شاعري

ديوان گل

”ديوان گل“: ٽالپر دور جي پھرئين غزل جي صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد ’گل‘ ھالائيءَ جي غزلن جو ديوان، پھريون دفعو جنوري  1859ع ۾ مطبع ممبئيءَ مان ليٿو پريس تي شايع ٿيو هو.  1933ع واري پنجين ڇاپي ۾ محمد صديق ميمڻ ’ديوان‘ گل جو تفصيلي ديباچو بہ لکيو هو، جنھن ۾ خليفي گل محمد جي ڪلام جي خوبين، بلاغت، فصاحت، تشبيھن، اصطلاحن، پھاڪن جي استعمال، وزن وغيره تي اجمالي بحث ڪيو ويو آھي. خليفي گل جي زندگيءَ جا حالات عبدالغفور ھالائيءَ لکيا هئا. ديوان گل ۾ الف- ب وار رديفن جي ترتيب سان 175 غزل شامل آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 90
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ديوان گل

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران گُل محمد ھالائيءَ جي شاعريءَ تي مشتمل سنڌي شاعريءَ جو پھريون ڇپيل ديوان ” ديوان گل“ اوھان اڳيان پيش آھي.
”ديوان گل“: ٽالپر دور جي پھرئين غزل جي صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد ’گل‘ ھالائيءَ جي غزلن جو ديوان، پھريون دفعو جنوري 1859ع ۾ مطبع ممبئيءَ مان ليٿو پريس تي شايع ٿيو هو. ان جو پنجون ڇاپو سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، سال 1933ع ۾ سال جي ڇھين ۽ آخري ڪتاب طور شايع ڪيو، جنھن کي قاضي عبدالغفور ھالائيءَ سُڌاري پيش ڪيو هو ۽ اڳئين ڇاپي جون غلطيون درست ڪيون ھيون. ديوان گل جو اهو ڇاپو، سيڪريٽري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، محمد صديق ميمڻ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنھن ’ديوان‘ گل جو تفصيلي ديباچو بہ لکيو هو، جنھن ۾ خليفي گل محمد جي ڪلام جي خوبين، بلاغت، فصاحت، تشبيھن، اصطلاحن، پھاڪن جي استعمال، وزن وغيره تي اجمالي بحث ڪيو ويو آھي. خليفي گل جي زندگيءَ جا حالات عبدالغفور ھالائيءَ لکيا هئا. ديوان گل ۾ الف- ب وار رديفن جي ترتيب سان 175 غزل شامل آهن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1859ع ۾ بمبئي مان ليٿو پريس تي ڇپيو. پنجون ڇاپو 1933ع ۾ سنڌ مسلم سوسائٽي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ڇھون ڪتاب نوٽ

ديوان گل هلندڙ سال 33-34 جو آخرين ڪتاب آھي. سنڌي موزون شعر پارسي بحر وزن تي مرحوم آخوند گل محمد کان اڳ ۾ بہ هوندو هو پر مڪمل ديوان جي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريائين آخوند گل محمد آندو. آخوند گل محمد کان پوءِ سنڌ ۾ ٻيا بہ 8 ديوان تيار ٿيا آهن جن جو مفصل احوال ادبي سوسائٽي جي تحفہ ۾ ڄاڻايو ويو هو. مرحوم گل محمد جو شعر بلڪل پختو ۽ سنجيدو آھي. سنڌي زبان جي لحاظ سان ٻئن ديوانن کان بلڪل نرالو آھي. منجهس ٺيٺ سنڌي ڪم آيل آھي جنھن ڪري هن وقت اھا ٻولي البت ڏکيري ٿي لڳي. ٺيٺ
سنڌي الفاظ ۽ محاورا قاضي عبدالغفور صاحب سمجهائي آسان ۽ عام فهم ڪيا آهن تہ بہ ڪي ڪي لفظ اڃا بہ سمجهاڻيءَ طلب آهن جن تي بہ قاضي صاحب کي توجه ڏيڻ کپندو هو. اميد آھي تہ سوسائٽي ڪنھن موقعہ تي قاضي صاحب کي انھيءَ باري ۾ عرض ڪري اهو ڪم پورو ڪرائيندي.
ديوان گل اڳ ۾ هڪ دفعہ ڇپيو آھي پر اصلوڪي نسخي نہ هئڻ ڪري ڪي ڪي اھڙيون غلطيون هن ۾ درج ٿي ويون آهن جو شاعر جو شعر ڪيترن هنڌن اڻ پورو پئي ڏسڻ ۾ آيو. قاضي عبدالغفور صاحب وڏي ڳولا ڪري اصلوڪو نسخہ ھالن پراڻن مان هٿ ڪيو ۽ وري نئين سر ديوان کي اصلوڪي صورت ۾ اُجاريو.
سوسائٽي هن صاحب جي محنت جي قدر شناسي ٿي ڪري ۽ اميد آھي تہ هو صاحب آئندہ بہ اھڙي قلمي امداد ڪندو ايندو.

محمد صديق محمد يوسف ميمڻ بي - اي
سيڪريٽري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي
حيدرآباد سنڌ

ديباچو

آخوند گل محمد صاحب سنڌ جي نامور شاعرن مان هڪڙو هو. علم عروض جي اُصولن تي سنڌي شعر اول اول هن صاحب جو ئي ڇاپجي پڌرو ٿيو. بيبي زيب النساءِ، جنھنجو تخلص هو مخفي، تنھن پنھنجي ڪلام ۾ هڪڙي هنڌ چيو آھي
”در سخن پنھان شوم ما نند بو در برک گل
هــــرڪ ديـــــــدن ميل دارد در سخن بيند مرا“

يعني: ”آءٌ پنھنجي ڪلام ۾ اھڙيءَ طرح لڪل آھيان، جهڙيءَ طرح خوشبو گل جي پنکڙين ۾ سمايل آھي. جيڪو مون کي ڏسڻ گهري، تنھن کي کپي، تہ منھنجي ڪلام ۾ مون کي ڳولي هٿ ڪري.“
بيبي صاحبہ اهو گفتو جو پنھنجي باب ۾ چيو آھي، سو درحقيقت هر هڪ شاعر سان لاڳو آھي. آخوند گل محمد صاحب جو ڪلام ڏيکاري ٿو، تہ آخوند صاحب مرحوم وڏي ايمان وارو ديندار، حضرت نبي ڪريم (صلعم) جن جو سچو عاشق ۽ درويش انسان هو. سندس ھيٺيان گفتا ڏيکارين ٿا، تہ هو ڪھڙو نہ بي تعصب آزاد خيال انسان هو:-

1- تنھنجو تابع ڇاجي مسلم، تنھنجو هندو ٿيو مطيع
امــر ڌاران تـنھنـجي عــالــم ۾ نہ چـــري ڍور ڍڀ
2- قــرب قــابـــض ڪــمــال قـــدرت ســيـــن
آھہ مــســلــــــم، هـــنـــــــود کـــــي جــــامع
3- ســــڀ ســلامي آھين صاحب جا
گل مسلمان، ڇاجي هندو، سک


آخوند صاحب مرحوم بنيادي آخوند ۽ عالم هو، پر ڪٽو مُلان ڪين هو. رڳو ظاهري ڳالھين تي زور رکندڙ ملن کي گهڻن هنڌن سٺيو اٿس. جئن تہ
1- صنعان جي ذلت جي منصور جي ملت جي
مــــلن سان مام ٻولڻ آھي عبث آھي عبث
2- آھہ وحـدت وصـال عــريــانــي
گل سمجهہ رک، م ڏي ملن کي منجهہ
3- سڪ ۽ صبر، سينڱ کي هر گز
نـــاه ويــجهـــــو ملو، مجاور، رغ
آخوند صاحب مرحوم جو شعر نج سنڌي ٻوليءَ جو هڪڙو دلچسپ نمونو آھي. ڪنھن بہ شعر ۾ جيڪي خاص خوبيون هئڻ گهرجن، سي آخوند صاحب مرحوم جي شعر ۾ موجود آهن. جئن تہ:-
(1) علمي مايو (2) فطرت جو اڀياس (3) وقت جي هلندڙ وهنوارن، ڌنڌن ۽ رسمن رواجن جي خاص ماھيت (4) بلاغت ۽ فصاحت (5) وزن.

(1) علمي مايو
آخوند صاحب مرحوم عربي، پارسي ۽ اردو ۾ قابل، ۽ نج سنڌي ٻوليءَ ۽ اصطلاحن جو پورو پورو ماهر هو. قرآن شريف جي آيتن ۽ حديث شريف جا حوالا نھايت خوبي ۽ نزاڪت سان نج سنڌي ڪلام ۾ جڙي ڇڏيا اٿس. مثلا
1- ڀــــرون جـــــــــــاڙا ٿيا گڏ قاب قوسين وانگ او ادنيٰ
خدا ظاهر ڪي منجهہ معراج ان اسرار جي صورت
2- ذات پنھنجي غيب چائين پوءِ چوين ٿو اَينما
ثم وجــﮧ الله اِي ڇا؟ آءٌ ڏسان چو ڪھڙي هنڌ؟
3- من طلب شيئا سڻي جن ڪي طلب
جــــدوجد آھي لڌو منجهہ ڦـــول ڳول
هڪڙي هنڌ آخوند صاحب مرحوم ڪلام جي جذبي ۾ سڄي سٽ اردو چئي ويو آھي؛ ۽ ڏاڍي باقاعدي ۽ دلچسپ چئي اٿس:-
دلدار دکاتا ھي نو ناز هسڪي هسڪي
(غزل 171)

(2) فطرت جو اڀياس
فطرت (سرشٽيءَ) جي قدرتي ڪاروبار کي غور سان جاچڻ، ۽ ان مان روحاني سبق حاصل ڪري سي سليس ۽ دلچسپ شعر ۾ ظاهر ڪرڻ اھا هڪڙي اعليٰ شاعراڻي قابليت آھي، جا آخوند صاحب مرحوم پنھنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي ڪتب آندي آھي. مثلا
1- ”درد منجهہ دل دوست تئن در درس ٿئي
جـــئن ڦڙو موتي ٿئي منجهہ پيٽ سپ.“
بھاري بوند جهٽڻ ڪري سپ ۾ موتي پيدا ٿئي ٿو، اهو هڪڙو فطرتي ڪاروبار آھي. انھيءَ ڪاروبار جي جاچ مان آخوند صاحب مرحوم ثابت ڪري ڏيکاري ٿو، تہ حقاني عشق بہ دل ۾ بلائتو سانڍبو تہ نھايت قيمتي صورت اختيار ڪندو.
2- بـــــاھہ جــنـــجي آھہ ســيــنــي ۾ ســـــدا دونھــــون دکــي
تئن ڪري شعلا ڀڙڪ جئن جئن وجهي ڪو تن ٽي ڪک

باھہ جو دکڻ ۽ ڪکن پوڻ ڪري شعلا ۽ ڀڙڪا ڪري ٻرڻ اهو هڪڙو فطرتي ڪم آھي. انھيءَ فطرتي ڪم جي مثال ڏيڻ سان آخوند صاحب مرحوم سچن عاشقن جي سيني ۾ سمايل محبت جي مچ جو بيان صفائيءَ سان ذهن نشين ڪرائي ٿو.
وڻن ٻوٽن ۾ ساھہ ۽ فرياد هئڻ جو اصول اڄ ڪلھہ نئين زماني جي سائينس جو پڌرو ڪيل چوڻ ۾ پيو اچي، پر آخوند صاحب مرحوم جي ڪلام مان ڏسجي ٿو، تہ فطرت ۾ هن فلاسافر شاعر جي جاچ بہ ڪا جبري هئي. جئن تہ

وڻ ماديون ٿين نر گل ڇاڻيو جهلين ڦر
ميــوا جهــــلين مند تي ليسوڙيون ليار

(3) وقت جي وهنوارن جي واقفيت
زماني جي وهنوارن، ڌنڌن ۽ رسمن رواجن کي آخوند صاحب مرحوم اھڙيءَ ڳوڙھيءَ جاچ سان جاچيو آھي، جو گهڻو ڪري هر هڪ غزل ۾ ڪنھن نہ ڪنھن دنيائي وهنوار يا ڌنڌي جو ذڪر ڪري ان مان روحاني وهنوارن ۽ روحاني مشغولي جون نصيحتون ورتيون اٿس. ڪٿي ھارين جي ڪم ۽ وهنوار کي ورتو اٿس، تہ ڪٿي ڪورين جي ڌنڌي مان نصيحت حاصل ڪئي اٿس، تہ ڪٿي ڪنڀارن، مڇي ماريندڙ مھاڻڻ، واڍن، لھارن، درزين، ميربحرن وغيره جا ڌنڌا ۽ وهنوار بيان ڪيا اٿس. انھن سڀني ھارين جي ڌنڌي ۾ وهنوار کي گهڻو ورجايو اٿس. هت فقط ٻہ ٽي مثال ڏجن ٿا:

1- مئا جي محبت نہ ماريا سي موت
وتــــن جال جيئرا فنا ڪيا نہ فوت
لــــڏيو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ ٻي
هڻن جئن ٿا ھاري کراڙا ۽ روت

خدا تعاليٰ جا سچا طالب موت هٿان مرڻا ئي نہ آهن، هو فقط هڪ جاءِ تان لڏيو گويا ٻيءَ جاءِ تي وڃيو ٿا گذارين. انھيءَ ڳوڙھي روحاني مسئلي کي آسان ۽ عام فهم ڪرڻ لاءِ آخوند صاحب مرحوم ھاريءَ جي وهراج ۽ رونبي جو مثال ڏيئي سمجهائي ٿو تہ ھاري کراڙا ۽ روت (اوائلي سلا) هڪڙي هنڌان ڪڍي ٻئي هنڌ هڻندا آهن تہ وڌيڪ ڀلا ۽ اُپراسي و ارا ٿي پوندا آهن، تئن سچا طالب بہ هن فاني دنيا مان لڏي بقاءَ جي جهان ڏي وڃن ٿا تہ وڌيڪ سر سبز ۽ شاداب رهن ٿا.

2- پـــــــــائي پيٽ تاڃيءَ ۾ پيرن پڌار
ٿيا ڳنڍ جي گل مڙئي ڳوپ ڳوت

تاڃي. پيٽو، پير پڌارڻ، ڳوپ (هٿيو هلائڻ)، ڳوت (نار هلائڻ) ۽ ڳنڍجي گل بنجڻ اھي سڀ ڪورڪا وهنوار آهن، جن مان آخوند صاحب مرحوم نصيحت وٺي ٿو، تہ روح ۽ رب جي ميلاپ جا سڀ وسيلا هڪ مرڪز تي آڻبا، تڏهن وصال حاصل ٿيندو.

3- نير رنگ واڌو ڪري منجهہ جهڳ جهٻ
عـشــق وارو وڌ وڌي مـنـجهہ لــــوس لٻ

نيروٽي نير جي ڪن ۾ روڙهو وجهي پوءِ ان کي لٺ سان جهڳيندا آهن، تہ نير جو رنگ تيز ٿيندو آھي. ان مان آخوند صاحب مرحوم سبق ٿو سيکاري تہ سچي محبت وارن تي بہ جيئن جيئن طعنن تنڪن ۽ تڪليفن جي جهڳ ٿيندي، تيئن تيئن سندن دلي محبت تيز ٿيندي.

(4) بلاغت ۽ فصاحت
آخوند صاحب مرحوم پنھنجي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت تي ايترو گهڻو زور ڪونہ رکيو آھي، جيترو کانئس پوءِ وارن سنڌي شاعرن جهڙوڪ آخوند محمد قاسم صاحب ھالائي ۽ سيد محمد فاضل شاھہ صاحب حيدرآبادي وغيره پنھنجن پنھنجن ڪلامن ۾ رکيو آھي؛ تنھن هوندي بہ بلاغت ۽ فصاحت جون سڀ شاخون آخوند صاحب مرحوم جي ڪلام ۾ موجود آهن جهڙوڪ تشبيھہ، استعارہ، لفظي ۽ معنوي صفتون، اصطلاح ۽ پھاڪا.

(1) تشبيھہ:-
ڏســـڻ مان تنھنجي اي باغ حسن مون کي سريا ٽي گل
تنھنجو مک گل؛ زلف زنبل، منھن جي دل جئن گل لالا
مٿي هڪڙيائي مثال ۾ آخوند صاحب مرحوم ٽي تشبيھون ڪم آنديون آهن، دوست جي وات کي ”گل“ سان، زلفن کي ”سنبل“ سان ۽ پنھنجي دل کي ”گل لاله“ سان تشبيھ ڏني اٿس. اھي نھايت معنائن ڀريل ۽ سھڻيون تشبيھون آهن.

(2) استعاره:-
پل ڪتي کي م ڏي انھيءَ کــــي ڇــڇ
نہ وڻـــي ڳـــالھہ جــا لــڳـــــــي ٿي بڇ
مٿئين بيت ۾ آخوند صاحب مرحوم ”نفس“ کي استعاره طرح ”ڪتو“ سڏيو آھي؛ ڇاڪاڻ جو ڪن ڪچري ۽ ڍونڍ ڍانڍ ڏي لاڙي ڪرڻ جو جئن ڪتو خواهشمند رهندو آھي، تئن انسان جو نفس بہ هميشہ گناھہ جهڙن ڪمن ڏانھن ڇڪ ڪري ٿو، جئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهن، تہ اِن النفس لامارة بالسوءِ (انسان جو چلولو من سچ پچ خرابين ڏانھن رغبت ڏياري ٿو)

(2) لفظي صنعتون:-
1- الف، بي، جيم، دال، ھي پنج حرف
هـــــڪ، ٻہ، ٽي، چار پويون ٿيو پنج

پھريائين الف- بي- جيم- دال ۽ ھي اھي پنج حرف آندا اٿس، پوءِ نمبر وار ابجد جي حساب موجب انھن حرفن جا عدد ڏنا اٿس، يعني الف=1، بي= 2، جيم = 3، د= 4، ھہ = 5. انھيءَ کي چئبو آھي صنعت لف و نشر مرتب.
جنھن صورت ۾ نمبر وار ڳڻپ جا انگ ڪم آيل آهن، تنھن صورت ۾ انھي کي صنعت سياق الا عداد مرتب بہ سڏبو آھي.
لفظن صنعتن مان لف و نشر ۽ مراعات النظير ۽ تجنيس جي سڀني قسمن کي آخوند صاحب مرحوم گهڻو ڪم آندو آھي.

(3) معنوي صنعت:-
1- ويا سنجهي سڀ سوار ٿي ساٿي
ٿـو کڻين پرھہ جو تون پيرا پڳ
”سنجهو“ ”۽ برهہ“ اھي هڪ ٻئي جا ضد آهن، ساڳئي بيت يا مصرع ۾ ٻہ ضد لفظ مناسب نموني ۾ ڪم آڻڻ هڪڙي معنوي صنعت آھي، جنھن کي محتمل الضدين چئبو آھي.
آخوند صاحب مرحوم معنوي صنعتن مان محتمل الضدين، تجاهل عارفانہ ۽ صنعت سوال جواب کي چڱيءَ نزاڪت سان وري وري ڪم آندو آھي.

(4) اصطلاح
آخوند صاحب مرحوم پنھنجي ڪلام ۾ نج سنڌي اصطلاح گهڻي انداز ۾ ڪم آندا آهن:-
(1) کٿي سان مھٽيندو وڃڻ (نا اميد ٿيئڻ) (2) راند گل ڪرڻ (3) وار وارڻ (کير خيرات طرح ورھائڻ لاءِ ڏينھن مقرر ڪري ڇڏڻ (4) ڏوڌ ڏيڻ (کير خيرات طرح ورھائڻ) (5) جک مارڻ (6) خواريءَ جي کاري کڻڻ (7) کڳ کائڻ (مفت ۾ ڍو ڪرڻ) وغيره وغيره.
(2)
مثال:- 1- ويا دنيا جا شاه ڪئين دنيا ڇڏي منجهہ ھيٺ ڀون
پاڻ مھٽيندا کٿي، اي دل ڪئين آيا ويا.
2- گل چوي ٿو گل ڪري شطرنج بازي نفس ســان
ٿي م موڳي ماد، وٺ دل ھي سچي سھڻي صلاح
3- مڙس سالم سنگهار سانگي سوڌ
وار واريو ڏين ورھايو ڏوڌ
4- خوش ڪريون دل پانھنجي کي
جــڳ ڀلــي پـيـو مــاري جـــــک
5- لوڪ جي بھتان ۽ خواري سنـــــدي
سر مٿي کاري کڻن ڪي مڙس ڌڱ
6- ڪيئن ٿين لپ چرون مٿي چهرا
گل کاڌا جنھين سدائين کڳ

5 پھاڪا:-
آخوند صاحب مرحوم ڪٿي ڪٿي سنڌي پھاڪا بہ ڪم آندا آهن. جهڙوڪ (1) جهڙي سٺ تھڙيون ٽي ويهون (2) گاھي رونج گاھي گنج وغيره
مثال:- 1- گل محمد ســــــوئي سو گل احمد
سي آهن ٽي ويهون سا آھي سٺ
2- منجهہ کٽئي خوش ۾ ٿي م ڏک ھاري ء
گــــل آهن گاھہ رنج گاھي گنج

(5) وزن:-
آخوند صاحب مرحوم علم عروض مان چڱو واقف هو، تنھن ۾ ڪوبہ شڪ ڪونھي؛ ڇاڪاڻ جو اھڙا بحر بہ پنھنجي ديوان ۾ ڪم آندل اٿس، جن تي شعر ٺاهڻ علم عروض کان غير واقف ماڻھوءَ جي پھچ کان ٻاهر آھي، جهڙوڪ بحر خفيف، بحر رمل. مڪفوف، بحر رجز ۽ بحر مضارع (جدا جدا زحافن سان).
جئن تہ آخوند صاحب مرحوم جي زماني ۾ علم عروض جي قاعدن موجب سنڌي شعر ٺاهڻ جي شروعات هئي، تنھنڪري البتہ پوري تقطيع بيھارڻ ۾ کيس گهڻن هنڌن تڪليف پئي ٿي آھي. تقطيع پوري بيھارڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي اھڙا حرف ”حذف“ ڪرڻا پون ٿا، جن جو ”حذف“ ٿيڻ عروض دانن جي نظر ۾ عيب ليکجي ٿو. جئن تہ
1- دنيا جي عيش عشرت کي ڀيري هڻ تون کڻي ڀالا
2- آيو اڄ يار گهر منھنجي ويا ڏکڙا وريا سکڙا
3- جنھنجا ويا جوءِ مان جهانگي وڃي پرڏيھہ ٿيا سانگي
تقطيع ۾ ”ڀيري“ کي ”ڀري“، ”آيو“ کي ”اَيو“ ۽ جنھن جا“ کي ”ججا“ ڪبو؛ تڏهن وزن پورو بيھندو.
ڪٿي ڪٿي وري حرفن تي غير ضروري تشديدون ڏجن ٿيون، تڏهن تقطيع ۾ وزن جي پورت ٿئي ٿي.
جئن تہ
1- ھاڙ آکاڙ چيٽ ڪتيءَ ۾
مينھن هنجن جا بہ ٿا وسائن ھڙهه
2- ارواح الستون اڳ تہ بہ ٿو وتين تون يار شوخ
3- پن پن جي ٿي ڦاريون ڇڄي ڇڏي ٿڙ ٽاريون.
مٿي نشان ڪيل لفظن تي جيڪي غير ضروري تشديدون فقط ”وزن“ جي پورت لاءِ ڏنيون ويون آهن. اھڙا مثال ديوان گل ۾ تمام گهڻا آهن.
ڪٿي ڪٿي وري وزن جي پورت لاءِ لفظن جو صحيح تلفظ بدلائڻو پوي ٿو، تڏهن تقطيع پوري ٿئي ٿي. جئن ته
1- درد تنھنجي جو دونهون ٿو دکي روز
2- صبر ۽ سڪ ساڙو سوز سچ
صحيح تلفظ ۾ ”درد“ جي ”ر“ ۽ ”صبر“ جي ”ب“ ساڪن آھي، پر مٿين مصرعن ۾ انھن ٻنھين کي متحرڪ ڪري پڙهڻو پري ٿو. اھڙا بہ گهڻيئي مثال آهن.
ڪٿي ڪٿي ٻن متحرڪ لفظن کي اڻ سھائينديءَ طرح ملائي پوئين حرف کي ساڪن ڪجي ٿو، تڏهن تقطيع پري بيھي ٿي. جئن تہ
(1) جن کي پورو ٿو پگهار پلي پئي
(2) واري ڪنھين نہ وير نہ پيرن پلي پلي
”پگهار“ جي ”ر“ ۽ ”پلي“ جي ”پ“ ٻہ ڌار ڌار متحرڪ اکر آهن، پر تقطيع تڏهن پوري بيھندي جڏهن ”ر“ ۽ ”پ“ کي ملائي ”رپ“ ڪري پڙهبو. اھڙي طرح ”وبر“ جي ”ر“ ۽ ”نہ“ ٻن جدا متحرڪ حرفن کي ملائي ”رن“ ڪري پڙهبو، تڏهن وزن پورو بيھندو.
آخوند صاحب مرحوم جيڪي غزل بحر مضارع ۽ بحر رجز تي ٺاھيا آهن، تنجي ڪن ڪن مصرعن ۾ مقرر وزن ھيٺ مٿي ٿي ويو آھي، مگر عروض جي اصولن تي سنڌي شعر ٺاهڻ جي اھا اوائلي ڪوشش هئي، تنھنڪري ان بابت ڪا گرفت ڪرڻ نٿي جڳائي، فقط پڙهندڙن کي واقف رکڻ ضروري آھي.
غزل ٻيو مضارع مثمن سالم تي ٺھيل آھي، پر مصرع ٽينءَ ۾ ”جال“ ۽ ”سال“ لفظ وزن کي شڪستو ڪن ٿا ۽ مصرع نائينءَ ۾ ”روپ“ لفظ مقرر وزن کي کٽايو وجهي ٿو.
غزل 66 بحر زجز تي ٺھيل، مصرعہ 3،4،5 ۽ 6 وزن کان وڌي وڃن ٿيون. غزل 83، بحر رجز، مصرعہ 5 ۽ 15 وزن کان ٻاهر. غزل 93، بحر رجز، مصرع 1، 2، 3، 6، 8، 10 ۽ 12 مقرر وزن کان وڌيل. غزل 116 بحر رجز. مصرعہ 9 ۾ ”بھار“ ۽ ”قرار“ ۽ رديف جي پڇاڙيءَ واري ”باغ“ لفظ جي ”غ“ مقرر وزن کان وڌيل آھي.
غزل 123 بحر هزج مثمن سالم تي ٺھيل آھي، ان ۾ مصرعہ 5، 7، 11 ۽ 13 مقرر وزن کان گٿل آهن.
غزل 140 بحر تقارب مثمن مقصور تي ٺھيل آھي، پر ان جون مصرعون نمبر 5، 7 ۽ 9 بحر تقارب سالم تي بيھاريل آهن، ائين ڪرڻ درست نہ آھي.
غزل 147 بحر رجز تي ٺھيل آھي. ان ۾ مصرعہ 11 ۽ 13 ۾ ”عروج“ ”ولوج“ ۽ ”شھود“ وزن کان ٻاهر آهن.
غزل 153 بحر مضارع مثمن محذوف تي ٺھيل آھي، پر ان جي مصرعہ 4، 10، 13 ۽ 14 وري مضارع مثمن سالم تي ٺھيل آهن. ائين ڪرڻ علم عروض جي اصولن موافق نہ آھي. والسلام

محمد صديق
سيڪريٽري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي
حيدرآباد سنڌ.

حالات خليفہ گل محمد مرحوم

ديوان گل جو ٺاھيندڙ مرحوم خليفہ گل محمد سانوڻي آخوند هو. ھي ھالا پراڻو تعلقه ھالا ضلع حيدرآباد جو ويٺل هو. کين سانوڻي آخوند ڇو ٿا چون. تنھنجو سبب ھي آھي تہ عام طرح سڀ پڙھيل ۽ درويش ۽ فيض وارا هوندا هئا ۽ علم جو وٽن گهڻو چرچو هوندو هو، انھيءَ ڪري وٽن گهڻا طالب علم پڙهڻ ۽ فيض پرائڻ لاءِ ايندا هئا ۽ سندن مڪتبن مان فيض پرائي خدا رسيدا ۽ عالم ٿي ويندا هئا.، انھيءَ سبب ڪنھن ڪامل بزرگ چين تہ اوھان جي علم جي پالوٽ سانوڻ جي مينھن وانگي آھي، جا ڪنھنکي بہ وانجي نٿي. ان کانپوءِ کين سانوڻي ملا يا آخوند ڪري ڪوٺيندا اچن. سندن خدا پرستيءَ ۽ خدا رسيديءَ جو حال هن هڪ ڳالھہ مان ئي روشن ٿي ويندو. وڏا تہ ڇڏيو، پر ننڍڙن ٻارڙن کي بہ صبح جو سحور کان وٺي سج اڀرڻ تائين ننڊ ڪرڻ نہ ڏيندا هئا؛ انھيءَ لاءِ تہ اهو وقت ٻانھي جو پنھنجي سائين کي ٻاڏائڻ لاءِ موچارو آھي، سو ننڊ ۾ اجايو نہ وڃي ۽ کيس اھڙي ھير هميشہ لاءِ پئجي وڃي.
خليفہ گل محمد 1226 هجريءَ ۾ توليد ٿيو. سندس ننڍپڻ جي حياتيءَ جي پوري خبر ڪانہ ٿي ملي سگهي، مگر سندس ديوان ۽ ٻين ڳالھين مان پروڙ پوي ٿي تہ هن جو علم ڏي تمام گهڻو خيال هو. علم عربيءَ جو عالم هو ۽ پارسيءَ ۾ ڪامل دستگاه ھيس. هن ان وقت جي صوفين جي بہ صحبت ڪئي هئي ۽ پنھنجو طريقو بہ صوفي ڏيکاريندو هو، پر شريعت جو پورو پورو پائبند هو ۽ ڪابہ ڳالھہ شريعت جي حڪم کان ٻاهرنہ ڪندو هو.
ھي روھڙيءَ واري پير پاڳاري جو مريد ۽ خليفو هو ۽ اهو خلافت جو سلسلو اڃا تاءِ آخوندن ۾ قائم آھي. جئن دستور آھي تہ پيرن جي پاران جيڪي خليفا هوندا آهن، تن جي منزلت مريدن ۾ گهڻي هوندي آھي، تنھن موجب هن جي بہ عزت مريدن ۾ گهڻي هئي. هو صاحب قناعت جو هو، تنھن ڪري انھي اپت مان خيريت جو وقت چڱو ۽ شان سان پيو گذاريندو هو. هن جو لھہ وچڙھہ شھري ماڻھن کان ٻھراڙيءَ وارن ماڻھن سان گهڻو ۽ گهاٽو هو، جيئن تہ اھڙا اصطلاح ۽ جملا سندس ديوان ۾ گهڻن جاين تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ديوان گل کان سواءِ سندس ٻي ڪا تصنيف معلوم ڪانہ ٿي ٿئي. سندس غزلن ۾ ظاهري معنيٰ دنيوي ڪمن ۽ ڳالھين سان لاڳو ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر جي غور سان ڏسبو تہ سڄو ديوان معرفت جي موتين سان مڙھيل ڏسڻ ۾ ايندو ۽ جا محبت، نزاڪت، لذت، پاڪيزگي ۽ معتقدي سندس ڪلام مان بکي ٿي، سا سنڌ جي ٻئي ڪنھن شاعر جي ڪلام ۾ مشڪل ڏسڻ ۾ ايندي. هن کي آخر عمر ۾ اچي زيارت بيت الله ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وآلـﮧ وسلم جن جي روضي مبارڪ جي زيارت جو شوق دامنگير ٿيو. اهو شوق هن کي وٺي بمبئيءَ ويو، جتي هن پنھنجو ديوان اکرن جي هجي جي سمجهاڻين سان ڇپائي پڌرو ڪيو. اتان پوءِ روانو عربستان ٿيو، جتي 1272 هجري ۾ وفات ڪئي. سندس عمر 47 ورھہ ٿي.
خليفہ گل محمد کي ٻہ پٽ هئا، جن مان ننڍو پٽ سندس حياتيءَ ۾ فوت ٿي ويو، باقي وڏو پٽ خليفہ احمد، پي کان پوءِ گهڻو وقت حيات هو. هلت چلت خواه رهڻي ڪهڻي ۾ هو انھي وقت جي شريف ماڻھن مان هو. زمين بہ ڳچ ھيس، جنھن ڪري هو باعزت گذاريندو هو. افسوس جو اهو بہ پٺيان نياڻيون ڇڏي واھي ملڪ بقا ٿيو. مايون بہ جو وقت حيات ھيون، سو مائٽن جي شان موافق هلنديون ھيون، مگر
ڪل من عليھا فان
جي حڪم موجب اھي بہ راھہ رباني وٺي ويون. رھي نالو الله جو.
ديوان گل اصل پراڻي سنڌيءَ ۾ ڇپايل هو، جا سنڌي ھاڻوڪي سڌريل زماني ۾ نڪمي سمجهڻ ۾ اچي ٿي، تنھن ڪري غزلن مان جا لذت ۽ ميٺاج پڙهندڙن کي ملڻ گهرجي، تنھن کان محروم رھيا ٿي اھا ڳالھہ محسوس ڪري سنڌي ساهت سوسائٽي ڪراچيءَ جي ديوان گل کي ھاڻوڪي مروج سنڌيءَ ۾ ڇپائي سنڌ تي ٿورو ڪيو، پر اهو ڇاپو سوسائٽي جي سکانين جي سھو سببان اھڙو غلط نڪتو، جو آرام جي بدران آزار ٿي پيو. سندس لفظن جي ردوبدل ۽ چوڪن کان غزلن جي نزاڪت ۽ مطلب فوت ٿي ويو ۽ شايد پڙهندڙ پريشان خاطر ڪتاب کي پڙهڻ ئي ڇڏي ڏين ھا.
انھيءَ ڇاپي جو نسخو مون کي 1930 ۾ مليو، جنھن جي مطالع مان مضمون بدليل ڏسي گهڻو ارمان ٿيم ۽ اصل بمبئيءَ واري ڇاپي تان صحيح ڪري ڏکين لفظن جي معنيٰ لکڻ جو ارادو ڪيم.
ديوان ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آيل آھي، سا بلڪل ٻھراڙيءَ جي ۽ لفظ جيڪي ڏنل آهن، سي بلڪل پراڻا. مصنف کي وفات ڪئي بہ اسي ورھہ گذري چڪا آهن، انھيءَ ڊگهي وقت ۾ ٻولي ڪيترو نہ مٽي سٽي هوندي. گهڻيءَ تڪليف هوندي بہ ڪوشش وٺي معنيٰ لکي مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي کي پيش ڪيم، جا سوسائٽي ھينئر سنڌيءَ جي اعليٰ خدمت پيئي ڪري. اميد تہ اهو سندس احسان آئندہ نسل گهڻي عزت ۽ قرب سان قبول ڪندو.


خاڪسار عبدالغفور ھالائي

ھالا نوان
25 جولاءِ 1933

ديوان گل بمعہ معنيٰ

---

حصو پھريون

(1)

پيالو ميء[1] سندو ڏي پر2 ڪري محبوب متوالا 3
تہ مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون هن هوش کي حالا 4

ڀَٽوُن5 آھينِ ايذائڻ ۾ دنيا جا مڙيئي مائٽ
توڻي ڀائر سڳا چاچا توڻي ڪي سؤٽ ۽ سالا

اٿيئي اي دل ڌڻيءَ جي دوستي ۽ شوق6 جي محبت
دنيا جي عيش عشرت7 کي ڀيري8 هڻ تون کڻي ڀالا

اندر ۾ عشق جنھنجي جاءِ پنھنجو ٿو وھي جوڙي
وسن برسات جئن دائم9 تنين جا نيڻ ٿيا آلا

جنين کي سڪ دلبر جي سدا ڏونگر وتن ڏوربون
پٿوُن10 ٿيا پير پھڻن ۾ ڇَپَرَ ۾ پيا ڇلي11 ڇالا12

محبت جھڙو ناھي ڪو مٺو ٻيو ٽول13 عالم14 ۾
خدا تنھنجي درد ۽ دُکہ جو دل ۾ شوق هئي شالا 15

ڏسڻ مان تنھنجي اي باغ حسن مون کي سرئا16 ٽي گُلَ
تنھنجو مک17 گل زلف سنبل منھنجي دل جيئن گل لالا18

________________________________________
(1) 1- شراب، محبت 2- ڀري 3- بي پرواه 4- حال کان 5- وڇون 6- قرب، ڪاڍو 7- خوشي 8- ورائي 9- سدائين 10- ذرا ذرا، ڦٽ 11- هلي، رلي 12- ڦوڦينڊا. 13- وٿ 14- جهان 15- هميشه 16- مليا 17- وات 18- لالا جو گل

(2)

دل ٿي پَچي پرت[2] ۾ توئيءِ پرين پيارا
آئين ڪين اڱڻ منھنجي محبوب جيءَ جيارا

راتيون لنگهئو وڃن جال2 ڏينھن ماه گذريو سال
لنگهئو بھار آرھڙ سانوڻ وڃن سيارا

غمزا3 سوين هزارين ماڻا4 ڳڻڻ کون ٻاهر
نت نوع5 لک تنھينجا ناز6 نِت7 نيارا

بيهوش ٿيا بره8 ۾ نينھن نيا هڻي نره9 ۾
ووءِ ووءِ ڪندا وره10 ۾ وئڙا هڄي11 هشيارا

ڏکئن جا ڏاج ڪھڙا رُلئن جا ڪھڙا روپ12
بکئن جا ڪھڙا ڀانڊا13 ولهن14 ڪھڙا ويارا 15

وڻ ماديون ٿين نَرَ گل ڇاڻيو جهلن ڦرَ
ميوا جهلين مند تي ليسوڙيون ليارا


________________
(2) 1- قرب 2- گهڻا 3- اک جو اشارو 4- ناٽ 5- نمونا 6- اشارا 7- سدائين 8- محبت 9- نااميدي، ڏک 10- يادگيري 11- تڪليف ۾ اچي 12- حالت 13- مار رکڻ جون جايون 14- غريب، سکڻن 15- ڪڙم.

(3)

خوب 1 خلقي تنھنجي صورت پاڪ خوش خاصي 2 خدا
منھن ملاحت 3 سونھن سلابت 4 سڀ ڪا سھڻي سدا

طالبن5 مولا جي منجهہ مورت مٺيءَ تنھنجي ڏٺو
صحي6 صورت حَقَ جي کي حَقَ7 باطل8 کان جدا

ياد ۾ ٿئا شاد9 تنھنجي پوءِ شاديءَ ۾ ڏکئا
وئا وچارن کانؤ وسري ماءُ پيءُ ڀيڻون ادا

جان جيءُ جند منھنجا جاني جان تنھنجي تان صدق 10
تون رھين باقي سلامت آءٌ مٿان تنھنجي فدا11

تات 12 تنھنجي ۾ ڪئي گل ترڪ 13 سڀڪا تانگهہ 14 تات
تون آھين منھنجو شهنشاھہ آءٌ تنھنجو پينو گدا15

______________
(3) 1- سٺي 2- عمدي 3- نمڪ واري 4- وڻ جهڙي 5- ڳولائن 6- پوري يا سچي 7- سچ 8- ڪوڙ 9- خوش 10- گهور 11- گهورجي 12- يادگيري 13- ڇڏي 14- خيال 15- سوال ڪندڙ

(4)

ٿي سڪي ساري سدا دل منھنجي توليءِ سَيَدا
ڏک ۾ راتيون ڏينھن سڄا دل منھنجي توليءِ سيدا

تاب[3] 1 تؤڙيءَ 2 سوڪ جي ۾ لاءِ سرڪيءَ 3 آب جي
جيئن اُڃيا آهن سلا دل منھنجي توليءِ سيدا

پھوُن4 پَٽَ ۾ ڍور ڍَٽَ5 ۾ روه6 ۾ روجهون هَرَڻَ
جئن سڪايا مينھن لا دل منھنجي توليءِ سيدا

منجهہ قرن7 منجهہ شھر بازارن بکئا جئن ٿا ڦرن
ٽڪر ٽيري ليءِ خدا دل منھنجي توليءِ سيدا

جيئن هڻي ٿو سئن سائل بيهو سڀڪنھن در مٿي
ڪي ڏهو نام خدا دل منھنجي توليءِ سيدا

جيئن چتون لاءِ باغ چانگاري8 ۽ بلبل لاءِ گل
قيس ليليٰ ليءِ ليلا دل منھنجي توليءِ سيدا

___________
(4) 1- گرمي 2- تاءُ ۽ تکائي 3- ذري 4- رڍون 5- چاري جي جاءِ 6- برپٽ 7- ڳوٺڙن 8- ڪاڍو ڪري.

(5)
آيو اڄ ڀار گهر پيھي وئا ڏکڙا وريا سکڙا
مليو پر [4]ڏيھہ ۾ ڏيھي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا

مليو محبوب متوالو2 وئو ڏک ڏرت3 هڪ ٺالو4
ڀڳي دلدار دل ريھي5 وئا ڏکڙا ورئا سکڙا

ڪرم ڪئڙو ڪمينيءَ سان لائي دل دوست سيني سان
ڳجهاندر 7 ڳالھہ ڪي ڪيھي 8 وئا ڏکڙا ورئا سکڙا

ٿيو سُرتيا 9 سنگي 10 ساڄا 11 ڪريو واڄٽ کڙا واڄا
تننا تون چئو ويھي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا

کلئون اڄ باغ گل رنگي هزارو ھيج 12 مان زنگي
نباھيو13 نينھن نرنيھي14 وئا ڏکڙا ورئا سکڙا

____________________
(5) 1- محبوب يا ماڪي 2- بي پرواه 3- ڏک 4- گهڻو 5- ڳنڍي 6- مهرباني 7- ڳجهي 8- واه جي 9- خبردار 10- ساز وڄائيندڙ 11- تيار 12- خوشي 13- پورو ڪيو 14- پھلوان

(6)

دور 1 دليا جي مٿي اي دل ڪئين آيا ويا
سک مٿي سورن سٿي 2 اي دل ڪئين آيا ويا

ڪي سُوداگر راتو ڏينھان منجهہ وٺڻ وڪڻڻ خراب
ڪوڙ دنيا جا ڪَٿي 3 اي دل ڪئين آيا ويا

ڪن ڪيون پوکون ٿيون ڀرپور4 پي پاڻي جڏهن
پوءِ پڪي هنيئون هٿي5 اي دل ڪئين آيا ويا

ٻانڊ6 ڪيئين بحر ۾ لڙهندا وتن پاڻيءَ مٿي
پئا سڪي پاڻيءَ لٿي اي دل ڪئين آيا ويا

وئا دنيا جا شاه ڪئين دنيا ڇڏي منجهہ ھيٺ ڀوُن 8
پاڻ مھٽيندا کٿي9 اي دل ڪئين آيا ويا

گل حقيقت ٿو پڇين ڪھڙي دنيا جي دوُر جي
ڪا خبر ڪنھنکي اٿي اي دل ڪئين آيا ويا

_____________
(6) 1- وقت 2- ٺاھي رکڻ 3- ڳڻي 4- چڱي طرح 5- هٿن سان وڃايل 6- بنڊ 7- پاڻي، دريا 8- زمين 9- ارمان ڪندا


(7)

اچ دوست ڀري [5]پريت پيرا
ٿِي وير2 وندر3، ورونھن4 ويرا

منجهہ آس اکيون رھيون نھاري
ساجن تنھنجا سڀيئي سَيرا5

پستول پريت تنھنجي پائي
منجهہ جان جگر چلايا ڇيرا

سورن سر تي ڪَتي ڪتائي
ڍيرن مان وٽي وٽي ڪيا ڍيرا

دليون دلدار تو بنا ڌوڙ
مَنَ محب بنا تنھنجي ميرا

مِهِتَن6 ۾ ملان پڙهن مسئلا7
واسين8 هندو بتن جا ڏيرا9

المست عشاق حق جا ٻارئو
ٿا دل تي وتن ڏکن جا ڄيرا 10

شيخن ۾ ڪباب ڪيو پچائين
جوشن ۾ جگر جوان جيرا

محبوب وڍئو تنھين جو هڏ ماه
منجهہ شيخ ڪرئو هڻن ٿا ٻيرا 11

سؤ بار ڪرئو سچا صدق سر
گل گهور ڏيو ڏين ٿا گهيرا 12

____________________
(7) 1- هلي 2- بھادر، عقل وارو 3- دل پرڀائيندڙ 4- دل جو حال ٻڌندڙ 5- رستا،، گهمڻ جون جايون 6- مسجد 7- سمجهہ جون ڳالھيون 8- خوشبوءِ ڪرڻ 9- جايون 10- باه 11- ٽڪر، ذرا 12- ورور

(8)

جي هوا ڪالھہ ڏٺم اَڄ نہ ڏسان مان سڀا
جوءَ[6] ۾ جت جهجها آهن اَي 2 اَليا 3

وره 4 ويراڳ 5 وندر منجهہ رلائي سسئي
ڪيچ کي رات جو چاڙھي جت ويا پنھنجو ڀا

پئو اُلو عشق سندو اَوس 6 اُٺايو آتش
جهنگ کاڻو پٽ ٿئو پٽ لڳي باه اَڀا 7

واه تلوار سندي عشق ڪري ھيڪ هزار
رُڪَ جِي ٻن مان ڪري چار ڪپي ٽڪر ڳڀا 8

وصل ۾ آه ڏسڻ ھيڪ ٿيڻ پوءِ ڇڄڻ9
سڪ سانڍڻ ۽ سڙڻ گل ڪڇڻ ڪين ڄڀا 10

_____________
(8) 1- ملڪ 2- دوست 3- نہ لڀندڙ 4- ڏک 5- دنيا کي ڇڏڻ 6- سخت باه 7- آسمان 8- ڀاڱا 9- جدا ٿيڻ 10- زبان

(9)

آءُ پيھي محب مٺا منھنجي اڱڻ مهر منجها
نانھن ڪو ٽول منھنجي گهر ۾ تنھنجي سوُر سوا

سک ٿيو سور جنھين سور سڄڻ ڪئو سينڌو[7]
عيش آزار پرين ٻاجهہ آھي درد دوا

حب تنھنجي حل2 ٿي منھنجي هنئين ۾ ھادي
نانھن ڪي ٻھر اندر تنھنجي بنا پٺ اڳ کا

آه مؤجود سڀت صورت سڀ ۾ سھڻو
لامڪاني نہ رکي جاءِ آھي هر ڪنھن جا

محو ٿيا ذات ۾ ذاتي صفتن کان ٿي فاني
ويا لنگهي برپٽ رڻ لڌائون باغ بقا3

وصل ۾ دوست جي گل ٿيو گلزار کلي
گل کي گل نہ وڻن بهشت سندي باغ سندا

_________________
(9) 1- واقف 2- سمجهڻ 3- هميشہ وارو

(10)

ٿا پين عاشق خوشيءَ ۾ شوق جي رت جو شراب
ٿا پچائن پاڻ پنھنجو ڪيو جگر جيرو ڪباب

نفيء1 ۾ ڪيئون پاڻ فاني ٿيا فنا ۾ لا الله2
وئا نہ الا الله3 کي اوڏا گنھہ تنکي ثواب

لوڪ طالب ذؤق 4 جو شادي خوشيءَ جو سيڪڙو 5
اُنکي دائم سور سکه ٿيو عيش عشرت ٿيو عذاب

ڪين هڻّن تند طنبوري جي اُوهٿ تي کڻي
جان جسو سنڌ سنڌ رڳ رڳ اُنھيجي ٿي رباب

درد جي لوساٽ 6 اُڃ ۾ پاڻي چشمن جو ڪڍي
دفع تپ جي ليءِ گڏئو رت اُن ۾ ٿا جوڙن لعاب 7

اُن جيون اکيون حؤض ڪوثر آب خضر
رت رحيق 8 روح راحت جان جو ٿئو جئن گل آب

____________
(10) 1- نہ هئڻ 2- ڪلمه نفي جو يعني الله نہ آھي 3- ڪلمه اثبات يعني سواءِ الله جي ٻيو نہ آھي 4- شوق يا لذت 5- ڳولائو 6- سخت اڃ 7- مغز يا پاڻي 8- بهشتي شراب

(11)

حسن تنھنجي نئو هڻي ھينئڙو حبيب
لنؤ وڌو لاسين لڻي لاھي لبيب [8]

يار سڀ اغيار2 ٿيا جيڏا جدا
زهر قاتل جيئن ڪڙا قربا قريب

ميٺ ۾ محبوب تنھنجي ٿيا مٺا
رلج روهن3 ۾ رفيقن ۾ رقيب4

تنھنجي صحبت ۾ سلامت ٿيا سقيم5
ٿيا نظر سين تنھنجي نافع6 بي نصيب

جي پليتن7 ڪيا پري پر تان سڏي
پير ڪيا تو پاڪ پاڪيزا نجيب8

ٿيا سُرُوڻا9 سُرتيا ٻوڙا گنگا
عيد ڪي انڌن ڏسي توکي عجيب

ڪيا غني10 تنھنجي غنا11 مسڪين سڀ
گنج مان ٿئا گنج وارا گل گريب

_______________
(11) 1- دوست 2- دشمن 3- ڏک 4- دشمن 5- غريب- ضعيف 6- نفع وارا 7- بڇڙن يا دشمنن 8- بزرگ، شريف 9- ٻڌندڙ 10- شاهوڪار 11- تونگري

(12)

جنين کي شؤق حق جو سي نہ ڦرن مشرق[9] و مغرب 2
خدا دل ۾ محمد دل ۾ اُت مڪو اُتي يثرب 3

پنھون ٿيا پاڻ سسئيءَ جئن نہ رلن روه ۾ هرگز
منجهيئي ڪيچي منجهيئي آتڻ منجهيئي ويڙيون4 منجهيئي هب5

جنين کان غير 6 ويو ٿيا عين 7 ٿيا عريان 8 عالم ۾
نڪو خالق رکن پنھنجو نڪو مولا نڪو تن رب 9

چون جئن سو ٿئي تئن جيڪو ٻولن ٻول ٻولائي
اَمر آھي قلم اُنجو ٿيو سو ڪن جئن چورن لب 11

سدا گل جئن وتن سنرا 12 ٿيا رنگ روپ ۾ بنرا 13
اندر ٻاهر هڪو جهڙا تھڙا منجهہ ڏينھن تھڙا شب 14
___________________
(12) 1- اوڀر 2- اولھہ 3- مدينہ شريف جو نالو 4- سٽ جون ڦوريون 5- رڻ پٽ 6- ٻيائي 7- اک وارا (ڏسندڙ) 8- ظاهر، اگهاڙا 9- پاليندڙ 10- حڪم 11- چپ 12- خوش 13- گهوٽ 14- رات

(13)

آه سھڻي ستُر سان سٿڻ مٿي چادر جي ڏاٻ 1
منجهہ کيڻ چيٺي چٻاڙي ڏاٺ ڏند کي ڏيڻ چاٻ 2

جيڪو پنھنجي ريج کي ٿو ڪين اٽڪل 3 ۾ رکي
اُنجي ڌرتي کي ڊڪي ڊوڙي ڪريندا ڍور کاٻ 4

جي خزانا سؤ لٽي ڪو اهل دنيا جو هزار
ناھي تھڙو جهڙو ڏي مسڪين ٿو ڪا هڪڙي ڊاٻ5

عاشقن جي درد جي ناھي دوا ڪا وصل6 ري
پر دلاسو دوست جو آهِ جئن پاڻيءَ کي ڇاٻ7

ساريو ساريو ٿي سڙي دل دوست جي ديدار لئي
درد کان دانهون ڪري هئي هئي ڪريو آهون اُٻاٻ 8

باه محبت جي توکي اي گل پچائي لعل ڪيو
جئن رچي هڪرنگ ٿيا منجهہ اوس 9 ڪُشتن جي ۾ داٻ

________________
(13) 1- گوڏ 2- چٻاڙڻ 3- نظر 4- خراب، کٻ 5- دمڙي 6- ملاپ 7- روڪ يا جهلو 8- بيوس 9- گرمي

(14)

سُخن کي جنجي سچ ناھي وڃائي وات ڪيو لٻ لٻ
ٽويي ۾ ناه هڪ داڻو ڌنيو بيٺو ڌ نئي دٻ دٻ

ڪلر کاڌي بنا[10] جنھنجي آھي ري ٿنب ري ٿوڻي
ڪري اوءَ اوچتي ڪڏھين مٿا ڪن پئي ڪري ڍٻ ڍٻ

پيئي جا ٽُڪر ٿو ٻي ٿي چاڙھيو اُنکي تون دوٻين2 ٿي
هن ۽ هن کي ڇو لوئين3 ٿي ڀڃئو هٿ سان ڪريو ٿٻ ٿٻ

جنھنجا ويا جوءِ مان جهانگي وڃي پرڏيھہ ٿيا سانگي
مٿي تي او ٻڌئو ڪانگي 4 پڇي پھرون 5 خبر پٻ پٻ

ڏيکاري گرھہ ڏوران ٿو نہ ڏي هٿ ۾ سو موران ٿو
کڻئو اکيون ڏي گهوران ٿو چوي بيٺو چريا چٻ چٻ

آھين جي مڙس گل تون درس6 گهڙ منجهہ تار ڏي تاريون
ڇاکي ٿو ڇوڪرن جئن ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ڪرين ڇٻ ڇٻ

_______________
(14) 1- بنياد 2- سخت باه ڏيڻ 3- ڏوه ڏيڻ 4- ڪپڙي ٽڪر 5- ماڻھو 6- برابر

(15)

نِيرُ رنگ واڌو ڪڍي منجهہ جهڳه[11] جهُٻ
عشق وارو وڌ وڌي منجهہ لوس2 لٻ3

پاڻيءَ تي ٽھڪي تپي جئن جئن ڪنو
ٿو رجهي تي کاڄ جئن سانڀينِ4 اُٻ

ڀون مٺيءَ تي ٿا ٿين پوکون پُڙا
گاھہ وِي ٻيلا ڪلر ۾ ٿُٻ ٿُٻ

ٿي پڪي عادت وڏي جا پيئي ننڍي
لئا پڪي پختا ڪچي پيا جنھنکي ڪٻ

ڪين نڪرن ٿا سلا سالم اتي
جت هجي ڀون گاھہ کڙرو کٻ کٻ

تڙ تڪڙ ۾ ڪئن وجهي وک ترت ۾
پير ۾ گل جنھنجي نڪتي آه گهٻ

_____________
(15) 1- لتاڙڻ يا گهمائڻ 2- ڇينڀ 3- ٿڪ ڙپ 4- سوگهو

(16)

دل جي توکي سور ساجن جو تہ سکن لي مَ کَپُ 1
ھيج 2 لئي ھيڻي3 مَ ٿي هم غم ڏسي هرگز مَ هَپُ4

ڏي سري عاشق اڳيان معشوق جي تا ٿئين شھيد
جي ڪوٺي توکي ڪنھنن سين قرب ڏيئي ڪنڌِ ڪپ

پي سروُ5 ٿي پيش تون مخمور 6 حق جي ذوق ۾
پوءِ مڇڻ 7 ڪو اوچتو کائي وجهيئي نانگ سپ 8

جنکي محبت ياد مولا جي اندر ۾ آه آنٽ 9
تانگهہ تن کي تات تاري تَنَ مٿي تاريڪ 10 تپ

ٿئو وظيفو جنکي روزي رات ڏينھن رويت 11 حبيب 12
سي ٺھن ڪئن ٺاھہ ڪنھنجي، پئي انھين کي ٺام 13 ٺپ

جيڪي راضي ٿئا رضا تي صبر مان تن سرئو 14 سود 15
توڻي چاڙهن انکي سوري16 پڻ نٿا چورين چپ

سور سانڍڻ سوز سيني ۾ جنين کي سرئو سِر17
توڻي ڦٽجن سام سٽجن گل تا اُنکي گهاءُ گهپ 18

_______________
(16) 1- ارمان ڪر 2- خوشي 3- نا اميد 4- موٽ 5- خدائي محبت جو شراب 6- متوالو، نشڻي 7- متان 8- بلا 9- جوش 10- سخت 11- منھن 12- دوست 13- فرحت 14- حاصل ٿيو 15- فائدو 16- ڦاسي 17- ڳجهہ يا رمز 18- اونهو

(17)

براه[12] جي پيئي جنھن تي باري ڇيپَ ڇِپَ
چور2 ٿيئڙو چوڙ3 منجهہ چيپاٽ چپَ

نينھن جا پيا منجهہ نِرن4 جنھنکي نير
تئن ٽڪر ٿئي تنگ جيئن ڏي ٽيڙ5 ٽِپ

درد منجهہ دل دوست تئن دُرُ6 درس ٿئي
جئن ڦڙو موتي ٿئي منجهہ پيٽ سپ

عشق پڌرو ڄاڻ ڄيري جي ڄڀي7
پوءِ ڳجهو تلوار جئن منجهہ کل کپ 8

جا مڪي ٻاري جڏهن لب9 تي رکن
ٻھر ساڙئو پون ٿا تنـﮧ ٽير لپ

زهر افعيٰ کي اکن ۾ آه اور
جو ڏسي ڏورا اُٿي ڏي ساه لپ11

ڪين پرچن پَٽَ12 تي گل پي سرو13
جي پيا ڪا ٿا14 پين پُر پوڄ15 پپ16

_________________
(17) 1- محبت 2- چپيل 3- تڪليف 4- چيلھہ 5- لچ 6- موتي 7- لاٽ 8- مياڻ 9- چپ 10- ڪارو ن انگ 11- يڪدم 12- ٿوو ذرو 13- شراب 14- پيئندڙ 15- ڍؤ تي 16- دنگ

(18)

ماريو ماريو جنکي مارين تنجو پئڙو توتي پاپ
ڏاريو ڏاريو جنکي ڏارين تنجو پئڙو توتي پاپ

لوڻ جئن پاڻيءَ ۾ وجهيو پوءِ گهمائي آڱريون
درد سان دلڙيون ٿو ڳارين تنجو پئڙو توتي پاپ

ڄيرو ٻاريو عشق جو جنجو ٿو کائين هوش عقل
پوءِ نہ واريو انکي ٺارين تنجو پئڙو توتي پاپ

واعدا ڏيو وصل جا دلڙيون وجهين ٿو شؤق ۾
قول ڪيو جن سان نہ پارين تنجو پئڙو توتي پاپ

ڪنکي ڏنءِ دؤق[13] دنيا ۾ ڪنين کي آخرت
جن کي ٻنھين کان ٿو کارين تنجو پئڙو توتي پاپ

چاڙھيو چاڙھيو آب2 عزت ۾ مٿان چوٽيءَ جي
واريو واريو ھيٺ ڍارين تنجو پئڙو توتي پاپ

پھرين ڏيو آبرو گل جئن ڳچيءَ پنھنجي وجهين
پوءِ ڪنڊن جئن ٿو ٻارين تنجو پئڙو توتي پاپ

____________
(18) 1- خوشي 2- مان

(19)

ديد[14] تنھنجو دوستن لئي ٿوڀ 2 ٿاهر 3 ٿوڻيون ٿنڀ
دشمنن جي حق ۾ ڏينڀو ڏنگ ڏاٽا آه ڏنڀ

چشم تنھنجا آهن چشمو لاءِ تاسئل 4 عشق جي
آب ڪوثر جو اُڃين لئي حاسدن ليءِ ٺار ٺنڀ

شؤق تنھنجي ۾ هڻيو هٿڙا ڄنگهون ٻانهون هڻان
ڪين پھچان ٿي پريم 5 کُسي سڀ کنبڙ کنڀ

ديد تنھنجي لاءِ دلبر دل ڦاٽئون دانهون ڪري
جئن گابو ڳئون لاءِ ڳئون لئي ڦر ڪري ٿي راڙ رنڀ

لاھہ گهونگهٽ وِهُ کلي گل عاشقن جي پيش تون
مکري وانگر منھن لڪايو ڇو ڪرين ٿو چار ڇنڀ6

_____________
(19) 1- ديدار 2- پٺيان آڌر 3- فرحت واري 4- اڃايل 5- دوست 6- پکڙيون

(20)

اي تون مالڪ ملڪ جو توکي سريو سردار سڀ
تولئي پيدا عرش ڪرسي ٿيو تولئي ڀون ۽ اَڀ

آه تنھنجي امر ۾ لوح و قلم جئن ڪئن لکي
جوڙ تنھنجي مان جُڙيو سڀ ٽول 1 ڇاجي ڳوڀ 2 ڳڀ 3

يا محمد آءُ تون ٻئو سڀڪين خلقيم لاءِ تو
چيو خدا منجهہ شان تنھنجي تنھنجو شاني 4 ٿئو الڀ 5

تنھنجو تابع 6 ڇا جي مسلم تنھنجو هندو ٿيو مطيع 7
امر ڌاران تنھنجي عالم ۾ نہ چري ڍور ڊڀ

گنج احمد جو لٽئو پينون پني ٿيا پادشاه
اي ادا گل تون بہ وڃ ڪاھي اُنھي تي پوءِ چُڀ 8

_______________
(20) 1- شئي 2- ظاهر پيدا ٿيل 3- ماءُ جي اندر ۾ 4- ثاني 5- ناپيد 6- مڃيندڙ 7- ڪنڌ نوائيندڙ 8- منجهہ وڃ

(21)

ڏي مَ هِنَ هُن کي هنيون حق ساڻ پنھنجي رهج رُڀُ[15]
شڪر ڪر منجهہ نعمتن 2 پوءِ منجهن بلائن ڪيم ڏڀ 3

وجهہ وک واڌو وڌائي دل رکي سين ڌيان درس
ڪرم پاسو ھيڏي هوڏي وڃ سئون منجهہ چال چڀ

رک خدا جو خيال هڪ دل تي ڪڍي خطرا خلل 4
منجهہ وڃڻ ڏس ڪيم ڪيڏنھنہ منجهہ ورڻ وٺ سال سڀ

نفيءَ ۾ ڪر پاڻ ثابت منجهہ عدم موجود ٿي
رنجڪي 5 کي ريج ڏي وڍ جو وڌي ٿو لاڀ لڀ

باغ بيرنگيءَ 6 جو ٻوٽو تون وجودي واه گل
واس تنھنجي واسئو گل عرش ڪرسي ڀون اُڀ

______________
(21) 1- رنڀيل 2- مهرباني 3- پريشان 4- ٻيائي 5- فڪرات 6- هڪ سمان

(22)

آءُ منھنجي من ۾ دلبر تنھنجي تاري تنھنجي تات
ٻي نہ ٻولي ڪاٿي اُڄھي ووءِ ووءِ ووءِ وائي وات

ڪيو اکيون آگم وسن ھاريو هنجون هم غم ۾
ڪين اوڪارين 1 سانوڻ مينھن جئن منجهہ ڏينھن رات

جئن ڪري تاڙو تنوارون ڪوئل ڪڇ ۾ ڪونج روه
لاءِ تو عاشق پڪارن هنڌ سنڌ ڪابل قلات

جن کي آھي شوق سڪ سيني ۾ ثابت يار جي
سي نہ منھن موڙين محبت کان ڪنھن جي تنکي ڪات

درد آھي دل ۾ دائم درد مندن کي ضرور
صبر وارا پاڻ پيڙن ڪين وجهن ڪنھن سين چات 2

گل جنين کي شوق مولا جو ٿيا شادان سي
ريءَ حسب اُن ريءَ نسب 4 ڏوري لڌي ڏاتر کان ڏات

______________
(22) 1- ماٺ ڪن 2- دشمني 3- خانداني درجو 4- ذاتي وڏائي

(23)

قول جي تو ڪيا پريم سي پار پنھنجا پنھنجي پت
جئن ڪئائي تئن ڪري تڪرار سان تنھن ڀير ڀَتَ [16]

تون بہ دل رک ڌيان تنھنجي جت چيئون توکي الست 2
ٿي بليٰ 3 توتي بلا ڪر فھم 4 دان 5 ٿي مدت

سور ساجن جا اٿيئي سارور 6 ۽ سينگار ساج 7
کڻ مٿي تي ٿي مَ ھيڻي پؤ مَ ڪنھنجي سام 8 ست

جي کلن تو سين خوشيءَ مان جي وھارن هنج ۾
ٿي م سرھي سهج 9 ماڻي سڀ مڻي ڇڏ لاڏ 10 رت

ٿي مڙھيءَ 11 ۾ ڪيم ماندي مهت 12 ۾ محفوظ 13 ڪيم
منجهہ محبت ڪرم ماڻو وٺ چڱي ھيءَ منھنجي مت

ٿو وجهي ڦاھي شڪاري منجهہ رسيءَ رکيو ڌيان
ٿو چڙھي مٽ تي مھاڻو هٿ رکي ٿو ڇاڙ 14 ڇت

ٿو ٽڙي گل ويل جنھن بلبل ڪري تنھن وقت دانھن
ماٺ منجهہ ماڻي15 ڪري گل سڻ چڱيان ھي ڳالھہ ڳت

_______________
(23) 1- رب پاڪ جڏهن سڀ روح خلقيا، تڏهن روحن کي امر فرمايائين تہ ”الست بربڪم“ اوھان جو رب نہ آھيان ڇا؟ روحن عرض ڪيو ”بليٰ!“ ھائو. شاعر ان تي چوي ٿو تہ جو بليٰ چئي پاڻ تي بلا وڌي تنھن تي ڪو ويچار ڪيو اٿئي؟ 2- نہ آھيان (اوھان جو رب)؟ 3- ھائو 4- خيال 5- ڏاهو 6- نازڪ ڪپڙو 7- سامان 8- پناري 9- خوشي 10- انگل 11- مندر 12- مسجد 13- پناه وارو 14- شڪار جي ڪاٺي 15- بي پرواھي

(24)

مئا جي محبت ۾ ماريا نہ موت
وتن جال[17] جئرا فنا ڪيا نہ فوت

رَڏئو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ ٻيءَ
هڻن جئن ٿا ھاري کراڙا ۽ روت

سدا سبز ساوا هِتي پڻ هُتي
منجهان پاڻ پاڻي پين اوت 2 اوت

منجهان پاڻ پنھنجو پرين ڦولھہ 3 پس
آھين تون توھين تون مَ ڏي ٻھر جهوت 4

ڪپھہ سٽ ٿيو سٽ ڦري ٿيو ڪپڙ
ڪپڙ مان ٿيا پٽڪا ۽ پيرهن پوت 5

پائي پيچ تاڃي ۾ پيرن پڌار
ٿيا ڳنڍجي گل مڙيئي ڳوپ ڳوت

فڪر هٺ ٿيو هٿ ملن جوڙ گلَ
جوڙيندڙ منجهان جوڙ ڏس ڪير ڪوت

_____________
(24) 1- هميشہ 2- گهڻو 3- ڳول 4- رُل 5- چنيون 6- ماڻھو

حصو ٻيو

(25)

الف الله قد[1] قامت منھنجي دلدار جي صورت
حقيقت ذات وجہ 2 الله سھڻي يار جي صورت

آھي منھن والضحيٰ 3 والشمس 4 سج چنڊ کان گهڻو روشن
سورة والليل 5 ۾ ڀنڀرن وارن جي ڪار جي صورت

ڏنا زلفن 6 ۾ سھڻي سينڌ کيوڻ جئن عجب جهلڪا
ڪڪر اندر ٿي ظاهر يخطف الابصار7 جي صورت

پرون جاڙا ٿئا گڏ قاب 8 قوسين9 وانگ اوادنيٰ 10
خدا ظاهر ڪي منجهہ معراج ان اسرار11جي صورت

اکيون چشمو حياتيءَ جو مئن جي ڪاڻ ڪالڪوثر12
پيالي پر طهورا13 جي نشي سرشار جي صورت

وِلِنِ تنرن ۾ ڪي ولفجر14 واليان عجب مظهر
آھي منجهہ نورانور نور جي اظھار جي صورت

ٿئو نڪ شهد آنڱر شاهد اِلشق 15 القمر منھن ۾
ٻہ ڦاريون چنڊ ڪئو اي معجزي سردار جي صورت

مڙاھيون ڏند ڳاڙھا ۽ اڇا ڪاللو 16 لؤمرجان
ٿيا چپ لعل احمر 17 خنجر خونخوار جي صورت

بدن باغ بهشتي صوف ڏاڙهون گل منجهس قسمين
آھي جنات 18 عدن تحتھاالانھار جي صورت

نہ ڪيو گل ڪوڙ دل جيڪي ڏٺو منجهہ ديد دلبر جي
وما 19 ڪذب الفؤاد ما ايٰ مختار جي صورت

________________________________________
(25) 1- بيهڪ 2- ذات الله جي 3- ڏيڍ پھر 4- سج 5- رات 6- ڇتڙا 7- اکيون هڻندڙ 8- زھہ 9- گوشا ڪمان جا 10- ويجهو 11- ڳجهہ 12- تلاءُ 13- شراب جنھن ۾ نشو نہ ٿئي 14- سورت قرآن شريف 15- چنڊ جو چيرجڻ 16- اڇا ۽ ڳاڙھا 17- ڳاڙھا 18- عدن جو باغ
19- جيڪي ڏٺو سو دل ٿي و سھيو.
_______________

(26)

ويڻ[2] تنھنجو مون کي دلبر ٿيو مٺو ماکي جي ميٺ
ٻئن جي شاباس کان تنھنجي وڻي مون ھيٺ ڦيٺ 2

تو ڦٽي آھي عاشقن جي دل هڻي چشمن جا تير
پوءِ رکي پنيون اُنھي کي تون اچي دلدار چيٺ 3

ٿيون وسن برسات جئن دائم اکيون آگم 4 ڪيو
تھڙيون منجهہ آکاڙ سانوڻ تھڙيون ڪتي تھڙيون ڄيٺ

جي ڏئين توڻي نہ ڏئين وجهہ 5 پنھنجي ديد 6 جو
آئون تنھنجي نيھن جو نوڪر آھيان نروار نيٺ 7

جي آءٌ مسڪين عاجز آھيان پينو گدا
مونکي پرواه ناه منھنجو تون آھين سردار سيٺ

ڇا ڪريان قربان قاصد تان آيو جو دوست کون
ساه سِرُ صدقو ڪريان ٻيو ناه ڪي باالله 8 بيٺ 9

ٿيون اکيون رت ھاري ڳاڙھيون تن سڄو ٿيو لعل رنگ
تو سان اي گل جنھن ڏھاڙي ٿي منھنجي آه ڏيٺ


__________________
(26) 1- مهڻو 2- ڦٺ جٺ 3- ڇٽاءِ 4- جهڙ 5- موقعو 6- ديدار 7- ظاهر 8- قسم الله جو 9- ھڙ

(27)

رات ڏينھن رب ڳول ان لـﮧ لڙ تي لاٺ 1
گهورَ 2 ۾ وس 3 ڪر وڏو منجهہ ووڙ 4 واٺ

ڪڍ اندر مان غير ڏي اوجر5 صفا
ساڻ ڦٽڪي ڦول ڦيري آب آٺ6

ڪر اڇيون روئي اکيون لاھي غبار7
پرت ۾ پرين جي پنھنجا نيڻ پاٺ8

جي تکو ٿئي نفس ظالم ڪاٺ جئن
پھڻ محنت جي مٿي منھن اُنجو ماٺ9

قيد آھي قرب ۽ پيوند بند
ٿي م سوگهو پاڻ کي وجهہ ڪيم ڪاٺ

ڇڙت ٿي هسوار سانچي سنج رک
وجهہ گهمائڻ ۾ م گل گهوڙي کي گاٺ 10

_______________
(27) 1- قابو 2- ڳولڻ 3- ڪوشش 4- نھارڻ 5- صافي 6- ٺار 7- ٻيائي جو ڌنڌ 8- وجهہ 9- تکائي مارڻ 10- چٽو

(28)

پاڪ رک دل مَ ڪر ڪتي جي چَٺِ
هڻ ڪتي کي ٻنھين هٿن سان لَٺِ

دل خدا لئي کپي خلاصي خاص
ٺڪر ٺوڪي م ڪر اُنھي تي تَٺِ [3]

نفس جي خيال ڪي پليت جا دل
نہ ٿئي پاڪ جي ڌُئين منجهہ ڳَٺِ2

آه قاصد خيال حق جو حق
آيو حق ڏانھن ورائي حق ڏانھن پَٺِ3

گل محمد سوئي سو گل احمد
سي آهن ٽي ويهون سا آھي سَٺِ

________________
(28) ٺڪرن جي جاءِ 2- ناليءَ 3- منھن ڪر يا شڪل

(29)

سِر[4] کئا سؤره سپاھي سينڱ ساهئل سخت سوٽ
چال ۾ چالاڪ چهرا چست چاڙھيو ڏئن چوٽ

وڌ وڌن جيهر ٻڌن صف ڪيو سنئين سنڀرن جڏهن
وير وانجي 2 مير مانجي 3 مڙس ڏين ڪين موٽ

آم سامھان صف بصف سينگار ڪيو سيلا 4 ٻڌيو
سال 5 سٽڪن 6 جال جهٽڪن 7 ڪان ڪن اڙ 8 آڏ اوٽ

باه جي باري بنايو روح سان ٿا راند ڪن
جئن سڙن تئن تئن لڙن ڪڍيو اندر مان ٻھر کوٽ

دوستن جي دل وٺڻ لئي دشمنن کي ماريو
منجهہ ترارن ۽ ڪٽارن ٿا ڪپئو ڪن ٽڪر ٽوٽ

حڪم ۾ هشيار قابو منجهہ هلان همراه ٻيلهه
چاڙھيو توبون کٽن سوڀون ٿا وجهن ڪيرايو ڪوٽ

پاڻ فاني ڪيو فدا ٿا فتح ڪن في الحال ۾
جوان جنگي جئن فرنگي گهائجو 9 گل ٿِيِن گهوٽ 10

________________
(29) 1- چونڊيل 2- جوان مرد 3- پھلوان 4- ڪمر 5- پورا 6- جنگ ڪن 7- حملو ڪن 8- جهلو 9- ڦٽجو 10- ڳاڙھا

(30)

جوڳي وڃن جالٽ 1 کي ڇڏئو مڙيئي مائٽ مٽ
خوش نہ ڪيا ڪنھنجي دعائن نا ڏکويا ڪنھنجي پِٽَ

دونھين دردن جي دکائي دل ٿي ساڙي هوش عقل
ويا ويچارا وِرهه2 ڪنھن ۾ وار ٿيڙن ليڙ3 لٽ

اُنجي مڪتب ۾ رَھي ويراڳ ۽ بيراڳ ٿو
اَلف آين اڳ ۾ هوءَ جا پڙھيائون پھرين سِٽَ

پئا اندر ۾ پنھنجي پاهوڙيون ۽ ڪوڏاريون کڻي
ڪيئون ڀڃي ڀوري برابر صاف سڀ تودا4 ۽ اِٽَ5

وئا ڇڏي ناسوت6 کي لڙئا طرف لاهوت جي
بحر بيرنگيءَ جي ٻوڙيا محو7 ڪئائون رنگ چِٽَ

جي ڀائين جوڳي ٿيان گل ڇڏ تعلق8 پاءِ جوڳ
دل ۾ لوڙهج مڙس ٿي سڀ ڇڏ ڪوڙا کيٽا ۽ کِٽ

_________________
(30) 1- ميلو 2- غم 3- منجهيل 4- ھيٺاھين 5- دڙا 6- دنيا 7- ميٽيائون 8- لاڳاپا

(31)

اُپاڙي[5] چاڙه عاشق عشق جو ايٽُ2
ڪتي پوکي وڌائي ڪر مٿس چيٽُ

وسي مينھن محبت ۽ موهبت3 جو
ٻڌي پوٺن تي بند پوءِ کيڙ تون کيٽ

کائي پاڻي ڪناري جو جڏهن ڪو
مٽر مهري ڇڏي ڀر ڪڻڪ سان ريٽ4

لھي درياه جت لانگها ڪري لس
ڇٽي ٻج ترت هلڪو پوک تون ٻيٽ

صفا وجهہ ٻج نيت جو سڀت ۾
ڪنڌيون پوکي ڪنارا پوءِ م ڇڏ پيٽ

خدا ڏي وڄ خدا لئي ڇڏ خوديءَ5 کي
م لَبَ 6 ۽ لوڀ لالچ جي مٿي ليٽ 7

آھي هر جاءِ حق حاضر م ڪر سڏ
اڳيان بيھي ڪري جو ڪوڪ چؤ ڦيٽ 8

درد سان روئي ڪر صفا دل
مٿي پايو م وجهہ گل مھٽئو ميٽ

_____________
(31) 1- مٿي ڪري 2- نار 3- بخشش 4- دريا جي ڇڏيل زمين 5- هٺ 6- فائدي 7- لاڙو ڪر 8- چوڌاري

(32)

وچ ۾ ڇڏ ڪيم ڪر نيئي راس[6] رِٿَ
ڪر طلب حق جي ڇڏي سڀ تار تٿ2

جمع رک دل پنھنجي جانب ساڻ جوڙ
جي چيري ڦاڙي ڪريئي ڇُتَ3 چِٿَ

من تنھنجي جي آه محبت منھن ۾ گهنج
سَرُ4 ۾ وجهہ، سھہ سر مٿي سڀ سِٺَ سِٿَ

ڳنڍجي پؤ دل ڳنڍي ٿي ڪيم ڇُرڙ5
پوءِ پوندھين جي پيئي ڪا وار وِٿَ6

کڻ مٿي تي بار باري بره جو
خوش کلي گل ٿي مٿي تون خوار کِٿ7

_____________
(32) 1- پوري 2- تجويز 3- ذرا ذرا 4- منھن نہ گهنجاءِ 5- اڪيلو 6- تفاوت 7- حيران

(33)

هل سنئون حق ڏي ڇڏي گهہ گوٿَ1
منجهہ سڌن ڪيم کاءُ ٿاٻا ٿوٿَ

ڪر مَلائي ترار لا2 جي هٿ
نفس باري بلا سُڄي ٿي لوٿ3

سنگتي دين جا سڀيئي کڻ ساڻ
آه موذيءَ جي فوج ڏاڍي روٿ4

ساڻ همٿ حبيب حيدر جي
مار دشمن ڪپي ٽڪر ڪر چوٿَ5

پوک ملت متابعت6 جي گل
آه سائي سليم7 ٻي سڀ کوٿَ8

______________
(33) 1- نٽائڻ 2- نہ 3- وڏي 4- وڏي 5- چارٽڪر 6- تابعداري 7- ڪامل 8- کٿل

(34)

تنھنجي دلبر جاءِ هر جا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ
تون سڀت ۾ سڀڪو توکا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

قال[7] الرحمان علي العرش استوي ڏَسُ تو ڏنو
قلب ۾ پڻ ٿاڪ2 تنھنجا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

تو چيو آھي خدا منجهہ ڀون ۽ فرمايوءِ پڻ
اَڀ ۾ آھي رب اعليٰ آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

گهر تنھنجو بيت المقدس ٿا چون ۽ ڪعبو پڻ
چون ٽئون معمور3 گهر ٿا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

لک نبين پڻ مٿس واڌو ٻيا چويھہ هزار
ديــــن مــلـــت پنھنجي وارا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

آيو منجهہ توريت احمد پوءِ محمد ٿيو نبي
منجهہ حقيقت احد آيا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

لم يلد4 پنھنجي صفت ڪيو پاڻ کي لا مثل5 چئين
پوءِ يدالله 6 ڏئين اشارا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

ذات پنھنجي غيب چائين پوءِ چوي ٿو اينما7
ثم8 وجه الله اي ڇا آءُ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

منجهہ ملاحت9 منھن ڏيکاريو منجهہ صباحت10 ٿو وٺين
ڪٿھين ڪبرا ڪٿ11 زليخا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

تون ڏيکاريو حسن گل جو ٿو هڻين بلبل جي دل
منجهہ هڻڻ هڻندڙ ڏسان يا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

______________
(34) 1- الله پاڪ جو تختگاه عرش آھي 2- جاءِ 3- بيت المعمور
(34) شاعر سڄي غزل ۾ جل جلالـﮧ جي ذات جي تعريف ٿو ڪري تہ اي پروردگار ڪٿي چوين ٿو تہ منھنجو تخت عرش آھي تہ ڪٿي چوين ٿو تہ ماڻھو جي دل آھي، ڪٿي پاڻکي پاڪ ۽ بي مثل چئين ٿو تہ ڪٿي وري الله جو هٿ چئي جسم جو اشارو ڪرين ٿو. 4- نہ ڄڻيائين 5- بي مثل 6- هٿ الله جو 7- جتي ڪٿي منھنجي ذات آھي 8- الله جي ذات جي جاءِ 9- حضرت محمد 10- حضرت يوسف 11 بيبي خديجة الڪبريٰ
_____________

(35)

دنيا ۾ دين ڳولڻ آھي عبث آھي عبث
کدڙن ۾ مڙس ڦولڻ آھي عبث آھي عبت

ريءَ درد سور دقت[8] ريءَ ريجهہ رحم رقت2
ڇپرن ۾ پاڻ ڇولڻ3 آھي عبث آھي عبث

تُرھي سوا طلب جي اوڪار ريءَ ادبَ جي
منجهہ بحر ٽنگ ٽولڻ آھي عبث آھي عبث

صنعانَ4 جي ذلت5 جي منصور6 جي ملت7 جي
مُلّن سين مام8 ٻولڻ آھي عبث آھي عبث

گل ريءَ وصال حق جي لاهڻ حجاب شڪ جي
ساڌن جو سرُ9 کولڻ آھي عبث آھي عبث

____________
(35) 1- تڪليف 2- نازڪي، باريڪي 3- پتوڙڻ 4- نالو 5- خواري 6- نالو 7- مذهب 8- رمز 9- راز
شيخ صنعان رحمة الله هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آھي. هڪ ڏينھن حضرت پير دستگير رحمة الله ارشاد فرمايو تہ جنھن وليءَ تي اسان جو قدم نہ هوندو، تنھن تي سوئر جو هوندو. شيخ صنعان انھي ارشاد کان انڪاري ٿيو. ٿوري وقت بعد هڪ يهوديءَ جي ڌيءَ تي عاشق ٿي پيو؛ نتيجو اهو ٿيو جو اسلام ئي کان خارج ٿي ويو. سندس مريدن حضرت پيرجن کي اچي التجا ڪئي، جن جي توجهہ سان توبھہ تائب ٿيو ۽ وري ساڳيو درجو عنايت ٿيس.
حضرت منصور رحمة الله ڪامل بزرگ ٿي گذريو آھي. الاھي عشق جي جذبي ۾ ”آءٌ الله آھيان“ جو نعرو هڻڻ لڳو. شريعت جي صاحبن چيو تہ ھي ڪفر ٿو ڳالھائي، تنھن ڪري مٿس تعزير آيو ۽ کيس سوريءَ تي چاڙھيائون. سندس رت جي هر هڪ ڦڙي بہ زمين تي ساڳيو لفظ لکيو.
_____________

(36)

محبت بنا ڳولڻ خدا آھي عبث آھي عبث
محبت ڇڏي ٿيڻ جدا آھي عبث آھي عبث

ڏک کان ٿو حاصل سک ٿئي ري ڏک ڪھڙو منھن مک[9] ٿئي
حاصل جفا2 ڌار صفا3 آھي عبث آھي عبث

ڌاران لڇڻ کامڻ پچڻ ھاڃي 4 هڄڻ 5 جهوري جهڄڻ
محبوب وٽ ڪا التجا 6 آھي عبث آھي عبث

محبت وٽڻ پڙھين ڪنا مصلحت 7 پڇڻ چرين ڪنا
ٻارڻ ڏيو انڌن اڳيا آھي عبث آھي عٻث

پاڻي پڇائڻ رُڃ ۾ سانگي ڏسائڻ سڃ ۾
ريءَ مينھن سانوڻ جي بنا آھي عبث آھي عبث

جنھنجي سخن کي نانھہ سچ وعدا ڪري جي قؤل ڳچ
ڦولڻ وفا 8 ڪوڙن ڪنا آھي عبث آھي عبث

گل ٿي فناتا آب9 ٿئيي خوشبوءِ ۽ رنگ تاب 10 ٿئيئي
مرڻ بنا ماڻڻ لقا 11 آھي عبث آھي عبث

____________
(36) 1- منھن مھاڙ 2- تڪليف 3- دل جي صفائي 4- مصيبت 5- ڳرڻ 6- سوال 7- صلاح 8- وفاداري 9- عزت 10- چلڪو 11- خدا جو ديدار

(37)

ڏيکاريو منھن لڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث[10]
سڪاين کي سڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث

ڪنھين کي هنج ۾ پنھنجي وھاري ٿو ڏئين عزت
ڌڪئو ڪن کي ڌڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث

اڳيان پنھنجي اٿارئو ڪن کي تڙئو ٿو ڪڍين ٻاهر
ڪوٺيو ڪن کي ٽڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث

هئڻ 2 جي ڪيو، هڻيو 3 تن کي ڪريو ھيڻو ڀڃيو حجت 4
اڳيان پنھنجي ڍڪائين 5 ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث

صبح ٿيو سوار مَهرِن تي ڏين جي هر طرف واهون
سانجهيءَ تنکي جهڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث

کُلايو گلَ کي ڏئو آب پنھنجي باغ ۾ خوش ڪيو
ورئو تنھنکي چڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪھڙي باعث

______________
(37) 1- سبب 2- هٺ 3- تڪليف 4- گستاخي 5- گيسيون ڪرائڻ

(38)

ڏک ڏنا ڏاتر وجهي ڏکين[11] کي ڏوليءَ2 پائي ڏاج
سُور سهمن سوز سُوٽن جا سڀيئي سينگاري ساج

عاشقن جي هٿ هٿوڙيون ٻيا ڪڙو لا قرب جا
خوب سونھن ٻانھن محبوبن جي ٻانھيون صاف عاج

آهن ڪوڏئا جنگ اڪبر جا سدا عاشق امير
پايو پنھنجي سِر وتن پھريا طلب جا طوق3 تاج4

پاڻھي ٿئڙا سوُر پنھنجو پاڻ پنھنجو ڪئئون مريض
پاڻھي پنھنجي مرض جا ويٺا ڪرن دارو علاج

مئي ڪيا مخمور مولا جي سدا گِهڏندا وتن
گهوٽ گُلُ ٿيو گل وڃائي سڀ اوسيئڙا6 احتياج

__________
(38) 1- سوريتن 2- ڦرنڊ 3- هسلي يا ھار 4- ڇٽ 5- جهولندا 6- انتظار

(39)

سور ٿيو سينگار جنجو ڏک تنيجو آه ڏيج
وره ووءِ ووءِ ٿئو وروهڻ1 ھاءِ هئي هئي آھي ھيج2

مرض محبت جو اندر ۾ ڪوه ڪندو تنکي طبيب
درد ٿيو دارون دوا ٻڪيون ڦڪيون آزار ايج3

جوش جذبي4 ۾ زياده، منجهہ طلب واڌو وڌن
ڪونہ ڪن ٿا ٺاه ٺرئي جئن تپن ڪن تاءُ تيج

پوک تنجي پرت پڄرڻ ھيج هرلو نينھن نار
بره باھيون ڪُھڙ ڪاڍو آب اکين آه ريج

ٿئا سُڪي سرھا سدا آباد ۾ ارھا مدام
ٿا وتن گلزار گل کاڻن کٽئون ڪو کوب6 کيج7

___________
(29) 1- اورڻ 2- خوشي 3- ڏک 4- بي اختياري [12] 5- ٻرڻ 6- چڱو 7- سوڀ

(40)

تاڻئو جئن ٻڏن ٿا تن منجهہ تَينج [12]
ٿا اُٺائين تئن کڻئو منجهہ هنجَ

ٿئو ڍرو پئي ڊھيو ٻڌل ٻائِڙُ2
ٿو اُڀو ٿئي ڊٺل کڙو منجهہ کنجَ3

الف4 بي جيم دال ھي پنج حرف
هڪ ٻہ ٽي چار پوئِيون ٿيو پنج

مئي محبت جي ٿي حلال، حرام
خُمر افيون6 ٿيو ٿي ڀڙوي ڀنج7

ٻَڌُ سپاھي صلاح جا هٿيار
چڙھہ گهوڙي تي رکي سچائيءَ سنج

منجهہ کٽئي خوش م ٿئي ۾ ڏک ھارئي
گل آهن گاه8 رنج گاھي گنج

_____________
(40) 1- تنجڻ 2- نار جو ائٽ 3- ڇڪ 4- ابجد 5- شراب 6- آفيم 7- ڀنگ 8- ڪڏهن

(41)

سڏ سڻي سيد سچا سيگهون رسيج
جو کھي1 دشمن دَڙي2 دوٻي دسيج

کَرُ کھي تو هَڻُ کلو کر کي کڻي
جي ڦُرئا کر ٽول سي کر کان کسيج

واٽ وٿڙي مون هٿان اَوَجهڙ 3 پئس
واٽ تي چاڙھي سنئون ڏَسڙو ڏسيج

تون ڪرامت جو ڪڪر محبت جو مينھن
رحمتي ريلو ڪري مون تي وسيج

پرت ۾ عاشق پچي ٿئا تنھنجي پاه 4
پَرَ ڪنان پاسو ڪري پنھنجا پسيج

بلبلون عاشق گلن تي ٽوتي گل
گل اچي گلزار ۾ گل سان هسيج 6

____________
(41) 1- دشمني رکي يا کونسي 2- وڙھي 3- ٽي واٽو 4- فنا 5- ڌاريون 6- کلج

(42)

دل ڇڏي در دوستن جو ھيڏي هوڏي ڪيم اُجهہ [13]
جيڪي آيو سر تي سه، ڏي ڏيل2 ڏک کي، ڪيم ڏُجههُ3

فهم4 جي توکي آھي فرھي فڪر جي پڙھہ کڻي
لوح5 ۾ تنھنجي لکيو ڇا، ڪو تہ اُن مان حرف ٻُجهہ 6

تنھنجي صورت سِرُ7 حق جو ٿي حقيقت سِرُ سِرُ
چيو خدا انسان ڳجهہ منھنجو آھيان آءٌ اُنجو ڳجهه

توکي رب قوت ڏني قدرت8 مٿي مخلوق9 سڀ
پؤ مَ ھيڻو، ڪر همت، ھاريا10 اُٿي ڪي لوچ لجهه11

پاڻ ۾ ڏس پاڻکي تا پاڻ مان پاڻھي لھين
ھيڏي هوڏي ٿي م اولون12 روح پنھنجي ساڻ رجهه13

گل تون مکري ٿئو ٽڙين ڳاڙهو ٿيو رت ۾ سڄو
پوءِ ڳرئو پاڻي ٿئين ڪا ڏي حقيقت مون کي ڪجهه

_____________
(42) 1- رُلُ 2- بت 3- اَوات 4- سمجهہ 5- نصيب يا اصل 6- پروڙ 7- ڳجهہ 8- طاقت 9- خلقت 10- ھارايل 11- خيال رک 12- رول 13- مشغول رهه

(43)

وون وڃڻ ۾ م ڳول وارو [14] وَجههُ
ڪرم سِلَ 2 ٿئي سگهو جو سرڻو سَجهہ 3

ڇَرر 4 ٿي ڪيم ڇوڙ ٻڌ ۾ ڇالڊ5
منجهہ ٻڌڻ ٻانڌ 6 ٻول 7 پنھنجي ٻجهہ 8

پؤ پَڌرُ 9 واسري 10 چڙھي وس ٿي
روح خوش ڪر م روڪِ رُگهہ ۾ رجهه

عشق جو علم عرف 11 اور بيان
ڪين سمجهي تھين کي قاضي ججهه

گل جتي ڪم اچي ٿو ڦول صفا
اُت اچي ڪھڙي ڪار ڪيرو 12 ڪجهه

_______________
(43) 1- وقت يا مهل 2- دير يا گيسر 3- موقعہ 4- ڌار 5- اڪيلو 6- ٻڌي 7- اقرار 8- مضبوط ٿي 9- ظاهر 10- طرف 11- مشھور 12- گڏيل ان

(44)

پؤل پڻ جاڳ، جاڳ سھڻا سنجهہ 2
ٿا اچن سمجهہ مان ڏکئن کي ڏنجهہ 3

سر4 سڄي ۾ پکي سوين سھڻا
سوڌ5 سالم سچا همه6 ۾ هنجهه

وٽ ڪلالن7 ڪسڻ قبول ڪري
ڪنڌ نائڻ چڱو، نہ گهرجي ڪنجهہ 8

جت ڇِڪي سِيرَ، ڪُن ڪري ڪَڙَڪا
وِهُ سکاني9 م وار10 وانجهي ونجهه

آه وحدت وصال عرياني11
گل سمجهہ رک مَ ڏي ملن کي منجهہ 12

____________
(44) 1- آخر 2- سمجهو 3- ڏک 4- پکين جو ملڪ 5- سھڻا 6- سڀني 7- شراب وڪڻندڙ 8- ڏرمائڻ، ڪنجهڻ 9- سکان جهليندڙ 10- وراءِ 11- ظاهر 12- حال

(45)

ڪالھہ ويئي گذري نھاري ڪي تون ساجن آءُ اَڄ
اکيون عيدون ڪن ڏس توکي ڪري ڪو روحُ رَڄ [15]

تون وتين آرام جمعيت ۽ شادي ذوق سين
مونکي حاصل درد ٿيو ٻيو بره ٽيو بيراڳ هڄ2

صبر ڪر اي دل مٿي حق جي رضا مشڪور3 ٿي
ووءِ ووءِ ووءِ واءِ4 ڪرئو واءِ واڄٽ جئن م وڄ

ڪر تحمل، ٿيء جبل، چُرُ ڪيم ڪنھنجي چورئي
ھيڏي هوڏي ڦوڪ تي ۽ واو تي ڪک جئن م کڄ

جنھن ڏنيهءِ دل ڏي تون اُنکي، دل م تون دنيا کي ڏي
تا ٿئي دل پاڪ تنھنجي نہ تہ وڃي وجهہ ڌوڙ ڇڄ

گل ادا ڏي دل خدا کي پاڻ ڪنڊن سان م روڙ 6
سڀ ڇڏي گل ڦل تماشا باغ ۽ بستان ڀڃ

____________
(45) 1- ڍؤ 2- اوسيڙو 3- شڪرگذار 4- گهوڙا گهوڙا 5- کان 6- ڦٽ

(46)

ٿا چون گهڙ بَحَر ۾، پُسُ ڪيم پاڻيءَ ۾، مِ ڀڄُ
بار کڻ باري برھہ جو جيءَ پنھنجي تي م جهِڄُ

جي ڀائين هورو[16] هئان هلڪو پسان پڻ ڪين ڪي
ڳنڍ ۾ ٿيءُ ڌار، جملي ۾ جدا، منجهہ ڌار ڇڄُ

جي طلب توکي خدا جي منجهہ اُڀت 2 پئي ٿي سڀت 3
خؤف ۾ خوش بي ڊپو ٿي رک خوشيءَ ۾ ڊاءُ 4 ڊڄ

رنگ هڪ ۾ روپ ڪئين آهن تجليون سؤ هزار
منجهہ ڪڪر لڙ واچ آھي مينھن آھي گاج وڄ

گل تہ ڏس ڪئن ڏينھن مان ٿي رات ٿئي ڪاري سياه
رات مان ڪئن ٿو ٿئي ڏينھن ڪئن ورئو اڀري ٿو سڄ

______________
(46) 1- بي ڊپو، ٿوري بار 2- اوجهڙ 3- سنئون 4- ڊپ

(47)

وسن جئن مينھن ڇَرؤن ڇيڄَ1
پچن پوکون پين سانگي پلر2 پيڄَ3

اکوڙي ننڊ، سنجهي جاڳ رب لئي
ڀڄائي ڀنجُر4 پَر بَرُ5 جئن ڀڄي ڀيڄ6

محبت جو جَنين کي مرض جاڳيو
وئا ورچي مٿا تن ڊب کڻي ويڄ7

پرابت8 پرت جو پولير پسارو
پڇاڙي ڏين پيڙون9 مھڙ ۾ ھيڄ10

ڏکن ۾ جي سدا سنرا11 وتن گل
سکن جي سي سچا ماڻين ٿا سيڄ

___________
(47) 1- گهڻو پاڻي 2- پاڻي برسات جو لڙاٽيل 3- گهڻو 4- اکين جون پنبڻيون 5- ميدان 6- صبح ٿئي 7- طبيب 8- حاصلات 9- سور 10- قرب 11- راضي

(48)

آه جانب ريءَ جيڻ جک جاڙ[17] سڀ سؤنسار سڃَ
شھر بازو ڀينگ بيدي بحر بر ٿئو ريل2 رُڃ

درد ڌاران دانھن ناھي سڪ ٻاجهون ناھہ سوز
منجهہ طمع4 تعظيم ناھي منجهہ محبت مان مُڃ

تَرڪ 6 ڌاران ناھہ طاعت 7، ناھہ طاعت ريءِ طلب
کاڄ ٻاجهون ڪيئن وڃي بک، ڪيئن لھي ريءَ آب اُڃ

جي طلب توکي ادا وجهہ نفس کي تڪبير ترت
درد ۾ دل داڳ ڪر سالم رکي منجهہ لاس ڀڃ

وِجهہ ڇڙي چانور چڱائن جا سڻڀ سچ جو گڏي
پوءِ وڌي ڏي جال بکين کي تہ ڪن ڪي جوان بڃ

گل آھي گلزار ۾ ڪڏھين خزان ڪڏھين بھار
ٿيءُ ٽڙي خوش ڪيم، ڪومائي م منھن ۾ پاءِ ڳُڃَ

_____________
(48) 1- اجايو 2- ويران پوٺو 3- کامڻ 4- لوڀ 5- ناس 6- ڇڏڻ 7- عبادت

(49)

پنڌ پؤ، وڃه ساڻ ويندڙ، وهُ م وڃ
پڇ خبر ۽ چار ايندڙ وه ۾ وڃ

هل م پنھنجي هوش تي ڇڏ حجتون[18]
لاڙ2 نيست نال3 نيندڙ وه ۾ رڃ

ٽول تي ٿئي ڪيم سرهو سمجهہ رک
سرت 4 سان ڏس ڏانھن ڏيندڙ وه م وڃ

ميٺ لقمي5 جي ۾ ڏس تون بورچي
کاڄ ٿي ٿيء خوش م کيندڙ وه م وڃ

گل تہ ڏس ڇا اُڃ پاڻي ڇا ھي پاڻ
پاڻ ۾ پھه6 پاڻي پيندڙ وه م وڃ

___________
(49) 1- اميدون 2- هلاءِ 3- سان 4- خيال 5- گراهه6- اندر وڃ

(50)

جي وئا ڪالھہ اڄ نہ وريا اَڃَ1
ڏِس اَسُونھيء2 وئا نہ ڪئائون سَڃَ3

جي پُٺيءَ پئا پئا پئي نہ پٺيا4
وئا وئا تا ورئا وئا منجهہ وَڃَ

ترت تڪڙا تکا وڃن تاڻا5
تاءَ تَوَ ۾ پون نہ لانجها6 لَڃَ

ڇاٽ7 ڇوھي ملار محبت جي
ڪئا مَڃر8 ڳاه9 گهوٽئا ات ڳَڃَ10

گهوٽ ٿيا گهوٽ ڪئا ڪنوارن ڪاڄ
ٿئا ملي گل ڦل موتي ڃَڃَ

___________
(50) 1- اڃا 2- جنھن هنڌ جي خبر نہ هجي 3- صلاح 4- موٽيا 5- جيسين جيسين 6- گهٽ ۽ پوئتي 7- مينھن 8- پن ٻوٽو 9- ڍڳ 10- جهجها

(51)

اڱڻ منھنجي ٽلي[19] دلدار تون اَچُ
ڀلي منجهہ حاسدن جي دل پئي ڦَچُ2

ويھي ڪي اور3 مونسان نام ربَ جي
تہ تو سان اوريان آءٌ ڳالھين ڳچ

درد تنھنجي جو دونهون ٿو دُکي روز
محبت جو ٻري من ۾ منھنجي مچ

سوري 4 سينگار آھي عاشقن جو
صبر ۽ سڪ ساڙو سوز ۽ سچ

محبت آھہ موتي امل ماڻڪ
سڌون5 آھينِ ڪائو ڪوڙ ۽ ڪچ

محبت بحر اونهون عشق حق جو
گهڙي گل لعل ٿي اِن عشق ۾ رچ

___________
(51) 1- ناز مان هلي 2- ڦٽ 3- ڳالھاءِ 4- ڦاسي 5- اجايا خيال

(52)

ڪڍ رُخا گهوڙا پڌر تي شاه پنھنجو ڪيم آنچ1
ڌيان رک دشمن اندر مُهرا مڙيئي جوڙ جانچ

پوک ۾ رک پاڪ نيت منجهہ امانت مان شان
ٿو بچي جيڪي بٽائيءَ کان ڪري گڏ ڦالٽ2 ڦانچ

جيڪي ڀاڱي ۾ اچي وٺ شڪر ڪر جاني جوان
ڏي اول ڀاڱو خدا جو پوءِ نيئي ٻيو سانپ3 سانچ

چيٽ ڪيو ڪتيون مگر پوءِ رک م آڌاون تي آرُ
رات ڏينھن ان لڙ م لڳ ڪي لَڙ 4 ڌڻي جي لوچ لانچ5

گل ادا گوشو 6 چڱو هنجي ڳچي هنجي ۾ پؤ
هنجي گوڏي ھيٺ هنجي ھي م ھاريا پاڻ گهانچ

_____________
(52) ڦاساءِ 2- ورھاءِ يا پتيون ڪر3- قابو ڪر 4- رستي 5- خيال ڪر 6- پاسو 7- نقصان ۾

حصو ٽيون

(53)

وڃ سنئون سِڌ[1] رک سَنوت م سوُچَ 2
حَق ڏي حقُ وٺ م ڪر چَبَ چوُچَ 3

هنڌ جئن ھيٺ بي ڊپا ڏاڍا
ڊپ وارا گهڻو مٿاھين اُوچَ 4

ننڍڙا ڪيم ڏس وڏن جا ٻار
سڀ وڏا آھين ننڍن جي پوچ5

ماٺ آھي ملوڪ موچاري
لاءِ دنيا جي منجهہ طَلب لُڇَ لوچ 6

نور جي جاءِ گل ٺلهو آنڊو
پيٽ اَن سان م ڀر، ڪرئو گهُچَ گهوُچَ 7

________________________________________
(53) 1- سڌائي 2- ويچار 3- اجايو معاملو 4- مٿاھان 5- اولاد 6- آرام نہ ڪرڻ 7- ڏلھي ڀرڻ

(54)

سنوت1 جي ڪر سڀن کي سچ مان آڇ2
م لڙ لڙ ڪر، پٽي ور ونگ تري واڇَ

سخن کي ٻول سھڻو سرت مان سال3
ڪچو ڳالھائي ڪنھنکي ڪيم ڪي ڦاڇ4

اول کي رک اڳي آخر ۾ گڏ ساڻ
سنڀالي اڳُ سرتيا5 پُر مٿي پاڇ6

ڏسئو سي عيب گهوڙي جا ڳنھندڙ
سپاھي ٿا وٺن پورا مٿي ڪاڇ7

دُبن ۾ ٿا وٺن گل ڪنگ گوُجوُن
رهن تت هنج، ڀريا چڇ8 جت چاڇ9

__________________
(54) 1- سچائي 2- صالح 3- سالم 4- فاش، پڌرو 5- خبردار 6- پوئين شئي 7- ماپ 8- ڍورا 9- گهڻي پاڻي وارا

(55)

هل ڪتي کي م ڏي اُنھي کي ڇڇَ[2]
نہ وڻي ڳالھہ جا لڳي ٿي بُڇَ2

ڌيان سان سڻ خبر هڪو ڀيرو
ڪي آھي چڱي تَکارڻ3 پُڇَ

آه لازم جتي پڇڻ ٻولڻ
جت وڻي ماٺ اُت نہ گهرجي ڪُڇَ4

صبر خاصو مٿي رضا5 رب جي
منجهہ طلب نات لوچ6 گهرجي لُڇَ

ڪين پاهون7 وري پئي پٺيان
گل جنھنکي آه منھن ۾ ڏاڙھي مڇ

_______________
(55) 1- چچڪار يا بڇ 2- بڇڙي 3- تڪرار 4- ڳالھائڻ 5- مرضي 6- ڪوشش 7- پٺتي

(56)

گهاتوُ[3] اُٿي گهڙ گهوُرَ 2 ۾ ساري سڀئي کڻ ساڻ رَڇَ 3
سيسار واڳو ٿا سُڄن اڳيان وڏا وينگار4 مڇ

سندرو ڇنڊي گهڙ سير ۾ تدبير5 ڇڏ تقدير6 ۾
رک هوش هِت هِت ھير ۾ ٿا وهن ڀريا چاڇ ڇَڇ

خوش ڪيم ٿي ٺڳ7 ٺاه ۾ سنڊ8 ساڙ پؤ اوڙاه9 ۾
وڃ ٿي فنا في الله مَ ايءَ آه سڀ تانگهارَ10 اڇ

هڻ ڏي ٽُٻي پؤ پاڻ ۾، ڇڏ ڀؤ ۾ پؤ تون پاڻ ۾
ڇڏ ڄاڻ 11 پوءِ ڏ س ڄاڻ ۾ تنھنجو آھي منجهہ تنھنجي ڪڇ

هوءِ جي پچائن پاڻ کي ميءِ جئن چِڪائن پاڻ کي
رنگ ۾ لڪائن پاڻکي پيو پاڻ ٻئن ڪن بڇ12

گل چؤ ٿيو آھين ورق ڳر تان ٿئين پاڻي نڌڪ 13
پوءِ جمع ٿي سڀ لاه شڪ، لنو لا جي لاھي لوڙا لڇ

______________
(56) 1- مھاڻا 2- سخت وهڪرو 3- ڄار 4- خوفناڪ 5- رٿ 6- خدا جي مرضي 7- چالاڪ 8- اوزار 9- اونهو 10- تانگهو 11- عقل 12- چوڻ 13- نہ خراب ٿيندڙ

(57)

سڀ کون واڌو آھي دلبر تنھنجي سارَهَ تنھنجي مَدحَ1
ڇٽ مٿي سڀني جي سرور تنھنجي ساره تنھنجي مَدحَ

آه منجهہ توريت2 ۽ انجيل3 ۽ زبور4 ۾
اي اکين جا ٺار اوجر5 تنھنجي ساره تنھنجي مدح

تنھنجي ساره ۾ خدا فرقان سارو ڪيو نزول6
منجهہ فتحا7، نجم8، ڪوثر9 تنھنجي ساره تنھنجي مدح

ڇا جي طـــٰحـﮧ 10، ڇا جي يـــٰسين، ڇا مزمل 11 سور ۾
والضحيٰ 13 والليل 14 اڪثر تنھنجي ساره تنھنجي مدح

حرف صورت ۽ حقيقت ذات مڙن ۾ ٿي جمع
منجهہ شھادت 15 نورانور تنھنجي ساره تنھنجي مدح

توتي حَقَ صلوات 16 چئي توتي ملائڪ ٿا چون
منجهہ دنيا منجهہ ڏينھن محشر تنھنجي ساره تنھنجي مدح

آه عاصن 17 کي شفاعت لئي وڏو ڀر ڀروسو 18
ٿنڀ ٿوڻي اولو آڌر تنھنجي ساره تنھنجي مدح

گل تنھنجي ذات جو پينون ۽ صورت جو گدا
آه اُن لئي گنج 19، گوهر 20 تنھنجي ساره تنھنجي مدح

____________
(57) 1- تعريف 2- حضرت موسيٰ تي لٿل 3- حضرت عيسيٰ تي لٿل 5- حضرت دائود تي لٿل 5- صاف ڪندڙ 6- نازل 7 کان 14 تائين قرآن شريف جي سورتن جا نالا 15- شاهد 16- قرآن شريف جي آيت ان الله و ملائڪة ڏي اشارو 17- گنهگار 18- آسرو 19- خزانو 20- موتي

(58)

ڪر خدا کي ياد وٺ دل ھيءَ سچي سھڻي صلاح[4]
ياد ۾ ٿيءُ شاد وٺ دل ھيءَ سچي سھڻي صلاح

ٻڌ ٻئي ٻانهون اڳيان سائين جي منجهہ سنجهي صبوح
تا رسين تون داد 2 وٺ دل ھيءَ سچي سھڻي صلاح

ٿي جبل توفيق جو، ڪک پن جئن منجهہ واچ جهڪ
وڃ م تون برباد 3 وٺ دل ھيءَ سچي سھڻي صلاح

حرص ۾ وجهہ ڪيم منھن، هٿ ھاج کان جهل، حق طلب
ٿا ٿئين آزاد وٺ دل ھيءَ سچي سھڻي صلاح

گل چويئي ٿو گُلُ 4 ڪري شطرنج بازي نفس سان
ٿي مَ موڳي مادِ 5 وٺ دل ھيءَ سچي سھڻي صلاح

___________
(58) 1- رٿ 2- انصاف، حق 3- ناس 4- وِسائي 5- شھہ کاڌل

(59)

مونکي هنيو هورن [5] هڻي ڪوڏي ڀري ساقي 2 قدح 3
کانئي وڌو کؤرن 4 کڻي ڪو ڏي ڀري ساقي قدح

دل روح پيا ڪنھن دور 5 ۾ گم ٿي ويا ڪنھن گهور 6 ۾
تنجي ڇڄي پيئي تڻي7 ڪو ڏي ڀري ساقي قدح

جيُ جسم پيو آزار ۾ سورن سندي سنگسار ۾
ڪا جا لڳي اک جي اَڻي 8 ڪو ڏي ڀري ساقي قدح

سڀڪو وتي سنرو 9 سکن مونکي ڪيو انرو 10 ڏکن
اِيءَ ڳاھہ واحد کي وڻي ڪو ڏي پري ساقي قدح

وحدت وڌو ور اوچتو، چيتو ٿيو ڇرجي ڇتو
دل ۾ رھيو هڪڙو ڌڻي ڪو ڏي ڀري ساقي قدح

مکريءَ مان کليو خوب گل اُن مان ٿيو پيدا اصل
گل پيو وڃي پٽ تي ڇڻي ڪوڏي ڀري ساقي قدح

____________
(59) 1- فڪراتن 2- پياريندڙ 3- پيالو 4- سخت باه 5- خيال 6- پچڻ 7- پردو 8- پيچ 9- خوش 10- پريشان

(60)

تنھنجون اکيون آھين سدا رنگ لعل سرخ 1
چپ ماکيان ملوڪ مٺا رنگ لعل سرخ

تنھنجا اندام2 ڄڻ گل لالا ۽ گل گلاب
مينديءَ سين هٿ پير رتا رنگ لعل سرخ

تنھنجي ڪلهن ۾ بوڇڻ رنگين ماڃ 3 تي
سڀ پليء ڌڙيون ھيٺ مٿا رنگ لعل سرخ

لونگي ذري ڪنار ڪمر تي، ڪلاه 4 سر
پٽ ۽ ذريءَ جا تنھن ۾ پٽا رنگ لعل سرخ

ڇا پيرهن ۽ انگرکو سٿڻ ۽ جتي
محبوب تنھنجا مڙيئي لٽا 5 رنگ لعل سرخ

_______________
(60) 1- ڳاڙھيون 2- عضوا 3- مڃٺ جو رڱيل 4- ٽوٻي 5- ڪپڙا

(61)

دل درد ۾ پيئي جي ڌڳي[6] تہ بہ ٿو وتين تون يار شوخ2
جيء جان جهوريءَ ۾ جهڳي3 تہ بہ ٿو وتين تون يار شوخ

ارواح4 عشاقن5 سندا، من مان مشتاقن سندا
ٺوڳي نيا ٺڳ تو ٺڳي تہ بہ ٿو وتين تون يار شوخ

صدقي اچي ڪئا سر سچن منجهہ پرت تنھنجي پيا پچن
پوءِ نا ڀڳا ڪنھنجي ڀڳي6 تہ بہ ٿو وتين تون يار شوخ

تَنَ کي وڌم تڪبير ھاڻ صدقي ڪيم سر ساه ساڻ
ارواح اَلستون7 اڳي تہ بہ ٿو وتين تون يار شوخ

پَن پَنُ جي ٿي ڦاريون ڇڄّي ڇڏي ٿُڙَ ٽاريون
گل پؤچي پيو اَهنجي سڳي9 تہ بہ ٿو وتين تون يار شوخ

____________
(61) 1- ٻري 2- ڪاوڙيل 3- اڀامي 4- روح 5- عاشق 6- کارڻ 7- الست کان 8- پونجي 9- ڌاڳي

(62)

سڻ سمجهہ رک دل جي چتا[7] دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ 2
پڇ ڳاڇ اِيءَ ويڌن 3 ڪٿا 4 دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

روحي 5 سري 6 اخفي 7 خفي 8 ٿئو نفس ساڻ عنصر 9 نفي
منجهہ قلب ڪامل مقتدا 10 دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل چونٿا نقطو آھي هڪ دُر 11 ناسفتو 12 آھي
سڀ حرف ٿيا اُن ۾ بجا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل ۾ خدا ديرو ڪيو احمد محمد لوڪ ٻيو
سڀڪو صفت پنھنجي جدا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل آه لوح محفوظ حق تنھن ۾ نڪي ٻيا شرڪ شڪ
اُنجا ڪيا مون تجربا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل جاءِ رب العالمين 13 دل ۾ رھيو روح الامين 14
دل آھہ ڪعبي جي بنا 15 دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل جاءِ حڪمت ڪي حڪيم مايو 16 منجهس علم العليم 17
ڇا اَول، و ڇا انتھا18 دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

چيو شان دل جي ۾ خدا لا يسعني 19 ارض و سما
منجهہ قلب مومن منھنجي جا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل جا جدا دلدار کان سوڙي وھي ساڪار 20 کان
ٿي موڪري جنھن ۾ خدا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

دل ماڳ 21 رب جليل 22 جو دل باغ حسن جميل 23 جو
تنھن ۾ لکين گل ڦل ٽڙئا دلجاءِ ٿي سوڙي فراخ

____________
(62) هن سڄي غزل ۾ دل کي جي جي مرتبا مليل آهن، سي بيان ڪيا آهن ۽ چوي ٿو تہ ذات باري، جا آسمان ۽ زمين ۾ ماپي نٿي سگهي سا مؤمن جي دل ۾ ماپي وڃي ٿي.

1- لاڙو 2- ڪشادو 3- حالت 4- ڳالھہ 5- روح جو 6- ڳجهو 7- تمام ڳجهو 8- ڳجهو 9- ڀاڱو 10- پيشوا 11- موتي 12- جو موتي ونڌيل نہ هجي 13- جهان جو پاليندڙ 14- ملڪ جبرئيل 15- بنياد 16- ماپي ويو 17- ڄاڻندڙ، خدا جو علم 18- پڇاڙي 19- زمين ۽ آسمان منھنجي لاءِ پورا نہ آهن 20- ڪم 21 جڳه 22- وڏو 23- سھڻو
____________________

(63)

تنھنجو آھيان پير پازي[8] آءٌ پيو تنھنجي پلاند2
رات ڏينھن دک درد دل ۾ وره تنھنجي کان نہ واند

مونکان ٿيا سڀ ڏوھہ ڪوجها 3 ڪِرت 4 ڪم اَهنجي حضور
توکان تحمل بار برداري ۽ شفقت رحم کاند5

سڀ هدايت6 آڇ سچ توفيق ۽ تحقيق جي
آن ڪنان مونکي مڙيئي سکو غفلت ننڊ واند

عقل منھنجي عشق تي، غالب ٿيو دل تي نفس
تون ڇٽائين تان ڇٽان نہ تہ دل هڻي ڪي نفس باند 7

تنھنجي همت رحم رحمت چاڙھيا گهوڙن مٿي
عشق جي جي ڪيرئا پٽ تي هڻي ڏوهن جي ڏاند8

آه گل جي دل ۾ تنھنجو ميٺ محبت جو سدا
جيئن لئو پاڻي مٺائي کنڊ منجهہ ڪاني ڪماند

_______________
(63) 1- غلام، لنگهو 2- دامنگير 3- بڇڙا 4- ڪم 5- بخشش 6- ساڃاه 7- قيدي 8- ڍڳي

(64)

دل ۾ دلبر جو جنھين کي آه درد
سا سدا دل گرم حق سين ٿئي نہ سرد 1

طالب الدنيا2 ٿيو کدڙو خراب
طالب الموليٰ3 مذڪر مڙس مرد

آه جامع غوث ذات صفات کي
جو مجرد4 ذات ڏي سومرد فرد5

نور حق جو آه رنگ بي رنگ ۾
ڇا اڇو ڪارو ڳاڙهو سبز زرد

ٿيو صفت هڪ ذات هڪ ۽ وصف ۾
ڪونر6 گل ٻولي ڪھين ۾ ڪنـﮧ ۾ ورد

______________
(64) 1- ٿڌي 2- دنيا جو گهورو 3- ڌڻي جو ڳولائو 4- تارڪ دنيا 5- اڪيلو 6- ڪنول گل جو نالو

(65)

ٿيءُ وڃي يار بود[9] ۾ نابود
منجهہ عدم 2 ٿي وري اچي مؤجود

حرم3 القلب مسجد الله خاص
ڪعبة الله خلق جو مسجود4

آه ٻالهپ ٻيائي وحدت ۾
هو مؤجود حق هو المعبود

ڏسُ ڏسڻ ۾ بصير5 مبصر ھيڪ
شاهد لله هُو ه والمشھود 6

منجهہ ڏسڻ غرض منجهہ پسڻ هڪ حق
منجهہ طلب تات حق هو المقصود 7

مَحو صوفي کي صَحوَ 8 صافي لاءِ
جن ڏنو سّر سر ڊھيو تن سود

باغ ذاتي جو گل محمد گل
احمد حامد هو المحمود

______________
(65) 1- هئڻ 2- نہ هئڻ 3- پاڪ جاءِ 4- سجدي ڪيل 5- ڏسندڙ 6- شاهدي ڪيل 7- مراد 8- هوشياري جي حالت

حصو چوٿون

(66)

مانڊيءَ محبت جي هنيومن تي منڊي ڪو منھنجي مَنڊُ
ڏک ڏرل[1] ۾ بت ٿو ڦري جيئن منجهہ هٿي چؤطرف جَنڊُ

ساٿي سنگت ۾ ٿيءُ سجاڳ منزل ۾ پنھنجي ڀانءِ 2 ماڳ 3
ڇڏ ننڊ ٿيو آرس اڀاڳ هڻندو سوارو 4 ساٿ گهنڊ

منجهہ بحر ترهو چست ٺاھہ سيڻـﮧ چڱي جي ساڻ آه
ٻيڙي نہ آھي واه واه لهرن جو آھي سام 5 سنڊ 6

چيتو چڱو آھي رکڻ سڀڪنھن وڻي سڦرو7 لکڻ
وک واٽ کان ڦيري ۾ کڻ حاڪم وجهن ٽيپ ڏَنڊُ

اَکيون هُئن تان عيد هوءِ اکين بنا ھيءَ ھاءِ هوءِ
انڌن کي ڇا اُڀري جي توءِ منجهہ ڏينھن سج منجهہ رات چنڊ

ڪنکي محبت مست ڪيو ساقي شراب پلئي پيو
ميء جي خمار اَلهٽ 8 نئو ڪن پئو پناري مِهت 9 ونڊ 10

جيڪين نصيب جنھن سندو سو ٿو کڻي پنھنجو بندو
توفيق جي قابو ڪندو گل جي ڦري ٿي ڀان 11 ڀنڊ

________________________________________
(66) 1- غم 2- خبردار 3- جاءِ 4- جلد 5- پناه 6- اوزار 7- سٺو 8- هوش کان ٻاهر 9- مسجد 10- خيرات جي ماني 11- ذات، جي آکاڻيون کڻي ڳائيندا آهن

(67)

مينھن محبت جو منڊي بيٺو جنھينجي مَنَ تي مانڊَ
ڪيو ڇمر اکيون وسائن چؤطرف ٿيون ڇانٽ 1 ڇانڊَ

آه پيو اکيون اندر جي عاشقن کي سورَ سرٽُ2
ٿا هڻن ٻاهر اُنھي کي وره جا وانٽا ۽ وانڊ4

سور جا سونڊا5 کُتيون منجهہ پير هٿ اُنجي لڳا
پوک پڄرڻ جي مان گڏ ڪيائون ڏکن جا ڏاٽ 6 ڏانڊ 7

پرت جا ٻوٽا پٽي مُڙھيون8 محبت جون ٻڌي
ڇانڊيو ڇاقيو ٿا چورا پوءِ ڀرن ڦڪڙن9 جي ڦانڊَ

درد جا داڻا ڪريو گڏ دوستن سين ٿا ونڊين
ٿيا کٽِي خوش گل کُلي ڇا اُنکي ڄاڻن لُر لانڊ 10

_____________
(67) 1- جهڙ 2- ڦڙيون 3- ڪک 4- سوٽون 5- ڪنڊا 6- ڏار 7- ڏانڊيون 8- ويڙھيون 9- ڦڪ 10- بد افعالا

(68)

ٿا وڃن ڇوه مان ڇُلئو ڇڙ[2] ڇُنڊ
بار ۾ ٿا ڇڄن ٿلھا 2 بڙ بُنڊَ

رنج ۾ ويا رُلي رنڊئل رهجي
راه تي ٿيا روان رسيدا 3 رُنڊ 4

ٿا پچن سال 5 وقت جنھن ميوا
ٿا پون ٽُٽيو ڏار مان سڀ ڏنڊ 6

جنکي دل ۾ ڌڻيءَ جو آھي خوف
وره ۾ پيا ڳرن ڇڏيو ڦَرَ ڦُنڊَ 7

عاشقن کي سدا جهڄڻ جهوري
معشوقن جي منھن ۾ گهورون گهُنڊَ

ٿا جهلن عاشقن کان جي معشوق
تنکي ڏنگين نانگ سپ لَسَ 8 لُنڊَ

وه کُلي گل اڳيان حبيبن جي
جانبن وٽ نٿي جڳائي جهُنڊَ

______________
(68) 1- هلڪڙا، آزاد 2- ڦاٿل 3- پھتل 4- رھيل 5- پورا 6- ڏانڊيون 7- فخر - سڀني

(69)

درد دلبر جي وڌا عاشقن جي ويڌ وَڍَ
ٿا وڄن پڙ ۾ پٽئن جي لاءِ اِن ماتام ڊَڍَ

جنهجن هنئيءَ، دل تنھن ڳھي، دل سان نہ ٻئي ڪنھن هنڌ رجهي1
جي ڪري ڪو قرب ڪوڙين ڳالھيون ڳڻ ڳچ 2 ڳنڍ3

جي لڳا تنھنجي پلئي سي پرن پنھنجا پاڻ کي
ڇا پري اوري وتن سي پار پنھنجا پنھنجي ڪڍ4

دين دنيا ۾ وسيلو ناه منھنجو تو بنا
هت بہ دلبر تو دلاسي هت بہ آڌر تنھنجي ڏَڍَ

تون آھين محبوب گل آءٌ تنھنجو ٿيو پينام گل
گل گڏيو گُلُ پاڻ سان سڀڪو ڇڪي ٿو پنھنجي اَڍ 5

____________
(69) 1- ريجهي 2- ٽڪر 3- ڳنڍڻ 4- پٺيان 5- نک يا اصل

(70)

من ۾ جنھنجي مچ محبت جا ٻرن هر روز ڊالڊ[3]
نينھن ٿيو نيران اُن لئي وره ووءِ ووءِ ٿيو ورانڍ! 2

عيش عشرت عيد ٿيو اندره اُنکي سور سک
خوش وتن منجهہ ذوق شادي ٿا ڏين سڀڪنھن کي ڪانڍ 3

سور وارنکي سڏيو سوڙا 4 ڪريو سڪ کي وٽين
ڪن ڇنا ڇانو ٿا ڇانئون ۽ اڏيو لانڍيون لانڍَ

جي هجن پورا اُڻڻ لئي پاڻ ۾ ڪوري تہ پڻ
لئي وڌائڻ ڪرت ڪم جي ٿا وھارن آڻيو وانڍ5

جي ڳنڍيون ڏيو ڳهن جون ڳانديا ڳچيءَ ۾ ڪيو وجهن
گل ڳچي پؤ اُنجي تاڪن گڏ توکي سين ڳُهڃ ڳانڍَ

_____________
(70) 1- ڏاڍا 2- وڏا 3- ڪوٺ 4- گڏ ڪيو 5- مزدوريءَ تي اڻڻ جو ڪم ڪندڙ ماڻھو

(71)

سُٽَ وجهي واڌو وڏي ڪر پنھنجي واڍ[4]
تڙ ڪٿي تانگها ڪٿي آھين ڪاڍ2

گاه جت سائو جهجهو هوئي بي ڊپو
اُت جميعت سان پنھنجو نيئي وهٽ پاڍ3

جت آھي رَکَ ويء يا ڪو چور چرٽ
ٿا هڻن ڌڻ مال کي ريءَ ڏوه ڏاڍ4

پاڻ ڏاڍي سان م ٿي منجهہ جنگ جيس5
جي ٿيندہ پوئي پيو هٿن سان پاڻ اَڍ6

گل پوي ڪومائجو منجهہ تاب7 توَ
ٿو ٽڙي جئن جئن پوي ٿي تنھنتي ٽاڍ8

______________
(71) 1- رسو 2- اونھا 3- چرڻ ۽ ٻڌ 4- ڏاڍائي سان 5- جهڙو 6- علاج ڪر 7- گرمي 8- ماڪ

(72)

درد تنھنجي عاشقن جي دل ڪبي دلبر اڌَ اڌَ
اڌ اڌن تي ڌريو پڻ ٿا سڙن منجهہ سڪ سڌ

منجهہ پچڻ کامڻ سدا سنرا سکئا سي سور ۾
ڏکَ ڏوري مان ڏکين کي آه آئي لاڌ 1 لڌ

جئن وَھائن نار نيڻن جا ٿين ساوا سلا
پوءِ سڙن ٿا سوڪ سڪ جي ۾ جي ڪن ڪا ڇوڙ ٻڌ

ميل ڪن ميٺاج گڏجي کير ٿي ۽ کنڊ جئن
چانورن جي چاه ڪيو چسٽن رجهن جئن منجهہ رڌ

گل رجهي جي ٿيا مٺا سالم وريا گـﮧ ميٺ ٿي
پوءِ وجهو پاٽن ۾ کاڌي لاءِ ٿا ڪن اُنجي وڌ

____________
(72) 1- لذت

(73)

نفَس ڀڙوا ڇو ڀليو[5] ڪاھيو پوين منجهہ اونڌ2 انڌ
ياد گيري رب جي ڇڏيو پٽين ٿو ڪوڙ ڌنڌَ

لاءِ لذت3 جن جي ڀڃيو امر4 نا فرمان ٿئين
سي سُڀان5 ٿيندا سڀيئي توڻي شاهد ساڌ سَنڌ

وڇ صفا پاڻيءَ ۾ وهنجي پاڪ ٿيء، ڍورن طرح
ڪنن ڪنّبن ۾ پئي قابو مَ ڪر سي سنڍ ٻنڌ

هوش وارو سڀڪو پنھنجي هوش تي منجهہ چاڙھہ گهيڙ
بي سمجهہ بي فڪر پوءِ ڪاھيو پونٿا اونڌ6 ڪنڌ

آه دنيا گهر فنا جو ٿيا فنا رهندڙ سندس
سڀ ڇڏي بنگلا براقون ماڙيون محلات هنڌ

گل ادا رک ڌيان دلجو پُر7 پريان جي پير تي
اَڄ بہ اوڏانھن ڪاھہ سمجهي پوءِ بہ جيڏانھن تنھنجا پنڌ

_____________
(73) 1- ڀلجيو 2- انڌائي 3- راضپي 4- حڪم 5- روز قيامت 6- اونڌي ڪنڌ 7- هل

(74)

وڻ مَ پٽ هڻ ڪڍي منجهان وڻ اوڌ[6]
ڪن سنوان سَوتَيون 2 ڌڙا 3 ڪن دوڌ 4

علم اُبتي اکر پروڙڻ ڏک
سبتي پڻ نٿا پروڙن ڪوڌ 5

مڙس سانگي سنگهار سالم سوڌَ
مار6 واريو ڏين وراھيو ڏوڌ

تئن پون پيش ٿا اچيو عاشق
جئن ڌڪن دوست لاڏ مان منجهہ لوڌ

تئن پوي اَنُ ٻھر ڪک ڪَڏَ7 کان
جئن لتاڙينِ ڳاه کي گل ڳوڌ8

________
(74) 1- ٽاري 2- سنوت 3- رستا 4- ڌڙا 5- بيعقل 6- هر هر 7- ڪڏن 8- ڍڳا


(75)

بخت جي هوئي سنئون اَگَلا بہ اوڏ1
اُن ۾ پڻ سي خاص جي لاکي جي لوڏ

صبر سان موتي ٿئي سپ ۾ ڦڙو
مالُکوَ بي مالُکا پاڻي تي ڪوڏ

ٿا تنوارين منجهہ طلب ماڻھو مرون
ڇا چتون منجهہ باغ ڇا منجهہ روه روڏ2

عشق حق جي ۾ ٿين جويون مڙس
جذب ۾ جوانمرد پوڙھا مڙس ڀوڏَ3

گل ڇنو سو پيو ڳچي ڳنڍيو رھيو
ٿيو ڪُماڻل آب ھيڻن ناه هوڏ

___________
(75) 1- ويجها 2- پکي 3- جهور

(76)

هِت بہ دلبر تو اجهي آءٌ ھيٺ هُت پڻ تنھنجي اَڏَ[7]
توه تنھنجي تنھنجي تڪيي تنھنجي آڌر تنھنجي مَڏَ 2

سام تنھنجي سُک سڀيئي پَرَن تنهجي پُر پرين
جن وڌي لاھي مٿان پنھنجي مٿي تو پنھنجي لَڏَ

گنج تنھنجي مان نوازئا شاد ٿئڙا شڪر سين
سڀ انڌا ٽُنڊا منڊا ٻوڙا پُڇا بدڪار ڏَڏَ

ھيج تنھنجي ۾ هڄي ويا ھانوَ مشتاقن سندا
سنڌ سورن ساڙيا گوندر ڀڳا سڀ گُڏ هَڏَ

قرب ذاتي جن کي ڪيو فاني صِفاتُن سڀ ڪنان
توڙي او او او ٿيا اي اي ڪريو ڪن ڪوڪ سَڏَ

گل فنا ٿي پاڻ کان تا ٿئي تنھنجو پاڻي ڀلاب
پاڻ ثابت ڪر م پنھنجو ڳار پنھنجا ڪک ڪَڏَ4

______________
(76) 1- آسري 2- ٽيڪ 3- ڪنڊا


(77)

وڃ سنئون ڏس سمهون م ڪرڪا آڏَ
ڏس تھڙو اَڳَ ڏانھن تھڙو پاڏ1

اَڳ بہ سينگار پول پڻ تھڙو
منھن ڍڪيو ڪيم ڪر اُگهاڙي ٻاڏَ

ٿڙ تازو سدا طلب حق جو
آه دنيا ڦٽل پراڻي ڀاڏ2

وَسَ چرئو ٿا ٿين سُکئا سانگي
مال تنجا ڪرين ٽاڙون3 ٽاڏ4

ڀاڳيون ڀاڻ تي ڀُڻن سَرَھيون
ھيڪ ٻي سان ڪرين لـُڏيو لاڏ

گل کليا گل باغ ۾ سرھا
گل ڇنيو سونگهہ گل مَ پٽ ڪک ڪاڏ

___________
(77) 1- پڇڙي 2- ڦٽل ڪڙيو 3- مستي ۾ ڊوڙڻ 4- ٽپ

(78)

دل کي منھنجي درد تنھنجي جي دوا آھي لذيذ
سُونھن سوڳنڌ وعدي تنھنجي جي وفا[8] آھي لذيذ

ٻئن جي ميٺاج محبت قرب کان مونکي گهڻو
تنھنجي بي قربيءَ ۽ محنت جي جفا2 آھي لذيذ

وصل قربت جمع صحبت سڀ ڪنان آھي مٺي
فرق ڦوڙائي وڇوڙي ۾ رضا3 آھي لذيذ

منجهہ انڌاري ڌنڌ دنيا جي ڌنڌن ۽ دوستن
دل ۾ حق جي شوق اوجر جي صفا آھي لذيذ

عاشقن کي منجهہ طلب حق جي سکن عيشن ڪنان
رنج راڙو روڄ ماتم ۽ بلا آھي لذيذ

ٿي بقا اثبات ۾ هر ڪنھن جي دل شادان ٿئي
گل جي دل کي امر سڀ ۾ ٿي فنا آھي لذيذ

______________
(78) 1- پورائي 2- تڪليف 3- مرضي


(79)

اڄ آيو يار کان مون کي ڪاغذ
دوست دلدار کان مون کي ڪاغذ

پرت سان پوشئل[9] پنو پاٺئل2
يار جي پار کان مونکي ڪاغذ

مُهر مائل مُراسلي منڊئل
محب منٺار کان مونکي ڪاغذ

آڻي قاصد ڏنو قريبن جي
تاني تڪرار کان مونکي ڪاغذ

ساه سانڀي3 رکي سلامت ۾
يار اغيار کان مونکي ڪاغذ

پار پيغام کان وڻي اڪثر
فاش4 اظھار کان مونکي ڪاغذ

عهد انجام کان آھي واڌو
قول اقرار کان مونکي ڪاغذ

ٿو سُھائي 5 سرير ۾ گل جئن
جوڙ جنسار کان مونکي ڪاغذ

___________
(79) 1- ڍڪيل 2- ويڙھيل 3- سنڀالي 4- ظاهر 5- وڻي

(80)

آه سڀ تي حڪم تنھنجو نافذ[10]
ڀون ۽ اُڀ تي حڪم تنھنجو نافذ

جن انسان ۽ ملائڪ تي
ڳوڀ ڳُڀَ تي حڪم تنھنجو نافذ

ڦوٽِ ڄَمَ سانڀ ۾ ڦُڙي ٻِج جي
پٺ ڀڀ تي حڪم تنھنجو نافذ

منجهہ عرب ۽ عجم دڳو 2 تنھنجو
پوءِ پورڀ3 تي حڪم تنھنجو نافذ

ٿو لڀي ٽول ڀال تنھنجي سان
ٿئو الڀ تي حڪم تنھنجي نافذ

واسري 4 واو وس مٿي قادر
کهُٽَ نِرڀَ تي حڪم تنھنجو نافذ

منجهہ ڪمائڻ کُلَڻَ ۾ گل جي آه
گاه ڊڀ تي حڪم تنھنجو نافذ

___________
(80) 1- چاري ڪيل 2- حڪم 3- طرف

(81)

آئي رت سانوڻ سندي مينھن وسي ڪئڙا ملار
ڍٽ وسيا ۽ پٽ وسيا سرھا ٿيا سانگي سنگهار

گاه ساوا سبز ٿيا هر سو1 ڀريا پاڻن تراه2
پھريا پوٺن وٺي چؤطرف پنھنجا ڌڻ ڌرار

سڀ ڇڏي ڍنڍون ۽ ڍورا ٻھر نڪتا سانگ تي
ڳئون وٺي ڳنوار پنھنجون مينهون ميڙي مھار

ذوق شاديون ٿيون ولهرن ۾ وڏا ڪيا وس وَسُنِ
سِر3 ڀِٽن چاڙھي اڏي ويٺا پکا پنھنجا پنهوار

هڪ طرف گاجيون ۽ گوڙيون ٻي طرف کوڻيون کنون
مينھن ٽاٽا4 ڪيو ٽمن باھيون ٻرن چوڏس هزار

خوش ٿيون سرھيون سنگهاريون پٽ ڦڙن سينگار ڪيو
لويون لاکيون لال سر تي ڳچيءَ پويو پايو هلو

ڪيا منڊل برسات برسي گل ٽڙئا پوٺن مٿي
زعفران وسنبل و نرگس کلئا کٽڻھار

____________
(81) 1- سڀ پاسي 2- تلاءُ 3- تي 4- آواز

(82)

آءُ تہ اوريون ويھي اندر جي اور [11]
هوت گڏجي لهن هنئين تان هور2

ڪراچي دوست دل اندر ديرو
من3 مٿي مانَ سان اچي ٽِلُ مور

ساز سان ٻئي مٿي کڻي ٻانهون
ٽل هنئين تي چڙھي موچاري ٽور

پائي پيرن ۾ گهنگهرو نورا
ڇِم ڇِڊدم ڇم ڇنن ڪري گهڻگهُور

عشق تنھنجي اندر ۾ ڪيو آزار
بره ڀوري ڀڃي ڪيو بت ڀور

ديد پنھنجو ڏيکار گل کي گل
ڪر ڪرم ساڻ گل جي ڪا گل ڪور4

_______________
(82) 1- حال 2- فڪر 3- دل 4- گلڪاري

(83)

چؤ ڪير قائل[12] قول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر
پوءِ ڇا ٿو ٻولي ٻول2 ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

ڪنھنکي طلب ٿي ڪنھنجي آه، پوءِ چؤ وڃايو آه ڇا
پوءِ ڪير پيو آھي ڳول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

ڇا لاءِ ٿي سسئي هلاڪ ڇا هو پنهون ڇا تِنھنجو ٿاڪ3
ڇولي وڌي ڪنھن ڇول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

ميهر ۾ سھڻيءَ ڇا ڏٺو ڇا کير هو ڪنھنجو اِٺو4
جهوري وڌي جنھن جهول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

رانجهو تہ ٻيلي5 ٿا چون سائين ۽ ٻيليءَ ڇا لڳن
پوءِ ھير ڇو پئي رول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

ليلا ڇوڙائي سير جٿ، مجنون کان رت ويو ڏس تہ ڪٿ
مونکي وڌو ان ڏول6 ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

جو پاڪ هو سڀ ڊول کان هر شيءِ ۽ هر ٽول کان
سو ڪئن آيو سڀ ٽول ۾ سالڪ سچا ڏي مون خبر

ڪئن ٻج هو ڪئن ٿيو نھال7 ڪئن سو وٺي ڦر ٿيو ڪمال
گل پيو آھي ان ڦول ۾ سالڪ سچا ڏيمون خبر

______________
(83) 1- چوندڙ 2- ڳالھہ 3- رهڻ جي جاءِ 4- ڇاجو 5- نوڪر 6- حيراني 7- خوش

(84)

مُلان ميٺ سان ننڍڙي ڳڀرو[13] کي پاڙهه
ڪرينس تاپ تؤ جي ڪري روڄ راڙهه

ڪري جو پڪو ترت پنھنجو سبق
ڏي موڪل م اُنکي ٻين ساڻ ڪاڙھہ 2

دنيادار سان ڪر مَ دَورِي گريب
جي هوءِ هوش وارو تہ مسڪين چاڙهه

چڱي ۽ مٺي يار جو رک سنڌو
ڏمر ۾ ڪتي جئن ڏَنگي3 ڪيم ڏاڙهه

آرائين ۾ ڇِنُ گلَ ۾ بلبل کي ڇيڙ
ڇنين جي تہ ڇوڪر ڇنين ڪرم ٽاڙهه4

______________
(84) 1- ٻارڙو 2- وھار 3- چڪ هڻي 4- ڀڄڻ

(85)

ڇوڙ مڪڙي1 بيھہ م وٺ رَس جوان رڙههُ
ھير جي ساڄي2 لڳي کڻ جلد سِڙَههُ

ٿي سنگت صحبت ۾ ماکيءَ جئن مٺو
منجهہ ڪڇڻ ڪنھن سان کٽو ٿي ڪيم ٽِڙههُ

جي هجي ناڻو تہ وڃ بازار ۾
ڏي اول ملھہ پوءِ وڻيئي جيڪي سو ڳِڙههُ

هنجي چئي هنجي ڪوڏائي ٿي مَ خوش
منجهہ هئڻ ڀرجي مٿي ڳڙ وانگي ٺِڙههُ

گل ڳچي پؤ ڪيم هِنَ هُنَ سان م جهيڙ
وڙھہ م ڪنھن سان نفس پنھنجي ساڻ وڙِههُ

______________
(85) 1- ٻيڙي 2- سولي

(86)

ٻول ۾ سي ٻَڌا جنھين ڪي ٻَڙهه[14]
سوز سڪ ۾ پيا سنوان ٿي سڙهه

مؤت موتوا2 جي ماري ڪئڙا مات
ٿا ورائن ٻيا اُنھين جا مڙهه

پھر ۾ ٻانڍ پيا سڪا پٽ تي
منجهہ اندر ڇول ڪيو وھي ڇر ڇڙهه3

ھاڙَ آکاڙ چيٽ ڪتي ۾
مينھن هنجن جا ٿا وسائن ھڙهه4

پرت تنجا اڏيا پکا منجهہ پٽ
لنؤ ٻڌا چؤطرف لنگهائي لڙهه5

عاشقن آڻ ۾ کٽئو الله
عاقلن ڄاڻ ۾ وڃائي ڄڙهه6

باه ۾ نفيءَ جي جلائي جهنگ
گل اثبات ۾ اڏيا نيئي ڳڙهه7

_______________
(86) 1- محبت جا مچ 2- پاڻ ماريو 3- ڪڙو 4- ڏاڍا 5- لڙھا 6- عمر 7- ڪوٽ

(87)

جي وڃائين پير پيري پوءِ ڦري چؤطرف آڙِ 1
ٿيء م ڳانڍڙُ ساڻ چورن وجهہ مَ پنھنجي پيٽ ڀاڙِ

پوک جي هئي شھر جي ڀر ۾ تہ ھاري هوش رک
ڀيل تي ٿيءُ ڪيم بڇڙو وِجهہ وڏي چؤطرف واڙِ

جاسين آھي سائي ڪاٺي وڻ ۾ قبرن جي مٿي
وڍ ۾ تنھنکي جي سُڪي پوءِ نيئي وڍي منجهہ باه ساڙ

چيٺ دَرزي چيت 2 سان رک گرھہ 3 ثابت وِرڇ وِرٿَ
سُرت سين ساري سنڀاري پوءِ ڪپڙ کي چير ڦاڙ

قصد جنھن ڪم جو ڪرين توڻي هجين خود هوشور
ڀيٽ ٻي سان مصلحت پوءِ پٺي نيت پنھنجي ناڙَ 4

جي هجي مسڪين ھاري سُڻ مُجيري نامدار
سڀ م ني اُنجو کٽيو ڪي اُنکي ڏي ڪي پنھنجو پاڙ 5

گل آھي مشھور هر جا باغ سڀ بستان ۾
جي پڇين ڪشمير قابل جي سري جي سنڌ لاڙ

_____________
(87) 1- نھار

حصو پنجون

(88)

چؤ چتائي سخن مَ ڪر لَڙ لَڙ
سالُ[1] سمجهي ادا نہ ڪر بڙ بڙ

واءُ توڻي ڪ آه راَ‎حَتَ روُحَ
وڻ پٽي جي لڳي ڪري جهڙ جهڙ

مينھن دڙڪي2 جي مان نٿو ٿئي گاه
جو وسي سخت ٿو ڪرئو ڪڙ ڪڙ

ڀون مٿي هَلُ ادب سين پير ڀَري
دل سندي ڌيان سان م ڪر دَڙ دَڙ

اَڻَ پُڇي ڳالھہ چوڻ نانھہ صلاح
اڻ سڌيو ڪنھنجي گهر وڃڄڻ سڙ سڙ 3

ڪئن اُڏامي پکي کٿل کنڀن
توڻي ڦٿڪي توڻي ڪري ڦڙ ڦڙ

گل ڪتو آه پاليل درجو
جي هڻو دوست جي ڪريو ھڙ ھڙ 4

______________
(88) 1- پورو 2- جلدي 3- اجايو 4- لوڌيو

(89)

ڪين ٻڌَن جنگ ۾ جوان مرد اَڙَ [2]
قرب ۾ ڪپيو ڪڍن ٿا ڪونڌ ڪَڙ2

جت اچن گرڙاٽ ڪيو گورا3 گُڙئو
ٿا پون عاشق اُتي ڪيو ڊانھن4 ٿَڙ

نارَ نيڻن جا وهن جر جال تت
جت ٺڪا ڪيو ڏين پاڻي پاڪ تڙ

راڳ ۾ چوري هڻن جي تند کي
ٿا هڻن پوءِ جوش ۾ سي جوان جهڙ5

پوٽـڙيون مصحف مٿي آھينِ پوش
پَرھيا6 قبرن مٿي پيرن جي پَڙ

پاڻ ڪر فاني خدا کي ڪر ثبوت
آه اَيُ احسان ڪَرِ وَڙ7 ساڻ وڙَ

مَن راَني8 قدريٰ الحق آه مام
گل ڳجهارت اي ٻجهن ڪي مڙس ڀڙ9

_____________
(89) 1- آڏ 2- سنڌو يا حد 3- گولا 4- فنا 5- تڪڙو وڄائڻ 6- ڍڪيل 7- مهرباني 8- جنھن مون کي ڏٺو تنھن ڏٺو حق کي 9- ڏاھا

(90)

جن کي حاصل پاڻ مان ٿيو پنھنجو رازُ [3]
تنجو تن طنبور ٿيو سُرُ سوز سازُ

نفيءَ مان حاصل ٿيو جن کي فناءِ
حڪم ۾ ماروُ 2 ٿيو شَھہ دست باز

عشق سائينءَ کي ڪري ٻانهون غلام
ڏسُ تہ ڪئن ٿيو شاه محمود و اياز

دين ملت عشق جو آھي جدا
وصل نيڪي ٿي مدائي امتياز3

گل جي توکي عشق مولا جو سچو
پؤ کلي پؤ ٻھر ڇڏ تون احتراز4

_______________
(90) 1- ڳجهہ 2- شڪار ڪندڙ 3- جدائي 4- بچاءُ يا پاسو

(91)

ڪين بس ڪن بکيا کِيَڻَ کان روز
پُر1 نہ اُڃيا ٿين پيڻ کان روز

ٿا تہ ورچن سخي بخشش کان
مڙس ڏاتار ڏن ڏيڻ کان روز

نانھن آرام صبر جميعت
عاشقن کي جهرڻ جهڄڻ کان روز

معشوقن کي ناھي قرب قرار
مان ۽ شان ۽ پُڻَڻَ 2 کان روز

سالڪن کي سلوڪ سير اندر
بس نہ آھي وڃڻ ورڻ کان روز

منجهہ صفت ذات آه شان ٻيو
عارفن کي ڏسڻ پسڻ کان روز

گل جو آھي سدا گلاب مدام
بس نہ اُنکي کِڙڻ ٽِڙڻ کان روز

__________
(91) 1- ڍاوا 2- وڏائي

(92)

ٿو وڻي لات[4] ۾ مٺو آواز
هر ڪنھين بات ۾ مٺو آواز

سر ڪلياڻ ۽ جمن ۾ جوڙ
پوءِ کنڀات ۾ مٺو آواز

منجهہ سُر راڳ سامونڊي سھڻي
سسئيءَ اڌ رات ۾ مٺو آواز

جوڳ، بروو، کاهوڙي، رامڪلي
رِپ، پرڀات ۾ مٺو آواز

منجهہ بلاول، ۽ مارئي، راڻي
گل ڳواّت ۾ مٺو آواز

_____________
(92) 1- ٻولي

(93)

عاشق اُڀو چئي واه واه ٻولي ڙڙڙڙ[5]
عاشق چوي ويو ساه ساه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ

توڻي ڪپي قطرا 2 ڪري عاشق وڍي ٽڪرا ڪري
پنھنجو جسو هڏ ماه ماه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ

جي دِل ڪڍي ڪانَون ڪُتن عاشق هِنيو ڏي سان هٿن
ڀؤن مان پٽي جئن لاه لاه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ

عاشق توڻي ڳرئو ڳري منجهہ ساڙ سڪ ٻرئو ٻري
ڏک ۾ ڪري بُتُ پاه 3 پاه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ

جي ٿئين مٿي پيرن پڻي 4 تندون ڪرين تن جي تڻي 5
گل ٿئين مٿي گس گاه گاه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ

____________
(93) 1- ويچارا ڏيڻ 2- ٽڪرا 3- فنا يا چوُر 4- کھہ 5- پردو

(94)

آھي دل تي دلبر جي دائم اُداسَ
پرين جي پسڻ جي پرت کان پياس

هنئين ۾ سدا ھيج هوتن سندو
اندر آنٽ اوساٽ ڪاڙهو اُڪاس1

درد دل مٿي سوز سيني اندر
سدا سور ساڙو وروهڻ وِماس2

سِڪي دل حبيبن جي ھيڪاند لئي
پوري ڪَر تون پينار جي پِير آسَ

منجهان ديگ پنھنجي بکئي کي ڍئيو
تہ پڻ پُر ٿئي جي چکايوس لاسَ3

لڳي جن خبر تن ٻئن نانھہ سُڌِ
هنئي هنڌ، خبر پئي قدر پئي قياسَ

نہ صورت مٿي گل جي ٿيو بيخبر
هنيو ڀولر کي بره جي بوءِ باس

______________
(94) 1- سڪ 2- فڪرات 3- ٿورو ذرو

(95)

جن چکي تنھنجي چپن مان يار چَسَ[6]
چاه2 ڪيا چريا رُلايا ريجهہ رَس

ناھہ راحت رهٽ3 ڪک ۽ ريج تي
جِن چُنا آھين ساوا گاه وس

آه سڀڪنھن کي طمع ۾ تانگهہ تات
لَڙَھہ مٿي لالچ وڃن ٿا لُرَ لَسَ

جنکي محبت حق جي من ۾ مدام
محو ڌاران منجهہ ملڻ ڪن ماٺ مس

جي ويا ٿيا منجهہ وڃي حق سان وصول
وٺ انھي جا گل گهمن گهٽ گهيڙ گس

___________
(95) 1- لذت 2- شوق 3- گاه جي پاڙ

(96)

اکين ۾ آءُ منھنجي وه اچي دوس1
ڏَجِڻ2 ڏک ۾ ڀلي پيئي ڪري ڊوس3

پرچ پنھنجو سڃاڻي پاڻ پريم
نہ گهرجي يار يارن سان ڪرڻ روس4

اچي وَٽِ وِهُ تہ اوريان حال توسان
مونکي آھي آزاريو لوڪ جي لوس5

سڙي کامي پچي شال کر ٿئي خوار
ڪري تَنھنجي ڪمائي رب مڙيئي کوس

محبت آه ٻارئو مچ مَن تي
اندر ۾ عشق جا آڙَهَ ٻرن اوس6

قريبن قربَ جا کوڙيا ڪينارا7
ڪلالن گَهر سدا قربانيون ڪوس

متارا مست ٿيا گل پي پيالا
ڏين سَٽ ۾ سِريون سانگا نہ ڪَن سوسَ8

_____________
(96) 1- دوست 2- ڏکي زال 3- ڌوڙ وجهي 4- رسڻ5 - طعنہ 6- سخت گرمي 7- گوشت ٽنگڻ جو اوزار 8- ڪنجوسائي

(97)

عاشقن کي عشق تنھنجو عيد عشرت[7] آه عيش
سُور سودو مُور محبت وڻج ووءِ ووءِ نفع نيش2

شوق شادي، سوز سڪ سينگار، ذلت 3 آه ذوق 4
وره واڌائي مبارڪ، رنج راحت، رحم ريشُ5

درد دنيا، دين دولت، ھاءِ ھيءِ ھيھات ھيج 6
نينھن نيت، برھہ بيعت 7، ميل ملت 8، قرب ڪيش 9

علم عبرت، حلم حيرت، فڪر فرھي باب بره
دورُ دلبو سارَ سينو، عجز همت زير پيش

روح صورت باغ ٻوٽو، انگ عضوا گل ڦل
ياد مولا يار سنگت، خيال خطرا ڪُڻم 10 خويش

______________
(97) 1- خوشي 2- ڏنگ يا تڪليف 3- بيعزتي 4- مزو 5- ڦٽ 6- خوشي 7- وفادار رهڻ جو انجام 8- شريعت 9- عادت 10- قبيلو

(98)

آءٌ ڏکيو ڇا جي هُئان تون شال هئين محبوب خوش
پوءِ مَٿي رندن[8] رُئان تون شال هئين محبوب خوش

سور ڏک تنھنجا وڃي ڪنھنکي چوان جاني مٺا
تنھنجا پڻ توکي چئان تون شال هئين محبوب خوش

جي ڌڪئين تون اي لُڏڻ 2 جي لاڏ مان مون لوڌئين
پڻ پُٺيءَ تنھنجي پُئان تون شال هئين محبوب خوش

عرض منھنجا دل اڳي مونکان اچي آنکي چيا
جي سُئان يا ناسُئان تون شال هئين محبوب خوش

تنھنجي نيڻن جي خنجر خوني هڻي رت ڪيو جسو
واري سورَتَ سپن ڌُئان تون شال هئين محبوب خوش

تنھنجي چشمن سيني گل جي کي هڻي ڪيو چاڪ 3 چاڪ
سو سبئو ٿيندو تُئان4 تون شال هئين محبوب خوش

____________
(98) 1- گس 2- لاڏ وارا 3- ڦٽ 4- توکان

(99)

ھيج 1 مونکي حبيب تنھنجو عيش
قرب مونکي قريب تنھنجو عيش

آه آزار عيد سوُري سيج
ايج 2 مونکي عجيب تنھنجو عيش

ديد3 تنھنجو دوا ٻڪيون ڦڪيون
ترس مونکي طبيب تنھنجو عيش

آه نافع نظر تنھنجو سڀ نور
ناز مونکي نجيب 4 تنھنجو عيش

پڻ اڱڻ تي ٽلڻ وهڻ وَٽ ۾
لاڏُ مونکي لَبيب 5 تنھنجو عيش

سور سينگار آه شادي شؤق
رنج مونکي رقيب 6 تنھنجو عيش

پوءِ اکن تي رکڻ ڳنڌڻ خوشبوءِ
گل مونکي غريب تنھنجو عيش

_____________
(99) 1- خوشي 2- ڏک 3- ديدار 4- بزرگ 5- عقلمند 6- دشمن

(100)

جي جيارين دوست مارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص[9]
خون بخشين ڇا جي ھارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص

دل ضعيفن جي هڻايو ٿو ڏئين ڏاڍن جي هٿ
پوءِ مٿي رَندن2 رُئارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص

ڪنکي ڪرٽن3 سان چرايو ڪنکي گهاڻن4 پيڙئين
ڪن جو سوريءَ سر اُتارين توتي چؤڪھڙو قصاص

سِنّ5 بالسّنّ و الجُروحُ آيو مڙوئي تنھنجو حڪم
ڏند ڏئّو ڏيل ڏارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص

من قَتَلُةُ6 ڪُهئو پوءِ اَنا ديُتـﮧ7 ٿئين بھا
عاشقن جا رت اُجارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص

پھرين گل کي ٺاه ڏاڍي سان کُلايو خوش ڪرين
پوءِ وجهيو باهن ۾ ٻارين توتي چؤ ڪھڙو قصاص

___________
(100) 1- عيوض ساڳيو 2- گسن 3- حضرت ذڪريا 4- حضرت بلال 5- ڏند جي عيوض ڏند ۽ ڦٽ جي عيوض ڦٽ 6- جنھن کي مون ڪٺو 7- آءٌ هنجو عوض آھيان 8- روشن ڪرين

(101)

ٻانهو تنھنجو دلبر سڀ هوءِ عام خاص
توڻي ڪري خلق ۾ توڻي سلام خاص

ٿيو پاه تنھنجو پُڻيَلُ [10] تنھينجو وَڻلُ2 وَني3
ميرن پيرن مڙن وٽ آھي مدام خاص

وائي تنھنجي واه واه ٻولي تنھنجي ٻاڻ
ٿيو حرف حرف سڀڪو تنھنجو ڪلام خاص

خط جي خبر حقيقت توڻي ڪ آه خوب
پرين جي پار کان پڻ آھي پيام خاص

ڪئن عام اُت اچي جت جهل پل ڪرين دربان
محبوب تنھنجي منزل آھي مقام خاص

ڪو ڪنھنجو آه نوڪر ڪو ڪنھنجو چاڪر آه
گل تنھنجي دَرَ جو آھي گولو غلام خاص

_____________
(101) 1- ڇنڊيل يا چونڊيل 2- وڻندڙ 3- ڪنئار

(102)

ٿي خدا ساڻ حرص[11] ڇڏ حارص2
پس پنھنجو پاڻ حرص ڇڏ حارص

نانـﮧ ڪين ٻيو سواءِ سائينءَ جي
رک پڪو ڄاڻ حرص ڇڏ حارص

جيڪي ڀانئين ٿو پنھنجو ڀانئڻ تون
سو سڀوئي ڀاڻُ3 حرص ڇڏ حارص

اَن مان جو بچي ڪُٽئي ڇاڻئي
اُو چُنون ڇاڻ حرص ڇڏ حارص

سوئي اَن وڪڻندڙ ۽ ڳنھندڙ سو
سو مَئي ماڻ حرص ڇڏ حارص

تونھين کَٽَ، تون وِھين، تون واڻيندڙ
تون آھين واڻ حرص ڇڏ حارص

تونھين ٻج ٿڙ ۽ ٽارَ پن گل ڦَرَ
تونھين باغ وان حرص ڇڏ حارص

___________
(102) 1- لوڀ 2- لالچي 3- جو سائي کي سڪائي

(103)

ڪھڙو معشوقن کي عاشق تنھنجو پروا ۽ غرض
جي ٻڌي ٻانهون ڪرين سو بار لک ڀيرا عرض

توتي سر تسليم 1 جو تفويض 2 مورا اِختيار
ڏي سِري تا ساب پئي پاڻا لھي توتان قرض

آه ھي تڪبير اوليٰ3 فرض منجهہ اول نياز
چؤ چتائي چيت سان ڪر پانھنجو پورو فرض

عشق جو آزار ڏاڍو چيو طبيبن لا دوا4
جو ڪري انجي ٻُڪي پاڻا وڌي ٻيڻو مرض

ٿو ڪڍي سر ٻھر ڪنڊن مان هڻي ڪئو لار ڦاڙ
گُلَ تنھنجي ديد جو گل کي پئو آھي غرض

____________
(103) 1- قبوليت 2- حوالي ڪرڻ 3- پھرين 4- جنھن جو علاج نہ ٿي سگهي

(104)

آھہ سڀڪنھن ٽول ۾ گڏيو خدا آھي غرض
طرح ٻيءَ ڀَتِ ٻيءَ سڀت جڙئو جدا آھي غرض

مائٽ کي اولاد ۾ اولاد کي مائٽ اندر
ڪنھنکي اُڄُھين آھہ ڪنھن کي منجهہ سُڀا آھي غرض

مڙس زالون پاڻ ۾ گڏ ٿا وتن ڌاريا عزيز
ڀائر ڀائيءَ کان ڀلو هِن هّنکا آھي غرض

مرض موڙو[12] مھٽ جت محبوب جي آھي مراد
اُت ڪرڻ دارون دوا، پنّڻ دعا آھي غرض

منجهہ طلب جنکي دنيا ۾ آھہ مقصد شوق ذوق
آخرت ۾ عيش جنت جو لقا2 آھي غرض

نفي ۾ جت نامرادي عين آھي سڀ فناءُ
گل اُتي سَڌَ ديد جي ڳولڻ بقا آھي غرض

_________________
(104) 1- هڪ بيماري جو قسم 2- ديدار

(105)

تو منجهان جڳ کي ڏنو رحمان فيض[13]
جن مَلڪَ حيوان ۽ انسان فيض

سنڌ کي توکان سَرئو سڀڪين سخي
خوب وٺتو ساري هندستان فيض

لعل ٿيو لاهور لالن تو ڪنان
مفت نيو محبت منجهان ملتان فيض

سال ٿيو سرهند تنھنجي صدق ۾
تو ڏٺو تبريز ترڪستان فيض

ٿيا خراساني تنھنجا خالص خلوص
علم ۾ اُنکان ڊھيو 2 ايران فيض

چاھہ تنھنجي ۾ ٿيا چشتي چڱا
ياد تنھنجي ۾ لڌو يونان فيض

ڪئو عجم توکان عرب سڀ عيد عيش
گل کٽيو منجهہ باغ ۾ بستان فيض

_________
(105) 1- فائدو 2- مليو

(106)

اُڄ اچي قاصد ڏنو دلدار آڻي تنھنجو خط
ڏيئي لفافا پوٽڙيون سينگار آڻي تنھنجو خط

ڪي نياپا ٻيا زباني ۽ ڳجهيون ڳالھيون
سڀ ڏنئي ساري نشانيون پار1 آڻي تنھنجو خط

لوڪ کان آيو لڪي سالم2 سياڻو هوش ورُ
مونکي پڻ ڪوٺي ڏناءِ ڌار آڻي تنھنجو خط

خط ڏنئين مونکي نئين منھنجو ڦُري سڀ هوش عقل
ڏک ڏنئي منجهہ ڏيل سڪ ۽ سار 3 آڻي تنھنجو خط

ويئي خوشيءَ ۾ محو4 ٿي دل ذوق لذت ۾ جُسو
سڀ وساريئي يار ۽ گهر ٻار آڻي تنھنجو خط

منجهہ ڏسڻ شادي سَري5 ۽ منجهہ پڙهڻ اندوه درد
پوءِ جڏهن ڪيئي حڪم سڀ نروار 6 آڻي تنھنجو خط

گل ڏسي شرمائِيو منجهہ قول فعلن پانھنجي
ڦولي ڳولي سڀ ڏٺئين جنھن وار 7 آڻي تنھنجو خط

___________
(106) 1- نشان 2- سڄو 3- سارڻ 4- گم 5- حاصل ٿي 6- ظاهر 7- وقت

(107)

حق اَڻ پڇيو ڪنھنکي چوڻ آھي غلط[14] آھي غلط
اَڻ ڪوٺيو پٺ ۾ پوڻ آھي غلط آھي غلط

دلجي ڌيان بنا ڏُجهڻ 2 آھي اَنڌاري ۾ اُجهڻ 3
ري باھہ ڦلير کي ڌَوَڻَ آھي غلط آھي غلط

منجهہ تار ريءَ 4 ٽـُڙھي ترڻ منجهہ جهنگ ري سونھي ٽُرڻ
پاڻي بنان ڄيرو جَهوَڻ 5 آھي غلط آھي غلط

ڪيئن قرب ري پيوند ٿئي پيوند ريءَ سنڌ بند ٿئي
ري ماپ مُٺِن سين مَوَڻ آھي غلط آھي غلط

مرشد اڳيان ٻانهون ٻڌي هِن هُن ڪنان واڌو وڌي
نيت سچيءَ ڌاران نَوَڻ آھي غلط آھي غلط

سُڌ ٻُڌّ ريءَ سينو ڪڍي گل ڪوڙ تي وٺيو وڍي
منجهہ لات ڪانگل جي لَوَڻ آھي غلط آھي غلط

________________
(107) 1- نادرست 2- طلب ڪرڻ 3- ڳولڻ 4- وڏو پاڻي 5- وسائڻ

(108)

دين لئي دنيا ۾ آھي دل ٿيڻ ديوان[15] شرط
ھاج ۾ دنيا جي آھي پوءِ هجڻ حيوان شرط

لئي طلب مؤليٰ جي مرشد سان رکڻ آھي ضرور
هڪ ادب، ٻي دوستي، ٽيو ساڻ سچ ايمان شرط

معرفت حاصل ڪرڻ لئي عارفن جي پيش آههِ
علم سان جاهل هئڻ ۽ عقل سان نادان شرط

نانھہ هن صورت مٿي اِنسان جي حق جو عذاب
پر ٿيڻ صورت ۾ سيرت 2 سان اول اِنسان شرط

جت هڻي دلدار ٿو چيٺي چڱا چشمن جا تير
اُت کپي دلبر اڳيان دل سان ٿيڻ نيشان شرط

ميء هٿان محبوب جي پيڻ وڏي آھي مراد
پر ٽِڙيل مهندا اکن گل لاله و ريحان شرط

_____________
(108) 1- المست 2- اخلاق

(109)

منجهہ ديد تنھنجي دلبر آھي مدام خط1
منجهہ قول تنھنجي ڪامل آھي ڪلام حظ

مجلس ۾ دوستن جي آھي حضور نعمت
۽ پڻ سڻي سڻائڻ آھي سلام حظ

جي هوءِ خط هٿن جو لکيل تہ لک ڀلايون
محبوب جي مُھا2 پُڻ آھي پيام حظ

تسبيح توبھہ تقويٰ3 لئي عابدن4 موچاري
مجلس ۾ عاشقن ٿي ميء حرام حظ

تنھنجو وهڻ وڻي واه اُٿيڻ بہ عيد عاشق
آھي ٽلڻ اڱڻ تي وھہ خوش خرام5 حظ

مُکُ تنھننجو ٿيو سدا گل، گل تنھنجو تانھہ ڪين تل 6
گل کي وٺڻ مڪرّر7 ٿيو تنھنجو نام حظ

__________________
(109) 1- خوشي 2- واتان 3- پرھيزگاري 4- عبادت ڪندڙ 5- ٽلندڙ 6- مٽ 7- هر هر، وري وري.

(110)

دوست تنھنجو سدا ڌڻي حافظ[16]
ھيسَ2 ۽ ريس3 کا ڌڻي حافظ

ساج سينگار سونھن تنھنجي جو
اکِ ميريءَ4 ڪنا ڌڻي حافظ

صالحن کي چڱن ڪماين ۾
منجهہ عقل ۽ جَزا5 ڌڻي حافظ

زهد وارن کي منجهہ ڏکن سرن
منجهہ جفا6 ۽ صفا ڌڻي حافظ

سالڪن کي سلوڪ7 سير اندر
منجهہ قدر ۽ قضا ڌڻي حافظ

جذب وارن کي سير ذاتي ۾
منجهہ فنا ۽ بقا ڌڻي حافظ

عاشقن کي فراق وصلت8 ۾
منجهہ خوشي ۽ بلا ڌڻي حافظ

گل تنھنجي جمال جوت سندو
منجهہ صبوح ۽ مسا9 ڌڻي حافظ

_______________
(110) 1- نگهبان 2- ظلم 3- حسد 4- نظربد 5-عيوضو 6- ڏک 7- واٽ

حصو ڇھون

(111)

اڄ آيو يار من ٿيو محظوظ[1]
سڀ لٿو بار من ٿيو محظوظ

پرت مان آئيو پرين پيھي
پر2 ڇڏي پار من ٿيو محظوظ

ساج سينگار سڀ ڪري سھڻو
جوڙ جنسار من ٿيو محظوظ

ٿو اُڱڻ تي ٽلئو ٽلي جئن مور
کر ٿيو کوار من ٿيو محظوظ

ويو پليندڙ پِٽئل پَٽيس پاڙوُن
ٿيو گرو3 گار4 من ٿيو محظوظ

ٿيا کٿوري ۽ عطر جا هٻڪار
ويو ڪنو مارُ5 من ٿيو محظوظ

وه کليو باغ ۾ گلابي گل
ٿيو گلزار من ٿيو محظوظ

______________
(111) 1- نصيب وارو يا خوش 2- پراڻو 3- بڇڙو يا گر لڳل 4- غرق 5- ڪچو چمڙو جنھن ۾ بدبوءِ ٿئي

(112)

ٿي ٻري توليء ڏسيو دلدار شمع
سوز ۾ تنھنجي سڙي سردار شمع

تنھنجي ڏک ۾ جان ڄيري ۾ وجهيو
ٿي وھائي پنھنجا نيڻن نار شمع

جئن پوي ٿو تيل نئن تڪڙي ٻري
چؤطرف اُپڙئو[2] مٿي ڪيو لار شمع

پاڻ تنھنتان ٿو ڪري صدقي پتنگ
ٿي ٻري دلبر اڳيان جنھن وار 2 شمع

گل بہ تنھنجي شوق ۾ تنئن ٿو ڳري
جئن ڳري ٿي تنھنجي سڪ ۾ يار شمع

تنھنجي مجلس ۾ جتي تون تونھين 3 تون
آه اُن مجلس ۾ گل بيڪار شمع

_______________________
(112) 1- وڌيو 2- وقت

(113)

وجـﮧ1 تنھنجو وجود کي جامع
شان دلبر شھود2 کي جامع

نور بيرنگ رنگ ۾ پڌرو
سڀ نظر ۽ نيود3 کي جامع

حڪم مُلڪ و مَلڪ کي آه محيط 4
عام نابوُد بوُد کي جامع

قرب قابض ڪمال قدرت سين
آه مسلم هنود کي جامع

اوه نِوڙڻ نياز تنھنجي پيش
قيام5 رڪع وسجوُد کي جامع

گل جسو جيءُ ڏيڻ پرين اڳيان
آه سڀ نفع سود6 کي جامع

____________________
(113) 1- ذات 2- حاضر ٿيڻ 3- نظارو 4- گهيرو ڪندڙ 5- بيهڻ 6- فائدو

(114)

عاشقن کي عشق تنھنجو يار مدت [3] دين شرع
پوءِ چڙهڻ منصور جئن سردار ملت دين شرع

خيال خطرن کان ڪري آجي هئڻ حرصن ڪنان
دل ڏيڻ دلبر توکي دلدار ملت دين شرع

سوريون چاڙهڻ کڻڻ سر تي سچايون سِڪّ جون
پوءِ وجهڻ صنعان جيئن زنار2 ملت دين شرع

منجهہ جبي حق جي ڪرڻ اِثبات حق شِبلي3 ڪڍي
نينھن ۾ نعرا هڻڻ نروار ملت دين شرع

سر سبحاني سلائي شاه بُسطامي4 جيئن
پَٽِ وجهڻ اظھار ۾ اسرار ملت دين شرع

ميم احمد مان ڪڍي انا5 ۾ ڪرڻ اثبات اَحد
ھي آھي سنت سچي سردار ملت دين شرع

مئي پيڻ محبوب سان گڏ ٿانوَ هڪ ۾ هڪ ٿيڻ
اِي موالن جي ملا 6 منھن ڪار ملت دين شرع

گل چُنڊڻ چيدا چڱا ۽ منجهہ ڳچيءَ پوئي وجهڻ
گل جي ايءَ عادت ٿي منجهہ گلزار ملت دين شرع

_________________
(114) 1- مذهب 2- جڻيو 3- نالو هڪ ولي الله جو 4- شيخ بازيد بسطامي، بسطام جو ويٺل ڪامل مڪمل بزرگ ٿي گذريو آھي. هن بہ پاڻ کي شيخ شبلي وانگي فنا في الله ڪري ڇڏيو هو.
نقل آھي تہ شيخ ذوالنون مصريءَ جو هڪ مريد شاه بسطامي جي زيارت لاءِ سندس رهڻ واري حجري تي آيو ۽ آواز ڪياءِ. اندران جواب مليس تہ ڪير آھين؟ ان عرض ڪيو تہ شاه بسطامي جي زيارت لاءِ آيو آھيان. اندران جواب آيو تہ ويھن ورهن کان بسطامي کي پيو ڳوليان تہ مون کان نہ لڌو آھي. اھڙي هئي سندين استغراقي
5- صوفين وٽ مشھور حديث ڏانھن اشارو ”اَنَا اَحَمدُ بِلاَ مَيم“ آءٌ ميم کان سواءِ احمد آھيان 6- آخوند
_______________

(115)

دل جنھين ۾ ڀُڄي ٿو درد جو داغ
ٿو ڳري گوشت سنڌ بند دماغ

سڪ[4] ۽ صبر 2 سينڱ 3 کي هرگز
ناھہ ويجهو ملون 1 مجاور2 زاغ 3

ڪھڙي ساڃاءِ علم جي اُٺ کي
جي ننڍو ٿي وڏو وڌي ٿئي لاغ 4

سج جنھين وقت ٿو شعاع ڪري
ڪين ٻارڻ چڱائي آھي چراغ 5

ويو سيارو وسي بھاري بوند
گل ٽڙيو ڦل ٽڙيو ٿيو بَرُ باغ

________________
(115) هن غزل جي ٻئي بيت ۾ شاعر صنعت ڪم آندي آھي تہ 1- سڪ کي ملون 2- صبر کي مجاور ۽ سينڱ کي ڪانگ ويجهو نہ ويندو. 4- پوڙهو 5- ڏيو.

(116)

تنھنجي ڏٺي اي گلبدن دلڙي کلي ٿي باغ باغ
آئي خوشي منجهہ جان تن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

تنھنجي ڏٺي بت بحر ٿيو منجهہ شوق شادي شھر ٿيو
ٿيا ذوق حاصل جان من دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آنجو دلاسو دل ڏنو، دل کي اُنھي سڀ کان ڇنو
ڪا جا ٻڌائين ڳالھہ ڪن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آن جي دلاسي خوش ڪئي، دل تان ويا سڀ غم لھي
سرھي سدا اندر جشن[5] دلڙي کلي ٿي باغ باغ

ٿيو منجهہ حياتي بت بھار، پوءِ منجهہ مماتي من قرار
تنھنجي دلاسي منجهہ ڪفن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

تون جان منھنجي منھنجو تن، تون روح عالم سڀ بدن
منجهہ ذوق تنھنجي منجهہ دفن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آءٌ جزو 2 تون منھنجو ڪل 3، تون باغ آءٌ هڪ تنھنجو گل
توکان ٽڙيو چت جيئن چمن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

__________________
(116) 1- آرام 2- ڀاڱو 3- سڄو- مجموعو

(117)

ٿيُ خدا ساڻ، پاڻَ کان فارغ
سڀ هُئڻَ، هوش ڄاڻَ کان فارغ

وڃ وَڃڻ کان، مَ رَکُ وَرَڻ جي سَڌَ
هوءُ سڀ تانگهہ تاڻَ2 کان فارغ

دم قدم ڪر عدم عدم معدوم3
وِھہ ويلي وقت ٽاڻ4 کان فارغ

آءٌ مون تون ڪري مڙيئي محو
ٿي اثر عين آڻَ 5 کان فارغ

لاتذر 6 ڪيم ڇڏ ڪُني ۾ ڪين
ڪر چَٽي هئڻ ھاڻَ کان فارغ

”لا“ ڪري7 ”لا“ کي آءُ منجهہ اِثبات
اَنُ ڪري، تُھہ ۽ ڇاڻَ کان فارغ

ڏسُ کليل گل محمدي سڀ هنڌ
گل ٿيءُ لاجي لاڻ8 کان فارغ

__________________
(117) 1- آزاد تا ڇٽل 2- ڇڪ 3- گم ڪيل 4- مهل 5- هٺ 6- نہ ڇڏ 7- نہ 8- عيب

(118)

سير ڪر سالڪ اندر پنھنجي ڪري سڀ سير صاف
تو ۾ اُڀرن چنڊ تارا تو ۾ اَڀَ ڀون ڪوھہ قاف

دُنَ چون ٿا عرش حق جو پادشاھي بارگاهه[6]
اُن مٿي عالم امر جو خلق مڙيئي ھيٺ ناف2

دل آھي ڪعبو الاھي جاءِ سجدي صادقن3
ٿا ڦرن حاجي حقيقت جا مئي اُنجي طواف4

قلب آھي سِرُ 5 قرآن سَندَ اَڱرا لفظ حرف
پوش اُنتي پوش پوشن تي جئن مصحف تي غلاف 6

روح آھي راز حق جو نفخ 6 من روحي اصل
راز اُنکي سي رسيا جن پنھنجا سينا ڪيا شگاف 7

آھہ ڍڪيل ڳجهہ انساني اندر هر ڪنھن وڳي
جي کڻي گل پوش پوشيل کي ڏسين لاھي لحاف 8

____________________
(118) 1- شاھي محل 2- دن 3- سچن 4- چوگرد ڦرڻ 5- ڳُجهہ 6- مٿيون پوش 7- ڦوڪڻ 8- ڦاٽل 8- ٿلهو ڍڪ

(119)

شوق ڌاران ٽُرڻ ڦِرڻ ٿيو حيف[7]
ذوق ڌاران جيڻ مرڻ ٿيو حيف

منجهہ طلب تات تَنُ رکي تازو
واٽ وچ مان وري ورڻ ٿيو حيف

جو پيھي جنڊ ٿو سنهون مئيدو
مُڱَ مٽر اُن مٿي ڏرڻ ٿيو حيف

خرچ گهُرجي جتي ڪرڻ هر چيز
اُت سانڀي 2 رکڻ ڌرڻ ٿيو حيف

دل ڪجي هَٿ مُڙي 3 ڪري منٿ
نفس جي جنگ ۾ ٽرڻ ٿيو حيف

منجهہ ٽٻيءَ هٿ اَچي جتي موتي
اُت مٿي تار جي ترڻ ٿيو حيف

منجهہ وصل دوستن جي گل ٿي گل
شمع وانگر جِهڄڻ جُهرڻ ٿيو حيف

______________
(119) 1- ارمان 2- لڪائي 3- ڪاوڙ ماري

(120)

اَڄ يار آيو ڪري ڪرم لطف
مختيار آيو ڪري ڪرم لطف

در درد وران جي دوست پيھي
دلدار آيو ڪري ڪرم لطف

محبوب مٺو منھنجو مون گهر
منٺار آيو ڪري ڪرم لطف

ڏکين جي ڏکن ڪٽڻ جي خاطر[8]
ڏکٽار آيو ڪري ڪرم لطف

جڳپال2 سخي ڏان ڏيندڙ
ڏاتار آيو ڪري ڪرم لطف

جاني جيءَ جيار سڀ ڪري جوڙ
جنسار آيو ڪري ڪرم لطف

سھڻو سڀ ساز ساڄ جي سونھن
سينگار آيو ڪري ڪرم لطف

منجهہ باغ گلن جي ديد لائي گل
گلزار آيو ڪري ڪرم لطف

__________________
(120) 1- لاءِ 2- جڳ جو پاليندڙ

(121)

ٽپي دل شوق تنھنجي ۾ هنيون ھيڻو ڪري رڦرڦ1
کٽي جيئن ٻئي هڻي هٿڙا مٿي ڪپڙي ڪري لڦ لڦ

تنھنجي سورن ۽ سوزن ۾ سدا دل ديڳ جيئن ٽھڪي
اُٻارا 2 ڏئو اُڀامي ٿي محبت کان ڪري ٻڦ ٻڦ

محبت ٻاجهہ موليٰ جي مرُون ماروُ 3 مڙيئي يڪسان
جنھنکي لنؤ ناھہ لالن جي وتي ليلهو 4 ڪرئو لڦ لڦ

نغارو عشق جو عاشق وڄائڻ خوب سيني تي
لنگهن جيئن نانھہ موچارو مٿي دهلن ڪرڻ دڦ دڦ

سورن جي سيلَ 5 تي سِرهَڻُ 6 آھي ڪن سورهن جو ڪم
جيڪي گل درد دوريا 7 دل هڄئو تنجي ڪري هڦ هڦ

_______________
(121) 1- ڏ ڪي 2- جوش 3- آد مي 4- سست 5- سولي 6- سنڀرڻ 7- چڪر ۾ آندا

(122)

ٿا وڌن ڪين پير پنڌ ۾ داڦ[9]
ٽال ۾ ٺاھہ ڪين ڪن هٿ ٿاڦ 2

نَنھن جي نَهرڻ جي نوڪ سان نہ وڍيا
سي وڌيو ٿين ٿا وڏا ۽ ڏاڦ

جا مٽي آھي ڇور ۽ ڊُس کُس
مينھن وُٺي ۾ ڳرئو ٿئي ٿي راڦ 3

ڪاٺ سنواّن ڏنگا وڍيو واڍا
نار هرلا ڪرين چيريو تاڦ4

جيئن تپي ديگ گل اچي منجهہ جوش
ٻھر نڪري اُتي جي گرمي ٻاڦ

________________
(122) 1- وڏا 2- اجايا اجلڻ 3- گپ پٽڙي 4- تختا

(123)

چؤ صفا سچ ڳالھہ سڀ ڇڏ ٿاڦ1 ٿِڦَ
ڪوڙ گڏيو کوٽ سان ڪر ڪيم ٿڦ

ڄڀَ مان ڪڍ حرف چيٺي چيت سان
منجهہ تڪڙ ڀر ڪيم پنھنجو وات گِڦَ

ڪر نظر کي پير حق جي واٽ ۾
پنڌ ڪر دل سان مَ وِجهہ پيرن ۾ لِڦَ

وڃ وڃڻ ۾ ڇڏ سڀيئي اوريان پريان
پوئيان ڇڏ پٺتي اڳيان مهند صِڦَ

جوڙ ڪر ڪثرت 2 کي وحدت 3 ساڻ ھيڪ
ڏس تہ ڪيئن جويون ڪرن ڌڙڪن 4 کي دِڦَ 5

واس وٺ گذار جو گل ڳنڌ 6 چڱيان
نڪ کي سڻڪي ڪڍي سڀ ٻھر لِڦَ 7

______________
(123) 1- اجائي بڪ 2- گهڻائي 3- ھيڪڙائي 4- رليون 5- ھيٺيون وڇاڻو 6- سونگهہ 7- سنگهه

(124)

آھي امر سڀ ۾ سڀاڳو وفاق [10]
نِگَر 2 نَحس نـڌِيل 3 نڀاڳو نفاق

ملاقات ميلو مٺائي مکڻ
کِلُڻ کيرڻي کاڄُ فاقو 4 فراق 5

محبت ٿي معراج 6 جبرئيل جذب 7
رضا ريجهہ رف8 رف پلائون براق 9

سفر سَڀَ ۾ منزل ۾ مدين مڪو
عرب سو عجم سو سو عابو 10 عِراق

محمد مُلڪ ۾ اَحد اصل ۾
ڪيو ميم سين الف گڏ اتفاق 11

جو ٿُڙُ ٽارَ پَن ڦَرُ سو گلشن ۾ گل
سدا گل کي تنھن گل سندو اشتياق 12

_________________
(124) 1- اتفاق 2- بي پيرو 3- خراب 4- بک ڪڍڻ 5- جدائي 6- ڏاڪڻ 7- تخت جنھن تي حضرت جن معراج رات چڙھيا هئا 9- جنھن جانور تي حضرت جن سوار ٿي معراج ويا هئا 10- ڳوٺ جو نالو 11- ڳانڍاپو12- خواهش

(125)

دل سدا تنھنجي لئي ڦري مشتاق[11]
ڏک ڏولائي ۾ ٿي ڏري مشتاق

امر ٿئي تا وھي اَچي وٽ تو
يا وچان سا وري وري مشتاق

نہ ملي ٿي نٿي ٽٽي ٽلڪئل2
ڳالھہ ان ۾ ڳرئو ڳري مشتاق

جنھنکي تنھنجي هٿن هنيو مچ ۾
ڪين ٻين جي هٿان ٺري مشتاق

گل جنھين تي نہ مهر پئي محبوب
جَکَ 3 جيئي جاڙ 4 مر مري مشتاق

_________________
(125) 1- عاشق 2- ڏليل 3- اجايو 4- بي مانو

(126)

آھہ سڀڪنھن ڪام ۾ خوش شوق ذوق
دين ۽ اسلام ۾ خوش شوق ذوق

منجهہ سلام عليڪ مؤمن شاد خوش
هندون هر نام ۾ خوش شوق ذوق

لئي نبين وحي1 راحت روح جي
ڪا ملن الھام 2 ۾ خوش شوق ذوق

مرسلن مقصد ڪلام الله ۾
عارفن اَعلام3 ۾ خوش شوق ذوق

عاشقن اندوه ۽ آزار عيد
عاقلن آرام ۾ خوش شوق ذوق

منجهہ کُلڻ خوشبوي پنھنجي شاد گل
بلبن ماتام ۾ خوش شوق ذوق

_______________
(126) 1- خدا جو پيغام 2- خدا جي طرفان دل تي ڳالھہ اچڻ 3- ڄڻ

(127)

ڪڍي ڇڏ ڀول[12] ڀؤ دل کان، آھي هِتِ هُتء هو الحق 2 حق
هو الله احد3 چؤ دل کان آھي هِت هُت هو الحق حق

قيام رڪوع قعدي ۾ پروڙي احد منجهہ سجدي
سڃاڻِي ميم پؤ دل کان آھي هت هت هو الحق حق

X چاليھہ اَٺ اَٺ اسي ستر ٻاره چوڏهن سڪان ساري
ڪَڙو هَڻُ لاھہ ڪؤ دل کان آھي هت هت هوالحق

+ ابجد هڪ ٻہ ٽي وٺ چار نوي ڏھہ رکي اڳ پوءِ
سڄو منجهہ قاف سؤ دل کان آھي هت هت هو الحق حق

آھي عين اليقين4 عين عمر عثمان علي برحق
لاھي ڏس ڌُنڌ رؤ5 دل کان آھي هت هت هو الحق حق

خضوع 6 خشوع 7 ۾ خالق رکيو اخلاق خوبيءَ جو
خدا جي لاءِ نؤ دل کان آھي هت هت هوالحق حق

ڪُلُوا 8 کائي منجهان حق واشر 9 بوا گڏ جنس مع الجنس
ڪرائج دل کي ڍؤ دل کان آھي هت هت هو الحق حق

مڪر انڪار ميان ملان مٿي مامن10 مولائن جي
ٻڌي پوءِ ٻولَ هؤ دل کان آھي هت هت هوالحق حق

ڪنڊا ڪک ڪرجهہ ڪر گڏ گل ڏيئي باھہ ڪر ڀيڙا
ٻاري مچ لاھہ مؤ 11 دل کان آھي هت هت هو الحق حق

_______________
(127) 1- ڍپ ڊاءُ 2- ڌڻي 3- الله هڪ آھي
X 40 ابدال -8 غوث زمين جا- 8 غوث آسمان جا -80 قطب -70 اوتاد – 12 امام -14 معصوم + 99 اسم ڌڻي پاڪ جا

حصو ستون

(128)

حق[1] سڃاڻي حق کي اي شرڪ2 شَڪَ
تار ۾ تارو تري ري تور3 تَڪَ

پير کي پيري کڻي ڄاڻوُ وڏو
جت هجي ڀون گاھہ کرڙو جال جَهڪَ

ڀوميان4 جهاڳين ڏونگر ڏاکڙا
چوٽيون چاڙيون اڙانگيون لاھہ لَڪَ5

عشق جنکي آڪرو6 اُڪريا اُڪار
ڏيل کي ٿا ڏين ڏاھا ڏور ڏَڪَ7

سامھان سيني ۾ سورھہ ٿا جهلين
تيز تيرن يار جا، ريءَ ڍال ڌَڪَ

پوش ۾ پڌرا اُگهاڙا سِرّ ۾
حال محرم جي وتن منجهہ ستر ڍڪ

جي لڪل هوئي کٿوري گل ڳجهو
ٿي ڪري ٻاهر اُنھي تي بوءِ بڪ 8

________________________________________
(128) 1- سچ 2- ٻيائي 3- خيال 4- ملڪ جا رھاڪو 5- پيچرا 6- گهڻو 7- دلاسا 8- شاهدي

(129)

وڃ وڃڻ ۾ م ڪر چلڻ ۾ چِرِڪُ
راه رب جي مٿي اُٿي ڪي رِڙِهڪُ[2]

ڪر همت هل هنئين سين هوتن ڏي
هِنَ هُن کي ڏسي مَ ھارئا هِرِڪ

پنڌ ۾ هل پلڪ سين کڻ ٻئي پير
پرين جي پار پُرُ، مَ ڍولا ڍرڪ 3

وِھہ پري ڪيم، ٿي رڙھي ويجهو
صف صف مان اڳي سِرئو 4 ٿو سِرڪ

چيت سان هل چڱيان مٿي گپ چڪ
هوري هوري، م تاءَ تک ۾ تِرڪ

گل هڪو آه ٻيو سڀوئي غير
ڇڏ ٻئائي م ڪر خدا سين شرڪ

________________
(129) 1- هل 2- اجائي سڌ نہ ڪر 3- سست ٿي 4- هليو

(130)

پوک جنھن پاڻيءَ کي پيتو پوڄ 1 موڪ
ڪين ڪن ساوا سلا اُنجا ٿا سوڪ

منجهہ ٿڻن ڦَنڊِنِ جي هٿڙا ڪيم پاءِ
کير لئي سانگي سُوائون ٽِهل ٽوڪِ 2

ڪرم اوڌر جنس ڏيئي کڻ مَ کَڻُ
وٺ پھ ھا ٿو ھاٿ ڏي پڻ رتب 3 روڪ

منجهہ چرونءَ جان ٿانو پيءُ پاڻي پَسي
اونڌ ڪنڌ ڪؤنري جي ڏُنڊ نائي م ڏوڪ 4

پيٽ کي پيٽي مَڀرَ دُن نَڪَ ناءِ
کايو ڪک پن ڪيئين جئن ڪيم اوڪ 5

گنج گوهر جي مٿي گل ٿي گداءِ
پاڻيٽ پُنُ پُر 6، ٺلھا ٺڪر م ٺوڪ

________________
(130) 1- گهڻو 2- ڏھہ 3- ان مهل 4- پي 5- الٽي ڪر 6- ڀريل

(131)

آءٌ نہ گڏجون پاڻ ۾ ٻئي خوب پائي يار ٻک
خوش ڪريون دل پانھنجيءَ کي جڳ ڀلي پيو ماري جک[3]

ڪين رهّن ٿا جهليا ڪنھنجا جنين دل ويئي هڄي
توڻي متيون ڏين مائٽ مڙيو ميڙا ڪريو لک

جن پيالو عشق جو پيتو ڪيا مخمور2 ميء
ٿيا اُگهاڙا عقل کان عريانُ4 عالم ۾ الک

غرض دنيا جي ڪنان آجا ٿيا اُو رند گهوٽ
ويئي ٻڪيءَ جي ڪاڻ اُنکان ڪان ڪن پرھيز رک

سور آھي سينگار سورئن جو سدا سوريءَ جي سِر
چت جنھينجا چور ٿيا تنکان نہ اُڄھي چک مک

باھہ جنجي آھي سيني ۾ سدا دونهون دکي
تيئن ڪري شعلا ٻڙڪ 4 جئن جئن وجهي ڪوتن تي ڪک

گل پکي جو ٿيو سدا سورن سندي پڃري ۾ بند
ڪيئن اُڏامي ٻھر سو جنھنجا کسي ويا پر پک

__________________
(131) 1- واھيات بڪ 2- نشئي 3- ننگا 4- تکا يا وڏا

(132)

هل همٿ سين وڌائي واڌو وک
جلد ويرم م لاءِ لالن لِک[4]

چڙھہ پتڻ تي وڃي لنگهي پؤ پار
ٿو وھي بحر طرح ڏاڍيءَ تک

مِھر محبت ملاح ڪيا سُرھا
وئا سمي جي سھاڳ 2 ۾ سڀ کک 3

رھہ مٿي دين، وجهہ دنيا کي ڌوڙ
مال تي ڪيم ڏي مٿي جي مِک 4

سڀ سلامي آھين صاحب جا
گل مسلمان ڇا جي هندو سک

_______________
(132) 1- ٿورو ذرو 2- پيار 3- مڇيءَ جي ڌپ 4- ميڄايو

(133)

تُھہ نَھاري صاف ڪڍ ان، سڀ ڪڍي ڏاکر ۽ ڏاک1
آھہ معنيٰ سِرُ صورت ۾ نہ مورت دَکَ2 داک

پاڙَهَڻُ منجهہ ڀوُن، منھہ تي ٻھر پن ٽاريون ڪڍي
ڏس ڪَدُ نجي ڇانو نارنتي تھان وڌ واھہ ڊاک

رک سنگت صحبت سنئين سين، ٿيءُ م ڏنگن سان ڏنگو
ڪوڙ تي شاهد ۾ ٿيءُ کڻ ڏي مٿي سچ سَندُ ساک 3

رات جاڳن رنج وارا ٻئا سريو جن سور سور
لوڪ جاڳي لاءِ لالچ ٿي کلي جنھن وير باک

رنگ گل جي سان جُڙي ٿو ڪين ڪين ڪرمز 4 بَقَم 5
توڻي کهنبو آھي سينڌو ڇا مڃٺ گيڙو ۽ لاک

_________________
(133) 1- ڪڏا 2- ڏيک ويک 3- قسم 4- ڪرمزي رنگ 5- وڻ جو نالو

(134)

لوح[5] منھنجي تي لکيو ڪاتب ازل جي تنھنجو انگ
برھہ ڪيو بيران2 بت، دل کي لڳو ڪوٻاڻ ٻنگ

ڪو نَظُر راوي ڪناري ھير تي رانجهي وِڌو
تخت وسرئس بخت وسرئس ساڙُ ٿيڙس سيال جهنگ

راوَ3 سِرُ سڻ راڳ تي ڪاٽي ڏنو ڪنھن ريجهہ تي
چاھہ مان ڪنھن جنھن وڄايو چوري چارڻ چاڙھي چنگ

بوبڪر صديق اڪبر پرت کان پاسي نڪيو
پير ٻرکان پانھنجو توڻي هنيو ٿي نانگ ڏنگ

جا سُوا آھي سدا سا ڪيئن مڙي ريءَ لار ڦر
توڻي ميهر ٿو ٻُلھي5 اُنکي وجهي پيرن ۾ ڍنگ

جوداڻون منجهہ ڀون ڳري پاڻي پيئي سائو ٿئي
پوءِ بچي ڀَرَ ڀيل6 کان سو ٿو پچائي سال7 سنگ

آھي ڪپڙو جو صفا ڌوتو کٽيءَ کنڀ ۾ وجهي
سو رچي ٿئي لعل گل جي اُنکي ڏين ھالاري 8 رنگ

_________________
(134) 1- ڦرھي 2- حيران 3- راءِ ڏياج 4- ننڍي 5- سار مان ڦوڪ ڏيڻ 6- زيان 7- پورو 8- ڳاڙهو

(135)

ڪنھن سفر ويا چڙھي سٽاڻي [6] سانگ2
ميڙ مارو وٺي سڀئي ڌڻ ڇانگ3

جَت رھيا ڪين جوءِ ۾ جانب
وڳ4 ورائي رکي اُٺن تي لانگ

ڪيچي ويا ڪيچ کي ڇڏي سسئي
ننڊ ۾ رات کي چڙھي سر چانگ5

باغ مان ويا ڇڏي چتون چيھا
سڀ رھيا آھين وھيا ۽ ڪانگ

رات گذري ويئي پرھہ ٿي صاف
ننڊ ڇڏ گل ڏني ٻانگي ائين ٻانگ

___________________
(135) 1- سخت 2- مسافري 3- ٽولا 4- اٺن جو ٽولو 5- اٺ

(136)

لاهوتي لعل ڪڍيو ٿا وڃن لُنگ
ڪري سامي سناسي پاڻ ۾ سنگ

اُڏاميو ٿا وڃن مڪڙ ملڪ مان
ڇڏيو پنھنجن ٻچن جي ٻاچ 1 ۽ پُنگ 2

بٺيون چاڙھيو ڏين ٿا مڙس مانيون
پلائون ٻوڙ حلوا ڪيو ڍڳڙ ڍنگ

ڪري سؤدو صفا وٺ ٻول پنھنجي
مَ گهُرُ واڌو تھان پوءِ ريڙھہ ڪيو رُنگ

ڏين جت ٿا وراھيو ورڇيو ماپ
اُتي وٺجي ڏين جي لپ چُرون چنگ 3

اگهوري عشق جا اوتيو صراحيون 4
پيالا پٽ پيو چاڙھين ٿا دنگ

وڃن ٿا وبر 5 وحدت ۾ وڌيو گل
جريدا 6 جوش کان جولان ڪيو جنگ

________________
(136) 1- آنا 2- ڦٽل ٻچا 3- چونگي 4- گهگهيون 5- پھلوان 6- اڪيلا

(137)

قرب ريءَ قدرت نہ اُڄھي سچ جي ڌاران نانگهہ سگهہ
بيٺ[7] ۾ جي نانھہ ناڻو پوي ڪھڙا پار اگهہ

بخت معنيٰ هوش آھي بخش حق جي ري منٿ
ڪي ننڍا ٿيا نامور ڏکيا وتن ڪي جال ڏگهہ2

ٿانو پختو ٿو جهلي سڀ ٽول کي قابو ڪيو
ڪيئن رھي پاڻي اُنھي ۾ جنھن کي ٿيا چوطرف لنگهہ 3

گل وڏو سِرُ آھہ عالم علم اُن جو اَنت4 نالـﮧ
ڏس پرين پنھنجو پڌرو تي پَؤ مَ منجهہ ٻيلاٽ گگهہ 5

__________________
(137) 1- ھڙ 2- وڏا 3- ٽنگ 4- حد- گهاٽو

(138)

درد ۾ دلدار جي ڏس ڪئن ڪري ٿو ناز رينگهہ1
چاھہ ۾ چلهجئو چلڻ ۾ اُٺ مٿي ڪئن ٻار چينگهہ2

ٿي ٿئي خوش وقت تنھن جنھن ٿو چڙھي دلبر وھي
لاڏ مان لڏئو لڏي هن پار ۽ هن پار پينگهہ

ٿو وڻي سرمون سدا اک ۾ عجيبن جي عجيب
ٿي وڻي واڌُ تنھين کان منھن ۾ محبوبن جي لينگهہ 3

جيئن آھي جهڻ ڇاھہ گهاٽي، دِڳ دِڳ ڌنورو ڏھي
گرم سائي کاڄ کان پوءِ ٿي ٿڌي جيئن پگ ڦينگهہ 4

خيال جنھنجي دل تي خطرا سا خدا سان ڪئن رجهي
ڪئن جهلي گل ڦر اُهو وڻ جنھنکي ويڙهئو آھي گهينگهہ 5

_______________
(138) 1- آواز 2- رڙڻ 3- سنهو ليڪو 4- تمام پٽڙي 5- بي پاڙي ول يا گهنگهڻو

(139)

دوست تنھنجي ديدليء دلکي آھي ڪا تانگهہ تنگهہ [8]
ٿي نھاري لوڪ ۾ تنھنجا تہ سڀ لانگها ۽ لنگهہ

ٿيون پڪارن لاءِ تو ڪوهَن ۾ ڪَرڪئو ڪونجڙيون
منجهہ پٽن تتر تنوارن منجهہ بحر آڙيون ۽ منگهہ

جهنگ ۾ ڄانگها هرڻ ڳولين تنھنجون جهائيون
منجهہ هوا اُڏريو پکي پنھنجا هڻن چؤطرف ڦنگهہ

جي ڪُٺا تنھنجي محبت عشق جي تڪبير سين
سِر ڏيو سَرھا ٿين صادق نہ ٿا چورين چنگهہ2

شوق ۾ تنھنجي ڦلاريا ڦل ٽڙيا گل باغ ۾
سڪ ۾ ساوا ٿيا وڻ ٻھر آڻي مور3 منگهہ

______________
(139) 1- ڇڪ 2- آواز 3- نوان پن

(140)

آھي ننڊ ندوري ۽ آرس اَڀاڳ
سمهڻ سور ساڙو اُٿي يار جاڳ

چوري تند تنبور جي ڪر طلب
ريجهي راءُ ڏيندو لنگها توکي لاڳ

جنھنکي سڪ سيني اندر سوز سل ڪيو
سدا تَنھنجو سُر ٿيو رئڻ تنھنجو راڳ

وڇوڙي جي دل ۾ لڳي جنھن ڇري ڪا
وِرھہ ۾ وصل جي وِهو ڏي وِھاڳ[9]

پوي بوءِ ٻاهر ٿي کامڻ پچڻ جي
توڻي ڪو ڀڃي ٿو اندر دل ۾ داڳ

جاڳي جو ستو دل ڏيئي رب کي
ڀلي سو سمھي گل سنئون جنھن سڀاڳ

_____________
(140) 1- صبح تاءِ

(141)

ڪيئن ڪن ڳنڍ ويھہ ڌارا ڀڳ
ڪئن وٺن چور جوڻيت ريءَ سڳ 1

جؤءِ ۾ ٿا اچيو ٿين سڀ گڏ
ھيڏي هوڏي ڦريو وَلھرا2 وڳ

ٿا شڪاري هڻن چتاير گز
جلد تڪڙا ٻڌيو اَندازا اڳ

ويا سنجهي سڀ سوار ٿي ساٿي
ٿو کڻين پرھہ جو تون پيرا پڳ3

ٿا ڦرن محب لاءِ منھہ مشتاق
رهن محبوب لاڏ ۾ ٿا مَڳ4

ڪئن ٿين لپ چرونءَ مٿي چھرا
گل کاڌا جنيس سدائين کڳ5

___________________
(141) 1- ثابتي 2- مال ڇڄي ويل 3- پير 4- بي پرواھہ 5- گهڻو انداز

(142)

مَ ڪَنَ چير جوڳي اُٿي پاءِ جوڳ
بٺي[10] برھہ جي ٻار بٺ 2 کانئي ڀوڳ

کلي کاءُ رِهندو3 رزق ربَ جو
ارِهندو اَنڌا ڪيم وجهہ پيٽ روڳ

پيو کاءُ ڪر ياد حق ڇڏ رياءِ
ڇڏيو اَن ڇاکي پئين کيرُ دوڳ 4

رَلو راھہ وچڙال وک وجهي تکي
پرين جي طرف ڊاٻ 5 ڊڪ پوُر پوڳ 6

اندر جن جي اُستاد ٿيو عشق جو
پڙهڻ علم ايندو ڇڏيو اوڳ 7 توڳ

ڏسي حسن گل جو ٿي بلبل چري
ڏسڻ انکي ٿيو قوت پاڻي ۽ چوڳ

____________________
(142) 1- کوري 2- ميدان 3- حلال 4- ڌؤرو 5- جانچ 6- سرميدان 7- موڳو سياڻو

(143)

ڏسيو توکي دلبر اکيون ٿينِ ڳنڱ [11]
پيو صاف ميء کي وٺن خوب رنڱ

گهوڙي عشق جي تي سدا جي سوار
وتن چست چھرا سي ريءَ ٿاڪ 2 لنڱ

ٻاري درد جي ديگ ڏکئا3 وجهن
وڍيو ڏيل پنھنجا ڪريو تنھن ۾ ڏنڱ4

محبت ۾ موليٰ جي مانجهي ميا 5
فدا جان دل ڪيو اُتارين انڱ

اڳيان دوست جي عجز نوڙت چڱي
سائينءَ سين ڪھڙا گل سياڪا6 ۽ سنڱ

_________________
(143) 1- ٿڌيون 2- ٿڪ 3- دره وارا 4- ٽڪرا 5- پھلوان 6- مائٽي

(144)

هل همٿ سين هوت ڏي روءِ ڪيم رنڱ
ڏي م دنيا تي هڏن جي مِک منڱ 1

آھي منجهہ ڪاني منائي چاش چرس 2
جي کڻين لاھي مٿان اُن ڇيت ڇنڱ

جي دوا آھي ڪڙي توڻي ڪني
ٿو اچي ڪم ايريو ڏس ڪئن ٿنڱ 3

آھي منجهہ صورت حقيقت ھيڪ ٿي
جيئن هڏي ۾ مغز کل ۾ آھي سنڱ

ڏس تہ ڪيئن ظاهر ۾ ٿيو باطن ڳجهو
منجهہ ڪَپڙ ڪئن ويڙھيو اندام 4 لنڱ

ڪر همٽ منجهہ تات حق جي ڪر همٿ
مڙس ٿي گل مڙس ٿي گل مڙس ڌنڱ

______________
(144) 1- نرين جو گودو 2- لذت 3- اگرو 4- عضوا

(145)

بار کي باري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ
راند ۾ ساري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

ٿا رکيو ڪسرت[12] اُٺائن منڃريون
منجهہ دليءَ واري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

ھيڪلي پنھنجي مٿي کاھي رکي
اَن جي ھاري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

لوڪ جي بھتان ۽ خواريءَ سندي
سر مٿي کاري کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

جهنگ ۾ هئل 2 ۾ وڃائي گل شڪار
پير کي ماري 3 کڻن ڪي مڙس ڌنڱ

________________
(145) 1- ورزش 2- گهاٽو 3- شڪاري

(146)

اي يار دل آرام تون شل هئين سدا اي دوست گل
محبوب گل اندام تون شل هئين سدا اي دوست گل

تنھنجون اکيون گل، زلف گل، منھن گل، آهن رخسار گل
رنگ روپ ۾ گلفام 1 تون شل، هئين سدا اي دوست گل

ٻوٽين تہ مکري وات ٿيو اُپٽين تہ گل اثبات 2 ٿيو
موھيوسين مونکي ان مان3 تون شل هئين سدا اي دوست گل

تنھنجي هٿن ۾ جام گل مئي تنھن ۾ ٿي گلفام گل
گل ڏي ڀري مون جام تون شل هئين سدا اي دوست گل

تون منجهہ صفت گل ذات ۾ منجهہ ڏينھن گل تون رات ۾
آغاز 4 ۽ انجام 5 تون شل هئين سدا اي دوست گل

تو مان رسي گل تازگي خوشبوءِ ۽ دل سازگي
منھنجا سَريا سڀ ڪام تون شل هئين سدا اي دوست گل

تون جسم گل ۽ جان گل آءٌ اسم گل ديوان گل
ٻئي گل ٿيا هڪ نام تون شل هئين سدا اي دوست گل

_________________
(146) 1- گل جهڙو 2- ظاهر 3- رمز 4- اول 5- آخر

(147)

دل تخت حق عرش عُلا[13] جيڪي چوان سو آھہ دل
دل نور حق جو پُرضيا 2 جيڪي چوان سو آھہ دل

دل ۾ ڪتيون تارا کلن سج چنڊ اُت اڀرن لهن
سج چنڊ کان روشن صفا جيڪي چوان سو آھہ دل

دل ابتدا ۾ ذڪر ٿي وچ ۾ فنا ۾ فڪر ٿي
آخر ٿئي ٿي سا بقا جيڪي چوان سو آھہ دل

دل ٿي مريد قدير 3 حّيء4 موٽي عليم 5 ڪليم 6 ايء
سڻندڙ ۽ ڏسندڙ اصل کا جيڪي چوان سو آھہ دل

اول فنا فعلن7 ۾ ٿي پوءِ منجهہ صفت مثلن8 ۾ ٿي
پوءِ ذات ۾ ٿي او فنا جيڪي چوان سو آھہ دل

دل کلي ٿو اول ٿئي عروج9 منجهہ ذور حقجي ئي وُلُوج 10
پوءِ نيٺ ٿي مشھود11 سا جيڪي چوان سو آھہ دل

دل کي ٿو اول ٿئي شھود12 درويت13 ۾ ٿي ثابت وجود
آھي سا گل باغ لقا جيڪي چوان سو آھہ دل

_________________
(147) 1- مٿاهون 2- روشني 3- طاقت ور – خدا تعاليٰ جو نالو 4- جيئري – خدا تعاليٰ جو نالو 5- ڄاڻندڙ- ڌڻي تعاليٰ جو نالو 6- ڳالھائيندڙ – ڌڻيءَ تعاليٰ جو نالو 7- ڪمن 8- سڀني صفتن ۾ هڪجهڙو 9- مٿاهون درجو 10- گهڙڻ 11- شاهدي ڪيل 12- حاصر ٿيڻ 13- ڏسڻ

حصو اٺون

(148)

ھيج مان هل هوت ڏي ڇڏ هور[1] هول
وھہ وندر 2 ۾ ڪيم وِرچي ڏي وڙول 3

من 4 طلب شيئا سڻي جي ڪي طلب
جَدَ 5 وَ جَدَ آھي لڌو منجهہ ڦول ڳول

وَ 6 هُوَ مَعڪُمُ ساڻ تو سڀ جاءِ ۾
آھہ منجهہ اَنفُسَ 7 ٻھر پؤ ڪيم رول

نحن 8 اَقرب سنڌ بند کان اوڏڙو
پوءِ م ڏوري ڏور تون منجهہ ڏک ڏول

ماراَيتُ 9 الشَّيء اِلا اللهُ فيـہ
قَبَلـﮧ 10 ڇڏ بعدہ ڇڏ اڳّ پول

ڪُلُ 11 شَيء شَيء سڀ ۾ ٿيو ثبوت
ڏس ڪماھي 12 منجهہ ڏسڻ سڀ ٿوڪ ٽول

نانـﮧ ڪو موجود ٻيو مقصود گل
منجهہ صفت ۽ ذات ريءَ حق لاھہ ڀول

________________________________________
(148) 1- خيال 2- ووڙ پڇا ڳاڇا 3- ڳولا 4- جنھن طلب ڪئي ٽول جي 5- ڪوشش وٺندو تہ لهندو 6- هو خدا اوھان سان گڏ آھي 7- وجود ۾ 8- اسين زور ويجها آھيون 9- جو ٽول ڏسان ٿو ان ۾ خدا آھي 10- اڳ 11- سڀڪو ٽول 12- جئن تہ اهو آھي 13- شيء

(149)

ٿي طلب ۾ چست طالب ٿي مَ چِلِھہ [2]
سامهون وڃ سَٽَ2ڪري سَرڙاٽ3 راٽُ سِلُّهه

ڪين اُڇلي نير کي ڏاڍو سنئون
سينڱ توڻي هوئي سچي جي آھي ڦِلهه4

ڇڏ تعلق5 ڀروسا سڀ ڇڙت6 ٿي
آھي دنيا گپ گارو ڳِرڻِ 7 ڳلَهه

سامھي رک سير تي مڪري مَ لاڙِ
ھيڏي هوڏي چڙھہ مليڙا لسَّ لِلهه8

گل ٽڙئو کُليو ڪري تئن بوءِ باس
جئن پوي ٿي ماٽ 9 تنھنتي ساٽ 10 وِلَّھہ 11

__________________
(149) 1- سست 2- جلدي 3- تکو 4- گهٽ چاڙھہ واري 5- لاڳاپا 6- آزاد 7- ڌاڻ 8- ڊڄي 9- ملڪ 10- سنهو مينھن 11- ٿڌ


(150)

وهٽ جنھن تي ناھہ لازم چڙهڻ ٻيلهه1
آھہ تا انتي مصيبت ظلم ٽيلهه

چوڳ وجهئو ٿا پکي ڦاھي وٺن
ڏش شڪاري ڪئن ٿا پُر2 ڪن پنھنجا ٿيلهه

ڪئن ٽڪي هڪ جاءِ جمعيتي ڪري
جنھن کي کينھي جئن اچن هر طرف ٺيلھہ 3

ٿا ٿين سوڙھا سپاھي سڀ اُتي
جت وڃيو سردار ڪن مانڊاڻ ميلهه

ڇُڙت سونھا ٿا وڃن سٽيو سگها
پوءِ4 پون منزل ڪنا اَڻ ڄاڻ ليلهه5

گل چُونڊڻ سهکا نہ آهن گل ادا
جي ڇنن تن کي لڳن ڪنڊن جا سيلهه

___________________
(150) 1- جوڙ 2- ڀرين 3- ٿڏا 4- پٺ تي 5- ليلهر

(151)

ٿا پون ڦاھي ۾ ڦاسيو چوڳ تي کَڙھيل1 چلهه2
ٿين ٿا سوگها پنجوڙن ۾ مرون نر ماد ٻلهه3

نين ٿا ڪوٺيو ڪنين کي قرب مان ڪارون ڪيو
ڪي وڃڻ سان ٿيڙا واصل ويئي ڪني جي چَڙھہ چلھہ 4

اکر هڪ جهڙا لکڻ ۾ پلّ پلّھہ ڪيا ڌار ھي
لام سنھڙو پل گهڙيءَ جا ٿيا ٿلھي سين قوم پلهه

پيٽ بکيو وقت جنھن ڍايا وتن اڱرا سڀئي
ٿيا بکيا تنھن وير ٿيا جنھن وقت ڀرجي پيٽ ڏلهه

حال هٿ ڪيو هوش وارن سڀ ڇڏي ايندو ويو
وقت وٺ قابو ڪري گل ڪٿ سڀا اڄ ڪاٿي ڪلهه

__________________
(151) 1- پوڙھا 2-جوان 3- ٻٺڙا 4- عمر

(152)

ڌڻي منھنجا ڪر مون سان پنھنجو ڪرم
تہ رهجي تنھنجي لطف سان سڀ ڀرم[3]

عيبن آھي مونکي اُگهاڙو ڪيو
ڍڪين تون تہ ڍڪجي اُگهاڙن شرم

وڃايم مڙيوئي حال احوال مفت
پنھنجو ڄام ڄاڻي ٻجهي ڄم2 ڄرم3

عمر ويئي ڏوهن ۽ پاپن ۾ سڀ
رھيو ڪو نہ پاڇي ڌڻيءَ ري ڌرم

موليٰ مهر سان معاف ڪر سڀ گناه
مدائن4 جو مونکي ٿو ماري مرم

هڻي گل انھي شرم ڪيو شرمندو
وھائي اکين مان ٿو پاڻي گرم

_____________
(152) لڄ پت 2- خاندان 3- درجو 4- گناهن

(153)

هل هوش رک هلڻ ۾ کڻ ڌيان ساڻ دم
ڪر تات رب جي ڇڏ سڀ ڪرت ڪار ڪم

دم جو اچي وڃي ٿو اي تنھنجو خرچ آهه
خرچي م ٿيءُ خوش تون پوءِ ڏس متان ڪرين غم

هن ھاج ۾ پيو هن ھارئا مَ ٿئي هلاڪ
ڇا تنھن جي عمر آھي ڇا تنھنجو آھہ ڄم

ڏس ڪٿ آھي سليمان[4] مرسل سندس بہ تخت
ڪيڏانھن ويو سڪندر2 ۽ فيلقوس3 جم4

ويا سڀ نبيّ مرسل توڻي اولو5 العزم
ڏس تارهئو آھي ڪٿ بيبي حوا ۽ آدم

ساٿي ويا ڇڏي سڀ توکي رھايو ننڊ
ڇڏ ننڊ وڃ پئي تن وٺ راھہ رند تي رم 6

ٿي ڇُڙت ڇوھہ مان ڇُلُ وھہ ڪيم ڪرم فرصت
گل گوش رک سخن کي غافل مَ ڳهر ۾ ڳم

________________
(153) 1- حضرت سليمان 2-3-4- بادشاهن جا نالا 5- وڏا 6- هل

(154)

آھي سِرُّ ذاتي الف لام[5] ميم
خزانو صفاتي الف لام ميم

احد اَلَفُ مُلُڪُ و مَلڪُ ميم لام
وجود صفاتي الف لام ميم

اَچي راز احمد جي اُت ڪيو ظهور
پھري پوش ڀاتي الف لام ميم

ڳجهارت ڏني وحي قرآن ۾
چئي لفظ واتي الف لام ميم

کليو باغ معنيٰ ۽ صورت ۾ خوب
گل مقطعاتي الف لام ميم

آھي گل هڪو حوف پن پن جدا
ٽڙئل ڏينھن راتي الف لام ميم

_____________
(154) الف لام ميم اھي اکر قرآن شريف جي ٻي سورت بقر جي اول ۾ آهن، جن کي مقطعاتي اکر چوندا آهن. اھڙا مقطعاتي اکر قرآن شريف جي ٻين سورتن ۾ بہ آهن. انھن اکرن جي معنيٰ جناب حضرت محمد رسول صلي الله عليـﮧ وسلم جن کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ معلوم نہ آھي. عالم چون ٿا تہ انھن اکرن جو تفسير باقي سڄي سورت ۾ آھي.
_____________

(155)

آءُ دلبر دوست تا گڏجي ڪريون ڪي ڳالھيون
ڳالھيون سي جي الم ساڻ ساھہ سانڀي[6] پاليون

اکيون تنھنجي ديد لي دائم سَيُمنڊَ جان سڪ ڀريون
وِير2 ڀرئي پٽ پسائن آلڙڻ3 ۾ آليون

ويڻ ويچارا وِڪُوڻڻ4 واھہ ماکي کير کنڊ
محب موڙا تنھنجا ماڻا مِلڪ منھنجيون ماليون

چشم پلٿي باز تنھنجا، هَٿِ کنيو ڀالا ڀوُن
چوُر ٿا ڪن چت چرين جا چست چايو چاليون 5

نيو جهپي 6 جهڙپي هنيون گل جو تنھنجي مک لعل گل
دل نيئيي دلبر لٽي لائي لبن کي لاليون

_____________
(155) 1- لڪائي 2- پاڻي جو چڙھہ 3- پاڻي سان ڀرڻ 4- ڪؤڙا 5- رمزون 6- ڦري

(156)

صبر ڏي يا رب منھنجا ڏي مونکي توفيق1 تون
چؤطرف حرص2 و هوائن3 ويڙھي وٺتو آھہ مون

جيڪي ويو گذري سو ويو جيڪي آھہ ٿيندو گذر
سالڪن4 سمجهي چيو اي آھہ دنيا ڏينھن ڏون

پاڻ مھٽيو پاڻ مھٽين تيل ڪيو سرمان وجهي
ڪم نہ ايندءِ اي ادا اي جا ڪرين ٿو ٽوُن ۽ ڦون5

انگ ازلي6 آھہ قادر ٿو پري ۽ نا ٽري
جي ڪري ڪو هونءَ هوُن توڻي ڪري ڪو ھيئن هوُن

گل تہ چيتو7 جاءِ ڪر سڀ ۾ تون چيٺي ڏس چڱيان8
ٻولي ٻي سڻ نانھہ ڪا سڀڪو ٿو ٻولي تونھين تون

______________
(156) 1- ماٺ 2- لالچ 3- لوڀ 4- رستو سڃاڻندڙ فقير 5- آڪڙ 6- اصل جو 7- خيال 8- چڱيون

(157)

پنڃڻو منجهہ نار[7] ٻولي تونھين تونھين تونھين تون
طنبور منجهہ تار ٻولي تونھين تونھين تونھين تون

حاجي منجهہ عرفات چئي لبيڪ2 ۽ سعدي3 کي
گبُر منجهہ گرنار ٻولي تونھين تونھين تونھين تون

مفتي ۽ قاضي پڙهن ٿا وعظ وجهّن ڊپ ڊاءُ
شيخ ثوري4 پار ٻولي تونھين تونھين تونھين تون

هوش وارو هوش سان منجهہ عشق حق جي ٿيو فنا
پَٽ هڻيو دستار5 ٻولي تونھين تونھين تونھين تون

پاڻي ثابت پاڻ ڪيو منجهہ بحر ٿو موجون ڪري
ڄيرو ڄڀّي لار6 ٻولي تونھين تونھين تونھين تون

خاڪ منجهہ فڪرت7 هڄي ويئي ماٺ ٿي تنھنکي نصيت
واؤ منجهہ وڻڪار ٻولي تونھين تونھين تونھين تون

گل ٿيو منجهہ باغ پنهجي حسن ۾ مخمور لعل
ڀوري8 منجهہ بازار ٻولي تونھين تونھين تونھين تون

__________________
(157) 1- شيخ صفيعان ثوري رحمة الله عليه وڏو خائف ۽ ڪامل بزرگ ٿي گذريو آھي. خدا جي خوف ۾ سدائين پيو رئندو هو. هڪ ڀيري حج ٿي ويو واٽ تي هڪ بدوي، چيس تہ پوءِ اھڙا گناه ڇو ٿو ڪرين، جو ھيئن روئي ٻين کي بہ خفي ٿو ڪرين. بزرگ جواب ڏنس تہ ادا مون گناھہ تہ ڪونہ ڪيو آھي، پر رڳو گناه جو خيال بہ دل تي ڪونہ آيو اٿم، پر خدا جي خوف کان ڊڄان ٿو، جو منھنجو مرشد جنھن چاليھہ ورھہ ماڻھن کي فيض ڏنو ۽ ٻہ ورھہ ڪعبة الله جي خدمت ڪئي، سو پڇاڙيءَ ۾ ڪافر ٿي مئو. ان حال کان ڊڄان ٿو، پڇاڙي منھنجي بہ الاجي ڪئن ٿيندي؟
1- تند 2- حاضر آھيان 3- تنھنجي مدد ٿو ڪيان 4- نالو هڪ عالم بزرگ جو 5- پڳ 6- ساھہ جي نبض 7- انتظار 8- بلبل
__________________

(158)

طالب ادا اُٿ ڳول حق آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان
تنھنجو آھي توڪول [8] حق آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

ڇڏ شرڪُ شڪُ جو توکي پيو، منجهہ پاڻ ٿو ڳولين ٻيو
ڇڏ وسوا2 پوءِ ڦول حق، آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

تون اصل ڏس تا ڇا هئين ڪنھن نا ٻڌين ڪنھن نا سئين
ڇڏ ڪوڙ چؤ سچ ٻول حق، آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

توکان آھي ويجهو توکي جو پيو آھي تنھنجي پُکي3
ناحق مَ پنھنجو رول حق، آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

گل وزن واڌو ڪيم ڪَر، کوٽو پھ نا رک هوش سر
پورو برابر تول حق، آءٌ ٿو چڱيان توکي چوان

________________
(158) 1- وٽ 2- اجايا خيال 3- ڀاڱي

(159)

از ڀريا سڄڻ کڻي ٻئي نيڻ
ڏس رحم سان وجهہ م ٽھڙيون1 ٽيڻ2

مَحو محبت ڪيا مڙيئي مائٽ
سڪ تنھنجي وساريا سڀ سيڻ3

نہ وڻي ماءُ پيءُ مٺن مستن
نا ڀِرن4 ڀاڳ ساڻ ڀائي ڀيڻ

ڦِٺ چڱي تنھنجي واه شابس کان
واه تنھن کان وڻن گهڻو ٿا ويڻ

دوست تو ٻاجهہ سور ٿئڙا ساڙ
وِکُ5 ٿيا وھہ ولهن کي خوشيون کيڻ

ساڻ گل آھہ گڏ ڪنڊو لوڙا
مَندَ6 ماکيءَ جي ساڻ گڏيا ميڻ

_________________
(159) 1- غصو 2- گهور 3- ويجها عزيز 4- گڏجن 5- زهر 6- لعاب

(160)

دل هڻي ڪي ٻهل[9] ٻارا تنھنجي ٻاڻ 2
رات ڏينھن تَنَ ۾ تنھنينجي تانگهہ تاڻ

آھيان عيبن ڀريو، ڪرتن3 ڪچو
رحم ڪر مون تي سڃاڻي پنھنجو پاڻ

ڪوجهو4 جي ڪوڙو آھيان تو لڙ5 لڳو
لڄ6 ڀريا لالن مَ مونکي لاءِ لاڻ7

جي اٽو آڻين ٿا ڪم کاڄ ۾
ٿا ڪتب لائين ڇاڻيو تـﮧ ۽ ڇاڻ

منڃ کي سٽيو ڪٽيو انوڙيون وٽيو
ٿا ڀڃيو جوڙن رسا ۽ واجهہ ڏاڻ

ٿا وجهن گهوڙن تي هنّان ٺاھيو
پوءِ اُٺن تي پاکڙا جوڙيو پلاڻ

جت وهن اُٺ جاءِ، تنھنکي چون جهوڪ
جت ٻَجهن گهوڙا ُنھي کي چون ٺاڻ

جت بيھن گهوڙا گهڻا ڪُڙھہ ان کي چون
جت رڍن ٻڪرين جا ڌڻ اُنکي وٿاڻ

مينهون ڳويون جت چريو سھڙن اچيو
جاءِ، اُنکي ڀاڳيا ڪوٺين ڀاڻ

پاٽيون چوٿائيون ٽويا ڀريو
ڪٿ چون ٿا ماپ ڪاٿي اُنکي ماڻ

گل آھي هڪ گل ٻيا ڦل سو هزار
سڀڪو پنھنجي نانءُ ٽڙي پنھنجي ٽاڻ8

_________________
(160) 1- وڏا ڦٽ 2- پيچ يا محبت 3- ڪم 4- بڇڙو يا گنهگار 5- پٺيءَ 6- لڄ رکندڙ 7- ڪس 8- وڏائي

(161)

خوب ناھي پوک کي پاڙان پٽڻ
ڦر ڪچو ڀترن ۽ ٺڪرن سان سٽڻ

جوار جي مٺ تي ڪتي اڀري شُرو
ڪڻڪ کي ڪتيءَ اندر گهُرجي ڇٽڻ

جت ٻڙو هڪڙو زيادہ ٿو جڙي
سٽ نيئي پنھنجو اُتي گهرجي مٽڻ

ٿانءَ کي کاڌي پڄاڻان ٿبو سُنَتَ
ساڻ اَشهد [10] ساڻئي چيٺي چٽڻ

جي پوي ڀرجي ڪپو گيـﮧ تيل سان
سُرت2 سان گهُرجي سگهو اُڻ کي ڏٽڻ3

نانـﮧ سڀ سودي ۾ کٽيو ۽ ڇيهو
ڪٿ آھي ھارڻ ڪٿي آھي کٽڻ

جنھن کي سريو جيڪي دنيا دين مان
آھہ سھڻو سينڌ ساڃيءَ ۾ وٽڻ4

پنهجي مٽ مائٽ ڀرائي ڀاءُ کي
لوڙهه5 تي بيھي جُنبي جوڙي لٽڻ

جن کي پورو ٿو پگهار پلي پئي
ڪفر ٿيو اُن لاءِ پوءِ ڪم ۾ ڪَٽَڻ6

راند ۾ ڇوڪر ابا هوشيار ٿي
آھہ مڙسي کينهون ڏوران جهٽڻ

سامهون صف جنگ مڙسن جي گهڙي
پوءِ نہ لازم گل دري پٺ تي هٽڻ

______________
(161) 1- ڏسڻي آڱر  2- خبرداريءَ 3- بند ڪرڻ4- ورھائڻ 5- تربت 6- سستي ڪرڻ

حصو نائون

(162)

سَڏُ سونھن جو سڻي سيگها اچو
ڀائرا ان ڀير [1] سين ڀَوَ کان بچو

ماءُ پيءُ کان ٿو پڌر آلو پوي
پير جي پالوٽ سين ٻاهر ٻچو

باھہ ۾ جو پيو پڪو سو ٿانءُ ٿيو
جو رھيو ٻاهر رھيو ڪوجهو ڪچو

ڇو رکو ٿا ڪنڌ تي ڪُلُ2 باھہ جو
پرت ۾ پرين جي پوڄارا3 پچو

پير هٿ پھري پرت سان پانھنجا
نينھن جا نورا وجهي ناچو نچو

ڌاوُ جا ڌاڳا ٻڏڻ ويراڳ نالـﮧ4
جوڳ پائي جوڳياريءَ5 رچو

ڪوڙ آھي ڪفر ۽ اسلام سچ
پڙھہ سچي سيد تي گل ڪلمو سچو

________________________________________
 (162) 1- طرح 2- ٽانڊن جو ٿانءُ 3- سچا عاشق 4- دنيا جو ترڪ 5- سچي تات

(163)

ڪر دل ۾ اَچي حبيب ديرو [2]
من آھہ بنا تنھنجي ميرو2

ڏک سور فراق جي اندر ۾
ٻاري جيءَ ۾ جاڳايو ڄيرو

محبت من تي مچائيو مچ
منجهہ جوش جلي ٿو جان جيرو

هم غم حبيب تنھنجي ھيء ھاءِ
هورن جو ڏنو هنئين تي ھيرو3

ڏاتار ڏنا وجهي ڏکين کي
ڏک ڏاج ڏکيا مٿي ڏھيرو4

اِي چاش چکيو چوي فذوقوا5
ڳَڻَ ڳهج سدا ڳائي ڳيرو

در درد وارنجي وانوُ، دل کان
ايء لاھہ م دل، تاتار ويرو

کَرُ جي کَرَپي6 مٿس کلو کوڙ
ٿي کَر تي کڙو م ٿئي کيرو7

منجهہ ڀول8 ۾ پؤ م ٿيء بڇرو
ڀَرَ9 ڇڏ پوءِ ڀِرُ10 مَ ڀڃ ڀيرو

ليء وصل وضو ورھہ جو ساري
پڙھہ نينھن نماز نفل نيرو11

اُٿ جاڳ سجاڳ سمجهہ رک گل
ٿي ڪيم ڏسي گلن کي گيرو12

_______________
(163) 1- جاءِ 2- ٻيائي وارو 3- لامارو 4- ڏکي  5- چکر 6- کھي 7- بي همت 8- ڀل 9- آسرو 10- ويھہ 11- ترڪ وجود 12- هوس

 (164)

ڏنو مونکي ڏاھي اشارو اهو
تہ آھي سڀت ۾، نہ سَڀُ تنھن جهو[3]

حقيقت پاڻي، صورتون مڙيئي ٿانءَ
ٺڪر ٿانءَ وکرو2 نہ پاڻي ٻيو

سوئي بحر ۾ آب سوئي نيڙ3 ۾
سوئي ڪنگر اڏ ۾ ۽ ٻاري ۾ سو

تفاوت سڀت رنگ ۽ چاش ۾
اچئو گُريءَ ڪاني جي ۾ ٿئي مٺو

کٻڙ ۾ ٿيو کارو ڪڙو ٽوھہ ۾
ٿيو پوءِ ليمي ۾ ڏس ڪئن کٽو

سڀت رنگ وکرو سڀت حسن ڌار
ڪٿي گل ڪٿي ڦل ڪٿي واس بو

جي ڀائين تہ وحدت ۾ ٿيان محو گل
تہ هڪ ڏس، م ڏس ٻيو، مَ چَؤ ھيءُ هو

____________
(164) 1- جهڙو 2- سامان 3- ڪسي

(165)

چؤ ڌڻي ايڪ[4]، ڪيم چؤ اي اُو، وحدہ لاالـﮣ الاهو
سرت ڪر سمجهہ رک م ڪر ھي هو، وحدہ لاالـﮣ الاهو

جي نظر پاڪ ٿيو ڏسڻ ٿيو پاڪ جي لٿو ڀول ڀؤ لٿو بي باق2
جمع ٿي دل، وچان ويو جهُو3 جهُو وحدہ لاالـﮣ الاهو

سوئي زبوّر ۾ سو منجهہ انجيل سوئي توريت ۾ سو منجهہ تنزيل4
سوئي منجهہ سحر سوئي منجهہ جادو وحدہ لاالـﮣ الاهو

مهت ۾ ٿا پڙھيو پڙهن مومن مڙھيءَ ۾ بت پرست برهمن
ساک سوگند5 ۾ چون ساڌو وحدہ لاالـﮣ الاهو

بربلون ڪيو ٽڻون ٽڻون ٽڻڪن ڀونئر بيراڳ ۾ پيا ڀڻڪن
حسن گل جو ڏسيو ڳُنڌئو6 خوشبووحدہ لاالـﮣ الاهو

__________________
(165) 1- الله هڪ آھي 2- آزاد 3- خرابي 4- قرآن پاڪ 5- قسم 6- وٺيو

(166)

آھہ سڀ کان خوب محبت1 واھہ واهہ
ساڻ محبت نيڪ صحبت2 واھہ واهہ

منجهہ محبت سھڻي صحبت آھہ پر
آھہ صحبت  ۾ بہ الفت3 واھہ واهہ

آھہ صحبت ۾ بہ الفت خوش گهڻو
ساڻ الفت خوب خدمت4 واھہ واهہ

آھہ اُلفت ۾ چڱي خدمت جي هوءِ
اُن سين گڏجي نيڪ 5 نيت واھہ واهہ

ڪم مڙيو ئي گل ٿو ڇٽي نيت مٿي
اول نيت پوءِ سويت6 واھہ واهہ

________________
(166) 1- قرب 2- ياري 3- دوستي-محبت   4- چاڪري 5- موچاري نيت 6- سوائي

(167)

ٿو ڇٽي ڪوڙ ڪفر شرڪ ڪنا جو پڙھي لاالـﮣ الا الله
ٿئي مسلمان سچ صدق ڳنا جو پڙھي لاالـﮣ الاالله

’ڏوه تنھن تان ٿا ٿين غفو [5] رب جي طرفان
مدشد2 حرف حرف ڪريو ادا3 جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

گهر تنھنجو ٿيو باغ جيئن گلشن، سڀ گهرن ۾ ٿيو زور اُو روشن
نور حق جي سين ٿيو او پاڪ صفا، جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

هڪڙو غازي اُبيٺو جنگ ڪري، ٻيو سخي سون سان جهان ڀري
تن کان آھي ڀلو گهڻو بالا4 جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

وات تنھنجي مان ٿيئي پکي پيد ا، سبز منجهہ رنگ خوب خوب  نما5
نا ويندو پيش بهشت ۾ انکا، جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

توڻي زاني ڪي چور ڪو هوندو، ري شڪ منجهہ بهشت سو ويندو
ساڻ فرمان قادر اعليٰ6 جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

چيو خدا لاالـﮣ الا الله ڪوٽ منھنجو، آھہ سو جاءِ پناه
آيو تنھن ۾ مٿس عذاب لٿا، جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

جيڪو جنھن ڪم اچي مصاحب7  ٿيو، سڀ  گنـﮧ  ان جا ربّ عفو ڪندو
پٺيءَ تنھن جي ڪري معاف خطا، جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

ڀيري هڪڙي سان ربّ ٿو بخشي، اڳيان پويان گناه سڀ تنھن کي
جي هجن او گجي سمونڊ جها، جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

جيڪو قائل8 زبان سان ٿيندو، رب تنھنکي حساب بخشيندو
ساڻ دل جي يقين گل گدا جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

____________________
(167) 1- معاف 2- صحيح 3- چوي 4- مٿاهون 5- چڱو ڏيک 6- وڏو 7- صحبت ڪندڙ يا وهندڙ 8- چوندڙ

(168)

ٿئي نہ هر گز ڪنھن طرح گمراه، جنھن مڃيو محمّد رسول الله
تنھن ڪيو اثبات عين الا الله، جنھن مڃيو محمّد رسول الله

جا اطاعت[6] سچي محمّد جي، سا اطاعت خدائي احمد جي
قولـﮣ الحق، فقد2  اطاع الله جنھن مڃيو محمّد رسول الله

افضل الذڪر ذڪر ربي ٿيو، وارفعنا3 تھين ۾ عربي ٿيو
تنھن کون راضي گهڻو ٿيو مولاھہ جنھن مڃيو محمّد رسول الله

سؤ ورھہ گبر جي پڙھي الله، اولرءَ ٿي وتي سدا گمراه
منجهہ بهشتن تنھين جو ٿيو مثواهه4 جنھن مڃيو محمّد رسول الله

ڪفر جنھنجو ٿيو ملت و مذهب، نانھہ موليٰ تنھنينجو والي رب
آھہ ھادي5 تنھين سندو همراه، جنھن مڃيو محمّد رسول الله

پازي6  احمد جو توڻي هوئي پينون، ھيڏي هوڏي ڦري ٿو جيئن کينون
آھہ سو شاھہ شاھہ شاهنشاه جنھن مڃيو محمّد رسول الله

ٿيو تحقيق سو فنا في الله ٿي فنا موٽي ٿيو بقا بالله
گل ٿيو اصل پنھنجي کون آگاه7، جنھن مڃيو محمّد رسول الله

____________________
(168) 1- مڃتا 2- تحيق فرمانبرداري الله جي ڪيائين 3- مٿاهون 4- جاءِ آرام 5- هدايت ڪندڙ 6- غلام 7- واقف

(169)

ڪئن ڏسان آءٌ پريم وري توکي
سڀ[7] رَھيان ويلون وار آءٌ توکي

آءٌ اچي ڏس طبيب منھنجو تن
ڪئن ڏُريو ڏيل آھہ منجهہ ڏوکي2

ڪا ٻڪي ٻاجهہ جي اَچي ڏي مون
چيت سان چار خلط ڏس چوکي3

وصل تنھنجو ورونھہ منھنجي ويڄ
ڏي مون کي مِلڪَ مالُ ني موکي4

جيءُ جڏو ڪيو جيال تنھنجي جند
آھہ جيءُ جان جند تو جوکي

گل وجهہ باغ ۾ گلن جو ٻج
ڪئن ڳُنڊي گُلَ جو ڪنڊا پوکي

_____________________
(169) 1- رھيل 2- ضعيف ٿيو ڏک ۾ 3- جاچ 4- پاڇي ڪري

(170)

محبوب آيو مان وٽ مهران ملي ملي1
ٿي ھاج اُنجي آئي سڀڪا ڀلي ڀلي

اکين ڏسي ڪئي عيد آزار  اَهک ويو
پُر ٿي پسڻ سين دل، جا هُئڙي ٺلي ٺلي

آجي اندره کان ٿي آزاد ظلم کان
جندڙي جنجال جا هئي جهوري جهلي جهلي

لڳڙي پريت جنھنکي پرين جي پار جي
واري ڪنھين نہ وير نہ پِيرن پلي پلي

ڪئن ٻھر پئي مُني جا سوٽھڙ2 هوش ور
ڪانڃڻ قرب جي اندر جوڙي سلي سلي

سچو صديق عمر عثمان نوبھار
گل باغ مصطفيٰ جو حيدر علي علي

____________________
(170) 1- مرڪي 2-واڍي

(171)

ڪي چور[8] چپن تنھنجي دل چاس2 چسڪي چسڪي
ٿي پاهه3 پچي پر ۾ منجهہ ٽاس4 ٽسڪي ٽسڪي

جا حسن هَنئي دلڙي ٿي قيد قربا قربا
جا ڪيئن کِلي خوش ٿئي ساڻ ٺاھہ ٺسڪي ٺسڪي

آءُ منھنجي اڱڻ دلبر مينھن وانگي برسي برسي
جِهر مِر سين اندر ڇاتي گهڙ يار وَسُڪي وَسُڪي

محبوب آيو مون گهر مختار مهران مهران
ساڻ لاڏ ڦُري دلڙي دلدار کَسُڪي کَسُڪي

ڪھہ قاسم اڄ تو گل سين گل بات هندي هندي
دلدار دکاتا هئي نَو ناز هسڪي5 هسڪي

_________________
  (171) 1- چرڻ 2- لذت 3- ڳريل 4- تؤ 5- کلي

(172)

تنھن جي ديد جي دوست سَڌَ سڀني کي
منجهان تنجي حاصل ڏسڻ ٿيو ڪني کي

گهري توکي سڀڪو تون سڀڪنھن جو مطلوب
ٿيو تنجو مطلب گهرين تون جني کي

جني کي گهريو تو، ٿيو توھہ [9] تن سان
گهري لوڪ سارو ٻيو پڻ تني کي

گهرن توکي هڪڙا ٻين کي گهرين تون
آھي لطف شامل تنھنجو هِن هُني کي

چاريئي2 سارِ، ڏھہ چار، ٻارھہ تون گل
چوڏھہ چور چت ۾ جئن پنجني کي

______________________
 (172) 1- پناه 2- چار يار،  چوڏهن معصوم،  ٻارهن امام

(173)

صبا صبح جو سلام منھنجا اڳيان نبيءَ جي رساڻ نيئي
هزار آزيون لکين نيازيون ڪري سگهين جي سي ڪج سڀيئي

جڏهن لياڪن مان پڃّرن جي توکي رضا1 ٿئي حضور اندر
مٿي مبارڪ مزار 2 مرسل جي چشم نيئي رک تون گهور ٻيئي

چئج عرض هن عليل3 عاجز جا پيش پرين ٻڌي ٻہ ٻانهون
سڀيئي ساري سڀيئي سنڀاري رکي مٿو مُنھن ۾ سجدي پيئي

ادب سين حضرت ابابڪر جي اڳيان ۽ حضرت امير عمر
چئج تہ جيڪي حضور ۾ هُونِ غائبن ڪن سپرد سيئي

تنھينجو بيت المقدس آھي گذر سدائين ۾  ڪعبة الله
وڃي ڏھاڙي ۾ بيت معمور اُت عرض منھنجا چئج تہ ڪيئي

حضور ۾ جنت المعلّيٰ، صحاب پاڪن بقيع جي کي
حضور شهداءِ ڪربلا جي عرض چئج جيئن ڪيئن مون چيئي

سنگهہءِ مونکي ڪا آڻي خوشبوءِ نام حق جي پنجن گلن جي
نبي محمد حسن حسين و عليّ زهرا اي گل پنجيئي

______________________
(173) 1- حڪم 2- مقبرو 3- ضعيف

 (174)

سيدا تو در آيس ٻيا در ڇڏي
پيش پئڙس پير آءٌ تنھنجي تڏي

سار لھہ سردار صاحب سيگهہ ۾
ڪر رحم راحم مٿي هن جيءَ جڏي

رک سدا آباد ڀنگا [10] تن سندا
جي اَجهي تنھنجي اچي ويٺا اَڏي

توکان شاهنشاھہ ٿيا سڀ شاد شاهہ
تو ڍيا ڍايا ولھا2 ويلي وڏي

ڏي پيالو پير پنھنجي شوق جو
عمر ويئي ھيء ھيء ڪُتي ڪُرٽي هڏي

تاب 3 ڦوڙائي 4 جي تن بي تاب 5 ڪيو
وصل جي ڏي سرڪ ڪا ساقي سڏي

گل اوھان ريءَ هت گهڻو حيران آهہ
پنھنجو نيھو پاڻ سان گولو گڏي

___________________
(174) 1- جهوپڙيون 2- کٽل 3- گرمي 4- جدائي 5- حيران

(175)

عمر ھيء ھيء ويئي عبث ويئي
ساٿ جن هئي سنگت ويا سيئي
 
صبر[11] سک2 ۽ سھاڳ3 نيو ساٿن
ڏک2 ڏورو1 ڏھاڳ3 ويا ڏيئي

ڪونہ اُن پار کان وريو پانڌي
جان اُن پُور ۾ پچي پيئي

جي اچي هوند تان وجهان گهوري
جان دل تن مٿانئس آءٌ ٽيئي

جو وڃي ٿو نٿو نياپو ني
ڪنھنکي پنھنجي خبر ڏيان نيئي

ريءَ وڃڻ اڄ ملڻ وڏو مشڪل
ڪالھہ ڪو ڪون ڪندا ويا ڪيئي

گل فنا ٿي بقاءِ حق جو ماڻ
تا چون ائن مري جيا جيئي

درد وڌئو ديوان گل ٿيو ٿيم
ماٺ ڪلمون چڱيان چوڻ چيئي

چؤ اول لاالـﮣ الا الله
پوءِ محمد رسول  گڏ ٻيئي

_______________
(175) 1- هن بيت ۾ بہ صنعت آھي
_______________

سيٺ ڪمال الدين سيٺ مريد علي ميمڻ ”مسلم ادبي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس“ ميمڻ محله حيدرآباد ۾ ڇپيو، ۽ خانبھادر الحاج محمد صديق محمد يوسف ميمڻ سيڪريٽري ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ حيدرآباد سنڌ جي ڇپائي پڌرو ڪيو.