ڪالم / مضمون

ويھہ مَ وساريج

ھي ڪتاب ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي سماجي جاڳرتا ۽ سرگرمين بابت ايشيائي ملڪن جي مشاھدن ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال جو منظر آھي.  ڪتاب جا پھريان ٽي باب بنگلاديش، ٿائيلينڊ ۽ فلپائين جي ترقيءَ ۾ اين جي اواز ۽ اتان جي مقامي ماڻھن جي  ڪردار سان گڏ مختلف روين ۽ مشاھدن تي مشتمل آھي. چوٿون باب  مختلف عالمي ڪانفرنسن ۾ ڊاڪٽر سليمان جي شرڪت ۽ پيش ڪيل مقالن/تقريرن ۽ انھن ڪانفرنسن جي معاشرتي ترقي ۾ ڪردار تي مشتمل آھي. پنجين باب ۾ متفرق ليک ۽ سنڌ جي ماحولياتي مسئلن بابت مضمون ۽ ڪالم شامل آھن.

Title Cover of book ويھہ مَ وساريج

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سماج سڌارڪ ۽ اديب ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”ويھُ مَ وساريج“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھي ڪتاب ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي سماجي جاڳرتا ۽ سرگرمين بابت ايشيائي ملڪن جي مشاھدن ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال جو منظر آھي.  ڪتاب جا پھريان ٽي باب بنگلاديش، ٿائيلينڊ ۽ فلپائين جي ترقيءَ ۾ اين جي اواز ۽ اتان جي مقامي ماڻھن جي  ڪردار سان گڏ مختلف روين ۽ مشاھدن تي مشتمل آھي. چوٿون باب  مختلف عالمي ڪانفرنسن ۾ ڊاڪٽر سليمان جي شرڪت ۽ پيش ڪيل مقالن/تقريرن ۽ انھن ڪانفرنسن جي معاشرتي ترقي ۾ ڪردار تي مشتمل آھي. پنجين باب ۾ متفرق ليک ۽ سنڌ جي ماحولياتي مسئلن بابت مضمون ۽ ڪالم شامل آھن.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سھڪار سان ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر  جي سھڪار سان حاضر آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي