سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي صوتيات“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي صوتيات جي لنڊن مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ان روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ھي ڪتاب مليو، جيڪو علم صوتيات جي باري ۾ پھريون مڪمل سنڌي ڪتاب آھي. ڪتاب ۾ سنڌي صوتيات ۽ سنڌي آوازن، انھن جي مخرجن ۽ آوازن جي قسمن تي روشني وڌي وئي آھي. ڪتاب ۾ علم صوتيات جي مفھوم ۽ مقصد، ڳالھائڻ جي عضون، آوازن جي اچارڻ جو ڍنگ، وينجن Consonants جا گروھہ ۽ قسم، سنڌي وينجن جا قسم ۽ خصوصيتون، سنڌي سُرن Vowels جا قسم ۽ خصوصيتون، تجربن، سکيا ۽ دنيا جي مشھور ڪتابن مان حوالا ڏيئي بيان ڪيا ويا آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1967ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ ٽيون ڇاپو 2017ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.