ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 34
  • 14
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو : نِڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا سوار
موضوع : ڪالم ۽ مضمون
ليکڪ : لياقت عزيز
سھيڙيندڙ : ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي
ڇاپو پھريون، : سيپٽمبر 2023ع
ڊزائن/لي آئوٽ : مور ساگر
ڪمپوزنگ : اعظم ڀٽي
ڇپائيندڙ : سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمدخان
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز رابعہ اسڪوائر حيدرآباد
2634650-0333
مُلھه /600 روپيه


NINDHANKA GHORA GAIBANA SAWAR
Writen by: Liayqat Aziz
Compalid by: Dr. Jamal Nasir Solangi
Edation: 1st September 2023
Title Designe: More Sagar
Compsed by: Azam Bhatti
Published by: Sindhi Adabi Sangat Shaakh TMK
Printed by: Sahil Printer, Hyd: Sindh: 03332634650
RS: 600 

ارپنا

پروفيسر محمد عمر ميمڻ
۽
ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽي
جي نالي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪالم نگار لياقت عزيز جي ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي.
ھي ڪتاب 1993ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي ڪمپوز ڪاپي اعظم ڀٽي ۽ مور ساگر جي سھڪار سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

فھرست

سھيڙيندڙ پاران ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي 07
پيڙھيل پورھيت سان پيار ڪندڙ پروفيسر لياقت عزيز سولنگي قادر بخش طالباڻي 12
پروفيسر لياقت عزيز سولنگي ھڪ تحريڪ، تنظيم ۽ خيال بہ منظور ٿھيم 17
پروفيسر لياقت عزيز: تحسين لائق ڪِردار پروفيسر يعقوب چانڊيو 20
پروفيسر لياقت عزيز سولنگي- سنڌ دوست ڪردار اعظم ڀٽي 24
مضمون/ڪالم
• ڪانھي ڪا تاريخ ۾ ويڙھہ سواءِ ٻي واهہ! 29
• سنڌ جو سياسي ڪلچر ۽ خودپسنديءَ جي خرابي 33
• سنڌ، پاڪستان ۽ سماجي معاهدو 37
• تعليم، استاد ۽ شاگرد 41
• سنڌي ”تعليمي ايمرجنسي“ لاڳو ڪئي وڃي! 46
• ورلڊ بئنڪ، گڊ گورننس ۽ سنڌ جا ڊاڪٽر 51
• رياست، عدل و انصاف 56
• سنڌ، سنڌي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنس 61
• خطرن ۾ گهيريل رياست 65
• سنڌ، ارباب غلام رحيم ۽ ڪرپشن 70
• آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران 74
• اوشو جي فلسفي جھڙو انسان 79
• اسان لوچيون لوھہ ۾ 82
• نِڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا سوار 87
• نِڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا سوار – قسط 2 92
• اعلان هزارين مان نہ رڳو 96
• تھذيبن جو تصادم هڪ عالمي مسئلو 101
• چي گويرا، جمال ناصر، حسن نصرالله 105
• سنڌي ٻوليءَ وارو مضمون لاڳو نہ ٿيڻ جي ڪٿا 109
• تاريخ جو جبر- تاريخ جو فيصلو ڪڏهن بہ غلط نہ هوندو آھي 114
• ملڪ بحرانن جي ڀنوَر ۾ 120
• ايران، وطن پرستي ۽ قومپرستي 125
• ڪاليج بئنڪ يا هوٽل 130
• قومن کي غلام بنائڻ جو طريقو 135
• جمھوريت، سياست ۽ فوج 140
• ھيو گو شاويز: نئين صدارتي ۽ انقلابي پارٽيءَ جي ضرورت 146
• آئين ۽ ايران جي سول سوسائٽي 150
• تعليم، تجربا ۽ امتحان 155
• انساني حقن جي تحفظ ۾ اعليٰ عدالتن جو ڪردار 161
• ڪارونجهر جي مور جھڙي خواهش ۽ لُڙڪ 164
• قانون، معاشرو ۽ مظلوم استاد 168
• صوبائي خودمختياريءَ جا بنياد ڪھڙا هجڻ گهرجن؟ 172
• سرڪار، ملڪي خزانو ۽ غريب عوام 177
• شال ڀاڱا نہ ٿئي سنڌڙي! 182
• نظريہ ضرورت واري (نظريي) جوشاندار استعمال 185
• تعليم جو ٻيڙو ڪيئن ٿو تري سگهي؟ 189
• صوماليہ تي جارحيت ۽ آمريڪي منصوبو 193
• سنڌ جي ڌاڙيلن مان جند ڪيئن ڇڏائجي؟ 197
• انتظامي ادارن جي ناڪاميءَ جو ذميوار ڪير آھي؟ 201
• ملڪ ۾ هڪ نئين سماجي معاهدي جي ضرورت! 205
• استادن ۽ ملازمن جي مطالبن تي ڊائلاگ ڇو نہ ٿئي؟ 210
• عوام دوست بجيٽ جون دعوائون ۽ مھانگائي! 216
• سنڌ، تعليم ۽ تعليمي ادارا 220
• سنڌ، گڊ گورننس ۽ پ پ پ 224
• تعليم جي تباھي جو داستان، موجودہ صورتحال ۽ حل 227
• سياسي پارٽيون، شاگرد يونين ۽ ضابطہ اخلاق 231
• شھيد نذير عباسي انقلابي جدوجهد جو بھادر اڳواڻ 234
• نذير جي جوٽيل جنگ ختم نہ ٿي آھي 237
• الطاف شيخ جي سفرنامي”ايران ڏي اڏام“ جو مھاڳ 240
• مولانا شبلي: ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽو 253

سھيڙيندڙ پاران

جيئن تہ 30 سيپٽمبر ۽ پھرين آڪٽوبر جا ڏينھن سنڌ لاءِ ڪاري باب جي حيثيت رکن ٿا، جن ڏينھن ۾ بيگناھہ انسانن جي رت سان هولي کيڏي وئي. سنڌ ڪيترائي سال روئيندي رھي، ان جي نتيجي ۾ ڪي ڦَٽ ڄڻ تہ اڄ بہ تازا آهن، ائين ئي 30 سيپٽمبر ۽ پھرين آڪٽوبر جا ڏينھن منھنجي وجود لاءِ بہ بدترين ڏينھن بڻيل آهن، جڏهن منھنجو والد اسانکان هميشہ لاءِ جُدا ٿي، نہ کُٽندڙ ڏُک ڏئي ويو. منھنجو والد پروفيسر لياقت عزيز منھنجي آئيڊيل شخصيت هو، جنھن پنھنجي سموري عُمر ايمانداري سان ۽ انتھائي سادگي سان گُذاري. هُو نوڪري جي مجبوري سبب حيدرآباد ۾ رهندو هو، موڪل واري ڏينھن پنھنجي شھر ٽنڊي محمد خان ايندو هو. اسانجي پڙھائي، بعد ۾ نوڪري ۽ گهرو مصروفيتن سبب ساڻس ڪي ڊگهيون يادون، بحث مباحثا، سندس علمي سرگرميون ۽ ادبي زندگيءَ اسان لاءِ ڪنھن قدر لِڪل باب مثل رھي. سندس زندگيءَ جا اخري پنج سال مسلسل، سي بہ سندس شديد بيماري ۾ ساڻس گڏ گُذارڻ ۽ وس آھر خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. پروفيسر لياقت عزيز جي وڇوڙي پُڄاڻان 30 سيپٽمبر 2019ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان پاران سندس پھرين ورسي ملھائي وئي، ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي متحرڪ ادبي ڪارڪن اعظم ڀٽي پنھنجي تقرير ۾ اھا گهر ڪئي هئي تہ پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي سھيڙي ڇپائڻ گهرجي. مون ان موقعي تي اعلان ڪيو هو تہ پروفيسر جي لکڻين کي سھيڙي ڪتاب ضرور ڇپرائي پڌرو ڪبو. ان سلسلي ۾ اعظم ڀٽي جي رهنمائي ۾ اسان ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. ان دوران منھنجي ڌيءُ موتيا، جنھن بابا جي بيماريءَ وارو آخري عرصو سندس خدمت ۾ گُذاريو، اُن مونکي ٻُڌايو تہ بابا پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجا ڪالم روشني پبليڪيشن واري علي نواز گهانگهري کي ڏنا هئا، پر بابا جي طبعيت خراب ٿيڻ ڪري اهو ڪم تڪميل تائين نہ پھچي سگهيو. آئون، اعظم ڀٽي ۽ اعجاز جسڪاڻي گڏجي علي نواز گهانگهري سان ملياسين، جنھن سان ڪتاب جي ڇپائي بابت ڳالھہ ٻولھہ ٿي، پر مٿان ڪرونا جي وبا اچي وئي، ڪافي وقت بہ گُذري چُڪو هو، ٻيھر علي نواز گهانگهري صاحب سان ملياسين، جنھن چيو تہ ڪرونا ۽ ان جي بعد واري صورتحال جي پيشِ نظر اسان ڪتابن جي ڇپائي جو ڪم بند ڪري ڇڏيو آھي. خير گهانگهري صاحب اسانکي مواد واپس ڪيو. جيڪو مواد مليو ۽ ان کانسواءِ ٻيو کوڙ سارو ٽڙيل پکڙيل مواد گڏ ڪرڻ جي ذميداري اعظم ڀٽي پنھنجي سِر تي وسائي. مواد متعلق توڙي ڪتاب جي ڇپائي جي باري ۾ منھنجون، اعجاز جسڪاڻي ۽ اعظم ڀٽي جون ڪوششون جاري رھيون، نيٺ وس ۽ وت آھر هڻي وڃِي هنڌ ڪري، مسودو تيار ڪيوسين. جيڪو ساحل پرنـٽرس جي سرواڻ مور ساگر جي سھڪار سان ڪتابي صورت ۾ اوھانجي هٿن ۾ آھي. هونئن پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو علم، ادب ۽ سياست توڙي سماجيات جي حوالي سان ڪنھن لاءِ نہ نئون ناھي. هُو هڪ بھترين تعليمدان هو، جنھن وٽ تعليم جي حصول لاءِ سوديبازي جو ڪو بہ وکر نہ هو، هُو هڪ اهڙو اديب هو، جنھن وٽ قلم، هٿيار مثل هو، هُو اهڙو سياستڪار هو، جنھن جو ھر رستو مسلسل جدوجهد جو عڪس هو. هُن جو ايمان هو تہ ”جتي بہ ظلم ۽ ناحق آھي، بُک ۽ بيروزگاري آھي، معاشي اڻبرابري، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ آھي، قومي ۽ انساني حقن جي لتاڙ آھي. اھا جنگ جاري رهندي.“ ڪيڏي نہ اُميد آھي، ڪيڏو نہ اُتساھہ آھي، ڪيڏو تہ همت ۽ حوصلو آھي، انھن لفظن ۾. ان اُميد، اُتساھہ، همت ۽ حوصلي جي ضرورت ھر دور ۾ پئي رھي آھي. سالن پُڄاڻان بہ سنڌي سماج لاءِ اڏوھي بڻيل اھي حالتون اڄ بہ ساڳيون لڳن ٿيون. بس وقت جا ڪانٽا هڪٻئي مٿان چڙهندا ٿا رهن. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جڏهن کان شعور سنڀاليو قلم ۽ ڪاغذ سان سندس ناتو اڻٽُٽ رھيو. سندس لکڻين جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي عوام، سنڌي پورھيت، مظلوم ۽ پيڙھيل طبقو، انھن سان سلھاڙيل نجي، ذاتي، تعليمي، سياسي ۽ سماجي مسئلا، رياست، جمھوريت، آمريت، بيڪار حڪومتي ڍانچا، بُک، بدحالي، مھنگائي، بيروزگاري، عالمي صورتحال جي پيش نظر لاتعداد مونجهارا ۽ مشڪلاتون، ڌاڙيل ڪلچر، آزاديءَ، غلامي، خاص طور سنڌ جي تعليم، تعليمي تباھي واري صورتحال، ان جو حل ۽ ان لاءِ ضابطہ اخلاق سميت انيڪ موضوع آهن، جن تي هُن وڏي بھادريءَ ۽ جرئتمنديءَ سان قلم آزمائي ڪئي. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي پنھنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو، هُو هڪ تنظيم هو، هڪ تحريڪ هو، جنھن جا عڪس اڄ بہ سنڌي سماج ۾ موجود آهن. هُو نہ رڳو هڪ متحرڪ ڪردار هو پر هڪ اهڙو دانشور هو، جنھن جتي بہ جيڪو ڪجهہ ڏٺو ٿي، جتي بہ سندس من ۾ مانڌاڻ مچي ٿي، هن قلم کي سگهارو هٿيار بنائي، پنھنجو آواز بُلند ڪيو ٿي. سندس لکڻين جو انگ توڙي جو تمام ڪثير تعداد ۾ نہ بہ هجي، پر هُن جيڪو ڪجهہ بہ لکيو سو انتھائي معياري ۽ ڪارائتو لکيو. 1993ع ۾ سندس لکڻين جو پھريون مجموعو نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران “قومي غدار ۽ حساب ڪتاب” جي نالي سان شايع ٿيو هو. جيڪو ٿوري وقت ۾ هٿوهٿ وڪامي، هن وقت ناياب بڻجي ويو آھي. توڙي جو سندس اھي لکڻيون محفوظ بڻيل آهن، جن کي ٻيھر پڌرو ڪرڻ جي ضرورت پڻ آھي. ان کي عملي جامون پھرائڻ جي بہ ڪوشش ٻيھر ڪبي. ان کانپوءِ بہ سندس کوڙ ساريون لکڻيون سنڌ جي ساڃاھہ جي نظر مان گذرنديون رھيون آهن، جيڪي ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ روزاني اخبارن، رسالن توڙي مختلف ڪتابن جي زينت پڻ بڻيون. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي سان لاڳاپيل حلقن توڙي علم ۽ ادب سان چاھہ رکندڙن جو هميشہ اهو اصرار رھيو تہ انھن ٽڙل پکڙيل لکڻين کي سھيڙي، گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپايو وڃي. جنھن سھيڙ جي حوالي سان تمام گهڻين مشڪلاتن مان پار پئي، هن منزل تي پھتا آھيون. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جون ٽڙيل پکڙيل لکڻيون جتان بہ هٿ اچي سگهيون انھن کي هن ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رھيا آھيون. ٿي سگهي ٿو تہ اڃا بہ ڪي لکڻيون اسانجي نظرن کان رهجي ويون هجن. ان لاءِ پڙهندڙن کي نماڻي گذارش آھي تہ هن ڪتاب جي مطالعي سان گڏ رهجي ويل لکڻين توڙي پنھنجي اصلاحي راين بابت اسانکي ضرور آگاھہ ڪن تہ جيئن مستقبل ۾ انھن سمورين لکڻين جي ڪنھن گڏيل سھيڙ ۾ ڪا عملي شڪل جُڙي سگهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي بہ لکڻيون شامل آهن، سي ويھين صديءَ جي پڇاڙي ۽ ايڪويھين صديءَ جي شروعاتي ٻن ڏھاڪن ۾ مختلف وقتن تي لکيون ويون هُيون. انھن لکڻين کي پڙهڻ سان اڪثر اهو خيال جنم وٺي ٿو تہ ڄڻ اڄ بہ اھا ئي ساڳي صورتحال برقرار آھي. تنھنڪري اھي لکڻيون ھر دور جي عڪاسي محسوس ٿين ٿيون. ڀلي کڻي ليکڪن جا دور الڳ الڳ هجن پر ڪي ليکڪ ھر دور جا نمائندہ ثابت ٿيندا آهن، جن جي تخليق کي پائندگي مليل هوندي آھي. اهڙا ئي عڪس هن مجموعي ۾ بہ شامل آهن. موجودہ دور ۾ ڪتاب ڇپائڻ بہ هڪ وڏو ڪٺن ڪم آھي، وري جي لکڻيون ٽڙيل پکڙيل هجن، انھن کي چُونڊي گڏ ڪري، هڪ هنڌ سھيڙڻ وارو ڪم ان کان وڌيڪ ڪٺن آھي. ان سموري ڪم ۾جن دوستن مون سان ڀرپور سھڪار ۽ ساٿ نڀايو، انھن جي محبتن کي قطعي بہ وساري نٿو سگهان. خاص طور سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي، انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊي محمد خان چيپٽر جي صدر اعجاز علي جسڪاڻي جي لمحي لمحي جي مڪمل سھڪار ۽ ساٿ منھنجي تمام گهڻين مشڪلاتن کي آسان بنايو. ان حوالي سان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊي محمد خان چيپٽر جي سمورن ساڃاھہ وند دوستن جي همت افزائي مونکي تمام گهڻو ڏڍ، حوصلو ۽ همت ارپي. توڙي جو پروفيسر لياقت عزيز سولنگي منھنجو والد آھي، ان نسبت سان مون تي وڌيڪ فرض عائد ٿئي ٿو پر مٿين دوستن جيڪو ڀرپور تعاون ڪيو، سو ثابت ڪري ٿو تہ اھي نہ رڳو سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جا عاشق آهن پر اھي پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جا ادبي وارث پڻ آهن. جن کيس ھر سال ياد ڪرڻ جي روايت کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا آهن. آئون انتھائي مشڪور آھيان مانواري چاچا سائين قادر بخش طالباڻي صاحب جو، جنھن انتھائي پيرسنيءَ ۽ علالت باوجود نہ رڳو مڪمل طور اُتساھيو پر مھاڳ بہ لکي ڏنو، جيڪو بہ هڪ تاريخي دستاويز آھي. آئون دلي طور ٿورائتو آھيان محترم منظور ٿھيم جو، جنھن هن ڪتاب بابت پنھنجي مُفيد راءِ لکي ڏني. آئون دلي طور نيڪ تمنائن سان ٿورائتو آھيان محترم اعظم ڀٽي جو، جنھن هن مجموعي جي سھيڙ، ڪمپوزنگ، ايڊيٽنگ، پُروفنگ سميت سمورن مرحلن ۾ نہ رڳو تحسين لائق ڪردار ادا ڪيو پر پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي زندگيءَ بابت هڪ بھترين تعارفي خاڪو پڻ لکيو. مونکي دلي طور قدر آھي سائين اعجاز علي جسڪاڻي جي ھر قدم جو، جنھن لمحي بہ لمحي هن سموري ڪم کي پنھنجو فرض سمجهي ھر هنڌ اسان سان مڪمل ساٿ، سھڪار ۽ رهنمائي وارو ڪردر ادا ڪيو. هن موقعي تي آئون پروفيسر يعقوب چانڊيي جي ڪردار کي قطعي بہ وساري نٿو سگهان، جيڪو بابا پُڄاڻان نہ رڳو ھر وقت رابطي ۾ رھي اُتساھيندو رھيو پر پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي علمي ۽ ادبي مشاھير وارو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو پيو اچي. بيڪ ٽائيٽل تي هُن پنھنجو ڀرپور حوصلو ۽ پيار ونڊيو آھي. شايد انھن ڄاڻايل هٿن جي مشقت کانسواءِ ھي ڪٺن ڪم منھنجي لاءِ تمام گهڻو مشڪل هو پر دوستن جي ساٿ اهو اُتساھہ ارپيو تہ هٿ هٿ جڏهن مڙي مُٺ بنجي ٿي تہ ڪوبہ ڪم مشڪل ناھي هوندو. آخر ۾ آئون دلي طور ساحل پرنٽرس جي سرواڻ مور ساگر جي مانائتي ڀرم جو متعرف آھيان، جنھن جي ڪاوشن هن ڪتاب کي حتمي شڪل ڏني. اُميد اٿم تہ هن ڪتاب ۾ شامل مواد نئين نسل لاءِ لاڀ جو ڪِرڻو ضرور ثابت ٿيندو. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بہ ڪي ذهن هن مان ڪو لاڀ پِرائي سگهيا تہ اسان پنھنجي ڪوششن کي سڦل ڀائينداسين.


ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي
ٽنڊو محمد خان

مھاڳ: پيڙھيل پورھيت سان پيار ڪندڙ: پروفيسر لياقت عزيز سولنگي

سنڌ ڌرتيءَ جيڪا ھر شيءِ ۾ مالا مال رھي آھي، اُتي ڪيترائي انسان دوست پيدا ٿيا آهن، جن پنھنجي پورھيتن سان پيار ڪندي پنھنجي عُمر سڦل گُذاري، تاريخ جي ورقن ۾ پاڻ کي زندہ رکيو. انسانيت سان اُنس رکندڙ اهڙن مھان انسانن مان پروفيسر لياقت عزيز سولنگي لاءِ چند لفظ لکڻ مناسب سمجهان ٿو. لياقت عزيز سولنگي هڪ غريب ھاري خميسي خان جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ننڍپڻ غربت ۽ مُفلسي ۾ ٽنڊي محمد خان جي مير محلي ۾ گُذريو. پرائمري تعليم شھر جي ان پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين، جنھن اسڪول م مون بہ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ پنھنجا فرائض سرانجام ڏنا. پرائمري، سيڪنڊري ۽ ھاير سيڪنڊري جي تعليم وٺي سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جي سنَد وٺي تعليم کاتي ڪرارچي ۾ ليڪچرار طور درس ڏيڻ ۾ مشغول رھيو. گهر جي واحد ڪمائيندڙ جي حيثيت ۾ حيدرآباد شھر اچي وسايائين. ان کان اڳ شاگرديءَ واري دور ۾ هُن شاگرد يونين ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنھنجا بھترين دوست پيدا ڪري ھر تحريڪ جو مھندار رھيو. هُو پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرار هو، کيس پنھنجي مضمون تي مڪمل عُبور حاصل هو، شاگردن کي ڄاڻ جا خزانا مُھيا ڪرڻ ڏيڻ ڪري شاگرد بہ ساڻس بيحد پيار ۽ محبت ڪندا هئا، جنھن محبت کي اڄ بہ دائمي حيثيت حاصل آھي. هُو وڏو عرصو سچل ڪاليج ۾ رھيو، جتي هُن ڪيترن ئي شاگردن کي سرڪاري ملازمت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. کيس شاگردن سان بہ بي پناھہ محبت هوندي هئي، تنھنڪري هُو ڪاليج ۾ شاگردن کي فين جي مد ۾ رعايت وٺي ڏيڻ، مفت ڪتاب ۽ ڊريسون ڏيارڻ وارين ڪوششن ۾ وڌي چڙھي حصو وٺندو هو. سندس انھن لِڪل ڪاوشن سبب ڪيترن ئي غريب شاگردن جو مستقبل سنوارجي سگهيو هو. حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد واري پُررونق علائقي ۾ سندس رھائش هوندي هئي، جنھن ۾ ٻہ ڪمرا هوندا هئا، جن مان هڪ ڪمرو مھمانن لاءِ مخصوص صندل سان سينگاريل هوندو هو. جتي سندس دوست ۽ سياسي ڪارڪن اچي ٿَڪ ڀڃيندا هئا. آرام ڪري، ھر مسئلي توڙي تحرڪ بابت بحث مباحثو ڪري، هُو فيصلا بہ وٺندو هو. 1981ع جي آخر ۾ سيوهڻ ۾ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جي چونڊ ٿي هئي، جنھن جا نتيجا نہ پئي نبري سگهيا، جنھن ڳالھہ جو پرائمري استادن کان وڌيڪ هن کي صدمو رسيو هو. هن جا مرحوم قربان علي ٽانوري سان دُعا سلام جي حد تائين واسطا هئا، مرحوم عبدالرحيم جتوئي سان سندس واقفيت نہ هئي، ان وقت پ ٽ الف جو ٿاڪ (ھيڊڪوارٽر) عرب هوٽل هوندي هئي، جتي هُن اچي ٻنھي ڌڙن سان ڳالھيون ڪيون ۽ ماحول کي سازگار بنائڻ جون اڻٿڪ ڪوششون شروع ڪيون. منھنجي ساڻس اُتي واقفيت ٿي، هُن مونکي سندس گهر اچڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ جي دعوت ڏني. آئون ششي پنجي ۾ رھيس ۽ سوچڻ لڳس تہ هن پروفيسر کي پ ٽ الف جي ايتري ڳڻتي ۽ فڪر ڇو آھي؟ ڪٿي سرڪار طرفان ونگار وهڻ جي ڪوشش تہ ڪونہ ٿو ڪري؟ مون پاڻ کي هن کان پَري رکيو، نيٺ ڪجهہ وقت گُذرڻ بعد هن نياپو موڪلي مونکي گهرايو، ڪچھري ڪرڻ ويس، اُتي يعني هن جي رھائشگاھہ واري ڪمري ۾ پيل سامان ڏسي وائڙو ٿي ويس تہ ھي سترھين گريڊ جو ملازم آھي، جنھن جو گهر بہ سادو، کيس سَواري لاءِ بہ ٻين جي سَواري ۾ ڀائيواري ڪرڻي ٿي پوي. سچل ڪاليج بہ ڊيوٽي لاءِ رڪشہ يا پنڌ ڪريو وڃو اُتي پھچي. خير ان ڪچھري ۾ اسان هڪٻئي کي پرکي ناتي نڀائڻ جو عزم ڪيو.اڳتي هلي اُن ناتي اسانکي هڪٻئي جو “گُرو” بنائي ڇڏيو. مارشل لا جي دور ۾ استادن جي مسئلن تي مُلڪ گير تحريڪون گڏجي هلايوسين. اسانجي ان ئي لڳ لاڳاپي جي ڪري پروفيسر دوست مونکي بہ پرائمري استاد بجاءِ پروفيسر سمجهندا هئا ۽ وڌيڪ ڀائيندا هئا. نيٺ اسان گڏجي حيدرآباد شھر جي سطح تي هڪ ڳُجهي ڪميٽي ٺاھي، جيڪا سنڌ جي استادن سان گڏ پورھيتن ۽ مظلومن جي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪندي هئي. جنھن ۾ سيد علي اڪبر شاھہ، انيس ميمڻ، نذير پٺاڻ، آغا خالد پٺاڻ ۽ ٻيا ڪيترائي رفيق گڏ هوندا هئا. مارشل لا جي دور ۾ لياقت عزيز سولنگي کي ڪافي تڪليفون پھتيون، خوف ڏيارڻ سميت داٻا ۽ ڌڙڪا بہ ملندا هئا. پر “چري ڪيئن! اڳي کان اڳڀري” جي مصداق قافلو هميشہ رَوان دَوان رھيو. هن حيدرآباد ۾ لساني جهيڙن ۾ ڏتڙيل شھرين جي بہ وڏي مدد ڪئي. مونکي تعجب لڳندو هو تہ ڪنھن بہ مسئلي تي تحريڪ هلائڻ لاءِ سڄو پروگرام ٺاھيندو هو پر چندي لاءِ اڳواٽ ڪوبہ پروگرام نہ ٺاھيندو هو. جدوجهد شروع ٿي ويندي هئي، خرچ ضرورت آھر ھر هڪ دوست کي کيسي مان ڪرڻو پوندو هو يا جنرل باڊي جي ميڙ ۾ جهولي فنڊ ڪندو هو، جيڪو بہ ڪارڪنن مان ڪنھن هڪ جي حوالي ڪيو ويندو هو. پاڻ ۾ گڏبا هئاسون تہ سال جا پروگرام ترتيب ڏئي ڇڏيندا هئاسين. آخر ۾ پٽيوالن کان پروفيسرن تائين تنظيم ٺاھي تحريڪ هلائي سون، دريا خان پٽيوالن جو صدر هوندو هو. پرنسپل ويچارا پريشان هوندا هئا تہ ”پٽيوالا چون ٿا تہ سرڪاري ڪم کانسواءِ گهر جو ڪم نہ ڪنداسون، ڊيوٽي لاءِ ڪاليج ٽائيم تائين ٻڌل آھيون پوءِ اسانجي مرضي!“ پروفيسر لياقت عزيز پاڻ انھن جي حمايت ڪندو هو تہ ھي بہ آخر انسان آهن، هنن جا بہ ڪي حق آهن، انڪري سندن ڀرپور مدد ڪرڻ گهرجي. لياقت عزيز جا شھر جي سياسي، سماجي، واپاري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان خوشگوار لاڳاپا رهندا هئا. منجهس لاتعداد خوبيون هُيون تہ وري کيس سنڌ جي تعليم جو بہ گهڻو اونو هوندو هو. سندس ڪوشش سان اهو فيصلو ڪرايو ويو تہ ڪنھن بہ حالت ۾ سنڌ جو ڪوبہ تعليمي ادارو ڪنھن بہ صورت ۾ بند نہ ڪرايو ويندو. مسئلن تي جدوجهد لاءِ ترتيب ڏنل پروگرامن ۾ تعليمي ادارن جي بند ٿيڻ جو ڪو بہ فيصلو نہ هوندو هو. سندس ڪوشش سان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان تعليمي تباھي واري ڳڻتي جوڳي صورتحال بابت ”جرڳا ڪميٽي“ قائم ڪئي وئي، جنھن ڪميٽي سڀني حقيقتن تان پردو کڻي سفارشون ترتيب ڏنيون تہ آئندہ ڇا ڪرڻو آھي!
منھنجي اغوا جي واردات ٿي تہ منھنجي عزيزن کان وڌيڪ کيس اونو ۽ گهڻي پريشاني رھي، سڄي سڄي رات پيو واردات بابت جاچ ڪندو هو. جڏهن آئون تنظيم جي عھدي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪو هئس، جنھن جو سبب اهو هو تہ مالي طور مونکي سخت ڏُکيائين کي مُنھن ڏيڻو پوندو هو، ايتريقدر جو مون وٽ حيدرآباد جو ڀاڙو ڏھہ رپيا ڀرڻ جي بہ طاقت نہ هوندي هئي ۽ انفرادي طور ڪنھن دوست کان پئسا وٺڻ جي بہ عادت نہ هوندي هئي. جيڪو مسئلو مون پنھنجي سياسيي رفيقن آڏو رکيو، جن منھنجي حالتن کي مدِنظر رکي اهڙي اجازت ڏني پر لياقت عزيز کي سخت صدمو رسيو. نيٺ حيدرآباد شھري سطح تي سڀني دوستن جي گڏجاڻي پنھنجي گهر گهرايائين، جنھن ۾ عزيز سلام بخاري بہ شريڪ ٿيو هو. ان گڏجاڻي ۾ مون پنھنجي سڄي حقيقت دوستن جي اڳيان رکي، سڀني وڏي بحث مباحثي بعد آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو تہ ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد شھر کان ٻاھر گڏجاڻين ۾ نہ وڃڻ کپي، سموري سنڌ ۾ سرڪيولر موڪلي ڇڏجي تہ هفتي ۾ ٻہ ڏينھن ڊائريڪٽر آفيس حيدرآباد ۾ آئون حاضر هوندس ۽ دوستن جا مسئلا حل ڪرائيندس ۽ اھي ڏينھن سومر ۽ جمع هئڻ کپن. مونکي فيصلو صحيح نہ پئي لڳو پر جواب ڏيڻ لاءِ ڪو مواد ذهن ۾ نہ پئي آيو، نيٺ دماغ جاءِ تي آيو تہ کين چيم تہ سکر کان استاد اچن ٿا اڱاري يا اربع ڏينھن، ھاڻ انھن کي چوان تہ واپس وڃو، سومر يا جمع تي اچجو، تہ ان تي استادن جي دل ۾ منھنجي لاءِ ڪھڙا مثبت احساس پيدا ٿيندا؟ ائين مشڪل آھي. اهڙي ريت نيٺ آئون عھدي تي اچڻ کان بچي ويس. مطلب تہ لياقت عزيز تنظيم لاءِ بھترين ورڪر بہ هو تہ بھادر اڳواڻ بہ هو، هُن وٽ سچائيءَ ۽ محبت جا مڻين هوندا هئا. جيڪو ڪجهہ چوندو يا ڪو فيصلو ڪندو هو تہ ان تي پاڻ ۽ سندس ساٿي عمل پيرا بہ رهندا هئا. نوڪري تان ريٽائر ٿيڻ تي دوستن لياقت عزيز کي الوداعي پارٽي ڏيڻ لاءِ جٿن جي صورت ۾ پھچي بار وڌا پر هُو بار بار انڪار ڪندو رھيو. نيٺ تمام گهڻي دٻاءُ بعد الوداعي پارٽي لاءِ شرطيہ آڇ قبول ڪيائين. سندس شرط اهو هو تہ الوداعي پارٽي جي صدارت مظھرالحق صديقي ڪندو ۽ مھمان خاص قادر بخش طالباڻي ( يعني (آئون) هوندو ۽ سندس دوستن ائين ئي اھا الوداعي پارٽي ڪئي. قلم ۽ ڪاغذ ڄڻ تہ سندس خاص ڪِرت هئي، ڏينھن رات جي ان ڪِرت ئي آخر ۾ کيس دماغي بيماري ڏئي مفلوج ڪري ڇڏيو. ان عرصي ۾ چڱا ڀلا هٿ اڳتي وڌڻ کان نابري واري بيھي رھيا پر پروفيسر يعقوب چانڊيي سندس واھہ جي خدمت ڪئي، جنھن مھل جتي بہ هڪل ڪندو هو چانڊيو صاحب پھچي سندس سڀ انگل بي ڌڙڪ پورا ڪندو هو. نيٺ سندس صدوري فرمانبردار ٻچڙي ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي کيس نسيم نگر حيدرآباد مان لڏو کڻائي، ٽنڊي محمد خان پنھنجي اکين آڏو منتقل ڪري، باقي ڏھاڙا سندس دل و جان سا خدمت ڪئي. هُو ”راڄن جو راڻو، مُور نہ وِڪاڻو“ هوندو هو، جنھن پاڻ يا سندس ڪنھن بہ عزيز سندس علاج لاءِ ڪنھن کي ڪا بہ ايلاز يا منٿ نہ ڪئي. کيس ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪرائي، ذاتي طور هڙان وڙان خرچ ڪري سندس علاج ڪرايو ويو پر شاھہ لطيف چواڻي تہ ”ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ٿئي ان کي.“ اُتي ئي 30 سيپٽمبر 2018ع تي هُن دم ڌڻي حوالي ڪيو. کيس سندس آبائي قبرستان ٽنڊي محمد خان ۾ مٽيءَ ماءٌ حوالي ڪيو ويو. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي تہ هليو ويو پر پويان ڪيئي داستان ۽ قصا ڇڏي ويو، جيڪي اسانجي اُتساھہ لاءِ ڄڻ تہ آڪسيجن آهن. لياقت عزيز سولنگي جي پَر سندس ٻچڙو ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي اڄ بہ اسان سان نڀاھيندو اچي. هُو کيرون لهڻي جو نہ رڳو پروفيسر لياقت عزيز کي ياد ڪرڻ جي ڪِرت هٿان نہ وڃائي اٿس پر سندس دوستن سان بہ ھر وقت رابطي ۾ رھي ٿو. وڏي ڳالھہ اھا آھي جو پروفيسر لياقت عزيز جي وڇوڙي پُڄاڻان سندس علمي ادبي خدمتن جي تاريخ کي زندہ رکڻ لاءِ سندس ٽڙيل پکڙيل لکڻيون سھيڙي ڪتابي صورت ۾ ان کي ڇپائي پڌرو ڪري، انھن لکڻين کي هميشہ لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو اٿس. جيڪو ڪم هڪ لائق فرزند ئي ڪري سگهي ٿو. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي لکڻين ۾ سموري سنڌ ڇلڪي ٿي، ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ سندس پيڙاءُ خاص طور سنڌ جي تعليم جو اونو ۽ تعليم جي تباھي جي پريشاني سندس لکڻين ۾ پڌري پٽ پروڙي سگهجي ٿي. شال لياقت عزيز سولنگي جي هن قلمي پورھيي کي هڪ تاريخي دستاويز جي شڪل ۾ آڻڻ وارو ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي جو پورھيو سنڌ جي ساڃاھہ وٽ قبول پوي.

قادر بخش طالباڻي

رايو: پروفيسر لياقت عزيز سولنگي ھڪ تحريڪ، تنظيم ۽ خيال به

ھن ملڪ ۾ تاريخ کي مسخ ڪري پيش ڪرڻ جي روايت پراڻي آھي. ھڪ طرف پوري دنيا آھي جيڪا پنھنجي تاريخ کي پنھنجو ورثو سمجهي ٿي ۽ ان تي فخر ڪري ٿي، جڏھن تہ ٻئي طرف پاڪستان جا محققين، اڪابرين، جذبہ حُب الوطني ۽ ايمان ۽ تقويٰ سان سرشار نسلي، مذھبي ۽ فرقه پرستي جا واھڙ وھائيندي تاريخ جو چھرو مسخ ڪرڻ بلڪه ميسارڻ جي ڪڍ لڳل آھن. ھي رويا دراصل پنھنجي ذات ۾ بتدريج (سيڊسٽ) يعني پنھنجن ڪمزورين کي ان طرح ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ ھوندو آھي تہ جيئن ان مان ماڻھن جي ھڪ وڏي اڪثريت جون ھمدرديون حاصل ڪري سگهجن ۽ پڙھڻ واري لاءِ ان قسم جو تاثر پيدا ڪن تہ سموري دنيا خاص طرح ھندو، مسلمانن جا دشمن نمبر ون آھن. جنھن لاءِ تاريخ جي ورقن ۾ پنھنجي طرح جا قصا ۽ فرسودہ تصور داخل ڪندا رھن ٿا. ھي اھا ڳالھہ ڪڏھن بہ ٻُڌائڻ لاءِ تيار ناھن تہ حسين بن منصور، عباسي سلطنت جي مخالفت ان ڪري ڪئي تہ انھن مقامي غير مسلم آبادي سان واضع غير اسلامي ۽ غير انساني رويا روا رکيا. ھنن تاريخ کي مسخ ڪندي ايترو چيو تہ حسين بن منصور حلاج ھڪ غير مسلم ڇوڪري جي ڪري جان ڏني. اھڙي طرح ان روايت کي قائم رکندي ھنن پاڪستان جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آھي. جنھن جو مثال اسانجو تعليمي ۽ تدريسي نظام آھي، جو دنيا ۾ فرسودہ ترين نظام مان ھڪ آھي. جنھن ۾ آرٽ ۽ سائنس ھڪ مذاق کانسواءِ ڪجهه بہ ناھي. ھي مسلمانن جي برڪتن، دور حڪومتن جو تہ فراخدلي سان ذڪر ڪن ٿا پر تحريڪ آزادي، روشن خيال تحريڪن ۾ ٻين جو ڪھڙو ۽ ڪيترو ڪردار ھو ۽ آھي ٻُڌائڻ لاءِ تيار ناھن. نامور محقق ڊاڪٽر ڪي ڪي عزيز جي ڪتاب جو عنوان آھي (مرڊر آف ھسٽري اِن پاڪستان) جيڪو ان ڳالھه جو احاطو ڪري ٿو تہ ڪھڙي طرح پاڪستان جي تاريخ جو چھرو مسخ ڪيو ويو آھي. تاريخ جا اصول ان وقت بيحد تلخ ٿين ٿا، جڏھن اھي زندگيءَ جي حقيقتن جي برعڪس رياستي ثناخورن جي ور چڙھي وڃن ٿا. ھن ملڪ ۾ ڪيترا اھڙا مصنف رھيا آھن، جن حقيقي معنيٰ ۾ زندگي جي حقيقي سوالن کي ايڊريس ڪيو آھي ۽ عوام دوست نيريٽو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. منھنجي نظر ۾ اھي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻھو ٿيندا انھن ۾ سائين لياقت عزيز سولنگي بہ آھي. سائين لياقت عزيز سولنگي جو شمار انھن ترقي پسند، جمھوريت پسند، سيڪيولر ۽ انقلابي خيالن جي ماڻھن ۾ ٿئي ٿو، جن پنھنجي زماني جي ظلمت ۽ ضياءُ کي چيئلنج ڪيو. ۽ سماج ۾ نوان قدر ۽ نوان سوال متعارف ڪرايا، ضياءُ آمريت جو زمانو پاڪستان جي تاريخ جو بدترين، سياھ ۽ گهپ اونداھي وارو دور ھو. پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي تھذيبي فضا بارود، ھٿيارن، ھيروئن ۽ خودرو نسلي ۽ مذھبي گروھن جي ور چڙھي وئي هئي، اھڙي ماحول ۾ سائين لياقت عزيز سولنگي سنڌ جي تھذيبي فضا ۽ تاريخ کي مسخ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قلم ذريعي جيڪا ويڙھ وڙھي اھا ھاڻ بہ سماج جي ڪيترن ڪمزور ماڻھن لاءِ اتساھ جو سبب بڻيل آھي. سائين لياقت عزيز سولنگي جي مضمونن جو تفصيل تہ ھن ڪتاب ۾ موجود آھي پر ھنن مضمونن جي خاص ڳالھه تہ اھي پنھنجي تاريخي، سياسي، سماجي، تخليقي ۽ تحقيقي حيثيت پڻ رکن ٿا، تحقيق ۽ ادب ھي ٻہ مختلف رخ آھن، جيڪي ڪنھن بہ انسان جي صحيح تشريح ڪن ٿا، انڪري صحيح معنيٰ ۾ سائين لياقت عزيز سولنگي جي تشريح عوامي جدوجهد جي تاريخ کي مسخ ٿيڻ کان بچائڻ ھو، جنھن لاءِ ھن کي سخت محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي پئي ھئي. ھن ملڪ ۾ ان حوالي سان ٻن ماڻھن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو، سبط حسن ۽ فيض احمد فيض ۽ ٽيون منھنجي نظر ۾ عوامي مسئلن تي تحقيقي ۽ تاريخي ڪم سائين لياقت عزيز سولنگي جو ھو. سائين جيئن تہ پاڻ علم تدريس جو ماڻھو ھو، انڪري بہ ھن جي لکڻين جا موضوع بيحد سنجيدہ ۽ صحافتي تحقيقي۽ ادبي رھيا. جي ڏسجي تہ تاريخ جو جدلياتي تصور ۽ انساني شعور پنھنجي خارجي سبب امڪان ۽ تبديل ٿيندڙ سماجي قدر ۽ ان ۾ موجود نظام پيداوار ۽ ڪلاس جي متضاد سوالن جي نتيجي ۾ جنم وٺن ٿا. جنھن ۾ سائين لياقت عزيز سولنگي جھڙن ماڻھن جو ڪردار نئين امڪانن ۽ سوالن کي پيدا ڪرڻ وارو ھجي ٿو، جتان پوءِ زندگيءَ جا نوان فڪر ۽ نوان نظريا جنم وٺن ٿا. سائين لياقت عزيز سولنگي جو خيال ھو تہ روشن خيالي ۽ انقلابي نظريا طبقاتي جدوجهد واري عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿين ٿا. انڪري سائين جي هن ڪتاب ۾ شامل سمورن مضمونن جو تعلق ھڪ نئين سماج کي تخليق ڪرڻ جي پسمنظر ۾ ھو، سائين ڪنھن بہ نظريي ۽ فرد کي عقيدي پرستي جي اک سان ڏسڻ کان انڪار ڪيو. ۽ هن ڪيترن مضمونن ۾ پنھنجن سياسي رفقائن جي ڪمزورين کي پنھنجن لکڻين ۾ آندو آھي. جي ڏسجي تہ قديم تھذيب ھاڻ تائين ڪيترن خوبين سان گڏ سماجي طور فرسودہ روايتن ۾ پڻ گهيريل ھجي ٿي! جھڙي طرح سنڌي سماج ھاڻ تائين بہ قبائلي، سرداري، جاگيرداري ۽ نسلي متڀيد واري فرسودہ خيالن ۾ جڪڙيل آھي. اھڙي سماج تي ھڪ بھادر انسان جيڪو پنھنجي علم ۽ شعور ڏانھن پڪو پختو يقين رکندو ھجي. اھو ئي ان جي صحيح تشريح ڪري سگهي ٿو ۽ ان متعلق مضبوط دليل بہ ڏئي سگهي ٿو ۽ ھن ماڻھو ائين ڪري ڏيکاريو. ھن جا هن ڪتاب ۾ شامل ڪيترائي مضمون ان متعلق پڻ آھن. اسان جي جمھوري آدرشن ۽ جمھوري تحريڪ ۾ ھڪ وڏو ۽ تخليقي ڪم پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو آھي، جيڪو ھر دور جي ظلمت کي چئلينج ڪندو رھندو ۽ تاريخ جي سچائيءَ جو دفاع ڪندو رھندو.ان کي مسخ ٿيڻ کان بچائيندو رھندو.

منظور ٿھيم

پروفيسر لياقت عزيز: تحسين لائق ڪردار

سائين پروفيسر لياقت عزيز سولنگي گهڻ رُخي شخصيت هو ۽ هن ۾ قدرتي طور تمام گهڻيون خوبيون ھيون. هن سان نيازمندي 1988ع کان ھئي، پر ساڻس ويجھڙائي 1991ع کان ٿي، جڏهن آئون گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس. پروفيسر لياقت عزيز صاحب منھنجي نظر ۾ جدوجهد جو اُھڃاڻ ھو. ھو بُردبار، بي ڊپو ۽ صاحب ِڪردار شخص ھو. سندس زندگي پنھنجي ماڻھن جي ڏُکن ۽ اھنجن تي ڪڙھندي ھئي. سائين جو قلم ھميشہ سماج ۾ موجود خرابين تي وڄ جيان ڪڙڪندو ھو. هن پنھنجي سبجيڪٽ يعني پوليٽيڪل سائنس تي وڏي مھارت سان اٺ تدريسي ڪتاب لکيا، جيڪي ڪاليج کان يونيورسٽيءَ تائين جي تدريسي ڪورس تي رکيل آهن. سائين لياقت عزيز نہ صرف صاحبِ علم ھو، پر صاحبِ قلم پڻ ھو، سندس قلم سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن سان بہ خُوب نڀايو، تہ وري سماج جي عڪاسي بہ ڪئي. سائين جا لکيل ڪالم روزاني عوامي آواز، خبرون، خادم وطن ۽ ڪاوش ۾ اھم جاءِ والاريندا ھئا. سندس لکڻيون سنڌ، ملڪ ۽ عالمي سياسي ۽ سماجي حالتن جو بيرحمي سان ڇيد ڪندڙ آھن، سندس ويھه سال اڳ لکيل ڪالم ڄڻ تہ اڄڪلھه جي حالتن تي لکيل محسوس ٿيندا آهن. پروفيسر لياقت عزيز جي زندگي ننڍي هوندي کان ئي جدوجهد سان واڳيل رھي، اسڪول جي شاگردي واري عمر ۾ ٽنڊي محمد خان جي ميونسپل اسڪول کي ھاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ، فوجي شگر ملز ٽنڊو محمد خان ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيارڻ، ٽنڊو محمد خان جي فوجي شگر ملز، ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز ٽنڊو محمد خان، پن جي ٻيڙي ٻاڌارن ۽ ٽانگا يونين جو بنياد وجهڻ ۽ انھن کي پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جو حصو بنائڻ (جيڪا ڪميونسٽ پارٽي جي شاخ ھئي)، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرائڻ تان جيل وڃڻ وارا عمل سندس تاريخي جدجهد جو حصو آهن. پروفيسر لياقت عزيز صاحب 15 فيبروري 1973ع تي ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ تنظيم سنڌ ليڪچرارس ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو (جيڪا پوءِ سپلا جي شڪل ۾ آئي). جنرل ضياء الحق جي مارشل لا 1979ع ۾ ھڪ آرڊر نمبر MLO-55 جاري ڪيو ويو، جنھن تحت سنڌ جي آفيسرن کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ حاضر ٿيڻو هو، لياقت عزيز صاحب ان خلاف جدوجهد ڪئي، جنھن جدوجهد جي نتيجي ۾ سالياني رپورٽن جي بنياد تي سڀني کي نوڪرين تي بحال رکيو ويو. 9 فيبروري 1984ع تي ملڪ ۾ شاگرد يونين تي پابندي لڳائي وئي، ان کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ استاد تنظيمن تي پابندي جا سانباھا ڪيا ويا ھئا، لياقت عزيز پنھنجي دوستن سان گڏ سڄي ملڪ جي مختلف استاد تنظيمن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ”ٽيچرس متحدہ محاذ پاڪستان“ جوڙيو. سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪروڌ ۽ استاد تنظيمن کي متحرڪ رکڻ لاءِ پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليجي استادن کي گڏ ڪري موري کان ڪراچي تائين ”لانگ مارچ“ ڪيائين. 1988ع ۽ 1989ع ۾ لساني ھنگامن ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ نسيم نگر قاسم آباد ۾ هڪ وڏي ڪئمپ قائم ڪئي وئي, جنھن جو سائين لياقت عزيز روحِ روان ھو ۽ ڏتڙيل ماڻهن کي عارضي طور آباد ڪرڻ لاءِ هو ھر ممڪن قدم کڻندو رھيو. 1991ع ۾ سنڌ جي نمائندہ ادبي اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ بچايو تحريڪ ھلي پاڻ ان جو سرگرم اڳواڻ هو. 1992ع ۾ شاھبندر واقعي ۾ بيگناھہ نوجوان ماريا ويا تہ پروفيسرلياقت عزيز پھريون شخص ھو, جنھن پريس بيان وسيلي ان عمل جي مذمت ڪندي, ان کي سختي سان ننديو. 1992ع ۾ مھراڻ يونيورسٽي ۾ ٻن شاگردن جي قتل تي پوري سنڌ ۾ ڳڻتي واري صورتحال بعد ان واقعي ۾ ملوث ذميوارن جي تعين لاءِ سنڌي ادبي سنگت پاران قائم ڪيل ”قومي جرگا ڪميٽي“ جا پاڻ انتھائي سرگرم ميمبر ھئا. ان جرگي کانپوءِ ڪنھن بہ شاگرد تنظيم اھڙي اڳرائي نہ ڪئي. 1994ع ۾ استادن جي مسئلن جي حل لاءِ سپلا پاران تحريڪ ھلائي هڪ ڏينھن سي آءِ اي سينٽر حيدرآباد ۽ ٽي ڏينھن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد رھي، سنڌ حڪومت کان ڪاليجي استادن لاءِ ”نان اٽريڪٽو الائونس“ منظور ڪرايو. 2000ع ۾ جنرل مشرف جي مارشل لا ۾ حڪم جاري ڪيو ويو تہ سنڌ ۾ 43000 ملازمن کي ڪڍيو ويندو تہ لياقت عزيز صاحب ھڪدم ”سنڌ ايمپلائيز الائنس“ ٺاھي ان حڪم جي مخالفت ۾ جلسا جلوس ڪرائي ان حڪم تي عمل روڪرايو. 2005ع ۾ سنڌ جي گورنر عشرت العباد سنڌي شاگردن لاءِ ”اردو سليس“ سنڌي استادن بجاءِ اردو مضمون وارن استادن پاران پڙھائڻ جو حڪم صادر ڪيو تہ سائين لياقت عزيز ”سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع“ مطابق ”آسان سنڌي“ لاڳو ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي، جنھن جو خاتمو ايم ڪيو ايم جي سربراھہ الطاف حسين جي پريس بيان تہ ”اسان سنڌي آھيون ۽ سنڌي پڙهنداسين“ تي ٿيو. پروفيسر لياقت عزيز جي آخري ڀرپور جدوجهد صدر جنرل پرويز مشرف، وفاقي وزير تعليم جنرل جاويد اشرف قاضي، وزير اعلي سنڌ ارباب غلام رحيم ۽ وزير تعليم سنڌ ڊاڪٽر حميدہ کھوڙو طرفان سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندڙ تنظيمن تي پابندي جي ھئي جيڪا 13 ڊسمبر 2007ع تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ مان پابندي ختم ڪرڻ تي پوري ٿي. مجموعي طور پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو علمي، ادبي، سياسي، سماجي ڪردار تحسين لائق رھيو. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي پھريون ماڻهو هو، جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس مان ان ڳالھه تي بائيڪاٽ ڪري نڪتو تہ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ جي قومي سوال تي چٽو موقف نٿي رکي. جڏهن مشرف جي دور ۾ ڏسڻا وائسڻا ماڻھو ڪالا باغ ڊيم جي حمايت جو راڳ ڳائڻ لڳا تہ پروفيسر لياقت عزيز پنھنجن دوستن سان گڏجي ڪالا باغ خلاف جدوجهد لاءِ حڪمت عمليون جوڙڻ ۾ مصروف رھيو. هن چاھيو پئي تہ سنڌ جي ماڻھن ۾ شعور اچي، هن جي خواهش هئي تہ نئين نسل کي ڪو سنئون دڳ ملي. لياقت عزيز، سنڌ جي ادارن جي مالڪي جو رکوال هو، هُو هڪڙي پوري نسل کي پڙهڻ لکڻ سان سلھاڙي ويو. توڙي جو لياقت عزيز تقرير جي فن جو ڪو گهڻو ماھر نہ هو، پر هو ڳالھين جي ميز تان هميشہ ڪاميابي سان اُٿندو هو. هن جي قلم مان نڪتل لفظن کي مان ملندو هو. هو ڪرنٽ اشوز تي رواني ۽ بھادري سان لکندو هو، سندس اُھي لکڻيون ئي اسانجو وڏو سرمايو آهن، جن لکڻين کي سندس فرزند ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي سھيڙي، ڇپائي، ڪتابي صورت ۾ هميشہ هميشہ لاءِ محفوظ ڪيو آھي. يقينن اهو ڊاڪٽر جمال ناصر جو فرض هو، پر اهو ڪم ڪنھن شاندار ڪارنامي کان گهٽ ناھي. ھي ڪتاب ان ڳالھه جي شاهدي آھي تہ پروفيسر لياقت عزيز اسان کان وڇڙيو ضرور آھي، پر وسريو قطعي بہ ناھي، هُو پنھنجي لکڻين جي صورت ۾ هميشہ اسان سان گڏ رهندو. سندس لکڻين جي سھيڙ ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪرڻ تي ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جس لھڻن. شال سندن ھي پورھيو سنڌ جي شعور لاءِ ڪا مانائتي موٽ جھڙي لھر بڻجي ۽ قبوليت ماڻي.

پروفيسر يعقوب چانڊيو
 

خاڪو: پروفيسر لياقت عزيز سولنگي- سنڌ دوست ڪردار

ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن سان محبت وارو رشتو ئي حقيقت ۾ ماڻھو کي معتبر بڻائي ٿو، اھي فرد ئي تاريخ ۾زندہ رهندا آهن، جيڪي ڪجهہ ڪري ويندا آهن، انھن فردن جي جاکوڙ تاريخ جي داستانن ۾ سماج جي بھترين اڏاوت جو بنيادي ڏاڪو تصور ڪئي ويندي آھي، جيڪي مختلف شعبن ۾ پنھنجو ڪردار نروار ڪري ويندا آهن. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو بہ انھن فردن ۾ شامل آھي، جيڪي وطن دوستي جو حوالو بہ هئا تہ جدوجهد ۽ تحريڪ جو بہ نالو هئا، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي ٽنڊو محمد خان ۾ 10 جولاٰءِ 1949ع تي ڄائو، سندس والد جو نالو خميسو خان سولنگي آھي. ٽنڊو محمد خان مان ئي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪيائين. هو جڏهن اٺين درجي ۾ ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ پڙهندو هو تہ هُن ميونسپل اسڪول کي ھاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ واري احتجاج ۾ شامل ٿي عملي جدوجهد واري زندگيءَ جي ميدان ۾ پير پاتو، ان احتجاج جي بدولت ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان کي ھاءِ اسڪول جو درجو مليو، کيس تعليم سان چاھہ ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ اُتساھہ سندس دوستن غلام نبي بھراڻي، زيب ڀٽي ۽ پرواني ڀٽي ڏياريو. لياقت عزيز سولنگي سنڌ جو سچار، بي ڊپو ۽ عملي سياست جي ڄاڻ رکندڙ، دانشور، اديب، تعليمدان، سماج سڌارڪ، ٽريڊ يونينسٽ، سنڌ دوست فرد هو. هُن ٽريڊ يونين واري سياست جي شروعات فوجي شگر ملز ٽنڊو محمد خان جي مزدورن جي يونين قائم ڪري، ان کان ڪئي، فوجي شگرملز ٽنڊو محمد خان جڏهن قائم ٿي تہ ان ۾ صرف ٻاھريان ماڻھو ملازم طور ڀرتي ڪيا ويا، لياقت عزيز سولنگي ڪجهہ دوستن سان گڏجي فوجي شگرملز ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي. جنھن تحريڪ جي نتيجي ۾ ملز انتظاميہ مقامي ماڻھن کان نوڪري لاءِ درخواستون وصول ڪيون، 35 ماڻھن درخواستون ڏنيون، جن سڀني کي ملز ۾ ملازمت ملي، حيرت جھڙي ڳالھه اھا آھي تہ انھن 35 ملازمن ۾ هڪ بہ سنڌي شامل نہ هو، پر اھي سڀ جا سڀ ٽنڊو محمد خان جي مقامي ماڻھو هئا، فوجي شگرملز يونين جي قيام بعد هن ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز ٽنڊو محمد خان، ٻيڙي ورڪرز يونين، ٽانگا ورڪرز يونين جي قيام ۾ پڻ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي سموريون يونينون پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سان سلھاڙيل ھيون. پاڪستان ورڪرز فيڊريشن، ان وقت ڪميونسٽ پارٽي جي پورھيت ونگ هئي، جنھن پورھيت ونگ جو مرڪزي صدر ٽنڊو محمد خان جو ڪامريڊ شميم واسطي پڻ رھيو، 4 فيبروري 1978ع تي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ شھيد نظير عباسي ۽ حميدہ گهانگهرو جي شادي ٿي هئي، تمام گهٽ ماڻھن کي اھا خبر هوندي تہ سندن شادي جي خوشيءَ ۾ پھرين دعوت پروفيسر لياقت عزيز سولنگي، ٽنڊو محمد خان ۾ پنھنجي گهر ۾ ڪئي هئي. هن سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي، سنڌ يونيورسٽي مان ئي وڪالت جي ڊگري حاصل ڪيائين، 1972ع ۾ لياقت عزيز سولنگي ليڪچرار طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، 1977ع کان وٺي هن ٽيھه سالن کان وڌيڪ عرصو حيدرآباد جي سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. تعليمي خدمتن جي لحاظ کان هو جتي بہ رھيو، هن کي قوم جي شاگردن جي مستقبل جو وڏو اونو رهندو هو، ان حد تائين جو تعليم جي حصول خاطر هن پنھنجي اولاد سان بہ ڪا سوديبازي نہ ڪئي ۽ کين پنھنجي مدد پاڻ تحت شفاف تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اُتساھيو، هن پوليٽيڪل سائنس تي 8 تدريسي ڪتاب لکيا، جيڪي آر ايڇ احمد برادرس پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. لياقت عزيز سولنگي بھترين علم دوست، سماج سڌارڪ، دانشور، اديب ۽ ڪالم نويس هو. سندس ڪالمن جو هڪ مجموعو ”قومي غدار ۽ حساب ڪتاب“ نيو فيلڊس پبليڪيشن 1997ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جيڪي ڪالم هُن ”ڪُڇان تہ ڪافر ٿيان“ جي عنوان سان مختلف سنڌي اخبارن ۾ لکيا. سندس قلم سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي، طبقاتي، علمي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي هميشہ متحرڪ رھيو، هو سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرارس ايسوسيئيشن (سپلا) جو باني ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ رھيو. کيس ڪاليجي استادن جو ھر مسئلو زباني ياد هوندو هو، اهو ئي سندس بھترين حافظي جو مثال هو، هن ڪاليجي استادن جي مسئلن جي حل لاءِ جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ تحريڪ جو بنياد وڌو، جنھن دوران کيس ڪيترائي ڀيرا پابند سلاسل بہ ڪيو ويو. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هن جو ڪيترن ئي سُٺن ۽ هڏ ڏوکي استادن سان واسطو رھيو، جنکي هُو هميشہ دل سان ياد ڪندو هو، انھن استادن مان ٽنڊي محمد خان جا بھترين استاد محمد عثمان ميمڻ ۽ سائين محمد اسحاق، سنڌ يونيورسٽي جو سائين محمد عمر ميمڻ ھالن وارو، محمد حسن ڀٽو ۽ خالد شھيد آخوند شامل آهن، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي کي سنڌي سفرنامن جي بادشاھہ الطاف شيخ پنھنجي سفرنامي ”ايران ڏي اُڏار“ ۾ شاندار خراج تحسين سان ياد ڪيو آھي. 1992ع ۾ مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگرد ڌرين جي جهيڙي ۾ ٻن شاگردن جي قتل تي سنڌي ادبي سنگت پاران قومي جرڳو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ نورالهدى شاھہ، پروفيسر عمر ميمڻ، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي، يوسف لغاري وڪيل ۽ مشتاق ميراڻي تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي، جنھن ڪميٽي سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلرن، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال، استادن، شاگردن، پوليس عملدارن ۽ لاڳاپيل فردن جا انٽرويو ڪري، تحقيقات بعد قاتل ظاھر ڪيا ۽ فيصلو ڪري، واسطيدار سياسي تنظيمن کي ڏوھاري قسم جي شاگردن خلاف سخت قدم کڻڻ جي لکت ۾ سفارش ڪئي. جڏھن بہ سنڌ جي ڪاليجي استادن جي تنظيم سِپلا جو ذڪر نڪرندو تہ ان جي بانيڪار مان پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو سرفھرست طور سُنھري لفظن سان ضرور ياد رکيو ويندو. هن پنھنجي ڪالمن وسيلي سنڌ جي مختلف مسئلن تي خاص طور تعليمي مامرن تي پنھنجو تجربو ۽ نقطہ نظر تمام شاندار نموني پيش ڪيو، ڇاڪاڻ جو تنظيمي اڳواڻ طور سنڌ جي ڪاليجي استادن ۽ تعليم سان وابستہ مسئلا بيان ڪرڻ جو وٽس سهڻو ڏانءُ هو. جڏھن بہ سِپلا جي تعليم کاتي جي عملدارن سان مسئلن جي حل لاءِ گڏجاڻيون ٿينديون ھيون تہ سِپلا جو وفد پروفيسر لياقت عزيز سولنگي کانسواءِ اڌورو ۽ اڻپورو تصور ڪيو ويندو ھو. هو رواني سان سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڳالھائيندڙ هو، تنھنڪري هو ٽيبل ٽاڪس جو پڻ وڏو ماھر سمجهيو ويندو ھو. سِپلا سان سندس محبت جي ڪري کيس وڏيون تڪليفون پڻ برداشت ڪرڻيون پيون، ايتري قدر جو جڏھن هو 19 ھين گريڊ ۾ هو ۽ سندس 20 ھين گريڊ جو پروموشن رھيل هو تہ ان وقت جي وزير تعليم پير مظھر الحق ، ڪاليجي استادن جي ان وقت تائين ڊي پي سي روڪي ڇڏي، جيستائين پروفيسر لياقت عزيز سولنگي رٽائر ٿئي. کيس ڪيترائي ڀيرا مختلف عھدن جو لالچون پڻ ڏنيون ويون، جن ۾ٍ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو چيئرمين، حيدرآباد ضلعي جو اِي ڊي او تعليم، ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم وغيره جھڙا عھدا شامل هئا پر سنڌ جي ھن ارڏي استاد، علم دوست، ادب دوست، سنڌ دوست شخص ھر لالچ کي ٺڪرائي پنھنجو پاڻ کي انفرادي مفادن بجاءِ اجتماعي مفادن سان سلھاڙي ڇڏيو. پروفيسر لياقت عزيز هڪ سُٺو مقرر پڻ رھيو، هُن وٽ ماڻهن کي سمجهائڻ ۽ قائل ڪرڻ جو فن بہ بيمثال هو، هن نہ رڳو وطن دوستي وارو شاندار ڪرادار ادا ڪيو پر هن چاليھہ سالن تائين سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي، هو ادارن جو اڏيندڙ پڻ هو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ افيئرز جو بانيڪار هو، هن قاسم آباد ڪاليج، ٽنڊو محمد خان ۾ گرلز ڪاليج جي قيام لاءِ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ٽنڊو محمد خان گرلز ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏيارڻ لاءِ اڳيان اڳيان رھيو ۽ ان مقصد ۾ پڻ ڪاميابي ماڻيائين. سندس علمي، ادبي، سماجي خدمتن جي بدولت کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي تعليم کاتي مان 19 ھين گريڊ ۾ ريٽائرمينٽ ورتي، ريٽائرمينٽ کانپوءِ بہ هن لکڻ ۽ پڙهڻ سان پنھنجو ناتو ڳنڍي رکيو. عمر جي آخري عرصي ۾ هو دماغي بيماري سبب ڇھہ سال سخت علالت ۾ رهڻ بعد 30 سيپٽمبر 2018ع تي ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 01 آڪٽوبر 2018ع تي کيس سوين آلين اکين سان ٽنڊو محمد خان جي ”سخي برھان شاهه“ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. کيس ٽن ٻارن جو اولاد ٿيو، جن مان وڏو پُٽ جمال ناصر سولنگي ۽ ننڍي نياڻي شازيہ عزيز مسيحائي پيشي سان سلھاڙجي ويا ۽ سندس ٻي نِياڻي نازيہ عزيز ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم ايس سي ڪري، ليڪچرار مقرر ٿي ۽ هن وقت ايسوسيئيٽ پروفيسر/ پرنسپال طور ڪراچي ۾ پنھنجا فرائض سرانجام ڏئي رھي آھي. سندس ڊاڪٽر نياڻي شازيہ عزيز سولنگي 6 جولاءِ 2021ع تي لاڏاڻو ڪري وئي. سنڌ جي هن وطن دوست ۽ جاکوڙي ڪردار جون کوڙ ساريون لکڻيون وکريل هُيون، جن کي نہ رڳو سھيڙڻ جي سخت ضرورت هئي، جنھن ضرورت کي نظر ۾ رکندي، سندس لکيل تاريخي ڪالمن ۽ مضمونن کي سھيڙي هن مجموعي ۾ شامل ڪيو ويو آھي. سندس علمي، ادبي، سماجي خدمتن جي مڃتا طور سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان 2019ع کان نہ رڳو سندس ورسي ھر سال ملھائيندي پئي اچي، پر مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪندڙ ٽنڊو محمد خان جي متحرڪ ۽ محنتي ڪردارن کي ”پروفيسر لياقت عزيز سولنگي يادگار ايوارڊ“ سان پڻ نوازيو ويندو آھي. انھن ئي تقريبن ۾ سندس لائق فرزند ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، پنھنجي والد پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي وکريل مواد کي سھيڙي ڇپائڻ جو اعلان ڪيو هو، جنھنکي عملي شڪل ڏيندي، وڏي محنت بعد سندس وکريل مواد کي سھيڙي هن ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آھي تہ جيئن هُن جي شاندار ۽ مثبت ڪردار کي ايندڙ نسلن جي ڄاڻ لاءِ تاريخ ۾ محفوظ ڪري سگهجي. يقينن هن ڪتاب ۾ شامل سمورو مواد ماضيءَ جي پسمنظر ۾ نئين نسل جي ڄاڻ ۽ معلومات لاءِ هڪ املھہ خزانو ثابت ٿيندو.

اعظم ڀٽي
ٽنڊو محمد خان

ڪالم/ مضمون

---

ڪانھي ڪا تاريخ ۾ ويڙھہ سواءِ ٻي واهہ!

سنڌ جي سون ورني ڌرتي انيڪ ۽ ڳنڀير مسئلن ۾ وڪوڙجندي پئي وڃي. ھر نئون سج هڪ نئون مسئلو کڻي اُڀري ٿو. هن وقت هڪ اهم مسئلو سنڌين جي اڳيان ڪَر کڻي بيٺو آھي، اهو مسئلو ”ذوالفقار آباد“ جي رٿا آھي، جنھن لاءِ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آھي تہ، ”ذوالفقار علي ڀٽو شھيد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ نئون شھر اڏايو پيو وڃي.“ هن رٿا جي حمايت ۾ سرڪار آھي تہ، مخالفت ۾ قوم پرست ۽ وطن دوست پارٽيون آهن. ڪنھن بہ مھذب ملڪ ۾ رٿائون ملڪ جي (خلقِ خدا) کي فائدي ڏيڻ لاءِ ٺهنديون آهن، تہ جيئن ان رٿا مان عوام فائدو حاصل ڪري معاشي دم پٽي، پر هتي ابتو قصو آھي. ملڪ جي عوام جي ڀلائيءَ جي نالي ۾ عوام کي ھاڃو رسائڻ جون رٿائون تيار ڪيون وينديون آهن. ھي رٿا سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جي ساڍن ٽن لکن ايڪڙن تي مشتمل آھي. ان ۾ هن وقت 480 ڳوٺ اچن ٿا ۽ انھن ڳوٺن ۾ ٻہ لک پنجٽيھہ هزار سنڌي رھائش پذير آهن. ان سموري ايراضيءَ جو اٽڪل اڌ حصو زرعي زمين آھي، جنھن ۾ پوک ڪئي وڃي ٿي ۽ باقي حصو غير آباد آھي. 23 نومبر 2010ع تي ان رٿا کي ايڪٽ طور سنڌ اسيمبليءَ مان قانوني شڪل ڏيئي پاس بہ ڪيو ويو آھي. شروعاتي طور تي رٿا جو مينيجنگ ڊائريڪٽر رٽائرڊ ڪامورو ايس بي شاهد کنيو ويو، جيڪو پنجاب صوبي ضلعي جي گجرانوالا شھر جو رهواسي هو ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ فضل الرحمان کي ان ئي گورننگ بورڊ جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو، جن کي لکين رپيا ماهوار پگهار ۽ ٻين سهولتن جي مد ۾ ڏنا ويا. اپريل 2011ع خيبر پختونخواھہ صوبي جي رٽائرڊ گورنر سيد افتخار حسين شاھہ کي ايم ڊي مقرر ڪيو ويو. سندس ماهوار پگهار ڇھہ لک رپيا ۽ ٻيا الائونس ۽ رعايتون پڻ ڏنيون ويون آهن. هن کي ٽن سالن جي مدي لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. ان سان گڏ پنجاب يعني فيصل آباد جي شوڪت علوي کي بہ ان رٿا لاءِ ماهوار ٽي لک رپيا پگهار ۽ وڏا الائونس ۽ ٻين فائدن تي مقرر ڪيو ويو. پر ڪورٽ سڳوري ۾ انصاف لاءِ درخواست داخل ٿي تہ سنڌ حڪومت جي قاعدن موجب صوبائي حڪومت جي ڪنھن بہ عھدي تي صرف سنڌ صوبي جو ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهو مقرر ٿي سگهي ٿو. شُوڪت علوي کان وڌيڪ تجربو رکندڙ عبدالشڪور پليجو طرفان سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. ذوالفقارآباد رٿا جي ايم ڊي کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو تہ شوڪت علوي کي هٽايو وڃي، پر هوشياريءَ سان شوڪت علوي ڪراچي اوڀر جو ڪوڙو ڊوميسائيل وٺي، پنھنجي نوڪري پڪي ڪرائي ڇڏي. ذوالفقار آباد رٿا جي ايم ڊي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سيد افتخار حسين تازو اھا ڳالھہ مڃي آھي تہ شوڪت علوي کي ٻيھر ڊائريڪٽر آپريشن طور ڀرتي ڪيو ويو آھي. هن هڪ خط 3 نومبر 2011ع تي خط نمبر ZDA/DD/E and ARecruitment/13.05.2011 سنڌ جي وزير اعلى سيد قائم علي شاھہ کي لکيو هو تہ ان رٿا جي ڀرتي ڪيل شوڪت علوي ولد بشير علوي، سنڌ حڪومت جي ملازمن وارن APT Rules 1974 جي رول نمبر 13 موجب، صوبي ۾ ڀرتيءَ لاءِ لازمي قرار ڏنل ڊوميسائيل نٿو رکي، پر هن کي اهليت جي بنياد تي رکيو وڃي. ٻاھرين ماڻهن لاءِ ڀرتي ٿيڻ لاءِ قاعدا نرم ڪيا وڃن. سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کان سمري تيار ڪرائي وڏي وزير خود ان جي منظوري ڏني. پ پ پ 2008ع کان وٺي 2013ع تائين سنڌ جي ماڻهن سان جيڪي ڪلور ڪيا، انھن ۾ هڪ اهو بہ شامل آھي تہ جيڪڏهن پڪڙ پڇاڙ ڪبي تہ سڀني کي ڪراچي جو ڊوميسائيل ملي ويندو. سنڌ روينيو بورڊ جو چيئرمين نجيب قريشي (لاهور) ۽ سنڌ بئنڪ جو سربراھہ بلال فيض بہ پنجاب سان تعلق رکن ٿا.
ذوالفقار آباد رٿا جي حمايت ۾ دليل ڏنا وڃن ٿا تہ جديد طرز تي شھر اڏيو ويندو، ان کي هڪ هوائي اڏو، اَٺ بندرگاھہ هوندا، جن تي پنجويھہ هزار ٽن کان وڌيڪ مال بردار جهاز لنگر ڪندا، شھر ۾ نيون پليون ۽ اوور ھيڊ پليون هونديون. آرائشي بنگلا، فليٽ ۽ سرڪاري آفيسون هونديون، تفريحي ماڳ جديد سهولتن سان سينگاريل هوندا. سمنڊ روزانہ ارڙهن ايڪڙ زمين ڳڙڪائي وڃي ٿو. ڏهن- ٻارهن سالن اندر سڄي ضلعي ٺٽي جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. ان جي بچاءُ لاءِ سڄي سمنڊ کي جديد طرز تي پڪي ڀت ڏياري ويندي، صنعتي زون قائم ٿيندو، ڪارخانا لڳندا، مقامي ماڻهو روزگار سان لڳندا ۽ ملڪ ۾ خوشحالي ايندي.
رٿا جي مخالفت ۾ سياسي، سماجي پارٽين جو موقف آھي تہ مذڪوره شھر جي شروعات سان ئي ٻاھريان ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا. سنڌين تي الزام تراشي ٿيندي تہ سنڌي جاهل ۽ ڪاهل آهن. پنجاب ۽ عالمي سرمائيدار سيڙپ ڪري صنعتون لڳائي پنھنجين ”نين منڊين“ ۾ واڌارو آڻيندا. ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. مقامي سنڌي ڳوٺاڻا لڏائي اباڻن ڪکن کان ڪڍي کين پناهگير ۽ نڌڻڪو ٿي ڪٿي ”ڪيمپن“ ۾ رهڻو پوندو. اڄ ان علائقي ۾ زمين جو سرڪاري اگهہ چاليھہ هزار روپيا في ايڪڙ آھي. پر ٻاھريان دلال ”سرمائيدارن جا گماشته“ اھا زمين ڏھہ لک روپيا في ايڪڙ خريد ڪري رھيا آهن. ”ڌارين صنعتڪارن“ ڪيٽي بندر ۾ ڏھہ هزار ايڪڙ زمين خريد ڪئي آھي. اهڙي ريت ڌارين جون ڪالونيون ٺاھي، اصلوڪن ڌرتي ڌڻين کي تڙي ڪڍڻ لاءِ رٿابندي ڪئي پئي وڃي. سنڌ سان ماضيءَ ۾ ڊوهن ۽ ويساھہ گهاتين جا چند مثال ڏيون ٿا. انگريز سرڪار سنڌ ۾ رهندڙ بھادر حُرن خلاف سخت آپريشن ڪيو، جنھن ۾ مُکي ڍنڍ ۽ ٻيلي کي نابود ڪري هزارين ايڪڙ ڪارائتي زمين غير سنڌين حوالي ڪئي وئي. هندستان مان آيل سمورا ماڻهو سنڌين جي ڳاٽي ۾ وڌا ويا. سنڌين پنھنجي مھمانن جي آجيان ڪري کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون، جن جي اڪثريت سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ بہ پنھنجو نہ ڪيو آھي. 1956ع ۾ ”غلام محمد بيراج“ ٺاھيو ويو تہ سنڌ جي ھيٺئين حصي واري زمين کي سيراب ڪري مقامي ماڻهن کي زمينون ڏيئي خوشحال بنايو ويندو، پر ان جي ابتڙ ان بئراج جون زمينون غير سنڌين کي ڏيئي آباد ڪيو ويو، جن ۾ اڪثريت رٽائرڊ سول توڙي فوجي ڪامورن جي هئي! ون يونٽ جي قيدخاني ۾ سنڌ کي قيد ڪيو ويو. سنڌين کي ھر طرح سان ڦريو ۽ لُٽيو ويو. ايوب شاھيءَ جي دور ۾ ”بنيادي جمھوريت“ جو سرشتو آڻي، سنڌ ۾ اڃا وڌيڪ من ماني ڪرڻ جا موقعا هٿ ڪيا ويا. سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم بہ کنيا ويا. مٿين صوبن جي زھريلي پاڻي جي نڪاسي لاءِ سنڌو درياھہ جي ٻنھي ڪپن تي ”سم نالا“ ڪڍيا ويا، جن تازين برساتن سبب هتان جي ڌرتي ڌڻين سان ڪلور ڪيا، اهو اظھر من الشمس آھي. ھاڻي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين جي خوشحاليءَ لاءِ ذوالفقار آباد رٿا منظور ڪري ڪم جي شروعات ڪئي وئي آھي. سوال اهو اڀري ٿو تہ سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ لاءِ سڀ جاڙون ڪيون پيون وڃن، انھيءَ جو اثر سنڌ جي پنج ڪروڙ عوام تي پوندو. ان ڪري سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
سنڌي ماڻهن وٽ پنھنجي وجود جي بقا لاءِ سواءِ فيصلائتي ۽ ڀرپور جدوجهد جي ٻيو ڪوبہ گس ڪونھي. اھا جدوجهد صرف ۽ صرف ان ضرورت ۾ هلائي ڪاميابيءَ تائين پھچائي سگهجي ٿي، جڏهن سنڌ جون سموريون سياسي ڌريون متحد ٿين. ان لاءِ تيار ٿيڻ کانسواءِ ٻي ڪابہ واھہ نہ آھي.”ڪانھي ڪا تاريخ ۾، ويڙھہ سواءِ ٻي واهه“

سنڌ جو سياسي ڪلچر ۽ خودپسنديءَ جي خرابي

سون ورني سنڌ صرف جاگرافيائي حد بنديءَ جو نانءُ ناھي، پر اسان سنڌي قوم جي وجود جو آشيانو ۽ محتبن جو مرڪز آھي. اڄ جن حالتن مان سنڌ گذري رھي آھي ۽ جيڪو حشر ماتر ڀومي جي قديم رهواسين سان ٿي رھيو آھي، هن سون ورني ڌرتيءَ تي رهندڙ ھر ڄائي جو فرض آھي ۽ ڌرتيءَ ماءُ جو قرض آھي تہ سنڌ سان نينھن ناتو ڳنڍيندڙ جماعتن تي اهو دٻاءُ وجهجي تہ اھي خود پرستي ۽ انا پرستيءَ جي خول مان نڪري هڪ پليٽ فارم تان گڏجي سنڌ جي وجود جي جنگ ۾ گڏيل قومي تاريخي ڪردار ادا ڪن ۽ پاڻ ۾ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪن. سنڌ جي موجودہ حالتن جي پيش نظر گهٽ ۾ گهٽ ڌارين جي آبادڪاري، پاڻيءَ ۽ ناڻي جي صحيح ورھاست، قومي خود مختياري، سنڌ جي وسيلن تي ”حق مالڪي“ جي گڏيل ايجنڊا تي سڀ وطن پرست ۽ قوم پرست پارٽيون گڏجي جدوجهد ڪري سگهن ٿيون. اھا بہ هڪ سياسي روايت رھي آھي تہ سنڌ جا سڄاڻ اڳواڻ پنھنجي نظرين ۽ عقيدن جو حصار ڪڍي خود کي دائرن ۾ قيد ڪندا رھيا آهن. پر سنڌ جون موجودہ حالتون ان ڳالھہ جي اجازت نہ ٿيون ڏين تہ خود غرضيءَ جي خول ۾ بند ٿي ڪجهہ بہ ڪرڻ کان ليڪو ڪڍي بيهن. پيالي ۾ پيئڻ ۽ پيارڻ جي رسم پراڻي ٿي چڪي آھي، اھا ريت تڏهن رائج ٿي هئي، جڏهن صرف رند پيئندا هئا، ھاڻ تہ رندن ۽ زاهدن جي ڪھاڻي هڪ ٿيڻ لڳي آھي. شال خير هجي ميخانن ۽ پيمانن جو، شال ساٿ سلامت هجي، وڌي ۽ ويجهي ھي چئوياري، ھي التجا ۽ آس آھي تہ خود پرستيءَ کي ڇڏي جيڪر رهبر ۽ رهنما پاڻ ۾ ملي پون تہ سنڌين تان مھڻي ميٽ ٿي پوي. هن ۾ ڪا ڀلائي هئي، جو تاريخ سنڌين کي ماضيءَ ۾ ڌارين کان بچاءُ جو ”فن ۽ هنر“ سيکاريو، نہ تہ هنن پِٽين تہ اسان کي فنا ڪرڻ لاءِ ويھين صديءَ جا چارئي وحشي نظام صيهونيت، نازي ازم، نسل پرستي ۽ فاشزم لاڳو رکيا آهن، جو ھينئر اسان جي هٿ فاتح ڪرڻ وارو ڪير بہ نہ هجي ھا. اڄ جي حالت جو ايمانداريءَ سان جائزو وٺون تہ سنڌ جي نيڻن مان نير پيا وهن، انھن لڙڪن جي مينھن جو ڇيھہ ڇڙو بہ نظر نٿو اچي. ڏک تہ اهو آھي تہ انھن ستمن ۽ سختين ۾ پراون سان پنھنجن هٿ ونڊايو آھي. بقول مرحوم ابراھيم منشي:
”مون پڪ سڃاتا پنھنجا هئا،
ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.“
اسان جي سنڌ جو سياسي ڪلچر بہ عجيب رھيو آھي. سنڌ جي سياست جا عجيب ”نشانمبر“ نظر ايندا. طلسمي سياست، چيلو گروُ سياست، وٺ جواب ڏي جواب سياست، ڪڪڙ ڪوري جي، واھہ واھہ، وڏيري جي. بَڇ، پگهاردار جي ۽ پينشن بردار جي سياست، جي سائين، حاضر سائين واري سرڪاري سياست، مھم جُو، ڇڙواڳي واري سياست، محب شيدي، لائق چانڊيو ٽائيپ اٺائيگير سياست وغيره شامل آهن. جڏهن تہ الميو وري ھي آھي تہ اھي سڀ “ليبل ۽ لقب” لڳائي سنڌ جي حب الوطني جو ٿورو ٿڦيندا وتن. جڏهن بہ سنڌي سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ ڪن ”سياسي نڪتن“ تي متفق ٿيا آهن ۽ گڏيل ڪو پليٽ فارم ٺاھيو آھي تہ سرڪاري ۽ درٻاري ڇاڙتن قومي جدوجهد جي راھہ ۾ کڏون کوٽيون آهن. اسان کي اهو وسارڻ نہ گهرجي تہ اقتدار POWER کي پنھنجا ”ديو راڄ ۽ ديوتا“ آهن، جنھن جا پوڄاري لاتعداد آهن. هن ديو راڄ جو پنھنجو ڌرم آھي، جنھن جو نالو ڏاڍائي، قانون، پوءِ نيهن جو نياپو ۽ لوڀ آھي. شروع شروع ۾ ديو راڄ پنھنجو ”دٻدٻو ۽ ڀئو“ استعمال ڪري ماڻهن جي دلين ۾ ڏهڪاءُ ۽ ذهنن ۾ خلفشار پيدا ڪري ماڻهن جو ساھہ مُٺ ۾ ٿو ڪري، پر مھاڏي جي صورت ۾ پنھنجا نينھن نياپا يعني لوڀ ۽ لالچ کان ڪم وٺي قومي تحريڪن ۾ پنھنجا گماشتہ داخل ڪندو آھي، جن جو جيون صرف پيسو ۽ پيسو ڪمائڻ آھي، انھن مار آستينن کي قومي جدوجهد کي ڇيهو رسائڻ لاءِ هوشياري سان حرفت کي استعمال ڪرڻ جي سکيا اهڙي نموني مليل هوندي آھي، جو ظاھري طرح اھي قومي جدوجهد جا ٻانھن ٻيلي ٿي وٺي چڙهتون ۽ چوڪون ڏيندا. تيستائين ڪڙڪا ۽ واڪا ڪندا، جيستائين ”چنڊ ۽ چوکا“ آواز دٻجي گم ٿي وڃن. هڪ دفعو قومي جدوجهد جو همدم ۽ همدرد ٿي قبضو ڪري پنھنجي جفاڪشيءَ جي گهيري ۾ آڻي وڃي ”گهائو گهات“ جي ور چاڙھيندا آهن. بس اھا ئي گهڙي حساس ۽ فيصلا ڪن هوندي آھي. جڏهن قومي جدوجهد جي ڪارڪنن کي ذهن ۽ پير پختا ڪرڻ جي ضرورت هوندي آھي. پر سنڌي مورکائي ۾ ڪوڙي سڪي کي قبول ڪري ،جعلسازي ۾ ڦاسي گڙدولين ۾ اچي ويندا آهن. اهو ئي وقت هوندو آھي جڏهن مٿا مونن ۾ ڏيئي، قومي اتفاق راءِ قائم رکبو آھي ۽ ان کي ڳجهن ۽ ڳوهن کان بچائڻ لاءِ جتن ڪبا آهن، پر ٿيندو ڇا آھي تہ سنڌ دشمن تہ ”جهگٽا ۽ ڇڳا“ ٺاھي پاڻ ۾ صلاح و مشورو ڪندا آهن. اسين قومي دشمن جي نشاندھي ڪرڻ بجاءِ دست وگريبان ٿي هڪ ٻئي جي خلاف ڪوڙا ۽ سچا بھتان ۽ الزام هڻي عوام ۽ ميڊيائي بيانن ذريعي اختلافن کي تنازعي جي حد تائين پھچائي ڇڏيندا آھيون. سڀ کان اول قومي جدوجهد ۾ اتفاق آڻڻ لاءِ کير مان مکيون ڪڍڻيون پونديون. گذريل 66 سالن ۾ جن بدبودار ڪردارن سنڌ کي هٿ وٺي تباھہ ڪيو آھي، انھن سان مفاهمت جي آڙ ۾ ٺاھہ ڪرڻ سنڌ سان سراسر ويساھہ گهاتي آھي. ڏنل چهڪن ۽ زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آھي. اسان جي دنيا رشتن، ناتن ۽ نالن سان ڳنڍيل آھي، جيئن فراق، وصال ۽ پيار سان، پتنگ اگني ٻرڻ سان، دم غم ۽ زندگيءَ سان، عشق، عقل ۽ بندگيءَ سان، پيشاني ۽ سجدي جو- مامتا جو کير سان، تيئن سياست جو قوم ۽ ڌرتيءَ سان آھي. اسان سنڌي ڪن بہ سياسي نڪتن تي متفق ٿي سنڌ سان پنھنجو رشتو جوڙي جدوجهد ڪريون تہ ڏسنداسين تہ قومي دشمن ڪک ۽ قبر کانسواءِ ٻئي ڪنھن هنڌ لڪي نہ سگهندو. اسان کي وچن ڪرڻو پوندو تہ جيڪو سنڌ جي مفادن کي گروي يا وڪرو ڪندو، ان کي اسان ايترو نڀاڳو ۽ نيچ چونداسين، جيترو لڄن ۽ ننگن جي سوداگر کي چيو ويندو آھي. سنڌي قوم ۾ زرخيز ذهنن، مخلص ڪارڪنن، فرض شناس سرويچن، باضمير رهنمائن جي کوٽ ناھي، پر هڪڙا اسان جا پنھنجا سڄڻ اهڙا بہ آهن، جن کي ڪا لالچ بہ ڪانھي پر سر جي سانگي انھن کي بزدل بنائي ڇڏيو آھي. اھي رياستي جبر ۽ ڏاڍ کان ڊڄي قومي جدوجهد کان الڳ ٿي تماشائي بنيل آهن. منھنجي انھن کي وينتي آھي تہ جڏهن اڄ ڌرتيءَ ماءُ جو وجود خطري ۾ آھي. سنڌي قوم جو نانءُ نشان مٽائڻ واريون قوتون سرگرم عمل ۾ آهن. اھي سڄڻ بہ اڳتي وڌن، پاڻ کي تاريخ جو ڏوھاري ٿيڻ کان بچائين. ننگن ۽ دنگن لاءِ جيستائين سر جو سانگو نہ لاهبو، تيستائين منزل ماڳ تي پھچڻ ناممڪن ۽ مشڪل آھي.
ڀڙڪ وري ڀنڀٽ، ڪئي سال سُتو رهئين.

سنڌ، پاڪستان ۽ سماجي معاهدو

ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ ڀارت جي علائقن مان ايندڙ مسلمانن جو سڄو بار سنڌ تي پيو. آل انڊيا مسلم ليگ جيڪا ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ ”صوبائي خودمختياريءَ“ جي ”چئمپين“ هئي، پنھنجي اصولن تان ڦِري ويئي. ”مضبوط مرڪز“ جو نعرو هڻي ننڍن صوبن جا تاريخي ۽ قومي حق غضب ڪيا ويا. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز جي حوالي ڪيو ويو. مئي 1948ع ۾ پاڪستان جي دستور ساز اسيمبليءَ ڪراچيءَ کي وفاقي انتظام ۾ رکڻ جو حڪم ڪيو. سنڌ مسلم ليگ 11 جون 1948ع تي پنھنجي اجلاس ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي فيصلي کي ناپسند ڪيو ۽ هن فيصلي کي سنڌ جون سرحدون گهٽائڻ جي سازش قرار ڏنو.11 جون 1948ع تي 800 سنڌي شاگردن هن فيصلي خلاف ڪراچيءَ ۾ جلوس ڪڍيو. سنڌ مسلم ليگ جي سيڪريٽري مرحوم آغا غلام نبي پٺاڻ هن جلوس ۾ شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ، ”جيڪڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو، تہ اسان 1940ع واري پاڪستان جي ٺھراءُ کي ڦاڙي ڇڏينداسين.“ سنڌ جي وزير اعلى محمد ايوب کھوڙو جي وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو ۽ پير الاھي بخش کي وزير اعلى بنايو ويو. سازش سان هندو-مسلمان فساد ڪرايا ويا، جن جي ڪري هن ڌرتيءَ جا اصل ڄاوا پنھنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. لڏپلاڻ جي سلسلي ۾ هندستان مان آيل مسلمان وڏي تعداد ۾ سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا، انھن جي ”آبادڪاريءَ“ لاءِ هڪ ڌار وزارت قائم ڪئي وئي.
آل انڊيا مسلم ليگ جي رهنمائن ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ ڪڏهن بہ انھيءَ راءِ يا خواهش جو اظھار نہ ڪيو هو تہ، ورھاڱي جي صورت ۾ لڏپلاڻ ٿيندي. 1940ع واري پاڪستان جي ٺھراءُ، 1946 واري ڪيبينٽ مشن پلان، 3 جون 1947ع جي ورھاڱي جي منصوبي يا گورنمينٽ آف انڊيا انڊپيئنڊس ايڪٽ 1947ع، جيڪي پاڪستان جي قيام جا بنيادي دستاويز آهن، انھن جي ڪنھن بہ شق ۾ ”لڏپلاڻ“ يا ”هجرت“ جو ڪو ذڪر ناھي. جناح پاڪستان جي قيام کانپوءِ زيرِ علاج هو. هن کان زور زبردستيءَ هڪ آرڊيننس نافذ ڪرايو ويو، جنھن ۾ هندستان مان آيل مسلمانن کي قانوني Legalize قرار ڏيڻ هو. جيڪو قيام پاڪستان جي روح خلاف هو. پاڪستان جو سابق وزير اعظم محمد علي چوڌري پنھنجي ڪتاب Emergence of Pakistan جي صفحي نمبر 267 تي لکي ٿو تہ، مخصوص مفادن تحت هندستان مان آيل ماڻهن خاطر پاڪستان جي عبوري آئين يعني گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جي سيڪشن 102 تحت گورنر جنرل کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جي اختيارات تحت ڀارت مان مسلمان پاڪستان اچي سگهن ۽ انھن ماڻهن کي تحفظ ملي سگهي، جيڪي اچي چڪا هئا ۽ پاڪستان جي اقتصادي زندگيءَ لاءِ خطرو بڻيل هئا. هن حڪمنامي تحت سنڌ ۾ ٻہ لک پناهگير، پنجاب، سرحد، بھاولپور، خيرپور رياستن ۽ بلوچستان کي هڪ هڪ لک پناهگير آباد ڪرڻا هئا. لڏپلاڻ جي سڄي يلغار سنڌ تي رھي، هندستان مان آيل مسلمانن پاڻ کي مقامي تهذيب کان الڳ سمجهيو، نوڪر شاھي ۾ جيئن تہ انھن جي اڪثريت هئي. انھن ڪامورن جي آشيرواد سان معاشي طور تي آيل مسلمان خوشحال بڻجي ويا. ڪوڙن ڪليمن تحت سنڌ جي زراعت، صنعت ۽ نوڪرين تي انھن جو قبضو ٿي ويو. سنڌ جي اصل رھاڪن جنھن ”خوشحال پاڪستان“ جو خواب ڏٺو هو. انھن جا سُندر سپنا اڌورا رهجي ويا. ننڍي کنڊ جو وڏو تضاد جيڪو ورھاڱي وقت هندو- مسلم مفادن جي صورت ۾ هو، اهو عارضي طور تي ختم ٿي ويو. پاڪستان جي ٺهڻ وقت سنڌ ۾ سنڌي 95 سيڪڙو هئا ۽ ڌاريا صرف 5 سيڪڙو هئا. سنڌ جي ڪل آبادي 52 لک هئي. سنڌ جا اصل ڄاوا حالتن هٿان مجبور ٿي لکن جي تعداد ۾ ڀارت هليا ويا. اھي سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهيءَ جي هڏي هئا. مڊل ڪلاس ڪنھن بہ قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آھي. انھن جي ڀارت وڃڻ کانپوءِ اهو خال اڃان تائين پُر نہ ٿي سگهيو آھي. پاڪستان ۾ ون يونٽ جي قيام کانپوءِ ڌارين جي وڌندڙ آباديءَ جي وڌندڙ ڦهلاءَ سنڌ کي بدحالي، بيروزگاري ۽ بدامنيءَ جي آماجگاھہ بڻائي ڇڏيو آھي. هن وقت سنڌ ۾ پاڪستان کان ٻاھر افغاني، برمي ۽ بنگالين کان علاوه پنجاب، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ قبائلي علائقن مان ماڻهو سنڌ ۾ اچي رھيا آهن، ڄڻ سنڌ هڪ بين الاقوامي پناھہ گاھہ آھي. ان جو ثبوت اهو آھي تہ، نوڪرين کان علاوه سنڌ اسيمبليءَ جي سِيٽن تي ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ قوميتن جا ماڻهو وزير ۽ مشير آهن. ڌارين جي آبادڪاريءَ سبب ڪيترائي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مونجهارا پيد ٿيا آهن.گذريل 66 سالن کان اسلام آباد طرفان ننڍين قومن کي ”حق حاڪميت“ نہ ڏيڻ ڪري ھاڻ اھي ناراضگيون عروج تي پھتيون آهن. ان لاءِ ضروري آھي تہ، وفاق کي قائم دائم رکڻ لاءِ هڪ ”نئون سماجي معاهدو“ ڪيو وڃي.
1. سڀني قومن جي رضامنديءَ سان وفاق هڪ نئون آئين جوڙي، ان لاءِ ملڪ ۾ جلد از جلد دستور ساز اسيمبليءَ جون چونڊون ڪرايون وڃن.
2. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀني ايڪائين کي برابريءَ جي نمائندگي ڏني وڃي. سينيٽ ۾ برابري جو اصول قائم ڪري يعني قبائلي علائقن، اسلام آباد جون سيٽون، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ شامل ڪيون وڃن. سينيٽ کي مالي اختيار ڏنا وڃن.
3. سنڌ ۾ حڪومت جي مالڪيءَ جو حق صرف سنڌ کي هئڻ گهرجي، جھڙيءَ طرح دنيا جي سُڌريل ملڪن ۾ آھي، سنڌ جي مالي وسيلن تي اختيار صرف سنڌ جو هئڻ گهرجي.
4. سنڌ مان 1954ع کان پوءِ سڀني ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. Influx کي روڪڻ لاءِ work permits جو سسٽم رائج ڪيو وڃي.
5. چونڊن ۾ افعاني، برمي، بنگالي ۽ ٻين ڌارين کي ووٽن ۾ بيهڻ يا ووٽ ڏيڻ جو حق نہ هئڻ گهرجي.
6. سنڌ مان نڪرندڙ پئٽرول، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن جي رائلٽي سنڌ کي ڏني وڃي، جيڪي آئل فيلڊ آهن، انھن ۾ صرف و صرف مقامي ماڻهو رکيا وڃن.
7. سنڌ ۾ انتظامي عھدن تي صرف سنڌي رکيا وڃن. سنڌ ۾ قائم ڪارخانن ۾ نوڪرين ۾ 80 سيڪڙو سنڌي مزدور رکيا وڃن. 8
. سنڌ کي 1945ع جي معاهدي تحت پاڻي ڏنو وڃي، ڪوبہ ڊيم نہ جوڙيو وڃي. چشما لنڪ ڪينال فوري طور تي بند ڪيا وڃن.
9. سنڌ ۾ فوجي آفيسرن ۽ ڪامورن کي ڏنل زمينون رد ڪري مقامي ھارين ۾ ورھايون وڃن.
10. سنڌ ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن خلاف انھن جي پشت پناھي ڪندڙ ڀوتارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
11. سول سروس ۽ فوج ۾ تمام ايڪائين کي برابريءَ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن. رينجرس ۾ رڳو مقامي ماڻهو رکيا وڃن.
12. صوبن مان گورنر جي پوسٽ ختم ڪئي وڃي.
13. سنڌ سميت سڀني صوبن کي ٻين ملڪن سان واپار، تجارت ۽ ٻين شعبن ۾ معاهدن ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي.
14. ٿرپارڪر مان جيڪا China clay نڪري ٿي يا سنگ مرمر نڪري ٿو، اتي ڪارخانا قائم ڪري مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي.
15. ملڪ ۾ مارشل لا جي صورت ۾ ھر هڪ صوبي کي Right of Separation تحت وفاق کان ڌار ٿيڻ جو حق ڏنو وڃي.

تعليم، استاد ۽ شاگرد

اسان جي اڄوڪي سنڌ جو سماج ھينئر شخصي توڙي اجتماعي دربدري، مايوسي، ويڳاڻپ ۽ نفسا نفسيءَ جي حالت ۾ آھي. هڪ طبقي ۾ کائڻ پيئڻ، نوڪريءَ مان کانچا ڪرڻ، وڏ ماڻهپ جو اظھار ڪرڻ، اولاد لاءِ جائز ۽ ناجائز طريقن سان دولت جا ڍير لڳائي پوءِ مري وڃڻ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڪارج رھيو آھي. ان جي نتيجي ۾ سماج جو ٻيو طبقو سخت محرومين ۽ افلاس جو شڪار آھي. نتيجي ۾ انھيءَ بيزاريءَ مان ڏوھہ، آپگهات ۽ ٻين بڇڙاين جا واقعا روز جو معمول ٿيندا وڃن. منھنجي نظر ۾ ان جو وڏو سبب ناقص تعليمي نظام آھي، جيڪو جوھر جي لحاظ کان ”طبقاتي“ آھي. ٻيو تہ استاد پنھنجو قومي منصب وساري ويٺو آھي. ان جون نظرون ”قومي تعمير“ بدران ذاتي خواهش تي وڌيڪ آهن. شاگرد بہ استادن سان گڏ انھيءَ قومي تباھيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن.
اسان جي آڏو ڪيترا سوال ڪَرُ کڻي اُڀا ٿين ٿا، تہ تعليم کي ڇا ٿي ويو آھي؟ اڄ جو استاد پنھنجو قومي ڪردار ڇو وساري ويٺو آھي؟ شاگرد قومي لاتعلقيءَ جو ڇو شڪار آهن؟ علم جي عظمت ۽ تعليم جي افاديت کان انڪار نہ آھي، ڇاڪاڻ تہ استاد ۽ شاگرد متصادم معاشري ۾ باهمي رشتو جوڙي سگهن ٿا ۽ تهذيب جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائي ۽ ڀت ڀائي ٿيڻ جو اهل بنائين ٿا. تعليم، ترقيءَ جو ”عام مختار نامو“ ۽ علم، قومي سگهہ جو مروج سڪو آھي. تعليم حاصل ڪرڻ جو ماحول آزاد هجي، ان ۾ امن ۽ آزاديءَ جي دولت ايتري تہ عام ۽ عالمگير هجي، جو ان کي وات واکاڻڻ جي ضرورت نہ پوي ۽ ان جي پذيرائي ائين ٿيندي رھي، جيئن بھار جي موسم ۾ سڳنڌ ۽ سرھاڻ جي ۽ جنھن جو اثر روح تائين پھچي مسيحائيءَ جو ڪم ڏئي، ذهن کي سڪون ۽ اکين کي تراوت بخشي. پر پنھنجو حال اهو آھي تہ ڀونءَ تي ڀئو، پاپيءَ جو پاڇو، ارھيون اکيون، فتنہ انگيزي ۽ خونريزي، تضاد ۽ فساد، لوڪ لوٺين جون چوياريون، روھہ رُلين جون ٻاريون متل آهن. ان سان گڏو گڏ صبح و شام رنج و الم، سرعام اغوا ۽ قتل عام روز مره جو معمول آهن. هڪ طرف بڇ تي ڀونڪڻ وارا، سازشن جا سڪيلڌا، هٿپال شھري شودا آهن، تہ ٻئي طرف قيمت چُڪايل ۽ ٽڪلي لڳايل نقلي فرضي قومپرست، دلبي ۽ پٽ کوھہ ۾ رُڌل چڪر چال ۽ جهمر پائي لاڳ وٺڻ وارا نام نھاد دانشور۽ ديدہ ور، ڌنڌي ڀائي ڪامورا ۽ سياسي جل ڦٽاڪا آهن ۽ انھن سڀني جا اھي سرپرست بڻيل آهن، جيڪي اصل ۾ قذاق آهن. اهڙي انڌير نگريءَ ۾ ستم زدہ سنڌي مونن ۾ مُنھن پائي اُڻ تڻ ۾ چُپ چَپ ۽ لڪ ڇپ بہ ڦٽيلن ۽ ڦريلن جي درد جو ورد ڪندا ٿا رهن ۽ آزاديءَ جي تصور ۽ تصوير جي ٻن متضاد روپن جون تعديون ۽ چٿرون سهندا ٿا رهن. رهزن نما رهبرن مڙي ملي، هن جنت نما وادي کي خوشين کان خالي چادر، تر پلڪون ۽ خشڪ نظرون، آليون اکيون ۽ آهون ڏنيون آهن. اهڙي ماحول ۾ درس و تدريس جي ڳالھہ ڪرڻ، تعليمي تباھيءَ جو ذڪر ڪرڻ اجايو ناھي. اسانکي پنھنجي اندر جي آئيني ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي، جتي اسان جي تباھيءَ ۾ غيرن ۽ کير کرين جو هٿ آھي، اُتي اسانجي پنھنجن بہ وسان ڪين گهٽايو آھي، اسانکي بہ آئيني ۾ عڪس ڏسڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ خود شناسي علم جي انتھا ۽ پاڻ سڃاڻڻ ڄاڻ جو ڇيھہ آهن. اچو تہ جتن جي جاڙ، اهل ڪرم جي ناقدري، ماضيءَ جي اعمالن، حال جي احوالن ۽ سالن جي ملال جو پوتا ميل جوڙيون، جن اسانجي گريبان چاڪ، بندہ بدنام، بي زبان انسان ۽ ادارن کي ويران ڪيو. آئون علم سياسيات جو هڪ رواجي ۽ روايتي قسم جو طالب علم آھيان، علم جي سکڻ ۽ سيکارڻ دوران ”سياسي نظرين“ جا کوڙ سارا ”ازم“ پڙھيم ۽ پڙھايم پر ڄامشورو ڪيمپس تي هڪڙي نئين ۽ انوکي ازم جو راڄ ٻڌم ۽ ڏٺم، جو آھي”داٻو ازم“. جنھن جو مطلب آھي تہ ”تاحيات“ شاگرد ۽ دائمي ليڊر ۽ انھن جا ساٿاري ادارن جي سربراهن کان ”دادا ٽيڪس“ وصول ڪرڻ ۽ داخلائون حاصل ڪرڻ، ھاسٽل جي ڪمرن جي الاٽمينٽ ڪرائڻ، شاگرد تنظيمن لاءِ ڪمرن، فرنيچر، ٽيليفون تي قبضو ڪرڻ، استادن کان من پسند مارڪون ۽ گريڊ وٺڻ، ڪينٽين تي مفت کاڌ پيت، ماھانہ رقم وصول ڪرڻ، ۽ انھن سڀني حاصلات لاءِ دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيڻ، طاقت ۽ تشدد جو مظاھرو ڪرڻ، بندوق ۽ بارود جي نمائش ڪرڻ کي ڪيمپس جا رهواسي ”داٻو ازم“ جو نالو ڏين ٿا. اهڙي طرح ڪن شاگردن گرم گفتار ۽ تلخ ڪلاميءَ کي حياتِ جرئت سمجهيو آھي، تہ ٻين وري گوليءَ کي ٻولي سمجهيو آھي. سو هڪڙي ٻئي کان سرسي ۽ گوءِ کڻڻ لاءِ ”هت لڄائين لوڪ کي ۽ هُت ڍيلين ڍٽ“، باقي شاگرد برادريءَ جي اڪثريت باس زدہ ۽ يرغمال آھي. مون جڏهن قومي جرگا ڪاميٽيءَ جي رڪن جي حيثيت سان سائين پروفيسر عمر ميمڻ مرحوم، سانئڻ نور الهديٰ شاھہ، يوسف لغاري ايڊووڪيٽ ۽ تاج جويو سان گڏ ڪيمپس جي ماحول جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي تہ معلوم ٿيو تہ ادارن جون ايمبولينس سميت ٻيون گاڏيون ڦرڻ، چورايل گاڏيون ٿمائڻ، پيشہ ور ڏوھارين کي لڪائڻ ۽ هٿيار رکڻ نہ واقعو آھي ۽ نہ ئي واردات پر رواج آھي. انتظاميہ کان معلوم ٿيو تہ ڪنھن بہ گناھہ ۽ ڏوھہ جو پيرو کڻو تہ ھاسٽلن جي مخصوص ڪمرن تائين پھچي وڃبو. صدمي جي اھا ڳالھہ آھي تہ ھاسٽلون، جيڪي غريب طبقي جي شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ميسر ڪرڻ لاءِ مختلف طبقن جي سماجي معاشي پس منظر مان آيل نوجوانن لاءِ پرجهہ ۽ پروڙ، ميل ۽ ميلاپ جا مرڪز ۽ تربيت گاھہ بنجڻ، نظرياتي نرسريون ۽ عالم ۽ عقل جا يار پيدا ڪرڻ لاءِ ٺاھيون ويون ھيون، سي ڪن چند خود سر ۽ خود پسند ڇڙواڳن جي ڪري مرڳو ئي ڪارنھن جو ٽڪو بنجي ويون. تعليم، انتظاميہ ۽ اخلاق لاءِ درد سر بنجي ويون. اسين ڪچي گهڙي جي آس تي دريا پار ڪرڻ جي آس لڳايو ويٺا هئاسين. ملڪي سياست ڏسو، جنھن ۾ وڏن جو عمل دخل آھي، ان جو بنياد پنجن مڪروھہ حرڪتن تي ٻڌل آھي، يعني داداگيري، پيدا گيري، اٺائيگري، سوداگيري ۽ دهشت گردي. جنھن جو حاصل مطلب اهو ٿو نڪري تہ ”جو ڏاڍو سو گابو.“ جيڪڏهن سڄي سماج ۾ جاري ساري ”سڪو“ زورا زوري هجي، تہ نوجوانن جو ذهن ۽ زبان ڪيئن پاڻ بچائي. ڀتين تي نعرا هجن ”وطن يا ڪفن“، ”حقوق يا موت“، ”امن هو يا جنگ، قائد ڪي سنگ“ وغيره تہ ڇو نہ نوجوان زوم ۾ اچي. ھر گهٽي ۽ رستي تي هنن جي ڪنن ۾ اهڙا گانا، جن جا لفظ هجن ”تو پريمي مين پريمي، ڦر ڪيا ڊيڊي ڪيا ممي“ ۽ مٿان نالي واري مصرع هجي ”چما چما“، تہ پوءِ اثر تہ اهڙو ئي پوندو، ۽ جي وري انھن سان شامل ٿي وڃن نشي جا واپاري، موت جا سوداگر ۽ گهاٽ گهاتو سياستدان، تہ پوءِ ويچارو نوجوان باھہ ۽ ڪڙاھيءَ جي ٻہ مُنھين بلا جي وچ ۾ ڦاٿل آھي ۽ فضا ۾ ڪوڙن ۽ افواهن جي گردش ايتري هجي، جيتري سانوڻ جي گُهٽ ۾ رات جو بتيءَ تي جيت، تہ نوجوان سکي تہ ڪنھن کان ۽ ڪٿي؟ هو ڪري تہ ڇا ڪري؟ اعتراض، احتجاج، بغاوت يا شڪست تسليم ڪري پيش پوي؟ اتي وڏن جو فرض آھي تہ اڳتي وڌن ۽ صحتمند ماحول مھيا ڪن. اڄڪلھہ تعليم ڏيڻ ۽ وٺڻ جهاد آھي، جنھن ۾ اهنج ۽ اهنڊ بيشمار آهن، پر پاڻ سان وڌيڪ ويڌن آھي. ٻين مشڪلاتن سان گڏ والدين جي لاپرواھي، نوجوانن جي ارڏائي، سياسي پاراتن ۽ پِٽن ۽ سرڪاري ڪاڍوڙن گڏجي تعليم کي اهڙو تہ ڪاپاري ڌڪ هنيو آھي، جو يقين ڪريو تہ ڪنھن قاتل جي خنجر بہ ايترو گهرو گهاءُ نہ ڪيو هوندو. البتہ ڪجهہ مھينن کان ڪجهہ نوجوانن اهو محسوس ڪندي ڪجهہ صحتمند سرگرمين جو آغاز ڪيو آھي، جن ۾ شاگردن لاءِ تربيتي ڪيمپون، امن ۽ علم لاءِ ڊوڙون پائي واجهائڻ، بُڪ فيئر، ڪئيز ڪامپيٽيشن، سيمينار وغيره. پر مايوسيءَ جي انھي ڪاري ڪُن ۾ مونکي هڪڙي اميد جي هلڪي لاٽ نظر اچي ٿي، اھا روشني آھي استاد. مونکي احساس آھي تہ منھنجي انھيءَ آس تي استاد شديد احتجاج ۽ بلند آواز اعتراض ڪندا. احتجاج جي صحت تي شڪ نہ آھي، ڇاڪاڻ تہ هن امير ۽ غريب، شهزور ۽ ڪمزور، مرشد ۽ مريد، ذاتين ۽ قبيلن، طبقن ۽ تاڪين جي متصادم معاشري ۾ جتي دهشتگرد ۽ دادا گير دادلا، پيداگير ۽ اٺائيگير لاڏلا، ڏوھي ۽ ڊوھي محرم ۽ محترم هجن، تہ استاد، جيڪو اڳيئي معاشي ويچارگي ۽ سياسي تياڳيءَ جو شڪار آھي، تنھنکي ان لاءِ ”هُوڪارڻ“ ائين آھي ڄڻ باھہ جي اوڙاھہ ۾ برف اڇلائجي. سو هو ڏسي وائسي نانگ جي ٻر ۾ هٿ وجهي جيءَ کي جوکم ڇو رسائي؟ پر فرض ڪريو تہ ڪي ڌرتيءَ جا لال اُڀري ٿا اچن، تہ اھي بہ سوال ڪندا تہ ڇا ھي قابيل ساڳي ڪک جي ڄائي ھابيل جي رت جا پياسا نہ رهندا؟ سوال اوکو، جواب مشڪل آھي پر جي ويڄ بہ وهلور ويندا تہ پوءِ درسگاهن ۾ تعليم جي ڪفن ۽ دفن، قبرن ۽ قبن جو اهتمام ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ اهڙي صورتحال ڪنھن کي نہ وڻندي ۽ مون جيڪا آس استاد ۾ رکي آھي سا انھيءَ اڻ وڻندڙ منظر جي حوالي سان آھي. استاد تعليم ۽ ادارن جا فطري رکوالا ۽ ھر عمر ۽ جنس جي شاگردن جا نگهبان آهن، اھي خدائي خدمتگار ۽ سماج لاءِ دائمي بچاءُ فوج جا ڪارڪن آهن. انھن لاءِ اُجورو اُجرت کان افضل آھي. استاد سماج جي سوچ جو سردار آھي، ان کي اھي ذميواريون پوريون ڪرڻيون آهن. مھاتما گانڌيءَ جو قول آھي تہ One can forego right but one can not forego duty استاد ڪيئن پنھنجي قومي فرض ۾ ڪوتاھي ڪري سگهي ٿو! ڪيئن هو ڪاڻيارو ٿيندو، پنھنجي قوم ۾! ڇو لوٺيو ٿيندو لوڪ ۾! ھرگز نہ ٿيڻ گهرجيس، ڇاڪاڻ تہ ان کي ڄاڻ آھي تہ ڏياچ کي ڏيھہ جو ڏاتار، تند، ڪنڌ ۽ ڪٽار جي سنگم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ تاريخ جي هڪ حصي کي سچ جي سَند صليب عطا ڪئي. سو استادن کي صرف اُلڪا ڇڏڻا ۽ وهم گمان وسارڻا آهن. سچ لاءِ ويڙھاند خُدا کي بہ پسند آھي. هڪ دفعو استاد تعليم جا مربي ۽ شاگردن جا مددگار ۽ رهنما ٿي تہ ڏسن! هڪ دفعو اھي سچ ۽ ڪچ جو فرق تہ سيکارين، تہ هو ڏسندا تہ ڪيئن ٿا هنن جا شاگرد ٻاھرين واڳن ۽ واگهن سان ويڙھہ کائي پنھنجن ادارن جو تقدس ۽ ڀرم قائم ڪن. استاد شاگردن کي اهو احساس ڏيارين تہ پاڻ هن مقدس ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان جڙيا آھيون ۽ ھاڻ هن مٽيءَ جي مان رکڻ لاءِ ڌرتيءَ جي ماڻهن ۽ ادارن کي بچائجي، تہ مون کي يقين آھي اھي ئي اسان جا شاگرد سازشي مٿيرن ۽ ڏڦيرن کي راھہ فرار اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪندا. استاد هڪ ڀيرو هن ڌرتيءَ لاءِ ابنِ مريم تہ بنجي ڏسن، تہ انھن جي مسيحائي هن سڄي ڪوڙھہ کي ڪيئن نہ صاف ٿي ڪري. استاد شاگردن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏين، تہ هنن جو مشاهدو ٿيندو تہ ترار ڪيڏي بہ تکي هجي، پنھنجي مياڻ کي نہ ڪپيندي. عظيم چيني رهنما مائوزي تنگ چيو آھي تہ:
” Once the young grasp the truth, they are invincible“

سنڌي ”تعليمي ايمرجنسي“ لاڳو ڪئي وڃي!

ڪنھن بہ قوم جي ذهني اوسر ۽ قومي ترقيءَ ۾ تعليم جو ڪردار اهم هوندو آھي. تعليمي ادارا قومن جي اُسرڻ ۽ نسرڻ ۾ اهميت رکن ٿا، تعليمي ادارن ۾ روشني جنم وٺي ۽ اونداھي ختم ٿئي ٿي، تعليمي ادارا ھر قوم جو قومي مورچو هوندا آهن، تعليمي ادارن ۾ انقلاب پلجن ٿا، پر منھنجي ديس جي موجودہ تعليمي ادارن جي صورتحال ڏسي نيڻن ۾ لڙڪ تري اچن ٿا، دل ۾ وسوسا اُڀرن ٿا ۽ هڪ سوال ڪَرُ کڻي اُڀري ٿو تہ منھنجي وطن جو ڇا ٿيندو؟ تعليمي ادارن جي موجودہ صورتحال جي ذميوار رياست، حڪومت، والدين، شاگرد، ڀوتار، سجاڳ سماجي ڪارڪن، قوم پرست ۽ وطن دوست سياسي پارٽيون آهن. موجودہ صورتحال مان ڪيئن پنھنجا پلاند آجا ڪريون!؟ ڪجهہ تجويزون، سنڌ واسين آڏو عرض رکان ٿو، جيڪڏهن انھن کي ھينئين سان هنڊايو ويو تہ شايد سنڌ جا تعليمي ادارا بھتر بڻجي سگهن ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن.
1. سڀني سياسي پارٽين کي تعليمي صورتحال جي جائزي کي پنھنجي قومي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. اھي حڪمرانن توڙي اپوزيشن تي اهو دٻاءُ وجهن تہ ”سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي“ نافذ ڪئي وڃي. سرڪاري ملازم پنھنجن ٻارن کي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙھائين.
2. تعليم جي شعبي تي گهٽ ۾ گهٽ GDP جو 6 سيڪڙو رقم مخصوص ڪئي وڃي. اسٽيبلشمينٽ طرفان تعليم کي غير پيداواري شعبي بدران پيداواري شعبي جو درجو ڏنو وڃي.
3. تعليمي پاليسيءَ جو بنياد سيڪيولر ۽ سائنٽفڪ هئڻ گهرجي. اھا تعليمي پاليسي، تعليمي ماھرن، ورڪنگ استادن جي سفارش جي مطابق جوڙي وڃي.
4. آئين ۾ ارڙھين ترميم کانپوءِ ڪجهہ کاتا صوبن حوالي ڪيا ويا آهن پر تعليم سان لاڳاپيل ڪجهہ شعبا مرڪزي حڪومت جي ماتحت آهن، جن ۾ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن، لٽريسي ڪميشن، نيشنل ووڪيشنل، ٽيڪنيڪل ڪميشن، شامل آهن، اھي بہ صوبن جي حوالي ڪيا وڃن، انھن جي بجيٽ بہ صوبن کي ڏني وڃي. NFC ايوارڊ جو ڪجهہ حصو تعليم لاءِ ڏنو وڃي.
5. صوبائي تعليم کاتو ٻن حصن ۾ ورھايو وڃي، هڪ ھائير ايجوڪيشن ۽ ٻيو اسڪولز ايجوڪيشن. انھن جا وزير توڙي سيڪريٽري ڌار ڌار مقرر ڪيا وڃن تہ جيئن 1976ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سنڌ ۾ ھائير ايجوڪيشن جو وزير پير آفتاب شاھہ جيلاني هو ۽ اسڪول ايجوڪيشن جو وزير مير ممتاز علي خان ٽالپر هو.
6. سيڪريٽري تعليم جي عھدي تي ڪامورن بدران تعليمي ماھر مقرر ڪيا وڃن.
7. استاد صرف ۽ صرف ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪيا وڃن، ھر قسم جي ڪوٽا ختم ڪئي وڃي. استادن جي تربيت جي ادارن کي فعال بنايو وڃي. ڪاليجي استادن جي تربيت لاءِ ماضيءَ وانگر قائم ٿيل ڪاليج ايجوڪيشن ٽريننگ اڪيڊمي کي ٻيھر بحال ڪيو وڃي. پرنسپال توڙي استادن کي انتظامي ۽ مالي تربيت ڏني وڃي. ڪاليجن لاءِ قائم ٿيل ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز جي آفيس کي ختم ڪيو وڃي، ان بدران ريجنل ڊائريڪٽوريٽس ۾ ايماندار، اهل استاد 20 گريڊ جا پروفيسر مقرر ڪيا وڃن.
8. ڪاليجن ۾ مالي معاملن لاءِ پبلڪ اسڪولن ۽ آرمي پبلڪ اسڪولن وانگر اڪائونٽس آفيسر مقرر ڪيا وڃن.
9. ھائير سيڪنڊري اسڪولن کي ڪاليجن ۾ ضم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ اھي صرف ڪاپي ڪلچر جا مرڪز بنيل آهن، جن ۾ سائنس جا استاد ناهن ۽ نہ ئي ليبارٽريون آهن. ھائير سيڪنڊري اسڪول استادن (سبجيڪٽ اسپيشلسٽس) کي ڪاليج ڪيڊر ۾ ضم ڪيو وڃي.
10. انگريزيءَ کي ٽئين پرائمري درجي کان لازمي قرار ڏنو وڃي. تعليمي ادارن ۾ Medium of instruction سان انگريزيءَ سان گڏو گڏ مادري زبان ۾ مضمون پڙھايا وڃن، جيئن وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ صرف اردو زبان ۾ M.A, M.Sc, M.Com پڙھائي وڃي ٿي. ساڳيو طريقيڪار عثمانيہ يونيورسٽي حيدرآباد دکن (ڀارت) ۾ آھي.
11. پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع تحت سنڌي زبان کي لازمي قرار ڏنو وڃي، جيڪو پرائيويٽ اسڪول اردو، سنڌي زبان نٿو پڙھائي، ان جي رجسٽريشن منسوخ ڪئي وڃي. پرائيويٽ ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽس مان بدعنوان، بدڪردار عملدار هٽائي، ميرٽ جي بنياد تي عملدار مقرر ڪيا وڃن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ نافذ ڪرائڻ لاءِ ڪارائتا قدم کڻن. پرويز مشرف جي دور ۾ هڪ آرڊيننس 2001ع ۾ نافذ ڪيو ويو هو تہ پرائيويٽ اسڪولن جي مالڪن کي ھر سال پنج سيڪڙو داخلا في وڌائڻ جي اجازت هوندي، ان کي ختم ڪيو وڃي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ حڪومت سنڌ جو مرتب ڪيل نصاب پڙھايو وڃي.
12. پبلڪ- پرائيويٽ پارٽنرشپ جو تصور ختم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ ان سان رفتہ رفتہ پبلڪ سيڪٽر ۾ قائم ٿيل تعليمي ادارا سرمائيدارن ۽ سيٺين جي حوالي ڪيا ويندا ۽ تعليم تجارت بنجي ويندي. پيڙيل طبقي جي ٻارن لاءِ تعليم جا دروازا بند ٿي ويندا. Adoption يعني ڪنھن تعليمي ادارن کي با اثر ماڻهن کي ڏيڻ ڪرپشن جو هڪ قسم آھي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پرائيويٽ تعليمي ادارا ان ڪري قومي ملڪيت ۾ ورتا هئا تہ جيئن استادن، ٻارن کي سرمائيدارانہ پنجوڙ کان نجات ڏياري سگهجي. موجودہ پ پ پ نہ ڄاڻ ڇو پنھنجي شھيد قائد جي اصولن تان هٽي آءِ.ايم.ايف، ورلڊ بئنڪ وغيره جا شرط لاڳو ڪري تعليمي ادارن کي خانگائڻ گهري ٿي.
13. مانيٽرنگ سسٽم کي موثر ۽ منظم بنايو وڃي. ان لاءِ تعليمي ڊائري سسٽم رائج ڪيو وڃي. بائيو ميٽرڪ سسٽم رائج ڪيو وڃي. مانيٽرنگ ڪميٽين ۾ ڊويزنل ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا نمائندا، والدين، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن، باشعور انسان هجڻ گهرجن. اھي ڪميٽيون تعلقي سطح کان وٺي ڊويزنل سطح تائين هجن، انھن ۾ پ ٽ الف، گسٽا ۽ سپلا جي نمائندن کي پڻ نمائندگي ڏني وڃي.
14. جزا ۽ سزا جو عمل تعليم کاتي ۾ رائج ڪيو وڃي، جيئن ماضيءَ ۾ وزير اعظم شوڪت عزيز جي دور ۾ Teacher’s Day ملھايو ويندو هو ۽ بھترين استاد کي سرڪاري سطح تي ايوارد پڻ ڏنو ويندو هو. ڏيڍ لک پرائمري استادن ۾ وڌ ۾ وڌ ويھہ هزار استاد گهر ويٺي پگهار کڻندا هوندا، جيڪي ايم.اين.اي ۽ ايم.پي.اي جي ڪوٽا تحت ڀرتي ڪيا ويا هئا، انھن کي شوڪاز جاري ڪري ڊيوٽيءَ جو پابند بنايو وڃي.
15. ماضيءَ ۾ پنجن سالن جي دور ۾ آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ، يو ايس ايڊ پروگرام، ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جيڪي اربين رپيا سنڌ جي تعليم جي بھتريءَ لاءِ مليا هئا، جيڪي ماضيءَ جي وزير تعليم، اڳوڻن سيڪريٽري تعليم، ڊائريڪٽوريٽس ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن ملي ڀڳت سان تعليم تي خرچ ٿيڻ بدران سندن ذاتي اڪائونٽس ۾ هليا ويا، ان جي تحقيقات نيب ذريعي ڪرائي وڃي ۽ ان جي خلاف سخت قدم کنيو وڃي.
16. ڀوتارن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي قبضي ۾ تعليمي ادارن جون بلڊنگون ۽ ھاسٽلون آهن، اھي خالي ڪرايون وڃن.
17. ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سيمسٽر سسٽم شروع ڪيو وڃي. في الحال عارضي پروگرام هن ريت جوڙيو وڃي تہ ڊويزنل سطح تي ڪميٽيون جوڙيون وڃن، جنھن جو سربراھہ ڊويزنل ڪمشنر هئڻ گهرجي. امتحان کان اڳ ھر ڊويزنل ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي، تعليمي بورڊ ۽ يونيورسٽين جي نمائندن، گسٽا، سپلا جي نمائندن ۽ ڊائريڪٽوريٽس ۽ پرنسپالن جي نمائندن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وڃي. ھي سسٽم سابق چيف سيڪريٽري سنڌ ڪي بي رند شروع ڪرايو هو.
18. پنجهٺ سالن کان وڌيڪ عمر وارن کي تعليمي ادارن مان فوري طور نيڪالي ڏني وڃي. بورڊن ۽ يونيورسٽين ۾ اهل ڪاليج استاد ۽ حاضر سروس يونيورسٽي استاد بطور چيئرمين ۽ وائيس چانسلر مقرر ڪيا وڃن. ياد رھي تہ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سابق چيف جسٽس محمد افتخار چوڌري جي سربراھي ۾ هڪ بينچ اهڙوُ فيصلو ڏيئي چڪي آھي.

ورلڊ بئنڪ، گڊ گورننس ۽ سنڌ جا ڊاڪٽر

علم سياسيات جي ابي ارسطو پنھنجي ڪتاب سياسيات ۾ لکيو آھي تہ ڪنھن بہ رياست کي هلائڻ لاءِ هڪ متفقه آئين ضروري هوندو آھي، جنھن تحت ملڪ جي حڪمران، سياسي ادارن ۽ رعيت جا حق ۽ فرض تحريري طور تي موجود هوندا آهن. ھر مھذب ملڪ کي هڪ متفقه آئين هوندو آھي، جنھن جي روشنيءَ ۾ اتي حڪومت هلندي رهندي آھي، ان آئين ۾ حڪومت طرفان ادارن جو هلڻ ۽ انھن جي لاڳاپي بابت تفصيلي وضاحتون ڏنل هونديون آهن. پاڪستان جي رياست جي قيام جي 9 سالن تائين پاڪستان ۾ آئين موجود نہ هو. گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع کي عبوري آئين جو درجو ڏيئي، رياست جو وهنوار هلايو ويو. گهڻي مٿاڪٽ کانپوءِ 1956ع ۾ آئين تيار ٿيو، جيڪو صرف هڪ سال ڇھہ مھينا هليو. 27 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ ۾ مارشلا لا نافذ ڪري آئين منسوخ ڪيو ۽ ملڪ کي مارشل لا جي ڪارن قانون تحت هلايو ويو. چار سالن کانپوءِ هڪ فرد واحد جسٽس شھاب الدين کان آئين جوڙائي 1962ع ۾ نافذ ڪيو ويو. 25 مارچ 1969ع تي ان کي بہ منسوخ ڪري ملڪ مٿان ٻي مارشل لا نافذ ڪئي ويئي ۽ هن فوجي آمريت جي نتيجي ۾ ملڪ ٻہ ٽُڪر ٿيو. 14 آگسٽ 1973ع تي باقي بچيل پاڪستان جو نئون آئين جوڙيو ويو، جنھن کي 5 جولاءِ 1973ع تي منسوخ ڪرڻ بدران ان کي ڪٻٽ جي تاڪ ۾ رکيو ويو ۽ فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق جي لاڏاڻي کانپوءِ ان کي بحال ڪيو ويو، پر ان ۾ مارشل لا دور جا سڀ ڪارا قانون شامل ڪيا ويا. 12 آڪٽوبر 1999ع تي ٻيھر ملڪ مٿان مارشل لا نافذ ڪئي ويئي. 2002ع جي چونڊن کان پوءِ پاسيري ڪيل ۽ چتيون لڳل 1973ع جي آئين کي ٻيھر ملڪ مٿان لاڳو ڪيو ويو. هن لولي لنگڙي آئين تحت ملڪ کي هلايو پيو وڃي. 1973ع جي مارشل لا جي ڪاري دور جي لڳل چتين جي باوجود ھي آئين ملڪ جو سپريم قانون آھي، ان تحت پاڪستان جي رياست جو ڪاروبار هلايو پيو وڃي. هن آئين جي آرٽيڪل 242 مطابق، ملڪ ۾ سرڪاري ملازمت ڏيڻ لاءِ وفاقي سطح تي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن هوندي ۽ صوبن ۾ صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن هونديون، جيڪي ملازمتن جي انٽرويو وٺڻ ۾ خودمختيار ۽ آزاد هونديون.
25 مارچ 1970ع تي جڏهن ون يونٽ، يعني مغربي پاڪستان کي ختم ڪري ٻيھر صوبا جوڙيا ويا تہ سنڌ ۽ بلوچستان صوبن لاءِ هڪ پبلڪ سروس ڪميشن جوڙي ويئي ۽ ان جو چيئرمين جسٽس غلام علي نانا کي مقرر ڪيو ويو ۽ اڳتي لاءِ ٻنھي صوبن لاءِ ڌار ڌار پبلڪ سروس ڪميشن جوڙيون ويون. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ايڪٽ 1973ع سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيو ويو ۽ ان کي خودمختيار ۽ آزاد اداري جي حيثيت ڏني ويئي، بعد ۾ 1989ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ايڪٽ ۾ تبديلي ڪئي ويئي ۽ ڪميشن جي جوڙجڪ نئين سري سان ڪئي ويئي، موجود مارشل لا جي دور ۾ جوڙجڪ ٻيھر ڪئي ويئي. 8 ڊسمبر 2001ع تي سنڌ جي گورنر محمد ميان سومرو هڪ آرڊيننس جاري ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت سنڌ اسيمبلي وجود ۾ نہ آئي هئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ 1989ع ۾ ھيٺيون تبديليون آنديون ويون تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي گورنر سنڌ هوندو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن چيئرمين ۽ ميمبرن تي مشتمل هوندو ۽ ميمبرن جي تعداد جو تعين گورنر سنڌ ڪندو. ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبر ٿيڻ لاءِ ھي شرط عائد ڪيو ويو تہ چيئرمين يا ميمبر ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري ملازمت جو تجربو 20 سال هوندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 5 سال اهو ميمبر 20 گريڊ جو آفيسر رھيو هوندو ۽ ان جي ملازمت جو رڪارڊ صاف سٿرو هوندو. چيئرمين ۽ ميمبرن لاءِ ملازمت جو مدو (Tenure) 5 سال هوندو. سنڌ پبلڪ سروس آرڊيننس 2001ع جي شق 8 ۾ اھا ڳالھہ واضح طور تي لکيل آھي تہ جيڪڏهن گورنر سنڌ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان چونڊيل ملازمن کي جيڪڏهن نوڪري نہ ڏيڻ لاءِ ڪو قدم کڻندو تہ اهو ڪميشن کي تحريري طور تي ان جا سبب (Reasons) ڄاڻائيندو ۽ ڪميشن طرفان ڪيل سفارشن کي صرف نظرثاني (Review) لاءِ واپس موڪلي سگهي ٿو. هن آرڊيننس تحت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سڀني مامرن جو ذميوار گورنر سنڌ آھي ۽ ٻيو ڪوبہ سرڪاري عھديدار ڪميشن جي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي. هن وقت ڪميشن ۾ هڪ چيئرمين ۽ ڏھہ ميمبر آهن، جن مان چار ميمبرن جو تعلق آرمي ۽ نيوي سان آھي. 1996ع کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جي صحت کاتي ۾ مرد ۽ خاتون ميڊيڪل آفيسرن جي ڀرتين جو اشتھار اپريل 2005ع ۾ ڏنو. هن اشتھار ۾ 592 مرد ميڊيڪل آفيسرن ۽ 182 خاتون ميڊيڪل آفيسرن جون پوسٽون خالي ڏيکاريون ويون. انھن پوسٽن لاءِ سنڌ جي 9650 بيروزگار ڊاڪٽرن پنھنجون درخواستون ڪميشن ۾ جمع ڪرايون، پھرين انھن جاين لاءِ تحريري امتحان “Wirhen Test” لاءِ تاريخ 3 آگسٽ 2005ع مقرر ڪئي ويئي پر جيئن سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جو شيڊول اچي چڪو هو. سنڌ سرڪار جي هڪ اعليٰ اختياري جي مداخلت تي ھي انٽرويو ملتوي ڪيا ويا، بعد ۾ 21 ڊسمبر 2005ع تي اميدوارن جو تحريري امتحان (Writen Test) ورتو ويو، جنھن جي رزلٽ پھرين فيبروري 2006ع تي انائونس ڪئي ويئي، جنھن ۾ تحريري امتحان ۾ ڪل 1692 اميدوار پاس ٿيا. رزلٽ اڃا اخبارن ۾ صبح جو شايع مس ٿي تہ ساڳئي ڏينھن رات جو 8 وڳي جيو ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تي چيف منسٽر ھائوس جي ترجمان طرفان هڪ اعلان نشر ٿيو تہ وزيراعليٰ سنڌ، طرفان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ھيٺين عملي جي بدعنوانين ۽ رزلٽ ۾ گڙٻڙ ڪرڻ ڪري رزلٽ رد ڪئي وڃي ٿي ۽ چيف منسٽر انسپيڪيشن ٽيم کي ان جي تحقيقات حڪم ڏجي ٿو، جڏهن تہ وزيراعليٰ ان ڏينھن اسلام آباد ۾ هو. تحريري ٽيسٽ جي رزلٽ کي اڃا جاري ٿئي هڪ ڏينھن بہ نہ ٿيو جو وزيراعليٰ ھائوس طرفان ان کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. تحريري رزلٽ کي ٽيڪنيڪل لحاظ کان “Short List” سڏيو ويندو آھي. زباني امتحان ٿيڻ کانپوءِ ئي رزلٽ (Result) سڏيو ويندو آھي. Vivavoce کانسواءِ نتيجو مڪمل نہ هوندو آھي.
1947ع کان وٺي ڪڏهن بہ ائين نہ ٿيو آھي جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪڏهن ڪا رزلٽ رد ڪئي ويئي هجي. موجودہ وزيراعليٰ جو ھي قدم سنڌ جي تاريخ ۾ انوکو مثال آھي، جنھن تي عجب بہ ٿئي ٿو ۽ روئڻ بہ اچي ٿو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آرڊيننس 2001ع مطابق ڪميشن جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي، گورنر سنڌ آھي. جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ڪو قانون پاس ڪري تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي گورنر سنڌ بدران ڪنٽرولنگ اٿارٽي وزيراعليٰ سنڌ کي بڻايو وڃي تہ ان کانپوءِ وزيراعليٰ سنڌ انھيءَ ڳالھہ جو مجاز آھي تہ هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مامرن ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿو. هن وقت وزيراعليٰ سنڌ کي وزيراعليٰ ھائوس جي ڪنھن ڪارندي غلط صلاح ڏيئي خوامخواھہ ڊاڪٽرن جي انٽرويو ۾ ڦاسايو آھي، جنھنڪري ھر ذي شعور ماڻهو مونجهاري ۾ آھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ خودمختيار ۽ آزاد ادارو آھي، جيڪڏهن ان اداري کي تڪراري بڻايو ويندو تہ پوءِ صحيح معنيٰ ۾ سرڪاري ملازمت ماڻڻ واري حقدارن کي بہ حق نہ ملي سگهندو. جھڙي طرح سنڌ ھاءِ ڪورٽ پنھنجن فيصلن ۾ خودمختيار ۽ آزاد آھي، اهڙي طرح روايتن ۽ قانوني طور تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بہ خودمختيار ۽ آزاد آھي. اسان وزيراعليٰ سنڌ کي گذارش ڪنداسين تہ ڊاڪٽرن جي مسئلي کي پنھنجي انا جو مسئلو نہ بڻائي، ڇاڪاڻ تہ اختيارات جي غلط استعمال سان سندس نيڪنامي کي نقصان پھچي سگهي ٿو. وزيراعليٰ طرفان صحت کاتي ۾ جيڪو ڊاڪٽرز کي ڪانٽريڪٽ جي بنيادن ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، ان سان سنڌ جي هزارين بيروزگار ڊاڪٽرن کي فائدو نہ پھچندو ڇاڪاڻ تہ ايڊھاڪ يا ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي جيڪا نوڪري ڏني ويندي، اھا عارضي (Temporary) هوندي آھي. مستقل (Permanent) ٿيڻ لاءِ وري بہ ڊاڪٽرن کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏانھن رجوع ٿيڻو پوندو.
سنڌ جو عوام اڳ ۾ بيروزگاري، بدحالي، بک، مھانگائي جي ڪري پريشان آھي، پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن جا جيڪي انٽرويو حڪومت جي ٺھيل ڪميٽين ورتا هئا، وزيراعليٰ انھن کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، جنھن جي ڪري سنڌ جي هزارين نوجوانن ۾ اڳ ۾ بيچيني موجود آھي، ڊاڪٽرن جي مسئلي کي متنازعہ نہ بڻايو وڃي، بلڪه ان کي سهڻي نموني حل ڪيو وڃي، نہ تہ هن عمل سان سنڌ حڪومت وڌيڪ رُسوا ۽ بدنام ٿيندي. تازو ورلڊ بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر سنڌ جي وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي خطاب ڪندي چئي چڪو آھي تہ سنڌ ۾ گڊ گورننس ناھي ۽ ھر سطح تي ڪرپشن موجود آھي ۽ معاشي طور تي سنڌ 1947ع واري دور کان موجودہ دور ۾ وڌيڪ بدحالي، بيروزگاري جو شڪار آھي ۽ سنڌ جي ماڻهو جي 1947ع ۾ في ماڻهو آمدني 50 رپيا سال هئي ۽ اڄ في ماڻهو 20 رپيا آھي. رولڊ بئنڪ مائي باپ آھي، ان جي تجزيي کي حڪمران بہ رد نٿا ڪري سگهن.

رياست، عدل و انصاف

ھر مھذب ملڪ ۾ اعلى عدالتون، انساني حقن ۽ انساني وقار جون محافظ هونديون آهن، جيڪي ڪمزورن کي سگهارن کان محفوظ ڪن ٿيون، مظلومن کي ظالمن کان بچاءُ بند جو ڪم ڏين ٿيون. اعليٰ عدالتون رياست جي اعليٰ قانون يعني آئين مطابق حاڪم ۽ محڪوم جي حقن ۽ فرضن جي تشريح ڪن ٿيون. ماضي ۽ رياست جي شروعات بابت پيش ڪيل قدرتي نظريي (Divine Theory) مطابق ڪائنات جي ٻين شين وانگر رياست ڌڻي تعالى جي تخليق ڪيل آھي. حاڪم هن ڌرتيءَ تي خدا جو نائب آھي، جنھن کي ڌڻي تعالى راڄ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي. حاڪم جي زبان مان نڪتل لفظ ”قانون“ جو درجو رکي ٿو. رياست ۾ رهندڙن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو تہ اھي حاڪم جو ھر حُڪم مڃين، ڇاڪاڻ تہ ان کي ڌڻي تعالى عوام ڏانھن موڪليو آھي ۽ هو عوام بدران ڌڻي تعالى ڏانھن ذميوار آھي. جيڪو ماڻهو حاڪم جو حڪم نہ مڃيندو، ان کي نہ صرف حاڪم سزا ڏيندو، پر قيامت جي ڏينھن، روز محشر جي ڏينھن انھيءَ نافرمان ۽ گستاخ کي سزا ڏني ويندي. هن نظريي کي سياسي مفڪرن اهو چئي رد ڪيو تہ ھي نظريو قابلِ قبول ناھي، پر اسان جي پياري پاڪستان ۾ هن نظريي تي عمل ٿيندو رھيو آھي. اعليٰ ڪرسي تي ويٺل شخص سڀ فرض سرانجام ڏي ٿو. هو حاڪم بہ آھي تہ منصف بہ آھي.
1954ع ۾ پاڪستان جي ٽئين گورنر جنرل چوڌري غلام محمد جيڪو پاڪستان جي بيوروڪريسيءَ جو هڪ ڪل پُرزو هو ۽ جسماني طور تي معذور پڻ هو، هڪ سازش تحت پاڪستان جي پھرين دستورساز اسيمبلي جيڪا 1946ع ۾ برصغير ۾ ٿيل چونڊن تحت ورھاڱي کانپوءِ قائم ٿي هئي، ٽوڙي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت دستورساز اسيمبلي ۾ اهڙو بل (Act) پاس ٿيڻ وارو هو، جنھن تحت گورنر جنرل جا اختيارات گهٽ ٿيڻ وارا هئا ۽ عوام جي چونڊيل اسيمبلي کي وڌيڪ اختيار ملڻ وارا هئا، Supremacy of Parliament، يعني پارليامينٽ کي انتظاميہ مٿان برتري ملڻ واري هئي. اسيمبلي جي ٽٽڻ کانپوءِ ان وقت جي اسپيڪر مولوي تميزالدين خان مرحوم جنھن جو تعلق سابق مشرقي پاڪستان ۽ ھاڻوڪي بنگلاديش سان هو. ان اسيمبلي خلاف سنڌ جي ”چيف ڪورٽ“ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪئي. ان وقت صوبن ۾ قائم ڪيل ڪورٽن کي ”چيف ڪورٽ“ سڏيو ويندو هو ۽ سپريم ڪورٽ کي ”فيڊرل ڪورٽ“ سڏيو ويندو هو. سنڌ جي چيف ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو تہ گورنر جنرل جو حڪم غير قانوني ۽ غير آئيني آھي، ان ڪري اسيمبلي کي بحال ڪجي ٿو. ان وقت سنڌ چيف ڪورٽ جا جج باضمير هئا ۽ انھن آئين ۽ پنھنجي ضمير مطابق فيصلو ڏنو. منھنجي نظر ۾ انساني ضمير کان وڏو ڪوبہ جج ڪونھي. ھر انسان پنھنجي ضمير مطابق زندگيءَ جو وهنوار هلائي تہ نہ دنيا ۾ شرمسار ٿي سگهي ٿو نہ ئي آخرت ۾. گورنر جنرل جي آئيني مشيرن، گورنر جنرل کي مشورو ڏنو تہ چيف ڪورٽ جي فيصلي خلاف فيڊرل ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وڃي، جيڪا ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت آھي. سنڌ چيف ڪورٽ، گورنر جنرل جي غير آئيني فيصلي خلاف اھا ججمينٽ ڏني هئي تہ گورنر جنرل جيئن تہ برطانيہ طرفان مقرر ڪيل آھي، ان وقت پاڪستان ۾ گورنر جنرل صرف اهو ٿيندو هو، جنھنکي برطانوي سرڪار گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع تحت نامزد ڪندي هئي، ڇاڪاڻ تہ پاڪستان ۾ اڃا تائين پنھنجو آئين نہ جوڙيو هو، ان ڪري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع کي عبوري آئين جو درجو ڏنو ويو هو. ان ۾ انگلينڊ جي راڻيءَ کي پاڪستان ۾ گورنر جنرل مقرر ڪرڻ جو اختيار هو. فيڊرل ڪورٽ، سنڌ جي چيف ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪندي، گورنر جنرل جي غير آئيني، غير قانوني حڪم کي درست قرار ڏيندي چيف ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪيو تہ هو ملڪ جو آئيني سربراھہ آھي، انھيءَ ڪري هُو اسيمبلي کي ٽوڙي سگهي ٿو. فيڊرل ڪورٽ، يعني سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو ان وقت چيف جسٽس چوڌري محمد منير هو. هن جي انھيءَ فيصلي پاڪستان ۾ نئين اسرندڙ جمھوريت جي ٻُوٽي کي وڏي وڻ ٿيڻ کان اڳ تباھہ ڪري ڇڏيو، پاڪستان روشني جي راھہ کان هٽي اونداھي جي غار ۾ هميشہ لاءِ دفن ٿي ويو. هن جي انھيءَ فيصلي طالع آزما اقتدار جي بکين بگهڙن لاءِ اقتدار تي قبضي جي راھہ هموار ڪئي. سپريم ڪورٽ مان ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ جسٽس چوڌري محمد منير پنھنجي لکيل ڪتاب ”From Jinnah To Zia“ ۾ جناح کان ضياءَ تائين اهو اعتراف ڪيو آھي تہ هن اهو فيصلو دٻاءَ ۽ اصل حڪمرانن جي خواهش تي ڏنو هو، پر انھن اعليٰ عدالتن ۾ جسٽس رستم ڪياني جھڙا باضمير جج بہ رھيا آهن، جنھن ايوبي آمريت جي اونداھي دور ۾ عدالتن جو مانُ مٿاهون ڪيو. سندس ڪيل فيصلا اڄ بہ عدالتن جي تاريخ ۾ روشنيءَ جي مينار جو ڪم ڏين ٿا.
1979ع ۾ پنجاب ھاءِ ڪورٽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي احمد رضا قصوري جي والد جي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي جي سزا ڏني، ان وقت پنجاب ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس چوڌري مولوي محمد مشتاق هو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڪيل يحييٰ بختيار جنھن جو تعلق بلوچستان سان هو، جنھن جي ڌيءَ زيبا بختيار ٽي وي/ فلمي دنيا ۾ ھيروئن بہ رھي چڪي آھي، سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي، فل بينچ جي ٽن ججن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي بيگناھہ قرار ڏنو، پر چئن ججن، جن جو تعلق پنجاب سان هو، تن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي موت جي سزا برقرار رکي. ھيءَ سزا پاڪستان جي عدالتن جي تاريخ ۾ نرالي سزا هئي، جو هڪ فرد کي صرف “Abetment” جي ڏوھہ ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏني هئي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏوھہ صرف اهو هو تہ هو سامراجيت (Imperialism) جي خلاف هو ۽ پاڪستان ۾ ”ايٽمي ري پروسيسنگ پلانٽ“ قائم ڪيو، سامراجيت جي وصف هڪ سياسي مفڪر M.J Bonn ھيٺين ريت ڪئي آھي:
”سامراجيت اھا پاليسي آھي جنھن تحت پنھنجي شهنشاھيت کي قائم ڪرڻ لاءِ ھر ننڍي يا وڏي ملڪ کي پنھنجي چنبي ۾ رکڻ لاءِ پنھنجي اڪيلي خواهش آڏو تابع ڪرڻ آھي.“
ضياءُ آمر شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪي سياست مان تہ جسماني طرح ڪڍي ڇڏيو، پر رهندڙ دنيا تائين شايد ”ڀٽو فيڪٽر“ پاڪستان جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو. سنڌ جي راڻي شھيد بي نظير ڀٽو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي راھہ تي هلندي سامراجيت جي خواهشن جو شڪار ٿي ويئي. 2008ع جي چونڊن ۾ هن جي مقدس قبر ڪيترا جيئرا بت ڊاھي ڇڏيا. اڄ پاڪستان جون جمھوري قوتون جن آمريت پسند قوتن مٿان فتح حاصل ڪئي آھي، اھي متفقه طور تي چئي رھيون آهن تہ ”سنڌ جي راڻي جي شھادت جي تحقيقات اقوام متحدہ طرفان ڪرائي وڃي.“
جنرل پرويز مشرف جنھن وٽ ٻہ عھدا هئا: هڪ صدر پاڪستان، ٻيو چيف آف آرمي اسٽاف، هن پاڪستان جي آئين کي اورانگهيندي بلوچستان سان تعلق رکندڙ چيف جسٽس چوڌري محمد افتخار ۽ ٻين باضمير ججن کي پي سي او تحت هٽائي ڇڏيو، جنھن لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي بار جو صدر چوڌري اعتزاز احسن بار بار چئي رھيو آھي تہ جنرل پرويز مشرف جو اهو قدم غير آئيني ۽ غير قانوني آھي. چيف آف آرمي اسٽاف جي غير آئيني آرڊر کي واپس وٺڻ لاءِ صرف سيڪريٽري دفاع کي هڪ حڪم نامو جاري ڪرڻو آھي، ان لاءِ ضروري ناھي تہ پارليامينٽ ان کي رد ڪري، جنھن لاءِ هن حڪومت پاڪستان کي الٽيميٽم پڻ ڏنو آھي تہ 9 مارچ 2008ع تائين جيڪڏهن پي سي او تحت هٽايل جج ۽ پي سي او تحت قسم نہ کڻندڙ جج بحال نہ ڪيا ويا تہ هو ۽ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪندڙ وڪيل لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪندا. سنڌ جي شھيد راڻي بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف طرفان لنڊن ۾ مئي 2006ع تي هڪ ”چارٽر آف ڊيمو ڪريسي“ تي دستخط ڪيا. ان جي شق نمبر 13B (تيرهن بي) ۾ اهو واضح لکيل هو تہ ”آئندہ ڪوبہ جج پي سي او تحت نہ هٽايو ويندو ۽ نہ ئي قسم کڻندو. سڀ جج 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 178 ۽ 194 تحت ڏنل شيڊول مطابق قسم کڻندا.“ سنڌ جي شھيد راڻي محترمہ بي نظير ڀٽو طرفان ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ تي ڪيل صحيح جي لڄ رکندي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي اهو نماڻو عرض آھي تہ پي سي او تحت قسم نہ کڻندڙ ۽ برطرف ٿيل چئني ھاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي بحالي لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ مڪمل سھڪار ڪيو وڃي ۽ انھن کي لاوارث نہ ڪيو وڃي، نہ تہ آئندہ ڪو بہ جج آئين ۽ پنھنجي ضمير مطابق فيصلو نہ ڪندو. پاڪستان جي رياست قائم رکڻ لاءِ ضروري آھي تہ ملڪ ۾ ھر ماڻهو سان انصاف ٿئي ۽ ان لاءِ آزاد عدليہ جو هئڻ اشد ضروري آھي. يونان جي عظيم فلسفي افلاطون پنھنجي ڪتاب ”Politics“ ۾ انصاف جي نظريي جو اهو ذڪر ڪيو آھي تہ رياست ملڪ جي قائم ڪرڻ جو مقصد ھر شھري سان انصاف ڪرڻ، جيڪڏهن ڪا رياست پنھنجي شھرين کي جلد انصاف نٿي مھيا ڪري سگهي تہ اھا رياست پنھنجي وجود کي گهڻي وقت تائين برقرار رکي نہ سگهندي. ٻي عظيم جنگ دوران ان وقت برطانيہ جي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل کان ڪنھن صحافي پڇيو تہ ھي جنگ ڪير کٽيندو؟ هن ان جي جواب ۾ وراڻيو تہ ”توھان مون کي ٻڌايو تہ برطانيہ جون عدالتون کليل آهن ۽ انصاف ڪري رھيون آهن؟“ صحافي ”ھا“ ۾ جواب ڏنو، ان تي سر ونٽسن چرچل فرمايو تہ ”ھا، پوءِ ھيءَ جنگ اسان ئي کٽينداسين.“

سنڌ، سنڌي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنس

دنيا جي قديم بادشاهت برطانيہ، جنھن ڪيترن صدين کان ننڍين قومن کي پنھنجو محڪوم بڻائي راڄ ڪيو آھي. ننڍي کنڊ تي بہ ٻہ سئو سال ان جو سڪو هلندو رھيو. ان جي گاديءَ جي هنڌ لنڊن جي آبادي اڄڪلھہ 12 ملين ۽ 14 ملين جي وچ ۾ آھي. لنڊن صدين کان وٺي سڄي دنيا جي آزادي پسند، انقلابي تحريڪن ۽ قومي تحريڪن جو اهم مرڪز رھيو آھي. انگريزن جي فتح کان اڳ سنڌ هڪ آزاد وطن هئي ۽ سنڌي آزاد قوم هئا. 1843ع کانپوءِ سنڌ کي فتح ڪري بمبئي صوبي سان ملايو ويو ۽ سندس جي حيثيت هڪ ملڪ بدران ڊويزن جي سطح تي اچي ويئي. سنڌ جي باشعور ۽ محب وطن انسانن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ پرامن جدوجهد ڪئي. لنڊن ۾ 1930ع کان وٺي 1932ع تائين ٿيندڙ ”گول ميز ڪانفرنسن“ (Round Table Conferences) جو مقصد سنڌ کي سياسي ۽ معاشي خودمختياري ڏيارڻ هو. لنڊن ۾ ٿيندڙ ڪابہ بين الاقوامي ڪانفرنس جنھن ۾ واسطيدار قوم جي سموري (Collective Wisdom) جنھن ۾ سياستدان، دانشور، اديب، صحافي، استاد، پروفيشنل تنظيمون، ھارين ۽ پورھيتن جا نمائندا جڏهن بہ گڏجي اتفاق راءِ (Unanimously) سان ڪا گهر ڪن تہ ان جي اهميت ”بين الاقوامي ڪاريڊورس“ ۾ غور جوڳي هوندي آھي. يورپ، ايشيا، وچ اوڀر ۽ ٻين ملڪن ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي سنڌي رهن ٿا، جن جو مرڻ جيئڻ سنڌ سان آھي. اڄ ڪلھہ جڏهن سنڌ جو وجود خطري ۾ آھي تہ آمريڪا ۾ رهندڙ ۽ شھرت حاصل ڪندڙ سنڌين جي ”پوليٽيڪل ايڪشن ڪميٽي“ جي قومپرست اڳواڻ منور لغاري ۽ ان جا ساٿي مئي 2010ع جي پھرئين هفتي ۾ هڪ ٽي روزه بين الاقوامي ڪانفرنس بعنوان ”سنڌ جا مسئلا ۽ ان جا حل“ جي عنوان تحت منعقد ڪرائي رھيا آهن، جيڪو يقينن قابلِ تحسين عمل آھي، جنھن جي سڀني سنڌين کي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي.
سنڌ کي جيڪي اهم مسئلا درپيش آهن، اُھي بلوچستان پرڳڻي کان مختلف نہ آهن:
سنڌ جا مسئلا:
1. سنڌ کي سياسي اختيارن ۽ مالي وسيلن جي مالڪي جو حق.
2. سنڌ کي سندس جائز حصي جو پاڻي ڏيارڻ جو حق، ڇاڪاڻ تہ پاڻي نہ ملڻ جي صورت ۾ سمنڊ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي رھيو آھي.
3. سنڌ کي روينيو جو حقيقي حصو ڏيڻ، سنڌ، اسلام آباد کي ھر سال 2200 ارب رپيا ڪمائي ڏئي ٿي پر 31 ڊسمبر 2009ع تي ٿيل مرڪز ۽ صوبن جي معاهدي تحت سنڌ کي صرف 70 ارب رپيا ملندا. اسان جا موجودہ حڪمران پنجاب جي حق ۾ نعرا هڻي رھيا آهن تہ ”پنجاب هن ڀيري قرباني ڏني آھي.“ اھا هڪ تاريخي حقيقت آھي تہ اسلام آباد يا مرڪز جي نالي تي پنجاب طرفان 63 سالن کان وٺي سنڌ کي ڦريو ۽ لٽيو ويو آھي.
4. سنڌ ۾ 1954ع کان پوءِ آيل آبادي کي ”غير سنڌي“ قرار ڏيئي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ٻين قومن جي ماڻهن کي ”پرمٽ سسٽم“ تحت ”ورڪ آرڊر“ ڏنو وڃي، انھن کي ووٽ جو حق يا سنڌ جي ڊوميسائيل جو حق نہ ڏنو وڃي.
5. سنڌ ۾ چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل آف پوليس جي پوسٽ ۽ ٻين انتظامي عھدن تي صرف سنڌي مقرر ڪيا وڃن.
6. وفاقي انتظاميہ، سول توڙي فوجي بيوروڪريسي ۾ سنڌين کي سندن جائز حصو ڏنو وڃي.
7. سنڌ جي تباھہ ٿيندڙ تعليم کي بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. بند ٿيل 7000 هزار پرائمري اسڪول جن ۾ پنج هزار اسڪول نياڻين جا آهن، اھي کوليا وڃن، پنجاب، بلوچستان يا سرحد ۾ جمھوري توڙي غير جمھوري دور ۾ تعليم جي ڪافي ترقي ٿي آھي، جڏهن تہ سنڌ ۾ تعليمي پسماندگي وڌي رھي آھي.
8. سنڌ ۾ ڪامورن توڙي رٽائرڊ فوجين کي انعام ۾ ڏنل زمينون رد ڪري سنڌي ھارين ۾ ورھايون وڃن.
9. سنڌ مان نڪرندڙ پيٽرول، گئس، ڪوئلي ۽ ٻين معدني وسيلن جي رائلٽي سنڌ کي ڏني وڃي ۽ اتي صنعتون قائم ڪري سنڌين کي روزگار ڏنو وڃي.
10. سنڌي ٻوليءَ کي ”قومي ٻولي“ قرار ڏنو وڃي ۽ سرڪاري توڙي پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي زبان جي سکيا، تعليم ۽ تربيت لازمي قرار ڏني وڃي.
11. موهن جي دڙي ۽ آثار قديمہ جي ٻين ثقافتي تهذيبي ادارن کي بچائڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن ۽ انھن جي تحفظ لاءِ ”بين الاقوامي فنڊ“ قائم ڪيو وڃي.
پڪن پختن ذريعن مان معلوم ٿيو آھي تہ مئي ۾ ٿيندڙ هن بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ برٽش پارليامينٽ جا ڪجهہ اهم ميمبر ۽ آمريڪي ڪانگريس جا اهم رڪن، ڊپلوميٽڪ چينل جي شرڪت جي يقيني اميد رکي وڃي ٿي. ھيءَ ڪانفرنس سنڌ جي تاريخي حقن جي حاصلات لاءِ اهم آھي. سنڌين کي هن ڪانفرنس ذريعي شاندار موقعو ملي رھيو آھي. اسان سنڌين کي پنھنجي ذاتي انائن کي پاسيرو رکي، سنڌ جي وسيع تر مفاد ۾ هڙان وڙان خرچ ڪري هن اهم ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي يا ان جي ڪاميابي جي راھہ هموار ڪرڻ لاءِ مدد خان پٺاڻ جي گهوڙن جي سُنبن ھيٺ اڄ ڏينھن تائين لتاڙجندڙ سنڌ جي زخمن جو ڪو مُستقل علاج ڪجي، ڪو مرهم رکجي. دنيا اڄ ڪلھہ سائنسي ترقي ڪري هڪ گلوبل وليج يا عالمي ڳوٺڙو ٿي پئي آھي، جتي ڪنھن مظلوم ۽ محڪوم قوم جي ڪاميابي لاءِ اندروني جدوجهد سان گڏوگڏ بين الاقوامي مدد ۽ تعاون بہ انتھائي اهم ۽ ضروري آھي. جنھن کي اسان جي سنڌ جي سياست هميشہ نظرانداز ڪندي رھي آھي. ھاڻ جڏهن اسان سنڌين کي هڪ تاريخي موقعو ملي رھيو آھي تہ ان ۾ قومي فرض سمجهي شريڪ ٿي اسان سنڌين سان پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين ڪھڙيون ۽ ڪھڙي سطح جون ناانصافيون ٿينديون رھيون آهن، جن جو اڃا تائين انت نہ آيو آھي، انھن کي ڀرپور نموني عالمي عدالت جي ضمير آڏو پيش ڪيو وڃي تہ شايد سنڌي قوم کي ڪو دڳ ملي وڃي ۽ منزل تي رسڻ ۾ آساني پيدا ٿئي.

خطرن ۾ گهيريل رياست

آمريڪا جي مشھور ٿنڪ ٽينڪ رينڊ ڪارپوريشن جي هڪ اهم رپورٽ مطابق دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ حصو وٺندي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز مشڪوڪ ماڻهن جي گهرن کي تباھہ ڪرڻ کان علاوه انھن جي جائيداد ۽ ڪاروبار کي بہ پنھنجي تحويل ۾ وٺڻ جھڙا قدم بہ کنيا آهن. ڪارپوريشن طرفان 3 جنوري 2007ع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ پاڪستان کان سواءِ ٽين دنيا جي ٽن ٻين ملڪن افغانستان، ازبڪستان ۽ ايل سلواڊور جي حڪومتن جو بہ ناقدانہ جائزو ورتو ويو آھي. هن رپورٽ ۾ بطور خاص انھن ملڪن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آھي، جن کي 11 سيپٽمبر 2001ع کانپوءِ ڪروڙين ڊالر امداد فراهم ڪئي ويئي آھي. هن رپورٽ جو ڇھون باب پاڪستان لاءِ مخصوص ڪيو ويو آھي ۽ داخلي سلامتي جي حوالي سان پاڪستان کي درپيش خطرن ۽ چئلينجن جو بہ تفصيلي جائزو ورتو ويو آھي. واضح رھي تہ ”رينڊ ڪارپوريشن“ عالمي شھرت ماڻيندڙ هڪ تحقيقي ادارو آھي، جنھن کي آمريڪي حڪومت مالي مدد فراهم ڪندي آھي. غير تجارتي بنيادن تي ڪم ڪندڙن جي ٿنڪ ٽينڪ گلوبل پاليسي ۽ دنيا کي درپيش مختلف تڪرارن، چئلينجن ۽ ٻين اهم مسئلن تي تحقيقي ۽ تجرباتي خدمتون پيش ڪندو رھي ٿو. ھي ادارو آمريڪي مسلح افواج کي تحقيقي ۽ تجزياتي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ 1946ع ۾ قائم ڪيو ويو هو، پر بعد ۾ ان جو دائرو وڌايو ويو ۽ ھاڻ ھي ادارو غير ملڪي حڪومتن، نجي ۽ تجارتي ادارن کي بہ تحقيقي سهولتون فراهم ڪري رھيو آھي. آمريڪا ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ هن جا دفتر موجود آهن، جڏهن تہ هن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد 1600 جي لڳ ڀڳ آھي. هن اداري سان لاڳاپيل رينڊ گرئجويٽ اسڪول پبلڪ پاليسيءَ جي موضوع تي هزارين ماڻهن کي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏيارڻ وارو تعليمي ادارو بنجي چڪو آھي، ان کانسواءِ رينڊ جي محققن انٽرنيٽ جي ترقيءَ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي. رينڊ ڪارپوريشن سان گڏ ڪم ڪندڙن ۾ ڪيتريون نمايان شخصيتون شامل آهن، جن ۾ آمريڪا جو سابق نائب صدر والٽر مونڊيل، سابق وزير دفاع ڊونلڊ رمزفيلڊ، موجودہ آمريڪي وزير خارجه ڪونڊا ليزا رائيس ۽ عراق ۾ آمريڪا جو سابق سفير زلمي خليل زادہ بہ شامل آهن. رينڊ ڪارپوريشن جي تازي رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو ويو آھي تہ ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان، آمريڪا جي اهم ترين اتحادي ملڪن مان هڪ آھي. پاڪستان 11/9 کان پوءِ افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي تائيد ۽ حمايت تان دستبردار ٿي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ دهشتگردي خلاف آمريڪا جي هلندڙ جنگ ۾ پاڪستان آمريڪا جو نھايت ئي قريبي اتحادي ملڪ بنجي اڀريو آھي. رپورٽ ۾ ھي بہ تسليم ڪيو ويو آھي تہ پاڪستان القاعدہ جي نيٽ ورڪ ٽوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي ۽ طالبان جي پرتشدد ڪارروائين کي روڪڻ ۾ ڪنھن حد تائين ڪامياب ٿيو آھي. ڪنھن ٻئي ملڪ جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ القاعدہ سان لاڳاپيل دهشتگرد ۽ طالبان جا اهم حامي گهڻي ۾ گهڻا مئا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن. رپورٽ مطابق ڏکڻ ايشيا ۾ آمريڪي ترجيحات ۾ ھي ڳالھہ بہ شامل آھي تہ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشيدگي گهٽائي وڃي تہ جيئن ٻئي ملڪ جنگ کان پري رھي سگهن. پاڪستان ۽ ڀارت درميان ڪجهہ اهم مسئلن، مثلاً ڪشمير، سرڪريڪ، وولر بيراج ۽ ڪجهہ گهربل ماڻهن جي ڪري ڪشيدگي پکڙيل آھي، ان کي ماٺو ڪيو وڃي. هن رپورٽ جي خاص ڳالھہ اھا آھي تہ آمريڪا تي زور ڏنو ويو آھي تہ پاڪستان جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي داخلي سلامتي جي نانءَ تي ملندڙ امداد روڪي وڃي ۽ ان جي نوعيت ۽ مقدار تي نظرثاني ڪئي وڃي. رپورٽ ۾ ھي موقف اختيار ڪيو ويو آھي تہ آمريڪي مفادن جي تڪميل انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪندڙ جابر حڪومتن جي امداد جاري رکڻ ۾ ناھي پر اهڙين آمرانہ حڪومتن جي ھر قسم جي امداد بند ڪئي وڃي، جيڪي انساني بنيادي حقن جي شديد خلاف ورزي ڪري رھيا آهن. هن رپورٽ ۾ پاڪستان جي امداد بند ڪرڻ جي مطالبي جي حق ۾ جيڪي دليل پيش ڪيا ويا آهن، انھن ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن جي وڏي پيماني تي پائمالي، پاڪستان ۾ عسڪريت پسند تنظيم جي ميمبرن جو عراق جي جنگ ۾ ملوث هئڻ ۽ ڪراچي ۾ منشيات جي بين الاقوامي مرڪز جي موجودگي سرفھرست آھي. رپورٽ جوڙيندڙ هڪ اهم ميمبر اوليگا اوليڪر جو چوڻ آھي تہ اسانکي ان ڳالھہ جون گهٽ شاهديون مليون آهن تہ آمريڪا سيڪيورٽي جي حوالي سان پاڪستان کي ملندڙ امداد جي تناظر ۾ انساني حقن جي صورتحال تي مناسب توجهہ ڏني آھي، هن جو چوڻ آھي تہ گذريل پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ احتساب ۽ انساني حقن جي معاملن ۾ بھتريءَ جون ڪي علامتون نہ مليون آهن. رپورٽ جوڙيندڙ هڪ ٻئي آمريڪي دانشور “Seth Johnes” مطابق، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جو انساني حقن جي حوالي سان رڪارڊ بھتر بڻائڻ ايترو ئي اهم آھي، جيترو انھن ادارن جي ڏوھارين ۽ دهشتگرد گروپن خلاف ڪارڪردگي آھي. آمريڪا طرفان پاڪستان کي ڏنل فوجي ۽ معاشي امداد جو تخمينو هڪ ارب ڊالر سالانہ کان وڌيڪ آھي. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تہ پاڪستان ۾ حڪمرانن طرفان بي قصور شھرين کي شڪ ۽ شبھي ۾ حراست ۾ رکڻ ۽ انھن جي گهرن کي ڊاهڻ، سراسر انساني حقن جي خلاف ورزي آھي. ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو موقف آھي تہ پوليس ۽ جيل حڪام وڏي پئماني تي تشدد جي ڪارروائين ۾ مصروف آهن ۽ حساس پاڪستاني ادارن خلاف بہ شڪايتون موجود آهن تہ ڪيترا شھري گرفتار ڪري غائب ڪيا ويا آهن. اعلى عدالتن جي نوٽيس جي باوجود حساس ادارا انھن شھرين کي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. رپورٽ مطابق 11/9 کان پوءِ آمريڪا جي قيادت ۾ دهشتگردي خلاف هلندڙ عالمي جنگ دوران پاڪستان، پاڙيسري ملڪ افغانستان طرفان شروع ڪيل ”Opration Enduring Freedom“ ۾ ڀرپور تعاون ڪيو ۽ اهم خطرناڪ ڪردارن کي گرفتار پڻ ڪرايو، جن ۾ خالد شيخ محمد، ابوالفراج احمد گيلاني، ابو زبيدہ ۽ رمزي الشيب وغيره شامل هئا. پاڪستان آمريڪا جو اتحادي هوندي 302 عسڪريت پسندن کي ماريو، 656 ڄڻن کي گرفتار ڪرايو آھي، انھن ماڻهن جو تعلق افغانستان، ازبڪستان، چيچنيا ۽ عرب ملڪن سان آھي. رينڊ ڪارپوريشن جي رپورٽ فرقيوارانہ انتھاپسنديءَ کي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو خطرو قرار ڏنو آھي. رپورٽ مطابق سپاھہ صحابه، تحريڪ نفاذ فقه جعفريہ، لشڪر جهنگوي، سپاھہ محمد ملڪي سلامتي لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهن. جيش محمد ۽ لشڪر طيبہ جا رابطہ القاعدہ جي دهشتگرديءَ جي بين الاقوامي نيٽ ورڪ سان آهن. رپورٽ ۾ پاڪستان جي خفيہ ادارن تي بہ الزام عائد ڪيو ويو آھي تہ ڀارت ۾ گڙٻڙ پکيڙيندڙ حرڪت المجاهدين، لشڪر طيبہ ۽ جيش محمد جھڙين تنظيمن سان خفيہ ادارن جو گهرو لاڳاپو آھي. رپورٽ ۾ بلوچستان جي صورتحال جو بہ تفصيل سان تجزيو ڪيو ويو آھي تہ بلوچستان ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ، بلوچ پيپلز لبريشن آرمي، بلوچ لبريشن آرگنائيزيشن جھڙيون مسلح تنظيمون قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان بلوچستان ۾ برسر پيڪار آهن. رپورٽ ۾ پاڪستان جي داخلي سلامتي کي وڏو ۾ وڏو خطرو منظم جرائم پيشہ گروهن مان آھي، انھن گروهن ۾ سڀ کان خطرناڪ اھا مافيا آھي، جيڪا منشيات جي بين الاقوامي اسمگلنگ ۾ ملوث آھي، جنھن جو ھيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ آھي. بدنامہ زمانہ ڀارتي ڊان دائود ابراھيم ڪراچي ۾ اهڙي مافيا جو سرپرست بڻيل آھي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي تہ خود پاڪستان ۾ منشيات جي عادي ماڻهن جو تعداد 35 لکن کان 50 لک تائين آھي. ان مان 15 لک ماڻهو ھيروئن واپرائين ٿا. هن غير قانوني ڌنڌي جو حجم تقريباً ڏيڍ ارب ڊالر ساليانہ تائين آھي. رپورٽ ۾ عالمي بئنڪ جي اعداد شمار جي حوالي سان چيو ويو آھي تہ پاڪستان ۾ بليڪ مارڪيٽ اڪاناميءَ جو حجم ٽي ارب ڊالر آھي، جيڪو ملڪ جي اي ڊي پي (سالياني ترقياتي پروگرام) جي ڏھين حصي برابر آھي. رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ انساني اسمگلنگ، عصمت فروشي جي ڪاروبار ۾ ڪافي واڌارو آيو آھي، ڪيترا معصوم ٻار خليجي رياستن ۾ اٺن جي ڊوڙ لاءِ اسمگلنگ ڪيا وڃن ٿا. رينڊ ڪارپوريشن جي انتظاميہ مطابق هن رپورٽ جي تياريءَ جي سلسلي ۾ هن اداري جي محققن آمريڪي پرڏيھي ۽ انصاف کاتي جي آفيسرن جي انٽرويو ان کان علاوه پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي آفيسرن کان بہ راءِ ورتي ويئي آھي. پاڪستان ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کان بہ انٽرويو ورتا ويا آهن. رينڊ ڪارپوريشن جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ پاڪستان پنھنجي ڏکئي ۾ ڏکئي حالتن مان گذري رھيو آھي، سندس پرڏيھي ۽ گهرو سلامتي داءَ تي لڳل آھي. آمريڪا جي جنگ وڙهندڙ پاڪستاني حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري پاڪستان جو وجود خطري ۾ گهيرجي چڪو آھي. ڪن عالمي دانشورن جي راءِ ۾ پاڪستاني رياست “State of siege” خطرن ۾ گهيريل رياست آھي.

سنڌ، ارباب غلام رحيم ۽ ڪرپشن

عام سياسي مبصرن جي اھا راءِ آھي تہ وفاق پاڪستان جي اندر سنڌ سان ويڳي اولاد جيان سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. 1947ع کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۾ هميشہ اھي حڪومتون جڙيون آهن، جن کي اسلام آباد جي آشيرواد حاصل هجي، يعني سياسي طور تي اهڙين حڪومتن کي Government by proxy”“ سڏيو وڃي ٿو، يعني سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام بدران اسلام آباد جي حڪمرانن جي مرضيءَ جي تابع هوندي آھي. سنڌ جو وزيراعليٰ اهو ئي مقرر ٿيندو آھي، جنھن کي سنڌ اسيمبلي جي اڪثريت جي يا ڪنھن سياسي پارٽيءَ جي حمايت جي ضرورت نہ هوندي آھي ۽ اهڙا وزيراعليٰ سيني تي هٿ هڻي سچ ڳالھائيندا آهن تہ ”هن کي سنڌ جي عوام جي نہ پر سگهاري ڌر جي حمايت حاصل آھي.“ 2002ع جي چونڊن ۾ سنڌ ۾ پ پ پ کي سنڌ جي عوام مينڊيٽ ڏنو، پر ان مينڊيٽ جو احترام نہ ڪيو ويو. خان ڳڙھہ جي هڪ سردار علي محمد مھر کي سنڌ جو وزيراعليٰ بڻايو ويو، جيڪو چونڊن کان اڳ پ پ پ ڇڏي چڪو هو. 2002ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي هڪ ئي وقت گهوٽڪي مان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. خبر پئي تہ سنڌ جي هڪ سابق ڪور ڪمانڊر جي سفارش تي هن کي وزيراعليٰ بڻايو ويو هو. بعد ۾ ڏيڍ سال جي عرصي کانپوءِ موجودہ وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم کي سنڌ جو حاڪم اعلى بڻايو ويو، جيڪوسنڌ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس (ايس.ڊي.اي) جي ٽڪيٽ تي ٿر مان ڪامياب ٿيو هو. هُو شروع ۾ ئي وزيراعليٰ جي مسنَد جو اميدوار هو، پر پير پاڳاري ۽ سگهارين ڌرين جي حمايت حاصل نہ هئڻ ڪري سردار علي محمد مھر هن کان گوءِ کڻي ويو. ارباب غلام رحيم ويٽنگ لسٽ تي رھيو. بعد ۾ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ڪنگري ھائوس ويو ۽ لنڊن ياترا ڪئي ۽ هن کي وزيراعلى بڻايو ويو. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم هڪ صاف گُو شخص آھي، هو ڪيئي ڀيرا چئي چڪو آھي تہ اسلام آباد ۽ سگهارين ڌرين طرفان هن کي نامزد ڪيو ويو آھي، انھن جي راضپي سان ئي هُو سنڌ جو وزيراعليٰ رهندو. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم اهو بہ چئي چڪو آھي تہ هو ڄام صادق علي مرحوم جي نقش قدم تي هلندو. ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت تي ٽيڪا ٽپڻي ڪو سياسي مبصر ئي ڪري سگهي ٿو، البتہ اسان اهو چئي سگهون ٿا تہ هن جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ بدامنيءَ ۾ اضافو ٿيو آھي، ڪرپشن ۽ ڪميشن ڪلچر ۾ واڌ آئي آھي، سنڌ جي قومي حقن سان ويساھہ گهاتي ٿي رھي آھي، قديم سنڌي آبادين جا ڳوٺ ڊاٺا پيا وڃن. لڪ چوريءَ ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي کاتن ۾ هڪ مخصوص نسلي گروھہ سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي ڀرتي ٿي رھي آھي. سنڌ حڪومت ۾ شامل مضبوط ڌر کي پنھنجي کاتن ۾ ڪرپشن جي کلي ڇوٽ آھي. هڪ سياسي مبصر جي راءِ مطابق، لنڊن جي ”پير صاحب“ کي سنڌ مان ھر مھيني چاليھہ ڪروڙ رپيا موڪليا وڃن ٿا. ارباب صاحب کي امتياز شيخ جي کاتي ۾ تہ بدعنواني نظر آئي ۽ کيس وزارت تان هٽايو ويو، پر ٻين کاتن ۾ ڇا ٿي رھيو آھي؟ ۽ نہ ڄاڻ ڇو ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ خاموشي اختيار ڪئي آھي؟
سنڌي ٻولي کي 1972ع جي لئنگئيج بل مطابق يارھين ڪلاس جي غير سنڌي شاگردن لاءِ آسان سنڌي جو مضمون نافذ ڪرڻ وارو مسئلو گذريل ٻن سالن کان التوا ۾ آھي، حالانڪه جڏهن سال 2005ع ۾ انھيءَ مسئلي ڪر کنيو هو تہ ”ڀلي پار“ وڃڻ کان اڳ ارباب غلام رحيم وعدو ڪيو هو تہ هن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڪو خطرو ناھي ۽ يارھين ڪلاس ۾ غير سنڌي ٻارن کي ھر حال ۾ ”آسان سنڌي“ جو مضمون پڙھايو ويندو. آسان سنڌي جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو، ٻارن کي ڪلاسن ۾ آسان سنڌي پڙھائي ويئي. ڪاليجي استادن کان ڪتاب سيٽ ڪرايو ويو. 150 مرد ۽ خواتين سنڌي مضمون ۾ ليڪچرر ڀرتي ڪيا ويا، پر عملي طور سنڌي ٻولي جي 1972ع جي ايڪٽ مطابق اڃا تائين آسان سنڌي جو مضمون نافذ نہ ٿي سگهيو آھي ۽ اپريل 2007ع ۾ انٽر جا امتحان ٿيا، ان کانپوءِ زباني امتحان ٿيو. درخواستن مان چار ڪروڙ رپيا جمع ٿيا، انھيءَ رقم مان ڪنھن ڪارون ۽ گاڏيون ورتيون؟ چاليھہ هزار نوجوانن مان رڳو 2050 جاين تي ڀرتين جا آرڊر ڪڍيا ويا. بعد ۾ جڏهن تحقيقات ٿي تہ خبر پئي تہ انھن ۾ بہ ٽي سئو کان مٿي اميدوار اهڙا آهن، جيڪي انٽرويو ۾ ڪامياب نہ ٿيا هئا ۽ جن جون مارڪون گهٽ ھيون. ”عرفان مروت تحقيقاتي ڪميٽي“، ”نذر حسين مھر تحقيقاتي ڪميٽي“، ۽ ”سڀاڳو خان جتوئي تحقيقاتي ڪميٽي“ جون رپورٽون وزيراعلى کي ملي چڪيون آهن پر ٽيئي رپورٽون مختلف آهن، جيڪي آفيسر انٽرويو ۾ بدعنواني ۽ بي ايماني جا ذميوار هئا، سابق سيڪريٽري تعليم غلام علي پاشا کي صرف هٽائڻ کانسواءِ ڏوھہ جي ذميوار آفيسرن کي ارباب سرڪار ڪھڙي سزا ڏني آھي؟ سنڌ جو عوام ان جو منتظر آھي! سنڌ جي تعليم کاتي ۾ هڪ اهڙي شخص کي چار اهم پوسٽن تي رکڻ جو ڪھڙو جواز آھي؟ جنھن کي مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، زيبسٽ (ZABIST) ۽ سنڌ مدرسة الاسلام مان ڪڍيو ويو. ان شخص ۾ ھاڻ ڪھڙي ميرٽ آھي؟ جو هڪ ئي وقت صوبائي ايجوڪيشن مئنيجر ڪاليجز، تعليم کاتي جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين، دائود انجنيئرنگ ۽ سنڌ مدرسة الاسلام جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بنايو ويو آھي ۽ مستقبل ۾ سيڪريٽري تعليم ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو. ڇا تعليم کاتي ۾ ڪوبہ 20 گريڊ جو اهڙو پروفيسر يا استاد ناھي، جنھن کي ڪنھن پوسٽ تي رکي سگهجي؟ ڇا سنڌ ۾ سڀ پروفيسر نااهل آهن؟ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ۾ اهڙو چيئرمين رکيو ويو هو، جنھن جو تعلق ٿر سان هو. تقررين تي بندش دوران 30 کان مٿي ماڻهن کي بغير انٽرويو ۽ اشتھار جي نوڪري ۾ رکيو ويو. انھن ۾ چند ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي گهر ويٺي پگهار کڻي رھيا آهن. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن جي پرنٽنگ جا ٺيڪا جعلي فرمن ۽ پنھنجي من پسند ماڻهن کي ڏياريا ويا، ڪتابن ۾ ”سب اسٽئنڊرڊ“ ڪاغذ استعمال ڪيو ويو. عوام جي شڪايتن جي باوجود ڊاڪٽر ارباب رحيم سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ٿيندڙ بدعنوانين ۽ گهوٻين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو ڪھڙو نوٽيس ورتو آھي؟ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي اھا گذارش آھي تہ جيڪڏهن هو سنڌ اندر ۽ خاص طور تي تعليم کاتي اندر ”ڪرپشن“ ۽ ”ڪميشن ڪلچر“ کي ختم ڪرڻ ۾ سنجيدہ آھي تہ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جج ذريعي تعليم کاتي ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن ۾ تحقيقات ڪرائي تہ سنڌ جو عوام کيس دعائون ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي عوام کي ستن سالن ۾ صرف دعائون ئي پلئه پيون آهن، ٻيو سڀ ڪجهہ لُٽجي ڦرجي چڪو آھي، نہ پاڻي آھي ۽ نہ ئي هوا آھي ۽ نہ ئي سر مٿان آسمان آھي. بيوسي آھي، بيماري ۽ مفلسي آھي. عمره، حج فرض آهن، پر اصل فرض انسان ذات جي خدمت آھي.
بقول لطيف سائين:
”روزا ۽ نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم،
پر او ڪو ٻيو فھم جنھن سان پسجي پرين کي.“

آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران

مون پنھنجي گذريل ڪالم ۾ لکيو هو تہ عراق کان پوءِ آمريڪي جارحيت جو آئندہ نشانو ايران هوندو ۽ ايران تي حملي ڪرڻ لاءِ آمريڪا هڪ نئين “War Strategy” ٺاھي آھي تہ هو ايران تي سڌي طرح حملو نہ ڪندو پر پنھنجي ناجائز اولاد اسرائيل ذريعي ميزائيلن ذريعي حملو ڪرايو ويندو ۽ پاڪستان تي بہ آمريڪا جو دٻاءُ آھي تہ ماضي وانگر پاڪستان جي سرزمين تي کين آمريڪي هوائي فورس لاءِ اڏا ڏنا وڃن تہ جيئن اھي ايران تي حملي لاءِ استعمال ڪري سگهجن. مون اھا بہ راءِ ڏني هئي تہ عراق جيان ايران کي فتح ڪرڻ آمريڪا لاءِ ناممڪن آھي، ڇاڪاڻ تہ عراق- ايران جي ڊگهي بي مقصد جنگ جيڪا آمريڪا عراق جي سابق صدر صدام حسين ذريعي ايران تي مڙھي هئي، اھا ايران ۾ امام خميني جي انقلاب کان پوءِ پيدا ٿيل ”وطن پرستي“ ڪري ناڪام ٿي هئي. هن جنگ ۾ ايران جي مردن، عورتن، نوجوانن ۽ ٻارن جنھن حب الوطنيءَ سان مقابلو ڪيو هو، اهو جذبو ڏينهون ڏينھن ننڍڙي ٻوٽي مان هڪ مضبوط وڻ بڻجي چڪو آھي. مغربي مفڪرن جي راءِ ۾ تہ ايران تي حملي ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آھي. انھن مطابق، هن وقت عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪامي جي ڪري آمريڪا جي عوام اندر بش حڪومت ذليل ۽ خوار ٿي رھي آھي ۽ آمريڪا جي وزارت دفاع جي حڪمت عملي هوندي تہ ايران تي ڪامياب حملو ڪري ٻيھر آمريڪي عوام جي حمايت حاصل ڪئي وڃي ۽ عراق ۽ افغانستان ۾ ناڪامي جي ڪري ٿيندڙ تنقيد جي باھہ کي ٿڌو ڪيو وڃي. بعض سياسي مبصرن جي راءِ آھي تہ ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي جي ڪري دنيا ۾ ٽين مھاڀاري ويڙھہ لڳڻ جا خدشا وڌي ويندا. مغربي مفڪرن آڏو ھي سوال بہ آھي تہ آمريڪا ايران تي جيڪو حملو ڪندو اهو ڪھڙي نوعيت جو هوندو؟ ۽ اهو حملو ڪٿان شروع ڪيو ويندو؟ ايران زمين جي لحاظ کان دنيا ۾ 70 نمبر تي وڏو ملڪ شمار ٿئي ٿو. ايران جي ايراضي 1648195 چورس ڪلوميٽر آھي. ايران جي پاڙيسري ۽ ويجهي سرحدي ۽ سامونڊي ملڪن ۾ ترڪمانستان، آذربائيجان، آرمينيا، روس، قازقستان ۽ ٻئي طرف عراق، ترڪي، افغانستان ۽ پاڪستان آهن. ايران جي ٻن طرفن کان سمنڊ آهن. هڪ طرف چئني پاسن خشڪي ۽ گهرو کاري پاڻي جي وڏي ڍنڍ جيان بحيره ڪئسپيئن سمنڊ آھي، جنھن سان هن جا سرحدي پاڙيسري ملڪ ترڪمانستان، آذربائيجان، آرمينيا، روس ۽ قازقستان آهن. ٻئي طرف آبناءِ اومان ھرمز ۽ خليج فارس سان سامونڊي حدن جي ويجهو اومان متحدہ عرب امارات، سعودي عرب ۽ ڪويت آهن. زمين ذريعي ايران جي سرحدن جي ڊيگهہ 8731 ڪلوميٽر آھي، جڏهن تہ سمنڊن جي ڪنارن جي سرحدن جي ڊيگهہ 2700 ڪلوميٽر آھي، ايران وچ ايشيا جي ملڪن ۽ مشرق وسطى جي وچ ۾ هڪ پُل وانگر آھي، جڏهن تہ پاڪستان ۽ افغانستان سان ملندڙ سرحدن جي لحاظ کان ايران، ترڪي کان اڳ ڏکڻ ايشيا، سارڪ ملڪن ۽ يورپ کي خشڪيءَ جو رستو ڏئي ٿو.
1914ع کان 1918ع تائين اهو زمانو آھي، جڏهن برطانيہ دنيا جي ”سپر پاور“ هو. سڄي دنيا جي واپار تي سامونڊي حڪمراني جي ڪري برطانيہ جو ”ڌاڪو“ هلندو هو. جرمني هن جي ٽوڙ لاءِ ترڪي جي سلطنتِ عثمانيہ سان معاهدو ڪري ”جدہ ريلوي“ لائين شروع ڪئي هئي تہ جيئن تيل جي دولت سان مالامال عرب ملڪن کي ريلوي ذريعي يورپ سان ملايو وڃي. منصوبو ھي هو تہ جدہ (سعودي عرب) کان ريلوي لائين ترڪي تائين اچي ۽ انھيءَ کانپوءِ آسٽريا ۽ جرمنيءَ سان ان کي ملايو وڃي. اهڙي طرح جرمنيءَ جي اھا خواهش هئي تہ مسلمان ملڪن ۾ هن جو اثر ۽ قبضو مستحڪم ٿئي تہ پوءِ هندوستان، ايران ۽ ترڪي کي ريلوي لائين سان ملايو وڃي. انگريزن پنھنجي دور اقتدار ۾ دفاعي نقطہ نظر کان بلوچستان ۾ ريلوي لائين وڇائي، جيڪب آباد کان سبي، ڪوئٽا کي ملائڻ کانپوءِ ايران جي سرحدي شھر زاهدان تائين ۽ پاڪستان- افغانستان سرحد تي ”چمن“ تائين ۽ پوءِ پاڪ- افغان سرحد تي ٻئي طرف ”زوب“ تائين ريلوي لائين وڇائي. ھاڻ تازي صورتحال اھا آھي تہ ايران جلدي تھران کان زاهدان تائين ريلوي لائين مڪمل ڪرڻ وارو آھي، جڏهن تہ ٻئي طرف تھران کان ترڪي تائين ريلوي لائين آھي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ چند سالن اندر ڀارت، بنگلاديش پاڪستان، نيپال، مالديپ ۽ سري لنڪا جا رهواسي بہ يورپ تائين ريلوي سفر ڪري سگهندا ۽ واپار جي لحاظ کان مال گاڏيون بہ هلايون وينديون. اهڙي طرح پاڪستان بندرگاھہ ”گوادر“ جي ويجهو خليج فارس ۾ آبنائي ھرمز ۾ سامونڊي پٽي ايتري تہ سوڙھي آھي، جو بعض جاين تي جيڪڏهن ٻہ سامونڊي جهاز روڪيا وڃن تہ عرب ملڪن مان تيل جي سپلاءِ ۽ تجارت منقطع ٿي سگهي ٿي. ايران سياسي لحاظ کان دنيا جي گلوبل سياست ۾ اهميت اختيار ڪري ويو آھي تہ هن جو اثر عراق، لبنان ۽ فلسطين تي پئجي رھيو آھي ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ۾ ايران ايترو باصلاحيت ۽ مضبوط ٿي چڪو آھي جو سمنڊ ۾ ڪافي پري تائين دشمن کي روڪي سگهي ٿو. تازو لبنان- اسرائيل جنگ ۾ ايراني ميزائلن جي ڪري اسرائيل کي ذلت آميز شڪست ملي. ايران اڄ هڪ اهڙي طاقت بڻجي ويو آھي، جيڪو هن خطي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن لاءِ هڪ مضبوط چئلينج آھي. ايران کي ايٽمي قوت ناھي، پر عالمي سطح تي ايٽمي صلاحيتن جي معائني کان منع ڪرڻ جي عمل ڪري ھاڻ عالمي سطح تي آمريڪا، برطانيا ۽ اسرائيل ۾ ڪافي پريشاني ۽ ڳڻتي آھي. جيستائين عالمي سياسي ۽ خارجي محاذن جو تعلق آھي تہ اھا بدقسمتي چئبي تہ ايران کي اقوام متحدہ جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ سفارتي طور تي ناڪامي نصيب ٿي آھي، جنھنڪري ايران تي پابنديون وجهڻ جو فيصلو ٿيو. ايران کي ”يورپي يونين“ مان اميد هئي، پر انھن ايران کي مايوسي کانسواءِ ڪجهہ بہ نہ ڏنو. روس ۽ چين ٻنھي ملڪن مان ڪنھن بہ ملڪ ايران جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان حمايت نہ ڪئي. ايران پنھنجي ايٽمي تنصيبات جي معائني جي باري ۾ في الحال Yes sir بڻيل آھي. هو ايران تي حملي جي معاملي ۾ شايد آمريڪا جي ھا ۾ ھا نہ ملائي، ڇاڪاڻ تہ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي جي نتيجي ۾ پاڪستان ”خانہ جنگي“ (Civil War) جو شڪار ٿي سگهي ٿو، حڪمران توڙي حزب اختلاف اھا ڳالھہ سمجهن ٿا. هن وقت ايران جي پاڙيسري ملڪن ۾ گهڻو ڪري سڀ اسلامي ملڪ آهن، پر ترڪي، پاڪستان، عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪي اثر وڌيڪ آھي، جڏهن تہ ترڪمانستان، آذربائيجان، آرمينيا، قازقستان تي روس جو اثر وڌيڪ آھي. دنيا ۾ 1990ع کان پوءِ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ ”گلوبل وليج“ ۽ ”نيو ورلڊ آرڊر“ (New World Order) جي نعرن جي پاڇولي ۾ آمريڪا دنيا ۾ Uni-Polar Super Power بڻجي چڪو آھي. هو روس جيڪو ”مظلوم قومن، غلام ملڪن“ جي آس ۽ اميد هو، صرف پنھنجي وجود جي بچاءَ تائين محدود ٿي چڪو آھي. آمريڪا ۾ چاھي ڊيموڪريٽڪ پارٽي برسراقتدار هجي يا ريپبليڪن، اُنھيءَ جي ڦرلٽ، استحصال ۽ دنيا کي ”مارڪيٽ اڪانامي“ جي نالي تي غلام بڻائڻ واري پاليسي ۾ ڪا تبديلي نہ ايندي. پاڪستان جو ھر سولين يا نان سولين فرد هجي يا پارٽي، انھن کي اھا ڀلي ڀت پروڙ آھي تہ ”اسلام آباد“ پھچڻ جو ذريعو وايا ”واشنگٽن“ آھي، انڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان نيشنل عوامي پارٽي تائين ڪابہ پارٽي پاڪستان جي Mass Power تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي ۽ نہ ئي آمريڪا جي مفادن خلاف ڳالھائڻ لاءِ تيار آھي. پاڪستان ۾ اقتداري ڌر هجي يا حزب اختلاف رڳو عوام ۾ Face Saving لاءِ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ايران تي آمريڪي، اسرائيلي حملي خلاف بيان بازي تہ ڪري سگهن ٿا، پر عملي طرح عوام کي آمريڪي سامراجي پاليسين خلاف جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. منھنجي راءِ مطابق، ايران تي آمريڪي اسرائيلي حملي جي صورت ۾ پاڪستان جو عوام خودبخود بغير سياسي قيادت جي ڊگهي ويڙھہ وڙھي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ دنيا جي مظلوم انسانن کي ايران جي 1998ع ۾ امام خمينيءَ جي قيادت ۾ آيل انقلاب متاثر ڪيو آھي. لبنان ۾ اسرائيل جي تازي شڪست کانپوءِ ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ آمريڪي پاليسين جي ناڪاميءَ کانپوءِ ھر باشعور انسان جيڪو استحصال، ذلت ۽ غلامي ۾ ڦاٿل آھي، اهو پاڻ کي نئين سر منظم ڪري وري اهو عزم ڪري اٿڻ ۽ وڙهڻ لاءِ تيار آھي تہ سامراجيت ۽ بدبودار ذلت آميز ”سياسي نظام“ مان جند آجي ٿي سگهي ٿي ۽ روس جي ٽُٽڻ کانپوءِ مظلوم قومن ۽ غلام ملڪن ۾ جيڪا مايوسيءَ جي هوا هلي هئي، اھا ھاڻي هڪ ”اميد افروز انقلاب“ ۾ تبديل ٿي رھي آھي. ڪنھن ڏاھي جو قول آھي تہ “جڏهن ماڻهو غلامي جي پنجوڙ مان آزاد ٿيڻ لاءِ وڙهڻ جي واٽ وٺندا آهن تہ پٿرن سان جهاز ڪيرائيندا آهن ۽ هٿن سان ٽينڪون اٿلائيندا آهن.” پاڪستان جو عوام گذريل 60 سالن کان سياسي، اقتصادي ۽ سماجي غلامي ۾ رھي بک، بيماري، ناداري ۽ بيوسيءَ جي اوڙاھہ ۾ سڙي بيدار ٿي چڪو آھي ۽ پاڪستان جي آباديءَ جي اڪثريت ايراني انقلاب کان متاثر آھي، انڪري ايران تي حملي جي صورت ۾ موجودہ هلندڙ بيچينيءَ کان وڌيڪ ڪو انتھائي رستو اختيار ڪري سگهي ٿي، جيڪو پاڪستان لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

اوشو جي فلسفي جھڙو انسان

اوشو درست چيو آھي تہ انسان ڄمڻ کانپوءِ مسلسل مرندا رهن ٿا ۽ مرڻ جو عمل تڪميل تي تڏهن ئي پھچي ٿو، جڏهن جسم مان روح پرواز ڪري وڃي ٿو. هو ان لاءِ جيڪي دليل ڏئي ٿو، انھن جو اختصار ڪجهہ هن ريت بيھي ٿو: ڪو ماڻهو يونان (پنھنجي گهر) مان ممبئي وڃڻ لاءِ نڪري ٿو تہ ان جو سفر شروع ٿي وڃي ٿو. ان جو ھر قدم ممبئيءَ ڏانھن آھي ۽ ان سفر جو اختتام تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هو ممبئي پھچي وڃي ٿو. اهڙي ريت ڄمڻ کان پوءِ انسان جو موت ڏانھن سفر شروع ٿي وڃي ٿو. مرڻ وارو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ۽ مرڻ واري عمل جي انتھا تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن روح گهر ۾ هڪ سرد جسم ۽ سوين سوڳوار اکيون ڇڏي وڃي ٿو. اياز موت کي ڪارو اداس حبشي ٿو سڏي، ڪي ماڻهو اجل جي آجيان ڪندا آهن، ڪن کي موت ماري ويندو آھي ۽ ڪي وري موت کي ماري هميشہ لاءِ امر ٿي ويندا آهن. سنڌ ۾ سوين اهڙا آدرشي انسان رھيا آهن، جن کي موت مات ڏيئي ناھي سگهيو. اھي اڃا بہ ماڻهن جي يادگيرين ۾ زندھہ آهن. مون پنھنجي اڳوڻي ڪالم ۾ ڊاڪٽر شڪور دائود پوٽي جو ذڪر ڪيو هو. سنڌ جي ساڃھہ وند ماڻهن جي ڏاهپ ۽ شعور تي سندس محنت جا نقش اڃا بہ موجود آهن. مون جڏهن اهو ڪالم لکيو هو، تڏهن منھنجي وهم ۽ گمان ۾ ئي نہ هو تہ منھنجي ان ڪالم جي پٺيان ترت ئي مون کي هڪ ٻئي عظيم انسان محمد علي اعجاز جي وڇوڙي جي خبر ملندي. محمد علي اعجاز هڪ عظيم انسان هو. هو انھن عظيم انسانن مان هو، جيڪي ذهن تيار ڪندا آهن، انھن کي پختگي عطا ڪندا آهن ۽ انھن جي تربيت ۽ تعمير ڪندا آهن. پيشي جي لحاظ کان تہ هو هڪ پروفيسر هو، پر اهڙو پرفيڪٽ انسان، جيڪو موت جي خوف ۽ مصلحت توڙي مجبوريءَ کي فتح ڪري چڪو هو، جيڪا ڳالھہ سندس بيباڪ لهجي ۽ پرخلوص عمل مان واضح هئي. هن جي روزمره جي معمول ۽ لغت ۾ ”ناممڪن“ جھڙو لفظ ئي نہ هو. اوشو سان ڀلي ڪنھن جا لک اختلاف هجن، پر اوشو جو فلسفو اهڙو آھي، جيڪو ھر دل ۾ قبوليت ماڻي، اتي جاءِ جوڙي ٿو وٺي. محمد علي اعجاز بہ اوشو جي فلسفي جھڙو انسان هو. سندس مخالف بہ سندس محبت جا معترف آهن. اوشو چوي ٿو: ”هڪ لوھار وڏي هٿوڙي سان لوھہ جي گرم ٽڪري کي سانداڻ تي رکي ڌڪ هڻي رھيو هو. لوھار کان ڪنھن پڇيو، ”اهو ڌنڌو ڪڏهن کان پيو ڪرين؟“ ”ست ئي پيڙھيون ان ئي ڪرت سان لڳل رھيون آهن.“ لوھار وراڻيو.
لوھار کان همراھہ وري پڇيو، ”ڀلا ٻڌاءِ، ھيستائين تو پنھنجي عمر ۾ ان ڌنڌي ۾ گهڻا هٿوڙا ڀڳا آهن؟“ لوھار جواب ڏنو: ”ڪئين هٿوڙا ٽُٽي ويا.“ ”۽ سانداڻ؟“ همراھہ پڇيو. لوھار وراڻيو: ”اھا هڪڙي ئي سانداڻ آھي، جيڪا هلندي اچي.“
سانداڻ سھي ٿي، انڪري برقرار آھي. برداشت ڪري ٿي، انڪري ان کي نڪي لھر نڪي لوڏو، باقي هٿوڙا هڻڻ ٿا، اھي ٽُٽي وڃن ٿا. اهو ئي اصول فرد جي زندگيءَ سان بہ لاڳو ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ٻين کي ڏکوئي ٿو، ڏک ڏئي ٿو، اهو فنا ٿي وڃي ٿو. سهپ ۽ برداشت کي ئي بقا آھي. اوشو جي اھا تحرير جڏهن ياد ايندي اٿم تہ مون کي محمد علي اعجاز بہ ان سانداڻ جھڙو شخص لڳندو آھي، جنھن کي مخالفت جا ڪي بہ هٿوڙا ٽوڙي ڀڃي ڀوري نہ سگهيا. هُو اڏول هو ۽ آخر تائين اڏول رھيو.
ڪجهہ ڏينھن اڳ مغرب مھل جيئن ئي گهر پھتس تہ فون جي گهنٽي وڳي. فون اسان جي هڪ ڀيڻ فريدہ مشتاق ڪيو هو، جنھن روئندڙ آواز ۾ چيو تہ: ”لياقت ڀائي! محمد علي اعجازڀائي ڪا آج تين بجه انتقال هوگيا ھي.“ مونکي يقين ئي نہ پيو اچي. محمد علي اعجاز جي گهر جي ايڊريس بہ ڀيڻ فريدہ مشتاق ٻڌائي. ڀيڻ فريدہ مشتاق ڪي ٽي اين جي ماڊل ۽ فنڪار علي حماد جي والدہ آھي. مان تڙ تڪڙ ۾ وضو ڪري رب جو نالو وٺي گهران رڪشا ۾ نڪتس. ”پڇڻا نہ منجهڻا“ جي اصول تي هلندي ان جاءِ تي آيس، جتي تڏي تي دوست اڳ ۾ ويٺل هئا. مون صرف ٿڌو ساھہ ڀريو. لُڙڪن اکين مان وهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون انھن کي روڪي ورتو، ڇاڪاڻ تہ ڪيڏو غم ملي. مان روئندو نہ آھيان. بلڪه غم کي طاقت ۾ بدلائڻ جو قائل آھيان. علي اعجاز جي ڪھڙي تعريف ڪجي؟ هن پنھنجي سڄي ڄمار ۾ ڪنھن کي بہ نہ رنجايو. موت برحق آھي. جيڪو انسان هن دنيا ۾ آيو آھي، انھيءَ کي واپس پنھنجي اصل ماڳ ڏي ورڻو آھي، پر اوچتو وڃڻ وارا هڪڙو اهڙو زخم ڏيئي ويندا آهن، جنھن جو ڪوبہ علاج نہ ٿي سگهندو آھي. محمد علي اعجاز جو وڇوڙو وسري نہ سگهندو. هُو پاٻوھہ جو هڪ ڪڪر هو، جيڪو بنا ڪنھن امتياز ۽ ڪينہ پروريءَ جي سنڌ تي ڏاهپ ۽ ساڃاھہ جو وڏ ڦڙو وسائي هليو ويو. اسان سڀ سندس مقروض آھيون. جنھن نئين نسل کي سُرت، ساڃاھہ جي پھرين ڦرھي پڙھائي. افسوس جو کيس ياد ڪرڻ لاءِ اسان جي هن نئين پيڙھيءَ وٽ وقت ئي ڪونھي. ڏک اهو آھي تہ ھاڻي اھا طلب ۽ تڙپ بہ نہ رھي آھي، جيڪا منزل تائين رسائيءَ لاءِ اتساھي. حقيقت ۾ ماڙيون نٿون ماڙين پر مارن جي مُنجهہ ماريو وجهي. هن وقت جڏهن ”بازار“ ۾ ھر شيءِ تي ”براءِ فروخت“ جو اسٽيڪر نظر اچي ٿو، اتي محمد علي اعجاز جي ڏاهپ ۽ ضمير ھر قيمت کان مٿانهون هو. محمد علي اعجاز جي اصلاح ۽ تنقيد جو انداز بہ ان شخص وارو هوندو هو، جيڪو قتل بہ ڪندو آھي، تڏهن بہ پيار سان. محمد علي اعجاز عملي ماڻهو هو. کيس بي عمل جذباتيت ۽ لفاظيءَ کان چِڙ هوندي هئي. محمد علي اعجاز علم ۽ ڏاهپ جي روشنيءَ سان منور سنڌ جا خواب ڏسندڙ شخص هو. هن آخر تائين پنھنجي نيڻن جي ان آس، تڙپ ۽ اتساھہ کي موت اچڻ نہ ڏنو.

اسان لوچيون لوھہ ۾

ڪنھن بہ مھذب ملڪ ۾ استادن کي عزت و احترام جي نگاهن سان ڏٺو ويندو آھي، ڇاڪاڻ تہ استاد انھن ڪارخانن جا ڪاريگر آهن، جتي ملڪي ذهن تيار ٿين ٿا. سنڌ حڪومت تازو هڪ غير آئيني ۽ غير قانوني نوٽيفڪيشن ذريعي تعليم کاتي جي زير اهتمام تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استادن جي تنظيمن تي اهو سبب ڄاڻائي تڙ تڪڙ ۾ پابندي وجهي ڇڏي تہ استاد تنظيمون سنڌ جي تعليم جي ترقيءَ جي راھہ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. هن آمرانہ قدم کڻڻ کان اڳ ھي بہ ضروري نہ سمجهيو ويو تہ پابندي جي حوالي سان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ھا، يا ڪابينہ جي ڪنھن بہ اجلاس ۾ هن اهم فيصلي تي نہ بحث ڪيو ويو، نہ سنڌ سرڪار ۾ شامل اتحادي ڌرين متحدہ قومي موومينٽ، فنڪشنل مسلم ليگ، پاڪستان پيپلز پارٽي پيٽرياٽ يا پاڪستان نيشنل پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو ويو. هن پابنديءَ جو دلچسپ پاسو ھي تہ تعليم کاتي جي ڪنھن بہ تنظيم کي ”شوڪاز نوٽيس“ جاري نہ ڪيو ويو. پابندي جو ھي اوچتو تڙ تڪڙ وارو اعلان صرف سنڌ ۾ نافذ ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي ٻين اڪائي وحدتن ۽ آزاد ڪشمير ۽ فاٽا ۾ ڪم ڪندڙ استاد تنظيمن تي پابندي نہ وڌي ويئي، ڇا اسانجا ملڪي حڪمران هن فيصلي سان اهو تاثر ڏيڻ چاھين ٿا تہ سنڌ سندن ”مفتوحه علائقو“ يا ”ڪالوني“ آھي.
تعليم جو شعبو حڪومت جو اهم ترين شعبو سمجهيو ويندو آھي. سنڌ جي ”بجيٽ بُڪ“ مان اندازو لڳائبو تہ تعليم کاتي ۾ ٽن لکن کان مٿي استاد ۽ ملازم ڪم ڪن ٿا، جڏهن تہ سڄي صوبي ۾ سوا پنج لک ملازم سنڌ حڪومت جي ماتحت آهن. تعليم جي شعبي جو تعلق آبادي جي ھر ”ڪلاس“ سان هوندو آھي. ٻھراڙي هجي يا شھر، امير هجي يا غريب، تعليم حاصل ڪرڻ ھر فرد جو سونھري خواب آھي ۽ بنيادي حق پڻ. هن شعبي جي ذميوارين ۾ تعليمي، تدريسي ۽ انتظامي معاملن سان گڏوگڏ نئين نسل جي تعمير ڪرڻ پڻ شامل آھي. اھي سڀئي اهم مقصد انھيءَ وقت تائين حاصل نٿا ٿي سگهن، جيستائين استاد ذهني يڪسوئي ۽ احساسِ ذميواري سان پنھنجي پيشور صلاحيتن جو استعمال نٿا ڪن. ھر تهذيب ۽ ھر سماج ۾ استاد کي قوم جي معمار جو درجو ڏنو ويو آھي. سنڌ جي تعليمي صورتحال جو حقيقت پسندي سان جائزو وٺنداسين تہ اکين ۾ لڙڪ تري ايندا، ڀوتارن ۽ بيوروڪريسي جي ڪل پُرزن تعليم جھڙي نازڪ شعبي سان جيڪي جبري ڏاڍايون ڪيون آهن، انھيءَ سان سنڌ جو تعليمي نظام ڀڄي ڀور ڀور ٿي چڪو آھي. پرورشِ علم جي خواهش کان محروم بيوروڪريسي ۽ سنڌ دشمن ڀوتارن ۽ بي ايمان حڪومتي اهلڪارن ڪڏهن بہ تعليمي ادارن جي تعمير ۽ ترقي ڏانھن سنجيدگيءَ واري نگاھہ سان نہ ڏٺو آھي. استادن کي بيوروڪريسيءَ جو حقير ملازم سمجهيو ويو ۽ ڪڏهن بہ ڪنھن پاليسي جوڙڻ ۾ ان کي شامل نہ ڪيو ويو. بيوروڪريسي جون حرص ۽ لالچ سان ڀرپور نظرون رڳو تعليمي بجيٽ ”ورلڊ بينڪ“، ”ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ“ جي فنڊن تي رھيون. سال 05- 2004ع جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 22 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا، جيڪو سالانہ ترقياتي پلان اي ڊي پي جو صرف 15 سيڪڙو هو. هن بجيٽ مخصوص ڪرڻ جي اهم مقصدن ۾ تعليمي نظام کي بھتر بڻائڻ، تعليم جو معيار وڌائڻ ۽ تعليم کي ٻھراڙي جي ھر ڳوٺ تائين پھچائڻو هو. تعليم جي ترقيءَ لاءِ نوڪرشاھيءَ جن قدمن جو اعلان ڪيو، ان جو مکيہ مقصد تعليم جي ترقي هو پر عملي طور تي اهو بيوروڪريسي جي ڪل پُرزن جي بينڪ بيلنس وڌائڻ وارو عمل هو. سنڌ ۾ مفت ڪتاب ڏيڻ لاءِ 226 ملين رپيا رکيا ويا تہ جيئن سنڌ جي 28 ملين ٻارن کي فائدو پھچائي سگهجي. DEEP اسڪالرشپ جي پروگرام تحت نياڻين جي تعليم جي Drop out کي روڪڻ لاءِ في نياڻي 1000 رپيا اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ 179 ملين رپيا رکيا ويا، جنھن مان سنڌ جي 178339 نياڻين کي اھا رقم ملڻي هئي. غربت ۽ ميرٽ جي بنياد تي 10 ملين رپيا اسڪالرشپ جي مد ۾ رکيا ويا. 450 ملين رپيا پرائمري اسڪولن جي حالت بھتر بنائڻ، اسڪول مئنيجمنٽ ڪميٽين لاءِ رکيا ويا ۽ بند پيل تعليمي ادارن کي ٻيھر فنڪشنل بڻائڻ لاءِ 500 ملين رپيا رکيا ويا. 50 ملين رپيا 12000 استادن جي تربيت لاءِ مخصوص ڪيا ويا. وفاقي حڪومت 250 ملين رپيا سنڌ حڪومت کي ”ايجوڪيشن سيڪٽر ريفارمس پروگرام“ ”ESR“ تحت ڏنا ويا تہ سنڌ ۾ جهالت کي گهٽائڻ لاءِ تعليمِ بالغان جا مرڪز کوليا وڃن، جيڪڏهن 05-2004 جي بجيٽ ۾ رکيل رقم جو حساب اسان سنڌ جي موجودہ وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کان گهرڻ جو حق رکون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اھا رقم عوام تي مڙھيل ٽيڪسن مان وصول ٿي هئي. سال 2005ع جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 23.3 بلين رپيا رکيا ويا. هن سال بجيٽ رقم رکڻ جو مقصد تہ تعليمي ادارن ۾ داخلا لاءِ گهڻي ۾ گهڻا ٻار اچن. ”“Drop Out کي روڪي سگهجي ۽ جنس جي بنياد تي روڪ کي ختم ڪري سگهجي ۽ تعليم جو معيار بھتر بنائي سگهجي. داخلائن جو انگ 3.35 ملين مان 3084 ڪرڻو هو، پرائمري سطح تي داخل ٿيل ٻارن جي تعليم ڇڏڻ جي سراسري 19 سيڪڙو مان گهٽائي 17 سيڪڙو ڪرڻي هئي. 1101 عمارتن کان سواءِ هلندڙ پرائمري اسڪولن جون عمارتون ٺاھي ڏيڻيون ھيون ۽ 452 نوان اسڪول کولڻا هئا ۽ بند پيل 6900 اسڪولن مان 3700 اسڪولن کي ”فنڪشنل“ بنائڻو هو. اسڪول مينجمينٽ ڪاميٽين لاءِ 0.5 بلين مھيا ويا ڪيا. 0.25 بلين رپيا ٻارن کي مفت ڪتاب فراهم ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا. 0.19 بلين مڊل اسڪولن ۾ زير تعليم نياڻين لاءِ 0.19 بلين رپيا ھائر سيڪنڊري تعليم جي اسڪولن ۾ زير تعليم نياڻين لاءِ مخصوص ڪيا ويا. 0.60 بلين رپيا استادن جي ترتيب لاءِ مخصوص ڪيا ويا تہ استادن جي پڙھائڻ واري معيار کي بھتر بنايو وڃي. سال 07-2006ع جي بجيٽ ۾ ساڳي حڪومت چيو تہ تعليم جي ڪوالٽي انڪري ناقص آھي تہ ان جي سنڀال، نگراني ۽ انتظام ناقص آهن، تعليمي ادارن جي تباھي انڪري ٿي آھي تہ تعليم کاتي جو ”مانيٽرنگ“ جو نظام اڻپورو رھيو آھي ۽ ڪنھن بہ ماڻهوءَ جي جانچ نہ ڪئي ويئي آھي. موجودہ سنڌ حڪومت دعوى ڪئي تہ ھاڻ ٻارن جو تعداد بہ اسڪولن ۾ وڌايو ويندو، استادن جي ڀرتي جي نظام کي پڻ بھتر بڻايو ويندو ۽ اسڪول انتظاميہ کي ”اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽين“ ذريعي بھتر بڻايو ويندو. نياڻين کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو سسٽم فول پروف بڻايو ويندو ۽ ٻارن کي مفت ڪتاب ڏيڻ واري سسٽم کي بہ بھتر بڻايو يوندو. پھرين کان ڏھين ڪلاس جي ٻارن ۾ مفت ڪتاب ورھائڻ لاءِ 609 ملين رپيا مخصوص ڪيا ويا، 357 ملين رپيا ھر نياڻي کي 1000 رپيا اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا. پر سندن اھي واعدا واعدا ئي رھيا. اڄ ڏينھن تائين 6900 اسڪول بند پيا آهن. تعليمي سال گذري ويو. هڪ نياڻي کي بہ اسڪالرشپ نہ ملي. PITE کي جيڪا استادن جي تربيت لاءِ رقم ڏني ويئي، اھا مٿي کان وٺي ھيٺ آفيسرن ۾ حصو پتيون ٿي ويئي. اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽين لاءِ رکيل ڪروڙ رپيا سيڪريٽريٽ کان ھيٺ ضلعي سطح جي آفيسرن ۾ ڀڳڙن جيان ورھايا ويا. عالمي بئنڪ جيڪا سنڌ جي تعليم کي بھتر بنائڻ لاءِ وڏي رقم ڏئي ٿي، ان جي سربراھہ سنڌ سيڪريٽريٽ جي هڪ اجلاس ۾ جنھن ۾ موجودہ وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم موجود هو، چيو تہ سنڌ تباھيءَ ڏانھن وڌي رھي آھي، ڇاڪاڻ تہ تعليم جي ترقي لاءِ رکيل رقم غبن ڪئي ويئي آھي. ڇا اھي سنڌ جي تعليم لاءِ رکيل اربين رپيا استادن هڙپ ڪيا يا تعليم کاتي جي ڪرتائن ۽ ڌرتائن ڪيا.
اسان استاد پنھنجي صفائي ۾ ڪجهہ ڪونہ ٿا چئون تہ اسان تعليم جي تباھي ڪئي آھي، پر جيڪڏهن موجودہ وفاقي حڪومت سنڌ جي تعليم لاءِ سنجيدہ آھي تہ اعليٰ اختياراتي ڪميشن مقرر ڪيو وڃي، اهو انھن فنڊن جي آڊٽ ڪرائي تہ سال 05-2004ع کان وٺي 06- 2005ع تائين تعليم جي مختلف مدن ۾ رکيل اربين رپين جي رقم ڪنھن هڙپ ڪئي؟ جيڪڏهن ڪنھن بہ ذميوار فرد تي اهو ڏوھہ ثابت ٿئي تہ تعليم کي تباھہ ڪرڻ ۾ انھن جو هٿ آھي تہ ان کي سنڌ جي عوام آڏو سرعام ڦاھي چاڙھيو وڃي، چاھي اهو وزير تعليم هجي يا ڪو ننڍو ڪارندو، سيڪريٽري تعليم هجي يا ضلعي سطح جو ننڍو ڪامورو. اسان تي جيڪي سنڌ سرڪار الزام لڳايا آهن، اڄ بہ اسان سنڌ جي وڏي وزير کي آڇ ٿا ڪريون تہ سنڌ جي غير جانبدار تعليمي ماھرن، دانشورن، ۽ اديبن جو هڪ قومي جرڳو جوڙيو وڃي. جيڪڏهن اسان تي اهو ثابت ٿئي تہ تعليم جي تباھي جا ذميوار سنڌ جا ٽي لک استاد آهن تہ اسانکي سنڌ جو قسم آھي تہ سنڌ جي تعليم خاطر اسان پنھنجون تنظميون پاڻ ختم ڪنداسين، ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي تعليم کان مٿي ڪابہ شيءِ مقدس ناھي، پر جيڪڏهن ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ انھن خفيہ هٿن کي بينقاب ڪري عوام آڏو کين سنگسار ڪيو وڃي، جن سنڌ جي وڏي وزير کي غلط مشورو ڏيئي اٻھرائپ وارو فيصلو ڪرايو آھي ۽ استاد تنظيمن تي پابندي وڌي آھي ۽ استادن کي ڪاري قانون تحت انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو آھي.

نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا سوار

پاڪستان ۾ ھر سولين يا نان سولين حڪمران جڏهن اقتدار ۾ ايندو آھي تہ پنھنجون پاليسيون نافذ ڪندو آھي. جنرل پرويز مشرف بہ هڪ خاص ايجنڊا تحت اقتدار تي قبضو ڪيو. هن جي پاليسين ۾ ھي اهم ڳالھيون شامل ھيون: ملڪ جا سڀ پيداواري ادارا نجي مالڪن حوالي ڪيا وڃن، پبلڪ سيڪٽر ۾ فوج کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ادارو نہ هجي. گذريل ستن سالن ۾ بئنڪون، ڪارخانا ۽ ٻيا ڪيترا سرڪاري ادارا فروخت ڪيا ويا آهن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي آمد کي همٿايو ويو آھي. سڄو ملڪ نيلام گهر بڻيل آھي، ھر پبلڪ سيڪٽر ۾ موجودہ ادارن جا واڪ لڳي رھيا آهن. تعليم جھڙي اهم شعبي متعلق بہ جيڪي پاليسيون جوڙيون ويون آهن، انھن ۾ 1972ع ۾ قومي ملڪيت ۾ ورتل تعليمي ادارن کي واپس سرمائيدارن ۽ سيٺين کي ڏيڻ، تعليمي ادارن کي اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ ۽ انھن لاءِ بورڊ آف گورنرس ٺاهڻ ۽ تعليمي اداري ۾ پرائمري استادن کان وٺي ليڪچررن جي ڀرتي ڪنٽريڪٽ (Contract) تي ڪرڻ شامل آھي. هن پاليسي تحت ڪيترا تعليمي ادارا پرائيويٽ سيڪٽر جي حوالي ڪيا ويا آهن.
گذريل سالن ۾ هزارين پرائمري ۽ سيڪنڊري استاد ٻن سالن جي ڪنٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا ويا، ڪنٽريڪٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ انھن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ساڳي طرح ڪاليج سائيڊ تي 741 ليڪچررن کي Contract تي ٽن سالن لاءِ ڀرتي ڪرڻ جو اشتھار شايع ڪيو ويو. تحريري ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ انھن ليڪچررن کان زباني انٽرويو ورتو ويو. زباني انٽرويو وٺندڙ ٽيم ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ميمبر شامل ڪيا ويا. هڪ حيران ڪندڙ ڳالھہ اھا هئي تہ Writen Test ۾ گهٽ مارڪون رکيون ويون ۽ زباني انٽرويو ۾ وڌيڪ مارڪون رکيون ويون. هن انٽرويو ۾ 741 مرد ۽ خواتين ليڪچرار ڪامياب ٿيا ۽ کين تعليم کاتي طرفان ٽن سالن جي ڪنٽريڪٽ تي ڀرتي جا آفر ليٽر پڻ موڪليا ويا. پوليس طرفان انھن جي تصديق پڻ ڪرائي ويئي ۽ ميڊيڪل بورڊ کان ھيلٿ سرٽيفڪيٽ پڻ ورتا ويا. سنڌ حڪومت جي ڪابينہ ۾ اوچتو تبديلي آئي. عرفان الله مروت جي جاءِ تي ڊاڪٽر حميدہ کھڙو صاحبہ کي تعليم جي وزارت ڏني ويئي. انٽرويو ۾ ناڪام ٿيندڙ ڪجهہ اميدوارن سنڌ سرڪار کي درخواستون موڪليون، جن ۾ اهو الزام عائد ڪيو ويو تہ ڪنٽريڪٽ تي جيڪي 741 ليڪچرر ڀرتي ويا ڪيا آهن، انھن کي سياسي سفارشن جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو آھي ۽ ڪجهہ اميدوارن کان 80 هزار کان وٺي هڪ لک رپين تائين رقم وصول ڪئي ويئي آھي. ڊاڪٽر حميدہ کھڙو صاحبہ جي حڪم تي ڪنٽريڪٽ ليڪچرارن جي ڀرتي روڪي ويئي ۽ اميدوارن جي رڪارڊ جي جانچ پڙتال جو فيصلو ڪيو ويو ۽ بعد ۾ انھن کان ٻيھر انٽرويو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
تعليم کاتي جي هن فيصلي کانپوءِ ڪامياب ٿيل ڪنٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل ليڪچرارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪئي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪنٽريڪٽ ليڪچرارن جي وڪيل ۽ سرڪاري وڪيل درميان هڪ سمجهوتو ٿيو تہ في الحال ڪنٽريڪٽي ليڪچرارن کي ايڊھاڪ طور تي 6 مھينن لاءِ بطور ليڪچرار ڀرتي ڪيو ويندو. ڪنٽريڪٽي ليڪچرارن مجبوري تحت ھي فيصلو قبول ڪيو. تعليم کاتي طرفان انھن ليڪچرارن کان 6 هزارن کان 8 هزارن تائين پيسا وٺي پنھنجي پسند جي پوسٽنگ ڏني ويئي، نتيجي طور ايڊھاڪ ليڪچرارن جي اڪثريت کي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي بوائز ۽ گرلز ڪاليجن ۾ پوسٽ ڪيو ويو. هڪ غلط منصوبي بندي تحت جن ليڪچرارن کي ڪاليجن ۾ ڀرتي ڪيو ويو، انھن ڪاليجن ۾ ليڪچرار جي ڪابہ پوسٽ خالي نہ هئي، جيئن تہ ھر ڪاليج ۾ فنانس ڊپارٽمينٽ کان منظور ٿيل پوسٽون هونديون آهن. ڪاليجن ۾ وڌيڪ ايڊھاڪ ليڪچرارن جي پوسٽنگ ڪري ليڪچرارن جي اڪثريت کي پگهار نہ ملي سگهي. سپلا جي ڪوششن سان ڪجهہ ضلعن ۾ خالي پيل پروفيسرن جي پوسٽن آڏو کين پگهار ڏياري ويئي پر اڃا بہ ڪيترن ضلعن ۾ ليڪچرارن جي پگهار بند آھي. 741 مان اڃا بہ هڪ سؤ ليڪچرار اهڙا آهن، جن کي تعليم کاتي طرفان ڪابہ پوسٽنگ نہ ڏني ويئي آھي ۽ اھي ھر روز سيڪريٽري تعليم جي دفتر جو طواف ڪندا رهن ٿا. تعليم کاتي جي نااهلي ۽ ڪرپشن ڪري ڪراچي سميت اندرون سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ڪاليج آهن، جتي سائنس جا استاد ناهن، ڪيترا دفعا استادن جي کوٽ جي مسئلي ڏانھن وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم جو ڌيان ڇڪايو ويو، پر ڪو کڙ تيل نہ نڪتو. تعليم کاتي جي غلط پاليسين ڪري ايڊھاڪ ليڪچرارز شديد ذهني مونجهارن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ اهو چيو ويو هو تہ ايڊھاڪ ليڪچرارن کي في الحال ڇھن مھينن جي بنياد تي رکيو وڃي. بعد ۾ انھن کي موقعو ڏنو وڃي تہ هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انٽرويو ۾ شريڪ ٿين. منھنجي راءِ ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ طرفان جيڪو بہ فيصلو ڏنو ويو، اهو انصاف تي مبني نہ هو. ننڍي کنڊ جي مشھور مفڪر ۽ عالم مولانا ابوالڪلام آزاد هڪ هنڌ لکيو آھي تہ ”انسان ذات سان ٻن هنڌن تي ناانصافيون ٿين ٿيون: هڪ جنگ جي ميدانن ۾، ٻيو عدالتن جي ايوانن ۾.“ پاڪستان ۾ عدالتون هميشہ حڪمرانن جي مرضي جي تابع رھيون آهن، جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان ايڊھاڪ ليڪچرارن جي مسئلي تي غور ڪيو وڃي ۽ ان جي ھيٺين پھلوئن کي سامھون رکيو وڃي تہ اسان مثبت نتيجا ڪڍي ايڊھاڪ ليڪچرارن سان انصاف ڪري سگهون ٿا:
1- ايڊھاڪ ليڪچرارن جي ڀرتيءَ جي اشتھار ۾ اهو واضح طور تي صاف لکيل هو تہ اھي ٽن سالن جي عرصي لاءِ Contract تي ڀرتي ڪيا ويندا.
2- ايڊھاڪ ليڪچرارن جي تحريري ۽ زباني امتحانن جي ڪاميابي کانپوءِ تعليم کاتي طرفان جيڪو ”آفر ليٽر“ ڪڍيو ويو هو، ان ۾ واضح لکيل هو تہ ڪنٽريڪٽ ليڪچرارن کي ٽن سالن لاءِ ڀرتي ڪجي ٿو.
انصاف جي ھي تقاضا آھي تہ ايڊھاڪ ليڪچرارن کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن لاءِ نوڪري ۾ رکيو وڃي. ايڊھاڪ ليڪچرارن کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جنرل انٽرويو کان مستثنى قرار ڏنو وڃي.
جيڪڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان سندن ميرٽ طئه ڪرائي وڃي تہ پوءِ جنرل انٽرويو بدران کين هڪ پوسٽ هڪ ليڪچرار جي بنياد تي انٽرويو Fit ۽ Unfit جي بنياد تي ورتو وڃي.
جيڪي 741 (ليڪچرار) ڀرتي ڪيا ويا آهن، انھن کي خالي پيل پوسٽن تي رکيو وڃي. ان لاءِ ھر ضلعي ۾مقرري ڪئي وڃي تہ جيئن کين ريگيولر بنيادن تي پگهار ملي سگهي.
سنڌ ۾ اڳ ۾ هزارين نوجوان بيروزگار آهن ۽ ڪيترا نوجوان بيروزگاري سبب خودڪشي ڪري چڪا آهن. ايڊھاڪ ليڪچرارن کي مڪمل نوڪري جو تحفظ ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هڪ ليڪچرار کي بيروزگار ڪرڻ پوري خاندان جو معاشي قتل ڪرڻ برابر آھي. سنڌ جي ڪاليجن ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ ليڪچرارن جون جايون خالي آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي موجودہ امتحان ۾ جيڪي اميدوار پاس ٿين تہ انھن کي خالي پيل جاين تي رکيو وڃي، پر ڪنھن بہ ايڊھاڪ ليڪچرار کي بيروزگار نہ ڪيو وڃي. آئندہ ليڪچرارن جي تقرري صرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انٽرويو ذريعي ڪئي وڃي. ايڊھاڪ يا ڪنٽريڪٽ تي ليڪچرارن جي ڀرتيءَ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ تعليم کاتي مان ”ايڊھاڪ ازم“ جي پاليسي ختم ڪئي وڃي.
سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن مڪمل طور تي تباھہ ٿي چڪي آھي 232 ڪاليجن مان 116 ڪاليجن ۾ مستقل پرنسپال ناهن، 33 ڪاليجن کي ڪا مستقبل SNE ناھي. ڪراچي توڙي اندرون سنڌ جي گرلز توڙي بوائز ڪاليجن ۾ سائنس توڙي آرٽس جي مضمونن جي شديد کوٽ آھي. ڪاليج ايجوڪيشن کي ضلعي حڪومتن کان فوري طور تي واپس ڪيو وڃي ۽ جيئن تہ ڪاليج استادن جي سينيارٽي صوبائي سطح تي آھي، انڪري ڪاليج ايجوڪيشن کي ضلعي جاگيردارن، ڀوتارن ۽ وڏيرن کان بچائي صوبائي حڪومت حوالي ڪيو وڃي. ڪاليج ايجوڪيشن جو موجودہ انتظامي ڍانچو ختم ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ ڌار ڌار ڊائريڪٽوريٽس کوليون وڃن.
سنڌ حڪومت وٽ جيڪو ڊائريڪٽر جنرل ۽ ضلعن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ وارو مسئلو زير غور آھي، اهو صرف پئسن جو زيان آھي. هونئن بہ اسان جي تعليم کاتي وٽ اربين رپين جي بجيٽ موجود آھي ۽ ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊيويلپمينٽ بئنڪ سنڌ جي تعليم جي سڌاري لاءِ پڻ ڪروڙين ڊالر رقم ڏني آھي، جيڪا ڪميشن ۽ ڪرپشن هئڻ ڪري ضايع ٿي رھي آھي. جيڪڏهن ايمانداري سان جائزو ورتو وڃي تہ موجودہ حڪومت جي درو ۾ اربين رپيا خردبرد ڪيا ويا آهن. اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽينSMC جي نالي تي ڪروڙين رپيا تعليم کاتي جا آفيسر کائي ويا آهن. پرائمري، ايلمينٽري، سيڪنڊري ۽ ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ڪوبہ سڌارو نہ آيو آھي. صرف ڪوڙن انگن اکرن جي سھاري تي تعليم جي ترقي جا سونھري خواب سنڌين کي ڏيکاريا وڃن پيا. جيتري ڪرپشن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آھي، ايتري شايد پوليس جي کاتي ۾ بہ نہ هوندي. سنڌ جي تعليم لاءِ مونکي صرف ھي جملو ياد اچي ٿو، جيڪو سپر ھاءِ وي تي گذرندڙ ھر ٽرڪ مٿان لکيل هوندو آھي. ”چلي جا رھي ھين خُدا ڪي سھاري“

ننڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا سوار _ قسط 2

پاڪستان جي 58 سالن جي ڄمار ۾ 32 سال حڪومت چئن فوجي جنرلن حڪومت ڪئي آھي ۽ باقي 26 سال حڪومت وزيراعظمن ڪئي آھي. 1937ع جي آئين ٺاهڻ وقت آئين ۾ آرٽيڪل 6 ۾ اھا ڳالھہ واضح ڪئي ويئي تہ جيڪو ماڻهو آئين کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪندو يا آئين کي ”منسوخ“ ڪندو تہ ان جي هن عمل کي شديد غداري (High Treason) سڏيو ويندو ۽ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ ان ڳالھہ جي پابند هوندي تہ ”شديد غداري“ جي مرتڪب شخص کي سزا ڏيڻ لاءِ مناسب قانون جوڙي. 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 244 ۾ اهو واضح لکيل آھي تہ ”آرمڊ فورس“ جو ھر ميمبر اهو حلف کڻندو تہ هو آئين جي حفاظت ڪندو ۽ آئين تحت مليل فرض سرانجام ڏيندو ۽ آرٽيڪل 245 ۾ اهو صاف صاف لکيل آھي تہ ”آرمڊ فورس“ وفاقي حڪومت جي هدايتن مطابق ڪم ڪندي رهندي. 1973ع جي آئين جي سآرٽيڪل 6، 244 ۽ 245 جي باوجود پاڪستان ۾ ٻن فوجي جنرلن اقتدار تي قبضو ڪيو. جنرل ضياءُ الحق 5 جولاءِ 1977ع کان 17 آگسٽ 1988ع تائين ملڪ مٿان زبردستي راڄ ڪندو رھيو. 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ اڃا تائين برقرار رکيو اچي.
مغرب جي مھذب ملڪن هميشہ پاڪستان ۾ اقتدار تي قبضو ڪندڙ جنرلن جي حمايت ڪئي آھي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پنھنجا مفاد پيارا آهن ۽ جمھوريت جي ڀيٽ ۾ مغرب هميشہ آمريت جي پٺڀرائي ڪئي آھي. جنرل پرويز مشرف پنھنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ پنھنجو هڪ ”سياسي نظام“ جوڙيو آھي، جنھن جو سرچشمو جنرل صاحب پاڻ آھي. سڀ ”آئيني ۽ سياسي ادارا“ جنرل صاحب جي تابع آهن. اقتداري توڙي مخالف سياسي پارٽيون ”اسٽئبليشمنٽ“ جي جوڙيل ايجنڊا تي ڪم ڪري رھيون آهن ۽ جنرل صاحب کان اقتدار ۾ حصو وٺي رھيون آهن، ڇاڪاڻ تہ پاڪستان ۾ ھاڻ ڪابہ ”ماس پارٽي“ ناھي، جنھنکي عوام جا مفاد پيارا هجن، ھر پارٽي جي ترجيحات مطابق جڏهن 2005ع ۾ نيون چونڊون ڪرايون ويون، هن اليڪشن ۾ وفاقي وزيرن، صوبائي وزيرن، قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن حصو ورتو ۽ پنھنجون سيٽون ڇڏي ”ضلعي ناظم“ ٿيڻ کي ترجيح ڏني، ڇاڪاڻ تہ عملي طور تي جيڪي ضلعي حڪومتون جوڙيون ويون آهن، اھي دراصل جاگيردارن، وڏيرن، چوڌرين، ڀوتارن ۽ سرمائيدارن جون ”سلطنتون“ قائم ٿيون آهن، جن ۾ انھن جي مرضي کانسواءِ پن بہ نٿو چُري سگهي. هن نظام سان جاگيردار، ڀوتار ۽ وڏيرا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، جيڪي پنھنجي سلطنت اندر صوبائي حڪومت جو ڪوبہ حڪم يا آرڊر مڃڻ لاءِ تيار ناهن، عملي طور تي ڏٺو وڃي تہ هن لوڪل گورنمينٽ نظام جي آڙ ۾ ”ون يونٽ“ جو نئون نظام نافذ ڪيو ويو آھي، ڇاڪاڻ تہ ضلعي حڪومتن کي صرف ۽ صرف وفاقي حڪومتن آڏو جوابدہ بڻايو ويو آھي، ماضي ۾ ضلعي ناظمن پاڪستان جا 80 ارب خردبرد ڪيا، پر ڪنھن کي ڪجهہ نہ ٿيو. ٺٽي ضلعي ۾ ڪاليج جي پرنسپال کي ضلعي بدر ڪيو ويو، ضلعي ناظم جي چوڻ تي ڊي سي او يا ٻيا ڪامورا هن کي گورنمينٽ ڪاليج ٺٽو ۾ جوائن نٿا ڪرڻ ڏين، جڏهن تہ ويچارو مجبور پروفيسر 31 مارچ تي رٽائر ٿيڻ وارو آھي. هن پرنسپال جو ڏوھہ اهو آھي تہ هن وزيراعليٰ جي مشير اعجاز شاھہ شيرازي ۽ ضلعي ناظم شفقت شاھہ شيرازي جي خاندان جي ٻارن کي سنڌ يونيورسٽي جي 2004ع جي ساليانہ امتحان ۾ ”غير قانوني ذريعا“ استعمال ڪندي پڪڙيو هو.
ضلعي دادو ۾ گورنمينٽ ڪاليج خيرپورناٿن شاھہ جي پرنسپال سان بہ ضلعي ناظم دادو ساڳيو حشر ڪيو آھي، انتظامي انتقامي ڪاررواين کانسواءِ ڪيترن ڪاليجن جا ترقياتي فنڊ ڊي سي او جي اڪائونٽس ۾ پيل آهن، پر 2001ع کان وٺي اھي ڪاليجن کي نہ مليا آهن، ان جو هڪ مثال ضلعي حيدرآباد جو آھي، ڪاليجن جي فرنيچر، سائنس جو سامان وٺڻ لاءِ ۽ لائبريرين جا ڪتاب وٺڻ لاءِ صوبائي حڪومت حيدرآباد جي ضلعي حڪومت کي جيڪي فنڊ ڏنا، انھن جو تفصيل هن ريت آھي:
سال 02- 2001ع ۾ فرنيچر لاءِ: / 600، 2099 روپيا، سائنس سامان لاءِ: 36000، 51 رپيا، لائبريري جي ڪتابن لاءِ/ 6000، 39 رپيا، ٽوٽل 76 لک 311 هزار 600 رپيا.
سال 03- 2002ع ۾ فرنيچر سائنس جي سامان ۽ ڪتابن جي خريداري لاءِ 20 لک رپيا ڏنا ويا.
سال 04- 2003ع ۾ فرنيچر، سائنس جي سامان، ڪتابن جي خريد لاءِ 37 لک 75 هزار رپيا ڏنا ويا.
سال 05-2004ع ۾ هڪ رپيو بہ نہ رکيو ويو. يعني ڪاليجن کي ڪوبہ ساليانو ترقياتي فنڊ نہ ڏنو ويو، اھي پيسا گورنمينٽ بوائز ڪاليج ڪوهسار حيدرآباد، گورنمينٽ بوائز ڪاليج قاسم آباد، حيدرآباد، گورنمينٽ ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالھيار، گورنمينٽ گرلز ڪاليج ھالا، گورنمينٽ گرلز ڪاليج قاسم آباد حيدرآباد، گورنمينٽ بوائز ڪاليج سعيدآباد، گورنمينٽ گرلز ڪاليج لطيف آباد نمبر 8 حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج مٽياري، گورنمينٽ ڊاڪٽر آءِ ايڇ هوم اڪنامڪس ڪاليج حيدرآباد لاءِ صوبائي حڪومت ڏنا هئا.
مٿيان هڪ ڪروڙ 29 لک 52 هزار 600 رپيا گذريل چئن سالن کان ڊي سي او حيدرآباد جي اڪائونٽ ۾ پيل آهن، جنھن تان هن کي ھر سال لکين رپيا Intrest ملي ٿو. مٿين ڄاڻايل ڪاليجن ۾ ڪلاس لاءِ فرنيچر، ليبارٽريز لاءِ سائنس جو سامان ۽ لائبريرين لاءِ ڪتابن جي شديد کوٽ آھي. وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم جي مٿيون شيون اختيار ۾ آهن پر اھي پيسا ڪاليجن کي نہ مليا آهن، اهو تہ صرف هڪڙي ضلعي حڪومت جي ڪارڪردگي جو نمونو آھي. سنڌ ۾ 22 ضلعن ۾ اهو ئي حشر آھي، ان ڪري ڪاليج استاد ٽن سالن کان اھا گهر ڪري رھيا آهن تہ ڪاليج ايجوڪيشن کي ضلعي حڪومتن بدران صوبائي حڪومت حوالي ڪيو وڃي ۽ ڪاليجن جي انتظام هلائڻ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽوريٽس قائم ڪيون وڃن، انھن کي ميٽرنٽي ليو، ميڊيڪل ليو، جي. پي فنڊ ايڊوانس جي منظوري ۽ 17 گريڊ تائين بدلي جا اختيار ڏنا وڃن تہ ڪاليجن جو نظام بھتر ٿي سگهي ٿو. تعليم کاتي طرفان جيڪو نئون انتظامي ڍانچو جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان تحت ڪراچي ۾ هڪ ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس کولي ويندي، باقي ھر ضلعي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي آفيس قائم ڪئي ويندي. منھنجي نظر ۾ ان سان سنڌ جي خزاني تي وڌيڪ بار پوندو، ڇاڪاڻ تہ ڪجهہ ضلعا اهڙا بہ آهن، جتي صرف هڪ ڪاليج آھي يا ٻہ ڪاليج آهن، مثلاً: نئين قائم ڪيل ضلعي ٽنڊوالھيار ۾ صرف ٻہ ڪاليج آهن. ڪاليج ايجوڪيشن ۾ نئين تجربي بدران پراڻيون ڊائريڪٽوريٽس بحال ڪيون وڃن ۽ ڪاليج استادن جي سهولت، انھن کي انتظامي ۽ مالي اختيار ڏنا وڃن، جنھن ۾ گريڊ 11 کان وٺي گريڊ 17 جي تقرري ۽ بدلين جا اختيار ڊائريڪٽر ڪاليجز کي ڏنا وڃن ۽ گريڊ هڪ کان وٺي 10 گريڊ تائين تقررين جا اختيار ڪاليج جي پرنسپالن کي ڏنا وڃن، جيستائين تعليمي ادارا انتظامي ۽ مالي لحاظ کان خودمختيار نہ ٿيندا، تيستائين تعليم جو سڌرڻ مشڪل آھي ۽ تعليم کانسواءِ سنڌ پنھنجو ماڳ ماڻي نہ سگهندي.

اعلان هزارين مان نہ رڳو

سنڌ جي استادن ۽ ملازمن جي آواز دٻائڻ لاءِ تعليم کاتي جي سيڪريٽري سيد غلام علي پاشا هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آھي، جيڪو منھنجي نظر ۾ غير قانوني ۽ غير آئيني آھي. پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 16، 17، 19 ۽ 25 جي نفي آھي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 2003ع ۾ پنھنجي هڪ فيصلي ۾ چيو آھي تہ ”آئين ملڪ جو سپريم قانون آھي ۽ ان جي برعڪس يا متصادم جيڪو بہ قانون سرڪار طرفان جوڙيو ويندو، اهو غير قانوني هوندو.“ سيڪريٽري تعليم طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جا اهم قانوني نڪتا هن ريت آهن تہ تعليم کاتي ۾ استادن جون غير قانوني تنظيمون ڪم ڪري رھيون آهن، اھي استادن لاءِ ”سوديبازي ڪندڙ ايجنٽ“ طور ڪم ڪري رھيون آهن، سوسائٽي رجسٽريشن ايڪٽ 1860 يا سوشل ويلفيئر آرڊيننس تحت استادن کي ڪو حق حاصل ناھي تہ اھي يونين جوڙي سگهن. سنڌ سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع تحت سرڪاري ملازم انھيءَ ڳالھہ جا مجاز ناهن تہ اھي يونين جوڙي سگهن، جيڪڏهن ڪو استاد هن پابنديءَ خلاف آواز اٿاريندو تہ ان خلاف ريموول فرام سروس (اسپيشل پاور) آرڊيننس تحت قدم کنيو ويندو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڪيتريون ”ٽيڪنيڪل“ خاميون آهن، انھن کي جيڪڏهن ڪنھن بہ ”اعليٰ عدالتي اداري“ ۾ چئلينج ڪيو وڃي تہ سيڪريٽري تعليم کي پنھنجي نڪتل نوٽيفڪيشن تي شرمسار ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ قانوني نقطہ نگاھہ کان ڪيتريون اوڻايون موجود آهن.
اول تہ تعليم کاتي ۾ يونين نه، پر ايسوسيئيشن آهن، جيڪي گذريل 40 سالن کان ڪم ڪري رھيون آهن، جن سان ھر دور جي سرڪار استادن جي مسئلي تي ڳالھہ ٻولھہ ڪندي رھي آھي. خود موجودہ سيڪريٽري تعليم گهٽ ۾ گهٽ ڏھہ ڀيرا استاد تنظيمن سان مسئلن جي حل لاءِ ”مذاڪرات“ ڪيا آهن ۽ گڏجاڻين جي فيصلن جا Minute پڻ جاري ڪيا آهن، انھيءَ ڪري اهو چوڻ تہ استادن غير قانوني طور تي تنظيمون ٺاھيون ھيون، ”منطق“ ۽ ”عقل“ جي لحاظ کان سراسر غلط آھي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آھي تہ سرڪاري ملازمن کي تنظيمون ٺاهڻ جو حق حاصل ناھي. سنڌ حڪومت ۾ سڀني کاتن ۾ ملازمن جون تنظيمون موجود آهن، جيڪي سنڌ سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860 يا سوشل ويلفيئر آرڊيننس 1962ع تحت باقاعدہ ”رجسٽرڊ“ ٿيل آهن. نوٽيفڪيشن جو اهو نُڪتو بہ بلڪل غير قانوني آھي. تعليم کاتي جنھن ”ڪاري قانون“ جي ڌمڪي ڏني آھي، اهو هڪ ”آرڊيننس“ آھي ۽ آرڊيننس هڪ ”عارضي قانون“ هوندو آھي، جيڪو صدر يا گورنر ان وقت جاري ڪندو آھي، جڏهن اسيمبلي يا پارليامينٽ جو اجلاس نہ ٿي رھيو هجي. موجودہ ”ڪاري قانون“ جي آئين جي تحت کنيل قدم جي ڪابہ آئيني ۽ قانوني حيثيت ناھي ۽ نہ ئي ان تحت سيڪريٽري يا ان جي ماتحت اي. ڊي. اوز طرفان کنيل قدمن کي ڪا قانوني پٺڀرائي حاصل آھي. اختيارن جو غلط استعمال خود سيڪريٽري تعليم ۽ ان جي ماتحت آفيسرن کي ڪنھن وڏي ڏچي ۾ وجهي سگهي ٿو.
ملڪي آئين ”برتر قانون“ آھي، جيڪو انھيءَ جي خلاف ورزي ڪندو، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اهو حق حاصل آھي تہ آئين جي متصادم ڪنھن بہ جوڙيل قانون کي ڪنھن بہ وقت رد ڪري سگهي. استاد تنظيمن تي جيڪا پابندي وڌي ويئي آھي، اھا سراسر آئين جي ڀڃڪڙي آھي. آئين جي آرٽيڪل 16 ۾ بلڪل اھا ڳالھہ عيان آھي تہ ھر شھري کي گڏ ٿيڻ، يعني جلسي ڪرڻ جو حق حاصل آھي. ھر شھري کي اهو بنيادي حق حاصل آھي تہ اهو پنھنجي حقن جي تحفظ لاءِ ”يونين يا ايسوسيئيشن“ جوڙي پر اھا يونين يا ايسوسيئيشن ملڪي سلامتي جي خلاف نہ هجي. آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ اهو بلڪل واضح لکيل آھي تہ ”ھر شھري کي تحرير ۽ تقرير يا اظھار جي راءِ جي آزادي جو حق حاصل آھي“، پر اهو اسلام، افواج پاڪستان جي خلاف اظھار راءِ نٿو ڪري سگهي. آئين جي آرٽيڪل 25 ۾ اهو واضح آھي تہ پاڪستان جي ڪنھن بہ شھري سان امتيازي سلوڪ نہ ڪيو ويندو. ملڪي آئين پاڪستان ۾ رهندڙ ھر شھري لاءِ ”يڪسانيت“ ۽ ”برابري“ جي ڳالھہ ڪري ٿو ۽ ان جي ”بنيادي حقن“ جي تحفظ جي ڳالھہ ڪري ٿو. تعليم کاتي جي ماتحت ڪم ڪندڙ تعليمي ادارن ۾ تہ استاد تنظيمن تي پابندي وڌي ويئي آھي، پر گورنر سنڌ جي ماتحت ادارن، يعني سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ ڪم ڪندڙ استاد تنظيمن ۽ ملازمن جي تنظيمن تي ڪنھن بہ قسم جي پابندي نہ وڌي ويئي آھي. هڪ صوبي ۾ قانون جي نفاذ جو ٻٽو معيار ڇو آھي؟
پاڪستان جو آئين پوري ملڪ لاءِ آھي، پاڪستاني وفاق جي ٻين وحدتن پنجاب، سرحد، بلوچستان، فاٽا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪم ڪندڙ استاد تنظيمن تي ڪابہ پابندي نہ وڌي ويئي آھي، اھي استادن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪري رھيون آهن. سنڌ کي اڳ ۾ سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ قومي حقن کان محروم رکيو ويو آھي، ڇا سنڌ سرڪار جي هن منفي قدم سان سنڌ جي استادن ۾ وفاق لاءِ ”محبت“ پيدا ٿيندي؟ تعليم کاتي جي هن اٻھرائپ واري قدم سنڌ جي عوام سان گڏوگڏ سنڌ جي ٽن لکن کان مٿي استادن ۽ ملازمن ۾ هڪ نئون ”احساس محرومي“ جو جذبو پيدا ڪيو آھي، جيڪو ملڪ لاءِ ”ھاڃيڪار“ آھي.
اڄ کان 22 سال اڳ جڏهن ضياءَ دور ۾ ”شاگرد يونينن“ تي ملڪ گير پابندي وڌي ويئي هئي تہ انھيءَ پابندي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ لاقانونيت، دهشتگردي ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي جنم ڏنو، جنھن جي ڪري سنڌ جي تعليم مڪمل طور تي تباھہ ٿي ويئي ۽ تعليمي نظام ۾ ”سفارشي ڪلچر“ ۽ ”داٻو ڪلچر“ پيدا ٿيو، ڪيتريون بدعتون ۽ خرابيون پيدا ٿيون. اڄ وري تاريخ جو ورجاءُ ڪيو ويو آھي، تعليمي ادارن ۾ استادن جي تنظيمن تي پابندي وجهي تعليمي ادارن کي وڌيڪ لاقانونيت، انارڪي ۽ انتشار ڏانھن ڌڪيو ويو آھي. تعليم کاتي وٽ استاد تنظيمن تي پابندي وجهڻ جو ڪوبہ اخلاقي ۽ قانوني جواز ناھي؟
استاد تنظيمون هن غير آئيني قدم تي تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري خلاف سراپا احتجاج آهن. اڳواڻن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ، جبري موڪل تي موڪلڻ يا معطل ڪرڻ سان پرامن جدوجهد ”لاقانونيت“ جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ تہ هن دور ۾ ڪنھن بہ آواز کي دٻائي نٿو سگهجي، جيترو دٻائبو، اهو اوترو وڌيڪ گونجندو رهندو. جيڪڏهن ”سنڌ ايمپلائيز الائنس“ جي مطالبن جو چارٽ ڏٺو وڃي تہ انھن ۾ ڪابہ اهڙي نقصاندہ شيءِ ناھي، جنھن سان اسلام کي ڪو خطرو پيدا ٿئي يا ملڪي سالميت ۽ يڪجهتي کي ڪو نقصان پھچي، دراصل تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم تعليم کاتي ۽ ان جي ٻين ادارن، جھڙوڪ DFFP، پائيٽ (PITE)، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، رورل ريفارم سپورٽ يونٽ ۽ اسڪول مينجمينٽ ڪاميٽين ۾ ٿيندڙ ڪرپشن، بدعنوانين تي پردو وجهڻ لاءِ استاد تنظيمن تي پابندي وجهڻ وارو تڪڙو قدم کنيو آھي، پر اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ تعليم کاتي جي ڪرپشن بابت جيڪو اچي رھيو آھي، ڇا سنڌ جو وزيراعلى سڀئي ٽي وي چئنل ۽ اخبارون بند ڪري ڇڏيندو؟ هن وقت ايم ڪيو ايم ۽ ارباب غلام رحيم درميان پيدا ٿيل اختلافن لاءِ قائم ڪيل ”ڪور ڪميٽيءَ“ جوڙي ويئي آھي، ان جي هڪ ميمبر عرفان الله مروف تازو انڪشاف ڪيو آھي تہ “تعليم کاتي طرفان تازو جاري ڪيل 2050 آرڊرن ۾ ٽي سئو آرڊر اهڙا آهن، جيڪي ”ميرٽ لسٽ“ ۾ شامل نہ هئا، ڇا ارباب غلام رحيم صاحب اهڙي انڪشاف تي عرفان الله مروت کي بہ ”جبري موڪل“ تي موڪليندو.
سنڌ حڪومت کي اھا صلاح آھي تہ تڙ تڪڙ ۾ وڌل استاد تنظيمن تي پابندي فوري طور تي ختم ڪري ۽ وزيراعلى استادن جي نام نھاد رهنمائن بدران حقيقي رهنمائن سان سنڌ جي تعليمي نظام ۾ پيدا ٿيل خرابي دور ڪرڻ لاءِ ڳالھين جو رستو اختيار ڪري، ڏنڊي جي استعمال سان ڪوبہ مسئلو حل نہ ٿيندو، موجودہ وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم جي دور ۾ ٿيل بي ضابطگين، بي قاعدگين، ۽ ڪرپشن خلاف هڪ اعليٰ اختياري ڪميشن جوڙي تہ هن کي ”اڇي ڪاري“ جي خبر پئجي ويندي. صرف استاد تنظيمن کي تعليم جي تباھي جو ذميوار قرار ڏيڻ سراسر ناانصافي آھي ۽ يڪطرفو ۽ جانبدارانہ عمل آھي. ھر مسئلي جو حل ”ٽيبل“ (Tebel) آھي. سنڌ ۾ گذريل ستن سالن کان جيڪي ستر هزار اسڪول بند پيا آهن يا پندرهن هزار اسڪولن کي پنھنجون عمارتون ناهن، تيرهن هزار کان مٿي اسڪولن ۾ پاڻي، بجلي، چوديواري ۽ ”واش روم“ جون سهولتون ناهن، انھن سڀني شين جا ذميوار ڇا صرف استاد آهن؟ تعليمي ادارن ۾ استادن جي کوٽ آھي، فرنيچر ناھي، ليبارٽرين ۾ سائنسي آلات ۽ ڪمپيوٽر ناهن، لائبريرين ۾ ڪتاب ناهن، ڇا انھيءَ اوڻائي جا ذميوار بہ استاد آهن؟ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم اڳ ۾ ئي مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيو آھي، ڇا هن استاد تنظيمن تي پابندي جي سمري منظور ڪري پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو تہ نہ وھايو آھي؟ ھي اهڙا سوال آهن جن جو جواب صرف ارباب غلام رحيم ڏئي سگهي ٿو، جنھن جي دعوى آھي تہ هن جي دور ۾ امن آھي؟

تهذيبن جو تصادم هڪ عالمي مسئلو

اڄ ڪلھہ يورپ ۽ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي اهل قلم ۽ دانشورن جي اھا راءِ آھي تہ اڄ جي دنيا ٻن تهذيبن جي تصادم ڏانھن وڌي رھي آھي، يعني اسلامي دنيا ۽ غير اسلامي دنيا هڪٻئي جي خلاف برسرِ پيڪار آهن. اسان انھيءَ ڳالھہ جي ڇنڊڇاڻ ڪنداسين تہ ”تهذيبن جو تصادم“ ڇا آھي؟
فيبروري 1989ع ۾ جڏهن روس، افغانستان ۾ داخل ٿيو تہ ان وقت آمريڪا جي ”سينٽ جيمز يونيورسٽي“ واشنگٽن جي پروفيسر ۽ سي آءِ اي جي دانشور فرانسس فوڪوياما، هڪ نئون دستاويز دنيا اڳيان پيش ڪيو. هن دستاويز کي ”تاريخ جي خاتمي“ (End of History) جو نالو ڏنو ويو. هن نظريي جو مقصد ھي هو تہ سڄي دنيا جي عوام کي اهو باور ڪرايو وڃي تہ ”تاريخ جو خاتمو“ ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻ سرمائيدارانہ نظام انھن جو حتمي ۽ ابدي مقدر بڻجي چڪو آھي، انڪري ھاڻ انھن کي پنھنجي زندگين، سوچن ۽ روين ۽ قسمت کي هن نظام مطابق بنائي ان ۾ پنھنجي ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ٺاهڻو پوندو. معاشي، سماجي، اقتصادي، سفارتي ۽ جنگي شعبن ۾ جيڪي تيزي سان تبديليون ۽ تيز موڙ ۽ ڌماڪي خيز واقعا رونما ٿيڻ شروع ٿيا تہ هن نظريي جي ساک کي وڏو نقصان پھتو ۽ ھي نظريو هڪ ڀوڳ بڻجي ويو، ايستائين جو بورزوا دانشور، مفڪر ۽ ابلاغ جا ذريعا جيڪي هن نظريي کي سڄي دنيا جي عوام جي ذهنن ۽ شعوري زبردستي مڙهڻ ۾ مصروف هئا، اھي بہ هن جي ناپائيداري ۽ استعداد کي ايترو جلدي مڃڻ تي مجبور ٿي پيا.
1997ع ۾ ساڳي يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ سي آءِ اي جي هڪ ٻئي دانشور ”سيميول پي هٽنگٽن“ (Samuel P. Hitington) فوڪويا ماجي”تاريخ جي خاتمي“ جي نظريي خلاف هڪ مضمون “Polemic” لکيو، جيڪو هڪ ٿيسز ”Thesis“ طور تي منظر عام تي آيو، هن جو عنوان ”تهذيبن جو تصادم“ “Clash of Civilisation” رکيو ويو. هن نئين نظريي آمريڪي ۽ عالمي حڪمران طبقن کي درپيش مسئلن ۽ بحرانن مان نڪرڻ لاءِ ۽ ايندڙ پورھيت طبقي جي طبقاتي جدوجهد کي روڪڻ ۽ ٽوڙڻ جي پيش بنديءَ طور تخليق ڪيو ويو. گلوبلائيزيشن جي عمل ۾ قومي رياست ۽ قومي رياستن جو نظريو ڪافي حد تائين ڪمزور ٿيو آھي ۽ سامراجيت کي تقويت ملي آھي. 11/ 9 جھڙن واقعن کي ڄاڻي واڻي جنم ڏنو ويو يا ڪرايا ويا، جن جي ذريعي آمريڪي سامراج هن نظريي کي جواز بڻائي پنھنجي ڪرندڙ معاشي ۽ اقتصادي زوال پذيري ۽ مجروح ٿيندڙ سفارتي سياسي ساک ۽ پنھنجي اثر رسوخ کي بچائڻ لاءِ هن نظريي جي بنياد تي ”دهشتگردي خلاف جنگ“ (War Against Terror) جو آغاز ڪيو. پھريائين افغانستان کي جارحيت جو نشانو بڻايو ويو ۽ پوءِ عراق کي تباھہ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي ويئي. سڄي دنيا ۾ بش انتظاميہ، ”دهشتگردي جي خلاف جنگ“ جي نالي تي خوف ۽ ھراس ۾ هڪ اهڙي وحشت پکيڙي ڇڏي، جو آمريڪا ۽ يورپ جي پورھيتن ۾ هڪ شديد عدم تحفظ جو احساس ۽ نفسياتي ڪمپليڪس پيدا ٿيو. آمريڪا جي خفيہ ايجنسين کي 9 سيپٽمبر 2001ع تي ٿيندڙ دهشتگردي جو اطلاع مليل هو پر انھن کي اندازو نہ هو تہ ايڏي وڏي پيماني تي بربادي ٿيندي، ان ڪري انھن 11/9 جي واقعي کي ڄاڻي واڻي ڪرڻ ڏنو ۽ پوءِ ”دهشتگردي خلاف جنگ“ جيڪا درحقيقت ”پورھيت طبقي خلاف جنگ“ آھي، انھيءَ کي تيز ڪيو، هن ”فوجي مھم جوئي“ جو جيڪو انجام عراق ۽ افغانستان ۾ ٿي رھيو آھي، اهو انھيءَ مڪافاتِ عمل جو نتيجو آھي، جيڪو آمريڪي سامراج جي ”فرعونيت ۽ فوجي طاقت“ جي تڪبر جي جواب ۾ آمريڪا کي تاريخ هڪ عبرتناڪ سبق سيکاري رھي آھي.
ان ”تهذيبن جي تصادم“ جي نظريي جو ٻيو رخ ھي آھي تہ گهڻن ملڪن ۾ مذهبي بنياد پرستيءَ کي ٻيھر اڀرڻ جو موقعو مليو، ڪٿي ”اسلامي بنياد پرستي“ سماجي بنيادن کي وسيع ڪيو، ڪٿي “هندو بنياد پرستي” اڀري تہ ڪٿي ”يهودي بنياد پرستي“ ڪَر کڻي اٿي ۽ دنيا جي صنعتي، ٽيڪنيڪي ۽ مالي اعتبار کان سڀ کان وڏن ۽ ترقي يافتہ ملڪن جي حڪمرانن ”عيسائي بنياد پرستي“ کي جنم ڏئي پنھنجن ڪڌن ڪرتوتن جي مقصد جي حصول لاءِ استعمال ڪيو.
جيڪڏهن اسان غور سان هن نظريي جو جائزو وٺنداسين تہ سڀ کان پھريائين ھي نظريو اڄ جي عالمي سرمائيدارانہ نظام جي جمود، رجعتي ڪردار، معاشي ۽ سماجي ارتقا کي جاري نہ رکڻ جي ناڪامي کي بچائڻ لاءِ ضرورت تحت پيش ڪيو ويو. ايڪويھين صدي جا اھي سماج جيڪي 1400 سال، 2000 سال ۽ 3200 سال ۽ ڪٿي 5000 سال پراڻا آهن، انھن جي پراڻن نظرين، فڪر، سوچن، روين ۽ اخلاقيات کي ڏاڍ جي بنياد تي دنيا مٿان مسلط ڪيو پيو وڃي، ان جو وڏو سبب ھي آھي تہ جڏهن بہ تاريخ ۾ ڪو سماجي، معاشي نظام هلي نہ سگهندو آھي تہ اهو پيداوار جي ذريعن ۽ سماجي ارتقا کي اڳيان وڌائڻ بدران انھيءَ کي ڄؤر جيان چنبڙي، انھن جي ارتقا کي روڪيندو آھي تہ ان جمود مان اڀرندڙ بحرانن مان نڪرڻ لاءِ حڪمران مختلف قسمن جا طريقا استعمال ڪندا آهن ۽ اھي سماج کي مستقبل ۾ وٺي وڃڻ لاءِ نااهل ثابت ٿيندا آهن تہ پوءِ پراڻن نظرين، تصوف ۽ تخيلاتي سوچن کي مسلط ڪندا آهن ۽ اهو ئي ”تهذيبن جي تصادم“ جي نظريي جو مقصد آھي.
اڄ جي عھد ۾ ”تهذيبن جي تصادم جو نظريو“ هڪ انتھائي خطرناڪ ۽ زھريلو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. دنيا ۾ رهندڙ انسانيت جي اڪثريت پاڻ کي انسان سمجهڻ بدران پنھنجو پاڻ کي هندو، مسلمان، يهودي ۽ عيسائي طور پيش ڪري رھي آھي. جيڪڏهن بجلي، پاڻي، گئس، ڪار، جهاز ۽ زندگيءَ جون ٻيون ضرورتون مذهب کان بي نياز هونديون آهن تہ پوءِ پورھيتن جي مذهب جي بنياد تي ورڇ غير منطقي آھي.
”تهذيبن جي تصادم جي نظريي“ مان وچ اوڀر کي جيڪو نقصان پھتو آھي، ان جو ازالو ناممڪن آھي، ڇاڪاڻ تہ وچ اوڀر جي ملڪن ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ ليڊر ۽ دانشور بہ هن نظريي جو شڪار ٿي نظرياتي ۽ سياسي طور تي ختم ٿي چڪا آهن. وچ اوڀر جي حڪمرانن بہ هن نظريي کي پنھنجي بدعنوان ۽ ظالماڻي حڪمراني کي طويل عرصي تائين قائم رکڻ لاءِ استعمال ڪيو آھي. اسرائيل جي حڪمرانن جي اھا رجعتي ۽ قدامت پرستانہ سوچ تہ ”عظيم اسرائيل“ جيڪو انھن جي خدا مطابق درياءَ نيل کان درياءَ فرات تائين پکڙيل هوندو، ان کي ٻيھر شدت پسنديءَ سان اُڀاريو پيو وڃي.
اڄ جو سامراج ۽ سڀني مذهبن سان تعلق رکندڙ حواري ”سيميول هٽنگٽن“ جي هن نظريي کي استعمال ڪري پنھنجي دولت جون ٽجوڙيون ڀري رھيا آهن ۽ نسل انساني کي خونريزي، قتل و غارت، بربادي جي اونداھي سان اوتيل کاھيءَ ۾ ڌڪي رھيا آهن ۽ اھا ڪيفيت هڪ اهڙي مخصوص عھد جي پيداوار آھي، جتي سالن کان ”طبقاتي جدوجهد“ (Class Sruggle) ٿڪي ٽٽي چڪي هئي پر دنيا ۾ اڄ هڪ ڀيرو وري ”غير طبقاتي سماج“ Classless Society کي قائم ڪرڻ لاءِ تحريڪ تيزي ۽ شدت سان اڀري رھي آھي ۽ ھر هنڌ سامراجيت ۽ سرمائيداري کي ختم ڪرڻ جا سانباھا ٿي رھيا آهن. طبقاتي ڪشمڪش جي نئين لھر جيڪا ”لاطيني آمريڪا“ مان اڀري آھي، جلد ئي تيزيءَ سان پوري دنيا تي ڇائنجي ويندي. جڏهن پورھيت طبقو رنگ، نسل، مذهب ۽ ماضيءَ جي مدي خارج تعصبن کي پاسيرو ڪري ”طبقاتي جدوجهد“ ۾ اڳيان وڌندو تہ پوءِ سڀ ”انسان دشمن نظريا“ ۽ ان جا پيروڪار خودبخود غائب ٿي ويندا. ٻن دورن جو ٽڪراءُ ھاڻ فيصله ڪن ڪيفيت ۾ داخل ٿي چڪو آھي، انسانيت جي نجات جي نئين عھد جو آغاز ٿي رھيو آھي، انھيءَ عھد کي انساني خوشحالي ۽ فلاح جو عھد بنائڻ لاءِ هڪ ”سوشلسٽ انقلاب“ جي ضرورت آھي. هن عھد جو ڪردار رھيو آھي تہ جيڪڏهن ڪنھن هڪ ملڪ ۾ ”سوشلسٽ انقلاب“ آيو تہ پوءِ انھيءَ کي ”جاگرافيائي سرحدن“ ۾ قيد نہ ڪري سگهبو ۽ پوءِ ”عالمي انقلابن“ جو سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ دنيا ۾ هڪ اهڙو سماج جنم وٺندو، جنھن ۾ هٿ هٿ جو محتاج نہ هوندو، انسان، انسان جو غلام نہ هوندو. ھي انساني سماج، تهذيب ۽ تمدن کي انھيءَ عظيم معراج ڏانھن وٺي ويندو، جتي ماضي جي سڀني تعصبن ۽ سڀني نفرتن کي هميشہ هميشہ لاءِ دفن ڪيو ويندو ۽ اتان ئي تسخيرِ ڪائنات جي مقدر جو آغاز ٿيندو.

