سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”قومي ۽ عالمي تناظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ جي لسانيات، صوتيات ۽ لھجن کانسواءِ ان جي تاريخي ورثي تي پڻ ڪم ڪيو آھي. ھي ڪتاب ”قومي ۽ عالمي تناظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت“ ھڪ نئون اضافو آھي، جيڪو ٻوليءَ جي سماجي ڪارج ۽ حيثيت کي اجاگر ڪري ٿو. ھن ڪتاب ۾ 13 مُک عنوان آھن جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار پھلوئن جي باري ۾ مفيد ۽ نئين معلومات وارا آھن. ڪتاب ۾ تفصيلي ببليوگرافي بہ شامل آھي.
ھي ڪتاب 2018ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.