شاعري

جڏهن ڀونءِ بڻي

تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪي بنياد آهي، ۽ هن ٻوليءَ، ڪردارن ۽ ماحول جون مڪاني وصفون وڏي اعتماد سان پيش ڪيون آهن. تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان اڻ ٽٽ پيار جي انيڪ رنگن جو وسيع ڦھلاءُ ملندو آهي. سندس ٻولي، اسلوب، استعمال ڪيل اصطلاح، محاورا، ۽ سندس شاعريءَ جا ڪردار سڀ ڪمال جي درجي جا آهن. تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ فطرتي منظرحقيقت جي بلڪل ويجهو آهن، جيڪي سندس شاعريءَ جي سونھن سوڀيا کي وڌائين ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 49
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جڏهن ڀونءِ بڻي

حق ۽ واسطا اداري وٽ

تاجل بيوس اڪيڊمي جو ڪتاب ٻيون

ڪتاب: جڏهن ڀونءِ بڻي
شاعري: تاجل بيوس
ترتيب: هدايت بلوچ / ڪرم الاهي چنا
ڪمپوزنگ ۽ پيج ميڪنگ: ڪرم الاهي چنا
ڪور ڊزائين: فتاح ھاليپوٽو
پبلشر: تاجل بيوس اڪيڊمي، ڪراچي
ڇاپو پھريون: سيپٽمبر 1982ع انڊس وئلي ڪلچر ائسوسئيشن، ڪراچي
سھڪار : سنگم پبليڪيشنس،
ڇاپو ٻيون: پاران تاجل بيوس اڪيڊمي 2023ع

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

JAD, HIN BOON BANAI
(Collection of Verses)
Poet: TAJAL BEWAS
Compiled by: Hidayat Balaoch /
Karam Ellahi Channa
Composing & Page Making: Sangam Publication, Sachal Goth, Karachi
Phone: 0345-2225458
Printer:
First Edition by: Sangam Publication: April 1982
Second Edition by: Tajal Bewas Academy: 2023

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر تاجل بيوس جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”جڏھن ڀونءِ بڻي“ اوھان اڳيان پيش آهي.
تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪي بنياد آهي، ۽ هن ٻوليءَ، ڪردارن ۽ ماحول جون مڪاني وصفون وڏي اعتماد سان پيش ڪيون آهن. تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان اڻ ٽٽ پيار جي انيڪ رنگن جو وسيع ڦھلاءُ ملندو آهي. سندس ٻولي، اسلوب، استعمال ڪيل اصطلاح، محاورا، ۽ سندس شاعريءَ جا ڪردار سڀ ڪمال جي درجي جا آهن. تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ فطرتي منظرحقيقت جي بلڪل ويجهو آهن، جيڪي سندس شاعريءَ جي سونھن سوڀيا کي وڌائين ٿا.
ھي ڪتاب 1982ع ۾ انڊس وئلي ڪلچرل ائسوسيئيشن پاران سنگم پبليڪيشن، ڪراچي وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون تاجل بيوس جي فرزند ۽ تاجل بيوس اڪيڊمي جي سرواڻ سليم تاج جا جنھن ھي ڪتاب ڪرم الاھي چنا جي مدد سان نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

تاجل بيوس اڪيڊمي پاران

سنڌ جي مھان عاشق تاجل بيوس جي شاعريءَ جي مجموعي ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ جو ٻيون ڇاپو “تاجل بيوس اڪيڊمي” جي ڪاوشن جو ثمر پڙهندڙن اڳيان حاضر آهي.
هن شاهڪار ڪتاب جو پھريون ڇاپو جناب ڪرم الاهي جي اداري سنگم پبليڪيشنس پاران اپريل 1982ع ۾ شايع ٿيو هيو.
هن مجموئي جي اهم خصوصيت ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ اهم مقام اهو آهي تہ هي تاجل بيوس جي شاعريءَ جو پھريون شايع ٿيل ڪتاب آهي، جيڪو ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي آندو ويو آھي.
تاجل بيوس اڪيڊمي سنڌ جي هن مھان شاعر جي ادبي ڪاوشن کي ٻيھر پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪرڻ جو سلسو شروع ڪيو ويو آهي، اميد تہ تاجل بيوس جا ٻيا شاهڪار ڪتاب بہ جلد پڙهندڙن لاءِ شايع ڪري پڌرا ڪيا ويندا. هي ڪتاب ان سسلي جي هڪ ڪڙي آهي. اميد تہ پڙهندڙن کي ھيءَ ڪاوش پسند ايندي.

سليم تاج
چيئرمين تاجل بيوس اڪيڊمي
20 مارچ 2023ع

ناشر طرفان

تاجل بيوس جي شاعري گذريل پندرهن سورنھن سالن کان ڇپبي رهي آهي. مقدار جي لحاظ کان هيل تائين هلڪا ڦلڪا سندس ٻہ چار مجموعا آسانيءَ سان ڇپجي پڌرا ٿي سگهن ھا، جنھن ۾ مجبوري گهٽ مگر شاعر جي سُستي وڌيڪ شامل رهي آهي. بھرحال، فارسيءَ جي چوڻيءَ جيان ”دير آيد، درست آيد“ گهڻي انتظار ۽ اُڪير کان پوءِ اجهو تاجل جي شعرن جو مجموعو اوھان جي سامھون آهي.
تاجل جو اڃا چڱو خاصو ڪلام اسان وٽ محفوظ آهي، جيڪو اسان جي ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان ضرور ڇپبو.
رٿيل سٽاءَ موجب شاعريءَ جو هيءُ پھريون ڪتاب آهي جيڪو اسان وڏي اُتساھہ ۽ اُمنگن سان سنگم پبلڪيشنس جي سھڪار هيٺ ڇپائي پڙهندڙن تائين پھچايو آهي. ان ڏس ۾ اسين مانواري ڪرم الاهي چنا جا وڌ ۾ وڌ ٿورائتا آهيون. اسان اميد ٿا ڪيون تہ اڳتي بہ سنگم پبليڪيشنس جو سھڪار اسان جي جماعت سان برقرار رهندو.
تاجل بيوس جي ٻي خوبي اھا بہ آهي تہ سندس سنڌي سليس آهي، ھو فيض بخشاپوري وانگر فارسي ۽ عربي جا ڏکيا لفظ استعمال نہ ڪندو آهي ۽ نہ زير - اضافت کان ڪم وٺندو آھي ـ سنڌي ادب ۾ ھڪ دور اھڙو بہ اچي گذريو آھي، جڏهن سنڌي شاعر پنھنجي قابليت مڃرائڻ لاء پنھنجي شاعري ۾ فارسي - عربي جا ڏکيا لفظ ڪم آڻي ۽ زير اضافت جو استعمال ڪري پنھنجي قابليت ڏيکاريندا ھيا
اسان جي پياري دوست شاعر تاجل بيوس اھڙو ڪو بہ ڪم نہ ڪيو ـ اھو ئي سبب آهي جو اسان جو عظيم شاعر، جيترو سنڌ ۾ مقبول آھي اوترو ئي ڀارت جي سنڌين ۾ مقبول آھي.


هدايت بلوچ
جنرل سيڪريٽري
انڊس وئلي ڪلچر ائسوسيئيشن، ڪراچي
23 آگسٽ 1982ع

ٻہ اکر

سنگم پبلڪيشنس کي ان تي ڏاڍو فخر آهي تہ، ان جي سھڪار سان، سرواڻ سنڌي شاعر مانواري سائين تاجل بيوس جي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ ڇپيو آهي. تاجل بيوس جي شخصيت ۽ سندس فن تي، هن ڪتاب ۾ اوھان کي سڄاڻ ليکڪن جا مضمون پڙهڻ لاءِ ملندا، جن مان سندس فن ۽ شخصيت ڪافي اُڀري اچي ٿي ۽ اوھان کيس گهڻو ڪجهہ پرکي سگهندا.
مون کي خبر آهي تہ تاجل بيوس وٽ، سندس شاعريءَ جا اڃا مَٽ ڀريا پيا آهن، جن مان اميد تہ اوھان جلد ئي اڃ اجهائي سگهندا.

ساٿ سلامت

ڪرم الاهي چنا
سنگم پبليڪيشنس
15 سيپٽمبر 1982ع

تعارف: شمشمير الحيدري

جاڙا ڀائر، هڪ ئي پيءُ جا پٽ، هڪ ئي ماءُ جي پيٽان ڄمندا آهن. هڪ ئي وقت ڄمندا آهن، تنھنڪري انھن جي عمر بہ ساڳي ٿيندي آهي. هڪ ئي هنڌ ڄمندا آهن، تنھنڪري سندن شھريت بہ ساڳي ٿيندي آهي. ٻنھي جي ذات پات ساڳي، ٻنھي جا چاچا ماما ۽ پڦيون ماسيون ساڳيون هونديون آهن. گهڻو ڪري سندن شڪل، صورت، رنگ روپ، قد بت، عادتون ۽ طبيعتون بہ ميل کائينديون آهن، ڇاڪاڻ تہ هڪڙي ئي تخم جي پيدائش، ساڳئي رت ۽ ماس جو جوڙ هوندا آهن.
نسلي بنيادن (Biological Origins) جا ماهر شايد انھن حقيقتن جي ابتڙ ڪنھن بہ ڳالھہ کي قبول نہ ڪن، پر منھنجو خيال آهي تہ جاڙا ڀائر ٻن پيئرن جا پٽ بہ ٿي سگهن ٿا ۽ ٻن مائرن جي پيٽان بہ جنم وٺي سگهن ٿا، اهي هڪ ٻئي کان اڳ ۽ پوءِ پيدا ٿي سگهن ٿا. سندن چاچا ماما، پڦيون ماسيون ڌار ڌار ٿي سگهن ٿيون. ٻنھي جي ذات پات الڳ الڳ ٿي سگهي ٿي، ۽ منجهانئن هڪڙي جي شھريت خيرپور ضلعو ۽ ٻئي جي شھريت بدين ضلعو ٿي سگهي ٿي.
جيڪڏهن ڪنھن کي بہ اختلاف هجي تہ اهو مون، يعني شمشير ال-حيدري ۽ منھنجي جاڙي ڀاءُ يعني تاج-ال-بيوس کي هڪ ٻئي جي ڀرسان ويٺل اچي ڏسي.
ٻنھي جو پيءَ الڳ، ٻنھي جون مائرون الڳ، ٻنھي جي جاءِ پيدائش الڳ، ٻنھي جي ڄمڻ جا سال الڳ، پوءِ بہ ڏسو تہ هوبھو هڪجھڙا! شڪل صورت، رنگ روپ، ڳالھائڻ ٻولائڻ، قد بت، هرڪو نمونو هڪجھڙو- ايتريقدر جو جيڪڏهن ٻيءَ ملاقات ۾ منجهانئن ڪو بہ اڪيلو ملي وڃي تہ ملڻ وارن مان گهڻا شمشير سان تاجل جون ڳالھيون ۽ تاجل سان شمشير جون ڳالھيون ڪرڻ لڳندا.
بس، رب پاڪ جي جوڙ آهي. قدر جا ڪم نيارا آهن. سو ٿي سگهي ٿو تہ اسان ٻنھي جا ڪي ٻيا جاڙا ڀائر ڪٿي آمريڪا، چين ۽ جاپان ۾ بہ هجن. پر في الحال قسمت سنڌ جي ٻن ڇيڙن کي ملائڻ پسند ڪيو، ۽ اُتر قطب جي خيرپور مان تاجل بيوس ۽ ڏکڻ قطب جي بدين مان شمشير الحيدريءَ کي پھريون ڀيرو سال 1969ع ۾، اڌ ڪروڙ آباديءَ واري ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ هڪ ٻئي سان ملايو، جتي واقفڪار دوست ۽ مائٽ مٽ هڪ ٻئي کان وڇڙي ويندا آهن، وڃائجي ويندا آهن. جيئن ئي ملياسين، کلياسين، هڪ ٻئي کي سڃاتوسين. ٻنھي هڪ ٻئي کي پنھنجو آئينو سمجهي، پنھنجو پاڻ کي ڏٺو. ٻنھي کي ڪنھن اڳئين جنم واري ڇڪ محسوس ٿي، ۽ هِن جنم ۾ ان جي تصديق جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ اڳتي هلي، ٻئي رت جي رشتي ۾ گڏجي ويا. ھاڻي هڪٻئي جا مائٽ آهن. ٻنھي جو گهر هڪڙو آهي. ٻنھي جا چاچا ماما، پڦيون ماسيون ساڳيون آهن. خيرپور ۽ بدين، ٻنھي جو گهر آهي. شمشير الحيدريءَ جي نياڻي، تاجل بيوس جي ننڍي ڀاءُ محمد يعقوب جي گهر واري آهي ۽ شمشير خواجي جو پوٽو، سمون آهي. انھيءَ ڏس ۾ جس وري بہ تاجل کي آهي، جنھن مون کي ڏوري ڏٺو (شايد قدرت جو اشارو کيس ئي ٿيو هو، يا خواب ۾ ڪا هدايت ٿي هيس). هن ئي پنھنجي جوڙ جي جستجو ڪئي، ملاقات جا موقعا پيدا ڪيا، ۽ هزار عزتون ڏيئي، پنھنجائپ جو احساس ڏياريو. آءٌ سندس گهڻي قدر ٿورائتو آهيان.
انھيءَ پس منظر ۾، مون کي جڏهن تاجل ۽ سندس فن جي باري ۾ لکڻو آهي، تڏهن آءٌ ائين سمجهان ٿو تہ مون کي ڄڻ پنھنجي ئي باري ۾ لکڻو آهي. تاجل جي بھاني، آءٌ پنھنجي باري ۾ لکان، سو پنھنجي بھاني تاجل جي باري ۾ لکڻ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو مون پنھنجي ۽ تاجل جي گڏيل باري ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي. تاجل جي باري ۾ الڳ لکڻ منھنجي لاءِ ممڪن ڪونھي. تنھن هوندي بہ آءٌ ڪوشش ڪندس تہ سندس عمر، وقت، هنڌ ۽ فني تجربن کي الڳ ڪري ڏيکاريان، پوءِ ڀل تہ تاجل سان ڀائپيءَ وارو انصاف نہ ڪري سگهان.
جڏهن ‘نئين زندگيءَ’ جو ايڊيٽر هوس، تہ ٽپال ۾ مون کي ‘بيوس حاتن شاهيءَ’ جا شعر مليا. مون انھيءَ نالي سان سندس هڪ ٻہ شعر شايع بہ ڪيا. پوءِ جڏهن روبرو مليو، تہ مون کيس ‘ھاٿن شاهي’ ڪري ڪوٺيو ۽ چيومانس تہ اسان وٽ ‘ناٿن شاهي’ اڳي ئي کوڙ آهن، ۽ نالي مان شاعر جي سڌريل درجي جو اندازو ماڻھو لڳائيندا آهن، تنھن ڪري انھيءَ شاهيءَ يا شھنشاهيءَ کي ڇڏي ڏين تہ چڱو. پوءِ هن دليل تہ معقول ڏنا، پر اڳتي سو ‘تاجل بيوس’ بنجي ويو.
تاجل بيوس انھيءَ مھيني ۾ ۽ انھيءَ ستاري هيٺ ڄائو آهي، جنھن مھيني ۾ ۽ جنھن ستاري هيٺ آءٌ بہ ڄائو آهيان– يعني سيپٽمبر ۾.
تاجل سنڌ جي منفرد جاگرافيائي خطي، سنڌوءَ جي ڪَچي واري ڀاڱي سان بنھہ لاڳو، هڪڙي تمام ننڍڙي واهڻ، پير حيات شاھہ جي ڳوٺ ۾ ڄائو. پير صاحب کي مريد پيار وچان حاتن شاھہ چوندا هئا، جنھن جي نسبت تاجل پنھنجي ڳوٺ خاطر پاڻ کي ڏيڻ پسند ڪئي هئي. هن وقت انھيءَ بزرگ جو پوٽو گاديءَ تي آهي، جنھن تي پنھنجي ڏاڏي جو ئي نالو، حيات شاھہ رکيل آهي، ۽ جنھن سان تاجل پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙهيو آهي. انھيءَ تعلق ۽ دوستيءَ جي ڪري، تاجل ڄڻ تہ پير صاحب کانپوءِ ڳوٺ جو چڱو مڙس آهي، ۽ راڄوڻي معاملن کان سواءِ، هڪ پڙهيل ڳڙهيل شخصيت هجڻ سبب، ڳوٺ جي سڌاري ۾ سندس دلچسپيون بنيادي آهن.
تاجل جي ذوق ۽ ذهن جي ابتدائي سنوار ڪرڻ واري جيڪا شخصيت آهي، سا خود منھنجي لاءِ بہ ڏاڍي محترم آهي. اھا شخصيت آهي- استاد الھندو خان جتوئي، جيڪو رڄ چڱو مڙس، وڏو سگهڙ ۽ سياڻو، وڏو ادب ۽ سخن شناس، گُن ۽ گفتي جو ڄاڻو، ڪچھريءَ جو مور، تڏي جو مڙس ماڻھو، سنڌي خُلق ۽ اخلاق جو آئينو، خوش مزاج ۽ زنده دل، ۽ شاھہ لطيف جو خاص شيدائي ۽ پارکو آهي. تاجل جيڪي ڪجهہ بڻيو، سو استاد الھندي خان جي طفيل، جنھن کيس علم ۽ ادب جو دڳ ڏيکاريو.
تاجل هونئن بہ شھري هوا کان گهڻو پري، هڪڙي ننڍڙي واهڻ ۾ جنم ورتو، سنڌوءَ جي ڪناري، پکن ۽ پوکن ۾- تنھن ڪري قدرتي نظارن، سادي سودي فطري ماحول ۽ ان جي وچ ۾ وسندڙن سادن سودن ماڻھن جي رهڻيءَ ڪھڻيءَ، سندن ريتن رسمن، ٻوليءَ ۽ پيڙائن جي مشاهدي ۽ مطالعي جو اهڙو ئي ورثو کيس پلئہ پيو، جھڙو انگريزي شاعريءَ جي رومانوي دور جي عظيم شاعر ورڊسوَرٿ کي ليڪ ڊسٽرڪٽ واري ماحول ۾ مليو هو، ۽ جنھن جي اثر هيٺ ورڊسوَرٿ انگريزيءَ جي ڪلاسيڪي دؤر واري مخصوص ۽ محدود زبان ۽ طبقي جي شاعريءَ کي رد ڪري، عام ماڻھن لاءِ ۽ عام ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي.
‘ڪلاسيڪي دؤر’، ‘ڪلاسيڪي شاعري’ يا ‘ڪلاسيڪي شاعر’ جا اصطلاح انگريزي ۽ سنڌي ادب لاءِ ڌار ڌار مطلب رکن ٿا.
انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪلاسيڪي دؤر جي شاعري مٿانھين ۽ اوچي طبقي جي ماڻھن، سندن مخصوص مشغلن ۽ مسئلن، سندن مخصوص ٻوليءَ ۽ مزاج جي عڪاسي ڪري ٿي. ان جو خاص مثال هڪ نظم Rape of Lock آهي، جنھن ۾ اعليٰ طبقي جي هڪ دعوت دوران ڪنھن کيچلي همراه پاران هڪ جوان نينگريءَ جي وارن جي چڳ ڪپي وٺڻ ۽ ان کان پوءِ ڌرين جي وچ ۾ ڏاڍيءَ نفاست سان چمچن ۽ ڪانٽن سان لڙائي لڙڻ جو ذڪر آهي.
انگريزي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا نہ رڳو موضوع اوچي طبقي جا هئا، بلڪہ انھن جي ٻولي بہ انھيءَ طبقي جي هئي. ان جي ڀيٽ ۾، جڏهن اسين سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ڳالھہ ڪريون ٿا تہ ان جو مطلب، اھا بامقصد ۽ بنيادي شاعري آهي، جيڪا شاهہ، سچل ۽ سامي، ۽ کانئن اڳ ۽ پوءِ جي صوفي بزرگن جي شاعري آهي، جنھن جا موضوع، ڪردار، ٻولي ۽ ماحول عوامي آهن، ۽ اھا شاعري انگريزي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي محدود ۽ مخصوص طبقي ۽ ٻوليءَ واري شاعريءَ کان بنھہ مختلف آهي. اھا شاعري سنڌ جي عام ماڻھن جي قومي ۽ اخلاقي ڪردار ۽ مزاج، ٻوليءَ ۽ لھجي ۽ سموري لوڪ ورثي جي آئينہ دار آهي.
جڏهن مغل دؤر جي اثر هيٺ هتي ايراني روايتن واري شاعري رواج ۾ اچڻ لڳي تہ رفتي رفتي سنڌي شاعريءَ جو ناتو پنھنجين ڪلاسيڪي روايتن کان ۽ سنڌي شاعرن جو ناتو پنھنجن عام ماڻھن کان ڇڄي ويو. ٿورن دورانديش شاعرن ايراني روايتن ۾ پنھنجين ڪلاسيڪي روايتن جو رنگ ڀريو، ۽ وس آهر روايتي شاعريءَ کان بنھہ پري هٽڻ جون ڪوششون بہ ڪيون ۽ انھن ئي ڪوششن جديد شاعرن لاءِ روايتي شاعريءَ کي پار ڪري پنھنجي ڪلاسيڪي ورثي تائين پھچڻ لاءِ پُل جو ڪم ڏنو.
انفرادي ڪوششن کان اڳتي، جديد دؤر ۾، “سنڌي ادبي سنگت” سنڌي ادب ۽ زبان جي عمارت کي پنھنجن ڪلاسيڪي بنيادن تي استوار ڪرڻ لاءِ منظم تحريڪ هلائي، جنھن جي طفيل، هر قسم جي تھمتن ۽ تڪليفن جي باوجود، اڄ سنڌي ادب جي سمورن شعبن جا ناتا پنھنجي اصل ورثي سان وابستہ ٿي چڪا آهن.
انھيءَ بنيادي حقيقت کي نظر ۾ رکندي، اسان وٽ ڪنھن بہ تخليقي شيءِ جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڏو ماپو اهو ئي آهي تہ ان ۾ ڪلاسيڪي وابستگين جي تلاش ڪئي وڃي. ٻولي، ماحول، موضوع، ڪردار، لب لھجو، ترنم، جذبو ۽ احساس- اهي سڀ ڳالھيون جيتريقدر هن ڌرتيءَ جون پنھنجيون هونديون، اوتريقدر ڪا بہ تخليق بامقصد ۽ مقبول ثابت ٿيندي.
دنيا جا سڀ عظيم شاعر اول پنھنجيءَ پنھنجيءَ ڌرتيءَ جا عظيم شاعر آهن. آمريڪا جي قومي شاعر والٽ وٽمئن جي شاعريءَ ۾ آمريڪا کانسواءِ ڪجهہ بہ ڪونھي، شيڪسپيئر وٽ انگلينڊ ايتريقدر آهي، جو انگريز انگلينڊ کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندا پر شيڪسپيئر کي نہ. اهو ان ڪري جو اهڙن شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۾ پنھنجي ملڪ جو سمورو شان سمائي ڇڏيو آهي.
لوممبا جڏهن آفريڪا جي غلام قومن پاران پڪاريو، تہ اهي سڄيءَ انسان ذات جي صدا سمجهي ويئي. فردوسيءَ جڏهن ايران جا ڳڻ ڳائيندي، عربن کي ڳوھہ کائيندڙ ۽ اُٺڙين جو کير پيئندڙ چئي ڌڪاريو، تہ بہ هو وڏو شاعر سمجهيو ويو. ڪاليداس ۽ ميران ٻائيءَ کي طبقاتي شعور ۽ عوامي جدوجهد جي اڻ هوند ۾، مخصوص مذهبي رنگ هوندي بہ تمام وڏو درجو ڏنو ويو آهي. ٽئگور انگريزي، عربي، اسپيني يا فرينچ ٻولين ۾ لکي نوبل پرائيز حاصل نہ ڪيو هو.
ان ڪري، ڪنھن بہ خاص ملڪ يا ڪنھن بہ خاص ٻوليءَ جي نمائندگي ڪرڻ بہ عين انسانيت آهي. ڇاڪاڻ تہ ڪنھن بہ شاعر کي انساني جذبا سڌيءَ طرح پنھنجي آسپاس جي ماحول مان ئي حاصل ٿين ٿا. ڏات ۽ ڏاهپ جا سرچشما دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ مان، ڪنھن بہ ملڪ، قوم ۽ زبان مان ڦُٽي سگهن ٿا.
ان ڪري، سنڌي ليکڪن کي ڪمتريءَ جي احساس ۾ مبتلا نہ ٿيڻ کپي، ۽ مڪاني ماحول، روايتن ۽ ڪردارن کي انتھائي اعتماد سان پيش ڪرڻ کپي.
جڏهن بہ اِهي ڪوششون پنھنجي عروج تي پھچنديون، تہ دنيا داد ڏيندي. آءُ انھيءَ ڪري هر اهڙي ڪوشش کي مسلسل عمل ڄاڻي، داد ڏيندس، جنھن جو رخ مٿي ذڪر ڪيل منزل ڏانھن آهي.
تاجل جي شاعري منھنجي نظر ۾ انھيءَ منزل ڏانھن هڪ اهم قدم آهي، ڇاڪاڻ تہ منجهس ڪلاسيڪي بنياد آهي، ۽ هن ٻوليءَ، ڪردارن ۽ ماحول جون مڪاني وصفون وڏي اعتماد سان پيش ڪيون آهن.
اسان وٽ اهڙي شاعري بہ ڪافي مقدار ۾ موجود آهي، جنھن ۾ مڪاني حوالا فيشن طور داخل ڪيل آهن، جيڪي وقتي طور تہ عام پڙهندڙن کي متاثر ڪن ٿا، پر پرکڻ وارن کي اُهي صاف طور مصنوعي نظر اچيو وڃن. اسان جي نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ اهو لاڙو عام فيشن طور داخل ٿي ويو آهي، جيڪو اسان جي پسند مطابق جس جوڳو، سجاڳيءَ جو اهڃاڻ، ۽ ڏاڍو فرحت ڏيندڙ آهي، انھيءَ اطمينان جي ڪري تہ انھن شاعرن مان ڪافي تعداد اڳتي هلي پختگي حاصل ڪري وٺندو. پر جڏهن ڪي وڏا ۽ پختا شاعر بہ وقت جي لھر کي ڏسي ائين ڪن ٿا تہ اھا ظاهر ظھور اُھا ئي ڳالھہ آهي، جنھن کي مرحوم شيخ حفيظ “سنڌي ماڻھوءَ کي ذهني رشوت ڏيڻ” ڪوٺيندو هو.
انھيءَ سلسلي ۾، ٽي.ايس.ايلئٽ هڪڙي ڏاڍي ڪم جي ڳالھہ ڪئي آهي. هن چيو آهي تہ: جيڪڏهن ڪو شاعر ڪا اهڙي ڳالھہ بيان ڪري رهيو آهي، جيڪا ان وقت عام پڙهندڙن جو وڏو حلقو پسند ڪري ٿو، تہ ائين ڄاڻبو تہ اهو شاعر اهڙي ڳالھہ ڪري رهيو آهي جيڪا سندس وقت ۾ عام ۽ چالو آهي، پر اڳتي هلي اھا جٽادار ثابت نہ ٿيندي، ڇو تہ وقت گذرڻ سان جڏهن مستقبل جي ماڻھن جا ذهن وڌيڪ اڳڀرا هوندا، تڏهن گذريل وقت جا چالو وڙ کين مطمئن نہ ڪري سگهندا.
هي اسان لاءِ ايڏو قيمتي نڪتو آهي، جنھن مان اسين عظيم شاعر جي ڪلام ۾ دائمي قدرن وارو معاملو ڏسي سگهون ٿا، ۽ اهو ئي نُڪتو آهي، جيڪو حفيظ شيخ جي “ذهني رشوت” واري معاملي جي وضاحت بہ ڪري ٿو.
اسان جي ڪافي وڏن شاعرن وٽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجيءَ مقبوليت جي مفاد خاطر آڇيل رشوتون ملنديون. پر مستقبل ۾ ذهني طور مٿڀرا ماڻھو انھن کي رد ڪري ڇڏيندا.
منھنجن انھن لفظن مان اهو گمان ڪڍڻ نہ گهرجي تہ آءٌ ڪو قومي شاعريءَ جي برخلافي ڪري رهيو آهيان. مون فيشن ۽ خلوص جي ڳالھہ ڪئي آهي. ۽ اھا بہ خلوص نيتيءَ سان ڪئي آهي. ان جي ڀيٽ ۾، عالمي قدرن کي نظر ۾ رکڻ وارا وري شايد اهو گمان ڪن تہ آءُ قومي حدبندين جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهيان. آءٌ ٻنھي طرفن آهيان. مون ٻنھي طرفن کي نظر ۾ رکيو آهي. عالمي قدرن جي سلسلي ۾، هيءَ ڳالھہ جيئن پوءِ تيئن واضح ٿي رهي آهي تہ ظالم ۽ مظلوم واري جنگ ھاڻي رڳو پورهيت ۽ سرمائيدار جي طبقاتي جنگ نہ رهي آهي، پر ھاڻي اھا ساڳين اقتصادي بنيادن تي مختلف گروهن ۽ ملڪن جي وچ ۾، قومي جنگ جو روپ اختيار ڪري وئي آهي.
آءٌ ڪا وڏي ڳالھہ نہ ڪري رهيو آهيان، پر اوچتو اهو احساس ٿيو اٿم تہ آءٌ ڪنھن وڏي بحث ڏانھن وڃي رهيو آهيان. آءٌ سمجهان ٿو تہ تاجل کي ايڏو وڏو شاعر نٿو سمجهيو وڃي، جو ان بابت ڳالھائيندي مون لاءِ اهو مناسب سمجهيو وڃي تہ آءٌ قومي ۽ طبقاتي موضوع ڇيڙي، اصل ڳالھہ کي هضم ڪري وڃان، يا پڙهندڙن کي اڻ سڌيءَ طرح اهو ويساھہ ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان تہ تاجل ڪو عظيم شاعر آهي.
آءٌ تاجل کي عظيم شاعر نہ ٿو ڪوٺيان، ۽ نہ سمجهان ٿو. مون پنھنجيءَ موج ۾ جيڪڏهن ڪا ڳالھہ ڪئي آهي، تہ اھا سنڌي شاعريءَ جي ھاڻوڪي عام رخ بابت سوچيندي ڪئي آهي. تاجل بابت انھيءَ ڏس ۾ مون کي اهو چوڻو هو تہ هن جيڪڏهن ڪي بہ مڪاني حوالا يا انداز اختيار ڪيا آهن تہ اهي مصنوعي نہ ٿا معلوم ٿين. وٽس سنڌي ماڻھن کي رشوت طور آڇڻ لاءِ ڪي بہ ڪينھي. هن جيڪي لفظ، اصطلاح، محاورا، ڪردار ۽ نظارا پيش ڪيا آهن، سي سندس پنھنجي ماحول جي ڏات آهن. ٻوليءَ جي سادگيءَ، فطري زندگيءَ مان موضوعن جي چونڊ ۽ شاعراڻي ترنم جي لحاظ کان، تاجل جديد دؤر جي ڪلاسيڪي جاڳرتا واريءَ تحريڪ جو هڪ اهم رڪن آهي.
جيتريقدر سندس عالمي شعور جو تعلق آهي، تہ آءٌ سندس مجموعي مان رڳو هڪڙو شعر پيش ڪندس:
اُڇلايو پيا ائٽم گولا،
ڇا هيءَ ڌرتي ڪاري آهي؟

انساني تھذيب ۽ تمدن جي تباهيءَ جا انديشا شاعرن عام طرح ظاهر ڪيا آهن، پر ڌرتيءَ جي بي قصوريءَ بابت تاجل جيڪو سنڌي لھجي ۽ روايت ۾ سوال ڪيو آهي، سو هڪ ئي وقت سندس عالمي ۽ قومي وابستگين جو انوکو مثال آهي.
تازو، هن ئي سال بھار ۾ جڏهن تاجل سان ڪراچيءَ جي تاج محل هوٽل ۾ آڌيءَ رات تائين شام ملھائي وئي، تہ مون اُتي بہ اهي لفظ چيا تہ “آءٌ تاجل کي تيستائين معياري شاعر نہ مڃيندس، جيستائين هو پنھنجي ڪلام جو مجموعو ڇپائي پڌرو نہ ڪندو.”
مون پوءِ سڄي ھال ۾ ويٺل ماڻھن کي اپيل ڪئي تہ هو تاجل کان سندس ڪلام جي مجموعي ڇپائڻ جي زوردار تقاضا وارو ٺھراءُ پاس ڪن- ۽ تاڙين جي ڦھڪي سان اهو زوردار تقاضا وارو ٺھراءُ يڪراءِ پاس ڪيو ويو.
انھيءَ سلسلي ۾ تاجل جي هڪ خاص سرگرمي عام خاص جي معلومات لاءِ بيان ڪرڻ ضروري آهي. ان جا مختلف پاسا آهن، پر مجموعي طرح اھا هڪ سرگرمي آهي، جنھن جو هڪڙو پاسو هي آهي تہ تاجل کي ڪيمرا، ٽيپ رڪارڊ (ريڊيو نہ)، فرج ۽ لائيٽر جو عجيب ذوق ۽ خفت آهي، ايتريقدر جو انھن شين مان ڪا بہ، ڪھڙي بہ چڱي هجي، وٽس گهڻو وقت نہ رهندي. اھا وڪجي ويندي، ۽ وري ٻي نئين ايندي، يا اڳين شيءِ ڪنھن دوست يار سان مٽائي ڇڏبي- يا ڪنھن دوست يار کي ڏيئي، پئسا پوءِ پيا وصول ڪبا، ۽ ان جي جڳھہ تي هڙ جا پئسا خرچ ڪري ڪا نئين ماڊل جي شيءِ وٺي اچبي. انھن چئن شين ۾، خاص ڪري ٽيپ رڪارڊر جي بدل سدل تڪڙي تڪڙي ٿيندي رهندي.
تاجل جي معياري شاعري تمام گهٽ مقدار ۾ ڪن رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. شاعر سھڻو، سريلو، معياري، پر سندس مٿيون سرگرميون اهڙيون جو ڪنھن بہ وقت ڀلا واندو هجي تہ ادب ۾ پنھنجي درجي بابت بہ سوچي. خاص ڪري رڪارڊنگ جو شوقڙو مڙئي وڌيڪ اٿس.
سو، مون کيس هر وقت ايڏو تہ پئي ٽوڪيو جو ڪڏهن ڪڏهن آءٌ پاڻ ڦڪو ٿيندو هوس، پر هن تي ڪو بہ اثر نہ ٿي ٿيو. پر سمورو وقت انھيءَ جارحيت واري ڪم ۾ هدايت بلوچ مون سان هڪجھڙو شريڪ ٿي بيٺو هو، تنھن ڪري تاجل ڪا داداگيري ڪري نہ سگهيو.
مون کيس سمجهايو تہ اھا رڪارڊن واري شاعري بہ بي مقصد ڪانھي، اجائي ڪانھي، پر جيستائين تون ادب ۾ ڪا جڳھہ نہ ٿو حاصل ڪرين تيستائين تنھنجي معياري شاعر هجڻ جي ڪا بہ ضمانت ڪانھي.
مون کيس اهو بہ ٻڌايو تہ تنھنجو ڪلام تمام معياري آهي، ۽ جيڪڏهن هڪڙي معياري شاعر جي حيثيت سان تون ادب جي دنيا ۾ ايندين، تہ رڳو اھا ئي ڳالھہ جٽادار ثابت ٿيندي. پر سندس ڌيان ڪيترو وقت خاص اي.ايم.آءِ، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي رڪارڊنگ ۾ لڳو رهيو، ۽ جنھن ۾ پوءِ وڌيڪ اضافو گذريل سال کن کان اهو بہ ٿيو، جو هن باقاعدي هڪ استاد آندو، ۽ هندستان مان ھارمونيم گهرايا. پوءِ استاد محمد حسن کان باقاعدي ھارمونيم وڄائڻ ۽ پاڻ ڳائڻ جي تربيت بہ ورتي.
گذريل ٽن سالن کان تاجل مجموعي ڇپائڻ جي ھامي ڀري ۽ پوءِ پنھنجو ڪلام سھيڙڻ بہ شروع ڪيو- پر ڇپجڻ جي نوبت سندس بي ڌيانيءَ ڪري نہ آئي.
ھاڻي، ڪنھن بہ ريت، جڏهن سندس ڪلام جو معياري مجموعو ڇپجي پڌرو ٿي رهيو آهي، تہ آءٌ ائين پيو ڀانيان تہ ڄڻ آءٌ پاڻ پڌرو ٿي رهيو آهيان. هو منھنجو جاڙو ڀاءُ ئي تہ آهي.

شمشير الحيدري
بدين
6 آگسٽ 1982ع

موضوعن جي ندرت جو شاعر: تنوير عباسي

ڪنھن بہ عمل کي تيستائين تخليقي نہ ٿو چئي سگهجي، جيستائين ان ۾ ڪا نہ ڪا دريافت (Discovery) شامل نہ آهي. سٺي شاعري- نون جذبن، احساسن، عڪسن، لفظن، ترڪيبن ۽ موسيقيت جي دريافت آهي. هر دؤر جي شاعري، ورجاءُ جو شڪار رهي آهي. اهو ورجاءُ يا ڪلاسيڪي شاعرن جي اسلوب ٻولي توڙي موسيقيت جو ورجاءُ هجي، توڙي پنھنجي دؤر جي نالي چڙهيل شاعرن جي اسلوب جو– ورجاءُ (Repetition) واري شاعري هميشھہ ٻئي درجي جي شاعري ٿيندي آهي.
ازرا پائُونڊ جي لکڻ موجب “هر شاعر، پنھنجي شاعريءَ جي اوائلي دؤر ۾، ڪنھن نہ ڪنھن عظيم شاعر کان متاثر ٿيندو آهي.” ڪن شاعرن جي شاعري ان متاثر ٿيڻ واري دؤر کان اڳتي وڌي تخليقي نہ ٿي سگهندي آهي، ۽ انھن تي ان ورجاءَ جو ٺپو سڄي عمر لاءِ لڳل رهندو آهي- پر ڪي شاعر، ان ورجاءَ واري ڪيفيت کان اڳتي وڌي ‘تخليق’ جي دنيا ۾ پھچندا آهن، ۽ شاعريءَ ۾ نيون دريافتون ڪندا آهن- پوءِ اُهي اسلوب جون هجن، توڙي جذبن، احساسن، عڪسن يا موسيقيت جون.
اسان جو تاجل ‘بيوس’ پڻ شروعاتي دؤر ۾ عظيم سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن، توڙي پنھنجي دؤر جي وڏن شاعرن کان متاثر نظر ٿو اچي، جيئن هن جي ڪجهہ ڪافين ۽ غزلن مان ظاهر آهي- پر پوءِ، هر سٺي شاعر وانگر، ان ڌٻڻ مان نڪري، اڳتي هلي تخليق جي دنيا ۾ ٿو پھچي، جتي نوان ردم، نوان عڪس، نئين قسم جي ٻولي ۽ اسلوب ۽ نئين قسم جي موسيقيت دريافت ٿو ڪري:
پَٽِ جهوپا، کَڻُ پکڙا، ڪاڇي وٺو مينھن،
ڪاڪيون! ڌاران قوت جي، نبري نٿو نينھن،
ڪيري وڄ وجود تي، ٿو ڏينڀن جھڙو ڏينھن،
پاهَڻ ھاڻ نہ پينھن- ويا ڏڪاريا ڏيھہ مان.

يا

کڻ هٿ ۾ کيٿڙا، ڪُلھي رک مھار،
وٺا سانوڻ مينھڙا، هُن ٿاڻي، هُن پار،
چَرن چندن ٽاريون، لاڏوُ اُٺَّ ليار،
ارلن مٿان اولڙو، پرھہ ڦٽيءَ جا پار،
پکا پَٽِ پنوھار- سڪر ٿيو ساڻيھہ ۾.

مٿين بيتن جو موضوع بہ نئون آهي، تہ ٻولي ۽ عڪس پڻ نوان آهن:

‘کُريا کڻي هلڻ’ ‘ڪھاڙين ۾ ڳن وجهڻ’
“بک جي ڏينڀوءَ جي ڏنگ سان تشبيھہ”
‘هٿ ۾ کيتڙا کڻي، ڪلھي مھار رکڻ’.

اهي سڀ عڪس سنڌي شاعريءَ لاءِ نيون دريافتون (Discoveries) آهن.
تاجل جي واين ۾ پڻ اهڙيون دريافتون آهن:
وٺڻ ايندا واسڙو،
ماڻھو ڇاتيءَ موڪرا؛

موڙ نہ مينديءَ ڏار کي.
وَٽِ نہ ويھي پَٺَ جا،
ڦاهيءَ ڌاڳا سُرڪڻا؛

ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي.

انھن ۾ “ماڻھو ڇاتيءَ موڪرا” ۽ “ڦاهيءَ ڌاڳا سرڪڻا” تخليقي عمل جا شاهڪار آهن- ساڳيءَ طرح:

“مينديءَ رتا هٿڙا،
چھبڪ جھڙي چيلھہ،

آئي رت بسنت جي.”
نہ رڳو بيتن ۾، پر غزل جھڙيءَ ڌاريءَ ۽ روايتي صنف ۾ بہ تاجل تخليقي روح ڦوڪيو آهي:
“ڪاهي پيو موت آهي ماڻھن ۾،
پَڪَ سيٽي ڪٿي وڳي هوندي.
تتو آ ڏينھن، تون بہ ترسي پئو،
آڻيان ماني ٿي، جي پڪي هوندي.
جتي ڪڻڪن ۾ لاب پؤڻو هو،
اُتي ماڪڙ وري لٿي هوندي.”

تاجل غزل ۾ تغزل ۽ رمزيت جي ڪيفيت برقرار رکي آهي- توڙي جو نہ سندس غزلن جو ماحول روايتي آهي، ۽ نہ ٻولي- نون موضوعن سان غزل جي رمزيت قائم رکي سگهڻ وڏي جاکوڙ آهي.
“پاڻياريءَ جو چولو ميرو،
پاڻَ تہ ڪيڏي پياري آهي!”

ڪيئن آيون آن؟ ڪرڪي خبرون،
خوش آن، جوڙ، بھاري آهي”
---
زندگي ڪيڏي خوبصورت هئي!
ويئي گذري جا ڪنھن جي ٻانھن ۾.”
---

“ويجها ٿيندا ويندا آهن،
مٺڙا ماڻھو مُرڪڻ وارا.”
---

“مان خود ئي خطائون، کڻي آيو آهيان،
گهڻيون ئِي گلائون، کڻي آيو آهيان.
وفائون، جفائون، کڻي آيو آهيان،
جو مون کي ڏنائون، کڻي آيو آهيان.
بُکن جون بلائون، کڻي آيو آهيان،
اهي ڀي تہ آئون، کڻي آيو آهيان.
وڏي ڳالھہ آهي، جو دل جي دنيا ۾،
خدا ۽ خدائون، کڻي آيو آهيان.
وڳا ويس پھري، وسڻ لاءِ ‘بيوس’،
گهڙي کن گهٽائون، کڻي آيو آهيان.”
---

“ڪٿي ڪانگ ويھي ڪندو ڳالھڙيون!
ميان! ڇو وڍيو تو پپر جو هي وڻ.”

غزل ۾ سنڌي ماحول جو رنگ جھڙو تاجل پيش ڪيو آهي، اهڙو ڪنھن ورلي ڪيو هوندو.
“جا ٻيلاٽين ۾ ٻُرندي هئي،
سا ڳُٽَ ڳُٽَ، ناهي ڳيرن ۾.”
---
نٿ ۾ پوتل موتي ناهن،
جواني آ، جا جرڪي پيئي.”
---

تاجل جي بيتن ۾ موضوعن جي ندرت آهي:
ڪي تہ ڪلاسيڪي ۽ روايتي موضوع آهن- جيئن سورٺ ۽ ڪاموڏ- پر ڪٿي ڪٿي هن بلڪل ئي نوان موضوع کنيا آهن. جيئن؛ ھاري يا پورهيت.
واين ۾ تاجل نہ رڳو ان صنف جو روايتي حسن برقرار رکيو آهي، پر انھن ۾ موسيقيت ۽ موضوعن جي جدت پڻ شامل آهي:

جنگ کٽي جهونجهار،

ڀلي ڪري آيا،
جي ڪري آيا.

ڇاتي ڇيتيون، وار رتاوان،
سورهيہ جو سينگار،

ڀلي ڪري آيا،
جي ڪري آيا.

وار ڇنڊيندي، ماءُ ٻُڌي ٿم،
گهوڙن جي هڻڪار،

ڀلي ڪري آيا،
جي ڪري آيا.

وکَ کنيائُون، وَير وتائون،
ڌَڙَ ڪيائُون ڌار،

ڀلي ڪري آيا،
جي ڪري آيا.
ٻُنگُ، کٿوري، ٻور وڻن ۾،
هيرَن ۾ هٻڪار،

ڀلي ڪري آيا،
جي ڪري آيا.
-----

ڪٿي ڪٿي تہ ان ساديءَ صنف ۾ اهڙا اونھا خيال ڏنا اٿائين، جو عجب پيو لڳي:
اوجل رات اماس جي،
هئہ، هئہ تنھنجا اولڙا!

ماروُ پائر پٽ تي.
-----
مَڇَّ مھانڊا ماريا،
هئہ، هئہ هَڏَّ هجن!

مَڇَ مھانڊا ماريا،
مُنڍيون مانگر وات ۾،
ڦرڻيءَ جيئن ڦرن،

مَڇَ مھانڊا ماريا،
ونجهہ تکيرا، وانئٽيون،
لُڙھہ ۾ رَڇَ لُڙهن،

مَڇَ مھانڊا ماريا،
گهر تڙ گهاتن گهوريا،
ڪَڙَ تي ڪنگ رڙن،

مَڇَ مھانڊا ماريا،

هن وائيءَ ۾ “ماگر جي وات ۾ منڍيون ڦرڻيءَ جيئن ڦرن”. “ڪَڙَ تي ڪنگ رڙن”. چٽا، صاف ۽ انوکا عڪس آهن.
تاجل جي اوائلي زندگي، ڪچي ۾ مال چاريندي گذري آهي. هن لٺ کڻي، جهنگن ۾ ماروئڙن جھڙي حياتي گذاري آهي. ان ڪري ئي هن جي شاعريءَ ۾ خالص ۽ چٽا عڪس آهن، جيڪي سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي حسن جا شاهڪار آهن.

“ڏاگهن ڏار نوائيا، ميان! ماڪ ڀنل”
-----
“ڪوڙي ڪرڙ ڪڪوريا، لکين لال ليار”
-----
کستوري، خوشبوءِ ۾،
چِڪَّ ڀڪلي چولڙي،
ڍوليا مارو ڍٽ ۾،
-----
رات بہ ڏٺڙم ننڊ ۾،
مکڻ جو ماٽيون الا!
چوليون چوڙيلين جون،
ڪلھن کان ڦاٽيون الا!
-----
اسين مارو پاڻ ۾،
جر تي پکي جيئن،
اسين مارؤ پاڻ ۾.
-----
گَھرا گهاوَ وڌا،
گهاگهر گهاگهر تي،
آئي وار ڳُنڌي،
نينگر نيسر تي،
ڳاڙھا گل چُنيءَ جا چمڪن سانوڻ ۾،
ڏاڍا مينھن وَٺا،
سَرھا گاھہ ڦٽا،
صوفي ٻير پڪا،
موٽي آءُ مٺا،
ڪونجان ڪيچ وڻن تي ڪرڪن سانوڻ ۾.
-----
گهر تڙ گهاتن گهوريا،
ڪَڙَ تي ڪنگ رڙن،
مَڇَّ مھانڊا ماريا.
-----
اهي عڪس صرف اهو ئي شاعر پيش ڪري سگهندو، جيڪو ان ماحول جو حصو ٿي رهيو هوندو.
تاجل جا آزاد نظم، خاص ڪري پيدائشي عمل ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ هڪ شاعراڻو تصور آهي. ان ۾ حساس دل ۽ Imaginative شاعر جي حيثيت ۾، تاجل هن ڪائنات جي تخليق ۽ ارتقا جي متعلق چٽائيءَ سان عڪسن مٿان عڪس تخليق ڪيا آهن. اهي ٺھندڙ ڊهندڙ عڪس هڪ ٻئي پٺيان ايندا وڃن ٿا، ۽ تخليقي عمل جي باري ۾ نشان ڇڏيندا وڃن ٿا. انسان جيڪو مخلوق آهي، اهو خود تخليق جي عمل کي هٿ ۾ کڻي ٿو. اهو شاعراڻو ۽ حسياتي اظھار دل ۾ پيھي ٿو وڃي.

زندگي انسان ۾ پيھي وئي،
انسان خود خالق بڻيو،
۽ ڏات جي هر کيت ۾،
پيا عظمتن جا گل ٽڙي.


تاجل ‘بيوس’ ڪٿي ڪٿي تمام روايتي ٿيو وڃي- خاص ڪري ڪافين ۾- ٿي سگهي ٿو تہ اھا سندس اوائلي شاعري هجي- ان شاعريءَ ۾ موسيقيت برقرار رکي اٿائين، پر موضوع، اسلوب ۽ منظر، سڀ اڳئي لتاڙيل آهن ۽ رڳو ورجاءُ ٿو لڳي.

ڪٿي ڪٿي تاجل عجيب غلطيون ڪيون آهن، جيئن:
پَٽِ جهوپا، کڻ پکڙا، هُن ٿر مھري موڙِ،
ڪئِي مٿان ڪَڇَ جي، گونگي آهي گوڙِ،
جتي منڊل مينھن جا، اُتي جايون جوڙِ،
چؤکا گل چندن جا، راهڪ هلي روڙ،
ويھہ نہ، ولرَ ڇوڙِ- تہ رسجي هونديءَ رات ۾.

ان بيت ۾ مھري ‘ٿر ڏي موڙي’ ‘چندن جا گل’ روڙڻ جي ڳالھہ ڪئي اٿائين- ٿر ۾ چندن ٿيندو ئي ناهي- تاجل جھڙي شاعر کان اهڙي قسم جي غلطيءَ جي اميد نہ هئي.
مجموعي طور، تاجل جي شعرن جو هيءُ مجموعو، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي.

تنوير عباسي
خيرپور،
4 جولاءِ 1982ع

سلو انگورئون ڀلو: فقير الهندو جتوئي

واسينگ وانگر وراڪا ڏئي، تيز ڌارا سان وهندڙ سنڌو ساگر جي ڪوٽ چانڊڪي واري پتڻ جي اڀرندي ڪناري ڳوٺ “پير حيات شاھہ جيلانيءَ” ۾ تاجل هڪ مالوند ماڻھوءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هو ننڍي هوندي ئي يتيم ٿي چڪو هو، تنھن ڪري پنھنجي وڳ ورائڻ لاءِ لٺ ڪُلھي ڪري، هن ڌنارڪيءَ جو پيشو اختيار ڪيو. وسڪاري جي موسم ۾ اوڙڪون اٿلي پونديون هيون، ڍنڍون ڍورا تارئون تار ٿي ويندا هئا، جهر جهنگ آب اٿل ٿي ويندي هئي، درياءَ جي وسعت اڻکٽ ۽ اٿاھہ ٿي ويندي هئي، جنھن کي ڏسڻ سان ڏيل ڏڪي ويندو هو. ٻيڙائتا پنھنجا سڙھہ سنوان ڪري، سکان سنڀاليو، سنڌوءَ جي سطح تي الغارون ڪندا وتندا هئا. جڏهن واهوندا وري ويندا هئا تہ ٻيٽ ٻيٽاريون نڪري نروار ٿينديون هيون، ۽ اتر اوتڻ شروع ڪندو هو تہ انھن ۾ چڻن، مٽرن، ڪڻڪ ۽ سرنھہ جو ڦولار ۽ ٻين قدرتي گاهن جي گلزاري ائين نظر ايندي هئي، ڄڻ قدرت ڌرتيءَ تي سبز مخملي ميناڪاريءَ جو فرش وڇائي ڇڏيو آهي. ان تي اڀريل اُرھہ واريون واهڻ جون وهون، ساڳ پلي پٽڻ لاءِ قطارون ڪري پوکن ۾ پکڙجي وينديون هيون، جن جي کجڪار سان کيت کلي اٿندا هئا.
ڪنگو ٽاري جا کھنبي رتا گل، باهڻ جي مکڙي، ڪنڊيءَ جي ڀونگر ۽ ليڙ، ٻيرين جو ٻُور، ڪرڙن جي پُسي ۽ پڪا، ٻٻرن جا پيلا گل، جن جي سڳنڌ ۽ سرھاڻ سان سڄو جهنگل واسيو پيو هوندو هو ۽ وڻن جون لامون ماکيءَ جي لار سان ٽمٽار هونديون هيون. ٻاٻيھن جي ٻولين، تاڙن جي تنوارن، ڪُنڊين جي ڪڻڪن ۽ چڙن جي چونگارن سان ٻيلو ٻري اٿندو هو. قدرت جي اهڙن انيڪ رنگارنگي نظارن ۽ ايڪانت ۾ رهڻ سبب، ‘تاجل’ ۾ سوچ ويچار ۽ تجسس ننڍي لاڪون پيدا ٿيو.
هر برگ سبز است در نظر هوشيار،
هر ورق دفتر است معرفت کردگار.

‘تاجل’ سان منھنجي ڏيٺ 1948ع ۾ ٿي. جڏهن سنڌي شاگردن لاءِ اڙدو پڙهڻ لازمي ٺھرايو ويو هو، تڏهن اسان جي ٻھراڙين جا اڪثر استاد اڙدوءَ کان نا آشنا هئا. ان وقت هو، درگاه ‘پير حيات شاھہ جيلانيءَ’ جي موجودہ سجادہ نشين، سائين حيات شاه سان گڏجي، اڙدو پڙهڻ جي سانگي مون وٽ آيو. بلڪل سنھڙو، سيپڪڙو، نٻل ۽ ننڍڙو، بنھہ پتڪڙو معصوم ديوتا ٿي نظر آيو. ڪنن ۾ ڪنڍل پيل سو ڪونہ هوس، باقي انھن جي بجاءِ ڪنن ۾ سونيون ڪيوٽيون پاتل هيس ۽ مٿي تي پٽڪي جو سنڌي ور ورايل هوس. هيءُ روازنو صبح جو اسڪول پڙهڻ ويندو هو ۽ واپس اچي شام جو مون وٽ پنھنجو اڙدوءَ وارو سبق پڙهندو هو. اسان جي ڪچھري جيئن تہ سيڪيولر ۽ صوفي ازم واري هئي، تنھنڪري ان مان جھڙيءَ طرح هر آئي وئي کي اسان جي صحبت ۽ سنگت مان ساءُ ۽ مزو ايندو هو، تهڙيءَ ريت هن ننڍڙي نينگر کي بہ اسان جي ڪچھريءَ مان لطف ايندو هو.
تاجل اڙدوءَ کان سواءِ پنھنجن درسي ڪتابن ۾ پڙهيل شاھہ سائينءَ، سچل سرمست ۽ ساميءَ جا سلوڪ، سنڌيءَ جي ٻين ڏکين اکرن ۽ محاورن جي معنيٰ ۽ شرح بہ پڇڻ ۽ سکڻ لڳو. کيس جيستائين اهو چڱيءَ طرح نہ سمجهايو ويندو هو، تيستائين هيءُ پڇ پڇان لائي ڏيندو هو، ۽ پچر نہ ڇڏيندو هو. آخر اسان جي صحبت ۾ ايڏو تہ سُڪ ٿي ويو، جو اسڪول کان واپس ورڻ بعد باقي سمورو وقت اسان جي سنگت ۽ صحبت ۾ گذاريندو هو، جتي علمي ۽ ادبي ڪچھريءَ سان گڏ، يڪتاري جي تند تنوار ۽ گهڙي جي ٽنؤڪار تي ڪي ڳائڻا فقير عارفاڻو ۽ عاشقاڻو ڪلام بہ ڳائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن هيءُ ننڍڙو فرشتو بہ موج ۽ مستيءَ ۾ اچي آلاپيندو ۽ جهونگاريندو هو.
“سلو انگورئون ڀلو”. مان هن جي ذهن، شوق ۽ ڪوشش کي ڏسي، پرکي ورتو تہ هيءُ مٽيءَ ۾ ميراٽيل ڪچ جو ڪڻو نہ آهي، پر هڪ املھہ ماڻڪ آهي، جنھن کي فقط اوجر جي ضرورت آهي. جو نيٺ تہ هلي هڪڙي ڏينھن سنڌ جي سينڌ ۾ چمڪي اٿندو. تنھنڪري هن سان پريت جو پيچ کڻي پاتم. هن کي منزل مراد تي پھچائڻ لاءِ پنھنجي ڄاڻ هن جي سمجهہ آهر سمجهائڻ شروع ڪيم. ننڍڙي هوندي کان هن جو شاھہ سائينءَ سان ايترو تہ عشق هيو جو جوارين جي جهار هڪلڻ لاءِ پيھي تي چڙهي، کانڀاڻي کڻي، “هور وهيو، هور وهيو” ڪرڻ بدران، شاھہ سائينءَ جا بيت جهونگاري جهار اڏائيندو هو. جهار جهڪي ٿيڻ جي وقت ۾ بوڻيندي مان سنڌي لھرو وڄائي، روح ريجهائيندو رهندو هو.
تاجل ننڍڙي هوندي کان ڏاڍو تيز فھم، جذباتي ۽ حساس هوندو هو. ٻھراڙيءَ جي ٻارڙن وانگر، هن بہ هڪڙو بگڙو تتر پالي رکيو هو، جنھن سان هن جو گهڻو پيار هو. تتر بہ تمام لاڌر ۽ ٻولڻو هو. هو جڏهن نئين ڳوٺ ۾ پرائمري پڙهڻ ويندو هو تہ تتر پنھنجي عزيزن جي گهر ۾ رکي ويندو هو. تتر جي ٽھڪارن کان بيزار ٿي، هن جي هڪڙي عزيز هن جو اهو محبوب تتر پڃري مان ڪڍي ڪھي کائي ڇڏيو. جڏهن هيءُ اسڪول کان واپس وريو تہ پڃرو خالي ڏٺائين. تتر کي تلاش ڪندي سندس نظر وڃي کڙھہ کان ٻاهر پيل کنڀن تي پئي. پوءِ تتر جي ماجرا معلوم ڪري، ايڏو تہ ڏکوئجي ويو، جو مائٽن کان منھن موڙي، مون وٽ اچي اوطاقي ٿيو، ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ تائين مون وٽ رهيو. ان دوران هيءُ صوڀو ديرو مڊل اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو تہ هن هڪ هم ڪلاسي اللھ بخش چنو (علڻ)، جيڪو تمام پيارو دوست هوس، ان جي اوچتي ۽ بيوقتي موت جو ٻڌي کيس تمام گهڻو صدمو رسيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي ليکي پيو بڙ بڙائيندو هو. هڪڙي ڏينھن مان هن کي بڙ بڙائيندي ٻڌي ورتو، جنھن جا هيٺيان لفظ مون کي اڃا سوڌو يا آهن:
ايڏا ڏينھن ڇاکؤن وڌا ٿي الڻ،
نہ نياپا سنيھا مُڪا ٿي الڻ،
وساري ڌڪاري وڇوڙو ڏئي،
وئين يار جاني جدا ٿي الڻ،
پرھہ جو پيو ڪو تتر ٿو تنواري،
هليو آءُ پيرون پڪا ٿي الڻ.

جنھن ۾ مون کي هن جي طبيعت ۾ شاعريءَ جو رنگ نظر آيو، پر مان نہ شاعر نہ ڪوي:
شعر گفتاً گرچہ در سفتاً بود
ليڪ فھميداً بھہ از بهتر بود

تنھن ڪري، جيڪو وڏڙن کان وکر پلئہ پيو هوم، سو کڻي سندس جهول ۾ وڌم- ۽ آخر هن مان لڪل شاعر نڪري نروار ٿيو.
انسانيت جا ڪيئي روپ ٿيندا آهن. انھن روپن مان مزاج بڻبو آهي. مزاج مان شخصيت پيدا ٿيندي آهي، جا عام ماڻھوءَ کان اعليٰ ۽ اُتم هوندي، سا شخصيت شاعر جي آهي. هن خير ۽ شر جي دنيا ۾، جنھن ۾ حق ۽ باطل جي پاڻ ۾ جنگ لڳل آهي، شاعر خير جو داعي، حق جو حامي ۽ انسانيت جو علمبردار ٿيندو آهي، ۽ هر مسئلي کي هو انسانيت جي نقطه نگاه سان ڏسندو آهي. شاعر ذهين، حساس ۽ دردمند دل رکندو آهي، جنھن جو ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن سان والھانہ پيار هوندو آهي. هو انسان کي عظيم سمجهندو آهي، جنھن تي ڪنھن بہ قسم جو زور زبردستي ۽ ناانصافي سھي نہ سگهندو آهي. هو انسانيت جو سچو همدرد ۽ هڏڏوکي هوندو آهي.
“شاعري جزويست از پيغمبري”
تاجل عوام کي ڏاڍ ڏمر ۽ پرماريت جي رکوالن جي ڏهڪاءَ کان مايوس، بيوس ۽ محروم ڏسي، شاعريءَ ۾ پنھنجو تخلص ‘بيوس’ رکيو.
هن جي تخليق ۾ سنڌي فڪر ۽ فن، قديم ۽ جديد جو هڪ سنگم آهي، جنھن پنھنجي قديم سنڌي ورثي موجب ڪلاسيڪي انداز ۾ نون ادبي ۽ فني قدرن جو اظھار ڪيو آهي- ڄڻ ائين پيو سمجهہ ۾ اچي تہ قديم صراحيءَ ۾ نئين قسم جو شراب ڇلڪي رهيو آهي، جيڪو نج سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سھڻو گلدستو آهي. جيئن سندس ٻولي سھڻي سلوڻي، مٺڙي، ٻاجهاري، سوڌيل ۽ سموهيل آهي، تيئن سندس تخليق بہ سونھن ۽ سوڀيا جو هڪ وڻندڙ ۽ موهيندڙ انداز ۽ سٽا جي “روپ سروپ” جو سينگار آهي، جنھن کي سنڌي سٻاجها منھين، مارڪين، جهر جهنگ ڳائي ۽ جهونگاري رهيا آهن. جتي ڪٿي تاجل جي تنوار ٻڌڻ ۾ پئي اچي- ڇو جو هو هڪ عوامي شاعر آهي. هن جو ڪلام عوام لاءِ آهي. سندس ڪلام مختلف موضوعن جي کاڻ آهي، جنھن ۾ نينھن جا نعرا، فنا ۽ بقا، حسن ۽ عشق، وصال ۽ فراق، غربت ۽ ناداري، قرباني ۽ ايثار، حب الوطني ۽ اڪير، ٻڌي ۽ ايڪتا، آدم ۽ محنت، سچائي ۽ اخلاص، پورهئي ۽ عظمت جها اهڃاڻ، پنھنجي شاعريءَ جي ڏات سان تمام حسين پيرايي ۾، ڪتابن ۽ اشارن سان بيان ڪيل آهن، جي ٻڌندڙ جي دل ۾ بيهي وڃن ٿا، ۽ جنھن جي اندر مان اهڙا اڌما اُٿن ٿا، جو هو “واه واه” ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهي.

فقير اَلھندو جتوئي
ڳوٺ پير حيات شاھہ جيلاني
10 آگسٽ 1982ع

پنھنجي پاران: ڏکن سکن جي سونھن

ڌرتيءَ جي سونھن ننڍپڻ کان وٺي نہ رڳو منھنجي ڪمزوري پئي رهي آهي، پر ان ڪمزوريءَ جو شڪار ستينءَ صديءَ جي مھا ڪوي ڀرتريءَ کي پڻ ٿيڻو پيو هو، جنھن سنسار جي سونھن ۽ مجازي عشق جي باري ۾ چيو آهي:
“زندگيءَ جو ٻن قدرن کان سواءِ سڄو سنسار بيڪار آهي. اُهي قدر آن- ‘عورت جو جوڀن’ ۽ ‘جهنگلن جا نظارا’.”
آڱر پڪڙي هلڻ کان وٺي ڪڙيءَ رسڻ تائين اڃايل اکين الائي تہ ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان پئي اڃ اجهائي آهي! ڪمزور ۽ بي سھاري انسان جي اُگهاڙي پٺيءَ تي ٻيٽ جي چھن لڳڻ کان وٺي ڪنھن ڪاڄ ۾ هڪ جوان جماڻ غريب ھارياڻيءَ يا لاهياريءَ جي جسم تي اوڍيل نئين نڪور وڳي ڏسڻ تائين مون هيل سوڌو پئي نظارا ڪيا آهن. مٽرن جي لوڙهن ۾ وهندڙ ڍنڍ يا واهڙ مٿان ڪرلائيندڙ ڪونجن جون قطارون، سرنھن جي ڦولار ۾ پيلن گلن وچ ۾ بيٺل هڪ ڳوٺاڻي عورت، شام ويلي ڪَچي کان پڪي ڏانھن موٽندڙ مينھن، ڳئن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ۽ ڌنار، سانوڻيءَ ۾ ڪوهن تائين پکڙيل ڇر جي پاڻيءَ تي ترندڙ درياھہ جا پکي ۽ لڙهندڙ ماڻھن، ٻيڙين، ڊونڊين، بتيلن، ڪٽارن ۽ هُڙن جا سنگهڙ ۽ سانباھا، ڌرتتيءَ جو ڪنھن پيرن اگهاڙيءَ ساٽياڻيءَ يا گندريءَ جي مٿي تي رکيل مڇيءَ جي کاري، ٻوڏ جي پاڻيءَ سڪي وڃڻ بعد ڪنھن ڍنڍ يا گڻنگ جي شفاف پاڻيءَ مٿان ناڙي ۽ نيلوفر جي گلن جون اڻ-کٽندڙ قطارون، ڪامھہ وڻ يا پڪن ۽ پُسين سان ٽنڊريل ٽارين مٿان وهين ۽ ڪٻرين جا ميڙ ۽ وڳر، پڪل جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي کيتن تان پيھي تي چڙهي ڪنھن نينگريءَ جي کانڀاڻي ڦيرائڻ وارن ڏيکن ۽ نظارن جا عڪس ۽ اولڙا اڄ بہ منھنجي ذهن جي افق تي ڇانيل ۽ چٽيل آهن.
داخلي ۽ خارجي امنگن، اڌمن ۽ جذبن جي ڪيفيتن کي احساس جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندي مون سوين سج ۽ ستارا پئي اُڀاريا ۽ لاٿا آهن. فطرت جي انھن مٿين نظارن ۽ ٻين ڪيترين حقيقتن ماضيءَ ۾ مون ۾ هر وقت اُتساھہ ۽ نئين جاڳرتا جا انيڪ عڪس ۽ اُڌما پئي پيدا ڪيا آهن، جن منھنجي ڏات ۽ ڏانوَ کي خيالن جي وسعت، فڪر کي گهرائي ۽ شاعريءَ کي ارتقا جو عمل بخشيو- منھنجي شاعر بڻجڻ جو خاص سبب ڪي داخلي وارداتون چئي سگهجن ٿيون- پوءِ جڏهن انھن داخلي وارداتن جي ولوڙ خارجي حقيقتن جو اثر قبول ڪيو، تڏهن منھنجي لاشعور جي جهوليءَ ۾ شعور، احساس ۽ فڪر جا ڳاڙھا ڳٽول گل ڪريا، جن ۾ مجاز کان وڌيڪ پيٽ ۽ روزگار جي مسئلن جا رنگ وڌيڪ گهرا محسوس ڪيم. ڪن اڻٽر ۽ فطري مجبورين ڪري اسين هوند وارن جي ظلم، ڏاڍ ۽ تشدد جو شڪار بڻياسون. ان وقت مان وڌ ۾ وڌ ستن اٺن سالن جو هوس ۽ منھنجي ننڍپڻ هر قسم جي لڳندڙ واءٌ جو مقابلو ڪيو. مان اهڙن تہ تلخ پر ڪامياب تجربن ۽ آزمائش مان گذريو آهيان، جو ماضيءَ ۾ پاڻ تي ٿيل ڏاڍ ۽ ستم کي ياد ڪندي فخر محسوس ڪندو آهيان ۽ چوندو آهيان تہ چڱو ٿيو جو دنيا وارا ڏاڍا ۽ اسين هيڻا هئاسون، جنھن ڪري اهڙيءَ طرح انسان جي ڏکن ڏاکڙن، مصيبتن ۽ مسئلن جي پروڙ پئي. ستمگر دوستن، احبابن ۽ مٽن مائٽن کي بد دعا ڏيڻ بدران سندن ٿورا ٿو ڳايان، جن اسان تي ڏاڍ ۽ ڏمر جا هٿيار آسانيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان هلائي اچي هتي پھچايو ۽ ڏکن ۽ سکن سان منھنجي گهڻي ۾ گهڻي واقفيت ڪرائي.
آءٌ جڏهن اٽڪل ستن اٺن سالن جي عمر جو هئس تہ منھنجو ابو لاڏاڻو ڪري ويو. ابي سائينءَ جي مري وڃن کان پوءِ اسان جو سڄو ۽ سچو پچو سھارو مائي پناھہ خاتون- منھنجي امان سانئڻ بڻي جيڪا ذات جي سيالڻ آهي ۽ اسان ٻن ڀائرن، هڪ مان ۽ ٻئي مائيٽي ڀاءُ محمد يعقوب سان اڄ بہ پئي ڳن ڏئي.
اسين گهر جا ٻہ فرد- مان ۽ منھنجي ننڍي ڀيڻ بصر خاتون- جيڪي مينھن جي ڦرڙن وانگر جتي ڪٿي امڙ جي ڪَڍَ ڏٺا ويندا هئاسون، وڏي ٿيڻ تائين گهڻو ڪري مائٽن مٽن، وڏيرن ننڍيرن ۽ هوند وارن جي عتاب جو شڪار پئي رهيا هئاسون. ڀر وارن ۽ پاڙيسرين جي عتاب ۽ ڪرڙيءَ نظر هيٺ رهڻ جا خاص سبب امان سانئڻ جو ڌاري يعني سمي نہ پر سيالڻ هئڻ، ابي سائينءَ جو ننڍپڻ ۾ ئي سر تان پاڇو کڄي وڃڻ ۽ سندس حياتيءَ ۾ پرمار قوتن تي ڪي غيرتمنديءَ جا ڪامياب راتاھا هڻڻ هئا. ننڍپڻ ۾ امان سانئڻ ٿڃ پياري تہ وڏو ڪيو، پر ان کان پوءِ بہ جيڪا گرم توڙي ٿڌي هوا لڳي ان سان منھن ڏيئي، کير- ڀت کارائي پاليندي رهي. آءُ اکيون بند ڪري گهڙي کن لاءِ جڏهن ماضيءَ ۾ جهاتي پائيندو آهيان تہ پنھنجي ڳوٺ جي گهٽين ۽ گسن جي نظر اچڻ سان گڏ اڄ بہ پنھنجي ۽ پنھنجيءَ ڀيڻ جي روئڻ جا آواز ۽ امان سانئڻ جي سڏن، سڏڪن ۽ ڪوڪن جا پڙاڏا ۽ پڙلاوَ ذهن تي ٻہ-چار مترڪا وھائي ڪڍندا آهن. آءُ جڏهن بہ گوتم ۽ ڀٽ ڌڻيءَ وانگر منھن مونن پائي سوچڻ وهندو آهيان تہ ائين لڳندو آهي ڄڻ اسين ٻئي ڀيڻ- ڀاءُ اجهو امان سانئڻ جي لار لڳي اڃا بہ پير ۽ پاچا ماٽ ۾ پسائيندا، ڪانبا ٻڌي مکڻ جي چاڻن جھڙيون نرم نرم ونئڻن جون ڦٽيون پيا چونڊيون. آءُ اڃا بہ سونار مينھن لاءِ جوئر مان پن پيو سويان. مان اڃا بہ ڪلھي تي لٺ رکي شام ويلي پرائين ۽ پنھنجين مينھن جي وڳ کي بيديءَ (ڪچي ۾ ٻن ڍورن جي وچ ۾ گهاٽو جهنگ) ۽ بکر جي ڍنڍ وٽان تنواريندو، ڀٽارين کي گڻنگ جي پاڻيءَ ۾ ڍاريندو، ڪُمن، لوڙهن ۽ پُوڻين سان جهول ڀريندو، چڙين ۽ سنگهرن جا آواز جهٽيندو، پڪي تي آڏيل پنھنجن وٿاڻن ڏانھن واپس پيو وران. اهي منظر، اهي عڪس، جيڪي منھنجن تخليق جا سرجڻھار بڻيا، جن منھنجي شاعرءَ کي مالا مال ڪيو، جن پنھنجي ڏات جي ڏيھہ ۾ شاعريءَ جا اڇا، پيلا ۽ ڳاڙھا گل کڙايا، جن منھنجي سوچ دنيا ۾ نون نون موضوعن جا ڳوٺ ۽ شھر آباد ڪيا، مون کي پنھنجين تخليق جھڙا پيارا آهن.
آءُ ذات جو سمون آهيان ۽ منھنجو پاڙو ‘ڌماچ’ آهي. سڱابندي جي لحاظ کان منھنجا مائٽ ملاح، ڪوري، شيخ، کھڙا سيال، خواجا ۽ سمان آهن، جن ۾ گهڻائي درياهي ملاحن ۽ ڌماچن جي آهي. شايد گهڻ- ذاتيو هئڻ ڪري ئي مون مان ذات پات، رنگ نسل ۽ گوري ڪاري جو فرق مٽجي ويو آهي. ايتريقدر جو سڀني ڌرتيءَ ڄاين کي مان پنھنجا مِٽ چوندو آهيان. پوءِ اُهي ڇو نہ ڪُولھي، ڍيڍ يا ماڙيچا هجن.
مون کي پنھنجي شاعر هئڻ تي فخر آهي. فخر ان ڪري آهي جو پس منظر، مشاهدو، ماضي، اهڃاڻ، عڪس ۽ زندگيءَ جو سفر هوبھو اهو آهي، جيڪو هن ڌرتيءَ جي هڪ مظلوم پيڙيل ۽ پرماريت جي شڪار ٿيل شاعر جو هئڻ گهرجي.
ان ۾ ڪو بہ شڪ ناهي تہ نوان موضوع تخليقي ۽ تعميري شاعريءَ جي بنيادي پٿر يا کيٽ کيڙڻ لاءِ ‘ٻج’ وارو ڪم ڏيندا آهن. نوان موضوع ان سرسبز ۽ شاداب کيت مثل آهن، جن مان ادب جو جيڪو بہ سلو انگوربو يا گوشو اُسرندو، ان مان چھچ ساوا پن، کٿوريل گل ۽ ميويدار ٽاريون نڪرنديون.
مون کي ٽيھاري کن سالن جي ڄمار تائين ٻھراڙين جو ماحول نصيب ٿيو. منھنجي خيال ۾ زرخيز سنڌ جو ڀيليل ۽ لتاڙيل زمين ۽ سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن جي ڀرپور مشاهدي لاءِ ٽيهن سالن جو عرصو ڪو گهٽ عرصو ناهي. مون کي شاعر ۽ حساس طبع انسان بڻائڻ لاءِ منھنجو ماضي، مشاهدو، آسپاس وارا ڏيک ۽ نظارا ۽ هوند وارن جا اڻ-هوند وارن تي حملا ۽ هٿ چراند منھنجي لاءِ ڪافي هئا ۽ آهن.
مون کي اُتساھہ ڏياريندڙ يعني منھنجي شاعريءَ جا سرچشما ننڍي هوندي سڄي سڄي رات درگاھہ تي چپڙين ۽ يڪتارن تي ڪلاسيڪي توڙي نون شاعرن جو ڪلام ٻڌڻ، شاھہ سائينءَ جي رسالي جو عشق ۽ محبت سان مطالعو ڪرڻ، مظلوم ۽ ستايل مالوند مارو ماڻھن جي روزمرھہ جي ڏکن ڀري زندگيءَ جو ڳوڙهو مشاهدو، ڪلھي تي لٺ کڻي ڪچي ۽ پڪي جو پسار ڪرڻ ۽ استاد مھربان الھندي خان جي صحبت ۽ سندس سبق بڻيا. اسين ٻئي شاگرد- هڪ آءٌ ٻيو منھنجو همعصر سائين حيات شاه (موجودہ گاديءَ ڌڻي) استاد الھندي خان جتوئيءَ وٽ گڏ ويندا هئاسون ۽ استاد مھربان ۽ سائين سٻاجھڙي حيات شاھہ سان گڏجي سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن، ڪشمور ۽ ڀاڳ ناڙيءَ کان وٺي لاڙ تائين سير ۽ صحبتون بہ ڪيم.
اسين ڀاءُ ۽ ڀيڻ سياري جي پارن ۾ امڙ سان گڏجي پنھنجي ڇنائين گهر جا سوراخ ۽ جهروڪ بند ڪري هڪ وڏي ٽئي تي سمھندا هئاسون، جنھن جي وچ ۾ گاري ۽ ڳچ جي ٺھيل چُلھہ مان صبح تائين باھہ پئي دکندي هئي. صبح جو چانورن کي کير ۾ رڌي کچڻي ٺاهي، پيٽ کي پُٺيءَ تائين ڀري پنھنجن ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويندا هئاسون. مون کي چٽو پٽو ياد آهي تہ هڪ دفعي چڱو خاصو ڏڪر پيو هو. ماڻھو چانورن جي پٽڙي ڀت تي گذارو ڪرڻ لڳا. ڪپڙو اڳيئي راشن تي ملندو هو. جيڪو شوقين نئين سج نئون وڳو پھريندو هو، ان وٽ ايڪڙ ٻيڪڙ قميص يا سٿڻ وڃي رهي هئي. اهڙن ڏولاون ۾ مون کي ياد آهي تہ سائين حيات شاھہ مون ڏانھن هڪ ريشي قميص سبرائي موڪلي هئي، جيڪا مون خوشيءَ سان قبول ڪري سندس ٿورا مڃيا هئا.
مان اڃا پھرين درجي ۾ پڙهندو هئس، جو ابو سائين لاڏاڻو ڪري ويو. اسان وٽ ٿوريون ڪي گهڻيون مينھون ۽ گوئر ڏاند هوندا هئا. ابي سائينءَ جي لاڏاڻي ڪري امان سانئڻ وڏا وس ۽ جتن ڪيا تہ جيئن اسان جون مينھون ڪو ‘چاراڻيءَ’ تي چاري تہ جيئن سندس ٻچڙي يعني منھنجو پڙهڻ خراب نہ ٿئي- مگر جنھن بہ ميھار ھاڪار ٿي ڪئي، تنھن کي اسان جا ڀَتَ ڀائي وڃيو جهليو اچن. چي: ان رن ۽ جعفر جي اولاد جو مال چاريندين تہ ميھار جا پٽ! توھان جي گهر سان ڀَتُ- برادري ختم هوندو- ان ڪري مجبوراً پڙهڻ ڇڏي مون کي مينھن جو ڌنار ٿيڻو پيو ۽ اٽڪل ٽي- چار سال ڪَچي ۽ پڪي تي مال چارڻو پيو، جنھن منھنجي مشاهدي ۽ فطرت نگاريءَ جي سرخاب کي پَرَ بخشيا- جڏهن فقط هڪ مينھن وڃي بچي تڏهن اسان جي مائٽ رضا محمد جي مشوري سان مون وري پڙهڻ شروع ڪيو ۽ مڊل اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ تائين ٽي پروموشن وٺي ٽن سالن جي کوٽ جو پورائو ڪيم. ٻہ سال بورڊنگ ھائوس گمبٽ ۾ رهي ڪري مئٽرڪ جو امتحان سرڪاري ڀتي- ڀاڙي تي پاس ڪيم. 1959ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري انگريزي ماستر ٿيس- اٺن سالن جي نوڪريءَ ۾ تجل شريف (نارو)، اڳڙا، ٻيلھاڙو، جادو واهڻ، مڏ ۽ ھاءِ اسڪول سوڀيديري ۾ ٻار پڙھايم. پڙھائڻ دوران بي-اي سال 1965ع ۾ ايم-اي (اقتصاديات) سال 1968ع ۾ خانگي طور پاس ڪيم. اٺ سال انگريزي ماستر، پنج سال لاهور، سيالڪوٽ ۽ ڪراچيءَ ۾ وزارت تجارت ۾، ۽ ھاڻي نائون سال ٿيو آهي جو ڪراچيءَ ۾ پيو رھان. انھيءَ وچ ۾ گڏيل قومن جي جماعت (يو-اين-او) طرفان فيلوشپ منظور ٿيڻ تي ٽوڪيو (جپان) وڃڻو پيو، جتان موٽڻ بعد 1973ع ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ٻيھر چونڊجي وڃڻ ڪري وزارت خزانہ، ڪراچيءَ ۾ ملازمت پيو ڪريان. انھيءَ سموري ادبي توڙي ملازمت واري سفر ۾ منھنجو محسن استاد الھندو خان جتوئيءَ مون سان گڏ رهيو ۽ منھنجي هر تڪليف ۽ بار کي پنھنجن ڪلھن تي کڻي منھنجي رهنمائي ڪندو رهيو. منھنجي منھن تي مرڪون ڏسي، مون کيس گلاب جي گل وانگر ٽڙندو، ٻھڪندو ۽ واس ڏيندو بہ ڏٺو. منھنجون تڪليفون ڏک ڏولاوا پسي مون کيس جهڄندو، اکين ۾ ڳوڙھا ۽ پيشانيءَ تي پگهر ڦڙا بہ ڏٺا. اهو ٻاروچاڻو ساٿ نصيب نہ ٿئي ھا تہ پاڻ کي ڄمار ڀر اڌورو ۽ اوڻو سمجهان ھا. مطلب تہ منھنجي زندگي سڦلي ڪرڻ ۾ منھنجي امان سانئڻ، استاد اَلھندي خان جتوئيءَ ۽ سائين بدرالدين زاهديءَ جو وڌ ۾ وڌ هٿ رهيو آهي. جنھن دوران منھنجي فقيراڻي (زيب النساءَ) جو سلوڪ ۽ همدرديون مون سان اهڙيون رهيون جھڙيون هڪ مخلص ساٿيءَ جون هئڻ گهرجن.

تاجل بيوس
ڪراچي
18 سيپٽمبر 1982ع
58-ڊي، گورنمينٽ آفيسرس ڪالوني
گارڊن روڊ، ڪراچي- سنڌ
* * * * *

ڪيئي ڪروڙين سال اڳ

ڪيئي ڪروڙين سال اڳ،
‘تون’ ۽ ‘مان’ کان اڳ،
جڏهن-
ڌرتيءَ تي ڪا چرپر نہ هئي،
سنڍ ۽ گمنام ڌرتي-
ماٺ جي ماحول ۾ تخليق جا در بند ھا.
آءُ مٽيءَ جي تھن ۾،
ڪيئي ڪروڙين سال اڳ . . . . . . .

* * * * *

تڏهن ‘سچ’
سر عام پرزا ٿئي ٿو.
خلائن ۾ پرزا پکڙجي وڃن ٿا.
فضا ۾ اُجالن جون لاٽون ٻرن ٿيون.
گهٽيءَ گام جڳمڳ جو وهنوار ٿئي ٿو . . . . . .
* * * * *

سُر ھاري

---

بيت

پَٽِ جُهوپا، کَڻُ پکڙا، رک ڪلھي تي هَرَ،
چڙهي آهي چيٽ ۾، ڳنڍيرن تي ڳَرُ،
ڪارونجهر جي ڪور تي، وڄن وانگي وَرُ،
ٿيندا ڪيچ ڪڻن مان، ٿڪو ناهي ٿَرُ،
کَڻّ ٻورا، ڪاھہ ولرّ- تہ ڏجن واسَ وجود کي.



پَٽِ جُهوپا، کَڻُ پکڙا، هُن ٿَرِ مھري موڙِ،
ڪئي مٿان ڪَڇَّ جي، گونگي آهي گوڙ،
جتي منڊل مينھن جا، اُتي جايُون جوڙِ،
چؤکا گُلَ چندن جا، راهڪَ هلي روڙِ،
ويھہ نہ، ولرَ ڇوڙ- تہ رسجي هونديءَ رات ۾.



پَٽِ جُهوپا، کَڻُ پکڙا، ڪاڇي وٺَو مينھن،
ڪاڪيون! ڌاران قُوت جي، نبري نٿو نينھن،
ڪيري وڄ وجود تي، ٿو ڏينڀن جھڙو ڏينھن،
پاهڻَ ھاڻ نہ پينھن- ويا ڏڪاريا ڏيھہ مان.



پَٽِ جُهوپا، کَڻُ پکڙا، وک وڌندي پاءِ،
ڪُلھا ڪارونجهر سان جيئَن گجي تيئَن گساءِ،
هَل تہ اَڏيُون پکڙا، هُن ٿاڻي، هُن جاءِ،
اِهو هُلُ هلاءِ- تہ لٿا پاهڻ پيٽ تان.



ڇاڻين ڌُوڙ ڇتن مان، پوکي پنجَ ڪڻي،
ويا ڏورڻ ڏونگرين، کُريا ساڻ کڻي،
وڌئون ڳنّ ڪھاڙئين، جڏهن ڀونءِ بڻي،
ڄنگهون، پير هڻي- ڌَنُ اُپايئون ڌُوڙ مان.



ڇاڻين ڌُوڙ ڇتن مان، انگين اُگهاڙا،
ڏنديلُ ڏاٽو هٿ ۾، ڪُلھين ڪھاڙا،
وٽي وجهن ولھہ ۾ نھرن تي ناڙا،
جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، تؤنس ڪيا تاڙا،
ويڙهيون ۽ واڙا- مون تي اوتَ عنبير جي.



ڇاڻين ڌُوڙ ڇتن مان، اَڌّ اگهاڙا انگ،
بُکون پيٽ وَرن ۾، ڄڻ ڏينڀُن جا ڏنگ،
ريڌا گهمن رٻ تي، سٽي ڪُٽي سنگ،
اهڙا مست ملنگ- مون نہ ڏٺا ڪنھن ڏيھہ ۾.



پايان ڪيئَن پلاند ۾، پني پنج ڪڻي!
مون ٿي ڏوريو ڏُٿَ کي، جڏهن ڀُونءِ بڻي،
مان ئِي پورهيت پيٽ جو، مان ئي ڌاڃ- ڌڻي،
ڄنگهون، پير هڻي- ڌنُ اُپايم ڌوڙ مان.



کَڻ هٿ ۾ کيٿڙا، ڪُلھي رک مھارَ،
وَٺا سانوڻ مينھڙا، هُن ٿاڻي، هُن پار،
ارلن مٿان اولڙو، پرھہ ڦُٽيءَ جا پار،
پکا پَٽِ پنوھار- سُڪر ٿيو ساڻيھہ ۾.



کَڻ هٿ ۾ کيٿڙا، اُٿي آڌيءَ اورِ،
پورهيت! ڪارڻ پيٽ جي، ڏونگر سارا ڏورِ،
ڀُرڻا پاهڻ ڀورِ- تہ ڌنُ اُپايئُون ڌُوڙ مان.


گڏي ٻجُ ٻنين ۾، وريا وچينءَ وَرَّ،
ونين وارا وڇائِيا، هيج منجهان هر هر،
ڀريل اوهين ڀُوريون، ڏُهندا ڏهيسر،
گُلَ ڇني گوهر- ڏيندا واسَ وجود کي.


پورهئي ڪارڻ پاڻَ کي، پگهر منجهہ پگهارِ،
جيسين وسن مينھڙا، رت ٻنيءَ ۾ ھارِ،
کورن ھاڻي کيٽ جا، ٻاري ٻُوھہ ٻُھارِ،
ڏيھن کي ڏيکارِ- ڪري ڪيچ ڪڻن مان.



جيءُ بہ جيڏن وچ ۾، مَر بہ مٽيءَ ڪاڻ،
جاڏي اوتَ اتر جي، تاڏي ويٺو تاڻ،
سَري جي سُرھاڻ- وٺ ولين جي واس مان.



انگ اُگهاڙا ٻارڙا، پيٽن سان پاهڻَ،
اُڀا تڪين اُڀَ ڏي، ڌرتي تنھنجا ڌڻَ،
ويڙهيون ۽ واهڻ- بَکُ ويا ٿي بُک جو.



ڀوڏيسر جي ڀُون- ڏُٿ ونڊيٿي ڏيھہ ۾،
آونگ چاڙهين اوپرا، ڪيئَن سُتو آن تون،
وايون ڪن وهُون- تو نہ وڌايو وک کي.



تون ڪيئَن سُتين ويسرا! ڳچيءَ ٻانھن ڪري،
ڏُٿّ پراوا ڏيھہ ۾، ڏيندءِ ڪو نہ ڏري،
متان واءُ وري- ٻڌين پاهڻ پيٽ سان.



اڄ پڻ وَٺو ڪينڪي مٿي مارڳ مينھن،
پورهئي ڪارڻ پيٽ جي پاهڻ، پاهڻ پينھن،
پَرَ، جي نسريو نينھن- وسندا مينھن ملير تي.



هتي اُٺَّ هُڇاءِ- هي پڻ ماڻھو ماڳ جا،
چؤکا گُلَ چندن جا، اوٺي اکئين لاءِ،
جنھن اک ڳوڙھا رت جا، تنھن سان لنئُون لڳاءِ،
اکيون، وار، وڇاءِ- تہ مھڪي ڀُونءِ ملير جي.



هتي اُٺَّ هُڇاءِ- هي پڻ ڏيھہ ڏکن جو،
رڪَ وهنديءَ راند ۾، اڳتي وک وڌاءِ،
سا منھن بيهي سينڱ جي، مٽيءَ کي مُرڪاءِ،
اهڙو وڻج وھاءِ- جيئن مھڪي ڀُونءِ ملير جي.



ڪيڏا جهلي ڪانَ- آيو آهي “آد” کان،
لوچي لڌا لوھہ مان، نيراني جنھن نانَ،
وڻ کٿوريا ڪاڪ جا، جوڌي پُٽَ جوان،
اڄوڪي انسان- سونھن وڌائي ‘سنڌ’ جي.

وايون

(1)
ڏٺـــــــــــــم ڏهـيـســـــــــــر،
ڪارونجهر جي ڪورَ تي،

ڏٺم ڏهيسر.
چڙهيل جنھن جي چم تي،
ڳنڍيرن جي ڳر،

ڏٺم ڏهيسر.
سينو پيٽ سمونڊ جو،
ڪُلھا ڪارونجهر،

ڏٺم ڏهيسر.
سين ٻاريو مچ آ،
ڄرڪي ڄرڪي ڄر،

ڏٺم ڏهيسر.
تون پڻ تتي ڏينھن ۾،
ٻَرِ ٻَرِ ڪري ٻر.

ڏٺم ڏهيسر.

(2)

ڪٿان آئين ڪاڪ ۾!
اوندھہ ويڙهي اوپرا،

موڙ نہ مينديءَ ڏار کي.
وٺڻ ايندا واسڙو،
ماڻھو ڇاتيءَ موڪرا،

موڙ نہ مينديءَ ڏار کي.
پر جي وجهين واڙِ ۾،
ڀَرَ هي ٽانگر ٽوڪرا،

موڙ نہ مينديءَ ڏار کي.

(3)

ڪاڇي اُٺڙا ڪَڇَ ۾،
سوڙِ نہ مينديءَ ڏارڙا،
ماڻھو ڇاتيءَ موڪرا،

ڪاڇي اُٺڙا ڪَڇَّ ۾.
واتِ نہ وياٽوءَ ول جا،
ڪرھا ڪُنگوءَ ٽارڙا،

ڪاڇي اُٺڙا ڪَڇَّ ۾.
وجهہ ڀلي هي وات ۾،
ڪامھہ ول جا ڪارڙا،

ڪاڇي اُٺڙا ڪَڇَّ ۾.
واتِ نہ وياٽوءَ ول جا،
ڪرھا ڪُنگوءَ ٽارڙا،

ڪاڇي اُٺڙا ڪَڇَّ ۾.

(4)

کوهي کوهي کرڪڻا،
موٽي آيا مُرڪڻا،

ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي.
ڪرھا ڪامھہ لام تي،
ڇوڙي آيا ڇرڪڻا،

ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي.
وَٽِ نہ ويھي پَٽَ جا،
ڦاهيءَ ڌاڳا سڙڪڻا،

ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي.
پٿر سارا پَٻَ جا،
ڀانءِ نہ هوندا ڀُرڪڻا،

ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي.

(5)

آئي بُوءِ بسنت جي،
وٽ ميان! ڪو واسڙو،

آئِي بُوءِ بسنت جي.
ڀيڄ ڀتي آ بانورا!
پالھو رک تہ پانڌڙو،

آئِي بُوءِ بسنت جي.
ڀيلي وڃ بسنت ۾،
ڀنڀرا ڪي جو باغڙو،

آئِي بُوءِ بسنت جي.
واسيو چندن واس ۾،
چنڊ لٿي جو چانگڙو،

آئِي بُوءِ بسنت جي.

(6)

چمپا، چندنَ واسيو،
ونين ڇوڙيا وارڙا،

چمپا، چندنَ واسيو،
وڇين پاندر وات ۾،
ڪرهي ڪُنگو ٽارڙا،

چمپا، چندنَ واسيو،
ونڊين ويڙهين وچ ۾،
ڀري پيرَن پارڙا،

چمپا، چندنَ واسيو،
مٿن شالون پَٽَ جون،
جھڙا ڏاڙهونءَ ڏارڙا،

چمپا، چندنَ واسيو،

(7)

ٻيٽاريءَ کي ٻيلھہ،

آئِي رُتِ بسنت جي.
چاڙهي چُڪي چپ تي،
ڀنڀراڪي جو ڀيلِ،

آئِي رُتِ بسنت جي.
مينديءَ رتا هٿڙا،
چھبڪ جھڙي چيلھہ،

آئِي رُتِ بسنت جي.

(8)

ڪيڏي آهي ڀيڙ،
لوئِي ليڙون ليڙ،

ٿاريلين جي ٿر ۾.
تون ڇا ڄاڻين ڇيڳرا!
پاڻياريءَ جي پيڙ،

ٿاريلين جي ٿر ۾.
قسمت آندا ڪانگڙا،
متان مارين ٻيڙھہ،

ٿاريلين جي ٿر ۾.

(9)

جيڏي پيڙا پٻ ۾، تيڏي پيرن تڏ،
اڄ بہ ڌوٻن ڌوتڙا، کھنبا مٿي کڏ،
جتي وسن مينھڙا، اُتي لاهين لڏ،
چڙهندا لڪن سامھان، جي تو ڀانيان ڏڏ،
پَٽِ نہ هتان پکڙا، سھسين ٿيندا سڏ،
جيڏي پيڙا پٻ ۾، تيڏي پيرن تڏ.

سُر سورٺ

---

بيت

جيئن تيئن جهونا ڳڙھہ مان مڱڻا، موٽي وڃ،
ڪلھي لاهي ڪينرو، ڀورا ڪري ڀڃ،
مون ۾ اٿئي مڱڻا! ٿاريلين جي ٿڃ،
ميان! منھنجي مڃ- نہ تہ دُکي ٿيندين داسڙا!



تون ڪيئن منڱين مڱڻا! تنبوري تي تاج،
تنھنجو ڪم ڪماچ سان، تون تخت ڪرين تاراج،
ڇڏي سَڌَ سرن جي، وٺ کٿوري کاڄ،
نہ تہ سارو هي سماج- دُکي ٿيندو داسڙا!


ڪلھي پائي ڪينرو، ڪري هٿ ڪٽار،
ڪندين ڌار ڌڙن کي، پرکيم تنھنجا پار،
مُورُ نہ چڱا مڱڻا! شاھاڻا شڪار،
تا نِر ڇڏ تنوار روُن روُن رتوڇاڻ جي.


ميان مڱڻھار! تو ڪيئن رانگو رت جو؟
وجهين ڪرٽ ڪپار ۾، ڇڏي پيٽ پچار،
تو کي سَڌَ سرن جي، چار ئي پھر چمَّار،
مور نہ چڱا مڱڻا! شاھاڻا شڪار،
کڻ هيرا، وٺ ھار- تہ اوگهڙ ڍڪيان عام جي.


ريجهن رت ڦڙن تي، ايءُ نہ ڀانن ڀانءِ،
جهورين، وجهن جهانءِ- ڪري ڌار ڌڙن کي.


ويئي سَڌَ سڪڻ جي، ڪھين ٿو ڪنھن لاءِ؟
ميان! اهڙيءَ ماٺ ۾، پنھنجو ڪنڌ ڪپاءِ،
ڪلھي پائي ڪينرو، تندون ڪين تپاءِ،
سارا ساز ڀڃاءِ- تہ موڳا! پرکين مام کي.


تون ئي گل گرنار جو، تون سورٺ، تون سينگار،
تون پڻ پنھنجي وس ۾، تون ‘بيوس’ بي اختيار،
مون کان موڳا مڱڻا! دم نہ آهين ڌار،
ميان مڱڻھار! ڪورِ نہ پنھنجي ڪنڌ کي.


وجهہ ڪٽارو، وڍ- ميري ڀانءِ مَ مڱڻا!
اسان پڻ اڳهين، ڏاتارن جي ڏڍ،
اِھا پنھنجي اڍ- مور نہ مڃين مات کي.


آءُ ميان! کڻ ڪينرو، مٿي موڙ ٻڌانءِ،
ڳچيءَ ڳانا پٽ جا، وٽي هوند وجهانءِ،
جيسين مڃين مڱڻا! تيسين ترسايانءِ،
ڏاھا! سِرُ ڏيانءِ- ڪھڻ ساڻ ڪماچ جي.



ساٽو وجهہ سرن ۾، ٻيو سڀ ڏيئي ٻَنِ،
منڱُ اُهو ئِي منڱڻا! جيڪي تنھنجي مَنِ،
تندن جي تاراج کان، راجا ڪيئَن رهن،
جڏهن تڏهن جن- ڏنا سِرَ ساڻيھہ کي.



پڪي ڪر پريت- جيسين ساھہ سرير ۾،
ميري ناهي مڱڻا! راجائُن جي ريت،
ڪلھي پائي ڪينرو، جاجڪ ويٺو جيت،
ڪامل! ڇڏ ڪريت- ڏاتارن جي ڏيھہ ۾.



مڱڻا! مٿو ڪور- ڪاتي وجهہ ڪپار ۾،
راجائُن جي رَتّ کي، تورڻ بنا تور،
جهونا ڳڙھہ نہ جهور- آءُ تہ پرچون پاڻ ۾.



مڱڻا! تنھنجيءَ مام جي، خبر عام نہ خاص،
راجائُن جي رَتُ جو، وٺڻ آئين واس،
وجهہ ڪٽارو ڪنڌ ۾، نہ ٿي ميان! نراس،
هي رت، هڏا ۽ ماس- گهاءِ تہ توتان گهوريان.



ڏاتارن جي ڏيھہ ۾، ڪلھي ڪينرّ پاءِ،
مٿا گهڻا مڱڻا! تون ٻيجل ٿي ٻاڏاءِ،
جھڙيءَ تهڙيءَ تند ۾، سر جي سئن لڳاءِ،
ڳھڻا ائين ڳاءِ- جيئن وسِي آڳ وجود جي.



چارڻ تنھنجي چنگ مان، بکي پيئي باھہ،
ميان! تنھنجيءَ مام جي، سورٺ کي سُڌِ ناھہ،
تاڻي تند تُنبير جي، سدا ويٺو ساھہ،
مڱڻا! مٿو لاھہ- وجهہ ڪٽارو ڪنڌ ۾.

وايون

(1)
موهيو مڱڻھار، ميان!
چوري تنگ ڪماچ جي-
تون ئي گل گرنار جو،
پنھنجا ڪھڙا پار، ميان!
مڱڻا! تنھنجيءَ مام جي،
سورٺ ڪھڙي سار، ميان!
اڃا سوڌي عام ۾،
تنھنجي آهي تار، ميان!
‘بيوس’ اڳ امڪان کان،
ڌڙ ٿيو هو ڌار، ميان!

(ٰ2)

جاجڪ ڪارڻ جِهڄّ،
ڀنڀراڪي جو ڀڄّ،

ريٽي رتوڇاڻ ۾.
پر جي مٿن مامرا،
ڇاتيءَ کان ئي ڇڄّ،

ريٽي رتوڇاڻ ۾.
جھڙي ڌار ڪٽار جي،
ائين نہ وري وِڄّ،

ريٽي رتوڇاڻ ۾.
مٿو راءِ ڏياچ جو،
سانجهيءَ- رتو سڄ،

ريٽي رتوڇاڻ ۾.

(3)

ڪوري منھنجو ڪنڌ،
جيڪر وجهين جهول ۾،
اڏيءَ سر نہ اڇيان،
هيءُ نہ اهڙو هنڌ-
وجهي ڪرٽ ڪٻار ۾،
پرک تہ ميان پنڌ-
ڪوري منھنجو ڪنڌ،
جيڪر وجهين جهول ۾.

سُر گهاتو

---

بيت

تنھن تَڙ هلو ناکئَا! جنھن تَڙِ موريو ميرّ،
ککيءَ- گاڏُڙُ کيرُ- ملھايو مھراڻ تي.


تنھن تَڙ هلو ناکئَا! جنھن تَڙِ ڪاري رات،
مُٺيون ڏيئي وات- ماريو هلي مڇ کي.


تنھن تَڙ هلو ناکئَا! جنھن تَڙِ مانگرَ مارّ،
ڪري ٿو جو ڪُنَّ ۾، گهاتوئڙن کي گارّ،
ساري هن سماج تي، بورو آهي بارّ،
ڄاڻو! کڻي ڄارّ- ڪاهي هلو ڪُنَّ تي.


هلو، هلو، ڪُنَّ تي، ڄارَ کڻي ڄاڻو،
ڪجي مانگر مڇ کي، سائِر ۾ ساڻو،
ٽريو جي ٽاڻو- بُرو ايندو بود ۾.


هلو، هلو، ڪُنَّ تي، جتي آب اُڇل،
ڪنڌئَين ڪانھن نہ اُڀريا، ڪوماڻا ڪنول،
ٻيڙا ٻارِ ٻڏل- ڪڍڻا آن ڪُنَّ مان.


هلو، هلو، ڪُنَّ تي، ٻَڌي مولھيا ميرَ،
جتي جوکو جيءَ جو، سا پڻ لنگهو سير،
مٿان واڪو وِڄَّ جو، هيٺان چڙهي وير،
ڪالھہ بہ اچي ڪُنَّ تي، باهيو هو بي پير،
ڪِلا ٺوڪي ڪير- ڪجن ڀاڱا ڀُورَ جا.


ڪارو پاڻي ڪُنِ جو، جتي ڪاري رات،
ڪري مانگر مات- ورو سڀ وهُن ڏي.


ڪَرَّ نہ آهي ڪُنَّ کي، ويا ڪين ورن،
پَسي دؤر درياھہ جو، ڏونگر ٿا ڏرن،
گهنگهر گهارين ڪيترو! گهاتُو منجهہ گهرن،
الا! مَڇَّ مرن- ساري هن سنسار جا،


ڪنڌئَين ڪانھن اُڀريا، هنيُون هيرڻَ ڦاڪ،
ڏٺي مون ڏينھن ٿا، مٿي مولھين ماڪ،
ادن جي اوطاق- اونُو آ اوڙاھہ جو.


ڪنڌئَين ڪانھن ڪڪوريا، وريا وڻجارا،
اونھي آب عميق تي، اچن اوڀارا،
گهاتو گهڻَ- وارا- موٽي آيا ماڳ تي.


تَريُون، تُرھا تار ۾، ويا رَڇَّ لڙهي،
آيو ڪو نہ مُڙي- کيڙائُن جو کير مان.



وَنين وار اڀوڳڙا، وَهون ڪن وايُون،
وِڌيون مانگر ويڙھہ ۾، نائُکن کي نايُون،
مُونن مُنھن لايُون- رُئن ڳوڙھا رت جا.



جي تون ماري مڇ جو، نيڻان ننڊ اُکوڙ،
ٻيڙا ڪاهي ٻوڙ- مانگر کي مھراڻ ۾.



جا ڏي مارو مڇ جو، تاڏي ٻيڙا تارِ،
گردابن ۾ گهارِ- جي تون مارِي مڇ جو.



ڪاهي ٻيڙا ڪُنَّ تي، ماريو مانگر کي،
ٻڌي نڪرو ناکُئَا، مولھيا مٿن تي،
سوڀيا هوندا سٻي- گهڙندا جي گرداب ۾.

وايون

(1)

ويھي ساٽين وچ ۾،
ڳولھہ نہ مڇيءَ ڳاھہ،

ويھہ نہ ساٽين وچ ۾.
وراڳ ڪُنڍيءَ وَرَّ ۾،
سينگاريءَ جو ساھہ،

ويھہ نہ ساٽين وچ ۾.
جي تون مارِي مَڇَّ جو،
اوري لھہ اوڙاھہ،

ويھہ نہ ساٽين وچ ۾.
ساھہ نہ ڏورا سُٽَ جا،
ڇِرڪِي پوندو ‘شاهه’(1)،

ويھہ نہ ساٽين وچ ۾.

(ٰ2)

پڳھہ ڇوڙي پاتڻي!
ڇولين ۾ ڇاڇول،

پڳھہ ڇوڙي پاتڻي!

(1) ڀٽائي ڀلارو
سٻر رَڇَّ سمونڊ تي،
ککيءَ ھاڻا کولِ،

پڳھہ ڇوڙي پاتڻي!
سامنھن رک سُکان کي،
جيڏا وڃ نہ جهولِ،

پڳھہ ڇوڙي پاتڻي!

(ٰ3)

موريو ڀل مرڪي،
ساٽياڻين جي سَٿَّ ۾،

موريو ڀل مرڪي.
ڪند، ڪرايون، ڪرٽڙا،
مانگرَ واتِ وجهي،

موريو ڀل مرڪي.
ڪيڏي رِپَّ قلاچ جي!
لھرين منجهہ لُڙهي،

موريو ڀل مرڪي.

(ٰ4)

ڪيڏا ھا ڪونڌر،
ماريا جي مانگر،

قلاچيءَ جي ڪُنَّ تي.
اونھي آب عميق تي،
هر هر هُئِي هُو ڪرَ،

قلاچيءَ جي ڪُنَّ تي.
رَڇَّ رنڱا يا مَڇَّ لئہ،
ساٽيئڙن سٻر،

قلاچيءَ جي ڪُنَّ تي.
جيڏا ونجهہ وڏاندرا،
تيڏا ڪوپن ڪَرَّ،

قلاچيءَ جي ڪُنَّ تي.

(ٰ5)

سَنڊَ سٻرڙا ڌارِ،
مَڇ متارو مارِ،

ڪاھہ قلاچيءَ جي ڪُنَّ تي.
پلئہ پائَي پوپريون،
تانگهي ناوَ نہ تارِ،

ڪاھہ قلاچيءَ جي ڪُنَّ تي.
جي تون رنڱين رَڇَّ کي،
اونھي سِج اڀارِ،

ڪاھہ قلاچيءَ جي ڪُنَّ تي.
ويھہ مَ واهڙ آسري،
سنجهي سڙھہ اُڏارِ،

ڪاھہ قلاچيءَ جي ڪُنَّ تي.

(ٰ6)

مَڇَّ مھانڊا ماريا،
هئہ هئہ هَڏَّ هِڄنِ!

مَڇَّ مھانڊا ماريا،
مُنڍيون مانگرَ وات ۾،
ڦرڻيءَ جيئَن ڦرِن،

مَڇَّ مھانڊا ماريا،
ونجهہ تکيرا، وانئِٽيون،
لُڙَھہ ۾ رڇَّ لُڙهنِ،

مَڇَّ مھانڊا ماريا،
گهر تڙ گهاتن گهوريا،
ڪَڙَ تي ڪنگَ رڙنِ،

مَڇَّ مھانڊا ماريا،

سُر راڻو

---

بيت

ٻُنگُ، کٿوري، ٻُورُ- کِڙيا گُلَ گلاب جا،
چرندي چندن لام کي، ڀورا ڪري ڀُورّ،
موٺَ نہ چري مُورّ- پَيَس پُورَ پلاڻ جا.


چنگهي، چري، ڪينڪي، رڙي ساري رات،
ڪنجهڻ ڌاران ڪرهو، ڪا وَلِّ نہ وجهي وات،
پرھہ ڦٽيءَ پرڀات- پَيَس پُورَ نہ پلاڻ جا.


چنگهي، چري ڪيني، سڙي سارو ڏينھن،
توڙي وسي مينھن- تہ بہ پوَنس پُورَ پلاڻ جا.


مون ساريندي مينڌرا! جي پائين اُٺَ پلاڻّ،
وجهان مکڻ، مصري، ڪري ڏاگهي ڏاڻّ،
پارس جھڙو پاڻّ- گهوريان تنھنجيءَ گُهورَ تان.


مون ساريندي مينڌرا! جي ڪري ملاقات،
روڙي چندن ٽاريون، وجهان ڪرهي وات،
پرھہ ڦُٽيءَ پرڀات- ڪيان اوتَ عنبير جي.


مون ساريندي مينڌرا! جي هيڪر اچين ھاڻِ،
ملڪ کٿوري ڀانئيان، سڀو ئِي سرھاڻِ،
اُٺّ پلاڻي آڻِ- تہ ڪيان اوتَ عنبير جي.


مون ساريندي مينڌرا! جي اچين اُٺَ چڙهي،
وجهان چانگي چاھہ مان، ڳچيءَ لونگ- لڙهي،
عطر اوتيان اُن تي، جي گهارين هڪ گهڙي،
راڻا! آءُ رِڙهي- تہ ڳالھہ سڻايانّ ڳُجهہ جي.


جيڪر ٿئَي جيڏيون! راڻي ساڻ رھاڻ،
آڻيان آڌيءَ رات جو، چندن چانگي ڪاڻ،
وري وَرّ وٿاڻ- تہ عطر اوتيان اُن تي.


ڪنول ساريندي ڪاڪ جا ڀُورَ مٽايون ڀاڻُ،
اڄ بہ مٿان اُن جي، پيو ڪو نہ پلاڻُ،
ڪا ول چري ڪينڪي، چار ئي پھر چرياڻُ،
سوڍا ٿيءُ سُڄاڻُ- ڪاھہ ڪڪوريل ڪاڪ ڏي.


مينھن تہ آيا مند تي، پر جي اچين پاڻَ،
مکڻ، ماکي، مصري، وجهان ڏاگهي ڏاڻَ،
چنڊُ ستارن ساڻ- هر هر هنڌ وڇائِيان.


ڪنجهڻ ڌاران ڪرهو، ڪا ول ڪين چريو،
وکرو گهمين وڳ کان، اکئَين لُڙڪ ڌريو،
واچيندي وٿاڻ ڏي، وري ڪو نہ وريو،
وارو وس ڪريو، جيئَن مھريءَ چڙهي مينڌرو.



رات وھامي ڏينھن ٿيو، مٿان سِجَّ لٿو،
سوڍي ڌاران سرتيون! نبري نينھن نٿو،
پِٽي مُنھن مٿو- ڪنول ٻاريم ڪاڪ جا.



وجهي خاڪ مٿي ۾، حشر ڪجي هينئَن،
ڌُٻڻ لڳن ڌرتيون، رانڱا رڙن جيئَن،
اُٺُ پلاڻي ايئَن- مون گهر ايندو مينڌرو.



مھريءَ چڙهيو مينڌرو، گُهلِي ڏکڻ هير،
جھڙو اوڳر اُٺ جو، تهڙي اوتَ عنبير،
وڻ کٿوريا ڪاڪ جا، سوڍي جي سرير،
ڳڀيا ڳَمَّ ڳنڍير- ڪنول ڪڪوريا ڪاڪ جا.


وايون

(1)

اُٺُ ورائي آڻِ،

وَڻَ کٿوريا ڪاڪ جا.
آنــــدم آڌيءَ رات جـــــو،
چنــدنُ چــانـگي ڪـاڻِ،

وَڻَ کٿوريا ڪاڪ جا.
اوتـــــي اُتـــر واءُ ٿــــــــو،
سـيـــج مٿــــان سُرھاڻِ،

وَڻَ کٿوريا ڪاڪ جا.
ڪرهي سوڌو ڪاڪ ۾،
آءُ جـــــواڻـــــي مــــــاڻِ،

وَڻَ کٿوريا ڪاڪ جا.

(ٰ2)

گُهلِــي ڏکــڻ هِــــرَ،
اوتـيــنــدي عـنبـيــرَ،

مھريءَ چڙهيو مينڌرو.
وَڻَ کـٿـوريـا ڪاڪ جــا،
ســوڍي جـــي ســــريــــرَ،

مھريءَ چڙهيو مينڌرو.
ڪوڙين ڪرڙ ڪڪوريا،
ڪــيســوڦُــل ڪــريـــرَ،

مھريءَ چڙهيو مينڌرو.

(ٰ3)

ڪڪر ڇانوَ ڪيانءِ،
چوٽيءَ ڦُلَّ چُمانءِ،

ڏُکي چڙھہ نہ ڏاڪَ تي.
ڪري ڇپر ڇانورو،
ٽانگر جيئَن ٽڙانءِ،

ڏُکي چڙھہ نہ ڏاڪَ تي.
گوري! گيت پريت جا،
لوڏي لامَ لکانءِ،

ڏُکي چڙھہ نہ ڏاڪَ تي.
چوريءَ اُڀري چنڊ کان،
مٿان کَٽَ کڙانءِ،

ڏُکي چڙھہ نہ ڏاڪَ تي.

(ٰ4)

ڦُـــــولارن ۾ ڦَــــــــــــرُ
ٿــــــورو نـــاهــــي ٿَــــــرُ،

ڏُاهي ٿي، چڙھہ نہ ڏاڪَ تي.
هيلَ ڪرين ڇو هُوڪرا؟
پِرُ وڃائي پَرُ،

ڏُاهي ٿي، چڙھہ نہ ڏاڪَ تي.
مَيّو توڙي مينڌرو،
ٻوٽي سُتا دَرُ،

ڏُاهي ٿي، چڙھہ نہ ڏاڪَ تي.
ٻٽي ڏينھن ڏھاڳ جا،
ڪاريهر جو ڪَرُ،

ڏُاهي ٿي، چڙھہ نہ ڏاڪَ تي.

(ٰ5)

جوڀن پڪي ڊاکَ،
لنڱن چاڙهي لاکَ،

آءُ مُٺِيءَ جا مينڌرا!
ڦُٽِي آ ڦولار ۾،
بيراڳڻ تي باکَ،

آءُ مُٺِيءَ جا مينڌرا!
برھہ ڪريٿو بانورا!
سيني ۾ سوراخ،

آءُ مُٺِيءَ جا مينڌرا!
تون ئي دراوُن داسڙا،
تون ئي سوڍين ساکَ،

آءُ مُٺِيءَ جا مينڌرا!

سُر مارئي

---

بيت

مِٽي جا ملير جي، تنھن مٽيءَ وڏو مان،
جُڙي جنھن مان راس ٿيو، منھنجو ديس مھان،
لٿو “ڪن فيڪون” جو ‘بيوس’ شَڪَّ گمان،
اڄوڪو انسان- پڙهي ڪلمان پيٽ تي.


مِٽي جا ملير جي، تنھن مٽيءَ وڏو مان،
جُڙي جنھن مان راس ٿيو، اڄوڪو انسان،
چيري پيٽ مٽيءَ جو، نوچي لڌئِين نان،
ڏورڻ ڪارڻ ڏُٿَ جي، مليو ديس مھان،
لٿو شَڪَّ گمان- جڏهن ڪل پئي “ڪن فيڪون” جي.


مِٽي جا ملير جي، تنھن مَٽُ نہ ڪا مِٽي،
‘بيوس’ اڳ ازل کان، جا ڏوري مون ڏٺي،
ڇوڙي آيس ڇيلڙا، ڇاڻي مَڪَّ مِٺي،
پَٽيون کَڻّ پِٽي، جن ڏنگيو منھنجي ڏيل کي.


مِٽي جا ملير جي، تنھن مِٽيءَ ناهي مَٽَ،
سيئِي منھنجا سيڻ ٿيا، تاڃي پيٽي پَٽ،
سانجهيءَ ورن سومرا! لنگين چاڙهي لَٽَّ،
سونو، رويو ڇَٽّ- توکي سونھين سومرا!


مِٽي جا ملير جي، لنڱين لايان شالَ!
مون تي ماروئڙن جا، ‘بيوس’ لکين ڀالَ،
سانجهيءَ وجهي سومرا! ڦوڳن هيٺان ڦالَ،
جيڪس جُوءِ مٽي ويا، مارون ڪاهي مالَ،
ڀانيان قرب ڪمالَ- جي مُنجين ماروئڙن ڏي.


مِٽي جا ملير جي، تنھن مٽيءَ ناھہ مثالَ،
ولين مٿان واسَ جا، جت اوتي مَٽَ ڪلال،
پسان شال پنوھار کي، ههڙو وٺي حالَ،
ميان! مون محال- ڪاٽڻ آهي ڪوٽ ۾.


جِتِ جهانگي، اُتِ جهوپڙا، جِت پکا، اُت پنوھار،
اُٿيو آڌيءَ رات جو، دوهيون ڪن ڌنار،
ڪرھا ڪامھہ لام تي، ‘بيوس’ بي اختيار،
هِن مند ولين واسيا، ڍوليا ڍنگر ڍار،
پائَي پاند ڳچيءَ ۾، چونڊين لال ليار،
اهڙا جني پار- سي ڪيئن وسرن سومرا!


جِتِ جهانگي، اُتِ جهوپڙا، اُتِ ماروُ منجها مير،
پيرين وجهن پيڪڙا، هُتي ڪين حمير،
لاھہ جُسي تان لوھہ جا، زورا ور زنجير،
تہ عمر ڄام! اسير پسي پَٽَ پنوھار جا.


جِتِ جهانگي، جِتِ جهوپڙا، اُتِ ماروُ منجها مَلَّ،
موٽيا ڪين ملير ڏي، ڪانگ اُٿاري اَلَّ،
ڏاگهن ڏار نوائِيا، ميان! ماڪَ ڀنلَ،
مون کي ڏي موڪل- تہ پسان پَٽَ پنوھار جا.


جِتِ جهانگي، اُتِ جهوپڙا، اُتِ ڍاٽي منھنجا ڍول،
ڪالھہ پيا مون ڪن تي، ٻاٻيھن جا ٻول،
ميڙي مَڪَّ ملير ۾، جهانگين ڀريا جهول،
‘بيوس’ چڪيا بند ۾، سندا هينئڙي هول،
هِتِ پونِ هَٿِ ڪڙول- هُتِ کنڊ ملائين کير ۾.


ڪوڙين ڪرڙ ڪڪوريا، لکين لالَ ليار،
مادر! منھنجي ماڳ تي، اُٺا مينھن اپار،
هن مند ولين واسيا، پکا ۽ پنوھار،
ماروُ ملڪ ملير جا، ‘بيوس’ بي اختيار،
پَسي مينگھہ ملھار- مارن مالَ اُٿاريا.


وَٺا پَٽَ پنوھار جا، مارن ڪاهيا مالَ،
اُتِ اَڏيائُون پکڙا، جِتِ جَرَّ ڏٺائون جالَ،
پڪا پيرُون پَٽَ تي، ٿر بر وڄن ٿالَ،
آءُ بہ وڃين شالَ! ميڙيان مَڪَّ ملير ۾.


آيا اُتر پار کان، ڪَڪَرَ ڪاريءَ رُوءِ،
وَٺا مينھن مندائِتا، جرڪي پيئي جُوءِ،
کاهڙ جي خوشبوءِ- ڄڻ ڪا اوتَ عنبير جي.
ماروُن ملڪ ملير جا، پھريا ڏيھہ پري،
اُتي ويا اُڪرِي، جتان ويو ڪين وري،
‘بيوس’ باري بند ۾، ڏُکي ڏک ڏري،
دعا ڪيو ڙي جيڏيون، جيئن ويڙهيچن وري،
اکيون پير ڪري- پسان شال پنوھار کي.


ميان! آهيان ماٺ ۾، پر جي ڪڍان پارَ،
لوڏي وجهندا لوھہ کي، وانگياڻيءَ جا وارَ،
ڌٻي وڃن ڌرتيون، جي هُئَن هوند هزارَ،
عمر! سڀ ڄمار- مون جيئَن ايندين مامري.


سُتي چونڊيم سومرا! مليراڻي مَڪَّ،
ڇوڙي آيس ڇيلڙا، گهٽا گاھہ چرڪ،
مليس رات ملير ۾، پنوھارن سان پڪ،
ٿاريلين سان ٿَڪَ- سانجهيءَ ڀڳم سومرا.


وايون

(1)

پٽولا، پَٽَ چير،
آڇِ ۾َ عمر مير،

لوئِيَّ ڍڪيم لنڱڙا.
اسان مارون پاڻ ۾،
کنڊ پوي جيئن کير،

لوئِيَّ ڍڪيم لنڱڙا.
ست رڇيون ميان سومرا!
کائي ڪيئن کٿير،

لوئِيَّ ڍڪيم لنڱڙا.
ميڙيون مَڪَّ ملير ۾،
ڪانبن ۾ ڪوڍير،

لوئِيَّ ڍڪيم لنڱڙا.

(ٰ2)

ڍوليا مارو ڍٽ ۾،
ٽانگر، ٽانگر، ٽولڙي،

ڍوليا مارو ڍٽ ۾،
پينگهن ڏورا پٽ جا،
لوڏيان ڳايان لولڙي،

ڍوليا مارو ڍٽ ۾،
آئِي رُتِ گلاب جي،
جرڪ تہ منھنجي جهولڙي!

ڍوليا مارو ڍٽ ۾،
کستوري، خوشبوءِ ۾،
چِڪَّ ڀڪلي چولڙي،

ڍوليا مارو ڍٽ ۾،

(ٰ3)

رات بہ ڏٺڙم ننڊ ۾،

مکڻ جون ماٽيون، الا!
چوليون چوڙيلين جون،

ڪلھن کان ڦاٽيون، الا!
ونڊين، ورڇين پاڻ ۾،

پيرن جون پاٽيون، الا!
ونيون ويڙهيچن جون،

لُکن لوساٽيون، الا!

(ٰ4)

اسين مارو پاڻ ۾،
جر تي پکي جيئن،

اسين ماروُ پاڻ ۾.
هٿين، پيرين پيڪڙا،
هُت نہ ميان هيئن،

اسين ماروُ پاڻ ۾.
جھڙي لالي لاک جي،
اکيون ارتيون ايئن،

اسين ماروُ پاڻ ۾.

(ٰ5)

مارو پائِر پٽ تي،
ٽانگر، ٽانگڙ ٽولڙا،

مارو پائِر پٽ تي.
اوجل رات اماس جي!
هئہ هئہ تنھنجا اولڙا،

مارو پائِر پٽ تي.
تيئن تيئن نسري نينھڙو،
جيئن جيئن جُهڪون، جهولڙا،

مارو پائِر پٽ تي.
آيون سيرون ساھہ کي،
رتيون، ماسا، تولڙا،

مارو پائِر پٽ تي.
هيڏي مَڪَّ ملير ۾،
پوءِ بہ راتين رولڙا،

مارو پائِر پٽ تي.

(ٰ6)

هئہ هئہ ڳورا هَسَ،

ڳچيءَ ڳانا پٽ جا.
ونڊين، ورڇين پاڻ ۾،
سندا توتن تس،

ڳچيءَ ڳانا پٽ جا.
ڪرھا ڪامھہ لام تي،
گُڙن ڏيئي گس،

ڳچيءَ ڳانا پٽ جا.
پڪي مَڪَّ ملير ۾،
مٿي ڊٻن ڊس،

ڳچيءَ ڳانا پٽ جا.
ڇنين ڇاڇر مينھن جي،
لَڳَھہ ساري لس،

ڳچيءَ ڳانا پٽ جا.

(ٰ7)

ڏاڍي لڳڙي لار،
عمر! ماروئڙن جي-
پڪا پيرون پٽ تي،
ڏاگها موڙين ڏار-
پائي پاند ڳچيءَ ۾،
چونڊين لال ليار-
مارُو ڄامُ ملير ۾،
ساريان ڪيئن نہ سنگهار-
واسي مور نہ ويڙهيان،
‘بيوس’ ڀنڀا وار-

سُر سسئي

---

بيت

چڙهندِي ويئي چوٽ- آرياڻيءَ جي آسري،
جڏهن تڏهن جوتَ- ڏُکيءَ ڏونگر پاڻ.


لنگهندي لڪيون، لَڪَّ- آرياڻيءَ جي آسري،
توڙي منجهان نڪ- ڪڍان تان ڪاري ٿيان.


پَرَّ وڃائي پيرَ- هيل هڻين ٿي هٿڙا!
ڌاري ڌاڙيلن جا، تو نہ سڃاتا ڀيرَ،
‘بيوس’ مِٽَ نہ ڪنھنجا، ڏاگها توڙي ڏير،
سُتينءَ پاڻَ سوير- حرف رکين ٿي هوت تي.


پير وڃائي پَرَّ- هيل هڻين ٿي هٿڙا!
اصل جاڙ جتن جي، ڪاريهر جو ڪَرَّ،
ٻيون ڪاهين ڪيچ ڏي، تون سُتينءَ ٻوٽي در،
ڏور اُٿي ڏونگر- تہ پسين ڄام پنھونءَ کي.


ٽاڪڻ ريءَ ٽَڪَرُ- ڪا بہ نہ رسندي ڪيچ کي،
ڪنھن پر ملي ڪينڪي، وکُن ڌاران وَرَّ،
ڇيتيون ڪر ڇپرُ- تہ پسين ڄام پنھونءَ کي.


پِٽي کڻ پُوڻي- چور نہ چرخو عاج جو،
تو کي سانگو سُٽَ جو، مون ساجن ساروڻي،
سا ڪيئن چڙهي سيج تي، جا آريءَ ريءَ اوڻي،
ڌارين جا ڌُوڻي- شل! پسي ڄام پنھونءَ کي.


پٽِي کڻ پُوڻيون- چور نہ چرخو عاج جو،
جني وَرَّ وساريون، اصل سي اوڻيون،
ھاڻ ويا، هُن جاءِ کان، لنگن کي لوڻيون،
ڌَڙّ، سسي ڌوڻيون- ويا ڏونگر اُڪري.


مُٺيون! آهيان ماٺ ۾، پر جي ڪڍان پار،
ڪري راڙو رُڃَّ ۾، وجهان ڏونگر ڏار،
ڌٻي وڃن ڌرتيون، جي هُئن هوند هزار،
وندر ۾ وڻڪار- ڪڏهن اُڀري ڪينڪي.


وجهي خاڪ مٿي ۾، آريءَ پٺيان اَورِ،
هُو جي پاهڻ پٻ جا، ڀتر ڀانئين ڀَورِ،
ڏاهِي ٿِي، اُٿ ڏورِ- تہ پسين ڄام پنھونءَ کي.


وجهي خاڪ مٿي ۾، اُٿي ويندنِ وؤڙ،
ڀورِي شھر ڀنڀور ڏي، منھن ميّن جو موڙِ،
ڊوهن پٺيان ڍوڙ- تہ پسين ڄام پنھونءَ کي.


ڀينر شھر ڀنڀور ۾، وھان وَرَّ ريءَ ڪيئن،
نينھن نہ نبري جيڏيون! هتي منھنجو هينئن،
ڪيو دعائون، جيئن- پسان ڄام پنھونءَ کي.


جهڄان پئي جيڪر- ڪيو ياد قريب کي،
وَڄن ساز وجود جا، هوند پيا هر هر،
سندي ڄيرن ڄر- جيئن وڌي تيئن ويجهي ٿيان.

مٿان اوتَ اُتر جي، پيرن هيٺ پَٿَرَ،
ڇپن کي ڇيتيون ڪيو، ڄيرن واريءَ ڄَرَّ،
سونھان ٿيا سُڃَّ ۾، پکي کولي پَرَّ،
ڏيرن ۽ ڏونگر- آيل! عشق اُجاريو.


جتن ڪارڻ جاڳ- جيسين ڏينھن نہ اُڀري،
تو جي ڇپر ٻوٽيا، مَٽي ويندءِ ماڳُ،
ڏيئي ڏير وھاڳُ، پنھون نيندءِ پاڻ سان.


جيڪر اچو جيڏيون! اوھان عشق اري،
ڪيو راڙو رُڃ ۾، جيسين وَرُّ وري،
اکيون پير ڪري- هوند کڻون پير پنھونءَ جا.


جيسين جيان جيڏيون! هُئان هوتن ڪاڻ،
پينگهي ۾ پنھونءَ سان، ڪيم روح رھاڻ،
ڀنڀوراڻي پاڻ- نينھن نہ نبري جيڏيون!


وليون، وڻ ڦولاريا، ڄام جڏهن ڄائو،
وَٺا مينھن مندائتا، ٿيو سَرَ سائو،
لٿو ‘بيوس’ لوڪ جي روحن تان رائو،
سدا سھائو، جاني آيو جُوءِ ۾.


ڀلي ڄائو ڄام- واسيو جنھن وجود کي،
پينگهي ۾ پنھونءَ جا، سُتي سڏ سئام،
پيرين پنڌ پيام- ٻنڌڻ ۾ ٻاروچ جا.


ڀورِي ريءَ ڀتار- تو ڪيئن سھڻ سکيو،
کنڀي هوت کڻي ويا، اُٺن تي اوٺار،
پٽين پاڙي واريون، رون زارو زار،
‘بيوس’ ڪن ڀنڀور جا، پکي پڻ پچار،
ڪاھہ پٺيان ڪوهيار- تہ رسين هونديءَ رات ۾.


سُڌِ منھنجي سور جي، جيڏين هجي جي،
تہ رسن هونديءَ رات ۾، ڪاهي ڪرهن کي،
بَري هن ڀنڀور ۾، گهڙي نہ گهارين سي،
چڙهندي چوٽين تي- هوند پَسن ڄام پنھونءَ کي.


سُڌِ اوھان کي سُورَ جِي، جي ڪاڪيون پوي ڪل،
تہ اوتيو رت اکين مان، پسي ڳاڙھا ڳل،
ويندي پٺيان وَرّ جي، ڪيو جهل نہ پل،
بُري هن ڀنڀور ۾، هوند مچايو هُل،
ڀريو ڇرڪ ڀنوائتا، توڙي سيج سُتل،
جهاڳي روھہ جبل – پسو ڄام پنھونءَ کي.


سُڌِ اوھان کي سور جي، جي ڪاڪيون پوي ڪا،
تہ ڏورڻ نڪرو ڏونگرين، جبل جا جها ڪا،
چرخو چندن عاج جو، نہ ڪتڻ ويھي ڪا،
بُري هن ڀنڀور ڏي، مُور نہ موٽي ڪا،
ڪري وس واڪا- هوند پسو ڄام پنھونءَ کي.

وايون

(1)

پڳون پنھونءَ ڄام جون،
ڌوتم ڌوٻيءَ گهاٽ،
هيٺان پاڻيءَ- پؤنرڙا،
مٿان پوي ماٽ،
اُڀا آريءَ آسري،
ڳؤرا، ڳؤرا ڳاٽ،
ولھہ ۾ ڇوڙي وارڙا،
ونگيم ساري واٽ،
پڳون پنھونءَ ڄام جون،
ڌوتم ڌوٻيءَ گهاٽ.


(2)

ڪَتَنَ ڪار ڇڏيو،

وارو ڙي!
منھنجو وَرّ وٺي ويا،
پسڻ ريءَ پنھونءَ جي،
نبري نينھن نٿو،

وارو ڙي!
منھنجو وَرُّ وٺي ويا،
جيسين ساھہ سرير ۾،
جَتن ڪاڻ جيو،

وارو ڙي!
منھنجو وَرُّ وٺي ويا،
ڇڏي شھر ڀنڀور کي،
هونديءَ رات رسو،

وارو ڙي!
منھنجو وَرُّ وٺي ويا،

سُر ڪيڏارو

---

بيت

سڙيو هيو سچُ- رُڪَّ وهنديءَ راند ۾،
لڳا نعرا نينھن جا، جيئن جيئن ڀريو مچُ،
ڪانئر مُنھن تي ڪجّ- سورھہ چمڪو سج جو.


چمڪي آچوڌار- تکي نوڪَ ترار جي،
رڻ ۾ ليڪو رت جو، پرھہ ڦٽيءَ جا پار،
تو ڪيئن سانگو ساھہ جو! جهيڙين جِت جهونجهار،
ميان! موڙِ مھار- تہ ٿورا لاهيون ٿَڃ جا.


رت، هڏا ۽ ماُس سستو سودو ساھہ جو،
چيرڻ ڪارڻ چم جي، رڙيو هو راڪاس،
ڪنھن ڪنھن مٿان ڪوڙ جو، ڪيڏو هو حراسُ!
سوريءَ اچي سچ جا، ڪيا بندَ خلاص،
سرويچن جو ساسُ- ڄڻ ڪا بُوءِ بھار جي.


ماءُ! پکي سڀ موٽيا، موٽيون ڪين ڳجهون،
چايو ٻالڪ چُوڙِ تي، ويٺيون واجهہ وجهون،
جيڏن ڪاڻ جهڄون- اچو آتڻ واريون.


ماءُ! پکي سڀ موٽيا، ڳِجهون ڪين وريُون،
رانگي رتوڇاڻَ جي، ڪيون هوند چريُون،
ورن ڌاران ولھہ ۾، ويٺيون ڏک ڏوريُون،
ڳالھيون ڳچ ڳريُون- رهجي ويون روح ۾.


ماءُ! ڏٺيون مون ڏونگرين، ڳجهون ڳاڙهيءَ روُءِ،
ڪلالائيءَ ڪُوءِ- ڇنو واس ڇڳير جو.


پائَي ڳل ڳراٽڙيون، ڳجهن ڳالھايو،
مُيُون! متان ماس کي، چنبن ۾ چايو،
پاکر سِرِ پايو- لھوءَ رتي لاش کي،


وجهي ڳجهن واتَ- چُڻيون چم هڏن تان،
بيٺيون ڏين آتَ- ڪانئر مٿان ڪيتريون.


چيري، چچري چم کي، چڻيو ڳجهُن ماسُ،
جھڙو ڳَڀَّ ڳنڍير جو، تهڙو سوڀين ساسُ،
ويراڳين جو واسُ- ڄڻ ڪا بُوءِ بھار جي.


چيري چچري چم کي، چُڻيو ڳِجهُن ماھہ،
جيڪس ڏنو جيڏيون! پڙ ۾ تن پساھہ،
رويو تڪيان راههُ- چايو ٻالڪ چُوڙِ تي.


ويا آرڻ اُڪري، لنڱين چاڙهي لوھہ،
مٿان مينھن مندائتا، پيرن هيٺان روھہ،
امڙ! رات انبوههُ- مٿان لُڻي موٽيو.


پائي ڪان ڪمان ۾، ڌڻيو اڃان تو نہ،
ڪريا ڪُنگرا ڪوٽ جا، ڇَڻِ ڇَڻِ ڪري ڇو نھ!
سنڌي هوندو سو نھ- جنھن نہ وڌايو وک کي.

  وايون

(1)

پنڌُ پرانھين پار جو،

گهوڙا ٻڌ نہ گهاٽ تي.
رنگ لھوءَ جي راند ۾،
ريٽو ڪر ڪٽار جو،

گهوڙا ٻڌ نہ گهاٽ تي.
سورهيہ سڪي سوڀ کي،
ڪانئر سڻڪو ھار جو،

گهوڙا ٻڌ نہ گهاٽ تي.
ڪنڊيءَ لنوين ڪانگڙو،
ڪو ماڻھو آ ولھار جو،

گهوڙا ٻڌ نہ گهاٽ تي.

(2)

جنگ کٽي جونجهار،
ڀلي ڪري آيا،

جي ڪري آيا.
ڇاتي ڇيتيون، وار رتاوان،
سورهيہ جو سينگار،
ڀلي ڪري آيا،

جي ڪري آيا.
وار ڇنڊيندي، ماءُ ٻُڌي ٿم،
گهوڙن جي هڻڪار،
ڀلي ڪري آيا،

جي ڪري آيا.
وکَّ کنيائُون، وَيرُ وتائُون،
ڌَڙَ ڪيائون ڌار،
ڀلي ڪري آيا،

جي ڪري آيا.
ٻُنگُ، کٿوري، ٻور وڻن ۾،
هير ۾ آ هٻڪار،
ڀلي ڪري آيا،

جي ڪري آيا.

سُر سامونڊي

---

بيت

موڙي ويا مڪڙيون، ڪاڏي ڪشتيبان!
نہ سي دؤر درياھہ جا، نہ سي سڙھہ سُکان،
لَٽيا اُتر واءَ ۾، ناتاريون، نيشان،
ڪنھن تَڙِ ملي ڪا نھ- خبر کيڙائُن جي.



پَسي دَم درياھہ ۾، ڪامل! ڪشتي ڪاھہ،
وڻجارا ولات ۾، وڃي وکر لاھہ،
جيڏي ساھہ سمونڊ جي، سنڊَ بہ اوڏا ساھہ،
ٻيڙي ٻارهين ماههِ- ڪاھہ تہ اُڪرين ڪُنَّ مان.



آيل ويا اوهري، ٻُڌي ڪڪڙن دس،
ويٺي پوڄيان وچ تي، غورابن جا گس،
لنگهي لھريون لس- موٽي ايندا مون گهرين.



وڏا ٻيڙا وڻج جا، ڪاهي ڪالھہ ويامِ،
کاري کيڙائُن جا، اچي پُورَ پيام،
واڳون ٿي وريامِ- سنجهي سور پرين جا.


اُٿي جَرَّ سان جهيڙ- سوگهو ٻڌي سندرو،
اونھي آب عميق مان، ماڻڪ، موتي ميڙ،
جاري رک جهاج تي، ورهين تائين ويڙھہ،
مَٽي مُنھن مِٺي کان، کارو پاڻي کيڙ،
سارو سمنڊ سھيڙ- موتين وانگي مُٺِ ۾.


پوڄارا پري- جيڪس ٿيا جيڏيون!
اُتي ويا اُڪري، جتان ويو ڪين وري،
آرا اکين سامھان، جتِ ڪاري رات ڪري،
اَٺ ئِي پھر اندر ۾، ‘بيوس’ باھہ ٻري،
توڙي اک ڦري- تہ بہ وري ورندا ڪينڪي.

وايون

(1)

ويندي وڻجارن،
آيل! سامونڊين،
لنگهي سير سمونڊ جي،

آيل! سامونڊين.
ٻيڙيون ٻاجهارن جون،
تاريون طوفانن،
لنگهي سير سمونڊ جي،

آيل! سامونڊين.
بندر ۽ بازار ۾،
کارا شال کُلن!
لنگهي سير سمونڊ جي،

آيل! سامونڊين.
پويان ساھہ سمونڊ جي،
آڏو ڪُنَّ ڪڙڪن،
لنگهي سير سمونڊ جي،

آيل! سامونڊين.

(2)

لکين سج لھي ويا،
کيڙيندي کارو،

آيل! انگ نہ ڍڪيو.
جوٽي جنڊ فراق جا،
آندم اُڌارو،

آيل! انگ نہ ڍڪيو.
آءُ بہ هڪ آسائتي،
سانوڻ، سيارو،

آيل! انگ نہ ڍڪيو.
سڙھہ ڏٺا مون سامھان،
ڏريندي ڏارو،

آيل! انگ نہ ڍڪيو.

(3)

ورندا وڻجارا،

اورانگهي اوڙاھہ کي.
بندر ۽ بازار ۾،
کوليندا کارا،

اورانگهي اوڙاھہ کي.
ايندا اتر سامھان،
هن مند ھاڪار،

اورانگهي اوڙاھہ کي.


(4)

ساري هن سمونڊ کي،
ويندا واسيندا،

اورانگهي اوڙاھہ کي.
ڀري ٻيڙا ٻاجهہ جا،
امڙ! آڻيندا،

اورانگهي اوڙاھہ کي.
ويھي جيڏن وچ ۾،
ليکا لاهيندا،

اورانگهي اوڙاھہ کي.
ڇِڪون پائي شيخلي،
سٻر ساهيندا،

اورانگهي اوڙاھہ کي.

(5)

وارو ڙي! وڻجار،

پرھہ ڦٽي آ، پڳھہ کڻن ٿا.
واءُ اڻائو، ونجهہ کنيائون،
هڪلون هيبتناڪ ٻڌئُون،
آيل! سِجَّ اڀار،

پرھہ ڦٽي آ، پڳھہ کڻن ٿا.
وِيرِ چڙهي آ، ڳالھہ ڳري آ،
چاڙھہ چڪڻ جي مند چري آ،
ڪارا ڪارونڀار،

پرھہ ڦٽي آ، پڳھہ کڻن ٿا.
سائر جن کي سڏَّ ڪري ٿو،
پَيرِي بڻجي پير کڻي ٿو،
شال! پڄن هن پار،

پرھہ ڦٽي آ، پڳھہ کڻن ٿا.

(6)

رات جي سانت ۾، لات پنڇي لنون،

لات پنڇي لنون.
چنڊ جھڙا پرين، ساھہ ۾ سانڍجن،

لات پنڇي لنون.
سونھن جي سينڱ جا، تيرٿا تاڻجن،

لات پنڇي لنون.
ٻانھن جي ٻيڻ تي، ناکئا ننڊ ڪن،

لات پنڇي لنون.
ڪُنَّ- ڪرلاومي، اک ٻوٽي اُٿن،

لات پنڇي لنون.
ڍنڍ تي ڍار سان، ڍينگ ڍُرڪي لھن،

لات پنڇي لنون.

(7)
ورندا ڪيئن وڻجار! جيڏيون، الا منھنجا،

ورندا ڪيئن وڻجار!
ساريو سامونڊين کي،

نيڻ چاڙهيا نار، جيڏيون، الا منھنجا،

ورندا ڪيئن وڻجار!
ساريو سامونڊين کي،

ورندا ڪيئن وڻجار! جيڏيون، الا منھنجا،

ورندا ڪيئن وڻجار!
ولين جيئن وجود کي،

وڪوڙيو ويچار، جيڏيون، الا منھنجا،

ورندا ڪيئن وڻجار!
مڙئي مون جيئن ماريون!

وجهو ڇتن ۾ ڇار، جيڏيون، الا منھنجا،

ورندا ڪيئن وڻجار!
ڪڏهن ايندا ڪينڪي،

دوست ٿيا جي ڌار، جيڏيون، الا منھنجا،

ورندا ڪيئن وڻجار!
ڀينر ‘بيوس’ آهيان،

پٽيو ڪڍان پئي پار، جيڏيون، الا منھنجا،

ورندا ڪيئن وڻجار!

سُر يمن ڪلياڻ

---

بيت

موکيءَ مَٽَّ چڪائيا، ڀَري نيلا نانگ،
لنون ويٺا لاتڙيون، ڪونرن مٿان ڪانگ،
موٽي ايندي مند تي، ڇُڳيرن جي ڇانگ،
بٺيون هي ڀڙ ڀانگ- ڪڏهن ٿينديون ڪينڪي.



چوڏهينءَ رات چڪائيا، موکيءَ ڀري مٽ،
پسي وٽيون وھہ جون، کاڌي ساهن سٽ،
ناگھہ نچڻ آئيا، مٿي نير نکٽ،
چريءَ ڏيئي چٽ- مڙس متارا ماريا.



چوڏهينءَ رات چڪائيا، موکيءَ مٽ ڀري،
مونجهي متارن کي ڪاروُن سڏ ڪري،
اُتي ويا اُڪري جتان ويو ڪين وري،
ويٺي ڏُکَ ڏري- ساريو ساٿيئڙن کي.

وايون

(1)

ڳاڙهن ڳڀرن ڪاڻ،

موکيءَ مَٽَّ چڪائيا.
سپن جھڙي سَتَ کي،
ڇاڻيءَ منجهہ نہ ڇاڻ،

موکيءَ مَٽَّ چڪائيا.
پڪي آهي پوھہ ۾،
ڪيڏي ڪيف ڪڙاڻ،

موکيءَ مَٽَّ چڪائيا.
جاڏي ڪوءِ ڪلال جي،
تاڏي ويٺو تاڻ،

موکيءَ مَٽَّ چڪائيا.

(2)

مَٽَّ چِڪايا مَدُ جا،
موکيءَ منجهند ٽاڪَ،

هٿ رنڱائي رت ۾.
سپن واري سَتَ کي،
پيندا زهر پياڪَ،

هٿ رنڱائي رت ۾.
چاڙهي چُڪي چپ تي،
وڙهندا ڏيئي واڪَ،

هٿ رنڱائي رت ۾.

ڀٽائيءَ ڏانھن

---

بيت

ڳاڙھا گُلَ گلاب جا، اوڏڻ- ورنا انگ،
تنھنجا بيت بھار ۾، چورين ويٺا چنگ،
پسي سونا سنگ- ٻُوھا اُڇليم ٻار ۾.



تو وٽ کيت خماريا، مون وٽ ڪچي ڪَڻِ،
مِٺي ماکيءَ ڀانئيان، جا تو پياري جَهڻِ،
اچي تو آسڻِ- چٽيم چُوڙا ڪچ جا.



مون وٽ ٻُوھا ٻار جا، تو وٽ کيتَ، کَرا،
کڻي ويٺس کيپ ۾، چِڪڻ منجهہ چَرا،
مون وٽ گيت گَرا- تو وٽ گُل گلاب.

  وايون

(1)

الا، ڇو نيڻ نٿا ننڊ ڪن!
آتڻ آڏو اُٺَّ ڏسي ٿيون،

ٿاريليون ٿڙڪن،
الا، ڇو نيڻ نٿا ننڊ ڪن!
وِهتل وڻ جي ماڪ ڦڙن مان،

باهيون ٿيون ڀڙڪن،
الا، ڇو نيڻ نٿا ننڊ ڪن!
ديبل ۽ ڀنڀور مٿان ڇو؟

ڪانَ پيا ڪڙڪن،
الا، ڇو نيڻ نٿا ننڊ ڪن!
ڄام تماچيءَ جي تَڙَ ڏي ٿا،

ڪنھنجا پير وڌن؟
الا، ڇو نيڻ نٿا ننڊ ڪن!
ڀٽ- ڌڻي! ڇو تنھنجون وايون،

بَرَ ۾ ٿيون ڀٽڪن،
الا، ڇو نيڻ نٿا ننڊ ڪن!
الا، ڇو نيڻ نٿا ننڊ ڪن!

مشورو

---

بيت

ڪو زمانو هو جڏهن شيخ اياز جي قومي گيتن جا هنڌين ماڳين هُلَ هوندا هئا. ڪنھن جي زبان تي “رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي” تہ ڪنھن جي چپن تي “جل جل مشعل جل” باجي جي سُرن وانگر آلاپيا نظر ايندا هئا. بس، “جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائِي هيڪڙي”. وارو مثال هو. شيخ اياز لاءِ جيڪڏهن ڪنھن کي ڪاوڙ يا شڪايت هوندي هئي تہ سندس واتان فقط ايترو ٻڌبو هو تہ ٻيلي شيخ اياز شاعر تہ ڀلوڙ آهي باقي ماڻھو سٺو ناهي- ۽ بس. ڪجهہ وقت کان ڪو اهڙو واءُ وريو آهي، جو اسٽيج تي لڳل Banners تي شيخ اياز جا شعر تہ لکيا ٿا وڃن، مگر شعرن جي هيٺان مرحوم شيخ اياز لکيو ٿو وڃي.
منھنجي ‘مشورو’ لکڻ جو خاص مقصد هيءُ آهي تہ بجاءِ جو اسين- جهونڙا ۽ نوان شاعر هڪ ٻئي کان نفرت ڪريون، سٺو ٿيندو جيڪڏهن اسين سڀ شاعر، جهونا توڙي نوان هڪ پليٽ فارم تي ڪٺا ٿي هڪ هنڌ ٽڪ ٻڌي بيهي رهڻ بدران اڳتي وڌڻ لاءِ سوچون ۽ عمل ڪريون- شيخ اياز جي ‘انا’ ۽ اڄوڪي نسل جي ‘سوچ’ مون کي پنھنجي قلم ۽ تخليق کان وڌ پياريون آهن. شيخ اياز لاءِ مون کي ايڏي عزت آهي جيتري هڪ مھا ڪوي لاءِ هئڻ گهرجي. اسين نہ ٿا چاهيون تہ شيخ اياز جي تخليق ۽ سندس واکاڻ جوڳي Contribution کي ڳنڍ ۾ ٻڌي سکر واري پُل تان مھراڻ جي موجن حوالي ڪيون. اسين شيخ اياز کي پنھنجي وچ ۾ بيھاري وڏا ٽھڪ ڏيڻ ٿا چاهيون ۽ شيخ اياز کي بہ گهرجي تہ هو پنھنجي نِرڙ جي گهُنجن کي ڦرهيءَ جي ميٽ وانگر ميٽي ڇڏڻ سان گڏ پنھنجن ضابطن ۾ ايتري ترميم Amendment آڻي، جو هرڪو کيس ائين چئي سگهي تہ شيخ اياز شاعر تہ ڀلوڙ آهي، پر ماڻھو بہ فرسٽ ڪلاس (لاثاني) آهي.

(تاجل بيوس)


(1)
اڪيلو ‘اياز’ تون، ڪنھين ٿو ڪنھن لاءِ؟
سڏي شاعر سنڌ جا، هڪ هڪ ڀاڪر پاءِ،
مُرڪي ميڙاڪن ۾، رُٺن کي ريجهاءِ،
اُھا سٽ سڻاءِ، جيئن ماضي موٽائي وجهون.

(2)

اڃان ڇو ‘اياز’- تو کي سَڌَّ سرير جي،
پائِي وکر وترو، جوتي! ڪاھہ جهاز،
آيو وَڙُ وڻجار جو، جيئن چرچو ٿئي چؤباز،
هڻي ميخ مجاز- واڳ ڪنڍيءَ جي ور ۾.

(3)

اڃان تون اياز! رکين سَڌَّ سرير جي،
ڪوي سونھين ڪينڪي نفرت مٿي ناز،
نئين ٽهيءَ جي نينڍ جو راڳي! پرک تہ راز،
تو ڪيئَن پَرَ پٽائِيا! چونِ ٿا چؤباز،
وٺ وارو، کڻ ساز- تہ مھڪي ڀونءِ ملير جي.


(4)

آءُ ميان! کڻ ڪينرو، ويٺو ڳاءِ وڄاءِ،
ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀونءِ کي موٽئي جيئن مھڪاءِ،
ساري ڪوتا سنڌ جي سيني ساڻ لڳاءِ،
سارا ڪوّي سنڌ جا، جيئن تانگهن پيا تو لاءِ،
ساڪا سٽ سڻاءِ- جا جيءُ چوائي جڳ کي.

(5)

چڪن نٿا چڪا- تنھنجي اڄ ‘اياز’ ڇو؟
لاھہ تہ ڪلھي ڪينرو، سمھہ نہ ٻوٽي طاق،
تو کي سارين سپرين! ٿر ۾ جنجا ٿاڪ،
ڏنڀي پنھنجيءَ ڏات کي، ميان! منجهند ٽاڪ،
اُپَٽِ مٽ مجاز جا، جيئن پاڻان اچن پياڪ،
پھرِ اھا پوشاڪ- تہ ڪوّي! سڀ ڪٺا ٿيون.

(6)
اُٿي ڪر ‘اياز’- سڏ پڙاڏو ساٿ کي،
اڃان تنھنجا اڀ مان، اچن ٿا آواز،
تون ڪيئن ستين ڪاپي! ڀڃي سارا ساز!
اوڻا ٿيا نہ اصلي تنھنجا جُنگُ جهاز،
راڳي! پرکي راز- ويھہ اسان جي وچ ۾.

(7)

ڪنھن تہ چيو هو ڪاپڙي! تون مھا، تون مٿير،
پوءِ ڪيئن تنھنجو پاتڻي! ترڪي پيو پير،
نئين نسل جي نِيتِ ۾ ناهي ڦند نہ ڦير،
جنھن کي سُڌ نہ سچ جي، سو ڪوّي آهي ڪير؟
سڏبين سوا سير- جي وهين ساٿين وچ ۾.

(8)

تنگ ڪيو طعنن- اُٿين ڇو نہ اياز ٿو؟
تون ٿي ٽُڪرو لوھہ جو، اسان ڪھاڙيّ ڳن،
رانول! رتوڇاڻ ري، نٿو سرچي من،
سوڀيا ٿا سڏجن- جن ڏنا سر ساڻيھہ کي.

(9)

وڻ ساڳو، پن ساڳيا، ساڳي پپر لام،
اڃان آديسين جي مٿي سَرَ اُڏام،
پير نہ تنجا پٽ تي، گنجي جنجي گام،
سائو لڪڙ هٿ ۾، ڪلھي مٿي ڪام،
ناکا! نئين نسل هي، پرک تہ ميان! مام،
وارو ڪر وريام! وري اُٿي وير آ.


(10)
اڪيلو ‘اياز’ تون، ڪنھين ٿو ڪنھن لاءِ؟
گهارڻ ائين گهر- ڪنڊ ۾ جُڳتين ڪين جڳاءِ،
ويھي ساٿين وچ ۾، نئين ڪا جوت جلاءِ،
نئين نسل جي نينڍ کي، هنئين ساڻ هنڍاءِ،
ميان! هَٿَ ملاءِ- آءُ تہ پرچون پاڻ ۾.

(11)
تو ڇو اڄ ‘اياز’ ڪو تاڻيو ناهي تير،
اڃان ڪنھن امڙ جو، کريو ناهي کير،
سُڻي سڏ ساڻيھہ جا، ڏي جيري کي جهير،
من چيڪي چيڪي چير- مھڪائي ملير کي.

وايون

(1)
ڳھڻا! ڳاءِ، وڄاءِ،
آڌيءَ گيت اُڏاءِ،

پرکي منھنجي پيار کي.
مک پراڻي مڪڙي،
ساڳا سڙھہ ساءِ،

پرکي منھنجي پيار کي.
ڪري اوتَ عنبير جي،
مِٽيءَ کي مھڪاءِ،

پرکي منھنجي پيار کي.
ڪنھن چيو ٿئي ڪاپڙي!
ويٺو پور پچاءِ،

پرکي منھنجي پيار کي.
نئين ٽهيءَ جي نسل کي،
ڀري ڀاڪر پاءِ،

پرکي منھنجي پيار کي.
هي پڻ ماڻھو ماڳ جا،
هِتي اٺ هُڇاءِ،

پرکي منھنجي پيار کي.
آءُ تہ تنھنجو آهيان،
ماروئڙن مڃاءِ!

پرکي منھنجي پيار کي.
اونده منجهہ ‘اياز’ ڙي!
نئون ڪو ديپ جلاءِ،

پرکي منھنجي پيار کي.

(2)

منھن تي پگهر- ڦڙا،
منڊيءَ منجهہ ٻُڙا،

آهن پار ‘اياز’ جا.
گَڏي پيو گيت ۾،
چڻ ڪي کير- پڙا،

آهن پار ‘اياز’ جا.
هِتي اُٺَّ هڇائِيو،
اڙي، اوٺيئَڙا!

آهن پار ‘اياز’ جا.
لوچي ويٺو لوھہ ۾،
جتي جوڳيئڙا،

آهن پار ‘اياز’ جا.

غزل

---

چنڊ مٿان چؤياري آهي،

چنڊ مٿان چؤياري آهي،
پوءِ بہ سِرَ تي کاري آهي.

جڳَ ۾ آهي جوڙو جوڙو،
هيکل هڪڙو ھاري آهي.

پاڻياريءَ جو چولو ميرو،
پاڻ تہ ڪيڏي پياري آهي!

ڪيئن آيو آن، ڪر ڪي خبرون،
خوش آن، جوڙ، بھاري آهي؟

منھنجون سوچون، مون سان رهنديون،
تو وٽ لٺ اُڌاري آهي.

اڇلايو پيا ايٽم گولا،
ڇا هيءَ ڌرتي ڪاري آهي!

رُئندي رُئندي کلي پوي ٿو،
ويچارو ڏوھاري آهي.

منھنجي اَکِ نہ ڪَک سھي ٿي،
تو ڪيئَن اک اُلاري آهي!

ڪيڏي مون ۾ تابش آهي!
شايد دل ‘بخاري’(1) آهي.

سنڌ سڄيءَ ۾ هڪڙو ‘بيوس’
مارُن وٽ مياري آهي.

(1) پيارو ۽ پنھنجو شاعر ‘اُستاد’ بخاري

جيون بن جو ڳيرو آهي،

جيون بن جو ڳيرو آهي،
ٿورو رنگ جو، ميرو آهي.

ڀاڳيو مڙس ڀليرو آهي،
ويرِي هڪ وڏيرو آهي.

ڪيئن چوين ٿو چور نہ آهين؟
تنھنجو تازو پيرو آهي.

ڪاٺيون سمجي، ٻار نہ تيلي،
ڪانگل جو آکيرو آهي،

هِتِ اُڀري ٿو، هُتِ لھي ٿو،
چنڊ تہ ڪو چؤپيرو آهي!

گهٻرائين ٿو! پھچي وڃبو،
ٿورو پنڌ ڏکيرو آهي.

هٿ ۾ آهي ايٽم گولو،
هيٺان اَڙل وڇيرو آهي.

ھاڻي ڪاڏي ڀَڄي نہ سگهندين،
گهاتن وارو گهيرو آهي.

تو وٽ آهن کيت ڀٽائي،
منھنجي ڪوِتا ڪيرو آهي.

ھاڻي ڀاڪُر پاءِ ڀلي تون،
ڄَرَ کان آجو ڄيرو آهي.

بيوس هو، سنگسار ويو ٿي،
ڪيئَن چئَو ٿا؟ جيرو آهي.

منھنجي چورائَي ويا سِٽَّ

منھنجي چورائَي ويا سِٽَّ،
تنھنجي چولي وارا چِٽَّ.

ڪا تہ اسان جي نانءِ ڪيو،
ڀُونءِ سڄيءَ مان هڪڙي ڀِٽَّ.

جنت وارا، تنھنجا سيڻ،
ڌرتيءَ ڄايا، منھنجا مِٽَّ.

نفرت آهي تنھنجو ڏاج،
پيار ڪرڻ جي مون کي پِٽَّ.

ڇو دل اُداس آهي؟ ڇو ٿا هنيانءُ ھاريو،

ڇو دل اُداس آهي؟ ڇو ٿا هنيانءُ ھاريو،
ڪھڙي هيءَ شام آهي! ڪو ديپ ڪنھن نہ ٻاريو.

هر موڙ تي پڪاريو، گونگا نہ ٿي گذاريو،
جي سِرَ کپن تہ سائين! ڪنھن تند کي تنواريو.

ڪو ٽھڪ ڏئي ڳالھايو، ڀاڪر تہ ڪھڙو پايو،
چپ چاپ ڇو رهو ٿا، کلندي کڻي کيڪاريو.

منزل بہ ڏور آهي، پڄڻو ضرور آهي،
ڇو وقت ٿا وڃايو، وارو ڪيو وکاريو.

ڪيڏو خمارُ آهي! ‘بيوس’ بھار آهي،
شايد وري رڳن ۾، اڄ خون آ خماريو.

ڪھڙي هيءَ شام آهي!

ڪھڙي هيءَ شام آهي!
هر خالي لام آهي.

ڇانيو مٿان انڌيرو،
ڪو ڪانگ آ نہ ڳيرو،
شايد ويو وجهي ڪو،
وڻ، وڻ تي دام آهي.

ناهي اکين ۾ لالي،
هن جام ۾ جلالي،
اُگرِي، نڪي ڪڙي آ،
مئي ۾ ڪا مام آهي.

جنھن کيت تي کانڀاڻي،
ڪنھن پڙڇ ۾ نہ پاڻي،
‘بيوس’ نڪو بسيرو،
اوڏانھن اُڏام آهي.

تون رهين ساڳو اهو ئي اجنبي،

تون رهين ساڳو اهو ئي اجنبي،
مون ڪئي قربان توتان زندگي.

تون ٿڪل آهين، وڃي آرام ڪر،
منھنجي پيرن هٺ رهندي ڌر تتي.

زندگيءَ ۾، جا نہ ٿي تو کي نصيب،
موت سا، مون کي ڏئي ويو روشني.

ڪا تہ اک ٻُوٽي، اُٿي آ ننڊ مان،
ڏوُر، هن گهر ۾ ٿي ٽمڪي باهيڙي.

مون حقن جي ڳالھہ ٿي هُن سان ڪئي،
تون ڪٿان آئين؟ ٿئين ڇو ٿو لڄي.

نا اميديون تو ڏنيون اڻ توريو،
مون مڃيو قبلا! برابر آن سخي.

ڄاڻَ ڄڀيءَ ۾ ڄرڪي پيئي،

ڄاڻَ ڄڀيءَ ۾ ڄرڪي پيئي،
سون سچي جيان جرڪي پيئي.

سؤلي ناهي سنگتراشي،
پاهڻ، پاهڻ رڙڪي پيئي.

آئي آهي ڏات ڏمرجي،
ڪاهوءَ پاسي، ڪڙڪي پيئي.

نٿ ۾ پوتل موتي ناهن،
جواني آ، جا جرڪي پيئي.

ماس، هڏا ھا، مٽي ٿي ويا،
اک تڏهن ڀي ڦڙڪي پيئي.

ڌَڙُ ويا پوري، ڌوڙ مٽيءَ ۾،
گردن آ، جا لڙڪي پيئي.

ڀيچ- ڀنيءَ جو، واءُ اُتر جي،
ٿر جي ڄائي ٿڙڪي پيئي.

بُوند بڻجي نٿي گهٽائُن ۾،

بُوند بڻجي نٿي گهٽائُن ۾،
پياس ئي پياس آ نگاهن ۾.

زندگي ڪيڏي خوبصورت هُئي،
ويئي گذري جا ڪنھن جي ٻانھن ۾.

ڇو نہ منزل ڏي ڊوڙ پائين ٿو؟
ڇا رکيو آهي دوست دانھن ۾.

زندگيءَ بارُ آهي ڌرتيءَ تي،
ڪيڏي پُرڪيف آ فضائن ۾.

ملي منزل اکين جي ٻوٽڻ سان،
ويئي گم ٿي جا تو کان راهن ۾.

ڇوڙيا ٿم زلف، اچ، مسافر! اچ،
گهڙي کن ويھہ تون بہ ڇانئُن ۾.

اچو شرمائجي بھارن کي،

اچو شرمائجي بھارن کي،
چمين رکجي اکين تي خارن کي.

ڇو نہ وک ٿا وڌايو منزل ڏي،
ٻَنِ ڏيو نينھن جي نظارن کي.

زندگي، هڪ اٿاھہ ساگر آ،
اچو ڳولھي وٺون ڪنارن کي.

ويون دلين ۾ نفرتون رهجي،
پيار هو، ڏئي ڇڏيوسين پيارن کي.

ڪبي الفت جي ورکا ‘بيوس’ تي،
سڏيو بيشڪ کڻي هزارن کي.

زمانا! چُيئي ڇا؟ مان ناندان آهيان!

زمانا! چُيئي ڇا؟ مان ناندان آهيان!
مان انسان آهيان، مان انسان آهيان.

ويو ڏوھہ ٿي ڪيئن آدم، حوا کان،
انھيءَ ڳالھہ تي مان بہ حيران آهيان.

ازل ۽ ابد جا پيو راز کوليان،
تہ چئبو ڀٽائيءَ جو ديوان آهيان.

مڃان ٿو تہ مان پاڻ ئي ڪجهہ نہ آهيان،
اوھان چئو، اوھان لاءِ مان ڇا نہ آهيان!

جيئڻ لاءِ آهيان، مرڻ لاءِ ناهيان،
چيئي ڪيئن؟ گهڙيءَ جو مان مھمان آهيان.

ڪيسين رهندي ڪارا ھانوَ،

ڪيسين رهندي ڪارا ھانوَ،
ڌرتيءَ تي هيءَ سرتي ڌار.

ڇاتي آتي، ڪاتيءَ گهاوَ،
اکڙيون آليون، اڻڀا وار.

پياسا پانڌي، ڌرتي ڌُوڙ،
ڪرڪي بادل! ڪارونڀار.

ويراڳي من وياڪل تي،
ڪاريءَ رات وڇايا وار.

آڻي ھاڻي تَتَل تيل،
منھنجي من جي بن ۾ ھار.

ڏس مون ڪاٿئون آندي آهه!
تنھنجي لاءِ تنبوري تار.

راتاهن ۾ رَت وھائي،

راتاهن ۾ رَت وھائي،
ڀنجهر ڌرتي کيڙي ويٺو.

پنھنجيءَ پَرِ ۾ ڳوڙھا ڳاڙي،
موتي سمجهي ميڙي ويٺو.

شال پکيئڙا ڦڙڪِي اُڏرن،
ڇڙڪ وري ڪو ٿيڙي ويٺو.

ڊوڙِي آئِي ڊيل اَرَءُ ۾،
نينگر نغما ڇيڙي ويٺو.

پاڻي ڪين ولھوڙي ويٺو،

پاڻي ڪين ولھوڙي ويٺو،
جڳ سان ناتا جوڙي ويٺو.

لھر لھر تي پاهڻَ تاري،
پَنَّ پٻڻ جا ٻوڙي ويٺو.

چريَّن وانگي، چؤواٽي تي،
ماسُ هڏن تان روڙي ويٺو.

اوٽارن ۾، اوسيئڙن ۾،
پِيلا پَنَّ مروڙي ويٺو.

رت جو ساگر رُڪڻو ناهي،
دل جا ٽاڪا ٽوڙي ويٺو.

اوندانھين راتين سان اُلجهي،
مارڳ مھري موڙي ويٺو.

ڀنڀراڪي جو ڀُونِءِ مٿان ڪو،
ڳاڙھا جهنڊا کوڙي ويٺو.

پٿر روز پگهاري ويٺو،

پٿر روز پگهاري ويٺو،
ريٽي رت کي ھاري ويٺو.

ورهين کان ويچاري ويٺو،
داڻا چار ٻوھاري ويٺو.

پيلا، پيلا پَنَّ مروڙي،
ساٿي پنھنجا ساري ويٺو.

ڪو ڪو ماڻھو ڏينھن ڏٺي جو،
ديپ وساڻل ٻاري ويٺو.

ارڏا ماڻھو اچڻا آهن،
نينگر راھہ نھاري ويٺو.

ڳاڙھا جهنڊا جهولائيندا،

ڳاڙھا جهنڊا جهولائيندا،
ميدانن ۾ مُرڪڻ وارا.

ههڙيءَ رُتِ ۾ اُٿندا آهن،
اونداهين سان اٽڪڻ وارا.

پاڇولن جيان پيڇو ڪن ٿا،
لوڻ ڦٽن تي ٻُرڪڻ وارا.

رُتِ ڏٺي ٿئون، رَتُ گهرن ٿا،
پَٽِ جا ڌاڳا سُرڪڻ وارا.

ويجها ٿيندا ويندا آهن،
مٺڙا ماڻھو مُرڪڻ وارا.

پي نہ سگهيا سي، پُرزا ٿي پيا،
جام هيا جي ڇُلڪڻ وارا.

ڪنھن جڳ ۾ جوت جلائي آ،

ڪنھن جڳ ۾ جوت جلائي آ،
رت ٽانڊن تي ڇڻڪائي آ.

ٿي لوڏي لال هندوري کي،
جا هير ڏکڻ جي آئي آ.

هن پار مسافر! هلڻو آ،
ڪو کُرڙِ گرهڙو کائي آ.

آ پوئَين سج جو پاڇولو،
جنھن رانڱي راڙ مچائي آ.

ڪي مانجهي منزل ماڻي ويا،
تو ھاڻي وک وڌائي آ.

ڪنھن ونجهہ هلايا وانجهيئڙي،
ڪو تُرهي ريءَ توائي آ.

هُو ڪوري ويا سر ‘بيوس’ جو،
تو ھاڻي سئن لڳائي آ!

اڄ ڪارونجهر تي ڪڙڪو آ،

اڄ ڪارونجهر تي ڪڙڪو آ،
وجهہ واڳون اڙل وڇيرن ۾.

سا ورهين کان نہ وساڻي آ،
جا آڳ لڳي آکيرن ۾.

جا ٻيلاٽين ۾ ٻُرندي هئي،
سا ‘ڳُٽُ ڳُٽُ’ ناهي ڳيرن ۾.

هُن پار پکيئڙا اُڏري ويا،
ڇا ڳولھين باک بسيرن ۾.

تو ٻيٽاريءَ تي ٻاٽ ڪئي،
مون ٻاري لاٽ انڌيرن ۾.

تون راتاهن سان رَتّ وٺين،
مان ڳولھيان ڳاڙهن ٻيرن ۾.

مون، سورج اُڀريو، سَڏَّ ڪيا،
تون آيو آنھہ اويرن ۾.

ساھہ گهٽجي ٿو ڇو سھارن ۾!

ساھہ گهٽجي ٿو ڇو سھارن ۾!
باھہ ئي باھہ آ بھارن ۾.

مان تہ منزل ڏي ڊوڙ پايان ٿو،
ڇو ٿي ڏڪڻي پوي ستارن ۾.

منھنجي قيمت ڪٿڻ کان اڳ ۾ ئي،
لکي ڇڏ ناءُ سونھن وارن ۾.

ملي منزل اکين جي ٻوٽڻ سان،
ويئي گم ٿي جا تو کان چارن ۾.

ويو حلقو وڌي هو يارن جو،
پيار پورو نہ پيو پيارن ۾.

اچي خوشبوءِ پئي بھارن جي،
ڪو تہ زخمي آ ريگذارن ۾.

ڪبو اظھار جي حقيقت جو،
ڪري وڃبو فقط اشارن ۾.

مليو ‘بيوس’ وري زماني کي،
هڪ ٿيندو آ جو هزارن ۾.

منھنجي دنيا کي ڪري برباد ڪيئن!

منھنجي دنيا کي ڪري برباد ڪيئن!
پنھنجي دنيا کي ڪيئي آباد ڪيئن!

بي رخيءَ تنھنجيءَ سمجهائي ڇڏيو،
جانِ پٿر ۾ وڌي فرھاد ڪيئن!

جا صبر سان تنھنجي صدمن کي سھي،
ڏَسُ، انھيءَ دل کي ڪجي ايجاد ڪيئَن!

رات ‘بيوس’ کي سڏي ‘ساميءَ’ پڇيو،
ڏس ‘ڀٽائِيَّ’ کي ڪُيئي استاد ڪيئن!

مان خود ئي خطائون، کڻي آيو آهيان،

مان خود ئي خطائون، کڻي آيو آهيان،
گهڻيون ئي گلائون، کڻي آيو آهيان.

وفائُون، جفائُون، کڻي آيو آهيان،
جو مون کي ڏنائُون، کڻي آيو آهيان.

بُکن جون بلائُون، کڻي آيو آهيان،
اِهي ڀي تہ آئون، کڻي آيو آهيان.

گجان پيو، گُڙان پيو، ڪٿي هو ڪسانو!
هلي چو هوائُون، کڻي آيو آهيان.

وڏي ڳالھہ آهي، جو دل جي دنيا ۾،
خدا ۽ خدائُون، کڻي آيو آهيان.

وڳا ويس پھري وسڻ لاءِ ‘بيوس’،
گهڙي کن گهٽائون، کڻي آيو آهيان.

ديس وارا دم ڏين ٿا، ڇا ڪجي!

ديس وارا دم ڏين ٿا، ڇا ڪجي!
پيٽ سان پاهڻ ٻڌن ٿا، ڇا ڪجي!

ڪي ويا ڦُرجي، پيا ڪي جيل ۾،
ڪي پيا ڦاهيءَ چڙهن ٿا، ڇا ڪجي!

پنھنجو گهر ڄڻ ڪو لڳي ٿو ڪوس گهر،
ڪيترا ڪونڌر ڪسن ٿا، ڇا ڪجي!

پيٽ پوڄا جي ڪجي، يا قوم جي،
وئِل ۾ ويلا لنگهن ٿا، ڇا ڪجي!

اڄ کڻي زنجير ڪي شايد اچن،
ڪانگ ڪوٺن تي لنئون ٿا، ڇا ڪجي!

آءُ چنڊ ٿيون، چانڊاڻ ٿيون،

آءُ چنڊ ٿيون، چانڊاڻ ٿيون،
آءُ سونھن ٿيون، سُرھاڻ ٿيون.

جو لوھہ مٽائَي، سون ڪري،
سو آءُ تہ پارس پاڻ ٿيون.

جا ڪُوڙَ، ڪپت جو ڪنڌ ڀڃين،
سا ڀڙڪو کائِي ڀاڻ ٿيون.

ڇو ٻئي جا موتي چورايون،
ڇو پاڻَ نہ هيرن کاڻ ٿيون.

وِجهہ قابو هٿ گهڙوليءَ ۾،

وِجهہ قابو هٿ گهڙوليءَ ۾،
ٿي ڇيهون، ڇيهون ڇوليءَ ۾.

جي ويڻ ڏئي، تو وَڍَّ وڌا،
سي گهاوَ نہ آهن گوليءَ ۾.

آ جرڪو ڪنھنجي جوانيءَ جو،
يا چِڪَّ لڳل آ چوليءَ ۾!

ڇا جوڀن هو، ڇا جلوا ھا،
جا عمر ڪِٽي سي خوليءَ ۾!

مان قائِل ھان، ڪانڊيرن جو،
ڇو گُلَ وجهو ٿا جهوليءَ ۾.

هِي سوالي ناهين، سوريءَ جا،
ڇو ڏَڏَّ کنيا ٿَوَ ڏوليءَ ۾.

ڦٽن گاھہ، پيا ڦوڳ ڦولارجن،

ڦٽن گاھہ، پيا ڦوڳ ڦولارجن،
وڄون ڪن جي وسڪا، تہ ڀُونگا ڀِڄن.

وسن مينھن پيا ديسَ، پرديس تي،
ڪيا گُلَ ڪچڙا نہ ٿر ۾ ٿٻن.

نڪي ڏُرت ٿئي ڏيھہ ۾ ڏُتَّ جو،
نڪي ڳَلَّ مارن جا ميراٽجن.

وسي پئَو ولھارن مٿان بادلو!
متان گُلَ موتئي جا مُرجهائِجن.

ڦُٽي باک ٿئي ڦاڪَ ڦولار ۾،
ڏکڻ جون هوائون گهڙي ڪا گُهلن.

ڀري کِرُ سان کيتن منجهان کارڙا،
ورن ڏانن واپس وريتيون ورن.

بنا انگ اوڇڻ، ڊٻن جي مٿان،
ڪري ٻانھن ٻيڻي، سڀاڳيون سمھن.

نڪي بُکَّ جو بَکَ ‘بيوس’ ٿئي،
نہ ڌڻ ئي ڌنارن جا اوتاڙجن.

سکي! سيرَ تي ٿا ڦُريرا اُڏن،

سکي! سيرَ تي ٿا ڦُريرا اُڏن،
اُتر پار ٻيڙا، وريو ٿا ورن.

ڦُٽِي باکِ ڦاڪون ٿي ڦولار ۾،
گنجي، گام، ڏونگر، چَڙا ٿا چَرن.

ونين وارا واسيا، ڇَپَرَ کٽَّ تي،
حويلين ۾ هئہ هئه! ڇٻيليُون ڇُلن.

سخي! آڻ سُرڪي، گُهلي ٿو ڏکڻ،
متان انگ اَرتا هي اوٻاٽجن.

وِڌو ڳَڀَّ آگّم ڳنڍير ۾،
کنيا ڪَرَّ ٿر ۾ وري ٿوهرن.

ڦُٽا گاھہ، ٿيا کيت کھنبي رتا،
ڀريا اوھہ ڏوھا، ڏھاڙي ڏهن.

جتي پارن ۾ دل جلي هوندي،

جتي پارن ۾ دل جلي هوندي،
ھاءِ! ڪھڙي سا زندگي هوندي.

ڪاهي پيو موت آهي ماڻھن ۾،
پَڪَ سيٽي ڪٿي وڳي هوندي!

تتو آ ڏينھن، تون بہ ترسي پؤ،
آڻيان ماني ٿِي، جي پڪي هوندي.

زندگي سفر هو انڌيرن جو،
موت کان پوءِ تہ روشني هوندي.

جتي ڪڻڪن ۾ لاب پؤڻو هو،
اُتي ماڪڙ وري لٿي هوندي.

لِڙي آ رات، باھہ ٿي ٽمڪي،
ٻُوٽي اک، ڪا نہ ڪا اُٿي هوندي.

جيڪي جيون جي لاٽ ٻاري ٿِي،
پڪ سان راند ڪنھن کٽي هوندي.

جنھن سان پٿر لڳي ٿي پُرزا ٿيو،
اھا دل نيٺ پئِي ٽُٽي هوندي.

ڪٿي ‘بيوس’ جي اک ڦري هوندي،
ڪا تہ روئي سمھي پئي هوندي.

ڪِرن ٻير ڳاڙھا، ٻه-ٽي پير کڻ،

ڪِرن ٻير ڳاڙھا، ٻه-ٽي پير کڻ،
گهڙيءَ لاءِ گوري! اسان تي بہ ڇڻ.

اسان کي ڏنئِي ڏات سنگيت جي،
ٻه-ٽي گُلَ کاريءَ منجهان تون بہ کڻ.

ڪٿي ڪانگ ويھي ڪندو ڳالھڙيون!
ميان! ڇو وڍيو تو پپر جو هي وڻ.

وسو اڄ تہ واهڻ مٿان بادلو!
اڃايل اچي پيو دروهيءَ جون ڌَڻُ.

سوين پَکَّ سَرَ تي اڏامن پيا،
ڀري ڪان ماري! هوا ۾ نہ هَڻ.

نينھن وارن کي نئون ڪو نياءُ ٿيو،

نينھن وارن کي نئون ڪو نياءُ ٿيو،
ڇا ٿيو، دل تي وري ٻيو داءُ ٿيو.

زلف جي پيچن جا پھرا ويا لھي،
نانگ ڪارن سان وري پرچاءُ ٿيو.

سونھن ۽ سچ، جا اُٿو پيرا کڻو،
جهٽ ڪريو، جو ڄاڻ ويري واءَ ٿيو.

جن سڏايو قيس، تن پٿر جهليا،
عشق وارن جو هي آڌرڀاءُ ٿيو.

وقت جا فرھاد ٿيو، اڳتي وڌو،
هي پھاڙن مان وري پڙلاءُ ٿيو.

اڄ بہ ڪي منصور ڦاهيءَ تي چڙهيا،
ڪالھہ ٻي ڪنھن کي نہ هو ڪھڪاءُ ٿيو.

مان ٿيس گردن، تہ هو جلاد ٿيو،
وقت سان ‘بيوس’ جڏهن سرچاءُ ٿيو.

تاڙيءَ تي ڪبوتر کي اُڏاري نہ سگهياسين،

تاڙيءَ تي ڪبوتر کي اُڏاري نہ سگهياسين،
اي دوست! اسان تو کي بہ ساري نہ سگهياسين.

ڌرتيءَ جو هي گولو تہ اڃان ٻرندو رهي ٿو!
افسوس! جو هڪ ذرڙو بہ ٺاري نہ سگهياسين.

مذڪور سڄو پاڻ مان معلوم ٿئي ھا،
هردي ۾ مگر پنھنجي نھاري نہ سگهياسين.

جنھن رات، وَٺا مينھن، ڦٽا گاھہ گسن تي،
اُن رات سندي ڏات وساري نہ سگهياسين.

دل کولي حسينن تي نوان وارَ ڪجن ھا،
اکين جي عقابن کي اُڏاري نہ سگهياسين.

زهر جا پيالا، پيڻ آيو آهيان،

زهر جا پيالا، پيڻ آيو آهيان،
انھيءَ خيال سان بس گهمڻ آيو آهيان.

جيئڻ کان اڳي مان، مرڻ آيو آهيان،
مرڻ کان اڳي مان جيئڻ آيو آهيان.

ڪُٺا ڪالھہ جي بي خطا ڀاءُ تنھنجا،
او ڌرتي! انھن جو ٿيڻ آيو آهيان.

زماني جو آخر تہ منصور آهيان،
وري دار تي سر ڏيڻ آيو آهيان.

او مٽي! لڪائي ڇڏيئي پيٽ ۾ ڇو؟
وري ڄڻ وري مان ڄمڻ آيو آهيان.

گهر ۾ گُهوري، رات ڏٺم،

گهر ۾ گُهوري، رات ڏٺم،
رت ۾ ريٽو جواڻ جماڻ،

ڪيسين رهندي ڪارا ھانوَ!
روح روح جي رتوڇاڻ.

اونداھا ماروئڙن ماڳ،
تنھنجي در تي ڇو چانڊاڻ؟

سنڌو! تنھنجو هر سرويچ،
دکياري آ داڻي ڪاڻ.

موڳا! ڏيندءِ مانجهي ويڻَ،
ڇولين ۾ اُڇلي ڇڏ پاڻ.

ڍُڪڙن مان اڃ ڪين لٿي،
مُنھن تي مٺڙا ماٽي آڻ.

پاڻَ پنھون آن، پرکي ڏِسُ،
ڪيچ وڃين ٿي ڪنھنجي ڪاڻ.

پاپي جَڳَ کان پاسو ڇو؟
مُرڪي مٺڙا منزل ماڻ.

ڀڙڪِي، ڀڙڪِي ‘بيوس’ نيٺ،
ڌرتي بڻبي هيرن کاڻ.

پکيئڙا! ڳالھہ ڪر پوري، پرن، پيرن ڪٽائڻ جي،

پکيئڙا! ڳالھہ ڪر پوري، پرن، پيرن ڪٽائڻ جي،
چندن جي لام تي ويھي، گرم ڳوڙهن وھائِڻ جي.

جتي چوڻي چڳڻ خاطر، وڃين ٿو پيار جا پنڇي!
اُتي ماري ٿا ڪن تياري، وري ڇڙڪن اڏائڻ جي.

چڳي داڻو، جتي ويھي ڪَيئِي وڻ، وڻ تي واهيرا،
خبر ڪر تن بسيرن جي جلڻ جي ۽ جلائڻ جي.

زماني جي ستم ‘بيوس’ ڪيو بي پر زمانن کان،
نہ ڪر تڪليف ڪا ھاڻي، ستم وارا ستائِڻ جي.

رک پير اسان جي ٻيڙيءَ تي، هُن پار اُڪاري هلڻو آ.

رک پير اسان جي ٻيڙيءَ تي، هُن پار اُڪاري هلڻو آ.
جنھن سيرَ سُکان کي لوڏيو هو، تنھن سير سھاري هلڻو آ.

پڪَ ڄاڻُ پرانھون ڪو پيارا، ٿو جهاتيون پائي جهرڻن مان،
هن رات جي ڪارن ڪرڻن مان، ٿو، پرھہ پوڪاري هلڻو آ.

جو ڇولي بڻجي، لولي ڏئي، يا هير ڏکڻ جي بڻجي اچي،
جو سج بڻجي، اُڀ تي اُڀري، سو گيت جهونگاري هلڻو آ.

جنھن وقت اسان وڻجارن جي، جي واڳون بڻجي واٽ جهلي،
تنھن وقتَ مٿان زنجير وجهي، هڪ جاءِ بيھاري هلڻو آ.

اسان مانجهاندي جا مانجهيئڙا، هُو پارُ تہ ڏس ڇا پيارو آ!
هن سمنڊ کي جو ڪنارو آ، سو نيٺ اُڪاري هلڻو آ.

او ‘بيوس’ رڻ جي راهُن مان، هن مؤج ڀرئي مھراڻ منجهان،
هر ڇوليءَ مان ڇڪتاڻ منجهان، ڪنھن طرح قطاري هلڻو آ.

جي سَيڻ اسان جو ساٿَ ڏئين،سڀ ويڻ ڀُلائي وينداسين.

جي سَيڻ اسان جو ساٿَ ڏئين،سڀ ويڻ ڀُلائي وينداسين.
جا واٽ وڃي ٿي مارڳ ڏي، توکي بہ وٺائي وينداسين.

ڇو سامھون ايندي ڇرڪين ٿو! ڇو پنھنجي مُنھن پيو مُرڪين ٿو،
ڀلي ڪر پيو اسان تي وار لِڪي، توسان بہ نڀائي وينداسين.

هر تونگر آڏو ھام هڻي، اسان ڳالھہ ڪيون ٿا ڳاٽُ کڻي،
پر حسن وارن جي محفل ۾، هي ڪنڌ جهڪائي وينداسين.

مخمور مگن ٿي مستيءَ ۾، سچ، سونھن وارن جي بستيءَ ۾،
‘شمشير’(1) سڏائي شوق منجهان، ‘بيوس’ نہ سڏائي وينداسين.


(1) ‘شمشمير الحيدري’ جيڪو الائي ڇو، محبت جي ميدان ۾ منھنجي پھرين ۽ آخري ڪمزوري آهي.

اهڙا سھڻا، جھڙا گُلَّ،

اهڙا سھڻا، جھڙا گُلَّ،
منھنجا دوھا، گيت، غزلَّ.

پڪا، پيرون، لال ليار،
ميڙي آندم ماڪ- ڀنلَّ.

ھاءِ! پرھہ جا پويان پَلَّ،
ھاءِ! اُرَھہ جي آب- اُڇلَّ.

کڙندا آهن کيتن ۾،
ڪنھن ڪنھن ويلي ڪيسُو ڦل.

ٿيو، ڌَڙُ، سِرَ کان ڌار، ڇا چئجي!

ٿيو، ڌَڙُ، سِرَ کان ڌار، ڇا چئجي!
ٽُٽي پئِي دل جي تار، ڇا چئجي!

اُڙهو رت، گل ٽڙي پيا صحرا ۾،
اِھا رڻ جي بھار، ڇا چئجي!

الا! اُجڙي وڃن نہ آباديون،
ٺھن پيا ريگذار، ڇا چئجي!

بُکن جي باهه! بند پاڻي !،
رُئَن معصوم ٻار، ڇا چئجي!

لڳي مالھا ٿي ڄڻ تہ موتين جي،
اِھا لُڙڪن جي لار، ڇا چئجي!

تتو آ ڏينھن، وَڻُ نہ واهيرو،
نہ تاڙي ڪئي تنوار، ڇا چئجي!

ڪري زخمي ڇڏي ٿي ذهنن کي،
پرھہ واري پوڪار، ڇا چئجي!

نہ ٿَئي ڪو مُنھن، ٽنگون، نہ ٻانھون ٿئي،
توکي او انتظار! ڇا چئجي!

اڃا ‘بيوس’ تہ يار! جيئرو آ،
ٺھي ڪنھن لئي مزار! ڇا چئجي!

عشق جي(1) دربار مان فرمان ڪو ٻڌندا هلو،

عشق جي(1) دربار مان فرمان ڪو ٻڌندا هلو،
وک کڻو، وارو ڪيو، ڪنھن وِيرِ جيان وڌندا هلو.

ڪلھہ هتان انسان جي عظمت جو ٿيو اعلان هو،
هيءَ ادب جي جاءِ آ، هن جاءِ تان جُهڪندا هلو.

وڻ اُهي، وانگي اُهي، مِٽِي اُھا، ماڻھو آهي،
هي بہ پنھنجو ماڳ آ، هي ماڳ ڀي گهمندا هلو.

ڦوڙ، پَتَّر ۽ گليلا، گرز، گزَّ جيڪي لڳن،
ڪي جهليو ٻانھن تي، ڪن کي جهول ۾ وجهندا هلو.

جي ڏسو، بندوق جي گوليءَ کي شرمائي ڇڏيو،
جي هلو، پنھنجا ڪُلھا ھالار سان ڇهندا هلو.

ڪيڏي گرمي آهي، پوءِ ڀي ڀرف بڻجي ٿا اچو؟
نئين نسل جا نوجوان! باھہ ٿيو، بکندا هلو.

هُو اسان ماڻھن جي جسمن جا ٿا ڏسجن رت ڦُڙا،
قافلا روڪي انھيءَ رت ڇاڻ کي چُمندا هلو.

ڪيتريون راهون ڦُٽن ٿيون، هر نئين چؤسول تان،
ڪھڙي پنھنجي واٽ هوندي، پاڻ کي پڇندا هلو.

يا ٿيو ڪينجهر جو سينو، يا تہ ٿي بادل اُٿو،
ٿو سڄو ويو سوڪ ٿي، ٿر جي مٿان وسندا هلو.

هُو ڏسو، مَسند جي ويجهو، ويو پُڄي مزدور آ،
هي جشن جمھور جو، ڏسندا هلو، هلندا هلو.

__________
(1) سچل سرمست جي نگري- شھر درازا.

فرمان ڪنھن شھنشاھہ جو جاري نہ ٿي پوي،

فرمان ڪنھن شھنشاھہ جو جاري نہ ٿي پوي،
هيءَ ڪائنات صحرا جي واري نہ ٿي پوي.

تعريف ڪر نہ ايڏي، ستارن جي سونھن جي،
هلڪي آ ڀُونءِ، ڪنھن تي سا ڀاري نہ ٿي پوي.

روڪيو گلن جي ورکا کي طبيعت اُداس آ،
ڪا پنکڙي گلاب جي آري نہ ٿي پوي.

ليڪو ڪڍي مٽيءَ تي، نہ مٽيءَ کان ٿي جدا،
مٽي مٽن کان ڌار ٿي، ڌاري نہ ٿي پوي.

گُلڙن جا ھار مون کي تون پائين ٿو مگر،
پَٽَ جي ڪچين تندن مان ڪا ڳاري نہ ٿي پوي.

مينديءَ جو تنھنجي هٿ تي آهر نقش لاجواب،
هٿ مان ڦِري ڪا ليار جِي ٽاري نہ ٿي پوي.

منھنجي هٿان تون ايڏي نہ زلفن جي ڇانو ڪر،
زلفن منجهان ڪو ڄار يا ڄاري نہ ٿي پوي.

منھنجي غزل يا گيت کي چوندو نہ ڪر گلاب،
‘بيوس’ منجهان ڪو بڻجي ‘بخاري’(1) نہ ٿي پوي.

___________
(1) استاد بخاري، جنھن جي شاعريءَ مان مون کي ڪنھن زماني ۾ پنھنجي ساڻيھہ جي سڳنڌ ملندي هئي.

ٻيڙيءَ وارا هل هُن پار،

ٻيڙيءَ وارا هل هُن پار،
مُرڪيا آهن مينديءَ ڏار.

ھاءِ! تتيءَ ۾ هيڻا هَڏَّ،
ھاءِ! پھاڙن ۾ هي پيار.

انڌيءَ ٻوڙيءَ ڌرتيءَ تي،
ٻيجل آئَين ڪيئَن ٻيھار.

ٻولِ تہ مٺڙا جهول ڀريانءِ،
موٽ نہ ميان مڱڻھار!

سِسّي ڌڙ کان ڌار ڪئي،
ڪالھہ ڪويّ جي تند- تنوار.

واھہ مڇيري تنھنجا منڊَّ،
هئہ هئہ تنھنجي هنج- اُڏار!

ويڻي ويڻي جهيڻا راڳ،
پاڇل تي پايل جهنڪار،

منھنجا دوھا، گيت، غزل،
اهڙا، جھڙا ڏاڙهونءَ ڏار.

هن ڇير کي ٻڌ پير ۾، جيئن شام ڪو ڇمڪو ٿئي.

هن ڇير کي ٻڌ پير ۾، جيئن شام ڪو ڇمڪو ٿئي.
بيمارَ دل جي درد جو، دارون دوا من ڪو ٿئي.

تنھنجي مٺيءَ گفتار تي، هن سونھن تي، سينگار تي.
اقرار تي، انڪار تي، حيران ٿو هرڪو ٿئي.

گُهوري ڏسڻ، گهائي وجهڻ، اک جي گليليءَ سان چُٽڻ.
ايڏو نہ وڻ، اکيون نہ کڻ، وڄ جو متان ڪڙڪو ٿئي!

جيون کي جهوري ٿيون ڇڏين، مايوهيون ماريو وجهن.
سڀ رند راضي ٿي اُٿن، اظھار جي اڄ ڪو ٿئي.

جڏهن پير ٿا تنھنجا کڄن، تڏهن مور ٿا جهومڻ لڳن.
جڏهن زلف ٿا رخ تان هٽن، مس ٿو تڏهن تڙڪو ٿئي.

آيو شوق ٿي ‘شمشير’ آ، جنھنجو پلنگ تي پير آ.
‘بيوس’ ڪمھلو ڪير آ! ٿو کڙھہ تي کڙڪو ٿئي.

گيت

---

گهڙيءَ گهڙيءَ من گهائَي ويئي،

گهڙيءَ گهڙيءَ من گهائَي ويئي،
ڪويل بن ۾ ڳائي ويٺي.

وسريل ڳالھيون، ياد ڏياري،
ماضيءَ کي موٽائَي ويٺي،
ڪويل بن ۾ ڳائي ويٺي.

ٽاريءَ، ٽاريءَ ٽيڪيُون ڏيئي،
پنھنجي عمر گهٽائي ويٺي،
ڪويل بن ۾ ڳائي ويٺي.

شرميليءَ ڪنھن ڇوريءَ وانگر،
مون کان پاڻ لڪائي ويٺي،
ڪويل بن ۾ ڳائي ويٺي.

‘ڪُوڪُو’ جو ڪو سارنگ ڇيڙي،
‘بيوس’ باھہ وسائي ويٺِي،

گهڙيءَ گهڙيءَ من گهائَي ويٺِي،
ڪويل بن ۾ ڳائي ويٺي.

ڇَم، ڇَم، ڇَم، ڇمڪار،

ڇَم، ڇَم، ڇَم، ڇمڪار،
سانوڻ رُتِ جا بادل آيا،

ڀيڄ ڀنيءَ جو، اوتَ، اُتر جي، واهڙ ويرو تار،
جھڙا ڪجلا نيڻ ڪڪوريلَ، تهڙا مينگھہ ملھار،

ڇَم، ڇَم، ڇَم، ڇمڪار.

موتيو مُرڪي، جهانجهر جرڪي، واسيا ڀنڙا وار،
مور ڊٻن تي جهولن جُهومن، ڪويل ڪئي ڪوڪار،

ڇَم، ڇَم، ڇَم، ڇمڪار.

کيٽ خماريا، ڦوڳ ڦُلاريا، هئہ هئہ هي هٻڪار،
واھہ وڻن ٿا، گؤنچ ڪڍن ٿا، ڪرڙ، ڪنڊا، ڪچنار،

ڇَم، ڇَم، ڇَم، ڇمڪار.

مينڍا ڍوليا، مينھن پُسايا، ڪيئَن ڳُنڌايان وار،
ههڙيءَ رُتِ ۾ رُوح رڙي ٿو، ساجن لھہ ڪا سار،

ڇَم، ڇَم، ڇَم، ڇمڪار.

مُرڪي محب پياري سُرڪي سانوڻ ۾،

مُرڪي محب پياري سُرڪي سانوڻ ۾،

سرڪي سانوڻ ۾،
لا، مُرڪي سانوڻ ۾.

ڪَڻِ ڪَڻِ مينھن پونِ،
ڇَڻِ ڇَڻِ پن ڇڻن،
طوطا باغن ۾،
مٺڙي لات لنئون،

گهاگهر گهاوَ وجهي ٿي، ڇلڪي سانوڻ ۾.

ٿڌڙي هير گُهلي،
ڪونجان روھہ وريون،
ڳاڙهن پيرن سان،
تون مان جهول ڀريون،

مکڙين مست بڻايو مھڪي سانوڻ ۾.

جيئن ٿا ڪانگ لنونِ،
تيئَن ٿا پُورَ پون،
موٽي آءُ مِٺا،
تو لئي نيڻ ٽمن،

وڻ وڻ حال ونڊيو مون سُڏڪي سانوڻ ۾.

ٽھہ ٽھہ ٽھڪ اچن،
ڳاڙھا گُلَ ٽڙن،
اک ٿي اک سان ملي،
ڄڻ ٿا جام ڇُلن،

ڇَم ڇَم ڇير ڇپر ۾ ڇمڪي سانوڻ ۾.

نيٺ نہ موٽي ناءَ،
سانوڻ آيو، سيڻ نہ موٽيا،
او وڻجاري ماءَ!

ڀيڄ ڀني آ، رات رُني آ،
گَهَرو ٿيو آ گهاءُ،
او وڻجاري ماءَ!

ساجن ڌاران سُکُ نہ ڏيندو،
ھاءِ! اُتر جو واءُ،
او وڻجاري ماءَ!

رات گلن جو، پرھہ پرين جو،
آندو هير لڳاءُ،
او وڻجاري ماءَ!

ھاءِ! اُنھن کان حال پڇي ڪو، ٿر ۾ جن جا ٿاڪ، الا!

ھاءِ! اُنھن کان حال پڇي ڪو، ٿر ۾ جن جا ٿاڪ، الا!
ڇا جي ڇانو، اڪيلو آدم، ٽانڊا اڇلي ٽاڪ، الا!
ٿر ۾ جن جا ٿاڪ، الا!

ڏيھه- ڏکايل، گهايل، گهايل، چيٺن ويٺا چاڪ، الا!
ٿر ۾ جن جا ٿاڪ، الا!

ور ور تي واسينگ وسيهر، تاڙي بيٺا تاڪ، الا!
ٿر ۾ جن جا ٿاڪ، الا!

پانڌيئڙن جو پنڌ کُٽي، شل ڪامل ماڻين ڪاڪ، الا!
ٿر ۾ جن جا ٿاڪ، الا!

باک- ڦٽيءَ ۾ بيگانن جو، منھڙو ڌوتو ماڪ، الا!
ٿر ۾ جن جا ٿاڪ، الا!

نيٺ تہ نانگا مارڳ ماڻين، ھاڙهي پوندي ھاڪ، الا!
ٿر ۾ جن جا ٿاڪ، الا!
ٿر ۾ جن جا ٿاڪ، الا!

سمجهي پير وڌاءِ، او يار!

سمجهي پير وڌاءِ، او يار!
سمجهي پير وڌاءِ.

هن ڌرتيءَ جي دودن سان تون،
ڳؤرو ڪين ڳالھاءِ، او يار!
سمجهي پير وڌاءِ.

ڀونگا ڊاهي، لاهي ٻاهي، ڀل ٻيو ڪوٽ اڏاءِ،
منھنجون ڳالھيون، انب ۽ ٽالھيون مون کان ڪين کساءِ،
سمجهي پير وڌاءِ.

هرڪا ڇولي، لولي بڻبي، وارو ونجهہ هلاءِ،
او وڻجارا! ٻيڙيءَ وارا، هڪڙو گيت تہ ڳاءِ،
سمجهي پير وڌاءِ.

باھہ ٻري آ، مند چري آ، ٻيجل تد تپاءِ،
سر جي سڻن هڻڻ کان اڳ ۾، پنھنجو ڪنڌ ڪپاءِ.
سمجهي پير وڌاءِ.

جهمريون پائي، پيرَ ملائي، ڇير وري ڇمڪاءِ،
ٿر جي ڄائِي، باگهل ٻائي، ‘بيوس’ ڪين بڻاءِ.
سمجهي پير وڌاءِ.

مُرڪي مست بڻايو محبن سانوڻ ۾،

مُرڪي مست بڻايو محبن سانوڻ ۾،
محبن سانوڻ ۾،
سھڻن سانوڻ ۾.

گَهَرا گهاوَ وڌا،
گهاگهر گهاگهر تي-
آئِي وارَ ڳُنڌي،
نينگر نيسر تي،
ڳاڙھا گُلَ چُنيءَ جا چمڪن سانوڻ ۾.

ڏاڍا مينھن وَٺا،
سُرھا گاھہ ڦُٽا-
صوفي ٻيرَ پڪا،
موٽي آءُ مٺا-
ڪونجان ڪيچ وڻن تي ڪرڪن سانوڻ ۾.

مٺڙي لاتِ لنونِ،
طوطا باغن ۾-
من ٿو مست ٿئي،
ٿَرَ جي ٿاڪن ۾-
جيئَن ٿا جام اکين جا ڇلڪن سانوڻ ۾.

ٻيڙي پار اُڪاريو ساٿي،

ٻيڙي پار اُڪاريو ساٿي،
ونجهہ ولوڙي، جَرَ سان جهيڙي،

اڳتي سجَّ اُڀاريو، ساٿي.......

لھر لھر پئي لُڇندي رهندي، مچندو پيو مجهدار،
هَڏُ نہ پنھنجو هيڻو آهي- پختو آ پتوار،

اونھيءَ سڙھہ اڏاريو، ساٿي.......

باک ڦٽي ٿي، رات کُٽي ٿي، ننڊ ڦِٽي ٿي يار،
هي تہ اسان جو مارڳ آهي، ديسن جو دلدار،

ويڻو تيز ورايو، ساٿي.......

لوچي لھبو، نيٺ تہ چڙهبو چاڙھہ چِڪَڻ مان پار،
ٻَلُ اسان جو ٻيڻو آ، ڀل موج ڪري مجهدار،

پٺتي ڪين نھاريو، ساٿي.......

هَلُ تہ هلئون هُنَ پار، او ساٿي،

هَلُ تہ هلئون هُنَ پار، او ساٿي،
هَلُ تہ هلئُون هُنَ پار.
هُنَ ڀَرِ کيٽ خُماريا، هُنَ ڀَرِ مُرڪن مينديءَ ڏار،
هُنَ ڀَرِ ويسَ وسڻ جا ڪيڙا اڄ پڻ منھنجي يارَ،
هُنَ ڀَرِ حسن حقيقي، هُنَ ڀَرِ جانب جا جنسار،
هُنَ ڀَرِ عشق عجب اثباتي آدمَ تي اظھار،
هُنَ ڀَرِ ساڌو، سنت، سناسي، وحدت جو واپار،
هُنَ ڀَرِ نادَ نفيلون، هُنَ ڀَرِ ٻيجل جا ٻاڪارَ،
هُنَ ڀَرِ مست موالي، هُنَ ڀَرِ اکڙيون مينگھہ ملھار.

مان توسان پيار ڪيان، تون اُڇلين مون تي ڄارَ!

مان توسان پيار ڪيان، تون اُڇلين مون تي ڄارَ!
الا، تون اُڇلين مون تي ڄارَ!

تون جو مون کي ڇاتيءَ لائين، گيت ڪيان ٻلھار،
الا، تون اُڇلين مون تي ڄارَ!

مان ڏيان تو تي ساھہ او سائين، تون لَھہ منھنجي سار،
الا، تون اُڇلين مون تي ڄارَ!

ڇرڪُ نہ مون کان، مُرڪ تہ مون سان، ويھہ نہ مون کان ڌار،
الا، تون اُڇلين مون تي ڄارَ!

تڙپي منھنجو روحُ تتيءَ ۾، برسي شال بھارَ،
الا، تون اُڇلين مون تي ڄارَ!
الا، تون اُڇلين مون تي ڄارَ!

رَھہ ڪا هڪڙي رات، مُسافر،

رَھہ ڪا هڪڙي رات، مُسافر،
واٽَ اڻانگي، واھہ نہ وانگي،
مٿان پوي برسات، مُسافر.......

هيکل جيئَڙو، منُ تاسارو،
تنھنجو منھنجو ساھہ اڌارو،
تو بن ساجن جوڀن سارو،
ڏنگي ڇڏيو آ ڏات، مُسافر.......

تارا ڪتيون ساٿُ نہ ڏيندا،
ڏسندي ڏسندي گم ٿي ويندا،
جوڳيئڙا هيءُ جُوءِ ڇڏيندا،
جڏهين ڦُٽي پرڀات، مُسافر.......

چار ڏھاڙا حسن جواني،
تون ڀي فاني، مان ڀي فاني،
توکان مون کان پوءِ او جاني،
ڪو بہ نہ لنوندو لات، مُسافر.......

ناوَ هلائي آءُ نہ ڄاڻان، ڪيئن پُڇان هُن پار!

ناوَ هلائي آءُ نہ ڄاڻان، ڪيئن پُڇان هُن پار!

واڳون ڦاڙي وات ورن ٿا، ساھہ ڪڍن سيسار،
ڪيئن پڄان هن پار!

پتڻ وارا پار پُڄي ويا، ريءَ پتڻ ٿيان پار،
ڪيئن پڄان هن پار!

سُنڊَ، سيڻا هيون ساڻ نہ مونکي، ڪيئن تران تک تار،
ڪيئن پڄان هن پار!

ڇوھہ ڇمر جا، ڇرڪائين ٿا ڇولين جا ڇڇڪار،
ڪيئن پڄان هن پار!

انت بحر کان آءُ لسونھين، ‘بيوس’ بي اختيار،
ڪيئن پڄان هن پار!

رم جهم مينگھہ ملھار نہ ھا،

رم جهم مينگھہ ملھار نہ ھا،
ڦُٽا لال ليار نہ ھا.

مينھن وسن ھا، گاھہ ڦُٽن ھا، پر ڪنھن ڇوڙيا وار نہ ھا،
پن ڪنول جا ڪوماڻل ھا، مُرڪيا مينديءَ ڏار نہ ھا.

نازڪ نازڪ هٿڙن سان ڪنھن ٺاهيان گلن جا ھار نہ ھا،
چنڊُ ڪَتيون شرمائين ھا، پر اهڙا ڪنھن جا پار نہ ھا.

سانوڻ جي رُتِ آئِي هِئي، پر ڪارا ڪارونڀار نہ ھا،
ڊيل ٽلي ھا، مور نچن ھا، اهڙا باغ بھار نہ ھا.

_________
(1) ٽوڪيو (جپان) کان واپس ورڻ بعد هيءَ گيت جڙي راس ٿيو.

نظم

---

ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون

اکيون لال ڪنواريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون،
اوھان جي اولاريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

ڪٿي چيلھہ سنھڙيءَ تي گهاگهر جو ڇُلڪڻ،
لبن جي مٿان لال بئنسر جو لٽڪڻ،
ڪنھن معصوم جوانيءَ جو معصوم مُرڪڻ،
مکڻ، کير واريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

موهيڙن جا منھن تي ٻه- ٽي لالَ داڻا،
ڪٿان ڪونجڙين جا ولر جي اُڏاڻا،
ٿريلين جا ٿَرَ ۾ ٿڌا ٿاڪ ٿاڻا،
بُٺن تي بھاريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

ڪٿي راڄ راڻيون هندورن ۾ لُڏندي،
ڪڪوريل ڳلن جي مٿان باک ڦٽندي،
ڏکڻ هير ۾ پاند پوتيءَ جو اُڏندي،
سنھيءَ چيلھہ واريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

پرھہ جي بندر تي حسينن جون ٽوليون،
مٺا جھڙا ماڻھو، مٺيون تهڙيون ٻوليون،
گلابي بدن تي سنھيون صاف چوليون،
اُڌاريون سڌاريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

کٿيرين کي کوهن مان پاڻي ڀريندي،
جتي عمر گذري ٿي ڏارا ڏريندي،
جتي عمر گذري ٿي واڊهيون وريندي،
پکن ۾ پنوھاريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

ڪٿان ڪيچ ويندي اُٺن جون قطارون،
چڙن ۽ چنگن ۾ تنبورن جون تارون،
جتن جي ڪُلھن تي مين جون مھارون،
تتي ڏينھن تياريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

متارن جون خبرون مٽن کان پڇي ڏس،
اسان کان پڇو ٿي، ٻين کان پڇي ڏس،
اڱڻ، باغ، آچر، خدن کان ڀڄي ڏس،
ڳچين منجهہ ڳاريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

چُنيون، ڀريل چولا گلابي بدن تي،
ڀنڀا وار ڀنڙا ڪاريهر ڪلھن تي،
ڇلا، ويڙھہ، ڪٺمال، سرخي لبن تي،
دليون جن ڌتاريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

ڀري اوھہ ڀوريون وريون مينھن وسندي،
سنڱر، انب، ٽپڪا، صوفي ٻير ڇڻندي،
ڪنڊن ڪرڙ، ڦوڳن مٿان چيٽ ڦٽندي،
ڄمون، ڄار، ڄاريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

سُتي لوڪ ويڻن، ونجهن ساڻ وڙهندي،
تتي ڏينھن توڙي، مٿان مينھن پوندي،
گنجيءَ گوڏ وارا چڪڻ چاڙھہ چڙهندي،
مٿي جن جي کاريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون،
اکيون لال ڪنواريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون،
اوھان جي اولاريون- ڏٺيون ڪنھن نہ هونديون.

روپي راڻي

نيل- ڪنول مان لياڪا پائي،
چنڊ- ڪتين کي پئي شرمائي.

چيلھہ- ڪُلھن تي وار وڇائي،
نانگڻ ويٺي نانگ بڇائي.

ڇاتيءَ مان ٿي جواني ڦاٽي،
آهي ڪو جو پاڻ بچائي.

روپ- نگر جي روپي راڻي،
‘بيوس’ کان پئي گيت لکائي.

آئي مند ملھار

ڪينجهر ۽ ڪارونجهر تائين هيرون ۽ هٻڪار،
ٽانگر ٽھڪن، ٻھہ ٻھہ ٻھڪن، مُرڪن مينديءَ ڏار،
کيتن ۾ خوشبوءِ گلن جِي، ڄڻ ڪنھن ڇوريءَ ڇوڙيا وار،
ٿڌڙيءَ ڇانوَ نمن ٽالھين جي نرمل نيڻن ٺار،
چِيهن چوريا چنگ چمن ۾ ڳيرن جي ڳٽڪار،
گل ڦل ميوا گاھہ گسن تي ڦوڳ ڦريون ڦولار،
ڪنھن ڪنھن ويلي ڦَٽَ اُکيلي ڪويل جي ڪوڪار،
نگريءَ نگريءَ ننڊ ڦٽائي لھرين جي للڪار،
ڪاهوءَ پاسي ڪالھہ ڏٺاسين کنوڻين جا کلڪار،
ڀُڄُ ٻچائي، ڀِٽ وسائي، تيز ويون تلھار،
رڻ ۾ ويا راڪاس رڙي يا گنيرن ڪئي گجڪار،
رم جهم رم جهم راڳ رسيلا، ٿر بر باغ بھار،
گجرين پاتا گج گلابي سرس ڪري سينگار،
ڏاڙهونءَ داڻا ڏند جني جا، رابيلي رخسار،
ڌرتيءَ منھنجي سرتي، جنھنجا ماڻھو منھنجا يار،
همت وارا هوشوءَ پارا، جوڌا ۽ جهونجهار،
وانجهي مانجهي ونجهہ هلائَي، پھتا پورب پار،

آئي مند ملھار،
آئي مند ملھار.

وڄون ۽ وسڪار

وڄون وارَ ڇوڙي اُتر کان اچن ٿيون،
وڳا ويس پھري ولھارن وسن ٿيون،

ڏئي ورَّ وراڪا ڀٽن ڏي ڀَڄن ٿيون،
پنوھارن جا پکڙا پري کان پڇن ٿيون.

انھيءَ وقت ڪيڏو نہ سھڻيون لڳن ٿيون،
جڏهن جوڙَ جوڙي ڊٻن ڏي ڊُڪن ٿيون.

ڪري گوڙِ گجڪار ٻاڪار ٻاتيون،
اسان کي الائي تہ ڇا ڇا چون ٿيون.

لنگهي لاڙڪاڻو، خداآباد آيون،
ڪي منڇر، ڪي مياڻي، ڪي ھالين هلن ٿيون.

وٺي ڊوڙ پائي هوائن کان اڳ ۾،
سڄڻ جا سنيھا سنڀاري ڏين ٿيون.

ٻڌي شوق ڇيريون عجب ناز نٽ سان،
گهڙي ٿالَ تي ڄڻ تہ ناريون نچن ٿيون.

پري تر تراريون لنگهي لامڪاني،
ڪيو گوڙ گرنار پاسي گُڙن ٿيون.

سڄي سنڌڙيءَ جي لھڻ سارَ آيون،
کڻي ڏس تہ کپري کان اڳتي کُٽن ٿيون.

ادب عاجزيءَ ۽ عقيدت سان ‘بيوس’،
ڀٽائي ڀلاري جي چائُٺ چمن ٿيون.

ڇوليون

اکڙين مان ڪي اڻ کٽ ڇوليون،
اٺُليون ڏيندي من کي لوليون.

جن ۾ سورٺ وارا سپنا،
جن ۾ ٻيجل واريون ٻوليون.

لياڪا پائِين لالَ ڪنواريون،
اکڙين جا دروازا کوليون.

ڪوڀي سمجهائي نہ سگهيو آ،
ويچاريون ڪھڙيءَ شيءِ روليون.

ساز سرندي ساڻ گڏ ڀاڳي ڀلاري لک لھي

تَڙَ ڌڻيءَ جي تَڙَ مٿي نوريءَ نھارون لک لھن،
پرھہ جو پکڙن ۾ ڪي ڪي اوڇنگارون لک لھن،
مارئي مون ڏي مُڪيون جيڪي ميارون لک لھن،

مَي مھاڻي مانگرين، ڪوجهي ۽ ڪاري لک لھي،
سازَ سُرندي ساڻ گڏ ڀاڳي ڀلاري لک لھي.

ڪونجڙيون جون ڪيچ ڏي آڏيءَ اُڏارون لک لھن،
ٿَرَ مٿي ٿڌڪار ۾ بوندون بھارون لک لھن،
منھنجي مٺڙي ملڪ جا سڀ ڍول مارون لک لھن،

پاڻَ هُرتين پويرين جا کوھہ تي کجڪا وڻن،
دهل جي ڏوڪي تي ڇم ڇم ڇير جا ڇمڪا وڻن.

ڪاريون، ڪنڊيون ڪڪيون، مکڻيل موچاريون وڻن،
ونگَ بنا واڙن اڳيان سُرميلَ سينگاريون وڻن،
کِرَ ڀريل کارا وڻن، لوئِن ۾ لاهياريون وڻن،

سانوڻيءَ ۾ ساڌ ٻيلو، بندر بازاريون وڻن،
ڪرڀَ ڀريون ڪاڻيون، ڪوجهيون وڻن ڪاريون وڻن.

نينھن وارن جي نگر ۾ فَقَرَ جا ڦيرا تہ ڏس،
صاف سينن جي مٿان ڪي مکڻ جا ٽيرا تہ ڏس،
کيتَ گايو ٿا وڃن ڙي! ڪانوُ ۽ ڳيرا تہ ڏس،

وارَ واسيل، ھارَ پوتل، ائٽ تي اُجريون وڻن،
گهاڙَ ڀرتي گلبندن، گلفام ۽ گجريون وڻن.

ٿَرَ وَٺو، ٿڌڪار ٿيا، سانگي مڙئِي سنرا تہ ڏس،
کير جا لوٽا ڀريل، چاڏين مٿان منرا تہ ڏس،
پَلَرَ جي پالوٽ تي ڪي بود ۾ بنرا تہ ڏس،

لاڙَ پاسي ھاڙَھہ ۾ ڏُٺَ سان ڀريل ڏيرا وڻن،
چنڊ جي چانڊاڻ جھڙا چقمقي چھرا وڻن.

ھارَ، هَس، پنڙا ڪنن ۾ ڪيوٽيون ٻُنڌڙا وڻن،
رنگ ڀريا رمجهول روپيا، گج مٿي گلڙا وڻن،
وِڳھہ جون ونڙيون وڻن، نڪڙا سندن ڪنڍڙا وڻن،

لالَ لوئِين ۾ لکاڻي لوڏ تن جي لک لھي،
ويڙھہ ويڙهيچن جي هوڏ تن جي لک لھي.

“حسن واهڻ” کان هلي ڏس معجزا مھراڻ جا،
کيٽَ خوشبوءَ سان ڀريل ۽ چھچٽا چانڊاڻ جا،
ڀالَ ڀاڳين تي ڀٽائي جي ڀلاري ڀاڻ جا،

ڍينگ جت ڍرڪن ڍنڍن تي سي ڍنڍون ڍورا وڻن،
واھہ جي ڪپ تي ولر، ڇانگُن سان گڏ ڇورا وڻن.

وڄن وارا ڇوڙيا تہ وسڪار ڪيئن ھا

وطن، ويڙھہ، واڙيون ۽ ولھار ڪيئن ھا،
وڄُن وارَ ڇوڙيا تہ وسڪار ڪيئن ھا.

انبن ۾ ڀلا ڏس تہ ٽپڪا پيا ھا،
گليلن ۽ ڳوڙهن جا وسڪا ٿيا ھا،
ڪڏهين مينھن مارن تي ڇڇڪا ڪيا ھا،
ڇپر هيٺ ڇيرين جا ڇمڪا ٿيا ھا،
کٿيرين جا کوهن تي کجڪار ڪيئن ھا.

ڪٿي چيلھہ سنھڙيءَ تي گهاگهر ڏٺئي ڪا،
ڇلا، ويڙَھہ، بُولا ۽ جهالر ڏٺئِي ڪا،
ڪٿي جرڪندي جيءَ جي جهانجهر ڏٺئي ڪا،
لڳل حسن وارن جي بازر ڏٺئي ڪا،
سھيلين ۽ سرتين جا سينگار ڪيئَن ھا.

ٿڪن جا ڪٿي ٿاڪَ، ٽاڻا ڏٺئِي ڪي،
پنوھارن جا پکڙا پُراڻا ڏٺئِي ڪا،
رتولن ۾ راڻيون ۽ راڻا ڏٺئِي ڪي،
ولر ڪونجڙين جا اڏاڻا ڏٺئِي ڪي،
سنڌوءَ جا ڪنارا اکين ٺار ڪيئَن ھا.

ڀلا ڏس ڀٽن تي بھاريون ڏٺئي ڪي،
مٿن تي مھاڻين جي کاريون ڏٺئي ڪي،
هندورن ۾ لُڏندي ڪماريون ڏٺئي ڪي،
عجيبن جون اکڙيون خماريون ڏٺئي ڪي،
هنڌن تي وڇايل ڀنڀا وار ڪيئَن ھا.

پون ياد پلپل وطن ۽ ولھاريون،
مڪئي ٻير مٺڙا، کٻڙ، ڄار، ڄاريون،
رتن جوت، رابيل، ٽانگر ۽ ٽاريون،
مکڻ، کير ماهيا، ڪنڍيون، چال، ڪاريون،
وَڇون، ڇيلڙا، ٻوڪ، ٻڪرار ڪيئن ھا.

تتي ڏينھن ڏلھڙين، ڏلھن جي خبر ڏي،
پگهر ۾ مليل رت ڦُڙن جي خبر ڏي،
ڏَمر، ڏاڍ، اڄ جي امن جي خبر ڏي،
بھرحال، ويندڙ وطن جي خبر ڏي،
اباڻن تي عمرن جا آزار ڪيئن ھا.

اُتر وارا ڪيئن ھا، ڏکڻ وارا ڪيئن ھا،
گنجيءَ گوڏ وارا سُٿڻ وارا ڪيئن ھا،
سڄي رات سيءَ ۾ سُڪڻ وارا ڪيئن ھا،
رُئڻ وارا ڪيئن ھا، کلڻ وارا ڪيئن ھا،
ڀلا ڏس تہ ويڙهيون ۽ ولھار ڪيئن ھا.

خدن جي خبر ڏي، گُلڻ جي خبر ڏي،
اڱڻ، باغ، آچر، علڻ جي خبر ڏي،
پريل جي پُٽن ۽ ولڻ جي خبر ڏي،
ادي، عرس، سارنگ سڄڻ جي خبر ڏي،
لنگها، ليل، لوڌي ۽ لوھار ڪيئن ھا.

ڪمن، ڪوڏ، پرڀوءَ، پمن جي خبر ڏي،
چمنداس، چوهڙ، چَتن جي خبر ڏي،
جيئن شال جوڳي! جتن جي خبر ڏي،
ادا! مون کي منھنجي وطن جي خبر ڏي،
وطن ۾ هليا وڻج واپار ڪيئن ھا.

پرھہ جو پٽن تي لاهيارن جون لولوين،
ڇَپَرِ ڇيڄَ، ڇلڙا ۽ گهر گهر گهڙوليون،
گهڙا- ٿال، گهنگهرو ۽ پڳ پڳ پروليون،
سُرن جي صدائن ۾ ٻيجل جون ٻوليون،
ڪچھرين جا ڪوڏيا ڍنگر ڍار ڪيئن ھا.

مون ڇا نہ ڏٺو، مون ڇا نہ ڏٺو

مون رڻ ۾ ننگو رام ڏٺو،
مون ‘شاهه’ ڏٺو، مون ‘شيام’ ڏٺو،
مون هٿ ۾ خالي جام ڏٺو،
مون داڻي داڻي دام ڏٺو،

مون ڇا نہ ڏٺو، مون ڇا نہ ڏٺو!

مون ڌرتيءَ تي دجاّل ڏٺو،
مون ڪينجهر ڀر تي ڪال ڏٺو،
مون ‘سنڌ’ ڏٺي، سڻپال ڏٺو،
۽ ماڻھوءَ کي ڪنگال ڏٺو،

مون ڇا نہ ڏٺو، مون ڇا نہ ڏٺو!

مون آڌيءَ رات ‘اياز’ ڏٺو،
مون سئن ٻڌي، مون ساز ڏٺو،
مون رئندي يار ‘نياز’(1) ڏٺو،
مون ڳيري پويان باز ڏٺو،

مون ڇا نہ ڏٺو، مون ڇا نہ ڏٺو!

مون مڪليءَ کي مسرور ڏٺو،
مون مڪليءَ کي مخمور ڏٺو،
مون مڪليءَ کي مجبور ڏٺو،
مون مڪليءَ کي ‘منصور’ ڏٺو،

مون ڇا نہ ڏٺو، مون ڇا نہ ڏٺو!

مون دولھہ دريا خان ڏٺو،
مون اُڏندي هو انسان ڏٺو،
مون رت ۾ ٻوڙيل نان ڏٺو،
مون ڪُکِ جي ويجهو ڪان ڏٺو،

مون ڇا نہ ڏٺو، مون ڇا نہ ڏٺو!


__________
(1) نياز همايوني

اجرڪ واري

ڇو ٿي ننڊ ڦٽائين ڇوري،
ڇَم ڇَم ڇير وڄائين ڇوري!

ڪير اڱڻ تي اچڻو آهي؟
ڪنھن لئي وار وڇائين ڇوري.

ڪنھن ڪنھن ويلي گيت گلابي،
ڳاٽُ کڻي ٿي ڳائين ڇوري.

گيسو ڄڻ گهنگهور گهٽائون،
وک وک وار وڇيائين ڇوري.

ڪينجهر ڀر تان ڪانگ، ڪبوتر،
آڌيءَ روز اُڏائين ڇوري.

سيني تي ڄڻ سانوڻ آيو!
اهڙي مؤج مچائين ڇوري.

ويڙهي ويندا وڄّ- وراڪا،
ڇو ٿي باھہ لڳائين ڇوري.

ڪاف جبل جون ڪومل ڀريون،
شَھہ ڏئي ٿي شرمائين ڇوري.

ڏينھن تپي ٿيو ڏينڀن جھڙو،
پوءِ ڀي پاڻ ڏنگائين ڇوري.

روپ- نگر جي روپي راڻي!
مرڪي مست بڻائين ڇوري.

وهوا اوڏڻ ‘اجرڪ واري’،
مٽيءَ کي مُرڪائين ڇوري.

ٻھراڙيءَ جي ٻولي ٻالي،
‘بيوس’ روز بڻائين ڇوري.

جڏهن تون نہ هوندين

نہ چوڙا نہ ٻيڙا، نہ ميندي هٿن تي،
نہ چوٽا، ڦڻوٽا، نہ مٽڪا مٿن تي.

نہ سينا سفينا، نہ اکڙيون عنابي،
نہ ڇلڙا، نہ ڇمڪا، نہ ڳلڙا گلابي.

نہ هستيون، نہ مستيون، نہ هوشيار هوندا،
نہ موکي، نہ مٽڪا، نہ مئخوار هوندا.

نہ هيرون اُڪيريون، نہ بر ۾ بھاريون،
نہ رابيل رڻ جا، نہ ٽانگر نہ ٽاريون.

نہ ڇيريون، نہ ڇَم ڇَم، نہ ڇمڪار هوندا،
نہ ديدون دوناليون، نہ ديدار هوندا.

نہ سينڌيون، نہ سرما، نہ سينگار هوندا،
نہ ڪانِيون، ڪمانُو، نہ وسڪار هوندا.

نہ مانجهي، نہ وانجهي، نہ ويڻي- وروٽا،
نہ سامي، سلامي، نہ پانڌي پروڪا.

نہ منڇر، نہ اَنڇر، نہ مولھا مٿن تي،
نہ ڄاريون، نہ کاريون، نہ ليڙون لڱن تي.

نہ باهيون، نہ پاهيون، صليبون ڪلھن تي،
نہ ٻولي، نہ گولي، نہ لولي لبن تي.

نہ ڳارا ڳچين ۾، نڪي دام هوندا،
نڪي عشق وارن تي الزام هوندا.

نہ مانيءَ ڳڀي لاءِ مظلوم مرندا،
نڪي روز رستن تي معصوم مرندا.

نہ ڏاڍا ڏمربا، نہ ڏهڪار هوندا،
نڪو زور زر جو، نہ زردار هوندا.

نہ جهمريون، جمالا، نہ لاڏا، نہ لوليون،
نہ اجرڪ ڪلھن تي نہ گهر گهر گهڙوليون.

‘جڏهن تون نہ هوندين’ نہ جذبات هوندي،
نہ ‘بيوس’ کي تخليق جي ڏات هوندي.

آزاد نظم

---

پيدائشي عمل (Process of Creation)

ڪيئن ڪروڙين سال اڳ،
‘تون’ ۽ ‘مان’ کان اڳ،
جڏهن-
ڌرتيءَ تي ڪا چرپر نہ هئي.
سنڍ ۽ گمنام ڌرتي-
ماٺ جي ماحول ۾ تخليق جا در بند ھا.
آءُ مٽيءَ جي تھن ۾،
ڪيئي ڪروڙين سال اڳ،
فطرت جي جهوليءَ ۾ ستل-
۽ بي خبر.
اوچتو ڌرتي ڌڏي.
چپ چاپ جي ماحول ۾،
خاموشين جي سمنڊ ۾ امڪان جا پٿر ڪريا.
لھريون اُٺيون،
۽ شور ٿيو:
پونچال! ڙي، پونچال!!
منھنجي اک کلي.
ننڊ گَهَريءَ تي سجاڳي سوار ٿي.
ذهن تي عڪسن جي وئِي پالوٽ ٿي.
سوچ جي دنيا ۾ تشبيهون وٺي آيون جنم.
منھنجي اڳيان:
خوبصورت بانوري،
هڪ پد مڻي،
ڪوھہ ڪاف جي ڄڻ ڪا پري.
چپ ائين ڄڻ صوف جي ڦارن تي-
مالھڻ جو گمان.
وار چھري تي ڪريل،
ڄڻ چنڊ ڪڪرن جو هيو چاڙهيو نقاب.
مست جوڀن.
ٻئي اکيون:
سنڌوءَ ۽ ڪينجهر جو سنگم.
منھنجي پھرين نظر جا ٻئي تير ھا-
هن کي لڳا.
هوءَ بہ گهايل،
مان بہ گهايل،
اوچتو مون رڙ ڪئي:
زندگي! ڙي، زندگي!!
ٻئي يگانا،
لڪ- لڪوٽي راند رهندي ڀونءِ-
جي پاتال مان،
هوءَ اڳيا، مان پوئِتان.
مان ڍُڪُ تہ هوءَ ڄڻ ڍنڍ هئِي،
مان سُرڪ، هوءَ ڄڻ سمنڊ هئي.
منزل بہ منزل،
هڪ اسونھين موڙ تي-
ٻئِي پير منھنجا ڄڻ ويا ڌرتيءَ جي سيني ۾ کُپي.
جسم زنجيرن سان ڄڻ جڙجي ويو.
مان اڪيلو،
تن- تنھا.
احساس ۽ مايوسين جي رڻ ۾-
ڪو زخمي هرڻ.
خوبصورت پدمڻي،
منھنجو من صحرا-
تہ هوءَ امرت ڦڙا.
جسم منھنجي ۾ ويا جي جذب ٿي.
۽ اوچتو تخليق جا پيا در کُلي.
زندگي انسان ۾ پيھي وئي،
انسان خود خالق بڻيو-
۽ ڏات جي هر کيت ۾ پيا عظمتن
جا گل ٽڙي

مون کان ٿڌڙو ساھہ هو نڪري ويو.
گول ڌرتي، باھہ جو گولو پيو هو-
ڪوري ڪينگر جيان ٺرِي.
منھنجي نيڻن مان ٻٽي ھا نير جا
ڳوڙھا ڳڙيا.
اٿاھہ ساگر،
ڦاٽ ۽ نالا، نديون، درياھہ ھا تخليق ٿيا.
هلڪي هلڪي گرم هڪڙي آه-
منھنجي دل منجهان نڪتي هئي.
ڪيترا بادل خلا جي خول ۾ ڊوڙيا هئا
وڄّ- وراڪن ساڻ جي برسيا هئا.
چيڪي مٽيءَ جا پنوڙا ھا ٺھيا.
مون مٽيءَ چاڻن تي پنھنجو عڪس-
اُڇلايو هيو.
اک- ڇنڀ ۾ چيڪيءَ مٽيءَ جي ٺھيل ٻن
چاڻن مان انسانن جي جوڙي هئي جُڙي .
مون کان رڙ نڪتي هئي.
زندگي! او زندگي!!
او خوبصورت پدمڻي!
منھنجي ڪوڪن ۽ رڙين تي گونگي ۽
بي جان انسانن ڳالھايو هيو.
گول ڌرتي باھہ جو گولو پيو هو-
ڪوري ڪينگر جيان ٺري.
اٿاھہ ساگر،
ڦاٽ ۽ نالا، نديون، درياھہ ھا تخليق ٿيا.
ڪيترا بادل خلا جي خول ۾ ڊوڙيا هئا-
برسيا هئا.
چيڪي مٽيءَ جا پنوڙا ھا جڙيا.
اک- ڇنڀ ۾ چيڪي مٽيءَ جي ٺھيل
ٻن چاڻن مان انسانن جو جوڙو هو جڙيو.
بي جان ۽ گونگن انسانن ڳالھيو هيو.

اوندھہ جا اسرار

مڃين ڇو نہ ٿو ٻاٽ اوندھہ جي عظمت کي ساٿي!
ازل کان وٺي روشنين جي سفر ۾-
اجالن جي بارش،
ستار جي جهومر،
نگاهن جا جلوا.
ڪڏهن ڪوهسارن تي پُر نور جلون جي جڳمڳ-
۾ فطرت جي هر چيز ٻھڪي پوي ٿي.
بظاهر ڪي مکڙا بہ جرڪڻ لڳن ٿا.
مگر پوءِ بہ هر ذهن تي ٻاٺ اوندھہ جا پاڇا-
اکين جي پٺيان:
ساڳي ويران، سنسان دنيا.
اندر ئي اندر ۾،
مضارن جا منظر.
نہ جهرمر نہ جڳمڳ.
بُکون پيٽ خاليءَ جي وڪڙن ورن ۾-
صبح شام،
ڪنھن ڄؤر وانگر گرم رت جون سُرڪيون
ڀرينديون رهن ٿيون.
تڏهن ڀي ڪي چھرا،
عقابن جي دنيا ۾ اُجرا ڪبوتر لڳن ٿا.
اکين جي پٺيان:
ساڳي ويران سنسان دنيا.
مگر پوءِ بہ صدين جي روشن ۽ اڻکٽ سفر ۾،
ڪڏهن ڪا نہ ڪا رات ڪاري انڌاري-
اُجالن جي دنيا ۾ ڪاهي پوي ٿي.
تکي تيز چؤطرف وڌندي رهي ٿي،
تڏهن اڄ جو انسان بدمست ھاٿيءَ-
جيان مجبور ڪن بي سھارن تي ڪڙڪي پوي ٿو.
انھيءَ وقت فطرت جي خاموش ساگر ۾-
لھريون اُٿن ٿيون.
انھيءَ وقت فطرت جي نيرين عقابي
اکين تان اونداهيءَ جا پردا کڄن ٿا.
انھيءَ وقت احساس آرس ڀڃي ٿو.
مگر پوءِ بہ فطرت جا راکا ۽ رکوالا مفرور-
‘سچ’ کي زنجيرن ۾ جڪڙي،
ڌڪو ڏئي،
اونداهين جي دنيا ۾ اُلي وڃن ٿا.
اوجاڳن جو ماريل،
صدين جو ستايل،
زمانن کا مفرور سقراط، منصور،
سرمد جو ساٿي،
وڏا ٽھڪ ڏئي ٿو.
اونداهين جا راڪاس آرس ڀڃن ٿا.
صليبن جي ساٿيءَ مٿان وارَ ڪن ٿا.
تڏهن ‘سچ’
سرِ عام پرزا ٿئي ٿو.
خلائُن ۾ پرزا پکڙجي وڃن ٿا.
فضا ۾ اجالن جون لاٽون ٻرن ٿيون.
گهٽيءَ گام جڳڳ جو وهنوار ٿئي ٿو.
تڏهن پنھنجي ڌرتي بہ ٻھڪڻ لڳي ٿي.
صدين جي انڌيرن تي مُرڪڻ لڳي ٿي.
اونداهين جا راڪاس گم ٿي وڃن ٿا.
اکين جي پٺيان:
روشنين جا منارا.
سِر عام انسان ٻھڪڻ لڳي ٿو.
ڀريل پيٽ تي هَٿُ گهمائي،
وڏا ٽھڪ ڏئي ٿو.
تڏهن رات ڪاري،
هزارن صدين جي صفر کي کٽائي،
نئين واٽ جوڙي،
نئين لاٽ ٻاري،
فضائن ۾ اُجرا ڪبوتر اُڏائي،
وڏي شان شوڪت سان گم ٿي وڃي ٿي.
انڌيرا، اُجالن کي تخليق ڪن ٿا.

جيون ساگر

جيون جو ساگر مؤجزن،
هر بوند ۾،
طوفان، واچوڙا کڻي،
ڪنھن ڏور منزل جي طرف،
ڀڄندو وڃي،
وڌندو وڃي.
جيون جا اڻکٽ سلسلا،
صدين جا ڪاٽي فاصلا،
ڪنھن ڏور منزل جي طرف،
ڀڄندو وڃي،
وڌندو وڃي.
تاريخ جي هر دؤر ۾،
جيڏو اجهل، تيڏو اٿل.
چؤطرف پاڻيءَ جو سفر-
جيون بہ پاڻيءَ مان جُڙيل،
پر پوءِ بہ هر هڪ ساھہ ٿو-
سڙندو رهي،
هر جيؤ ٿو جلندو رهي.
هر بوند ۾ ڪيڏي ازل جي اُڃَّ آ،
هر بوند ۾ ڪا باھہ آ.
ڪيڏن زمانن کان وٺي
جيون جو ساگر مؤجزن
سڙندو ۽ ساڙيندو وتي،
منزل بہ منزل،
حال ماضيءَ کي گهڻو پٺتي ڇڏي
وڌندو وڃي.
ڀڄندو وڃي،
سچ، سونھن جا ٻيڙا وٺي،
تک تار مان ترندو ۽
تاريندو وڃي.
جيون جو ساگر موجزن:
ڪنھن وقت ڀي سُڪڻو نہ آ،
ڪنھن موڙ تي رُڪڻو نہ آ.

تخليق

سڪل زرد چھرا،
جڳن کان بکن جا ستايل،
اڃايل،
نٻل ٻار معصوم مانيءَ ڳڀن تي،
ڪٿي ڪنھن،
هچاري ڏڪار ئي تونگر جي در تي وڪاڻل.
ڪارونجهر جي اک روز ڏسندي رهي ٿي.

ضميرن تي جبر و تشدد جا زنجير جڪڙيل،
ڪٿي شاهراهن مٿان لاش چچريل،
ڪي مجبور، محتاج، ڪمزور،
فٽ ڦاٿ تي ڄڻ تہ پيچرا هڏن جا.
ڪارونجهر جي اک روز ڏسندي رهي ٿي.

گرم دوڳ رت جا،
ٻوٽاريل ڪڙھائين ۽ ديڳين ۾ انسان
جو گوشت رجهندي،
ڪا زوريءَ مٿان کوھہ کڄندي،
ائين ڄڻ ته:
ور جي ڪلھن کان جدا ٻانھن ٿيندي
ڪارونجهر جي اک روز ڏسندي رهي ٿي.

ڪٿي ديس واسي،
ڪو بي پھچ،
ڪنھن ميڙ ۾ ڀي،
اڪيلو، اڪيلو
ائين ڄڻ تہ
برپٽ ۾ ڪنڊن جي پھري ۾ ڪو گل گلابي.
ڪارونجهر جي اک روز ڏسندي رهي ٿي.

مٽيءَ، لوڻ، گندرف،
۽ گئسن مان جوڙيل سندس دل،
صدين کان وٺي روز دکندي رهي ٿي،
چون ٿا:
ڌماڪو ڪري نيٺ ڪنھن ڏينھن،
ڦاٽي سا پوندي،
‘ابد’ جي ٻوساٽيل ۽ ويران کنڊرن منجهان،
خاڪ اڏندي.
ايامن جا مينار پوندا ڇڻي،
تڏهن حال ماضيءَ جي سيني ۾ بندوق لڳندي
خلائن ۾ ٻرندڙ ڇپون گرم ڪنڪر،
صدين جي سفر ۾ ٺري ڳنڱ ٿيندا،
خدائن جي اک ڇنڀ ۾ تخليق ٿيندي.
سوين چنڊ سورج ستارا بہ جڙندا.
خلا جي ورن ۾ ڪٿي پنھنجي ڌرتي بہ هوندي-
اتي تون بہ هوندين،
اتي مان بہ هوندس.

منظر

بنا واڳ، بدمست ھاٿين کان سڪما،
ڪَڪَر ظلمتن جا،
سڄي رات سانوڻ ۾ کيمن مٿان،
مون بہ وسندي ڏٺا ھا.
تبر،
تيَر،
ڀالن ۽ ڪانن جي ڪَڙ ڪَڙِ
گهٽيءَ گامَ،
ڪچڙن ڪڪوريل ڳلن تي،
صبح شامَ،
رت جي ڇنڊران جي رم جهم.
هوا کان بہ هلڪا،
ڪنول کان بہ ڪُنئَرا،
ٽُڪَرَ گوشت جا مون بہ اُڏندي ڏٺا ھا،
ڪٿي لاش گهوڙن جي سُنبن جي هيٺان
ائين ڄڻ:
تتي ڏينھن ڏاندن جي پيرن ۾ ڪڻڪن جا ڦيڙھا.
ڪٿي جيئَرو انسان مٽيءَ ۾ پوريل.
ڪٿي ٻارَ معصوم مائرن اڳيان،
ڄڻ:
ڪُسَڻَ وقت گگدام ڪنھن ڪوس گهر ۾.
جبر ۽ تشدد،
ظلم، بربريت جي ستايل، ڏکايل ڏھاڳڻ،
ڪا ويران وادين جي سنسان بستين ۾ سُڏڪا ڀريندي،
هٿن کي ڊگهيري،
ڪي احساس جا گل چونڊڻ هلي آ،
ائين ڄڻ تہ ڪا ڪونج وڇڙي ولر کان،
فضائُن ۾ ڦڙڪي،
ٻچن ڪاڻ تڙپي،
ڪٿان ڪوهسارن ڏي واپس وري آ.
بنا سُوارَ گهوڙن جِي هڻڪار اُڀَ کي اُڊيڙڻ هلي آ.
هو آڪاس منڊل،
صدين کان پراڻو،
ستارن سان جڙيل،
ڪتين جون قناطون،
رسا، ٿنڀ، ٿوڻيون نہ اُکڙي پون!
اڃايل، بکايل، صدين جي ستايلَ،
ٺلھي، ٺوٺ ڌرتيءَ تي ھاريل لھوءَ مان،
نوان گُلَ ٽڙندا،
ٻٽي ٽھڪ ٻڌبا،
نئِين واٽ جُڙندي،
نئين لاٽ ٻرندي.

آرزو

هڪڙي سٽ لکڻ ٿو چاهيان،
ترس گهڙي جلاد!
سُڀان جي نسلن خاطر، اُبتي سُبتي سٽ لکان،
اعلان ڪيان،
پوءِ ساھہ ڏيان.
لفظ ڀتين تي لکجي ويندا،
لفظ دلين تي ڇپجي ويندا.
سُرڪڻ- ڦاهيءَ سُرڪڻ کان اڳ،
تنھنجن ڪوڙن ٽھڪن کان اڳ،
هڪڙي سٽ لکڻ ٿو چاهيان-

خطري جو گهڙيال وڄي ٿو.
تون بہ ٻُڌين ٿو،
مان بہ ٻڌان ٿو-
سج اولھہ ڏي ڊوڙ ڀري ٿو،
وقت سُسي ٿو،
لُڇي پُڇي ٿو-
گرھہ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو آ،
ٻاهر ٻُوسٽ،
اُڃَّ ازل جي،
وقت چوي ٿو:
سرد ٿيان،
ٿي برف پوان،
چپ چاپ رھان،
پر گونگو ٿي ڪا سِٽَ لکان.

پرڀاتين ۾،
ماڪ ڀنل رابيلن جھڙي ٿر جي سونھن،
ڪڪوريل ٻيرن جھڙي سٽ لکڻ ٿو چاهيان.
نم جي ڇانوَ،
سرنھن جي خوشبوءَ جھڙي سٽ لکڻ ٿو چاهيان.
جنھن جي لفظَ لفظَ ۾ ويڙهيل،
واچوڙا، طوفان بہ هوندا،
اکر ڪٿي انسان بہ هوندا.
سندربن جي شام بہ هوندي،
برکا رُتِ ۾ باک ڦُٽيءَ جو،
بندر جي وڻڪار ۾ ويٺل،
ڏيھہ ڏکايل،
ڪويل جون ڪوڪارون هونديون.
پَٽَ جون ڏوريون هندورن ۾،
شام سويري،
لاهيارين جون لوليون هونديون،
اهڙي سٽ لکڻ ٿو چاهيان-
جنھن مان سھسين سانوڻ رُتِ جا،
اجرڪ ورنا،
کھنبي رتڙا،
بادل ٺھندا،
ڊهندا، ٺھندا،
وسندا رهندا.

ڪيڏي ٻاهر نِٽهڻ آهي!
سج ٽانڊن جون سينڱون تاڻي،
ڌرتيءَ وارن ڏي اُڇلي ٿو،
پوءِ بہ ٿڌ کان لنڱ ٿڙڪن ٿا-
پَرُ ڀي ڏاڍا ڪَتيءَ لٿي جا پارا پيا ھا،
پوءِ بہ پنھنجا پير سڙيا ھا،
پيشانيءَ تي،
پگهر ڦُڙن جي ليڪ ٺھي هُئي،
من جي بن ۾ باھہ لڳي هُئي.

روز ازل کان انگ اگهاڙا،
گدلا ماڻھو،
ٿَرَ ڄاوا- ڄڻ ڌاريا ماڻھو.
صدين جي بي انت سفر ۾،
ڀٽڪي، ڀٽڪي،
ڪارا ڪارونڀارَ اُڪاري،
آد جڳاد جون حدون لتاڙي،
هت پھتا هن.
ويڻَ ڏين ٿا.
هيئَن چون ٿا:
وارياسي تي پياسا روح رڙن ٿا
من جي بن جا مورَ اُڃايلَ،
ڪنڌ ڍرڪائي،
صحرائُن ۾ ساھہ ڏين ٿا.
پاڻ اڪيلو،
ميڙاڪن ۾ تنھا تنھا،
وارياسي جو هرڻ اُڃايل.
بس،
پريت جا ڳانا،
پيار جي مالھا،
ڪاري، گوري، کي مان پائڻ چاهيان ٿو.
بس سٽ لکڻ مان چاهيان ٿو.
سالن جي بي سود پراڻين،
تخليقين کي تيلي ڏيئي.
ڪوڙا ڪاڳر-
ڪوڙين ڪوتائُن کي ساڙي،
هڪڙي اهڙي سٽ لکان-
جيئن:
سرمد، سامي، ڀٽ- ڌڻي،
سرمست سچوءَ جي چپڙن تي ڪا مُرڪ اچي.
۽ مڪلي، مياڻي، کرڙيءَ جي خاموش فضا ۾،
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
ڪارين ڪارين راتين ۾،
طوفانن ۾،
آزاديءَ جا اعلان ٿين،
ڪا جڳ مڳ جڳ مڳ لاٽ ٻري.
جيئن ڌرتيءَ ڄاوا،
اُجرا ماڻھو،
سندربن جون سندر ناريون،
ديس آديس جون سون سريکيون،
پيٽ ورن جي پياس اُجهائين،
اَنَّ اُپائين،
ڇلڙا ڳائين،
اهڙي سٽ لکڻ ٿو چاهيان،
هڪڙي بس-
هڪڙي سٽ لکڻ ٿو چاهيان.
ترس گهڙي، جلاد!
سڀان جي نسلن خاطر،
اُبتي سبتي سٽ لکان.
اعلان ڪيان،
پوءِ ساھہ ڏيان.

قطعا

---

1 کان 15

چپن تي زهر جو پيالو، اٿس شعلا نگاهُن ۾،
مرڻ کان پوءِ جيئڻ خاطر، وجهي ٿو هَٿَ بلائُن ۾،
اڄوڪي نسل جا پيارا، پڇين اُهڃاڻَ ڪھڙا ٿو،
آهي جڪڙيل صليبن ۾، نظر پوءِ ڀي خلائُن ۾.

(2)
زندگيءَ تي جي لکان، ڇا نانگ جي ڪر تي لکان،
باز تي لکڻو اٿم، جي ٿو ڪبوتر تي لکان،
ڪن ۾ ساڳي ڪلڪ آ، پر گهر ڪکن جو آ ٺھيل،
ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان، ڪيئن باھہ جي ڄر تي لکان.

(3)
هر آدمي خوشحال آ، تون ٿو چوين، مان ڪيئن مڃان،
رُپيو پيو ٿي ريال آ، تون ٿو چوين، مان ڪيئن مڃان،
ٻيا ٻُڌن وهوا بہ ڪن، پر مان لنوائي ٿو ڇڏيان،
مطلب تہ تنھنجي ڳالھہ آ، تون ٿو چوين، مان ڪيئن مڃان.

(4)
جنھن ڀري آ ٻاٽ اونده چؤطرف چؤگان ۾،
سا جهلڪ آئي ڪٿان، ابليس جي انسان ۾،
ڪالھہ پاڻي کير هو، هر چيز هُئِي مصريءَ ڳڙي،
ڪو تہ آ جو اڄ ملائَي زهر ويٺو نان ۾.

(5)
سڀ ڇڏي ڳالھيون پُراڻيون، هڪ نئين ڪا ڳالھہ ڪر،
ڀل پيو ڏي آسرا، توبھہ تہ پيو هر سال ڪر،
ڪيئن ويو ‘لالڻ’ لِڪي، ڪيئن پاڻ ‘پيرل’ پيش پيو،
مون کي ساري آ خبر، مون سان تہ هي احوال ڪر.

(6)
هر وڻ جي لُڏندڙ لامن تان، ڪھڙا نہ ڪبوتر اُڏرن ٿا،
سي مانجهي مارڳ رَسڻا هن، جي ڪارونجهر تان اُڪرن ٿا،
ڪيڏو نہ پيارو منظر آ، ڪيڏي نہ فضا ۾ خوشبوءِ آ،
هُت اوڀر کان ٿو نُور ڦُٽي، هِت ڪڻڪن جا سنگ نسرن ٿا.

(7)
ڪا ڪونج ڪٿان ڪرڪي، جڏهن دانھن ڪري ٿي،
هر ذهن تي يادن جا سوين رنگ ڀري ٿي،
جي وسري سگهيا ڪين، يقيناً اُهي ايندا،
تو وٽ ٿو لنوين ڪانگ، تہ اک منھنجي ڦري ٿي.

(8)
گــــونــگـــــا ٿـــــي ٿــــا وقت گـــــذاريـــــــــو،
هــــــــي بہ ڏوراپــــــــو آيــــــــو آهــــــــي،
‘بيــــــــوس’ ۽ ‘شمـــــشيــــــر’ کـــــــي ڳــــــــوليــــــــو،
“سچــــــــوءَ” کيــــــــن سڏايــــــــو آهــــــــي.

(9)
هٿ ۾ ڏنڊو، ننڍو وڏو، پورو ڪارو آيو آ،
لوڙھہ ڪُلھي تي، لوڏ سڃاتم هيموءَ ٻارو آيو آ،
ذهن ٻري ٿو، ھانءُ ٺري ٿو رت ۾ ڪيڏي گرمي آ،
منصورن جي ملڪ ۾ شايد سوريءَ وارو آيو آ.

(10)
اسان وقت جا وير منصور ميان،
ڪيئي بار مرندا ۽ جيئندا رهون ٿا،
رڳو هڪ پيالو هو سقراط پيتو،
اسان جامَ تي جامَ پيئندا رهون ٿا.

(11)
اسان وقت جا ويرَ منصور ميان،
جو چوڻو پوي ٿو سو چوندا رهون ٿا،
مرڻ جو مزو ڪو اسان کان پُڇي،
مرڻ سان ئي منزل ڏي وڌندا رهون ٿا.

(12)
جنھن وقت گهرايو تہ هليا اينداسي،
محفل کي مچايو تہ هليا اينداسين،
هِي ميڙَ خوشين جا تہ سوين بار ڏسون پيا،
سُوريءَ تي سڏايو تہ هليا اينداسين.

(13)
اوھان جون اسان تي عجب تھمتون،
اسان هر مصيبت کي سھندا رهون ٿا،
اسان هن جرم جا سزا وار آهيون،
جو ظالم کي ظالم ئي چوندا رهون ٿا.

(14)
وڃي توڙ پھتا، صبح جا سلامي،
ڪارونڀار اُڪري، سويرو سناسي،
اِهي ڌار ناهن، اِهي دؤر ناهن،
ڪُلھا تن ڪلھن سان، آهن ديسَ واسي.

(15)
نئون صبح وٺي آيو نئين شام غضب جي،
ڇيرين جي ٿي ڇَم ڇَم تي کڄي گامَ غضب جي،
جنھن وقت ڪڍي سينڌ تون باغن ۾ اچين ٿي،
واللھ! ٿي هر گُلَ جي لڳي لامَ غضب جي.

16 کان 33

(16)
جي لکپالَ ناهيون تہ لڄپال آهيون،
متان سمجهين ‘بيوس’ ۽ بيحال آهيون،
اسان جي هٿن ۾ اُڀا ونجهہ رهندا،
اسان ئي قلاچيءَ جا رکوال آهيون.

(17)
زندگي، منڇر جي پاڻيءَ جا ڪنول،
زندگي، سانوڻ ۾ سنڌوءَ جي اُٿل،
زندگي، مالھڻ جي هتڙن ۾ گلاب،
زندگي، ڄڻ ڪنوار پينگهي ۾ سُتل.

(18)
زندگي، هٿ ڪنوار جو مينديءَ رتلُ،
زندگي، ‘تنوير’ جو تازو غزلُ،
زندگي، سنڌوءَ جي پاڻيءَ جيان شفاف،
زندگي، محبوب جي سيني مثل.

(19)
زندگي، پيرن ۾ چيڀاٽيل گلاب،
زندگي، ڄڻ بند شيشي ۾ شراب،
زندگي، ڦٽ پاٿ تي پينو فقير،
زندگي، ‘بيوس’ جي غزلن جو ڪتاب.

(20)
زندگي، محنت ڪشن جي آرزو،
زندگي، مانيءَ ڳڀي جي جستجو،
زندگي، منصور جي گردن مثل،
زندگي، سقراط جي دل جو لھو.

(21)
ڪو تہ سمجهائي حقيقت زندگيءَ ۽ موت جي،
زندگي آهي امر يا موت ٿيندو ڪامران،
ڪالھہ اورانگهي ‘ابد’ جو، هِتِ پُڳو انسان هو،
اڄ ويو ٿي عرش آ، تنھن لامڪانيءَ جو مڪانُ.

(22)
ابن آدم جي حقيقت ذهن مان نڪري نٿي،
چئن ڏينھن جي حياتي، ڇو ڀلا گذري نٿي،
ڪيترو اڳتي ‘ابد’ کان ويو پُڄي انسان آ،
زندگي ۽ موت جي پر ماجرا نبري نٿي.

(23)
زندگي ۽ موت جو ڇيڙي غزل،
ڪا تہ شيءِ آهي، جنھن کي ڳولھي ٿو ازل،
سؤ صديون گذريون، اڃا ڀي گذرنديون،
ڪين سُڪندو زندگانيءَ جو ڪنول.

(24)
اکين ۾ باھہ جا شعلا، ڪُلھا چڻ ڪوهسارُ آهي،
تڏهين ئِي پانھنجو ٿيو، شاهڪارن ۾ شمار آهي،
اِھا هستي، اھا مستي، اھا انسان جي عظمت،
مِٽي مان ٿي ميسر آ، مِٽيءَ جو ئِي خمارُ آهي.

(25)
هِن مٽيءَ جي مرتبي کان ڪيرَ هوندو بي خبر،
هِن مِٽيءَ ۾ لاش پوريل پڻ ڪندا آهن سفر،
هِن مٽيءَ مان جُڙيل ماڻھو مرڻ کان پوءِ ڀي حيات،
هِن مٽيءَ ۾ ساھہ آهي، هيءَ مِٽي آهي امر.

(26)
پيغام پيارن جا سر عام ملن ٿا،
هڪ بارُ ڪٿي روز صبح شام ملن ٿا،
جنھن وقت بہ انصاف جو زنجير لُڏي ٿو،
ڌرتيءَ کي نئون روپ، نوان ڄام ملن ٿا.

(27)
ازل کان ابد تائين آزاد آهيون،
سنڌوءَ جي ڪناري تي آباد آهيون،
ٻڌلَ پيٽ خاليءَ سان پاهڻ ئِي رهندا،
ڏسين ڇا ٿو؟ آدم جو اولاد آهيون.

(28)
ڏئي جي لاٽ تان صدقي، لھر جي لوچ تان صدقي،
اڄوڪي نسل جي هر هڪ وڃان مان سوچ تان صدقي،
ڇڳل کٽ، ڇانوَ ٽالھين جي، اڃا مون کان نہ وسري آ،
وڃان ڪھڙيءَ طرح تنھن جي ڪي ۽ ڪوچ تان صدقي.

(29)
ڏئي جي لاٽ تان صدقي، ڏکايل ڏيھہ تان صدقي،
ڏنو جنھن جنم جوڌن کي، انھيءَ ساڻيھہ تان صدقي،
مچي مھراڻ جي موجن، رهڻُ آزاد سيکاريو،
انھن جي شان تان صدقي، انھن جي ڇيھہ تان صدقي.

(30)
وطن جو نظارو، اکين ٺارُ آهي،
جتي “کير-ماکيءَ” جو خمارُ آهي،
اِهو ئي تہ جنت جو آهي نمونو،
انھيءَ کان مٿي ڪھڙو شھڪار آهي.

(31)
ڀٽ ڌڻيءَ ۽ لال جا سڏڙا سُڻين،
ڪارڙا ۽ ڪوجھڙا جاڳي پيا،
ڄاڻ ٿو مانگر مڇن جو اَنت ٿئي،
ماءُ تنھنجا مورڙا جاڳي پيا.

(32)
ڍنڍن تي جڏهن ڍينگ ڍرڪي لھن ٿا،
اسان کي پرين ياد تنھن دم اچن ٿا.
جڏهن ڀي جتان ڪو تتر ٿو تنواري،
تڏهين سُورَ سيني ۾ جاڳي پون ٿا.

(33)
ڪچي جون جوانيون، ڪچي جون ڪھاڻيون،
وساريان نہ وسرن مڏيون ۽ مھاڻيون،
بنا اوٽَ، اوڇَڻ سڄي رات ٿڙڪِي،
اسر جو اُٿي ڪن رڇن سان رھاڻيون.

ڪافيون

---

منھنجي نٿ اباڻن نہ ڪنھن کي وِڪي آ

منھنجي نٿ اباڻن نہ ڪنھن کي وِڪي آ،
اِھا منھنجي مارُن امانت رکي آ.

عمر مير مارون جُهريا ڪين جَهَر ۾،
پويان تنھنجي پوندي ٿڪا ڪين ٿَرَ ۾،
پاتي ڪنھن پيرن ۾ نہ جهانگيءَ جُتي آ.

اسان ٿَرَ جا ماڻھو، تو کي سڀ سڃاڻو،
دغا، ڌوڌُ ڪنھن سان ڪري ڪين ڄاڻو،
اِھا ريت اسان جي، پاڙي مان پُڇي آ.

صبح جو سويلو، ڇوڙيون ڪنھن ڇيليون،
پاڻيءَ تي پٽن ڏي نہ سنبريون سھيليون،
وِڌي ڪنھن نہ جنڊ ۾ ڪا اَن جي ٻُڪي آ.

پڪي مَڪَّ پٽن تي، لٿا ليارَ، پيروُن،
پاتيون ڪنھن نہ هونديون جُسي تي زنجيرون،
هتِي بند ۾ ‘بيوس’ ڌنارڻ دُکي آ.

ڏاڍا عشق وڌا تنھنجي دام سڄڻ،

ڏاڍا عشق وڌا تنھنجي دام سڄڻ،
ڦِٽي ننڊ، ويو آرام سڄڻ.

تنھنجو نينھن لڳو نروار ٿيس،
تنھنجي پرت سندو پينار ٿيس،
ڇڏي ملڪ عدم اظھار ٿيس،
ٻَڌي عشق سندو احرام سڄڻ.

ڪي عاجز ٿيا، ڪي اسير ٿيا،
ڪي فرقت منجهہ فقير ٿيا،
ڪي رانجها ماھہ مُنير ٿيا،
ڪي برھہ ڪيا بدنام سڄڻ.

تنھنجي مستيءَ مست ملنگ ڪيو،
جڏهن دردن دل ۾ دنگ ڪيو،
اچي ‘بيوس’ کي بي رنگ ڪيو،
ڪري مست و مست مدام سڄڻ.

جتي ليار، پيرون پٽن تي پچن ٿا،

جتي ليار، پيرون پٽن تي پچن ٿا،
اُتان منھنجا مارون ميارون مُنجن ٿا.

پڪا، پير چونڊين پٽن تي پنوھاريون،
چندن لام لوڏي سڏين ٿيون سنگهاريون،
جتي وڳَ وٿاڻن ۾ ڏوٿي ڏُهن ٿا.

ڪٿان ڪانگ آيا، ڪٿي سي ڪھي ويا،
واهيرن ڏي واپس ولر سڀ وهي ويا،
مگر چاڪَ ڪوٽن ۾ منھنجا چڪن ٿا.

جتي سنڱُ نہ ساٿي، اُتي ويا اُڪاري،
تڏهن ويٺا ‘بيوس’ کي شايد وساري،
نڪي پاڻَ آيا، نڪي سَڏَ ٻڌن ٿا.

ڏاڍو عشق لڳو اڻڄاڻن ساڻ،

ڏاڍو عشق لڳو اڻڄاڻن ساڻ،
موهي مست ڪري ويا ماڻن ساڻ.

شوق شغل جا ڇوڙي باشا،
روز ڏٺائُون تال تماشا،
لائَي نرمل نينھن نماڻن ساڻ.

نينھن بڇايا نانگ اويڙا،
هر هر حملا جوٽون جهيڙا،
ڪيڏا ورھہ ڪيا ويڳاڻن ساڻ.

درد دُکايا دُودَ دکن جا،
‘بيوس’ بيحد ڏاڻَ ڏُکن جا،
آڻي عشق ڏنا اولاڻن ساڻ.

چڳڻ چار داڻا پکيئڙا وڃن ٿا،

چڳڻ چار داڻا پکيئڙا وڃن ٿا،
وجهي بک کنڀن ۾ اسر ڏئي اُٿن ٿا.

ڪري لات مٺڙي ٻڌيون ڪن قطارُون،
اڃا ڪنھن نہ سمجهيون، پکن جون پڪارون،
گونگا گهر ڇڏيندي الائي ڇا ٿا چون.

نہ ڪن ڪنھن تي ڪاوڙ، نڪي ٿين دانھين،
جتي گز، گليلا، اُڏن ٿا اوڏانھين،
ڳچيءَ دام ڳاريون ويچارا وجهن ٿا.

اچن ماڳ موٽي اويرا سويرا،
ڪٽڪ ڪونجڙين جا، تتر، باز، ڳيرا،
بکن ۾ بہ ‘بيوس’ سدا خوش رهن ٿا.

سمان سامَ تنھنجي مڇيري مھاڻي،

سمان سامَ تنھنجي مڇيري مھاڻي،
وھان ڪيئَن وچ ۾، ناهيان راڄَ- راڻي.

لائَي ليَّ لنڱن کي، ڀري ڇَڄَ ڇڇيءَ جا،
وڪيا مون واٽن تي، کڻي مڻَ ککيءَ جا،
تڳان توھہ تنھنجي، نڌر آءُ نماڻي.

نہ مون روءِ راڻين، نہ مون ڄامَ ڄائي،
سونھان ڪيئَن سَٿَ ۾، ککيءَ کاڄَ کائِي،
گندي آءُ گندري، اٻوجهي اياڻي.

مڇي مالَ جن جو، سمين سي سيباڻيون،
تڪيا، نَڙَ تماچيءَ، مڏيون ۽ مياڻيون،
ڪيا ڀالَ ‘بيوس’ اچي ڄامَ ڄاڻي.

اِھا آس اٿم، ڏسان وطن وري

اِھا آس اٿم، ڏسان وطن وري
جنھن ٿَڇَ پياريو، اُھا ماءُ ٿري.

ڇيليون ڇُڙن اَٿيون، تہ بہ بُک ٿيون مرن،
منھنجو سُور اٿن، ڪيئَن ٻُور چرن،
پيتو ڪين پرھہ جو کير ڦرن،
هُتِ مَڪَّ نہ ڦَرِي، هِتِ اک آ ڦرِي.

هُتِ باھہ ڀٽن مان ڀڙڪي ٿي،
هِتِ وڄ ڪوٽن تي ڪڙڪي ٿي،
تنھنجي قيد مٿان پئي ڪرڪي ٿي،
هوءَ ڪونج تہ ڏس جيڪا وطن وري.

وسي ملڪ تہ پيرون، ليارَ ڦرن،
مارون مالَ ڪاهي شل وَس تي ورن،
هُتِ گهر اڏجن، هِتِ ڪوٽ ڪرن،
اچي کاهُڙَ مان ڪا خبر کري.

نڪي ڏٿ چونڊين، نڪي ڏارو ڏرين،
نڪي ‘بيوس’ ويٺيون واڻُ ورين،
ڪو اُٺ ٿيون ڏسن، ڏاڍا ڇرڪ ڀرين،
اِھا ڳالھہ تہ ڳَڻِ، ڪيڏي آهي ڳري.

ڪري سُرما تيل ڦليليءَ سان،

ڪري سُرما تيل ڦليليءَ سان،
آيو گهائڻ اک جي گليليءُ سان.

اِھا نظرن جي جنگ جاري آ،
اڃا تائين ڪنھن بہ نہ ھاري آ،
هيءَ ويڙھہ نہ بازن واري آ،
اکِ اٽڪي اکِ البيليءَ سان.

هن حسن جو ڪوئي جواب نہ آ،
ڏٺو اهڙو ڪڏهن مون خواب نہ آ،
مٽ رخسارن جي گلاب نہ آ،
چڳ ڀيٽي ڪير چنبيليءَ سان.

ڪا مست تہ ڪا مخمور بہ آ،
ڪا ‘بيوس’ ڪا مجبور بہ آ،
هن اک ۾ نُور سرور بہ آ،
لڳو لاشڪ نينھن نشيليءَ سان.

سنڌڙي منھنجي سانئڻ تو سان ناتو شالَ نڀايان،

سنڌڙي منھنجي سانئڻ تو سان ناتو شالَ نڀايان،
ناتو شال نڀايان، الا، جهوليءَ چنڊ جُهلايان.

ساھہ بہ تو ۾ شاھہ بہ تو ۾، تو ۾ سڀ ڪجهہ پايان،
تنھنجي مٽيءَ منجهہ ملان جي، ڀاڳ ڀليرا ڀايان.

ڪينجهر ۽ ڪارونجهري جا ‘سنڌوءَ’ کي سور سڻايان،
مٺڙي تنھنجو کير پياريل مُرڪي شال ملھايان.

انڌ نگر ۾ آهُون ڀريان، ٿر بر باھہ لڳايان،
وائن جا ورلاپ اٿاري، ڏاڍن کي ڏهڪايان.

دار ڏسان، ديوانو بڻجان، “اَناالحق” الايان،
مون ۾ تون موجود ازل کان ‘بيوس’ ڪيئن سڏايان.

پکي ماڳ پنھنجي اُڏاڻا وڃن ٿا،

پکي ماڳ پنھنجي اُڏاڻا وڃن ٿا،
ڇڏي گهر پراڻا، نماڻا وڃن ٿا.

ويا هنج اُڏرِي سويرو سرن تان،
ڪيا ڌار قسمت ڪڻا اڄ ڪڻن کان،
ڏئِي سِرَ ڍٻين کي اباڻا وڃن ٿا.

چُڳي چار داڻا، ٻچن ڏي اُڏاڻا،
ڇڏي ياد پنھنجي وڃن ٿا ويڳاڻا،
واهيرن ڏي واپس وراڻا وڃن ٿا.

گزن سان گازين ڪيا وارَ ڪاري،
پکين پَرَ ڪٽايا، مُڙيا ڪو نہ ماري،
ڀري جهولَ ‘بيوس’ سياڻا وڃن ٿا.

آيو عشق عجب اعلانن ساڻ،

آيو عشق عجب اعلانن ساڻ،
چاڙهي فوج ڪٽڪ فرمانن ساڻ.

شوق شغل جا شينھن بڇائَي،
ماسَ هڏن تان کَلَ کَلائَي،
ڏاڍي موج ڪيئن مستانن ساڻ.

آئي عقل جو انت ڪيائين،
محبت جو ميدان کٽيائين،
ڏاڍي جوش، جهُد، جولانن ساڻ.

شاھہ حسن جا شوق نرالا،
خوب وسائين بڙڇون ڀالا،
تاڻي ‘بيوس’ تيرَ ڪمانن ساڻ.

کولي در پاڪ پڃري جو،

کولي در پاڪ پڃري جو،
اچي ڪر سير سبحاني،
اندر پَسُ يار جو جلوا،
مٿي ڪر پوش انساني.

نہ مسجد ۾ نہ مندر ۾،
نڪي وڻڪار وندر ۾،
ازل کان يار اندر ۾،
رچايو رنگ رحماني.

محو ٿي موج مستيءَ ۾،
ازل جي دم الستيءَ ۾،
حسن هن هوڏَ هستيءَ ۾،
پسائَي پاڪ پيشاني.

مزو مخفي نہ ميريءَ ۾،
هئڻ ‘بيوس’ حميريءَ ۾،
فنا ٿي پيءُ فقيريءَ ۾،
بقا جو جام مئخاني.

ذلفيءَ جي ياد ۾

---

ذُلفيءَ جي ياد ۾

(ذولفي (ذوالفقار)- چوڏهن مھينن جي عمر جو منھنجو معصوم پٽ، جيڪو ڊاڪٽرن ۽ سندن عملي جي غفلت ڪري 14 نومبر 1980ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.)

لولي

سھڻي يار جي لولي ڳايان ٿي،
معصوم جي لولي ڳايان ٿي،
گُلڙن جا ھارَ بڻايان،
گلڙن جا ھار بڻايان ٿي.

ڄام نظام جي آهيان نياڻي،
ڳوٺ ڇڏيو ٿم ڄاڻي واڻي،
منڇر وارو آڻي پاڻي،
اڙي ڀينر! باھہ وسايان،
اڙي ڀينر! باھہ وسايان ٿي.

سورٺ آهيان، سنڌڻ آهيان،
پنھنجن جا ڪيئَن ڪنڌ ڪپايان،
ويسَ ڏسو، مان ننڍڙي ناهيان،
مان تہ مٽيءَ کي مُرڪايان،
مان تہ مٽيءَ کي مُرڪايان ٿي.

ڳڀرن جھڙا ڪنول ڪڪوريا،
تو ڪيئَن آهن مڪڙا موڙيا،
ڄام تماچيءَ خيما کوڙيا،
تڏهن ڪينجهر ڪنڌ جهڪايان،
تڏهن ڪينجهر ڪنڌ جهڪايان ٿي.

لَٽبا ناهن ڪنھنجا پيرا،
ٻاهر اُجرا، من جا ميرا،
ٿيندا آهن ٻيرا، ٻيرا،
اِھا سڀ کي ڳالھہ سڻايان،
اِھا سڀ کي ڳالھہ سڻايان ٿي.

ڪالھہ ڪتايم سٽ جو ڦورو،
اجرڪ وارو جوڙيم جورو،
لوڏيان ويٺي لال هندورو،
ائين ‘بيوس’ دل وندرايان،
ائين ‘بيوس’ دل وندرايان ٿي.

آءُ تہ مٺڙا تو کي کير پياريان،

گيت

آءُ تہ مٺڙا تو کي کير پياريان،
آءُ تہ پٽڙا تو کي کير پياريان،
کير پياريان،
توسان دل وندرايان.

پير اُگهاڙا چِڪَ ٿيو چولو،
صبح پچايم تنھنجو لولو،
تنھنجو لولو،
ٻئي کي ڪيئن کارايان.

سُٽ جون واڳيون، پَٽ جو ڏورو،
لوڏيان ويٺي لالَ هندورو،
لوڏيان هندورو،
پر مان ڪنھن کي سمھاريان.

ڪانءَ بہ آيان اَلَّ اُٿاري،
هر ڪو ٻچن جا گيت جهونگاري،
گيت جهونگاري،
آءُ پئي روز اوساريان.

ڪالھہ ڪتايم سُٽَ جو ڦورو،
تنھن مان جوڙايم، تنھنجو جورو،
تنھنجو جورو،
ٻئي کي ڪيئَن پارايان.

گرھہ ڀريندي، هڏڪي آئِي،
وڻ تي ڪويل سُڏڪي آئِي،
سڏڪي ڪويل،
آءُ ڪيئَن اڱڻ اُجاريان.

جَڳَ جا ٻالڪ جُهمريون پائين،
تنھنجي ويٺا ياد ڏيارن،
ياد ڏيارن،
آءُ ڪيئن تو کي وساريان.

انب جي لامن ٻُورَ جهليو آ،
ھاڻي تہ ‘بيوس’ يار هليو آ،
يار هليو آ،
توکي هنج ۾ وھاريان.

زلفي موٽي ايندو، الا، منھنجو

گيت

زلفي موٽي ايندو، الا، منھنجو
زلفي موٽي ايندو.
سنڌوءَ(1) ۽ سھڻيءَ(1) سان گڏجي،
منھنجي واٽ جهليندو.

ٻانھن لڳڻ تي، ساھہ کڄڻ تي،
ننڊ مان ڇرڪ ڀريندو.
جڏهن بہ مٺڙيءَ ماءُ سان رسندو،
مون وٽ ايندو ويندو.

جنھن جو پيار ڪنول(1) کان ڪنئرو،
سو ڪيئَن پاڻ پليندو.
سورٺ(1) سورٺ سڏ ڪري پيو،
سھڻل يار سڏيندو.

جيتر ڀينر، ڀائر ورندا،
تيتر واٽ تڪيندو.
پئسو، ٽڪو، آڌي، روپيو،
خرچڻ لاءِ کسيندو.

سرمد(2) ۽ منصور(2) کان مٺڙو،
منھڙو ڪين مٽيندو.
زيبوءَ(3) آڏو ‘بيوس’ بڻجي،
ويٺو حال ونڊيندو.
زلفي موٽي ايندو، الا منھنجو
زلفي موٽي ايندو.

_______
(1) زلفيءَ جون ڀينرون، (2) ذلفيءَ جا ڀائر، (3) ذولفيءَ جي ماءُ.

دوست اسان وٽ ڪنھن تہ بھاني آءُ،

غزل

دوست اسان وٽ ڪنھن تہ بھاني آءُ،
يار اسان وٽ ڪنھن تہ نموني آءُ.

ڪنھن تہ بھاني آءُ،
او، مٺي تنھنجي ماءُ.
ويٺي واٽ نھاري.

ننڊ ڪيان، ننڊ ڪرڻ نہ ڏئي ٿو،
پن پن مان جو روز اچي ٿو،
او، پيرن جو پڙلاءُ، ويٺي واٽ.....

سانوڻ آيو، تون نہ اچين ٿو،
ليئڙو پائي، ڇو نہ ڏسين ٿو،
او، گهرو اندر وارو گهاءُ، ويٺي واٽ.....

چوڏهينءَ جھڙو چھرو آهي،
گلن ڦلن کان ڪنئَرو آهي،
او، تنھنجي هٿن جو ڇھاءُ، ويٺي واٽ.....

ڪونج ڪٿي ڄڻ ڪُرلائَي وئي،
تنھنجي جسم مان چورائي وئي،
او، هير گلن لئي هڳاءُ، ويٺي واٽ.....

مھل اٿئي هيءَ کير پيڻ جي،
ٽھڪ ڏيڻ جي، مور ٽلڻ جي،
او، مس وريو آهي واءُ، ويٺي واٽ.....

گرھہ ڪري پيو، اک ٿي ڦڙڪي،
‘بيوس’ شايد در ٿو کڙڪي،
او، آهي اڱڻ تي شعاع، ويٺي واٽ.....

منھنجو اول، منھنجو آخر ۽ تاثرات

---

منھنجو اول، منھنجو آخر

• ڌرتي، ڌرتيءَ-ڄايا ۽ ڌرتيءَ جا نظارا منھنجي لاءِ ائين آهن جيئن اک لاءِ روشني، مڇيءَ لاءِ پاڻي يا ساڻيھہ لاءِ سنڌو.
• ‘شاھہ جو رسالو’ منھنجي لاءِ اهو ڪتاب آهي جنھن ۾ مون کي زندگيءَ جي هر رخ جا چرندڙ پرندڙ عڪس ۽ ڪردار پئي ڏسڻ ۾ آيا آهن.
• ڳوٺاڻو ماحول، ڳوٺاڻي بدحالي، پنھنجي اندر جي پيڙا ۽ اُن پيڙا جي ردِ عمل مان جنم وٺندڙ وسوسن، ويچارن ۽ نا اميدين. منھنجي لاءِ اميد ڀريا گس ۽ چارا جوڙي ڏکن کي سکن جي سونھن ۽ سرمايو ثابت ڪيو آهي. منھنجو ماضي، منھنجو سرمايو آهي، پوءِ ڇو نہ اهو ڳئون چاريندي يا يا ڀڳڙن لپ تي گذر ڪندي گذريو هجي.
• مون شيخ اياز کي شاعريءَ جي اُن وڻ ويجهو بيٺل پاتو آ، جنھن وڻ تي چڙهي، واس وٺڻ لاءِ ڀٽائي ڀلاري ويندي، ويندي، اشارا ڪيا هئا. آءُ پڻ ڀٽ ڌڻيءَ جي ان واسيندڙ وڻ جي ٿڌڙيءَ ڇانوَ ۾ ويھي ڪا گهڙي واس وٺڻ لاءِ آتو ۽ آسائتو آهيان. اياز جي تخليق ۾ ٻوليءَ جي سونھن مون کي ائين لڳندي آهي جيئن ڪنھن ٿرياڻيءَ جي گج تي ڪاوا. انھن ڪاوَن مٿان جو هلڪڙو ۽ ميرانجھڙو ڌنڌ چڙهي ويو آهي، اياز ۾ شل اُن ڌنڌ کي اگهي، صاف ڪرڻ جي سگھہ پيدا ٿئي.
• شمشير الحيدريءَ جي تخليق ۾ مون کي ڇرڪ ڀرائيندڙ فڪر ۽ فڪر جي گهرائيءَ جون کاڻيون نظر اينديون آهن.
• سچل کان پوءِ انسان جي عظمت ۽ مٿاهين مقام جون وڏي واڪي جيڪڏهن ڪنھن شاعر ڳالھيون ڪيون آهن تہ اهو شمشير علي خواجا ئي ٿي سگهي ٿو.
• آءُ هڪ ٽرڙ پکيءَ وانگر هئس. مون ۾ پر ۽ کنڀ پيدا ڪرڻ واري شخصيت منھنجي امان سائين آهي، جنھن ٿڃ، ماتا سان گڏ ان ماتا بڻجي، منھنجو نيپاج ڪري مون کي وڻ وڻ جو واس وٺڻ جي لائق بڻايو.

تاجل بيوس
20 سيپٽمبر 1982ع

تاثر

تاجل جيڪي لفظ، اصطلاح، محاورا، ڪردار ۽ نظارا پيش ڪيا آهن سي سندس پنھنجي ماحول جي ڏات آهن. ٻوليءَ جي سادگي، فطري زندگيءَ مان موضوعن جي چونڊ ۽ شاعراڻي ترنم جي لحاظ کان تاجل جديد دؤر جي ڪلاسيڪي احياءَ واريءَ تحريڪ جو هڪ اهم رڪن آهي.

(شمشير الحيدري)

تاجل جي بيتن ۾ موضوعن جي ندرت آهي. غزل ۾ سنڌي ماحول جو رنگ جھڙو تاجل پيش ڪيو آهي، اهڙو ڪنھن ورلي ڪيو هوندو. واين ۾ تاجل نہ رڳو ان صنف جو روايتي حسن برقرار رکيو آهي، پر انھن ۾ موسيقيت ۽ موضوعن جي جدت پڻ شامل آهن. ڪٿي ڪٿي تہ ان ساديءَ صنف ۾ اهڙا اونھا خيال ڏنا اٿائين جو عجب پيو لڳي.

(تنوير عباسي)

تاجل جو شاعرن جي صف ۾ ايترو تيزيءَ سان اڳتي اچڻ هڪ ڇرڪائيندڙ حقيقت آهي. ‘شاهه’ ۽ خليفي کان پوءِ اياز، تنوير، امداد ۽ شمشير (چؤنڪو) سان ڪلھو ملائي هلڻ لاءِ تِرَ جيتري وٿي بہ ڪا نہ هئي، پر ان تِرَ وٿيءَ کي “جڏهن ڀونءِ بڻي” لکي، ڌرتيءَ جي گولي جيڏي جاءِ بڻائي، تاجل وڏي انفراديت سان مٿس ٽيلار پيو ڪري. انھيءَ چؤنڪي ۾ ڇوليءَ جي ڇڇڪار جيان زوريءَ گُهتَ هڻي ‘پنجڪار’ ٺاهڻ ۾ سوڀوان ٿو لڳي. تاجل جي شعر مان هڪ لفظ بہ مٽائڻ ائين آهي جيئن تاجل جي چھري تي بليڊ سان چھڪ ڏيڻ.

(علي بابا)

سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ سان ناتو ڳنڍڻ ۽ ان جي اصطلاحن ۽ علامتن کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ ۽ انھن کي نيون معنائون پھرائڻ ۾ اياز کان پوءِ جنھن شاعر وڌ ۾ وڌ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي سو تاجل ‘بيوس’ آهي. تاجل وٽ پنھنجو انداز ۽ پنھنجو آواز آهي.

(عبدالرحمان ‘نقاش’)

تاجل مسڪينن، مظلومن، ڪڙمين ڪارين، پُٺي اگهاڙن ۽ پيٽ بکين جو شاعر آهي. هو نور جي تلاش ۾ پرھہ جي پيادن جو شاعر آهي. هو انسان جي آئيندي کان پُر اميد آهي ۽ مون کي وڌ ۾ وڌ ان لاءِ وڻندو آهي، جو هو قنوطي Pessimist شاعر ناهي.

(هدايت بلوچ)

تاجل جي شاعريءَ ۾ جيڪا خاص خوبي ڏسڻ ۾ اچي ٿي اھا آهي سندن شاعريءَ جي بلوغت- تاجل ‘بيوس’ اسان جي قوم ۽ هن ئي معاشري جو اهو حساس فرد آهي جيڪو ڪڏهن بہ ‘مھان’ ڪويءَ جي دعوا تہ نہ ٿو ڪري البت سچ جي راھہ ۾ ساٿين سان ساٿ جي ڳالھہ ضرور ٿو ڪري.

(انعام شيخ)

قدرت جي انيڪ رنگارنگي نظارن ۽ ايڪانت ۾ رهڻ سبب تاجل ۾ سوچ، ويچار ۽ تجسس ننڍي لاڪون پيدا ٿيو. سندس ڪلام مختلف موضوعن جي کاڻ آهي. هن جي تخليق ۾ سنڌي فڪر ۽ فن، قديم ۽ جديد جو هڪ سنگم آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ قديم صراحيءَ ۾ نئين قسم جو شراب ڇلڪي رهيو آهي.

(فقير الھندو جتوئي)