چي گويرا، جمال ناصر، حسن نصرالله

وچ اوڀر ۾ کاٻي ڌر جي زوال ڪري جيڪو خال پيدا ٿيو هو، ان کي وقتي طور تي ڪنھن حد تائين ”اسلامي بنياد پرستي“ عارضي طور تي ڀريو آھي، ان جو اهم ڪارڻ کاٻي ڌر جي ”اسٽالنسٽ قيادت“ جو ”مسلح جدوجهد“ جو رستو ڇڏي، مذاڪرات، يعني مصلحت پسندي جي راھہ وٺڻ آھي. جڏهن صابرا ۽ شتيلا ۾ ٿيل قتل عام جا اڃا تائين زخم بہ نہ ڀريا هئا، لبنان ۾ 1981ع ۾ فلسطيني مھاجرن جي ڪئمپ تي اسرائيل طرفان ڪيل ظلم و ستم خلاف، نفرت ۽ انتقام جي جذبن هڪ نئين تنظيم، ”حزب الله“ کي جنم ڏنو. ”حزب الله“ طرفان سامراجيت خلاف موقف پيش ڪرڻ، غريبن جي حقن جي ڳالھہ ڪرڻ، صحت، علاج، تعليم ۽ ٻين بنيادي عوامي سهوليتن لاءِ فلاحي ڪمن جي مھم هلائڻ ڪري اھا لبنان جي عوام جي امنگن وٽان هڪ مقبول تنظيم بڻجي اڀري. گذريل ڇھن سالن ۾ ايران ۽ شام جي فوجي ۽ مالي مدد ڪري هن کي هڪ ”گوريلا تنظيم“ بڻائي ڇڏيو. حزب الله ڪا ”سوشلسٽ يا انقلابي تنظيم“ ناھي، پر ”معروضي حالتن“ جي ڪري اھا هڪ موثر ”جنگجو تنظيم“ بڻجي چڪي آھي، ان کان علاوه لبنان ۾ ٻيا بہ ”ويڙهو گروپ“ موجود آهن، جن حاليہ جنگ ۾ گڏجي اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪيو. هن جنگ ۾ حزب الله سان گڏ ”عمل مليشيا“ سني، ڪميونسٽ، عيسائي ۽ لبنان جي آبادي جون ٻيون تنظيمون بہ شريڪ ھيون، ان جو پسمنظر ھي هو تہ اسرائيل کان ڪيترن جنگين ھارائڻ کانپوءِ ۽ ذلت برداشت ڪرڻ کانپوءِ عرب عوام ۾ اسرائيل خلاف شديد نفرت موجود آھي، ”مغرب جي نوآبادياتي رويي“ ۽ عربن جي سندن حڪمرانن جي بدعنوانين، ظلمن ۽ ڏاڍ ڪري هڪ ”سامراج دشمن“ نفرت انگيز رويو تيزي سان وڌي رھيو آھي. هڪ اهم حقيقت ھي آھي تہ جھڙي طرح پاڪستان ۾ اسلامي بنيادپرست، ”حزب الله“، ”حماس“ ۽ ٻين تنظيمن جي تصوير پنھنجي نموني سان پيش ڪري رھيا آهن، لبنان، فلسطين ۽ وچ اوڀر ۾ انھيءَ قسم جي بنياد پرستيءَ جو ڪو وجود ناھي، مثال طور: لبنان ۾ مئي 2005ع جي چونڊن ۾ حزب الله جن انتخابي سيٽن تي ٽڪيٽ جاري ڪيا انھن اميدوارن ۾ عيسائي، ڪميونسٽ ۽ قومپرست شامل هئا. ترڪي جي هڪ اخبار ”ايورنسل“ (Evernsel) کي حاليہ جنگ دوران انٽرويو ڏيندي حزب الله جي سرواڻ حسن نصرالله چيو تہ ”سوشلسٽ تحريڪ جيڪا ڪافي عرصي کان عالمي جدوجهد کان ٻاھر رھي آھي، انھيءَ ٻيھر اسان جي اخلاقي مدد شروع ڪري ڏني آھي، ان جو اهم مثال ”وينزويلا“ جو صدر ”ھيوگو شاويز“ آھي، جنھن اسرائيل مان نہ صرف پنھنجو سفير واپس گهرايو، پر اسرائيل خلاف مزاحمت ۾ اسان جي ڀرپور مدد ڪئي آھي ۽ اهو ڪم تہ مسلمان رياستون نہ ڪري سگهيون. ھيوگو شاويز جو اهو عمل اسان لاءِ بي پناھہ اخلاقي طاقت جو ذريعو بنيو آھي، اسان لاطيني آمريڪا جي عوام ۽ قائدين کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن آمريڪي ڌاڙيلن خلاف وڏي مردانگي سان مزاحمت ڪئي آھي، جيڪا اسان لاءِ اخلاقي طاقت ۽ جرئت جو سبب بني آھي.“
حسن نصرالله جي 12 آگسٽ 2006ع تي ڏنل هن انٽرويو مان ٻہ شيون ظاھر ٿيون آهن: پھريائين تہ لبنان ۾ ”عوامي سوچ“ جي ڪيفيت ڇا آھي؟ سوشلزم جي متعلق بھادرانہ طريقي سان گفتگو ڪرڻ ۽ ان جي حمايت ڪرڻ ڪيترو نہ آسان ۽ معمولي آھي، ٻيو تہ ”جنگيون، انقلابي تحريڪون“ پنھنجي ليڊرن جي سوچن، خيالن ۽ فڪر کي ڪھڙي طرح ”ريڊيڪل“ انداز ۾ بدلائي ڇڏين ٿيون. هن جنگ ۾ نہ صرف اسرائيل کي شڪست نصيب ٿي آھي، پر لبنان جي سرمائيدار طبقن ۽ مغرب جي لبناني گماشتن کي شديد مزاحمت ۽ شڪست کي منھن ڏيڻو پيو آھي، گهڻا لبناني سرمائيدار ۽ مغرب نواز حڪمران هن جنگ جي دوران ”بيروت“ مان ڀڄي مغربي ملڪن ۾ جوڙيل پنھنجي عياش گاهن ۾ هليا ويا هئا، ھاڻ جڏهن واپس اچڻ جي ڪوشش ڪن تہ شايد انھن کي موجودہ ”ريڊيڪل لبنان“ قبول نہ ڪري، هن انٽرويو ۾ حسن نصرالله هڪ سوال جي جواب ۾ چيو تہ ”وڃو ۽ اسان جي گهٽين ۾ گهمو ڦرو ۽ اوھان انھيءَ ڳالھہ جا شاهد هوندا تہ ڪھڙي طرح اسان جا ماڻهو عظيم انقلابين شاويز، ارنسٽو ۽ چي گويرا سان بغل گير آهن، ھر گهر ۾ اوھان کي ”چي گويرا“ جو پوسٽر ڏسڻو پوندو.“ حسن نصرالله جي خيالن ۾ اھا پروڙ پوندي تہ اڄ لبنان جي عوام جي سوچ، فڪر ڇا آھي؟ چي گويرا کي پنھنجو آئيڊيل سمجهڻ مان ڇا مراد آھي؟ چي گويرا جي انقلابي نقش قدم تي هلي جنھن انقلاب جي هو ڳولھا ۾ آهن، اهو انقلاب ڪھڙو آھي؟ جڏهن ڪيوبا جي انقلاب جي پنجين سالگرھہ جو جشن ٿي رھيو هو تہ چي گويرا جيڪو هن انقلاب آڻڻ ۾ فيڊرل ڪاسترو جو اهم ساٿي هو، اهو ڪيوبا ڇڏي لاطيني آمريڪا ڏانھن روانو ٿي رھيو هو. لاطيني آمريڪا وڃي هن جو مقصد ڪيوبا ۾ آيل انقلاب کي پوري براعظم ۽ دنيا ۾ ڦهلائڻ هو، “بوليويا” ۾ هن انقلاب آڻڻ جو اهو ساڳيو رستو اختيار ڪيو، جنھن راھہ تي هلي هن ڪيوبا ۾ انقلاب آندو هو. يعني ”گوريلا جنگ“ ذريعي انقلاب آڻڻ جي ڪيوبا ۾ ڪامياب طريقي کانپوءِ ۽ روسي آفيسر شاھي سان سياسي ۽ تنظيمي امور تي ڊگهي بحث ڪرڻ کانپوءِ هن کي جيڪو تجربو حاصل ٿيو هو، ان مان چي گويرا ھي نتيجو ڪڍيو تہ هو ”ٽراٽسڪي“ جي تجزيي کي وڌيڪ ويجهو آھي. جڏهن بوليويا ۾ گوريلا جنگ شروع ٿي تہ ٻين ڪامريڊن وانگر جبل تي چڙهڻ، ڊوڙڻ، بندوق هلائڻ لاءِ پنھنجي پٺن تي موجود ”رڪ سيڪ“ ٿيلھي ۾ گهٽ کان گهٽ وزن رکڻو هوندو هو، جڏهن چي گويرا کي گولي هڻي ماريو ويو، هن جي لاش کان هن ضرورتن جو ٿيلهو الڳ ڪري کوليو ويو تہ ان ۾ 1400 صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب برآمد ٿيو. هن ڪتاب جو نالو ”انقلاب روس جي تاريخ“ هو، جيڪو ”ليون ٽراٽسڪي“ جو لکيل هو. اڄ جيڪڏهن لبنان، فلسطين ۽ وچ اوڀر جي نوجوانن جو آئيڊيل شخصيت ”چي گويرا“ آھي تہ ان ۾ زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين وڙھي آزادي ماڻڻ جو فلسفو موجود آھي، جيڪو ”ٽراٽسڪي ازم“ جو رستو آھي، جنھن کي ٽراٽسڪي جي قتل کانپوءِ ”ڪامريڊ ٽيڊ گرانٽ“ بي پناھہ محنت ۽ تخليق جي ذريعي سينگاريو ۽ سنواريو آھي ۽ اڳتي وڌايو آھي.
اڄ جي دور ۾ هن نظرين ۽ طريقيڪار جي حقيقت جو ترجمان ”انٽرنيشنل مارڪسٽ لازو (IML)“ آھي، جيڪو دنيا جي 50 کان وڌيڪ ملڪن ۾ مارڪسي قوتن کي جوڙي انقلابي جدوجهد جي هڪ نئين لھر اڀاري رھيو آھي. IHT مارڪسي لينن اسٽ نظرين ۽ طريقيڪار تي بين الاقوامي پارٽي جوڙي، ايڪويھين صدي ۾ انقلابي سوشلزم کي هڪ ڀيرو ٻيھر اجاگر ڪري، سوشلسٽ انقلاب آڻڻ لاءِ پورھيتن جي تحريڪن کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ جو تاريخي فرض انجام ڏيئي رھيو آھي. حزب الله کي ايران جي مڪمل حمايت حاصل آھي، ان جي فلاحي سرگرمين ۽ مسلح تنظيم لاءِ ايران 30 ڪروڙ ڊالر سالانہ امداد ڏني آھي، لبنان جي تعميرِ نو ۾ حزب الله جي سرگرمين لاءِ ايران امداد ڏيئي رھيو آھي ۽ مزاحمت لاءِ هٿيار موڪلي رھيو آھي، پر انھيءَ جو اهو مطلب ھرگز ناھي تہ حزب الله ايران جي ڪا ذيلي تنظيم آھي ۽ ايران جي اشارن تي هلي ٿي. حزب الله هڪ جنگجو تنظيم هئڻ سان گڏوگڏ سياسي پليٽ فارم تي بہ هڪ منظم جماعت طور اڀري آھي. عوام جي ووٽن سان لبنان جي پارليامينٽ جي 128 سيٽن مان 14 سيٽون پڻ حاصل ڪيون آهن ۽ الميو ھي بہ آھي تہ لبنان جي موجودہ سامراج نواز حڪومت ۾ ٻہ وزارتون پڻ حاصل ڪيون آهن. حاليہ اسرائيل لبنان جنگ ۾ حزب الله جنھن جرئت ۽ دليري سان اسرائيلي فوج سان منظم ويڙھہ وڙھي آھي، ان کي شاندار شڪست ڏني آھي، انھيءَ جنگ کانپوءِ آمريڪي سامراج جي نظر ۾ ”حزب الله“ هڪ خطرناڪ تنظيم آھي. هن جنگ کان پوءِ عرب دنيا ۾ جمال ناصر کانپوءِ حسن نصرالله مقبول ھيرو ٿي اُڀريو آھي.

سنڌي ٻوليءَ وارو مضمون لاڳو نہ ٿيڻ جي ڪٿا

سنڌ صدين کان محبت ۽ ميلاپ جو مرڪز رھي آھي، سنڌ هميشہ ٻاھران آيل انسانن کي پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن، نفرت ڪڏهن بہ سنڌ جي سيڪيولر روح کي نهوڙي نہ سگهي آھي. سڀني جبر، ڏاڍ، زور زبردستين ۽ زيادتين باوجود سنڌ مان انسان دوستي اڃا تائين ختم نہ ٿي آھي. سنڌ وارن پنھنجي جيجل امڙ جي ٻولي سنڌيءَ سان گڏ ٻاھران آيل ڌارين جي ٻولين جو پيار ۽ پاٻوھہ مان آڌرڀاءُ ڪيو آھي، ڇاڪاڻ تہ ٻوليون پيار، محبت، احساس ۽ جذبات جي اظھار جو ذريعو آهن. اهو ئي سبب آھي، جو سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اردو، پنجابي، پشتو، سرائيڪي، بروھي، بلوچي، هندڪو ۽ ٻين ٻولين وارا لکين انسان امن ۽ آشتيءَ سان رهن ٿا. سائين سچل سرمست رحه کي ”هفت زبان“ شاعر سڏيو وڃي ٿو. قومي شاعر شيخ اياز جو اردو ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جو مجموعو ”گل نالهءِ دل“ موجود آھي، سانئڻ نورالهديٰ شاھہ، زيب سنڌي ۽ ٻين ڪيترن سرجڻھارن اردو ٻوليءَ ۾ شاهڪار ڊراما تخليق ڪيا آهن. اسان نفرت کي هميشہ ڌڪاريو آھي. محبت کي من اندر سانڍي رکيو آھي، اسان سنڌين جي من ۾ ڪا ميرائي ناھي. ماڻهپو اسان جو يقين ۽ عشق اسان جو ازلي رهبر رھيو آھي.
ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ آباديءَ جي توازن ۾ تبديلي اچي ويئي. شھرن ۾ اردو ڳالھائيندڙ آباد ٿي ويا. آيل ڌارين ۾ احساسِ برتري پيدا ٿي ويئي. اھي سنڌين جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي ”بر تر“ ۽ ”بھتر“ سمجهڻ لڳا، پنھنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ۽ ٻين ٻولين کي ”علائقائي“ سمجهڻ لڳا. اردو ڳالھائيندڙن سنڌ جي زبان ۽ ثقافت جي باري ۾ ڪو مثبت رويو اختيار نہ ڪيو، حالانڪ ھي هڪ ڪڙو سچ آھي. سنڌي ماڻهن ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پوءِ ڀارت مان ايندڙن جي فراخ دليءَ سان آجيان ڪئي، پر مقامي سنڌين ۽ مھاجرن جي خوشگوار تعلقات جو رشتو مضبوط نہ ٿي سگهيو. انھيءَ جو وڏو سبب پنھنجي ”ثقافت ۽ زبان“ جي باري ۾ ٻاھران ايندڙن جو ”برتري“ وارو رويو هو. سنڌ جي ثقافت ۽ انھن جي نامناسب رويي جي باري ۾ اردو جو مشھور دانشور ڪراچي يونيورسٽي جو سابق وائيس چانسلر ڊاڪٽر جميل جالبي پنھنجي ڪتاب ”پاڪستاني ڪلچر“ ۾ لکيو آھي تہ، ”مھاجر آبادي تهذيبي سطح تي هڪ احساسِ برتري جو جذبو پنھنجي اندر رکندي هئي ۽ جذبات ۾ اهو وساري ويٺي تہ احساسِ برتريءَ جو ھيءُ عمل نئين ماحول ۽ نئين ملڪ جي قديم آباديءَ لاءِ هڪ منفي عمل جو درجو رکندڙ هو. قديم آبادي ڪنھن ٻاھر کان ايندڙ آبادي، چاھي اھا تهذيبي سطح تي ڪيتري ئي بلند ڇو نہ هجي، احساسِ برتريءَ جي سطح کي قبول نٿي ڪري سگهي. ردعمل طور نفرت جي جذبي ان جي جاءِ والاري. مھاجرن جو ڏوھہ اهو هو تہ انھن قديم آباديءَ جي ڪلچر ۽ انھن جي مسئلن کي سمجهڻ جون ڪوششون نہ ورتيون. انھيءَ ڪري قديم آبادي جلد ئي نئين آباديءَ جو استقبال ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. ايندڙ آبادي اهو وساري ويٺي تہ ”هجرت“ جي معنيٰ ”تبديلي“ هوندي آھي ۽ هجرت سان گڏ تهذيبي ادارا هجرت نہ ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪن بہ ٿا تہ شڪستہ حالت ۾. انھيءَ لاءِ انھن ادارن کي بہ نئين ماحول ۽ نئين تقاضائن تحت بدلجڻ جي ضرورت هوندي آھي. هجرت ڪندڙ آبادي پنھنجي ڇڏيل سماج کي ٻيھر قائم ڪرڻ جو تصور بہ نٿي ڪري سگهي.“ (پاڪستاني ڪلچر صفحو 119)
اھا هڪ مڃيل حقيقت آھي تہ سنڌي زبان کي انگريزي، اردو ۽ ٻين شاهڪار ٻولين جي برابر حيثيت حاصل آھي، پر اسلام آباد جي حڪمرانن اصل ملڪي ٻولين سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائيڪي کي اھا حيثيت نہ ڏني، جيڪا انھن کي ملڻ گهرجي ھا. ڊسمبر 1971ع ۾ جڏهن پاڪستان جو ورھاڱو ٿيو تہ باقي بچيل حصي جو حڪمران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بنيو. هن 1973ع جي آئين ۾ صوبن کي اھا اجازت ڏني تہ اردو ٻوليءَ سان گڏوگڏ پنھنجي ٻولين جي واڌ ويجهہ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا. پاڪستان جي 1972ع جي عبوري آئين جي فقري 267 جي شق 2 ۾ اھا ڳالھہ واضح هئي تہ قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي ڪابہ صوبائي اسيمبلي، قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اپاءَ وٺي سگهي ٿي. ساڳي ڳالھہ پاڪستان جي 1973ع جي مستقل آئين جي فقري 251 جي شق 3 ۾ بہ موجود آھي. پاڪستان جي 1973ع جي آئين کي سامھون رکندي سنڌ اسيمبلي اتفاق راءِ سان ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو، جنھن جو نوٽيفڪيشن 17 جولاءِ 1972ع تي جاري ڪيو. بل پاس ٿيڻ کانپوءِ عوام دشمن قوتن سنڌ ۾ رهندڙ ٻن وڏين آبادين کي هڪٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آڻڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪئي تہ هن بل سان اردو ٻولي ختم ٿي ويندي. هن بل ۾ اهڙي ڪابہ ڳالھہ نہ هئي. هن بل جي پاس ٿيڻ کانپوءِ سنڌ اندر انگريزي زبان کي دفتري زبان، اردو ٻوليءَ کي قومي زبان ۽ سنڌي زبان کي ”صوبائي حيثيت“ ملي. سنڌي زبان انگريزن جي دور کان وٺي سنڌ جي سرڪاري زبان هئي. سرڪاري دفترن، کاتن، آفيسن ۽ عدالتن ۾ سڄو وهنوار سنڌي ٻوليءَ ۾ هلايو ويندو هو، پر جنرل ايوب جي مارشل لا واري دور ۾ ان کي زباني حڪم تي ختم ڪيو ويو.
گورنر سنڌ 22 جولاءِ 1972ع تي هڪ ترميمي آرڊيننس جاري ڪيو. هن ترميمي آرڊيننس ۾ ڪوبہ اهڙو فقرو موجود ناھي تہ ”آسان سنڌي“ جو مضمون سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي نہ ڄاڻندڙن کي نہ پڙھايو ويندو. صرف سنڌ اندر ملازمت ڪندڙ ڪامورن کي سنڌي يا اردو ٻولي سکڻ لاءِ ڪجهہ مھلت ڏني ويئي ۽ سياسي طور تي اهو بہ فيصلو ٿيو تہ آئندہ سنڌ جو گورنر اردو ڳالھائيندڙ هوندو. هن فيصلي جي نتيجي ۾ ان وقت سنڌ جي گورنر مير رسول بخش ٽالپر کي هٽائي بيگم رعنا لياقت علي خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
سپلا 2005ع ۾ ھيءَ گهر ڪئي تہ سنڌي ٻوليءَ جي ايڪٽ مطابق، يارھين ڪلاس جي سنڌي نہ ڄاڻندڙ رهواسين کي ”آسان سنڌي“ جو مضمون پڙھايو وڃي ۽ ان لاءِ 18 جولاءِ 2005ع کان 31 جولاءِ 2005ع تائين علامتي بک هڙتال پڻ ڪئي ويئي. هن بک هڙتال ۾ اردو ڳالھائيندڙ باشعور استادن پڻ حصو ورتو، جيڪي پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو سمجهن ٿا.
وفاقي وزارت تعليم جي ڪريڪيولم ونگ يارھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ”اسٽڊي آف اسڪيم“ ۾ ترميم ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو تہ، ”يارھين ڪلاس جي سنڌي نہ ڄاڻندڙ شاگردن کي ھاڻ اردو لازمي بدران ”آسان سنڌي“ جو مضمون پڙھايو وڃي.“ سنڌ جي تعليم کاتي انھيءَ نوٽيفڪيشن جي روشنيءَ ۾ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان 4 آڪٽوبر 2005ع تي يارھين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ”آسان سنڌي“ جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو ويو. گورنر ھائوس جي دٻاءَ ۾ اچي تعليم کاتي 27 سيپٽمبر جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو. علمي، ادبي ۽ سنڌ دوست حلقن جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ ”آسان سنڌي“ پڙھائڻ وارو نوٽيفڪيشن ٻيھر بحال ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم اهو اعلان ڪيو تہ ”سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي نہ ڄاڻندڙ شاگردن کي يارھين ڪلاس ۾ آسان سنڌيءَ جو مضمون پڙھايو ويندو.“ سندس اهو اعلان صرف اخبارن ۽ پرنٽ ميڊيا تائين محدود رھيو ۽ عملي طور تي سنڌ اندر آسان سنڌيءَ جو مضمون نافذ نہ ٿي سگهيو آھي. تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري بہ عملي طور تي ڪجهہ نہ ڪري سگهيا، ڇاڪاڻ تہ کين ٻوليءَ کان وڌيڪ ”ڪرسي“ پياري هئي. اڳتي هلي اهو اعلان ڪيو ويو تہ جيئن تہ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ آسان سنڌي جو مضمون پڙھائڻ لاءِ استاد نہ آهن، ان ڪري 150 استاد ڀرتي ڪيا ويندا ۽ ان کان پوءِ ”آسان سنڌي“ جو مضمون نافذ ڪيو ويندو. ڪراچيءَ ۾ اڳ ۾ سنڌي جي مضمون ۾ 100 کان مٿي استاد موجود هئا. ايڊھاڪ ليڪچرارن جا انٽرويو ٿيا ۽ تازو انھن جي ڀرتيءَ جو نوٽيفڪيشن پڻ ڪڍيو ويو آھي، پر سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪامورن خبر ناھي تہ ڪھڙي مصلحت تحت 50 کان وڌيڪ مرد ۽ خاتون ليڪچرارن کي ڪراچيءَ بدران اندرون سنڌ پنھنجي پسند جي ڪاليجن ۾ پوسٽنگ ڏني آھي. پھرين آگسٽ 2006ع کان اڪيڊمڪ سال شروع ٿي چڪو آھي، پر تعليم کاتو ”آسان سنڌي“ پڙھائڻ واري مسئلي تي خاموش آھي! وزير تعليم ۽ وزيراعليٰ سنڌ، جن ”وڏا اعلان“ ڪيا هئا، اھي بہ خاموش آهن. سنڌي ٻار گذريل 33 سالن کان شوق سان سنڌي ٻولي ايڪٽ مطابق ”سليس اردو“ پڙھي رھيا آهن ۽ انھيءَ مضمون ۾ امتحان پڻ ڏين ٿا ۽ سليس اردو جي مضمون جون ”مارڪون“ پري انٽري ٽيسٽ ۾ شامل پڻ ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ جو وزيراعلى ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، جنھن آسان سنڌي واري معامري تي گذريل سال ڀلي پار وڃڻ کان اڳ اهو اعلان ڪيو هو تہ، ”هن جي هوندي سنڌي ٻوليءَ کي ڪوبہ بااختيار شخص ختم نٿو ڪري سگهي.“ يارھين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ جو مضمون وارو مسئلو هن لاءِ ٽيسٽ ڪيس آھي. مونکي اميد آھي تہ پنھنجي واعدي مطابق سنڌ جي ڪاليجن ۾ زير تعليم يارھين ڪلاس جي غير سنڌي شاگردن لاءِ ”آسان سنڌي“ جو مضمون ضرور نافذ ڪرائيندو.

تاريخ جو جبر- تاريخ جو فيصلو ڪڏهن بہ غلط نہ هوندو آھي

سنڌ ڪيتري قديم آھي؟ جيتري انساني تهذيب جي ارتقا. سنڌو درياھہ بہ ايترو ئي قديم آھي. موجودہ هندستان جي راجپوتانہ رياست وارو ٿر يا سنڌ جو ٿر، جنھن جي باري ۾ مورخن جي راءِ آھي تہ شروعات ”درياھہ سرسوتي“ ۽ ”سنڌو درياهه“ مان ڦٽي نڪرندڙ هڪڙي شاخ ”ويھند“ يا “واهند” وارا سرسبز ميدان هئا. اھي ٻئي درياءَ موجودہ ”ڪڇ جي رڻ“ ۾ اچي پوندا هئا، جنھن ڪري ڪڇ جو ”رڻ“، رڻ نہ هو پر سمنڊ جي صورت ۾ هو. سنڌو درياھہ جي شاخ جيڪا موجودہ بھاولپور، جيسلمير ۽ ٿر واري ڀاڱي مان ”ويھند“ ۽ ”واهند“ نالي سان وهندڙ هئي، سا عربن جي زماني تائين قائم هئي، پوءِ ان جو وهڪرو بند ٿي ويو، جنھن ڪري بھاولپور جيسلمير ۽ ٿر جا ريگستان ٺھي پيا، ٻئي طرف ”ڪوري نار“ رڻ جو روپ اختيار ڪيو. سنڌو درياھہ جيڪو هن وقت صرف انھيءَ درياءَ کي سڏيو وڃي ٿو، اهو موجودہ هماليہ جبل جي ”ڪيلاس پربت“ واري ”مانسروور ڍنڍ“ مان نڪري ڳپت، ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ واري علائقي مان وهندو ”عربي سمنڊ“ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. البيروني سنڌ کي ”سورن ديپ“، يعني ”سورن واري زمين“ سڏيو آھي، عربن ”مرنديپ“ ڪوٺيو آھي ۽ سامونڊي سياحن ”سنڌ“ ۽ ”هند“ جو نالو ڏنو آھي. عربن جي فتح کان اڳ سنڌ جي حد تمام ڪشادي هوندي هئي، انھيءَ ۾ ”پنجاب“ ۽ ”بلوچستان“ جو ڀاڱو بہ اچي ٿي ويو. سنڌ جي فتح کان اڳ راءِ گهراڻي جي هندو راجائن وقت سنڌ جون حدون اوڀر ۾ ڪشمير ۽ قنوج، اولھہ ۾ مڪران، ديبل ۽ سمنڊ، اتر ۾ قنڌار، سيستان ۽ سليمان جبل ۽ ڏکڻ ۾ ”سورت بندر“ تائين ڦهليل ھيون، انھيءَ وقت سنڌ جي گادي جو هنڌ ”الور“ هو. هن سرزمين کي يوناني ”سنڌومان“، ”پراچين“ هندو ”سنڌو ديش“، عرب جاگرافي نويس ”مھراڻ“ ۽ سنڌ جا رهواسي ”سنڌو ديش“ جي نالي سان سڏيندا آهن. پنھنجن جي غداري ڪري سنڌ تي هميشہ ڌاريا حڪمران لالچ جي نگاهن سان ڏسندي ڪاهون ڪندا رھيا آهن، وڻ کان ڪنھن پڇيو تہ ”توکي ھي لوھہ جو ننڍو ٽڪرو، يعني ڪھاڙي ڪيئن ڪپي ٿي؟“ وڻ ڏک مان وراڻيو تہ ”ڀائو، هن ڪھاڙي ۾ منھنجو ئي حصو جڙيل آھي، يعني ڪھاڙي جو ڳن ڪاٺ مان ٺھيل آھي ۽ انھيءَ ڪري ڪپجان ٿو.“ سو سنڌ سان صدين کان ائين ويڌن ٿيندي رھي آھي. سنڌ تي جن ڌارين راڄ ڪيو، انھن ۾ عرب، مغل، ترخان، ارغون ۽ انگريز شامل آهن، انگريزن سنڌ تي 1843ع ۾ قبضو ڪيو ۽ ان کي ملڪ ۽ صوبي بدران بمبئي صوبي جو هڪ حصو بڻائي ڇڏيو، بمبئي ۾ سنڌ جي شموليت کانپوءِ سنڌ جي ڏکن ۽ تڪليفن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي. سنڌ جا ماڻهو جيڪي صدين کان پنھنجي ”خودمختياري“ تحت زندگي گذاريندا آيا، جن جي سماجي زندگي برصغير جي ٻين علائقن کان مختلف هئي، اھي برطانيہ جي نئين سامراجي نظام کي شڪ ۽ عدم تحفظ جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. سنڌ جي بمبئي سان شامل ٿيڻ بعد بمبئي جي ماڻهن خاص طرح ۽ هندستان جي عام ماڻهن جي اچ وچ شروع ٿي ويئي، سنڌ جا واپاري تعلقات سموري هندستان سان شروع ٿي ويا، انھيءَ ڪري سنڌ جي آبادي ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. هندستان جي مختلف علائقن مان ٻيون قومون سنڌ ۾ آباد ٿيون، جن ۾ اڪثريت هندستان جي مسلمانن جي هئي، جن بمبئي، يو.پي، بھار، سي. پي، حيدرآباد دکن ۽ ٻين صوبن مان لڏي اچي سنڌ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي، انھن ۾ اڪثريت واپاري طبقي جي هئي، سنڌ جو عوام بمبئي سان شامل ٿيڻ ڪري ويتر اقتصادي زندگي ۾ مڪمل تباھہ ٿي ويو. انگريز حڪومت ڄاڻي واڻي سنڌ جھڙي سکئي ستابي ملڪ کي بمبئي جي ماتحت بنايو تہ جيئن سنڌ جي دولت انگريز سامراج لُٽيندو رھي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنھنجين مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ هوندا، تہ هو آزادي نہ وٺي سگهندا ۽ ان لاءِ سنڌ جو مٿانهون طبقو جاگيردار وڏيرو، لاچار ۽ مجبور ٿي انگريزن جو خوشامندي ٿيندو، جنھنڪري انگريز گهڻي عرصي تائين سنڌ کي پنھنجي قبضي ۾ رکي سگهندا. سنڌ جي ڪجهہ باشعور اڳواڻن جي اھا ڪوشش هئي تہ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري ٻيھر خودمختياري واري حيثيت ڏياري وڃي. هن جدوجهد ۾ محترم محمد ايوب کھڙو جو ڪردار نمايان هو. هن جيڪي سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ دليل ڏنا، ھيٺين ريت هئا:
(1) نھيءَ مان اسان کي حقِ خودارادي ملندو، جيڪو ھر قوم جو بنيادي حق آھي.
(2) انھيءَ مان صوبي کي بي انصافين ۽ مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ملندو، جيڪو گذريل 85 سالن کان لوڙي رھيو آھي.
(3) انھيءَ مان زمين جو سڌارو ۽ زراعت ۾ واڌارو ٿي سگهندو.
(4) انھيءَ مان اھي خرابيون دُور ٿي سگهنديون، جيڪي 800 ميل پري کان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ ڪري پيدا ٿيون آهن.
(5) ڪراچيءَ جي بندرگاھہ کي ترقي وٺرائي ۽ هتان تيز ريل گاڏي شروع ڪري ڪانپور، دهلي ۽ سڄو واپار اتر ۽ مرڪزي هندستان سان ڳنڍيو ويندو.
(6) سنڌ پنھنجي جداگانہ صوبائي حيثيت حاصل ڪري سگهندي ۽ ٻين ملڪن سان سامونڊي ۽ هوائي رستي جي ويجهي هئڻ ڪري پنھنجي اهميت قائم ڪندي.
(7) سنڌي ٻولي جيڪا قديم ۽ ڪلاسيڪل ٻولي آھي، اھا بمبئي سرڪار جي بي توجهي سبب بي وسيءَ جي حالت ۾ آھي، سا وڌيڪ ترقي ڪري سگهندي.
(8) سکر بئراج جون زمينون ايستائين سڌاري نہ سگهبيون، جيستائين اھي سنڌ حڪومت جي هٿ ۾ اچن.
(9) پوري هندستان جي صوبن مان برما کانپوءِ بمبئي حڪومت جو انتظامي خرچ گهڻو آھي، جنھن مان سنڌ جي ترقي لاءِ حصو نٿو بچائي سگهجي، بمبئي کان جدا ٿيڻ بعد حڪومت جو خرچ گهٽائي، پيدائش وڌائي، تعميري ڪمن تي خرچ ڪري سگهندي.
1933ع ۾ هندستان جي حڪومت سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ لاءِ هڪ سب ڪميٽي ٺاھي، جنھن ۾ محمد ايوب کھڙو، سيٺ حاجي عبدالله ھارون، قاضي عبدالرحمان، اي ايل برائس، ميڪلاڪن ڪاولا، ديوان بھادر ھيرانند کيسنگهہ شامل هئا. هن ڪميٽيءَ جي سفارشن جي روشني ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. پھرين اپريل 1935ع ۾ برطانيہ جي پارليامينٽ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ پاس ڪيو، جنھن موجب اپريل 1936ع کان سنڌ کي مڪمل صوبي جي حيثيت ڏني ويئي. سر نسلات گرھام کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ ڪراچي کي سنڌ صوبي جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو ۽ سر غلام حسين هدايت الله کي وزيراعلى بڻايو ويو.
15 آگسٽ تي ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿيو، محمد علي جناح پھريون گورنر جنرل بڻيو ۽ نوابزادہ لياقت علي خان کي پھريون وزيراعظم چونڊيو ويو. جناح صاحب ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري ملڪ جي گادي جو هنڌ بڻايو ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت کي چيو ويو تہ اھا حيدرآباد کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري فيصلي جي محمد ايوب کھڙو، آغا غلام نبي پٺاڻ، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين رهنمائن سخت مخالفت ڪئي. هنن جو موقف هو تہ ملڪ سان گڏوگڏ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي هئڻ گهرجي، پر جناح صاحب، نوابزادہ لياقت علي خان ۽ ٻين جي چوڻ تي اھا ڳالھہ نہ مڃي، محمد ايوب کھڙو ان وقت سنڌ جو وزيراعلى هو.
پاڪستان شايد ايشيا جو واحد ملڪ آھي، جنھن ۾ گورنر جنرل، وزيراعظم، وفاقي وزير ۽ انتظامي آفيسر هجرت ڪري ٻين علائقن مان آيا، جنھن جو انھن علائقن سان ڪو بہ تعلق نہ هو. جن صوبن ۽ علائقن ۾ پاڪستان قائم ٿيو هو، اھا مسلم ليگ جيڪا ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ صوبائي خودمختياري جي چيمپئن هئي، پنھنجي اصولن تان ڦري ويئي، مضبوط مرڪز جو نعرو هڻي ننڍن صوبن جا تاريخي ۽ قومي حق لتاڙيا ويا. سنڌ جي سري ڪراچيءَ کي زبردستي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو. مئي 1948ع ۾ پاڪستان جي دستورساز اسيمبليءَ ڪراچي کي وفاقي انتظام ھيٺ رکڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ اسيمبلي کي پاڪستان جي دستورساز اسيمبلي جو درجو ڏنو ويو. سنڌ حڪومت جي دفترن تي وفاقي حڪومت قبضو ڪيو. سنڌين جي حاڪميت جو حق ڪراچي مان ختم ڪيو ويو. سنڌ مسلم ليگ 11 جون 1948ع تي پنھنجي اجلاس ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي هن فيصلي کي ناپسند ڪيو ۽ هن فيصلي کي سنڌ جون سرحدون گهٽائڻ جي سازش قرار ڏنو. 11 جون 1948ع تي 800 سنڌي شاگردن هن فيصلي خلاف ڪراچي ۾ جلوس ڪڍيو. سنڌ مسلم ليگ جي سيڪريٽري آغا غلام نبي پٺاڻ تقرير ڪندي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو تہ اسان 24 مارچ 1940ع واري قرارداد پاڪستان کي ڦاڙي ڇڏينداسين“. محمد ايوب کھڙي جي احتجاج ڪري هن جي وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو. پير الاھي بخش کي ڪراچي کي وفاق کي ڏيڻ جي صلي ۾ سنڌ جو وزيراعلى بڻايو ويو. سنڌ جي سنڌي هندن جي ڇڏي ويل ملڪيتن کي آيل ڀائرن جي حوالي ڪيو ويو. لڏپلاڻ جي سلسلي ۾ هندستان مان آيل ڀائر وڏي تعداد ۾ سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا ۽ انھن جي آبادڪاري لاءِ هڪ ڌار وزارت قائم ڪئي ويئي. تحريڪ پاڪستان جي رهنمائن ورھاڱي کان اڳ ڪڏهن بہ انھيءَ ڳالھہ جو اظھار نہ ڪيو هو تہ ورھاڱي جي صورت ۾ لڏپلاڻ ٿيندي. قرارداد پاڪستان 1940ع، 1946ع جي ڪيبنيٽ مشن پلان، 3 جون 1947ع جي ننڍي کنڊ کي ورھائڻ جي منصوبي، يعني گورنمينٽ آف انڊيا انڊيپنڊنس ايڪٽ، جيڪي پاڪستان جي ٺهڻ جو بنياد آهن، انھن جي ڪنھن بہ شق ۾ لڏ پلاڻ يا هجرت جو ذڪر ناھي، پاڪستان جي قيام کانپوءِ مھاجرن جي آمد کي قانوني قرار ڏيڻ لاءِ نوابزادہ لياقت علي خان، گورنر جنرل کان هڪ ”آرڊيننس“ نافذ ڪرايو، جيڪو پاڪستان جي قيام جي روح جي خلاف هو. سابق وزيراعظم پاڪستان چوڌري محمد علي، جيڪو هڪ رٽائر آفيسر هو ۽ نوڪر شاھي جو نمائندو هو، پنھنجي ڪتاب ”ايمرجنس آف پاڪستان“ ۾ صفحي نمبر 267 تي لکي ٿو تہ ”مخصوص مفادن خاطر هندستان مان آيل غير قانوني ماڻهن خاطر پاڪستان جي عبوري آئين گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جي سيڪشن 2 تحت گورنر جنرل کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جي اختيار تحت جناح صاحب کي 27 آگسٽ 1947ع تي مجبور ڪيو ويو تہ هو هڪ حڪمنامي تي دستخط ڪري، جنھن تحت پاڪستان ۾ ٻاھريان ماڻهو اچي سگهن، جيڪي پاڪستان جي اقتصادي زندگيءَ لاءِ خطرو بڻيل هئا. هن حڪم نامي، يعني ”پروڪليميشن آرڊر“ تحت سنڌ ۾ ٻہ لک، پنجاب، صوبي سرحد، بھاولپور ۽ خيرپور رياستن ۽ بلوچستان کي هڪ هڪ لک پناھہ گير آباد ڪرڻا هئا.“ لڏپلاڻ جيڪا سڄي سنڌ تي رھي، قيام پاڪستان وقت سنڌ ۾ سنڌي 95 سيڪڙو ۽ ڌاريا صرف 5 سيڪڙو هئا، پاڪستان جي قيام وقت سنڌ جي آبادي 52 لک هئي پر اڳتي هلي سنڌ ۾ ڌاريا پاڪستان جي اندر ۽ پاڪستان کان ٻاھر ھر ماھہ 30 هزار کان مٿي ماڻهو سنڌ ۾ آباد ٿين ٿا. هڪ سروي مطابق ملڪ ۾ واڌ جي شرح 3.3 سيڪڙو آھي، جڏهن تہ سنڌ ۾ 6.6 سيڪڙو آھي، يعني جيترا ماڻهو سنڌ ۾ پيدا ٿين ٿا، اوترا ماڻهو ٻاھران اچن ٿا. اڳتي هلي سنڌ ۽ سنڌين کي تباھہ ڪرڻ لاءِ 1955ع ۾ ”ون يونٽ“ ٺاھيو ويو، يعني سڀ صوبا ختم ڪري پاڪستان ۾ ٻہ صوبا ٺاھيا ويا، هڪ مغربي پاڪستان، جنھن ۾ سنڌ، سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب شامل هئا ۽ ٻيو مشرقي پاڪستان، جنھن ۾ بنگال صوبو شامل هو، ون يونٽ جو مقصد ننڍين قومن مٿان پنجاب جي حاڪميت قائم ڪرڻ هو. مرحوم محمد ايوب کھڙو جنھن سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ تي احتجاج ڪرڻ جي صلي ۾ وزارت اعلى قربان ڪري ڇڏي، انھيءَ ماڻهو وري اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ون يونٽ جو نوڙ سنڌي ماڻهن جي ڳچي ۾ وڌو. ون يونٽ جي مخالفت ۾ ان وقت جي سنڌ جي وزيراعلى عبدالستار پيرزادي کي ڊسمس ڪيو ويو، سنڌ اسيمبليءَ جي ان وقت جي اسپيڪر مير غلام علي ٽالپر کي گرفتار ڪري مٺي (ٿر) موڪليو ويو، موجودہ سيشن ڪورٽ حيدرآباد جي عمارت ۾ هلندڙ سنڌ اسيمبلي مان ون يونٽ جي حق ۾ ڏنڊي جي زور تي منظوري حاصل ڪئي ويئي.
نہ ڄاڻ ڇو سنڌ جا سياستدان اقتدار خاطر ڪاٺ جي عارضي ڪرسي خاطر سنڌ ۽ سنڌين کي وساري ويھندا آهن ۽ تاريخ ۾ انھن کي چڱن لفظن سان ياد نہ ڪيو ويندو آھي. سنڌ جا ماڻهو اڄ بہ پير الاھي بخش، قاضي فضل الله، محمد ايوب کھڙو، پير علي محمد راشدي ۽ ڄام صادق علي کي خراب لفظن سان ياد ڪن ٿا، جن عارضي مفادن خاطر سنڌ جا مستقل مفاد وڪيا ۽ پنھنجي تاريخي شخصيت کي داغدار بڻايو.

مُلڪ بحرانن جي ڀنوَر ۾

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪافي سال اڳ چيو هو تہ ”صرف انھيءَ ملڪ ۾ سياسي نظام مستحڪم ٿيندو، جنھن ۾ اقتصادي نظام مستحڪم هوندو.“ ڪنھن بہ مھذب ملڪ جي پائيدار ۽ جٽادار سياسي نظام جو بنياد ”ملڪي معيشت“ تي هوندو آھي. پياري پاڪستان ۾ ڪڏهن بہ ڪنھن حڪومت کي سياسي استحڪام نہ مليو آھي، اهو انڪري تہ ھر حڪومت جون معاشي پاليسيون عوام دوست نہ رھيون آهن. 59 سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ پياري پاڪستان ۾ اڄ عام ماڻهو کي زندگيءَ جون ٻيون نعمتون تہ ٺھيو پر جياپي لاءِ ضروري صاف پاڻي مھيا نہ ٿي سگهيو آھي. ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جي هڪ تازي رپورٽ مطابق، پاڪستان جا 90 سيڪڙو ماڻهو دل ۽ گُڙدن جي بيمارين ۾ مبتلا آهن، ان جو مکيہ ڪارڻ پاڪستان ۾ صاف پيئڻ جو پاڻي نہ ملڻ آھي. پاڪستان ۾ ھر ڏاڍو اچڻ سان اھا دعويٰ ڪندو آھي تہ هو پاڪستان کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ سياستدانن رڳو ملڪ کي لٽيو ۽ ڦريو آھي. پاڪستان جي موجودہ فوجي آمر آڪٽوبر 1999ع ۾ جڏهن ملڪ جي اقتدار جي سنگهاسن تي قبضو ڪيو هو تہ هن ملڪ کي سڌارڻ هڪ MAP Road جو اعلان ڪيو هو. ان جا بنيادي نُڪتا ھي هئا:
(1) قومي اعتماد ۽ حوصلي جي نئين سري سان جوڙجڪ
(2) وفاق کي مضبوط بنائڻ ۽ صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ
(3) قومي يڪجهتي جي بحالي
(4) انصاف جي تڪڙي فراهمي
(5) غير جانبدارانہ احتساب (Accountblility) وغيره.
ستن سالن گذرڻ کانپوءِ ملڪي سياسي، معاشي پاليسين جو جيڪڏهن ايمانداريءَ سان جائزو ورتو وڃي تہ معلوم ٿيندو تہ اسان اتي بيٺا آھيون، جتي ست سال اڳ هئاسين، نائين اليون کانپوءِ پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي جي نالي آمريڪا جي رهنمائي ۾ وڙهندڙ ھر ويڙھہ ۾ صف اول دستي وارو جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي، ان سان پاڪستان جون سياسي معاشي حالتون ويتر وڌيڪ خراب ٿيون آهن. افغانستان تي آمريڪي حملي ڪرڻ کان اڳ جنرل پرويز مشرف آمريڪا جي غير مشروط حمايت ڪندي اعلان ڪيو هو تہ ”آمريڪا جون فوجي ڪارروايون افغانستان ۾ صرف محدود مدت لاءِ هونديون“، پر اھا دعويٰ غلط ثابت ٿي. اڄ آمريڪي سامراجي پاليسي تحت دنيا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو نيٽو جون اتحادي فوجون هڪ ”غير نيٽو“ ملڪ افغانستان ۾ ڏينھن رات ”طالبان“ جي نالي تي افعانستان ۽ ان جي ڀرپاسي واري قبائلي علائقن ۾ بيگناھہ عوام جو قتل عام ڪري رھيون آهن، جنھن ۾ سڀ کان سنگين واقعو باجوڙ ايجنسي ۾ مدرسي جي مٿان بمباريءَ جو آھي، جنھن ۾ 83 بيگناھہ مدرسي جا شاگرد ۽ استاد بمباري جو بک بڻيا آهن. ”پينٽاگون“ ۾ ويٺل ٿنڪ ٽينڪ جي ميمبرن جي غلط پاليسين تحت افغانستان ۾ اڄ آمريڪا جي مدد جي سھاري تي حامد ڪرزئي کي افغانستان جي عوام مٿان مسلط ڪيو ويو، جنھن جي حڪومت جو دائرو صرف ”ڪابل“ تائين محدود ناھي، جنھنکي افغانستان ۾ آمريڪا جي اچڻ جو اصل مقصد وچ ايشيا جي اسلامي رياستن جي گيس ۽ تيل جي ذخيرن تي قبضو ڪرڻ آھي ۽ ايران ۽ پاڪستان تي نظر رکڻ آھي. جنرل پرويز مشرف جنھن اھا دعوى ڪئي هئي تہ آمريڪا جي افغانستان ۾ مداخلت محدود مدت لاءِ هوندي. اڄ هو نہ صرف آمريڪي فوجين جي سرگرمين ۾ حامد ڪرزئي طرفان پاڪستان خلاف جارحانہ رويي ڪري اڄ ڪلھہ ذهني طرح پريشان نظر اچي رھيو آھي، جنھن جو اظھار هو مختلف هنڌن تي ڪندو رھيو آھي. اڄ ستن سالن جي عرصي کانپوءِ جنرل پرويز مشرف پاڻ ئي چوڻ تي مجبور ٿيو آھي تہ ”وفاق ڪمزور ٿيندو پيو وڃي، امن امان جي صورتحال پھريان کان وڌيڪ خراب ٿي رھي آھي، انتھاپسند اڏوھي جيان پاڪستاني معاشري کي نقصان پھچائي رھيا آهن، جيڪڏهن ايندڙ اليڪشن جيڪا 2007ع جي اوائل ۾ متوقع آھي، عوام اعتدال پسندن کي نہ چونڊيو تہ قائداعظم جو پاڪستان ختم ٿي ويندو“. جنرل پرويز مشرف سالن کان اهو چوندو اچي ٿو تہ پاڪستان کي هڪ روشن خيال ۽ اعتدال پسند رياست بنائيندو، پر آمريڪي حڪومت جو هڪ اهم رڪن رچرڊ بائوچر تازو چئي چڪو آھي تہ هن خطي ۾ آمريڪي پاليسين کي عملو جامو پارائڻ ئي جنرل پرويز مشرف جو روشن خيالي ۽ اعتدال پسندي جو تصور آھي. دهشتگردي جي خاتمي جي نالي تي ستن سالن کان وڙهندڙ ويڙھہ ۾ جيترو پاڪستان کي نقصان پھتو آھي، ان لاءِ صرف ھي چئي سگهجي ٿو تہ ”اڄ پاڪستان جو وجود خطري ۾ آھي. دهشتگرديءَ جي خاتمي جي نالي تي جوڙيل غلط داخلي ۽ خارجي پاليسين ڪري پاڪستان کي ناقابلِ تلافي نقصان پھچي رھيو آھي ۽ پاڪستان جي معيشت ڏينهون ڏينھن زوال پذير آھي.“ ان جو هڪ تازو مثال ھي آھي تہ جلدبازي ۽ نجڪاري جي نالي تي ڪوڙين اگهہ ڪروڙن جا صنعتي، ٽيڪنيڪل ادارا نيلام ڪيا وڃن پيا، اهو ئي سبب آھي تہ اسٽيل مل جي وڪري کي سپريم ڪورٽ غير منافعہ بخش قرار ڏيئي رد ڪري ڇڏيو. ملڪ جي خراب معاشي پاليسين ڪري روزمره زندگي ۾ واپرائڻ جي ھر شيءِ مھانگي ٿيندي پئي وڃي، جيڪڏهن ڪا شيءِ سستي ٿي آھي تہ ويچارو انسان آھي، جيڪو 24 ڪلاڪ سُورن ۾ آھي ۽ مجبور ٿي هڪ انمول شيءِ، يعني زندگيءَ کي داءَ تي لڳائي رھيو آھي. پاڪستان جي خراب معيشت جو جيڪو حال آھي، اهو خود حڪومت طرفان جاري ڪيل انگن اکرن جي مطابق افراط زر، تجارتي خسارو، ڪرنٽ اڪائونٽس جا بيلنس ۽ بيروزگاريءَ جي موجودہ شرح آھي، جيڪا 1999ع ۽ 2000ع جي مقابلي ۾ وڌيڪ خراب ٿي آھي. يورپي يونين طرفان گذريل سال هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو هو تہ ”پاڪستان جي حڪومت جي رپورٽن ۾ جيڪا معيشت جي خوشنما شڪل پيش ڪئي ويئي آھي، اھا حقيقت جي برعڪس آھي.“ عالمي بئنڪ جي چيف اڪنامسٽ گذريل سال چيو هو تہ ”گذريل پنجن سالن ۾ پاڪستان جي معيشت جي ڪارڪردگي ڀارت ۽ چين جي ڀيٽ ۾ بھتر نہ رھي آھي.“ عالمي بئنڪ جي نمائندي جون 2005ع ۾ چيو هو تہ ”دنيا کي اقتصادي شعبي ۾ چين ۽ ڀارت جي تقليد ڪرڻ گهرجي.“ گذريل چند سالن ۾ ڀارت برآمدات 07 ارب ڊالرن مان وڌي 12 ارب ڊالر تائين پھتي آھي، جڏهن تہ پاڪستان جي برآمدات 12 ارب ڊالر مان وڌي 18 ارب ڊالرن تائين پھچندي. ڀارت جا زرمبادله جا ذخيرا، گذريل پنجن سالن ۾ 30 ارب ڊالرن مان وڌي 160 ارب ڊالرن تائين پھتا آهن، جڏهن تہ پاڪستان ۾ زرمبادله جا ذخيرا 4 ارب ڊالرن مان وڌي 12 ارب ڊالرن تائين پھتا آهن. عالمي بئنڪ اهو بہ چيو آھي تہ ”پاڪستان جي معيشت ۾ ڪافي خرابيون موجود آهن، جنھن ڪري معيشت تباھہ ٿي سگهي ٿي، معاشي ترقي جي رفتار کان پاڪستان جو ”ٻيو“ نہ پر ”ڇھون“ نمبر ملڪ آھي.“ جنرل پرويز مشرف اھا بہ دعويٰ ڪئي هئي تہ ”پاڪستان ۾ ڪوبہ غريب نہ رهندو، اهو ڏينھن پري ناھي جڏهن ھر پاڪستاني جي چھري تي خوشحالي جو نور هوندو ۽ غربت جي اداسي نہ هوندي.“ جيڪڏهن مھانگائي ۽ بيروزگاري جي اھا رفتار رھي تہ ايندڙ سالن ۾ واقعي ڪوبہ غريب زندھہ نہ هوندو، پاڪستان جي غربت جي باري ۾ عالمي بئنڪ جيڪا پيشنگوئي ڪئي آھي تہ پاڪستان جي آبادي جو 56 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيو آھي، يعني کين هڪ ويلو روز رُکي سُکي ماني نصيب ٿئي ٿي. بيروزگاري جي شرح 1999ع جي مقابلي ۾ اڄ کان وڌيڪ آھي، تعليمي ادارن مان نڪرندڙ ڪروڙين نوجوان ڊگريون کڻندي رُلندا رهن ٿا ۽ پٽيوالي جي نوڪري بہ قبول ڪرڻ لاءِ تيار رهن ٿا. جنرل پرويز مشرف ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ بدعنوان سياستدانن، فوجي توڙي سول بيورو ڪريسي جي احتساب جو جيڪو نعرو هنيو هو ۽ اهو بہ چيو هو تہ هن سميت سڀني جو احتساب ٿيندو ۽ اسان قومي دولت جي لٽيرن جو دنيا جي ھر ڪُنڊ ۾ پيڇو ڪنداسين. احتساب جي نالي تي پاڪستان ۾ جيڪو ٿي رھيو آھي، ان کان ڪوبہ ذي شعور انسان انڪار نٿو ڪري سگهي، وفاقي ڪابينا ۾ ڪافي اهڙا وزير ۽ مشير موجود آهن، جن تي اڳ ۾ ”نيب“ جا ڪيس داخل هئا، پاڪستان ۾ حاليہ کنڊ جو بحران پيدا ڪري ڪروڙين رپين وارا بہ وفاقي ڪابينہ ۾ موجود آهن. تازو خود جنرل پرويز مشرف اهو پاڻ اعتراف ڪري چڪو آھي تہ ”بدعنوان ماڻهو پارليامينٽ ۾ پھچي چڪا آهن“. مارچ 2005ع ۾ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي بحران ۾ ماڻهن 780 ارب رپيا نقصان پھتو هو، پر 18 مھينن گذرڻ کانپوءِ بروڪرز، سٽي بازن ۽ بحرانن ۾ ملوث بئنڪ ۽ بئنڪن جي آفيسرن خلاف ڪو قدم نہ کنيو ويو آھي، ويتر انھن بااثر ماڻهن جو دفاع ڪيو ويو آھي. جن سياستدانن ۽ بااثر ماڻهن بئنڪ کان اربين رپيا قرض کنيو هو جنرل پرويز مشرف اهو اعلان ڪيو هو تہ جلد ئي قرض کڻندڙن جي لسٽ شايع ڪئي ويندي ۽ چار هفتن جي اندر اھي قرض واپس ڪن نہ تہ کين قانون جي ”لوھي هٿ“ کي منھن ڏيڻو پوندو، ستن سالن گذرڻ کانپوءِ بہ قرض کڻندڙن جي لسٽ شايع نہ ٿي آھي. نيب جي آڪٽوبر 2004ع جي رپورٽ مطابق، هنن قرض کڻندڙن جي وصولي ۽ ري شيڊولنگ ڪئي آھي، جنھن رقم جو ڪاٿو 136 ارب رپيا آھي پر گورنر اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان لکيو آھي تہ قرض جي وصولي ۽ ري شيڊولنگ جو حجم صرف 17 ارب رپيا آھي. زميني حقيقتون ھي آهن تہ بئنڪن پنھنجن ڪروڙين کاتيدارن کي 1999ع ۾ اوسطاً ست سيڪڙو سالانہ منافعو ڏنو هو، جڏهن تہ گذريل سال اهو گهٽجي اڍائي سيڪڙو ٿيو آھي، جيڪا استحصال جي بدترين شڪل آھي. اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽن ۾ اهو اعتراف بہ موجود آھي، تہ گذريل سالن ۾ صنعت ۽ تجارت لاءِ بئنڪن جيڪي ڪروڙين رپيا قرض ڏنو هو، ان قرض کي کنڊ ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي، سٽيبازي، جائيداد جي خريد ۽ فروخت ۽ قومي بچت جي سرمايہ ڪاري لاءِ استعمال ڪيو ويو، جيڪو ”امانت ۾ خيانت“ جي زمري ۾ اچي ٿو، اهڙي طرح گهٽ وياج تي ڏنل برآمدي قرضن جو غلط استعمال ڪيو ويو. هن رمضان شريف ۾ اربين رپين جا نوان ڪرنسي نوٽ بئنڪن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ملي ڀڳت سان ”مني چينجرس“ کي بليڪ ۾ وڪيا ويا. اهڙي طرح موجودہ حڪومت ملڪ کي استحڪام نہ ڏيئي سگهي آھي، ان لاءِ بھتر ٿيندو تہ ملڪ اندر ۽ صوبن ۾ نگران حڪومتون جوڙيون وڃن ۽ ملڪ ۾ غير جانبدار اليڪشن ڪميشن جوڙي عام چونڊون ايندڙ مارچ 2007ع ۾ ڪرايون وڃن تہ جيئن ايندڙ چونڊيل حڪومت ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي بحران کي منھن ڏيئي سگهي ۽ پياري پاڪستان کي وڌيڪ ڪنھن وڏي نقصان کان بچائي سگهي.

ايران، وطن پرستي ۽ قومپرستي

ايران هڪ قديم شاندار تهذيب رکي ٿو. ايران ۾ مختلف مذهبن ۽ نسلن جا ماڻهو آباد آهن. ايران جي قوم پنھنجي وطن ۽ زبان سان بيحد محبت ڪري ٿي، ايران جا ماڻهو فارسي زبان کان سواءِ ٻاھرين ملڪن مان سياحن ۽ زائرين سان ٻي ٻولي ڳالھائڻ لاءِ تيار نہ هوندا آهن. ايران جي تعليمي ادارن ۾ پھرين درجي کان وٺي پوسٽ گرئجويٽ ڪلاسن تائين سڀ مضمون فارسي زبان ۾ پڙھايا وڃن ٿا، ايستائين جو ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ بہ ايم آف انٽرڪشن فارسي زبان ۾ آھي. ايران جي ايئرپورٽ، ريلوي اسٽيشن، سرڪاري آفيسن ۽ اهم شاھراهن ۽ رستن تي سائن بورڊ فارسي زبان ۾ لکيل آهن. ايران ۾ جيڪي نسلي گروپ آباد آهن، انھن جي ورڇ هن طرح آھي: پرشين 51 سيڪڙو، اذري 24 سيڪڙو، گاڪي، عرب ٽي سيڪڙو، بلوچ ٻہ سيڪڙو، ترڪمين ٻہ سيڪڙو، ۽ باقي ۾ مزداراني، ڪرد، ليوس، قاشفائي، آرمينس، فارسي ودي، جارجين، گيروگين، اسائرين، ڪرڪاسين، ٽٽس، پشتون ۽ ٻيا شامل آهن. ايران جي 2006ع جي مردمشماري مطابق 7 ڪروڙ آبادي آھي. ايران جي ٻہ ڀاڱي ٽي سيڪڙو آبادي جي عمر 30 سالن کان گهٽ آھي ۽ لٽريسي ريٽ 80 سيڪڙو آھي. 1979ع جي انقلاب کانپوءِ اٽڪل 3 ڪروڙ ماڻهو اتر آمريڪا، يورپ، ڏکڻ آمريڪا ۽ آسٽريليا ڏانھن هليا ويا آهن. ايران ۾ خانداني منصوبہ بندي ناھي، آڪٽوبر 2006ع جي چونڊ کٽڻ کانپوءِ موجودہ صدر محمود احمدي نجاد خانداني منصوبہ بندي جي پروگرام جي مخالفت ڪئي تہ ھر خاندان کي صرف ٻہ ٻار پيدا ڪرڻا آهن. محمود احمدي نجاد چاھي ٿو تہ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪروڙ ماڻهو پيدا ٿين تہ جيئن عراق- ايران جنگ ۾ مارجي ويل آبادي جو ازالو ڪري سگهجي. ايران ۽ افغانستان ۽ عراق مان آيل لکين پناهگير پڻ موجود آهن، ايران جي خواهش آھي تہ اھي پناهگير پنھنجي ملڪ موٽي وڃن. ايران جي 98 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي مشتمل آھي، جن مان 90 سيڪڙو ”شيعه“ مسلڪ سان تعلق رکن ٿا ۽ باقي 8 سيڪڙو سني مسلڪ سان تعلق رکن ٿا ۽ باقي ٻہ سيڪڙو غير مسلم آهن، جن ۾ بھائي، مندين، هندو، زرتشت، يهودي ۽ عيسائي شامل آهن. ايران جي پارليامينٽ، يعني مجلس ۾ زرتشت، يهودين ۽ عيسائين جون مخصوص سيٽون آهن. بھائي عقيدي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي اڪثريت آھي پر انھن لاءِ نہ سيٽون مخصوص آهن ۽ نہ ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق آھي، اقوام متحدہ جي انساني حقن جي ڪميشن مارچ 2006ع ۾ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آھي تہ ايران ۾ بھائي فرقي جي ماڻهن سان ناروا سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ايران جي گاديءَ جو هنڌ تھران هڪ خوبصورت شھر آھي، جنھن ۾ 71,60,094 جي آبادي آھي، ايران جون 50 سيڪڙو صنعتون تھران ۾ آهن، جن ۾ ڪارون ٺاهڻ جون فيڪٽريون، اليڪٽرانڪ جو سامان، فوجي هٿيارن، ٽيڪسٽائل، شگر، سيمينٽ ۽ ٻين پراڊڪٽس جا ڪارخانا موجود آهن، تھران ۾ انڊر گرائونڊ ريلوي نظام وڇايل آھي، جتي فرانس کان برآمد ڪيل ٽرينون هلايون وڃن ٿيون. مشهد ايران جو مقدس شھر آھي، جيڪو امام علي رضا عليھ السلام جي آخري آرامگاھہ آھي، ھي شھر تھران کان 912 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي، شيعہ فرقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن مطابق امام علي رضا عليہ السلام اٺون امام آھي. ان جي ولادت خميس 11 ذوالقعد 148 هجري ۾ مدينہ منوره ۾ ٿي، جن جي شھادت صفر 203 هجري ۾ ٿي، کين وقت جي حاڪم مامون رشيد عباسيءَ زھر سان ڀريل انگور کارائي شھيد ڪيو. ان وقت امام علي رضا عليہ السلام جي عمر 55 سال هئي. ايران جا ماڻهو امام علي رضا عليہ السلام جي آخري آرامگاھہ کي ”حرم شريف“ سڏين ٿا. مشهد ۾ دنيا جي مسلم ملڪن مان لکين زائرين امام علي رضا عليہ السلام جي مزار مبارڪ يا آرامگاھہ تي حاضري ڏيڻ اچن ٿا، هڪ اندازي مطابق روزانو هڪ لک ماڻهو امام علي رضا عليہ السلام جي حاضري ڀرين ٿا. ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ زائرين کي هڪ ڀيرو شاندار لنچ کارائي وڃي ٿي، جنھن کي امام علي رضا عليہ السلام جي ”ميزباني“ سڏيو وڃي ٿو. امام جي مرقدگاھہ جا 6 ايوان آهن، جن ۾ ڪلچرل سينٽر پڻ شامل آھي، جتي ٻاھران آيل زائرين کي فارسي، اردو، انگريزي، روسي زبان ۾ لٽريچر مفت فراهم ڪيو وڃي ٿو. ايوانن جي پکيڙ 100 ڪلوميٽر کان وڌيڪ آھي. مشهد مقدس تھران کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شھر آھي. مشهد جي آبادي 20,37,734 آھي، ان کان سواءِ ٻين وڏن شھرن ۾ اصفھان 15,73,378 جي آبادي تي مشتمل آھي. اصفھان دنيا جو هڪ خوبصورت شھر آھي. اصفھان کي عام چوڻي ۾ ”نصف جهان“ سڏيو ويندو آھي. ھي بيگم نصرت ڀٽو جو آبائي شھر آھي، ان کان پوءِ ”تبريز“ 085، 13، 15 آبادي تي مشتمل آھي. ان کانپوءِ ”ڪاراج“ 14,60,961 جي آبادي تي مشتمل آھي. ان کانپوءِ ”شيراز“ 12,78,140 آبادي تي مشتمل آھي. شيراز ۾ فارسي جي عظيم شاعرن شيرازي ۽ سعديءَ جون آخري آرامگاهون آهن. مشهد مقدس کانپوءِ ”قم“ مذهبي لحاظ کان اهم شھر آھي، جنھن جي آبادي 10,45,578 آھي. ”قم“ ۾ امام علي رضا جي همشيره بيبي معصومہ فاطمہ جي آخري آرامگاھہ آھي. ”قم“ ۾ هزارين مدرسا آهن جن ۾ دنيا جي سڀني ملڪن سان تعلق رکندڙ عالم تعليم حاصل ڪن ٿا، هن شھر ۾ اٽڪل ڏھہ هزار سنڌي پڻ آباد آهن. ان کانپوءِ ”اهواز“ وڏو شھر آھي، جنھن جي آبادي 8,41,145 آھي. ايران هڪ شاندار تاريخي ثقافت رکي ٿو، جنھن ۾ آرٽ، ميوزڪ، فن تعمير، شاعري، فلاسافي، روايتون ۽ آئيڊيالاجي شامل آھي. ايران جي شاعري ۾ وطن پرستيءَ جو عنصر موجود آھي، فارسي زبان جي عظيم شاعر نظامي مطابق:
همہ عالم تن است و ايران دل،
نيست گويندہ زرين قياس خجل.
معنيٰ: ايران سڄي دنيا جي دل آھي، هن خيال تي مون کي ڪو افسوس ناھي.
شاهنامہ جي تخليقڪار فردوسي مطابق:
ڪھ ايران بهشت است يا بوستان،
همي بوي مشک آيد از دوستان.
ايران عدن يا باغن جو بهشت آھي، جنھن جي خوشبو دوستن ۽ ساٿين کي ملي ٿي.
عظيم شاعر سعدي مطابق:
بني آدم اعضاءَ يک پيکرند،
کھ در افرينش زيد گوھر ند،
کھ درافرينش زيد گوھر ند،
چوعضوي بہ آورد روزگار،
دگر عضو ھا را نماند قرار.
معنيٰ:
”بني آدم هڪڙي جوھر مان پيدا ٿيو آھي، سڀ انسان هڪ ئي عنصر وانگر آهن، جيڪڏهن هڪ انسان کي تڪليف ٿيندي تہ سڄي انسانيت کي تڪليف ٿيندي. انساني نسل هڪ اهم خوشبو آھي، جنھن جي بنياد تي تخليق آھي. هڪ عضوو ئي ڪافي آھي دنيا کي اهميت محسوس ڪرائڻ لاءِ.“ New Para ان کان علاوه نيشاپور ۾ عمر خيام جي آخري آرامگاھہ آھي. ايران جو نئون سال، جنھن کي ”نوروز“ سڏين ٿا، ھر سال 20 مارچ تي وڏي پيماني تي ملھايو ويندو آھي. 2004ع ۾ اقوام متحدہ جي اداري يونيڪو ”نوروز“ کي انساني قومي ورثي جو عظيم ڏينھن قرار ڏنو آھي. ايران صفائي سٿرائيءَ ۾ دنيا جو عظيم ملڪ آھي. مغرب جي اذان کانپوءِ صفائي ڪندڙ سڄي رات شھرن جي روڊن رستن ۽ گهٽين جي صفائي ڪن ٿا ۽ رستن کي پاڻي سان ڌوئين ٿا، پر توھانکي صبح جو ايران جي ڪنھن بہ شھر ۾ ”پاڻي جو دُٻو“ نظر نہ ايندو، ۽ روڊ رستا چمڪندا نظر ايندا، ان ڪري گندگي جي اهم نشاني ”مک“ توھانکي ايران جي ڪنھن بہ شھر ۾ نظر نہ ايندي. ھر شھر جي چونڪ ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار سرڪاري واش روم ٺھيل آهن، جن کي ڏسي، توھان کي ڪنھن فور اسٽار هوٽل جا ”باٿ روم“ ياد اچي ويندا. ٻي اهم ڳالھہ اھا آھي تہ ايران ۾ ڪٿي بہ توھان کي ”فقير ۽ ڪُتو“ نظر نہ ايندو، ايراني وطن پرست هئڻ سان گڏوگڏ خوددار ۽ محنتي آهن ۽ صفائي کي نصف ايمان سمجهن ٿا. مشهد مقدس ۾ جڏهن مون ايراني ڪلچرل سينٽر ۾ هڪ ”خادم“ کان پڇيو تہ ايران ۾ ”ڪتا“ ڇو نہ آهن، جڏهن تہ ٻيا جانور موجود آهن. هن مذاق ۾ چيو تہ ”سڀ ”ڪتا“ آمريڪا ۽ اسرائيل هليا ويا آهن.“ ايراني آمريڪا ۽ اسرائيل کان سخت نفرت ڪن ٿا، انھن کي ھر نماز يا جمعي نماز جي خطبي ۾ مذهبي وعظ سان گڏوگڏ آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائين ٿا. آمريڪي صدر بش کي هو ”عظيم شيطان“ ۽ اسرائيل کي ”ننڍو شيطان“ سڏين ٿا. ايراني پاڪستان جي موجودہ حڪومت کان آمريڪي نواز پاليسين جي ڪري سخت نفرت ڪن ٿا. اسان کي هنن پاڪستاني سمجهي ڌڪار ۽ نفرت جي نگاھہ سان ڏٺو، پر جڏهن اسان انھن کي ٻڌايو تہ اسان جو تعلق ”سنڌ“ سان آھي، جنھن جا ايران سان قديمي رشتا ناتا آهن تہ پوءِ نفرت ۾ ڪجهہ ڪمي آئي. ايراني قومپرست کان وڌيڪ وطن پرست آهن. هو پنھنجي وطن سان بيحد پيار ڪن ٿا ۽ ان جي خاطر هو پنھنجو تن من ڌن قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ايران ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ھر ڇوڪر يا ڇوڪريءَ لاءِ ٻہ سال فوجي ٽريننگ لازمي آھي ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ھر هٿيار هلائڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي، جيئن پنھنجي وطن تي آمريڪي يا اسرائيلي جارحيت جي صورت ۾ دفاع ڪري سگهن.

ڪاليج بئنڪ يا هوٽل

پاڪستان هڪ سياسي تجربہ گاھہ آھي، جتي 59 سالن کان مختلف تجربا ٿيندا رھيا آهن، تجربن ئي تجربن ۾ اڌ ملڪ هٿن مان هليو ويو، پر اسان تجربن مان هٿ نہ ڪڍيو آھي. موجودہ فوجي آمريت جي دور ۾ هڪ جنرل تنوير نقوي ملڪ کي نئون ”سياسي نظام“ ڏنو آھي، جنھن کي جيڪڏهن ”انتظامي نظام“ سڏيون تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. جنرل تنوير نقوي کي ملڪ ۾ نئون انتظامي ڍانچي يا سياسي نظام جوڙڻ جو ”ٽاسڪ“ ڏنو ويو. هن نظام جي خاص ڳالھہ اھا آھي تہ ملڪ جي ”سول بيوروڪريسي“ لاءِ رکيل عھدن جا نالا تبديل ڪيا ويا، جيئن تہ مٿين انتظامي سطح تي وفاقي سيڪريٽري هوندا آهن، انھن کان پوءِ سيڪريٽريٽ جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪشن آفيسر هوندا آهن. اهڙي طرح صوبن ۾ چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪشن آفيسر هوندا آهن. برصغير ۾ اهڙا آفيسر ”انڊين سول سروس“ (ICS) جو امتحان پاس ڪري سول سروس اڪيڊمي ۾ تربيت وٺڻ کانپوءِ انھن عھدن تي مقرر ڪيا ويندا هئا. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ پاڪستان پنھنجو هڪ انتظامي ڍانچو جوڙيو، جنھن کي وفاقي سطح تي هلائڻ لاءِ CSP يا CSS ۽ صوبن کي هلائڻ لاءِ PCS جو نالو ڏنو ويو. هن وقت بہ وفاقي سطح تي CSS جو امتحان ڏيڻ لاءِ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن موجود آھي ۽ صوبن ۾ PCS جي امتحان لاءِ صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن موجود آھي. سيڪريٽريٽ سطح تي وفاق توڙي صوبن ۾ عھدن ۾ ڪابہ تبديلي نہ آندي ويئي، پر ڊويزنل يا ضلعي سطح تي آفيسرن جي پوسٽن جا نالا تبديل ڪيا ويا، ڪمشنر جو عھدو ختم ڪيو ويو، ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن بدران ڊي سي او (ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر) مقرر ڪيا ويا، انھن جي مدد لاءِ مختلف کاتن لاءِ ايگزيڪٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسر مقرر ڪيا ويا. سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2000ع تحت ضلعن ۾ ضلعي ناظم، ٽائون ناظم، تعلقي ناظم، يونين ڪائونسل ۽ ڪائونسلرن تي مشتمل هڪ نئون انتظامي ڍانچو جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو. ضلعي حڪومتن کي ضلعي جي حدن اندر 14 گريڊ تائين آفيسر رکڻ ۽ بدلي ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا، باقي مٿين گريڊن جي آفيسرن جي پوسٽنگ جا اختيار صوبائي حڪومت حوالي ڪيا ويا. ستن سالن گذرڻ کانپوءِ هن نظام مان عام ماڻهو کي ڪو لاڀ نہ مليو آھي، پر ھر سطح تي ڪرپشن ۾ واڌ آئي آھي. ماضي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڊويزنل سطح تي ڪمشنر ۽ ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر هوندا هئا، جيڪي پنھنجي صلاحيتن آھر انتظام کي بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ عوام جي ٽڪو پئسو دادرسي ٿيندي هئي، ھينئر ڪٿي بہ حڪومت جي “Writ”نظر نٿي اچي. جڏهن کان ضلعي نظامِ حڪومت قائم ٿيو آھي، عوام آزار ۾ مبتلا آھي، ڪٿي بہ امان امان نظر نٿو اچي ۽ نہ ئي ڪو ماڻهن جي دادرسي ٿئي ٿي. ضلعي نظام حڪومت ۾ عوام مٿان جيڪي ”ناظم“ رکيا آهن، تن سڄي خلقِ خدا کي آزاريو آھي. عوام جي خدمت بدران پنھنجا گهر ڀريا آهن، ائين لڳي ٿو تہ ملڪ اندر ضلعي حڪومتن جي روپ ۾ ننڍيون ننڍيون ”خودمختيار رياستون“ قائم ڪيون ويون آهن. ضلعن ۾ رهندڙ مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جي قسمت جو مالڪ ”جاگيردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن“ کي بنايو ويو آھي، جيڪي ڪنھن بہ ”اٿارٽي“ اڳيان ذميوار ناهن، ضلعي ناظم انھن جهنگلي ھاٿين جيان آهن، جن کي قابو ۾ آڻڻ لاءِ ڪو ”مھار“ ناھي ۽ اھي بدمست ٿي عوام کي چيڀاٽي رھيا آهن. ستن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جي تعليمي نظام کي رسيو آھي، خاص طور تي ”ڪاليج ايجوڪيشن“ مڪمل طور تي تباھہ ٿي چڪي آھي. ضلعي سطح تي اختيار نہ هئڻ سبب اڄ بہ سوين ڪاليج پرنسپالن کانسواءِ هلي رھيا آهن، سوين گرلز ۽ بوائز ڪاليجن ۾ سائنسي توڙي آرٽس جا استاد موجود ناهن، ستن سالن ۾ نوڪرين تي پابندي هڻڻ ڪري ڪاليجن ۾ پٽيوالن، چوڪيدارن، ليبارٽري اٽينڊنٽ، ليبارٽري اسسٽنٽ، ڪلرڪن، اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ جون ٻن هزارن کان مٿي جايون خالي پيل آهن. موجودہ اُڀرندڙ ڪاليجن جي تعليمي نظام کي آڏو رکي سپلا سڀ کان پھرين اهو مطالبو رکيو تہ ”ڪاليج ايجوڪيشن“ کي ضلعي حڪومتن بدران صوبائي حڪومت جي تحويل ۾ ڏنو وڃي. آخر طويل جدوجهد کان پوءِ سنڌ جي گورنر، لوڪل سيلف گورنمينٽ آرڊيننس 2002ع ۾ هڪ ترميم ڪئي آھي، جنھن تحت ڪاليجن کي 20 جون 2006ع کانپوءِ ضلعي حڪومتن بدران صوبائي حڪومت حوالي ڪيو ويندو. اسان جي سول بيوروڪريسي ۾ گهڻو ڪري اهڙن ڪامورن جي اڪثريت آھي، جيڪي خلقِ خدا کي آزاريندا آيا آهن، صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪامورا موجود آهن، جن کي خوفِ خدا بہ آھي ۽ جن ۾ خلقِ خدمت جو جذبو بہ موجود آھي، اسان هميشہ اهو عرض رکندا آيا آھيون تہ ھي دور ”اسپيشلائزيشن“ جو دور آھي، انڪري تعليم کاتي جو سيڪريٽري ڪنھن اهل، ايماندار ۽ اصول پرست استاد کي بڻايو وڃي تہ جيئن سنڌ جي اُڀرندڙ تعليمي نظام کي بچائي سگهجي. جھڙي طرح هن وقت سنڌ حڪومت جي ”آبپاشي کاتي“ جو سيڪريٽري هڪ انجنيئر آھي ۽ صحت کاتي جو سيڪريٽري هڪ ”ڊاڪٽر“ آھي تہ اهڙي طرح تعليم کاتي جو سيڪريٽري بہ هڪ استاد کي بڻايو وڃي. هڪ استاد ئي تعليم جا پيچيدہ مامرا سلجهائي سگهي ٿو. اخبارن ۾ اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو تہ موجودہ سيڪريٽري تعليم، جنھن جو تعلق “DHG” گروپ سان آھي، ان بہ جنرل تنوير نقوي جي نقش قدم تي هلندي، ڪاليجن جي انتظام لاءِ جيڪو نئون ڍانچو مرتب ڪيو آھي، اهو کل وٽان آھي، شايد سيڪريٽري تعليم جي نظرن ۾ ھاڻ ڪاليج ايجوڪيشن، فائيو اسٽار هوٽل يا بئنڪ آھي. هن صاحب جيڪو انتظامي ڍانچو چيف سيڪريٽري کي سفارش لاءِ موڪليو آھي، ان مطابق سڄي صوبي جي ڪاليجن جو انتظام هلائڻ لاءِ هڪ ”صوبائي تعليمي مئنيجر“ هوندو، جيڪو 20 گريڊ جو هوندو ۽ ان جو ھيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ هوندو ۽ باقي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ”ريجنل تعليمي مئنيجر“ هوندا ۽ انھن جا مدد لاءِ ”ڊپٽي تعليمي مئنيجر“ ۽ ”اسسٽنٽ تعليمي مئنيجر“ هوندا. تعليم هڪ معزز پيشو آھي، ان کي بئنڪ يا هوٽل وانگر ڪاروبار نہ سمجهيو وڃي، ان ڪري ماضي وانگر ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽوريٽس ڪاليج ايجوڪيشن قائم ڪيون وڃن ۽ انھن ۾ 20 گريڊ جا سينيئر، اهل ۽ اعليٰ تعليم يافتہ ايماندار، سٺي شھرت رکندڙ آفيسر، ڪاليج ڪيڊر مان رکيا وڃن ۽ سندن مدد لاءِ ايڊيشنل ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيا وڃن. ڊائريڪٽر ڪاليجز کي گريڊ 1 کان 11 گريڊ تائين تقرري جا اختيار ڏنا وڃن، ليڪچرارن کي بدلي ڪرڻ جا اختيار ڏنا وڃن تہ جيئن ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ پوري ٿي سگهي ۽ ان کانسواءِ جي. پي فنڊ ايڊوانس جي منظوري ۽ طبي موڪل جي منظوري جا اختيار پڻ ڏنا وڃن. جيڪڏهن ڪو نئون عھدو ”ڊائريڪٽر جنرل“ جو پيدا ڪيو وڃي ٿو تہ بھتر ٿيندو، پر ان جو ھيڊ ڪوارٽر ڪراچي بدران حيدرآباد ۾ رکيو وڃي، جھڙي طرح صحت کاتي يا زراعت يا ايڪسائيز ائنڊ ٽيڪيشن کاتن ۾ آھي، انھن جي ڊائريڪٽر جنرل جون آفيسون حيدرآباد ۾ آهن.
باقي جيڪڏهن سيڪريٽري تعليم ان ڳالھہ تي بضد آھي تہ صرف ھر سطح تي تعليم جا ”مئنيجر“ مقرر ڪيا وڃن تہ سيڪريٽري تعليم جي عھدي جو نالو بدلائي ”چيف آپريٽر“ يا ”صدر تعليم“ رکيو وڃي، ايڊيشنل سيڪريٽرين کي ”نائب صدر“ ڪوٺيو وڃي، ڊپٽي سيڪريٽرين کي ”مددگار مئنيجر“ سڏيو وڃي، پرنسپالن کي ”ڪاليج مئنيجر“، استادن کي ”سيڪنڊ آفيسر“ ۽ شاگردن کي ”گراهڪ“ يا “Clint” سڏيو وڃي تہ ماشاءَ الله، سيڪريٽري تعليم جي ڪارڪردگي کي چار چنڊ لڳي ويندا، کيس تاريخ ۾ هميشہ هميشہ لاءِ ياد رکيو ويندو. سيڪريٽري تعليم جي ويجهو ”تعليم“ صرف ڪمائي جو ذريعو آھي تہ پوءِ پرائيويٽ تعليمي ادارن جيان سرڪاري تعليمي ادارن کي پڻ ”تجارت“ جو ذريعو سمجهيو وڃي ۽ سرڪار کي انھيءَ دعويٰ تان هٿ کڻڻ گهرجي تہ سرڪار غريبن لاءِ ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڪرڻ گهري ٿي، اعليٰ تعليم بہ سستي ڪرڻ گهري ٿي ۽ تعليم لاءِ سرڪار جيڪو ھي نعرو هنيو آھي تہ “Education for all” ان کي “Education for few” سمجهڻ گهرجي. هونئن بہ تعليم کاتي طرفان اسڪالرشپ ڏيڻ يا ڪتاب مفت ورھائڻ وارا اعلان ڪيا وڃن ٿا، اھي هڪ موالي جي ٻٽاڪ کان وڌيڪ ڪابہ حيثيت نٿا رکن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنڌ ۽ سنڌين سان مخلص آھي تہ تعليم کاتو سنڌ سان درد رکندڙ ايماندار، اهل استاد حوالي ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هڪ استاد آڏو تعليم هڪ مقدس فرض آھي، ڪمائيءَ جو ذريعو ناھي. جتي سرڪار ٻيا تجربا ڪيا آهن، اتي هڪ استاد کي سيڪريٽري تعليم جي عھدي تي رکي تجربو ڪري ڏسي. مون کي پڪ ھي تہ سرڪار هن تجربي مان مايوس نہ ٿيندي.

قومن کي غلام بنائڻ جو طريقو

انقلابي شاعر فيض احمد فيض بيروت کي پنھنجي سامھون سڙندي ڏسي چيو هو تہ:
”چلو آئو تم کو دکھائين هم،
جو بچا ھي مقتل شھر مين،
يہ مزار اهل صفا کي ھين،
يہ ھين اهل صدق کي تربتين.“
فيض جي لاڏاڻي کي ورھيہ وري ويا، اهو ڏکيو وقت بہ گذري ويو، پر بيروت اڄ بہ سڙي رھيو آھي، 12 جولاءِ 2006ع کان اسرائيل ۽ لبنان درميان هلندڙ جنگ بند ٿي چڪي آھي، پر هن جنگبندي کي مستقل قرار ڏيڻ مشڪل آھي، ھيءَ جنگ نہ صرف عارضي طور تي بند ٿي آھي، پر منھنجي سوچ مطابق موجودہ جنگبندي مستقبل ۾ ڪنھن نئين وڏي ٿيندڙ جنگ جي بنياد تي قائم ٿي آھي. هن جنگ کي ان ڪري بند ڪرايو ويو تہ هن جنگ ۾ آمريڪي سامراج جي پاڇولي ۾ پروان چڙهندڙ اسرائيل کي ھر محاذ تي شڪست ٿي رھي هئي. آمريڪا جي سلامتي ڪائونسل جي ٺھراءَ مطابق، ڏکڻ لبنان ۽ اسرائيلي سرحدن سان 18 ميل ڊگهي ويڪري پٽيءَ ۾ هڪ بفر زون قائم ڪيو ويندو ۽ اتي اقوام متحدہ ۽ لبنان جي فوج تعينات ڪئي ويندي، اقوام متحدہ ۽ لبنان پندرهن پندرهن هزار فوجي موڪيلندا، جنھن جي بنيادي ذميواري اسرائيل کي ”حزب الله“ کان تحفظ ڏيارڻ هوندو. 33 ڏينھن کان جاري جنگ جي جنگبندي تہ ٿي ويئي آھي، پر سوال ھي پيدا ٿئي ٿو تہ هن جنگ ۾ فتح ڪنھن جي ٿي؟ اسرائيل يا حزب الله جي؟ دنيا جا مبصرين ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ تي مجبور آهن تہ حزب الله کي شڪست ۽ اسرائيل کي فتح حاصل نہ ٿي سگهي، ان مان ھي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو تہ حزب الله کي هن جنگ ۾ فتح ٿي آھي. گذريل مھيني جڏهن مان ۽ منھنجا دوست انقلابي اڳواڻ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي وَنيءَ محترمہ غنويٰ ڀٽو صاحبہ سان سندس مڙس جي وفات تي تعزيت ڪرڻ ويا هئاسين تہ ستر ڪلفٽن جي ڊرائنگ روم ۾ اسانجي هڪ دوست هن کان بيروت ۾ هلندڙ جنگ جي معلومات وٺڻ لاءِ ڪجهہ سوال ڪيا هئا تہ هن وراڻيو هو تہ سوويت يونين جي ٽُٽڻ کان پوءِ دنيا ۾ “Bi-Polar” سسٽم بدران ھاڻ “Uni- Polar” سسٽم قائم ٿي چڪو آھي، يعني اڳ ۾ ٻہ عالمي ڪيمپ هئا، هڪ جي سرواڻي آمريڪا ڪري رھيو هو ۽ ٻي ڪيمپ جي سرواڻي سوويت يونين ڪري رھيو هو، پر ھاڻ صرف هڪ ڪيمپ آھي، جنھن جو سرواڻ آمريڪي سامراج آھي. جنھن جو مقصد دنيا جي انھن شاهوڪار قومن جي معدني وسيلن تي قبضا ڪرڻ آھي ۽ ان جا خواب کڻي انھن قومن تي ڪاهون ڪندي نظر اچي ٿو، دنيا جا آزادي پسند انسان ٻين ملڪن جي مدد جي سھاري کان سواءِ آمريڪي سامراج سان دوبدو وڙھي رھيا آهن، جنھن کي محترمہ غنويٰ ڀٽو “War of People” چئي رھي هئي. هن ”حزب الله“ کي دهشتگرد تنظيم بدران ”“PLO جي برابر حريت پسند تنظيم قرار ڏنو. ھي جنگ اسرائيل صرف پنھنجي ٻن فوجين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ شروع ڪئي، پر لبنان جي عوام ظالم اسرائيل سان حزب الله جي قيادت ۾ مھاڏو اٽڪائي اهو ثابت ڪيو تہ دنيا جي ڪابہ طاقت آزادي جي جذبي کي دٻائي نٿي سگهي. اهو ئي جذبو هو، جنھن ڪري اسرائيل پنھنجي ٻن فوجين جي آزاديءَ کانسواءِ جنگبندي قبول ڪئي. اسرائيل هن جنگ ۾ اھا دعوى ڪئي تہ هن حزب الله جي جنگي صلاحيت ختم ڪري ڇڏي آھي، هن جنگ ۾ حزب الله اسرائيل تي صرف 230 راڪيٽ فائر ڪري هن کي پويان هٽڻ تي مجبور ڪيو ۽ حزب الله جي دعوى آھي تہ هن وٽ اڃا بہ هزارين راڪيٽ موجود آهن. اسرائيل جي وزيراعظم اھا ڳالھہ تسليم ڪئي آھي تہ حزب الله هن جنگ ۾ صرف 3 هزار راڪيٽ استعمال ڪيا آهن، هن وٽ اڃا 12 هزار راڪيٽ موجود آهن. آمريڪا ۽ اسرائيل کي اھا غلطفهمي هئي تہ شديد وحشياڻي بمباري کانپوءِ شايد حزب الله کي شڪست ملي، پر هنن جا سُندر سپنا اڌورا رهجي ويا، ھي جنگ ڪنھن الميي طور ياد رکي ويندي، ۽ تاريخ ڪجهہ نہ وساريندي آھي. وقت جو مؤرخ سڀ ڪجهہ ياد رکندو آھي. هن کي ھي ياد رهندو: تباھہ حال بيروت، دنيا جو خوبصورت شھر جنھن جا ڪجهہ حصا ويرانيءَ جو ويراڳ بنجي چڪا آهن، اھي ننڊ ۾ ستل معصوم ٻار جيڪي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ڪري هميشہ لاءِ ننڊ جي هنج ۾ هليا ويا آهن، جن جي مائرن جي نيڻن مان نير سُڪي چڪا آهن. اقوام متحدہ خصوصي ڪورآرڊينيٽر جين ايگلينڊ مطابق، گلن جھڙن معصوم ٻارڙن جي قتل تي اهو محسوس ٿيو تہ هن جنگ جو بنياد صحيح نہ هو، مؤرخ ھي بہ ياد رکندو تہ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا حزب الله جا جوڌا جنگجو ڪھڙي طرح نہ ثابت قدميءَ سان جديد اسلحي سان ليس اسرائيل جي مقابلي ۾ بيھي رھيا، مؤرخ ھي بہ ياد رکندو تہ 60 کان وڌيڪ اسلامي ملڪ جن وٽ لکن جي تعداد ۾ جديد تربيت يافتہ فوج آھي، ڪھڙي طرح نہ خاموش تماشائي بنيل رھيا، ان کان وڏو ڏوھہ انھن مسلمان ملڪن جي خاموشي آھي، جيڪي بيروت ۾ انساني رت سان کيڏندڙ هولي تي خاموش رھيا، جن جي ضمير ذرڙو بہ جنبش نہ ڪئي. ھاڻي ھي ڳالھہ چٽي طرح عيان ٿي چڪي آھي تہ ايڪويھين صدي ۾ جنگين جو مقصد سياسي بالادستي نه، پر صرف ۽ صرف ٻين ملڪن جي قيمتي وسيلن تي قبضو ڪري استعمال ڪرڻ آھي، پر حقيقت ۾ آمريڪي سامراج جي اھا بدنيتي نڪري نروار ٿي آھي، هن وقت گلوبل ايجنڊا مطابق مسلمان ملڪن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻو آھي، چاھي اھي وسيلا زرخيز زمين جي صورت ۾ هجن، يا تيل يا پاڻيءَ جي صورت ۾ ۽ پوءِ انھن وسيلن تي خوشيءَ سان قبضو ڪجي يا زوريءَ سان. عسڪري ماھرين مطابق، آڪٽوبر 1999ع ۾ آمريڪي سامراج جون لالچي نگاهون وچ ايشيا جي ملڪن تي مرڪوز ھيون، عام ماڻهو هن خطي ۾ هڪ ڀيرو وري روس جي وڌندڙ عمل دخل خلاف آمريڪي پاليسين کي ”ردعمل“ سمجهي ٿو پر درحقيقت اھا انھن تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڪشش هئي، جنھن آمريڪا جو توجهہ هن خطي ڏانھن ڇڪائي. سڀ کان وڏو تيل جو ذخيرو آذربائيجان ۾ آھي، جنھن جو ڪاٿو اٽڪل 3.7 ملين بيرل لڳايو وڃي ٿو، ان کان علاوه قازقستان، ترڪمانستان، ازبڪستان ۾ بہ تيل جا وڏا ذخيره موجود آهن. وسيلن جي هن پس منظر ۾ عرب، اسرائيل جنگ کي ڏسڻ جي ضرورت آھي، هن جهيڙي جي گهرائي تيل سان گڏوگڏ اهو پاڻي پڻ آھي، جنھن تي آمريڪي سامراج قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، هن خيال جي تائيد لبيا جي انقلابي اڳواڻ ۽ صدر معمر قذافي جو ھي بيان ڪري ٿو تہ ”عرب ھاڻ اهو سمجهي ويا آهن تہ دراصل اسرائيل انھن وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، جن ۾ تيل سان گڏوگڏ پاڻي پڻ آھي.“ جڏهن مصر جي صدر انورالسادات درياءَ نيل جي پاڻي کي ”ڪيمپ ڊيوڊ“ معاهدي تحت اسرائيل کي ڏيڻ چاھيو تہ هن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، اسرائيل اڪثر غزه جي پٽي کي فلسطينين کي واپس ڪرڻ جي ڳالھہ ڪندو رھيو آھي پر ڀلجي بہ ”گولان“ جي انھن ٽڪرين جو نالو نٿو کڻي، ڇاڪاڻ تہ غزه جي پٽيءَ ۾ پاڻي جا زير زمين ذخيرا تمام ٿورا آهن، جڏهن تہ گولان جي ٽڪرين تي پوندڙ بارش جي ڪري پاڻيءَ جي جمع ڪيل ذخيرن تي اسرئيل جو دارومدار آھي. وچ اوڀر جي تاريخ ۾ ”نھر سئز“ بہ ان حوالي سان مشھور آھي تہ هن نھر تي اجاره داري لاءِ مصر ۽ اسرائيل ۽ فرانس ۽ برطانيہ برسرپيڪار رھيا آهن. هن جهيڙي جي ڪري هزارين انسان اجل جو شڪار ٿيا، چيچنيا جي جنگ دوران جيڪا قتل و غارت گري ٿي، آمريڪا انھيءَ کي روس جو اندروني معاملو قرار ڏئي خاموش تماشائي بنيل رھيو، پر جڏهن آمريڪا افغانستان ۾ طالبان جي ذريعي ڪشت و خون جي بازار گرم ڪئي تہ روس بہ خاموش رھيو. 70 جي ڏھاڪي ۾ جڏهن عربن تيل کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني تہ آمريڪا جي ان وقت جي صدر جمي ڪارٽر چيو تہ ”خليج فارس جي علائقي مان آمريڪا لاءِ تيل جي سپلاءِ ۾ جيڪڏهن ڪنھن بہ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ان کي آمريڪا تي حملو سمجهيو ويندو ۽ پوءِ اسان کي اختيار هوندو تہ اسان انھن کي ڪيئن ٿا منھن ڏيئي سگهون.“
اسرائيل ۽ لبنان جي جنگ بہ هن ڪوشش جي هڪڙي ڪڙي آھي، اسرائيل ھر حال ۾ قبضي ۾ آيل علائقي کي واپس ڪرڻ نٿو گهري. هن خطي ۾ ٿيندڙ برساتن مان ”بحيره گيلسي“ کي پاڻي جي سپلاءِ ٿئي ٿي، ھي فلسطين جي مٺي پاڻي جو وڏو ذخيرو آھي، هن ڍنڍ مان هڪ وڏي پائيپ لائين جي ڪري اسرائيل جي ڏکڻ علائقي کي پاڻي سپلاءِ ڪيو وڃي ٿو. اسرائيل جون نظرون لبنان جي درياءَ ”ليطاني“ تي پڻ آهن پر حزب الله جي مزاحمت جي باعث هن جو خواب شرمندهءِ تعبير نہ ٿي سگهيو. عالمي برادري، خصوصًا مسلمان ملڪن کي آمريڪي جارحيت ۽ اسرائيل جي وحشياڻي عمل خلاف آواز اُٿارڻ گهرجي تہ بيروت ۾ ٿيندڙ بيگناھہ انسانن جو قتل، معصوم ننڊ ۾ ستل ٻارڙن تي بمباري رڳو بيروت جو مسئلو ناھي، پر عالم انسانيت سان گڏوگڏ عالم اسلام جو مسئلو آھي. اھا جنگ صرف اسرائيل ۽ لبنان جي جنگ نہ هئي، پر ان ”گلوبل ايجنڊا“ جو حصو آھي، جنھن تي آمريڪا عمل درآمد ڪري رھيو آھي. عراق، افغانستان ۽ لبنان جي جنگ ان سلسلي جي ڪڙي آھي، سڀاڻي ائين نہ ٿئي، جو ايران کانپوءِ پاڪستان، آمريڪي جارحيت جو شڪار ٿئي. پاڪستان کي آمريڪا جي دهشتگردي خلاف نام نھاد جنگ ۾ ايترو اڳتي وڌڻ نہ گهرجي، جو پنھنجو وجود بہ داءَ تي لڳائي ويھي رھي. آمريڪي سامراج ڪڏهن بہ قوم جو دوست نہ رھيو آھي ۽ نہ ئي ٿي سگهي ٿو. هن کي صرف پنھنجا مفاد پيارا آهن، ”جيري حاصل ڪرڻ خاطر ٻڪري ڪھي سگهي ٿو.“ پاڪستان دنيا ۾ دهشتگردي جي جنگين ۾ آمريڪا کان بہ اڳرو رھي ٿو، پر لبنان تي مڙھيل دهشتگردي تي پاڪستان جي مجرمانہ خاموشي تي پوري پاڪستان جي عوام جو ڪنڌ شرمساريءَ کان جهڪيل آھي، شايد پاڪستان سان گڏوگڏ انھن اسلامي ملڪن جون بہ اکيون کلن، جيڪي خودغرضي ۽ غفلت جي اگهور ننڊ ۾ پوريل آهن، شايد ڪڏهن تہ جاڳن.
ڪاش تيري دل مين اتر جائي ميري بات.

جمھوريت، سياست ۽ فوج

تازو لنڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمہ بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراھہ ميان محمد نواز شريف درميان هڪ اهم گڏجاڻي ٿي گذري، جنھن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو تہ جيڪڏهن موجودہ وزيراعظم شوڪت عزيز 31 جولاءِ تائين پنھنجي عھدي تان استعفى نہ ڏني ۽ جنرل پرويز مشرف پنھنجا ٻہ عھدا نہ ڇڏيا تہ اي آر ڊي ۾ شامل جماعتن جا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ويٺل ميمبر استعيفائون ڏيئي ڇڏيندا ۽ احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو. اي آر ڊي جي اهم مطالبن ۾ اهو مطالبو بہ شامل آھي تہ ھاڻ سياست کي “Demilitrise” ڪيو وڃي، يعني فوج جو عمل دخل گهٽايو وڃي، ڇاڪاڻ تہ فوج جي عمل دخل ڪري ملڪ ۾ جمھوري ادارن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي ۽ بار بار مارشل لائن جي ڪري بين الاقوامي طور ملڪي ساک کي نقصان پھتو آھي، فوج جي عمل دخل ڪري پاڪستان کي پنھنجي اڪثريتي علائقي، يعني مشرقي پاڪستان تان هٿ کڻڻو پيو ۽ ھينئر بہ بلوچستان ۽ وزيرستان ۾ هلندڙ فوجي آپريشن ڪري ملڪ جي سلامتي ۽ يڪجهتيءَ کي خطرو آھي. اھا هن ملڪ جي بدقسمتي آھي تہ هن ملڪ ۾ پردي پويان يا پردي کان ٻاھر سدائين فوج حڪومت ڪئي آھي، پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو 1954ع ۾ فوج جي ڪمانڊر انچيف جنرل ايوب خان کي ملڪ جو ”وزير دفاع“ بڻايو ويو، جيڪو ڪابينہ جي فيصلن تي اثرانداز ٿيندو رھيو. ملڪ ۾ 1956ع کان وٺي 1958ع تائين ٻن سالن جي عرصي ۾ پاڪستان جي ٻئي آئين جي نفاذ کانپوءِ ٿوري ٿوري عرصي ۾ فوج جي دٻاءَ تحت وزيراعظم بدلبا رھيا، چوڌري محمد علي، حسين شھيد سھروردي، اسماعيل ابراھيم چندريگر ۽ ملڪ فيروز خان نون ٻن سالن ۾ ملڪ جا وزيراعظم رھيا. پاڪستان جي سياسي تاريخ جو مطالعو ڪيو وڃي تہ فوج جي دٻاءَ سبب ملڪ ۾ 9 اسيمبليون ٽُٽي چڪيون آهن، پاڪستان جي پھرين آئين ساز اسيمبلي ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي دور ۾ 1946ع ۾ ڪرايل چونڊن جي نتيجي ۾ قائم ٿي، هن اسيمبلي جي اهم ذميوارين ۾ سڀ کان اهم ڪم ملڪ لاءِ نئون آئين جوڙڻو هو، پر هڪ معذور ۽ منڊي گورنر جنرل چوڌري غلام محمد 24 آڪٽوبر 1954ع تي اھا اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، پاڪستان جي ٻي آئين ساز اسيمبلي 1955ع ۾ صوبائي اسيمبلين جي ووٽن ذريعي عمل ۾ آئي. هن اسيمبلي جي اهم ڪم ۾ نئون آئين جوڙڻو هو. ھر فوجي حڪومت ۾ هميشہ ننڍن صوبن ۽ قومن جا تاريخي حق غضب ٿيندا آيا آهن، سنڌ، بلوچستان، سرحد جي قومپرستن ۽ پنجاب جي لبرل پروگريسو سياستدانن جي ڪوششن سان ”نيشنل عوامي پارٽي“ جو وجود عمل ۾ آيو، جنھن ۾ سائين جي ايم سيد ۽ عطاءُ الله مينگل، خان عبدالولي خان، عبدالصمد اچڪزئي، خيربخش مري ۽ ٻيا شامل هئا. هن پارٽيءَ جي منشور ۾ سڀ کان پھريون نڪتو اهو شامل هو تہ ”ون يونٽ“ کي ٽوڙيو وڃي، جنھن ۾ نظريہ پاڪستان ۽ اسلام جي آڙ ۾ ننڍين قومن جا حق غضب ٿي رھيا هئا ۽ ٻيو اهم نڪتو هو تہ پاڪستان کي آمريڪا جي اشاري تي ٺھيل سامراجي معاهدن سيٽو ۽ سينٽو مان نجات ڏياري وڃي، ٽين اهم ڳالھہ اھا آھي تہ جڏهن بہ نعپ برسر اقتدار ايندي تہ ملڪ مان جاگيرداري، سرمائيداري ۽ وڏيرا شاھي نظام کي ختم ڪندي.
1956ع جي آئين جوڙڻ کانپوءِ حڪومت جي فرضن ۾ اھا ڳالھہ شامل هئي تہ ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ ملڪ جي قومي اسيمبلي جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، ملڪ جي ”ڳجهن ادارن“ حڪومت کي اھا رپورٽ ڏني تہ جيڪڏهن چونڊون آزاد، شفاف ۽ غير جانبدار ڪرايون ويون تہ ان ۾ ”نيشنل عوامي پارٽي“ اڪثريت حاصل ڪري وٺندي، جيئن ئي حڪومت فيبروري 1959ع ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، تہ ملڪ جي صدر ميجر جنرل اسڪندر مرزا 7 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪري قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ۽ 1956ع جو آئين منسوخ ڪري ڇڏيو، ان وقت پاڪستان جو وزيراعظم ملڪ فيروز خان نون هو. هن مارشل لا جو مقصد سامراجي مفادن جي تڪميل ۽ ننڍين قومن جي استحصال کي جاري ساري رکڻ هو.
1962ع ۾ جنرل ايوب خان هڪ نئون آئين ٺھرايو، هن آئين تحت ملڪ ۾ بنيادي جمھوريتن جو نظام قائم ٿيو. ملڪ ۾ 80 هزار حلقا Cosistituencies)) ٺاھيا ويا. هنن 80 هزار ميمبرن ذريعي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي ۽ مغربي پاڪستان ۽ مشرقي پاڪستان جي صوبائي اسيمبلين جا ميمبر چونڊرايا ويا. خود جنرل ايوب خان ڌانڌلي ذريعي پنھنجي سامھون بيٺل صدارتي اميدوار (محمد علي جناح جي ڀيڻ) محترمہ فاطمہ جناح کي ھارايو ۽ پاڻ کي صدر منتخب ڪرايو. ايوب جي دور ۾ قومي خزاني کي لٽيو ڦريو ويو. خود سندس پُٽ ڪرپشن ۾ ڪاھي پيا. پنھنجي سياسي حمايتين کي نوازڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو تہ جيئن مخالف ڪئمپ ۾ شامل نہ ٿي سگهن. ايوب خان ان وقت جي وزير خزانہ شعيب جي مشوري تي پنھنجي ٻنھي پٽن گوھر ايوب ۽ اختر ايوب کي فوج مان رٽائر ڪرائي ڪاروبار ڪرايو. ڊاڪٽر فزانزپڪ مطابق، ”ايوب خان جي خاندان ڪرپشن طور 20 ملين ڊالر ميڙيا.“ ايوب خان سياستدانن کي سياست مان خارج ڪرڻ لاءِ جيڪو “EBDO” جو قانون نافذ ڪري انھن کي نااهل قرار ڏنو ان جي نتيجي ۾ ملڪي سياست ۾ هڪ خلا پيدا ٿيو، خاص طور تي ايوب خان جي ڏينھن ۾ بنگال ۾ نيشنلزم عروج تي پھتو. 1965ع جي پاڪ انڊيا جنگ کانپوءِ روس جي شھر تاشقند ۾ پاڪستان ۽ ڀارت درميان امن معاهدو ٿيو، جنھن ۾ انھيءَ ڳالھہ تي زور ڏنو ويو تہ آئندہ ٻئي ملڪ پنھنجا تڪرار، طاقت جي استعمال بدران مذاڪرات جي ذريعي طئه ڪندا، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو ان وقت پاڪستان جو وزير خارجه هو، ان کي وزارت تان هٽايو ويو، ڀٽو صاحب جي پھرين اھا ڪوشش هئي تہ هو نيشنل عوامي پارٽي ۾ شامل ٿئي بعد ۾ دوستن جي مشوري سان هن پنھنجي پارٽي جوڙي ۽ ايوب خان خلاف تحريڪ کي تيز ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ايوب خان استعيفيٰ ڏني. هن اقتدار ان وقت اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري فضل قادر جي بدران فوج جي ڪمانڊر انچيف جنرل يحيى خان جي حوالي ڪيو. جنرل يحيى قومي اسيمبليءَ کي 26 مارچ 1969ع تي ٽوڙي ڇڏيو ۽ ملڪ جي آئين کي منسوخ ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ مٿان مارشل لا مڙھي ڇڏي. جنرل يحيى خان وعدو ڪيو تہ هو ملڪ ۾ جلدي نيون چونڊون ڪرائينديو. 1970ع ۾ ”هڪ ماڻهو هڪ ووٽ“ جي بنياد تي ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون ويون. انھن چونڊن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي سياسي پارٽي عوامي ليگ کي قومي اسيمبلي جي 313 سيٽن مان 151 سيٽون مليون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي 81 سيٽون مليون. جنرل يحيى خان جي اھا ڪوشش هئي تہ ملڪ جو وزيراعظم ڀلي شيخ مجيب الرحمان ٿئي پر کيس ”صدر پاڪستان“ جي عھدي تي برقرار رکيو وڃي، جيڪو شرط شيخ مجيب الرحمان قبول نہ ڪيو. اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪرڻ بجاءِ بنگالين کي ”غدار“ قرار ڏئي وڏي پيماني تي بنگال ۾ قتل عام ڪيو ويو، بنگالي پناھہ وٺڻ لاءِ ڀارت ڏانھن هليا ويا. بعد ۾ بنگالين ”گوريلا ويڙهه“ جو آغاز ڪيو، جن جي ڀارت جي وزيراعظم اندرا گانڌي مڪمل مدد ڪئي. شيخ مجيب الرحمان کي گرفتار ڪري پاڪستان آندو ويو، فوجي آپريشن جي نتيجي ۾ پاڪستان ٻہ اڌ ٿيو، ”جيڪڏهن هن سياسي بحران جو حل ڳالھين ذريعي ڪڍيو وڃي ھا تہ شايد بنگال پاڪستان کان ڌار نہ ٿئي ھا.“ جنرل يحيى خان جو دور پاڪستان جو هڪ ”سياھہ دور“ آھي، جنھن ۾ پاڪستان کي مڪمل طور تي لٽيو ڦريو ويو ”ايوان صدر“ کي عياشين جي آماجگاھہ بڻايو ويو. ميڊم نورجهان، جنرل راني ۽ فلمي اداڪاره ترانہ جا قصا ملڪ جي سياسي تاريخ جو داغدار حصو بنجي ويا. بچيل پاڪستان جو اقتدار شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪيو ويو، جنھن 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ 90 هزار فوجي قيدين کي ڇڏائڻ لاءِ ”شمله“ ۾ ڀارت جي وزيراعظم اندرا گانڌي سان مذاڪرات ڪيا ۽ شھيد ڀٽو جي ڪوششن سان ”شمله معاهدو“ عمل ۾ آيو ۽ 90 هزار جنگي قيدي آزاد ٿيا. 1977ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي آمريڪا جي اشاري تي فوج اقتدار تان هٽائي ڇڏيو ۽ قتل جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ پنجاب ھاءِ ڪورٽ طرفان ڦاسي جي سزا ڏياري ويئي. سپريم ڪورٽ ۾ غير پنجابي ججن شھيد ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ جي فيصلي جي مخالفت ڪئي، پر پنجاب سان تعلق رکندڙ ججن پنجاب ھاءِ ڪورٽ طرفان ڏنل ڦاسي جي سزا برقرار رکي. 4 اپريل 1979ع تي ڀٽو کي ٽياس تي ٽنگيو ويو. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن وڏي پئماني تي ٿي. جنرل ضياءُ الحق قومي اسيمبلي کي 5 جولاءِ 1977ع تي ٽوڙڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو هو تہ ملڪ اندر 90 ڏينھن اندر چونڊون ڪرايون وينديون، پر جنرل ضياءُ الحق جو ڪارو دور ”يارهن سال“ رھيو. ضياءُ الحق جي دور ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن سان گڏوگڏ ”بنياد پرستي“ جو بنياد پيو. ڪو ذي شعور انسان ضياءُ الحق جي دور کي سٺو دور نٿو لکي سگهي. ضياءَ دور ۾ فوجي جنرلن وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي ۽ ان کان علاوه ملڪ ۾ “فرقيواريت” کي هٿي ڏني. زڪوات ۽ عشر آرڊيننس جي نفاذ تي شيعہ فرقي جي اڳواڻن جي زبردست احتجاج ڪري آرڊيننس ۾ ترميم ڪري ”اهلِ تشيع“ کي زڪوات ۽ عشر کان آجو قرار ڏنو ويو. ضياءُ الحق جي دور ۾ ”اسلام“ جي نالي تي عوام جو وڏي پيماني تي استحصال ڪيو ويو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو اعلان ڪيو ويو تہ ديني مدرسن جون سَندون ۽ ڊگريون ملڪ جي يونيورسٽين جي ڊگرين برابر هونديون. هن فيصلي ڪري ملڪ ۾ ”ملائيت“ کي زبردست فروغ مليو. 1987ع ۾ ايم آر ڊي جي تاريخي جدوجهد کانپوءِ مجبوراً ملڪ ۾ غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنھن جي ملڪ جي اڪثر جمھوريت پسند پارٽين مخالفت ڪئي، پر ”مذهبي جماعتن“ ان ۾ حصو ورتو. وزيرن، مشيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، جنرلن ۽ نوڪرشاھي جي ڪل پُرزن کي وڏي پيماني مٺ ڀڳڙن تي پلاٽ ڏنا ويا، ضياءَ دور ۾ ملڪي قانونن کي اورانگهيو ويو ۽ اختيارات جو ناجائز استعمال ڪيو ويو. 1987ع ۾ ري ڪنڊيشنڊ ڪارن جو اسڪينڊل منظر عام تي آيو. هن اسڪينڊل ۾ ڪابينہ جي هڪ وزير حامد سرفراز هڪ ڪروڙ روپيا ڪميشن طور ورتا. پاڪستان شپنگ ڪارپوريشن لاءِ ڪجهہ جهازن جي خريد فروخت ۾ پڻ ضياءُ الحق ڪابينہ جي وزير ”مصطفيٰ گوڪل“ جو نالو منظر عام تي آيو، جنھن ۾ خود ضياءُ الحق ڪميشن تي ڪروڙين روپيا حاصل ڪيا. فوج جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ جنرل ضياءَ سول انتظاميہ نيم سرڪاري ادارن، سرڪاري ڪارپوريشنن ۽ محڪمہ خارجه ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي سڻڀيون پوسٽون ڏنيون 1981ع ۾ 44 پاڪستاني سفيرن مان 18 جو تعلق فوج سان هو، 1985ع ۾ 96 فوجي آفيسرن کي مرڪزي حڪومت جي اعليٰ عھدن تي نامزد ڪيو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڪرپشن، رشوت، اسمگلنگ ۽ منشيات جي ڪاروبار کي عروج تي پھچايو ويو، ناجائز اسلحي جو ڪاروبار شروع ٿيو. ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي فروغ مليو. فوجي جنرلن جي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ ”اوجھڙي ڪئمپ“ جو ڊرامو ڪيو ويو، جنھن ۾ اختر علي عبدالرحمان ۽ ٻيا ڪيترا جنرل شامل هئا. ضياءَ دور ۾ صوبائي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۽ آڊيٽر جنرل جي رپورٽن ۾ سرڪاري کاتن ۾ سنگين بدعنوانين ۽ ملڪي قومي وسيلن کي لٽڻ ڦرڻ تي ھيٺيان چند انڪشاف ٿيا:
(1) پنجاب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 50 ارب رپين جي خردبرد جو انڪشاف ڪيو .
(2) وفاقي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مطابق، سرڪاري کاتن ۾ ھر سال 40 ارب رپين جي گهپلن جو انڪشاف ٿيو ۽ انڪم ٽيڪس ۾ ھر سال هڪ کرب رپين جا ٽيڪس چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو.
جنرل ضياءُ الحق ۽ ان جي ساٿين جو ڪرپشن جو وڏو حصو ان ”مقدس جهاد“ جي نالي تي ڪيو ويو، جيڪو افغانستان ۾ ٿيو. هن ۾ ضياءُ الحق ۽ سندس ساٿين اربين رپيا ڪمايا، اهو ئي سبب آھي، جو انھيءَ جنرلن جا نسل هن وقت ايشيا ۾ امير ترين شخصيتون آهن ۽ موجودہ حڪومت ۾ اهم عھدن تي فائز آهن. جيڪڏهن ملڪ کي قائم ۽ دائم رکڻو آھي تہ پاڪستاني سياست ۾ فوج جي عمل دخل کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ سڀني قومن کي مساوي حق ڏيڻا پوندا.

ھيوگو شاويز: نئين صدارتي ۽ انقلابي پارٽيءَ جي ضرورت

وينزويلا جي صدر ھيوگو شاويز ٻئي مدي لاءِ ملڪ جي صدارت سنڀالڻ لاءِ عھدي جو قسم کڻي ورتو آھي. حلف کڻڻ وقت ھيوگو شاويز روايت موجب ساڄو هٿ مٿي کڻڻ بدران کاٻو هٿ مٿي کڻي قسم کنيو. ان موقعي تي شاويز چيو تہ هن پنھنجي سڄي حياتي سوشلزم لاءِ ارپي ڇڏي آھي. لاطيني آمريڪا اڄڪلھہ سوشلسٽ انقلاب ڏانھن وڌي رھيو آھي. وينزويلا ۾ ھيوگو شاويز، بوليويا ۾ ايوا مورالس، چلي ۾ مشيل بيشيلخت، ميڪسيڪو ۾ اوپيز اوبراڊور ۽ نڪاراگوا ۾ ڊينيل، ايڪواڊور ۾ رافيل ڪورايا سوشلسٽ مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ پيش پيش آهن، حالانڪه آمريڪا ۽ ان جي ساٿارين طرفان مختلف مرحلن تي انھن جي راهن ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون. وينزويلا، جنھن کي ڪرسٽوفر ڪولمبس 1498ع ۾ دريافت ڪيو هو، اهو هن مشن ۾ سڀني کان اڳيان آھي. وينزويلا جي ڪل پکيڙ (زمين ۽ ٻيٽن تي مشتمل) 352, 144 چورس ميل آھي ۽ ڪل آبادي 435، 730، 25 ماڻهن تي مشتمل آھي، ان جي گاديءَ جو هنڌ ”ڪراڪس“ آھي. وينزويلا ۾ مختلف نسلن جا ماڻهو آباد آهن، جن ۾ اسپينش، اٽلين، پورچوگيز، عرب، جرمن ۽ آفريڪي نسلن جا ماڻهو شامل آهن. وينزويلا جي سرڪاري ٻولي ”اسپينش“ آھي. اُتان جي آباديءَ جو مذهب ”عيسائيت“ آھي، خواندگي جي شرح 2003ع جي تخميني مطابق 93 سيڪڙو آھي. ھيوگو شاويز جي پيدائش 28 جولاءِ 1954ع تي ٿي، سندس ماءُ ۽ پيءُ پرائمري استاد هئا، هو فوج ۾ ڀرتي ٿيو. 1992ع ۾ هڪ ناڪام فوجي بغاوت جي نتيجي ۾ هن کي فوج جي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. 17 سالن تائين فوج جي اداري سان وابستہ رھيو، پر ناڪام بغاوت جي نتيجي ۾ هن کي قيد جي سزا ڏني ويئي، ٻن سالن کانپوءِ ان وقت جي صدر رافيل هن جي باقي سزا معاف ڪئي ۽ کيس جيل مان آزاد ڪيو ويو. آزاديءَ کانپوءِ هن صدارتي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. ھيوگو شاويز هڪ ”شعله بيان“ مقرر آھي. 1998ع ۾ شاويز صدارتي انتخابي مھم جو آغاز ڪيو ۽ پنھنجي ڪرشماتي شخصيت ۽ اندازِ خطابت جي نتيجي ۾ هن صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ کيس 56 سيڪڙو ووٽ مليا. فيبروري 1999ع ۾ هو صدر جي عھدي تي فائز ٿيو. 2006ع جي چونڊن ۾ هن شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ کيس 61 سيڪڙو ووٽ مليا، اھي چونڊون 3 ڊسمبر 2006ع تي ٿيون، ھيوگو شاويز جي خواهش آھي تہ وينزويلا جي آئين ۾ ترميم ڪري صدارتي عھدي جو مدو وڌايو وڃي ۽ آئين مان اھا شق ختم ڪئي وڃي تہ صدر جي عھدي تي ڪو اميدوار صرف ٻہ ڀيرا چونڊ وڙھي سگهي ٿو. تيل جي دولت سان مالامال وينزويلا (اسپين جي اڳوڻي ڪالوني) ۾ صدارتي نظام آھي ۽ صدر جي چونڊ سڌيءَ طرح عوام ڪري ٿو. صدارتي عھدي جو مدو 6 سال آھي، صدر چونڊجڻ کان پوءِ هو نائب صدر ۽ ڪابينہ جا وزير پاڻ چونڊي ٿو. وينزويلا ۾ پارليامينٽ هڪ ايوان تي مشتمل آھي، جنھن کي ”قومي اسيمبلي“ سڏيو وڃي ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جو تعداد 167 آھي. وينزويلا ۾ 1863ع ۾ موت جي سزا ختم ڪئي ويئي، ڪنھن بہ ماڻهو کي موت يا ڦاسي جي سزا نٿي ڏيئي سگهجي. وينزويلا تيل جي دولت سان مالامال آھي، پر ان جي باوجود 50 سيڪڙو آبادي غربت جو شڪار آھي ۽ هزارين ماڻهو بيروزگار آهن. ھيوگو شاويز جي اندروني پاليسي ”بوليورين مشن“ کان متاثر آھي، جنھن ۾ غربت جو خاتمو، مفت اسپتالن جي تعمير، جتي غريبن کي مفت علاج جون سڀ سهولتون ميسر هجن ۽ وڏي پيماني تي سرڪاري تعليمي ادارا قائم ڪرڻ آھي تہ جيئن غريب مفت تعليم حاصل ڪري سگهن. ھيوگو شاويز آمريڪا جو ڪٽر مخالف آھي. هن جو چوڻ آھي تہ وينزويلا وٽ عالمي سياسي منظرنامي ۾ کيڏڻ لاءِ تيل جي صورت ۾ انتھائي مضبوط ڪارڊ موجود آھي ۽ اسان اهو ڪارڊ دنيا ۾ آمريڪا خلاف استعمال ڪنداسين. OPEC جي اهم ملڪ جي حيثيت سان شاويز، اوپيڪ ملڪن جو دورو پڻ ڪري چڪو آھي. شاويز گذريل سال اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سامھون ويٺل آمريڪي صدر بش کي ”شيطان“ قرار ڏنو هو ۽ هن کي دنيا جي امن لاءِ خطرو چيو هو. 2006ع ۾ لبنان- اسرائيل جنگ ۾ ھيوگو شاويز اسرائيل مان بطور احتجاج پنھنجو سفير گهرائي ورتو ۽ اسرائيل کي هٽلر سان مشابھت ڏني ۽ لبنان جي وڏي پيماني تي غير مشروط حمايت ڪئي. ھيوگو شاويز ڪرپشن جي سخت خلاف آھي ۽ هن غربت ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي انقلابي قدم کنيا آهن. 1999ع جي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ هن رستن ۽ گهرن جي تعمير جو اعلان ڪيو ۽ ڪيترن ادارن جي نجڪاري جي عمل کي پڻ روڪي ڇڏيو. 1999ع ۾ شاويز قومي اسيمبلي جي چونڊن سان گڏوگڏ آئين ۾ تبديليون آڻڻ لاءِ ريفرينڊم پڻ ڪرايو، جنھن ۾ 72 سيڪڙو ماڻهن هن جي حق ۾ ووٽ ڏنو. قومي اسيمبلي ۾ شاويز جي حمايت يافتہ پارٽي جي اميدوارن 95 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ملڪ جو نالو ”بوليوين ريپبلڪ آف وينزويلا“ رکيو ويو. ڊسمبر 1999ع ۾ نئون آئين منظور ڪيو ويو. ان دوران ملڪ ۾ سخت برساتون پيون ۽ مٽيءَ جون ڀِڪون ڪريون، جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ 30 هزار انسان اجل جو شڪار ٿيا. شاويز تي سندس مخالفن الزام لڳايو تہ هن شھري دفاع طرفان ڏنل رپورٽ کي نظرانداز ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آھي. جولاءِ 2000ع ۾ نئين آئين تحت قومي اسيمبليءَ جون چونڊون عمل ۾ آيون. انھن چونڊن سان گڏ شاويز ٻيھر صدارتي چونڊ ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ پاڻ اميدوار بيٺو. شاويز جي حمايت يافتہ اتحاد قومي اسيمبلي ۾ ٻہ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪئي. صدارت جي شروعاتي ٽن سالن ۾ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ اهم قدم کنيا ويا، جن ۾ عوام لاءِ مفت علاج ۽ يونيورسٽي سطح تائين مفت تعليم شامل آھي. اپريل 2002ع ۾ شاويز مخالف رهنما ڪارلوس ۽ ٽيگا ٻہ روز لڳاتار عام هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو صدارتي محل ڏانھن روانا ٿيا، جتي پھريائين شاويز جا حامي جمع هئا، جنھن جي نتيجي ۾ ٻنھي گروپن ۾ تصادم ٿي پيو، حڪومت تمام ميڊيا تي ھيوگو شاويز جون تقريرون نشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مظاھرن ۽ فسادن جي خبرن هلائڻ تي پابندي وجهي ڇڏي. حيرت انگيز طور تي وينزويلا جي فوج جي سربراھہ ٽي وي تي اعلان ڪيو تہ صدر شاويز استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي آھي ۽ ان جي جاءِ تي عارضي سربراھہ مقرر ڪري شاويز کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آھي. نئين سربراھہ مملڪت شاويز جي سڀني پاليسين، قومي اسيمبلي ۽ عدالتي ادارن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ ملڪ جو نالو ٻيھر ”ريپبلڪ آف وينزويلا“ رکيو ويو. عبوري صدر جي قدمن جي نتيجي ۾ شاويز جي حامين پوري ملڪ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو. شاويز جي وفادار سپاھين صدارتي محل تي قبضو ڪري شاويز کي آزادي ڏياري، ان جي نتيجي ۾ وينزويلا جي تاريخ ۾ سڀ کان مختصر حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. شاويز ٻيھر صدارت جي عھدي تي فائز ٿيو. هن پنھنجي خلاف ٿيل بغاوت جو الزام آمريڪا تي هنيو. هن تي ڪيترا ڀيرا ٿيل قاتلانہ حملا پڻ ناڪام ٿيا آهن، جنھن جو ذميوار هو آمريڪا کي قرار ڏئي ٿو، پنھنجي صدارت دوران ھيوگو شاويز هڪ ٽي وي پروگرام جي ميزباني ڪندو رھيو، جنھن ۾ مختلف موضوعن تي گفتگو ڪرڻ کان علاوه عوام جون ٽيليفون ڪالز بہ ٻڌندو هو. ھيوگو شاويز کي چار نياڻيون آهن. هو مذهبي لحاظ کان رومن ڪيٿولڪ آھي پر هن جا رومن ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقن جي مذهبي رهنمائن سان ناتا سٺا ناهن. وينزويلا جي عوام لاءِ ”ھيوگو شاويز“ هڪ ھيرو ۽ ماڊل جي حيثيت رکي ٿو. شاويز جي وڌندڙ مقبوليت جي ڪري آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اهو چوڻ تي مجبور ٿيو آھي تہ آمريڪا وينزويلا سان تعميري ۽ دوستانا تعلقات قائم ڪرڻ جو خواهشمند آھي. وينزويلا انقلابي تبديلين ڏانھن وڌي رھيو آھي، پر ان جي ڪاميابيءَ لاءِ هڪ مضبوط ۽ منظم پارٽيءَ جي ضرورت آھي، جيڪا بنيادي سياسي ۽ معاشرتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي، ڇاڪاڻ تہ ھيوگو شاويز جي سحر انگيز شخصيت کي ڪنھن سازش ذريعي رستي تان هٽايو وڃي ٿو تہ پوءِ وينزويلا خانہ جنگي جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ تبديليءَ ڏانھن وڌندڙ قدم خودبخود رڪجي ويندا. هڪ انقلابي پارٽي ئي انقلاب جي تڪميل ڪري سگهي ٿي. دنيا ۾ جيڪي نوان سياسي نظريا جنم وٺي رھيا آهن، انھن ۾ شخصيت بدران پروگرام ۽ نظريي کي مرڪزي اهميت حاصل آھي ۽ انقلابي پارٽي لاءِ اهو ضروري ناھي تہ اھا روس يا چين جي طرز جي انقلاب کي نافذ ڪري، پر ھر ملڪ ۽ قوم لاءِ ضروري آھي تہ پنھنجي زميني حالتن، سماجي ماحول ۽ ثقافتي زندگيءَ مطابق انقلابي پروگرام کي ترتيب ڏئي ۽ عوام جي احساسن ۽ جذبن جو احترام ڪري.

آئين ۽ ايران جي سول سوسائٽي

ايران ۾ 1979ع جي انقلاب جي اٺاويھين سالگرھہ ملھائي پئي وڃي. ان موقعي تي ايراني صدر محمود احمدي نجاد چيو آھي تہ ايران ڪنھن بہ صورت ۾ آمريڪا آڏو نہ جهڪندو. صدارتي اليڪشن دوران هن عوام سان جيڪي بہ واعدا ڪيا هئا، انھن کي ھر صورت ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو، جنگ مڙهڻ جي صورت ۾ ھر مرد، عورت ۽ ٻار پنھنجي مادرِ وطن جي حفاظت ڪندو.
ڪنھن بہ مھذب جمھوري رياست جي سڃاڻپ اھا هوندي آھي تہ ان ۾ ڪجهہ اخلاقي ۽ سياسي ماپا ڏٺا ويندا آهن. انھن ماپن ۾ آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، سماجي انصاف ۽ شھري آزاديون شامل آهن. آئون جڏهن ايران ويو هئس، تہ مون اتي ايران جي موجودہ سياسي نظام کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي تہ 1979ع ۾ امام خمينيءَ جي قيادت ۾ ايندڙ انقلاب ۽ شهنشاھيت جي خاتمي کانپوءِ ايران ۾ ڪھڙيون سياسي، معاشي ۽ اخلاقي تبديليون آيون آهن؟ سڀ کان پھرين تہ ايران ۾ نئين ٺاھيل آئين تحت سڀ ادارا هلايا وڃن ٿا. ڪابہ شخصيت آئين کان بالاتر ناھي. ھر سياسي اداري پارليامينٽ، انتظاميہ ۽ عدليہ کي ڌار ڌار اختيار مليل آهن ۽ ھر ادارو پنھنجي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد ۽ خودمختيار آھي. ايران ۾ قانون جي حڪمرانيءَ کي تمام گهڻي اهميت مليل آھي. سمورا شھري قانون جي اطاعت ڪن ٿا. ايستائين جو ڪنھن بہ ڪار يا بس کي اجازت ناھي تہ اھا رستي تي ٻيءَ ڪنھن گاڏيءَ کي ڪراس ڪري سگهي. ايران جي وڏن شھرن ۾ مون کي ڪٿي بہ پوليس يا قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مداخلت نظر نہ آئي. قانون جي حڪمرانيءَ جو هڪ مثال اهو بہ آھي تہ اصفھان جي دوري دوران جڏهن سج لٿي کان پوءِ ٿڪ ڀڃڻ خاطر هڪ پارڪ ۾ وڃي ويٺاسين، تہ ڏٺوسين تہ ٻہ نوجوان ڇوڪريون پارڪ جي ڪنڊ ۾ پينٽنگس ٺاھي رھيون ھيون. اھي تختي تي لڳل ڪاغذ تي مصوريءَ جا رنگ پکيڙي رھيون ھيون. اھي خوف کان بي نياز ۽ مطمئن ھيون. هنن سان گڏ ڪو مرد بہ نہ هو. اسان وٽ سج لٿي کان پوءِ اڪيلي سر پارڪ ۾ وڃي مصوري ڪرڻ جو نوجوان نياڻيون سوچي بہ نٿيون سگهن. ايران جي سول سوسائٽي ۾ پوليس جي مداخلت نہ هجڻ برابر آھي. اتي پوليس انسانن لاءِ آزار ڪونھي، پر ماڻهن جي مددگار آھي. ايستائين جو ڪو اجنبي جيڪڏهن رستو ڀلجي وڃي تہ ايران جي سپاھيءَ وٽ متعلقه شھر جو نقشو موجود هوندو آھي ۽ هو آسانيءَ سان راھہ ڀليل انسانن کي دڳ لڳائي ڇڏيندو آھي. ايران جي سياسي نظام ۾ سڀ کان وڏو عمل دخل سماجي انصاف (Social Justice) جو آھي. ايراني حڪومت جي سڀ کان گهڻي ڪوشش آھي تہ ھر ايراني شھريءَ کي ان جون بنيادي ضرورتون مھيا ڪيون وڃن، جنھن ۾ اٽو، لٽو ۽ اجهو، تعليم ۽ صحت جون سهولتون شامل آهن. ايراني سياسي نظام ۽ سول سوسائٽيءَ ۾ عورت کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويئي آھي. ايستائين جو مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وهنوار ۾ انھن کي برابريءَ جي حيثيت ڏني ويئي آھي. مرڪزي ڪابينہ ۾ عورتن کي معقول نمائندگي مليل آھي. فوج، ايئر فورس، نيوي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن کي مناسب نمائندگي مليل آھي. صوبن ۾ جيڪڏهن مرد گورنر آھي تہ ڊپٽي گورنر جي عھدي تي خاتون مقرر ٿيل آھي. بازار ۾ نجي دڪانن تي پڻ عورتون ڪاروبار هلائين ٿيون. ايران جي خلاف اھا مغربي پروپيگنڊا بلڪل غلط آھي تہ 1979ع جي انقلاب کانپوءِ عورت کي گهر جي چؤديواريءَ ۾ قيد ڪيو ويو آھي. 1979ع جي انقلاب کانپوءِ ايراني سماج ۾ جيڪو مانُ ۽ مرتبو عورت کي مليو آھي، اهو مغربي ملڪن کان وڌيڪ آھي. صرف غير اخلاقي حرڪتن کي ٻنجو ڏنو ويو آھي. عورت جي تقدس جي پائماليءَ وارين محفلن ۽ حرڪتن کي بند ڪيو ويو آھي، فحاشي ۽ عريانيءَ کي روڪيو ويو آھي. ايران ۾ عوام کي مڪمل شھري حق مليل آهن. تحرير ۽ تقرير جي آزادي آھي. عقيدي ۽ عبادت جي آزادي آھي. جيتري رواداري، سهپ ۽ بردباري ايران جي سياسي نظام ۾ آھي، ايتري شايد ئي ڪنھن اسلامي ملڪ ۾ ملي. ايران ۾ سرڪاري ملازم جي سياست ۾ حصي وٺڻ تي ڪا پابندي ناھي، صرف ”لازمي سروس“، يعني ”فوج“ جي اهلڪار جي سياست ۾ حصي وٺڻ تي پابندي آھي. ان جو هڪ مثال ھي آھي تہ موجودہ ايراني صدر محمود احمدي نجاد پيشي جي لحاظ کان استاد آھي. هو تھران جي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو مستقل استاد آھي. هن کان اڳ علي اڪبر رفسنجاني پڻ پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو ۽ اڄڪلھہ تھران جي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ آرٿوپيڊڪ وارڊ جو ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ آھي. سرڪاري ملازم موڪل وٺي ڪنھن بہ سياسي عھدي لاءِ بيھي سگهي ٿو. محمود احمدي نجاد پھريائين تھران جي ميئر جي عھدي تي ڪاميابي ماڻي ۽ ھاڻ هن صدارتي عھدي تي ڪاميابي ماڻي آھي. هو هڪ لوھار جو پُٽ آھي. هو اڄ بہ پنھنجي اباڻي گهر ۾ رھي صدارتي فرض سر انجام ڏئي ٿو. گذريل سيپٽمبر ۾ جڏهن اسان ايران ۾ هئاسين تہ اسان ڏٺو تہ ايران جي فضائي ڪمپني جي جهاز ۾ هڪ عام مسافر جي حيثيت ۾ نيويارڪ ۾ اقوام متحدہ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رھيو هو. هن لاءِ ڪو ڌار اسپيشل جهاز موجود نہ هو ۽ ساڻس صرف پنجن ڄڻن تي مشتمل صدارتي اسٽاف گڏ هو. هن سان ڪو وڏو لشڪر نہ هو. ايران ۾ صدارتي عھدي کان وٺي سرڪاري آفيسر تائين ھر ماڻهو سادگي ۽ قناعت سان پنھنجا سرڪاري فرض سرانجام ڏئي ٿو. ايران جا آفيسر پينٽ ڪوٽ پائين ٿا، پر”ٽائي“ استعمال نٿا ڪن. ٽائي کي هو ”صليب“ جي نشاني سمجهن ٿا. عام مرد ۽ عورت پڻ گهڻو ڪري ”جين“ ۽ ”شرٽ“ استعمال ڪن ٿا. خواتين مٿان حجاب پائين ٿيون. مون شھر مقدس جي ايئرپورٽ تي واپسيءَ مھل جڏهن مسافرن جي لائونج ۾ هڪ اڌڙوٽ عورت کي سگريٽ پيئندي ڏٺو تہ مون کي حيراني ٿي. ايران ۾ حقي ۽ سگريٽ پيئڻ تي ڪا پابندي ناھي، حقي ڇڪڻ جون باقاعدي هوٽلون ھر وڏي شھر ۾ موجود آهن. سير و تفريح لاءِ ھر وڏي شھر ۾ خوبصورت پارڪ ۽ ريسٽورانٽ آهن. ايران ۾ هلندڙ بسن جا ٽرمينل ڪنھن بہ ايئرپورٽ کان گهٽ ناهن. اصفھان کان تھران ويندڙ بس ۾ ٽڪيٽ جي بڪنگ ڪرائڻ کانپوءِ سوار ٿياسين، ائين محسوس ٿيو تہ پي آءِ اي جي ڪنھن بوئنگ جهاز ۾ سوار ٿيا آھيون. بس ۾ ماني ۽ مشروب جو پڻ بندوبست آھي ۽ ھر بس ۾ ٽي وي لڳل آھي، جتي ايراني ۽ هندستاني فلمون هلايون وڃن ٿيون. ايران جي ھر شھر ۾ سئنيمائون پڻ موجود آهن، جن ۾ ايراني ۽ هندستاني فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. ايران جي وڏي خوبي اھا آھي تہ 1979ع جي انقلاب کا پوءِ انھن پنھنجي”ايراني ڪلچر“ کي دائم ۽ قائم رکيو آھي. قديم عمارتون ۽ قديم مجسمہ ھر شھر ۾ موجود آهن. ايران ۾ ايمانداري ۽ اعتبار کي وڏي اهميت مليل آھي. ٽيڪسي ڊرائيور جڏهن ڪنھن پيٽرول پمپ تي وڃي ڪار ۾ پيٽرول ڀرائيندو آھي تہ اهو پاڻ هٿ سان ڪار ۾ پيٽرول ڀريندو آھي ۽ پيٽرول جا پئسا پاڻ ئي پيٽرول پمپ جي مالڪ کي ادا ڪندو آھي.ايراني سڪي کي”تمن“ سڏيو ويندو آھي. هڪ پاڪستاني رپئي جي قيمت 15 تمن جي برابر آھي. مون 0 3 سالن جي نوڪريءَ ۾ ڪڏهن بہ هڪ لک رپيا گڏ نہ ڏٺا آهن. ايران ۾ پاڪستاني رپين جي عيوض جڏهن ايراني ڪرنسي ۾ ”تمن“ ورتاسين تہ مون کي ڏھہ هزار رپين جي عيوض ڏيڍ لک ”تمن“ مليا. مون رب پاڪ جو شڪر ادا ڪيو تہ مان اڄ لک پتي ٿي ويو آھيان، پر چئن ڏينھن ۾ اھي سمورا پئسا ختم ٿي ويا. ايران ۾ پيٽرول، سي اين جي ۽ بجلي بلڪل سستي آھي. ٽيليفون جي لوڪل ڪال فري آھي. ڪراچيءَ کان تھران، تھران کان مشهد جهاز جي “Return Ticket” لاءِ اسان صرف ايڪويھہ هزار رپيا ڀريا. پر جيڪڏهن ڪوئيٽه ۽ تافتان جي رستي بسن ذريعي وڃبو تہ بلڪل گهٽ خرچ ايندو. زائرين جيڪي قافلن جي صورت ۾ ايران وڃن ٿا، اھي ٽيھہ هزار رپين ۾ ايران جون سڀ زيارتون ڪري سگهن ٿا. انھن پئسن ۾ ڀاڙي، ماني ۽ رھائش جو بندوبست ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان سوات، ايوبيہ، ڪوھہ مري، مدائين، ڪالام وغيره سير تفريح لاءِ وينداسين تہ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک رپيا خرچ ٿي سگهي ٿو. ايترن پئسن ۾ هوائي جهاز ۽ لگزري بسن ذريعي اسان سڄو ايران 15 ڏينھن ۾ گهمي ڦري سگهون ٿا. ايران ۾ جوراب، سوئيٽر ۽ ڪمبل بلڪل سستا آهن. پاڪستاني ٻن رپين ۾ جوراب جي هڪ سٺي جوڙي ملي سگهي ٿي. پاڪستاني 100 رپين ۾ هڪ سٺو گرم سوئيٽر ملي سگهي ٿو، جڏهن تہ 300 رپين ۾ هڪ سٺو سهڻو ڪمبل ملي وڃي ٿو. ايران جون سرحدون ٻن سمنڊن، يعني عربي سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ سان ملن ٿيون. انڪري هن ملڪ ۾ 8 وڏا بندرگاھہ آهن. سڀني کان وڏو بندرگاھہ ”بندر عباس“ آھي. سمنڊ جي ڪنارن تي بہ تفريح جا ڪافي سهڻا ۽ دلچسپ ماڳ ٺھيل آهن. ايران صفائي، سهڻن ماڳن، خوبصورت ۽ روشن رستن، گلن سان سينگاريل پارڪن ۽ مواصلاتي نظام جي ڪري ڪيترن ئي مغربي ملڪن کان خوبصورت ملڪ آھي.

تعليم، تجربا ۽ امتحان

هن ملڪ ۾ زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ تجربا ٿيندا رهن ٿا، انھيءَ ڪري ھر شعبو تجربن جي ور چڙھيل آھي. ان جي نتيجي ۾ نہ ادارا جڙي سگهيا آهن ۽ نہ ئي وري ڪا مستقل پائيدار پاليسي، جيڪا عوام کي لاڀ ڏئي سگهي. ھر ايندڙ حڪمران پنھنجي مفاد ۽ مرضيءَ مطابق ملڪ ۾ سياسي ادارن ۽ اهم شعبن کي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، خاص طور تي جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا هوندو آھي، يا غير جمھوري حڪومتون، تہ سڄي ملڪ جو عوام تجربن جي ان آزار ۾ اچي ويندو آھي. هونئن تہ ھر شعبي ۾ تجربن جي طبع آزمائي ٿيندي رھي آھي، پر تعليم جي شعبي تي اهڙي مشق سڀني کان سرس ٿيندي رھي آھي.
دنيا جي ملڪن ۾ سڀ کان پھرين اتي جي تعليمي نظام کي بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. جيڪڏهن ڪنھن ملڪ جو تعليمي نظام جٽادار، لاڀ ڏيندڙ ۽ Result oriented approach رکندڙ آھي تہ پوءِ اهو ملڪ دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن جي صف ۾ اهم جاءِ والاريندو آھي. قومن جي بقا ۽ تنزل ۾ تعليمي نظام کي اهم حيثيت حاصل هوندي آھي، پر اسان جي ملڪ ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪابہ سول يا نان سولين حڪومت ملڪ لاءِ ڪو صحتمند ۽ پائيدار تعليمي نظام جوڙي نہ سگهي آھي. ملڪي سياست ۾ ”سگهاري ڌر“ جي مداخلت ڪري ڪي بہ پائيدار سياسي ادارا جڙي نہ سگهيا آهن ۽ نہ ئي جمھوري روايتون ۽ قدر پنھنجي مستقل جاءِ وٺي سگهيا آهن. 1958 ع ۾ جنرل ايوب خان جي مارشل لا پاڪستان جي تاريخ جي سخت ترين مارشل لا هئي. مارشل لا قانونن ذريعي ملڪ جي ھر شعبي ۾ تبديليون آنديون ويون. تعليم جي شعبي ۾ جيڪي تبديليون آنديون ويون، ان سان سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسيو. ورھاڱي کان اڳ سنڌ ۾ سنڌي فائنل جو امتحان رائج هو، ان جو معيار اڄ جي گرئجوئيشن کان بہ وڌيڪ هو. ايوب دور ۾ تعليمي نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ”شريف ڪميشن“ جوڙيو ويو، جنھن جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ سنڌي زبان جي تعليم کي پنجين درجي تائين محدود ڪيو ويو، سنڌي فائنل جو امتحان ختم ڪيو ويو، جنھن ۾ شاگرد ستين درجي جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ استاد، تپيدار ۽ ڪلرڪ جي نوڪري ماڻيندو هو. ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي ادارن مان نيڪالي ڏني ويئي. ان نا انصافيءَ خلاف سنڌ جي استادن، اديبن، دانشورن ۽ ساڃھہ وند طبقي ”شريف ڪميشن“ جي سفارشن کي رد ڪري ڇڏيو. ان عوامي جدوجهد جي نتيجي ۾ 14 آڪٽوبر 1962ع تي هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ويو تہ، ”حڪومت ھاڻ نئين صورتحال جو نئين سر جائزو ورتو آھي ۽ فيصلو ڪيو آھي تہ سنڌي زبان جي اڳوڻي حيثيت برقرار رکي وڃي، سنڌي زبان تعليمي ادارن ۾ ذريعهءِ تعليم (Medium of instruction) رهندي، جيئن اڳ ۾ هئي. اھي شاگرد، جيڪي سنڌي زبان کي ”ذريعهءِ تعليم“ استعمال ڪن ٿا، تن کي پرائمري جي چوٿين درجي کان اردو لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سيکارڻ متعلق صورتحال اڳ وانگر قائم رهندي.“
61-1960ع کان وٺي عمل ۾ ”نئين اسڪيم“ موجب سنڌي، ڇھين ڪلاس کان ٻارھين درجي، يعني انٽر تائين انھن تعليمي ادارن ۾ لازمي مضمون (Compulsory) رھي آھي، جن جو ”ذريعهءِ تعليم“ سنڌي آھي، اھا حيثيت نہ بدلبي. انھيءَ آرڊيننس موجب سنڌي زبان جي تعليم جي اڳوڻي حيثيت هڪ ڀيرو وري بحال ٿي. جنرل ايوب جي ڏينھن ۾ هڪ ٻيو فيصلو بہ ٿيو تہ سنڌي فائنل جي امتحان سان گڏو گڏ ميٽرڪ جي امتحان جو سسٽم پڻ ختم ڪيو ويو. 1962ع کان اڳ ميٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي ۽ ان جو معيار بلند هو، پر 1962ع ۾ هڪ آرڊيننس ذريعي تعليمي بورڊ قائم ڪيا ويا. ميٽرڪ جو امتحان ختم ڪري نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحان جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنھن کي ميٽرڪ جي امتحان جو درجو ڏنو ويو ۽ تعليمي بورڊن کي اھا ذميواري حوالي ڪئي ويئي تہ اھي نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو امتحان وٺن. اڳ ۾ شاگرد چار درجا سنڌيءَ جا پاس ڪري پھرئين درجي انگريزيءَ ۾ داخل ٿيندو هو، پر ايوب دور ۾ پنجون ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوءِ پھرئين ڪلاس انگريزي، يعني ڇھين ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ جو سسٽم رائج ڪيو ويو. ڇھين، ستين ۽ اٺين ڪلاس جا امتحان ”اسڪول انتظاميه“ وٺندي هئي، باقي نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو امتحان سيڪنڊري تعليمي بورڊن جي حوالي ڪيو ويو، ۽ ان کي ميٽرڪ سڏڻ بدران ”سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ“ (ايس ايس سي) جو درجو ڏنو ويو ۽ ميٽرڪ کانپوءِ انٽرميڊيٽ امتحان جو سسٽم رائج ڪيو ويو، جنھن کي ”ھائر سيڪنڊري سرٽيفڪيٽ“ (ايڇ ايس سي) جو نالو ڏنو ويو. ان کانپوءِ شاگردن کي گرئجوئيشن جي ڪورس پڙهڻ لاءِ ”اهل“ قرار ڏنو ويو. نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو امتحان ڌار ڌار رکيو ويو. اهڙي طرح ھر سال ٻار نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو جدا امتحان ڏئي ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪندا هئا. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سڀ کان پھرين تعليم واري وفاقي وزارت زبيدہ جلال جي حوالي ڪئي ويئي، جيڪا بلوچستان ۾ اين جي او جي حوالي سان مشھور هئي ۽ ان اين جي او تحت پنھنجا تعليمي ادارا هلائيندي هئي. سنڌ ۾ گورنر محمد ميان سومري جي دور ۾ تعليم جي وزارت انيتا غلام علي جي حوالي ڪئي ويئي. بعد ۾ اھا وزارت دولتپور سان تعلق رکندڙ خان محمد ڏاھري جي حوالي ڪئي ويئي. 2002ع جي عام چونڊن کان پوءِ وزارت تعليم، عرفان الله مروت حوالي ڪئي ويئي. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سابق استاد حميدہ کھڙو کي وزير تعليم بڻايو ويو. شوڪت عزيز جي وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ زبيدہ جلال بدران تعليم جھڙو اهم شعبو رٽائرڊ جنرل قاضي جاويد اشرف جي حوالي ڪيو ويو. تعليم جھڙي اهم شعبي ۾ هو نت نوان تجربا ڪري رھيو آھي، جنھن سان ملڪي تعليمي نظام سڌرڻ بدران تباھہ ٿي رھيو آھي. ھر روز تعليمي نظام کي جديد تقاضائن مطابق بنائڻ لاءِ حيرت انگيز ۽ عجيب و غريب فيصلا ڪيا پيا وڃن ۽ اھي فيصلا استادن ۽ ٻارن تي زبردستي مڙھيا پيا وڃن. انھن فيصلن ۾ نائين ۽ ڏھين درجي جي گڏيل امتحان وارو تڪراري فيصلو بہ شامل آھي. هن فيصلي موجب نائين ڪلاس جو امتحان جدا نہ ٿيندو ۽ ٻار ڏهن مضمون بدران ھاڻ چوڏهن مضمون پڙهندا ۽ ٻن سالن کانپوءِ چوڏهن مضمونن جو امتحان گڏ ورتو ويندو. ھاڻ نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحان ۾ ٽوٽل مارڪون 850 بدران 1050 هونديون. هن فيصلي کان اڳ ڪنھن بہ تعليمي ماھر يا ورڪنگ ٽيچر کان راءِ نہ ورتي ويئي. ھي نج نوڪرشاھي جو فيصلو آھي. منھنجي نظر ۾ هن فيصلي پويان پاليسي سازن جو صرف هڪ ئي ”فلسفو“ شامل آھي تہ غريب، بي پھچ ۽ مسڪين ٻارن لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا بند ڪيا وڃن. حڪومت هڪ طرف ”تعليم سڀني لاءِ“ (Education for all ) جو نعرو هڻي ٿي، تہ ٻئي طرف عملي طرح اهڙا قدم کڻي رھي آھي، جو اعليٰ تعليم جا دروازا پورھيتن، ھارين ۽ مسڪينن جي ٻارن تي هميشہ لاءِ بند ٿيندا وڃن. دنيا جي ملڪن ۾ ”سيمسٽر سسٽم“ تيزي سان وڌي ويجهي رھيو آھي، جنھن نظام ۾ ھر ٽئين مھيني امتحان ورتو وڃي ٿو، پر هتي سالياني امتحان واري سرشتي بدران ھاڻ ٻن سالن ۾ امتحان وٺڻ وارو سسٽم رائج ڪيو پيو وڃي. حڪمرانن جي هوڏ جي نتيجي ۾ غريب جو ٻار ھاڻ اٺين ڪلاس جي امتحان کان اڳتي وڌي نہ سگهندو يا تعليم کان محروم رهندو. جيڪڏهن حڪمرانن جي هن تڪراري فيصلي جو ڇيد ڪبو تہ اسان کي ھيٺيون شيون چٽيءَ طرح نظر اينديون:
(1) هڪ امتحان ۾ شاگرد لاءِ 14 پيپرن جو امتحان فطري طرح مشڪل ڪم آھي، ڇاڪاڻ تہ اسان جو مدي خارج امتحاني نظام ”مينوئيل“ بدران ٻارن جي ”ياد داشت“ جي عمارت تي بيٺل آھي. هڪ سال اڳ پڙھيل مضمونن جو ٻئي سال امتحان وٺڻ ”غير فطري“ آھي ۽ ٻار سان سراسر ناانصافي ۽ زيادتي آھي. ٽن ڪلاڪن ۾ صرف ٿيوري جو امتحان وٺڻ تعليم جي فطري گهرجن خلاف آھي. جنھن ٻار جي ”ياد داشت“ سٺي هوندي سو بہ مشڪل سان ٽن ڪلاڪن ۾ سوالن جا جواب لکي سگهندو، پر جنھن ٻار جي ”يادداشت“ ڪمزور هوندي، اهو تہ ٽن ڪلاڪن اندر هڪ سوال جو جواب بہ نہ لکي سگهندو.
(2) استاد اڳ ۾ ذهني پريشانين جو شڪار آھي، اهو ذهني مونجهارن جي ڪري ايتري محنت نٿو ڪري، جيتري هن کي ڪرڻ گهرجي. ڇا اسان جو پريشان حال استاد چوڏهن سبجيڪٽ پڙھائڻ جي قومي معيار تي پورو لهندو يا نه؟ جڏهن تہ پڙھائڻ جو سسٽم پڻ مدي خارج آھي. اڃا اسان کي عالمي تعليمي معيار تائين پھچڻ لاءِ پنجاھہ سال کپن. اسان جي اسڪول سسٽم ۾ جديد تقاضائن مطابق آڊيو يا وڊيو سسٽم رائج نہ ٿي سگهيو آھي، هتي تہ چاڪ ۽ ڊسٽر بہ ڪلاسن لاءِ مشڪل سان ملن ٿا.
(3) ٻن سالن جو امتحان گڏ وٺڻ سان ”ٽيوشن“ جي ڪاروبار ۾ واڌارو ايندو. جن ٻارن جا والدين سرنديءَ وارا هوندا، سي پنھنجي ٻارن کي ٻئي سال ٽيوشن سينٽرن ذريعي اضافي تعليم ڏياري امتحانن ۾ ويھاريندا، پر اھي غريب ٻار ڪيڏانھن ويندا، جن جي پيرن ۾ جتي بہ ناھي، هڪ ويلي جي ماني بہ ميسر ناھي، سي ٽيوشن جي في ڪٿان ڀريندا؟ امتحان جي موجودہ مدي خارج سسٽم ۾ صرف سرنديءَ وارا ٻار پاس ٿيندا. ٽيوشن کان علاوه اھي ڳري رقم خرچ ڪري بہ تعليمي بورڊن جي ”ڪرپٽ بدبودار نظام“ مان پسند جون مارڪون حاصل ڪري وٺندا، پر غريب جا ٻار اهو امتحان پاس نہ ڪري سگهندا!
(4) حڪومت هڪ طرف تہ ”ڪاپي ڪلچر“ کي ختم ڪرڻ لاءِ اعلان ڪري رھي آھي، پر نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو امتحان گڏ وٺڻ سان ”ڪاپي ڪلچر” ۾ اضافو ٿيندو. استاد شاگرد کي اھا ترغيب ڏيندو تہ اھي ھر حال ۾ ٽيوشن سينٽرن ۾ اچن. استاد جو اهو ئي رويو آھي، جيڪو سماج مان استاد جو مرتبو گهٽائي ٿو.
تعليم کاتي جي ڪيترن انتظامي عملدارن طرفان اهو چيو وڃي ٿو تہ، ”ٽيوشن جائز آھي.“ گذريل سال ڪراچيءَ جي ايگزيڪٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر (ايجوڪيشن) اهڙو سرڪيولر پڻ تعليمي ادارن ڏانھن موڪليو هو. اهڙن سرڪيولرز مان اھا ڳالھہ ظاھر ٿئي ٿي تہ سرڪاري سطح تي ٽيوشن ڏيڻ جي حوصلي افزائي ٿي رھي آھي. ٽيوشن صرف سرنديءَ وارا ٻار ئي حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪي سڄي سماج جو صرف پنج سيڪڙو آهن، پر پنجانوي سيڪڙو غريبن جا ٻار، جيڪي روح ۽ جسم جي رشتي کي برقرار رکڻ لاءِ پڙھائيءَ سان گڏو گڏ تعليمي ادارن کان پوءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ پورھيو ڪري جيئڻ لاءِ جتن ڪن ٿا، انھن لاءِ ڏاڍو مشڪل هوندو تہ اھي ”ٽيوشن“ جا پيسا ڀرين. حڪومت کي نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي گڏيل امتحان وارو تڪراري فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، جيڪو سراسر غريبن تي اعليٰ تعليم جا دروازا بند ڪرڻ جي برابر آھي. ان سان گڏو گڏ مدي خارج نصاب کي بہ بدلائڻ گهرجي، ٻارن کي سکيا ڏيڻ جي عالمي معيار مطابق جديد طريقا اختيار ڪيا وڃن ۽ امتحان جو مدي خارج نظام بدلايو وڃي، اعليٰ تعليم مفت ڪرڻ جو اهتمام ڪيو وڃي.

انساني حقن جي تحفظ ۾ اعليٰ عدالتن جو ڪردار

ھر مھذب ۽ جمھوري ملڪ ۾ آئين يا دستور اعليٰ قانون هوندو آھي. آئين قاعدن، اصولن ۽ قانونن جو هڪ اهڙو مجموعو هوندو آھي، جيڪو رياست جي جوڙجڪ ۽ ان جي مختلف حصن ۽ کاتن جي اختيارن ۽ انھن جي باهمي تعلقات، رابطن ۽ حڪومت ۽ شھرين وچ ۾ تعلقات ۽ شھرين جي حقن ۽ فرضن جي لکت ۾ تفصيل جو ميلاپ هوندو آھي. ٻين لفظن ۾ آئين رياست جو بنيادي قانون هوندو آھي، جنھن ۾ پارليامينٽ، انتظاميہ ۽ عدليہ جي اختيارن جي ورڇ ٿيل هوندي آھي. پاڪستان ۾ 1973ع وارو آئين ترميمن جي لڳل چتين جي باوجود هڪ اهم دستاويز آھي، جنھن ۾ رياست جي ادارن، حڪومت جي جزن ۽ شھرين جي حقن جو ذڪر آھي. آئين کان بالاتر ڪو بہ ادارو يا شخصيت ناھي. حڪومت سنڌ جي تعليم کاتي 21 جولاءِ 2006ع تي سنڌ اندر استاد تنظيمن تي پابندي عائد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍيو، جنھن ۾ سنڌ جي تعليم جي تباھي جو ذميوار استاد تنظيمن کي قرار ڏنو ويو. استاد تنظيمن تي پابندي جي نوٽيفڪيشن کي ملڪي آئين ۽ انساني بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ ان خلاف پرامن احتجاج ڪيو، ان جو اهم سبب ھي هو تہ پاڪستان جي ٽن صوبن، يعني بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد ۾ استاد تنظيمن تي پابندي نہ هئي، ٻيو تہ خود سنڌ اندر گورنر سنڌ جي ماتحت ڪم ڪندڙ سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن ۾ اهڙي پابندي نہ لڳائي ويئي هئي. سنڌ حڪومت جي بجيٽ بُڪ مطابق، سنڌ ۾ سوا پنج لک سرڪاري ملازم آهن، جن ۾ ٽن لکن کان وڌيڪ ملازم تعليم کاتي ۾ آهن. تعليم کاتي جي سڀني استادن ۽ ملازمن پابنديءَ جي پيش نظر هڪ اتحاد جوڙيو. ان دوران استادن جي پرامن احتجاج تي پوليس تشدد پڻ ٿيو. پوليس استادن تي ڪيس داخل ڪري انھن کي گرفتار بہ ڪيو، پر عدالتن مان اھي ضمانتون ڪرائي آزاد ٿي ويا.
13 ڊسمبر 2006ع تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ، استاد تنظيمن واري حڪومتي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏنو. هن ڪيس ۾ استادن پاران مجيب پيرزادو، رٽائر جسٽس رشيد رضوي ۽ اختر حسين ايڊووڪيٽ وڪالت ڪئي ۽ سنڌ سرڪار طرفان نامياري وڪيل خالد انور وڪالت ڪئي. ھاڻ اهو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آھي، ڇاڪاڻ تہ سنڌ حڪومت، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آھي، سپريم ڪورٽ جي هن بينچ ۾ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري بہ شامل آھي. سنڌ حڪومت جي اھا اپيل ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ منظور ڪئي آھي، پر سنڌ اندر رجسٽرڊ استاد تنظيمن کي قانون جي دائري اندر سرگرمين جاري رکڻ جي پڻ اجازت ڏني آھي. سپريم ڪورٽ جي بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ٻن مھينن جي اندر رکي آھي. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي غير فعال بنائڻ ۽ موجودہ بحران پيدا ٿيڻ کانپوءِ استادن جي تنظيمن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جيڪا اپيل داخل ڪئي آھي تہ هن ڪيس جو فيصلو جلد ڏنو وڃي، پر حالتن جي حساب سان اهو ممڪن نظر نٿو اچي تہ ڪو ٻن مھينن اندر ڪيس جي شنوائي ٿيندي يا ڪو فيصلو ايندو. علم سياست ۽ قانون جي شاگرد جي حيثيت سان مان اهو چئي سگهان ٿو تہ موجودہ بحران پاڪستان جي ”سياسي تاريخ“ جو وڏو آئيني ۽ قانوني بحران آھي. 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 209 تحت صدر پاڪستان کي اهو اختيار حاصل آھي تہ هو اعلى عدالتن جي ڪنھن بہ جج خلاف شڪايتن جي صورت ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس موڪلي سگهي ٿو. آئين مطابق سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ (1) چيف جسٽس آف پاڪستان، (2 ) سپريم ڪورٽ جا 2 سينئر ترين جج ۽ (3 ) ھاءِ ڪورٽن جا ٻہ سينئر ترين چيف جسٽس شامل هوندا، يعني سپريم جڊيشل ڪائونسل پنجن ججن تي مشتمل هوندي. جيئن تہ موجودہ ريفرنس سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي خلاف آھي. 1973ع جي آئين ۾ اهڙي ڪابہ وضاحت ناھي تہ ريفرنس يا انڪوائري ۾ آيل جج کي غير فعال يا معطل ڪيو ويندو. جيستائين سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس جي ڪارروائي هلندي، جسٽس افتخار محمد چوڌري پنھنجي ”منصب“ تي فائز رهندو. بين الاقوامي قانون جي روايتن مطابق اسان اهو چئي سگهون ٿا تہ هو پنھنجا انتظامي اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو، صرف عدالتي ڪارروائيءَ ۾ حصو نٿو وٺي سگهي. پاڪستان جي موجودہ ”آئيني بحران“ کي جيڪڏهن جلد حل نہ ڪيو ويو تہ دنيا ۾ ملڪي وقار کي سخت نقصان پھچندو. ملڪ ۾ جيڪو سياسي انتشار پيدا ٿيندو، ان سان سڀئي جمھوري، آئيني ۽ سياسي ادارا تباھہ ٿي ويندا. خطي ۾ عالمي طاقتن جي وڌندڙ دلچسپيءَ سبب پاڪستان کي ڪيترائي بيروني خطرا موجود آهن، انڪري ضروري آھي تہ اندروني بحران کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. ملڪي سلامتي ۽ استحڪام کان مٿانھين ڪا بہ شيءِ ناھي.

ڪارونجهر جي مور جھڙي خواهش ۽ لڙڪ

منھنجا ٻہ سٺا دوست آهن، جن ھر حال ۾ مون سان نڀايو آھي، جن مان هڪ ڪامريڊ ڄام ساقي، سابق سيڪريٽري ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان آھي. ڄام ساقي ھاڻ ڪميونسٽ مان”صوفي“ بنجي ويو آھي. مون کان دوست سوال پڇندا آهن تہ، ڪامريڊ ڄام ساقي ”صوفي“ ڇو بڻيو؟ تنھن تي آئون کين چوندو آھيان تہ، اڄڪلھہ آئون پڻ تصوف ڏانھن مائل ۽ ان جو قائل آھيان، ڇاڪاڻ تہ اشتراڪي انسانيت جي ڀلائي چاھيندڙ آهن ۽ صوفي بہ انسانذات سان محبت ۽ ڀلائيءَ جو درس ڏين ٿا.
گذريل سال ايران جي پوليٽيڪل سسٽم ۽ ايجوڪيشن سسٽم کي ويجھڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ اتي ڪجهہ دانشورن سان علم سياست جي نئين نظريي ”Liberation Theology“ تي گفتگو ٿي، ان کان پوءِ هنن مون کي قائل ڪيو تہ اسلامي ملڪن ۾ انھيءَ نئين فڪر ۽ نظريي تحت ئي انقلاب آڻي سگهجي ٿو. هونئن بہ مان ننڍي هوندي کان اهو خواب ڏسندو رھيو آھيان تہ پاڪستان ۾ هڪ ڏينھن ضرور انقلاب ايندو. تبديليءَ جي ان جستجو ۾ منھنجون مختلف ماڻهن سان ڪچھريون ٿينديون رھيون آهن. ان ئي جستجو ۾ ڪامريڊ منظور حسين چوڌري (ميمبر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين ”پاڪستان يونين ڊفينس ڪئمپئن“) سان پڻ ڪچھريون ٿيون. انھن ڪچھرين ۾ هن جو جيڪو نقطهءِ نظر هو، سو اهو هو تہ مان هن سان گڏجي ڪم ڪريان، ڇاڪاڻ تہ منھنجا ٻہ پراڻا ساٿي ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ حميدہ گهانگهرو (بيواھہ شھيد نظير عباسي) ان تنظيم ۾ ڪم ڪري رھيا آهن. وينزويلا ۾ تازو جڏهن نيون صدارتي چونڊون ٿيون، تہ ڪامريڊ منظور حسين چوڌريءَ آفر ڪئي تہ ”ھيوگو شاويز“ کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ آئون بہ ساڻس گڏجي وينزويلا وڃان، پر مون انڪار ڪيو. منھنجي ان انڪار جو سبب اهو هو تہ مون وٽ واپسي ٽڪيٽ جا پئسا نہ هئا. مان هڪ غريب مسڪين خاندان سان تعلق رکان ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ايئن بہ ٿيو آھي تہ من اندران ڪا نہ ڪا خواهش اٿندي آھي، پر پنھنجي ”جيب“ کي ڏسي، خاموش ٿي ويندو آھيان، بلڪل انھيءَ ڪارونجهر جي مور جيان، جيڪو چيٽ ۾ مستيءَ مان نچندو آھي، پر جڏهن ان جي نظر پنھنجن پيرن تي پوندي آھي تہ سندس اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن. روئڻ جي ڳالھہ تہ مون اصطلاحن ڪئي، حقيقت اھا آھي تہ مون کي روئڻ نہ ايندو آھي. 1978ع ۾ جڏهن منھنجو غريب پيءُ گذاري ويو، تہ مان نہ رُنس، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن آئون روئان ھا ۽ همت ھاري ويھان ھا تہ منھنجا ٽي ننڍا ڀائر ۽ ڀيڻ روئي پون ھا. جڏهن منھنجو نظرياتي ساٿي ڊاڪٽر شڪور دائودپوٽو گذاري ويو هو، نصرپور جي قبرستان ۾ ان جو مڙھہ مٽيءَ ۾ لاھيندي آئون نہ رُنو هئس. هونئن بہ آئون غم کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ واري ڳالھہ جو قائل آھيان. ڪن ٿورن ماڻهن کي خبر آھي تہ ڊاڪٽر شڪور دائودپوٽو 4 مارچ 1967ع واري جدوجهد جو اصل ھيرو هو. ماما يوسف لغاري، ڄام ساقي، ۽ ٻين ۾ هن ئي اتساھہ پيدا ڪيو ۽ قومي جاڳرتا جو روح ڦُوڪيو. ڊاڪٽر شڪور دائودپوٽو سنڌ جي هڪ وڏي عالم ”شيخ السنڌ“ مولوي عبدالحق رباني جو وڏي ۾ وڏو فرزند هو. مولوي عبدالحق رباني اهو ئي ساڻيھہ دوست عالم هو، جنھن ھالا ۾ پ پ جي پھرئين ڪنوينشن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي کي روبرو چيو هو تہ، ”ڀٽا صاحب! پارٽيءَ ۾ وڏيرا، مير، پير، رئيس ۽ جاگيردار نہ رکو، نہ تہ ڏکئي وقت ۾ اھي توھان کي ڇڏي ويندا.“ شڪور دائودپوٽي جي زندگيءَ تي سائين رباني صاحب جي تربيت جو وڏو اثر رھيو. رباني صاحب هميشہ مون کي ۽ عزيز اڄڻ کي چوندو تہ، توھان ٻئي شڪور جا نظرياتي دوست آھيو، هن کي چئو تہ شادي ڪري. ڊاڪٽر شڪور جو موقف هو تہ، ”انقلابي“ کي شادي نہ ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر شڪور جيئن تہ لنڊن ۾ پي ايڇ ڊي دوران ”ليبر پارٽيءَ“ جي ليفٽسٽ نظريو رکندڙ رهنما ”مائيڪل فٽ“ سان گڏجي ڪم ڪيو هو ۽ يورپ جي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل پارٽين جي رهنمائن سان دوستي هوندي هئس. جڏهن لنڊن مان واپس آيو تہ، چيائين، ”پوسٽنگ ڪٿي وٺجي؟“ مون ڊاڪٽر صاحب کي چيو تہ، ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ وٺو، ڪراچي ڪامريڊن جو ڳڙھہ آھي. ڊاڪٽر شڪور پي ايڇ ڊي کان اڳ ايس اي ايل ڪاليج ميرپورخاص ۾ ليڪچرار هو. مون کي ياد آھي تہ ذوالفقار علي ڀٽي کي 4 اپريل 1979ع تي جڏهن ڦاسي آئي، تہ سنڌ سراپجي ويئي. شڪور دائود پوٽي مون سان گڏ ايل ايم سي حيدرآباد جي لان تي سڄي رات ڪچھري ڪئي. هو گهڻو ڏکارو هو. سندس چوڻ هو تہ، ملڪ جي ڪاري ڏاند جي ڌڻين ايڏي وڏي ”جينئس“ شخصيت کي ماري ڇڏيو، پر هن جي پارٽيءَ جا ليڊر خاموش رھيا، پنجاب ۽ سنڌ جي ڪارڪنن پاڻ کي ساڙيو ۽ ماريو. ھي اهو ئي زمانو هو، جڏهن جنرل ضياءُ هن ديس تي ڪاري رات وانگر ڇانيل هو. ان وقت سنڌ جي مارشل لا منتظم جنرل اقبال مارشل لا ريگيوليشن آرڊر جاري ڪيو ۽ سنڌ جي ڪاليجي استادن ۾ بيچيني پيدا ڪئي تہ ڪميشن پاس توڙي ريگيولر ڪاليج استاد ٻيھر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو انٽرويو ڏين. 1200 کان مٿي ڪاليجي استادن ۽ تعليم کاتي جي ”ڊي اي اوز“ جون نوڪريون خطري ۾ ھيون. استادن ۾ خود فوجي حڪومت بي چيني پيدا ڪئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر شڪور جي قيادت ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سڀ استاد رستن تي اچي ويا. استادن جي هڪ ڊگهي ۽ منظم جدوجهد کان پوءِ فوجي حڪومت کي اهو حڪم واپس وٺڻو پيو. 31 مئي 1979ع تي ڊاڪٽر آر. اي. شاھہ (سابق سيڪريٽري) سنڌ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو استادن سان ”تحريري معاهدو“ ڪيو. ڊاڪٽر شڪور دائود پوٽي ڏينھن رات ڪري ڪاليجي استادن جي تنظيم کي منظم ڪيو، هن جي دل جا ٻہ Volve ختم ٿي ويا. بلڊ پريشر ۽ شگر جو مريض بڻجي ويو. ان ڪري ريٽائرمينٽ کان اڳ گذاري ويو. هن وقت سنڌ جي تعليم جي ٻيڙي ڪناري لڳائڻ وارين دعوائن کي ڪنارو ملي نہ سگهيو آھي. حڪمران اڪثر ڪري اهو چوندا آهن تہ پرائيويٽ اسڪولن جو تعليمي معيار سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آھي. دراصل سنڌ اندر ٽن قسمن جو ”تعليمي سسٽم“ رائج آھي. مدرسه اسڪول، A.O Level اسڪول ۽ سرڪاري اسڪول. ٽنھي هنڌن تي نصاب بہ مختلف آھي، تعليم ھاڻ خدمت بدران تجارت بنجي ويئي آھي. A.O Level اسڪولن ۾ سڄو زور انگريزي ۽ ڪمپيوٽر سيکارڻ تي آھي. ڇا انگريزي ٻولي اچڻ سان يا ڪمپيوٽر سکڻ سان تعليمي معيار وڌي ٿو؟ A.O Level تعليمي ادارن ۾ جيڪي ڳاٽي ڀڳيون فيون آهن، انڪري ملڪ جا سرمائيدار ٻيھر وري تعليمي ادارا کولي رھيا آهن، تعليم هڪ نفعي بخش ڪاروبار بنجي ويئي آھي. سرڪاري اسڪولن ۾ غريبن، مسڪينن ۽ پورھيتن جا ٻار پڙهن ٿا. نذر حسين مھر جڏهن سيڪريٽري تعليم بنيو، موصوف ”انفرميشن ٽيڪنالاجي“ جو مضمون لازمي قرار ڏنو. ٺيڪيدارن کي ڪاليجن جي ليبس جا ٺيڪا ڏنا ويا. هڪ ڏينھن مون سائين جن کي عرض ڪيو تہ، ڪنھن بہ اسڪيم کي نافذ ڪرڻ لاءِ پھرين زميني حقيقتون ڏٺيون وينديون آهن، سڀ کان پھرين انفراسٽرڪچر مڪمل ڪيو ويندو آھي. اتي هڪ ايڊيشنل سيڪريٽري (اڪيڊمڪ) جيڪو فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي هو، ان کي اھا خبر نہ هئي تہ سنڌ ۾ گهڻا ڪاليج آهن ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي مضمون ۾ ڪيترا استاد آهن. موصوف چيو تہ، ”جتي ڪمپيوٽر ليب نہ آهن، اتي اسان انٽرنيٽ ذريعي انفرميشن ٽيڪنالاجي ٻارن کي پڙھائينداسين.“ مون پنھنجي ٽيهن سالن جي نوڪري ۾ ٻہ سيڪريٽري تعليم ڏٺا، جن کي تعليم جو بہ درد هو ۽ سنڌ سان بہ سچا آهن. هڪ سائين مظھر الحق صديقي، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر آھي، جنھن جا سڀ ٻار سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙھيا آهن. اڄ بہ سائينءَ جي نياڻي گورنمينٽ گرلز ڪاليج قاسم آباد ۾ بي اي-ون جي شاگردياڻي آھي. ٻيو ڪي- بي رند صاحب. جيڪڏهن حڪمران سنڌ جي تعليم جي بھتري چاھين ٿا تہ وفاقي حڪومت کان هڪ تعليمي آرڊيننس ڪڍايو وڃي تہ، ”سڀئي وزير، مشير، ڪامورا، پارليامينٽ، سينيٽ، صوبائي اسيمبلين جا ميمبر، ضلعي ناظم ۽ تعلقي ناظم پنھنجا ٻار سرڪاري تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرائين،“ سنڌ جي تعليم خود بخود سڌري ويندي.

قانون، معاشرو ۽ مظلوم استاد

مھذب قومون حالتن پٽاندڙ ”قانون“ جوڙينديون رهنديون آهن ۽ قانون جو احترام رياست جي ھر شھريءَ تي لازم آھي، ڇاڪاڻ تہ قانون ضابطن ۽ اصولن جي زنجير هوندو آھي، جنھن تحت انساني سماج پرامن زندگي بسر ڪندو آھي. رياست جو بنيادي فرض ملڪ اندر امن قائم ڪرڻ هوندو آھي، تہ جيئن شھري سک ۽ سانت سان زندگي بسر ڪري سگهن. رياست جي حاڪميت جو اظھار قانون ذريعي ٿئي ٿو. قانون ڇا آھي؟ انگريزي لفظ ”Law“ پراڻي جرمن لفظ ”Lag“ مان نڪتل آھي، جنھن جي معنى آھي: ”ڄميل يا سنوت واري شيءِ“ انگريزي ٻوليءَ ۾ اهو لفظ ”يڪسانيت“ (Uniformity) جي معنى ۾ ڪتب اچي ٿو، يعني قانون مان مراد آھي اھا شيءِ، جيڪا سڌي ۽ سنوت واري هجي ۽ جنھن ۾ هڪجھڙائي هجي. سنڌي لفظ قانون، عربيءَ ذريعي، قديم يوناني لفظن ”ڪينون“ (Kanon)مان ورتل آھي، جنھن جي معنى ”قاعدو“ يا ”بنيادي پيمانو“ آھي. اهو اصول، جنھن مطابق ڪم ڪيو وڃي. قانون جو تعلق انساني ڪردار سان بہ آھي، يعني قانون، اصولن جو اهڙو مجموعو آھي، جنھن جو مقصد ”انساني فعلن ۽ رويي“ جي رهنمائي آھي. سڄي مھذب دنيا يا سول سوسائٽي ۾ قانون جي معنى سماج کي انصاف مھيا ڪري ڏيڻ آھي. قانون جي نفاذ مان مراد شھرين جي جان، مال، عزت نفس ۽ آزاديءَ جو تحفظ ڪرڻ آھي. آزاديءَ ۽ قانون ۾ گهرو ڳانڍاپو آھي.
اسان وٽ سرڪاري ملازمن کي سنگهرن ۾ سوگهو ڪرڻ لاءِ هڪ قانون نافذ ڪيو ويو، جنھن کي ”اسپيشل سروس ريموول آرڊيننس 2000ع“ ”سڏجي ٿو. سنڌ ۾ 30 آگسٽ 2002ع تي گورنر سنڌ طرفان اهڙو قانون جاري ڪيو ويو. سنڌ اندر سرڪاري ملازمن لاءِ اڳ ۾ بہ ڪيترائي قانون نافذ آهن، جيڪي ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ سنڌ اسيمبليءَ پاس ڪيا هئا. جن ۾ سرڪاري ملازمن جي ھر فعل لاءِ قانون جوڙيو ويو هو. انھن ۾ سينيارٽي، ترقين، ڊسپلين، ايفيشنسي، معطلي ۽ رٽائرمينٽ متعلق قانون ۽ رولز شامل آهن. هنن قانونن ۽ رولز جي موجودگيءَ ۾ نئين قانون جي ضرورت نہ هئي. پر ھي قانون صرف انھيءَ لاءِ جوڙيو ويو تہ جيئن ڪو سرڪاري ملازم سرڪار جي حڪمن جي انحرافي نہ ڪري سگهي. اسان جي ملڪ ۾ هونئن بہ اھا روايت بنجي ويئي آھي تہ ڪنھن بہ سرڪاري ملازم ۾ اھا جرئت نہ آھي تہ اعلى اختيارين طرفان جاري ٿيل ڪنھن بہ غير قانوني حڪم تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري، ڇاڪاڻ تہ اسان وٽ جرئتمند ڪامورا ائين موڪلائي ويا آهن، جيئن ڪارونجهر مان مور. جيئن تہ استاد بہ سرڪاري ملازم آهن، انڪري انھن تي بہ ھر سرڪاري قانون جو اطلاق ٿئي ٿو. ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي تعليم جي انتظام لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ٿيل آھي، جنھن ۾ هڪ سيڪريٽري، هڪ اسپيشل سيڪريٽري، چار ايڊيشنل سيڪريٽري، تيرهن ڊپٽي سيڪريٽري ۽ پنجويھن کان مٿي سيڪشن آفيسر آهن. ان کان علاوه پنج پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پڻ آهن. انتظامي لحاظ کان تعليم کاتي جي سيڪريٽريٽ وڏي ۾ وڏي سيڪريٽريٽ آھي، پر بدانتظاميءَ جي لحاظ کان شايد نمبر ون آھي. اتي ڪنھن بہ استاد جو فائل صحيح صورت ۾ نہ ملندو، نہ ئي ڪو ڪاغذ. جيستائين ڪو استاد گهٽ ۾ گهٽ سيڪريٽريٽ جا ست چڪر نہ ڪاٽي، ايستائين ان جي ڪم جو اڪلاءُ مشڪل آھي. پرائمري کان وٺي ڪاليجي استادن تائين ڪوبہ استاد تعليم کاتي جي ڪارڪردگيءَ کان مطمئن نہ آھي. اڄڪلھہ تعليم کاتو پنھنجي ڪارڪردگي بھتر بنائڻ بدران استادن جي پويان ڪاھي پيو آھي. صبح شام اهو راڳ آلاپيو پيو وڃي تہ تعليم جي تباھيءَ جا ذميوار استاد آهن، ھاڻ انھن سان هڪ هڪاڻي ٿيندي. استادن کي آزارڻ لاءِ مختلف هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن، ڪاري قانون اسپيشل ريموول آرڊيننس 2000 جو سھارو ورتو پيو وڃي ۽ سڀ کان خطرناڪ ڳالھہ اھا آھي تہ ان قانون جو استعمال غلط ٿي رھيو آھي. هن قانون ۾ اھا ڳالھہ واضح آھي تہ ھي قانون بدعنوان، ڪرپٽ، نامي گرامي، ملڪيت ٺاھيندڙ، نااهل، خراب شھرت رکڻ واري سرڪاري ملازم خلاف استعمال ڪيو ويندو. هن قانون جي غلط استعمال سنڌ جي استادن ۾ شديد بيچيني پيدا ڪئي آھي ۽ اڳتي هلي اھا بيچيني ڪنھن وڏي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي، جنھن جو ذميوار تعليم کاتي جي انتظاميہ کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي؟ هن قانون جي غلط استعمال جو شڪار گورنمينٽ گرلز ڪاليج قاسم آباد (حيدرآباد) جي 20 خواتين ٽيچرز کي بنايو ويو آھي. تازو سيڪريٽري تعليم سنڌ طرفان 15 اپريل 2006ع تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ 20 خواتين ليڪچرارز کي معطل ڪيو ويو آھي. 20 ئي خواتين ليڪچررز جا نالا هڪ نوٽيفڪيشن ۾ آهن. منھنجي راءِ مطابق، ھي نوٽيفڪيشن ھيٺين نڪتن جي ڪري ناقص آھي، جيڪو تڙ تڪڙ ۾ جاري ڪيو ويو آھي:
(1) هڪ ئي نوٽيفڪيشن ۾ 20 خواتين ليڪچررز کي معطل ڪرڻ غير قانوني آھي. ھر هڪ خواتين ليڪچرار لاءِ ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو هو.
(2) هن نوٽيفڪيشن ۾ اٺن ليڪچرارن جا نالا بلڪل غلط لکيل آهن، انھن نالن سان ڪي بہ اهڙيون خواتين ليڪچرار موجود ناهن.
(3) هن نوٽيفڪيشن ۾ ڪنھن بہ قانون جو ذڪر ناھي تہ ڪھڙي قانون ۽ ضابطي تحت ليڪچرارن کي معطل ڪيو ويو آھي؟
(4) هن نوٽيفڪيشن ۾ خواتين ليڪچرارن جي معطليءَ جو ڪو بہ سبب نہ ڄاڻايو ويو آھي، تہ هنن جو ڏوھہ ڪھڙو هو؟
(5) هنن خواتين ليڪچرارن جي معطليءَ جو پسمنظر ھي آھي تہ 20 مارچ 2006ع تي سيڪريٽري تعليم ٻين آفيسرن سان گڏ گورنمينٽ گرلز ڪاليج قاسم آباد جو معائنو ڪيو هو ۽ جن خواتين ليڪچرارز کي معطل ڪيو ويو آھي، اھي ڪاليج ۾ موجود ھيون. استادن جي مسٽر رول تي 20 مارچ تي سڀني معطل ڪيل استادن جي حاضري پڻ لڳل آھي. سيڪريٽري تعليم يا ٻئي ڪنھن آفيسر طرفان استادن جي حاضريءَ جي رجسٽر تي ڪو بہ ”Visiting“ نوٽ لڳل ناھي.
سرڪاري پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اھا خبر جاري ڪرائي ويئي تہ گورنمينٽ گرلز ڪاليج قاسم آباد جون پرنسپال سميت 26 خواتين استاد غير حاضر ھيون، 20 خواتين ليڪچرارز کي اسپيشل ريموول آرڊيننس 2000ع تحت معطل ڪيو ويو آھي، چئن اسسٽنٽ پروفيسرن خلاف چيف سيڪريٽري ۽ ٽن ايسوسيئيٽ پروفيسرن، جن ۾ پرنسپال بہ شامل آھي، وزير اعليٰ کي معطل ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي طرفان سفارش ڪئي ويئي آھي. هن خبر جو مقصد استادن ۾ خوف پکيڙڻ هو، پرنسپال ۽ استادن جي ڪاليج ۾ موجودگي ۽ مسٽر رول تي حاضري اھا ڳالھہ ثابت ڪري ٿي تہ تعليم کاتي طرفان اختيارن جو غلط استعمال ڪيو ويو آھي. معطليءَ جي نوٽيفڪيشن ۾ معطل ڪيل استادن کي تعليم کاتي طرفان هدايت ڪئي ويئي آھي تہ اھي سڀ ڊسٽرڪٽ ايگزيڪٽو آفيسر حيدرآباد وٽ رپورٽ ڪن. منھنجي نظر ۾ انتظامي ۽ تعليمي لحاظ کان اھا هدايت بہ غلط آھي. 27 خواتين استادن کي ضلعي ايگزيڪٽو آفيسر وٽ رپورٽ ڪرڻ مرداڻي معاشري ۾ نامناسب عمل آھي. صبح جو 9 کان وٺي 2 وڳي تائين اھي ٽيچرز ڪٿي وقت گذارينديون؟ سروس رولز مطابق، معطل استادن کي ڪو بہ ڪم نہ ڪرڻو آھي، يعني انھن کي ڪلاس بہ نہ وٺڻا آهن. گورنمينٽ گرلز ڪاليج قاسم آباد، ڊگري ڪاليج آھي، جنھن ۾ بي اي، بي ايس سي ۽ بي ڪام تائين ٻن هزارن کان وڌيڪ نياڻيون زير تعليم آهن. سيڪريٽري طرفان معطليءَ جي حڪم کانپوءِ نياڻين جي تعليم پڻ متاثر ٿي آھي. هڪ وڏي انگ ۾ استادن کي بيگناھہ معطل ڪرڻ نہ صرف استادن سان زيادتي آھي، پر ٻارن سان پڻ زيادتي آھي. بيگناھہ معطل ٿيڻ ڪري خواتين استادن کي نہ صرف ذهني ٽارچر ڏنو ويو آھي، پر شاگردن ۽ سماج جي نظرن ۾ انھن جي عزتِ نفس کي پڻ پائمال ڪيو ويو آھي. سنڌ جي تعليم کاتي کي ڪنھن بہ صورت ۾ اهڙا تڪڙا ۽ غير قانوني قدم نہ کڻڻ گهرجن، جن سان نہ صرف تعليم کاتو بدنام ٿئي ٿو، پر استادن جي پڻ رسوائي ٿئي ٿي. سنڌ جي وزير اعليٰ کي اھا گذارش آھي تہ انصاف ۽ قانون جي حڪمراني خاطر تعليم کاتي جي خواتين استادن جي بحالي جو حڪم ڏنو وڃي، ۽ تڪڙ ۾ ڪو بہ اهڙو قدم نہ کنيو وڃي، جنھن سان سنڌ حڪومت جي نيڪناميءَ تي حرف اچي. هڪ طرف جمھوريت ۽ جمھوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالھہ ڪئي وڃي ٿي، گڊ گورننس ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، تہ ٻئي طرف استاد دشمنيءَ ۾ اهڙن قانونن جو سھارو ورتو پيو وڃي، جيڪو هڪ ٻٽو معيار آھي.

صوبائي خودمختياريءَ جا بنياد ڪھڙا هجڻ گهرجن؟

برصغير جي عظيم عالم، مفڪر ۽ سياسي رهنما مولانا ابوالڪلام آزاد هڪ هنڌ لکيو آھي تہ، ”ڪنھن بہ سچي ڳالھہ کي رڳو ان لاءِ ڇڏي ڏيڻ تہ اھا ڳالھہ ٻڌڻ وارو ڪوبہ ناھي، ائين نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ تہ سچ هميشہ سچ آھي، پوءِ ڀلي سڄي دنيا ۾ ان سچائي کي مڃڻ وارو هڪ ماڻهو ئي کڻي هجي.“ ٻئي هنڌ لکن ٿا تہ ”سچائي ۽ حق جي سوڀ تي منھنجو ڪامل ايمان آھي، دنيا ۾ ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جن کي سچ جي روشني جَهڪي نظر اچي تہ ان ۾ سندن اکين جو قصور آھي، ان ۾ سچ جو ڪھڙو ڏوهه؟“ اڄڪلھہ اسلام آباد ۽ سنڌ ۾ صوبائي خودمختياري جي مسئلي تي سنڌ سرڪار سيمينار ڪرائي رھي آھي. هن سلسلي ۾ هڪ سيمينار 3 فيبروري تي حيدرآباد ۾ ٿيو. ميڊم مھتاب اڪبر راشديءَ جي حڪم تي هن سيمينار ۾ مون بہ شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي سوچ مطابق سفارشون لکت ۾ بہ ڏنيون آهن. گهڻا ذي شعور انسان 1940ع واري ٺھراءَ کي پاڪستاني رياست قائم ڪرڻ جو پھريون ”سماجي معاهدو“(Social Contract) سمجهن ٿا. ھيءُ ٺھراءُ 24 مارچ 1940ع تي ”لاهور“ جي منٽو پارڪ ۾ پاس ٿيو، پر اسان ڊاڪٽر خورشيد ڪمال عزيز جي ڪتاب Murder of History of Pakistan مطابق تعليمي ادارن ۾ زير تعليم نسل کي ڪوڙ پڙھائي رھيا آھيون ۽ اڪثر نصاب ڪوڙن مفروضن تي مبني آھي ۽ ھر سال 23 مارچ تي لاهور ٺھراءُ جو ڏينھن ملھائيندا آھيون. هن ٺھراءَ جو اصل متن ھيٺئين ريت آھي:
Resolved that it is the considerd view of this session of the All India Muslim League that no constitutional plan would be workable in this country or acceptabte to the muslims unless it is desined on the following basic princeples viz that geographically contiguous inits are demarcated into regions which should be so constituted, with such territorial re- adjustment as may be necessary, that the areas in which the muslims are numerically in a majority, as in norh- westerm and eastern zones of India, should be grouped to constitute independent states in which the constituent units shall be autonomus and sovereign
هن ٺھراءَ جون مکيہ ڳالھيون ھي ھيون تہ، هندستان جا مسلمان تيستائين راضي نہ ٿيندا، جيستائين سموري آئيني مسئلي تي نئين سري کان غور نہ ڪيو ويندو ۽ ڪوبہ آئين مسلمانن کي ايستائين منظور نہ هوندو، جيستائين اهو سندن منظوري سان پاس نہ ڪيو ويندو، ڪوبہ آئيني منصوبو هن ملڪ ۾ هلڻ جھڙو نہ ٿيندو ۽ مسلمانن کي قبول نہ پوندو، جيستائين اهو ھيٺين بنيادي اصولن تي رٿيو نہ ويو هجي، جنھن ۾ ملڪ جون جاگرافيائي ڀر واريون ايراضيون نئين سر ڦيرڦار ڪري اهڙي طرح بيھاريون وڃن، جن ۾ مسلمان اڪثريت ۾ آهن، جيئن الهندي ۽ اڀرندي هندستان ۾، تن کي ڳنڍي ”آزاد رياستون“ بنايون وڃن، جن ۾ گڏجندڙ صوبا ”آزاد ۽ خودمختيار“ رياستون هجن، آزادي لاءِ جدوجهد جي تاريخ ۾ 1940ع وارو ٺھراءُ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو صرف بنيادي يادگار ”دستاويز“ نہ هو، پر ايڪائين ۽ وحدتن جي حاڪميت ۽ خودمختياري جو پروانو هو.
پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم چوڌري محمد علي، جيڪو 1956ع واري آئين جو خالق آھي ۽ موجودہ نامور قانوندان خالد انور جو والد آھي، اهو پنھنجي ڪتاب ”The emergency of Pakistan“ ۾ لکي ٿو تہ: ”جمھوريت معنى اڪثريت جو روح، پر جي اھا اڪثريت دائمي ۽ پشت بہ پشت هلندي ايندي ۽ ان کي اعلى تعليم جون سهولتون، انتظامي ۽ اقتصادي برتري، ابلاغ جي ذريعن تي اجاره داري ۽ دولت جي فراواني ۽ فرمانروائي جي طاقت حاصل هوندي.“
هڪ معتبرپنجابي ۽ پنجاب جي اڳوڻي وزيراعليٰ ميان ممتاز دولتانہ India Pakistan factor جي مصنف راجندر سارين کي 5 فيبروري 1980ع تي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو تہ، ”مسٽر جناح تہ ڪيبنيٽ مشن جي تجويزن تي مڪمل حمايت جو قائل هو، جنھن ۾ ٽي ھيٺيان گروپ ٺاھيا ويا هئا. (1) گروپ اي: مدراس، بمبئي، يو.پي، بھار، سي. پي، اوڙيسا ۽ مني پور. (2) گروپ بي: پنجاب، سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان. (3) گروپ سي: بنگال ۽ آسام.“
ڪيبنيٽ مشن پلان مطابق ”ھر صوبائي گروپ پنھنجو آئين ٺاھيندو، امور خارجه، دفاع ۽ مواصلات کانسواءِ ٻين سڀني کاتن جي سار سنڀال لهندو، صوبن کي انھيءَ ڳالھہ جي اجازت هوندي تہ هو ڏهن سالن کان پوءِ آئين جي ”فقرن“ کي تجويز ھيٺ آڻي سگهن ٿا ۽ ھر هڪ رياست يا صوبي کي مرڪز سان پنھنجا تعلقات طئي ڪرڻ جي آزادي هوندي.“
مون تازي ٿيل سيمينار ۾ جيڪي سفارشون پيش ڪيون ھيون، ان مطابق هڪ مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان لاءِ ضروري آھي تہ پاڪستان جي خالق صوبن کي، يعني سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کي ٻيھر نئين سري سان نئون سماجي معاهدو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ پاڪستان کي قائم ڪرڻ لاءِ جيڪو سماجي معاهدو 1973ع ۾ ڪيو ويو هو، اهو بار بار مارشل لائن ڪري پنھنجي اهميت وڃائي چڪو آھي. پاڪستان هڪ وفاقي رياست آھي. هن وفاق کي قائم دائم رکڻ لاءِ منھنجي ذهن ۾ جيڪي تجويزون آهن، سي ھيٺين ريت آهن:
(1) ملڪ ۾ فوري طور تي ججن، دانشورن، تعليمي ماھرن ۽ قانوني ماھرن تي مشتمل مرڪز ۽ صوبن ۾ نگران حڪومتون قائم ڪيون وڃن.
(2) بلوچستان ۽ وزيرستان ۾ هلندڙ تڪرار ختم ڪيا وڃن ۽ هٿيار کڻندڙن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ طاقت ڪنھن بہ مسئلي جو حل ناھي.
(3) مارچ 2007ع ۾ نئين آئين ساز اسيمبلي لاءِ ”هڪ ماڻهو، هڪ ووٽ“ جي بنياد تي آزاد اليڪشن ڪميشن ذريعي چونڊون ڪرايون وڃن.
(4) سڀني صوبن لاءِ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ هڪجيتريون سيٽون رکيون وڃن.
نئون سماجي معاهدو يا آئين ھيٺين تجويزن تي مشتمل هئڻ گهرجي:
(1) مرڪز کي صرف ٽي کاتا دفاع، خارجه امور ۽ مواصلات ڏنا وڃن ۽ پاڪستان جو نالو United States of Pakistan رکيو وڃي.
(2) چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ايئر اسٽاف، چيف آف نيول اسٽاف، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ججن، وفاقي ڪابينا جي وزيرن جي تقرري، وفاقي محتسب اعليٰ، وفاقي سيڪريٽرين جي تقرري جي منظوري، وفاقي بجيٽ جي منظوري، سينيٽ کان ورتي وڃي.
(3) سپريم ڪورٽ، فوج ۽ وفاقي نوڪرين ۾ سڀني صوبن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي.
(4) ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جوڙي وڃي، جنھن جي منظوري پڻ سينيٽ کان ورتي وڃي.
(5) آزاد مالياتي ڪميشن جوڙي وڃي، جنھن ۾ صوبن کي برابر نمائندگي ڏني وڃي.
(6) صوبن مان نڪرندڙ پيٽرول، گئس، معدني وسيلن جي آمدني صوبن کي ڏني وڃي.
(7) صوبائي گورنر جي پوسٽ مڪمل طور تي ختم ڪئي وڃي ۽ چونڊيل وزيراعلى کي سڀ اختيار ڏنا وڃن يا گورنرن جي منظوري پڻ سينيٽ ۽ لاڳاپيل صوبائي اسيمبليءَ کان ورتي وڃي.
(8) پاڪستان ۾ انگريزي کي State Language قرار ڏنو وڃي، اردو سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي کي قومي زبانن جو درجو ڏنو وڃي.
(9) هڪڙي صوبي مان ٻئي صوبي ۾ نوڪري ڪندڙ کي Work- Pemit هڪ خاص مدت لاءِ ڏني وڃي.
(10) ووٽ جو حق صرف مقامي مستقل رهندڙ ماڻهو کي ڏنو وڃي.
(11) قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ جي اميدوار لاءِ گريجوئيٽس جو شرط ختم ڪيو وڃي. ضلعي ڪائونسلن تعلقه ڪائونسلن ۽ يونين ڪائونسل جي ميمبري لاءِ ميٽرڪ جو شرط ختم ڪيو وڃي.
(12) سرڪاري ملازم کي ايران وانگر صدر، وزيراعظم، قومي اسيمبلي، سينيٽ، صوبائي اسيمبلي يا لوڪل گورنمينٽ جي سيٽن تي بيهڻ جو حق ڏنو وڃي.
(13) فوج جي عھدي تي ڪم ڪندڙ مٿان ملڪ جي ڪنھن بہ عھدي تي بيهڻ تي پابندي لڳائي وڃي.
(14) ملڪ ۾ مارشل لا جي صورت ۾ وفاقي ايڪائين کي عليحدگي جو حق (Right of Separation) ڏنو وڃي.
(15) سيلز ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار صوبي کي ڏنو وڃي.

سرڪار، ملڪي خزانو ۽ غريب عوام

پاڪستان ۾ حڪومت چاھي سولين هجي يا نان سولين، سالياني بجيٽ پيش ڪرڻ وقت اھا دعوى ضرور ڪندي آھي ته”ھيءَ بجيٽ عوامي بجيٽ آھي، جنھن مان عام ماڻهوءَ کي فائدو پھچندو، غربت دور ٿيندي ۽ ملڪ ۾ خوشحالي ايندي.“ عوام اوجاڳيل اکين سان گذريل 59 سالن کان اهڙا سپنا ڏسندو پيو اچي، پر نہ تہ ملڪ مان غربت گهٽي آھي ۽ نہ ئي خوشحالي آئي آھي. پاڪستان ۾ اڄ بہ جيڪڏهن ڪا شيءِ سستي آھي تہ اھا انساني زندگي ئي آھي. انسان نالي جنس جو اگهہ ايترو تہ ڪريل آھي، جو ڪي ماڻهو جيئڻ تي خودڪشيءَ کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن.
هن سال جي بجيٽ، جنھن جي 21 جون تي قومي اسيمبليءَ جي ايوان بہ منظوري ڏني، 15 کرب روپين جي هئي. هن بجيٽ جي منظوريءَ کان علاوه گذريل سال بجيٽ کان وڌيڪ خرچ ڪيل 2 کرب 31 ارب رپين جي”ضمني بجيٽ“ جي منظوري پڻ ڏني ويئي. گذريل سال جي بجيٽ 10 کرب 98 ارب رپين تي مشتمل هئي. قومي اسيمبليءَ ۾ جيڪا ضمني بجيٽ پيش ڪئي ويئي، ان ۾ ڪجهہ خرچ اهڙا بہ آهن، جن مان محسوس ٿئي ٿو تہ اسان وٽ جمھوريت بجاءِ ”بادشاهت“ آھي. موجودہ وفاقي ڪابينہ جيڪا ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ڪابينا آھي ۽ جنھن جا 60 کان وڌيڪ ميمبر آهن، تن جي پگهارن، الائونسن، ٽي اي، ڊي اي لاءِ رکيل رقمن کان 13 ڪروڙ 78 لک رپيا وڌيڪ خرچ ٿيا. وفاقي حڪومت لاءِ ٻاھرين ملڪن مان قيمتي”مرسڊيز“ ڪارون گهرائڻ تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي ادائيگي جي مد ۾ 36 ڪروڙ 60 لک، 37 هزار روپيا وڌيڪ خرچ ڪيا ويا. ان لاءِ حڪومت اهو جواز ڄاڻايو آھي تہ ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌڻ سبب ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ اهم وفدن ۾ شامل ميمبرن جي حفاظتي اپائن خاطر ”بلٽ پروف“ ڪارون گهرايون ويون آهن. پارليامينٽ جي”ڪشمير ڪميٽي“ جي چيئرمين لاءِ پيجارو خريد ڪرڻ لاءِ 50 لک روپيا وڌيڪ خرچ ڪيا ويا. صدر ۽ وزير اعظم لاءِ هوائي جهازن جي خريداريءَ تي 47 ڪروڙ 74 لک 18 هزار رپين جي وڌيڪ رقم خرچ ڪئي ويئي. صدر جي غير ملڪي دورن لاءِ هڪ سال دوران 10 ڪروڙ رپيا ۽ وزير اعظم جي دورن لاءِ 15 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا. رينجرس کي هنگامن کي منھن ڏيڻ واسطي جديد هٿيارن جي خريداريءَ لاءِ 5 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا. وانا آپريشن جي متاثر ماڻهن کي 21 ڪروڙ 33 لک روپين جو معاوضو ڏنو ويو، جيڪو بہ قانون نافذ ڪندڙ ادارن لاءِ ئي هو.
وزير اعظم جي دعويٰ مطابق هن سال عوام جي فلاح، بهبود ۽ ترقيءَ لاءِ بجيٽ ۾ 45 ارب روپيا رکيا ويا آهن. اھا دعوى بہ ڪئي ويئي آھي تہ ملڪ اندر غربت ۾ گهٽتائي آندي ويندي. شھري علائقن ۾ سرڪاري رپورٽن مطابق، غربت جو سبب نوجوانن کي روزگار نہ ملڻ آھي. سرڪاري رپورٽ ۾ ملڪ ۾ غربت جي شرح 30 سيڪڙو ٻڌائي ويئي آھي. پاڪستان پلاننگ ڪميشن جي دعوى آھي تہ 2011ع تائين غربت صرف 15 سيڪڙو وڃي رهندي. تازو گڏيل قومن جي ترقياتي اداريUNDP جي هڪ رپورٽ شايع ٿي آھي، جنھن ۾ چيو ويو آھي تہ پاڪستان جي آباديءَ جو 44 سيڪڙو عوام غربت جي آخري سطح کان بہ ھيٺ زندگي بسر ڪري رھيو آھي. ملڪ ۾ 80 سيڪڙو بيمارين جو اهم ڪارڻ عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي نہ ملڻ ٻڌايو ويو آھي. وزير اعظم شوڪت عزيز چيو آھي تہ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ يونين ڪائونسل سطح تي فلٽريشن پلانٽ لڳايا ويندا. ان مقصد لاءِ 2007ع جي آخر تائين 7 ارب 80 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ملڪ ۾ 2036 فلٽريشن پلانٽ لڳايا ويندا. حڪومت جي زرمبادله جي ذخيرن ۾ 13 ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم هئڻ جي باوجود ملڪ ۾ مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ جا مسئلا سنگين ٿيندا پيا وڃن. مھانگائيءَ عام ماڻهوءَ کي تہ متاثر ڪيو آھي، پر مھانگائيءَ جي نتيجي ۾ سڀ کان گهڻو متاثر پگهاردار طبقو ٿيو آھي. هڪ سروي مطابق کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمتن ۾ 200 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي، پر سرڪار ملازمن جي پگهارن ۾ صرف 15 سيڪڙو واڌ ڪئي ويئي آھي. ملڪ اندر حڪومت طرفان قيمتن تي ڪو بہ ڪنٽرول ناھي رھيو. ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ ھر مھيني اضافو ٿيندو رھي ٿو، جنھن جو اثر عام ماڻهوءَ تي ئي پوي ٿو، پر سرڪار ڪارخانيدارن، سرمائيدارن ۽ واپارين کي ڪجهہ بہ چوڻ لاءِ تيار نہ آھي، ڇاڪاڻ تہ پارليامينٽ جي ٻنھي ايوانن ۾ اهڙن ماڻهن جي نمائندگي موجود آھي. وفاقي ڪابينا ۾ اهڙا ڪيترا ئي وزير شامل آهن، جيڪي شگرملز ۽ ٻين صنعتن جا مالڪ آهن. هن سال جڏهن کنڊ جي قيمتن ۾ اوچتو اضافو ٿيو ۽ 27 رپين مان کنڊ جو في ڪلو 50 رپين تائين وڪامڻ لڳو، تڏهن حڪومت نيب کي قيمتن جي واڌ لاءِ ذميوار ڌرين خلاف ڪارروائيءَ جا حڪم جاري ڪيا، پر حڪومت ۾ شامل بااثر وزيرن ۽ حڪومتي پارٽي جي ميمبرن جي دٻاءَ بعد حڪومت نيب کي ڏنل اهڙيون هدايتون واپس وٺڻ تي مجبور ٿي. جيڪڏهن موجودہ حڪومت واقعي بہ عوام کي ريليف ڏيڻ چاھي ٿي، تہ کيس هن سال ڪنھن بہ شيءِ جي قيمت موجودہ اگهہ کان نہ وڌائڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ پنھنجي اهڙي اعلان تي سختيءَ سان عملدرآمد پڻ ڪرائڻ گهرجي، پر ظاھر آھي تہ ائين ٿيڻ ممڪن نہ آھي.
سعودي عربيہ، جتي ”بادشاهت“ آھي ۽ جتي ھر سال سڄيءَ دنيا جا لکين مسلمان عمري ۽ حج جي فرض جي ادائيگي لاءِ وڃن ٿا، اتي بہ گذريل 20 سالن دوران کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهن ۾ ڪا بہ واڌ نہ ٿي آھي. اتان جا حڪمران بہ اسان جي حڪمرانن وانگر شاھي محلاتن ۾ رهن ٿا، پر عوام کي مھانگائيءَ کان بچائڻ لاءِ انھن سعودي عربيہ ۾ سخت قسم جا قانون نافذ ڪيا آهن. برطانيہ ۾ گذريل ڇھن سالن ۾ پيٽرول، کير، بيدن، ڪڪڙين، کنڊ ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين ۾ ڪو بہ اضافو نہ ٿيو آھي، ڇاڪاڻ تہ هڪ مھذب ملڪ جي سرڪار جي بنيادي فرضن ۾ اھا ڳالھہ شامل هوندي آھي تہ اھا پنھنجي ملڪ جي شھرين جا اهنج دور ڪري. ان کانسواءِ هڪ ويلفيئر اسٽيٽ جو تصور جڙي ئي نٿو سگهي. ستن سالن کان جنرل پرويز مشرف جي سرڪار قائم دائم آھي، جيڪڏهن هن جا ”صلاحڪار“ بھتر هجن ھا تہ اھي ملڪي معيشت کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ ۾ ضرور ڪو ڪردار ادا ڪن ھا. جنرل صاحب ميگا پراجيڪٽ جي ڳالھہ ڪري ٿو، پر ملڪ ۾ ستن سالن دوران اهڙو ڪوبہ ميگا پراجيڪٽ تيار نہ ڪيو ويو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ عوام کي ڪو لاڀ حاصل ٿيو هجي.
پاڻي ۽ بجلي انساني جيئاپي لاءِ بنيادي ضرورتون آهن. ستن سالن ۾ موجودہ حڪومت ماڻهن کي صرف پيئڻ جو صاف پاڻي بہ مھيا ڪري نہ سگهي آھي ۽ نہ ئي ڪو بجليءَ جي درست استعمال توڙي اضافي پيداوار لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ويا آهن. اڄ سڄي ملڪ ۾ ”لوڊشيڊنگ“ جو آزار آھي، پر حڪومت جي دعوى آھي تہ ملڪ ۾ ڪا بہ لوڊشيڊنگ نہ آھي. ڪراچي جيڪو پاڪستان جو هن وقت واحد انٽرنيشنل بندرگاھہ آھي، اتان جا رهواسي بجلي ۽ پاڻيءَ جي بحران ڪري سخت پريشان آهن. تازو حڪومت ۾ شامل اتحادي ڌر جي چئن وفاقي وزيرن صدر ۽ وزير اعظم کي گڏيل خط لکيو آھي تہ ”ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي بحران کي حل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هن اهم مسئلي تي عوام شديد ردعمل جو اظھار ڪري سگهي ٿو.“ ڪراچيءَ جا شھري جنھن تڪليف ڏيندڙ صورتحال ۾ زندگي گهاري رھيا آهن، اھا ئي صورتحال سنڌ جي باقي شھرن ۽ ٻھراڙين جي پڻ آھي، جتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب رھي ٿي. بجلي ۽ پاڻيءَ وارو وفاقي وزير لياقت جتوئي اھا دعوى ڪندي ٿڪجي نٿو تہ واپڊا وٽ اضافي بجلي آھي ۽ ملڪ ۾ ڪٿي بہ لوڊشيڊنگ ناھي. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي دور ۾ وفاقي وزير کي اهڙي غلط دعوى نٿي جڳائي. ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت اهڙا ڪيئي شھر آهن، جتي بجليءَ سان گڏ پاڻيءَ جو بحران بہ مستقل شڪل اختيار ڪري چڪو آھي. ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيئڻ جي پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ پريشان رهن ٿا. تازو حيدرآباد جي علائقي اسلام آباد جي رهواسين پاڻيءَ جي کوٽ ڪري ڪراچي ويندڙ عوام ايڪسپريس کي ڪيترن ڪلاڪن تائين روڪي ڇڏيو ۽ ٽرين تي پٿراءُ ڪيو. اھا صورتحال سنڌجي ھر وڏي ننڍي شھر ۾ پيدا ٿيندي نظر اچي ٿي. عوام نہ حڪمرانن مان مطمئن آھي ۽ نہ ئي اپوزيشن جي سياسي پارٽين مان. مھانگائي، بيروزگاري، بک، بدحالي، بيمارين عوام جي اڪثريت کي ”اڌ مئو“ ڪري ڇڏيو آھي. حڪمرانن جي اھا ڪوشش آھي تہ اقتدار تي سندن دائمي قبضو رھي. انھيءَ لاءِ اھي ھر آئيني يا آئين کان مٿانهون قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن. اپوزيشن عوام جي اصل مسئلن تي ڪا بہ سگهاري تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار ناھي. ٻئي ڌريون اسٽيٽسڪو جون قائل ٿيون لڳن. لڳي ٿو تہ اصل واڳ ڌڻين طرفان حڪومتي پارٽي توڙي اپوزيشن کي ڌار ڌار ايجنڊائون ڏنيون ويون آهن تہ اھي مليل ايجنڊائن جي دائري ۾ رھي، پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪن. عوام جيئي يا مري، ڪنھن کي ان سان ڪا بہ همدردي نہ آھي.
موجودہ حڪومت جڏهن اھا دعوى ڪري ٿي تہ ملڪي خزاني ۾ 13 ارب ڊالرن جو ذخيرو موجود آھي، تڏهن وتائي فقير جو هڪ لطيفو ياد اچي ٿو. وتايو هڪ بازار مان گذري رھيو هو تہ مٺائيءَ سان ٿالھہ ڀري ويٺل هڪ حلوائيءَ تي نظر پيس. هن ويجهو وڃي کيس اک ۾ آڱر هنئي. حلوائي ڪاوڙ مان چيو، ”فقير اکيون ڇو ٿو ڪڍين؟“ وتائي عاجزيءَ مان وراڻيو تہ ”ڀائو! مون سمجهيو تہ توھان انڌا آھيو، جو اوھان جي اڳيان مٺائين جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ توھان انھن کي هٿ بہ نٿا لڳايو.“ دڪاندار وراڻيو تہ ”فقير جيڪڏهن مٺائي کائيندس تہ منھنجو جڻ ٻچو رلي ويندو.“ وتائي ٺھہ پھہ جواب ڏنس تہ ”مونکي کائڻ ڏي، منھنجو ڀلي جڻ ٻچو رلي.“ سرڪاري خزانو بہ شايد ان مٺائيءَ وانگر آھي، جيڪا عوام جي کائڻ لاءِ نہ آھي. جيڪڏهن پيل اربين ڊالرن جي ذخيري مان سرڪار عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بہ رقمون خرچ ڪري تہ شايد ماڻهن جي تڪليفن ۾ گهڻيءَ حد تائين گهٽتائي اچي سگهي، پر شايد اھا بہ هڪ حڪمت عملي آھي تہ عوام سدائين سورن ۾ هجي. ان جي نظر حڪومتي ايوانن تي نہ پوي. باقي دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ ضروري آھي تہ پاڪستان وٽ اربين ڊالر خزاني ۾ موجود آهن، ڇاڪاڻ تہ سرڪاري معيار موجب ملڪي خوشحالي خزاني جمع ڪرڻ سان تعلق رکي ٿي، غربت جي خاتمي ۽ عوام جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ سان ان جو ڪوبہ تعلق نہ آھي.

شال ڀاڱا نہ ٿئي سنڌڙي!

سنڌ جي سائين جي ايم سيد جي خواهش هئي تہ پاڪستان جي وفاق اندر سنڌ ۽ سنڌين سان جيڪي زيادتيون ٿي رھيون آهن ۽ وڏو صوبو ننڍين قومن جا جيڪي تاريخي ۽ سياسي حق غصب ڪيا آهن، انھن خلاف سنڌي مڙيئي مٺ ٿي جدوجهد ڪن ۽ استحصال کان پنھنجي جند آجي ڪرائين. ماضيءَ ۾ سنڌ جي سياسي پارٽين جا ڪيترا اتحاد جڙيا، پر ”اسلام آباد“ سان پيار جا پيچ اڙائيندڙن هميشہ انھن اتحادن ۾ ڏار وجهي، سنڌ جي نالي تي پنھنجا پيٽ ڀريا ۽ سنڌين جي جدوجهد کي سبوتاز ڪيو، پاڻ سڻڀا ٿيا آهن ۽ سنڌ ڏينهون ڏينھن اڻڀي ٿيندي رھي آھي.
پونم کانپوءِ جڏهن ممتاز ڀٽو جي سربراھيءَ ۾ ”سنڌ قومي اتحاد “ جڙيو تہ وري سنڌين ۾ اھا آس ۽ اميد ڪر کڻي جاڳي تہ سنڌ جا سور جلد پڄاڻيءَ تي پھچندا، پر سنڌ قومي اتحاد کي سنڌ جي قومي حقن لاءِ جيڪا منظم جدوجهد ڪرڻ کپي، ان ڏس ۾ ڪوبہ لاڀائتو ۽ اثرائتو قدم کڄندي نظر نہ پيو اچي، شايد ان جو وڏو سبب اتحاد جي سربراھہ ممتاز ڀٽو جي صحت جي خرابي هجي، جو ھر ڇھن مھينن کانپوءِ کيس پرڏيھہ اسهڻو پوي ٿو.
اڄ جن حالتن مان سنڌ گذري رھي آھي، وقت جي تقاضا آھي تہ سنڌ سان نينھن جو ناتو ڳنڍيندڙ جماعتون ”خودپرستي“ ۽ ”اناپرستيءَ“ جي خول مان نڪري هڪ پليٽ فارم تان گڏجي جدوجهد ڪن ۽ پاڻ ۾ ”ايڪي ۽ قومي ٻڌيءَ“ جو ثبوت ڏين، ٻيءَ صورت ۾ اسان جو حشر بہ ”ريڊ انڊين“ ۽ ”فلسطينين“ جھڙو ٿيندو، سنڌ تہ رهندي، پر شايد سنڌي نہ رهندا، سنڌين جي نانءَ تي ڪي ٻيا ماڻهو راڄ ڪندا. موجودہ ملڪي حالتن جي پيش نظر گهٽ ۾ گهٽ ڌارين جي آبادڪاري، پاڻي ۽ ناڻي جي ورھاست، مڪمل صوبائي خودمختياري، ڪالاباغ ڊئم ۽ گريٽر ٿل ڪئنال جھڙن منصوبن، ضلعن جي ورھاست، ڳوٺن جي ڊاهڻ وارن مسئلن تي سنڌ جون سموريون قومپرست ۽ وطن پرست پارٽيون گڏجي جدوجهد ڪري سگهن ٿيون.
اھا هڪ سياسي روايت رھي آھي تہ سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو ۽ سياسي اڳواڻ پنھنجي نظرين ۽ سياسي عقيدن جي دائرن ۾ بند رهندا آيا آهن، پر سنڌ جي اڪثر قومپرست پارٽين ۽ سڄاڻ شخصيتن کي سنڌ قومي اتحاد جي پليٽفارم تي ڏسي ڪجهہ پڪ ٿئي ٿي تہ پيالي ۾ پيئڻ ۽ پيارڻ جي رسم پراڻي ٿي چڪي آھي. ھي التجا ۽ آس تہ جيڪر ھاڻي سنڌ جا سڀ رهبر پاڻ ۾ ملي پون تہ سنڌين تان مھڻي ميٽ ٿي پوي.
هن ۾ ڪا ڀلائي هئي، جو تاريخ سنڌين کي ماضيءَ ۾ ڌارين ڦورن کان بچاءَ جو فن ۽ فڪر سيکاريو. ويھين صديءَ جا چارئي ظالمانہ نظام Zionism, Facism, Nazism, Recism لڳاتار ائين لاڳو رکيا ويا آهن، جو ھينئر اسان جي هٿ فاتحه ڪرڻ وارو بہ ڪو مشڪل هجي ھا. اڄ جي حالتن جو ايمانداري سان جائزو وٺجي تہ سنڌ جي نيڻن مان نير پيو وھي. سانوڻ جي مينھن جيان ظاھري طرح ان جو ڇيھہ ڇيڙو بہ نظر نٿو اچي.. ڏک تہ اهو آھي تہ انھن ستمن ۽ سختين ۾ پراون سان گڏ پنھنجن بہ هٿ پئي ونڊايو آھي. سنڌ جو سياسي ڪلچر بہ عجيب رھيو آھي، مثال طور طلسمي سياست، چيلي گرو واري سياست، وٺ جواب ڏي جواب واري سياست، ڪڪڙ ڪوري جي واھہ واھہ وڏيري واري سياست، جي سائين حاضر سائين واري سياست، اٺائيگر سياست، ابت سبت دانشورن جي مصلحتي ۽ مطلبي سياست، پگهاردار ۽ پينشن بردارن جي سياست وغيره شامل آهن، الميو اهو آھي تہ سڀ مختلف ”ليبل“ ۽ ”لقب“ لڳائي، سنڌ جي ٽڪلي نرڙ تي چنبڙائي، حب الوطنيءَ جو ٿورو بہ ٿڦيندا وتن، جيتوڻيڪ اھي سياسي صورتحال جا اڻوڻندڙ ڪردار رھيا آهن، جن سنڌ جي سياسي ماحول ۽ وايومنڊل کي نانگ ور ڏيئي، سنڌي وطن پرست سياست کي نقصان پھچايو آھي.
جڏهن بہ ماضيءَ ۾ سنڌ دوست ماڻهن ڪن سياسي نڪتن تي گڏجي هڪ پليٽ فارم جوڙيو آھي، تڏهن اقتدار جا مربي ۽ انھن جي خاص ماڻهن اهڙيءَ جدوجهد جي راھہ ۾ کڏون کوٽيون آهن، اسانکي اهو بہ نہ وسارڻ گهرجي تہ اقتدار کي پنھنجا ”ديو راڄ“ ۽ ”ديوتا“ آهن، جنھن جا پوڄاري لاتعداد آهن. هن ”ديو راڄ“ کي ”ڏاڍائي قانون ڀئو“ ۽ ”نينھن نڀايو لوڀ“ آھي، شروع ۾ ديو راڄ پنھنجو دٻدٻو جاري ۽ ساري رکڻ لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ ڏهڪاءُ ۽ ذهنن ۾ خلفشار پيدا ڪري، سندن ساھہ مٺ ۾ بند ٿو ڪري، پر مھاڏي جي صورت ۾ پنھنجي نينھن نياپن، يعني لوڀ ۽ لالچ کان ڪم وٺي، عوامي تحريڪن ۾ پنھنجا ماڻهو ڇڏي ٿو ڏئي، جن جو مقصد ۽ پيشو ئي پئسو آھي، انھن کي جدوجهدن کي ڇيهو رسائڻ لاءِ هوشياريءَ ۽ حرفت استعمال ڪرڻ جي سکيا اهڙي نموني ملي ٿي، جو ظاھري طرح قومي جدوجهد جا ٻانھن ٻيلي ٿي وٺي چڙهتون ڏين ٿا ۽ تيستائين ڪڙڪا ۽ واڪا ڪندا رهن ٿا، جيستائين چنڊ ۽ چوکا آواز دٻجي نہ وڃن. هڪ دفعو اهڙيءَ جدوجهد جو همدم ۽ همدرد ٿي قبضو ڪري سڄي جفاڪشيءَ کي گهيري ۾ آڻي وڃي ”گهاٽ گهاتو“ جي ور چاڙھين ٿا، بس اھا ئي گهڙي حساس ۽ فيصلا ڪن هوندي آھي، جڏهن ڪارڪنن کي ذهن ۽ پير پختا ڪرڻ جي ضرورت هوندي آھي، پر اسان مورکائيءَ ۾ ڪوڙي سڪي کي قبول ڪري، مڪر ۽ جعلسازيءَ ۾ ڦاسي گڙدولين ۾ اچي ويندا آھيون، ان کانسواءِ پارٽين جا نوان نسخا ۽ ڇاپا، مک پارٽين مان ڀڳل ۽ ٽٽل فرد ۽ ٽولا، ذاتين ۽ قبيلن جي بنياد تي تنظيم سازي، سنڌي قوم کي ”بلوچ ۽ سماٽ“ سميت مختلف واري خانن ۾ ورھائڻ وارو عمل معاملا فهمي بجاءِ مونجهارا پيدا ڪن ٿا، ھاڻ ”ڏوھين ۽ ڊوھين“ کي ڪنھن بہ ريت ”عفو ۽ درگذر“ جي خيرات سان نہ نوازڻ گهرجي، جو ان جو ئي ڪيتو لوڙي رھيا آھيون. سنڌي قوم ۾ زرخيز ذهنن، مخلص ڪارڪنن، فرض شناس سرويچن ۽ باضمير رهنمائن جي کوٽ ڪانھي، پر هڪڙا اسانجا پنھنجا سڄڻ اهڙا بہ آهن، جن کي ڪا بہ لالچ ڪانھي، پر کين سر جي سانگي بدذن بنائي ڇڏيو آھي، اھي رياستي جبر ۽ ڏاڍ کان ڊڄي قومي جدوجهد کان الڳ ٿي تماشائي بنيل آهن، منھنجيءَ نظر ۾ اُھي به، سنڌ کي پھتل نقصان ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، اسلام آباد ڏانھن جوابدارن سنڌي بنجي، سنڌ کي سخت ڇيهو رسايو آھي، ھاڻ تہ نظر ائين پيو اچي تہ ڌارين کي سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ ۾ ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو نہ لڳندو، ڇو تہ پينٽاگون جو اهو پراڻو منصوبو آھي تہ ننڍي کنڊ کي ٻيھر ملڪن ۾ ورھائجي، ان لاءِ آمريڪي دانشورن ”ڪي- 3“ جو فارمولو جوڙيو آھي. 2010ع تائين انھيءَ فارمولا تي عمل ڪرڻو آھي، ان ڪري سنڌ جي عوام توڙي اڳواڻن کي بيحد احتياط ۽ سمجهداريءَ سان معاملن کي سمجهڻو آھي. ائين نہ ٿئي تہ پوءِ هٿ ئي هڻندا رهجي وڃون.

نظريہ ضرورت واري نظرئي جوشاندار استعمال

حڪومت جا ٽي اهم حصا هجن ٿا: (1) اسيمبلي، (2) انتظاميا ۽ (3) عدليہ، اسيمبليءَ جو ڪم ملڪ لاءِ قانون سازي ڪرڻ ۽ انتظاميہ جو ڪم قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ عدليہ جو ڪم قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سزا ڏيڻ ۽ قانون جي تشريح ڪرڻ آھي. هڪ مفڪر ”سجوڪ“ صحيح چيو آھي تہ: ”سياسي نظام ۾ عدليہ جي اهميت سڀني کان وڌيڪ آھي. جڏهن بہ ڪنھن قوم جي سياسي تهذيب ۽ تمدن کي آزمايو ويندو آھي تہ سڀ کان پھرين اتان جي عدالت جا معيار ماپيا ويندا آهن.“ هڪ ٻئي مفڪر لارڊ برائس چيو آھي تہ جنھن رياست ۾ عدل ۽ انصاف نہ هوندو، اھا رياست گهڻو وقت جٽاءُ نہ ڪري سگهندي آھي، جيڪڏهن قانون کي صحيح نموني سان نافذ نہ ڪيو وڃي تہ زندگي ڪڙي ٿوھر جيان بڻجي ويندي آھي، جيڪڏهن قانون جو نفاذ ڪمزور طرح يا بددليءَ سان ڪيو وڃي تہ امن امان جي گارنٽي ختم ٿي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ تہ امن صرف انھيءَ صورت ۾ ئي قائم رھي ٿو.
پاڪستان جي موجود چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آھي تہ عدليہ جي ساک ۽ ان جي سڃاڻپ کي بھتر بنائڻ لاءِ ضروري آھي تہ عوام کي بغير ڪنھن دير جي سستو ۽ غير جانبدار انصاف فراهم ڪيو وڃي. نئين عدالتي سال جي آغاز جي موقعي تي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي، هن چيو تہ: ”عدالت عظميٰ هميشہ ملڪ اندر غير يقيني واري صورتحال ۾ مثالي فيصلا ڏنا آهن. ملڪ ۾ جڏهن بہ ڪو سياسي بحران آيو، ڪو آئيني تعطل پيدا ٿيو تہ اعليٰ عدالتن ڏانھن رجوع ڪيو ويو. عدالتن انھن موقعن تي ڪجهہ تاريخي فيصلا ڏنا آهن، جن مان ڪن فيصلن جي عوام ڀرپور تائيد ڪئي آھي ۽ ڪجهہ فيصلن تي شديد تنقيد پڻ ڪئي ويئي آھي.“ جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو تہ، ”انصاف جي فراهمي ۾ موجود رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ ۽ عدليہ جي ڪارڪردگيءَ کي بھتر بنائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ڪيترا موثر قدم کنيا آهن. ماتحت عدالت ۾ التوا ھيٺ ڪيسن جي صورتحال سنگين ٿيندي پئي وڃي. عام ماڻهن جو عدالتن تان اعتماد ختم ٿيندو پيو وڃي، جنھن جي ڪري انصاف جي فراهمي ۾ دير ٿي رھي آھي.“ جسٽس افتخار محمد چوڌري جيڪو ڪجهہ چيو آھي، اهو اسان سالن کان ٻڌندا پيا اچون ۽ اهو ئي سچ آھي تہ عوام کي بنان ڪنھن دير جي سستي ۽ غير جانبدار انصاف جي فراهمي تمام ضروري آھي، جيڪڏهن عدالتن کي ماضيءَ جي پس منظر ۾ پرکبو تہ اسان کي گهڻيون شيون ملنديون. جڏهن پاڪستان جي پھرين دستور ساز اسيمبليءَ کي جنرل چوڌري غلام محمد ٽوڙي ڇڏيو تہ ان وقت جي دستور ساز اسيمبليءَ جي اسپيڪر مولوي تميزالدين خان مرحوم، جنھن جو تعلق بنگال سان هو. تنھن انھيءَ قدم کي سنڌ جي ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. ڪورٽ چوڌري غلام محمد جي انھيءَ قدم کي غير قانوني قرار ڏنو ۽ پنھنجي فيصلي ۾ لکيو تہ جيئن تہ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جيڪو پاڪستان جو عبوري آئين بہ آھي، ان مطابق پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي بحال ڪجي ٿي، پر حڪومت ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾چئلينج ڪيو. سپريم ڪورٽ گورنر جنرل جي حڪم کي جائز قرار ڏنو ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو. ان وقت سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس چوڌري منير هو، جنھن اڳتي هلي پنھنجي ڪتاب ”From Jinnah to Zia“ ۾ اهو اعتراف ڪيو هو تہ ڪجهہ بااثر قوتن جي دٻاءَ ۾ اچي هن اهو فيصلو ڏنو هو. جسٽس منير ئي هو، جنھن پاڪستان ۾ ”نظريهءِ ضرورت“ جو رواج وڌو. ضرورت تحت جائز قرار ڏنو ويندو رھيو. جنرل پرويز مشرف جي اقتدار تي اچڻ کي بہ ”نظريهءِ ضرورت“ تحت جائز ۽ حق بجانب قرار ڏنو ويو. ملڪ جي دانشورن، قانون جي غير جانبدار ماھرن اڄ ڏينھن تائين ”نظريهءِ ضرورت“ تحت نفاذ کي حق بجانب تسليم نہ ڪيو آھي. دانشورن ۽ قانون جي ماھرن جي اھا پختي ۽ پڪي راءِ آھي تہ جيستائين ”نظريهءِ ضرورت“ مان نجات حاصل نٿي ٿئي، تيستائين ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ ناممڪن آھي. هن وقت بہ ملڪ اندر ڪيترائي اهميت وارا معاملا آهن، جن جو انصاف وارن ادارن پاران پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهجي ٿو. اڪبر بگٽيءَ جي شھادت جي مسئلي، وفاق ۽ صوبن درميان اختيارن جي ورڇ جي مسئلي ۽ صدر جي ورديءَ جي مسئلي جھڙا معاملا آهن، جيڪي توجهہ طلبين ٿا. 13 سال اڳ صدر غلام اسحاق خان طرفان ميان نواز شريف جي حڪومت مان برطرفيءَ جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ”نظريهءِ ضرورت“ کي مڪمل طور تي مسترد ڪندي اعلان ڪيو هو تہ، ”عاصمہ جيلاني“ ڪيس ۾ جنرل يحييٰ خان کي غلط قرار ڏنو ويو هو ۽ پوءِ حاجي سيف الله ڪيس ۾ محمد خان جوڻيجو مرحوم جي حڪومت جي جنرل ضياءُ الحق طرفان برطرفيءَ کي غير قانوني قرار ڏنو ويو هو. هنن ٽن مثالن جي باوجود جڏهن 12 آڪٽوبر 1999ع تي نواز شريف جي حڪومت جي خاتمي وارو معاملو بحث ھيٺ آيو تہ ان خاتمي کي جائز ۽ صحيح قرار ڏيڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري ”نظريهءِ ضرورت“ جو سھارو ورتو ويو. اسان وٽ جيترو غلط استعمال ”نظريهءِ ضرورت“ جو ٿيو آھي، ايترو شايد ئي ڪٿي ٿيو هجي، جرمنيءَ جو پروفيسر ”ڪيلسن“ جيڪو هن نظرئي جو خالق آھي، تنھن هن نظرئي جي باري ۾ لکيو آھي تہ، ”ڪنھن بہ انقلاب رونما ٿيڻ کانپوءِ جيڪڏهن ماڻهن جي اقتصادي حالت بھتر نٿي ٿئي ۽ عوام جا اهنج ۽ سور نٿا گهٽجن، ھر ماڻهو جون بنيادي ضرورتون نٿيون پوريون ٿين تہ پوءِ ان انقلاب يا تبديليءَ کي جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي.“ پاڪستان ۾ جيڪو بہ نظريهءِ ضرورت جو استعمال ڪيو ويو آھي، ان سان پروفيسر ”ڪيلسن“ جو روح ٿي سگهي ٿو تہ قبر ۾ تڙپندو هجي!
سپريم ڪورٽ جي موجودہ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪجهہ فيصلا اهڙا ڪيا آهن، جو هڪ ڀيرو وري عوام ۾ اميد پيدا ٿي آھي تہ کين سستو ۽ تڪڙو انصاف ملندو، پاڪستان اسٽيل مل جي نيلاميءَ جو مسئلو هجي يا مظلوم منو ڀيل جي گم ڪيل خاندان جي ڀاتين جو مسئلو هجي، چيف جسٽس هڪ مضبوط ۽ ٺوس موقف اختيار ڪيو آھي، جيڪو شايد واڳ ڌڻين کي نہ وڻي، پر اھي فيصلا عوام لاءِ وڏي آٿت آهن. اسان جي موجودہ قانون ۽ انصاف جي سسٽم ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، جن کي دورانديشي، جرئت ۽ ڏاهپ سان حل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان جي عدالتن ۾ لاتعداد ڪيس سماعت ھيٺ آهن، هڪ هڪ جج وٽ هزار کان مٿي ڪيس هلي رھيا آهن. انڪري سول ڪورٽن توڙي سيشن ڪورٽن جو تعداد وڌائڻو پوندو، سرڪار طرفان عدالت جي جيڪا بجيٽ رکي وڃي ٿي، اھا بہ ناڪافي آھي، جج صاحبان جون پگهارون گهٽ آهن، انھن کي رھائش ۽ طبي سهولتون بہ ناھي ماتر آهن ۽ ڪنوينس بہ پورو سارو آھي. موجودہ حالتن ۾ آباديءَ جي وڌندڙ شرح ۽ ڏوهن جي رفتار کي ڏسي گهٽ ۾ گهٽ ھيٺين سطح تي ڪورٽن جو تعداد ٻيڻو ڪيو وڃي. سول جج صاحبان کي گهٽ ۾ گهٽ 18 هون گريڊ ڏنو وڃي. رھائش، ڪنوينس ۽ طبي الائونس جي مد ۾ موجودہ رقم کي ٻيڻو ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ توڙي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پڻ ججن جو انگ وڌايو وڃي، وفاق ۾ شامل ايڪائين جي لحاظ کان ھر يونٽ کي برابر جي نمائندگي ڏني وڃي، ڇاڪاڻ تہ آئين مطابق سپريم ڪورٽ کي نہ صرف ھيٺين ڪورٽن مٿان اپيل ٻڌڻ جو اختيار آھي، پر سپريم ڪورٽ کي اهو بہ اختيار آھي تہ جيڪڏهن مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪو تڪراري مسئلو پيدا ٿئي ٿو تہ سپريم ڪورٽ اختلافي مسئلي تي فيصلي ڏيڻ جو اختيار رکي ٿي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کي هٽائڻ يا برطرفيءَ جو اختيار صرف ۽ صرف جوڊيشل سپريم ڪائونسل کي هئڻ گهرجي. ججن جي مقرريءَ جو اختيار برطانيہ وانگر پارليامينٽ کي هئڻ گهرجي. جيلن ۾ اهڙا ماڻهو واڙيل آهن، جن کي سال گذري وڃن ٿا، پر انھن جي ڪيسن جو فيصلو نٿو ٿئي، اهڙن ماڻهن کي هڪ سال گذرڻ کان پوءِ ضمانت ملڻ گهرجي. منھنجو ذاتي مشاهدو آھي تہ جيلن ۾ قيد ڪي اهڙا قيدي بہ هوندا، جيڪي گهڻو ڪري بيگناھہ هوندا آهن يا انھن جي ڪيل ڏوھہ جي سزا صرف هڪ يا ٻہ سال هوندي آھي، پر ڪورٽن جي شنوائين جي چڪر ۾ ورھيہ وري ويندا آهن.

تعليم جو ٻيڙو ڪيئن ٿو تري سگهي؟

تازو اسٽيٽ بئنڪ طرفان پاڪستان جي معيشت بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ان ڳالھہ جو اعتراف ڪيو ويو آھي تہ مسلسل مھانگائيءَ جي نتيجي ۾ ھر شيءِ جي قيمت ٻيڻي ٿي چڪي آھي ۽ ناڻي جي واڌ ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، ان صورتحال ۾ وزيراعظم سان ملاقات ۾ سندن پاران ڪيل اهو مطالبو سئو سيڪڙو جائز محسوس ٿئي ٿو تہ، استادن جي پگهارن ۾ بہ سئو سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. اھا ڪا لڪل ڳالھہ نہ آھي تہ استادن وٽ پگهار کان سواءِ گذر سفر جو ٻيو ڪوبہ ذريعو نہ هوندو آھي. ڪنھن دور ۾ پرائمري استاد جي پگهار سون جي تولي جي ملھہ برابر هوندي هئي، پر ھاڻي ائين ناھي، استاد کي جسم ۽ روح جي رشتي کي قائم رکڻ لاءِ وڌيڪ هٿ پير هڻڻا پون ٿا. اهو ئي سبب آھي، جو استادن جي اڪثريت نوڪريءَ سان گڏ ٻيا ڌنڌا بہ ڪرڻ تي مجبور آھي. ڪي ٽيوشن پڙھائين ٿا، ڪي مانڊڻيون هلائين ٿا، ڪي مال پڙين تي چوپائي مال جي خريد و فروخت ڪرائي ٻہ پئسا ڪمائين ٿا، انڪري ئي استادن جي اڪثريت اسڪولن مان غائب رھي ٿي ۽ پيٽ گذر لاءِ ٻين ڪمن ڪارين ۾ مصروف رھي ٿي، توڙي جو جيڪو استاد ڪلاس نٿو وٺي، اهو نہ رڳو سرڪار جو، پر قوم جو بہ ڏوھي آھي. استادن جي ڪلاسن مان غائب رهڻ سبب سموري استاد برادري سماج ۾ خوار خراب ۽ رسوا ٿي آھي، استادن جي اڪثريت ۾ اھا ”ڪميٽمينٽ“ نہ رھي آھي، جيڪا هڪ قوم جي سجاڳ ۽ ذميوار فرد ۾ هئڻ گهرجي، جيتوڻيڪ استاد انھيءَ ڪارخاني جو ڪاريگر آھي، جتي ذهن تيار ٿين ٿا، پر انھن ئي استادن پنھنجي فرض ۾ ڪوتاھي ڪري سنڌي سماج کي ڪيئي سال پٺتي ڌڪي ڇڏيو آھي، ڪي استاد انھيءَ ڳالھہ کي ائين پيش ڪندا آهن تہ استادن جون پگهارون گهٽ آهن، انڪري اھي ٻين ڌنڌن ۾ لڳل آهن ۽ پڙھائيءَ ۾ ڪوتاھي ڪن ٿا، تڏهن عجيب لڳندو آھي، ڇاڪاڻ تہ اھي پنھنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان هن پيشي طرف آيا آهن، کين اڳواٽ اھا خبر هوندي آھي تہ هن شعبي ۾ پگهارون اھي ئي آهن، ان جي باوجود اهڙو ڪو جواز ڄاڻائي، مورڳو ڪلاسن مان غائب رهڻ يقينن قومي ۽ اخلاقي ڏوھہ آھي. اھا ڳالھہ بہ پنھنجيءَ جاءِ تي اهميت جوڳي آھي تہ ضرورتون ئي ماڻهوءَ کي ڏوھي بڻائين ٿيون، مھذب ملڪن ۾ پرائمري استادن جي پگهار سيڪنڊري ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ جي استادن کان بہ وڌيڪ هوندي آھي، ڇاڪاڻ تہ پرائمري تعليم، تعليمي سرشتي جي پٺيءَ جي ڪنڊي جيان آھي، جيڪڏهن اهو ئي سڌو نہ هوندو تہ زندگي صحيح معنى ۾ سک سان هلي نٿي سگهي، ان ڪري ان ڳالھہ تي هڪ ئي راءِ آھي تہ استادن جي پگهار ۽ الائونسس لاءِ هڪ الڳ ڪميشن ويھاري، انھن کي ان قابل بڻائڻ گهرجي تہ جيئن استاد گهٽ ۾ گهٽ روزاني زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهن، پر ان جي باوجود ان ڳالھہ کي بہ نظرانداز نہ ڪرڻ گهرجي، تہ پگهارن جي بھاني پنھنجيءَ قوم جي ايندڙ نسلن کي جهالت جي اونداھيءَ ۾ ڌڪڻ هڪ سنگين قومي ڏوھہ آھي، جنھن جي سزا ايندڙ ڪيئي نسلن کي ڀوڳڻي پوندي.
اسان وٽ استادن جو هڪ اهم مسئلو ترقين لاءِ ٽائيم اسڪيل نافذ ڪرڻ وارو آھي. ماضيءَ ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن طرفان استادن جي ترقين لاءِ هڪ فارمولو جوڙيو ويو هو، پر ان تي بہ عمل نہ ٿي سگهيو. اهو فارمولا فقط ڪاليجي ۽ يونيورسٽين جي استادن لاءِ هو، جنھن مطابق گهٽ ۾ گهٽ 7 سال ليڪچر طور بھتر نموني فرض نڀائيندڙ استاد کي مقرر ڪيل مدي کانپوءِ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ڏني ويندي. 6 سال اسسٽنٽ پروفيسر طور ڊيوٽي ادا ڪندڙ کي ايسوسيئيٽ پروفيسر، جڏهن تہ 5 سال ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪم ڪندڙ کي سندس ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي پروفيسر طور ترقي ڏني ويندي، جيڪڏهن اهڙو ٽائيم اسڪيل تحت جڙندڙ فارمولو واقعي بہ ھر سطح تي نافذ ڪيو وڃي تہ تعليمي ماحول ۾ گهڻي بھتري اچي سگهي ٿي ۽ استادن جا مسئلا بہ گهڻيءَ حد تائين حل ٿي سگهن ٿا. تازو استادن هڪ مطالبو اهو بہ ڪيو آھي تہ ھائوس رينٽ ڪرنٽ پي اسڪيل تحت ڏنو وڃي. هن وقت وڏن شھرن، خاص طور ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي استادن کي بنيادي پگهار جو 45 سيڪڙو، جڏهن تہ باقي علائقن ۾ 30 سيڪڙو ھائوس رينٽ ڏنو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ پگهارن ۾ تہ واڌارو ڪيو ويو، پر ھائوس رينٽ منجمند (Freeze) ئي رھيو، نتيجي ۾ عملي طور استادن کي وڏن شھرن ۾ جيڪو ھائوس رينٽ ملي ٿو، اهو 20 سيڪڙو آھي ۽ ٻھراڙين ۾ 15 سيڪڙو آھي، جڏهن تہ سيڪريٽريٽ، بينڪن ۽ ٻين خودمختيار ڪارپوريشنس ۾ ھائوس رينٽ ڪرنٽ پي اسڪيل تحت ڏنو وڃي ٿو پر استادن لاءِ اهڙو قانون نٿو جوڙيو وڃي. سالن کان وٺي ڪنوينس الائونس بہ هڪ هنڌ بيھي رھيو آھي، جڏهن تہ گاڏين جي ڀاڙن ۾ غير معمولي واڌ ٿي چڪي آھي، نتيجي ۾ ڪيترائي استاد شاگردن وانگر اڌ ڀاڙو ڏين ٿا ۽ ائين شرمساريءَ جو منھن ڏسن ٿا.
استادن جي ٻارن کي پروفيشنل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا توڙي نوڪرين لاءِ ڪوٽا وارو مسئلو بہ سندن مستقبل جي حوالي سان گهڻي اهميت رکي ٿو. ماضيءَ جون حڪومتون ان حوالي سان 25 سيڪڙو ڪوٽا ڏينديون رھيون آهن، پر اھا ڪوٽا صرف پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن تائين محدود هئي، جنھن کي بہ اسان جي استاد اڳواڻن غلط استعمال ڪيو. اولاد جي نالي تي نوڪريون وٺي، ٻين ماڻهن کي وڪرو ڪيون ويون. ائين استاد اڳواڻن ۾ ڪرپشن ڪاھي پيئي تہ سموري برادريءَ جي بدنامي بہ ٿي. هن وقت يونيورسٽين جي استادن ۽ ملازمن جي اولاد لاءِ تہ سيٽون مخصوص آهن، پر پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليجي استادن جي اولاد لاءِ ڪي بہ سيٽون مخصوص ناهن. سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام علي الانا استادن جي اولاد لاءِ ٻہ ٻہ سيٽون مخصوص ڪيون ھيون، جنھن کي مظھرالحق صديقي بہ برقرار رکيو آھي. جيڪڏهن ميڊيڪل يونيورسٽي، انجنيئرنگ ۽ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ بہ استادن جي ٻارن لاءِ سيٽون مخصوص ڪيون وڃن تہ اسان استادن جي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. هن وقت تعليم کاتي جو اهم مسئلو ايڊھاڪ بنيادن تي ڀرتيون بہ آھي. ايڊھاڪ ۽ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي جيڪي ڀرتيون ٿين ٿيون، انھن ۾ سفارش يا رشوت جو عمل دخل وڌيڪ رھي ٿو. هڪ اڳوڻي وزير تعليم ڪانٽريڪٽ جي بنيادن تي 741 ليڪچرار ڀرتي ڪيا هئا ۽ اھا ڳالھہ بہ عام ٿي ويئي هئي تہ ھر هڪ ليڪچرار جي پوسٽ لاءِ 80 هزار کان هڪ لک رپين تائين ورتا ويا آهن. رشوت ڏسڻ ۾ نہ ايندي آھي ۽ نہ ڪو وٺڻ وارو ثبوت ڇڏي ويندو آھي، ان ڪري ايڊھاڪ ۽ ڪانٽريڪٽ جي بنيادن تي ڀرتين جي خامي سان اهل ماڻهن کي موقعو ملندو ۽ تعليم کاتي ۾ بھتر تبديلي ايندي. اسان وٽ استادن جي پگهارن مان ھر مھيني سوين رپيا گروپ انشورنس طور ڪٽيا وڃن ٿا، پر اھي پئسا بہ استادن جي وارثن کي تڏهن ئي ملندا آهن، جڏهن استاد ھي جهان ڇڏي چڪو هوندو آھي. جيڪڏهن ڪو استاد جيئري ريٽائر ٿيو تہ کيس هڪ رپيو بہ انشورنس جو ناھي ملندو، ظاھر آھي تہ اھا هڪ وڏي زيادتي آھي. مرڻ يا جيئڻ سان انشورنس اسڪيم تي تہ ڪو اثر نٿو پوي، ان ڪري انشورنس ڪمپنين جيان گروپ انشورنس جا پئسا رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڏيڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ٿيڻ کپي، جيئن استادن کي اھا ٻڏل رقم ملي سگهي. مرڪزي يا صوبائي سطح تي Monitoring جو سسٽم بہ انتھائي ڪمزور آھي. جيڪڏهن ان نظام کي بھتر بڻائي ان ۾ ڪامورن سان گڏوگڏ سماجي ورڪر ۽ ورڪنگ استاد بہ شامل ڪيا وڃن تہ تعليمي ماحول کي بھتر بڻائي سگهجي ٿو. موجودہ سرڪار استادن کي ”بيسٽ ٽيچر“ ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آھي، پر ان ۾ بہ انصاف نٿو ڪيو وڃي. اسان جي ريجن ۾ ”بيسٽ پرنسپل“ جو ايوارڊ ان ڪاليج جي پرنسپال کي ڏنو ويو، جنھن کي چارج وٺندي ڇھہ مھينا مس ٿيا هئا. هوءَ ويچاري پاڻ ئي حيران پريشان هئي تہ هن کي ڪھڙيءَ طرح ”بيسٽ پرنسپل“ جو ايوارڊ ڏنو ويو آھي؟ بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ بہ هڪ اهڙي استاد کي ڏنو ويو، جنھن ڪڏهن بہ ڪلاس جو منھن نہ ڏٺو هو. جيڪڏهن خود تعليم کاتو ئي اهڙن استادن جي همٿ افزائي ڪندو رهندو تہ آخر تعليم جو ٻيڙو ڪيئن ترندو؟

صوماليہ تي جارحيت ۽ آمريڪي منصوبو

دنيا جي پرامن ڌرتيءَ کي انساني رت سان رڱڻ آمريڪا جو پراڻو شاھاڻو شوق رھيو آھي. دنيا ۾ تباھي ۽ بدامني پکيڙڻ جي باري ۾ جڏهن ڪو تجزيہ نگار سنجيدگيءَ سان ڪنھن ”تحقيق“ جي شروعات ڪندو تہ، ڌرتيءَ جي گولي تي ھر هنڌ آمريڪي فوجي مداخلت ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جنگين ۽ انسان ذات جي تباھيءَ کي نظر انداز نہ ڪري سگهندو. ھر آمريڪي فوجي مداخلت جي نتيجي ۾ بيگناھہ انسان قتل ٿيا آهن، تباھي ۽ بربادي آئي آھي، ۽ دنيا جو امن تباھہ ٿيو آھي. آمريڪي جارحيت جا داستان دنيا جي ڪتابن ۾ عيان آهن. ماضيءَ ۾، دنيا ۾ ڪميونزم جو خوف کڙو ڪري لکين انسانن جو رت وھايو ويو آھي، پوءِ ڀلي 1954ع ۾ گوئٽي مالا ۾ انساني رت جي هولي کيڏڻ واري ڪڌي ڪرت هجي، يا 1965ع ۾ ڊومي ري پبلڪ ۾ ڪميونزم جي نالي تي بيگناھہ انسانن جو رت وھائڻ هجي. 1983ع ۾ گرينيڊا واري جارحيت هجي يا 1989ع ۾ ”پاناما“ وارو ظلم هجي يا ويٽنام جي ڊگهي بي مقصد جنگ. هن کان اڳ انسانن جو قتل عام ڪميونزم جي آڙ ۾ ڪيو ويو آھي. 11/9 کانپوءِ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي نالي تي عراق ۽ افغانستان ۾ انسانن جو قتل عام جاري آھي، پر اقوام متحدہ يا ان جا ذيلي ادارا سلامتي ڪائونسل، جنرل ڪائونسل ۽ عالمي عدالت، آمريڪا جي خوني هٿ کي روڪڻ ۾ ناڪام رھيا آهن. آمريڪا امن جي نالي تي سڄي دنيا ۾ امن کي تباھہ ڪري رھيو آھي. اھي ملڪ، جتي بادشاهتون يا مطلق العنان حڪومتون آهن، اتي جا حڪمران آمريڪا جي هن سنگين ڏوھہ ۾ هڪجھڙا ڀائيوار ۽ Co-accused آهن، ڇاڪاڻ آمريڪا جي ئي ڏڍ تي سندن بادشاهتون ۽ غير جمھوري حڪومتون قائم آهن.
مسلم ملڪ آمريڪي جارحيت جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻيل آهن. ھر انھيءَ شخص کي دهشتگرد سڏيو وڃي ٿو، جيڪو آمريڪي ظلم ۽ ستم خلاف آواز اٿاري ٿو. تازو صوماليہ تي جارحيت ڪري هڪ نئون محاذ کوليو ويو آھي. صوماليہ، آفريقا جو هڪ اهم اسلامي ملڪ آھي. اوڀر آفريقا جي هن ملڪ جو سرڪاري نالو صوماليہ ڊيموڪريٽڪ ري پبلڪ آھي، جنھن جي اولھہ ۾ ايٿوپيا، اتر- اولھہ ۾ ڊجي بوٽي، ڏکڻ-اولھہ ۾ ڪينيا آھي، صوماليہ ۾ مرڪزي حڪومت نالي ماتر آھي، ان جا علائقا صومالي لينڊ، پونٽلينڊ انتظامي لحاظ کان خودمختار آهن. صوماليہ پھرين جولاءِ 1960ع تي برطانيا ۽ اٽليءَ کان آزادي ماڻي. هتي جي گاديءَ جو هنڌ موغاديشو آھي. جولاءِ 2005ع جي مردم شماريءَ مطابق صوماليہ جي آبادي 82 لک، 28 هزار آھي ۽ سرڪاري زبان ”صومالي” آھي. حڪومت جي نظام کي Transitional Federal Government سڏيو وڃي ٿو. صوماليا جي ڪرنسي کي ”صومالي شلنگ“ سڏيو وڃي ٿو. 24 ڊسمبر 2006 ع تي ايٿوپيا، صوماليہ کي فوجي جارحيت جو نشانو بنايو، 9 جنوري 2007ع تي آمريڪي فوجي تعاون سان صوماليہ تي بمباري ڪئي ويئي. ايٿوپيا جي فوجن صوماليا تي حملو ڪري اسلام پسند يونين آف اسلامڪ ڪورٽس جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ گاديءَ جي هنڌ موغاديشو تي مڪمل قبضو ڪري ڇڏيو. ظاھري طرح هن حملي جو مقصد آمريڪي نواز حڪومت قائم ڪرڻ آھي.”يونين آف اسلامڪ ڪورٽس“ جي اڳواڻ عمر ادريس تازو بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو تہ، ”ايٿوپيا جون فوجون اڳتي ضرور وڌي آيون آهن، پر اهو جنگ جو خاتمو ناھي. اسان ڄاڻون ٿا تہ آمريڪا کي عراق ۾ ڪھڙن تجربن کي منھن ڏيڻو پيو پوي ۽ ان ڪري اهو چوڻ تہ اسلامڪ ڪورٽس جي فوج شڪست کائي چڪي آھي، محض هڪ خواب آھي.“
آمريڪا جي حمايت سان ايٿوپيا جي ٿيل اڳرائيءَ جي ڪري صوماليہ جي مقبول حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو آھي، جنھن 16 سالن جي خانہ جنگي کان پوءِ صوماليہ ۾ امن قائم ڪيو هو ۽ عوام کي تحفظ جو احساس ڏياريو هو. هن کان اڳ قبائلي سردارن ۽ وار لارڊس وڏي پيماني تي ملڪ ۾ ڦرلٽ ۽ افراتفري ڦهلائي هئي. ايٿوپيا جي جارحيت کانپوءِ انھن سردارن وري ڪر کنيو آھي. شھرن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. آفريقي يونين مطالبو ڪيو آھي تہ ايٿوپيا جون فوجون ملڪ خالي ڪري واپس هليون وڃن. اهڙي طرح ڪينيا، جيڪو پڻ آمريڪا ۽ ايٿوپيا جو دوست آھي، ان پڻ ايٿوپيا جي فوجن جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو آھي. صوماليہ تي ايٿوپيا جو حملو ۽ قبضو اقوام متحدہ جي ٺھرائن ۽ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آھي، پر هميشہ جيان آمريڪا جي صدر بش ايٿوپيا جي فوجن جي حمايت جو اعلان ڪيو آھي ۽ انھن جي ھر طرح سان مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو آھي. آمريڪا، صوماليہ ۾ ايٿوپيا جي حملي کي بہ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي سلسلي جي ڪڙي ڄاڻائي ان جي غير مشروط حمايت ڪري رھيو آھي. آمريڪي حمايت سان ايٿوپيا جي صوماليہ تي جارحيت جو اصلي مقصد تيل سان مالا مال ملڪ ۾ پنھنجي پسند جي ڪمزور حڪومت قائم ڪرڻ آھي، جيڪا آمريڪي اشاري تي هلي آمريڪا جي مستقل مفادن جو دفاع ڪري سگهي. آمريڪا، صوماليہ ۾ اقوام متحدہ طرفان اسلحي جي فراهميءَ تي لڳايل پابنديءَ جي پڻ ڀڃڪڙي ڪري رھيو آھي ۽ وار لارڊز جي حمايت ڪري رھيو آھي، جن صوماليہ جي عوام کي سدائين ڦريو ۽ لٽيو آھي ۽ پنھنجي خونخوار چنبن سان عوام جو قتل عام ڪيو آھي. هن حملي جو مقصد اسلام پسندن کي هن خطي مان هميشہ لاءِ نيڪالي ڏيڻ آھي ۽ صوماليہ ۾ جمھوريت ۽ جمھوري ادارن کي مستقل طور تباھہ ڪرڻ آھي. 1993ع ۾ صوماليہ جا اھي آمريڪي حمايت يافتہ وار لارڊز اقوام متحدہ جي امن فوج کي نيڪالي ڏيئي چڪا آهن، جيڪا صوماليا ۾ سالن کان هلندڙ خانہ جنگيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ آئي هئي ۽ ان حملي ۾ وار لارڊز طرفان 18 آمريڪي پڻ ماريا ويا هئا.
ڏٺو وڃي تہ صوماليہ ۾ اسلام پسندن جي پسپائي عارضي آھي. اسلام پسندن جو پوئتي هٽڻ دراصل ويٽنام ۽ عراق وانگر هڪ ڊگهي گوريلا جنگ جي شروعات آھي، جيڪا غير مقبول وار لارڊز جي طاقت کي عبرتناڪ شڪست ڏيندي. صوماليہ جھڙي مسلمان ملڪ ۾ اسلام پسندن جي فوج کي عوامي حمايت پڻ حاصل آھي ۽ عوام جي حمايت سان وڙهندڙ قوتن کي ڪڏهن بہ ڪا سامراجي قوت شڪست نٿي ڏيئي سگهي. ان جو مثال اسان عراق ۽ افغانستان مان وٺي سگهون ٿا، جتي آمريڪي حمايت يافتہ حڪومتن جو ملڪ مٿان ڪو بہ ڪنٽرول ناھي، اھي صرف گاديءَ جي هنڌ تائين آمريڪي پھريداريءَ ۾ قائم ٿيل حڪومتون آهن، جن کي عراق يا افغانستان جي عوام جي ٽڪي جيتري حمايت بہ حاصل ناھي. عراق ۾ آمريڪي حمايت يافتہ صدام حسين کي ڦاسي ڏيڻ جو صرف ھي آمريڪي مقصد هو تہ جيئن آمريڪا خلاف وڙهندڙ وطن پرست عراقين کي ورھائي سگهجي، فرقيواراڻا فساد ڪرائي سگهجن يا عربن ۽ ڪردن وچ ۾ خانہ جنگي ڪرائي سگهجي، پر عراق جي وطن پرست قوتن انھيءَ آمريڪي سازش کي پرکي ورتو ۽ صدام حسين جي ڦاسيءَ کي ڪا بہ اهميت نہ ڏني ۽ پنھنجون نظرون پنھنجي اصل مقصد کي ماڻڻ تي رکيون. عراق، آمريڪا لاءِ ٻيو ويٽنام بڻجي چڪو آھي. افغانستان جي حامد ڪرزئي جي ڪمزور حڪومت اتحادي فوجن جي پھري ۾ رهندي پنھنجو مقصد نہ پئي ماڻي سگهي.
اڳتي هلي صوماليہ جي صورتحال بہ ساڳي وڃي بيهندي. موجودہ هلندڙ جنگ اڳتي هلي هڪ نئون رخ اختيار ڪري سگهي ٿي، جتي آمريڪا مخالف انقلابي فيڪٽر جي غالب اچڻ جا روشن امڪان آهن. آمريڪا ۽ ايٿوپيا ان ڳالھہ کان خوفزدہ پڻ آهن تہ صوماليہ ۾ هلندڙ جنگ، انقلاب جي جذبي ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ انقلاب جو ھي جذبو ايٿوپيا ۽ اريٽيريا ۾ پڻ هڪ نئين عوامي مزاحمت کي جنم ڏيندو. ايڪوھين صدي آمريڪا جي شڪست جي صدي هوندي ۽ وطن پرستن ۽ عوام جي طرفدار ماڻهن جي ڪاميابيءَ جي نويد هوندي.

سنڌ جي ڌاڙيلن مان جند ڪيئن ڇڏائجي؟

جنرل ضياءُ الحق جي ڪاري دور ۾ ڪرپشن، ڪميشن ڪلچر، پلاٽن ۽ پرمٽن جي سياست، فرقيواريت، مذهبي جنونيت، ڪلاشنڪوف ۽ ھيروئن جھڙن مرضن جو جنم ٿيو. سنڌ کي خاص طور ايم آر ڊي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي هڪ نرالي سزا اھا ملي، تہ شھرن اندر دهشتگردن ۽ ٻھراڙين ۾ ڌاڙيلن منھن ڪڍيو. شھرن اندر دهشتگردن ڀتي، غنڊه ٽيڪس وٺڻ ۽ مخالفن کي نيست و نابود ڪرڻ جو ڪم ڪيو، تہ ٻھراڙين ۾ ڌاڙيلن عوام کي ڦريو ۽ لٽيو، ماڻهن کي اغوا ڪري کانئن ڀنگ وصول ڪرڻ جو رواج وڌو. سال 1987ع ۾ منھنجا ٻہ دوست سيد علي اڪبر شاھہ ۽ آغا سڪندر شام جي وقت المنظر هوٽل ڄامشورو وٽان اغوا ڪيا ويا. ان وقت حيدرآباد جو ايس پي محمد بچل سانگري هو. هن مشورو ڏنو تہ اغوا ٿيل همراهن کي ڄامشورو ۾ قائم اعليٰ تعليمي ادارن جي ھاسٽلن ۾ ڳولھيو وڃي. ڇاڪاڻ تہ ڪجهہ شاگرد اغوا جي وارداتن ۾”مڊل مين“ جو ڪردار ادا ڪندا هئا ۽ ھاسٽلن ۾ نامي گرامي ڌاڙيلن جي اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ جو سلسلو بہ هلندڙ هو. اغوا ٿيل دوستن کي ڳولھيندي، اسان جي معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيو تہ ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪيئن ٿا ڪن، انھن جا ٿاڪ ڪھڙا آهن ۽ ڪنھن حيلي وسيلي انھن کي آزاد ڪرائي سگهجي ٿو. اهو بہ پتو پيو، تہ مختلف ضلعن ۾ ڪھڙن ڀوتارن جون سلطنتون قائم آهن.
علم سماجيات جي لحاظ کان ڌاڙيل ٿيڻ جا جيڪي ڪارڻ آهن، انھن ۾ سماجي ناهمواري، طبقاتي جبر، پئسن جي حَوس، ناانصافي، قبائلي جهيڙا، غيرت ۽ پلاند، ھيرو ازم، ايڊوينچرزم شامل آهن. ماضيءَ ۽ اڄ جي ڌاڙيلن ۾ اخلاقي قدرن جي لحاظ کان بہ زمين ۽ آسمان جو فرق آھي. ماضيءَ جا حڪمران ان کي ڌاڙيل يا دهشتگرد سڏيندا هئا، جيڪو”وطن پرست“ هوندو هو، قومي غيرت ۽ ڌرتيءَ جو درد رکندو هو. سڪندر مقدونيءَ جو دور هجي يا چندر گپت موريا جو، عربن جو دور هجي يا ارغونن ۽ ترخانن جو، غيرن جي غلامي قبولڻ بدران جيڪي انساني جابرن ۽ غاصبن سان مھاڏو اٽڪائيندا هئا ۽ ڌارين جي آڻ نہ مڃيندا هئا، سي تڏهوڪن حاڪمن جي نظر ۾ ڌاڙيل هوندا هئا ۽ کين ختم ڪرڻ لاءِ انعام اڪرام مقرر ڪيا ويندا هئا. ماضيءَ جو ڌاڙيل دنگن ۽ ننگن جو رکوالو هو، ڌرتيءَ جو درد رکندڙ ۽ ڌارين سان نفرت ڪندڙ هو. اهو ئي سبب آھي، جو ڀٽ ڌڻيءَ سر ڏھر ۾ سنڌ جي هڪ عظيم سورمي، جنھن کي وقت جي حڪمرانن ڌاڙيل سڏيو، يعني لاکي ڦلاڻيءَ جو ذڪر ڪيو آھي. هو ڪڇ جو ٺَڪر راجپوت هو، جنھن ڌاڙيل بنجي ظالم حڪمرانن جي ڏاڍ کي چئلينج ڪيو ۽ مسڪين ماروئڙن جي مدد ڪئي. ائين هڪ زماني جو سنڌ جو ڌاڙيل باغيرت، باضمير، حيا ۽ شرم جو رکوالو، ننگن جو لڄپال، ڦرلٽ ڪندڙن جو ويري، نياڻين جي مٿي تي هٿ رکندڙ، ٻڍڙن ۽ معصوم ٻارن تي رحم ڪندڙ هوندو هو. هن جي ويڙھہ هميشہ وطن جي ويرين، انياءُ ڪندڙ ظالمن، نياڻين جي لڄ لٽيندڙ لٽيرن خلاف رھي. هن هميشہ حڪمرانن جي ھيٺانھين ڪري، فائدا حاصل ڪندڙ وڏيرن جو جيئڻ جنجال بنايو، بي پھچ ماڻهن جي واھر ڪئي. مون 1970ع ۾ سينٽرل جيل جي ڪاري وارڊ ۾ ڪيترن نامي گرامي ڌاڙيلن جا نالا ٻڌا، جيڪي اهڙن ڌاڙيلن جي صف ۾ آڻي سگهجن ٿا. انھن ۾ ڦل ماڇي، رحيم هنڱورو، غلام حسين واڍو، علي مراد ميرجت وغيره شامل آهن.
علم نفسيات جي ماھرن جو چوڻ آھي تہ ماءُ جي پيٽان ڪو بہ ڏوھاري نٿو پيدا ٿئي، پر سماجي ناانصافين، اقتصادي ناهموارين، معاشي ۽ اخلاقي جبر ۽ ويڪائو وڏيرن جي تسلط کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌاڙيل جنم وٺي ٿو، پر اڄ جي ڌاڙيل بابت نفسيات، سياست، سماجيات ۽ ڏوهن جا ماھر بہ راءِ ڏيڻ کان قاصر آهن. سياسي ڌرين جي اھا راءِ آھي تہ 1983ع ۽ 1986ع جي ايم آر ڊي جي هلچل کان پوءِ اصل حاڪمن، سنڌ کي قومي شعور، قومي ٻڌي ۽ هٿياربندن سان خالي هٿين مھاڏي اٽڪائڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ ”دهشتگرد“ ۽ ”ڌاڙيل“ پيدا ڪيا يا انھن کي هٿي ڏني. هڪ اڻ تصديق ٿيل سروي مطابق سنڌ اندر هن وقت چاليھہ هزار کان مٿي ڌاڙيل موجود آهن ۽ اڪثريت مٿان ڀوتارن جو هٿ آھي. اھا ڳالھہ بہ سوچڻ جي آھي تہ ڌاڙيل ڪڏهن بہ ڌارين کي اغوا نٿا ڪن، پر پنھنجن ئي غريب غربن ۽ اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ اٻوجهہ ڌرتيءَ ڄاون جو اغوا ٿيڻ معمول آھي. اڄوڪي ڌاڙيل کي نہ ڌرتيءَ جو ننگ آھي، نہ ئي نياڻين سياڻين جو حيا. هنن کي نہ مائرن ۽ ڀينرن جو احساس آھي ۽ نہ ئي جهور پوڙهن ۽ معصوم ۽ ابهم ٻارن جو خيال آھي. تازو ئي هڪ شخص کي اغوا ڪيو ويو. ڀنگ نہ ملڻ جي صورت ۾ کيس قتل ڪيو ويو. ڪي ٽي اين تي بيگناھہ قتل ٿيل شخص جي پنجن سالن جي معصوم نياڻي سڏڪا ڀريندي چيو،”مان روز پنھنجي پيءُ سان ڀاڪر پائي سمھندي هئس. ھاڻ مون کي ابو کانسواءِ ننڊ ڪيئن ايندي؟“ اهڙيون ڪيتريون ئي نياڻيون سنڌ ۾ ھر روز سڏڪا ڀريندي ڏسجن ٿيون، جن جا پنھنجا بيگناھہ ماريا وڃن ٿا. ڪاش ڪوئي هنن نياڻين جي درد کي بہ سمجهي.
اڄ جا ڌاڙيل انسانيت ۽ اخلاقيات جا سڀ ليڪا اورانگهي چڪا آهن. هنن آڏو بھادري ۽ سورھيائي پنھنجن ئي ماڻهن کي لٽڻ، ڦرڻ ۽ آزارڻ ۾ آھي، ڄڻ تہ هنن جو رت ۽ ضمير هن مقدس مٽيءَ جي مان ٺھيل ئي نہ هجي. هنن جي ساڻيھہ جي سڪ، حيا ۽ شرم، دين ۽ ڌرم نِيرن نوٽن، سونن لاڪيٽن، راڊو واچن ۽ بوسڪيءَ جي پٽڪن تي وڪامي ٿو وڃي. اڄ سنڌ جو سَنڌُ سَنڌُ هنن جي جهٽن ۽ چهَڪن سان چُور چُور آھي. اڄ اسان جا نہ گهر محفوظ آهن ۽ نہ ئي ويڙھا، نہ ٻار ٻچا محفوظ آهن، نہ ئي ننگ نياڻيون، نہ ٻنيون محفوظ آهن، نہ ئي ونيون. ھي پنھنجن جا ويري ٻين آڏو ڪنڌ نوائي هلن ٿا، پر پنھنجن کي ڏاڙھين ۽ ڦاڙھين ٿا. سنڌ جي زراعت، معيشت، تعليم، امن، سک ۽ چين، سڀ ڪجهہ سندن ئي ڪارروائين سبب تباھہ ٿي رھيو آھي. سنڌ ۾ رهندڙ هندو ڀائرن سان تہ وڌيڪ ويڌن آھي. اھي ھروقت ڌاڙيلن جي ظالمانہ ڪارروائين جو نشانو بڻجندا رهن ٿا. ڌرتيءَ تي رهڻ لاءِ هنن ڀائرن 1947ع کان وٺي ڪيتري قيمت ادا ڪئي آھي، اهو ڪو هنن کان پڇي. اتر هجي يا لاڙ، ڪاڇو هجي يا ٿر، ھي ڀائر عدم تحفظ جو شڪار آهن، جڏهن تہ اڪثريت هجي يا اقليت، ان جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ئي ذميواري آھي. سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ جتي شھرن کي دهشتگرديءَ کان محفوظ بڻائڻو آھي، اتي اهو بہ لازم آھي تہ ٻھراڙين کي ڌاڙيلن کان نجات ڏياري وڃي. مون وٽ ڌاڙيلن مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ ھيٺيون تجويزون آهن، جيڪڏهن انھن تي عمل ڪيو وڃي تہ گهڻيءَ حد تائين بھتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا:
(1) جيڪي جاگيردار، وڏيرا، ڀوتار يا عملدار، ڌاڙيلن کي هٿيار، گوليون، بارود ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ملوث آهن، انھن کي گرفتار ڪري سندن جائداد ضبط ڪئي وڃي، پوءِ ڀلي انھن جو تعلق حڪمران پارٽيءَ سان هجي يا اپوزيشن سان.
(2) ٻھراڙين ۾ زراعت تي مبني صنعتون قائم ڪري، روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن.
(3) ٻھراڙين ۾ تعليم کي لازمي قرار ڏيئي، تعليم کي عام ڪيو وڃي.
(4) قبيلائي جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ يونين سطح تي پئنچائتي نظام قائم ڪيو وڃي.
(5) پوليس ۾ اعليٰ تعليم يافتہ عملو ڀرتي ڪيو وڃي، خاص طور تي سماجيات ۽ نفسيات جا ماھر آفيسر مقرر ڪيا وڃن، کين سٺيون پگهارون ڏنيون وڃن.
(6) تڪڙي ۽ سستي انصاف لاءِ عدالتي نظام ۾ تبديلي آندي وڃي.
(7) جنھن پوليس عملدار جي حد ۾ اغوا يا ڌاڙي جي واردات ٿئي، ان خلاف سخت قدم کنيو وڃي.
(8) ڳوٺن ۾ رضاڪار چوڪيداري نظام قائم ڪيو وڃي ۽ ڳوٺاڻن کي هٿيار ڏنا وڃن.
(9) ڪچي ۽ ٻيلي وارن علائقن ۾ موجود ڌاڙيلن جا ٿاڪ ختم ڪرڻ لاءِ منظم طريقي سان آپريشن ڪيو وڃي.
(10) قانون ۾ ترميم ڪري، اغوا ڪندڙ ڏوھاريءَ لاءِ موت جي سزا مقرر ڪئي وڃي.
جتي ڌاڙيلن کي ختم ڪري عوام جي جند آجي ڪرائڻ حڪومت جو فرض آھي، اتي سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين، خاص طور قوم پرست ڌرين کي بہ منظم ۽ ٺوس پروگرام تيار ڪرڻ گهرجن. انھن پارٽين جا ڪارڪن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پھچي ڳوٺاڻن جي تعاون سان خود حفاظتي نظام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ لاءِ ڪچي ۽ ٻيلن جا گهٽ گهيڙ بند ڪيا وڃن، تہ ڌاڙيلن کي هٿيار، گوليون ۽ کاڌي جو سامان نہ ملي سگهندو. اهو سڀ ڪجهہ ڏکيو ضرور آھي، پر ناممڪن نہ آھي. اسان کي ٻين تي ڀاڙڻ بجاءِ پنھنجي مڙسي پاڻ ڪرڻي پوندي.

انتظامي ادارن جي ناڪاميءَ جو ذميوار ڪير آھي؟

آمريڪي ميگزين ”فارين پاليسي ائنڊ فنڊ فار پيس“ نالي هڪ آمريڪي تنظيم تازو دنيا ۾ جن ”ناڪام رياستن“ جي فھرست شايع ڪئي آھي، ان ۾ پاڪستان کي ”نائين نمبر“ تي رکيو ويو آھي، جڏهن تہ سوڊان کي ”دنيا جي ناڪام ترين رياست“ قرار ڏنو ويو آھي. پھرين ڏهن نمبرن تي جن رياستن کي رکيو ويو آھي، انھن ۾ سوڊان، ڪانگو، آئيوري ڪوسٽ، عراق، زمبابوي، چاڊ، صوماليہ، ھيٽي، پاڪستان ۽ افغانستان شامل آهن.
گذريل سال ناڪام رياستن جي لسٽ ۾ پاڪستان 34 ھين نمبر تي هو. صرف هڪ سال ۾ ان عالمي اداري جي نظر ۾ پاڪستان جي پوزيشن ايتري تہ ڪمزور ٿي ويئي آھي، جو ان کي نائين نمبر تي رکيو ويو آھي. هن رپورٽ ۾ پاڪستان کي جن سببن جي ڪري ”ناڪام رياست“ قرار ڏنو ويو آھي، سي ھيٺيان آهن: (1) پاڪستان جي حڪومت اڃا تائين سرحد صوبي جي قبائلي علائقن ۾ هلندڙ مزاحمت کي ختم نہ ڪري سگهي آھي ۽ ھر روز هن آپريشن ۾ سوِلين توڙي نان سوِلين ماڻهو موت جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. گذريل سال 8 آڪٽوبر تي ڪشمير ۽ صوبي سرحد ۾ آيل ڀيانڪ زلزلي سبب هزارين خاندان بي گهر ٿي ويا. هن قدرتي آفت کي منھن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ ڪنھن بہ موثر سرڪاري اداري جو وجود نہ هو. پاڪستاني حڪومت متاثر ٿيل مظلوم ماڻهن کي ٻيھر آباد ڪرڻ لاءِ ڪي بہ منظم ۽ ٺوس قدم نہ کڻي سگهي آھي.
(2) پاڪستان ۾ رهندڙ قومن ۾ شديد قسم جي بيچيني وڌي وڻ ٿي چڪي آھي. پاڪستاني وفاق ۾ شامل وحدتون موجودہ پاڪستاني رياست مان مطمئن ناهن، ان ڪري نسلي ۽ قومي ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينھن وڌي رھي آھي. رپورٽ مطابق، پاڪستاني رياست هن وقت پنھنجي مشڪل ۽ پيچيدہ دور مان گذري رھي آھي. ڪيترن ئي علائقن تي پاڪستاني رياست جو ڪنٽرول نہ رھيو آھي. عوام جي اڪثريت موجودہ حڪومت کي جائز تصور نٿي ڪري. اجتماعي فيصلن ۾ عوام جو عمل دخل نہ آھي. حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون ميسر نہ ڪري سگهي آھي. 58 سالن ۾ پاڪستان جي رياست ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي بہ مھيا نہ ڪري سگهي آھي، جيڪو انساني زندگيءَ جي جياپي لاءِ بيحد ضروري آھي.
جيڪي ٻيون خرابيون بيان ڪيون ويون آهن، انھن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن وارو ذڪر پڻ آھي. ڪرپشن ھر کاتي ۾ ماضيءَ کان ڏهوڻ تي وڌي آھي. ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ ذميوار ادارا ڪو موثر ڪردار ادا نہ ڪري سگهيا آهن. ڪرپشن جي الزام ھيٺ آيل سياستدانن جي اڪثريت حڪومت ۾ شامل آھي. ٽيڪسن جي وصوليءَ جو نظام بہ گهڻي ڀاڱي ناڪام ٿي چڪو آھي. پاڪستان ۾ صرف ھيٺين طبقي کان ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو، پر ”وڏيون مڇيون“ پورو ٽيڪس ادا نٿيون ڪن. ٻھراڙين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ماڻهو مجبور ٿي شھرن ڏانھن لڏ پلاڻ ڪري رھيا آهن ۽ حڪومت انھن کي مناسب روزگار مھيا نہ ڪري سگهي آھي. ملڪ جو معاشي نظام صرف سرمائيدارن جي فائدي لاءِ آھي، ان ڪري امير ڏينهون ڏينھن امير تر ۽ غريب ڏينهون ڏينھن غريب تر ٿي رھيو آھي. ناڪام معاشي نظام جي ڪري پاڪستان جي سول سوسائٽي تي منفي اثرا پئجي رھيا آهن. سماج مان امن ۽ آشتي ختم ٿي ويئي آھي. قابل ۽ اهل ماڻهو ملڪ مان لڏي رھيا آهن، جيڪا هڪ خطرناڪ ڳالھہ آھي. سماج ۾ ماحولياتي گدلاڻ عروج تي آھي. هوا، پاڻي، روشني سڀ ماحولياتي گدلاڻ مان متاثر ٿي رھيا آهن. جنھن شيءِ زندہ ماڻهن مان جيئڻ جو اتساھہ ختم ڪيو آھي، اھا راڪيٽ رفتار مھانگائي آھي. پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آھي. واپڊا بہ بجلي جا اگهہ وڌائڻ جي موڊ ۾ آھي، انڪري سڄي ملڪ ۾ لو شيڊنگ جو آزار آھي. پيٽرول جو اگهہ تہ ڄاڻي واڻي وڌايو ويو آھي، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جون قيمتون ڪري رھيون آهن. سعودي عرب تازو پيٽرول جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو ڪمي آندي آھي، اسان وٽ پيٽرول جي کپت جو وڏو حصو سعودي عرب مان درآمد ٿئي ٿو، پر هتي پيٽرول جون قيمتون وڌي رھيون آهن. ايران جي سرحد ويجهي هجڻ ڪري ڪوئيٽه ۾ 10 رپين کان 12 رپين تائين پيٽرول ملي رھيو آھي. پوءِ پاڪستان جي عوام کي 58 رپين ۾ ڇو وڪرو ڪيو پيو وڃي؟ جڏهن تہ هندستان ۾ پيٽروليم جي پيداوار تي 10 سيڪڙو ٽيڪس گهٽايو ويو آھي. پاڪستان جي پيٽرول جي ضرورت سعودي عرب، ايران ۽ خليجي عرب ملڪ پوري ڪري رھيا آهن. عوام کي پيٽرول جي اگهن ۾ رعايت ڏيڻ بدران ملڪي ۽ غير ملڪي پيٽروليم ڪمپنين کي فائدو پھچايو پيو وڃي. ھاڻ تہ ٽرانسپورٽ ۽ ريلوي جي ڀاڙن ۾ بہ اضافو ڪيو ويو آھي. عام ماڻهوءَ کان سفري سهولتون کسيون ويون آهن. شايد ھاڻ ماڻهو وري سواريءَ لاءِ اٺ، گهوڙا ۽ گڏھہ استعمال ڪن. کنڊ جون قيمتون هٿرادو طور تي وڌايون ويون آهن. حڪومت ۾ شامل چند سرمائيدارن کي فائدو پھچائڻ لاءِ ٻن مھينن اندر کنڊ جو اگهہ 27 رپين مان 42 رپين تائين پھچايو ويو. ايوب خان جي دور ۾ صرف چار آنا في ڪلو کنڊ ۾ اضافو ڪيو ويو هو تہ سڄي ملڪ جو عوام رستن تي اچي ويو هو. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ کنڊ جو اگهہ وڌائڻ جو ذميوار حڪومت ۾ شامل وزيرن ۽ مشيرن کي قرار ڏنو آھي، جن جا کنڊ جا ڪارخانا آهن، شروع شروع ۾ حڪومت نيب کي حڪم ڏنو تہ کنڊ جي اگهہ ۾ اضافي جي تحقيقات ڪرائي وڃي، بعد ۾ ”پراسرار“ نموني اهو حڪم واپس ورتو ويو. موجودہ حڪومت عوام کي اهو باور ڪرائي ٿي، اسان جو ملڪ ترقي ڪري رھيو آھي، اسان ڪشڪول ڀڃي ڇڏيو آھي. اسان وٽ 13 ارب ڊالر جا پرڏيھي ناڻي جا ذخيرا موجود آهن ۽ ھر پاڪستاني ماڻهوءَ جي آمدني ساليانہ 800 ڊالر آھي. ڇا اسان اهو پڇي سگهون ٿا تہ عوام جي في ڪس آمدنيءَ جي اضافي وارن انگن اکرن ۾ ڌاڙيل، چور، رهزن، رشوت خور، ڪرپٽ سول ۽ نان سويلين عملدارن جي آمدني بہ شامل آھي؟
9/11 کانپوءِ پاڪستانين تمام گهڻو پرڏيھي ناڻو پاڪستان موڪليو آھي، جيڪي کربين ڊالر ٿين ٿا. اھا رقم ڪيڏانھن ويئي؟ گذريل سالن ۾ پبلڪ سيڪٽر ۾ هڪ بہ يونيورسٽي نہ کولي ويئي، نہ ھائر ايجوڪيشن لاءِ تعليمي ادارا کوليا ويا. جيڪي پوليٽيڪنيڪل ڪاليج هئا، انھن جي اڪثريت بند ٿي ويئي آھي ۽ ھاڻ انھن ۾ ناظمن ۽ نائب ناظمن جون آفيسون قائم ٿي چڪيون آهن. ٻھراڙين ۾ جيڪي اسڪول کليا هئا، اھي اڄ اوطاقون آهن. سنڌ ۾ 6900 اسڪول بند پيا آهن، انھن جي هلائڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪو بہ منصوبو ناھي. سنڌ ۾ 12 هزار کان وڌيڪ اسڪول عمارتن جي بغير هلي رھيا آهن، انھن جي عمارتن جوڙڻ لاءِ تعليم کاتي وٽ ڪا اسڪيم ناھي. عوام کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون پھچائڻ حڪومت جي اولين ذميواري آھي، پر حڪومت تعليمي ادارن ۽ اسپتالن مان جان ڇڏائڻ چاھي ٿي، انڪري نجڪاريءَ لاءِ روز نت نوان منصوبا جوڙيا پيا وڃن. سنڌ جي زراعت تباھہ ٿي چڪي آھي، فصل تہ ڇا، پر ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي بہ نٿو ملي. ھاڻ تہ بجليءَ جي اگهہ ۾ اضافي جون خبرون بہ اچي رھيون آهن. انڊيا ۾ جڏهن سرڪار ھارين ۾ مفت زمينون ورھايون، تہ انھن کي پاڻي ۽ بجلي بہ مفت فراهم ڪئي ۽ اهو سلسلو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي، جنھن ڪري ڀارت ۾ جيڪو فروٽ ۽ ڀاڄيون پيدا ٿين ٿيون، اھي گهٽ لاڳت سبب سستيون آهن. ملڪ ۾ موجودہ سياسي بحران جو اهم سبب عوام کي بنيادي سهولتون مھيا نہ ڪرڻ آھي. حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت لاءِ ڪي ٺوس ۽ منظم قدم نہ کنيا آهن، ان ڪري جيستائين حڪمران پنھنجي آئيني فرضن کان انحراف ڪندا رهندا، تيستائين بحرانن ۾ ڪميءَ جو ڪو امڪان پيدا ٿي نہ سگهندو.

ملڪ ۾ هڪ نئين سماجي معاهدي جي ضرورت!

ڪنھن ڏاھي جو قول آھي تہ ”بدترين جمھوريت، بھترين آمريت کان بھتر آھي!“ اسان وٽ بہ جنرل پرويز مشرف جي حڪمرانيءَ ھيٺ ملڪ ۾ ”مستحڪم جمھوريت“ قائم ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ڪم هلي رھيو آھي. آئين جي بالادستي، جمھوري ادارن جي استحڪام، قانون جي حڪمراني، گڊ گورننس، ڪرپشن جي خاتمي، غربت ختم ڪرڻ وغيره جنرل صاحب جي مقصد ۽ منشور جو حصو ڄاڻايا ويندا رھيا آهن. 2001ع ۾ مرڪز توڙي صوبن ۾ قائم ڪيل حڪومتون، جنرل صاحب جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رھيون آهن.
آمريڪي صدر جارج بش جي پاڪستان جي تفريحي دوري کانپوءِ، اھا ڳالھہ عالم آشڪار ٿي چڪي آھي تہ پاڪستان ۾ جلد عام چونڊون ٿينديون ۽ اھي چونڊون صاف شفاف ۽ غير جانبدار هونديون. ڪنھن بہ مھذب جمھوري سماج ۾ منصفانہ چونڊن لاءِ ھيٺين شين جو هجڻ بيحد ضروري سمجهيو ويندو آھي:
(1) آزاد ۽ غير جانبدار اليڪشن ڪميشن جو قيام.
(2 ) صحيح حلقه بنديون ( Constitunces)
(3 ) غلطين کان پاڪ ووٽر لسٽون.
(4 ) چونڊن جي نگرانيءَ لاءِ غير جانبدار نگران حڪومت جو قيام
(5) چونڊن کان پوءِ غير جانبدار اليڪشن ٽربيونل جو قيام.
جنرل پرويز مشرف تازو جسٽس محمد فاروق خان کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مستقل چيئرمين مقرر ڪيو آھي. هڪ مڪمل اليڪشن ڪميشن لاءِ اڃا ھر هڪ صوبي مان هڪ هڪ ميمبر، يعني چار ميمبر مقرر ڪرڻا آهن، جيڪي ھاءِ ڪورٽن جا جج هوندا.
پاڪستان ۾ قومي اسيمبليءَ توڙي صوبائي اسيمبلين جا تڪ (Constitunces) 2001ع ۾ جوڙيا ويا هئا. انھن تي ڪابہ ملڪي سياسي پارٽي مطمئن نہ آھي. هڪ عام راءِ اھا بہ آھي تہ 2001ع جون عام چونڊون انجنيئرڊ ھيون، ان ڪري حلقه بنديون اهڙيون جوڙيون ويون، تہ جيئن من پسند نتيجا حاصل ڪري سگهجن. پ پ ۽ نواز ليگ جي اميدوارن کي ھارائڻ لاءِ ڌانڌلين جون شڪايتون بہ ٻڌڻ ۾ آيون.
غيرجانبدار ملڪي توڙي غير ملڪي مبصرن جي اڪثريت 2001ع جي عام چونڊن کي ”مشڪوڪ“ قرار ڏنو هو. ووٽر لسٽن ۾ اهڙيون تہ غلطيون موجود آهن، جو انھن کي درست ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت لڳي سگهي ٿو. ڪجهہ اميدوارن بابت تہ شڪ ظاھر ڪيا پيا وڃن، تہ پنھنجي تڪن اندر انھن ڏھہ هزارن کان پنجاھہ هزارن تائين ڪوڙا ووٽ درج ڪرايا آهن. نہ صرف ڪوڙا ووٽ درج ڪرايا ويا آهن، پر شناختي ڪارڊ بہ ڪوڙا ٺھرايا ويا آهن، جنھنڪري اهڙا اميدوار ڪنھن بہ اليڪشن ۾ ھارائي نٿا سگهن. صاف ۽ شفاف چونڊن ڪرائڻ لاءِ مرڪز توڙي صوبن ۾ غيرجانبدار نگران حڪومتن جو قيام ضروري هوندو آھي. 1973ع واري آئين ۾ 17 ھين ترميم کان پوءِ آئيني طور اهو لازم ٿي ويو آھي تہ آئندہ چونڊون غير جانبدار نگران حڪومتن جي نگرانيءَ ۾ ڪرايون وڃن. آئين ۾ هن ترميم کان پوءِ اھا بہ پابندي لڳي چڪي آھي تہ نگران حڪومتن ۾ شامل ماڻهو عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا اهل نہ هوندا، جڏهن تہ چونڊن لاءِ نگران حڪومتون ٽن مھينن لاءِ جوڙيون وينديون. موجودہ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون ختم ڪيون وينديون ۽ اسيمبليون ٽوڙيون وينديون. ملڪ جي سياسي پارٽين جا ٻہ وڏا اتحاد، يعني اي آر ڊي ۽ متحدہ مجلس عمل اهو چوندا رھيا آهن، تہ جنرل پرويز مشرف جي موجودگيءَ ۾ منصفانہ ۽ غيرجانبدارانہ عام چونڊون ممڪن ناهن، انھيءَ لاءِ جنرل صاحب کي چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏو گڏ صدارت جو عھدو پڻ ڇڏڻو پوندو. اپوزيشن جنرل پرويز مشرف جي استعيفيٰ جي گهر ان ڪري ڪري رھي آھي، تہ جيئن ڪا ”سياسي بارگننگ“ ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ تہ اھا ڳالھہ سمجهہ ۾ اچڻ جھڙي آھي تہ جنرل پرويز مشرف جو اقتدار تان هٽڻ سولو نہ آھي. ڇاڪاڻ تہ آمريڪي صدر جارج بش چئي چڪو آھي تہ آمريڪي مقصدن جي حاصلات تائين جنرل پرويز مشرف ئي پاڪستان جو سربراھہ هوندو- ۽ اھا ڳالھہ چٽي آھي تہ پاڪستان ۾ آمريڪي مفاد جلد ختم ٿيڻا نہ آهن. ان بعد اسان وٽ هڪ سياسي روايت اھا بہ آھي تہ اسلام آباد پھچڻ لاءِ واشنگٽن جي رستي کان ڦرڻو پوي ٿو.
اسان وٽ جڏهن بہ پاڪستان ۾ عام چونڊون ٿينديون آهن تہ ڌانڌلين جي شڪايت ڪندڙ اميدوار اليڪشن ٽربيونل ۾ پٽيشن داخل ڪندا آهن، پر اليڪشن ٽربيونل فيصلي ڏيڻ ۾ ايتري تہ تاخير ڪندا آهن، جو پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلين جو پنج ساله مدو ئي ختم ٿي ويندو آھي. انڪري ضروري آھي تہ اليڪشن ۾ ڌانڌلين کي روڪڻ لاءِ اعليٰ عدليہ جي ججن تي مشتمل گهٽ ۾ گهٽ پنجاھہ اهڙا اليڪشن ٽربيونل جوڙيا وڃن، جيڪي پنھنجا فيصلا ٽن مھينن اندر ٻڌائڻ لاءِ پابند هجن. مٿين قدمن کڻڻ کانپوءِ ئي ملڪ ۾ آزاد، غيرجانبدار، صاف۽ شفاف چونڊون ممڪن ٿي سگهن ٿيون، پر پاڪستان ۾ جيڪو موجودہ قومي ۽ جمھوري بحران آھي، اهو عام چونڊن جي نتيجي ۾ حل ٿي سگهندو يا نه؟ اهو هڪ اهڙو سوال آھي، جنھن تي ھر ذي شعور شخص پريشان آھي. بلوچستان ۾ هلندڙ فوجي آپريشن، وزيرستان ۾ گهرو ويڙھہ، سنڌ جي اصلوڪن رهواسين سان زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ ٿيندڙ ناانصافيون عام چونڊن کان پوءِ بہ ختم ٿي سگهنديون يا نه؟ ان لاءِ ڪي مضبوط ۽ ٺوس سياسي قدم کڻڻا پوندا.
سياسي مفڪرن جي راءِ ۾ ڪنھن بہ رياست جو قيام هڪ ”سوشل ڪانٽريڪٽ“ ڪرڻ کانپوءِ ئي ممڪن آھي. اھا ڳالھہ ورجائڻ جي ضرورت نہ آھي، تہ پاڪستان هڪ وفاق آھي ۽ اهو بہ هڪ سوشل ڪانٽريڪٽ جي نتيجي ۾ ئي وجود ۾ آيو آھي. پاڪستان جي رياست جي قيام جو پھريون سوشل ڪانٽريڪٽ 24 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ ٿيو هو، جنھن ۾ نئين رياست ۾ شامل ٿيندڙ ايڪائين کي يقين ڏياريو ويو هو تہ رياست جي قيام کانپوءِ اھي آزاد ۽ خودمختيار هونديون ۽ انھن جا قومي، اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حق محفوظ هوندا، پر قيام کان پوءِ ان سوشل ڪانٽريڪٽ تي عمل نہ ڪيو ويو. ننڍا صوبا قومي ۽ سياسي استحصال جون دانهون ڪندا رھيا، جنھن جي نتيجي ۾ 1971ع وارو سانحو پيش آيو ۽ اڪثريتي صوبو مشرقي پاڪستان، بنگلاديش جي روپ ۾ الڳ ملڪ بڻجي ويو.
ھاڻ سمورا سياسي ۽ جمھوري سوچ رکندڙ ماڻهو ان تي اتفاق ڪندي نظر اچن ٿا، تہ جيڪڏهن وفاق کي قائم رکڻو آھي، تہ ان لاءِ سڀ کان پھرين نئين آئين ساز اسيمبليءَ جون چونڊون ڪرائڻيون پونديون ۽ ملڪ لاءِ هڪ نئون آئين سڀني قومن جي رضامنديءَ سان جوڙڻو پوندو. ان آئين ۾ اهو شرط بہ لازمي طور شامل ڪرڻو پوندو تہ ننڍن صوبن کي ھر قسم جي سياسي ۽ قانوني آزاديءَ جو حق حاصل هئڻ گهرجي. اھا ڳالھہ لڪل نہ آھي تہ پاڪستان ۾ جمھوريت ۽ جمھوري ادارن کي پنھنجن پيرن تي بيهڻ ناھي ڏنو ويو ۽ ان ۾ ملڪ جي طاقتور ادارن توڙي اصل واڳ ڌڻين جو وڏو عمل دخل رھيو آھي. اهڙن ادارن ۾ شامل اڪثريت جو تعلق وڏي صوبي سان آھي، جنھن ڪري گهڻا تڻا فيصلا بہ ان جي ئي مفادن کي آڏو رکي ڪيا وڃن ٿا. اهڙن قومي ادارن جي جوڙجڪ ۾ تبديلي آڻي، ننڍن صوبن کي برابريءَ جو حصو ڏيڻو پوندو. پاڪستان جي تاريخ ۾ صرف جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ طاقتور ادارن سان لاڳاپيل ماڻهن کي ئي فائدو پئي پھتو آھي. عام ماڻهو اڄ بہ صاف پاڻيءَ جي گلاس لاءِ پريشان آھي. ملڪ ۾ موجود استحصالي”سياسي سسٽم“ ڪري، عام ماڻهو روز مري ۽ روز جيئي ٿو. بي پھچ ماڻهو بک، موتمار مھانگائي، بيروزگاري، بدحالي، مفلسي ۽ ناداريءَ جي چڪيءَ ۾ پيڙجي رھيو آھي. کيس هڪ ويلي جي ماني بہ نصيب نہ آھي. سنڌ ۾ تہ اهو حال آھي تہ ھر مھيني هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جارج وال تازو جيڪا تصوير چٽي آھي، ان ۾ صاف چيو ويو آھي تہ اڄ جي سنڌ کان 1947ع واري سنڌ وڌيڪ سکي ۽ خوشحال هئي. سنڌ جي اڪثريتي آبادي غربت جي لڪير کان ھيٺ واري زندگي گذاري رھي آھي. ٻھراڙيون مڪمل طور تباھہ ٿي چڪيون آهن. اهڙي ئي صورتحال بلوچستان، سرحد ۽ سرائيڪي بيلٽ ۾ رهندڙ عوام جي آھي، ان ڪري ملڪ ۾ حقيقي جمھوريت جي قيام لاءِ استحصال ۽ جبر کان پاڪ نئين سياسي نظام جو قيام ناگزير آھي، جنھن ۾ ھر ماڻهوءَ کي زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون يعني”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ حاصل هجي. ڪو بہ انسان ٻئي انسان اڳيان هٿ نہ ٽنگي. ان کانپوءِ ئي وفاق مستحڪم ۽ مضبوط ٿي سگهي ٿو. طاقت جي زور تي ڪوبہ نظام قائم رکڻ ھاڻ پراڻو فارمولو بڻجي چڪو آھي. تيزيءَ سان وڌندڙ قومي شعور کي ”طاقت ۽ جبر“ ذريعي روڪڻ ناممڪن آھي. ھاڻ حڪمرانيءَ لاءِ ماڻهن جون دليون کٽڻ ضروري آھي.

استادن ۽ ملازمن جي مطالبن تي ڊائلاگ ڇو نہ ٿئي؟

سنڌ ايمپلائيز الائنس سنڌ جي تعليمي ادارن، تعليمي بورڊن ۽ يونيورسٽين جي استادن ۽ ملازمن جو گڏيل اتحاد آھي، جنھن جي ميمبرن جو ڪاٿو 3 لک کن فردن تي مشتمل آھي. هن اتحاد جو جنم سنڌ سرڪار پاران استادن ۽ ملازمن جي تنظيمن تي پابنديءَ واري اعلان ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٿيو آھي. ملڪ ۾ هڪ طرف آئيني بالادستي، قانون جي حڪمراني، جمھوري ادارن کي مستحڪم ڪرڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون آهن، تہ ٻئي طرف استادن ۽ ملازمن جي جمھوري تنظيمن تي پابندي وجهڻ جا اعلان پڻ ٻڌجي رھيا آهن.
1973ع واري آئين جي آرٽيڪل 17، بعنوان ”Freedom of Associaton ۾، اھا ڳالھہ چٽيءَ طرح لکيل آھي تہ ”ملڪ جي ھر شھريءَ کي پنھنجي ايسوسيئيشن جوڙڻ جو حق حاصل هوندو، پر ان لاءِ اهو شرط عائد آھي تہ اھا ايسوسيئيشن ملڪ جي سلامتي ۽ يڪجهتيءَ خلاف نہ هجي.“ ھاڻ جيڪڏهن استادن ۽ ملازمن جي تنظيمن جو ناقدانہ جائزو وٺنداسين تہ استادن يا ملازمن جي ڪا بہ تنظيم ملڪ ٽوڙڻ نٿي چاھي. اھا صرف پنھنجي ميمبرن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪري ٿي. عالمي انساني حقن جي چارٽر ۾ پڻ اھا ڳالھہ عيان آھي تہ ھر هڪ انسان کي پنھنجي مزاج مطابق ايسوسيئيشن جوڙڻ جو حق آھي. پاڪستان جيئن تہ گڏيل قومن جو ميمبر آھي، ان ناتي سان اهو ان ڳالھہ جو بہ پابند آھي تہ پنھنجن شھرين کي عالمي انساني حقن جي منشور مطابق سڀ حق فراهم ڪري.
سنڌ سرڪار پاران استاد تنظيمن تي پابنديءَ جو جيڪو ٻيو جواز ڏنو پيو وڃي، سو ٻين صوبن ۾ استادن جي تنظيمن جي نہ هجڻ وارو آھي، جڏهن تہ اهڙيءَ ڳالھہ ۾ ذري برابر بہ وزن نہ آھي. پنجاب، سرحد، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ قبائلي علائقن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي تنظيمون موجود آهن، جيڪي پنھنجي ميمبرن جي بھتريءَ ۽ حقن لاءِ ڪم ڪن ٿيون، انڪري حڪومت جو اهڙو جواز غير منطقي آھي. سنڌ سرڪار جو اهو موقف بہ درست نہ آھي تہ استاد تنظيمون تعليم جي ترقيءَ جي راھہ ۾ رڪاوٽ آهن. جيڪڏهن گذريل ٻن سالن جو ايمانداريءَ سان جائزو ورتو وڃي تہ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن، گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسيئيشن، سنڌ پروفيسرس/ ليڪچررس ايسوسيئيشن يا ٻين استاد تنظيمن طرفان ٻن سالن ۾ هڪ ڏينھن بہ درس تدريس جي عمل ۾ ڪا بہ رڪاوٽ نہ وڌي ويئي آھي ۽ نہ ئي امتحاني عمل ۾ ڪو رُخنو پيدا ڪيو ويو آھي، پر سنڌ جي نوڪرشاھي استاد تنظيمن کي پنھنجين من مانين آڏو رڪاوٽ سمجهي ٿي، ڇاڪاڻ تہ استاد تنظيمن ضلعي سطح کان وٺي صوبي جي سطح تائين تعليم کاتي جو انتظام هلائيندڙ ڪامورن جي ڪرپشن ۽ ڪميشن ڪلچر خلاف آواز اٿاريو آھي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار ھاءِ ڪورٽ جي ڪنھن ايماندار ۽ باضمير جج کان تحقيقات ڪرائي، تہ پاڻيھي خبر پئجي ويندي تہ تعليم کاتي جا انتظامي آفيسر ڪھڙا ڪلور ڪري رھيا آهن. عالمي بئنڪ ۽ ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ طرفان مليل اربين رپين جا فنڊ ڪھڙي نہ سائنٽفڪ طريقي سان خردبرد ڪيا وڃن ٿا. اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽين جي نالي ۾ ھر ضلعي جي اي ڊي او تعليم کي ھر سال جيڪي هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنا وڃن ٿا، انھن جو استعمال ڪٿي ۽ ڪيئن ٿئي ٿو؟ انتظامي عھدن تي ڪم ڪندڙ تعليم کاتي جي آفيسرن جي جائداد ۽ ملڪيت جي انڪوائري ڪرائي وڃي تہ اهڙن عھدن تي اچڻ کان اڳ وٽن ڪيتري ملڪيت هئي ۽ ھاڻ سندن پوزيشن ڇا آھي؟
سنڌ ايمپلائيز الائنس طرفان سنڌ سرڪار کي مطالبن جو جيڪو منشور پيش ڪيو ويو آھي، ان تي بحث جي کليل دعوت ڏجي ٿي، تہ الائنس جون گهرون جائز آهن يا ناجائز؟ الائنس جي منشور جي پھرئين نُڪتي ۾ اھا ڳالھہ واضح آھي تہ استاد تنظيمن تي ڪنھن بہ قسم جي پابندي قبول نہ ڪئي ويندي. ڇاڪاڻ تہ اسان ان کي پاڪستان جي آئين ۽ عالمي انساني حقن جي چارٽر خلاف سمجهون ٿا. الائنس جي منشور جي ٻئي نُڪتي موجب تعليم کاتي ۾ استادن ۽ ملازمن جي اولاد لاءِ طئي ٿيل ڪوٽا سميت فوتي ڪوٽا تي عمل درآمد ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ فوج، ريلوي، واپڊا، سوئي گئس ۽ بينڪن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي ٻارن لاءِ جڏهن ڪوٽا مخصوص آھي، تہ پوءِ اهو حق استادن ۽ ٻين ملازمن کي ڇو نٿو ڏنو وڃي. ماضيءَ ۾ انھي ڪوٽا تي عمل درآمد ٿيندو رھيو آھي، پر گذريل چئن سالن کان اھا ڪوٽا نظر انداز ڪئي پئي وڃي. پتو پيو آھي تہ تعليم کاتي طرفان هن ڏس ۾ موڪليل سمري کي وڏي وزير اهو چئي رد ڪري ڇڏيو آھي تہ سنڌ اندر سموريون نوڪريون ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون وينديون. تازو جڏهن سنڌ اندر حڪومت ڪندڙ اتحادي ڌرين جي رڌڻي ۾ رولو پيو، تڏهن خبر پيئي تہ اصل جهيڙو نوڪرين ڏيڻ تان آھي. سنڌ حڪومت اهو تسليم ڪيو آھي تہ 40 سيڪڙو نوڪريون ايم ڪيو ايم کي ڏنيون وينديون ۽ باقي 60 سيڪڙو نوڪريون اتحادي ڌرين کي ڏنيون وينديون. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ ڪنھن بہ حڪمران کي اهو حق ڪنھن ڏنو آھي تہ اهو نوڪرين کي اتحادين ۾ ونڊي ورھائي ڇڏي؟ اتي ميرٽ ڪيڏانھن غائب ٿي ويئي؟
1998ع جي آدمشماريءَ مطابق، سنڌ ۾ اردو ڳالھائيندڙ سنڌين جي آبادي صرف 23 سيڪڙو آھي. ايم ڪيو ايم کان علاوه ايم ايم اي ۽ پ پ پ ۾ بہ اردو ڳالھائيندڙ سنڌي شامل آهن، تہ پوءِ صرف ايم ڪيو ايم کي 40 سيڪڙو ڏيڻ جو واعدو ڪيئن پيو ڪيو وڃي؟ جيڪڏهن ان جو جواز اهو ڏنو وڃي ٿو تہ هن فارمولي تي ڄام صادق جي دور ۾ عمل ٿيو هو، تہ اهو بہ نہ وسارڻ کپي تہ ڄام صادق جو دور هڪ اونداهو دور هو، جنھن دوران سنڌ ۽ سنڌين کي پھتل نقصان جو ازالو ڪڏهن بہ نہ ٿي سگهندو. ڄام صادق جي دور حڪومت سنڌين کي 20 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ سنڌ کي ان جي جائز مالي ۽ پاڻيءَ واري حق کان محروم ڪيو ويو. نوڪريون صرف ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون وڃن ۽ ماضيءَ ۾ استادن جي اولاد لاءِ مخصوص ڪوٽا تي عمل درآمد ڪيو وڃي. الائنس جي منشور ۾ چيل آھي تہ شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ ڪم ڪندڙ استادن ۽ ملازمن جي پگهارن ۽ الائونسن ۾ فرق ختم ڪيو وڃي ۽ وڌندڙ موتمار مھانگائي ۽ افراط زر جي حساب سان پگهارن ۽ الائونسن ۾ اضافو ڪيو وڃي. ملڪ جو صدر ۽ وزير اعظم پاڻ بہ اھا ڳالھہ تسليم ڪري چڪا آهن تہ مھانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آھي. ان لحاظ کان پگهارون ۽ الائونس وڌڻ گهرجن. سنڌ سرڪار کي بہ خاص طور پرائمري استادن جو پگهار سون جي تولي برابر ڪرڻ گهرجي، تہ جيئن هو روح ۽ جسم جو رشتو برقرار رکي سگهن. ٻھراڙين ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي بلوچستان وانگر خصوصي الائونس ڏنا وڃن تہ جيئن اھي ذهني طور مطمئن ٿي، پنھنجو فرض ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ادا ڪري سگهن.
الائنس ۾ شامل تنظيمن کي شڪايت آھي تہ سرڪار يا انتظامي ڪامورا استادن ۽ ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران اسپيشل ريموول فرام سروس آرڊيننس 2000ع ذريعي انتقامي ڪارروائيون ڪري رھيا آهن. هن ڪاري قانون جو شڪار سڀ کان پھرين بدين جي 8 پرائمري استادن کي بنايو ويو. مٿن اهو الزام هنيو ويو تہ انھن پگهارن جا ڪوڙا چيڪ جاري ڪيا، جي پي فنڊ ۾ گهوٻيون هنيون ۽ اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽين جي فنڊن ۾ خردبرد ڪيو. سنڌ سرڪار جي فنانشنل رولز مطابق پگهارون، جي پي فنڊ ايڊوانس ۽ اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽين جي فنڊن جي استعمال جو ذميوار صرف اي ڊي او تعليم آھي ۽ ڪنھن بہ مد ۾ ادائگي چيڪ ذريعي ڪئي ويندي آھي ۽ چيڪ جاري ڪرڻ جو مجاز صرف EDO تعليم يا ADO تعليم آھي. پرائمري استادن تي اهڙا الزام هڻي، انھن خلاف بدين جي ٿاڻي تي ايف آءِ آر ڪٽائي ويئي ۽ هڪ استاد وليداد گاڏھي جيڪو 9 نياڻين جو پيءُ آھي، تنھن کي 6 مئي کان 24 مئي تائين جيل ۾ بند ڪرايو ويو. تازو سنڌ ھاءِ ڪورٽ ان جو ضامن کنيو آھي. اسان سنڌ جي چيف جسٽس کي گذارش ڪنداسين تہ پرائمري استادن سان ٿيل زيادتين جو ازخود نوٽيس وٺي ۽ تعليمي ڪامورن پاران اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف قدم کڻي ۽ اسپيشل رِموول آرڊيننس 2000ع جھڙي قانون کي ختم ڪيو وڃي. اسپيشل رِموول آرڊيننس جو ٻيو شڪار گورنمينٽ گرلز ڪاليج قاسم آباد جي 20 ليڪچرارن کي بنايو ويو ، جن جي معطليءَ جي آرڊر ۾ نہ ڪنھن قانون جو ذڪر آھي ۽ نہ ئي ڪو الزام درج ٿيل آھي. چئن مھينن دوارن صرف هڪ ليڪچرر جو چپ چاپ ۾ نہ صرف معطليءَ جو آرڊر واپس ورتو ويو، پر کيس اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي پڻ ڏني ويئي. تعليم کاتي جي هن ٻٽي معيار جو نوٽيس ڪير وٺندو؟.
جنرل پرويز مشرف جي نئين نظام تحت سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2000ع تحت تعليم کاتي کي پڻ ضلعي حڪومتن حوالي ڪيو ويو. ناظمن، نائب ناظمن ۽ ڪائونسلرن جي سياسي مداخلت ڪري اُڀرندڙ تعليمي نظام کي ويتر تباھيءَ جو منھن ڏسڻو پيو. الائنس جي اھا گهر آھي تہ تعليم هڪ اهم شعبو آھي، ان جي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ لاءِ ان کي ضلعي حڪومتن جي تحويل مان ڪڍي، صوبائي حڪومت حوالي ڪيو وڃي. پنجاب ۾ تعليمي بورڊن جو انتظام صوبائي حڪومت حوالي آھي، پر سنڌ ۾ تعليمي بورڊن جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي گورنر سنڌ وٽ آھي. هن وقت تعليمي بورڊن جي اهم عھدن تي صرف ڪانٽريڪٽ تي رکيل رٽائر استاد ڪم ڪري رھيا آهن. سنڌ حڪومت طرفان رٽائر ٿيڻ جي ڄمار جي حد 60 سال رکي ويئي آھي، پر تعليمي بورڊ انھي حد ۽ قيد کان آزاد آهن. الائنس جي گهر آھي تہ سنڌ جا تعليمي بورڊ تعليم کاتي حوالي ڪيا وڃن ۽ رٽائرڊ عملدارن کي هٽائي، انھن جي جاءِ تي حاضر سروس استاد رکيا وڃن.
الائنس جي اهم گهر اھا بہ آھي تہ سنڌي ٻوليءَ جي ايڪٽ 1972ع مطابق سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي نہ ڄاڻندڙ شاگردن لاءِ يارھين ڪلاس ۾ آسان سنڌيءَ جو مضمون لاڳو ڪيو وڃي. وڏي وزير اهو واضح اعلان ڪيو هو تہ سندس موجودگيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي خطرو ناھي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ اتحادي ڌر جي دٻاءَ ۾ اچي سنڌ جي تعليم کاتي آسان سنڌي پڙھائڻ جو نوٽيفڪيشن 8 نومبر 2005ع تي واپس وٺي ڇڏيو ۽ متحدہ سان لاڳاپيل گورنر سنڌ، جيڪو سنڌ جي بورڊن جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي پڻ آھي، تنھن جي هدايتن تي سال 2006ع جي انٽرميڊيٽ جي امتحان جي ٽائيم ٽيبل مان آسان سنڌيءَ جو مضمون خارج ڪيو ويو، جيڪو 1973ع واري آئين ۽ سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع جي ابتڙ عمل آھي. سنڌ جي وڏي وزير کي گهرجي تہ پنھنجي ڪيل قول اقرار تي عمل ڪرائي ۽ آسان سنڌيءَ جو مضمون سرڪاري توڙي پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ نافذ ڪرائي.
سنڌ جي يونيورسٽين ۾ بہ ٻٽا قانون رائج آهن. جيڪڏهن ڪو استاد انھن خلاف آواز اٿاري ٿو تہ ان خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪيون وڃن ٿيون. تازو سنڌ زرعي يونيورسٽي جي استادن کي محض ان ڪري شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا آهن، تہ انھن يونيورسٽين ۾ رائج غلط قانون ۽ وائيس چانسلر تي تنقيد ڪئي. يونيورسٽيون سکيا جو اعليٰ مرڪز آهن. ان ڪري انھن ۾ هڪجھڙيون پاليسيون رائج هجڻ گهرجن. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين کي مالي حوالي سان خودمختياري ملڻ گهرجي. استادن ۽ ملازمن جي جائز گهرن کي تسليم ڪري، انھن تي عمل درآمد ڪيو وڃي. سال 2002ع کان وٺي اڄ ڏينھن تائين جن بہ استادن ۽ ملازمن کي مووِ اوور، سليڪشن گريڊ، ايڊوانس انڪريمينٽون مليون آهن، انھن کي سندن جائز ڊفرنس جي رقم ادا نٿي ڪئي وڃي. فنانس ڊپارٽمينٽ طرفان ڪو نہ ڪو بھانو بڻائي، استادن ۽ ملازمن کي سندن جائز حق کان محروم ڪيو ويندو رھيو آھي. ان زيادتيءَ جو بہ ازالو ٿيڻ گهرجي. الائنس جي مطالبن جي فھرست صدر، وزير اعظم پاڪستان، گورنر سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، وزير تعليم سنڌ ۽ سيڪريٽري تعليم سنڌ کي موڪلي ويئي آھي. اسان جي گذارش آھي تہ الائنس جي مطالبن جي مڃتا لاءِ فوري طور مذاڪرات ڪرايا وڃن، ڇاڪاڻ تہ الائنس جون گهرجون جائز آهن. جدوجهد کان اڳ ۽ جدوجهد کان پوءِ مسئلن جي حل لاءِ وري بہ ”ڊائلاگ“ ٿيڻا آهن. ايتري دير نہ ڪئي وڃي استادن ۽ ملازمن جو احتجاج شديد صورت اختيار ڪري وڃي ۽ سنڌ جي تعليمي امن ۾ رُخنو پوي.

عوام دوست بجيٽ جون دعوائون ۽ مھانگائي!

وفاقي وزير مملڪت براءِ امور خزانہ عمر ايوب خان سومر جي ڏينھن قومي اسيمبلي ۾ 07-2006ع لاءِ 14 کرب رپين کان وڌيڪ وفاقي بجيٽ پيش ڪئي، جنھن ۾ 373 ارب رپين جو خسارو ظاھر ڪيو ويو آھي. گذريل سال جي بجيٽ 10 کرب 98 ارب رپين تي مشتمل هئي. انھيءَ لحاظ کان موجودہ بجيٽ ۾ چار کرب رپيا وڌايا ويا آهن. بجيٽ ۾ ڏيکاريل 373 ارب روپين جو خسارو نجڪاري جائيداد جي مسواڙن، پراپرٽي، اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪاروبار ۽ بينڪن جي چيڪن تي ڊيوٽي ۾ اضافي مان پورو ڪيو ويندو. دفاع تي گذريل سال جي ڀيٽ ۾27 ارب رپيا وڌيڪ رکيا ويا آهن، يعني هن سال دفاع تي 2 کرب 50 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. تعليم لاءِ 18 ارب روپيا ۽ صحت لاءِ 4 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ديامير، ڀاشا ڊيم، ڪالاباغ ڊيم سميت ٻن وڏن ڊيمن لاءِ 110 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. بجيٽ ۾ ٽيڪس وصول ڪرڻ جو هدف 1841 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آھي. پوڻا چار کرب رپين جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت پبلڪ سيڪٽر ۾ قائم ڪيل ادارن جو وڪرو ڪرڻ، جائيداد ۽ پراپرٽي جي خريد و فروخت تي ٽيڪس لڳائڻ، ڪمپيوٽر جي سامان تي 500 رپيا سيلز ٽيڪس ۽ انشورنس تي ايڪسائيز ڊيوٽي 5 سيڪڙو ڪئي ويئي آھي ۽ ٻاھرين سفري ٽڪيٽ تي 15 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي ويئي آھي. ڪيبل آپريٽر في ڪنيڪشن 5 2 رپيا ماهوار ادا ڪندا. سگريٽن جي قيمتن تي 7 سيڪڙو ٽيڪس وڌيڪ لڳايو ويو آھي. بينڪن ۾ 5 2 هزار رپين کان وڌيڪ رقم ڪڍرائڻ تي پڻ ودهولڊنگ ٽيڪس ۾ واڌارو ڪيو ويو آھي. ماحوليات جي تحفظ لاءِ 167 ملين روپيا، تعميرات ۽ معاشرتي سهولتن لاءِ 1040 ملين رپيا صحت عامہ ۽ خدمتن لاءِ 4728 ملين رپيا، تفريح ۽ ثقافتي امور لاءِ 2741 ملين رپيا، تعليمي امور خدمت لاءِ 18778 ملين رپيا. سماجي تحفظ لاءِ 728 ملين رپيا، ترقياتي منصوبن لاءِ 435000 ملين رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو مھانگائي الائونس رکيو ويو آھي. ڪارخانن ۽ ٻين ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن جو گهٽ ۾ گهٽ پگهار 4 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آھي. بجيٽ ۾ اهو بہ اعلان ڪيو ويو تہ کاڌي پيتي جون شيون خاص طور تي داليون، کنڊ ۽ اٽو يوٽيلٽي اسٽورن تي سستي اگهہ تي عوام کي فراهم ڪيو ويندو. حڪومت اهو بہ واعدو ڪيو تہ مھانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ذخيرو ڪندڙن ۽ ناجائز منافعي خورن کي گرفت ۾ آڻڻ ۽ انھن کي سزا ڏيڻ لاءِ پرائيس مئجسٽريٽ مقرر ڪيا ويندا.
ھاڻ جڏهن اسان موجودہ ساليانہ بجيٽ جو جائزو وٺنداسين تہ موجودہ بجيٽ مان عام ماڻهو کي ڪو بہ فائدو نہ ملي سگهندو، ڇاڪاڻ تہ گذريل ٻن سالن جي ڀيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين کنڊ، اٽي، دالين ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ ٻہ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو آھي. حڪمرانن هميشہ عوام کي انھيءَ خوف ۾ مبتلا رکيو آھي تہ پاڪستان سان ڪا جنگ ٿيڻ واري آھي، ان لاءِ مضبوط دفاع ضروري آھي. دنيا ۾ وڌندڙ گلوبلائيزيشن کان پوءِ دشمنيون گهٽجي رھيون آهن ۽ دوستيون وڌي رھيون آهن. دنيا جي نئين حالتن مطابق، آمريڪا ڀارت کي هن خطي ۾ چڱو مڙس مقرر ڪرڻ چاھي ٿو، ۽ آمريڪا جي خواهش تي پاڪ -ڀارت ناتا بھتر ٿي رھيا آهن. 1947واريون قائم ڪيل سرحدون ۽ نفرتون ھاڻ نالي ماتر وڃي رھيون آهن. دفاع تي 27 ارب رپيا وڌائڻ بدران اڳوڻي مخصوص ڪيل رقم ۾ پڻ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي ھا ۽ اھا رقم سماجي شعبن لاءِ مخصوص ڪئي وڃي تہ عوام جي ھانءَ تي ڪجهہ ڇنڊو پوي ھا. هڪ فلاحي رياست جو اهو بنيادي فرض هوندو آھي تہ اھا عوام جون بنيادي گهرجون پوريون ڪري. حڪومت جو اولين فرض ملڪ ۾ وڌندڙ موتمار مھانگائيءَ کي روڪڻ آھي، جنھن جي ڪري عالمي سروي مطابق پاڪستان جو 82 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيو آھي، يعني انھن کي هڪ ويلو ماني بہ مشڪل سان ملي ٿي. سرڪار جي اھا دعويٰ تہ حڪومت طرفان قائم ٿيل يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ، داليون، اٽو ۽ ٻيون شيون سستي اگهن تي ملنديون. جيڪڏهن ايمانداري سان جائزو ورتو وڃي تہ يوٽيلٽي اسٽور وڏن شھرن ۾ قائم ٿيل آهن ۽ تعلقي ھيڊ ڪوارٽرز ۾ اهڙا يوٽيلٽي اسٽور قائم ٿيل ناهن. ملڪ جي آباديءَ جو 75 سيڪڙو اڄ بہ ٻھراڙين ۾ رھي ٿو. سوال آھي تہ حڪومت هنن مسڪين ماڻهن کي سستي اگهہ تي شيون ڪٿي ۽ ڪيئن فراهم ڪندي؟ شھرن ۾ جيڪي يوٽيلٽي اسٽور آهن، انھن جو تعداد بہ گهٽ آھي. ٻہ ڪلو کنڊ وٺڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ھر ماڻهوءَ جا 8 ڪلاڪ ضايع ٿين ٿا، يعني ماڻهو آفيس مان يا تہ موڪل وٺي يا ڪو مزدور پنھنجي هڪ ڏينھن جي ڏھاڙي وڃائي يوٽيلٽي اسٽور جي لائين ۾ 8 ڪلاڪ بيھي ٻہ ڪلو کنڊ حاصل ڪري ۽ ان سان گڏ ٻيون شيون بہ خريد ڪري. حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ صرف 15 سيڪڙو مھانگائي الائونس جو اضافو ڪيو آھي، جڏهن تہ مھانگائي 200 سيڪڙو وڌي آھي ۽ شين جي اگهن تي حڪومت جو ڪو هٿ وس نٿو هلي. ھر روز ڪنھن نہ ڪنھن شيءِ جو اگهہ وڌي ٿو. پگهارن جي اضافي جو شرط وڌندڙ مھانگائي ۽ افراط زر سان مشروط ڪيو وڃي، نہ تہ سرڪاري ملازم کي مھانگائيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ بي ايمانيءَ وارا طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. ڪو بہ انسان پنھنجي ٻچن کي بک وگهي مرڻ واري حالت کي ڪنھن بہ صورت ۾ پسند نہ ڪندو. ان لاءِ هن کي ھر قانون جي حد اورانگهڻي پوندي، ان ڪري ڪنھن ڏاھي چيو آھي تہ، ”ھر ڏوھہ جي جڙ بُک آھي، جيڪڏهن بُک کي ختم ڪيو وڃي تہ سماج مان خود بخود ڏوھہ ختم ٿي ويندا.“
حڪومت صنعتن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور جو گهٽ ۾ گهٽ پگهار 4000 مھانگائيءَ جي لحاظ کان بلڪل گهٽ آھي. جيڪڏهن ٻن ٻارن، ماءُ ۽ پيءُ تي مشتمل چئن ماڻهن جي ماھانہ بجيٽ ٺاھي وڃي تہ في ماڻهو کي هڪ ويلي جا مشڪل سان 7 رپيا 40 پئسا ملندا. پاڪستان جو ڪوبہ اقتصادي ماھر 4 هزار رپين مان چئن ڀاتين تي مشتمل هڪ خاندان جي بجيٽ ٺاھي ڏيکاري. زندگيءَ جون حقيقتون ڏاڍيون تلخ آهن. پيٽ وڏو پاپي آھي، هن پيٽ کي ڀرڻ لاءِ انسان کي ڇا نٿو ڪرڻو پوي. ڪاش! اسانجي ملڪ جا اقتصادي ماھر انگن، اکرن تي وڃڻ بدران زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي ڏسي پوءِ بجيٽ ٺاھين. پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينھن بيروزگاري وڌي رھي آھي، لکين نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي رلندا وتن ٿا. حڪومت هن بجيٽ ۾ بيروزگار نوجوانن کي بيروزگاري الائونس ڏيڻ لاءِ ڪو بہ اعلان نہ ڪيو آھي، جڏهن تہ ھر مھذب رياست ۾ بيروزگارن لاءِ مثبت قدم کنيا وڃن ٿا. 1977ع کان اڳ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي پينشن جي واڌاري وارو مسئلو سمجهہ ۾ نٿو اچي. جيڪي سرڪاري ملازم 1977ع کان اڳ رٽائر ٿيا هوندا، انھن جي عمر لازمي طور 90 سال هوندي. مونکي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ اهڙن سرڪاري ملازمن جو تعداد ڪيترو هوندو؟ پر جيڪڏهن اهو فيصلو فوج مان ريٽائرڊ ٿيندڙ ڪميشنڊ ۽ نان ڪميشنڊ آفيسرن لاءِ ڪيو ويو آھي تہ پوءِ ان جي کليل وضاحت ڪئي وڃي. حڪومت کي صرف ۽ صرف مھانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ کاڌي پيتي جي شين، يعني اٽي، دالين، کنڊ، چانھہ، گيھہ، مصالحن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو ڪمي ڪرڻ کپي ھا. پيٽرول، ڊيزل، گئس ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ بہ 50 سيڪڙو ڪمي ڪري ھا تہ پوءِ اسان هن بجيٽ کي ”ويلفيئر بجيٽ“ سڏيون ھا. هن بجيٽ اچڻ کان پوءِ مھانگائي گهٽ ٿيڻ بدران وڌندي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ”مالياتي مئنيجرن“ کي عوام جي مفادن بدران ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جو مفاد پيارو آھي. اسان جي اڪثريتي مالياتي مئنيجرن جو تعلق هن ڌرتيءَ بدران ٻاھرين ملڪن سان آھي. اھي هن ملڪ جي ”مارڪيٽ اڪانامي“ کي يورپ، خاص طور تي آمريڪا ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي تابع ڪرڻ گهرن ٿا. پر شايد اھي اھا ڳالھہ وساري ويٺا آهن تہ دنيا ۾ خاص طور تي لاطيني آمريڪا، نيپال ۽ ٻين ملڪن مان هڪ ”گلابي لھر“ وري اٿي آھي، جنھن ۾ ھر استحصالي نظام تباھہ و برباد ٿي ويندو، ڪا بہ دنيا جي طاقت ان کي روڪي نہ سگهندي.

سنڌ، تعليم ۽ تعليمي ادارا

ڪنھن بہ قوم جي ذهني اوسر ۽ قومي ترقيءَ ۾ تعليم جو ڪردار اهم هوندو آھي. تعليمي ادارا قومن جي اسرڻ ۽ نسرڻ ۾ بنيادي اهميت رکن ٿا. تعليمي ادارن ۾ روشني جنم وٺي ٿي، تعليمي ادارا ڪنھن بہ قوم جو قومي مورچو هوندا آهن. تعليمي ادارن ۾ انقلاب پلجن ٿا. دنيا جي تواريخ جو اڀياس ڪبو تہ اسان کي اهو معلوم ٿيندو تہ ھر قوم ۾ ڪو نہ ڪو مقدس تعليمي ادارو ضرور ملندو، جيڪو قومي آزادي ۽ انقلاب لاءِ روشني جو مينار ثابت ٿيو آھي. جيڪڏهن ”آمريڪن يونيورسٽي بيروت“ نہ هجي تہ عربن ۾ ڪڏهن بہ قومپرستي جي لھر نہ اڀري ھا، بنگلاديش ۾ ڍاڪا يونيوسٽي نہ هجي ھا تہ بنگالي پنھنجي ماڳ تي نہ پھچن ھا، تھران يونيورسٽي نہ هجي ھا، تہ شايد ايران مان شهنشاھيت جو خاتمو نہ اچي ھا ۽ جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي نہ هجي ھا تہ سنڌين جي جان ون يونٽ مان نہ ڇٽي ھا ۽ سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو جذبو پيدا نہ ٿئي ھا.
سنڌ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن، ڪاليج آهن، ھاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول آهن، پر جيڪڏهن اسان ايمانداري ۽ غير جانبدارانہ نموني انھن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺنداسين تہ، خبر پوندي تہ سنڌ جا سڀ تعليمي ادارا اهو ڪردار ادا نہ ڪري رھيا آهن، جيڪو ڪنھن بہ قوم کي مھذب ۽ ترقي يافتہ بنائڻ لاءِ ضروري هوندو آھي. شاگردن جي گروھہ بندي ۽ اناپرستيءَ جي ڪري يونيورسٽيون مقتل گاھہ بنيل آهن، يونيورسٽين ۾ ھر ٻئي ٽئي ڏينھن شاگردن طرفان ڪنھن نہ ڪنھن ڳالھہ تان ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ٿو. جيڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ چاھين ٿا، انھن کي زبردستي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي يونيورسٽين جي اھا صورتحال سنڌ جو تعليمي ماحول تباھہ ڪري ڇڏيندي، ان جو نتيجو اهو نڪرندو تہ مائٽ پنھنجا ٻار يونيورسٽين ۾ موڪلڻ بند ڪري ڇڏيندا. سرندي ورا تہ پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ وڃي تعليم حاصل ڪندا، پر مڊل ڪلاس، لوئر مڊل ڪلاس ۽ محنت ڪش طبقي جي ٻارن تي تعليم جا دروازا هميشہ بند ٿي ويندا. سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين ۽ خاص طور تي حڪومت سنڌ کي هن اهم مسئلي تي توجهہ ڏيئي سنڌ جي يونيورسٽين مان بدامني کي تڙڻ لاءِ پنھنجو قومي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي پبلڪ سيڪٽر ۾ قائم ٿيل ڪاليجن جي حالت بہ ڪا قابل رشڪ ناھي. ماضيءَ ۾ جيڪي عوام دشمن ۽ آمريت جي ڪُک مان پيدا ٿيل حڪومتون ھيون، انھن تہ ڄاڻي واڻي سنڌ جي ڪاليجن کي نظرانداز ڪيو، ان جي نتيجي ۾ ٻھراڙي جا بوائز توڙي گرلز ڪاليج مڪمل طور تي تباھہ ٿي ويا. گذريل ٻن سالن کان سنڌ اندر عوامي حڪومت آھي، پر عوامي حڪومت بہ هنن ڪاليجن جي بھتري لاءِ ڪي مثبت قدم نہ کنيا آهن. اڳوڻو سيڪريٽري تعليم تہ پنھنجي آفيس تائين محدود رھيو. هن ٻن سالن جي عرصي دوران ڪنھن بہ تعليمي اداري جي صورتحال جو جائزو نہ ورتو. ھاڻ نئون سيڪريٽري تعليم آيو آھي، گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ ٻہ ڏينھن ٻھراڙي جي ڪاليجن ۾ وڃي پاڻ ڏسي تہ انھن جون ضرورتون ڪھڙيون آهن؟ ھي دور ميرٽ جو دور آھي. يونيورسٽين يا پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ جيڪو داخلا جو سسٽم رائج آھي. اهو انٽري ٽيسٽ جي ذريعي آھي. جيڪڏهن ٻارن وٽ سائنس جا استاد نہ هوندا تہ صحيح معنيٰ ۾ ڪيئن تعليم حاصل ڪري سگهندا؟ انٽري ٽيسٽ جو امتحان ڪيئن پاس ڪري سگهندا!؟ ساڳي صورتحال ھاير سيڪنڊري اسڪولن، ھاءِ اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جي آھي. ٻہ سال گذري ويا، پر هنن تعليمي ادارن جي صورتحال بہ نہ سُڌري آھي. جڏهن اسان پنجاب جي تعليمي صورتحال جو جائزو وٺنداسين تہ اتي ٻن سالن ۾ تعليمي ادارن جي صورتحال ۾ بھتري آئي آھي. سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪرتا ڌرتائن کي بہ سنڌ جي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻ کپي. اڄڪلھہ صورتحال اھا آھي تہ ھر هنڌ پرائيوٽ تعليمي ادارا برساتي کنڀين جيان گهر گهر، گهٽي گهٽي کُلي رھيا آهن، جتي تعليم مھانگي آھي. غريب طبقي جا ماڻهو، جيڪي ٽن وقتن جي مانيءَ لاءِ ڏينھن رات جاکوڙ ڪن ٿا، اھي پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ پنھنجي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو سوچي بہ نٿا سگهن. ڪراچي ۾ بہ سنڌ جي ٻھراڙين جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دروازا بند آهن، گلگت بلتستان، ڪشمير، فاٽا جي ٻارن لاءِ تہ سيٽون مخصوص آهن، پر سنڌ جي ٻھراڙيءَ جو ٻار ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ تعليم جو سوچي بہ نٿو سگهي!
ڪاليج سطح تي پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪاليجن منجهہ جيڪا تعليم ڏني وڃي ٿي، انھن ۾ پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، ڪامرس ۽ آرٽس جون فيڪلٽيون شامل آهن، جيئن تہ دنيا جديد علوم جي ميدان ۾ ترقي ڪري رھي آھي تہ سنڌ سرڪار جو اهو بہ قومي فرض بنجي ٿو تہ جيڪي فيڪلٽيون آهن، انھن جي حالت بھتر بنائي وڃي ۽ ڪاليجن ۾ جديد علوم جا شعبا پڻ کوليا وڃن تہ سنڌ جا ٻار دنيا سان ميرٽ جي ميدان ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن وقت سنڌ صوبي ۾ هوم اڪنامڪس جي شعبي ۾ هڪ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج آھي، جيڪو صرف ڪراچي ۾ آھي، جيئن تہ هوم اڪنامڪس جو شعبو جديد علوم جو هڪ حصو آھي. صوبي جي مختلف ڪاليجن ۾ گريجوئيٽ سطح جي تعليم نياڻين کي ڏني وڃي ٿي، پوسٽ گريجوئيٽ هوم اڪنامڪس ڪاليج ڪراچي ۾ هئڻ ڪري، سنڌ جون نياڻيون ڪراچي ۾ ويندي گهٻرائين ٿيون، ڇاڪاڻ تہ ڪراچي بارود جو ڍير هئڻ ڪري بدامني جي آماجگاھہ بنيل آھي. 1988ع ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي پھرئين دور حڪومت ۾ ڪراچي کان ٻاھر هوم اڪنامڪس جي شعبي ۾ هڪ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ منظور ٿيو تہ جيئن ٻھراڙي جون نياڻيون پوسٽ گريجوئيٽ جي تعليم حاصل ڪري، زندگي ۾ باعزت مقام ماڻي سگهن. بلڊنگ تيار ٿي ويئي، پر 1990ع ۾ لساني فسادن جي ڪري ان بلڊنگ ۾ ڪاليج نہ کلي سگهيو. ارباب دور ۾ ان وقت جي وزير تعليم جي هدايت تي هن بلڊنگ ۾ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو، پر قاسم آباد جي باشعور ماڻهن جي احتجاج سبب پوليس ٿاڻو نہ کلي سگهيو، بعد ۾ سياسي رشوت عيوض ھي بلڊنگ هڪ پرائيوٽ اسڪول کي ڏني ويئي. تازو ٻيھر هن بلڊنگ جي هڪ حصي تي قبضو ڪري ٿاڻو کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو قاسم آباد جي رهواسين جي احتجاج ڪري ختم ڪيو ويو. ھي تعليمي ادارو سنڌ حڪومت جي ملڪيت آھي، عوام جي پگهر ۽ پورهئي تي لڳايل ٽيڪس جي آمدني مان جڙيو آھي، جيڪڏهن هن بلڊنگ ۾ نياڻين لاءِ هڪ نئون گرلز ڪاليج کوليو وڃي ۽ ان ۾ جيڪي فيڪلٽيون قائم ڪرڻ گهرجن، انھن ۾ ايم اي هوم اڪانامڪس، ايم ڪام، ايم سي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر سائنس، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، بي بي اي ۽ ايم بي اي شامل هئڻ گهرجن تہ سنڌ جي هزارين نياڻين کي تعليم جھڙي اهم زيور سان آراستہ ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ھي بلڊنگ سنڌ سرڪار پنھنجي قبضي ۾ وٺي، نياڻين لاءِ گرلز ڪاليج نہ کوليو تہ اھا سنڌ جي عوام سان ناانصافي ٿيندي. منھنجي راءِ موجب جيڪڏهن هن گرلز ڪاليج جو نالو شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ۽ هن ڪاليج جي بلڊنگ اندر ٻھراڙي جي نياڻين لاءِ ھاسٽل پڻ تعمير ڪئي وڃي تہ جيئن سڄي سنڌ جون نياڻيون جديد علوم جو فيض حاصل ڪري سگهن. قاسم آباد ۾ رهندڙ قومي اسيمبلي، سينيٽ توڙي صوبائي اسيمبليءَ جي پنجاھہ کان وڌيڪ چونڊيل عوامي نمائندن جو اهو اخلاقي ۽ قومي فرض بڻجي ٿو تہ هن تعليمي اداري کي فنڪشنل بنائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن، جڏهن تہ هن اداري جي کولڻ لاءِ فزيبلٽي رپورٽ سنڌ جي تعليم کاتي وٽ اڳ ۾ ئي موجود آھي.

سنڌ، گڊ گورننس ۽ پ پ پ

محترمہ شھيد بينظير ڀٽو جي شھادت جي پويان ڪھڙا هٿ آهن؟ انھيءَ متعلق في الحال ڪجهہ چئي نٿو سگهجي؟ اقوام متحدہ محترمہ جي شھادت جي تحقيقات ٿيڻي آھي. محترمہ جي شھادت جي خبر مون مڪه معظمہ ۾ ڪعبتہ الله شريف ۾ ٻڌي. ان وقت اسان مغرب جي نماز ادا ڪري رھيا هئاسين، ڪنھن کي بہ يقين نہ پئي آيو تہ واقعي محترمہ بينظير سان ائين ٿي سگهي ٿو!؟ ٻئي ڏينھن هڪ انگريزي اخبار ”عرب ٽائيمز“ ۾ محترمہ جي شھادت جي خبر ڇپيل هئي. ان اخبار ۾ القاعدہ جي سعودي عرب جي ترجمان جو بيان پڻ هو، جنھن ۾ هن اهو موقف پيش ڪيو هو تہ، محترمہ بينظير ڀٽو جي شھادت ۾ سندن ڪو هٿ ناھي، اصلي قاتل ٻيا آهن، انڪري پاڪستان حڪومت انھن جا پيرا کڻي.
سنڌ جو عوام 1970ع ھر ڀيري ”شھيدن جي پارٽي“ يعني پ پ پ کي ووٽ ڏيندو هو. گذريل اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام پاڻ ملھايو. قومي توڙي سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ پ اڪثريت حاصل ڪئي. محترمہ بينظير ڀٽو شھادت کان اڳ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ جيڪو منشور پيش ڪيو هو، اهو ساڳيو منشور هو، جيڪو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 1970ع جي اليڪشن ۾ پيش ڪيو هو ۽ 1973ع جي آئين ۾ 17 ترميم کي ختم ڪرڻ ۽ آزاد عدليہ جي بحالي لاءِ هن لنڊن ۾ نواز شريف سان ”ميثاق جمھوريت“ جو معاهدو پڻ ڪيو هو. مرڪز ۾ پ پ پ ٻين سان گڏجي مخلوط حڪومت جوڙي. سنڌ- بلوچستان ۾ پڻ مخلوط حڪومت جڙي، سرحد ۾ اسفند يار ولي وارن حڪومت ٺاھي ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ پ پ پ گڏجي حڪومت جوڙي. سنڌ ۾ سيد قائم علي شاھہ کي سنڌ جو وڏو وزير بنايو ويو ۽ کيس تمام گهڻا وزير، مشير ۽ اسپيشل اسسٽنٽ ڏنا ويا. محترمہ بينظير ڀٽو بہ پنھنجي پھرين دور حڪومت ۾ سيد قائم علي شاھہ کي وڏو وزير بنايو هو، پر ”احسن ڪارڪردگي“ کانپوءِ 15 مھينن بعد آفتاب شعبان ميراڻي سنڌ جو وڏو وزير بنايو ويو. ھاڻي بہ سوا سال جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي ڏٺو وڃي تہ سنڌ ۾ نہ گڊ گورننس آھي، نہ قانون جي بالادستي آھي. چوريون، اغوا، ڌاڙا، وڏن شھرن ۾ بيگناھہ انسانن جو قتل عام روز جو معمول بنجي چڪو آھي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڏينهون ڏينھن وڌندي وڃي. 1991ع واري پاڻي ٺاھہ تي عمل نہ پيو ٿئي. ناڻي ورڇ ۾ بہ سنڌ سان ناانصافي ٿي رھي آھي. تازو پ پ پ جي مرڪزي ڪميٽي جي هڪ گڏجاڻي آصف علي زرداري جي زير صدارت ٿي گذري، جنھن ۾ سنڌ ڪابينا جي وزيرن ۽ انھن جي کاتن ۾ ڦير ڦار جي لاءِ اشارو ڏنو ويو آھي. سنڌ جي ڪنھن بہ کاتي جي ڪارڪردگي کي جيڪڏهن عوام جي نگاهن کان پرکيو وڃي تہ ھر کاتي ۾ لٽ مار جاري آھي. نوڪريون وڪڻڻ جا الزام لڳي رھيا آهن. ھر ڪو وزير، مشير پنھنجا نوازڻ ۾ پورو آھي، غريب ۽ بي پھچ ماڻهو اڄ بہ پريشان آهن. سنڌ ۾ پ پ پ جا اتحادي ھر وقت پ پ پ کي ”بليڪ ميل“ ڪرڻ لاءِ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا. ملڪي منتظمين پرڏيھہ پڌاريل رهنما کي ايلاز ڪن ٿا ۽ هڪ الٽيميٽم ختم ٿئي ٿو تہ وري ٻيو شروع ٿئي ٿو. پنجاب، سرحد، بلوچستان ۾ ”ڪمشنريٽ نظام“ بحال ٿي چڪو آھي، پر سنڌ ۾ اتحادين جي ڌمڪين جي ڪري اڃان روشني جو ڪو بہ ڪرڻو نظر نٿو اچي. سنڌ بجيٽ ۾ وزير مشيرن لاءِ نيون لگزري گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا رکيا ويا آهن، وزيرن ۽ مشيرن جي فرنيچرن خريد ڪرڻ لاءِ پڻ ڪروڙين رپيا رکيا ويا آهن، جنھن ۾ هڪ ميز 80 هزار رپين ۾ ايندي ۽ ڪرسي 40 هزار رپين ۾ ايندي. اھي خرچ رھيا تہ حڪومتي خرچن تي ڪيئن ڪنٽرول ٿي سگهندو؟ هن وقت ضرورت ان ڳالھہ جي آھي تہ گورننس کي بھتر بنايو وڃي. عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي. قانون جي ”رٽ“ قائم ڪئي وڃي. چوريون، ڌاڙا، اغوا جون وارداتون ختم ڪرايون وڃن، پاڻي جي معاهدي تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، اين ايف سي ايوارڊ گهڻ رخي بنيادن تي ورتو وڃي. سنڌ ۾ نوڪرين لاءِ وٺندڙ ”کليل دڪان“ بند ڪرايا وڃن. ڇا ڪجي؟ ڪنھن کي دانھن ڏجي؟ وڻ کان ڪنھن پڇيو تہ، ”توکي ھي ننڍڙو ڪھاڙو ڪيئن ٿو ڪپي؟“ وڻ جواب ۾ وراڻيو تہ، ”ڪھاڙي اندر جيڪو ڳن آھي، اهو مون مان ئي جڙيل آھي.“ سو اسان سنڌين سان بہ اڄڪلھہ اھا ئي ويڌن آھي.

تعليم جي تباھي جو داستان، موجودہ صورتحال ۽ حل

مون ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو هو تہ:
“Humanity is divided into two classes Teachers and taught”
”انسان ذات ٻن طبقن ۾ ورھايل آھي، هڪ استاد ۽ ٻيو شاگرد“
انسان جو سمورو جيون يا تہ علم حاصل ڪرڻ ۾ گذري ٿو يا علم ڏيڻ ۾، ھي دنيا جيڪا ”مالڪِ المُلڪ“ تخليق ڪئي آھي، سا هڪ عظيم درسگاھہ آھي، جنھن ۾ ھر انسان وک وک تي ڪجهہ سکي ٿو. دنيا ۾ انسان يا تہ سکڻ آيو آھي، يا سکيا ڏيڻ لاءِ.
ڪنھن ڏاھي جو چوڻ آھي تہ، استاد اهو ڪاريگر آھي، جيڪو زندگيءَ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪري ٿو، جتي ذهن تيار ٿين ٿا ۽ ذهن بہ هزارن ۽ لکن ۾. ڪنھن بہ انقلاب جي آبياري لاءِ لکين ڪروڙين ذهن ڪم ڪن ٿا، اهو انقلاب ڀلي روس جو هجي يا چين جو، فرانس جو انقلاب هجي يا “ايران” جو تازو انقلاب.
هڪڙي ڏاھي استاد متعلق تلخي مان چيو آھي تہ:
”Now no body honours Teachers because Teacher do not honour truth and light.“
”اڄڪلھہ سماج ۾ ماڻهو استاد جي عزت ان ڪري نٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ استاد، سچ ۽ روشنيءَ جي عزت نٿو ڪري“
پاڪستان ۾ علم جو زوال ان وقت شروع ٿيو، جڏهن استاد ميرٽ بدران سياسي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيا. عام طور تي پاڪستان ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ھي زوال جمھوري حڪومتن ۾ آيو تہ غير جمھوري حڪومتن ۾ پڻ. تعليم جو مقصد سچ ۽ روشني آھي، جيڪا دھر اوندھہ کي تڙڻ لاءِ ضروري آھي. ڪنھن بہ جاهل قوم کي ڀل توھان ”آزادي“ جھڙي عظيم نعمت وٺي ڏيو، پر اھا قوم ”آزاديءَ جي حفاظت“ نہ ڪري سگهندي ۽ ”جهالت“ جي ڪري ٻيھر ”غلامي جھڙي لعنت“ ۽ ذلت جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويندي.
ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت سنڌ ۾ جيڪي عالم عامل هئا، انھن ۾ اڪثريت غير مسلمانن جي هئي، انھن کي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن مان نيڪالي ڏني ويئي ۽ انھن جي جاءِ آيل مسلمانن والاري، جن جي ”ٻوليءَ“ ٻي هئي، نتيجي ۾ هڪ وڏو ”خلا“ پيدا ٿيو، جيڪو اڃا تائين موجود آھي. اهڙي طرح سنڌ جا شھر اسان کان کسجي ويا، انھن کي اصل سڃاڻپ ختم ڪري، نئين سڃاڻپ ڏني وئي، ان وقت حيدرآباد ۾ علامہ دائود پوٽي هڪ ”سرڪيولر“ جاري ڪيو تہ سنڌ جي اصل باشندن ۽ آيل ڌارين جي وچ ۾ intergeration پيدا ڪرڻ لاءِ درسگاهن ۾ ”سنڌي ٻولي” کي ڌارين لاءِ لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ قديم رهواسين لاءِ ”اردو“ پر ان تي عمل نہ ٿي سگهيو ۽ علامہ دائود پوٽو طرفان ”يڪجهتي“ لاءِ جاري ڪيل سرڪيولر کي هوا ۾ ڦاڙي ڦٽي ڪيو ويو.
ضياءَ الحق جي دور ۾ انھيءَ نفرت کي وڌيڪ هوا ڏني ويئي ۽ نسل پرستي جي بنياد تي سياسي پارٽين جو بنياد وڌو ويو ۽ ڪيترا ”جڙتو“ اتحاد قائم ڪيا ويا. ضياءَ الحق جي دور ۾ ئي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي ”ماسترن“ جي ڪوٽا ڏني ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ”تعليم“ مڪمل طور تي تباھہ ٿي ويئي. سنڌ ۾ اڄ بہ 7572 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند آهن، جڏهن تہ ٽوٽل پرائمري سرڪاري اسڪولن جو تعداد 49028 آھي، باقي 41456 اسڪولن مان 29035 اسڪول بغير ”بجلي“ ۽ 5037 بغير ”فرنيچر“ جي ڪم ڪن پيا. سنڌ جي سرڪاري ۽ پرائيوٽ اسڪولن ۾ نہ نصاب ساڳيو آھي ۽ نہ ئي في. سنڌي ٻوليءَ ايڪٽ 1972ع لازمي هئڻ جي باوجود سنڌ جي 12000 پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي زبان نٿي پڙھائي وڃي، جڏهن تہ سنڌي ٻارن کي اردو پڙھائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. هن وقت سنڌ حڪومت پاران 20 هزار استادن کي سکيا ڏيڻ لاءِ اربين رپيا بجيٽ رکي ويئي آھي. 27 هزار پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ استادن جي ڀرتيءَ لاءِ هڪ ارب رپيا، پھرئين کان ڏھين ڪلاس تائين مفت ڪتاب ڏيڻ لاءِ 5 ملين رپيا بجٽ ۾ رکيا ويا آهن، جڏهن تہ 7572 بند پيل اسڪولن مان 1300 بند پيل اسڪول اين جي اوز پاران کولايا ويندا. هن وقت سنڌ جا 29 هزار اسڪول بجليءَ کان محروم آهن، 25 هزار اسڪول پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ 5 هزار اسڪول فرنيچر کان محروم آهن. سڄي سنڌ جي 247 سرڪاري ڪاليجن ۾ اٽڪل 3 لک شاگرد ۽ شاگردياڻيون انٽر ميڊيٽ، بي اي ۽ ايم اي/ ايم ايس سي جي تعليم حاصل ڪن پيا. هن وقت خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص کي ڇڏي ٻھراڙي جي ڪاليجن ۾ حساب، ڪيميسٽري، فزڪس، بائلاجي، باٽني، انگلش، ڪمپيوٽر ۽ سائنس جي مضمونن ۾ 1130 ليڪچرارن جي کوٽ آھي. گذريل 12 سالن ۾ نوڪرين تي ”پابندي“ هئڻ ڪري سنڌ جي تعليم کي سخت نقصان پھتو آھي. سنڌ ۾ 126 ٽيڪنيڪل ادارا ۽ 73 ووڪيشنل ادارا سنڌ حڪومت جي انتظام ھيٺ ڪم ڪن پيا، انھن ۾ بہ استادن ۽ تعليمي سهولتن جي کوٽ موجود آھي. سنڌ جي تعليم کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪجهہ تجويزون ھيٺين ريت رکجن ٿيون.
1. سيڪريٽري تعليم جي عھدي تي ڪنھن ماھر تعليم کي رکيو وڃي، جھڙي طرح شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 1972ع جي دور ۾ ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ تہ ھي دور اسپيشلائيزيشن جو دور آھي.
2. تعليم کي سڌارڻ لاءِ تعليم جي ماھرين جي هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا ٽن مھينن اندر سنڌ سرڪار کي سفارشون مرتب ڪري ڏي تہ سنڌ جي تباھہ ٿيل تعليم کي ڪيئن سڌارجي؟
3. استادن کي تربيت ”فائيو اسٽار“ هوٽلن بدران سرڪار جي قائم ڪيل تربيتي ادارن ۾ ڏني وڃي.
4. پرائمري اسڪولن کي کولائڻ لاءِ صحافين، دانشورن، استادن، تعليمي ماھرن ۽ سرڪاري آفيسرن تي ”ڪاميٽي“ جوڙي وڃي، جيڪا ٽن مھينن اندر سنڌ حڪومت کي صحيح رپورٽ ڏئي ۽ اھا ڪميٽي ھر ضلعو، تعلقو ”وزٽ“ ڪري.
5. سنڌ جا تمام تعليمي ادارا ضلعي حڪومتن کان کسي سڌي طرح تعليم کاتي حوالي ڪيا وڃن.
6. استادن جون ڀرتيون صرف ۽ صرف ”ميرٽ“ جي بنياد تي ڪيون وڃن ۽ ھر قسم جي ڪوٽا بند ڪئي وڃي.
7. استادن لاءِ ”جزا ۽ سزا“ جو معيار مقرر ڪيو وڃي.
8. تعليمي ادارن جي انتظامي پوسٽن تي صرف اهل استاد، آفيسر مقرر ڪيا وڃن. سياسي سفارشن تي مقر ڪيل انتظامي آفيسرن کي فوري طور تي هٽايو وڃي.
9. تعليم کاتي ۾ او پي ايس تي ڪم ڪندڙ انتظامي آفيسرن کي سنڌ ڪابينا جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ فوري طور تي هٽايو وڃي.
10. پرائيوٽ اسڪولن جي ٻيھر ”رجسٽريشن“ ڪئي وڃي ۽ انھن جي في نہ وڌائي وڃي ۽ کين سرڪاري نصاب پڙھائڻ جو پابند بڻايو وڃي.
11. ديني مدرسن جي پڻ رجسٽريشن ڪئي وڃي ۽ ٻارن کي ديني تعليم سان گڏ جديد نصاب پڙھايو وڃي تہ جيئن انھن کي سماج ۾ ڪارآمد شھري بڻائي سگهجي.
12. تعليم لاءِ مخصوص بجيٽ 30 جون تائين ختم ڪئي وڃي ۽ تعليمي بجيٽ کي ليپس ٿيڻ کان بچايو وڃي.
13.سرڪاري تعليمي ادارن ۾ بجلي، فرنيچر، پاڻيءَ جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ۽ ڀوتارن کان زبردستي قبضو ڇڏرايو وڃي، پوءِ ڀلي انھن ڀوتارن جو ڪھڙي بہ سياسي پارٽي سان تعلق هجي.
14. تعليم کي پھرئين درجي کان ڏھين درجي تائين خاص طور تي نياڻين لاءِ لازمي قرار ڏنو وڃي، ان لاءِ هڪ ”آرڊيننس“ جاري ڪيو وڃي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن کي سزا ڏني وڃي.
15. سنڌ جا سڀ تعليمي بورڊ گورنر کان وٺي سنڌ جي تعليم کاتي حوالي ڪيا وڃن ۽ انھن ۾ رٽائرڊ ڪامورن بدران حاضر سروس استاد رکيا وڃن ۽ آفيسرن جي چونڊ ”سياسي سفارش“ بدران ”ميرٽ“ تي ڪئي وڃي ۽ حيدرآباد بورڊ کي ”نيوٽرل زون“ ۾ آندو وڃي.
16. ڪاليج استادن لاءِ ڪاليج ٽيچرس اڪيڊمي بحال ڪئي وڃي. ليڪچرارن جي ڀرتيءَ کانپوءِ کين گهٽ ۾ گهٽ ڇھہ مھينا تربيت ڏني وڃي.

سياسي پارٽيون، شاگرد يونين ۽ ضابطہ اخلاق

پاڪستان ۾ هن وقت تائين جمھوريت جو ٻوٽو اسري، نسري نہ سگهيو آھي. ان جو سبب غير جمھوري حڪومتون آهن. ضياءُ الحق جو دور پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو باب آھي، جنھن ۾ سڀ جمھوري ادارا تباھہ ڪيا ويا. صحافين، سياسي ڪارڪنن کي ڦٽڪا هنيا ويا. سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ شاگرد يونين تي پاڪستان جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پابندي وڌي وئي. انھن جو استاد تنظيمن تي پڻ پابندي وجهڻ جو ارادو هو پر ڊاڪٽر شڪور دائودپوٽي جي حڪمت عملي سبب آمر جي حڪومت استاد تنظيمن تي پابندي نہ وجهي سگهي. ڊاڪٽر شڪور دائودپوٽو، رياض احسن مرحوم، قادر بخش طالباڻي، عزيز اڄڻ ۽ مونکي پنجاب وٺي ويو ۽ اتي ”آل پاڪسان ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي“ جو بنياد وڌو، جنھن جو سربراھہ مرحوم مولانا غفاريءَ کي بنايو ويو. لاهور ۾ هڪ ڏينھن سڀني شاگردن ۽ استادن تعليمي ادارن جي ٻاھر ڌرڻو هنيو. سڄي لاهور جي ٽريفڪ بند ٿي ويئي. مولانا غفاري، ڊاڪٽر شڪور دائودپوٽو ۽ ٻين رهنمائن کي ضياءُ الحق جي چيف آف اسٽاف جنرل ڪي ايم عارف اسلام آباد گهرايو ۽ اهو يقين ڏياريو تہ استاد تنظيمن تي پابندي نہ وڌي ويندي. سنڌ ۾ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين تي وڌل پابندي سنڌ کي وڏو نقصان پھچايو. پ پ پ جي حڪومت توڙي نواز شريف جي حڪومت شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪئي. جڏهن سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين هئي تہ ان جا اڳواڻ يوسف ٽالپر، يوسف لغاري، يوسف جکراڻي مرحوم ۽ ٻيا رهنما هئا، پر جڏهن کان شاگرد يونين تي پابندي پئي آھي، اعليٰ تعليمي ادارا تباھہ ٿي ويا آهن. شاگرد يونين نہ هئڻ ڪري سنڌ جي سڀني پارٽين تعليمي ادارن ۾ پنھنجون ”ونگز“ قائم ڪري ڇڏيون. ڪي سوشلسٽ ونگ هئا تہ ڪي ترقي پسند، ڪي ”لبرل“ هئا تہ ڪي مذهبي، اهڙي طرح سڀني سياسي پارٽين يونيورسٽين توڙي ڪاليجن ۾ پنھنجي ”پاڪيٽ يونين“ قائم ڪري ڇڏيون. جمھوري ڪلچر بدران اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر پيدا ٿيو، تعليمي ادارن مان لاش نڪرڻ لڳا. ڏوھہ وڌڻ لڳا. ٻھراڙي مان آيل مسڪينن جا ٻار بہ انھيءَ ”ڪلچر“ جو شڪار ٿيا. 1992ع ۾ مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جي ھاسٽل ۾ ٻن شاگرد تنظيمن جي شاگردن ۾ جهيڙو ٿيو، جنھن ۾ ڪجهہ شاگرد قتل ٿي ويا ۽ ڪجهہ زخمي ٿي پيا ۽ اهڙا واقعا روز روز ٿيڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت جيڪا سنڌي اديبن، دانشورن، قلمڪارن، سرجڻھارن جي تنظيم آھي، انھيءَ روز روز شاگردن جي قتل ٿيڻ ڪري ابرار قاضي جي گهر هڪ ”قومي جرڳو“ گهرايو. ان وقت يوسف لغاري سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ جو سربراھہ هو ۽ ابرار قاضي ان جو جنرل سيڪريٽري. هن ”قومي جرڳي“ ۾ سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين ۽ ان جي شاگرد ونگز شرڪت ڪئي. متفقه طور تي پروفيسر محمد عمر ميمڻ مرحوم، يوسف لغاري، نور الھديٰ شاھہ، مشتاق ميراڻي ۽ مونکي ان ”قومي جرڳا ڪاميٽي“ جو ميمبر بنايو ويو. مشتاق ميراڻي ڪجهہ مصروفيتن جي ڪري جلدي هن ”قومي جرڳي“ کان ڌار ٿي ويو، باقي ميمبر ڪم ڪندا رھيا. ٻئي متاثر ڌريون سگهاريون ھيون ۽ مھراڻ انجنيئرنگ ھاسٽل جي واقعي کانپوءِ ”روپوش“ ھيون. روزانہ ”قومي جرڳا ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي نورالھديٰ شاھہ جي گهر ٿيندي هئي، بعد ۾ هن ڪاميٽيءَ ”ٻيلن“ ۾ ۽ ”سنڌو دريا جي ڪچي“ ۾ وڃي متاثرين جا بيان قلمبند ڪيا. تعليمي ادارن جي سربراهن جا بيان پڻ قلمبند ڪيا ويا. هڪ تعليمي اداري جي سربراھہ اهو چيو تہ، ”جڏهن مون وٽ ڪنھن شاگرد تنظيم جو اڳواڻ يا ڪارڪن هڪ ڪلاشنڪوف کڻي ايندو آھي تہ ان کي مان يونيورسٽي جي پسنديدہ ڊپارٽمينٽ ۾ ”هڪ سيٽ“ ڏيندو آھيان“. هن جي رڪارڊ ٿيل بيان جي Tape اڃا تائين موجود آھي. اسان تعليمي ادارن جي سربراهن توڙي متاثر شاگردن جا بيان Tape ڪيا، جن ۾ ڪيترين ڳالھين جو انڪشاف ٿيو تہ سنڌ ۾ ڪار لفٽنگ ڪيئن ٿئي ٿي؟ اغوا جا واقعا ڪيئن ٿين ٿا؟ ۽ ”ڀتو“ ڪيئن وصول ڪيو وڃي ٿو؟ ٽن مھينن جي مٿاڪٽ کانپوءِ يوسف لغاري فيصلو لکرايو، ڇاڪاڻ تہ هو قانوندان هو. اهو فيصلو تقريبن 300 صفحن تي لکيل آھي، جيڪو مختصر فيصلو صحافين کي ٻڌايو ويو اهو صرف 30 صفحن تي مشتمل هو. هن فيصلي ۾ ٻنھي جھڙيندڙ ڌرين تي ڏنڊ وڌو ويو، جيڪو ٻنھي ڌرين خوشدلي سان قبول ڪيو، پر هن فيصلي ۾ جيڪا اهم ڳالھہ هئي، سا هئي شاگردن لاءِ ضابطہ اخلاق. ڪجهہ حڪومت کي سفارشون پڻ ھيون.

سفارشون ۽ ضابطہ اخلاق:
• شاگرد يونين تان پابندي هٽائي وڃي
• آئندہ ڪنھن بہ سياسي پارٽيءَ جي ”ونگ“ سان لاڳاپيل شاگرد تعليمي ادارن ۾ هٿيار کڻي نہ ايندا.
• ”تاحيات شاگرد ليڊرن“ کي تعليمي ادارن توڙي ھاسٽلن مان نيڪالي ڏني ويندي.
• تعليمي ادارن جي ڪينٽن توڙي ھاسٽلن جي ميس ۾ ڪو بہ شاگرد مفت ماني نہ کائيندو.
• تعليمي ادارن ۾ ڪا بہ تنظيم پنھنجا جهنڊا نہ لڳرائيندي ۽ نہ ئي ديوارن تي پوسٽر لڳرايا ويندا.
• پوسٽرن جي لڳائڻ لاءِ ھر تعليمي اداري ۾ صرف هڪ جاءِ مخصوص هوندي.
• ڪا بہ تنظيم اعليٰ تعليمي ادارن جون بسون مفت ۾ ڪيڏانھن بہ زبردستي نہ وٺي ويندي ۽ نہ ئي تيل ورتو ويندو.
• جنھن بہ شاگرد وٽان ڪو ”مھلڪ هٿيار“ ھاسٽل يا تعليمي اداري مان برآمد ٿيو تہ ان شاگرد جي داخلا ”رد“ ڪئي ويندي.
• تعليمي ادارن جي ھاسٽلن کي چوديواري ڏياري ويندي، اچڻ ۽ وڃڻ جو ٽائيم ھاسٽل جو ”پرووسٽ“ طئي ڪندو.
• تعليمي ادارن مان قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي نيڪالي ڏني ويندي.
• شاگردن جي صحتمند سرگرمين لاءِ مرڪزي لائبريري کي جديد ڪتابن سان سنواريو ويندو ۽ ھاسٽل ۾ پڻ لائبريري جوڙي ويندي ۽ ڪمپيوٽر فراهم ڪيا ويندا.
• تعليمي ادارن ۾ سيمسٽر سسٽم نافذ ڪيو ويندو، آڊيو، وڊيو سسٽم نافذ ڪيو ويندو.
هن وقت ضرورت ان ڳالھہ جي آھي تہ شاگرد يونين تان پابندي هٽائي وڃي ۽ ان بعد اهڙي ئي ضابطہ اخلاق تي تعليمي ادارن ۽ درسگاهن ۾ عمل ڪيو وڃي، جيڪو ضابطہ اخلاق قومي جرڳا ڪاميٽي جوڙيو هو.

شھيد نذير عباسي انقلابي جدوجهد جو بھادر اڳواڻ

شھيد نذير عباسي هڪ اهڙي راھہ جو راھي هو، جنھن جي وک وک تي واڳون وات پٽيو بيٺا آهن. هُو هڪ اهڙي منزل جو مسافر هو، جنھن جي قدم قدم تي اُڀا تِکا ڪاوا موجود آهن. هو هڪ عظيم انقلابي ڪارڪن هو. جنھن پنھنجي مقصد ۽ نظريي سان ڪمٽمينٽ خاطر پنھنجي ذاتي زندگيءَ جون سڀ خواهشون قربان ڪري ڇڏيون. سنڌ ڌرتيءَ هميشہ مانجهي مرد پيدا ڪيا آهن. شھيد نذير عباسي انھن مان هڪ هو. انقلابي تحريڪن ۾ اهڙا سرويچ ساٿي صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هُن جي شھادت کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر اڄ بہ ائين محسوس ٿئي ٿو تہ هُو زندہ آھي. هونئن جيڪي ماڻهو مقصد خاطر جان ڏيندا آهن. اھي مَري اَمر ٿي ويندا آهن. زندگيءَ ۾ مونکي سوين انقلابي ڪارڪن مليا آهن پر مان شھيد نذير عباسي جي شخصيت کي وساري نہ سگهيو آھيان.
اڄ نہ اوطاقن ۾، دونھين ڌُنڌ نہ لاٽ،
ويا ويراڳي نڪري، چت چکائي چاٽ،
ماريس تنھن ماٺ، جيجان جوڳيئڙن جي.
(شاهه)
هن جي شخصيت گهڻ پاسائين هُئي. مون ذاتي طور تي شھيد نذير عباسي جي شخصيت ۾ جيڪي خاصيتون ڏٺيون، انھن کي سنڌ واسين آڏو پيش ڪرڻ پنھنجو قومي فرض سمجهان ٿو تہ جيئن قومي انقلابي جدوجهد جا پانڌيئڙا هُن جي حياتيءَ جي احوال مان ڪجهہ پِرائي سگهن. اڪثر قومي تحريڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۾ خُودي (اناپرستيءَ) ۽ وڏائي جا جراثيم وڏي تعداد ۾ موجود هوندا آهن. هُو پاڻ کي عقلمند ۽ مٿانهون سمجهندا آهن پر شھيد نذير عباسي انھن ڳالھين کان پاڪ هو. هُو هميشہ ساٿين جو احترام ڪندو هو. ڀلي اُھي ساٿي هن کان سينيئر هجن يا جونيئر. ساٿين سان مخاطب ٿيڻ مھل هُن جو ڪنڌ ادب سان جهڪيل هوندو هو. پنھنجو موقف هُو هميشہ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان رکندو هو. هن جي ڳالھائڻ ۾ نماڻائي ۽ عاجزي هوندي هئي. انقلابي ڄاڻ هوندي بہ هُو پاڻ کي طفلِ مڪتب سمجهندو هو. سيکارڻ بدران سِکڻ هُن جو شيوو هو. قومي انقلابي تحريڪن ۾ ڪم ڪندڙ مالي لحاظ کان هميشہ مونجهارن ۾ رھيا آهن ۽ پريشانين کان گهٻرائجي هُو ٿڪجي ماٺ ڪري ويھي رهندا آهن پر شھيد نذير عباسي لاءِ پئسو ڪا بہ اهميت نہ رکندو هو. هُن جون ضرورتون تمام محدود هُيون، هُو ماني صرف پيٽ ڀرڻ لاءِ کائيندو هو. پوءِ ڀلي رُکي ماني پاڻي جي گلاس سان ڇو نہ کائڻي پئي. هُو ڪپڙا صرف جسم کي ڍڪڻ لاءِ اوڍيندو هو، پوءِ اھي ڪپڙا ڀلي نيلامي ڇو نہ هجن يا انھن کي چَتيون لڳل ڇو نہ هُجن. هُو ساٿين کان پئسي جي طلب صرف اهم ضرورتن جي لحاظ کان ڪندو هو، ظاھري رک رکاءُ ۽ ڏيک ويک کان بلڪل پَري هو. شھيد نذير عباسي قرباني ۽ ايثار جو مجموعو هو. پاڻ کي هميشہ ڏُکيو رکندو هو پر گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ساٿين جي اڪثريت راءِ جو احترام ڪرڻ ۽ انھن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ سندس سياست جو بنيادي محور هو. هُن ڪڏهن بہ پنھنجي راءِ ساٿين تي نہ مڙھي. هُو وقت جو پابند هو، ڪنھن سان بہ هُن جو وقت طئه ٿيل هوندو هو تہ نجي، ذاتي مصروفيتون ترڪ ڪري بہ اُتي پھچندو هو. ڪڏهن بہ خاندان جي ڪنھن فرد يا گهرواريءَ جي بيماري جو بھانو نہ بڻايائين. ڪيتري بہ تڪليف هوندي مون هُن جي مُک تي هميشہ مُرڪ جا موتي ڏٺا ۽ هُن جي چھري تي مايوسي ۽ ٿڪاوٽ جون ريکائون نہ ڏٺيون.
جيسين هُئي جيئري، وِرچي نہ ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، سِڪندي کي سڄڻين.
ڪامريڊ ڄام ساقي جي گرفتاري کانپوءِ پارٽي طرفان هُن تي وڏيون ذميواريون پئجي ويون، جيڪي هُن مرڻ گهڙيءَ تائين خوش اخلاقيءَ ۽ خوشدلي سان نڀايون. هُن ننڍي عُمر ۾ اهو ثابت ڪيو تہ هُو پيڙھيل عوام کي قومي جبر، طبقاتي ڏاڍ کان نجات ڏيارڻ لاءِ پنھنجو سُک چين، تن من قربان ڪري سگهي ٿو.
عاشق آرام، ڪڏهن تان ڪونہ ڪيو،
طعني ڪيا تمام، حبيباڻي ھيڪڙي.
مُلڪ ۾ منصفاڻي سماج اڏڻ لاءِ هُن جي جاکوڙ اسانجي قومي تاريخ جو حصو آھي. جنھن ”ٽارچر ڪيمپ“ ۾ ڏاڍ ۽ جبر بہ کيس جهُڪائي نہ سگهيو. هُن استحصال، ڦُرلُٽ خلاف مظلومن جي تحريڪ کي پنھنجي ريٽي رت جو نذرانو ڏئي وڌيڪ سگهارو ڪيو. اهو وقت پري ناھي جو منھنجي ڏُکن جي ڏيھہ ۾هڪ ڏينھن ضرور سُکن جو سج اُڀرندو. شھيد نذير عباسي کي اڄ خراجِ تحسين پيش ڪرڻ جو بھترين طريقو ھي آھي تہ اسين اڄ اهو وچن ڪريون تہ هُن پنھنجي لال لهُو سان جيڪا سچائيءَ جي لاٽ ٻاري آھي، اُنکي اُجهامڻ نہ ڏينداسين، پوءِ ڀلي اسانکي حياتيءَ تان هٿ ڇو نہ کڻڻو پئي.
جوڳيئڙا جهان ۾، هُئا منجهہ حمام،
ارمان اڳ ٿيا، اوڏا نہ آرام،
ڪيائون قيام، آئون نہ جيئري ان ري.
(شاهه)

نذير جي جوٽيل جنگ ختم نہ ٿي آھي

آگسٽ جي مھيني جي منھنجي آڏو وڏي اهميت آھي، انھيءَ لحاظ کان نہ تہ 11 آگسٽ 1947ع تي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ جنھن پاڪستان جي پھرين دستور ساز اسيمبلي جو پھريون اجلاس ٿيو هو. جنھن جي صدارت مشرقي بنگال سان لاڳاپيل هڪ هندو ميمبر ”جوگندر ناٿ منڊل“ ڪئي هئي. جنھن ۾ پاڪستان جي باني مسٽر جناح تقرير ڪندي چيو هو تہ اڄ کانپوءِ توھان نہ هندو آھيو نہ ئي مسلمان. توھان مذهب، عقيدي جي لحاظ کان آزاد آھيو، توھانکي اهو حق حاصل آھي تہ ڀلي مسجد ۾ عبادت ڪرڻ وڃو يا مندر ۾ يا گرجا گهر ۾. توھان صرف انسان آھيو يا توھان صرف پاڪستاني آھيو! اڄ کانپوءِ مذهب جي لحاظ کان ڪنھن بہ قسم جي متڀيد نہ ڪئي ويندي. پر قائد اعظم اڪيڊمي جو ”ڊائريڪٽر شرف المجاهد“ اھا ڳالھہ مڃڻ لاءِ تيار نہ آھي تہ اھا تقرير ڪا مسٽر جناح ڪئي هئي. شايد اھا تقرير هندستان جي پھرين وزير اعظم پنڊت نھرو ڪئي هئي!؟
آگسٽ جو مھينو هن لحاظ کان بہ اهم آھي تہ 17 آگسٽ 1988ع تي بھاولپور ويجهو آمر ضياءُ الحق (جنھن جا اهم ساٿي اڄ ضياءُ الحق هٿان شھيد ٿيندڙ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي پارٽي جا اهم ٿنڀا بڻيل آهن.) فضا ۾ سڙي رک ٿي ويو. جنھن جو ڪو هڏو بہ نہ بچيو پر اسلام آباد ۾ اڄ بہ سندس مزار موجود آھي. جيتوڻيڪ ”جبڙا پير“ جي نالي سان مشھور آھي، اهو ڏينھن آگسٽ جي مھيني ۾ آيو هو. مان ان وقت ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ رهندو هئس. ٽنڊي ولي محمد ۾جيئن تہ ”مومن“ گهڻا رهن ٿا، اھي ”شھيد ڀُٽو“ جا شيدائي پڻ آهن، اُتي رهندڙ پ پ جي هڪ خاتون اڳواڻ سيمينار توڙي جلسن ۾ تقرير ڪرڻ وقت ”جيئي ڀُٽو“ سان گڏوگڏ ”يا علي مدد“ ضرور چوندي آھي. ان ڏينھن رستي تان غمگين شرنائين جي سُرن ۾ ذوالجناح جو جلوس گذري رھيو هو، مومن ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ماتم ڪري رھيا هئا، سڄو ماحول سوڳوار هو. اوچتو ماتمي جلوس ۾ شريڪ ”مومنن“ جا زبانن تي ”مُبارڪ مُبارڪ“ جا نعرا گُونجي اُٿيا. ماڻهو روئڻ پٽڻ ڇڏي هڪٻئي کي خوشي وچان ڀاڪر پائڻ لڳا. کين اھا خوشي يارنھن سالن کانپوءِ نصيب ٿي هئي. اڄ هڪ سفاڪ قاتل پنھنجي منطقي انجام پھتو هو. جنھن جي ڏوهن جي فھرست ايتري تہ ڊگهي آھي جو انکي ڳڻائيندي سال لڳي وڃن. هن آمر جي دامن تي نہ ڄاڻ ڪيترن بيگناهن جي ريٽي رت جا داغ آهن، جيڪي قيامت تائين ڌوپجي نہ سگهندا. شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي کان وٺي سوين سرويچ ٽياس تي ٽنگيا ويا. هزارين جسمن کي ڪوڙن سان داڳيو ويو. جمھوريت ۽ انساني حقن ۾ ويساھہ رکندڙ هزارين انسانن کي سالن تائين زندان ۾ بند رکيو ويو. هن وحشياڻي دور ۾ جيڪي انسان شھيد ٿيا، انھن جي هڪ ڊگهي قطار آھي. ڪجهہ شھيدن جا صرف نالا اچن ٿا. ڪن جا چھرا ياد اچن ٿا. هڪ چھرو اهڙو آھي، جنھنکي سالن گُذرڻ باوجود وساري نٿو سگهان. 9 آگسٽ 1980ع جي اھا منحوس رات جڏهن مون بي بي سي تان اردو نشريات جون خبرون ٻُڌيون، منھنجو ذهن مائوف ٿي ويو، اکين اڳيان اوندھہ ڇانئجي وئي. سڄي رات لُڇندي گُذريم، دل ۽ دماغ اھا ڳالھہ ھرگز مڃڻ لاءِ تيار نہ هو. صُبح جو ”روزاني جنگ“ جي ”بيڪ پيج“ تي خبر پڙھيم، ھانءُ ڇڄي پيو. لُڙڪ لارون ڪري لڙڻ لڳا. ڪجهہ دير کانپوءِ شير محمد مڱريو آيو، جنھن انھيءَ ڳالھہ جي تصديق ڪئي تہ ”فوجي درندن ڪامريڊ نذير عباسي کي تشدد ڪري شھيد ڪري ڇڏيو ۽ کيس فوجي پھري ھيٺ سخي حسن مقام ناظم آباد ڪراچي ۾ دفنائي ڇڏيو آھي“ ائين چئي هُو مونکي ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. مون پنھنجي دل مضبوط ڪندي هن کي آٿت ڏني تہ ”شھيدن لاءِ روئبو ناھي.“ اسانجو رستو شھادت جو رستو آھي، اهو رستو پاڻ پنھنجي مرضي سان پنھنجي خوشي سان چونڊيو آھي. انقلاب ۽ آزادي جي راھہ ۾ گُل ۽ ٻُوٽا نہ هوندا آهن پر پٿر ۽ پھڻ هوندا آهن، ڦاھيون ۽ ڦٽڪا هوندا آهن. اسانکي ثابت قدميءَ سان شھيد نذير عباسي جي ڇڏيل مشعل پنھنجي مضبوط هٿن سان جهلي اڳتي هلڻ گهرجي. ڇاڪاڻ تہ اڃا منزل پري آھي. جيڪي دوست چون ٿا تہ انقلاب اسانجي سرحدن تي پھچي چڪو آھي، سي چرين وارا خُواب ڏسن ٿا، انقلاب برآمد نہ ڪبا آهن پر ڌرتيءَ جي ڪُک چيري ڦُٽندا آهن. شھيد نذير عباسي جنھن نطريي ۽ مقصد لاءِ جان ڏني ڇا سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ اهو نظريو ختم ٿي چڪو آھي؟ دنيا مان بُک، بيماري، مفلسي، تنگدستي ختم ٿي چڪي آھي؟ پاڪستان ۾ غريبن جو حقيقي راڄ قائم ٿي چڪوآھي؟ محنت ڪشن کي پنھنجو حق ملي چڪو آھي؟ اسيمبلين منجهہ جاگيردارن، سرمائيدارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن بدران غريبن جا ٻار اهليت ۽ صلاحيت جي بنياد تي پھچي چڪا آهن؟ دنيا کي سياست جي ڄاڻ ڏيندڙ افلاطون پنھنجي ڪتاب ”جمھوريت“ ۾ رياست کي قائم ڪرڻ جو مقصد ھي بيان ڪيو آھي تہ ”حقيقي رياست“ اھا آھي جيڪا پنھنجي شھرين سان انصاف ڪري. افلاطون جي ويجهو انصاف جي معنى تہ ”رياست پنھنجي ھر شھري کي صلاحيت ۽ اهليت مطابق ڪم ڏئي ۽ ان جي ضرورتن جو پورائو ڪري! جيڪڏهن رياست اهو فرض سرانجام نٿي ڏئي سگهي تہ ان کي زندہ رهڻ جو حق حاصل ناھي.“ اڄ جيڪي دوست ”سوشلزم“ يا سماجي مساوات کي ڪينسر سمجهي پري ڀڄن ٿا ۽ انھن جي آڏو ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ وارو نعرو فرسودہ بڻجي چڪو آھي. اھي شايد ڀُليل آهن تہ تاريخ جو فيصلو اٽل هوندو آھي. سوويت يونين جي انتظامي نااهليت جي ڪري وقتي طور تي مظلومن جي جنگ کي ڌچڪو پھتو آھي پر اھا جنگ ختم نہ ٿي آھي. جتي بہ ظلم ۽ ناحق آھي، بُک ۽ بيروزگاري آھي، معاشي اڻبرابري، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ آھي، قومي ۽ انساني حقن جي لتاڙ آھي. اھا جنگ جاري رهندي. جيڪڏهن ڪي ڪامريڊ ٿڪجي پيا آهن تہ انھن جي جاءِ ڪو ٻيو والاريندو. شھيد نذير عباسي جي ريٽي رت سان رڱيل ڳاڙهو جهنڊو ڪو ٻيو هٿ ۾ کڻي اڳتي وڌندو. کڻي اهو ڪو وڏو سياسي نانءُ نہ هجي، ڪو گُمنام ڪارڪن ئي هجي.

الطاف شيخ جي سفرنامي”ايران ڏي اڏام“ جو مھاڳ

سائين الطاف شيخ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ هڪ وڏو نانءُ آھي. منھنجي سائينءَ سان ڪڏهن بہ روبرو ملاقات نہ ٿي آھي. پر سندس قلمي پورھيي جي ڪري هن سان پنھنجائپ جو رشتو آھي. هڪ ڏينھن پيار ۽ پاٻوھہ مان فون تي سائينءَ حڪم ڪيو تہ مان سندس تازي تخليق ايران جي سفرنامي ”ايران ڏي اُڏام“ جو مھاڳ لکان. سائين الطاف شيخ جي ڪتاب جو مھاڳ لکڻ منھنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آھي، پر اهو بہ هڪ سچ آھي تہ مون هن ڪتاب کان اڳ ڪنھن بہ ڪتاب جو مھاڳ نہ لکيو آھي، ۽ نہ ئي انھيءَ ”ٽيڪنڪ“ جي مونکي ڪا ڄاڻ آھي. بھرحال ”جھڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان.“
سفرنامو، ادب جي هڪ بھترين ۽ نرالي صنف آھي، جنھن مان ملڪن جي معاشي، ثقافتي، علمي، ادبي، سياسي، اخلاقي، تاريخي ۽ جاگرافيائي پس منظر جي ڄاڻ ملي ٿي. سائين الطاف شيخ هن ڪم ۾ واقعي پاڻ ڳڻايو آھي ۽ زندگيءَ جي اڻانگي سفر ۾ 66 ڪتاب لکي، پنھنجو پاڻ ملھايو آھي. سائين الطاف شيخ هڪ انجنيئر، رياضيدان، موسمن جو ڄاڻو، هڪ حساس ليکڪ، سيلاني، مصور، سفرناما لکندڙ، مترجم ۽ افسانہ نگار پڻ آھي، انڪري هن جي شخصيت گهڻ پاسائين آھي. سائينءَ جي باري ۾ لکڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر آھي. سائين الطاف شيخ ھيتري ساري دنيا گهمڻ جي باوجود، پنھنجو پاڻ کي هميشہ هڪ عام انسان وانگر پيش ڪيو آھي. هن پنھنجن ڪتابن ۽ تحريرن ۾ ڪڏهن بہ پنھنجي تعريف نہ ڪئي آھي، نہ ئي ڪڏهن پاڻ وڻايو آھي، اھا ئي سندس عظمت آھي. سائين الطاف شيخ ڪڏهن بہ پنھنجي جنم ڀوميءَ، مُقدس سنڌ کي نہ وساريو آھي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سندس پنھنجي ازل جي رشتي ڪري هن ڪڏهن بہ پنھنجن ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن کي ڏورانھن ڏيهن ۾ بہ نہ وساريو آھي. تاريخي لحاظ کان اسان سنڌي قوم ۾ خاصيتون بہ آهن تہ خاميون پڻ، هن پنھنجي لکڻين ۾ انھن جي بھترين عڪاسي ڪئي آھي ۽ سنڌي قوم کي پنھنجي تحريرن جي ذريعي غفلت جي اگهور ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ اهو ابدي پيغام ڏنو آھي تہ ”سنڌيو جاڳو! توھان جي پيرن ھيٺان ڌرتي نڪرندي پئي وڃي! ھي دور مقابلي (Competation) جو دور آھي، جيڪڏهن توھان کي پنھنجي وجود کي دائم ۽ قائم رکڻو آھي تہ پنھنجو پاڻ کي علم ۽ هنر، ڏات ۽ ڏاهپ جي هٿيارن سان ليس ڪريو.“
الطاف شيخ جون لکڻيون سنڌي قوم لاءِ تعليمي درسگاھہ لڳن ٿيون. هو هڪ سچو ۽ صاف سنڌي آھي. سندس پنھنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان محبت غير مشروط ۽ يڪطرفي آھي، هو مانُ، مرتبي، اقتدار، دولت ۽ آسائش کان قطعي بي پرواھہ انسان آھي. سندس تازي تحرير ھر لحاظ کان دلچسپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار آھي، جيڪو سندس باقي تخليقن ۾ هڪ اهم اضافو اھي. هن سفرنامي ۾ ”ايران بحيثيت هڪ ملڪ“ ۽ ”ايراني بحيثيت هڪ قوم“ جو جھڙي نموني تعارف ڪرايو آھي، اهو ٻيو ڪوبہ ليکڪ نٿو ڪرائي سگهي. هن جھڙيءَ طرح ايران جي تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي پس منظر جي چٽسالي ڪئي آھي، اهو واقعي هڪ محقق (Scholar) ئي ڪري سگهي ٿو. هن سڄي سفرنامي ۾ جنھن ڳالھہ مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آھي، اهو الطاف شيخ جو ذاتي ڪردار ۽ انساني رويو آھي ۽ گڏوگڏ ھر ننڍڙي وڏي کي پاڻ کان عظيم سمجهڻ، خودنمائيءَ جي خيانت کان پري رهڻ ۽ ھر حال ۾ رضا تي راضي رهڻ آھي. هن سفرنامي جي مطالعي مان معلوم ٿيندو تہ سندس محبت ۽ Commitment سڄي انسانذات لاءِ تہ آھي، پر سنڌ ۽ سنڌين جو عشق ڄڻ تہ کيس جيئڻ جو جواز ٿا بخشين. هن ايران جي سفر ۾ سمورو وقت اھا جستجو ڪئي آھي تہ پنھنجي هم وطن ۽ هم زبان سٻاجھڙن کي ڳولي لھي ۽ انھن سان پنھنجي اندر جو حال اوري. هن ايران جي سفر دوران جن بہ سنڌين سان ملاقات ڪئي آھي، پنھنجي سفرنامي ۾ انھن جو ذڪر ۽ تعارف تفصيل سان ڪيو آھي. ڏيھہ توڙي پرڏيھہ ۾ پنھنجن ماڻهن سان سڪ ۽ اڪير سان ملڻ هڪ عظيم ڏات آھي. جيڪا قدرت ٿورن ماڻهن کي عطا ڪري ٿي.
ايران دنيا جو هڪ عظيم ملڪ آھي. ايران تاريخي لحاظ کان هڪ شاهوڪار ”تهذيب (Civilization)“ رکي ٿو، جيڪا هزارين سال پراڻي آھي. جيڪڏهن ويجهي ماضيءَ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين تہ ھي ملڪ بہ ٻين ”نو آبادياتي ملڪن“ جيان سامراج جي جبر، استحصال ۾ ڦرمار جو شڪار رھيو آھي. اڙھين ۽ اوڻهويھين صديءَ ۾ ايران برطانوي سامراج ۽ روس جي زار شاھيءَ جي ”استهماريت“ جو شڪار رھيو آھي. ويھين صديءَ ۾ ايران تي آمريڪي سامراج پنھنجي تسلط ڄمائڻ لاءِ هٿ پير هنيا، ڇاڪاڻ تہ انھيءَ وقت ۾ ايران ۾ وڏي پئماني تي تيل جا کوھہ کوٽجي چڪا هئا، جن تي آمريڪا جي نظر هئي. ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ (IInd world war) کان پوءِ دنيا جي نو آبادياتي ملڪن ۾ سامراج دشمن (Anti imperialism) تحريڪون جنم وٺي چڪيون ھيون، جيڪي سامراجي غلاميءَ کان آزادي ۽ پنھنجي معاشي ۽ سماجي نجات لاءِ تاريخ جي ميدان ۾ ازلي ويڙھہ وڙهڻ لاءِ تيار ھيون. ايران ۾ بہ انھيءَ قسم جي سامراج دشمن تحريڪ شدت سان اڀري هئي، پر ايران جي ڪميونسٽ پارٽي (تودہ پارٽي) جي سياسي ۽ انقلابي پروگرام جي محدوديت جي ڪري، پاڪستان جي 69-1968ع جي تحريڪ جيان ”پاپولوزم“ ڏانھن وڌي ويئي، ڇاڪاڻ تہ ايران ۾ ڪميونسٽ پارٽي، هڪ سوشلسٽ انقلاب بدران ”جمھوري انقلاب“ جو پروگرام ڏنو هو. ايران جا پاپولر ليڊر پاڪستان جيان ”سوشلسٽ انقلاب“ بدران ”جمھوري انقلاب“ جي واٽ تي ايترو اڳتي وڌي ويا، جو هنن چونڊن جي پروگرام ۾ سوشلزم کي صرف نعريبازيءَ طور پيش ڪيو. 1951ع جي چونڊن ۾ سوشلسٽ اڳواڻ ڊاڪٽر محمد مُصدق ايران جو وزير اعظم چونڊجي ويو. محمد مصدق بہ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جيان وڏي پيماني تي سڌارن جي شروعات ڪئي، جنھن جي ڪري هن جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيندو ويو. پر جڏهن هن تيل ۽ ٻين اهم شعبن کي 1951ع ۾ ”قومي ملڪيت“ ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو تہ هن جي خلاف سامراجي سازشون شروع ٿي ويون. جيئن تہ محمد مصدق سرمائيدارانہ رياست ۽ معيشت جي سوشلسٽ بنيادن کي مڪمل طور تبديل نہ ڪيو هو، انڪري انقلاب اڌورو رهجي ويو. عالمي سامراج، پاڪستان وانگر جھڙيءَ ريت فوجي جنرلن جي ذريعي شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي هٽايو، اھا ساڳي واٽ ايران جي فوجي جنرلن، سامراج جي اشاري تي ”مصدق حڪومت“ جي تختي اونڌي ڪرڻ وقت ڪم آندي ۽ مصدق کي معزول ڪري ڇڏيو. ايران تي زبردستي بادشاهت مسلط ڪئي ويئي. رضا شاھہ پھلويءَ کي نہ صرف ايران جو ”بااختيار“ بادشاھہ بنايو ويو، پر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي نگرانيءَ لاءِ ”ڪمدار“ پڻ مقرر ڪيو ويو. 1951ع کان 1979ع تائين چاليھہ هزارن کان وڌيڪ آمريڪي ايران ۾ مقرر ٿي چڪا هئا. انھن جو رويو ايرانين سان حاڪمانہ ۽ ذلت آميز هو، جنھن جي ڪري عام ماڻهوءَ ۾ آمريڪي سامراج جي خلاف نفرت جو ”گراف“ وڌي وڻ ٿي ويو. شاھہ جي خفيہ پوليس ”ساواڪ“ (Savak) ايران جي باشعور ماڻهن کي اذيت گاهن ۾ بند ڪري، ظلم ۽ جبر جو نشانو بنايو ، مزدور تنظيمن، شاگرد تنظيمن ۽ کاٻيءَ ڌر جي ڪارڪنن جو وڏي پئماني تي قتل عام ڪيو ويو. ”ساواڪ (Savak)“ جون اذيت گاهون سڄيءَ دنيا ۾ ظلم، تشدد ۽ وحشياڻي ٽارچر جي ڪري بدنام ٿيون. 1979ع جي انقلاب پويان ايران جي محنت ڪش ۽ وطن پرست عوام تي سامراجي، رياستي ظلم ۽ بربريت جي هڪ ڊگهي ڪھاڻي آھي. آمريڪي سامراج ۽ شهنشاھيت جي خلاف ”نفرت“، ايراني انقلاب جو ”بنياد“ آھي، ايراني انقلاب جي سرجڻ ۾ ايران جي ڪميونسٽ پارٽي (تودہ پارٽي) جو (جيڪا مصدق کي معزول ڪرڻ کانپوءِ انڊر گرائونڊ ڪم ڪندي رھي.) اهم ڪردار آھي. ايراني عالمن بہ عبادت گاهن ۾ آمريڪي سامراج ۽ شهنشاھيت خلاف عوام کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايران جي 1979ع جي انقلاب جو بنياد ”تودہ پارٽي“ جي ڪارڪنن رکيو هو، جن اصفھان، تبريز، زاهدان، بندر عباس ۽ ٻين شھرن جي تيل ۽ پلاسٽڪ جي فيڪٽرين ۽ ٻين صنعتن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن کي منظم ۽ متحد ڪيو ۽ سامراج ۽ شهنشاھيت خلاف فيصلي ڪن ويڙھہ وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ ايراني سماج تي عالمن جي اثر ڪري انقلاب جو سڄو فائدو عالمن کي پيو. رضا شاھہ پھلويءَ جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ آيت الله خميني، ايران جو سياسي، روحاني ۽ مذهبي سربراھہ بنجي ويو ۽ بعد ۾ کيس امام جو درجو ڏنو ويو. الطاف شيخ، امام خمينيءَ جي حياتيءَ ۽ جدوجهد متعلق پنھنجي هن سفرنامي ۾ تفصيلي روشني وڌي آھي. سندن مطابق امام خميني ويھين صديءَ جو وڏو عالم، طاقتور ليڊر ۽ نيڪ انسان هو، جنھن پنھنجي سڄي زندگي، پاڻ کي ڏکيو رکي، انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ سُک لاءِ ڪم ڪيو. هو وڏو ليکڪ ۽ مقرر هو. جنھنکي ايران جي عوام توڙي دنيا جي مسلمانن دل سان عزت ۽ پيار ٿي ڪيو ۽ هن انسان، جيڪو جسماني توڙي مالي طور ڪمزور ۽ غريب هو، هڪ طاقتور، ظالم ۽ مغرب پرست حڪومت جو تخت ڊاھي، پنھنجي ملڪ ۾ اسلامي حڪومت جو بنياد رکڻ لاءِ انقلاب آندو. امام خميني، 24 سيپٽمبر 1902ع (20 جمادي الثاني 1320هه) تي ”خمين“ نالي شھر ۾ ڄائو، جنھنڪري هو ”خميني“ سڏجي ٿو. امام خمينيءَ جي ڄم جي تاريخ اھا ئي آھي، جيڪا بيبي فاطمة الزھريٰ جي آھي. امام خمينيءَ جو نالو ”روح الله موسوي“ آھي ۽ هن جي نالي سان ٻہ لقب استعمال ٿين ٿا، آيت الله ۽ امام.
ايران ۾ ان وقت جي وڏي شيعا عالم آيت الله بروجرديءَ جي وفات بعد ايران جي عوام ۽ عالمن، امام خمينيءَ کي سندس جاءِ تي مذهبي ليڊر يعني ”آيت الله“ چونڊيو. ان بعد امام خمينيءَ جو شهنشاھيت خلاف جهاد زور وٺڻ لڳو. هن شاھہ جي حڪومت طرفان مغرب تي ڀاڙڻ واري پاليسيءَ جي سخت نندا ڪئي. امام خمينيءَ کي شاھہ جي حڪومت تي سخت تنقيد جي ڪري، قيد ۽ بند ۾ وڌو ويو. بعد ۾ عوام جي مزاحمت ڪري، هن کي جلاوطن ڪيو ويو. 4 نومبر 1964ع تي امام خمينيءَ کي پنھنجو وطن ڇڏڻو پيو. کيس پھرين ترڪي ”Deport“ ڪيو ويو، جتي هو سال کن ازمير ۽ برسا ۾ رھيو. بعد ۾ کيس آڪٽوبر 1956ع ۾ عراق موڪليو ويو، جتي هو تيرهن سال ”نجف“ ۾ رھيو، جتي هو ڪتاب لکندو رھيو ۽ تقريرون ڪندو رھيو، جنکي گانن وارين ڪئسيٽن تي ٽيپ ڪري ايران موڪليون ويون ٿي ۽ انھن تان ماڻهن وڌيڪ ڪئسٽون ٽيپ ڪري، عوام ۾ ورھايون ٿي. آخر ايران ۽ عراق حڪومت اهو گڏيل فيصلو ڪيو تہ امام خمينيءَ کي عراق مان ڪڍيو وڃي. ان وقت عراق جو نائب صدر صدام حسين هو، جنھن امام خمينيءَ کي زوريءَ عراق مان ڪڍيو، جنھن بعد هو ”ٽوئرسٽ ويزا“ تي فرانس ۾ اچي رھيو. عوام جي انقلابي جدوجهد جي ڪري شهنشاھہ ايران کي ملڪ ڇڏڻو پيو. پورن ٻن هفتن بعد پھرين فيبروري 1979ع تي خميني 15 سالن جي جلاوطنيءَ بعد پنھنجي وطن آيو. ايران جي سرزمين تي هن قدم رکڻ کان پوءِ تاريخي تقرير ڪئي تہ: ”الله نہ ڪري، پر جي شاھہ جي حڪومت اڃا ڪجهہ عرصو هلي ھا تہ اڄ هو اسان جي ملڪ جو سمورو تيل ڌارين کي ڏيئي ڇڏي ھا، اسان ڌارين جا غلام ٿي رهون ھا. اهو سوچي اسان دانهون ٿا ڪريون، اهو ئي سبب آھي، جو ايران جون گهٽيون اسان جي نوجوانن جي خون سان ڳاڙھيون ٿي ويون آهن. آمريڪا ۽ ان جا ڇاڙتا عرب ليڊر، دهشتگرد ۽ قزاق آهن.“
امام خميني 88 ورھين جي ڄمار ۾ 3 جون 1989ع تي تھران ۾ گذاري ويو. سندس جنازي ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا. الطاف شيخ لکي ٿو تہ: ”جون جي سخت گرم مھيني ۾ ماڻهو گهرن مان نڪري سمنڊ وانگر اٿلي پيا هئا. کين نہ اُڃ ۽ بُک جي پرواھہ هئي ۽ نہ گرميءَ جي ڪيترائي ماڻهو رش ۾ چيڀاٽجڻ ڪري مري ويا. گرميءَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سرڪاري فائر برگيڊ جون گاڏيون ماڻهن مٿان پاڻي ھارينديون رھيون. چون ٿا تہ جنازي ۾ آيل ماڻهن جو تعداد ٽيهن لکن کان بہ مٿي هو. امام خميني، جنھن قبرستان ۾ دفن ٿيل آھي، اهو ايران جو سڀ کان وڏو قبرستان ”بهشت زھره“ جي نالي سان سڏجي ٿو.“ امام خمينيءَ جي لاڏاڻي کانپوءِ اڄ بہ ايران سامراج دشمن پاليسين تي گامزن آھي. شيخ صاحب پنھنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو تہ ”آمريڪا ۽ يورپ طرفان لڳندڙ (Sections) پابندين جي باوجود ايران ڪيئن اڏول آھي؟ ڪيئن پرعزم آھي؟ ڪيئن ھر راھہ تي ترقي ڪري رھيو آھي؟ اھا دنيا لاءِ حيرت جوڳي ڳالھہ آھي ۽ اسان جھڙا ماڻهو ان مان اتساھہ (Inspiration) وٺي، سبق حاصل ڪري سگهن ٿا. بقول اسان جي هڪ آسٽريليا جي دوست جي (جيڪو ايران کان تمام گهڻو متاثر آھي) جيڪو چرچي چرچي ۾ اسان پاڪستانين کي چوندو آھي ”ايران جھڙو ملڪ توھان جي پاڙي ۾ آھي، ان کي ڏسي بہ نہ ٿا سُڌرو!“
الطاف شيخ ايران جي خودمختياريءَ ۽ حاڪميت جي تصور مطابق جيڪو نقشو چٽيو آھي، اهو هڪ مثالي ۽ آزاد رياست لاءِ ضروري آھي. سندس هڪ دوست ڪئپٽن حنفي، جيڪو قاھره جو رهواسي آھي. هو ايران گهمڻ ايندو رھي ٿو ۽ ايران کان تمام گهڻو متاثر آھي. ڪئپٽن حنفيءَ مطابق ”جيڪو ملڪ ايران ۽ عراق جي اٺ سال لڙائيءَ ۾ تباھہ ٿي ويو. ايتريقدر جو نوجوان نسل جو وڏو حصو ختم ٿي ويو، جتي ڪٿي پوڙھا ۽ ٻار نظر آيا ٿي. جنھن ملڪ تي اڄ تائين يورپ ۽ آمريڪا طرفان سخت پابنديون (Sections) لڳل آهن، تڏهن بہ ايراني ڪيڏي نہ عظيم ۽ مثالي قوم آھي، جنھن پنھنجي ملڪ کي هڪ سکيو ستابو ملڪ بنائي ڇڏيو آھي. جتي امير توڙي غريب خوش آھي. ٻئي وقت ماني ٿو کائي ۽ عزت جي روزي ٿو ڪمائي. جيڪو ملڪ سُئي سڳي کان وٺي بسون ۽ ٽريڪٽر ٿو ٺاھي.“ ايران ۾ سرڪاري توڙي خانگي سيڪٽر ۾ ڪارن جا تيرهن ڪارخانا آهن ۽ نوي سيڪڙو آبادي مقامي ڪارون استعمال ڪري ٿي. ايران جي 1979ع جي انقلاب کانپوءِ ايران مسلسل آمريڪي رجعتي پيغام جو نشانو بڻيل آھي، ڇاڪاڻ تہ عراق جي صدر صدام حسين کي هٽائڻ کانپوءِ هن خطي ۾ ايران هڪ ”آمريڪا مخالف“ طاقتور ملڪ جي صورت ۾ اُڀريو آھي. لبنان ۾ حزب الله جي هٿان اسرائيل جي شڪست کانپوءِ ايران کي وڌيڪ حوصلو مليو آھي. اڄ کان 21 سال اڳ 1987ع ۾ جڏهن آمريڪا جي حمايت يافتہ صدام حسين طرفان شروع ڪيل جارحيت ۾ ايران جي شھرن مٿان آمريڪا ۽ يورپ طرفان ڏنل ميزائل وسي رھيا هئا، ان وقت ايران کي خطرو هو تہ صدام حسين ائٽمي هٿيار تيار ڪري رھيو آھي، جيڪي ايران خلاف استعمال ٿي سگهن ٿا. انھيءَ وقت ايران ۾ سابق شهنشاھہ ايران جي پراڻي ائٽمي پروگرام، جيڪو 1970ع ۾ آمريڪا ئي شاھہ کان شروع ڪرايو هو، انکي ٻيھر شروع ڪيو ويو. هن پروگرام کي في الحال ”Laea“ انٽرنيشنل ائٽمڪ انرجي ايجنسي کان خفيہ رکيو ويو هو تہ جيئن شروعات ۾ ان کي روڪيو نہ وڃي ۽ پابندين کان بچايو وڃي، پر عراق- ايران جنگ جي خاتمي کانپوءِ هن ائٽمي پروگرام کي معطل ڪيو ويو. حالانڪ ايران کي اهو حق حاصل هو تہ ائٽمي پروگرام شروع ڪري سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ تہ ايران ”NPT“ معاهدي تي صحيح ڪري چڪو هو، انڪري هن کي بجلي ۽ توانائيءَ لاءِ جوھري پروگرام کي ترقي ڏيڻ جو حق بہ آھي. 9 فيبروري 2003ع تي ايران پنھنجو ائٽمي پروگرام ٻيھر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو تہ جيئن ان مان ائٽمي بجلي پيدا ڪري، ملڪي صنعتن جي پيداوار وڌائي سگهجي ۽ عام شھرين کي سستي اگهہ تي بجلي فراهم ڪئي وڃي. ايران IAEA کي دعوت ڏني تہ ايران جي جوھري پروگرام جو معائنو ڪيو وڃي. فيبروري 2003ع جي آخر ۾ IAEA طرفان ڊاڪٽر محمد البرادي پنھنجي انسپڪٽرن جي ٽيم سان ائٽمي جوھري پروگرام جو معائنو ڪيو ۽ اٽڪل ڇھہ ڀيرا IAEA جا انسپيڪٽر معائنو ڪري چڪا آهن.
آمريڪا جو موقف آھي تہ ايران وٽ تيل ۽ گئس جا ذخيرا وڏي پيماني تي موجود آهن، انڪري ايران طرفان ائٽمي ري ايڪٽر پروگرام ختم ڪيو وڃي. ايران جي صدر محمود احمدي نجاد چونڊجي اچڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو تہ هو ايران لاءِ ”يورينم“ پيدا ڪرڻ جي سگهہ چاھي ٿو. آمريڪا جي ”ٻٽي“ ”نان پروليفريشن پاليسي“ آھي. اسرائيل، ڀارت ۽ ٻين آمريڪي حامي ملڪن کي ائٽمي سگهہ حاصل ڪرڻ جي اجازت آھي، پر ايران کي اھا نہ ٿي ملي سگهي، ڇاڪاڻ تہ ايران هن خطي ۾ آمريڪا جي پاليسين جي شديد مخالفت ڪري ٿو.
ايراني قوم وطن پرستيءَ جي سگهاري سنگهرن ۾ سلھاڙيل آھي، ان کي ڪوبہ سامراج، طاقت جي زور تي ختم نٿو ڪري سگهي، ايراني قوم جيتوڻيڪ مذهبي ۽ نسلي گروهن ۾ ورھايل آھي، سندن اتحاد لازوال ۽ اڻٽٽ آھي. ايران جي 98 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي مشتمل آھي، جن مان 90 سيڪڙو شيعہ مسلڪ سان تعلق رکن ٿا ۽ باقي 8 سيڪڙو سني مسلڪ سان واسطو رکن ٿا. 2 سيڪڙو آبادي غير مسلم آهن، جن ۾ بھائي، مندين، هندو، زردشت، يهودي ۽ عيسائي شامل آهن. ايران ۾ جيڪي ”نسلي گروپ“ آباد آهن، انھن ۾ پرشين، اذري، گاڪي، مزداراني، ڪرد، عرب، بلوچ، ترڪمين، قاشمائي، آرمينين، جارجين، گيروگين، اسائرين، ڪرڪاسين ۽ پشتون وغيره شامل آهن. ايراني قوم مذهبي ۽ نسلي گروهن کان بالاتر آھي، هنن جي محبت جو محور صرف ايران آھي. انڪري اھا پنھنجي سڃاڻپ ايراني ڪرائيندي فخر محسوس ڪري ٿي. ايران ۾ عقيدي ۽ عبادت جي مڪمل آزادي آھي. ايران هڪ مذهبي رياست (Theocratic State) هوندي بہ مذهب جي معاملي ۾ هڪ ”غير جانبدار“ رياست جو ڏيک ڏئي ٿو. ايران جي مختلف شھرن ۾ جتي مسلمانن جون عبادت گاهون آهن، اتي گرجا گهر، مندر ۽ ٻيون عبادت گاهون پڻ آهن. جيتري رواداري، سهپ ۽ بردباري ايران جي سياسي نظام ۾ آھي، ايتري شايد ڪنھن اسلامي ملڪ ۾ ملي.
ايران جي وڏي خوبي اھا آھي تہ 1979ع جي انقلاب کانپوءِ ان پنھنجي قديم ثقافتي ورثي کي قائم ۽ دائم رکيو آھي. قديم عمارتن مجسما ۽ مورتيون، ايران جي ھر شھر ۾ ملنديون، ايران، افغانستان يا پاڪستان وانگر پنھنجي تاريخي قومي ثقافتي ورثي کي ختم نہ ڪيو آھي. ايران جا وڏا شھر تھران، مشهد مقدس، اصفھان، بندر عباس، قم، تبريز، اهواز ۽ شيراز پنھنجي خوبصورتي، صفائي سٿرائي، روشن رستن، گلن سان سينگاريل پارڪن، تاريخي ماڳن مڪانن ۽ مواصلاتي نظام جي ڪري مغرب جي ڪنھن وڏي شھر کان گهٽ ناهن، ايران جي ڪنھن بہ شھر ۾ توھان کي فقير ۽ ڪتو نہ ملندو. مشهد مقدس، تھران کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شھر آھي، جيڪو امام علي رضا عليہ السلام جي آخري آرامگاھہ آھي، ”شيعه“ فرقي سان تعلق رکندڙ مسلمانن مطابق امام علي رضا عليہ السلام اٺون امام آھي. ايران جو عوام امام علي رضا عليہ السلام جي آخري آرام گاھہ کي ”حرم شريف“ سڏين ٿا. دنيا جي مسلم ملڪن مان لکين زائرين سڄو سال مشهد اچن ٿا ۽ امام علي رضا عليہ السلام جي ”ضريح مبارڪ“ يعني آرامگاھہ تي حاضري ڀرين ٿا. هڪ اندازي مطابق روزانو هڪ لک ماڻهو حاضري ڀرين ٿا. چوويھہ ئي ڪلاڪ ماڻهو تلاوت قرآن پاڪ ڪندا رهن ٿا. نماز ادا ڪن ٿا ۽ ”ضريح مبارڪ“ کي هٿ لڳائي دعائون گهرن ٿا. ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ زائرين کي هڪ ڀيرو شاندار ”لنچ“ کارائي وڃي ٿي، جنھنکي امام علي رضا عليہ السلام جي ”ميزباني“ سڏيو ويندو آھي. امام جي مرقدگاھہ جا وڏا ڪشادا ايوان آهن، ٻاھران آيل ماڻهن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪلچرل سينٽر احاطي ۾ موجود آھي. جتي ٻاھران آيل زائرين کي انگريزي، اردو، فارسي ۽ روسي زبان ۾ معلوماتي لٽريچر مفت فراهم ڪيو ويندو آھي.
امام علي رضا عليہ السلام کان سواءِ سڄي ايران ۾ 60 کن زيارتون آهن، جن ۾ بيبي معصومہ فاطمہ همشيره امام علي رضا عليہ السلام، بيبي شھربانو، امام زادہ محمد محروق، امام زادہ ابراھيم، امام زادہ سيد جمال الدين، امام زادہ ابوجعفر، امام زادہ زيد، امام موسيٰ، امام زادہ علي، امام زادہ اسماعيل، امام زادہ حمزه، امام زادہ مرتضيٰ، بيبي شطيطہ وغيره شامل آهن.
ڪنھن بہ مھذب ۽ جمھوري رياست جي سڃاڻپ اھا هوندي آھي تہ ان ۾ ڪجهہ اخلاقي ۽ سياسي ماپا ڏٺا ويندا آهن، جن ماپن ۾ ”آئين جي بالادستي“ ”قانون جي حڪمراني“، ”سماجي انصاف“ ۽ ”شھري آزاديون“ شامل آهن. 1979ع جي انقلاب کانپوءِ ايران ۾ ڪيتريون سياسي معاشي ۽ اخلاقي تبديليون آيون آهن. سڀ کان پھرين تہ ايران ۾ نئين ٺاھيل آئين تحت سڀ ”ادارا“ (Institution) هلايا وڃن ٿا. ڪابہ شخصيت آئين کان بالاتر ناھي، ھر سياسي اداري ”پارليامينٽ، انتظاميہ ۽ عدليه“ کي ڌار ڌار اختيارات مليل آهن، ھر ادارو پنھنجي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد ۽ خودمختيار آھي. ايران ۾ ”قانون جي حاڪميت“ کي تمام گهڻي اهميت مليل آھي ۽ قانون جي نظر ۾ سڀ شھري برابر آهن، سمورا شھر رضا خوشيءَ سان قانون جي اطاعت ڪن ٿا. ايران جي سول سوسائٽيءَ ۾ پوليس جي مداخلت بلڪل گهٽ آھي، پوليس انسانن لاءِ آزار ناھي، پر ماڻهن جي مددگار آھي، ايستائين جو ڪو اجنبي جيڪڏهن رستو ڀلجي وڃي ٿو تہ ايران جي ھر شھر ۾ سپاھيءَ وٽ گهربل شھر جو نقشو موجود هوندو آھي ۽ اهو آسانيءَ سان ڀليل انسانن کي دڳ لڳائي سگهي ٿو. ايران جي سياسي نظام ۾ سڀ کان وڏو عمل دخل سماجي انصاف (Social Justice) کي آھي! ايراني حڪومت جي سڀ کان گهڻي ڪوشش آھي تہ ھر ايراني شھريءَ کي عقيدي، جنس، رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ بنيادي ضرورتون مھيا ڪيون وڃن، جن ۾ اٽو، لٽو، اجهو، تعليم ۽ صحت جون سهوليتون شامل آهن. ايران جي سياسي نظام جي سڀ کان وڏي خوبي اھا آھي تہ انقلاب کانپوءِ هتي عورت کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويئي آھي، ايستائين جو مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن جي وهنوار ۾ کين برابريءَ جي حيثيت ڏني وئي آھي. فوج، ايئرفورس، نيوي ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتون ڪاروبار هلائين ٿيون. سڀ کان نرالي ڳالھہ اھا آھي تہ عورتون بس ڊرائيور آهن ۽ پڻ ٻارن ۽ عورتن لاءِ مخصوص ٽيڪسيون هلائي حلال جو روزگار ڪمائين ٿيون. ايران جي خلاف اھا مغربي پروپيگنڊا بلڪل غلط آھي تہ 1979ع جي انقلاب کانپوءِ عورتن کي گهر جي چار ديواري ۾ قيد ۽ بند رکيو ويو آھي. زميني حقيقت (Ground Reality) اھا آھي تہ 1979ع جي انقلاب کن پوءِ ايراني سماج ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو عورت کي ڏنو ويو آھي. اهو مغربي ملڪن کان وڌيڪ آھي. هتي صرف غير اخلاقي حرڪتن کي ٻنجو ڏنو ويو آھي، عورت جي تقدس جي پائماليءَ وارين محفلن ۽ حرڪتن کي بند ڪيو ويو آھي ۽ فحاشي ۽ عريانيءَ کي روڪيو ويو آھي. ايراني سماج ۾ مرد ۽ عورت کي برابريءَ واري حيثيت حاصل آھي. ايران ۾ عوام کي شھري حق حاصل آهن. تحرير ۽ تقرير جي آزادي آھي، عقيدي ۽ عبادت جي آزادي آھي. ايران جي ”سياسي نظام“ ۾ سرڪاري ملازم کي حصي وٺڻ تي ڪا پابندي ناھي. صرف ”لازمي سروس“ يعني فوج جي اهلڪار کي سياست ۾ حصي وٺڻ تي پابندي آھي. موجودہ ايراني صدر محمود احمدي نجاد پيشي جي لحاظ کان استاد آھي. هو تھران انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو مستقل استاد آھي. اڳوڻو صدر ڊاڪٽر اڪبر رفسنجاني پڻ پيشي جي لحاظ کان استاد آھي ۽ تھران جي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ جو ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ آھي.
ايران ۾ سرڪاري ملازم موڪل وٺي ڪنھن بہ ”سياسي عھدي“ تي بيھي سگهي ٿو. ايران ۾ صدارتي عھدي کان وٺي سرڪاري آفيسر تائين سادگيءَ ۽ قناعت سان پنھنجا سرڪاري فرائض سرانجام ڏئي ٿو. ايران جا سرڪاري آفيسر حقيقي معنيٰ ۾ عوام جا خادم (Public Servent) آهن. اھي عھدي کي عوام جي امانت سمجهن ٿا. ايران جو سڄو سياسي نظام (Political System) نئين آئين جي ماتحت آھي، جنھن کي ايراني ”قانون اساسي“ (Fundemental Law) سڏين ٿا. ايران جي آئين ۾ ملڪ جي وڏي مذهبي علمي شخصيت کي ”سپريم ليڊر“ جو درجو ڏنو ويو آھي. هن وقت آيت الله خامنائي ايران جو سپريم ليڊر آھي، جيڪو آيت الله امام خمينيءَ جي وفات کانپوءِ چونڊيو ويو آھي. سپريم ليڊر کان پوءِ آئين جي لحاظ کان وڏو عھدو صدر جو آھي، جنھنکي عام چونڊن ذريعي چئن سالن لاءِ چونڊيون ويندو آھي. صدر کان پوءِ آئين مطابق 8 نائب صدر آهن ۽ 21 ڪابينا جا وزير مقرر ڪرڻا هوندا آهن، جن جي منظوري پارليامينٽ يا مجلس کان وٺڻ لازمي آھي. ايران جي پارليامينٽ کي ”مجلس شورا اسلامي“ (Islamic Consltative Assembly) سڏيو ويندو آھي، جيڪا 290 ميمبرن تي مشتمل آھي، جنھن جو مدو چار سال آھي. ايران جي نئين آئين تحت ڪجهہ ٻيا سياسي ادارا پڻ جوڙيا ويا آهن، جن ۾ Council of Guardian, Expediency Council ۽ Assembly of Experts شامل آهن، جيڪي ايران جي موجودہ سياسي نظام کي تقويت ڏيڻ ۽ ان کي منصفاڻي نموني سان هلائڻ ۾ معاون ۽ مددگار آهن. ايران هڪ شاندار تاريخ ۽ ثقافت رکي ٿو، جنھن ۾ آرٽ، ميوزڪ، فن، تعمير، شاعري، فلاسافي، روايتون ۽ آئيڊيالاجي شامل آهن. ايران جي شاعريءَ ۾ وطن دوستي ۽ انسان دوستيءَ جو عنصر موجود آھي. فارسي زبان جي عظيم شاعر نظاميءَ مطابق:
همہ عالم تن است و ايران دل،
نيست گويندہ زرين قياس خجل.
(ايران سڄيءَ دنيا جي دل آھي ۽ ان خيال تي مون کي ڪو افسوس ناھي) “شاهنامھ” جي تخليقڪار فردوسيءَ مطابق:
کھ ايران بهشت است يا بوستان،
همي بوي مشک آيد از دوستان.
(ايران عدن آھي يا باغن جو بهشت آھي، جنھن جي خوشبوءِ دوستن ۽ ساٿين کي ملي ٿي)
عظيم شاعر سعديءَ مطابق:
بني آدم اعضاء يک پيکرند،
کھ در آفرينش زيد گوھرند.
جو عضوي بہ آورد روزگار
دگر عضو ھا، را نماند قرار
(بني آدم هڪڙي جوھر مان پيدا ٿيو آھي. سڀ انسان عضون جيان آهن. جيڪڏهن هڪ انسان کي تڪليف ٿيندي تہ سڄي انسانيت کي تڪليف ٿيندي.)
ايران فردوسي، عمر خيام، جامي، رومي، شمس تبريز، حافظ، سعدي، فريدالدين عطار ۽ حسين بن منصور الحلاج جھڙن انسانن جو ملڪ آھي. جن جي شاعري ۽ تعليمات جو ايراني قوم تي گهرو اثر آھي.
الطاف شيخ جو موجودہ ايران جو سفرنامو، علم ۽ ادب، تاريخ ۽ جاگرافي تهذيب ۽ تمدن، ڄاڻ ۽ آگاھيءَ جو انمول دستاويز آھي، جيڪو سندس ٻين سفرنامن ۾ اهم جاءِ والاريندو، صرف هڪ عالم، محقق ئي اهڙي تخليق کي جنم ڏيئي سگهي ٿو. الطاف شيخ جو گس، پنڌ، عمل ۽ تخليقون، نہ صرف سنڌ جي نئين نسل لاءِ پر عالم انسانيت لاءِ رهنمائيءَ ۽ روشنيءَ جو مينار ثابت ٿينديون. ھي اخلاق ۽ اخلاص جي رستي تي هلندڙ، ماڻهپو رکندڙ، عظيم انسان آھي، جنھن جو ضمير، هن ڌرتيءَ جي خمير مان جُڙيو آھي. سائين سنڌي قوم جو عظيم سرمايو آھي. ڌڻي در دعا آھي تہ سو سالن کان وڌيڪ حياتي ماڻي، ڇاڪاڻ تہ هن آدرشي انسان پنھنجو سمورو جيون سنڌ واسين ۽ انسانيت کي ارپي ڇڏيو آھي.
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري سگهان نہ ڳالهڙي!
(شاهه)

مولانا شبلي: ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽو

ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽو 10 فيبروري 1943ع تي نصرپور ۾ مولانا عبدالحق رباني (جيڪو شيخ السنڌ جي لقب سان مشھور هو) جي گهر ۾ ڄائو. سموري اولاد ۾ وڏو فرزند هو. جدوجهد ۽ جيل کيس وراثت ۾ مليل هئي. مون سان سندس پھرين ملاقات سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ٿي. ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽي کي شاگرد هئڻ جي حيثيت سان اهم مقام حاصل هو. هن مئٽرڪ دارالعُلوم قاسميہ ميرپورخاص مان پاس ڪئي. انٽر سائنس شاھہ عبدالطيف بوائز ڪاليج ميرپورخاص مان ۽ بي ايس سي آنرز ۽ ايم ايس سي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي ۽ پي ايڇ ڊي لنڊن مان ڪيائين. شاگرد کيس پيار مان مولانا شبلي سڏيندا هئا، کيس ننڍڙي ڏاڙھي رکيل هئي. ايل (L) ھاسٽل ۾ سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو جي شاگرد اڳواڻن جو هڪ اهم اجلاس 3 مارچ 1967ع تي ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽي جي صدارت ۾ ٿيو هو. جنھن ۾ ڄام ساقي، يوسف لغاري، مسعود نوراني، نواز ڀٽو، عنايت ڪاشميري، هدايت، ڊاڪٽر ڪامل راڄپر، مُجيب پيرزادو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا هئا. ان وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان هو۽ حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر مسرور حسن خان هو. ايوب دور ۾ فوجي توڙي سول نوڪرشاھيءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي. ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن هڪ اجلاس گهرايو، جنھن ۾حسن علي عبدالرحمان نہ آيو، جنھنڪري ڪمشنر مسرور حسن خان، وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کان ناراض ٿيو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي شاگرد يونين جو صدر يوسف لغاري هو. ڄام ساقي گُروپ وارن جو اهو موقف هو تہ 4 مارچ تي جيڪو جُلوس ڪڍيو وڃي، ان ۾ ايوب خان مُردہ باد، ڪمشنر مسرور حسن مُردہ باد، ون يونٽ ٽوڙيو وڃي، جا نعرا هنيا وڃن. جڏهن تہ يوسف لغاري گُروپ وارن جو اهو موقف هو تہ اھي سياسي نعرا آهن، صرف مسرور حسن خلاف نعرا هنيا وڃن ۽ وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان جي حق ۾ نعرا هنيا وڃن. 4 مارچ تي 237 شاگرد گرفتار ڪيا ويا، مٿن بيحد تشدد ڪيو ويو، جڏهن تہ قاضي محمد احمد ايڊوڪيٽ ۽ رسول بخش پليجي شاگردن کي آزاد ڪرايو.
ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽي ايم ايس سي پاس ڪرڻ کانپوءِ شاھہ عبدالطيف سائنس بوائز ڪاليج ميرپورخاص ۾ پنھنجي پروفيشنل ڪيريئر جو آغاز ڪيو. بعد ۾ هُو پي ايڇ ڊي لاءِ لنڊن هليو ويو. جتي هن ليبر پارٽي جي اڳواڻ مائيڪل فٿ سان گڏجي ڪم ڪيو. لندن مان هُو 1978ع ۾ واپس آيو، سندس مقرري گورنمينٽ ايس ايم سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ ٿي. بعد ۾ هُو گورنمينٽ ڪاليج مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ مقرر ٿيو. سنڌ ليڪچرارس ايسوسيئيشن (ايس ايل اي) کان سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرارس ايسوسيئيشن (ايس پي ايل اي) جي سفر ۾ ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽو سڀني کان اڳڀرو رھيو. سنڌ ٽيچرس رابطا ڪميٽي جوڙڻ ۾ هُن اهم ڪردار ادا ڪيو. ان بعد آل پاڪستان ٽيچرس رابطا ڪميٽي ۽ آل پاڪستان پروفيسرس ۽ ليڪچرارس ايسوسيئيشن جوڙڻ ۾ بہ هُن جو اهم ڪردار هو.
مرحوم سيد رياض احسن، سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرارس ايسوسيئيشن جو پھريون صدر ٿيو. جڏهن سنڌ ليڪچرارس ايسوسيئيشن ۽ سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرارس ايسوسيئيشن کي هڪ ڪيو ويو تہ ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽو پھريون جنرل سيڪريٽري ٿيو.
سنڌ جي تاريخ ۾ پھريون لانگ مارچ ايم آر ڊي 1983ع جي جدوجهد کان اڳ استادن شروع ڪيو هو. موري کان حيدرآباد تائين عزيز اُڄڻ جي قيادت ۾، حيدرآباد کان ٺٽي تائين لياقت عزيز جي قيادت ۾۽ ٺٽي کان ڪراچي تائين همت علي پتافي جي قيادت ۾. جڏهن لانگ مارچ قافلو ڪراچي پھتو، ٻئي ڏينھن رمضان جو مھينو شروع ٿيڻ وارو هو، ان وقت وزير تعليم مرحوم اختر علي.جي. قاضي هو.
گورنمينٽ ڪاليج مراد ميمڻ ڳوٺ ڪراچي کانپوءِ ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽو مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد آيو. ان وقت مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال مرحوم ڊاڪٽر شريف ميمڻ هو. جيڪو ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽي جو دوست پڻ هو. ان وقت نوڪري مان ريٽائرمينٽ کانپوءِ وري نوڪري ڪانٽريڪٽ تي ڏني ويندي هئي. عبدالله شاھہ جي دور ۾ اهو سلسلو وڌندو ويو. پي پي پي جي حُڪومت ۾ 18 آڪٽوبر 1994ع تي سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرارس ايسوسيئيشن طرفان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ نہ صرف مرد حضرات پر گهڻي تعداد ۾ خواتين استاد پڻ شامل هُيون. مسلم سائنس ڪاليج مان ريلي نڪرڻ کانپوءِ هڪ پوليس آفيسر جيڪو پنجابي هو، ان جو نالو شاهد حنيف هو، ان احتجاجي ريلي تي شيلنگ ڪرائي ۽ بي انتھا لٺيون وسرايون، ان وقت حيدرآباد جو ڊي سي ڪيپٽن زاهد سعيد هو، جيڪو پڻ پنجابي هو. حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر عبدالغفار سومرو هو. 33 استاد گرفتار ڪيا ويا، سڀني کي هڪ رات سي آءِ اي سينٽر ۾، ۽ ٻئي ڏينھن ريمانڊ وٺي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ سڀني استادن کي هڪ بيرڪ ۾ قيد رکيو ويو ۽ کين سي ڪلاس ڏنو ويو. ارشد جمال ان وقت سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرارس ايسوسيئيشن جو صدر ۽ آغا خالد جنرل سيڪريٽري هو. عھديدارن جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽو ايڪشن ڪميٽي جو چيئرمين ٿيو. سنڌ جي ڏي وزير مرحوم عبدالله شاھہ جي حُڪم تي سڀني استادن کي آزاد ڪيو ويو. ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽي جو دٻاءُ هو تہ گرفتار ٿيل عھديدار پاڻ ڳالھيون ڪندا. هُن سرڪار سان ڳالھائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان وقت سنڌ جو چيف سيڪريٽري سعيد احمد صديقي هو. ان جي حُڪم تي سنڌ جي سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري خزانہ ۽ سيڪريٽري سروسز تي مشتمل هڪ اعلى ڪميٽي جوڙي وئي. جيل ۾ رهڻ دوران سڀني شاگرد تنظيمن، استادن جي بيپناھہ خدمت ڪئي پر بشير خان قريشي سڀني کان اڳڀرو هو. هُن نہ صرف چادرون، وھاڻا، رِليون ڏنيون پر صُبح جي ناشتي ۾ استادن جون فرمائشون پڻ پوريون ڪيون. استادن جي هن جدوجهد جي نتيجي ۾ ايڊھاڪ ليڪچرار مستقل ٿيا، اپگريڊيشن جو نوٽيفڪيشن نڪتو، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي برابر استادن کي ھائوس رينٽ جيترو نان اٽريڪٽِو الائونس پڻ مليو. ان سموري جدوجهد ۾ ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽو جي اڻٿڪ محنت ۽ دليريءَ واري ڪردار کي قطعي بہ وِساري نٿو سگهجي. ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽي کي سنڌي، انگريزي، اردو ۽ براهوي ٻولين تي عُبور حاصل هو. ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽي شادي نہ ڪئي هئي، هُو چوندو هو تہ مُون انقلاب سان شادي ڪئي آھي. طبعيت جي خرابيءَ سبب هُن 55 سالن جي عُمر ۾ پريميچوئر ريٽائرمينٽ ورتي، سندس دِل جا ٽي والو (Volve) بند هئا. ڊاڪٽر عبدالشڪور دائودپوٽي شاگرديءَ جي زماني کان وٺي استاد هئڻ جي حيثيت سان سموري زندگيءَ جدوجهد ۾ گُذاري. حياتيءَ هُن جو وڌيڪ ساٿ نہ ڏنو. 7 فيبروري 1998ع تي هُن دم ڌڻي حوالي ڪيو.