بند ٿي ويل دروازو
ذوالفقار ڪانڌڙي جي وڏي خوبي اھا آھي تہ ھن جو مشاھدو انتھائي گھرو آھي. ھو ھر شيءَ کي انتھائي گھرائيءَ سان ڏسي ٿو ۽ اندر ۾ جنگ ڪري ٿو. ٻاھر ڪُڇي پُڇي ڪين ٿو. جڏھن ڪھاڻي لکي ٿو تہ منجهس سڀ ڪجهہ سموئي ڇڏي ٿو. ڏک. پيڙا، بيزاريت، اذيت، خوشي، جنسي ڪشش، محٻت، پيار، ھمدردي سڀ ڪجهہ ڪھاڻيءَ ۾ ذوالفقار جي داخليت جون وارتائون آھن