ديوداس ھڪ اھڙو ناول آھي جيڪو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آھي. ھن ناول تي فلم پڻ ٺھيا آھن جن مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا آھن. سماجي ۽ ڌرمي رسمن ۽ ريتن تي آڌاريل ھن رومانوي ناول جو ھيرو ديوداس برھمڻ خاندان مان آھي ۽ سندس ھيروئن پاروتي عرف پارو ھيٺئين طبقي سان تعلق رکي ٿي. پاروتي ۽ ديوداس جي شاديءَ ۾ روايتي طبقاتي فرق ديوار بڻجي وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾ پاروتي جي شادي ھڪ شادي شدہ شخص سان ٿي وڃي ٿي. ديوداس ھاڻي اداس رھڻ لڳي ٿو ۽ بازار عشق جو رخ رکي ٿو ۽ شراب جي محفلن ۾ رھي ٿو. اتي سندس ملاقات ھڪ رقاصہ چندرمکي سان ٿئي ٿي، جنھن سان ھن جي دل لڳي وڃي ٿي پر وري بہ زمانو ديوار بڻجي وڃيس ٿو. ناول جو ڇيھہ اتي ٿئي ٿو جڏھن ديوداس پنھنجي محبوبا جي گهر جي اڳيان اچي دم ڏئي ٿو.
ناول
ديوداس
- 0/5.0
- 7
- 1
- هڪ سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران بنگالي ٻوليءَ جي ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار شرت چندر چيٽرجي جو لکيل شاھڪار ناول ”ديوداس“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار مبين چنا آھي.
ديوداس ھڪ اھڙو ناول آھي جيڪو دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آھي. ھن ناول تي فلم پڻ ٺھيا آھن جن مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا آھن. سماجي ۽ ڌرمي رسمن ۽ ريتن تي آڌاريل ھن رومانوي ناول جو ھيرو ديوداس برھمڻ خاندان مان آھي ۽ سندس ھيروئن پاروتي عرف پارو ھيٺئين طبقي سان تعلق رکي ٿي. پاروتي ۽ ديوداس جي شاديءَ ۾ روايتي طبقاتي فرق ديوار بڻجي وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾ پاروتي جي شادي ھڪ شادي شدہ شخص سان ٿي وڃي ٿي. ديوداس ھاڻي اداس رھڻ لڳي ٿو ۽ بازار عشق جو رخ رکي ٿو ۽ شراب جي محفلن ۾ رھي ٿو. اتي سندس ملاقات ھڪ رقاصہ چندرمکي سان ٿئي ٿي، جنھن سان ھن جي دل لڳي وڃي ٿي پر وري بہ زمانو ديوار بڻجي وڃيس ٿو. ناول جو ڇيھہ اتي ٿئي ٿو جڏھن ديوداس پنھنجي محبوبا جي گهر جي اڳيان اچي دم ڏئي ٿو.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ جي سھڪار سان اوھان اڳيان آڻجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف شرت چندر چيٽرجي
- سنڌيڪار مبين چنا
- ڇپيو ويو 2019
- ڇپائيندڙ پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 978-969-7914-03-6
- آن لائين ٿيو 06/Dec/2023
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا