سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر منصور ٿلھي جي تحقيق تي مشتمل ڪتاب ”قديم لپيون ۽ نشانيون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ڊاڪٽر منصور ٿلھو آمريڪا جي رنگن ۾ رھندي بہ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ ۽ نئين نسل جي ڄاڻ لاءِ تحقيق ۽ کوجنا ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي قديم نشانين جا پيرا کنيو پيو اچي. ھن ڪتاب ۾ ۾ ڪل ست باب شامل آھن جن ۾ دنيا جي مختلف لپين انگن اکرن، ڳڻپ وارين نشانين، اوڀارين ٻيٽ جي نشانين ۽ سنڌو لکت، موھن جي دڙي جي نشانين، انگريزي الفابيٽ ۽ آڳاٽين نشانين، مگڌا لپي جي نشانين سميت ٻيا عنوان شامل آھن.
ھي ڪتاب 2022ع ۾ناري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.