شخصيتون ۽ خاڪا

کاھوڙين کڻي ساجهر ٻَڌا سندرا

مٺو مھيري لطيف جو پارکو، سنڌي شاعريءَ کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪندڙ، ھڪ جاکوڙي سياسي ڪارڪن رھيو، جنھن جيل ڪاٽيا ۽ ڦٽڪا کاڌا.، پر ثابت قدم رھيو. ھي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. پھرين حصي ۾ مٺو مھيريءَ جي فن، شخصيت، سياسي، سماجي ۽ ادبي سفر بابت ۽ سندس اوچتي لاڏاڻي تي لکيل تاثراتي مضمون، ڪالم ۽ مقالا شامل آھن. ٻئي حصي ۾ مٺو مھيريءَ جي لکيل مقالن، ڪالمن ۽ مضمونن کي سھيڙيو ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book کاھوڙين کڻي ساجهر ٻَڌا سندرا

حق ۽ واسطا

ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا
”مٺو مھيري يادگار ڪاميٽي“ وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو: کاهوڙِيُن کَڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندرا
موضوع: شخصيت-ڪالم-مضمون
مُرتب: رفيق جعفري
ڇاپو: پھريون
سال: آڪٽوبر- 2023ع
ڪاپيون: 1000
ٽائيٽل/لي آئوٽ: پرڪاش ڪرمواڻي
ايڊيٽنگ-پروف ريڊنگ: علي حسن چانڊيو
ڪمپوزنگ: علي محمد ميمڻ
ڇپائيندڙ:مٺو مھيري يادگار ڪاميٽي
ڇپيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
03333173584-03413386907

قيمت: 500 روپيا

KAHORYUN KHANI SAJHUR BADHA SANDRA
[Columns-Articles]
Compiled By: Rafique Jaffri

Edition: First
Quantity: 1000
Year: 2023
Published By: Samroti Publication, Tharparkar
03333173584-03413386907
Price Rs. 500-00

ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
ٿر ڪتاب گھر، مٺي- ڪنول-سمبارا ڪتاب گھر، حيدرآباد- ڪويتا ڪتاب گھر، حيدرآباد-ڀٽائي ڪتاب گھر،
گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ-
ڪاٺياواڙا اسٽور اردو بازار ڪراچي-رابيل ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو-مهراڻ ڪتاب، کپرو-
العزيز ڪتاب گھر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گھر، ڇاڇرو-ڪنگري بوڪ شاپ،
اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گھر، سانگھڙ-
مرچولال بڪ ڊيپو، بدين-سوجھرو ڪتاب گھر، بدين-
مهراڻ بڪ سينٽر، سکر-وسيم ڪتاب گھر شڪارپور-
سارنگ ڪتاب گھر ڪنڊيارو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي ھڪ جاکوڙي ڪردار مٺو مھيريءَ جي شخصيت بابت لکيل تاثراتن، مضمونن ۽ مٺو مھيريءَ جي لکيل مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”کاھوڙين کڻي ساجهر ٻَڌا سندرا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو مرتب رفيق جعفري آھي.
مٺو مھيري لطيف جو پارکو، سنڌي شاعريءَ کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪندڙ، ھڪ جاکوڙي سياسي ڪارڪن رھيو، جنھن جيل ڪاٽيا ۽ ڦٽڪا کاڌا.، پر ثابت قدم رھيو. ھي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. پھرين حصي ۾ مٺو مھيريءَ جي فن، شخصيت، سياسي، سماجي ۽ ادبي سفر بابت ۽ سندس اوچتي لاڏاڻي تي لکيل تاثراتي مضمون، ڪالم ۽ مقالا شامل آھن. ٻئي حصي ۾ مٺو مھيريءَ جي لکيل مقالن، ڪالمن ۽ مضمونن کي سھيڙيو ويو آھي.
ھي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر پاران آڪٽوبر 2023ع ۾ ڇپايو ويو آھي، جنھن جي ڪمپوز ڪاپي پرڪاش ڪرمواڻيءَ جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

سنڌ ڌرتيءَ جي نانءُ

مھاڳ: رفيق جعفري

کاهوڙِيُنِ کَڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَڻِي؛
ڏَکنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيھهُ لَڌائُون ڇَپَرين.
(شاھ)

16 جولاءِ 2017ع تي واشنگٽن جي ھڪ خوبصورت ھوٽل فيئر فيڪس ۾ مٺو مھيري ۽ آئون ترسيل ھئاسين. اھا واشنگٽن ۾ اسان جي آخري رات ھئي جو ٻئي ڏينھن تي ڪراچيءَ جي فلائيٽ ھئي. اسان گذريل ويھن ڏينھن ۾ آمريڪا جي مختلف شھرن لاس اينجلس، لاس ويگاس، نيويارڪ ۽ سان فرانسسڪو کان ٿيندا واشنگٽن پھتا ھئاسين. ھوٽل خوبصورت جاءِ تي ھئي، آسپاس مختلف ملڪن جا سفارتخانا ھئا ۽ ھوٽل کان ٿوري فاصلي تي ھڪ سرسبز ۽ وڏي گولائيءَ ۾ واڪنگ ٽريڪ ٺھيل ھو، جنھن تي اسان شام جو ھلندي ڦرندي ڪچھري ڪندا رھياسين. ان کان اڳ اسان ڏينھن جو واشنگٽن شھر ۾ ڪافي ميوزيم يا عجائب گھر به گھمياسين. ھڪ عجائب گھر جيڪو ميوزيم آف نيچرل سائنسز جي نالي سان ھو، مٺو ان ۾ ڊارون (Darwin)جي، انساني زندگيءَ جي ارتقا جي نظرئي کي غور سان ڏسندو ۽ ان جي مختلف مرحلن تي بحث به ڪندو پئي ھليو. ھن کي انھيءَ بابت مطالعو ۽ معلومات اڳ ۾ ئي ھئي.
شام جو ھو انساني زندگيءَ جي ارتقا جي نظرين سان گڏ انساني زندگيءَ جي آخري مرحلن تي به ڳالھائيندو پئي ھليو ۽ اھا ڳالھه ٻول ھوٽل ٻاھران ذڪر ڪيل پارڪ ۾ ھلڻ دوران پئي ٿي. سندس سوچ ھئي ته اسان پنھنجي زندگي سٺي انداز ۾ گذاري چڪا آھيون ۽ انساني زندگيءَ جي ارتقا جي مرحلن وانگر ھاڻ حياتيءَ جي پڄاڻيءَ وارن مرحلن ۾ آھيون.
مٺو اڪثر موت ۽ زندگيءَ جي فلسفي تي ڳالھائيندو رھندو ھو. باوجود انھيءَ جي جو ھو پنھنجي صحت بابت محتاط هوندو ھو پر موت جو خوف ھن جي ذھن ۾ نه ھوندو ھو، البت اھا سوچ ضرور رکندو ھو ته زندگي جا سلسلا ھلندي گھمندي پڄاڻيءَ تي پھچڻ گھرجن ته بھتر آھي. ڪجھه عرصي کانپوءِ سندس دل جو باءِ پاس آپريشن ٿيو جنھن کان پوءِ ھن جو گھڻو گھمڻ ڦرڻ محدود ٿي ويو. آمريڪا کان پوءِ يورپ ياترا جي تياري ڪئي سين پر عين روانگيءَ جي انتظامن ھلندي پنھنجي طبيعت جو حوالو ڏيندي نه ھلي سگھيو ۽ اسان سڄي يورپ جي شھرن جي مسافريءَ ۾ مٺي جي کوٽ محسوس ڪئي. باءِ پاس کان پوء ھو فقط ھڪ ڀيرو ترڪيءَ جي سفر ۾ ساٿ ڏيئي سگھيو ۽ پوءِ ساڳئي دل جي ٿيل آپريشن بعد ھو وري دل جي ڌڙڪي ۽ ساھ جي تڪليف جي شڪايت ڪري ڊاڪٽرن سان رابطي ۾ رھندو آيو ۽ نيٺ ڪراچيءَ جي ھڪ نالي واري پرائيويٽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مشوري تحت 31 آڪٽوبر 2022ع تي ھڪ ننڍي سرجيڪل پروسيجر لاءِ داخل ڪيو ويو جتي ھن جي ساھن جو سلسلو اڳتي نه ھلي سگھيو ۽ ان ڏينھن ھن جو وڇوڙو اسان سڀني لاءِ ھڪ درد ڀريو خال پيدا ڪري ويو.
سندس يادن کي سھيڙيندي ضروري آھي ته مٺي جي زندگيءَ جو مختصر تعارف مھاڳ ۾ شامل ڪجي :
مٺو مھيري ولد مير خان مھيري تعلقي گولاڙچي ضلع بدين جي ڳوٺ چاڪر مھيريءَ ۾ جنوري 1952ع ۾ جنم ورتو. سندس وڏا مالوند ماڻھو ھئا جيڪي چوپائي مال، خاص طور اٺن جي پالنا سان گڏ زمينداري پيشي سان وابسته هئا. مٺي مھيري به پنھنجي وڏن کان ورثي ۾ مليل چوپائي مال ۽ زمينداريءَ سان وابستگي رکي ۽ بعد ۾ ھن آسپاس جي شھرن ۾ واپار توڙي سيڙپڪاريءَ جو ڪم پڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ ٻھراڙيءَ جي ماحول سبب ھو باقاعده ڪنھن تدريسي عمل جو حصو نه بڻيو پر پنھنجي وڏن ۽ گھرو ماحول جيڪو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان متاثر رھيو، مٺي لاءِ لطيفي ڄاڻ ۽ اڳتي وري سندس مطالعاتي سلسلن جو سبب بڻيو. هن جنھن وقت ھوش سنڀاليو ته سندن پسگردائيءَ ۾ شھيد فاضل راهو سياسي طور ھڪ مضبوط عوامي اڳواڻ طور تحرڪ ۾ ھو. مٺي جي خانداني وابستگي ۽ سندس مطالعاتي شعور کيس ان وقت جي ھلندڙ سياسي ۽ سماجي عمل جو حصو بنايو، جنھن ھن جي ذھني اوسر ۽ مطالعي جي شوق ۾ واڌارو آندو. شھيد فاضل راهوءَ سان سندس وابستگي کيس رسول بخش پليجي ۽ اھڙين شخصيتن سان وابسته ڪري رکيو جنھن ڪري ھو سياسي ۽ سماجي تحريڪن جو حصو بڻجي ويو.
مٺو مھيري ھڪ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن طور ايترو ته متحرڪ ٿي ويو، جو ھن ضيائي آمريت جي دور ۾ سنڌ ۾ ھلندڙ سياسي ھلچل دوران ڊگھو عرصو جيل ڀوڳيا ۽ سنڌ ۾ پھرين سياسي قيديءَ جي حيثيت ۾ ڦٽڪا پڻ کلندي ۽ نعرا هڻندي برداشت ڪيا. پاڻ ڊگھو عرصو سنڌ ۾ سياسي جاڳرتا ۽ جدوجھد خاطر جاکوڙيندڙ تنظيمن جو حصو رھيو. ھو لطيف، اياز، سرويچ، ابراهيم منشي، شمشيرالحيدري توڙي ٻين شاعرن جي ڪلام جو حافظ ھو، خاص طور لطيف جي ڪلام تي ھن کي ڀرپور دسترس حاصل هئي. اھوئي سبب آھي جو ھو مختلف ٽي وي چئنلن تي اڪثر مھمان اسپيڪر طور نمايان نظر ايندو ھو. قدرت ھن کي مٺي آواز سان نوازيو ھو، ھو اڪثر محفلن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ، شيخ اياز، شمشيرالحيدري، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي ۽ ٻين انقلابي توڙي رومانوي شاعرن جا ڪلام جھونگاريندو رھندو ھو. ملڪي توڙي بين الاقوامي ادب جي مطالعي ۽ دنيا جي سفرنامن ھن جي ذھن ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي سياحت جو شوق پيدا ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھن تمام گھڻا ڏيھي ۽ پرڏيھي سفر ڪيا. آمريڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي سياحت ڪئي ۽ 2017ع ۾ آمريڪا جي شھر لاس اينجلس ۾ منعقد ٿيل سانا جي سالياني ڪنوينشن ۾ پڻ شرڪت ڪئي.
اوھان جي ھٿن ۾ موجود ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ کان اڳ منھنجي خواهش هئي ته مٺي بابت مڪمل ڪتاب ساڻس وابستگيءَ ۽ يادن تي پاڻ ئي لکي شايع ڪرايان، پر پوءِ اها سوچ آئي ته ڪيترائي ساٿي آهن، جن جي ذهنن ۾ سندس يادون محفوظ آهن ۽ ڪيترائي ساڻس جيل ۾ پڻ گڏ رهيا، جن آمريت جي دور ۾گڏ ڦٽڪا پڻ برداشت ڪيا. انھيءَ کانسواءِ ڪيترا دوست آهن جيڪي هن سان مختلف مرحلن ۾ سفر ڪندا رهيا، ان جي ذات برادريءَ جا ماڻھو جن هن کي ننڍي لاڪُون ويجھڙائيءَ کان ڏٺو ۽ ٻڌو، ته بھتر سمجھيم ته اهڙا جيڪي به لکندڙ آهن، رابطو ڪري انھن وٽ محفوظ سندس يادون سھيڙي وٺجن. آئون ٿورائتو آهيان انھن سڀني مھربانن جو جن منھنجي رابطي جي موٽ ڏني ۽ مٺي بابت محفوظ يادون، مختلف مضمونن توڙي تاثرات جي صورت ۾ مون تائين پھچايون جن کي ترتيب ڏئي هن ڪتاب جي صورت ۾ آندو ويو. جيئن ته مٺو پاڻ به پنھنجي مطالعي آڌار لکڻ جي سلسلي ۾ پاڻ به تخليقي صلاحيت رکندو هو ۽ سندس مضمون ۽ ڪالم اڪثر مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا، جن مان هٿ آيل سندس ڪجھه لکڻيون پڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيون ويون آهن. هن ڪتاب کي سھيڙڻ ۾ مٺي مھيري جو پٽ غلام مرتضيٰ مھيري مسلسل رابطي ۾ رهيو ان کان علاوه ڪتاب جي انتظامن (ايڊيٽنگ، ڪمپوزنگ ۽ قيمتي فني مشورن لاءِ) علي حسن چانڊيو، علي محمد ميمڻ جس لھڻن.
هن ڪتاب کي شايع ڪرڻ واري ڪم ۾ مٺي مھيري جي حوالي سان ڪجھه اهڙا به مھربان هئا جن پنھنجا مضمون ۽ تاثرات لکي ڏيڻ لاءِ آمادگي ڏيکاري ھئي پر وقت سر سندن لکتون نه پھچڻ ڪري اهي ڪتاب ۾شامل نه ٿي سگھيون آهن جنھن لاءِ معذرت. پڙهندڙن کي گذارش هوندي ته هو هن ڪتاب بابت پنھنجن قيمتي راءِ کان ضرور آگاهه ڪن ته مھرباني ٿيندي.

مٺي مھيريءَ جي شخصيت: محمد اسماعيل راهو

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي پڙهڻ، اچارڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جيترو ڏکيو آهي اوترو شايد بر صغير جو ڪو ٻيو شاعر هجي. مٺو مهيري ان ڏات سان خوب نوازيل هو. گهڻي ڀاڱي کيس سڄو رسالو برزبان ياد هو. لطيف جي شاعريءَ کي صحيح تلفظ سان ۽ روانيءَ سان ٻڌائڻ ۽ پڙهڻ ۾ کيس ڪمال حاصل هو. شاهه سائينءَ جا استعمال ڪيل ڪيترائي ڏکيا لفظ جن جي معنيٰ ڪيترن ئي ڪاتبن جي مرتب ڪيل رسالن ۾ به ڳولي حاصل نه ٿيندي هئي پر مٺي کان ملي ويندي هئي. بنا شڪ جي سندس شمار لطيف جي تمام وڏن پارکن ۽ تحقيق ڪندڙن ۾ ڪري سگهجي ٿو. اها اسان جي بدقسمتي آهي جو هن جو اهو ڪيل ڪم ڪنهن ڪتابي شڪل ۾ موجود نه آهي. مٺي مهيريءَ کي لطيف تي جيترو عبور حاصل هو يا جيڪو هن حاصل ڪيو هو، اهو جيڪڏهن لکيت ۾ آڻي ها ته ڪيترن ئي تحقيق ڪندڙن ۽ ڀٽائيءَ جو ذوق رکندڙن جي لاءِ رهنمائي جو سبب ٿئي ها.
مٺو مهيريء جو ٽيو پاسو شاعر وارو هو. هنکي ٻڌندڙن جي گهڻائي کيس شاعر سمجهندي هئي، جيتوڻيڪ مٺي ڪڏهن شاعريءَ جي هڪ سٽ به ڪونه لکي پر هو سُٺن انقلابي، عوامي ۽ ڪلاسڪي شاعرن جو حافظ هو. شاعري جوڙيندڙ شاعرن کي سندن تخليق وسري ويندي هئي پر مٺي کي کي ياد هوندي هئي. کيس غير معمولي يادداشت حاصل هئي. لطيف، شيخ اياز، سرويچ سجاولي، منشي ابراهيم، فيض احمد فيض، حبيب جالب، شمشير الحيدري، حافظ نظاماڻي، آڪاش انصاري ۽ ٻين ڪيترن جي شاعري جن ۾ ڪلام ۽ گانا به شامل هئا کيس حفظ ٿيل هئا، سندس تيز حافظو، بهترين آواز، ردم ۽ آواز جي ڊليوري جي مهارت سبب ٻڌڻ وارن کي ايترو ته متاثر ڪندو هو جو اڪثر شاعر به سندس شاعري ڳائي نه ڪري سگهندا هئا. مختلف شاعرن جي شاعري کي ٻڌڻ، پڙهڻ، ياد ڪرڻ ۽ ڳائڻ ته هن جو پسنديده مشغلو هو پر ادب جي ٻين صنفن کان به هو لاتعلق نه رهيو: ناول، ڪهاڻين، مضمون، تاريخ، فلسفي ۽ سياسي لٽريچر جو به کيس وڏو مطالعو هو. ڪيترن ئي ناولن ۽ ڪهاڻين جا پلاٽ ۽ ڊائلاگ کيس برزبان ياد هوندا هئا، جن کي ادا ڪندي سندس اداڪاريءَ جي حس به جاڳي پوندي هئي.
مٺو اسٽيج پروگرامن جو به روح روان ۽ سونهن هوندو هو. ميڙاڪو سياسي هجي، سماجي هجي، ادبي يا ڪو ٻيو، مٺو آيو ته محفل مچي ويندي هئي. اجتماع ۽ ميڙاڪو ڪهڙو به هجي، ڪهڙي قسم جي سوچ ۽ طبيعت جا ماڻهو موجود آهن ۽ هو ڇا ٿا ٻڌڻ چاهين ان کان مٺو ڀلي ڀت واقف هوندو هو. ماڻهن جي ان نفسيات مطابق اسٽيج تي پرفارم ڪري، بلڪل بي جان هجوم کي به زندھ ڪري ڇڏيندو هو .
مٺو مهيري ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ محفلن جو مور هو پر هيئن چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته مٺو خود محفل هوندو هو. مٺو آيو ۽ جتي به پهتو پوءِ اها پنجن جي ڪچهري هجي يا پنجاهه جي، ازخود محفل جو روپ اختيار ڪري وٺندي هئي. مٺو ان کي پنهنجي رنگ ۾ رنڱڻ جي خوب صلاحيت رکندو هو. مٺي مهيريءَ جي هڪ ٻِي خوبي به هئي جيڪا کيس الڳ حيثيت ڏيندي هئي ته هو هڪ خوش مزاج ۽ زنده دل شخص هو ، هميشه کل خوشي ۾ گذاريندو هو، ڀوڳ چرچا سندس گفتگوءَ جو لازم حصو هوندا هئا. مٺو هڪ حساس طبيعت رکندڙ شخص هو، يقينن هن تي حالات ۽ ماحول اثرانداز ٿيندا هئا، ان جي باوجود سندس زنده دلي هن تي حاوي هوندي هئي، ماڻهو ڪهڙي به ماحول ۾ هجي پرجي مٺي جي ڪچهري رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو ته هڪ وار ته ماڻهو پنهنجا ڏک، سور، غم ۽ پريشانيون سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو، پورو ماحول ۽ ان ۾ موجود ماڻهن جي ذهني ڪيفيت ئي تبديل ٿي ويندي هئي. هو حاضرين کي هڪ جهان مان ٻي جهان ۾ کڻي ايندو هو.
مٺي مهيريءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود هئي جيڪا خاصيت تمام گهٽ ماڻهن کي حاصل هوندي آهي. هن جي شخصيت ۾ ايتري Diversity ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويندو هو. مٺو جتي ماحول ۽ ڪيفيت کي بدلائڻ جو هنر ڄاڻندو هو ته اتي سامهون ويٺل ماڻهن مطابق پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو فن به رکندو هو. مٺو جهڙي ماڻهوءَ سان سامهون مخاطب ٿيندو هو، اهڙو پاڻ ٿي پوندو هو. سياسي شخصيت سان ويهه يا ڪنهن اديب ۽ دانشور سان، ڪنهن شهري بابوءَ سان يا ڳوٺاڻي سان، هاري، مزدور، ڪيبن واري، گاڏي واري، ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، مطلب ته جنهن قسم جي ماڻهوءَ سان ويٺو يا مخاطب ٿيو ته هو ان جهڙو ٿي پوندو هو. انهن جي ٻولي، انهن جو لهجو ۽ گفتا، ان حد تائين جو هن جي چهري جا تاثر ۽ باڊي لينگوئيج به اهڙي ٿي پوندي هئي، ماڻهو سمجهندو هو ته مٺو آهي ئي انهن مان ۽ انهن جهڙو ۽ انهن جي ڪميونٽي مان. مٺي مهيريءَ جا اهي رنگ، ڍنگ ۽ انگ کيس مڃيل فنڪار واري حيثيت ڏيندا هئا.
مٺو مهيري هڪ اڻ وسرندڙ شخص آهي. جيڪو تاحياتي زندگيءَ جي هر وک تي ياد ايندو رهندو، سندس شخصيت تي لکيل هي ڪتاب نه رڳو مٺو مهيري جي ڪم ۽ ان جي يادن کي تازو ڪندو رهندو پر ادب ۾ به هڪ نئين تخليق جو اضافو ثابت ٿيندو.

پُوربِيا پُوري وِيا، آسَڻ آڌيءَ راتِ: ڊاڪٽر شير مھراڻي

مٺي مھيريءَ سان منھنجي پھرين ۽ آخري ملاقات ڪڏهن ٿي؟ ڪجھه به ياد نٿو اچي پر ايترو ته ساهه جي هر تند ۾ ساريل آهي ته جڏهن به ملندو هو؛ پنھنجن پيارن گفتن ۽ شعرن سان مرجھايل مُکن تي مُرڪن جا پوپٽ پکيڙي ڇڏيندو هو. ڳالھائڻ جو اهڙو کرو ۽ چٽو جو ويھي کيس ٻڌجي. لاڙي لھجي ۾ لطيف سائينءَ جا بيت اهڙي تلفظ سان پڙهندو جو جيڪڏهن ڪنھن لفظ جي معنيٰ نه به ايندي هوندي ته مٺي جي لھجي مان ان لفظ جي معنيٰ جرڪندي نظر ايندي. تلفظ جي چٽائي، لھجي ۾ خوداعتمادي، اکين ۾ ڄاڻ جو سمونڊ، باڊي لئنگويج پُراعتماد، سندس ڳالھائڻ ته ڳالھائڻ؛ پر سندس خاموشي به پُراسرار گفتگو لڳندي هئي. اڪثر سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي پروگرامن ۾ گڏبا هئاسين. گھڻا ئي ڀيرا صلاحيائين ته ڪا نويڪلي ڪچھري ڪريون؛ پر ساڻس نويڪلي ڪچھري ڪانه ٿي سگھي، جنھن جو افسوس سموري زندگي رهندو. هو مون کي اڪثر چوندو هو ته ”لطيف سائينءَ کي درست تلفظ سان پڙهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھه ڪانھي؛ مون کي خوشي ٿيندي آهي ته تون بھتر پڙهندو آهين.“ لطيف سائينءَ جو لاڙي لھجو مون مٺو مھيريءَ کان وڌيڪ خوبصورت ڪنھن جي به واتان ڪونه ٻڌو. هو لطيف سائينءَ جو عاشق هو. عاشق به اهڙو جيڪو جذباتي به هو. ڪٿي جيڪڏهن ڪو لطيف سائينءَ جو بيت غلط پڙهندو هو ته هو ته، وڏي آواز سان ان بيت کي درست ڪري اُچاريندو هو. اڳيون ماڻھو ڀلي لائوڊ اسپيڪر تي پڙهندو هجي؛ مٺي کي ڪنھن به اسپيڪر جي ضرورت ڪانه پوندي هئي. هن جي آواز جي پِچِ قدرتي طور تي ئي تمام وڏي هئي. نه رڳو سندس آواز جي پِچِ پر سندس آواز ۾ موجود ڪن رس ڪنھن موسيقيءَ کان گھٽ ڪونه هو. هو شاھ سائينءَ جي وائي پڙهي يا شيخ اياز جو ڪو ڪلام؛ ٻڌندڙن کي صفا موهي ڇڏيندو هو.
اهو سندس زندگيءَ جو هڪ پاسو هو، سندس زندگيءَ جو ٻيو پاسو اهو هو ته مٺو مھيري ھڪ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن به هو. هن آمريت جي دور ۾ سنڌ ۾ ھلندڙ سياسي ھلچل دوران اهم ڪردار ادا ڪيو. نتيجي طور کيس قيد ڪيو ويو. هن ڌرتيءَ جي عشق ۾ پنھنجن پٺن تي ڦٽڪا ۽ سٽڪا به سٺا ته ٻيون عقوبتون به برداشت ڪيون ۽ ڦٽڪا پڻ کلندي کلندي ۽ نعرا هڻندي برداشت ڪيا. هو هر ان ماڻھوءَ جو ڀرجھلو ٿيو؛ جنھن ڌرتيءَ سان نينھن نڀائڻ جو وچن ڪيو. مٺو مھيري بظاهر ته هڪ عام سنڌي ماڻھو هو؛ جيڪو ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي ڪم پيو ايندو هو پر حقيقت ۾ هو عملي طور ڪم ڪري ڌرتي ۽ ڌرتي واسين لاءِ خاص ٿي ويو هو. مٺو مھيري هڪ متحرڪ ڪردار هو؛ جنھن کي سماج جي اگھائيءَ جو احساس هو. هو اٻوجھه سنڌين کي سٻوجھه ڏسڻ جي خواهش رکندڙ هڪ اهڙو روح هو؛ جنھن شايد ميثاق مھل ئي مٽيءَ سان محبت جو وچن ڪيو هو. هو دوستن سان ڪچھرين ۾ ڳالھين توڙي گيتن، واين، نغمن ۽ شعرن توڙي بيتن وسيلي روح گرمائي ڇڏيندو هو. انقلابي، رومانوي ۽ جمالياتي شاعريءَ جا دفتر کيس برزبان ياد هئا. هو شاھ لطيف کان ويندي شيخ اياز، استاد بخاري، حليم باغي، آڪاش انصاري، حسن درس ۽ جمن دربدر جي شاعريءَ سان منڌل محفلن ۾ ڄڻ ته اسرافيل جو صور ڦوڪي ڇڏيندو هو. هو شعرن ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيندو هو بلڪل ”گم هوڪي ويک نظارا“ جي مصداق! آئون حيران ٿيندو هوس ته هڪ عام ماڻھو شاعريءَ سان ايڏو عشق ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟ ان سوال جو جواب مون کي منھنجي ئي اندر مان ملي ويندو هو ته جيڪو ماڻهو لطيف سائينءَ ۽ سنڌ سان محبت ڪندو هوندو ان کي ته اهڙي شاعري ازبر ياد هوندي.
مٺي جي ڪمھلي وڇوڙي سچ ته جيءُ جھوري وڌو. سال 2022 جي آڪٽوبر مھيني جي آخري ڏينھن تي67 سالن جي ڄمار۾ هو اسان کان موڪلائي هليو ويو.
سگا جي سالگرهه جي موقعي تي لطيف سائين ۽ سنڌي ادب تي ڪم ڪرڻ واري منھنجي پورهئي کي جڏهن مڃتا ملي ۽ پياري سائينءَ رفيق جعفري پاران مٺو مھيريءَ جو اسپانسر ڪيل ايوارڊ مون کي ڏنو ويو ته مون کي ٻيڻي خوشي ٿي. هڪ ته لطيف سائينءَ جي نالي جو ايوارڊ، ٻيو لطيف سائينءَ جي عاشق مٺي مھيريءَ سان منسوب ٿيل ايوارڊ! منھنجي لاءِ ٻئي ڳالھيون ڪنھن اعزاز کان گھٽ نه هيون. آئون سگا جي سموري سٿ جو ته ٿورائتو آهيان ئي آهيان پر ان کان به وڌيڪ ٿورائتو پياري سائين رفيق جعفريءَ جو آهيان، جنھن فون ڪري مٺو مھيريءَ جي شخصيت بابت ٻه اکر لکڻ لاءِ چيو.
مٺو ته ان پورب پار هليو ويو آهي؛ جيڏانهن اسان سڀني کي هلڻو آهي، ۽ وڃي وري ناهي موٽڻو پر محبت مان لکيل هي ٻه چار سٽون شال قبول پون!

پُوربِيا پُوري وِيا، آسَڻ آڌيءَ راتِ،
سُيمِ نَه سَناسِيَنِ جُون، پَچاروُن پِرڀاتَ،
ڪا جا جوڳِي ذاتِ، مِٽَ نَه مَعذورن جا.
(شاھ)

پنھنجي ذات جي قيد کان آجو انسان: ميرحسن آريسر

هي ان زماني جو قصو آهي جڏهن موبائل فون جي سھولت اڃا عام نه ٿي هئي، تڏهن تحريڪ رسالي جي گھربل مواد لاء سنڌ جي مختلف علائقن جون مسافريون ڪرڻ اسان جو معمول هو.2001ع جي سياري جي هڪ سرد شام جو حفيظ ڪنڀر مون کي ڇڪي وڃي ڪڙئي گھنور مان ڪڍيو. حفيظ جي اتي وڏي هاڪ هئي. اسين بس مان لھي هڪڙي هوٽل تي وڃي ويٺاسين ته حفيظ جي مداحن جو چڱو تعداد چانھه پيارڻ لاء اچي گڏ ٿيو. اسان اڃا چانھه پيتي ئي پئي ته مصطفيٰ اياز مھيري به اتي اچي جُتي ڇنڊي. ٿوري دير ڪچھري ڪرڻ کانپوء مصطفيٰ اسان ٻنھي کي موٽر سائيڪل تي سوار ڪري پنھنجي ڳوٺ ڏانھن راهي ٿيو. واٽ ۾ سيءُ اسان سان جيڪو حشر ڪيو اهو ته مئي وسرندو پر رب جا شڪرانا اهي ٿيا جو اسين ساھ بچائي ڳوٺ جي اوطاق تي وڃي ٿانيڪا ٿياسين، جتي پياري مصطفيٰ پاران سيءُ کا بچاءُ جو معقول اهتمام ٿيل هو. ڪچھريءَ دوران حفيظ وقفي وقفي سان پئي پڇيو ته هن چرياڻ جي خبر وٺو ته هو ڪيڏانهن منھن ڪري ويو؟
نيٺ مصطفيٰ ڳالھه ٽوڙيندي چيو ته، ”ڏينھن جو، ڪڙئي ۾ ڏس هو، پر شام ڌاري ڪيڏانهن نڪري ويو آهي، هڪڙي پڪ سمجھو ته اڄ رات واپس ڪونه ورندو ، هاڻي سڀاڻي جون ڳالھيون سڀاڻي سان.“ اهو ذڪر اذڪار ان مٺي مھيريءَ جو ٿي رهيو هو ، جنھن کي تيستائين مون نه ڏٺو ۽ نه ئي ٻڌو هو.
ٻئي ڏينھن صبح جو نيرن جي انتظار ۾ تڙڪول تي ويٺي حفيظ کان پڇيم، ”مٺو مھيري اديب آهي، شاعر آهي، ڳائڻو آهي، سياسي ڪارڪن آهي يا سندس ٻي سڃاڻپ آهي ڪھڙي؟ ۽ اڃا به اهم ڳالھه ته آئون کانئس اڻ واقف ڇو آهيان؟“ حفيظ ٽھڪ ڏيندي وراڻيو ته ، ”يار! هو اديب ، شاعر ۽ ڳائڻو هجڻ بدران انھن جو به بابو آهي پر ويو ڪيڏانھن منھن ڪري، ان ڪري پنھنجي ملاقات مشڪل ٿئي ۽ هن جو تعارف هن جي ملاقات سان مشروط آهي. هن جي پرپٺ آئون توکي ڇا ٻڌايان ته مٺو مھيري ڪھڙي فلم جو نالو آهي؟“
قصو مختصر ته مٺي مھيريءَ سان ملاقات واري اها پھرين چڙهائي ته وئي ناڪام پر پوء هڪڙي ڏينھن عوامي هائوس واري نمبر تي هن مون سان ڳالھايو. فون تي ٿيل اها پهرين ڪچھري هاڻ جيتوڻيڪ مون کي جيئن جو تيئن ياد ناهي پر ايترو ياد اٿم ته ، هڪٻئي جا ڏٺل وائٺل نه هئڻ جي باوجود به هن جي ڳالھين جي بي تڪلفي ۽ پنھنجائپ مون لاء حيرت انگيز هئي. پوءِ ڪڏهن ۽ ڪٿي ملياسين؟ اهو وسري وڃڻ جي باوجود سندس محبتون زندگيءَ جي آخري ساھ تائين به وساري نه سگھبيون.
هڪڙي ڀيري وسڪاري جي موسم ۾ گھڻي سنگت سان گڏ ٿر مان وريو هو. فون ڪري چيائين ته، تنھنجو جواب يقينن اهو هوندو ته آئون فيلڊ ۾ آهيان، پر مون کي تون ڪلاڪ جي اندر عمرڪوٽ جي قلعي ۾ کپين، ڪنھن به گشي پتي جي ڪار ڪونھي. اتفاق سان آئون ڪجھه مهمان دوستن کي قلعو گھمائڻ لاءِ اتي ئي موجود هئس. اڌ مني ڪلاڪ ۾ هڪڙي وڏي گاڏيءَ جي ٺڙاڪ سان کليل دروازي مان عالي مرتبت جناب مٺو مھيري جلوه افروز ٿيو. آئون مودبانه نموني پيش اچڻ جي ڪوشش ڪندي خوش خير عافيت جا رسمي ڪلمات ان ڪري ادا ڪرڻ لڳس جو جھڙي ريت هن سان گڏ آيل سنگت منھنجي لاءِ اڻ واقف هئي بلڪل اهڙي ريت مون سان گڏ موجود سنگت مٺي مھيريءَ کي به نٿي سڃاتو ۔ پر هن يار لاءِ جھڙيون سٺ تھڙيون ٽي ويھون، ان ڪري منھنجي ٻنھي ٻڌل هٿن کي هڪڙي جھڙپ سان هيٺ ڪندي چوڻ لڳو ”يار! ڊيگھه کي هڻ بندوق، اسان کي ڀنل موسم جي بک برباد ڪري ڇڏيو آهي.“ مون کيس عرض ڪيو ته، ”جيئندا قبلا! سج وڃي وچين لاڙ ٿيو آهي، اڳي پوءِ رات واري ڀوڄن جو انتظام ڪجي؟“
منھنجي ان سگھاري دليل نه رڳو هن جي رعب کي ڪافور ڪري ڇڏيو پر سندس چھري تي ڦھليل مايوسيءَ کي ڏسي منھنجي کل روڪڻ مشڪل پئي ٿي. ان وقت هو ڇاڪاڻ ته مڪمل طرح دفاعي پوزيشن ۾ هو، تنھن ڪري مون اڳرائي ڪندي کيس حڪميه لھجي ۾ چيو ته ”مٿي قلعي جي ٺل تي ويھي جھڙالي سج لھڻ جو منظر ٿا ڏسون.“ جيئن مٿي وڃي ويٺا سون ته ساڻس گڏ آيل هڪڙي دوست کانئس فرمائش ڪئي ته سائين، ”هڪ مند چري آهي، وارو ڪلام ته ٻڌايو!“
هن پنھنجي ٻنھي هٿن جا کليل چنبا پنھنجي منھن تي هڻندي چيو، ”اڙي !! مون کي بک برباد ڪري ڇڏيو آهي، تو کي وري اچي مند وڻي آهي.“
سڄي سنگت کل ۾ کيري هئي ته ايتري ۾ سندس پسند جو ڪوسو ڪوسو فاسٽ فوڊ چانھه سميت اچي پھتو، جيڪو کلندي کلندي کائي هن گيت ٻڌائڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ رات جي ڪچھري ختم ڪري سمھڻ تائين هن جنھن محبت ۽ سرمستيءَ سان ڳايو ۽ سنگت کي کلايو اهو سڀ ڪجھه اڻ وسرندڙ آهي. اهڙين راتين کي سارڻ لاءِ حسن درس جو سھارو وٺڻو ٿو پوي ته،

اها رات تو سان گذاريم جا سنگ، سنگ
هزارين قصا هئي ، هزارين ڪھاڻيون.

هو اسان جي زماني کان اڳ ئي پنھنجي سياسي محور کان ٽٽي رڃ منھن ڪري چڪو هو پر هن جي من ۾ پڇتاءُ جي هڪڙي ڇيت هميشه چڀندي رهندي هئي. هو پنھنجي وڳر کي وساري نه سگھيو هو ۽ هن جي من ۾ جڏهن پراڻن سياسي ساٿين جي سڪ ڪر موڙيندي هئي ته هو پنھنجي من ۾ سور جي اهڙي سٽ محسوس ڪندو هو جھڙي ضيائي آمريت واري دور ۾ هن ڦٽڪا کائيندي محسوس ڪئي هئي. مشرفي مارشل لا جي شروعاتي سالن ۾ جديد سنڌ جي دولھه درياخان شھيد فاضل راهو جي پٽن تي سختيءَ جا ڏينھن ان ڪري آيل هئا جو انھن جي تڏهوڪي اڳواڻ نواز شريف جو تختو تازو ئي اونڌو ڪيو ويو هو.
هڪ ڏينھن پليجي صاحب سندس گھر تي موجود سراج سيال، نور نبي راهوجي، حڪيم هاليپوٽي ۽ ڪجھه ٻين پارٽي ساٿين سان گڏ مون کي به حڪم ڪيو ته پاڻ کي اڄ ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيندڙ لکاني بھراڻيءَ جي ورسيءَ ۾ شرڪت لاءِ هلڻو آهي. لکاني بهراڻيءَ جي ورسيءَ تي هلڻ وارو پليجي صاحب جو حڪم اکين تي رکندي به اتي موجود دوست جڏهن حيرت مان هڪٻئي ڏانھن ڏسڻ لڳاسين ته پليجي صاحب چيو، ”اوهين ضرور حيران ٿيا هوندا پر لکاني جي پٽ کي مون اهو سوچي شرڪت جي پڪ ڏئي ڇڏي هئي ته، پاڻ کي البته لکانو ڇڏي ويو هو پر ان جو اولاد ته پنھنجي گھر جو ڀاتي آهي نه؟“
اسين ڪچڙي منجھند ويلي پروگرام ۾ پھتاسين. اچانڪ منھنجي نظر مٺي مھيريءَ تي پئي جنھن وڏي محبت مان اچي پليجي صاحب جي گاڏيءَ جو دروازو کوليو. پنڊال ۾ اسماعيل راهو سميت سڄي پراڻي سنگت موجود هئي. پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ مٺي مھيري مون کي ٻاهر سڏ ڪري ان ڳالھه تي آماده ڪرڻ شروع ڪيو ته، آئون پليجي صاحب سان اها ڳالھه چوريان ته هو پنھنجي تقرير ۾ پراڻي سنگت کي واپس اچڻ جو اشارو ڏي.
مون کيس ذاتي دوستيءَ واري حجت سان چيو ته ، ”مٺا !! فرض ڪري ٿا وٺون ته جيڪڏهن پليجو صاحب اهڙي ڳالھه ڪري به وجھي ته تو واري سنگت ان نظرياتي ڪمنٽمنٽ سان واپس ايندي؟“
چيائين : ”اهو مشڪل آهي.“
چيم : ”پوء پليجي صاحب کان اهڙي ڳالھه ڪرائڻ جي معنيٰ رڳو سياسي اڪيلائپ مان نڪرڻ آهي؟“
چيائين : ”ذري گھٽ ايئن ئي آهي...“ ۽ پوءِ پيار ۽ شفقت مان پنهنجا ٻئي هٿ منھنجي ڳلن تي رکي چيائين، ”مون ايئن چاهيو پئي پر تون منھنجو ننڍڙو ڀاءُ ۽ هڪڙو ذميوار سياسي ڪارڪن آهين، توکي پنهنجي قائد سان اهڙي ڳالھه نه چورڻ گھرجي.“
ان وقت مون شدت سان محسوس ڪيو ته، مٺو مھيري ذاتي دوستيءَ ۾ پنھنجن دوستن جي عزت ۽ وقار جو ڪيڏو نه پاسدار ماڻھو هو.
هو ذاتي ڪچھريءَ ۾ هجي يا ڪڙئي گھنور جي بازار ۾ ڪنھن مجذوب سان مشڪريون ڪندو هجي، ڪنھن ادبي پروگرام ۾ اياز ۽ منشيءَ جا گيت جھونگاريندو هجي يا سياسي بحث مباحثن ۾ مصروف هجي پر هن ڪڏهن به اهو نه سوچيو ته هو پنھنجي علائقي جو سفيد پوش ۽ سکيو ستابو شخص آهي، تنهن ڪري هن کي عام وڏيرن وانگر زندگي نه گذارڻ جي صورت ۾ کلڻ هاب ٿيڻو پوندو! هن لاءِ پنھنجي زندگيءَ کي پنھنجي مرضيءَ سان گذارڻ رڳو ان ڪري ممڪن ٿي سگھيو هو جو هو پنھنجي ذات جي قيد کان آزاد انسان هو.

جنھن به آزاد گذاريو آهي تنھن لئه موت ته ڪا شيءِ ناهي ...

ھڪ اميدِ سحر جي نغماگر شخص جي موڪلاڻي: پروفيسر عبدالله ملاح

سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي کوٽ ناھي. ڪجھه سياسي ڪارڪن پارٽين اندر پنهنجا ڪي معاشي، سماجي مفاد حاصل ڪرڻ خاطر سرگرم رھيا آھن. ڪن سياسي ڪارڪنن کي ڪجھه اڳواڻن سياسي اھميت ڏئي اڳيان آندو، ڪي سياسي عمل کي ھڪ بھتر ڪم سمجھي اڳيان آيا. ڪجھه سياسي ڪارڪن خاص حالتن ۾ وقتي سياسي اڀار کان ذھني ۽ دلي طور تي متاثر ٿي پارٽين ۾ شامل ٿيا، اھو سياسي اڀار ختم ٿيو ته گس مٽائي روزي روٽيءَ کي لڳي ويا پر اھڙا سياسي ڪارڪن تمام گھٽ نظر آيا آھن جن سياست سان، سياسي نظرين سان ۽ سياسي نظرياتي ڪم سان عشق ڪيا ۽ خاص مقصدن ۽ منزلن جا اکين ۽ دلين ۾ خواب سجائي عمر ڀر منزلون حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي پنهنجي عشق ۽ ايمان جي سلامتي ۽ مان شان سان بيٺا رھيا. اسان جو ساٿي محمد مٺن مھيري انھن دلربا، بھادر ۽ ذھين سياسي ڪارڪنن مان ھو. ھن سنڌ ۾ پورھيت انقلاب لاءِ وڙھندڙ سمورين انقلابي سياسي پارٽين جي سياسي جدوجھدن ۾ پنهنجي پتيءَ جو ڪردار ايمانداري ۽ عاشقيءَ سان نڀايو.
مٺو مهيري پنهنجي سموري شعور، فڪر ۽ جدوجھد جي حوالي سان عوامي تحريڪ، شھيد فاضل ۽ رسول بخش پليجي صاحب جي فڪري اڳواڻيءَ ۾ سرگرم رهيو ۽ هنن شخصيتن جو عمر ڀر پوئلڳ رھيو. هن پنهنجي اڳواڻن ۽ پارٽيءَ سان نڀائيندي ڪوڙا کاڌا، جيل ڪٽيا ۽ سنڌ جي گلي گليءَ ۾ انقلاب ۽ آزاديءَ جا گيت ڳاتا. شھيد فاضل جي ياد ۾ ٿيندڙن سمورين ورسين ۽ ادبي سيمينارن ۾ پاڻ ڌڻي ٿي فرض نڀايا. هو بھترين مقرر، اسٽيج جو سينگار ۽ دلين ۾ کاٽ ھڻندڙ آواز جو ڌڻي ھو. پنهنجي خوابن، منزلن ۽ عشقن جي اظھار لاءِ ھن ڪڏھن به ڪنهن خاص انتظام جي طلب نه ڪئي، جتي به ماڻھو مليا، قومي ڪچھريءَ جا مچ مچائي ڇڏيندو ھو. ڪھڙو به ماحول ھجي، مٺو ان ماحول کي لطيف جي بيتن، منشي، سرويچ، اياز، احمد ملاح جي شاعريءَ جي ورکا ۽ مهڪ واري قومي رنگ ۾ رڱي ڇڏيندو ھو. وڏن وڏن جلسن کان وٺي سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي ڳوٺن جي اوطاقن، ٻنين، کرن تائين سندس آواز جي گونج هوندي ھئي. ھن عمر ڀر انسان دوستي، پورھيت نوازي ۽ روشن خياليءَ جي مشعل مان ھٿ نه ڪڍيو. سندس ذاتي، علمي ادبي، سياسي، سماجي تعلقاتن جي سرحد وسيع ۽ وڏي ھئي؛ بشير ھاليپوٽو، شوڪت شورو، شمشير الحيدري، رفيق جعفري، ڊاڪٽر بيکا رام، آڪاش انصاري، اسماعيل راھو، اسلم راھو سان گڏ وگڏ سندس دوستيءَ جي دلنواز دائري ۾ سوين اديب، شاعر، سياستدان، سماجي خدمت گذار پڻ شامل ھئا. دودو مھيري، موسيٰ جوکيو، ڪشو واڻيو، سرويچ سجاولي، منشي ابراھيم سندس ساٿي ۽ دوست ھئا. انھن مان ڪجھه آھن، ڪي ھي دنيا ڇڏي ويا پر انھن حوالن سان مٺي جون محبتون، ملاقاتون، وفائون پٽن ۾ پيون ڳائجن.
مٺو مھيري انھن سياسي ڪارڪنن مان ھو جن جون وفائون رڳو پنهنجي پارٽي اڳواڻن سان نه ھيون ۽ جن جي دلين جا ھار رڳو پارٽي اڳواڻ نه ھئا پر ٻين پارٽين جي ڪارڪنن سان به سندن تعلقات ھئا. سڀني سان وفائون ھيون، سڀني سان دل لڳيون ھيون، سڀني لا۽ عزتون ھيون. مٺي مهيري ھميشه عوامي تحريڪ جي عام ڪارڪنن کي عزتون ڏنيون ۽ انھن جي ڏک سک ۾ دل سان پير ڀريا. ڳھڻو شاھاڻي، کٻڙ چانگ، غلام علي سمون، محمد بخش نوتڪاڻي، جمعو نوحاڻي، بچايو شڪاري، موسيٰ ماڇي، ڪامريڊ جبل، جمن ترڪ، اسماعيل مھيري، اسماعيل اداسي، جمن سولنگي، يوسف سولنگي، حسن لوھار، جعفر جاکري، خادم ٽالپر، محمد ڀرڳڙي ۽ نور محمد پنھور پارن سياسي ڪارڪنن سان سندس روح جا رشتا ھئا، ساڻن سوين شناسايون ھيون. مٺو مھيري انھن سياسي ڪارڪنن مان ھو جيڪي رڳو اليڪشني جلسن جا سينگار نه ھئا، فقط اڳواڻن اڳيان سندن شان ۾ نعرا ھڻڻ ۽ سندن شان ۾ گيت چوندڙ نه ھئا، بلڪ وڏا پڙھيا لکيا انسان ھئا.
مٺي کي ملڪ جي سياسي تاريخ، سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ سموري دنيا ۾ آيل انقلابن جي سموري تاريخ تي ڪمال جو عبور ھوندو ھو. شاھ لطيف جي بيتن جي تشريح ڪندو ھو ته عقل دنگ رھجي ويندو ھو. شاھ جي شاعريءَ جو وڏو شارح ۽ ياد حافظ ھو. موقعي مھل موجب گفتگو ڪرڻ جو شاھ ڪاريگر ھو. کل ڀوڳ ڪندو ھو ته، جنهن ماڻھوءَ کي چرچو ھڻندو ھو اھو پاڻ کل ۾ ٻڏو پيو ھوندو ھو. ڪارلائل چيو ھو ته ”دل لڀائيندڙ چرچو ڀوڳ فقط ڀڳل دلين جا ڌڻي ڪري سگھن ٿا، سکين دلين جا مالڪ ھن طنز مزاح جي ھنر کان محروم ھوندا آھن.“ مٺي مھيريءَ کي ڪو اھڙو نينھن ھو ڪو اھڙو نرالو عشق ھو، ڪو اھڙو زندگي بخش گھاءُ ھو ، جنهن جي ڪري سندس کل ڀوڳ ۽ سندس چرچي ۾ لطف ۽ قرار جا درياهه پالوٽ ڪندا ويندا ھئا ته علم ۽ تجربي جا خزانا به ورکا ڪندا ويندا هئا.
آه ! مٺي جي وڇوڙي کان پوءِ سندس ڳوٺ، سندس شھر ۽ سندس ساٿ مان انھـن ڳالھين، نغمن جي گونج پڻ موڪلائي وئي آھي ۽ هر طرف سندس يادن ۽ آوازن جا پڙاڏا گونجي رهيا آهن.

مٺو مهيري، ماکيءَ جھڙو مٺو ماڻهو!: حسين بخش ناريجو

هي جو ڏؤنرن ڏيهه، مليو مون کي ڏاج ۾
اهڙو آئون ساڻيهه، ڀانئيان نه ڀونءِ تي!
(شيخ اياز)

مٺو مهيري جھڙو سندس ماکيءَ جھڙو مٺو نالو، تهڙو مٿير مڙس هو. ملڪ ۾ جنرل ضياء آمريت قائم ڪري ڀٽي صاحب کي بي رحميءَ سان سخت ترين سزا ڏئي ملڪ تي راڪاس ٿي ويهي رهيو. ڪوبه سندس سامهون اچڻ جي همت نه ساري سگھيو. بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جيل ۾ بند هيون. عوامي تحريڪ ملڪ جي واحد پارٽي هئي، جنھن 9 آڪٽوبر 1979 تي راهوڪيءَ ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو جلسو ڪري ملڪ جي مارشل لا کي چئلينج ڪيو. ضيائي آمريت 16 آڪٽوبر تي مارشل لا تحت سخت سزائون ڏيڻ وارو قانون پاس ڪري مٺي مهيري، گل چانگ، ادريس ميراڻي ۽ حسين بخش ناريجي کي قيد ۽ ڦٽڪن جون سزائون ٻڌائي ڇڏيون، جنهن تي عملدرآمد ڪندي کين بدين جي قاضيه واهه چوڪ تي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙهي ڦٽڪا هنيا ويا.
مٺي مهيريءَ جو شمار سنڌ جي سدا ملوڪ اديبن ۾ ڪيو ويندو هو. مٺو مهيري، ڀٽائيءَ جي رسالي جو وڏو شارح ۽ سڄي رسالي جو برزبان ياد حافظ سڏيو ويندو هو. سنڌ جي عظيم شاعرن سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي ۽ محمد خان مجيديءَ جي جڳهه مٺي مهيري والاري. مٺو مهيري امر جليل جي سڀني افسانن ۽ ڪهاڻين جو پارکو هو ۽ هن کي اهي سمورا ڪتاب برزبان ياد هوندا هئا. جيتوڻيڪ هو سنڌيءَ جا ٽي درجا ئي مس پڙهيل هو. مٺو مهيري فاضل راهو جو دوست هجڻ جي ناتي عوامي تحريڪ جو نمائندو ٿي ضرور هلندو هو پر سندس رڳ رڳ ۾ قوم ۽ هاري، مزدور جو نظريو شامل هو. سنڌ جي مزاحمتي شاعرن وانگر مٺو مهيري به آزاد خيال هو. هو ڪنهن ضابطي، ڏاوڻ، پکڙ، وڪڙ يا ونگ ۾ ونگجي نه سگھندو هو. جيل ۾ جڏهن رات جو باريڪ (بئريڪ) ۾ واڙجي مڇرن جي حملي هيٺ هوندا هئاسين ته پليجو صاحب ۽ مٺو مهيري ڀٽائيءَ جا بيت اچاري اهي تڪليفن واريون راتيون ۽ ڏکيا ڏينهن گذارڻ ۾ مددگار ٿيندا هئا.
مٺو مهيري تمام گھڻو خوش ذوق، کلڻ ۽ کلائڻ وارو ماڻهو هوندو هو. هو ادريس ميراڻي ۽ مون کي تنگ ڪرڻ لاءِ هڪ ڳالھه ضرور ورجائي کلائيندو هو ته اترادي سنڌي لھجو ڪيڏو سخت ۽ خوشبوئي انداز کان ڪيڏو نه پري آهي. ڪتا جڏهن هڏي تي وڙهندا آهن ته هڪٻئي کي چوندا آهن ته ”هي هڏو ڪاٿئون آندئي، ڪاٿئون آندئي؟“ ته ٻيو چوندو ته ”جاٿئون ڪاٿئون، جاٿئون ڪاٿئون.“ يقينن، مٺو مهيري لازوال انسان هو، قوم جي خاص اديبن ۽ شاعرن کي جيڪر ڳڻيو ويندو ته يقينن، انهن ۾ مٺي مهيريءَ کي به سڄي سنڌ ياد ڪندي رهندي.

منھنجو ڀاءُ مٺو مھيري: ادريس ميراڻي

اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا
ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لھي !
(لطيف)

مٺي مهيريءَ سان اسان جي سڃاڻپ حيدرآباد سينٽرل جيل جي اسپيشل وارڊ ۾ ٿي. ٿيو ائين جو هاري ڪانفرنس ۾ ڪيل تقرير جي ڪري مارشل لا جي ملٽري ڪورٽ جي فيصلي تحت ڦٽڪن ۽ هڪ سال جي سزا جي ڏوهه ۾ واڙيا وياسين. جيل اندر ويهه پنجويهه قيدي هئا، انهن ۾ اسان جو رهبر فاضل راهو شهيد به گڏ هو. هر ماڻهو پنهنجي طبيعت جو مالڪ هو پر انهن سمورن دوستن ۾ ڀاءُ مٺي مهيريءَ جي طبيعت ۽ مزاج بلڪل مختلف هو. مٺي کي مان پهريون ڀيرو ان وقت ڏٺو جڏهن حسين بخش ناريجي ۽ مون کي ضياء جي آمراڻي دور ۾ ملٽري ڪورٽ مان ڪوڙن ۽ قيد بامشقت جي سزا ڏني وئي.
بدين شهر جي چوراهي تي هيٺ وهاريا وياسين، ته ان وقت اسان ڏٺو ته ٻه ٻيا دوست به ان روڊ تي ويٺل هئا. اسان جي سامهون پيل ٽڪٽڪيءَ تي اسان کي ٻڌي سرعام واري واري سان ڦٽڪا هنيا ويا. ان کانپوءِ اسان کي فوجي ڪئمپ تي کڻي ويا، اتي به اسان تي تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ حيدرآباد جيل موڪليا وياسين.
مٺو ادب جو پارکو ۽ سنڌ جي تاريخ جو ڄاڻو هو. هو شاعري، افساني، ڊرامي ۽ ناول جو پڻ ڄاڻو هو. هو جڏهن شاعري ٻڌائيندو هو ته اهڙي انداز سان جو ماحول ان جاءِ تي بيهجي ويندو هو. ڪهاڻيون ۽ افسانا اهڙي نموني ياد هوندا هئس جو هو روانيءَ سان برزبان ٻڌائيندو ويندو هو. اها پڻ دلچسپ ڳالھه آهي ته هو لطيف سائينءَ جي ڪلام جو به حافظ هو. هر شاعر جي شاعري ڏاڍي دلچسپ انداز سان ٻڌائيندو هو. مٺو نه رڳو سنڌي ادب ۽ شاعري پڙهندو هو پر اردو ادب جو مطالعو پڻ ڪندو هو. جيل اندر پليجي صاحب ۽ مٺي مهيريءَ ۾ لطيف جي شاعري ٻڌائڻ لاءِ مقابلو ٿيو جيڪو اڌ ڪلاڪ هليو، جنهن ۾ مٺو برابر هڪ جھڙي شاعري ٻڌائيندو رهيو.
مٺي جي اندر هڪ فنڪار موجود هو. مزاح به هڪ فن آهي جنهن جو هو مالڪ هو. مٺو انتهائي خوددار ماڻهو هو ۽ هو ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالھائيندو هو، بنا رک رکان سچ چئي ڇڏيندو هو. سچو ايترو جو پاڻ لاءِ به ڪا خامي يا ڪسائي يا ڪوتاهي هوندي هيس ته اهڙي نموني ٻڌائي ڇڏيندو هو.
مٺي پنهنجي والد لاءِ ٻڌايو ته اهو پڙهيل نه هو، اٺ چاريندو هو. مٺي سان ٻه سال جيل کان علاوه ٻاهر رات ڏينهن گڏ رهڻ دوران ڪڏهن به هن کي ڪاوڙ نه ڏٺي، وڏو خوش مزاج هو. مٺو پڙهڻ جو ايترو شوقين هو جو رات جو ڪوبه ڪتاب پڙهي پوءِ سمهندو هو. جڏهن مان ڳوٺ هوندو هوس ته هو فون ڪري ٻڌائيندو هو ته فلاڻو نئون ڪتاب آيو آهي، خريد ڪري ضرور پڙهجو. مٺي ٻڌايو ته، شادين جي موقعي تي عورتن سان پنهنجي گھر ۾گڏ سهرا ۽ لاڏا چوندو هو. مٺي کي شاديءَ جو نڪاح به برزبان ياد هوندو هو. سنڌ جي تاريخ جو به تمام گھڻو ڄاڻو هو.
مٺي مهيريءَ جي حوالي سان ڪيترائي دلچسپ واقعا پڻ آهن، ڊاڪٽرمنان ڀٽو ۽ جاپاني ڇوڪري اسان وٽ گڏجي گھمڻ آيا. ڪينجھر تي وياسين. ٻيڙيءَ تي چڙهي نوريءَ جي قبر ڏانهن وياسين پئي ته ڇوڪري وٺي ڪيڪون ۽ رڙيون ڪيون. جاپاني ڇوڪريءَ کي ڊپ اچي ورايو ۽ هوءَ مٺي کي چنبڙي وئي. نيٺ مٺي پنهنجي حالت کي درست ڪري جاپاني ڇوڪريءَ کي دلداري ۽ تسلي ڏئي سندس خوف گھٽايو. جڏهن جڏهن به مٺي سان گڏ رهڻ ٿيندو هو، ته صبح مھل جاڳ مٺي جي سرهي آواز سان ٿيندي هئي، جنھن ۾ هو ڀٽائي ۽ اياز جي شاعري جھونگاريندو هو.
راڻيپور ۾ ايم آر ڊي جو جلسو رکيل هو، اسين مٺي ۽ شهيد فاضل سان گڏجي وياسين. هن جلسي ۾ هزارين ماڻهو موجود هئا. مٺي جلسي ۾ گيت ڳايو: ”ڀٽا صاحب، تون جنت ۾ هوندين، حورون هندورن ۾ لوڏينديون هوندئي، گلن جا هار پاتل هوندئي... “ هن گيت ڳائي بس ڪئي ته اسٽيج تي ويٺل راڻيپور جو گادي نشين مٺي جي منهن کي چمندو رهيو. گيت، غزل يا ڪابه شاعري سر ۾ ڳائيندو هو ته مٺي جي آواز جو اثر تمام لاجواب هوندو هو. مٺو آزاد خيال، ترقي پسند ۽ باصلاحيت هو. حيدرآباد ۽ آس پاس جي شهرن ۾ ڪابه ڪچهري هجي يا جلسو هجي، هو ضرور شريڪ ٿيندو هو. مٺي دل جي بيماريءَ سبب باءِ پاس آپريشن ڪرايو هو، سندس طبيعت پڇڻ لاءِ اسين لاڙڪاڻي کان حيدرآباد وياسين. مون سان گڏ سردار علي نواز جلباڻي صاحب ۽ اسدالله ڀٽو صاحب هئا. اسين حيدرآباد پهتاسين. مٺي سان ڏاڍي خوب ڪچهري ٿي جيڪا منهنجي روبرو آخري ملاقات هئي. چئن ڪلاڪن جي هن ڊگھي ڪچهريءَ ۾ علم، ادب، سياست ۽ سندس قومي گيت ۽ غزلن جي جھونگار اسان کي گھڻو متاثر ڪيو ۽ پوءِ مٺي کان موڪلائي لاڙڪاڻي لاءِ واپس موٽياسين. حيدرآباد کان لاڙڪاڻي تائين اسان سڀني دوستن جي ڪچهريءَ جو موضوع مٺو رهيو، ان بعد ساڻس فون تي ڳالھه ٻول ضرور ٿيندي رهندي هئي.
هو رفيق جعفري صاحب سان اڪثر ملڪ کان ٻاهر گھمڻ لاءِ ويندو هو ۽ ان ۾ مون کي سدائين ٻاهر گھمڻ لاء چوندو هو. هڪ دفعي هن کي اسلام آباد ۽ ڪوهه مري گھمڻ وڃڻو هو. جھاز جي ٽڪيٽ هٿ ۾ ڏيئي چيائين ته هاڻي ضرور هلڻو اٿئي پر مان وري به بهانو ڪري جان ڇڏائي پر منهنجي نالي واري ٽڪيٽ تي هڪ ٻئي دوست کي هلڻ لاءِ تيار ڪيو ويو ۽ ان کي جھاز ۾ ويهڻ وقت چيائون ته تون پنهنجو نالو ادريس ميراڻي ٻڌائيندين. هي دوست ديوان هو ۽ ان معاملي تي ڏاڍو پريشان ٿي ويو. مٺي جي آخري فون آغا خان اسپتال مان آئي ته اڄ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کي طبيعت ڏيکاري پوءِ حال احوال ڪنداسين.
اڄ مٺو اسان ۾ موجود ناهي ۽ سندس لاڏاڻي تي يقين ئي نٿو اچي. جنهن وقت به مٺي جو خيال اچي ٿو ته ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هو زندهه سلامت سامهون بيٺو آهي. هو ڪنهن به ريت وسري نٿو سگھي. آخري دعا لاءِ مٺي جي تڏي تي آياسين. مون سان گڏ سيٺ اعجاز احمد آگاڻي هو. مٺو لاڙڪاڻي جڏهن به مون وٽ ايندو هو ته ميزباني سيٺ اعجاز احمد آگاڻي ڪندو هو.
دلبر دوست، مٺي مهيري جي سهڻي ۽ من موهڻي شخصيت ۽ ڏات جي اپٽار لاءِ ڪهڙن به لفظن جو سهارو وٺجي پر مٺو انهن ۾ نٿو ماپجي. يقينن، مٺو سنڌ هو. مٺي جو لاڏاڻو سنڌ جو وڏو نقصان آهي. سراج ميمڻ ، فقير محمد لاشاريءَ جي وفات تي چيو هو ته، ڪنهن سان عذر خواهي ڪريان، فقير محمد جي پونئيرن سان ڪريان يا پنهنجو پاڻ سان ڪريان. مٺو به اهڙي شخصيت جو مالڪ هو، مٺي جي پونئيرن ۾ مان پاڻ کي به شامل سمجھان ٿو.
ويا وڳ وهي، هئا ڪرهي قرب جن سين
تن کان ڌار رهي، چانگي چِنو ڪين ڪي!
(لطيف)

مٺو مهيري، لطيف شناس: ڊاڪٽر مسرت حسين خواجه

مٺي مهيريءَ سان منھنجو ناتو ٽيهن سالن کان رهيو ۽ مختلف سماجي ۽ سياسي ميڙاڪن ۾ ملاقات ٿيندي رهندي هئي پر سانا جي ڪنوينشن ۾ شرڪت ۽ آمريڪا جي مختلف شهرن جي ياترا جا اهي ويهه ڏينهن وسرڻ جوڳا نه آهن جڏهن هڪ ئي ڪمري ۾ رفيق جعفري، مٺو مهيري ۽ آئون گڏ رهياسين. گھڻن ئي سالن کان هر سال جولاءِ مهيني ۾ آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جا ڪنوينشن منعقد ٿيندا رهندا آهن. سال 2017 ع ۾ پڻ لاس اينجلس ۾ سانا جو ڪنوينشن هو. مٺو مهيري، رفيق جعفري ۽ آئون انهيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاس اينجلس ويا هئاسين. جيئن ته اسان جون فلائٽس مختلف هيون، مٺو ۽ رفيق جعفري صاحب هڪ ڏينهن اڳ پهتا ۽ آئون ٻئي ڏينهن پهتس. هوٽل جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ سان ئي مٺي جي اکين ۾ چمڪ ڏسڻ ۾ آئي ۽ هن لطيف سائينءَ جي بيت سان استقبال ڪيو:
الله اچڻ اوءِ جن آئي من سرهو ٿئي...
لاس اينجلس ۾ ڇهه ڏينهن رهڻ دوران خوب سير سپاٽا ڪياسين. لاس اينجلس جنهن کي ڏسڻ لاءِ سالن کان اکيون آتيون هيون ۽ اسان اتي بس ٽوئر ورتو. بس شهر جي مُک ماڳن کان علاوه ”بيورلي هل“ وٺي ويئي جتي ”هاليووڊ“ جي اداڪارن جا گھر آهن. بس جي گائيڊ ٻڌائيندي رهي ته هي مائيڪل جيڪسن جو گھر آهي، هي فلاڻي اداڪاره يا اداڪار جو گھر آهي، وغيره. بيوري هل لاس اينجلس ۾ هڪ خوبصورت علائقو آهي جتي تمام گھڻي وڻڪاري ٿيل آهي ۽ ارب پتي ماڻهو رهن ٿا. ٽوئر بس مختلف تاريخي ماڳ ڏيکاريندي رهي ۽ آخري منزل لانگ بيچ هئي، جتي سمنڊ جي تازي هوا ۾ ساهه کنيوسين ۽ گھڻيون ئي ”پوپٽيون“ سمنڊ ڪناري ”سن باٿ“ وٺي رهيون هيون. مٺو اتي به پنهنجي آواز ۾ جھونگاريندو رهيو ۽ کلي چيائين ته جيڪڏهن اهي سهولتون ڪراچي جي سمنڊ کي به مليل هجن ته ملڪ جي روينيو ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو. مون وراڻيو ته اهو ناممڪن آهي ۽ اسان ”اسلام جو قلعو“ آهيون. اها ٻي ڳالھه آهي ته گھڻن ئي اسلامي ملڪن ۾ لاس اينجلس جي بيچ کان وڌيڪ آزادي آهي. دبئيءَ جي جميرا بيچ جو مثال ڪافي آهي. جنهن سمنڊ ڪناري پلاسٽڪ جون ٿيلھيون، مڪئي جا ڇوڏا، سگريٽ ۽ جوس جا خالي پيڪيٽ ۽ ٻيو به گند هجي، گڏوگڏ ڪي ايف سي جي ڀرسان سمنڊ ڪناري، ڪراچيءَ جي گٽرن جو گندو پاڻي ڇوڙ ٿئي ۽ چمڙي جي بيمارين جو خدشو هجي، اتي ڪهڙي سولائيزڊ ملڪ جا سياح گھمڻ ايندا؟ خير! بس وري نوان ماڳ گھمي واپس شام جو هوٽل تي پهتاسين. جيئن ته لاس اينجلس جي هر ماڳ جي هڪ الڳ ڪهاڻي آهي، جيڪڏهن انهن تي لکبو ته قصو ڊگھو ٿي ويندو. ٿڪاوٽ سبب ”جَو جو پاڻي“ پيئڻ ضروري هو ۽ پوءِ اسان مٺي جي مڌر آواز ۽ آلاپ تي جھومي رهيا هئاسين.
ٻي رات سانا جي ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿياسين جتي دوستن سان ملاقات ٿي. سان فرانسسڪو جي دوست نثار مهر، نيويارڪ جي علي خاصخيلي، واشنگٽن جي مشتاق راڄپر ۽ نيوجرسيءَ جي علي حسن ڀٽو طرفان ڀليڪار چئي ويئي. سانا جي محفل متل هئي پر اسان ٽئي وائرل انفيڪشن ۾ ورتل هئاسين ۽ ٺيڪ طرح سان ان محفل کي انجواءِ نه ڪري سگھياسين. رات اُتي ئي ترسياسين ۽ ٻئي ڏينهن پنهنجي هوٽل تي هليا آياسين. چوٿين ڏينهن اهو شاهڪار ڏسڻ جو شوق هو، جنهن جي باري ۾ ننڍپڻ کان وٺي ذهن ۾ هڪ اميج ٺهيل هو. اهو هو ”هاليووڊ يونيورسل اسٽوڊيو“ جتي اڪثر فلمون ٺهنديون رهنديون آهن. هوٽل واري کي چيوسين ته ڪا ٽئڪسي گھرائي ڏيو هاليووڊ وڃڻو آهي. ڪجھه دير کانپوءِ هڪ ”لموزاين“ وڏي ڪار هوٽل ۾ داخل ٿي ۽ اسان ٽيئي هاليووڊ ڏانهن روانا ٿياسين. اهو مفاصلو هوٽل کان 25 منٽن جو هو ۽ ٽئڪسي ڊرائيور سئو ڊالر ڪرايو ورتو. يونيورسل اسٽوڊيو ۾ پهچڻ کان پوءِ ٿڪاوٽ لھي ويئي ۽ اسان سان گڏ ويهارو کن خوبصورت ”سندريون“ ريڊڪارپٽ تي هيون. مون کي ائين محسوس ٿيو ته انهيءَ ڏينهن دنيا جون حسين عورتون اتي موجود آهن ۽ ”مٺي جي مٺاس“ چکڻ چاهين ٿيون. گڏوگڏ ڪجھه گھرن تي نظر پئي جن جي ٻاهران لکيل هو ته هن گھر ۾ پرٽي وومين فلم جي شوٽنگ ٿي هئي، هن ۾ قلو پيٽرا ۽ هن ۾ فلاڻي فلم وغيره جي شوٽنگ ٿي. اسان اتي Live Shooting به ڏٺي ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ته واقعي ڪنهن نئين فلم جي شوٽنگ ٿي رهي آهي.
يونيورسل اسٽوڊيو ايترو ته وڏو آهي جو گھمڻ لاءِ ٻه ڏينهن گھرجن. ٿڪاوٽ سبب مٺو ۽ آئون برگر اسپاٽ اندر ويٺاسين ۽ رفيق جعفري برگر وٺي رهيو هو. اسان جي ڀر ۾ ٻه خوبصورت ”سندريون“ به ويٺل هيون، جنهن تي مٺي مهيريءَ چيو ته جيڪڏهن اڄ شيخ اياز هتي هجي ها ته هنن جي سونهن تي شاعري ڪري ها. واقعي هيون به تمام خوبصورت. اتي مون مٺي کي چيو ته جيڪڏهن شيخ اياز ناهي ته آئون ئي سندن حسن جي تعريف ڪريان ٿو. مون انهن جي حسن جي تعريف ڪرڻ شروع ڪئي ۽ خاص طور هڪ سندريءَ جي زلفن جي، اهي خوش ٿيون ۽ چيائو ن ته زلفن جي باري ۾ تنهنجي ڄاڻ سٺي آهي ۽ ڪجھه دير کان پوءِ اهي ”باءِ“ ڪري هلي ويون. مٺي چيو ته، جيڪڏهن اها تعريف سنڌ ۾ ڪريون ها ته ”ڪارو ڪاري“ ۾ ماريا وڃون ها. خير، ايتري ۾ رفيق جعفري برگر وٺي آيو ۽ پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ ان کي سندرين سان ڪچهريءَ بابت ٻڌايوسين. مٺو مهيري کي شُگر هئي ۽ کيس بُک گھڻي لڳندي هئي. هوٽل جي ٻاهر صبح 8 وڳي هڪ موبائيل بس بيهندي هئي جنهن ۾ کائڻ پيئڻ جو بندوبست هوندو هو. مٺو ننڊ مان اٿاري چوندو هو ته ڊاڪٽر هل هنن سان ”انگريچي“ ۾ ڳالھائي ته ناشتو وٺون. هڪ ڏينهن صبح 8 وڳي اها بس نه پهتي ۽ ڪافي انتظار کانپوءِ مون مٺي کي چيو ته اڄ ”ڪڙيو گھنور“ واري بس روٽ بدلائي کورواهه هلي ويئي آهي، جنهن تي هو ڏاڍو کليو هو. خير، پوءِ اسان 7/24 تان کائڻ پيئڻ جون شيون وٺي آياسين.
لاس اينجلس کان پوءِ اسان کي لاس ويگاس به وڃڻو هو پر جيئن ته بس جو ٽڪيٽ بُڪ نه ٿيل هو ۽ بس ڪافي دير کان پوءِ وڃڻي هئي، تنهن ڪري ٽئڪسي ڪئي سين. جيڪڏهن بس ۾ وڃون ها ته ٽنهي جو ٽڪيٽ 90 ڊالرن جو هو پر ٽئڪسي ڊرائيور ڇهه سئو ڊالرن مان چار سئو ڊالرن تي راضي ٿيو. شايد ان ٽئڪسي ڊرائيور کي خبر پئجي چڪي هئي ته آئون ۽ رفيق صاحب ”پرنس آف ڪڙيو گھنور“ سان گڏ آهيون، تنهن ڪري ڊالرن جي ڪا ڪمي ناهي ۽ اسان جلد بازيءَ ۾ ٽي سئو ڊالر وڌيڪ ڀريا. لاس ويگاس جنهن کي روشنين جو شهر چيو وڃي ٿو ۽ دنيا جي وڏي جوا به اتي جي ڪيسينو ۾ ٿئي ٿي. لاس ويگاس جي ”ايڪسڪليبر ڪيسينو“ ۾ اسان جو ڪمرو محترم مشتاق راڄپر بُڪ ڪرائي ڇڏيو هو. ان هوٽل ڪيسينو جا چار هزار ڪمرا هئا ۽ خوبصورت هوٽلن مان هئي. اندر گھڙڻ سان ئي ”اکين جي روشني“ وڌي ويئي. ڪمري ۾ سامان رکڻ کان پوءِ فريش ٿي هيٺ آياسين ۽ ڪيسينو جو جائزو وٺڻ لڳاسين. ان ڪيسينو ۾ پهرين ٻن ڏينهن جو ڪرايو 160 ڊالر هو ۽ اها بُڪنگ ٻن ڏينهن جي هئي پر ٽئين ڏينهن Weekend هو ۽ هوٽل انتظاميا چيو ته هاڻي ڪرايو 300 ڊالر ٿيندو ڇو جو توهان جي بُڪنگ ٻن راتين جي هئي. 300 ڊالر هڪ رات جو مطلب ته ان وقت پنجاهه هزار رپيا. پر جيئن ته ”پرنس مٺو“ جو فرمان هو ته ”ڪٿي ٽئڪسي ڪري دربدر ٿينداسين، ڳالھه ساڳي ٿي ويندي، هتي ئي رهون ٿا.“ ان رات اسان هڪ ٻئي ڪيسينو ۾ ”سندرين جي خوبصورت آرٽ“ کي به ڏٺو ۽ داد ڏني. لاس ويگاس خوبصورت شهر آهي پر گرمي سبي، جيڪب آباد ۽ سکر کان به ٻيڻي ٿيندي. جڏهن ٻاهر نڪرندا هئاسين ته گرم هوا برداشت ڪرڻ مشڪل هئي ۽ جلد ئي ڀرواري ڪيسينو ۾ هليا ويندا هئاسين جتي يخ ٿڌ هوندي هئي.
لاس ويگاس کانپوءِ اڳتي منزل سان فرانسسڪو جي هئي ۽ هوائي جھاز جو ٽڪيٽ هڪ ماڻهوءَ جو 120 ڊالر هو ۽ اها فلائيٽ سوا ڪلاڪ جي هئي. هالي ڊي ان هوٽل، دوست علي خاصخيلي اڳ ئي بُڪ ڪرائي ڇڏي هئي. ايئرپورٽ کان هوٽل پهتاسون. ٻئي ڏينهن بس ٽوئر وٺي سان فرانسسڪو کي ڳولڻ لاءِ لھي پياسين. بس ٽوئر جو ٽڪيٽ في ماڻهو جو 50 ڊالر هو. بس خوبصورت نظارا ڏيکاريندي آخر ۾ گولڊن گيٽ برج پهتي جتي دنيا جا سياح ان پُل کي ڏسڻ ايندا آهن ۽ پنهنجي اک جي ڪيمرا ۾ محفوظ ڪندا آهن. سان فرانسسڪو جي موسم لاس اينجلس ۽ لاس ويگاس کان مختلف آهي. هتي سردي هئي ۽ اسان سيءَ ۾ ڏڪي رهيا هئاسين. هن خوبصورت پُل تي جوڙا پيار ڪرڻ جو وچن به ڪري رهيا هئا.
مٺو انهن جوڙن کي ڏسڻ کان پوءِ سُر سهڻيءَ جون ڪجھه سٽون چيون ته:
ڏِٺي جن هيڪار، صُورت سَاهَڙَ ڄامَ جي،
سُک ٿي سُتيون ڪينڪي، ڀري ساڻ ڀتارَ،
گھڙيون گھڙنِئان ڌارَ، ڪاهي پيون ڪُنن ۾.

سان فرانسسڪو ڪيليفورنيا رياست ۾ آهي ۽ اها آمريڪا جي رياستن ۾ خوبصورت ۽ مهانگي رياست آهي. چوطرف پهاڙ ۽ وچ ۾ سمنڊ سبب هن جي خوبصورتي پنهنجو مَٽَ پاڻ آهي. ٻئي ڏينهن مٺو مهيري، رفيق احمد جعفري ۽ آئون ٽئڪسي ڪري رهيل ماڳن کي ڏسڻ وياسين جنهن ۾ لومبارٽ اسٽريٽ، اها وروڪڙن واري اسٽريٽ آهي ۽ چوطرف گلن سان سينگاريل آهي. پيئر 39، يونين اسڪوائر جتان اڄ به شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽرام هلي ٿي ۽ سياح شوق سان ان ۾ سفر ڪندا آهن. چائنا ٽائون ۽ فشرمين هارف. هتي هڪ ڳالھه ٻڌائڻ لازمي آهي ته لاس ويگاس ۽ لاس اينجلس ۾ برگر کائي کائي بُک مري ويا هئاسين پر يونين اسڪوائر تي پاڪستاني ۽ انڊين هوٽل ڳولي لڌي سون، جنهن ۾ نان به هئا، چانور، مرغي ۽ دال به هئي. ايئن کڻي چئجي ته ماني کائي ورهين جي بُک وسائي ۽ پوءِ روز اتي ئي ماني کائڻ ويندا هئاسين. گھڻن ڏينهن کان پوءِ اسان ٽنهي جا چهرا ٻهڪي اٿيا هئا. رات جو اڃا سمهڻ جي تياري ڪري رهيا هئاسين ته دلبر دوست محترم نثار مهر هوٽل جو دروازو وڄايو. سندس هٿن ۾”آبريشم شربت جو وڏو ڪنگ سائيز شيشو،“ ڊرائي فروٽ ۽ بار بي ڪيو هو ۽ چيائين ته هلو توهان کي سان فرانسسڪو ڏيکاريان ۽ پوءِ رات جو 5 وڳي تائين من مستيون ڪندا رهياسين ۽ واپس هوٽل تي ڇڏيائين. نثار مهر جو پيار هميشه ياد رهندو.
سان فرانسسڪو کان پوءِ ٻي منزل نيويارڪ هئي. منهنجي فلائيٽ مٺو ۽ رفيق کان ٽي ڪلاڪ اڳ هئي پر اسان ايئرپورٽ گڏ پهتاسين. نيويارڪ جي ميريٽ هوٽل دوست علي خاصخيلي بُڪ ڪرائي ڇڏي هئي. هوٽل پهچڻ کان پوءِ هڪ سين ٿيو، جيڪو ٻئي ڪنهن وقت لکبو. اسان ٽيئي انهيءَ کي محسوس ڪندي کلي رهيا هئاسين. ته اها غلطي ڪنهن کان ٿي؟ نيويارڪ ۾ پاڪستاني ماني ڍؤ ڪري کاڌي سين، جيئن ته آئون اڳ به نيويارڪ ٽي دفعا وڃي چڪو هوس ۽ مون کي خبر هئي ته پاڪستاني ماني ڪٿي ملندي آهي. جڏهن پينسلوينيا هوٽل جي ڀر واري گھٽيءَ ۾ پاڪستاني هوٽل تي پهتاسين ته ايئن محسوس ٿيو ته اسان برنس روڊ فوڊ اسٽريٽ پهچي چڪا آهيون. پوءِ جيترا ڏينهن نيويارڪ ۾ هئاسين، انهيءَ هوٽل تي ماني کائڻ ويندا هئاسين ۽ مٺو دعائون ڪندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته ”يار ساڳيو ڳوٺ واري مانيءَ جو سواد آهي.“
نيويارڪ، مادام تُساؤ ميڻ جي ميوزيم ۾ هاليووڊ ۽ باليووڊ جي اداڪارن جا مجسما رکيل آهن. مٺي اميتاڀ بچن، ايشوريا راءِ، ماڌوري، ٽام ڪروز ۽ گھڻن ئي هاليووڊ جي اداڪارن سان فوٽو ڪڍرايا. اسان بروڪلن برج، واشنگٽن برج جي ياترا به ڪئي، جتي اڪثر باليووڊ جون فلمون فلمايون وينديون آهن. ٽائيم اسڪوائر جي خوبصورتيءَ جي ڪهڙي ڳالھه ڪجي، شام جو هزارين ”تتليون“ جلوه افروز ٿينديون آهن. مٺو به انهن تتلين جي وچ ۾ ”سوٽيڊ بوٽيڊ“ ويٺل هوندو هو ۽ سندس اکين ۾ ”شرارت“ هوندي هئي. اسان جيترا ڏينهن هئاسين، ٽائيم اسڪوائر ضرور ويندا هئاسين. “Statue of Liberty” جو ٽوئر به شاندار هو. اهو پاڻيءَ جي جھاز وسيلي هو ۽ ان تائين پهچڻ ۾”مين هٽن“ کان اڌ ڪلاڪ لڳيو وڃي. پاڻيءَ جي جھاز ۾ مٺي سان ادبي ۽ سياسي ڪچهري به ٿي، جنهن ۾ خاص طور بدين جي سياست، شهيد فاضل راهو ۽ محترم رسول بخش پليجي سان سندس سالن تي محيط ويجھڙائپ، جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران هاري تحريڪ جي جدوجھد ۾ محترم حسين بخش ناريجي سان گڏ بدين ۾ ڦٽڪا کائڻ، ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي حفظ ڪرڻ ۽ صحيح اچار جي حوالي سان پڻ ڳالھه ٻول ٿيندي رهي ۽ اهو سفر به وسرڻ جوڳو نه آهي.
نيويارڪ ۾ کائڻ پيئڻ حوالي سان ڪجھه شيون مشهور آهن جنهن ۾ جائيرو ڌوئنرو به آهي. منھنجو دوست نواب دين اسان کي هوٽل تان کڻڻ آيو، شهر جو گشت ڪريائين ۽ ريور هڊسن (River Hudson) جو اهو حصو به ڏيکاريائين جتي ڪجھه سال اڳ ايمرجنسيءَ دوران هوائي جھاز ان نديءَ ۾ لينڊنگ ڪئي هئي ۽ مسافر محفوظ رهيا، پوءِ اهو ڌوئنرو به کاڌوسين، جيڪو تمام گھڻو لذيذ هو.
نيويارڪ مان روانگيءَ کان هڪ رات اڳ پياري دوست علي خاصخيلي ۽ ذاڪر بلو، اسان ٽنهي جي اعزاز ۾ ڪوئينز واري علائقي ۾ هڪ دعوت رکي، جنهن ۾ محبوب عباسي، اشفاق آذر، انعام سيال، شير محمد، راجا اسد ۽ تنوير شيخ موجود هئا. ان محفل ۾ سانا ۽ سنڌ جي سياست تي به بحث مباحثو ٿيو پر ”جَو جي پاڻي“ پيئڻ کان پوءِ جڏهن مٺي لطيف، اياز، سرويچ، منشي ۽ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ڳايو ته هر ڪو داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگھيو. نيويارڪ مان واپس سنڌ آيس، مٺو ۽ رفيق واشنگٽن لاءِ روانا ٿي ويا جتي هنن وائيٽ هائوس، ايئرو ناٽيڪل ميوزيم، لنڪن ميموريل، نيشنل مال، نيشنل گئلري آف آرٽ، ڪيپيٽال هِل ۽ ٻيا به خوبصورت ماڳ ڏٺا.
مٺي سان ڪچهرين جون گھڻيون ئي يادون نه لکي سگھيو آهيان. ڪڏهن سفرنامو لکڻ جو موقعو مليو ته ضرور لکندس. مٺي سان ڪچهرين ۽ سفر جي ”چاشنيءَ جو سرور“ اڃا ذهن تان لٿو ئي ڪين هو ته اوچتو اطلاع مليو ته مٺو هي جھان ڇڏي ابدي جھان لاءِ روانو ٿي چڪو آهي. مون رفيق کي فون ڪيو جيڪو حيدرآباد کان ڪراچي اچي رهيو هو، تنهن پڻ تصديق ڪئي. مٺي جي موت جي خبر ڄڻ وڄ ڪرڻ وانگر هئي. آئون ۽ رفيق جڏهن آغا خان اسپتال پهتاسين ته اتي صوبائي وزير محترم محمد اسماعيل راهو ۽ ادا محمد ميمڻ موجود هئا. ادا محمد ميمڻ جو چوڻ ته پروسيجر واري ڏينهن اهي محترم ڪشو مل جي فليٽ تي ترسيل هئا ۽ مٺو هشاش بشاش هو ۽ کيس ڪابه تڪليف نه هئي. صبح جو 6 بجي مٺو چانهه کڻي آيو ۽ چيائين ته ادا اهڙي چانهه تو فائيو اسٽار هوٽل ۾ به نه پيتي هوندي ۽ مذاق ڪندو رهيو. مٺو ڏهين بجي، پروسيجر ليب کلندي کلندي ويو. ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ڊاڪٽر پريشاني واري حالت ۾ ٻاهر نڪتو ۽ چيائين ته کيس وينٽيليٽر جي ضرورت پوندي. ادا محمد جو چوڻ ته توهان بهتر سمجھو ٿا. وري ڊاڪٽر ڪلاڪ کن کان پوءِ آپريشن ٿيٽر مان ٻاهر آيو، جنهن جي هٿن جي گلووز تي رت جا نشان هئا ۽ وڌيڪ پريشان هو ۽ چيائين ته مٺو جو هيموگلوبن گھٽجي ويو آهي ۽ پوءِ اهو ٻڌايو ويو ته هو هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهيو. پروسيجر جي ڪوتاهين تي آئون اڳ به لکي چڪو آهيان ته مٺي جو موت ”ڊاڪٽرن جي لاپرواهي“ جو نتيجو هو، جنهن جي اسان ڇنڊڇاڻ نه ڪرائي سگھياسين. رات جو هڪ وڳي مٺي جو لاش کڻائي ڳوٺ پهتاسين ۽ صبح جو سندس هزارين چاهيندڙن کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. مٺو، اڄ اسان وٽ جسماني طور ته موجود ناهي پرسندس آواز ۽ ٽهڪن جا پڙاڏا ڪارونجھر کان ڪينجھر ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سدا گونجندا رهندا.

مٺو مهيري، گلڙن جو گلدستو ! : هدايت بلوچ

اسان جي جي سنڌ سموري سون آهي جنهن ۾ هر جاءِ تي سهڻا ۽ مڻيادار ماڻهو هميشه موجود رهيا آهن ۽ ڪڏهن به ڪو علائقو ۽ تر انهن گوهرن کان خالي ناهي هيو. سنڌ جي ماڻڪ موتي ۽ مڻيادار علائقن ۾ لاڙ کي هڪ وڏو مقام حاصل آهي، جنهن جي هاڻوڪي سياسي ۽ ادبي شخصيتن ۽ اڪابرن ۾ فاضل راهو، رسول بخش پليجو، شمشير الحيدري، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ انهن هستين جي صحبت ۽ محبت سان رچي ريٽو ٿيندڙ شخصيتن ۾ فاضل ۽ مانائتي ماڻهو مٺي مهيري تمام گھڻي مشهوري ماڻي. هو منهنجي سرپرست ۽ دوست شمشير الحيدري جي ويجھي حلقي ۾ شامل هو. مٺي مهيريءَ سان منهنجيون ڪجھه يادگار ملاقاتون ۽ محفلون ٿيون. مٺي سان ملاقاتون گھڻو ڪري شمشير الحيدريءَ جي محفل ۾ ٿينديون هيون. هڪ يادگار ملاقات اسان جي پراڻي رهائش گاهه پاڪستان ڪوارٽرز ۾ منھنجي گھر تي به ٿي، جنھن ۾ شمشير الحيدري، منھنجو وڏو ڀاءُ عنايت بلوچ ۽ رفيق جعفري موجود ھئا. محفل ۾ مٺي مهيريءَ کان ڀٽائي سرڪار جي ڪلام ۽ ان جي شاعريءَ جي شرح ٻڌڻ جو موقعو مليو، جنھن مان سندس شاھ لطيف بابت ڄاڻ ۽ سندس ڪمال حافظي جو انداز لڳائي سگھجي ٿو. هن يادگار محفل ۾ هن پنهنجيون جيڪي روح رچنديون پيش ڪيون انهن سموري محفل ۾ ڪلام، آواز ۽ سرن جي سرهاڻ پکيڙي ڇڏي. يقينن، مٺو مهيري پنهنجي آواز، آلاپ، فن ۽ هنر جي بلندين تي نظر آيو.
مٺي مهيريءَ سان ٻي يادگار ملاقات فاضل راهو شهيد جي پهرين ورسيءَ تي راهوڪي ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کان ڪجھه مفاصلي تي موجود شهر گولاڙچيءَ ۾ ٿي جنھن جي ميزباني خود مٺي پاڻ ڪئي، جنهن ۾ شمشير الحيدري، عبدالغفار تبسم، رفيق احمد جعفري، سرويچ سجاولي ۽ ٻيون سياسي ۽ ادبي شخصيتون پڻ موجود هيون. هن موقعي تي ٿيل پرتڪلف محفل ۾ سموري رات سڀني جاڳي گذاري ۽ ڪلام، فن ۽ هنر جي پالوٽ ٿيندي رهي. هن محفل ۾ پڻ مٺو مهيري پنهنجي ڪيف ۽ سرمستيءَ ۾ بلندين تي نظر آيو. جڏهن ٻئي ڏينهن راهوڪيءَ ۾ فاضل راهو شهيد جي ورسي جي اجتماع ۾ پهتاسين ته، مٺو ورسيءَ جي انتظامن ۾ ڪجھه دير لاءِ مصروف رهيو ۽ ان بعد جڏهن ورسي وارو اجتماع، تقريرون ۽ انقلابي شاعري ۽ ڪلام وارا رنگ شروع ٿيا ته اتي پڻ مٺو مهيري اسٽيج جي منتظم ۽ مهندار جي روپ ۾ نظر آيو. قدرت کيس حافظو به ڪمال جو عطا ڪيو ھو، ٿيو ايئن جو مون جيڪا شاعري راھوڪيءَ ۾ پڙھي اھي ڪاغذ ئي مون کان ڪٿي رھجي ويا. وري ورھين کان پوء ڪراچيءَ ۾ مليو ته منھنجي اتي پڙھيل شاعري پڙھي ٻڌايائين جنهن مان ھڪ شعر ھن ريت ھو ته،
”دل اڌمو کائي رات چيو ھل يار ھدايت راھوڪي
مون مرڪي تنهن کي موٽ ڏني
واھ جي ڳالھه ڪئي ٿئي ٺاھوڪي“
فاضل جي ورسيءَ ۾ سموري سنڌ کان آيل مهمانن جي دلين ۽ روحن جون تارون ڪا شخصيت ڇيڙي، کلائي ۽ روئاڙي رهي هئي ته اها هستي به مٺي مهيري جي ئي هئي. شاهه لطيف جو فضائن تي حڪمراني ڪندڙ ڪلام هجي يا شيخ اياز جي انقلابي شاعري جي کنوڻ ۽ گجگوڙ هجي؛ مٺو مهيري ڄڻ ته ان ڪلام جي روح کي پنهنجي پرسوز آواز ۾ ڳائي اجتماع کي پرجوش ڪري محفل ۾ لھرون پيدا ڪري رهيو هو.
شمشيرالحيدري ادبي محفل جي صدارت ڪئي، جڏھن ته سرويچ سجاولي ، ابراھيم منشي، عبدالغفار تبسم، ۽ اسان پنھنجي شاعري پيش ڪئي ۽ اھا ھڪ يادگار ادبي محفل طور ياد رھندي. ھن تقريب جي خاص ڳالھه ته مٺو مھيري انھيءَ سڄي تقريب جي خوبصورت انداز سان ڪمپيئرنگ ڪري رھيو ھو. هو اسان جي محفلن ۽ يادن ۾ پنهنجا سر ۽ خوشبوءِ باقي ڇڏي هليو ويو. سندس يادون سندس پيار ۽ پنهنجائپ جي منفرد انداز سان سدائين ياد رھنديون.

مٺا ته ماڻهو گھڻا ئي ليڪن مٺو گھڻو ھو مٺو مھيري
خيالن ۾ ڪا ھئي خوشبوءِ، ڄڻ ھو ڪا گلن جي ڍيري ـ
)ھدايت بلوچ)

مٺو مهيري :جنھن جھنگ ۽ شهر پڙهيا: حفيظ ڪنڀر

مٺي مهيريءَ سان پنهنجي پهرين ڪچهريءَ جو سال ياد ڪونهي ۽ آخري ڀيرو سندس آواز فون تي دبئي ۾ٻڌو هئم. پهرين ملاقات تي آئون جيئن سندس اوطاق تي پهتس ته هي آيو ۽ مون کي ابراهيم منشيءَ جو ڪلام:
اسان عشق تنهنجي ۾ اڙجي وياسين
جيئن چانور ٿا ڇڙجن تيئن ڇڙجي وياسين

ڳائي ڀليڪار ڏني، پوءِ اسان ”ڪڙو منجھه ڪڙي“ ٿي وياسين، منهنجا يار هن جا يار ۽ هن جا دوست منهنجا دوست ٿيندا ويا. هونئن اسان جا ساڳيا دوست ته اڳي ئي ڪافي هئا ۽ پوء اهو ڀائراڻا لاڳاپا ايترا ته وڌي ويا جو اسان هڪٻئي جي گھر جا ڀاتي ٿي وياسين . اسان سنگت ۽ ساٿ ۾ ننڍا وڏا سڀ گڏ هئاسين. مٺو ۽ آئون ٿر بر، ڳوٺ شهر گڏ پئي گھمياسون ۽ رلياسون. سال 2003 يا 2004ع جي ڳالھه آھي، مون کي اوچتو ڊپريشن اچي ورتو. ذهن تي خوف ئي خوف طاري ۽ جسم ۾ ڏڪڻي الڳ هئي. مٺو اوچتو ڪاليج اچي نڪتو، حال احوال وٺندي چيائين ته ”مون کي تون ٺيڪ نه پيو لڳين، خير ته آهي؟ ”چيم“ شديد ڊپريشن ۾ آهيان. گھر کان ڪاليج پهچندي ڪئين اوٿارا ٿا اچن. شديد خوف مان پيو گذران.......“ ۽ پوءِ هن مون کي وڌي اچي ٻانهن مان ورتو. چيائين ”اٿي مٿي! تنهنجو ڊپريشن ٿو ختم ڪريان هل مون سان...!“ آئون کانئس جيستائين پڇان ڪيڏانهن ٿا هلون؟ تيستائين مون کي گاڏيءَ ۾ ويهاري ڪانٽو 80 تي کڻي ڇڪي رکيائين. گاڏي حيدرآباد ڇڏي، پراڻ جي پٽن مان ٿيندي ڀٽن جو ڀر جھلي اچي مٺي شهر ۾ بريڪ هنيو.
مون لاء مٺي مهيريءَ جي انهيءَ صحت جي بحالي واري مهم يا سندس پاران محبتن ذريعي علاج ڪرڻ واري سفر جو پهريون پڙاء مٺيءَ ۾ ٿيو. رات اتي هئاسينستار بلوچ وٽ، جيڪو اتي ايڪسائيز کاتي ۾ انسپيڪٽر هو. ان وقت ننگرپارڪر جو روڊ مڪمل نه ٺهيو هو. گاڏيون ان پاسي گھٽ وينديون هيون. ڪوسٽر خاصمقرر ٽائم تي ننگر پارڪر ويندا هئا. ستار صاحب اسان لاءِ سيٽن جو بندبست ڪيو . اسان شام واري ڪوسٽر ۾ چڙهي رات جو ننگر شهر لٿاسين اتي اسان لاءِڪولھي دوست انتظار ۾ هئا، جن وٽ رهڻ جو بندوبست هو. ٻئي ڏينهن وسڪاري واري من موهيندڙ موسم ۾ اسان ٻئي ڪولھي گائيڊ سان گڏ چهچ سائو ڪارونجھر پئي گھمياسين. نديون پئي ڏٺيون سين ۽ مورن جا ٽهوڪا پئي ٻڌاسين. ايئن جبل جي لاهين چاڙهين جا پئي لطف ورتاسين . ننگر پارڪر کان اسان سان ٽيون همسفر هڪ بئنڪ مئنيجر ڪنڀر صاحب ٿيو ۽ڪجھه سفر طئي ڪرڻ بعد ڪاسبي پهتاسين. هتي به برساتن جي خوبصورت نظارن مان لطف اندوز ٿيندا رهياسين. ڪاسبي ۾ رات ڊاڪٽر شنڪر وٽ ترسياسين ايئن ٻن ڏينهن ۽ راتين جو من موهيندڙ مختصر ٽوئر ڪرائي اسان واپس مٺي آياسين واپسي تي هن مون کي گھر ڇڏيو. هيڏي سفر کانپوءِ منھنجو اعتماد بحال ٿيو. ڪيڏانهن ويو ڊپريشن، ڪيڏانهن ويو خوف! آئون صفا نئوبنو اٺ ڪور ٺيڪ ٿي ويس. اها هئي مٺي جي ڊاڪٽري.
مٺو مهيري انهن خوشنصيب ماڻهن مان هو جن جي تربيت فاضل راهو صاحب ڪئي، فاضل ۽ پليجي صاحب جي رهنمائيءَ ۾ هو جھرجھنگ هليو. راڄ، تر، ڳوٺ، شهر، ريل، جيل ۽ جبل هن هڪ سياسي ڪارڪن طور جھاڳيا ۽ پڇي راس ٿيو. هن جي سورهيائي به ڏسڻ وٽان هئي. هن کي ظالم ضياء سرڪار سامهون ٿيڻ ڪري گرفتار ڪيو ويو ۽ جيلن جون سختيون سٺيون ۽ ملٽري ڪورٽ ۾ هن مٿان ڪيس هليو ۽ اتان ٻڌايل قيد جي سزا ۽ ڦٽڪا برداشت ڪيائين. هو روشن دل دماغ رکندڙ شخصيت هو. آخري وقت تائين توھم پرستيءَ کان پري رهيو ۽ روشن خيال فڪر سان سلھاڙيل رهيو. هن جي عوامي رنگ کي سنڌ وارن هميشه انجواءِ ڪيو. هن زندگيءَ جي گھاڻي ۾ ڳهندڙ ڳڻتي ورتل ماڻهن کي پنهنجي بي حجاب کل مذاق، ڀوڳ سان کلايو. پنهنجي حاضر جوابي ۽ گفتن سان ڏکويل خلق جي چپن تي مرڪون کيريون ھو ھڪ Laughter Therapist به هو ته مٺي مهيريءَ ۾ هڪ اهڙو اداڪار لڪل هو جو هلندي هلندي يا گلي گھٽيءَ ۾ اڪيلو پرفارم ڪري ويندو هو. هو لطيف جي شاعريءَ سان گڏ سنڌ جي مزاحمتي شاعرن جو حافظ هو. هن لطيف جو ڪلام سدائين خود تي طاري ڪري رکيو هو. هو بيخوديءَ ۾ اچي لطيف کي ايئن پڙهندو، معنائون ٻڌائيندو، تشريح ڪندو ويندو هو جو لٽريچر جا پروفيسر به هن کي ڏسندا رهجي ويندا هئا. هن ۾ اهم ڳالھه اها هئي جو هن جي، لطيف طرف سوچ ۽ سمجھه سگھڙن واري وڙائتي سوچ نه هئي. هو لطيف جي شعر جو لفظ لفظ ڪري سمجھائيندو هو. مون کي ياد آهي ته نظاماڻين جي هڪ ڳوٺ مان هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪري اسان ڪڙيو گھنور پئي آياسين ته هن لطيف جو بيت سر مارئيءَ مان پڙهيو . جنهن جي هڪ سٽ هئي:
”پائر ڏنيون پٺيون، ننڍن نوراپن“

مون کان هن ”نوراپن“ لفظ جي معنيٰ پڇي، مون چيو ته ”مون کي خبر ناهي“ چيائين اڳتي ٿو سمجھايان. ٿورو اڳتي هلياسون ته ٻڪرين جو ڌڻ پئي ويو، هن پاسي تي گاڏي بيهاري. هڪ ننڍي ڇيلي ڏانهن اشارو ڪري چيائين، ”نوراپو اهو اٿئي جنهن جا کُر اڃا ڪچا هجن ان کي نوراپو چئبو آهي.“ مون لطيف جا ڪئين اهڙا لفظ هن کان سمجھيا جيڪي سالن تائين مون کي نٿي آيا. رڳو شاعري نه پر هن جو نثر ۾ به حافظو ڪمال جو هو. هو هندستاني سنڌي اديبن کان وٺي شيخ اياز جي نثر جا ٽڪرن جا ٽڪرا برزبان ٻڌائيندو ويندو هو. هي جھنگ جو ماڻهو جھنگ به پڙهيو ويٺو هو ته شهر به پڙهيو ويٺو هو. ماڻهو به پڙهيو ويٺو هو ته جانور پکي پکڻ، فصل پوکون به پڙهيو ويٺو هو. هن جي پيرن ۾ پنڌ هئا، هو ٻاهريان، ملڪ به گھمي آيو ۽ اتان جي سفرن جون هن وٽ دلچسپ خبرون هيون.
مٺو مهيري ان سنڌ جي گواهي ۽ علامت هو جنهن سنڌ کي لطيف پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ٻيتن ۾ چٽيو. هن جو سياسي سفر هڪ وڏو داستان هو. هو سياسي طور ڪٿي به هو پر هن وري بهسماجي طور اديبن، شاعرن، ليکڪن سان گڏ انهن ساٿين سنگتين سان به خود کي سلھاڙي رکيو. هن ڪافي شيون رڪارڊ ڪيون هونديون. هن مون کي پنهنجي لئبريري ۽ ناياب ڪتاب ڏيکاريا ۽ ڊائريءَ جو ذڪر به ڪيو هو. مٺي جي هڪ خواهش هئي ته انگريزي پڙهان. انگريزي ته نه پڙهي سگھيو پرڪيترن ئي انگريزي پڙهيلن کان هن سٺو پڙهيو هو. اسان جي ملڪ جي Elite ڪاموري قلمڪار يا اي سي بيڊ روم واري رائٽر، ريڊر، دانشور جي اڳيان جڏهن مٺا مهيري ڳالھائين ٿا ته کانئن حيرت ۾بي اختيار نڪري وڃي ٿو ته ”ڇا سنڌ جي ڳوٺن ۾ هي ماڻهو به آهن جن گھرن ۾ لئبريريون رکيون آهن؟“ مٺي جي بيماريءَ لاءِ آئون سڀني دوستن جيان فڪرمند رهندو هئس. ملڪ ۾ هجان يا ٻاهر، رابطو رهندو هو. آخري رابطو ان ڏينهن ٿيو جنهن ڏينهن مٺو مهيري نه لطيف پئي پڙهي سگھيو، نه جھونگاري پئي سگھيو، نه ماحول خوشگوار بڻائي پئي سگھيو، هن ڏينهن تي هو سڀني کي ڏکارو ڪري ويو ۽ هزارين ماڻهو هن جون ڳالھيون ساريندي دُٻي طرف قبرستان وڃي رهيا هئا.

ساٿي نه پسان سي، جي هئم هيئين ٿوڻيون
ھاڻي ڪنين کي، وڃيو اڱڻ اُڀهان...

مٺي جون مٺيون يادگيريون: ويرجي ڪولھي

ڪجھه ڏينهن اڳ پياري رفيق جعفريءَ فون ڪيو ته هو مٺي مهيريءَ بابت ڪو ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو آهي. ان لاءِ سندس ويجھن دوستن جا رايا، خيال ۽ يادگيريون شامل ڪرڻ چاهي ٿو. مون کي دلي خوشي ٿي هئي، پر گڏوگڏ حيران به ٿيس ته جعفري صاحب کي منهنجي ڪيئن سُڌ پئي ته آئون مٺي مهيريءَ تي لکان! ڇو ته منهنجيون جعفري صاحب سان ايتريون خاص ملاقاتون ڪونه آهن. پوءِ اندازو لڳايم ۽ ياد آيو ته مٺي مهيريءَ سان منهنجي آخري ملاقات ۾ هو ساڻس گڏ هو. اسان جي اها ملاقات ڪراچي ايئرپورٽ تي ٿي هئي. آئون اسلام آباد وڃي رهيو هوس. هو به ڪٿي وڃي رهيو هو. ساڻس هڪ دوست گڏ هو، جنهن جو هن رفيق جعفري طور تعارف ڪرايو هو. منھنجو به ساڻس تعارف خوبصورت نموني ڪرايو هئائين. مٺي جو منفرد انداز هوندو هو. منهنجي هڪڙي تعارف ۾ ئي پياري رفيق کي اندازو ٿي چڪو هو ته مٺو مون سان ڪيترو پيار ڪندو هو. شايد ان ڪري رفيق جعفريءَ کي لڳو هجي ته آئون مٺي بابت ڪجھه يادون لکي کيس موڪليان.
مٺو مهيري نظرياتي طور شهيد فاضل راهوءَ جو پيروڪار هو. ان ڪري هارين، مزدورن، ڪڙمين سان بنا ڪنهن فرق جي هڪجھڙو ورتاءُ ڪندو هو. ساڻن بيحد پيار ڪندو هو. انهن کي پنهنجو سمجھندو هو. مٺي مهيريءَ سان ملاقاتن جو سلسلو هونئن ته 1996ع کان، منهنجي عوامي تحريڪ سان ويجھڙائي دوران ئي شروع ٿيو هو. عوامي تحريڪ جو ھر ڪارڪن مٺي سان بي انتها پيار ڪندو هو، پر گھرو تعلق سائين حفيظ ڪنڀر جي معرفت جڙيو، جڏهن اسين پهريون ڀيرو گڏجي سندس ڳوٺ ويا هئاسين. ان رات سندس ڳوٺ ۾ يادگار ڪچهري ٿي هئي. پوءِ ساڻس اهو دوستيءَ جو تعلق آخر تائين قائم رهيو. مٺو مهيري هڪ معتبر ۽ نظرياتي سياسي رهنما هو. ايم آر ڊي تحريڪ جو سچو کاهوڙي ڪارڪن هو. ان دور ۾ جيلن ۽ ڦٽڪن کان پچي راس به ٿيل هو. هو سڄي ڄمار شهيد فاضل راهو جي نظريي سان سلھاڙيل رهيو. پاڻ خانداني طور زميندار هوندي به جڏهن به اسين سندس ڳوٺ ملڻ ويندا هئاسين ته ان دور ۾ يونين ڪائونسل جو چيئرمين هوندي به ڪا وڏائي يا ڏيکاءَ وارو لکاءُ پوڻ نه ڏيندو هو. هو نج ۽ خالص هڪ عوامي ڪردار هو. هاري ناري، غريب غربي سان هن جو کل خوشيءَ وارو تعلق هو.
صادق فقير جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي مٺيءَ ۾ اسين گڏيا هئاسين. مٺيءَ ۾ ماني کائي، پوءِ ننگرپارڪر، ڌناگام ويا هئاسين. ان رات به هن سان ڪچهري يادگار رهي. مٺي سان ڪچهري ڪجي ۽ يادگار نه هجي ته جھڙو ڪر ڪچهري هئي ئي نه! سڄي ڳوٺ جا نوجوان توڙي ٻڍا مٺي مهيريءَ جي ڳالھين مان لطف اندوز ٿيندا رهيا. هو ڪچهريءَ جو هونئن به ڪوڏيو هو. هر طرح جي موضوع تي دلچسپيءَ ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڳالھائڻ جي مهارت رکندو هو. ان دوري ۾ محمد ميمڻ، حاجي ساجن، مصطفيٰ اياز وغيره به گڏ هئا. گيت، شاعري، چرچي گفتي، ساروڻين سان سڄي رات ڀرپور ڪچهري هلندي اسان کي صبح ٿي ويو، ڪو به ماڻهو ڪچهريءَ مان ڪونه اُٿيو هو. جڏهن مٺي جي تاريخ جي وضاحتن ۽ نظرياتي ڳالھين تي ڪچهريءَ جا دوست بور ٿيڻ لڳندا هئا، ته يڪدم هو کٻڙ چانگ جي شاعري ٻڌائڻ شروع ڪندو هو. کٻڙ جي گارين ڀري شاعريءَ تي ٽهڪڙا مچي ويندا هئا. ياد رهي ته کٻڙ چانگ قومي مزاحمتي شاعريءَ سان گڏ اردوءَ جي مزاحيه شاعر مرزا باقر علي چرڪين جيان مزاحيه ۽ گاريال شاعري به ڪئي آهي... اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو اڃا تائين مٺي جي ڪچهري ۽ گفتن جي سحر مان نڪري نه سگھيا آهن.
مٺو، شاهه لطيف جو ياد حافظ، عالم هئڻ سان گڏ اياز کي سهڻي نموني ڳائيندو هو. ٻنهي عظيم شاعرن جي ڪيتري ئي شاعري کيس برزبان ياد هئي. پارڪر گھمندي جتي هو ٽڪريون، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، وليون، فطري نظارا ڏسندو هو ته عالماڻي ۽ رومانوي انداز ۾ شاندار نموني تشريح ڪندو هو، ڄڻ ته لطيف يا اياز خود شاعريءَ سان گڏ اسان جي سامهون بيٺا هجن ۽ سندن شاعريءَ جو خيال ڄڻ انهن نظارن ۾ گھمندي اسان ڏسي رهيا ھجون. صبح جو سوير ڳوٺ جي وچ ۾ ترائيءَ جي ڪنڌيءَ تي کوهه مان عورتون پاڻي ڀري رهيون هيون. ڀرسان جبل جي ڪڇ ۾ گھاٽي وڻڪار هئي. مور ۽ ڊيلون ٽولا ٺاهي گھمي رهيا هئا. عورتون ٻيلھڙا کڻي ڀرسان وڃي رهيون هيون. اهو نظارو ڏسندي هن شيخ اياز جو غزل وڏي آواز ۾ ڳاتو هو:

تتيءَ ۾ گھڙو ڪا ڀري ٿي پئي،
ٿري سُونهن چمڪا ڪري ٿي پئي!

اهو ڪانڌ ڪهڙو، انهيءَ کي ڏسون،
سهاڳڻ ته ٻهه ٻهه ٻري ٿي پئي!

اُٺي جي هوا ۾ کنيا مور پَر،
ڊُڪي ڊيل هر هر ٺري ٿي پئي!

سکيءَ کي ڏجي ساھ گھوري ” اياز“
مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي.
هي غزل مٺي اهڙو ته مٺڙي آواز ۾ ڳاتو، جو سموري ماحول تي سحر طاري ٿي ويو. ان وقت مون مٺي سان حجت ڪندي، اهو چيو ته اوهين اديب شاعر، ڪنهن عام غريب قبيلي جي عورتن کي شاعريءَ ۾ موضوع ڇو بڻائيندا آهيو؟ ڇا سونهن صرف انهن ڪوجھين ريٻارڻين، ڪولھين ۾ وڃي بچي آهي؟ ان تي مٺي کلندي وراڻيو هو ته، ان تي توکي ذرو به ڏک نه ٿيڻ کپي، البت ڪاوڙ ته انهن کي اچڻ گھرجي، جن کان وڌيڪ سونهن جي تعريف اِنهن قبيلن جي ڪري ٿو، جنهن جو مطلب اهو به نڪري ٿو ته، سندن ذاتين ۾ ايتري سونهن نه آهي، ان ڪري هو انهن قبيلن جي عورتن کي شاعريءَ ۾ نٿا ڳائين! پوءِ لطيفن ۽ کِل ڀوڳن ۾ جبل گھمي، واپس اوطاق پهتا هئاسين.
شهيد فاضل راهوءَ جي ورسيءَ تي جڏهن به 17 جنوريءَ تي راهوڪي ويندا هئاسين ته پري کان مون کي ڏسي وٺندو هو ۽ اسپيڪرن جي ڊگھي لسٽ ۾ منھنجو نالو به هڻي ڇڏيندو هو. پاڻ گھڻو ڪري اسٽيج سيڪريٽري هوندو هو، ان ڪري مون کي سڏائڻ کان اڳ ۾ ننگرپارڪر، ڪارونجھر، امر روپلي ڪولھيءَ جي تعريف سان خوبصورت تمهيد ٻَڌندو هو.
سال2001ع کان 2004ع تائين، حيدرآباد ۾ پڙهائيءَ واري عرصي دوران، اسان امر روپلي جي سالياني ورسي ملھائڻ شروع ڪئي هئي. حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ ورسيءَ جي تقريب هئي. پاڻ آيو ۽ تقرير ۾ چيائين ته، ”روپلو سڄي سنڌ جو هيرو هو، اوهين جھڙيءَ ريت هن جي ڪولھي هجڻ تي فخر محسوس ڪريو ٿا، تيئن آئون به روپلي کي پنهنجو مائٽ سمجھان ٿو. ان ڪري منتظمين کي گذارش ٿو ڪريان ته آئينده حيدرآباد کان ننگرپارڪر تائين جتي به روپلي جي ورسي ملھائي وڃي، مون کي اطلاع ڪجو، آئون اکيون پير ڪري اچي حاضر ٿيندس. مون کي اتي پهچڻ ۾ خوشي ٿيندي.“
مون سان مٺو جتي به ملندو هو، ته پري کان ئي ڪڇي ميواسي گاڏڙ پارڪريءَ ۾ ڳالھائي ملندو هو ”... مارو مٺو آيو ڇي...“ سندس لھجو دل کي وڻندڙ هوندو هو. پاڻ جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته مون کي فون ڪري ملڻ ايندو هو. پوءِ سانجھي ٿيندي هئي ته گلاس سجائي ڪچهريءَ جا ڳوٺ اڏيندا هئاسين. اڪثر ڪري سائين حفيظ ڪنڀر به گڏ هوندو هو، جتي سماج، ادب، شاعري ۽ لوڪ ڪردارن کان ويندي وچ وچ ۾ ڀٽائيءَ جا بيت پڙهي ڪچهريءَ کي وڌيڪ خوبصورتي بخشيندو هو. چوندو هو ته تو وٽ دل کولي ڪچهري ڪرڻ وارو پرسڪون ۽ محفوظ ماحول آهي، ان ڪري ايندو آهيان ۽ دل سان ڳالھائيندو آهيان، ۽ آئون وري دل جي ڪنن سان کيس ٻڌندو هوس.
هڪ ڀيرو آئون، سائين حفيظ ڪنڀر ۽ ٻيا ڪجھه دوست مٺي وٽ ڪڙئي گھنور ويا هئاسين. ان ڏينهن ڪڙئي جي وچ بازار ۾ مٺي جو هڪ قمبراڻي دوست مليو، جيڪو سندس همعمر هئڻ سان گڏ دلبر يار پڻ هو. پورهيت مزدور هو. مٺي جي پورهيتن، هارين، مزدورن سان محبت هوندي هئي. گاڏيءَ مان لھي، هٿ جون آڱريون کولي، گھروڙي قمبراڻي مزدور جي نڪ تي زور سان بُجو رکيائين. پريان کان به اهڙي ئي موٽ مليس. اهي کل ڀوڳ، گاريون، هڪ ٻئي تي لفظن جا تير، نڪ تي بُجا رکڻ واريون تصويرون سائين حفيظ ڇڪي ورتيون هيون، جيڪي پوءِ سوشل ميڊيا تي تمام گھڻيون مشهور ٿيون هيون. اسين گاڏيءَ ۾ ويهي اهو نظارو ڏسي کلي رهيا هئاسين. بازار سڄيءَ جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا. سڀ کلي کلي واپس وريا هئا. ائين مٺو هلندي هلندي بازار ۾ مرڪون ۽ ٽهڪ ورهائيندو ويندو هو.
آئون حيدرآباد مان پنڌ ڪري ڪيئي ڀيرا پنهنجي پياري دوست ۽ منهنجي گھر واري ڀاڳونتيءَ جي راکي ٻَڌل ڀاءُ مصطفيٰ اياز مهيريءَ سان ملڻ ويندو هوس، پر مصطفيٰ توڙي مهيري خاندان جو وڏو مٺو مهيري هوندو هو. جڏهن هو اوطاق تي اچي ويهندو هو ته مصطفيٰ احترامن ڪچهري ڇڏي خدمت چاڪريءَ ۾ لڳي ويندو هو. پوءِ مٺو پنهنجي ڏات جي خوشبو پکيڙيندو هو ۽ ڪچهريءَ کي جاري رکندو هو.آخري ڀيرو، ٻه ٽي سال کن اڳ، سائين حفيظ ڪنڀر ۽ سندس گھر واري (ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه) سان گڏ سندس ڳوٺ ڪڙئي گھنور ويا هئاسين. جيئ ن اوطاق تي پهتاسين ته مٺي اسان کي اوطاق تي لھڻ نه ڏنو. پاڻ گاڏيءَ جي اڳيان تيز تيز پيادل هلندو رهيو، اسان پويان گاڏيءَ ۾ ويٺا رهياسين ۽ سڌو گھر جي ٿلھي ڀرسان گاڏي بيهاري. سڀني گھر وارن سان ملرائي، چانهن پياري، پوءِ اوطاق تي وٺي آيو هو. اوطاق هونئن ئي مهمانن جو پسنديده مسڪن آهي، جتي ڪچهريءَ ۾ حفيظ ۽ مٺي سڄي تاريخ ۽ ڏاهپ کي اسان جي اڳيان پيش ڪيو هو. بيشڪ مٺو مهيري هڪ بهترين دوست، محبوب سياسي رهنما، پورهيت، انسان دوست ۽ يار ويس شخصيت هو. اهڙن ماڻهن تي ديس ۽ ڌرتي به رشڪ ڪن ٿا . هاڻ به هو اسان جي دلين ۾ پنهنجي آواز، ڪچهرين، يادن جي صورت ۾ زندھ آهي ۽ رهندو.
ڀڳت ڪبير اهڙن ماڻهن لاءِ ڪيڏو نه شاندار چيو آهي:

جب آئي جگت ۾، لوڪ هنسي، تم روئي،
اب ايسي ڪرني ڪر چلو، تم هنسو، جگ روئي!

چاچا مٺي پڄاڻا !: سڪندر مهيري

ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي ذات ۾ انجمن ۽ مڪمل محفل هوندا آهن، هو هلندا آهن ته پاڻ سان جھان ويڙهي کڻي هلندا آهن، چاچا مٺو مهيري به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي. ڪجھه ماڻهن کي پنهنجي ذات ۾ سمورين خوبين کي شامل ڪرڻ لاءِ هر شيءِ ٺهيل ملندي آهي ته ڪجھه وري لطيف جي لفظن ۾، ”ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ري“ جي مصداق پاڻ کي ٻاري ۽ ساڙي ان وسعت کي پهچندا آهن. چاچا مٺي جو تعلق ان پوئين نسل سان آهي جنهن جي زندگيءَ ۾” م“ لفظ جو وڏو دخل رهيو. هن پنهنجي سمورن پٽن جا نالا به” م“ سان رکيا. هن محبت ۽ موسيقيءَ کي به پنهنجي روح جي راحت بڻايو ۽ سموري حياتي ساڳي محبت ڪتابن سان به ڪئي. هو ڪيڏانهن به وڃي ته اتان ڪتاب ضرور وٺيو اچي ۽ وري ان ڪتاب واري ماڻهو کي ڳولي لھي ۽ ان کي ڪتاب بابت ڳالھيون ٻڌائي ۽ ٻڌي.
اڄ جي هن بيزاري ۽ سوشل ميڊيا جي بوريت واري دور ۾ جڏهن هر نسل اداس آهي ته، لڳندو هو ته چاچا مٺو آخري خوش نسل جو فرد آهي، جيڪو پنهنجي دوستن ۽ واسطيدارن لاءِ ”اينٽي ڊپريشن ٽانڪ“ هو. ڇاڪاڻ جو محفل هجي ۽ اها محفل ڪهڙي جنهن ۾ چاچا مٺو مهيري هجي ته اتي چرچا ڀوڳ نه هجن: هر پاسي کل، ٽهڪن جي ٽهڪار ۽ خوشين جي هٻڪار پکڙيل هوندي هئي. هن وٽ خاموشي ۽ مايوسي ڄڻ گناهه هو. هو زندگيءَ جو ٻيو نالو هو، زندگي به اها جيڪا ڀرپور جيئجي پر اها نه جنهن ۾ رڳو ساهه هلندا آهن. گيت هجن، غزل هجن يا وايون هجن؛ هو جڏهن به جھونگاريندو هو ته اتي ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. مون مٿي ڳالھه ڪئي ته هو پاڻ هڪ محفل هو، هو جتي هوندو اتي محفل برپا ٿي ويندي هئي، پوءِ اهو صحرا هجي يا سمنڊ، درياھ هجي يا ڌرتيءَ جي ڪا به ڪنڊ هجي. هو سموري سياسي قيادت ۽ سياستدانن جو احترام ڪندڙ هو. سندس ٻين خوبين سان گڏ سڀ کان وڌيڪ اتم خوبي هئي ته هو ڀٽائي سرڪار جي”جارگن“ تي دسترس رکندو هو. اهي لفظ، اهي بيت هو جڏهن تحت اللفظ پڙهندو هو ته، ماڻهن کي انهن بيتن سان عشق ٿي ويندو هو. مون کي اهو اعتراف آهي ته لطيف جا جيڪي به بيت مون هن جي واتان ٻڌا، انهن بيتن مون کي پڙهڻ ۾ اهو سرور نه ڏنو جيڪو سندن سمجھاڻي ۽ پڙهڻيءَ ڏنو. ڪراچي ڀلي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هجي پر سنڌ جي ادبي گاديءَ جو هنڌ وري به حيدرآباد ئي آهي. ان حيدرآباد ۾ هوندي هو هر ادبي محفل ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندو هو.
هُن وٽ بي حساب ڳالھيون هيون ۽ مهڪارون هيون. هو پنهنجو پاڻ تي به کلي سگھندو هو. سندس هڪ وڏي خوبي ڪنهن به ماڻهوءَ کي جلدي پرکي وٺڻ هوندو هو. مون کي ياد آهي ته هاسٽل نه ملڻ ڪري اسين ٻه ٽي مهينا ساڻس فليٽ تي رهياسين. ان دوران مون کي سڏي ڏکي لغت وارا ڪتاب پڙهائيندو هو ته ڏس صحيح پڙهي سگھين ٿو. سرويچ جو نظم پڙهي يا منشيءَ جو گيت ٻڌائي؛ هو ان دوران سوال ڪندو هو ته ٻڌاءِ! سنڌ جو ڪيڏارو ڪنهن ڪنهن لکيو آهي؟ پوءِ پاڻ ئي وري خليفي نبي بخش جا بيت ٻڌائيندو هو. آئون جڏهن ڪميشن جو امتحان پاس ڪري آفيسر مقرر ٿيو هوس تڏهن به هو مون کي ڳوٺان کڻڻ آيو هو. هن ان ڏينهن گھڻي ڪچهري ڪئي هئي. هن بابا سان سندس ويجھڙائي ۽ پرائيويٽ ڳالھيون پڻ ٻڌايون هيون. انهيءَ ملاقات ۾ هن لطيف جي هڪڙي سٽ ٻڌائي هئي ۽ اها منهنجي روح تي لکجي وئي:
”سسئي ساماڻي، لٿي چنتا چارڻين...“
هن سٽ سمجھائي به هئي ۽ سمجھاڻيءَ سان مون تي آشڪار به ٿي هئي ته وڃ ڪيڏي نه خوبصورت سٽ هئي ته هڪڙي ماڻهوءَ جي مثبت سڃاڻپ سان باقي ماڻهن جي پريشاني به لھي ويندي آهي. هن سان وڏي هئڻ جي ناتي احترام وارو رشتو ته هو ئي پر اسان هن کان لھرائيندا هئاسين. مهراڻ سان گڏ يا مرتضيٰ سان سرٻاٽن يا اشارن ۾ پڇا ڪبي هئي ته ڏي خبر چاچا ڪٿي آهي ؟... ۽ ڪڏهن ڪڏهن کسڪي به وڃبو هو. مون کي خبر ناهي ته هن ڀيري هن کانسواءِ راهوڪي وارو اسٽيج ڪيترو اداس آهي؟ پر هن ڀيري عيد تي ڳوٺ وڃڻ دوران مهراڻ ۽ مرتضيٰ کان اهو نه پڇيو ته وڏو ڪٿي آهي؟ ڇاڪاڻ جو خبر هئي ته هو ملان واري قبرستان جي مٿاهين واري پاسي مڻين مِٽيءَ هيٺ آرامي آهي ۽ اتي به پڪ سان ڪا محفل متل هوندي.

نئين ڪاڪ جو راڻو: مٺو مهيري: علي احمد جوکيو

مٺو مهيري منهنجي وڏي ڀاءُ محمد موسى جو گھاٽو دوست هو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ عوامي تحريڪ جي ورڪرن، سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل اديبن، شاعرن ۽ نئين ٽهيءَ جي ليکڪن ۽ مختلف سياسي تنظيمن جي ورڪرن جو اسان جي ڳوٺ قابل جوکيو ۾ تمام گھڻو اچڻ وڃڻ هو. مٺو مهيري ۽ خان محمد مهيري گھڻو ڪري جڏهن به بدين ايندا هئا ته اسان جي ڳوٺ ضرور ايندا هئا. سنڌ جي عوامي شاعرن شمشير الحيدري، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي، عبدالمبين پنائيءَ جو به اسان جي ڳوٺ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو. ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ سياسي سمجھه ۽ ادب سان ذوق رکندڙ ماڻهن جون محفلون، سياسي بحث مباحثا، شعر و شاعريءَ جون محفلون ۽ مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. مٺي مهيري ۽ رفيق جعفري جو اچڻ وڃڻ به هوندو هو. مٺي مهيريءَ سان ڪچهريون ۽ کل مذاق واريون ڳالھيون بابا قابل جوکيو کي گھڻيون پسند هونديون هيون. مٺي مهيريءَ کي بابا به پسند ڪندو هو. ۽ چوندو هو ته مون کي تنهنجي ڪچهري وڻي ٿي، باقي هي اوهان وارا دوست الائي ڪهڙيون ٿا ڳالھيون ڪن. انهن جو ته نڪو دين آهي نه ايمان. هي الائي ڪهڙي فرقي جا پوئلڳ آهن، انهن جون ڳالھيون منهنجي سمجھه کان مٿي آهن. بابا کان علاوه ڳوٺ جا ٻيا عام هاري ناري به مٺي جا دوست هوندا هئا. مٺي جو ٻڌي اهي به ڪچهريءَ لاءِ اوطاق تي گڏ ٿي ويندا هئا. انهن سان به مٺي جي منڊلي الڳ متل هوندي هئي. هر ڄمار جي ماڻهوءَ سان مٺو ان جھڙو ٿي ڪچهري ڪندو هو ۽ کل مذاق ۾ سڀ ڪجھه چئي ويندو هو. ڪنهن کي ڪابه ڳالھه خراب نه لڳندي هئي. اهو فن هر ڪنهن ماڻهوءَ کي نه ايندو آهي.
مٺي مهيريءَ جي اسڪول مان حاصل ڪيل رسمي تعليم تمام ٿوري هئي، باقي غير رسمي تعليم هن پاڻ حاصل ڪئي هئي. سن 1979ع ۾ راهوڪيءَ ۾ شهيد فاضل جيڪا هاري ڪانفرنس ڪوٺائي هئي، انهيءَ جي جرم ۾ ضياءَ الحق جي مارشل لا حڪومت رسول بخش پليجي ۽ شهيد فاضل راهو کي قيد ڪيو هو ۽ باقي جيڪي به ورڪر قيد ٿيا هئا، انهن مان چئن ڄڻن حسين بخش ناريجي، ادريس ميراڻي، مٺي مهيري ۽ گل چانگ کي بدين ۾ قاضيه واهه جي پُل تي سرعام ڪوڙا هنيا ويا هئا. قيد دوران هن جيل ۾ لکڻ پڙهڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ۽ رسول بخش پليجي ۽ فاضل راهو صاحب سان گڏ رهڻ جي ڪري کيس تمام سٺا ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ هو جيل مان مڪمل تعليم يافته ٿي نڪتو.
مٺو مهيري ادا محمد موسى کي استاد ڪري سڏيندو هو ۽ چوندو هو ته جيڪڏهن محمد موسى سان منهنجي ملاقات ۽ دوستي نه ٿئي ها ته مون ۾ پڙهڻ جو اتساهه پيدا نه ٿئي ها. تعليم ۽ مطالعي جو شوق محمد موسى پيدا ڪيو. جديد ادب پڙهڻ جو رجحان محمد موسى جي صحبت جي ڪري پيدا ٿيو. سندس چوڻ هو ته شروع ۾ محمد موسى جي تعلق جي ڪري ٻهراڙيءَ جي ماحول مان نڪري شهري ماحول جو واقف ٿيس ۽ رفيق جعفري مون کي دنيا گھمائي. انهن ٻنهي دوستن جي ڪري منهنجي زندگيءَ ۾ بنيادي تبديلي آئي. انھن سمورن دوستن جو آئون زندگي ڀر احسان مند رهندس.
هر هڪ ماڻهوءَ ۾ پنهنجي مڻيا هوندي آهي. مٺي مهيريءَ جو حافظو تمام گھڻو تيز هو. امر جليل جون ڪهاڻيون هن کي بر زبان ياد هونديون هيون يا هو جيڪي ڪجھه نثر يا نظم پڙهندو هو ته هن کي ياد ٿي ويندو هو. شاعري ته هن کي تمام گھڻي ياد هئي. ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، شمشير الحيدري، شيخ اياز جي شاعريءَ جو وڏو حصو مٺي مهيريءَ کي حفظ ٿيل هوندو هو. هر موقعي مهل تي شاعري ترنم سان جھونگاريندو هو. سندس آواز ۾ به وڏو سوز هو، ٻڌندڙن کي جھومائي ڇڏيندو هو. جنهن به ماڻهو مٺو مهيريءَ جي محفل هڪ دفعو ٻڌي ته اهو سندس مداح ٿي ويندو هو.
لاڙ ۾ مالوند ۽ لاڏائو قبيلن جا ماڻهو لطيف سرڪار جي شاعريءَ جا شارح ۽ ياد حافظ رهيا آهن. لطيف سرڪار جي صحبت سيلاني ماڻهن سان وڌيڪ گھري رهي، تنهن ڪري هن جي شاعريءَ جا پارکو به انهن قبيلن جي ماڻهو رهيا آهن. مهيري قبيلي جا ماڻهو به مالوند ۽ اوٺو مال پاليندڙ رهيا آهن. لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۾ سر سسئيءَ جي پنجن سرن ۾ اٺن جو ذڪر ٿيل آهي. لطيف سرڪار انهن سرن ۾ وڌ کان وڌ اٺن جي قسمن ۽ نالن جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ نسبت سان مٺو مهيري به لطيف سرڪار جو شارح ۽ پارکو هو . لطيف سرڪار جو ڪو ورلي شعر هوندو جيڪو کيس ياد نه هجي ۽ مٺو مهيري لطيف سرڪار جي شعر جي تشريح نه ڪري سگھي يا ان شعر جي معنى ٻڌائي نه سگھي. دنيا جا سڀ خفا ڪجن، زمينداري، ڪاروبار، پيٽ گذر به ڪجي، سنگت کي وقت ڏجي، ملڪ ۽ دنيا گھمجي ۽ پوءِ به پنهنجو شوق برقرار رکجي، مطالعو ۽ حافظو قائم هجي؛ اها هر ڪنهن ماڻهوءَ جي وس جي ڳالھه نه آهي. محفل ڪهڙي به هجي اتي اها شاعري بروقت برزبان ياد هجي، اها وڏي ڳالھه آهي ۽ اها ڳالھه مٺو مهيري ڪري ٿي سگھيو، ٻئي ڪنهن جي جاءِ نه آهي.
مٺي مهيريءَ جي شهيد فاضل سان محبت عقيدت جي حد تائين هئي. شهيد فاضل سان ساٿ جي ڪري هن جي سوچ جو به هو مداح هو. استحصالي طبقي جي خلاف هن جي ذهن ۾ نفرت ڀرجي وئي. جيتوڻيڪ هن جو پنهنجي زندگيءَ جو سفر به غربت کان آسودگي ڏانهن هو. پاڻ غريب مائٽن جو اولاد، ٻن کان ٽن ايڪڙن جو زميندار ۽ ڳوٺ ۾ ريزڪي دڪان جو مالڪ هو. اتان کان هن محنت ۽ روزگار جي جدوجھد شروع ڪئي ۽ آخر ۾ خوشحال زندگيءَ جو مالڪ ٿي ويو پر شروع کان سندس سوچ ۾ جيڪا بيداري آئي، جڏهن کان هن جي ذهن ۾ وڏيرڪي نظام خلاف نفرت پيدا ٿي، اها آخر تائين قائم رهي. محفل ڪهڙي به هجي، ڪچهريءَ ۾ ڪهڙي به طبقي جا ماڻهو هجن، مٺو مهيري موجود هجي ۽ ابراهيم منشي ۽ سرويچ سجاوليءَ جي شاعري پيش نه ٿئي، هارياڻيءَ جو، مزدور جو ۽ بک جو ذڪر نه ٿئي، اهو ناممڪن هو. وڏيرن جي محفلن ۾ انهن جي بنگلن تي محفل جو رنگ ڪهڙو به هجي، ان ۾ مٺو مهيري موجود هجي ته هو ان محفل کي پنهنجي طبيعت جو غلام بنائي ڇڏيندو هو.
مٺي مهيري دنيا متعلق جيڪو ڪتابن ۾ پڙهيو هو، رفيق جعفري اها دنيا هن کي گھمائي ڏيکاري ۽ هي جنهن به ملڪ ۾ ويو، اتي رهندڙ سنڌين سان مليو، انهن سان ڪچهريون ڪيون، انهن کي به هن ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ شيخ اياز جي شاعري ٻڌائي. انهن کي به هن پنهنجي پرسوز آواز ۾ سنڌ جا درد ٻڌايا ۽ حافظ نظاماڻيءَ جي شهيد فاضل راهو لاءِ چيل شاعري ”هو ڪالھه هتي هئو، اڄ ڪيڏانهن ويو“ به ٻڌائي. شهيد جي شهادت جو پڙاڏو اڄ به انهن ماڻهن جي دلين ۾ مٺي مهيريءَ جي پرسوز آواز ۾ گونجي ٿو. ٻاهر رهندڙ سنڌي ماڻهن جي تنظيمن سانا وغيره جي ميڙاڪن ۾ به مٺي مهيري سنڌ ۽ سنڌ جي سورن کي ڳاتو. حافظ نظاماڻيءَ جي شاعري ۽ شهيد فاضل راهو جي شهادت کي عالمي طور تي نروار ڪيو. راهوڪيءَ سان، شهيد جي مزار سان، شهيد جي اولاد محمد اسماعيل راهو ۽ محمد اسلم راهو ۽ شهيد جي ساٿ سان هن پنهنجو ناتو زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين نڀايو. شهيد فاضل جي هر ورسيءَ جي ادبي پروگرامن ۽ اسٽيج جو ڌڻي رهيو. سندس هر سرگرمي شاندار رهي.
مٺي مهيريءَ جي دوستيءَ جو حلقو تمام وسيع هو جنهن ۾ شاعر اديب، سياستدان، وڏيرا، آفيسر ۽ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو شامل هئا پر مٺي مهيريءَ جي دل غريب ماڻهن سان هئي. ڪڙيو گھنور شهر ۾ غريب ، ريڙهي تي ڀاڄيون وڪڻدڙ به مٺي جا دوست، اتي جيڪڏهن ڀاڄي وٺڻ وڃي تڏهن به ان جي گاڏي جي ڀرسان پيو نچي ۽ ڳائي: ”دهل دمامن سان اينداسين، چاچن مامن سان اينداسين ...“ اها ڪنهن طبقي سان محبت جي انتها آهي. اهو اندر جي احساسن جو اٿاهه طوفان آهي جيڪو ماڻهوءَ کي سرِ بازار نچائي ٿو، جتي ماڻهو پاڻ کان ۽ دنيا کان بي نياز ٿي ٿو وڃي ۽ زماني کان لاپرواهه ٿيو وڃي. اها بي پرواهي اُچ شهر ۾ بابي بلھي شاهه کي گھنگھرو ٻڌي نچائي ٿي. اها عشق جي انتها آهي جتي زماني جا سڀ قانون ۽ محابا ختم ٿي ٿا وڃن. جتي منصور ٺٽي جي بازارن ۾ سڀ لاڳاپا لاهي، الف اگھاڙو ٿي اڀيچند کي ڳولي ٿو ۽ انالحق جو نعرو هڻي ٿو ۽ انهيءَ ڏوهه ۾ سوليءَ جو سزا وار ٿئي ٿو:
نـــوان ڄــــام ڄمندا، نئين راهــه رمندا
نــوان چــنگ چـُـرندا، نــــوان ساز سُرندا
-
نئين ڪاڪ اڏبــي، نــوان ايــندا راڻــــا
مــــان هونــدس نه هوندس، پـاڻا نه ڄاڻان
نه هـونديون حويليون، نه هوندا هي ٿاڻا !

مٺو مهيري تاريخ جو مترنم آواز !: علي اظهار

چوندا آهن ته وڻ جي ڪٽجڻ کانپوءِ ئي احساس ٿيندو آهي ته وڻ مان ڦٽندڙ ڇانوَ ڪيڏي اهم هوندي آهي. هن وقت جڏهن آئون مٺي مهيريءَ تي مضمون لکڻ ويٺو آهيان، ته مٿي چيل ڳالھه جو احساس شدت سان ٿي رهيو آهي. سچي ڳالھه آهي ته مان سندس شخصيت جي حسناڪين کي سائين محمد موسيٰ جوکيو جي آتم ڪٿا رڪارڊ ۽ ٽرانسڪرائيب ڪرڻ کان اڳ ڄاڻي ئي ڪونه سگھيو هئس. ساڻس باقاعدي پهرين ملاقات به سائين محمد موسيٰ جوکيو جي معرفت شھيد فاضل راهو بابت مرتب ڪيل ڪتاب ”ڳالھيون فاضل جون “ مضمون رڪارڊ ڪرڻ جي بهاني سندس ڳوٺ ۾ ٿي هئي. ان کان اڳ حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي ٺهيل رور ويو اپارٽمينٽ ۾ گڏ رهندي به سلام دعا ئي ٿيندي هئي. پنهنجي طبيعت ۾ رچيل بي نيازيءَ جي ڪري مان به پنهنجي دنيا ۾ مگن رهندو هئس. مون کي رڳو اها خبر هئي ته هو مٺو مهيري صاحب آهي. هڪ ڏينهن اجنبيت ۽ اوپرائپ جو پردو چيريندي هن مون کي چيو ته ڪو نئون ڪتاب ته ڪونه آيو اٿئي؟ مون وٽ تنهنجا سڀ ڪتاب موجود آهن.
ڪٿا آٽو بايوگرافي اڪيڊميءَ جو پهريون پراجيڪٽ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ تي ڪم ڪندي مون تي اهو راز افشا ٿيو ته سائين محمد موسيٰ جوکيو وانگر هن جي ذات جو به وڏو حصو فاضل راهو شهيد سان جڙيل هو. فاضل صاحب جي زندگي ته سڄي ڪمال بهادري ۽ ڪارنامن سان ڀريل آهي پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي فوجي آمر ضياءالحق پاران ڏنل ڦاسيءَ کانپوءِ عوام جي آواز کي جھڙي ريت دٻايو ويو ۽ ماڻهن تي ڏهڪاءُ وجھي سوچ ۽ آگاهيءَ تي جيڪو راتاهو هنيو ويو هو، انهن حالتن کي ٽوڙڻ ۾ شهيد فاضل راهو جو وڏو ڪردار رهيو. هن 1979ع ڌاري راهوڪيءَ ۾ هاري ڪنوينشن ڪرائي ملڪ تي ظلم ۽ اونداهيون لاڳو ڪندڙن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. ان ڪنوينشن جي ڪارروائي مٺي مهيري ئي هلائي هئي، جنهن جي سزا ۾ کيس قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا پڻ ٻڌائي وئي ۽ بدين جي قاضيه واهه تي کين سرعام ڦٽڪا هنيا ويا. هن ڦٽڪن کي مسڪرائيندي برداشت ڪيو هو، ڇوته هو فاضل جي نظرئي تي هلندڙ سچو سپاهي هو. هو نه صرف فاضل جو سچو سپاهي هو پر ان جو گھر ڀاتي به هو، اها ڳالھه مون کي ان وقت سمجھه ۾ آئي جڏهن مون فاضل جي بهادر نياڻي ادي شهناز راهوءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب”جيل جا خط“ پڙهيو ۽ اردوءَ ۾ ترجمو پئي ڪيو، جنهن ۾ هن گھڻن موقعن تي مٺي مهيري جو ذڪر ڪيو آهي.
سائين محمد موسيٰ مطابق هو تمام گھٽ پڙهيل هئڻ جي باوجود به تمام گھڻو پڙهيل هو. ڪتابن سان سندس عشق جو ثبوت سندس تمام وڏي لائبريري آهي. ان حوالي سان هو سائين محمد موسيٰ جوکيو کي پنهنجو استاد چوندو هو. هندستان سوڌو هو اڌ دنيا گھمي چڪو هو، سندس خاص ڳالھه اها هئي ته، جڏهن به هو فاضل راهو جو ذڪر ڪندو هو تڏهن سندس اکيون ميگھه ملھار ٿي وينديون هيون. ايئن چئجي ته فاضل سندس رڳن ۾ عشق ٿي ڊوڙندو رهندو هو ۽ ان نسبت سان هن فاضل ۽ سندس خاندان سان ساهه جي آخري ڌاڳي تائين پنهنجو تعلق قائم رکيو.
مٺي مهيري صاحب جي شخصيت جو هڪ حوالو سندس منفرد سريلو آواز هو، جيڪو قيامت تائين اسان جي سماعتن ۾ گونجندو رهندو. سندس حافظو به ڪمال جو هو. هن کي مولوي احمد ملاح ۽ ابراهيم منشيءَ کان وٺي جديد دور جي شاعرن جا شعر برزبان ياد هوندا هئا. لطيف ته سندس رڳن ۾ رت وانگر هلندو هو، جڏهن به هو لطيف کي پڙهندو هو ته ايئن لڳندو هو ڄڻ ڪنهن قدرتي آبشار مان شيشي جھڙو شفاف پاڻي جھرڻن جي صورت ۾ ڪرندو هجي. هن کي ٻڌڻ وارا ڄڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويندا هئا، هو ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ محفلن جو مور هوندو هو. ڪنهن به محفل ۾ سندس موجودگي ڏسي ڪنهن شاعر جو هي شعر زبان تي تري ايندو هو:
اتنا تو پرجمال رہے جاذب نظر
محفل مين بیٹھ جائے تو تنہا دکھائی دے!
لطيف سائينءَ کي پڙهڻ جو مٺي مهيري جو اهو انوکو انداز ڏسي هاڻي اهو خيال ٿو اچي ته، جيڪر لطيف سرڪار جو سڄو رسالو ڪو ادارو شرح سوڌو رڪارڊ ڪري وٺي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها. اهڙو نفيس، خوبصورت ۽ خوش مزاج ماڻهو ڪجھه دير اڳ اسان جي وچ ۾ ويهي ڳالھائي رهيو هو، ڳائي رهيو هو ۽ اسين همه تن گوش ٿي کيس ٻڌي رهيا هئاسين. اهو دلبر، اهو وڻجارو، اهو لطيف جو پارکو، اهو ياد حافظ، فاضل جو عاشق اوچتو ڄڻ اٿي ڪيڏانهن هليو ويو ۽ اسان جون سماعتون سندس يادگيرين جا ڏيئا ٻاري کيس ڳولي رهيون آهن:
زمانا بڑے شوق سے سن رہا تها
ہم ہی سوگئے داستاں کہتے کہتے !

مٺو مهيري، هڪ مٺو ماڻهو !: خادم ٽالپر

آئون عوامي تحريڪ ۾ نئون نئون شامل ٿيو هئس. ڊسمبر 1976ع جي هڪ شام هئي، جڏهن مون کي حڪم مليو ته فاضل راهو جي ڳوٺ راهوڪيءَ جي ڀر ۾ ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ گڏجاڻي رکيل آهي، تون اتي وڃي انساني ارتقا تي ليڪچر ڏي. آئون شام جو 4 بجي گولاڙچي پهتس، اتي عوامي تحريڪ جا ڪجھه دوست اڳ ۾ موجود هئا. اسان هڪ واهه جو ڪپ ڏئي پنڌ ئي پنڌ راهوڪي روانا ٿياسون جتي ڪجھه ٻيا همراهه به موجود هئا، اسان سڀ مقرر جاءِ تي وڃڻ لاءِ اوطاق کان روانا ٿياسون. اسان کي الھڏني ماڇيءَ جي ڳوٺ پهچڻو هو جيڪو اتان کان اٽڪل 2 ڪلو ميٽر اوڀر طرف جھنگ ۾ هو، جتي پهتاسون. رات جو ٽيهه، چاليهه ڄڻا ٿي وياسين. مون انساني نسل جي ارتقا ۽ پوءِ سماجن جي ارتقا بابت مختصر طور ٻن ڪلاڪن جو ليڪچر ڏنو جيڪو ڄڻ ته ڳالھه ٻول جي انداز ۾ هو. مون پاڻ سان گڏ ڪافي تصويرون هٿ سان ٺاهي آنديون هيون جيڪي به لائيٽ جي روشنيءَ ۾ ڏيکاريندو ويس. انهن همراهن ۾ هڪ نوجوان مون کان تمام گھڻا سوال ڪيا. انساني ارتقا جي ڪهاڻي سمجھڻ لاءِ ڏاڍو بيتاب هو پر وقفي دوران هڪ سينئر دوست جمن ترڪ کيس گيت ٻڌائڻ لاءِ چيو، جنهن چند منٽن ۾ ابراهيم منشيءَ جو شعر ”ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾ ڪير ٻڌائي ٻرندا ڪيسين“ اهڙي ته ترنم ۾ ٻڌايو جو ابراهيم منشي اتي هجي ها ته کيس ضرور داد ڏئي ها. اهو همراهه پوءِ منھنجو دوست ٿي ويو جنهن جو نالو هو ”مٺو مهيري.“
مٺي مهيريءَ سان پوءِ کوڙ ساريون ملاقاتون رهيون ۽ گڏجي محفل ڪرڻ، راتين جون راتيون گڏ رهڻ جا موقعا ملندا رهيا. مٺو مهيري زندهه دل خوش طبع انسان ته هو ئي هو پر هو پنهنجي قوم کي بدحاليءَ مان ڪڍي خوشحال بنائڻ لاءِ به ڏاڍو بيتاب رهندو هو. جيئن ته مٺي ۾ ڪيتريون ئي خوبيون هونديون هيون؛ هڪ ته خود قرباني ڏئي، پنهنجي غريب پاڙيسرين جي مدد ڪرڻ، غريب کان غريب ماڻهوءَ کي به اهڙو مان مرتبو ڏيڻ جيڪو هو خوشحال، نالي واري، سکئي ستابي کي پروٽوڪول ڏيندو هو ته جيئن عام ماڻهوءَ مان احساس محرومي ختم ٿئي. مٺو ڪتابن پڙهڻ جو به شوقين هوندو هو. هن ڪڙيو گھنور ۾ بچائي نظاماڻيءَ کان ۽ مون کان ڪيترائي تاريخي، علمي، ادبي ڪتاب وٺي پڙهيا ۽ اُهي عام ڪچهرين ۾ وڏي چاهه سان سمجھائيندو هو ۽ خود به ڪتاب خريد ڪندو هو.
مٺي مهيريءَ ۾ هڪ قدرتي ڏات هئي ته هو ڪو به ڪلام يا شعر ڪنهن به ڌن ۾ ٻڌندو هو ته يڪدم ياد ٿي ويندو هئس. وري جڏهن به چئبو هئس ته گيت ٻڌائي ته يڪدم انقلابي، قومي گيت، لطيف، بخاري، سرويچ ۽ حافظ جا شعر ٻڌائڻ ۽ ڳائڻ شروع ٿي ويندو هو. ان ڪري مٺو مهيري محفل جي روشني ۽ جان هوندو هو. 80 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڳوٺن ۾ عوامي تحريڪ يا هاري ڪميٽيءَ جون گڏ جاڻيون ٿينديون هيون ته مٺو مهيري اڪثر ڪري فاضل سان گڏ انهن پروگرامن ۾ پهچي ويندو هو. محفل ۾ يا گاڏيءَ ۾ مٺو موجود آهي ته کل ڀوڳ، مذاق، راڳ ويراڳ ۽ لوڪ ڏاهپ جون ڳالھيون باري هونديون هيون. سڄو ڏينهن ڪيترا به ٿڪل هجون، مٺو مهيري مليو ته ٿڪاوٽ ختم. مٺو هڪ فرد نه پر هڪ پُرلطف محفل هو. هو هوندو هو ته زندگيءَ جون سڀ ٿڪاوٽون، مايوسيون ختم. مٺي جي راءِ هڪ تجربيڪار سياسي ڪارڪن واري راءِ هوندي هئي، جيڪو انسان دوست پورهيت دوست سائنسي فڪر جو ڄاڻو ڪارڪن هو، ان جي لاءِ بلڪل وزندار ۽ اهميت واري هئي. مٺو مهيري چوندو هو ته باعزت زندگي ۽ شاندار موت ڪنهن خوش نصيب کي نصيب ٿين ٿا. سو، مٺي مهيريءَ جي زندگي بلڪل باعزت هئي ۽ سندس موت به اچانڪ ٿيو.

مٺو مهيري: سر سارنگ جي بيت جھڙو ڪڪر!: ايوب گل

اڃا رات باقي آھي، آسمان ۾ ڪجھه تارن جا ڦُل آھن ۽ ٻاهر گلن تي ماڪ پئجي رهي آھي ۽ آئون رات جي هن وقت اڪيلو ڪمري جي دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو آھيان. ٿوري دير کان پوءِ فضا ۾ ”الصلوات خير من نوم “ جي صدا گُونجندي پر آئون نماز جي لاءِ نه اُٿيو آھيان۔ دراصل ٿوري دير پهرين هڪڙي خواب مان ڇرڪ ڀري جاڳيو هئس.
مون ڏٺو ته سنڌ جي آسمان مان سج جو ڦُل ڇڻي ڪِري پيو آھي ۽ هر طرف اوندھ انڌوڪار آھي ۽ ٿورڙا ڪي تارا انهيءَ ڪاري ٻاٽ سان وڙھي رهيا آھن. چنڊ جون ٻڌان ٿو ته پڇاڙڪيون راتيون آھن، سو انهن ڪجھه تارن مان ئي ٽانڊاڻي جي کنڀ جيتري سوجھاڪي جي اميد آھي، سي به گل گل ٿي اڀ مان ڇڻڻ شروع ڪن ٿا ۽ گَھري اونداهي هر شيءِ کي ڳيهي وڃي ٿي ۽ خوف کان منهنجي اک کلي پئي هئي. تڪڙ ۾ بستر مان اٿي دريءَ جو پردو سيري ٻاهر اُڀ ۾ ڏٺو هئم، جتي اڃا ڪي تارڙا اوندھ سان جھيڙيندي نظر آيا هئا ۽ مون جيڪي خواب ۾ تارا ڇڻي گم ٿيندي ڏٺا هئا، انهن تي سوچيندي نه ڄاڻ ڇو مون کي ماما جمن ۽ مٺو مهيري شدت سان ياد اچڻ لڳا هئا. اڃا ڪالھه ڪالھوڻي ڳالھه آھي، مٺي مهيريءَ سان سندس ڳوٺ ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ اها اسان جي هن فاني جڳ ۾ آخري ملاقات هئي!

”ٻيهار به ملنداسين
ڪنهن ڏور ستاري تي
ٽيهار به ملنداسين!“

آئون اٿاھ ڏک جي وقت هميشه شاعريءَ جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان، بلڪه اسان مان گھڻا ماڻھو غم جي گھڙين ۾ شاعريءَ جو هٿ پڪڙيندا آھن. مٺو مهيري ته پنهنجي وجود ۾ سر سارنگ جي ڪنهن بيت جھڙو هڪڙو ڀريو ڪڪر هو، جيڪو سدائين گلن ۽ خارن تي ساڳي دل سان وسندو رهيو. سندس شخصيت جا ڪيترائي رخ هئا پر مون کي سندس ذات جو شاھ سائينءَ سان عشق وارو رنگ سڀ کان وڌيڪ وڻندو هو، ڇاڪاڻ ته شاھ سائينءَ جي ڪلام تي سڀ کان وڌيڪ اثر لاڙ جي ٻولي ۽ لھجي جو رهيو آھي ۽ مٺو مهيري انهيءَ لاڙ جو هڪڙو لائق پٽ هو جنهن ڪري هن جي لطيف جي ڪلام تي دسترس هئي. هو ڀٽائيءَ تي ايئن ڳالھائيندو هو ڄڻ اڳلي جنم ساڻس گڏ ڏِسون ڏوريندڙ ڪو جوڳي فقير رهيو هجي يا بڙ جي ڍوري جو اهو وڻ هجي جنهن جي گھاٽي ڇانوَ ۾ ڪڏهن ڀٽائي گھوٽ ننڊ ڪئي هئي.
جڏهن هڪ عوامي ڪارڪن طور سندس شخصيت جو ڇيد ڪرڻ ويهبو ته هو جاڳ جو استعارو محسوس ٿيندو ۽ ذاتي ڪچھرين ۾ هن جي هر گفتي ۾ هڪڙو زندگيءَ سان ٽمٽار ٽھڪ ويڙھيل ملندو. آئون جڏهن هِن ماڻھوءَ سان دل جي سڱ جي عمر سنڀالڻ ويهان ٿو ته منهنجي ٻاهران يادگيرين جو گھاٽو ٻيلو پکڙجي وڃي ٿو. مصطفيٰ اياز مهيريءَ سان اها پهرين ملاقات ۽ پوءِ هُن جي ڳوٺ جا پنڌ ... لاڙ جي ڳاڙھن چانورن جون مانيون ... مٺي مهيريءَ جا آلاپ، مرحوم صالح مهيريءَ جا چرچا، علي خان جون ارڏايون ۽ ڏاڏُون سان گارين جا اهي مقابلا ۽ ٽھڪڙا... اهو وقت نه هو ڄڻ ته خوشين جو هڪڙو هاڪڙو درياھ هو جيڪو هاڻ پنهنجن ڪنارن جي وچ ۾ مري ويو آھي. انهن ڏينهنِ ۾ آئون ۽ اختر حفيظ هر مهيني جي پهرين موڪل ڳوٺ چاڪر مهيريءَ ۾ خرچ ڪرڻ ويندا هئاسين ۽ انهيءَ زماني ۾ اسان وٽ خرچ ڪرڻ جي لاءِ رڳو وقت ئي کيسي ۾ پيل هوندو هو باقي پئسا خرچڻ لاءِ مصطفيٰ اياز کي ڳوليندا هئاسين. اخباري نوڪريءَ جي انهن بدترين ڏينهنِ جا خوبصورت پل جيڪڏهن ڪي آھن ته اهي پنهنجي يا مٺي مهيريءَ جي ڳوٺ ۾ گذاريل پل آھن، باقي سڀ ڏينهن شامن جي آزاديءَ کان خالي. ڄڻ آکاڻين وارا ڪنڌ وڍيل ديوَ هئا جيڪي پنهنجين ڀيانڪ يادگيرين جو ڪارو دونهون پٺيان ڇڏي گذري ويا آھن. اسان جي مصطفيٰ اياز، علي خان ۽ صالح سان وڌيڪ ويجھڙائي رهي ۽ سائين حفيظ ڪنڀر مٺي سان ويجھو هو. شايد عمر جو تفاوت يا احترام هو جنهن مٺي مهيريءَ کان اسان کي وٿيرڪو رکيو ٿي. هونئن نه ته ڪچھرين ۾ ھِن شخص ڪڏهن اسان کي ننڍ وڏائيءَ جو احساس ٿيڻ ڏنو ۽ نه وري روائتي ادب آداب جو قيد وچ ۾ آندائين. اهو ئي سبب هو جنهن ڪچھريءَ ۾ گڏ ويٺو انهيءَ جو محور بڻجي ويو. مون کي سندس سياسي سفر جي ته گھڻي ڄاڻ ناهي پر ذاتي زندگيءَ بابت جيترو معلوم آھي ان مطابق هو هڪڙو آدرشي عاشق، سنڌ جو گائڪ ۽ وطن پرست هو. اهوئي سبب آھي جو سندس سڏ ۾ سنڌ جي تنوار نمايان رهندي هئي. هو ميرڙن ماڻھن سان ڀاڪرين ملڻ ۾ عيب محسوس نه ڪندو هو. ڳالھه ۽ ڪردار ۾ ھڪڙو چٽو ۽ کَرو ماڻھو هو يا ايئن چوان ته هو ڀٽائيءَ جي ڳايل ماڻھن مان هڪڙو ماڻھو هو. سندس ڳالھيون لکڻ کان گھڻيون آھن ۽ رات جي هن اويلي پهر منهنجي دل هُن سميت سنڌ جي آسمان مان ڇڻيل تارڙن جي ڏک سان ڀريل آھي، ان ڪري لکڻ لاءِ لفظ ۽ روئڻ لاءِ اکيون ساٿ نه پيون ڏين. ڪي چار گونگا لڙڪ اکين جي پڇڙين ۾ اٽڪي بيٺا آھن۔ آئون اڌ آلين اکين سان دريءَ کان ٻاهر اونداهي آڪاش ۾ ڏسي رهيو آھيان جنهن ۾ ڪي تارن جا ڦل اڃا ٽڙيل آھن۔ آئون سوچيان ٿو جيڪڏهن مٺو مهيري به سنڌ جي آسمان جو هڪڙو تارو هو ۽ اڄوڪيءَ رات پنهنجي کير ڌارا مان گم ٿي ويو آھي ته ڇا ڀاڳ جِي، ٻِي ڪنهن رات هو ٻيهر اڀري نه ايندو!؟

لطيف جو وڏو پارکُو مٺو مهيري: خليل ڪُنڀار

مٺو مهيري سنڌ جي آسمان تان هڪ گھڙيءَ لاءِ به گُم نه ٿيو. ضياءَ جي آدم بُو آدم بُو ڪندڙ مارشل لا وارن ڏينهن ۾ هن جيل به ڪاٽيو ته بدين جي مکيه چوڪ تي قاضيه واهه جي ڪناري هن سرعام ڪوڙا به کاڌا ۽ جڏھن نظرياتي ڀاڄ پئي تڏھن به هن نه گيڙو ويس پاتو، نه ئي گھر جھلي ويهي رهيو. هن وستين، واهڻن، جھنگن ۽ جھرن ۾ ڌرتيءَ جا ئي گيت پئي ڳاتا ۽ هڪڙي تر جيتري گھڙيءَ لاءِ به انقلاب جو ويساهه هن جي دل ۾ ماٺو نه ٿيو. سدائين جوان، مست الست، ڳائيندڙ وڄائيندڙ مٺو مهيري، زندگيءَ جي آخري گھڙي آپريشن ٿيٽر ۾ به ڳائيندي وڄائيندي ويو. هي اُھي ننگ ڌڙنگ ماڻھُو هئا جيڪي خالي هٿين زندگيءَ کي ڀرپور جيئا ۽ پاڻ وٽ موجود سموريون توانائيون پوين ڏانهن منتقل ڪندا هليا ويا. هي جيڪا اڄ جي سنڌ جنهن ۾ ايرا غيرا نٿُو خيرا مها انقلابي ٿيو پيا هلن، انهيءَ اظھار جي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ مٺي مهيري جھڙن ماڻھُن ظلم جون ڪاريون راتيون ۽ تتل ڏينهن ڪاٽيا، صعوبتون سٺيون، ڪوڙا کاڌا ۽ ڪڏھن به مايوس نه ٿيا. سدائين زندگي ۽ اميد جي ڳالھه ڪندا رهيا ۽ جھر جھنگ رلي سدائين ماڻھُن کي اھو يقين ۽ احساس ڏياريندا رهيا ته،

زنجير ٽُٽا ڪي ويندا ٽُٽي
انسان ازل کان آجو آ.

مٺو مهيري لطيف ايئن پڙھندو هو جو:

پڙھي ٿو شاھ ڀٽائيءَ کي
پئي ٿو ساھ ڀٽائيءَ کي
ڪري ٿو راتڙيون روشن
ڪرها ٿو ڪاڪ ڏانهن ڪاهي،
رڃن ۾ روح جون رڙيون
سُتو ٿو لوڪ جاڳائي
ڍڪڻ تي پير پوچا ۽،
مَڻيئي کي سؤ معنائون،
ڪري جي ڳالھه مارئيءَ جي،
وطن ڄڻ انگ تي اوڍيل،
وطن ڄڻ ويڙھيل پوتي،
وطن سو جُنگ جکري جي،
ھجي ڄڻ پڳ جو موتي،
وطن سو واءَ اُتر ۾ پيو،
ھندورو ڄڻ کائي لوڏا.

هو لطيف جي شاعري پڙھندي وجد ۾ اچي ويندو هو ۽ شعر جي ڪيفيت مٿس طاري ٿي ويندي هئي. جڏھن به سامونڊيءَ کي چس وٺي ڳائيندو هو ته بندر تان پڳهه ڇوڙي پنڌ پوندڙ وڻجارا، انهن جُون رُئندڙ ونيون، سياري جي ڊگھين راتين جا انتظار، اتر جي سڻائي واءُ جون دعائون ۽ ڊگھن وڇوڙن جا وڍ، فلم جي ڪنهن منظر جيئن اکين اڳيان گذرڻ لڳندا هئا. ايئن محسوس ٿيندو هو جيئن ڪنهن بندر تي بيٺا آھيون ۽ سڄو وهنوار اکين اڳيان پيو ٿئي.
لاهيندا ئي ڪن، ڳالھيون هلڻ سنديون
آئون جھليندي ڪيترو، آيل سامونڊين
پڳهه ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾!

شعر پڙھندي هو ڳالھائي ٻڌائيندو هو ته لطيف جيڪو شعر چيو آھي اهو جملي ۾ هيئن چيو ويو هوندو:
وڻجاري جي ماءِ، وڻجارو نه پلئين

نهن سس کي چئي پئي ”پنهنجي پُٽ کي سمجھائي نه ...“
ايئن چئي پوءِ وري بيت کي سڄو ڪندو هو:

آيو ٻارهين ماھ، پڻ ٿو وڃڻ وايون ڪري.

هو مرشد لطيف جو سُر سامونڊي پڙھندو ويندو هو ۽ ھٿن جي اشارن سان ونجھن جا ور کوليندو ويندو هو، ويڙھندو ويندو هو، سڙھ سبندو ويندو هو، ساڄا ڪندو ويندو هو، کوها کڻندو ويندو هو. مطلب ته مٺو مهيري ڀٽائيءَ جو رڳو ياد حافظ ڪو نه پر هو ڀٽائيءَ جي بيتن جي ڪيفيت به هو.
مرشد لطيف جي سُر سسئيءَ جي هي وائي سدائين ايتري سوز سان ڳائيندو هو جو پاڻ به رئندو ويندو هو ته ٻڌندڙ به پيا ڳوڙھا اگھندا ۽ پيئندا هئا:
”ڪرهل پائي لڄُ، ڪوھ نه وئينءَ اُن سين!“

پڇبو هئس ته مرشد لطيف اتي ”لڄُ“ ڇا کي ٿو چئي ته وراڻيندو هو؛ لڄ ان ڪپڙي کي چئبو آھي، جيڪو اُٺ کي پلاڻڻ کان پهريائين، اُن جي پُٺيءَ تي وجھبو آھي!
سسُئي کي ٿو چئي ته جڏهن ڏٺُئي ته جت، پنهونءَ کي کڻيو ٿا وڃن، ته تون ان مهل ئي اُٺ جي پُٺيءَ تي اهو ميرو ڪپڙو رکي، سندن پويان ڇو نه وئينءَ!
ڇوري ندوري، نه ڪو مائٽ مُنڌ جو...

لطيف جي سر سسئيءَ جي بيتن جي تشريح ڪندي جي سسئيءَ تي ڳالھائيندو هو ته رڻ، رائو، رُڃ، ڪوھ، ڪيچي، ڪرها، جت، ڀنڀور، ننڊ، ڌوٻي گھاٽ، پنهون ۽ ڇپون پير ڇنن جي ڪيفيت پنهنجي پوري شدت سان ٻُڌندڙ جي وجود مان به گذرندي ويندي هئي.
سسئي مالڪ سان مخاطب آھي ته مون ان واعدي تان هٿ کنيو جنهن ۾ تو عاشقن کي قيامت جي ڏينهن ملائڻ جو واعدو ڪيو آھي. مون سان اهو واعدو هينئر هتي پورو ڪر:
فردا مُنڌ ڦٽي ڪئي، نقد کنيو نار...

ايڏو ڊگھو انتظار آئون نٿي ڪري سگھان، منھنجو سودو هتي روڪڙو ڪر:

فردا مون ڦٽي ڪئي، واعدي ڏي نه ويهان
صبحا سين نه سهان، کوءِ ميڙئين، کوءِ مارئين.

بيت پڙھندي وچان پڇبس ”ادورائي“ معنيٰ؟ ته اها معني ايئن ٻڌائيندو هو جو ڪنهن تي ڪو ڏُک هوندو هو ته اُھو ڏُک به سهائيندڙ ۽ مٺو مٺو سيڪ بڻجي ويندو هو. مرڪي چوندو هو ”خليل جون ادورايون مٺو نه سهي ته ڪير سهي، معنيٰ خليل جون کاريون مٺيون مٺو نه سهي ته ڪير سهي.“ ادورائي معنيٰ پنهنجن جون کاريون مٺيون سهڻ ۽ ان معنيٰ سان يارن دوستن ڏانهن رهيل ڏُک سيڪجي ويندا هئا.
لطيف پڙھندي جڏھن مارئيءَ تي ايندو هو ته هن جي چهري تي آيل رنگ ۽ سرشاري ڏسڻ وٽان هوندي هُئي. چوندو هو ته لطيف پنهنجن سمورن ڪردارن جون ڪچايون ڦڪايون بيان ڪيون پر مارئيءَ کي ڳائيندي خود لطيف جو انداز ۽ اظھار به عقيدتمنداڻو ٿي ٿو وڃي. مارئي اهو واحد ڪردار آھي جنهن لاءِ لطيف چوي ٿو ته جي مارئي منهنجي دور ۾ ھجي ها ته آئون جيڪو ڪنهن به درٻار جو سلامي ڪو نه ٿيس پر مارئيءَ لاءِ آئون پنهنجون سڀ روايتون ۽ سڀ آدرش ڇڏي عمر وٽ هلي وڃان ها ۽ مارئيءَ کي ڪنهن به قيمت تي ۽ ڪنهن به شرط تي آزاد ڪرايان ها:

هتي جي هُئي مارئي، ته لڌم ڪر ڪيڻاس
عرداسيون عمر کي، ويهي هوند وٽانس
ڪي جھليائين ڪي ڇڏيائين، ته پنهنجو انگ آڇيانس...

اها سٽ پڙھندي ان جي تشريح ڪندو هو ”اتي لطيف چئي ٿو: مون کي قيد ڪر، هن کي ڇڏ. عيوضي ۾ ماڻھُو ڏبو آھي نه! ايئن لطيف چئي ٿو: آئون مارئيءَ جي عيوض قيد ۾ ويهڻ لاءِ تيار آھيان...“

ڪي جھليائين ڪي ڇڏيائين، پنهنجو انگ آڇيانس
لاهي لوهه لطيف چئي، هتان هوند هلانس
موکي ملير سامهين، وٺي هوند وڃانس
رهبر ٿي ريڙھيانس، سونهاري ساڻيهه ڏي.

... ۽ پوءِ مرڪي مرڪي پيو منظر نگاري ڪندو هو ”لطيف چئي ٿو: لوھ يعني ڪڙا لاهي آزاد ڪرائي، آئون پاڻ ھٿ سان وٺي وڃي ڏيھه پُڄائي شادمانا ڪري پوء خيرن سان موٽي اچان ها.“

ڪير لھندم ڪر، مارو پاڻ اپاريا...

الا الا! پڇبس: اپاريا معنيٰ، ته پنهنجي بيان ۾ اپارئي جي اڪيلائي محسوس ڪرائيندو هو. اڪيلو ڌراڙ ھڪڙي وڳي وارو جنهن جو ڪو ٻانهن ٻيلي نه هُجي، مهيني ماس وڳو ڌئارڻ لاءِ پنهنجو مال ٻئي ڌراڙ کي پارتي چوي: اڄ وارو ڏي ۽ پاڻ گھر ۾ گوڏ ٻڌي ويهي وڳي سُڪڻ جو انتظار ڪري ته ان کي چئبو ”اپاريو.“ هاڻ بيت پڙھو:
ڪير لھندم ڪر، مارُو پاڻ اپاريا.

مرشد لطيف جڏھن مارئيءَ کي ڳائي ٿو ته تمثيلون، ترڪيبون، تشبيهون، اصطلاح، زندگيءَ جا ڏُک سک، اڪيلايون ۽ مثال سڀ ڌنارن پنهوارن جي زندگين مان کڻي ٿو:

لوءِ وڃي ڪو چوءِ، منهنجي ماروئڙن کي
ڇانگئون ڇڄي ڇيلڙو، جي ڪنين جو هوءِ
صحيح وڙولجي سوءِ، آئون ڪيئن ويس وسري!

اسين اُھي خوشنصيب ماڻھُو آھيون جن مٺي مهيريءَ کان لطيف ٻُڌو. ايئن لڳندو آھي ڄڻ اسان لطيف جي رسالي جون سڀ ڳليون ۽ ڳوٺ گھمي ڏٺا آھن.
هڪڙي ڀيري رفعت عباس، سائين علي دوست، اسحاق سميجو، ڊاڪٽر علم الدين انصاري ۽ آئون ڏاڏي گنگا جتڻ جي قبر جي پيراندي ڇُھڻ بڙ جي ڍوري وياسين. ڏاڏي گنگا جتڻ جنهن لاءِ مرشد لطيف لکيو:

کوءِماڙيون، ٻَن بنگلا، پکا سندن پن
اُست جا اٺين جي، مان کي رهي من
جيءُ ۾ جت رهن، ٻي پرٿڻي پاسي ٿي.

مٺو مهيري ۽ موسيٰ جوکيو به اتي آيا. مٺي مهيريءَ کان سڄي رات لطيف ٻُڌوسين. اکر اکر ۾ سٽ سٽ ۾ ٻڏاسين، ترياسين.
لطيف ۽ فاضل راهو مٺي مهيريءَ جو عشق هئا ۽ فاضل جو اولاد ڏوھٽاڻ پوٽاڻ سميت سندس جنازي ۾ شريڪ هئا. سندس جنازي ۾ هر مڪتب فڪر جو ماڻھُو ان ڪري به شريڪ هو جو هو انهن ماڻھُن جي زندگين ۾ سدائين هڪڙي ٽھڪ جيئن موجود رهيو. ھُو هاريءَ سان گڏ ٻنيءَ تي ويٺو هوندو هو، هوٽل واري جي چُلھه تي بيٺو هوندو هو، رازو چُڻائي پيو ڪندو ته هي ڀت جي ڀر ۾ بيٺو هوندو هو. وڏيرا، ڪامريڊ، شاعر وٽس هڪ ئي صف ۾ ويٺا لطيف ٻُڌندا هئا.
ادا محمد ميمڻ ۽ آئون مٺي مهيريءَ جي جنازي ۾ ايئن آلين اکين سان پهريون دفعو ملياسين جيئن مٺو مهيري ۽ آئون صادق فقير جي جنازي ۾ مليا هئاسين. هڪ هزار ڀيرا ادا محمد سان گڏ سمنڊ اندر ڇاڙ ٻيٽ وڃڻ جا پروگرام ٺھيا ۽ ڊھيا پر قسمت نه ٿي سگھي. دودي چانڊئي ۽ مون کيس رڪارڊ ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو پر سڀ ڪجھه اڌورو ڇڏي يار هليو ويو.

خوشين ۽ مسڪراهٽن جي مٽيءَمان ٺهيل انسان: وشنو مل

زندگي ڌرتي ۽ مظلوم عوام جي باشعور مقصد سان جڙيل هجڻ کانسواءِ واريءَ تي ليڪ وانگر هجي ٿي. پوري انساني تاريخ اهڙن بيمثال واقعن، ڪمن، ڪارنامن سان جرڪندي رهي ٿي. تاريخدانن موجب ڌرتيءَ تي پهريون ڪتاب يوناني ليکڪ هيرو ڊوٽس جو لکيل ”دنيا جي عالمي تاريخ“ آهي، ان کان وٺي اڄ تائين ڪروڙين انساني ڪاوشون موجود آهن، جنهن ۾ بهترين انساني سوچون ۽ خيال، تحقيقون ۽ تجربا، ويساهه ۽ ڪارناما رنگ به رنگي جلوا ڪندي نظر اچن ٿا. پوري انساني تاريخ رڳو خوشين جي تاريخ ناهي، پر جنگين، حملن، بي رحم فطري حادثن، المين ۽ المين سان مقابلي ۽ انهن کي خوشين، حوصلي، اتساهه، رومانس، شعور، سمجھه ۾ تبديل ڪرڻ جي تاريخ آهي. ڪير ڪنهن کان وڌيڪ آهي ۽ ڪير گھٽ آهي، هڪ ٻئي کان وڌيڪ، بهتر کان بهتر ۽ مثالي ڪارناما سرانجام ڏيندڙ جا قصا آهن.
ٻئي پاسي مايوسي، نااميدي، ذلتن، حملن، قتلِ عام، انساني ڪوس ۽ بکن بيمارين کان نجات ڏياري معاشرن کي ٻهڪندڙ مهڪندڙ بنائيندڙ انسانن جون بيمثال محنتون، ڪوششون، ڪاوشون، جستجو، سرگرميون ۽ ڪم ڪارناما پڻ آهن، جيڪي ڄڻ رڻ ۾ پاڻيءَ ڍڪ لاءِ تڙپندڙ بيوس انسانن جي اڃ اجھائڻ ۽ انهن جي زندگي جو سهارو آهن. اهڙا انسان، ٻئي مهاڀاري جنگ جي هڪ روسي پائليٽ الڪسئي ميريسيف وانگر آهن جيڪو جرمنيءَ تي بمباري ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو، جرمن ان جي جھاز کي نشانو ٿا بنائين ۽ هن جو جھاز جرمنيءَ جي جھنگ ۾ ڪري ٿو پوي. هن جون ٽنگون ٽٽي ٿيون پون. هن جي گلي ۾ هڪ وٽي ٻڌل آهي، هڪ پسٽل آهي ۽ هڪ خنجر آهي. هن کي يقين هو ته جرمن اجھو ڪي اجھو آيا، هن کي پڪڙي کڻي ويندا! ان کان بچڻ لاءِ هو تازي پيل برف جي وڏي ڍڳ ۾ اندر گھڙي ٿو وڃي ۽ برف هن جا نشان گم ڪري ٿي ڇڏي. جلد ئي جرمن فوج جاسوس ڪتن سان گڏ اچي پهتي. هن جي جھاز مان باهه جا ڀڀڙ نڪري رهيا هئا. هي تازي پيل برف جي ڍير ۾ خاموشيءَ سان ويٺو رهيو. تازي برف هن جي تازن نشانن کي مٽائي ڇڏيو. جرمن فوج جاسوس ڪتن جي مدد سان وڏي ڪوشش ڪئي ته جيئن پائليٽ کي هٿ ڪري سگھجي، پر کين پائليٽ جا نشان به نه مليا. وڏي ڪوشش کانپوءِ هنن پڪ سان ائين سمجھيو ته پائليٽ جھاز ۾ سڙي ويو ۽ هو واپس هليا ويا. روسي پائليٽ الڪسئي ميريسيف جھاز جي باهه گھٽ ٿيڻ کانپوءِ جڏهن اونداهي ٿي ته آهستي آهستي برف مان ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي ملڪي بارڊر ڏانهن ٺونٺين تي گسڪي رڙهڻ لڳو. روسي بارڊر ان جڳھه کان اسي ميل پري هو، وچ ۾ ڳوٺ هئا، هن کي رستي تان هلڻو ڪونه هو، ٻنين واٽرن، جھنگن مان رڙهندو ٺونٺين تي ٺرڪندو، برف جو پاڻي پيئندو جانور ماري کائيندو رڙهندو رهيو. هن کي پختو يقين هو ته هو هر صورت ۾ پنهنجي وطن روس پهچي علاج ڪرائي چڱو ڀلو ٿي وري جھاز اڏائي جرمن تي حملو ڪندو. ائين هو واقعي سخت تڪليفن جي باوجود بارڊر ڪراس ڪري پنهنجي فوج وٽ پهچي ٿو وڃي ۽ سينيئر آفيسر هن کي سڃاڻي ٿا وٺن. هن کي وڏين اسپتالن ۾ علاج لاءِ موڪليو وڃي ٿو، هو ڪجھه مهينن ۾ ٺيڪ ٿي ٿو وڃي. هن جي ٽٽل ٽنگن جي جاءِ تي ڪاٺ جون ٽنگون لڳائي ٿا ڇڏين. ان سان هو وري جھاز هلائڻ جي پرئڪٽس ڪرڻ شروع ڪري ٿو ڇڏي ۽ وري جھاز اڏائي جرمنيءَ تي بمباري ٿو ڪري.
(حوالو : ڪتاب چراغ جلتا رها).
مٺو مهيري پڻ اهڙو اڻ ورچ، سرگردان، لڳاتار ڪجھه نه ڪجھه ڪندو رهڻ وارو ڪردار هو. هو خاموش، مايوس، نااميد ٿيڻ بجاءِ سماج ۾ خوشين، ٽهڪن ۽ مهڪن جي گونجار ڪندو رهيو. هو سدا جرڪندڙ خوش مزاج ماڻهو هو. لطيف، اياز، منشي، سرويچ، آڪاش، حافظ ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ جي پيو گونجار ڪندو، ڀڻڪندو هلندو رهندو هو. هن هر جاءِ تي عزتن جا ڀنڊار حاصل ڪيا. هر ماڻهو، هر دوست هن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو. هن جيءَ ۾ جايون ملڻ وارو احترام ڪنهن مهربانيءَ ۾ ڪونه ورتو هو، پر هو پنهنجي فن، آرٽ، سرت ساڃاهه، جستجو، پنهنجائپ، پيار ۽ انسان دوستيءَ جي ڪري اهڙي احترام جو لائق بڻيو هو ۽ ماڻهو پڻ هن کي احترام سان نوازڻ کانسواءِ رهي ڪونه سگھندا هئا !
هن وقت جي سماج ۾ جتي انساني مان مرتبي، غريب دوستي ۽ شعور جو ڏڪار آهي، اهڙي عمل کي ڄڻ ڏوھ جو ڪم سمجھيو وڃي ٿو، پر 78-1969واري زماني ۾ ته بلڪل اوندهه لڳي پيئي هئي. نه روڊ رستا، نه بجلي گئس، نه شهر وسنديون، نه سمجھه سرت، رڳو سڃ ئي سڃ لڳي پيئي هئي. شهيد فاضل راهو جي ويجھڙائپ جي ڪري هن ڳوٺ ۾ پهريون ماڻهو خان محمد مهيري هو جيڪو هلال پاڪستان جو صحافي پڻ هوندو هو ۽ نسبتن هڪڙو پڙهيو لکيو، سمجھدار نقلن نظيرن، پهاڪن، ڪچهرين جو نه رڳو ڪوڏيو هو پر هڪڙي بهتر سمجھه شعور، ادراڪ رکندڙ انسان پڻ هوندو هو. مٺو مهيري ان جو تسلسل هو. ڪڙيو گھنور شهر ۾ اسان جي وڏن جو دڪان هو جتي سڄو ڏينهن لطيف جا بيت، ڳجھارتون، ڏور، سينگار، هنر ۽ اهڙي قسم جي ڪچهري هلندي رهندي هئي. منھنجو سئوٽ ڀيمجي مهيشوري بلڪل اڻ پڙهيو هو پر ان کي لطيف جو رسالو صحيح اچار سان مڪمل ياد هوندو هو، ان کان سواءِ جمجمان سلطان جا پنجاهه بيت، سٺ ستر صفحن جو ڪتاب، حمل فقير، روحل فقير، ڀڳت ڪبير ۽ ٻين صوفين سنتن جي شاعري ياد هوندي هئس، ستر کان اڳ ۾ ان دڪان تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، غلام علي الانا، ڪريم بخش نظاماڻي ۽ ٻيا لطيف جا پارکو ۽ ٻولي ماهر ايندا رهندا هئا.
مٺو مهيري هڪ ته گھر جي ڀاتي خان محمد مهيري ۽ پوءِ شهيد فاضل جي ويجھڙائپ جي ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿيو ۽ 78-1977 واري زماني ۾ ڀيمجي مهيشوريءَ جي دڪان تي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ نه رڳو لطيف جي شاعري سکيو پر اتي ٿيندڙ بحث مباحثن، ڏورن بيتن، سينگارن، هنرن بابت طبع آزمائي مان پڻ وڌيڪ ڄاڻ ۽ سمجھه حاصل ڪيائين. هن جي طبيعت مزاج ۾ ڀوڳ مذاق هوندو هو، اداڪاري به ڪري سگھندو هو پر ان کان وڌيڪ صداڪاريءَ جو هن ۾ هنر هوندو هو. ڪهڙو ماڻهو ڪيئن ٿو ڳالھائي، ان جو انداز بيان ڪيئن آهي، ان جي ڳالھائڻ جو ڍنگ اوڏي جو اوڏي مهل ڪري ٻڌائيندو هو. صداڪاريءَ جي حس ان جي تمام تيز هوندي هئي. 70-1969 واري زماني ۾ جلسن جلوسن، ميٽينگن پروگرامن ۾ ابراهيم منشي پيو گجندو هو. ابراهيم منشي رڳو ڪمال جو شاعر نه هو پر هو شاندار انداز ۾ ڳائيندو پڻ هو. لطيف جو رسالو پڻ منشيءَ کي ياد هوندو هو، جتي ويهندو هو، پيو لطيف جا بيت، وايون ۽ پنهنجي شاعري جھونگاريندو ۽ وڏي آواز ۾ ڳائيندو هو.
مٺو مهيري ”ون يونٽ جي تحريڪ،“ ”نيلام بند ڪريو تحريڪ،“ ”ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو تحريڪ“ ۾ ابراهيم منشي ۽ شهيد فاضل سان جيل ۾ پڻ رهيو ۽ ڀٽي صاحب جي دور ۾ ته مسلسل ڊي پي آر ۽ ٻين ڪارن قانونن ۾ جيل ۾ رهيو. مٺو ان کان پڻ متاثر ٿيو. ان سڄي دور ۾ رڳو تحريڪون، جدوجھدون، گرفتاريون ۽ جيل هئا ۽ ٻي طرف شاعري، قومي انقلابي گيت ترنم ۾ ڳائڻ ۽ جڳ جاڳائڻ جو ماحول پُريان تار هو، جنهن جي اثر کان ماڻهو بچي نٿي سگھيو. مٺي مهيري جھڙو حساس دل ماڻهو تڙپندڙ، سجاڳي پئدا ڪندڙ ۽ للڪاريندڙ ماحول ۾ ڪيئن ٿي خاموش ويهي سگھيو. هو انسان هو، جتي هن سٺا ڪم ڪيا اتي کانئس ڪمزوريون به ٿيون، پر هو نيڪ نيتيءَ سان ۽ پنهنجي روح جوهر ۾ سنڌ وطن دوست، انسان دوست، غريب دوست انسان هو.
1979ع ۾ راهوڪيءَ ۾ هاري ڪانفرنس جي انائونسمينٽ ۽ تقريرون ڪرڻ جي ڏوھ ۾ چئن ساٿين مٺو مهيري، گل چانگ، حسين بخش ناريجو ۽ ادريس ميراڻيءَ تي ڪيس ٺهيا ۽ انهن کي ڏهن ڏھن ڦٽڪن جون سزائون ٻڌايون ويون ۽ ڦٽڪا هنيا ويا. مٺي جي همت ۽ خاصيت اها هئي جو ڦٽڪا لڳڻ کانپوءِ به هن جيئي سنڌ، جيئي هاريءَ جا نعرا هنيا، جنهن تي مارشل لا وارا وڌيڪ ڪاوڙجي پيا. ائين هن پنهنجي پوري زندگي سرگردان گذاري. آخر تائين گيت ڳائيندو، لطيف جي شاعري مٺي ۽ پياري آواز ۾ جھونگاريندو رهيو.
هن جي جدائي نه رڳو ڏکوئيندڙ آهي، پر فخر لائق پڻ آهي. موت ته اچڻو ئي آهي. ڪامريڊ مائوزي تونگ چيو هو ته ”موت ٻن قسمن جو آهي: هڪڙو موت ڪک کان هلڪو ۽ ٻيو موت تائي جبل کان ڳرو هوندو آهي. عوام لاءِ مري وڃڻ تائي جبل کان ڳرو موت آهي ۽ عوام دشمن جو مرڻ ڪک کان به هلڪو موت آهي.“ هن قسم جي زندگي جيڪا رڳو سندس ذات، خاندان لاءِ نه پر پوري سنڌ ۽ پوري مظلوم عوام، پوري انسان ذات لاءِ حوصلو ۽ فخر لائق هجي، اها ئي عظمت واري آهي. اهڙن انسانن کي، موت ماري نٿو سگھي.

دلبر دوست ۽ هر دلعزيزمٺو مهيري: ادا محمد ميمڻ

مٺو مھيري تمام شاندار طبيعت جو مالڪ ۽ قدرت جي ھنر ۽ صلاحيتن سان مالامال دلبر انسان ھوـ مٺي مھيريءَ سان ڪيترائي ڀيرا ڪينجھر ڍنڍ واري تفريحي ماڳ گھمڻ ۽ اتي يادگار ڪچھريون ڪرڻ جو موقعو مليو. انھن محفلن اسان جو ھردلعزيز دوست رفيق احمد جعفري ۽ مختلف وقتن تي ٻيا دوست پڻ شريڪ رھيا آهن ـ ڪينجھر ڍنڍ جي گھڻن تاريخي، رومانوي، افسانوي حوالن سان پنهنجي ھڪ منفرد تاريخ آهي. ڪينجھر ڍنڍ واري تاريخي ماڳ جي رومانوي قصي نوري ۽ ڄام تماچيءَ کي سنڌ ۾ وڏو افسانوي مقام حاصل آهي ـ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن انهيءَ عشقيه داستان کي پنهنجي شاعري ۽ ادبي لکڻين جو موضوع بڻايو آهي. مٺو مهيري اهڙي عاليشان ماڳ ۽ ان سان لاڳاپيل پيار ۽ محبت جي داستانن جو گويا عاشق هو ۽ کيس شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام ذريعي ان منزل جو اپٽار ڪرڻ ۾ مهارت هئي. پنهنجي آواز سان ماحول تي سحر طاري ڪري ڇڏڻ ۾ کيس ڪمال حاصل هو.
مٺي مهيري ۽ ٻي سنگت سان ٻه ڀيرا هندستان جا دورا ڪرڻ جا پڻ موقعا مليا. اهي سفر سنڌ ڄائي اديب لڇمڻ ڪومل جي هاڻوڪي وطن هندستان ۾ سندس ميزبانيءَ ۾ ٿيا. انهيءَ سفر ۾ سمورو وقت اسان جون محفلون هندستان جي اديبن ۽ شاعرن سان ٿينديون رهيون. اتان جي فنڪارن سان پڻ ملڻ ۽ کين ٻڌڻ جا خوب موقعا مليا. اُتي ادبي محفلن ۾ مٺي مهيريءَ جو هنرمندي ۽ ڪلاڪاريءَ وارو سڪو خوب هليو ۽ اسان سندس ساٿ ۾ انيڪ محبتون ميڙيون ۽ محفلن جي ساعتن جي سرهاڻ ۽ سونهن سهيڙيندا رهياسين. مٺي مھيريءَ جي سٿ ۾ هندستان جي هنن مسافتن ۾ سنڌ ڄاوَن هندستاني اديبن هيرو ٺڪر، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻين سڄڻن سان محفلن ۽ مهمانين جا خوب مزا ماڻياسين.
يقينن مٺو محفلن جو مور ۽ هر دلعزيز شخصيت هو، جنهن سان جيڪر ڪوبه انسان هڪ ڀيرو ملندو هو ته سندس دوست ۽ پرستار ٿي ويندو هو. ساڻس گذاريل اهي ساعتون ۽ محفلون زندگيءَ جون يادگار ساعتون آهن. مٺي جي موڪلائي وڃڻ بعد جھڙوڪر اهي ٿاڪ ۽ محفلون هميشه لاءِ ويران ٿي ويون آهن. اسان جو اهو دوست هن وقت اسان جي وچ ۾ موجود ناهي ۽ پنهنجي خالق حقيقي ڏانهن موٽي ويو آهي ۽ سندس مڙهه نشاني طور سندس وڏن جي قديمي قبرستان ۾ مڻين مٽيءَ هيٺان دفن آهي پر سندس محبتن ۽ محفلن وارا ساز ۽ آواز اڄ به فضا ۾ گونجي رهيا آهن ۽ سندس ٽهڪ ۽ گفتا پڙاڏا بنجي هر پاسي سندس ياد تازي ڪري رهيا آهن ۽ يقين نٿو اچي ته اسان جو اهو محبوب ۽ هردلعزيز مٺو مهيري هن دنيا مان ائين اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. خدا سندس مغفرت ڪري ۽ سندس وارثن ۽ عزيزن کي اهو نقصان برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا ڪري ۽ سماج جي بهتريءَ لاءِ سندس ڪيل ڪاوشن ۽ پوکيل پوک واري گلشن کي سدا آباد ۽ سرسبز و شاداب رکي . آمين

مٺي مهيريءَ سان سياحت ۽ ٿر ياترا: نانڪ رام کيمناڻي

ٿر جو ريگستاني علائقو يا ٿرپارڪر جا مختلف ٿاڪ، تاريخي ماڳ ۽ مڪان يقينن سياحن لاءِ پنهنجي اندر خاص ڪشش رکن ٿا. مارئيءَ جو ٿر، مارئيءَ جو تڙ، امر ڪوٽ يا عمر ڪوٽ جو قلعو ڏسڻ وٽان آهن. ٿر جي نرالي دنيا تاريخ جا ڪيترائي باب پنهنجي اندر محفوظ رکيو ويٺي آهي. ٿر جو سورمو روپلو ڪولھي، محنتي، ڳڻوان، لوئي ۽ لڄ وارا ٿريا ماڻهو سنڌ جي صحرا واري هن علائقي جي سونهن آهن. ٿر ۾ جڏهن برساتون پون يا وسڪارا ٿين ته پوءِ ٿريا پنهنجي ديس کان ڪيترو به دور ۽ پري هجن ته هو اتي پنهنجي ديس کي ڏسڻ ۽ کيڙڻ خاطر واپس ورڻ لاءِ تڙپڻ لڳندا آهن. اهڙي ريت وسڪارن کانپوء ٿر جھڙي ريت، ساوڪ جي پوشاڪ اوڍي باغن، ۽ گلشن ۾ تبديل ٿيڻ لڳندو آهي ته انهيءَ موقعي تي ٿر جا پرستار سياح پڻ ٿر گھمڻ ۽ مورن جا ناچ ۽ سونهن ڏسڻ، کنڀيون ۽ موڪ ميها چکڻ لاء وڏا سفر ڪري اچي پهچندا آهن ۽ ٿرين سان گڏ رنگ ۾ رڱجي ويندا آهن.
هر سال وسڪاري بعد اسان دوستن جو پياري مٺي مهيريءَ سان گڏجي ٿر ياترا ڪرڻ ۽ ٿر جي سونهن ڏسڻ ۽ ماڳ مڪان گھمڻ ۽ ڪارونجھر جي اوچين چوٽين تي پهچڻ لاءِ جتن ڪرڻ وارو سلسلو تمام دلچسپ ۽ يادگار رهيو آهي. ٿر جي سفر ۾ اسان سان گڏ گھڻو ڪري رفيق احمد جعفري صاحب، الھه بخش ڪليار ۽ ٻيا دوست موجود رهيا آهن. ٿر جي دوري ۾ سنڌ سرڪار ۽ صوبائي سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان ٿر جي سورمي روپلي ڪولھيءَ جي قائم ڪيل يادگار ۽ روپلو ڪولھي گيسٽ هائوس ۾ قيام ضرور ٿيندو رهيو آهي. هتي رهائش ۾ سڀني جو روح وندرائيندڙ ۽ محفلن جو مور، اسان جو پيارو مٺو مهيري هوندو هو، جنهن جي شاهه ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ شيخ اياز جي ڪلامن تي پنهنجي پرسوز آواز ۾ جھونگار سان ڀرپاسي جو سمورو ماحول ئي ڄڻ جھومڻ لڳندو هو. ان موقعي تي اسان جي دوستن جي سٿ کان علاوه ڀرپاسي جا ماڻهو پڻ گڏ ٿي مٺي جي سريلن ڪلامن مان لطف اندوز ٿيڻ لڳندا هئا.
ڪارونجھر جبل جي سياحت دوران مٺي جو اهو جنون هوندو هو ته جبل جي سڀ کان اوچي ۽ مٿاهين چوٽيءَ تي چڙهجي، اها جستجو پڻ ٿر جي هر سفر کي يادگار بڻائي ڇڏيندي هئي. اهڙي ريت ڪاسبي ۾ راما پير جو مندرجتي هر وقت مور پيا مستيءَ ۾ اڏامندا هئا ۽ اهو پاسو هڪ افسانوي منظرنامي جو عڪس يا ڪنهن خوبصورت خواب جو منظر پيش ڪرڻ لڳندو هو. انهيءَ مقام جي هڪ ِٻي دلچسپ ڳالھه اها پڻ هوندي هئي ته انهيءَ پاسي ڪنهن وڻ جي هيٺ هڪ نابينا راڳي يوسف فقير ويٺو هوندو هو ۽ مختلف شاعرن جي شاعري پيو ڳائيندو هو، اتي مٺو پڻ يوسف فقير سان پنهنجن سرن کي ملائي ڳائيندو هو ته ماحول وڌيڪ سريلو ۽ دلچسپ ٿي ويندو هو.
اسان جو دوست ۽ دلبر مٺو مهيري اڄ اسان ۾ موجود نه آهي. هو اسان جي چاهڻ ۽ نه چاهڻ جي باوجود حياتيءَ جو وقت پورو ڪري پنهنجي رب ڏانهن وڃي چڪو آهي ۽ اسين سندس يادون، ٻول، شاعري ۽ گيتن تي آلاپ، ناچ ۽ دلبرين جي يادن کي سهيڙي رهيا آهيون. ڀڳوان سندس من کي شانتي ڏي ۽ وارثن ، عزيزن ۽ دوستن کي سندس وڇوڙو برداشت ڪرڻ جي همت ڏي.

رئان رَت مڃٺ، هاڻ تن پرين کي: عبدالرزاق مهيري

مٺو مهيري، محمد خان مهيريءَ جي گھر سال 1953ع ۾ ڄائو. پڻيٺيءَ جو پٽ يعني پهريون ٻار ڄمڻ جون مبارڪون سندس پيءُ کي مليون، هو ڏاڍو خوش ٿيو. مِٽ مائٽ به خوش ٿيا. هتي مٺائين جو رواج ڪونه هوندو هو، غريب ماڻهو خوشيءَ ۾ ڳڙ ۽ بسڪيٽ ورهائيندا هئا. مٺي جي ڄمڻ جي به مٺائي ويجھن مائٽن ۽ برادرين ۾ ورهائي وئي.
هن جو خاندان اٺيون چاريندو هو. سندن ٻني نه ٻارو، پرايو ڇوپايو مال... مٺو به وقت سان گڏ ماءُ جي هنج ۾ پلجي اچي وڏو ٿيو. ان وقت اسڪول ايترا ڪونه هئا. هن جي مائٽن مٺي کي مولوي حاجي مٺي وٽ هوت مهيريءَ جي ڳوٺ ۾ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. ڳوٺ جا ٻيا به ٻار هن سان گڏ پڙهڻ ويا. مٺو اتي گھڻو وقت رهي ڪونه سگھيو. اتان جڏهن ڳوٺ آيو ته وري ڪونه ويو. هاڻ ته هو وڏو ٿي ويو. ننڍپڻ کان چِلوِلايون ڪرڻ، ڪنهن سان ڀوڳ ڪرڻ، ڪنهن جي چراند ڪرڻ هن جو مشغلو ٿي ويو. هن جو مامو خان محمد مهيري پڙهيو لکيو هو، ان سان گڏ ڪچهريءَ ۾ ويندو هو. جڏهن مزدوري ڪرڻ جھڙو ٿيو ته واهن تي واٽر ڪورسن جي تعمير جو ڪم هلندڙ هو ته پاڻ اتي ٺيڪيدارن سان گڏ ٻه رپيا ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪرڻ لڳو. اهو ڪم بند ٿيو ته، سندس ماءُ کي مائٽن طرفان مليل ٻه ٽي ڳئون وٺي وڃي چارڻ لڳو، وڌيڪ وڏو ٿيو ته هو تمام ذهين ۽ هوشيار بڻيو ۽ مامي جي دڪان تي وڃي ويهڻ لڳو. هاڻي ته اڻ پڙهيو به هوشيار ٿي ويو هو. ان بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڪکائين دڪان تي سامان رکي ويٺو هوندو هو.
فاضل راهو، نئين عوامي پارٽي ٺاهي ۽ هارين ۽ مزدورن کي گڏ ڪري سمجھائيندو هو. وڏو اڳواڻ رسول بخش پليجو هو، اهو دور ايوب خان جي مارشل لا وارو هو. فاضل راهو ماما خان محمد مهيريءَ وٽ ايندو هو. مٺو مهيري به انهن جون ڳالھيون ٻڌندو رهندو هو. هي هوشيار اهڙو جو ان دور جون اخبارون به پڙهي ويندو هو. فاضل راهو هن کي ڪتاب پڻ ڏيئي ويندو هو. رسول بخش پليجي جا ڪتاب هي پڙهي ياد به ڪري وٺندو هو. ان وقت سرويچ سجاوليءَ جي شاعري جو مجموعو”آليون اکيون، اڻڀا وار“ حاجي جعفر هيلائي ڇپرايو جيڪو ٺٽي ضلعي جو وڏو زميندار هو، حاجي سليمان هيلائي جو والد هو. ڪينجھر ڍنڍ به ڪجھه سندن حصي ۾ آهي. مٺي مهيري کي اهو ڪتاب مليو. هو جيڪو به ڪتاب هڪ ڀيرو پڙهي وٺندو هو اهو ياد ٿي ويندو هئس.
مٺو مهيري هاڻي باقاعدي سوشل ورڪر ٿي ويو هو، شهيد فاضل سان هلڻ جي ڪري هن جي ملاقات ابراهيم منشيءَ سان ٿي. ان کانپوء سرويچ سجاولي سان ٿي. هو انهن جا شعر پروگرامن ۾ ترنم ۾ پڙهڻ لڳو. ماڻهو هن کي ٻڌڻ لاء وڏي تعداد ۾ پروگرام ۾ اچي شريڪ ٿيندا هئا. وڏيون مجلسون ٿينديون ڏسي فاضل سان ماڻهو وڏي تعداد ۾ اچي ويهڻ لڳا. هاڻي مٺو مهيري وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ لڳو.
وزير اعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي جمهوري حڪومت کي ختم ڪري، جنرل ضياء ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ڇڏي، اها به اهڙي جو ڪک به ڪونه چرندو هو. هرطرف کان سياسي ماڻهن خلاف باھ ٻري رهي هئي. سڄي ملڪ ۾ ڍنڍ جي پاڻي وانگر ماٺار لڳي پئي هئي. اهڙي ڏکئي دور ۾ فاضل راهو جبل سان ٽڪر کائڻ لاء وڏي سمجھه سان راهوڪيءَ ۾ شاميانا لڳائي، سموري سنڌ مان ڪارڪن گڏ ڪيا جو سرڪاري ڪارندن کي شڪ ئي نه پوي. ان پروگرام جي ڪمپيئرنگ مٺي مهيري ڪئي. ٽي ڏينهن پروگرام هليو. مارشل لا جي خلاف تقريرون ٿيون ۽ شعر پڙهيا ويا. جڏهن پروگرام ختم ٿيو ته همراهن اک پٽي ۽ ٻڌ ٻڌان شروع ٿي وئي. گھرن تي پوليس ۽ فوج جا لامارا هئا. مٺو مهيري به ٻڌا ۽ گل چانگ، ادريس ميراڻي، فاضل راهو، رسول بخش پليجو سميت سڄي سنڌ مان وڏي تعداد ۾ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. داد نه فرياد، فوجي ڪورٽن ذريعي هڪ سال قيد ۽ ڏهن ڦٽڪن جون سزائون ڏيڻ وارو سلسلو شروع ٿيو، هنن کي جيئن آيو پئي تيئن پئي ڪيائون. مٺي مهيريءَ کي به سال قيد ۽ 15 ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي وئي. ڪارڪنن کي سينٽرل جيل مان گاڏين ۾ ڀري آڻي، قاضيه واهه بدين جي ڪپ تي سرعام ڪوڙا هنيا ويا. ٽڪٽڪي گاڏي ۾ ئي کڻي آيا هئا. مٺي مهيريءَ کي جڏهن ڪوڙا هڻڻ بعد ٽڪٽڪيءَ تان لاٿائون ته هڪ همراهه کيس کڻي سلام ڪيو ۽ هن به سلام جھليو. پوءِ ته ميجر کيس اندر گھرائي ڏاڍي مار ڏني. شام جو هنن کي ساڳين گاڏين ۾ وجھي حيدرآباد سينٽرل جيل پهچايو ويو. فاضل راهو به اتي سندن انتظار ۾ هو ۽ کين شابس ڏنائين ۽ اصلاح به ڪيائين.
شهيد فاضل قيد ٿي آيل ڪارڪنن، چاهي هو ڪهڙي به جماعت سان تعلق رکندڙ هجن انهن جي مدد ڪندو هو ۽ کين همت به ڏياريندو هو. مٺي مهيريءَ سان گڏ جن قيدين کي ڦٽڪا لڳا هئا، سڀ قيدي هنن سان ملڻ آيا. هاڻي ته هي پڪو قيدي ٿي ويو هو. رسول بخش پليجو سڀني ڪارڪنن کي پڙهائيندو هو. وڏن سان گڏ هي به پڙهندو هو ۽ پنهنجو سبق ياد ڪرڻ کان علاوه وڏن جا سبق پڻ ٻڌي ياد ڪري وٺندو هو. پليجو وڏن کان سوال پڇندو هو ته هي جواب ڏيڻ لاءِ هٿ مٿي ڪندو هو. پليجو صاحب کيس درست جواب ڏيڻ تي شاباس ڏيندو هو. جيل ۾ سرويچ، اياز۽ منشي ڳائي سڀني کي جھومائي ڇڏيندو هو. وڏا ليڊر به هنن سان گڏ واڙيل هوندا هئا. اهو دور 1979ع وارو هو. 1980ع ۾ هو سزا ڪاٽي آزاد ٿيو پر هو ڪڏهن به ڊپ ۾گھر جھلي ڪين ويٺو. هي وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳو ۽ حمزي پليجي وٽ ناڪن جي سنڀال ڪرڻ لڳو. سيٺ يوسف سولنگي حمزي پليجي جي منشيءَ مان ٺيڪيدار بڻيو. هن وٽ پئسو به آيو ۽ مالدار به بڻيو. اهڙي ريت، مٺو ۽ هو گڏجي ٺيڪا سنڀاليندا هئا. اڳتي هلي مٺو به ٺيڪيدار بڻيو. هن وٽ پئسو به ٿيو ۽ هي زميندار به بڻيو. گاڏي به ورتائين ۽ غريب ماڻهن لاءِ گاڏي جھلي به انهن کي کڻندو هو. شهر هجي يا ٻهراڙي، ننڍي وڏي سان هڪجھڙو، سادو به اهڙو جو انهن سان گڏ ويٺو هوندو هو. فاضل راهو ۽ بشير هاليپوٽو هن جا پسند جا ۽ دل گھريا ماڻهو هئا.
هن 2018ع ۾ دل جو آپريشن آغا خان اسپتال مان ڪرايو ۽ اتان ٺيڪ ٿي آيو. چار سال تمام خوش رهيو. 2022ع جي شروع وارن مهينن ۾ دل جو ڌڙڪو وڌي ويو. هن ٽنڊو محمد خان واري دل جي اسپتال ۾ علاج ڪرايو ۽ دوائون وٺي واپس موٽي ايندو هو. آخر ۾ هن سوچيو ته متان فالج ٿي پوي تنهن ڪري هو پاڻمرادو آغا خان اسپتال مان وقت وٺي آيو. 31 آڪٽوبر تي صبح جو سوير ادا محمد ميمڻ ۽ سعيدو مهيريءَ سان گڏ وڃي پهتو. هن کي اسپتال وارا ڪپڙا پارائي ڇڏيائون. هو نرسن سان کل ڀوڳ ڪندو رهيو. ادا محمد به ويٺو رهيو، ڏهين بجي هن کي آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا. سٿر جي نس مان سئي وڃڻ سان نس ٽُٽي پئي. هن جو سڀ رت پيٽ ۾ هليو ويو. دل بيهي وئي. پنجن ڪلاڪن کان پوءِ ٻڌايائون ته اوهان جو مريض دل چوڪ ٿيڻ ڪري گذاري ويو آهي. ادا محمد ۽ سعيدو مهيري جي هٿن مان ڄڻ شيشو ڪري پيو. حاجي عبدالعلي ۽ شفيع سهتي کي صدمي ۾ ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نه اچي ته ڇا ڪريون؟ اسان جو مٺو مهيري کل ڀوڳ ڪندو آپريشن ٿيٽر ۾ ويو ۽ ويندي چئي ويو هو ته 45 منٽن ۾ واپس موٽي ايندو پر مٺو واپس نه موٽيو، ڄڻ اسان پنهنجي هٿان مٺو وڃايو هجي. شايد رب جي مرضي اها هئي، هن جو اهو ڏينهن مقرر هو.
مٺي مهيريءَ جي گذاري وڃڻ جي خبر سوشل ميڊيا تي باهه وانگر پکڙجي وئي. مون کي ايتريون ته ڪالون آيون جو آئون پاڻ غم ۾ بي حال ٿي ويس. آئون جلدي مٺي مهيريءَ جي ڳوٺ پهتس. مختلف برادرين جا ماڻهو ڳوٺ پهچي ويا هئا. روڊ تي بيٺل ديويون وڍيون پئي ويون ڄڻ ڪنهن جي اچڻ جو پروگرام هجي. گھر پهتس ته مون کي غلام نبي ڀاءُ ڏسي ڀاڪر وجھي روئڻ لڳو. هر پاسي روڄ راڙو متل هو. فوتگيءَ واري پٿر ۽گھر ۾ آيل سوڳوارن ۽ رئندڙن ۾ ڪنهن کي ماٺ ڪرايان. جنهن جي ڀر ۾ ويهان اهو رڙيون ڪري پيو چوي ته، ڪالھه ته هتان اهو چئي ويو هو ته سڀاڻي وري ايندس. هو ڪنهن کي به پاڻ سان گڏ وٺي ڪونه ويو هو. هاڻي اسان جو ڇپر ڇانوَ ڪير ٿيندو؟ سڀني کي آٿت ڏيندو رهيس پر ڏکارا ماڻهو پرچائڻ ۽ درياهه کي پيل گھاري کي ٻڌڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. هاڻي اسين جنازي جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ڪلھه مٺو ويو پئي علاج ڪرائڻ ۽ اڄ سندس نالو ڦري جنازو ٿي ويو هو. ٻارهن ٿيا ته ايمبولينس کي ڏسي ماڻهو قطارون ٺاهي بيهي رهيا ۽ اوڇنگارون ڏيڻ لڳا. ميت کي ايمبولينس مان لاهي کڻي اچي گھر جي اڱڻ ۾ رکيو ويو. ڪافي وقت گذرڻ بعد غسل ڏيئي ميت کي رات جي آخري پهر ۾ امانت ڪري رکيو ويو. صبح جو ڪانڌي اچڻ شروع ٿي ويا. صبح جو 9 وڳي رکيل وقت تي سموري سنڌ کان ماڻهو اچي پهتا ۽ ڪي رهجي پڻ ويا. جنازي نماز بعد مڙھ کي ملان حسن جي قبرستان پهچايو ويو. ان ماحول ۽ موقعي تي سڀ يار دوست رئندا رهيا. آه! ڪالھه تائين جيڪو ماڻهو اهڙن موقعن تي پاڻ اسان کي ڀاڪر پائي صلاحون ڏيندو هو، اڄ اسين ان کي ساڳي ريت دفن ڪري ۽ لٽي رهيا هئاسين. ڀٽائي سرڪار جي شعر موجب:
حبيبن هيڪار، منجھان مهر سڏ ڪيو
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو !
آخرڪار قبر سنواري، چادرون چاڙهي، ڪوڏرون ڌوئي، دعائون گھري، عزيز، مٽ مائٽ، دوست احباب ۽ ڪانڌي واپس ٿيا ته فاتحه جي دعا گھري وئي. نارائڻ قبر وٽ بيهي درد وارا ڪلام چيا. هرڪنهن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري ڳلن تان هيٺ ڪرندا رهيا. نيٺ واپس تڏي تي پهتاسين. ان موقعي تي ڀٽائيءَ جا هي شعرذهن تي تري اچي رهيا هئا:
ساٿي نه پسان سي جي هئم هيئين ٿوڻيون
هاڻي ڪنهين جي، وڃئو اڱڻ ابهان.

پٿر تي جيڪو آيو ٿي تنهن کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته ڪو مٺو مهيري گذاري ويو آهي. هرڪو مٺي جون ڳالھيون ڪري سندس کل ڀوڳ ۽ مذاق کي ياد ڪري چوي ته مٺو جيئرو آهي. پر رب جي خلقيل هر ساهه واري کي موت جو ذائقو چکڻ وارو ڪيل واعدو پاڙڻو آهي ۽ مٺي مهيري جي روح پڻ رب سان ڪيل پنهنجو واعدو پاڙيو ۽ هو حقيقي دنيا ڏانهن روانو ٿي ويو. باقي هو پنهنجي يادن، هنر ۽ فن جي صورت ۾ ڄڻ ته هميشه لاءِ زندهه آهي. ڀٽائيءَ جي شعر موجب:
جيئڻ جت ڌارا، معذور جو مس ٿئي
چانگن سر چڙهي ويا، ساٿي سوارا
اکيون اوتارا، پسيو رئن پنهونءَ کي.

ساٿي نه پسان سي!: مرتضيٰ مٺو مهيري

ڪوٽڙي بئراج جا واهه نه کوٽيا هئا، تڏهن به هتي انگريز دؤر جا جاگيردار رهندا هئا جن کي جاگيرون الاٽ ٿيل هيون. گوني ڪئنال نه ٺهيو هو. ان کان اڳ هتي پراڻو گاج واهه وهندو هو جنهن مان ڀڏا وهندا هئا. هڪ ڀڏو اولھه کان اڀرندي (هاڻوڪي دبي ريگيوليٽر کان ڏکڻ ) پاسي وهندو هو جنهن جا نشان اڄ به موجود آهن. انهيءَ ڀڏي تي نارن ۽ هرلن ذريعي پاڻي انهن جاگيردارن جي زمينن ۾ ايندو هو. اتي جا وڏا جاگيردار سمان، داسڙا، ميان هئا جن جي ذاتين سان اڄ به اسان جي يونين ڪائونسل ۾ سمڪي، داسڙڪي ۽ ملڪي نالي سان ديهون آهن. ڀڏي ۾ پاڻي ۽ پاسن کان گھاٽا جھنگ هوندا هئا، انهيءَ ڪري مهيري، اٺن جي چاري خاطر ڀڏي جي اتر ۽ ڏکڻ اچي آباد ٿيا پر بااثر جاگيردارن انھن تي ظلم ڪيا. انھن جو مال سروي زمينن ته ڇا پر سرڪاري زمينن ۾ به چارڻ نه ڏيندا هئا. ڌراڙن کي ماريندا هئا. اهڙن ظلمن کان تنگ ٿي مهيرين اٺن جي سهولت خاطر سرڪاري زمينون قسطن تي ورتيون. ايوب جي دؤر ۾ ڪوٽڙي بئراج مان غلام محمد بئراج (گوني) کوٽيو ويو ته مهيري به اناج خاطر زمين جا ٽڪرا آباد ڪرڻ لڳا ۽ ايئن ئي منهنجي ڏاڏي کي به اٺن جي ڌراڙپ عيوض زمين جو ٽڪرو مليو.
بابا سائين 1955ع ڌاري جنم ورتو. ڪجھه سمجھه ڀريو ٿيو ته، ان وقت برادريءَ جي سرندي وارن جي ڳوٺ کيس تعليم پرائڻ لاء ڇڏيو ويو جتي جي کٿاب خاني ۾ ڳوٺ مان کيس ڦڪر (تيار ٿيل کاڌو) وٺڻ لاءِ موڪليو ويندو هو، جيڪا ڳالھه کيس نه وڻندي هئي. انهيءَ سبب تعليم ڇڏي ڏنائين ۽ پنهنجي پيءُ مير خان سان گڏ مال چارڻ لڳو. پوءِ پنهنجي مامي خان محمد جي دڪان تي ڪم ڪندي الف ب جي پٽي پڙهي سگھيو. سندس مامو پيپلز پارٽيءَ جي شروعاتي دؤر ۾ تعلقي گولاڙچيءَ جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿيو پر سگھو ئي پيپلز پارٽي ڇڏي فاضل راهو جي هارين واري جدوجھد ۾ وڃي شامل ٿيو.
بابا سائين به وڏيرن، جاگيردارن جي ستايل قبيلي مان هو، انهي ڪري فاضل جي هارين وارين تحريڪ جو وڃي حصو ٿيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي متحرڪ ڪردار سبب عوامي بيداري واري تحريڪ ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. 1979ع ۾ راهوڪيءَ ۾ ضيائي مارشل لا وقت هارين جي هڪ وڏي ڪانفرنس ڪرائڻ جي ڏوھ ۾ فاضل راهو، پليجو صاحب ۽ سندن ڪيترن ئي ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو. ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هليو ۽ بابا سائين سميت چئن ساٿين گل چانگ، حسين بخش ناريجو ۽ ادريس ميراڻيءَ کي بدين جي قاضيه واھ موري تي ڦٽڪا هنيا ويا ۽ هڪ هڪ سال قيد جي سزا ملي. انهيءَ قيد و بند دؤران پليجو صاحب کان ڪجھه وڌيڪ پڙهڻ سکيو. اتي ڪتابن سان دوستي ٿيس، ڪتاب بابا سائين جو نشو ٿي رهيا. مارڪيٽ ۾ ايندڙ هر نئون ڪتاب وٺڻ بابا جو شوق هوندو هو. امر جليل جون ڪهاڻيون پڙهڻ سان برزبان ياد ٿي وينديون هئس. ڪچهريءَ ۾ ويٺي ڪٿي ادب جو موضوع ڇڙيو ته امر جليل جون سڄيون ڪهاڻيون ٻڌائي ويندو هو. شاھ لطيف جي شاعريءَ جو اسان جي گھرن ۾ هونئن به عام استعمال هو. منهنجي ڏاڏيءَ (بابا جي ماءُ) کي به شاھ لطيف جي شاعري گھڻي ياد هئي. شاھ جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترائي لفظ ٺيٺ لاڙي لھجي جا آهن جيڪا ٻولي اڄ به اسان جي گھرن ۾ ڳالھائي وڃي ٿي، انهي ڪري بابا کي شاھ لطيف جي شاعري ڄڻ ته ستيءَ ۾ مليل هئي. بابا سائين قيد و بند ۾ رهي شيخ اياز، ابراهيم منشي، سرويچ سجاوليءَ جا انقلابي گيت ياد ڪري سنگت کي ترنم سان ٻڌائيندو هو. پاڻ اهو ڳائڻ ابراهيم منشيءَ کان متاثر ٿي پوءِ شروع ڪيائون. ابراهيم منشي به شهيد فاضل سان گڏ رهي انقلابي شاعري ڪري عوامي هجومن، عوامي پروگرامن ۾ پيو ڳائيندو هو. پورهيتن جا ڏک سور ڏسي ابراهيم منشي نظم لکندو هو ته:
ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾، ڪير ٻڌائي ٻرندا ڪيسين
جوٽ مٿي ھن جيجل جا، ھي ڳاڙھا ڳوڙھا ڳڙندا ڪيسين؟
پورھيتن جو پگھريل پگھريل ِڏيل ڏسي ٿو ِڏيل ڏري،
ڪاسي وارو ماسي مان ھي پورھيت پوري ڪيئن ڪري؟
سارو مھينو سٺ روپيا، ھو انگ ڍڪي يا پيٽ ڀري،
ڳالھيون ڳڻيو ڳڀرن جون ھي ڳڻتين ۾ پيو روز ڳري،
سنڌ امڙ جا سانگيئڙا ھي سور ڀلا چئو چرندا ڪيسين؟

بابا سائين ۽ ابراهيم منشي اهڙي شاعري ڳائي جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) ۾ عوامي ميڙاڪن، جلسن جلوسن ۾ شريڪ ماڻهن ۾ وڌيڪ گرمجوشي پيدا ڪندا هئا. فاضل شهيد ٿيو ته اهي جدوجھدون به ماٺيون ٿيڻ لڳيون ته بابا سائين به اڳتي ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان نه هليو، پنهنجي دڪاندارين ۽ ڪاروبار کي ٽائم ڏيڻ لڳو. بابا سائينءَ جي سوچ ۾ ڪي اپر ڪلاس، ڪي مڊل ڪلاس ٺهيل ڪو نه هئا. عيدن برادن تي جتي گھر وارن جا ڪپڙا وغيره آڻيندو هو اتي ٽريڪٽر ڊرائيور هجي يا ڪار جو ڊرائيور سڀني لاءِ ڪپڙا آڻيندو هو، هارين لاءِ الڳ تاڪيا ايندا هئا. غريبن ۽ بيواهن لاء سڀ کان پهرين ڪپڙا ايندا هئا. ٻاهر ڪيڏانهن گھمڻ ويو ته اسان ڀائرن لاءِ جيڪا شيءِ ايندي هئي ته ڀائيٽن ڀاڻيجن کانسواءِ ڳوٺ جي سمورن ٻارن ۾ به اها ئي شيءِ ورهائبي هئي. ٻنيءَ تي چڪر لڳائڻ ويو ته پويان هارين جي ٻارن جا ولر هوندا هئا. پري کان ايندي ڏسي چوندا هئا: ”مٺو آوي ڄو، مٺو آوي ڄو“ (ڪولھين جي ٻولي ) هڪٻئي کي سڏ ڪرڻ لڳندا هئا. رستي تي ڪٿي هاري فيملي سان پنڌ ويندي ملي ويو ته گاڏي جھلي انهن کي ضرور کڻندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو هاري ڦڪائيءَ مان چوندو هو ته نه مجيري توهان هلو، اسان اچي وينداسين ته چوندو: بابا اوهين گاڏيءَ ۾ چڙهي هلو، آئون ٿو پويان اچان. پوءِ مجبورن همراهن کي چڙهڻو پوندو هو. بازار ۾ سبزي وٺندي ڪو گاڏي وارو فرمائش ڪندو هو ته مٺا ڪلام ٻڌائي ته ان جي فرمائش پوري ٿيندي هئي. ڪارخانن ۾ حمالي مزدورن کي اڍائي مڻن جي ٻوري کڻندي ڏسندو هو ته بي اختيار سرويچ جا ٻول زبان تي اچي ويندا هئس:
مزدور ٿيو چُور کڻي بار پٺن تي،
انسان کڻي بوج، کڄي جيڪو اُٺن تي.

پاڻ به پورهيت طبقي مان هو، انهيءَ ڪري انڊيا مان وريو يا آمريڪا مان ته دبي موريءَ تي پٽيلاڻي ملاحن سان پٽ تي ويهي اچي پتن (تاش) راند کيڏندو هو. هنن سان ڀوڳ چرچا ڪندو هو. 2018 ع ۾ جيئن دل جو باءِ پاس ٿيو ته گھڻو ڪيڏانهن نه ويندو هو. منجھند جي ماني کائي موٽر سائيڪل دبي وڃڻ روز جو معمول هو. بابا ٻه ٽي ڏينهن ڪيڏانهن نڪري ويندو هو ته همراهه دبي تان ايندي ويندي پيا پڇائيندا هئا ته مٺو آيو يا نه؟ 31 آڪٽوبر جي اڀاڳي شام جڏهن بابا جي وفات جي خبر ٻڌائون ته سڀ دبي تان ڀڄندا ڳوٺ پهتا هئا، سڀني جا نيڻ آلا هئا. هاري ناريءَ جي اک آلي هئي. ان وقت سارين جا لابارا هلي رهيا هئا، جنهن جت خبر ٻڌي اهي ڏانٽا ڦٽا ڪري اوطاق تي پهتا، جتي شام غريبان جو منظر هو.
ساٿي نه پسان سي، جي هُئم هيئين ٿُوڻِيُون،
هاڻي ڪِنين جي، وَڃين اڱَڻَ اُبَهان.

تو ۾ ديرو دوست جو! : مصطفيٰ اياز مهيري

ڪتاب مٺي جا دوست هئا جن سان کيس جنون جي حد تائين عشق هو. هن ڪڏھن مڪتب ۾ نه پڙھيو، نه هن ڪنهن اسڪول جو منهن ڏٺو، پوءِ به هو ايترو ته پڙھي ويو جو وقت جا وڏا وڏا ليکڪ به لکندي لکندي جڏھن مُنجھي پوندا هئا ته کيس ڪال ڪري پُڇندا هئا ته هن پيرا کي ڪيئن مڪمل ڪجي؟ خدا کيس بلا جو حافظو ڏنو هو. هن جيڪو به پڙھيو ۽ جيڪو مواد کيس وڻيو سو کيس ياد ٿي ويندو هو. شاعري ته ڪير به ياد ڪري سگھي ٿو پر نثر مٺي کي ياد هوندو هو، امر جليل جون طويل ڪهاڻيون، آغا سليم جا ناول، رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڪچهري هلندي ئي هو اهي ٻُڌائڻ شروع ٿي ويندو هو.
هن وٽ ڪتابن جي سليڪشن جو به ڏانءُ ھو ته ڪتابن کي سنڀالڻ جو به، جنهن جي شروعات هن پنهنجي اوطاق ۾ ڪتابن کي گڏ ڪرڻ کان ڪئي، جتي ڪتابن جو شيلف به هو ته وڊيو لائبرري به هئي جنهن ۾ شاهڪار آرٽ موويز جو به وڏو تعداد شامل هو. مرزا غالب کان ويندي رُدالي فلم تائين ڪلاسڪ ۽ ھسٽوريڪل موويز شامل هيون. جيئن ته لائبرري اوطاق ۾ ھئي سو مهمان نه رڳو ڪتاب پر وي سي آر جون ڪيسٽون به کڻڻ لڳا ته هن پنهنجي لائبرريءَ کي گھر اندر پنهنجي بيڊ روم ۾ شفٽ ڪيو جتي هاڻ ڪتابن جو تعداد هزارن ۾ آھي. ادب جي مڙني صنفن تي لکيل ڪتاب، تاريخ تي لکيل ڪتاب، شاھ سائينءَ جي رسالي جا الڳ الڳ ايڊيشن ۽ شاھ سائينءَ تي محققن پاران ڪيل ريسرچ جا ڪتاب نمايان آھن.
”محبوب سائينءَ جي نالي سان مهيري لائبرري، مٺو مهيري“ هو، هر نئين خريد ڪيل ڪتاب تي ايئن لکندو هو ۽ ڪتاب ڪهڙي بڪ اسٽال تان ۽ ڪهڙي تاريخ تي خريد ڪيائين سو خود لکي ڇڏيندو هو، اهو ڄڻ ڪتاب جو انٽري نمبر هجي. هن جي لائبرريءَ جا سمورا ڪتاب ڄڻ ھن ڳڻي رکيا هجن. شيلف مان ڪو ڪتاب گم ٿيو ته کيس فورن پتو پئجي ويندو هو ته فلاڻو ڪتاب گم آھي اسان سندس ڪيترائي ڪتاب وڃائي به ڇڏيا جيڪي هن ٻيهر خريد ڪري ساڳي جاءِ تي رکيا. ڪتابن جي حفاظت ڪرڻ هن جو مشغلو هوندو هو، ۽ ھر روز ڪتاب پڙھڻ سندس زندگيءَ جي وهنوار ۾ شامل هو. تاريخ جھڙي ڪٺن موضوع تي لکيل ڪتاب هن دلچسپيءَ سان نه رڳو پڙھيا پر انهن جا حوالا به کيس ياد هوندا هئا.
سنڌ ۾ نه رڳو ادبي رسالا (ميگزين) شايع ٿيندا هئا پر عوامي تحريڪ طرفان پهرين ماهوار تحريڪ رسالو شايع ٿيندو هو، ان تي بندش لڳي ته نون نالن سان شايع ٿيڻ لڳو، تنهن جا ڪيئي پرچا، طارق اشرف جي ماهوار سهڻي رسالي کان علاوه عبرت ميگزين جا يادگار ايڊيشن به هن وٽ محفوظ ھئا. سنڌي ادبي بورڊ جو ٽماهي مهراڻ رسالو هجي يا تاج بلوچ طرفان شايع ٿيل سوجھرو هجي، سلسليوار سارنگا سان گڏ ھفتيوار سنڌو ميگزين به سندس لائبرريءَ ۾ موجود آھن. موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين جو ڪتاب بک، عشق ۽ ادب هجي يا لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا هجي؛ انھن ان ڪتابن کان به اڳ هن وٽ سرخ انقلاب بابت ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو هو؛ مصيبت ڪي ماري لوگ، ويٽنامي ڪهاڻيون ، ويٽنامي شاعري ۽ تڏھوڪا روسي ڪتاب جن جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل هو. ڪتاب تاريخ سنڌ جا ٻئي جلد، انساني تاريخ جا ٻئي جلد، سنڌ ماضي، حال مستقبل، ترخان نامو، تذڪره مشاهير سنڌ ٻئي جلد، سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ، تاريخ بلوچستان اردو، نواءِ سروش اردو، شھاب نامه، محراب اور مضراب، تاريخ جھانگيري، غدار ڪون؟ آريا سماج ڪي تاريخ، فيض احمد فيض، احمد فراز، پروين شاڪر جي اردو شاعريءَ جا مڪمل ڪتاب هن نه رڳو پڙھيا پر کيس گھڻي شاعري ياد به هئي. مرزا غالب جي شاعري سميت اردو زبان ۾ لکيل ڪتاب به سندس لائبرريءَ جي زينت آھن. شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر جا سمورا ڪتاب، امر جليل جا ڇپيل ڪل ڪتاب، شاھ جو رسالو مختلف ڇاپا، الطاف شيخ ۽ عبدالحئي پليجي جا سفرناما، استاد بخاري، ابراهيم منشي، سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ جا ڇپيل ڪتاب به هن وٽ محفوظ ھئا. اهي ڪتاب جيڪي خود ليکڪن وٽان به گم ٿي ويندا هئا ته مٺي کي فون ڪندا هئا ته يار منھنجو فلاڻو ڪتاب ته مون کي ڏي .

مٺي جون يادون ۽ دلبريون!: ساگر سميجو

مٺي مهيريءَ سان منھنجو تعلق جيل جي ساٿيءَ وارو آهي. ضياءَ جي آمراڻي دور ۾ اسين گرفتار ٿي جيلن ۾ واڙيا وياسين ۽ ان بعد ڦٽڪن جون سزائون کائي حيدرآباد جيل موڪليا ويا هئاسين. مٺو مهيري، ڦٽڪا لڳڻ بعد بدين کان حيدرآباد سينٽرل جيل آندو ويو، جتي اڳ ئي فاضل راهو، رسول بخش پليجو ۽ اسان جا ٻيا انقلابي سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ وڏي تعداد ۾ جيلن ۾ موجود هئا. جيل ۾ نون قيدين جو پرجوش استقبال ڪيو ويو. جنهن جيل ۾ فاضل راهو، رسول بخش پليجو، حسين بخش ناريجو ۽ ٻيا سينئر ۽ ترقي پسند اڳواڻ موجود هجن ۽ وري اتي مٺي مهيريءَ جھڙو دلبر پڻ موجود هجي ته اهي جيل، سزا ۽ سختين ۽ خوف واري مرڪز مان تبديل ٿي سياسي تربيتي مرڪز ۾ بدلجي وڃڻ قدرتي ڳالھه هئي. اسين پنج مهينا ڦاسي گھاٽ ۽ ٻين عقوبت خانن ۾ رهياسين پر جنهن جيل ۾ فاضل راهو، رسول بخش پليجو ۽ ڄام ساقي خوف کي ڀڄائيندڙ اڳواڻ هجن، اتي جيل پنهنجن گھرن ۾ تبديل ٿي ويا، جتي نه ڪوڙن جو خوف، نه سزا جو ڊپ ۽ نه ئي ڪو فڪر ۽ فاقو باقي رهيو، ايئن پيا سوچيندا هئاسين ته جيڪر اتي هميشه رهيا پيا هجون ته بهتر ٿيندو. انھن جي موجودگيءَ ۾ ڊپ ۽ خوف پنهنجو وجود وڃائي ويٺو هو.
مٺي مهيريءَ سان جيل ۾ گذاريل ڏينهن يادگار رهيا ۽ جيل مان آزادي ملڻ بعد اسين دنيا جي رش ۾ گم ٿي وياسين ۽ جتي به هوندا هئاسين ته مٺي مهيري ۽ ٻين دوستن ۽ ساٿين جون يادون اسان سان گڏ هونديون هيون. جيل بعد مٺي سان ملاقاتون تمام گھٽ ۽ سالن بعد ٿينديون هيون. هو اڄ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي پر بيشڪ، مٺي مهيريءَ سان منھنجو تعلق، يادون، سندس ڳالھيون ۽ محبتون وسارڻ جھڙيون ناهن، هو سدائين اسان جي دلين ۽ ذهنن ۾ آباد ۽ سدا سلامت رهندو.

منھنجو ادا مٺو مهيري: عبدالعلي شيخ

سائين مٺو مهيري، منهنجي وڏي ڀاءُ وانگر منھنجو سرپرست ۽ تمام گھڻو محترم هو. مون راهوڪي ۽ گولاڙچيءَ ۾ سندس سرپرستيءَ ۾ خدمتون انجام ڏنيون، سندس ملازم تي رهيس. مٺي مهيريءَ صاحب مون کي پنهنجو دوست ڪري رکيو ۽ سالن جي پورهئي جي نتيجي ۾ سندس دل ۾ پيدا ٿيل جڳهه جي نتيجي ۾ ڀاءُ مٺي مهيريءَ مون کي پنهنجو پارٽنر يا ڪاروبار ۾ حصيدار بڻايو. ساڻس گڏجي رائس مل، اٽي جي چڪي، زمينداري، واپار ۽ ڪاروبار ڪرڻ جو تمام گھڻو موقعو مليو. آخرڪار مٺي مهيريءَ جي سرپرستي ۽ خدمت جي نتيجي ۾ اڄ آئون هن ئي تر ۾ پنهنجو ڪاروبار ۽ ڪجھه ايڪڙن جي زمينداري ڪري ڀاءُ مٺي مهيريءَ جي احسانن ۽ ڏيکاريل رستي تي هلي ڪامياب آهيان. سندس ۽ خاندان لاءِ تمام گھڻو دعاڳو آهيان، جنهن اڄ سندن اعتبار ۽ اعتماد جي ان مقام تي پهچايو آهي جو پنهنجي خاندان سان گڏ سندس تر ۾ خوشحال زندگي گذاري رهيو آهيان
منھنجو وڏو ۽ سرپرست ادا مٺو مهيري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري، ابدي جاءِ رب جي درٻار ۾ وڃي چڪو آهي ۽ آئون ۽ منھنجو سمورو خاندان ادا مٺي مهيريءَ جي روح ۽ سندس مغفرت لاء دعاڳو آهيون ۽ سندس خاندان ۽ وارثن لاءِ سندس وڇوڙي جو نقصان همت ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ لاء دعاڳو آهيون.

مٺو مھيري انقلابي ڪردار!: امير آزاد پنهور

مٺو مھيري سنڌ جي ان ڪُٺل قبيلي جو فرد هو، جيڪي هن سرائيڪي جي سٽ تي يقين رکندا هئا ته ”ساڪون نچ ڪي يار مناوڻ ڏي...“ مٺي جو تعلق خلق جي ان اڪثريت سان هو جن وٽ پنڌ جي ابتدا ۾ وڃائڻ لاءِ ڪجھه به ناهي هوندو ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪائنات جو حسين وسعتون هونديون آهن. هي جيڪو لاڙ ڏسو ٿا، هي جيڪو بدين آهي، جتي ڪو به لٺ سردار ڪونهي، جتي ڪا به جاگيرداري سوچ ڪامياب ڪونه ٿي وڃي، اهو سڀ هنن ديوانن جي پنڌ ۽ پيغام جو نتيجو آهي. مٺو مهيري شهيد فاضل راهو جي قافلي جو آرٽسٽ ڪارڪن هو، جيڪو ڄاڻندو هو ته هن غلام سماج جي ستل ماڻهن کي ڪيئن ريجھائڻو، سمجھائڻو ۽ جاڳائڻو آهي؟ پوءِ ان لاءِ ڪڏهن فنڪار بڻجي پوندو هو ته ڪڏهن مزاح نگار، ڪڏهن لطيف جي بيتن جي سمجھاڻيءَ سان وقت جي جابر حڪمرانن سان مقابلي جا سبق سمجھائيندو هو، ته ڪڏهن منشيءَ جا مزاحمت سان ڀرپور گيت آلاپي ماڻهن ۾ وطن سان محبت جا مچ ٻارڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
مٺي جي سياسي تحرڪ جي عروج جو زمانو ايم آر ڊيءَ جو دور هو، جنهن تحريڪ ۾ هنن اهڙي ته دلڪشي پئدا ڪئي جو بقول مٺي جي: ڪيترائي ساٿي جدوجھد جي مقصد کان بي خبر ۽ نتيجن کان بي پرواھ هوندي به قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار هوندا هئا. مٺو ئي ٻڌائيندو هو ته جڏهن ملٽري ڪورٽن ۾ پڇاڻو ٿيندو هو ته جمهوريت ڇا آهي ته ڪيترائي ساٿي ان لفظ جي معنيٰ کان بي خبر هوندي به ڏاڍ ڏمر کان نفرت سبب سالن جا سال سزائون ڪاٽڻ لاءِ تيار هوندا هئا. ان ئي جدوجھد جو تيار ڪيل مٺو مهيري جيڪو مارشل لا جي هٿان کلندي کلندي پنهنجي پٺيءَ تي سرعام ڦٽڪا کائي آيو هو، هي اها جدوجھد هئي جنهن ۾ شهيد فاضل جو ساٿي ڪو به سرمائيدار، ٺيڪيدار ۽ منشيات فروش نه پر کٻڙ چانگ ۽ امين خاناڻي پارا ماڻهو هئا جن جي يونين آفيس ڪنهن ڄار جي وڻ ھيٺان يا ڪنهن ٻٻر جي ڇانؤ ۾ هوندي هئي.
خير اهو دور ختم ٿيو، مزاحمت مفاهمت ۾ تبديل ٿي وئي ۽ مٺي مهيري اچي پنهنجو ڳوٺ سنڀاليو ۽ ڪتابن سان ياري رکي. مٺو جڏهن ان جدوجھدن جا قصا ٻڌائيندو هو ته شهيد فاضل راهو مون کي هڪ ديو مالائي ڪردار محسوس ٿيندو هو. ڳوٺائي ۽ پاڙيسري هجڻ ڪري مون کي مٺي مهيريءَ سان ڪچهرين ڪرڻ ۽ کانئس سکڻ جا تمام گھڻا موقعا مليا. جڏهن هو عملي سياست جو حصو نه رهيو تڏهن به هن جي سنڌ پرستيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو، اهو ئي سبب هو ته سنڌ جو ڪو به قومپرست اڳواڻ ڪڙئي طرف ايندو هو ته مٺي مهيريءَ سان ضرور ملاقات ٿيندي هئس، باقي ادبي دنيا ۾ ته هن پنهنجي الڳ چئوياري ٺاهي ورتي هئي. مٺو پنهنجي مزاج ۾ باذوق ۽ ادب دوست ڪردار هو. ماما جمن دربدر کان وٺي مٺي مهيريءَ تائين اهڙا کوڙ ڪردار آهن جيڪي سنڌ جا چارڻ بڻجي چنگ کڻي سُر ۾ صدائون ڏيندا رهندا هئا. مٺو بهترين اسٽيج سيڪريٽري هو. هن جو جلسي تي مڪمل ضابطو هوندو هو، هن جي آواز ۾ ڇا ته سوز هوندو هو ۽ شاعريءَ جي چونڊ بي انتها شانائتي هوندي هئس، باقي هن جي مزاح جي حس ته ڪمال هئي جيڪا هر محفل ۾ ماڻهن کي هن ڏانهن ڇڪي ايندي هئي. سنڌ ۾ اينٽي ون يونٽ تحريڪ هڪڙا ڪردار پيدا ڪيا، ان کانپوءِ 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن هڪڙا مڪمل طور تي تربيت يافته قومي ڪارڪنن جا جٿا پيدا ڪيا. هاڻ اسان کي انهن جي جدوجھدن جي مثبت پاسن کي گڏ کڻي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان جدوجھد جاري رکڻي آهي.

دبيءَ جو دادلو: ڊاڪٽر خليل قاضي

ڪڙيو گھنور ويجھو گوني واهه تي دبي ريگيوليٽر آھي. اڌ صدي اڳ کان گونيءَ جي ٽاپ ٽنڊو محمدخان ۽ حيدرآباد سواري لاءِ استعمال ٿيندي هئي. دبي ريگيوليٽر ۽ اتي عارف پنجابيءَ جي هوٽل شهيد فاضل راھو جو اسٽاپ اوور هئا۔ اتي گھڻو ڪري ھر ھفتي سج لٿي کانپوءِ مقامي يا ڪي مهمان فنڪار سنگيت جي محفل ڪندا هئا۔ دبي ريگيوليٽر لڳ چاڪر مهيري ڳوٺ سان شھيد فاضل راھو جو ويجھو تعلق ھو. ان ڳوٺ جو هڪ ڇوڪر به انهن محفلن ۾ جيئن فنڪار ڳائين انهن جي طرز پٺيان ڪلام جھونگاري پڪا ڪندو هو ۽ پوءِ فنڪارن جي کوٽ ٽوٽ ۾ ڪچو پڪو محفل ۾ ڳائي به وٺندو هو۔ اهو اوڻويھه سؤ سٺ جي ڏهاڪي جو دور آھي. شھيد فاضل جو ماڻهن جي ڪمن ڪارين سانگي ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد چڪر پيو لڳندو هو. واپسيءَ تي دبي ريگيوليٽر تي سنگيت جي محفل هلندي هوندي ته ڪجھه وقت فنڪارن سان ويهي به رهندو هو۔ سنگيت جي محفل ۾ ڪچي جوانيءَ جو اهو نوجوان هن جي جوهري اک جھٽي ورتو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن صبح جو حيدرآباد وڃڻ لاءِ شھيد فاضل دبي تي آيو ته اهو نوجوان کيس ڏسي ھميشه وانگر ملڻ لاءِ اڳتي وڌي آيو. ھن ڀيري شھيد فاضل چيس، مون سان حيدرآباد هلندين! شام جو واپس موٽي اينداسين۔ ھو ھامي ڀري شھيد سان گڏجي ويو. انهيءَ هڪ ڏينهن جي ھم سفري سندس ڪا اهڙي ڪايا پلٽي جو ساري ڄمار هن جي روح جو مرڪز شهيد فاضل راھو رهيو. اھو چاڪر مهيري ڳوٺ جو مٺو مهيري ھو جنهن شھيد فاضل راهو جي صحبت ۾ نڪور جذبن سان ٽمٽار عوامي تحريڪ جو هڪ باهمت، بھادر انقلابي بنجي سنڌ جي قومي عوامي ۽ جمهوري جدوجھدن ۾ پاڻ ملھايو.
آڪٽوبر 1979 جي راهوڪي هاري ڪانفرنس کان پوءِ مڇريل ضيائي مارشل لا جي فوجي ڪورٽ هن ۽ ڪجھه ٻين ساٿين کي قيد ۽ سرعام ڦٽڪن جي سزا ڏني ۽ ڦٽڪن لڳڻ جو وقت آيو جنهن ۾ ھن جو نمبر پويان ھو پر ھن اڳيان اڳرو ٿي چيو: پهرين مون کي ڦٽڪا ھڻو. ڦٽڪن کانپوءِ سڀني ساٿين کي سڄو ڏينهن بک اڃ ماري رات جو اڍائي وڳي سينٽرل جيل پڄايائون ته اتي شهيد فاضل کي سندن انتظار ۾ پريشان ڏٺائون هن به رات جي ماني نه کاڌي هئي ۽ ڪچو راشن گھرائي رکيو هئائين. ھنن جي اچڻ کانپوءِ شھيد فاضل پاڻ ماني ٺاهي جيڪا گڏجي کاڌائون. آزاد ٿيڻ کانپوءِ ھو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به جيل ويو. جيتوڻيڪ هو پارٽيءَ جي سڀني پروگرامن ۽ جدوجھدن ۾ اڳڀرو رهيو پر انهيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته هن لاءِ پارٽي ۽ سڀڪجھه صرف شھيد فاضل راهو هو. مٺي مهيريءَ کي رڳو شهيد فاضل جو ساٿي چوڻ به ناڪافي ٿيندو، مٺي مهيريءَ سان شهيد جو پيار ۽ ذاتي اعتماد جو رشتو هو. هن مٺي تي ڏکيون آزمائشن جھڙيون ذميواريون رکيون. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي کانپوءِ جنرل ضيا جي فوجي حڪومت ۽ انتظاميه پريسن جي نگراني سخت ڪري ڇڏي هئي۔ حيدرآباد ۾ پارٽيءَ جي سردار پريس تي ڪجھه اهڙو مواد پيل هو جنهن لاءِ پليجو صاحب تمام گھڻو فڪرمند هو ۽ پنهجي مخصوص انداز ۾ شھيد فاضل راھو کي چيائين ته اهو مواد ڪڍي ڇڏڻ ضروري آھي، جيڪڏهن هنن کي هٿ چڙھي ويو ته سمجھو پاڻ وياسين۔ شهيد فاضل ان ڪم لاءِ مٺي مهيريءَ تي اعتماد ڪيو ۽ هو وڏي حرفت سان اهڙو سڀ سامان حفاظت سان ٻاهر ڪڍي آيو. اهڙا ڪيترائي واقعا آھن جو ڏکين ۽ خطري جھڙن حالتن ۾ رسڪ کڻي مٺي پاڻ ملھايو. شھيد فاضل ڪيڏانهن ويندو هو ته اڪثر مٺي کي پاڻ سان گڏ کڻندو هو. ھن جي قومي گيتن جي گونجار ھلندي خبر ئي نه پوندي هئي جو سفر کٽائي ڇڏيندي هئي۔ شھيد فاضل کي مٺي جا ڳايل گيت ايڏو ته وڻندا ھئا جو پاڻ جڏھن مچ جيل ۾ ھو ته اسماعيل راھو کي لکيل ھڪ خط ۾ مٺي جي ڪيسيٽ موڪلڻ لاء چيائين. مٺي مھيريءَ کي ھڪ خط ۾ لکيائين ته، ”تنھنجي ڪيسٽ راڄن کي ٻڌائجي تہ چڱو.“ فاضل صاحب جون ساروڻيون ساريندي مٺي ٻڌايو ھو ته، هڪڙي ڀيري فاضل صاحب سان گڏ هجان. سڪرنڊ کان مٿان موٽيا هئاسين. واٽ تي سعيد آباد ۾ فاضل صاحب پنهنجي ھڪ دوست وٽ ھليو. انهي سندس ڏاڍي عزت ۽ خدمت ڪئي. اتان ماني کائي نڪتاسين ته فاضل صاحب گاڏي هڪڙي پمپ تي جھلي. مون کي چيائين کيسي ۾ گھڻا پئسا اٿئي! کيسي ۾ ھٿ وجھي پنهنجا پئسا به ڪڍيائين ۽ چيائين ھاڻي ڪم ٿي ويو. حيدرآباد پڄي وينداسين. هن گاڏيءَ ۾ تيل ڀرايو ۽ اسين اڳتي هلياسين. فاضل کي واٽ ۾ مون چيو پئسا ڪونه هئا ته تو واري انهي وڏيري دوست کان اڌارا وٺين ها، جي مون وارا پئسا نه هجن ته رستي ۾ جھليا پيا هجون ها۔ شھيد چيو: حيدرآباد ته پاڻ رسي وڃون ها پر وڏن ماڻهن کان وٺون تنهن کان پاڻ جھڙن کان وٺون ته اهو سٺو آھي.
مٺي وٽ سدائين فاضل پچار هوندي هئي. ڪچھري ڪھڙي به ھجي، هو رکي رکي لطيف، اياز، منشي، سرويچ، اداسي ۽ ٻين شاعرن جا ڪلام ۽ گيت ڳائڻ شروع ٿي ويندو هو۔ شهيد فاضل تي چيل گيت ڳائيندي هن جو آواز الھامي ٿي پوندو ھو. مٺو شھيد فاضل راھو جي ورسيءَ جي پروگرامن جي جان ھو. لڳندو ھو ته ھو ڄائو ئي ان اسٽيج لاءِ ھو. ڪجھه به چوڻ لاءِ کيس ڪنھن کان پڇڻ جي ضرورت نه هوندي ھئي، پنھنجي من جو بادشاھ ھو، سنجيده پروگرامن کي بامعنيٰ چرچي ڀوڳ سان ڪجھه دير لاءِ کلائي ڪچھريءَ جھڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيندو ھو.
مٺو شروع ۾ اڻ پڙهيو هو۔ شھيد فاضل جمن ترڪ تي ڪم رکيو ته ھن کي پڙھاءِ. پوءِ مٺي جي پڙھڻ سان اھڙي لنؤن لڳي جو شاعري، ادب، تاريخ، سياست ۽ انقلابن جا ڪتاب پڙهي اڪابر ٿيو. پڙھڻ جي انهيءَ ذوق، سريلي آواز جي قدرتي ڏات ۽ سندي نالي جھڙي مٺي مزاج جي هٻڪار ڏيھه کان پرڏيھه تائين پکڙي کيس سنڌ ھند ۽ پرڏيھه جي ناميارن ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن ۽ سگھڙن جو دل گھريو دوست بنايو.
ڪتابن سان سندس عشق هن جي ڳوٺ چاڪر مهيريءَ کي هڪ خوبصورت ادبي ۽ علمي لائبريريءَ جو تحفو ڏنو آھي. مٺو مھيري ان ڪري ئي جڳ مٺو ھو، جو ھو ”مون“ کان مٿي چڙھيل ھو. ھن ۾ ڪوبه ٺاھ ٺوھ، وڏائي ۽ مصنوعيت نه ھئي. دبيءَ جو ھي دادلو انيڪ خوبين ۽ صلاحيتن جو ڌڻي ھو، جنھن پنھنجي دور جو سياسي ۽ سماجي ڪارج بي لوث ٿي ملھايو. لاڙ پٽ جو ھي سگھڙ، عوامي سياست، ادب، سماجي ڪردار ۽ پنھنجي شخصيت جي خوبصورتيءَ سان ھميشه ياد رھندو.

مٺي ۾ فاضل ۽ منشيءَ جي خوشبوءِ: طارق ابراهيم منشي

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھه، اچي بوءِ بھارجي.
-
ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا...

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه اچي بوءِ بهارجي... هن سٽ ۾ شاعر تخليقي اقليت جو ذڪر ڪيو آهي، هيءَ اها تخليقي اقليت آهي جنهن جون حياتيون هميشه پنڌ ڪندي سفر ۾ گذريون آهن. هنن هميشه انسانيت جي ڀلي ۽ بهتريءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ ڪڏهن به ان جدوجھد کان تنگ نه ٿيا ۽ ڪڏهن به سک نه ستا. هميشه انسانيت جي ڀلي ۽ بهتريءَ وارو اوسيئڙو ۽ اندر جي اڻ تڻ وارو سفر جاري ۽ ساري رکيو، جنهن جي نشاندهي لطيف سائين هن طرح ڪئي:
کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

منھنجو پيارو، منھنجو وڏو ۽ منھنجو ڀاءُ مٺو مهيري به لطيف سائينءَ جي سرکاهوڙيءَ جو اهو کاهوڙي ڪردار رهيو آهي جنهن کي سنڌ ڌرتيءَ جي ڌڻين جي ڏکن، غمن ۽ دردن جو هميشه اندر ۾ اُلڪو رهيو ۽ ان جدوجھد ۾ هن جيل ۽ ڪوڙن جون سختون سٺيون، بقول منشيءَ جي:

اسان هر دور جي حاڪم کي، حق جي ڳالھه چونداسون
اسان وانگين جي هر ويري وڏيري سان وڙهندا سون.

واقعي مٺو مهيري وقت جي جابر حاڪم اڳيان هر موڙ تي حق جو جملو چوندو رهيو ۽ وطن جي هر ويريءَ سان اک اک ۾ ملائي وڙهندو رهيو. ان لاءِ مٺو مهيري شهيد فاضل ۽ منشيءَ جي صحبت سان فيضياب رهيو، جن پنهنجون حياتيون هن ڌرتي ۽ ان جي ڌڻين لاءِ وقف ڪري ڇڏيون هيون، جنهن جي ڪري مٺي مان به هميشه شهيد فاضل ۽ منشي واري خوشبوءِ ايندي رهندي هئي. جيئن چوندا آهن هر گل جي خوشبوءِ پنهنجي هوندي آهي، اهڙي طرح مٺي مهيريءَ جي خوشبوءِ به تمام نرالي هئي ، هر محفل مٺي کانسواءِ اڻ پوري هئي. سموري سنڌ ۾ اها ڳالھه مشهور آهي ته محفلن ۽ ڪچهرين جو مور مٺو مهيري آهي. اهو ماڻهو اڄ اسان کان وڇڙي ويو ۽ پنهنجون يادون هميشه لاءِ اسان جي دلين ۾ ڇڏي ويو.

ڏيئي موت کي مات منشي مئاسون،
مگر نئين نسل کي اجاري وياسون !

مٺي مهيريءَ جا ڪالم ۽ مضمون

---

کارو تنين کي، جيڪس وَهه وري ويو

سڄي سنڌ ڄڻ ته کاري جي اٿل ۾ غرق ٿي وئي آهي

سڄي دنيا ۾ هنگامي حالتون، هڪ نئين قسم جي ادب کي تخليق ڪنديون آهن، جنهن کي بحرانن جو ادب(Crises Literature of) چيو ويندو آهي. سنڌ جي ساحلن تي آيل سامونڊي طوفان کانپوءِ اهڙو ادب سرجڻ لڳو آهي. علامتي انداز ۾ لکيل هيءَ ڪهاڻي به ان ادب جو حصو ٿي سگھي ٿي، جنهن ۾ هڪ بي حسي طرف نشاندهي ٿيل آهي.
هي راتوڪو آيل سامونڊي طوفان ۽ ان جي آندل تباهي، سامونڊي لھرن تي ترندڙ بي ڪفن لاشن کي ڏسي اندر تڙپي ٿو. بکايل ٻارن جون رڙيون، بيمارن ۽ زخمين جي هاءِ گھوڙا ٻڌي اندر ۾ وڍ ٿا پونس. هو قومي ڪارڪن آهي. سنڌ جي گھڻو ڪري سڀني پارٽين ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هو سوچي ٿو ته ڇو نه ڪراچي وڃي پنهنجي تڪ جي ميمبر کي، ماڻهن تي گذريل هن قيامت کان آگاهه ڪريان. ان ڪري هو ڪراچيءَ جي بس ۾ سوار ٿئي ٿو.گذريءَ ۾ سائينءَ جي شاهي بنگلي تي پهچي ٿو ته نوڪر کي چوي ٿو: سائين سان ملڻو آهي. نوڪر وراڻي ٿو ته سائين جن هن ٽائيم تي آرام ۾ آهي...
ها پر مون کي هن سان ضروري ڪم آهي.
ها توهان کي ضروري ڪم هوندو پر سائين رات جو محفل مان دير سان آيو آهي تنهن ڪري آئون کيس اٿاري نٿو سگھان. اڙي اوهان کي ڇا آهي ڪامريڊ!
سائينءَ جي نوڪر کي ڪاوڙ ۾ چوي ٿو ته:
ڪراچيءَ ۾ حرام جا ٽڪر کائي پاڏا ٿي پيا آهيو. اوهان کي ڪو احساس ڪونهي ته ماڻهن تي ڪيڏيون نه قيامتون گذري ويون آهن. هن ڏکي ويل ۾ جيڪڏهن سائين جن ماڻهن جي پرگھور نه لڌي ته ڪير لھندو؟ اسين ورڪر ته ٻِٽي ويل ۾ آهيون. اليڪشن ۾ بغل وڄائي، کڳيون هڻي اسٽيج تي ماڻهن آڏو چئون ٿا ته سائين آڌي مانجھي هر ڏک سک ۾ اوهان سان گڏ هوندو. هن وقت جڏهن عوام موت جي منهن ۾ آهي ته سائين جن ڏينهن جو ٽِين وڳي به آرام ۾ آهن!
ڪامريڊ سوچي ٿو ته هي وڏيرا صرف اليڪشني وڏيرا آهن، ان لاءِ ڪامريڊ پنهنجي پراڻي سنگت پورهيت ۽ هاري انقلاب جي اڳواڻ يا ترقي پسند ۽ قوم پرست اڳواڻن ڏانهن وڃڻ جو سوچي ٿو، جيڪي هن جي خيال ۾ سچا هڏ ڏوکي ۽ خيرخواهه آهن. تنهن ڪري هو سپرهاءِ وي کان حيدرآباد ڏانهن رخ ڪري ٿو ۽ سڌو عوامي هائوس تي پهچي ٿو. عوامي هائوس جي مين گيٽ تي مائو ڪيپ پاتل نوجوان ڪلھي ۾ رائيفل لڙڪائي ويٺو آهي. ڪامريڊ کيس چوي ٿو ته صاحب سان ملڻو آهي. نوجوان ٻڌايس ته صاحب هن وقت ڪنهن اهم مسئلي تي ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي. ڪامريڊ سوچي ٿو ته شايد طوفان ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ٻيهر آبادڪاريءَ لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو هجي. پر تنهن هوندي به سوچي ٿو ته ڪهڙي اهم مسئلي تي اجلاس هلي رهيو آهي. نوجوان وراڻي ٿو ته هاري تحريڪ جا سڄي سنڌ مان ڪارڪن آيل آهن جن کي ان ڪري سڏايو ويو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر جلال محمود شاهه جي خلاف هلندڙ بک هڙتال کي ڪيئن تيز ڪجي. ڪامريڊ اصرار ٿو ڪري ته صاحب کي ٻڌائي ته ڪامريڊ امين روپا ماڙيءَ کان آيو آهي ۽ رهبر شهيد فاضل جو ساٿي آهي ۽ توهان سان ضروري ملڻ چاهي ٿو... نوجوان محافظ وراڻي ٿو ته تون هن پارٽيءَ ۾ رهيو آهين ته توکي پارٽيءَ جي هر قانون ۽ قاعدن جي ڄاڻ هوندي ته ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪري پارٽيءَ جا ضابطا ناهن ٽوڙڻا!
ڪامريڊ مايوس ٿي قوم پرست هائوس ڏي رخ ڪري ٿو ۽ قوم پرست هائوس کي تالو لڳل ڏسي ترقي پسند هائوس ڏي رخ ڪري ٿو. واڌو واهه جي ڪپ تان ترقي پسند هائوس ڏانهن ويندي ڀتين تي سنڌ جي آزادي ۽ ڇوٽڪاري لاءِ لکيل دل فريب نعرا پڙهندي سندس دل ۾ اميدن جا خيال ڪر موڙي اٿن ٿا. هو سوچي ٿو ته مون کي پهرين هن طرف وڃڻ گھربو هو. هِن کي ياد پوي ٿو ته ڪجھه عرصو اڳ بدين شهر ۾ پارٽيءَ طرفان ڪوٺايل جلسي ۾ تقرير ڪندي پارٽيءَ جي سربراهه چيو هو ته اسان کي قسم آهي شهيد دودي سومري جي ڪفن جو، اسان جيسين تائين سنڌي ماڻهن جا کسيل حق واپس نه وٺنداسين تيسين تائين سک جي ننڊ نه ڪنداسين. اهو پور پچائيندي ترقي پسند هائوس تي پهچي وڃي ٿو. گيٽ تي ويٺل ڪاون واري سنڌي ٽوپي پاتل نوجوان جنهن جي ٽوپيءَ تي سنڌ جي نقشي جو ڀرت ڀريل آهي، ان سان مخاطب ٿي کيس چوي ٿو: مون کي پارٽي اڳواڻ سان ملڻو آهي. نوجوان وراڻي ٿو: صاحب مصروف آهي. ڪامريڊ چوي ٿو ته آئون روپا ماڙيءَ کان هليو آهيان، مون کي ليڊر صاحب سان لاڙ ۾ آيل سامونڊي تباهيءَ جي باري ۾ ڳالھائڻو آهي. لاڙ جا ڪيترائي ماڻهو قدرتي آفت اچڻ جي ڪري مري ويا آهن ۽ ڪيترائي لاپتا آهن ۽ گھر ۽ اجھا لڙهي ويا آهن. جيڪي وڻجارا کارو کيڙي مٺي ڏي موٽندا هئا، اهي وچ سمنڊ جي خوني لھرن جي ور چڙهي ويا آهن. لطيف سائينءَ جي سامونڊين لاءِ چيل هن بيت کي ڄڻ ته نظر لڳي وئي آهي جنهن ۾ سائين فرمايو آهي ته،
کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آيا !
(شاهه)
هيل سامونڊي نه موٽيا آهن. سمنڊ جي بي رحم لھرن جيئرن سان گڏ شهيد دودي سومري جي مزار کي به لوڙهي ڇڏيو آهي.
گيٽ تي ويٺل نوجوان بيزار ٿيندي چوي ٿو: ڪامريڊ تقرير ڇڏ، مٿو نه کاءُ، صاحب پونم جي باري ۾ آئين تي ورڪرن کي ليڪچر ڏئي رهيو آهي.
ڪامريڊ ناراض ٿي رڪشا ۾ چڙهي گاڏي کاتي چوڪ ۾ اچي ٿو، گاڏي کاتي ۾ لڳل ٽينٽ مان لائوڊ اسپيڪر ذريعي اردو زبان ۾ ايندڙ اعلان سندس ڪن تي پون ٿا. اردو زبان ۾ ڪو اپيل ڪري رهيو آهي:
”سمندري طوفان مين گھري هوئي بي سهارا سنڌي ڀائيون ڪي امداد ڪي لئي دل کول ڪر مدد ڪيجئي. “ ڪامريڊ جو ڪنڌ جھڪي وڃي ٿو. هو اسٽيشن لڳ ڪنهن هنڌکٽولي واري هوٽل ۾ رات گذاري ٻئي ڏينهن بدين جي ڪوسٽر ۾ چڙهي پوي ٿو. ٽنڊو محمد خان اسٽاپ تي ڪوسٽر بيهي ٿي ته هو اٽڪل ڏهاڪو کن گاڏين جو قافلو بدين ويندي ڏسي ٿو. ان قافلي ۾ کاڌي پيتي جو سامان، دوائون ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار جي اڳواڻيءَ ۾ قافلو متاثره ماڻهن جي امداد لاءِ بدين طرف وڃي رهيو آهي. قافلي ۾ شامل هرهڪ گاڏيءَ پويان بينر تي هي اکر لکيل آهن: ”خدمت خلق فائونڊيشن متحده قومي موومينٽ“ اهو لقاءُ ڏسي ڪامريڊ کي لڳي ته ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ڄڻ ته کاري جي زهريلي اٿل ۾ غرق ٿي وئي آهي. ڪو سنڌي اهڙو ڪونه بچيو آهي جيڪو دولھه دريا خان، هيمو ڪالاڻي ۽ دودي سومري جي پونئيرن جي لڙهندڙ لاشن کي ڪفن ڏئي قبر ڀيڙو ڪري! هن جي دل تي لطيف سرڪار جي سر سامونڊيءَ جو هي بيت تري اچي ٿو ته،
اونهي ۾ اوهري، جڏهن ويا جي
موٽي ماڳ نه آيا، ماءِ سامونڊين سي
کارو تينن کي، جيڪس وَهه وري ويو.

(روزاني تعمير سنڌ، جمعو 28 مئي 1999 ع )

سفرنامو: بدين کان مدين تائين

سير و تفريح ڪرڻ، ڌرتيءَ تي آباد مختلف ماڻهن جون رهڻيون ڪهڻيون، تهذيبون، ثقافتون ڏسڻ انسانذات جي پراڻي تاريخ رهي آهي. اسان به حال سارو سنگت سان گڏ هر سال ڪنهن ملڪ جي ڪنڊ پاسي نڪري پوندا آهيون. هي سفرنامو سوات وادي ۽ اسڪردو جو گڏيل سفرنامو آهي. هن سفر ۾ ٻيا شريڪ ساٿي محمد موسيٰ جوکيو، رفيق احمد جعفري بدين، ديوان گل ٽنڊو ڄام، 24 ۽ 25 جي وچ واري رات ڪراچيءَ کان اسلام آباد پي آءِ اي جي اڏام ۾ سوار ٿي صبح جو 4 وڳي اسلام آباد هوائي اڏي تي لٿاسين. ساڳي ڏينهن صبح جو 10 وڳي اسلام آباد کان سيدو شريف روانگي هئي. وچ ۾ ڪجھه ڪلاڪ هئا. صلاح ڪئي سين ته ان وچ ۾ ڪنهن هوٽل ۾ ڪمرو وٺي ڪجھه آرام ڪجي ۽ تڙ پاڻي ڪري روانو ٿجي. ڪميٽي چوڪ راولپنڊيءَ ۾ هوٽل فلاح ۾ ڪمرو ورتوسين. شيو ڪري ڪپڙا مٽائي 9 وڳي ايئر پورٽ تي آياسين، جتان بوئنگ جھاز ۾ اڏامندا 30 منٽن جي اندر سيدو شريف مينگوره جي ايئرپورٽ تي اچي ٺڪاءُ ڪيوسين.
سيدو شريف مينگوره ۾ ايئن آهي جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ٺٽو مڪلي، سکر کان روهڙي يا حيدرآباد کان لطيف آباد آهن. سيدو شريف پراڻي تاريخي حوالي سان شهر هو، جنهن جو نالو جيئرو رکڻ لاء ايئرپورٽ جو نالو سيدو شريف آهي، نه ته شهر مينگوره ئي آهي جيڪو سوات واديءَ جو ڊويزنل هيڊڪوارٽر آهي ۽ وڏو واپاري مرڪز پڻ آهي جيئن اسان وٽ حيدرآباد آهي. 500 رپين ۾ ٽويوٽا پڪ اپ ڀاڙي ڪري سوات جي سڀ کان ٿڏي شهر ڪالام آياسين. لاڳيتو سفر ڪرڻ ڪري ڏاڍا ٿڪل هئاسين. هڪ وچولي درجي جي ’هوٽل لاهور‘ ۾ ڪمرو وٺي ڦان ٿي ڪِري پياسين. ٻه ڪلاڪ آرام ڪري اٿي ٻاهر ڏٺوسين ته مينهن پئي وٺو جنهن ڪري سيءُ ۾ واڌارو اچي ويو هو. برسات بيٺي ته ٻاهر چڪر ڏيڻ لاء نڪتاسين پر ٿڌ ايتري گھڻي هئي جو ٻاهر هلي نه سگھياسين ۽ واپس پنهنجي وٿاڻ يعني هوٽل تي موٽي آياسين. ڪالام ۾ سنڌي گھڻا مليا. هتي بجلي ڪانه آهي، هوٽلن ۾ جنريٽر هلائيندا آهن، جيڪي اڪثر رات جو هڪ بجي تائين هلائيندا آهن ۽ وري صبح جو گيزرن ۾ پاڻي گرم ڪرڻ لاء هلايا ويندا آهن، ڇاڪاڻ جو هتي پاڻي تمام گھڻو ٿڌو هوندو آهي، جنهن سان بلڪل وهنجي ناهي سگھبو.
جبل تمام وڏا هئڻ ڪري هتي آبادي هيٺ کان مٿي ائين لٽڪيل آهي ڄڻ ڪنهن انب يا ميويدار وڻ جي ٽارين تي ميوو لٽڪيل هوندو آهي. هيٺاهين کان مٿاهين ويندي جبلن جي چوٽيءَ تائين انساني آباديءَ جا ڇِڙوڇڙ گھر نظر ايندا. جبلن جي اندران نڪرندڙ قدرتي پاڻيءَ جا ننڍا ننڍا چشما هتي جي ماڻهن لاءِ غنيمت آهن. پٿر آڏا ڏيئي هلڪي رڪاوٽ سان پاڻي روڪي فصل پوکين، باقي فالتو پاڻي ندين ۾ هيٺ هليو وڃي. هيٺ کان مٿي ڏسبو ته ننڍڙيون ننڍڙيون ٻاريون جن ۾ مڪئي پوکيل هوندي جيڪا ڪنهن محبوبا جي ڳچيءَ ۾ هار جيان لڳندي جتي ننڍو وڏو چشمو هوندو اتي آدم ذات ضرور نظر ايندي. ڇوته زمين آهي ئي ڪانه تنهن ڪري هتي جا رهواسي اها اڙانگي ۽ دشوار زندگي گھارڻ تي مجبور آهن. انسانذات جياپي جي لاءِ جيڪو مشڪل ترين سفر ڪيو آهي سو هتي جي روزمره جي زندگيءَ ۾ ڏسي سگھجي ٿو. لطيف سائين هن پاسي ڪونه لڙيو هو پر کاهوڙي سر ۾ پاڻ جنهن ڏٿ ۽ ڏوٿين جي جفاڪشيءَ جو ذڪر ڪيو اٿن، اهو هتي جي ماڻهن تي صفا فٽ آهي:
جت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري !!

ڪالام جي لاهور هوٽل مان 26 جولاءِ صبح جو ناشتو ڪري هڪ پراڻي ماڊل جي ٽويوٽا ڪرولا ڪار ڊيزل انجڻ جي رحيم نالي ڊرائيور کي ڀاڙي تي ڪري برفاني پهاڙ گليشئر ڏسڻ لاءِ نڪتاسين. ڊرائيور هوشيار ۽ ذهين هو ۽ پنهنجي پيشي جي لحاظ کان چالاڪ پڻ هو، چوڻ لڳو: سائين اوهان منهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺا ته اوهان سان ڪهڙو حساب، مسافرن کي هتان جون خاص جڳهيون ڏيکارڻ، گھمائڻ، خوش ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شامل آهي. تمام گھاٽن ٻيلن مان هلندي گاڏي اوشو نديءَ جي ڪناري سان هلڻ لڳي. اوشو ندي، سوات نديءَ ۾ اچي ٿي ڇوڙ ڪري. رستي ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ڳوٺ هئا جن ۾ ڇوڪرا مسجد جي چندي لاءِ لوهي پيتيون جھلي اڌ ٺهيل مسجد ڏانهن اشارو ڪري چندي جي گھر ڪري رهيا هئا. ڪي فروٽ جون ٿيلھيون هٿن ۾ جھلي وڪرو ڪري رهيا هئا.گاڏي اوشو نديءَ کان اڀرندي پاسي کان روڊ تي هلندي اڳيان پُل اڪري الھندي پاسي مڙي، جتي پل جي ڪراس وٽ ٻه ٽي هوٽلون هيون جنهن ۾ اوشو هوٽل سٺي هئي. اسان اوشو هوٽل ۾ چانهن پي اڳتي سفر کي جاري رکيو. رستو ڏکيو هو، گھڻي قدر اتي جيپون ٿي هليون. مون رحيم ڊرائيور کي چيو ته استاد هي روڊ ڪار جي هلڻ جھڙو ناهي ته ڪاوڙجي پيو ، چوڻ لڳو: ”سائين ڪڀي کڙا نهين هوگا تو ندي مين گرادونگا.“ مون وڌيڪ بحث نه ڪيو، سوچيم هن چرئي پٺاڻ سان ڪير مٿو هڻي؟ برف جو گليشئر پهاڙ جيڪو چوڌاري پٿرن جي وچ ۾ اندر ئي اندر ڳري اوشو نديءَ ۾ وهي رهيو هو، ڪٿان ڳري برف جو هلڪو پردو وڃي بچيو هئس، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو پنهنجن ننڍن ٻارن کي ڳريل حصن کان جھلي رهيا هئا ته متان نديءَ ۾ نه ڪري پون. ڪيترا نوجوان جوڙا ۽ ٻار هڪٻئي کي برف جا ڳنڍا هڻي انجواءِ ڪري رهيا هئا. مون کي افضل نالي هڪ مهاجر جيڪو لطيف آباد جو رهاڪو ۽ خاصخيلي آئل فيلڊ جيڪا منهنجي ڳوٺ جي پاسي ۾ آهي، اتي آفيسر آهي، فيمليءَ سان گليشئر تي مليو. مون ساڻس روائتي عليڪ سليڪ ڪئي ۽ اسان واپس ڪالام موٽي آياسين. سنگاپور هوٽل ۾ ماني کائي پنهنجي آستاني ’لاهور هوٽل‘ تي آياسين.
هتي برف کي لوهي اوزارن سان ڪٽي ڀرپاسي جي شهرن لاءِ ٽرڪن ۾ کڻي ٿي ويا. مينگوره ۽ ٻين شهرن ۾ هتي جي ٺهيل قدرتي برف ڪتب آندي وڃي ٿي. هي برف هٿرادو ٺهيل ڪارخانن واري برف کان دير سان ڳرندي آهي. رحيم ڊرائيور کي 5 وڳي شام اچڻ لاءِ چيوسين جيئن هتي ڪالام کان ٻاهر ٻهراڙيون ۽ ٻيا هنڌ ڏسي سگھجن. شام 6 وڳي رحيم ڊرائيور آيو. هڪ ڏينهن لاءِ وڊيو واري کي بُڪ ڪيوسين جنهن 800 رپيا ٻن ڏينهن جي سفر جي وڊيو ڀرڻ جا گھريا، جيڪي اسان مناسب سمجھي کيس پاڻ سان گڏ کنيو، نالو هئس تاج محمد. اسان ٻهراڙيءَ جي کليل ميدانن مان ٿيندا اتروڙ وٽ نديءَ تي اچي چڙهياسون. هيءَ ندي پڻ سوات نديءَ ۾ اچي ٿي گڏجي. رستي ۾ هلر نالي هڪ ڳوٺ ڏاڍو وڻيو، چوڌاري ساوڪ ۾گھيريل هن ڳوٺ ۾ بجلي به هئي، جيڪا تيز آبشارن جي پاڻيءَ مان ٿي ٺهي. اڳيان گوڙاڪ پارڪ هو جيڪو اوشو هوٽل جي مالڪ جو ٺهرايل هو. هن پارڪ ۾ ننڍڙو چڙيا گھر پڻ هو جيڪو خاص نه هو، مڙئي سيلانين کي ڦرڻ لاء ٺاهيو ويو هو. هن پارڪ ۾ ٿورا پکي، هڪ ٽن ٽنگن وارو ڪتو، هڪ گھيٽي جھڙو جانور، هڪ ڳجھه جيڪي پڃرن ۾ بند هئا. گھڻي سردي پوڻ ڪري گھڻا پکي مري ويندا آهن. اتروڙ نديءَ جي ڪناري اڳيان هلي ٿوري ندي ويڪري هئي ۽ جبل ڇڊا هئا جنهن ڪري هن کي اتروڙ ڍنڍ ٿي چيائون. هتي هڪ اڌ هوٽل ۽ ٻه ننڍيون ڪاٺ جون ٻيڙيون هيون. اسان سنڌ جا ماڻهو جن وٽ ڪينجھر ۽ منڇر جھڙيون جڳ مشهور ڍنڍون هيون، تن کي هن دٻي جھڙي ڍنڍ ۾ ڪو مزو ڪونه آيو. هن کان سوين ڀيرا وڌيڪ سون جي تعداد ۾ ڍنڍون ته اسان وٽ رڳو بدين ضلعي ۾ موجود آهن جن تي هزارين ماڻهن جو گذران آهي. مڇيءَ کان علاوه اسان جي ڍنڍن ۾ پن، ڏير به جام ٿئي جنهن مان تڏا تئونريون ۽ پکا ٺاهي ماڻهو پنهنجو گذر ڪن.

(روزاني تعمير سنڌ آچر 22 آگسٽ 1999 ع )

اچو ته ٿل ڪئنال خلاف گڏجي هڪ ٿيون!

اڄڪلھه سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو سياسي معاملو ٿل ڪئنال جي اڏاوت روڪائڻ لاءِ جدوجھد آهي، جيڪا ڳالھه وقت جي اهم ضرورت آهي. سنڌ ۾ آباد سڀني ماڻهن، ذاتين برادرين يا گڏيل سموري قوم جن ۾ اصلوڪا سنڌي يا هاڻوڪا سنڌي ڇو نه هجن، سڀني تي جيجل سنڌ جو هڪ جيترو حق آهي ته هو سنڌ سان نمڪ حلالي جو ثبوت ڏيندي هن تحريڪ ۾ سچي دل سان شامل ٿي ڀرپور ڪردار ادا ڪن. جيڪي به سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي پلجن ٿا، سندن ٻچا ٻار سنڌ جو داڻو پاڻي کائين ٿا، سي سڀئي سنڌو نديءَ جا قرضي آهن. انهن سڀني تي فرض آهي ته، اهي سنڌ جي اصلي باشندن سان گڏجي ٿل ڪئنال جھڙي سنڌ سڪائڻ واري منصوبي خلاف سينا سپر ٿي بيهن، نه ته سنڌ منشيءَ جون هي سٽون چوڻ تي مجبور ٿيندي ته،
”جو سنڌ لئي نٿو لڙي، جو سنڌ لئي نٿو وڙهي،
سو سنڌ کي ڇڏي وڃي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.“

هاڻي سج نيزي پانڌ اچي ويو آهي. پنهنجن غدارن سان ليکا چوکا ٿيڻا آهن. اهي وڏيرا جن وزارتن جي خسيس چئن ڏينهن جي نوڪرين لاءِ ون يونٽ جھڙن سنڌ دشمن منصوبن تي صحيحون ڪري سڄي سنڌ کي تين وال ڪيو ۽ ڪارن قانونن کي اکيون پوري جائز قرار ڏنو. جنهن ڌرتيءَ تي چالڪا لوڻائي، هيلايا، گندرا، مينڌرا، مهاڻا، منڇرا، ماري، راڻا، ريٻاري، رونجھا، راهي پوٽا، راهوجا، راهو، راهمان، راهوڪڙا، سمان، سومرا، هالا، هاليپوٽا، نوڙيا، نونڌا، ناهيان، جت، جماري، جاڙيجا ۽ ٻيون انيڪ سنڌي قوم جون ذاتيون آباد هيون، اتي اوپريون ۽ ڌاريون قومون اچي ڌرتيءَ تي بار ٿيون. آرائين، گجر، ملڪ، زيدي ، قريشي، وغيره اهڙيون ذاتيون جيڪي نه سنڌ ڏٺيون نه ٻڌيون. لطيف سائينءَ جي غيبي نظر اهڙن لاءِ ڏسي چيو هو ته،

”اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
ايندا لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.“
يا
”پاٽوندر پيا جن ڪينجھر کڻي ڪِنو ڪيو.“

سنڌ جو کائيندي پيئندي جيڪي ماڻهو سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ سنڌي ماڻهن سان گڏجي نٿا هلن تن سان به هڪ هڪاڻي ٿيڻ گھرجي. سنڌيءَ ۾ چواڻي آهي ته، ”سچ چوندي يار رسي ته رسڻ ڏينس، ڦڻي ڏيندي وار کُسي ته کسڻ ڏينس.“ اجائي مهمان نوازي سنڌ کي سدائين ڳچيءَ ۾ پئي آهي. سنڌ اهڙا به مهمان ٽِڪايا آهن جن سنڌ جي حقن تي راتاها هنيا آهن. جن کي سنڌين پناهه ڏني تن سنڌ جي حقن جي لتاڙ ڪئي آهي. هاڻي اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ مهاجر ڀائرن جي سوچ ۾ تبديلي آئي آهي پر اڃا گھڻو اڳتي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اردو ۽ سنڌي ڳالھائيندڙن ۾ اڃا خليج موجود آهي. اڃا شڪ شبها باقي آهن، جيڪي ٻنهي ڌرين کي گڏجي دور ڪرڻا پوندا. گھڻي عرصي جون دشمنيون دلين ۾ ويٺل آهن، انهن جي صفائيءَ لاءِ گھڻا جھاڙو گڏ ڪرڻا پوندا، تڏهن وڃي ڳالھه ٺهندي. مفاد پرست ۽ سنڌ دشمن قوتن ٻنهي ڌرين کي ايترو ته ويڙهايو آهي جو ڦوڪي ڦوڪي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جھڙي طرح سنڌي ۽ اردو ڳالھائڻ وارن هڪٻئي جي ويجھو اچڻ واري ضرورت کي محسوس ڪيو آهي، ساڳئي طرح پنجابي آبادڪار جن وٽ سنڌ جون تمام زرخيز زمينون قبضي ۾ آهن، انهن تي مهاجرن کان به وڌيڪ فرض ٿو عائد ٿئي ته هو ٿل ڪئنال خلاف سنڌ ۾ هلندڙ جدوجھد ۾ سنڌين سان گڏيل نموني ڀرپور حصو وٺي پنهنجي نمڪ حلاليءَ جو ثبوت ڏين، ڇو ته چوندا آهن ته جنهن جو کائجي تنهن جو ڳائجي. پنجابي آبادڪار اهڙا به آهن جيڪي اينٽي ٿل ڪاميٽي ۾ شامل آهن پر جيڏي وڏي تعداد ۾ پنجابين وٽ سنڌ ۾ زمينون آهن اوتري تعداد ۾ پنجابي هن تحريڪ ۾شامل نه آهي. انهن جي نمائندگي جيڪا اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي، اها وڌڻ گھرجي.
لطيف چيو آهي ته،
ڇِڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لَڪئين
مڇڻ تون پئان، وڳ واٽ نه لھين.

تنهن ڪري وقت جي تقاضا اها آهي ته هن وقت سنڌ لاءِ سنڌ جي جياپي جي درياهه کي بچائڻ لاءِ جدوجھد هلندڙ آهي جنهن ۾ سڀني پارٽين، گروپن، ڏاهن، دانشورن تي ذميواري آهي ته هو ڇڙوڇڙ، الڳ الڳ پليٽ فارمن تان هلندڙ جدوجھد کي ملائي هڪ ڪن. سنڌ جي بدقسمتي اها رهي آهي ته، سنڌ ۾ هيستائين جيڪي به اتحاد جڙيا آهن سي گھڻو وقت هلي نه سگھيا آهن. هن وقت به ٿل ڪئنال جي مسئلي تي سڀئي ڌريون گڏجي ڪو ملڪ گير اتحاد ٺاهي نه سگھيون آهن، جنهن جا سبب گھڻا ئي آهن پر منهنجي نظر ۾ هڪ هي به آهي ته ڪي سنڌ ليول جون پارٽيون هڪٻئي کي انتهائي دشمنيءَ واري نظر سان ڏسن ٿيون، تنهن ڪري هو ڪنهن به پليٽ فارم تي گڏجڻ لاءِ تيار نه آهن جيڪا ڳالھه سنڌ جي مفاد کي ڇيهو رسائيندڙ آهي. سڀني سنڌ دوست ڌرين کي گھرجي ته پنهنجيون پراڻيون تلخيون وساري هڪ نقطي ٿل ڪئنال جي اڏاوت بند ڪرائڻ لاءِ گڏجن ته سنڌ جي ٻڌيءَ جي سڄي جھان کي خبر پئجي ويندي ۽ ڪوبه سنڌ دشمن منصوبي لاءِ سوچي به ڪونه سگھندو. باقي اسٽيجن تي رڳو شخصي نمائش ڪري پنهنجين پنهنجين پارٽين جا جھنڊا جھولائي پنهنجي برتري ڏيکارڻ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين ته پوءِ اصل مقصد جي مومل ماڻي نه سگھبي. دشمن اسان جي نااتفاقيءَ جو فائدو وٺي پنهنجو ڪم ٽپائي ويندو ۽ اسين پنهنجي ڏاڙهي پٽ ۾ پورا هونداسين.
سنڌ هن وقت جنهن ڏاڪي تي بيٺل آهي، ان ۾ هاڻي ايتري سهپ نه آهي. هاڻ ٿوري به غلطي اسان لاءِ هاڃيڪار ٿيندي. ضرورت هن ڳالھه جي آهي ته، سڀيئي ناراضگيون ۽ غلط فهميون وساري هڪ ٿي ۽ هڪ آواز ٿي چوڻو پوندو ته ٿل ڪئنال نه گھرجي. سچائيءَ جو مظاهرو ڪندي، ڪوڙ مڪر ڇڏي، صاف دل سان ٻين کي برداشت ڪري وڏ جگريءَ سان هر ننڍي توڙي وڏي پارٽيءَ کي ساڻ کڻي هلڻو پوندو. وڏين پارٽين کي جھنڊا، نعرا ڇڏي ننڍين پارٽين مان احساس محرومي ختم ڪرڻو پوندو. ڪوڙ ۽ سچ کي چٽو ڪرڻو پوندو، نيتون صاف ڪري پيار، محبت، پنهنجائپ سان سينا صاف ڪري جيڪڏهن هلبو ته منزل آسان ٿي پوندي. پنهنجي مقصد سان سچائي تمام ضروري آهي، نه ته بقول شاهه سائينءَ جي ته،
ڪوڙيون پڇن ڪيچ، هوت جو نه پڇي هيڪڙي
جنهنجو پنهونءَ سان پيچ، سا پاڻهي ٿيندي پڌري
(شاھ)

سنڌ جي هن زندگيءَ ۽ موت جي مسئلي تي چشم پوشي ڪرڻ گناهه آهي، سڄي سنڌ کي هن اهم مسئلي تي مِڙي مٺ ٿيڻ جو وقت آهي. رٺلن کي پرچائي هڪ قطار ۾ بيهارڻو آهي. سنڌ جي پُٽن توڙي ڌيئرن کي پنهنجو سنڌو درياهه بچائڻ لاءِ جدوجھد جو ميدان سڏي رهيو آهي. اچو ته پنهنجي جيجل جي سڏ کي ورنايون. اچو ته سڀئي هڪ آواز ٿي چئون ته ”اڃا سنڌ گدڙن ڪانه کاڌي آهي.“ اچو ته سڀئي گڏجي عهد ڪريون ته اسان اهي ميريون اکيون ڪڍي وٺنداسين جيڪي سنڌ تي کڄنديون. اياز چيو آهي ته،
اڙي او امارا، مُئي نه آهي مڪلي
اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي، اچي پئي،
متان ائين سمجھين مئا مور سارا
آ سار آ سارا، ڪينجھر جا ڪنارا
نه تڙ تي تماچي نه گندريءَ گذارا!

(روزاني تعمير سنڌ، آچر 27 جولاء 2003ع )

ڏک جھڙي ڳالھه آ ڙي

سنڌ ڌرتي جنهن ۾ شاعريءَ جي آسمان تي ڪيترائي ستارا چمڪندي نظر اچن ٿا. ڀٽ ڌڻيءَ کان ويندي شيخ اياز تائين، وچ ۾ سچل سرمست، شاهه عنايت رضوي، روحل، بيدل بيڪس، خوش خير محمد، رکيل شاهه ڏسڻ ۾ ايندا. اڃا به اڳتي هلبو ته قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، ڀاڳو ڀان به پنهنجي پوري آب تاب سان روشن مينارن جيان بيٺل هوندا. اهڙو شاندار ماضي رکندڙ سنڌ اڄ به سنڍ نه ٿي آهي. اڄ به هتي بهترين شاعري پڙهي ۽ ٻڌي سگھجي ٿي پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ڪجھه گندي ذهنيت رکندڙ شاعرن اهڙي به شاعري ڪئي آهي جيڪا اخلاق کان ڪريل شاعريءَ ۾ شمار ٿئي ٿي، جھڙوڪ،”ماستر هاڻ يار منھنجو ڪو نه ايندو اسڪول، تون روز هڻي ٿو رول،“ ٻيا به اهڙا کوڙ سارا ڪلام ڪئسٽ ڪمپنين رڪارڊ ڪيا جن تي اخبارن، رسالن ۾ ڪافي سلجھيل ماڻهن تنقيدي ليک لکي احتجاج ڪيو. شمن علي ميرالي ۽ مرحوم جلال چانڊئي ۽ روبينه حيدريءَ جي ڪلامن تي جھيڙا ٿيا، ماڻهن هڻي هڪٻئي جا مٿي ڦاڙي وڌا. ان کان به اڳي جلال چانڊئي ۽ روبينه حيدريءَ جا مقابلا ڏيکاري گندي ۽ اخلاق کان ڪريل شاعري ڳارائي ويندي هئي، جنهن ۾ ڪجھه ڏوهه ڪمپنين وارن جو به هو جيڪي ڪاروباري حساب سان اهي شيون ٺاهي مارڪيٽ ۾ آڻيندا هئا پر اسان جو عوام به انهن کي پسند ڪندو هو، جنهن ڪري انهن جي حوصلا شڪني بجاءِ حوصلا افزائي ٿيڻ لڳي. چوندا آهن ته ”تلاء ۾ هڪڙي گندي مڇي سموري تلاء کي به گندو ڪندي آهي“ جي مصداق اخلاق کان وانجھيل اهڙين ڪئي سٽن جي مارڪيٽ ۾ ڀرمار لڳي ويئي. ايتري قدر جو سنڌي لکيا پڙهيا ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي بدران اردو ۽ پنجابي ڪئسٽون ٻڌڻ لڳا، جنهن تاثر کي علي محمد اڏيرائيءَ گھڻي ڀاڱي ٽوڙيو.
هونئن ته هن دور ۾ ٻيا شاعر به چڱي شاعري ڪرڻ لڳا، جيڪا قابل برداشت هئي، انهن ۾ افضل سولنگي، بلاول اوٺو چڱا نڪري آيا. مرتضيٰ ڏاڏاهي ڀلي شاعري ڪئي پر ان جي شاعري گھڻي ڀاڱي ريڊيو حيدرآباد تي ڳائي ويئي. ڪئسٽ ڪمپنين جي مارڪيٽ ٺهي انڊيا جي گانن جي چورايل ڌنن تي. ان پڙ ۾ وري به علي محمد اڏيرائيءَ جو نالو مٿي ڏسڻ ۾ ايندو جيڪو عشق جون چوٽون کائي پنهنجي دل جو بار شاعريءَ ۾ هلڪو ڪرڻ لڳو. هن جي شاعري جڏهن فوزيا سومرو ڳائي ته چار چنڊ لڳي ويا. اهڙي طرح علي محمد اڏيرائيءَ جي شاعري ۽ فوزيا سومرو جو آواز هڪٻئي لاءِ لازم و ملزوم ٿي پيا. علي محمد اڏيرائي به ڪافي ڪلام انڊيا جي طرزن ۾ لکيا ڇو ته ڪئسٽ ڪمپنين جي اها ڊمانڊ هئي پر ڪافي ڪلام اهڙا به آهن جيڪي ڪنهن گاني يا ٻي ڪلام جون چورايل ڌنون نه آهن، مثال:
گذري چڪو سارو سال اڙي ڪونه پڇئي ڪهڙو حال آ
ڏک جھڙي ڳالھه آ ڙي، ڏک جھڙي ڳالھه آ.

اهڙا ٻيا به ڪلام آهن جيڪي اردو انڊين ڌنن نه پر نج سنڌي پراڻين ڌنن تي ٺاهيا ويا، مثلن محمد ابراهيم مرحوم جو ڳايل محمد جمن هالي جو هي ڪلام ،”مون تي رک نه ميار، آئون ته اصلئون تنهنجو آهيان، مون تي رک نه ميار“ جنهن طرز تي اڏيرائي هي ڪلام لکي فوزيا سومرو کان ڳارايو جيڪو مقبول ٿيو: ”ڏک ۾ ڇڏبو نه آ ڪنهن کي پيارا، پنهنجو بنائي ڏک ۾ ڇڏبو نه آ.“ اڏيرائيءَ جي شاعري ۾ ڪافي فني پختگي آهي ۽ ٻي جيڪا خاص ڳالھه اڏيرائي ۾ آهي سا هيءَ ته ڪئسٽن جو شاعر هئڻ جي باوجود به سندس شاعري ڪٿي به اخلاقي حدن کان ڪريل نه آهي. پاڻ تمام صاف سٿري شاعري ڪري ٿو، جنهن ۾ عشق محبت جون نازڪ مزاجيون ۽ ٻولي به سادي ۽ عوامي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڏيرائيءَ جي شاعريءَ کي سنڌ ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو.
اسان جو معصوم سادڙي ٻوليءَ وارو هي شاعر هن وقت سخت عليل آهي. نَوَ سال اڳ موٽر سائيڪل جي حادثي ۾ سندس ٽنگون ٻانهون ڪم ڇڏي ويون جنهن جي لاءِ هو ٽوڻا ڦيڻا ڪرائيندو رهيو يا نيم حڪيمن جي ور چڙهيو جن لطيف سرڪار جي هنن سٽن جيان ته :
”ڪُٺيس ڪويڄن تن طبيب نه گڏيا
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکويو.“
(شاهه)

سو هي همراهه به ڌڪا کائي کائي نيٺ اچي نسيم ميڊيڪل سينٽر ڀيڙو ٿيو، جتي سندس ڪرنگھي جو آپريشن ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هاڻي سندس حالت ڪافي بهتر آهي. غريب مولائي هئڻ ڪري سندس علاج تمام ڏکئي نموني هلندڙ آهي. سندس مائٽن ڍور ڍڳا کپائي پنهنجي ذاتي خرچ تي علاج جو بار کنيو آهي. ثقافت کاتي به پنهنجي روائتي بي حسيءَ جو مظاهرو ڪندي اڏيرائيءَ جھڙي ڀلوڙ شاعر جي ڪابه خبر چار نه لڌي آهي. حميد آخوند صاحب اداڪار لھريءَ جي سار سنڀال نه لھڻ جي ڪري ثقافت کاتي جي ڪرسيءَ تان هٽايو ويو آهي، ڇو ته اداڪار لھري سجاڳ قوم سان تعلق رکندڙ هو جنهن جا ڌڻي جاڳي پيا جن آخوند صاحب کي ٽڪيٽ وٺائي ڇڏي پر ان جي جاءِ تي اسان جا سنڌي شاعر نڌڻڪا ٿي راهه رباني وٺي رهيا آهن. انهن لاءِ ڪوبه احتجاج ڪونه ٿو ٿئي. مڙيئي خير جھڙي ڳالھه آهي. ثقافت کاتي جا ڪامورا پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن. ڪروڙن جي بجيٽ هوندي نه منشي ابراهيم جو علاج ٿيو، نه سرويچ سجاوليءَ جي علاج لاءِ پئسا آهن ۽ نه مجيديءَ لاءِ پئسا هئا. علي محمد اڏيرائي انهيءَ برادري جو آهي، جن لاءِ ثقافت کاتي جا دروازا بند هوندا آهن. ثقافت کاتي جا صاحب لوڪ رڳو تعزيتي بيان ڏيئي فرض لاهي ڇڏيندا آهن پر هاڻي گھڻو ٿيو، رڳو سکڻا بيان نه پر وقت سر سنڌ جي ڏات ڌڻين کي موت جي منهن مان ڪڍڻ لاءِ بروقت عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪوبه شاعر يا فنڪار بنا دوا دارونءَ جي نه مري. چُوڻن کٽي ته هرڪو مرندو پر سنڌ جي بي سهارا فنڪارن، شاعرن، اديبن سگھڙن، هنرمندن کي ڏکئي وقت ۾ جنهن مدد جي گھرج هجي سا موقعي تي پڄي سگھي.
هيستائين ثقافت کاتو يا ٻيا ادارا ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگھيا آهن، انهن جي غفلتن جي ڪري ڪيترائي مور مري چڪا آهن. تعزيتي ميڙاڪن تي خرچ ڪرڻ ۽ انهن ميڙاڪن ۾ پوڙها اديب وٺي انهن کان تقريرون ڪرائڻ کان بهتر آهي ته هتي ثقافت کاتي ۾ بيمار فنڪارن، شاعرن جي جيئري مالي سهائتا ڪري انهن جون حياتيون بچايون وڃن. هتي ثقافت کاتي ۽ لينگويج اٿارٽيءَ وارن کي گھرجي ته نسيم ميڊيڪل سينٽر ۾ پيل هن سهڻي شاعر جي خبر چار وٺن، هن سان ۽ ڊاڪٽرن سان ملي ڪري سندس بهتر علاج لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي سندس حياتي بچائڻ لاءِ هرممڪن تحرڪ وٺن، باقي سيڪريٽري ثقافت جو منشي ابراهيم جي مرتئي تي اخبارن ۾ اهو ڏنل بيان ته ڪلچر کاتي تي اجائي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، جيڪا ڳالھه سراسر غلط آهي. منشيءَ کي ثقافت کاتي هڪ لک رپيا ڏيئي ڪو ڪارنامو سرانجام ڪونه ڏنو آهي. منشي ابراهيم ان کان مٿي گھڻو ڪجھه لھندو، جنهن جي علاج لاءِ لک ته ڇا پر ڪروڙين رپيا خرچ ڪجن ها ته به ٿورا هئا. ٻيو ته منشي شاهه جو سڄو رسالو پنهنجي آواز ۾ ثقافت کاتي کي رڪارڊ ڪري ڏنو هو، جنهن جو معاوضو منشيءَ کي اڃا تائين نه ملي سگھيو آهي. سنڌي عوام ثقافت کاتي کان گھر ٿو ڪري ته عوامي فنڪارن لاءِ رکيل فنڊن مان علي محمد اڏيرائيءَ جو مڪمل علاج ڪرايو وڃي.

(روزاني تعمير سنڌ، جمعو 8 آگسٽ 2003ع )

شهيد فاضل قومي تحريڪ جو سچو سپاهي

فاضل جيتوڻيڪ هڪ وچولي زميندار گھراڻي ۾ جنم ورتو پر جڏهن کيس شعور آيو ان وقت سنڌ ڏکين حالتن مان گذري رهي هئي. ايوب جي مارشل لا لڳي چڪي هئي ۽ ون يونٽ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ پئجي چڪو هو. غدار ۽ موقعي پرست وڏيرا شاهي کهڙي جي اڳواڻيءَ ۾ وزارتن عيوض سنڌ کي ڌارين حوالي ڪرڻ لاءِ ون يونٽ جھڙي لعنت کي قبول ڪندي، سنڌ جي مڙني وسيلن جا ڌارين لاءِ دروازا کولي ڇڏيا هئا. سنڌ کي مال غنيمت سمجھي چئني صوبن ۽ بنگلاديش سميت سڄي پاڪستان کان ڪيترائي ڪٽڪ ماڪڙ جيان ڪڙڪي پيا هئا. سنڌ جو عام ماڻهو ۽ هاري جاگيردارن ۽ وڏيرا شاهيءَ جي شڪنجي ۾ جڪڙيل هئا. غدار وڏيرا شاهي نٿي چاهيو ته سنڌي هارين کي به زمينون ملن. ان وچ ۾ سنڌي هارين جي حالت سڌارڻ لاءِ حيدربخش جتوئي، سنڌ هاري ڪاميٽي جوڙي هئي. سنڌي ادبي سنگت، سائين جي ايم سيد ۽ شاگرد لڏو ون يونٽ خلاف صف بنديون ڪري چڪا هئا.
نوجوان فاضل راهو به قومي ڌارا ۾ شامل ٿي قومي جدوجھد ۾ حصو ورتو. هن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ، سنڌي ٻولي صوبي جي قومي ٻولي ڪرائڻ، زمينن جو نيلام بند ڪرائڻ وارين تحريڪن ۽ هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو.
سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو بنياد سڄي دنيا کان صديون اڳ جھوڪ جي ميدان تي صوفي شاهه عنايت شهيد برپا ڪيو، جنهن کي مقامي زميندارن ٺٽي جي مغل گورنر نواب اعظم سان ساز باز ڪري ناڪام بڻائي ڇڏيو هو. صوفي شاهه عنايت جي ٻاريل شمع کي حيدربخش جتوئيءَ کانپوءِ شهيد فاضل اڳتي وڌايو. محروم ۽ بي سهارا سنڌي هارين کي عزت جي حياتي گذارڻ لاء فاضل ميدان ۾ ڪاهي پيو. سنڌ جي 8 لک ايڪڙ زمين قسطن ۾ نه ڏيڻ ڪري سرڪار پاران نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن خلاف فاضل سينه سپر ٿي بيٺو. سنڌي ماڻهن نيلام بند ڪريو تحريڪ ۾ گرفتاريون ڏنيون. انهيءَ تحريڪ ۾ جن به ماڻهن گرفتاريون ڏنيون انهن مان ڪوبه ماڻهو نظرياتي نه هو پر اهي سڀ عام ٻهراڙيءَ جا بي سمجھه ۽ چوريون چڪاريون ڪندڙ ماڻهو شامل هئا جن کي فاضل مڙسين لاءِ اڀاري قومي غيرت جا واسطا وجھي اهڙي طرح ته برين واش ڪندو هو جو هر ڪو ماڻهو قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. هو ماڻهن کي چوندو هو ته اوهين خسيس ۽ ٽڪي جھڙي ڳالھين تان وڙهي يا وڏيرن جي چوڻ تي چوريون ۽ برا ڪم ڪري جيلن ۾ وڃو ٿا پر جيجل سنڌ جي سڏ تي ڇو نٿا هلو؟ فاضل جون اهڙيون ڳالھيون ٻڌي ڪمزور ماڻهن ۾ به ڪئين قوتون اچي وينديون هيون ۽ هو هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا.
فاضل ذاتي طور تي نيلام بند ڪريو تحريڪ هلائي جنهن ۾ ٻهراڙين جي ماڻهن ڀرپور حصو ورتو، جنهن ڪري ان وقت جي جنرل يحييٰ سرڪار کي گوڏا کوڙڻا پئجي ويا ۽ نيلام بند ڪرڻ جو سرڪار طرفان اعلان ڪيو ويو. فاضل غريب ۽ عام ماڻهن سان اهڙي شفقت ۽ ٻاجھه سان پيش ايندو هو جو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو بڻائي ڇڏيندو هو. سنڌ جو ابن الوقت وڏيرو، جيڪو مغلن کان وٺي انگريزن تائين غداريون ڪندي قوم فروشيءَ جي عيوض جاگيرون، سر ۽ خانبهادر جا لقب وٺندي قومي غيرت کي تين وال ڪندو رهيو آهي، انهن قوم فروش وڏيرن کي فاضل اک جو ڪنڊو ٿي ڇڀڻ لڳو هو. فاضل جنهن رسول بخش پليجي سان گڏجي سنڌي عوامي تحريڪ جو پايو وڌو، سو مسلسل پاڪستان جي سياست ۾ ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي آيو ۽ پروفيسر عزيز ۽ ٻين ترقي پسند ڌرين سان گڏجي پاڪستان عوامي تحريڪ ٺاهيائين جنهن بعد ولي خان سان گڏجي پاڪستان عوامي تحريڪ کي عوامي نيشنل پارٽيءَ ۾ ضم ڪري ڇڏيو جيڪا ان وقت پاڪستان جي وڏي سامراج دشمن پارٽي ٿي سامهون آئي. فاضل کي عوامي نيشنل پارٽيءَ جو مرڪزي نائب صدر بڻايو ويو. جيڪا ڳالھه سامراجي قوتن کي پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ٿي، جنهن ڪري مقامي غدار وڏيرن، سرڪار ۽ آمريڪي آئل ڪمپني يونين ٽيڪساس آف پيٽروليم فاضل کي راهه تان هٽائڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي. فاضل سڀني ڳالھين کان بي نياز معمول جيان راڄن جي فيصلن لاءِ گولاڙچي آيو هو، هن کي ڄاڻ نه هئي ته فضل چانگ کي مهرو بڻائي سندس قتل ڪرڻ جي سٽ سٽي ويئي آهي. اهڙي طرح پيڙهيل هارين جي هن مسيحا کي 17جنوري 1987ع تي ڇنڇر جي ڏينهن ٽپهريءَ جو گولاڙچيءَ جي وچ بازار ۾ شهيد ڪيو ويو. اڄ فاضل اسان ۾ ناهي پر سندس شاندار جدوجھد موجود آهي. سندس شهادت جي ڏينهن تي ڪيترائي ساٿي سندس آخري آرام گاهه تي حاضر ٿي عقيدت جا گل نڇاور ڪندا آهن ۽ اچي ڀيٽا پيش ڪندا آهن.

(روزاني تعمير سنڌ، سومر 17 جنوري 2000ع )

سماج سڌارڪ اعظم سرڪيءَ جو ڪُمهلو وڇوڙو

دنيا فاني آهي، هرڪنهن ساهه واري کي هي جھان ڇڏڻو آهي. موت برحق آهي، جنهن جي اڳيان بزرگ اولياء به بيوس ٿي هليا ويا پر ڪي ڪي موت رڳو فردن جا موت ڪونه هوندا آهن پر انهن سڀني ماڻهن جو موت ثابت ٿيندا آهن جيڪي انهن جي سهاري جيئندا آهن.
نوجوان اعظم سرڪي ڪيترن ئي بي پهچ ۽ لاوارث ماڻهن جو سهارو هو. هن قبيلي جا ماڻهو سوين سال اڳ بلوچستان جي پهاڙن مان اچي جيڪب آباد جي ٺل تعلقي ۾ آباد ٿيا جتي اڄ به سندن قبيلي جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ آباد آهن. سندن سردار ڊاڪٽر سهراب سرڪي سابق ايم پي اي وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو ليکجي ٿو. سرڪين جو هي پاڙو پنهنجي قبيلي کان ٽٽي ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني علائقي ۽ ڪچي ۾ اچي آباد ٿيو، جن مان ڪي ماڻهو ٺٽي شهر ۾ ورهاڱي کان اڳ ۾ واڻين سيٺين وٽ منشي گيري ۽ ٻنين سنڀالڻ جي ڪم کي لڳي ويا. ورهاڱو ٿيو ته واڻين جا شهر جي ڀرپاسي ۾ باغ ۽ پلاٽ سندن قبضي ۾ آيا. هن خاندان مان پهريون پڙهيو لکيو ماڻهو پير محمد سرڪي وڏي قد ڪاٺ وارو سگھارو ماڻهو ڄاتو وڃي ٿو. ان کانسواءِ غلام مصطفيٰ سرڪي، محمد موسيٰ سرڪي، الھڏنو سرڪي قبيلي جا ڄاتل سڃاتل ماڻهو آهن، جيڪي ٺٽي جي سياسي ۽ سماجي ڪار وهنوار ۾ پنهنجي نمايان حيثيت جا مالڪ آهن. پر مرحوم اعظم جي ڳالھه ئي ٻي هئي. پاڻ هڪ الھه لوڪ ماڻهو لڌو عرف قطب الدين سرڪيءَ جي گھر ۾ 1975ع ڌاري جنم ورتائين. تعليم کان فارغ ٿي ٺٽي شهر جي شاهي بازار ۾ ريزڪيءَ جو دڪان کوليائين. هن جو ٿوري ئي عرصي ۾ ٺٽي جي وڏن ڪاروباري ماڻهن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس سماجي اُٿي ويٺي غريب غربي سان بنا ڪنهن تڪلف ۽ وڏائيءَ جي اٿڻ ويهڻ، بيمار بي سهارا، بي پهچ ڏکويل ماڻهن جي ڪم اچڻ سندس زندگيءَ جو مقصد هو. طبيعت جي انهيءَ سڀاءَ ۽ انسان دوستيءَ جي ڳڻن هئڻ ڪري پاڻ وڏن وڏن کي پوئتي ڇڏيندو ويو. بقول لطيف جي:
ننڍو تان ڪوهه، پر وِکين آهي وترو
ويو ڪاڪ ڪنڌين ۾ پهس پکي جيئن پوءِ
هن ڪُرسندو ڪوءِ، ميو ماٺو نه ٿئي.

سندس دروازا لاچار ۽ دکي انسانن لاءِ سدائين کليل رهيا، آڌي مانجھيءَ جي ڪو مصيبت جو ماريل سندس در تي لنگھي ويو ته هٿين خالي نه موٽيو. هڙان وڙان ڏئي به ان گھرجائو جي گھرج پوري ڪرڻ سندس اولين فرض هو. ”ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آيا سي اگھيا“ سندس زندگيءَ جو مقصد هو. پاڻ هزارين ايڪڙن تي مشتمل فش فارم ۽ نرسريون قائم ڪري پنهنجي ڪاروبار کي وسعت ڏيئي رهيو هو ته موٽر سائيڪل جي حادثي ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾ بي رحم موت جو شڪار ٿي سڄي ٺٽي کي سوڳوار ڇڏي هليو ويو. شايد لطيف سرڪار اهڙن ماڻهن لاءِ ئي فرمايو آهي ته:
مر ته موچاري ٿئين اجلان اڳي اڄ
مُنڌ ڀنڀوران ڀڄ، جِم ورن ۾ واڪا ڪرين.
(لطيف)

(روزانه سنڌو حيدرآباد، ڇنڇر 25 مئي 2002ع )

شاعريءَ جو ڪنول ڪوماڻو

ٿورا ڏينهن ٿيا جو سنڌ جي نامور ليکڪا ماهتاب محبوب جو شيخ اياز جي مرتئي تي لکيل تاثر پڙهيم. ماهتاب محبوب لکيو آهي ته سال جا پويان ڏينهن ايندا آهن ته دل ڪنهن اڻ ڄاتل خوف ۽ وسوسن ۾ ڪنبي وڃي ٿي ته يا الاهي! نئون سال خيرن سان شروع ڪجانءِ، جو اڪثر ڏٺو اٿم ، نئين سال کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ويندي ويندي گذرندڙ سال ڪنهن اهم شخصيت کي پاڻ سان وٺي ويندو آهي. اياز قادري، ڊاڪٽر درشهوار، هن صديءَ جو وڏو شاعر شيخ اياز اسان کان ڊسمبر مهيني کسيا. وهمن ۽ وسوسن ۾ اعتبار نه هوندي به ماهتاب محبوب جي ان خيال سان سهمت ٿيڻو ٿو پوي. ٿورا ئي ڏينهن گذريا ته سنڌ جو عالم، وڏو شاعر ڊاڪٽر توير عباسي اسان کان موڪلائي ويو. بلاول پرديسي ۽ پرمانند ڪنول لوهاڻو به ڄڻ صلاحن ۾ ويٺا هئا ۽ انهن به کڻي ٻيڙا ٻار ۾ لاٿا. سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر ڪنول لوهاڻو ڪافي عرصي کان گڙدن جي عارضي ۾ مبتلا هو. سندس پياري ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي حياتي بچائڻ جي لاءِ پنهنجو هڪ گڙدو وقف ڪيو، جيڪو ملڪ جي وڏي ڊاڪٽر اديب رضوي پيوند ڪيو پر اهو گردو ڪنول جي ڪم اچي نه سگھيو، ڀيڻ جي قرباني به ڀڳوان قبول نه ڪئي:
پِريم جو پاڻي، سو ڪيچين ڪم نه آيو
( شاهه)

70ع جي ڏهاڪي جي ڳالھه آهي، ماهوار تحريڪ رسالي جي سرورق تي نظم ڇپيو هو. اهو دور سنڌي ادب ۽ سياست جو شاندار دور هو، جنهن ۾ شاعر اديب شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي، نياز همايوني، جمال ابڙو، امر جليل، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا ڪافي ادب جي ميدان جا شهسوار هئا. انهن سينئر اديبن کان پوء جڏهن نوجوانن جي ٻِي کيپ پيدا ٿي، تن به وڻ وڄائي ڇڏيا. ڊاڪٽر آڪاش انصاري، بلبل کورواهي، اياز گل، ڪنول لوهاڻو ۽ ٻيا ڪيترائي نالا وٺي سگھجن ٿا. مون کي ياد آهي، عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ پليجي جھڙي ماڻهو تحريڪ رسالو هٿ ۾ کڻي ڪارڪنن کي مخاطب ٿي ڪنول جي نظم ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته سنڌي قوم کي اڄ ڪنول جھڙي شاعريءَ جي ضرورت آهي. هن ايترو پڪو پختو لکيو جو ان وقت جا مشهور رسالا مهراڻ ۽ تحريڪ سندس شاعري خوشيءَ سان ڇاپيندا هئا. ٿورو سندس نظم جو ٽڪرو پڙهي ڏسو:
ڏسي ٿو سگھين ناگاساڪيءَ جي تباهي
۽ ٻڌي ٿو سگھين ويٽنامين جون رڙيون
پوء ته اي ڀڳوان! تون جھڙو آهين تهڙو ناهين !

ڪنول جي صحبت ڪنهن ٽڻي ٽامڻيءَ سان نه رهي پر ان وقت ادب ۽ سياست جي آسمان تي چمڪندڙ ستارن سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ روچي رام، رسول بخش پليجو، شمشير الحيدري جھڙن استادن عالمن سان سندس ويجھڙائي رهي، جيڪي قومي درسگاهه ۾ اسڪالر ۽ پروفيسر مڃيا ويندا هئا. سنڌي ادب تي جيئن ئي ماٺار وارو دور آيو ته ڪنول به لکڻ گھٽايو. وڪالت جي پيشي سان وابسته ٿي ويو ۽ آخري دم تائين ان پيشي سان سچائيءَ نڀائيندو رهيو. ڪنول اهو اسريل ڀلو فصل هو جنهن کا سڀئي عزيز ۽ دوست محروم ٿي ويا آهيون پر سندس شاعري اسان جي دلين ۾ زندھ رهندي. وقت جو ڪاتب جڏهن سنڌ جي جديد تاريخ لکندو ته ڪنول هراول دستي ۾ ڏسڻ ۾ ايندو.

( روزاني الک، خميس 30 ڊسمبر 1999ع )

حيدرآباد جي رام ڪهاڻي

سنڌ جي گاديءَ جو اڳوڻو هنڌ حيدرآباد ۽ ان کان اڳ راجا ڏاهر جي دور حڪومت ۾ نيرون ڪوٽ، جنهن جي سونهن ۽ سوڀيا جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. هن شهر جو شاندار پڪو ۽ ڪچو قلعو سنڌ جي هاڪاري حاڪم غلام شاهه ڪلھوڙي جوڙائي، هن شهر کي نيرون ڪوٽ مان ڦيرائي حيدر علي سائينءَ جي نالي سان منسوب ڪيو. هن شهر جي شاهي بازار دنيا جي وڏين بازارين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ مکي محل، هيرآباد، شاهي بازار جي چوڌاري هنرمندن جا پاڙا مشھور آهن. عامل ڪالونيءَ جون عورتون بگين ۾ چڙهي ٿڌي سڙڪ وٺي،گدو بندر تي سنڌوءَ جي سلام تي وينديون هيون ته چوڌاري هٻڪارون پکڙجي وينديون هيون. گدوءَ وٽ هندو ناريون درياھ بادشاهه کي سکا وجھي ويدن جو ورد ڪري پنهنجي جيجل سنڌ ۾ سک ۽ سڪار لاءِ الک جي اڳيان پرارٿنا ڪنديون هيون. هتي جي باغن ۾ گلن جو هڳاءَ ڪيترائي من موهي وجھندو هو. ڪيترائي پرڏيهي واپاري سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ٻيڙا دوآبي وٽ هاڪاري اچي لنگرانداز ڪري، هن شهر ۾ سڪون وٺي ٻه ٽي ڏينهن سودا واپار ڪري اڳتي هاڪاريندا هئا.
حيدرآباد جيڪو آڳاٽي زماني ۾ دنيا جي صاف سٿرن شهرن ۾ ڳڻيو ويندو هو، تنهن کي نه ڄاڻ ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو اڄڪلھه هي شهر دنيا جي بدصورت شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اڄ هن شهر کي ڏسي اکين مان ڳوڙها ڳڙي ٿا پون. ڪوبه اهڙو روڊ نه آهي جيڪو سلامت هجي. حيدر چوڪ، باچا خان چوڪ جيڪو خان عبدالغفار خان جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، دادن شاهه، سرفراز چاڙهي جنهن تي گوڏي کان وڏو گٽرن جو پاڻي برسات کانسواءِ سيلاب جي صورت ۾ سدائين بيٺل هوندو آهي. مڪي شاهه روڊ ، ٻڪرا منڊي، ڦليلي، ڀٽي روڊ، پريٽ آباد، نيو ڪلاٿ مارڪيٽ، لياقت ڪالوني، ٽنڊو يوسف، گڊس ناڪو، گاڏي کاتي جو چوڪ، مولا عليءَ جا قدم، قاسم آباد جو اندروني شهر، وحدت ڪالوني، لطيف آباد، حالي روڊ، مطلب ته ڪو اهڙو روڊ سلامت نه ملندو، جنهن جو مثال ڏجي ته ٻيلي هي پاسو سلامت آهي. شهري حڪومت جو ڪو وجود ئي نظر نه ايندو. برسات کانپوءِ شهر جي اها حالت ڪنهن کان به لڪل ناهي. مظاهرا، ڌرڻا، روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ بک هڙتالون روز جو معمول بڻيل آهن.
هاڻ اچو ته ان پس منظر ڏي هلون ته هي ايڏو انڌير ڇو آهي. انهيءَ سڄي صورتحال جا جيڪي سبب منهنجي نظر ۾ آهن، اهي هي آهن: نمبر هڪ ته، ضلعي ناظم پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ وڏي پير ۽ گادي نشين جو پٽ آهي جيڪو وڏن بنگلن ۾ پلجي وڏو ٿيو آهي. تنهن غريبن جي ڪچين گندين وستين کي ويجھڙائيءَ کان ڪڏهن ڏٺو ناهي. جيڪو سونن چمچن ۽ کائي وڏو ٿيو؛ جنهن کي ڪڏهن غربت، بک، بدحاليءَ کي ويجھڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو نه مليو ۽ نه ئي هن جي مشاهدي ۾ اهڙي ڳالھه آئي ته جيئن هن ۾ احساس پيدا ٿي سگھي، ڇو ته مشاهدو وڏي شيءِ هوندو آهي.
لطيف سائين چيو آهي ته، ”پاڙي ناهي پروڙ ته رات رنجائي گذري...“ پر جيڪڏهن ضلعي ناظم انهن غريب پاڙن ۾ جنم وٺندڙ هجي ها ته کيس احساس ٿئي ها ته انهن پاڙن ۾ رهندڙ غريبن تي ڇا ٿي گذري؟
نمبر ٻيو هي ته، ضلعي ناظم صاحب وٽ ٻهراڙي ۽ شھرن جي تضاد جي ڪري هر ڪو اهو ٿو چاهي ته منهنجي ووٽرن کي رليف پيڪيج ملي. انهيءَ ڇڪ ڇڪاڻ ۾ ٻنهي پارٽين يا گروپن جا ماڻهو مار کائي رهيا آهن. چوندا آهن ته، ”وڙهن سانهه، لتاڙجن ٻُوڙا! “ سو عوام ٻُوڙا ٿي پيو آهي. سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته عوام دوست ناظمن کي پاسيرو رکيو وڃي پر جيئن ته پيپلز پارٽيءَ جا چونڊيل ناظم صدر جنرل پرويز مشرف جي متعارف ڪرايل نظام جو حصو آهن، تنهن ڪري انهن کي گڏي هلائي ناظم کي بچائڻ لاءِ به مصلحت کان ڪم ورتو پيو وڃي. صدر جنرل مشرف به ناظمن جي هاءِ گھوڙا تي انهن کي مٿي تي هٿ رکي ٿو ڇڏي ته جيئن سندس ساک بچي سگھي پر ان ڪوئي ٻليءَ جي کيل ۾ عوام مارجي رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو حيدرآباد شهر تباهيءَ جي آخري ڏاڪي تي بيٺو آهي. شھر جي نئين سر اڏاوت انهيءَ ڪري نٿي ٿئي ڇوته جھيڙو چڱ مڙسيءَ تان ٿيو آهي. هڪ ٻئي کي سياسي ميدان مان ڀڄائڻ لاء جنگ جيستائين دنگ ٿئي تيستائين شهر موهن جو دڙو بڻجي ويندو. حڪومت کي گھرجي ته سياسي جھيڙن کان هٽي ڪري شهر جي ٻيهر آبادڪاري ۽ اڏاوت لاءِ غير سياسي بنيادن تي ڊي جي ايڇ ڊي اي جي اڳواڻيءَ ۾ هنگامي بنياد تي ڪاميٽي تشڪيل ڏئي حيدرآباد کي ٻيهر آباد ڪري خوبصورت بڻايو وڃي. هونئن به مخدوم صاحب نولکي گودڙيءَ جا مالڪ آهن. جيڪڏهن هو سياسي مخالفت جي ڪري حڪم نٿا ڪري سگھن ته انهن وٽ پيپلز پارٽي نئين شڪل جي چيئرمين شپ به آهي ۽ حضرت مخدوم نوح رح جي نو لکي گودڙِي به ڪافي آهي، تنهن ڪري سياسي گند ۾ ڦاسي پنهنجي شهر کي برباد ڪرڻ جو جوکم نه کڻڻ گھرجي. ڪم نه ٿئي باقي بک هڙتالين کي جوس پياري اخبارن لاءِ فوٽو ڪڍرائڻ نولکي گودڙيءَ جي ڌڻين کي نٿو جڳائي.

(روزاني تعمير سنڌ، اربع 17 سيپٽمبر 2003ع )

جتي پرتا پاڻ ۾ ڪهاڙو ۽ ڪنڌ

فاضل راهوءَ جي شهادت جو ڪارو ڏينهن

جتي پرتا پاڻ ۾ ڪهاڙو ۽ ڪنڌ

فاضل چار درجا سنڌيءَ جا پڙهي پنهنجي اباڻي ڪرت چوپائي مال کي چارڻ لڳو. ڊگھي قد وارو فاضل اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي، اڇي ڪهاڙي ڪلھي تي ڪري جڏهن مينهن جو ڌڻ ڪاهي جُوءَ ۾ چارڻ ويندو هو ته ڪيترائي سندس هم عمر نوجوان فاضل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پر فاضل جي قدبت کي ڏسندي سندن حسرت حسرت ئي رهجي ويندي هئي. جڏهن ان وقت جو غلام محمد بئراج ۽ هاڻوڪو ڪوٽڙي بئراج تعمير ٿيو ته دُبي ريگوليٽر مان نڪرندڙ ڇور واهه وهي جڏهن راهوڪي جي پٽن کي آباد ڪيو ته فاضل جون زمينون آباد ٿيڻ لڳيون. پوءِ مينهون چاريندڙ فاضل، زمينون آباد ٿيڻ ڪري مينهون ڇڏي زمينون آباد ڪرڻ لڳو.
ون يونٽ قائم ٿيڻ ڪري چڪ قائم ٿيا. فاضل جي ڳوٺ کي به چڪ نمبر 11 مقرر ڪيو ويو. ڪجھه سندس سنگتي جيڪي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان واڳيل هئا، جن ۾ غلام نبي بهراڻي، حاجي ستابو جت، قاسم ملاح، محمد خان مگسي وارن جي صحبت ۾ فاضل ۾ انقلابي شعور پيدا ٿيو. ڪوٽڙي بئراج ۾ تمام ڀليون زمينون پنجابين کي الاٽ ڪيون ويون. ون يونٽ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. ان صورتحال ۾ سنڌي اديبن ۽ شاگردن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلائي، جنهن ۾ فاضل ڀرپور حصو ورتو. فاضل هارين جا قافلا وٺي حيدرآباد ۾ اچي مظاهرا ڪرائيندو هو. فاضل عملي طرح ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي بيدار ڪندو رهيو. فاضل ڄڻ ته شڪست سکيو ئي ڪونه هو. هو ڇلانگون ڏيندو منزلون ماڻيندو رهيو.
فاضل ون يونٽ کان وٺي هر معرڪي ۾ اڳواڻي ڪندو رهيو. نيلام بند ڪريو تحريڪ ۾ هن ڀرپور حصو ورتو، جنهن ۾ هن سوڀ حاصل ڪئي. 300 کان وڌيڪ هارين کي گرفتاريون ڏياري يحييٰ شاهيءَ سان ٽڪر کاڌو، جنهن ۾ يحييٰ سرڪار کي هار مڃڻي پئي. سنڌي هارين جي 8 لک ايڪڙ زمين قسطون ادا نه ڪرڻ ڪري نيلام ڪئي پئي وئي. ان جو يحييٰ سرڪار نيلام بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
1978ع ۾ ضياء شاهيءَ صحافت جي نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ لاءِ اخبارن تي سنسرشپ لاڳو ڪئي. صحافين جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ ڀرپور حصو ورتو. سوين سنڌي هارين، صحافين سان گڏ گرفتاريون ڏنيون. 1979ع ۾ شهيد ڀٽو کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. سڄي ملڪ جا سياستدان خود ساختا جلاوطني اختيار ڪري ملڪ ڇڏي ويا يا پنهنجا ڪن جھلي ويهي رهيا. اهڙي ماٺار ۾ شهيد فاضل جي ميزبانيءَ ۾ عوامي تحريڪ آڪٽوبر 1979ع ۾ راهوڪيءَ ۾ وڏو جلسو ڪوٺايو، جنهن ۾ سڄي ملڪ جا سياستدان ۽ صحافي شريڪ ٿيا. هي جلسو مسلسل ٻه ڏينهن هليو، جنهن تي ضياء سرڪار مڇرجي پئي. فاضل ۽ پليجي سميت ڪافي ورڪرن کي گرفتار ڪيو ويو. ان کانسواءِ 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ کي ٻين ڪيترن ڪردارن سان گڏ فاضل منظم ڪيو، جنهن ۾ سندس گھر واري ۽ نياڻين به گرفتاريون ڏنيون. فاضل انهن عملن جي ڪري مفاد پرستن جي اک جو ڪنڊو ٿي پيو، کيس هڪ پراڻي دشمنيءَ جي بهاني 17 جنوريءَ تي گولاڙچي شهر ۾ شهيد ڪيو ويو، جنهن لاءِ شمشيرالحيدري هيئن چيو ته،
هل ته هلون هينئڙا، ڏسون راهوڪي رند،
جتي پرتا پاڻ ۾ ڪهاڙو ۽ ڪنڌ،
سي ڀيڻيون ۽ بند، سڀ ڀلارا ڀانئيان !

(روزاني تعمير سنڌ، حيدرآباد، خميس 17 جنوري 2004ع )

ٿل ڪئنال مسئلي تي پيپلز پارٽي متحده جو ساٿ ڏيندي؟

اڄڪلھه سنڌ ۾ سياسي طرح وڏي ۾ وڏو اشو ٿل ڪئنال جي اڏاوت روڪائڻ آهي، جنهن لاءِ سڀئي سياسي پارٽيون سنڌ ۾ جدوجھد ڪري رهيون آهن. سرحد ۽ بلوچستان هن مسئلي تي ڪافي وقت کان ماٺ ۾ آهن، جن جي خاموشيءَ کي نيم رضامندي به چئي سگھجي ٿو. سنڌ ۾ هلندڙ جدوجھد ۾ عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، پيپلز پارٽي، قومي محاذ ۽ ايم ڪيو ايم جيڪي هڪٻئي جا اتحادي آهن، گڏجي آواز اٿاري رهيا آهن. ان کان علاوه ٻيون سماجي سياسي ڌريون به الڳ نموني سرگرم آهن. سڀئي ان خيال جا آهن ته ٿل ڪئنال سنڌ لاءِ موت جو وارنٽ آهي، جنهن کي بند ڪري سنڌ جي ڳچيءَ مان هي ڳٽ ڪڍيو وڃي. ٻي پاسي وفاقي سرڪار ماڳهين”ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرهن“ جي مثال وانگر ٿل ڪئنال کي مقرر وقت کان به هڪ سال اڳ ۾ مڪمل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ سرڪار ۽ مخالف ڌر وارن متفقه ٺهراءُ پاس ڪري وفاقي سرڪار کان گھر ڪئي آهي ته فوري طور ٿل ڪئنال جي اڏاوت روڪي وڃي. ٻي پاسي ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته، سنڌ سرڪار اندروني دٻاءُ ڏسي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءَ ته پاس ڪيو آهي پر قانوني طرح وفاقي سرڪار کي لکي ٿل ڪئنال جي اڏاوت روڪڻ لاءِ نه چيو آهي، جنهن تي تازو سڌ سماء جي وزير شيخ رشيد صحافين کي سوال جو جواب ڏيندي چيو آهي ته وفاق وٽ سنڌ سرڪار جو ڪوبه اهڙو مطالبو نه آيو آهي ۽ جڏهن آيو تڏهن ڏٺو ويندو. هاڻي سڄي صورتحال کي ڏسي ڇا سمجھجي؟ بقول مير علي نواز ناز جي ته،
تنهنجي رمز سھڻا مان ڇا سمجھان، آسان به آ، دشوار به آ
تنهنجي واعدي تي اعتبار ڪهڙو، اقرار به آ، انڪار به آ!

خير سنڌ سرڪار ته ويچاري وڻا وڻا ڪاٺي... جا پنهنجو وجود برقرار رکڻ ۾ پوري آهي پر اصل امتحان پيپلزپارٽيءَ لاءِ آهي، جيڪي سنڌ ۾ ٻين سياسي ڌرين سان گڏجي تحريڪ هلائڻ ۾ ڀرپور نموني سرگرميءَ سان حصو وٺي رهيا آهن پر هاڻ جڏهن ايم ڪيو ايم طرفان وفاقي ادارن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ رٿون پيش ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، تڏهن پيپلز پارٽيءَ جو وفاقي ادارن ۾ هن اشوءَ تي ڪهڙو ڪردار ٿو رهي، اها ڳالھه دلچسپيءَ سان ڏٺي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم جنهن سان سنڌ جي اصل مالڪيءَ جي دعوا ڪندڙن جا اڃا اختلاف باقي آهن، جيڪا شهري آباديءَ تائين محدود چئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم جڏهن هاڻ سنڌ جي حقن جي ڳالھه کلي عام ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ هو سرڪار جو حصو هوندي جيڪا ڳالھه چئي رهي آهي، اها ڳالھه سنڌ سرڪار ۾ شامل پراڻا سنڌي به نٿا ڪن. اصل ڳالھه لفاظيءَ نه پر عمل جي آهي. قومون به عمل سان ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن. هاڻ بال پيپلز پارٽيءَ وٽ آهي ته هو ڪهڙي نموني هن مسئلي تي وفاقي ايوانن ۾ پنهنجو رول ٿي ادا ڪري. هونئن ته اڪثر ائين ڏٺو ويو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جو موقف سنڌ ۾ هڪ ۽ پنجاب ۾ ٻيو رهيو آهي. جھڙي طرح ايم ڪيو ايم پنهنجو چٽو موقف رکي سنڌ جي هن مسئلي کي سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو ڄاڻي کنيو آهي، ساڳئي طرح پيپلز پارٽيءَ کي به سڀني مصلحتن کان بالاتر ٿي هن اشوءَ جي مالڪي ڪري، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ کڻڻ گھرجي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”ڦرئي کانپوءِ ڊپ ڪونهي، لٿي کانپوءِ اوير ڪانهي،“ سو پيپلز پارٽيءَ وٽ هاڻ وڃائڻ لاءِ رهيو به ڇا آهي. تمام تر اختيار جي حصول لاءِ ڪوششن جي، پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار مليو ئي ان ڪري جو بينظير صاحبه وطن آئي. ٻيو ته ٺهيو پر بينظير جي اباڻي صوبي سنڌ ۾ سڀني پارٽين کان وڌيڪ ووٽ هوندي به سنڌحڪومت نه ٺاهي سگھي. باقي سنڌ جي درياھ جي اشوءَ تي به جيڪڏهن مصلحت پسندي کان ڪم وٺي پنجاب جي ناراضگيءَ جي ڊپ کا چشم پوشي کان ڪم وٺندي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ خاموشي اختيار ڪئي ته پوء سنڌ سمجھندي ته ”ڌُريائين ڌاريامٽ مئيءَ جا نه ٿيا... جيڪي مُئي ڪندا سو جانب ڪريو جيئري.“
جيڪڏهن پيپلز پارٽي پنهنجيون سڀ انائون ڇڏي ٿل ڪئنال جي مسئلي تي پير ٻڌي ان جي اڏاوت خلاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ هڪ ئي وقت آواز اٿاريو ته پوء يقين ڄاڻو سنڌ جو عوام جيڪو اڳ ئي پيپلز پارٽي ۽ ڀٽي خاندان لاءِ اکيون پير ڪري ڳڙهي خدابخش کي پنهنجو سياسي قبلو مڃيندو آيو آهي، جن اڳئي ڀٽي خاندان لاءِ پنهنجو رت ست ڏنو آهي، سو وري به ساڳئي جذبي سان سندن ساٿ ڏيندو. اسان جي دعا آهي ته، رب پاڪ پيپلز پارٽيءَ کي توفيق ڏي ته هو سنڌ جي جياپي جي هن جنگ ۾ عملي طرح ثابت قدم رهي، جنهن جي اميد تمام گھٽ آهي. جي پيپلز پارٽي ليلان وارو ڪردار ادا ڪيو ته چنيسر داسڙي کي ڪنؤرو هٿ ڪري ويندي؛ پوءِ پيپلزپارٽي وٽ سواءِ پڇتاءُ جي ڪجھه نه هوندو: ”تو جو ڀانئيو هار سو سورن جو سڳڙو...“ اڳئي اقتدار ڪيترا رنگ ڏيکاريا آهن ڀٽي خاندان کي؛ تنهن ڪري هاڻي گھڻو ٿيو. آصف زرداري عمر قيد جيتري سزا ڀوڳي چڪو آهي. ٻار جلاوطن، بينظير ڀٽو صاحبه جلاوطن، پيپلز پارٽي جو اصل هليو بگاڙي عجيب و غريب نالن سان سڃاتو پيو وڃي. انتها ٿي چڪي، هاڻي ضرورت آهي ته بچيل شيون سنڀالجن جيڪي پنهنجون آهن. ”ڪوڙين ڪيون ڪيتريون انهيءَ کر خوار... ڀُلي ڀُلي پاڻ آئي تنهن کي ڀلي ڪو نه چئبو.“ پنهنجي گھر جا ٽپڙ سنڀالڻ به دانشمندي آهي. منشي چيو آهي ته،
پنهنجو ان پنهنجو ڌن
پنهنجو ڪک پنهنجو پن
پنهنجو رڇ پنهنجو ڀن
ڪٿي ڪين هوندا ڪنول گل ڪوماڻا
مان هوندس نه هوندس سو پاڻا ڄاڻان
نه هونديون هي حويليون، نه هوندا هي ٿاڻا.

( روزاني تعمير سنڌ، اڱارو 22 جولاءِ 2003ع )

فاضل قتل ڪيس : هڪ دانهن، هڪ ميار

شهيد فاضل راهو جيڪو پيڙهيل طبقن هارين، پورهيتن، ڪولھين، ڀيلن، شڪارين، باگڙين، ميگھواڙن، جتن، مهيرين، چانگن، چانڊين، سماٽن، ٻروچن، اڇوتن سميت سڀني ذاتين، سڀني مذهبن، سڀني فرقن سان لاڳاپيل ماڻھن جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪندڙ هو. هن جاگيردار ۽ طبقاتي سماج جي اوچ نيچ، مسجدن، مندرن، ڪليسائن، گرجائن، سڀني ڳالھين کان بي نياز ٿي انساني آدرشن کي اپنايو. ڀائيچاري، انسان دوستي، ايڪي ۽ محبت جا جيڪي هن ٻج ڇٽيا، انهن جي خوشبوءِ اڄ به راهوڪيءَ ۾ سندس مقام تي محسوس ڪري سگھجي ٿي.
فاضل ڌڪاريل، قابل نفرت ۽ هيڻن ماڻهن کي گلي سان لڳائي انهن مان احساس محرومي ڪڍي ڇڏي. اڄ گولاڙچيءَ جا ڪولھي، ڀيل، ميگھواڙ جن کي اڇوت ۽ شودر سڏيو ويندو هو، جن کي واڻيا ۽ اوچي ذات وارا هندو به گڏ نه کارائيندا هئا، سي اڄ گولاڙچيءَ جي مسلمانن سان هڪ ٿانوَ ۾ گڏ کائيندا آهن. فاضل سڀ مذهبي ۽ طبقاتي فرق مِٽائي ڇڏيا. فاضل چيو ته ظالم وڏيرا ۽ رشوتخور ڪامورا جيڪي رات ڏينهن حرام جي ڪمائيءَ تي پلجن ٿا، جيڪڏهن اسان انهن سان گڏ کائون ٿا ته پوء ڪولھي ۽ ڀيل جيڪي حق حلال جي ڪمائي کائين ٿا، انهن سان ڇو نه گڏ کائجي. فاضل مظلوم طبقن سان سچو پيار ڪيو. هن عملي جدوجھد ڪندي ڪوڙن ۽ فرسودن معيارن کي لت هڻي، انساني عظمتن لاء جاکوڙيو، هن ٻاهران اجرن ۽ اندر جي ڪارن مردار وڏيرا شاهيءَ کي ڌڪاريو پر ٻاهران ڪوجھن ڪارن ۽ اندر جي اجرن پورهيت ماڻهن کي گلي سان لڳايو. فاضل ٺڳ وڏيرن جيان ڪوڙا نعرا هڻي عوام کان ووٽ ڪونه ورتا پر هن سچي دل سان عوام جو ساٿ ڏنو. هر ڏک جي گھڙيءَ ۾ مصيبتن جي ماريل عوام جي رهبري ڪندو رهيو. اهي عوام جا طبقا جيڪي صدين کان ڌڪاريل هئا، جن کان نفرت ڪئي ويندي هئي؛ فاضل انهن محروم طبقن کي گلي سان لڳايو. شاهه جي لفظن ۾ ،
ککيءَ هاڻيون کاريون ڇڇيءَ هاڻا ڇڇ،
پاند جنين جي پاند سان لڳي ٿئي لڄ،
سمون ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين.
(لطيف)

جن گندن، ميرن، ڪارن ڪوجھن کي حقارت سان ڏٺو ويندو هو، فاضل انهن ماڻهن کي پنهنجو ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو ان فاضل جي ڳالھه ڪرڻ سان يا ٻڌڻ سان ڪيترائي ماڻهو ڍنڍڪرون ڏيئي روئي پوندا آهن. زاهد شيخ جو فاضل جي شهادت تي لکيل هي مشهور گيت:
قاتل او قاتل بدلو وٺنداسين،
هر خون جي قطري قطري جو...

جڏهن به گونجندو آهي ته ڪيترائي ماڻهو بي خوديءَ جي عالم ۾ هليا ويندا آهن يا آڪاش انصاريءَ جو هي گيت،
تون ڪهڙو فاضل ماريندين
اڄ هاري ناري فاضل آ
هي سنڌڙي ساري فاضل آ ...

ٻڌڻ سان اڄ به ماڻهن تي سڪتو طاري ٿي ويندو آهي. فاضل هن صديءَ جي سنڌ جي اڀاڳي عوام لاءِ ٿڌي هير جو هڪ اهڙو جھوٽو هو، جيڪو هزاين زخمي دلين جو مرهم هو، جيڪو بکين ۽ ڏکين جي هجوم ۾ ڳالھائيندو هو ته هزارين ستايل مئل دلين ۾ جيئڻ جي امنگ جاڳي پوندي هئي. هو پيڙهيل طبقن لاءِ اهڙي گھاٽي بڙ جي ڇانوَ هو جتي بي سهارا ۽ نڌڻڪا ماڻهو اچي ساهه پٽيندا هئا. ان فاضل جو قتل انهن سڀني بي سهارا ماڻهن جي امنگن ۽ آرزوئن جو قتل هو. هن جي قتل سان هزارين ماڻهو پاڻ کي يتيم سمجھڻ لڳا. اهي ماڻهو اڄ به جڏهن راهوڪيءَ وٽان روڊ تان لنگھندا آهن ۽ انهن جي نظر فاضل جي مزار تي پوندي آهي ته بي ساخته دانهن ڪري چوندا آهن: گھوڙا مڙس اهو ستو پيو آهي، جيڪو ضياء شاهيءَ سان وڙهندو هو. يحييٰ شاهيءَ سان به وڙهندو هو، جيڪو عوامي حقن لاءِ هر ظالم ۽ جابر سان سينو ساهي بيهندو هو، جنهن جي بي مهلي قتل تي سڄي سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج ٿي پيا. جنهن جي ورسين تي لاڙڪاڻي، جيڪب آبادکان ويندي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پيادل قافلا بينر کڻي ايندا هئا ته فاضل جي قتل ۾ ملوث ڳُجھن هٿن کي ظاهر ڪريو ۽ فاضل جي قاتلن کي سرعام ڦاسيءَ تي لٽڪايو. ڳجھا هٿ ته اڄ ڏينهن تائين ظاهر نه ٿي سگھيا آهن پر عوامي دٻاءُ کي ڏسي ڪورٽ سڳوري ظاهري قاتلن کي سزائون ڏنيون جنهن مان اصل قاتل کي موت جي سزا ڏني وئي ۽ 2 سيپٽمبر تي قاتل کي ڦاسي اچڻي هئي پر چانگ برادري فضل چانگ کي ڦاهيءَ کان بچائڻ لاءِ اسماعيل راهو سان رابطو ڪيو جنهن صلاح مصلحت لاءِ چانگن کان مهلت گھري، تنهن ڪري قاتل فاضل چانگ جي سزا تي عملدرآمد صدر هڪ هفتي جي لاءِ روڪي ڇڏيو. اها ڳالھه جيئن ئي اخبارن ۾ آئي ته ڪيترائي فاضل جا ديوانا چريا ٿي پيا ۽ انهن سختيءَ سان اسماعيل راهو کي چيو ته جيڪڏهن تون فاضل جو خون بخش ڪندين ته اسان فاضل جي مزار تي پاڻ کي جيئري ساڙينداسين. اسماعيل راهو عوام جي ناراضگيءَ کي ڏسي منٿ ميڙ لاءِ آيل چانگ برادريءَ جي چڱن مڙسن کي اهو چئي جواب ڏنو ته ته فاضل جو آئون اڪيلو وارث نه آهيان پر فاضل جا هزارين پورهيت ۽ هاري به وارث آهن جيڪي معافي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ڪجھه سنڌي اخبارون هن ڳالھه کي سطحي نموني سان کڻي انصاف نه ڪري رهيون آهن. انھن ڪجھه نام نهاد سياستدانن ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪجھه استادن کان رايا وٺي رڪارڊ جي پورائي ڪئي آهي. فاضل ته هڪ اهڙي باغ جو ٽڙيل گل هو جنهن جي ڇڄڻ سان سڄي چمن مان ڄڻ خوشبوءِ ئي موڪلائي وئي آهي.

گل ڇنو گرنار جو، پِٽڻ ٿيون پِٽين،
سهسين سورٺ جھڙيون، اُڀيون اوسارين
چوٽا چارڻ هٿ ۾، سِر سينگاريو ڏِين،
ناريون ناڏ ڪرينِ، راجا رات رمڳيو.

سنڌ جا صحافي دوستو، جيڪڏهن توهان کي فاضل جي باري ۾ عام راءِ معلوم ڪرڻي آهي ته اچو ته اسين فاضل جا ساٿي اوهان کي فاضل جي اصلي ڪردارن سان ملايون. اوهان پڇو ڪنهن ڪولھڻ هارياڻيءَ کان، اوهان پڇو ڪنهن اوڏڻ ۽ ڀيلڻ ناريءَ کان، اوهان پڇو ان بيوس هاريءَ کان جنهن جي ڌيءَ اڄ به وڏيري جي حويلي ۾ ڪنيز آهي. اوهان پڇو ڪڙيو گھنور شهر ۾ ڏنوڻ تي ويٺل ان ڪارياڻيءَ کان، اوهان پڇو ڪڙيو گھنور شهر جي رليون سبندڙ ميگھواڙ عورتن کان، اوهان پڇو انهن پوڙهين جھور آڏاڻن تي ڪم ڪندڙ ڌاڳن ۾ ٻڌل نظر جي چشمن وارن مهيرياڻين کان، ته فاضل ڇا آهي؟ اوهان پڇو ڪامريڊ جمعي نوحاڻي ۽ حاجي قاسم ملاح کان، جن قاتل کي معافي ڏيڻ جي صورت ۾ پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙڻ جو اعلان ڪيو. اوهان ته پڇيو آهي اياز لطيف پليجي کان جيڪو پنهنجي پيءُ جي کٽل سياسي هٽ تي هر گراهڪ کي ٻانهن کان پڪڙي پاڻ ڏي ڇڪي ٿو پر گراهڪ ٻانهن ڇڏائي ڪنهن ڀريل دڪان ڏي هليو ٿو وڃي.
خدا جي واسطي فاضل جھڙي قلندر ماڻھوءَ کي سياست جي ڍونڍ تي ويٺل سياسي ڳجھن کان بچايو. فاضل جنهن سچي دل سان عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ ويڙهه ڪئي. جيڪو دودي ۽ دريا خان جيان اڏول ۽ اڻموٽ رهيو. جيڪو سنڌوءَ جي پاڻي جيان پاڪ هو. اهو فاضل اسان ۽ اوهان سڀني جو گڏيل ورثو آهي. فاضل اڄ به اسان لاءِ ايترو عظيم آهي جنهن جي مقدس خون جو اسان قسم کڻندا آهيون. ان شهيد فاضل جو سڀني سنڌ واسين تي قرض آهي، جنهن جي شهادت کانپوءِ اسان سڀ ڏکارا آهيون. اسان جڏهن ويڳاڻا ٿيندا آهيون ته فاضل جون ڳالھيون ڪندا آهيون. لطيف جي سر ڏهر جي هن بيت جيان:
ڪر ڪي ڳالھڙيون، ڪنڊا ڍور ڌڻين جون،
ڪيئن سي راتڙِيون، ڪنهن پر ڏينهن گذاربين.

ڏيئي موت کي مات،منشي مئاسين!

سنڌ جي قومي ۽ عوامي شاعر منشي محمد ابراهيم جو جنم 15جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومرو تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. هن شعر و شاعريءَ جي شروعات 1949 کان ڪئي. سندس والد محمد اسحاق سومرو به شاعر هو، جيڪو مذهبي صنف مولود شريف چوندو به هو ۽ پڙهندو به هو. منشي سنڌي پنج درجا پڙهي پنهنجي پيءُ سان ٻني ٻاري ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. جيئن ته منشي غريب ۽ پورهيت گھراڻي ۾ جنم ورتو هو، تنهن ڪري غربت، بک ۽ بيروزگاريءَ کي پاڻ ويجھڙائيءَ کان ڏٺائين ۽ ڀوڳيائين. مسڪين ماروئڙڻ جي اهڙي حالتِ زار کي ڏسي سندس حساس دل شاعريءَ ڏانهن راغب ٿي ۽ مسڪين پورهيتن جي بک ۽ بدحاليءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيائين.
سنڌ جيڪا اڳ ئي پنهنجن جو پيٽ ڀرڻ ۾ پوري هئي، وري جو ون يونٽ جو ڳٽ سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو، تنهن باقي ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. ڪوٽڙي بئراج ٺهيو ته سڄي ملڪ جا بي گھر ماڻهو گھرائي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا. اهڙي ظلم، زور آورين ۽ ارهه زوراين کي ڏسندي سنڌ جي ڪجھه سڄاڻ ماڻهن سائين جي ايم سيد جي رهبريءَ ۾ چرپر ڪئي. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان به ڪم شروع ٿيو. ٻئي پاسي، سنڌ جي تعليمي ادارن مان به هلچل شروع ٿي وئي. آهستي آهستي ڇڙوڇڙ سنڌ ون يونٽ جي خلاف ملي هڪ ٿي وئي. منشي للڪارون ڪري ڌارين کي ڌڪارڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ ڪاهي پيو ۽ سنڌ دشمن قوتن کي سيني سپرٿي هيئن چيائين ته :
جنگ جنگ جنگ آ، منهنجي توسان جنگ آ
پليت پير ڪر پري، هيءَ ڌرتي منھنجو ننگ آ.

آخر ون يونٽ ٽٽو. ايوب جي خلاف تحريڪ شروع ٿي ته منشي به ان ۾ اڳيان اڳيان رهيو، تان جو ڀٽي مرحوم صدر ايوب کان ڌار ٿي پيپلز پارٽيءَ جو بنياد رکيو. منشي به ڀٽي جي پروگرام کان متاثر ٿي پيپلز پارٽيءَ جي ويجھو ٿيو. ايتري قدر جو ستر واري اليڪشن دوران هن، سڄي سنڌ ۾ ڀٽي مرحوم سان اليڪشن مهم ۾ پنهنجي انقلابي شاعري پڙهي، عوام جي دلين کي گرمائي، پيپلز پارٽيءَ جي پروگرام کي گھر گھر پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت ملي ته قصو ئي ٻيو ٿي ويو. اهي پراڻا وڏيرا سرڪار جا ڪرتا ڌرتا ٿي پيا، جنهن تان منشي پنهنجي شاعري وسيلي ڀٽو سرڪار تي تنقيدي شعر چوڻ شروع ڪيا. مثال طور ڀٽي جي هارين کي زمين نه ڏيڻ واري قصي کي هيئن بيان ڪيائين :

سنڌ وارن لاءِ ڪيو سرڪار، ٽيڪڙ چنڊ تي
هرڪنهن هاريءَ لئه زمين آ سورهن ايڪڙ چنڊ تي
هر مزو منشي اتي آباديون، آزاديون
ناهي ميرن ۽ پيرن جي ڪا گڙ ٻڙ چنڊ تي!

منشيءَ جي اهڙي تنقيدي شاعري ڀٽي مرحوم کي نه آئڙي. منشي مڙڻ جو ته هو ئي ڪونه، تنهن ڪري کيس جيل ۾ واڙيو ويو ۽ لڳاتار چار سال سرڪاري مهمان ٿي رهيو. سندس معصوم پٽ جيل دوران وفات ڪري ويو، جنهن جو ڪلھي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ ان وقت جي سرڪار سندس پئرول واري درخواست رد ڪري ڇڏي. پنهنجي پٽ جي وڇوڙي تي مرحوم پٽ کي مخاطب ٿيندي هي شعر چيائين :

منهنجي ڏات ڏوهاري پٽڙا، منهنجي ڏات ڏوهاري
ارهي اک جي آس هئين، پر تنهنجي مٽي موچاري پٽڙا!
ڏسڪي ويٺي ڏاڏي تنهنجي، جاني منهنجي جيجل ماءُ
پٽ ۽ پوٽا پاهه بکن ۾ جنهن جا هاري ناري پٽڙا
منهنجي ڏات ڏوهاري پٽڙا، منهنجي ڏات ڏوهاري پٽڙا!

سال 2003ع جي اوائل جي ڳالھه آهي، اخبار ۾ پڙهيم ته منشي ابراهيم کي شديد دل جي دوري پوڻ ڪري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. اسپتال وڃي ڏٺم ته پاڻ اڪيلو بيڊ تي ليٽيل هو. مون کي ڏسي ٽيڪ ڏئي ٿورو ويهاڻي جي مدد سان سنئون ٿيو. چوڻ لڳو: ”اڄ ڊاڪٽرن مون کي ماني کائڻ جي اجازت ڏني آهي، پر منهنجي کيسي ۾ صرف 15 رپيا هئا، جيڪي فقير قادر کي ڏئي موڪليو اٿم ته پاپا ۽ چانهن وٺي اچي، ته هينئين جھل ڪريان، ڇوته پندرهن رپين مان ماني نٿي کائي سگھجي! پٽ طارق کي ڳوٺ موڪليو اٿم ته ڪٿان پٽ سٽ ڪري ڪجھه رقم هٿ ڪري اچي ته جيئن ماني ٽڪي ۽ دوا درمل جو خرچ هلائي سگھجي.“ چيومانس ته استاد تو لاءِ مانيون کوڙ. ماني ٺهرائي کڻي آيس. ٿوري دير ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي پٽ سميت منشيءَ جي عيادت لاءِ آيو، جنهن ويندي ويندي ڪجھه رقم سندس کيسي ۾ وڌي. شام جو مون کي چيائين ته ”اڄ مون وٽ پنهنجا پئسا آهن، ساڳئي هوٽل تان ماني ٺهرائي اچ ته گڏجي کائون.“ اهڙي طرح سڄو سال دل جي عارضي ۾ اسپتالن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو. ڪنهن به سرڪاري سياسي ڌر سندس پرگھور نه لڌي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ جنهن کي پنهنجي آواز ۾ لطيف سائينءَ جو سڄو رسالو تحت اللفظ رڪارڊ ڪرايو هئائين، تن به آخر تائين کيس معاوضي جي رقم ادا نه ڪئي.
منشيءَ سان آخري ملاقات 16 جون 2003ع تي راهوڪيءَ ۾ ٿي. منشي مرحوم جي حياتيءَ ۾ جن سياسي پارٽين جي اڳواڻن سندس انقلابي گيتن تي ڳوڙها ڳاڙي پنهنجن جلسن جي رونق وڌائي هئي، تن مان پڇاڙيءَ ۾ ڪوبه وٽس لڙي ڪونه آيو، سواءِ ٽنڊي محمد خان واري عالماڻي يار جي، جنهن ساڻس ڪيتريون ئي رهاڻيون ڪري سندس وڊيو ڪيسٽون تيار ڪيون، جن جون ڪاپيون ڊب ڪرائي لينگويج اٿارٽيءَ کي ڏنائين، جن وري دعويٰ ڪئي ته اسان منشيءَ کي انهن ڪيسٽن جو معاوضو ادا ڪيو آهي. جڏهن ته انهن صرف ڪيسٽون ڊب ڪرڻ جي رقم ادا ڪئي هئي. اهڙي طرح پنهنجي قوم جي بي حسي ۽ قومي ادارن جي بي رحم ڪامورن جي بي توجھي جو شڪار ٿي، آخر هي سنڌ جو ٻيجل 31 جولاءِ 2003ع تي اسان کان جسماني طور هيئن چئي جدا ٿيو ته:
ڏئي موت کي مات منشي مئاسين
مگر نئين نسل کي اجاري وياسين.

(روزاني ڪاوش ، ڇنڇر 31 جولاء 2004)

سنڌي ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ شامل ڇو ٿا ٿين ؟

جڏهن کان ايم ڪيو ايم متحده جي روپ ۾ سامهون آئي آهي تڏهن کان سنڌي ماڻهو ان ۾ شامل ٿيڻ لڳا آهن. اڄ کڻي انهن جو تعداد گھٽ آهي، پر آهستي آهستي انهن ۾ واڌ اچي رهي آهي جيڪا ڳالھه سنڌي سياستدانن لاءِ نيڪ شگون نٿي چئي سگھجي. ان ڳالھه تي سنڌي سياسي ڌرين کي سنجيدگيءَ سان غور فڪر ڪرڻو پوندو، لطيف جي هن سٽ جيان ته ”ڪا مونهين ۾ گھٽ، نه ته سڄڻ سٻاجھو گھڻو.“ جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيا آهن اهي ڪي گمنام ماڻهو نه پر سنڌي عوام جي حوالي سان انهن جو ڳڻپ وارو ڪردار رهيو آهي. مثال، علي احمد بروهي، قمر شهباز، ابراهيم سوهو، اسماعيل سوهو جي نياڻي هير سوهو جيڪا ايم ڪيو ايم جي ٽيڪيٽ تان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر پڻ آهي. هاڻي اچو ته انهن ڪارڪنن تي نظر وجھون جن جي ڪري ايم ڪيو ايم ڏانهن سنڌي ماڻهن رخ ڪيو آهي.
ماضيءَ ۾ جڏهن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلي جنهن ۾ اديب، شاعر، دانشور ۽ قوم پرست ڌرين ڀرپور مهم هلائي، قومي سوچ کي اجاگر ڪيو. ايتري ۾ ڀٽو صاحب ايوب سرڪار کان ڌار ٿي عوامي نعرو هڻي ميدان ۾ آيو. ايوبي مارشل لا خلاف اڳ ئي نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان ۾ نفرت زور وٺي چڪي هئي. رڳو ٻرنديءَ تي گاسليٽ هارڻ جي ضرورت هئي، جيڪو ڪم ڀٽي صاحب ڪيو. ڀٽو هڪ عوامي قوت ٿي اڀريوته قوم پرست ڌريون ڪي ڀٽي جي انقلابي دلفريب نعري ۾ اچي ڀٽي سان گڏجي ويٺيون ته ڪي پس منظر ۾ هليون ويون. آخر ون يونٽ ٽٽو، چونڊون ٿيون، يحييٰ خان اقتدار ڀٽي جي حوالي ڪيو پر بنگال وڃائي پوءِ. جن ماڻهن ڀٽي جي انقلابي نعري سوشلزم جي پروگرام کي ڏسي پيپلز پارٽي جي حمايت ڪئي هئي سي حڪومت ۾ وڏيرن جي شموليت کي ڏسي پاسيرا ٿي ويا. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، مولانا عبدالحق رباني نصرپور وارو جنهن ڀٽي جي حق ۾ فتويٰ ڏني هئي ته ڀٽي جو اسلامي سوشلزم غيراسلامي نه آهي. ابراهيم منشي، شهيد فاضل راهو ۽ ٻيا انيڪ ماڻهو سچ چوڻ جي ڏوهه ۾ جيلن ۾ واڙيا ويا جو منشيءَ کي ئي چوڻو پيو ته:

ويون انصاف جون واهون، پيا مسڪين ڪن دانهون
ڪيا جن قول ٿي ڪيڏا، هر هر کڻي ٻانهون
وزارت جون وٺي ڪرسيون، ڪري ويا پير سڀ پانهون
ٿيو پڌرو اڇو ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو
وڏيرن جو وريو وارو ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو!

اهڙن شعرن لکڻ جي پاداش ۾ منشيءَ جھڙن قومي شاعرن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري کين جيلن ۾ واڙيو ويو. پريس اينڊ پبليڪيشن جھڙا ڪارا قانون ٺاهي سنڌي رسالن ۽ اخبارن تي بندشون هنيون ويون. طارق اشرف جھڙي سهڻي رسالي جي ايڊيٽر کي قيد رکيو ويو. خير، ڀٽي صاحب جو دور پورو ٿيو ته ضياء آيو. ضياء ڇا آيو، سڄي سنڌ تي قيامت ڪڙڪي پئي. ڀٽي کي ڦاسي تي لڙڪائي سنڌي ماڻهن جون زبانون بند ڪيون ويون. ڦٽڪن ۽ ٽِيپن جو اڻکٽ سلسلو هلي پيو. سنڌ جي جھوني شاعر مجيديءَ کي چوڻو پيو ته،
روپ نگر جي راڻي آهيان، سنڌ
منھنجو آهي ڪڇڻ پڇڻ بند.

سنڌ جو ڪڇڻ پڇڻ بند ڪيو ويو، تان جو ضياء کي ڌڻيءَ مٿان ئي مٿي گھرائي ورتو، تڏهن وڃي سنڌي ماڻهن ۾ ساهه پيو. ايتري نفرت جو ڪنهن جي مرڻ تي خوش نه ٿبو آهي پر ضياء جيڪي سنڌي عوام جا ڪونڌر ڪٺا، ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌي ڳوٺن تي بمباري به ڪرائي وئي، تنهن ڪري آڪاش انصاريءَ کي هيئن چوڻو پيو ته، ”زندگيءَ جي ذليل گھڙين ۾، ضياء جي موت جي خبر آهين.“
ضياء پنهنجو وارو وڄايو ته وڏي لاڏ ڪوڏ سان سنڌ جي گادي ڌڻين کي شڪستون ڏيئي شهيد جي نياڻيءَ کي ووٽ ڏيئي مسند تي ويهاريو ويو ته به سنڌ جي سورن ۾ ڪمي ڪانه آئي.

سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان
سُکن جي سيد چئي پُکي آئون نه پياس
جيڪر آئون هياس، گري گوندر ول جي.

وري به ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه، ساڳيا وڏيرا جيڪي ضياء وٽ شوريٰ جا ميمبر هئا سي ٻه اکر بيان جا ڏيئي بينظير سان گڏجي ويا.
مون کي ياد آهي ته نصرت ڀٽو جي اڳيان ٻيهر ٽيهر پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت وقت ٽنڊي محمد خان جي مير اعجاز علي ٽالپر، لطيف جون هي سٽون پڙهيون... ”جتي اوهان ڇڏيون اتي ئي آهين!“ ڪو پڇاڻو ڪونه، ڇو ته ساڳيا جاگيردار، وڏيرا هر سرڪار جي ضرورت، پوءِ اها فوجي حڪومت هجي، جمهوري حڪومت هجي، ڪهڙي به روپ ۾ هجي، ساڳيا خاندان ناظم به آهن. مشرف سرڪار ضلعي حڪومتون ٺاهيون ته، ناظم ڪير ٿيا؟ مخدوم، سيد، پير، سردار ٿيا. ڪهڙو غريب ماڻهو ٿيو؟ ڪو به نه.
ڳالھه مثال ڏيندي ڊگھي ٿي وئي، اصل ڳالھه تي ٿا اچون ته هاڻي ته هي صورتحال آهي ته، پيپلز پارٽي جيڪا ملڪ جي واحد وڏي پارٽي وفاق جي زنجير ليکي ويندي هئي، تنهن جي گڏيل ميمبرن تي موجوده سرڪار ائين بيٺي آهي جيئن ڍڳي جي سڱن تي ڌرتي بيٺي آهي. پيپلز پارٽيءَ کي پاڪستان جي ٻين صوبن مان ٽپڙ کڻائي پنهنجي اصل وطن سنڌ ڀيڙو ڪيو ويو آهي، جنهن جناب نثار کهڙي جي اڳواڻيءَ ۾ اچي پليجو صاحب جي پاڙي ۾ لڏ لاٿي آهي. هاڻي ٿل ڪئنال جي جدوجھد تي گذر سفر آهي ۽ اڳتي به رهڻو آهي. وري قوم پرست ڌرين ۾ اهڙي ٻڌي جو ڇا چئجي، هينئون ٺريو پوي!
قومي ٻڌيءَ جو ثبوت تازو ٿل ڪئنال خلاف ڪڍيل ريلي ۽ ماتليءَ جي جلسي ۾ مليو. ان جلسي ۾ جيڪي هڪٻئي کي عزتون ڏنيون ويون، ان تي جيتري خوشي ڪجي سا گھٽ آهي. اصل دشمن لاءِ داغ آهي! هاڻي هي حال آهن قومي جمهوري ڌرين جا پوءِ ڇا. ڪجي؟ هي هڪ سوال اڻ حل ٿيل آهي جنهن تي سڄي قوم کي ويچار ڪرڻ گھرجي، خاص ڪري پروفيسر مشتاق ميراڻي ۽ حيدر علي لغاري جھڙن بي داغ ماڻهن کي.
جيتري قدر متحده جي ڳالھه آهي ته اهي پنهنجي ورڪرن جي، ماڻهن جي پاڻ مالڪي ڪن ٿا، وزير انهن جا پابند آهن ته هو زونل آفيسن ۾ ويهن ۽ ڪارڪنن سان گڏ ويهي ڊيوٽيون ڏين. ڪارڪنن جي چوڻ تي عوام جا ڪم ڪاريون ڪن. ڪارڪنن سان گڏ ويهي گلم تي دال ڀت کائين، قرب محبت سان پيش اچن، اهو انهن جي ڊيوٽيءَ ۾ شامل آهي. تازو ايم ڪيو ايم جي ثقافت واري وزير شبير قائمخاني سنڌ جي شاعرن ابراهيم منشي، لاڙ جي پورهيت بيمار شاعر مبين پنائيءَ کي گھر وڃي امدادي چيڪ ڏنو، جنهن تي مبين پنائيءَ جي پٽن ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. چوڻ جو مقصد ته ايم ڪيو ايم وارا پنهنجي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان عوام سان ويجھي رابطي ۾ آهن. سنڌ ۾ سواءِ ٺٽي جي شيرازين جي، ٻيو ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو عوام سان گڏ هجي. سو هاڻ ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته قبول اهو پوندو جيڪو عوام سان ڏک سور ۾ گڏ هوندو، باقي ڪوڙن نعرن جي آسري تي هڪڙو پورو نسل فنا ٿي ويو آهي.
سنڌي ماڻهن وڏيرن جي ڪوڙن ڏٽن کان بيزار ٿي فراريت اختيار ڪئي آهي. جي پنهنجي ليڊر شپ ۾ افعال هجي ته ڌارين جي پويان وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اسان وٽ سنڌي قوم جا اڳواڻ رئيس ۽ وڏيرا جيڪي عوام کان ووٽ وٺي پوءِ وري لوڻو به ڪونه هڻن، عام ووٽر کي پنهنجو هاري سمجھي وساريو ڇڏين. ڪم لٿو ڪاڳر ڦاٽو. ميمبر ۽ وزير اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جا وڻ وسائين ته وري واپسيءَ جو رخ نه ڪن. عياشين ۾ راتيون گذاري ڏينهن جو ننڊون ڪن، عوام وڏيرن جي درن تان ڌڪا کايو موٽي اچي. مجيديءَ اهڙن وڏيرن لاءِ چيو آهي ته:
”تون ته گھرين ٿو ڪرسي، هي گھرن ٿا اٽو،
اچون تنهنجي بنگلي تي نوڪر چون هٽو “

پر جي ڪنهن کي ڪو وڏيرو ڀاڳن سان مليو ته چوندو: بابا اوهان مون کي ووٽ ٿوروئي ڏنا آهن . اوهان ووٽ ڏنا آهن جيئي ڀٽو کي ۽ ڪم به ان کان وٺو. موجوده سنڌ سرڪار ۾ ته لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم کانسواءِ سنڌ جي ڪا نمائندگي ئي نه هجي. نڌڻڪا گھوڙا غيباڻا سوار هجن ته پوءِ خودڪشي ڪرڻ کان بهتر آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ وڃجي، جتي ٻيو ڪجھه نه، ته به عزت ته آهي. هونئن اهي آهن بيماري پر ان جو ڪارڻ سنڌ جو سياستدان آهي نه ڪي عوام، نه ئي سياسي ورڪر. باقي اليڪشن ۾ جيئرن جون فاتحائون ڪري ووٽ وٺڻ جو دور نه رهيو آهي، هاڻي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي.

(روزاني تعمير سنڌ ، ڇنڇر 19 جولاء 2003)