ھن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي ٻنھي طريقن سان بھتر انداز ۾ پارڪر خطي کي پيش ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي علائقائي ۽ جاگرافيائي حالتن، ثقافت، ريتن رسمن ۽ تاريخ کان سواءِ اتان جي گاهن، ٻوٽن، جانورن ۽ ماڳن مڪانن جو بہ تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي، جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪارائتو آھي.
سنڌ شناسي
پراڻو پارڪر
- 4.5/5.0
- 19
- 3
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
ڇپائيندڙ پاران
حقيقت ۾ قديمي ماڳ ۽ مڪان، تاريخي ۽ دستاويزي طور اسان جا قومي ورثا آهن، انھن جي سارسنڀال لھڻ ۽ انھن تي ڪم ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آهي. ’پارڪر‘ جنھن کي اڄڪلھہ ’ٿرپارڪر‘ چون ٿا، ڪنھن دور ۾ سنڌ جو نھايت پٺتي پيل علائقو هو. هتان جي عام زندگي ڏاڍي ڪسمپرسيءَ ۾ گذرندي هئي ۽ عام طور تي نھايت معمولي قسم جي پيشن تي گـُـذر سفر ٿيندو هـُـئو، هڪ پاسي ڏڪاريل حالتون ۽ ٻئي پاسي رياستي ڪاهون عوام جي اقتصادي وسيلن کي نھوڙي ناس ڪري ڇڏينديون هيون. وقت گذرندي اهڙي صورتحال ۾ تبديلي ايندي رهي ۽ تعليمي ماحول ماڻھن ۾ مھذب قدر پيدا ڪرڻ شروع ڪيا. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪتاب ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪتاب جو هيءُ پنجون ڇاپو آهي، جيڪو هينئر ڇپجي اوهان پڙهندڙ دوستن جي هٿن تائين رسيو آهي. اميد ٿي ڪجي تہ هيءُ ڇاپو بہ گذريل ڇاپن وانگر پڙهندڙ حلقن ۾ پسند ايندو.
انعام اللھ شيخ
سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، سنڌ
اڱارو 9- جمادي الاول 1427ھہ
بمطابق 6- جون 2006ع
پيش لفظ
***
هي ڪتاب سنڌ جي ”پارڪر“ واري حصي کي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش آهي. ان جو لکندڙُ، اوجها صاحب پرائمري ماستر هو. سندس شمار انھن استادن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌ ۾ پرائمري ماسترن جو پَدُ اوچو رکيو. ڪنھن زماني ۾، پرائمري ماستر سنڌ جي ڳوٺن جي سونھن هوندو هو. ننڍا وڏا، سُکيا ستابا، توڙي غريب غربا سندس عزت ڪندا هئا. هو سندن ٻچن جي تعليم ۽ تربيت تي مامور هوندو هو. سا پنھنجي ليکي پڻ اهڙي ڳالھہ هئي، جا ماڻھن کان تعظيم طلب ڪري. پر، سندس عزت جو بنيادي سبب خود سندس پنھنجو علم ۽ اخلاق هوندو هو. ڳوٺن ۾ اسڪول مان نڪري گهٽيءَ مان لنگهندو هو، تہ اڻ پڙهيل شخص بہ ادب سان پاسو وٺي ڀت کي ٽيڪ ڏئي، بيھي رهندا هئا، تہ استاد لنگهي وڃي ڀلا جي منجھانئن ڪنھن جي هٿ ۾ پَن جي ٻيڙي هوندي هئي، تہ اها لڪائي ڇڏيندو هو، تہ متان استاد جي نظر پئي ۽ ائين سوچي تہ ’هي بدبخت ٻيڙي ٿو ڇڪي!‘
سنڌ ۾ پرائمري ماستَر ”لکيل لفظ“ (Written Word) لاءِ اهڙي تہ تعظيم ۽ تڪريم سيکاري هئي، جو پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻھو پَٽ تي ڪو ڪاغذ- ٽڪُر ڏسندا هئا، تہ کڻي ويڙهي پنھنجن گهرن جي اوڏڪين ڀتين جي ڦوٽِن ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. اها ان زماني جي ڳالھہ آهي جڏهن ملڪ تي هڪ غير مسلمانُ، عيسائي ڪرستانُ حڪومت ڪندو هو. اسان کانئس آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سالن جا سال جدوجهد ڪئي ۽ نيٺ 1947ع ۾ وڃي پنھنجو ملڪ آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.
قومون جڏهن غيرن جي غلاميءَ مان آزاد ٿينديون آهن، تڏهن ڪنھن ميدان ۾ گهٽ تہ ڪنھن ۾ وڌ ترقي ڪنديون آهن. پر 1947 کان 1997ع تائين، جيڪو پنجاھہ ورهين جو عرصو گذريو آهي، تنھن ۾ اسان تعليم جي ميدان ۾ ڪابہ ترقي ڪانہ ڪئي آهي. اسان جو ملڪ هاڻي دنيا جي اهڙن ڏهن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي تعليم ۾ سڀني کان پوئتي ۽ جهالت ۾ سڀني کان اڳتي آهن. انھيءَ جو هڪ سبب اهو آهي تہ سرڪار تعليم لاءِ گهربل پئسا ڪونہ ٿي ڏئي. مارچ 1998ع تي شايع ٿيل ”ڊان“ اخبار ۾ ڇپيل رپورٽ موجب ”سنڌ ۾ هزارين اسڪول اهڙا آهن جن کي ڀتين جي مٿان ڇت ئي ڪانھي.“ ٻيو تہ انتظامي فيصلا اهڙا تہ اونڌا ۽ ابتا ٿين ٿا، جو يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول ڏينھون ڏينھن اُجڙندا وڃن ٿا. سڀ کان گهڻو ڌڪ پرائمري تعليم کي لڳو آهي. پارڪر جي پاسي ڪجهہ عرصو اڳي، سرڪاري اسڪولن ۾ اهڙا ماڻھو بہ ماستر مقرر ٿيا، جيڪي سراسر اڻ پڙهيل هئا. پنھنجو نالو ئي لکي ڪونہ سگهندا هئا.
* * *
پارڪرتوڙي ٿر پارڪر، سنڌ جو اهڙو علائقو آهي، جتي ماڻھوءَ جي زندگي ڏاڍي ڏکي آهي. استاد منگهارام ”اوجها“ ڪتاب جي شروعات ۾، پارڪر بابت هڪ عام چوڻي ڏني آهي، جنھن مان انھيءَ علائقي جي غربت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
پارڪر جا پھاڙَ
جهنگ ۽ جهاڙَ
رڳو آهي بک ۽ اُگهاڙَ
- لنگهہ ۽ لاهو، رڻ ۽ رائو،
مال بہ رکن ماهو
تہ بہ ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي!
چوڻيون ۽ پھاڪا سالن ۽ صدين جي تجربي کان پوءِ وڃي ٺھندا آهن ۽ عام ماڻھن جي چپن تي ايندا آهن. تنھن جو مطلب تہ، پارڪر جا ماڻھو سالن ۽ صدين کان سک ڪونہ سنڀرن! هن جھان ۾ ڏک بک ۾ آيا ۽ هتان ڏک بک ۾ هليا ويا.
منگهارام ”اوجها“ ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ پارڪر جي پاسي، هڪڙي قبيلي جي تہ گذر سفر جو ڌنڌو ئي هوندو هو ڌاڙا هڻڻ. هڪڙي ڳوٺ ۾، ڏينھن ڏٺي جو چار دفعا ڌاڙو لڳو. ڌاڙا ۽ ڦريون بک جي نشاني آهن. پارڪر هڪ طرف ٿر جي ريگستان ۽ ٻئي طرف ڪڇ جي رڻ ۾ ڦاٿل آهي. آباديءَ جي ڪا صورت نظر ئي ڪانہ ٿي اچي. پر، تاريخ جي اڳوڻن قصن مان معلوم ٿئي ٿو، تہ ڪنھن سمي اُتي ڏاڍي وسُنءَ ۽ وڻراھہ هوندي هئي. هاڪاڙو درياءَ وهندو هو. مٿس بندر ۽ بازاريون هونديون هيون. قسمت پلٽو کاڌو، تہ درياءَ سُڪي ويو. وڻ سُڪي ويا. جاڏي نظر ڪَر، تاڏي رائو، رڃ ۽ سڃ.
* * *
ڪنھن زماني ۾ دنيا جي هاڻوڪي سڀ کان شاهوڪار ملڪ، سعودي عرب جي بہ اها حالت هوندي هئي. هاڻي اتي پيٽرول لڌو آهي. تہ ڌن ۽ دولت جا درياءَ پيا وهن. اڻ ڏڌيون ڇڙيون ٿيون وڃن. ريگستان جي خيمن ۾ رهڻ وارا بدو سڳورا، لنڊن ۾ عيش عشرت لاءِ محلاتون پيا خريد ڪن.
سنڌ ۾ بہ بدين پاسي پيٽرول لڌو آهي. پارڪر ۽ ٿر جي پاسي اڃا ڪونہ لڌو آهي. البت، اتي ڪوئلي جا وڏا ذخيرا مليا آهن، ۽ چون ٿا تہ اهو اعليٰ درجي جو ڪوئلو آهي. ڪي ڌاتو بہ مليا آهن. سو، جيڪڏهن جديد سائنسي علمن جي روشنيءَ ۾ پارڪر ۽ ٿر تي تحقيق ٿيندي، تہ اهڙا قدرتي ذريعا دريافت ٿيندا، جيڪي هن خطي کي ڏاڍو زرخيز ثابت ڪندا ۽ پارڪر جي تاريخ نئين سر لکبي.
پر، منگهارام ”اوجها“ جي هن ڪتاب جي اهميت پوءِ بہ ساڳي رهندي. نہ رڳو ايترو پر جيسين پارڪر ۾ اهڙيءَ خوشي ۽ خوشحاليءَ وارو ڪو دور اچي، تيسين اتان جي موجودہ رهڻيءَ ڪھڻيءَ ۽ اڳوڻيءَ تاريخ ۽ سڀيتا جا اهڙا پاسا ۽ پَلوَ جاچڻ ۽ قلمبند ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي استاد منگهارام اوجها کان رهجي ويا هئا.
غلام رباني آگرو
سنڌي ادبي بورڊ
19-4-1998ع
ڍٽ ڍرِي، پٽ پيون، پاسي پارڪر،
وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪر،
سڀني ڀريا سر، پلر جي پالوٽ سين.
- شاهه
ديباچو
پير پيغمبر اوليا، جن پنھنجا پنٿ ڪيا،
گياني ڌياني گرهستي، "سامي" پنڌ پيا،
سڀئي غيب ٿيا، تو ڇا سمجهيو پاڻ کي.
- سـَـامي
ٿر جي باري بيابان ۽ اوکن پھاڙن ۾ ڪئين ٻھڪندڙ ٻوٽا ۽ رنگبرنگي گل هئا، جن جي سرهاڻ چمن کي چمڪايو ٿي، جن جي هٻڪار هنڌين ماڳين پکڙجي ٿي ويئي، ۽ جن جي سڳنڌ دٻيل دماغ کي معطر ٿي ڪيو. انھن جي ڌوپ - واس لاءِ ڪير ٿو اڻانگا ٽڪر ٽاڪي ۽ آنھن پشين جي پرک ڪري! ڪنھن بہ ملڪ کي پنھنجي تاريخ نہ آهي، ۽ وڏڙن جا وڻندڙ ٻول ۽ سگهڙن جا سھڻا سخن لکيت ۾ نہ آهن، تہ اُها ملڪ ۽ قوم سدائين لاءِ مردہ آهي. هڪ انگريز شاعر چيو آهي:
Lives of great men all remind us,
We Can make our lives sublime,
And departing leave behind us,
Foot-prints on the sands of time.
]مھاپرشن جا جيون اسان کي يادگيري ٿا ڏيارين تہ اسين پنھنجي حياتي شاندار بنايون، ۽ جڏهن هن دنيا مان لڏي وڃون، تڏهن وقت جي واريءَ تي پنھنجا نشان ڇڏي وڃون.[
پارڪر صدين کان وٺي تاريخ جو اهم ڀاڱو ٿي پئي رهيو آهي. مون کي ڪن سالن کان وٺي پارڪر جي قديم روايتن سان دلچسپي پئي رهي، تنھنڪري مون پنھنجي بدلي سال 1954ع ۾ پنھنجي ڳوٺ کان 80 ميلن جي دوري تي انھيءَ ارادي سان ڪرائي، تہ جيئن مان پارڪر جون قديم روايتون، جيڪي سنڌ ۽ سنڌي زبان کي هميشہ زندہ رکڻ واريون آهن، گڏ ڪندو رهان. مون ان ڏس ۾ ڪافي ڪوشش ڪئي، پر پارڪر جا ماڻھو اٻوجهہ ۽ اڻ پڙهيل، جن مان ڪي هڪڙي ڳالھہ جو ڪن پيا ٻڌائين تہ ڪي ٻيءَ ڳالھہ جو پڇ، ۽ ڪن کي جيڪڏهن ڪي اڌوگابريون ڳالھيون ياد هيون، تہ اهي وري هڪڙي پرائمري استاد کي ٻڌائڻ کان ڪناري ڪشي ڪري رهيا هئا. ها، هڪ خوش نصيبي هئي، جو سال 1901ع، سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب واريءَ اسڪيم لاءِ، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مون کي ننگر پارڪر جي سرمايي کي سگهڙن جي سينن مان سھيڙڻ جو ڪم سپرد ڪيو. مٿان وري اهو سھڻو سنوڻ ٿيو، جو اسان جي اسٽاف جو هڪڙو هر دلعزيز ۽ زندھہ دل اُستاد، محترم علي محمد سمون، ننگر پارڪر ۾ بدلي ٿي آيو، جنھن صاحب مون کي هن ڪتاب لکڻ لاءِ گهڻو همٿايو، ۽ پاڻ ڪوشش ڪري ڪجهہ مواد بہ هٿ ڪري ڏنو. ان لاءِ آءٌ سندس شڪر گذار آهيان.
پارڪر جي هر ڪنھن گام ۽ گس، ڀٽ ۽ ڌڪ کي پنھنجو تاريخي پس منظر آهي، ۽ ان لاءِ ڪئين دلچسپ ڏند ڪٿائون عام مشھور آهن: مون هن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي، ٻنھي طريقن سان پارڪر کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اُميد اٿم تہ سنڌ جي هن حـصي بابت منھنجي هيءَ پھرين ڪاوش، علمي ۽ ادبي حلقن ۾ قبول پوندي.
-- منگهارام اوجها
ننگر پارڪر
27- آڪٽوبر 1959ع
پارڪر
سنڌ سونھاريءَ جو تمام شاندار ۽ اهم ٽڪر ”پارڪر“ ، تنھن لاءِ عام مقولو آهي تہ: ”پارڪر جا پھاڙ، جهنگ ۽ جهاڙ، رڳو آهي بـُـک ۽ اُگهاڙ، رڻ ۽ رائو، لنگهہ ۽ لاهو، مال بہ رکن ماهو، تہ بہ ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي!“ رڻن ۾ رڃ، رڳي سڃ ئي سڃ، اچ وڃ جو اهنج، سڄو ئي ڀڙڀانگ، نہ ساٿي نڪو سانگ، جتي ڪانگ جي اک نڪريو پوي: اهڙي ڏکئي ڏونگراٽ ڏيھہ ۾ جو پـُـرش پيدا ٿيو، تنھن جو ڀاڳ اَڀاڳ يعني ڄانڀي جو ساڳ!
اهو پارڪر يا ننگر پارڪر جو تعلقو، ٿرپارڪر ضلعي ۾، سنڌ جي ڏکڻ اُڀرنديءَ ڪنڊ تي آهي، جنھن جي ڏهن تپن مان ست تپا ٿر ۾، ۽ ٽي تپا پارڪر ۾ آهن. نقشي تي پارڪر وارو ٽـُـڪر ڄڻ تہ هڪڙو اُپٻيٽ آهي، جنھن جي ٽنھي- پاسن، ڏکڻ، اولھہ ۽ اوڀر کان وارياسو رڻ ڦري آيو آهي. پارڪر واري ڀاڱي جي ڊيگهہ 30 ميل، ۽ ويڪر 20 ميل آهي. اهڙيءَ طرح، ننگر پارڪر تعلقي جي پکيڙ 1617 چورس ميل ٿيندي.
”پارڪر“ تي نالو ڪيئَن پيو:
چون ٿا تہ پارڪر جي ڀر وارو ڪڇ جو رڻ اڳي سامونڊي کاري هو. ماڻھن کي اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي، سو ان کي چوندا هئا ”پار اُڪر“ ، جنھن مان ڦري ٿيو ”پارڪر“ . ان بابت هڪڙي ڏند ڪٿا مشھور آهي، جنھن موجب اهو نالو ”پاراسر“ نالي رشيءَ تان پيل آهي، اُها ڪٿا هن ريت آهي:
ڪنھن سمي، پارڪر جو پرڳڻو جڏهن پاڻيءَ هيٺ هو، تڏهن جتي اڄ بستي آهي، اُتي ڀيانڪ سمنڊ پيو ڇوليون هڻندو هو. هڪ ڏينھن پاراسر رشيءَ ڌيان ڪيو، تہ ڪو اهڙو پويتر آستان ڳولجي، جتي پنھنجو تپ سڦل ڪري سگهجي، ڇو تہ ايڪانت ۾ انسان جو من هڪ ٺڪاڻي بيھي ٿو. پاراسر رشي، هڪ مھا تيجسوي تپسوي ۽ تمام پھتل شخص هو. کيس ڌيان ۾ ڪارونجهر جبل ڏسڻ ۾ آيو، تنھنڪري پنھنجيءَ تپسيا يا بندگي جو پڪو پرڻ ڪري، ڪارونجهر جبل ۾ هاڻوڪي ساڙدري کان ڪجهہ مٿڀرو، هڪ هنڌ پسند ڪري، اُتي پنھنجي اکنڊ تپسيا شروع ڪيائين. پير جي هر هڪ آڱر تي بيھي، هڪ - هڪ هزار سال تپسيا ڪيائين. هر هڪ آڱر جا نشان اڄ ڏينھن تائين جبل ّتي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تپسيا جي پڇاڙيءَ وارن ڏينھن ۾، پاراسر رشيءَ جي استريءَ، پوپٽ جي ڳچيءَ ۾ لٽڪائي ڏانھنس هڪڙو ڪاغذ ڏياري موڪليو، جنھن ۾ کيس موٽي اچڻ جي وينتي ڪئي هئائين. پاراسر پنھنجي جسم جو پگهر لاهي، ڪاغذ ۾ ويڙهي، پوپٽ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي موڪليو. پوپٽ جڏهن وچ سمنڊ تي پھتو، تڏهن هڪڙي باز چهڙپ هڻي، پوپٽ کي ڪيرائي ڇڏيو ۽ اُهو پگهر وڃي سمنڊ ۾ هڪڙي مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو، جنھن مان هڪڙي سندر ڪنيا پيدا ٿي. سمنڊ جي نزديڪ رهندڙ مھاڻن اُن سندر ڪنيا کي پالي وڏو ڪيو ۽ سندس نالو رکيائون ”مڇندرا“ يعني مڇيءَ مان پيدا ٿيل. مڇندرا جڏهن وڏي ٿي، تڏهن ان جو سندر روپ سورج کان وڌيڪ تيج ۽ تاب ڏيکارڻ لڳو. هيءَ من موهيندڙ اپسرا جڏهن چانڊوڪيءَ سان چلڪندڙ پاڻيءَ ۾ اڪيلي واهڻ هلائيندي هئي، تڏهن سندس جوڀن ۽ جمال کان چنڊ جو جوهر بہ جهڪو ٿي پوندو هو. مڇندرا جڏهن پنھنجي وهيءَ جا سورنھن سال پورا ڪيا، تڏهن پاراسر رشيءَ، پنھنجي تپسيا پوري ڪري، سمنڊ پار ڪرڻ لاءِ مھاڻن وٽ آيو. مھاڻن کي ان وقت فرصت ڪانہ هئي، تن مڇندرا کي چيو تہ: ”ڌيءَ! تون وڃي رشيءَ کي پار اُڪاري اچ“ . جڏهن مڇندرا جي دُنگي درياءَ جي اڌ تي پھتي، تہ رشيءَ جي من ۾ ڦيرو آيو، مڇندرا جي رنگ، روپ ۽ جوانيءَ کي ڏسي، مھا اڀدؤت رشي مٿس اهڙو تہ موهت ٿي پيو، جو ٿورين گهڙين لاءِ پنھنجي سڌ ٻـُـڌ صفا ڀلجي ويو. مڇندرا جي ڪـَـجلين اکين ڏانھن گهور سان نھاري، سندس سنھڙيءَ چيلھہ تي هٿڙو تہ گهمايائين، پر وري کانئس اوچتو ڇرڪ نڪري ويو: سندس ڪٺڻ تپسيا جا ڏھہ هزار سال هڪڙيءَ کن ۾ برباد ٿي چڪا هئا! تڏهن رشيءَ، ڪاوڙجي، سراپ ڏنو تہ: ”اي پارڪر، تنھنجيءَ سر زمين تي ڪڏهن بہ اهڙو گڻوان مھاتما اُتپن نہ ٿيندو!“
ڪارونجهر تناڪَ جس، ڪَ جـَسي ميڙيو ڪاج،
پيدا ٿئي نہ پارکو، نہ رهسي ڪو رشي راج.
سمنڊ سڪي رڻ ٿيڻ بابت مشھور ٿل مٿينءَ ڏند ڪٿا کي ڇڏيندي، ٻي ڏند ڪٿا سنڌ تي راءَ نوگهڻ جي ڪاھہ وقت ”وروُڙيءَ“ جي چـُـوسي وٺڻ بابت آهي، پر علمي راءِ هيءَ آهي تہ ڪنھن وڏي زلزلي سببان اِتان سمنڊ هٽي ويو آهي، جنھن سان وڏو وارياسو رڻ وجود ۾ آيو آهي.
حدون ۽ شڪل
ننگر پارڪر تعلقي جي اُتر ۾ تعلقو ڇاڇرو، اوڀر ۾ جوڌپور (راجستان)، اولھہ ۾ تعلقو مٺي، ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. هيءُ تعلقو اُتر ڏانھن ويڪرو ۽ وڏو آهي، ۽ ڏکڻ پاسي زمين کاڌل اٿس. اوڀر ۽ ڏکڻ پاسا رڻ کي تمام ويجها آهن، تنھنڪري ٻيئي پاسا لوڻ ۽ رڻ جي پاڻيءَ ڪري کائجي ويا آهن، ۽ وچ ننڍو ٿي پيو آهي.
قدرتي جوڙجڪ
ننگر پارڪر شھر جي پسگردائيءَ واري، چوويھن ميلن جي پٽ کي ”پارڪر“ ۽ ڪنٺي وارو ڀاڱو ڪري چوندا آهن، جنھن ۾ ننڍيون ٽـَـڪريون آهن، ۽ ٻئي حـصي کي ”ٿر“ وارو ڀاڱو ڪري چوندا آهن، جتي واريءَ جون ڀٽون آهن.
آبھوا
سڄي تعلقي جي آبھوا سياري ۾ سرد ۽ اونھاري ۾ گرم رهي ٿي. ڀـِـٽن وانگر، ٽـَـڪريون بہ سياري ۾ ٺرن، اونھاري ۾ گرم رهن ٿيون.
ڪارونجهر جبل
هيءُ جبل، ننگرپارڪر شھر جي چوڦير، گولائي قطار جي صورت ۾، ڏکڻ ۽ الھندي پاسي، اٽڪل سورهن ميلن ۾ پکڙيل آهي. ان جي اوچي چوٽي زمين جي سطح کان هڪ هزار فوٽ مٿي آهي، جتي تروٽ صاحب جو ٿلھو ٺھيل آهي، جنھن کي ”صاحب چڱو“ ڪري چوندا آهن، هن جبل ۾ ڪيترائي قديم آستان ٺھيل آهن، جي ڏسڻ وٽان آهن. منجهس ڪيترائي پانڊوَن جي نالن جا نشان آهن. چون ٿا تہ ڪورونَ جڏهن پانڊون کي 13 سال ديس نيڪالي ڏني هئي، تڏهن پنج ئي پانڊو ڪجهہ وقت ڪارونجهر جبل ۾ اچي رهيا هئا. اڄ تائين ڪن نشانن کي ڀيم گوڏ، ڀيم گاڏو، ڀيم تلاءُ، ارجڻ ٻاڻ، وغيرہ ڪري ڪوٺيندا آهن. ڪارونجهر جبل جو پٿر عمارتن ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. جبل مان گگر، ماکي، مختلف ٻوٽيون، ڪاٺيون وغيرہ، مزور ماڻھو جام آڻي وڪرو ڪندا آهن. تنھنڪري عام چوڻي آهي تہ ”ڪارونجهر ۾ روزانو سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو“ - يعني هن جبل جي ايتري پيدائش آهي، جنھن جي قيمت روزانو سوا سير سون جي برابر آهي. هن جبل ۾ قسمين قسمين ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون، جي هتي جي ماڻھن لاءِ دوا طور ڪم اچن ٿيون- مثلاً کوکرو، گڻ ويل، ستاوڙي، جهنگلي بصر، شـِـوجٽي، اُٺ ڪنٺي، اُٽنگڻ، لاجونتي، گوگڙو، وغيرہ هن جبل ۾ ڪٿي ڪٿي پٿر گوگڙوءَ جھڙو نظر ايندو آهي. اونھاري جي موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن جبل مان زوردار آواز ٻڌبا آهن، ٿي سگهي ٿو تہ هيءُ جبل گندرف سان ڀريل هجي. برسات جي موسم ۾ جبل تان اٿاھہ پاڻي سمنڊ جيان وهي هلندو آهي. گوڙدرو ۽ ڀٽياڻي نديون بہ هتان نڪرن ٿيون. اهي ٻيئي نديون، پاڻيءَ سان ٽمٽار وڃي ٿيون پيٿاپڙ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪن. جيڪڏهن انھن ندين تي بند ٻڌي، پاڻيءَ کي پوک لاءِ گڏ ڪيو وڃي، تہ پارڪر کي جيڪر ڪڏهن بہ ڏڪار سان دوچار ٿيڻو نہ پوي. ڪارونجهر جبل ۾ سيار (گدڙ)، چراخ (جرک) جانور (بگهڙ)، مور، سارس ۽ ٻيا ڪيترائي جانور ۽ پکي رهندا آهن. ڪارونجهر پارڪر واسين کي ايڏو تہ پيارو آهي، جو هر دم پيا جهونگاريندا آهن تہ:
ڪارونجهر جي ڪور، مـَـريـِئي، تو ميليئي نھين،
مٿي ٿھوُڪي مور، ڏونگر لڳي ڏيپتو.
تلاءُ:
ڪارونجهر جي چوطرف ڪيترا تلاءُ آهن، جن ۾ ٻاروهي پاڻي رهي ٿو. ڀوڏيسر وٽ ڀوڏيسر جو تلاءُ آهي، جو ڀوڏي سوڍي عيسوي چھين صديءَ ۾ کڻايو هو. هن ۾ اَٺ مھينا پاڻي رهندو آهي. ٻيو نرياسر جو تلاءُ، ڏونگري ڳوٺ جي ڀرسان آهي، جنھن ۾ ٻارهن ئي مھينا پاڻي رهندو آهي، نرياسر جي پاسي ۾ ڪو بہ وڻ وغيرہ ڪونہ آهي، ۽ سنئون سڌو وڏو پٽ پيل آهي. ڳوٺ گهرٽياري وٽ لورالائي ڀاڻيسر جا تلاءَ آهن، جن ۾ پاڻي ٻارهن مھينا رهندو آهي. لاڪڙ کڏئي وٽ راڻاسر تلاءُ آهي. اُڏيگام جو تلاءُ ۽ گڍڙي چارڻ جو تلاءُ بہ مشھور آهن. ننگر جي نزديڪ راڻن جو ٺھرايل راڻاسر تلاءُ آهي، جنھن جي چوگرد پڪي ڀت چـُـڻيل آهي، سنگها تلاءُ، جو ويرا واھہ جي ڀرسان آهي، سو ويرا واھہ جي سوڍن کي جاگير طور مليل آهي. منجهس سال بسال ڪڻڪ جي پيدائش جام ٿئي ٿي.
ٽڪريون:
پارڪر ۾ ننڍيون ننڍيون ٽڪريون تمام گهڻيون آهن- جھڙوڪ ڏونگري جي ٽڪري، ڏيڻي ٽڪري، راڻيپور جي ٽڪري ۽ چؤڙيئي جي ٽڪري، وغيرہ.
آستان:
ڪارونجهر جبل ۾ هندن جا هيٺيان آستان ڏسڻ وٽان آهن:
(1) ساڙ درو: پاراسر رشيءَ جي سراپ، يا ڌرتيءَ جي زلزلي يا راءَ نوگهڻ جي سنڌ تي ڪاھہ وقت وروڙيءَ جو چوسڻ- انھن ٽنھي روايتن مان اتھاس ڌرتيءَ جي زلزلي کي اهميت ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو زلزلو پارڪر ۾ ضرور آيو هو، جنھن پاري ننگر جھڙيءَ وسندڙ آباديءَ کي برباد ڪيو. بھرحال، سمنڊ سڪي ويو، ۽ پوءِ اُتي ڪن سالن کان آهستي آهستي بستي ٿيڻ لڳي.
ساڙدري لاءِ هڪڙي جهوني ڳالھہ مشھور آهي. هڪڙو هرڻ ۽ هرڻي، جبل ۾ پيا ڦرندا هئا. ڏينھن جو پاسي وارين ٻنين ۾ گهمي، رات جو جبل ۾ اچي رهندا هئا. هڪڙي رات جو جيئن هرڻ ۽ هرڻي، ڇلانگون ڏيندا، جبل تي پئي چڙهيا، تہ هرڻ اوچتو هڪڙي پاڻيءَ سان ڀريل ڪـُـن ۾ وڃي ڪريو، ۽ مري ويو. هرڻي جيئن ڇلانگ ڏنو، تہ اُها وڃي ڪـُـن جي پاسي ۾ بيٺل ”قدام“ جي هڪڙي وڻ ۾ اٽڪي، آهستي آهستي هرڻيءَ جا سمورا هڏا، سڙي ۽ ڳري، اُن ڪـُـن ۾ پوندا رهيا، ۽ پاڻيءَ ۾ حل ٿي ويا. هندن جي شاسترن مطابق اُن پاڻيءَ ۾ ڪا اهڙي غيبي طاقت هئي، جو هرڻيءَ جا هڏا مـُـڪت ٿي ويا، ۽ رڳو سسي وڻ ۾ اٽڪيل رهي. ڪـُـن ۾ هرڻيءَ جي ڪـِـرڻ سبب، اُن ڪـُـن (ڪـُـنڊ) جو نالو ”مرگهي- ڪنڊ“ پيو.
هندن جي شاسترن موجب جـِـيؤ ڦري اوتار وٺي ٿو، سو ان هرڻيءَ پاٽڻ جي هڪ زبرست سيٺ جي گهر نياڻيءَ جو جنم ورتو. اُن نياڻيءَ کي جنم کان مٿي جو سور هو. ڪئين ڊاڪٽر، طبيب، ويد ۽ حڪيم علاج لاءِ گهرايا ويا، پر ڪنھن جي ڦڪيءَ فرق نہ ڪيو. تان جو ان ڪنيا کي پرڻائي ڇڏيائون، پر سندس مٿي مان سور اڃا نہ ويو هو.
هڪڙي ڏينھن پارڪر مان ڪي واپاري اُٺن تي مڱ کڻي پاٽڻ ۾ وڪڻڻ آيا، جڏهن اُهي مڱ سيٺياڻيءَ جي گهر آيا، تڏهن هن هڪدم چئي ڏنو تہ هي مڱ ”ڀيڙيا“ واريءَ ٻنيءَ جا آهن! (ڀيڙيا ٻني پارڪر ۾ آهي.) گهر جا ماڻھو اچرج ۾ پئجي ويا تہ هن استريءَ مڱ ڪيئن سڃاتا!
پوءِ هڪڙي ڏينھن، هڪڙو برهمڻ اُتي آيو، تنھن انھن کي ٻڌايو تہ هيءَ استري اڳي هرڻي هئي ۽ سندس سسي ڪارونجهر جبل ۾، ڪنڊ جي پاسي ۾، ”قدام“ جي هڪڙي وڻ تي اٽڪيل آهي؛ ڪو ماڻھو وڃي اُن سسيءَ کي اتان لاهي ڪنڊ ۾ وجهندو تہ هيءَ مائي چڱي ڀلي ٿي پوندي، سيٺ جا ماڻھو ڪارونجهر جبل ۾ اچي ڏسن تہ برابر قدام جي وڻ تي هرڻيءَ جي سسي اٽڪيل آهي! ماڻھن وڃي سڀ سماچار سيٺ کي سڻايا. سيٺ ۽ سيٺياڻي پاٽڻ کان روانا ٿي پارڪر آيا، ۽ وڻ مان هرڻيءَ جي سسي لاهي ڪنڊ ۾ وڌائون، تہ مائيءَ جي مٿي مان سور هڪدم غائب ٿي ويو.
سيٺ انھيءَ واقعي جي يادگيريءَ کي قائم رکڻ لاءِ مرگهي- ڪنڊ جي پاسي ۾ ٻہ ڏيھرا ٺھرايا، جيڪي اڄ ڏينھن تائين قائم بيٺا آهن. اُنھن ڏيھرن ۾ قديم شـِـوَ ۽ پارپتيءَ جون مورتيون بہ موجود آهن. خود سيٺياڻيءَ جي چوڻ تي اُن هنڌ، ڪنڊ کان مٿڀرو، مھاديو جو مندر ٺھرايو هئائون، جنھن کي ”ساڙدرو“ چوندا آهن. روايت آهي تہ مندر ٺھڻ بعد ڪنھن پوڄاريءَ جي نہ هئڻ ڪري، هڪڙو ڪيھر شينھن ان ۾ رهندو هو. ماڻھو اُن ڊپ ڪري جبل ۾ ڪونہ ويندا هئا. هڪ ڀيري هڪڙو اڀدوت يوگيشور اُن مندر ۾ آيو، تڏهن کان وٺي اهو شينھن الائجي ڪيڏانھن گم ٿي ويو. تنھن کان پوءِ هڪ نہ ٻيو ٻاوو، پوڄاريءَ طور اُن مندر ۾ رهندو اچي ٿو. مھاديو جي مندر جي پاسي ۾ چئن ٻاون جون سماڌيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن ۾ وڏو هنس پـُـري ٻاوو هو.
مرگهي- ڪـُـنڊ ۾ هينئر ٻاروهي پاڻي رهندو آهي. هندن جي ويدن ۾ ساڙدري جو ذڪر آيل آهي تہ ڪنڊ ۾ مردي جا هڏا وڌا وڃن تہ ڄڻ اهي گنگا ۾ وڌا ويا. هتي هر سال مارچ مھيني ۾ شوراتڙيءَ جو ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. ڪٿي ڪٿي جا زيارتي اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڀڄن ڀاو ڪندا آهن. هن وقت ننگر پارڪر جي پئنچات گڏجي ڪجهہ رقم گڏ ڪري، مرگهي- ڪـُـنڊ کي سٺي نموني ٺھرايو آهي. ڪوي چنديرام ڀاٽ ساڙدري بنسبت ڪھڙو نہ سندر شعر چيو آهي:
ڪارونجهر جي ڪور،
مٿي ٿهؤڪي مور،
ڌوپا وهي ڌار،
پاڻي جو نہ پار،
اُوچو آھہ آستان،
ديو موٽا دان،
موٽا آھہ مھاديوَ،
سڀ چن ڪري سيوَ،
آئي ورڻ اَڍار،
ســـــــاڙدري ســـــــريـــــــڪـــــــار،
رؤڙي لڳي رڙيا مڻي،
ڏونگر لڳي ڏيپتو.
ڀٽياڻي ٻيجي ڀلي،
آرڙاڻا ڪري اُتري.
ساڙدري شنڪر تڻو،
ڪـُـنڊ مرگهي جي ڪنٺڙي.
انچليشور پـَـر اوپتا،
ميڙي آئي ورڻ ميدني،
ڪري گيان هري جي ڪٿا،
آئـــــي گــهــڻـــا هـــيــت ســـان.
پکي سوڀي ڪوئل ٻگهہ پوپٽ،
ڪنٺ سان مور ڪلور ڪري،
گج سار سـُـچاتڪ ڪاگ ڪؤئا،
چتر سمڙي گرج جھڙي:
جهرڙاٽ پکن وچ ڀيرو جهيڪٽ،
گؤئڙ گاجي آواز گهڻو،
ساڙدري شـِـوَ رات رو،
آئي ورڻ اڍار گهڻو،
جھانجهر جهڻ ڻَ ڻَ ڪري جهالر،
ويڻا منتر ستار وڄي،
در وڄي شان پکا وچ تنبور،
گرھہ گري ونراج گرجي:
آرتي سانج سوير او پٽ،
پيٽ پوڄا گلستان گهڻو،
ساڙ دري.......
(2) الک واوُ (لڪل کوهہ): هيءُ ڀوڏيسر جي جبل ۾ آهي. راڻو چندن جڏهن ڪوڙھہ جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو هو، تڏهن ڪنھن فقير جي ڏس تي ’ويري گويل‘ نالي سندس ساٿيءَ الک واوَ مان پاڻي آڻي کيس غسل ڪرايو، تہ ڪوڙھہ جو مرض هڪدم غائب ٿي ويو. چون ٿا تہ ڪھڙي بہ ڪوڙھہ جي بيماري هجي، الک واو جي پاڻيءَ ۾ سنان ڪرڻ سان ڇڏي ويندي پر هيءُ کوھہ مشڪل سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
(3)انچليشور: ننگر پارڪر جي اُتر ۽ اُلھندي طرف، ڀوڏيسر جبل وٽ، ننگر پارڪر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي ٽڪريءَ جي وچ ۾ هڪ آستان آهي، جنھن کي انچليشور مھاديو جو آستان ڪري چئبو آهي.
پاسي ۾ پاڻيءَ جو چشمو آهي، جو سدائين هيٺ پيو هلي، ڇاڪاڻ جو مٿي ٽڪري آڏي آهي. هن جو پاڻي هندو پوتر ڪري سمجهندا آهن، ۽ زيارتي شيشا ڀري ڳوٺ کڻي ويندا آهن. اڳي هتي باقاعدي پوڄاري رهندا هئا، پر هينئر نہ آهن. پاسي ۾ سترام داس عامل، حيدرآباد واري جو ٺھرايل مسافرخانو آهي، جتي زيارتي ڀـَـڄن ڳائيندا آهن. مٿي چڙهڻ لاءِ 108 پڳٿيون ٻڌل آهن. حيدرآباد جو عامل مختيارڪار بوٽن سوڌو مٿي چڙهيو ٿي، تہ پڳٿين جي لسي هئڻ ڪري پير کسڪي ويس ۽ هيٺ ڪري فوت ٿي ويو. کيس اُن جاءِ تي جلايو ويو، اُن جو مٿي ٺھرايل چبوترو اڃا قائم آهي.
(4) ناني: ننگر پارڪر کان اُلھندي، جبل جي چوٽيءَ تي هڪ بلڪل نرالو پٿر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنھن کي ”ناني“ ڪري چئبو آهي. چون ٿا تہ هن مائيءَ جبل ۾ مال پئي چاريو تہ هڪ درويش اچي کانئس کير گهريو. مائيءَ کير ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تنھن تي درويش سراپ ڏنو تہ، ”مائي، تون پٿر ٿي پوندينءَ!“ درويش جو وچن آگي در اگهجي ويو، ۽ مائي سچ پچ پٿر ٿي پيئي.
(5) ڀيم گوڏا: گئوء مـُـکي کان ٿورو مٿڀرو، هڪ پاڻيءَ سان ڀريل ڪـُـن آهي، جنھن جي ويڪر ٻہ فوٽ ۽ ڊيگهہ ٽيھہ فوٽ کن آهي. ان کي ”ڀيم ڪـُـن“ بہ ڪري چئبو آهي. هن ڪـُـن ۾ سدائين پاڻي هوندو آهي. روايت آهي تہ پانڊوَن جي ڀاءُ ڀيم کي هن جبل ۾ ڪٿي بہ پاڻي نہ لڌو، سو جڏهن هن جاءِ تي زور سان لت هنيائين، تہ گوڏي تائين پاڻي نڪري آيو. تنھنڪري هن کي ”ڀيم گوڏا“ ڪري چئبو آهي.
(6) گئوء مکي: هيءَ ساڙ دري کان ڏکڻ طرف، ٻن ميلن تي آهي. هتي وڃڻ لاءِ رستو تمام ڏکيو آهي. پاڻيءَ جي سدائين هيٺ تي وهڻ ڪري، پٿر لسا ٿي پيا آهن، اُتي هوبھو ڳئونءَ جي شڪل ٺھي پيئي آهي، جنھن جي ٿڻن مان ٻاروهي پاڻي پيو وهي. هتي ميلو وغيرہ ڪونہ لڳندو آهي، پر عام طرح ماڻھو درشن خاطر ويندا آهن.
(7) پنراج گڍ: گئوء مکيءَ کان ٿورو هيٺ، هڪ قلعو ٺھيل آهي، جو هينئر ڊٺل حالت ۾ آهي. اهو قلعو پنراج سينڌل، دشمن کان بچاءُ خاطر ٺھرايو هو. پنراج سينڌل گجرات جي صوبن سان وڙهندي مري ويو، جنھن جو بيان اڳتي ايندو.
(8) ڀچندن گڍ: هيءُ قلعو راڻي چندن جو ٺھرايل آهي. پارڪر جي راڻن جڏهن انگريزن سان فساد ڪيو، تڏهن انھن هن قلعي ۾ ويھي انگريزن سان لڙائي ڪئي هئي. مئي 1859ع ۾، انگريزي فوجن، ڪرنل ايونس جي هٿ هيٺ، هن قلعي کي توبن سان اُڏائي ڇڏيو.
(9) ٻاين جو ٻيسڻو: قديم ڪاسبو، جو نئين ڪاسبي کان اڍائي ميلن جي مفاصلي تي، کاڙوئيءَ جي ويجهو آهي، اُتي هڪ پٿر آهي، جنھن جي هيٺان وڏي سرنگهہ آهي. اها ٽن پاسن کان بند ۽ هڪ پاسي کان کليل آهي. اڳي پارڪر ۾ تمام گهڻا ڌاڙا لڳندا هئا، ۽ گجرات طرفان وقت بوقت ڪاهون ٿينديون هيون، بي بندوبستيءَ جي وقت هڪدم دهل وڄندو هو، تڏهن ڳوٺ جون سموريون زالون اُن پٿر جي سرنگهہ ۾ وڃي لڪنديون هيون. مرد ماڻھو، کليل پاسي هڪ وڏو پٿر ڏيئي، پاڻ وڃي مقابلو ڪندا هئا.
(10) جهرڻو: جهوني ڪاسبي جي ڀرسان، گامپرو تلاءَ جي پاسي، جبل جي تري ۾ هڪ جهـرڻو آهي، جتان بـُـڙ بـُـڙ ڪري پاڻي پيو نڪري ۽ فوٽ کن مٿي کڄي، هيٺ ريلا ٿيو وهيو وڃي.
(11) ڀونئـَـرو: ننگر پارڪر شھر جي اُلھندي طرف، جبل ۾ زمين اندر هڪڙو ڀونئرو (بھرو) ٺھيل آهي، جو هاڻي زبون حالت ۾ آهي. چون ٿا تہ سوڍا جنھن وقت ننگر ۾ حڪومت ڪندا هئا، تڏهن پنھنجو خزانو ۽ باروت انھيءَ ڀونئَـري ۾ لڪائي رکندا هئا. چون ٿا تہ اهو ڀونئَـرو گوڙيءَ جي مندر واري ڀونئـَري سان مليل هو. ننگر ۽ گوڙيءَ جي وچ ۾ ڇويھہ ڪوھہ مفاصلو آهي. جڏهن انگريز سرڪار ننگر، ٺڪرن کان فتح ڪيو، تڏهن اُن ڀونئري جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيائون پر ڀونئـَـرو اهڙو پيچدار ۽ زير - زبر ٺھيل هو، جو اُن جو ڪو بہ پتو نہ لڳو ۽ نہ ڇيھہ آيو، تڏهن لاچار کوٽائيءَ جو ڪم بند ڪيو ويو.
ڀيريئـَـي گاروڙيءَ جو ڪارونجهر جبل ۾ نانگ جي ڳولا ڪرڻ
ٽـِـڪن نہ ٽائيم تي، ويھي ڪيا مون وس،
ماءُ ماريندم، تن گاروڙين جا گس،
چاشنيون ۽ چش، وڻن نہ ويراڳين کي.
گاروڙي بہ ڪاپڙين جو هڪ قسم آهي. ڀيريئـَـي جي وارتا ٿر، مارواڙ ۽ ڪڇ ۾ عام طرح ڏاڍي اُتساھہ ۽ اُمنگ سان ٻـُـڌي ويندي آهي. هن ڳالھہ جو هت ذڪر ڪرڻ ضروري آهي تہ ٿر جا ماڻھو جڏهن ڀاڙي تي رات جو اُٺن تي چڙهي ويندا آهن، تڏهن اُتي واٽ ۾ ساڄي هٿ پاسي جي ڀيرَو پکي ٻوليندو آهي تہ بـَـد سوڻ سمجهي سڀ اُٺ بيھاري ڇڏيندا آهن، جيستائين اُن پکيءَ جو آواز بند نہ ٿئي. ڪو سگهڙ هوندو آهي تہ هيئن چوڻ شروع ڪندو آهي:
آگيو بيتال، کاپرو چور، ڀيريو گاروڙي،
جي ڏائي هوئي، توجـَـيڻي آئي.
مٿين ٽنھي جا نالا وٺي، جيڪڏهن ڏائو پکي ڳالھائيندو هجي، تہ ساڄي طرف اچي، اعتبار ڪيو ويندو آهي تہ ائين چوڻ سان آفت ڪانہ ايندي.
ڀيريئـَـي جو جنم:
راجا ساليواهن، جنھن جي پويان هندن جو سنبت شروع ٿيو، تنھن جي پوٽي جو نالو ”ڀٽي“ هو. سندس اولاد، جيسلمير جا ڀاٽي راجپوت آهن. چوڻي آهي تہ:
گڍ دهلي، گڍ آگرو، گڍ بيڪانير،
ڀلو چـُـڻايو ڀاٽيئي، گڍ جيسلمير.
1947ع کان اڳ جيسلمير جي ڀاٽين جو ڪم صرف ڌاڙا هڻڻ هو. اهي ڌاڙيل سڄي ٿرپارڪر تائين اچي ڌاڙا هڻندا هئا. ڳوٺ ڪانٽيي، تعلقي ڇاڇري ۾، ڀاٽين ڏينھن ڏٺي جو چار دفعا ڌاڙو هنيو هو. ڀاٽي صرف ننگر پارڪر کان ڪنارو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ جيسلمير جي مھاراجا جي ڪنيا ڀٽياڻي، پارڪر جي راڻي چندن کي پرڻايل هئي. جيسلمير جي ڀاٽين جي پنجين پيڙهيءَ تي راجا ”ڀاڻ“ راڄ ڪندو هو. ڀاڻ جو ڀڀڪو هنڌين ماڳين مشھور هو. ڀاڻ کي ٻہ ڪنور هئا، هڪ سٻرو ۽ ٻيو مورو. ننڍي هوندي ئي سٻرو موت جي سيجا تي سـُـتو، تنھنڪري راڄ ستا ۽ گاديءَ جو موڙ موري کي مليو. موري جي بادشاهيءَ ۾ ڪا بہ خامي ڪانہ هئي. سندس حد ۾ قحط ڪنارو ڪندو هو. پئسي جي پرواھہ ڪانہ هئي. ايتري هوندي بہ موري جو من ملول ۽ اندر اُداس رهندو هو. مورو هڪ اهڙي مرض ۾ مبتلا هو، جنھن جو اوکو نہ ويدن وٽ هو ۽ نہ ڦـَـڪي فقيرن وٽ هئي. هن جي دل جي دوا هئي اولاد، جنھنڪري ان کي سدائين لال جي لوري لڳل هوندي هئي. سندس مرڻ بعد خاندانيءَ جي تباهيءَ جا آثار نمودار ٿيڻ لڳا. حڪومت جو حق هيئن هليو وڃي، تنھن ڳڻتيءَ موري کي ڳاھہ ۾ ڳاهي ڇڏيو هو. رات ڏينھن ڀڳوان جي بندگي ۽ اللھ جي عبادت ڪندي بہ موري جي منوڪامنا سڦلتا جي درجي تي ڪانہ پھتي. اهڙيءَ طرح، ارمان ۾ آنسو پئي وهايائين، تہ اوچتو شھر ۾ اهڙو افواھہ اٿيو تہ هڪ سچو سنياسي، ڪنڦاڙ ڪاپڙي، لاهوتي لانگوٽيو، قلعي جي دروازي وٽ دونھي دکايو ويٺو آهي. جڏهن موري کي، هن مڃيل مھاتما ۽ پرديسي بزرگ جي پروڙ پيئي، تڏهن امالڪ ان فقير وٽ پھتو. ساميءَ جي پيرن تي سـِـر رکي، درويش اڳيان پنھنجو درد ڀريو داستان ذري پـُـرزي ظاهر ڪيائين. ويراڳيءَ راجا کي ورلاپ ڪندو ڏسي، دکايل تي ديا آندي، ۽ پنھنجي ڌوُڻيءَ مان رک جو ذرو ڏيئي، کيس چيائين تہ ”اي راجا، تو کي پُٽ ٿيندو، پر گاروڙي، موالي، ۽ جوڳي ثابت ٿيندو.“
ساميءَ ڏني چـَـپـِـٽي، ڀڀوت مان ڀري،
پـُـٽ تہ ايندو موروا، پڻ گاروڙي گهري.
راجا اولاد بغير اُجهايل هو، تنھن چيو تہ: ”اي مھاتما، اوهان جا ست وچن! جي موري کي موالي پٽ ٿيندو تہ بہ وانجهپڻي جو ٽـِـڪو ٽـَـرندو.“ تڏهن فقير وري بہ پنھنجي ڌوڻـِـيءَ مان سيلي جي چپٽي ڏيندي چيو تہ: ”اي راجا، تو کي ٻيو پٽ ٿيندو، اُهو تنھنجي مرڻ پڄاڻا حڪومت جو وارث ٿيندو.“ راجا سنياسيءَ جا چـَـرڻ چمي روانو ٿيو. جوڳيءَ جو وچن جوٺو نہ نڪتو، ۽ ترت موري جي گهر ٻن پٽن جو جنم ٿيو. موري پٽن جو ٻڌي دل کولي دان ڪيو.
پاٽـَـوِي ڪنور ڀيريو، ڪيھر ٿيو ٻيو،
هي جيسلمير جو راڄيو، هـُـو گاروڙي ٿيو.
موري پنھنجي موڀي پٽ جو نالو ”ڀيريو“ ، ۽ ننڍي جو نالو ”ڪيھر“ رکيو. ڀيريو گاروڙي ٿيو، ۽ ڪيھر راجا ٿيو. ڀيريو ننڍي هوندي کان ئي دنيوي ڳالھين کان پري رهندو هو. سارو ڏينھن ڪانن مان مرليون ٺاهي وڄائيندو هو، ۽ پنھنجن سنگتين کي بنسريون ڏيئي، انھن کي وڄائڻ سيکاريندو هو. پندرهن سالن اندر هن پنھنجيءَ وديا ۾ ڪا بہ ڪسر ڪانہ ڇڏي، ۽ ايتري عرصي ۾ پنھنجا اڍائي سؤ سنگتي بہ ٺاهي ڇڏيائين، جي ڀيريئـَـي کان سواءِ پلڪ بہ پري نہ گذاريندا هئا. راجا مورو، ڀيريئـَـي جي اها گـَـت پـَـسي کيس وقت بوقت سمجهائيندو هو تہ: ”تون هاڻ وڏو ٿيو آهين، سڀاڻي راڄ هلائيندين، تنھنڪري انھن ڳالھين کان باز اچ.“ پر ڀيريئي تي ان جو ڪوبہ اثر نہ ٿيندو هو ۽ اُٽلندو موري جا قول باھہ تي گيھہ جو ڪم ڪندا هئا. نيٺ هڪ ڏينھن موري چيو تہ: ”تو کي هڪ مھيني جي مھلت ٿو ڏيان، تون انھن سڀني ڳالھين کي ڇڏي ڏي، نہ تہ توکي سزا ڏيندس!“ ڀيريئـَـي ڳالھہ ٻڌي، ساٿين کي سڏي، برھہ جون بنسريون زور سان وڄايون:
گڏجي گاروڙي ٿيا، جاما پھري تـَـن،
مھيتپ سندا من، مرلين موهي ڇڏيا.
ڀيريئـَـي جي ديس نيڪالي:
ڀيريئـَي کي ائين بگڙندو ڏسي، موري، راجا جي حيثيت ۾ حڪم ڏنو تہ چوويھن ڪلاڪن اندر ڀيريو جيسلمير جي حد مان نڪري وڃي. ڀيريئـَـي پنھنجي پيءُ جي حڪم جي ترت تعميل ڪئي، ۽ پنھنجا تمام ساٿي سنڀرائي، گام جي گوندريءَ، پنھنجي پياري جنم ڀوميءَ کي آخرين الوداع ڪري، منڊلي مچائي، روانو ٿيو. ڀيريئي جي منڊليءَ جي مھاڙ سنڌ طرف هئي، آخر ٿورن ڏهاڙن بعد آديسين پنھنجو اوتارو سنڌ جي اُڀرنديءَ سرحد تي ڪيو، جتي جوڌپور ۽ سنڌ جون سرحدون گڏجن ٿيون ۽ پڇمائي ڏونگر آهي. پڇمائي ڏونگر تي پرديسي پنھنجا پکا تاڻي، گهڻا روز ٽـِـڪي پيا. هڪ ڏينھن ڀيريو ٽـَـڪر کي ٽيڪ ڏيو ستو پيو هو، تہ پٿر جي اندران آواز آيو ڀيريو ڇرڪ ڀري اُٿيو، ۽ اُن آواز کي غور سان ٻڌڻ لڳو. ڏٺائين تہ هڪ گـروُ پنھنجن چيلن کي ”يوگ وديا“ جو اڀياس ڪرائي رهيو هو. ڀيريئـَـي اُها وديا، اُتي ئي ٻاهر ويھي سکڻ شروع ڪئي. جڏهن آخرين امتحان تي گرو پنھنجن چيلن کان سوال پڇڻ لڳو، تڏهن چيلا منجهي بيھي رهيا. ڀيريو ٻاهران وديا ۾ ڀڙ ٿيو هو، تنھن ان جا جواب ٻاهر ويٺي ڏنا. گروءَ سوچيو تہ منھنجن سوالن جا سچا جواب ائين ڪير ڏيئي رهيو آهي. نيٺ ڀيريئـَـي جو لڪل ڀيد ظاهر ٿيو، تڏهن گروءَ چيو تہ: ”اي گاروڙي، تون هن وديا ۾ ڪيئن گوءِ کڻي وئين! اهڙو ڪير گروُ آهي، جنھن تو کي من - وديا ۾ گوهر ڪيو؟ ڀيريئـَـي هٿ ٻڌي عرض ڪيو تہ: ”اي مھاتما، منھنجا گروُ توهان ئي آهيو: توهان پنھنجن ششن کي پئي سمجهايو، تڏهن مون ان کي تمام ڌيان سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي“ . ڳالھہ ٻڌي، گرو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ گاروڙيءَ کي هر گفتار ۾ پريڻ سمجهي، پنھنجو شش بڻايائين. گروءَ پوءِ ڀيريئـَي کي سموري وديا سيکاري ڀڙ ڪيو.
ڀيريئـَي پنھنجي سموري وديا ختم ڪئي، ۽ گروءَ کان موڪلايو. اُستاد کيس آسيس ڏني ۽ چيائينس تہ: ”اي گاروڙي، ڪھڙي بہ نانگ جي شڪتي تو اڳيان تڇ آهي. پر جو نانگ تون نہ ڏسي سگهين ۽ اهو تو کي اهڙي هنڌ چڪ پائي جو تنھنجي نظر اُتي نہ پوي، تہ تون مري ويندين. ٻيو تہ جيڪڏهن درياءَ اورانگهيندين تہ تنھنجي سموري وديا ختم ٿي ويندي. هي ٻيئي ٻول ياد رکج.“ پوءِ سڀني گاروڙين گروءَ کي نمسڪار ڪئي ۽ ڪڇ ڏانھن ڪوچ ڪيو.
ويراڳين جي هن پلٽڻ، پارڪر جا پھاڙ لتاڙي، ڪڇ جي اُتر واري ٻيٽ تي پنھنجو ديرو دمايو، جنھن کي ”شيشا پٽڻ“ ڪوٺيو وڃي ٿو. شيشا پٽڻ تي ان وقت سنگهار ذات جي هڪ سندر ۽ ڪنواري ڪنيا، ”سڳئي سنگهار“ راڄ ڪندي هئي. ڀيريئـَـي گاروڙيءَ پنھنجن ساٿين کي چئن - چئن جا ٽولا ڪري، سڄي ڪڇ ڀوميءَ ڏانھن، اُتي جي تمام وديا حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو.
ڀيريئـَـي ٻيلي ڌار ڪيا، ٽولي ٽولي پنج،
ڪلنگيون جن ڪپار ۾، ڪر ماڻاسر جا هنج.
ڀيريئي ٻيلي ڌار ڪيا، ٽولي ٽولي چار،
اُتي وڄائيون ونسليون، لڌا لعل سنگهار.
شيشا پٽڻ ۾:
گاروڙين جا گـَـلا، ٽولا ڪري، ڪڇ جي ڌرتيءَ ۾ نانگ ڪـُـلھن تي کڻي ڦرڻ لڳا. هڪ ڏينھن ڪاپڙين جي قطار ”شيشا پٽڻ“ جي سيم ۾ اچي لٿي. شيشا پٽڻ جي ڪنواري ڪنيا جھڙي هئي صورت ۾ سرس، تھڙي هئي وديا ۾ برک. سڳئي، پنھنجي وديا جي زور تي، ايترن نانگن کي وس ڪري چڪي هئي، جو سمورا نانگ سندس وڏين ۽ سھڻين اکين جي اشاري هيٺ هئا. صرف هڪ ڀڄنگراج نانگ هو، تنھن کي نمائڻ لاءِ سڳئيءَ جي سموري وديا سڦل ثابت ٿي هئي. سڳئي کي سـُـڌ پيئي تہ اڄ گاروڙين جا گـَـلا گام ۾ آيل آهن، تنھنڪري پنھجين سھيلين کي سنڀرائي، آديسين وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي:
”ڪٿان اچو گاروڙيا، ڪيھو اوهان جو ڏيھه،
سڳئي پڇي جي، سي نانگ ڏيکاريو نانگڙا.“
سڳئيءَ جي سوال تي هڪ آديسيءَ اُتر ڏنو:
”اسين گاروڙي اُتي جا، جتي جيسلمير،
گـُـر اسان جو ڀيريو، پورو ڇيل ڇـُـڳير.“
سڳئيءَ ڀيريئي جي ساٿين کي نانگ ڏيکارڻ لاءِ چيو. سامين پنھنجي کارين جا ڍڪ جيئن مٿي کنيا، تيئن سمورا نانگ گم هئا. سڳئي پنھنجيءَ وديا سان نانگن کي گم ڪري ڇڏيو. مڻيڌر نانگن بجاءِ، ٻن مـُـنھن وارا ننڍا ٻچا هلي رهيا هئا. گاروڙين پنھنجا جنتر هلايا، پر سڳئـَي اڳيان موالين جا منتر جهٽ جهلي نہ سگهيا:
سڀ سڳئيءَ سـوسيا، خالي ٿيا ڪرنڏ، (=) کاريون)
هلن اِنھيءَ هنڌ، ٻہ - مونھين سندا ٻچڙا.
نانگ ويا نڪري، جن جي مٿي مڻي،
ٻہ - منھين سندا ٻچڙا، رهيا ڪـَـرَ کڻي.
ڀيريئـَـي جا ساٿي، سڳئيءَ کان هار کائي، هڪدم ڀيريئـَـي وٽ اچي پھتا. ڀيريئـَـي سندس سنگتين کي خالي کارين آيل ڏسي چيو:
”ڪا، ڪو گڏيو ٻيٽ، ڪا ڪو گڏيو شينھن،
ڪٿ وڃايا کاريا، ويس وڃايا ڪيئن؟“
جوڳين جواب ڏنو:
”نہ ڪو گڏيو ٻيٽ، نہ ڪو گڏيو شينھن،
سگهڙ نار سڳئي، لٽيا ڌوري ڏينھن.“
جوڳيئڙن جو جواب ٻڌي، ڀيريو باھہ ٿي ويو، ۽ سڳئيءَ جي سگهڙپائي پرکڻ لاءِ، سامين کي سڏي، شيشا پٽڻ جي ماڳ روانو ٿيو.
ڀيريئـَـي جو تعارف سڳئيءَ ڪيترن ڏهاڙن کان ٻڌي رهي هئي، سو سندس ملڻ لاءِ خواهشمند هئي، پر ديدار دُر لڀ هو. اڄ اوچتو ڀيريئـَـي پاڻھي اچي پڌر ۾ پکا هنيا. اها سـُـڌ سڻي، سڳئيءَ ڏاڍي سرهي ٿي، ۽ پنھنجيون نو ورڻيون ست سؤ سکيون ساڻ ڪري، ڀيريئـَـي کي ملڻ لاءِ، ڇم ڇم ڪندي، ڇانوڻيءَ ۾ ڪاهي پيئي. ڀيريئـَـي ۽ سندس ساٿين هن جو شاهاڻو استقبال ڪيو، ۽ کيس مانيءَ جي دعوت ڏنائون. سڳئيءَ کلي وراڻيو تہ: ”اي ويراڳيو، آديسين جي اوتاري ۾ ستن سون جو سامان ڪٿان آيو؟“ ڀيريئـَـي پنھنجي شڪتيءَ سان ٿوري دير اندر کاڌو تيار ڪيو. ايترو جلدي کاڌو تيار ڪرڻ ۽ ٻي شڪتي ڏسي، سڳئيءَ ان تي مفتون ٿي پيئي. ڀيريو بہ ان جي آڏي اک سڃاڻي ويو. ائين هڪٻئي تي هرک هاري ويٺا. سڳئيءَ جي سھڻي صورت ڏسي، ڀيريو سڀ ڀاڻ ڀلجي ويو. سڳئيءَ کي شڪست ڏيڻ ڪاڻ آيل ڪاپڙي، اُٽلندو اُن جي اکين جو پاڻ شڪار ٿيو. سنگهار جي تيز تير اهڙو تہ اندر ۾ اونھو گهاءُ ڪيس جو ڀيريئـَـي جي سموري همت هارجي ويئي. جڏهن ٻنھي جي زباني عشق جي ڪورٽ ۾ ظاهر ٿي، تڏهن سڳئيءَ چيو تہ: ”ڀيريا، مون پرتگيا ڪئي آهي تہ جيڪو ڀڄنگ نانگ کي وس ڪري ايندو، ان سان مان شادي ڪنديس“ ڀيريئـَـي کي سڳئيءَ جي سونھن موهي ڇڏيو هو، تنھن انجام ڏنو تہ مان اُن نانگ کي وس ڪري ايندس. ائين چئي هن ڪـَـڇيءَ ڪنوار کان موڪلائي، دوستن کان ڌار ٿي، مـُـرلي کڻي، مارواڙ ڏانھن مھاڙ ڪئي.
ڀڄنگ نانگ جي ڳولا:
مارواڙ ۾ اچي هن مواليءَ ڏونگر جو پٿر پٿر نھاريو، پر کيس ڪٿان بہ نانگ جو گس ڪونہ مليو. هڪ ڏينھن، نانگ کان نراس ٿي، هڪڙي وڏي پٿر وٽ اچي ويٺو تہ اوچتو کيس هڪ شاهي ٻـِـر نظر آيو. هڪدم ڇلانگ ماري ٻـِـر وٽ آيو، ۽ مڌر آواز سان مرلي وڄائڻ لڳو. ٿوريءَ دير بعد ڀڄنگراج ٻـِـر کان منھن ٻاهر ڪڍيو، پر هڪدم ٽپو ڏيئي ڀڄي ويو- ڄڻ تہ ڀيريئـَـي کي سڃاڻي ورتو هئائين. ڀيريو ان جي پٺيان پيو. نانگ ڀڄندو ڀڄندو، ڪارونجهر جبل ۾ وڃي نڪتو. اڄ ڏينھن تائين ڪن هنڌن کي ڀڄنگ نانگ جي نالي سان پڪاريو وڃي ٿو. گاروڙي ڳولا ڪندو، ڪارونجهر جبل ۾ آيو. نانگ وري بہ اتان ڀڄڻ جي ڪئي، ۽ ڪڇ جو درياءُ ٽپي ڀـُـڄ ڏانھن رخ رکيائين. ڀيريو پڻ درياءُ ٽپي ويو. اتي کيس گروءَ جو ڏنل وچن ياد پيو، پر سڳئيءَ جي عشق ۾ اُن جي بہ پرواھہ ڪانہ ڪيائين. نانگ، اٽڪل ڪري، رات وڳڙي ۾ هڪ سندر لٺ بڻجي، واٽ تي پئجي رهيو. جيئن ڀيريو اُتان لانگهائو ٿيو، تيئن نگاھہ وڃي لٺ تي پيس ۽ هڪدم اها کڻي ڪلھن تي رکيائين. نانگ پنھنجو موقعو آيل ڏسي، پٺن جي اهڙي هنڌ تي کيس چڪ پاتو، جتي ڀيريئـَـي جي نظر نٿي پھتي. اهڙيءَ طرح گروءَ جو ٻيو وچن سچو نڪتو. نانگ جي چڪ پائڻ تي ڀيريو بيھوش ٿي ڪري پيو.
ڀيريئـَـي جي چيلن کي جڏهن ان ڳالھہ جي سـُـڌ پيئي تہ اُهي ڊوڙندا گروءَ وٽ پھچي ويا، پر گرو منٽن جو مھمان هو. چيلن کي آيل ڏسي، ايترو چيائين تہ: ”منھنجي مرڻ بعد منھنجو ماس ائين نہ وڃائجو: اوهين سڀ گڏجي اهو کائي ڇڏجو.“ ڳالھہ ختم ٿيڻ تي هن شڪتيوان پـُـرش جا پران اُڏامي ويا. پوءِ چيلن گڏ ٿي، سندن بدن کي ڳترا ڳترا ڪري ماس ڪڍي، ڪـُـنن ۾ وجهي، کڻي باھہ تي چاڙهيو.
چون ٿا تہ ان وقت اوچتو هڪ برهمڻ گهمندو آيو، تنھن چيو تہ: ”اي گاروڙيو، ڇا ڪري رهيا آهيو؟“ برهمڻ جو ويس ڏسي، ويراڳين وراڻيو تہ: ”اي مھراج، اسان جو گـُـر ڀيريو گذاري ويو آهي، ان جي حڪم پٽاندر، سندس سرير کي رڌڻ لاءِ ڪـُـنن ۾ چاڙهيو اٿئون.“ مھراج ڳالھہ ٻڌي چيو تہ: ”اڙي رام رام، توبھه، ڀڳوان، توبھه! گروءَ جو ماس چيلا کائين، تنھن کان مرڻ بھتر آهي. بس، اڄ کان اُستاديءَ جو دؤر ختم ٿي چڪو! ماس بہ وري ڀيريئـَـي جو، جنھن جو سارو سرير زهر سان ڀريل آهي: کائڻ شرط سڀ مري ويندؤ!“ مھراج جي ڳالھين تي سڀني گاروڙين کي اعتبار اچي ويو ۽ هڪدم رڌل ڪـُـنا کڻي درياءَ ۾ ڦٽا ڪيائون. انھن ڪـُـنن جو واس ڪن چيلن کي آيو، تہ هو اڌ وديا ۾ قابل ٿي پيا ۽ اڳڪٿيون ڪندا ڦرندا هئا. اُهي ڪـُنا، ترندا، ڪامروُ ديش جي ڪامڻين کي هٿ لڳا، تنھنڪري ڪامروُ جون ڪامڻيون علم ۽ آديسين کان گوءِ کڻي ويئون.
سڳئيءَ سنگهار اها ڳالھہ ٻڌي، تڏهن پنھنجي محبوب جي ايڏي قرباني سھي نہ سگهي، ۽ جتي ڀيريئي دم ڏنو هو، اُتي اچي، اگني جلائي، پاڻ ساڙي ڇڏيائين. اڄ بہ اُتي ڀيريئـَـي ۽ سڳئيءَ جي سماڌي ٺھيل آهي.
نانگ، اُتان ٿي ڀـُـڄ جي ڏونگر ۾ آيو. چون ٿا تہ اڳي نانگ مينھن جي موسم ۾ جڏهن ٻـِـر کان ٻاهر اچي ڄڀ هلائيندو هو تہ کنوڻ، ٻڪرار ٿي، مارواڙ کان برسات وسائيندي، ٿر، پارڪر ۽ ڪڇ کي آباد ڪندي، ڀڄ جي ڏونگر ۾، ان نانگ تي ڪڙڪندي هئي. برسات اهڙا راڱا ڪندي هئي، جو ڳوٺن جا ڳوٺ برباد ٿي ويندا هئا. ڀڄ جو سابق مھاراجا نانگ - پنچميءَ جي ڏينھن ان جي ٻـِـر ۾ کير جون گهاگهروُن هارائيندو هو. جڏهن انگريز سرڪار کي اها خبر پيئي، تڏهن نانگ جي ٻـِـر ۾ شيھو ڀرائي ڇڏيائون. تنھن کان پوءِ نانگ الائجي ڪيڏانھن گم ٿي ويو! نانگ جي عمر لاءِ چوڻي آهي:
سؤ ورهيہ جي سامڙي، ڪروڙ ورهين جو ڪانگ،
تن کان عمر اگيري، ٿئي ٿي سـِـيسَ نانگ.
----
گوندر گذاريو ڪاپڙي، پڌر وڃن نہ پاڻ،
تن آيل آديسين جي، روئان ڪاڻ رهاڻ،
هت نہ پسجن پاڻ، ويا ويراڳي نڪري.
(شاهه)
ڪڇ جو رڻ
ڪيترين روايتن موجب، پارڪر جو سمورو پرڳڻو پاڻيءَ هيٺ هو. جتي اڄ ڀيانڪ رڻ ڏيکاري ڏيئي رهيو آهي، اُتي اڳي سمنڊ جون ڇوليون لڳنديون هيون. پر پوءِ ڌرتيءَ جي زلزلي سبب پاڻي هٽي ويو، ۽ اهو وڏو وارياسو رڻ بنجي ويو. سڪندر اعظم جڏهن سنڌ مان لنگهيو ٿي، تڏهن ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ هو. ڪاٺياواڙي ڪنوار ”جاسل“ کي جڏهن سنڌ جي همير سومري ستايو، تڏهن هن پنھنجي ڌرم ڀاءُ نوگهڻ راءَ کي، جو جهونا ڳڙھہ جو راجا هو، سنڌ تي چڙهائيءَ لاءِ هيئن لکيو:
سورٺ سٿر تالو پيو، وَرتڻَ آيا وِير،
سنڌ ۾ روڪي سومري، هلڻ ڏي نہ همير.
راءُ نوگهڻ جڏهن سنڌ تي چڙهائي ڪئي،تڏهن ان جو لشڪر، ڪڇ جي رڻ واري تڏهوڪي سمنڊ جو اٿاھہ پاڻي ڏسي بيھي رهيو. سلطان محمود غزنوي جڏهن 1024ع ۾، سومناٿ فتح ڪرڻ لاءِ ويو ٿي، تڏهن ان کي هر ماڻھوءَ اهو ڊپ ٿي ڏنو تہ ڪڇ جي سمنڊ جون لھرون تنھنجو لشڪر لوڙهي ڇڏينديون. چھين عيسوي صديءَ ۾ يوناني سياح ”پيپلس“ اُتان لنگهيو هو، جنھن هن سمنڊ جو ذڪر ڪيو آهي. مطلب تہ ڪڇ جو رڻ اڳي سمنڊ هو، ۽ اُن جو عظيم الشان بندر پاري ننگر هو، جتي اڄ بہ لوھہ جا ٽـُـڪر ۽ ٻيا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ڪڇ جي رڻ جي پکيڙ ست هزار چورس ميل آهي. 1947ع کان اڳ، ڪڇ جي رڻ مان پارڪر جي گهڻي آمدرفت ٿيندي هئي. ماڻھو گاڏين، اُٺن ۽ گهوڙن تي ويندا هئا. وچ ۾ ٽي - چار ٻيٽ ايندا هئا، اُتي ڊاٻو ڪندا هئا. خاص ڪري تڙو ۽ ٻورڙيون ٻيٽ مشھور آهن، جتي چئن ميلن ۾ گهاٽي وڻڪار آهي. گاھہ جام آهي. هٿ سان ٿوريءَ زمين کوٽڻ ڪري پاڻي نڪريو اچي. هن رڻ ۾ مڇيون ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ سان گڏ اچي وينديون آهن. ۽ جانور گهڻو ڪري ڪڏهن چراخ ۽ بگهڙ ايندا آهن. چوماسيءَ ۾ هيءُ رڻ ڀرجي ويندو آهي، تنھنڪري سنڌوڙي ۽ لودراڻي وارو پاسو بلڪل بند رهندو آهي. اڳي برسات جي موسم ۾ سوراچند واري پاسي ماڻھو ويندا هئا، جتي انھن جو چوڻ آهي تہ سموري ايراضيءَ ۾ گوڏن کان مٿي پاڻي ڪونہ چڙهي.
ننگر پارڪر ۾ ”موکئي“ ۽ ”گوهيو“ سن آهن، جتي لوڻ جام ٿيندو آهي. روايت آهي تہ رڻ کان اڳ ۾ ”گوهيو“ سن هڪ ٻني هئي، جا چارڻن جي هئي. جنھن چارڻ جي اها ٻني هئي، تنھن کي صرف هڪ ڀيڻ هئي. هيءَ ٻني تمام ڀلي هئي، جنھن تان ڀائرن جو تڪرار ٿيو. آخر اُن تڪرار فساد جي صورت اختيار ڪئي، ۽ ڀائرن گڏ ٿي اُن چارڻ جو خون ڪرائي ڇڏيو. تڏهن ان جي اڪيليءَ ڀيڻ سراپ ڏنو تہ: ”هيءَ ٻني ترت کاري ٿي ويندي.“ اها اڳڪٿي سچي نڪتي. چارڻياڻيءَ جا چيل مرثيا بہ آهن، پر هن وقت ڪنھن کي ياد نہ آهن.
سوراچند ۾ هڪ هنڌ سائو، پيلو، اڇو ۽ ڳاڙهو لوڻ نڪري ٿو، جو چوڪنڊو آهي ۽ وچ ۾ گول ليڪا ٺھيل آهن، جھڙا ڇڪڙي راند جا ڍارا. گهرٽياري ۾ ۽ سوراچند ۾ هڪ قسم جو ميٽ نڪري ٿو، جو مٿي ڌوئڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ جي ڪم اچي ٿو.
هاڪڙو ندي:
جڏهن ڪڇ جو رڻ سمنڊ هو، تڏهن سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ، ”هاڪڙو“ نالي پنجاب مان نڪري، عمر ڪوٽ جي اوڀر طرف وهي، ننگر پارڪر وٽان ٿي، ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ان جو ٻيو نالو ”وهندو“ هو. هاڪڙي جون ڪيتريون ئي شاخون هيون ۽ اهي سڀ وڃي سنڌو نديءَ ۾ پونديون هيون. هاڪڙو، تمام قديم ندين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. رامايڻ واري زماني ۾ بہ هاڪڙو ندي هلندڙ هئي، ان وقت ٿر ۾ ۽ پارڪر ۾ اهڙا زبردست ٻيلا هوندا هئا، جو ماڻھو هلي نہ سگهندو هو.ايوڌيا ۾ جيڪي سواريءَ لاءِ هاٿي هٿ ڪيا ويندا هئا، اُهي هاڪڙي وارن ٻيلن مان ڦاسايا ويندا هئا. ابوالفضل ”آئين اڪبريءَ“ ۾ ۽ ٽاڊ صاحب ”ٽاڊ راجستان“ ۾، هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن. هاڪڙي جو وهڪرو ڪڏهن بند ٿيو، تنھن لاءِ گهڻيون تاريخون خاموش آهن. ڏند ڪٿائن موجب، اهو وهڪرو مھاڀارت واري زماني ۾ بند ٿيل ڀانئجي ٿو.
ماموئيءَ جي پيشگوئيءَ ۾ بہ هاڪڙي جو ذڪر آهي. سنڌ ۾ ماموئيءَ جو قصو مشھور آهي، جي ست درويش ٿي گذريا آهن. انھن لاءِ هڪڙي ڏند ڪٿا مشھور آهي- چون ٿا تہ هڪ دفعي ملتان جو مشھور اولياءُ، مخدوم بھاءُ الدين ٺٽي ۾ پنھنجن مريدن کي وٺڻ ويو. جاهل مريدن من ۾ اها سٽ سٽي تہ مرشد کي ماري کائينداسون، تہ هو اسان کي هميشہ دل تي هوندو. جڏهن هن ڳالھہ جي سـُـڌ مخدوم صاحب جي وڏي خليفي شيخ جيئي کي ملي، تڏهن مرشد کي هڪ پاسي ڪري پاڻ اُن کٽ تي سمھي پيو. مريدن اچي کيس ماريو، ۽ ماس ڪـُـني ۾ وجهي رڌڻ لڳا. جڏهن اهو رجهي تيار ٿيو، تڏهن سندن دل ٽـَـهي ويئي ۽ ماس وارا ڪـُـنا کڻي درياءَ جي حوالي ڪيائون. اهي ڪـُـنا ستن مھاڻن جي ور چڙهيا، جيڪي اُهو گوشت ڪڍي، مزي سان ڳڙڪائڻ ويٺا ۽ اچي اڳڪٿين ۾ پلٽيا. آخر ڪرامتون ڏيکاريندا، ٺٽي ۾ ڄام تماچيءَ جي ڪچهريءَ ۾ اچي نڪتا. ڄام کي چيائون تہ تنھنجي تخت هيٺان زمين اندر هڪ نانگ آهي، جنھن جو ڦڻ ٺٽي ڏانھن ۽ پڇڙي دهليءَ ڏانھن آهي. جيسين ان نانگ جو رخ ٺٽي طرف آهي، تيسين تنھنجي تخت کي ذرو بہ لوڏو نہ ايندو. اها ڳالھہ ٻڌي، ڄام هڪ لوھہ جي سيخ تيار ڪرائي، ۽ ان کي زمين ۾ کوڙي، نانگ جي منڍيءَ کي قابو ڪيو. ڪي درٻاري ۽ عام ماڻھو ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. ڄام اُنھن ٺٺولين تي لڳي، سيخ ٻاهر ڪڍرائي، تہ ساري رت سان ڀرجي آئي. نانگ بہ پنھنجو مـُـنھن ڦيري دهليءَ ڏانھن ڪيو. ڄام، فقيرن کي گهڻائي وس ڪيا تہ هاڻ نانگ جو منھن ٺٽي طرف ڪرايو، پر کڙ تيل نہ نڪتو، تڏهن ڄام حڪم ڪيو تہ فقيرن جا سـِـر ڌڙ کان ڌار ڪيا وڃن. جڏهن ست ئي فقير شھيد ٿي ويا، تڏهن هر هڪ پنھنجو سـِـر کڻي اڳڪٿيون ڪندو اُڏامي ويو. اُهي اڳڪٿيون هيءُ آهن:
(1) هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بھه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندي سوکڙي.
(2) وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو،
تڏهن ٻاروچاڻو ٻار، پنجن درمن وڪبو.
(3) ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇھہ پھر،
مـِـرمچي ٻاري، سک وسندي سنڌڙي.
(4) مـِـرمچي مھاڙي، مرمچي ڪھڙا پار،
هيٺن ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.
(5) لڳندي لاڙان، سونڪو ٿيندو سـِـري ۾،
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، اڳوڻا وِڻاهه.
(6) نيرا گهوڙا ڏٻرا، اُتر کئون ايندا،
گهاگهريون گـَـسن تي، وراهي ويندا،
تھان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا.
(7) اچي وهيجا ماڙهئا، ننگر جي آڌار،
پـُـراڻا پرار، نوان مَ اَڏج نجهرا.
(8) جان سمون تان سنڌڙي، جان نندو تان راڄ،
اهڙا ٿيندا اَڪارڄ، سما ڇڏيندا سنڌ کي.
(9) اَڪڙن تي ڏيئا ٻرندا. مند نہ وسندا مينھن،
سامھان ٿيندا سام کي، اهڙا ايندا ڏينھن.
(10) ڍال پنندي، ترار پنندي، پنندي ڪٽاري،
جاچڪ پنڻ ڇڏيندا، ايندي بـُـرين جي واري.
(11) ڪانيو ڪـُـڙڌر موررو، راگهو ٿيندو راءَ،
کاکڙ ٿيندي ڪـَـڇـَـڙي، جاڙيجي هٿاءَ
(12) رَنون رڻ گـُـڙنئو، آرٽ آيري ڪنڌ،
مند ڇڏي مينھن وسندا، بڊي آسو سنڌ.
(13) چڙهي وَڻ ڏار، ٿـُـڙ وڍيندا بنڊ جو،
جاڙيجا جـُـڙڌار، حق نہ رهندو ڪن جو.
(14) کچرڙا کير پيئندا، تـُـڳڙجندا تاجي،
وڏا ماڻھو وهي ويندا، پـُـڇندا پاجي.
(15) صبريئا صبر ڪجا، گولا کيئندا گيھهُ،
پاٿاريئي، پڇائبا جنھن جا ماءُ نڪي پيءُ،
(16) ڪنوَرَ وڪڻندا ڪاٺيون، راءَ وڪڻندا گاهه،
ناڻي نياءُ وڪڻندا، گڊي جُ هوندا وا.
(17) ساوا ڇڏيندا ساپڻون، سچ ڇڏيندا سيٺ،
برهمڻ ڀـُـڻڻ ڇڏيندا، ڪندا جاڙيجا ويٺ.
(18) گول مـُـکا ۽ سوپڙ ڪـَنا، سوار رڻ طبقا،
اولا گهولا ني اوليا، اي وڄائيندا ڊنڪا.
(19) ساپڻي ۾ شرم ايندي، ڀائيپڻي ۾ ڀـَـڙ،
ڪوسي پاڻيءَ ڪـُـڙم ۾، نہ رهندي ڪنھن جي آڙ.
(20) بک ماڻھو سين ڀڙ ٿيندا، سياري ڊرجندا شينھن،
پيءُ ڊرجندا پـُـتڙي، اهڙا ايندا ڏينھن.
(21) راءِ ٿيندا راڪاس، ورتي سان وِروڌ،
راڻيون ڇڏيندا رِيس ۾، ڦرندا پرائي شوڌ.
(22) ماڏوئي ٿيندو مقام، سا پر ٿيندو شھر،
گڍ پتي ٿيندو گرگرا، ڦرندو اُگهاڙي پير.
(23) ڏينھن ايندا ڏک جا، اَن ڏلدن جي وير،
ترجاري تي ڀيڙا ٿيندا، ڪندا جاڙيجا ڪير.
پارڪر جا پرمار:
پرٿوي پھلا پرمار، پرٿوي برماران تڻو،
هيڪ اُجين ڌارا، ٻـِـيجو آبو ٻيڻو.
هندو شاسترن مطابق شري پرسرام کي چھون اوتار ڪري ليکيو وڃي ٿو. شري پرسرام رشيراج جمد اگني جو وڏو پٽ هو، جنھن شري رامچندر جي ڌنوش ٽوڙڻ وقت، جنڪ پـُـريءَ ۾، سيتا جي سويمبر ۾ اچي گوڙ مچايو هو ۽ پوءِ رام اوتار جي پرگهٽ ٿيڻ جو ٻڌي، انترڌيان ٿي ويو هو.
هڪ دفعي راجا ڪـِـرتويھ، پنھنجيءَ آسنکيہ سئنا (بيشمار لشڪر) سميت، شڪار ڪندي، اوچتو رشي جمداگنيءَ جي ڪـُـٽيا ۾ اچي نڪتو. رشيءَ، راجا جوآدرستڪار ڪيو، ۽ ”ڪامڌبنو“ ڳئون جي وسيلي هڪدم ماني تيار ڪري ورتائين. ايڏي لشڪر جي ماني چند ڪلاڪن ۾ تيار ٿيڻ ڪري، راجا کي ڏاڍو عجب لڳو. راجا کي ترت خبر پيئي تہ رشيءَ وٽ ”ڪامڌبنو“ آهي، جا هر منو ڪامنا پوري ڪري ٿي، تنھنڪري راجا، رشيءَ وٽان اها ڳانءِ گهري، پر رشيءَ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن راجا زوريءَ ڳانءِ ڪاهي هليو ويو. پرسرام اُن وقت تپسيا لاءِ بن ۾ ويل هو. شام جو گهر آيو، تڏهن دستوري طرح ماءُ کان کير گهريائين. ماءُ ڳانءِ جا سمورا سماچار پرسرام کي ڏنا. ساري ڏينھن جي تپسيا ڪري آيل پرسرام، ڪاوڙجي، پرڻ ڪيو تہ ڳانءِ جو کير پي پوءِ ٻيو ڪم ڪندس! پوءِ هو پوئين پير راجا ڪرتويہ سان لڙائي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. راجا ڪرتويہ کي سخت شڪست ڏيئي ڳانءِ واپس آڻي، اُن جو کير پيتائين.
ٻئي ڏينھن راجا جا ماڻھو، رشي جمداگني کي ڪـُـٽيا ۾ قتل ڪري، ڳانءِ وٺي روانا ٿيا- (رشي جمداگني، هندو شاسترن موجب، تارا منڊل ۾ ستين رشيءَ جي جاءِ والاري، جنھن کي هنديءَ ۾ ”سپت رشيءَ“، معنيٰ ”ستن تارن جو ميڙ“ ڪري چئبو آهي. عربيءَ ۾ اُن کي ”داب اڪبر“ چئبو آهي. اهي تارا سرءُ جي موسم ۾ اُتر طرف، سياري ۾ اُتر- اوڀر طرف، بھار ۾ ڪاپار تي ۽ اونھاري ۾ اولھہ طرف نظر ايندا آهن)
جڏهن پرسرام رات جو آيو، تڏهن اها حالت ڏسي هن پرڻ ڪيو تہ دنيا اندر ڪو بہ راجپوت نہ ڇڏيندس! اهڙيءَ ريت هن سچ پچ دنيا تي ڪو بہ اهڙو فرد نہ ڇڏيو، جو پاڻ کي راجپوت چوائي.
راجپوت بھادر هئا ۽ اڳئين وقت راڪاسن جو تمام گهڻو ڊپ هو. راجپوتن جي ناس ٿيڻ ڪري، راڪاس برهمڻن کي توڙي ٻيءَ رعيت کي ستائڻ لڳا. تڏهن ديوتائن گڏجي آبوءَ وٽ هڪ ڀاري يگيہ ڪيو ۽ ڀڳوان جي پرارٿنا ڪئي. پھرين اِندر ديوتا هڪ ڊڀ جو پتلو ٺاهي، پربرهم پرميشور منتر اُچاريو تہ اُن مان هڪ تيجوان پـُـرش نڪري آيو. ان جي ساڄي هٿ ۾ گدا هئي. هو يگيہ مان ٻاهر نڪرندي، ”مار! مار!“ ڪندو آيو. تنھنڪري هن جو نالو ”پرمار“ پيو. اهڙيءَ طرح، ديوتائن اهڙا ٽي پتلا ڪيا، جي پڙهيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ هئا. انھن پرمارن ”آبوءَ“ کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو ۽ ائين پکڙندا، ساري ڀارت ۾ پنھنجو راڄ کڙو ڪيائون. پوءِ پرمارن جون وڌي پنجٽيھہ ساکون ٿيون. راجپوتانا اتھاس ۾ هيٺئين نموني انھن جون ساکون آهن: (1) سوڍا (2)سانکلا (3) موريہ (4) سومرا (5) کير (6) ميپاوت (7) وهل (8) ٻلھر (9) ڪاٻار (10) اُمٽ (11) ريھور (12) چونرا (13) کيچر (14) ڍونڍا
(15) سورٺيا (16) سوکڙا (17) هرير (18)ڪوهلا (19)پويا (20) ڀوجا (21) سنپل (22) ڀٻا (23) پوڪوٽا (24) ڏيوا (25) ڪھوريا
(26) ڪالپسر (27) ڪالموه (28) ڌونڌر (29)جپرا (30) ٻرهر (31) پوسرا (32) ڌوتا (33) دڪوموا (34) ٽيڪا.
پرمار راجپوتن پنھنجي پھرينءَ گاديءَ جو هنڌ آبو ڪيو. اهڙيءَ طرح هنن ساري هند ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمايو، سوڍن وٽ جي دستخط احوال آهن، تن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سنبت 954 برابر 996ع ۾ امرڪوٽ ۽ پارڪر مارواڙ جي راڻي ڌڻي براھہ جي هٿ ۾ هئا، جنھن کي نـَـوَ ڀاءٌ هئا. ڌڻي براھہ پنھنجن ڀائرن کي نـَـو ملڪ ورهائي ڏنا تنھن کي ”نوَ ڪوٽي مارواڙ“ ڪري چيو وڃي ٿو. ان بابت هڪڙو ڏوهيڙو مشھور آهي:
ٿيو لدورو ڀاڻ، ٿيو مندووَر سامتسنگهه،
گڍ پونگل گج مال، ٿيو اجمير اجيتسنگهه،
آل پال ارٻڌ، ڀوڄراج جالنڌر،
جوگراج ڌر ڍاٽ، ٿيو هانسو پارڪر،
نـَـو ڪوٽي ڦراڙو سنجوگتان، ٿر پنوار ٿاپيا،
ڌڻي براھہ ڌر ڀائيان، ڪوٽ بانٽ جهوُ جهوُ ڪيئا.
مٿئين ڏوهيڙي ۾ ڏسبو تہ هانسي اچي پارڪر وسائي. هن پنھنجي گاديءَ جو هنڌ پاري ننگر ڪيو. هانسي کي هڪ ٻيو بہ ڀاءُ هو، تنھن جو نالو ڀوڏو هو. تنھن اچي ”ڀديشر“ عرف ڀوڏيسر وسائي.
پاري ننگر - سنڌ جو هڪ شا ندار بندر
سنڌڙيءَ جي هن شاندار بندر ۽ قديم بندر جو بنياد عيسوي پھرين صديءَ ۾ پيو. پاري ننگر، ننگر پارڪر کان چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي، هن وقت ويرا واھہ جي ڀرسان ڊٺل ۽ ويران کنڊرن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. آباديءَ جي لحاظ سان، شروعات ۾ ان جي آدم شماري اٽڪل چاليھہ هزار هئي، جنھن مان پنج هزار ٻہ سؤ گهر جينن جا، نوَ سؤ گهر لھارن جا، ست سؤ گهر راجپوتن جا، تيرهن سؤ گهر لھاڻن جا ۽ ٻارهن سؤ گهر ٻين جدا جدا ذاتين جا هئا. آدمشماريءَ ۾ ڏسبو تہ اوسواڙ قوم جي اڪثريت هئي، جا تمام شاهوڪار هئي. ان ۾ مکيہ ذاتيون هي هيون: ڍاٽي، وورا ۽ گانڌي، گرڍيرا، تيمان، مدار، ڪـُــل، ڪــٻڙيا، وڏيرا، لالڻ، مھنتا، ويگڙ، ڪانٽيا، وغيرہ. چون ٿا تہ سرڳواسي شري موهن لعل ڪرمچند گانڌي (مھاتما گانڌي) جا اڳيان مائٽ پاري ننگر جا رهاڪو هئا.
تنھن وقت موجودہ ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ هو، ۽ اُن رڻ جو عظيم الشان بندر پاري ننگر هو. ڪڇ جي رڻ مان جهاز سڌا اچي ”ڏوتڙ“ وٽ لنگر انداز ٿيندا هئا. ڏوتڙ (ٻہ تڙ) ويرا واھہ کان ٻہ ميل اُلھندي طرف آهي، جتي اڄ بہ بندر جي نموني جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاري ننگر، ڀوڏيسر جي مسجد ۽ گوڙيءَ جي ڏهرن تي جيڪو چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي، تنھن تي غور ڪرڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ساڳئي ڪاريگر ويھي اهو گهاٽ گهڙيو آهي. چترڪار اهڙو نفيس نقش چٽيو آهي، جنھن مان ڀليءَ ڀت پروڙ پئجي سگهي ٿي تہ اسان جي هن ڀاڱي ۾ وڏا وڏا چترڪار ۽ فنڪار بہ موجود هئا.
پاري ننگر جو ذڪر ڪندي ڪي لکن ٿا تہ اُتي جين ڌرم وارن جو راڄ هو، پر ائين صحيح نہ آهي. اُتي جين ڌرم وارن جو ڌاڪو برابر هو، پر حڪومت سدائين پرمارن جي هٿ ۾ رهي. اوسواڙ شاهوڪار برابر هئا، پر راجپوتن جي تابع هئا. جينن جا وڏا وڏا مندر پاري ننگر جي آسپاس هئا، تہ اُن کان وڌيڪ راجپوتن جون شالائون اڄ تائين پارڪر ۾ هر هنڌ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. راجپوت سردارن جو موت اوسواڙن وانگر ڪڏهن بہ ريشمي بسترن ۽ اوچن پلنگن تي نہ ٿيو. هو جنگ جي ميدان ۾ تلوار کڻي ٽپي پوندا هئا، ۽ سورويرن وانگر وڙهندي، لڙائيءَ جي ميدان ۾ ئي سک جي سيج ماڻيندا هئا.اڳتي هلي تاريخ ڏيکاريندي تہ ڪيئن نہ پارڪر جي راجپوتن وقت بوقت لڙائيءَ کي منھن ڏنو، ۽ جنگ جي ميدان ۾ سوروير ٿي پنھنجا ِسر ارپڻ ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو چالاڪ ۽ ڄاڻو ”نروٽ“ پارڪر جي سوڍن کي جاگيرون ڏنيون. ان جي ڀيٽ ۾، ڪنھن ڪروڙ پتي جين جي نالي بہ جاگير جو ڪو اڌ ايڪڙ بہ نظر نٿو اچي.
چون ٿا تہ اڳي پاري ننگر ۾ بيشمار بــُـت مندرن ۾ رکيل هئا. هينئر اُهي ڀڄي ڀــُـري ويا آهن ۽ تمام ڪارا ۽ سڙيل نظر اچن ٿا. پنج مندر اهڙا آهن، جي ڪجهہ ٺيڪ نموني ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪڙو ماڻھوءَ جي قد جيڏو بــُـت آهي، جنھن جي اکين ۾ ڪائو لڳل آهي، سو اونداهيءَ ۾ چمڪندو آهي. سڄيءَ ايراضيءَ ۾ لوھہ جا ٽڪر پکڙيل آهن. هتي جو قديم ”ڪٽهڙو“ مشھور آهي. ڪٽهڙو دوائن جي ڪم اچي ٿو. ڪٽهڙو جيئن قديم هوندو، تيئن دوائن لاءِ اڪسير ثابت ٿيندو. پاري ننگر جو ڪٽهڙو 1959 سالن جو آهي. هڪڙي يورپي انجنيئر ٻڌايو هو تہ هيءُ پٿر مان لوھہ ٺاهڻ جو ڪٽهڙو آهي.
پاري ننگر جي حڪومت:
هانسي کان پوءِ مھيپال - جيڪو ڌڻي براھہ جي ٽئين پٽ مان هو - جي پنجن پــُـٽن راڄ ڪيو. اُهي هيءُ آهن: راجسنگهه، راجيشور، منڊلڪ، ملار ۽ رامچندر. راجيشور پنھنجي نالي تي هڪ تلاءُ ڀيپور جي ڀرسان ۽ ٻہ تلاءَ وڏهلي وٽ ٺھرايا. ان کانپوءِ راجيشور جو پٽ ڀوڄسنگهہ تخت تي ويٺو. هن جي مرڻ بعد ان جو ڀاءُ تخت تي ويٺو، جنھن کانپوءِ پرمار مالا جو پٽ اُڌيسنگهہ تخت تي ويٺو. ان کان پوءِ سامداس، پوءِ ڦتل، پوءِ گووندراءِ جو پٽ ڀيم ۽ پوءِ ڀيم جو پٽ کنگهار،پوءِ کنگهار جو ڀاءُ ڏيپر،پوءِ کنگهار جو پُٽ چوڙو ۽ پوءِ ڏيڀي جوپٽ هرڀم تخت تي ويٺو. هن جي وقت ۾ 1226ع ۾، دهليءَ جي شھنشاھہ طرفان لشڪر آيو، جنھن پاري ننگر ناس ڪيو. ان کانپوءِ ملڪ ۾ بي بندوبستي ٿي پيئي، ۽ هيءُ ملڪ ڪجهہ وقت دهليءَ جي بادشاهن کي ۽ ڪجهہ وقت سنڌ جي بادشاهن کي خراج ڀريندو رهيو. پر وري بہ ملڪ ۾ ساڳيو زور پرمارن جو رهيو. جن کان جلد ئي امرڪوٽ جي سوڍن اچي ملڪ تي قبضو ڪيو. پارڪر مان پرمارن جو هڪ ٽولو ڪاٺياواڙ ويو، جتي انھن پنھنجي ِاسٽيٽ ٺاهي، جنھن کي ”مرلي ِاِسٽيٽ“ چئبو آهي.
(تاريخ ريگستان)
پارڪر جي پرمارن ڪيئن تتر پکيءَ واسطي جنگ ڪئي:
جڏهن پارڪر جا پرمار لڏي گجرات ڏانھن ويا، تڏهن چوڙا ذات جي ٻن هزارن پرمارن، پنھنجي سردار ”موجوءَ“ سان گڏجي، اچي گجرات وسائي. هڪ ڏينھن چوڙا ذات جو ڪو راجپوت شڪار تي ويو، تنھن هڪ تتر پکيءَ کي گهايل ڪيو، جيڪو اُڏامي اچي پرمار راجپوتن جي اوتاري ۾ ڪريو. چاوڙي راجپوت پرمارن کان اُن تتر جي گهر ڪئي، پر موجيءَ چيو تہ: ”جنھن اسان جي اجهي ۾ اچي پناھہ ورتي آهي، تنھن کي دشمن جي حوالي هرگز نہ ڪنداسين - پوءِ ڀل تہ اهو پکي ئي هجي. اهو راجپوتي شان وٽان نہ آهي، جو شرڻ آيل جي ساهتا نہ ڪري.“ نيٺ ٻئي ڏينھن، چاوڙو سردار پنھنجي ٽولي وٺي جنگ لاءِ تيار ٿيو. پرمار بہ لڙائيءَ لاءِ سنبريا، ۽ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ خونخوار مقابلو ٿيو. جنگ ۾ پنج سؤ چاوڙا مري ويا ۽ ٻيا ڀڄي ويا. جيت پرمارن جي ٿي. انھيءَ واقعي جي ڪري هيءَ چوڻي مشھور ٿي تہ: ”ميروُ پربت ڏري پوي، ڌُرو تارو جاءِ ڇڏي وڃي. گرنار قلعو اچي پــَـٽ پوي! پر پرمار راجپوت پنھنجي دشمن کي ڪڏهن بہ پـُـٺ نہ ڏيندا.“
سڏونت - سارنگا:
عيسوي پھرين صديءَ ۾ پاري ننگر تي ساليواهن نالي هڪ مھاپر اُپڪاري راجا راڄ ڪندو هو. ان کي هڪ پٽ هو، جنھن جو نالو ”سڏونت“ هو. ان وقت پاري ننگر ۾ اوسواڙ قوم وارن جي اڪثريت هئي، جي ڏاڍا سرمائيدار هئا. انھن ۾ سيٺ پرم شاھہ نالي هڪ ارب - پتي اوسواڙ رهندو هو، جنھن کي هڪ نياڻي هئي. نالو هوس ”سارنگا“ . سارنگا ساري پارڪر ۾ واکيات هئي. ان جون گول ۽ ڦٽڙيون، ڪجل سان ڀريل اکيون، قهر هيون. ان جو حسين جـُـسو مخمل کان وڌ نرم هو. سارنگا جڏهن وهيءَ چڙهي، تڏهن ان جي حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين ڳائجڻ لڳي. هڪڙي ڏينھن هيءَ روُ پوَنت سندري جيئن پاٺشالا ۾ پڙهڻ لاءِ وڃي رهي هئي، تيئن سڏونت سامھون آيو. ٻنھي جي نظر هڪ ٿي ويئي، ۽ اک جي ٻاڻ ٻنھي کي بيوَس ڪري ڇڏيو.
نيڻ پدارٿ نيڻ رس، نيڻي نيڻ ِملنت،
اَڄاڻ سين پريتڙي، پھرين نيڻ ڪرنت.
نيٺ سارنگا جو، ننڍي لاڪرئي سڏونت سان گهاٽو سنيھہ ٿي ويو. هڪ ٻئي کان گهڙي گهارڻ ڏکيو ٿيندو هون. سارنگا جنھن پاٺشالا ۾ سکيا وٺندي هئي، ان ساڳئي پاٺشالا ۾ سڏونت بہ اچي پڙهڻ لڳو. اُستاد کي هڪڙو باغ هو ۽ شاگرد واري وٽيءَ تي ان باغ کي پاڻي ڏيندا هئا. سڏونت ۽ سارنگا پڻ باغ ۾ پاڻيءَ جي بھاني برھہ جون باتيون ڪندا هئا.
جڏهن سارنگا سورهن جي وهيءَ ۾ پير پاتو، تڏهن مائٽن اُجين ننگريءَ جي هڪ مشھور سيٺئي سان سارنگا جي شادي ڪرائي، پر سڏونت جي سڪ جي ٻاڻ سندس سيني ۾ اهڙو تہ اُونھون گهاءُ ڪيو، جو کيس پارڪر جا پوٺا نيٺ ڇڏڻا پيا. جڏهن رُوپا شاھہ ڄڃ وٺي پرڻجڻ آيو، تڏهن سارنگا اٽڪل ڪري چؤنريءَ جا چار ڦيرا هڪ داسيءَ کان ڏياريا، ڇاڪاڻ تہ سڏونت کان سواءِ کيس ڪنھن جي بہ محبت قبول ڪا نہ هئي.
پوءِ، ڄڃ رواني ٿيڻ کان اڳ پاري ننگر جي پدمڻيءَ سارنگا، پنھنجي محبوب کي پيغام موڪليو تہ: ”هو گام جي گوندري واري ديويءَ جي مندر ۾ رات جو اچي ساڻس ملاقاتِ ڪري.“ سارنگا کي انھيءَ مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪري، پوءِ ڄڃ سان گڏ روانو ٿيڻو هو. سارنگا جو سنيھو ســُـڻي، سڏونت سج لٿي ئي اچي ديويءَ جي مندر ۾ ويھي رهيو. اڌ رات گذري ويئي، ڪــَـتيون ڪاپار آيون، لــُـڌو لڙي ويو، ٽاڻو ٽري ويو،پر محبوب ماڳ نہ آيو. سڏونت کي انتظاريءَ جون گهڙيون وڏيون ٿي پئيون. هر هر مندر جي دروازي ڏانھن ٿي نھاريائين، پر پوڄارڻ جو پتو ڪو نہ پيو. بيقراريءَ وچان پنھنجي هجر جي هپت ۾، ڀــُـل سببان، ننڊ واري گولي کائي ويھي رهيو. سڏونت سمجهو تہ جاڳ واري گوري ٿو کاوان، پر يار جي خيال ۾ خبر ڪا نہ پيس ۽ ننڊ واري گوري کائي نندرا ديويءَ جي گود ۾ الوٽ ٿي سمھي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ سارنگا بہ ڇم - ڇم ڪندي آئي، تنھن پنھنجي سڄڻ کي گهڻو ئي اٿلايو پٿلايو، پر سڏونت کي سار ڪا نہ ٿي. نيٺ، وقت ڀرجي آيو ۽ سارنگا پنھنجي محبوب جي هٿ تي هيٺين ڳاھہ لکي ڄڃ سان گڏ رواني ٿي ويئي:
”پاري ننگر کان پڌاري، ڪر جو ڀڳوئا ويس،
جنھن گهر ناريل رونکڙو، تنھن گهر ڪرجو اَليک“ .
صبح جو جڏهن سڏونت کي جاڳ ٿي، تڏهن گهڻو ئي ارمان ٿيس. پوءِ پنھنجن هٿن تي سارنگا سان ملڻ جو ڏس پتو لکيل ڏسي، جوڳياڻو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي اُٿي هليو.
تــَــنَ پر تو ڀسم لڳا، هٿ ۾ ليئا ڪـِـير،
سارنگا تيري ڪارڻي، ڪريو ويس فقير.
ڏند ڪٿائن مان ڏس ملي ٿو تہ پاري ننگر جي پدمڻي، اُجين ڏانھن اُسهندي، پارڪر جي ايندڙن ويندڙن کي سڏونت جون نشانيون ڏيندي ويئي. هڪ جاءِ تان لنگهندي، هڪڙو ريٻاري مينھن ڏُهي رهيو هو. جيئن ئي سارنگا جو حسين چهرو ڏٺائين. تيئن ويچاري جون اکيون سارنگا ڏانھن ڦاٽي وئيون. سارنگان کي ڏسي چيو:
”پاراڻي را رائيڪا، تارو ڏُوڌ ڍوراڻو جاءِ،
سڏونت آئي ايم ڪھي، سارنگا روتي جاءِ“.
(اي پارڪر جا ريٻاري! تون اکيون ڦاڙي نہ نھار،
ڏس تہ تنھنجو کير هارجي رهيو آهي! مھرباني ڪري،
سڏونت اچي تہ چئجانءِ، سارنگا روئندي پيئي وڃي.)
سارنگا جي ڄڃ نيٺ وڃي هڪڙي ٻٻر جي وڏي وڻ هيٺ ڊاٻو ڪيو. سڏونت جو پٺيان پئي آيو، سو وجهہ ڏسي اُن وڻ تي چڙهي لڪي ويھي رهيو، اڌ رات جو سڏونت جي اکين مان هڪڙو لــُـڙڪ ِڪري ، اچي سارنگا جي ڳــَـل تي پيو، تڏهن سارنگا چوڻ لڳي:
”آنٻو جهري آنٻلي، ڀڄي نوَسرَ هار،
رس چس تو سڀ چکيا، هاڻ ڪيئن روئين گينوار!“
(اي انب جا وڻ! تون ڇو رس هاري منھنجي نوَسرَ هار کي پسائي رهيو آهين: تو تہ اڳي گهڻو ئي رس چکيو آهي، اڙي مورک! هاڻ هن ويلي ڇو روئي رهيو آهين؟)
روپا شاھہ سيٺ جي ڀاءُ، سارنگا جي ڏير، اهو ڏوهيڙو ٻڌي ورتو هو، تنھن صبح جو ڀاءُ کي چيو:
”ڪانچوئو ڪـَــسَ مئيو، سارون ڀراڻو سري،
وِيرا، مين تنان برجيئو، ڀاڀي ناھہ ڪــُـــسري“ .
(اي ڀاءُ، ڀاڀيءَ جو پائڻ وارو ڪپڙو ۽ اوڍڻ جو سارون (ريشمي وڳو) سمورو ســَـرن سان ڀرجي ويو آهي، منھنجي سمجهہ ۾ تہ ائين ٿو اچي تہ ڀاڀي خيرن ۾ نہ آهي.)
تڏهن سارنگا چوڻ لڳي:
”ٻودو ڪپڙو ٻھؤ رنگو، سبڻ وارو اڍنگ،
ٽڙ ٽـــڙ ٽانڪا ٽـُــٽيا، آرس موڙندي انگ.“
(منھنجي پائڻ وارو ڪپڙو هڪ تہ گهڻن ڏينھن جو سڙيل آهي ۽ ٻيو وري سبڻ وارو درزي اَڍنگو هو؛ آرس موڙيندي ٽانڪا ٽٽي پيا، تنھن ڪري ڪپڙن ۾ ســَــر آهن.)
اهڙيءَ طرح، ٿورن ڏهاڙن بعد ڄڃ اُجين پھتي، سڏونت بہ پنڌ ڪندو پئي آيو. سندس ٻنھي هٿن تي محبوب جون ڳاهون لکيل هيون، تنھن ڪري جنھن بہ تلاءُ تي ويو ٿي، جانورن وانگر منھن سان پاڻي ٿي پيتائين. آخر سڏونت بہ وڃي اُجين پھتو. جوڳيءَ جو ويس ڪري، سارنگا جي ساهرن جي گهر جو ڏس پتو پـُـڇي، وڃي گهر جي دروازي وٽ الک جڳايائين. سارنگا سون جي ٿالھہ ۾ موتي ڀري، جوڳيءَ کي دان ڏيڻ آئي. ٻنھي جون نظرون هڪ ٿيون. ٿالھہ سارنگا جي هٿ ۾ ئي رهجي ويو، ۽ ڪانگ اچي موتي چـــُڳڻ لڳا. اُجين ننگريءَ جو راجا هيءُ لقاءُ پنھنجي اوچي محل ۾ بيھي ڏسي رهيو هو، تنھن پنھنجي راڻيءَ کي چيو:
”اس ننگري ۾ مورک وسي، چــَــتـُـر وسي نہ ڪوءِ،
ڪاگا موتي چـُــــگ گيا، ڪؤڪ نہ ڪري ڪوءِ.“
راڻيءَ جواب ڏنو تہ ائين نہ آهي، بلڪھ:
”اس ننگري ۾ چتروسي، مورک وسي نہ ڪوءِ
ٻالاپڻ ري پريتڙي، مِيت ميلاپو هوءِ“
ٻنھي محبن جو اُتي ئي ساھہ نڪري ويو، ۽ هيءُ پريمي جوڙو، پاڻ ۾ ملي، هميشہ لاءِ هڪ ٿي ويو. ٻي روايت آهي تہ سارنگا راجپوتانا جي ويٺل هئي، ۽ سڏونت پڻ اُتي جو ئي باشندو هو. سارنگا پاري ننگر ۾ روپا شاھہ نالي سيٺ سان پرڻايل هئي. هيءَ روُپوَنت رمڻي، راجپوتانا مان رواني ٿيندي، پنھنجي سڄڻ سڏونت کي اجهو هيٺيون سنيھو ڏيندي ويئي:
”پاري ننگر پنٿ گهڻو، سوڍانڪي رو ديس
وهيلــــو ورجـــــي والما، جوڳي سندي ويس.“
جين ڌرم جا آثار:
پاري ننگر، گوڙيءَ جا ڏهرا ۽ ستي ڏهرا (پارڪر) ۾ جين ڌرم وارن جا خاص مندر هئا. آبـُـو ۽ ان جي آسپاس بہ جينين جا مندر آهن. پارڪر جينين جو وڏو ۽ خاص مرڪز هو، جتي مندر سان لاڳو هڪڙيءَ خاص جڳھہ ۾ سندن تبليغي اجلاس ٿيندا هئا. اڄ تائين اها جڳھہ موجود آهي، جنھن جي ڀتين تي ڌرمي نيتائن جون تصويرون نڪتل آهن.
جين ڌرم جا ڪـُـل چوويھہ پيشوا يا ڌرم- نيتا ٿي گذريا آهن، جن جا نالا هيءَ آهن: (1) رشڀ ناٿ (2) اجيت ناٿ (3) ساميو (4) اڀنيدن
(5) سـُـمتي (6) پدم پرڀا (7) سـُـپـَـرشو (8) چندر پرڀا (9) پشپ دلت
(10) سيتل (11) شري انشاناٿ (12) واسو پؤجيہ (13) وِمل (14) اننت
(15) ڌرم (16) شانتي (17) ڪـُـنٿو (18) ارا (19) مـَـلي (20) مـُـني سـُـورت (21)نـِـمي (22) نيمي (23) پارسو ناٿ ۽ (24) ورڌمان، جو ”مھاوير“ جي نالي سان مشھور ٿيو. مھاوير، گوتم ٻڌ جي زماني ۾ ٿي گذريو آهي ۽ سندس ديھانت عيسوي سن کان 536 ورهيہ اڳ ٿيو. هو جين ڌرم جو باني هو- جيتوڻيڪ جين ڌرم وارن جو چوڻ آهي تہ سندن ڌرم ان کان ڪي صديون آڳاٽو آهي.
جين ڌرم جي مٿين چوويھن ڌرم- نيتائن مان يارهين نمبر، شري ”انشاناٿ“ جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو وشڻ، ۽ ماءُ جو نالو وشني هو. انشاناٿ ساريءَ سنڌ ۽ هند ۾ جين ڌرم جو زبردست پرچار ۽ ڦهلاءُ ڪيو. کيس پنھنجي زماني ۾ اهو ئي پد حاصل هو، جيڪو مھاوير کي سندس سمي ۾ حاصل هو. انشاناٿ عيسوي سن کان اٽڪل پندرهن سؤ سال اڳ جو آهي. جيئن موهن جي دڙي جو سمو پورو ٿيو، جين ڌرم جي شروعات ٿي. اڄ کيس ساڍا ٽي هزار ورهيہ گذري چڪا آهن. سندس رهڻيءَ ڪرڻيءَ سنڌ تي ضرور اثر ڪيو هوندو. سندس ديھانت اولھہ بنگال ۾ ٿيو.
ڪاجلاسر تلاءُ:
پاري ننگر جي سيٺين، تمام گهڻي خرچ سان، هڪڙو وڏو تلاءُ ٺھرايو هو، جنھن جو نالو ”ڪاجلاسر“ تلاءُ هو. پاري ننگر جون پدمڻيون صبح جو سوير اچي اُن تلاءُ ۾ منھن ڌوئينديون هيون. اُنھن مـِـرگهه- نيڻين جي اکين ۾ ايترو تہ ڪجل هوندو هو، جو سموري تلاءَ ۾ ڪجل جا ڪارا ڪارا ليڪا ٺھي پوندا هئا ۽ سارو سـُـرو ڪجل جي سھڻيءَ ريک سان رڱجي ويندو هو. جيني استرين ۾ ڪجل وجهڻ جو خاص رواج آهي. سندن وڏيون اکيون هر وقت ڪجل سان ڀريل هونديون آهن، جيڪي ڳوري رنگ تي ڏاڍو سٺو ڏيکاءُ ڏينديون آهن. چون ٿا تہ هڪ ڀيري پاري ننگر جي هڪ مکيہ سوڍي جو ڪنور صبح جو گهوڙي کي اُن تلاءَ تي پاڻي پيئارڻ آيو. ڪيتريون ئي ڪجليون ان وقت تلاءَ تي منھن ڌوئي رهيون هيون ۽ پاڻي سمورو ڪارو ٿي ويو هو، تنھنڪري ان ڪنور کين گهٽ - وڌ ڳالھايو. انھيءَ ڳالھہ اوسواڙن ۾ چڱو تاءُ پيدا ڪيو ۽ هو پاري ننگر کي ڇڏڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا. پاري ننگر ۾ هڪ ارب - پتي اوسواڙ، ڪاجل شاھہ نالي رهندو هو، تنھن اهو ”ڪاجلاسر“ تلاءُ ٺھرايو هو.
ڪاڇٻو پرمار:
پاري ننگر ۾ ڪاڇٻو نالي پرمار رهندو هو، جنھن جي ڳالھہ مڱڻھار لوڪ ڏاڍي اُمنگ ۽ اُتساھہ سان ڪندا آهن. روايت آهي تہ ڪاڇٻي پرمار کي سندس ڀاڀيءَ مھڻو ڏنو: ”ڏسان تہ تون ڪاڇي گڍ جي ڪماري پرڻجي ايندين!“ ڀاڀيءَ جي مھڻي ڪاڇٻي جي ڪليجي تي ڀاري اثر ڪيو ۽ هڪدم ڪاڇي گڍ جي ڪماريءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ، پنھنجا تمام ساٿي سنڀرائي اُٺن تي چڙهي روانو ٿيو. پاري ننگر کي آخرين پرڻام ڪندي چيائين:
”ڀاڀچ مھڻو مت ڏئي، مھڻو مٿي رو گهاءُ،
ڪا ڪماري لاوَ سان، تا اَن پاڻي نان نا.“
(اي ڀاڀي! تون مھڻو نہ ڏي. تنھنجي مھڻي منھنجو من چيري ڇڏيو آهي. هاڻ جيستائين ڪـُـماري نہ آڻيندس، تيستائين اَن پاڻي حرام آهي!)
ڪاڇٻو ۽ سندس ساٿي، پنڌ ڪندا، نيٺ گجرات پھتا ۽ گام جي گوندريءَ وٽ هڪ تلاءُ وٽ اچي ڊاٻو ڪيائون. ڪاڇٻي، هڪڙي واٽهڙوءَ کان ڪماريءَ بنسبت پڇا ڪئي. واٽهڙوءَ جواب ڏنو:
”پـَلو پـُـرش جو نہ چھي، نر جو نہ ڳنھي نام،
اوڏي ٿئي نہ اَن کي، نر نامي تمام،
ڪاڇٻا تنھنجي هام، من جي من ۾ ئي رهي.“
(اي پاري ننگر ڍاٽ جا پرمار! تو جنھن ڪامڻيءَ جو ذڪر ڇيڙيو آهي، سا مرد ماڻھوءَ جي پلئه کي نٿي چھي، ۽ نہ وري نر جو نالو وٺي ٿي- ايتريقدر جو نر نالي اناج کي بہ ويجهي نٿي وڃي! اي ڍاٽ - پتي، تنھنجو مقصد هن حسين ۽ شوخ نازنين وٽان حاصل نہ ٿيندو.)
رات جو ڪاڇٻي پنھنجن سمورن اُٺن کي کاڌي ۾ کستوري وجهي ڏني، ۽ ڳوٺ جي هوا جي سامھون انھن کي ويھاريو. اُٺن جو ٻوٿ بند ڪري ڇڏيائين، اَسر ويلي انھن جا منھن کوليائين. اُٺن اوڳارڻ شروع ڪيو، تہ کستوريءَ جي خوشبوءِ ساري ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي. ان طرح، ڪاڇٻي جي ساراھہ ڪماريءَ تائين وڃي پھتي. پر ڪماري چوڻ لڳي: ”ڪاڇٻو جـَـل جو هڪ ”ڪڇئون“ آهي. نيٺ ڳچ ڏينھن کان پوءِ، ڪاڇٻي پنھنجي مراد ماڻي ۽ ڪماريءَ کي ساڻ ڪري ڳوٺ آيو.
پاري ننگر جو ناس ٿيڻ:
پاري ننگر تي قدرت جو ڪوپ ڪڏهن ٿيو، تنھن بنسبت ڪا پڪي پروڙ ڪانہ ٿي پوي. الائي اوسواڙن کي تاريخ سان عشق هو يا نھ. چون ٿا تہ جين ڌرم وارا ٻين کي پنھنجا ڪتاب پڙهڻ ئي ڪونہ ڏيندا آهن. ڪي ڪتاب ان وقت هوندا، تہ بہ زلزلي ۾ دٻجي ويا.
پاري ننگر جي ناس ٿيڻ بابت بہ ڪيتريون ئي دلچسپ ڏند ڪٿائون مشھور آهن. چون ٿا تہ هن شھر جي راجا پنھنجي پـُـٽ جو مڱڻو هڪ لوهار جي حسين ڌيءُ سان ڪرايو. پاري ننگر ۾ ان وقت لوهارن جي اڪثريت هئي ۽ منجهس نـَـوَ سؤ گهر رهندا هئا، جي شاهوڪار هئا. لوهار ڇوڪريءَ، ٻي ذات جو وَرُ قبولڻ کان انڪار ڪيو، پر قوم وارن کيس زوريءَ پرڻائڻ ٿي گهريو. تنھنڪري ڇوڪريءَ پاراتو ڏنو تہ: ”اوهين ڪٿي بہ سـُـک سان ويھي نہ سگهندؤ!“ ڇوڪريءَ جو پاراتو پورو ٿيو، ۽ لوهار سدائين ڀٽڪندا وتن. آخر، ٺڪرن جي ستائڻ تي، لوهار لڏي اچي گهوٽياري وٽ رهيا. ٻيءَ ڏند ڪٿا موجب هن شھر ۾ هڪڙو درويش فقير رهندو هو، تنھن هڪڙي ڏينھن ڪنھن مقرر طلب جي خيرات لاءِ صدا هنئي، پر ڪنھن بہ سندس گهـُـر پوري ڪانہ ڪئي. تڏهن هن بي اختيار چئي ڏنو تہ: ”سڀاڻي پاري ننگر ناس ٿيندو!“ فقير جو عرض اگهاڻو، ۽ ٻئي ڏينھن سارو شھر غرق ٿي ويو.
بھرحال قدرت جا ڪم نرالا آهن، ڪڏهن پاري ننگر هڪڙو آباد ۽ عاليشان بندر هو ۽ اڄ اهو سارو ڀڙڀانگ ۽ ويران ٿي چڪو آهي.
ڀوڏيسر
ڀدريشر ننگري، جنھن کي هينئر ”ڀوڏيسر“ چئبو آهي، سا ننگر پارڪر کان ٻہ ميل اُتر - اُلھندي، ڪارونجهر جي هنج ۾ شوڀا ڏيئي رهي آهي. ڀدريشر جي جهونن کنڊرن جو ڀڀڪو ڏسي، ائين ڀانئجي ٿو تہ ڪو وقت هو، جو اُتي ڪي تمام خوشحال انسان رهندا هئا. جاين جي بناوت ۽ اَڏاوت کي ڏسي سندن ڪاريگريءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو. الک جي الوپ مايا، پل ڀر ۾ باريڪ بستيون بڻائي، هندورن ۾ هيجائي ٿي، تہ کن ۾ هزارين هستيون حيران ڪري، آسودن کي اُجڙ ۽ برباد ڪري ٿي. هن وقت اُهو اڳيون اوج ڪٿي؟ چند کنڊرن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نظر ڪونہ ايندو. صرف سوڍن جا ٻہ گهر آهن، جنھن مان پونجوجي سوڍو سچيار آهي، جنھن جي مائٽن انگريزن کي تمام گهڻي مدد ڏني هئي. سندن دور انديشيءَ ۽ بھادريءَ سببان، ڪرنل ايونس جي زوردار سفارش سان، سوڍي ڪاروُڀا جي نالي ڇھہ ايڪڙ جاگير مليل آهي.
نوَ ڪوٽي مارواڙ جي ڏوهيڙي مطابق، هانسي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ پاري ننگر ڪيو- ان جو ٻيو ڀاءُ ڀوڏو هو، جنھن اچي ڀوڏيسر وَسائي. تنھن وقت ٽي هزار کن جيني واڻين جا گهر ۽ ٻيا گهر راجپوتن جا ڀوڏيسر ۾ رهندا هئا. جيني واڻين جا ٺاهيل ڏهرا اڃا تائين قائم بيٺا آهن، سي ڏسڻ وٽان آهن. جيني واڻيا تمام شاهوڪار هئا ۽ تخت نشين راڻي ڀوڏي کي خراج پڻ ڀريندا هئا.
راڻي ڀوڏي هڪ زبردست تلاءُ ٺھرايو هو، جنھن جو سڄو ترو ٽامي جو هو. تلاءُ جي ڪناري تي هڪڙو زبردست پٿر بيٺل هو، جنھن هيٺ هڪ هزار ڍڳيون سولائيءَ سان ويھي سگهنديون هيون. تلاءُ ۾ هڪڙي خامي هئي، جو برسات جي موسم ۾ پاڻي سمورو ٻاهر هليو ويندو هو. جوتشين صلاح ڏني تہ ڀوڏو راڻو جيڪڏهن پنھنجي ڪا پياري شيءِ قربان ڪندو تہ تلاءُ مان پاڻيءَ جي ڦڙي بہ ٻاهر ڪانہ ويندي. راڻي ڀوڏي، پـِـرجا جي فائدي خاطر، وزير سان صلاح ڪري، تلاءُ جي ڪناري تي پنھنجي نور نظر، ”نارڻسنگهه“ کي ٻل چاڙهيو. هينئر ان تلاءُ ۾ ٻارهوئي پاڻي رهندو آهي. ڀوڏي جي مرڻ کان پوءِ گووند راءُ تخت تي ويٺو. ڀوڏيسر جي تلاءَ بابت وڌيڪ احوال اڳتي ايندو.
سلطان محمود غزنويءَ جو ڀوڏيسر وٽ ٽـِـڪڻ
سلطان محمود غزنوي، جڏهن سومناٿ تي 1026ع ۾ فتح حاصل ڪري واپس غزنويءَ آيو ٿي، تڏهن پاٽڻ جي راجا ڀيم ڏيوَ ۽ اجمير جي راجا ويسرڏيو جي وچ ۾ لڙائيءَ جي خبر ٻڌي، هن پنھنجو ارادو ٿر مان لنگهڻ جو ڪيو. ڪڇ جي رڻ مان لشڪر جي ڀلجي وڃڻ ڪري، کين اُڃ تمام گهڻو هلاک ڪيو. آخر، پاڻيءَ جي ڳولا ڪندي اچي هڪڙي وڏي تلاءَ وٽ نڪتا. اهو ڀوڏيسر جو تلاءُ هو. محمود پوءِ تلاءَ جي ڪناري تي ٻہ ڏينھن منزل انداز رهيو، ۽ نشانيءَ طور اُتي هڪڙي ”کڙوت“ تيار ڪرائي ويو، جنھن کي پوءِ محمود بيگڙي مسجد جي صورت ۾ آندو. ان جو احوال اڳتي ايندو.
راڻو چندن:
گووند راءَ جي مرڻ بعد، سندس پٽ راڻو چندن تخت تي ويٺو. راڻو چندن مھا اُپڪاري ۽ مـُـلڪان ملڪ مشھور ٿي گذريو آهي، جيڪو مسلسل چوويھہ سال اَڻميو دان ڏيئي پوءِ ڏندڻ ڪندو هو.
هوڏ نہ ڪئي هندن، سمو نمايو سـِـيسَ،
ڪروڙ ڏيئي ڏندڻ ڪري، چندن ورس چوويسَ.
ڪاشيءَ جي هڪڙي پنڊت جو نبيرو اُجين جھڙيءَ اُجليءَ ننگريءَ کان نہ ٿيو. نہ وري پاٽڻ جي راجا کي پرک پيئي. مگر ان پنڊت جو پورو انصاف اسان جي سنڌ جي پياري ڀاڱي پارڪر جي راڻي چندن ڪيو.
راڻو چندن دان جي پرتگيا کان اڳ ۾ ڪوڙھہ جي موذي مرض ۾ مبتلا هو. ڪوڙھہ جھڙي نـُـگري بيماريءَ کان نجات نہ ملڻ سبب هو ڪجهہ ڏينھن ڪيرٽي گڍ، تعلقي مٺيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي مڪواڻن جي حڪومت هئي ۽ ڪيسر مڪواڻو راڄ ڪندو هو، (ڪيسر مڪواڻو، همير سومري سان لڙائي ڪندي مارجي ويو.) هڪ ڏينھن هڪڙو فقير گهمندو ڪيرتيءَ ۾ آيو، جنھن چيو تہ ڀوڏيسر جبل جي چـُـر ۾ ”الک واوَ“ (يعني ڳُجهو کوهه) آهي، تنھن مان ڪو پاڻي وٺي اچي ۽ چندن کي غـُـسل ڪرائي تہ ڪوڙھہ ڇڏي وڃي. ويرو گويل، جو چندن جو ساٿي هو، تنھن اِهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. ويري گويل گهڻيءَ کوجنا بعد الک واوَ منجھان پاڻي آڻي، چندن کي غسل ڪرايو، تہ چندن بلڪل چڱو ڀلو ٿي ويو.
راڻي چندن، ڀٽياڻي ذات جي، جيسلمير جي مھاراجا جي ڪنيا سان شادي ڪئي هئي، اها ڀٽياڻي هڪ نيڪ ۽ ڌرماتما ناري هئي. جڏهن بہ راڻو چندن ڪيڏانھن ٻاهر ويندو هو تہ هوءَ هڪڙي جوتش وديا جي ڄاڻوءَ برهمڻ کان هر روز پڇا ڪندي هئي تہ: ”راڻو هن وقت ڇا ڪندو هوندو؟ برهمڻ کيس ٻڌائيندو هو تہ: ”راڻو فلاڻي هنڌ فلاڻو ڪم ڪري رهيو آهي، وغيرہ.“ برهمڻ جون ڳالھيون، تجربي جي بناء تي، سڀ سچيون نڪرنديون هيون. هڪڙي ڏينھن راڻو چندن ڪنھن ڪم سانگي ٻاهر ويو، تہ اُن جوتشي برهمڻ کي بہ ساڻ وٺي ويو. ڀٽياڻيءَ جڏهن دستور موجب برهمڻ کي طلب ڪيو،تہ برهمڻ جو ڀاءُ اچي حاضر ٿيو، جنھن کي جوتش جي علم جي خيرڪا خبر هئي. ڀٽياڻيءَ برهمڻ جي ڀاءُ کان بہ راڻي چندن بابت ساڳي پڇا ڪئي. هن بنا سوچ ويچار جي کڻي جواب ڏنو تہ: ”راڻو صاحب گذاري ويو!“ ڀٽياڻيءَ اها ڳالھہ ٻڌي اهڙي تہ ڏک ۾ وٺجي ويئي، جو وڌيڪ ڪجهہ بہ ڪونہ ويچاريائين ۽ بي علم برهمڻ تي اعتبار ڪري، هڪدم اگني تيار ڪرائي، ستي ٿيڻ لاءِ کڻي مچ ۾ ٽپو ڏنائين. ايتري ۾ راڻو چندن اچي رهيو هو، تنھن هڪل ڪئي، پر ڀٽياڻيءَ جو سرير جلي خاڪ ٿي چڪو هو. اڄ ڏينھن تائين ڪارونجهر جبل ۾ اُلھندي پاسي جيڪا ندي نڪري ٿي، اُن کي ”ڀٽياڻي ندي“ ڪري چئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ ڀٽياڻي راجپوتڻ اُن نديءَ واري هنڌ ئي ڏاگهہ چڙهي سـَـتي ٿي هئي. ان وقت راجپوتڻ جا گروُ راجگـُـر برهمڻ هئا، پر هن واقعي کان پوءِ سوڍن شر مالھي برهمڻن کي گروُ تسليم ڪيو، جي اڄ ڏينھن تائين هليا اچن. سوڍن، راجگـُـرن کي ڪڍي ڇڏيو. راڻي چندن جو چاھہ پنھنجي راڻيءَ سان ڏاڍو هو، تنھنڪري سندس سـَـتيءَ ٿيڻ بعد دک ۾ گذارڻ لڳو ۽ نيٺ ڳڻتيءَ ۾ حڪومت ڇڏي ڏنائين.
دشمنن کان بچاءَ خاطر، ڪارونجهر جبل ۾، راڻي چندن هڪڙو زبردست قلعو ٺھرايو هو، جنھن کي ”چندن گڍ“ چوندا آهن. لڙائيءَ جي وقت راجپوت ان قلعي ۾ ويھي دشمن سان مقابلو ڪندا هئا. تروٽ جي لڙائيءَ وقت ڏيسا فوج جي توبن اُن قلعي کي ڊاهي ڇڏيو آهي، پر اڃا بہ ڏسڻ جھڙا نشان آهن.
راڻي چندن جو اولاد:
عام روايت موجب ۽ ڪن ليکڪن بہ لکيو آهي تہ راڻي چندن جا ٻہ پٽ: ”سائر“ ۽ ”نير“ نالي هئا، جيڪي زبردست ڌاڙيل هئا. مگر هيءَ ڳالھہ ٻي آهي، جا هيٺينءَ ريت آهي: چنپانير ننگريءَ جو راجا چندنسين هو، جنھن کي ملائگيري نالي راڻي هئي. قسمت جي چڪر سان هنن کان راڄ هليو ويو، تنھنڪري راجا چندنسين پنھنجيءَ راڻيءَ ۽ ٻن پٽن سميت جهنگ ڏانھن هليو ويو. جهنگ ۾ رُلندي، راجا چندن کان پنھنجا ٻہ پٽ، نالي سائر ۽ نير، جدا ٿي ويا. سائر ۽ نير رات جو هڪ وڻ هيٺ سـُـتا پيا هئا، تہ هڪڙي نانگ سائر کي ڏنگي وڌو ۽ هو بلڪل بيھوش ٿي مـُـڙدي سما ٿي پيو. ننڍي ڀاءُ ڏٺو تہ سائر مري ويو آهي، سو ان جي جدائيءَ ۾ روئندو، هڪڙي شاهي رستي ڏانھن رخ رکي اُٿي هليو. جنھن رستي تان نير وڃڻ وارو هو، تنھن شھر جي بادشاھہ کي اولاد ڪونہ هو، تنھنڪري ان ڏينھن هن ڍنڍورو گهمايو تہ صبح جو سوير جنھن جي ڳچيءَ ۾ هاٿڻ گلن جي مالھا وجهندي، ان کي پنھنجو راڄ ڀاڳ سونپيندس. صبح جو سوير نير اُن شھر جي دروازي وٽ پھتو تہ هاٿڻ اچي نير جي ڳچيءَ ۾ ڦـُـلن جي مالھا وڌي ۽ بادشاھہ نير کي سمورو راڄ پاٺ لکي ڏنو. اهڙيءَ طرح نير بادشاھہ ٿي ويو. ٻئي طرف، جهنگ ۾ صبح جو هڪڙو جوڳي اُتان لانگهائو ٿيو، جتي نانگ جو ڏنگيل سائر بيھوش ٿيو پيو هو. جوڳيءَ ڪنھن ٻوٽيءَ جي وسيلي کيس سجاڳ ڪيو. پوءِ سائر بہ رلندو رلندو، ان ساڳئي شھر ۾ اچي، ڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. پر نير جي بادشاهيءَ جي کيس ڪا سـُـڌ ڪانہ هئي.
راجا چندن کان ملائگيري بہ جدا ٿي ويئي هئي- ڪاٺين وڪڻندي، ان جو حـُـسن ڏسي، هڪڙو سامونڊي واپاري کيس زوريءَ ڀڄائي ويو هو. ملائگيريءَ ان رهزن واپاريءَ کي وچ درياءَ ۾ پاڻيءَ جي سپرد ڪري ڇڏيو. سائر کي ان سموريءَ ڳالھہ جي سڌ هئي. ڪن ڏهاڙن بعد نير ڍنڍورو گهمايو تہ جيڪو ماڻھو ”چندن - ملائگيريءَ“ جي ڳالھہ درٻار ۾ ڪري ٻڌائيندو، تنھن کي موتين جو ٿالھہ انعام ڏنو ويندو. سائر کليل ڪچهريءَ ۾ چندن - ملائگيريءَ جي سربستي ڳالھہ ڪري ٻڌائي. نير اها ڳالھہ ٻڌي، پنھنجي ڀاءُ کي سڃاتو ۽ پوءِ ماءُ ۽ پيءُ جي ڳولا ڪرائي، انھن کي بہ آڻي پاڻ وٽ رهايو. تنھن کان پوءِ سڀ آنند سان خوش گذارڻ لڳا.
ڪـِـٿ چندن، ڪٿ ملائگيري، ڪٿ سائر، ڪٿ نير،
جـَـڏَ جڏ وِ پتي پـَـڙي، سوُسائي گـِـيو سرير.
روايت آهي تہ راڻي چندن پنھنجي پياريءَ ۽ ڌر ماتما راڻيءَ جي سـَـتي ٿيڻ بعد راڄ ڇڏي ڏنو ۽ ڪوڙھہ جي بيماريءَ وقت، ڪيرٽيءَ ۾ مڪواڻن وٽ رهيو هو، تن جي ٿوري لاهڻ لاءِ مڪواڻن کي حڪومت لکي ڏني هئائين.
ڪيرٽيءَ جو ڪيسر مڪواڻو:
ڪيرٽي، مٺي تعلقي ۾ چوڏهن ميل ڏکڻ ڏانھن آهي. منجهس بـَـستي راجپوتن جي آهي. اڳي مٺي تعلقي جي ڪڇ رياست ۾ شامل هئڻ ڪري، ڪيرٽي پڻ ڪڇ رياست ۾ هئي. ان ۾ وياس نالي هڪ بھادر سردار رهندو هو. مرڻ مھل، بستري تي ليٽيل وياس جي گهڻيءَ بيقراريءَ ۽ ملولائيءَ کي ڏسي، سندس ننڍي پٽ ڪيسر پڇيو تہ: ”اي پتاجي، توهان جي دل ۾ ڇو آنڌ مانڌ ٿئي ٿي ۽ من ڇو وياڪـُـل ۽ تڙڦندو نظر اچي ٿو؟ مھرباني ڪري سموري ماجرا جو کولي بيان ڪريو.“ اها ڳالھہ ٻڌي، اجل جي ويجهو آيل وياس چوڻ لڳو تہ: ”اي پٽ، سنڌ ۾ منھنجو هڪ دشمن، همير سومرو رهي ٿو، جنھن جي راڄڌانيءَ جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجي، نھايت سندر ۽ رمڻيڪ آهي. ان سان لڙائي ڪرڻ جي منوڪامنا پوري ٿي نہ سگهي آهي، تنھنڪري منھنجو من وياڪـُـل ۽ تڙڦي رهيو آهي. اوهان مان ڪو بہ همت ۽ طاقت ساري، همير سومري جا سوا سؤ سھڻا گهوڙا چورائي آڻي پنھنجن ڀاٽن ۾ ورهائيندو ۽ اهڙو مون کي وچن ڏيندو، تہ منھنجو جيءُ شانت ٿيندو.“ ان وقت وياس جي اڳيان سندس ڪيترا پٽ پوٽا،ڀاءُ ڀرات ويٺل هئا، مگر ڪنھن کي بہ همير سومري جي گهوڙن کي هيري اچڻ جي جرات ڪانہ ٿي. نيٺ پڇاڙيءَ جو ڪيسر جهالو، جو سڀني کان ننڍو هو، تنھن پيءُ جي اِڇا پوري ڪرڻ جي پرتگيا ڪئي ۽ پيءُ جي هٿ ۾ پاڻي ڏنو، تہ هڪدم وياس جو پراڻ - پکيئڙو پڃري مان اُڏامي ويو.
ٿورن ڏينھن بعد پيءَ جي ڏنل پرڻ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪيسر سنڌ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. هن پنھنجي عزيزن خويشن کي لڙائيءَ تي هلڻ لاءِ للڪاريو، پر سنڌ هلڻ لاءِ سڀئي پـِـڙ ڪڍي بيھي رهيا. تڏهن ڪيسر اڪيلو پنھنجي طاقت تي وشواش رکي سنڌ ۾ آيو، ۽ همير جا سوا سؤ گهوڙا چورائي اچي ڀاٽن کي ورهائي ڏنائين. پر همير سومرو عيش ۽ آرام ۾ محو هو، تنھن گهوڙن بابت پڇا ڪانہ ڪئي. تڏهن ٻئي وقت ڪيسر، همير سومري جا سنڌو نديءَ جي ڪناري تي بيٺل ست سؤ سھڻا اُٺ چورائي، پنھنجن ڀاٽن کي ورهائي ڏنا. ان وقت بہ عيش جي نشي ۾ مدهوش سومري ڪا بہ سـُـڌ نہ رکي. ٽئين وقت ڪيسر جهالي، امرڪوٽ تي چڙهائي ڪري، هڪ سؤ ويھہ سندر ۽ حسين سومريون آڻي، هڪ - هڪ سومري پنھنجن عزيزن کي ورهائي ڏني. تڏهن عياش سومري ٿوري اک کولي ۽ پنھنجن صلاحڪارن کي ڪيسر ڏانھن موڪليو تہ سومريون واپس ڏئي. جواب ۾ ڪيسر چوائي موڪليو تہ: ”اهي اسان جون استريون ٿي وييون آهن، تنھنڪري سومرين جي پچر ڇڏي ڏئي.“ اهڙي اڍنگي جواب ملڻ بعد، ڏھہ سال ٻيا بہ گذري ويا. تنھن کان پوءِ همير پنھنجي هڪ قاصد کي ڪيسر ڏانھن موڪليو تہ: ”توسان لڙائي ڪرڻ جي مون کي ڏاڍي خواهش آهي، پر تنھنجو ملڪ ڪـَـڪرن وارو آهي، تنھنڪري لشڪر جي خوراڪ جو ڪھڙو بندوبست ٿي سگهندو؟“ ڪيسر جواب ڏياري موڪليو تہ: ”خوراڪ جي لاءِ تون فڪر نہ ڪر، مان هڪ هزار ايڪڙ ۾ ڪڻڪ پوکايان ٿو، تنھن مان تنھنجي لشڪر جو گذران چڱيءَ طرح ٿيندو.“ آخر، هڪ سال کان پوءِ، همير سومرو ڪيرٽي گڍ تي چڙهائي ڪري آيو. ٻئي ڌريون ڏاڍي بھادريءَ سان وڙهيون. نيٺ همير سومري ڪيسر کي ڪيرائي، سيني ۾ ڪٽاريءَ جو اهڙو تہ اونھو گهاءُ ڪيو، جو ارڙنھن فوٽ ڪيسر جو جسم زمين تي ڌوء هيٺ ڪري پيو، ۽ همير جي جيت ٿي. هڪ سؤ ويھہ سومريون اگنيءَ ۾ جلي ڀسم ٿيون. ڪيسر جي پـُـٽ هر پال، پاٽڻ ۾ راجا ڪـِـرڻ وٽ وڃي پناھہ ورتي. هرپال، ڪـِـرڻ واگهيلي وٽ رهي، پنھنجي هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ سان ڪيترا دفعا لڙائيءَ ۾ ڪـِـرڻ کي بچايو. هڪڙي ڏينھن ڪـِـرڻ راجا کي چيو تہ: ”تون هڪڙيءَ رات جيترن ڳوٺن ۾ ڦـِـري ايندين، اهي سڀ ڳوٺ تو کي بخشش ڪيا ويندا.“ هرپال فقط هڪڙيءَ رات ۾ ٻہ هزار ڳوٺ ڦـِـري آيو ۽ ڪـِـرڻ کي انجام پٽاندر اُهي ڳوٺ هرپال کي ڏيڻا پيا. هرپال پنھنجي راڻيءَ کي وٺي وڃي ڀال شھر ۾ رهيو- ۽ پوءِ اهو شھر ”ڀال“ ضلعو بڻيو.
ڊريل مڪواڻو
راڻي چندن جي وڃڻ کان پوءِ، ڊريل مڪواڻي اچي پارڪر تي قبضو ڪيو. هن ڳچ وقت تائين بادشاهي ڪئي. تنھن کان پوءِ رتي ڪوٽ کان ميگهہ سينڌل وٽ آيو. ميگهہ سينڌل چيو تہ: ”بادشاهي پرمارن جي ۽ کائين مڪواڻا!“ تنھنڪري هـُـو ڊريل مڪواڻي کي مارڻ جا گهاٽ پيو گهڙيندو هو. هڪڙي ڏينھن هن ڌنراج نالي گونگڙيءَ جي چارڻ سان مڪواڻي کي مارڻ جي صلاح ڪئي. ڌنراج چيو تہ: ”اسان کي سوڍن جا چارڻ لکي ڏيو، تہ صلاح سھڻي ڏيانوَ.“ ميگهہ سينڌل ڌنراج چارڻ جو اهو شرط پورو ڪيو. پوءِ ڌنراج چيو تہ: ”ڊريل مڪواڻو روز سج اُڀرئي کان اڳ ۾ ٻانڊيءَ تي ديويءَ جي پوڄا لاءِ اڪيلو بغير هٿيارن جي وڃي ٿو: اوهين ان وقت واٽ تي کيس ماري، پارڪر تي قبضو ڪري وٺو. چارڻ جي صلاح وٺي، سينڌلن، ڊريل کي ماري پارڪر تي قبضو ڪيو.
ڪارونجهر تـَـنان ڪَ جـَـسَ، ڪـَـجـَـسي ميڙيو ڪاج،
ڊريل مڪواڻو ماراؤتان، ڌوڙ کاڌي ڌنراج.
سينڌلن جي پارڪر تي حڪومت
پوءِ اچي ميگهہ سينڌل پارڪر تي راڄ ڪيو:
سينڌل سوڍي ناس ڪيجيو، رتي ڪوٽ راڻو،
ميگهہ پارڪر کٽيو، ماري مڪواڻو.
ميگهہ سينڌل جي وقت ۾ دهليءَ جي بادشاهن جون وقت بوقت پارڪر تي ڪاهون ٿينديون هيون، تنھنڪري ميگهہ سينڌل ساري پارڪر ۾ فرمان ڦيرايو تہ سڀ ماڻھو پنھنجا گهر وڃي جبل ۾ ٺاهين، تہ جيئن دهليءَ يا احمد آباد جي بادشاهن کي ڪا بہ خبر نہ پوي تہ پارڪر ۾ ڪو ماڻھو رهي ٿو يا نھ. حڪم جي ترت تعميلات ڪئي ويئي، ۽ ماڻھن پنھنجا گهر وڃي جبل ۾ ٺاهيا. اڄ ڏينھن تائين اُنھن گهرن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جهونو ڪاسبو، گارڙيو، موندرو، ڏونگري، راڻپر وغيرہ، سڀ جبل ۾ ڳوٺ هئا. فقط هڪ سورو چارڻ، ڳوٺ سوراچند جو، تنھن چيو تہ: ”مون وٽ مال جهجهو آهي، تنھنڪري مان نہ ويندس.“ ڳوٺ سوراچند تي نالو بہ سوري چارڻ تان پيل آهي. اڄ ڏينھن تائين ان جي کوٽايل کوھہ کي ”سوريو ڪوئو“ ، ۽ تلاءُ کي ”سوريو تلاءُ“ چوندا آهن.
احمد آباد جي بادشاھہ جي پارڪر تي ڪاهه
ميگهہ سينڌل کان پوءِ، سندس پٽ پنراج سينڌل گاديءَ تي ويٺو. پنراج سينڌل، ڪارونجهر جبل ۾ ساڙدري کان مٿڀرو هڪ قلعو ٺھرايو، جنھن کي ”پنراج گڍ“ چوندا آهن. قلعي جا نشان اڃا تائين ظاهر آهن. سندس ڏينھن ۾، احمد آباد کان جڏهن گجرات جي احمد شاھہ پارڪر تي چڙهائي ڪئي، تڏهن ان کي ڪا بہ پھر ڏسڻ ۾ ڪانہ آئي. صرف سوراچند ۾ سوريي جي جهوپڙي هئي. بادشاھہ جي لشڪر سوريي جي وانڍ کي وڃي گهيرو ڪيو ۽ ان کي چيو تہ: ”اوهان جو راڻو هلي ڏيکار، نہ تہ تنھنجو سـِـر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويندو.“ سوريو چارڻ ان لشڪر کان اجازت وٺي پنراج وٽ آيو، ۽ واڪو ڪري کيس چيائين تہ: ”راجپوت آهيو تہ مون کي بچايو ۽ هلي بادشاھہ وٽ حاضر ٿيو.“ پنراج چيو تہ: ”اي چارڻ، مان ڪڏهن بہ بادشاھہ وٽ حاضر نہ ٿيندس: آءٌ پنھنجي سسي وڍي ٿو ڏيانءِ، سا کڻي وڃ.“ ائين چئي، پارڪر جي هن بھادر راجپوت، تلوار سان پنھنجو سـِـر وڍي کڻي چارڻ کي ڏنو:
ڦڳڻ ماس ورس اَٺانؤ، تـِـٿ تيرَسَ ٻـُـڌوار،
سينڌل سـِـر سماپتيو، پـُـڃ ڌاري پـَـنـَـراج.
چارڻ اُن سـُـورمي جو سـِـر کڻي بادشاھہ کي سونپيو ۽ چوڻ لڳو:
”سينڌل نہ هوي ڀڄڻا، وانڍي گام رو وِير،
جنھن نـِـمايو نيلوُئو، کٽيو کنڊ کڙهير.“
بادشاھہ بھادر راجپوت جو سـِـر ڏسي ارمان ۾ پئجي ويو ۽ پوئين پيرين احمدآباد پھتو.
پنراج جو اولاد، صابو سڻ وارا سينڌل آهن.
ڪاجل شاھہ ۽ بجل شاهه
هيءُ ارب - پتي اوسواڙ، پاري ننگر جا رهاڪو هئا. پاري ننگر جي ناس ٿيڻ تي اچي ڀوڏيسر ۾ رهيا هئا. ڪن ڳالھين ۾ ڀوڏيسر جي سوڍن ۽ اوسواڙن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پيئي هئي، تنھنڪري ڏياريءَ جي رات پنھنجن گهرن ۾ ڏيئا ٻاري گجرات ڏانھن هليا ويا، ۽ ويندي هي لفظ لکي ويا:
”ڪاجل ڏيکسو ڪـُـوپڙي، ويجل واڏڙي.“
(هاڻ ڪجل صرف ڪپڙين (دٻلين) ۾ ئي ڏسندا، ۽ بـِـجل (وڄ) بادلن ۾ ئي چمڪندي ڏسندا.)
پوڻي ڏهـَـرو
ڀوڏيسر ۾ هن وقت جيڪي ڊٺل ڏهرا نظر اچن ٿا، تن ۾ پوڻي ڏهرو ڏسڻ وٽان آهي. ان جي اُُنپن ٿيڻ جي هڪ دلچسپ ڪھاڻي آهي: ڀوڏيسر ۾ جين قوم جي هڪ مائي رهندي هئي، جا هر روز هڪ پوڻي سـُـٽ جي ڪتيندي هئي. ڪيترن سالن کان پوءِ اُن سـُـٽ جي پئسن مان هـُـن اهو ڏهرو ٺھرايو. پوءِ تہ مائيءَ وٽ اڪيچار ڌن اچي پلئه پيو. مائيءَ اهو سمورو ناڻو ڏهري جي مٿئين گنبذ ۾ چـُـڻايو. اوچتو مائيءَ جو مرتيو ٿيو ۽ اُهو ڌن اُن گنبذ ۾ ئي پوريل رهجي ويو.
سوڍن سان ڪن ڳالھين ۾ اڻبڻت هئڻ ڪري، جڏهن جيني لڏي گجرات ڏانھن ويا، تڏهن اُن مائيءَ جا چونپڙا ۽ ٻيو جيڪو سامان هو، سو بہ کڻي ويا. هڪ ڏينھن هڪ واڻئي اُن مائيءَ جو لکيل چونپڙو پئي پڙهيو، تہ ان ۾ لکيل هو: ”ماٿو واڍي، مال ڪاڍي“ - يعني منھنجو مٿو وڍ،پوڻيءَ ڏهري مان مال ڪڍ. پوءِ اهو واڻيو مصنوعي طرح چريو ٿي، ڪي ڏينھن ڀوڏيسر رهندو هو. هڪڙي رات، وجهہ وٺي، گنبذ ڪيرائي، ڌن کڻي، رفوچڪر ٿي ويو. اڄ ڏينھن تائين ڀوڏيسر جي ٻين ڏهرن جا گنبذ سلامت بيٺا آهن، ۽ پوڻي ڏهري جو گنبذ ڪـِـريل نظر اچي ٿو.
ڀوڏيسر جو تلاءُ
هيءُ تلاءُ ڀوڏي پرمار عيسوي چھين صديءَ ۾ ٺھرايو هو. ڀوڏي جو پورو نالو ”ڀدريشر“ هو، جنھنڪري ڀوڏيسر جو اصل نالو ”ڀدريشر ننگري“ آهي. هن تلاءُ جي ويڪر ٻہ سؤ فوٽ ۽ ڊيگهہ اُن کان ٻيڻي آهي. اڳي ان جي ڪناري تي هڪ پپر تمام ڊگهو ۽ ويڪرو بيٺل هو، جنھن هيٺ هڪ هزار ڍڳيون سولائيءَ سان ويھي سگهنديون هيون. هينئر اهو پپر پورجي ويو آهي. اُتي جي قديمي رهاڪن جو چوڻ آهي تہ سؤ کن سال اڳ تائين هن پپر جو ڪجهہ حصو ڏسڻ ۾ ايندو هو. چون ٿا تہ تلاءُ جو سڄو ترو ٽامي جو هو ۽ ان کي ”ڀوُتن جو تلاءُ“ ڪري ڪوٺيندا هئا. ان بابت عجيب غريب ڏند ڪٿائون مشھور آهن. تلاءُ جي ڪناري تي ڇھہ - ست پپر بيٺل آهن، جي اُنھن راجپوتن جي يادگيريءَ جا آهن، جي لڙائيءَ ۾ ”جهونجهار“ ٿيا آهن. پٿرن تي بھادر راجپوت، گهوڙن تي سوار ٿيل آهن، ۽ هٿن ۾ تلوارون ۽ ڀالا اٿن. هيٺان گجراتيءَ ۾ ڪجهہ اکر لکيل آهن، پر پڙهڻ ۾ نٿا اچن، رڳو ”ڪلجي“ جو نالو ظاهر بيٺو آهي، جو تروٽ واريءَ لڙائيءَ ۾ انگريزن سان لڙيو هو. تلاءُ جي ٿورو هيٺ تمام جهوني زماني جو هڪڙو ننڍڙو شـَـِـو جو مندر ٺھيل نظر اچي ٿو ۽ اُن جي پاسي ۾ مسجد شريف آهي. ڏاکڻي پاسي جينين جا چار ڏهرا اڃا تائين سلامت بيٺا آهن. هيءُ تلاءُ برسات جي موسم ۾ ڀرجي تار ٿي ويندو آهي، تڏهن ٻارهن مھينا پاڻي هلندو آهي. سلطان محمود غزنوي ٻہ ڏينھن هن تلاءُ وٽ ٽڪيل رهيو ۽ محمود شاھہ بيگڙي ۽ سوڍن جي وچ ۾ جنگ هن تلاءُ وٽ لڳي هئي. هن تلاءُ کي ”ڀوتن جو تلاءُ“ چوڻ ڪري، گهڻا ماڻھو هتان رات جو ڪونہ لنگهندا هئا.
ڀوڏيسر جي تلاءَ ۾ هوٿل پريءَ جو آستان
پارڪر واري ڀاڱي تان جڏهن سمنڊ سڪي ويو، تڏهن پھرين اُتي سڃ ئي سڃ لڳي پيئي هئي ۽ سڄيءَ زمين تي وڻڪار ايتريقدر هئي جو ماڻھو هٿ ۾ هٿ ڏيئي، هڪٻئي کي ڏسي نہ سگهندا هئا. چون ٿا تہ اُن وقت ڪارونجهر ۾ پريون رهنديون هيون. مشھور ”هوٿل“ پري، جنھن پرت جو پيچ اوڍي ڄام سان پاتو، تنھن جو آستان بہ ڪارونجهر جبل ۾ هو. ڪي چون ٿا تہ ڀوڏيسر جو تلاءُ ديون کوٽيو هو. اِهو تلاءُ تمام وڏو هو ۽ ان جي ڪناري تي هڪڙو وڏو پپر بيٺل هو: پريون ان پپر تي ويھي راند ڪنديون هيون ۽ سـَـنان ڪنديون هيون. برٽن صاحب لکي ٿو تہ: هوٿل پدمڻي، اوڍي سان گڏجي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪارونجهر جبل ۾ ڪي سال گذاريا ۽ ”جيسل“ ۽ ”جکري“ جو جنم بہ اُتي ٿيو. جيئن تہ هوٿل پدمڻيءَ جو واسطو ڪارونجهر سان آهي، تنھنڪري دلچسپيءَ خاطر ان جي مختصر آکاڻي هيٺ ڏجي ٿي.
هوٿل پريءَ جي آکاڻي
اوڍو ڄام، سما خاندان جو هڪ فرد هو. سمن تڏهن اڃا اسلام نہ قبوليو هو. اوڍي ڄام جا مائٽ مور ۽ منائي، سنڌ جا رهاڪو هئا ۽ پوءِ سنڌ مان ڀڄي اچي ڪڇ ۾ رهيا. اتي بہ انھن ظلم ٻاري ڏنو، تنھنڪري انھن جو نالو ئي ”ڪيھر“ پئجي ويو. منائيءَ جي ٽينءَ پيڙهيءَ ۾ هوٿي ڪيھر پيدا ٿيو، جنھن جو ٻيو ڀاءُ اوڍو ڄام هو. سندس بھادريءَ جا ڪارناما ڪيراڪوٽ جي ٻچي ٻچي کي ياد هئا.
هڪڙي ڀيري، اٺن مھينن تائين ٻاهر رهڻ کان پوءِ، بھادر ۽ نيڪ سيرت اوڍو گهر اچي رهيو هو، جنھنڪري هوٿيءَ جي محل ۾ بيحد آنند ڇانيل هو ۽ ان کي خوب سينگاريو ويو هو. اوڍي جي سواري، ڄام هوٿيءَ جي راڻيءَ ”ميلڻڏيءَ“ جي ماڙيءَ هيٺان لنگهي، سڌي راڄ - محل ڏانھن هلي ويئي. ان وقت ميلڻڏي پنھنجا سھڻا ڊگها وار ماڙيءَ جي دريءَ وٽ سڪائي رهي هئي. پنھنجي ڏير اوڍي جي مرداني سونھن ڏسي، هوءَ سندس عشق ۾ گرفتار ٿي ويئي. بيقراريءَ وچان سڄي رات کيس ننڊ ڪانہ آئي. صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ئي ، داسيءَ هٿان اوڍي کي پنھنجيءَ ماڙي ۾ اچڻ جي نينڍ موڪليائين. اوڍو، پنھنجي ڀاڀيءَ جو حڪم اکين تي رکي، هڪدم اچي رنگ محل ۾ حاضر ٿيو. راڻيءَ کي سـِـيس نوائي، چيائين: ”ماتاجي، پرڻام!“ ميلڻڏي ”ماتا“ جو لفظ ٻڌي خفي ٿي ۽ پوءِ ڏاڍيءَ خوشامد سان اوڍي کي چيائين:
”اوڍا نہ ويھہ اونپري، هي پلنگ پيو،
آڌي رات اُٺ تان، اوڍو ياد ڪيو.“
اوڍي ڀاڀيءَ جي بدليل اکين کي صحيح ڪري ورتو ۽ جواب ڏنائين:
”هيءُ پلنگ هوٿيءَ جو، هو منھنجو ڀاءُ،
تنھن جي تون گهر واري ٿئين اسان جي ماءُ.“
پر ميلڻڏيءَ جي من ۾ اوڍي جي موھہ اهڙو مچ مچايو هو جو بي حجابيءَ سان پنھنجي عشق جو اظهار ڪرڻ لڳي:
”چوڏهن ورس ۽ چار، اوڍا، اسان کي ٿيا،
نظر کڻي نھار، هـِـنئون نہ رهي هيڪلو.“
پر اوڍو سچو راجپوت هو، سو پنھنجيءَ ويرتا ۽ سيرت کان هڪ انچ بہ نہ سـِـريو ۽ چوڻ لڳو تہ ”ڀاءُ جي استري ماتا سمان آهي“ . راڻي غصي ۾ اچي چوڻ لڳي تہ: ”هينئر ئي منھنجي منٿ مڃ، نہ تہ سڀاڻي هن سر زمين لاءِ سڪندين!“ اوڍو چوڻ لڳو تہ: ”پرواھہ ناهي. اهڙي ڀاري ڪلنڪ لاءِ پنھنجي جنم ڀومي، ڪيراڪوٽ کي ڇڏڻو پيم تہ مون کي سؤ دفعا سويڪار آهي.“
ٻئي ڏينھن، جيئن ڄام هوٿي محل ۾ گهڙيو تہ اُجالي بدران انڌارو ڏٺائين. راڻي هڪ انڌاري آسري ۾ وار کولي، ڪارا ڪپڙا ڪري، ليٽي پيئي هئي. اهو منظر ڏسي، هوٿيءَ جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. راڻيءَ کان پڇيائين تہ: ”اڄ رنگ محل ۾ اونداهي ڇو آهي؟ تنھنجا سورهن سينگار ڪيڏانھن ويا؟“ راڻيءَ، مڪر ڪري، هڪ اونھي آه ڀري ۽ اوڍي جي خلاف هوٿيءَ جا ڪـَـن ڀريا. هوٿي، استريءَ وس ٿي، ڪوڙيءَ ڳالھہ کي سچي سمجهي، اوڍي کي حڪم ڪيو تہ: ”چئن پھرن اندر ڪيراڪوٽ ڇڏي وڃ!“ اوڍي ڀاءُ جو حڪم قبول ڪيو.
ميا ڀري مال، اوڍي اُچارا ڪيا،
کيرا تو جـُـهار، ڪيھر هليو ڪڇ ڏي.
اوڍو ڄام، گهوڙي تي چڙهي، پنھنجيءَ جنم ڀوميءَ کي هميشہ لاءِ تياڳي، گجرات ڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. گام جي گوندر وٽ، پنھنجي پياري وطن کي الوداع ڪندي، ڪيراٽ جي ڏونگر کي چوڻ لڳو:
”کيرا تو جـُـهار، سؤ سؤ سلام سنڀري،
تو نوَ لکو هار، اوڍي ويل نہ وسارج.“
ائين چئي، گهوڙي جي مھاڙ گجرات ڏانھن ڪيائين، جتي سندس ماساتي ڀاءُ، ويسلڏي واگهيلو، پاٽڻ ۾ راڄ ڪندو هو.
ويسلڏي واگهيلي پنھنجي ڀاءُ اوڍي جو سٺو آدرستڪار ڪيو ۽ گذريل ڏک آهستي آهستي اوڍي جي اندر مان الوداع ڪرڻ لڳا. هڪڙي ڏينھن، اوچتو، واگهيلي کي جهونو ويري تـَـن تي تري آيو ۽ اونھي آه ڀري، اوڍي کي چوڻ لڳو:
”کاوان ويٺو کيڻ، ويسلڏي نسـِـاسو ڀريو،
وڏو مٿي ويڻ، ٽـِڪو ٻانڀڻيا تڻيو.“
(اي اوڍا ڄام، ٻانڀڻيا بادشاھہ جو ڪٺڻ ڪلنڪ ۽ ڀاري مھڻو منھنجي مٿي تي آهي. جيستائين ننگر سموئيءَ جون ست - ويھون سانڍيون سـِـرڪائي نٿو اچان، تيستائين ڌان بدران ڌُوڙ ٿو کان.)
ان وقت سنڌ ۾ ننگر سموئيءَ تي ڄام ٻانڀڻيو بن خيرالدين حڪومت ڪندو هو. اوڍو نھايت نرمائيءَ سان واگهيلي کي وينتي ڪرڻ لڳو تہ: ”پارڪر جا پوٺا مون پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيا آهن، مون کي ٿورا ماڻھو ڏيو تہ هڪ پلڪ ۾ ٻانڀڻيي جون سانڍيون سـِـرڪائي، پاٽڻ کان بہ پري ڪريان!“ پوءِ اوڍي ڄام، ساٿ کي سنڀرائي، گهوڙن جي مـُـنھن جي مھاڙ سموئيءَ جي سيم ڏانھن ڪئي.
ٻئي طرف، سگال نگامرو نالي هڪڙو ڪڇ جو راجپوت هو، تنھن کي ٻہ پٽ هئا ۽ هڪڙي ڌيءُ جنھن جو نالو هو ”هوٿل“ . هوٿل هڪ پريءَ جو اوتار هئي، پر ڪنھن سراپ سان انساني جنم ورتو هئائين. سگال نگامرو جڏهن مرڻ نزديڪ ٿيو، تڏهن اولاد کي چوڻ لڳو تہ: ”منھنجو جنم سجايو نہ ويندو، ڇاڪاڻ تہ منھنجو دشمن، ننگر سموئيءَ جو بادشاهه، ٻانڀڻيو، هميشہ مون سان لڙندو رهندو هو- اوهان مان ڪو بہ مون کي وچن ڏئي تہ هو ٻانڀڻيي بادشاھہ کي شڪست ڏيندو، تہ منھنجو ساھہ سولو نڪري!“ ٻانڀڻيي سان لڙائي ڪرڻ جي ڪنھن کي بہ همت نہ ٿي، تڏهن هوٿل وچن ڏنو تہ مان اُن بادشاھہ کي شڪست ڏينديس. ائين چئي، مردانو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي، سنڌ طرف رواني ٿي. پنھنجو مردانو نالو رکيائين- ”ايڪلمل“ .
هوڏانھن، اوڍي ڄام اڃا ڪوھہ پنڌ مس ڪيو هو تہ هڪڙي حسين نوجوان کي ايندي ڏٺائين: لوڏ لاکيڻي، خصلت خانداني، شاهاڻو وڳو زيب تن، سندس سمورا ساٿي هٿيارن سان لـَـيس- ڄڻ تہ ڪو شھزادو لڙائيءَ تي نڪتو هو. اوڍي ڄام هن کان اڳ اهڙو جوشيلو جوان ڪڏهن بہ نہ ڏٺو هو، سو اڳتي وڌي کانئس پڇيائين تہ: ”اي اِندر جا اوتار، تون ڪير آهين ۽ هن خوفناڪ جهنگ ۾ ڪيڏانھن وڃي رهيو آهين؟“ نوجوان جواب ڏنو تہ ”آءٌ پنھنجي پـِـتا جي وچن پاڙڻ لاءِ ٻانڀڻيي جون ست - ويھون سانڍيون سـِـرڪائڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“ پوءِ تہ ٻنھي جي خوشيءَ جي حد نہ رهي، ڇاڪاڻ تہ ٻيئي ڄڻا ساڳئي ماڳ وڃڻ وارا هئا.
گهڻن ٿورن ڏينھن بعد، ٻنھي جو ڪٽڪ اچي ننگر سموئيءَ جي نزديڪ پھتو. ٻنھي جوانن پنھنجو پنھنجو عهد پورو ڪيو ۽ ٻانڀڻيي جون ست- ويھون سانڍيون چورائي، گڏجي، سلامتيءَ سان ساڳئي رستي کا ن موٽي آيا. وچ واٽ تي ٻنھي وِيرن جي موڪلاڻيءَ جي مھل آئي، تڏهن سندن اکين مان آنسو اوهيڙا ڪري وهڻ لڳا. آخر ٻئي جاني جدا ٿيا. پر اوڍي جي اندر ۾ هن حسين نوجوان جي صحبت اهڙو تہ اونھو گهاءُ ڪيو هو، جو پنھنجن ماڻھن کان منھن موڙي، چوڻ لڳو:
”ججها ڏج جـُـهار، ويسلڏي واگهيلي کي،
جت جوان اُڀيار، اُت اوڍو اوٿليو.“
ائين چئي، پرينءَ جا پير نھاري، پوئتي موٽيو. ڳـُـجهي لباس ۾ لڪل اهو نوجوان ڪير هو؟... اِها هوٿل پدمڻي پاڻ هئي! واٽ تي، چکاسـَـر تلاءَ جو نرمل نـِـير نھاري، پنھنجي ساٿ کان پري نڪري، اڪيلائيءَ ۾ هوٿل پري پنھنجو مرداڻو ويس لاهي وهنجڻ لڳي، تہ ايتري ۾ اوڍو بہ چکاسر جي پار تي چڙهي، اچي ڏسي تہ مار، هي تہ ڪو سچو پچو محبوب آهي!
چڙهـُـي چکاسـَـر پار، اوڍو هوٿل آهوڙي،
وڇائي ويٺي وار، پاڻيءَ مٿي پدمڻي.
هوٿل پنھنجيءَ سينڌ جا وار کولي، واسينگ جيان وڇائي ڇڏيا هئا، جي چکاسر جي شفاف پاڻيءَ جي زينت دوبالا ڪري رهيا هئا:
چڙهي چکاسر پار، هوٿل نھارئي هيڪلـِـي،
سينڌ اُکيلا وار، تـَـري ۽ تـُـڙڳون ڏي.
اوچتو ئي، هوٿل پنھنجي نگاھہ پٺتي ڪئي، تہ اک وڃي اوڍي تي پيس. هن پرديسڻ پريءَ، اوپري آدميءَ کي ڏسي، پنھنجن سھڻن ۽ ڊگهن وارن سان پنھنجي سندر سرير کي لڪايو، ۽ چوڻ لڳي.
”اوڍو اُت اُڀيج، ريکڙ يارا ڄام،
نہ ايڪلمل آنءُ، هوٿل منھنجو نام.“
هوٿل هڪل ڪري چيو تہ ”اي اوڍا ڄام، جنھن کي تو ”ايڪلمل“ سمجهيو ٿي، سو ايڪلمل ڪونھي. آءٌ تہ مرد جي لڪل لباس ۾ هڪڙي حور آهيان! تون تلاءَ جي پار کان پري بيھہ تہ مان پنھنجي سرير کي سينگاري وٺان.“
”هيءَ هوٿل پدمڻي آهي!“ اهو ڄاڻي، اوڍو اندر ئي اندر ۾ گد گد ٿيڻ لڳو. پدمڻي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري، پنھنجي سرير تي سورهن سينگار سجي، اوڍي جي اڳيان اچي بيٺي ۽ اوڍي کي ڪنڙا ڏونگر ڏانھن هلڻ جو اشارو ڪيائين. ڪي چون ٿا تہ ڪنڙو، ڪاٺياواڙ ۾ آهي، ڪي ڪارونجهر کي ”ڪنڙو“ چوندا آهن. پوءِ هوٿل ڪنڙي ڏونگر ۾، اوڍي کان انجام وٺي چوڻ لڳي تہ ”اي اوڍا ڄام،جيڪڏهن سنسار کي اها سـُـڌ پيئي تہ اوڍي جي گهر هوٿل پري آهي، تہ پنھنجي پريم ۾ زبردست انقلاب اچي ويندو! ان ڏينھن کان وٺي اسين هميشہ لاءِ جدا ٿي وينداسين.“ اوڍي اهو انجام ڪيو تہ هو ڪنھن تي بہ اها حقيقت ظاهر نہ ڪندو: ”اي نگامري جي نيلڻي، اوڍي جو مرڻ يا جيئڻ هاڻ هوٿل جي هٿ ۾ آهي.“
”چاهي مار جيار، مرڻ چڱو محب سان،
جيوَ جيوارڻھار، نيڻان تنھنجو نگامري.“
پوءِ رواج موجب، چؤنريءَ جا چار ڦيرا ورتائون، ۽ ان طرح ٻنھي ڄڻن هڪٻئي کي پاڻ اَرپي، رڻ ۾ شادي رچائي:
رڻ ۾ ڪريو مانڏرو، وڇائي ڏاڙهون ڊاک،
اوڍو هوٿل پرڻيا، سورج ڀرجانءِ ساک.
-----
چؤنريءَ آنٽا چار، اوڍي هوٿل سان ڏنا،
نِگامري ايڪ نار، ٻيو ڪيھر جو راڄيو.
ڪنڙي جي ڪـُـنڊ ۾ اوڍي ۽ هوٿل سنسار جي سک جا ڏھہ سال ڏاڍيءَ سڪ ۽ پريم سان پورا ڪيا. انھيءَ وچ ۾ هوٿل جي گود ٻن هيرن ”جيسل“ ۽ ”جکري“ سان چمڪي رهي هئي.
وسڪاري جي موسم هئي. اُڀ سڄوئي ڪارن ڪڪرن سان ڍڪجي ويو هو. اُتر جي ٿڌي ۽ وڻندڙ هوا، هر هر هوٿل جي ڪارن ۽ ڊگهن وارن کي وکيري، اوڍي جي ڳلن تي هلڪيون ٿڦڪيون ٿي هنيون. سارنگ جي هيءَ سونھن سوڀيا ڏسي، پکي پکڻ مڌر سر اَلاپي رهيا هئا. هيءَ سندر فضا اوڍي جو اندر سھي نہ سگهيو، ۽ گرم آنسوئڙا سندس اکين ۾ ڀرجي آيا:
اُتر سيڙهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا،
هينئڙو تڙڦي مـَـڇ جان، ساجن سنڀريا.
اوڍي کي اوچتو پنھنجا ڀاءُ برادر، دوست ۽ راڄڌاني چت چڙهي آئي ۽ هاريل هـِـنئين سان هوٿل کي اندر جي آنڌ مانڌ کان واقف ڪيائين. پوءِ ٻنھي جي اکين مان ڳوڙها ٽپ - ٽپ ڪري وهڻ لڳا. ايتري ۾ مور اچي ٻولڻ لڳو. هوٿل کي اها ڪمھلي لات ڪانہ وڻي:
”مـَـتَ ٻول، مـَـتَ ٻول، مورلا، لـَـو تو آگهو جا،
ايڪ تو اوڍو آڻھرو، اُوپـَـرَ تنھنجو گهاءُ.
ماريس تو کي مور، سڄڻ جاڃڙاوا ڪري،
آهين چـِـت جو چور، اوڍو تو اُداس ڪيو“ .
هوٿل جا ڪٺڻ ويڻ سڻي، مور پنھنجي سندر ڪنٺ کي اوچو ڪري چوڻ لڳو:
”اسين گڙِ جا مورلا، ڪانڪـَـر پيٽ ڀـَـران،
رُت آئي نہ ٻولان، هينئون ڦاٽ مران.“
(اي پدمڻي، اسان جو ٽڪاڻو آهي ڏونگر، سو پٿر کائي پيٽ ڀرڻو ٿو پوي، ۽ هينئر جڏهن وسڪاري جي رُت آئي آهي، تڏهن جي ماٺ ڪريون تہ هڪدم اسان جو هـِـينئون ڦاٽي پوي!) اِئين چئي، مور ڌيمي سـُـر سان وري ٽـُـهوُڪڻ لڳو. مور جو ان طرح ٻولڻ هوٿل کي وِھہ کان بہ ڪـَـڙو لڳو. سو، پنھنجيءَ نازڪ ٻانھن سان تير ڇڪي، ڪمان تي چاڙهيائين. انھيءَ تي اوڍي هڪدم هوٿل جو هٿ جهلي ورتو ۽ چوڻ لڳو:
”گـَـهلي مَ تانگهلڙي، لانٻا بانڌ مَ ڏور،
گلي گلي گٽڪسي، تون ڪـِـتا اُڏائيس مور!“
(چري، ڪنڙي جي ڪنڊ ۾ مور ٻولي رهيا آهن، تون ڀلا ڪيترن کي ماريندينءَ؟)
”ڪرپا ڪيجي نہ ماريئي، جنھن جا رَتا نيڻ،
تڙ ويٺا ٽهوُڪا ڪري، نـِـتَ سنڀاري سيڻ.“
(اوڍو چوڻ لڳو: اي هوٿل، ويچارن مورن کي ڇو ٿي مارين، انھن جي ڊگهي ڳچي ۽ رَتا نيڻ ڪھڙا نہ ٺاهوڪا ٿا لڳن! اهي تہ سدائين پڪارون ڪري پنھنجن سڄڻن کي سنڀاري رهيا آهن.)
”ريل مچيلا ڏونگرا، چارو لڳي چڪور،
وساريا سنڀاري ڏئي، اي نہ مارجي مور.“
اوڍي کي نھايت ڏکارو ڏسي، هوٿل هيٺيون ويڻ اُچارڻ لڳي:
”ڇـَـپـَـرَ ڀـِـجاڻي ڇـَـڪ هوئا، ٽنٻڪَ ٿي ويا نيڻ،
ڪيم ٿي اُتم گوريان، چڙهي تنھنجي چت سيڻ.“
اوڍو جنھن پٿر تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو، سو بہ ڳوڙهن سان آلو ٿي ويو، تڏهن هوٿل چوڻ لڳي: ”اي اوڍا ڄام، اڄ ڪھڙيءَ ڪامڻيءَ کي ياد ڪري رت روئي رهيو آهين؟“ اوڍي پنھنجو اُداس چهرو مٿي کنيو ۽ چيائين:
”ڪنڙي موتي نـِـپجي، ڪڇ ۾ مـِـلسـِـي مـَـٺ،
هوٿل جھڙي پدمڻي، ڪڇ ۾ نيڻن نہ ڏِٺَ!“
(هوٿل جھڙو هيرو ڪنڙي کان سواءِ ڪٿي بہ پيدا نٿو ٿئي، اتي تہ رڳو مـَـٺ ٿين ٿا: تو جھڙي پدمڻي تہ مون پنھنجي ملڪ ڪـَـڇ ۾ ڪڏهن ڪانہ ڏٺي.)
”کير ٻـُـري ۽ ٻاوَلِي، ڦل ڪنڊا ۽ ڪک،
هوٿل هلو ڪـَـڇڙِي، جت ماڻھو سوايا لک.“
(اي هوٿل، جيتوڻيڪ اُتي ڪنڊا ئي ڪنڊا آهن، گلن ڦلن جو چهچٽو نہ آهي، تڏهن بہ منھنجو ديس آهي، جتي هر ماڻھوءَ جو ٻول سوا لک لھي ٿو.)
پوءِ اوڍو پنھنجي وطن جي ساراھہ هيئن ڪرڻ لڳو:
”ونڪا ڪوُنئر مڪٽ ڀڙ، ونڪا واڇڙيئي وَڇ،
ونڪا ڪوُنئر تو ٿئي، پاڻي پيئي جو ڪـَـڇ.“
(ڪـَـڇ جا ماڻھو بھادر، گهوڙا تکا، ۽ ڍڳا ڀلا ٿين ٿا. تون جيڪڏهن ڪونئر! ڪڇ ڌرتيءَ جو پاڻي پين، تہ هن کان بہ وڌيڪ مھاوير ٿئين، تنھنڪري اي جنم ديوي، منھنجي ڀوميءَ ڏانھن هل.)
”هرڻ آکاڙا نہ ڇڏي، جنم ڀوم نـَران،
هاٿي ڪي ونديا جبل، وسِرسي مـُـوُئان.“
(هرڻ کي پنھنجو اصلي آکاڙو، ماڻھوءَ کي پنھنجي جنم ڀومي، ۽ هاٿيءَ کي ولدڀا جبل مرڻ تائين ڪونہ وسرن. پنھنجو وطن تہ هر ڪنھن کي مٺو آهي.)
”گـِرَ موران، بـَـن ڪونجهران، آنٻا ڏار سوُئان،
سڄڻ ڪـُـوَچن جنم گهر، وِسرسي موُئان.“
(مور کي ڏونگر، ڪونج کي جهنگ، طوطي کي انب جي ٽاري ۽ ماڻھوءَ کي سڄڻ جو ڪڙو ويڻ ۽ پنھنجو جنم گهر، مرڻ کان پوءِ وسرندا.)
هوٿل، اوڍي کي انت اُداس ڏسي، سندس وطن ورڻ قبول ڪيو.
ائين، سھي سنڀري، شام ڌاري اچي ڪيراڪوٽ جي گوندري ۾ پھتا. هوٿل نھايت ڄاڻو ۽ هوشيار استري هئي، تنھن اوڍي کي چيو تہ: ”پھرين تون اڪيلو وڃي پنھنجي ديس جو واءُ سواءُ وٺي اچ تہ راڄ جو ڪاروبار ڪيئن پيو هلي.“ اوڍو، اها ڳالھہ مڃي، اڪيلو ئي رات جي وڳڙي ۾ گهٽين جو گشت ڪرڻ لڳو. ڏٺائين تہ ڪيراڪوٽ ۾ ڪـُـنياءُ جي زبردست لھر ڇانيل آهي. جنھن جنم ڀوميءَ ۾ اڳي اوڍي جو اِسم عام کي چـِـت چڙهيل هو، اُتي هينئر اوڍي جي نالي کي بہ ماڻھو وساري چڪا آهن. اوڍي ساري رات رُلي اهو مامرو سمجهي ورتو، ۽ هوٿل کي اچي چوڻ لڳو تہ ”هي شھر ڇڏي، پاٽڻ ۾، ويسلڏي واگهيلي وٽ هلڻ کپي!“
پاٽڻ ۾ ، ڪجهہ ڏينھن کان هڪڙي ڪيھر شينھن دهشت مچائي ڇڏي هئي. وڏا وڏا پھلوان جوان ان کي شڪار ڪرڻ کان بان ڪري بيٺا هئا. ببر شينھن جي دل ڏاريندڙ گجگار سان، ٻارن ۽ ٻڍن جون دليون دهلجي رهيون هيون. واگهيلو سخت پريشانيءَ ۾ گرفتار هو. پاٽڻ جي پھريدارن جي ٻانھن ۾ اهو ٻل نہ هو، جو هن آفت جو انت آڻي سگهن. شير جي ڊپ کان، ڪنھن کي مجال نہ هئي جو شھر کان ٻاهر پير ڌري! اوچتو گام جي گوندري وٽ، ”جيسل“ جي ڪمان مان نڪتل تـِـير، شير جي چيلھہ کي ڪوري، آرپار لنگهي ويو. آدمخور شينھن، تاڏون ڪندو، رنڀندو، اتي جو اتي ڪـِـري پيو. ساري راڄ ۾ واه - واه ٿي ويئي! ويسلڏي کي خبر پيئي، تہ هڪدم هلي آيو. ڏسي تہ اوڍو ۽ سندس ٻہ پٽ بيٺا آهن! هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين ڀاڪر پائي مليو. پوءِ کين عزت سان محل ۾ وٺي آيو، ۽ اوڍي کان پڇيائين تہ ”جيسل ۽ جکري جا ناناڻا ڪٿي آهن؟“ اوڍي ڪئين جـُـڙتو نالا ورتا، پر ڪچهري چوڻ لڳي تہ ”انھن ماڻھن کي ڌيئن جو اولاد تہ آهي ئي ڪونھ!“ وري جيسل ۽ جکرو، ٻيئي، ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ تلوارون مياڻ مان ڪڍي بيھي رهيا. پنھنجي پيءُ اوڍي کي چيائون: ”اسان جي ماءُ تي ڪھڙو ڪلنڪ آهي، جو ماڻھن وٽ سندس نالو ظاهر نٿا ڪريو؟“ پيءُ پنھنجي پٽن کي ڪيترن ئي حيلن سان سمجهايو تہ هو ضد نہ ڪن، نہ تہ کين پڇتائڻو پوندو، پر ٻنھي مان ڪو هڪڙو بہ پنھنجيءَ ڳالھہ تان ڪونہ مـُـڙيو. اوڍي جي اکين آڏو ڪاري رات ڇانئجي ويئي، ۽ پنھنجيءَ پياريءَ هوٿل جي ڏنل انجام کي ياد ڪري، اندر ۾ روئڻ لڳو. سـُـجهي آيس تہ هاڻ هوٿل اِجها ٿي هٿن مان وڃيم. پر ڪري بہ ڇا“ ويچاري سان گدري ۽ ڪاتيءَ واري ڪار هئي. آخرڪار، پنھنجي ڇاتيءَ تي پٿر رکي، چوڻ لڳو: تہ ”هوٿل پري!“ اهو نالو ٻڌي، ساريءَ ڪچهريءَ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو: ”اوڍي جي گهر، هوٿل!“
هوٿل کي ان وقت ئي خبر پئجي ويئي، سا پنھنجي قرب جي ڪھاڻي لکي، انھيءَ دم ۾ ڪنڙي ڏونگر ڏانھن رواني ٿي ويئي:
چٺيون لکيون چار، هوٿل جي هٿڙي،
اوڍا وانچي نھار، اسان اچڻ ايترو.
آون پکي اُڏايان، نہ سگهڙ نہ پار،
هوٿل هلي ڀونئري، اوڍا تو جـُـهار.
اوڍو ۽ هوٿل هميشہ لاءِ هڪٻئي جي جدائيءَ ۾ جهرندا رهيا. اونداهيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ سنجوڳ جو سورج ڪڏهن بہ ڪونہ اُڀريو.
سامھين ڌار ڏيوا ٻري، بجلي چمڪ ڀران.
اوڍا اڄ آڻھرو، هوٿل ناھہ گهران.
محمود شاھہ بيگڙو
جنھن وقت دهليءَ تي تغلق ۽ خلجي گهراڻن جو راڄ هو، تنھن وقت گجرات ۾ صوبا حڪومت هلائيندا هئا.پڇاڙيءَ ۾ هڪڙو مسلمان ٿيل راجپوت سردار، مظفر شاھہ نالي، گجرات جو حاڪم ٿيو. هيءُ گجرات جو پھريون مسلمان حاڪم هو. مظفر شاھہ کي سندس پوٽي احمد شاھہ زهر ڏيئي، پاڻ گجرات جي واڳ هٿ ڪئي. احمد شاھہ سابرمتيءَ جي ڪناري تي هڪ نئون شھر، احمد آباد نالي ٺھرايو. ان کان پوءِ سندس پٽ محمود شاھہ بيگڙو تخت تي ويٺو. هن گرنار ۽ پاواگڍ، ٻئي قلعا راجپوتن کان جيتي ورتا هئا، تنھنڪري سندس نالو ”بيگڙو، ٻہ - ڳـِـڙھہ جيتڻ“ وارو پيو. بيگڙو 1459ع ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ 1511ع تائين، ڪـُـل ٻاونجاھہ سال راڄ ڪيائين. شروعات ۾ هن سان اميرن تڪرار ڪيو، تڏهن هن جي والدہ اميرن جي بگڙڻ جي سموري سـُـڌ پنھنجي پٽ کي ڏني. هن پھرين سورٺ تي ڪاهڻ جو ارادو ڪيو. تنھن وقت جهونا ڳڙھہ تي راءُ منڊلڪ راڄ ڪندو هو. راءُ منڊلڪ کي هڪ چارڻياڻيءَ هيٺيون سراپ ڏنو هو:
گڍ جهوناڻي پوڙ، ڏامو ڪـُـنڊ ڏيکيسي نھين،
رتن جاوسي روڙ، منھن سنڀاريس منڊلڪ.
ناگٻائي نان نہ کميو، ڀـُـليو راجا ڀِيت،
ماڙي ٿيندي مسـِـيت، منھن سنڀاريس منڊلڪ.
نہ پوٿي نہ پـُـراڻ، ڀاڳوت ڀاڙيس نہ،
ڪـَـلمو پڙهندين قرآن، منھن سنڀاري منڊلڪ.
جهالو جا جهڻڪار، نہ وري سک سنڀرندا،
پوندي ٻانگ پـُـڪار، منھن سنڀاريس منڊلڪ.
چارڻياڻيءَ جو سراپ سچو نڪتو ۽ محمود شاھہ بيگڙي جهونا ڳڙھہ تي ٽي دفعا ڪاهي، راءُ منڊلڪ سميت، سڀني کي مسلمان ڪيو ۽ اُتي هڪڙي مسجد شريف ٺھرائي. پوءِ محمود شاھہ چنپانير جي هڪ سندر قلعي، پاواگڍ تي چڙهائي ڪري ويو. تنھن وقت پاواگڍ تي پتائي راول راڄ ڪندو هو. راجپوت هن سان بھادريءَ سان وڙهيا، پر نيٺ هار کاڌائون. محمود شاھہ پاواگڍ ۾ بہ هڪ سھڻي مسجد اڏائي.
ملڪ جلال الدين جي پارڪر تي ڪاهه:
جنھن وقت محمود شاھہ بيگڙو گجرات جي گاديءَ تي هو، تنھن وقت سنڌ تي سمن جي بادشاهي هئي. سمن کي هر وقت گجرات جي حاڪمن کان خوف رهندو هو، تنھنڪري اُنھن بلوچن جا چار هزار ڪٽنب ننگر پارڪر ۾ بچاءَ لاءِ رکيا. بلوچ چوپائي مال تي گذران ڪندا هئا. برساتن جي مند ۾ آبو جبل لنگهي، مالوا ۽ نربدا جي علائقن ۾ گشت بہ ڪندا هئا. وقت سر واپاري قافلن کي ڦري، ڀـِـٽن ۾ پنھنجو مال نيڪال ڪندا هئا. انھن جي هـِـن ڦرمار ايترو تہ زور ورتو جو مصطفيٰ ۽ احمد آباد جي وچ ۾ هلندڙ قافلا بنھہ بند ٿي ويا. سلطان محمود، ملڪ جلال الدين کي ڪوٽوال مقرر ڪيو. هو هڪ دفعي پارڪر تي چڙهائي ڪري آيو ۽ پنج سؤ ڌاڙيل گرفتار ڪري، انھن کي سـُـوريءَ تي چاڙهيائين. تنھنڪري ڌاڙيلن ۾ وڌيڪ تاءُ پيدا ٿيو ۽ جلال الدين کي تمام تنگ ڪيائون. سلطان محمود جلال الدين کي ”محافظ خان“ جو لقب عطا ڪيو.
محمود شاھہ بيگڙي جي پارڪر تي پھرين چڙهائي:
ڌاڙيلن کان تنگ ٿي، سلطان پاڻ، زبردست توبخاني سميت، سن 1504ع برابر 879 هجريءَ ۾، پارڪر تي ڪاهي آيو ۽ بلوچن کي هٿ ڪري مارڻ لڳو. بلوچ چوويھہ هزار لشڪر سان سندس سامھون ٿيا، مگر سلطان جي توبخاني جي ڪري ڊڄي ويا. سلطان پوءِ ڪيترن سارن بلوچن کي قابو ڪري، احمد آباد موٽيو. تنھن هوندي بہ ڦـُـر لـُـٽ بند نہ ٿي. هن پارڪر ۽ ڪڇ تي قبضو ڪري ورتو، پر ٿر جي ڀـِـٽن ۾ هن کي ڌاڙيل ڳولڻ ۾ تمام تڪليف ٿي.
ڀوڏيسر جي مسجد شريف
اُن وقت پارڪر ۾ سوڍن ۽ کوسن جو تمام زور هو. سوڍا ۽ کوسا گڏجي ڌاڙا هڻندا هئا ۽ ٻيئي ذاتيون ڪنھن جي بہ پرواھہ نہ ڪنديون هيون. ڪو مسافر يا قافلو پارڪر مان لنگهندو هو تہ هـُـو ان کان ڏَن تہ وٺندا هئا، پر جيڪو مال متاع موجود هوندو هو، اُهو بہ ڦري، پوءِ ڇڏيندا هئا. انھن بلوچن جي باري ۾ ڪئپٽن ريڪس، پنھنجي ڪتاب ”حالات ٿر ۽ پارڪر“ جي صفحي 10، 11 ۽ 12 ۾ لکي ٿو تہ: ”بلوچن جا چار هزار ڪٽنب پارڪر ۾ رهندا هئا. ظاهري نموني اُهي مارواڙ ۽ پالڻپور جي حدن ۾ اُٺن جا وڳر چاريندا هئا، پر موقعي ملڻ تي گجرات ڏانھن ويندڙ قافلن کي ڦريندا هئا، اهو مال اچي ٿر جي ڀـِـٽن ۽ ڏَرڙن ۾ لڪائيندا هئا ۽ پوءِ گجرن، سولنڪين ۽ ڪڇ جي جاڙيجن کي ڌاڙي جو مال نيڪال ڪندا هئا ۽ وقت جي حاڪمن سان موقعو پائي جنگيون ڪندا هئا، سندن برخلاف دهليءَ جي تغلق بادشاهن کي دانھون پھتيون هيون، پر اُنھن کي ايتري فرصت ڪانہ هئي جو کين سيکت ڏين. سلطان جي ڪوٽوال جلال الدين کي هنن ڏاڍو تنگ ڪيو، تنھنڪري محمود بيگڙو 1504ع ۾ پارڪر تي ڪاهي آيو.“ ٻيو سيد علي ريس 1556ع ۾ پارڪر مان لنگهيو هو، سو پنھنجي ڪتاب ”مرات الممالڪ“ ۾ لکي ٿو تہ: ”اسان جي پارٽي ڏهن ڏينھن جي سفر بعد راجپوتن جي شھر ننگر پارڪر پھتي، جتي راجپوتن اسان کان ڪسٽم وٺڻ کان پوءِ وڙهڻ شروع ڪيو. انھن کي اسان وٽان پئسن وٺڻ جي نيت هئي. پوءِ جڏهن اسان ڪجهہ ڏنو، تڏهن اسان کي وڃڻ جي اجازت ڏنائون.“ انھن ڳالھين مان ثابت آهي تہ پارڪر ۾ ان وقت جي سوڍن ۽ کوسن جو عام ڌنڌو اهو ئي هو. هڪڙي ڏينھن سلطان محمود بيگڙي جي والدہ قافلي سميت اچي ڀوڏيسر وٽ ٽـِـڪي. سوڍن انھن کان ڪسٽم ورتو ۽ قافلي کي لـُـٽي ورتو. ڪي چون ٿا تہ انھن وٽ پارس مڻي هئي، جا سوڍن ڦري ورتي. بيگڙي جي والدہ جڏهن احمد آباد پھتي، تڏهن هن سڀ ڳالھہ جي سـُـڌ بيگڙي کي ڏني. تڏهن هو ٽيون دفعو، سن 1505ع، برابر سنبت 1562، برابر هجري 880 ۾، ڀوڏيسر تي ڪاهي آيو. خونخوار لڙائي لڳي، جنھن ۾ ڪيترا سلطان جا ماڻھو ۽ ڪيترا سوڍا مارجي ويا. سلطان جا ماڻھو جيڪي مارجي ويا، تن جون مسجد جي پاسي ڪيتريون قبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پوءِ محمود شاھہ هڪ سنگمرمر جي عاليشان مسجد ٺھرائي، جنھن جي ڊيگهہ ۽ ويڪر ٽيھہ فوٽ آهي. اڏاوت جو اهو نمونو بھترين آهي. اندر فارسيءَ ۾ اکر لکيل آهن: ”محمود شاھہ بن مظفر شاھہ بن غياث الدين - سن 1505ع.“ هيٺ ”سنبت 1562“ ، گجراتيءَ ۾ لکيل آهي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل آهي: ”جيڪڏهن مسجد زخمي ٿي پوي تہ وقت حاڪم تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو تہ ان کي درست ڪرائي.“
ڀيم ڏيو جو پارڪر تي قبضو:
سلطان محمود غزنويءَ جي وفات کان پوءِ، سندس پوين جي ڪمزوري ڏسي، راجپوت راجائن وقت بوقت سنڌ ۽ پنجاب تي ڪاهون ڪرڻ شروع ڪيون. غزنوي دؤر وقت دهليءَ تي تومارن، اجمير تي چوهاڻن، قنوج تي راٺوڙن، ۽ گجرات تي واگهيلن جي حڪومت هئي. محمود غزنويءَ کان پوءِ گجرات جي حاڪم ڀيم، پارڪر کان ٿي، ساريءَ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو هو. گجراتي ”پريم مالا“ مان ان بابت ڪي شعر پيش ڪجن ٿا:
وَرسَ شانتي ٿي ساٺ، ونراج وهـِـيوَٽ ڪريو،
ايڪ سان نـِـرپ سات، ٿيا چاوڙا ونس جا.
چھلو نـِـرپ سا منت، نـِٻـَـلو ۽ رِيسـَـن هتو،
تنھن کان آيو اُنت، جئه سيـِـکر جي وَنس جو.
رکيو سـِـرَ پـَـرَ تاج، راجا گـُـجر ديش جي،
سولنڪي مولراج، مامي کي ماري ٿيو.
پراڪرمي مولراج، ٻلونت ۽ بھادر هـَـتو،
تابع ڪريا تاج، ڪڇ ۽ سورٺ تـَـڻا.
سولنڪي ڪـُـل ڀاڻ، راڄ وڌايو شور سان،
ڦري تن جي آڻ، آبوُ سان ريوا سؤڌي.
مھاراجا مولراج، پوءِ چار راجا ٿيا،
هليو گـُـجر تاج، ڀيم ديوَ جي وقت ۾.
غزلي جو سلطان، محمود گجرات پر،
ڪـَـرَواني حيران، اوجتو آيو چڙهي.
گهڻو ڪري نقصان، آکٽ دولت لـَـتي ني،
غزنوي جو سلطان، محمود گيو سوديش مان.
سنڀاريو نج راڄ، اچي پاٽڻ مان ڀيمي،
پوءِ ڪيو هي ڪاج، سنڌ ديش قبضي ڪريو.
پرمارن جي وقت ۾ پارڪر جي حالت
عيسوي پھرين صديءَ جي دؤر ۾ پاري ننگر سنڌ جو هڪ بھترين بندرگاھہ هو. سامونڊي بندر هئڻ ڪري ڏورانھن ڏيھن سان ان جو واپار هلندڙ هو، تنھن جي ڪري جيني قوم جا فرد سرمائيدار هئا. ”سڏونت - سارنگا“ جي ڪتاب موجب، پاري ننگر ۾ زبردست پاٺشالائون هيون، جتي علم جو پرچار هلندو هو. گـُـرُ برهمڻن جي عزت هئي. زمين پوکڻ جو ٿورو رواج هو. پرمار تمام بھادر هئا ۽ برهمڻ کين ”راجـُـپتر“ ڪري سڏيندا هئا. برهمڻ کان پڇي لڙائيءَ تي وڃڻ جو خاص دستور هوندو هو. پاري ننگر ناس ٿيڻ کان پوءِ، پارڪر ۾ چئني طرف طوائف الملوڪيءَ جو دؤر هو. دهليءَ ۽ گجرات جي پاسن کان وقت بوقت پارڪر تي ڪاهون ٿينديون هيون. تنھنڪري هڪڙي وڏي وڻ تي هميشہ ماڻھو واري وٽيءَ تي ويھندو هو ۽ پوءِ جڏهن لشڪر ايندو ڏسندا هئا تہ زالن کي هڪ هنڌ لڪائي، پاڻ وڃي لڙائيءَ کي منھن ڏيندا هئا. علم جي لھر پاري ننگر تائين محدود رهي، ان کان پوءِ علم جو نالو نشان نہ هو. ويندڙ قافلن کي لـُـٽڻ ۽ ڦرمار ڪرڻ وقت خاص ڌنڌو هو. زالن ۾ سـَـتي ٿيڻ جو رواج هو. پرمارن وٽ خاص لشڪر ڪولھين جو هو، تنھنڪري انھن جي عزت رکندا هئا. برهمڻن جي مڃتا هئي، باقي ٻين اڇوت ذاتين سان سھڻو سلوڪ نہ هو. ميگهواڙن کي قميص پائڻ ۽ سندن زالن کي ڇيٽ جي گهاگهري ۽ سون يا چانديءَ جي زيورن پائڻ جي سخت منع هئي. ويچارن اڇوت
پارڪر جي راڻن جو شجرو:
راڻي آسراءَ کان پوءِ هيٺيان راڻا ٿيا: (1) ڏيوراج (2) سڙڪجي (3) کنگهارجي (4)ارجڻجي (5) ڀيمجي (6) باکرجي (7) گانگوجي (8) اکوجي (9) ماڻڪ راءُ (10)ڏيپار ڏيوُ (11) رامسنگهہ (12) وڻويرجي (13) رائڌڻجي (14) گجسي (15)ڪانجي (16)رتنجي (17)هميرجي (18)رڻڇوڙجي ۽ (19)اڇل سنگهه، جو پارڪر جو موجودہ راڻو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ رڻمل سنگهه، پيٿاپـُـر ۾ رهي ٿو.
راڻي اکوجيءَ کان پويان ”آکا سوڍا“ چوڻ ۾ آيا، جي موندري جا سوڍا آهن. هن جا چار ڀائر هئا: (1) نندوجي جنھن ويرا واھہ وسايو (2) مانوجي، جنھن ڪاسبو وسايو، (3)سانتلجي، جنھن کارڙيو وسايو ۽ (4) ويريسال، جنھن سـُـکپـُـر وسائي.
سوڍن جو پارڪر ۾ اچڻ:
راڻي ڌارابرش تائين سوڍن سڄي ٿر ۽ پارڪر تي قبضو ڪري ورتو. راڻي ڌارابرش جا ٽي پـُـٽ مارواڙ کان آيا. پھريون وڏو درجن شال، جنھن امرڪوٽ تي قبضو ڪيو. ٻيو ننڍو جڳت سنگهه، جنھن ننگر پارڪر تعلقي ۾ ”پـِـيلو“ اچي وسايو. پـِـيلو ننگر پارڪر کان چوويھن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ٽيون آسراءُ، تنھن اچي پارڪر وسائي ۽ ننگر پارڪر شھر وٽ هڪ تلاءُ جي پاسي جايون جوڙي اچي ويٺو. اُن تلاءُ کي ”راڻاسر“ تلاءُ ڪري چئبو آهي. اُن تلاءُ جي هڪ پاسي پـَـڪسري ڀـِـت اڄ ڏينھن تائين سلامت بيٺي آهي.
سنگها تلاءُ
ننگر پارڪر کان چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ۽ ويرا واھہ جي تمام ويجهو هڪ زبردست ڍنڍ ڏسڻ ۾ ايندي، جا ويڪرائيءَ ۾ اٽڪل ٻہ هم چورس ميل ٿيندي. برسات جي موسم ۾ هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان تار ٿي ويندي آهي. تڏهن ان ۾ ٻاروهي پاڻي رهندو آهي ۽ ڏکڻ کان چڻيدن جي ٽڪريءَ تان لھندڙ ”ڪونڀا واهه“ کي پاڻيءَ سان ڀري پـُـر ڪري ڇڏيندي آهي. سنگها ڍنڍ، ويرا واھہ جي سوڍن کي جاگير طور مليل آهي. منجهس جيئن پاڻي سـُـڪندو آهي، تيئن هيرڻ ۽ ڪڻڪ پوکبا آهن، جي سنڌ جي ڀليءَ زمين کان بہ گوءِ کڻي ويندا آهن. منجهس ڪيترن قسمن جا پرديسي پکيئڙا اچي رهندا آهن. هن ۾ هڪ قسم جو گاھہ ٿيندو آهي، جو ٽي - چار فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو: ان کي ”ڪلورو“ ڪري چيو وڃي ٿو. هن کي ڪـُـٽي، مزور ماڻھو کٽن جو واڻ ٺاهيندا آهن ۽ ان جي ڦرين مان ٻج ڪڍي، ڏڪار جي وقت، ٻچن جو قوت ڪندا آهن. ڪجهہ مٿڀرو ”جکن“ جا ڏهرا ڏسڻ ۾ ايندا، جي تمام ڪاريگريءَ سان چـُـڻيل آهن. ڏهرن جي نزديڪ ڀانسر تلاءُ آهي، اُتي اڳي ”ڀاڻ“ نالي هڪ زبردست مالدار رهندو هو، تنھن پنھنجي مال جي سهنج لاءِ اهو تلاءُ ٺھرايو هو.
لورلائي:
ننگر پارڪر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي، گهرٽياريءَ جي ڀر ۾، وڏو تلاءُ آهي. پاري ننگر کان جڏهن ٻہ هزار گهر، لوهارن جا اُتي جي راجائن کان ڪڪ ٿي نڪتا، تڏهن اُنھن اچي لورلائي وسائي، جنھن کي ”لوهارن واري“ ڪري چئبو هو، اُن جو اُچار ڦري اڄ ”لورلائي“ ٿيو آهي. هن ۾ ٻاروهي پاڻي رهندو آهي.لوهارن ۾ هڪڙي حسين ڇوڪري هئي، جنھن تي پاري ننگر جو شھزادو عاشق هو. لوهارن جي لڏي وڃڻ تي بہ هو انھن کي ستائڻ لڳو. آخر اها ڪنيا اُن تلاءَ جي ڪناري تي سـَـتي ڏاگهہ چڙهي. اُن جو پٿر اڄ ڏينھن تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ڏونگريءَ جي ستي برهمڻي:
جنھن وقت پارڪر تي ٺڪرن جو زور هو، تنھن وقت ڏونگري هڪ زبردست شھر هو. ان جي جاين جا نشان جتي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اُتي هڪ وڏو پٿر کتل آهي، جنھن ۾ استريءَ جو هٿ آهي ۽ هٿ جي پاسي ۾ سج ۽ چنڊ جون شڪليون ٺھيل آهن. روايت آهي تہ ٺڪرن جي ستائڻ تي هيءَ مھاپويتر ۽ ستي ناري هن جاءِ تي پاڻ جلائي ڀسم ٿي هئي ۽ مرڻ وقت چئي ويئي تہ ”هن جاءِ تي هڪ پٿر هڻي، اُن تي چنڊ ۽ سج جون شڪليون ڪڍي ڇڏجو، ڇو تہ جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي، تيستائين منھنجي پويترپڻي جي ساک سج ۽ چنڊ ڀريندا ايندا. ۽ انصاف جي خون ڪندڙن تي ملامت وسائيندا رهندا.“
گوڙي جو مندر:
ننگر پارڪر تعلقي ۾، ننگر پارڪر شھر کان اٺاويھن ميلن جي مفاصلي تي، ”گوڙي“ نالي هڪ ڳوٺڙو آهي، جو ڀالوا کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اُتي گوڙي جا ڏهرا آهن، جي تمام قديم آهن. گوڙي جا ڏهرا معنيٰ جينين جو جهونو مندر. ڪئپٽن ريڪس صاحب پنھنجي ڪتاب ”حالات ٿرپارڪر“ ۾ انھن جو نقشو پڻ ڏنو آهي. اِها عاليشان عمارت ڳوٺ کان اُڀرندي طرف، کليل ميدان ۾، کوهن جي ڀر ۾ آهي، هي مندر سوڍن حاڪمن جي اوج واري وقت، سنبت 1376 ۾ تعمير ٿيو. جين ڌرم وارا پارسناٿ جا پوڄاري آهن، جو گرو گورکناٿ جو چيلو هو ۽ کيس ”گوڙيچو“ بہ چوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ڳوٺ جو نالو ”گوڙي“ پيو. مندر جي اندر وڃڻ سان شروع ۾ ڏکڻ طرف هڪ انڌارو ڀونئرو نظر ايندو، جنھن ۾ اندر هڪٻئي هيٺان چار ڪوٺيون آهن. ڪوٺين ۾ هيٺ ڏاڪڻ رستي لھي سگهبو آهي. چوٿين ڪوٺيءَ ۾ اندر، دريءَ مثل ٿوري جاءِ آهي، جتي اڳي پوڄا ٿيندي هئي. انڌاري ڀونئري جي در تي سھڻي نقش سان چٽيل هڪڙو پٿر پيل آهي، جو اُن وقت هن ڀونئري جو دروازو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو تہ مندر جي پيدائش وارو سمورو ڌَن هن ڀونئري ۾ پوريل هوندو هو. اول اُترئين ورانڊي ۾ گهڙبو، جنھن کي اوڀر، اُتر ۽ اولھہ کان دروازا آهن. سارو ورانڊو ماڻھن ۽ عورتن جي سھڻين تصويرن سان چٽيو پيو آهي. ڏکڻ طرف ٻہ لاڳيتا ڏهرا آهن. هن ورانڊي جي اوچائي زمين کان ٽيھہ فوٽ مٿي آهي ۽ ورانڊي جي پکيڙ ٻہ سو سٺ چورس فوٽ آهي. ورانڊي کان ڏکڻ طرف هڪ ننڍي ڪوٺي آهي ۽ اُن کان پوءِ چار لاڳيتا ڏهرا آهن، جن مان هر هڪ جي پکيڙ ٻہ سؤ سٺ چورس فوٽ آهي. پھرين ٽن ڏهرن تي منارا ٺھيل آهن ۽ چوٿين ڏهري تي پارسناٿ جو پتلو هو. اوڀر ۽ اولھہ ۾، ٻنھي پاسن کان ٻارهن - ٻارهن ننڍيون ڪوٺيون آهن، جتي هڪ ماڻھو ويھي پوڄا ڪري سگهندو هو. اُتي هڪ ننڍو ٿلھو بہ ٺھيل آهي. شايد اُتي ساڌو ايڪانت ۾ يوگ - اڀياس ڪندا هئا. سڄي عمارت، اوڀر کان اولھہ طرف ويھہ فوٽ ۽ ڏکڻ کان اُتر طرف اٺيتاليھہ فوٽ آهي. ساري عمارت ٻاهتر فوٽن ۾ آهي ۽ جاءِ جي ڪل پکيڙ نـَـو سؤ سٺ چورس فوٽ آهي. سڄيءَ جاءِ مٿان ٻاونجاھہ سھڻا گنبذ ٺھيل آهن، جن مان چاليھہ گَنبذ ڏهرن مٿان آهن. هن عمارت جو پٿر سنگمرمر جھڙو آهي، جو جوڌپور کان آندل معلوم ٿئي ٿو. عمارت ۾ ڪم آندل پٿر، هر هڪ تيرهن فوٽ ڊگهو، ٽي فوٽ ويڪرو ۽ ڏيڍ فوٽ اوچو آهي. هر هڪ پٿر جي ماپ ساڍا اٺونجاھہ ڪعب فوٽ آهي. عمارت جي اڏاوت ۽ بيھڪ توڙي چٽساليءَ تي اهڙو تہ نفيس ڪم ٿيل آهي، جو ان کي فنڪاريءَ جو اعليٰ نمونو سڏي سگهجي ٿو. ڪئپٽن جي. جي. ولسن صاحب هن مندر جي ڀونئري کي کوٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. چون ٿا تہ مزورن کي کوٽائيءَ وقت ٽي دفعا ”نھ، نھ، نھ“ جو ڀيانڪ آواز آيو، تنھنڪري ڪم بند رکيو ويو، پوءِ سگهو ئي ولسن صاحب مري ويو، تنھنڪري ماڻھن جو وسوسو ويتر وڌي ويو. انگريز سرڪار جي مرضي ٿي تہ اهو مندر محفوظ ٿيل يادگارن جي ائڪٽ هيٺ آڻجي. جين ڌرم وارن اعتراض ورتو، پر پوءِ نيٺ سرڪار جي حوالي ڪيائون. هن مندر جي هزار کن قدمن تي هڪ مٺي پاڻيءَ جو کوهه، چاڙهين سان ٻڌل هوندو هو، جتان تيرٿ واسي ڏاڪڻين تان لھي، پاڻي ڀري ايندا هئا. هينئر اهو کوھہ ڦٽو پيو آهي. مندر جي مرمت 1715ع ۾ ٿي هئي. تنھن کان پوءِ ائين پيو آهي. ڪرنل تروٽ صاحب ننگر پارڪر جي فساد وقت هن مندر جي ڪجهہ حـصي کي بارود سان اُڏائي ڇڏيو هو، جو شڪ هوس تہ سوڍا هتي ويھي، ڳـُـجهيون سازشون ڪندا آهن. اڳي پالي ڀاشا ۾ مندر جي ٺھڻ جي تاريخ اُڪريل هئي، پر هاڻي اُها ڊهي ويئي آهي. ڪي چوندا آهن تہ ان جو بنياد سنبت 1359 ۾ پيو. مطلب تہ هي مندر سنڌ جي قديم يادگارن مان هڪ آهي.
پارسناٿ جو پتلو
پارسناٿ جين ڌرم وارن جو وڏو ديوتا آهي، جو مشھور مھاتما گرو گورکناٿ جو چيلو هو. هن پتلي جي ڪھاڻي عجيب نموني جي آهي: پاري ننگر ۾ هڪ مشھور مھنتو، منگهو نالي رهندو هو. هڪ دفعي واپار جي ارادي سان هو گجرات جي ڪنڪاوٽي شھر ۾ ويو، جتي ان کي هڪ رات سپنو آيو. خواب ۾ ڏٺائين تہ هڪ ديوتا آهي، جو کيس چئي رهيو آهي تہ: ”هن شھر جي هڪ چاڪيءَ جي گهر پارسناٿ جو پتلو پوريل آهي، سو ڪيئن بہ ڪري کڻائي ڪنھن مندر ۾ رک تہ رب تو تي راضي ٿيندو.“ صبح جو اُٿڻ سان اهو اوسواڙ، سپني واريءَ ڳالھہ کي آزمائڻ لاءِ، ڏس ڏنل چاڪيءَ جي گهر ويو، جتي ڏسيل جاءِ تي کوٽائي ڪرڻ سان کيس هڪ يارهن فوٽ ڊگهو پتلو هٿ آيو. پوءِ هو بيل گاڏي ڀاڙي ڪري، اُن ۾ پتلو رکي، ڳوٺ روانو ٿيو. وچ واٽ تي، ڪنھن شيءِ سان ٽڪرجڻ ڪري، نم جي ٺھيل گاڏي ڀڄي پيئي. ان ڪري هو رات جو اتي ئي سمھي پيو، تہ ديوتا وري سپني ۾ چيس تہ ”هن هنڌ اُتر پاسي، ”پڳ واو“ ڏاڪڻ رستي هيٺ لھڻ جو کوھہ آهي ۽ اُن کوھہ جي تري ۾ ڏکڻ پاسي خزانو پوريل آهي، صبح جو ٻہ رازا تو وٽ ايندا، جن جا هٿ ٺونٺين تائين ڪپيل هوندا، انھن جي مدد سان خزانو کڻائي وڃي مندر ٺھراءِ.“ صبح جو اها ڳالھہ سچي نڪتي ۽ هـِـن وڃي گوڙي ڳوٺ ۾ مندر ٺھرايو. ڪئپٽن رئڪس جي لکڻ موجب، هيءُ پتلو اڇي سنگمرمر جو، يارهن فوٽ ڊگهو، هڪ سؤ رپين ۾ هڪڙي مسلمان تـُـرڪ کان گهڙايو ويو هو. مورتيءَ جي نرڙ تي هيري جي ڪڻي لڳل هئي ۽ ٻنھي بـُـبين تي بہ هيري جون ڪڻيون لڳل هيون. مقرر وقت تي هن پتلي کي اندران ڪڍي، چبوتري تي رکي، عام درشن ڪرايو ويندو هو ڪيتري ڀيٽا ايندي هئي،جنھن مان ڪجه پوڄاري کڻندو هو ۽ باقي وڏو حصو وقت جي سوڍا راجپوتن جو راڻو کڻندو هو، سن 1716ع ۾ ويرا واھہ جو ستوجي سوڍو هن پتلي کي زوريءَ ٻاکاسر کڻائي ويو ۽ اُتي هڪ نم جي وڻ هيٺ پورائي ڇڏيائين. ٻارهين مھيني ڪڍي، ميلو لڳائي، هو اُن مان اڪيچار پيدائش حاصل ڪندو هو. چون ٿا تہ سورت جي هڪ لکاپت واڻياڻي، لکي ٻائيءَ کان هن نـَـو هزار رپيا وٺي، پوءِ پتلي جو درشن ڪرايو. اُن بعد ستوجيءَ پتلو کڻائي اچي ويرا واھہ رکيو، جتي ساليانو ميلو لڳائڻ بہ بند ڪري ڇڏيائين، صرف جيڪو زيارتي وڏي رقم آڇيندو هو، تنھن کي ديدار ڪرايو ويندو هو. آخر پالڻپور جي ڪن شاهوڪار واڻين، تمام وڏي رقم ڏيئي، هن پتلي کي پالڻپور کڻايو، جتي سوئيگام ۽ مورواڙ ۾ ان جي زيارت ڪندا هئا. سوئيگام ۾ پھريون ميلو 1766ع ۾ لڳو ۽ مورواڙ ۾ چار ميلا لڳا. 1778ع، 1796ع، 1810ع ۽ 1822ع ۾ وري 1824ع ۾ ويرا واھہ ۾ ميلو لڳو. اهڙيءَ طرح هي پتلو سدائين سوڍن جي قبضي ۾ رهندو آيو. سن 1832ع ۾ پونجو سوڍو سنڌ جي ميرن سان وڙهندي مارجي ويو ۽ ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ هئي تہ هن اهو پتلو ڪٿي پوريو آهي. اهڙيءَ طرح چار سؤ ڇاونجاھہ ورهين جي گردش کان پوءِ، اهو پتلو هميشہ لاءِ گم ٿي ويو.
ويراواھہ جو سوڍو ستوجي
اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ سوڍو ستوجي، پارسناٿ جو پتلو زوريءَ ٻاکاسر ڏانھن کڻائي ويو هو. سوڍي ستوجيءَ اهو هڪ ڪم نہ ڪيو آهي، بلڪ اهڙا سوين ڪم ڪيا آهن. ستوجيءَ کي سردار بڻائي، سوڍا ۽ بلوچ ڪڇ، مارواڙ ۽ گجرات ڏانھن زبردست ڌاڙا هڻندا هئا. پارڪر ۾ اڄ ڏينھن تائين پھاڪو آهي: ”ستوجيءَ وارا تارا“ ستوجي ڏينھن جو ماڻھن کي چوندو هو تہ: ”تارا ڏسو ٿا؟“ ماڻھو ڊپ کان چوندا هئا: ”هائو!“ ان تان هيءُ پھاڪو مشھور ٿي ويو آهي.
هڪ دفعي ويراواھہ ۾ پنھنجي دربار ۾ سوڍو ستوجي ويٺو هو. اُن ڏينھن سنگها تلاءُ جي ڪناري تي شرمالھي برهمڻ جي ڄڃ چيلھار مان اچي، پارڪر ٿي ويئي. ڄاڃي، سوڍن جي آدرستڪار ڪرڻ لاءِ، ناري جا چانور کڻي ڪجهہ ڀيٽا ڏيڻ ويا. جڏهن ستوجيءَ چانور ڏٺا، تڏهن پنھنجن ماڻھن کي حڪم ڪيائين تہ ڄاڃين کي چئو تہ جيترا چانور اوهان وٽ آهن، اهي اسان کي ڏيو ۽ اُن جي عيوض ٻا جهري وٺي وڃو! ڄاڃين ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ شاديءَ وقت چانور گهربل هئا. جڏهن ستوجيءَ کي انڪاري سـُـڌ ملي، تڏهن بندوق کڻي پاڻ اچي سهڙيو ۽ ڄاڃين کي قطار ۾ بيھاري، سڀني کي قتل ڪري ڇڏيائين. آخر ۾ گهوٽ کي بہ قتل ڪري، چانور کڻائي روانو ٿيو. گهوٽ جا مينديءَ رتل هٿ ۽ موڙ، هن بي رحم جلاد جي تلوار جي بک ٿيا، اُميدن سان سينگاريل ڪنوار، هميشہ لاءِ نامراد ٿي ويئي ۽ سوين بي ڏوهي ڄاڃي، هن مردود جي خوني ڪرتوتن جو شڪار ٿيا.
پولن آستان
گوڙيءَ جي مندر ڀرسان هڪ پـَـڪسرو بـُـرج ٺھيل آهي، جنھن کي ”پولن آستان“ ڪري چئبو آهي. هڪ دفعي پارڪر جا ڪي ڌاڙيل نئيئڙ مان مال چورائي ڀڳا هئا. نئيئڙ جو راجا، پولن سنگهہ راٺوڙ، واهر ڪري ڌاڙيلن پٺيان لڳو. هن آستان واري هنڌ تي اچي ڌاڙيلن ۽ پولن سنگهہ جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنھن ۾ راجا پولن سنگهہ مارجي ويو. ان جي يادگيريءَ ۾ اهو آستان، 1743ع ۾ ٺھيو.
ريکو ديوَ جو بت
ويرا واھہ جي هاڻوڪي مندر ۾ جين ڌرم وارن جي مکيہ ديوتا ريکو ديوَ جو بـُـت رکيل آهي، جو سنگمرمر جو ٺھيل پتلو آهي. هن جي اکين ۾ هڪ عجيب شيشو رکيل آهي، اونداهيءَ ۾ تجلو ڪري ٿو. ماڻھوءَ جيڏي هن بـُـت جي چوڌاري ٻيون بہ ڪيتريون پٿر جون مورتيون رکيل آهن.
نڪولاس وٽنگٽن جو پارڪر مان لنگهڻ
سن 1613ع ۾ نڪولاس وٽنگٽن، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران نير خريد ڪرڻ لاءِ، احمدآباد کان سنڌ پھتو. رڻ جو ڪنارو ڏيئي، 28- ڊسمبر 1613ع ۾ ننگر پارڪر شھر پھتو. هو لکي ٿو تہ: ”ننگر پارڪر ننڍو شھر آهي، پر مسافرن جي ضرورت واريون سڀ شيون اتي موجود آهن. هتي جا ماڻھو ڌاڙيل آهن. اسان کان ٽـِـڪڻ جو محصول ورتو ويو. هتان کان ويندي جوڻ تائين ڪو بہ ماڻھو ڪنھن کي ڍل نٿو ڀري.“ واٽ تي نڪولاس کان بلوچ ڌاڙيلن سندس اسباب ۽ ڪپڙا ڦري ورتا، تنھنڪري موٽي ننگر پارڪر ويو، جتان هڪڙي هندو واپاريءَ کان خرچ وٺي، واپس احمد آباد پھتو.
سيدي علي ريس جو پارڪر مان لنگهڻ
سن 1556ع ۾ ترڪيءَ جي سلطان، سيدي عليءَ کي پورچوگيزن سان وڙهڻ لاءِ موڪليو. هن کي عربي سمنڊ ۾ سخت طوفان پيش آيو، تنھنڪري ٿورن جهازن سان اچي گجرات پھتو. جهاز اُتي ڇڏي، پاڻ خشڪيءَ رستي کان قسطنطنيہ پھتو. هو لکي ٿو تہ: ”اسان جي پارٽي ڪن ڏينھن بعد راجپوتن جي شھر ننگر پارڪر پھتي، جي راجپوتن اسان کان ڪسٽم وٺي، پوءِ وڙهڻ شروع ڪيو. انھن کي پئسا هٿ ڪرڻ جي نيت هئي، پر اسان وٽ ڪجهہ ڪونہ هو.“
لونگهيجي درٻار جي پارڪر تي چڙهائي
لونگهيجي درٻار، راڻينگواري جي سڳي ڀاءُ ”اوگهڙ“ کي پارڪر جي سوڍن خون ڪري ڇڏيو هو، تنھنڪري هن ڪاٺي راجپوتن جو زبردست ڪٽڪ وٺي، پارڪر تي چڙهائي ڪئي. سندس لشڪر ۾ ”ورجانگ“ نالي هڪڙو مشھور سردار بہ شامل هو، جيڪو بھادريءَ ۾ پنھنجو مـَـٽ پاڻ هو. ٻئي طرف، پارڪر جو ٺڪر پنھنجا پھاڙ سمان جوڌا وٺي ٻاهر آيو. آخر جنگ لڳي: پارڪر جي ٺڪر زور سان رڙ ڪئي: ”ڪٿي آهي راڻينگوارو؟ نڪري اچي ميدان ۾ تہ پارڪر جو پاڻي چکايانس!“ ڪاٺي ڊڄي ويا. راڻينگوارو هڪ جاءِ تي ٿمي ويو. پارڪر جي راڪاس جيڏن سورويرن جي هٿن ۾ خوفناڪ تلوارون ۽ ڀيانڪ ڀالا ڏسي، ڪاٺين جو هوش اُڏامي ويو. ايتري ۾ پارڪر جي سوڍي وري سڏ ڪيو: ”ڪٿي آهي راڻينگوارو!“ ٻاهر اچي تہ کيس سنڌ جو سير ڪرايان!“ ... اچي وڃ، ڍاٽي! آءٌ آهيان راڻينگوارو!“ ائين چوندو، ورجانگ ڌانڌل سندس مقابلي ۾ اچي ويو. ٻنھي جي وچ ۾ تلوارن جي وارو وار لڳي ويئي. ٻيئي ڄڻا گهوڙن کان هيٺ ڪـِـري پيا. نيٺ ورجانگ، ٺاڪر تي غالب پيو ۽ ائين پارڪر تي فتح پائي، هن ڪاٺين جو مانُ مٿي ڪيو. پارڪر جي سردارن پـِـرڻ ڪيو تہ ڪاٺين جي ڪنھن بہ فرد کي جيئرو نہ ڇڏيو ويندو، پارڪر جي سردارن ڪيتريقدر پنھنجي پرڻ کي پاڻي ڏنو، تنھن جو احوال اڳتي ايندو.
پارڪر تي سومرن جي حڪومت
سڀني تاريخ نويسن سومرن کي پرمار راجپوت سڏيو آهي، جن سنڌ تي ساڍا ٽي سؤ سال حڪومت ڪئي. اڄ تائين پارڪر ۽ ڍاٽ ۾ جيڪي گيت ڳائجن ٿا، تن ۾ بہ ”سوڍو سومرو“ ڪري ڳايو وڃي ٿو. سومرن جي حاڪمن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي. سومرا سن 1300ع ڌاري مسلمان ٿيا. محمود بيگڙي، ٿر تي ٽي ڪاهون ڪري، سومرن کي مسلمان ڪيو.
(1) سومرو 1051ع کان 1054ع
(2) ڀونگر پھريون 1054ع - 1068ع
(3) دودو پھريون 1068ع -1092ع
(4) سنگهار 1092ع - 1106ع
(5) خفيف 1106ع - 1141ع
(6) عمر پھريون 1141ع - 1180ع
(7) دودو ٻيو 1180ع - 1193ع
(8) پنھون 1193ع - 1226ع
(9) کينھرو پھريون 1226ع -1241ع
(10) محمد طور 1241ع - 1256ع
(11) کينھرو ٻيو 1256ع - 1259ع
(12) طائي 1259ع - 1283ع
(13) چنيسر 1283ع - 1300ع
(14) ڀونگر ٻيو 1300ع - 1312ع
(15) دودو ٽيون 1312ع - 1313ع
(16) چنيسر ٻيو 1313ع - 1332ع
(17) خفيف ٻيو 1332ع - 1355ع
(18)عمر ٻيو 1355ع - 1390ع
(19) ڀونگر ٽيون 1390ع - 1400ع
(20) همير 1400ع - 1439ع
مارئي
”ستي سـَـتَ مـَـتَ ڇوڙيي، ست ڇوڙيي پـَـتَ جاءِ.“
ننگر پارڪر جي نزديڪ، پر ڏھہ ڪوھہ ڏُور، ”ڀالوا“ نالي هڪ ڳوٺڙو ڀڀڪي سان بيٺل نظر ايندو. ڀر ۾ ست ڀـِـٽون، وراڪو ڏيئي، ڳوٺڙي کي گود ۾ ويھاري ويٺيون آهن. ڪنھن کي ڪل ڪانہ هئي تہ هن سکريءَ سـِـيم ۾ ڪا خاصي کستوري کـُـلندي، جا سنڌي خواتين جو ڳاٽ سـَـتَ جي سـُـرهاڻ سان ساريءَ دنيا ۾ اوچو ڪندي! ست جي سرهاڻ سان ٽمٽار، انھيءَ ٿري ڪنوار بنسبت ڪيترن اديبن ۽ عالمن پنھنجا سينا ڦولي پڌرا ڪيا آهن تہ هوءَ ڪير هئي. ڪڏهن ڪنھن قربائتيءَ ڪچھريءَ ۾ ويٺي ڳالھہ چـُـرندي آهي تہ رٻاري چوندا آهن تہ مارئي رٻارڻ هئي. اسان جو ويس وڳو بہ ساڳيو آهي، جو مارئيءَ جو هو. آهي بہ ائين. رٻارڻيون اڃا تائين مٿي تي اوني چـُـني، ۽ اُن جو گهاگهرو پھرينديون آهن. شاديءَ مھل بہ ساڳيو ويس، البت ڪجهہ ڀرت ڀريل هوندو آهي. شاديءَ مھل ڪاريءَ چـُـنيءَ ۽ ڪاري گهاگهري جو ڪارڻ اهو ڏسيندا آهن تہ عمر جڏهن مارئيءَ کي کڻي ويو، تڏهن ماروئڙن مھڻي کان ڪارو ويس ڪيو هو. اڄ ڏينھن تائين رٻارڻيون، مرگهہ نيڻيون، جـُـسي ۾ ڀريل، گوريون ۽ ڦـُـٽريون پيئون لڳنديون آهن. راجپوت توڻي رٻاري ”جـُـهار“ جو لفظ اُچارين. مارئي بہ عمر جي وحشياني قيد ۾ قابو هوندي بہ جھانگيئڙن کي جـُـهار ٿي موڪلي:
ججها ڏج جـُـهار، منھنجا مارو مير کي،
گهڻو اُڪنڊي آهيان، منھنجا پرچن شل پھنوار،
ويڙهيون تڙ ولھار، ڏٺي مون ڏينھن ٿيا.
مارئيءَ کي ڪي وري ڪڇ ڪيراڪوٽ جي ڄام ڦول جي ڌيءُ ۽ لاکي جي ڀيڻ ڪري ٿا ڪوٺين. ڄام ڦول کي پنج راڻيون هيون، جن مان پنج پٽ پيدا ٿيا: ڏولا راءُ جي ڪنيا مان ساند، چاوڙي مان سور، سوڍيءَ مان کينھرو، ڌوڻ مان ڌائو، سونل مان لاکو. سونل راڻي ڪڙ ڌر رٻاري کي جهنگ مان لڌي هئي، تنھن سندس رمڻيڪ روپ ڏسي، اُن کي رٻاري ڄام ڦول سان پرڻايو.
وڪئي ڪڙ ڌر بن ۾، لڌي اِندر پري،
سوغات ساساري، اچي پرڻائي ڦول کي.
اُن لاءِ ملاحظه ٿئي هڪ بيت:
قاضي امرڪوٽ جا، تون توري ڪج تپاس،
مون ناناڻو مـُـرڌر، ڏونگر ڪڇ ڏاڏاس،
ڦول سندي ڌيئڙي، لاکي جي ڀيڻاس،
لکئي ڪارڻ پنھنجي ئي، ڪيو ٻاليڻو پاس،
ويھي پلنگ پاس، لوئي ڪيئن لڄائيان!
ٻي روايت آهي تہ مارئي ڄام ڦول جي رکات، ميراڏيءَ مان پيدا ٿيل آهي. جنھن وقت امرڪوٽ جي ستا، راڻي چاند جي هٿ ۾ هئي، تڏهن لاکي جون روجھڙيون روز بروز چاند جي باغ جون ڪـَـچيون ڪـَـليون کائي وينديون هيون. هڪ ڏينھن اُنھن چورن گرفتار ڪرڻ لاءِ چاند هڪ چمتڪار گهوڙي تي چڙهي پٺيان پيو:
چاند ڪري چاهه، شيوا ڪئي شنڪر جي،
اُتريو عرش مٿاهه، گهڻي مـُـلھہ جو گهوڙو.
روجھڙين کي وڃي ڪيراڪوٽ جي دروازي وٽ دسيائين. پھريدارن چاند کي چوکنڀو ٻڌي، لاکي وٽ حاضر ڪيو. لاکي حڪم ڪيو تہ راڻو ثابت ڪري تہ روجھڙين برابر ڪـَـليون کاڌيون آهن تہ پنھنجيءَ ڀيڻ جو سڱ ڏيندس، نہ تہ راڻو مون کي سڱ ڏئي. راڻي، انھن جو پيٽ چيرائي ڏٺو تہ برابر ڪليون نڪري آيون، جي اڃا هضم ڪين ٿيون هيون. وعدي موجب، لاکي سڱ ڏيڻ قبول ڪيو. راڻو هڪ ئي رات ۾ پالڻي سوٽهر وٽ ڀالوا پھچي ويو ۽ اُن جي رٿ تي چڙهي، وري ساڳيءَ رات ڪيراڪوٽ ويو. لاکي جي روح کي پالڻي جو رٿ وڻي ويو. پالڻي کي جڏهن انھيءَ ڳالھہ جي کڙڪ پئجي ويئي، تڏهن راتو واھہ ڀڄي نڪتو. اوچتو ميراڏي اُن رٿ ۾ وڃي ستي هئي، جا تنھن وقت گرڀوتي هئي. وچ واٽ تي هوءَ سجاڳ ٿي، مگر پالڻو واپس پھچائڻ لاءِ تيار نہ هو- ۽ ائين ميراڏي ڀالوا پھتي.
ڀالوا جو ڪيڏو نہ اُچو ڀاڳ، جڏهن هي هيرو پالڻي جي پڌر ۾ پيدا ٿيو. ڌيري ڌيري مارئيءَ جي ملوڪيت جا ڳـُـڻ اوڙي پاڙي ۽ سيم سيڍيءَ ۾ ڳائجڻ لڳا. سندس نوڪر ڦوڳ، مارئيءَ جي سونھن ڏسي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو. هميشہ اوڇي اک مارئيءَ ۾ کـُـتل هوندي هيس. موٽ ۾ آه ۽ شوڪاري کان سواءِ پلئه ڪي ڪين پوندو هوس ۽ هيءَ سانگين جي سـُـرهاڻ، سـَـرتين سان گڏ، ٺھي ٺـُـڪي، ٺاهوڪي ٿي، مٿي تي ٻيلھڙو کڻي هلندي هئي تہ بدنام بدوُرُسي رک ٿي پوندو هو. سورهن جي وهيءَ ۾ هن پدمڻيءَ کي پالڻيءَ پنھنجي ڀائٽي ”کيتسنگهه“ سان مڱايو. مارئيءَ جي مڱڻي ٿيڻ بعد ڦوڳ جي رهي کهي اُميد تي بہ پاڻي ڦـِـري ويو ۽ ڀالوا کي ڀنڀرڪي ۾ ڦٽو ڪري، لنگهي ويو ڍاٽ ڌڻيءَ وٽ. ڍاٽ ڌڻي، عمر سومرو، امير امرائن کي سھڻيون صلاحون ڏيئي رهيو هو:
پـَـرناريءَ جي پـِـريتڙي، پنج پرڪارن کاءِ،
ڌن هاري جوڀن گهٽي، پنجن ۾ پت جاءِ،
جيئري کاءِ ڪليجو، مـُـئي نرڪ لي جاءِ.
ايتري ۾ ڪنٺي جي ڪـَـرڙي آدميءَ اچي سلام ورايو. ڀريل ڪچھريءَ جون اکيون هن کائـُـڙ جي کـَـريل آدميءَ ۾ کـُـپي ويئون. ويٺلن وَجهہ پيچ تي سڃاتو. اُن اڻڄاڻ انسان، بادشاھہ کي ٻاهر اچڻ جو اشارو ڪيو. ٻين کي نصيحت آميز نقطا ٻڌائيندڙ عمر،هڪ واري پرائيءَ صلاح ۾ اچي ويو. عمر کي عشق جي ڦند ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڦوڳ پنھنجو ڦند ڦهلائڻ لڳو:
ميان تون ملير جي، سڻج خبر چار،
مارئيءَ نالي نيڪ آهه، عورت شھريار،
سرس آھہ سج ڪنان، سھڻين جي سردار،
سھڻي ناهي سنڌ ۾، اهڙي ڪا مختيار،
هلي تون هڪوار، ميان ڏسج مارئي.
جڏهن عمر، مارئي جي حسن جي وارتا ڦوڳ جي واتان ٻڌي، تڏهن انصاف جو گلو ڪپيندڙ عمر، گنگا جي ڪپڙن جي هٻڪار تي غش کائيندڙ عمر، پرائي لـڄ لـُـٽڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو. ترت تکي توڏي تي تيار ٿي، ٻيئي ڄڻا امرڪوٽ جي حد اورانگهي، ڇاڇرو ڇڏي، ننگر جي نزديڪ ٿيا. هڪ الڙ ۽ اڻڄاڻ ڳوٺاڻيءَ نينگريءَ کي ڪھڙي ڪـَـرَ تہ اڄ ساٺيڪن تي نہ وڃان. سرتين سج اُڀرئي کان اڳ ۾ سڏ ڪيو. مارئي بہ ٺھي ٺڪي، چـُـوڙين ۾ لانٻا جھانٻا وجهي، لسي للاٽ تي چـِـندي چھٽائي، ڪنن ۾ پنڙيون پائي، پـُـٺئي جي ڪـَـس کي ڪاٺي هڻي، سينڌ سجائي، سرمون پائي، مـَـٽُ مٿي تي ۽ گهڙو چيلھہ تي رکي، ساهيڙين سان گڏجي اٿي هلي. لاکيڻي لوڏ، ڇا چئجي، قدم قدم تي قربان وڃجي! هر ڪنھن جي هلڻيءَ هنجهہ کي حيران ٿي ڪيو پر مارئيءَ جو مھانڊو مڙيان ئي ملوڪ هو:
”جھڙي صورت سج، تھڙي مورت مارئي.“
کوھہ تہ ڀالوا جي ڀر ۾ هو. سموري ٽولي، ٽلندي ۽ ٽهڪندي، اچي اُتي پھتي. ٻيلھڙا پـَـٽ تي رکي، واري سان پاڻي ڀرڻ لڳيون. اڄ کوھہ تي انھن البيلين کان سواءِ ٻي ڪا بہ پھر حاضر ڪانہ هئي. هي چنچل ڇوريون، پنگهٽ جي پـُـربھار فضا ۾، گهڻيءَ مھل تائين هڪ ٻئي سان کيچلنديون، ڊوڙنديون ۽ ڳائينديون رهيون. اوچتو هڪڙو اوٺي سوار اڳتي وڌي آيو. پنگهٽ وارو گهاٽ، جو ٿورو اڳ ۾ ڦُوليو نٿي سمايو، سو هڪدم سانتيڪو ٿي ويو. سموريون ڪامڻيون يڪايڪ خاموش ٿي ويئون. سوار وک وڌائيندي، کانئن پاڻيءَ جو سوال ڪيو:
ڏسي منھن مارئيءَ جو، عقل ٿيس خطا،
چيائين چوڙيلين کي، سـُـکيون هجو سدا،
اسين مسافر اُڃ ۾، مايون مرون ٿا،
پاڻي پياريو اسان کي، ”ڪريو دير نہ ڪا،
مارئي کڻي گهڙا، آئي اڳيان عمر جي.
مارئي جيئن پاڻي پيئارڻ لڳي، تيئن عمر جي ٻـُـڪ مان سمورو پاڻي هيٺ هارجي ويو، عمر جي آڏي اک مارئيءَ جي مھانڊي ڏانھن هئي. ٿورو اڳڀرو ٿي، جهرڪيءَ کي جهڙپ ڏيئي، شڪاري باز ڍٽ ڏانھن ڍري پيو. ٽلندڙ ٽولي ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. مشڪندڙ مھانڊا، حيرت ۾ هڄي ويا. ڀالوا جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ روڄ راڙو، ”ماروُ! ماروُ!“ ّ جو ماتام مچي ويو.
عمر سومري هن اٻوجهہ ڳوٺاڻيءَ نينگري کي ڇنن مان ڇنائي امر ڪوٽ ۾ اچي، ماڙين ۽ محلا تن ۾ ويھاريو. مارئي پکن ۾ پيدا ٿيل پدمڻي، تنھن کي عمر جا محلات مـُـور نٿي وڻيا. عمر سومري نئين سـَـج نوان کاڄ آڻي ٿي ڏنا، پر مارئي روئندي ۽ رڙندي ٿي رهي. اباڻن ۽ ساهيڙين جي سڪ ۾ سندس منھن اٻاٽجي ويو. سھڻا ۽ ڊگها وار اڻ سينگاريل ئي رهيا. عمر کي عرض ڪرڻ لڳي:
”نہ سانگي نہ وانگي، ڪو جھانگي پـَـسان،
نہ اوٺي نہ ڳوٺي، ڪو ڏيھي ڏسان!
نہ مون موڪلاڻي پرين سان ڪئي،
الائي تہ مون تي ڪا آفت پئي!
ڏسي لال کهنبي، چـِـٽن سان چـُـني،
لوئي ڪيئن لاهيان، ڏاڏاڻن ڏني.
ڪـَـڙي، ڪـُـرِڪَ، ڪٺمال، زيور، زري،
هـَـسي، هار پايان، ڪھڙي نڪ وري.
اُڏر ڪانگڙا، من اباڻا اچن،
ڪڍي قيد مان، من ويچاري وڃن!“
واهڻ جي ڇوڪريءَ کي وطن جي اهڙي سڪ هئي، جو عمر جي زوراور زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندي بھ، ور ور وطن ڏانھن پئي واجهايائين. رات جو ڏکڻ واريءَ دريءَ وٽ بيھي، ڏيھہ جو اوسيئڙو ۽ انتظار ڪندي رهي. کنوڻين جا کيڏ ۽ پڙاوا پسي،سندس چـِـت چُور چُور ٿي ويندو هو. وڏيون ۽ سھڻيون اکيون، جلد ڏرا ڏئي وييون. ڏيھہ جي ڏولائي ۾، سرتين کي ساريندي ۽ ڇيلڙن جي ڇانگ کي ياد ڪندي، ملير ڏي مھاڙ ڪري، عمر کي پيئي آزي نيزاري ڪندي هئي:
”ملڪ ماروُ مير جو، آھہ لکپت لاکاٽ،
جويون جيسلمير جون، آهن ڪـُـل ڪنواٽ،
لويارين ۾ لوڏ گهڻي، وڏي سونھن سماٽ،
ڪنوارين ۾ قوت گهڻي، منگهہ ولوڙين ماٽ،
مٿن کاريون، هٿن ٽاريون، مرگهہ ڏيو موڙاٽ،
چولا چوڙيلن جا، آهن ٽونئر ٽـِـڪـُـن سان ٽاٽ،
پائي ڳچي ڳاٽ، ڪوٽن مرندي مارئي!“
سنڌ جي سر زمين جي هيءَ سدا ملوڪ پدمڻي، عمر جي وحشياڻي ڪاررواين هوندي بھ، سـَـت کان ڪنھن پر ڪانہ سـِـري. آخرڪار مارئيءَ جو ست ڏسي، عمر ڏيل ۾ ڏري ويو ۽ مارئيءَ کي ڀيڻ ڪري، مٿي تي پوتي اوڍائي، ڏائجو ڏيئي، سندس ملڪ پارڪر پھچائي آيو. اُٺ جي اڳئين چوڪ تي چڙهي، مارئيءَ عمر جي انصاف جا ڳـُـڻ ڳايا. لاکيڻي لطيف شاھہ ڀٽائيءَ دنيا کي هن سـَـتيءَ جو پيغام پھچايو:
”جنھن سـَـتيءَ ست نہ ڇڏيو، سا مارئي مـَـرڄائي،
اچي عمرڪوٽ ۾، تنھن لـڄ نہ لڄائي،
پيئي بندياڻي بند ۾، ڪوٺين ڪـُـڄائي،
جا سانگين سيڏائي، سا مـُـور نہ مـُـرڪي ماڙئين.“
مارئيءَ جي ڪـُـنڊي
ڀالوا ۾، ڏيڍ ميل پنڌ تي اڃا بہ اهو کوھہ موجود آهي، جتي مارئي پنھنجي مال کي پاڻي پيئاريندي هئي. هينئر اُهو کوھہ ڏٽجي ويو آهي. اُن کوھہ جو پاڻي تمام کارو هو. عمر ان کوھہ تان مارئيءَ کي کنيو هو. کوھہ جي ڀرسان هڪ ڪـُـنڊي يا ڪونڊي آهي، جنھن ۾ مارئي پنھنجي مال لاءِ پاڻي رکي ڇڏيندي هئي. اُن جا ٽي پاسا اڃا تائين سلامت بيٺا آهن. اُن ڪونڊيءَ جي ويڪر چار فوٽ، ڊيگهہ ڇھہ فوٽ، ۽ اونھائي هڪ فوٽ کن آهي. (مسٽر چنا ان وقت جي ڪليڪٽر، 1946ع ۾ هن ڪـُـنڊيءَ جي مرمت ڪرائي هئي.)
موندري جي سـَـتـِـي ڦول
تنھن وقت ننگر پارڪر ۾ پرمارونس راڻو ڪانءُ راڄ ڪندو هو. راڻي ڪانءُ جو ننگر پارڪر جي لھاڻن سان ڪنھن ڳالھہ تان تڪرار ٿي پيو، تنھنڪري انھن پرڻ ڪيو تہ ننگر پارڪر جو پاڻي پيئڻ حرام آهي، ۽ پنھنجا ٻار ۽ ملڪيت وٺي، واگڙ طرف روانا ٿيا. تنھن وقت رووجي ڪڇ طرف ويل هو. رويجيءَ کي اهي لھاڻا، ڳوٺ سوراچند کان ٻارهن ميل پري، ڪڇ جي رڻ ۾ سامھون مليا. لھاڻن کي ائين لڏي ويندو ڏسي، رويجيءَ کي رحم آيو ۽ لھاڻن کي پرچائي، راڻن سان سندن رضانامي جي ساک ڏيئي، پنھنجي ڳوٺ موندري ۾ وٺي آيو. راڻي ڪانءُ کي ڪنھن دشمن اچي ڪـَـن ڀريا تہ رووجي اوهان جي خلاف آهي. اَڄاڻ راڻو بغير سوچ ۽ سمجهہ جي، ڪولھين جو وڏو لشڪر وٺي موندري روانو ٿيو. اُن وقت رووجي پنھنجن چھن - ستن ماڻھن سان سندس کوٽايل کوھہ تي سنان ڪرڻ ويو هو. راڻو ڪانءُ ۽ ان جو لشڪر اتي کيس سامھون ٿيا. رويجي راڻي کي سنڀري آيل ڏسي چيو تہ: ”اوهان جي مرضي لڙڻ جي هجي تہ مون کي سنڀرڻ ڏيو: آءٌ پنھنجي پناھہ هيٺ آيل لھاڻا اوهان جي سپرد ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهيان.“ ايتري ۾ هڪ ڪولھيءَ بندوق جي گولي هلائي، جا وڃي رويجيءَ کي ڇاتيءَ ۾ لڳي ۽ پنجاھہ سالن جو هي سوروير راجپوت زمين تي ڪِـري پيو. رويجيءَ جي دوستن انھن سان لڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ سوٽهر مارجي ويو. پوءِ راڻي ڪانءُ جهڳڙي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. رويجيءَ جي مرڻ ڪري راڻي ڪانءُ کي تمام ڏک ٿيو.
جڏهن ستي ڦول کي اها خبر پيئي، تڏهن هڪدم اوڙاھہ اگنيءَ جو تيار ڪرايائين ۽ پنھنجي پتيءَ جو لاش گود ۾ وٺي، ڀيانڪ اگنيءَ ۾ پروريش ڪيائين. مووڙ چارڻ کي خبر پيئي، تڏهن هو ڊوڙندو آيو. پاڻ اڻپڙهيل هو، تنھنڪري ويڪاسر جي ڪرشن چارڻ کي ماڻھو موڪليائين، جنھن اچي ڇند چيو. مووڙ ان وقت ستي ڦول کي ڌرم - ڀيڻ ڪري، اهو ڇند مڏ جي صورت ۾ ڏنو. موندري جي هن ستي راجپوتڻ، اگنيءَ ۾ بيھي صرف ايترو چيو تہ ”مان سوڍن جي پڇاڙي ڏسان ٿي!“ اهو بلڪل سچ نڪتو. اڄ هن ستيءَ جا ڇند ساري پارڪر ۾ ڳايا وڃن ٿا. اُهو کوھہ اڃا بہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پاسي ۾ ان فوت ٿيل سوٽهر جو مساڻ آهي، جتي رووجيءَ ۽ ستي ڦول جا پٿر لڳل آهن. انھن تي هنديءَ ۾ اکر لکيل آهن: ”وڪرم سنبت 1868، مھينو چيٽ، تاريخ 15.“ اڄ بہ ان خاندان جا پويان مٿينءَ تاريخ تي وڃي پوڄاپاٺ ڪندا آهن. ستي ڦول جي پريم ۽ ويرتا ڀري ڪھاڻي، ڪوي اِجهو هيئن ڳائيندا آهن:
ارڪ جانکو ڪيئن اُوگيو، ڪيئن جانکو ڪـِـرڻال،
مرد گجاوت موندري، پڙ پڙيو ڀوُپال.
(اڄ ڪھڙو نہ نڀاڳو ڏينھن آهي، جو سج ۽ چنڊ پڻ جانکا (جهـَـڪا) اُڀريا آهن، انھن ۾ ڪو شعاع ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ڇو تہ هي موندري جو، گج (شينھن) کي ڪيرائڻ وارو مرد مجاهد ميدان جنگ ۾ سمھي رهيو آهي. اڄ سج ۽ چنڊ ۾ تيج ان ڪري نہ آهي، جو موندري جا ٻہ روشن تارا وسامڻ وارا آهن.)
آوَ ڪانٽي ڏل اوهسڙيا، ڀوم ڌڙڪ سرپار،
روسي وچن ڪھيا روي، پاڙيا سو پرمار،
(لڙائيءَ ۾ اهڙيءَ طرح سوروير گرجڻ لڳا جو ڌرتي بہ ڌڙڪڻ لڳي ۽ جيڪي وچن رويءَ چيا،سي برابر پاڙيائين.)
ڀٽياڻي آگم باکيو، جلني اُما جيم،
ڪوپ وچن ڪلياڻ ري، نشچيہ ليڌا نيم.
(هن ڪلياڻ جي ڪنيا ڦول ٻائيءَ جيڪي چارڻ کي وچن چيا، سي ان ڏينھن کان نيم رکي، سچا ڪيائين.)
شام سڌارڻ مھاستي، جگت ڀلي ڪئي جوڙ،
ارڌنگا ڦولان اُجـِـلي، ڪھي تيترس ڪروڙ.
(پنھنجي پتيءَ کي سڌارڻ واري مھاستي، ڦولان جي، ڌڻي تعاليٰ بھترين جوڙ بڻائي هئي. ٽيٽيھہ ڪروڙ ديوتا ائين چون لڳا تہ ”ڦولان“ رويجيءَ جي ارڌانگني، موندري جو ملھائتو موتي هئي.)
پارڪر جا کوسا
کوسا، بلوچن جي هڪ قوم آهي، جنھن جون ڪيتريون شاخون آهن: جھڙوڪ جماڻي، ڇٽاڻي، لڊاڻي، سهرياڻي، جاگراڻي وغيرہ. کوسا ننگر پارڪر، ڪُـٻڙي ۽ سامي ويريءَ ۾ رهندا آهن. هنن جا مائٽ تمام جنگجوُ ۽ بھادر هئا. سوڍن سان گڏجي ڌاڙا هڻندا هئا، تنھنڪري کوسن ۽ سوڍن جو پاڻ ۾ ڏاڍو سلوڪ هو. سمن کي گجرات کان خوف هوندو هو، تنھنڪري انھن کوسن جا چار هزار ڪٽنب گجرات جي بادشاهن جي سامھون ٿيڻ لاءِ ننگر پارڪر ۾ ويھاريا. محمود شاھہ بيگڙي جي وقت ۾، انھن ملڪ ۾ ايتريقدر رڻ مچائي ڏنو، جو چار دفعا محمود شاھہ بيگڙو پارڪر تي ڪاهي آيو. کوسن کي همايون، سون مياڻي جاگير طور ڏني. ميرن جي پھرين چوياريءَ جي دؤر ۾ جيڪي قبيلا پارڪر ۾ رهندا هئا، تن کي ٽالپري حڪومت کان وظيفا ملندا هئا. ڪلھوڙن جي ظلم کان ٻيا بہ ڪي پنج - ڇھہ سؤ کوسا پارڪر ۾ اچي رهيا هئا ۽ پونجي سوڍي کي سردار بڻائي، ڪڇ گجرات ڏانھن ڌاڙا هڻندا هئا. سن 1832ع جي شروعات ۾ کوسن پالڻپور جي هڪڙي واپاري قافلي کي اسلام ڪوٽ وٽ ڦريو. ان کان سواءِ کوسن ۽ واگهيلن گڏجي رحمڪي بازار کي لـُـٽيو، جنھنڪري انگريزي لشڪر، سنڌ جي سرحد تي چوڪسي رکي. ڪرنل پاٽنجر کوسن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪپتان رابرٽ ۽ ڪرنل لچفيلڊ کي فوجون ڏيئي روانو ڪيو. سرجان مالڪوم ان وقت بمبئيءَ جو گورنر هو. 20- آڪٽوبر تي پوني جو لشڪر بمبئيءَ کان روانو ٿيو. ٿرپارڪر جي ضلعي لاءِ خطرو جاڳيو. مير مراد علي خان منشي رحمت اللھ کي، ڪن بلوچي سردارن سان همراھہ ڪري، ٿر ڏانھن روانو ڪيو. پارڪر جي مختيارڪار غلام علي لغاريءَ کي حڪم مليو تہ بلوچي سردارن سان گڏجي سرحدن جي حالتن جو معائنو ڪري ۽ رپورٽ دربُار کي پيش ڪري. گورنر جنرل کي پنڊارين سان مقابلو ڪرڻو پيو، تنھنڪري کوسن کي ڪجهہ بہ ڪري نہ سگهيا. 5- آڪٽوبر 1832ع تي سردار غلام حيدر خان ڪن کوسن کي گرفتار ڪري، انگريزن جي حوالي ڪيو. سن 1859ع ڌاري ڪـُـٻڙي جي ڪاپڙي خان کوسي کي تروٽ صاحب ڪيترو لالچايو، پر هو نمڻ وارو نہ هو. تروٽ صاحب ڪاپڙي خان کي چوائي موڪليو تہ ساڻس تنبوءَ ۾ اچي ملاقات ڪري. پوءِ هن تنبوءَ جا رسا هيٺ ڪرائي ڇڏيا، ان لاءِ تہ ڪاپڙي خان تنبوءَ ۾ ايندو تہ ضرور ڪنڌ هيٺ ڪري ايندو، ۽ ائين سمجهيو ويندو تہ هي نمي پوءِ اندر آيو آهي. ڪاپڙي خان تنبوءَ جا رسا هيٺ ڏٺا، تڏهن تلوار سان تنبوءَ کي چيري، سنئين ڪنڌ هليو ويو. اها بھادري ڏسي، تروٽ صاحب دنگ رهجي ويو. سندس پٽ جلال خان وڏو سخي هو. ڪـَـوِيـَـن دل کولي سندس ساراھہ ۾ شعر چيا آهن:
نانو جبرو شيرسنگهه، ڏاڏو خان ڪمال،
موتي سيپان مانھـِـلو، جس کٽڻ جلال،
اُونچو ٻيسي شينھن جيئن، گينور چالي چال،
موتي سيپان مانھلو، جس کٽڻ جلال.
هن وقت سندس اولاد مان مسٽر يار محمد، تعليم يافتہ شخص آهي.
ويرا واھہ جو سوڍو، پونجوجي:
سوڍي سـَـتيجيءَ کان پوءِ ويرا واھہ جو ٻيو مشھور سوڍو پونجو ٿيو. سوڍي سـَـتيجيءَ پنھنجيءَ سـَـتا ۽ طاقت سان اهڙا ڪڪرم ڪيا، جو سندس پنج پٽ هڪ ٻئي پٺيان فوت ٿيا. سوڍو پونجو ستيجيءَ کان بہ سرس هو. سندس ڌيءَ واگڙ طرف پرڻايل هئي. ان کي هڪ ڏينھن ساهرن ڪنھن ڳالھہ تي مھڻو ڏنو. جڏهن پونجي کي خبر پيئي، تڏهن هڪڙيءَ رات ۾ واگڙ جا ست ڳوٺ ڦـُـري آيو. هڪ دفعي پونجو ٿراد ڏانھن ويو هو تہ ڪي چانڊيا پونجي جي هارين جا ڍور ڪاهي ويا. پونجي کي خبر پيئي، تڏهن چانڊين تي ڪاهي پيو. پوءِ تہ اهڙو ظلمي ٿي پيو، جو چانڊيو جتي ڏسي، اُتي خون ڪري ڇڏي. چوڻي آهي:
حمزا هيڪي وار، جي پڙين پانٽي پونجل ري،
ٿئي نہ اُت سوار، گهوڙي نہ چڙهي چانڊيو.
سـَـتيجيءَ کان پوءِ، گوڙي جي مندر وارا پارسناٿ جو پـُـتلو بہ پونجي کي هٿ آيو هو. پونجي جو جڏهن سنڌ جي ميرن سان تڪرار ٿيو، تڏهن ڪنھن هنڌ پتلي کي پوري ڇڏيائين. جڏهن پونجو سوڍو ميرن سان وڙهندي مارجي ويو، تڏهن ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ پيئي تہ پتلو ڪٿي آهي.
پارڪر تي ميرن جو راڄ
28- اپريل 1820ع ڪئپٽن ميڪرڊو مري ويو ۽ ان جي جاءِ تي جي. جي ولسن آيو، تنھن ٻہ مھينا ريزيڊنٽ ٿي ڪم ڪيو. ان بعد هينري پاٽنجر آيو. تڏهن، 8 - نومبر 1820ع ۾، سنڌ جي ميرن پنھنجي بمبئيءَ جي ايلچيءَ جي معرفت ڪمپني سرڪار سان صلح جو عهدنامو ڪيو، جنھن ۾ کوسن ۽ ٻين ڌاڙيلن کي قابو ڪرڻ جو قول پڻ ڪيائون. ڌاڙيلن کي بند ڪرائڻ جي بھاني سان، ڪمپني سرڪار چار سؤ گهوڙيسوارن جو دستو گهرائي، ڪڇ جي لودراڻي سرحد تي ضابطي لاءِ رکيو. 1822ع ۾ ڏڪار پيو، تنھنڪري ڪيترا ماڻھو ڪڇ ڇڏي ڀڄي ويا. ڍور ۽ ڍڳا مري ويا. ٻن سالن بعد وري ڏڪار پيو. ڪمپني سرڪار جو ايجنٽ، ميرن وٽ حيدرآباد رهندو هو. هن وٽان ڪنھن بہ احوال نہ اچڻ ڪري، سرڪار کي جاچ مان معلوم ٿيو تہ سنڌ جا مير ڪڇ تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن سان ملت آهن. پارڪر جي ڌاڙيلن تي قابو پائڻ لاءِ هڪ وڏو دستو واگڙ ۾ رهندو هو، سو ان وقت ڀڄ ڏانھن ويل هو. اهو موقعو ڏسي، پارڪر جا ڌاڙيل ٽن هزارن جي ٽولي ڪري، ڪڇ کي جيتڻ لاءِ، هٻاءِ جبل وٽ اچي پھتا. اتي مياڻا، ڪولھي ۽ ٻيا ڪڇ جي ڏڪار جا ماريل بہ اچي ساڻن شامل ٿيا. انھن جو سروار، ڪڇ جو مشھور ڌاڙيل تار لوڻائي هو. ڀڄ کان هڪ وڏو لشڪر آيو، تنھن سان دوبدو لڙائي ٿي. نيٺ ڪي ڌاڙيل مارجي ويا، ۽ ڪي ڀڄي ويا. پر ملڪ ۾ زبردست بي بندوبستي ٿي پيئي، جنھنڪري پارڪر جي سوڍن ميرن کي ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. تنھنڪري ميرن، 1830ع ۾، پارڪر ۽ ڏيپلي طرف پنھنجا ماڻھو ايلچيءَ طور ڍل اڳاڙڻ لاءِ موڪليا. پارڪر جا سوڍا ۽ آڌيگام، ويرا واھہ ۽ ننگرپارڪر وارا ڳوٺ ٻھراڻيءَ ۾ اچي گڏ ٿيا. ميرن جا عملدار بہ ٻھراڻيءَ ۾ ٽڪيل هئا. انھن سمجهيو تہ سوڍن کي دڙڪو داٻ ڏيئي مڃائينداسون، پر سوڍن اٽلندو مٿن حملو ڪيو ۽ اتي جو اتي سڀني عملدارن کي قتل ڪري ڇڏيائون. تڏهن مير مراد علي خان پنھنجو وڏو لشڪر پارڪر تي چاڙهي موڪليو. دوبدو لڙائي ٿي. سوڍو ٻونجوجي وڙهندي مارجي ويو. ٻہ راڻا قيد ٿيا. ننگر پارڪر جي گادي نشين راڻي جي صغير هئڻ ڪري، مير اتي جي ڪاروبار هلائيندڙ کي سنڌ وٺي ويا ۽ مکيہ راڻن کان ڏنڊ وٺي، کين ڇڏي ڏنائون. پارڪر جي راڻي تي ڏھہ هزار ڪوريون، ويرا واھہ جي راڻي تي ٻارهن هزار ڪوريون ڏنڊ وڌو ويو. ويرا واھہ جي راڻي جو ڀاءُ حيدرآباد جيل ۾ مري ويو. ٻھراڻيءَ جي راڻي تي ڏھہ هزار رپيا ڏنڊ پيو. ڦيٿاپر جي ٺـَـڪر تي ست سؤ رپيا، ۽ آڌيگام جي سوڍي کيمجيءَ تي پندرهن سؤ ڪوريون ڏنڊ وڌائون. مٿيان سمورا سوڍا ٽي مھينا نظربند رهيا ۽ پوءِ ڏنڊ ڏيئي آزاد ٿيا. انھيءَ کان پوءِ ميرن کي ٻنين جي پيدائش جي پنجين پتي ڍل طور ملندي هئي. 1843ع ۾ انگريزن جي اچڻ سان ميرن جي پارڪر تان حڪومت ختم ٿي.
انگريزن جي پارڪر تي ڪاھہ (1842ع) ۽ ان تي قبضو (1843ع)
جڏهن انگريزن 1843ع ۾ ميرن کان سنڌ ورتي، تڏهن ملڪ ۾ جتي ڪٿي گوڙ ٿي پيو. خاص ڪري ٿر ۽ پارڪر وارن راڻن سڌيءَ طرح آڻ نٿي مڃي، تنھنڪري گورنمينٽ سهولت خاطر پنھنجا عملدار ڌار ڌار هنڌن تي مقرر ڪيا ۽ پارڪر واري ڀاڱي تي پھريون ايجنٽ ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس آيو، ٻيو ايجنٽ تروٽ صاحب آيو، جو سن 1846ع کان 1871ع تائين رهيو. تروٽ صاحب، 1856ع ۾، پارڪر کي حيدرآباد ضلعي سان لڳائي ڇڏيو. تروٽ صاحب کان پوءِ مسٽر پالن آيو، تنھن ننگر پارڪر بازار ٺھرائي. اڄ تائين اُن بازار کي ”پالن بازار“ ڪري چئبو آهي.
ننگر پارڪر ۾ بغاوت (1859ع)
مٿين مڙني سببن جي ڪري راجپوتن جا دلي جذبا جوش ۾ اچي ويا ۽ راڻي جي سڏ تي سندس ڀاءُ ڀوپتسنگهہ ويرا واھہ جو راڻو لاڌو سنگهه، ٻھراڻيءَ جو ٺـَـڪر ڪلجي ۽ ٻيا اچي راڻي جي ڪئمپ ۾ داخل ٿيا. تنھن کان سواءِ پنج هزار ڪولھين جو لشڪر بہ اچي حاضر ٿيو. سڀني گڏجي، 15- اپريل 1859ع جي ڏينھن، انگريزن خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. انھن پھرين اچي تارون ڪپي. رستا ڀڃي ڇڏيا. خزانو لـُـٽي، ڪاردار جي ڪچھريءَ کي باھہ ڏني. پوليس ٿاڻي تي حملو ڪري، سوارن کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ڪيترو نقصان ڪيائون. ڏيئومل مختيارڪار، اها خبر ترت حيدرآباد موڪلي، جا 18- اپريل 1859ع جو حيدرآباد پھتي. ڪرنل ايونس، جو اُن اسٽيشن جو ڪمانڊنگ آفيسر هو، تنھن هڪدم ”ٿرڊ بلوچي ريجمنٽ“ جي هڪ وِنگ ننگر پارڪر ڏانھن رواني ڪئي ۽ ڪجهہ توبخانو ڪراچيءَ کان روانو ٿيو. ترت ئي ڪرنل اِيونس کي آرڊر مليو تہ خود وڃي سڀني فوجن جي ڪمانڊ وٺي، جيڪي ڊيسا، احمد آباد ۽ حيدرآباد کان ٿي آيون. تنھنڪري هو بہ روانو ٿيو ۽ اسلام ڪوٽ وٽ اڳ موڪليل فوج کي وڃي رسيو ۽ اُتي ٿر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سپرنٽينڊنٽ بہ اچي مليا. ڏيسا فوج جا اڳ ۾ ننگر پارڪر پھتي هئي، تنھن تي سوڍن پھرين حملو ڪيو ۽ اُنھن جواب ۾ توبزني ڪئي، جنھن جا ٺڪاءَ ڪرنل اِيونس پنجاھہ ميل پري پئي ٻڌا. هو 2- مئي 1859ع جو ويرا واھہ پھتو، تہ سڄو شھر خالي هو. ٻئي ڏينھن ڀوڏيسر پھتو، جتي ان کي ڀوڏيسر جا سوڍا مليا. 3- مئي تي سڀني فوجن جو سخت مقابلو ٿيو. ڪارونجهر جبل ۾ راڻي چندن جو ٺھرايل چندن گڍ توبن اُڏائي ڇڏيو، تنھنڪري حملھ آور سوڍا ڇڙوڇڙ ٿي ويا، ڪي مارواڙ ويا تہ ڪي ڪارونجهر جبل ۾ لڪي ويا. انگريزن شھر تي قبضو ڪيو ۽ راڻي ڪـِـرڻ ۽ لاڌوسنگهہ کي گرفتار ڪيائون ان طرح گوڙ بند ٿيو.
پوءِ ڪرنل ايونس، ڀوڏيسر جي ٺـَـڪرن کي ساڻ ڪري، ٻين سوڍن کي دٻائڻ ڪاڻ روانو ٿيو ۽ ڇاهٺ ميل پري، ڪجرڙالو ۾، باغين جي ڪئمپ تي حملو ڪيائين. سوڍا ڪي مارجي ويا ۽ ڪي ڀڄي ويا. ساري مارواڙ ۾ انھن جي ڳولا ٿي. ڪرنل ايونس، ايجنٽ گورنر جنرل راجپوتانا کي پارت ڪري، واپس ننگر پارڪر روانو ٿيو. ان وقت لاڌو سنگهہ جو پٽ اُڌيسنگهہ ٻاهر ويل هو. واٽ تي راڻيواڙي ڳوٺ ۾ ڍول وڄي رهيو هو، اُتي سندس گهوڙي نچڻ لڳي. تڏهن ڪنھن ڪولھيءَ چيو تہ: ”پاڻ هتي پيو گهوڙيون نچائي ۽ پڻس جيل ۾ پيو آهي!“ اهو ٻڌي اُڌيسنگهہ باھہ ٿي ويو ۽ هڪدم ماڻھو گڏ ڪري، جيل جو دروازو ڀڃي، سڀني کي آزاد ڪيائين. پوءِ پنھنجي سر بندوق کڻي، تروٽ جي تنبوءَ ڏانھن ڪاهي ويو. ٿورو پنڌ ويو تہ جوش ۾ ڀرجي ويو، ۽ وٺي بندوق جا فائر ڪيائين. تنھنڪري تروٽ ڀڄي هڪ مينگهواڙ لاڌوءَ جي گهر، چم جي ڇوڙن ۾ وڃي لڪو:
آيو اُڌيسنگهہ اوچتو، ڀورو ڀڄايو،
ڪـَـر ڀوري راڪنپيا، موچي بچايو.
راڻن تروٽ جي ڳولا ڪئي، مگر هو نہ مليو. تڏهن انھن ڪن سپاهين کي ماري ڇڏيو. ڪرنل ايونس جي فوج بہ ويجهي هئي، جنھن کي هڪ سوار وڃي ڏينسي وٽ خبر ٻڌائي تہ وري فساد شروع ٿيو آهي. فوج هڪدم اچي، 19- جون 1859ع تي گهيرو ڪيو. راڻو، وزير ۽ ٻيا شھر ڇڏي ڀڄي ويا. راڻي ڪارونجهر ۾ وڃي پناھہ ورتي، جتي اُن کي سندس هڪ گـَـهرو دوست، ڪاسبي جو لھاڻو سيٺ مھاوجي، هنس پري ٻائو ۽ روپلو ڪولھي کاڌي جو سامان رسائيندا هئا ۽ خبر چار ٻڌائيندا هئا. تروٽ کي خبر پيئي، تڏهن روپلي کي جاگير جي لالچْ ڏنائين تہ راڻي جو ڏس ڏئي، مگر هو وفادار هو، تنھن چيو تہ: ”مون کي ڪا خبر ڪانھي.“ پوءِ کيس ڏاڍي مارڪٽ ڪيائون. هٿ جي تـِـرين ۾ تيل وجهي، آڱرين تي وٽيون ٺاهي، باھہ ڏنائون.... تڏهن بہ روپلو ست تي ثابت رهيو. آخر تروٽ، هنس پري ٻائي ۽ سيٺ مھاوجيءَ کي گهرائي، لب لالچْ تي ريجهايو، تن دغا ڪري راڻي کي گرفتار ڪرايو. سگهو پوءِ وزير ۽ ٻيا سوڍا بہ گرفتار ٿيا. جنھن تابعداري مڃي، تنھن کي آزاد ڪيو ويو.
ڀوڏيسر جا ٺـَـڪر حملي وقت انگريزن سان مددگار رهيا ۽ ڪرنل ايونس، 23- آگسٽ 1859ع تي، هنن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو. هن سفارش ڪئي تہ ڀوڏيسر جو ڳوٺ، جنھن جي سالياني پيدائش ٽي سؤ رپيا هئي، سو ٺـَـڪرن کي هميشہ لاءِ ڏنو وڃي. انھن کي نيٺ ڇھہ هزار ايڪڙ جاگير ملي.
ننگر پارڪر جي راڻي ۽ ويرا واھہ جي ٺڪرن آڻ نٿي مڃي. تن جون اڳ مليل جاگيرون ضبط ڪيون ويون. ننگر پارڪر جي راڻي، ويرا واھہ جي ٺڪر لاڌو سنگهہ ۽ سندس پٽ اُڌيسنگهہ پوءِ بہ آڻ نہ مڃي. اُڌيسنگهہ کي تروٽ گهڻو ئي لالچايو ۽ کيس سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس جاگير ۽ هڪ بنگلي ڏيڻ جي آڇ ڪيائين، پر هو نہ مڙيو، تنھنڪري ان کي عمر ڪوٽ ۾ بند رکيو ويو.
اُڌيسنگهہ جي وفات بعد، سندس پٽ سامتسنگهہ کي سن 1887ع ۾ ڇھہ هزار ايڪڙ سيڪنڊ ڪلاس جاگير ملي ۽ راڻي جي وارثن کي ٽي هزار ايڪڙ ٿرڊ ڪلاس جاگير ملي. مھاوجيءَ جي خدمتن لاءِ ڪرنل ايونس، پنھنجي ليٽر نمبر 233، تاريخ 20- آگسٽ 1859ع ۾، سنڌ جي ڪمشنر مسٽر فريئر ڏانھن هن ريت لکي موڪليو: ”مھاوجي تمام عزت ڀريو لھاڻو آهي. اسان کي رسد پھچائڻ ۽ خبرون ڏيڻ ۾ هي تمام دور انديش آهي. پارڪر ۾ هي نہ هجي ها تہ ڪرنل تروٽ بہ اسان جون گهرجون پوريون نہ ڪري ها.“ ڪمشنر بلوي وقت مدد ڪندڙ ماڻھن لاءِ سخت سفارش ڪئي، تنھنڪري بمبئي سرڪار، پنھنجي ليٽر نمبر 1560، تاريخ 7- اپريل 1860ع ۾، ڪيترن کي جاگيرون ۽ انعام ڏنا: ڦول ٻائيءَ کي ڳوٺ ڦيٿاپر، ست هزار بيگا زمين ۽ حياتيءَ تائين معافي ملي. مھاوجي لھاڻي کي اٺ هزار بيگا زمين ۽ حياتيءَ تائين معافي ملي. هنس پري ٻائي کي جبل جي سموري پيدائش ملي. لاڌو مينگهواڙ کي بہ زمين جو ٽـُـڪر مليو ۽ ٻين ڪيترن کي معافيون مليون.
راڻي ۽ وزير تي راجڊوهيءَ جو مقدمو هليو، جو 1860ع ۾ پورو ٿيو. راڻي کي چوڏهن سال جيل ۽ وزير کي ڏھہ سال جيل مليو. روپلي ڪولھيءَ جو نالو امر ٿي ويو، اهو ئي سندس انعام آهي.
هن بلوي ۾ سوڍن جيڪا سورهيائي ڏيکاري، تنھن جا بيت اڃا تائين پارڪر ۾ ڳائجن ٿا:
گوري گرورَ گجيو، جهيڪ مچائي رڻ جنگ،
لڙيو ساٿ ڪلياڻ رو، اُوئان راجپوتانان رنگ.
رنگ ڪلا رنگ مھاسينگا، رنگ هو سڀ رهاڻ،
رنگ ڪارونجهر را ڪونگرا، رنگ سوڍا راڻ.
وِجو ڏاڍو ويرَ ورَ، ڀوجل ننڍو ڀوُپ،
ڪٽڪا سان رٽڪا ڪريا، رنگ ڪلاڪـُـل روپ.
ڪلي چڙهي هوڪو ڪري، باجي هاڪ ويراڻ،
گلي ئي پر تروٽ گيو، ميل فرنگي ماڻ.
ڀورا ڏر ڀانجي، گانجي پرتشڻان جيت،
مھيتپت کڙنگ مانجي، پارڪر رڻ پريت.
چندن گڍ نڇاور ٿيو، جوڌي مچايو جنگ،
لڙيو ساٿ ”ڪـِـرڻ“ جي رو، ان راجپوتانان رنگ.
سوڍن کي جاگيرون
انگريزن چالاڪي ڪري باغي سوڍن کي جاگيرون ۽ انعام ڏنا، تنھنڪري هو خوش ٿي ماٺ ڪري ويھي رهيا.
(1) ڀوڏيسر جاگير: هيءَ فرسٽ ڪلاس جاگير، ڇھہ هزار ايڪڙ، ڪرنل اِيونس جي زوردار سفارش سان ملي.
(2) ويرا واھہ جاگير: هيءَ سيڪنڊ ڪلاس جاگير، ڇھہ هزار ايڪڙ، سامتسنگهہ کي ملي ۽ ارڙهن سؤ پنج رپيا عيوضو پڻ مليو. سندس پٽ امر سنگهہ بنا اولاد هو، تنھنڪري سندس پتنيءَ اڀيہ سنگهہ کي گود جو پٽ ڪيو هو. جلد ئي اها ڀٽياڻي سرڳواس ٿي، تنھنڪري جاگير سرڪار پنھنجي حوالي ڪئي. اڀيہ سنگهہ اپيل ڪئي تہ جاگير واري زمين قبولي طور مون کي ملي ۽ آباد ٿيل زمين جي مان ڍل ڀريندس. انھيءَ تي موروثي هارين اعتراض ورتو. سرڪار موروثي هارين وارا نمبر هارين کي ڏنا ۽ ٻي جاگير اڀيہ سنگهہ کي قبولي ٿي ملي.
(3) راڻپور جاگير: ٽي هزار ايڪڙ زمين ۽ ٻہ هزار هڪ سؤ اٺونجاھہ رپيا روڪڙا مليا. اها جاگير هينئر اچلسنگهہ جي حوالي آهي.
(4) ڦيٿاپر جاگير: اها ٻہ هزار ايڪڙ ڦول ٻائيءَ کي ملي هئي.
(5) ڌنيگاڻو: موندرو، کارڙيو، ڪاسبو، آڌيگام وغيرہ ڳوٺن ۾ بہ سوڍن کي ڪي ٿورا نمبر معافي آهن.
مکيہ شھر
ننگر پارڪر:
ڪارونجهر جبل جي هنج ۾، 21-24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 4-70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾، هي مشھور شھر سوڍي آسراءَ پھرين اچي آباد ڪيو هو. هن وقت تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. پاسي ۾ نـِـمن جي عجيب وڻڪار اٿس. اهي نمون، تروٽ صاحب هڪ ميل تي سريکي نموني لڳارايون هيون. ڪارونجهر جي اُتانھينءَ چوٽيءَ تي چڙهي، هندستان جي ڪن ڀاڱن جو ديدار ڪري سگهجي ٿو. پاسي ۾ باغات آهي، جنھن مان سڀ قسم جي ڀاڄي ميسر ٿئي ٿي. هتي نواڙون، نودون، کيس وغيرہ ٺھن ٿا. اڳي اوسواڙ قوم جي اڪثريت هئي، پر هينئر انھن مان رڳو هڪڙو گهر رهندڙ آهي، باقي لوهاڻا، ميمڻ، ٻروچ، مينگهواڙ، گرڙا ۽ ڪولھي رهن ٿا. ننگر پارڪر ۾ هيرڻ جي پوک جام ٿئي، جنھن مان ڪافي اُپت آهي. هتي پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول، اسپتال، ٿاڻو، مختيارڪار جي آفيس، تار ۽ ٽپال آفيس، ديرو، مسافر خانو ۽ جانورن جي اسپتال آهن. هتي لکڻ ڀارتي جو مندر آهي. گوڙدرو ندي، ڪارونجهر جبل مان اٿاھہ پاڻي کڻي لنگهي ٿي، تڏهن لکڻ ڀارتي مندر وٽ اچڻ سان ٻہ اڌ ٿي وڃي ٿي. چون ٿا تہ لکڻ ڀارتي مڙهيءَ وٽ اڳي هڪ ٻاوو رهندو هو. هڪ دفعي برسات نہ وسڻ ڪري، ماڻھن وڃي ٻاوي کي عرض ڪيو، ٻاوو ٻہ ڏينھن ساندھہ اُتي بغير پاڻيءَ ۽ مانيءَ جي ويٺو رهيو. ٽئين ڏينھن سخت برسات آئي. ماڻھن وڃي ٻاوي کي عرض ڪيو تہ هاڻ هتان اُٿي، نہ تہ پاڻي ٻوڙي ڇڏيندئي، مگر ٻاوو اُتان نہ اُٿيو. پاڻي جڏهن ٻاوي وٽ پھتو، تڏهن ٻن وهڪرن ۾ ورهائجي، ٻاوي کان پاسو ڪري اڳتي وهي ويو. پوءِ اُن جاءِ تي مندر ٺھرايو ويو، جنھن کي لکڻ ڀارتي مندر چئبو آهي. هتي 1862ع ۾ ميونسپالٽي قائم ٿي هئي، جا 1872ع ۾ بند ٿي ويئي.
ويرا واهه:
هيءُ ننگر پارڪر تعلقي ۾ 31-24 اُتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 0-70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ تمام جهونو شھر آهي، جو اصل ويري ريٻاريءَ جو ٺھرايل آهي. هن جي پاسي ۾ پاري ننگر جي ڦٽل شھر جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن جي پاسي ۾ سنگها ڍنڍ آهي، جنھن ۾ پاڻي سڪڻ بعد پوک ٿئي ٿي. هي ويرا واھہ جي سوڍن کي مليل آهي. هتي لوهاڻا، ڪولھي ۽ مينگهواڙ رهن ٿا. منجهس پرائمري مرداڻو اسڪول، پوسٽ ۽ ڍڪ آهن.
ڊاڀو
هيءُ ننگر پارڪر تعلقي ۾ هڪ چڱو وسندڙ ڳوٺ آهي. هتي لاکا ۽ سما رهن ٿا، جي خانداني گهراڻي جا زميندار آهن. هتي پرائمري مرداڻو اسڪول آهي، جو قديم وقت کان وٺي هلندو اچي ٿو. هتي سما، مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولھي رهن ٿا.
آڌيگام
ننگر پارڪر تعلقي ۾، هڪ چڱو شھر آهي. هتي ايترو ناڻو آهي، جو چوندا آهن تہ اڌ ۾ آڌيگام، ۽ اڌ ۾ سڄو ننگر پارڪر تعلقو. گهڻي ناڻي جي ڪري، آڌيگام کي سدائين ڌاڙيلن جو ڊپ رهيو آهي. هتي لوهاڻا، جين، مينگهواڙ، ڪولھي، ڪنڀار، سما، گرڙا، چاڪي ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. منجهس پرائمري اسڪول، ٿاڻو ۽ ڍڪ آهن.
ڏونگري
هيءُ ڳوٺ ننگرپارڪر جي نزديڪ آهي. ڏونگري اڳئين زماني ۾ هڪ تمام وڏو شھر هو، جنھن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پاسي ۾ هڪ ٽـَـڪري آهي، جنھن ۾ هڪ ڀونئرو هو. هينئر اُهو ڀونئرو ڊٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هتي برهمڻ رهن ٿا، جي ٻن قسمن جا آهن: شرمالھي ۽ راجگر. منجهس پرائمري اسڪول ڪيترن سالن کان هلندڙ آهي.
ننگر پارڪر ۾ رهندڙ قومون
مسلمانن جون هيٺيون ذاتيون رهن ٿيون:
سيد - هيءُ ورڻھاريو ۽ قابل شاھہ ۾ رهن ٿا. کوسا- ننگر پارڪر، سامي ويري ۽ ڪٻڙي ۾ رهن ٿا. سما- ڊاڀي ۾ رهن ٿا. چانڊيا- موندرو، ٻورلي چانڊيا، هستڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ رهن ٿا. ساند - پـِـيلو، پھڻاريو، ساهو ساند، وغيرہ ڳوٺن ۾ رهندڙ آهن. خاصخيلي - ڀالوا، رتنياري وغيرہ ڳوٺن ۾ رهن ٿا. تعلقي ۾ مسلمانن جون ٻيون بہ هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: اُتر، سومرا، کوکر، رند، نھڙي، راهما، شيدي، حجام، ڪنڀار، مڱڻھار، لنگها، مڱريا، لنجا، جوڻيجا، سنگراسي، هاليپوٽا، سميجا، راڄڙ، جيسر، ڀٽي، جنھنجي، ٿيٻا، ديدار، ڏيٿا، اوٺا، چنا، ڪيريا، ڏوهٽ، ڪيلھڻ، گجـُـو وغيرہ.
هندن جون هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: شرمالھه، برهمڻ، راجگر برهمڻ، سارسوت برهمڻ، جين، لوهاڻا، راجپوت، رٻاري، سوٽهڙ، چارڻ، جاٽ، مالھي، سونارا، کٽي، نائي، سامي، لوهار بجير وغيرہ.
اڇوتن جون هيٺيون ذاتيون رهندڙ آهن: مينگهواڙ، ڀيل، ڪولھي ۽ ڀنگي.
پارڪر جا ڪولھي
چون ٿا تہ اڳئين وقت راڙڪوئي ۾ هڪ ڪولھي، شاهوڪار ۽ ستا وارو هوندو هو. وٽس هڪڙو ڀلو اُٺ هو، جنھن جي ڪنڌ ۾ سوني سنگهر وجهي، هو اُٺ بنا ڏاڻ جي ڇڏي ڏيندو هو. ڪيترن ماڻھن وٽان ننگر پارڪر جي راڻي کي انھيءَ ڪولھي بنسبت دانھون پھتيون تہ اُٺ اسان جون ٻنيون کائي ٿو. هڪ دفعي ان راڻي جو ڀاڻيج واگڙ کان آيل هو. ٻيئي ڄڻا ڪچھريءَ ۾ ويٺا هئا تہ انبوھہ ماڻھن جو دانھن کڻي آيو. راڻي پنھنجي ڀاڻيج کي اشارو ڏنو تہ هو اُٺ جهلي، گم ڪري ڇڏي. ٻئي ڏينھن هو اُٺ ڪاهي، واگڙ وٺي ويو. جڏهن ڪولھيءَ کي سڌ ملي، تڏهن وڏو ڊنبلو وٺي واگڙ طرف ڪاهي ويو. راڻي جي ڀاڻيج کي اها خبر پيئي، تڏهن هندو رسم مطابق ساميو ڪري سامھون آيو، چيائين تہ: ”ماما، اسان هن ڪري اوهان جو اُٺ آندو تہ اوهين ڪڏهن هن طرف نٿا اچو، سو هن بھاني سان من اسان جي ڳوٺ ۾ اچڻ ٿئيوَ!“ اها ڳالھہ ٻڌي، ڪولھيءَ ساميي ۾ ست سؤ ڪوريون وڌنديون ۽ ڀاڻيج کي اُهو اُٺ بخشش ڪري ڇڏيو.
رفتي رفتي هيءَ قوم غربت ۾ گرفتار ٿيندي ويئي ۽ هن وفادار ۽ بھادر قوم جي غربت ۽ اٻوجهائيءَ جو ناجائز فائدو وٺي، ان کي هميشہ لاءِ ذلت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ويو. هينئر انھن ۾ ڪافي سجاڳي آئي آهي، تڏهن بہ بي علميءَ سببان وڏي طبقي جي غلاميءَ ۾ جڪڙيل آهي.
تعليم
ٻولي
پارڪر جا گيت
هڪڙيءَ سس پنھنجيءَ نـُـنھن کي، مڙس جي غير حاضريءَ ۾ ماري ختم ڪري ڇڏيو آهي، مڙس جڏهن پرديس ڪمائي موٽي اچي ٿو، تہ ماءُ کان پنھنجيءَ زال جي پڇا ٿو ڪري:
گيت ۾ ماءُ ۽ پٽ جا ان بابت سوال ۽ جواب ڏنل آهن.
ماڙي، ٻارهن ورس آويو -- ماڙي، نہ ڏسي پاتلي پرمار رِي،
جاڙيجي مان:
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي.
(اي امڙ، آءٌ ٻارهن سالن کان پوءِ آيو آهيان، پر هوءَ ڪٿي بہ نظر نٿي اچي، پرمار راجپوتن جي ڌيءُ، حاڙيجن راجپوتن جي ڪنيا. کائڙ جي وڻ تي پپيو ٻولي ٿو!)
بيٽا، ايھن پاڻي بھوُ گئي -- بيٽا، ڇوٽوڙو ڏيور ساٿ:
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي.
(پٽ، ڪنوار تہ پاڻي ڀرڻ ويئي آهي، ساڻ ننڍو ڏير بہ اٿس. کائڙ جي وڻ تي پپيو ٻولي ٿو.)
ماڙي، جل ٿل سڀ ديکيا، پڻ نھين ديکي پاتلي پرمار ري،
جاڙيجي مان:
(اي اما، آءٌ کوھہ ۽ تلاءَ سڀ ڏسي آيو آهيان، پر هوءَ ڪٿي بہ نظر نٿي اچي، پرمارن جي پـُـتلي ڌيءَ......)
ڏيڪرا، ٻيٺئي ويس ني هٿيار ڇوڙيئي، ڏلئا ڏري آوسي،
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙري کيجڙي.
(پٽ، ويھہ هٿيار لاهه، هوءَ اَن ڏرڻ ويئي آهي، اِجها آئي ڪـِـي آئي!)
ماڙي، گهنٽيون ني رئڙا جوئي رهيو، ماڙي نہ ديکي پاتلي پرمار رِي،
جاڙيجي مان:
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي.
(امڙ، سڀ چـَـڪيون ڏسي آيو آهيان، پر هوءَ ڪٿي بہ نظر نہ آئي، پرمارن جي پوپري جاڙيجن جي ڄڻيل.)
ڏيڪرا، ٻيس هٿيار ڇوڙيئي، ڪليا ڪنور، ويس ڌوڪ ني آوسي ري،
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي.
(منھنجا پيارا ڪنور، هٿيار ڇوڙي آرام ڪر، تنھنجي ڪنوار ڪپڙا ڌوئڻ ويئي آهي، ڄاڻ تہ آئي.)
ماڙي، نديون نالا جوئي ديکي ري، ماڙي نھين ڌيءَ پاتلي پرمار ري،
جاڙيجي مان:
ٻاٻيو ٻوليو، کائڙ ري کيجڙي.
(اي اما، سڀ نديون نھاريم، پر هوءَ ڪٿي نظر نہ آئي: اُها پرمارن جي پياري ڌيءَ، جاڙيجن جي جوانڙي.)
اينا ٻـُـچڪا مان ڪورِي بانڌنـِـي ري، اي بانڌني ديک ني بادر هاوَري،
اي گوجارن مان.
انٻلو ورک سوکي ڳيو ري.
(هن بجڪيءَ ۾ سندس نئين ساڙهي پيئي آهي. سندس ساڙهي ڏسي، دل ٿي گهريم تہ ساڌو بڻجي وڃان. او هـَـتياري امان، اڱڻ ۾ انب جو وڻ سڪي ويو!)
پارڪر جي نج شعر جو نمونو
(2) آري وِيوڳ ٿـِـي وَهالـِـس، کـَـري کـَـر دل ڀـَـٽـَـڪي ڇي.
(3) آتيشَ ڪيس لانبا ڇي، سونـَـوا سـِـرَ پـَـرَ سوڀي،
(4) آڏيکا اَنـَـترَ ٿي ني، ڦڻيڌر سـِـيسَ پـَـٽـَـڪي ڇي.
(5) لـِـلاٽي چاندَلو سوڀي، نھاري نيتر لوڀي ڇي،
(6) شـَـشـِـي ايمِ ڌارِي ني، ڪـُـموُڏُني مـُـک ڇٽڪي ڇي.
(7) هرڻ سـَـمَ نيتـَـر ڇي تارا، وري وِشال ني ڪارا،
(8) نيڻ نـِـٿ ٿـِـي نہ ٿايو تو، نھين ڪوُڪال ڇٽڪي ڇي.
(9) گلابي گال ڇي گورا، سوڀت ناڪ ۾ نٿ نـِـي،
(10) اَها نـَـٿَ نوتڻو موتـِـي، آڌَرَ پـَـرَ ڇيڪ لٽڪي ڇي.
(11) منوهر مـُـک تارون ڇي، تـَـرُوڻي تيج واروُن ڇي،
(12) شـَـشـِـي شرمائي نيڻ گگني، گـُماوِي گـَـروَ ڀٽڪي ڇي.
(1) گمي ڇي= وڻي ٿو. تارو=تنھنجو. چترا=چالاڪ.
(2) ويوڳ= وڇوڙو. وهالي= پياري. کري کر=پڪيءَ طرح.
(3) اتيش= گهڻا. ڪيس= وار. لانبا= لنبا، ڊگها. سونوا= سون جھڙا، سونھري، سوڀي = سوڀيا ڏئي ٿو، سونھي ٿو.
(4) آڏيکا= ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ، لڪل، انتر= اندر. ڦڻيڌر=ڪاريھر. سيس= سر، مٿو.
(5) للاٽي= نراڙ، پيشاني. چاندلو= چندي. نيئر= نيڻ، اکيون.
(6) ششي= چنڊ، ايم= ايئن. ڪموڏ= ڪنول.
(7) هرڻ سم نيتر= هرڻ جھڙا نيڻ. تارا= تنھنجا. وشال= گهاٽا.
(8) ٿايو= نوايو، جهڪايو. ڪوڪال= ڪـُـوڪرو، آه زاري.
(9) گال= ڳل. سوڀت= سونھي ٿو.
(10) اڌر= مٿو.
(11) تارون= تنھنجو. تروڻي تيج وارو= سج جھڙو چمڪندڙ.
(12) گگني= اُڪاس ۾. گماوي گرو= ايمان ڇڏي.
ننگر پارڪر تعلقي جو شعر
تاجي ڏوجهاري ڏُسڪا ڀري ڙي:
جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ!
سـَـتَ تان سھيليون، پاڻي ڙي گـَـيون ڙي،
تاجـِـي هانجرَ آنسوُڙا هاري ڙي:
جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ!
سائو تان سارون ڙو، وينٽڻئي رهيو ڙي،
تاجي وڇوڙي ۾ ويراڳڻ ڦران ڙي:
جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ!
ٻيجي ڪو سھيلين، ٽيج ڪو رکي ڙي،
تاجي مرگها نيڻي ميلي ويس ڙي:
جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ!
کنوڻ ري ڪڙڪي، مانجي ڇاتي ڪو ڌڙڪي،
چوماسو تڪڙو جائي ڙي:
جاني ڙا، وَهيلو وري آءُ!
پارڪر جي رس رهاڻ ۽ قربائتي ڪچھري
سوال: ناري ٻولي نيھہ سان، تون هو چـَـتـُـرَ سـُـڃاڻ،
پنج ”پ“ تي پيارا پـُـرش ني، تنھن جا ڪريو وکاڻ.
(ناري نھايت نرمائيءَ سان چوڻ لڳي تہ اهي پنج شيون ”پ“ جون ٻڌايو، جيڪي پرش کي پياريون هجن.)
جواب: پان، پاگهہ، پدمڻي، پريمل ۽ پوشاڪ:
پنج پيارا پـُـرش کي، ڦـِـر پـُـڇ سڏ پاڳ.
(پان، پٽڪو، پدمڻي، ڪٽنب ۽ پوشاڪ: اهي پنج ئي شيون مرد کي پياريون هونديون آهن.)
سوال: ڌن ڌن تنھنجي ڌيان کي، ڌن ڌن راجڪمار،
پنج ”ڪ“ تي پيارا ڪامڻي، ڦـِـر چئـِـي ڏيکار.
(اي راجڪمارو، جيڪي پنج شيون ڪامڻيءَ کي پسند هجن، اهي ٻڌايو.)
جواب: ڪنڪـُـو، ڪاجل، ڪانگسي، ڪانچرئو ۽ ڪنٿ:
پنج پيارا ڪامڻي، سـُـڻ پـُـرش سـُـچنت.
(ڪنڪـُـو تلڪ لاءِ، ڪجل اک لاءِ، ڪانگسي وارن کي ڏيڻ لاءِ، ڪپڙو اوڍڻ لاءِ ۽ ڪنٿ: اهي پنج شيون استريءَ کي پياريون آهن.)