع ڪندا، گل محمد چيو ته اسين سڀ سنڌي ڀائر آهيون، اڳتي ائين پاڻ ۾ جهيڙو نه ٿيڻ گهرجي ۽ حبيب کي چيائين: ”غلطي تنهنجي آهي اٿي دوستن کي پرچاءِ“ ائين اسان جي گل محمد خان ۽ جساف جي ٻين شاگردن سان دوستي ٿي وئي، جنهن کان هڪ مهينو پوءِ وري اسان دوستن جو جميعت وارن سان جيڪي ظاهر ۾ ست ڄڻا هوندا هئا ۽ پرنسيپال جي کلي سپورٽ ھوندي هئن جنهن ڪري سنڌي شاگردن سان اجايو گنڊاگردي ڪندا رهندا هئا، هن گروپ وارن سان به جهيڙو ٿيو ۽ گل محمد خان اسان جي مدد لاءِ فوري ساٿين سميت پهتو ليڪن اسان اڳيئي جميعت وارن کي رتورت ڪري ڇڏيو هيوسين. ان وقت ئي پرسنسيپال صاحب وٽ فيصلو ٿيو جنهن ۾ جساف اڳواڻ وهاب ڏهر ۽ گل محمد جکراڻي اسان جي سپورٽ ۾ ڳالهايو، ڳالهين ۾ جميعت واران جي اڳرائي ثابت ٿي جنھن ڪري مڙئي خير ٿي ويو. ھنن موقعي تي گل محمد جو فوري پھچڻ فيصلي ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ کان پوءِ سندس پاران باضابطا دعوت ڏيڻ تي اسان جساف ۾ شامل ٿي وياسين.

سکر شھر جون ڪجهه رولاڪيون
ڪاليج جي انهن ٻن سالن دوران به ڪاليج ٽائيم کان پوءِ سکر شھر جي رولاڪين ۾ آءٌ اڪثر معصوم شاھ جي مناري تي مٿي وڃي ويھندو ھئس، يا لب مهراڻ تي وڃي سنڌوءَ درياهه جا منظر پسندو ھئس، ھنن نظارن ڏسڻ سان ذھني سڪون محسوس ٿيندو ھو. اسان جو سکر شھر جي ڪجهه دوستن سان ھڪ گروپ جڙي ويو هو، جنھن مان ھڪ دوست جو ملٽري روڊ تي گھر ھئو، ان وقت ۾ ملٽري روڊ ويڪرو ليڪن سنگل روڊ ھوندو ھو، ۽ روڊ کان کيرٿر ڪئنال تائين زمين خالي ھوندي ھئي، جت ھاڻي وڏيون عمارتون ۽ پلازه ٺھي ويا آهن. دوست جو ھت گھر ھجڻ جي سھولت ڪري گرمين ۾ ملٽري روڊ ڀرسان وھندڙ کيرٿر ڪئنال تي پڪنڪ پروگرام ڪندا ھئاسين، ۽ ڪئنال کي تري پار ڪرڻ جا مقابلا به ڪندا هئاسين، ھڪ ڀيري ته لب مھراڻ تان دوستن سميت سنڌو درياهه ۾ ترڻ جو به تجربو ڪيوسين، پاڻي جو تيز وهڪرو محسوس ڪندي جلدي واپس ٻاھر نڪتاسين، ٻيھر ڪڏهن به درياهه ۾ ترڻ جو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيو.
نشان سئنيما ڀرسان ھڪ ھوٽل ھوندو ھئو، جنھن جو نالو شايد زميندار ھوٽل لکيل ھوندو ھو، ليڪن ڀٽو جي ھوٽل سان مشهور ھو، ھن ھوٽل تي به اڪثر ويندا ھئاسين ۽ ويٽر اسان کي ڏسندي ئي اسان جي پسند پاڪولا جون بوتلون بلڪل برف ٿيل کڻي ايندو هو، سکر جي گرميء ۾ برف ٿيل بوتل پيئڻ سان برف جي ذرن جو سواد سوايو ھوندو ھو. ان وقت ۾ سکر جي سينيمائن تي فلمون به جام ڏٺيون. ڪڏھن مھراڻ مرڪز تي وڃي هڪ ننڍي ھوٽل جا مشھور پاوا کائيندا هئاسين، يا مھراڻ مرڪز جي پرسڪون ايراني ٽائيپ ريسٽورنٽ جنھن ۾ ويھڻ لاءِ سيپريٽ سٽنگ پورشن ھوندا ھئا، ۽ ھتي سيپريٽ چانھ ملندي ھئي، جنھن جي پيئڻ جو مزو وٺندا هئاسين. ان وقت ۾ سکر پنھنجو شھر لڳندو هو، جنھن جون ساروڻيون تمام گھڻيون آهن، ليڪن اختصار کان ڪم وٺندي احوال اتي ئي ختم ڪجي ٿو. ڪجھ پنهنجون يادگيريون به ان ڪري لکيون آهن، ته هي به 45 سال پراڻي ان وقت جي سکر ڊگري ڪاليج ۽ شھر جي حالتن جي هڪ تاريخ آهي.

سکر جي تاريخي ماڳن جو دورو
سال 2018ع ۾ 11 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ رھندڙ پياري دوست سليم مهر فون ڪري چيو ته آءٌ سکر ۾ رهيل آهيان، ڪجهه ڏينهن هتي ئي آهيان، سکر جي موسم به ڏاڍي ڀلي لڳي پئي آهي، ۽ سکر اوهان جو به پنهنجو شهر آهي، اچو ته گڏجي هتي جا تاريخي ماڳ به گهمون ۽ هتي جي سنگت سان ڪچهريون به ڪيون، سندس سڏ ۾ ايڏي ته سڪ هئي جو منهنجو من سکر لاءِ ايئن ڀرجي آيو، جيئن مارئي جو ملير لاءِ ڇو ته مون کي ٻه سال سکر ڊگري ڪاليج ۾ پڙهڻ سان گڏ شاگرد سياست، دوستن جون محبتون ۽ سکر شهر جي رولاڪين جو يادگيريون ذهن تي تري آيون، جنھن ڪري ان وقت ئي ساڻس سکر اچڻ جو واعدو ڪيو. 13 نومبر تي رات جو اٺين وڳي سندس جاءِ تي سکر پهتس چيائين ته فريش ٿيو ماني ٻي جاءِ تي آهي. ٿوري دير ۾ عبدالڪريم مهر جي جاءِ تي پهتاسين اتي 12 ويٺل دوستن سان ملاقات ٿي، جن سان سليم مھر منھنجو تعارف ڪرايو ته اتي ويٺلن مان ھڪ پنھنجائپ واري انداز ۾ رڙ ڪئي ته عنايت کٽياڻ پيرڳوٺ وارو آھين؟ سليم چيس ته بلڪل پير ڳوٺ وارو پوءِ ته وري ڀاڪرين پئجي ويا سين، ھي ٻه منهنجا ڪاليج فيلو دوارڪا داس ۽ ڊاڪٽر ياسين سميجو هئا، جن سان 40 سالن کان پوءِ ملاقات ٿي، ھڪ ٻئي کي سڃاڻڻ بعد ڏاڍي خوشي ٿي، ۽ يادگيريون تازيون ڪيون سين. ٻين دوستن سان به تعارف ۽ سٺي ڪچهري ٿي، ڪچھري ھلندي، ڊاڪٽر ياسين سميجو سريلي آواز ۾ گيت ڳائيندي محفل کي مچايو ته واهه واهه ٿي وئي هئي. سکر شھر ۾ پھچندي ھن شاندار آجيان دل کي بھار بھار ڪري ڇڏيو، مانوري سليم مهر پاران پراڻي سنگت سان ملائڻ جي سرپرائيز به ڏاڍي دل خوش ڪري ڇڏي.
14 نومبر جي صبح تي ايڊوڪيٽ رفيق احمد چاچڙ اچي پهتو، جنھن اسان ٻنهي کي اروڙ وٺي هليو، اروڙ ويندي سکر بئراج ۽ واپسيءَ تي روهڙيءَ جي لينس ڊائونس پل ۽ ايوب پل تي به ڪجهه دير ترسياسين. مانجھاندو بکر قلعي جي اندر صدر الدين شاهه جي مزار ڀرسان آباديءَ ۾ سليم مھر جونيئر جي گھر تي ڪيوسين.
شام جو مانواري سليم مھر منھنجي مان ۾ شاندار دعوت جو انتظام ڪيو ھو، راڳ رنگ جي محفل ڪرايائين جنهن ۾ منھنجي دوستن سميت 50 دوست کي شامل محفل ڪيائين، ۽ مون سميت ٻاهران آيل ٻين دوستن کي به اجرڪ به اوڍايائين جن ۾ لاڙڪاڻي کان آيل استاد خالد، شڪارپور کان ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو، سيد نادر علي شاهه، شاعر لطف سيال، وزير انڙ، دعوت ۾ آغا غلام نبي پٺاڻ، سينئر ايڊوڪيٽ امان الله ملڪ، ايڊوڪيٽ رفيق احمد چاچڙ، سليم مھر جونيئر، ڊاڪٽر ياسين سميجو، دوارڪا داس ۽ سکر شھر جون معروف شخصيتون ۽ ٻيا دوست شامل ھئا، سڀن کان عزتون ۽ قرب مليا، سليم مھر مون فقير جي مان ۾ اميراڻا انتظام ڪرايا ھئائين، سندس وڏاوڙ ۽ مليل قرب وساري نٿا سگهجن.
** تاريخ 15 نومبر جي صبح تي مانوارو دوست آغا غلام نبي مون کي ”الفرقان ليبرري“ تي وٺي هليو، جيڪا محترم فقير امان الله ماڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ڪئي آھي. هتي مختلف قسمن جا سوين قران شريف، تفصير ۽ ترجما موجود آھن ۽ ديني تعليم سائنسي انداز ۾ مفت ڏني وڃي ٿي. فقير امان الله ماڪا ۽ سندس ڀاءَ ڊاڪٽر محمد اسماعيل صاحب سان سٺي ڪچھري ٿي ۽ موڪلائيندي فقير سائين قران شريف جو ترجمي سان مڪمل آڊيو سيٽ مونکي تحفي طور ڏنو ۽ مون پنهنجو ڪتاب سنڌ سڀيتا امان الله ماڪا صاحب کي پيش ڪيو، هن فقيري شخصيت جي مالڪ هڪ جديد ۽ خوبصورت ليبرري قائم ڪئي آھي کيس لک شابسون.
* ماڪا ڀائرن کان موڪلائي مومل جي ماڙي (ماٿيلو) روانا ٿياسين، سکر کان نيشنل هاءِ وي رستي روهڙي کان گهوٽڪي پهتاسين، شھر کان پهريان ميڪڊونلڊ جي خوبصورت پارڪنگ تي آغا صاحب ڪار بيھاري چيائين ته سائين مانجهاندو ڪيون ته پوءِ ٿا اڳتي هلون. پوءِ اندر حال ۾ آياسين ته حال به تمام خوبصورت سينگاريل ۽ صاف سٺو هو بلڪل بر ۾ بھاري لڳي پئي هئي، هتي ڪجھ دير ۾ کائي پي اڳتي روانا ٿياسين ۽ گهوٽڪي شهر مان گذري ماٿيلو ويندڙ رستي سان تقريبن 12 ڪلوميٽر سفر ڪري ماٿيلو پهتاسين، ماٿيلو هڪ ڳوٺ يا ننڍڙو شهر چئي سگهجي ٿو.
نند ڪوٽ کان واپسي تي گهوٽڪي شھر ۾ اديب ۽ سماجي اڳواڻ رئوف پارس دايو سان سندس گهر ملاقات ڪئي سون، هن جاکوڙي دوست نند ڪوٽ بابت ڪافي معلومات ونڊ ڪئي هي هڪ همدرد ۽ پرخلوص انسان آھي. دايو صاحب کان موڪلايوسين ته رات ٿي وئي هئي جنهن ڪري واپس سکر روانا ٿياسين ۽ سڌو سينئر ايڊوڪيٽ امان الله ملڪ جي جاءِ تي پھتاسين جتي منھنجي مان ۾ امان الله صاحب پاران دعوت رٿيل هئي، جتي سکر شھر جي خاص طور تي رسول بخش پليجو صاحب جي ساٿي سينيئر ايڊوڪيٽ ۽ سينئر سياسي اڳواڻ، ۽ شاهه لطيف جي پارکو سائين ھادي ڀٽ سان شاندار قومي ڪچھري ٿي. ھن ڪچھري ۾ آغا غلام نبي پٺاڻ، ايڊوڪيٽ شيوڪ رام، ايڊوڪيٽ رفيق احمد چاچڙ، ڊاڪٽر ياسين سميجو، دوارڪا داس ۽ ٻيا معزز شھري پڻ مدعو هئا، جن سڀن سان پڻ ڀرپور ڪچھري ٿي.
16نومبر تي صبح جو آغا غلام نبي صاحب جي ساٿ ۾ ليوڪس پارڪ جو نظارو ڪرڻ کان پوءِ مير معصوم شاهه جي مناري تي پھتاسين متي وڃڻ جو دروازو مستقل بند ڪيو ويو آهي، جنھن ڪري افسوس ۽ اداسي جي ڪيفيت ۾ ڪجهه وقت مناري جي ٿلھي تي گذاريو، پوءِ گنبذ ۽ چبوترن جو جائزو وٺڻ بعد اتان واپس ٿياسين. ڪجهه دير گھنٽاگھر مھراڻ مرڪز ۽ ڀرسان وارن مارڪيٽن ۽ بازارن جو چڪر لڳايوسين مون ھڪ گرم جاڪيٽ به خريد ڪيو، مقصد مارڪيٽن ۽ بازارن جو ماحول ڏسڻ ھو جيڪو لڳ ڀڳ اڳ جھڙو ئي محسوس ٿيو. ان کان پوءِ آدم شاهه جي ٽڪريء تي وياسين، جتي ڪجهه وقت گذاري واپس ٿياسين، ٽڪريءَ جو صرف چوٽيءَ وارو حصو بچيو آهي، باقي قبضو ٿي ويو آهي، ۽ بي ڍنگي ڪچي آبادي ٽڪريءَ کي وڪوڙي وئي آهي، ٽڪريءَ جي خوبصورتي ختم ٿي چڪي آهي. آدم شاهه جي ٽڪريءَ تان واپس ٿي اچي پراڻي پيرڳوٺ بس اسٽاپ تي اچي ھڪ صاف سٺي ريسٽورنٽ تي ماني کاڌي سين، جنھن کان پوءِ پياري سليم مھر، آغا غلام نبي ۽ ٻين دوستن کان موڪلائي واپس ڪراچيءَ روانو ٿيس.
اھڙيءَ طرح ٽي ڏينھن ٽي راتيون سکر شھر ۽ ماڳن مڪانن جو دورو مڪمل ڪري واپس ٿيس. سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ماڳن جو سير سفر ڪندي سنڌ جو ماضي نظر ايندو آهي. انھن سڀن کان سکر جو دؤرو بلڪل منفرد ھئو، جنھن دوران مون تاريخ جي ڳولائو مسافر کي پنھنجي ماضيءَ جي يادگيرين پنھنجي ڄار ۾ وڪوڙي ورتو ھو. 40 سال پهرين جنھن شھر جا نه صرف روڊ ۽ رستا پنھنجا ھئا، ليڪن ڏينهن ۽ راتيون به پنھنجا ھئا، ھن وقت ھتي ھيترن سارن پيارن ۽ محبتي دوستن ھوندي به ھي شھر منهنجو نه ھو، ھي انھن سڀن دوستن جو شھر ھو، مان شھر ۾ مھمان ھئس صرف مھمان، ھي شھر منھنجو نه ھو، واپسي جو سفر عجيب ڪيفيتن ۾ گذريو، عجيب احساس، يادگيريون، حسرتون، محروميون، محبتون، ۽ نفرتون ليڪن سب ماضي ھو. مون ھڪدم پاڻ کي ماضيءَ مان حال ۾ آندو ته آء 1978ع کان ڪراچيءَ ۾ آھيان، ۽ 40-42 سال وڏو عرصو آهي، جيڪي مون ڪراچيءَ کي پنهنجو ڪرڻ ۾ گذاريو آهي. ڪراچي روشنين جو خوبصورت شھر جڏهن وڳوڙن جي وڪڙ ۾ اچي ويو ته 1988ع ۾ ڪراچيءَ جي لساني جھيڙن دوران قومپرست دوستن سان گڏجي سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ سچل ڳوٺ وسايوسين، ان جي تحفظ، تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ عملي جدوجهد ڪئي، ۽ قومي ٻڌي قائم ڪري سڀن جي ڳڏيل جدوجھد سان سچل ڳوٺ ۾ تعليمي اداران، راندين جي ميدان ۽ پارڪ سميت ھر سھولت سان سينگاريوسين. جنهن ڪري سچل جي ڪاميابي سان آباد ٿيڻ بعد ڪراچيءَ جي ھن پاسي تي وڏي تعداد ۾ سنڌي ڳوٺ ۽ سوسائٽيون آباد ٿيا آهن، جن جي تحفظ ۽ تعمير لاءِ پڻ پنھنجو قومي ڪردار ادا ڪيو آهي. ۽ ھن وقت پورو علائقو سنڌين جو علائقو سمجھيو وڃي ٿو، ۽ سچل جو علائقو سڏيو وڃي ٿو. اھڙيءَ طرح اسين ڪراچي ۾ خاص پنھنجو علائقو قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون. ھاڻ سکر منھنجو نه منھنجي سنگت جو ئي سھي، ليڪن ڪراچي منھنجو شھر آھي.

نظم

سونھن سنڌوءَ سرشار ڪري، عشق جا گهنڊ وڄائي ٿي.
اروڙ، روهڙي، بکر، سکر،
مسجد منزل، سنڌوءَ بندر،
ستين آستان ۽ ساڌو ٻيلو،
جل ٿل دريا، سائي ساوڪ،
لب مھراڻ تي محبت وارا،
معصوم مينارا سارا نظارا،
سونن سنگن جا ڍير ڪري،
ميواتن جا جهول ڀري،
سک جا سج اڀاري ٿي.
سونھن سنڌوءَ سرشار ڪري،
عشق جا گهنڊ وڄائي ٿي.

عنايت کٽياڻ ”ضمير“

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان ڇپيل ڪتاب

• جيجل منهنجي قسمت (ڪهاڻيون) دلبر چانڊيو
• تون منهنجي ساهه ۾ آهين (ڪهاڻيون) طارق خشڪ
• عشق جي آخري سرحد (ڪهاڻيون) يار محمد چانڊيو
• ساڃاهه جا سرچشما (ڀٽائي جي بيتن جي چونڊ ۽ تشريح) سعيد احمد چانڊيو
• ڌرتيءَ جو پُٽ (ڪهاڻيون) عبدالواحد سومرو
• پيئي جن پرک )ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو علمي ۽ ادبي شخصيت( ترتيب: مرتضيٰ لغاري
• ڪلجُڳ جا رنگ (ڪهاڻيون) ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
• Shah jo risalo Transleted By: Dr. Ali Akbar Dhakan
• پيار جي ڌرتي دل جو ديس (ڪهاڻيون) مٺل چانڊيو
• ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ (ڪهاڻيون) هوش محمد ڀٽي
• ظاهر (ناول) سنڌيڪار: اياز ڀُٽو
• جيءَ جيارو (پيغمبرِ خدا جي زندگي تي نظر) اويس ڀٽو
• نيل نديءَ تي رولاڪي (ناول:”نجيب محفوظ“) ترجمو: اياز ڀٽو
• عشق عبادت (ڪهاڻيون) اندرا شبنم پونا والا
• مٽي ماٿي لايان (ڪهاڻيون) فرزانه شاهين
 Nazeer Ali Bhatti Standard Basic English Grammar
• شيڪسپيئر جون ڪهاڻيون (چارلس لئمب/ميري اين لئمب) سنڌيڪار: اياز ڀٽو
• سماج ۽ سياست جو گرائمر (تنقيد) ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري
• شاهه جو رسالو سُر ڪيڏارو (ڪربلا جو قصو) ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ
• شاهه جو رسالو جا سُر ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ
• سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت (مضمون) ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
• در جو کڙڪو (ڪهاڻيون) شفيع بڪڪ
• نت نت آهه نئون (لطيفيات) لطف پيرزادو
• ڪرنل کي ڪير به خط نه ٿو لکي (ناول: گارشيا مارڪئيز) ترجمو: رحمت سومرو
• ساروڻيون ساڻيهه جون (يادگيريون) خير محمد ڪولاچي
• ڪجلا سر (ناول) اجمير ڀُٽو
• سامي سهاڳي (خاڪا) اقرار پيرزادو
• ننڍڙي پري (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) وحيد محسن
• خوابن جو سفر (سنڌ جو سفر نامو) سلطانه وقاصي
• پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام تحقيق، ترتيب ۽ مقدمو: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
 Nazeer Ali Bhatti Standard Basic English Grammar
• چوٿين مارچ ۽ سنڌي شاگرد جدوجهد سهيڙيندڙ: پروفيسر اعجاز احمد قريشي
• مارو پاڻ امُلهه (سوانحي خاڪا) محمد هنڱورجو
• واپسي (ناول) انور ڪليم
• Bequest of the Bhittai Dr Sher mihrani
• ايلسا (ناوليٽ) عبدالواحد سومرو
• آءِ لوَ يو (ناوليٽ) بيدل مسرور
• مان به تخليقيان ٿو ڪجهه ويٺو ( نثر) آثم ناٿن شاهي
• پاڻي کوٽ ڊيم ۽ عالمي تضاد )مضمون( بشير منگي
• ڌرتي ڌڻي شاعر؛ استاد بخاري (مقالا) سهيڙ: سجاد يوسف سومرو ۽ تابش بخاري
• شاهه لطيف هڪ ڪامل انسان (لطيفيات) فدا حسين شيخ
• من من مور ٽهوڪا (خاڪا ۽ مضمون) علي نواز ڏاهري
• ڪڙو منجهه ڪڙي (خط) سهيڙ: احمد شاڪر
• ڪجلي (ڪهاڻيون) جهانگير عباسي
• سنڌ جو ابنِ بطوطه (حجاز نامو) سهييڙيندڙ: ماڻڪ ملاح
• وِيا اُت وهي (سوانح/شخصيت/ساروڻيون) سهيڙيندڙ: شمس راهمون
• ڳالهيون پيٽ ورن ۾ (ڪالم) سلطانه وقاصي
• سڳنڌ (سلطانه وقاصيءَ تي لکيل مضمون) سهيڙ: مرتضيٰ لغاري
• پنج آڱريون (ڪهاڻيون) سڪندر هاڙهو
• Nazeer Ali Bhatti Standard Basic English Grammar
• ڀونءِ نه آياس ڀانءِ (ڊاڪٽر ڪمال جي وڇوڙي تي آيل تاثراتي نثر) سهيڙ: ڊاڪٽر عابده گهانگهرو
• ڏونگر ڏاري وينداسين (عبدالحڪيم ”ارشد“ جا ڪالم) مرتب: مرتضيٰ لغاري
• ڪاغذي ڳالهيون (ڪالم ۽ مضمون) يوسف جميل لغاري
• ٻولي ٻجهارت (لطيفيات) مينهون خان ”سوز“ بلوچ
• بوءِ (ڪهاڻيون) انور ڪليم
• قدر منجهه ڪِنار (پروفائيل انٽرويو) علي محمد ”درد“ سولنگي
• ڪُلهي ڪانڌي ڪير؟ (ڪهاڻيون) سيما عباسي
• لاحاصل Love (ڪهاڻيون) جاويد شيخ
• سڙيا مٿي سچ (مضمون) سرمد کوسو
• سپنا منهنجي ساهه جا (آثم ناٿن شاهيءَ جي شاعري) سهيڙ: ذوالفقار گاڏهي
• تاريخ جي تهه خاني مان (ڪالم مضمون) سڪندر عباسي
• سنڌوءِ ڪناري ساروڻيون (يادگيريون) ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
• تقدير جو احوال ترجمو: فقير علي ڏنو نظاماڻي
• شاهه جي رسالي جي سنڌي انگلش لغت ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ
• عالم برزخ (ناول) ترجمو: قربان چنا
• سنڌي شاعريءَ جو فن ۽ گهاڙيٽا (تحقيق) عزيز قاسماڻي
• ڏورينديون ڏسن (لطيفيات) محمد هنڱورجو
• سنڌ جو امداد ”جيئن مون ڏٺو“ (شخصيت) فدا حسين شيخ
• سٽون پڙهه ساڃاهه جُون (مضمون) سرمد کوسو
• گل و گلزار جيڪب آباد ( تاريخي يادگيريون) قاضي غلام مصطفيٰ
• سنڌ سڀيتا (تاريخي ماڳ) عنايت کٽياڻ
• ڳالهيون ڪيناڊا جي وڻ وڻڪار جون (سفر نامو) ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
• نئين دور جون نيون ڪهاڻيون (ٻاراڻو ادب) اظهر ”آزاد“ مغل
• ڦاهي گهاٽ تي اٽڪيل ڳالهه (ڪهاڻيون) جمن احمداڻي
• پچارن پڙلاءُ (تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس) جاويد شيخ
• دادو ضلعو ، تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيق) نادر علي جمالي
• مان ۽ منهنجو جهان (آتم ڪٿا) خير محمد ڪولاچي
• مس ڪال (ناول) عبدالواحد سومرو
• رجيم (ناول) انور ڪليم
• اندر جو اوٻر ( ناول) دوستو وسڪي، سنڌيڪار: اياز ڀٽو
• تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب (تنقيد) ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري
• شيخ اياز جا آزاد نظم (تنقيد) مشتاق گبول
• جيءُ جياريو جن (شخصيتون) ڊاڪٽر غلام رسول سومرو
• شاهه لطيف جي شاعري ۽ موسيقي (لطيفيات) سرمد چانڊيو
• ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر (تحقيق) ”بيوس“ بخش علي چانڊيو
• ميان آدم شاهه (تحقيق) ميان جهانگير عباسي
• ڪائنات ۽ زمين (سائنس) غلام مرتضيٰ نوناري
• سيرت النبي صه (تحقيق) پروفيسر احسان الله جمالي
• ستاويهه ڊسمبر (ڪهاڻيون) پير عبيد راشدي
• ڪهڪشائن کان اڳتي (ناول) عبدالرافع شيخ
• جديد سنڌي ڪهاڻي (تجزياتي تنقيدي جائزو) خليق ٻگهيو
• هنڌان هنڌان جهِير (ڊائريءَ مان نثري ٽُڪرا) علي محمد درد سولنگي
• ڪچي ننڊ جا خواب (ڪهاڻيون) سڪندر عباسي
• الف (ناول) پائلو ڪوئلهو، سنڌيڪار: اياز ڀٽو
• سنڌو (ناول) يار محمد چانڊيو
• هي جو سنسار جرڪڻو آهي (نثر) آثم ناٿن شاهي
• سِگا اڀياس (تحقيق) پروفيسر خالد حسين چنا
• پَنو سو پڙھن (ڊائريءَ جا ورق) سرمد کوسو
• ڪبوتر جواب ڳولي ٿو (ناول) انور ڪليم
• محمان چڑیا (بچوں کی کہانیاں) وحید محسن
• نجو (ڪهاڻيون) شفيع بڪڪ
• شاهه لطيف (ناول) سرمد چانڊيو
• عظيم ورثو (ناول) مترجم: اياز ڀٽو
• ڪارو رتُ (ناول) مترجم: عبدالڪريم چنا
• نيٺ ڇا ڪجي (ڪالم مضمون) محمد شعيب بڪڪ
• سارَ جا سوجهرا (مقالا ۽ مضمون) محمد يوسف ڀُٽو
• اڌ چهرو (ناول) عبدالواحد سومرو
• سکر تاريخ جو گلدستو (تحقيق) عنايت کٽياڻ