تعليم

سنڌي درسي ڪتاب (ڀاڱو ٻيو)

ھي ڪتاب غير مادري زبان وارن آفيسرن / ملازمن لاءِ سنڌي سکيا جو ڪتاب آھي، جيڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نصاب ۽ منظوريءَ مطابق تيار ڪيو ويو آھي. سرڪاري ملازمن کي سنڌي ٻولي سيکارڻ جي سلسلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسڪيم آف اسٽڊيز موجب سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ نصاب ٺاھڻ جو اختيار ٻولي اٿارٽي کي مليو. بي پي ايس 17 ۽ مٿي واري آفيسرن لاءِ ٺاھيل ھن نصاب ڪميٽي جا ميمبر محمد ابراھيم جويو، امين لغاري ۽ تاج جويو ھيا جڏھن تہ نگراني چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي.

Title Cover of book سنڌي درسي ڪتاب (ڀاڱو ٻيو)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪميٽي ميمبرن سان گڏ لکيل ڪتاب ”سنڌي درسي ڪتاب (ڀاڱو ٻيو)“ اوھان اڳيان حاضر آھي. 
ھي ڪتاب غير مادري زبان وارن آفيسرن / ملازمن لاءِ سنڌي سکيا جو ڪتاب آھي، جيڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نصاب ۽ منظوريءَ مطابق تيار ڪيو ويو آھي. سرڪاري ملازمن کي سنڌي ٻولي سيکارڻ جي سلسلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسڪيم آف اسٽڊيز موجب سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ نصاب ٺاھڻ جو اختيار ٻولي اٿارٽي کي مليو. بي پي ايس 17 ۽ مٿي واري آفيسرن لاءِ ٺاھيل ھن نصاب ڪميٽي جا ميمبر محمد ابراھيم جويو، امين لغاري ۽ تاج جويو ھيا جڏھن تہ نگراني چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي.
ھي ڪتاب سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران 2000ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.