ناول

جوئاري

”جوئاري“ جڳ مشھور ليکڪ  فيوڊور دوستو وسڪيءَ جي لکيل ناول The Gambler جو سنڌي ترجمو آھي. ”جوئاري“ روسي سماج جي هڪ اهڙي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنھن ۾ روس جي جڳ مشھور ناول نگار فيودور دوستووسڪي نھايت دل پذير ۽ سھڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽ احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل عظيم فن سان پيش ڪيو آهي.


  • 4.5/5.0
  • 4
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جوئاري

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جڳ مشھور ليکڪ فيوڊور دوستو وسڪيءَ جي لکيل ناول The Gambler جو سنڌي ترجمو ”جوئاري“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مترجم قاضي خادم آھي.
’دوستو وسڪي ھڪ عظيم ناول نگار آھي. جوئاري‘ روسي سماج جي هڪ اهڙي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنھن ۾ روس جي جڳ مشھور ناول نگار فيودور دوستووسڪي نھايت دل پذير ۽ سھڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽ احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل عظيم فن سان پيش ڪيو آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1976ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

’ادب براءِ زندگي‘ واري تصور جو تعلق خالصتاً زندگي جي سمورين حقيقتن سان لاڳاپيل آهي، ڇو تہ ادب ئي زندگي جو اصل سرچشمو هوندو آهي، تنھنڪري سمورين قومن جي اجتماعي ۽ انفرادي حياتي گذارڻ جا طور طريقا، رسم و رواج سميت پوري انساني نفسيات جو سڄو سارو خارجي توڻي داخلي محرڪ ادب ئي آهي. هونئن بہ سڌريل قومن جو پنھنجي ادب ڏانھن رويو مثبت ڀريو هوندو آهي، ترقي يافتہ ملڪن ۾ اديبن کي وڏي قدر جي نگاھہ سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي سماج سمجهن ٿا، تہ اديبن کان وڌيڪ سماج جي اصلاح ڪندڙ ۽ غير جانبدار نقاد سماج جا ٻيا فرد ٿي نٿا سگهن. انساني نفسيات جي جھڙي نموني اديب تصور ڪشي ڪري سگهن ٿا، تيئن سماج جا ٻيا فرد نٿا ڪري سگهن. ’جوئاري‘ بہ روسي سماج جي هڪ اهڙي ئي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنھن ۾ روس جي جڳ مشھور ناول نگار فيودور دوستووسڪي نھايت دل پذير ۽ سھڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽ احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل جنھن عظيم فن سان پيش ڪيو آهي، تنھن کي فقط واکاڻي سگهجي ٿو، مڪمل طور بيان نٿو ڪري سگهجي.
اھا حقيقت آهي تہ جيستائين اديب انساني نفسيات جي چڱي طرح ڄاڻ نٿو رکي، تيستائين هو انسان سان لاڳاپيل ڪنھن بہ موضوع کي چڱي طرح سمجهائي نٿو سگهي. ڇو تہ اديب رڳو لکندڙ نٿا ٿين، پر هو انساني نفسيات جا ماھر بہ ٿين ٿا.
هن ناول جي سنڌي ترجمي جو ڪارنامو سنڌي ٻولي جي معروف ناول نگار ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب سرانجام ڏنو ۽ ان جو پھريون ڇاپو سن 1976ع ۾ بورڊ وٽان ڇپجي پڌرو ٿيو، ساڳئي ناول جو ٻيو ڇاپو جناب قاضي خادم صاحب جي ئي نظرثاني کان پوءِ هينئر ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. اميد آهي تہ هن اشاعت کي بہ پڙهندڙ حضرات ساڳي چاھہ ۽ قدر جي نگاھہ سان ڏسندا.

انعام ا لله شيخ
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ
ڇنڇر 26 محرم الحرام 1427ھ
بمطابق 25_ فيبروري 2006ع

ٻہ لفظ

ترجمي جو فن ڪنھن بہ صورت ۾ تخليقي عمل کان گهٽ ناهي. هن فن جو واسطو ڳوڙهي مطالعي ۽ ٻوليءَ جي مھارت سان آهي. تخليقي فنڪار کي پنھنجي ٻولي ۾ تخليق ٿي ڪرڻي پوي، جڏهن تہ ترجمي ڪندڙ کي اصلي لکڻيءَ جي ٻولي جي صحت ۽ مفھوم جو روح برقرار رکڻ سان گڏ ان کي ٻي ٻولي ۾ اهڙي تہ انداز سان پيش ڪرڻو ٿو پوي جو ان جي اصليت تي بہ ڪو اثر نہ پوي ۽ اهو گهربل ٻولي ۾ سھڻي انداز سان منتقل بہ ٿي وڃي.
ڪنھن بہ فن پاري کي ترجمي ڪرڻ مان ترجمي ڪندڙ جو خاص مقصد اهو هوندو آهي تہ ڌارين ٻولي جي ڪا اهم ۽ خوبصورت لکڻي پنھنجي زبان ۾ يا وري پنھنجي ٻولي جي ڪا نمائندا لکڻي ڌاري ٻوليءِ ۾ منتقل ڪجي. ان طرح ئي دنيا جا مختلف ادب ۽ انھن جا پارکو هڪٻئي جي ويجهو آيا آهن ۽ انسان ذات جا قدم عظيم تر ۽ وسيع تر انساني مفادن جي طرف وڌيا آهن. يونان جو ادب انگلستان ۾ انگلستان جو ادب روس ۾ ۽ روس جو ادب سنڌيءَ ۾، مطلب تہ دنيا جون سموريون ٻوليون ۽ انھن جو ادب ترجمي جي صورت ۾ ملي هڪ هٿ ٿي ويو آهي. ان طرح انسان جو بين الڪائناتي تصور بہ حقيقت ٿيندڙ پيو نظر اچي.
هي ناول روس جي عظيم ليکڪ دوستو وسڪي جو لکيل آهي. اھا حقيقت آهي تہ ’ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ‘، ’برادرز ڪارمزاف‘ ۽ ’ايڊيٽ‘ جي آڏو هن ناول جي ڪا خاص حيثيت ڪانھي، پر تنھن هوندي بہ هي هڪ عظيم ليکڪ جي اهم ڪوشش آهي ۽ خاص طرح پڙهندڙ لاءِ هن ۾ وڏو دلچسپيءَ جو مواد آهي.
دوستووسڪي دنيا جي انھن چند اديبن مان هڪ آهي، جن کي انساني نفسيات جي چڱي طرح ڄاڻ آهي. هو انسان جي ظاھري عمل نہ بلڪہ داخلي محرڪات کي سمجهي ٿو ۽ هن ڪھاڻي ۾ اهڙن ئي ڪردارن جو ذڪر ڪيو اٿس.
”جوئاري“ هڪ اهڙي شخص جي ڪھاڻي آهي، جيڪو جوئا کان توبھہ ڪري چڪو آهي، پر پنھنجي محبوبہ جي خاطر پنھنجو قسم ٽوڙي ٿو ۽ جوئا جي ميز تي پھچيو وڃي. هن کي پڪ آهي تہ جي هو پاڻ کان سواءِ ڪنھن بہ ٻئي لاءِ کيڏندو تہ ضرور کٽندو ۽ هو واقعي ٻين کان کٽي بہ ٿو. ليڪن جڏهن سندس دل جو وارو ٿو اچي تہ ھارائي ٿو ويھي. هن کي ڪڏهن بہ اھا خبر نہ پئجي سگهي تہ جنھن واقعي کي هو پنھنجي شڪست سمجهي پنھنجي محبوبہ کي ڇڏي چڪو آهي سو غلط آهي، بلڪہ جنھن کي هو ڇڏي آيو آهي سا حقيقت ۾ سندس نالي کي پوڄيندي آهي. پر ھاڻ ان واقعي کي گهڻي دير ٿي چڪي هئي، هو بازي ھارائي چڪو هو. ھاڻ هو وري ڪنھن نئين داءَ لاءِ سوچي ٿو ــــ ڪو نئون داءَ ـــ اميدن ۽ آسرن تي ٻڌل نئون داءَ.
هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ، خاص طرح جناب غلام رباني جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان. هن صاحب مسودي جي خريداري کان وٺي ڪتاب جي اشاعت تائين جنھن ريت مون کي همٿايو ۽ مدد ڪيائين، تنھن کي بيان ڪرن لاءَ مون وٽ لفظ نہ آهن.

قاضي خادم
19 آگسٽ 1976

نئين ڇاپي لاءِ ٻہ اکر

جوئاري جو ٻيو ڇاپو ڇپائڻ تي سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميہ جس لهڻي، ان ڪري جو روس جي هن عظيم ليکڪ کي سنڌي ٻولي ۾ روشناس ڪرائڻ ھر لحاظ سان سنڌي پڙهندڙن تي احساس ٿيندو.
فرانس جي مشھور ليکڪ آندري جيد (Andre Gide) جي چوڻ موجب دوستووسڪي ”سڀني ناول نگارن ۾ عظيم“ حيثيت رکي ٿو. جڏهن تہ فرائڊ جي چواڻي هن جو درجو ادب ۾ شيڪسپيئر کان پوءِ ٻئي نمبر تي آهي. هن جي چواڻي فڪشن ۾ هن جو مد مقابل ڪو بہ نہ آهي. جو اسان جي فطرت جي تضادن جو ۽ اندروني خلفشار جو جھڙي ريت نقشو چٽي ٿو اهو ڪنھن ٻئي ليکڪ وٽ ورلي ملندو.
دوستووسڪي 1821ع ۾ ڄائو ۽ 1881ع ۾ وفات ڪيائين. هن ابتدائي طور سينٽ پيٽرسبرگ ملٽري انجنيئرنگ ۾ سکيا ورتي. هو جيئن تہ وچولي ڪلاس جي خاندان منجهان هو، تنھنڪري هن جا تجربا بہ مختلف قسمن جا بہ هئا. اهوئي سبب آهي جو ”ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ“، ”ايڊٽ“، ”برادرس ڪرامازوف“ ۽ ”گيمبلر“ توڙي سندس ھر ناول ۾ هڪ انوکو تجربو ملندو.
جنھن ۾ سندس فطري ذھانت جا نت نوان رنگ نظر ايندا.
حالانڪ هن انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي هئي ليڪن غريب خاندان جو هوندي، هن ليکڪ ٿيڻ پسند ڪيو ۽ 1845ع ۾ هن پھرين ڪھاڻي ”غريب ماڻھو“ (Poor Folk) لکي جيڪا خوشقسمتيءَ سان هڪ سٺي ادبي رسالي ۾ شايع ٿي. ان ڪھاڻي کي پڙهي ان دور جي مشھور روسي نقاد بيلنسڪي (Blisnsky) پنھنجو رايو ڏنو تہ ”سچ توتي هڪ آرٽسٽ جيان ظاھر ٿيو آهي. اھا هڪ تحفو اٿئي. ان جو احترام ڪر ۽ ان سان وفادار رھہ تہ تون هڪ عظيم ليکڪ بڻجي ويندي.“
1849ع ۾ هن کي هڪ لبرل گروپ ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪري 4 سال سائبيريا ۾ سزا طور موڪليو ويو. جنھن ۾ هن سان هڪ عام ڏوھاري جھڙو ورتاءُ رکيو ويو ۽ ان جو سندس مستقبل جي سوچن تي وڏو اثر پيو ۽ ان دور جي ياد هميشہ کيس هڪ عجيب ڪيفيت ۾ جڪڙي رکيو.
ان قيد دوران هن جو جن چورن، رهزنن ۽ خونين سان واسطو پيو، تن جي نفسيات جو مطالعو ڪرڻ جو هن کي چڱو موقعو مليو. حالانڪ هو بہ کيس هڪ عام ڏوھاري سمجهندا هئا تہ هي ماڻھو کين صفا ڪريل انسان نہ ٿو سمجهي بلڪ سندن سڌرڻ لاءِ پر اميد ٿو نظر اچي. ان دور جي اثرات هيٺ هن ”دي ھائوس آف دي ڊيڊ“ لکيو. هن ان انسان جي ڏوھاري پڻي ۽ Self will جي حاوي هجڻ جو اهڙو تہ تجزيو ڪيو آهي، جو انساني فطرت جون گوناگونيون ظاھر ٿي ٿيون پون.
سائبيريا مان سزا ڪاٽڻ کان پوءِ هو سينٽ پيٽر سبرف واپس آيو ۽ پولينڊ جي بغاوت تي هڪ مضمون لکڻ جي ڪري وري بدقسمتي هن کي وڪوڙي وئي تڏهن بہ هڪ مضمون لکڻ جي ڪري وري بدقسمتي هن کي مٽائڻ لاءِ وائيزبيڊن Wiesbedan جي جوا خانن ۾ پنھنجي قسمت آزمائڻ لڳو. اتي هن جي ملاقات پولينا سلووا نالي هڪ عورت سان ٿي. دوستو وسڪي جي هن تعلقات ۾ پيار ۽ نفرت جو هڪ اهڙو امتزاج ٿيو، جو ان عورت جي نئين رخ کي پنھنجين لکڻين ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن ڪرائيم ۽ پنشمينٽ لکڻ دوران ئي هڪ ناشر جي زور ڀرڻ تي 1866ع ۾ گيمبلر ناول لکيو. جنھن ۾ هن کي سندس جوا کيڏڻ واري دور جو مواد ڪم آيو. ان سان گڏ پولينا سسلووا سان ڪيل عشق جي ڏکدائڪ پـڄاڻي هن ناول کي وڌيڪ اثرائتو بنايو. حالانڪ هن اهو ناول ناشر جر اوڌر واپس ڪرڻ خاطر لکيو هو ليڪن تڏهن بہ ان جي ادبي حيثيت ۾ ڪا ڪمي نہ آئي، چاهي جو واٽ ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون ۽ رخنا ڇو نہ هجن ۽ ان جي پڄاڻي بہ ڪا سٺي نہ ٿي هجي.
دوستو وسڪي جو هي ناول 1976ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ئي شايع ڪيو ويو هو ليڪن ٿورن ئي ڏينھن ۾ اهو مارڪيٽ مان غائب ٿي ويو هو.
ھاڻ هيتري عرصي کان پوءِ وري جو هي شايع ٿي رهيو آهي تہ يقينا اھا تمام سٺي ڳالھہ آهي، خاص طور ان ڪري جو بہ جو ھاڻي سنڌي ادب جي پڙهندڙن ۾ ڪافي اضافو اچي چڪو آهي ۽ دنيا جي بھترين ليکڪن ڪي ھر ڪو سڃاڻي ٿو. هت وري بہ انعام شيخ جو ٿورو ضرور مڃيندس جنھن منھنجي صلاح تي هڪدم هن ڪتاب کي شايع ڪرڻ جو تهيو ڪيو ۽ جيڪي چيائين اهو ڪري ڏيکاريائين. هتي آءٌ اهو بہ چوندس تہ اڃا بہ اسان کي وڌ بين الاقوامي ادب جي شھپارن جا ترجما سنڌيءَ ۾ ڪرائڻ جي ضرورت آهي. انھن ۾ (1) ڪلاسيڪل ليکڪ (2) وچولي دور جا ليکڪ (3) جديد دور جا ليکڪ. ٽنھي جا ڪتاب واري واري سان شايع ڪيا وڃن تہ جيئن گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ افساني، ناول ۽ ڊرامن جا ڇھہ ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچن.

قاضي خادم
2005-12-2

انتساب

هي نئون ڇاپو آءٌ پنھنجي پوٽن شاھہ رخ، الھہ بچايو، معظم ۽ پوٽين سھيما ۽ ماھہ نور ڏانھن منسوب ڪريان ٿو، جيڪي منھنجي خاندان جو مستقبل آهن.

قاضي قادم
2005-12-02

باب پھريون

پندرنھن ڏينھن جي غير حاضري کان پوءَ آخرڪار آءٌ واپس اچي ويو آهيان. منھنجا ٻيا ساٿي ٻن ڏينھن کان رولٽنبرگ ۾ ئي رهيل آهن. مون ڀانئيو تہ هنن کي منھنجو ڏاڍو اونو هوندو، پرهتي تہ قصو ئي ٻيو هو، جنرل پنھنجي منھن ڌاڍو موج ۾ هو. هن مون سان ڌاڍي قرب سان ڳالھايو ۽ پوءِ طيڻس ڏانھن اماڻيائيم. مون کي ڪجهہ ائين پئي لڳو، ڄڻ جنرل مون ڏانھن نھاريندي ڪجهہ ڦڪو پئي ٿيو. ماريا فلپانا بہ ڪم ۾ رڌل هئي. هن تہ مورڳو مون سان گهڻو ڳالھويو ئي ڪو نہ، بھرحال مون کان پئسا وٺي ڳڻيائين ۽ بي خياليءُ سان منھنجي سفر جو احوال ٻڌايائين. ھاڻ هنن کي بندري فرينچ، ميزئوف ۽ ڪنھن انگريز جو انتظار هو. پئسا هٿ ۾ ايندي ئي هنن هميشہ وانگر ماسڪو واري طرز جي هڪ دعوت جو انتظام ڪري ورتو. پالينا الينگزينڊرونا مون کان هيترا ڏينھن ٻاھر رهڻ جو سبب پڇيو ۽ منھنجو جواب ٻڌڻ بنا ئي اندر ڪمري ڏانھن ھلي وئي ائين ڪرڻ ۾ بہ هن جو هڪ مقصد هو. کيس خبر هئي تہ اسان وٽ هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ لاءِ جام ڳالھيون گڏ ٿي ويون هيون.
هنن مون کي هوٽل جي چوٿين ماڙ تي هڪڙو ڪمرو وٺي ڏنو. سڀني کي خبر هئي تہ آءٌ جنعل جي لڏي منجهان آهيان. هونئن بہ ھرڪنھن ائين ٿي سمجهيو تہ جنرل ڪو روس جو وڏو شاهوڪار ماڻھو آهي ۽ هنن بہ تہ ٻين کي مرعوب ڪرڻ لاءِ ائين ٿي ڪيو. دعوت کان ٿورو اڳ جنرل مون کي ٻين ڪمن سان گڏ هزار هزار فرانڪن جا ٻہ نوٽ بہ مٽائڻ لاءِ ڏنا، جيڪي، آءٌ هوٽل جي آفيس مان مٽائي آيس. ھاڻي اھا پڪ هئي تہ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي تائين تہ هو اسان کي لکا پتي پيا سمجهندا. منھنجو خيال هو تہ ميشا ۽ ناديا کي ٻاھران گهمائي اچان. پر اڃان آءٌ ٻارن کي وٺي ڏاڪڻ تائين مس پھتس تہ جنرل صاحب جي نظر پئجي وئي. هن هڪ دم واڪو ڪندي پڇيو تہ ڪيڏانھن ٿو وڃين. ٻڌايو مانس پر هن مون سان نظرون ڪونہ ملايون ڇو جو ھاڻ مون بہ ڏاڍي گستاخي سان هن جي اکين ۾ اکيون وجهي پئي ڳالھايو. بھرحال وڏا وڏا جملا ۽ ڳرا ڳرا اکر استعمال ڪندي مون کي صلاح ڏنائين تہ ٻارن کي ڪاسينو کان جيترو پري ٿي سگهي وٺي وڃان. ائي چوندي جو اچي ويس ۽ چيائين تہ ٿي سگهي ٿو تہ هنن کي بہ جوئا خاني ڏانھن وٺي رهيو هجين. ڇو جو توکي تہ جوئا جي پِٽ آهي. خراب لڳئي تہ ڀلي، باقي اھا پڪ آهي تہ تون جوئا کان سواءِ رهي نٿو سگهين. آءٌ ڪو تنھنجو صلاحڪار ڪو نہ آهيان پر تہ بہ ايترو ضرور چوندس تہ اهڙو ڪم نہ ڪجئين ڪٿي مون کي ڏٺو تہ نہ ڪري وجهين. اهو مون هوريان هوريان جواب ڏنومانس تہ سائين، ھارائڻ لاءِ بہ تہ ماڻھوءَ کي پئسا گهرجن، مون وٽ تہ پئسا آهن ئي ڪونہ. ان تي هن جو منھن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين تہ پئسا توکي هينئر بہ ملي سگهن ٿا. هن ائين چئي ميز جي خاني ۾ هٿ وڌو ۽ ڪجهہ ڪاغذ اٿلائي پٿلائي منھنجو کاتو ڏسي چيائين تہ تنھنجا هڪ سو پيج رپيا اڃان مون ڏانھن آهن.
”پر ھاڻ ڇا ٿيندو، اهي تہ اسان کي فرانسيسي سڪي ۾ مٽائڻا پوندا. “
ائين چئي هن منھنجي رقم منھنجي حوالي ڪئي.
” ڏس، منھنجي ڳالھہ دل ۾ نہ ڪجئين، تون هونئن بہ جلدي چڙي پوندو آهين. آءٌ تہ تنھنجو ڀلو ٿو چاهيان، سو اهي ڳالھيون رڳو توکي خبردار ڪرڻ لاءِ ڪندو آهيان. “
شام جو ٻارن کي وٺي گهر پئي آيس تہ واٽ تي سوارين جو هڪ جلوس، ويندو نظر آيم، خبر پئي تہ اھا اسان جي پارٽي هئي ۽ ڪي پراڻا کنڊرات ڏسڻ لاءِ وئي هئي. ٻن شاندار گهوڙي گاڏين ۾ مادموزئيل بلانشي، ماريا فلپانا ۽ پالينا ويٺل هيون. فرينچ، انگريز ۽ جنرل گهوڙن تي سوار هئا. واٽ ويندڙ بہ هنن کي اچرج وچان ڏسي رهيا هئا. پر ان هوندي بہ جنرل خوش ڪونہ ٿي ڏٺو. مون دل ۾ حساب هنيو تہ چار هزار فرانڪ تہ آءٌ کڻي آيو هوس، ان کانسواءِ جيڪا رقم هنن هتان هتان، هتان ڪٺي ڪئي سابہ ست اٺ هزار فرانڪ مس هئي. سو اھا رقم ماسام بلانشي لاءِ بلڪل اڻپوري هئي.
مادام موزئيل بلانشي، ماڻس سميت هوٽل ۾ رهيل هئي. فرينچ بہ اتي ئي رهندو هو. بيرا هن کي ڪائونٽ چوندا هئا !
ماني کائڻ مھل مون کي اهو پڪ هئي تہ موسيو ڪائونٽ مون کي ڪونہ سڃاڻندو، نڪو ئي جنرل صاحب ڪا سڃاڻپ ڪرائيندو. هونئن بہ موسيو ڪائونٽ روس ۾ رهي چڪو هو، تنھن ڪري کيس خبر هئي تہ مجلسي قسم جي ماڻھن جي ڪا خاص اهميت ڪانہ هوندي آهي، بھرحال هن مون کي سڃاڻي ورتو. هتي آءٌ پنھنجي غلطي ضرور مڃيندس تہ آءٌ بنا دعوت جي ئي ماني تي ھليو آيو هوس. شايد جنرل کي دعوت ڏيڻ وسري وئي هئي نہ تہ مون کي ضرور چوي ھا. اھا ٻي ڳالھہ آهي تہ مون کي مانيءَ تي ايندو ڏسي هو ڪجهہ حيران بہ ٿيو هو. ماريا فلپانا رڙهي مون کي ٿوري جاءِ ڏني ۽ پوءِ جڏهن ائسٽلي صاحب بہ مليو تہ مڙئي ڳالھہ ٺي وئي. ھاڻ آءٌ بہ انھيءَ پارٽي جو هڪ حصو نظر پئي آيس.
ان انگريز سان منھنجي ملاقات پريشيا جي هڪ سفر دوران ٿي هئي. اسين ٻئي هڪ ٽرين جي ساڳئي گاڏي ۾ آمھون سامھون سيٽ تي ويٺا هئا سين. ٻن هفتن جي سفر دوران هو ٽي دفعا مون سان مليو هو. فرانس ۽ سوئٽزرلينڊ جي سفر ۾ بہ هن سان ملاقات ٿي هئم ۽ ھاڻ اوچتو رولٽن برگ ۾ ملياسين. آءٌ پنھنجي عمر اهڙي شرميلي طبيعت واري ماڻھوءَ سان ڪو نہ مليو آهيان. پريشيا واري پھرين ملاقات ۾ ئي مون هن جي طبيعت سمجهي ورتي هئي تہ ڏاڍو پيارو ماڻھو هو. سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ جنرل سان سندس واقفيت ڪيئن ٿي، باقي پالينا ڏانھن جن نگاهن سان ڏٺائين ٿي، تنھن مان سندس بي پناھہ عشق جي خبر ٿي پئي. هوءَ جڏهن ڪمري ۾ گهڙي هئي تہ هن جي منھن تي خوشيءَ جي لھر ڇائنجي وئي هئي ۽ هو کڙندڙ مکڙيءَ وانگر ٽڙي پيو هو. وري جو ميز تي منھنجي ڀر واري جاءِ مليس تنھن تہ هيڪاري خوش ڪري ڇڏيس، هن مون ڏانھن جگري دوست وارن نگاهن سان پئي ڏٺو.
ماني جي ميز تي فينچ ڏاڍي وڏ ماڻھپائي ڏيکاري رهيو هو. هو سڀني سان ڏاڍو سرد مھريءَ سان پيش پئي آيو. مون کي ياد آهي تہ هو ماسڪو ۾ ائين پيو هوائون جهٽيندو هو پر اڄ هو روس جي اقتصاسيات ۽ دساست تي وڏيون وڏيون ڳالھيون ڪري رهيو هو. جنرل صاحب ڪنھن ڪنھن مھل همت ڪري ترديد ٿي ڪئي، پر اھا بہ ايتري حد تائين جو ڪنھن جي عزت ۾ خلل نہ پوي.
منھنجو حال بہ ٺيڪ ڪونہ هو. اڌ ماني کائي مون هميشہ وانگر پنھنجو پاڻ کان سوال پڇيو تہ آخر آءٌ اڃا تائين جنرل سان ڇو چھٽيو پيو آهيان. جھڙا افعال هئا، تنھن مطابق تہ هيستائين هنن کي ڇڏي وڃڻ گهربو هوم. مون ھر ھر پالينا ڏانھن پئي ڏٺو پر هن هڪ ڀيرو بہ مون ڏانھن ڪونہ نھاريو. اهو ڏسي ڪاوڙ اچي ويم سو خيال ڪيم تہ ڪجهہ گوڙ ڪجي. سو اوچتو ڏاڍيان ڳالھائڻ شروع ڪري ڏنم. ڪا خاص ڳالھہ تہ ذهن ۾ ڪونہ هيم، بس ان فرينچ کي مُند جون ٻڌائڻ تي دل اچي ٿيم. مون جنرل ڏانھن منھن ڪيو ۽ هن جي ھلندڙ ڳالھہ کي وچان ڪاٽيم. ”منھنجو خيال آهي تہ هن موسم ۾ هڪ روسيءَ لاءِ تہ اهو ممڪن ئي ڪونھي تہ هو ڪنھن هوٽل جي کاڌي واري ڪمري ۾ پورجي ماني کائي.“ منھنجي ڳالھائڻ جي انداز تي جنرل جو حيرانيءَ کان وات ڦاٽي ويو. مون وري چيو، ”جي توهين خوددار آهيو تہ توھان کي اهي ڳالھيون تحمل سان ٻڌڻيون پونديون“ جنرل اڃا مون ڏانھن ڏسي رهيو هو. پر خبر نٿي پيم تہ هن جي اکين ۾ حيرت آهي يا ڪاوڙ، ان تي فرينچ نفرت وچان چيو تہ؛ ” ڀائينجي ٿو تہ ڪنھن جا هٿ لڳا اٿئي“
مون وري چيو تہ، ”ھا، منھنجو هڪ پولستانيءَ سان جهيڙو ٿيو هوم. تنھن کانپوءِ وري هڪ فرينچ آفيسر سان جهيڙو ٿيو هو، جنھن ان پولستانيءَ جو پاسو ورتو هو. خبر اٿو تہ ڪاوڙ مان مون هن جي قھوي ۾ ٿڪ اڇلائي هئي.“
”تو!“ جنرل حيران ٿي چيو تہ ”تو قھوي ۾ ٿڪ اڇلائي هئي.“
فرينچ بہ اکيون ڪرڙيون ڪري مون ڏانھن ڏسڻ لڳو.
’ھا‘. مون چيو ”جڏهن آءٌ ڪاروبار لاءِ روم پئي ويس تڏهن سفارتخاني ۾ هڪ فرينچ آفيسر مون سان اهڙي قسم جي ھلت ڪئي هئي ۽ جواب ۾ مون بہ ڪارروائي ڪئي. بھرحال پوءِ ڳالھہ ٽري وئي.“
”تنھنجون ڳالھيون بہ عجيب آهن“ جنرل تکائيءَ مان چيو ”تو اڃا ڏٺو ئي ڇا آهي؟ “
”سائين جڏهن مون فرينچن کي ٻڌايو تہ ٻہ سال اڳ 1812ع ۾ مون هڪ اهڙي شخص کي ڏٺو هو، جنھن کي هڪ فرينچ سپاهيءَ رڳو پنھنجي بندوق خالي ڪرڻ لاءِ نشانو بنايو تہ هو حيران ٿي ويا، پر جڏهن ٻڌايو مان تہ اهو شخص ڏهن سالن جو هڪ معصوم ٻار هو، جنھن جا مائٽ ماسڪو ڇڏڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيا هئا، تہ هو اڃا بہ حيران ٿي ويا.“
”ناممڪن، ناممڪن، هڪ فرينچ سپاهي ڪڏهن بہ ڪنھن ٻار تي فائر نہ ڪندو.“ فرينچ اهو چوندي ڪاوڙ ۾ اصل تپي ٽامو ٿي ويو.
”بھرحال، اهو ٿيو هو، ان ڳالھہ جو شاهد هڪ رٽائرڊ معزز ڪپتان بہ آهي ۽ مون پاڻ ان ٻار جي ڳل تي گوليءَ جو نشان ڏٺو هو.“ مون جواب ڏنو.
موسيو فرنيچ صاحب تڪڙو ۽ زور زور سان ڳالھائڻ شروع ڪيو. جنرل صاحب هن جي تائيد ڪرڻ لڳو. ليڪن مون فرينچ کي مثال جي لاءِ جنرل پيروسڪيءَ جي ڪتاب ”يادگيريون“ جي ڪجهہ حصن جي پڙهڻ لاءِ چيو، جو 1812ع ۾ فرانس جو قيدي رهي چڪو هو. آخرڪار ماريا فلپانا گفتگوءَ جي موضوع بدلائڻ خاطر هڪ ٻيو مسئلو ڇيڙيو. جنرل صاحب مون کان ڏاڍو خفا هو. ڇو جو فرينچ ۽ مان گارگند تي لهي آيا هئاسين، منھنجو خيال آهي تہ ائسٽلي صاحب کي منھنجي ۽ فرينچ جي جھڙپ ڪري ڌاڍي خوشي ٿي هئي. ميز تان اٿندي، هن مون کي پاڻ سان شراب جو هڪ گلاس پيڻ لاءِ چيو.
شام جو مان پالينا اليگزنڊرونا سان پنڌرهن منٽ ڳالھائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، اھا گفتگو ان وقت ٿي، جڏهن اسين سڀ سير ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪتا هئاسين. اسين سڀ ڪاسينو جي ويجهو هڪ پارڪ ۾ ھليا وياسين. پالينا ڦوھاري جي سامھون واريءَ بينچ تي ويھي رهي ۽ ناديا کي پريان ٻارن سان کيڏڻ لاءِ موڪلي ڇڏيائين. مون بہ ميشيا کي ڦوھاري ڏي ڀڄي وڃڻ ڏنو، ۽ ان طرح اسين ٻئي اڪيلا رهجي وياسين.
شروع ۾ تہ ظاھر آهي ڪاروباري قسم جون ڳالھيون ٿيون. جڏهن مون پالينا کي ست سؤ گلڊن ڏنا تہ هوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي، هن کي پڪ هئي تہ مون پئرس ۾ هن جا جواھرات وڌيڪ نہ تہ گهٽ ۾ گهٽ ٻن هزارن گلڊن ۾ ضرور گروي رکيا هوندا.
” مون وٽ ھر صورت ۾ پئسا هئڻ کپن، چاهي ڪجهہ بہ ٿئي پئسن کا ن سواءِ مان برباد ٿي وينديس “
ڳالھہ شروع ڪرڻ خاطر مون پڇيس تہ، ”مون کان پوءِ ڇا وهيو واپرايو هو.“
”ڪجهہ بہ نہ، ھا، پيٽرس برگ مان ٻہ خبرون آيون آهن. پھرين هيءَ تہ ڏاڏي سخت بيمار آهي، پوءِ ٻن ڏينھن کان پوءِ هي خبر آئي تہ هوءَ پوين پساهن ۾ آهي. اهي خبرون تموفي پترورچ موڪليون آهن ۽ هو ڀروسي جو ماڻھو آهي. اسين ھر روز ڏاڏي جي وفات جي خبر ٻڌڻ لاءِ تيار ٿيا ويٺا آهيون.“
”ان جي معنيٰ تہ اوهين سڀ آسري ۾ ويٺا آهيو؟“ مون پڇيو.
”بي شڪ، بي شڪ. گذريل ڇھن مھينن کان اسان کي اهو ئي انتظار آهي“
”ڇا توکي بہ ان جو انتظار آهي؟“
”ڇو؟ هن جي مون سان ڪا مائٽي تہ ڪانھي. مان جنرل جي ماٽيجي ڌيءُ آهيان. پر مون کي پڪ آهي تہ هوءَ پنھنجي وصيت ۾ مون کي نہ وساريندي.“
مون ڳالھہ تي ٿورو زور ڏيندي چيو ”منھنجو خيال آهي تہ توکي گهڻو ڪجهہ ملندو؟ “
” ھا، ڏاڏيءَ جو مون سان ڏاڍو پيار آهي. پر، هي تہ ٻڌاءِ تہ تون مون کان اهي ڳالھيون ڇو پڇي رهيو آهين.؟“
مون سوال ڪندي جواب ڏنو. ”پھرين مون کي هي ٻڌاءِ تہ اسان جو. مارڪئس، (فرينچ نواب) اسان جي سڀني رازن کان واقف تہ ناهي؟ لڳي تہ ائين ٿو؟“
پالينا مون ڏي نھايت ئي رکائي ۽ تلخيءَ سان ڏسندي چيو، ” پر توکي ان سان ڪھڙي دلچسپي آهي.؟“
”ڪابہ نہ، پر منھنجو اهو ئي ويچار آهي، جي مان غلطي نٿو ڪريان تہ جنرل صاحب هن کان اڳي ئي قرض کڻي چڪو آهي.“
”تنھنجو اندازو بلڪل صحيح آهي.“
”تہ ڇا، تون سمجهين ٿي تہ جي هن کي ڏاڏي جي باري ۾ خبر نہ هجي ھا، تہ هو ايترو قرض ڏئي ھا؟ تو غور ڪيو تہ مانيءَ تي ڳالھائيندي، هن ٽيئي ڀيرا هن کي ڏاڏي ڏاڏي چئي پئي ياد ڪيو. ڪيترا ويجھا تعلقات آهن هن جا اوھان سان!“
”ھا، تون ٺيڪ ٿو چوين. جيئن ئي هن کي اھا خبر پوندي تہ وصيت نامي مطابق ڪجهہ مون کي بہ ملي رهيو آهي، تہ هو يقينا مون ڏي مائل ٿيندو. تو اهوئي ڄاڻڻ ٿي چاهيو نہ؟ ھان؟“
”توڏي مائل تہ هو، منھنجو خيال آهي، گهڻي وقت کان ٿي رهيو آهي.“
”حالانڪ توکي چڱي طرح خبر آهي تہ ائين نہ آهي. ـــ“ پالينا ڪاوڙجندي چيو. هڪ گهڙيءَ کان پوءِ ڳالھہ جاري رکندي چيائين، ”تنھنجي هن انگريز سان واقفيت ڪٿي ٿي هئي؟“
”مون کي خبر هئي تہ تون ان باري ۾ ضرور پڇندينءَ.“
مون ائسٽلي صاحب سان سفر دوران پنھنجي گذريل ملاقاتن بابت هن کي ٻڌايو.
”هو شرميلو ۽ عاشق مزاج آهي...... تنھنجي پيار ۾ بہ تہ وٺجي ويل ٿو ڏسجي.“
”ھا، هو تي مڙيو ئي نثار آهي.“ پالينا جواب ڏنو.
”هو سچ پچ فرينچ کان وڌيڪ مالدار آهي. يا واقعي فرينچ وٽ بہ ڪجهہ آهي! ڇا ان ۾ ڪنھن شڪ جي گنجائش ڪانھي؟“
”نہ، شڪ جي ڪا ڳالھہ ڪانھي. هن وٽ ڪونہ ڪو محل ضرور آهي. مون کي ياد آهي تہ جنرل صاحب ان باري ۾ ڪا ڳالھہ ڪئي هئي. ھاڻي تہ بس ٿِيَئي پڪ!“
”جي مان تنھنجي جڳھہ تي هجان ھا تہ پڪ انگريز سان شادي ڪريان ھا“
”ڇو؟“ پالينا پڇيو.
”ڇو جو فرينچ بيشڪ مھاڊي جو ٺاهوڪو آهي، پر وڏو بدنيت آهي ۽ هيءُ انگريز ديانتدار هجڻ کان سواءِ پئسي ۾ هن کان ڏهوڻو وڌيڪ آهي“. مون جهٽ جواب ڏنو.
”اهو تہ ٺيڪ آهي، پر ان جي ابتڙ فرينچ ’ماڪئس‘ آهي ۽ هوشيار بہ “
پالينا ڏاڍي اطمينان سان جواب ڏنو.
”ڇا واقعي ائين آهي؟“ مون پنھنجي ساڳئي شڪي نموني ۾ چيو.
”بلڪل ائين آهي.“
پالينا کي منھنجا سوال ڏاڍا ڏکيا پئي لڳا، تنھنڪري هوءَ پنھنجن ابتن جوابن سان مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش بہ ڪري رهي هئي. مون بہ اھا ڳالھہ چئي ڏنس.
هن چيو؛ ”توکي اهڙي طرح ڪاوڙيل ڏسي، مون کي سچ پچ ڏاڍي خوشي ٿي آهي. مان جو توکي اهڙا سوال ڪرڻ ڏيندي آهيان ۽ تون پنھنجر دليلن سان جيڪي ڪجهہ سمجهي وٺندو آهين، انھن سڀني جي سزا بہ توکي ئي ڀوڳڻ گهرجي.“
مون ڏاڍي جهيڻي نموني جواب ڏنو، ”مان توکان ھر قسم جي سوال ڪرڻ جو حق رکان ٿو، رڳو ان لاءِ جو مان ان حق کي برقرار رکڻ لاءِ ڪا بہ وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ان حق جي آڏو تہ مون کي پنھنجي جان بہ بي قيمت ٿي لڳي.“
پالينا کلڻ لڳي ”تو اڳئين ڀيري شلنگبرگ ۾ مون کي چيو هو تہ تون منھنجي هڪ اشاري تي جبل تان ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار آهين. مون کي خبر آهي تہ جبل هزارين فوٽ اوچو ٿيندو آهي، پر توکي آزمائڻ لاڙ هڪ دفعو چونديس ضرور. رڳو اهو ڏسڻ لاءِ تہ هون اھا قيمت ڪيئن ٿو ادا ڪري سگهين. پڪ ڪر مان ڪڏهن بہ ڪو نہ ڇڏينديس. مون کي توسان نفرت آهي. رڳو ان لاءِ تہ مون توکي ايتري آزادي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ ان کان بہ وڌيڪ نفرت ان ڪري ٿي اٿم جو احساس اٿم تہ تون منھنجي لاءِ تمام سخت ضروري بڻجي ويو آهين، پر جيستائين تون منھنجي لاءِ ضروري آهين، مون کي تنھنجو خيال رکڻو ئي پوندو.“
هوءَ اٿڻ لڳي. هوءَ ڏاڍي چڙ ۽ ڪاوڙ مان ڳالھائي رهي هئي. اسان جي گفتگو هميشہ چڙ ۽ ڪاوڙ تي ختم ٿيندي هئي _ سچي پچيءَ ڪاوڙ تي.
” ڇا، مان ماد موزيل بلانشي جي باري ۾ توکان ڪجهہ پڇي سگهان ٿو؟“ مون نٿي چاهيو تہ هوءَ ڳالھہ جي صفائي ڪرڻ بنان ھلي وڃي.
”ماد موزيل بلانشي جي باري ۾ توکي ھر ڳالھہ جي خبر آهي. ان کان سواءِ ٻي ڳالھہ ڪونہ ٿي آهي. ڏاڏيءَ جي وفات جي افواه جي سچ ٿيڻ شرط هوءَ مادام جنرل بنجي ويندي. هن وقت تہ ماد موزيل بلانشي، هن جي ماءُ، هن جو تمام پري جو سؤٽ، يعني ’مارڪئس_‘ سڀني کي خبر آهي تہ اسين تباھہ ٿي چڪا آهيون.“
” ۽ ڇا واقعي جنرل صاحب جي هن سان محبت آهي؟“
”خير، ھاڻ ان ڳالھہ کي ڇڏ منھنجي ڳالھہ ٻڌ. هي وٺ ست سؤ فلورن وڃ، ’رولت‘ (ڦيٿي) جي جواخاني مان تون منھنجي لاءِ جيترو بہ کٽي سگهين، کٽي اچ، ھاڻ ھر صورت ۾ مون وٽ پئسا هجڻ ضروري آهن.“
اهو چئي، پالينا ناديا کي سڏيو، ۽ ڪاسينو ۾ ھلي ويئي ۽ پارٽيءَ جي ٻين ماڻھن ۾ شامل ٿي ويئي. آءٌ حيران ٿي سوچيندو، کاٻي هٿ واري گس تي ھلڻ لڳس. مون کي ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ. ’رولت‘ جي جوا خاني ۾ جوا کيڏڻ جو چئي، ڪنھن منھنجي ذهن تي مترڪو هنيو آهي. عجيب ڳالھہ آهي. حالانڪ سوچڻ لاءِ سوين ڳالھيون آهن. پر آءٌ صرف پالينا متعلق پنھنجي جذبي جي اصل حقيقت ڳولڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوس. سچ تہ اهو آهي تہ آءٌ گذريل ٻن هفتن جي سوري مان وڌيڪ خوش هوس. حالانڪ سفر ۾ آءٌ چرين وانگر اداس ۽ پريشان رهيو هوس. گهڻائي ڀيرا مون پالينا کي پنھنجي خوابن ۾ ڏٺو. هڪ ڀيرو سوئٽزرلينڊ ۾ گاڏي ۾ جاڳندي پنھنجر منھن زور زور سان ڳالھائڻ لڳس ۽ ظاھر آهي تہ پالينا سان ڳالھائي رهيو هوس. گاڏيءَ جا سڀئي مسافر منھنجي چريائي مان مزو وٺي رهيا هئا. هڪ ڀيرو وري مون پنھنجو پاڻ کان سوال ڪيو، ”ڇا مون کي هن سان محبت آهي؟“ پر هميشہ وانگر پنھنجي ان سوال جو جواب هي ڏنو تہ مون کي هن سان نفرت آهي. ھا، مون کي هن سان نفرت آهي، گهڻائي ڀيرا اسان جي ڳالھين جو خاتمو اهڙي طرح ٿيو آهي جو ان وقت آءٌ اصل زور سان گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيانس ھا. خدا جو قسم جي ان وقت سندس سيني ۾ خنجر هڻي ڪڍان ھا تہ مون کي ڏاڍي لذت ملي ھا. پر ان هوندي بہ ھر مقدس شيءِ جو قسم! جڳ شلنگبرگ ۾ هن مون کي ان جبل تان ٽپ ڏيڻ لاءِ چيو هجي ھا تہ آءٌ ساڳيءَ ئي لذت جي احساس کان يڪدم ٽپو ڏيان ھا. ايتري تہ مون کي خبر هئي ۽ منھنجو پنھنجو هي صاف خيال آهي تہ هوءَ منھنجي پھچ کان ٻاھر آهي. آخر اٺ ڪھڙي طرف وهڻ ٿو چاهي _ ان ڳالھہ کي هوءَ بہ باقاعدي سمجهي ٿي. منھنجو هي احساس تہ منھنجا جنوني خواب ڪاميابيءَ کان ڪيترو پري آهن_ هن کي تمام گهڻي تسڪين پھچائي رهيا هئا ۽ جي ائين نہ آهي تہ ايتري عقلمند ۽ محتاط هوندي، هوءَ مون سان ايتري قدر ويجهي ڇو ٿي پيئي رهي؟ پڪ سان هوءَ مون کي اڃا تائين اهڙيءَ نگاھہ سان ڏسندي آهي، جھڙيءَ نگاھہ سان اڳئين زماني جي ڪا ملڪہ پنھنجي ڪنھن غلام کي ڏسندي هوندي، جنھن جي سامھون هوءَ اگهاڙي ٿيڻ ۾ بہ عار محسوس نہ ڪندي هوندي ڇو جو هوءَ ان کي انسان ئي نہ سمجهندي هوندي. پالينا بہ مون کي اڪثر انسان نہ سمجهيو آهي. پوءِ بہ مون کي هن جي حڪم جي پوئواري ڪرڻي هئي. مون وٽ هي سوچڻ لاءِ تہ وقت ئي ڪو نہ هو تہ آخر آءٌ جوا ڇو ڪريان! ڪرڻ سو بہ ايندي شرط ۽ ايترو جلدي! ۽ نہ هيءَ سوچڻ جي فرصت هيم تہ پالينا جي سوچ ويچار جي عادي ذهن ۾ ڪھڙا نوان منصوبا تيار ٿي رهيا هئا. تنھن کان سواءِ گذريل ٻن هفتن ۾ منھنجي پر پٺ جيڪي نيون حالتون پيدا ٿين ٿيون، انھن جي بہ اڃا مون کي چڱي طرح پروڙ ڪانہ پئي هئي. مون کي انھن سڀني ڳالھين جي خبر ڪڍڻي هئي ۽ جلد کان جلد انھن جي انت تائين پھچڻو هو. پر ھاڻي تہ مون وٽ وقت ئي ڪونھي. مون کي ھر صورت ۾ ’رولت‘ جي جوا خاني ۾ پھچڻ کپي.

باب ٻيو

آءٌ مڃان ٿو تہ اھا ڳالھہ منھنجي مڃڻ جھڙي نہ هئي. جيتوڻيڪ مون جوا ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو_ پر وري بہ ماڻھن لاءِ جوا ڪرڻ جي خيال سبب پنھنجي پاڻ کان ڪجهہ بيزاري پئي محسوس ڪيم، ۽ نيٺ لٿل دل سان جوا خاني ۾ گهڙيس. پھرين ئي نظر ۾ مون کي هتان جي ھر شيءِ کان نفرت وٺي وئي. هونئن تہ سڄي دنيا جي، پر خاص طرح روس جي اخبارن جي خوشامد تہ اصل برداشت نٿو ڪري سگهان، جن ۾ صحافي موسم بھار ۾ گهڻو ڪري ٻن شين تي مضمون لکندا آهن؛ هڪ تہ رائين نديءَ جي ڪناري وارن جوا خانن جي غير معمولي شان و شوڪت تي ۽ ٻيو ان سون ۽ چانديءَ تي جي هنن جي چوڻ موجب جوا خانن جي ميزن تي ڍير ٿيا پيا هوندا آهن. هنن کي ان خوشامند جو معاوضو ڪونہ ملندو آهي. هي ڪم صرف خوشامد خاطر ڪن ٿا. انھن ردي ڪمرن ۾ شان و شوڪت ۽ سون چانديءَ جا ڍير تہ ٺھيو پر چند سڪا بہ مشڪل سان نظر ايندا آهن. اهو سچ آهي تہ موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو بي پرواھہ انگريز يا ڪنھن قسم جو ايشيائي يا، جيئن انھن گرمين ۾ ٿيو هو ترڪ اوچتو بي شمار پئسا کٽي يا ھارائي ويندو آهي. ٻيا ويچارا تہ ائين ئي بنھہ معمولي ’گلڊن‘ سان کيڏندا آهن. عام طرح هنن ميزن تي تہ ائين ئي ڪي ٿورڙيون پئسن جون ڍڳيون رکيون هونديون آهن.
جيئن ئي (زندگي ۾ پھريون ڀيرو) آءٌ جوا خاني ۾ داخل ٿيس تہ گهڻي دير تائين پاڻ کي کيڏڻ لاءِ تيار نہ ڪري سگهيس. هڪ تہ اتي ماڻھن جو هجوم ئي ايڏو وڏو هو، جو همت ئي نہ پيئي ٿئي. جي مان اڪيلو بہ هجان ھا تہ بہ مون کي يقين هو تہ يڪدم اتان ڀڄي وڃان ھا ۽ راند شروع نہ ڪريان ھا. مون کي اعتراف آهي تہ ان وقت منھنجي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. مون کي سڪون نہ هو. مون کي پڪ هئي ۽ گهڻي وقت کان اهو ارادو بہ ڪري چڪو هوس تہ مون کي، رولٽن برگ کي ڪايا پلٽ ٿيڻ کان سواءِ نہ ڇڏڻ گهرجي. ڪانہ ڪا ترت ۽ بنيادي ڪايا پلٽ منھنجي مقدر ۾ لکيل هئي. ائين ضرور ٿيڻ کپي ۽ ائين ٿي رهندو. هونئن بہ ھر ڪو ماڻھو جوئا ۾ کٽڻ چاهيندو آهي پوءِ جي مون بہ اهو چاهيو تہ ان ۾ ڪھڙي اربع خطا ٿي پئي. ڪي عقل جا انڌا ڀلي چوندا هجن تہ اھا ڳالھہ ممڪن ناهي. پر مون کي پڪ هئي تہ هڪ ڏينھن آءٌ ضرور اتان وڌيڪ دولت حاصل ڪندس. آءٌ پڇان ٿو تہ آخر پئسن ڪمائڻ جي ٻين ذريعن، مثلا: واپار کان جوئا ڇو گهٽ آهي؟ اهو ٺيڪ تہ داءُ سؤ مان صرف هڪ کي راس ايندو آهي، پر تنھن ۾ منھنجو ڇا؟
شروع ۾ تہ جوئا مون کي ڏاڍي خراب لڳي، خاص ڪري انھن مڪروه ۽ لالچي شڪلين ڏسڻ کان پوءِ تہ هڪ قسم جي نفرت ٿي ويم، جيڪي سَون جي تعداد ۾ جوئا جي ميزن تي مڙيا بيٺا هوندا آهن. آءٌ ترت گهڻي کان گهڻن پئسن کٽڻ جي خواهشن ۾ ڪا بہ خرابي نٿو سمجهان. منھنجي آڏو تہ ان ٿلهي ۽ خوشحال ناصح جون ڳالھيون احمقاڻيون آهن، جنھن ڪنھن جي انھي عذر تي تہ ”مان تمام ٿوري بازي لڳائيندو آهيان.“ هي جواب ڏنو هو تہ ”هيءَ ٿوري ٿوري جي لالچ تہ اڃا بہ خراب آهي.“ ان جو مطلب تہ ٿوري يا گهڻي لالچ ساڳي ڳالھہ نہ آهي. هي رڳو تناسب جو معاملو آهي. بيرن رٿشيلڊ لاءِ جا رقم حقير آهي، اھا مون لاءِ بيش بھا خزانو آهي. جيستائين نفعي ۽ کٽڻ جو سوال آهي تہ ماڻھو رڳو رولت جي جوئا ۾ ئي نہ بلڪ ھر جڳھہ هڪ ٻئي کي ٺڳڻ جي ئي ڪوشش ٿا ڪن، ٻيو ڇا ٿا ڪن! اھا ٻي ڳالھہ آهي تہ نفعو هڪ نحس ۽ ناپاڪ شيءِ آهي يا نہ. هتي اهو مسئلو حل ڪو نہ ٿو ڪريان ۽ ڇاڪاڻ تہ کٽڻ جي شديد خواهش مون تي ڇانيل هئي، تنھنڪري جوا خاني ۾ گهڙندي ئي مون کي لالچ يا ائين سمجهو تہ حريصاڻي غلاظت هڪ لحاظ کان مناسب ۽ معقول نظر آئي. مون کي هيءَ ڳالھہ ڏاڍي سٺي لڳندي آهي تہ ماڻھو هڪ ٻئي ۾ تڪلف کان ڪم نہ وٺن، بلڪ ھر ڪم ظاھر ظهور ڪن ۽ سچ پچ تہ پاڻ کي فريب ڏيڻ جي ضرورت بہ ڪھڙي آهي؟ جوئا هڪ انتھائي بيوقوفيءَ جو ۽ هوڙھائي وارو ڪم آهي، پر جا شيءِ پھرين ئي نظر ۾ خاص طرح خراب لڳيم، سا ماڻھن جو ان ڪم لاءِ غير معمولي احترام ۽ ان لاءِ وڏي سنجيدگيءَ سان ميز جي چوڌاري سندن جمع ٿيڻ هو. ان ڪري ئي هتي کيڏڻ لاءِ خاص ۽ عام جو جدا جدا امتياز رکيل هو. ان طرح جوئا جا ٻہ قسم ٿي ويا آهن. هڪ شريف ماڻھن جي جوئا ۽ ٻي عام ماڻھن جي جوئا، جنھن ۾ لالچ رهي ٿي ۽ هي قسم ھر ايرو غيرو کيڏي سگهندو آهي. ان امتياز جي هتي سختيءَ سان پابندي ڪئي ويندي آهي. اصل ۾، هي امتياز ڪيترو نہ قابل نفرت آهي! مثلاً، هڪ شريف ماڻھو سؤ ڏيڍ سؤ فرانڪ جي بازي هڻندو يا جي هو وڌيڪ رئيس آهي تہ کڻي هڪ هزار فرانڪ هڻندو_ پر رڳو کيڏڻ جي لاءِ، رڳو دل بھلائڻ لاءِ، رڳو جيتڻ ۽ ھارڻ جو طريقو ڏسڻ خاطر، هن کي ھر صورت ۾ کٽڻ کان بي نياز ظاھر ڪرڻي آهي. ھاڻ فرض ڪريو تہ هو کٽي ٿو تہ پڪ هو زور سان ٽھڪ ڏيندو، پاڻ وٽ بيٺل ڪنھن تماشائي کي ٽوڪ هڻندو، ۽ ٻيھر بازي هڻندو، پر پھرينءَ کان ٻيڻي رقم کٽڻ جي ھلڪڙي خواهش جي ڪري نہ، بلڪ رڳو شوق جي ڪري ۽ امڪانات جي حساب ۽ مطالعي جي خاطر. يقيناً ھر طرح جي جوئا، خواه رولت جي جوئا هجي يا نشان چٽڻ جي جوئا، هن کي انھن ناهموار چالن ۽ نفعي ۽ لالچ جي سلسلي ۾ ٿورو بہ شڪ ڏيکارڻ نہ گهرجي، جن تي هن جي بئنڪ بچت جو دارومدار ٿي سگهندو هجي. سڀ کان سٺو طريقو تہ هيءَ آهي تہ هو سڀني جوارين ۽ ڄٽن کي، جن جو پئسي پئسي تي ساھہ نڪرندو آهي، پاڻ جھڙو شريف ۽ امير سمجهي ۽ خيال ڪري تہ هو بہ دل وندرائڻ ۽ منھن جو ذائقو بدلائڻ لاءِ جوئا کيڏي رهيا آهن. حقيقت کان هي لاپرواهي ۽ ماڻھن کي بنھہ ڀولو ڀالو سمجهڻ بہ تہ اميرپائي جو مظاھرو آهي. مون ڪيترين اهڙين مائن کي ڏٺو آهي، جي پنھنجين پندرهن سورهن ورهين جي معصوم ۽ خوبصورت ڌين کي سونا سڪا ڏيئي، جوئا ڪرڻ سيکارينديون آهن، پوءِ اھا دوشيزه کٽي يا ھارائي، هميشہ مشڪندي ۽ کلندي ٻاھر نڪري ويندي آهي. اسان جو جنرل صاحب وڏي وقار سان جوئا جي ميز تي ويندو هو. نوڪر ويچارو وڏي ڦڙتي سان ڪرسي کڻڻ ڊڪندو هو. پر هو ان کي نظر انداز ڪري، آهستي آهستي وڏي شان سان ميز وٽ اچي بيھندو هو، ۽ رعب سان ٻٽون ڪڍي ان مان آهستي آهستي ٽي سؤ فرانڪ ڪڍي، ڪاري نشاني تي بازي لڳائيندو هو ۽ داءَ کٽي ويندو هو. پر کٽيل پئسا کڻندو ڪونہ هو.اُهي ميز تي ئي ڇڏي ڏيڻا هئس. سندس ڪاري نشان وارو داءُ نڪرندو ۽ هينئر بہ کٽيل رقم اتي ئي پيئي هوندي ۽ ان کي هٿ ڪونہ لائيندو. ٽيون ڀيرو ڳاڙهو نشان نڪري ايندو ۽ هو هڪدم ٻارهن سون فرانڪن جي بازي ھارائي ويندو. پنھنجي وقار کي برقرار رکندي، پوءِ هو مرڪندو ٻاھر ويندو هو. مون کي پڪ آهي تہ هو اندر ئي اندر ڪاوڙ ۾ ڪڙهندو رهندو هوندو ۽ اتفاق سان جي بازي ٻيڻي يا ٽيڻي هجي تہ هن جو وقار قائم رهڻ ڏکيو ٿي پوي ھا، ۽ هن جا جذبا اصل لڪي نہ سگهن ھا. مون هڪڙي فرينچ کي ٽيھہ ٽيھہ هزار فرانڪ ھارائيندي ۽ کٽيندي ڏٺو آهي. هن جي منھن مان ڪنھن بہ قسم جي جذبي جو اظھار ڪو نہ ٿيندو هو. اصل نسل معزز ماڻھو کي تہ پنھنجي سڄي قسمت ھارائڻ تي بہ ڪاوڙجڻ نہ کپي. پئسا تہ هن جي شرافت آڏو هڪ حقير شيءِ آهن، جنھن جي لاءِ تہ هن کي ڪو خيال ئي ڪرڻ نہ کپي، بي شڪ ناپسند ماحول ۽ ڄٽن جي خسيسپڻي کي خاطر نہ آڻڻ انتھائي قسم جي وڏماڻھپي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ٻي طرح جي روش بہ وڏ ماڻھپ جو گهٽ دليل نہ هوندي آهي، مثلاً، هيڏانھن هوڏانھن غور سان ڏسڻ ۽ سائي عينڪ مان ڄٽن کي گهورڻ ۽ انھن جي حرڪتن کي دل وندرائڻ لاءِ هڪ رونشو سمجهڻ، ڄڻ تہ هي سڄو تماشو شريفن کي پرڀائڻ لاءِ ئي ڪيو ويو آهي. ڀلي هو هن هجوم ۾ ڪيئن بہ ۽ ڪيترو بہ ڦاٿل هجي، پر هن کي يقين هئڻ کپي تہ هو صرف هڪ تماشائي آهي ۽ ڪنھن بہ طرح هن هجوم جو حصو نہ آهي. اهڙي حالت ۾ باقاعدي ڪنھن ڏانھن ڌيان ڌرڻ مناسب نہ آهي. اھا ڳالھہ بہ امير ماڻھوءَ جي شان وٽان نہ آهي. ڇو جو هي منظر ڪنھن بہ صورت ۾ ايترو ڌيان طلب نہ آهي ۽ اهڙا منظر واقعي توجھہ جو مستحق آهي _ خاص طرح ان ماڻھوءَ جي لاءِ جيڪو هتي رڳو تماشو ڏسڻ لاءِ ئي نہ آيو آهي بلڪ پنھنجو پاڻ کي ڏاڍي خلوص سان واقعي انھن ڄٽن ۾ شمار ڪري ٿو. جيتري قدر منھنجي پنھنجي اصل عقيدن جو واسطو آهي، تہ مان ايترو چوندس تہ انھن جو منھنجي هن دليلبازي ۾ ڪو دخل ڪونھي. بس ان لاءِ ايترو چوڻ ئي هتي ڪافي آهي تہ آءٌ هي ڳالھيون رڳو ضمير تان بار ھلڪي ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهيان. البت هڪ ڳالھہ مون کي کٽڪي ٿي. ڪجهہ ڏينھن کان منھنجي لاءِ پنھنجي عملن ۽ خيالن کي ڪنھن اخلاقي ڪسوٽي تي پرکڻ ڌاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. منھنجي رهنمائي ڪن ٻين ڳالھين پئي ڪئي آهي....
هيءَ ڳالھہ بيشڪ صحيح آهي تہ ڄٽ ڏاڍي خراب نموني سان جوئا کيڏن ٿا ۽ انھن جي ميزن تي انتھائي معمولي قسم جون چوريون تہ عام هونديون آهن. خزانچي جي ميز جي ٻنهي ڪنڊن تي بيھي هو کٽيل پئسا ڳڻيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهوٻيون بہ هڻندا آهن. هو بہ تہ صفا ڄٽ آهن. آءٌ باقاعدي ’رولت‘ جي جوئا کي ڏسي جانچي رهيو هوس_ انھيءَ لاءِ نہ تہ ڪٿي ان جو ڪو بيان ڪرڻو هوم. آءٌ تہ رڳو پنھنجي فائدي لاءِ ان کي غور سان ڏسي رهيو هوس، تہ جيئن پاڻ کيڏڻ وقت خبردار رهي سگهان. مون ڏٺو پئي تہ گهڻو ڪري ماڻھن هٿ وڌائي، هڪ ٻئي جا کٽيل پئسا ڦري ٿي ورتا ۽ جهڳڙو شروع ٿي ٿيو ۽ اهڙي وقت ڪنھن جي چال ثابت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو.
شروع ۾ تہ منھنجي لاءِ اهو سمجهڻ ئي ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو جو منھنجي سمجهہ ۾ تہ رڳو ايترو ٿي آيو تہ ڇڪو طاق ۽ رنگين انگن تي اڇلايو ٿي ويو. مون پالينا اليگزينڊرونا جي پئسن مان هڪ سؤ گلڊن تي بازي هڻڻ جو فيصلو ڪيو. ان خيال تہ آءٌ پنھنجي لاءِ ڪونہ کيڏي رهيو آهيان، منھنجا هوش حواس بيڪاري ڪري ڇڏيا هئا. اهو خيال مون لاءِ دل ڏکوئيندڙ هو. ۽ ان کان مون جلد از جلد جيءُ آجو ڪرڻ ٿي چاهيو. پر منھنجو ذهن ھر ھر سوچي رهيو هو تہ مان پالينا لاءِ راند شروع ڪندي، ڄڻ پنھنجي محنت سان کيڏي رهيو هوس. ڇا، وهم جو شڪار ٿيڻ بنان، جوئا جي ميز تائين پھچڻ ممڪن نہ آهي؟ مون پنج فيڊرڪ (پنجاھہ گلڊن) ڪڍيا ۽ ٻڌيءَ واري انگ تي لڳايم. چڪر ڦريو ۽ تيرهن جو انگ نڪتو. آءٌ ھارائي چڪو هوس. ڏاڍي بي دليءَ سان مون پنج فيڊرڪ ڳاڙهي نشان تي هنيا. ان ڪري تہ جيئن جلد از جلد ڪم پورو ٿئي ۽ آءٌ هتان ڀڄي وڃان. ڳاڙهو نڪري آيو. مون ٻيھر ڏهن ڏهن جي بازي هنئي. ٻيھر ڳاڙهو نڪري آيو. مون وري سڄي رقم ان تي هنئي ۽ ھاڻ بہ ڳاڙهو نڪتو. چاليھہ فيڊرڪ ملڻ تہ مون يڪدم انھن مان وچين ٻارهن انگن تي هنيا. هن ڀيري مون کي منھنجي رقم مان ٽيڻا پئسا مليا. ان طرح ھاڻ مون وٽ ڏهن فيڊرڪن جي بجاءِ اسي فيڊرڪ ٿي ويا. ان ڪاميابي تي مون کي هڪ عجيب و غريب احساس اچي ورايو، جو منھنجي لاءِ ايترو تہ ناقابل برداشت هو، جو مون هتان ڀڄي وڃڻ جو ارادو ڪيو. مون کي ائين ٿي لڳو تہ جي مان پنھنجي ذات لاءِ کيڏي رهيو هجان ھا تہ ائين تہ کيڏي سگهان ھا. تڏهن بہ اسيءَ جا اسي فيڊرڪ ٻڌي واري رنگ تي هنيم. هن ڀيري مون کي اسي فيڊرڪ ٻيا ملي ويا ۽ مان هڪ سؤ سٺ فيڊرڪن جي ڍيري کڻي، پالينا کي ڳولڻ نڪتس.
هو سڀئي پارڪ ۾ چھل قدمي ڪرڻ ويا هئا. ان ڪري مان رات جي ماني کانپوءِ ئي هنن سان ملي سگهيس. هن گڏجاڻيءَ وقت فرنيچ موجود ڪو نہ هو. ان لاءِ، جنرل صاحب جي دل جي زبان تي ڳالھہ اچي وئي. ٻين شين سان گڏوگڏ هن مون کي چيو تہ هو آئينده مون کي جوئا جي ميز تي ڏسڻ پسند نہ ڪندو. هن جو خيال هي بہ هو تہ جي مان وڏي رقم ھارائي ويٺس تہ هو پاڻ نہ مصيبت ۾ ڦاسي وڃي. هن کليو کلايو چئي ڏنو ”چي تون ڪا وڏي رقم کٽي بہ ويٺين تہ بہ مان مصيبت ۾ ڦاسندس، يقيناً مان تنھنجي ڪمن تي چوڪس رکڻ جو حق نٿو رکان. پر ايتري ڳالھہ تون ضرور مڃيندين نہ........“ هن جاءِ تي حسب عادت هن ڳالھہ اڌ ۾ ڇڏي ڏني. مون ڏاڍي رکائي سان جواب ۾ چيو تہ ”سائين، مون وٽ پئسا تمام گهٽ آهن. تنھنڪري جي کيڏندس بہ تہ ڪا وڏي رقم ھارائي نٿو سگهان“ ائين چئي مان اٿيس ۽ پنھنجي ڪمري ڏانھن ويندي، ڏاڪڻ تي پالينا کي کٽيل رقم ڏٺم ۽ کيس صاف صاف چيم تہ آئينده مان هن لاءِ ڪڏهن بہ نہ کيڏندس.
”پر ڇو نہ؟“ هن ڪنھن جذبي کان ڏڪندي پڇيو.
”ان لاءِ جو مان پاڻ لاءِ کيڏڻ چاهيان ٿو، ۽ اهو ئي احساس مون کي تنھنجي لاءِ کيڏڻ کان روڪي ٿو.“ مون هن ڏي لاپرواهي سان ڏسندي چيو.
هن ٽوڪ ڪندي پڇيو ”معني تہ تو کي اڃا اهو ئي يقين آهي تہ ’رولٽ‘ تنھنجي لاءِ فرار ۽ نجات جو واحد ذريعو آهي؟“
مون ان سوال جو جواب يڪدم ڏنو تہ، ”ھا، هي سچ آهي، ٻيو تہ مون کي پنھنجي کٽڻ جو يقين آهي.“ اھا ڳالھہ بيوقوفي جي ئي سھي، ۽ مان خود بہ ان کي ائين مڃڻ لاءِ تيار هوس، ليڪن ھاڻ مون پنھنجي مٿي پاڻ ئي کيڏڻ ٿي گهريو.
پالينا الگزينڊرونا اصرار ڪرڻ شروع ڪيو تہ اڄ جي کٽيل رقم مان اڌ مان کڻان. هوءَ مون کي اسي فيڊرڪ ڏيئي رهي هئي ۽ اھا تجويز پيش ڪري رهي هئي تہ مان اڳتي بہ هن لاءِ انھي شرط تي کيڏندو رھان. مون رقم وٺن کان انڪار ڪيو ۽ هن کي ٻڌايم تہ ”آئون ٻين لاءِ کيڏي نٿو سگهان. ان لاءِ نہ تہ ڪو آءٌ ائين ڪرڻ نٿو چاهيان، بلڪ ان لاءِ تہ جي مون ائين ڪيو تہ پڪ ھارائيندس.“
هن سوچ ۾ ٻڏندي چيو، ”حالانڪ اھا بيوقوفيءَ جي ڳالھہ آهي ليڪن مون پنھنجون سڀئي اميدون رولٽ سان وابستہ ڪري ڇڏيون آهن. ان ڪري توکي ضرور کيڏندو رهڻ کپي_ منھنجي تنھنجي ڀائيواري _ ٻي ڪا ڳالھہ ئي ڪانھي، تون ضرور کيڏندين.“
اهو چئي، هوءَ منھنجا وڌيڪ اعتراض ٻڌڻ کانسواءِ تيزيءِ سان مٿي ھلي ويئي.

باب ٽيون

پريشان ۽ فڪرمند ڏسي ڪيترو پريشان ۽ فڪرمند ٿيندو هوس تہ هو ڪڏهن بہ دوست جيان مون تي ڀروسو ڪري سچي ڳالھہ مون کي نہ ٻڌائيندي هئي. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن مون کان اهڙا ڪم بہ ڪرائيندي هئي، جي ڏکيا هجڻ سان گڏ خطرناڪ بہ هوندا هئا، اهڙي وقت منھنجي خيال ۾ ايندو هو تہ هوءَ ڪڏهن بہ ڪڏهن مون سان کُلي پنھنجا دلي حال ضرور اوريندي، هونئن هن کي منھنجي اهڙي ڪا پرواھہ ڪانہ هئي جو منھنجي جذبات ۽ پريشاني جو خيال ڪري. مان، سو هن جي پرشانين ۽ ناڪامين تي شايد کانئس بہ وڌيڪ پريشان هوس، ۽ اندر ڻ پڄرندو هوس.
مونکي ٽن هفتن کان خبر هئي تہ هوءَ.رولٽ، جي جوئا کيڏڻ جو ارادو رکي ٿي، هن مون کي بہ خبردار ڪري ڇڏيو هو تہ هن لاءِ خود کيڏڻ مناسب ڪونھي، ان ڪري سندس جڳھہ تي مونکي کيڏڻو پوندو. هن جي ڳالھائڻ جي نموني مان ئي مون سمجهي ورتو تہ هوءَ ڏاڍي فڪرمند آهي ۽ ان جو سبب رڳو پئسن حاصل ڪرڻ جي خواهش نہ هيس. پئسن جي کيس آخر ڪھڙي ضرورت هئي! پڪ ان جو ڪو ٻيو سبب آهي. ڪا اهڙي ڳالھہ آهي، جنھن جي باري ۾ في الحال تہ مون کي ڪا خبر ڪانہ هئي، پر آءٌ ان متعلق ڌڪو ضرور هڻي سگهان ٿو. هن جي بي خيالي ۽ تڪبر واري لهجي مون کي ان قابل بنائي ڇڏيوهو تہ مان بہ هن کان گستاخيءَ ۽ گهرائپ سان سوال ڪري سگهان. ڇو جو آءٌ هن جي نظر ۾ هڪ بي حيثيت غلام هوس، ان ڪري منھنجي گستاخيءَ واريءَ پڇا ڳاڇا تي هن کي ناراض ٿيڻ جي ضرورت ئي نہ پوندي هئي. حقيقت هيءُ آهي تہ هوءَ مون کي ھر قسم جو سوال ڪرڻ تہ ڏيندي هئي، پر جواب ڪڏهن بہ نہ ڏيندي هئي. اهو هو منھنجو ۽ هن جو تعلق.
ڪالھہ چار ڏينھن اڳ موڪليل ان تار جي باري ۾ ڏاڍيون ڳالھيون ٿينديون رهيون، جنھن جو اڃا ڪو جواب ڪو نہ آيو هو، سو جنرل صاحب بہ ڏاڍ پريشان هو، ڏاڏي جي باري ۾ ڪانہ ڪا اهم ڳالھہ ضرور هئي. فرينچ بہ پريشان هو. ڪالھہ شام جو ئي ماني کائڻ کان پوءِ هنن ۾ ڪافي دير تائين سنجيده ڳالھيون ھلنديون رهيون. فرنيچ جو رويو توقع جي خلاف سڀني سان ڏاڍو رکو آڪرائي وارو هو. شايد هو بہ بور ٿي پيو هو. هن جو رويو پالينا سان بہ ڏاڍو رخيءَ وارو هو. هونئن ساڻن گڏ هو بہ خوش خوش باغ ۾ سير و تفريح لاءِ ويندو هو. گهوڙن جي سواري بہ گڏ ٿيندي هئي ۽ اتي پري ٻھراڙي ۾ پڻ مجلسون ٿينديون هيون، مون کي چڱي عرصي کان انھن حالاتن جي خبر هئي، جن جي ڪري فرنيچ جنرل صاحب سان گڏ رهڻ تي مجبور ۽ پابند هو. حقيقت ۾ هنن گڏجي روس ۾ هڪ ڪارخانو کولڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. خبر نہ هئي تہ اهو منصوبو ڪامياب ٿي چڪو هو يا اڃا تائين زير بحث اٿن. ان کان سواءِ اتفاق سان مون کي هڪ گهرو راز جي خبر پئجي ويئي هئي. گذريل سال فرينچ صاحب جنرل صاحب کي واقعي وڏي مصيبت مان نجات ڏياري هئي ۽ هن کي ٽيھہ هزار روبل هڪ اهڙي سرڪاري رقم پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا هئائين، جيڪا هن جي استعيفا ڏيڻ وقت غائب هئي، ۽ ھاڻي جنرل صاحب سندس چنبي ۾ هو. پر منھنجي خيال ۾ هن ناٽڪ جو اصلي ڪردار مادموزيل بلانشي ئي آهي.
مادموزيل بلانشي ڪير آهي؟ چيو ٿو وڃي تہ هڪ معزز فرينچ خاتون آهي، جنھن وٽ تمام گهڻي دولت آهي ۽ ساڻس گڏ سندس ماءٌ بہ آهي. ٻڌو اٿم تہ هن جي اسان واري فرنيچ ’مارڪس‘ سان بہ ڪا مائٽي آهي_ پر پري جي. شايد سئوٽ آهن يا اهڙي قسم جي ڪا ڏورانھين مائٽي اٿن. مونکي خبر پيئي آهي تہ منھنجي پئرس وڃڻ کان پھرين فرينچ ۽ مادموزيل بلانشي جا تعلقات بي تڪليف هئا_ يعني ڏاڍا لطيف ۽ شانائتي قسم جا، پر ھاڻ هنن جي شناسائي، هنن جي دوستي ۽ هنن جا تعلقات ڪجهہ ھلڪڙا ۽ زياده ويجھا آهن. غالبا هو اسان جي مٿيري اسرڻ جا امڪان ايترا گهٽ ڏسن ٿا جو هو اسان سان بي تڪلف ٿيڻ ۽ ٻاھرئين شان نہ رکڻ ۾ ڪو ھرج ڪونہ ٿا سمجهن. مون ٽيون ڏينھن ئي ڏٺو هو تہ ائسٽلي صاحب مادمويزل بلانشي ۽ هن جي ماءٌ کي عجيب انداز سان ڏسي رهيو هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ هو هنن کي سڃاڻيندا هجن، بلڪ هي بہ محسوس ٿيو تہ اسان جو فرينچ صاحب پھرين بہ ائسٽلي سان ملي چڪو آهي. ائسٽلي صاحب ايتري قدر شرميلو، خاموش طبع ۽ گهٽ ڳالھائو آهي. جو ھرڪو ان جي باري ۾ هي اندازو لڳائي سگهي ٿو تہ هو ڍنڍورو ڏيڻ جي قابل ناهي.فرنيچ ڄڻ تہ وڏي تڪليف سان ائسٽلي صاحب کي سلام ڪندو هو، بلڪ هن ڏي نظر کڻي تہ ڏسندو بہ نہ هو_ مطلب تہ هو هن جي پرواھہ ئي نہ ڪندو هو. اھا ڳالھہ تہ ھر ڪو سمجهي ٿي سگهيو، پر مادموزيل بلانشي ھن ڏي ڇو نٿي نھاري خاص ڪري جڏھن ڪالھ ڳالھ ٻولھ جي وچ ’مارڪئس‘ جي زبان تي الائي ڪھڙي سلسلي ۾ __ اتفاقا ھيءَ ڳالھ اچي وئي تہ ائسٽلي صاحب وڏيءَ دولت جو مالڪ آھي. ۽ ان جي کيس، يعني ’مارڪئس‘ کي چڱي طرح خبر آھي __ تڏھن تہ مادموزيل بلانشي ضرور ھن ڏانھن نھاري ھا! بھرحال جنرل صاحب جي چاچيءَ جي وفات جي خبر آڻڻ واري تار جي ڪيڏي اھيت ٿي سگهي ٿي.
مون کي يقين ھو تہ پالينا ڪنھن خاص ڳالھ جي ڪري مون سان ڳالھائڻ کان نٽائي رھي ھئي. تنھن ڪري مون بہ رکائيءَ وارو رويو اختيار ڪيو. مون اھو ٿي سوچيو تہ ھوءَ جلدي پاڻھي مون وٽ ايندي. ڪالھھ کان وٺي منھنجي توجھھ جو مرڪز مادمورزئيل بلاشي ھئي. ويچار و جنرل! ھو تہ بلڪل تباھھ ٿي چڪو آھي. پنجونجاھہ سالن جي عمر ۾ اھڙي شديد جذبي سان عشق ڪرڻ واقعي آسماني قھر آھي. ڪو ويچار تہ ڪري تہ ھو ڪيڏي عذاب ۾ ورتل آھي. ھڪ تہ رنھڙ، ٻيا ٻار، ملڪيت سڄي برباد ۽ تباهه، خاصي رقم جو مقروض ۽ انھن سڀني جي مٿان ڳالھ ھيءَ تہ ان خاص عورت سان عشق… مادموزيل بلانشي بي شڪ سھڻي عورت آهي.پر جي آءٌ اهو چوان تہ هن جو منھن اهڙي قسم جو محسوس ٿئي تہ الائي منھنجي اھا ڳالُھ ڪنھن جي سمجهه ۾ بہ ايندي يا نہ. آءٌ پاڻ تہ اهڙي قسم جي عورت کان ڊڄندو آهيان. هو شايد پنجويھن ورهين جي آهي. صحتمند، مضبوط ۽ ويڪرو جسم، ٿلهيون رانون، خوبصوت ڳچي ۽ وڏيون ڇاتيون¬_ رنگ زردي مائل ڳاڙهو. وار ايترا ڪارا جھڙا هندستاني مس ۽ ايترا گهاٽا جو انھن مان ٻہ جهوپڙا تہ ضرور جڙي پون. هن جون اکيون وڏيون ۽ ڪاريون آهن،جن جي اڇن تارن ۾ ھلڪا ھلڪا گلابي رنگ جا ڏورا نظر اچن ٿا.نگاھ ۾ گستاخي، ڏند تمام اڇا، چپن تي ھميشہ سرخي. هن جي جسم مان مشڪ جي خوشبو ۽ ايندي آهي.هوءِ پر اثر، وضع دار قيمتي ۽ باشوق لباس پھريندي آهي.هٿ ۽ پير ڏاڍا نفيس ۽جميل،آواز حالانڪ ڳرو اٿس، پر ڏاڍو مدهم ــ ڪڏهن ڪڏهن هو ٻٽيھہ جا ٻٽيھہ ڏند ڪڍي کلندي آهي. باقي هن جي عام انداز ۾ خاموشي جو اثرگهڻو هوندو آهي. خاص طرح پالينا ۽ ماريا فلپانا جي آڏو (ھا، ھڪ عجيب افواھھ آھي تہ ماريا فلپانا واپس روس وڃي رھي آھي ). منھنجو خيال آھي تہ مادموزيل بلانشي تعليم يافتہ نہ آھي. ھونئن ھوءَ ذھني طور تي بہ ايڏي تيز نہ آھي. بھرحال ھوءَ ڏاڏي پر ڪشش آھي منھنجو خيال آھي تہ ھن جي زندگيءَ ۾ ڪي ڳالھيون ضرور ٿيون. سچ پڇو تہ اھو بہ ممڪن آھي تہ ھن جي مارڪئس سان اصل ڪا مٽي ئي نہ ھجي ۽ ماءُ بہ ھن جي اصلي ماءُ نہ ھجي. ھا اھو ضرور آھي تہ برلن ۾، جتي اسين سڀ گڏ ويا ھئا سين، مادموزيل بلانشي ۽ ان جي ماءُ جي چڱن چڱن ماڻھن سان واقفيت ضرور ھئي. جيستائين مارڪس جو تعلق آھي، مون کي تہ اڃا تائين ھن جي مارڪئس ھجڻ ۾ ئي شڪ آھي، ـــ پر ھن حقيقت ۾ ڪنھن شڪ جي گنجائش نہ آھي تہ ھو روسين ۽ مثلاً ماسڪو ۽ جرمني جي چند جڳھن تي وڏن وڏن ما ڻھن جي مجلس ۾ اٿندو ويھندو آھي. اھا خبر ڪانھي تہ فرانس ۾ سندس حيثيت ڪھڙي آهي. چون ٿا تہ اتي وڏو محل اٿس.
منھنجو خيال هو تہ منھنجي غير حاضريءَ وارن ٻن هفتن ۾ گهڻو ڪجه ٿي ويو هوندو. پر مون کي اڃا تائين خبر نہ پئجي سگهي هئي تہ جنرل صاحب ۽ مادموزيل بلانشي جي جي وچ ۾ ڪا فيصله ڪن ڳالهھ ٿي چڪي آهي يا نہ؟ اصل ۾ ھر ڳالھہ جو انحصار اسان جي قسمت تي ٿيڻو هو، يعني هن تي تہ جنرل صاحب دولت پيش ڪري سگهيو ٿي يا نه! فرض ڪريو تہ هيءَ خبر ٿي اچي تہ ڏاڏي اڃا ڪانہ مئي تہ مون کي پڪ آهي تہ مادموريل بلانشي يڪدم گم ٿي ويندي. اهو سوچي تہ مان ڪيترو گهڻ ڳالھائو ٿي ويو آهيان، هنن ڳالھين تي جتي مون کي تعجب ٿيندو آهي اتي خوشي بہ ٿيندي آهي. اف! مون کي انھن سڀني ڳالھين کان جند ڇڏائيندي بہ انتھا خوشي ٿيندي. پر ڇا مان پالنا کي ڇڏي سگهان ٿو؟ مون کي خبر آهي تہ ھر وقت ڪنھن جي پٺيان لڳو رهڻ خراب آهي ۽ معيوب بہ آهي، پر مون کي ان جي بہ پرواھہ ڪانھي.
ھاڻي تہ آءٌ ائسٽلي صاحب جي شخصيت ۾ بہ دلچسپي وٺندو آهيان. پڪ ٿي ويئي اٿم تہ هو پالنا سان محبت ڪري ٿو. هيءَ ڪيڏيءَ نہ عجيب ۽ پڻ چريائپ جي ڳالھہ آهي تہ هڪ شرميلو ۽ انتھائي پارسا ماڻھو جڏهن عشق ڪري ٿو، تڏهن پنھنجي اکين سان پنھنجي دل جي ڳالھين جو اهو ڪجهہ اظھار ڪري ٿو ڇڏي، جنھن جي بدران هو هوند وڏيءَ سان موت قبول ڪري، پر پنھنجي واتان يا ٻيءَ طرح اھا ڳالھہ ظاھر ٿيڻ نہ ڏئي، ائسٽلي صاحب اسان کي گهڻو ڪري سير تفريح جي وقت ملندو آهي. هو ٽوپي مٿي تان لاهي هٿ ۾ ڪندو آهي ۽ اسان وٽان ائين لنگهي ويندو آهي، ڄڻ اسان سان ملندي ئي مري پوندو. جي اسان مان ڪو سڏيندو بہ اٿس تہ يڪدم انڪارڪري ڇڏيندو آهي.انھن جڳهن تي جتي اسين آرام ڪندا آهيون ڪا سينو ۾ يا بئنڊ واري ٿلهي تي يا ڦوھاري تي ـــ هو هميشہ اهڙي جڳهھ تي اچي بيھدو آهي، جتان اسان کي ڏسي سگهي. اسين کڻي ڪٿي بہ هجون، پارڪ ۾ يا جهنگ ۾، يا شنگلبرگ جي جبلن ۾ ـــ جي ڪو رڳو هيڏانھن هوڏانھن نظر ڊوڙائيندو تہ ڪنھن ويجهي رستي تي يا وڻن ٽڻن جي پٺيان ائسٽلي صاحب جي سسي ڏسي وٺندو. منھنجي خيال ۾ تہ هو مون سان اڪيلائي ۾ ڳالھائڻ جو موقعو ڳولهي رهيو آهي انھي ڏينھن صبح جو منھنجي ساڻس ملاقات ٿي، پر مختصر. هو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي بي ربطي نموني سان جلدي جلدي ڳالھائيندو آهي. عليڪ سليڪ ڪرڻ بنا هن هڪدم چيو؛
او مادموزيل بلانشي.... مون بلانشي جھڙيون گهڻيون ئي عورتون ڏٺيون آهن.
هو مون ڏانھن پر معنيٰ تيز نگاهن سان ڏسندو بيھي رهيو. هن جي ان سڄيءَ ڳالھہ جو مطلب ڇا هو. مان ڪجهہ بہ نہ سمجهي سگهيس. ڇو جو جڏهن مون هن کان پڇيو تہ سندس مطلب ڇا هو. تڏهن هن مشڪي، ڪنڌ لوڏيندي چيو، اهو مطلب اهوئي آهي..... ڇا مادموزيل پالينا کي خبر ڪانھي؟ ائسٽلي صاحب حيرت مان چيو. آءٌ سچ ٿو چوان تہ مون کي خبر ڪانھي ـــ مون کي خبر ڪانھي ــــ مون ڪڏهن ان تي غور ئي نہ ڪيو. مون وراڻيو.
عجيب ڳالھہ آهي؟ هو ڪنڌ لوڏيندو ھليو ويو. البت هو خوش نظر اچي رهيو هو. عجيب غلظ سلط فرينچ ٻولي هڪ ٻئي کي ٻڌائي هئيسون!

باب چوٿون

اڄ جو ڏينھن نھايت ئي واهيات، مضحڪہ خيز ۽ ناشگوار هو. هن وقت رات جا يارنھن لڳا آهن. آئون پنھنجي ڪٻٽ جيتري ڪمري ۾ ويٺو،گذريل ڏينھن کي ياد ڪري رهيو آهيان. ان جو آغاز پالينا جي خاطر کيڏڻ لاءِ منھنجي رولٽ جي جوا خاني ۾ و ڃڻ سان ٿيو. مون هن کان هڪ سؤ سٺ فيڊرڪ ورتا هئا. ليڪن ٻن شرطن تي. پھريون هيءُ تہ مان اڌواڌ وارو معاملو قبول ڪونہ ٿو ڪريان. يعني جي مون کٽيو تہ مان پنھنجي لاءِ ڪجهہ بہ نہ وٺندس ۽ ٻيو هيءُ تہ شام جو پالنا ان ڳالھہ جي وضاحت ڪندي تہ هوءَ ڇو ۽ ڪيترا پئسا کٽڻ چاهي ٿي. مان تہ هي ڪنھن بہ حالت ۾ سوچي نٿو سگهان تہ اهو سڀ ڪجهہ رڳو پئسن خاطر آهي! ظاھر آهي پئسن جي ضرورت ۽ جيتري قدر بہ جلد ممڪن ٿي سگهي. ڪنھن خاص مقصد لاءِ ئي هوندي آهي. هن جڏهن مون سان وضاحت ڪرڻ جو واعدو ڪيو، تہ مان ھليو ويس. جوا خاني جي ھال ۾ زبردست هجوم هو. هو سڀيئي ڪيڏا نہ بدتميز ۽ لالچي هئا؟ آءٌ هجوم کي چيريندو وچ ۾ ھليو ويس ۽ خزانچي وٽ وڃي بيٺس. پوءِ ڊڄندي ڊڄندي هڪ ئي وقت ٻن ٻن ٽن ٽن سڪن جي بازي هڻڻ جو تجربو شروع ڪيم ۽ ان وچ ۾ راند جو باقاعده نظارو ڏسندو رهيس. مون کي محسوس ٿيو تہ ڳڻپ ڪري، بازي هڻڻ ڪا معنيٰ ڪانہ ٿي رکي. حالانڪہ ڪجهہ رانديگر ان کي وڏي اهميت ڏيئي رهيا هئا. هو ڪاغذ کنيو ويٺا هئا، جن تي پينسل سان آڏيون ابتيون ليڪون ڪڍيل هيون. هنن ھر داءُ مھل غور سان ڏسي. امڪانات جو اندازو ڪندي، پوءِ ئي ڇڪو ٿي اڇلايو ۽ بلڪل اسان اناڙين وانگيان ھارايائون ٿي. جيڪي بنا ڳڻپ کيڏي رهيا هئاسين. ان جي ابتڙ مون هڪ نتيجو ڪڍيو، جنھن جي متعلق منھنجو ايمان آهي تہ بلڪل ٺيڪ آهي ۽ اهو هي تہ رولٽ جي جوئا ۾ ڪو منظم طريقو نہ آهي. پوءِ بہ امڪانات جي سلسلي ۾ هڪ خاص قسم جو ربط ضرور آهي ۽.... بيشڪ اھا هڪ عجيب ڳالھہ آهي مثلاً هي ٿيندو آهي تہ وچ وارن ٻارهن انگن کان پوءِ وري ان کان پوءِ جا ٻارهن انگ نڪرندا آهن، يعني ٻہ ڀيرا داءُ پوين ٻارهن انگن تي پوي ٿو ۽ ان کان پوءِ وري شروع جي ٻارهن انگن تي. شروع جي ٻارهن انگن کان پوءِ داءُ وري وچ وارن ٻارهن انگن تي پوندو آهي. ائين 13 ۽ چوويھن جي انگن جي وچ ۾ ٽي يا چار ڀيرا لڳاتار داءُ پوي ٿو. ان کان پوءِ پوئين ٽڪي ۾ داءُ لڳندو ۽ پوءِ پنجويھہ ۽ ڇٽيھہ جي انگن جي وچ ۾ ٻہ ڀيرا لڳي، وري ٻيھر شروع جي ٻارهن انگن جي وچ ۾ ٻہ ڀيرا لڳي، وري ٻيھر شروع جي ٻارنھن انگن جي وچ ۾ پوندو ان کان پوءِ شروع جي ٻارهن انگن جي وچ ۾ پوءِ لڳاتار ٽي چالون وچ جي ٻارهن انگن جي ويجهو ويجهو نڪرن ٿيون ۽ انھيءَ طريقي سان اھا راند ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندي آهي. هڪ، ٽي ۽ ٻہ ــ هڪ، ٽي ۽ ٻه. ڪيڏي نہ حيرت جھڙي ڳالھہ آهي! وري فرض ڪريو ڪنھن ڏينھن يا ڪنھن صبح ڳاڙهي نشان کان پوءِ ڪارو نشان نڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ ڪابہ ترتيب ڪانہ ٿي رهي، بلڪ داءُ ھر گهڙيءَ بدلجندو ٿو رهي. ايتري قدر جو لاڳيتن ٽن چالن تائين ڳاڙهو يا ڪارو نشان بلڪل نٿو نڪري. ٻئي ڏينھن يا ٻيءَ شام جو هي ٿيندو تہ ڳاڙهو نشان ھر ھر نڪرندو ـــ لاڳيتو ٻارهن ڀيرا. بلڪ ڪڏهن ڪڏهن تہ سڄو سڄو ڏينھن ڳاڙهو نشان ئي نڪرندو رهندو آهي. انھيءَ بابت مون کي ائسٽلي صاحب گهڻو ڪجهہ ٻڌايو آهي. هو سڄا سڄا ڏينھن، رولٽ جي ميزن تي گذاريندو هو ۽ ويٺو جاچيندو هو. ليڪن بازي نہ لڳائيندو هو.
جيستائين منھنجو تعلق آهي، مون جلد ئي آخري ڪوڏي تائين سڀ رقم ھارئي ڇڏي. پھريائين هڪدم ويھہ فيڊرڪ ٻڌي واري انگ تي هنيم ۽ کٽي ويس. وري بازي لڳايم ۽ کٽي ويس. ان طرح ٻ ٽي بازيون مون کٽيون. منھنجو خيال آهي تہ پنجن ئي منٽن ۾ مون چار سؤ کن فيڊرڪ کٽي ورتا. ان موقعي تي مون کي اٿي ھليو وڃڻ کپي ھا. پر منھنجي اندر ۾ هڪ عجيب خيال پيدا ٿيو. تقدير جي خلاف سرڪشي. ان کي للڪارڻ جي خواهش. انکي چيڙائڻ جو جزبو، مون وڏي کان وڏي مڃيل بازي چار هزار گلڊن لڳائي ۽ ھارايم. وري ڪاوڙ ۾ اچي کيسي ۾ بچيل سڀ رقم ساڳئي انگ تہ هنيم. وري ھارايم. جنھن کان پوءِ ميز تان اتيس ۽ ھليو ويس. آءٌ سمجهي نہ سگهيو هوس تہ مون کي ڪھڙو حادثو پڳش آيو هو ۽ مون پنھنجي ھار جي ڳالھہ پالينا سان ماني کائڻ کان پوءِ ڪئي، مون باقي سڄو ڏينھن پارڪ ۾ رلندي گذاريو. کاڌي جي وقت آءٌ انھي ڪاوڙيل حالت ۾ هوس، جنھن ۾ ٽي ڏينھن پھرين هوس. اڄ ماسموزيل بلانشي بہ کاڌي ڻ شريڪ هئا. ائين ٿي لڳو ڄڻ مادموزيل بلانشي ان جوئا خاني جي ھال ۾ منھنجون سڀ حرڪتون ڏٺيون هيون ۽ منھنجي ڪارنامن کان چڱي طرح واقف هئي. ان موقعي تي هن مونکي خاص ڌيان سان خطاب ڪيو. فرينچ تہ سڌي سنئين مطلب جي ڳالھہ ڪئي ۽ مونکان پڇيائين تہ جا رقم مون ھارائي هئي، سا منھنجي ذاتي رقم هئي ڇا؟ منھنجو خيال آهي تہ هن کي پالينا ۾ سڪ هو. اصل ۾ ان مخصوص سوال جو پس منظر بہ آهي. مون يڪدم ڪوڙ ڳالھايو ۽ چيم تہ، ”ھا، اھا رقم منھنجي ئي هئي.“
جنرل صاحب ڏاڍي حيرت ٿي تہ مون ايتري وڏي رقم ڪٿان حاصل ڪئي. مون وضاحت ڪندي هن کي ٻڌايو تہ اڄ مون شروع ۾ ڏھہ فيڊرڪ هنيا ۽ پوءِ يڪا ڇھہ ست داءُ هنيم ۽ ھر ڀيري کٽي ويس ۽ ٿيندي ٿيندي، مون وٽ پنج ڇھہ سوء فيڊرڪ ٿي ويا، جي آخر ڪار ٻن دائن ۾ ھارائي ويٺس.
هن هڪدم ويساھہ ڪري ورتو. جڏهن آءٌ صفائي پيش ڪري رهيو هوس، تڏهن پالينا ڏانھن بہ ڏٺم، پر هن جي منھن مان ڪجهہ بہ ظاھر ڪونہ ٿي ٿيو. مطلب تہ هن مون کي ڪوڙ ڳالھائڻ ڏنو ۽ هڪ دفعو بہ نہ ٽوڪيائين. ان مان مون نتيجو ڪڍيو تہ مونکي ڪوڙ ڳالھائڻو ئي پوندو ۽ اهو راز لڪائڻو پوندو تہ مان ڪو هن جو رازدار آهيان.بھر صورت آءُسوچي رهيو هوس تہ هن جي آڏو ضرور وضاحت ڪرڻي پوندي، هونئن بہ هن اڄ صبح مونسان ڪجهہ احوال ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو،
منھنجو خيال هو تہ جنرل صاحب مونکي ضرور ڪا نصيحت ڪندو. پر هو صفا چپ ويٺو رهيو. البتہ مون ڏٺو تہ هن جي چھري تي مونجھاري جا نشان ڇانيل هئا. ٿي سگهي ٿو تہ هن کي اھا ڳالھہ ٻڌي ڏک ٿيو هجي تہ ههڙي تنگ دستيءَ جي وقت ۾ ايڏي وڏي رقم آئي ۽ مون جھڙي بيوقوف جي هٿان پندرهن منٽن ۾ غارڪ ٿي وئي.
مونکي خبر پئي آهي تہ ڪالھہ جنرل صاحب ۽ فرينچ جي وچ ۾ گرما گرم بحث ٿيو آهي. هو سڀئي بند ڪمري ۾ گفتگو ڪري ڪندا رهيا. فرينچ ڪاوڙجي ھليو ويو ۽ اڄ صبح ساڻ وري، شايد ڪالھوڪي گفتگو کي جاري رکڻ جي کاءِ موٽي آيو هو.
اهو ٻڌي تہ آءٌ هڪ وڏي رقم ھارائي چڪو آهيان، فرينچ ٽوڪ هڻندي چيو تہ ماڻھوءَ کي ٿورو عقل رکڻ کپي. الائي ڇو هن اھا ڳالھہ ڪئي حالانڪہ تمام گهڻا روسي جوا ڪندا آهن. پر هن جو خيال آهي تہ روسي جوئا کيڏڻ ۾ ڪابہ قابليت ڪانہ ٿا رکن.
”ليڪن منھنجي خيال ۾ رولٽ جي جوئا ٺھي ئي روسين لاءِ آهي.“ مون چيو. منھنجي چيلينج تي فرينچ تي حقارت سان کلڻ لڳو، ان تي مون چيو تہ ”مون بلڪل ٺيڪ چيو آهي، ڇو جو روسين کي جوئاري چوڻ هنن جي تعريف نہ آهي بلڪہ بي عزتي آهي، تنھنڪري هن کي منھنجي ڳالھہ تي يقين اچڻ گهرجي.“
”پر آخر اوھان جي ان راءِ جو بنياد ڪھڙو آهي؟“ فرينچ چيو.
”ان بنياد تي تہ دولت گڏ ڪرڻ جي صلاحيت، تاريخ جي وهڪري ۾ مغرب جي مھذب ۽ شائستہ انسانن جي صلاحيتن ۽ خوبين ۾ هڪ اهم جڳھہ اچي والاري آهي. هڪ روسي نہ صرف دولت گڏ ڪرڻ جي صلاحيت نہ ٿو رکي، بلڪہ بنا سوچ سمجهہ جي ڏاڍي بي پرواهيءَ سان ان کي وڃايو ڇڏي. سن هوندي بہ آخر اسان روسين کي بہ تہ پئسي جي ضرورت پوي ٿي.“ مون ڳالھہ کي جاري رکندي چيو، ”۽ ان لاءِ اسين رولٽ جھڙا ذريعا استعمال ڪرڻ جا وڏا شوقين آهيون. ڇو جو ان ۾ بنا محنت جي هڪ ڪلاڪ ۾ ئي ماڻھو مالدار بنجي سگهي ٿو. رولٽ اسان لاءِ دلفريب آهي ۽ ڇاڪاڻ تہ اسين ڄٽڪي نموني ۽ لاپرواهيءَ سان ۽ سواءِ ڪنھن خاص ڪوشش جي کيڏندا آهيون، ان ڪري ھار هميشہ اسان جي هوندي آهي.“
”اھا ڳالھہ ڪنھن حد تائين صحيح آهي.“ فرينچ هڪ وڏو ساھہ کڻندي چيو.
” نہ اھا ڳالھہ صحيح ڪانھي. توکي پنھنجي ملڪ متعلق اهڙيون نيچ ڳالھيون ڪندي شرم اچڻ کپي.“ جنرل صاحب ڏاڍي باوقار انداز ۾ ڇيو.
”مون کي ڳالھہ تہ پوري ڪرڻ ڏيو. حقيقت ۾ آءٌ اڄ تائين سمجهي نہ سگهيو آهيان تہ روسين جي اھا اٻھرائي ۽ لاپرواهي وڌيڪ قابل نفرت آهي يا جرمنن جو ديانت دارانہ سچي محنت سان پئسو ڪمائڻ.“
”تنھنجو اهو خيال ڪھڙو نہ بيھودو آهي؟“ جنرل چيو.
”۽ تنھنجو اهو خيال بلڪل روسين وارو آهي.“ فرينچ چيو.
مان کلڻ لڳس. حقيقت ۾ مون کي انھن ٻنهي کي ويڙھائڻ جو ڏاڍو شوق هو.
”خدا جو سنھن مان جرمنيءَ جي ان بت جي سامھون مٿي ٽيڪڻ کان سڄي عمر خانہ بدوش قوم جي خيمن ۾ گذارشن بھتر سمجهان ٿو.“
”ڪھڙو بت!“ جنرل گڏ ڪرڻ جي صلاحيت جو بت. حالانڪہ آءٌ هت تمام ٿورو وقت رهيو آهيان، پر جيڪي ڪجهہ مون ڏٺو آهي يا ٻڌو آهي، اهو منھنجي تاتاري رت کي ٽھڪائڻ لاءِ ڪافي آهي. هتي ڪابہ شيءِ منھنجي مزاج مطابق نہ آهي. خدا جو سنھن مون کي اهڙي قسم جي ڪابہ خوبي نہ گهرجي. ڪالھہ بہ مون ائين ئي اٺن ميلن جو چڪر هنيو. هتي جي ڪابہ خوبي نہ ڪھرجي. ڪالھہ بہ مون ائين ئي اٺن ميلن جو چڪر هنيو. هتي جي ھر هڪ شيءِ جرمنن جي وڻندڙ با تصوير ڪتابن جيان آهي. هتي جي گهر گهر ۾ هڪ مذهبي قسم جو شخص ضرور هوندو آهي. جو حد کان وڌيڪ پرهيزگار ۽ غير معمولي طور تي ديانت دار هوندو آهي. ايتري قدر ديانتدار، جو اوھان کي ان جي ويجهو ويندي ئي خوف ٿيندو. مون کي اهڙي قسم جا ديانتدار ماڻھو اصل ڪين وڻن، جن وٽ ويندي خوف لڳي. اهڙي ھر مذهبي شخص جو هڪ وڏو ڪٽنن آهي. جتي روزانہ شام جي وقت وڏي آواز سان اصلاحي ڪتاب پڙهيا ويندا آهن. شاه بلوط جو وڻ گهرجي ڀت سان گڏ بيٺو آهي. هوڏانھن اولھہ جي افق ۾ سج غروب ٿيڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي. ڇت تي ٻگهہ بيٺو آهي. غرض تہ هڪ هڪ شيءِ نھايت ٺاهوڪي ۽ پُر اثر نظر ايندي آهي. ناراض نہ ٿيو جنرل صاحب! مون کي ٿورو اثرائتي نموني ۾ بيان ڪرڻ ڏيو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي تہ منھنجو پيءُ بہ مون کي ۽ منھنجي والده کي اهڙائي اصلاحي ڪتاب باغ ۾ ليمن جي وڻن هيٺيان ويھي پڙهي ٻڌائيندو هو. سو ان ڪري آءٌ بہ انھي ءَ مسئلي تي اهم راءِ ڏيئي سگهان ٿو. ڇا، اوھان کي خبر آهي تہ هتي جو ھر ڪٽبت ۽ ھر ماڻھو مڪمل پابنديءَ ۽ غلامي ۾ جڪڙيل، هو چوويھہ ئي ڪلاڪ نار جي ڍڳي وانگيان وهن ۽ يھودين وانگر پئسا بچايو ٽجوڙيون پيا ڀرين. فرض ڪريو تہ ڪنھن چڱا خاصا گلدن گڏ ڪري ورتا آهن ۽ ھاڻي هو دوڪان دوڪان کولڻ ۽ ٻنيءَ ٽڪر وٺڻ جو سوچي رهيو آهي. خبر اٿؤ ان ڪم ڪرڻ لاءِ هو ڇا ٿو ڪري؟ هو پنھنجي ڌيءُ وٺڻ جو سوچي رهيو آهي. خبر اٿو اُن ڪم ڪرڻ لاءِ هو ڇا ٿو ڪري؟ هو پنھنجي ڌيءُ جي شاڪي نٿو ڪري جو هن کي ڏاج ڏيڻو پوندو ۽ گلڊن گهٽجي ويندا. ايستائين، جو هوءَ پوڙهي ٿيو ٿي وڃي. هو پنھنجي سڀني کان ننڍي پٽ کي مزدورن وٽ يا فوج ۾ وڪرو ڪيو ڇڏي. ان طرح حاصل ڪيل پئسا ظاھر آهي تہ ٽجوڙيءَ ۾ ئي پون ٿا. يقين ڪريو، اھا سچي حقيقت آهي. مون خود پنھنجين اکين سان ڏٺو آهي، ۽ ماڻھن کان پڇندو رهيو آهيان. مزي جي ڳالھہ هيءَ آهي تہ اهو سڀ ڪجهہ ڏاڍي خلوص ۽ ديانتداريءَ سان ٿيندو آهي. اهڙي خلوص ۽ ديانتداريءَ سان، جو سڀ کان ننڍو پٽ جنھن کي وڪيو ٿو وڃي. اهو ائين ٿو سمجهي تہ هن کي ائين وڪڻڻ ئي ديانتداريءَ جي تقاضا هئي. ڪمال تہ واقعي تڏهن آهي، جو خود شڪار پنھنجي قرباني تي خوش عيندو هجي. ڪجهہ وڌيڪ پڇڻ چاهيو ٿا ڇا؟ وڏي پٽ سان بہ ڪو گهٽ ويل ڪونہ ٿو وهي. هو ڪنھن مس اَميلا سان عشق ٿو ڪري. ٻنهي جون دليون گڏ ٿيون ڌڙڪن. پر هنن جي شادي نٿي ڪئي وڃي. رڳو ان لاءِ تہ پئسا گهڻا نہ آهن. هو ٻئي ڏاڍي اخلاق، پاڪبازيءَ، پاڪ دامنيءَ يا نيڪ آرزوئن سان پنھنجي شاديءَ جو انتظار ڪندا رهن ٿا ۽ ائين مشڪندي مشڪندي پنھنجو پاڻ کي انھيءَ بت جي قربان گاه تي قربان ڪيو ڇڏين. اَميلا جا گلن جھڙا ڳل پيلا ٿيو وڃن. هوڏانھن ويھن سالن ۾ هنن جي مالي خوشحاليءَ ۾ وڏو اضافو ٿئي ٿو. وڏي ديانتداريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان ٽجوڙين ۾ دولت جو انبار گڏ ٿيو وڃي. هو مذهبي بزرگ وڏي اطمينان سان پنھنجي چاليھہ يا پنجاھہ سالن جي پٽ ۽ ٽيھن يا پنجٽيھن ورهين جي اَميلا کي، جنھن جون ڀريل ڀريل ڇاتيون کوکليون ٿي چڪيون آهن ۽ رنگ پيلو ٿي ويو آهي، آشيرواد ڏئي ٿو. آشيرواد ڏيندي، هو باقاعده ڳوڙھا ٿو وھائي. هنن کي ڪو وعظ ٿو ٻڌائي ۽ پوءِ ترت ئي مري ٿو وڃي. تنھن کان پوءِ هن جو اُهو سڀ کان وڏو پٽ ساڳيو مذهبي بزرگ بنجيو ٿو وڃي ۽ پيءُ ۽ ڏاڏي جي ڪھاڻي ٿو ورجائي. ان طرح پنجاھہ يا ستر سالن ۾ پھرئين مذهبي بزرگ پوٽي وٽ ڪافي رقم گڏ ٿيو وڃي، جنھن کي هو پنھنجي پٽ لاءِ ورثي ۾ ڇڏيو وڃي ۽ هو پنھنجي پٽ لاءِ ۽ هو پنھنجي پٽ لاءِ ۽ ان طرح چئن پنجن نسلن کان پوءِ هنن مان هڪ بيرن رٿشيلڊ ۽ خدا ڄاڻي ڇا ڇا بنجيو وڃي. اوهين خود ئي ٻڌايو تہ هي تماشو ڪيڏو نہ عظيم الشان آهي! سؤ ٻن سؤ سالن جي سخت محنت، صبر ۽ تحمل، هوش مندي، ديانت داري، ڪردار، معصوم ارادو، پيش بيني، ڇت تي ٻگهہ پکي! اوھان کي ٻيو ڇا کپي. ان کان وڌيڪ ارفع ۽ اعليٰ ۽ پروقار شيءِ دنيا ۾ ٿي ئي ڪانہ ٿي سگهي. هو ان خاص نقطه نظر سان سڄيءَ دنيا کي ڏسندا آهن ۽ پنھنجن ڏوھارين کي سزا ڏيندا آهن-يعني انھن کي جيڪي هڪ رتيءَ ماتر بہ کانئن مختلف هوندا آهن. هيءُ آهي اصلي ڳالھہ مان تہ روسي طريقي سان دولت ضايع ڪرڻ يا رولٽ جي ذريعي مالدار بنجڻ وڌيڪ پسند ڪندس. مان پنجن نسلن کان پوءِ جاگيردار رٿشيلڊ يا گاپ ائنڊ ڪمپني بنجڻ نٿو چاهيان. مان پئسا پنھنجي لاءِ ٿو چاهيان. ياد رکو، مان پنھنجو پاڻ کي پئسي جو زيردست نٿو سمجهان ۽ نہ ئي پنھنجي وجود کي ان لاءِ ٿو سمجهان. مان ڀانڳان ٿو تہ اوھان جي آڏو اهي سڀ ڳالھيون بڪواس آهن. پر منھنجا اصلي خيال اهي ئي آهن.“
جنرل صاحب ٿورو سوچي چيو، ”اھا تہ مون کي خبر ڪانھي تہ تو جيڪي ڪجهہ چيو ان ۾ ڪيتري سچائي آهي.پر اھا خبر ضرور اٿم تہ جي توکي پنھنجي حد کان ٻاھر نڪرڻ جي ٿوري بہ اجازت ڏني ٿي وڃي تہ تون ايڏيءَ جک ۾ وڃي ٿو پوين، جو......“
هميشہ جيان هن ڳالھہ اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏني. اسان جي جنرل صاحب جي عادت آهي تہ هو روزمره جي عام گفتگو کان مٿي ٿوري بہ اهم ڳالھہ ڪندو. تہ هميشہ پنھنجا جمله اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو آهي. فرينچ ڪجهہ ڪجهہ اکيون ڦاڙي منھنجي ڳالھہ ٻڌي. منھنجي خيال ۾ هو منھنجي ڳالھين جو مطلب مشڪل سان سمجهي سگهيو هوندو. پالينا وڏي خودداريءَ ۽ بي نيازيءَ سان ٻئي پاسي گهور پائي ڏسي رهي هئي، هن ائين پئي ڏک ڏني ڄڻ هن منھنجي يا ان ڏينھن ميز تي ڪيل ٻي ڪابہ ڳالھہ ٻڌي ئي ڪانہ هئي.

باب پنجون

پالينا خلاف معمول فڪرمند هئي. ميز تان اٿندي ئي هن مون کي پاڻ سان گڏ سير تي ھلڻ لاءِ چيو. اسان ٻارن کي گڏ کنيو ۽ پارڪ ۾ ڦوھاري ڏي ھلڻ لڳاسين.
ان وقت آءٌ خاص طور تي ڏاڍو ڪاوڙيل هوس، ان ڪري ئي مون کانئس هيءُ بي ڍنگو سوال ڪري ورتو تہ ھاڻ جڏهن بہ هوءَ ڪيڏانھن ٻاھر وڃي ٿي تہ هي مارڪئس ڊي گريو، اسان جو جناب فرينچ صاحب ساڻس گڏ ڇو نٿو وڃي، ۽ گهڻن ئي ڏينھن کان ساڻس ڳالھہ ٻولھہ بہ بند ڪري ڇڏي اٿس، سو ڇو؟
”ان لاءِ تہ هو وڏو ذليل ماڻھو آهي.“ هن ڏاڍي عجيب انداز ۾ وراڻيو. مون ڪڏهن بہ پلينا جي واتان مارڪئس گريو متعلق اهڙي سخت ڳالھہ نہ ٻڌي هئي، پر هن جي وڌيڪ تنگ ٿيڻ جي خيال کان چپ رهيس.
” تو ڏٺو تہ اڄ جنرل صاحب سان بہ سندس رويو ٺيڪ نہ هو!“
هن ڪجهہ چڙ مان ۽ رکائي سان چيو، ”تون اصل ڳالھہ ڄاڻڻ ٿو چاهين، توکي خبر آهي تہ جنرل صاحب هن جي مُٺ ۾ آهي. جنرل صاحب جي سڄي ملڪيت هن جي آهي، جي ڏاڏي نٿي مري تہ فرينچ انھن سڀني شين جو مالڪ ٿي ويندو، جيڪي وٽس گروي رکيل آهن.“
”تہ ڇا اھا ڳالھہ صحيح آهي تہ ھر شيءِ گروي رکي ويئي آهي؟ مون بہ ائين ٻڌو تہ ضرور آهي، پر اھا خبر ڪانہ هيم تہ سڀئي شيون گروي آهن.“
”بلڪل.“
” تہ پوءِ ماد موزيل بلانشي جو بہ خدا ئي حافظ آهي. هوءَ جنرل جي زال نٿي بنجي سگهي. توکي خبر آهي يا نہ، پر مون کي تہ ائين ٿو لڳي تہ جنفل صاحب هن سان ايتري محبت ٿو ڪري، جو جي هوءَ کيس ڇڏي ھلي وڃي تہ هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو. هن عمر ۾ ايتري محبت ڪرڻ خطرناڪ آهي.“ ميو چيو.
پالينا ڪجهہ سوچيندي، پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو، ”منھنجي خيال ۾ هن سان ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور ٿيندو.“
مون ٿورو بلند آواز ۾ چيو، ”۽ پوءِ اهو سڀ ڪجهہ ڪيترو نہ عجيب لڳندو. ماڻھن تي ان کان وڌيڪ کليل نموني ظاھر نہ ٿي سگهندو تہ هوءَ جنرل صاحب سان رڳو هن جي پئسي خاطر شادي دري رهي هئي! ڇا، دنيا ۾ شرافت ڪا شيءِ نہ آهي ؟ پنھنجي شان ۽ مان جھڙي ڳالھہ ناهيءَ هي تہ وڏي حيرت جھڙي ڳالھہ چئبي ۽ جيستائين ڏاڏيءَ جو تعلق آهي. ڇا ان کان وڌيڪ مضحڪ خيز ۽ ذلت آميز بہ ٻي ڪا ڳالھہ ٿي سگهي ٿي تہ يڪيون هڪ ٻئي پٺيان ٻہ تارون موڪليون وڃان انھي لاءِ تہ خبر پوي تہ هوءِ مري چڪي آهي يا نہ؟ پالينا ان باري ۾ تنھنجو ڪھڙو خيال آهي؟
اھا سڄي بڪواس آهي، هن بيزاري سان منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيو.مان حيران آهيان تہ تون ايتري قدر خوش ڇو آهين! ايتري خوشي! آخر ڪھڙي ڳالھہ آهي؟ اھا منھنجن پئسن جي ھارائڻ تي تہ نہ آهي!
ليڪن تو مون کي اهي ھارائڻ لاءِ ڏنا ڇو؟ مون تو کي صاف چئي ڇڏيو هو تو آءٌ ٻين ماڻھن لاءِ خاص طور تي تنھنجي لاءِ بلڪل کيڏي نٿو سگهان، آءٌ تنھنجو فرمانبردار آهيان تنھنجي ھر حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر نتيجي جي جوابدار ي بہ نٿو کڻان. مون توکي پھرئين ئي چئي ڇڏيو هو تہ ان مان ڪجهہ بہ نہ ورندءِ. ڇا توکي ايتري رقم ھارائڻ جو ڏک آهي؟ آخر توکي ايترا پئسا ڇو کپن؟
تون اهڙا سوال ڇو ٿو ڪرين؟
واه، تو مون کي سڀ ڪجهہ ٻڌائڻ جو انجام ڪيو هو... ٻڌاءِ، مون کي پڪ آهي تہ جڏهن آءٌ پنھنجي لاءِ کيڏندس (۽ هينئر مون وٽ ٻارنھن فيڊرڪ آهن). تہ ضرور کٽيندس. پوءِ توکي جيترا پئسا کپن اڌارا وٺي سگهين ٿي.
پالينا جي رويي مان شديد بيزاري ۽ نفرت جو اظھار پئي ٿيو.
منھنجي هن صلاح تي تون رنج نہ ٿي. مون کي خبر آهي تہ تنھنجي آڏو آءٌ هيچ آهيان، پر تون مون تي يقين ڪر تہ تنھنجي بي عزتي اصل ڪو نہ ٿيندي. مون کي خبر آهي تہ تنھنجي نظرن ۾ منھنجي ايتري اهميت بہ ڪانھي جو تون مون کان پئسا اڌارا وٺي سگهن __ پر بہ تہ خيال ڪر تہ مون تنھنجا پئسا ھارايا آهن.
هن تيز نظرن سان مون ڏانھن ڏٺو ۽ اهو ڏسي تہ منھنجي لهجي ۾ ڪاوڙ سان گڏ ٽوڪ جو انداز بہ شامل هو.هن هڪدم ڳالھہ ڪٽي ڇڏي.
منھنجي خانگي حالتن ۾ توکي ڪا بہ دلچسپي ڏسڻ ۾ ڪانہ ايندي. پر پوءِ بہ جي ڄاڻڻ چاهين ٿو تہ ٻڌ، حقيقت ۾ آءٌ ڏاڍي مقروض آهيان. ھاڻ اهو قرض موٽائڻو اٿم. هونئن تہ مون وٽ پئسا ڪونہ آهن، پر مون کي خيال اچي ٿيو آهي تہ شايد جوئا ۾ آءٌ کٽي، اهو قرض موٽائي سگهان. اهي تہ بيشڪ چريائپ وارو خيال پر ڇا ڪريان. دل کي ان تي يقين اٿم، شايد اهو يقين ان ڪري بہ اٿم جو پئسن حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪو ذريعو ڪونھيم.“
”اهو تہ ان ڪري تنھنجو کٽڻ لازمي آهي. مون کي تہ هيءُ ٻڌندڙ ۽ ٻوڙي واري ڳالھہ ٿي لڳي. خبر اٿئي تہ ٻڌندڙ ۽ ٻوڙو بہ بنڊ وانگي محسوس ٿيندو آهي.“
پالينا وري مون ڏانھن ڏٺو.
تنھنجي معنيٰ تہ تو مون کي اڃا محسوس نہ ٿو ڪري سگهين. تون جلد باز آهين. توتي ڪو ڀروسو ڪري نہ ٿو سگهجي. تون پاڻ ٻڌاءِ تہ آخر توکي پئسن جي ايتري ضرورت ڇو آهي. انھيءَ ڏينھن جيڪي سبب تو مون کي ٻڌايا هئا، تن مان تہ هڪڙو بہ ٺيڪ ڪونہ هو.“
”تو هينئر چيو نہ تہ ڏاڍو گستاخ ٿي پيو آهين. عجيب سوال پيو ڪرين! شراب تہ ڪونہ پيتو اٿئي.“
”اھا بہ توکي چڱيءَ طرح خبر آهي تہ آءٌ توکان ھر سوال پيو پڇڻ جو حق رکان ٿو، تنھنڪري ڪڏهن ڪڏهن صافگوئي سان سوال ڪري وجهندو آهيان. آءٌ هڪ دفعو وري چوان ٿو تہ آءٌ تنھنجو غلام آهيان. جيئن پنھنجي غلام کي سڀ ڪجهہ ٻڌائي سگهجي ٿو تيئن تون بہ مون کان ڪجهہ نہ لڪاءِ، نہ ڪو منھنجي ڳالھين جو دل ۾ ڪر.“ پر آءٌ تہ تنھنجي ان غلام واري خيال کي مڃان ئي ڪونہ ٿي.“
”ڏس هيڏانھن آءٌ ڪو پنھنجي غلامي متعلق ان ڪري ڪونہ ٿو ڳالھايان جو واقعي تنھنجو غلام ٿيڻو اٿم، آءٌ تہ اهو ئي ڪجهہ چوان ٿو جيڪي دل ۾ اٿم.“
”چڱو ڀلا مون کي اهو ٻڌاءِ تہ توکي پئسن جي ايتري ضرورت ڇو آهي؟“
”تون اھل ڳالھہ ڇو ٿي پڇين؟“
”نہ ٻڌاءِ تہ نہ ٻڌاءِ، تنھنجي مرضي.“ هن غرور سان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
”تون منھنجي غلام هجڻ واري خيال کي رد ٿي ڪرين پر غلام واري ذهنيت برقرار رکڻ تي زور ٿي ڏين. جواب ڏي، بحث نہ ڪر، خير ائين ئي سھي. تون ٿي پڇين تہ مون کي پئسن جي ڪھڙي ضرورت آهي؟ ان ڳالھہ جو آخر ڪھڙو جواب ڏيان، پئسن جي تہ سڀني کي ضرورت پوندي آهي.“
”اھا تہ مون کي بہ خبر آهي، پر تون جھڙي طرح پئسن لاءِ چريو ٿيو پيو وتين، تنھن جي پويان ضرور ڪا خواهش لڪل آهي، منھنجو خيال آهي تہ تون هٿ جون ٺاهڻ بدران مونکي ان جو صحيح جواب ڏي.“
هو ٿوري ڪاوڙ ۾ اچي وئي هئي ۽ ان ڪري مون خوشي پئي محسوس ڪئي. مون جواب ڏيندي چيومانس. ”بيشڪ انھي جو خاص مقصد آهي. پر اهو ڪھڙو مقصد آهي تنھن جي آءٌ وضاحت نہ ٿو ڪري سگهان. ڀلا اهو مقصد هن کان سواءِ ٻيو ڇاٿو ٿي سگهي تہ دولت مند ٿيڻ کانپوءِ آءٌ توکي هڪ ٻئي قسم جو انسان نظر ايندس غلام نه!“
”هو ڪيئن ٿيندو ! تہ توکي اھا بہ خبر ڪانھي تہ اهو ڪيئن ٿيندو؟
اهڙي بي يقيني آخر ڇو؟، واقعي تون مون کي هڪ غلام کان وڌيڪ ڪجهہ بہ سمجهڻ لاءِ تيار ناهين پر مون کي ان جي ڪابہ پرواھہ ناهي.“
تو تہ چيو ٿي تہ ان غلامي مان توکي خوشي ٿي حاصل ٿئي، حالانڪ منھنجو خيال هو تہ خوشي توکي صرف مون مان ٿي حاصل ٿئي.
”تہ تون پاڻ اهو ٿي سوچين!“ تہ منھنجي جسم ۾ ڄڻ خوشي جي لھر ڊوڙي وئي. تنھنجي اھا سادگي ڪيڏي نہ سٺي آهي! ڪنھن کي ذليل ڪرڻ مان بہ تہ خوشي حاصل ٿيندي آهي. پل خوشي ان هنٽر کي بہ ٿيندي هوندي جيڪو ڪنھن غريب جي پٺن تي لڳي ان جي کل لاهي ڇڏيندو آهي. پر مونکي هڪ ٻئي قسم جي خوشي حاصل ڪرڻي آهي. تو ڪالھہ ٻڌو هوندو تہ جنرل صاحب مون کي ست سو روبل ساليانہ ڏيڻ جو چيو هو (جنھن جي موکي ڪابہ اميد ڪانھي) مارڪئس گريو بہ تہ اتي ويٺو هو. منھنجي دل ٿي ٿي تہ هن جي ڪا چڱي خاصي بي عزتي ڪريان تہ جينئن تون بہ ڏسي سگهين.
”آخر ڪار اھا ڪھڙي ڳالھہ آهي؟ هڪ ماڻھو هي وقت، ھر هنڌ ۽ ھر حالت ۾ وقار ۽ مان واري حالت جو مظاھرو ڪري سگهي ٿو.“
”اهي ڪتابن جون ڳالھيون آهن. توکي تہ بس اهو احساس ٿي ويو آهي تہ مون کي وقار سان ڳالھہ ڪرڻ ئي ڪونہ اچي. توکي تہ خبر آهي تہ اسين روسي سادا سودا انسان آهيون. اخلاق تہ اسان وٽ بہ آهي پر ان جو مظاھرو مناسب نموني سان ڪونہ ڪريو سگهون. اصل ۾ اسن وٽ خوبيون تہ آهن پر فطري صلاحيتون تمام گهٽ اٿئون. اهوئي سبب آهي جو فرينچ مرد اسان جي روسي عورتن لاءِ هڪ قسم جي ڪمزوري بنجي چڪا آهن. پر منھنجي خيال ۾ فرينچن جو اهو رويو بہ نمائشي ڏيک هوندو آهي. ٽرڙي ڪڪڙ وانگر سڄو ڏينھن آڪڙيا وتندا آهن. ٿي سگهي ٿو تہ اهي ڪڪڙ ٽرڙا نہ پر اصلي هجن! آءٌ ڪيتري دير کان بڪان پيو. تو مون کي اصل روڪيو ئي ڪونہ. تون مونکي وچ ۾ روڪيندي رهندي ڪر. جڏهن آءٌ توسان ڳالھائيندو آهيان تہ اهو چاهيندو آهيان تہ مان توسان پنھنجي دل جي ھر ڳالهه، بلڪ سڀ ڳالھيون ڪري ڇڏيان. مان سڀني سٺن طريقن کي وساري ويھندو آهيان. بلڪ آءٌ تہ هي بہ مڃڻ لاءِ تيار آهيان تہ مون ۾ نہ اطوار آهي نہ اخلاقي گڻ. آءٌ هيءَ ڳالھہ توکي پھرين ئي ٻڌائي چڪو آهيان تہ آءٌ پنھنجي ذهن کي ڪنھن قسم جي اخلاقي گڻن لاءِ فڪرمند ٿيڻ نہ ڏيندو آهيان. ھاڻ تہ مون کي ھر شيءِ بيٺل ٿي لڳي. توکي خبر آهي تہ مون ۾ انسانن جھڙي هڪ بہ ڳالھہ نہ آهي. هڪ عرصي کان مون کي هيءَ بہ خبر نہ آهي تہ دنيا ۾، روس ۾ يا هتي ڇا ٿي چڪو آهي يا ٿي رهيو آهي. هتي مان ڊريسڊن شھر مان آيو آهيان. پر مون کي ياد ڪونھي تہ ڊريسڊن ڪھڙي قسم جو شھر هو. توکي چڱيءَ طرح خبر آهي تہ مون کي ڪنھن ڳڙڪائي ڇڏيو آهي ۽ ڇاڪاڻ تہ مون کي تو مان ڪابہ توقع نہ آهي ۽ آءٌ پنھنجي نظر ۾ ڪابہ وقعت نہ ٿو رکان، تنھنڪري صاف صاف ٿو چوان تہ ھرهنڌ توکان سواءِ ڪابہ شيءِ نٿو ڏسان. توکان سواءِ دنيا منھنجي نظرن ۾ هيچ آهي. توسان ڇو ۽ ڪيتري محبت اٿم؟ اھا خود بہ خبر ڪانہ اٿم. غالباً اھا ڳالھہ تون خود ڄاڻين ٿي تہ تون مون سان سٺي نموني ڪانہ ٿي ھلين. مان تہ تو لاءِ ائين بہ نٿو چئي سگهان تہ تون سھڻي آهين يا نه! پڪ تنھنجي دل ٺيڪ نہ آهي ۽ ٿي سگهي ٿو تہ تنھنجي دماغ ۾ بہ اجايون ڳالھيون ڀريل هجن.“
”شايد ان ڪري تون مون کي دولت سان خريدڻ جو سوچيندو رهندو آهين.“ هن چيو، ”ڇاڪاڻ تہ توکي منھنجي عزت نفس جي جذبي جو يقين ڪونھي.“
”پر مون توکي دولت سان ڪڏهن خريدڻ چاهيو؟“ مون يڪدم چيو.
”تون اوستائين ڳالھائيندو ٿو رهين، جيستائين خبر نہ ٿي پوي تہ ڇا پيو ڳالھائين. جي تون مون کي خريدڻ نٿو چاهين تہ پوءِ منھنجي عزت نفس جي جذبي کي خريدڻ جو خيال ضرور اٿئي.“
”بلڪل نہ، اھا ڳالھہ اصل ڪانھي. مان چئي چڪو آهيان تہ منھنجي لاءِ پنھنجي دل جي ڳالھہ جي وضاحت ڪرڻ تمام ڏکي آهي. تون اھا ڳالھہ چئي، ھر ھر مون تي بار وجهي رهي آهين. منھنجي ڳالھين مان ناراض نہ ٿيندي ڪر. توکي خبر آهي تہ تون مون سان ناراض نٿي ٿي سگهين! ان لاءِ تہ مان پاڳل آهيان. جي تون ناراض ٿي بہ وڃين تہ مان ان جي پرواھہ نٿو ڪريان. جڏهن مان پنھنجي ڪمري وارين ڏاڪڻن تي هوندو آهيان تہ مون کي رڳو تنھنجي لباس جي سرسراهٽ تصور ۾ آڻڻي پوندي آهي. ان کان پوءِ پنھنجا ننھن ڏندن سان چٻاڙڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهيان ۽ تون مون مان ناراض بہ ڇو آهين؟ منھنجي، پنھنجو پاڻ کي، غلام چوڻ ڪرڻ ڪري! خدا جي واسطي منھنجي غلام هجڻ جو ڪو فائدو نہ وٺ. ڇا توکي خبر آهي تہ هڪ نہ هڪ ڏينھن آءٌ توکي قتل ڪري ڇڏيندس. آءٌ توکي ان لاءِ قتل ڪونہ ڪندس تہ ڪو منھنجي محبت مري ويندي يا مان حاسد بنجي ويندس! بلڪ آءٌ توکي رڳو ان لاءِ قتل ڪندس ڇو جو آءٌ توکي ڳڙڪائي ڇڏڻ ٿو گهران. تون کلين ٿي.....“
”آءٌ کلان ڪانہ ٿي.“ هن غضبناڪ لهجي ۾ وراڻيو. ”آءٌ رڳو ايترو ٿي چوانءِ تہ چپ ڪر!“
هوءَ ڪجهہ دير لاءِ بلڪل چپ ٿي ويئي. حد کان وڌيڪ ڪاوڙ جي ڪري هوءَ بلڪل بي جان ٿي لڳي. ايمان سان مون کي خبر ڪانہ هئي تہ هوءَ ڪا واقعي سھڻي هئي. پر جڏهن هوءَ ڪاوڙ مان ڳاڙهي ٿي منھنجي اڳيان اچي بيھندي آهي تہ ڏاڍي خوبصورت لڳندي اٿم. تنھنڪري آءٌ گهڻو ڪري کيس ڪاوڙائيندو رهندو آهيان. شايد هوءَ بہ اھا ڳالھہ سمجهي ويئي هئي. تنھنڪري ڄاڻي ٻجهي ناراض ٿي رهي هئي. بلڪل اهي اکر مون هن کي چئي ڏنا.
”ڪھڙي نہ واهيات ڳالھہ ڪئي اٿئي.“ هن نفرت وچان چيو.
”مون بالڪل ٺيڪ چيو آهي.“ مون چيو، ”ڇا توکي اھا خبر آهي تہ پاڻ ٻنهي جو گڏ گهمڻ ڪيڏو نہ خطرناڪ آهي! ڪڏهن ڪڏهن منھنجي خواهش ٿيندي آهي تہ توکي لڪڻ سان ايترو تہ ماريان جو شڪل ئي ڦري وڃئي. يا گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيانءِ! متان اهو سمجهين تہ ائين نٿو ٿي سگهي! تنھنجون ڳالھيون ٻڌي مون کي هونئن ئي تپ چڙهي ويندو آهي. تون سمجهين ٿي تہ آءٌ بدناميءَ کان ڊڄان ٿو؟ آخر مون سان تنھنجي ڪاوڙ جو سبب ڇا آهي، اهو تہ آءٌ توسان بي پناھہ عشق ٿو ڪريان، پر مون کي خبر آهي تہ توکي مارڻ کان پوءِ آءٌ توسان اڃا بہ هزار ڀيرا وڌيڪ عشق ڪندس. آءٌ توکي خون ڪندس تہ مون کي بہ آپگهات ڪرڻو پوندو پر آءٌ جلدي آپگهات ڪونہ ڪندس. ان لاءِ تہ جيئن توسان گڏ نہ هجڻ جو ڏک محسوس ڪندو رھان. ڇا توکي هڪ ٻي حيرت انگيز ڳالھہ جي خبر آهي! منھنجي محبت روزبروز وڌي رهي آهي. ايتري قدر جو ھاڻ مون کي پنھنجي حياتيءَ جي بہ پرواھہ نہ آهي. ياد اٿئي تہ ٽيون ڏينھن مون شلنگبرگ ۾ تنھنجي ڪاوڙ جي وقت چيو هو، ”تون هڪ معمولي اشارو تہ ڪري ڏس. مان هن اوچي چوٽيءَ تان ڪيئن ٿو ٽپ ڏيان. ان وقت چوين ھا تہ واقعي ٽپ ڏيان ھا. ڇا توکي شڪ آهي تہ مان ٽپ نہ ڏيان ھا.“
”ڪھڙيون نہ احمقاڻيون ڳالھيون پيو ڪرين!“ هن چيو.
”هي احمقاڻيون ڳالھيون آهن يا هوشمندن واريون، مون کي ان جي پرواھہ نہ آهي. مون کي تہ رڳو ايتري خبر آهي تہ مون کي تنھنجي موجودگيءَ ۾ ڳالھائڻ کپي.... ۽ مان ڳالھايان پيو. تنھنجي موجودگيءَ ۾ مون کي عزت نفس جي بہ ڪا پرواھہ نہ هوندي آهي ۽ آءٌ ان جي بہ پرواھہ ڪونہ ڪندو آهيان تہ ٻيا ڇا چوندا.....“
”توکي شلنگبرگ تان ٽپ ڏيڻ جو چئي ڀلا مون کي ڇا ملندو؟“ هن طنز آميز انداز ۾ چيو، ”منھنجي لاءِ اهو بلڪل بي سود ٿيندو.“
”واه!“ مون چيو ”تو هي شاندار لفظ ’بي سود‘ ڄاڻي ٻجهي چيو آهي تہ جيئن آءٌ اڃا بہ سڙان. آءٌ توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. بي سود! تون ائين ٿي چئين نه! واقعي خوشي تہ هميشہ فائدي مان ٿيندي آهي. طاقت ۽ لامحدود اختيار، پوءِ اهي کڻي هڪ هڪ مک تي هجن، اهي خوشي ڏئي سگهن ٿا. انسان فطرتاً ظالم ٿيندو آهي ۽ هميشہ ڏاڍي بنجڻ جو خواهشمند هوندو آهي. تون بہ اھائي ڳالھہ ٿي چاهين.“
مون کي ياد آهي تہ ان وقت هوءَ مون ڏانھن خاص ۽ گهري ڌيان سان ڏسي رهي هئي. منھنجي چھري مان پڪ ئي پڪ منھنجا پريشان احساس ظاھر ٿيندا هوندا. مون کي اڃا تائين ياد آهي تہ اسان ٻنهي جي وچ ۾ لفظ بلفظ اهي ئي ڳالھيون ٿيون هيون، جي مان مٿي بيان ڪري چڪو آهيان. منھنجي اکين ۾ رت ٽمي آيو هو، وات مان گف پئي نڪي. جيستائين شلنگبرگ جو تعلق آهي، مان اڃا بہ حلفيہ چوان ٿو تہ جي هوءَ مون کي ٽپ ڏيڻ لاءِ چوي ھا تہ آءٌ واقعي ٽپ ڏيان ھا. جي هوءَ رڳو چرچي، نفرت يا صرف ٽوڪ خاطر بہ چوي ھا تہ مان ٽپ ڏئي پاڻ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيان ھا.
”بلڪل نہ ـــ مون کي تو ۾ پورو پورو اعتماد آهي.“ هن اهڙيءَ ريت چيو ڄڻ صرف هوءَ ئي ڳالھائڻ ڄاڻي ٿي. سو بہ اهڙي نفرت، حقارت ۽ درشتيءَ سان، جو خدا جو قسم ان وقت ئي گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيانس ھا.
پر هوءَ بچي ويئي. جيڪي ڪجهہ مون هن کي چيو هو، تنھن ۾ ڪوڙ جو ذرو بہ ڪونہ هو.
”تون بزدل تہ نہ آهين؟“ هن مون کان اوچتو پڇيو.
”شايد آءٌ بزدل آهيان، مون کي خبر نہ آهي... ان باري ۾ مون ڪڏهن سوچيو ئي ڪونھي.“
”جي آءٌ توکي چوان تہ فلاڻي شخص کي خون ڪري ڇڏ تہ ڇا تون ان کي ماري ڇڏيندين؟“
”ڪنھن کي؟“
”جنھن کي آءٌ چوان.“
”فرينچ کي!“
”سوال نہ ڪر، جواب ڏي. جنھن کي بہ آءٌ چوان. آءٌ رڳو اهو ڄاڻڻ ٿي چاهيان تہ ڇا تون هينئر سنجيدگيءَ سان ڳالھائي رهيو هئين؟“
هوءَ اهڙي شوق ۽ اشتياق سان منھنجي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳي، جو مون کي حيرت ٿيڻ لڳي.
”چڱو تہ ٻڌاءِ ڳالھہ ڪھڙي آهي!“ مون ٿورو وڏي سڏ چيو. ”توکي ڪنھن جو ڊپ آهي؟ منھنجو يا ڪنھن ٻئي جو؟ هتي جي ھر شيءِ منھنجي لاءِ خراب ۽ بي ڍنگي آهي. تون هڪ چرئي ۽ برباد شخص جي اڳ ڄائي آهين، جنھن جي دل ۾ هن شيطان ـــ بلانشي جي محبت جو ديرو آهي. هڪ هو فرينچ آهي، جنھن جي پراسرار اثر ۾ تون ڦاٿل آهين ۽ ھاڻ تون مون کان ايڏي اشتياق مان اهڙو سوال پڇين ٿي....! خير مون کي ٻڌاءِ، نہ تہ آءٌ هت جو هت چريو ٿي پوندس. ڇا، تون مون سان بي تڪلف ٿيڻ ۾ شرم ٿي محسوس ڪرين! ڇا، واقعي توکي ان ڳالھہ جي پرواھہ نہ آهي تہ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ٿو سوچيان!“
”پر آءٌ توکي ان باري ۾ وڌيڪ ڪجهہ بہ نٿي چوان. مون تہ توکان هڪ سوال ڪيو، ۽ ان جي جواب جو انتظار پئي ڪريان.“
”بيشڪ تون جنھن بہ ماڻھوءَ لاءِ چوندينءَ آءٌ ان کي خون ڪري ڇڏيندس.“ مون يڪدم چيو، ”پر ڇا تون واقعي ائين ڪرڻ لاءِ چوندينءَ؟“
”تہ ڇا تنھنجو خيال آهي تہ آءٌ توکي ائين ئي ڇڏي ڏينديس! آءٌ توکي ضرور چونديس ۽ پاڻ هڪ طرف بيھي ڏسنديس. ڇا تون اهو برداشت ڪري سگهندين؟ جي توکي چوان تہ تون شايد هن کي ماري وجهندين ۽ پوءَ مون وٽ ايندين ۽ پوءِ مون کي بہ ماري ڇڏيندين ــ! ڇو جو مون ئي هُن کي مارڻ لاءِ توکي چيو هو!“
مون کي ائين لڳو ڄڻ انھن اکرن منھنجا هوش حواس اڏائي ڇڏيا هجن. آءٌ تہ ان وقت بہ ان سوال کي رڳو هڪ چيلينج ۽ چرچو سمجهي رهيو هوس تہ بہ هن ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان ائين چيو هو. پر هن جي ايتريءَ بي تڪليفيءَ سان ڳالھيون ڪرڻ، مون تي پنھنجا ايترا حق قائم ڪرڻ، مون تي اهڙو اختيار ڄمائڻ ۽ بي حجابائيءَ سان چوڻ تہ، ”وڃ، وڃي تباھہ ٿي تہ مان هڪ طرف بيھي ڏسندي رھان!“ مون کي سخت حيرت ٿي. انھن اکرن هڪ صاف ۽ کليل ڳالھہ چئي هئي. منھنجو ذهن پري جي ڳالھہ سوچڻ لڳو هو. ان جي معنيٰ تہ هوءَ مون کي اُن نظر سان ڏسي ٿي! هيءَ تہ غلاميءَ ۽ حقارت جي نظرن کان بہ وڌيڪ خراب ٿي لڳي. جي ڪو ڪنھن کي انھن نگاهن سان ڏسي تہ ان جو مطلب هي ٿيو تہ هو ان کي مٿي کڻي پنھنجي سطح تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. حالانڪ اسان جي گفتگو بلڪل بي معنيٰ ۽ منجهيل هئي، تڏهن بہ خبر ناهي تہ ڇو منھنجي دل زور سان ڌڙڪي رهي هئي.
اوچتو هوءَ ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي. اسين ٻئي هڪ بينچ تي ويٺا هئاسين. اتي ئي ٻار بہ کيڏي رهيا هئا. سامھون ئي اھا جڳھہ هئي، جتي گاڏيون بيھنديون آهن ۽ اهو رستو هو، جتان ماڻھو ڪاسينو کان نڪري راھہ وٺندا هئا.
کلندي کلندي، هوءَ چوڻ لڳي، ”ڇا تون هن ٿلهيءَ متاريءَ جاگيردارياڻيءَ کي ڏسين ٿو! اھا برمرهيم جي جاگيردارياڻي آهي. هوءَ هتي رڳو ٽي ڏينھن رهي آهي. هن جي مڙس ـــ هن ڊگهي ۽ سنهي پرشيائيءَ کي بہ ڏٺو اٿئي؟ جيڪو هٿ ۾ هميشہ لڪڻ کنيو ٿو وتي. ياد اٿئي ٽيون ڏينھن هن اسان کي ڪھڙيءَ طرح گهوريو هو! تہ تون يڪدم هن جاگيردارياڻي وٽ وڃ ۽ پنھنجي ٽوپي لاهي، هن کي فرينچ ٻوليءَ ۾ ڪجهہ چئو.“
”ڇو؟“
”تو شلنگبرگ تان ٽپ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اڃا هينئر تو عهد ڪيو آهي تہ جنھن کي چونديس تنھن کي ماري ڇڏيندين. ان خوناخونيءَ جي بدران آءٌ رڳو کلڻ ٿي گهران. بحث جي ضرورت ڪانھي. آءٌ بہ ڏسان ٿي تہ جاگيردار پنھنجي ڏنڊيءَ سان ڪيئن ٿو تنھنجي خبر وٺي.“
”اوه تہ مون کي آزمائڻ ٿي چاهين، ڇا تنھنجي خيال ۾ آءٌ اهو ڪم نہ ڪندس؟“
”ھا، آءٌ توکي آزمائڻ ٿي چاهيان. وڃ، منھنجي اھائي خواهش آهي.“
”تہ چڱو آءٌ وڃان ٿو. حالانڪ اهي تہ وحشيانہ خيال. مون کي رڳو اهو خيال آهي تہ اھا ڳالھہ ڪٿي جنرل صاحب کي نہ خراب لڳي ۽ ايمان سان آءٌ پنھنجي لاءِ ڪونہ سوچي رهيو هوس. رڳو تنھنجي ۽ جنرل صاحب جي لاءِ سوچي رهيو هوس. هڪ خاتون جي توهين ڪرڻ چريائي نہ آهي تہ ٻيو ڇا آهي!“
”مون کي خبر آهي تہ تون رڳو ڳالھيون ڪرڻ ٿو ڄاڻين.“ هن بيزاريءَ مان چيو، ”تنھنجي اکين مان رت ٽمي رهيو هو، سو رڳو ان ڪري جو تو شراب پيتو هو. ڇا تنھنجي خيال ۾ آءٌ اهو نٿي سمجهي سگهان تہ اھا چريائي آهي ۽ جنرل صاحب ناراض ٿيندو! آءٌ رڳو کلڻ ٿي گهران، ۽ بس ـــ ۽ اهو سڀ ڪجهہ انھيءَ لاءِ ئي آهي. هونئن توکي هڪ خاتون جي بي عزتي ڪري ملندو بہ ڇا؟ رڳو موچڙا.“
آءٌ مڙيس ۽ هن جي حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ خاموشيءَ سان ھلڻ لڳس. بيشڪ اھا چريائي هئي ۽ يقيناً مون کي خود خبر ڪانہ هئي تہ آءٌ هي ڪم ڪيئن ڪري سگهندس. پر جيئن جيئن مان جاگيردارياڻيءَ جي ويجهو پئي ويس، تيئن تيئن مون کي ياد آهي تہ منھنجي اندر ڪو جذبو مون کي اڳتي ڌڻ لڳو. ٻاراڻي حرڪت جو جذبو. ان کان سواءِ منھنجي حالت خطرناڪ حد تائين جوش ۾ بہ هئي. مون کي ائين پئي لڳو، ڄڻ مان شراب جي نشي ۾ مست ٿي چڪو آهيان.

باب ڇھون

ان اڻ وڻندڙ واقعي کي گذر ئي، ٻہ ڏينھن ٿي چڪا آهن. ايترو گوڙ، گهمسان، ناشائستگي_ بس خدا پناھہ ڏئي. هي سڀ ڪجهہ ڪيترو نہ واهيات، بيجا ۽ گندو هو؟ ۽ سڄي ڳالھہ جو سبب آءٌ هوس. هونئن ڪڏهن مونکي ان تي کل ايندي آهي آءٌ پورو ياد بہ نٿو ڪري سگهان تہ مون کي ڇا ٿي ويو هو. يا ادن وقت مان واقعي چريو ٿي پيو هوس. اهو رڳو دماغي پريشاني جو نتيجو هو. ايفتري ضرور خبر اٿم تہ جي منھنجي باقاعدي ڪن ڪوشي نہ ڪئي ويئي تہ آءٌ وري بہ شرمناڪ حرڪتون ڪندو رهندس. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿي لڳم ڄڻ منھنجي ذهن منھنجو ساٿ ڇڏي ڏنو هو. ڪڏهن ائين ٿي لڳو، ڄڻ مان پنھنجي ٻاراڻيءَ وهيءَ کان مٿي ڪونہ چڙهيو آهيان ۽ اھا سڀ ٻاراڻي حرڪت هئي جيڪا آءٌ ڪري رهيو هوس.
اھا پالينا هئي. اهو سڀ ڪجهہ پالينا جي ڪري ٿيو هو. مان هيءَ ٻاراڻيءَ حرڪت اصل نہ ڪريان ھا، جي ان جو سبب هوءَ نہ هجي ھا. خدا بھتر ٿو ڄاڻي _ شايد مون نا اميديءَ کان مغلوب ٿي ائين ڪيو. (اگرچھ اھا ڳالھہ ئي بيوقوفي جي ٿي لڳي، جو اهڙا دليل ويھي ڪڍجن). مون کي خبر نہ آهي، مون کي بلڪل خبر ڪانھي تہ پالينا ۾ آخر اهڙي ڪھڙي خوبي آهي. هونئن هوءَ خوبصورت تہ ضرور آهي. مون کي پڪ آهي تہ هوءَ خوبصورت آهي. هوءَ وڏن وڏن کي ٺيڪ ڪرڻ جھڙي آهي. هوءَ سروقل، دلربا ۽ ڏاڍي نازڪ آهي. مون کي، ائينٿولڳي ڄڻ هن جي جسم کي سولائي سان موڙي ٻيڻو ڪري ٿو سگهجي. هن جا پير ڊگها ۽ سنهڙا آهن_ اصل دل تي عذاب ! هن جي وارن ۾ گلابي گلابي جهلڪ آهي. اکيون ٻليءَ جيان گول گول، جن ۾ تڪبر ۽ خوداري سانجهيءَ جو هن ديوادن خاني ڻ مارڪئس گريو سان ڏاڍي ڪاوڙ ۾ پئي ڳالھايو. ڳالھيون ڪندي ڪندي، هن گريو ڏانھن اهڙيءَ طرح نھاريو جو پوءِ مون پنھنجي ڪمري ۾ اچي سوچيو تہ ھاڻي هن کيس ضرور چماٽ بہ ڦهڪائي ڪڍي هوندي. بس انھيءَ ڏينھن کان سندس محبت ۾ گرفتار ٿي ويس.
ھاڻ مطلب جي ڳالھہ تي اچڻ کپيم. آءٌ در مان نڪري رستي تي ھلڻ لڳس ۽ هڪ دفعو بيھي ني تابيءَ سان جاگيردار ۽ جاگيردرياڻي جو انتظار ڪرڻ لڳس، جڏهن هو مون کان صرف پنجن قدمن جي فاصلي تي اچي پھتا تہ مون ٽوپي لاٿي ۽ سلام لاءِ ٿورو جهڪيس.
مون کي ياد آهي تہ ان وقت جاگيردرياڻي کي ھلڪي ڀوري رنگ جو وڳو پھريل هو. فراڪ ويڪري گهير جو هوس. جنھن تي چئن ئي طفر جھالر لڳل هئي ئ پٺيان لڙڪندڙ جھالر بہ شاندار هيس. هوءَ بندري ۽ ٿلهي هئي. ٿلهي کاڏي اهڙي تہ خوفناڪ هيس جو ائين ٿي لڳو تہ ڄڻ هن عورت کي ڳچي آهي ئي ڪانھ. هن جي منھن تي فيروزي رنگ جا ڄڻ ڇنڊا لڳل هئا. هن جون اکيون ننڍيون ننڍيون ۽ ڌڪار ڀريل پئي لڳيون ۽ هوءَ اهڙي انداز سان پئي ھلي، ڄڻ ڇسڻ وارن جي سلامي پئي ورتائين. جاگيردار ڏاڍو سنهو ۽ ڊگهو هو. عام جرمنن وانگر هن جو منھن بہ ٽيڏو هو، جنھن تي سنھن سنھن گهنجن جو ڄار پکڙيل هو. هن کي عينڪ بہ پيل هئي. عمر پنجيتاليھن کان وڌيڪ نہ ٿيندس. ائين ٿي نظر آيو ڄڻ ٽنگون ڇاتيءَ کان ئي ٿي شروع ٿيس. اھا ڊوڙڻ ۾ تيزيءَ جي جي نشاني آهي. هو مور جيان آڪڙيو پئي آيو هن جي منھن مان رڍ جھڙي معصوميت پئي بکي، جنھن کي ماڻھو بي انت عقل جي کاڻ سمجهندا آهن.
اهو سڀ ڪجهہ صرف چند گهڙين ۾ منھنجي اکين آڏو ڦري پيو.
منھنجي جهڪڻ ۽ منھنجي هٿ واري ٽوپي آهستي آهستي هنن جو ڌيان مون ڏي ڇڪايو. جاگيردار آهستي ڀرون مٿي کنيا. جاگيردرياڻي مون ڏي وڌڻ لڳي.
”محترمہ جاگيردرياڻي صاحبه.“ مون هڪ هڪ لفظ کي ڏاڍي واضح انداز ۾ چٻاڙيندي فرينچ ٻوليءَ ۾ چيو. ”اوھان ايتي مھرباني ڪري مون کي وڏو اعزاز بخشيو آهي“.
آءٌ ٻيھر سلام ڪرڻ لاءِ جهڪيس، ٽوپي مٿي تي رکيم ۽ جاگيردار ڏي منھن ڪري مرڪندو هنن وٽان لگهڻ لڳس.
پالينا مون کي رڳو ٽوپي لاهڻ لاءِ چيو هو. پر مان تہ باقاعدي جهڪيس ۽ پنھنجي طرفان هڪ شوخ ۽ ڏنگي ٻار جھڙين حرڪتن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نہ ڇڏيم. اھا خدا کي خبر تہ اهو سڀ ڪجهہ مون ڪھڙي جذبي هيٺ ڪيو. مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ مان خلا ۾ ٽنگيل هوس.
”هون......“ جاگيردار ڪاوڙ ۽ حيرت جي گڏيل ڪيفيت ۾ ڀٽڪندي زور سان چيو.
آءٌ وري ڏسندو رهيس ۽ وڏي احترام سان بيھي انھي ئي لطيف مرڪ سان هنن کي ڏسندو رهيس. هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. آخر هن پنھنجي پريشاني ۾ ڀرون ايترا تہ متي کنيا، جيترا هو کڻي ٿي سگهيو. هن جي منھن جو پنو ئي بدلجي ويو هو.
جاگيردرياڻي عجب ۾ مون ڏانھن ڏسي رهي هئي. پاسي مان لانگهائو ماڻھو، هي مفت جو تماشو ڏسڻ ۾ لڳي ويا. انھن مان ڪي بيھي رهيا.
”هون......! واه.... واه!“ مون هڪ هڪ لفظ ۽ هڪ هڪ اکر کي چٿيندي ۽ چٻاڙيندي چيو، منھنجون اکيون اڃا تائين هنن جي چھري ۾ کتل هيون.
”تون احمق تہ نہ آهين!“ هن ڏنڊي الاريندي، وڌيڪ پرشان ٿيندي چيو.
هو منھنجي ان رويي مان مونجھاري ۾ پئجي ويو هو. آءٌ خاصو موچارو ٺھيل ٺھڪيل هوس ۽ ڏسڻ ۾ ڪو اعليٰ طبقي جو فرد ٿي لڳس.
”واه، سائين واه. مون وڏي واڪي چيو. مون جرمنن وانگر خوب جي ’و‘ کي خاص انداز سان ڇڪيو، جي تقريباً ھر فقري ۾ خوب ضرور چوندا آهن. خوب، جي.و، کي هو پنھنجي خيالن ۽ جذبن جي علاسيءَ پٽاندر گهڻو ۽ ٿورو ڇڪيندا آهن.
جاگيردار ۽ جاگيردارياڻي ٻيئي تيزي سان مڙيا ۽ وٺي ڀڳا. تماشائين مان ڪي ڳالھائڻ لڳا ۽ ڪي وري حيرت مان مون ڏي ڏسڻ لڳا. سڄو منظر مون کي ياد ناهي. آءٌ پوءِ فوجي ڍنگ سان وڏيون وڏيون وکون کڻندو پالينا ڏي وڃڻ لڳس. جيڪا هڪ بينچ تي ويٺي هئي، پر اڃا آءٌ هن جي بينچ کان سؤ قدم پري هوس تہ هوءَ اٿي ۽ ٻارن کي وٺي، هوٽل ڏي رواني ٿي، مون هن کي ٻھرئين دروازي وٽ اچي جهليو.
”ھاڻ تہ ڏٺئي؟ مون توکي ڪري ڏيکاريو نہ؟ مون هن وڙ وڃي چيو.”هون، تہ پوءِ؟ ھاڻ تون آرام ڪري سگهين ٿو.“ هن جواب ۾ چيو ۽ مون ڏانھن ڏسڻ بنان ڏاڪڻون چڙهڻ لڳي.
جڏهن آءٌ واپس آيس تہ گهڙيال ٺڪاءَ هڻي يارنھن وڄايا، جنرل صاحب يڪدم مون کي گهرايو. هوٽل جي طرفان اسن جي پاٽي وٽ صرف ٻہ نوڪر ۽ چار ڪمرا آهن. انھن مان هڪڙو ٿورو وڏو آهي، ان کي ڊرائينگ روم بنائي ڇڏيو اٿائون. ان ۾پيانو بہ رکيو آهي. ان جي ڀر وارو ڪمرو بہ چڱو خاصو آهي. ان کي جنرل پنھنجي پڙهڻ جو ڪمرو بنايو آهي. هو اتي منھنجو انتظار ڪري رهيو هو. جڏهن آءٌ اندر گهڙيس، تہ هو ڪمري جي وچ هڪ شاندار انداز سان بيٺو هو. مارڪئس گريو، پير پساريو ڪوچ تي ويٺو هو.
”حضور، مان پڇي سگهان ٿو تہ ايتري دير ڪٿي رهيئو!“ جنرل مون کي مخاطب ڪندي، ابتدا ڪئي.
”جنرل صاحب، اوھان جي سڌي طرح ڳالھايو تہ وڏي مھرباني ٿيندي.
مون چيو، ”اوھان جو اشاري شايد ان جرمن سان منھنجي جھڙپ ڏي آهي.“
”جرم! جاب هو جرمن جاگيردار برمرهيم صاحب آهي ۽ تمام وڏي اهم شخصيت جو مالڪ آهي. اڄ صبح تو هن جي جاگيردارياڻي صاحبہ جي توهين ڪئي آهي.“
”بلڪل نہ، اصل نه“
”تو هن کي سخت تنگ ڪيو آهي.“
”ڇا تنگ ڪيو اٿم. ڪجهہ بہ نہ. ڳالھہ سڄي هيءَ آهي تہ جڏهن مان جرمن ۾ هوس تہ منھنجي ڪنن ۾ سڄو ڏينھن ”خوب“ جو آواز ايندو هو، جنھن کي اتي جا ماڻھو ھر ھر چوڻ جا عادي آهن. جڏهن هو ٻيئي مون کي رستي تي مليا تہ منھنجي ڪننن ۾ اهو جملو گونجڻ لڳو. خبر نہ آهي تہ ڇو مون کي ڪاوڙ اچي ويئي.... ۽ ان کان سواءِ جاگيردارياڻي جي ( جا نون سان ان کان پھرين ٻہ ٽي دفعا ملي چڪي هئي) هيءَ خراب عادت آهي تہ هوءَ مون کي ڏسندي ئي اهڙي انداز سان ھلندي آهي ڃڻ مان ماڪوڙي هجان ۽ هو مون کي پنھنجي ڳري پير هيٺيان چپي ڇڏيندي. اوھان کي اھا تہ ڀلي ڀت خبر آهي تہ مون ۾ بہ ٿوري گهڻي عزت نفس آهي، جڏهن هو مون ڏانھن اچڻ لڳي تہ مون ٽوپي لاهي، ڏاڍي مان سان نرم لهجي ۾ (اوھان کي يقين ٿو ڏياريان تہ ڏاڍي نرم لهجي ۾) رڳو هيترو چيو هو تہ اوھان ايتري مھرباني ڪري مون کي وڏو اعزاز بخشيو آهي. ڀلا ٻڌايو تہ ان ۾ ڪھڙي خراب ڳالھہ ٿي! جڏهن جاگيردار آهستي چيم، ٻيو ڀيرو ٿوري ڏاڍي چيم. اھا آهي ڳالهه. خوامخواه تيليءَ جو کڻي ٿنڀ بنايو اٿن.“
اھا ڳالھہ ضرور هئي تہ ان ٻراڻي صفائي تي آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس. منھنجي هيءَ عجيب خواهش هئي تہ هي سڄو افسانو بران ڪندي، آءٌ ان کي جيترو بہ ڦيرائي گهيرائي سگهن، ڦيرايان تہ جينئن ھرڀيري ڳالھہ ڪرڻ مان وڌيڪ مزو اچي.
جينئن جينئن اھا ڳالھہ مادن ڪري رهيو هوس، مون کي وڌيڪ خوشي محسوس ٿي رهي هئي.
”ڇا تون منھنجو مذاق اڏائي رهيو آهي!“ جنرل صاحب ٿوري بلند آواز ۾ چيو. هو فرينچ ڏي مڙيو ۽ هن کي فرينچ ٻوليءَ ۾ چيائين ته.پڪ هي ڪنھن شرمناڪ ڪم ڪرڻ لاءِ ويو هو.، مرڪئس گريو ڏاڍي حقارت سان مون ڏانھن ڏٺو ۽ ڪنڌ کي لوڏو ڏنائين.
”غلط، بلڪل غلط. اهڙو خيال اصل نہ ڪجؤ! خدا جو سنھن اھا ڳالھہ ڪانہ هئي!“ مون هڪدم چيو. ”آءٌ ايمان سانچوان ٿوتہ منھنجو رويو بيشڪ ٺيڪ ٺيڪ نہ هو، پر ان کي هڪ ٻار واري اڻ وڻندڙ حرڪت کان وڌيڪ ڪجهہ بہ چئي نٿو سگهجي. جنرل صاحب يقين ڪريو، نون کي ان جو سخت افسوس آهي. پر هڪ ڳالھہ ضرور آهي (گهٽ ۾ گهٽ منھنجي دااغ ۾)، جا مون کي ان افسوس جي عذاب کان بچائي سگهي ٿي ۽ اهي هيءَ آهي تہ آءٌ ٻن هفتي کان ڪجهہ بيمار آهيان ۽ گڏوگڏ ڪاوڙيل به. ڏاڍي افسوس وچان ڪنھن ڪنھن وقت تہ ڪپڙن مان ئي نڪري ويندو آهيان. مون کي پنھنجو پاڻ تي قابو نہ رهندو آهي. هيءَ حقيقت آهي تہ ڪڏهن ڪڏهن منھنجي دل چوندي آهي تہ مارڪئس گريو کي چماٽ وھائي ڪڍان. ۽..... بھرحال اھا ڳالھہ چوڻ جي ضرورت نہ آهي. ڪٿي چڙي نہ پوي. مطلب تہ هيءُ ڪھڙي بيماريءَ جي علامت آهي، سا چئي نٿو سگهان. جڏهن مان جاگيدارياڻي ۽ نرمرهيم کان معافي وٺڻ وڃان (جنھن جو اردو اٿم) تہ هوءَ ان حقيقت تي غور بہ ڪندي يا نہ؟ ڀانيان ٿو تہ ڪا نہ ڪندي. خاص ڪري ان لاءَ جو گهڻي وقت کان قانوني حلقن ۾ ان قسم جي معذرت جو ئي سھرو ورتو وينسو آهي. وڪيل بہ ڏوھارين جي وڪالت ڪندي الثر چوندا آهن تہ سندس اصيل اهو ڏوه ڪرڻ وقت هڪ خاص بيماريءَ ۾ مبتلا هو. هو چونسا آهن، ”هن ڪنھن کي قتل ڪيو آهي، اهو بہ کين ياد نہ آهي“ ۽ جنرل صاحب‘ ڊاڪٽر بہ انھن جي تائيد ڪندا آهن ۽ بڌائيندا آهن تہ اهڙيون ذهني بيماريون بہ ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ مريضن کي ڪجه بہ ياد نہ هجي، پر جاگيردار ۽ جوڻس تہ پرڻي نسل سان تعلق ٿا رکن. اهي ڀلا ڪيئن ان ڳالھہ تي اعتبار ڪندا. ان کانسواءَ هو پشيا جو وڏو رئيس ۽ جاگيردار بہ آهي. ان لاءِ کيس طبي دنيا ۾ آيل ترقيءَ متعلق ڄاڻڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي. ان ڪري هو اھا و ضاحت قبول نہ ڪندا. اوھان جو ڇا خيال آهي، جنرل صاحب!“
”بس ميان، بس!“ جنرل صاحب تيز ٿيندي چيو، ”اهوئي ڪافي آهي. مان تنھنجي انھن حرڪتن کان هميشہ هميشہ لاءِ ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ھاڻي خدا ڪندو تہ توکي هنن کان معافي گهرڻ جي ڪا ضرورت پيش نہ ايندي. هنن جي توسان ڪنھن قسم جي ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ، پوءِ چاهي اھا معذرت متعلق ڇو نہ هجي، هنن جي وقار کان گهٽ ٿيندي. جاگيردار صاحب کي خبر پئجي چڪي آهي تہ تون منھنجي ڪٽنب جو فرد آهين. هو مون سان ڪاسينو ۾ مليو هو، ۽ مون کي سڄي ڳالھہ تفصيل سان ٻڌائي اٿس. مان توکي يقين ٿو ڏياريان تہ هو مون کي چوڻ وارو ئي هو تہ مان پنھنجي طرفان هن کي آئينده لاءِ تنھنجي ضمانت ڏيان. خبر اٿئي تہ تو منھنجي عزت ڪھڙيءَ طرح مٽيءَ ۾ ملائي آهي؟ مان خود جاگيردار کان معافي وٺڻ تي مجبور ٿي پيس. مون پنھنجي طرفان هن کان معافي وٺي ڇڏي ۽ واعدو ڪيو اٿم تہ تون يڪدم يعني اڄ کان ئي منھنجي ڪٽنب جو ڀاتي ٿي نہ رهندين.“
”ٻڌو، مون کي بہ تہ چوڻ ڏيو..... تہ جڏهن اوھان جاگيردار کي چيو تہ مان آئينده اوھان جي ڪٽنب جو فرد نہ رهندس، تہ ڇا اھا هن هن جي گهر هئي؟“
”نہ ميان، بلڪ کيس اهڙو اطمينان ڏيارڻ مان خود مجبور هوس تہ بيشڪ هو مطمئين بہ ٿي ويو هو. ھاڻ توکي اسان جي جان ڇڏڻي ئي پوندي.
هيءُ آهي تنھنجي ڪلرقم، چار فيڊرڪ ۽ فلورن، جا حساب سان تنھنجي مون ڏانھن نڪري ٿي هي پٺ پئسا، ۽ هي تنھنجو کاتو. جانچ ڪري پڪ ڪر. خدا حا فظ! آئيده لاءِ اسين ٻئي هڪ ٻئي لاءِ ڌارڪا آهيون. سواءِ ڏک يا تڪليف جي، مون کي تو وٽان ڪجهہ نہ مليو. مان هينئن ئي بيري کي سڏي چوانس تہ هن هوٽل ۾ تنھنجي آئينده خرچ جو مان ذميدار نہ آهيان ! بس اللله جي امان“.
مون رقم ۽ ڪغذ ڪنيو، جنھن تي پينسل سان منھنجو حساب لکيل هو. جنرل صاحب کي جهڪي سلام ڪيم ۽ سنجيدگي سان چيم، ”پر جنرل صاحب!هي معاملو ائين ختم نہ ٿيندو، جيئين اوھان جي مرضي آهي. مون کا يافسوس آهي جو اوھان کي جاگيردرياڻي اڳيان شڪي ٿيڻو پيو.پر معاف ڪجوء. ان جا ذميوار بہ اوھان خود آهيو. جاگيردار جي سامھون منھنجي ذميواري پنھنجي مٿي کڻڻ جي اوھان کي ڪھڙي ضرورت هئي ؟ آخر ان ڳاکھہ چوڻ جو مطلب ڇا آهي تہ مان توھان جي ڪٽنب جو فرد آهيان؟ مان اوھان جي گهر ڻ هڪ ”ٽيوٽر“ آهيان، ۽بس. مان نہ اوھان جو پٽ آهيان نہ نوڪر. اوھان مھنهجي اعمالن لاءِ قطعي ذميوار ماڻھو آهيان. منھنجي عمر پنجويہ سال آهي. مان يونيورسٽي جو گئجويٽ آهيان ۽ هڪ شريف ماڻھو پڻ. منھنجو اوھان جي ڪنھن بہ معاملي سان تعلق نہ آهي. اوھان جي احتران ۽ وقار جو خيال نہ هميم ھا تہ مان هن ڳالھہ جي پوري پوري وضاحت طلب ڪريان ھا تہ اوھان کي مھمھجي پاران جواب ڏيڻ جو حق ڪنھن ڏنو؟“
ان ڳالھہ جنرل صاحب جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. هن جا هٿ خود بخوخ مٿي کڄي ويا ۽ اوچتو فررينچ کي مخاطب ٿي چيائين تہ، ” مان يعني مان، خواه مخوه جو جهڳڙو پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجهي رهيو هوس.“
فرينچزور سان ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
مون ماردڪئس گريو جي ٽھڪ کي نظر انداز ڪندي، دلجمعيءَ سان چيو، ” پر آءٌ ڇڏيندس فگيردار کي بہ ڪونہ. جنرل صاحب! اڄ اوھان هن جي دانھن بڌي چڪا آهيو ۽ هن جي طرفداري ڪري سڄو معاملو پنھنجي مٿي تي کڻي چڪا آهيو. آءٌ اوھان کي صاف صاف ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ سڀاڻي صبح ساڻ جاگيردار کانپڇندس تہ هن ڪھڙن سببن جي ڪري هڪ ٽئين ماڻھوءَ کي وچ ۾ آندو. ڇا آءٌ خود پنھنجي اعمال جي جوابدهي ڪري نٿي سگهيس؟.
منھنجي ڳالھہ ھاڻي جنرل صاحب کي سمجهہ ۾ آئي. هو هن نئين عجيب مصيبت جي ڳاله ٻڌي، سخت پريشان ٿي ويو. هن تنگ ٿي چيو، ” اهڙي مردود ڳالھہ کي اينگهائڻ مان آخر تو کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟ بخدا ٿون مون کي عطين مصيبت ۾ ڦاسائي رهيو آهين. تو ۾ ايڏي جرئت_ اف ايڏي جرئت! خدا جو قسم مان پنھنجي عهدي جي ڪري ۽ جاگيردار صاحب پنھنجي مرتبي جي زور تي توکي پوليس ۾ ڏيئي ڇڏينداسين. وليس توکي ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏيندي تہ جيئن تون اڳتي ڪا گڙٻڙ نہ ڪري سگهين. ٻڌي رهيو آهين نہ؟“ هو ڪاوڙ ۾ ڏڪيرهيو هو، حالانڪ مھهن تيڊپ جا نشان بہ هئس.
مون اهڙي لهجي ۾ جواب ڏنو جو جنرل صاحب لاءِ اصل ناقابل برداشت هو.“ “جنرل صاحب! جڏهن ڪنھن شخص گڙ ٻڙ ڪئي نہ تہ اوھان ان کي ڪيئن گرفتار ڪرئي سگهندوء!مون اڃا تائين جاگيردار سان ڪونہ ڳالھيو آهي ۽اوھان کي خبر ئي نہ آهي تہ مان هن کي ڇاٿو چوڻ چاهيان. مان تہ رڳو ان حيثيت جي تشريح ٿوگهران جا منھنجي لاءِ بي عزتيءَ واري آهي، يعني هيءَ تہ آءٌ ڪنھن شخص جي ضابطي هيٺ آهيان، ڇو مون کي پنھنجي عمل جي ڪا آزادي ڪانھي! اوھان کي بجرحال پريشان ٿڳڻ جي ضرورت نہ آهي.“
”خدا جي واسطي اليگزي اوانو وچ!هي تون ڇا ٿو ڪرڻ گهرين!اھرو چريائپ جو خيال ڦٽي ڪري ڇڏ!“ جنرل پنھنجي قھرآلود لهجي کي خوشامد ۽ مصلحت آميزيءَ ۾ بدليندي چيو. ” خبر اٿئي تہ ان جو نتيجو ڇا ٿيندو! هڪ نئين آفت. پر توکي ڪھڙي خبر! اوه، توکي خود سوچڻ کپي ھا. مان رڳو هتي جي ڳالدھہ ڪري رهيو هوس. ھا۾ي ! رڳو ھاڻي..... توکي منھنجي ان حالت جي ڪا بہ خبر نہ آهي...... جڏهن اسين هتان ڪنھن ٻيءَ جڳھہ تي وينداسون تہ پوءِ وري توکرگهرائيندس. مان تہ صرف ھاڻي جي ڳالھہ ڪري رهيو هوس. حقيقت ۾..... توکي خبر آهي، ڪي اهڙا ئي سنن آهن.....“ هنوڏيءَ حسرت سان سانھن ڪيدي چيو، اليگزي اونو وچ! اليگزي اونو وچ!“
دروازي ڏي مڙندي، مون جنعل صاحب کي پڪ ڏياري تہ ”سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويندو. گهٻرائڻ جي ڪابہ ضرورت نہ اهي.“ اهو چئي، آءٌ جلدي ٻاھر نڪر ويس.
هڪ روسي ڪنھن ڻئي ملڪ ۾ ٻين کان جهٽ مرعوب ٿي ويندو آهي.
خصوصا تڏهنجڏهن هو ڪنھن اهميت جو صاحب هوندو آهي. سوچيندو آهي تہ الائي ماڻھو کيس ڪھڙي نظر سان ڏسندا هجن. هن جي متعلق الائي ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ٺاهيندا همن. هيءَ شيءَ موزون رهندي يا هوءَ. اهڙي قسم جون ڳالھيون سوچيندي سوچيندي، هو ڊڄي ويندو آهي ۽ پنھنجو پاڻ کي زنجيرن ۾ جڪڙيل محسوس ڪندو آهي. جنھن شيءِ کان انتھائي خوشي ٿيندي انڌا ڌنڌ هوٽلن ۾، تفريح گاهن ۾، اسيمبليءَ ۾، سفر ۾، مطلب تہ ھر جڳھہ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهي ٿو. پر جنرل صاحب جروات جان گهٻراهٽ ۾ اھا ڳالھہ نڪري ويئي. ان کان سواءِ ڪا ڳالھہ اهڙي ضرور هئي ۽ شايد ان خاص ڳالھہ جي ئي ڪر ي ايڏي هيڻائي ڏدکارياين ٿي ۽ يڪمر مون سان پنھنجي رويي بدلائڻ تي تيار ٿي ويو هو. منھنجي لاِ سندس اهي روش هڪ کليل ثابتي هئي ۽ ان لاءِ ان ڳالھہ تي کڻي ڳنڍ ٻڌم. بيشڪ هو مھنهجي ان حماقت جي باريڻ آفيسرن کي آگاه بہ ڪري سگهيو ٿي. ان ڪري مون کي ڪجهہ خبردار ٿيڻو پيو.
مون جنرل صاحب کي ناراض ڪرڻ بہ نٿي گهريو. بلڪ اصل ڳالھہ هي آهي تہ مون پالينا کي ڪاوڙائڻ ٿي چاهيو. پالينا مون سان اهڙو سلوڪ ڪيو هو ۽ مون کي اهڙي حا لت ۾ آڻي ڇڏيو هئائين، گو مان دل ۾ هيءَ خواهش ڪرڻ کان رهي نہ سگهيس تہ هن کي مجبور ڪريان تہ هوءَ پاڻ مون کاي چپ رهڻ جي درخواست ڪري. ممڪن آهي تہ منھنجي ٻاراڻي حرڪت جي ڪري خود هن تي بہ ڪي ڇنڊا پون. ان کانسواءَ هڪ نئون احساس، هڪ نئين خواهش منھنجي دل ۾ پيدا ٿي رهي هئي. اھا هيءَ تہ بيشڪ هن جي موجودگي ۾ بلڪل بي حيثيت بلڪل گهٽ آهي! نہ ڪو آءٌ ايترو گهٽ حيثيت آهيان جو جاگيردار جھڙن کان مار کائيندو وتان. مون تہ هنن سڀني جو مذاق اڏائڻ ٿي چاهيو ۽ سل کولي هنن تي کلڻ ٿي چاهيم. هنن کي بہ تہ خبر پوي. هوءَ ان ڳالھہ کان ڊڄي، مون کي واپس گهرائيندي يا نہ، تہ بہ گهٽ ۾ تهٽ اھا تہ خبر پئجي ويندس تہ آءٌ بہ پنھنجو وقار قائم رکي سگهان ٿو.
هڪ عجيب خبر ؛ اجهو هينئر ڏاڪڻ تي ترس مون کي ٻڌايو تہ ماريا فلپانيا پنھنجي سوٽ سان ملڻ اڄ شام جي گاڏيءَ ۾اڪيلي ڪار لسباد ھلي وئي آهي. ان جو مطلب ڇا؟ نرس چوي ٿي تہ هن ڪافي وقت کان اوڏانھن وڃڻ جو پئي سوچيو. پر ڇو؟ تنھن جي ڪنھن کي بہ خبر نہ آهي. حالانڪہ حقيقت هيء آهي تہ مون کان سواء سڀني کي خبر آهي. آخر جلديء ۾ نرس جي وات مان نڪري ويو تہ تيون ڏينھن ماريا فلپانا جنرل سان ڪي تکا مٺا الفاظ ڳالھاھايا هئا. ھاڻ مون سمجهيو. اهو سڀ مادموزيل بلاشي جو معاملو هوندو. ھا، ھاڻ ڪانہ ڪا فيصله ڪن ڳاله ٿيڻ واري آهي.)

باب ستون

صبح جو بيري کي سڏي چيو تہ آئينده کان منھنجو بل جدا ٺاهيندو ڪري. منھنجي ڪمري جو خرچ ڪجهه وڌيڪ نہ هو جو مون کي قريشاني ٿئي. ۽ هوتل ڇڏڻ جو خيال ڪريان. مون وٽ سورهن فريدرڪ هئا ۽ اھا منھنجي دولت هئي- عجيب ڳالھہ تہ هيءَ آهي تہ اڃان تائين مون هڪ پئسو بہ نہ کٽيو هو، پر منھنجي ھلت چلت ۽ منھنجي سوچ ويچار سڀ رئيس جھڙو هو ۽ حقيقت ۾ آءٌ پنھنجو پاڻ کي رئيس سمجهندو بہ هوس.
صبح سوير هجڻ جي باوجود آءٌ ائسٽلي صاحب سان ملڻ جو سوچي رهيو هوس. جيڪو ويجهو ئي اينگلو هوٽل ۾ رهيل هو. ايتري ۾ هو فرينچ گريو، مون وٽ لنگهي آيو. ان کان پھرين هو ڪڏهن بہ مون وٽ نہ آيو هو. گذريل ڪيترن ڏينھن کان منھنجا هن سان تعلقات خراب ٿيندا پئي ويا. هو تہ مون سان کليو کلايو نفرت ۽ حقارت جو اظھار ڪندو رهندو هو ۽ آخر ان کي لڪائڻ جي هن کي ضرورت ئي ڪھڙي هئي. پر آءٌ بہ ساڻس نفرت ڪرڻ ۾ حق تي هوس. مختصر هي تہ مون کي هن کان نفرت هئي. هن هي اچڻ ڪري مون کي سخت تعجب ٿيو. مون کي پڪ هئي تہ ڪا خاص ڳالھہ ٿيڻ واري آهي.
هو ڏاڍي فضيلت سان منھنجي ڪمري ۾ گهڙيو. مون سان هٿ ملائيندي، منھنجي هٿ ۾ ٽوپي ڏسي پڇيائين تہ اڄ صبح صبح جو ڪيڏانھن وڃڻ جو ارادو هو، ٻڌايومانس تہ ضروري ڪم سان ائسٽلي صاحب ڏي پيو وڃان. ان تي هوسوچ ۾ ٻڏي ويو _ ۽ آهستي آهستي منھن تي فڪر جا نشان ظاھر ٿيس.
گريو سڀني فرينچن وانگر هو_ يعني ضرورت ختم ٿيڻ تي ناقابل برداشت حد تائين منھن سوڻل ۽ اڻ وڻندڙ. فرينچ تہ گهڻو ڪري فطرتا خليق هوندو ئي ڪونھي. جڏهن بہ خليق ٿيندو تہ ضرور ڪنھن مقصد ۽ لالچ جي ڪري. جڏهن هو اصلي بنجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تڏهن ناڪام ثابت ٿيندو آهي. مطلب تہ هو ددنيا کي تنگ ڪر۾ واري هڪ عجيب چيز آهي. منھنجي ذاتي راءِ ۾ رڳو ٻوليون ڀاليون ۽ نا تجربيڪار روسي عورتون ئي سندن دام ۾ ڦاسن ٿيون.
ديوان خانن جو رک رکاءٌ باشيءَ جڳ مقرر رسومات جي روايت پرستي ھر معقول ماڻھوءَ ٿي يڪدم ظاهي ٿيو پوي ۽ سھڻ کان ٻاھر بنجيو وڃي.
” مان تو وٽ هڪ ضروري ڪم سان آيو آهيان.“ هن سڌو سنئون بظاھر صاف دليءِ سان شروعات ڪئي. ”مان اهو نہ لڪائيندس تہ مان جنرل صاحب جي طرفان ايلچي نلڪ ٽياڪِڙ بنجي آيو آهيان. ڇو جو مان روسي تمام گهٽ ڄاڻندو آهيان، ان ڪري ڪالھوڪي ڳالھہ پوري طرح نہ سمجهي سگهيس. پر پوءِ جنرل صاحب سڄو واقعو ٻڌايو ۽ مان مڃان ٿو ته....“
”پر گريو صاحب ٻڌو!“ نون هن ڳالھہ اڌ مان ڪٽيندي چيو ”ھاڻي جڏهن اوھان هن معاملي ۾ ٽياڪڙ بنجڻ جي ذميواري کنئي اهي تہ ٻڌو، آءٌ بي شڪ هڪ معمولي ٽيوٽر آهيان ۽ گڏوگڏ هن ڪٽنب جي خير خواه بنجڻ جي دعوي بہ ڪانہ ڪئي اٿم، نہ ئي هنن جا مون سان ڪيخاص تعلقات جهيا آهن. انڪري مون کي حالتن جي چڱي پروڙ بہ ڪانھي. پر اوهين پنھنجي ٻڌايو. ڇا،اوهين هن ڪٽنب جا ايترا گهرا فرد بنجي ويا آهيو جوھر معاملي ۾ ڏاڍي دلچسپي ٿا وٺو ۽ يڪدم پوري ڀروسي سان ٽياڪڙ بنجي ٿا وڃو......“
ان سوال هن کي بي چين ڪري ڇڏيو. هن لاءَ سوال ايترو تہ صاف چئلينج هو، جو هن جواب بہ ڏيڻ نٿي چاهيو.
”جنرل صاحب سان منھنجو ڪجهہ تڳلق تہ واپاري آهي ۽ ڪجهہ ڪن خاص حالتن جي ڪري آهي.“ هن تلخي سان چيو. ”هن مونکي تو ڏانھن انھي لاءِ اما۾يو آهي تہ جيئن ڪلھہ تون جيڪو ارادو ڪري رهيو هئين، ان کي دل مان ڪڍي ڇڏ. تو جيڪي ڪجهہ ڪرڻ جو چيو، اهو بي شڪ هوشمندانہ رويو هو، پر مون کي هن، توکي ان ڳالھہ کان آگاھہ ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي تہ تون ان ۾ ڪامياب ڪونہ ٿيندين، ان کاسواءِ خود فاگيردار صاحب بہ توسان ملڻ پسڳد نہ ڪندو. بھرحال هن جي خود ههڙي حيثيت آهي، جو هو آئينده تهنهجي خوامخواه ڳالھہ کي ڊيگهہ ڏيڻ مان ڪھڙو فائدو؟ جنرل صاحب توکي پھرئين مناسب موقعي تي واپس گهرائڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ ان وقت تائين تنھنجو پتھار بہ جاري رهندو. آءٌ سمجهان ٿو تہ ان کان وڌيڪ نفعي واري قورت ٻي ڪانہ ٿي ٿي سگهي. تنھنجو ڪھڙو خيال آهي؟“
مون جواب ۾ چيو تہ جنرل صاحب جو خيال غلط هو، جاگيردار مونکي ڌڪاريندو ڪونہ، بلڪ منھنجي ڳالھہ غور سان ٻڌندو. مون وڌيڪ هن کي اهو بہ چيو تہ هڳو پاڻ مون وٽ انھي لاءَ آيو هو تہ مون کان معلوم ڪري تہ وڌيڪ ان معاملي ۾ مان ڇا ڪرڻ وارو هوس.
”اڙي سائين، خدا خدا ڪر! جي جنرل صاحب واقعي هن ڳالھہ ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺي رهيو آهي، تنھنڪري هو اهو ڄاڻڻ چاهي تہ ھاڻي تنھنجو رويو ڪھڙو هوندو ۽ ھاڻ تون ڇا ڪرڻ وارو آهين تہ انھي ۾ ڪھڙو اربع خطا ٿي؟
تنھن تي آءٌ وضاحت ڪرڻ لڳس ۽ هو آرام سان ڪرسي تي ٽيڪ ڏئي غور سان ٻڌڻ لڳو. هن جي چھري تي طنز جا نشان ظاھر هئائ هونئن سندس رويو شانائتو هو. مون هن کي هي ڳالھہ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ، ”جاگيردار، جنرل صاحب کي شڪايت ڪري اهو ثابتڪيو آهي، ڄڻ آءٌ جنرل صاحب جو نوڪر هوس. ان طرح هن مونکي اصلي حيثيت کان محروم ڪري ڇڏيوآهي ۽ ٻيوتہ هن مون کي اهڙو شخص سمجهي، جو پنھنجي اعمال جو ذميوار نہ هو پر ڳالھائڻ جي بہ قابل نہ هو، منھنجي سخت بي عزٿي ڪئي آهي. ايمان جي ڳالھہ هي ءَ آهي تہ مون کي ڏاڍو ذليل ڪيو ويو آهي. بھرحال عمر جي تفاوت ۽ ڪجهہ معاشري ۾ پنھنجي مقام جي پيش نظر_۽_۽ ( ان نقطي تي آءٌ کل ضنط ڪري نہ سگهيس) آءٌ جاگيردار کان معذرت گهرڻ جي طلب لونہ ڪندس ۽نهوري کيس ڳالههکي صاف ڪرڻ لاءِ ئي چوندس. بھرحال اهڙي ڪابہ زيادتي لانہ ڪندس، جنھن سان ڳالھہ مان ڪو ڳالهڙو ٿي پوي. ان هوندي بہ آءٌ جاگيردار بلڪ جاگيردرياڻي متعلق سوچي رهيو هوس تہ وڃي کانئن معافي وٺان. خاص ڪري ان لاءِ تہ ڪجهہ ڏينھن کان مان واقعي ذهني بيمار ۽ تند مزاج رهيو هوس. پر جاگيردار صاحب جنرل صاحب کي منھنجي دانھن ڏيئي منھنجي ڏاڍي بي عزتي ڪئي آهي ۽ هن کي ان ڳالھہ تي مجبور ڪري تہ هو مونکي ٻارن جي اتاليقيءُ تان جواب ڏيئي ڇڏي، هن مون کي هڪ اهڙي صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جو ھاڻ وٽن وڃي، کانئن ڪڏهن بہ معافي وٺي نٿي سگهيس. ڇو جو هو ۽ جاگيردارياڻي ۽ دبيا ا.يب سمجهندي تہ مون معافي ان ڪري ورتي جو مان ڊڄي ويس ۽ مون وري ٽيوٽر ٿيڻ ٿي گهريو. انھن سڀني ڳالھين مان ھاڻ نتيجو هي ٿي نڪتو تہ مان جاگيردار صاحب کي مجبور ڪريان تہ هو مون کان نھايت رسمي طور تي معذرت گهري. مثلاً ائين چوي تہ هن منھنجي توهين ڪرڻ نٿي گهري ۽ جڏهن جاگيردار اهڙي قسم جي ڳالھہ ڪري وٺي پوءِ آءٌ پاڻ کي ان ڳري بار کان آجو محسوس ڪريان ۽ وڏي خلوص سان کائنس ۽ جاگيردار ياڻي کان معافي گهران. مطلب هي تہ آءٌ هن نتيجي تي کهتو آهيان تہ ھاڻ جاگيردار کي فڳو هيترو چوان تہ هن جيڪا منھنجي بي عزتي ڪئي آهي، ان جو بار مون تان لاهي تہ جيئن آءٌ کانئس معافي وٺڻ جھڙو ٿي سگهان“
”شي، شي! ڪھڙي ننڍڙي ڳالھہ ڪئي اٿئي! ۽ ايتري پري جي! انھي صورت ۾ توکي معاجي گهرڻ جي ضرورت ئي ڪھڙي آهي؟ ھا، اهو کڻي چئه تہ تون اهو سڀ ڪجهہ صيچاري جنرل کي تنگ ڪرڻ لاءِ ڪري مھيو آهي ۽ شايد تنھنجو ڪو خاص مقصد بہ آهي.........معاف ڪج...........پر تنھنجو خڳال غلط آهي...... ڇا ان کي سولائيءَ سان نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟“
”ليڪن معاف ڪجؤ قبلا، اوھان جو ٻين ڳالھين سان ڪھڙو تعلق؟“
”رڳو جنرل صاحب جي ڪري.“
” پر جنرل صاحب جي ڪري ڇا ۽ ڇو؟ ڪالھہ رات هو ڇئي رهيو هو تہ هن کي محتاط رهڻو پوندو. هو ايتري قدر پرشان هو پر آءٌ سمجهي نہ ٿي سگهيس تہ ڳالھہ ڇا آهي ؟“
” ظاھر آهي تہ هڪ خاص ڳالھہ آهي.“ گريو مون کي پنھنجي پراسرا آواز جي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو، جنھن ۾ پريشاني جا آثار بہ ظاھر هئا. ”تون مادموزئيل ڪامنگز کي سڃاڻين ؟“
”يعني مادموزيل بلانشي؟“
”ھا اهئي ماد موزيس بلنشي ڪانيگز....... توکي بہ خبر هوندي تہ جنرل..... ھا ته..... جنرل کي هن سان محبت آهي..... دراصل...... شادي هتي ئي ٿيندي. خيال ڪر تہ ڪيتري نہ خواري.....گلا......“
”مان تہ شادي ڪرڻ ۾ ڪا واهيات ڳالھہ نٿو سمجهان،“
” پر جاگيردار جو ڪردار عام جرمنن جھڙو آهي. هو ايتري قدر ڇتو آهي، جو اڪيلو ئي سڄي جرمنيءَ ۾ فساد مچائي سگهي ٿو.“
”پر هو ڄاڻي آءٌ ڄاڻان. اوھان جو انسان واسطو ڪونھي. ھاڻ منھنجو جنرل جي ڪٽنب سان ڪوبہ تعلق ڪونھي... (آءٌ ڄاڻي ٻجهي وڌيڪ بي سمجهہ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس) پر معاف ڪجو. ڇا، واقعي اهو ٻڌجي چڪو آهي تہ مادموزيل بلانشي ڪامنگز جي شادي جنرل صاحب سان ٿي رهي آهي ؟ تہ پوءِ انتظار ڇاجو؟ منھنجو مطلب آهي اسان سان، پنھنجي ڪٽنب سان ئي ايڏي رازداري ڇو؟“
”مان ڪيئن.... بھرحال.... بلڪل.... ان کان سواءِ به.... توکي تہ خبر آهي تہ هو روس مان خبرن جو انتظار ڪري رهڳا آهن؟ آخر جنرل کي انتظامات بہ تہ ڪرڻا آهن.....“
”هون! هون! واھہ !واهه....“
گريو مون کي حقارت سان ڏٺو. بھرحال، هن مون کي وچ ۾ ڪاٽيندي چيو، ”مون کي تنھنجي فطري خوشمزاجيءَ، زنده دليءَ ۽ دانشمنديءَ تي چڱي طرح ڀروسو آهي. تون هن گهراڻي سان اھا ڀلائي ضرور ڪندين. جتي توکي هميشہ پيار سان، وچ ۾ ويھاريو ويو ۽ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويو آهي.....“
”پر معاف ڪجوء مونکي نوڪريءَ مان جواب ڏنو ويو آهي ۽ ھاڻ توھان چئو ٿا تہ اهو سڀ ڏيکاءُ آهي جي آءٌ توھان کي چوان تہ آءٌ توھان کي لوڌي ڪونہ ٿو ڪڍان، پر پنھنجو بسترو گول ڪري ٻاھر ھليا وڃو. رڳو ان لاءِ تہ ماڻھو ڏسن.... تہ ڇا، توھان کي مڃڻ گهرجي...! ڇا، لوڌي ڪڍڻ کي ڪي ٻيا سنڱ ٿيندا؟“
”چڱو، جي خوشامد توتي اثر نٿي ڪري تہ آءٌ توکي يقين ٿو ڏياريان تہ تون جيڪي وڻئي ڪر توکي منھن ڏيڻ هنن لاءِ ڏکيو ڪونھي. هتي پوليس بہ آهي ۽ سرڪاري آفيسر به. توکي اڄ ئي ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪيو ويندو. تو جھڙو معمولي اتاليف، جاگيردار جھڙي اهم شخصيت جي توهين ڪري ۽ سزا نہ مليس؟ ڇا تون سمجهين ٿو تہ توکي چوڻ وارو ڪونھي؟ آءٌ توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ توکان ڪوبہ ڪونہ ٿو ڊڄي. آءٌ هتي پنھنجي مرضي سان آيو آهيان. رڳو ان لاءِ جو تو ويچاري جنرل کي تنگ ڪري ماريو آهي. ڇا، تنھنجي خيال ۾ جاگيردار جا نوڪر توکي ڌڪا ڏيئي ڪڍي نٿا سگهن؟“ هن ڪاوڙ وچان چيو.
”پر اتي آءٌ پاڻ ڪونہ ويندس.“ مون آرام سان جواب ڏنو. ” اوھان کي غلط فھمي ٿي آهي فريو صاحب! هي سڀ ڪجهہ اوھان جي اندازي کان وڌيڪ سٺي نموني سان ٿيندو. آءٌ هينئر ائسٽلي صاحب وٽ وڃي رهيو آهيان ۽ آءٌ هن کي ٽياڪڙي ٿيڻ لاءِ چوندس. در حقيقت هو منھنجو پاسو کڻندو. هو مون کي ڏاڍو ڀائيندو آهي. پڪ انڪار نہ ڪندو. هو جاگيردار کلي هن جو استقبال ڪندو. چڱو آءٌ کڻي هڪ معمولي ٽيوٽر ئي اهي ئي هيڻو ۽ هيچ ئي سھي پر ائسٽلي صاحب تہ هڪ وڏو لارڊ ۽ هڪ لارڊ جو حقيقي ڀائيٽيو آهي، ھرڪو ان لارڊ...... لارڊ پيروڪ کي سڃاڻي ٿو ۽ اهو لارڊ اڄڪلھہ هتي آيل آهي. يقين رکو جاگيردار ائسٽلي صاحب جي ڳالھہ يڪدم مڃي ويندو. پر فرض ڪريو جي هو اھا ڳالھہ نٿو مڃي تہ ائسٽلي صاحب ان کي پنھنجي بي عزتي سمجهندو (هيءَ تہ توکي خبر آهي تہ انگريز ڪيتري قدر ضدي ۽ چيڙھاڪ ٿيندا آهن.) هو ڪنھن دوست کي جاگيردار ڏانھن موڪليندو. هن جا دوست بہ ڏاڍا دولتمند آهن. ھاڻ اوهين خود اندازي لڳائي سگهندؤ تہ اھا سڄي ڳالھہ اوھان جي اندازي مطابق خواريءَ ۽ خرابي سان نہ پر ڏاڍي شرافت ۽ عزت سان سرانجام ٿيندي.“
اھا ڳالھہ ٻڌي فرينچ جون اکيون ڦاٽي ويون. ان ڳالھہ ۾ گهڻي ڪجهہ صداقت بہ هئي. ان ڪري هو سوچڻ لڳو تہ ڪٿي مان واقعي ائين نہ ڪري ويھان.
”چڱو تہ ٻڌ مان توکي درخواست ٿو ڪريان.“ هن واقعي التجا ڪرڻ واري انداز ۾ چيو، ”هي معاملو اتي ئي ختم ڪري ڇڏ! توکي ان خيال کان خوشي ٿي رهي آهي تہ ان مان ضرور ڪا گڙٻڙ ٿيندي. توکي اطمينان ۽ سڪون نہ گهرجي، بلڪ گڙٻڙ گهرجي. جيئن مون پھرين ئي چيو هو تہ اھا وڏي خطرناڪ مذاق جي ڳالھہ آهي.... ۽ تون چاهين بہ ائين ٿو. پر مختصر ته....“ هن اهو ڏسندي تہ مان اٿي چڪو هوس ۽ ٽوپي بہ کڻي ورتي هيم، ڳالھہ کي ختم ڪرڻ شروع ڪيو، ” مان تو وٽ ڪنھن ماڻھو جون چند سٽون کڻي آيو آهيان. مون کي جوان وٺڻ لاءِ ترسڻ جو چيو ويو هو.“
اهو چئي، هن کيسي مان هڪ لفافو کوليو، هي پالينا جي تحرير هئي.
”منھنجو خيال آهي تہ تون ان معاملي ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ جو خڳال ڪيو ويٺو آهين. پر ڪي چند ڳالھيون اهڙيون آهن، جيڪي آءٌ توجي پوءِ ٻڌائينديس. توکي اهو اردو ڇڏي ڏيڻ کپي. هي سراسر حماقت آهي. مونکي تنھنجي ضرورت آهي ۽ خود تهبہ تہ مھنهجي اطاعت ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو.
شلنگبرگ ياد هوندئي. مان توکي فرمانبردار بنجڻ جي التجا ٿي ڪرين ۽ اڃان بہ نہ مڃين تہ حڪم ٿي ڪريان تہ “ (تنھنجي _پ)
” قلم تازو _ جي ڪالھوڪي ڳالھہ تي مون سان ناراض آهين تہ آءٌ معافي ٿي وٺان.“
هي سٽون پڙهندي مون کي دنيا جي ھر شيءِ مٿي کڄندي نظر آئي.
منھنجا چپ اڇا ٿي ويا ۽ وار وار ڪنبڻ لڳو. ڪمبخت فرنينچ مون ي آڏي نگاھہ وجهي، ڏورائين نموني ڏٺو، ”محترمہ کي چئو تہ اطمينان رکي. پر هي تہ ٻڌايو.“ مون جلدي ۾ چيو، ”اوھان ايتري دير تائين چٺي لڪائي ڇو ٿي. جي اوهين ان ئي مقصد سان آيا هئا تہ هيڏانھن هو ڏانھن جون ڳالھيون ٻڌائڻ جي بجاءِ سڀ کان پھرين اوھان مون کي اھا چٺي ڏيو ھا.“
”ھا، مرضي تہ منھنجي اھا هئي پر هي ڳالھيون اڏيون تہ عجيب آهن جو آءٌ فطري طور تي اهي ڄاڻڻ چاهين ٿو. مون کي رڳو اهو ٻڌاءِ تہ ھاڻ تون ڇا ٿو ڪرڻ چاهين! ۽ ٻيو تہ مون کي اھا خبر تہ ڪانہ هئي تہ ان چٺي ۾ لکيل ڇا آهي. تنھنڪري سوچيم تہ جلدي ڪھڙي آهي، گريو صاحب!“
”بي شڪ“ هن ضبط ۽ احتياط جو انداز اختيار ڪندي، مون ڏي عجيب نگاهن سان ڏسندي چيو. مون پنھنجي ٽوپي کنئي هن بہ پنھنجي ٽوپي کنئي ۽ وڃڻ لڳو. مون کي ائين لڳو ڄڻ هن جي چپن تي طنزيہ مرڪ کيڏي رهي هئي. پوءِ ڀلا هن مان اميد ئي ڪھڙي هئي؟.
”ھاڻ، اوھان جي ذميواري ختم ٿي، گريو صاحب! ھاڻ اسين پنھنجو معاملو پاڻ نبيرينداسين.“ مون ڏاڪڻ تان لهندي چيو. مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنھن منھنجي ذهن تي هٿوڙي سان ڌڪ هنيو هجي. ٻاھرين تازي هوا سان وڃي ڪجهہ ساھہ پيو.
ٿوري ئي وقت ۾ ذهن سوچڻ جي قابل ٿي ويو. ٻيا خيال منھنجي آڏو اچي بيٺا. هڪ هي تہ ڪھڙا ڪھڙا نہ خسيس پادقعا ٿي گذريا هئا ۽ رڳو هڪڙي رواجي ڇوڪري جي چند پر اثر ڌمڪين چوڌاري اهڙي هيبت طاري ڪري ڇڏي هئي. ٻيو خيال هي هو تہ هيءُ فرينچ آخر پالينا وٽ ڪھڙي قسم جي حيثيت ٿو رکي؟ هن جو کرڳو هڪڙي اشارو ۽ هوءَ سڀ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ٿي وڃي! ۽ اهو ڪجهہ ڪري ٿي،جيڪي هو گهري ٿو. چٺي لکي ٿي. حتي ڪہ مون کان معافي بہ گهري ٿي. جڏهن کان آءٌ کيس سڃاڻان ٿو، هنن جا تعلقات منھنجي لاءِ راز بنجڪلي چڪا هئا ۽ چند ڏينھن اڳ تہ پالينا جي رويي ۾ عجيب ڦيرو بلڪ گريو لاءِ نفرت ڏٺي هئي. پالينا ڏي هو نہ صرف ڏسندو ئي نہ آهي، بلڪ نہ سان بدتميزي سان پيش ٿو اچي. مون کي خبر پئجي چڪي هئي. خود پالينا مون وٽ هن لاءِ نفرت جو اظھار ڪيو هو. هن پنھنجي زبان سان نھايت ئي معني خيز اعتراف ڪيا هئا..... تہ هوءَ هن جي مٺ ۾ هئي. هوءَ هن جي ڪنھن نہ ڪنھن دٻاءُ هيٺ هئي.

باب اٺون

ٿڌي سڙڪ تي، جيئن چيو ويندو آهي، يعني شاھہ بلوط جي گهاٽن وڻن واري رستي تي آءٌ اسٽلي صاحب سان مليس.
”اچو اچو،“ مون کي ڏسندي ئي هو چوڻلڳو، ” مان پاڻ اوھان سان ملڻ اچي رهيو هوس ۽ اوھان مون ڏي ئي ھليا آيا تہ آخر اوھان هنن کان جدا ٿي ويا!“
” پھرين اهو ٻڌايو اوھان کي انھن ڳالھين جي خبر ڪيئن پئي.“ مون حيراني مان پڇيو،“ ڇا، ائين تہ نہ آهي تہ اھا ڳالھہ ھر ڪنھن تائين پھچي چڪي آهي!“
”نہ تہ، ڪنھن کي بہ خبر نہ آهي. ڪنھن کي ڪھڙي پئي آهي جو پڇندو وٿي! ٻيو تہ ڪوبہ ان جو ذڪر ڪونہ ٿو ڪري.“شش
” تہ پوءِ اوھان کي ڪنھن ٻڌايو؟“
”بس اتفاق سان سان معلوم ٿي ويو. مون کي ڇو جو اوھان سان انس آهي ان لاءِ اوھان ڏي پئي آيس. ڀلا ھاڻ ڪيڏانھن جو ارادو آهي؟“
” توھان جي مھرباني ائسٽلي صاحب“، مون چيو (حالانڪ آءٌ اڃا تائين اهو ٻڌڻ لاءِ بيقرار هوس تہ اھا خبر هن تائين ڪيئن پھتي.“ ”منھنجو خيال آهي تہ ڪاسينو جي رسدٽوران ۾ ھلي وهون، مون اڃا ڪافي بہ نہ پيتي آهي ۽ اوهين بہ شايد نيرانا نڪتا آهيو. ٿرو ويھنداسين، سگرٽ پيئنداسين ۽ آءٌ اوھان کي انھي باري ۾ سڀ ڪجهہ ٻڌائي ڇڏيندس.... ۽ اوھان مون کي....“
قھوه خانو هتان سؤ قدمن جي فاصلي تي هو. اسين هڪ ڪنڊ وٺي ويھي رهياسين. مون هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو. ائسٽلي صاحب منھنجي ڳالھہ ٻڌڻ لاءِ ايترو تہ آتو هو، جو سگريٽ دکائڻ بہ وسري ويو هوس. بيرو يڪدم ڪافي کڻيو آيو.
”آءٌ ڪيڏانھن بہ ڪونہ ٿو وڃان. هتي ئي رهندس.“ مون شروعات ڪئي.
”مون کي پڪ هئي تہ اوهين ائين ئي ڪندا.“ ائسٽلي صاحب مون کي ساراهيندي چيو.
ائسٽلي صاحب ڏي ايندي، منھنجو اصل خيال ڪونہ هو تہ ڪو مان کيس پالينا سان پنھنجي محبت جي باري ۾ ڪجهہ ٻڌائيندس. هونئن بہ هو هڪ خاموش طبيعت ماڻھو هو. آءٌ پھرين ئي ڏسي چڪو هوس تہ پالينا هن تي ڪافي اثر وجهي چڪي هئي. پر هن ڪڏهن بہ سندس نالو زبان ٿي نہ آندو هو. پر عجيب ڳالھہ آهي جو هئي جيئن ئي هن ويھي پنھنجون تيز اکيون مون ڏي ڦيرايون تہ خبر نہ آهي ڇو هن جي سامھون سڀ ڪجهہ يعني پنھنجي محبت جي سڀني پھلوئن کي اوڳاري ڇڏڻ جي عجيب خواهش پيدا ٿيم. مان اڌ ڪلاڪ تائين ڳالھائيندو رهيس ۽ واقعي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي. اهو پھريون دفعو هو، جو ان باري ۾ ڪنھن سان ڳالھايو هئم. اهو ڏسي تہ هو منھنجي تيز تيز جملن کان پريشان ٿيو ٿي ويو، مون ڄاڻي ٻجهي پنھنجي لهجي ۾ زور ٿي پيدا ڪيو. مون کي رڳو هڪڙي ڳالھہ جي پريشاني آهي. شايد مان فرينچ متعلق ضرورت کان ڪجهہ وڌيڪ چئي ويٺو هوس. هونئن تہ ائسٽلي صاحب پنھنجي ڪرسيءَ ٿي بلڪل چپ چاپ ويٺو هو. رڳو سندس اکين جي ڦيرگهير مان خبر ٿي پئي تہ هو مون کي ڏسي رهيو هو پر فرينچ جو ذڪر ڪڍيم تہ هن هڪدم مون کي ٽوڪيو ۽ چپندڙ انداز ۾ چيائين تہ آخر آءٌ اھا ڳالھہ ڇو ڪريان، جيڪا ڪرڻ جي مون کي ڪوبہ حق ڪونہ هو! ائسٽلي صاحب هميشہ ڏاڍي عجيب طريقي سان سوال ڪندو هو.
” اوھان ٺيڪ ٿا چئو، آءٌ سمجهان ٿو تہ مون کي حق ڪونھي.“ مون جواب ڏنو.
”ڏسو اوھان گريو ۽ پالينا جي تعلقات جي باري ۾ ڪابہ ڳالھہ يقين سان نٿا چئي سگهو. ان باري ۾ رڳو ڌڪا ئي هڻي سگهجن ٿا ” آهي نہ ائين؟“
ائسٽلي صاحب جھڙي خاموش طبيعيت ماڻھوءَ جو اهڙو سڌو جواب ٻڌي، آءٌ حيران ٿي ويس. ”ٺيڪ آهي ڪابہ ڳالھہ پڪ سان چئي نٿي سگهجي.“ مون جواب م چيو، ”بلڪل نہ، يقيناً نہ.“
”تہ پوءِ اوھان رڳو مون کي ٻڌائي، بلڪ خود ائين سوچي بہ غلطي ڪئي آهي.“
”ٺيڪ، چڱو مان مڃان ٿو تہ، پپر ھاڻ تہ اهو مسئلو ئي ڪونھي.“ مون پنھنجو پاڻ تي حيران ٿيندي، وچ ۾ چوڻ شروع ڪيو. ان موقعي تي مون ڪالھوڪو سڄو واقعو تفصيل سان ٻڌايو مانس. پالينا جي دل لڳي، مذاق، جاگيردار سان جھڙپ، منھنجي سبڪدوشي، جنرل صاحب جي غير معمولي دهشت ۽ آخر ۾ صبح جو گريو جي اچڻ جي ڳالھہ بہ تفصيل سان ٻڌائي مانس ۽ چٺي بہ ڏيکاري مانس.
”ان سڄي ڪٿا جو نتيجو ڪھڙو ٿا ڪڍو؟“ مون پڇيو، ”مان اوھان جو خڳال معلوم ڪرڻ پئي آيس. منھنجي ڳالھہ ڇڏيو مان هن فرينچ کي هوند خون ڪري ڇڏيان ۽ شايد ائين ڪندس به! خير، پوءِ!“
”اهڙي طرح آءٌ به.“ ائسٽلي چيو. ”جيستائين پالينا جو تعلق آهي. اوھان کي خبر اهي،،،، جي ضرورت مجبور ڪري تہ ماڻھو انھن ماڻھن سان بہ تعلقات پيدا ڪري ٿو، جيڪي هن لاءِ قابل نفرت آهن. اهي تعلقات اهڙا ٿي سگهن ٿا، جن جي باري ۾ ڪنھن کي ڪابہ خبر نہ هفي ۽ اهي رڳو ظاھري حالتن تي منحصر هجن. منھنجي خيال ۾ اوھان کي.... پنھنجي دماغ کي ٿورو آرام ڏيڻ کپي. ڪالھہ اوھان جيڪي ڪجهہ ڪيو سا هڪ بيوقوفي واري ڳالھہ آهي. ان لاءِ نہ تہ هن اوھان مان جند ڇڏائڻ لاءِ اوھان کي جاگيردار کان مار کارائڻ ٿي گهري (حالانڪ مان اڃا تائين سمجهي نہ سگهيو آهيان تہ هن هٿ ۾ ڏنڊي هوندي بہ ڇو نہ استعمال ڪئي.) بلڪ ان لاءَ تہ اهڙو مذاق.... هڪ اهڙي.... مھذب جوان خاتون جي لاءِ نازيبا آهي. دراصل هن کي اھا توقع اصل ڪانہ هئي تہ اوھان ڪو هن چرچي کي ساڀيان ڪري وٺندا ۽ ان کي يڪدم عملي لباس بہ پھرائيندا!“
” اوھان کي خبر آهي تہ ڇا ٿيو هو؟“ مون ائسٽلي صاحب ڏانھن ڏسندي، جهٽ پٽ چيو، ”مون کي ائين ٿو لڳي، ڄڻ اوھان کي ان جي ۾ پھرين خبر آهي. اوھان کي ڪنھن ٻڌايو؟ مس پالينا!“
ائسدٽلي صاحب مون ڏانھن حيران نگاهن سان ڏٺو.
”اوھان جون اکيون ٻري رهيون آهن، انھن ۾ مان شڪ جا پاڇا پيو ڏسان.“ هن پنھنجو لهجو برقرار رکندي چيو. ”پر اوھان کي پنھنجي شڪ ظاھر ڪرڻ جو حق اصل ڪونھي. تنھنڪري آءٌ اوھان جي سوال جو جواب ڏيڻ کان بہ انڪار ٿو ڪريان.“
”بس بس ان جي ڪابہ ضرورت نہ آهي.“ مون گهٻرائجي چيو. نہ ڄاڻ اهو خيال مون ۾ ڪينئن پيدا ٿيو. ڀلا پالينا اهو راز ٻڌائڻ لاءِ ائسٽلي صاحب کي ڪٿي ملي هوندي؟ گهڻي وقت کان ائسٽلي صاحب هن جي ذهن ۾ ئي ڪونہ رهيو هو. هونئن بہ پالينا تہ منھنجي لاءِ هميشہ کان معمول بنيل هئي. هڪ اهڙو معمو، جو ھاڻ ائسٽلي صاحب جي اڳيان پنھنجي عسق جي اظھار کان پوءِ آءٌ اوچتو حيران ٿي ويس تہ اهڙي ڪا واضع ڳالھہ آهي به، جا مان پنھنجي ۽ پالينا جي تعلقات جي باري ۾ چئي سگهيس. ان جي ابتڙ ھر شيءِ عنيب ۽ حيران ڪندڙ پئي لڳي.
”ٺيڪ، بلڪل ٺيڪ. آءٌ هڪ عجيب مونجھاري ۾ پئجي ويو آهيان. ڪيتريون ڳالھيون اهڙيون آهن، جيڪي آءٌ في الحال سمجهي نٿو سگهان.“ مون سھڪندي، ڏڪندي چيو، ڄڻ تہ بيڊم ٿي ويو هوس. ”اوهين بي شڪ سٺا ماڻھو آهيو. هڪ ٻي ڳالھہ اوھان سان ڪرڻي آهي، ان ۾ مون کي اوھان جي نصيحت ۽ راءِ کپي.“
ٿوري وقت بعد مون چيو، ”اوھان جو ڪھڙو خيال آهي؟ آخر جنرل صاحب ايترو ڊڄي ڇو ٿو؟ منھنجي احمقاڻيءَ عملي مذاق ٿي هو ايترو گهٻرائجي ڇو ويو؟ اهڙي گهٻراهٽ، جو گريو بہ مداخلت ڪرڻ ضروري سمجهي (۽ هو نھايت اهم ڳالھين ۾ مداخلت ڪندو آهي) هو مون وٽ ھلي آيو. خيال تہ ڪريو، هو مون وٽ اچي ٿو، مون کي درخواست ٿو ڪري، خوشامد ٿو ڪري..... يعني گريو مون کي درخواست ٿو ڪري، خوشامد ٿو ڪري! ۽ سڀ کان وڏي ڳالھہ هي تہ هو نوين بجي آيو ۽ ان وقت اس پالينا جي چٺي هن وٽ آهي. حيرت آهي تہ اھا ڪھڙي وقت لکي ويئي. شايد هنن مس پالينا کي ننڊ مان اٿاري لکائي هوندي. مون کي تہ صاف نظر اچي رهيو آهي تہ پالينا هن جي ڦندي ۾ گرفتار آهي ( ڇو جو هو مون کان بہ معذرت پئي گهري) پر ان کان سواءِ هن جو آخر انھن ڳالھين سان ڪھڙو تعلق آهي. هوءَ بذات خود ڇو ھر ڳالھہ ۾ دلچسپي ٿو وٺي؟ هو ڇو ڪنھن جاگيردار کان ايترو ڊڄن ٿا؟ جي جنرل صاحب مادموزيل بلانشي سان شادي ڪري رهيو آهي تہ ان ۾ ڇا آهي؟ هو ھر ھر چوندا ٿا رهن تہ ڪا خاص ڳالھہ آهي. پر هيءَ تہ بنھہ خاص ڳالھہ ٿي ڏسجي. ان باري ۾ ڪھڙو خيال آهي؟ اوھان جون اکيون صاف ٻڌائي رهيون آهن تہ اوھان ان باري ۾ مون کان وڌيڪ ٿا ڄاڻو.“
”يقيناً مون کي اوھان کان وڌيڪ خبر آهي.“ هن چيو. ”منھنجي خيال ۾ تہ هن راز جو سڀ کان اهم ۽ وڏو مھرو مادموزيل بلانشي آهي ۽ مون کي يقين آهي تہ اهو سچ آهي.“
”هون، سو ڪيئن، مادموزيل بلانشي ڇو؟“ مون تڪڙ ۾ چيو (اوچتو هيءُ ڳالھہ منھنجي دل ۾ چھنڊڙيون پائڻ لڳي تہ پالينا جي متعلق ڪجهہ نہ ڪجهہ ظاھر ٿيندو.)
”منھنجي خيال ۾ مادموزيل بلانشي في الحال جاگيردار ۽ هن جي بيگم سان ملاقات کان پرهيز ڪرڻ چاهي ٿي، جنھن جا خاص سبب آهن، هن مان لڳي ٿو تہ اھا ملاقات توهين آميز بہ ٿي سگهي ٿي.“
”هون، هون.....“
” ٻہ سال ٿيا تہ مادموزيل بلانشي هتي رولٽن برگ ۾ آئي هئي. مان بہ هتي هوس. مادموزيل بلانشي ان وقت مادموزيل ڪامنگس نہ سڏائيندي هئي ۽ سندس ماءٌ مادام ڪامنگس جو تہ وجود ئي ڪونہ هو. بھرحال ان جو ڪڏهن ذڪر ڪو نہ نڪتو هو. گريو پڻ هتي ڪونہ هو. مان تہ يقين سان چوان ٿو تہ هنن ۾ ڪا مائٽي تہ ٺھيو، پر شناسائي بہ ڪا تازي ٿي آهي. هو گريو ـــ مارڪئس بہ ھاڻي ٿيو آهي. مان هڪ اهڙي ماڻھو کي سڃاڻان، جو هن جي ٻئي نالي کان بہ واقف آهي.“
”پر هن جو اٿڻ ويھڻ تہ وڏن ماڻھن سان آهي.“
”ٿي سگهي ٿو. ممڪن آهي تہ مادموزيل بلانشي جو بہ وڏن ماڻھن سان ڪو لڳ لاڳاپو هجي، پر ٻہ سال اڳ انھي جاگيردارياڻي جي چوڻ تي پوليس مادموزيل بلانشي کي شھر ڇڏي وڃڻ جو چيو هو ۽ هن کي نڪرڻو پيو هو.“
”اهو ڇو؟“
”هوءَ شروع ۾ هڪ شھزادي قسم جي اطالويءَ سان گڏ آئي هئي، جنھن جو نالو غالباً باربري يا ڪجهہ اهڙو ئي هو ــ هو ھر وقت منڊين ۽ هيرن ۾ جهنجهيو پيو هوندو هو ــ جي ڪوڙا نہ هئا! هو ٻيئي هڪ شاندار گاڏيءَ ۾ ويھي گهمڻ نڪرندا هئا. مون کي ياد ٿو اچي تہ مادموزيل بلانشي پھرين داءُ کٽڻ بعد وڏيون شرطون هڻي کيڏڻ لڳي. پر قسمت سندس ساٿ نہ ڏنو. مون کي ياد آهي، هڪ شام هوءَ وڏي رقم ھارائي ويٺي. ان کان بہ وڏي بدنصيبي اھا ٿي جو هو سندس شھزادو بہ رفوچڪر ٿي ويو. بس پوءِ ڇا گهوڙا ۽ ڇا گاڏيون. مطلب تہ ھر شيءِ گم ٿي وئي. هوٽل جي بل جي رقم وڌي هزارن کي لڳي. مادموزيل سليما ( هوءَ اوچتو بربري جي بجاءِ مادموزيل سليما ٿي ويئي هئي) ڏاڍي مايوسي ۽ اداسي جي حالت ۾ هئي. هوءَ سڄي هوٽل ۾ رڙين مٿان رڙيون لائي بيھي رهي. چڙ ۽ تيسي ۾ پنھنجا ڪپڙا چيري ڦاڙي ڇڏيائين. هڪ پولستاني ڪائونٽ هتي هوٽل ۾ رهيل هو (سڀ پولستاني مسافر ڪائونٽ ٿيندا آهن). مادموزيل سليما ڪپڙا ڦاڙيندي تہ پنھنجي خوبصورت آڱرين سان ٻليءَ وانگر منھن تي رانڀوٽا پائيندي، هن تي ڏاڍو اثر وڌو. هنن پاڻ ۾ ڳالھيون ٻوليون ڪيون. آخرڪار ٻنپھرن جي ماني مھل هن کي ڪجهہ آٿت مليو. هو وڃي ڪجهہ سامت ۾ آئي. شام جو هو ڪائونٽ جي ٻانھن تي ٻانھن رکيو، ڪاسينو ۾ آئي. هوءَ زور زور سان ٽھڪ ڏئي کلي رهي هئي. هن جو طور طريقو اهڙو ئي سلجهيل اطمينان وارو هو. هن پنھنجي روش مان ظاھر ڪري ڇڏيو تہ هوءَ اهڙين عورتن جي طبقي سان تعلق ٿي رکي، جيڪي جيڪڏهن رولٽ جي جوا خاني ۾ بہ وڃن ٿيون تہ ماڻھن کي ٺونٺيون هڻيو پري ڪيو ڇڏين. اهڙين عورتن ۾ هڪ خص قسم جي چالاڪي هوندي آهي.“
”توھان ٺيڪ ٿا چئو.“
”پر سائين، هيءَ ڏسڻ ڏيکارڻ جي ڳالھہ نہ آهي. شائستہ ماڻھن ۾ هنن جو گذر گهڻي ءَ دير تائين نٿو رهي سگهي. اهي عورتون، جي فوزانو رولٽ جي ميز تي هڪ هزار روبل جو نوٽ متائي سگهن، تن وٽ جڏهن پئسو ختم ٿي ويندو آهي، ۽ هو هزار جو نوٽ مٽائڻ بند ڪنديون آهن تہ هنن کي خاموشيءَ سان راند بند ڪري ٻاھر نڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. بھرحال مادموزيل سليما ۾ بدقسمتيءَ سان وچاري جي راند ئي ڪجهہ اهڙي ابت سبت ٿي ويئي هئي، جھڙي اڳي ڪڏهن بہ نہ ٿي هيس. ياد رکو اهڙيون عورتون هميشہ کٽنديون آهن. ان لاءِ جو هنن ۾ قوت برداشت ٿيندي، هڪ ڏينھن ڪائونٽ نہ ان اطالوي شھزادي جيان اوچتو گم ٿي ويو. غريب مادموزيل بلانشي اڪيلي ئي رولٽ جي ميز تي آئي.هن ڀيري ائين ٿيو جو ڪابہ ٻانھن هن کي وٺڻ لاءِ اڳتي نہ وڌي. ٻن ئي ڏينھن ۾ هوءِ سڀ ڪجهہ ھارائي ويٺي. پنھنجو آخري گلڊن بہ بازيءَ ۾ لڳائڻ کان پوءِ، هن هيڏانھن هوڏانھن نظر ڦيرائي. ڏٺائين تہ جاگيرار برمرهيم سندس ويجهو بيٺو کيس عجيب قسم جي ڪاوڙ ۽ حيرت ڀريل نگاهن سان ڏسي. مادموزيل سليما هن جي ڪاوڙ جو خيال ڪرڻ بنان ئي پنھنجي دلربا مسڪراهٽ سان (جنھن کي پاڻ چڱي طرح سڃاڻون) پاڻ ڏي متوجھہ ڪري چيو. جاگيردار صاحب کي هن پنھنجي لاءِ ڏھہ لوئيس ڳاڙهي نشان تي رکڻ لاءِ چيو. جاگيردارياڻي کي خبر پئي ۽ هن جي هڪ ئي شڪايت تي مادموزيل سليما کي هڪ شام جو نوٽيس وصول ٿيو تہ هوءَ آئينده ڪاسينو نٿي وڃي سگهي. اوھان کي منھنجي ايڏي فضول معلومات تي حيرت تہ ٿي هوندي، پر اھا معلومات مون کي منھنجي هڪ مائٽ مسٽر فائيڊر کان ملي هئي. اهو سڀ ڪجهہ مونکي هن ٻڌايو هو. فائيڊر ان شام جو مادموزيل سليما کي پنھنجي گاڏي ۾ ويھاري رولٽن برگ کان ٻاھر وٺي ويو هو. ھاڻ مادموزيل بلانشي جنرل جي زال بنجڻ ٿي چاهي. شايد ان خڳال کان تہ اڳتي پوليس طرفان اهڙي نوٽيس جو خطرو نہ رهيس ـــ جھڙو ٻہ سال اڳ مليو هوس. اڄڪلھہ هو جوا بلڪل نٿي کيڏي. پر انھي مان ئي ڀائنجي ٿو تہ هن وٽ ذاتي سرمايو آهي، جنھن مان هو هتي جي جوارين کي هڪڙي خاص سيڪڙي نفعي جي حساب سان قرض ڏيندي آهي. ظاھر آهي تہ اھا جوئا آهي. مون کي شڪ آهي تہ بدنصيب جنرل تہ هن جو مقروض آهي ۽ شايد گريو به، يا شايد گريو هن سان انھي ڌنڌي ۾ شريڪ آهي. ھاڻ اوهين سمجهي ويا هوندا تہ شادي تائين هوءَ جاگيردار ۽ جاگيردارياڻي جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائڻ نٿي گهري. مطلب تہ هن جي موجوده حيثيت ۾ اهڙي ڪنھن گڙٻڙ کان وڌيڪ ڪا شيءِ خطرناڪ ٿي نٿي سگهي. اوهين ڇو جو هن پارٽي سان تعلق ٿا رکو. ان ڪري ممڪن آهي تہ اوھان جي اهڙي ڪا غلط روش گڙٻڙ جو باعث بڻجي وڃي ــ خاص ڪري جڏهن هوءَ روز جنرل جي ٻانھن تي ٻانھن رکيو يا مس پالينا سان گڏ ائين عام جڳهين تي ايندي ويندي رهي ٿي. ھاڻ سمجهي ويئو نہ اوهين؟“
”آءٌ ڪجهہ بہ نہ سمجهيس !“ مون زور سان ميز تي ڌڪ هڻي چيو. بيرو دوڙي اچي پھتو تہ الاهي ڪھڙي ڳالھہ آهي.
”پر ائسٽلي صاحب، هي تہ ٻڌايو“، مون تيزيءَ ۾ اچي چيو، ” جڏهن اوھان سڄي ڪھاڻيءُ کان واقف هئا ۽ مادموزيل بلانشي جي اصليت کان بہ واقف هئا تہ پوءِ اوھان گهٽ ۾ گهٽ مون کي يا جنرل صاحب کي يا وري مس پالينا کي ڇو نہ ٻڌايو، جا مادموزيل بلانشي جي هٿ ۾ هٿ وجهي ظاھر ظهور ڪاسينو ۾ ايندي آهي؟ ڇا اهڙي ڳالھہ کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟“
”مونکي ضرورت ئي ڪھڙي هئي، مون کي خبر هئي تہ اوهين ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهو.“ ائسٽلي صاحب اطمينان سان جواب ڏنو.“ ”ٻئي ڪندي هنن کي ڇا ٻڌايان ھا؟ جنرل تہ بلانشي جي باري ۾ شايد مون کان بہ وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ سڀ ڪجهہ ڄاڻيندي بہ هو مس پالينا سميت هن سان گڏ گهمندو رهندو آهي. جنرل ويچارو ڏاڍو بدنصيب ماڻھو آهي. مون ڪالھہ بلانشي کي ڏٺو تہ هو ءَ گريو ڻ هن روسي شھزادي سان گڏ، هڪ خوبصورت گهوڙي تي چڙهي وڃي رهي هئي ۽ جنرل صاحب هن جي پٺيان پٺيان پنھنجي ڪميت تي پئي ويو. جنرل صاحب صبح جو مونکي ٻڌايو هو تہ هن کي ٽنگن ۾ سور هو. پر هو گهوڙي تي سوار بھرحال ڏاڍي اعتماد سان ويٺو هو. ان وقت مونکي خيال آيو تہ هو واقعي برباد ٿي چڪو آهي. پر ميان، منھنجو ڪھڙو ڪم جو هڪ هڪ کي ٻڌائيندو وتان. منھنجي تہ پالينا سان شناسائي بہ ھاڻي ٿي آهي. بھرحال.... (ائسٽلي صاحب جلدي پنھنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو.) ڏسؤ، آءٌ پھرين چئي چڪو آهيان تہ آءٌ اوھان کي ڪن سوالن ڪرڻ جو حقدار نہ ٿو سمجهان. هونئن مون کي اوھان سان انس آهي.....“
”بس سائين بس“ مون اٿندي چيو، ”ھاڻ مون کي هيءَ ڳالھہ ڀليءَ ڀت معلوم ٿي ويئي آهي تہ مس پالينا بلانشي کي چڱي طرح سڃاڻي ٿي، پر هوءَ پنھنجي فرينچ کان جدا ٿي نٿي سگهي ۽ يقيناً ان ڪري هوءَ هن سان گڏ ايترو گهمي ٿي. يقين ڪريو، ٻيو ڪوبہ اثر هن کي بلانشي سان گڏ گهمڻ ڦرڻ ۽ مون کي جاگيردار مي معاملي ۾ مداخلت نہ ڪرڻ جي التجا ڪرڻ ٿي مجبور ڪري نٿو سگهي. افسوس آءٌ ايتري ڳالھہ بہ سمجهي نہ سگهيس.“
”پر اوھان اهو وساري رهيا آهيو جناب تہ مادموزيل ڪامنگس جنرل جي مڱيندي آهي. ٻيو هي تہ پالينا جنرل جي اڳ ڄائي آهي. هن جا ٻ ڀائر ڀينر آهن، جي جنرل جا پنھنجا ٻار آهن. جن جي زندگي هن چرئي ماڻھو رڳو غفلت سان خراب ڪري ڇڏي آهي.“
”جي ھا، بلڪل ٺيڪ آهي. ٻارن کي ڇڏڻ، هنن کي بلڪل برباد ڪرڻ جي برابر ٿيندو ۽ اتي رهڻ معنيٰ تہ هنن لاءِ ڪجهہ ثمر محفوظ رهندو ۽ هنن جي زندگي خوشحال گذري سگهندي. بيشڪ، اهو بلڪل ٺيڪ آهي. اوھہ ھاڻ آءٌ سمجهيس تہ هو ڏاڏيءَ ۾ ايتري دلچسپي ڇو وٺي رهيا آهن!“
” ڪنھن ۾، ڪنھن ۾؟“ ائسٽلي صاحب پڇيو.
”اھائي مايڪو واري پوڙهي، جا ڪڏهن نہ مرندي، پر هي سڀ هن جي مرڻ جي تار جو انتظار پيا ڪن.“
”برابر ـــ مطلب تہ ھاڻي هوءَ ئي سڀ ڪجهہ آهي. سڀني ڳالھين جو دارومدار هن جي ملڪيت تي آهي. جيڪڏهن جنرل کي چڱو ڪجهہ ملي ويو تہ هو شادي بہ ڪندو ۽ مس پالينا کي بہ نجات ملندي ۽ گريو.“
”جي ۽ گريو؟“
” گريو کي بہ ادائيگي ٿيندي. هو ايتري لاءِ ترسيل آهي.“
اوھان جي خيال ۾ هو صرف انھيءَ لاءِ ئي ترسيل آهي؟“
”ان کان وڌيڪ مون کي خبر ڪانھي“ ائسٽلي صاحب ائين چئي، بلڪل چپ ٿي ويو.
”پر مون کي خبر آهي، مون کي خبر آهي.“ مون زور ڏيندي چيو، ” هو خود بہ ان ورثي جو انتظار ڪري رهيو آهي، ڇو جو پالينا کي سندس ڏاج ملندو ۽ پئسا ملندي ئي هو سندس گلي پئجي ويندي. سڀ عورتون اهڙيون ٿينديون آهن. خوددار کان خوددار عورت بہ اهڙن موقعن تي ذليل کان ذليل غلام بڻجي ويندي آهي. پالينا تہ رڳو محبت ڪرڻ جي شيءِ آهي ۽ ان کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ. هن جي متعلق تہ منھنجي اھا راءِ آهي تہ هن کي ان وقت ڏٺو وڃي جڏهن اڪيلي ئي اڪيلي سوچ ۾ ٻڏل هجي.ڄڻ روز ازل کان اهو ئي هن جي مقدر ۾ لکيل آهي ۽ هوءَ ان لاءِ ئي خلقي وئي آهي. هو زندگيءَ جون تڪليفون کلي برداشت ڪري سگهي ٿي. هن جا جذبات هن جي پوري وس ۾ آهن. هوءَ..... پر هي ڪير مون کي سڏي رهيو آهي. مان اوچتو چوڻ لڳس. ”هي رڙيون ڪير پيو ڪري؟ مون خود ڪنھن کي.اليگزي اوا نووچ، چوندي ٻڌو! ڪنھن عورت جو آواز هو. ٻڌو، ٻڌو!“
ان وقت اسين هوٽل وڃي رهيا هئا سين. قھوه خاني مان نڪتي گهڻو وقت ٿي ويو هو. پر اسان کي ان جو خيال بہ ڪونہ هو.
”ڪنھن عورت جو آواز تہ مون بہ ٻڌو هو. پر خبر نہ آهي ڪنھن کي پئي سڏيائين. روسي ٻوليءَ ۾ سڏي رهي هئي هوءَ_ ھاڻ سمجهيس.“ ائسٽلي صاحب چيو، ”هوءَ ڏس هوءَ عورت جا هينئي معذورن واري ڪرسي تي ويٺي، هتان لنگهي، او! هوءَ ـــ جنھن کي ڪيترئي خادم مٿي ڏاڪڻ تان کنيو پيا وڃن، پٺيان هيتريون پيتيون بہ پيا مٿي نين. شايد گاڏي هينئي آئي آهي.“
”پر هوءَ مونکي ڇو سڏي پئي؟ هوءَ وري وردي سڏ ڪري. ڏسو پاڻ ڏانھن رومال لوڏي پئي.“
”ھا، ھا وقعي هوءَ اسان کي ئي پئي سڏي.“
اليگزي اونووچ_! اليگزي اونووچ! خدا رحم ڪر، عجيب ماڻھو آهين، ٻڌ تہ سھي!“ هوٽل جي ڏاڪڻن تان ڪو چئي رهيو هو.
اسين تيزي سان صدر دروازي ڏانھن وڌياسين. آءٌ جيئن تڪڙو تڪڙو ڏاڪڻ چڙهي پھتس تہ حيرت کان منھنجا پير زمين ۾ کپي ويا.

باب نائون

هوٽل جي ويڪرين ڏاڪڻين تي پھريدارن، فرمانبردار نوڪرن ۽ نوڪرياڻين جو ميڙ اچي گڏ ٿيو هو. وڏو بيرو خود موجود هو۽ پنھنجي معزز مھمان جي پرجوش استقبال ڪري رهيو هو، جيڪو پنھنجي ڪيترن ذاتي نوڪرن جي مٿن تي پيتيون کڻائي آيو هو جنھن کي معذورن واري ڪرسي تي وھاري ڏاڪڻين تان چادڙهيو پئي ويو. ڇا ٿو ڏسان! مٿئين ڏاڪي تي ڏاڏي ويٺي هئي!! ھا هي ڏاڏيءَ هئي!!! ماسڪو واري، خوفناڪ پوڙهي، دولت مند زميندار ائنٽويندس وئسيلونا نارسوچ، جنھن لاءِ تار تي تار موڪلي ويئي هئي، پر هوءَ بجاءِ مرڻ جي اوچتو اهڙي طرح اچي ڪڙڪي هئي، ڄڻ برف جي ڪا ڇپ اچي اوچتو ڪري هجي. حالانڪ هوءَ پنجهتر سالن جي هئي ۽ هن جون ٽنگون گذريل پنجن سالن کان بلڪل بيڪا ر ٿي ويل هيون، تنھنڪري هن کي ھر هنڌ ڪرسي تي ڍوئڻو ۽ ڇڪڻو پوندو هو، پوءِ بہ هوءَ هتي اچي پھتي هئي ۽هميشہ جيان چاق چوبند، خوش ۽ بي فڪر بنا ڪنھن سھاري جي پنھنجي ڪرسي تي ويٺي، ڏاڍي اوچي ۽ تحمڪانہ انداز ۾ رڙيون ڪري، نوڪرن کي سمجهائي رهي هئي. جنرل صاحب جي ٻارن جي ٽيوٽر ٿيڻ کان پوءِ مان هن سان ڀيرا مويو هوس ۽ھاڻ ٽيون ڀيرو منھنجي سامھون هئي. هوءَ دراصل ڪانہ بدلي هئي، بلڪ جھڙي هئي اهڙي ھاڻ نہ هئي. هي قدرتي ڳالھہ هئي جو مان اتي جو اتي ڄمي بيھي رهيس. جڏهن هن کي ڏاڪڻين تي چاڙهيو پئي ويو تہ هن مون کي پنھنجي تيز نظرن سان پري کان ئي ڏٺو هو۽ سڃاتو هو ۽ منھنجو نالووٺي سڏ ڪيائين، جو هميشہ جيان هميشہ لاءِ سندس ذهن ۾ وسيل هو. هي ءَ اھا ئي عورت هئي، جنھن کي ماڻھن ڪفن ۾ ويڙهيل تہ ڇا پر قبر ۾ ستل ڏسڻ ٿي گهريو تہ جيئن هنن کي ملڪيت ملي وڃي. اوچتو هي خيال منھنجي ذهن ۾ پاسا ورائڻ لڳو تہ هي ءَ پوڙهي عورت تہ شايد اسان سڀني کان وڌيڪ عمر جي ٿيندي! خدا ڄاڻي ھاڻ اسان جا دوست ڪيڏانھن ويندا؟! ڇا ڪندا؟ جنعل جو ڇا ٿيندو؟ هيءَ پوڙهي تہ اهڙي تيز آهي جو سڀني کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندي.
”چڱا ماڻھو، مونکي ائي اکيون ڦاڙي ڇو ڏسي رهيو آهين؟“ ڏاڏيءَ ٿورو وڏي سڏ چيو. ”ڇا تو ۾ ايترو اخلاق بہ ڪونھي، جو کڻي مون کي کيڪارين! ايترو غرور تو ۾ ڪٿا آيو آهي؟ يا تہ تو مون کي سڃاتو ڪينهي؟ ٻوڙو تہ ڪونہ آهين، ٻڌين ڇو نٿو؟“ هن پنھنجي پوڙهي خانسامي ڏانھن منھن ورائي چيو، جنھن کي ڪڳيان کليل بٽڻن وارو ڪوٽ پھريل هو ۽ وار سخت ڀورا هئس، ”ڏٺئي ھاڻ تہ هي موکي سڃاڻن ئي ڪونہ ٿا. هي تہ مونکي دفنائي چڪا هئا! تار تي تار پئي ڪيائون تہ مان ميس يا نہ. مان تہ ڇاتيءَ تي ويھي منڱ ڏريندي سان. مئا ماريا ڪٿي جا. مان سڀ ڪجهہ سمجهان ٿي. ڏس چڱي طرح ڏس، مان جيئري آهيان!“
” خدا جي واسطي اھريون ڳالھيون نہ ڪر ڏاڏي! خدانخواستہ تون ڇو مرين! موت اچي تنھنجي دشمنن کي.“ مون پنھنجا وهوش و حواس ٺيڪ ڪندي، خوشمزاجي سان چيو. ”مان تہ توھان جي اوچتي اچڻ تي اچڻ ٿي حيرا ن ٿي رهيو آهيان، اھا هڪ قدرتي ڳالھہ آهي.....“
”ان ۾ حيراني جي ڪھڙي ڳالھہ آهي؟ مان ٽرين ۾ ويٺيس ۽ ھلي آيس.
ٽرين جون سيٽون ڏاڍيون آرام واريون هيون. لوڏا صفا ڪونہ ٿي لڳا.
تون ڀلا گهمڻ ڦرڻ نڪتو آهين ڇا؟
”جي ھا، آءٌ ٿورو ڪاسينو تائين ويو هوس.“
”هتي جي موسم تہ ٺيڪ آهي، ڏاڏي هيڏانھن هوڏانھن ڏسندي چيوتہ، ٿوري گرمي آهي. وڻ ساوا ٿا نظر اچن. مون کي اهڙي موسم ڏاڍي وڻندي آهي. ٻيا سڀ ڪيئن آهن؟ جنرل صاحب گهر آهي؟“
”ھا منھنجي خيال ۾ هينئر سڀ گهر ۾ هوندا.“
”ان جي معني تہ هو هتي مقرر وقتن تي ايندا ويندا آهن ۽ پنھنجو پراڻو طرقو نہ بدلايو اٿن! هنن ڏاڍو شان رکيو آهي. ٻڌو اٿم تہ هڪ شاندار گاڏي بہ ورتي اٿن. مزي سان پيا پئسا خرچين ۽ روز ٿا سير ڪندا وتن. ڇا، پراسڪويا گڏ آهين؟“
” جي ھا، پالينا اليگزينڊرونا بہ هنن سان گڏ آهي.“
”۽ هو فرنينچڙو؟ خير، چڱو مان خود اتي وڃي ڏسنديس. اليگزي ايوانو وچ! تون ٿورو مونسان ھلجانءِ. ڀلا تون تہ هن وٽ ٺيڪ آهين نہ؟“
”خدا جو فضل آهي، آئيٽو وئيسلونا!“
”پوٽا پچ! هن ڀيري کي چئي ڇڏ تہ مون کي عمدو ۽ آرام ورو ڪمرو ڏياري ۽ ڏسجان ۽ گهڻو ٿڌو نہ هجي، هي سڄو سامان هينئر کڻي وڃي اتي رکي اچ ۽ هي ماڻھو ڪرسي کي ڇڪڻ لاءِ ايترو منتظر ڇو آهن؟ هي اڳيا اڳيان ميڙ ڪندا پيا وڃن؟ خدا پناھہ ڏئي_ ڪيترا نہ ذليل ماڻھو آهن هي.“ هن مون کي ٻيھر مخاطب ڪندي پڇيو، ”توسان گڏ ڪير آهي؟“
”ائسٽلي صاحب آهي.“
”ائسٽلي ڪير ؟“
”منھنجو دوست، هي جنرل جو بہ واقفڪار آهي.“
”شايد انگريز آهي. هي ائين ماٺ ڪيو ڇو بيٺو آهي. شايد منھنجي متعلق ڪجهہ ڄاڻڻ ٿو گهري. خبر نہ آهي ڇا ڳالھہ آهي، مون کي انگريز ڏاڍا سٺا لڳندا آهن. چڱو، خير، ھاڻ مونکي هنن وٽ وٺي ھل. ڪٿي آهن هو؟“
نوڪر ڏاڏيءَ جي ڦيٿن واري ڪرسي ڇڪڻ لڳا. آءٌ تڪڙو تڪڙو ڏاڪا چڙهي رهيو هوس. اسان جو مختصر جلوس ڏاڍو دلچسپ هو. جيڪو بہ اسان کي مليو ٿي تنھن بيھي غور سان اسان کي ڏٺو ٿي. هيءَ هوٽل هن جڳھہ جي سڀ کان وڏي هوٽل سمجهي ويندي هئي. ان جو خرچ ڪي شاهوڪار ئي برداشت ڪري سگهندا هئا. ڏاڍيون خوبصورت جسمن واريون عورتون ۽ معزز انگريز اسان کي ورانڊن ۽ ڏاڪڻين تي ملندا رهيا. هيٺ گهڻائي ماڻھو وڏي بيري کان، جو پاڻ بہ چڱو خاصو متاثر ٿي ويو هو، پڇي رهيا هئا. هن ھر هڪڪ کي اهو ئي جواب ٿي ڏنو تہ ڏاڏي معزز خاتون آهي. هڪڙي ٻاھرئين ملڪ مان آئي آهي. هن ۾ ٿوري بہ ڪاوڙ ۽ تڪبر ڪونھي. ھاڻ هي انھن ڪمرن ۾ رهندي، جن ۾ هڪ هفتو پھرين هوءَ دولتمند ڊچيس (نوابياڻي) رهيل هئي. هن رعب تاب پيدا ڪرڻ ۾ ڏاڏي جي تحڪمانہ ۽ باوقار شخصيت جو ڏاڍو هٿ هو. جڏهن بہ هو ڪنھن شخص سان پھرين ملي ٿي تہ ان ڏانھن ڏاڍي حيرت سان ڏسي، مون کان ان بابت پڇيائين ٿي. ڏاڏيءَ جسم جي خاصي ويڪري هئي. حالانڪ هو معذور هئي ۽ ٽنگن جي بي جان هجڻ ڪري ڪرسي تان اٿي نٿي سگهي، پر ڏسڻ وارو يڪدم سمجهي سگهيو ٿي تہ قد جي ڊگهي آهي. چيلھہ هن جي تختي جيان سڌي رهندي هئي ۽ هو ڪڏهن بہ پٺيان جهڪي ڪرسي جو سھارو نہ وٺندي هئي. هن جو گول گول وڏو مٿو پنھنجي ويڪريءَ پيشاني سان هميشہ سڌو بيٺل هو. سندس منھن مان بزرگي، خودداري ۽ سرڪشي جا آثار ظاھر هئا. هن جي ڳالھائڻ جو نمونو ۽ ٻي ھر ڳالھہ ٻولھہ بلڪل قدرتي هيون. ٺاھہ ٺوھہ جو نالو نشان منجهس ڪونہ هو. پنجهتر سال عمر هجڻ جي باوجود، هن جي چھري تي هڪ خاص قسم جي سختي هئي ۽ ٻٽيھہ جا ٻٽيھہ ڏند سلامت هئس. هو ڪاري ريشم جو وڳو پھريل هئي ۽ مٿي ٿي اڇي ٽوپي هيس.
”ڏاڏي دلچسپ عورت آهي.“ ائسٽلي صاحب منھنجي ويجهو ايندي ڪن ۾ چيو.“
”ڏاڏي کي تارن جي خبر آهي.“ مان چوڻ سوچڻ لڳس. ”گريو جي بہ خبر اٿس. پر اڃا تائين شايد بلانشي جي خبر ڪانہ اٿس.“ مون پنھنجو خيال ائٽلي صاحب کي ٻڌايو.
آءٌ گنهگار بندو آهيان، سو جڏهن منھنجي پھرين حيراني ختم ٿي تہ اهو سوچي، دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس تہ جنرل جي مٿان ھاڻ چڱو بم گولو ڦاٽندو ۽ اهو آءٌ بہ ڏسندس. جيئن جيئن آءٌ ڏاڪڻ تي چڙهندو پئي ويس، مون ۾ جوش ۽ خوشي وڌندا پئي ويا.
اسان جا ڪمرا ٽينءَ منزل تي هئا. ڏاڏي جو اطلاع ڏيڻ يا در کڙڪائڻ بنان ئي مون در کوليو ۽ ڏاڏي وڏي شان سان اندر داخل ٿي. هو سڀئي جنرل جي پڙهڻ واري ڪمري ۾ ويٺا ڳالھائي رهيا هئا. ان وقت ٻارهن ٿيا هئا ۽ پل هو گهمڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا هئا. ڪن کي گاڏي ۾ وڃڻو هو ۽ ڪن کي گهوڙن تي. چند ٻين دوستن کي بہ دعوت ڏني هوائون. جنرل، پالينا، ٻارن ۽ انھن جي نرس کانسواءِ، هن وقت گريو گهوڙيسواري جي لباس ۾ ملبوس، ماد موزيل بلانشي، ان جي ماءُ، بندرو شھزادو ۽ هڪ معزز جرمن جنھن کي مون اڳي ڪونہ ڏٺو هو، ويٺا هئا.
ڏاڏي جي ڪرسي کي ڪمري جي وچ ۾ جنرل کان ٻہ ٽي قلم پري رکيو ويو. ان وقت عجيب سنسني پيدا ٿي هئي، ان جو منظر مون کان ڪڏهن بہ نہ وسرندو. جڏهن اسين ڪمري ۾ داخل ٿياسين تہ جنرل صاحب ڪا ڳالھہ ڪري رهيو هو ۽ گريو هن جي ڳالھہ کي درست ڪري رهيو هو. آءٌ هيءَ ڳالھہ ضرور چوندس تہ ڪجهہ ڏينھن کان گريو ۽ بلانشي جو ڌيان ان بندري شھزادي ڏي گهڻو هو. ان وقت سڀئي ڏاڍا خوش ۽ بلڪل نقلي هئا. ڏاڏي کي ڏسندي ئي غريب جنرل جو وات ڦاٽي ويو ۽ هو جيڪي لفظ ڳالھائي رهيو هو، سي نڙي ۾ اٽڪي پيس. اکيون کلئي جون کليون رهجي ويس. ڏاڏي چپ چپات جنرل کي ڏسندي رهي. پر هو خاموش نگاهن ۾ هڪ للڪار، چئلينج ۽ طنز هو. ڪمري ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين چپ چپات لڳي ويئي، سڀئي گنگ ٿيا ويٺا هئا. اهڙي عالم ۾هو ڏهن منٽن تائين هڪ ٻئي کي تڪيندا رهيا. شروع ۾ تہ رڳو گريو حيرت کان ششدر ٿي ويو. اهڙو تہ چپ ٿي ويو جھڙي ٿت. پر جلد ئي منھن مان سخت پريشاني بکڻ لڳيس. مادموزيل بلانشي ٿرون مٿي کنيا. وات کوليائين ۽ ڏاڍي وحشت سان ڏاڏي کي تڪڻ لڳي. شھزادو ۽ فاضل جرمن بہ حيرت سان سڄو منظر ڏسي رهيا هئا. پالينا جي اکين ۾ حيرت ۽ الجهن بيدار ٿي ۽ ڏسندي ڏسندي هن جو رنگ اڇي رومال جھڙو ٿي ويو. پر هڪ ئي لمحي ۾ رت هن جي ڳلن کي ڳاڙهو ٽانڊي جھڙو بڻائيندي سڄي منھن تي ڊوڙڻ لڳو. بيشڪ ڏاڏي جي آمد هنن سڀني لاءِ هڪ اوچتي آفت ۽ هڪ آسماني قھر هو. مان پنھنجي نظرن کي ڏاڏيءَ ڏانھن ۽ پوءِ هيڏانھن هوڏانھن ڦيرائيندو رهيس. ائسٽلي صاحب هميشہ جيان ڏاڍيءَ خاموشي سان هڪ طرف بيٺو هو.
”اجهو حضور، تار جي بجاءِ مان خود اچي ويئي آهيان.“ ڏاڏي ٽھڪ ڏيندي، ڪمري جي خاموشي کي ٽوڙيو. ”ڇا توکي منھنجو انتظار ڪونہ هو؟“
”ائنٽويندا وئسيلونا.... چاچي.... ڇا خشڪيءَ جي رستي.....“
غمگين جنرل آهستي چيو. جي ڏاڏي ٿرو بہ خاموش رهي ھا گه جنرل صاحب ڪو نہ ڪو استادي جو هٿ ڏيکاري ڇڏي ھا.
”خشڪي جي رستي ڇو؟ مان ريل ۾ ويٺس ۽ ھلي آيس. آخر ريل ڪھڙي مرض جي دوا آهي! تون تہ اهو ئي سمجهي رهيو هئين تہ مان مري وئي هونديس ۽ تنھنجي لاءِ دولت ڇڏي وئي هونديس؟ تنھنجي تارن جو مطلب آءٌ خوب سمجهان ٿي. خبر اٿئي تارن تي تو گهڻا پئسا ضايع ڪيا آهن؟ تمام وڏي رقم ٿي ٿئي جناب! مان پاڻ ھلي آيس. هي فرينچ هتي ڇ پيو ڪري؟ هن جو نالو شايد گريو آهي؟“
”جي ھا مادام.“ گريو فينچ ٻولي ۾ جواب ڏنو.“ ”مون کي گريو چوندا آهن. اوھان ايتي قدر نڳڪ، بردبار، سنجيده ۽ جاذب نگاه آهيو، جو ديوي چوڻ ٿي دل پئي ٿئي، اوھان ۾ ايتري ڪشش آهي، جو ڪو بہ متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهي.“
”اھا ڳالھہ ڇڏ تہ مون ۾ ڪا ڪشش آهي يا نہ، پر تون ضرور ٻھروپيو آهين. چپ ڪر، مون کي اصل توتي اعتبار ڪينهي.“ اهو چوندي، ڏاڏي آڱر سان بلانشي ڏانھن اشارو ڪيو. ” هي ڪير آهي؟“ هوءَ سھڻي فرنيچ عورت هن وقت گهوڙيسواري جي لباس ۾ ملبوس هٿ ۾ چھبڪ کنيو ويٺي هئي. هن ڏاڏي کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ” هتي ئي رهندي آهي شايد!“
”جي ھا هي مادموزيل بلانشي ڪامنگس آهي ۽ هي ان جي ماءُ مادام ڪامنگس آهي. هتي هن ئي هوٽل ۾ رهيل آهن.“ مون وضاحت ڪئي.
”ڇا شادي ٿي چڪي آهيس؟“ ڏاڏي بي تڪلف انداز ۾ پڇيو.
”ماد موزيل ڪامنگس جي شادي ڪانہ ٿي آهي.“ مون ڄاڻي ٻجهي نرم آواز ۾ احترام سان جواب ڏنو.
”واه“
”جي، مان سمجهيس ڪونہ.“
”تون تہ هن ۾ خاص دلچسپي وٺندو هوندين؟ ڇا هي روسي ڄاڻي ٿي؟ گريو تہ ماسڪو ۾ سکي هئي. ڪجهہ مڙيوئي ايندي هيس!“
”مادموزيل روس ۾ ڪڏهن بہ نہ رهي آهي.“ مون چيو.
”ٻچڙي خوش آهين“ ڏاڏي بلانشي کي مخاطب ٿيندي چيو.
”جي، دعا آهي مادام.“ بلانشي يڪدم منھن تي شرم و حيا ۽ انڪسار جا آثار پيدا ڪندي، جهڪي سلام ڪيو. هن جي سڄي منھن تي ان عجيب طرز تخاطب تي حيرانگي بکي رهي هئي.
”اجهو هي تہ ويچاري شرم کان ٻڏي رهي آهي. پنھنجو پاڻ کي نئين ويس ڏيئي رهي آهي. ڀلا اهڙيون عورتون بہ ڪڏهن لڪي سگهيون آهن؟ ائڪٽريس ڪٿي جي.“ پوءِ اوچتو جنرل کي مخاطب ڪيائين، ”مان هن ئي هوٽل ۾ هيٺينءَ منزل ۾ رهيل آهيان، تنھنجي پاڙي ۾ آهيان. ان مان توکي خوشي ٿي آهي يا افسوس؟“
”اوه چاچي، توکي منھنجي مسرت جو... پُرخلوص جذبات جو يقين ڪرڻ کپي.“ جنرل جواب ڏنو. هو پاڻ کي سنڀالي چڪو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي مناسب طريقي سان پروقار انداز سان ڳالھايائين ٿي. ”اسين تہ اوھان جي بيماريءَ جي سبب ڏاڍو پريشان رهيا آهيون..... اسان اهڙيون مايوس ڪندڙ تارون وصول ڪيون ۽ ھاڻ اوھان اوچتو....“
”تون ڪوڙ ٿو ڳالھائين، سفيد ڪوڙ“ ڏاڏي يڪدم جنرل جي ڳالھہ ڪاٽي.
” پر توھان ڪيئن....“ جنرل صاحب هن جي ڳالھہ ڪاٽڻ ۾جلدي ڪئي ۽ پنھنجي آواز کي بلند ڪندي، لفظ ”ڪوڙ“ کي لڪائڻ جي ڪو شش ڪندي چيو، ”پر توھان ايڏو سفر ڇو اختيار ڪيو؟ ڀلا هن عمر ۾، هن ضعيفي ۾ جڏهن صحت بہ خراب آهيو..... بھرحال توھان جي هن اوچتي اچڻ سان اسان کي واقعي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. پر مون کي ايتري خوشي ٿي آهي.... ۽ اسين سڀ (هو ڏاڏي جي دل ۾ گهر بنائڻ لاءِ مسڪرائڻ لڳو) اسان سڀني جي ڪوشش اھا ئي هوندي تہ هيءَ موسم توھان هتي آرام سان گذاريو.“
بس ميان بس، خومخواه جون ڳالھيون آهن. اهو سڀ ڏيکاءَ آهي. تون هميشہ وانگر نڪواس پيو ڪرين. مان خود پنھنجو وقت بھتر نموني سان گذاري سگهان ٿي. منھنجي توسان ڪابہ ڪاوڙ نہ آهي. ڪو بہ بغض نہ آهي. ڪو ڪينو نہ آهي. هيتہ معمولي ڳالھہ آهي. پراسڪويا تون ڪيئن آهين هتي، ڇا پئي ڪرين؟“
”ڏاڏي، اوھان جي طبيعيت ڪيئن آهي؟“ پالينا هن ڏي ايندي چيو. ”سفر ۾ تہ گهڻي دير رهڻو پيو هوندو!“
”ڏٺو! رڳ هن تميز سان ڳالھايو آهي. باقي سڀئي تہ رڳو آه واه پيا ڪن. ڌيءَ! منھنجي طبيعت واقعي خراب ٿي ويئي هئي. چوويھہ ئي ڪلاڪ کٽ تي پئي هوندي هيس. پنھنجو پاڻ تہ چري بہ ڪانہ ٿي سگهيس. ڊاڪٽر تي ڊاڪٽر گهرايم. پر مار پويس مرض جي خبر ئي ڪانہ ٿي پئي. آخرڪار سينٽ نڪولس جي هڪ پادري کي گهرايم. هن هڪ ڳوٺاڻي جو علاج رڳو گاھہ جي ٻجن سان ڪيو هو. ان عورت کي بہ اھا ئي بيماري هئي. پادريءَ علاج مون کي بہ چاڪ ڪري ڇڏيو. هن جي دوا مان هي ٿي، جو ٽئين ڏينھن سڄو ڏينھن پگهر ايندو رهيو. پگهر جو نڪرڻ ۽ آءٌ بلڪل ٺيڪ ٿي ويس ۽ جڏهن ٺيڪ ٿيس تہ ڳالھيون ٺاهڻ وارن جي بہ گهٽائي ڪانھي. منھنجا چند جرمن دوست ٻيھر اکين تي چشما چاڙهي اچي گڏ ٿيا ۽ نصيحت ڪرڻ لڳا. چون تہ ”اوھان آبهوا جي تبديلي لاءِ ڪيڏانھن ٻاھر ھليون وڃو تہ ڏاڍو سٺو ٿيندو. مرض جا سڀ نشان ختم ٿي ويندا.“ ۽ واقعي ان ۾ ھرج بہ ڪھڙو آهي _ مون سوچيو. هوڏانھن وري زازگنز جي بيوقوفن آهون ڀرڻ شروع ڪري ڏنيون، ”اوهين ڪيڏانھن پيون وڃو؟ ڇو ٿيون وڃو!“ هنن پڇيو ۽ مان هيڏانھن ھلي آيس... تياري ڪرڻ ۾ وڌ ۾ وڌ هڪڙو ڏينھن لڳو هوندو. گذريل جمعي دفتي مون نوڪرياڻي، پوٽا پچ ۽ هڪ چوڪيدار فياڊر کي گڏ کنيو. پر فياڊر کي برلن مان ئي واپس موڪلي ڇڏيم، ڇو جو مون ڏٺو تہ هن جي ضرورت ئي ڪانہ هئي. جي هي مون سان گڏ نہ اچن ھا تہ مان اڪيلي بہ اچي سگهان ھا. مون هڪ سڄو گاڏو رزرو ڪرايو هو. مزدور تہ ھر اسٽيشن تي هوندا آهن. هنن کي ڪجهہ ٽڪا ڏيو ۽ جيڏانھن کپيو اوڏانھن سامان کڻايو. اڙي ھا!، ڪھڙا ڪمرا ورتا آهن؟“ هن چئني پاسن نظرون ڊوڙئيندي ڳالھہ ختم ڪرڻ واري انداز ۾ چيو،” اڄڪلھہ پئسا ڪٿان ٿا اچن. ٻڌو اٿم تو پنھنجي سڄي ملڪيت گروي رکي ڇڏي آهي. رڳو اڪيلي فرينچ کي ئي وڏي رقم ڏيڻي اٿئي! ڇو ٺيڪ آهي نہ؟ مون کي سڀ خبر آهي. آءٌ سڀ ڪجهہ ڄاڻان ٿي.“
”اوه چاچي....“ جنرل گهٻراهٽ ۾ چيو، ”مان حيران آهيان چاچي.... مان سمجهندو هئس تہ مان پنھنجي اعمالن ۾ آزاد آهيان.... ان کانسواءِ منھنجو خرچ منھنجي آمدني کان گهڻو بہ تہ ڪونھي ۽ اسين هتي.....“
”خرچ گهڻو ڪونھي! تون اهو ٿو چئين نه! پوءِ تہ تو پڪ ٻارن کي پائيءَ پائيءَ کان سڪايو هوندو، هنن جوسنڀاليندڙ بنجيو پيو ھلين؟“
”وري ساڳيون ڳالھيون، وري اهي ئي.....“ جنرل صاحب ڪاوڙجي چيو ”مون کي واقعي خبر ڪانہ هئي.....“
”چڱو تہ توکي واقعي خبر ڪانہ هئي، هڪ چوري ٻي سينہ زوري ۽ هي چوويھہ ڪلاڪ رولٽ جي ميزن تي ڪير پيو ڦيريون پائيندو آهي؟“
جنرل صاحب ايترو تہ بي اختيار ٿي ويو، جو پنھنجي جذبات جي موش ۾ ئي ٿ ٿو ڪرڻ لڳو. ”رولٽ، مان.... پنھنجي هن پوزيشن ۾....! چاچي تون خود سوچ تہ ڇا چئي رهي آهين؟ ائين ٿو لڳي تہ اڃا تائين پريشان آهين؟“
”اوه تون ڪوڙ پيو ڳالھائين. بلڪل غلط، مون کي چڱي طرح خبر آهي تہ تون هنن کان جدا ٿي نٿو سگهين،هي سڀ لوڙ آهي. مان خود اکين سان ڏسنديس، هي رولٽ ڪھڙي بلا آهي، پر اسڪويا اهو ٻڌائجان ۽ اهو تنھنجي ذمي آهي تہ مون کي ڪيڏانھن وڃڻو آهي ۽ ڇا ڇا ڏسڻو آهي. اليگزي اوانووچ مون سان گڏ ھلندو ۽ پوٽا پچ تون مشھور جڳهين جي ڏسڻ جو پروگرام ٺاهي وٺ. هتي ڪھڙيون ڪھڙيون شيون ڏسڻ جھڙيون آهن؟“
هن ٻيھر پالينا کي خطاب ڪندي چيو.
”ويجهو ئي هڪ محل جا کنڊر آهن، تنھن جي ڀرسان شلنگبرگ آهي.“
”هي شلنبرگ ڇا آهي. ڪو جهنگل آهي ڇا؟“
”جي نہ، هڪ جبل آهي. ان جي هڪ اوچي چوٽي آهي ؟“
”چوٽي ڇا؟“
”جبل جو سڀ کان مٿانھون سرو. اتي جهنگلا لڳل آهن. خدا جو سنھن اتي ڏاڍو دلڪش منظر آهي.“
”پر جبل تي منھنجي ڪرسي ڪير گهليندو ؟ ڇو!“
”گهڻائي مزدور ملي ويندا آهن.“ مون جواب ڏنو.
ان موقعي تي نرس فدوسيا، جنرل صاحب جي ٻارن سميت اچي پھتي.
”نہ ڀائي، چمين ڀاڪرن جو ضرور ڪونھي. آءٌ ٻارن جون چميون برداشت نٿي ڪري سگهان. هنن جو نڪ تہ هميشہ وهندو پيو آهي. تنھنجو ڪھڙو حال آهي فدوسا؟“
”اوھان جي دعا آهي.“ فدوسا جواب ڏنو، ”ھاڻ ڪھڙو حال آهي مادادم! اسين تہ اوھان جي ڪري ڏاڍا پريشان هئاسين.“
”مون کي خبر آهي تہ تون واقعي مخلص ۽ سٺي آهين. ٻڌاءِ هت تہ ھر وقت مھمانن جو گوڙ متل هوندو!“ ڏاڏيءَ ٻيھر پالينا کان پڇيو، ”هي عينڪ وارو ٻڍو ڪير آهي؟“
”شھزادو نلسڪي“ پالينا آهستي چيو.
”هون تہ ڪو روسي آهي، مون سمجهيو تہ هو نہ سمجهندو. غالباً هن ٻڌو بہ ڪونہ. هي ائسٽلي صاحب آهي. هن سان تہ آءٌ ملي چڪي آهيان. اوهين اڃا هتي آهيو؟“ ڏاڏيءَ هن ڏي مڙندي چيو. ”اوھان جو ڪھڙو حال آهي؟“
ائسٽلي خاموشي سان جهڪيو ۽ چيائين، ”نوازش.“
”ڇا اوھان مون سان ڪونہ ڳالھائيندوء! ڪجهہ تہ چئو.“ پالينا هن کي ترجمو ڪري ٻڌاءِ.
پالينا ترجمو ڪيو.
”ھا، ھا، مونکي اوھان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. خدا جو فضل آهي. اوھان صحت تہ ٺيڪ آهي نہ؟“ ائسٽلي صاحب ڏاڍي سنجيدگي پر حاضر دماغيءَ سان چيو، پالينا ترجمو ڪيو ۽ جيئن ٿيڻ کپي، ڏاڏي کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي.
”هي انھريز هميشہ سٺو جواب ڏيندا آهن.“ هن چيو، ”ان ڪري تہ مون کي سٺا لڳندا آهن. انگريزن ۽ فرينچن ۾ تہ ڪو مقابلو ئي ڪونھي. چڱو ٻڌو.“ هن ائسٽلي صاحب کي ٻيھر مخاطب ڪيو، ”آءٌ هينئر اوھان کي پرشان ڪرڻ نٿي چاهيان. پالينا هن کي ٻڌاءِ تہ آءٌ هتي هيٺينءَ منزل ۾ رهيل آهيان. هي مان سان ڪنھن ٻئي وقت ضرور ملي، هتي هيٺ.“ هن پنھنجي ڳالھہ ورجائيندي چيو.
ائسٽلي صاحب ان دعوت تي ڏاڍو خوش ٿيو.
ڏاڏيءَ پالينا کي مٿان کان هيٺ ڪيئي ڀيرا ڏاڍي اطمينان سان ڏنو.
”پر اسڪويا، مون توکي ڏسڻ جو ڏاڍو اشتياق هو،“هن اوچتو چيو، ”تون ڏاڍي عهيب ڇوڪري آهين. سون هزار ن ۾ هڪ، وصيت نامي ۾ توکي ڪانہ وساريندس، فڪر نہ ڪر. اڙي هي تنھنجي ڳچيءَ ۾ نقلي ھار آهي ڇا؟“
”نہ ڏاڏي، منھنجو پنھنجو آهي
ھا ھا پر مون کينئون فيشن ڪونہ وڻندو آهي ۽ تون تہ واقعي سھڻي پئي لڳين جي مان جوان هجان ھا ۽ گڏوگڏ مرد بہ تہ تو تي عاشق ٿي پوان ھا پر ھا ترتون شادي ڇو نٿي ڪرين؟ چڱو وقت ٿي ويو آهي ھاڻ مون کي وڃڻ کپي چڱو اجازت ڏي سڄي ڏينھن جي سفر ٿڪائي وڌو آهي تنھنجي هن جنرل کي نڪ تي ڪاوڙ واري عادت ختم ٿي يا نه
خدا جي واسطي چاچي اوھان ڪھڙيون ڳالھيون پيا ڪرريو! جنرل صاحب خوش نظر اڍڻ جي ڪوشش ڪندي چيو آءٌ سمجهان ٿو هن عمر ۾....

باب ڏهون

منھنجي خيال ۾ گرم چشمن وارن هنڌن تي خاص طرح ۽ يورپ ۾ عام طرح هوٽل جا بيرا پنھنجي مھمانن کي ڪمرن ڏيڻ وقت بجاءِ هنن جي خواهشن ۽ ضرورتن جي خيال جي، پنھنجي مرضيءَ مطابق ھلندا آهن ۽ پنھنجي راءِ ۾ جيڪو ۽ جھرو ڪمرو جنھن لاءِ موزون سمجهندا آهن. اهو ئي ان جي حوالي ڪندا آهن ۽ ڪمال جي ڳالھہ هيءُ آهي تہ هو پنھنجي انتخااب ۽ فيصلي ۾ ڪڏهنبہ غلطي ڪانہ ڪندا آهن. پر ڏاڏيءَ کي هنن اهڙا شاندار ڪمرا ڏنا. جو سواءِ ان جي ڇا ٿو چئي سگهجي تہ هو پنھنجي فيصلي ۾ ڪجهہ حد کان وڌي ويا هئا. چار سينگاريل ڪمرا ۽ هڪ وهنجڻ جي جاءِ، نوڪرن لاءِ ننڍا ننڍا ڪوارٽر ۽ نوڪرياڻيءَ لاءِ هڪ ڪمرو- هڪ هفتو اڳ واقعي انھن ڪمرن ۾ هڪ مشھور دولتمند ڊَچيس رهيل هئي. ان حقيقت کان ڏاڏيءَ کي پھرين واقف ڪيو ويو هو، تہ جيئن هن جي نظرن ۾ ڪمرن جي قدر ۽ قيمت وڌي وڃي. ڏاڏي پنھنجي معزورن واري ڪرسيءَ تي ويھي، سڀني ڪمرن جا چڪر هڻي رهي هئي ۽ ھر شيءِ کي غور سان ڏسي رهي هئي. وڏو بيرو جيڪو گنجو هو ۽ چڱيءَ عمر جو هو، ڏاڍي احترام سان هن ابتدائي جائزي جي موقعي تي ڏاڏيءَ جي اڳيان اڳيان ھلي رهيو هو.
آءٌ چئي نٿو سگهان تہ هنن سڀني ماڻھن آخر ڏاڏيءَ کي ڇا ٿي سمجهيو. هنن جي رويي مان ظاھر تہ ائين پئي ٿيو ڄڻ تہ هو هن کي بيحد دولتمند خاتون سمجهي رهيا هئا. هنن پنھنجي روزنامچي ۾ بہ هن جو نالو ڏاڍي شد مد سان هيئن لکيو هو: ’مادام شھزادي بيگم جنرل تارسو وچ‘ حالانڪ ڏاڏي ڪڏهن بہ شھزادي نہ رهي هئي. غالباً هن جي ذاتي نوڪرن، ريل گاڏيءَ جي محفوظ ٿيل خاص گاڏن، ڳوڻين، چمڙي جي ٿيلهن ۽ صندوقن هن جي اهميت وڌائي ڇڏي هئي. معذورن واري ڪرسي، بي ربط لهجو، تيز ۽ تند آواز، نرالا سوال، جن جي ترديد ناقابل برداشت هئي..... مطلب تہ ڏاڏيءَ جي سڄيءَ شخصيت هن جي تحڪمانہ انداز ۽ ٻين سڀني آثارن هن جي ڌاڪ ويھاري ڇڏي هئي. ڪمري جو معائنو ڪندي ڪندي هن ڪرسي بيھاري، فرينچر مان ڪو نقص ٿي ڪڍيو. وڏي بيري کان ڪو اڍنگو سوال ٿي ڪيائين، ۽ هو ويچارو کيس ڏسندو ٿي رهيو، پر پوءِ بہ اهو سوال هن لکي ٿي ڇڏيو. دراصل هو پڻ سخت پريشان ٿي چڪو هو. پر ان کان سواءِ ڪري بہ ڇا ٿي سگهيو. ڏاڏي پنھنجا سوال اهڙي ڀڳل ٽٽل فرينچ زبان ۾ ٿي ڪيا، جو آخر مون کي وضاحت ڪرڻي ٿي پئي..... وڏي بيري بہ ڪجهہ اھرا ٿي جواب ڏنا، جو هوءَ گهڻو ڪري مطمئن ڪانہ ٿي ٿي. بلڪ التو ناراض ٿي ٿي. هي تہ آءٌ بہ چوندس تہ ڏاڏيءَ جا سوال واقعي نامناسب ۽ بي وقتا هئا. مثلاً هڪ هنڌ اوچتو هڪ ڌنڌليءَ تصوير جي اڳيان بيھي، جا ڪنھن ديومالا جي مشھور ڪھاڻي جي عڪاسيءَ جي خاطر مصور ٺاهي هئي، پڇڻ لڳي:
”هيءَ ڪنھن جي تصوير آهي؟“
”شايد ڪنھن ڪائونٽ جي زال هوندي“. وڏي بيري جواب ۾ چيو.
”عجيب ڳالھہ آهي تون هتي رهين ٿو ۽ اھا بہ خبر ڪانہ اٿئي تہ هيءَ تصوير ڪنھن جي آهي. آخر هتي ڇو رکي ويئي آهي؟ هيءَ آڏين نظرن سان ڪنھن کي ڏسي رهي آهي؟“
غريب بيرو ان سوال جو جواب اطمينان بخش طريقي سان ڏيئي نہ سگهيو ۽ سچ پچ خاصو پيشان ٿي ويو.
”اوهه! هتي جا ماڻھو ڪيترا نہ بي مغز ۽ ٻو آهن؟“ ڏاڏيءَ روسي زبان ۾ چيو.
آخر ڏاڏيءَ کي اڳتي وڌايو ويو. بلڪل ساڳي حالت ڊيرسڊن جي هڪ مجسمي وٽ پيش آئي. پھرين تہ الاهي وقت تائين ڏاڏي هن کس ڏسندي رهي، پوءِ خدا ڄاڻي ڇو حڪم ڪيائين تہ ان کي اتان هٽائي ڇڏيو. آخر ۾ وڏي بيري کي هڪ وڏي مصيبت کي منھن ڏيڻو پيو. ڏاڏيءَ خوابگاھہ ۾ وڇيل غاليچي لاءِ پڇيو: ”هن جي قيمت گهڻي آهي؟ ڪھڙي شھر جو ٺھيل آهي؟ ڪٿان خريد ڪيل آهي؟“ ويچارو ان کان سواءِ چئي ڇا ٿي سگهيو: ”چڱو بيگم صاحبہ پڇي ٻڌائيندس.“
”بي وقوف ڪٿي جو.“ ڏاڏي زبان سان چئي رهي هئي، پر اکيون هنڌ تي ڄميل هيس. ”ڇپر کٽ تہ شاندار آهي. اي، هنڌ تہ کول!“
هنن هنڌ کولڻ شروع ڪيو.
”اڃا....اڃا.... اڙي اڃا.... بلڪ سڄو کوليوس.... سڀ ويھاڻا ڪڍو.... کيس هڪ طرف رکو.... جاھل!“ ڏاڏي مسلسل ڳالھائي رهي هئي.
هنڌ جي هڪ هڪ شيءِ ٻاھر ڪڍي ويئي. ڏاڏيءَ غور سان ھر شيءِ جو معائنو ڪيو.
”خير، اهو بہ سٺو آهي تہ هتي منگهڻ ڪونھن. سڀ سوٽي چادرون هڪ طرف رکو ۽ ڏسو منھنجي چادر ۽ ويھاڻا کٽ تي چڱيءَ طرح پکيڙيو. هي ڪم مون جھڙي ضعيفھ لاءِ اصل موزون ڪينهي. ڪمرا ڏاڍا خراب آهن. سٺو ڏينھن اڪيلي ويٺي مکيون مارينديس ۽ ٻيو ڇا ٿيندو.... اليگزي اِوانو وچ، تون روز ٻارن کي پڙھائڻ کان پوءِ ۽ هونئن بہ وقت ضرورت هجنئي، مون وٽ اچجئين.“
”مون ڪالھہ ٻارن کي پڙھائڻ جو ڪم ڇڏي ڏنو آهي ۽ ھاڻ هوٽل ۾ پنھنجي منھن پنھنجي خرچ سان رهندو آهيان.“ مون جواب ڏنو.
”سو وري ڇو؟“
”ڪجهہ وقت کان ڪو وڏي عهدي وارو جاگيردار صاحب پنھنجي بيگم سان گڏ برلن کان هت آيو آهي. ڪالھہ جي ڳالھہ آهي. مون قسمت جي ماريل هن سان جرمن زبان ۾ گفتگو ڪئي، پر برلن جي لب ولهجي جو خيال نہ رکيم. بس اھا آهي سڄي ڳالهه.“
”چڱو پوءِ؟“
”ان ڳالھہ کي هن پنھنجي بي عزتي سمجهيو ۽ جنرل صاحب سان منھنجي شڪايت ڪيائين، سو ڪالھہ هن مون کي نوڪريءَ تان جواب ڏئي ڇڏيو.“
”تو ڪنھن لفظ تي زور ڏيئي چيو هوندو. پر اھا تہ ڪا اهڙي ڳالھہ نہ آهي.“
”نہ، بلڪل نه! بلڪ جاگيردار صاحب مون کي ڌڪ هڻڻ لاءِ ڏنڊي بہ الاري هئي.“
”او بيھودا، تون پنھنجي ٻارن جي استاد سان اهڙي سلوڪ کي برداشت ڪيئن ڪيو؟“ ڏاڏيءَ اوچتو جنرل کي مخاطب ڪندي چيو، ”بلڪ هن کي پاڻ وٽان بہ ڪڍيئي، ٻُڌو، توهين سڀ ٻُڌو آهيو.“
جنرل صاحب ڏاڍي انڪساري سان چيو، ”چاچي، اوھان ڇو ٿيون خوامخواه پريشان ٿيو. ان ڳالھہ سان اوھان جو ڪھڙو تعلق؟ مان ڄاڻان منھنجو ڪم ۽ هونئن بہ اليگزي انواوچ صحيح واقعو ڪونہ ٻڌايو آهي.“
”۽ تو بہ هيءَ بي عزتي برداشت ڪئي!“ ڏاڏيءَ مون کان پڇيو.
”نہ محترمہ مان تہ جاگيردار سان ڳالھيون ڪرڻ ٿي گهريون. ”مون نھايت صبر ۽ سڪون سان جواب ڏنو. ”مون کي تہ ڪنھن جهيڙي جي بہ پرواھہ ڪانہ ئي پر جنرل صاحب ان جي بہ مخالفت ڪئي.“
”تو مخالفت ڇو ڪئي؟“ ڏاڏيءَ جنرل کي چيو. ”چڱو ھاڻ تون وڃي سگهين ٿو. خوامخواه وات ڦاڙي بيھڻ جي ڪھڙي ضرورت، ڏند ڇو پيو کڙڪائين؟ ڪو نچي پيو ڇا! مون کي فضول ميڙ ڪونہ وڻي، وڏي بيري کي متوجھہ ڪندي هن چيو.
هن سلام ڪيو ۽ ڏاڏيءَ جي ڳالھہ جو مطلب سمجهڻ بنا سلام ڪندو ھليو ويو.
”چاچي! ايمان سان ٿو چوان تہ جهڳڙي جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو.“
”سوال ڇو نٿي پيدا ٿيو. مان تہ مردن کي ڪڪڙ سمجهندي آهيان. ان لاءِ هنن کي هميشہ وڙهندو رهڻ گهرجي. توهين ٻُڌو آهيو. توهين ماڻھو پنھنجي هموطنن جي حمايت بہ نٿا ڪري سگهيو. اھا بہ ڪا زندگي آهي. ڏس پوٽا پچ مون کي مٿي وٺي ھل، ٻہ خادم جهل، ٻن کان وڌيڪ ضرورت ڪانھي. مان رڳو ايترو ٿي چاهيان تہ هو ڪرسي ڇڪيندا رهن. شرط هي تہ جيڏانھن مان ويندس، هنن کي گڏ ھلڻو پوندو. هنن کي بي شڪ اڳواٽ پگهار ڏيئي ڇڏ. وڌيڪ خوشيءَ سان ڪم ڪندا. تون بہ هميشہ مون کي بہ اهو جاگيردار ڏيکارجانءِ. آءٌ بہ تہ ڏسان ڪير آهي هو! ھا هو رولٽ جو جوئا خانو ڪٿي آهي؟“
مون ٻڌايومانس تہ رولٽ جون ميزون ڪاسينو ۾ چند ڪمرن ۾ آهن. ھاڻي وري هميشہ جيان سوال شروع ٿي ويا. ڇا رولٽ جون ميزون گهڻيون آهن؟ هتي چڱا ماڻھو کيڏندا آهن؟ ڇا هتي سڄو ڏينھن جوئا ٿيندي آهي؟ کيڏڻ جو طريقو ڪھڙو آهي؟ آخرڪار مون تنگ ٿي چيو. ”هتي ويٺي ويٺي سڀ ڪجهہ ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، اوهين پاڻ اکين سان ڏسنديون تہ چڱيءَ طرح سمجهي وينديون.“
”ھل تہ پوءِ هنيئر ئي ٿا ھلون. اليگزي! اٿ، دير نہ ڪر.“
”اوھان سفر ۾ ٿڪجي پيون هونديون، هينئر آرام ڪريو، پوءِ ڏٺو ويندو.“ جنرل صاحب ڄڻ تہ ڪنھن مونجھاري ۾ اچي ويو هو.
اصل ۾ جنرل صاحب نہ بلڪ هو سڀ تنگ ٿي چڪا هئا ۽ جلد جلد هڪ ٻئي ڏانھن ڏسي رهيا هئا. شايد هنن ڏاڏيءَ جو جوئا خاني ۾ وڃڻ ۽ ائين ظاھر ظهور وڃڻ هڪ وڏو خرو ٿي سمجهيو! ممڪن آهي ڏاڏي اتي ئي ڪنھن جي بي عزتي نہ ڪري وجهي. پوءِ بہ (مجبوري سمجهي) هو سڀ اتي وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳا.
”نہ مان ٿڪي ڪانہ آهيان. مون کي آرام جي ڪابہ ضرورت نہ آهي ۽ ائين ويٺي ويٺي، گاڏيءَ ۾ ۽ هتي ٽي ڏينھن ٿي ويا آهن. پھرين جوئا خاني ٿا ھلون. پوءِ پاڻيءَ جي چشمي تي ۽ گرم چشمن تي بہ هنداسين. اُحي ڪٿي آهن؟ ان کان پوءِ هتي- هتي- ڇا چيو هو تو پراسڪويا چوٽي؟“
”جي ھا.“
”چوٽيءَ تي ھلنداسين، ٻيو ڇا آهي هتي؟“
”ڏاڏي، هتي گهڻيون ئي شيون آهن. اوھان کي سڀ ڏيکارينداسون.“
پالينا چوڻ جي ڪوشش ڪئي.
”تون بہ تہ اسان سان گڏ ھلندينءَ نہ؟ تو بہ شايد هتي جون عمارتون ڪونہ ڏٺيون آهن؟“ ڏاڏي پنھنجي خادمھ کي چيو.
”پر هن کي وٺي ھلڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟“ جنرل پيشانيءَ وچان چيو، ”منھنجي خيال ۾ تہ پوٽا پچ کي ڪاسينو ۾ گهڙڻ ڪونہ ڏيندا.“
”بڪواس آهي. مان هن ويچاريءَ کي رڳو ان ڪري ڇڏي ھلان، جو هيءَ نوڪرياڻي آهي؟ آخر هيءَ بہ تہ انسان آهي. هڪ هفتي کان مون سان پڇ وانگر چھٽي پئي آهي. هن کي بہ دل آهي. هي بہ تہ شھر ڏسڻ چاهيندي هوندي، هي ويچاري مون کان سواءِ ڪنھن سان ٿي وڃي سگهي؟ هيءَ پنھنجي منھن تہ گهٽيءَ ۾ بہ نٿي وڃي سگهي.“
”پر ڏاڏي.........“
”آخر توکي ايڏو شرم ڇو پيو اچي؟ جي پنھنجي وقار جو ايڏو خيال اٿئي، تہ اسان سان نہ ھل، توکي چوي ڪري ٿو؟ تون جنرل آهين. مان بہ تہ جنرل جي بيگم آهيان. آخر توھان سڀني کي مون سان گڏ ھلڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟ مان اليگزي اوانووچ سان گڏ ھلي وينديس.“
پر فرينچ اصرار ڪرڻ لڳو تہ اسان کي هن وقت ڏاڏيءَ سان گڏ ضرور وڃڻ کپي ۽ خود ئي هن سان گڏ وڃڻ جي خوشيءَ کي شاعرانہ انداز ۾ بہ بيان ڪرڻ لڳو. آخرڪار سڀئي ھلڻ لاءِ تيار ٿي وياسين.
هندي وقت گريو آهستي جنرل جي ڪن ۾ چيو، ”هي سڀ خالي ڳالھيون آهن. گهٻراءِ اصل نہ. هي تہ رڳو اجائي بڪ بڪ آهي...“ ان کان وڌيڪ آءٌ ٻڌي نہ سگهيس. البتہ ان مان اهو ضرور ظاھر ٿي ٿيو تہ هو پر اميد آهن، بلڪ شايد سندس ڪي اميدون پويرون ٿي رهيون هيون.
ڪاسينو اتان اٽڪل اڌ ميل جي فاصلي تي هو. رستو شاه بلوط جي وڻن جي وچان ٿي لنگهيو، رستو ٽپي هو سڀ ڪاسينو وڃي پھتا. جنرل صاحب ٿورو مطمئن نظر اچي رهيو هو، ڇو جو هي مختصر جلوس ڏاڍو بي ترتيب هجڻ جي باوجود شاندار ۽ نمائشي لڳي رهيو هو ۽ واقعي ان ۾ حيرانيءَ جي ڳالھہ ئي ڪھڙي هئي! هڪ معذور پوڙهي، جا خود ھلي چري بہ نہ سگهي. ڪاسينو ھلي ٿي اچي، پر تہ بہ جنرل صاحب ڪاسينو وڃڻ کان ڪجهہ ڊنو پئي. شايد هن کي هي خيال پئي ٿيو تہ آخر هڪ معذور پوڙهيءَ کي، جا خود ھلي ڦير نٿي سگهي، جوئا خاني ۾ وڃڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي! مس پالينا ۽ مادموزيل بلانشي ڪرسيءَ جي ٻنهي طرفان هيون. مادموزيل بلانشي هميشہ جيان ٽھڪ ڏيئي رهي هئي ۽ ڏاڏيءَ جي دل ۾ گهر ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪري رهي هئي. جنھن جو نتيجو هي ٿيو تہ ڏاڏي هن کي ڪجهہ قدر پسنديدگيءَ جي نگاھہ سان ڏسڻ لڳي. هوڏانھن ويچاري پالينا ڏاڏيءَ جي بي شمار سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ مشغول هئي. ’هي هينئر ڪير لنگهي ويو؟ هيءَ عورت ڪير هئي؟ ڇا، هي وڏو شھر آهي؟ ڇا، هي باغ وڏو آهي؟ هي ٽاريون ڪھڙيءَ شيءِ جون آهن؟ ڇا، هو سامھون جبل آهي؟ ڇا، هتي عقاب بہ ٿيندا آهن؟ هوءَ سامھون ڀڳل ڇت ڪنھن جي جاءِ جي آهي؟‘ اهڙي قسم جا عجيب و غريب سوالن جا جواب پالينا تہ ڇا، چڱن چڱن جا دماغ خراب ڪرڻ لاءِ ڪفاي آهن. ائسٽلي صاحب منھنجي پاسي ۾ هو. اوچتو چوڻ لڳو تہ صبح کان ئي مون کي ائين ٿي لڳو تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور ٿيندو. پوٽا پچ ۽ خادمھ ڪرسيءَ جي پٺيان ھلي رهيا هئا. پوٽا پچ کي هڪ ميرو ڊگهو ڪوٽ پيل هو. ڳچي ۾ اڇي ٽاءِ ۽ متي تي ڪاري ٽوپي پيل هئس. خادمھ هڪ چاليھن سالن جي ڳارهي چھري واري عورت هئي، جنھن جو رنگ روز بروز ڀورو ٿيندو پئي ويو. هن کي هڪ سوٽي ڪوٽ، ٽوپي ۽ ٻڪريءَ جي کل جو چيڪٽ ڪندڙ سليپر پيل هو، ڏاڏيءَ ڪنھن ڪنھن مھل مڙي هنن سان ڳالھايو پئي. گريو اطمينان ۽ آرام سان ڳالھيون ڪري رهيو هو، غالباً هو جنرل کي ٻيھر تسلي ڏيئي رهيو هو يا وري ڪا صلاح ڏيئي رهيو هوس. پر ڏاڏي هي خطرناڪ جملو پھرين چئي چڪي هئي. ”مان توکي هڪ پئسو بہ نہ ڏيندس.“ هي اعلان گريو لاءِ حيرت انگيز ثابت ٿي سگهيو ٿي. پر جنرل پنھنجي چاچيءَ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو. هڪ خاص ڳالھہ مون هيءَ ڏٺي تہ مادموزيل بلانشي ۽ گريو ھر ھر هڪ بئي کي معنيٰ خيز نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. مون ڏٺو تہ شھزادو ۽ هو فاضل جرمن رستي جي آخري موڙ تي بيھي رهيا هئا ۽ وري ٻئي طرف وڃڻ لڳا.
اسان جو ڪاسينو تي پچڻ وارو منظر بہ ڏسڻ وٽان هو. نوڪرن چاڪرن جي هجوم جي ڪري هت بہ اھائي حالت پيدا ٿي. جيڪا ان کان اڳ هوٽل ۾ ٿي هئي. ڪاسينو جا ڪارندا ۽ عام شوقين اسان کي ڏاڍي حيرت سان ڏسي رهيا هئا. ڏاڏيءَ حڪم ڏسڻ شروع ڪيا تہ کيس سڀ ڪمرا ڏيکاريا وڃن. ڪن جي هن تعريف ٿي ڪئي ۽ ڪن کي معمولي ٿي چيائين. هونئن سوال ھر ڪمري لاءِ ٿي ڪيائين- پوءِ چاهي اهو سٺو هجي يا معمولي. آخرڪار اسين رولٽ واري ڪمري ۾ پھتاسين. نوڪر، جيڪي پھريدارن جيان درن تي بيٺا هئا، تن يڪدم دروازا کوليا. ائين پئي لڳو ڄڻ هو بہ ڪافي متاثر ٿي چڪا آهن.
رولٽ جي ميز تي ڏاڏيءَ جي اچڻ ڏاڍو اثر وڌو. رولٽ جي ميزن تي ۽ ڪمري جي ٻين ڪنڊن ۾ جتي شرط هڻي کيڏڻ واري ميز پئي هئي. ڏيڍ سؤ کن جوئارين جو هجوم هڪ ٻئي تي سٿيو بيٺو هو. اهي ماڻھو، جن ميز جي بلڪل ويجهو ٿي جڳھہ حاصل ڪئي، تن اوستائين اھا جڳھہ نٿي ڇڏي جيستائين سڀيئي پئسا نٿي ھارايائون. سڀني تماشائين کي ميز سان گڏ بيھڻ ۽ جڳھہ حاصل ڪرڻ جي موڪل نہ هئي. حالانڪ ميز جي چوڌاري ڪافي ڪرسيون وڇيل هيون، پر جڏهن هجوم گهڻو هوندو هو تہ تمام گهٽ جوئاري انھن تي ويھندا هئا. ڇو جو ان وقت هو بيھي اهو سڄو منطر ڏسي سگهندا هئا ۽ داءُ هڻڻ ۾ سولائي ٿيندي هين. ٻئي ۽ ٽئي قطار ۾ ويٺل جوئاري پنھنجي واري جي انتظار ۾ پھرينءَ قطار وارن تي اٿليو ٿي پيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن تيز جوئاريءَ ٻي قطار مان ئي هٿ وڌائي ٿي داءُ لڳايو. ڪڏهن ڪڏهن تہ ٽي قطار مان بہ ڪو ٽپيو ٿي آيو. ان جو نتيجو هيءُ ٿي نڪتو، جو ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ ۾ جهڳڙو ٿيو ٿي پيو. هن ڳالھہ جي سڀني کي خبر هئي تہ ڪاسينو جي پوليس ڏاڍي تيز آهي، پر هيءُ ڳالھہ بہ تہ ڏسڻ جي آهي تہ آخر مجمعي تي ضابطو ڪھڙي4 طرح ٿو رکيو وڃي؟ پوءِ مالڪ بہ تہ انھيءَ ۾ خوش هئا تہ گهڻي کان گهڻو ميڙ ٿئي تہ جيئن کيس بہ نفعو ٿئي. ان ڪري هنن اٺ خزانچي ميز تي ويھاري ڇڏيا هئا، جن غور سان داءَ ٿي ڏٺا ۽ ڳڻيائون ٿي. جي ڪو جهيڙو ٿي ٿيو تہ، پاڻ ئي ٿي اهو چڪايائون. جي جهڳڙو قابوءَ کان باھر نڪري ٿي ويو تہ يڪدم پوليس کي ٿي گهرايائون ۽ چند ئي لمحن ۾ معاملو رفع دفع ٿي ٿي ويو. پوليس جا چند آفسر عام لباس ۾ جوارين جي وچ ۾ ئي ويٺا هوندا هئا، جنھن ڪري ڪوبہ کين سڃاڻي نہ سگهندو هو. هو گهڻو ڪري چورن ۽ ڳنڍيڇوڙن جي ڳولا ۾ رهندا هئا، جيڪي رولٽ جي ميزن تي اڪثر گڏ ٿيا بيٺا هوندا هئا. ان ڪري جو هتي کين پنھنجي فن جا ڪرتب ڏيکارڻ جا گهڻا ئي موقعا ٿي مليا. حقيقت هيءَ آهي تہ ٻئي هنڌ چور ڪنھن جو کيسو ڪتريندي يا ڪنھن جو نالو ڀڃندي پڪڙجي پوي تہ هن کي ڏاڍيءَ مصيبت کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. پر هتي رڳو ايترو ڪرڻو پوندو اٿن تہ کليو کلايو رولٽ جي جوئا جي ميزن تي وڃي بيھن ۽ کٽڻ واري جا پئسا کڻي چون تہ هي اسان جا آهن، جي ڏسڻ وارن جي اک ٿڙي وڃي ۽ هو ٿورو پاڻ بہ هوشياريءَ کان ڪم وٺن تہ گهڻو ڪري رقم کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. ان صورت ۾ رقم گهڻي نہ هوندي آهي. رڳو هي ٿيندو آهي تہ خزانچي يا ڪو رانديگر اڳتي لاءِ هنن کي نظر ۾ رکي ڇڏيندو آهي. رقم گهڻي نہ هجڻ جي صورت ۾ تہ ڪڏهن ائين بہ ٿيندو آهي تہ اصلي مالڪ ئي ان تان هٿ کڻي ڇڏيندو آهي ۽ ان بدمعاش سان نہ اٽڪڻ جي خيال کان چپ ٿي ويندو آهي. پر جڏهن ڪنھن چوريءَ جي واقعي جي خبر پوندي آهي تہ سڀ ماڻھو ملي چور کي موچڙا هڻي ٻاھر ڪڍي ڇڏيندا آهن.
مطلب تہ ڏاڏي اهو سڀ ڪجهہ غور سان ڏسي رهي هئي. جڏهن هڪ چور کي ڪڍي ٻاھر ڪيائون تہ هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. جنھن ميز تي شرطون لڳائبيون آهن، سا بہ هن ڏٺي. پر اھا راند ڪانہ وڻيس. هن کي رولٽ ئي ٺيڪ لڳي رهي هئي. خاص ڪري اھا ننڍي گولي، جا ھر ھر گول چڪري ۾ ڦري رهي هئي، هن جي توجھہ جو مرڪز بڻجي ويئي. جيئن ئي هن اھا راند ڏسڻ جي خواهش ڪئي، خبر ناهي تہ ڪھڙيءَ طرح خدمت گارن ۽ فضول ماڻھن (جيڪي گهڻو ڪري پولستاني هئا ۽ پنھنجي رقم ھارائڻ بعد خواه مخواه ٻين رئيس رانديگرن جي خدمت لاءِ ھر وقت تيار رهندا هئا) يڪدم بي پناه رش جي باوجود ڏاڏيءَ کي وٺي وڃي ميز جي وچ تي وڏي خزانچيءَ وٽ جڳھہ ڏياري. مزي جي ڳالھہ هيءَ اهي تہ هوءَ پنھنجي ڪرسيءَ تي ويٺي رهي ۽ اھا ڪرسي ڇڪي نيئي اتي بيھاري ويئي. ڪجهہ ماڻھو، جي جوئا کيڏڻ نہ آيا هئا، پر رڳو ڏسڻ آيا هئا، رانديگرن جي پٺيان بيھي ڏاڏيءَ کيڏسڻ لڳا. بي شمار عينڪن جي رخ ڏاڏيءَ جي طرف ٿي ويو. خزانچين کي ڪجهہ بي اميد بہ ٿيڻ لڳي. اهڙي قسم جي نرالي پوڙهيءَ جو جوئا جي ميز تي اچڻ واقعي هڪ نرالي ڳالھہ هئي. ستر سالن جي پوڙهي جا خود ھلي بہ نہ سگهي، جوئا کيڏڻ چاهي! واقعي اهڙي ڳالھہ هئي، جا نہ ڪنھن ٻڌي نہ سُئي. گهٽ ۾ گهٽ هتي تہ ڪڏهن بہ نہ ٿي هئي. مان بہ ڪنھن نہ ڪنھن طرح ميز وٽ پھتس ۽ ڏاڏيءَ جي ڀر ۾ وڃي بيٺس. پر پوٽا پچ ۽ نوڪراياڻي ويچاري گوڙ ۾ ئي ڪٿي گم ٿي ويا هئا. جنرل، پالينا، گريو ۽ بلانشي، ميڙ ۾ بيٺا هئا.
ڏاڏيءَ پھرين تہ غور سان هڪ هڪ رانديگر کي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ مون کان هميشہ وانگر پڇڻ شرو ڪيائين: هو ڀائي ڪير آهي؟ هيءَ مائي ڪير آهي؟ وغيره. هوءَ خاص طرح ان نوجوان کان ڏاڍي خوش پئي نظر آئي جيڪو ميز جي بئي ڪناري تي بيٺو هو ۽ وڏين وڏين رقمن جا داءَ هڻي رهيو هو. هڪ هڪ بازيءَ تي هزار هزار ٿي هنيائين ۽ ماڻھن جي سُس ڦس مان خبر ٿي پيئي تہ چاليھہ هزار فرانڪ کٽي چڪو هو، جيڪي هن جي اڳيان سڪن ۽ بينڪ جي نوٽن جي صورت م پيا هئا. هو چمڪيو پئي. ھاڻ ڳڻڻ بنان مٺيون ڀري ڀري داءُ لڳائي رهيو هو، کٽي رهيو هو ۽ پئسا ميڙي رهيو هو. خدمتگار وڏي شوق سان هن جي چوڌاري بيٺا هئا. ان ڪرسيءَ جي چئن ئي پاسي جڳھہ خالي ڇڏي ڏني هئي ۽ جيڪڏهن ڪوبہ آيو ٿي تہ ان کي هٽائي ٿي ڇڏيائون، تہ جيئن ميڙ نہ ٿئي ۽ هو آرام سان داءُ هڻي سگهي. هيءَ سچي عزت ۽ خاطراري رڳو چند ٽَڪن جي ڪري هئي. اصل ۾ هي چند ماڻھو کٽڻ کان پوءِ خدمتگارن کي انعام ڏيندا آهن. هڪ پولستاني هن جي ڀر ۾ وڃي بيٺو ۽ آهستي آهستي ڪجهہ چيائين بہ پئي تہ جيئن پوءِ ڪجهہ کيس ملي وڃي. پر هن ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو ۽ وڏا وڏا داءَ هڻي کٽندو رهيو. ائين پئي معلوم ٿيو تہ ڄڻ هن کي خود بہ خبر ڪانہ هئي تہ ڇا ڪري رهيو آهي.
ڏاڏي ڪجهہ وقت تائين هن کي غور سان ڏسندي رهي.
”هن کي چئو. “ ڏاڏيءَ ٿورو جوش ۾ ايندي مون کي ٺونٺ هڻي ڍيو.
”هن کي چئو تہ راند ڇڏي پئسا کڻي يڪدم ھليو وڃي، نہ تہ سڀ پئسا ھارائي ويھندو.“ وري ٿورو ڪاوڙجي ڙ ڪرڻ واري انداز ۾ چيائين، ”پوٽا پچ ڪٿي آهي؟ ڪيڏانھن مري ويو ڪمبخت! اڙي يڪدم راند ڇڏي ڏي!“ هن کان رهيو ڪونہ ٿيو سو پاڻ هن جوان کي سڌو چوڻ لڳي.
مون جهڪي التجا ڪئي مانس تہ خداارا هتي ائين رڙيون نہ ڪريو. هتي زور سان ڳالھائڻ بہ منع آهي. ڇو جو ان ڪري ڳڻپ ۾ ڀل ٿيو پوي. جي توھان ماٺ نہ ڪئي تہ اسان کي هينئر ئي ڪڍي ٻاھر ڪندا.“
”توکي تڪليف ڇو پئي ٿئي. هو ويچار مفت ۾ تباھہ ٿي ويندو. پنھنجي پير تي پاڻ پيو ڪھاڙي هڻي. اف! مون کان ڏٺو نٿو ٿئي. مون کي تہ مونجھہ پئي ٿئي.“ ڏاڏيءَ منھن ٻئي طرف ڦيرائي چيو.
ميز جي ٻئي طرف ڪنڊ تي هڪ سھڻي صورت واري جوان عورت ويٺي هئي. جنھن جي پاسي ۾ هڪ ڄامڙي قسم جو ماڻھو ويٺو هو. اهو ڄامڙو ڪير هو؟ ان جو عورت سان ڪھڙو تعلق هو؟ ڇا، هن کي رڳو ٻين تي اثر وجهڻ لاءِ آندو ويو هو؟ ان جي باري ۾ مونکي ڪابہ خبر نہ آهي. ھا مون ان عورت کي پھرين بہ اتي ڏٺو هو. هوءَ روز ٺيڪ هڪ وڳي اتي پھچي ويندي هئي ۽ ٻين وڳي ھلي ويندي هئي. يعني صرف هڪ ڪلاڪ کيڏندي هئي. کيس هتي جا ماڻھو چڱيءَ طرح سڃاڻندا هئا. تنھنڪري هن لاءِ يڪدم ڪرسي لڳائي ويندي هئي. هن کيسي مان ڪجهہ سونا سڪا هزار هزار فرانڪ جا نوٽ ڪڍيا ۽ ڏاڍي غرور سان داءُ لڳائڻ لڳي. هوءَ داءَ هڻڻ کان پھرين هميشہ ڪاغذ جي هڪ ٽڪري تي پينسل سان غالباً اهي انگ لکندي هئي، جن تي داءَ هڻڻ مان ڪاميابيءَ جي اميد ٿي سگهي ٿي. هوءَ هميشہ وڏين وڏين رقمن جون بازيون هڻندي هئي ۽ گهڻو ڪري هميشہ کٽندي هئي. هڪ، ٻہ يا ٽي هزار فرانڪ پر ان کان وڌيڪ نہ. پوءِ کٽڻ بعد يڪدم واپس ھلي ويندي هئي. ڏاڏي هن کي ڪافي وقت تائين غور سان ڏسندي رهي.
”هوءَ عورت آهي؟ ڏس هوءَ نہ ھارائيندي، هوءَ ڪڏهن نٿي ھارائي سگهي. تون سڃاڻينس؟ هيءَ ڪھڙي طبقي سان ٿي تعلق رکي؟“
”ڪا فرينچ پئي لڳي، ڪنھن چڱي طبقي جي ئي هوندي.“ مون آهستگيءَ سان چيو.
”اسين تہ اڏرندڙ پکيءَ کي سڃاڻيو وٺون. ياد رک هيءَ ڏاڍي ظالم عورت آهي. هن جي ڦندي مان ڪوبہ بچي نٿو سگهي. ھاڻ تون مون کي ٻڌاءِ، داءَ تي شرط ڪھڙيءَ ريت هنئي ويندي آهي؟“
بازي هڻڻ ۽ داءُ لڳائڻ جا مختلف نڪتا ۽ انھن انگن اکرن جون باريڪيون جيتريون بہ مان سمجهائي سگهيس ٿي نھايت تفصيل سان کيس سمجهايم. گڏوگڏ جوئا متعلق پنھنجو نظريو بہ ٻڌايو مانس تہ ڊپ ۾ ھار ۽ همت ۾ جيت هوندي آهي، وغيره.
ڏاڏي منھنجون ڳالھيون ڏاڍي غور سان ٻڌي رهي هئي ۽ ياد رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. جتي بہ ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ ڪانہ ٿي آيس يڪدم ٻيھر سوال ٿي ڪيائين ائين ٿي لڳو ڄڻ تہ هو ان فن جو ماھر ٿي ٿيڻ چاهيو. آءٌ هڪ هڪ نڪتي ۽ باريڪيءَ کي سمجهائڻ لاءِ ڪئين مثال ڏئي رهيو هوس، تہ جيئن هوءَ جلدي گهڻو ڪي سکي وڃي.
”۽ هن ٻڙيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ ڏس، اڃا هينئر هن گهنگرو وارن واري خزانچيءَ ٻڙي چئي هئي؟ ۽ ميز جا سڀ پئسا ڇو ميڙيائين؟ ڇا، هي سڀ هن جا پنھنجا ٿيندا. مان ان جو مطلب ڪانہ سمجهيس؟“
”ڏاڏي! ٻڙي جو مطلب آهي تہ هيءُ داءَ بئنڪ کٽيو آهي. کٽيل سڄو پئسو بئنڪ جو ٿيو. جي گولي ٻڙيءَ جي انگ تي وڃي بيھي تہ ميز جا سڀ پئسا بئنڪ ۾ ھليا ويندا آهن. ٺيڪ آهي اوهين پنھنجو پئسو بازيءَ ۾ انھيءَ ئي انگ تي لڳائي سگهو ٿيون. پر بئنڪ ڪنھن کي واپس نہ ڏيندي آهي.“
”پر ڏاڏي! هن کان ٿوري دير پھرين جي تو ٻڙيءَ تي داءَ هنيو هجي ھا، تہ پنھنجي رقم کان پنجٽيھوڻي رقم مليوَ ھا.“
”واقعي! پنجٽيھوڻي ۽ واقعي هي انگ نڪرندو بہ آهي؟“ تہ پوءِ ماڻھو ٻڙيءَ تي داءَ ڇو نٿا هڻن، صفا ڪي بي وقوف ٿا ڏسجن!“
”ان لاءِ ڏاڏي، جو ان جي مخالفت ڇٽيھہ امڪان هوندا آهن.“
”اڙي ڇڏ، اھا بہ ڪا ڳالھہ آهي. پوٽاپچ ٿورو هيڏانھن اچ. هن وقت مون وٽ بہ تہ پئسا آهن.“ هن کيسي مان ٻٽون ڪڍيو ۽ هڪ فيڊرڪ ڪڍي چيائين، ”يڪدم ٻڙيءَ تي هڻ.“
مون چيومانس، ”ڏاڏي ٻڙيءَ جو انگ تہ اڃا ھاڻي نڪتو آهي، ٿوري دير ترسي داءُ هڻو. ھاڻ تہ گهڻيءَ دير تائين نہ نڪرندو. ٿورو انتظار ڪريو، نہ تہ ھارائينديون.“
”چريا ڪٿي جا، آءٌ چوانءِ ٿي يڪدم هڻ.“
”جيئن اوھان جي مرضي، پر هي شام تائين نہ نڪرندو. ڀلي اوهين کڻي هزار داءَ لڳايو. هميشہ اهوئي ٿيندو آهي، جو قاعدو بہ اهو آهي.“
”توبھہ توبهه، توکي ڪھڙي اچي پئي آهي. ڇا، مون ھارايو آهي، جو پھرين کان ماتم کڻي وڌو اٿئي! چڱو داءُ هڻ.“
مون داءَ هنيو، پر ھارايوسين. بئي فيڊرڪ تي بہ اسان ھارايو. ٽئي فيڊرڪ تڪي داءُ هنيم. ڏاڏي پنھنجي ڪرسيءَ تان هڪ مريضن واريءَ ڏکويل نظرن سان ڦرندڙ گوليءَ کي ڏسي رهي هئي. هن ٽيون فيڊرڪ بہ ھارايو. جڏهن خزانچيءَ ٻڙيءَ جي بجاءِ زور سان نمبر ڇھہ چيو، تہ ڏاڏي ڪاوڙ کان ڪپرن مان ئي نڪري ويئي، ۽ پنھنجيءَ ئي تيزيءَ ۾ زور سان ميز تي مڪ هنيائين.
”مان بہ ڏسان ٿي، ڪيئن نٿي اچي ٻڙي. مري وينديس، پر جيستائين ٻڙي نہ نڪرندي، هتان نہ اٿينديس. هي سڀ ڪجهہ ان گهنگهرو وارن واري خزانچيءَ جو ڪيل آهي، هو ڪمبخت ڪڏهن بہ ٻڙي نڪرڻ نہ ڏيندو، چڱو تون ٻڙيءَ تي داءُ هڻندو رهه. ياد رک، جي کٽيم تہ بہ توکي ڪجهہ نہ ملندو.“
”اوھان بہ ڪھريون ڳالھيون ٿيون ڪريو ڏاڏي.“
”جلدي ڪر، داءُ هڻ، هي تنھنجا پئسا ڪونھن، جو منجهين پيو.“
مون ٻہ فيڊرڪ لڳايا. گولي پھرين تہ آهستي آهستي گهيري۾ ڦرڻ لڳي، پوءِ يڪدم تيز ٿي ويئي. ڏاڏي جوش ۾ اچي منھنجو هٿ جهليو ۽ هوڏانھن..........
”ٻڙيءَ.“ خزانچيءَ زور سان چيو.
ڏٺئي مون نہ چيو هو! اهو تہ خدا جو فضل هو، جو ڳالھہ منھنجي ذهن ۾ اچي ويئي. چڱو هي ٻہ فيڊرڪ ئي سھي. چڱو، ھاڻ مون کي ڪيترا ملندا! ۽ هي مون کي ڏين ڇو نٿا؟ پوٽا پچ! ڪٿي آهين..... پوٽا پچ!.... پوٽا پچ!“ ڏاڏيءَ خوشي کان ڪنبي رهي هئي.
مون آهستي چيو، ”هو دروازي تي آهي، هن کي اندر اچڻ ڪونہ ڏيندا. چڱو ڏسو، هو اوھان کي پئسا ڏيئي رهيا آهن.“ خزانچيءَ پنجاھہ فيڊرڪ جي نوٽن جو بنڊل اڇلايو ۽ ويھہ فيڊرڪن جا سڪا ڳڻي اڳيان رکيائين. مون ڪرڇو ڊگهو ڪري، کڻي ڏاڏيءَ کي ڏنا.
”هيءَ قسمت جي ڳالھہ آهي، محترمہ! اهڙي ڳالھہ ٻين انگن ۾ ڪٿي؟“ خزانچيءَ ماڻھن جو توجھہ ڇڪيندي چيو ۽ چڪري کي ڦيرائڻ دلاءِ ٻيھر تيار ٿي ويو.
”اليگزي جلدي ڪر، دير ٿي ويئي آهي. ڏس هو چڪرو ڦيرائي پيو، جهوٽا نہ کاءُ، جلدي ڪر.“ هن سخت ڪاوڙ ۾ ايندي مون کي دڙڪو ڏنو.
”ڏاڏي ڪھڙي انگ تي داءُ هڻان!؟“
”ٻڙي تي. ٻيھر ٻڙيءَ تي گهڻي کان گهڻي رقم جي بازي هڻ. اسان وٽ ڪيتري رقم آهي؟ ستر فيڊرڪ، بچائڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آهي. خير چڱو ويھہ فيڊرڪ هڻ.“
”ڏاڏي، توھان ڇا پيا چئو؟ ڪڏهن ڪڏهن تہ ٻڙي سون دائن تي بہ نہ نڪرندي آهي- ڀلي پوءِ اوهين سڄي دولت ئي ڇونہ هڻي ڇڏيو.“
”ڪھڙي نہ ڪاري زبان اٿيئي؟ مان چوان ٿي بازي هڻ! جو ڪجهہ مان ڪريان پيئي، ان جي خبر اٿم.“ ڏاڏيءَ جوش ۾ ڪنبندي چيو.
”ٻڙيءَ تي هڪ وقت ٻارهن روبلن کان مٿي داءُ هڻڻ منع آهي. پر جي اوهين چئو ٿيون تہ هڻان ٿو.“
”منع ڇو آهي. ڪير آهي منع ڪرڻ وارو. تون ڪوڙ ٿو ڳالھائين.“ وري خزانچيءَ کي مخاطب ڪري، حڪم ڪرڻ واري انداز ۾ چيائين، ”اي مسٽر، ٻڙي ملاءِ، جلدي ڪر جلدي!“
”ھا محترمہ! هي سچ ٿو چوي. قانوناً هڪڙي ئي داءَ ۾ کٽيل رقم چئن هزارن فلورن کان مٿي نہ هئڻ گهرجي.“ خزانچيءَ منھنجي ڳالھہ جي تصديق ڪندي چيو.
”خير تہ مجبوري آهي. چڱو ٻارنھن فيڊرڪ هڻ.“
خزانچيءَ هميشہ جيان پنھنجي پنھنجي قسمت، چوندي چڪر ڦيرايو. انگ ٽيھہ نڪتو ۽ هن ھارايو.
”خير، ڪا ڳالھہ نہ آهي. ٻيھر لڳاءِ!“ ڏاڏي مون کي چيو.
ڀلا مون کي ڪھڙو اعتراض ٿي ٿي سگهيو. ڪنڌ ڌوڻيندي ٻارنھن فيڊرڪ ٻيا لڳايم. چڪرو آهستي آهستي ڦري رهيو هو. ڏاڏي اُن کي تڪي رهي هئي ۽ منھنجو ذهن سوچي رهيو هو، ’ڇا هن کي واقعي اڃا بہ کٽڻ جي اميد آهي؟‘ اهو سوچيندي آءٌ حيرانيءَ سان ڏاڏي کي ڏسي رهيو هوس. هن جو منھن کٽڻ جي اميد بلڪ يقين جي ڪري ڳاڙهو ٿي ويو هو. چڪر تيز ٿيو ۽ گولي تيزيءَ سان ڦرڻ لڳي.
”ٻڙي!“ خزانچيءَ رڙ ڪندي چيو.
”ڏٺئي!“ ڏاڏي زور سان ٽھڪ ڏيئي مون ڏي ڏسندي چيو.
آءٌ خود بہ جوئاري هوس. ان وقت مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ هٿ پير ڪنبي رهيا هجن ۽ دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿيندي پئي ويئي. بي شڪ اھا ڳالھہ تمام گهٽ ٿيندي آهي تہ هڪ درجن چالن ۾ ٽي فعا ٻڙي نڪري. پر اھا ڪا اهڙي حيرت واري ڳالھہ نہ هئي، ڇو جو ٻہ ڏينھن اڳ خود منھنجي اڳيان ٽي ڀيرا ٻڙي نڪتي هئي. پر هڪ ٻيو جوئاري، جو ڏاڍي غور سان انگن جا امڪان ڏسي رهيو هو. چوڻ لڳو، ”سائين ٽيون ڏينھن تہ سڄي ڏينھن ۾ صرف هڪ ڀيرو ٻڙي نڪتي هئي!“
ڏاڏيءَ جي رقم ڏاڍي خيال سان ڳڻي ويئي، ڇو جو تعداد ۾ تمام گهڻي هئي. هن کي ڪل چار سؤ ويھہ فيڊرڪ يعني چار فلورن ۽ ويھہ فيڊرڪ مليا هئا. ويھہ فيڊرڪ جا سڪا ۽ چار هزار فلورن بينڪ جي نوٽن جي شڪل ۾ ڏنا ويا.
هن ڀيري ڏاڏيءَ پوٽا پچ کي ڪونہ سڏيو. ڇو جو ھاڻ هن ۾ بردباري اچي وئي هئي ۽ پھرينءَ واري بڙ بڙ بہ ختم ٿي ويئي هيس. سندس ڏڪڻي بہ ختم ٿي ويئي هئي. ھا هوءَ اندر ئي اندر ۾ ضرور ڪنبي رهي هئي. خبر ناهي تہ ڪھڙي سوچ ۾ ٻڏل هئي.
”اليگزي! هينئر هو خزانچي چئي رهيو هو تہ هڪ شخص هڪ وقت ۾ رڳو چار هزار فلورن ٿو لڳائي سگهي، چيو هئائين نہ؟ تہ وٺ هي چار هزار فلورن ڳاڙهي نشان تي لڳاءِ.“ ڏاڏيءَ مون کي حڪم ڪيو.
ڀلا اعتراض ڪرڻ جي ڪھڙي مجال هئي. چڪر ڦرڻ لڳو.
”ڳاڙهو!“ خزانچيءَ هميشہ وانگر رڙ ڪئي.
ڏاڏي هڪ ڀيرو وري کٽي ويئي هئي ۽ ھاڻ ڪل اٺ فلورن ٿي ويا هئا.
”چڱو چار مون کي ڏي ۽ چار هزار ڳاڙهي نشان تي هڻ!“ ڏاڏيءَ حڪم ڏنو. مون وري چار هزار لڳايا. چڪر ڦرڻ لڳو.
”ڳاڙهو!“ خزانچيءَ ٻيھر رڙ ڪئي.
”ڪل ٻارنھن هزار ٿي ويا نه- چڱو ڏي. سڀ مون کي ڏي. سڪا ٻٽونءَ ۾ وجھہ ۽ نوٽ رومال ۾ ٻڌي ڏي. بس ڪافي آهن. ھلو تہ ھاڻ گهر ھلون- ڀائي، ڪرسي ڇڪيو، جلدي ڪريو.“

باب يارهون

نوڪر معذور بردار ڪرسي ڇڪي ڪمري جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ کڻي ويا. ڏاڏي خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي. اسان جي پارٽيءَ جا سڀ ماڻھو هن جي چوڌاري بيھي مبارڪون ڏيڻ لڳا. ڏاڏيءَ جو رويو ڪيترو بي ڍنگو ۽ نرالو ڇونہ هو، تہ بہ هيءَ ڳالھہ لڪل نہ هئي تہ هن جي ڪاميابيءَ ڪيترائي عيب ايندي خوف نٿي محسوس ڪيو. هڪ عجيب نرالي مسڪراهٽ سان هن ڏاڏيءَ کي مبارڪ ڏني. ڄڻ ڪنھن ٻار کيچٽ ٻڌي هن جي ناز برداري ڪري رهيو هجي. هونئن بہ هو ٻين تماشائين وانگر متاثر ٿيو هو. ماڻھو هن شاندار راند تي سس ڦس ڪري رهيا هئا ۽ ڏاڏيءَ ڏي ھر ھر آڱريون کڻي اشارا ڪري رهيا هئا. انھن مان ڪي تہ ڏسڻ لاءِ اڳتي ويڌ آيا هئا. ائسٽلي صاحب ٻين ٻن شناسا انگريزن سان هن جي باري ۾ تعريفي انداز ۾ گفتگو ڪري رهيو هو. چند ٺھيل ٺڪيل عورتون هن کي ڪو عجوبو سمجهي، ڏاڍي حيرانيءَ سان هن ڏانھن تڪي رهيون هيون. گريو بہ پنھنجي ٽھڪن سان ڏاڏيءَ تي مبارڪن جي ورکا ڪري رهيون هيون.
”وڏي ڪاميابي آهي!“ گريو چيو.
”محترمہ هيءَ تہ واقعي تمام وڏي ڳالھہ آهي!“ مادموزيل بلانشي ڏاڏيءَ جي دل ۾ گهر ڪرڻ لاءِ ڏاڍي لفريب مسڪراهٽ سان چيو.
”ھا، ڏسو تہ اڃا ائي مس آهيان تہ ٻارهن هزار فلورن بہ کٽي ورتم ۽ سون جي سڪن کي ملايو تہ ڪل تيرهن هزار فلورن!“ وري مون کي مخاطب ڪندي چيائين، ”چؤ! ڪل گهڻو سون آهي، ڇھہ هزار فلورن جيترو هوندو؟“
مون تفصيل سان ٻڌايومانس، ”ستن هزارن کان بہ گهڻو آهي. موجوده مٽا سٽا جي ناڻي جي اگهن جي مطابق غالباً اٺ هزار فلورن جو ٿيندو.“
”اٺن هزارن جو سون کٽڻ ڪا معمولي ڳالھہ ڪانھي. ڪن کولي ٻڌو، هتي روز ٿا اچو ۽ هڪ پائي بہ حاصل نٿا ڪريو! پوٽا پچ! خادمھ! اڙي توهين ڏسو پيا؟“
”مادام هيءُ تہ خدا جو وڏو فصل آهي، ٻيو ڇا. اٺ هزار، منھنجا خدا!“ نوڪرياڻي سؤ سؤ وٽ کائيندي، نزاڪت سان چيو.
”چڱو، وٺو هي پنج سونا سڪا توھان جا آهن.“
پوٽا پچ ۽ نوڪرياڻي ڏاڏيءَ جو هٿ چمڻ لاءِ وڌيا.
”اليگزي مزدورن کي بہ هڪ هڪ فيڊرڪ ڏيئي ڇڏ ۽ هي نوڪر ڇو پيا هڪ ٻئي تي ڪرن. ڇا مون کي مبارڪباد ٿا ڏين! چڱو انھن کي بہ هڪ هڪ فيڊرڪ ڏيئي ڇڏي.“
”مادام! واقعي توھان شھزادي آهيو. توھان جي قوت اراديءَ تہ مون کي حيران ڪري ڇڏيو. اوهين واقعي سخي آهيو. خدا اوھان کي وڏي حياتي ڏي. اوھان جي ڪرم ۽ سخاوت جي طفيل اسين بہ جي رهيا آهيون.“ هڪ وڏين مڇن وارو ڊگهو شخص جنھن کي ميرو ڪوٽ ۽ ڀورو واسڪوٽ پيل هو، اهي اکر چوندو ڪرسيءَ ڏانھن تيزيءَ سان وڌيو. هو ھر ھر جوش ۾ ٽوپي لوڏي رهيو هو.
”هن کي بہ هڪ- نہ، ٻہ فيڊرڪ ڏي. بس ڪر. هنن ماڻھن جو وات تہ ڪڏهن بہ بند نہ ٿيندو. ھاڻ ڪرسي ڇڪيو. پراسڪويا!“ هن پالينا اليگزينڊرونا کي سڏ ڪندي چيو، ”سڀاڻي توکي بہ هڪڙو سھڻو وڳو وٺي ڏينديس ۽ تنھنجي لاءِ بہ مادموزيل...... خدا نيڪي ڏينئي ڇا نالو اٿئي؟ مادمزيل بلانشي؟ توکي بہ هڪڙو وڳو وٺي ڏينديس. پراسڪويا، ترجمو ڪري ٻڌائينس.“
”وڏي مھرباني مادام.“ مادموزيل بلانشي ڏاڍي احترام سان جواب ڏنو. حالانڪ گريو ۽ جنرل ڏانھن ڏسندي، سندس اکين ۾ طنز اڀري آئي هئي. جنرل صاحب ڪجهہ پريشان نظر اچي رهيو هو. پر جڏهن شاه بلوط واري رستي تان لنگهياسين پئي تہ هن کي مڙئي ٿورو آرام آيو.
”فدوسيا- فدوسيا کي بہ ڏاڍو تعجب ٿيندو.“ ڏاڏيءَ جنرل جي نرسل لاءِ سوچيندي چيو.
”مان هن کي بہ هڪ وڳو وٺي ڏينديس. اليگزي اوانو وچ- اڙي اليگزي، هي هُن اپاهج کي ڏيئي ڇڏ!“
اهو هڪ ڪٻڙو ماڻھو هو، جنھن کي ڦاٽل پرانا ڪپڙا بلڪ رنگبرنگا ليڙن جھڙا ڪپڙا پيل هئا، اسان جي ڀرسان لنگهندي گهوري رهيو هو.
”ڏاڏي، هي اپاهج ڪونھي، ڪو بدمعاش ٿو لڳي.“
”خير ڪير بہ هجي، تون هن کي هڪ گلڊن ڏيئي ڇڏ. دير ڇو ٿو ڪرين؟“
مون ويجهو وڃي هڪ گلڊن هن کي ڏنو. پھرين تہ هو مون ڏانھن ڏاڍيءَ حيرانيءَ سان گهورڻ لڳو. پر پوءِ گلڊن ورتائين. هن جي وات مان شراب جا ڀڀڪا نڪري رهيا هئا.
”اليگزي، تو ڪڏهن پنھنجي لاءِ جوئا نہ ڪئي آهي؟“
”جي نہ.“
”پر جڏهن تون منھنجي لاءِ داءُ هڻي رهيو هئين، تہ مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ تنھنجون اکيون ٽانڊا ٿيو پئي ويون.“
”مون اهو پڪو ارادو ڪيو آهي تہ ھاڻ ضرور جوئا ڪندس.“
”۽ ڏس ويندي ئي ٻڙي تي داءُ هڻجانءِ، خدا ڪندو تہ فتح پنھنجي ٿيندي. هن وقت تو وٽ گهڻا پئسا آهن؟“
”رڳو ويھہ فيڊرڪ.“
”هي تمام ٿورا آهن. خير ڪا ڳالھہ نہ آهي. پنجاھہ فيڊرڪ مان توکي ڏيندس. جي ٻيا بہ کپنئي تہ قرض ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هي وٺ بندل-“ وري اوچتو جنرل ڏي ڏسي چيائين، ”چڱا مڙس، تون اهڙيءَ طرح ڇو پيو ڏسين؟ توکي ڪجهہ بہ نہ ملندو. مون مان ڪا اميد نہ رک.“
جنرل صاحب جي بدن کي ڏڪڻي وٺي ويئي. پر ڪجهہ ڪڇيو ڪونہ.
”ڪمبخت ڏاڍي خبيث آهي. پر هن جي خباثت مان ڪنھن کي نقصان پھچي نٿو سگهي.“ گريو جنرل جي ڪن ۾ آهستي چيو.
”فقير، فقير.... ڏس سامھون فقير پيو وڃي. اليگزي اِوانووچ! هن ويچاري کي بہ هڪ گلدن ڏيئي ڇڏ.“
هو ڀورن وارن وارو شخص هو ۽ ويساکيءَ جي سھاري آهستي آهستي ھلي رهي هو. کي گوڏن تائين نيري رنگ جو ڪوٽ پيل هو. ڪو جهونو سپاهيءَ ٿي لڳو. جڏهن مون هن کي گلڊن ڏيڻ لاءِ هٿ وڌايو، تہ هو پٺيان هٽي ويو ۽ ڪاوڙ مان مون کي گهورڻ لڳو.
”بيوقوف! مون کي فقير ٿو سمجهين.“ ائين چئي مون کي سوين ڪچيون گاريون ڏنائين.
”اوهه! هي تہ ڪو چريو آهي!“ ڏاڏيءَ هٿ لوڏيندي چيو، ” چڱو ھاڻ جلدي ھلو. مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. ماني کائي ٿورو آرام ڪنديس، پوءِ وري هتي اينديس.“
”تہ ڇا ڏاڏي، اوهين وري بہ کيڏنديون؟“
”ٻيو نہ تہ تنھنجي ڪھڙي مرضي آهي تہ ويھي مکيون ماريان؟ تون ويٺو پنڪيون کاءُ ۽ مان تنھنجي شڪل تڪيندي رھان؟ اھا ئي مرضي اٿئي نہ؟“
گريو ويجهو ايندي چيو، ”يقينا محترمہ! اوھان جو خيال درست آهي. اول تہ ڪنھن کي موقعو ملي ئي نٿو، پر جي ملي، تہ بہ ڍنگ اچڻ کپي. جي موقعي جو فائدو ڍنگ سان نہ ورتو وڃي تہ اهو موقعي نہ ملڻ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.“
”آخر ڇا ڪجي؟ اهو ڍنگ بہ تہ ٻڌاءِ؟“ مادموزيل بلانشي ڳالھہ کي چٻاڙيندي آهي.
”پر توهين آخر منھنجي ڳالھين تي پڄرو ڇو پيا؟ توهين ڪوبہ الڪو نہ ڪريو، جي مون ھارايو تہ بہ پنھنجو پئسو ھارائينديس. هو ائسٽلي صاحب ڪٿي آهي؟“ ڏاڏيءَ مون کان پڇيو.
”ڏاڏي، هو ڪاسينو ۾ ئي ترسي پيو.“
”هنہ، تہ هو بہ اتي آهي. هو ڏاڍو چڱو ماڻھو آهي.“
هوٽل جي ڏاڪڻن تي جڏهن ڏاڏي وڏي بيري سان ملي تہ جوئا ۾ پنھنجي کٽڻ جي ڳالھہ ٻڌائڻ لڳيس. پوءِ هن فدوسيا کي سڏيو ۽ هن کي ٽي فيڊرڪ انعام ڏنا ۽ ماني آڻن لاءِ چيائين. ماني کائڻ وقت فدوسيا ۽ نوڪرياڻي ملرفا بئي ڏاڏيءَ سان گڏ هيون.
ملرفا گرھہ چٻاڙيندي چيو، ”مادام، مان اوھان کي باقاعدي ڏسي رهي هيس ۽ پوٽا پچ کي چيم پئي تہ ڪٿي مادام کي ڪنھن شيءِ جي ضرورت نہ هجي ۽ پئسا، ميز تي پيل پئسا، ايمان سان ايتري دولت مون ڪڏهن بہ اکئين نہ ڏٺي هئي. چئن ئي پاسي شريف ماڻھو ويٺا هئا. هڪ بہ تہ لوفر ڪونہ هو. مون پوٽا پچ کان پڇيو تہ هي سڀ ماڻھو ڪٿان آيا آهن؟ پر هن ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو. مادام! آءٌ اوھان لاءِ دعا گهري رهي هيس. خدايا، اسان جي مالڪياڻي شل کٽي! يا خدا هن جي مدد ڪر! پر مادام! آءٌ پگهرجي وئي هيس ۽ دل ٻڏم پئي. يا الاهي اسان جي مالڪياڻي کٽي! ۽ ڏسو، منھنجي دعا قبول ٿي وئي ۽ اوھان الله جي فضل سان کٽي ويون. مان تہ ڏڪي رهي هيس. ھاڻي وري ڪجهہ هوش آيو آهي.
”اليگزي! تون مانيءَ کان پوءِ ڀلي وڃي آرام ڪر. پر ڏس، ٺيڪ چِئين بجي هتي پھچي وڃجئين. ڪنھن سٺي ڊاڪٽر کي مون ڏانھن ضرور موڪلي ڏجئين. مان دوا باقاعدي استعمال ڪرڻ ٿي گهران.“
جڏهن مان ڏاڏيءَ وٽان موٽيس، تہ مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ بلڪل مدهوش، بلڪل ديوانو ٿي چڪو آهيان. آءٌ اهو سوچي رهيو هوس تہ هنن ويچارن جو ڇا ٿيندو! هي ماڻھو ڇا ڪندا، ڪيڏانھن ويندا ۽ معاملو ڪھڙو رخ اختيار ڪندو؟ ان ڳالھہ کان تہ چڱيءَ طرح واقف هوس تہ هي سڀ (خاص ڪري جنرل صاحب) اڃا تائين پھريون جهتڪو ئي وساري نہ سگهيا هئا. هن جي وفات جي خبر آڻڻ ۽ هن جي سڄي ملڪيت جي ورثي واريءَ تار جي بجاءِ ڏاڏيءَ جي اوچتي اچڻ هنن جي خوابن کي اصل پاڙؤڻ پٽي ڇڏيو. سڀ منصوبا مٽيءَ ۾ ملي ويا هئن ۽ ھاڻ رولٽ جي جوئا خاني ۾ ڏاڏيءَ جي هنگامن کان هو اڃا بہ وڌيڪ پريشان پئي ٿيا. ھر شخص هوش کان نڪرندو پئي ويو ۽ سڀئي اهڙا تہ چپ چاپ هئا، ڄڻ نانگ ڪکي ويو هون.
هيءَ ٻي حقيقت پھرينءَ حقيقت کان بہ وڌيڪ اهميت ٿي رکي. حالانڪ ڏاڏيءَ جنرل کي صاف چئي ڇڏيو هو تہ هوءَ کيس هڪڙي ڪوڏي بہ نہ ڏيندي. پر خدا کي خبر هت ٿيڻو ڇا هو؟ بھرحال، دنيا اميد تي قائم آهي. اميد کي بلڪل ڇڏڻ بہ ٺيڪ نہ آهي. تنھنڪري گريو، جو جنرل جي ھر معاملي ۾ دخل ڏيندو هو، بلڪل نا اميد نہ ٿيو هو. مون کي پڪ اهي تہ مادموزيل بلانشي به، جيڪا جنرل جي ھر معاملي ۾ گريو وانگيان دخل ڏيڻ جي عادي ٿي چڪي هئي (ڀلا، هڪ تہ جنرل ٻيو هيڏي ساريءَ گهڻي دولت وارو) صفا اميد لاهي نہ ويٺي هئي. بلڪ پنھنجي دلفريب مرڪ ۽ دلربائيءَ سان ڏاڏيءَ کي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ۽ معصوم پر مغرور پالينا تہ ڪنھن جي خوشنودي حاصل ڪري ئي نٿي سگهي، ان ڪري جو هوءَ چٽ ٻڌڻ ڇا ڄاڻي؟ پر ھاڻ ڏاڏي رولٽ جي جوئا خاني مان ڪافي رقم کٽي چڪي هئي. ممڪن آهي تہ هوءَ آئينده ھارائي بہ وجهي. هڪ تہ ھارائڻ جو امڪان، ٻيو هن جي سرڪشي، ٽين هن جي پيري- غالباً گريو انھن ئي ڳالھين کي ٺلهيون ڳالھيون ۽ خيالي پلاءُ چئي، پنھنجي دل ۽ گڏوگڏ جنرل جي دل پرڀائي رهيو هو. ممڪن آهي تہ هوءَ واقعي ھارائي وڇي. هوءَ پننجي کٽڻ تي ٻارن وانگر خوش هئي- ايتري خوش، جو اهو بہ ممڪن هو تہ ان حد کان وڌيڪ جوش- مسرت ۾ اچي هو سڄي دولت ھارائي ئي ويھي. آءٌ ڏاڍي شرارت ڀريءَ مرڪ سان (خدا مون کي معاف ڪري) سوچي رهيو هوس تہ جيڪي داءَ لڳا پئي، انھن مان جنرل صاحب جي دل وري هڪ ڀيرو جلي ڪباب ٿي وئي هوندي ۽ مادموزيل بلانشي چپن تائين آيل جام کي ڀڄي ڀور ٿيندي ڏسي، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي هوندي. وري ڏاڏي پنھنجي ڪاميابيءَ جي نشي ۾ ھر ڪنھن کي پئسا ڏيئي رهي هئي. ھر لنگهندڙ کي فقير پئي سمجهيائين، وري ان وقت جنرل کي چوڻ تہ ”مان توکي هڪ ڪوڏي بہ نہ ڏينديس.“ هي سڀ ڳالھيون خطري کان خالي نہ هيون. ان جو کليو کلايو اهو مطلب هو تہ هن کي واقعي جنرل صاحب کي ڪجهہ ڏين جو خيال ڪونھي. هن اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ جنرل صاحب کي ڪجهہ بہ نہ ڏيندي ۽ اھا ڳالھہ حقيقتاً خطرناڪ هئي. تمام خطرناڪ!
ان قسم جا گندا خيال منھنجي ذهن ۾ ان وقت اڌما کائي رهيا هئا، جنھن وقت آءٌ ڏاڏيءَ جي ڪمري مان نڪري، مٿي پنھنجي ڪمري ڏي وڃي رهيو هوس. حقيقت هيءَ آهي تہ مون کي انھن ڳالھين سان ڏاڍي دلچسپي هئي. بي شڪ آءٌ گهڻو اڳ انھن مقصدن ۽ ڳالھين کي ذهن ۾ آڻي سگهيس ٿي، جن منھنجي سامھون انھن ائڪٽرن کي نچائي ڇڏيو هو. پر ان هوندي بہ ايمان جي ڳالھہ هيءَ آهي تہ آءٌ اڃا تائين سڄي ڊرامي ۽ ان جي رمزن کي باقاعدي سمجهي نہ سگهيو هوس. پالينا ڪڏهن بہ مون سان ملي ٿي تہ ڏاڍي رازداريءَ سان ٿي ڳالھائين، پر ٻئي طرف وري پنھنجي چيل ڳالھين کي ٿوريءَ دير کان پوءِ رد ڏئي ٿي ڇڏيائين. اصلي ڳالھہ تي پڙدو وجهي، ان جو رخ ئي بدلائي ڇڏيندي هئي ۽ وڌاءُ ڪري هڪ نئين ڳالھہ ٻڌائڻ لڳندي هئي. اصل ۾ هن مون کان گهڻو ڪجهہ لڪايو هو. بھرحال ھاڻ مون کي صاف نظر پئي آيو تہ جلد ئي انھيءَ پراسرار معاملي جو ڦاٽ ڦاٽڻو آهي. جي هن قسم جو هڪ ٻيو جهٽڪو لڳو تہ سڀ ڳالھيون ظاھر ٿي پونديون. هونئن تہ منھنجي خوشقسمتي ۽ بدقسمتيءَ جو دارومدار بہ ان سڄي قصي تي ٻڌل هو، پر آءٌ پنھنجي لاءِ گهڻو پريشان ڪونہ هوس. منھنجي ذهن جي عجيب حالت هئي. کيسي ۾ ڪل ويھہ فيڊرڪ پيا هئم. هوڏانھن پرديس ۾ بي يارو مددگار نہ روزگار هو، نہ اميد، نہ تمنا، پوءِ بہ پريشان ڪونہ هوس. مون کي ڪنھن بہ شيءِ جو غم نہ هو. مگر ھا، رڳو هڪ غم منھنجي لاءِ عذاب بنيل هو ۽ اهو هو پالينا جو غم. جي مون کي پالينا جو خيال نہ هجي ھا تہ شايد ڪنھن بہ ڳالھہ سان ڪو تعلق نہ رکان ھا. بلڪ ھر مصيبت تي بيھي کلان ھا، ٽھڪ ڏيان ھا ۽ الائي ڇا ڇا ڪريان ھا. مون کي رڳو پالينا جو فڪر هو. مون کي خبر هئي تہ پالينا جي قسمت جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي. تنھنڪري ڏاڍو پريشان هوس. پر اهو چوندي مون کي افسوس پيو ٿئي تہ منھنجي پيشاني صرف هن جي قسمت جي ڪري ڪونہ هئي. مان هن جي رازن جي تھہ تائين پھچڻ جي خواهش ۾ پئي لڇيس ۽ ڦٿڪيس. اھا آرزو نانگ وانگر منھنجي سيني تي سُري رهي هئي تہ هوءَ اچي ۽ آهستي اچي چوي، ”مون کي توسان پيار آهي.“ ۽ جي ائين نہ آهي، جي اھا اڻ ٿيڻي ڳالھہ آهي، جي اهو ڪو چريائي4 جو خيال آهي، تہ خير ڪا پرواھہ نہ آهي. پوءِ آخر مون کي گهرجي ڇا ٿو؟ آءٌ واقعي چريو ٿي چڪو هوس. مون تہ رڳو هي ٿي چاهيو تہ هيءَ جبل جيڏي زندگي هن جي گهاتن وارن جي پاڇن ۾ گذاريان، هن جي ايتري ويجهو رھان جو هن جي دل جي ڌڙڪڻ بڌان، هن جي حسن جي نوراني ڪرڻن سان پنھنجي روح کي تازو ڪريان- جيئندو رھان، مرندو رھان، ان کان وڌيڪ مون کي ڪجهہ بہ نٿي گهريو. هونئن بہ ڇا، آءٌ هن کي ڇڏي سگهيس ٿي؟
ٽيءَ ماڙيءَ تي چڙهندي، مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪنھن اشاري سان سڏ ڪيو هجيم. پٺيا مڙي ڏٺم تہ ويھن قدمن جي فاصلي تي پالينا دروازي مان ٻاھر نڪري رهي هئي. هوءَ شايد منھنجو انتظار ڪري رهي هئي. هن مون کي ڏسندي ئي اشاري سان پاڻ ڏي سڏيو.
”پالينا اليگزنڊرونا....“
”چپ ٿورو آهستي.“
”ڏس،“ مون شائستگيءَ سان چيو، ”خبر اٿئي، مون کي ائين لڳو ڄڻ پٺيان ڪو سڏي رهيو هجيم. مڙي ڏٺم تہ تون هئينءَ- تون! مون کي اهڙو احساس ٿيو، ڄڻ تنھنجي طرفان ڪا برقي لھر بدن ۾ اچي وئي هجيم.“
پالينا شايد منھنجي ڳالھہ ڪانہ ٻڌي. هن پيشانيءَ تي گهنج وجهندي چيو، ”هي خط وٺ ۽ يڪدم ائسٽلي صاحب کي پھچاءِ. انھيءَکي ڏجانءِ، ڏس مان التجا ٿي ڪريان. ٿورو جلدي ڪر. جواب جي ضرورت نہ آهي. هو خود....“ هوءَ ڳالھہ ڪندي ڪندي رڪجي ويئي.
”ائسٽلي صاحب؟“ مون سخت حيرانيءَ وچان پڇيو.
”اوه! خط و ڪتابت بہ آهي!“ بھرحال جلدي ڪاسينو ڏي ڏيس. سڀيئي ڪمرا ڏٺم. پر هو نہ مليو. جڏهن پريشانيءَ ۽ نااميديءَ جي حالت ۾ واپس پئي آيس تہ اوچتو هو ملي ويو. ان وقت هو هڪ انگريز مرد ۽ عورت سان گڏ گهوڙي تي چڙهيو پئي ويو. مون هٿ جي اشاري سان سڏيومانس ۽ پالينا جو خط ڏنومانس. هن مون ڏي اک کڻي بہ نہ ڏٺو. بلڪ ڄاڻي ٻجهي گهوڙي کي لت هڻي تيز تيز اڳيان وڌي ويو.
ڇا آءٌ واقعي رقابت جي باھہ ۾ سڙي رهيو هوس؟ ڪابہ خبر نہ آهي. اھا خبر ضرور اٿم تہ شڪست جي احساس منھنجا گوڏا ڀڄي ڇڏيا هئا. آءٌ بلڪل برباد ٿي چڪو هوس ۽ ايترو شڪست کاڌل، جو اهو بہ ڄاڻڻ نٿي چاهيم تہ هو چٺين ۾ هڪ بئي کي ڇا لکي رهيا هئا. مگر پالينا کي هن تي اعتماد ضرور هو. تڏهن تہ هن کي خط لکندي هئي. مان سوچڻ لڳيس، ”پالينا هن تي اعتبار ڪري ٿي ۽ هو پالينا جو دوست آهي (پر هو پالينا جو دوست ڪڏهن بڻيو؟) خير اھا ڳالھہ تہ پڪي آهي تہ هو پالينا جو دوست آهي. مگر ڇا هنن جي پاڻ ۾ محبت آهي؟ نہ بلڪل نه!! عشق، عقل کي جواب ڏنو. پر اهڙين صورتن ۾ عشق جي ڪير ٿو ٻڌي. مطلب هي تہ وقت اچي ويو آهي ان ڳالھہ جي خبر بہ پوندي. پر هن وقت تہ معاملي جي مونجھارن ۾ هڪ وڌيڪ ڳنڍ پئجي چڪي هئي.
آءٌ تيز تيز قدمن سان پنھنجي وڏي ڪمري ڏي وڃي رهيو هوس تہ پھرين هڪ بيري ۽ پوءِ ٻئي بيري چيو تہ جنرل ٽي دفعا سڏي چڪو هوم، هنن اهو بہ ٻڌايو تہ هو پنھنجي ڪمري ۾ منھنجو بي چينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هو. تنھن جو مطلب تہ مون کي اهو بہ ٻڌائڻو پوندو تہ ڪٿي هوس ۽ ڪھڙي سبب هوس؟ منھنجي ذهن ۾ آتش فشان ٿي ڦاٽو. پڙهڻ واري ڪمري ۾ جنرل کان سواءِ گريو ۽ اڪيلي مادموزيل بلانشي بہ هئي. اڪيلي ان لاءِ، جو ماڻس گڏ ڪانہ هيس. هن جي ماءُ تہ رڳو هڪ اهڙي ڪاروباري شيءِ جيان هئي، جا سينگاريل ڪمري ۾ رڳو ڏيکاءَ لاءِ رکي ويندي آهي ۽ ضرورت وقت خودبخود پنھنجو ڪم ڪندي آهي. هوءَ هڪ رانديڪو هئي. مٽيءَ جو پتلو- جنھن کي شايد پنھنجي ڌيءَ جي ڪارنامن جي خبر بہ ڪانہ هئي.
بھرحال هو ڪنھن گرماگرم موضوع تي ڳالھائي رهيا هئا: ڪمري جا سڀ در بند ڪيا ويا هئا. هن کان پھرين ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيو هو. دروازي وٽ مون گوڙ جو آواز ٻڌو، گريو جو تيز تيز آواز، بلانشي جو غضبناڪ ۽ جنرل جو مايوسانہ آواز، جو شايد ٻين جي حملن کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جڏهن آءٌ اندر ٿيس، تہ هو هميشہ جيان پنھنجي جذبات کي ضبط ڪري بلڪل خاموش ٿي ويا. گريو وارن ۾ آڱريو ڦيرائيندي پنھنجي ڀيانڪ چھري تي زبردستيءَ جي مرڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اھائي فرانسيسي مرڪ جنھن کان مون کي سخت نفرت آهي. تباھہ حال جنرل پنھنجي منھن تي عظمت ۽ وقار جا آثار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر هن جي ڪوشش بہ گريو جي کل جيان ڪوڙي هئي. رڳو بلانشي پنھنجو چھرو بدلائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، جو ڪاوڙ جي باھہ ۾ ٻري رهيو هو. هوءَ رڳو چپ ٿي ويئي ۽ ڪنھن سٺي اميد جي انتظار بلڪ اضطراب ۾ مون کي تڪڻ لڳي. قطع ڪلام معاف، هتي هيءَ ڳالھہ ٿورو مون کي موضوع کان هٽي ڪرڻ ڏيو. ڪجهہ ڏينھن کان مادموزيل بلانشي جو رويو مون سان سٺو نہ هو. هوءَ منھنجي سلام جو جواب بہ نہ ڏيندي هئي. هوءَ مون کي ڏسڻ بہ پسند نہ ڪندي هئي ۽ هونئن ڪڏهن ڪو اتفاق سان اوچتي مون تي نظر پئجي ٿي ويس، تہ اھا ٻي ڳالھہ هئي.
جنرل صاحب ڏاڍي ادس لهجي ۾ چيو، ”اليگزي اوانووچ- اوھان جو رويو مون سان ۽ منھنجي گهر وارن سان ڏاڍو عجيب آهي- بيشڪ ڏاڍو عجيب.“
”اوه، اهڙي طنز!“ گريو ائين چيو، ڄڻ پنھنجي پاڻ کي ئي چئي رهيو هجي. وري هن جي ڳالھہ مون کي سمجهائڻ لڳو، ”ڏسو، جنرل جو مطلب رڳو ايترو آهي تہ هن سان سٺو سلوڪ ڪر ۽ هن کان رنج نہ ٿيءُ. يعني هن جو چوڻ رڳو ايترو آهي تہ تون پنھنجي رويو بدلاءِ. هو درخواست ڪري رهيو اٿئي تہ تون پنھنجي موجوده رويي سان هن کي برباد نہ ڪر. مان تہ هن جي ڳالھہ جو اهوئي مطلب سمجهيو آهيان.“
”پر، ڇو! آءٌ ڪڏهن ڪنھن کي برباد ڪري رهيو آهيان؟“
”آخر تون ڏاڏيءَ جو رهنما بڻيو ڇو پيو ڦرين! هوءَ ڪمبخت ظاھري طرح ڏاڍي خوشمزاج آهي، پر اندر ۾ ڏاڍي خطرناڪ آهي...“ گريو خود پننهجي ڳالھہ تي جهجهڪڻ لڳو، ”توکي خبر آهي تہ هوءَ جوئا ۾ سڄي دولت ھارائي وجهندي. توکي خود خبر آهي تہ هوءَ بي ڍنگي طريقي سان کيڏي رهي هئي. اچ تہ کٽي ويئي آهي، پر خدانخواستہ جي ھارائڻ شروع ڪيائين، تہ هوءَ پنھنجي جوش ۾ سڀ ڪجهہ ھارائي ويھندي ۽ ظاھر آهي تہ جوئا ۾ ھارايل رقم واپس نہ ايندي آهي.... پوءِ.... پوءِ“
جنرل صاحب گريو کي لقمو ڏيندي چيو. ”ائين تہ تون سڄي خاندان کي تباهيءَ جي غار ۾ اڇلائي ڇڏيندين، توکي خبر آهي تہ مان ۽ منھنجو ڪٽنب- اسين ان ملڪيت جا واحد وارث آهيون. ڇو جو هن جو ڪوبہ ٻيو مٽ مائٽ ڪونھي. مان اڄ توکي صاف صاف ٻڌائي ٿو ڇڏاين تہ منھنجي مالي حالت نازڪ ٿي چڪي آهي ۽ منھنجون حالتون خراب آهن. ڪنھن حد تائين توکي بہ خبر آهي... جي خدانخواستہ هوءَ هڪ وڏي رقم يا سڄي ملڪيت جوئا ۾ ھارائي ويٺي، تہ منھنجو ۽ منھنجي ننڍڙن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ (جنرل گريو ڏي ڏٺو) ۽ منھنجو ڇا ٿيندو.... (جنرل بلانشي ڏي ڏٺو، جنھن حقارت سان نگاهون ڦيرائي ڇڏيون) اليگزي! خدارا اسان کي بچاءِ. مان خدا جو واسطو ٿو ڏيانءِ.“
”پر جنرل صاحب، آءٌ توھان کي ڪيئن ٿو بچائي سگهان؟ منھنجو هن سان ڪھڙو تعقل؟“
”تون هن کي ڇڏي ڏي. هن سان گڏ وڃڻ کان بلڪل انڪار ڪر.“
”آءٌ نہ ويندس تہ ڇا ٿيندو، منھنجي جڳھہ تي ڪو ٻيو ويندو.“
”اهو بہ ٺيڪ آهي. چڱو تون ان کي نہ ڇڏ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ڪر، جو سمجهائي مڃائينس. جوئا کان نفرت ڏيارينس... يا وري وڏيون رقمون هڻڻ نہ ڏينس. بس ٿوري رقم جي بازي هڻي.“
”پر آءٌ اهو ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ گريو صاحب هي ڪم ڇو نہ ٿو ڪري؟ مون ٻالو ڀولو بنجي چيو.
مون ڏٺو تہ مادموزيل بلانشي گريو ڏي سواليہ نظرن سان گهورڻ لڳي ۽ گريو جي منھن تي ڪا معنيٰ خيز شيءِ اڀري آئي، جنھن کي هن لڪائڻ جي ڪوشش تہ ڪئي پر لڪائي نہ سگهيو.
”ڳالھہ هيءَ آهي تہ هوءَ مون کي پسند نہ ڪندي ۽ هونئن....“ گريو پنھنجي هٿن کي مھٽيندي چيو ۽ معنيٰ خيز نگاهن سان بلانشي ڏي ڏسڻ لڳو.
”موسيو اليگزي ٿورو هيڏانھن بہ ڌيان ڏيو!“ مادموزيل بلانشي قيامت خيز چال سان مون ڏانھن اچڻ لڳي. هن جي منھن تي ڏاڍي دل کسيندڙ مرڪ کيڏي رهي هئي. ايندي ئي مون کي بنهي ڪلهن کان جهليو ۽ ڀاڪر پائي زور سان چنبڙي وئي. هيءَ شيطان جي ڌيءَ. منٽن ۾ ڪيترو بدلجي ٿي وڃي! ان خاص لمحي ۾ هن جي منھن تي ميٺاج سان گڏوگڏ التجا بہ اُڀري آئي هئي. هن جي مرڪ جي سادگيءَ ۾ شرارت بہ ملي ويئي هئي. هڪ ئي لمحي کان پوءِ هن مون کان جدا ٿيندي، مون کي اک ڀڳي، جا مون کان سواءِ ڪوبہ ڏسي نہ سگهيو. ان طرح هن مون کي اهو ٿي سمجهايو تہ ”مان تنھنجي آهيان.“ ۽ ان ۾ هوءَ پنھنجي پر ۾ ڪامياب بہ ٿي چڪي هئي، پر هي سڀ ڳاهيون ڏاڍيون اڍنگيون ٿي لڳيون.
جنرل صاحب هڪدم ٽپ ڏيئي مون وٽ آيو ۽ ڏاڍي عاجزيءَ سان چوڻ لڳو، ”اليگزي اِوانو وچ! جيڪي ڪجهہ مون هينئر توکي چيو، تنھن لاءِ معافي ٿو گهران. منھنجو اهو مطلب ھرگز ڪونہ هو. مان التجا ٿو ڪريان، درخواست ٿو ڪرايان. مان تنھنجي پيرين ٿو پوان. تون ۽ رڳو تون اسان کي بچائي ٿو سگهين. مادموزيل ڪامنگس ۽ اسان توکي التجا ٿا ڪريون- تون سمجهي ويو هوندين. بيشڪ تون سمجهين ٿو.“ هن مادموزيل بلانشي ڏانھن اکين سان اشارو ڪندي چيو- حقيقت ۾ هن جي حالت رحم جي قابل هئي.
اوڏي مھل ڪنھن آهستي دروازو کڙڪايو. دروازو کليو. هوٽل جو بيرو ۽ ان جي پٺيان پوٽا پچ بيٺو هو. هن کي ڏاڏيءَ مون ڏانھن اماڻيو هو تہ جيئن مون کي سڏي اچي.
”هوءَ ڏاڍي ڪاوڙي ويٺي آهي.“ پوٽا پچ چيو.
”پر اڃا تہ ساڍا ٽي ٿيا آهن!“
”هوءَ تہ ستي بہ ڪانھي. سڄو وقت پاسا ورائيندي گذاريو اٿس. هينئر تہ پلنگ تان بہ اٿي آهي. پنھنجي ڪرسي گهرائي اٿس ۽ مون کي هيڏانھن موڪليو اٿس. پاڻ ٻاھرئين دروازي تي بيٺي آهي.“
”ميان، جلدي وڃ.“ گريو چيو.
مون کي ڏاڏي ڏاڪڻ تي ملي. مون کي اٿڻ شرط پاڻ وٽ نہ ڏسي، بنھہ آپي کان ئي نڪري ويئي هئي. ڪمال آهي، چئين بجي تائين بہ انتظار ڪري نہ سگهي.
”ھل! ھاڻ ھل! ڏاڏيءَ چيو ۽ اسين ٻيھر رولٽ جي جوئا خاني ڏانھن وياسين.

باب ٻارهون

ان وقت ڏاڏي ڏاڍي بي آراميءَ ۽ بي صبريءَ جي حالت ۾ هئي. هيءَ ڳالھہ تہ صاف ظاھر آهي تہ رولٽ جي جوئا هن جي ذهن تي ڏاڍو گهرو اثر وڌو هو. هوءَ ڪنھن بہ شيءِ ۾ دلچسپي نہ وٺي رهي هئي ۽ بلڪ خالي الذهن هئي. مثلاً هن پھرئين وانگيان مون کان قسم قسم جا سوال نہ ڪيا. رستي ۾ هڪ شاندار گاڏيءَ کي ڏسي، مون کان هي تہ پڇيائين. هيءَ ڪنھنجي گاڏي آهي؟ هن ۾ ڪير ويٺو آهي؟ پر مون کي پڪ آهي تہ منھنجو جواب اصل ڪونہ ٻڌائين. هوءَ پنھنجي خيالن ۾ ايتري گم هئي، جو ٻين جي معمولي معمولي ڳالھين تان چڙيو ٿي پئي. جڏهن من هن کي جاگيرار برهيم ۽ جوڻس ڏيکاريا، جي ڪاسينو وڇي رهيا هئا، تہ هن انھن ڏي ڏاڍيءَ بي خياليءَ مان نھاريو ۽ بي پرواهيءَ سان چيائين تہ ”اوھہ تہ اهي آهن.“ وري پوٽا پچ ۽ نوڪرياڻيءَ کي تڙي ڏنائين، جي هن جي پٺيان ھلي رهيا هئا.
”آخر توهين منھنجي پٺيان ڇو اچي لڳا آهيو؟ وڃو، پنھنجو ڪم ڪريو! اسين هميشہ تہ اوھان کي پاڻ سان ڪونہ کنيو پيا ھلنداسين. اليگزي ۽ آءٌ ڪافي آهيون.“ هو ويچارا منجهي پيا ۽ يڪدم هوٽل ڏي موٽي ويا.
ڪاسينو ۾ پھرين ئي اسان جو انتظار پئي ٿيو. خدمتگارن اسان کي ڏسندي ئي هڪدم ڏاڏيءَ لاءِ خزانچيءَ وٽ هڪ جاءِ خالي ڪرائي. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان تہ هي خزانچي، جي ايتري قدر ٺھي ٺڪي ٿا اچن، پنھنجي پر ۾ پنھنجو پاڻ کي آفيسر ٿا سمجهن. هو ان ڳالھہ کان لاتعلق هوندا آهن تہ بئڪ کٽي ٿي يا ھارائي ٿي. هو رانديگرن کي جوئا ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ باقاعدي هدايتون حاصل ڪندا آهن ۽ ان ڪم کي چڱيءَ طرح نڀائيندا آهن. صاف ظاھر آهي تہ ان لاءِ کين انعام اڪرام بہ ملي ٿو. مطلب تہ هو ڏاڏيءَ کي اکيون ڦاڙي ائين ڏسڻ لڳا ڄڻ ڄار ۾ ڪو وڏو شڪار ڦاٿو هجين.
اهو ئي ٿيو جنھن جي اسان کي اميد هئي.
۽ اهو هيئن ٿيو.
ڏاڏيءَ ويندي ئي مون کي ٻارنھن فيڊرڪ ٻڙيءَ تي هڻڻ لاءِ چيا، سو ٻارنھن فيڊرڪ ٽي ڀيرا هنيا ويا، پر ٻڙي نہ آئي.
”ھل، ھل، داءُ هڻ!“ ڏاڏيءَ ھر ڀيري ائين ٿي چيو، ۽ مون تعميل ٿي ڪئي. ”ڪيتريون بازيون لڳائي چڪا آهيون؟“ هن بي چينيءَ سان ڏند ڪرٽيندي چيو.
”ٻارنھن، ڏاڏي! ۽ انھن بازين ۾ هڪ سؤ چوئيتاليھہ فيدرڪ ضايع ٿي ويا. مان چوان ٿو ڏاڏي، ممڪن آهي شام تائين........... “
”چپ ڪر، ڪھڙو ڪارزبانو آهين! ٻڙيءَ تي داءُ هڻ ۽ ڳاڙهي نشان تي بہ هڪ هزار گلڊن هڻ. ڏٺو ويندو هي وٺ نوٽ.“
ڳاڙهو نشان اسان جي حق ۾ نڪتو، پر ٻڙي وري رهجي وئي. ڏاڏيءَ هڪ هزار گلڊن کٽيا.
”ڏٺئي، مون ڇا ٿي چيو؟“ ڏاڏيءَ آهستي چيو، ”جيترو اسان ھارايو هو. هڪ ئي چال ۾ واپس اچي ويو. چڱو ٻيھر ٻڙي هڻ. بس ڏھہ بازيون کيڏنداسين ۽ پوءِ ختم ڪنداسين.
پر ڏاڏي پنجين بازيءَ ۾ ئي بيزار ٿي ويئي.
هي ڪمبخت ٻڙي تہ نڪرڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. چڱو هي وٺ ۽ چارئي هزار گلڊن ڳاڙهي نشان تي لڳاءِ.“ هن مون کي حڪم ڏيندي چيو.
”ڏاڏي ايڏي وڏي رقم نہ هڻ، خدانخواستہ جي ڳاڙهو نہ نڪتو، تہ ڇا ٿيندو؟“ مون التجا ڪندي چيو، پر هوءَ ٻيڻو مون کي مارڻ لڳي (بي شڪ هوءَ اهڙي نموني ٺونٺ هڻندي هئي، جو ان کي مارڻ ئي چوڻ مناسب آهي). ھاڻ مجبوري هئي مان ڇا ٿي ڪريا سگهيس. چار هزار گلڊن ڳاڙهي نشان تي هنيم. گهيرو ڦرڻ لڳو گولي تيزيءَ سان نچڻ لڳي. ڏاڏي ڏاڍي اطمينان ۽ غرور سان آڪڙي ويٺي هئي. ڄڻ تہ هن کي پنھنجي کٽڻ جو يقين هو.
”ٻڙي“ خزانچي رڙ ڪندي چيو.
پھرين تہ ڏاڏي هن جو مطلب ئي نہ پئي سمجهي پر جڏهن اکين سان ڏٺائين تہ خزانچي هن جا چار هزار گلڊن ۽ ميز تي پيل سڀ پئسا ڪرڇا ڀري پاڻ ڏي ڪري رهيو آهي تہ خبر پيس تہ ٻڙي نڪتي آهي، جنھن تي خود هن ايترين بازين ۾ ٻہ سؤ فيڊرڪ لڳائي ڇڏيا هئا، پر ان وقت نڪرڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتائين. ڏاڏيءَ گاريون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ ڪنجهندي پنھنجي هٿن کي ائين مٿي کنيائين، جو موجود سڀ ماڻھو کلڻ لڳا.
”خدا جي مار پويس، هيءَ نڀاڳي ٻڙي نڪري ائي. توبھہ توبهه، هي سڀ تو ڪيو آهي. تو ئي مون کي ان لاءِ چيو هو.“ هن مون کي هٿ سان ڌڪو ڏيندي چيو.
”ڏاڏي مون تہ اوھان سان سچي ڳالھہ ڪئي هئي، هي تہ هڪڙو اتفاق آهي. ان ۾ آءٌ ڇا ڪريان.“
”مان ڇا ڪريان؟ تنھنجي تہ وٺي ڪري........ ھليو وڃ هتان، دفع ٿي وڃ.“
”چکو، خدا حافظ، ڏاڏي! آءٌ ٻاھر وڃن لاءِ اٿيس.“
”اليگزي، اليگزي اوانو وچ بيھہ تہ سھي، ميان ڪيڏانھن پيو وڃين؟ آخر ڳالھہ ڇا آهي. ٻڌ تہ سھي. ايتري ڪاوڙ جو ڪھڙو ڪم؟ بس اچ ھاڻ. ڪاوڙ ٿُڪي ڇڏ. ايتري ڳالھہ تي ڪاوڙجي وئين؟ مان خود چوري آهيان. ھاڻ ٻڌاءِ ڪھڙي چال ھلان؟“
”ڏاڏي آءٌ نہ ٻڌائيندس پوءِ وري اوهين الزام ٿيون رکو. اوهين پنھنجي مرضي سان کيڏو. جنھن انگ يا نشان تي چوندين، آءٌ اُن تي داءُ هڻندس.“
”چڱو، چڱو، ائين ئي سھي، هي وٺ چار هزار گلڊن ڳاڙهي نشان تي هڻ، الله مالڪ آهي. پاڪٽ بڪ پاڻ وٽ رک.“هن کيسي مان پاڪٽ بڪ ڪڍي، مون کي ڏيندي چيو، ”جلدي ڪر، جلدي. هن ۾ ويھہ هزار روبل جا نوٽ آهن.“
”ڏاڏي! ايڏي وڏي رقم جون بازيون؟“
”تون بازي لڳاءِ“ خدا جو قسم اسين کٽنداسين.“
مون داءَ لڳايو ۽ ھارايم.
”ڪا ڳالھہ نہ آهي، اٺن جا اٺ هزار هڻ.“
”ڏاڏي قانوني طرح اوهين چئن هزارن کان مٿي جو داءُ نٿيون هڻي سگهو.“
”چڱو چارئي سھي، پر جلدي هڻ.“
هن دفعي کٽيوسين. ڏاڏي خوشيءَ کان تاڙيون وڄائڻ لڳي. ”ڏٺئي، چار هزار وري هڻ.“
داءُ لڳايم، ھارايوسين. وري داءُ، وري ھارايوسين ۽ ان ريت ھارائيندا ئي رھاسين.
”هون، تہ سڀ پئسا پورا ٿي ويا!“ هن آهستيءَ سان ڪاوڙ واري لهجي ۾ چيو. ”خير، ڪا ڳالھہ ناهي.“ وري ڪجهہ سوچيندي چيائين، ”چار هزار گلڊن پيا هڻ.“
”پر پئسا ڪٿي آهن؟ ڪجهہ هُنڊيون آهن. ڪجهہ بل آهن، جن جي مٽائڻ تي پنج روبل في سيڪڙو ڏيڻو پوندو ۽ بس پئسا تہ ختم ٿي ويا؟“
”ٿورا پئسا پيا آهن.“
”هتي صراف ڪٿي آهن. هڪڙي ماڻھوءَ چيو پئي تہ هنن وٽان ھر قسم جا نوٽ ۽ هنڊيون مٽائي سگهجن ٿيون“ ڏاڏي غمگين ٿي پڇيو.
”جيترو اوهين چاهيو مٽائي سگهو ٿا، پر اوھان کي فائدو ڪجهہ بہ نہ ٿيندو. هو صرافو وڏا يھودي ٿنيدا آهن. ڦُري ويندوَ.“
”تون تہ ھر ڳالھہ ساڳي ٿو ڪرين چڱا مڙس. مان سڄي رقم واپس وٺنديس. اُهي ٻُڌو ڪٿي آهن؟“
مون کي دروازي تائين ڪرسي ڇڪڻي پئي ۽ ان کان پوءِ نوڪرن ڇڪي. ھاڻ اسين ڪاسينو کان ٻاھر اچي ويا هئاسين.
”جلدي ڪريو جلدي رستو ڪٿي آهي. اليگزي، ويجهي رستي تان ھلجانءِ. پري وڃڻو آهي ڇا؟“
”نہ بلڪل ويجهو آهي.“
پر شاه بلوط واري رستي وٽان مڙندي، هو سڀئي اچي اسان سان مليا. جنرل صاحب، گريو، گلانشي ۽ هن جي ماءُ، ٻيا سڀئي هئا، پر پالينا ڪونہ هئي ۽ ائسٽلي صاحب بہ غائب هو.
”آءٌ واندي ڪونہ آهيان، منھنجو وقت نہ وڃايو، آخر توھان جي مرضي ڇا آهي؟“
آءٌ پٺيان پٺيان ھلي رهيو هوس. گريو تيز تيز ھلندو منھنجي ويجهو اچي ويو.
مون هن جي ويجهو اچڻ جو مطلب سمجهندي چيو، ”اڄ صبح هن جيڪا رقم کٽي هئي، اھا سڄي ھارايائين. پاڻ وڌيڪ ٻارنھن هزار گلڊن بہ ھارايا اٿس. ھاڻ اسين صراف ڏانھن هنڊيون ڀڃائڻ پيا وڃون.“
گريو جت هو اُٺ ڄمي ۽ وري جنرل کي ٻڌائڻ لاءِ تيزي سان ڏانھس وڌيو. اسين ڏاڏيءَ جي ڪرسي ڇڪيندا رهياسين.
جنرل ڏاڍي پريشان انداز ۾ منھنجي ڪن ۾ چيو، ”هن کي روڪ.“
”اوهين ڪوشش ڪري ڏسو.“ مون بہ آهستي ڪن ۾ جواب ڏنومانس.
”چاچي... چاچي... ڏسو اسين سڀ ٻھراڙي ڏانھن گهمڻ پيا وڃون. گهوڙا بہ آهن. پاڻ کي هوءَ جبل جي چوٽي ڏسڻي آهي. اسين اوھان کي سڏڻ پئي آياسين.“ جنرل صاحب ڪنبندي چيو.
”ڌوڙ وڃي پاءِ، تون بہ ۽ اھا چوٽي به. خدا جي ڪا وٺ پوين- ھروڀرون پيا تنگ ڪن.“ ڏاڏيءَ هٿ جي اشارن سان هن کي پوري ٿيڻ لاءِ چيو.
”ڏاڏي هتي ڏاڍي ساوڪ آهي. گڏجي ويھي چانھه پيئنداسين!“ جنرل اميد جو سھارو وٺندي چيو.
”ڌوڙ وڃي پاءِ، تون بہ اھا چوٽي به، خدا جي ڪا وٺ پوين- ھروڀرون پيا تنگ ڪن.“ ڏاڏيءَ هٿ جي اشارن سان هن کي پري ٿيڻ لاءِ چيو.
”ڏاڏي هتي ڏاڍي ساوڪ آهي. گڏجي ويھي چانھه پيئنداسين!“ جنرل اميد جو سھارو وٺندي چيو.
”نہ نہ، اوھان خواه مخواه غلط ڳالھہ ڪري رهيا آهيو. بلڪل فرينچن جھڙي ڳالھہ ڪئي اٿو!“ گريو ڪاوڙجي چيو. ”اهو فرينچن جو خيال هوندو آهي تہ ڪنھن مثالي ڳوٺ جا دلڪش منظر ڏسجن. يعني هنن جي دماغ ۾ هميشہ اهو ئي تصور هوندو آهي تہ فطرت کير کان اڇي ۽ رات کان ڪاري، مطلب تہ ان جا رنگ ئي نرالا هوندا آهن!“
”تنھنجي ۽ تنھنجي کير جي تہ وٺي ڪري.... تون وڃي پيءُ- کير پيئڻ سان منھنجي پيٽ ۾ سور ٿيو پوي. چڱو ھاڻ وڃو مون کي تنگ نہ ڪريو. خدا جي واسطي منھنجو مغز نہ کائو. مان پھرين ئي چئي چڪي آهيان تہ مون وٽ فضول ڳالھين لاءِ وقت ڪونھي.
”ڏاڏي صراف هتي ويھندا آهن- هتي سامھون.“
اسين صرافن جي ڪوٺيءَ وٽ اچي چڪا هئاسين. آءٌ هنڊيون ۽ بل ٽوڙائڻ اندر ويس. ڏاڏي ٻاھرين دروازي تي انتظار ڪندي رهي. گريو، جنرل ۽ بلانشي، جدا جدا بيٺا سوچي رهيا هئا تہ ھاڻ ڇا ڪريون..... ڏاڏيءَ هنن ڏانھن اهڙيءَ حقارت جي نگاه سان ڏٺو، جو ويچارا واپس ڪاسينو ڏي ھليا ويا.
صراف جا شرط اهڙا تہ ڪريل هئا، جو آءٌ ڪنھن بہ طرح مڃي نٿي سگهيس. سو وري ڏاڏيءَ کان پڇڻ ٻاھر ھليو آيس.
”هي تہ ڪي ڌاڙيل آهن. خير ھاڻ مجبوري آهي. انھن ئي شرطن تي وٺ. چڱو ڏس صراف کي مون ڏانھن موڪل.“ ڏاڏيءَ حڪمرانن واري لهجي ۾ چيو.
”توھان جو مطلب آهي تہ انھن جي منشيءَ کي موڪليان؟“
”ھا ھا منشي ٻيو ڪير؟ هي سڀ ڌاڙيل آهن، ڌاڙيل.“
پھرين تہ منشي ٻاھر اچڻ کان انڪار ڪيو. پر جڏهن چيومانس تہ هوءَ هڪ معذور ۽ پوڙهي خاتون آهن، تہ ناسون ڦنڊائي ٻاھر نڪتو. ڏاڏي هن سان وڏي سڏ روسي، فرينچ ۽ جرمن زبانن جي مرڪب سان بحث ڪندي رهي. جنھن جو ترجمو مون گڏوگڏ پئي ڪيو. پوڙهو منشي خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. هن ھر اکر تي ڪنڌ پئي ڌوڻيو ۽ ڏاڏيءَ ڏانھن اهڙين عجيب نگاهن سان پئي ڏٺائين، جن ۾ عزت ۽ احترام جو نالو نشان بہ نہ هو. آخرڪار هو مرڪڻ لڳو.
”چڱو جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو. انڌيري نگري چرٻٽ راجا. دولت سان ڀلي توهين پنھنجو ئي پيٽ ڀريو. اليگزي! هن سان گڏ وڄ ۽ هنڊيون مٽائي اچ. ڏس ھاڻ وقت بلڪل ڪونھي. جي هي نہ مڃي تہ پوءِ ٻئي ڪنھن هنڌ.....“
”منشي چوي ٿو تہ ٻيا صراف ان کان بہ گهٽ ڏيندا.“
هن وقت مون کي رقم تہ ياد ڪانہ ٿي اچي. البتہ ايترو ياد اٿم تہ ڪميشن تمام گهڻي ورتي هئائون. مون حساب ڪتاب ڪري، ٻارنھن هزار فلورن وتا ۽ ٻاھر اچي ڳڻڻ لڳيس.
”اليگزري! ڳڻڻ جي ضرورت ڪانھي. بس جلدي ڪر. ھل.“
جوئا خاني ڏانھن ويندي پنھنجي منھن ڀٽڪڻ لڳي. ”ھان مان ڪڏهن بہ ٻڙيءَ يا ڳاڙهي نشان تي داءُ نہ هڻنديس.“
آءٌ ڏاڏيءَ کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس تہ هميشہ ننڍين ننڍين بازين کان شروع ڪري، داءَ وڌائيندي وڃي ۽ جي کٽي نہ وڌائيندي ھلي. اھا ڳالھہ مڃيائين، پر ڀلو ٿئي سندس جوش ۽ بي چينيءَ جو، سو جڏهن راند شروع ٿي،تہ هوءَ پنھنجي جذبات کي وس ۾ رکي نہ سگهي ۽ جڏهن ڏهن فيڊرڪ جي بازي کٽائين تہ چوڻ لڳي، ”ڏٺئي مون ٿي چيو تہ اسين کٽينداسين. ھان اسين جي ڏهن فيڊرڪن جي بدران چار هزار لڳايون ھا تہ يقينا چار هزار کٽون ھا. پر سڄو ڏوھہ تنھنجو آهي. خير جيڪي ٿيو سو ٺيڪل ٿيو.“
هن جي راند ڏسي آءٌ ٿورو بيزار ٿي پيس. تنھنڪري مون سوچيو تہ اڳتي بلڪل خاموش رهندس ۽ صلاح لاءِ زبان مان اکر بہ نہ ڪڍندس.
اوچتو گريو ڪرسيءَ وٽ اچي بيٺو.
هو ٻيئي يعني مادموزيل بلانشي ۽ شھزادو بہ اتي بيڍا هئا. بلانشي پنھنجي ماءُ جي کاٻي پاسي هئي ۽ شھزادي سان کلي ڳالھيون ڪري رهي هئي. جنرل صاحب ٿورو پري اداس ۽ مفعوم ٿيو بيٺو هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ذات برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو هجنسين، بلانشي هن ڏانھن اک کڻي بہ نٿي نھاريو. حالانڪ هن خوشامد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي هئي. قابل رحم جنرل جي منھن تي ڪڏهن لالاڻ ٿي ائي، تہ ڪڏهن زرداڻ. هو ڏڪي رهيو هو ۽ ڏاڏيءَ جي راند سمجهڻ جي باوجود بہ ڪجهہ ڪونہ سمجهي رهيو هو. ٿوريءَ ير کان پوءِ بلانشي ۽ شھزادو نظرون بچائي ٻاھر ھليا ويا. پر جنرل صاحب وري اهڙو سولو پيڇو ڪٿي ٿو ڇڏين. هو بہ پڍيائن ٻاھر نڪتو.
”مادام! مادام! اهڙا داءُ هنيوَ تہ ڪڏهن بہ ڪونہ کٽيندؤ! ناممڪن- ناممڪن.“ گريو آواز کي مٺو بڻائيندي، ڀڳل ٽٽل روسي زبان ۾ ڏاڏيءَ کي چيو.
”پوءِ ٻڌاءِ، ڇا ڪريان؟ تون پاڻ هيڏانھن اچ!“ ڏاڏيءَ چيو.
گريو فرينچ زبان ۾ ڪجهہ ڀڻڪڻ لڳو ۽ نصيحت ڪندي چوڻ لڳو، ”اهڙي موقعي جي انتظار ڪرڻ کپي.“ پوءِ هو پاڻ آڱرين تي حساب هڻڻ لڳو. ڏاڏي هن جو هڪ لفظ بہ سمجهي نہ سگهي. گريو مون کي ترجمو ڪرڻ لاءِ چيو. هو ميز تي آڱرين سان ڪجهہ لکڻ لڳو. پوءِ هڪ ڪاغذ تي پينسل سان حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ ڏاڏيءَ کي ڪاوڙ اچي ويئي.
”چڱو ڇڏ، ڇڏ! پھرين پاڻ تہ سمجه!“
”ڏاڏي! ٻڌ تہ سھي.“ هڪ ڀيرو وري گريو پنھنجي ڳالھہ جي صفائي پيش ڪرڻ گهري.
”چڱو، جيئن هي چوي ٿو تيئن ڪر، ٿي سگهي ٿو تہ کٽي وجهون.“ ڏاڏيءَ مون کي چيو.
گريو جو مطلب رڳو هي هو تہ ڏاڏي وڏين رقمن جي بازي نہ هڻي. هن مشورو ڏنو تہ نشانن جي بجاءِ انگن تي بازي هڻڻ کپي. مون هن جي صلاح جي مطابق بازي هنئي. شروع ۾ ٻارنھن ٻڌيءَ وارن انگن تي هڪ هڪ فيڊرڪ ۽ ٻانھن کان ارڙهن تائين ۽ ارڙهن کان چوويھن تائين ٻڌيءَ وارن انگن تي پنج پنج فيڊرڪ هنيم. ان طرح ڪل سورنھن فيڊرڪ لڳائي ڇڏيم.
چڪرو پرڻ لڳو. گولي هيٺ مٿي نچڻ لڳي.
”ٻڙي“ خزانچيءَ رڙ ڪري چيو.
اسين سورنھن ئي فيڊرڪ ھارائي چڪا هئاسين.
”بيوقوف توهين فرينچ تہ اصل بيوقوف آهيو، اھائي صلاح ڏني هيئي نہ بيوقوف. ھليو وڃ هتان. خبر پوين ڪانھ، آيا آهن گوڙ ڪرڻ.“
گريو مورڳو ڊڄي ويو ۽ ڪلهن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو. هو ڏاڏيءَ کي نفرت جي نظرن سان ڏسي ٻاھر ھليو ويو. لڳو ٿي تہ هن معاملي ۾ خواه مخواه ٽنگ اڙائي، هو شرمندو ٿي ويو هو.
اسين سڀ ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ بہ اڌ ڪلاڪ ۾ ئي سڀ ڪجهہ ھارائي چڪا هئاسين.
”ھل، ھاڻ گهر ھلون.“
شاه بلوط واري رستي تائين پھچندي، هن ڪنن سان هڪ لفط بہ نہ ڳالھايو. ڪوٺي وٽان لنگهي، جڏهن هوٽل ڏانھن ھلڻ لڳاسون، تہ پنھنجو پاڻ چوڻ لڳي. ”حماقت، سراسر حماقت، بيوقوف، تون بہ بلڪل بيوقوف آهين!“
پنھنجي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي هن رڙ ڪري چيو، ”چانھن آڻيو ۽ هڪدم سامان ٻڌو. سڀ سامان. بس ھاڻ مان واپس ٿي وڃان.“
”ڪيڏانھن ٿا وڃو مادام؟“ ويچاري ملرفا ائين کڻي پڇيو.
”تنھن ۾ تنھنجو ڇا؟ پنھنجو ڪم ڪر. دفع ٿي هتان. پوٽا پچ! سامان ٻڌ- سڀ سامان، اسين واپس ماسڪو ٿا ھلون. هن نڀاڳي شھر ۾ ائين ئي ويٺي ويٺي 15 هزار روبل ضايع ٿي ويا.“
”پندرهن هزار روبل !! اف، منھنجا خدا.“ پوٽا پچ آه ڀريندي چيو. حالانڪ هن جو مقصد ڏاڏيءَ جي دلجوئي ڪرڻ هو.
”اڙي ڪمبخت، مان مان ڪرڻ بيھي رهئين.... وڃين ڇو نٿو. خبردار جو هڪ اکر بہ ڪڇيو آهين؟ ھلي سامان ٻڌ. بل آڻيو؟ بل موڪليو، يڪدم!“
”ريل هتان ساڍي نوين وڳي ويندي آحي، ڏاڏي.“ مون هن جي ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ جي خيال کانچيو.
”ھاڻ گهنو وقت ٿيو آهي؟“
”ساڍا ست.“
”اوه، تہ تمام ٿورو وقت اچي بچيو آهي. خير ڪا ڳالھہ نہ آهي. اليگزي! ھاڻ مون وٽ هڪ پئسو بہ نہ آهي. هي وٺ ٻہ نوٽ ۽ مٽائي اچ، مون وٽ تہ ھاڻ ڀاڙو بہ ڪونھي.“
اڌ ڪلاڪ کن ۾ نوٽ مٽائي آيس، ڏٺم تہ هڙئي ڏاڏيءَ جي ڪمري م آهن، اهو ٻڌي تہ ڏاڏي ماسڪو وڃي رهي آهي. سڀئي ايترا پريشان ٿيا هئا، جيتري رقم ضايع ٿيڻ تي بہ نہ ٿيا هئا. حالانڪ هن جي اتان وڃن ڪري گهٽ ۾ گهٽ باقي پسئن ۽ جائداد جي محفوظ رهڻ جو امڪان هو. آءٌ سوچي رهيو هوس تہ ھاڻ جنرل جو ڇا ٿيندو؟ گريو کي پئسا ڪيئن ملندا؟ بلانشِ ھاڻ پڪ ڏاڏي جي مرڻ جو وڌيڪ انتظار نہ ڪندي ۽ هن شھزادي يا ڪنھن ٻئي دولتمند سان ڀڄي ويندي. هو سڀئي ڏاڏيءَ کي تسلي ڏيئي رهيا هئا ۽ پنھنجي پر ۾ هن جي همت افزائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هن ڀيري بہ پالينا اتي ڪانہ هئي. ڏاڏي هڪ هڪ کي چڱيءَ طرح دڙڪا ڏيئي رهي هئي.
”چڱو، ھاڻ توهين سڀ هتان ھليا وڃو. مان اڪيلائي ٿي چاهيان. تنھنجو مون ۾ ڇا، جو بيٺو آهين؟ رڍن وانگر ڌڻ ٿي بيھڻ مان ڪھڙو فائدو!“ ڏاڏيءَ گريو کي چيو ۽ وري بلانشي ڏانھن منھن ڪندي چيائين، ”تون سھڻا پکي، توکي ڇا کپي؟“
”احمق.“ بلانشي دل ئي دل ۾ چيو. هن جون اکيون ٻرندڙ ٽانڊي جيان لال ٿي ويون. پر يڪدم الائي ڇو هوءَ ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي ۽ کلندي کلندي ٻاھر ھلي وئي.
”تون تہ ڪو ڀوڪ آهين.“ هن ٻاھر ويندي جنرل کي چيو.
”ھا تہ تون منھنجو مرڻ جو انتظار ڪري رهيو آهين؟ مون کي ائين گهريون ڇو پيو؟ پئسا منھنجا هئا. تنھنجا تہ ڪونہ هئا!“
جنرل ڪنڌ لوڏيو، سلام ڪيائين ۽ ٻاھر ھليو ويو. گريو بہ هن جي پٺيان ٻاھر نڪري ويو.
”پراسڪويا ڪٿي آهي؟ گهرايوس.“ ڏاڏيءَ ملرفا کي چيو.
پنجن منٽن ۾ ملرفا پالينا کي گڏ وٺي ائي. انھيءَ جي دوران پيلاني پنھنجي ننڍڙن ڀيڻ ۽ ڀاءُ سان گڏ ڪمري ۾ ويٺي هئي ۽ منھنجي خيال ۾ هن سڄو ڏينھن گهر کان ٻآھر نہ نڪرڻ جو قسم کنيو هو. هن وقت سنسد منھن مان سادگي ۽ سنجيدگي بکي رهي هئي.
”پراسڪويا، هڪ ڳالھہ ٿي پڇانءِ. سچ سچ ٻڌائجانءِ. اجهو هينئر مون کي خبر پيئي آهي تہ هو تنھنجو ويڳو پيءُ هن ڏائڻ فرينچ ائڪٽربس سان شادي ڪرڻ ٿو گهري. ٺيڪ آهي نہ؟“ ڏاڏيءَ پڇيو.
”پڪ سان تہ مان ڪجهہ چئي سگهان- ڏاڏي! پر ھا، مدموزيل بلانشي هڪ ڏينھن پاڻ مون سان اهڙي ڳالھہ ڪري رهي هئي. هوءَ مون کان ڪابہ ڳالھہ ڪانہ لڪائيندي آهي. ان جو مطلب.... “
”بس ڪافي آهي. مان سڀ سمجهي ويس. هو آهي ئي اھرو. مان هميشہ کان سڃاڻانس. هو بلڪل گڏھہ آهي. حد درجي جو نامعقول. هن کي سٺي ۽ خراب جي ڪڏهن بہ خبر ڪانہ پئي آهي. پنھنجو پاڻ کي جنرل ٿو سمجهي. جڏهن ڏس پنھنجي جنرلي جي ٽانءِ ۾ ڦوڪيو پيو ھلندو آهي. منھنجي ٻچي، مان هن کي چڱيءَ طرح سڃانان ٿي. تون مون کي ماسڪو تار تي تار موڪلي چڪي آهين تہ ڪڏهن ٿي قبر ۾ وڃان. ڪڏهن ٿو منھنجو جنازو نڪري ۽ هو پئسن جي منتظر هئا. پئسن کان سواءِ هوءَ ڪمبخت- ڇا اٿس نالو- بلانشي هن کي پنھنجو نوڪر ڪري بہ نہ رکندي. خاص ڪري انھيءَ لاءِ، جو هن جا ڏند بہ نقلي آهن. مون ٻڌو آهي تہ هن وٽ چڱي خاصي دولت آهي ۽ وياج تي ڏيندي آهي. وياج ئي هزارن جو ٿيو ٿو وڃيس. پراسڪويا مون کي توسان ڪابہ شڪايت نہ آهي. بي شڪ تارون تو نہ موڪليون هيون. خير، ڇڏ! گذريل ڳالهن جو ڪھڙو ڏک ڪجي. مون کي تہ خبر آهي تہ تون چيڙاڪ مزاج جي آهين، بس ڏينڀوءَ وانگر ڏنگ هڻڻ اچيئي. مون کي تہ خدا بخشيس، تنھنجي مرحوم ماءُ ڪيڙائن سان محبت هئي، تنھنڪري ئي ھر ھر تنھنج خيال ايندو اٿم. تون منھنجي مڃ تہ هينئن ڪر، هتي جي ھر شيءِ ڇڏي، مون وٽ ماسڪو ھلي آءٌ. توکي خود خبر آهي تہ تنھنجو ٻئي هنڌ ڪو ٺڪاڻو ڪونھي، نہ ماسي، نہ ماسات ۽ ھاڻ هنن وٽ رهڻ تنھنجي لاءِ مناسب بہ نہ آهي- ترس، ترس!“ ڏاڏي پالينا کي روڪيندي چيو، جا پنھنجي ڳالھہ شروع ڪرڻ واري هئي. ”منھنجي ڳالھہ اڃا ختم نہ ٿي آهي. مان توکان ڪو معاوضو ڪونہ وٺنديس. ماسڪو ۾ مون وٽ سڄو سارو محل آهي. تون هڪ سڄي ماڙي کڻجانءِ. جي تون ڏسين تہ منھنجو ۽ تنھنجو مزاج نٿو ملي، تہ بيشڪ جيترو وقت چاهين، مون وٽ نہ اچجانءِ. مان ٻيو ڇا ٿيڪري سگهان. ايندينءَ نہ؟“
”پھرين تہ مون کي هي ٻڌايو تہ ڇا واقعي اوهين هينئر وڃو پيون؟“
”واه ڇوڪري! تہ ڇا مان توسان مذاق ڪري رهي آهيان؟ ڪيترا ڀيرا چئي چڪي آهيان تہ مان وڃي رهي آهيان. لکي ڏيان ڇا؟ هتي مون رولٽ جي جوئا تي ويٺي ويٺي پندرهن هزار روبل برباد ڪري ڇڏيا. پنج سال ٿيا تہ مون عهد ڪيو هو تہ ماسڪو ۾ پنھنجي زمين تي ڪاٺ جي هڪ چرچ ٺھرائينديس ۽ منھنجي بدنصيبي ڏس تہ ان جي بجاءِ ايڏي وڏي رقم جوئا ۾ ھارائي ڇڏيم. منھنجي ڌيءَ ھاڻ مان گهر ويني ئي چرچ ٺھرائينديس.“
”۽ هو چسما نہ ڏسنديون؟ اوھان چيو هو تہ اتي جو پاڻي بہ پيئنديون؟“
”تون ۽ چشما ٻيئي وڃو جهنم جي تري ۾. مون کي خواه مخواه ڪاوڙ نہ ڏيار. پراسڪويا ڇا تون ڄاڻي ٻجهي ائين پئي چئين، صاف صاف ٻڌائيندينءَ يا نہ؟“
”ڏاڏي، ماسڪو اچڻ جي دعوت جي وڏي وڏي مھرباني، اوھان کي شايد منھنجي سڄي حالت جي خبر ڪانھي. اوھان دعوت ڏيئي مون کي مجبور ڪيو آهي تہ مان اتي ضرور اچان..... پر اڃا نه- اڃا نٿي اچي سگهان. ان جا ڪجهہ سبب آهن.... ايندس ضرور، ڪڏهن! تنھنجو فيصلو بہ هينئر ڪري نٿي سگهان. جي اوھان پندرهن ڏينھن وڌيڪ رهي پئو ھا، ته......“
”ان جو مطلب آهي تہ تون نہ ايندينءَ.“
”خير، ائين ئي سھي. في الحال تہ صفا نٿي اچي سگهان. ’ٻڌايو تہ پنھنجي ننڍن ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي اڪيلو ڪنھن جي آسري تي ڇڏي اچان؟ ھا، جي اوھان ٻارن کي آڻڻ جي اجازت ڏيو، تہ مان ضرور اينديس ۽ توھان جي ان احسان جو بدلو بہ ڪڏهن نہ ڪڏهن ضرور لاهينديس. باقي ٻارن کي اڪيلو ڇڏي آءٌ اچي نٿي سگهان...“ پالينا ڏاڍي اثرائتي انداز سان چيو.
”چڱو ھاڻي رنگ رنگ نہ ڪر(حالانڪ پالينا جي چھري تي اهڙو ڪوبہ نشان ڪونہ هو: درحقيقت مون هن کي ڪڏهن بہ رنجهندي ڪنجهندي ڪونہ ڏٺو هو). بابا منھنجو مرغي خانو تمام وڏو آهي. انھن چوزن کي بہ ڪٿي نہ ڪٿي هڻي ڇڏينديس. گهٻراءِ نہ. ھاڻي تہ هنن کي اسڪول ۾ ُڃڻ کپي. تہ گويا تون هينئر اچي نٿي سگهين. باقي پراسڪويا! هڪ ڳالھہ ياد رک مان رڳو تنھنجي ڀلائي لاءِ چئي رهي هيس. مون کي خبر آهي تہ تون ڇو نٿي اچي سگهين. مون کي سڀ خبر آهي پراسڪويا! هو بدبخت فرينچ توکي تباھہ ڪري ڇڏيندو.“
پالينا جو رنگ اڇو ٿي ويو. آءٌ خود بہ ڪنبڻ لڳس. (انھيءَ جي معنيٰ تہ ھر شخص کي اھا خبر هئي. اڻڄاڻ هوس تہ رڳو آءٌ).
”چڱو، ھاڻ ڪاوڙج نه! مان ٻي ڪابہ ڳالھہ نہ چوندس. رڳو ٿورو ڌيان رک، سمجهي وئينءَ. احتياط وڏي شيءِ آهي. تون عقلمند ڇوڪري آهين. تنھنجي حالت تي مون کي هميشہ افسوس ٿيندو آهي. ھل، بس ڪافي آهي.خدا جو قسم مان توکي ٻين کان عليحده ٿي سمجهان. چڱو، خدا حافظ!“
”مان اوھان کي الوداع ڪرڻ ايندس.“ پالينا چيو.
”ڪابہ ضرورت نہ آهي. پنھنجو ڪم ڪريو. مان اوھان مان بيزار ٿي پيئي آهيان.“
پالينا ڏاڏيءَ جو هٿ چمڻ لاءِ جهڪي. پر هن هٿ ڇڪي خود هن کي ڳل تي چمي ڏني.
جڏهن پالينا مون وٽان لنگهي، تہ هن يڪدم اکيون هيٺ ڪري، منھن ڦيرائي ڇڏيو.
”چڱو، اليگزي اوانووچ! خدا حافظ! گاڏيءَ ڇٽڻ ۾ صرف هڪ ڪلاڪ وڃي بچيو آهي. تون بہ مون مان تنگ ٿي پيو هوندين! هي وٺ پنجاھہ سونا سڪا.“
”مھرباني مادام! مون کي افسوس آهي، جو اھا رقم وڍي نٿو سگهان!“
”اڙي وٽ کڻي، نخرا ٿو ڪرين؟“ ڏاڏيءَ ڪاوڙ ۾ اچي اهڙيءَ ريت چيو جو مون کي وٺڻا پيا.
”جڏهن ماسڪو ڪنھن ڪم سان اچين تہ مون وٽ ضرور اچجانءِ. توسان ڪجهہ ڳالھيون ڪرڻيون اٿم.“
آءٌ پنھنجي ڪمري ۾ سڌو سنئون ليٽيو پيو هوس. اڌ ڪلاڪ کن منھنجا بي ستا هٿ هيٺان پيا هئا. آخر اهو آسمان قھر نازل ٿي چڪو هو. آءٌ مسلس اهو سوچي رهيو هوس ۽ سوچيندي سوچيندي چريو ٿي پيو هوس. پالينا ۽ گريو! هيءَ ڪھڙي قسمت آهي! ڪھڙو جوڙو آهي! پر ان جي تھہ ۾ ڪھڙو راز آهي؟ ڇا هي واقعي سچ آهي؟ مون سنئون سڌو پالينا کان پڇڻ جو ارادو ڪيو.
منھنجي لاءِ اھا ڳالھہ بلڪل ويسھہ جھڙي نہ هئي. آءٌ يڪدم هنڌ تان اٿيس ۽ ائسٽلي صاحب کي ڳولڻ نڪتس. ائسٽلي صاهب سان ڳالھہ ڪرڻ ۾ واقعي ڪو ھرج ڪونہ هو. هن کي ان باري ۾ پڪ مون کان وڌيڪ خبر هئي. پر ائسٽلي صاحب، هي منھنجي لاءِ هڪ ٻيو معمو هو.
آءٌ اٿيس ٿي، تہ ڪنھن دروازو کڙڪايو. هي پوٽا پچ هو.
”اليگزي صاحب! اوھان کي مادام هينئر ئي ياد ڪيو آهي.“
”ڳالھہ ڇا آهي؟ وڃي ڪانہ ٿي ڇا؟ گاڏيءَ جو وقت تہ ٿي ويو آهي؟“
”هوءَ ڏاڍي پريشان آهي، بس ’جلدي ڪر! جلدي ڪر‘ ائين پيئي اوھان کي وٺي اچن لاءِ چوي. هن اوھان کي يڪدم گهرايو آهي. خدا جي واسطي جلدي ھلو!“
آءٌ يڪدم ڏاڪڻ تان لٿس. ڏاڏي هيٺ ئي پنھنجي معذور بردار ڪرسيءَ تي ويٺي هئي ۽ پاڪٽ بڪ هن جي هٿ ۾ هو.
”اليگزي! تون هُتي ھل، مان اچان ٿي.“
”ڪيڏانھن ڏاڏي؟“
”ڪاسينو ۽ ٻيو ڪٿي. مون کي يقين آهي تہ ھاڻ مان ضرور کٽنديس. حجت نہ ڪر. جلد وڃ. ڇا جوئا اڌ رات تائين ٿيندي آهي.؟“
مان اهو ٻڌي حيران ٿي ويس. پھرين تہ سوچ ۾ ٻڏي ويس، پوءِ دل جو فيصلو ڏاڏيءَ کي ٻڌايم.
”ائنٽوبنداوئسيلونا! اوھان جي دل جيئن چاهي تيئن ڪريو. باقي آءٌ نہ وينديس.“
”ڇو، آخر ڪھڙي ڳالھہ آهي؟ اوھان سڀني آفيم ڦڪي ڇڏيو آهي ڪيئن؟“
”جيئن اوھان جي دل گهري ڪريو، ائنٽويندا وئسيلونا! اوھان وري مون تي الزام رکنديون. ان لاءِ کيڏن مانفائدو؟ آءٌ نہ ويندس. بلڪل نہ ويندس. هي وٺو پنجاھہ فيڊرڪ. خدا حافظ.“ مون فيڊرڪ ميز تي رکيا ۽ سلام ڪري ھليو آيس.
”ڪھڙي بيھودگي آهي!“ ڏاڏيءَ پٺيان چيو. ”جي تون نٿو ھلڻ چاهين تہ نہ ھل. سڏيئي ڪير ٿو! تو جھڙا گهڻا ئي ملي ويندا، پوٽا پچ هيڏي اچ مون کي وٺي ھل!“
آءٌ ڪوشش جي باوجود ائسٽلي صاحب سان ملي نہ سگهيس ۽ واپس پنھنجي ڪمري ۾ آيس. اڌ رات وقت پوٽا پچ مون کي ٻڌايو تہ ڏاڏيءَ جو ڏاڍو خراب حشر ٿيو. يعني سام جو جيڪا رقم مون هن کي روسي زر مبادله ۾ مٽائي ڏني هئي اھا سڄي ھارائي ڇڏيائين. مطلب تہ وڌيڪ ڏھہ هزار روبل جوئا تي قربان ڪيائين. هو بندرو پولستاني، جنھن کي هڪ ڏينھن اڳ ٻہ فيڊرڪ انعام ۾ ڏنا هئائين، سو سڄو ڏينھن هن جي پاران کيڏندو رهيو هو. پولستانيءَ جي اچڻ کان پھرين هن پوٽا پچ کان بہ داءَ هڻايا هئا. اڃا هن ويچاري کي لوڌي ٻاھر ئي نہ ڪيائين تہ پولستاني اچي ڪڙڪيو. بدقسمتيءَ سان هن کي ٿوري گهڻي روسي بہ آئي ٿي. هو هڪ ئي وقت ۾ ٽي ٻوليون گڏي ڳالھائيندو رهيو. ايتري قدر جو هنن هڪ ٻئي جي ڳالھہ بہ ڏکي ٿي سمجهي. ڏاڏي سڄو وقت هن کي گاريون ڏيندي رهي. پوٽا پچ ئي چيو تہ هو ڏاڏيءَ جي ڏاڍي خوشامد ڪري رهيو هو، ڪنھن ڪنھن مھل تہ پيرن تي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ٿي ويو. ”پر تنھنجي ڀيٽ ۾ هو بلڪل نيچ هو.“ هن هي چيو تہ ”ڏاڏيءَ اوھان کي شريف ماڻھو ٿي سمجهي ۽ هو، مون خود پنھنجين اکين سان ڏٺو، (خدا آئنده نہ ڏيکاري) هن تہ لڪ چوريءَ ڏاڏيءَ جا پئسا بہ چورائي کيسي ۾ پئي وڌا! ڏاڏيءَ بہ ڀيرا جهلي اهڙيون ٻڌايس، جو ايمان سان وار ڪانڊارجي ٿي ويس. پر هو اهڙو ڍنڍ هو، جو وري کلندو رهيو. ٻيا ماڻھ بہ کلڻ لڳا هئا. هوءَ سڀ پئسا ھارائي چڪي آهي ۽ ھاڻ واپس هوٽل ۾ آئي آهي. ايندي ئي هن هڪ گلاس پاڻي پيتو ۽ هنڌ تي ڪري پيئي. هوءَ ايتري ٿڪجي پيئي هئي جو ليٽندي ئي ننڊ کڻي ويس ۽ اڃا تائين ستي پيئي آهي، خدا ڪري مڍي ننڊ اچيس!“ پوٽا پچ ڪاوڙ ۾ اچي دل جي باھہ ڪڍڻ ڳو. ”ھر ھر ٿي چويمانس، خدا جي واسطي ڪيڏانھن نہ وڃو! خواه مخواه مصيبت ۾ منھن وجهڻ مان ڪھڙو فائدو! پر هوءَ ڪٿي ٿي ڪنھن جي ٻڌي! تہ مان تہ ضرور وينديس.! ھر وقت اهو ئي پئي چيائين. ڪاش اسين جلد ماڪسو ھليا وڃون. اُتي آخر اسان لاءِ ڇا نہ آهي؟ باغ آهن، خوشبودار گل آهن، جن جو هتي نالو ئي ڪونھي. ڳاڙھا صوف آهن ۽ الائي ڇا ڇا آهي... پر، ’نہ، مان تہ ضرور ويندس....!‘ ھاڻ وڃي ڇا مليس؟ توبهه، توبهه!“

باب تيرهون

مون گهرن ۽ پيچده جذبات جي زور کان مجبور ٿي هيءَ ڊائري لکڻ شروع ڪئي هئي. ھاڻ ان کي سڄو هڪ مھينو ٿي ويو آهي. اھا اوچتي مصيبت جنھن لاءِ مون کي خبر هئي تہ ايندي ۽ ضرور ايندي- حقيقت ۾ ھاڻي اچي چڪي آهي. پر منھنجي اميد کان وڌيڪ زور ۽ وحشتناڪيءَ سان. گهٽ ۾ گهٽ منھنجي لاءِ هي سڀ ڪجهہ ڏاڍو حيران ڪندڙ، عجيب ۽ خطرناڪ هو. ڪي ڳالھيون مون کان بہ اهڙيون ٿيون هيون، جي منھنجي لاءِ معجزي کان گهٽ حيثيت نٿيون رکن ۽ اڄ بہ آءٌ انھن کي معزو ئي سمجهان ٿو. حالانڪ جي ٻئي طرح سان ڏٺو وڃي تہ انھن حالتن ۾، جن ۾ آءٌ ڦاٿل هوس. اهي بلڪل معمولي ڳالھيون هيون. پر ان سڄيءَ ڳالھہ کي وڌيڪ حيرت انگيز ڳالھہ انھن واقعن بنسبت خود منھنجو رويو هو. ڪوشش جي باوجود اڄ تائين آءٌ پنھنجو رويو نہ سمجهي سگهيو آهيان. پنھنجو پاڻ کي نہ سمجهي سگهيس. اهو سڀ ايڏو تہ شديد هو ۽ جنھن ۾ بي پناھہ ملوص هو! ڇا، اهو مري ويو؟ ھر ھر اهو خيال منھنجي ذهن ۾ ٿو اچي. ڇا، ان وقت آءٌ واقعي چريو تہ نہ ٿي پيو هوس ۽ ڇا آءٌ ڪنھن پاڳل خاني ۾ تہ نہ هوس. يا شايد اڄ آءٌ پاڳل خاني ۾ آهيان- پر اهو سڀ منھنجو وهم آهي، محض خيال آهي.
اڄ ڪلھہ آءٌ پنھنجي ياداشتن کي گڏ ڪندو آهيان ۽ انھن کي پڙهندو آهيان. (غالباً پنھنجو پاڻ کي هڪ پڪ ڏيارڻ لاءِ تہ هي يادداشت مون ڪنھن پاڳل خاني ۾ ڪانہ لکي آهي- پر اھا ڳالھہ ڪير سمجهي!) ھاڻ آءٌ بلڪل اڪيلو آهيان. سرءُ جي موسم تيزيءَ سان اچي رهي آهي ۽ وڻن جا پن زرد ٿيڻ لڳا آهن. آءٌ اڃا تائين هن ننڍڙي، سڃي ڳوٺ ۾ رهيو پيو آهيان. (اُف جرمنيءَ جا ننڍڙا ڳوٺ ڪيترا نہ ويران ٿين ٿا) اهو سوچڻ جي بجاءِ تہ مون کي اڳتي ڇا ڪرڻ کپي، آءٌ پنھنجي زندگيءَ جا ڏينھن ان احساس جي بار هيٺان پورا ڪري رهيو آهيان، جنھن جو هينئر هينئر مون بيان ڪيو. ماضيءَ جي يادگيرين کي تازو پيو ڪريان ۽ جيئان پيو. ان گردش ايام کي، جنھن مون کي جهلي زور سان هڪ طرف اڇلائي ڦٽو ڪيو آهي، ھر وقت ياد ڪندو آهيان ۽ زنده رهندو آهيان. زماني جي لڳايل زخمن کي محسوس ڪندو آهيان ۽ جيئندو آهيان. زمانو، جنھن مون کي پنھنجي جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيھي ڇڏيو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي. ڄڻ تہ آءٌ هڪ زبردست طوفان ۾ گهيرجي ويو آهيان ۽ هڪ معمول ڪک وانگر هيڏانھن کان هوڏانھن لڙهي رهيو آهيان، جنھن ڪري آءٌ ڪائنات جي سموري ترتيب ۽ توازن کي ڀلجيو ٿو وڃان ۽ طوفاني موجن ۾ وائڙن وانگر لڙهندو ٿو وڃان....
شايد آءٌ انھن تيز ۽ تند موجن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، پنھنجي زندگيءَ ۾ ترتيب ۽ توازن پيدا ڪري سگهان ٿو، پر انھيءَ لاءِ ضروري هو تہ گذريل مھيني وارا سڀ واقعا منھنجي ذهن تان ميٽجي وڃن. مون ٻيھر قلم کنيو آهي ۽ لکڻ شروع ڪيو اٿم. ان کان سواءِ ڪري بہ ڇا ٿو سگهان. ڇو جو شام جو مون وٽ ٻيو ڪو ڪم ڪونھي. مون کي ڪنھن نہ ڪنھن ڪم ڪرڻ جي ايتري خواهش ٿيندي آهي، جو آخرڪار مجبور ٿي لائبريريءَ مان پال ڊي ڪاڪ جا جرمن زبان ۾ ترجمو ٿيل ناول ڪڍائنيدو آهيان. حالانڪ مون کي اهو ليکڪ پسند بہ ڪونھي. پوءِ بہ پڙهندو رهندو آهيان ۽ پنھنجو پاڻ تي حيران ٿيندو رهندو آهيان. شايد آءٌ اهي ڪتاب ان ڪري پڙهندو آهيان تہ جيئن ڪنھن سنجيده ڪتاب پڙهڻ يا ڪنھن سنجيده ڪم ڪرڻ سان گذريل وقت جو جادو نہ ٽٽي پوي. مطلب تہ اهو ڀوائتو خواب ۽ ان جا ڇڏيل سڀ اثر مون کي ايڏا تہ عزيز هئا، جو مون انھن تي ڪنھن بہ قسم جو رنگ چاڙهڻ نٿي چاهيو. مون نہ ٿي چاهيو تہ مفت ۾ هن خواب جا اثرات وڃائي ويھان. پر ڇا واقعي مون کي گذريل وقت جو ڀوائتو ۽ اڻ وڻندڙ روپ ايترو عزيز هو؟ ھا، بيشڪ اهو مون کي عزيز هو ۽ ھاڻ تہ آءٌ انھيءَ روپ کي چاليھن سالن تائين بہ پنھنجي ذهن مان ڪڍي ڦٽو ڪرڻ تي تيار نہ ٿيندس....
۽ ان لاءِ ئي آءٌ وري دائري لکي رهيو آهيان. حالانڪ ان وقت جيڪو جذباتي رد عمل ٿيو هئم، سو هن وقت محسوس ڪونہ ٿو ٿئي. وقت سان گڏوگڏ تاثرات جو زور بہ گهٽجي ويو آهي. پر آءٌ انھن کي اختصار سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪندس.
سڀ کان پھرين آءٌ ڏاڏيءَ جي ڳالھہ پري ڪريان تہ ٺيڪ ٿيندو. ٻئي ڏينھن هوءَ پنھنجي هڪ هڪ پائي جوئا ۾ ھارائي چڪي هئي. پر ان ۾ حيراني جي ڪھڙي ڳالهه، اهو تہ ٿيڻو هو. ڄڻ تہ هن جي مقدر ۾ لکيل هو. هونئن بہ جوا خانن ۾ ويندڙن جو اهو حال ٿيندو آهي. هنن جو غرور هميشہ ائين ئي ٽٽندو آهي، جيئن جبلن تان ڇپون. هوءَ شام جو اٺين بجي تائين کيڏندي رهي. آءٌ پاڻ تہ اتي موجود ڪونہ هوس، پر جيڪي ڪجهہ مون کي ماڻھن ٻڌايو، هوبهو اهو بيان ڪري رهيو آهيان.
پوٽا پچ سڄو ڏينھن جوئا خاني م هن سان گڏ رهيو. هن جي زباني معلوم ٿيو تہ چند پولستاني جوئاري هن جي طرفان کيڏندا رهيا. سڀ کان پھرين اهو پلستاني کيڏيو. جنھن کي هڪ ڏينھن اڳ هن باھر ڪڍرائي ڇڏيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هن کي هٽائي، هڪ ٻئي پولستانيءَ کي چائين، پڇر هو پھرئين کان بہ ويل نڪتو. ٻئي کي ڪڍي، هن بيھر پھرئين کي حڪم ڏنو، جو پنھنجي برطرفيءَ تي ڳاڙهو پيلو ٿ يو، سندس ڪرسيءَ جي پٺيان بيٺو هو. هوءَ ان مان مطمئن نہ ٿي، بلڪ وڌيڪ نااميد ٿي. ٻيو پولستاني بہ هٽڻ وارو نہ هو سو اتي ئي بيٺو رهيو. هڪ ڪرسيءَ جي کاٻي پاسي، ٻيو ساڄي پاسي. هو هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندا ۽ بازين تي وڙهندا رهيا. سڀيئي هڪ ٻئي کي بلڪ سڀني مھذب پولستانين کي ”بيوقوف، احمق“ جي خطابن سان پاڻ ئي نوازيندا رهيا. هو ڏاڍي بي پرواهي ۽ جلد بازيءَ سان کيڏي رهيا هئا. خاص طرح جڏهن هنن ۾ جهيڙو ٿي ٿيو تہ مرڳو هڪ ٻئي جي خلاف داءٌ ٿي هنيائون. جي هڪ ڪاري نشان تي ٿي داءُ هنيو، تہ ٻئي ڳاڙهي تي. ان ڳالھہ تي ڏاڏي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ خزانچيءَ کي التجا ڪيائين تہ ”خدا جي واسطي مون غريب کي بچايو ۽ هنن کي ٻاھر ڪڍو.“ ان جو نتيجو هي نڪتو، جو ڏاڍين رڙين ۽ گوڙ کان پوءِ هنن کي زوريءَ ڪڍي ٻاھر ڪيو ويو. پر هو ويندي ويندي رڙيون ڪرڻ لڳا. ”هن پوڙهيءَ اسان کي دوکو ڏنو آهي. هن اسان جي بي عزتي ڪئي آهي. اسان کي هن کان پئسا وٺڻا آهن.“ اهو سڀ ڪجهہ ان شام جو، بدنصيب پوٽا پچ مون کي ٻڌايو، جو ان وقت باقاعدي ڳوڙھا ڳاڙي روئي رهيو هو. هن ٻڌايو تہ اهي سڀيئي پولستاني ڏاڍيءَ بي شرميءَ ۽ بي حياتيءَ سان چوري بہ ڪري رهيا هئا ۽ اندران ئي اندران کيسا پئي ڀريائون. مثلاً هڪ ڀيري هنن مان هڪ ڏاڏيءَ کي چوڻ لڳو. ”مان بلڪل تباھہ ٿي چڪو آهيان. خدا جي واسطي مون کي ڪجهہ ڏي!“ ڏاڏيءَ پنج فيڊرڪ کڻي هن جي بازيءَ ۾ لڳايا. ڏاڏي کٽي ويئي. هو خوشيءَ کان نچڻ لڳو تہ مون اهو کٽيو آهي. جڏهن هنن کي ٻاھر پئي ڪڍيائون تڏهن پوٽا پچ ڏاڏيءَ کي ڪن ۾ بڌايو تہ هنن جا کيسا سونن سڪن سان ڀريل هئا. ڏاڏيئءَ خزانچيءَ کي چيو. پوليس آئي، تہ هو ائين رڙيون ڪرڻ لڳا.ڄڻ ڪڪڙ کي ڪنھن ڪڪڙ چور پڪڙيو هجي. هنن جي تلاشي وٺي، سڀ سڪا ڏاڏيءَ کي ڏنا ويا. ان واقعي جي ڪري خزانچين ۽ جوئا خاني ۾ ويٺل سڀني ماڻھن تي ڏاڏيءَ جو رعب ويھي رهيو. پر اهو بہ ان وقت تائين جيستائين سڀ ڪجهہ ھارائي نہ ڇڏيائين. آهستي آهستي ڏاڏيءَ جو نالو سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويو. ھر عمر جو ماڻھو، ٻار، پوڙھا، مرد، عورتون، سڀئي هن عجيب غريب پوڙهي کي، جا ويچاري اوستائين لکن جا لک ھارائي چڪي هئي، ڏسڻ لاءِ جوئا خاني ڏي اچڻ لڳا.
ڏاڏيءَ کي هنن ٻنهي پولستانين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪر مان ڪو خاص فائدو ڪونہ ٿيو. انھن ٻنهي جي جڳھہ وري هڪ ٽئي قسم جي پولستانيءَ حاصل ڪئي، جو چڱيءَ طرح روسي زبان بہ ڄاڻندو هو ۽ ظاھري شڪل ۽ پوشاڪ مان ڏاڍو شريف ماڻھو پئي لڳو، حالانڪ پنھنجين ڊگهين ڊگهين مڇن ۽ کوکلي احساس برتريءَ مان هڪ معمولي پٽيوالو پئي لڳو. هن بہ ٻين ٻن پولستانين وانگر ڏاڏيءَ جا قدم ڇھيا ۽ چميا. پر اوسي پاسي جي ٻين ماڻھن سان سندس رويو ڏاڍو هٺيلو هو. هن جي سڀ کان وڏي خوبي هيءَ هئي تہ هو مڪمل آزاديءَ سان ۽ پنھنجي مرضيءَ سان کيڏندو رهيو. ان ڪري ٿوريءَ دير ۾ ڏاڏيءَ جو نوڪر تہ ٺھيو پر مورڳو مالڪ پئي نظر آيو. راند جي ھر موڙ تي هڪ هڪ منٽ کان پوءِ ڏاڏيءَ کي مخاطب ڪري وڏا وڏا قسم کڻي، اهو ٿي ثابت ڪيائين تہ هو خود وڏو ماڻھو آهي. جوئا جو بادشاھہ آهي، هڪ ناياب جوھر آهي. تنھنڪري ڏاڏيءَ کان معاوضي ۾ هڪ پائي بہ نہ وٺندو. هو ھر ھر قسم کڻي رهيو هو، ايتري قدر جو ڏاڏيءَ کي منجهانئس ڊپ ٿيڻ لڳو، تہ ڪا حرڪت نہ ڪري ويھي، پر ڇاڪاڻ تہ ان جوھر ناياب جي راند شروع ڪرڻ کان سندس قسمت بہ ٺھڻ لڳي هئي. ان ڪري پنھنجي مرضيءَ سان هن کي ڇڏي بہ نٿي سگهي. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ٻيھر اهي ٻئي پولستاني جن کي ٻاھر ڪڍيو هئائون، وري اچي ويا ۽ ڏاڏيءَ جي ڪرسيءَ جي اوسي پاسي ڦيريون پائڻ لڳا. هنن وري چيو تہ جي اوھان اسان کي کيڏڻ ڏيو، تہ اوھان جي لاءِ اسين وري بہ کيڏي سگهون ٿا. پوٽا پچ چيو، تہ پولسانيءَ هنن کي اک ڀڳي ۽ ڪجهہ پئسا هٿ ۾ ڏنائين. ڏاڏيءَ اڃا تائين ماني نہ کاڌي هئي. هن کي سخت بک لڳي رهي هئي. پر هوءَ اڃا تائين ماني نہ کاڌي هئي. هن کي سخت بک لڳي رهي هئي. پر هوءَ اتان وڃڻ لاءِ تيار بہ نہ هئي. تنھنڪري ظاھر آهي تہ هڪ پولستاني ڪم اچي ٿي سگهيو. هو يڪدم ڪاسينو جي بورچي خاني مان پھرين تہ گوشت جو ٻوڙ ۽ پوءِ چانھه جو سيٽ کڻي آيو. ڏسندي ڏسندي ٻيو پولستاني بہ هن سان گڏجي ويو. ڏينھن جي خاتمي تي جڏهن ھر شخص کي خبر پئجي چڪي هي تہ هن پوڙهيءَ جو بچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ ھاڻ هوءَ پنھنجو آخري نوٽ داءُ تي هڻي رهي آهي. تڏهن هن جي معذور بردار ڪرسيءَ جي چوڌاري هڪ نہ، ٻہ نہ، پورا ڇھہ پولستاني اچي بيٺا. جن جي شڪل بہ هن اڳي ڪانہ ڏٺي هئي. جڏهن ڏاڏيءَ آخري سڪي جي بازي هنئي، تڏهن هنن سڀني پولستاسنين جو رويو بہ بلڪل بدلجي ويو. ھاڻ هنن سندس ڪابہ پرواھہ نہ ٿي ڪئي. ڏاڍيءَ تيزيءَ سان هو سندس اڳيان ميز تي آيا ٿي ۽ کيسن مان پئسا ڪڍي ھر ھر داءَ ٿي هڻڻ لڳا ۽ هُن ’شريف‘ پولستانيءَ لاءِ چوڻ لڳا، ”هي تہ اسان جو ڀاءُ آهي.“ ۽ خود اُن حضرت، جنھن پنھنجو پاڻ کي جوھر ناياب پئي سڏيو، ڏاڏيءَ کي اصل وساري ڇڏيو. پنھنجي هڪ هڪ پائي جوئا ۾ ھارائڻ کان پوءِ، جڏهن شام جو اٺين بجي ڏاڏي واپس وڃي رهي هئي، تڏهن هو سڀ سندس ڪرسيءَ جي چوڌاري جمع ٿي، زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳا تہ هن پوڙهيءَ دوکي سان اسان کي ٺڳيو آهي. هن اسان جو پئو کاڌو آهي ۽ ھاڻ ڏيڻ جو نالو نٿي وٺي. هو ڏاڏيءَ سان گڏوگڏ هوٽل جي دروازي تائين آيا، جتي هنن کي موچڙا مار ڪري مس مس کانئن ڏاڏيءَ جي چند ڇڏايائون.
پوٽا پچ جي اندازي مطابق ڏاڏي ان ڏينھن ڪل نوي هزار روبل ھاريا هئا. تنھن ۾ اھا رقم شامل نہ آهي، جا ان کان هڪ ڏينھن اڳ ھارائي هئائين. سڀ نوٽ، هنڊيون، دستاويز، بئنڪ جا حصا، جي وٽس هئا، مٽائي جوئا ۾ هڻي ڇڏيائين، تعجب جي ڳالھہ هيءَ آهي تہ هوءَ لاڳيتي اٺ ڪلاڪ ڪرسيءَ تي ڪيئن ويٺي رهي. هڪ لمحي لاءِ بہ جوئا جي ميز تان نہ هتي. پوٽا پچ چيو تہ ٻئي ڀيري تہ خاصي رقم بہ کٽي هئائين. پر اهڙن موقعن تي وڌيڪ کٽڻ جي لالچ کيس ميز کان جدا ٿيڻ نٿي ڏنو. سچا جوئاري چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ماڻھو ڪيئن چوويھہ چوويھہ ڪلاڪ پتي راند ويھي کيڏندا آهن ۽ مٿي ماڻھو ڪيئن چوويھہ چوويھہ ڪلاڪ يڪي پتي راند کيڏندا آهن ۽ مٿي اک کڻي بہ نہ ڏسندا آهن.
هوڏانھن ڏاڏيءَ جو هي حشر ٿي رهيو هو. هوڏانھن هوتل ۾ ڏاڍي نازڪ حالت پيدا ٿي رهي هئي. يارهين بجي مھل اڃا ڏاڏي هوٽل ۾ ئي هئي تہ جنرل صاحب ۽ گريو گڏجي ڳالھہ ڪرڻ ۽ معاملي کي اڄ ئي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اھا منحوس خبر ٻڌندي ئي ڏاڏيءَ وڃڻ جوخيال لاهي ڇڏيو آهي ۽ وري کيڏڻ شروع ڪيو اٿس ۽ ان لاءِ ڪاسينو ويئي آهي، هنن ڏاڏيءَ جي ڳالھين کي آخري طور حل ڪرڻ لاءِ هڪ لڪل گڏجاڻي ڪئي، جنھن ۾ پالينا کان سواءِ سڀيئي موجود هئا. جنرل صاحب کي اڃا توڻي ڪجهہ نہ ڪجهہ پئسن ملڻ جي اميد هئي، ان ڪري هو ڪنبي رهيو هو. هن جي دل ھر ھر ٻڏيو پئي وئي. انھيءَ ڪمزوريءَ اهڙوپ تنگ ڪيو هوس، جو ڳالھين ۾ سڀني کان اڳرو پئجي رهيو هو. هن اڌ ڪلاڪ تائين دعائون، خوشامنديون ۽ التجائون ڪيون ۽ آخرڪار پنھنجي ھر ڪمزوري ويندي بلانشي سان عشق ۽ گريو جي قرض جو بہ صاف صاف بيان ڪيائين ۽ ان کان پوءِ هن يڪدم عجيب رويو اختيار ڪيو. هن ڏاڏيءَ کي ڌمڪيون تہ ڇا پر گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. هن رڙيون ڪندي چيو، ”چاچي! توھان اسان جي خاندان جي نالي تي داغ هنيو آهي. اوھان روس جو نالو ٻوڙيو آهي ۽ ياد رکو....“ ان قسم جون ڳالھيون ڪرڻ کان پوءِ جنرل، پوليس کي اطلاع ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو. ڏاڏيءَ ڪاوڙ ۾ اچي هڪ لٺ کنئي ۽ وھائي ڪڍيائينس، پوءِ ڌڪا ڏيئي در کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائينس. دراصل جنرل صاحب ۽ گريو اڄ صبح جو ٻہ ٽي ڀيرا پاڻ ۾ صلاح ڪري چڪا هئا تہ پوليس کي هي اطلاع ڏيڻ ۾ آخر ڪھڙو حرج آهي تہ هڪ بدنصيب محترمہ رڳو پنھنجي سادگي ۽ بيوقوفيءَ جي ڪري سڄي دولت جوئا ۾ ھارائي رهي آهي. هن ڳالھہ تي غور ڪيائون تہ ڇا واقعي هن کي ڪنھن نگرانيءَ يا پابنديءَ ۾ رکي سگهيا ٿي....! پر گريو ڏاڍي معنيٰ خيز انداز ۾ ڪلھا لوڏي، جنرل کي ڏسي، ٽھڪ ڏيڻ لڳو ۽ جنرل صاحب تيزيءَ سان ڪمري ۾ چھل قدمي ڪرڻ لڳو. آخر ۾ گريو هن کي سلام ڪيو ۽ ڪمري کان ٻاھر ھليو ويو. شام جو خبر پئي تہ هوٽل ئي ڇڏي ڪيڏانھن ھليو ويو. هو وڃڻ کان اڳ الاهي وقت تائين بلانشي سان پراسرار انداز ۾ راز جون ڳالھيون ڪندو رهيو هو. جيستائين مادموزيل بلانشي جو تعلق آهي، هوءَ پنھنجو ڪم صبح ئي ختم ڪري چڪي هئي. هوءَ جنرل صاحب کي ڇڏي ھلي ويئي. جڏهن جنرل هن کي ڳولڻ لاءِ ڪاسينو ويو، تہ اُتي هن کي هڪ ورانڊي ۾ بندري شھزادي سان چڪر هڻندي ڏڍائين. اتي بلانشي تہ ٺھيو پر سندس ماءُ مادام ڪامنگس بہ هن ڏانھن اک کڻي نہ نھايرو. ايتير قدر جو شھزادي بہ کيس سلام جو جواب نہ ڏنو. ماداموزيل بلانشي سڄو ڏينھن شھزادي کي مجبور ڪندي رهي تہ هو کيس پنھنجو آخري فيصلو ٻڌائي. پر افسوس جو هن کي دوکو مليو. شام جو هن جي اوچن خيالن جو اوچ مح: ڌڙام ڪري اچي هيٺ ڪريو. شھزادي صاحب هن کي صاف صاف ٻڌايو تہ هو هڪ مفلس شخص آهي ۽ پاڻ بہ رولٽ جي جوئا خاني ۾ قستم آزمائي ڪرڻ لاءِ مس صاحب کان قرض وٺڻ جو سوچي رهيو آهي. بلانشي مشتعل ٿي. هن کي تہ دفع ڪيو ۽ پاڻ ڪمري کي تالو هڻي، وڃي هنڌ تي ڪري.
ان ئي صبح جو آءٌ ائسٽلي صاحب وٽ ويس. بلڪ ائين چئو تہ هن کي ڳولڻ نڪتس. پر هو ڪٿي بہ نہ مليو. هوٽل، پارڪ ۽ ڪاسينو، مطلب تہ ھر جڳھہ ڳوليم. خبر پيئي تہ هن هوٽل ۾ ماني بہ نہ کاڌي آهي. چئين وڳي مھل هو اتفاق سان مون کي ملي ويو. هو اسٽيشن کان اينگلو هوٽل ڏانھن وڃي رهيو هو. هو تکو تکو پئي ويو. ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪنھن گهريءَ سوچ ۾ ٻڏو هجي. حالانڪ منھن تي ڪنھن بہ قسم جو فڪر ۽ پريشانيءَ جا آثار ڪونہ هئس. هن گرمجوشيءَ سان هٿ ملايو ۽ هميسھ وانگي ’اچو اچو‘ چوندي، اڳيان وڌي ويو. آءٌ جلدي جلدي وک وڌائي وڃي پڳومانس. اڄ سندس رويو اهڙي قسم جو هو، جو مون کي ڪجهہ پڇڻ جي همت نہ ٿي ۽ هونئن بہ مون کي پالينا متعلق ڳالھہ ڪندي بجا طور تي ججهڪ ٿيڻ کپندي هئي. مون وانگر هن بہ کڻي چپ ڪئي هئي. آخرڪار آءٌ ڏاڏيءَ جي باري ۾ ڳالھائڻ لڳس. هو اهي ڳالھيون غور سان ٻڌندو رهيو ۽ پنھنجي عادت کان مجبور ٿي ڪلھا لوڏيندو رهيو.
”هوءَ پنھنجي سڄي دولت جوئا ۾ ھارائي ڇڏيندي.“
” جڏهن آءٌ ڪاسينو مان ٻاھر پئي ايس، تہ هوءَ کيڏڻ لاءِ اندر وڃي رهي هئي. پوءِ مون کي اھا بہ خبر پيئي تہ هوءَ پائي پائي ھارائي چڪي آهي. جي مون کي ٿورو بہ وقت ملي ھا، تہ اھا عجيب و غريب راند ضرور ڏسڻ وڃان ھا.“
”اڄ اوهين هئا ڪٿي؟“ مون پڇيو. هي سوال ڪندي، مون کي حيرت پئي ٿي تہ آخر، ھر ھر اهو سوال ڇو ڪري رهيو هوس.
”مان فرئنڪ فرٽ وي هوس.“
”ڪو ڪم هو، ڇا؟“
”ھا، هڪ ضروري ڪم هو.“
آءٌ سوچڻ لڳس تہ ھاڻ ڇا چوانس! هن سان قدم قدم ۾ ملايو پئي ھليس. اوچتو هو ڪواٽر سيزن هوٽل ڏانھن مڙيو ۽ مون سان هٿ ملائي هوٽل ۾ اندر ھليو ويو. جيئن جيئن منھنجا پير پنھنجي هوٽل ڏي وڌندا ويا، اهو خيال پڪو ٿيندو ويم تہ جي ٻہ ڪلاڪ بہ ساڻس گفتگو ڪريان ھا، تہ بہ ڪجهہ پڇي نہ سگهان ھا. پڇڻ لاءِ تہ مون وٽ گهڻيون ئي ڳالھيون هيون، پر مون کي پڇڻ جو ڍنگ ئي نٿي آيو.
پالينا سڄو ڏينھن يا تہ پارڪ ۾ ٻارن سان کيڏندي رهي، يا نرس سان گڏ گهمندي رهي. يا وري پنھنجي ڪمري ۾ بند ٿي پئي هئي. ڳچ وقت کان هن جنرل سان ڳالھائڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. مورڳو هن کان پري پري رهندي هئي. خير اھا تہ پراڻي ڳالھہ آهي. پر اڄ جيڪا حالت جنرل صاحب جي ٿي هئي، تنھن مان ائين ٿي لڳو تہ پالينا کي پاڻ کان جدا نہ ڪندو. بلڪ ھاڻ هن کي ھر معاملي ۾ پالينا جي مدد جي ضرورت پوندي. بھرحال جڏهن مان ائسٽلي صاحب سان ملاقات ڪري موٽي رهسو هوس، تہ رستي ۾ ٻن منٽن لاءِ پالينا بہ ملي ويم- جا ان وقت ٻارن سان چھل قدمي ڪري رهي هئي. هن جي منھن تي سنجيدگي ڇانيل هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ گهر ۾ آيل طوفان کان هوءَ اڪيلي ئي بچي نڪتي هئي. هن منھنجي سلام جو جواب ڏاڍيءَ سادگي سان ڏنو. آءٌ پنھنجي دل ۾ هن جي خلاف ساڙ ۽ حسد جا جذبات محسوس ڪندو واپس آيس.
مون ڄاڻي ٻجهي چاهيو ٿي تہ هن سان ملان، هونئن بہ برمرهيم واري افسوسناڪ واقعي کان پوءِ اڃا تائين ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ملي نہ سگهيو هوس. مون اهو رويو ڄاڻي ٻجهي اختيار ڪيو هو. بي شڪ ان ۾ ظاھرداري ۽ بناوت هئي، پر وقت سان گڏوگڏ منھنجي پريشاني ۽ غمگيني بہ وڌندي پئي وئي. جي هوءَ منھنجي پرواھہ نٿي ڪري، تہ نہ سھي پر گهٽ ۾ گهٽ منھنجي جذبات کي ان طرح مجروح تہ نہ ڪرڻ کپيس ھا! ۽ منھنجي ڳالھين کي ۽ منھنجي عشق جي اظھار کي اهڙيءَ طرح حقارت سان نہ ڏسڻ کپيس ھا. هن کي اھا ڳالھہ ڀلي ڀت معلوم هئي تہ مون کي ساڻس عشق هو. هن منھنجي عشق کي مڃيو ۽ مون کي اهڙيون ڳالھيون بہ ڪرڻ ڏنائين- ان حد تائين جو مون کي ڪنھن بہ موقعي تي هڪ ڀيرو بہ رد نہ ڏنائين. مون کي خبر آهي تہ ان داستان جو آغاز ڏاڍي عجيب طريقي سان ٿيو. ٻہ مھينا اڳ ئي مون کي ان حقيقت جو احساس ٿي چڪو هو، تہ هوءَ مون کي پنھنجو دوست، پنھنجو ساٿي ۽ پنھنجو رازدار بنائڻ ٿي گهري ۽ ان لاءِ ئي هوءَ مون کي آزمائي رهي آهي تہ جيئن کيس خبر پوي تہ آءٌ آزمائش جي ڪسوٽيءَ تي پورو پورو لھان ٿو يا نہ. پر شايد هن کي انھيءَ ۾ چڱي طرح ڪاميابي نہ ٿي. انھيءَ ڳالھہ مورڳو اسان جي تعلقات جي راھہ ۾ ڪئين مونجھارا پيدا ڪري وڌا. جي اڃا تائين قائم آهن. مون انھن ئي عجيب و غريب تعلقات جي ڪري تہ ايترو کلي ڳالھيون ٿي ڪيون. جو هن کي منھنجو عشق نہ ٿي وڻيو، تہ پوءِ آخر ان وقت ڇو نٿي روڪيائين، جنھن وقت آءٌ ڏاڍي جوش وچان پنھنجي بي پناھہ عشق جو اظھار ڪندو ٿي رهيس.
هوءَ مون کي اهڙي وقت ڪڏهن بہ نہ روڪيندي هئي ۽ جي ڪڏهن روڪيندي هئي تہ چرچن ۾. مون کي پڪ آهي تہ بلڪ اهو منھنجو ايمان آهي تہ هوءَ منھنجي ڳالھين کي ڏاڍي غور سان ٻڌڻ کان پوءِ مون کي سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ پھچائي خوش ٿيندي هئي. هن کي منھنجي دل ٽوڙڻ ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي هئي. ان سان گڏ کيس اھا بہ خبر هئي تہ آءٌ کانئس ڌاران جيئرو نٿو رهي سگهان. جاگيردار برمرهيم جي واقعي کي گذرئي اڃا ٽي ڏينھن ٿيا هئا. پر مون کي هن جو وڇوڙو برداشت ڪونہ ٿي ٿيو. اڃا هينئر جڏهن هوءَ مون کان ڪاسينو وٽ ملي، تہ منھنجي دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي هئي ۽ منھنجو رنگ اڇو پڻئي جھڙو ٿي ويو هو. مون سوچيو، ”پر هوءَ بہ تہ مون کان سواءِ جيئري رهي نٿي سگهي. هن کي بہ منھنجي ضرورت هئي، منھنجي بہ تہ ڪا حيثيت هئي.“
انھيءَ ۾ ڪوبہ شڪ نہ هو تہ هن جي دل ۾ ڪو راز لڪل هو. ڏاڏيءَ سان هن جي گفتگو منھنجي دل تي تير جيان لڳي هئي. مان سوين هزارين ڀيرا هن کي التجا ڪري چڪو آهيان ۽ مجبور ڪري چڪو آهيانس تہ هوءَ مون کان پنھنجو راز نہ لڪائي، بلڪ مون کي ٻڌائي تہ آخر ساڻس ڪھڙي ويڌن آهي. هوڏانھن کيس بہ خبر هئي تہ آءٌ سندس هڪ اشاري تي جان قربان ڪري ٿو سگهان. پر هوءَ هميشہ مون کي حقارت جي نظر سان ڏسندي رهي، يا جيڪڏهن زبان سان ڪجهہ گهريائين بہ تہ جان گهرڻ جي بجاءِ اهڙي حرڪت ڪرڻ لاءِ جيڪا وڃي ويچاري برمرهيم جاگيردار جي سر تي ڪڙڪي هئي.
ڇا ڪنھن جي جذبات کي مشتعل ڪري ڇڏڻ ڪافي نہ آهي؟ ڳالھہ اتي اچي بيٺي آهي تہ ھاڻ اهو فرينچ ۽ اهو ائسٽلي صاحب ئي وڃي هن جا بچيا آهن. هيءَ آخري ڳالھہ جڏهن منھنجي ذهن ۾ ايندي آهي، تہ سڄو معاملو هڪ عجيب گڙٻڙ ۾ پئجي ويندو آهي ۽ ھر شيءِ منھنجي سمجهہ کان ٻاھر ٿي ويندي آهي. اف منھنجا خدا! مون کي ڪھڙيون ڪھڙيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون آهن! گهر ايندي ئي مون جوش ۾ اچي قلم کنيو ۽ پالينا ڏانھن هي مختصر چٺي لکيم:
”پالينا اليگزنڊ رونا! مون کي صاف نظر اچي رهيو آهي تہ ھاڻ گهڻي عرصي کان لڪل رازن تان پردو کڄڻ وارو آهي. جنھن جو اثر ضرور توتي بہ پوندو. آءٌ آخري ڀيرو پڇانءِ ٿو تہ توکي منھنجي جان جي ضرورت آهي يا نہ؟ جي آءٌ تنھنجي ڪنھن بہ ڪم اچي سگهان تہ مون کان فائدو وٺ. تنھنجي جواب اچڻ تائين آءٌ پنھنجي ڪمري ۾ ئي آهيان ۽ بلڪل ٻاھر ڪونہ وينديس. جي توکي منھنجي ضرورت آهي تہ جواب لک يا مون کي گهراءِ.“
مون لفافو بند ڪيو ۽ هوٽل جي بيري کي ڏنم تہ پالينا کي پھچائي. گڏوگڏ هيءَ هدايت بہ ڪئي مانس تہ جي پالينا نہ هجي، تہ اھا چٺي ٻئي ڪنھن کي نہ ڏجئين، بلڪ واپس کڻي اچجانءِ. مون کي ڪنھن جواب جي اميد ڪانہ هئي، پر بيري واپس اچي چيو تہ هن اوھان کي سلام چيا آهن.
ڇھين بجي ڌاري جنرل صاحب مون کي گهرايو.
ان وقت هو پنھنجي پڙهڻ واري ڪمري ۾ هو. ائين ٿي لڳو. ڄڻ ٻاھر وڃڻ وارو هو. ٽوپي ۽ ڪوٽ ڪرسي تي پيا هئس. جڏهن آءٌ ڪمري ۾ اندر داخل ٿيس، تہ هو ڪمري جي وچ ۾ بيٺو، پنھنجي منھن ڳالھائي رهيو هو. زبان سان گڏ سندس هٿ، پير ۽ مٿو بہ ھلي رهيا هئا. مون کي ڏسندي ئي، هو اهڙيءَ طرح گهٻرائجي مون ڏي ڀڳو، جو مان ڊوڙي واپس وڃڻ لڳس. پر هن مون کي جهلي وڌو ۽ زبردستيءَ ڪوچ ڏي وٺي ھليم. پاڻ ڪوچ تي ويھي رهيو ۽ مون کي ڀر ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويھاريائين. اوچتو سندس چپ ڪبنڻ لڳا ۽ اکين مان ڳوڙھا وهڻ لڳيس- جيڪي ڳلن تان ڳڙڻ لڳس. منھنجي ڪنڌ تي هٿ رکي، ڏاڍي هيٺانھين وٺندي چيائين، ”اليگزي اوانو وچ! مون کي بچاءِ، خدارا، ان مصيبت مان بچائينم.“
مون کي هن جو مطلب ڪافي دير کان پوءِ سمجهہ ۾ آيو. هو مسلسل ڳالھائي رهيو هو ۽ ھر ھر ’مون کي بچاءِ! مون کي بچاءِ!!‘ رٽي رهيو هو. انھن ڳالھين جو مطلب مون هي ڪڍيو هو تہ شايد هو مون کان ڪا صلاح ٿو وٺڻ گهري، يا هينئن کڻي چئجي تہ فڪرن ۽ پريشانين هن کي ايترو گهيريو هو، جو ھاڻ کيس مون کان سواءِ ڪوبہ نظر نٿي آيو. جنھن سال دل جو حال اوري دل جو بار ھلڪو ڪري سگهي.
هو صفا بدحواس بلڪ چريو ٿي پيو هو. هو ڏاڍي ڏک سان ٻاڏائيندو رهيو، ”خدارا! مادموزيل بلانشي کي مڃاءِ! هن کي چئو تہ مون سان شادي ڪري!“ هو منھنجي آڏو هٿ ٻڌڻ وارو هو ۽ مون ٿورو زور سان چيو، ”مادموزيل بلانشي منھنجو چيو ڇو وٺندي، آخر آءٌ هن کي ڪھڙي حيثيت سان چوان؟“
پر هو اهڙيون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونہ هو. هو تہ صفا واهي تباهي بڪي رهيو هو. هن ڏاڍي پريشانيءَ جي حالت ۾ ڏاڏي جي متعلق بہ ڳالھيون ڪيون. اڃا تائين هن جو خيال هي هو تہ جي پوليس کي اطلاع ڪيو وڃي تہ سڄو معاملو ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.
اوچتو هو ڪاوڙ ۾ اچي چوڻ لڳو، ”هيڏي سٺي شھر ۾ جتي هيڏي سٺي حڪومت آهي، اهڙيءَ پوڙهيءَ کي حوالات ۾ نٿو بند ڪري سگهجي؟“ اهو چوندي هڪدم اٿيو ۽ ڪنھن خيالي ماڻھو سان ڳالھائيندي، چڪر هڻڻ لڳو، ”ھا سائين! مان ٺيڪ ٿو چوان. مان ٺيڪ ٿو چوان، اهڙيءَ عورت کي ڪاريءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو وڃي. ھا ھا، مان سچ ٿو چوان.“
هو ڊُڪندو، وري اچي ڪوچ تي ويٺو ۽ هڪ لمحي کان پوءِ آهون ڀريندي، مون کي چوڻ لڳو، ”ھاڻ مادموزيل بلانشي ڪڏهن بہ مون سان شادي نہ ڪندي. ڇو جو تار جي بجاءِ خود ڏاڏي اچي ويئي آهي. ظاھر آهي، ھاڻ ورثي ۾ مون کي ڪجهہ بہ نہ ملندو.“ ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي خيال ۾ مون کي ان جي ڪابہ خبر نہ آهي. مون گريو جو ذڪر ڇيڙيو. هن ڪاوڙ ۾ اچي، هٿ الاريندي چيو، ”هو ڪميڻو هتان ھليو ويو آهي. منھنجي ھر شيءِ هن جي قبضي ۾ آهي. هن مون کي دوکو ڏنو. جيڪي پئسا تو آندا هئا الائي ڪيترا هئا. شايد ست سؤ فرانڪ هئا. ھاڻ مون وٽ بس رڳو اُهي پئسا آهن. باقي سڀ ختم ٿي چڪو آهي. خبر ناهي تہ قسمت ۾ ڇا لکيل آهي.“
”هوٽل جو بل ڪير ادا ڪندو ۽ ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟“ مون حيرانيءَ مان پڇيو.
هو مون کي ڏاڍيءَ حيرانيءَ سان تڪيندو رهيو. پر منھنجو خيال آهي تہ هن منھنجي ڳالھہ سمجهي تہ ڇا، پر ٻڌي بہ ڪانہ. مون پالينا ۽ ننڍن ٻارن لاءِ ڳالھائڻ چاهيو، پر هو جلدي چوڻ لڳو، ”ھا، ھا، ٺيڪ آهي.“ وري يڪدم زبان ترڪي ويس ۽ هو ٻيھر شھزادي جو ذڪر ڪرڻ لڳو. ”ھاڻ بلانشي هُن ڪمبخت سان ھلي ويندي. پوءِ ڇا ٿيندو؟ اليگزي اوانو وچ! پوءِ ڇا ٿيندو؟ خدا جو قسم تہ مان تہ صفا چريو ٿي چڪو آهيان. ڪجهہ سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڇا ڪريان، ڇا نہ ڪريان. چڱو، تون ٻڌاءِ اھا احسان فراموشي نہ آهي؟ هوءَ منھنجي سڀني احسان کي وساري ويٺي آهي!“
پوءِ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.
اهڙي بدنصيب شخص کي آئون ڇا ٿي چئي سگهيس. ان خيال کان تہ ڪجهہ ڪري نہ ويھي، آئون هن کي اڪيلو بہ نٿي ڏسي سگهيس، پر گڏوگڏ هن کان ڇوٽڪارو حاصل ٿي ڪرڻ گهريم. تنھن ڪري نرس کي چيم تہ هن جو خيال رکي ۽ ڪمري مان ڪيڏانھن بہ نہ وڃي. ان سان گڏ هوٽل جي بيري کي بہ چيم تہ، هو ڪو ڏاڍوشريف ماڻھو هو. هن جنرل صاحب جو خيال رکڻ جو واعدو ڪيو.
آءٌ اڃا پنھنجي ڪمري ۾ پھتس تہ پوٽا پچ سڏڻ آيم. ان وقت رات جا اٺ لڳا هئا ۽ ڏاڏي پائي پائي ھارائي، ڪاسينو مان واپس آئي. مجبوراً هن وٽ ويس. هوءَ هڪ بيمار وانگيان ٿڪجي ٽٽي، ڪرسيءَ تي پئي هئي. نوڪرياڻي هن کي چانھه جو مگ ڏيئي رهي هئي ۽ هن کي چانھه پيئڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. ڏاڏيءَ جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ سٺو نمونو بدلجي چڪو هو.
”اچ اليگزي اوانو وچ! معاف ڪجان. مون توکي هڪ ڀيرو وري تڪيلف ڏني. اميد آهي تہ تون مون پوڙهي کي معاف ڪندي. ڳالھہ هيءَ آهي تہ مان تقريبن هڪ لک روبل ھارائي ويٺي آهيان. تون اڄ مون سان گڏ نہ ھلئين. چڱو جو نہ ھلئين، نہ تہ توکي بہ تڪيلف ٿئي ھا. ھاڻ مون وٽ ٽڪو بہ ڪونھي ۽ مان هت هڪ منٽ بہ ترسڻ نٿي گهران. ساڍي نوين واري گاڏيءَ ۾ واپس پئي وڃان. مون تنھنجي انگريز دوست ڇا اٿس نالو- ھا ايسٽلي ڏي ماڻھو موڪليو آهي تہ هو مون کي هڪ هفتي لاءِ ٽي هزار فرانڪ اڌار ڏئي. هن کي مجبور ڪري پئسا هينئر ئي موڪل ۽ ڏس ڪٿي هو انڪار نہ ڪري. اڃا بہ خدا جي فضل سان مون وٽ گهڻو ڪجهہ آهي. ٽي سڄيون ديھون آهن. ٻہ وڏا محل آهن. چڱي خاصي نقدي بہ اٿس. جا مان کڻي ڪانہ آئي هيس. هينئر هن وٽ وڃ. ڪٿي هن جي دل ۾ مون لاءِ شڪ نہ پيدا ٿين. ڏسڻ ۾ تہ هو تمام چڱو ماڻھو ٿو اچي!“
آءٌ اڃا اتي ئي هوس تہ ائسٽلي صاحب ڏاڏيءَ جو پيغام ملندي ئي اچي ويو ۽ بنا ڪنھن ججهڪ جي ٽي هزار فرانڪ ڳڻي ڏنائينس ۽ قرض نامي تي صحيح ڪرائي، اجازت گهري، واپس ھليو ويو.
”چڱو اليگزي اوانو وچ! ھاڻ تون ڀلي وڃ. گاڏيءَ ۾ اڃا هڪ ڪلاڪ پيو آهي. تيستائين مان ٿورو آرام ڪري وٺان. سڄو بدن ٽٽي رهيو آهي. مون کي چريءَ کان رنج نہ ٿجانءِ. اڄ کان پوءِ ڪڏهن بہ نوجوانن کي جلد باز ۽ بدحواس ٿيڻ جو الزام نہ ڏيندس ۽ يقين ڪجان تہ هن بدنصيب جنرل کي بہ ڪجهہ نہ چونديس. جي چوان تہ خدا اڳيان گنهگار ٿيان. اھا ٻي ڳالھہ آهي تہ ڏينديسانس هڪ پئسو بہ ڪونہ. ان ڪري جو هو بيوقوف آهي. آءٌ تہ هن کان بہ وڌيڪ بيوقوف آهيان. سچي ڳالھہ هيءَ آهي تہ وڏي جيڪي چئي ويا آهن تہ غرور جو ڪنڌ هميشہ جهڪيل رهندو آهي، سچ آهي. خدا پوڙهپڻ ۾ بہ غرور جي سزا ڏيندو آهي. چڱو، خدا حافظ! الوداع! مائي تون اچ مون کي ٿورو اٿار.“
پوءِ بہ مون ڏاڏي کي اسٽيشن تي ڇڏڻ ٿي گهريو. مون کي ڊپ هو تہ وري ڪا ٻي ڳالھہ نہ ٿي پوي. ان ڪري آرام سان ڪمري ۾ ويھي نہ سگهيس، بلڪ ورانڊي ۾ چڪر هڻندو رهيس. اتان نڪري رستي تي آيس. پالينا ڏانھن منھنجو هي خط آخري هو. هيءَ مصيبت واقعي وڏي هئي. آءٌ هوٽل ۾ ٻڌي چڪو هوس تہ گريو ھليو ويو هو. جي هوءَ مون کي ٺڪرائي بہ ٿي، تہ شايد نوڪر جي حيثيت سان نہ ٺڪرائيندي. منھنجو وجود هن لاءِ ضروري هو. آءٌ هن لاءِ فائيدمند هوس. خواه منھنجي حيثيت هن لاءِ هڪ نوڪر جھڙي ڇو نہ هجي! پر ائين هو ضرور.
اڃا گاڏي ڇٽڻ ۾ ڪجهہ منٽ هئا. آءٌ ڊوڙندو اسٽيشن تي پھتس ۽ ڏاڏيءَ سان مليس، جا هڪ خاص گاڏي ۾ ويٺي هئي. چوڻ لڳي، ”ان بي لوث همدردي لاءِ مھرباني.“ جڏهن گاڏي ھلڻ لڳي، تہ چيائين، ”پراسڪويا کي چئجان تہ ڪالھوڪي ڳالھہ ياد رکي، مان هن جو انتظار ڪنديس.“ هن جي اکين ۾ ڳوڙھا هئا.
آءٌ هوٽل واپس آيس. جنرل صاحب جي ڪمري وٽان لنگهندي، پوڙهي نرس کان پڇيم تہ جنرل صاحب جو ڪھڙو حال آهي، تہ نراسائيءَ سان ٻڌايائين تہ ٺيڪ آهي. جڏهن آءٌ ڪمري ۾ داخل ٿيس تہ هو ڏسي حيران ٿي ويس تہ جنرل صاحب ۽ بلانشي ٽھڪ ڏيئي کلي رهيا هئا! جنرل صاحب ڏاڍو خوش پئي نظر آيو ۽ بي ربط نموني سان ڀڻڪي رهيو هو ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي رهيو هو. ٽھڪ ڏيندي وقت منھن تي گهنج ٿي اڀري آيس... اصل اکيون بہ گم ٿي ويس. پوءِ بلانشي کان خبر پيم تہ شھزادي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ جڏهن خبر پيس تہ جنرل هن لاءِ روئي پيو، تہ رڳو تسليءَ خاطر هن وٽ ھلي آئي هئي، نہ تہ جنرل ويچاري کي ڪھڙي خبر تہ سندس قسمت جو فيصلو ٿي چڪو هو. هوءَ صبح جو پھرينءَ گاڏيءَ ۾ پئرس وڃي رهي هئي.
مون جنرل جي پڙهڻ جي ڪمري جي ڀر ۾ بيھي ارادو بدلايو ۽ موٽيس. هنن مون کي ڪونہ ڏٺو هو. آءٌ واپس ڪمري ۾ آيس. آهستي دروازو کوليم. ان اونداهي ۾ دريءَ واري ڪرسيءَ تي ڪو ويٺو هو. جڏهن آهستي اندر داخل ٿيس، تہ هو چريو پريو بہ ڪونہ. تيزيءَ سان وڌي، ويجهو ويس تہ هن کي ڏسي منھنجي دل ڄڻ ڌڙڪڻ وساري ڇڏيو- هوءَ پالينا هئا.

باب چوڏهون

مون کان بنھہ رڙ نڪري ويئي.
”ڇا آهي، آخر ٿيو ڇا؟“ هن تعجب مان پڇيو. اداسيءَ کان هن جو رنگ هيڊو ٿي ويو هوس.
”تون مون کان ٿي پڇين، سو بہ منھنجي ڪمري ۾؟“
”منھنجو طريقو اهو ئي آهي. جي اچڻو هوندو اٿم تہ ھلي ايندي آهيان. توکي سڀ خبر پئي ويندي. ٿوري بتي ٻار.“
مون بتي ٻاري، هوءَ اٿي اچي ميز تي بيٺي ۽ هڪ کليل چٺي منھنجي هٿ ۾ ڏنائين.
”هن کي پڙهه“ هن حڪم ڪندي چيو.
”هيءَ تہ گريو جو لکيل آهي.“ مون ڇٺي وٺندي چيو. منھنجا هٿ ڪنبڻ لڳا ۽ سٽون منھنجي آڏو نچڻ لڳيون، مون کي هن چٺي جا صحيح اکر ياد ڪونھن، لکيل مڙيئي هيئن هو:
مادموزيل سلام!
جيئن اوھان کي خبر آهي، ڪن خاص حالتن ۽ مجبورين جي ڪري مان هتان وڃي رهيو آهيان. مڪمل صورتحال کي اوھان جي سامھون صاف صاف بيان ڪرڻ لاءِ مان اڄ تائين اوھان سان ملي نہ سگهيس. بلڪ هينئن ئي سمجهو تہ مون ڄاڻي واڻي هن جي ڪوشش نہ ڪئي. اوھان جي پوڙهي مائٽياڻيءَ جي اچڻ ۽ هن جي جاھلانہ رويي منھنجي سڀني شڪن کي ختم ڪري ڇڏيو. منھنجا ذاتي حالات ايترا خراب آهن، جو مان وڌيڪ خوش گوار حالات جي ڪا اميد رکي نٿو سگهان، جيڪي ڪجهہ وقت کان دل ۾ ساڍيندو ٿي آيس. مون کي ماضيءَ جو افسوس آهي. خير، جو گذريو سو ڇٽو. پر منھنجي متعلق ايتري خبر تہ اوھان کي پئجي هوندي تہ منھنجو رويو هميشہ هڪ شريف ۽ ايماندار ماڻھوءَ جھڙو رهيو آهي. مان پنھنجي سڄي دولت اوھان جي ويڳي پيءُ کي قرض ۾ ڏيئي چڪو آهيان ۽ ھاڻ وڌيڪ رقم برباد ڪرڻ نٿو گهران. بلڪ جيڪي ڪجهہ بچيو آهي، تنھن مان وڌ ۾ وڌ فائدي وٺڻ تي مجبور آهيان. مون پيٽرز برگ ۾ پنھنجي هڪ دوست کي خط لکيو آهي تہ هو مون وٽ جنرل جي گروي رکيل ملڪيت جي وڪري جو يڪدم ڪو انتظار ڪري. اهو ٻڌي تہ اوھان جي نادان ويڳي پيءُ اوھان جي پنھنجي ذاتي ملڪيت بہ برباد ڪري ڇڏي آهي، مون ارادو ڪيو آهي تہ هن کي پنجاھہ هزار فرانڪ ڇوٽ ڏيئي ڇڏيان. ان رقم جي ماليت جيتري ملڪيت آءٌ هن کي واپس ڪري رهيو آهيان. ان طرح اوھان جيڪا رقم قانوني طرح هن کان وٺڻ جو حق رکو ٿيون، اھا اوھان کي ملي ويندي. مادموزيل، اميد آهي تہ موجوده صورتحال ۾ منھنجي ڪارگذاري اوھان لاءِ نفع بخش ثابت ٿيندي. مون کي هيءَ بہ اميد آهي تہ مان ان ڪارگذاري سان هڪ انسان، هڪ شريف انسان واري فرض ادائيءَ جي تڪميل ڪري رهيو آهيان. يقين رکو اوھان جي ياد هميشہ هميشہ لاءِ نقش ٿيل آهي.
”هنه! اھا تہ بلڪل صاف ڳالھہ آهي.“ مون پالينا ڏانھن ڏسندي چيو. ”ان کان بہ وڌيڪ تہ توکي ٻي ڪا اميد نٿي ٿي سگهي.“ منھنجي لهجي مان ڪاوڙ ظاھر ٿي رهي هئي.
پالينا ڪنڀندڙ آواز ۾ چيو، ”مون کي وڌيڪ ڪا بہ اميد ڪانھي. مان هن کان ڪجهہ وٺڻ بہ نٿي گهريو. حالانڪ مان گهڻي عرصي کان سمجهي چڪي هيس تہ هو ضرور ائين ڪندو. مون هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ورتو هو ۽ جيڪي ڪجهہ هو سوچي رهيو هو، تنھن جي بہ مون کي خبر هئي. هن جو خيال هو تہ مان خود هن جي پٺيان پوڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان. مان خود هن کي چوان ته.....“ (هو پنھنجو جملو پورو نہ ڪري سگهي ۽ چپن کي ڏندن سان ڪٽڻ لڳي. پوءِ صفا چپ ٿي وئي.) وري اوچتو پاڻ مرادو ڳالھائڻ شروع ڪيائين، ”مون ڄاڻي واڻي هن سان پنھنجي حقارت ۽ نفرت وڌائي هئي. مون رڳو هي ٿي ڄاڻڻ چاهيو تہ آخر هن جو ارادو ڇا آهي ۽ هو مون کان ڇا ٿو گهري. جي ورثي جي متعلق اھا تار آئي هجي ھا، جنھن جو اسان کي انتظار هو، تہ هن جا سڀ پئسا هن جي ٻوٿ تي ڦهڪائي ڪڍان ھا ۽ چوانس ھا تہ وڃ پنھنجو رستو وٺ. مان هميشہ هن سان نفرت ڪندي رهي آهيان پر پھرين هو اهڙو نہ هو. توکي ٻڌايان ٿي تہ هو مختلف هو. پر ھاڻي- ھاڻي جي مون وٽ پنجاھہ هزار فرانڪ هجن ھا، تہ پھرين هن جي منھن تي ٿڪ هڻان ھا ۽ پوءِ اهي سندس منحوس منھن تي کڻي ٺڪاءُ ڪريان ھا.“
”پر پنجاھہ هزار فرانڪ جو دستاويز تہ جنرل صاحب وٽ آهي. اهو وٺي هن کي واپس ڪر.“
”اھا ڳالھہ ڪانھي، اھا ڳالھہ ڪانھي، ايئن اھا ڳالھہ نہ ٿيندي!“
”ھا، بيشڪ اھا ڳالھہ نہ ٿيندي. برابر اھا ساڳي ڳالھہ نہ ٿيندي! ٻئي ڪندي جنرل صاحب وٽ ھاڻي بچيو بہ ڇا آهي؟ ۽ هوءَ ڏاڏي؟“ مون چيو.
پالينا عجيب انداز ۾ مون کي تڪڻ لڳي، ”ڇا چيئي؟ ڏاڏي! مان هن کان ڪڏهن بہ نہ گهرنديس. مان ڪنھن جي آڏو هٿ ٽنگڻ نٿي گهران.“ هن پريشاني وچان چيو.
”پوءِ آخر ڇا ڪجي؟ تو کي هن ذليل بدمعاش گريو سان آخر محبت ڪيئن ٿي؟ جي چوين تہ آءٌ وڃي هن جو خون ڪري اچان! هو ھاڻي ڪٿي آهي؟“
”هو فرئنڪفرٽ ۾ آهي ۽ اتي ٽي ڏينھن رهندو.“
”جي ٿورو بہ اشارو ڪرين تہ آءٌ صبح جو پھرين ئي گاڏيءَ ۾ هوڏانھن ھليو وڃان!“ مون ڏاڍي جذباتي انداز ۾ چيو.
”۽ جي هو چوي تہ ميان، پھرين منھنجا پنجاھہ هزار فرانڪ تہ ڏي! تہ پوءِ تون ڇا ڪندين؟ ٻيو هن سان ڇا لاءِ وڙهندين؟ نہ نه! اھا سراسر چرائپ ٿيندي.“
”پوءِ پنجاھہ هزار فرانڪ ڪٿان آڻيون؟“ آءٌ ڏند پيھڻ لڳس، ڄڻ هينئر زمين ڦاٽي پوندي ۽ ان ۾ پنجاھہ هزار پيا هوندا ۽ آءٌ رڳو اهي هٿ وجهي کڻي وٺندس. اوچتو هڪڙو خيال منهجي ذهن ۾ پيدا ٿيو، جو مون صلاح طور پالينا کي ٻڌايو، ”۽ جي ائسٽلي صاحب کان گهرون تہ ڪھڙو حرج آهي؟“
هن جون اکيون ڦاٽي ويون.
”يعني تون پاڻ ٿو چاهين تہ مان هن انگريز کان خيرات گهرڻ وڃان.“ هن منھنجي منھن ۾ معنيٰ خيز نگاهن سان ڏسندي، طنزيہ مرڪ سان چيو. هن زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو مون کي سڌو تون چئي مخاطب ڪيو هو.
هوءَ جوش کان چڪرائجي وئي هئي. يڪدم ڪوچ تي ائين ڪري پئي، ڄڻ ڏاڍي ٿڪجي پئي هجي.
مون کي ائين لڳو ڄڻ تہ منھنجي ڄڻ منھنجي رڳ رڳ ۾ بجلي ڊوڙي وئي. آءٌ هڪ هنڌ ڄمي ويس. مون کي پنھنجي اکين ۽ ڪنن تي اعتبار ئي نٿي آيو. تہ ڇا هوءَ واقعي مون سان محبت ٿي ڪري. هوءَ ائسٽلي صاحب وٽ وڃڻ جي بجاءِ مون ڪنگال وٽ ھلي آئي هئي.
هڪ جوان ۽ سھڻي ڇوڪري جو منھنجي ڪمري ۾ هيئن اڪيلو ھليو اچڻ، سو بہ اهڙي اعتماد سان! هن جي اچڻ خود سندس ڳالھہ صاف طرح ظاھر ڪئي هئي- پر آءٌ- آءٌ هن جي سامھون بيٺو هوس ۽ ڪابہ ڳالھہ اڃا تائين نہ سمجهي سگهيو هوس.
اوچتو هڪ جنوني خيال منهجي ذهن تي اڀري آيو. ”پالينا! مون کي صرف هڪ ڪلاڪ جي ھلت ڏي. رڳو هڪ ڪلاڪ..... مان اجهو هينئر ٿو واپس اچان. تون خود پنھنجين اکين سان ڏسندينءَ. تون هتي ئي ويھه. ڪيڏانھن وڃجان نہ.... آءٌ اجهو ٿو اچان. بس اجهو!“
آءٌ هن جي سواليا نگاهن جو جواب ڏيڻ بجاءِ تيزيءَ سان ڪمري مان نڪتس. هوءَ مون کي سڏ ڪندي رهي. پر آءٌ واپس ٿي وارن مان نہ هئس.
ڪڏهن ڪڏهن ڪو جنون ۽ ناممڪن خيال اسان کي اهڙيطرح اچي ورائيندو آهي، جو هو ان کي بلڪل اصلي ۽ حقيقت سمجهندو آهي ۽ جي اهو خيال ڪنھن زبردست خواهش جي ڪري پيدا ٿيو هجي، تہ پوءِ ان کي بلڪل اٽل سمجهندو آهي. ڄڻ روز اول کان ئي اهو ئي قسمت ۾ لکيل هو. بلڪ ان خيال ۾ ڪي ٻيون ڳالھيون بہ لڪل هونديون آهن. آئينده جي واقعن جي اڳواٽ خبر پوڻ. اردي جي غير معمولي قوت. پنھنجي ئي تصور رستي پاڻ تي ٻڌي رکڻ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا، جنھن کي خبر مون کي بہ ڪانھي، پر ان شام (جنھن کي آءٌ مرڻ گهڙي تائين نہ وسارائيندس) مون کان هڪ معجزو ٿي ويو. حالانڪ اهو رياضيات جي اصولن جي بلڪل مطابق آهي. پر منھنجي لاءِ اڄ تائين اهو آسماني معجزو آهي. سوال رڳو ايترو آهي تہ اهڙي پڪ اڳواٽ منھنجي ذهن ۾ پيدا ڪيئن ٿي؟ ڇو منھنجي ذهن ۾ انھيءَ ارادي ۽ انھيءَ حقيقت جي پاڙ ايتري مضبوط کپي وئي هئي؟ مون اول ئي يقين ڪري ورتو هو- اھا ڳالھہ مان وري ڪري رهيو آهيان- مون اول ئي يقين ڪري ورتو هو تہ ضرور ائين ٿيندو. ھر صورت ۾ ٿيندو ۽ ان جي نہ ٿيڻ جو ڪو سوال ئي ڪونہ ٿو ٿئي- هڪ اهڙي مقدر جي ڳالھہ وانگر جنھن جو ٿيڻ لازمي ۽ اٽل هو.
سوا ڏهين بجي دل ۾ ڏاڍيون اميدون ۽ تمنائون کڻي، ڏاڍي خود اعتماديءَ ۽ جوش سان آءٌ ڪاسينو ۾ ويس.
اڃا اُتي گهڻا ئي جوئا کيڏي رهيا هئا. البت صبح جي نسبت هن جو تعداد تمام گهٽ هو. جوئا خانن ۾ ڏهن ۽ يارهن جي وچ ۾ بہ ڏاڍا جهونا ۽ هوشيار جوئاري موجود هوندا آهن، جن جي لاءِ اهڙن گرم چشمن وارين جڳهين تي رولٽ کان سواءِ ڪا واندر ئي ڪانھي. هو هتي رڳو رولٽ جي جوئا لاءِ ايندا آهن. سڄي موسم ۾ هو جوئا کان سواءِ ڪنھن بہ ٻي شيءِ ۾ دلچسپي ڪونہ وٺندا آهن، بلڪ صبح کان شام تائين جوئا کيڏندا رهندا آهن ۽ جي ممڪن هجي، تہ جيڪر سڄي رات بازين ۽ چالن جي چڪر ۾ گذاري ڇڏين. جڏهن يارهين بجي جوئا خانو بند ڪندا آهن تہ هو ڏاڍيءَ بيزاريءَ سان ٻاھر نڪرندا آهن. ڄڻ دل نٿي گهرين، پر مجبور آهن ۽ جڏهن اڌ رات گذرئي وڏو خزانچي وڏي سڏ ’هيءَ آخري بازي آهي.‘ چوندو آهي تہ هو سڀ پنھنجي کيسن ۾ پيل سموري رقم هڪ ئي وقت ٽن نشانن تي هڻي ڇڏيندا آهن ۽ عام طرح هميشہ ھارائيندا آهن. آءٌ ان جڳھہ تي وڃي ويٺس، جتي ڏينھن جو ڏاڏي ويٺي هئي. ميڙ گهڻو ڪونہ هو. تنھنڪري مون کي جڳھہ حاصل ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانہ ٿي. منھنجي سامھون ئي سائي رنگ جي ڪپڙن تي لکيل اڇو اکر ’ٻولي‘ موجود رکيو هو. ’ٻولي‘ اڻويھن کان ڇٽيھنتائين انگن جو هڪ سلسلو آهي. جنھن تي داءُ هنيو ويندو آهي.
هڪ کان ارڙهن تائين جي انگن جو سلسلو ’شدني‘ سڏايئندو آهي. پر هن وقت آءٌ شدني يا ٻوليءَ جي چڪر ۾ نہ هوس. ڳڻپ تہ ٺھيو، پر آءٌ هي بہ نہ ٻڌي سگهيس تہ کٽڻ جو آخري انگ ڪھڙو هو؟ ۽ ان جوئاري وانگر، جنھن ۾ ذرو بہ خو داريءَ جو مادو هوندو آهي، مون ڪنھن کان پڇيو ئي ڪونہ، مون کيسي مان پنھنجي ڪل ملڪيت، يعني ويھہ فيڊرڪ ڪڍيا ۽ يڪدم ’ٻولي‘ تي هنيا، جو ان وقت منھنجي بلڪل سامھون هو.
”بھترين بازي، سائين!“ خزانچيءَ چيو.
آءٌ کٽي ويس. مون ٻيھر سڄي رقم بازيءَ ۾ هنئي.
”واھہ واھہ!“ خزانچيءَ چيو.
هن ڀيري بہ مون کٽيو. ھاڻ مون وٽ اسي فيڊرڪ ٿي ويا. مون سڀ وچ وارن ٻارهن انگن تي هنيا. چڪرو ڦرڻ لڳو ۽ اوچتو چوويھن جي انگ تي بيھي رهيو. خزانچيءَ مون کي پنجاھہ پنجاھہ فيڊرڪ جي نوٽن جا ٽي بنڊل ۽ ڏھہ سونا سڪا ڏنا. ھاڻ مون وٽ ڪل ٻہ سؤ فيڊرڪ هئا.
آءٌ عجيب ويچار ۾ پئجي ويس تہ ھاڻ ڇا ڪريان. مون يڪدم سڄي رقم ڳاڙهي نشان تي هنئي ۽ سوچن لڳس تہ ٺيڪ ٿيندو، منھنجا هٿ پير ۽ سڄو جسم ڪنبي رهيو هو ۽ جسم ۾ اندر بہ ھلڪا ھلڪا جذبات رڦي رهيا هئا- آخرڪار جڏهن ڪجهہ پاڻ سنڀاليم. تہ احساس ٿيم تہ ھاڻ مون کي پئسن جي بازي ھارائڻ ۾ ڪھڙو ڊپ، جڏهن تہ مون جان جي بازي هڻي ڇڏي آهي.
”ڳارهو!“ خزانچيءَ چيو.
مون آهستي ٿڌو ساھہ ڀريو. منھنجي جسم ۾ اندر ۽ ٻاھر خوشيءَ جون ھلڪيون ھلڪيون سيون چڀي رهيون هيون. هو مون کي بيتاب ڪري رهيون هيون. خزانچيءَ چار هزار فلورن ۽ اسي فيڊرڪ بئنڪ جي نوٽن جي شڪل ۾ ڏنا. پر عادت مطابق مون ان جي بہ ڳڻب ڪانہ ڪئي.
ان کان پوءِ جيستائين مون کي ياد آهي، مون ٻہ هزار فلورن وچ وارن ٻارنھن انگن تي هنيا ۽ ھارايم. مون کي سخت ڪاوڙ لڳي. وري اسي فيڊرڪ بازي هنيم. اھا بہ ھارايم. باقي ٻہ هزار فلورن ڪاوڙ ۾ يڪا هنيم. ان وقت منھنجي دل ۾ اهڙو احساس ضرور موجود هو. جو شايد مادام بلانڪرڊ پيرس ۾ خودڪشيءَ خاطر مينار تان ٽپ ڏيندي وقت محسوس ڪيو هوندو.
”واھہ سائين!“ خزانچيءَ چيو.
هيءَ بازي کٽڻ تي مون وٽ ڇھہ هزار فلورن ٿي ويا. آءٌ پھرين ئي ڏاڍو خوش هوس. مون کي ڪنھن شيءِ جو ڊپ ڪونہ هو. ڊڄڻ جي ضرورت بہ ڪھڙي هئي؟ مون چئن هزارن جا چار هزار فلورن ڪار نشان تي هنيا. ڏسندي ڏسندي نون ٻين ماڻھن بہ ڪارن نشانن تي داءُ هنيو. خزانچي هڪ ٻئي کي معنيٰ خيز نگاهن سان گهورڻ لڳا ۽ سس ڦس ڪرڻ لڳا. سڀ تماشائي حيرت سان پاڻ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رهيا هئا.
ڪارو نشان منھنجي حق ۾ نڪري آيو. ان کان پوءِ مون ڪيتريون بازيون کٽيون ۽ مون ھر بازيءَ ۾ ڪيترا پئسا لڳايا. اهو مون کي ياد ڪونھي. رڳو ايترو ياد اٿم تہ ان وقت خواب جھڙي حالت ۾ هوس. ان حالت ۾ مون غالباً سورنھن هزار کٽيا. اوچتو ئي منحوس بازيون انھن مان ٻارهن هزار فرانڪ واپس وٺي ويون. پوءِ مون ڪاوڙ ۾ اچي باقي چار هزار ’ٻولي‘ تي هنيا ۽ پاڻ هڪ بيجان مشين جيان بيٺو رهيس. هن ڀيري مون کٽيو. ان کان پوءِ مسلسل چار بازيون منھنجي حق ۾ نڪتيون. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي تہ آءٌ پئسن ۽ نوٽن سان مٺيون ۽ کيسا ڀري رهيو هوس. مون کي هي بہ ياد آهي تہ وچ وارا ٻارنھن انگ منھنجي حق ۾ ڏاڍا سٺا نڪتا ۽ ان لاءِ ھر ڀيري انھن تي ٿي داءَ هنيم. ڏاڍيءَ باقاعدگيءَ سان اهي انگ ٽي چار ڀيرا نڪتا. اهڙي حيران ڪندڙ باقاعدگي عام طرح رنگين نشانن تي ٿيندي آهي ۽ اھا عام طرح رنگين نشانن تي ٿيندي آهي ۽ اھا باقاعدگي ناتجربيڪار ۽ ڪچن جوارين جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيندي آهي، جيڪي هڪ هڪ ڳالھہ ڪاغذ تي لکڻ ۽ ھار جيت جو اندازو ڪرڻ ۾ رڌل هوندا آهن ۽ واقعي اهڙن موقعن تي قست جون لھواريون ۽ اوڀاريون اڪثر خطرناڪ صورت اختيار ڪنديون آهن.
جوئا خاني ۾ ائي اڃا مون کي اڌ ڪلاڪ بہ نہ ٿيو هو تہ اوچتو خزانچيءَ اطلاع ڏنو، تہ آءٌ ٽيھہ هزار فلورن کٽي چڪو آهيان ۽ ڇو جو بئنڪ ايترا پئسا هڪ ئي وقت ڏيئي نٿي سگهي، ان ڪري رولٽ جي جوئا صبح تائين بند رهندي. مون پنھنجي سامھون پيل نوٽ ۽ سڪا کنيا. ڳوٿري ٻڌم ۽ ٻئي ڪمري ۾ ھليو وس، جتي رولٽ جي جوئا جي ٻي ميز موجود هئي. سڀ ماڻھو منھنجي پٺيان پٺيان اچڻ لڳا. اتي ويندي ئي منھنجي لاءِ جاءِ خالي ڪئي ويئي. مون ڪرسيءَ تي ويھدني، اڳي جيان بنا سوچي سمجهي ڏاڍي لاپرواهيءَ سان بازي هنئي- خدا کي خبر، مون کي ڪھڙي شيءِ بچائي رهي هئي.
البت ڪڏهن ڪڏهن خودداريءَ جي هڪ جهلڪ، هوش منديءَ جو هڪ ڪرڻو مون کي نظر آيو ٿي. پھرين پھرين تہ مون خاص خاص انگن ۽ نشانن تي ٻئي داءَ هنيا، پر پوءِ ائين ئي توڪل تي ڪم ڪرڻ لڳيس. ان وقت آءٌ بلڪل خالي الذهن هوس. مون کي ياد آهي تہ گهڻائي ڀيرا خزانچيءَ منھنجون چڪون جهليون. منھنجون لوندڙيون پگهر سان ڀرجي ويون هيون ۽ هٿ ڏڪي رهي هئم. منھنجي اهڙي حالت ڏسي گهڻن ئي پولستانين پنھنجو مخلصانہ خدمتون پيش ڪيون. پر مون ڪنھن ڏانھن اک کڻي بہ نٿي ڏٺو. مون کي خبر هئي تہ منھنجي تقدير کي دنيا جي ڪابہ طاقت زير ڪري نٿي سگهي. اوچتو ماڻھو ٽھڪ ڏيڻ ۽ زور زور سان تاڙيون وڃائڻ لڳا. مون هتان پڻ ٽيھہ هزار فلورن ميڙي کنيا. هي بئنڪ بہ سڀاڻي صبح تائين بند ٿي چڪي هئي.
”ھاڻ ھليا وڃو، اوهين هتان ھليا وڃو!“ ڪنھن منھنجي ڪن ۾ آهستي چيو. هيءُ فرئينڪفرٽ جو يھودي هو. راند ھلندي منھنجي ڀرسان بيٺو هو ۽ گهڻا ئي ڀيرا منھنجي مدد ڪئي هئائين.
’خدارا ھليا وڃو.‘ ڪنھن وري آهستي منھنجي ساڄي ڪن ۾ چيو.
هيءَ ٽيھن ٻٽيھن سالن جي هڪ خاتون هئي، زرق برق لباس ۾ مبلوس. چھري تي حالانڪ هيڊاڻ ۽ اداسي ڇانيل هيس، پر کنڊر ٻڌائي رهيا هئا تہ عمارت عظيم هئي. پنھنجي جوانيءَ ۾ تہ ڏاڍي سھڻي هوندي. آءٌ نوٽ مروڙي سروڙي کيسي ۾ وجهي رهيو هوس ۽ سونا سڪا گڏ ڪري رهيو هوس. آخري ٿهي کڻي ان عورت کي ڏيئي ڇڏي. در اصل ان وقت منھنجي دل ۾ پسئن ڏيڻ جي زبردست خواهش هئي. مون کي ياد آهي تہ هن جي ڊگهين هيڊين آڱرين منھنجي هٿ کي شڪريي جي طور تي آهستي زور ڏنو. هي سڀ ڪجهہ هڪ ئي لمحي ۾ ٿي ويو.
پنھنجي کٽيل رقم کڻي مان ان ڪمري ۾ ھليو ويس، جتي شڙط هڻي کيڏن واري ميز رکي هئي ان جو نالو ’شرطيہ ميز‘ پئجي ويو هو.
شرطه ميز تي هميشہ رئيس جوئا کيڏندا آهن. رولٽ جي جوئا جي خلاف هن ۾ پتڻ تي تازي هنئي ويندي آهي. هتي بئنڪ هڪ ئي وقت ۾ هڪ لک فلورن تائين ادا ڪري سگهي ٿي. هونئن رولٽ وانگر هتي بہ هڪ بازيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ چار هزار فلورن هڻي سگهبا آهن. مون کي هيءَ راند کيڏڻ جي خبر اصل ڪان هئي. ٻيو تہ ٺيھو، پر مون کي شرط هڻڻ بہ نٿي آئي. رڳو اھا خر هيم تہ هتي بہ ڳاڙهن ۽ ڪارن نشانن تي داءُ هڻبو آهي. ان ڪري مون هڪ ئي وقت ڪاري ۽ ڳاڙهي نشان تي بازي هنئي ۽ آخر تائين ائين ئي کيڏندو رهيس. هجوم ايڏو هو ڄڻ سڄو ڪاسينو هتي مڙي آيو هو. قسم وٺو جي هڪ ڀيرو بہ کيڏڻ جي وچ ۾ مون کي پالينا ياد آئي هجي. ڪرڇن سان نوٽن جون ٿهون ۽ سڪان ميڙيندي مون کي جا خوشي ٿي رهي هئي، سا بيان کان ٻاھر آهي. منھنجي پئسن جا ڍڳ جيئن پوءِ تيئن وڌندا ٿي رهيا.
مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ قدرت خود مون کي کيڏڻ تي مجبور ڪري رهي هجي. قسمت جي ڳالھہ آهي تہ هن ڀيري بہ مون کي هڪ خوشگوار موقعو پيش آيو، جو عام طرح جوئا ۾ ٿيندو آهي. مثلا ڳاڙهو نشان ڏھہ ڏھہ بلڪ پنڌرنھن ڀيرا متواتر نڪرندو آهي. مون ٽيون ڏينھن ئي ٻڌو هو تہ هڪ ڏينھن ڳاڙھا نشان ٻاويھہ ٻاويھہ ڀيرا پئي نڪتو. اھا هڪ اهڙي ڳالھہ اهي، جا رولٽ جي جوئا ۾ اڻ ٿيڻي سمجهي ويندي آهي ۽ جي هتي ڪو نشان متواتر نڪرندو آهي تہ ماڻھو اڻ ٿيڻا خيال ڪندا آهن ۽ ان تي گرما گرم بحث ڪندا آهن. جي ڳاڙهو نشان ڏھہ ٻارنھن ڀيرا لاڳيتو نڪري، تہ ظاھر آهي ڪو بہ شخص ان نمبر تي بازي هڻڻ جي ھام نہ ڀريندو. پر اھا بہ ڳالھہ آهي تہ اهڙي حالت ۾ تجربيڪار جوئاري ڪاري نشان تي بہ بازي نہ هڻندو. پراڻو ۽ پڪو جوئاري اتفاق جي انھن ڳالھين کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. جڏهن ڳارهو نشان متواتر سورنھن ڀيرا نڪري چڪو آهي. تہ ان جو مطلب اهو ئي هوندو تہ ھاڻ قسمت جو داءُ ڪاري نشان تي اڇلايو وڇي. ڪچا رانديگر عموماً اهو ئي اندازو ڪندا آهن. ان ڪري ڀيري ڀيري سان پنھنجين بازين کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري هڻندا آهن ۽ ھارائيندا آهن.
جڏهن مون ٻڌو تہ ڳاڙهو نشان يڪو ست ڀيرا نڪتو آهي، تہ مان بلڪل ڪونہ گهٻرايس، بلڪ ڏاڍيءَ بي خوفيءَ سان ان ئي نشان تي داءُ هنيم. آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو تہ ان جو وڏو سبب منھنجو غرور ۽ خودداري هئي. پر شايد ان کان وڌيڪ سبب کٽڻ جي شديد خواهش هئي. در حقيقت مون چاهيو ٿي تہ ھارائڻ جو هي احمقاڻو خطرو مٿي تي کڻي بہ انھن سڀني تماشائين تي ڇانئجي وڃان. هنن کي پننهجي انفراديت سان متاثر ڪريان. دل ۾ اهڙا اهڙا خيال ۽ ذهن ۾ اهڙا اهڙا اضطراب هڪ ٻئي جذبي جي خواهش، هڪ ٻئي خيال جي تمنا. وري گهڻي بي چيني- گهڻو اضطراب- ايترو جو منھنجو روح ٿڪجي چور ٿي پيو. آءٌ سچ ٿو چوان تہ جي پنجاھہ هزار فلورن جي بازي هڻڻي هجي ھا، تہ آءٌ يڪي پنجاھہ هزارن جي بازي هڻان ھا. ماڻھو رڙيون ڪري چئي رهيا هئا، ”اھا چريائي آهي. سراسر حمقات آهي. ڳاڙهو نشان تہ پھرين ئي چوڏنھن ڀيرا نڪري چڪو آهي!“
”هي تہ ڪو جن ٿو لڳي!“ مون هڪ شخص جو آواز ٻڌو، جو ٻئي کي چئي رهيو هو. الائي ڇو، آءٌ پنھنجي لاءِ سوچڻ لڳس تہ ڇا واقعي هڪ لک فلورن کٽي چڪو آهيان! ۽ ھاڻ وڌي رقم کي ڇا ڪندس؟ مون نوٽن جون ٿهيون ۽ پئسا ڇڪي کيسن ۾ وڌا ۽ کوٿري ڌار ٻڌي کنيم. ٻاھر ايندي وقت مون ڏٺو تہ ھر ڪو منھنجي پسئن سان ڀريل کيسن کي لالچ ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيو هو ۽ زر لب مسڪرائي رهيو هو. رستي ۾ آءٌ خود سڪن جي بار کان تڙيس پئي. منھنجي خيال ۾ اهو بار ڏهن سيرن کان گهڻو هو. گهڻا ئي هٿ مون ڏي وڌيا، جن کي مون خالي وڃن نہ ڏنو. بلڪ ھر هڪ کي مٺيو ڀري پئي ڏنم. ٻہ يھودي وڏي دروازي جي ٻاھران بيٺا هئا.
”اوهين ڏاڍا بھادر آهيو. وااقعي ڏاڍا همت وارا آهيو. پر اسان جي هڪ ڳالھہ يار دکو، سڀاڻي هتي بلڪل نہ اچجو، نہ تہ سڀ ھارائي ويندؤ.“
مون هنن جي ڳالھين تي اصل ڌيان نہ ڏنو. رستي ۾ ايتي تہ اوندھہ هئي، جو پنھنجو هٿ بہ ڏسي نہ ٿي سگهيس. هوٽل اڌ ميل کن پري هئي. چورن ۽ ڌاڙيلن کان تہ مون کي ڊپ ئي ڪونہ لڳندو هو. سو ھاڻي ڇا لڳندو. مون کي ياد ڪونھي تہ ان وقت آءٌ ڇا سوچي ريھو هوس. در حقيقت آءٌ ڪجهہ بہ ڪونہ سوچي رهيو هوس. آءٌ تہ رڳو مسرت، خوشي، ڪاميابي، طاقت مطابق تہ ڇا چوان، ڪھڙيءَ طرح بيان ڪريان! نہ معلوم ڪھڙيءَ شيءِ جي نشي ۾ مست هوس. رڳو پالينا جو تصور منھنجي ذهن ۾ ھلي رهيو هو. وسيل يادگيريون هڪ هڪ ٿي بياددر ٿي رهيون هيون. مون کي شعوري طور تي خت هئي تہ ڪيڏانھن پيو وڃان ۽ ٿورن لمحن ۾ هن وٽ هوندس. هن کي ٻڌائيندس. هن کي ڏيکاريندس ته............. پر اهي سڀ ڳالھيون وسري ويم، جي ٿوري دير پھرين هن مون سان ڪيون هيون. آخر آءٌ ڇو نڪتو هوس؟ اهي سڀ جذبات ۽ احساسات جي مون ڏيڍ ڪلاڪ پھرين محسوس ڪيا هئا، ائين ٿي لڳو ڄڻ ماضيءَ جي ڪا ڳالھہ هئا. ھاڻ انھن جي صورت بدلجي ويئي هئي. اُهي پرانا ٿي ويا هئا ۽ انھن جو ذڪر ئي ڪھڙو ڪجي، جڏهن ھاڻي ھر شيءِ نئين طرح شروع ٿيندي. رستو ختم ٿيڻ تي هو تو اوچتو هڪ عجيب و غريب خيال ستائڻ لڳم. جي ڪو مون کي ڦري وٺي يا قتل ڪري ڇڏي تہ ڇا ٿيندو؟ ھر قدم تي اهو خيال منھنجي ذهن ۾ پڪو ٿيندو ويو. آءٌ ڊڄي ڊوڙڻ لڳس. اوچتو ڏٺم تہ رستوختم ٿي چڪو آهي ۽ سامھون هوٽل جي درين مان روشني ڇڻي ٻاھر نڪري رهي آهي- مون خدا جو شڪر بجا آندو.
آءٌ ڊوڙندو ڊوڙندو پنھنجي منزل تي پھتس ۽ ڪمري جو دروازو کوليم. پالينا ساڄي هٿ جون آڱريون کاٻي هٿ جي آڱرين ۾ ڦاسايو ڪوچ تي ويٺي هئي. سامھون هڪ ميڻ بتي ٻري رهي هئي. هن مون کي حيرانيءَ سان ڏٺو ۽ واقعي اُن وقت منھنجي حالت اهڙي هوندي، جو مون کي ھر ڪو حيرانيءَ سان ئي ڏسي سگهيو ٿي. آءٌ هن وٽ بيھي سڪن ۽ نوتن جا ڍير ميز تي رکڻ لڳس.

باب بندرهون

مون کي ياد آهي تہ هوءَ ڄڻ پنڊ پھڻ ٿي وئي. بس مون ڏانھن نھاريندي رهي. نوٽن جي آخري ٿهي ميز تي اڇلائيندي، مون ٿورو زور سان چيو، ”پورا بہ لک فرانڪ کٽيا اٿم!“
نوٽن جون ٿهيون ۽ سونن سڪن جو ڍير ميز تي پيو هو. آءٌ ڪوشش جي باوجود پنھنجون اکيون ان ڍير مان ڪڍي نہ سگهيس. پنھنجي کٽيل دولت ڏسڻ ۾ ايترو تہ ٻڏل هوس، جو چند لمحن تائين پالينا بہ وسري ويم. اوچتو خبر ناهي تہ ڇا ٿيم، جو بينڪ جا نوٽ ترتيب سان رکڻ لڳس ۽ سڪا هڪ هنڌ ننڍڙن ننڍڙن ڍيرن ۾ ڄمائڻ لڳس. پوءِ يڪدم سڄي دولت کي ميز تي پکڙيل ئي ڇڏي، تيز تيز قدمن سان ڪمري ۾ ھلڻ لڳس. آءٌ ڪنھن گهريءَ سوچ ۾ ٻڏل هوسئ ڪڏهن ڪمري جي هن ڪنڊ ۾ ٿي ويس، ڪڏهن هن ڪنڊ ۾...... ڪڏهن تيزيءَ سان ميز تي واپس ٿي آيس ۽ ٻيھر ٿي پئسا ڳڻڻ ۾ لڳي ويس. آءٌ پئسا ڳڻي رهو هوس. اوچتو دل ۾ خيال آيم، سو يڪدم دروازي ڏي ڊوڙيس. ڪڙو لڳائي تالو بند ڪيم ۽ وري ميز تي اچي چمڙي جي ٿيلهي کي تڪڻ لڳس.
اوچتو مون کي پالينا جو خيال آيو. مون هن کان پڇيو، ”پئسا سڀاڻي تائين هن ٿيلهي ۾ رهڻ ڏيان؟ ڪھڙو خيال اٿئي؟“
هوءَ اڃا تائين پنڊ پھڻ ٿيو ويٺي هئي ۽ مون کي چتائي ڏسي رهي هئي. البت هن جي چھري تي رنگن جو لهڻ چڙهڻ ڏاڍو عجيب هو، جيڪو مون کي نہ وڻندو آهي. هن جي چھري مان نفرت ۽ بيزاريءَ جا آثار نظر اچي رهيا هئا.
مون جلدي هن وٽ وڃي چيو، ”پالينا! هي وٺ پنجويھہ هزار فلورن يعني پنجاھہ هزار فرانڪ ۽ سڀاڻي صبح جو ئي وڃي ٻوٿ تي هڻينس....“
هن ڪو جواب ڪونہ ڏنو.
”جي تنھنجي مرضي هجي تہ سڀاڻي صبح جو مون سان گڏجي وٽس ھل. ڇا خيال آهي؟“
هوءَ اوچتو ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي ۽ دير تائين کلندي رهي.
آءٌ هن کي ڏاڍيءَ حيرت ۽ هڪ اهڙي احساس سان ڏسڻ لڳس، جو ان وقت منھنجي لاءِ روح جو عذاب ثابت ٿي رهيو هو. هن جي اھا اوچتي کل منھنجي بي عزتيءَ لاءِ ڪافي هئي. اهي ٽھڪ منھنجي روح لاءِ تازيانا هئا. هڪ زبردست ٽوڪ هئي. در اصل جڏهن بہ آءٌ محبت جي جوش ۾ ڪي ڳالھيون ڪندو هوس، تہ هوءَ هميشہ ئي ٽوڪ واري نموني ۾ ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪندي هئي.
آخر هن جا ٽھڪ ختم ٿيا. پيشانيءَ تي هزار گهنج وجهي، ڀرون ڇڪي، ڏاڍيءَ حقارت سان چوڻ لڳي، ”مون کي تنھنجا پئسا نہ کپن.“
”ڇا مطلب؟ ڇا چيئي؟ پالينا! ڇو نہ وٺندينءَ؟“
”بس ائين ئي ڪو خاص سبب ڪونھي.“ ”آءٌ هيءَ رقم هڪ دوست وانگر ٿو اوھان کي پيش ڪريان. آءٌ تہ پنھجي جان بہ اوھان کي پيش ڪري چڪو آهيان.“
هوءَ تيز تيز نظرن سان مون کي گهوريندي رهي. ڄڻ ڪرٽي ڇڏيندي.
”پر تون تمام گهڻو ڏيئي رهيو آهين.“ هن کلندي چيو، ”گريو جي محبوبہ جي قيمت پنجاھہ هزار فرنڪ نہ آحي.“
”پالينا! ڪھڙيون ڳالھيون ٿي ڪرين. آءٌ گريو ٿوروئي آهيان.“ مون هن جي ڪرسيءَ جي ٻانھن تي هٿ رکندي چيو.
”مان توسان نفرت ٿي ڪريان.... ھا.... ھا.... مان توسان گريو کان وڌيڪ محبت نٿي ڪريان.“ هن ڪاوڙ ۾ ايندي چيو. اوچتو هن جي اکين ۾ رت لهي آيو.
هن منھن کي هٿن سان لڪايو ۽ اهڙيءَ طرح اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي، ڄڻ هسٽيريا جو دورو پيو هجيس.
آءٌ جلدي اڳيان وڌيس. مون کي خيال آيو تہ جڏهن آءٌ جوئا خاني ڏانھن ويو هوس، تہ شايد منھنجي غير حاضريءَ ۾ هن کي ڪجهہ ٿي ويو هو. هوءَ ان وقت اصل هوش و حواس ۾ نٿي لڳي.
”خريد! مون کي- تہ ڇا تون به؟ تون بہ اهو ئي ٿو چاهين؟ پنجاھہ هزار فرانڪ جي بدلي، گريو وانگر؟“ هن سڏڪا ڀريندي چيو.
مون هن کي سيني سان لڳايو، آڱريون چميون مانس، هٿ چميامانس ۽ پوءِ سندس آڏو گوڏن ڀر ويھي رهس.
هن جو دورو ختم ٿي ويو. هن پنھنجا هٿ منھنجي ڪلهن تي رکيا ۽ سڄو بار مون تي وجهندي منھنجي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ لڳي. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هوءَ منھنجي منھن ۽ اکين مان ڪا خاص شيءِ ڳولي رهي آهي. هونئن تہ هوءَ منھنجي ھر ڳالھہ ڌيان سان ٻڌندي رهي. پر ظاھري طرح ائين ٿي لڳو، ڄڻ هوءَ ڪجهہ بہ ڪانہ ٿي سمجهي. هن جي اکين مان ڪجهہ شڪ ۽ ڪجهہ فڪر جھاتيون پائي، ڪجهہ چئي رهيا هئا. آءٌ هن لاءِ ڏاڍو بي چين ۽ پريشان هئس. هن جي حالت مان مون اندازو لڳايو تہ هن جي دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن ڏاڍي نرميءَ سان مون کي ڪلهن کان جهلي آهستي آهستي پنھنجي ڇاتيءَ ڏانھن ڇڪيو. اوڏي مھل هن جي منھن تي نھايت پروقار مرڪ کيڏي رهي هئي. وري اوچتو هن مون کي پري ڌڪو ڏنو ۽ ڏاڍيءَ نراسائيءَ وچان منھنجي منھن ۾ تڪڻ لڳي.
اوچتو وري مون ڏانھن وڌي ۽ ڇڪي کڻي ڇاتيءَ سان لاتائين. ”تون مون سان پيار ٿو ڪرين؟ تون.... آخر منھنجيپيار کان سواءِ ٻي ڪھڙي قوت هئي، جنھن توکي جاگيردار سان اٽڪڻ جي همٿ ڏني؟ ٺيڪ ٿي چوان نہ؟“
اهو چئي اوچتو هوءَ اچي ٽھڪڻ ۾ پئي، ڄڻ ڪا عجيب اڻ وڻندڙ ڳالھہ ياد اچي ويئي هجيس. هوءَ ويتر وڌيڪ زور سان ٽھڪ ڏيڻ لڳي. جيستائين منھنجو حال هو اهو نہ پڇو تہ بھتر آهي. سمجهو تہ آءٌ واقعي بيھوش ٿي چڪو هوس يا خلا ۾ لڙڪي رهيو هوس. مون کي ياد آهي، تہ هوءَ مون سان ڳالھيون ڪري رهي هئي. پر آءٌ هڪڙي ڳالھہ بہ سمجهي نہ سگهيس. اهو هڪ قسم جو وڦلڻ هو. ڄڻ هوءَ جلدي جلدي مون کي ڪا ڳالھہ ٻڌائي پنھنجو بار ھلڪو ڪري رهي هئي. هن جا پيارا پيارا ٽھڪ انھيءَ وڦلڻ جي سلسلي کي ھر ھر ٽوڙي رهيا هئا! هن چوي پئي، ”تون واقعي ڏاڍو سھڻو آهين. منھنجو سچو رازار اهين.“ هن ٻيھر منھنجي ڪلهن تي هٿ رکيا ۽ منھنجي اکين ۾ غور سان جھاتي پائيندي چيائين، ”تون مون سان محبت ڪندو هئين- ڪندو آهين- ڪندين؟“ منھنجون اکيون هن جي چھري تي کتل هيون. مون هن کي پھرين ڪڏهن بہ عشق ۽ محبت واري اهڙي رنگ ۾ نہ ڏٺو هو. اھا ڳالھہ صحيح آهي تہ هوءَ وڦلي پئي، پر ھاڻ جو ڏٺائين تہ مون بہ وڦلڻ شروع ڪيو آهي تہ وري چالاڪيءَ سان مرڪڻ لڳي ۽ ھرو ڀرو ائسٽلي صاحب جي باري ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳي.
هوءَ لڳاتار ائسٽلي صاحب جي باري ۾ ڳالھيون ڪندي رهي. (سوير بہ شايد هن مون کي ائسٽلي صاحب جي باري ۾ ٻڌائڻ جي ڪوشس پئي ڪئي).
مون کي تہ انھن ڳالھين جو مطلب سمجهہ ۾ ئي ڪونہ ٿي آيو. پڪ انھن ڳالھين ڪرڻ مانھن جو مقصد منھنجي بي عزيت رڪڻ هو! ھر ھر ٿي چيائين تہ ’هو انتظار ڪير رهيو آهي.‘ هڪ دفعو مون کان پڇڻ لڳي: ”ڇا توکي خبر آهي تہ هو دريءَ وٽ بيٺو آهي؟ ھا. ھا، هن دريءَ جي هيٺان. وڃ در کول ۽ پنھنجي اکين سان ڏس.“ آءٌ اٿڻ وارو ئي هوس، تہ هوءَ ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي. آءٌ ڦڪو ٿي مرڪڻ لڳس. هن وري مرڪي مون کي زور سان ڀائر پائي وٺي ڇاتيءَ سان لڳايو.
”تہ پوءِ ڇا پاڻ ٻئي سڀاني صبح واري گاڏيءَ ۾ گڏ ھلون؟“ اهو سوال هن جي ذهن کي ڏاڍو بي تاب ڪري ريھو هو. هو4 ڪنھن گهريءَ سوچ ۾ ٻڌل هئي ۽ ان ئي حالت ۾ مون کي چوڻ لڳي، ”ڇا، تون واقعي مون سان گڏ ھلندين؟- اسين برلن ۾ ئي ڏاڏيءَ کي ھلي پڄنداسون. ڇا خيال آهي، اسان کي ڏسي هوءَ ڇا چوندي؟ ۽ ائسٽلي ڇا چوندو؟ مون کي پڪ آهي تہ هو منھنجي لاءِ شلنگبرگ جي چوٽيءَ تان ٽپو نہ ڏيئي سگهندو. ڇا پيو سوچين؟“ (هو کلڻ لڳي) ”خبر اٿئي، هو گريمن ۾ ڪيڏانھن پيا وڃن؟ سائنسي تحقيقات لاءِ اتر پولينڊ وڃڻ جو ارادو اٿن. هن جو خيال آهي تہ مان بہ ساڻن گڏ وڃنا. واه! هن هڪ ڀيري مون کي چيو تہ اوهين روسي، يورپين بنان دنيا ۾ ڪجهہ بہ نہ ٿا ڪري سگهيو. يعني روسي ڪنھن قابل ئي نہ آهن..... هونئن هو طبيعت جو سٺو آهي. ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن جنرل جھڙي ماڻھوءَ کان بہ معافي گهريو وجهي. هن چيو ٿي تہ مادموزيل بلانشي ڏاڍي محبت سان.... پر تنھن ۾ منھنجو ڇا! مون کي ڪھڙي خبر؟“ هن اھا ڳالھہ ائين ڪئي ڄڻ واقعي کيس ڪا خبر ڪانہ هئي. ”هو ويچارو مون کي هن تي ڏاڍو رحم ايندو آهي ۽ ڏاڏي.... ھا، تون ڇا چئي رهيو هئين تہ گريو کي خون ڪري ڇڏيندين؟ ڇا واقعي تون هن کي خون ڪري سگهين ٿو؟ ڪھڙي نہ بيقوفي آهي. ڇا تنھنجي خيال ۾ مان توکي گريو سان وڙهڻ لاءِ چونديس. تون جاگيردار کي تہ ڪجهہ ڪري ڪونہ سگهئين.“ هوءَ يڪدم رڪجي وئي ۽ کلندي چوڻ لڳي، ”جاگيردار سان تو چڱو چرچو ڪيو، مون پريان بيٺي توھان ٻنهي کي ڏٺو. اصل ۾ تون نہ چاهيندي بہ اوچتو وڌي وئين. ايمان سان ان مھل تو مون کي ڏاڍو کلايو هو.“ اوچتو هن مون کي چمي ڏني ۽ وري زور سان چنبڙي وئي ۽ ڏاڍي پيار سان پنھنجو ڳل منھنجي ڳل سان ملائي نرمي سان زور ڏنائين. مون نہ ڪا ڳالھہ ٻڌي پئي نہ سوچي پئي. منھنجو دماغ چڪرائجي رهيو هو.
شايد صبح جا ست ٿيا هئا، جو منھنجي اک کلي. سج جا ڪرڻا دريءَ مان ڇڻي اندر اچي رهيا هئا. پالينا منھنجي ويجهو ويٺي هئي ۽ عجيب نگاهن سان هيڏانھن هوڏانھن ڏسي رهي هئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنھن هيبت ناڪ خواب مان اک کلي هجيس،يا ڄڻ غفلت جي دنيا مان نڪري هوش ۽ هواس جي دنيا ۾ آئي هجي ۽ گذريل واقعن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي. هوءَ اڃا ننڊ مان مس اٿي هئي. هوءَ ميز تي پکڙيل پسئن کي ڏسي رهي هئي. آءٌ مٿو وھاڻي تي رکيو ستو پيو هوس. منھنجو مٿو ايترو تہ ڳرو ٿي پيو هو جو کڻي نہ ٿي سگهيس. مون پالينا جو هٿ جهليو ۽ کيس پاڻ ڏانھن ڇڪيم. هن مون کي زور سان ڌڪو ڏنو ۽ ڪوچ تان ٽپ ڏيئي اٿي. آسمان تي ڪارا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. سج نڪرڻ کان پھرين ھلڪو ھلڪو مينھن پوندو رهيو هو. هوءَ دريءَ وٽ ويئي، تاڪ کولي ٺونٺيون دريءَ تي رکي هٿ ٻڌي بلڪ يڪ ٽڪ آسمان ڏانھن پئي ڏٺائين. منھنجي بہ عجيب حالت هئي. سوچي رهيو هوس تہ ھاڻي ڇا ٿيندو. آخر ٿيندو ڇا؟ آخر هوءَ دري کان ھليميز تي آئي، هن جي منھن تي نفرت ۽ حقارت جا نشان ظاھر هئا، ڪاوڙ کان چپ ڪنبي رهيا هئس ۽ چوڻ لڳي، ”ھاڻ تہ منھنجا پنجاھہ هزار فرانڪ ڏي؟“
”پالينا ڏس وري اھا ئي ڳالهه- وري اھائي-؟“
”يا ھاڻ تنھنجو ارادو بلجي ويو آهي؟ شايد ھاڻ توکي افسوس ٿي رهيو آهي.“
پنجويھہ هزار فلورن، جي هڪ طرف پيا هئا، مون کڻي هن کي ڏنا.
”ھان تہ اهي منھنجا آهن. ڇو؟- نه“ هن پئسا وٺندي حقارت سان چيو.
”هميشہ کان تنھنجا هئا.“ مون جواب ڏنو.
”واه! تہ هي وٺو پنھنجا پنجاھہ هزار فرانڪ.“ هن پسئن جي ٿيلهي زور سان منھنجي منھن تي هنئين. سڪا ڇڻڪاٽ ڪري زمين تي ڪري پيا ۽ هوءَ ڊوڙي ڪمري کان ٻاھر ھلي ويئي.
مون کي ايتري خبر آهي تہ پالينا ان وقت هوش و حواس ۾ ڪانہ هئي. تہ ڇا هن کي عارضي جنون هو؟ آءٌ هن جي باري ۾ ڪابہ ڳالھہ پڪيءَ طرح ڪري نہ ٿي سگهيس. ھا، اھا ڳالھہ درست آهي تہ هوءَ ھاڻ هڪ مھيني کان پوءِ بہ اڃا بيمار آهي. هن جي هن بيماريءَ ۽ هن ذهني ڦُوٽ جو سبب آخر ڪھڙو هو؟ ڇا ان جو سبب غرور جو ٽٽڻ تہ نہ هو؟ ڇا مون وٽ اچڻ جي ڪري غمگين هئي؟ ائين تہ نہ آهي تہ مون پنھنجي فتح ۽ خوشيءَ تي مغرور ٿي هن جي اڳيان ڪا ڳالھہ ڪئي هجي؟ تہ ڇا مون گريو وانگر پنجاھہ هزار فرانڪ ڏيئي هن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ٿي گهريو؟ پر خدا ڄاڻي ٿو تہ تھائين ڪونہ هو. انھن مان ڪابہ ڳالھہ هن جي بيماريءَ جو سب ڪانہ هئي. مون کي پڪ تہ ڇا، اهو منھنجو ايمان آهي تہ هن جي بيماريءَ جو سبب هڪ حد تائين هن جو غرور هو. هوءَ پنھنجي غرور ۾ مون تي اعتبار ڪرڻ بدران منھنجي بي عزي ڪرڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺي هئي. ان غرور جي نتيجي ۾ هن گريو جي ڪاوڙ مون تي لاٿي ۽ هن جي بجاءِ مون کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻايو. مون کي پنھنجي بيماريءَ جو ذميدار بنايائين. حالانڪ مون تي هن لاءِ رتيءَ جيترو بہ شڪ نٿو ڪري سگهجي. هي سچ آهي تہ، اهو سڀ وڦلڻ هو. اهو بہ درست آهي تہ مون کي هن جي حالت جي خبر هئي. تنھنڪري مون دل ۾ ڪونہ ڪيو. پر ھاڻ شايد هوءَ مون کي معاف نہ ڪري. چڱو، خير، ھلو، ان وقت تہ هوءَ پنھجي هوش ۾ ڪانہ هئي. پر ان وقت، جنھن وقت هوءَ مون وٽ آئي هئي. ان وقت ڪابہ بيماري ڪانہ هيس، جو هوءَ نہ سمجهي تہ ڇا پئي ڪريان، ڇا نہ پئي ڪريان! حقيقت هيءُ آهي تہ جڏهن هوءَ گريو جو خط کڻي مون وٽ آئي هئي، تہ هن کي سڀ ڪجهہ خبر هئي تہ ڇا پئي ڪريان.
آءٌ جلد جلد نوٽن جون ٿهيون ۽ سونا سڪا هنڌ ۾ ويڙهي ڏهن ئي منٽن ۾ پالينا جي پٺيان نڪتس. منھنجو خيال هو تہ هوءَ پنھنجي ڪمري ۾ ويٺي هوندي. ان لاءِ سڌو اوڏانھن ويندس ۽ نرس کان پڇندس. پر جڏهن نرس مون کي ٻڌايو تہ هوءَ اڃا اتي نہ پھتي آهي ۽ هوءَ پاڻ هن کي ڳولڻ لاءِ مون وٽ اچي رهي هئي. تہ آءٌ ششدر ٿي ويس.
”اڃا هينئر تہ مون وٽان نڪتي آهي، آخر ڪيڏانھن ويئي؟“
نرس ڏاڍي عجيب نگاهن سان مون کي ڏسڻ لڳي.
ٿوريءَ دير ۾ پالينا جي گم ٿي وڃڻ جي خبر سڄي هوٽل ۾ پکڙجي ويئي. جيترا منھن اوتريون ڳالھيون. سڀئي پنھنجي پنھنجي ٻولڻ لڳا. وڏي بيري ۽ پھريدار جي ڪمري ۾ ماڻھو ڳالھيون ڪري رهيا هئا تہ مس مينھن ۾ صبح جو سويل ڇھين بجي اينگلو هوٽل ڏانھن پئي ويئي. ماڻھو اشارن ۾ ڳالھيون ڪري رهيا هئا، تن مان مون اندازو لڳايو تہ هنن کي اڳواٽ ئي خبر هئي تہ هوءَ سڄي رات منھنجي ڪمري ۾ رهي ههئي. مطلب تہ سڄي ڪٽنب لاءِ عيجب عجيب ڳالھيون گهڙجڻ لڳوين. هوٽل جي سڀني ماڻھن کي خبر پئجي وئي تہ جنرل جو دماغ خراب ٿي ويو آهي ۽ هو زور زور سان چرين وانگر رڙيون پو ڪري. مثلاً هڪ چيو، ”اھا پوڙهي جا هتي آئي هئي، سا جنرل جي ماءُ آهي. هوءَ روس مان رڳو ان ڪري ائي هئي تہ پنھنجي پٽ کي بلانشي سان شادي ڪرڻ نہ ڏي ۽ جي پٽ سندس حڪم نہ مڃي، تہ وصيت نامي مان هن جو نالو ڪڍي ڇڏي. پٽ پڪ تہ هن جي چوڻ نہ مڃيو هوندو. تڏهن تہ هوءَ ڄاڻي ٻجهي پنھنجي دولت رولٽ جي جوئا خاني ۾ پاڻيءَ وانگر ھارائي ويئي تہ جيئن جنرل کي ڪجهہ نہ ملي سگهي.“ وڏي بيري ڪاوڙ ۾ اچي چيو. ”بلڪل ٺيڪ آهي، سائين.“ ٻيا ماڻھو کلڻ لڳا ۽ وڏو بيرو بل ٺاهڻ لڳو. هوٽل جي ماڻھن کي اھا بہ خبر هئي تہ ڪالھہ مون هڪ وڏي رقم کٽي آهي. سڀ کان پھرين هوٽل جي پھريدار ڪارل مون کي مبارڪون ڏنيون، پر مون کي ڪنھن جي مبارڪن جو خيال ڪونہ هو. آءٌ تڪڙو تڪڙو اينگلو هوٽل ويس.
صبح جو وقت هو. ان ڪري ائسٽلي صاحب اڪيلو هو ۽ ڪو ملڻ وارو بہ ڪونہ آيو هوس. منھنجي اچڻ جو ٻڌي ورانڊي ۾ آيو ۽ مون وٽ اچي بيٺو. پنھنجي جهنگلي ٻلي جھڙين اکين سان گهورڻ لڳم ۽ منھنجي ڳالھہ ٻڌڻ جي انتظار ۾ بلڪل چپ ٿي بيٺو. مون پالينا متعلق پڇيومانس.
”هوءَ بيمار آهي.“ هن پھرئين وانگر گهوريندي چيو.
”ڇا هوءَ واقعي اوھان وٽ آئي آهي.“
”ھا هوءَ مون وٽ آهي.“
”ڇا ھاڻي- ڇا اوهين هن کي پاڻ وٽ ئي رھائيندا؟“
”جي ھا.“
”پر ائسٽلي صاحب! اهو ناممڪن آهي. ڏاڍي شرمناڪ ڳالھہ آهي. ڏسو تہ ڇا هوءَ واقعي بيمار آهي. شايد اوھان اڃا تائين هن کي ڪونہ ڏٺو آهي.“
”سائين مون ڏٺو آهي- هينئر اوھان کي چئي چڪو آهيان تہ هوءَ بيمار آهي. جي بيمار نہ هجي ھا، تہ مان قسم سان ٿو چوان تہ رات توسان ڪانہ گذاري ھا.“
”تہ اوھان کي اھا بہ خبر آهي؟“
”ھا، مون کي سڀ آهي. هوءَ ڪالھہ مون وٽ آئي هئي. ۽ آءٌ هن کي گڏ وٺي هڪ مائٽ سان ملائڻ پئي ويس. پر ڇو جو هوءَ بيمار هئي. ان ڪري غلطيءَ کان اوھان وٽ پھچي ويئي.“
”ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آهي؟ تہ پوءِ ائسٽلي صاحب آءٌ اوھان کي مبارڪ ٿو ڏيان. ھا سچي ياد آيو.ڇا رات اوھان دريءَ هيٺان بيٺا هئا؟ مس پالينا پاڻ کي دري کولڻ لاءِ چيو هو. اوهين پڪ اتي بيٺا هوندا. هوءَ اوڏي مھل کلي بہ پئي.“
”واقعي آءٌ دريءَ جي هيٺان تہ نہ هوس، البت هيٺ ورانڊي ۾ بيٺي انتظار ڪيم.“
”ائسٽلي صاحب! ڪنھن کي ڏيکاري بہ اَٿوَ يا نہ؟“
”ھا، ڊاڪٽر لکي گهرايو هوم. ياد رکو، جي خوانخواستہ هن کي ڪجهہ ٿي پيو، تہ ان لاءِ آءٌ اوھان کي ڳچيءَ کان جهليندس.“
آءٌ حيران ٿي ويس، ”آخر اوھان جي مرضي ڇا آهي؟“
”مان صرف هي ٿو پڇڻ گهران تہ ڪالھہ توھان هڪ لک فلورن کٽيا آهن نہ؟“
”ھا، هڪ لک فلورن.“
”بھتر اهو ئي آهي تہ اوهين مھرباني ڪري اڄ ئي پرئس ھليا وڃو.“
”ڇو؟ ڇا لاءِ؟“
”اهي سڀ روسي جن وٽ دولت ايندي آهي، پيرس ويندا آهن.“ ائسٽلي صاحب اهڙي نموني ۾ چيو، ڄڻ ڪنھن ڪتاب ۾ پڙهيو هئائين.
”اهڙين گرمين ۾ پيرسن وڃي ڇا ڪندس؟ توھان کي اھا تہ خبر آهي ائسٽلي صاحب تہ مون کي پالينا سان محبت آهي؟“
”واقعي؟ مون کي يقين آهي تہ اوھان کي هن سان محبت ڪانھي، اوھان هن سان محبت ڪري ئي نٿا سگهو. ڏسو جي اوھان هتي رهيو تہ سڀ ڪجهہ ھارائي ڇڏيندو ۽ پيرس وڃڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ بچندؤ، پوءِ پڇتائيندؤ. تنھن مان ڪھڙو فائدو؟ چڱو خدا حافظ! مون کي پڪ آهي تہ اوهين اڄ ئي پيرس ھليا ويندا.“
”چڱو خدا حافظ! پر هڪڙي ڳالھہ منھنجي بہ ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيو. مان اڪيلو پئرس نہ ويندس- هتي، اوھان پنھنجي اکين سان ڏسندؤ تہ ڇا ٿيندو. جنرل صاحب ۽ مس پالينا سان اوھان جي هيءَ ڪارستاني....... هيءَ خبر سڄي شھر ۾ پکڙجندي.“
”ھا ھا، ٺيڪ آهي. ڀلي پکڙجي. پوءِ ڇا ٿيندو؟ جنرل وٽ ھاڻ نہ سوچڻ لاءِ دماغ آهي نہ وقت. ان کان سواءِ مس پالينا کي پورو پورو حق حاصل آهي تہ هوءَ جتي وڻيس اتي رهي. اوھان کي خبر آيہ تہ اهو ڪٽنب ھاڻي برباد ٿي چڪو آحي. بلڪ ان ڪٽنب جو وجود ئي ڪونھي.
آءٌ هن انگريز جي عجيب ڳالھہ تہ آءٌ پئرس ضرور ويندس تہ کلندو، واپس پئي ويس. آءٌ سوچڻ لڳيس، ”هيءَ تہ من سان خواه مخواه ٿو جهيڙو ڪرڻ گهري. جي مس پالينا مري ٿي پوي، تہ ڪيڏي نہ ڏکي ڳالھہ ٿي پوندي! آءٌ سچ ٿو چوان تہ مون کي مس پالينا جو ڏاڍو ڏک آهي. پر اھا ڳالھہ ڪيتري نہ عجيب آهي تہ ان وقت جڏهن آءٌ هن کي پنھنجي ڪمري ۾ ڇڏي جوئا خاني ۾ ويو هوس ۽ پئسا کٽڻ شروع ڪيا هئم، تڏهن منھنجو سڄو عشق ڄڻ گم ٿي ويو هو. ڪنھن گهرائيءَ ۾ دفن ٿي چڪو هو. هيءَ ڳالھہ آءٌ اڄ پيو ڪريان نہ تہ ان وقت مون کي ان جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي. ڇا آءٌ واقعي جوئاري آهيان؟ ڇا آءٌ واقعي پالينا سان سچي محبت ٿو ڪريان؟ خدا شاهد آهي تہ آءٌ اڄ بہ هن سان ويس تہ شڪست جي احساس ۽ غمگينيءَ منھنجيو بت ڀڃي پرزا پرزار ڪري ڇڏيو هو. هڪڙو هڪڙو پير هڪ هڪ مڻ جو لڳي رهيو هو. اصل کڄيو ئي ڪونہ ٿي. آءٌ يڪو پنھنجي ضمير کي گهٽ وڌ ڳالھائي رهيو هوس ۽ ان کي ڏوھہ ڏيئي رهيو هوس. پر ان موقعي تي مون کي هڪ ڏاڍي عجيب واقعو پيش آيو.
آءٌ جنرل صاحب ڏانھن پئي ويس. هن جو ڪمرو ويجهو اچي ويو هو تہ اوچتو هڪ دروازو کليو ۽ ڪنھن آواز مون کي پاڻ ڏي سڏيو. هيءَ مادام ڪامنگز هئي، جا مون کي بلانشي جي چوڻ تي سڏڻ آئي هئي. آءٌ بلانشي سان ملڻ لاءِ هن جي ڪمري ۾ ويس.
هن وٽ رڳو ٻہ ڪمرا هئا. هڪ ٻہ نوڪر بہ هئن. بلانشي جا ٽھڪ مون کي صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. هوءَ اڃا ھاڻ نند مان اٿي هئي، نہ ڄاڻ ڪنھن کي چئي رهي هئي، ”منھنجي خيال ۾ هي ڪوڙ آهي. اهڙيون عجيب شرطون بہ ڪڏهن لڳيون آهن. جي ائين ممڪن آهي تہ پوءِ اهو تہ معجزو ٿيندو.“
”پر مون واقعي شرط هني کٽيو آهي.“ مون ڪمري ۾ داخل ٿي کلندي چيو.
”ڪيترا پئسا؟“
”هڪ لک فلورن،“
”واهه، بازي هڻڻ جو موقعو تہ ھاڻ آيو احي. اندر اچ. مون کي پري کان ڳالھہ ٻڌڻ ۾ ڪانہ ٿي اچي. هتي!“
آءٌ آهستي آهستي هن ڏانھن وڌيس. هوءَ گلابي ساٽن جي سوڙ ويڙهيو ليٽي پيئي هئي جنھن مان هن جا ڀيرل ڀريل ڪلھا ٻاھر نڪتل هئا. اهڙا ڪلھا جن کي ڪو خواب ۾ ئي ڏسندو آهي. سفيد ململ جي قميص مان هن جون نرم نرم ٻانھون صاف نظر پئي آيون. جن تي ڪاريون پٽيون ڪنڌ تائين اهڙيءَ خوبصورتيءَ سان ٽاڪيل هيون، جو سون تي سھاڳي جو ڪم پئي ڏنائون.
”تون واحد شخص آهين، جو ان موقعي مان فائدو وڍي سگهين ٿو.“ هن مون کي پنھنجي ويجهو ايندو ڏسي کلڻ شروع ڪيو. هوءَ ڏاڍي سليقي ۽ ناز انداز سان کلي رهي هئي.
”ھاڻ ٻڌايو تہ ڇا آهي؟ آءٌ موقعي مان فائدو وٺڻ جي ضرور ڪوشش ڪندس.“ مون وضاحت گهرندي چيو.
هن جواب ڏنو، ”آهستي ڳالھاءِ. ڪو ٻڌو نہ وٺي. چڱو پھرين مون کي جوراب کڻي ڏي، بلڪ پاراءِ، جوئا ۾ بازي هڻڻ جو مزو تہ پئرس ۾ آهي. خبر اٿئي تہ مان اڄ پئرس پئي وڃان.“
”ھا، تہ اڄ ئي؟“
”بس اڌ ڪلاڪ کن ۾.“
واقعي هن جو سامان ٻڌو پيو هو. هڪ طرف هنڌ ۽ پيتي رکيا هئا. چانھه جو سيٽ ميز تي پيو هو. جنھن مان ثابت هو تہ هينئر چانھه پيتي هوائون.“
”جوئا جو مزو تہ پئرس ۾ آهي. هتي دغابازي گهڻي ٿيندي آهي ۽ اھا ڏاڍي خراب ڳالھہ آهي. اگرچھ مون کي خبر آهي تہ خود شرط ٻڌڻ ۽ هڻڻ بہ خراب ڳاله اهي. منھنجا جوراب ڪٿي آهن. پارائينم نہ؟“
هن پنھنجا سنگ مرمر جھڙا سھڻا ۽ جرڪندڙ پيرا سڌا ڪري مون ڏانھن وڌايا. آءٌ هٻڪندي، هن کي ريشمي جوراب پارائڻ لڳس تہ هوءَ اٿي بيٺي ۽ ٻارن واري سادگيءَ سان ڳالھيون ڪرڻ لڳي.
”دوکو ڏيڻ بہ ڪيترو حوصلي جو ڪم آهي، ڳالھہ هيءَ آهي تہ مون کي پنجاھہ هزار فرانڪ جي ڏاڍي ضرورت اهي. فرئنڪفرٽ ۾ توھان اھا رقم مون کي ڏجانءِ پوءِ پئرس ۾ اسين ٻئي گڏ کيڏنداسين. راند تہ اتي ٿيندي. جوئا کيڏڻ جي سچي خوشي پئرس ۾ ملي سگهي ٿي. ڇو جو جوئا جو اصلي هنڌ اهو آهي. توکي اتي اهڙيون اهڙيون سھڻيون عورتون ملنديون، جي تو سڄي عمر ۾ نہ ڏٺيون هونديون. ڏس....“
”پر سوچڻ جي ڳالھہ هيءَ آهي تہ توکي پنجاھہ هزار فرانڪ ڏيئي بہ ڇڏيان، تہ پوءِ مون وٽ باقي ڇا بچندو!“
”تون پھرئين ئي سينٽن کي فرانڪن ۾ بدلائي چڪو آهين ۽ ان کان سواءِ بہ هونئن آءٌ مھينو بہ مھينا تو وٽ رهڻ لاءِ تيار آهيان ۽ پڪ توکي مون سان رهڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونہ ٿيندو. انھن ٻن مھينن ۾ اسين پنجاھہ هزار فرانڪن مان ڏيڍ لک فرانڪ بڻائي ڇڏينداسين. مان پھرين ٿي ٻڌائي ڇڏيانءِ تہ اهو سڀ ڪجهہ اتي وڃڻ کان پوءِ ئي پورو ٿي ٿو سگهي. نہ تہ اتي ويھي خيالي پلائن پچائڻ مان ڪجهہ بہ ڪين ورندو.“
”صرف ٻہ مھينن ۾!“
”آخر تون ڊڄين ڪھڙي ڳالھہ کان ٿو. اتي توکي ڪير ٻڌي ڪونہ ڇڏيندو؟ خبر اٿئي پئرس جو هڪ مھينو ٻي سڄي زندگيءَ جي برابر آهي. هڪ مھينو تمام گهڻو ٿيندو آهي. پنھنجو پان کي فريب ۾ ڏي. آءٌ سمجهان ٿي تہ هن ڳالھہ ۾ جيڪو مزو آهي اهو توکي ملي ئي نٿو سگهي. يعني تون ان قابل ئي ڪونہ آهين. تون تہ ڪجهہ سمجهين ئي ڪونہ ٿو. صفا ڪو ٻُڌو آهين.“
ان وقت آءٌ هن جي ٻئي پير ۾ جوراب پارائي رهيو هوس. خبر ناهي تہ جو آءٌ هن جي ڀريل گلابي بڪيءَ تي چمي ڏيڻ کان رهي نہ سگهيس. هن پير ڇڪي ورتو ۽ آهستي آهستي کڙي منھنجي مٿي تي هڻڻ لڳي. ڄڻ ٿڦڪيون ڏيئي رهي هجيم. وڃڻ مھل هن مون کي چيو: ”ياد رک جوئا ۾ بازي لڳائڻ وقت ڏاڍي احتياط ۽ هوشياريءَ جي ضرورت آهي. مان بس پندرهن ويھن منٽن ۾ اسٽيشن ھلي وينديس.“
آءٌ جڏهن پنھنجي ڪمري ۾ واپس آيس. تہ ائين لڳم ڄڻ منھنجو مٿو ڦري رهيو هو. ان گردش ۾ منھنجا خيالات پسجي ڊانواڊول ٿي ويا هئائ ڀلا جي مس پالينا پئسنجي ٿيلهي منھنجي منھن تي ڦهڪائي ڪڍي هئي ۽ انگريز ائسٽلي کي مون تي تريجيح ڏني هئائين، تہ ان ۾ منھنجو ڪھرو ڏوهه؟ اڃا بہ ڪجهہ سڪا ۽ نوٽ زمين تي پکڙيا پيا هئا. مون ويندي ئي اهي ميڙيا، ان وقت در کليو ۽ وڏو بيرو ظاھر ٿيو. (جو ان کان پھرين ڪڏهن بہ منھنجي ڪمري ۾ نہ آيو هو). مون کي صلاح ڏيندي چياِن.
”سائين، منھنجو خيال آهي تہ اوھان هيٺيئينءَ منزل تي ڏاڪڻ جي ڀر وارن ڪمرن ۾ ھليا وڃو، جيڪي اڄ نواب صاحب خالي ڪيا آهن.“
آءٌ خاموش ٿي ويس ۽ ڪجهہ سوچڻ لڳس.
”منھنجو بل موڪل. آءٌ هينئر ئي ٻاھر پوي وڃان.“اهو چئي آءٌ سوچڻ لڳس. ”جي پئرس تہ پئرس ئي سھي. چڪر تہ روز اول کان منھنجي مقدر ۾ لکيل آهي.“
پندرهن منٽن کان پوءِ اسين ٽيئي يعني مادام ڪامنگس، بلانشي ۽ آءٌ واقعي ٽرين جي هڪ خاص گاڏي ۾ ويٺا هئاسين. بلانشي مون سان کلي ڳالھيون ڪري رهي هئي ۽ هيڏانھن هوڏانھن ڏسي رهي هئي. هوءَ ايترو ٿي کلي جو اکين ۾ پاڻي اچي ٿي ويس ھاڻ منھنجي زندگي ٻن حصن ۾ ورھائجي چڪي هئي. پر گذريل ڏينھن کان مون پنھنجي ھر شيءِ پتن جي بازيءَ ۾ هڻڻ شروع ڪئي هئي. شايد اھا ڳالھہ بہ درست آهي تہ هيءَ اوچتو هٿ آيل دولت منھنجي ضرورت کان گهڻي هئي ۽ ان مون کي ڪجهہ مغرور ڪري ڇڏيو هو. ھاڻ تہ آءٌ پننهجي سڄي پونجي بازيءَ ۾ هڻي چڪو آهيان. شايد ان لاءِ دکي هوس. اهو خيال منھنجي ذهن ۾ آيو، پر رڳو هڪڙو ڀيرو. ان کان پوءِ يڪدم خيال پاسو ورايو. ”پر هڪ مھيني کان پوءِ هتي ئي موٽي ايندس ۽ اوھان سان قوت آَزمائي ڪندس ائسٽلي صاحب!“ حقيقت هيءَ آهي تہ ان وقت آءٌ خوش ڪونہ هوس. بلڪ خوفناڪ حد تائين اداس ۽ غمگين هوس. اھا ٻي ڳالھہ آهي تہ آءٌ هن شيطان جي ڌيء، مدموزيل بلانشي جي اوچن اوچن ٽھڪڻ جو ساٿ ڏيئي ريھو هوس.
”توکي ڇا پيو ٿئي؟ تون تہ ڪو بيوقوف آهين؟“ بلانشي پنھنجي ٽھڪڻ وچان مون کي تڙي ڏيندي چيو. ”جي آءٌ تنھنجا ٻہ لک فرانڪ خرچ ڪير ڇڏيان، تہ پوءِ ڇا ٿيندو! هڪ ئي تہ ڳالھہ آهي. ان جي بدلي آءٌ توسان ظاھر ظهور ٻاھر گهمنديس. تنھنجو مرتبو ۽ وقار وڌندو ۽ هونئن پنھنجي هٿ سان تنھنجي نيڪٽاءِ ٻڌنديس ۽ جي خوانخواستہ سڀ پئسا ھارائي بہ ڇڏيون، تہ تون وري هتي اچجانءِ ۽ ھاڻي وانگر وري بئنڪ جو رڪارڊ ڀڃجانءِ. ياد اٿئي يھوديءَ توکي ڇا ٿي چيو؟ جرئت ۽ حوصلو تو ۾ آهي. مون کي پڪ آهي تہ تون پئرس ۾ منھنجي لاءِ اڳي کان بہ وڌيڪ پئسا کٽي ايندين، جتي رهجي اتي کٽڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي.“
”۽ جنرل صاحب....“
”جنرل صاحب روز مون وٽ گلن جو هڪ گلدستو کڻي ايندو هو. اڄ مون کي چيو تہ فلاڻي رنگ جا گل آڻ. جڏهن غريب واپس ايندو ۽ ڏسندو تہ پنڇي اُڏري ويو آهي، تہ هو بہ اسان جي ڳولا ۾ نڪرندو. تون خود ڏسندين. مون کي هن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿيندي. پئرس ۾ مون کي هن مان گهڻو ئي فائدو حاصل ٿي سگهندو. هتي ائسٽلي صاحب هن جي هوٽل جو بل ادا ڪندو.....“
ان طريقي ۽ اهڙين حالتن ۾ آءٌ پئرس پھتس.

باب سورهون

پئرس لاءِ ڇا چوان؟ بس ائين سمجيھو تہ اتي وڃي، مون وڏي بيوقي ڪئي. آءٌ پئرس ۾ ٽن هفتن کان ٿورو مٿي رهيو هوندس. پر ايترڙي وقت ۾ منھنجا هڪ لک فرانڪ خرچ ٿي ويا. هي تہ آءٌ رڳو هڪ ک فرانڪن جي ڳالھہ ڪري رهيو آهيان، نہ تہ باقي هڪ لک فرانڪ بہ مون مادموزيل بلانشي کي ڏيئي ڇڏيا. پنجاھہ هزار فرينڪفرٽ ۾ ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ باقي رقم جو دستاويز پئرس پھچي هن کي لکي ڏنم ۽ سو بہ هن پوري هڪ هفتي کان پوءِ مون کان مٽارائي ورتو. پئسا تہ پنھنجي اصلي جڳھہ تان ڏاڍيءَ سولائيءَ سان مٽارائي ورتو. پئسا تہ پنھنجي اصلي جڳھہ تان ڏاڍيءَ سولائيءَ سان مٽارائي سگهجن ٿا. پوءِ اهي ڀلي ڪنھن ننڍڙي ماڻھوءَ وٽ ئي ڇو نہ هجن. هوءَ مون کي ٽيوٽر ڪري سڏيندي هئي. انسانن جي جنھن طبقي سان مادموزيل بلانشي جو تعلق آهي، ان کان وڌيڪ ذليل ان کان وڌيڪ بخيل ۽ ان کان وڌيڪ ڪم ظرف دنيا ۾ ڪوبہ نٿو ٿس سگهي. پر اهو فقط پنھنجن پئسن خرچڻ مھل، جيستائين منھنجي هڪ لک فرانڪن جو تعلق آهي، هن ڪجهہ ڏينھن بعد مون کي صاف ٻڌايو هو تہ انھن پئسن جي کيس ڏاڍي سخت ضرورت هئي. ’ڇو جو، في الحال منھنجي اسڪيم اھا آهي تہ، ھاڻ، مان شانائتي نموني سان هميشہ لاءِ هتي ٿي رهڻ چاهيان- پنھنجي حياتي هڪ بھتر انداز ۾ گذارڻ ٿي چاهيان. ھاڻي ڪجهہ وقت تائين ڪو مون کي ڪجهہ چئي نٿو سگهي.‘ پوءِ اهي هڪ لک فرانڪ مون ڏٺا بہ ڪونہ. هوءَ هميشہ پئسا ٻٽونءَ ۾ رکندي هئي، جنھن ۾ ڪڏهن بہ هڪ سؤ فرانڪ کان وڌيڪ نہ ڏٺم- بلڪ جيئن پوءِ تيئن ان ۾ سؤ فرانڪن کان بہ گهٽبا پئي ويا.
”توکي آخر پئسا ڇو گهرجن.“ هوءَ اھا ڳالھہ اهڙي مٺي ۽ ٻالي ڀولي انداز ۾ ڪندي هئي جو مون کي جهيڙي ڪرڻ جي همت ئي ڪانہ ٿيندي هئي. پر هن انھن پئسن مان پنھنجي فليٽ کي سينگارڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانہ ڇڏي. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ جڏهن هوءَ مون کي سندس نئين رھائشگاھہ تي وڍي ويئي، تہ هن مون کي ڪمرا ڏيکاريندي چيو، ”ڏٺئي، ٿورڙن پسئن سان بہ ڪيترو نہ سگهڙپائيءَ جو ثبوت ڏنو اٿم.“حالانڪ ٿورڙن پئسن جي ڪل رقم پنجاھہ هزار فرانڪ هئي. ٻين پنجاھہ هزارن مان هن ٻن گهوڙن واري گاڏي ورتي. ان کان سواءِ اسان ٻہ ڀيرا ناچ جي دعوت بہ ڪوٺائي. يعني شام جو پاڻ وٽ پارٽيون ڪيونسين، جن ۾ ھارٽنسي، لزيٽ ۽ قلوپطره جھڙين عورتن شرڪت ڪئي. جن جي خاصيتن غ۽ صلاحيتن جي ڏاڍي ڳالھہ هئي. جي واقعي خوبصورت بہ هيون. انھن ٻن دعوتن ۾ مون کي ميزبان ٿيڻ جو ڌاڍو احمقاڻو ڪيم، تہ ڪڏهن بيوقوف ۽ بي حيا قسم جي فوجي ڪپتانن جو ڪڏهن خبيث قسم جي چاپلوس، خود پسند ۽ فيشن جي سڪايل اديبن ۽ صحافي ڪيڙن کي وڏي عزت ۽ مان سان پئي ويھارڻو پيم، جن ايڏي تہ ظاھريءَ بناوت ۽ ڏيکاءَ جو اظھار پئي ڪيو، جو انھن جو پيٽرز برگ ۾ تصور بہ نٿي هي سگهيو. واقعي اھا وڏي ڳالھہ آهي! انھن مان ڪي تہ مون سان چرچا ڪرڻ لڳا هوا، پر آءٌ شيمپن جي نشي ۾ مخمور پوئين ڪمري ۾ پير پٿاريو ستو پيو هوندو هوس. هي سڀ ڪجهہ منھنجي لاءِ ڏاڍي فضول مڪروه بڪواس هئي. هوڏانھن بلانشي منھنجي لاءِ چوندي هئي، ”هي بنھہ نظر انداز ڪرڻ جھڙو ماڻھو هو. ننڍڙو ماڻھو جو ٿيو، سينٽن کي جي فرانڪن ۾ بدلايائين تہ رڳو منھنجي لاءِ، نہ تہ مون کان سواءِ تہ هن کي خبر ئي ڪانہ هئي تہ پئسو خرچ ڪيئنڪجي. پر هي وري بہ ننڍڙو ماڻھو بنجي ويندو. ماڻھو کي پنھنجي اصليت ڪانہ وسرندي. ڪانگ هنج جي چال ھلندو آخر پنھنجي بہ وساري ويھندو. هن جي لاءِ ضرور ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرنو پوندو.“
آءٌ گهڻو ڪري ڏاڍو اداس رهندو هوس. ھاڻ تہ هن زندگيءَ کي ئي مصيبت سمجهندو هوس. ان ڪري اڪٿر شمپئنپي بي خود ٿي ويندو هوس ۽ ان ۾ ئي پنھنجي سلامتي سمجهندو هوس. آءٌ پئرس جي شھري وچولي طبقي ۾ رهندو هوس، جنھن جا ماڻھو ايتار تہ ڪنجوس ۽ خود غرض ٿيندا آهن، جو توبهه، شروعاتي ٻن هفتن ۾ مادموزيل بلانشي مون کان ڪجهہ پري رهي. ڇو جو هوءَ مون سان نفرت ڪندي هئي. ان جي مون کي خبر ئي. هونئن منھنجي ڪپڙي لٽي جو ڏاڍو خيال رکندي هئي. منھنجا وار چڱيءَ طرح ٺاهيندي هئي ۽ روز مون کي ٽاءِ ٻڌندي هئي. پر پنھنجي روح ۾، پنھنجي دل ۾ مون کي حقير سمجهائين. مون بہ ان ڳالھہ ۾ ڪا خاص دلچسپي نہ ورتي. نااميدي، ناڪامي، حسرت ۽ ياس ۽ شڪست کان مجبور ٿي. آءٌ تقريباً روز فليزر هوٽل ۾ ويندو هوس، ڏاڍيءَ باقاعدگيءَ سان روز شراب جا جام تي جام چاڙهندو هوس. انھن سڀني عورتن ۽ مردن سان گڏ نچندو هوس، جيڪي گڏ نچندي فحس پر خفيف ۽ ھلڪڙيون حرڪتون ڪندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح انھن کي ناچ ۾ ڏاڍو مزو ۽ لطف ايندو هو.
آخرڪار بلانشي منھنجي اصلي شخصيت ۽ ڪردار جو اندازو ڪري وڌو. خدا ڄاڻي هن کي ڇو هي خيال آيو تہ آءٌ ھر وقت ڪاغذ ۽ پينسل کڻي هن سان گهمندو آهيان ۽ جتي بہ هوءَ ڪجهہ خرچي تي لکي ڇڏيان، ۽ رڳو اهو اندازو بہ ڪندو رھان ٿو اتي لکان ٿو تہ هن هيترو خرچ ڪيو آهي، هيترو هن چورايو آهي. هيترو اڃا خرچ ڪندي، هيترو چورائيندي وغيره. هن کي اصل پڪ ٿي ويئي تہ اسان کي ھر ڏهن فرانڪن جي نوٽ تي باقاعده جهيڙو ڪرڻ گهرجي. هن کي منھنجي طرفان جنھن بہ اعتراض جي اميد هئي، ان جو جواب هوءَ پھرين ئي گهڙي تيار ڪندي هئي ۽ جڏهن ڏسندي هئي تہ آءٌ ڪوبہ اعتراض ڪونہ پيو ڪريان تہ بہ پاڻ جواب ڏيڻ کان نہ رهندي هئي. مورڳو ڪاوڙجي بہ ويندي هئي. ڪنھن ڪنھن وقت تہ ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ اچي ڳالھائڻ لڳندي هئي، پر مون کي خاموشيءَ کان کٽ تي ليٽي ڇت کي تڪيندو ڏسي هوءَ سخت حيران ٿيندي هئي. هوءَ اهو سوچي تہ آءٌ بلڪل احمق ۽ ننڍڙو ماڻھو آهيان، پنھجي ڳالھہ مختصر ڪندي هئي، ۽ شايد دل ئي دل ۾ سوچيائين ٿي تہ، ”ڪيڏو نہ بيوقوف آهي هي! هن کي چوڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي. هو مطلب تہ سمجهي ئي ڪونہ ٿو.“ ائين هو توبھہ توبھہ ڪندي، ٻئي ڪمري ۾ ھلي ويندي هئي ۽ وير ٻيھر ٻاھر ايندي هئي. (اهو عام طرح ان وقت ٿيندو هو جڏهن هوءَ ڪا وڏي فضول خرچي ڪندي هئي. يعني جڏهن خرچ آمدنيءَ جي حساب کان وڌيڪ ٿي ويندو هو. مثلاً پھريون دفعو جيڪي گهوڙا خريدڪيا هئائين، تن کي وڪڻي، هن نئين جوڙي سورنھن هزار فرانڪن ۾ خريد ڪئي.)
هوءَ مون وٽ ايندي هئي ۽ چوندي هئي، ”توکي تڪليف تہ ڪانہ ٿي.“
”نہ نه! ھر ھر پڇي ڇو ٿي خواه مخواه پريشان ڪرين.“ آءٌ پنھنجي سيني تي رکيل هٿ کڻي چوندو هوس. پر هن کي اھا ڳالھہ اهڙي عجيب لڳندي هئي، جو يڪدم منھنجي پاسي ۾ ويھندي هئي.
”ڏس نہ، مون ايتري رقم ان لاءِ خرچي جو ضرورت جي وقت اسين پوءِ بہ وڪڻي سگهون، ويھن هزار فرانڪن ۾ هنن کي ٻيھر وڪڻي سگهجي ٿو.“
”بي شڪ گهوڙا بہ عمدا آهن. ھاڻ تون وٽ بہ هڪ عمدي جوڙي ٿي ويئي. خدا مبارڪ ڪريئي! هونئن بہ تنھنجي لاءِ موزون رهندا!“
”تہ توکي ان مان ڪابہ تڪليف ڪانہ ٿي آهي؟“
”مون کي ڪھڙي تڪليف ٿي آهي! تون پاڻ عقلمند آهين. جن جن شين جي توکي ضرورت آهي، انھن کي حاصل ڪرڻ تون پاڻ بہ سمجهي سگهين ٿي. يعني اهي سڀ شيون، جيڪي تنھنجي لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهن ٿيون. آءٌ سمجهان ٿو تہ اهڙي شاندار نموني سان پئرس ۾ رهڻ جي شروعات ڪرڻ تنھنجي لاءِ نھايت ئي ضروري آهي. نہ تہ تون ڪڏهن بہ هزارين، لکين فرانڪ ميڙي ڪين سگهندينءَ ۽ هي اسان جا معمولي هڪ لک فرانڪ تہ شروعات لاءِ آهن- بلڪل سمنڊ ۾ ڦڙيءَ جيان.“
مادموزيل بلانشي کي مون منجهان اهڙن خيالن جي بلڪل اميد ڪانہ هئي. بلڪہ اهڙن موقعن تي اھا ئي اميد رکدني هئي تہ آءٌ ٽوڪ ڪندس، طعنو هڻندس، زور سان ڳالھائيندس وغيره ۽ منھنجي انھيءَ طريقي جون ڳالھيون ٻڌندي ئي هوءَ گويا ڪنرن تان لهي زمين تي اچي ڪرندي هئي.
”تون ڇا آهين، مون کي ھاڻ خبر پئي. تون پنھنجي ضمير ۽ ڪردار جي ڪري تہ ڏاڍو سٺو آهين. جيتري تعريف ڪريان ٿوري آهي. پر بدڪردارن سان گڏجي، تنھنجي اصليت دٻجي ويئي آهي ۽ چند خاميون تو ۾ پيدا ٿي ويون آهن. حالانڪ تون هن ننڍو ماڻھو آهين، پر حقيقت ۾ توکي هڪ شھزادو هجڻ گهرجي ھا. ھا، تہ تون پئسن جو ايترو جلد ختم ٿيڻ تي ناراض تہ نہ آهين؟“
”پئسن کي باھہ ڏي مون کي تہ بس اھا خبر آهي تہ پئسا جيترو گهڻو خرچ ٿين، اوترو سٺو.“
”تون تہ واقعي رئيس ماڻھو آهين، تڏهن تہ پئسن کي ايترو حقير ٿو سمجهين. اھا ڳالھہ واقعي درست آهي تہ توکي پئسن جي ڪا پرواھہ ئي ڪانھي. بلڪ تون پسئن کي نفرت جي نظر سان ٿو ڏسين! ھائو نہ؟“
”تون ٺيڪ ٿي چوين، ان لاءِ مان همبرگ وينديس ۽ اُتان هڪ لک فرانڪ ٻيا بہ کٽي ايندس.“
”بيشڪ پئس واقعي رکڻ جي شيءِ آهن. دولتمند ٿيڻ ڪيتري نہ شاندار ڳالھہ آهي. مون کي خبر آهي تہ تون اُتي ضرور کٽيندين ۽ هتي مون وٽ آنيندين. اهو ٿيندو ۽ ضرور ٿيندو ۽ رڳو ان لاءِ ٿيندو، جو مان توسان محبت ٿي ڪريان، يقين ڪر تون منھنجي دل جي ڏاڍو ويجهو آهين. مان هميشہ هميشہ توسان محبت ڪندي رهنديس ۽ ڪڏهن بہ بيوقوفائي نہ ڪنديس. خبر اٿئي اڄ تائين مون توسان، محبت ڇو نہ ڪئي؟ان ڪري، جو منھنجي دل ۾ تولاءِ ڪجهہ نفرت جو احساس بہ هو ۽ اهو رڳو تنھنجي بدشعاري ڪري. (ڇو جو تنھنجي تعريف رڳو جوئا ۾ بھترين بازين کٽڻ جي ڪري ٿيندي هئي) پر مان هميشہ وفادار ۽ مخلص رهي آهيان، ڇو جو محبت دل جي هوندي آهي.“
”تون ڪوڙ پئي ڪرين. تون سمجهين ٿي تہ مون هن ڪاري بندري البرٽ کي ڏٺو ئي ڪونھي، ڪيئن؟“
”آءٌ تہ هن کي سڃاڻان بہ ڪونہ.“
”ڪوڙ ڇو پئي ڳالھائين ۽ تون سمجهين ٿي تہ آءٌ چڙي پوندس؟ اڙي، منھنجي لاءِ تہ اھا ڳالھہ ئي ڪانھي ۽ خبر اٿئي تہ آءٌ ڪاوڙجندس ڇونہ؟ ان ڪري جو تون هميشہ بھترين بازي هڻندي آهين. تنھنجو داءُ ڪڏهن بہ خالي نہ ويندو آهي. بيشڪ منھنجي موجودگيءَ ۾ بہ هن کي آڻي ٿي سگهين. هن کي منھنجي آڏو آڻيندي، توکي ڪا ججهڪ ٿيڻ نہ کپي. صرف هڪ ڳالھہ ٻڌ ۽ ڪن کولي ٻڌ. هن کي پئسا نہ ڏجانءِ.“
”تہ ڇا تون واقعي ان ڳالھہ مان ناراض نہ ٿيندين؟ تنھنجو تہ فلسفو ئي انوکو ۽ عجب آهي!“
”مون کي تہ پنھنجي خلوص تي ناز آهي، دنيا جي هڪ هڪ شيءِ ۽ هڪ هڪ ڳالھہ جي اندر کان واقف آهيان.“
۽ ان وقت هوءَ واقعي منھنجي ويجهو رهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ باوفا ۽ مخلص. اهڙيءَ طرح اسان جا آخري ڏھہ ڏينھن بہ گذري ويا. بھرحال مون اُهي چمڪندر تارا ڪونہ ڏٺا، جن جي هن پھرئين ڏينھن ڳالھہ ڪري مون کي ھرکائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هڪڙيءَ طرح سان تہ هُن پنھنجو اُهو واعدو بہ پورو ڪري ڏيکاريو. هن مون سان ھر ٽنسيءَ جو تعارف بہ ڪرايو، جا واقعي ڏاڍي ٺاٺ واري عورت هئي ۽ اتي هن کي لذتيت جي فلسفي جي ديوي ڪوٺيو ويندو هو. کائو پيو ۽ عيش ڪريو. اهو ئي هن جي حياتيءَ جو مقصد هو.....
بھرحال انھيءَ قصي جي تفصيل ۾ وڃڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي. انھيءَ لاءِ هڪ دفتر جي ضرورت آهي، يا ائين کڻي چئجي تہ هيءَ هڪ الڳ ڪھاڻي آهي. جنھن جو ذڪر آءٌ هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪرڻ مناسب نٿو سمجهان. حقيقت هيءَ آهي تہ مون هن قصي کي جلد از جلد ختم ڪرڻ ٿي گهريو. ھا تہ جيئن آءٌ پھرين ٻڌائي آيو آهيان، اسان جا هڪ لک فرانڪ تہ ڪو مھيني کن ۾ ئي ختم ٿي ويا، جنھن تي منھنجي حيرت بجا هئي. انھن مان گهٽ ۾ گهٽ اسي هزار تہ بلانشي خود پنھنجيءَ ذات تي خرچ ڪيا ۽ باقي رهيل ويھن هزارن مان اسان کي گذارو ڪرڻو پيو- اسان لاءِ اُهي بہ ڪافيءَ کان زياده هئا. بلانشي، جا آخرڪار اسان سان بي تڪلف ٿي ويئي هئي، يا گهٽ ۾ گهٽ مون سان ڪوڙ ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو هئائين، تنھن هڪ ڏينھن مون کي چيو تہ هن جيڪو قرض کنيو آهي، تنھن جو بار مون تي ڪونہ پوندو. چوڻ لڳي، ”مون ڪڏهن بہ توکي ڪنھن دستاويز يا قرض نامي تي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪونہ چيو آهي. ان ڪري، جو مون کي تنھنجو ڏاڍو خيال آهي. منھنجي جڳھہ تي ڪا ٻي ڇوڪري هجي ھا، تہ هيستائين تون جيل ۾ پھچي چڪو هجين ھا! ڏٺئي! مون کي توسان ڪيترو پيار آهي ۽ آءٌ ڪيتري سٺي آهيان. ٿورو سوچ تہ سھي، هي اڪيلو شاديءَ جو خسارو ئي منھنججو ڪيترو خرچ طلبي رهيو آهي.؟“
واقعي شادي مٿان اچي ويئي هئي. جون واري مھيني جي بنھہ پڇاڙيءَ ۾ شادي ٿي گذري. منھنجي هڪ لک فرانڪن مان باقي جيڪي فرانڪ وڃي بچيا هئا، سي ان جي نذر ٿي ويا ۽ اهڙيءَ طرح سڄي معاملي جي اچي پڄاڻي ٿي. يعني منھنجو مھينو اچي پورو ٿيو ۽ مون کي دستوري رخصت نامو عطا ڪيو ويو.
ان جو تفصيل هي آهي تہ پئرس ۾ اسان جي اچڻ کان هفتو کن پوءِ جنرل صاحب بہ اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ سڌو بلانشي وٽ وڃي پھتو. پھرئين ڏينھن جيئن آيو، تيئن ڄڻ اسان سان ئي گڏ رهيو. البت رھائش جو انتظار هن جو پنھنجو الڳ هو. بلانشي هن جي آجيان ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ٽھڪ ڏيندي ڪئي. بلڪ جوش ۾ اچي ڀاڪر ۾ پاتائينس. جھڙي صورتھال هئي، ان ۾ هن جنرل کي ڇڏڻ نٿي گهريو ۽ هو ھر جڳهه، هن جي پٺيان پيو ڦرندو هو. شاهي رستي کان وٺي ٿيئٽر تائين ۽ پنھنجي واقفڪارن وٽ. ٻيءَ طرح گهمڻ ڦرڻ وقت بہ هو هميشہ هن سان گڏ رهندو هو. گاڏيءَ ۾ بہ گهڻو ڪري گڏجي سير ڪندا هئا.
مطلب تہ بلانشي لاءِ جنرل صاحب اڃا اهڙن موقعن تي ڪمائتي ثابت ٿيڻ جھڙو هو. هن جي منھن مان رعب تاب پيو بکندو هو. اٿڻي ويھڻي بہ شاندار هئس. هو اميراڻي شائستگيءَ جو هڪ نمونو هو. قد عام ماڻھن کان ڊگهو ۽ مڇون ڪيس ۾ ڪاريون ٿيل ڊگهيون وٽيل هونديون هئس. بت البت ڪجهہ ٿلهيرو ۽ ڦيپو ٿي لڳس. پر ڏسڻ ۾ بھرحال ڏاڍي آب تاب واري ٿي لڳو. هن جي روايتي طور طريقن مان اڄ بہ شان شوڪت نمايان هو. شام جي لباس ۾ هو ڏاڍو کڙو تڙو ۽ ٺاهوڪو لڳندو هو. پئرس ۾ اچي، هن پنھنجا اعزازي فوجي ٻلا بہ لڳائڻ شروع ڪيا هئا. پئرس شھر جي ڪشادن رستن تي اهڙِ ڊبل ڊول واري شخص سان گڏ گهمڻ، جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهيو ٿي، تہ اهڙي فائدي بخش موقعي مان بلانشي پورو پورو ڪم وٺي ڄاتو ٿي. اسان جي ٻولي ڀالي جنرل صاحب کي تہ انھن ڳالھين مان ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. پئرس ۾ اچڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو بہ هن کي اڳين معاملن جي باري ۾ سوچڻو ڪونہ پيو. نہ تہ اچڻ کان اڳ ان ڊپ ۾ ڪنبي رهيو هو تہ ڪٿي بلانشي ڪو ھل بکيڙو نہ ڪري وجهي ۽ ڌڪا ڏيئي ٻاھر نہ ڪڍارائي ڇڏي. ان ڪري هيءَ بدليل حالت ۾ مون کيس اتي ڇڏيو. مون کي خبر پئي هئي تہ جنھن ڏينھن اسين ٻئي رولٽن برگ مان ھليا آيا هئاسين، ان ڏينھن جنرل صاحب تہ ڏاڍو سخت دورو پيو هو ۽ هو صفا بي هوش ٿي ويو هو. پوءِ سڄو هفتو چرين جيان وڦليل ڳالھيون ڪندو رهيو هو. ڊاڪٽرن جو باقاعدي علاج ڪيو ويو. هونئن بہ چڱو خيال رکيائونس، پر هن ھر شيءِ کي خير آباد چئي پئرس جي راھہ ورتي، جتي بلانشي جو استقبال هن جي دورن لاءِ چڱو علاج هو. بيماري جون نشانيون تہ اڃا بہ مٿس هيون، پر ان هوندي بہ خوش هو- ھاڻ تہ هو سوچڻ جي قابل بہ ڪونہ رهيو هو. بلڪ اصل ڪنھن سنجيده مسئلي تي ڳالھائي ئي نہ ٿي سگهيو. جڏهن بہ ڪا اهڙي ڳالھہ سندس آڏو ڪئي ٿي ويئي، تہ هن رڳو ڪنڌ ٿي لوڌيو- سو بہ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ۽ ھر لفظ تي هون، ھا، چوڻ شروع ڪري ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن کل بہ ايندي هئس. پر مريضن واري. ائين لڳندو هو، ڄڻ هو ان کي چپن ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنھنجا گهاٽا ڀرون تاڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنھن شيءِ کي تڪنددو رهندو هو. ڪيتريون ئي شيون سندس حافظي مان نڪري چڪيون هيون ۽ ڪوشش کان پوءِ بہ ياد ڪونہ اينديون هئس. هو صفا خالي الذهن ٿي چڪو هو ۽ هن ۾ پنھنجي منھن ڳالھائڻ جي عادت بہ پئجي چڪي هئي. مادموزيل بلانشي ئي اڪيلو فرد هئي. جا کيس تلسي ڏيئي ٿي سگهي ۽ واقعي ڪڏهن بہ هو ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ لڪي وڃي ڳوڙھا وھائيندو ۽ غمگين نظر ايندو هو، تڏهن ان جو مطلب سواءِ ان جي ڪوبہ ڪونہ هوندو هو تہ هن گهڻي دير کان مادموزيل بلانشي کي ڪونہ ڏٺو آهي يا وري بلانشي هن سان بنا ڳالھائڻ جي ئي ڪيڏانھن ٻاھر ھلي ويئي آهي، يا وري وڃڻ کان پھرين ساڻس خوش مزاجيءَ سان پيش ڪانہ آئي هئي. پر ان سان گڏوگڏ هيءَ ڳالھہ بہ آهي تہ، هو پاڻ اصل ٻڌائي ڪلونہ ٿي سگهيو تہ آخر سندس مرضي ڇا هئي ۽ ايترو پريشان ۽ غمگين ڇو ٿيو آهي. ٻہ ٽي ڪلاڪن ويھڻ کان پوءِ (اھا ڳالھہ مون تڏهن ڏٺي جڏهن بلانشي سڄي ڏينھن لاءِ غالباً البرٽ سان ملڻ ٻاھر ھلي ويندي هئي)، هو ڏاڍي گهٻراهٽ سان چئني طرف ڏسندو هو، يا وري ڪنھن شيءِ کي تڪندو رهدنو هو ۽ حافظي تي زور ڏيئي ڪنھن شيءِ کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ائين لڳندو هو، ڄڻ ڏاڍي بي قراريءَ سان ڪنھن جو انتظار ڪري رهيو هجي. پر جڏهن ڪجهہ ياد نہ ايندو هوس تہ ٻيھر غفلت ۽ بي خوديءَ جي حالت ۾ پھچي ويندو هو ۽ اھا حالت اوستائين رهندي هيس، جيستائين گونجندڙ ٽھڪن سان ٻيھر واپس نہ اچي ويندي هئي. هوءَ ڏاڍي خوشيءَ جي حالت ۾ ڊوڙندي جنرل کي چنبڙي ويندي هئي، هن کي تنگ ڪندي هئي ۽ چميون بہ ڏيندي هئي ۽ اھائي نوازش هئي. جا هوءَ ڪڏهن ڪڏهن هن تي ڪندي هئي. هڪ ڀيري هن کي ڏسي جنرل صاحب کي ايتري تہ خوشي ٿي، جو باقاعدي روئڻ لڳو. سندس اھا حالت ڏسي آءٌ حيران ٿي ويس.
پھرين ئي ڏينھن بلانشي منھنجي سامھون هن جي طرف داري ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي ۽ هن جي ھر ڳالھہ کي زور وٺائڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي هئي. مون کي پراڻيون ڳالھيون ياد ڏريائين تہ ”مون جنرل سان رڳو تنھنجي ڪري بي وفائي ڪئي هئي. منھنجو مڱڻو حقيقت ۾ هن سان ئي ٿيل آهي. ھاڻ زبان ڏيئي چڪي آهيان ۽ زبان ڏيئي ڦرڻ شريفن جو ڪم ڪونھي.“ وري جنرل صاحب جي طرفان بہ پاڻ ئي ٿي چيائين تہ هن سندس لاءِ ئي پنھنجو ڪٽنب ۽ خاندان ڇڏي ڏنو- ۽ مون کي منھنجي فرض جو احساس ڏياريائين تہ تون هيترو وقت هن جي نوڪري ڪري چڪو آهين، توکي ڪجهہ تہ خيال ڪرڻ کپي- توکي شرم اچڻ کپي. حالانڪ هن جي زبان ڪينچيءَ جيان ھلندي رهي، پر آءٌ بلڪل خاموش رهيس. الائي ڇو مون کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ ائين ڳالھہ ائي ويئي ٿي ويئي. اھا بہ ان ڪري، جو پھرين تہ هو اهو سوچيو تہ آءٌ صفا ڀوڪ آهيان، پوءِ نتيجو ڪڍيائين تہ شريف ۽ بامروت آهيان. در حقيقت اھا منھنجي خوش قسمتي هئي تہ ھر ڳالھہ جي آخر ۾ آءٌ هن شاندار نوجوان عورت جي خونودي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هوس. (حقيقت ۾ بلانشي، پنھنجي نموني جي هڪ شاندار ۽ نيڪ فطرت هورت هئي. ائين برابر آهي تہ هن جي باري ۾ اڳ منھنجي راءِ اھا ڪانہ هئي). جڏهن ڳالھہ ختم ٿيڻ لڳندي هئي، تڏهن هوءَ مون کي چوندي هئي، ”تون ڏاڍو سٺو ۽ هوشيار ماڻھو آهين..... ۽..... افسوسناڪ ڳالھہ هيءَ آهي تہ تون ايترو بيوقوف آهين جو تون ڪڏهن پائي بہ ڪانہ بچائي.“
ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مون کي جنرل صاحب سان گڏ گمڻ لاءِ موڪلي ڇڏيندي هئي. بلڪل ان طرح جيئن هو پنھنجي وڏي ڪتي کي پھريدار سان گڏ موڪليندي هئي. مطلب هيءُ تہ آءٌ هن کي پاڻ سان گڏ، ٿيئٽر، ناچ گهرن ۽ ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويندو هوس. انھن سڀني خرچن لاءِ بلانشي مون کي پھرين ئي پئسا ڏيئي ڇڏيندي هئي. جنرل صاحب وٽ هونئن پنھنجو بہ ڪافي پئسو هو. کيس ھر موقعي تي ماڻھن جي سامھون ٻٽون کولڻ جو ڏاڍو شوق هو. هڪ دفعي تہ مون کيس ستن سون فرانڪن جي هڪڙي پن خريد ڪرڻ کان روڪيو جيڪا هن ’رائل پئلس‘ ۾ ڏٺي هئي ۽ بلانشي کي تحفو ڏيڻ لاءِ ٿي ورتائين. ڀلا ست سؤ فرانڪن جي پن جي ڪھڙي ضرورت؟ جنرل صاحب وٽ مجموعي طور تي هڪ هزار فرنڪ کان وڌيڪ رقم نہ هئي ۽ اھا خبر مون کي ڪڏهن بہ پئجي نہ سگهي تہ هن اهي پئسا ڪٿان حاصل ڪيا هئا؟ آءٌ ڀانيان ٿو تہ ائسٽلي صاحب ڏنا هوندس. ان ڳالھہ کي ان مان هٿي ملي ٿي تہ هن جو هوٽل جو بل بہ هن ڀريو هو. مون سان جنرل صاحب جنھن رويي سان ھليو ٿي، ان مان مون کي پڪ هئي تہ کيس منھنجي ۽ بلانشي جي تعلقات جي باري ۾ ڪابہ خبر ڪانھي. حالانڪ هن کي ڪٿان اھا خبر پئجي وئي هئي تہ مون جوئا ۾ ڪافي پئسا کٽيا هئا، پر هن وري بہ ائين ٿي سمجهيو تہ آءٌ بلانشي وٽ هجن جي پرائيويٽ سيڪريٽري طور هڪ نوڪر جي حيثيت سان هوس. بھرحال هو مون سان هميشہ مٿانھين لهجي ۾ ڳالھائيندو هو، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن تہ دڙڪا ڏيڻ لڳندو هو. هڪ ڏينھن صبح جو نيرن تي هن مون کي ۽ بلانشي کي ڏاڍو کلايو. بيشڪ هن دل شڪني ڪرڻ نٿي گهري، پر اوچتو مون سان چڙي پيو- ڇو؟ اهو آءٌ اڄ تائين ڪونہ سمجهي سگهيو آهيان. حقيقت هيءَ آهي تہ هو پنھنجو پاڻ کي بہ ڪونہ سمجهندو هو. ان ڏينھن هن اهڙي تقرير ڪئي، جنھن جو ڪو بہ مقصد ڪونہ سمجهندو هو. ان ڏينھن هن اهڙي تقرير ڪئي، جنھن جو ڪوبہ مقصد ڪونہ هو. زور سان منھنجي لاءِ چوڻ لڳو تہ آءٌ ڏاڍو گستاخ ۽ بدمتيز آهيان.... هو مون کي ٻڌائيندو ته..... وغيره. پر اسان مان ڪو بہ هن جي ڳالھہ جو مطلب سمجهي نہ سگهيو. کلندي کلندي بلانشي کي پيٽ ۾ سور پئجي ويو. آخر گهڻين ترڪيبن کان پوءِ هن جي ڪاوڙ جي باھہ کي وسايو ويو ۽ کيس گهمڻ لاءِ ٻاھر وٺي وياسين. مون اڪثر اھا ڳالھہ بہ ڏٺي تہ هو بلانشي جي هوندي بہ غمگين رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ڳالھہ تي افسوس جا هٿ مھٽيندو هو ۽ ٿڌا ساھہ کنيو پڇتائيندو پيو هو ۽ ڪڏهن ڪنھن ڳالھہ جي جستجو ۾ پريشان هوندو هو. اهڙن وقتن تي هو خود مون سان ڳالھائيندو هو، ۽ پنھنجي فوج جي زماني جون ڳالھيون، مرحوم زال جون ڳالھيون گهريلو ڳالھيون ۽ پنھنجي ملڪيت جي باري ۾ تفصيل- پر هو ڪنھن بہ ڳالھہ جو مطلب صاف طور تي بيان ڪري نہ سگهندو هو. ڳالھائيندي ڳالھائيندي اوچتو هو ڪنھن ڳالھہ ۾ منجهي پوندو هو- ۽ اُن منجهڻ مان بہ مزو وٺندو هو. اهڙي اڱکر اکر کي پيو ورجائيندو هو. مون ساڻس، سندس ٻارن جي متعلق ڳالھائڻ گهريو ٿي، پر ان موضوع تي ڳالھائڻ کان هو نٽائيندو هو ۽ موضوع بدلائڻ جي ڪندو هو، ”ھا، ھا، منھنجا ٻار، ھا ھا، بلڪل ٺيڪ آهن.“ رڳو هڪڙو ڀيرو هو جذباتي ٿي ويو هو. تڏهن اسين ٿيئٽر ۾ ويٺا هئاسين، ”ھا ھا، اهي بدنصيب ٻار به- جي- اهي بدنصيب ٻار به....“ انھيءَ شام کان پوءِ هن ’بدنصيب ٻار‘ جو اکر گهڻا ئي دفعا استعمال ڪيو هو. هڪ دفعي جڏهن مون پالينا جو ذڪر ڪيو، تہ ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي اول فول بڪڻ لڳو. چئي، ”هوءَ احسان فراموش ۽ ناشڪرگذار آهي. هن خاندان جو نڪ ڪپائي ڇڏيو. جي ڪو اهڙو قانون هجي ھا تہ آءٌ هن جو دماغ بلڪل ڍيڪ ڪرائي ڇڏيان ھا. ھا ھا، سچ ٿو چوان. جيستائين گريو جو تعلق آهي، ان جو تہ آءٌ نالو ٻڌڻ بہ نٿو چاهيان. ان ذليل ئي مون کي تباھہ ڪيو آهي. برباد ڪري ڇڏيو آهي. لڳاتار ٻہ سال هڪ هيبت ناڪ خواب بنجي منھنجي ذهن تي ڇانيو رهيو آهي، ھا ھا، هو- سچ ٿو چوان- اڳتي منھنجي اڳيان ڪڏهن بہ هن جو ذڪر نہ ڪجانءِ.“
مون ڏٺو تہ هنن ٻنهي ۾، يعني بلانشي ۽ جنرل صاحب ۾، ھاڻ ڪجهہ ڪجه مڙئي ڪو ٺاھہ ٿي ويل هو. پر آءٌ هميشہ وانگيان خاموش رهيس. منھنجي واپس ٿيڻ کان هفتو اڳ بلانشي مون کي گهرائي چيو تہ، ”ھاڻ سنھري موقعو اٿئي. ھاڻ ڏاڏي واقعي بيمار آهي ۽ پڪ مري بہ ويندي. ائسٽلي جي تار آئي آهي. توکي تہ خبر آهي تہ جنرل هن جو اڪيلو وارث آهي ۽ جي نہ بہ هجي تہ بہ هو منھنجي ڪمن ۾ ڪڏهن بہ دخل اندازي نہ ڪندو. پھرين ڳالھہ تہ هن کي پنھنجي پينشن وصول ٿيندي رهي ٿي ۽ ٻيو تہ ڪنھن پاسي واري ڪمري ۾ پيو هوندو ۽ پاڻ هميشہ خوش گذارينداسين. مان مادام جنرل سڏائينديس. پوءِ اعليٰ سوسائٽي هوندي ۽ آءٌ.“ (بلانشي ھر وقت ان شيءِ جا خواب ڏسندي هئي). ”۽ آخر آءٌ هڪ روسي دولت مند جاگيردارياڻي بنجي وينديس- ۽ هونئن جي ڪو مون کي لکين ڪروڙين روپيا بہ ڏئي تہ آءٌ پنھنجي زندگيءَ جا اصول ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونہ آهيان. آءٌ ڪنھن بہ طرح حسد ڪانہ ٿي ڪريان. اهو سڀ ڪجهہ منھنجي گهري محبت پئي ڳالھائي.....“
”چڱو، فرض ڪر تہ جيڪڏهن هو، تو سان بہ ڪڏهن حسد ڪرڻ لڳي، ۽ اصرار ڪرڻ لڳي ته..... خدا ڄاڻي مون ڇا پئي چيو؟ تون تہ سمجهي وئينءَ نہ؟“
”نہ، نہ، نه! ائين تہ هو ڪري ئي ڪونہ ٿو سگهي. مون پھرين ئي پڪ ڪري ڇڏي آهي. توکي پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي. مون تہ هن کان آلبرٽ جي نالي تي قرض نامو بہ لکارائي ڇڏيو آهي. هن ٿوري بہ گڙٻڙ ڪئي، تہ گرفتار ڪرائي ڇڏيندي سانس ۽ هونئن بہ ظاھر آهي تہ هن ۾ ايري همت ڪٿي آهي؟“
”واهه، تہ پوءِ شادي ڪرينس نہ....“
ڪنھن بہ قسم جي ڌوم ڌام کان سواءِ شادي ٿي ويئي. بلڪل اهڙيءَ طرح ڄڻ گهر جو ڪو معمولي ڪم هجي. آلبرٽ کان سواءِ ٻين سڀني دوستن ۽ واقفڪارن کي دعوت ڏني ويي.ئ هئي. ھرٽنسي ۽ قلوپطره کي ڄاڻي ٻجهي ڪونہ گهرايو ويو هو. گهوٽ کي پنھنجي حيثيت جو ڏاڍو خيال ٿي رکڻو پيو. بلانشي پنھنجي هٿن سان کيس نيڪ ٽاءِ ٻڌي. هن جي ڪوٽ جي ڪالر تي عطر لڳايائين ۽ وارن ۾ خوشبودار تيل جي ھلڪي ھلڪي مالش ڪيائين. انھن ڪپڙن ۾ هو ڏاڍو رعبدار پئي لڳو.
”ڏاڍو معزز ۽ رعب دار پيو لڳي.“ بلانشي جنرل صاحب جي ڪمري مان ايندي چيو، ڄڻ تہ هي خيال تہ هو ڏاڍو رعب دار آهي، خود هن جي لاءِ بہ حيرت انگيز هو. آءٌ حالانڪ هڪ معمولي تماشائيءَ جيان دلچسپي ڏيکاري رهيو هوس، ان ڪري گهڻيون ئي ڳالھيون وسري ويون اٿم. رڳو ايترو ياد اٿم تہ بلانشي جي ماءُ ’ڪامنگس‘ جي بجاءِ مادام ’پلاسٽ‘ بنجي ويئي هئي. هو ٻئي اڃا تائين ڪامنگس ڇو بنيون رهيون، ان جي بر مون کي پئجي ڪانہ سگهي، پر ان تبديليءَ مان جنرل صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪامنگس جي جڳھہ تي ’پلاسٽ‘ هن کي ڏاڍو وڻيو ٿي. شاديءَ جي ڏينھن صبح جو هن پنھنجي پر ۾ ڏاڍا سٺا ڪپڙا پاتا ۽ ڊرائينگ روم ۾ چھل قدمي ڪرڻ لڳو. آهستي آهستي پنھنجي خاص انداز ۾ پاڻ ئي جهونگارڻ لڳو، ”مادموزيل بلانشي ڊي پلاسٽ، ڊي پلاسٽ-“ ۽ سندس منھن هڪ خاص سڪون ۽ اطمينان جي اثر ڪري ڳارهو ٿي ويو. گرجا ۾ نڪاح کان پھرين ۽ شاديءَ جي مانيءَ کان پوءِ هو نہ رڳو جوش هو بلڪ مغرور بہ پئي لڳو. مون کي هنن ٻنهي ۾ ڪافي ڦير نظر اچي رهيو هو... بلانشي ۾ بہ هڪ خاص قسم جو وقار پيدا ٿي ويو هو،جو سند سمنھن مان بکيو پئي.
بلانشي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان چيو، ”ھاڻي مون کي پنھنجو رويو بلائڻو پوندو. پھرين تہ مون کي سنجيده ٿيڻو پوندو. اهڙين ڳالھين متعلق تہ مون ڪڏهن سوچيو بہ ڪونہ هو. ھاڻ تہ مون کي پنھنجو خانداني نالو بہ بدلائڻو پوندو. اوهو، مون کي تہ پنھنجو نئون نالو ئي ياد ڪونھي. ڇا هو؟ يا گويا وسڪي- نہ، ياگوز يافسڪي، مادام جنرل ساگو- ساگو؟ ائين چئي، بلانشي پنھنجي نئين نالي جي آب تاب مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ فرينچ ٻوليءَ ۾ پنھنجن روسي لقبن القابن کي بيان ڪرڻ ۽ ساراهڻ شروع ڪري ڏنو.
آخرڪار اسين جدا ٿياسين. بلانشي- نادان بلانشي، مون کي الوداع چوڻ وقت روئڻ ڳي، هيءَ ٻاراڻي ڳالھہ آهي، هن روئيندي چيو، ”سراسر حماقت آهي. تون تہ هوا ۾ قلعا بنائڻ جو عادي ٿي ويو آهين ۽ توکي شايد اهو ئي ٺيڪ ٿو لڳي.“ رخصيت وقت هن پنھنجي هٿ کي زور ڏيندي ڏک ڀريل آواز ۾ چيو، ”چڱو ٻڌ،“ اهو چئي، يڪدم پنھنجي ڪمري ۾ ويئي ۽ ٻن منٽن کان پوءِ بن هزار فرنڪن جو هڪڙو بئنڪ جو نوٽ کڻي آئي، جا منھنجي خيال ۾ نھايت ئي عجيب ڳالھہ هئي. نوٽ ڏيندي چوڻ لڳي، ”ٿي سگهي ٿو تہ هي تنھنجي ڪنھن ڪم اچي وڃن. ٺيڪ آهي تون هڪ پڙهيل ڪڙهيل ننڍو ماڻھو آهين. پر ڀوڪ آهين. مان توکي ٻن هزارن کان وڌيڪ نہ ڏينديس، ڇو جو تون جوئا ۾ ھارائي ڇڏيندين- چڱو خدا حافظ خدا ڪري تون پنھنجي راند ۾ ڪامياب ٿين- ۽ جي کٽي وڃين تہ مون کي پڪ آهي تہ تون مون وٽ ضرور ايندين. تنھنجي اچڻ مان مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“
مون وٽ باقي پنج سؤ فرانڪ وڃي بچيا هئا. ان کان سواءِ مون وٽ هڪڙي شاندار واچ هئي، جنھن جي قيمت هڪ هزار فرانڪ کان گهٽ نہ هئي ۽ هيري جا ڪجهہ ڪف بٽڻ هئم. ان ڪري بي فڪرو رهي سگهيس ٿي. هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄاني ٻجهي اچي رهيو آهيان تہ جيئن ماضيءَ جي يادگيرين کي تازو ڪري وٺان ۽ سڀ کان وڏي ڳالھہ هيءَ تہ مون کي ائسٽلي صاحب جو انتظار آهي. مون کي خبر پئي آهي تہ هو هتان ئي لنگهندو ۽ هن ڳوٺ ۾ پنھنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ چوويھہ ڪلاڪ ترسندو. آءٌ هن کان ھر ڳالھہ پڇندس ۽ مون کي ھر ڳالھہ جي خبر پئي آهي تہ هو هتان ئي لنگهندو ۽ هن ڳوٺ ۾ پنھنجي ڪاروبار جي سلسلي ۾ چوويھہ ڪلاڪ ترنسو. آءٌ هن کان ھر ڳالھہ پڇندس ۽ مون کي ھر ڳالھہ جي خبر پئجي ويندي- پوءِ آءٌ سڌو هيمبرگ ھليو ويندس.رولٽن برگ ڪونہ ويندس. اتي وڃڻ جو ايندڙ سال تائين تہ ڪو ارادو ڪونہ اٿم. ماڻھو چوندا تہ هڪ ئي ميز تي ٻيھر قسمت آزمائي ڪرڻ سٺو شگون ڪونھي ۽ هونئن بہ هيمبرگ اصل جوئا جو گهر آهي.

باب سترهون

هيءَ ڊائري لکئي هڪ سال ۽ اٺ مھينا گذري چڪا آهن. ھاڻ ڏاڍي ڏک ۽ افسوس جي حالت ۾ خيال آيم تہ ان کي پڙهي وٺان ھا، تہ مون لکيو هو تہ آءٌ هيمبرگ ٿي ويس. خدا کي خبر تہ مون کي اهي آخري سٽون ڪھڙي خيال سان لکيون هيون. اطمينان سان نہ بلڪ ديوانين اميدن جي عجيب احساس ۾ هڪ خص خود اعتماديءَ ۽ جرئت سان. ڇا مون کي پنھنجي ذات تي ڪو شڪ هو؟ ۽ ھاڻ هڪ سال اٺ مھينا گذرڻ کان پوءِ بہ منھنجي حالت هڪ پينو فقير کان بدتر آهي ۽ واقعي فقير جي زندگي ٿيندي بہ ڪھڙي آهي؟ هو تہ ڪجهہ بہ ڪونہ هوندي آهي. مون پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙي هنئي آهي. پنھنجو پاڻ کي خود تباھہ ڪيو اٿم. بھرحال ايترو تہ ننڍو ۽ خسيس آهيان، جو پنھنجي ڀيٽ دنيا جي ڪنھن بہ شيءِ سان ڪري نٿو سگهان ۽ هونئن پنھنجو پاڻ کي اطمينان ڏيارڻ لاءِ پاڻ کي ڪنھن اخلاقي وعظ ڏيڻ جي ڪابہ ضرورت ڪانھي. اهڙن موقعن تي اخلاقي نصيحتون ڪرڻ وڏو بي وقوفيءَ جو ڪم آهي. هي زندگيءَ کان مطمئن ماڻھو، هي پيٽ ڀريل ڪوڙا ڪھڙي نہ تڪبر واري انداز ۾ ٻين کي اخلاقي نصيحتون ٿا ڪن. جي هنن کي ٿوري بہ خبر هجي تہ مان پنھنجي حالت جي گندگيءَ کان ڪيتري قدر واقف آهيان تہ هنن کي مون تي لعنت ملامت ڪرڻ لاءِ وات کولڻ جي همت ئي نہ ٿئي ھا. آخر هو مون کي اهڙي ڪھڙي ڳالھہ ٻڌائيندا، جا مون کي پھرين معلوم نہ آهي؟ ۽ ڇا اصلي ڳالھہ صرف اھا ئي آهي؟ اصل ڳالھہ هيءَ آهي تہ هڪڙو چڪر- ڦيڻي جو هڪڙو ڦيرو- ۽ سڀ ڪجهہ بدلجي ٿو وڃي. پوءِ هي اخلاق پرست ناصح سڀ کان پھرين مون کي مبارڪباد جي دوستاڻن ٽھڪن سان نوازيندا- مون کي پڪ آهي- ان وقت هي مون کان منھن ڪونہ موڙيندا. سندن رويو هدڪم بدلجي ويندو. پر انھن کي باھہ ڏيو. منھنجو انھن سان ڪھرو واسطو. سوال رڳو هي آهي تہ آءٌ اڄ ڇا آهيان؟ ٻُڙي. سڀاڻي ڇا ٿي ويندس؟ ٿي سگهي ٿو تہ سڀاڻي وري جيئري ٿي وڃان. مون ۾ اڃا تائين هڪ انسان بنجڻ جون صلاحيتون ضرور موجود آهن.
ٿورن لفظن ۾ هي تہ آءٌ هيمبرگ ھليو ويس. اتان وري رولٽن برگ ويس ۽ اتان ’سپا‘ ھليو ويس. آءٌ بيڊن ۾ ويس جتي مون کي جنٽسي نالي هڪ ڪائونسل جي نوڪري بہ ڪرڻي پئي. آءٌ پنج مھينا اُن حرامزادي وٽ نوڪر رهيس. هيءَ نوڪري مون کي جيل مان نڪرندي ئي ملي ويئي هئي. (ياد رهي تہ آءٌ هڪ قرض نہ ڏيڻ جي سلسلي ۾ رولٽن برگ جي جيل ۾ بہ رهي چڪو آهيان.) خبر نہ آهي تہ منھنجو اهو قرض ڪنھن ادا ڪيو؟ پالينا؟ يا شايد ائسٽلي صاحب؟ خير ان ڳالھہ کي ڇڏيو. ڪنھن بہ منھنجو قرض، يعني ٻہ سؤ ٽالر ڀيو ۽ آءٌ آزاد ٿي ويس. ھاڻ مون وٽ ٽڪو بہ ڪونہ هو. ان ڪري هُن جنٽسيءَ جي نوڪري ڪرڻي پيم. هو ڏاڍو گهڻ ڳالھائو ۽ رول قسم جو نوجوان آهي. هو آرام طلب ۽ ٽن زبانن جو ماھر آهي. مون ٽيھہ گلڊن ماهياني پگهار تي هن جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان نوڪري قبول ڪئي ۽ اُھا لهندي لهندي، هڪ انديٰ نوڪر جي حيثيت تي وڃي بيٺي ۽ ائين ئي ختم ٿي. ڳالھہ هينئن هئي هن وٽ پئسو ڪونہ هو. هو هڪ سيڪريٽريءَ جي پگهار برداشت ڪرڻ جي قابل ڪونہ هو. هو منھنجو پگهار ھر ڀري گهٽائيندو ويو. پر آءٌ ڇا ٿي ڪريس سگهيس! آخر ڪيترو وقت بيروزگار رھان ھا؟ سو اُتي ئي پيو هوندو هوس، ۽ ان طرح خود هن جو نوڪر بنجي ويس، ان نوڪريءَ جي دوران مون وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ بہ ڪجهہ ڪونہ هوندو هو. پر ائين هو تہ انھن پنجن مھينن ۾ مون ڪنھن نہ ڪنھن طرح ستر گلڊن گڏ ڪري ورتا هئا. هڪ شام جو مون هن وٽان نڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سڌو رولٽ جي جوا خاني ۾ ھليو ويس. منھنجي دل ڌڙڪي رهي هئي. وار وار ڪنبيو پئي. سچ ٿو چوان تہ مون کي پئسن جي ضرورت ڪانہ هئي. منھنجي تہ رڳو اھا خواهش هئي.... تہ سڀاڻي صبح جو ئي هي جنٽسي قسم جا ماڻھو، هي سڀ ننڍا وڏا بيرا، بيڊن جون سڀ حسين عورتون بس رڳو منھنجا گيت ڳائينديون رهن. سندن چپن تي منھنجي ڪارنامن جو ذڪر هجي. منھنجي ڪارنمان تي مون کي مباڪرون ڏين. اهي سڀ ٻاراڻيون خواهشون آهن. مجذوب جي بڪ- چرئي جو خواب- پر شايد- اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ پالينا مون سان ٻيھر ملي ۽ پنھنجي اکين سان ڏسي تہ آءٌ قسم جي هيٺانھين مٿانھين کان بلڪل بي نياز هوس.... ھا، هيءَ حقيقت آهي تہ مون کي پئسا عزيز ڪونہ آهن، مون کي خبر آهي تہ آءٌ هڪ ڀيرو وري پنھنجي سموري دولت ڪنھن مادموزيل بلانشي کي ڏيئي سگهان ٿو ۽ وري پئر ۾ ٽي هفتا، سورهن هزار فرانڪن جي ٻن شاندار گهوڙن واري گاڏين ۾ ويھي گذاري سگهان ٿو. مون کي خبر آهي تہ آءٌ ڪنجوس ڪونہ آهيان ۽ اھا بہ خبر اٿم تہ فضول خرچ بہ ڪونہ آهيان- پر پوءِ بہ جڏهن خزانچيءَ جو ’ڳاڙهو‘، ’ٻولي‘- ’هڻ داءُ‘ جا آواز ٻڌم ٿي تہ دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ ٿي لڳي ۽ جسم ڪنبڻ ٿي لڳو ۽ ٽالر جا سڪا پيا هئا. خزانچيءَ جي ڪرڇي يا گهير مان جي ڪو پئسو ڪريو ٿي، تہ ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪا چڻنگ چمڪي ٿي وئي، جوئا خاني جي ڪمري وٽ پھچي جڏهن منھنجي ڪنن سڪن جي ڇڻ ڇڻ ٻڌي، منھنجي ذهن ۾ ھلچل مچي ويئي ۽ لوندڻيون ڦاٽڻ لڳيون.
اھا شام- آه اھا شام بہ ڪيتري نہ عجيب هئي. مون ويندي ئي ڏھہ گلڊن ’انگ‘ تي هنيا. داءُ اڇلائڻ وقت ’انگ‘ کان ڪجهہ بدظن هوس، تنھنڪري ھارايم.ھاڻ باقي سٺ گلڊن بچيا هئا. آءٌ سوچڻ لڳيس ۽ سوچيندي سوچيندي پنج گلڊن ٻرڙيءَ تي هنيم__ چڪر ڦرڻ لڳو ٽئي ئي چڪر ۾ ٻڙيءَ تي بيھي رهيو. جڏهن خزانچيءَ مون کي هڪ سئوپنجهتر گلڊن ڏنا تہ آءٌ خوشيءَ کان ڄڻ چريو ٿي پيس. حقيقت ۾ مون کي ايتري خوشي ان وقت بہ نہ ٿي هئي، جڏهن هڪ لک گلڊن کٽيا هئم. مون يڪدم هڪ سؤ گلڊن ڳاڙهي نشان تي هنيا ۽ کٽيم. ٻيھر بہ سؤ گلڊن ڳاڙهي تي هنيم ۽ کٽي ويس. يڪا چار سؤ گلڊن سائي تي هنيم- کٽِ ويس. وري اٺئي سؤ ”انگ“ تي هنيم ۽ کٽي ويس. ائين پنجن ئي منٽن ۾ ھاڻ مون وٽ ڪل هزار ست سؤ گلڊن ٿي ويا. ھا- زندگيءَ جي اهڙن لمھڻ ۾ مانحو پنھنجيون اڳيون هڙئي ناڪاميون وساري ڇڏيندو آهي- آخر ڇو نه! مون اهو سڀ ڪجهہ جان جي بازي لڳائي کٽيو هو. مون جان جي بازي هنئي ۽ نتيجو؟ هڪ ڀيرو وري آءٌ انسان ۾ شامل ٿي ويس.
مون هوٽل ۾ هڪڙو ڪمرو مسواڙ ۾ ورتو ۽ دروازا بند ڪري ٽين بجي تائين پئسا ڳڻيندو رهيس. صبح جو اک کليم تہ محسوس ڪيم تہ ھاڻ آءٌ ڪنھن جو بہ نوڪر ڪونہ آهيان. مون انھيءَ ڏينھن هيمبرگ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ان لاءِ، جو اتي نہ ڪنھن جو نوڪر رهيو آهيان ۽ نڪوئي جيل ۾ ويو آهيان. گاڏي ڇٽڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ آءٌ وري رولٽ ۾ ويس ۽ ڳاڙهي تي ٻہ داءُ هنيم ۽ پنڌرهن سڀ فلورن ھارائي ويٺس. آءٌ جلدي ٻاھر نڪري ويس ۽ هيمبر روانو ٿي ويس، جتي هڪڙو مھينو رهيس.
آءٌ زندگيءَ جا ڏينھن مونجھہ ۽ پريشانيءَ ۾ ڪاٽي رهيو آهيان. جوئا ڪرڻ وقت نڍين ننڍين رقمن جون بازيون هڻندو آهيان. سڄو سڄو ڏينھن جوئا جي ميز جو سھارو وٺيو بيٺو هوندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن تہ خواب ۾ بہ جوئا کيڏندو آهيان- پر مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ انھن سڀني شين جي وچ ۾ هڪ سخت ٺوس ڪاٺيءَ جيان بي حس ۽ بي جان چيز بنجي ويو آهيان ۽ ڄڻ ڪنھن گدلي دٻڻ ۾ ڦاسي ويو آهيان. انھن سڀني ڳالھين جو خيال مون کي تڏهن ٿيو، جڏهن ائسٽلي صاحب سان مليس. اسين ٻئي ڪافي وقت کان ڪونہ مليا هئاسين. دراصل هو مون کي اتفاق سان ملي ويو. ڳالھہ هيءَ هئي تہ جيئن مون باغ ۾ چھل قدمي پئي ڪئي ۽ سوچي رهيو هوس تہ ھاڻ وري پئسا ختم ٿي چڪا آهن- ھا بس باقي پنجاھہ گلڊن آهن- ۽ ٽيون ڏينھن جي ئي تہ ڳالھہ آهي جو مون هوٽل جو بل ڀريو آهي. آءٌ اڃا هڪ ڀيرو رولٽ جي جوئا خاني ۾ وڃي سگهان ٿو. جي ھارايم ۽ ڪنھن روسيءَ کي اتاليقي جي ضرورت نہ ٿي تہ پوءِ وري ڪنھن جنٽسي قسم جي شخص جي نوڪري ڪندس. انھن خيالن ۾ ٻڏو پيو هوس ۽ ھلندو ھلندو پارڪ ۽ جهنگ مان نڪري پاسي واريءَ ٻنيءَ ڏانھن رخ رکيم.
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ خيالن ۾ ٻُڏو، چار چار ڪلاڪ گهمند هو هوس. جڏهن واپس هيمبرگ ايندو هوس تہ ڏاڍي بک محسوس ٿيندي هئيم ۽ ٿڪجي بہ ڏاڍو پوندو هوس. آءٌ باغ مان نڪري پارڪ ۾ ٿي گهڙيس تہ اوچتو ائسٽلي صاحب تي نظر پيم. هن بہ مون کي ڏٺو ۽ سڏڪيائي. آءٌ هن جي پاسي ۾ وڃي ويٺس. مون هن جي منھن تي دستوري وقار ۽ تڪلف جا نشان ڏسي، دل کي ڪجهہ ماٺو ڪيو ۽ مرڪندڙ منھن کڻي هيٺ ڪيم. هونئن، هن کي ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي.
”تہ اوهين هت آهيو. مون پھرين ئي سمجهيو هو تہ اوھان سان ضرور ملاقات ٿيندي. فڪر نہ ڪريو اوھان کي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائڻ جي ضرورت نہ پوندي. مون کي سڀ خبر آهي. گذريل هڪ سال اٺن مھين ۾ اوھان تي جيڪي ڪجهہ وهيو واپريو آهي، تنھن جي سڄي خبر اٿم.“ هن چيو.
”ماشاءَ الله، اوھان کي پنھنجن پراڻن دوستن سان ڪيتري نہ الفت آهي. واقعي اوھان ۾ دوستن کي نہ وسارڻ جي خلصت آهي. ھا هڪڙي ڳالھہ ياد آئي، ڇا رولٽن برگ جي جيل مان اوھان مون کي ڇڏايو هو؟ هوءَ جيڪا ٻن سون گلڊن جي قرضن ۾ گرفتار ٿي هئي- خبر نہ آهي ڪنھن ڇڏايو هوم؟“
”نہ، نہ مون اوھان کي رولٽن برگ جي جيل مان ٻہ سؤ گلڊن ڏيئي ڪونہ ڇڏايو هو- ايتري خبر اٿم تہ اوھان کي ٻن سون گلڊن جو قرض نہ ادا ڪرڻ جي ڪري گرفتار ڪيو ويو هو.“
”اوھان کي خبر آهي تہ اهو قرض ڪنھن ڏنو هو؟“
”نہ مون کي خبر ڪانھي.“
”عجيب ڳالھہ آهي، منھنجو تہ اهڙو ڪو روسي دوست آهي ئي ڪونہ، جو قرض ڏيئي، مون کي ڇڏائي ۽ هونئن هتي جا روسي ائين ڪري بہ ڪونہ ٿا سگهن. روس ۾ ٿي سگهي ٿو تہ ڪو ڪٽر عيسائي ڪنھن ٻئي ڪٽر عيسائيءَ کي قيد مان ڇڏائي. مون تہ سمجهيو هو تہ ڪنھن انگريز موج ۾ اچي مون کي ڇڏايو هوندو.“
ائسٽلي صاحب ڏاڍي حيرت سان منھنجون ڳاليون ٻڌي رهيو هو. مون کي پڪ آهي تہ هن پھرين سمجيھو هوندو تہ آءٌ ڏاڍو مغموم ۽ اداس هوند.
”مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ اوھان پنھنجي روح جي آزاديءَ تي ڪو اثر ڪونہ وڌو آهي ۽ پنھنجي زنده دلي ۽ خوش مزاجيءَ کي برقرار رکيو اهي،“ هن پيشانيءَ ۾ گهنج وجهندي چي.
”اوهين مون کي اداس نہ ڏسي اندر ۾ پوسري ڇو رهيا آهيو. آخر ايترو خيال ڇو اٿو؟“ آءٌ کلڻ لڳس.
پھرين تہ هو منھنجي ڳولھہ ڪونہ سمجهيو. پر جڏهن سمجهائين تہ مرڪي چوڻ لڳو، ”واهه، واهه- ڏاڍا سٺا خيالات اٿو. اوھان جي انھن اکرن ۾ منھنجو هڪرو خوشمند، پرجوش ۽ گڏوگڏ چرياڻ قسم جو ۽ عجيب و غريب دوست لڪل آهي. ان قسم جا تضاد هڪ ئي وقت ۾ رڳو روسين ۾ گڏي ٿي سگهن ٿا. ميان، اھا حقيقت آهي تہ هڪ شخص ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي دوست کان بہ نفرت ڪندو آهي. سچي دوستيءَ جو هڪ زبردست پاسو نفرت بہ آهي. جيستائين اوھان جو تعلق آهي، آءٌ قسم کڻي چوان ٿو تہ اوھان کي مغموم نہ ڏسي مون کي واقعي ڏاڍي خوشي ٿي، خير ھاڻ ٻڌايو تہ تون جوئا ڇڏيندين يا نہ؟“
”توبهه، توبهه، اھا تہ آءٌ ان ئي مھل ڇڏي ڏيندس جڏهن....“
”جڏهن تون پنھنجا ھارايل سڀ پئسا وري کٽندين.... ھا نہ؟ ڇو، منھنجو خيال ٺيڪ آهي نہ؟ دل جي ڳالھہ ڪڏهن بہ ڪانہ لڪندي آهي. ڀلجي زبان تي اچيو وڃي. تنھنجي ڳالھہ واقعي صحيح آهي. اڄڪلھہ جوئا کان سواءِ ٻيو ڪھڙو شغل اٿو؟“
”ڪو بہ نہ،“
هو مون کان مختلف قسمن جا سوال ڪرڻ لڳو. حالانڪمون کي دنيا جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي. ان وچ ۾ مون ڪڏهن اخبار بہ ڪانہ پڙهي هئي. حقيقت تہ هيءَ آهي تہ ڪڏهن قسم خاطر ڪتاب بہ ڪونہ کوليو هئم.
”اوھان ايترا چيڙاڪ ڇو ٿي پيا آهيو؟ آءٌ سمجهان ٿو تہ ان نامراد جوئا جي لاءِ اوھان نہ رڳو پنھنجي خانگي ۽ مجلسي زندگيءَ کي ختم ڪيو آهي، بلڪ پنھنجي ماضيءَ کي بہ وساري ڇڏيو اٿو. زندگي جي مڙين ئي دلچسپين کي ختم ڪري ڇڏيو اٿوَ. هڪ انسان ۽ هڪ شھريءَ جي سڀني حقن ۽ فرضن کي وساري ڇڏيو اٿو. پنھنجي سموري دوستن کي وساري ڇڏيو اٿئي- مون کي تنھنجي زنده دليءَ جا خوشگوار لمحا اڃا تائين ياد آهن. مون کي پڪ آهي تہ تو پنھنجن سٺن خيالن کي، حسين خوابن کي، نيڪ ۽ سچين خواهشن کي دفن ڪير ڇڏيو آهي- ۽ رڳو نيرن، پيلن، ڳاڙهن ۽ ڪارن نشانن ۽ وچوارن ٻارهن انگن جي خاطر، مون کي يقين آهي...“
”بس ائسٽلي صاحب، توھان حد ٽپندا پيا وڃو، خدا جي واسطي مون کي پراڻيون ڳالھيون ياد نہ ڏياريو.“ مون ٿورو ڪاوڙجي چيو، ”آءٌ اوھان کي صاف صاف ٿو ٻڌايان تہ مون ڪابہ ڳالھہ ڪانہ وساري آهي. مون کي ھر ڳالھہ هوبهو ياد آهي- پر جيستائين آءٌ پنھنجي حالتن ۾ ڪ خوشگوار ڦيرو نہ آڻيان تيستائين رڳو عارضي طور تي- وقتي طور تي مون تي انھن سمورين ڳالھين کي پنھنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ اوهين خود ڏسندؤ تہ آءٌ هڪ ڀيرو وري ان مئلن جھڙيءَ حياتيءَ مان اٿندس ۽ جيئرن وانگر جيئندس.“
”پر تون ڏهن سالن ۾ بہ پنھنجي حالتن ۾ ڦيرو ڪونہ آڻين سگهندين ۽ جتي آهين اُتي ئي هوندين ۽ جي آءٌ جيئرو رهيس تہ ڏهن سالن کان پوءِ هن ئي ساڳيءَ جڳھہ تي توکي اِھا ڳالھہ ياد ڏياريندس.“
مون هن جي ڳالھہ ڪاٽيندي، چڙ مان چيو، ”بس، بس، اهو ثابت ڪرڻ لاءِ تہ ماضيءَ کي وساريو ڪونہ اٿم، آءٌ پڇانوَ ٿو تہ پالينا ڪٿي آهي؟ جي اوھان مون کي قيد خاني مان ڪونہ ڇڏايو هو تہ پڪ پالينا ڇڏايو هوندو ـــ ان وقت کان اڄ تائين مون هن جي باري ۾ ڪابہ خبر ڪانہ ٻڌي آهي.“
”نہ، مون کي پڪ آهي تہ پالينا اوھان کي ڪونہ ڇڏايو آهي. اڄڪلھہ هوءَ سوئٽزرلئنڊ ۾ آهي. چڱو، اوھان جيڪڏهن پالينا جو ذڪر نہ ڪريو تہ مھرباني ٿيندي.“ ائسٽلي بيزاريءَ کان چيو.
”ان جو مطلب هي آهي تہ هُن اوھان جي جذبات کي مجروح ڪيو آهي.“ آءٌ ڏکارو ٿي کلڻ لڳس.
”مس پالينا هڪ احترام جي لائق هستي آهي. سڀئي هن جي عزت ڪندا آهن ۽ هوءَ آهي بہ مزارن ۾ هڪ. پر آءٌ وري ٿو چوان تہ مون کان پالينا جي باري ۾ ڪجهہ نہ پڇو. اھا اوھان جي مون تي مھرباني ٿيندي. اوهين هن کي ڪڏهن بہ سمجهي ڪونہ سگهيئو ۽ آءٌ جڏهن بہ هن جو نالو اوھان جي واتان ٻڌان ٿو تہ دل تي ڌڪ ٿو لڳيم.“
”خدا جي واسطي ائين نہ چئو، اوهين خود ٻڌايو تہ آءٌ اوھان سان پالينا کان سواءِ ٻي ڪھڙي ڳالھہ ٿو ڪري سگهان! ان ڪري، جو اسان جو ماضي، اسان جون سڀئي يادگيريون هن سان ڳنڍيل آهن. ائسٽلي صاحب! پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانھي. آءٌ اوھان کان ذاتي ڳالھيون پڇڻ ڪونہ ٿو گهران ـــ منھنجو تعلق تہ مس پالينا جي خارجي معاملات سان آهي، جيڪي اوهين پڪ مون کي ٻڌائي سگهندؤ.“
”ٺيڪ آهي، پر ان شرط تي تہ ان کان پوءِ اوهين مون کان ڪجهہ نہ پڇندؤ. مس پالينا گهڻو وقت بيمار رهي ۽ اڃا تائين بيمار آهي. ڪجهہ وقت تائين هوءَ منھنجي ڀيڻ سان گڏ ڏکڻ انگلستان ۾ رهي. ڇھہ مھينا ٿيا تہ هن جي ڏاڏي ـــ اوھان کي تہ خبر آهي ـــ مري ويئي ۽ هن جي نالي ست هزار پائونڊ هن جي ورثي ۾ ڇڏي ويئي. هينئر مس پالينا منھنجي شادي شده ڀيڻ سان گڏ سفر ڪري رهي آهي. هن جي ٻنهي ننڍن ڀاءُ ڀيڻ کي بہ وصيت نامي ۾ ڪجهہ دولت ملي ويئي آهي. هو لنڊن ۾ پڙهن پيا. سندن ماٽيجو پيءُ جنرل مھينو کن ٿيو مري ويو. مادموزيل بلانشي هن سان ڏاڍو سٺو سلوڪ ڪيو. هونئن بہ هوءَ جنرل جي ورثي جي سموري دولت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. بس مون کي ايتري خبر آهي.“
”۽ گريو ڪٿي آهي؟ ڇا هو بہ سوئٽزرلئنڊ ۾ سفر پيو ڪري؟“
”نہ، هو اُتي ڪونھي ۽ سچ پچ تہ مون کي خبر ڪانھي تہ ڪٿي آهي. پر ھاڻ ڏسو وري اهڙيون لڪل ٽوڪون نہ هڻو، نہ تہ ڏسو ان جو نتيجو بہ توھان کي ڀوڳڻو پوندو.“
”اسان جي پراڻن تعلقات جي هوندي به؟“
”ھا، پراڻن تعلقاتن هوندي به.“
”معاف ڪجو ائسلٽي صاحب! پر هڪڙي ڳالھہ ضرور پڇندس. آخر ان ۾ اهڙي ڪھڙي بي عزتيءَ واري ڳالھہ آهي؟ آءٌ مس پالينا کي تہ ڏوھہ ڪونہ پيو ڏيان ـــ ۽ هونئن سچي ڳالھہ هيءَ آهي تہ هڪ روسي عورت ۽ فرين مرد جو جوڙو، اھا ڳالھہ منھنجي ۽ اوھان جي بيان ڪرڻ تہ ڇا پر سمجهہ کان بہ ظاھر آهي.“
”هڪ فرينچ مرد ۽ روسي عورت ــ ڇا مطلب؟ آخر اوھان گريو جو نالو ڪنھن ٻئي سان ڇو ٿا ملايو؟ ۽ ’جوڙي‘ سان اوھان جو مقصد ڇا آهي؟ خاص طور تي فرينچ مرد ۽ روسي عورت ڇو؟“
”ائين ٿو لڳي ڄڻ اوهين ان ڳالھہ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهيو. پر ائسٽلي صاحب! هي هڪ ڊگهو داستان آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ پھرين اوھان کي ٻيون گهڻي ئي ڳالھيون. سمجهڻيون پونديون. اھا ڳالھہ هونئن ڀلي اوھان کي خراب لڳي، پر اوهين ان جي اهميت کان انڪار نٿا ڪري سگهو. ائسٽلي صاحب! فرينچ خوبصورت ۽ نازڪ روايتن جو پليل هوندو آهي. ممڪن آهي تہ اوهين انگريز هجڻ جي صورت ۾ ان کان انڪار ڪريو ۽ آءٌ روسي هجڻ ڪري ان سان اتفاق نٿو ڪريان ـــ ٻئي طرف رقابت جا جذبات ڳالھہ مڃڻ کان مانع آهن.“
”پر اسان جون عورتون ان باري ۾ مختلف راءِ ٿيون رکن. اوهين هڪ فرينچ کي بناوتي ۽ تصنع سان ڀرپور ٿا سمجهو، حالانڪ اوهين هن کي سمجهي بہ ڪونہ ٿا سگهو. آءٌ بہ ائين ٿو سمجهان ـــ حالانڪ هڪ طرف سان اھا بڪواس ئي آهي تہ وري بہ ائسٽلي صاحب! هو ڏاڍو وڻندڙ هوندو آهي. شاعر هوندو آهي، اھا ٻي ڳالھہ آهي تہ اسين هن کي پسند نہ ڪريون. فرينچن بلڪ پئرس وارن جون خصلتون بہ ڏاڍيون سٺيون ٿينديون آهن ۽ اسين اڄ بہ گويا اڻ گهڙيل ڪاٺ آهيون. فرينچ انقلاب هنن کي اميراڻي شان واريون خوبيون ورثي ۾ ڏنيون ۽ ھاڻ اھا حالت آهي، جو ڄٽ کان ڄٽ فرينچ بہ ڏاڍو آب تاب وارو ۽ مان شان وارو ٿي اُٿي ويھي ٿو ۽ ھلي چلي ٿو. هن کي ڳالھائڻ جو ڍنگ ايندو آهي. سٺيون سٺيون ڳالھيون سوچيندو آهي ۽ ھر ڳالھہ ۾ پنھنجي منھن تي ڳالھہ مطابق اهڃاڻ بہ پيدا ڪندو آهي ـــ حالانڪ هن جي پنھنجي فطرت ـــ هن جي روح ۽ ضمير جو سندن اُن تهذيبي پوش ۾ ڪوبہ هٿ ڪونہ هوندو آهي. اهو سڀ ڪجهہ هن کي ورثي ۾ ملندو آهي. ائسٽلي صاحب! آءٌ اوھان يک اهو بہ ٻڌائي ڇڏيان تہ دنيا جي تختي تي هڪ روسي دوشيزه کان وڌيڪ رازدار، اندر جي صاف، سليقھ مند، سادي، بي داغ ۽ سھڻي دوشيزه ٻئي هنڌ ڪٿي بہ ڪانھي. گريو جھڙو فرينچ هڪ خاص قسم جي ڏيکاءَ سان هن جي دل مٺ ۾ ڪري سگهي ٿو ۽ هن جي سڄي حياتي کٽي سگهي ٿو. ائسٽلي صاحب! هو سٺين عادتن جو ڏيکاءُ ڪري ٿو ۽ روسي عورت ان کي هن جو اندر سمجهيو ويھي. هوءَ ڪڏهن بہ اهو نٿي سمجهي تہ اهو ظاھري ڏيکاءُ آهي، جو هن کي ورثي ۾ مليل آهي ۽ دراصل سندس پنھنجو ناهي. اوهين رنج نہ ٿيو، پر سچ هي آهي تہ انگريز ڏاڍا بدسليقھ، غير مھذب ۽ ناشائستہ ٿيندا آهن. روسي هميشہ حسن جي ڳولا ۾ پريشان ۽ بيتاب رهندا آهن. پر روح جي خوبصورتي ۽ ڪردار جي مضبوطيءَ لاءِ جنھن آزاديءَ، باطني وصفن ۽ جنھن بي نيازيءَ جي ضرورت آهي، اھا اسان جي عورتن ۾، خاص ڪري ـــ نوجوان ڇوڪرين ۾ تمام گهٽ آهي. مس پالينا کي ــ معاف ڪجو زبان تي آيل ڳالھہ روڪڻ نہ گهرجي ـــ ان بدمعاش گريو جي بجاءِ اوھان کي چونڊڻ لاءِ اڃا ڪافي وقت جي ضرورت آهي. بيشڪ هوءَ اوھان کي سٺو ماڻھو سمجهي ٿي. اوھان جي باري ۾ سٺا خيال رکي ٿي. اوھان کي پنھنجي دل جا هڙئي راز کولي ٻڌائي ٿي. پر انھن سڀني ڳالھين هوندي، هو شيطان زر پرست گريو هن جي دل تي حڪمراني ڪندو. رڳو هن جي خود پسندي ۽ خود آرائي هن جي برتري قائم رکڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ ان جو سبب رڳو هي آهي تہ هو شروع کان ئي پالينا جي اڳيان هڪ آزاد خيال، فراخ دل ۽ باوقار نواب جي حيثيت سان ظاھر ٿيو هو، جنھن جي متعلق اهو خيال ڪيو ويندو آهي تہ هن پنھنجي سڄي نوابي رڳو هن جي گهراڻي ۽ بدنصيب ماٽيجي پيءُ لاءِ ختم ڪئي آهي ۽ جنھن هن لاءِ ائين پنھنجو پاڻ کي تباھہ ڪري ڇڏيو آهي. اهو درست آهي تہ پوءِ انھن سمورن ڪوڙن تان پردو کڄي ويو آهي ۽ اصلي ڳالھہ سامھون اچي ويئي آهي، پر ان مان ڪھڙو فرق ٿو پوي. پالينا اڃا تائين اصلي گريو سان پيار ٿي ڪري ـــ ۽ هن کي اُهوئي تہ گهرجي! جيئن جيئن هوءَ موجوده گريو سان نفرت ڪندي ٿي وڃي، تيئن تيئن اصلي گريو سان محبت وڌندي ٿي وڃيس، حالانڪ اصلي گريو رڳو سندس خيالن ۾ آهي ۽ اوهين تہ کنڊ جا واپاري آهيو.“
”ھا، آءٌ لاول ائنڊ ڪمپنيءَ جي مشھور فرم جو حصي دار آهيان.“
”تہ پوءِ ائسٽلي صاحب ڪٿي هو راجا ۽ ڪٿي اوهين! آءٌ تہ کنڊ ٺاهيندڙ بہ ڪونہ آهيان. ڪٿي اوھان ڪٿي هو عشق جو ديوتا. اھا تہ غير فري ڳالھہ آهي ـــ ۽ آءٌ تہ هڪ معمولي جواري آهيان ۽ سندن نوڪر بہ رهي چڪو آهيان. مون کي پڪ آهي تہ مس پالينا کي هن ڳالھہ جي خبر آهي. ڇو جو هن جا جاسوس ڏاڍا هوشيار آهن.“
”اوھان کي ھروڀرو ڪاوڙ پئي اچي. تڏهن ئي تہ اهڙيون بي وقوفيءَ جون ڳالھيون پيا ڪريو.“ ائسٽلي صاحب ٿوري دير رکي چيو تہ، ”۽ هونئن اوھان جيڪي ڪجهہ چيو آهي، تنھن ۾ ذرو بہ سچ ڪونھي.“
”آءٌ مڃان ٿو پر دوست! عجيب ڳالھہ تہ هيءَ آهي تہ منھنجيون ڳالھيون کڻي ڪيتريون بہ عجيب ڇو نہ لڳي رهيون هجن، پر انھن ۾ صداقت ضرور آهي. اصلي ڳالھہ هيءَ آهي تہ پاڻ سڀيئي ڪنھن شمار ۾ نہ آهيون.“
”اهو سڀ ڪوڙ آهي، بڪواس آهي ـــ ان ڪري منھنجا احسان فراموش نااھل، بدنصيب، نادان دوست! آءٌ هتي هيمبرگ ۾ رڳو پالينا جي چوڻ تي آيو آهيان تہ جيئن اوھان سان روبرو ملي، معلوم ڪريان تہ اوھان جا خيالات، جذبات ۽ نيون اميدون ڪھڙيون آهن ـــ پوءِ اهو سڀ ڪجهہ پالينا کي ٻڌايان ـــ سمجهيؤَ؟“
”واقعي ــــ واقعي؟ تہ ڇا ائين بہ ٿي سگهي ٿو؟“ مون بي اعتباريءَ وچان چيو. منھنجي اکين مان ٻٽا ٻٽا ڳوڙھا وهڻ لڳا. آءٌ انھن کي ضبط ڪري نہ سگهيس. زندگيءَ ۾ غالباً پھريون ڀيرو منھنجي اکين مان ڳوڙھا نڪتا هئا.
”بدنصيب انسان! هوءَ توسان محبت ڪندي هئي ـــ ۽ اهو سڀ ڪجهہ آءٌ توکي ان ڪري پيو ٻڌايان، جو تون هڪ شڪست کاڌل انسان آهين ـــ ۽ ـــ جي توکي اهو بہ ٻڌايان تہ هن کي اڄ ڏينھن تائين توسان پيار آهي تہ مون کي پڪ آهي تہ تون پنھنجي موجوده زندگيءَ کان هڪ قدم بہ اڳتي وڌي نہ سگهندين. تو پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو هنيو آهي. تو خود پنھنجو پاڻ کي برباد ڪيو آهي.... تو ۾ ڏاڍيون صلاحيتون هيون، خصوصيتون هيون. طبيعت بہ سُٺي هُيوَ. جي تنھنجي مرضي هجي ھا تہ جيڪر پنھنجي ملڪ جي بيش بھا خدمت ڪرين ھا، جنھن کي تو جھڙن ماڻھن جي سخت ضرورت آهي ـــ پر نہ، تون هتي ئي رهندين ۽ ان حد کان اڳتي وڌڻ تنھنجي لاءِ ناممڪن آهي ۽ نيٺ تون پنھنجي زندگي ائين ئي ختم ڪندين. قسم سان آءٌ طنز ڪونہ ٿو ڪريان، نڪو توکي ڏوھہ ٿو ڏيان. منھنجي خيال ۾ هڙئي روسي اهڙا ٿيندا آهن. انھن جي طبيعتن جا لاڙا بہ اهڙا ئي هوندا آهن. جي رولٽ جي جوا نہ سھي تہ ڪا ٻي لعنت ئي سھي. رڳو اوهين نہ، پر ڪوبہ روسي ڪم جي اهميت ڪونہ سمجهي (ڳوٺاڻن جي ڳالھہ ڪونہ پيو ڪريان). رولٽ جي جوئا اهڙي آهي، جا رڳو روسين لاءِ ئي ٺاهي وئي آهي. اوهين بيشڪ ايماندار آهيو. تڏهن تہ اوھان چوري ڪرڻ بجاءِ نوڪري ڪئي ـــ پر مون کي تہ آئينده جو ڊپ آهي. مستقبل ۾ ڇا ٿيندو ـــ چڱو خدا حافظ! توکي پئسي جي ضرورت آهي؟ هي وٺ، ڏھہ لوئيس. ان کان وڌيڪ ڪونہ ڏيندس ڇو جو تون جوئا ۾ اڏائي ڇڏيندين ــــ ھا، ھا، وٺ وٺ.“
”نہ، مسٽر ائسٽلي! پر اوھان جيڪي ڪجهہ چيو سو ٺيڪ آهي.“
”وٺ وٺ، مون کي خبر آهي تہ تون هڪ قابل احترام شخص آهين. هي تہ آءٌ توکي سچي دوست جي حيثيت سان ڏيئي رهيو آهيان. جي مون کي پڪ هجي ھا تہ تون جوئا ڇڏي هيمبرگ مان پنھنجي ملڪ ھليو ويندين تہ خدا جو قسم آءٌ توکي هڪ هزار پائونڊ ڏيئي ڇڏيان ھا تہ جيئن تون نئين سر پنھنجي زندگي سڌاري سگهين. پر نہ، آءٌ هڪ هزار پائونڊ ڪونہ ڏيندس. رڳو هي ڏھہ لوئيس ڏيندس، ڇو جو تنھنجي لاءِ ڏھہ لوئيس هڪ هزار پائونڊن جي برابر آهن. تون سڀ ھارائي ڇڏيندين. چڱو تہ ھاڻ وٺ.“
”چڱو وٺان ٿو، پر هڪڙي شرط تي تہ وڃڻ کان پھرين ڀاڪر پائي ملندؤ.“
”منظور آهي.“
اسين ڏاڍن پُرخلوص جذبن سان هڪٻئي کي ڀاڪر پائي ملياسين ۽ پوءِ هو ھليو ويو.
نہ، هو غلطيءَ تي آهي، جي مون کي پالينا ۽ گريو جي متعلق غلط فھمي آهي تہ هو وري روسين جي باري ۾ متعصب آهي. آءٌ پنھنجي باري ۾ ڪجهہ بہ نٿو چوان ـــ بھرحال ـــ بھرحال، هن وقت اهو نڪتو زير غور ڪونھي. اهي سڀ ڳالھيون آهن ــــ بي معنيٰ ڳالھيون ـــ ضرورت تہ ڪم جي آهي. جدوجهد جي ــــ ھاڻ تہ سڀ ڪجهہ سئٽزرلئنڊ ۾ آهي. سڀاڻي! ـــــ ڪاش اهو ممڪن هجي ھا تہ آءٌ نئين سر زندگي شروع ڪرڻ ۽ مستقبل کي چمڪائڻ لاءِ سڀاڻي اتي پھچي وڃان ھا. هنن سڀني کي خبر پوڻ گهرجي تہ آءٌ.... ۽ پالينا کي بہ خبر پوڻ گهرجي تہ آءٌ اڃا بہ هڪ انسان بنجي سگهان ٿو.... مون کي رڳو.... پر ھاڻي تہ گهڻي دير ٿي ويئي آهي ــــ پر سڀاڻي ـــ آه ــــ مون کي پھرين ئي خيال هو تہ ھاڻ ڪجهہ نہ ڪجهہ ٿي رهندو. ھاڻ مون وٽ پنڌرهن لوئيس آهن ۽ جوئا کيڏڻ لاءِ تہ پنڌرهن گلڊن ئي ڪافي آهي. جي ڪو احتياط سان کيڏي ته.... آءٌ ڪو ٻار ٿورو ئي آهيان. ڇا ايترو بہ ڪونہ ٿو سمجهان تہ آءٌ تباھہ ٿي چڪو آهيان ۽ ھاڻ مون کي ٻيھر زندگي سڌارڻي آهي. ھا مون کي هڪ ڀيرو وري صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻو پوندو ــــ ۽ سڀاڻي ڪو ڏينھن منھنجي زندگيءَ جو بھترين ڏينھن هوندو. رڳو هڪ ڀيرو وري پنھنجي قوت ارادي کي ظاھر ڪرڻو پوندو. بس، هڪ ڪلاڪ ۾ قسمت بدلجي ويندي. گردش جا ڏينھن پورا ٿي ويندا. اصل ڳالھہ قوت ارادي جي آهي. منھنجي لاءِ زندگيءَ جو رڳو هڪڙو واقعو ئي ياد رکڻ ڪافي آهي. اڄ کان ست مھينا اڳ آخري ناڪاميءَ کان ٿورو اڳ ولٽن برگ ۾ مون تي ڇا وهيو واپريو هو؟ حقيقت ۾ مستقل مزاجيءَ جو ڪارنامو هو. آءٌ پائي پائي ھارائي چڪو هوس.... ۽ ڪاسينو جي جوئا خاني مان ٻاھر پئي آيس. مون واسڪوٽ جي کيسي ۾ ڏاڍي حسرت سان هٿ وڌو هو تہ ڏٺم تہ اڃا تائين هڪڙو گلڊن پيو هو. ان وقت يڪدم خيال ۾ آيم تہ رات جو ماني بہ کائڻي آهي. آءٌ اڳتي وڌيس اڃا سؤ قدم مشڪل سان ھليس، تہ ذهن ڦيرو کائي ويو ۽ آءٌ ٻيھر جوئا خاني ۾ ھليو ويس. ويندي ئي اهو گلڊن ’انگ‘ تي هنيم (ان وقت ”انگ“ جو ئي وارو هو.) جي اوهين پرديس ۾، هڪ اڻڄاڻ شھر ۾، جتي اوھان جو ڪو يار مددگار نہ هجي ۽ اوھان وٽ رڳو هڪڙو گلڊن هجي ۽ اھا بہ خبر نہ هجيوَ تہ شام جو کاڌو ملندوَ يا نہ ۽ اصل ان ئي وقت اوهين پنھنجو اهو آخري گلڊن بہ داءَ تي هڻي ڇڏيو تہ اوھان کي ان احساس ۾ ڪيتري نہ لذت ايندي؟ آءٌ کٽي ويس ۽ ويھن منٽن کان پوءِ کيسي ۾ هڪ سؤ ستر گلڊن وجهيو، ڪاسينو کان ٻاھر نڪتو ويس. اھا هڪ حقيقت آهي تہ واقعي ڪڏهن ڪڏهن هڪ بچيل گلڊن بہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهي ٿو. جي آءٌ ان وقت بي همت ٿي وڃان ھا تہ ڇا ٿئي ھا؟ جي مون ھارائڻ جو خطرو نہ کنيو هجي ھا تہ ڇا ٿئي ھا؟....
سڀاڻي ــــ سڀاڻي اهو سڄو قصو ٺھي پوندو.