ڪلھوڙن جو دؤر سنڌ جي سياسي، سماجي توڙي ادبي تاريخ جي لحاظ کان اهم آهي ۽ خاص اهميت رکي ٿو. ايتري ساري اهميت هوندي بہ هن دؤر جي ڪا مفصل ۽ تصديق ٿيل تاريخ ڪونھي سواءِ ڪجهہ اشارن جي غلام رسول مھر جي تاريخ ملي ٿي پر اها بہ مفروضن، انومان ۽ اندازن تي لکيل آهي. انومان ۽ اندازا ڪڏهن ڪڏهن غلط بہ ثابت ٿيندا آهن. ٻي ڳالھہ اها تہ ڪيترن ئي موضوعن تي نالي ماتر بہ احوال ڪونھي. انھي ڪري اها تاريخ، ڪلھوڙن جي دؤر جي تاريخ طرف هڪ قدم کان وڌيڪ ڪجهہ بہ ناهي. ايئن بہ ناهي تہ ڪو اها تاريخ ناقص آهي، اسان لاءِ وڏي غنيمت بہ آهي. هن تاريخ ۾ کوڙ سارا اهڙا پھلو آهن، جن تي هيءَ تاريخ روشني وجهڻ کان قاصر آهي. اهڙن پھلوئن يا موضوعن مان هڪ موضوع ”ڪلھوڙا حڪمرانن جا سپھ سالار“ آهي، ايتري تائين جو ”شاھہ بھاري“ جھڙي نامور سپھ سالار جو احوال بہ نالي ماتر آهي، ۽ اهڙيون کوڙ ساريون ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالھيون آهن.
هڪ ٻي اهم ڳالھہ اها آهي تہ، ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت جي ڪَٿ ۾ بہ اختلاف آهي. سنڌيءَ جومعروف تاريخ نويس رحيمداد مولائي شيدائي ڪلھوڙن جو دؤر 1131ھہ بمطابق19-1718 کان 1197ھہ يعني 83-1782ع ڪَٿي ٿو (1) . تاريخ ڪلھوڙا جو مصنف ميان نصير محمد کي ڪلھوڙن جي حڪومت جو بنياد وجهندڙ ڪوٺي ٿو. (2) جڏهن تہ ميان نصير محمد 1068ھہ مطابق 1657ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. ڇا انھيءَ ئي سن ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت جو پايو پيو؟ هي ڊگهو موضوع آهي جنھن تي ڪنھن ٻئي موقعي تي نظر وجهبي. هتي آئون ڪلھوڙا حڪمرانن جي سپھ سالارن تي پنھنجا ويچار پيش ڪنداسين.
ڪلھوڙن مان جيڪو بہ حڪمران ٿيو، انھيءُ سڪون سان ويھي حڪومت نہ ڪيائين. ان کي هر گهڙيءَ، ڏيھي سردارن ۽ قبيلن جي مُک ماڻھن ۽ بلوچن سان مھاڏو اٽڪائڻو پيو. انھي کان سواءِ مغل شھنشاھہ، نادر شاھہ، مدد خان پٺاڻ ۽ احمد شاھہ ابدالي جي حملن کي بہ منھن ڏيڻو پيو. جيئن تہ سنڌ جي چوڌاري جيڪي بہ بادشاهيون يا سرداريون هيون، تن جي سرسبز ۽ شاداب سرزمين سندن اکين ۾ هئي. اهي سنڌ ۾ اکيون کپايون ويٺا هئا، تنھنڪري ڪلھوڙن کي هڪ مضبوط ۽ بھادر فوج جي ضرورت هئي. هنن انھي جي پيشنظر چونڊ قبيلن جي چونڊ ماڻھن کي کڻي فوج تيار ڪئي جن کي هو گهڻو ڪري ”فقير“ چوندا هئا. اهي بھادر هئڻ سان گڏوگڏ عقيدت رکڻ وارا هئا تنھنڪري اهي سر ۽ ڌڙ جي بازي لڳائڻ وارا ۽ مٿن قربن ٿيڻ وارا هئا.
جيئن مان اڳ ۾ چئي آيو آهيان غير قومون سنڌ ۾ اکيون کپايون ويٺيون هيون ۽ حملن مٿان حملا ٿي ڪيائون جن کان ڪلھوڙن کي پنھنجي بچاءَ ۾ لڙڻو ٿي پيو، تنھنڪري هنن ڪيتريون ئي لڙايون لڙيون. انھن لڙائين جو تفصيل احوال نہ ٿو ملي. البت ايترو معلوم ٿئي ٿو تہ ڪلھوڙن مان سڀ کان پھرين شاھہ علي جنھن کي شاهل محمد چيو وڃي ٿو ان سانگي ۽ ابڙا قوم سان لڙايون ڪيون. هن سلسلي ۾ تحفة الڪرام ۽ غلام رسول مھر جي تاريخ ۾ روايت آهي تہ، ”گهاڙ واھہ واريون زمينون پنھنجي هٿ ڪرڻ تان ابڙن ۽ سانگي قومن جو ساڻس تڪرار شروع ٿيو.(3) انھن لڙاين مان هڪ لڙائي ۾ ميان صاحب قتل ٿيو.(4) تحفة الڪرام مطابق ميان صاحب جي وفات جو سن 1068ھہ (1657ع) آهي.(5)
سپھہ سالارن جي حوالي سان تاريخ ڪلھوڙا جي مصنف جي انھيءَ راءِ سان هر حال ۾ سهمت ٿيڻو پوي ٿو تہ، ”ميان نصير محمد جي زماني ۾ مريدن مان لشڪر تيار ٿي ويا.(6) اها حقيقت آهي تہ، ميان آدم شاھہ، ميان دائود، ميان الياس، ميان شاهل محمد کان ويندي ميان نصير محمد تائين هنن جو ڌيان فقط مريد وڌائڻ تي هو. ميان نصير محمد پھريون ڪلھوڙو حڪمران هو جنھن پنھنجي مريدن مان فوج تيار ڪئي هن نہ رڳو فوج تيار ڪئي، پر فوج لاءِ پورو پورو انتظام يا سرشتو جوڙيو. تاريخ ڪلھوڙا جو مصنف چوي ٿو تہ، ”ميان نصير محمد جي زماني ۾ مريدن مان لشڪر تيار ٿي ويا ۽ انھن جي پوري انتظام، حڪومت جو رنگ اختيار ڪيو“.(7) هت معلوم ٿئي ٿو تہ، ميان نصير محمد مريدن مان فوجي دستا تيار ڪيا ۽ انھن لاءِ اصول ۽ ضابطا بہ ضرور مقرر ڪيا هوندائين، پر اسان کي معلوم نہ ٿو ٿئي اهو فوجي سرشتو ڪھڙي نوعيت جو هيو جنھن بابت سڀئي تواريخون هن سلسلي ۾ خاموش آهن. فقط اشارا ۽ اهڃاڻ ملن ٿا. سنڌ گزيٽئر جي روايت آهي تہ، سن 1658ع ۾ نصير محمد ڪلھوڙي جي اڳواڻي هيٺ فقير (ڪلھوڙا خاندان) مغل فوجن سان ڪامياب جنگيون ڪرڻ لڳا. سندن انتظام ۽ ضابطي هڪ منظم حڪومت جي صورت اختيار ڪئي“(8) هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ، ڪلھوڙن جي فوج جا ماڻھو توڙي سپھ سالار فقير چوائيند هئا. جھڙيءَ طرح فوج جا قاعدا قانون نہ ٿا ملن، تهڙيءَ طرح فوجن ۽ سپھ سالارن جا تفصيل بہ نہ ٿا ملن. هن سلسلي ۾ ٽڙيل پکڙيل مواد مختلف تاريخن ۾ ملي ٿو، پر اهو سطحي نوعيت جو آهي. وڏي ڳالھہ اها آهي تہ، اهو مواد اڻپورو آهي. تاريخ ڪلھوڙ ۾ آيو آهي تہ، ”ميان صاحب فوجي فقير کي هٽڙي جي ڳوٺ ۾ ۽ عنايت شاھہ فقير کي ڪاڇي ۾ ويھاريو.(9) وڌيڪ احوال نہ ٿو ملي. فوجي فقير ڪير هو؟ ڪٿان جو هو، ذات جو ڪير هو؟ ساڳيءَ طرح کوڙ سارا تاريخي ڪتاب اٿلائڻ کانپوءِ بہ عنايت شاھہ جو پتو نہ ٿو پوي البت هنن تحفة الڪرام ايترو احوال آيو آهي تہ، ”مير يعقوب خان نالي بکر جي حاڪم سان جنگ ڪيائون. انھيءَ جنگ ۾ هو سوڀارا ٿيا، پوءِ نہ حاڪمن سان ڪيتريون ئي چڪريون کاڌائون، هر چڪري ۾ ڪامياب ٿيا.(10) هنن سيوهڻ جي مغلن کان لاکاٽ وارو پرڳڻو کسي هٿ ڪيو.(11) اهڙيءَ طرح ٻيا ڪيترائي سپھہ سالار آهن، جن جا فقط نالا ملن ٿا. وڌيڪ احوال نہ ٿو ملي.
سنڌ جي مڙني تاريخن جي مطالعي مان انھيءَ نتيجي تي پھچجي ٿو تہ ميان نصير محمد ڪلھوڙو، ڪلھوڙا خاندان جو پھريون فرد آهي، جنھن ڪلھوڙا حڪومت جو بنياد وڌو. هن مقامي سردارن، بکر، سيوستان، سبي ۽ ڍاڍر جي حاڪمن سان جنگيون ڪيون. سندس سپھ سالار هن طرح هئا.
1. فيروز ويراڙ: ميان نصير محمد جو سپھ سالار هو. مغلن کان ساهتي پرڳڻو کٽي ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ آندائين ۽ ساهتي پرڳڻي ۾ ”نوشھرو فيروز“ نالي شھر ٻڌايائين.(12) پھنورن جي شھر فتحپور تي قبضو ڪيائين. مير پھنوار مغلن وٽ دانھين ويو ۽ مرزا خان ڪاهي آيو، پر ناڪام ويو. پوءِ امير شيخ جھان آيو، تہ بہ سپھ سالار ”فيروز ويراڙ“ ديري قلعي مان نڪري سندس سامھون ٿيو ۽ ڳيريلي جي ڳوٺ وٽ رهي کيس راتاهو ڏنائين ۽ امير شيخ جھان، فقيرن جي ترار جو شڪار ٿي ويو.(13) جنھن عرصي دوران اها جنگ لڳي، تڏهن ميان دين محمد گادي تي هو.
2. فريد ڀاڳت: ميان نصير محمد جو سپھ سالار هو. هن سپھ سالار جي ڪوشش سان موري وارو پرڳڻو فتح ٿيو ۽ ڪلھوڙن جي تصرف هيٺ آندو. مورو ناهي ٿورو جو ليکڪ، محمد مٺل ڪمالاڻي موري بابت ست روايتون آنديون. پنجين روايت ۾ لکي ٿو تہ، مورو فريد ڀاڳت ٻڌايو.(14)
3. فوجي فقير: ميان نصير محمد جو سپھ سالار هو. فريد ڀاڳت سان گڏجي مورو وارو پرڳڻو قبضي ڪرڻ ۾ شامل هو. ميان نصير محمد کيس تمام گهڻو نوازيو هو (15) هٽڙي واري علائقي تي مقرر هو.(16)
4. عنايت شاهه: ميان نصير جوسپھ سالار ۽ فريد ڀاڳت ۽ فوجي فقير جو ٽيون ساٿي هو. موري واري پرڳڻي کي فتح ڪرڻ ۾ سندس تمام وڏو ڪردار هو. ميان نصير محمد، فوجي فقير سان گڏوگڏ عنايت شاھہ کي بہ نوازيو هو. (17) ميان صاحب پوءِ کيس ڪاڇي تي مقرر ڪيو. عنايت شاھہ بکر جي حاڪم مير يعقوب خان کي شڪست ڏني (18) سيوستان جي مغلن کان لاکاٽ جو پرڳڻو اجاري تي هٿ ڪيائين.
5. شاھہ پنجو سلطان: ميان نصير محمد جي دؤر جو سپھ سالار ۽ صلاحڪار هو. روايت آهي تہ، جتي شاھہ پنجي جو مقبرو آهي، اتي کيس ڇانوڻي طور ميان نصير محمد رهايو هو، جيئن سنڌوءَ ۾ ٻيڙين وسيلي ٽپي آيل ماڻھن يا حملي آورن کي روڪي سگهي (20) اهو پتڻ ”ٽکڙ پتڻ“ سڏجي ٿو. ميان غلام شاھہ مٿس مقبرو جوڙايو هو.
6. ناٿن شاهه: سيد ناٿن شاھہ، ميان وال تحريڪ جي ڪارڪنن مان هو، خيرپور ناٿن شاھہ سندس نالي پويان سڏجي ٿو. ميان نصير محمد جي دؤر ۾ سپھ سالار ٿي رهيو.
7. شھداد فقير: ذات جونوتاڻي حسناڻي چانڊيو هو. ميان نصير محمد جو مريد ۽ سپھ سالار هو. مغلن جي لشڪر سان ڳيريلي وٽ وڙهندي 22 ربيع الاول 1110 ھہ مطابق 1699ع تي شھيد ٿي ويو.(21)
8. سيد ساڌاري: بخاري سيد هو، سندس وڏا ڳوٺ هٽڙي جا رهاڪو هئا ۽ ميان آدم شاھہ ڪلھوڙي جا مريد هئا. سيد ساڌاري ميان نصير محمد جو مريد ۽ سپھ سالار هو. هيءَ 1110ھہ مطابق 1699ع ۾ ڳيريلي وٽ مغلن سان لڙندي تيرهن ساٿين سميت شھيد ٿيو.(22)
9. ڀرمي ڀڳت: ڀرمي ڀاڳت چانڊڪي ڪاڇي جي ڳوٺ ٺوڙهي جو ويٺل هو. ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو سپھ سالار هو. ڳيريلي وٽ مغلن جي لشڪر سان لڙندي شھادت جو جام نوش ڪيائين.(23)
10. لڊو فقير: چانڊڪي ڪاڇي جي ڳوٺ ٺوڙهي جو ويٺل هو. ذات جو ڀاڳت هو. پھرين ميان نصير محمد جو مريد ٿيو ۽ پوءِ فوج ۾ شامل ٿيو ۽ مغلن جي لشڪر سان ڳيريلي وٽ لڙندي شھيد ٿيو. سندس مزار غيبي ديري لڳ ڏکڻ طرف آهي.(24)
11. پنڃيل فقير: چاندڪي ڪاڇي جي ڳوٺ ٺوڙهي جو ويٺل هو. ذات جو رنگ هو. ميان نصير محمد جو مريد ۽ سپھ سالار هو. ڳيريلي لڳ مغلن جي لشڪر جو مقابلو ڪندي شھادت جو جام پيتائين. سندس مزار غيبي ديري لڳ ڏکڻ طرف آهي. جتي ڀرمي ڀاڳت ۽ لڊو فقير مدفون آهن.(25)
ميان نصير محمد 1103ھہ مطابق 1692ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ هن جو پٽ ”ميان دين محمد ڪلھوڙو“ گادي نشين ٿيو. فيروز ويراڙ ۽ ٻيا ناليوارا سورهيہ سپھ سالار جيڪي ميان نصير محمد جي دؤر ۾ مقرر هئا، سي بہ سپھہ سالار رهيا ۽ ٻيا بہ ڪي سپھہ سالار مقرر ٿيا هوندا. تاريخن ۾ ميرن شاھہ جو نالو جو ميان دين محمد ڪلھوڙي جي دؤر ۾ ملي ٿو. تاريخ ۾ اچي ٿو تہ، ميان دين محمد پنھنجي طاقت کي وڌايو. طاقت کي وڌائڻ مان مراد آهي فوجي طاقت. هن پنھورن جي شھر ”فتح پور تي قبضو ڪيو تہ پنھور دهليءَ ڏانھن دانھن کڻي ويا، جتان سرڪاري حڪم سان شيخ جھان خان نالي هڪ امير سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ڳيريلي جي ڳوٺ وٽ سخت لڙئي لڳي. تاريخ ڪلھوڙا ۾ آيو آهي تہ امير شيخ جھان ۽ بکر جو حاڪم الھيار خان شاهي لشڪر وٺي ڪلھوڙن تي هلان ڪئي تہ، فيروز ويراڙ سندن مقابلي لاءِ نڪتو. ڳيريلي وٽ اوچتو رات جو زبردست حملو ڪيائين جو چوڌاري هراس ڦهلي ويو .(26) هن جنگ ۾ امير شيخ جھان مارجي ويو.(27)
لڙائي ۾ جيڪي ماڻھو مارجي ويا اهي اتي دفن ڪيا ويا. اهو قبرستان اڄ بہ ڳيريلي ڳوٺ کان ٿوري مفاصلي تي موجود آهي، جنھن کي ”سارنگ جو مقام“ سڏيو وڃي ٿو. ان ۾ اجتماعي قبرون بہ موجود آهن. سارنگ ميان دين محمد جي لشڪر جو سپھ سالار هو، جيڪو انھيءَ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو ۽ هتي ئي کيس دفنايو ويو. انھيءَ کانپوءِ هي قبرستان سندس نالي پٺيان مشھور ٿيو. انھيءَ واقعي کانپوءِ بکر جو گورنر جنھن ڳيريلي واريءَ جنگ ۾ ڀڄي جان بچائي هئي. پلاند وٺڻ لاءِ قنبر خان بروهي کي ٽيڪ ڏئي، ڪلھوڙن تي چاڙهي موڪليو. منھنجي ذاتي راءِ آهي تہ قنبر خان بروهي ۽ ڪلھوڙن جي لشڪر جي وچ ڌامراهن کان ڏيڍ ڪلو ميٽر پرتان ”پير دلوءَ“ جي مقام وٽ جنگ لڳي، پير دلوءَ ڪلھوڙن جي لشڪر جو سپھہ سالار هو. هن مقام ۾ انھي معرقي ۾ شھيد ٿيلن جون تمام گهڻيون قبرون آهن.
1. سرائي مقصود: پھنورن جي تحريڪ سبب مغل شھزادو محمد معزالدين، سنڌ تي ڪاهي آيو تہ ميان دين محمد پنھنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد کي کمل ۽ قاسم نالي وڪيلن سان گڏ بکر موڪليو، جن اچي شھزادي سان ڳالھہ ٻولھہ ڪري کيس راضي ڪيو. هو واپس موٽيو ٿي تہ شاھہ بھاري جي وڏي ڀاءُ سرائي مقصود جيڪو ميان جي فوج جو سپھہ سالار هو تنھن چيو تہ، ”شھزادو اسان جي طاقت ڏسڻ کان سواءِ موٽيو وڃي، هڪ دفعو کيس پنھنجي طاقت ڏيکارڻ گهرجي.“ پوءِ ماٿيلي ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن تي حملو ڪيائين. جڏهن شھزادي خبر ٻڌي تہ سمنڊ جيان ڪڙڪي پيو، ڇھن مھينن جي مارا ماريءَ کانپوءِ نيٺ ميان دين محمد پيش پيو ۽ شھزادو کيس پاڻ سان ملتان وٺي ويو، جتي سن 1111ھہ (1700ع) ۾ وفات ڪيائين. ”تاريخي انشاءَ“ جو هڪ خط، تاريخ ڪلھوڙا جي مصنف تاريخ ڪلھوڙا ۾ نقل ڪيو آهي. انھي خط ۾ ميان جي ٽن سپھہ سالارن جا نالا مليا جيڪي هي آهن: تاجو فقير، جادو فقير ۽ بختيار فقير(28) انھيءَ خط ۾ کيس شڪايت ڪئي ويئي آهي تہ ميرڻ فقير، بختيار خان جي زمين ۾ قلعو ٺهرائڻ گهري ٿو، انھي کان کيس روڪيو وڃي.(29)
2. اميد علي فقير: امد علي فقير ذات جو اڙول هو ۽ ميان دين محمد جو باڊي گارڊ چيو وڃي ٿو. ميان نصير محمد جي مقام ۾ مدفون آهي.(30)
3. غازي فقير: غازي فقير بہ اڙول قبيلي جو هو ۽ قبيلي جو چڱو مڙس هو. ميان دين محمد ڪلھوڙي جو سپھہ سالار هو ۽ ميان صاحب جي باڊي گارڊ جا فرائض سرانجام ڏيندو هو.(32)
ميان يار محمد:
ميان يار محمد، ميان دين محمد جو وچون ڀاءُ هو. هو بہ هڪ سورهيہ سپھہ سالار هو. ڪيترين ئي جنگين ۾ حصو ورتائين. جڏهن شھزادي محمد معزالدين، امير شيخ جھان جي قتل جي خبر ٻڌي ۽ هڪ لشڪر ساڻ ڪري سنڌ ڏانھن رخ رکيائين ۽ بکر اچي پھتو تہ ميان دين محمد وڪيلن وسيلي کيس مطمئن ڪيو پر سرائي مقصود جي حملي ڪري شھزادو ڪاوڙجي پيو ۽ ڀيل ڪرڻ شروع ڪيائين. نيٺ ڇھن مھينن کان پوءِ ميان پيش پيو. شھزادي ميان جي عزيزن ۽ لاڳاپيدارن کي گهرائڻ لاءِ موڪليو، ميان يار محمد، شھزادي وٽ وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ شاهي فوج سان جنگ جوٽي.تاريخ ڪلھوڙا جو مصنف لکي ٿو تہ، ”شاهي فوج جي سپھہ سارن ۾ راجا گج سنگھہ ۽ سورج مل قابل ذڪر هئا. سرائين جي لشڪر مان تاجي فقير، جادي ۽ بختيار فقير پنھنجا پنھنجا لشڪر وٺي شاهي فوج سان مقابلو ڪيو ۽ گاج نئين جي ڪناري شاهي فوج کي بُريءَ طرح شڪست ڏنائون.(32)
”گلدستہ نورس بھار“ مان معلوم ٿئي ٿو تہ، ميان يار محمد وٽ ويھہ هزار سوار ۽ پيادا لشڪر هو.(31) حالتن مان اندازو آهي تہ، ضرورت وقت انھيءَ تعداد کان ٻيڻي فوج گڏ ٿي سگهي هوندي. ميان يار محمد 14 سيپٽمبر 1719ع تي وفات ڪئي. سندس دؤر ۾ هيٺيان سپھہ سالار ٿي گذريا آهن.
1. زنگي خان نوحاڻي: نوحاڻي بلوچن جو چڱو مڙس هو. چاندڪي ڪاڇي جي ڳوٺ ڪڙيو مٺو زنگي جوويٺل هو. ميان يار محميد ڪلھوڙي جو سپھہ سالار هو. سنڌ اترڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو جو ليکڪ لکي ٿو تہ، ميان صاحب جو مٿس وڏو اعتماد هو.(33)
2. مٺو خان ڪليري: چانڊڪي ڪاڇي جي ڳوٺ ڪڙيو مٺو زنگي جو ويٺل هو. ميان يار محمد جو خاص ڀروسي جوڳو سپاهي هو. ميان صاحب کيس مير شھداد ٽالپر سان گڏ قلات بہ موڪيل هو.(34)
3. ڀرمي فقير: ڀرمي فقير ذات جو ڀاڳت هو، سپھہ سلار هو ۽ ڳيريلي واري لڙائي ۾ شھيد ٿيو.(35)
4. لڊو فقير: لڊو فقير، ذات جو ڀاڳت هو، فوج جو سپھہ سالار هو. ڳيريلي وٽ مغلن جي لشڪر سان وڙهندي شھيد ٿيو.(36)
5. پنجل فقير: پنجل فقير جي زندگي جو احوال نٿو ملي. ايترو معلوم ٿئي ٿو تہ، ميان يار محمد جي زماني ۾ فوج ۾ هو ۽ ڳيريلي واري جنگ ۾ شھيد ٿيو.(37)
6. مير شھداد ٽالپر: ميان يار محمد جو خاص ۽ ڀروسي جوڳو سپھہ سالار هو. خاص خاص معاملن ۾ بہ ميان صاحب سان گڏ هوندو هو يا معاملا اڪلائڻ جواختيار هوندو هئس.(38)
ميان نور محمد ڪلھوڙو:
ميان يار ڪلھوڙو: ميان يار محمد ڪلھوڙي 14 سيپٽمبر 1719ع تي وفات ڪئي. کانئس پوءِ ميان نور محمد تخت تي ويٺو. سندس زماني ۾ فوج جو تعداد سٺ هزار هو.(39) ميان نور محمد بہ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون جنگيون ڪيون. شڪارپور جي دائود پوٽن تي حملي وقت ساڻس سٺ هزار فوجي سان هئا. شھر جي چوڌري فوج گهيرو ڪيو تہ شاھہ بھاري اولھہ پاسي واري ڀر جهلي، راجا ليکيءَ جي فوج اوڀر وارو پاسو جهليو، مراد ڪليري ۽ کوسا اتر پاسي مورچا هڻي پاسو جهلي ويٺا ۽ خود ميان صاحب ڏکڻ وارو پاسو جهليو.(40) ميان نور محمد جي دؤر ۾سندس سپھہ سالار هن طرح هئا.
1. ميان ڏاتو کهاوڙ: شھدادڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ جانڊھہ جو ويٺل هو، ميان يار محمد جو منعقد ۽ ميان نور محمد ڪلھوڙي جو سپھہ سالار هو. چانڊڪي پرڳڻي جي اولاهين پاسي جي حفاظت تي مامور هو. ميان ڏاتي کي چار ڀائر هئا. ميان شھداد، ميان پيروز، ميان ٺارو ۽ ميان تاجو. اهي پڻ فوج ۾ هئا. وصيعت مطابق ميان ڏاتي کي خدا آباد جي تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.(41)
2. شاھہ بھارو: ميان نور محمد جو بھادر سپھہ سالار ۽ جرنيل هو. هو هر جنگ ۾ سوڀ ماڻيندو هو. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ، ”ڏھہ هزار فوج سندس هٿ هيٺ هوندي هئي.(42) ڪن روايتن موجب 1188ھہ (1773ع) ۾ وفات ڪيائين. * ”هوت بلوچ“ نالي سندس خادم هو. هو شاعر بہ هو. هن لکيو آهي تہ، شاھہ بھاري 1150ھہ ۾ وفات ڪئي. هن لکيو آهي تہ ”زير حڪم شاھہ بھارا جملھ بيتست و پنج هزار سپاهيان لشڪر مي ماندند“(43). ترجمو شاھہ بھاري جي هٿ هيٺ جملي 25 هزار سپاهين جو لشڪر هوندو هو) هوت بلوچ ئي بيان ڪيو آهي تہ شاھہ بھاري 84 جنگيون ڪيون.(44)
3. مراد ڪليري عرف گنجو: ميان نور محمد جي مکيہ سپھہ سالارن مان هڪ هو. ميان صاحب کيس 1142ھہ مطابق 1729ع سيويءَ (سبي) جو حاڪم مقرر ڪيو هو. تاريخ ڪلھوڙا ۾ مراد ڪليريءَ بابت آيو آهي تہ هن وڏيون سوڀون ماڻيون(45) انھيءَ کان وڌيڪ احوال ڪونھي. تاريخ ڪلھوڙا ۾ سندس بابت آيو آهي تہ ”هن جنگيون ڪري گنجابہ جي قيصر منگسي، رند قبيلي، شورن جي علائقي، ڪاڇي جي ميرو بليدي، ڀڳناڙي جي مينھون ايري ۽ لھڻو ماڇي، ڍاڍر جي ڪالو خان بارزئي ۽ ڪنگاڻي جي سردار بھار خان کي شڪست ڏئي مطيع ڪري ميان نور محمد جي اطاعت هيٺ آندو.(46)
4. بجار جوکيو: ميان نور محمد جي دؤر ۾ سپھہ سلار هو. هن ميان غلام شاھہ ڪلھوڙي جي دؤر ۾ ضلعي سانڪڙا، ڌاريجا ۽ سوري بندي جي هندو راڻي، ارجن تي ڪاھہ ڪري کيس سندس ساٿين سميت ماري ختم ڪيو. اهڙيءَ طرح اهو علائقو ميان غلام شاھہ جي حڪومت ۾ شامل ڪيو. ميان غلام شاھہ کيس جوکيا قبيلي جو ڄام بنايو.(47)
5. مير علي: بجار جوکيئ جو پوٽو هو ۽ ميان نور محمد جي لشڪر ۾ شامل هو، جنھن زماني ۾ انگريز سن ۾ پھتا، تڏهن هو سرداري جي منصب تي مقررهو.
6. ميان تاجو: ليکي جو پٽ هو. ميان نور محمد جو سپھ سالار هو. 1138ھہ (1725ع) ۾ ميان نور محمد جي حڪم سان شڪارپور تي چڙهائي ڪئي هئائين.
7. مير چاڪر، مير بھرام، مير ڄام نندو: اهي ٽئي مير شھداد خان جا پٽ هئا ۽ ميان جي درٻار ۾ خاص مقام هين. نمايان خدمت جي ڪري درٻار۾ خاص مقام حاصل هوندو هن انھن کان سواءِ سلطان، خيرو، دادو، مير شاهو، بلاول، خيرو، ڪمال، بلاول فقير نائچ، فضل علي، عارف خان، مير متارو، تاج محمد، ڀائي خان، شيخ محمد، تاج محمد ، بختاور کهاوڙ، مسو سانيھه، شير بخشو، دريا خان ابڙو، شيخ شڪراللھ، رول کوسو، بلاول ڦتوحل وغيرہ اهڙا سپھہ سالار جن جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال نہ ٿو ملي.
ميان نور محمد 12 صفر 1167ھہ مطابق 9 ڊسمبر 1753ع تي وفات ڪئي. سندس پت ميان غلام شاھہ گاديءَ تي ويٺو.
ميان غلام شاھہ ڪلھوڙو:
هي پيءُ جي وفات کان پوءِ گادي تي ويٺو. جنھن جي دؤر ۾ جيڪي سپھہ سالار ٿي گذريا آهن. سي هن طرح آهن.
1. راجه حمزه ليکي: تاجي ليکي جو پٽ ۽ راجه همزه ليکي جو ڀاءُ هو. ميان غلام شاھہ جو خاص مشير ۽ سپھہ سالار هو. هن 1071ھہ (1661ع) ۾ راڄو ديرو نالي ڳوٺ ٻڌو. (49) جڏهن ميان غلام شاھہ ۽ سندس ڀائرن ميان احمد يار ان ۽ عطر خان جي وچ ۾ 7 جون 1758ع ۾ روهڙي کان ٻاهر جنگ لڳي تہ ميان غلام شاھہ طرفان لڙيو. جڏهن ٽنھي ڀائرن ۾ صلح ٿيو تہ هنن سنڌ کي ورهايو. ميان غلام شاھہ کي ٺٽي وارو علائقو مليو. تڏهن ميان صاحب ٺٽي ۽ نصرپور واري پرڳڻي تي راڄو ليکي کي نگران مقرر ڪيو. چيو وڃي ٿو تہ، ميان غلام شاھہ، راڄو ليکي جي مشوري سان ئي نيرون ڪوٺ جو قلعو جوڙايو هو.
2. مير بھرام: ميان غلام شاھہ جو خاص وزير ۽ سپھہ سالار هو. جڏهن عطر خان، افغاني درٻار مان حڪومت جو پروانو وٺي آيو ۽ احمد يار خان بہ اچي ساڻس مليو تہ، ميان غلام شاھہ حالتن جي پيش نظر 8 نومبر 1757ع تي سنڌ وطن ڇڏي جيسلمير روانو ٿيو. جيڪي ماڻھو ميان صاحب جو ساٿ ڇڏي ڀڄڻ لڳا مير بھرام تن مان هڪ هو. وري جڏهن ميان غلام شاھہ ۽ سندس ڀائرن، ميان عطر سان ۽ ميان احمد يار خان جي وچ ۾ 7 جون 1758ع تي روهڙيءَ لڳ جنگ لڳي ۽ ميان غلام شاھہ سوڀارو ٿيو. تڏهن وري اچي معافي ورتائين ۽ ميان صاحب کيس معاف ڪري ڇڏيو. ميان سرفراز جي دؤر ۾ سپھہ سالار ۽ درٻاري هو. ڪڇ ديره جات ۽ ڪنجهي جي جنگين ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ميان سرفراز کيس قتل ڪرايو.
3. مير شھداد ٽالپر: ڪلھوڙن جو سپھہ سالار هو. ميان دين محمد جي دؤر کان هو. غلام رسول مھر، ميان يار محمد جي خطن مان نتيجو ڪڍندي لکي ٿو: ”ميان يار محمد خان جي خطن ۾ سندس نالي سان گڏ هر هنڌ ”فقير“ جو لقب استعمال ٿيو آهي. ان ڪري يقين آهي تہ ان جو مريد هوندو.“(50)
جيئن تہ، اڳ ۾ ئي بيان ڪري آيو آهيان تہ ڪلھوڙن جي مريدن نہ پر سپھہ سالارن ”فقير“ لقب اختيار ڪيو، مير شھداد ٽالپر، ڪلھوڙن جو سپھہ سالار هو، تنھنڪري ”فقير“ سڏيو ويو. مريدن کي فقير لقب نہ هو. هو ميان نور محمدجي زماني ۾ بہ سپھہ سالار هو. ميان نور محمد جي زماني ۾ دائود پوٽن سان جنگ ۾ سڪارپور واري گهيري ۾ مير شھداد سپھہ سالار هو.
4. حسڻ لاکو: والد جو نالو پير بخش ذات جو لاکو هو. ميان غلام شاھہ جو مريد خليفو ۽ سپھہ سالار هو.(51)
5. ميان سرفراز ڪلھوڙو: ميان غلام شاھہ 1186ھہ مطابق سن 1772ع ۾ وفات ڪئي. هن جي وفات کان پوءِ سندس فرزند ميان سرفراز تخت تي ويٺو. هن بہ جنگيون ڪيون. راڄو ليکي جي سازش سان ميان سرفراز جي درٻار ۾ مير بھرام قتل ٿيو جنھن کان پوءِ ٽالپرن بغاوت ڪئي ۽ ميان سرفراز کي هٽائي قيد ڪيو ويو. ميان سرفراز خان جي مصاحبن مان سندس خاص صلاحڪار هي هئا: ”مير بھرام خان، راڄو ليکي، اللھ بخش جهنجهڻ، فيروز پتافي، محمد حسن کهاوڙ، فريد سامٽيو، سداري اوٺيواڻ، روحل جويو ۽ روحل کوسو.(52) ميان سرفراز کان پوءِ ميان غلام نبي، پوءِ ميان عبدالنبي ٻئي ٿورڙو عرصو تخت تي ويٺا، نيٺ 1782ع ۾ ڪلھوڙا دؤر حڪومت جو خاتمو آيو ٽالپرن جو دؤرِ حڪومت شروع ٿيو.
ڪلھوڙن جي دؤر جا ڪي ٻيا سپھہ سالار هن طرح آهن. جن سپھہ سالارن جي زندگيءَ جا وڌيڪ حالات نہ ٿا ملن. ٿورو گهڻو جيڪو مواد ملي ٿو، سو هن طرح سان بيان ڪجي ٿو.
1. تاج محمد لغاري: دولت خان لغاري جو ٻيو نمبر پٽ هو. ميان سرفراز ڪلھوڙي جي فوج جو سپھہ سالار هو. ميان نصير محمد جي مقام ۾ مدفون آهي.(53)
2. هوت خان لغاري: دولت خان دولتاڻي لغاري جو پٽ هو، ميان عبدالنبي خان ڪلھوڙي جي لشڪر جو سپاهي هو.(54)
3. بلاول فقير: ليکي خاندان جو فرد هو. ميان عبدالنبي جي زماني ۾ فوج ۾ سپھہ سالار هو. هالاڻي جي جنگ ۾ مارجي ويو. ”سنڌ جو ڪاڇو، عرف چانڊڪو ڪاڇو“ جو ليکڪ لکي ٿو ته: ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ مدفون آهي.
4. حاجي مري: حاجي مري ڪلھوڙن جو سپھہ سالار هو. سندس زندگيءَ جو احوال نہ ٿو ملي. البت ايترو معلوم ٿئي ٿو تہ، ڳيريلي وٽ مغلن جي لشڪر سان وڙهندي شھيدٿيو.
5. صوڀو خان لغاري: هو دولت خان لغاري جو وڏو پٽ هو. ڳوٺ دولتاڻي جو ويٺل هو. ڪلھوڙن جو سپھہ سالار هو. ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي مقام ۾ مدفون آهي.
6. الھہ بخش ليکي: ڪلھوڙن جي نامياري سپھہ سالار راڄو ليکي جو ڀائٽيو هو ۽ ڪلھوڙن جي فوج ۾ سپھہ سالار هو. تمام وڏو بھادر هو. کيس مير صوبدار ترار سان ماريو هو.(55)
7. سهراب فقير: سهراب فقير ذات جو کٽي هو. ڪلھوڙن جي فوج جو بھادر سپاهي هو. هن جي قبر ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ آهي.(56)
8. دولت فقير: سريوال فوج جو نامور سپھہ سالار هو. ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ مدفون آهي.(57)
9. طاهر فقير: چيو وڃي ٿو تہ وڏو عابد ۽ زاهد هو، ۽ ڪلھوڙن جي فوج جو بھادر سپاهي هو.(58) ميان نصير محمدجي قبرستان ۾ مدفون آهي.
10. مرزو فقير: ذات جو موچي هو. ڪلھوڙن جو سپھہ سالار ۽ بھادر ماڻھوهو.(59)
11. ڇٽو فقير جهنجهڻ: الھہ بخش بخش جهنجهڻ جو ڀاڻج هو ۽ ڪلھوڙن جو سپھہ سالار هو.(60) ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ مدفون آهي.
12. لاڻو فقير اوٺوال: هي نھايت وڏو پھلوان ۽ بھادر هو.(61) ڪلھوڙن جي فوج ۾ هو. (61)
13. آڍو فقير: ڪلھوڙن جي لشڪر ۾ هو ۽ ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ مدفون آهي.(62)
14. ٻڍو فقير: ٻڍو فقير ذات جو ڪليري هو، ڪلھوڙن جي فوج جو سپھہ سالار هو. ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ مدفون آهي.(63)
15. عرضي فقير: عرضي فقير ذات جو نائچ هو ۽ نائچ قبيلي جو چڱو مڙس هو. ڪلھوڙن جي فوج جو سپھہ سالار هو. ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ مدفون آهي.(64)
16. قادر بخش فقير: قادر بخش فقير ذات جو پتافي هو. وڏي عقيدي وارو مريد ۽ خليفو هو. ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ مدفون آهي.(65)
نتيجو:
ڪلھوڙن جي فوج سٺ هزارن کان بہ مٿي هئي. شروع ۾ ويھن هزارن جي لڳ ڀڳ هئي، وقت بوقت ان ۾ واڌرو ايندو رهيو. ميان نور محمد جي دؤر ۾ ان جو تعداد سٺ هزارن کي پھتو. ڪلھوڙن جي فوج ۾ سپھہ سالار گهڻو ڪري برادرين جا چڱا مڙس، برادرين جا وڏا ۽ پڳدار هئا، اهي پھرين ڪلھوڙن جي مريديءَ ۾ آيا ۽ پوءِ فوج ۾ شامل ٿيا ۽ فقير لقب اختيار ڪيائون. ڪن مريدن ۽ سپھہ سالارن کي ميان وارو لقب مليو. ميان لقب ڪجهہ مٿڀرو هو.
حوالا:
1. مولائي شيدائي: تاريخ سکر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. ڇاپو پھريون، سال 1992ع، ص. 188
2. غلام رسول مھر: تاريخ ڪلھوڙا، (ج-ا) ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي- 1996ع، ص. 148
3. ساڳيو، ص. 144
4. مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفـﺒ الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو- سال1957ع، ص. 104
5. ساڳيو.
6. غلام رسول مھر: تاريخ ڪلھوڙا، (ج-ا) ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ڪراچي، 1996ع، ص. 148
7. ساڳيو
8. هيوز: سنڌ گزيٽيئر، ص. 31
9. غلام رسول مھر: تاريخ ڪلھوڙا، ج-ا، ص. 158
10. مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفـﺒ الڪرام، ص.259
11. ساڳيو، ص. 258
12. مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفـﺒ الڪرام،ص. 259
13. غلام رسول مھر: تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دؤر (ج-ا) ص. 165
14. محمد مٺل ڪمالاڻي: مورو ناهي ٿورو، مھراڻ ڪلچر سوسائٽي مورو- سال جنوري 1988ع، ص. 21
15. مرزا قليچ بيگ: قديم سنڌ ان جا مشھور شھر ۽ ماڻھو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، بحوالھ: مورو ناهي ٿورو، ص. 35
16. مير علي شير قانع ٺٽوي: تحفـﺒ الڪرام، ص. 259
17. ساڳيو
18. ساڳيو
19. ساڳيو
20. نواز رڪڻائي: ميان غلام شاھہ ڪلھوڙي جي دؤر جا دادو ضلعي ۾ تعمير ڪرايل آثار (مقالي) ڪتاب ميان غلام شاھہ ڪلھوڙو (سنڌ جو شھنشاهه- مرتب اسلم عباسي، نومبر 2002ع، ص. 143
21. حڪيم خليفو عبدالحميد خان چانڊيو: سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو- شفا خانہ حڪيم عبدالمجيد خان چانديو، شھر ماڏو، ضلع دادو- 2000ع، ص. 257
22. ساڳيو، ص. 294
23. ساڳيو، ص. 458
24. ساڳيو
25. ساڳيو
26. غلام رسول مھر: تاريخ ڪلھوڙا (ج-ا) ص. 165، جلد پھريون.
27. ساڳيو
28. تاريخ انشاء، مڪتوب، ص-20، بحوالھ تاريخ ڪلھوڙا ص. 172
29. تاريخ ڪلھوڙا، (ج-ا) ص. 73-172
30. حڪيم خليف عبدالحميد خان چانڊيو: سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو، ص. 502
31. ساڳيو
32. غلام رسول مھر: تاريخ ڪلھوڙا (ج-ا)، ص. 171
33. سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو، ص.463
34. ساڳيو
35. ساڳيو، ص. 458
36. ساڳيو
37. ساڳيو
38. ساڳيو، ص. 257
39. تاريخ ڪلھوڙا، (ج-ا) ص. 329
40. ساڳيو
41. محمد اسلم شيخ: شاداب شھدادڪوٽ، 1992ع، ص-83
42. مرزا قليچ بيگ: قديم سنڌ ان جا
43. ساڳيو ۽ خادم حسين شاهه: لاڙڪاڻي جون ڪجهہ شخصيتون لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو (مرتب) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- 19ع، ص. 222
44. ساڳيو
45. سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو، ص. 483
46. تاريخ ڪلھوڙا(ج-ا) ص.266
47. ساڳيو، ص. 435
48. عظيم سنڌي: مرادياب خان کان ميان غلام شاھہ تائين: ڪتاب: ميان غلام شاھہ ڪلھوڙو (سنڌ جو شاهجھان. مرتب: اسلم عباسي- عباسي ڪلھوڙا اتحاد حيدرآباد- سال 2002ع، ص.21
49. سنڌ جو ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو، ص. 492
50. تاريخ ڪلھوڙا، ص.257
51. سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو، ص. 102
52. مرزا عباس علي بيگ: خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي-انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- 1980ع، ص 28
53. سنڌ جو ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو، ص.480
54. ساڳيو، ص.482
55. ساڳيو، ص.495
56. ساڳيو، ص.503
57. ساڳيو، ص.502
58. ساڳيو، ص.405
59. ساڳيو، ص.503
60. ساڳيو، ص. 502
61. ساڳيو، ص. 501
62. ساڳيو
63. ساڳيو
64. ساڳيو
65. ساڳيو
مددي ڪتاب:
1. مھر غلام رسول: تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دؤر (ٻہ جلد) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. 1963ع
2. چانڊيو خليفو عبدالحميد خان: سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو، شفا خانہ حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو- سال 2000ع
3. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر: لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو، ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو.
4. مولائي شيدائي:تاريخ سکر- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو- سال 1992ع
5. مير علي شير قانع ٺٽوي: تحـﺒ الڪرام- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو- سال 1957ع
6. هيوز: سنڌ گزيٽيئر
7. ڪمالاڻي محمد مٺل: مورو ناهي ٿورو- مھراڻ ڪلچرل سوسائتي مورو- سال 1988ع
8. بيگ مرزا قليچ: قديم سنڌ ان جا مشھور شھر ۽ ماڻھو، سنڌي ادبي بورڊ.
9. عباسي اسلم: ميان غلام شاھہ ڪلھوڙو (سنڌ جو شھنشاهه) عباسي ڪلھوڙا اتحاد، حيدرآباد، سال 2002ع
10. مرزا عباس علي بيگ: خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي-1980ع
11. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”شڪارپور ــ ماضي ۽ حال“ سال 1984ع
12. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق-مھراڻ اڪيڊمي- سال 1994ع.