لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي لنگئافون (ورڪ بُڪ)

غير سنڌين لاءِ سنڌي لکڻ جي پئڪيج تحت جديد دور جي تقاضائن ۽ تيز ترين مواصلاتي ضرورت کي محسوس ڪندي دنيا جي ترقي يافتہ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي ۽ فاصلاتي تعليم جي طريقي هيٺ، سنڌي زبان سِکڻ لاءِ سنڌي لنگئافون (Sindhi Linguaphone) تيار ڪيو ويو، جنهن جي پئڪيج ۾ هڪ ٽيڪسٽ بڪ، هڪ ورڪ بڪ ۽ ڇھہ آڊيو ڪئسيٽون تيار ڪيون ويون. ٽيڪسٽ بڪ ۽ ورڪ بڪ جو مواد ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آھي.

Title Cover of book سنڌي لنگئافون (ورڪ بُڪ)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب، محقق ۽ لسانياتي ماھر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو جوڙيل ڪتاب ”سنڌي لنگئافون (ورڪ بُڪ)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
سنڌي لنگئافون: ٽيڪسٽ بڪ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بنيادي مقصدن: سنڌي زبان جي تدريس  (Teaching of Sindhi Language)، سنڌي زبان جي دفترن ۾ استعمال (Official use of Sindhi Language) ۽ سنڌي زبان جي ترقي ۽ واڌ ويجهہ (Promotion & development of Sindhi Language)  کي آڏو رکندي، مختلف دؤرن ۾، مختلف چيئرمئنن، ڪيترا ڪم ڪيا.  ان ڏس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي زبان نہ ڄاڻندڙ سرڪاري ملازمن ۽ عام شهرين لاءِ تدريسي ڪلاس هلايا ويا. خاص ڪري ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وقت ۾ ڪلاسن هلائڻ سان سنڌي زبان سيکارڻ واري مقصد لاءِ ڪتابن ۽ ڪئسيٽن جي تياريءَ طرف ڌيان ڏنو ويو ۽ سنڌي زبان جي تدريسي اصولن کي سامهون رکي، ’اسڪيم آف اسٽڊيز‘ (Scheme of Studies)  تيار ڪئي وئي ۽ ماضيءَ ۾ غير سنڌين لاءِ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپايل ڪتاب نظر مان ڪڍيا ويا ۽ جديد دور جي تقاضائن ۽ تيز ترين مواصلاتي ضرورت کي محسوس ڪندي دنيا جي ترقي يافتہ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي ۽ فاصلاتي تعليم جي طريقي هيٺ، سنڌي زبان سِکڻ لاءِ سنڌي لنگئافون (Sindhi Linguaphone) تيار ڪيو ويو، جنهن جي پئڪيج ۾ هڪ ٽيڪسٽ بڪ، هڪ ورڪ بڪ ۽ ڇھہ آڊيو ڪئسيٽون تيار ڪيون ويون. ٽيڪسٽ بڪ ۽ ورڪ بڪ جو مواد ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو ۽ ورڪ بڪ جون تصويرون نامور آرٽسٽ علي اڪبر سومري کان ٺهرايون ويون ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد قاسم ماڪا جي سهڪار سان ڪتابن جي تياريءَ بعد آڊيو ڪئسيٽن جي رڪارڊنگ ڪئي وئي. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو جي سول لائين حيدرآباد واري گهر جي هڪ ڪمري کي اسٽوڊيو طور ڪم آندو ويو ۽ ڇھن آڊيو ڪئسيٽن جو سيٽ محترمہ ماهين هيسباڻيءَ ۽ محمد قاسم ماڪا جي پٽ آفتاب ڪاڪا جي آوازن ۾ مڪمل رڪارڊ ڪيو ويو.
سنڌي لنگئافون جي هن پئڪيج وسيلي سنڌي زبان جي نصاب کي ڪلاس روم بدران آڊيو ڪئسيٽن ۾ بند ڪيو ويو آهي. فاصلاتي تعليمي نظام جي هن جديد تدريسي طريقي جي مدد سان، خود سکيا (self learning) وسيلي زبان سکڻ جا اصول ۽ طريقا ڪم آندا ويا آهن. ٽيڪسٽ بڪ جي مواد کي 18 يونٽن ۽ ڪيترن سبقن ۾ ورهايو ويو آهي. هر سبق سنڌي زبان جي قاعدي جو هڪ حصو آهي، جنھن ذريعي سنڌي زبان جو صوتياتي نظام، گرامر، عام گفتگو، اصطلاح، عام ڳالھہ ٻولھہ ۾ ڪم ايندڙ لفظن جو ذخيرو، چوڻيون وغيره چڱيءَ ريت سکي سگهجن ٿيون.
هن ڪتاب ۾ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان سنڌي نصاب جو خود تدريسي طريقو (self learning system)  ۽ استادن لاءِ هدايتون شامل آهن. آڊيو ڪئسيٽن جي رهنمائيءَ ۾ ٽيڪسٽ بڪ ذريعي زبان سکڻ کانپوءِ ورڪ بڪ خود تدريسي ۽ خود آزمائشي طريقي موجب ڄڻ تہ هڪ استاد آهي ۽ هي طريقو فاصلاتي تعليمي نظام (Distance Teaching system) جي اصولن موجب آهي. ٽيڪسٽ بڪ جو مھاڳ اٿارٽيءَ جي ان وقت جي سيڪريٽري تاج جويي جو لکيل ۽ ڪتاب جو پيش لفظ ۽ مواد ڊاڪٽر الانا جو تيار ڪيل آهي.
ھي ڪتاب مڪمل پئڪيج سان گڏ 1999ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽيءَ پاران تيار ڪري پڌرو ڪيو ويو.  ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.