ڪھاڻيون

اداس واديون

ھن مجموعي ۾ حميد سنڌيءَ جون 1958ع کان 1965ع تائين جون لکيل 11 ڪھاڻيون شامل آھن. حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ محبت، مجاز، جدائيءَ جا ورلاپ، اميد جي ڪرڻ نظر اچن ٿا. سندس ڪھاڻيون گهڻو تڻو نج ٻھراڙيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل آھن. سندس ڪھاڻين ۾ معاشرتي ظلم، ستم، ڏاڍ، جبر سڌو سنئون نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻين ۾ ڪردارنگاري تي وڌيڪ ڌيان ڏنل آھي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار ھمٿ ڀريا ۽ اڏول آھن.

  • 4.5/5.0
  • 7
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس واديون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جو  پھريون مجموعو ”اداس واديون“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن مجموعي ۾ حميد سنڌيءَ جون 1958ع کان 1965ع تائين جون لکيل 11 ڪھاڻيون شامل آھن.  حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ محبت، مجاز، جدائيءَ جا ورلاپ، اميد جي ڪرڻ نظر اچن ٿا. سندس ڪھاڻيون گهڻو تڻو نج ٻھراڙيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل آھن. سندس ڪھاڻين ۾ معاشرتي ظلم، ستم، ڏاڍ، جبر سڌو سنئون نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻين ۾ ڪردارنگاري تي وڌيڪ ڌيان ڏنل آھي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار ھمٿ ڀريا ۽ اڏول آھن.
هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو، 1965ع ۾، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو هو ۽  ٻيو ڇاپو، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپايو ويو. جنھن  جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي