ٻاراڻو ادب

پوپٽ ۽ گلاب

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي. سندس ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگارنگي ۽ نرالائپ هڪ نئين وڻندڙ دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. هنن ڪھاڻين ۾ پکين، جانورن، جيت جڻن ۽ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 12
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پوپٽ ۽ گلاب

ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪا وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: پوپٽ ۽ گلاب
ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڪمپوزر: گلزيب هڪڙو
ٽائيٽل: مھراڻ سھتو
ڇاپو پھريون: اپريل 2023ع
ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي
Cell: 0334-2208151
ملھه: 200

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

ملڻ جا هنڌ:
ڀٽائي بڪ اسٽور، حيدرآباد ڪويتا ڪتاب گهر، دانيال ڪتاب گهر قاسم آباد، رُومي ڪتاب گهر ايگريڪلچر ڪامپليڪس حيدرآباد، ڪنول ڪتاب گهرحيدر چونڪ، پيڪاڪ ڪتاب گهر حيدرآباد، ون ڊالر شاپ پريس ڪلب حيدرآباد، سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، فرينڊس بڪ اسٽال نسيم نگر چوڪ، مدني بڪ اسٽال دادو الاحسان گهر ڪتاب ميھڙ، اردو بازار ڪراچي، مُرڪ ڪتاب گهر ڪراچي.

ارپنا

پنھنجو هيءُ من پسند پورهيو ورهاڱي کان اڳ جي انھن اديبن کي ارپيان ٿي جن ٻارڙن لاءِ لکڻ جي ابتدا ڪئي، ۽ اسان کي ”ڀنڀي زميندار جي آکاڻي“، ”سُڌا تورو ۽ ڪڌا تورو“، ”ايسپ جون آکاڻيون“، ”حاتم طائي“، ”طوطي نامو“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڏنا. اهڙن ملھائتن نالن ۾ غلام حسين قريشي حيدرآبادي، سيد ميران محمد شاھہ، ديوان ننديرام سيوهاڻي، منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي، آخوند لطف اللھ ”لطف“، آخوند عبدالرحيم وفا عباسي، ڪوڙو مل کلناڻي، ميلا رام واسواڻي، نارائڻ داس ملڪاڻي، پرمانند ميوارام، شيوڪ پوڄراج، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، هوند راج بلواڻي، ڀيرومل مھر چند آڏواڻي، محمد صديق”مسافر“، نارائڻ شيام، هري دلگير، ڪمل پياسي، منگترام واسواڻي، ڪشنچند بيوس، موتي پرڪاش ۽ ٻين هِنَ ڏِسَ ۾ موکيو آهي.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو مجموعو ”پوپٽ ۽ گلاب“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي. سندس ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگارنگي ۽ نرالائپ هڪ نئين وڻندڙ دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي. هنن ڪھاڻين ۾ پکين، جانورن، جيت جڻن ۽ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن.
ھي ڪتاب چانڊوڪي پبليڪيشن، واھي پانڌي پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ: هڪ نرالو ٻالڪ ڪھاڻي ڪتاب

سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب جي ڌرتي ڏاڍي سخت پئي رهي آهي، تنھن هوندي بہ ان ڌرتيءَ مان ٻالڪ ادب جا جيڪي نالا ڪنھن چشمي وانگيان ڦٽي نڪتا آهن، تن ۾ هڪ بيحد اهم نالو ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو بہ آهي، ڊاڪٽر صاحبہ هلندڙ دور جي هڪ سگهاري ۽ نرالي تخليقڪار آهي، جنھن گذريل ڪيترن ئي سالن دوران سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي باغ ۾ قسمين قسمين ۽ رنگا رنگي گُل پئي لڳايا آهن ۽ ۽ جن جي خوشبوءِ سنڌي ٻارڙن جي ذهنن ۽ دلين کي سَرهو ۽ سُرهو ڪري ڇڏيو آهي. ٻارڙن جي دلين ۽ ذهنن کي خوشبودار ڪرڻ جي ڏس ۾ ٻالڪ ادب تخليق ڪرڻ بيحد ڏکيو ڪم آهي، ايڏو ڏکيو جو وڏن وڏن قلمڪارن جا قلم بہ ڏئي وَٺي بيھي رهندا آهن. پر ڊاڪٽر پروين موسيٰ ٻالڪ ادب تي جيڪو ڌيان ڏنو آهي ۽ ان ڏس ۾ جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو واکاڻ جوڳو آهي ۽ گڏوگڏ گهڻن ئي ٻالڪ ليکڪن لاءِ اتساھہ جو ڪارڻ پڻ، سندس ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي هجي. سچ تہ اهو آهي تہ ٻارڙن جو ڳالھيون ٻارڙن تائين پھچائڻ جو اثرائتو ذريعو ڪھاڻيءَ کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڪونھي.
هن ٻالڪ ڪھاڻي ڪتاب ”پوپٽ ۽ گلاب“ ۾ ڪُل سورهن ڪھاڻيون شامل آهن، جن کي پڙهڻ کانپوءِ هڪ گهڙيءَ لاءِ بہ ۽ ڪٿي بہ بوريت جو احساس ڪونہ پيو ٿئي تنھن ڪري وڏي اعتماد سان اهو چئي سگهجي ٿو تہ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ٻالڪ ڪھاڻيءَ جي جهوليءَ ۾ هن مجموعي جي صورت ۾ پنھنجو حصو پتي وجهي ٻارڙن سان پنھنجي محبت جو هڪ ڀرپور اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحبہ هڪ ماءُ ۽ هڪ قلمڪار آهي ۽ هي ڪھاڻي ڪتاب بہ هڪ ماءُ ۽ هڪ قلمڪار پاران ٻارڙن سان پيار جي انمول جذبي کي چِٽو پٽو ظاهر ڪري ٿو.
هڪ ٻالڪ ليکڪ جي حيثيت سان ”پوپٽ ۽ گلاب“ جو اڀياس منھنجي لاءِ هڪ نھايت وڻندڙ تجربو آهي. هڪ اهڙو تجربو، جنھن ۾ فطرت سان ڳانڍاپي جي جذبن جو وهڪرو ۽ خوشيءَ ۽ سَرهائيءَ جا گل ٽڙيل آهن. ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگارنگي ۽ نرالائپ هڪ نئين وڻندڙ دنيا ۾ وٺي وڃي ٿي ۽ اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي تہ ليکڪا پنھنجي ڳالھہ پتڪڙن ٻارڙن جي دل ۽ دماغ ۾ ويھارڻ لاءِ قلم سان گڏ محبت جي ذريعي کي بہ ڪمال مھارت سان ڪتب آندو آهي.
سنڌي ٻالڪ ڪھاڻين ۾ پکين، جانورن، جيت، ڄڻين ۽ فطرت جي ٻين اهڙن مظهرن جي وسيلي ڪھاڻيڪار پنھنجي ڪھاڻين کي سھڻو بنائيندا پئي آيا آهن. سنڌيءَ ۾ ٻارڙن لاءِ ڪھاڻيون لکڻ وقت ڪھاڻيڪارن انھن شين تي مناسب ڌيان پئي ڏنو آهي پر لوڪ ڪھاڻين کانپوءِ هي پھريون ٻالڪ ڪھاڻي ڪتاب آهي، جنھن ۾ وڻن، ٽڻن، گلن ٻوٽن، پکين ۽ جانورن کي آندو ويو آهي. گهر ڀاتين کانپوءِ هڪ ٻارڙي جو تڪڙو واسطو انھن ئي شين سان پوندو آهي، گَهَر جي چار ديواريءَ ۾ رهندي ننڍڙا ٻارڙا پکين ۽ جانورن سان جلد ئي هِري مِري ويندا آهن، جهرڪين جي ”چُون .... چُون....“ ۽ ٺينگ ٽَپا ڏيڻ، ڪانون جي ”ڪان... ڪان“، ڪبوترن جي ”غٽر ڪون... غٽر ڪون“ ڪُڪڙ جو سينو تاڻي ٻانگ ڏيڻ، ٻليءَ جي ”ميائون.. ميائون“ ڍڳي جي ’رانڀ‘ وغيرہ ٻارڙن کي هڪ دلچسپ شغل وانگر پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائينديون آهن ۽ گڏوگڏ فطرت سان رابطو ڪرائڻ جي ڏس ۾ سندن مددگار ٿينديون آهن، وڻن جون ڪھاڻيون، جهنگلي ۽ پالتو جانورن ۽ پکين جون ڪھاڻيون ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڪھاڻيون هڪ ٻار ۾ اها ساڃاھہ پيدا ڪنديون آهن تہ فطرت سندس آسپاس ڇا رکيو آهي، ڇو رکيو آهي؟ ۽ اهو سڀ ڪجهہ سندس لاءِ ڇو ۽ ڪيترو ضروري آهي؟
هنن ڪھاڻين ۾ فطرت سان محبت ۽ قربت، انسان دوستي، دردمندي ۽ ٻيا ڪيترائي رنگ ۽ روپ ۽ نرالا خيال چمڪندڙ موتين وانگر وکريا پيا آهن. گڏوگڏ ڊاڪٽر صاحبہ جي گهري نظر ۽ مشاهدي جا اهڙا پاسا بہ پڌرا پيا آهن ، جيڪي ڪنھن وسيع نظر ڪھاڻيڪار جي فن ۽ فڪر ۾ هڪ لازاول چمڪ پيدا ڪري سگهندا آهن. اهوئي سبب آهي، جو سندس هن مجموعي ۾ شامل ڪھاڻيون ٻارڙن ۾ فطرت ۽ زندگيءَ جو شعور پيدا ڪن ٿيون ۽ شعور بہ وري اهڙو جيڪو اسان جي سماج جو اصل روح ۽ اسان جي تهذيبي قدرن جي بنھہ ويجھڙو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل سموريون ڪھاڻيون پڙهڻ کانپوءِ اهو اندازو ٿئي ٿو تہ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ٻارڙن جي مزاج، طبيعت جي لاڙن، دلچسپيءَ، احساسن ۽ جذبن جي وڏي نباض آهي. تنھن ڪري هوءَ هنن ڪھاڻين وسيلي ٻارڙن جي شخصيت جي جوڙ جڪ ڪرڻ چاهي ٿي، يعني هوءَ ٻارڙن جي ذهن جي تعمير اهڙي نموني ڪرڻ جي خواهشمند آهي، جنھن سان هڪ ٻار هڪ اهڙو انسان بڻجي سگهي، جيڪو فطرت پرست هجي، جيڪو خدا آگاھہ هجي، سچائيءَ ۽ صداقت جو پيڪر هجي، روشن خيال هجي، همدرد ۽ هڏڏوکي هجي، تڪبر ۽ وڏائيءَ جھڙي لعنت کان پاڪ هجي، محسن شناس هجي، خدمت گذار هجي، غريبن جو مددگار هجي، هيڻن جو حامي هجي، وطن پرست هجي، انسان دوست هجي، برائين کان آجو هجي ۽ عمل ڪردار جو هڪ سھڻو نمونو هجي. هي سڀ ڪھاڻيون انھن مڙني خوبين کي سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح ٻارن ۾ اڀارڻ جو اهم ذريعو آهن.
هي سڀ نيون نڪور ڪھاڻيون آهن، جن ۾ ڪھاڻيءَ جون هڙئي خوبيون موجود آهن. سادي ٻولي، دلچسپ فقرا، ڄاتل سڃاتل ماحول، شگفتگي ۽ رواني ۽ گڏوگڏ هر ڪھاڻيءَ جي پردي ۾ ٻارڙن لاءِ هڪ روشن پيغام ۽ هڪ چمڪندڙ سبق، جيڪو اڄوڪي دور جي ٻارڙن لاءِ ازحد ضروري آهي.
ڊاڪٽر پروين هڪ اهڙي ڪھاڻيڪارہ آهي، جنھن ٻارڙن لاءِ بي لوث محبت ۽ وڏي سچائيءَ سان پئي لکيو آهي ۽ لاڳيتو لکندي پئي اچي. هن ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻين ۾ بہ سندس انداز گهڻو نرالو ۽ غير روايتي آهي. خاص ڳالھہ اها تہ هوءَ ٻارڙن جي تفريح ۽ وندر ورونھن لاءِ نہ ٿي لکي، پر سندس آڏو ٻارن جو سڌارو ۽ اخلاقي تربيت آهي. هي سڀ ڪھاڻيون پنھنجي انفرادي خوشبو ان ڪري رکن ٿيون جو منجهن سندس ذاتي تجربو ۽ مشاهدو شامل آهي. هن فطرت ۽ پکين ۽ جانورن جي واقعن ۽ تاثرات ۽ ماحول جي وچ مان ڪھاڻيون ڳولي ٻارن کي آڇيون آهن. سندس ڪھاڻين ۾ ڪو نہ ڪو مقصد ضرور آهي. هي سڀ ڪھاڻيون ٻارڙن کي غير شعوري طور تي درس ڏين ٿيون. ڪٿي بہ منجهن واعظ ڪونھي، پر ٻارن لاءِ انھن ڪھاڻين ۾ لاڳيتو دلچسپي برقرار رهي ٿي.
هي ڪھاڻيون پڙهي اندازو ٿئي ٿو تہ ڊاڪٽر پروين نہ رڳو پنھنجي فني معيار ۽ ڪھاڻي چوڻ جو منفرد انداز ۽ سليقو برقرار رکيو آهي، پر ڪھاڻيءَ جي موضوعن ۾ پڻ رنگا رنگي ۽ ڪشادگي پيدا ڪئي آهي. سوچ ۽ شعور جا ڪيترائي دروازا کلندي نظر اچن ٿا. مون کي پَڪ آهي تہ هن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون ٻارن جي علم، سندن تربيت ۽ معلومات ۾ واڌاري سان گڏوگڏ سندن ذهني اُفق کي وسيع ۽ تخيل کي بلند ڪنديون ۽ کين لاڀائتو شھري ۽ نيڪ دل انسان بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
ٻارڙن جي ادب جا پڙهندڙ ۽ نقاد منھنجي ان ڳالھہ سان ضرور سھمت ٿيندا تہ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هي ٻالڪ ڪھاڻي ڪتاب”پوپٽ ۽ گلاب“ ٻاراڻي ادب جي دنيا ۾ هڪ سھڻو واڌارو آهي ۽ ادبي حلقن ۾ ساراھہ لائق سمجهيو ويندو.

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
سينيئر پروڊيوسر/ڊائريڪٽر
پي ٽي وي، ڪراچي
2022-12-01

پنھنجي پاران

پيارا ٻارو! ڌڻيءَ سڳوري هيءَ خوبصورت ڌرتي، آسمان، چنڊ، تارا، سج، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، درياھہ، سمنڊ، نباتات سڀ انھيءَ لاءِ پيدا ڪيا آهن تہ جيئن سندس پسنديدہ ۽ سڀ کان احسن مخلوق يعني انسان (اشرف المخلوقات) انھيءَ مان مڪمل فائدو وٺي، آرامي ٿيئي ۽ سک جي حياتي ڪٽي.
پر حضرت انسان ڇا ڪيو جو پنھنجي رب پاڪ جي ڏنل انھن نعمتن جو شڪر گذار ٿيڻ ۽ انھيءَ جو قدر ڪرڻ بدران سندس ئي ٺاهيل هن حسين دنيا کي سائنسي ايجادن جي ڊوڙ ۾ اڳتي نڪرڻ واري جنون سان خراب ڪري ڇڏيو، زمينن تي پکي پکڻ پريشان، سمنڊن ۽ دريائن ۾ آبي مخلوق حيران، ان کانپوءِ بہ ڌرتيءَ تي خود انسان پڻ بي حال. اسان فقط پنھنجي آس پاس جي ڪنھن باغ ۾ ئي وڃي پسار ڪريون تہ قدرت جي ڪاريگريءَ جا انيڪ رنگ پسنداسين. چئوطرف جهرڪين، ڪانون، طوطن، ڪوئلن جون ٻوليون ۽ انھن آوازن جي مسحورڪن موسيقي، وڻن جي ٿڌي ڇانؤ، سھڻا سھڻا گل ٻوٽا سائي ڇٻر ڏسي اکيون ٺرن ۽ پير ٿڌا ٿين ٿا. جي پوپٽن کي ئي ڏسو تہ ڪيتري نہ رب سائين جي سندر تخليق آهي!!
نازڪ پرن ۽ آواز جي لھرن کي محسوس ڪرڻ وارا، رنگين گلن جي رنگن جي خوبصورتيءَ کي پنھنجي اندر جذب ڪرڻ وارا، باغن جي سونھن اهي پوپٽ آهن ۽ ٻارڙا ڪيئن نہ کين پڪڙي قيد ٿا ڪن. توهان جڏهن ڪھاڻي ”پوپٽ ۽ گلاب“ پڙهندا پوءِ ضرور خيال ڪندا تہ اسان کي ساھہ وارن کي تنگ نہ ڪرڻ گهرجي. آئون نٿي سمجهان تہ ڪي سڀ ٻارڙا ايئن ڪن ٿا. جي توهان کان اهڙي غلطي ٿي آهي تہ آئيندہ لاءِ ايئن ڪرڻ کان پاسو ڪريو. ڇو تہ گل، پن، ٻوٽا، پکي پکڻ سڀ قدرت جي طرفان اسان جي لاءِ عظيم تحفو آهن. توهان باغ کي سنوارڻ جو شوق رکو، ٻوٽا پوکيو ۽ سکو تہ باغن جي حفاظت ڪھڙيءَ ريت ٿيندي؟ باغباني هڪ اهڙي سڪون ڏيندڙ شغل آهي جو ٻارن کي تہ ضرور سکڻ گهرجي. جانورن ۾ ڪي جانور تہ جهنگ ۾ رهندا آهن ۽ کين انساني آباديءَ کان پري بہ رکبو آهي جو اهي خطرناڪ پڻ آهن. جيئن شينھن. هاٿي، گدڙ، ۽ ڪي ٻيا آهن. پالتو جانور جيئن اٺ، گهوڙو، ٻڪري، مينھن، ڍڳي، ڪتو، ٻلي، ڪڪڙ ۽ ٻيا جي بيضا ۽ ٻچا ڏين ٿا. سندن گوشت ۽ کير مان انسانن کي لاڀ ملي ٿو. انھن بي زبان جانورن تي ڪھل ڪرڻ لازمي آهي.
جيڪو بہ بي زبان جانورن ۽ پکين تي رحم نٿو ڪري ان تي ڌڻي سڳورو ناراض ٿئي ٿو.
پکين ۽ جانورن جي هنن ننڍين ننڍين ڳالھين ٻولين جي ڪھاڻين ۾ سبق آموز نصيتي نڪتا آهن تہ توهان کي انھن جانورن ۽ پکين جون خاصيتون ۽ عادتون پڻ پتو پونديون ۽ توهين بي سبب ڪنھن پکيءَ يا جانور کان ڪونہ ڊڄندا ۽ نہ ئي پريشان ٿيندا. جيئن مثال طور هن ڪتاب معرفت توهان کي ڄاڻ ملندي تہ هرڻ، هاٿي، ٻلي دوستاڻي رويي جا جانور آهن، ڪتو وفادار جانور آهي. ڊولفن مڇي انسانن جي دوست ۽ انھن کي پسند ڪندڙ آهي. گدڙ هڪ لٻاڙي جانور آهي. پوپٽ ۽ پوپٽيون آزاد گهمي گلن جو رس چوسڻ چاهين ٿا. انھن کي قيد نہ ڪريون، سوچيو تہ اللھ پاڪ اسان کي جڏهن آزاد رکيو آهي تہ پوءِ اسين ڇو هن نازڪ پوپٽ کي قيد ڪريون؟
ڪبوتر امن جو پکي ۽ نياپا نيئندڙ صدين کان مشھور آهي. پراڻي زماني جي جنگين ۾ ڪبوتر کي ئي پيغام ڏيئي موڪليو ويندو هو. ٻيا بہ سڀ جانور مختلف خاصيتن وارا آهن. پيارا ٻارو! هن ڪتاب معرفت توهان کي خبر پوندي تہ اسان کي پکين ۽ جانورن سان ڪھڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي. سندن تڪليف، ڌڪ ۽ بيماريءَ جو احساس ڪرڻ، بک ۽ اڃ جو خيال ڪرڻ، کين آرامدہ زمين جيڪا گهڻي اُس ۽ ٿڌ کان بچيل هجي مھيا ڪري ڏيڻ، کين سندن قدرتي اٿ ويھہ ۾ آزاد ماحول فراهم ڪري ڏيڻ، صحيح کاڌ خوراڪ ڏيڻ، بي سبب قيد نہ ڪرڻ ۽ ٻيا ڪيترائي جانورن جا حق آهن جن جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني تي اخلاقي ۽ مذهبي فرض آهي. اهي جاندار آهن کين پڻ ساھہ آهي انھن کي بہ تڪليف ۽ بيماري محسوس ٿئي ٿي اهي خوش ۽ صحتمند هوندا تڏهن ئي انسان ذات لاءِ ڪارآمد بہ ٿيندا.
هن کان اڳ سنڌي ٻالڪ ادب ۾ مون ڪو بہ اهڙو ڪتاب ڪونہ ڏٺو آهي. جو خالصتن جانورن، پکين ۽ فطرت جي نظارن جي باري ۾ هجي. سواءِ لوڪ ادب جي هڪ جلد جي، انھيءَ موضوع تي ڪتاب جي اڻاٺ ڏسي مون پنھنجي پيارن پڙهندڙ ٻارن لاءِ قلم کنيو تہ جيئن هڪ پورو ڪتاب فطرت جي نظارن، جانورن ۽ پکين بابت لکي پيش ڪريان. اميد تہ توهان کي منھنجي اها ڪاوش پسند ايندي.
پنھنجي رايو ڏيڻ نہ وساريندا.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
A-03 ڏيپلوئي ڪالوني حيدرآباد
ڊسمبر 2022ع
رابطو: 2766564-0333

پوپٽ ۽ گلاب

سمورو باغ تمام حسين ۽ سھڻن گلن، پنن ۽ وڻن سان سينگاريل ڏسڻ ۾ پئي آيو، ڄڻ هن باغ جي مالھيءَ جي حياتيءَ جو هڪڙو ئي مقصد هجي تہ باغ جي گلن ٻوٽن کي وڌيڪ نکاري، جياري ۽ زندگيءَ جو مضبوط احساس ڏياري، چئوطرف پيارا پيارا گلاب، موتيا ۽ چنبيليءَ جا ٻوٽا پيا هوائن ۾ لڏن. ڳاڙهي رنگ جي گلاب جي ٻوٽي جي سونھن تہ سڀني کان سرس آهي. پوپٽن کي جيترو مزو گلاب جي گلن ۾ ايندو آهي ايترو ٻين گلن ۾ ناهي ايندو ۽ گلاب پڻ کين جيءَ ۾ جاءِ ڏي ٿو.
ڳاڙهي گلاب جي ٻوٽي جو وڏو گلاب ڏکايل پئي ڏسڻ ۾ آيو جو اڄ سڄو ڏينھن سندس پيارو نيرن پرن وارو پوپٽ وٽس ڪونہ پھتو هو. کانئس ٻين گلن ڏک جو سبب پڇيو پر هن ڪونہ ٻڌايو. هو لڏي بہ ڪونہ رهيو هو ۽ نہ ئي پکين جي لاتين مان لطف اندوز پئي ٿيو. شام تائين سندس پريشاني وڌيڪ وڌي وئي. هُو پوپٽ لاءِ واجهائڻ لڳو، روز صبح ٿيندي ئي سڀ حسين پوپٽ اچي گلن تي ويھندا هئا پر نيرن پرن وارو سڀني کان سھڻو پوپٽ هن وڏي گلاب وٽ اچي پنکڙين ۾ لڪي ساڻس جام ڳالھيون ڪندو هو. گل پڻ کيس سندس جي رس جي خوراڪ پيش ڪندي ڌيان سان هن جون ڳالھيون ٻڌندو هو. پوپٽ سڀ سندر هئا. سڀني جي پرن تي دلپذير نقش و نگار قدرت جي ڪاريگريءَ جو وڏو ڪمال آهن. پر هن نيرن پرن واري پوپٽ جو تہ نمونو ئي ٻيو هو. گلاب سندس لاءِ اُتاولو ٿيندو ويو. هو پنھنجي دوست پوپٽ کان سڄي خبر چار معلوم ڪرڻ لاءِ آتو هو پر اڄ ٻيا پوپٽ آيا ۽ هيءُ نہ آيو. هن وري چوطرف نظر ڊوڙائي تہ کيس اندازو ٿيو تہ اڄ باغ ۾ آيل پوپٽن جو ڳاڻيٽو گهٽ آهي. ”ٿي سگهي ٿو ڪو مسئلو هجي؟“
هاڻي تہ شام ٿيڻ جو وقت اچي ويو ڳاڙهو گلاب نيري پوپٽ لاءِ واجهائيندي ڪومائڻ لڳو هو. کيس پڪ ٿي وئي تہ نيري پوپٽ جو اڄ هن کان پوءِ اچڻ محال آهي. خيالن ۾ پئجي ويو هاڻي کيس نيون نيون مختلف ديسن جون ڪھاڻيون ڪير ٻڌائيندو؟ سندس پنکڙين ۾ لڪي سرٻاٽ ڪير ڪندو؟ هو دکدائڪ ٿي ڪنڌ نوائڻ وارو هو جو سندس اکيون اوچتو مٿي کڄيون ۽ هن نيري پوپٽ کي ڏٺو جو ڏانھس ئي اچي رهيو هو. ڳاڙهو گلاب کيس ڏسي خوشيءَ وچان هڪدم کُلڻ لڳو. نيرو پوپٽ جيئن ئي سندس ويجهو آيو تيئن اداسيءَ سان چيائين” پيارا دوست! مون کي خبر آهي تہ تون منھنجي لاءِ پريشان ٿيو هوندين پر توکي شايد خبر ڪونھي ڪالھہ هن باغ ۾ ڪجهہ شيطان شرارتي ڇوڪرا آيا هئا. انھن سڀني پوپٽن کي ڏاڍو تنگ ڪيو کين جيئرو جهلڻ لاءِ هڪٻئي سان شرط لڳائي اسان جي پٺيان ڊوڙيا، ڪيترائي پوپٽ زخمي ٿي ويا. تہ ڪي مري ويا. آئون بہ گهڻو زخمي ٿي ويس. مون ۾ اچڻ جي اڄ سگھہ بہ ڪونہ هئي. پر فقط اهو سوچي آيس تہ منھنجو دوست منھنجي اچڻ جو انتظار ڪندو هوندو ۽ کيس ڪا بہ خبر ڪانھي تہ مون سان ڇا وهيو واپريو آهي“. ائين چوندي پوپٽ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. وري چوڻ لڳو”ڏس تہ سھي! انھن ڇوڪرن کي ذرو بہ قياس نٿو اچي جڏهن اهي اسان کي زور سان هٿن ۾ جهلي مروڙين ٿا تہ اسان کي ڪيتري تڪليف ٿي ٿيئي. اسين بہ جاندار آهيون جھڙيءَ ريت کين ڌڪ لڳڻ سان سور ٿيئي ٿو اهڙيءَ ريت اسان کي بہ ساڳيو سور ٿو ٿيئي. پوءِ هو ڇو اسان تي رحم نٿا ڪن؟ انھن کي ڪير اهو نٿو سمجهائي تہ اسان سان اهڙو بي رحميءَ جو سلوڪ نہ ڪن“.
پوپٽ پنھنجا لڙڪ صاف ڪيا ۽ گلاب ڏي نھاريائين. جنھن کيس تسلي ڏيئي پنھنجي نرم پنکڙين ۾ لڪائي ڇڏيو.

هرڻ جي چوري

موتي وڏين اکين وارو چست، خوبصورت ۽ مانوس ٿيڻ وارو هرڻ چاچي صديق جو پسنديدہ جانور هو. سندس وڏي گهر جي هڪ چڱي حصي کي هُن پکين ۽ پالتو جانورن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو، انھيءَ پاسي ۾ وڻ گل ٻوٽا هئا تہ پکين جا پڃرا پڻ، چاچي صديق جو دوست ساڻس ملڻ آيو کيس اهو باغ گهڻو پسند آيو ۽ تحفي طور کيس هڪ خوبصورت هرڻ موڪلي ڏنائين. جنھن جو نالو هن ”موتي“ رکيو. صديق پنھنجي پاليل جانورن، پکين ۽ باغ جي حفاظت لاءِ ڪريم بخش کي رکيو جو اُتي ئي وچ باغ ۾ هڪ وڻ هيٺ کٽ تي ويٺل هر ڪنھن کي نظر ايندو هو. ڪنھن بہ پکيءَ يا جانور کي علاج جي ضرورت هوندي هئي تہ چاچي کي ڄاڻ ڪرڻ، باغ جي لاءِ ڀاڻ وٺڻ، پاڻي ڏيڻ ۽ ٻيا ننڍا ننڍا ڪيترائي ڪم هُو صبح کان شام تائين ڪري اُتي ئي کٽ تي سمھي رهندو هو.
سخت گرمين جي ڏينھن ۾ هُو وڻ هيٺ سمھيو پيو هو تہ ڪُتي ٽونيءَ جي آواز تي اک کليس، آس پاس ڏٺائين وڏو ڪڪڙ ۽ بطخون کيڏي رهيا هئا تہ پريان ڍڳي بہ کڙ کائي سڪون سان ويٺل نظر آيس پر هن کي موتي هرڻ ڪٿي ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو ننڊ جي اثر هيٺ وري اک لڳي ويس شام جو نظر وڌائين تہ هرڻ موجود هو. سمجهيائين کيس شايد ڀُل ٿي آهي، منجهند جو هو ننڊ ۾ هو ان ڪري نظر ڪونہ پئي هوندي نہ تہ هرڻ باغ مان ڪيڏانھن ويندو؟؟
ٻئي ڏينھن ساڳيو ڪچيءَ منجهند جو باغ جي صفائي ڪري پکين ۽ جانورن کي کاڌو ڏيئي هو ليٽيو تہ ٿوري ننڊ ڪري وٺان تيستائين صديق چاچا جي فون آئي تہ منھنجو دوست اچي پيو تون هرڻ کي سٺو وهنجاري، کارائي پياري، رکجانءِ تہ جيئن هُو ڏسي خوش ٿيئي.
ڪريم بخش اُٿي اڱڻ ۽ باغ تي نظر ڊوڙائي پر کيس هرڻ ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. هاڻي تہ هُو پريشان ٿي ويو. تہ جيڪڏهن هرڻ کي ڪجهہ ٿيو تہ صديق صاحب تہ مون سان وڏي جٺ ڪندو. پنھنجي هڪ دل گهرئي دوست کي فون ڪري سڄو معاملو ٻڌايائين. هن چيس تہ، ”فڪر نہ ڪر، آئون هڪڙو پيري (چوريءَ جو پتو لڳائڻ لاءِ پيرن جا نشان ڏسي چور تائين پھچائڻ وارو) وٺي ٿو اچان، اهو تمام هوشيار آهي. پوليس بہ انھيءَ جي مدد وٺندي آهي“.
ڪريم بخش مطمئن ٿي ويٺو ڪلاڪ ۾ سندس دوست ۽ پيري ٻئي اچي ويا، پھريائين باغ ۾ انھيءَ هنڌ تي پھتا. جتي هرڻ اٿندو ويھندو هو. سندس پير سڃاڻڻ کانپوءِ پيري حيران ٿي ڪريم بخش کي چيو تہ، ”چور ڪا عورت ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ هي زناني سينڊل جا پير موتيءَ جي پيرن جي نشانن سان گڏ هلن پيا“. ايئن ڪندي باغ مان نڪري انھن نشانن تي اڳيان هلڻ لڳا تان جو ڳوٺ جي ويجهو ننڍي درياءَ ڪناري وڻن وٽ ڪچي زمين تي ثومي (عثمان) چاچي غوث جو ننڍو پٽ هرڻ سان کيڏي رهيو هو. هُو حيران ٿي ويا ۽ پيريءَ بہ واقعي صحيح هنڌ تي پڄايو. هرڻ تہ ملي ويو پر ڪريم بخش ڪاوڙ ۾ ثوميءَ کي دڙڪا ڏيڻ لڳو. تيستائين چاچو صديق اچي ويو، جنھن کي ثوميءَ چيو ”چاچا! هي هرڻ مون کي جامَ وڻي ٿو، منھنجو دوست ٿي ويو آهي جڏهن چاچو ڪريم منجهند جو سمھندو آهي آئون ان کي باغ مان وٺي هتي ايندو آهيان ۽ پوءِ سندس جاڳڻ کان اڳ باغ ۾ پھچائي ويندو آهيان“. چاچو صديق کِلڻ لڳو ۽ کيس چيائين ”آئون ڪريم بخش کي چئي ٿو ڇڏيان تہ توکي هرڻ سان راند کيڏڻ ڏي ۽ تون باغ ۾ ئي اچي کيڏندو ڪر“.
پيريءَ جي نظر ثوميءَ جي پيرن تي پئي جنھن ۾ زناني سينڊل پاتل هئي. کانئس پڇيائين تہ ”بابا ڇو هيءَ چپل پاتي اٿئي؟“، ثومي شرمندگيءَ سان چيو تہ ”چاچي ڪريم جي جاڳي وڃڻ جي ڊپ ۾ آئون گهران تڪڙو نڪتس جلدي ۾ امان جي جتي پيرن ۾ پاتم هرڻ سان ملڻ جي شوق ۾ مون کي ڌيان ئي ڪونہ رهيو“.
انھيءَ تي سڀ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا ۽ پيريءَ کي بہ داد ڏنائون.

جهنگلي پاڏو

ارسلان شھر ۾ جانورن جي گهر جنھن کي ”چڙيا گهر“ يا ”Zoo“ پڻ چوندا آهن ۾ نوڪري ڪندڙ هو. هن جي نوڪريءَ جي ڪمن ۾ سھڻا ۽ ڪارائتا پکي ۽ جانور هٿ ڪري اچڻ بہ شامل هو. جنھن تي کيس ڳچ پئسا پڻ ملندا هئا. باقي هُو جانور جي پڃرن جي سار سنڀال لھڻ سان گڏ کين کاڌو پيتو ڏيندو هو. گهڻو وقت هتي ڪم ڪرڻ سان هن کي جانورن ۽ پکين جي عادتن بابت بہ ڪافي معلومات هئي. هڪ ڏينھن هن کي هڪ دوست جهنگ ۾ ناياب سھي جي جوڙي بابت اطلاع ڏني، تنھن ڪري سومر جي ڏينھن موڪل وٺي هُو جهنگ ڏي روانو ٿيو. کيس شڪار ڪرڻ جي سڀني اٽڪلن ۽ طريقن جي بہ چڱيءَ پَر خبر هئي پاڻ سان گڏ چند بسڪيٽ، چاڪليٽ ۽ پاڻي سان گڏ سھي کي پڪڙڻ جو ڄار ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي هُو هڪ ڇانوَ واري وڻ وٽ پھتو، جنھن جي هڪ مضبوط ٽاريءَ سان پنھنجو. ٿيلھو ٻڌي سھي جي کوجنا ۾ اڳيان وڌڻ لڳو. هڪ سوڙهي ۽ غير هموار رستي تي لنگهندي سھي جي بدران سندس نظر هڪ جهنگلي پاڏي تي پيئي جو پري کان آواز ڪڍندو شڪار جي تلاش ۾ پئي آيو. ارسلان سمجهي ويو تہ هيءُ عام پاڏو ڪونھي يقينن مون کي کائيندو ويجهو موجود وڏي وڻ تي چڙهي جان بچايائين.
پاڏي جو هن کي وڻ تي جلدي چڙهندي ڏٺو کيس سخت ڪاوڙ آئي. اچي وڻ کي ڌوڻيائين. ارسلان بہ ٻنھي هٿن سان هڪ مضبوط ٽاريءَ کي جهلي ويٺو هو، پاڏي جو زور ڏسي سندس ساھہ ئي سُڪي ويو. وڻ جي هڪ وڏي ٽاري زور سان وڃي پٽ تي ڪري، چوطرف ڌوڙ پکڙجي وئي، پاڏو ڏانھس ڪاوڙ ۾ ڏسي اُتي ئي وڻ هيٺ ويھي رهيو. هاڻي تہ ارسلان بلڪل لوھہ ٿي ويو، وڻ جي وڏيءَ ٽاريءَ کي ڀاڪر پائي ٽنگيو پيو هو.
کائڻ پيئڻ جو ٿيلھو بہ ڪجهہ پريان جي وڻ ۾ رهجي ويو، پيٽ ۾ بک جا وَٽَ پوڻ لڳس تہ اڃ ۽ خوف وچان چپ سُڪي ٺوٺ ٿي ويس پر حياتي پياري آهي سو چپ ڪري مٿي ويٺو رهيو تہ مَنَ هيءَ جَزاَ هتان هٽي وڃي.
رات جي اونداهي ويجهي هئي پر پاڏي جي هتان هٽڻ ۽ وڃڻ جو پري تائين پتو نٿي پيو. هُو تہ مرڳو هيٺ زمين تي پيل گاھہ کائي ليٽي پيو ۽ ننڊ ڪرڻ لڳو. ارسلان سوچيو، وڃي تہ هونئن ڪونہ ٿو هاڻي ننڊ ۾ آهي تہ آهستي آهستي ڪري هيٺ لھي ڊوڙ پايان. جيئن ئي هيٺ لھڻ لاءِ ٿوري چرپر ڪيائين پاڏي کي ڄڻ سڄي خبر پئجي وئي. هُو آواز تي اُٿي ويھي رهيو. ارسلان دل ۾ ڏک ڪرڻ لڳو تہ سھي کي جهلڻ لاءِ جان جو جوکو کنيو اٿم گڏ ڪو دوست وٺي اچان هاتہ سٺو هو. جهنگ جي خطرناڪ جانورن سان اڪيلو پڄڻ ڏکيو آهي پر هاڻي ڇا ٿي ڪري سگهيو؟ وڻ تي ٽنگجي چيلھہ ئي چٻي ٿي وئي هئس. پٺن ۾ سور ٿيڻ لڳو تہ هٿ بي ستا محسوس ٿيس. دل ۾ چيائين، جي همٿ ٽوڙيم تہ پاڏي جو کاڄ ٿي ويندس ان ڪري جان بچائڻ لاءِ هوش ۾ رهڻو آهي. شھر ۾ گهرجي کٽ تي ڪونہ آهيان بلڪھ خونخوار جانورن جي جهنگ ۾ وڻ تي ويٺو آهيان، ايئن کيس وڻ کي ڀاڪر ۾ ڀريندي ننڊ اچي وئي. صبح جو پکين جي آواز تي اک کليس اللھ جو شڪر ادا ڪيائين تہ رات جو هُو ننڊ ۾ وڻ تان ڪرڻ کان بچي ويو. ننڊ سان جان ۾ ٻَل آيس پر بک ۽ اڃ سان هُن جو حال برو ٿي رهيو هو. ”مٺي بہ ماٺ مٺي بہ ماٺ“ وانگر هيٺ پاڏي کي ڏسي وري چپ ڪري ويٺو رهيو وري پوءِ بہ کيس هلڪو ننڊ جو جهو نٽو اچي ويو. صبح جا ڏھہ ٿيا تہ ڏٺائين پاڏو تہ هيٺ آهي ئي ڪانھ، تمام گهڻو خوش ٿيو سمجهي ويو ڪٿي پنھنجي شڪار لاءِ نڪري ويو آهي. احتياط ڪري آس پاس ڌيان سان ڏسي هيٺ لھي جلدي جلدي هلڻ لڳو بلڪھ ڊوڙڻ لڳو ورائي ورائي پويان بہ پئي ڏٺائين تہ پاڏو سندس پويان تہ ڪونہ پيو اچي. انھيءَ وچان ڌيان ڪونہ رهيس هڪ وڏي کڏ ۾ پير هليو ويس اها ظاهري طور گاھہ ۽ ٽارين سان ڍڪيل هئي، ويجهي وڻ جي ٽاريءَ ۾ هٿ وڌائين هيٺ اونھو ڪرڻ کان بچي ويو سمجهيائين پَڪَ ڪنھن شڪاريءَ پنھنجي شڪار کي ڦاسائڻ لاءِ اها کڏ کوٽي آهي. کيس ڪنھن جي ڊوڙڻ جو آواز آيو. پويان مڙي جو نھاري تہ ڇا ڏٺائين، جهنگلي پاڏو ڌوڙ جو طوفان اڏائيندو ڪاوڙ ۾ سندس پويان ڊوڙندو پئي آيو. ان مڪار ۽ چالاڪ پاڏي کيس لڪي ڏٺو پئي ۽ ماٺ ۾ سندس پيڇو پئي ڪيو. هُو خوش ٿيندو مٿس حملو ڪرڻ وارو هو. جو ارسلان گهُت ڏئي گُسي ويو. ۽ پاڏو پنھنجي لُوھہ ۾ وڃي کَڏَ ۾ ڪريو کَڏ مان ڄڻ مَٽيءَ جو طوفان نڪتو. ارسلان سک جو ساھہ کنيو. هاڻي ڏينھن شروع ٿيڻ لڳو. چوندا آهن ته”ڏينھن شينھن آهي“ سو ارسلان جو رات وارو خوف ختم ٿي چڪو هو. هن جون شيون جي وڻ ۾ ٽنگيل هيون سي کڻي اُتان روانو ٿيو. سھي جو جوڙو تہ ڪونہ مليو پر وڃي انھيءَ شڪاريءَ کي اطلاع ڪيائين جنھن شڪار لاءِ اها کڏ کوٽي هئي.

اڇي ڪبوتري

محمد عارض کي پڃري ۾ بند اڇي ڪبوتري ايتري تہ وڻي وئي جو هُو ضد ڪري ويٺو تہ ”بابا! هن ڪبوتريءَ کي پڃري سوڌو خريد ڪري گهر کڻي هلو آئون باغ ۾ اها وڻ سان ٽنگي هن سان ڳالھيون ڪندس“. پڻس سندس چوڻ تي اُتي گاڏي تہ اڳ ۾ ئي بيھاري چڪو هو هن سمجهيو تہ عارض هتي موجود پکي ڏسي خوش پيو ٿيئي تہ ڀلي ڪجهہ دير دل وندرائي پر جڏهن اها فرمائش کانئس ٻڌائين تہ هڪ پَل لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو پر پوءِ پٽ جو شوق ڏسي اها اڇي ڪبوتري خريد ڪيائين.
عارض گهر پھچي وڏي خوشيءَ سان ڀيڻ فاريھ کي پڃري ۾ قيد ڪبوتري ڏيکاري، ان کان پوءِ کڻي مالھيءَ وٽ ويو تہ هن جي لاءِ ڪا سٺي جڳھہ باغ ۾ مقرر ڪري. هن جي ڀيڻ گوگل سرچ تي ڪبوتر جي باري ۾ پڙهڻ لڳي تہ ڀاڻس جيڪو پکي گهر کڻي آيو آهي ان جون عادتون، خوبيون ۽ خاميون ڪھڙيون آهن؟ شام جو چانھن مھل عارض کان پڇيائين تہ ”ڇا توکي خبر آهي؟ تہ جيڪا ڪبوتري تو گهر ۾ آندي آهي اها ڪٿان جي آهي؟ ۽ ان قسم جا ڪبوتر ڇا کائيندا آهن؟ انھن جي حفاظت ڪھڙيءَ ريت ڪبي؟“ ڀاڻس نھڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چوڻ لڳو تہ بس، ”مون کي وڻي آئون وٺي آيس باقي کائڻ ۾ بسڪيٽ يا مانيءَ جو چورو ڏيئي ڇڏيندس“.
فاريھ مُرڪي کيس سمجهايو تہ، ”عارض ماڻهوءَ کي پنھنجي هر ڪم جي مقصديت جي خبر هئڻ گهرجي هڪ ننڍي پکيءَ کي تون گهر کڻي آيو آهين، صبح ان جي سنڀال صحيح نہ ٿيڻ کانپوءِ جي هو مري وڃي تہ ڪيترو گناھہ ٿيندو؟ هيءُ آزاد پکي آهن انھن کي قيد ڪري جيڪڏهن پاڻ وٽ رکجي تہ کين سٺو کاڌو ۽ ماحول ڏجي پڃري کي باغ ۾ کليل جڳھہ تي رکڻ جو تنھنجو خيال سٺو آهي باقي هن جي کاڌي بابت آئون توکي معلومات ڏيان ٿي“
”ٻڌ! گوگل تي لکيل آهي تہ، ”ڪبوتر امن جو پکي آهي، گڏيل قومن جي انصاف واري عالمي اداري پڻ امن جي طور نشانيءَ لاءِ ڪبوتر جي نشان جو چونڊ ڪئي آهي. عام طور تي اڇي ۽ ڪاري رنگ ۾ ملي ٿو. هن جي چهنب ڊگهي ۽ سنھي هجي ٿي جڏهن تہ پڇ ڊگهو، ڪبوتر هڪڙا ٻج کائڻ وارا ۽ ٻيا ميوي کائڻ وارا هجن ٿا. ان کانسواءِ ڪيڙا ماڪوڙا، ڀاڄيون، وڻن جون نرم ٽاريون پڻ سندن کاڌي جو حصو آهن. ڪبوتر انٽارٽيڪا ۽ آئرلينڊ کانسواءِ دنيا جي تقريبن سڀني ملڪن ۾ هجن ٿا، گهڻي ڀاڱي آسٽريليا ۽ ايشيا ۾ وڌيڪ آهن. انھن جا ساڍا چار سئو کان بہ وڌيڪ قسم آهن، سندن آواز ”ڪوڪو ڪوڪو“ آهي. جو شاعرن ۽ موسيقارن کانسواءِ عام ماڻهن کي بہ گهڻو پسندو آهي. هيءُ پکي گهڻو قيمتي ڪانھي، انھيءَ کي گهرن ۾ ماڻهو پسند ڪن ٿا. ڪبوتري هڪ وقت ۾ ٻه آنا ڏئي ٿي. هيءَ صاف رهڻ پسند ڪندي آهي. بيضن مان ٻچا 15 ڏينھن ۾ نڪري ايندا آهن ۽ مھيني کن ۾ اڏامڻ جي قابل بہ ٿي وڃن ٿا. آسٽريليا ۾ ڪبوتريءَ جي مٿي تي مور جي ڪلنگيءَ وانگر تاج هجي ٿو. جنھن ڪري ان کي ”ڊائمنڊ ڪبوتري“ بہ چيو وڃي ٿو. ڪبوترن جا گهڻائي قسم آهن. جيئن زيبرا، ٽرٽل ۽ ٻيا.
هيءُ اهو پکي آهي جو سج جي رنگين ڪرڻن جي روشنيءَ کي محسوس ڪندڙ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت ۾ تمام تيز آهي. ميلن کان پري جي آواز کي ٻڌي سگهي ٿو. باقي ڏسڻ جي قابليت ايتري خاص ڪانہ اٿس. پاڻي پيئڻ لاءِ ٿانوءَ ۾ منھن وجهي نوڙي پيئندو آهي. ٻين پکين وانگر ڪنڌ مٿي ڪونہ ڪندو آهي. ڪبوترو ننڍو بي ضرر پکي دنيا کي امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام ڏيندڙ آهي“
محمد عارض ڀيڻ جي ڏنل گوگل معلومات تي گهڻو خوش ٿيو. چيائين”ادي! توهان تہ منھنجي دل کي راحت ڏيئي ڇڏي. هاڻي مون کي اڇي ڪبوتريءَ کي سنڀالڻ ۽ پالڻ ۾ ڪا بہ ڏکيائي ڪونہ ٿيندي.“

گدڙ ڊاک نہ پڄي

ٻارو! اهو پھاڪو سھڻيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ مشھور آهي تہ، ”گدڙ ڊاک نہ پڄي آکي ٿو کٽا“ معنيٰ تہ گدڙ ڊاک جي ڇڳي تائين نہ پھچڻ جي ڪري ٻين کي چوي ٿو تہ، ”نہ کائجو ڊاکون کٽيون آهن، اهو ساڳيو پھاڪو ٿوري گهڻي فرق سان دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب ۾ پڻ موجود آهي. ٻارو توهان کي خبر آهي تہ انسان پھرين جانورن سان گڏ کليل ميدانن ۽ جهنگلن ۾ رهندا هئا هنن پنھنجي پاڻ کي موتمار جانورن ۽ وڏن پکين کان بچاءُ لاءِ پنھنجا گهر ٺاهيا، ڳوٺ ٻڌا ۽ پوءِ وڏن شھرن کي ٺاهي پنھنجي لاءِ زندگيءَ جون انيڪ سھولتون پيدا ڪيون، جانورن بابت انساني مشاهدو ۽ مطالعو تمام وسيع آهي، جيڪو ماڻهن قلم ذريعي ۽ زباني ٻين کي ٻڌايو ۽ سندن عادتون، طور طريقا ۽ مزاج انسانن کي ٻڌايا آهن هن آکاڻيءَ ۾ آئون توهان کي گدڙ بابت ڄاڻ ڏيان پئي. هيءُ جانور جهنگ ۾ ٻين جانور سان گڏ رهندڙ آهي. هن جي هڪ عادت مشھور آهي تہ اڪثر سستيءَ ۽ ڪم چوريءَ جي ڪري پنھنجو شڪار پاڻ ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي لٻاڙ هڻڻ ۽ پنھنجي ڳالھہ وڏي ڪرڻ سندس اهم عادت آهي تہ جيئن کيس ڪير گهٽ نہ سمجهي. هڪ دفعو لومڙيءَ سان گڏ ڊاکن جي ڇڳي تائين پھتو پر محنت ڪري حاصل ڪونہ ڪري سگهيو پوءِ ڪوڙ ڪري چوڻ لڳو تہ ڊاکون کٽيون آهن ٿُو کٽيون، آئون نٿو کاوان“.
هيٺ سندس ٻٽا ڪن ۽ ڪوڙن جي هڪ ڪھاڻي پيش ڪجي ٿي.
هڪڙو هو گدڙ جنھن کي ان جي ماءُ ۽ پيءُ لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو. پنھنجي مائيٽن جو هو هڪڙو ئي اولاد هو. ان ڪري اهي کيس گهڻو پيار ڪرڻ جي ڪري وڌيڪ بگاڙڻ لڳا نہ ڪمائڻ سيکاريائون نہ ئي پيٽ ڀرڻ جو ڪو ڍنگ.
گدڙ پڻ لاڏ ڪوڏ ۾ نخريلو ٿي ويو، ڪڏهن بہ اهو ڌيان ڪونہ ڪيائين تہ جيڪي کاوان پيان ٿو اهو اچي ڪٿان ٿو؟ ماءُ پيءُ ڪٿان روزي ڪمائي اچن ٿا؟ اک تڏهن کليس، جڏهن هن جا ماءُ پيءُ فوت ٿي ويا. هاڻي اچي پريشاني ٿي تہ ڇا ڪيان؟ ڪيئن شڪار ڪيان؟ ٻه ٽي ڏينھن نہ ڪٿي مئل ڍور ڏسي انھن کي پيو کائيندو هو. پر آخر اهو بہ ڪيستائين هلي؟
هيڏانھن هوڏانھن نھاريائين تہ ڪٿي ڪاويجهي شيءَ کائڻ لاءِ ملي وڃي تہ پوءِ پري ڇو وڃان؟ پر جهنگ جي قانون مطابق هر ڪو پنھنجو ڪيل شڪار کائيندو هو سو بنا ڪنھن هٿ پير هلائڻ جي هُو ڪٿان کائي سگهيو ٿي؟ آخر هلندو ويو تہ اڳيان هڪ شينھن کي ڏٺائين. شينھن جهنگ جي بادشاھہ کي ڏسي گدڙ جو تہ رت ئي سڪي ويو پر لڪي ڀڄڻ بہ مناسب ڪو نہ هو. ان ڪري لاچار ويجهو اچي نوِڙي ادب سان سلام ڪندي پڇيائين. شينھن بادشاھہ ڪٿي جو ارادو آهي؟“ شينھن آڪڙ ڏيکاريندي وراڻيو تہ ،” بک لڳي اٿم وڃان پيو شڪار جي ڳولھا ۾ جي توکي بہ کائڻو آهي تہ هلي تازو مال کاءُ“
گدڙ تہ انھيءَ ئي ڳولھا ۾ هو، سوتيار ٿي ويو شينھن حڪم ڪيس تہ، ”وڃ تازو مال ڳولھي اچ“ گدڙ ڊوڙندو اڳيان سائي گاھہ تائين ويو واپس اچي ٻڌايائين تہ ،”سرڪار! اڳيان هڪڙي تازي متاري ڍڳي گاھہ چري پئي“، شينھن جي وات ۾ پاڻي اچي ويو ڍڳيءَ جي ويجهو اچي ان کي ڌڪ ئي ٻه هنيائين جا ڪري پيئي. شينھن پھرين انھيءَ جو خون پيتو ۽ پوءِ گوشت کائڻ لڳو. گدڙ سڄي واردات سڪون سان ڏٺي شينھن جڏهن کائي ڍئو ڪيو تڏهن کيس چيائين تہ، ”هاڻي تون بہ اچ ۽ اچي کاءُ ڏسين ڇا پيو؟“
گدڙ همٿ ڪري چيو ته”اسين ڪنھن جو اوبر ڪونہ کائيندا آهيون هاڻي تہ پاڻ شڪار ڪري کائيندس مون کي ڪھڙي خبر تہ ڪو شڪار ڪرڻ ايترو آسان آهي خوامخواه هيترو وقت پريشان رهيس ۽ باسي جانورن تي گذارو ڪيم“
شينھن کلندي ٽوڪ مان چيس ته” ها ڏسي وٺنداسين توکي ۽ تنھنجي شڪار کي، ڏسون ڪھڙو ٿو شڪار ڪرين؟“ شينھن کي اُتي ئي ڇڏي گدڙ هڪ طرف هلڻ لڳو اڃان ٿورو ئي پنڌ ڪيائين تہ کيس لومڙي نظر آئي جنھن پڇيس ”ماما! ڪٿي وڃين پيو“؟
گدڙ پنھنجو ڪوڙي شان ڏيکاريندي چيو،”ها ڇا ڪريان ڇڏيل تہ ڪتا ۽ ڪانگ کائيندا آهن، مون تہ هميشھ تازو شڪار کاڌو آهي، ۽ ٻئي جو ڇڏيل اوبر کائڻ جي منھنجي عادت ئي ڪونھي انھيءَ ڪري وڃان پيو، تازو شڪار ڳولھڻ تون بہ هلي هل، توکي بہ کارائي ڇڏيندس. ڇا ياد ڪندينءِ تہ ڪھڙي سخيءَ گدڙ سان واسطو پيو اٿئي“ لومڙيءَ سوچيو، ”آهي تہ ڪوڙو، ٺڳ ۽ وڏائيءَ وارو پر ڇو نہ گڏ وڃجي، اهو تماشو بہ ڏسان تہ ڪيئن ٿو گدڙ شڪار ڪري، ٿورو گهمي ڦري وٺنديس“!
گدڙ کي بيوقوف ٺاهيندي چيائين،”ماما! هل بلڪل صحيح ان کان بهتر تہ ڪا ڳالھہ ٿيندي. منھنجو تہ بک سان ڪنو حال ٿي ويو آهي، تازو شڪار کارائيندين تہ دُعائون ڏينديس اللھ تنھنجو ڀلو ڪري“
ٿورو اڳيان هلي کيس شينھن جو طريقو ياد آيو لومڙيءَ کي چيائين، ”اڳيان وڃي ڏسي اچ تہ ڪٿي شڪار موجود آهي؟“ لومڙيءَ سندس حڪم جي تعميل ڪري اچي ٻڌايس تہ سامھون ٻنيءَ ۾ هڪ وڏي ٿلھي متاري گهوڙي گاھہ کائي رهي آهي.
گدڙ لئه ڪري اڳيان وڌيو ۽ شينھن جي اَهل ڪري گهوڙيءَ کي ساڳي ريت ڌڪ هنيائين پر اها ڍڳي ڪانہ هئي گهوڙي هئي جنھن ٺوڪي پويان لت هنيس، سا اهڙي تہ زور سان لڳس جو وڃي بلڪل پري ڪريو هڪڙو بکايل ۽ ٻيو زوردار لت گدڙ اُتي ئي بک ۾ ساھہ ڏنو.
لومڙيءَ کيس جو مرندي ڏٺو تہ افسوس ڪندي چوڻ لڳي”ماما! جيڪڏهن ننڍپڻ کان ئي پنھنجي طور شڪار ڪرڻ جو طريقو سکين ها! تہ اڄ شينھن جي شڪار ڪرڻ جي نقل نہ ڪرين ها ۽ نہ ئي پنھنجي جان تان هٿ ڌوئڻا پونيئي ها جيڪو پنھنجو رستو ڇڏي ٻئي جو بنا سوچي سمجهي نقل ڪري ٿو اهو منھن ڀر تہ ضرور ڪرندو“.

ننڍڙو پکي

عارف پنھنجي ماءُ کان هڪ ننڍي ڪھاڻي ٻڌي گهڻو متاثر ٿيو سو چيائين پنھنجي دوست قاسم کي ضرور ٻڌائيندس ۽ اخبار لاءِ لکي پوسٽ بہ ڪندس. کيس حيرت ٿي تہ هيتري اثرائتي ڪھاڻي امان اڳ ۾ ڇو ڪونہ ٻڌائي. هڪڙي ڪبوتري باغ مان پٽيل ميوو پنھنجي ٻچي جي حوالي ڪري ٻئي پاسي وئي. اهو هڪ وڏو باغ هو جنھن ۾ گهڻا ميوي جا وڻ هئا. جو ئي انھن سڀني ڪبوترن جو کاڌو هو. ايترا تہ گل پن ۽ ميوا هن باغ ۾ هئا جو جڏهن بہ ڪير اتان گذرندو هو تہ خوشبو کين انھيءَ باغ جو رخ ڪرڻ لاءِ آمادہ ڪندي هئي. ميوو سڄو سال تہ لڳل ڪو نہ هوندو هو پر تہ بہ اڪثر موجود هوندو هو. ڪبوتري پنھنجو پٽيل ۽ سانڍيل ميوو پنھنجي ننڍي پکيءَ جي حوالي ڪندي کيس چيو تہ، ”ڪيڏانھن بہ نہ وڃج، وائڙو نہ ٿيج آئون ڪجهہ دير ۾ اچان ٿي متان هتي ڪانگ، طوطا ۽ جهرڪيون لامارا ڏيئي منھنجو رکيل ميوو کائڻ جي ڪن. مون ڳڻي ڇڏيا آهن هڪڙو بہ گهٽ نہ ٿيئي نہ تہ توکي مار ڏينديس“ ننڍڙي پکيءَ ماءُ کي ها ڪئي ۽ جيئن ئي سندس ماءُ اڏامي، هو هڪ پل پڻ اُتان نہ هٽيو اڃو بکيو انھن ميون وٽ ويٺو رهيو. هُو ايترو تہ چئي دار پکي هو جو سڄو ڏينھن انھن ميون جي نگهباني پئي ڪيائين.
شام جو جڏهن ڪبوتري واپس آئي تڏهن ڏٺائين تہ سندس ميوا ڪجهہ ٿورا لڳي رهيا هئا هن سوچيو تہ آئون تہ وڏو ڍڳ ڇڏي وئي هيس، پڪ منھنجو ننڍڙو راند ۾ ٻين پکين سان لڳي ويو ۽ ڪانگ ۽ طوطا ميوو کائي ويا آهن. ڪنھن مھل اهو بہ سوچيائين تہ ”خود کاڌا هوندس“ هوءَ جيئن گهڻو سوچي تيئن کيس پنھنجي محنت سان گڏ ڪيل ميوي جي خيال کان ڪاوڙ ٿيئي. آخر پکيءَ کان پڇيائين،”ٻيا ميوا ڪٿي آهن؟“ هن چيو تہ ”امان ايترائي هئا“ ڪبوتري ڪاوڙ ۾ کيس چيو تہ ”تون ڪوڙ ڳالھائي رهيو آهين“. هُو جيترو پنھنجي صفائيءَ ۾ ڳالھائي تيئن هُن جي ڪاوڙ وڌندي وڃي. آخر ۾ پنھنجا چنبا ۽ ٺونگون هڻي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيائين. هن معصوم جو ڪنڌ بہ هڪ پاسي ڍرڪي پيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن ڪبوتريءَ جي ڪاوڙ لٿي تڏهن سوچيائين تہ، ميوا ڳڻي تہ ڏسان، انھن کي ڳڻيائين پوءِ سندس رت ئي سُڪي ويو. جسم مان جان ئي نڪري ويس اُهي تہ ايترائي هئا جيترا هوءَ ڇڏي وئي هئي. سڄي ڏينھن جي تيز اُس لڳڻ ڪري سُڪي ٿورا ننڍا ٿي ويا هئا. هاڻي تہ کيس گهڻو افسوس ٿيو پنھنجي چهنب سان پٽ کي اٿارڻ لڳي، پنھنجي چهنب ڪڏهن ان جي ڪنڌ تي ڦيري ڪڏهن منھن تي، کيس سڏيندي، روئيندي رهي. گڏوگڏ چوڻ لڳي، پُتو اٿ، پُتو اٿ! ميوا پورا آهن، ” هڪڙو بہ گهٽ ڪونھي پنھنجي پيرن سان کيس لوڏيندي روئيندي رڙيون ڪيائين، ”پُتو اٿ، ميوا پورا پُتو اٿ، ميوا پورا“ پر پُتو هجي جو اٿيئي.
هڪ ماءُ پنھنجي اولاد کي ڪاوڙ ۽ بي سمجهيءَ سان ماري ڇڏيو، هن ڪبوتريءَ جي انھيءَ ڪھاڻيءَ ٻڌندي آخر ۾ عارف پنھنجي لڙڪن کي روڪي نہ سگهيو. کيس ماءُ جي بدگماني ۽ پڇتاءُ واري هن ڪھاڻيءَ جي پڇاڙي ڏاڍي دردناڪ لڳي جا جڏهن ننڍڙي گلابي پکيءَ کي مرڻ کان پوءِ مٽيءَ واري رنگ جو ٿيندي ڏسندي آهي ۽ مٿس ماڪوڙيون کائڻ لاءِ وري ٿيون وڃن تڏهن هن جا غم ناڪ آلاپ ۽ رڙيون هيڪاري هانءُ ڏاريندڙ ٿا هجن. عارف جي دل ۾ هن ”ڪبوتريءَ ۽ سندس معصوم پکيءَ پُتو لاءِ ڏاڍو ڏک ڀرجي ويو. هن پنھنجي دوست قاسم کي جڏهن اها ڪھاڻيءَ ٻڌائي تڏهن پڻ سندس اکين مان آب جاري ٿي ويو. (ماخوذ)

ڪاري مڇي

خالد شوق سان مڇي کائڻ لڳو چاچيءَ ايتري تہ سوادي مڇي ٺاهي هئي جو هر ڪنھن گهر ڀاتيءَ کائڻ کانپوءِ پئي آڱريون چٽيون. جام سٺا ويڳر مصالحا وجهي ڀُڳي ٺاهي تيار ڪيائين ڪنڊا بہ نہ هجن ۽ مٿان وري چانور بہ سڀني جا دلپسند ٺاهيائين. اڄوڪو لنچ ڄڻ دعوت ٿي ويو، چاچا شوڪت، خالد ڏي ڏسي چيو، ”خالد ڪيئن ٿو ڀانئين! هي مڇي اڄ مون پُل هيٺيان ويٺل مڇيءَ واري کان ورتي آهي. ايندڙ دفعي تون بہ گڏ هلج تہ توکي مڇيءَ جي سڃاڻپ ڪرايان“، خالد هائو ڪار ڪئي پوءِ گڏ ڪچهري ڪندي چاچي کان مڇيءَ جا قسم پڇڻ لڳو“ ”چاچا! پلو ڪڏهن هوندو آهي؟ اهو کاڌي ۾ ڪيئن هجي ٿو“. چاچو شوڪت ڄڻ ماضيءَ ۾ هليو ويو، ٿڌو ساھہ ڀري چيائين،” ابا پلي جي ڪھڙي ڳالھہ ٿو پڇين، اهو تہ سنڌ جي سونھن آهي. پلي جھڙي سوادي شي تہ ڪا ٻي ٿي نٿي سگهي. پر سنڌوءَ جي سُڪڻ سان گڏ جھڙوڪ پلي جو نسل بہ سُسي ناياب ٿي ويو، پلي کائڻ وارا امير سڏبا آهن، جو ملھہ مھانگو ۽ ٿوري وقت لاءِ هجي ٿو. باقي آئون تہ ڪرڙو مڇي وٺي ايندو آهيان. جا اڄ توهان کاڌي آهي انھيءَ ۾ ڪنڊو هجي ٿو پر جيڪا ٿوري وڏي آهي ان ۾ ڪنڊا نالي ماتر آهن. اسان جو بابا مرحوم چوندو هو تہ جن مھينن ۾ انگريزي (اي بي سي) جو لفظ (آر) نہ هجي جيئن مئي، جون، جولاءِ، آگسٽ تہ پوءِ انھن ۾ مڇي نہ کائڻ گهرجي. پر هاڻي اهو صحيح نٿو هجي مند جي ڦيري سان اها ڳالھہ ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿي اچي انھن مھينن ۾ بہ مڇي افراط سان هوندي آهي. مطلب بابا جو اهو تہ، جڏهن درياھہ شاھہ ۾ مڇيون گهٽ هونديون آهن تڏهن کائڻ صحيح ڪونھي“
”چاچا هڪ وڏي ڊولفن مڇي جنھن کي ”ڪاري مڇي“ بہ چوندا آهن. اها ڄار ۾ ڦاسائي ويندي آهي. پر کائڻ ۾ تہ عام جام ڪونہ ٿي هجي يا شارڪ مڇي، اهڙيون مڇيون بہ پاڻيءَ ۾ آهن؟“
شوڪت چاچا مُرڪندي چيس” ها پٽ! تون نالا تہ سڀ صحيح کڻي رهيو آهي، آئون توکي هن وقت ڊولفن جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. هن وڏي مڇيءَ جي خاص خوبي اها آهي تہ هيءَ انسانن سان مخلص دوست وانگر هجي ٿي، گول شڪل ۽ ڪاري رنگ واري اها مڇي واحد آهي جنھن جو دماغ انساني دماغ کان وڏو آهي. اها انسانن سان محبت ڪرڻ جي ڪري ملاحن کي مدد ڪندڙ رهي آهي. جڏهن ملاح مايوس ٿي سمنڊ مان واپس اچڻ جي پيا ڪندا آهن ڊولفن ڪيترين ئي مڇين کي هڪالي انھن جي ڄار جي ويجهو وٺي ايندي اهي. باقي جي خود ڪا ڊولفن ڦاسي وڃي تہ پوءِ ڇڏائڻ جي ڪوشش بہ ڪندي آهي. سمنڊ ۾ ڊولفن مڇيءَ جا گهر هوندا آهن. انھن کي پنھنجي ٻارن سان گهڻو پيار هجي ٿو. هوءَ پنھنجي ٻچن جي تربيت بہ سٺي ڪندي آهي، کين ترڻ سيکارڻ، شڪار ڪرڻ ۽ ٻين جي ڪم اچڻ جو عملي نمونو ڪري ڏيکاريندي آهي.
ڊولفن مڇيءَ کي انسان جھڙيون بيماريون جيئن، نمونيا، دل ۽ دماغ جون بيماريون ٿينديون آهن. ڊولفن جي رفتار 50 کان 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هجي ٿي. انھن جي ٻڌڻ جي جِسَ حيرت انگيز طور تيز آهي، ڪيترائي ڪلوميٽر پري موجود ڊولفن کي سمنڊ ۾ ڪريل شيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ويندو ۽ هوءَ خبردار ٿي ويندي. پاڻيءَ جي ڏينھون ڏينھن گندي ٿيڻ سان ڊولفن جو نسل دنيا ۾ ناياب ٿيندو وڃي.
خالد ماني کائي ختم ڪري چڪو هو پر چاچا جي پر لطف ڳالھين جي ڪري ميز تي ئي ويٺو رهيو. چاچا سندس شوق پرکي ورتو اٿندي چيائين،”خالد ايندڙ دفعي توکي ٻين مڇين بابت ٻڌائيندس“، هُو بہ هائوڪار ڪري خوش ٿي، ڪمري ۾ وڃي ٻئي ڏينھن جي ڪاليج لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.

ڏاهو ڪانگ

رات جو زبردست برسات پوڻ کانپوءِ تيز هوا لڳڻ لڳي، جهنگ ۾ تہ هوا جا سوساٽ هيڪاري پکين کي وڌيڪ ڊڄاري رهيا هئا. سندن آکيرا وڻن تان ڪري ڀورا ڀورا ٿي چڪا هئا. ٻئي ڏينھن جيئن ئي سج نڪتو اهي پنھنجي چهنبون پرن ۾ وجهي ٿيل نقصان تي اداس ويٺا هئا. هر طرف هڪ ماٺ هئي. اوچتو هوا ۾ هڪ آواز ٿيو. ايئن لڳو ڄڻ ڪير وڻ ۾ سوراخ ڪري رهيو آهي. دراصل اهو هڪ وڏي چهنب وارو وڏو پکي هو جو وڻ ۾ پنھنجي مضبوط چهنب سان گهر ٺاهي رهيو هو. ڪانگ جو کيس ساڳئي هنڌ تي چهنبون هڻندي ڏٺو تہ اچي پاسو ورتائين ۽ پڇڻ لڳس”ڇا تون پنھنجو آکيرو ٺاهي رهيو آهين؟“ ”ڪيتري وقت ۾ ٺاهي وٺندين؟“ اِهو ڪکن پنن جي آکيري کان تہ مضبوط گهر هوندو جو يقينن وڻ اندر کوٽجي ٺهي رهيو آهي؟“ راجو پکيءَ سندس سوالن جا جواب سڪون سان ڏنا هو ڪجهہ دير ساھہ پٽڻ لاءِ وڻ جي ٽاريءَ تي ويھي رهيو، چيائين ”مون کي ٻه ٽي ڏينھن گهر ٺاهڻ ۾ لڳي ويندا. روز برساتن جي ڪري آکيرا ٽٽي پٽ ٿي ٿا پون ان ڪري مون سوچيو آهي تہ وڻ کي اندران کوٽي اهڙو گهر ٺاهيان جنھن ۾ ٻچا بہ محفوظ هجن ۽ روز روز جي محنت کان بچي وڃان“.
ڪانگ هڪ اهڙو پکي آهي جنھن جي لاءِ چيو ويندو آهي تہ سندس خاصيتون مڪمل طور هن جي اولاد ۾ هونديون آهن ان ڪري چوڻي آهي تہ ”جھڙا ڪانگ تهڙا ٻچا“ ۽ ٻيو تہ هو هوشياري گهڻي ڪرڻ جي چڪر ۾ اڪثر غلط ڪم ڪري ڦاسي بہ پوندو آهي انھيءَ لاءِ بہ سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻي مشھور آهي تہ ”ڏاهو ڪانگ ٻه ٽنگو ڦاسي“ هيءَ ڪھاڻي انھيءَ مٿيئن چوڻيءَ مطابق آهي هي ڪانگ بہ هوشياري ڪري راجو پکيءَ کي صلاح ڏيڻ لڳو تہ ”هيءُ گهر تون الاهي محنت سان پيو ٺاهين ان ڪري انھيءَ کي ٺاهي وڪڻ تہ تنھنجو فائدو ٿئي يا ان کي مسواڙ تي ڏئي“
راجو حيران ٿي ويو تہ وڪڻڻ، اجورو ۽ مسواڙ اهي ڪھڙا لفظ آهن!! هن تہ ڪڏهن بہ ڪونہ ٻڌا هئا. ڪانگ چيس ”منھنجو مقصد آهي تہ تون پکين لاءِ گهر ٺاهي بدلي ۾ توکي هو پنير ۽ توت ڏين مون کي خبر آهي تہ توکي ٻئي شيون وڻنديون آهن“. راجوءَ چيو” پر پکي اهي ڪٿان کڻي ايندا؟“ ڪانگ ورندي ڏنس جهنگ کان ٻاهر هڪ ڳوٺ آهي اُتي ماڻهو پنير بہ ٺاهيندا آهن تہ اُتي ئي ويجها توت جا وڻ بہ آهن پکين کي رڳو انھيءَ ڳوٺ ۾ وڃڻو پوندو ۽ مالڪن کان اک بچائي پنھنجي چهنب ۾ تنھنجي لاءِ کاڌو کڻي اچڻو آهي ۽ گڏ منھنجو حصو بہ ٿيندو جو مشورو مون ڏنو آهي“ راجوءَ ها ڪئي، ٻنھي گڏجي پکين ۾ مشھور ڪيو تہ، ”آکيرو انھيءَ کي ملندو جيڪو اهي شيون کڻي ايندو“. هڪ طوطي کي آکيرو پسندو اچي ويو، هو ساڻن ڳالھائي هڪدم اڏامي ويو ۽ شام تائين ٻئي شيون راجوءَ ۽ ڏاهي ڪانگ کي آڻي ڏنائين. جن ٻنھي گڏجي کاڌيون، اڳين ڏينھن راجو پکي ٻئي وڻ تي نئون آکيرو پنھنجي چهنب سان کوٽڻ لڳو ۽ ان ريت ڪڏهن طوطي کي تہ ڪڏهن بلبل کي تہ ڪڏهن ڪبوتر کي هُو گهر ٺاهي ڏيندو رهيو ۽ مزي سان توت ۽ پنير کائي پيٽ ڀريائين.
هڪ ڏينھن هڪ جهرڪي وٽس آئي ۽ آرامدہ گهر ٺاهڻ جي فرمائش ڪيائين ڪانگ کيس دڙڪا ڏيندي چيو تہ ”توت ۽ پنير کڻي ايندينءِ پوءِ گهر ملندو“. هوءَ بيمار ۽ ڪمزور هئي پر وري بہ ها ڪيائين گهڻيءَ محنت کان پوءِ جهرڪي چند توت کڻي آئي کيس پنير ڪٿان بہ ڪونہ مليو. ڪانگ سندس توت پري اُڇليندي ڪاوڙ ڪئي تہ بنا پنير جي توکي گهر بلڪل ڪونہ ملندو جهرڪيءَ هن کي جام منٿون ڪيون پر ڪانءُ بلڪل راضي نہ ٿيو، جڏهن وڃڻ لڳي تڏهن راجو پکيءَ کيس سڏ ڪري چيو تہ، ”وڃ بلڪل نہ مون تولاءِ آرامدہ گهر ٺاهيو آهي، تون انھيءَ ۾ رهي سگهين ٿي“ ڪانگ رڙ ڪري چوڻ لڳو تہ، پاڻ جي وچ ۾ فيصلو ٿيو هو تہ ڪو بہ گهر بنا اجوري جي ڪونہ ڏينداسين“ راجوءَ چيس تہ، ”گهر آئون ٿو ٺاهيان تون ڪير ٿيندو آهين. دخل اندازي ڪرڻ وارو؟“ هاڻي ڪانءُ جنھن مفت بہ پئي کاڌو، خوشامد ۽ چاپلوسيءَ تي لھي آيو ۽ راجوءَ کي چيائين”ناراض نہ ٿي هيءَ جهرڪي ڪمزور ۽ بيمار آهي انھيءَ کي ڀلي گهر ڏئي باقي ٻين پکين کي اجوري تي ڏينداسين“ راجو چوڻ لڳو، ”نہ بلڪل نھ! تون هڪ بي رحم ۽ لالچي پکي آهين، پنھنجي شڪل کڻي هتان هليو وڃ. آئيندہ لاءِ مون وٽ نہ اچجانءِ ۽ جيئن منھنجي چهنب مضبوط آهي تيئن منھنجا فيصلا بہ مضبوط آهن. هاڻي تون وڃي سگهين ٿو“
ڪانگ بڇڙو منھن ڪري” ڪان ڪان“ ڪرڻ لڳو ۽ جهرڪيءَ خوش ٿي راجو پکيءَ کي جام ساريون دعائون ڏنيون.

ڪوئل

هڪڙي ڪوئل ڪنھن ڏنگي ٻار جي بال لڳڻ سان زخمي ٿي پئي. هن جو هڪ پَر ڦٽجي پيو هڪ انگور جي ول تي وڃي ڪري ۽ پوءِ اُتي ئي ويٺي رهي. ڪوئل سوچيو تہ جيستائين منھنجو پَرَ جو ڦٽ ٺيڪ ٿيئي ۽ آئون اڏامڻ شروع ڪيان تيستائين هن وَل تي ويھي گذارو ڪنديس.
اتي هڪ چالاڪ لومڙي ان انتظار ۾ ويٺل هئي تہ ڪڏهن انگور ساون مان پيلا ٿين تہ اهي مٺا انگور کڻي کاوان، اڄ هوءَ پنھنجي گهران انگورن جي شاخن کي ڏسڻ لاءِ نڪتي تہ جيئن ڏسي تہ ڪيترا انگور ساوا ۽ کٽا آهن تہ ڪيترا پيلا ٿي رهيا آهن. جيئن ئي اُتي پھچي نظر مٿي ڪيائين، تيئن دل خوش ٿي ويس، انگورن جون وليون پکڙجي هيٺ لڙي آيون هيون. سندس منھن ۾ پاڻي اچڻ لڳو، ”واه ايترو مزو ايندو پيلا انگور کائيندي“ مٿان آواز ٿيو”ڪو ڪو“ لومڙيءَ پڇيو ”ڪير آهي؟“ ڪوئل وري چيو”ڪو ڪو ڪو“ هن ٻيھر پڇيو ڪوئل ڏٺو تہ هوءَ لالچ وارين نظرن سان انگورن کي ڏسي رهي آهي خيال ٿيس تہ جي هن انگور پٽڻ لاءِ وَل کي لوڏيو تہ پوءِ آئون تہ ڪري پونديس ۽ هيءَ لومڙي تہ مون کي زندہ ئي کائي ڇڏيندي. سو کيس اٽڪل سمجهہ ۾ آئي چيائين. ”انگور جي ڌيءَ آهيان“
لومڙيءَ حيرت سان چيو”انگور جي ڌيءَ؟ اهو ڪھڙو رشتو آهي؟“ ڪوئل چوڻ لڳي تہ، ”انگورن جي هن ٻوٽي مون کي گهڻي وقت کان پنھنجي سنڀال لاءِ رکيو آهي ۽ چيو آهي تہ خيال رکج تہ ڪير مون کي پچڻ کان اڳ نہ ٽوڙي“. لومڙي حيران ٿي وئي هوءَ چالاڪ بہ هئي چوڻ لڳي تہ انگور پچي هيٺ ڪرندا آئون تہ اهي کائينديس تون ڇو مٿان نٿي لھين؟“
ڪوئل وري ”ڪو ڪو ڪو“ ڪرڻ لڳي ڳائي بس ڪري فخر سان چيائين، ”منھنجي مٺي ۽ سُريلي آواز تي انگور پچي راس ٿا ٿين اهو سڀ منھنجي آواز جو جادو آهي، اهو ايترو تہ سٺو آهي جو انسانن کي بہ جهومائي ٿو وٺي“ لومڙيءَ ڏٺو هيءَ ڪوئل تہ انگور کائڻ بلڪل ڪونہ ڏيندي هڪڙي منٽ ۾ ٽپ ڏنائين تہ ڪا شاخ هيٺ اچي جنھن مان هوءَ انگور پٽي کائي، پر شاخ مان فقط چند ساوا انگور ڪريا جيڪي جڏهن هن منھن ۾ وڌا تڏهن گلي ۾ سور ٿيڻ لڳس. ڪوئل سمجهائيندي وري وڏي آواز سان نصيحت ڪئي” پياري لومڙي تون هتان هلي وڃ انگور اڃا کٽا آهن، تنھنجي کائڻ کان زور آهن، خوامخواه پنھنجو گلو خراب ٿي ڪرين. آئون هتي چوڪيداريءَ لاءِ ويٺي آهيان، جڏهن انگور پچي ويا توکي خود ئي سڏ ڪنديس.“ چالاڪ لومڙيءَ کي بہ ڪوئل ٺڳي روانو ڪيو ۽ خود وڻ تي ويھي ڳيت ڳائڻ لڳي.

وفادار جادوئي گهوڙو

پراڻي وقت جي ڳالھہ ڪندا آهن تہ، ڪنھن ڳوٺ ۾ هڪ غريب هاري رهندو هو.جنھن جا ٽي پٽ علي محمد، علي نواز ۽ علي رضا هئا. علي محمد سڀني کان ننڍو، دادلو ۽ سست پر نيڪ طبيعت جو هو. جڏهن تہ علي رضا ۽ علي نواز چست ۽ هوشيار هئڻ سان گڏ پر مَنَ جا ڪجهہ ميرا پڻ هئا. هڪ ڏينھن هاريءَ پنھنجي کري ۾ گاھہ جي ڀرين ۾ کوٽ ڏٺي وڏي پٽ کي گهرائي چيائين” ڪير ماڻهو پاڻ جو گاھہ چورائي رهيو آهي. منھنجي مرضي آهي تہ تون رات جو هتي چوڪي ڏي تہ خبر پوي اهو چور ڪير آهي؟“ علينواز ٺپ جواب ڏنس سڄو ڏينھن ڪم ڪرڻ کان پوءِ مون کان ڪو بہ اوجاڳو ڪونہ ٿيندو ساڳيءَ ريت علي رضا بہ جواب ڏيندي پيءُ کي صلاح ڏني تہ اهو ڪم علي محمد کي چئجي جيڪو سڄو ڏينھن واندو ويٺو آهي ۽ ڪو بہ ڪم نٿو ڪري گهٽ ۾ گهٽ رات جو جاڳي سامان جي حفاظت تہ ڪري. ان ريت علي محمد رات جو چوڪيداريءَ تي لڳو کيس ڪو ڪم تہ ڪرڻ لاءِ هو ڪونھ، سو آسمان ۾ تارا ڳڻڻ لڳو. اوچتو اڌ رات جو هن گهوڙيءَ جو آواز ٻڌو ٿوريءَ دير ۾ ڏٺائين تہ هڪ اڇي رنگ جي سھڻي گهوڙي آهستي آهستي اچي رهي آهي. هُو وڻ پٺيان لڪي بيٺو گهوڙي گاھہ وٽ پھچي گاھہ چرڻ لڳي. علي محمد بہ هڪدم ٽپ ڏيئي سندس پٺيءَ تي چڙهي ويھي رهيو. گهوڙيءَ کيس ڪرائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر علي محمد بہ صفا ان جي پٺيءَ کي چهٽي مضبوطيءَ سان پڪڙي ويٺو رهيو.
نيٺ گهوڙيءَ چيس، ”جيڪڏهن تون مون کي ٽي ڏينھن ڪنھن حفاظت واري هنڌ تي رکين ۽ منھنجي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪرين تہ پوءِ آئون توکي هڪ قيمتي ۽ ناياب تحفو ڏينديس“ عليءَ کي تہ ڪنھن ڪڏهن ڪجهہ ڪو نہ ڏنو هو، هُو تحفي جو ٻڌي الاهي خوش ٿيو ۽ گهوڙيءَ کي پري هڪ آرام دہ پر ويرانيءَ واري جاءِ تي ڇڏي آيو کيس کاڌو پاڻي ڏيڻ ويندو هو. ٽي ڏينھن ڏٺائين تہ گهوڙيءَ ٽي ٻچا ڏنا آهن ٻه وڏا هئا هڪ بلڪل ننڍڙو گهوڙو هو. گهوڙيءَ کيس چيو تہ ” آئون تنھنجي ٿورائتي آهيان منھنجو خيال ڪيو اٿئي هاڻي هن مان ٻه وڏا ٻچا بادشاھہ کي وڪڻي ڇڏجانءِ باقي ننڍو گهوڙو تنھنجو تحفو آهي“ علي ننڍڙي گهوڙي کي هنج ۾ کڻي ان جي ماءُ جون ڳالھيون ٻڌي رهيو هو. ٿوريءَ دير کانپوءِ ڪنڌ کنيائين تہ هن جي حيرت جي حَدَ ئي نہ رهي جو اها گهوڙي اتي موجود نہ هئي. علي انھيءَ کان پوءِ انھن گهوڙن کي داڻو پاڻي ڏيڻ لاءِ اتي ايندو رهندو هو.
هڪ ڏينھن سندس ڀاءُ علي رضا انھيءَ جڳھہ تي اتفاق سان آيو ۽ گهوڙا ڏسي کيس لالچ ٿي تہ اهي وڃي ميلي ۾ بادشاھہ جي ماڻهوءَ کي وڪڻي اچي ٻئي ڏينھن پنھنجي ڀاءُ علي نواز کي وٺي آيو ۽ ٻئي ٻه صحمتند گهوڙا کڻي روانا ٿي ويا، علي جيئن ئي پنھنجي گهوڙن لاءِ داڻو پاڻي کڻي پھتو تہ ڏسي ٻه وڏا گهوڙا موجود ڪونھي پريشان ٿي ويو. ننڍڙو گهوڙ جنھن کي هُو ”جاني“ سڏڻ لڳو هو سندس ويجهو اچي چوڻ لڳو تہ ” منھنجي پٺيءَ تي سوار ٿي توکي اُتي پھچايان جتي تنھنجا ٻئي ڀائر گهوڙن کي وٺي ويا آهن“. جاني! تون ڳالھيون بہ ڪندو آهين؟“ گهوڙي وراڻيو اڳ ۾ ڪڏهن ضرورت محسوس نہ ڪيم پر هاڻي وقت ڪونھي جلد هل“ علي محمد مٿس سوار ٿيو تہ ننڍڙو گهوڙو ڄڻ هوا سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو علي محمد ڳوٺ جو هو کيس جانورن جي سڃاڻپ هئي. هن گهوڙي جو غير معمولي نمونو ڏسي ورتو، سمجهيائين تہ مٿس ڪا الاهي نعمت ٿي آهي. علي محمد گهوڙيءَ سان اڳيان ويو تہ سندس ڀائر سامھون کان پئي آيا کيس ڏسي لڄي ٿيا ۽ چوڻ لڳا تہ، ”اسين تہ انھن گهوڙن تي سوار ٿي فقط ميلو ڏسڻ پئي وياسين“ علي محمد چيو” تمام سٺو هلو آئون بہ هلان ٿو. جڏهن اتي پھتا تڏهن بادشاھہ جي اصطبل جو وڏو منشي اُتي موجود هو انھيءَ کي اهي گهوڙا خوبصورتي ۽ بيھڪ ۾ گهڻا پسند آيا. بادشاھہ کي اطلاع ڪئي وئي هن روبرو اچي گهوڙا ڏسي هڪدم خريد ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو کين ٻه ٿيلھيون اشرفين جون ڏيئي گهوڙا وٺي ڇڏيا. جڏهن بادشاھہ جي ماڻهوءَ انھي گهوڙن کي اصطبل ڏانھن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن گهوڙا هڪڙو بہ قدم نہ کڻن وڏي منشيءَ چيو تہ، ”آئون سمجهان ٿو هي گهوڙا پنھنجي مالڪ کان سواءِ ڪو نہ ويندا“ اهو ٻڌي بادشاھہ علي محمد کي پاڻ وٽ گهوڙن جي اصطبل ۾ نوڪري ڏني. هو تہ خوشيءَ ۾ ڦاٽي پيو اشرفين جون ٿيلھيون ڀائرن سان پنھنجي پيءَ کي موڪليائين ۽ خود بادشاھہ سان گڏ گهوڙن جي سنڀال لاءِ محل ڏي هليو، جتي پاسي ۾ کيس رهڻ لاءِ ننڍو گهر ڏنو ويو. ننڍو”جاني“ گهوڙو هر وقت ساڻس گڏ رهندو هو.
اصطبل جو منشي، علي محمد تي بادشاھہ جون ڪيل نوازشون ڏسي سڙي رک پيو ٿيندو هو. هڪ ڏينھن کيس اٽڪل سُجهي بادشاھہ کي چيائين، ”علي محمد کان سون جھڙي رنگ جو هرڻ گهرايو.“ علي محمد پھرين بادشاھہ کي جواب ڏنو پر پوءِ سندس ڪاوڙ ڪرڻ جي ڪري وڃي گهوڙي جانيءَ سان ڳالھہ ڪيائين هن کيس سڀ ڏس پتو ڏنو ۽ گڏ هليو. هُو ٻئي سون ورني رنگ جو هرڻ کڻي حاضر ٿيا. بادشاھہ گهڻو خوش ٿيو ۽ منشي وڌيڪ پريشان رهڻ لڳو هڪ ڏينھن وري ٻيو راڳ کنيائين تہ، ”علي محمد چوي ٿو تہ، آئون جيڪڏهن چاهيان تہ ڏکڻ پاسي پري علائقي ۾ هڪ حسين ترين شھزادي آهي ان کي بادشاھہ لاءِ کڻي اچان“ بادشاھہ علي محمد کي چيو تہ ”اها شھزادي حاصل ڪر“ جڏهن علي محمد قسم کنيا ”آئون هڪ سادو سودو ماڻهو آهيان. مون کي ڪنھن بہ شھزاديءَ بابت ڪا بہ خبر ڪونھي“، منشيءَ جي ڪوڙ کي بادشاھہ سچ سمجهي کيس سزا ڏيڻ چاهي هو روئيندو ”جانيءَ“ وٽ ويو جنھن اهو مسئلو پڻ حل ڪيس. ٻئي گڏجي ڏکڻ پاسي سمنڊ ڪناري ويا جتي ٻيڙيءَ ۾ شھزادي گهمڻ آئي هئي ۽ جانيءَ جي چوڻ تي علي محمد پاسي کان خيمو لڳائي سون ۽ چانديءَ جي ٿانون ۾ بهترين کاڌو رکي ڇڏيو، خود لڪي ويٺو. شھزاديءَ کي ڏاڍي بک لڳي هئي. هن جيئن ئي کائڻ شروع ڪيو علي محمد کيس کنڀي گهوڙي تي وڌو ۽ جادوئي گهوڙو ٿوري وقت ۾ بادشاھہ جي درٻار ۾ پھچي ويو. بادشاھہ علي محمد مان گهڻو خوش ٿيو. شھزاديءَ کي مان ۽ شان سان رکيو ويو. بادشاھہ هڪ ڏينھن شھزاديءَ کي شاديءَ جي پيشڪش ڪئي. ۽ هوءَ انھيءَ لاءِ بلڪل تيار نہ ٿي. علي محمد سان سڄي ڳالھہ ڪيائين هن چيس تہ ”شھزادي! تون پريشان نہ ٿي آئون جانيءَ کان پڇان ٿو هُو ضرور ڪا اٽڪل ٻڌائيندو “ ننڍي گهوڙي سڄي ڳالھہ ٻڌي چيو ته”مسئلو تہ ڏکيو آهي پر هاڻي جيڪا آئون صلاح ڏيان ٿو ان تي عمل ڪجو ۽ پوءِ انھن کي آهستي سان سڀ ڪجهہ سمجهائي ڇڏيائين. ٻئي ڏينھن شھزادي بادشاھہ جي سامھون جڏهن حاضر ٿي تڏهن چيائين تہ، ”بادشاھہ سلامت توهان فرمايو آهي تہ منھنجي دل جوان آهي پر منھنجي خواهش آهي تہ جيترو توهان جو دل جوان آهي اوترا توهين پاڻ جوان نظر اچو تہ پوءِ آئون توهان سان شادي ڪريان“ بادشاھہ حيران ٿي ويو تہ هن انوکيءَ شرط جو ڇاڪجي؟ ڏک ۽ ڪاوڙ سان چيائين” ڀلا ماڻهو ٻيھر جوان ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“
شھزاديءَ چيو هڪڙو طريقو آهي، ”جيڪڏهن ماڻهو ٻڪريءَ جي کير ۾ ٽٻي ڏيئي هڪ منٽ کان پوءِ نڪري تہ پوءِ هُو ايترو جوان ٿي ويندو جيتري هُن جي دل جوان آهي“
بادشاھہ حيران ٿي ويو پر شوق ۾ ٻڪريءَ جو کير وڏيءَ کليل ديڳ ۾ گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو سموريءَ درٻار جي سامھون انھيءَ کير ۾ ٽٻي ڏنائين هڪ منٽ کانپوءِ جڏهن ٻاهر نڪتو تہ ماڻهن پاڻ ۾ سُس ڦُس ڪرڻ شروع ڪئي بادشاھہ تہ ساڳيو پئي لڳو. شھزاديءَ کان پڇيائين تہ هن چيو تہ ”توهان غلط ٿا چئو تہ توهان جي دل جوان آهي. جي اها جوان هجي ها تہ توهين کير مان جوان ٿي نڪرو ها“ بادشاھہ جي منھن جو پنو لھي ويو ويتر جو شھزاديءَ آرسيءَ ۾ منھن ڏيکاريس پوءِ تہ ”ٺپ ئي ٺري ويس“ چوڻ لڳو، ”تون ٺيڪ ٿي چوين شھزادي آئون واقعي پوڙهو ۽ ضعيف ٿي چڪو آهيان“
شھزاديءَ وراڻيس“ توهان ايترا بہ ضعيف ڪونہ آهيو بادشاھہ سلامت جو اسان جي شادي نہ ڪرائي سگهو“ بادشاھہ ڦڪو ٿي ويو ۽ هڪدم شھزاديءَ جي شاديءَ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيائين. شھزاديءَ جي شادي علي محمد سان ڌوم ڌام سان ٿي. ۽ ٻئي گڏجي شھزاديءَ جي وطن ڏي روانا ٿيا ساڻن”جاني“ پڻ گڏ هو. رستي ۾ علي محمد چيو ته”اڄ اسان کي اها خوشي هن عقلمند ۽ وفادار گهوڙي جانيءَ جي معرفت ملي آهي جنھن جي ٻڌايل ٻڪريءَ جي کير واريءَ اٽڪل سان تنھنجي منھنجي پوڙهي بادشاھہ مان جند آزاد ٿي آهي“ شھزاديءَ جي وطن پھچي ٻئي شانَ مانَ ۽ آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳا. وفادار جادوئي ”جاني“ گهوڙو درٻار ۾ هميشھ ساڻن گڏ هوندو هو.

بيوقوف جهرڪو

ڪنھن جهنگ ۾ پيارن ۽ خوبصورت رنگن واري هڪ جهرڪي ۽ جهرڪو پنھنجي ننڍن ٻچن سان رهندا هئا. هڪ ڏينھن جهنگ ۾ شھر کان ڪي شڪاري آيا انھن ڪافي ڄار لڳايا. بدقسمتيءَ سان جهرڪيءَ جو هڪ ٻچو(ننڍو جهرڪو) ان ڄار ۾ ڦاسي پيو. جهرڪو ۽ جهرڪي پنھنجي ننڍڙي ٻچي جي ڄار ۾ ڦاسڻ تي گهڻا پريشان ٿيا. شڪارين کي منٿون ۽ ايلاز ڪيائون تہ انھيءَ ٻچي کي ڇڏي ڏي پر انھن نہ ڇڏيو ۽ هن ننڍڙي جهرڪي کي کڻي شھر هليا ويا ساڻن گڏ ٻيا بہ شڪار ڪيل پکي هئا جن کي وڃي شھر ۾ پڃرن ۾ وجهي وڪرو ڪيائيون. ڪجهہ ڏينھن گذريا جهرڪي ۽ جهرڪيءَ جا ٻيا ٻچا وڏا ٿي ويا ۽ انھن پنھنجا پنھنجا آکيرا بہ ٺاهي ورتا. هڪ ڏينھن جهرڪي وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺي هئي تہ هڪ پيارو ننڍڙو جهرڪو اڏامندو وٽس پھتو ۽ چيائين تہ منھنجي مالڪ پڃرو کولي مون سان راند ٿي ڪئي آئون سندس هٿن مان اڏامي نڪتس ۽ هاڻي توهان وٽ پھتو آهيان. آئون توهان جو پنھنجو پٽ آهيان جنھن کي شڪاري ڄار ۾ ڦاسائي قيد ڪري هتان وٺي ويو هو.
اهو ٻڌي جهرڪي ۽ جهرڪو جام خوش ٿيا. ۽ حيران پڻ. کيس چيائون اسان جا ٻيا ٻار وڏا ٿي پنھنجا آکيرا الڳ ٺاهي انھن ۾ رهن پيا. تون پڻ ڪجهہ ڏينھن ۾ پنھنجو آکيرو ٺاهج هن وقت آرام سان اسان سان رهي پئو.
ننڍو جهرڪو پڃري ۾ رهي سست ۽ ڪاهل ٿي ويو هو. کيس ٻاهر نڪري رزق جي ڳولا ۾ رُلڻ مشڪل لڳي رهيو هو. هن کي تہ بند پڃري ۾ کاڌو ملي ويندو هو. پر وري بہ ڪجهہ ڏينھن پنھنجي ماءُ پيءَ سان گڏ کاڌي جي ڳولا ۾ نڪتو پر پوءِ جلدي ٿڪجڻ لڳو هڪ ڏينھن چيائين” چاچي بندر وٽ مٽيءَ جون پياليون آهن پاڻ انھيءَ کان اهي کڻي آکيري ۾ رکون ان ۾ اناج گڏ ڪريون تہ روز نڪرڻو نہ پوي. جهرڪي چوڻ لڳي”اسان پکين جو دستور آهي تہ اسين روز صبح جو سوير کاڌي جي ڳولا ۾ نڪرندا آهيون اسان کي تہ رب پاڪ ڪڏهن بہ بکيو ڪونہ سمھاريو آهي. تون ڪھڙيون ڳالھيون پيو ڪرين؟“
ننڍو جهرڪو چوڻ لڳو، ”امان هاڻي دنيا بدلجي وئي آهي. اڳيون پراڻيون ڳالھيون نہ ڪر هاڻي دنيا ۾ ترقي ٿي وئي آهي. آئون تہ توهان جي فائدي جي ڳالھہ ٿو ڪريان. جيستائين آئون آهيان آئون خود ئي مٽيءَ جي برتن کي کاڌي سان ڀريندس توهان پاڻ ڪا بہ محنت نہ ڪريو“. آخر جهرڪو ۽ جهرڪي راضي ٿي ويا هُو پڻ ٻه ٽي ڏينھن جوش ۾ پيو، داڻو گڏ ڪندو هو. پر آخر سندس سستي انھيءَ محنت ۾ رڪاوٽ بڻي. روز وڃڻ نہ پڄيس. ٿورو کاڌو موجود ڏسي ٻين پکين سان راند روند ۾ لڳي ويندو هو ۽ جڏهن دل ٿيندي هيس گڏ ٿيل کاڌو اڪيلو ئي کائي ختم ڪري ڇڏيندو هو. جهرڪي ۽ جهرڪيءَ کي مٿس ڪاوڙ اچڻ لڳي. آخر هو پنھنجي کاڌي جي لاءِ روز نڪرڻ لڳا. هيءُ ننڍڙو جهرڪو کائي مست ٿي وڻ جي ٽاريءَ تي جهونٽا کائڻ لڳو. وڻ مٿان وڏي سِڪَت گذري. جنھن جو اهڙو تازو صحتمند جهرڪو ڏٺو. سو لامارو ئي هڪڙو ڏنائين، پنھنجي چنبن ۾ کيس کڻي ميدان ۾ سٽي کائڻ شروع ٿي وئي. جهرڪو ۽ جهرڪيءَ پنھنجي آکيري ڏي ان مھل واپس پئي آيا انھن اهو سڄو نظارو اکين سان ڏٺو پر ڪري ڪجهہ بہ نٿي سگهيا سندن اکين مان لڙڪ ڪري هيٺ مٽيءَ ۾ ملي ويا.

ٻليءَ جي دوستي

ڪامران کي پکين ۽ جانورن سان گهڻي محبت هئي، خاص طور پکين سان، هن هڪ دوست جي پيءُ جي معرفت پنجاب مان سھڻي ڀوري رنگ جي ٻلي گهرائي. جا ايتري تہ خوبصورت سفيد، ڀورن ، نرم ۽ ملائم وارن سان هئي جو هر ايندڙ ويندڙ کانئن پيو پڇندو هو ته”هيءَ ٻلي ڪٿان آئي؟“ ”سٺي نسل جي آهي هتي جي تہ ڪونہ ٿي لڳي؟“ ڪامران کي خوشي بہ ٿيندي هئي، فخر سان هر ڪنھن کي پيو ٻڌائيندو هو تہ مون پنجن هزارن ۾ ورتي آهي. عام کاڌو ڪونہ کائيندي. هن جا بسڪٽ ۽ ٻيو کاڌو بازار مان ايندو آهي. باقي گهر ۾ مڇي ڏيندا آهيون. ڪڏهن بہ گهر کي يا هنڌ کي خراب ڪونہ ڪندي ٻاهر نڪري ويندي آهي. مطلب تہ ڪامران پنھنجي هن ٽرينڊ ٻليءَ جي واکاڻ مان ڪونہ پيو ڍاپندو هو هڪ ڏينھن هُو دوست سان گڏ زمين تي گهمڻ ويو جتي هڪ سھو وڻي ويس دوست جي اجازت سان سندس ٻنيءَ تان اهو سھو کڻي آيو، خوب خدمت ڪري انھيءَ کي بہ پيار سان پالڻ لڳو. اهو ڏسي ٻليءَ کي ساڙ ٿيو. جنھن مھل ڪامران موجود ڪونہ هوندو هو. انھيءَ وقت وجهہ ڏسي سھي کي ڊيڄارڻ لاءِ رڙيون ڪري مٿس حملو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندي هئي. ويچارو سھو ننڍيءَ دل وارو ڊڄي وڃي ڪنڊن پاسن ۾ پنھنجي جان بچائيندو هو. سندس دل ۾ هن ٻليءَ کان هڪڙو وڏو خوف پيدا ٿي پيو. سخت گرمين ۾ گهڻي اُس جي ڪري سڀ گهر ڀاتي اندر ڪمرن ۾ پکن هيٺ آرامي هئا. ويچارو سھو پڻ ٻليءَ جي ڊپ ۾ ورانڊي ۾ موجود پيھيءَ تي چڙهي ويھي رهيو. جتي کيس ننڊ اچي وئي. اڱڻ جو در کليل هو. ورانڊي ۾ ڪير بہ ڪونہ هو. هڪ ٿلھو متارو ڪتو گرميءَ ۾ زبان ڪڍندو اچي ورانڊي تائين پھتو جان جو ڏسي تہ ٿلھي ٻلي سامھون ويٺي آهي. ٻليءَ جو تہ ڪُتي کي ڏسي ساھہ ئي سُڪي ويو. سمجهيائين هاڻي تہ فنا ٿي ويس ڊپ سان منھن مان آواز نڪرڻ لڳس مٿي پيھيءَ تي موجود سھي جي اک کلي وئي. هيٺ جو سڄو منظر ڏٺائين تہ هنيون ئي هارجي ويس، ڏٺائين ڪتو ريڙھہ ڪندو ٻليءَ ڏانھن وڌي رهيو آهي پھرين تہ دل ۾ خوش ٿيو تہ سٺو ٿيو اها نخريلي ٻلي لائق ئي انھيءَ جي آهي تہ ڪتي جو کاڄ ٿيئي، مون کي بہ سڪون ملي ويندو. وري بہ دل ۾ رحم آيس تہ خير آهي، جھڙي بہ آهي مون سان گڏ هن گهر ۾ رهي ٿي منھنجي تہ ساٿي آهي. آئون هرو ڀرو ڇو سندس جي مرڻ ۾ خوش ٿيان. مون کي تہ پاڻ انھيءَ جي مدد ڪرڻ گهرجي متان کيس منھنجي لاءِ بہ حيا ٿيئي. اهو خيال ڪري پنھنجي چئو طرف نظر وڌائين تہ هڪڙو خالي اٽي جو وڏو دٻو پيو هو کڻي ان کي پوريءَ طاقت سان هيٺ اڇليائين تہ تمام وڏو ٺڪاءُ ٿيو ۽ اهو زور سان اچي ڪُتي مٿان ڪريو ڪتو هن اوچتيءَ مصيبت سان ايترو تہ وائڙو ٿي ويو، جو ٻليءَ جو شڪار ڇڏي اٿي ڀڳو.
تيستائين ٻليءَ جي نظر بہ مٿي ويٺل سھي تي پئي جو سندس ئي ڊپ ۾ مٿي وڃي ويھندو هو. ٻليءَ کي پنھنجي خراب سلوڪ جو احساس ٿيو ۽ سھي کي هيٺ اچڻ جي صلاح ڪري، کانئس معافي گهري پنھنجا بسڪيٽ کارايائين. ان ڏينھن کان پوءِ ٻنھي ۾ پڪي دوستي ٿي وئي.

جان نثار ڪتو

ڳوٺ فيض آباد جي ڀر ۾ هڪ ندي هئي ڳوٺ ۾ پنجاھہ کن گهر آباد هئا جي انھيءَ نديءَ جي پاڻيءَ تي گذران ڪندا هئا. سندن پوک، ۽ پاڻيءَ جي ٻئي استعمال لاءِ هيءَ ندي وڏي نعمت هئي. ويجهو ڪافي وڻ هئا. جن جي هوا نديءَ جي پاڻيءَ جي ٿڌڪار تي هيڪاري وڻندڙ ٿي ويندي هئي. هر ڪنھن وٽ پنھنجو مال هو جنھن جو کير، مکڻ ۽ ڏهي واپرائڻ سان گڏ پنھنجي گهر ۽ پاسي ۾ اناج ۽ ڀاڄيون اپائي هو گذران ڪندا هئا. باھہ، پاڻي، سج جي روشني، تازي هوا ڪنھن بہ شيءَ جي وٽن کوٽ ڪونہ هئي. سڀ صحتمند ۽ پاڻ ۾ خوش باش هئا. عليءَ جي گهر ۾ رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون، ڪڪڙ، بطخون ۽ هڪ ڪتو هئا. هڪ ڏينھن هو پنھنجي گهر کان پري جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪٽڻ ويو تہ هڪ ننڍي پونگڙي کي چيچاٽ ڪندي ڏٺائين، هن هڪدم ان کي هٿ ۾ کنيو تہ ڏٺائين اهو زخمي آهي. ڪاٺيون اُتي ئي ڇڏي هو ڪتي جي پونگڙ کڻي گهر آيو ۽ ان جي ملم پٽي ڪري گرم کير پياريائين. ماڻس جومنھن ڦري ويو. هن اهڙو ڪمزور ۽ بيمار جانور گهر ۾ رکڻ نٿي چاهيو. عليءَ جي غير موجودگيءَ ۾ پڻس کي چيائين ته”اڳ ۾ اسان وٽ گهٽ جانور آهن جو هي بيمار پونگڙو بہ علي کڻي آيو آهي. هن ننڍي ڪُتي جي خوراڪ اسين ڪٿان آڻينداسين؟. اسان جي پنھنجي پيٽ قوت کان وڌيڪ تہ مال جو خرچ آهي. عليءَ کي چئو تہ واپس جهنگ ۾ ڇڏي اچي“. عليءَ اچڻ مھل آخري جملو ٻڌي ڇڏيو، هُو روئڻ شروع ٿي ويو ته”منھنجي ڪتي جو نالو مون ”موتي“ رکيو آهي. سڀني دوستن کي بہ ٻڌايو آهي. آئون ھہڙو سٺو پونگڙ هٿان ڪونہ ڇڏيندس جهنگ ۾ تہ هن کي جانور کائي ويندا“
عليءَ جي پيءُ کيس ٿورا دڙڪا ڏيڻ کانپوءِ ڪجهہ شرطن تي پونگڙ موتي رکڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. موتي هڪ بي ضرر ۽ بهادر ڪتو ثابت ٿيو. عليءَ هن کي پنھنجي گهر ۽ ٻئي مال جي حفاظت لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيو.
سياري جي مند شروع ٿي چڪي هئي. عليءَ جي پيءُ جو ڌنڌو سُڪو ميوو جابلو علائقن مان خريد ڪري شھر ۾ وڪڻڻ جو هو ۽ جابلو علائقا ڳوٺ فيض آباد کي ويجها هئا. جتي محمد علي پنھنجي دوستن سان گڏ وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. سندس چار پنج دوست پنھنجي آڪھن ۽ جانورن ۽ خيمن سان گڏ هليا. واپسيءَ ۾ گهوڙن ۽ گڏهن تي ميوي جا ٿيلھا ڀري رکيائون هڪ هنڌ رات پين تہ پوءِ خيما کوڙي جانورن کي بہ ساڻ رکي سمھي رهيا. رات جو اوچتو عليءَ ڏٺو تہ موتي سندس ڪنڌ تي پنھنجو ٿڌو نڪ پيو هڻي. ننڊ ۾ چيائين، ”مون کي سمھڻ ڏي، ڪجهہ ڪونھي آئون ٿڪل آهيان“ پر موتيءَ جند ڪو نہ ڇڏيس نيٺ هو اٿيو تہ ڇا ڏسي هڪ وڏو چيتو خيمي جي ويجهو ٻڪريءَ کي کائڻ پيو اچي. هن ٻڪريءَ کي بچائڻ لاءِ چيتي مٿي ٽپ ڏنو هڪ ننڍو ڇوڪرو چيتي سان ڇا مقابلو ڪري سگهي. ايستائين موتي اچي پنھنجا ڏند چيتي جي ڪنڌ ۾ وڌا، هاڻي تہ چيتو ٻنھي پويان لڳي ويو، عليءَ کي دسي ڪرائي تہ وري موتي وچ ۾ اچي وڃي ۽ هڻي پنھنجي تکن ڏندن سان چيتي کي ڇتو ڪري ڇڏيائين هن بہ کڻي عليءَ کي زور سان ڌڪو ڏنو آواز تي عليءَ جو پيءُ اٿي ويو رڙيون ڪري ٻين کي گڏ ڪيائين. جيڪي لٺيون ۽ باھہ جون اماڙيون کڻي اچي پھتا چيتو باھہ جون اُماڙيون ۽ ماڻهن جو گوڙ ڏسي وٺي ڀڳو.
علي زمين تي بيھوش ڪريو پيو هو تہ موتيءَ جي حالت بہ تمام خراب هئي. پھرين عليءَ کي هوش ۾ آندو ويو، سندس زخمن جي ملم پٽي ڪئي وئي. موتي تہ هوش ۾ ئي نہ پئي آيو. سڀني سمجهيو تہ اهو هاڻي ڪونہ بچندو. عليءَ روئڻ جو شروع ڪيو تہ موتيءَ اکيون کوليون ڪجهہ ڏينھن زندگي ۽ موت جي ڇڪتاڻ ۾ رهڻ کانپوءِ موتي ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويو. جڏهن واپس ڳوٺ پھتا تڏهن محمد علي هر آئي وئي کي پيو ٻڌائيندو هو ته. مون کي سڀ چوندا هئا ته”هيءُ منڊو ڪتو پاليو اٿو، پر آئون ٿو چوان تہ اسان کي هاڻي موتيءَ کان مٿي ڪو بہ جانور ڪونھي ان جو اسان تي احسان آهي. جو هن جانثار ڪُتي پنھنجي جان جي قرباني ڏيندي اسان جي پٽ کي بچايو هيءُ اسان جو بهترين دوست آهي“.

شينھن جهنگ جو بادشاھہ

”شينھن جهنگ جو بادشاھہ“ مشھور چواڻي آهي. هن جانور جي وڏي خوبي اها آهي تہ سڄي جهنگ تي شينھن جو رعب هجي ٿو. جو هو ڪنھن کي بہ بخش نہ ڪندو. شڪار ڪرڻ مھل چوڪس هجڻ ڪري کانئس شڪار بہ نہ ويندو آهي پر مرضيءَ جو مالڪ بہ آهي بادشاهن وانگر خوشامند پسند ۽ ڪنن جو ڪچو پڻ. لومڙي کيس اڪثر پنھنجي چالاڪيءَ ۽ ٺڳڻ جي ڪري مڃائي ويندي آهي. هر جانور جون خاصيتون الڳ الڳ هجن ٿيون. جيئن شينھن جي خاصيت آهي تہ شينھن بهادر ۽ همٿ ڀريو جانور آهي کانئس جانور تہ جانور پر انسان پڻ ڊڄندا آهن. انسانن ۾ شينھن جو شڪار ڪرڻ وارو پڻ وڏو بهادر سڏيو ويندو آهي.
سو ٻارو! ڳالھہ ٿي ڪئي سين تہ هڪ جهنگ ۾ خونخوار شينھن رهندو هو ڪراڙو هوندي بہ ان جو وڏو ڌاڪو هو. سڀ جانور کانئس ڪنبدا پيا هئا. شينھن روز شڪار ڪري هن جهنگ جا ڪيترائي جانور کائي چڪو هو. باقي سو ٻليءَ سان سندس دوستي هئي. ٻليءَ لاءِ مشھور آهي تہ اها شڪل ۾ پڻ شينھن سان مشابهت رکندي آهي تہ ان جو شينھن چيو پڻ مڃيندو آهي. اردو زبان جو پھاڪو آهي”بي بلي شير ڪي خالھ“
جهنگ جا جانور ڏينھون ڏينھن کٽندا پئي ويا. باقي بچيل جانورن ۾ منجهن صدمو پئي پيدا ٿيو تہ جي شينھن جي شڪار ڪرڻ جي اها رفتار رهي تہ پوءِ تہ هن جهنگ ۾ ڪير بہ زندہ جانور ڪو نہ بچندو، سواءِ شينھن ۽ سندس ڪجهہ ساٿين جي. سڀني گڏجي پاڻ ۾ مشورو ڪيو تہ ڪنھن نموني کيس روڪيو وڃي تہ ٿورو اڳتي وڃي شڪار ڪري هن جهنگ جي جانورن تي رحم ڪري سو گڏجي پاڻ ۾ ميٽنگ ڪري ٻليءَ معرفت نياپو موڪليائون پر اهو شينھن ئي ڪٿي جو مڃي، اهو تہ طاقت جو نشي ۾ ٻڏل هو کيس اهي ٻيا للوُ پنجو جانور تہ اک هيٺ ئي ڪونہ ٿي آيا.
شينھن بادشاھہ کي اها بہ خبر هئي تہ جهنگ ۾ جيڪڏهن ڪير بغاوت ڪري پيو تہ اها لومڙي آهي. جا تمام چالاڪ هئڻ ڪري سڀني جانورن کي پنھنجي پاسي ڪري هن جهنگ ۾ ڪا تحريڪ هلائي سگهي ٿي. اهو سوچي لومڙيءَ کي پاڻ وٽ گهرائي ڏاڍي دٻڙاٽ پٽيائين ۽ کيس وارننگ ڏنائين تہ آئيندہ لاءِ محتاط رهي، ڪير شينھن خلاف ڳالھائي تہ سندس زبان بند ڪري نہ تہ سندس خير ڪونھي. لومڙي ظاهري طور تہ چپ ٿي وئي ۽ منھن ڀيلو ڪري چيائين ته”بادشاھہ سلامت توهان کي منھنجي ڪا بہ شڪايت ڪونہ ملندي“ پر سندس دل ۾ ٻين جانورن جي روز روز مرڻ جو ڏاڍو ڏک هو، خبر هيس تہ اهو وارو اسان لومڙيءَ جي قوم جو بہ اچي سگهي ٿو. سو وري بہ لڪ ڇپ ۾ شينھن خلاف مزاحمتي تحريڪ هلائيائين. سڀني جانورن کي گڏ ڪري دونھادار تقرير ڪري ڳوڙها ڳاڙي احساس ڏيارايائين تہ ”اکيون نہ پوريو سڀ جا سڀ مري ويندؤ“ انھيءَ اجلاس ۾ ٻليءَ کي ڪونہ گهرايائين تہ جيئن شينھن کي خبر نہ پئي سگهي ۽ تحقيق ان ريت ٿيو سڀ جانور لومڙيءَ سان شامل ٿيا ۽ ٻليءَ ۽ شينھن کي ڪا بہ خبر ڪونہ پئي سگهي. گڏجي هڪ ترڪيب تي عمل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيائون.
هاڻي ڇا ٿيو، جو سڀني هن سوچيل سمجهيل ترڪيب تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو. منصوبي مطابق ڪُئن کي زمين ۾ مھارت سان سوراخ ڪري ٻَر کوٽڻا هئا سڀني جانورن هاٿيءَ سميت گڏجي هڪ وڏو تلاءُ کوٽي تيار ڪيو پوءِ گڏجي اللھ تعاليٰ کان برسات جي دعا گهرڻ لڳا. گرمين جا ڏينھن ۽ برسات جو موسم هجي ڌڻيءَ سڳوري کي بہ هنن بي زبان جانورن تي ڪھل اچي ويئي ايتري تہ زبردست برسات پئي جو سڄو جهنگ مينھن جي پاڻيءَ سان ڀرجي ويو ۽ تلاءُ پڻ ٽوٻا ٽوٻ ڀرجي ويو، هاڻي تہ منصوبي تي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو، هڪ هرڻ کي شينھن جي غار وٽ موڪليو ويو جتي هُو آرام ڪري رهيو هو صبح کان بکايل شينھن جيئن ئي هرڻ جو آواز ٻڌو سندس وات ۾ پاڻي اچي ويو، گجگوڙ ڪري ٻاهر آيو. هرڻ کي حراسان ڪرڻ چاهيائين تہ هرڻ وٺي تلاءُ ڏي ڊوڙ پاتي، شينھن پڻ سندس پويان ڊوڙيو شينھن تيز رفتاريءَ سان ڊوڙيو هرڻ هڪدم تلاءُ ۾ ٽپو ڏنو شينھن بہ پاڻ کي سنڀالي نہ سگهيو ۽ وڃي تلاءُ ۾ ڪريو. هرڻ کي تہ هاٿيءَ پنھنجي سونڊ ۾ جهلي ٻاهر ڪڍيو پر جهنگ جو بادشاھہ شينھن پاڻيءَ اندر ٽٻيون ڏيڻ لڳو. هاڻي تہ تلاءُ وٽ سڀئي جانور اچي مڙيا خوشيءَ وچان نعرا هڻڻ لڳا. شينھن غوطا کائڻ ۽ گڏ معافيون گهرڻ لڳو. اتي لومڙيءَ جي دل ۾ قياس آيو. هن ئي سڀني جانورن جي جماعت کي شينھن کي معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ سڀني جڏهن مڃيو تڏهن لومڙيءَ ٻليءَ جي ضمانت تي شينھن کي تلاءُ مان ٻاهر ڪڍڻ جو بندوبست ڪيو. شينھن ٻاهر اچي ڦڪو ٿيو ۽ سڀني کان معافي گهرندي مھرباني مڃيائين ۽ اڳتي اهڙي ظلم کان توبھہ ڪيائين.

گهوڙن جي ٻڌي

ٻارو! گهوڙو جسماني طور مضبوط، قدآور، مالڪ سان وفادار ۽ ڪيترين سٺين خاصيتن وارو جانور آهي، ڳوٺن ۾ تہ عام جام ماڻهو گهوڙي تي سواري ڪندا آهن. شھرن ۾ پڻ مال ڍوئڻ ۽ ريڙهن ۽ ٽانگن ۾. چوٽيل هر هنڌ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن اسلحي ۽ بارود واريون جنگيون ڪونہ هيون تڏهن گهوڙي سوار سپاهين کي کڻي جنگ ۾ لڙائيون وڙهندا هئا ۽ ان ۾ ڪيترائي پنھنجي مالڪن سان گڏ جنگ ۾ پورا بہ ٿي ويندا هئا. هاٿين، اٺن ۽ خچرن جي نسبت گهوڙي کي جنگ جي ميدان جو بهترين سوار سڏيو ويو آهي، هيءُ هڪ بهادر، بي ڊپو ۽ خلوص وارو جانور آهي(قرآن پاڪ جي آخري سيپاري جي سورة ”والعٰديٰت“ ۾ رب پاڪ گهوڙن جي عظمت ۽ جلال جو قسم کاڌو آهي ۽ هتي انھن گهوڙن ڏي اشارو آهي جيڪي جنگ جي ميدان ۾ ڪافرن سان لڙائيءَ ۾ ميدان مارين ٿا.)
گهوڙن جي وفاداريءَ ۽ قربانيءَ جا انيڪ مثال دنيا ۾ موجود آهن. آئون توهان کي گهوڙن جي ٻڌيءَ جو هڪ مثال بيان ڪريان ٿي.
هڪ جهنگ ۾ ڪيترائي جهنگلي گهوڙا هوندا هئا. جن کي شڪاري ڪنڌن ۾ نشاني سان رَسا اُڇلي ڦاسائي پوءِ پاڻ سان کڻي وڃي کين سُڌاريندا هئا. کاڌو خوراڪ ڏيڻ ۽ خدمت ڪرڻ سان گڏ انھن کي سامان ۽ سواري کڻڻ ۽ گڏ گهوڙي سواري ڪرڻ لاءِ تيار ڪري وڃي وڪڻي پئسا ڪمائيندا هئا.
هڪ دفعي ڇا ٿيو، جو شڪارين جا رَسا جن سان گهوڙي جي ڪنڌ ۾ ڦندو وجهڻو هو انھن جا ٻيا حصا جيڪي سندن گاڏين ۾ ٻڌل هئا کُلي ويا هنن جيئن ئي انھن کي جلدي ۾ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي وڌيڪ ڳنڍيون اچي ويون بلڪھ انھن ٽن رسن ۾ هڪ مضبوط ڳنڍ اچي وئي. جنھن جي ڪري اهي قابو ڪيل گهوڙا هڪ ئي رسيءَ ۾ ٻڌجي ويا. هاڻي ٽيئي گهوڙا مختلف قد ۽ بت جا ۽ مختلف نسل ۽ عادتن جا هئا. جيڪي گڏ چرڻ ڦرڻ ۾ هڪٻئي کي ئي نقصان پھچائڻ لڳا. شڪاري تہ کين قابو ڪري ڪين سگهيا. گهوڙا رَسَن سوڌا کانئن تيز ڀڄي جهنگ ۾ غائب ٿي ويا. هاڻي انھن گهوڙن جو هن گهاٽي جهنگ ۾ وڏي کان وڏو مسئلو انھن رَسَن مان آزاد ٿيڻ جو هو. جيئن تہ ڳنڍيون ڏاڍيون ٿي ويون سو ناممڪن هو تہ هُو هڪٻئي کان جدا ٿي آزاد گهمن. انھن پئي هڪٻئي کي لتون هنيون ۽ پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪين ان ڇڪ ڇڪان وچان نہ هو گاھہ کائي سگهيا پئي ۽ نہ ئي پاڻ ڇڏائي سگهيا پئي. جنھن جهنگ جي حصي ۾ شڪارين کان ڀڄي اچي پھتا هئا اهو ايترو تہ سائو هو، چئو طرف گاھہ ئي گاھہ هو. هاڻي گهوڙا تہ ڏسي ڏسي پئي سڪيا بک کين بي حال ڪري ڇڏيو. جيئن ڪاوڙ ۾ لتون هڻن تيئن گاھہ پئي ويو، خراب ٿيندو. نيٺ رات جو ماندا ٿي سمھي رهيا. آهستي آهستي ان ريت گهوڙا ڏينھون ڏينھن پئي ڏٻرا ٿيندا ويا. هر گهوڙو ٻئي تي الزام لڳائيندو هو تہ تنھنجي ڪري آئون گاھہ کائي ڪونہ سگهيو آهيان ۽ بک پيو مران، هڪ وڏو گهوڙو ڪجهہ سمجهدار هو هن ٻين کي چيو ته” آئون توهان کان وڌيڪ قدآور آهيان ۽ توهين سمجهو ٿا تہ آئون گاھہ کاوان پيو ۽ اوهين بک پيا مرو پر حقيقت ۾ ائين ناهي جنھن مھل آئون کائڻ لاءِ نوڙان ٿو تہ توهين ٻئي پاسي ٿا مڙو ۽ ايئن منھنجي ڪنڌ کي ڇڪ اچي ٿي ۽ آئون مٿو مٿي ڪري گاھہ مان منھن ڪڍي توهان ڏي ڇڪجي وڃان ٿو. درحقيقت اسين سڀ هڪٻئي کان جدا رهي مختلف پاسن تي الڳ الڳ گاھہ کائڻ ۾ خوش آهيون“
ٻين ٻنھي بہ پنھنجي ڪنڌن کي هائوڪار ۾ ڌوڻيو، وڏي گهوڙي چيو ”منھنجي نظر ۾ هن ريت بک ۾ پاھہ ٿيڻ کان بهتر آهي مسئلي جو ڪو نبيرو ڪڍون“
ٻين گهوڙن ڏانھس نھاريو، هو وري چوڻ لڳو تہ،” منھنجي صلاح آهي تہ پاڻ پاڻ ۾ ٻڌي ڪريون ان کانسواءِ ڪو بہ رستو ڪونھي رسا پاڻ کان ڪٽجي نٿا سگهجن بک مرڻ بہ صحيح ڪونھي. هونئن بہ ڇڪتاڻ ۾ گاھہ تہ سڄو چپلجي ختم ٿي ويو آهي“
ٻئي گهوڙا وڏي گهوڙي جي صلاح ٻڌي ڏانھس مفاهمت جي نموني نھارڻ لڳا کين يقين ٿي ويو تہ هيءُ جيڪو ڪجهہ چوي پيو سو بيشڪ لاڀائتو ٿيندو.
وڏو گهوڙو سندن توجهہ ۽ دوستيءَ واري انداز کي سمجهي مطمئن ٿي وري ڳالھائڻ لڳو ۽ چيائين تہ، ”منھنجو خيال آهي تہ پاڻ جهنگ ۾ ٿورو اڳيان هلون هن حصي جو گاھہ پاڻ جي لتن لڳڻ سان خراب ٿي چڪو آهي. هتي وڌيڪ ترسڻ مناسب ڪونھي، اڳيان سڄو جهنگ سائو ستابو آهي. سڀ هڪ ئي رخ ۾ هجون، ڪير بہ هڪٻئي کي توڻي گاھہ کي لتون نہ هڻي، ان ريت پاڻ سڀ روز پيٽ ڀري کاڌو کائينداسين. ڪير بہ بکيو ڪونہ سمھندو شرط فقط هڪڙو آهي سڀ گڏ ٿي ۽ هڪئي هنڌ ٽڪي گڏجي گاھہ کائون“.
ٻيا گهوڙا جيڪي بک ۾ پاھہ پئي ٿيا، انھن سندن ڳالھہ مڃي ۽ کيس وڏو سمجهي هن سان گڏ هلڻ لڳا جو رسو تہ هڪ ئي هو، بلڪل اڳيان کين سٺي ساوڪ ڏسڻ ۾ آئي. هُو سڪون سان گڏجي کائڻ لڳا. سامت ۾ اچڻ کانپوءِ کين گهڻي خوشي ٿي هڪ رسيءَ ۾ ٻڌجي قيد ٿيڻ جو کين ڪو بہ ڏک نہ پئي محسوس ٿيو. ان ريت ٿورن ڏينھن ۾ ئي اهي صحتمند ٿيڻ لڳا.
هاڻي تہ جهنگ جي ٻين جانورن کي مٿن حسد ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينھن ڪُوئي کين چيو ته”آئون پنھنجي تيز ۽ تکن ڏندن سان توهان جي رسي ڪتري اوهان سڀني کي آزاد ڪريان تہ جيئن جنھن کي وڻي اهو اوڏانھن آزاديءَ سان گهمي سگهي“.
ٽنھي گهوڙن ڪُئي کي ورندي ڏني ته”نہ تنھنجي وڏي مھرباني اسان کي اهڙي نالي ماتر آزادي نہ گهرجي جو صبح جهنگ جا جانور ۽ شڪاري اسان کي اڪيلو ڏسي حملو ڪن ۽ هڪ هڪ کي جهلي ٻڌي هليا وڃن. ۽ کائي کپائي ڇڏين. اسان جي وچ ۾ جيڪا محبت پيار اتفاق، ۽ ٻڌيءَ جي طاقت قائم ٿي آهي ان کي پورو ڪرڻ نٿا چاهيون“
انھن گهوڙن جي ٻڌي ڏسي جهنگ جي ٻين جانورن پڻ هڪٻئي سان گڏ گهمڻ ۽ دشمن خلاف وڙهڻ سکي ڇڏيو. ۽ جلد ئي هيءُ وڏو جهنگ شڪارين جي حملن کان بچي ويو.

گابڙو شاهد

ڳالھہ ڪندا آهن تہ هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ هڪڙو عيسائي رهندو هو. جنھن جون ڍڳيون ويجهي جهنگ ۾ چَرَڻ وينديون هيون. هڪ دفعي هڪ بگهڙن جو ٽولو اتان لنگهيو جنھن هڻي ان عيسائيءَ جي ڍڳين جا لاھہ پٽي ڇڏيا سندن ڦَرَ کڻي کائڻ لاءِ هليا ويا. ڍڳيون ۽ باقي بچيل مال رانڀاٽ ڪندو اچي ڳوٺ پھتو. هڪڙو مسلمان ڪاسائي جنھن جي اک عيسائيءَ جي جانورن جي وَلر تي هئي، موقعي جو فائدو وٺي اٽڪل سان هڪ ڍڳي ڪاهي پنھنجي گهر اچي ويو. وٽس هڪڙو ڏاند هو. سو چيائين تہ، ”هاڻي مون وٽ جوڙي ٺهي وئي. عيسائيءَ کي ڪھڙي خبر! هن جو مال تہ گهڻو آهي. هڪ ٻه ننگ نڪتا تہ خير آهي!“ ٻين پاڙي وارن سندس گهر ۾ ڏاند تہ ڏٺو هو پر ڍڳي ڪڏهن ڪونہ ڏٺي هئائون. سمجهي ويا تہ هن ڪا حرڪت ڪئي آهي، پَڪَ ڪا چوري ڪري آيو آهي. هن وٽ تہ ايترو پئسو ئي ڪونھي جو ڍڳي خريد ڪري سگهي. اهو سوچي چپ ٿي ويا تہ مسلمان ڀاءُ آهي. اسين ڇو وچ ۾ پئون پاڻ ڄاڻي ۽ ٻُجهي. ڪاسائيءَ ڍڳيءَ کي کاڌو بہ ڪونہ ڏنو ۽ ڍڳي پنھنجي گابڙي لاءِ بہ دانھون ڪرڻ لڳي. ان مھل ئي اتفاق سان عيسائي هن جي گهر وٽان مٽيو دروازي مان ليئو پائي ڏٺائين. پنھنجي ڍڳي هڪدم سڃاڻي ويو. کيس چيائين تہ، ”هيءَ منھنجي ڍڳي آهي. اڄ بگهڙن منھنجي سڄي ڌڻ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هن ڍڳيءَ کي ڳولھي رهيو هئس هاڻي تہ هٿيڪي ملي آهي. مون کي واپس ڪر“، ڪاسائيءَ ورندي ڏنس” توکي ڪھڙو ثبوت آهي تہ هيءَ تنھنجي ڍڳي آهي؟. مون پئسا گڏ ڪري پھرين ڏاند ورتو هو ۽ هاڻي وري پئسا جوڙي هيءَ ڍڳي خريد ڪري آيو آهيان. صبح هن جا ڦر ٿيندا، اڳيان هلي آئون بہ تو وانگر ڌڻ جو مالڪ ٿيندس. ياد رک آئون جڏهن وڏي وَلرَ جو والي ٿيس تڏهن ڪڏهن بہ ڪنھن پاڙيسريءَ تي الزام ڪونہ هڻندس توکي پنھنجي مال ۽ دولت جي مڳي آهي ان ڪري وتين ٿو ٻين تي الزام هڻندو. تنھنجي ڍڳي کائي ويا بگهڙ باقي ڏوهاري ٿيس آئون، وڃي پنھنجو باقي ڌڻ سنڀال متان اهو نہ بگهڙ کائي وڃنيئي“ ان ريت سندن بحث بخيلائيءَ ۾ مٽجڻ لڳو، گهڻو تڪرار ڏسي پاڙي جي ڪنھن چڱي مڙس صلاح ڏني تہ هلو، قاضيءَ وٽ تہ مسئلي جو نبيرو ٿيئي. نيٺ ٻئي شھر جي قاضيءَ وٽ آيا ۽ پنھنجو مسئلو بيان ڪيائون. قاضيءَ عيسائيءَ کي چيو تہ ” جي هيءَ ڍڳي تنھنجي آهي تہ تون ٻه شاهد آڻ، هُو ويو پاڙي مان ٻه پنھنجا ذات ڀائي وٺي آيو جن شاهدي ڏني تہ ”ڳئون برابر انھيءَ جي آهي“ اهي ٻئي شاهد عيسائي هئا ان ڪري قاضي سوچ ۾ پئجي ويو تہ ممڪن آهي هنن پنھنجي هم مذهب جي ڪري ڪوڙ ڳالھايو هجي سو هن مسلمان ڪاسائيءَ کي چيائين تہ، ” ٻه پنھنجا شاهد وٺي اچ“ مسلمان پاڙيسرين کي چيو ”هلو هلي مون پاران شاهدي ڏيو“ هاڻي هنن کي تہ خبر هئي تہ هيءَ ڳئون عيسائيءَ جي ئي آهي سو ڪوڙي شاهدي ڏيڻ ڪھڙيءَ ريت هلن ان ڪري شاهديءَ کان لنوائڻ لڳا. هاڻي تہ ويچارو عيسائي صفا لاچار ٿي پيو جو قاضيءَ چيس تہ ”شاهد جي نٿا اچن تہ پوءِ ڪنھن تي زور تہ نٿو ڀري سگهجي“ عيسائي منھن لاهي ويھي رهيو اچتو ذهن ۾ خيال آيس ۽ قاضيءَ کي چيائين ته”سائين عيسائي شاهدن تي توهان کي اعتبار نٿو اچي ۽ مسلمان شاهد منھنجا پاڙيسري بہ آهن پر شاهد نٿا ٿين هاڻي مون وٽ هڪ ئي شاهد بچيو آهي جو ڪنھن بہ مذهب جو ڪونھي انھيءَ تي ويساھہ اَچيو تہ وٺي اچان“ قاضي حيران ٿي ڏانھس ڏسڻ لڳو ۽ سواليھ نموني سان پڇيائين”سو وري ڪھڙو ؟“ هن چيو تہ ” اهو منھنجو گابو آهي، توهان پنھنجا ٻه ماڻهو ڏيو تہ منھنجي گهران انھيءَ گابي کي وٺي هن ڪاسائيءَ جي گهر وٽ ٿو وڃان جي گابو ڍوڙي وڃي، انھيءَ جو کير پيئڻ لڳي تہ پوءِ سمجهجو اها ڍڳي منھنجي آهي“ قاضيءَ اها ڳالھہ قبول ڪئي سندس ڏنل ٻن ماڻهن جي نگرانيءَ ۾ گابڙي کي ڪاسائيءَ جي گهر آندو ويو جتي ٻاهر پڌر تي اها ڍڳي ٻڌل هئي. جيئن ئي گابڙو اُتي پھتو ڊوڙي وڃي ماءُ جو کير پيئڻ لڳو، ان ريت بي زبان گابڙي جي شاهديءَ پنھنجي مالڪ جي ڳالھہ سچي ثابت ڪئي ۽ عيسائيءَ سان انصاف ٿيو کيس سندس ڍڳي واپس ملي.

بيوقوف ڍڳو ۽ شينھن

ڳچ سالن جي ڳالھہ آهي تہ ڪنھن جهنگ ۾ نديءَ جي ڪناري تي آباد ننڍي ڳوٺ ۾ هڪ سوداگر يعقوب نالي رهندڙ هو. جنھن جو ڪم اهو هو تہ هُو چڱو سارو سامان پنھنجي ٻن ڍڳن جي پٺيءَ تي وجهي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڪڻڻ لاءِ ويندو هو، انھيءَ وَکر ۾ ڳوٺ کان ويندي تہ گهٽ سامان هوندو هئس. جيئن ڳُڙ، سچو گيھہ، ماکي ۽ ٻيون شيون، پر اهي جهجهي مقدار ۾ هئڻ سبب کيس ڪافي پئسا ملي ويندا هئا. هُو وري انھن پئسن مان شھرن جون اهڙيون شيون جيڪي ڳوٺن ۾ کپنديون هجن سودي ٻين ڳوٺن ۾ وڪڻي وڌيڪ پئسا ٺاهي ويھن ڏينھن کان پوءِ گهر واپس ايندو هو، سندس پٽ هارون پڻ هاڻي وڏو ٿي رهيو هو. سوچيائين ان کي بہ اڳيان انھيءَ سوداگريءَ ۾ لڳائيندس. سال کن کانپوءِ هارون کي پڻ وٺي وڃڻ لڳو. هارون کي شھر ۾ تہ ڏاڍو مزو آيو. پڻس سمجهايس ته”بابا پاڻ سامان سودڻ آيا آهيون گهڻو وقت رهي ڪونہ سگهنداسين. پنھنجي کاڌي پيتي کان سواءِ ڍڳن کي بہ چارو کپي شھر ۾ تہ هر شيءَ مھانگي آهي. پاڻ کي پورو ئي ڪونہ پوندو ان ريت کيس واپس جلدي وٺي ايندو هو. هڪ دفعي يعقوب کي تيز بخار سبب اها قوت ئي نہ هجي جو هارون سان گڏ وڃي سگهي. نيٺ پٽ کي چيائين ته”مون ۾ هن ڀيري توسان گڏ هلڻ جي سگھہ ڪانھي ان ڪري ٻيئي ڍڳا ڪاهي تون وڃ، جي سمجهين تہ ڏکيائي ٿي ٿيئي تہ سگهو ورڻ جي ڪج“ ڇوڪر هائوڪار ڪئي هن کي بہ شھر جو شوق کنيو بيٺو هو سو تياري ڪرڻ لڳو ٻن ڏينھن ۾ ڳوٺ مان سڄو سامان سودي ڍڳن کي ڪاهي شھر ڏي روانو ٿيو. جتي پھچي دل ٿيس تہ هتي ئي وڻج واپار پيو ڪريان تہ جيئن وڌيڪ پئسا جُڙي وڃن، خوش ٿي سامان سودڻ ۽ وڪڻڻ لڳو ڏھہ ڏينھن لنگهي ويا. بابي جي نصيحت ياد آيس چڱا پئسا بہ گڏ ٿي ويا. سو واپس موٽڻ جي ڪيائين. شھر مان خاصو سامان وٺي ڍڳن مٿي رکي هلڻ لڳو، ڳوٺ کي ويجهو جهنگ وٽ ڪاري ڍڳي اڳيان وڌڻ کان جواب ڏنو. شھر ۾ هو ڍڳن کي کاڌو بہ صحيح کارائي ڪونہ سگهيو هو تہ انھن ۾ طاقت گهٽ هئي. انھن جو خيال ڪرڻ ضروري هو. کيس وري پيءُ جيترو تجربو ڪونہ هو. حالانڪھ اهي ئي ڍڳا هئا جن مٿي سندس خريد ڪيل مال سٿيل هو. ڪارو ڍڳو ڪجهہ ڪمزور هئڻ ڪري صفا زمين تي ويھي رهيو. کانئس سامان بلڪل نہ کڄي هاڻي تہ هارون فڪر مند ٿي ويو. کيس اها پَڪَ هئي تہ ڍڳو ڳوٺ جي ويجهو پھچي چڪو آهي ان ڪري گم ڪونہ ٿيندو نہ ئي ڳوٺ جا ماڻهو سندس ڍڳو چورائيندا. ان ڪري سٺو انھيءَ ۾ آهي تہ هن ڍڳي کي هتي ئي ڇڏي انھيءَ جو سامان اڇي ڍڳي مٿي رکي گهر وڃجي. ڪارو ڍڳو جيئن ئي سامان کان آجو ٿيو تہ هيڪاري مِکر ڪري زمين تي گيلاٽيون کائڻ لڳو. هارون کان قصو زور ٿي چڪو هو. هن سامان بچايو ۽ اڇي ڍڳي تي اهو ٻيو وزن وجهي آهستي آهستي ڳوٺ ڏي هلڻ لڳو. دل ۾ پڪو پھہ ڪيائين تہ صبح سوير اچي هن ڍڳي کي هتان وٺي ويندس. ڳوٺ پھچي پريشان ٿي ويو. پڻس تي تہ بخار جا مَچَ هئا تَپ ۾ پئي ٻريو. اڇي ڍڳي تان سامان لاهي. پڻس کي حڪيم ڏي وٺي ويو. جنھن تپاسي چيس” ٻه ڏينھن دوائون ڏيو جي فائدو نہ ٿيئي تہ شھر ۾ ڊاڪٽر کي بہ ڏيکاريو. هارون کي مھلت ئي ڪونہ ملي تہ وڃي ڍڳي کي وٺي اچي.
جيئن ئي هارون ويو ڪارو ڍڳو زمين تان اٿي جهنگ جي ان پاسي ويو جتي پاسي کان ٿورو پرڀرو ندي هئي. هُو آس پاس گاھہ ۽ ميوا کائي پاڻي پي صحتمند ٿيڻ لڳو. اڳ ۾ جو مالڪ کان مار ملندي هيس ۽ وزن پيو ڍوئيندو هو ان کان بہ جان ڇُٽيس. کائي پي مست ٿي لئي ۾ اچي وڏا آواز ڪڍڻ لڳو. ڄڻ جهنگ جو بادشاھہ هجي. تحقيق جهنگ جو شينھن بادشاھہ سندس رانڀاٽن تي ڊڄي ويو. جهنگ جو بادشاھہ حيران هو تہ هيءُ ڪھڙو جانور آهي؟ جو هن هتي ڪڏهن ڪو نہ ڏٺو ۽ ٻيا سڀ جانور تہ شينھن بادشاھہ جا تابعدار هئا هيءَ ڪھڙي جزا آهي؟ ٻين کان پڇڻ بہ گهٽتي ٿي سمجهيائين تہ چوندا،”ڪھڙو بادشاھہ ٿو سڏائي جو کيس پنھنجي جهنگ جي رعايا جي بہ خبر ڪونھي“. ان ڪري ماٺ ڪري ويھي رهيو سندس اندر ۾ ڍڳي جي دهشت پيدا ٿي چڪي هئي. چپ چپ رهڻ لڳو. پنھنجي غار مان بہ نہ نڪري تہ متان. انھيءَ نئين جانور سان منھن مقابل ٿيڻو نہ پويس.
هن جهنگ ۾ ٻه گدڙ گهاٽا دوست ۽ شينھن جا وفادار هئا هڪ گدڙ ٻئي کي چوڻ لڳو” يار خبر ڪانھي؟ شينھن بادشاھہ ماٺ ويٺو آهي نہ سندس گجگوڙ آهي ۽ نہ ئي منھن ۾ خوش لڳي ٿو. ائين ڪونھي ڪو گنڀير مسئلو سامھون اٿس؟“ پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندي ٻنھي کي ننڊ اچي وئي. صبح جو ٻنھي اچي شينھن جو پاسو ورتو، هڪڙي ٿوريءَ ڳالھہ ٻولھہ ۾ معاملو صحيح سڃاڻي ورتو سو شينھن کي سمجهائڻ واسطي اڳ وٺي ٻئي گدڙ کي چوڻ لڳو”يار! هڪ ڍڳو جهنگ ۾ آيو آهي مفت ۾ پيو هتي اسان جي شينھن بادشاھہ جي بادشاهيءَ ۾ کائي پيئي ۽ ڏٽو مُٽو ٿيئي ڪنھن ڪم جو ڪونھي رڳو رڙيون ڪري هتي دهشت پيو پيدا ڪري“ شينھن سڄي ڳالھہ پئي ڌيان سان ٻڌي هاڻي تہ کيس حوصلو ٿيو تہ اهو ڍڳو سندس ٻن چنبن جو آهي، گدڙ ڏانھن نھاري خوش ٿي چوڻ لڳو.” هلو تہ هلي کيس ڳتر ڳتر ڪريون توهان کي بہ سٺو شڪار کائڻ لاءِ ملندو. منھنجو ساٿ ڏيو هلي اُن هنڌ پھچايو باقي ڪم منھنجو آهي“. ٻيئي گدڙ خوش ٿي ٺينگ ٽپا ڏيندا کيس ڍڳي واري رستي تي وٺي هليا. ڍڳو بہ ساوڪ تي وڻ هيٺ پٺيرو بيٺو هو. شينھن بادشاھہ عادت مطابق گجگوڙ ڪري جو چنبو هيس تہ وڃي پَٽ تي ڪريو. شينھن آرام سان سندس رت پي گوشت کائڻ لڳو ۽ ڍؤ ڪري گدڙن کي اشارو ڪيائين ته”اچي شڪار تي موج ڪريو“ بي وقوف ڍڳو سوداگر جي گهر ۾ سک سان پيو کائيندو هو. ٻارو! هن آکاڻيءَ مان اهو سبق ملي ٿو تہ هن ٽوٽيءَ ڍڳي محنت کان بچندي جهنگ ۾ وڃي شينھن جي حوالي پنھنجي جان ڪئي. معنيٰ تہ سستي ۽ ڪاهليءَ کان بچو محنت ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. ان کان ڪڏهن بہ پاسو نہ ڪريو.

ليکڪا جي ڪم جو تعارف

نالو؛ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڄم: 20-11-1958ع
تعليم: ايم، اي(انگريزي ادب)، ايم، اي (سنڌي ادب)، پي، ايڇ ڊي (سنڌي).
ڪرت: ايسوسيئيٽ پروفيسر (ريٽائرڊ)، تعليم کاتو، سنڌ حڪومت.
ادبي سڃاڻپ: نثر نويسڪا.
لکڻ جي شروعات: 1980ع کان.
لکڻ جا شعبا/موضوع: ادبي تاريخ، ڪالم، مضمون، تحقيق، تنقيد، لطيف شناسي، ٻاراڻو ادب، افسانا، ترجما.

ڇپيل ڪتاب:
1. سنڌي ادب جو جائزو. 2. سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، 3. وکر سو وهاءِ، 4. اخلاقي قدر، 5. اٿي رائو ريل، 6. آديسين ادب آهي اکڙين ۾، 7. سون ورنيون سوڍيون، 8. عالم سڀ آباد ڪرين، 9. پلئه پايو سچ، 10. سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو، 11. گلدستو، 12. سنڌي ادب (ايم سي ڪيوز)، 13. سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو، 14. ٽي تحفا(ٻالڪ ڪھاڻيون)،15 شرارتي جن، 16، پوپٽ ۽ گلاب، 17. شھزادي ماھہ نور، 18. ثاقب ۽ آئيسڪريم. 19. سھڻا سخن، 20. جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (تحقيق)
ڊجيٽل ايڊيشن: 21. ماڻڪ موتي لالَ (مضمون ۽ مقالا)، 22. جاکوڙي محققا (ترتيب) ڊاڪٽر ياسر رضا، 23. سدا وسين تون (مضمون ۽ تقريرون)، 24. محبت پائيءَ مَنَ ۾ (مھاڳ)

اڻ ڇپيل ڪتاب:
25. سنڌي نثر جديد مطالعو(تحقيق)، 26. سونيون اشرفيون (ٻالڪ ادب)، 27. ارباب جي هوشياري (ٻالڪ ادب)، 28. سماج سڌارڪ انقلاب اديب: محمد عثمان ڏيپلائي، 29. سکن جو سنسار (افسانا)، 30. شھر بانو (ترجمو: افسانا)، 31. ڊاڪٽر فهميدہ حسين: فن اور شخصيت، 32. ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا(مضمون ۽ تبصرا، 33. مري ٿين نہ مات (ٻالڪ ادب)، 34. انوکو رازو (ٻالڪ ادب)، 35. اچوڙي ٻارو (ٻالڪ ادب)، 36. پکراج پري (ٻالڪ ادب)، 37. حڪايتون ۽ نصيحتون (ٻالڪ ادب)، 38. معلومات جو خزانو (ٻالڪ ادب)، 39. صحت ۽ زندگي (ميڊيڪل سائنس)، 40. تو ۾ ديرو دوست جو (لطيف شناسي)، 41. جي پارکو پارس جا (لطيف شناسي)،42. هلڻ منھنجو هوت ڏي (سفر نامو)، 43. مفتي منجهہ ويھار (آتم ڪھاڻي)، 44. سنڌي نثر جي تاريخ (تحقيق)، 45. سنڌي شعر جي تاريخ (تحقيق)، 46. جنرل هسٽري (پي سي ايس جي نئين نصاب مطابق)، 47. هيرا موتي (ٻالڪ ادب مضمون)، 48. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 49. ٻالڪ ادب جي ليکڪن جا انٽرويوز، 50. اسان جو پيارو نبي حضرت محمد صلي اللھ عليھ وآلھ وسلم

بيڪ ٽائيٽل

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جو نالو ادبي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل آهي، مڃتا جي هن ماڳ تائين پھچڻ واسطي هن تحقيق ۽ تاريخ جي شعبن ۾ پاڻ پتوڙيو آهي، لڳاتار محنت ڪئي آهي، سوين مقالا ۽ مضمون سندس کاتي ۾ آهن، خاص طور تي تعليم سان لاڳاپيل موضوعن کي هن گهڻي اهميت ڏني آهي، هوءَ پروفيسر تہ اڳ ۾ ئي هئي پر سال 2012ع ۾ سندس نالي اڳيان ڊاڪٽر لفظ جو اعزاز بہ شامل ٿي ويو. ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو“ سندس ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز آهي، ٻارن جي ادب ۾ بہ سندس ڪافي دلچسپي آهي، اوهان جي هٿن ۾ هي ڪتاب”پوپٽ ۽ گلاب“ ٻارن سان سندس محبت جو ثبوت آهي. جنھن ۾ ٻارن لاءِ سھڻيون ۽ دلچسپ ڪھاڻيون آهن. پکي ۽ جانور هونئن بہ ٻارن کي وڻندا آهن، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ٻارن جي نفسيات مطابق هي ڪھاڻيون تخليق ڪيون آهن، جن ۾ پکين ۽ جانورن جي خاصيتن جي بہ ڄاڻ آهي. ”هرڻ جي چوري“ ”وفادار جادوئي گهوڙو“ ”ٻليءَ جي دوستي“ ۽ اهڙيون ٻيون ڪھاڻيون هن ڪتاب ۾ شامل آهن. هيءُ ڪتاب، ٻارن ۾ مطالعي جي ذوق پيدا ڪرڻ ۾ ضرور مددگار ثابت ٿيندو.

ادل سومرو