سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي لسانيات: تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھيءُ ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي الانا جي مختلف تحقيقي جرنلن ۽ رسالن توڙي مخزنن ۾ لسانيات جي موضوع تي ڇپيل 16 تحقيقي مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آھي. ھي مضمون ۽ مقالا ٻولي ۽ لسانيات جي نون پھلوئن ۽ پاسن کي اجاگر ڪن ٿا. ھر مقالي ۾ لسانيات جي ڌار ڌار پاسن تي تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس پيش ڪيو ويو آھي. ھي مقالا سنڌي صوتيات، لسانياتي جاگرافي، علم صرف، سنڌي صورتخطي، سنڌي ويا ڪرڻ، سماجي لسانيات، ذريعہ تعليم طور سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ۽ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڇو ضروري آھي، جھڙن موضوعن تي لکيا ويا آھن.
ھي ڪتاب سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.