سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران چونڊ اسلامي، اخلاقي ۽ اصلاحي ڪھاڻين تي آڌاريل ڪتاب ”صراط المستقيم“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ محمد اسماعيل بن ”واصف“ آھي.
ھن ڪتاب ۾ چونڊ ديني، اخلاقي ۽ اصلاحي ڪھاڻيون شامل آھن، انھن ۾ اسلامي دنيا جي بھترين شخصيتن ۽ ڪردارن جا سبق آموز واقعا، دلچسپ افسانوي انداز ۾ آندل آھن. ھي ڪھاڻيون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان صراط المستقيم پروگرام جي عنوان تحت نشر ٿينديون رھيون آھن. ھن ڪتاب ۾ ڏنل ڪھاڻيون اسلامي تعليم جي اھا روشني آھن، جيڪا انساني دلين کي منور ڪري ٿي ۽ جنھن جي سھاري انسان بَديءَ کي تڙي، نيڪيءَ ڏانھن مائل ٿئي ٿو.
ھي ڪتاب 1966ع ۾ احباب پبليڪيشنس، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اوهان اڳيان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي