ٻاراڻو ادب

ثاقب جي آئيسڪريم

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي. هن ڪتاب ۾ تيرهن ٻاراڻيون انوکيون ۽ دلچسپ ڪھاڻيون ڏنيون ويون آهن ۽ هر هڪ ڪھاڻيءَ ۾ عقل ۽ ڏاهپ جا ٻُڪ ڀري وڌا اٿس. هھڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا تہ ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو شوق جاڳندو ۽ اهو شوق کين علم جي دروازي تي وٺي ويندو.

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ثاقب جي آئيسڪريم

حق ۽ واسطا

ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪا وٽ محفوظ

ڪتاب: ثاقب جي آئيسڪريم
موضوع: ٻاراڻو ادب
ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ڪمپوزنگ: گلزيب هڪڙو
ٽائيٽل : مھراڻ سھتو
ڇاپو پھريون: مئي 2023ع
ڇپائيندڙ : محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
ڇپيندڙ : چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي
cell: 0334-2208151


ملھہ : 200 روپيہ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع


ملڻ جا هنڌ:
ڀٽائي بڪ اسٽور ، حيدرآباد ڪويتا ڪتاب گهر ،دانيال ڪتاب گهر قاسم آباد، رُومي ڪتاب گهر ايگريڪلچر ڪامپليڪس حيدرآباد، ڪنول ڪتاب گهر، حيدر چونڪ
پيڪاڪ ڪتاب گهر حيدرآباد، ون ڊالر شاپ پريس ڪلب حيدرآباد، سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، فرينڊس بڪ اسٽال نسيم نگر چوڪ .مدني بڪ اسٽال دادو، الاحسان گهر ڪتاب ميھڙ، اردو بازار ڪراچي، مُرڪ ڪتاب گهر ڪراچي.

انتساب

سنڌي ٻولي ۽ ادب پڙهندڙ سھڻن سيبتن ۽ سلڇڻن سنڌي ٻارن جي نالي،
جي پنھنجي مٺڙي ٻوليءَ جي ادب کي شوق ۽ ذوق سان پڙهي، ادب جي واڌاري ۾ مددگار ٿي پنھنجي حياتيءَ جون راهون روشن ڪري رهيا آهن.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو مجموعو ”ثاقب جي آئيسڪريم“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ جون ڪھاڻيون پڙهي ايئن لڳندو آهي تہ ڄڻ هوءَ ٻارڙن جي ڀَرِ ۾ ويھي ٻارن سان سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي آھي. هن ڪتاب ۾ تيرهن ٻاراڻيون انوکيون ۽ دلچسپ ڪھاڻيون ڏنيون ويون آهن ۽ هر هڪ ڪھاڻيءَ ۾ عقل ۽ ڏاهپ جا ٻُڪ ڀري وڌا اٿس. هھڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا تہ ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو شوق جاڳندو ۽ اهو شوق کين علم جي دروازي تي وٺي ويندو.
ھي ڪتاب چانڊوڪي پبليڪيشن، واھي پانڌي پاران 2023ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سنڌي ٻولي جي خدمت جي سلسلي ۾ هيل تائين جو ڪجهہ بہ ڪَتيو آهي، اهو قابلِ تعريف ان ڪري بہ آهي جو سندس قلمي جنبش عيوض جيڪو بہ نثر تحرير ٿيو آهي، اُهو پنھنجي موجودگي، سُٺائي، موضوعاتي ۽ فني، فڪري بيھڪ ۾ پنھنجي ضمانت پاڻ ڏيندي محسوس ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا هن مھل تائين ڪُل 18 ڪتاب مختلف موضوعن تي شايع ٿي چڪا آهن ۽ ٻاراڻي ادب جو هيءُ سندس پنجون ڪتاب آهي، جنھن ۾ گلن جھڙن ٻارڙن جي ذهني ۽ شعوري طور آبياري ڪرڻ جو سڏ سمايل آهي، جيتوڻيڪ ٻارن لاءِ لکڻ ڪنھن حد تائين اوکو پڻ آهي جو ليکڪ ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکندي پنھنجي ڪيفيت ۽ محسوسات ۾ پاڻ کي ٻار ٿي پيش ڪري ٿو ۽ ٻارن سان، ٻارن جي ائپروچ مطابق مخاطب ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ٻارن لاءِ شاعري تہ ڪافي تخليق ٿي آهي پر ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکندڙن جو تعداد بنھہ ٿورو آهي، انھن ٿورن ۽ شاهڪار ٻاراڻي ادب جي وارثي ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو نالو شامل آهي.
ٻاراڻي ادب کي اڳتي وٺي هلندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ ڪتاب ” ثاقب جي آئيسڪريم“ چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ڇپائيندي خوشي محسوس ڪريون ٿا، ان کان اول سندس ڪتاب ”پوپٽ ۽ گلاب“ بہ اسان جي اداري ڇپائي اوهان آڏو آندو آهي، سندس هيءُ ڪتاب ”ثاقب جي آئيسڪريم“ پاڻ پڙهو ، پنھنجي ٻارن کي پڙهايو ۽ ثاقب جي آئيسڪريم نگاهن جي زبان سان چکي ان جي محسوسات بابت ليکڪ ۽ اداري سان پنھنجي راءِ شيئر ڪندا تہ مھرباني ٿيندي.

اسيرامتياز
چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي
03342208151

مھاڳ: ”ثاقب جي آئيسڪريم“ منھنجي نظر ۾

علم ادب جي شعبي ۾ سرت-وند سياڻيون قلم-ڌياڻيون هاڻي ڪنھن بہ صورت ۾ مرد ذات کان گهٽ ڪونہ آھن. انھن علم ادب جي نثر خواه نظم وارين صنفن ۾ ڏاڍو وڏو ڪم ڪيو آھي. ڊاڪٽر پروين موسيٰ بہ انھن مان پھرين صف واري ليکڪا آھي. سندس ڪتاب مسلسل ڇپبا رهن ٿا ۽ هن نثر جي مکيہ صنفن تي معياري ۽ مقداري ڪتاب ڏنا آھن. سندس ڪيترا ڪتاب چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن ۾ ويھندڙ نوجوانن لاءِ ڏاڍا ڪارائتا آھن.
ڊاڪٽر پروين جو هي ڪتاب ٻاراڻي ادب جي شاهڪار ڪتابن مان هڪ ڪتاب آھي. مون کي اهو اعزاز حاصل آھي تہ مون سنڌي ۾ ٻاراڻي ادب تي محترمہ فيروزہ سما کي ايم، فل ڪرائي. انھي ڪري ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي هن ڪتاب جي مون لاءِ ۽ مون وٽ وڏي اهميت آھي. اهو سٺو سنئوڻ آھي تہ سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب تي بہ ڪتاب ڇپجي رهيا آھن، پر مجموعي طور تي اهي اٽي ۾ لوڻ برابر آھن.
ھن دور ۾ اسان جو ٻار ۽ ننڍيءَ وهيءَ وارو ٻالڪ وڏي مصيبت ۾ آھي. نصابن جي ڪتابن جي ڀري تہ کيس پڙھڻي ئي پئي ٿي. پر ڪن هنڌن تي غير تربيت يافتا ۽ گوسڙو استاد هن ننڍي ٻار جي علمي، ذھني ۽ فڪري ضرورتن کي پورو ڪرڻ بدران بگاڙن ٿا. نتيجي ۾ ٻار علم ۽ قلم کان پري ٿيندو وڃي ٿو ۽ پڙھڻ پرجهڻ کان سواء هڪ درجي مان مٿي چڙهي نائينءَ ۽ ڏهين جماعت ۾ امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻ کي ئي تعليم جو بنيادي شرط ڄاڻي، نقلي ڊگرين جو بار ڪلھن تي سٿي ٿو.
اسان جو ٻار فقط اهو بار نہ ٿو کڻي. پر، سياسي ۽ نام نھاد نظرياتي مبلغ ٻارن کي ڪنھن نہ ڪنھن پنھنجيءَ پسند واري اڳواڻ جي شخصيت پرستيءَ جي زهر جا ڍڪ ڀرائي ذھني فڪري طور تي غلام بڻائن ٿا.
هر ڪو انسان خدا وٽان هٿين خالي ڪونہ آيو آھي. هر ڪنھن وٽ ڪا نہ ڪا لياقت ۽ صلاحيت آھي، جيڪا هن کي بہ ڪم ايندي تہ قوم جي بہ ڪم ايندي. ان ڪري ٻار کي ذھني ۽ فڪري غلام ٺاهڻ بدران سندس علم ۽ قلم سان دوستي ڪرائڻي آھي تہ جيئن ھو پاڻ سڃاڻي ۽ پنھنجين لياقتن ۽ صلاحيتن کي سڃاڻي. درسي ڪتاب ٻار لاء مطالعي جي ايڪسرسائيز برابر آھن ۽ ٻاراڻو ادب ٻار کي ايندڙ دور جي ابي بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو. ان ڪري هيءُ چوڻ مناسب ٿيندو تہ جنھن ٻوليءَ ۾ ٻاراڻو ادب وڌيڪ پيدا ٿئي ٿو، ان سماج ۾ ساڃھہ -وند آدرش جنم وٺندا آھن.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ سرت-وند ليکڪا آھي، ان ڪري اسان کي ٻاراڻي ادب تي هڪ بھترين ڪتاب ڏنو اٿس.
هن ڪتاب ۾ تيرهن ٻاراڻيون انوکيون ۽ دلچسپ ڪھاڻيون ڏنيون ويون آهن ۽ هر هڪ ڪھاڻيءَ ۾ عقل ۽ ڏاهپ جا ٻڪ ڀري وڌا اٿس. ھھڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا تہ ٻارن ۾ ڪتاب پڙھڻ جو شوق جاڳندو ۽ اهو شوق کين علم جي دروازي تي وٺي ويندو.
ھھڙي بھترين ڪتاب لکڻ تي مان ڊاڪٽر پروين موسيٰ کي مبارڪ ڏيان ٿو.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
گل حيات انسٽيٽيوٽ،
ڳوٺ خير محمد آريجا
تاريخ 4 فيبروري 2023

سنڌي ٻاراڻي ادب جي خوبصورت ۽ منفرد ڪھاڻيڪارہ

لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي،
لکڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي.
ڏکئي کان ڏکيو عشق اکرن جو آ،
رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي.
(استاد بخاري)

تمام گهٽ ليکڪ ٻارن لاءِ لکن ٿا ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ شاعري تہ ڪافي لکي وڃي ٿي. پر! ٻارن لاءِ ڪھاڻيون ٿورا تخليقڪار لکن ٿا. باقي جيڪي وڌ کان وڌ ڪھاڻيون لکن ٿا. انھن ۾ ادي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ بہ شمار ٿئي ٿي. جنھن جو تعلق ٿر جي ڏيپلي شھر سان آهي. هن علمي ۽ ادبي خاندان ۾ جنم ورتو. ادي پروين موسيٰ جون جيڪي ٻالڪ ادب ۾ خدمتون ڪيل آهن. انھن کي ڪڏهن بہ وساري نٿو سگهجي. کيس ڌَرتي جي گلن جھڙن ٻالڪن سان بيحد اُنس ۽ پيار آهي. جيڪا هر پھر وطن جي ٻارڙن، سنڌي ٻولي، پنھنجي ڌرتي ۽ سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سوچيندي ۽ لوچيندي رهي ٿي ۽ خاموشي سان ٻالڪن لاءِ خوبصورت، پياريون ۽ مٺڙيون ڪھاڻيون لکندي لکندي ڪڏهن بہ ٿڪي نہ آهي. جنھن جون ڪھاڻيون لڳاتار ٻارن جي شايع ٿيندڙ رسالن ۾ ڇپجن ٿيون. ادي پروين موسيٰ ميمڻ اهو چاهي ٿي تہ پنھنجي سرسبز ۽ سھڻي وطن ۾ ساڙ، حسد ۽ انياءَ ختم ٿي وڃي ۽ ان جي خواهش آهي تہ علم، ادب ۽ ڏات جا ڏيئا ٻاري امن، ڀائيچاري، اتحاد ۽ انسانيت کي سڄي ملڪ ۾ پکيڙي وطن سان گڏ پوري دنيا کي جنت بڻايون. تڏهن تہ ادي پروين جھڙن سوچ رکندڙ انسانن لاءِ سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر سيد امير بخاري لکي ٿو ته.
اچو ڪي ڏات جا ڏيئا جلايون،
اچو انياءَ جي اوندھہ ڀڄايون.
پکيڙي روشني آس ۽ امن جي،
سڄي عالم کي جنت گهر بڻايون.
(امير بخاري)

ادي پروين! ٻارن جي نفسيات کي سمجهندي ٻارن جي همت افزائيءَ لاءِ ڪافي ڪھاڻين جا ڪتاب لکي واڌارو ڪيو آهي. جيڪي پروين موسيٰ ميمڻ سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڪھاڻين جا ڪتاب لکيا آهن. اهي هي آهن 1. ٽي تحفا، 2. شرارتي جِنَ، 3. پوپٽ ۽ گلاب، 4 ثاقب جي آئيسڪريم، 5، ارباب جي هوشياري، 6 سونيون اشرفيون، 7، اچوڙي ٻارو ڪھاڻين جو آ وارو 8، انوکو رازو، 8، شھزادي ماھہ نور آهن، (جن مان چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ٻين ڪتابن جون ڪھاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي رهيون آهن)، اهي ڪھاڻيون ٻارن جي همت افزائي ۽ اصلاح لاءِ ڪارائتيون آهن. جيڪي ٻارن کي وندرائڻ ۽ دلچسپيءَ جو ڏانءَ پيدا ڪرڻ لاءِ سٺيون آهن. انھن مٺڙين، پيارين ۽ خوبصورت ڪھاڻين کي ٻار پسند ڪرڻ سان گڏ وڏي چاھہ ۽ شوق سان پڙهن ٿا. هتي آءُ ادي پروين لاءِ چوندس تہ پاڻ سنڌي ٻاراڻي ادب جي چمڪندڙ ستارو آهي. جنھن کي هر وقت ٿر سميت سڄي سنڌ جي مظلوم ۽ بي پھچ ٻارن جي تعليم جو فڪر رهي ٿو. جيڪا ٻالڪن جي حقن ۽ تعليم لاءِ خوب لکي انھن سان محبت جو اظھار ڪري ٿي. هوءَ سنڌي ٻاراڻي ادب جو عظيم ڪردار آهي. جنھن جو اسان کي قدر ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪي اسان جا علمي ۽ ادبي ادارا آهن. انھن کي گهرجي تہ ادي پروين جا اڻ ڇپيل ڪتاب ڇپائين. آءُ هتي ادي پروين موسيٰ مان اها اميد ڪيان ٿو تہ اڄوڪي نفسا نفسي ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ پھريان جيئان اڳتي بہ پنھنجي وطن جي سھڻن، پيارن ۽ گلن جھڙن نازڪ ٻارڙن لاءِ بھترين ۽ پياريون ڪھاڻيون لکندي رهندي. منھنجي دل چاهي ٿي تہ ادي پروين جي لکيل سمورين ڪھاڻين تي تفصيلي جائزو لکجي پر! حالات ۽ وقت نہ هجڻ ڪري مڪمل مضمون نہ لکي سگهيو آهيان. آخر ۾ آءٌ پنھنجي مضمون جي پڄاڻي پنھنجن لکيل شاعريءَ جي هنن سٽن سان ڪيان ٿو.
سنڌي ٻاراڻي ادب جو ستارو آهي پروين موسيٰ،
علم ۽ ادب جو تارو آهي پروين موسيٰ،
اها هميشہ سھڻيون ڪھاڻيون لکندي رهي ٿي،
ٿر وارن ٻالڪن جو ساھہ سارو آهي پروين موسيٰ.


عبدالحئي ڀٽو

پنھنجي پاران

پيارا ٻارو! اڄ منھنجو ٻالڪ ادب ۾ هي پنجون ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي، مون کي تمام گهڻي مسرت محسوس ٿي رهي آهي تہ منھنجي پياري سونھاريءَ سنڌ جا سھڻا سھڻا قابل ٻار علم ۽ ادب ڏي متوجه آهن ۽ مطالعي جو ذوق رکن ٿا، ۽ منھنجا ڪتاب شوق سان پڙهن ٿا. هر اهو ٻار مطالعي ڏي راغب ٿيندو جو تعليم سان سلھاڙيل هوندو توهان کي چڱيءَ پر خبر آهي تہ علم حاصل ڪرڻ هر انسان ننڍي توڻي وڏي، ٻار توڻي ٻڍي، عورت توڻي مرد جو بنيادي حق آهي، انھيءَ جي شروعات ننڍي لاڪون ٿيڻ سان درجي بدرجي تعليم جو صحيح مقصد حاصل ٿيئي ٿو، تعليم توهان جي شخصيت، فطري ذهانت، ذهني ۽ جسماني صلاحيتن کي اڀاري، سماج ۾ هڪ آزاد، ذمہ دار ۽ امن پسند شھري ٺاهي ٿي، جيڪو ٻين جا حق سمجهڻ ۽ انھن جي احترام ڪرڻ جو فرض ڄاڻي ٿو، کيس اها خبر ٿي هجي تہ هن سماج ۾ رهندي جيترا هن جا حق آهن ايترائي هن جا فرض پڻ آهن، فرض ادائيءَ کان سواءِ توهان حقن جي ڳالھہ ڪھڙيءَ ريت ڪري سگهو ٿا؟ اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ جي قوت توهان کي تعليم جي ذريعي ملي ٿي.
هن ڪتاب جي مطالعي مان توهان کي پروڙ پوندي تہ والدين جا اولاد تي ڪھڙا حق آهن تہ اولاد جا ڪھڙا فرض؟ استادن ۽ شاگردن جا پاڻ ۾ حق ۽ فرض ڇا آهن؟ ٻارن کي پڙهڻ لکڻ ۾ دلچسپي ڪيئن پيدا ڪرڻ گهرجي؟ حُسنِ اخلاق ڇا آهي؟ ايمانداريءَ جي ڪيتري اهميت آهي؟ بچت جا ڪھڙا فائدا آهن؟ ڪوڙ جي برائيءَ کان ڪيئن بچجي؟ ٻار آئيندي جا ابا آهن سندن تربيت ڪھڙيءَ ريت هئڻ گهرجي جو سھڻو سماج ٺھي جتي ڪي ويڇا نہ هجن جتي احساسن ۽ محبتن ڀريو سھڻو سماج وڌي ۽ ويجهي، اهو سڀ دين ۽ قدرت جي مقرر نيمن تي هلڻ سان ئي ممڪن آهي، هنن ڪھاڻين ۾ ٻارن جا حق، تہ فرض بہ ڄاڻايل آهن، کين شرارت ۽ شيطانيءَ جو فرق سمجهايو ويو آهي ۽ کيڏڻ جا شوق بہ ٻڌايل آهن تہ هڪ جيڏن سان پيار، محبت ۽ سٺي سلوڪ سان هلڻ جا سبق پڻ آهن، پيارو ٻارو! ادبي ۽ علمي ڪتاب پاڻ پڙهو تہ پنھنجي ڀائرن، ڀينرن ۽ دوستن کي پڻ پڙهايو تہ جيئن گهڻي ۾ گهڻا ٻار مطالعي مان سھڻي جيون گهارڻ جا گُر سکي پاڻ کي هن غير محفوظ دور ۾ حفاظت سان رکڻ ۽ اڳيان وڌڻ لاءِ تيار ڪري سگهن.
هن کان اڳ واري ڪتاب ۾ پڻ مون توهان کي ڄاڻايو آهي تہ آئون نثر نگار آهيان ۽ مون هڪ مشن تحت سنڌ جي مستقبل يعني ٻارڙن لاءِ ادب ۾ لکڻ جو پڪو پھہ ڪيو آهي، تقريبن ڏيڍ سئو کان مٿي ڪھاڻيون لکيون اٿم تہ پنجاھہ کن مضمون لکيل آهن، جي سڀ نون کان سورهن سالن جي ٻارن کي وندر ۽ سکيا جي حوالي سان پڙهندي دلچسپ لڳندا. انھن ڪھاڻين ۽ مضمونن جا ڪي ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ۽ انشاء اللھ ٻيا ڪتاب ڇپجي توهان جي سامھون ايندا.
اميد تہ هيءُ ڪتاب بہ توهان کي بلڪل پسند ايندو ۽ پنھنجي راءِ ڏيڻ نہ وساريندا. پنھنجو رايو هيٺ ڏنل واٽس ايپ نمبر تي سنڌيءَ ۾ لکي موڪلي سگهو ٿا.


ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
اي-03، ڏيپلائي ٽائون حيدرآباد، سنڌ
رابطو: 2766564-0333

ڪھاڻيون

---

ثاقب جي آئيسڪريم

ثاقب هوم ورڪ ختم ڪري اچي ٽي وي ڏسڻ ويٺو. لائونج ۾ هُو اڪيلو ٽي ويءَ جا مختلف چئنلز ڦيرائي رهيو هو کيس اڄوڪي اسپورٽس جي ڏسڻ جو شوق هو جو پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ڪرڪيٽ مئچ جو اسڪور ڏسڻ چاهيائين ٿي، تيستائين نيوز چئنل سامھون آيو جنھن تي خبر هلي رهي هئي، ”پاڪستان ۾ گهڻيءَ غربت سبب دادوءَ جي هڪ عورت ٽن ٻارن سان پاڻ کي دريا حوالي ڪيو“ ۽ وري ساڳئي چئنل تي ٿرپارڪر جي هڪ ڳوٺ جي خبر هئي تہ گوپي مينگهواڙ پنھنجي ننڍي پٽ سان گڏ کوھہ ۾ ٽپو ڏيئي غربت مان جان ڇڏائي پنھنجو انت آندو“، انھن خبرن سان گڏ فوتين جا لاش ڏسي ثاقب کي ايتري تہ همدردي ۽ ڏک ٿيو جو کيس ڪرڪيٽ جو اسڪور ڏسڻ جو شوق ڍرو ٿي ويو هڪ لحظي لاءِ سوچڻ لڳو تہ، ”انسانذات ڪيڏي نہ ڪٺور ٿي وئي آهي اسان جي ملڪ ۾ پئسو تہ فقط سياستدانن، حڪومتي ايوانن جي ميمبرن، اميرن ڪبيرن، وڏيرن وٽ آهي باقي تہ ستر سيڪڙو غريب عوام خودڪشيون ڪري پنھنجي حياتي ختم پيا ڪن، ڇو هن ملڪ ۾ زراعت تي، معدنيات تي ۽ وڻج واپار تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي، ڪاش! منھنجي وَس ۾ هجي ها تہ سڀني غريبن جي مدد ڪريان ها کين ڪو روزگار لڳائي ڏيان ها! پر آئون ڇا ڪري سگهان ٿو منھنجو پيءُ بہ هڪ وچولي طبقي جو نوڪري ڪندڙ ماڻھو آهي، هُو تہ ڪنھن ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ منھنجي ڪا بہ مدد ڪونہ ڪري سگهندو جنھن مان مون سان گڏ ٻين کي بہ ڪو روزگار ملي سگهي، ان ريت سوچيندي سوچيندي وري چئنل تبديل ڪيائين تہ کاڌي جو چئنل اچي ويو، هو تہ هونئن ئي کاڌي پيتي جو شوقين هو پنھنجي ماءُ کي بہ مختلف ترڪيبون انٽرنيٽ يا ٽي ويءَ تان ڏسي ڪي نيون شيون ٺاهي ڏنيون هئائين جي سڀني کي پسند بہ آيون، انھيءَ چئنل تي اڄ کير مان ٺھيل شين جون ترڪيبون ٻڌائي رهيا هئا جن ۾ خاص طور آئيسڪريم ٺاهڻ جا طريقا هئا جن مان اڄ جيڪي ٻہ ترڪيبون هنن ٻڌايون سي کيس گهڻيون پسند آيون، ٽي وي چئنل تي آئيسڪريم جي ترڪيب ڏسندي ئي وات پاڻي ٿي ويس پنو ٻين کڻي ترڪيب کي لکي ڇڏيائين رات جو مانيءَ جي ميز تي ماڻس سان سُر کنيائين تہ هيءُ سامان وٺڻو آهي آئون ونيلا ۽ چاڪليٽ آئيسڪريم ٺاهڻ چاهيان ٿو. عرفان صاحب کي اها ڳالھہ پسند ڪونہ آئي پٽ کي فھمائش ڪندي چيائين، ”بابا تنھنجو پڙهڻ جو وقت آهي هن وقت اهي تجربا ڇڏ موڪلن ۾ ڪج“. فاالوقت تہ هُو چپ ٿي ويو پر ٻئي ڏينھن ساڳي ڳالھہ ماءُ سان اڪيلي ۾ ڪيائين ۽ کيس يقين ڏياريائين تہ هُو ڪو بہ پڙهائيءَ جو حرج ڪونہ ڪندو ۽ آئيسڪريم موڪل جي ڏينھن ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينھن تي ٺاهيندو.
ادي فاطمہ راضي ٿي کيس پئسا ڪڍي ڏنا هن اسڪول مان واپس ايندي ڊرائيور سان گڏ اهو آئيسڪريم ٺاهڻ جو سامان ورتو، تور تڪ ۽ حساب سڄو ڪاغذ تي لکي ڇڏيو هئائين، ان ريت هن پھريون تجربو ڇنڇر جي ڏينھن ڪيو جڏهن سندس پيءُ آفيس ۾ هو رات جو عرفان صاحب سندس هٿ جي ٺاهيل آئيسڪريم کائڻ کانپوءِ گهڻي پسند ڪئي هاڻي تہ سندس دل وڏي ٿي وئي هڪ ٻہ دفعا ٺاهي چاچي جي گهر موڪليائين تہ هڪ دفعو دوستن کي گهرائي کارايائين ان ريت آئس ڪريم جي ٻن فليور ونيلا ۽ چاڪليٽ ۾ هُن مھارت حاصل ڪري ورتي ۽ اڪثر ٺاهڻ لڳو هڪ دفعو گهر ۾ دعوت ٿي تڏهن ثاقب ٽيھن ماڻھن جي لاءِ آئيسڪريم ٺاهي، سندس شوق پويان گهر ۾ آئس ڪريم جي مشين بہ اچي وئي.
هڪ ڏينھن اوچتو سندس ذهن ۾ خيال آيو ڇو نہ انھيءَ آئيسڪريم کي گهٽ قيمت ۾ پاڙي جي دڪانن تي وڪڻان، گرمين جون موڪلون ويجهيون هيون هن پڪو ارادو ڪيو تہ هيءُ ڪم ڌنڌي جي لحاظ کان سٺو آهي ۽ ان ۾ مون کي فائدو بہ ٿيندو جيڪڏهن ڪم وڌي ويو تہ منھنجي تعليم ختم ٿيڻ کان اڳ ئي آئون پيرن تي بيھي ويندس، حالانڪہ سندس والد ايترو پئسي وارو ضرور هو جو کيس فاالوقت ثاقب جي مدد جي ضرورت ڪونہ هئي. هن چاهيو ٿي تہ سندس پٽ انٽرميڊيئٽ کان پوءِ انجنيئرنگ مڪمل ڪري پوءِ انھيءَ ڪم ۾ لڳي پر ثاقِبَ هڪ هوشيار ٻارهو کيس اهو بہ ڀروسو هو تہ هُو انھيءَ ڪم کي منھن ڏيئي ويندو سو کيس اجازت ڏنائين ثاقب ٻئي ڏينھن آئيسڪريم جي پيڪنگ لاءِ پيڪيٽ پنھنجي نالي سان ٺاهرايا جي گهڻا خوبصورت ۽ دلپذير هئا. قيمت تمام گهٽ رکيائين معمولي نفعي سان ٽن چئن دوڪانن کي پھچايائين هڪ سئو کن آئيسڪريم هفتي ۾ ئي کپي ويون کيس چڱا پئسا مليا، پوءِ تہ ٻئي دفعي ۾ ٻہ سئو آئيسڪريم ٺاهيون گڏ پمفليٽ بہ ڇپرايائين تہ دعوت يا سالگرھہ ۾ آرڊر ڏيئي سگهجي ٿو. گهر جي اوطاق ۾ ٻہ ملازم رکي هن ڪم کي وڌايو گرميون گهڻيون هيون کيس ڪافي آرڊر ملڻ لڳا ان ريت هن پنھنجي دوستن کي بہ تيار ڪيو تہ اچو توهين پڻ ان نموني جا ڪم ڪريو جن سان گهر جي اُپت وڌي. هڪ دوست چپس ٺاهڻ جي شروعات ڪئي تہ ٻئي پاپ ڪارن جي مشين ورتي سندن ڪاروبار وڌندو ويو هو هڪ ٻئي جي مڪمل مدد ڪرڻ لڳا سڀ ايمانداريءَ سان ڪم ڪندا هئا، هڪ دوڪان پڻ انھيءَ مقصد لاءِ مسواڙ تي ورتائون پنھنجو هڪڙو ”بزنس گروپ“ جوڙي ڪم ڪندا رهيا، ان وچ ۾ ثاقب جي امتحانن جو نتيجو بہ اچي ويو، هن جي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿي وئي، صبح جو يونيورسٽي ويندو هو، دوڪان نوڪر جي حوالي هو، جو پڻ ايماندار هو. منجهند جو اچي جلدي دوڪان کي ڏسندو هو تيستائين ٻيا دوست پڻ اچي ويندا هئا. هر ڪو هڪ ٻئي سان مددگار هو، چند سالن ۾ ثاقب جو پيءُ نوڪريءَ مان ريٽائر ٿيو هن ريٽائرمينٽ جي مليل پئسن کي انھيءَ ڪاروبار ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ هاڻي هو پاڻ بہ دوڪان تي ويھڻ لڳو هنن ڀرپاسي جا ٻہ ٻيا دوڪان وٺي ڪاروبار کي پوري ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏيو، عرفان صاحب تمام خوش هو تہ سندس هوشيار ۽ محنتي پٽ کيس وڏيءَ عمر ۾ وڏيءَ تڪليف کان بچايو جو هڪ سٺو ڪاروبار جلدي ڪاميابيءَ سان قائم ڪيو آهي.

زھرہ جو روزو

نَوَن سالن جي زھرہ ماءُ سان ضد ڪرڻ لڳي تہ، ”مون کي صبح روزو ضرور رکائجو“، امڙ کيس سمجهايو تہ، ”روزو اڃان توهان تي فرض ڪونھي ۽ ٻيو تہ گرمي تمام گهڻي آهي روزو رکي ٽوڙڻ گناھہ آهي، اسڪول بہ کليل آهن تون اُڃ ڪونہ سھي سگهندينءِ“، زھرہ مڃڻ لاءِ تيار ڪونہ هئي هن جي ماسات نسرين ٻارهن سالن جي هئي جا روزا رکي رهي هئي. ماءُ سندس شوق ۽ ضد پويان لاچار کيس ها ڪئي پر اهو بہ چيائين تہ ” تنھنجو پھريون روزو آهي ان ڪري صبح اسڪول نہ وڃج گهر ۾ پنکي هيٺ رهج تہ پوءِ جيئن ان کي مڪمل ڪري افطاري ڪرين“. زھرہ ”ها“ تہ ڪئي پر دل ۾ چيائين، ”صبح تہ ڪلاس ۾ ڇوڪرين تي لئہ رکڻي آهي ۽ فخر سان ٻڌائڻو آهي تہ منھنجو روزو آهي موڪل ڪيئن ڪريان؟“ پر ماءُ سان بحث نہ ڪرڻ جو سوچي وڌيڪ ڊيگھہ جو ارادو ترڪ ڪري سمھڻ لڳي ۽ سحريءَ جي اٿڻ جي پڪ ورتائين. کيس اون ۾ ننڊ بہ پوري ڪونہ آئي جيئن امڙ جا ڳائڻ آيس هيءَ بہ جھڙو جاڳي ويٺي هئي هڪدم برش ڪري هٿ منھن ڌوئي اچي ميز تي سحري کائڻ لاءِ ويٺي امڙ سڪينہ کيس ڌيان سان ڏسي رهي هئي هن تمام ٿوري سحري کاڌي خوش خوش ذرڙو پاڻي پيءُ برش ڪري وڃي سمھي رهي.
صبح جو سڪينہ کي ننڊ هئي هن سمجهيو تہ اڄ زھرہ اسڪول ڪونہ ويندي پر هوءَ ٿيلھو کڻي اسڪول هلي وئي اسڪول ويجهو هو سڀني کي ٻڌايائين تہ، ”اڄ مون روزو رکيو آهي“. هن جي ڪلاس جون ڇوڪريون بہ ايتري ئي عمر جون هيون ڪنھن اڃان روزو ڪونہ رکيو هو. هن منجهند ٿيڻ تائين تہ صبر ڪيو پر واپسيءَ ۾ جيئن ئي گهر پھتي سڄي زبان سُڪي ٺوٺ ٿي وئي هيس. تہ بک بہ بي حساب لڳي هيس هاڻي ڇا ڪري؟
سڪينہ نماز پئي پڙهي هُن اک بچائي فرج کولي ٿڌو پاڻيءَ جو گلاس ڀري پي ڇڏيو. ماڻس کيس ڏسي ورتو هو. ٿوريءَ دير کانپوءِ کانئس پڇيائين تہ ”روزي جو ڪھڙو حال آهي؟“ زھرہ بنا ڊپ جي ڪوڙ ڳالھائيندي وراڻيو، ”بلڪل ٺيڪ“.
ان مھل ادي سڪينہ کيس ويھاري سمجهايو ”راڻي! روزو بک ۽ اڃ جو نالو ڪونھي ۽ نہ ئي ڏيکاءُ جو نالو آهي اللھ تعاليٰ کي ماڻھوءَ جي بک ۽ اڃ جي ڪا بہ پرواھہ ڪونھي. روزو ايمان جو آهي، جنھن ۾ ڪو بہ غلط ڪم ڪرڻ سان روزي جي بي حرمتي ٿيئي ٿي جيئن مثال طور ڪوڙ، چغلي، چوري، بھتان ۽ ٻيا غلط ڪم. توهان پاڻي پي ڇڏيو ۽ مون کان لڪائي ڪوڙ ڳالھايو اهو توهان مون سان فقط ڪوڙ ڪونہ ڳالھايو. بلڪہ پنھنجي روزي جي بي حرمتي ڪئي اهو هاڻي پاڻي پيئڻ ۽ ڪوڙ ڳالھائڻ سان بلڪل ٽٽي ويو اڄ پھريون روزو رکڻ جو شوق هو تہ پوءِ سحري پوري صحيح نموني کائي گهر ۾ عبادت ڪري روزي کي مڪمل ڪريو ها“.
زھرہ سخت شرمسار ٿي چوڻ لڳي، ”امان مون کي روزي جون ڳالھيون ٻڌائي، آئون آئيندہ لاءِ ان ريت بلڪل ڪونہ ڪنديس“ سڪينہ چوڻ لڳي ”ها پٽ اهو منھنجو فرض آهي توکي ڄاڻ ڏيان، زهرہ، روزو اسلام جو ٽيون رڪن آهي، رمضان جي پوري مھيني جا روزا مسلمانن تي فرض آهن پر بيمار ۽ ٻڍا جيڪڏهن نہ رکي سگهن تہ پوءِ ڪنھن روزيدار کي انھن روزن جا مقرر پئسا فديي طور ڏيڻا آهن، ٻارن کي نماز ستن سالن کان پڙهائڻ گهرجي باقي روزا بالغ ٿيڻ تي فرض آهن تہ بہ يارهن ۽ ٻارهن سالن جا ٻار روزا رکندا پيا آهن انھيءَ جي لاءِ خيال ڪرڻو پوندو آهي تہ روزي کي ٽوڙڻ جي غلطي نہ ٿيئي.
رمضان جي مھيني جا ٽي عشرا آهن، عربي زبان ۾ ”عشر“ ڏھہ جي عدد کي چون ٿا، سنڌيءَ ۾ اسين عشري کي ”ڏهو“ چوندا آهيون. ڏھہ+ڏھہ+ڏھہ مطلب ٽيھہ روزا جيڪڏهن چنڊ 29 روزي تي ڏسجي تہ پوءِ 29 روزا ٿيندا آهن، چنڊ ڏسجڻ سان شوال جو مھينو شروع ٿيندو ۽ شوال جي پھرين تاريخ مسلمانن جي لاءِ روزن جي انعام طور عيد جو ڏينھن آهي پھريون ڏهو اللھ جي رحمت جو آهي ٻيو ڏهو مغفرت جو ۽ ٽيون دوزخ جي باھہ کان ڇوٽڪاري جو آهي، آخري ڏهي ۾ ڪجهہ مسلمان مسجد ۾ اعتڪاف ۾ ويھندا آهن، انھيءَ م هڪ جاءِ تي عبادت ڪئي ويندي آهي ۽ چنڊ ڏسجڻ کان اڳ مسجد مان ٻاهر نہ اچبو آهي چنڊ ڏسڻ سان اعتڪاف پورو ٿي ويندو. هيءُ عبادتن ۽ صبر جو مھينو آهي جنھن ۾ اللھ تعاليٰ شيطانن کي قيد ڪري ڇڏي ٿو.
رمضان جي ئي مھيني ۾ اللھ تعاليٰ حضرت جبرائيل جي وسيلي وحيءَ سان رسول پاڪ صہ جن تي قرآن پاڪ کي نازل ڪيو .23 سال 5 مھينا ۽ 14 ڏينھن قرآن جي نازل ٿيڻ جو سلسلو هليو. قرآن پاڪ اللھ تعاليٰ جو مسلمانن لاءِ زندگي صحيح گذارڻ ۽ سڌي رستي ڏيکارڻ جو الھامي ڪتاب آهي جنھن جي تلاوت رمضان ۾ سڀ کان گهڻي ڪئي وڃي ٿي“
زھرہ پنھنجون اکيون حيرت سان گهمائيندي چوڻ لڳي ”امان ان ڪري توهين رمضان ۾ روز گهڻي دير قرآن پاڪ پڙهندا آهيون“
”ها پٽ، آئون ٻہ ٽي دور پورا ڪندي آهيان رمضان ۾ روزاني ٽي/چار سيپارا تلاوت ڪرڻ جي مون کي ڳچ وقت کان عادت آهي توهان جو قرآن پاڪ بہ هاڻي ڏهن سيپارن تي پھتو آهي ان کي رمضان ۾ دور ڪندا رهو“
”امان، مون کان وڏي غلطي ٿي مون ڪوڙ ڳالھايو هاڻي اللھ پاڪ ناراض ٿيندو؟“
سڪينہ کيس پيار ڪندي سمجهايو، نہ پٽ تون ننڍي آهين مون کي اهو سڀ ڪجهہ پھرين ٻڌائڻ کپندو هو. پياري رسول صہ فرمايو آهي تہ، ”جنھن ماڻھوءَ روزو رکي ڪوڙ ڳالھايو ۽ ڪوڙ جي عمل کي نہ ڇڏيو تہ اللھ تعاليٰ کي انھيءَ ڳالھہ سان ڪا بہ غرض ڪونھي تہ اهو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏي“ اللھ تعاليٰ کان معافي گهر، آئيندہ لاءِ ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالھائج.
زھرہ ماءُ سان پڪو واعدو ڪيو تہ نہ فقط رمضان شريف ۾ پر هوءَ هاڻي ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالھائيندي ۽ نہ ئي ڪڏهن ضد ۽ ڪاوڙ ڪندي ايندڙ رمضان کان اڳ نماز جي پابندي ڪرڻ سان گڏ قرآن پاڪ بہ پورو ڪري بلڪل صحيح طريقي سان روزو مڪمل رکندي.
سڪينہ مُرڪي چيس،”بلڪل! اسين پنھنجي پياري ڌيءَ جي قرآن پاڪ پوري ڪرڻ جي ”آمين“ ڪنداسين ۽ پھرين روزي جي افطار پارٽي بہ ڪنداسين، پنھنجي ساهيڙين، رشتي دارن ۽ پاڙيسرين کي گهرائي سٺي دعوت رکنداسين.

ڦورو ۽ باد شاھہ

پراڻي وقت جي ڳالھہ آهي تہ محمد يوسف نالي بادشاھہ ملڪ رشيد آباد تي حڪومت ڪندو هو. هُو باهمٿ ۽ باانصاف بادشاھہ هو. سندس دور ۾ ملڪ ۾ وڏو امن امان قائم رهيو. هڪ دفعي هڪ پير مرد وٽس دانھن کڻي آيو تہ، ”چور مونجي گهر مان نياڻيءَ جو ڏاجو کڻي مون کي ماري ڪٽي ڀڄي ويا آهن ۽ هاڻي ايندڙ چنڊ تي آئون پنھنجي نياڻيءَ جي شادي ڪھڙيءَ ريت ڪرايان؟ توهان جي حڪومت ۾ هي ڇا ٿي رهيو آهي؟. مون کي انصاف گهرجي“. بادشاھہ هن جي شڪايت ٻڌي وزيرن ۽ قاضيءَ کي حڪم ڪيو تہ پيرسن ماڻھوءَ جي جوڳي مدد شاهي خزاني مان ڪئي وڃي ۽ رات جو ملڪ ۾ چوڪيءَ جو نظام مضبوط ڪيو وڃي تہ جيئن ڪا بہ چوري چڪاري نہ ٿيئي.
ٻہ ٽي ڏينھن تہ سڪون جا گذريا پر وري بہ ملڪ ۾ ڪي چورين ۽ ڦر جا واقعا ٿيا جنھن هڻي بادشاھہ جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي هڪ نوجوان انھن واقعن ۾ قتل ٿي ويو. بادشاھہ محمد يوسف وڏي وزير هارون کي گهرائي تمام گهڻي ڇنڊ پٽي ۽ کيس حڪم ڏنو تہ مسئلي کي حل ڪري نہ تہ هاڻي جيڪو بہ ڪو ڦر لٽ جو واقعو ٿيو تہ ان جو ازالو کيس پنھنجي هڙان ۽ وڙان بہ ڪرڻو پوندو ۽ کيس وڏو وزارت تان بہ هٿ ڌوئڻا پوندا. هارون وزير جو بہ دماغ گهمي ويو کيس سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مشورن لاءِ ٻيا وزير، امير ۽ پوليس جا عملدار گهرايائين سڀ فڪرمند هئا ۽ سندن موجب تہ ڪو بہ ڦورو هن ملڪ جو ناهي اها شرارت ڀر واري ملڪ جي آهي تہ جيئن ملڪ رشيد آباد اندر و اندر ڏوهن ۽ ڏوهارين جي ڪري ڪمزور ٿي وڃي تہ پوءِ انھيءَ ملڪ تي حملو ڪرڻ سولو ٿي سگهي. پر بادشاھہ انھيءَ ڳالھہ سان مڪمل طور متفق نہ ٿيو.
سندس چوڻ موجب، ”جيڪڏهن اهو فرض ڪيو وڃي تہ اها دشمني ڀروارو ملڪ پيو ڪري تہ بہ ڏوھہ اسان جو آهي جو اسين پنھنجي گهر جي حفاظت ڪرڻ ۾ قاصر آهيون“. هُو وقتي طور تہ ماٺ ٿي ويو پر کين پتو لڳائڻ لاءِ گهڻو زور ڀريائين نيٺ وڏي وزير چيو تہ، ” جيئندا قبلا! توهين فڪر نہ ڪريو آئون روز رات جو ويس مٽائي گهٽين ۾ گشت ڪندس ڌڻيءَ گهريو تہ جلدي چور توهان وٽ حاضر ڪندس“ بادشاھہ يوسف خوش ٿيو، وزير روز ويس مٽائي شھر جي گهٽين ۾ گهمندو هو ۽ صبح مھل ماندو ٿي اچي گهر پھچندو هو پر کيس ڪا بہ خبر ڪونہ پئي سگهي. هفتي اندر وڏو مسئلو ٿيو هو ٿڪجي درٻار ۾ بادشاھہ وٽ ويٺو ئي مَسَ هو تہ هڪ پوڙهي عورت روئيندي ٻاڪاريندي درٻار ۾ آئي ۽ اچي بادشاھہ جي پيرن تي ڪري پيئي چيائين تہ، ”چور رات سندس ٽي ٻڪريون ۽ چار ڇيلا ڪاهي ويا آهن. هاڻي وٽس گذران لاءِ بہ ڪجهہ ڪونھي“. بادشاھہ هڪدم هُن پوڙهيءَ جي خزاني مان مدد ڪري کيس روانو ڪيو ۽ پوءِ وڏي وزير ڏي توجهہ ڪيائين جو شرمساريءَ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هو. ۽ چوڻ لڳو تہ، ”بادشاھہ سلامت! آئون بلڪل دِل سان معافي ٿو گهران سڄيون راتيون گهٽين ۾ ويس مٽائي گهميو آهيان پر مون کي چورن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو آهي، آئون اها ڳولھا ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿيو آهيان“.
بادشاھہ يوسف هڪ ذهين، سمجهدار ۽ ٿڌي دماغ وارو شخص هو. ٿوريءَ دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو. پر پوءِ جڏهن ڪنڌ مٿي کنيائين تڏهن هن هڪ فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ درٻار ۾ سڀني جي منھن تي اعلان ڪيائين تہ سڀاڻي کان آئون درٻار ۾ نقاب پائي ويھندس“. سڀ حيران ٿي ويا پر ڪنھن بہ بادشاھہ کان ڪجهہ پڇڻ جي همٿ ڪانہ ڪئي. جڏهن درٻار مان سڀ هليا ويا ۽ بادشاھہ ۽ وزير خلاصا ٿي ويٺا تڏهن بادشاھہ يوسف وزير هارون کي چيو تہ، ”ڏس مون اهو اهم فيصلو ڪيو آهي تہ ڦورن جي ڳولھا ۾ آئون پاڻ نڪرندس پر تون منھنجي غير موجودگيءَ ۾ نقاب پائي شاهي لباس پھري تخت تي بادشاھہ ٿي ويھج ۽ ملڪ جو انتظام هلائيج مون کي توتي پورو ڀروسو آهي ۽ اها اميد آهي تہ ايئن ڪرڻ سان آئون چورن کي جهلي وٺندس“
وڏو وزير بادشاھہ جي چوڻ تي عمل ڪري پنھنجو پاڻ نقاب ۾ لڪائي ملڪ کي هلائڻ لڳو ۽ بادشاھہ هڪ غريب هاريءَ جي ويس ۾ چورن جي ڳولا ۾ نڪتو کيس بہ جلدي ڪا ڪاميابي ڪونہ ٿي. هڪ رات جو گهوڙن جو آواز ٻڌائين سمجهيائين تہ شھر کان نڪتا آهن سو سندن پويان هليو پر جيئن تہ انھن وٽ سواريون هيون ۽ بادشاھہ پيادو هو سو کين پھچي ڪونہ سگهيو پر ايترو سو ضرور معلوم ٿيس تہ انھن جو رخ جهنگ طرف هو. بادشاھہ جاکوڙي طبيعت جو هو، سو ماٺ ڪري ڪونہ ويٺو. ٻئي ڏينھن جهنگ ڏي هلڻ لڳو تہ ڪٿي انھن ظالمن جو ٺڪاڻو ڳولھيان جن سندس خوشحال ملڪ جي جهانگين سان ايترا ڪلور ڪيا آهن. سندس دِل ۾ اُڌما اٿڻ لڳا تہ هنن بي رحمن کي ماري ڳڀا ڳڀا ڪندس جن ڪيترن جون رڌيون ڪُنيون رُلايون آهن. وري دل کي سمجهائڻ لڳو تہ هيءُ وقت جوش جو ڪونھي هوش ڌارڻو آهي. ايئن نہ ٿئي جلد بازيءَ سان ڪنھن ڏچي ۾ نہ پوان! سوچيندو سوچيندو جهنگ ۾ هيڏي هوڏي، جاڏي تاڏي نھار ڪرڻ لڳو تہ ڪو ڦورن جي رهڻ جو ٺڪاڻو يا غار ڏسڻ ۾ اچي تيستائين هڪ نقاب پاتل چوڪيدار اچي کيس جهليو، ”تون ڪير آهين ۽ هن جهنگ ۾ ڇو پيو گهمين؟“ بادشاھہ ورندي ڏنس، ”آئون هڪ غريب ماڻھو آهيان ۽ منھنجو ڪو گهر ڪونھي ان ڪري جهنگ ۾ پيو گهمان“.
نقابي ماڻھوءَ چيس ” آئون توکي قتل ڪري ڇڏيان ها پر منھنجي سردار جي حڪم کان سواءِ نٿو ڪري سگهان“ ايئن چئي بادشاھہ کي رسين سان هڪ وڻ سان ٻڌي ڇڏيائين. نماشام جو چورن جو سردار نئين معرڪي لاءِ سنڀري وڃي رهيو هو جو سندس نظر وڻ سان ٻڌل ماڻھوءَ تي پئي، چوڪيدار ڏي ڏٺائين تنھن سڄي حقيقت بيان ڪئي. ان وچ ۾ يوسف بادشاھہ سردار کي چيو، ”آئون غريب ماڻھو آهيان مون کي مھرباني ڪري نوڪر ڪري رکو توهان جي سٺي خدمت ڪندس“ سردار راضي ٿي چوڪيدار کي اک سان اشارو ڪيو تہ هن کي غار ۾ وٺي وڃ پر هن کان واعدو ورتائين تہ، ”ڪڏهن بہ ڪنھن ڪم لاءِ جواب نہ ڏج، اسان کان اڳ ۾ ماني نہ کائج، سجاڳ رهج ۽ ڪوبہ سوال اسان کان نہ ڪج ۽ نہ ئي هن جهنگ کان ٻاهر وڃج“. يوسف بادشاھہ اهي سڀ شرط مڃيا.
يوسف هاڻي روز غار جي صفائي ڪرڻ، ماني ٺاهڻ، چورن لاءِ نديءَ تان پاڻي ڀري اچڻ ۽ ٻيا ڪم ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿي ويو، آهستي آهستي سردار جو مٿس وڏو ڀروسو قائم ٿي ويو ٻن مھينن ۾ هن ڏٺو تہ اهي رات جو چوريءَ تي ويندا هئا، صبح جو آندل سڄو مال پاڻ ۾ ورهائيندا هئا. هُو سڀ پيو ڏسندو هو پر ڪجهہ بہ ڪونہ ڪڇندو پڇندو هو دِل ۾ گهڻو ئي لڇندو هو تہ سندس ملڪ جا ماڻھو پيا ڦُرجن پر هُو هن وقت ڪجهہ بہ ڪري ڪونہ ٿي سگهيو جو مٿس بہ هڪ چوڪيدار پھرو ڏيندڙ هو.
هڪ دفعي سردار کي چيائين تہ، ” مون کي کٽون واڻڻ اچن ٿيون تہ تڏا توريون بہ سھڻا ٺاهي ڄاڻان ٿو آئون سڄو ڏينھن واندو ٿو هجان مون کي جيڪڏهن مختلف رنگن جا سُٽ آڻي ڏيو تہ ايتري سھڻي توري ٺاهيندس جو بادشاھہ توهان کي انعام ۽ اڪرام ڏيندو.
اهڙيءَ ريت سردار کيس سامان گهرائي ڏنو هن هڪ اعليٰ درجي جي توري ٺاهي، جا هڪ سھڻي غاليچي جو ڏيک ڏئي رهي هئي. سردار گهڻو خوش ٿيو. يوسف بادشاھہ چيس ان کي مون ٻڌي ڇڏيو آهي توهين بادشاھہ وٽ وڃي کولجو نہ تہ انھيءَ جا گل پن کُلڻ سان پاڻ ۾ گڏجي ويندا“.
سردار اها ڳالھہ مڃي ۽ ٻئي ڏينھن بادشاھہ جي درٻار ۾ ويو جتي نقاب واري بادشاھہ جي اڳيان اها توري کولي پيش ڪيائين اهو نقاب وارو وڏو وزير هارون تمام ذهين هو هن حڪم ڪيو تہ هن شخص کي شاهي مھمان خاني ۾ رهايو وڃي اسين هن کي وڏو انعام ڏينداسين، سردار اهو ٻڌي خوش ٿيو. وزير سپاهين جي هڪ دستي کي تيار ڪري هڪ نقشو سمجهائي جهنگ ۾ موڪليو جتي جيڪي بہ چور هئا انھن کي گرفتار ڪيو ويو، ٻئي ڏينھن جيئن ئي سردار درٻار ۾ پنھنجو انعام کڻڻ حاضر ٿيو تہ ڏسي حيران ٿي ويو سندس سڀ ساٿي پھرين ئي درٻار ۾ گرفتار ٿي پھچي چڪا هئا پر انھن ۾ اهو غريب نوڪر موجود ڪونہ هو. تيستائين ڏٺائين تہ بادشاھہ اچي تخت تي ويٺو، وڌيڪ حيراني ٿيس جو اهو تہ ساڳيو سندن نوڪر هو. بادشاھہ چورن کي قيد ڪرائي جيل ۾ موڪليو ۽ ڦريل ۽ چوري ڪيل سڄو سامان اصل مالڪن کي موٽايو،
حقيقت ۾ ڦورن کي اها خبر ڪونہ پئي تہ جيڪا توري بادشاھہ يوسف ٺاهي کين انعام جي لالچ ۾ موڪليو انھيءَ ۾ سندن جي غار جو نقشو هو. نقاب پوش ذهين وزير اهو توريءَ تي ٺھيل نقشو ڏسي سڄي ڳالھہ سمجهي ويو ۽ ان ريت اهي سڀ ڦورو گرفتار ٿيا عقلمند ۽ هڏڏوکي بادشاھہ يوسف جي ڪري ملڪ ۾ ٻيھر امن ۽ امان قائم ٿي ويو.

ڪاوڙ ۽ ڪاٺ جو تختو

رحيم بخش واڍو، محنتي ۽ پنھنجي ٻانھن جي ٻَلَ تي ڀاڙڻ وارو انسان هو. سڄي تَرَ ۾ هُن جھڙو هوشيار واڍو ڪونہ هو ڪو بہ ڪم ڪرڻ چاهيندو هو تہ سندس لاءِ ڪا بہ مشڪل ڪونہ هئي. وڏن وڏن بنگلن جي ڪم ۾ پڻ نمونن جي ڪتابن ۾ ڏسي مالڪن جي پسند مطابق کين دروازا، دريون، ڪٻٽ ۽ بورچيخاني جا ڪيبينيٽ ٺاهي ڏيڻ سندس لاءِ آسان هو. ان ڪري هن جي هاڪ پڻ هئي تہ اخلاق ۽ ايمانداريءَ جي ڪري هيڪاري ناماچاري وڌنڌي ويس، گهر ۾ پئسو بہ صحيح اچڻ لڳو، پنھنجو بہ هڪ ننڍو سھڻو گهر سٺي پاڙي ۾ ٺاهي ڇڏيائين. کيس ٻہ نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد هو جي سڀ اسڪول ۾ پڙهندا هئا. ڇوڪريون پڙهڻ ۾ هوشيار تہ گهرو ڪم ڪار ۾ پڻ ماءُ جو هٿ ونڊائڻ واريون سلڇڻيون هيون، باقي پٽ عمار جي ڪابہ خوشي ڪونہ هيس، چوندا آهن تہ، ” پٽ تہ سپوٽ ڪپوٽ مان ڪڄاڙو جڙي” سوهن سان بہ ساڳي ڪار هئي سندس پٽ ننڍپڻ کان ئي ڇيڳرو ۽ ارڏو هو ”سڀاڳو پٽ پينگهي ۾ پڌرو“ جيان رحيم بخش هن جا افعال ننڍپڻ کان ئي ڏسي ڇڏيا. جوڻس کي ھميشہ ٽوڪيائين تہ، ”نينگر کي گهڻو مٿي تي نہ چاڙھہ“ ڪٿي وڏو ٿي غلط ڪم نہ ڪري جيئن تہ سنڌي عورتن ۾ هڪ وڏي خامي آهي تہ اهي پُٽاڻي اولاد کي نياڻين کان مٿي سمجهنديون آهن سو هوءَ پڻ عمار جا لاڏ کڻڻ ۾ خوشي محسوس ڪندي هئي نڪ پڪو ڪري مڙس کي ورندي ڏنائين تہ، ” خير آهي اڃا ننڍو آهي جاڏي ويندو تاڏي خير ٿيندو“. رحيم بخش زال سان تہ پڄي ڪونہ سگهيو. سو دل ۾ پيو پڄرندو هو ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مھل وهلور ويندي سوچ ٿيندي هيس تہ اڻاسيءَ اولاد کان تہ ڀينگ ئي ڀلي، جيڪي ڪمايم سو تہ هيءُ ڪاري ڪلر ۾ وڃائي ڇڏيندو. آئون تہ اُتي جو اُتي بيٺو هوندس جي پئسا ٿو بند ڪريانس تہ گهر ۾ سامان ٿو ٽوڙي نہ تہ ماڻس لڪائي ڪڍيو ٿي ڏيس، سنگتي سٺا ڪونہ اٿس آخر هن ڇوڪري جو ڇا ٿيندو؟“ پنھنجي دوستن سان صلاح مشورو ڪيائين جن چيس، ”ٻہ ڳالھيون آهن هڪڙو تہ مئٽرڪ پوري ڪرڻ وارو آهي اها پوري ڪرائينس، نوڪريون ملڻ مشڪل تہ برابر آهن پر تون جو هيترو پنھنجي ڌنڌي مان گهر پاري ويٺو آن انھيءَ کي بہ اهوئي ڪم سيکار حرڪت ۾ برڪت آهي. هنر هوندس تہ بک ڪونہ مرندو“، ان ريت وقت گذرندو ويو عمار مئٽرڪ تہ پاس ڪئي پر کيس گهٽ مارڪن جي ڪري ڪاليج ۾ داخلا ڪونہ ملي. سندس نياڻين کي پڙهائيءَ ۾ سٺيءَ رزلٽ تي ڪاليجن ۾ داخلا ملي ويئي، هاڻي تہ هيڪاري پٽ جو فڪر وڌي ويس، سڪيلڌو هڪڙو سو بہ گهٽين ۾ رُلي ۽ وتي سينڊا وڄائيندو جي کيس ڪي چئو تہ تارا ڦريو وڃنس ۽ گهر ۾ ممڻ مچائي ڇڏي.
پٽ جي ڏک رحيم بخش کي بيمار پڻ ڪري ڇڏيو نينگرين کي بي ايس سي ڪرائي شاديون ڪرايائين کين سٺا گهر ملي ويا، ڇوڪريون ٻئي خوش هيون هاڻي باقي هي ٽيئي فرد گهر ۾ هئا. رحيم بخش سڄو ڏينھن دڪان تي هوندو هو. جوڻس اڪيلي پئي پٽ لاءِ پور پچائيندي هئي کيس هاڻي سمجهہ اچي وئي تہ مون غلط ڪيو، پٽ جي اولاد کي پيءُ جي ويجهو رکڻ ضروري آهي تہ هُو دنيا بہ سکي تہ پيءُ جي رضامندي حاصل ڪري. ڇوڪرو ذات پوتي پائي گهر ۾ تہ ڪونہ ويھندو، هڪ ٻن عورتن کيس پٽ جي سڱ ڳولھا جي آڇ ڪئي. پر رحيم بخش کين سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي چيائين تہ، ”جيڪو پاڻ کان ڪونہ سڌريو آهي ان کي پرائيءَ ڄائيءَ جي ڪنڌ ۾ وجهڻ سان هيڪاري گهر ۾ ڪروڌ ٿيندو“.
ڀيڻن جي ٻارن سان البت عمار جي دل لڳندي هئي اهي جڏهن بہ اينديون هيون تہ ٻارن کي کيڏائي خوش ٿيندو هو. ننڍي ڀيڻ گهڻي ذهين ۽ ٿڌي طبيعت جي هئڻ ڪري ڳالھين ۾ کيس پئي سمجهاڻيون ڏيندي هئي. عمار جي دماغ ۾ پڻ ڪجهہ حد تائين اها سوچ ضرور پيدا ٿي تہ پَڪَ ڪو نقص مون ۾ بہ آهي جو سڀ گهر ڀاتي مون مان ئي خوش ڪونہ آهن. اڄ تہ هيڪاري جو ڀيڻ چيس تہ، ”رسول پاڪ جو فرمان آهي، ”پيءُ جي رضا ۾ اللھ تعاليٰ جي رضا آهي“ پوءِ تہ سوچن ۾ غلطان ٿي ويو ۽ پڪو ارادو ڪيائين تہ خود کي سڌاريان پر کيس ڪو رستوئي نہ پئي سُجهيو، اڃان خيالن ۾ ئي هو جو دوست رفيق اچي سڏيس، ٻاهر نڪري ساڻس هليو ويو تان جو اچي رات ٿي، رفيق سڀني سنگتين ۾ رولو ڇوڪرو ۽ روز جهيڙا ڪندڙ، نشو پتو ڪندڙ مشھور هو. اڄ تہ هڪڙي گاڏي واري کان مفت ۾ ڪيلا کائڻ ٿي چاهيائين سو زوريءَ بحث ڪري گاريون ڏيڻ لڳو، گاڏي واري بہ هڪ ٻن کي سڏي کيس ڌَڪَ هنيا، پوليس وارا بہ ڪي اُتان گذريا سي کيس پوليس ايمبولينس ۾ کڻي وڃي ٿاڻي پھتا هڪ ٻن ٻين ڇوڪرن کي بہ کنيائون جن ۾ عمار بہ شامل هيو. جيئن ئي رحيم بخش کي خبر پئي تہ پُٽس کي ٿاڻي کڻي ويا آهن ويچارو ٿڙندو ٿاٻڙندو رت هاڻيون اکيون کڻي اچي ٿاڻي پھتو. انسپيڪٽر صاحب کيس سڃاڻي ويو جو سندس چاچي جي بنگلي جو سڄو ڪاٺ جو ڪم رحيم بخش واڍي ڪيو هو. سو کيس ڇوڪري جي ٻانھن حوالي ڪيائين. هن سڄي واقعي ۾ عمار بي ڏوهي هوندي بہ بي ڏوهي ڪونہ ٿيندو جو هو غلط سنگتين سان شامل تہ ضرور هو کڻي هن گاڏي واري جو نالو نہ ورتو هو.
پڻس گهر ۾ آڻي ساڻس ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو ماءُ جي مدد سان وڃي پيرن ڪري معافيون گهرڻ لڳو، روئيندي چيائين، ” بابا مون تعليم تي ڌيان ڪونہ ڏنو منھنجي وڏي غلطي آهي ۽ نہ ئي ڪو هنر سکيس پوءِ گهر واندو ٿو ويھان تہ رُڳي ڪاوڙ ٿي اچيم ڀانيان سڀني سان وڙهان گهر جا سامان ٽوڙيان وري ڏک ۾ ٻاهر وڃان تہ اُتي بہ اڻ پڙهيل لوفر آهن جي منھنجي لاءِ نقصانڪار آهن آئون بہ سمجهان پيو پر ڇا ڪريان؟“
رحيم بخش ڳراٽڙي پائي پيار ڪندي وراڻيو، ”پٽ ماڻھوءَ پاڻ تي سڄو دارومدار آهي رزق ڪمائڻ لاءِ ڪوشش ڪونہ ڪبي تہ آسمان مان ڍاڪون ڍڪجي ڪونہ ايندا ويھي کائبو تہ خزانن جا خزانا ئي کٽي وڃن ٿا، تون همٿ ڪر، صبح کان روز مون وٽ ويھہ ڀلي ڪم نہ ڪر فقط ويھي ڏس تہ ڪم ٿيئي ڪيئن ٿو. پوءِ هڪڙو ڪاٺ جو تختو ۽ ڪلين جي ڳوٿري کيس ڏنائين چوڻ لڳس، ”جڏهن بہ ڪاوڙ اچيئي هن ڪاٺ جي تختي تي هڪڙي وڏي ڪلي ٺوڪج ان ۾ محنت ضرور ٿيندي، ڪِلي چٻي بہ ٿيندي هٿ کي بہ ڌڪ لڳي سگهي ٿو پر اها مشق پيو ڪر جيستائين ڪاوڙ تي ضابطو اچي“.
عمار حيران ٿي ويو تہ، ” هيءُ ڇا حَل ڪڍيو آهي؟“. پر پوءِ ڪجهہ بہ ڪونہ ڪڇيو اندر ۾ لڇيو پڇيو سھي تہ بابا کان سوال ڪريان پر وري بہ عھد ڪيو هئائين تہ بحث ڪونہ ڪندس سو چپ ڪري ويو.
ٻئي ڏينھن کان هُن کي جڏهن بہ ڪاوڙ آئي ٿي هن ڪاٺ جي تختي تي ڪلي ٺوڪي پئي ان ريت هفتي ۾ جام ساريون ڪليون تختي ۾ لڳي ويون هن ڌيان ڏنو تہ شروع ڏينھن ۾ ڪلين لڳائڻ جي رفتار تکي هئي. کيس ڪاوڙ بہ گهڻي ايندي هئي پر هاڻي تہ فقط ڏينھن ۾ هڪ يا ٻہ دفعا ڪاوڙ آئي ٿي ۽ ان ڪري هن کي گهٽ تعداد ۾ ڪليون لڳائڻيون پيون پئي، ڪِلين لڳائڻ ۾ پڻ چڱي محنت هئي جو اهي وڏيون بہ هيون ۽ ڪاٺ جو تختو بہ مضبوط ڪاٺ جو هو. آخر اهو ڏينھن بہ اچي پھتو جنھن ڏينھن هِن کي سڄو ڏينھن ڪنھن بہ ڳالھہ تي ڪاوڙ ڪونہ آئي ۽ هن ڪا بہ ڪِلي ڪونہ لڳائي. هاڻي هو دوڪان تي پنھنجي پيءُ جي ڪم کي ڏسندي ڏسندي انھيءَ کي سمجهڻ بہ لڳو هو ۽ ڪاوڙ بہ ختم ٿي وئي هئي. ڪاٺ جو تختو کڻي پيءُ کي ڏيکاري چيائين ”ڪالھہ کان مون کي ڪاوڙ ڪونہ آئي آهي هاڻي انھيءَ تختي جو ڇا ڪريان؟“ رحيم بخش کيس ڀاڪر ۾ ڀري وراڻيس ” هاڻي جنھن ڏينھن ڪاوڙ نہ اچي ان ڏينھن هڪ ڪِلي ڪڍندو اچ“ ڇوڪري ان ريت ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ ريت 52 ڪِليون هن 52 ڏينھن ۾ ڪڍي ورتيون جڏهن سڀ نڪري ويون تڏهن تختو کڻي اچي ٻيھر پيءُ کي ڏيکاريائين. سمجهدار پيءُ چيس تہ، ”پٽ ڏس! انھن ڪِلين هيڏي مضبوط ڪاٺ جي تختي ۾ ڪيترا بدنما سوراخ ڪري ڇڏيا آهن، ۽ هيءُ تختو هاڻي پھرين جھڙو ڪونہ رهيو آهي، انسان جڏهن ڪاوڙ ٿو ڪري تڏهن سندس ساڃاھہ ختم ٿي ٿِي وڃي ۽ هُو پوءِ پنھنجي زبان سان ٻين کي وڍي ٿو ۽ اهو ايئن آهي جيئن ڪنھن کي توهين چاقو هڻي زخمي ڪريو، زبان جو زخم ڪڏهن ڪونہ ڀربو آهي اهو هٿيار جھڙو هجي ٿو جو ٻئي جي دل ڦٽي ٿو،
حياتيءَ کي سھڻو گذارڻ لاءِ خوش اخلاقي وڏو هٿيار آهي. جنھن سان ادب، محبت ۽ شفقت پيدا ٿيئي ٿي ۽ اها ئي سٺي ڪردار جي ضمانت آهي“. عمار پيءُ جي نصيحت هنيئن سان هنڊائي ۽ واعدو ڪيائين تہ آئيندہ لاءِ هو محنت ڪندو ۽ سڀني سان محبت سان پيش ايندو.

ڏاڍو گهر

بخشاپور جي ويجهو دريا جي پاسي کان هڪ ٽہ ماڙ وڏو گهر ٺھيل هو پر انھيءَ گهر ۾ ڪڏهن بہ ڪنھن نہ بتي ٻرندي ڏٺي ۽ نہ ئي ڪنھن جاندار جي موجودگي محسوس ڪئي، الائي ڪيترن سالن کان هيءُ ويران بنگلو خالي ئي خالي هو. وڏي ڳوٺ بخشاپور جا ماڻھو باخبر هئا تہ، ”ان جو ڪھڙو سبب آهي؟“ پر جيڪڏهن ڪو ٻيءَ جڳھہ کان هتي ايندو هو تہ ھھڙي سٺي گهر کي خالي ڏسي پڇا ضرور ڪندو هو. بادامي رنگ جي هن ٽہ ماڙ بنگلي جي لاءِ اهو بلڪل مشھور ٿي چڪو هو تہ اهو گهر ڏاڍو اهي هتي جنات رهن ٿا ۽ مالڪ خود ڊپ ۾ خالي ڪري ڳوٺ جي وچ ۾ هڪ نئين گهر ۾ رهندڙ آهن ۽ ڏهن سالن کان انھيءَ ڏاڍي گهر ۾ جنھن بہ رهڻ جي ڪوشش ڪئي ان کي نقصان ٿيو آهي هفتي اندر اهي گهر خالي ڪري روانا ٿي ويا آهن.
هي ڳوٺ بہ نہ بلڪہ هڪ ننڍو شھر هو جنھن ۾ هڪ سئو کان مٿي گهر هئا گهڻي ڀاڱي پڪا گهر ٺھيل هئا. هيءُ بنگلو رئيس سڪندر پنھنجي ٻن پٽن لاءِ اهو سوچي ٺھرايو تہ هيٺ هو پاڻ رهندو تہ مٿيئن ٻنھي طبقن ۾ پنھنجي ٻن پٽن کي شاديون ڪرائي آباد ڪندو. سندس گهڻيون زمينون بخشاپور جي ويجهيون ئي هيون، چوندا آهن، ”هڪڙي بندي جي مَنَ ۾ تہ ٻي ڪري خدا“ سو سڪندر رئيس اڃا بنگلو ٺھرائي بس مَسَ ڪئي تہ سخت بيمار ٿي پيو پٽن کي اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر موڪليو هئائين، ايتري مھلت ئي نہ مليس جو اولاد جو منھن ڏسي سگهي، راھہ رباني وٺي رب ڏي هليو ويو. پٽن پيءُ جو منھن تہ ڪونہ ڏٺو پر پوءِ ماءُ سان اچي ملاقات ڪيائون. سڄو ڳوٺ وٽن عذر خواهي ڪرڻ پئي آيو، جڏهن پندرهن ڏينھن ٿيا تڏهن ڀائر پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ لڳا تہ هاڻي ڇا ڪجي؟ ماءُ بہ اڪيلي آهي تہ پويان پڙهائي پڻ وچ تي آهي؟ ڪو حل ڪڍجي هڪدم ماءُ کي وٺي وڃڻ بہ تمام ڏکيو هو تہ ٻنيون ۽ گهر ڇڏي بہ نٿي سگهيا آخر صلاح اها بيٺي تہ هڪ ڀاءُ پڙهائيءَ جي قرباني ڏيئي هتي رهي گهر گهاٽ سنڀالي تہ ٻيو وڃي تعليم مڪمل ڪري، وڏي ڀاءُ مرتضيٰ ننڍي ارتضيٰ کي چيو تہ ”تون يورپ هليو وڃ آئون امان وٽ ترسي ٿو پوان“ ارتضيٰ پريشان ٿي ويو تہ ادا جي پڙهائيءَ ۾ باقي هڪ سال آهي ان ڪري بھتر آهي تہ اهو هليو وڃي ۽ آئون امان وٽ ترسي پوان پر ڀاڻس نہ مڃيس هُن وڏي هئڻ جو فرض ادا ڪندي کيس زوريءَ روانو ڪيو پاڻ ٽِڪي پيو، ان ريت زمينن جا کاتا بہ وڃي ڏٺائين گهر جو رهيل ڪم بہ مڪمل ڪرايائين پر ماڻس بہ اللھ کان ڪا ٿوري حياتي لکائي آئي هئي جيئن ئي رئيس سڪندر اکيون پوريون ادي زليخا ڏينھون ڏينھن پوئتي هٽندي ويئي ظاهري طور ڪا بيماري بہ ڪونہ هئس وزن ڪرندو پئي ويو. ڊاڪٽر ڪينسر جي موذي مرض جو خدشو ڏيکاريو ۽ واقعي رپورٽن ۾ اها تصديق ٿي وئي. هاڻي تہ بيماري بہ اهڙي جو بچڻ جو آسرو ئي نہ هجي، آخر ويچاري ڇهن مھينن ۾ رئيسياڻي بہ پوٽن کي پينگهي ۾ لوڏڻ جي آس دِل ۾ ئي رکي هن فاني دنيا مان رحلت ڪري وئي. مرتضيٰ تہ صفا پريشان ٿي ويو، ڇهن مھينن ۾ پيءُ بہ ويو تہ ماءُ بہ موڪلايو کيس ڪجهہ نہ سمجهہ ۾ اچي، خادم ۽ ڪمدار وهم ڏيڻ لڳا تہ، ”هيءُ گهر ڏاڍو“ آهي، سائينءَ سڪندر بہ آساس ڪونہ ورتي بھتر آهي يا وڪڻي ڇڏيو يا مسواڙ تي ڏيئي ماڻھن جي وچ ۾ شھر ۾ رهو هتي اڪيلا رهي ڇا ڪندا؟ مرتضيٰ پھريائين تہ نھڪر ڪئي هو پڙهيل ڳڙهيل هو کيس ڪو بہ وهم هرو ڀرو ڪونہ پئي ٿيو پر اڪيلائي ۽ خاص طور ماءُ ۽ پيءُ جي يادگيرين جي سبب کيس هتي رهڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي ننڍو ڀاءُ ٻاهران آيو، گڏ جي حال اوريائون مرتضيٰ کيس وري بہ سندس بھتر مستقبل جي لاءِ ٻيھر واپس موڪلي ڇڏيو.
نيٺ ڪمدار جي چوڻ تي شھر ۾ هڪ سٺو ۽ جديد نموني جو گهر مسواڙ تي وٺي هو رهڻ لڳو، سندس پري جي هڪ چاچي جو گهر بہ اُنھيءَ گهر کي ويجهو هو اهي اچڻ وڃڻ لڳا، هاڻي سندس مَن بہ لڳڻ لڳو سال کن ۾ چاچي جي نياڻيءَ زھرہ سان سندس شادي ٿي هڪ پٽ، هڪ ڌيءُ جو اولاد ٿيس خوش رهڻ لڳو. ڀاڻس اُتي ئي يورپ ۾ شادي ڪري ڇڏي. ڪڏهن ڪڏهن کيس پنھنجو بنگلو ياد ايندو هو. ٻہ دفعا مسواڙ تي ڏنائين جيڪا ڌر انھيءَ گهر ۾ رهڻ وڃي انھيءَ سان ڪونہ ڪو مسئلو ٿيئي ايئن ڪندي ڪندي اهو چو طرف مشھور ٿي ويو تہ ”بادامي بنگلو ڏاڍو “ آهي، ڪير انھيءَ جي پاسي کان گذرڻ بہ پسند نہ ڪندو هو ۽ نہ ئي گهر مسواڙ تي ئي لڳو نہ ڪو خريدار وٺڻ لاءِ ٿي آيو.
ماستر جميل جي بخشاپور جي اسڪول ۾ بدلي ٿي کيس رهائش لاءِ گهر گهرجيو ٿي. ننڍن شھرن يا ڳوٺن ۾ عام طور مسواڙ تي گهر ملڻ ڏکيا هجن ٿا جو اُتي هرڪو پنھنجي ئي گهرن ۾ رهندڙ هوندو آهي، ماستر جميل ٻن پٽن ۽ گهر واري خديجه سان في الحال تہ اسڪول جي هڪ ڪمري ۾ رهڻ لڳو پر آخر ڪيترو وقت هو اسڪول ۾ رهي سگهيا ٿي سو پنھنجي لاءِ گهر جي ڪوشش ڪرڻ ۾ جنبي ويا آس پاس جي ماڻھن تي بہ ڪم رکيائون پر ڪو بہ گهر خالي ئي ڪونہ هو جو کين کڻي مسواڙ تي ملي، ماستر جميل پنھنجي وڏي پٽ امين سان گڏ پنڌ ڪندي اچي انھيءَ ڏاڍي گهر وٽان گذري جان کڻي ڏسي تہ مالڪ جي نالي جي تختيءَ سان گڏ هڪ تختيءَ تي لکيل هو تہ، ”مسواڙ لاءِ گهر خالي آهي“. هُو حيران ٿي ويو تہ هيءُ گهر مسواڙ تي ڇوڪونہ ويو آهي هيترو سٺو گهر شايد ان ڪري ڪير نٿو مسواڙ تي کڻي جو ضرور مسواڙ وڌيڪ هوندي. اهڙا ٻيا سوال سوچيندي سامھون لکيل ايڊريس پڙهي پاڻ وٽ لکي ڇڏيائين. ٻئي ڏينھن انھيءَ جڳھہ تي مالڪ وٽ پھتو، مرتضيٰ خود ئي دروازي تي آيو گرمي تمام گهڻي هئي ٽاڪ منجهند جو دَرَ تي ايندي سندس موڊ تہ خراب ٿي وئي پر وري بہ ضبط ڪندي پڇيائين تہ ”ڪنھن سان ملڻو آهي؟“، ماستر جميل سڄي پيرائتي ڳالھہ ڪري ٻڌايس هن بہ کين اندر ويھاري، شربت پاڻي پياري حقيقت ٻڌائي تہ ”هيءُ گهر ڏاڍو ۽ ڳرو آهي اسان ان ۾ سک جو ساھہ ڪونہ کنيو ، توهان کڻندا تہ صحيح پر چند ئي ڏينھن ۾ مون کي چاٻيون واپس ڪري ويندا سو آئون ڪيتري مسواڙ ۽ ڪھڙي سوٿي يا ايڊوانس ٻڌايان؟ منھنجو خيال آهي تہ توهين انھيءَ ڳالھہ تان لھي وڃو!“ ماستر جميل چيو، ” اللھ جو نالو وٺي اسان کي چاٻيون ڏيو اسين انشاء اللھ رهي وينداسين نہ تہ بہ اسان کي ڪو بہ گهر رهڻ لاءِ نٿو ملي وڌيڪ کٽي اسان جو نصيب، جيئن لکيل هوندو جي چڱائي بخت ۾ هوندي تہ لڱائي ڪڏهن بہ ڪونہ ٿيندي“. مرتضيٰ کين خوشيءَ سان اندران بنگلي جون چاٻيون آڻي ڏنيون، ٻئي ڏينھن ماستر جميل اسڪول مان ٻن ڏينھن جي موڪل وٺي سامان کڻي بادامي بنگلي تي پھتو پھرين تہ دروازا ئي نہ کُلن وڏيءَ مشڪل سان دَرَ کولي اندر ويا چئو طرف ڄارا ۽ مٽيءَ جا مڻ هئا، ڪئا ۽ ماڪوڙا پئي گهر ۾ هليا سندن تہ وايون ئي بتال ٿي ويون پر پوءِ همٿ ڪري سڀ گڏجي هيٺين حصي جي صفائيءَ ۾ جنبي ويا. وڏيءَ جاکوڙ کانپوءِ پورو هفتو محنت ڪرڻ سان گهر کي ڏسڻ جھڙو ڪيائون فرش تمام دلپذير ٺھيل هئا تہ ڇتين جي گل ڪاري بہ ڏسڻ جهڙي هئي، ڪاٺ جا دروازا ۽ دريون سمورا سھڻا شاهڪار هئا. دِل ئي دِل ۾ رئيس سڪندر جي ذوق ۽ شوق کي داد ڏنائون. وٽن مٿين ٻنھي حصن جون بہ چاٻيون هيون پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ هر هفتي هڪ طبقو گهر جو صاف ڪندا وينداسين، ماستر جميل ۽ سندس گهر واري خديجه پنج وقت جا نمازي هئا خديجه اڳ ۾ ٻارن کي گهر ۾ قرآن پاڪ بہ پڙهائيندي هئي.کيس عادت هئي تہ رات جو روز قرآن پاڪ پڙهي سڄي گهر تي شوڪاري پوءِ سمھندي هئي. شروع ۾ ٻہ ٽي ڏينھن کين بي چيني ٿي. ٿورو ٻين جو ڏنل ڊپ بہ هو پر وري بہ سندن ايمان مضبوط هو اللھ جو نالو وٺي ڪلام اللھ ۽ درود پاڪ پڙهي سمھي رهندا هئا. هنن کي گهڻو ڊپ ۽ وهم اڳ بہ ڪونہ هو. گهر سٺو صاف ٿيڻ سان سڪون محسوس ٿيڻ لڳن، ٻئي ۽ ٽئي هفتي ۾ پروگرام مطابق مٿيئن حصن جي صفائي ڪيائون ڪم لاءِ هڪ نوڪر بہ رکيل هئن مھيني ۾ سڄو گهر صاف سٿرو ٿي چمڪڻ لڳو، ماڻھن بہ ڏٺو تہ بادامي بنگلي جون بتيون رات جو ٻري رهيون آهن. مرتضيٰ کان پڇا ڪيائون هن سڄي سر بستي ڳالھہ ٻڌائي. ماستر جميل پھرين تاريخ تي اچي مرتضيٰ سان ملاقات ڪئي ۽ مسواڙ ڏيڻ لڳو، مرتضيٰ کانئس مسواڙ ڪونہ ورتي ۽ چيائين تہ، ”اللھ جو وڏو ڪرم ٿيو آهي جو توهين بلڪل خوش آهيو توهان منھنجي اباڻي گهر کي آباد ڪيو آهي آئون توهان جو شڪر گذار آهيان باقي جيڪڏهن توهان جي رهائش کان گهر وڏو آهي تہ مٿيان ٻئي حصا ڀلي پنھنجي مرضيءَ سان مناسب مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيو تہ جيئن اوهان جي بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ بہ بنگلو آباد هجي“.
ماستر جميل کلي چوڻ لڳس، ” توهان فڪر نہ ڪريو آئون بلڪل ان ريت ئي ڪندس جيئن توهان چوندا اصل احسان تہ مون تي توهان جو آهي جو جڏهن آئون بلڪل بي گهر ٿي گهر لاءِ پريشان ٿي پئي هليس توهان مون کي بنا ڪنھن تصديق، ايڊوانس ۽ مسواڙ جي گهرجون چاٻيون ڏنيون“ ان ريت ماستر جميل ۽ مرتضيٰ پاڻ ۾ سٺا دوست ٿي ويا، ڪجهہ عرصي کانپوءِ مرتضيٰ پنھنجا ٻار ٻچا وٺي بادامي بنگلي”ڏاڍي گهر“ ۾ خوشيءَ سان منتقل ٿي آيو.

روز هڪ نيڪي ڪمايو

روزاني اخبار” سوجهري“ ۾ ڪم ڪندڙ سب ايڊيٽر علي نواز پنھنجي اخبار لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ماڻھو هو، هو روزاني منجهند مھل اخبار جي آفيس ۾ وڃي ٻئي ڏينھن جي اخبار جي تياري ڪندو هو، هڪ ڏينھن اربع جو خاص خطن پٽن جي لاءِ پڻ مقرر هو، جيڪي خط کيس مناسب ۽ اهم لڳندا هئا سي ”اوهان جو خط پھتو“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل صفحي جي اڌ تي اربع جي ڏينھن تي شايع ڪندو هو. اڱاري جي ڏينھن انھن خطن جي جانچ ڪندي سندس نظر هڪ اهڙي خط تي پئي جنھن ۾ خط سان گڏ هڪ معصوم پندرهن، سورهن سالن جي ڇوڪري جي تصوير پڻ هئي جنھن جو مک ڪومايل پئي ڏساڻو خط کي پڙهندي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو جو انھيءَ ۾ لکيل هو تہ، ”آئون پنجن ڀيڻن ۽ ڀائرن ۾ وڏو آهيان، پڙهائيءَ ۾ گهڻي محنت ڪري ڪاميابيون حاصل ڪندي بہ هڪ اهڙي بيماريءَ ۾ وٺجي ويو آهيان جنھن جو علاج تمام مھانگو آهي گهرو حالتون اهڙيون ناهن جو منھنجو پيءُ مالي طور منھنجي بيماريءَ جو خرچ سھي سگهي، منھنجي طرفان اخبار ۾ مھرباني ڪري مدد لاءِ اپيل شايع ڪيو“. علي نواز سوچ ۾ پئجي ويو کيس خبر هئي تہ ايڊيٽر صاحب ڪا بہ اپيل مفت شايع ڪونہ ڪندو کيس نوڪريءَ تان هٿ کڻڻو پوندو وٽس ڪجهہ پئسا بچت ۾ هئا انھيءَ مان وڏي سرخيءَ سان ننڍي اپيل ڇپايائين انھيءَ جا پئسا پاڻ وٽان ڏيئي، هُو مطمئن ٿي ويو تہ اڄ جي ڏينھن ۾ مون هڪ ننڍي نيڪي ڪمائي آهي.
علي نواز جو ڏاڏو کين ننڍي لاڪون اهو سبق ڏيندڙ هو تہ، ” ڪوشش ڪري روز هڪ نيڪي ضرور ڪمايو ڀلي ڪنھن کي هڪ مُرڪ ڏيو، بس ۾ ويھڻ جي جڳھہ ڏيو، بکئي کي ماني کارايو، ڪنھن کي ٿڌو پاڻي پياريو پر ڪنھن بہ نموني هڪ ننڍي يا وڏي نيڪي ضرور ڪندا ڪيو. جنھن ڏينھن ڪو بہ ڪم نہ ٿي سگهي تہ پوءِ پاڻ تي ويچار ضرور ڪيو ۽ جڏهن ٿوري بي سڪوني محسوس ڪريو تہ سمجهو ڪٿي ڪا غلطي ٿي رهي آهي“ اهڙن چڱن گفتن جو سندن تربيت تي سٺو اثر هو، چوندا آهن تہ، ”نيڪي ڪر درياھہ ۾ وجهہ“ سو علي نواز بہ اها اپيل پنھنجي خرچ تي ڇپرائي وساري ڇڏي انھيءَ ڳالھہ کي پورو سال گذري چڪو هو جو هڪ ڇوڪرو ساڻس ملڻ آيو، پٽيوالي کيس نالو بہ ٻڌايو پر هن کي وهم ۽ گمان ۾ ڪونہ هو تہ اهو تصوير وارو بيمار ڇوڪرو صحتمند ٿي سندس مھرباني مڃڻ آيو آهي، ڇوڪري آصف کيس ٻڌايو تہ ڪنھن بہ اخبار مفت ۾ سندس اپيل شايع ڪونہ ڪئي فقط ” سوجهري“، وارن ڇاپي جنھن تي هڪ وڏي فلاحي اداري سندس علاج ۾ مدد ڪئي ۽ اڄ هو مئٽرڪ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو آهي ۽ هن اخبار وارن جي مھرباني مڃيندي انھن لاءِ مٺائي کڻي آيو آهي علي نواز خوش ٿيو ۽ اللھ تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيائين تہ سندس نيڪي رائيگان ڪونہ وئي، کيس آصف ڳالھائڻ ۾ سمجهہ دار ۽ وڻندڙ لڳو ۽ ان کي ٻڌايائين تہ اخبار جي پاليسيءَ مطابق اسين پڻ اها اپيل شايع ڪري نٿي سگهياسين پر مون پاڻ پنھنجي پئسن مان ان کي ڇپايو آهي، پوءِ تہ آصف سندس تمام گهڻو ٿورائتو ٿيو.
وقت گذرندو رهيو علي نواز جي وارن ۾ اڇاڻ اچي وئي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي زور وٺڻ سان پرنٽ ميڊيا (اخبارون ۽ رسالا) گهٽ تعداد ۾ ڇپجڻ لڳا، اخبارن جا اشتهار بہ اچڻ گهٽجي ويا، اڳ ۾ جيڪي اخبارون پنجاھہ هزار تائين شايع ٿينديون هيون سي فقط ويھہ يا ٽيھہ هزار جي ڳاڻيٽي تائين بچيون مالڪ پڻ فڪر مند ٿيڻ لڳا، اهو ئي حل ڪڍيائون تہ خرچ گهٽ ڪريون تہ اخبارون جاري رهن، اخبارن جي ڪيترن مالڪن ملازمن کي گهٽائڻ شروع ڪيو ۽ انھن کي پگهارون بہ پابنديءَ سان نہ پئي مليون، علي نواز بيمار ٿي پيو عمر وڌڻ سان سندس سرير مان پڻ ست موڪلائڻ لڳو، ڪجهہ پئسو بچت ڪري رکيو هئائين پر اهو بہ جلد کپجي ويو، هڪ ڏينھن اوچتو کيس دل جو دورو پيو ، ڊاڪٽرن موجب آپريشن ٿيڻ ضروري هو، جنھن گهر ۾ ستن ڀاتين جي کاڌي جي پورت ئي ڪونہ پئي ٿي سگهي اتي هيڏيءَ وڏي آپريشن جو خرچ ڀرڻ ڄڻ ناممڪن هو، وڏي ڊاڪٽر ٻئي ڏينھن کيس تپاسي چيو تہ ”صبح توهان جو آپريشن آهي“ . هو حيران پريشان ڏانھس نھارڻ لڳو جڏهن تہ ڪي پئسا بہ اسپتال ۾ نہ ڏنا هئائون ڊاڪٽر تسلي ڏني” فڪر نہ ڪريو آپريشن جا پئسا جمع ٿي ويا آهن توهان ٺيڪ ٿي ڪمري ۾ ايندا، اسين توهان جي محسن سان توهان جي ملاقات ڪرائينداسين“.
وڌيڪ سوچڻ جي ڪابہ گنجائش ڪونہ هئي علي نواز ماٺ ۾ رهيو، آپريشن خيريت سان ٿي وئي، جڏهن هو ٿورو ٺيڪ ٿيو تڏهن هڪ ڏينھن هڪ آسودو ماڻھو ڊاڪٽر سان گڏ سندس ڪمري ۾ آيو جنھن جا وڏا ڪارخانا هئا. هن پنھنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو تہ ان ڏينھن هُو اسپتال ۾ آيو هو تہ سندس ٻار ۽ گهر واري ٻاهر روئي رهيا هئا. هن انساني تجسس هيٺ جڏهن حقيقت معلوم ڪئي تہ پوءِ هڪدم فيصلو ڪيائين تہ ڪارخانن جي چيئرٽي فنڊ(خيرات جي پئسن) مان هن آپريشن جو خرچ ڪيو وڃي. سيٺ آصف کيس غور سان ڏسندي چيو ” منھنجا ٿورا نہ مڃيو توهان بيشڪ وڏيءَ عمر جا ۽ ڪمزور ٿي ويا آهيو پر آئون توهان کي سڃاڻي ويو آهيان، آئون اهو ساڳيو ڇوڪرو آهيان جنھن جي مدد جي درخواست توهان”سوجهرو“ اخبار ۾ شايع ڪرائي هئي توهان جي ڪيل انھيءَ نيڪيءَ نہ فقط منھنجي حياتي بچائي پر مون کي تعليم، عزت، دولت ۽ شھرت بہ توهان جي ئي صدقي ۾ ملي آهي“ علي نواز حيران ٿي ڏانھس ڏسڻ لڳو، سيٺ آصف کيس چيو، ”آئون هڪ سٺي اخبار ڪڍڻ جو ارادو ڳچ وقت کان ڪري ويٺو هئس مون کي محنتي، ذمہ دار ۽ لائق ماڻھوءَ جي ڳولا هئي اچو تہ پاڻ گڏجي وري روشنيءَ جو اهو سفر وڌايون ”پرڀات“ جي نالي سان اخبار ڪڍو، مالي وسيلن جي پرواھہ نہ ڪجو اللھ تعاليٰ مون کي گهڻو ڪجهہ ڏنو آهي، ڇا توهين منھنجو ساٿ ڏيندا؟“
علي نواز کي تہ سيٺ آصف جي ملاقات سڄي تڪليف وسارائي ڇڏي هن خوش ٿي کيس ڏٺو ۽ دل سان هائوڪار ڪندي ڌڻيءَ در شڪرانا ادا ڪيائين تہ هڪ ننڍو نيڪيءَ جو سفر سندس سڄي حياتي سڌاري ويو.

شھزادي حميرا ۽ شھزادو دانيال

گهڻو پري جبلن جي قطارن سان لڳو لڳ هڪ ملڪ مھر آباد نالي آباد هو، جتي هڪ ڏاهو ۽ رحم دل بادشاھہ شعيب حڪومت ڪندڙ هو. کيس هڪ ئي شھزادو دانيال نالي وڏين منتن ۽ مرادن کانپوءِ مليو، شھزادو دانيال خوبصورت جوان پيءُ وانگر عقلمند ۽ بھادر هر هڪ سان محبت ڪرڻ وارو سڄي ملڪ جي اکين جو تارو هو. بادشاھہ مان راڄ گهڻو خوش ۽ سندس تخت ۽ بخت جو دعاڳو اهو ئي چاهيندو هو تہ شال دانيال شھزادي کي ڌڻي سڳورو وڏي حياتي ڏي ۽ اڳيان هلي هُو مھر آباد جي بادشاهيءَ جو ڌڻي ٿيئي، راڻي صبا دانيال جي پيدائش کان پوءِ گهڻو بيمار رهندي هئي بادشاھہ شعيب گهڻو ئي علاج ڪرايس شاهي طبيب هر وقت هڪيا تڪيا بيٺا هوندا هئا. پر راڻي ڪجهہ وقت صحتمند رهندي هئي تہ وري کيس هڪ نہ ٻي تڪليف ٿيندي پئي هئي. راڻي صبا مھربان ۽ سخاوت واري هئي وڏي ڳالھہ تہ هوءَ ديني طور عبادت گذار پڻ هئي هن پنھنجي بيماريءَ کي اللھ جي رضا سمجهي قبول ڪري ورتو هو. بادشاھہ پڻ سندس جي دلجوئيءَ ۾ ڪا ڪسر ڪونہ ڇڏي. دانيال جي تعليم ۽ تربيت تي بہ وڌيڪ ڌيان ڏنائين، ماءُ جي بيماريءَ سبب هن شھزادي کي پنھنجي ويجهو ڪيو جڏهن ڏٺائين تہ هاڻي شھزادو شاديءَ لائق اچي ٿيو آهي تڏهن خيال ٿيس تہ ڇو نھ، شھزادي دانيال جي شادي ڪرايان انھيءَ سان راڻي بہ خوش ٿيندي تہ دانيال پڻ اولادي ٿي وڌيڪ ذمہ داريءَ سان اڳيان هلي تخت بہ سنڀاليندو، پنھنجي وزيرن سان مشورو ڪيائين پر ڪٿي ڪنھن سھڻي سڱ جي صلاح نہ بيٺي.
هڪ ڏينھن شعيب بادشاھہ پنھنجي محل جي ڇت تي بيھي ويجهي سمنڊ جو نظارو ڪري رهيو هو. ٿوريءَ دير ۾ ڏٺائين هڪ تجارتي جهاز اچي سمنڊ جي ڪناري سان لڳو. سمجهيائين تہ ضرور هن جهاز ۾ ڪي سوداگر سامان سودي آيا آهن، امالڪ خيال آيس ڇو نہ انھن کي گهرائي کانئن معلومات وٺان، پنھنجي ماڻھن کي حڪم ڪيائين” انھن سوداگرن کي درٻار ۾ حاضر ڪيو“ جڏهن سوداگر بادشاھہ شعيب جي درٻار ۾ پھتا تڏهن کين مخاطب ٿي چيائين، ” آئون توهان کي پنھنجي ملڪ ۾ واپار لاءِ اچڻ تي ڀليڪار ٿو چوان، توهين هتي رهو، کائو پيئو، گهمو ڦرو، واپار ڪريو ڪابہ روڪ ٽوڪ ڪانہ ٿيندي پر فقط منھنجي لاءِ هڪ ڪم ڪريو!“ سمورن سوداگرن شعيب بادشاھہ جي ڳالھہ ڌيان سان ٻڌندي ڏانھس سواليہ نگاهن سان ڏٺو، بادشاھہ ٿوريءَ دير کانپوءِ چوڻ لڳو، ”منھنجو شھزادو دانيال تمام وجيھہ، سمجهدار، بھادر ۽ وڏين لياقتن وارو آهي آئون هُن جي شادي ڪنھن سھڻيءَ، دانا ۽ هوشيار شھزاديءَ سان ڪرائڻ چاهيان ٿو، توهين ملڪ ملڪ گهمندڙ ڦرندڙ آهيو ڇا توهان جي نظر ۾ ڪا اهڙي لياقتن واري سُندر شھزادي آهي؟ ڇا توهان انھيءَ نيڪ ڪم ۾ منھنجي مدد ڪندا؟“
انھن سوداگرن ۾ هڪ وڏيءَ ڄمار جو ڄاڻو سوداگر بادشاھہ جي ڳالھہ ٻڌي سوچي پوءِ چوڻ لڳو، ”بادشاھہ سلامت! مون ٻڌو آهي تہ ملڪ ترڪستان جي شھزادي حميرا پنھنجو مٽ پاڻ آهي، لاثاني حسن، بي مثال ڏاهپ ۽ ۽ عقل جي ڄڻ ديوي آهي، سندس والد کيس پاڻ سان گڏ تخت جي ڀر ۾ ويھاريندو آهي ۽ صلاح مشورا وٺندو اٿس“.
باد شاھہ شعيب پڇيس تہ، ” اهو ملڪ ڪٿي آهي؟ ان تائين ڪھڙيءَ ريت پھچجي؟ ۽ پوءِ شھزاديءَ حميرا جي پيءُ بادشاھہ نادر کي هن سڱاونديءَ لاءِ ڪھڙي نموني تيار ڪجي؟ ڪا صلاح ڏيو؟“.
سوداگر چوڻ لڳو، ”اهو ملڪ تمام پري آهي وڌيڪ جي اسان کي ڪا بہ خبر ڪونھي جيڪي ٻڌو آهي اهو توهان کي ڄاڻايو اٿئون“.
بادشاھہ کين انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيو وڌيڪ اللھ ۾ اميد رکي اڳيان جي لاءِ سوچڻ شروع ڪيائين، کيس بہ ڪو چٽو حَل ڏسڻ ۾ ڪونہ پئي آيو. هڪ ڏينھن شھر جو گشت ڪندي ڪندي بادشاھہ اڳيان هليو ويو. سامھون ڏاڍو سٺو باغ ڏٺائين جنھن ۾ گل ٻوٽا انتهائي دلپذير هئا. ميون جا وڻ قدرت جي صناعيءَ جا شاهڪار پئي ڏٺا سندس روح کي راحت رسي ٿوري دير انھيءَ باغ ۾ وسرام ڪرڻ جو خادمن کي چئي اندر گهڙي پيو باغ تہ ڇا هو! ڄڻ قدرت جي ڪاريگريءَ جا ڪمال پنھنجي اوج سان ايندڙن جي آجيان ڪري رهياهئا. گلاب جي گلن جا جهڳٽا، اڇي موتئي جون هٻڪارون، طرح طرح جا گل، قسمين قسمين ميوا، پکين جون لاتيون، ٿڌي ۽ دلفريب هوا ۾ وڻن جي پنن جو لڏڻ هڪ مسحورڪن موسيقيءَ جو ماحول پيدا ڪري سندس دِل کي اُتي ٽِڪڻ لاءِ هِرکائي رهيو هو. بادشاھہ باغ ۾ موجود هڪ خوبصورت بئنچ تي ويھي آسمان ڏي نھاري دُعا گهرڻ لڳو تہ، ” يا اللھ منھنجي هن دلي نيڪ خواهش جو ڪو پورائو خيريت سان ڪرائي“. ٿوريءَ دير ۾ مالھي ڊوڙندو آيو ساڻس گڏ ٻہ قدر آور جوان جي شڪل وشبيھہ ۾ مالھيءَ سان مشابھت رکندڙ هن جا پٽ هئا. اچي نِوڙي بادشاھہ کي سلام ڪيائيون هو بہ هن دلفريب صبح ۾ ساڻن خوش ٿي ڪچهري ڪرڻ لڳو، کانئن سندن ڪم ڪارجو پڇيائين. مالھي چوڻ لڳو تہ، ” منھنجا پٽ وڏا هنر مند ۽ ڄاڻو آهن باغ سنڀالڻ ۾ منھنجي مدد ضرور ڪندا آهن پر حقيقت ۾ سندن ٻيا ڪمال آهن“، بادساھہ وڏي اڪبر ڏي سواليہ نظر سان ڏٺو هو، چوڻ لڳو تہ، ”بادشاھہ سلامت آئون ڪڪرن جي اوچائيءَ جيترو مينار ٺاهي سگهان ٿو، جنھن مان توهان وڏيءَ دنيا جو نظارو ڪري سگهو ٿا“ ننڍو اصغر خود ئي ڳالھاڻو تہ، ” آئون ساز وڄائڻ ۾ ايترو تہ ماهر آهيان جو ماڻھو منھنجي وڄايل ساز تي مست ٿي خود کي وساري ويھندا آهن، بعضي تہ مدهوش ٿي وڃن ٿا“.
بادشاھہ ڏاڍو خوش ٿيو اصغر کي سيمنٽ، سرون، لوھہ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو تہ هُو جيئن ڊگهي ۾ ڊگهو مينار ٺاهي، ۽ هن واقعي ٻن سالن ۾ تمام اوچو مينار ٺاهيو، جنھن ۾ دور بين سان دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڏسجي سگهيا پئي. بادشاھہ پڻ اهو مشاهدو ڪيو ان ريت هو شھزادي حميرا جو ملڪ بہ ڏسي خوش ٿيا.
هاڻي بادشاھہ پنھنجي دل جي سڄي ڳالھہ کين ٻڌائي، اهي کيس خاطري ڏيئي هڪ وڏي ٻيڙي ٺاهي ان ۾ سوداگريءَ لاءِ سامان، خاص هيرا جواهر ۽ ريشمي ڪمخواب، اطلس ۽ بخِمل جي ڪپڙن جا ٿان کڻي ٻيئي ڀائر بادشاھہ شعيب جي خادمن سان شھزادي حميرا جي ملڪ ڏي روانا ٿيا، اڪبر جيڪا ٻيڙي ٺاهي ان ۾ هڪ جادوئي خاصيت اها هئي تہ ظاهري طور سادي شڪل جي هن ٻيڙيءَ جي رفتار تمام تيز هئڻ جي ڪري اها ٻن ڏينھن ۾ ترڪستان جي ملڪ پھچي ويئي، بندرگاھہ تي سخت پھري جي ڪري حفاظتي دستن کين روڪيو، هنن ڄاڻايو تہ، ”اسين سوداگر آهيون ملڪ ترڪستان جي بادشاھہ وٽ هيرن جواهرن جو وڏو قدر آهي سو کيس اهي تحفي طور ڏينداسين ۽ ڪجهہ ڏينھن هتي واپار ڪنداسين“. سڄي ڳالھہ نادر بادشاھہ تائين پھچائي وئي هن ٻيڙيءَ جي تلاشيءَ کان پوءِ انھن کي پاڻ وٽ اچڻ جي اجازت ڏني، اڪبر ۽ اصغر خوش ٿي بادشاھہ شعيب جا ڏنل قيمتي هيرا جواهر بخمل جي دٻين ۾ بادشاھہ نادر کي پيش ڪيا، بادشاھہ اهي هيرا ۽ جواهر ۽ انھن جي چمڪ، سونھن ۽ سوڀيا ڏسي حيران ٿي ويو. مٿان وري هنن جو اطلس ۽ ڪمخواب جا اعليٰ ٿان درٻار ۾ کولي شھزاديءَ حميرا جي اڳيان وڇايا تہ شھزاديءَ جو تہ روح ئي خوش ٿي ويو، انھن تي هٿ ڦيري تعريف ڪرڻ لڳي، اصغر چيس تہ، ”شھزادي صاحبھ! هيءُ تہ ٿورو سامان آهي ٻيو اسان واپار لاءِ بہ آندو آهي جو ٻيڙيءَ ۾ آهي اهو بہ الاهي خوبصورت آهي، جي توهين هلي ڏسي پسند ڪريو تہ اسين توهان کي اهي ڪپڙا پڻ تحفي ۾ حاضر ڪريون. اهو ڪم اسان لاءِ عزت ۽ خوشيءَ جو سبب ٿيندو“
شھزاديءَ بادشاھہ ڏي نھاريو جو سندس اشتياق پروڙي ويو چيائين ”سپاهين جي پھري ۾ شھزاديءَ کي اجازت ڏني ٿي وڃي ۽ پوءِ شھزادي وڏي اٽالي سان ٻيڙيءَ تائين پھتي پر جيئن تہ ٻيڙي ننڍي هئي سڄو عملو ان ۾ اچي ويھي نٿي سگهيو، ان ڪري شھزاديءَ پاڻ سان هڪ وزير ۽ ٻہ فوجي آفيسر ٻيڙيءَ تي اندر وڃڻ لاءِ کنيا.
اڪبر پڪائيءَ سان آهستي اهستي ڪپڙا ۽ زيور ڏيکارڻ شروع ڪيا، تيستائين سندس ننڍي ڀاءُ اصغر ساز وڄائڻ شروع ڪيا. ٻيڙيءَ جو سڄو وايو منڊل منڊجي ويو، وزير ۽ فوجين کي ڄڻ ننڊ جا گهيرٽ اچڻ لڳا، هو جهومندي جهومندي هوش وڃائي ويٺا، اڪبر ۽ اصغر سان آيل بادشاھہ شعيب جي ماڻھن کين رسين سان ٻڌي شھزاديءَ کي بہ هڪ الڳ هنڌ تي بند ڪري ٻيڙيءَ کي تيزيءَ سان پنھنجي ملڪ ڏي ڪاهيو. پھرين کان بہ تيز ٻيڙيءَ کي هلايائون جلدي وڃي ملڪ پھتا، بادشاھہ نادر جا ماڻھو سندن پويان ٻيڙيون کڻي سمنڊ ۾ لٿا پر پھچي ڪونہ سگهيا واپس وڃي سموري حقيقت روئي نادر بادشاھہ کي ٻڌايائون جو شھزاديءَ حميرا جي هن ريت اغوا ٿيڻ تي روئي روئي بي حال ٿي ويو. پر هاڻي ڪجهہ بہ ٿي نٿي سگهيو.
جيئن ئي ٻيڙي ملڪ مھرآباد جي ويجهو پھتي تہ بادشاھہ شعيب شھزادي دانيال، وزيرن ۽ اميرن سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري استقبال لاءِ پھتو سڀ کان پھرين شھزادي حميرا ٻيڙيءَ مان لٿي هُن جو حسين مُک ڏسي سمورا حيران رهجي ويا ڄڻ ڪا آسمان مان حور لٿي هجي يا ڪا ڪوھہ قاف جي پري هجي!! شھزاديءَ کان پوءِ ترڪستان جو وڏو وزير ٻيڙيءَ مان لھي سخت ڪاوڙ ڪرڻ لڳو ۽ بادشاھہ سان وڏو احتجاج ڪيائين ۽ جنگ جي ڌمڪي پڻ ڏنائين شعيب بادشاھہ بلڪل سمجهيو پئي تہ سندن طريقي ڪار غلط آهي انھيءَ ڪري بلڪل نئڙت سان کانئن معافي گهريائين ۽ ڄاڻائين تہ، ”جيڪڏهن توهين راضي نہ آهيو تہ پوءِ اسين ڪنھن بہ ريت بنا رضامنديءَ جي شھزادي دانيال ۽ شھزادي حميرا جي شادي نہ ڪنداسين باقي بادشاھہ نادر کي درخواست ڪنداسين تہ هُو دانيال کي پنھنجي داماد طور قبول ڪري تہ اسان جي خوش نصيبي ٿيندي“.
ان ريت داناءُ بادشاھہ سندن دِل کٽڻ لاءِ کين پنھنجو سڄو ملڪ گهمائي، سٺيون دعوتون کارائي، تحفا تحائف ڏئي روانو پئي ڪيو، اتي وڏي وزير پڻ محسوس ڪيو تہ هيءُ بادشاھہ ۽ سندس فرزند بادشاھہ نادر جي جيس جا آهن بھتر آهي تہ اها سڱاوندي ڪئي وڃي. آخرڪار کين ساڳيءَ ٻيڙيءَ ۾ پنھنجي ملڪ ڏي موڪليائون. جتي پھچي وزير سمورو سچو پچو احوال بادشاھہ نادر کي ٻڌايو. جنھن سندن سان گڏ آيل ٻين وزيرن کي عزت ڏني ۽ تحفا ڏيئي شھزاديءَ جي رشتي جي هائوڪار ڪري عزت سان روانو ڪيو، جيئن ئي اها اطلاع بادشاھہ شعيب کي پھتي هن سڄي ملڪ ۾ جشن جو اعلان ڪيو ۽ ان ريت شھزادي دانيال جي هن حسين پري جمال ۽ عقلمند شھزاديءَ حميرا سان شادي ٿي، سڄي ملڪ ۾ ڪيترائي ڏينھن خوشيون ملھايون ويون، راڻي صبا تہ پٽ جي شاديءَ جي خوشي ۾ ڄڻ چڱي ڀلي ٿي وئي.
ٻن هفتن کانپوءِ بادشاھہ مالھيءَ ۽ سندس ٻنھي پٽن اڪبر ۽ اصغر کي گهرائي چيو تہ، ”توهان نيڪ نيت ۽ محنتي نوجوان آهيو اوهان جي ئي ڪري منھنجي دلي خواهش ۽ هڪ ناممڪن ڪم ممڪن ٿي سگهيو آهي. انھيءَ ڪري جيڪي گهرڻو هجيوَ دل سان گهرو“ هنن نِوڙي ادب سان سلام ڪندي چيو تہ، ”بادشاھہ سلامت!اسين توهان جي رعيت آهيون توهان جي ئي ڏنل زمين جي ٽڪري کي آباد ڪري ويٺا آهيون اسان نمڪ جو حق ادا ڪيو آهي. اسان کي ڪجهہ بہ نٿو گهرجي. جيڪي اسان ڪيو آهي اهو ڪوبہ احسان ڪونہ ڪيو آهي. اللھ تعاليٰ ھميشہ توهان ۽ راڻيءَ کي شھزادي دانيال ۽ شھزاديءَ حميرا کي خوشيون عطا ڪري ڪڏهن بہ ڪو ڪم ڪار هجي اسين حاضر آهيون“. بادشاھہ سندن جواب ٻڌي سَرَهو ٿيو. کين وڏا انعام ۽ اڪرام هيرا ۽ جواهر ڏيئي پاڻ وٽ صلاحڪار ڪري درٻار ۾ رکيائين.

موچيءَ جي عقلمندي

رشيد موچي پنھنجي گهر واريءَ، ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ سان ڳوٺ فريد آباد ۾ رهندو هو. سندس ڪمائي گهڻي ڪونہ هوندي هئي گهڻيءَ محنت کان پوءِ بہ ڪي چند روپيا ملندا هئس هو اڪيلو ڄڻو ڪمائڻ وارو ۽ پنج ڀاتي کائڻ وارا، دل ۾ فڪر پچائي پريشان ٿي وري دل کي آٿٿ ڏيندو هو تہ انشاء اللھ صبح پٽ جوان ٿيندو پوءِ لڙ لھي ويندا هو بہ پيٽ ڀري ماني کائي سگهندو. هن اونھاري جي مند ۾ برساتون پڻ بي حساب پيون چئوٻول ٿيڻ لڳا تہ هيل چئوماسيءَ جا مينھن ٻوڙ ٻوڙان ڪندا. هن جي گهر جي سالن کان مرمت ڪانہ ٿي هئي، کيس بہ اچي اون ٿي تہ ڪو گهر جو بِلو ڪريان، ٿورن ئي ڏينھن ۾ برسات شروع ٿي وئي، ڇت تہ ٽمڻ شروع ٿي وئي پر هلندي برسات ۾ ڪري بہ ڇا ٿي سگهيو اهڙا اپاءُ تہ برساتن جي تباهين کان اڳ ورتا ويندا آهن، هو بہ ڇا ڪري وٽس ايترو اُپراسوئي ڪونہ هو جنھن منجهان ڪا پاڇي بچت ڪري سگهي. جيئن ئي وسڪارو وسڻ جي ڪري رشيد جو هانءُ ئي هارجي وڃي تہ اجهو ٿي ڇت ٽمي يا ڪِري، سندس دوڪان بہ ڪو وڏو ڪونہ هو، شھر جي وچ ۾ هڪ وڏي وڻ هيٺ ٿورو ڇپر وجهي هن ننڍي مانڊڻي ٺاهي هئي جتي جتين جي ڪم جو سامان هڪ صندوق ۾ رکي ڪلف ڏيئي ننڍو در بند ڪري هو اچي ويندو هو. رشيد جي گهر واري کيس وڏي مددگار هئي هوءَ جتين لاءِ چمڙي کي رنڱڻ، سڌو ڪرڻ، سڪائڻ، اوزار تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪندي هئي. گهرجي ڪم ڪار ۾ ساڻس نياڻيون مدد ڪرائينديون هيون، جنھن جي ڪري صفيہ آرام سان مڙس جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي رهي. نياڻيون ويجهي مدرسي ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ کانپوءِ گهر اچي فارغ ڪونہ ويھنديون هيون. رشيد اڄڪلھہ گهڻيءَ گرميءَ ۾ بہ گهر وڃڻ جي بدران اتي ئي دوڪان تي ويٺو رهيو تہ جيئن ڪو گراهڪ اچي ۽ ان ريت هو ڪم ڪري ڪجهہ پئسا ڪمائي وٺي آخر ڇت بہ ٺاهرائڻي هئي. جوڻس سندس لاءِ ماني ۽ لسي کڻي آئي. هُو خوشيءَ سان ماني کائي ٿوري دير آرام ڪرڻ لڳو، اک لڳي ويس ڪجهہ دير ۾ ئي آواز تي اک کليس، ڏٺائين تہ دين محمد سندس پاسي کان ويٺو آهي اٿي هڪدم سڌو ٿي ساڻس خير عافيت ڪيائين. دين محمد ٿيلھيءَ ۾ هڪ پراڻي جتي ڪڍي کيس ڏني ۽ چيائين تہ، ” مون کي هيءَ سٺي ڪري ڏئي، آهي تہ پراڻي پر منھنجي پٽ جو صبح نڪاح آهي مون کي اهڙي چمڪائي ڏئي جو آئون ڄڃ ۾ عزت سان وڃي سگهان“.
رشيد هڪ نرمل دل وارو، ايماندار ۽ محنتي موچي هو. کيس ڳوٺ جي هر هڪ ماڻھوءَ لاءِ وڏو احساس رهندو هو. ۽ اها بہ خبر هيس تہ ڳوٺ جا ماڻھو گهڻا امير تہ ڇاپر وچولي حيثيت وارا بہ ڪونہ آهن سو کانئن ڪي گهڻا پئسا ڪونہ کڻندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪنھن غريب کان ڪجهہ وٺڻ بہ پسند ڪونہ ڪندو هو. دين محمد چيس، ”توکي مزوري پوءِ ڏيندس مون کي نڪاح لاءِ سامان بہ وٺڻو آهي ۽ ٻيا پئسا گهرجن ٿا جيڪي ڪونہ آهن ڀانيان تہ جنھن سِرَن جي بٺي تي ڪم ڪريان ٿو ان مالڪ کان ايڊوانس کڻي اچان“ رشيد مُرڪي وراڻيس ” منھنجو ڪو بہ فڪر نہ ڪر باقي بٺي جو مالڪ جيڪڏهن پئسا اڳواٽ نہ ڏئي تہ مون وٽ اچجان ۽ مون ڪجهہ پئسا ڇت جي مرمت لاءِ گڏ ڪيا آهن في الحال توکي اڌارا ڏيئي سگهان ٿو هاڻي تہ هونئن ئي برساتون ايندڙ سال پونديون، تون ڀلي مون کي پوءِ ڏجانءِ“. ايئن چوندي انھيءَ جتي کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳو، دين محمد شڪر گذاريءَ سان ڏانھس ڏسي چيو، ”هيءَ جتي واقعي جام پراڻي آهي منھنجي ڏاڏي جي آهي جا مون بابا جي پراڻي پيتيءَ مان ڪڍي پر آهي هرڻ جي کَلَ جي، قيمتي جتي انھيءَ ڪري ڦٽي بہ نٿو ڪري سگهان. ڇا اها سٺي ٺھي ويندي؟“ دين محمد جو ڏاڏو تمام امير هو سندس پٽ علي محمد يعني دين محمد جي پيءُ سڄي ملڪيت عياشين ۾ وڃائي ڇڏي هئي.
رشيد جتيءَ کي پرکي چڪو هو تہ سٺي چمڙي مان ٺھيل آهي فقط سنڀال نہ ڪرڻ جي ڪري بدزيبي لڳي پئي پر هڪڙيءَ ڳالھہ تي سوچ ۾ پئجي ويو هرڻ جي کل جون جتيون هلڪي وزن واريون هونديون آهن، هيءَ ڪجهہ ڳري ۽ وزني جتي هئي، ڪجهہ پڇڻ بنا کيس واعدو ڏنائين تہ، ” سڀاڻي تائين اها تمام سھڻي ۽ نئين ٿي ويندي تون فڪر نہ ڪر“
هو پنھنجي ڪم ۾ لڳي ويو، شام تائين سالن جي پراڻي جتي نئينءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳي، انھيءَ کي ڪپڙي ۾ ويڙهي گهر ڏي روانو ٿيو اڄ واپس ويندي هو انتهائي سوچ ۾ هو، جيئن ئي گهر پھتو ٻار پاڙي جي گهر ۾ راند روند ۾ مشغول هئا، زال کي ويھاري هڪ ننڍي هڙ ڪڍي کيس ڏيکاريائين جنھن ۾ ننڍيون سون جون سِرون هيون ڪي هيرا پڻ هئا. صفيہ جو وات حيرت ۾ پٽجي ويو رشيد چيس، ”ماني پوءِ ٿا اچي کائون، هل تہ هلي دين محمد کي ان جي امانت پھچايون“. ٻيئي گڏجي انھن جي گهر پھتا، دين محمد سندن آڌر ڀاءُ ڪيو پنھنجي گهر واريءَ ۽ پٽ کي سڏيو. سڀ حالي احوالي ٿيا. رشيد کي ڏسي دين محمد چيس، ” ادا گهڻو مالڪ کي چيم پر ڪا بہ ايڊوانس ڪونہ ڏنائين هاڻي سخت پريشان آهيان“. رشيد ٿيلھيءَ مان پھرين تہ جتي ڪڍي ڏنس جا صفا نئين لڳي پئي هئي. پسند آيس پر پنھنجي پريشانيءَ وچان ڪجهہ ڪونہ ڪڇيائين جو وٽس جتيءَ جي اجوري ڏيڻ جا پئسا بہ ڪونہ هئا. رشيد دين محمد جي گهر واريءَ جي پريشان منھن ڏي ڏسندي چوڻ لڳو، ” ڀاڀي! اللھ وڏو رحيم ۽ ڪريم آهي دين محمد پنھنجي ڏاڏي وانگر سمجهدار ۽ همٿ وارو آهي. پر تحقيق غريب توڻي امير لاءِ گهر ٺاهرائڻ ۽ اولاد جي شادي ڪرڻ هڪ سڀاڳو پر خرچ وارو ڪم آهي. دين محمد جي والد جي فضول خرچين تي ڳوٺ ۾ سڀ حيران هوندا هئا. هن پنھنجي پيءُ خير محمد جي ملڪيت کي سنڀالي وڌايو تہ ڪو نہ پر هيڪاري سڀ ڪجهہ ناس ڪري ڇڏيو سندس غلط ڪَمن جي ڪري خير محمد کانئس پئسا لڪائڻ لڳو ۽ جي اڄ سالن کان پوءِ سندس انھن جتين مان نڪتا آهن“. ايئن چوندي اها هڙوٽي کڻي دين محمد جي هٿ ۾ ڏنائين. هُو ڪجهہ نہ سمجهندي انھيءَ کي کولڻ لڳو ڇا ڏسي تہ سون جون ننڍيون سرون ۽ هيرا پيا آهن. جي هڪ جراب جهڙي نرم ڪپڙي ۾ جتيءَ جي تَرَ ۾ سبيل هئا. تڏهن ئي اها هرڻ جي کل واري جُتي وزني هئي اهو راز رشيد موچيءَ احتياط سان ٽٽل ڀڳل جتيءَ مرمت ڪندي پروڙيو ۽ سڄي جتي کڻي کوليائين تہ انھيءَ جي تري مان اهو خزانو نڪتو، دين محمد ۽ سندس گهر واري تہ بلڪل بي اعتباريءَ سان پيا کين ڏسن، انھن کي خوشيءَ وچان اهو يقين ئي نہ اچي تہ ڪاهيءَ ملڪيت سندن ئي آهي. هاڻي تہ کين ڪو لھر لوڏو ڪونہ هو. رڳ رڳ ۾ خوشيءَ جون لھرون اٿڻ لڳن هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا، وٽن تہ ڪاريءَ وارا ڪک هئا سي رات جي پيٽ ۾ امير ٿي ويا، دين محمد کي رشيد جي ايمانداريءَ ايترو تہ متاثر ڪيو جو اٿي کيس ڀاڪر پائي چيائين، ”ادا آئون اڪيلو اهو سون ڪونہ رکندس اڌو اڌ ٿا ڪريون تو مون سان نيڪي ڪئي آهي اها آئون برباد ڪونہ ڪندس. ساڳيءَ ريت صفيہ کي بہ هن جي گهر واريءَ ڀاڪر پائي ساڳي ڳالھہ ڪئي پر هنن ڪجهہ بہ کڻڻ کان جواب ڏنو، کين دُعائون ڏيندا پنھنجي گهر روانا ٿيا. دين محمد پٽ پرڻائڻ کانپوءِ ڪجهہ سون جا ٽڪر سوناري وٽ وڪڻي پئسا ۽ مٺايون کڻي رشيد موچيءَ جي گهر ويو جتي ادي صفيہ ۽ رشيد کي گهڻو زور ڀري ڇت ٺاهرائڻ لاءِ اهي پئسا ڏنائون جڏهن هلندڙ سال ۾ چوماسيءَ جون تيز برساتون پيون تڏهن رشيد موچي ۽ سندس گهر واري سڪون سان پنھنجي گهر ۾ رهيا پيا هئا جو هاڻي انھن جو گهر پڪو ٿي چڪو هو.

استاد اسلم

پٺاڻ ڪالوني شھر جي وچ ۾ هڪ وڏي رهائشي ڪالونيءَ طور مشھور هئي. غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن جا ننڍا وڏا ڪچا پڪا گهر هن ڪالونيءَ ۾ هئا. ٻہ وڏا روڊ هئا جن جي آمھون سامھون دُڪانن جون قطارون هيون ڪي لوھہ وارا تہ ڪي سيمنٽ جا تہ ڪي موٽر مڪينڪ جا، ڪجهہ بيڪريون ۽ سودي سلف جا دوڪان هئا هر وقت رونق لڳل ڏسڻ ۾ ايندي هئي. حسين مرادآباد کان ٻہ ڪلوميٽر پنڌ ڪري پٺاڻ ڪالونيءَ جي هڪ موٽر مڪينڪ وٽ ڪم ڪرڻ ويندو هو. سندس والد سخت بيمار هئڻ ڪري ٻن سالن کان ڪجهہ بہ ڪمائڻ کان قاصر هو. حسين اسڪول ۾ پڻ غربت جي ڪري ٽي درجا مَسَ پڙهيو کيس پڙهڻ جو گهڻو شوق هو پر حالتن ۽ مجبورين هن کي تعليم حاصل ڪرڻ کان پري ڪري ڇڏيو. سنگتي ساٿي جڏهن صبح جو اسڪول ڏانھن ويندي ڏسندو هو تڏهن کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو هو هن چاهيو ٿي تہ علم پرائي پنھنجي پيرن تي بيھي ۽ گهر وارن جي بہ صحيح سار سنڀال رهي پر اهو ممڪن نہ ٿيو اها سوچ فقط خواب ئي رهجي وئي، عثمان مزوري ڪندي شروع ۾ تہ گهر جو گاڏو سٺو پئي هلايو هو ڪم جو بہ ڄاڻو هو پر جڏهن کان هڪڙو مھانگائيءَ جو وڌڻ ۽ ٻيو ٺيڪيدارن جي من پسند روش، ان ڪري هن جو روزگار بہ ڪڏهن لڳندو هو تہ ڪڏهن نھ، چار ٻار۽ ٻہ ڄڻا زال مڙس ڇھہ ڀاتي هن ڏکئي وقت ۾ ڪھڙيءَ ريت پورائو ڪن، هُو بہ حُسين کي پرهائڻ جو خواهشمند هوندي بہ کيس تعليم ڏيارائي نہ سگهيو وڏو پٽ هئڻ ڪري حُسين ننڍي لاڪون ئي ذمہ دار ۽ گهر لاءِ هڏڏوکي هو. سندس ٻہ ننڍيون ڀيڻون سيبيٽوپي ۽ گهر جي ڪم ڪار ۾ ماءُ جو هٿ ونڊائينديون هيون تہ بہ پوري ڪونہ پوندي هئي. عثمان سوچيو ڇو نہ پٽ کي بہ مزوريءَ تي وٺي وڃان، حسين سان پنھنجي دل جي ڳالھہ ڪيائين پر حسين جواب ڏنس چيائين، ” بابا گهر خاطر تعليم ڇڏي مجبور ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر مون کي نڪو توهان جو ظالم ٺيڪيدار ٿو وڻي ۽ نہ ئي اها ڪا مستقل نوڪري آهي آئون سوچيان پيو ٻيو ڪو هنڌ ڪم لاءِ ڳولھيان“.
عثمان وقتي طور ماٺ ٿي ويو، سيارو آيو تہ عثمان کي پھرين کنگھہ پوءِ بخار ٿيو، ڊاڪٽرن ڪوِوڊ جي وائرس جي تصديق ڪئي هاڻي گهر بہ ننڍو ۽ هيترا ڀاتي ڪيئن ۽ ڪھڙيءَ ريت هڪٻئي ۾ وڇوٽي بہ رکن ۽ کيس بہ سٺو کاڌو ڏين، ويچارا سخت پرشان ٿي ويا، هن جي هوشيار ماءُ سرڪاري اسپتال مان ننڍن ٻارن جا ٽيسٽ ڪرايا جيڪي نگيٽو آيا ۽ هڪدم ٻارڙا پنھنجي ماءُ جي گهر ڳوٺ موڪلي ڇڏيائين. گهر ۾ ٻہ ڪمرا هئا هڪ عثمان کي ڏنو ويو تہ ٻئي ڪمري ۾ حسين ۽ ماڻس رهڻ لڳا، جيڪي ڪجهہ وٽن هو دِل کولي خرچ ڪري عثمان جو علاج ڪيائون ڏهن ڏينھن ۾ هُو چڱو ڀلو ٿيو تہ شڪر حسين ۽ ماڻس بہ هن موذي وائرس واريءَ بيماريءَ کان محفوظ رهيا، عثمان جي جسم ۾ ڏاڍي ڪمزوري ٿي پئي هو ڇھہ مھينا تہ ڪم ڪرڻ جي قابل ئي نہ رهيو سندس بيماريءَ جي وچان ئي حسين پٺاڻ ڪالونيءَ جي هڪ مڪينڪ جي دوڪان تي گاڏين جي مرمت جي ڪم لاءِ لڳي ويو. في الحال تہ کيس خرچي ڏيندا هئا چيائون، ڪم سکڻ کانپوءِ يا مھيني جي پگهار تي رکنداسين، يا ڪم جي پئسن جي حساب سان ڪميشن مقرر ڪنداسين. هُن جيڏابہ ٻہ ٽي ننڍا ڇوڪرا ڪم ڪندڙ هئا. ان ريت هِن يارهن سال جي ٻار بنا ڪنھن سوچ ويچار جي خودبخود گهر جي پوري جوابداري کڻي ڇڏي.
اڄ صبح جو پڻس جي کنگھہ جي دوا جي شيشي کڻي ويجهي ميڊيڪل اسٽور ڏي پئي ويو تہ اسڪول ۾ ويندڙ ٻارن تي سندس نظر پئي، صاف سٺن يونيفارمن ۾، ٿيلھا پٺيءَ تي وجهي ٽهڪ ڏيندا تڪڙا تڪڙا هُو اسڪول وڃي رهيا هئا. هن جي ئي پاڙي جا ننڍپڻ جا دوست يار، ٿوري دير لاءِ هو بيھي کين ڏسڻ لڳو، ڪا خبر ڪونہ پيس تہ اسد جو سندس ئي گهٽيءَ ۾ رهندو هو هن کي هڪ ٽڪ ڏسي رهيو هو ان جي بہ هٿ ۾ اسڪول بيگ ۽ پاڻيءَ جو ٿرماس هو پر حسين جو ڌيان ڏانھس نہ ويو ٻارن کي شوق سان جلدي اسڪول ويندو ڏسي کيس پنھنجا اسڪول وڃڻ جا ڏينھن ياد اچڻ لڳا، اکيون آليون ٿي ويس بيھي نہ سگهيو ڀر ۾ هڪ گهر جي دڪي تي ويھي رهيو دوا جي شيشي کڻي اتي ئي رکيائين اسد اهو لقاءُ ڏٺو پئي، ويجهو اچي هُن جي ڪُلھي تي هٿ رکي کيس پاڻ ڏي متوجه ڪيائين، حسين پويان مڙي نھاريو تہ اسد کي ڏسي هٿ سان لڙڪ اگهي سلام ڪيائين، اسد پڇيس، ”ڇا توکي پڙهڻ جو شوق آهي؟ اڄ آئون توکي غور سان ٻارن کي اسڪول ڏي ويندي ڏسي رهيو آهيان“. حسين وراڻيس، ”ها اسد! مون کي پڙهڻ جو بلڪل تمام گهڻو شوق آهي پر ڇاڪريان؟ گهرجون حالتون اهڙيون ڪونھي جو آئون پڙهي سگهان؟ مون کي تہ گهرجي روز مره جي خرچ لاءِ ڪمائڻو آهي جو بابا ڪوِوڊ ٿيڻ کان پوءِ بلڪل ڏٻرو ٿي ويو آهي، منجهس ڪم ڪرڻ جي سگھہ ئي ڪونہ بچي آهي“.
اسد تسلي ڏيندي چيس، ” تون ڪو بہ فڪر نہ ڪر جمعي جي ڏينھن تنھنجي ڪم جي موڪل هوندي جمعي نماز کانپوءِ مون وٽ ايندو ڪَر آئون توکي پڙهائيندس“. حسين احسانمنديءَ سان هن کي ڏسڻ لڳو، منھن مان آهستي سان آواز نڪتس” ها بلڪل، مھرباني دوست آئون ايندڙ جمعي کان هر جمعي تي پڙهڻ ايندس“.
اسد سٺي حيثيت واري گهر مان هو پر منجهس ذري بہ وڏائي ۽ غرور ڪونہ هو. ھميشہ ٻين کي ڪم اچڻ سان کيس سچو سک سرندو هو هاڻي بہ دل ۾ خوش ٿيو تہ حسين کي محنت سان پڙهائيندس مَنَ هُو ڪجهہ حساب ڪتاب ڪرڻ جھڙو ۽ ٿورو ڪجهہ پڙهڻ لکڻ جھڙو ٿي وڃي، اڳيان هلي واقعي ايئن ئي ٿيو. ٿوري ئي وقت ۾ حسين ڪافي ڪجهہ سمجهڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ لڳو هو اسد جي گهران اچي بہ گهر ۾ گهڻي دير پڙهندو هو.
ٻارو! علم وڏي نعمت آهي علم ڄاڻ سان گڏ پنھنجي حقن ۽ فرضن جي سمجهہ ڏئي ٿو، حسين جنھن موٽر مڪينڪ جي دڪان تي ڪم ڪندو هو انھيءَ دڪان جي مالڪ جا پوري شھر ۾ پنج دڪان هئا جن جي سنڀال لاءِ هن هڪ ٺيڪيدار اسلم رکيو هو، جنھن کي ”استاد اسلم“ چوندا هئا، جو تمام ڪنجوس، ظالم ۽ حد درجي جو بخيل هو، وڏي مستريءَ کي پڻ روڪيندو هو تہ ڪنھن کي گهڻو فائدو نہ ڏي ۽ اجورو بہ گهٽ ڏئي. جيڪو مقرر اجورو هو ان مان بہ آخري تاريخن جا پئسا ڪجهہ ڪٽي ڇڏيندو هو. حسين هاڻي پڙهي لکي حساب ڪرڻ سمجهي ڇڏيو سو ساڻس آخري تاريخ تي بحث ڪري پورا پئسا کڻڻ لڳو، بلڪہ ان تي اڪتفا ڪونہ ڪيائين ٻين مڪينڪس کي بہ چوڻ لڳو تہ، ”اسان ڏينھن ۾ اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم ڪريون ٿا جڏهن تہ پوريءَ دنيا ۾ قانون آهي مزورن مسترين ۽ پورهيتن کي اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻو آهي جيڪڏهن اهي مزور خوشيءَ سان ٻہ ٽي ڪلاڪ وڌيڪ ڪم ڪن ٿا تہ کين اضافي پئسا ڏيڻا آهن، استاد اسلم اهي تہ ڪونہ ٿو ڏئي مرڳو اها ني بھاني مھيني جي آخر ۾ اسان جا پئسا پڻ ڪٽي ٿو، توهين احتجاج ڪريو پئسا ڪٽڻ نہ ڏيو“ ٻين ڪم ڪندڙن ۾ حسين جي گهڻي چوڻ سان سجاڳي آئي هاڻي سڀ وڏي مستريءَ ۽ استاد اسلم کان پورا پئسا گهرڻ لڳا، اسلم ٺيڪيدار هاڻي حسين سان وڙهڻ لڳو هڪ ٻہ دفعا کيس مار بہ ڏنائين حسين گهر وڃي ماءُ کي سڄي ڳالھہ ٻڌائي جنھن کيس همٿ ڏياري ٻيھر ڪم تي موڪليو. جو پڻس جي دوائن لاءِ بہ گهر ۾ پئسا ڪونہ هئا.
حسين آڻ ڪونہ مڃي ساڳئي طريقي سان ٻين کي ڀڙڪائڻ لڳو ٺيڪيدار جو هڪ مڪينڪ سان جهيڙو ٿي پيو جنھن جي سبب سان اهو سخت زخمي ٿي پيو، سڀ ڄڻ خوفزده ٿي ويا، مٿن استاد اسلم ۽ وڏي مستريءَ جي دهشت ۽ رعب قائم ٿي ويو. حُسين نڪا ڪئي هم نہ ڪا ڪئي تم هڪدم پوليس کي اطلاع ڪرايائين جنھن ٺيڪيدار کي جهلي ٻڌو، مالڪ پھچي اچي گيراج تي ڪم ڪندڙن کي ٿڌو ڪيو ۽ واعدو ڪيائين تہ هاڻي ڪنھن جو بہ حق غصب ڪونہ ٿيندو. توهين دل سان ڪم ڪريو اوهان کي پورو اجورو ڏنو ويندو ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي اضافي پئسا بہ ڏبا،
حسين جو سڀني دل سان ٿورو مڃيو ۽ پاڻ ۾ چيائون تہ ”ڪاش! اسين بہ پڙهي لکي هوشيار ٿي همٿ وارا هجون ها“

سونو ڪُڪڙ

ڳچ سالن جي پراڻي ڳالھہ آهي تہ ڪنھن ڳوٺ جي ننڍي گهر ۾ هڪ رَنَ زال پنھنجي ننڍڙي پٽ سالار سان گڏ رهندي هئي. ماءُ جي وڏي خواهش هئي تہ سندس پُٽ پڙهي لکي وڏو ماڻھو ٿيئي پر جيئن تہ اسڪول سندن گهر کان پري هو ۽ ڇوڪرو اڪيلو نٿي وڃي سگهيو، عقلمند ماءُ هڪ استاد کي سوال ڪيو تہ هو سالار کي گهر اچي پڙهائي جنھن جي لاءِ پئسا بہ آڇيائين، هُوءَ سيبو ٽوپو ڪري پنھنجو گذران ڪندڙ هڪ خوددار عورت هئي، استاد بہ غريبن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو سو هن پئسا وٺڻ کان جواب ڏنو، سالار جي ماءُ کيس هڪ ويلو ماني کارائڻ جي صلاح ڪئي جا استاد يعقوب قبول ڪئي.
استاد پنھنجي طور گهڻي محنت ڪندو رهيو، پر سالار جو پڙهائيءَ ۾ ڌيان ذرو بہ ڪونہ لڳو، هُو نہ ڪم جو کوٽو هو ۽ نہ ئي راند روند ۾ دل هيس، پر مسئلو اهو هو جو جڏهن استاد کيس پڙهائيندو هو تڏهن اها ڳالھہ سمجهي ڪونہ سگهندو هو ۽ اها حقيقت آهي تہ جڏهن بہ ڪا شيءَ سمجهہ ۾ ڪونہ ايندي تڏهن لازمي آهي اها ياد بہ ڪونہ ٿيندي. سالار ڪلاڪن جا ڪلاڪ پڙهندو رهيو پر کيس سبق ياد ڪڏهن بہ ڪونہ ٿيو. استاد يعقوب قابل استاد هوندي بہ اها ڳالھہ نوٽ ڪري ڪونہ سگهيو تہ هو سبق سمجهي ڪونہ پيو، هن کي ڪاوڙ اچي ويندي هئي جڏهن سالار کي سبق ياد ڪونہ هوندو هو تہ کيس ماريندو هو. ان ريت استاد جي مار جو خوف سالار جي دِل ۾ ويھي رهيو.
هڪ ڏينھن هُن گهڻي دير سبق ياد ڪيو پر کيس ياد ڪونہ ٿيو تہ اچي خوف ورايس تہ اڄ سائين يعقوب ڏاڍي مار ڏيندو گهران ئي نڪري وڃان تہ نہ ماستر هجي ۽ نہ ئي مار، اهو سوچي هُو گهر مان نڪتو گهڻو اڳتي ويو تہ هڪ وڻ جي ويجهو کيس جبل هيٺ هڪ غار ڏسڻ ۾ آيو، ڊپ ٿيس تہ رات جو ڪير مون کي کڻي نہ وڃي يا ڪو جانور کائي نہ وڃي ڇو نہ هن غار ۾ لڪي ويھي رهان، هُو انھيءَ غار ۾ ئي ويھي رهيو. کيس بک بہ لڳي ۽ ماءُ جي ياد بہ اچڻ لڳي پر وري بہ ساڳيو ڊپ تہ امان بہ ماستر يعقوب وانگر مار ڏيندي، اهي سڀ ويچار ڪندي کيس ننڊ اچي ويئي. ٻيو ڏينھن شروع ٿي ويو، سخت پريشان ٿي پيو تہ ڇاڪري؟ وٽانئس ڪو فيصلو بہ نہ ٿيئي بک بي حال ڪري ڇڏيس، منھن مان نڪتس تہ، ”بک کان تہ مار چڱي آهي“، اهي لفظ منھن مان ڪڍيائين ئي مَسَ تہ ٻہ ننڍا ماڻھو غار جي منھن وٽ آيا کيس جهنگ جا ميوا ۽ کير ڏنائون هن نہ ڪڏهن اهڙو مٺو ميوو کاڌو ۽ نہ ئي ڪڏهن اهڙو لذيذ کير پيتو هو. کائڻ کانپوءِ انھن ماڻھن کيس پنھنجي دنيا ۾ هلڻ لاءِ چيو، هُو هڪدم تيار ٿي ويو جو گهر وڃڻ کان وري بہ انھيءَ دنيا ۾ وڃڻ بھتر هو جتي ڪو بہ نہ ڏک هو ۽ نہ ئي غم.
هڪ نئين دنيا ۾ پھچي سالار حيران ٿي ويو هتي سھڻا باغ، چشما ٿڌيون هوائون. اُهي ماڻھو کيس پنھنجي بادشاھہ وٽ وٺي ويا جنھن کانئس سندس جي دنيا جون ڳالھيون پڇيون آخر ۾ چيو تہ، هو منھنجي شھزادي سان گڏ کيڏي بہ سگهي ٿو ۽ پڙهي بہ سگهي ٿو، هتي ڪير ٻار مار ڪونہ کائيندو آهي، سالار تہ ڏاڍو خوش ٿيو هُو شھزادي سان راند بہ کيڏندو هو تہ پڙهندو بہ هو. هيءَ هڪ حسين دنيا هئي جتي سڀ ننڍي قدر وارا ماڻھو مھربان، محنتي ۽ سچار هئا نہ ڪنھن کي دوکو ڏيندا هئا ۽ نہ ئي ڪنھن سان وڙهندا هئا. سالار کي هيءُ امن وارو ماحول ڏاڍو پسند آيو. هو پنھنجي دنيا وساري ويٺو کيس پورو هڪ سال ٿي ويو جنھن ۾ هن سٺو پڙهيو ۽ شھزادي جو بہ پڪو دوست ٿي ويو، سال کان پوءِ کانئس پڇيو ويو تہ جيڪڏهن هو پنھنجي دنيا ۾ امڙ وٽ وڃڻ چاهي تہ ڀلي وڃي، ان ريت هو پنھنجي ماءُ سان مليو جيڪا تہ سالار جي حياتيءَ جو ئي آسرو پَلي ويٺي هئي، ساڻس ملي ڏاڍي خوش ٿي کيس زنده سلامت ڏسڻ سان هن جي اندر کي آٿٿ آئي مٿان جو ٻيءَ دنيا جون سٺيون خبرون مليس سمجهيائين سندس پٽ اُتي خوش آهي، سالار ٻڌايس تہ، ”اتي هر شيءِ سون جي آهي ٿانو ٿپا، بال، رانديڪا مطلب هُو گهڻا امير آهن، پر منجهن ذري بہ لالچ ڪونھي ڪير ڪنھن جو حق نٿو کائي ۽ سندس پڙهائي بہ اتي سٺي ٿي ٿيئي“، ماءُ کيس واپس وڃڻ کان ڪونہ روڪيو پر ايترو سو ضرور چيائين تہ، ”ڪا سون جي شيءِ کڻي اچي مون کي بہ ڏيکار“.
ان ريت سالار هڪ ڏينھن شھزادي سان راند کيڏيندي هڪ ننڍو رانديڪو سندس وڃڻ کانپوءِ کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. هن سوچيو تہ منھنجي ماءُ اهو سون جو ڪڪڙ ڏسي خوش ٿيندي هن شھزادي کان اجازت ڪونہ ورتي جيڪا ڳالھہ ملڪ جي قانون مطابق خيانت ۽ چوريءَ ۾ شمار ٿِي ٿي، سالار اهو سونو ڪڪڙ کيسي ۾ وجهي غار جي منھن ڏانھن وڃڻ لڳو تہ هن ڏٺو اهي ٻہ ننڍا ماڻھو سندس پويان اچي رهيا آهن. هن کي خوف ٿي ويو تہ غلط ڪم سبب مون کي ڪا سزا نہ ملي سو وٺي ڊوڙ لڳايائين جيئن تيز ڊوڙيو تہ اهي ٻئي هن کان بہ تکا ٿي اچي رسيا. غار جي منھن وٽ سالار ڪري پيو ۽ ڪڪڙ کيسي مان نڪري وڃي پٿر سان لڳو، سڄي غار ۾ گهنٽيون وڄڻ لڳيون ڄڻ سائرن پئي وڄيا، سالار پگهر ۾ ٻڏي ويو اکين ۾ لڙڪ تري آيس انھن ٻنھي کي منٿون ڪرڻ لڳو تہ ”مون چوريءَ جي نيت سان اهو ڪڪڙ ڪونہ کنيو آهي آئون تہ فقط پنھنجي ماءُ جي خواهش مطابق ان کي ڏيکاري هتي واپس کڻي اچان ها پر مون غلطي ڪري اجازت ڪونہ ورتي مون کي معاف ڪريو واپس پنھنجي دنيا ۾ وٺي هلو آئيندہ لاءِ ڪڏهن بہ اهڙي حرڪت ڪونہ ڪندس“.
ٻئي ڄڻا پھرين چپ رهيا پوءِ هڪ چيو تہ، ”اسان جي دنيا انھيءَ ڪري آرام ۽ سڪون واري ۽ جنت جيان آهي جو اِتي بي ايماني ڪونھي ۽ نہ ئي اصولن جي انحرافي. اصول مطابق توکي موڪل گهرڻ کپندي هئي قانون مطابق هتان جي ڪا بہ شيءِ ٻاهر جي دنيا ۾ ڪونہ ويندي آهي، انھيءَ ڪري اسين توکي واپس وٺي نٿا هلي سگهون جو تو امانت ۾ خيانت ڪئي آهي“. سالار جون اکيون ڀرجي آيون، هو ٻئي واپس هليا ويا. روئي روئي گهر اچي ماءُ کي سڄو احوال ٻڌايائين ماءُ کي ڏاڍو افسوس ٿيو تہ ان هڪ ناممڪن ڪم جي خواهش ڪري پنھنجي پٽ کي تڪليف ڏني ۽ ٻئي ڏينھن کيس وري غار وٽ موڪليائين پر اتي نہ ڪو غار هو ۽ نہ ئي ڪو جبل، سالار سمجهيو تہ اهي نعمتون دائمي طور هن کان لالچ سبب کسجي ويون آهن، صبر ڪري ويھي رهيو هاڻي سندس دل پڙهائيءَ ۾ لڳڻ لڳي وقت گذرڻ سان گڏ هُن جو ڏک بہ گهٽجي ويو. جڏهن هُو پوڙهو ٿي ويو تڏهن بہ انھيءَ سھڻي دنيا جون ڳالھيون وساري نہ سگهيو. استاد جي حيثيت ۾ رهندي جڏهن بہ شاگردن سان ڳالھيون ڪندو هو انھيءَ دنيا جو قصو ضرور ٻڌائيندو هو. قصي جي اختتام تي پھچندي سندس اکين مان ضبط جي باوجود لڙڪ لڙي پوندا هئا.

پھرين تاريخ ۽ پڪوڙا

”جميل! اندر اچ پٽ، توکي ٿڌ لڳي ويندي!“ سياري جي پھرين برسات هئي جا ٻن ڏينھن کان ٿوريءَ ٿوريءَ دير سان پئي وسي، عام طور تي سياري ۾ ٻہ ڏينھن لاڳيتو مينھن گهٽ پوندو آهي پر هن سال تہ موسم شروع ٿيندي ئي مينھن اچي ويو، جميل جي ماءُ کيس اندر ويھاري بلاڪيٽ اوڍائي ڇڏيو هن جا ڏهين درجي جا امتحان بہ مارچ جي مھيني ۾ ٿيڻاهئا انھيءَ ڪري هاڻي ڊسمبر کان ئي هن گهڻو پڙهڻ شروع ڪيو ڇو جو سياري جي موڪلن کان پوءِ تہ هونئن بہ ششماهي امتحان تہ ٿيڻا هئا. ڪلاس ۾ هوشيار ٻار هئڻ ڪري کيس گهر توڻي اسڪول ۾ سڀ پيار ڪندڙهئا. ٿوري دير بلاڪيٽ ۾ گرم ٿيڻ کانپوءِ هُو ڪتاب کڻي اچي ورانڊي ۾ ڪرسيءَ تي ويھي آسمان ڏي نھاري موسم مان لطف اندوز ٿيڻ لڳو سڀ پن، وڻ، ٻوٽا ڌوپجي ساوا چهچ ٿي ويا هئا اڱڻ تي لڳل ٻنھي ليمي ۽ انب جي وڻن ۽ پاسي ۾ پيل گلاب جي گلن ۽ موتئي جي ڪونڊين مان خوشبو جي هٻڪار پئي آهي. ٿوريءَ دير ۾ سھيل هيل ۽ ڀيڻ نمره اندر ورانڊي ۾ ڌوڪي آيا اچي ماءُ کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳا ”امان! توهان جي چوڻ تي اسين مينھن ۾ ڀڄيا ڪونہ آهيون فقط ٻاهر جو نظارو پسيو اٿئون پاسي مان چاچي جي گهر مان ڏاڍي کاڌي جي خوشبو پئي اچي اسان کي بک بہ لڳي آهي تہ سيءُ بہ پيو پوي سٺا سٺا گرم گرم پڪوڙا ۽ چانھن ٺاهي ڏئي“.
ادي شاهده ڇاڪري؟ آخري تاريخون گهر ۾ سودو ئي اچي ختم ٿيو هو سو ٻارن کي پيار ڪندي چيائين، ” پٽ! پاڻ وٽ اڄ بيسڻ ڪونھي پھرين تاريخ ۾ ٻہ ڏينھن آهن پوءِ سڄو سودو وٺي اينداسين ٻچڙن کي کوڙ پڪوڙا هلو چانھن پيئو اها تيار آهي“.
سھيل منھن ڦٽائي وڏي آواز سان چيو، ”امان ڇو! هر وقت اسان وٽ سامان کٽي ٿو وڃي؟ هر ڳالھہ ۾ پھرين تاريخ، پھرين تاريخ ٻڌي ٻڌي ڪن ئي پچي پيا آهن اسان جي تہ ڪابہ خواهش پوري ئي ڪانہ ٿي ٿيئي. اسان جي گهر ۾ بہ سيڌو کٽي ٿو وڃي ۽ مھيني جي آخر ۾ خرچي بہ نٿي ملي، سئوٽ عمران کي جيتري خرچي شروع جي تاريخن ۾ ملندي آهي، آخري تاريخن ۾ ايتري ئي ملندي آهي هن جو کيسو تہ هر وقت ڀريل هجي ٿو ۽ اسان جو کيسو خالي“، ان ريت بحث ڪندي سندس آواز وڏو ٿي ويو انھيءَ کان اڳ جو هو گهڻو بخيل ٿيئي ماڻس پيار ڪندي چيس، ”منھنجو واعدو آهي تنھنجي خرچي هاڻي ڪونہ کٽندي پر آهستي ڳالھائي ڀر ۾ تنھنجي چاچي جو گهر آهي اهي ٻڌندا تہ پاڻ جي گهٽتي ٿيندي!!“
جميل ڀاءُ کي دڙڪا ڏيندي چيو، ” سھيل امان سان بحث نہ ڪر، ڪا ڳالھہ ڪونھي پڪوڙا ناهن تہ ڇا ٿيو!! ڏس چاچا هڪ وڏو اعليٰ آفيسر آهي ۽ پاڻ جو بابا هڪ ننڍو ڪلارڪ ٻنھي جو نوڪريءَ جو فرق ڏس نھ!!“ سھيل وري بہ ماٺ ڪونہ ٿيو”ڇو بابا ڇو ڪلارڪ ٿيو؟ بابا بہ تہ اڳيان پڙهي آفيسر ٿي سگهيو ٿي اسان جي قسمت ئي خراب هئي ڪاش اسان جو پيءُ بہ اعليٰ عھدي تي هجي ها تہ اڄ معمولي پڪوڙن لاءِ ڪونہ سڪون ها!!“ ڳالھائيندي سندس آواز وري بلند ٿي ويو ماڻس کي ڊپ ٿيو تہ ٻئي ڪمري ۾ موجود احمد صاحب نہ اهو ٻڌو هجي ڪاوڙ اچي ويس ۽ زور سان هڪ چماٽ سھيل کي هڻي ڪڍيائين احمد صاحب سھيل جي روئڻ جي آواز تي ٻاهر اچي پنھنجي گهر واريءَ کي سمجهائيندي چوڻ لڳو ”شاهده ٻارن سان اهڙي هلت نہ هلبي آهي پاڻ جا ٻار سمجهدار آهن هنن کي اصل حقيقت جي ڪابہ خبر ڪونھي، اهو تہ انھن جو ڏوھہ ڪونھي نہ!!“
شاهده جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا روئڻ هارڪي آواز ۾ چوڻ لڳي، ”پوءِ پنھنجي ٻچن کي اصل حقيقت کان واقف ڪيو نھ!! کين ٻڌايو تہ ٻين کي ڪامياب ڪندي ڪندي توهين پنھنجي اولاد وٽ ڪيئن ڏوهاري ٿي ويا آهيو“
ٻار ٽيئي پيءُ جي کٽ تي ٿي ويٺا احمد ڳالھائڻ لڳو، ”پٽ سھيل آئون ميٽرڪ پاس ڪلارڪ ضرور آهيان پر آئون نڪو پڙهائيءَ ۾ ڪمزور هئس ۽ نہ ئي سست ۽ ٽوٽي هئس، اصل ۾ اسان جي گهرجون حالتون اهڙيون ڪونہ هيون، منھنجو پيءُ هڪ محنتي مزور هو، مون ميٽرڪ سٺين مارڪن سان پاس ڪئي ۽ ڪاليج وڃڻ جا خواب ڏسڻ لڳس پر قسمت ۾ ڪجهہ ٻيو لکيل هو. هڪ ڏينھن اوچتو بابا پنھنجي ڪم تي وڏيءَ ٽہ ماڙ عمارت تان ڪري سخت ڦٽجي ڪري پيو ۽ ٻن ڏينھن ۾ موڪلائي ويو. آئون گهر جو وڏو هئس ۽ گهر جي سڄي جوابداري مون جي ڪلھن تي اچي پئي منھنجي تہ انھيءَ صدمي سان چيلھہ ئي چٻي ٿي وئي، ڏاڍو وهلور ويس پر امان حوصلو ڏنو توهان جي ٻنھي ننڍن چاچن کي ڪلارڪي ڪري پڙهائڻ لڳس پنھنجي اکين ۾ ڏٺل خواب انھن جي سٺي مستقبل لاءِ وساري ڇڏيم ڏينھن رات محنت ڪرڻ لڳس جيڪڏهن صبح جو نوڪري ڪريان ها ۽ شام جو پڙهان ها! تہ بہ شايد منھنجي تعليم مڪمل ٿي وڃي ها پر هڪ ميٽرڪ پاس کي ايتري وڏي نوڪري تہ نٿي ملي سگهي جو هو گهر جي ذمہ داريءَ کان بي فڪر ٿي شام جوپڙهائي جاري ڪري سگهي، ان ڪري آئون صبح جو پنھنجي سرڪاري کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏ شام جو وري هڪ مشھور اخباروارن وٽ رات جو ڏهين تائين ڪم ڪندو هئس انھيءَ سان توهان جي چاچن عرفان ۽ ڪامران کي پڙهائي پيرن تي بيھاريم عرفان هتي پاڪستان ۾ آفيسر ٿيو تہ ڪامران پرڏيھہ وڃي وسايو. اهي پنھنجي گهرن ۾ خوش آهن، ٻار ڄڻ ساھہ روڪي سڄي ڳالھہ ٻڌي رهياهئا. احمد وري کين چوڻ لڳو، ”مون اهو ڪنھن بہ لالچ ۾ ڪونہ ڪيو تہ صبح منھنجا ڀائر آفيسر ٿي مون کي سنڀالين يا منھنجي خدمت ڪن، آئون سڀني ۾ وڏو هئس مون پنھنجو فرض سڃاتو ۽ پنھنجي والده جي مُک تي خوشي آڻڻ ٿي چاهيم منھنجو رب مون سان راضي ٿيئي توهان جي اميءَ کي سڄي خبر آهي باقي اوهان ٻارن کي اهو سڀ ڪجهہ ٻڌائي توهان جون دليون پنھنجي رت جي رشتن لاءِ خراب ڪرڻ نٿي چاهيم ۽ ايئن بہ ٿيئي ها تہ صبح توهين مون کي چئو ها تہ بابا توهان تہ پنھنجي ڀائرن لاءِ سڀ ڪجهہ ڪيو پر انھن تہ واپسيءَ ۾ توهان کي ڪو بہ صلو ڪونہ ڏنو“
سھيل پنھنجي پيءُ جي زباني سندس محنتون، مشقتون ۽ قربانيون ٻڌي روئڻ لڳو، ”بابا مون کي معاف ڪريو مون کي خبر ڪانہ هئي تہ توهان حياتيءَ ۾ ايتري تڪليف ڏٺي ۽ سڀني کي سک ڏيڻ لاءِ پنھنجا آرام قربان ڪيا. مون کي هاڻي فخر آهي تہ آئون هڪ عظيم انسان جو پٽ آهان“.
”نہ منھنجا پٽ آئون تہ توهان کان زرو بہ ناراض نہ آهيان بس حياتيءَ ۾ اهو خيال رکو تہ ڪنھن جي باري ۾ سوچيو تہ سٺو سوچيو ۽ دل ۾ بدگمانين کي جڳھہ نہ ڏيو“
جميل ڊوڙندو دروازي جي آواز تي ٻاهر ويو تہ ٻاهر چاچو عرفان ۽ چاچي هڪ وڏو ڊش هٿ ۾ کڻي بيٺا هئا گهرن جون ڀتيون جڙيل هيون ۽ بجلي نہ هئڻ ڪري چاچي جي گهر ۾ اهو سڄو آواز ويو هو. هُو پڪوڙن جو ڊش ميز تي رکي سڀني سان مليا چاچو عرفان، احمد جي ڀر ۾ ويھي ڪنڌ هيٺ ڪري شرمندگيءَ سان چوڻ لڳو” ادا مون کي معاف ڪج مون توهان کي ڀت ڀر ۾ هوندي بہ وساري ڇڏيو آهي اها منھنجي نالائقي آهي. توهين منھنجا محسن آهيو اڄ توهان جي گهرجي ڳالھين منھنجي ستل ضمير کي جاڳايو آهي“
احمد چيس، ادا، ”ڀلي آئين جي آئين نچ آئين“، توکي پنھنجي اڱڻ تي ڏسي منھنجو تہ رون رون ٺري ويو آهي بيشڪ تو مون کي وساري ڇڏيو پر مون ڪونہ وساريو آهي. بابا مرحوم چوندو هو تہ، ”تڏي آئي تنگ نہ پئجي توڙي هجن وير هزار“ پاڻ جي دلين ۾ ڪي وير تہ ڪونہ آهن پر جيڪي دوريون آهن سي اڄ تنھنجي اچڻ سان مٽجي ويون ۽ ويڇا هاڻي ڏور ٿي ويا، منھنجي دل ۾ ڪا بہ شڪايت ڪانھي.
ادي شاهده مُرڪي چوڻ لڳي، ”هاڻي سڀ پڪوڙا کائو آئون گرم گرم چانھن آڻيان ٿي“
سڀ پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳا ۽ سھيل خوش ٿي انھن پڪوڙن ڏي ڏسڻ لڳو جن جي بھاني سان اڄ ڪيترن سالن جا ويڇا ڏور ٿي رهيا هئا.

شرارت يا شيطاني

فرحين ۽ شيرين پاڻ ۾ تمام گهاٽيون ساهيڙيون، هڪ ئي اسڪول ۾ هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهڻ سان گڏ ساڳئي پاڙي ۾ رهندڙ هيون ٻنھي جو ڪلاس ۾ پڙهائيءَ جو مقابلو هوندي بہ هڪٻئي سان ڪوبہ ساڙ ۽ حسد ڪونہ هو، البت فرحين پئسي ۾ ڪمزور ضرور هئي سندس گهر پاڙي ۾ ڪواٽرن واريءَ قطار ۾ هو جڏهن تہ شيرين جا مائيٽ آسودا هئا هوءَ هڪ ٻہ ماڙ گهر ۾ شانَ سان رهندڙ هئي باقي اسڪول گهر کي ويجهو هوندي، گهر ۾ گاڏي موجود هئڻ جي باوجود هوءَ فرحين سان گڏ پنڌ وڃڻ پسند ڪندي هئي، سندن پرائيوٽ اسڪول جو پڙهائيءَ جو خرچ بہ ڪافي هو فرحين جي ماءُ کي گهڻو شوق هو تہ سندس نياڻي اعليٰ تعليم حاصل ڪري مشھور ڊاڪٽرياڻي ٿيئي انھيءَ ڪري هوءَ سڄو مھينو ٿورا ٿورا ڪري ڪجهہ پئسا ايترا پاسيرا ڪري ڇڏيندي هئي جنھن مان فرحين جي اسڪول جي فيس ادا ٿي سگهي، ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ جيان سڄي مھيني جي بچت سان کيس پھرين تاريخ تي ڌيءَ جي فيس لاءِ ڪابہ پريشاني ڪانہ ٿيندي هئي. هن مھيني ۾ امتحان جي فيس ٻاويھہ سئو پڻ ڏيڻي هئي، کيس فرحين دير سان ٻڌايو هاڻي تہ هن لاءِ مسئلو ٿي ويو هڪ ئي وقت ٻائيتاليھہ سئو گڏ ڪڍڻ هن لاءِ ڏکيا هئا فرحين کي پھرين ٻہ هزار مھيني جي في جمع ڪرائڻ لاءِ ڏنائين، مس صبا فرحين کي سومر ڏينھن امتحان فيس آڻڻ لاءِ بہ چيو جنھن جي آخري تاريخ اربع جي ڏينھن وڃي بيٺي ٿي، فرحين خود بہ ميٽرڪ جي شاگردياڻي هئي ڳالھہ سڄي سمجهي پئي کيس افسوس ٿيڻ لڳو تہ ماءُ کي دير سان ٻڌائڻ جي غلطي ڇو ڪيائين؟ بھر حال همٿ واريءَ امڙ انھيءَ فيس جو بِلو بہ ڪيو اڱاري جي ڏينھن کيس پئسا ڏيئي تاڪيد ڪيائين تہ، ”اڄ اهي امتحان جي فيس لاءِ ضرور جمع ڪرائي نہ تہ پوءِ ليٽ في پوندي جنھن جي ڀرڻ جي وري توفيق ڪونہ ٿي سگهندي“، فرحين هائوڪار ڪئي. هن جو پيءُ ماءُ کي ايتري تاڪيد ڪندو ڏسي چوڻ لڳو، ”منھنجي فرحين تہ تمام سمجهدار ۽ ذمہ دار ڌيءَ آهي انھيءَ کي وڌيڪ ڇو ٿي چوين انشاء اللھ ڪم پڪو ڪري ايندي“
ڊيسڪ تي ٻئي ساهيڙيون ڪلاس ۾ گڏ ويٺيون هيون سرديءَ جو موسم ۽ آسمان تي ڪڪر ڏسي شيرين چوڻ لڳي ”واھہ اڄ تہ رسيس ۾ خوب مزو ايندو سنھيون ڇنڊون بہ پون پيون هلي گرم گرم سموسا ۽ چپس کائينداسين فرحين اڄ منھنجي طرفان تنھنجي رسيس ۾ دعوت آهي“. فرحين مُرڪي کيس ڏسڻ لڳي، اڄ حساب جي ٽيچر ڪونہ آئي هئي. انھيءَ ڪري مانيٽر کي ئي ڪلاس کي ڏسڻو هو، انھيءَ کان پوءِ رسيس هئي، جيئن ئي پيريڊ ختم ٿيڻ جو وقت ويجهو ٿيو شيرين جيڪا شرارتي ۽ من موجي هئي سڀني ڇوڪرين کي چوڻ لڳي، ”ڏسو ڏسو! ڪيڏو نہ سٺو موسم آهي دريءَ مان ايترو تہ سھڻو نظارو پيو ڏسڻ ۾ اچي اڄ اسڪول جو سڄو باغ ڄڻ ڌوپجي ويو آهي، بريڪ ۾ هيٺ هلي پينگھہ ۾ ٿا لڏون“ سندس ان ريت آڀارڻ تي ڪيتريون ڇوڪريون اچي درين وٽ بيٺيون تہ فرحين بہ انھن ۾ شامل هئي شيرين سوچيو فرحين ٻاهر جي نظاري ڏسڻ ۾ مشغول آهي تہ سندس جي پويان ٻيون ڇوڪريون بہ بيٺيون آهن کيس خبر ئي ڪونہ پوندي ڇو نہ اسان ٻنھي جا لنچ باڪس تبديل ڪريان تہ هوءَ حيرت زده بہ ٿيئي ۽ پوءِ هن کي دعوت بہ کارايان، جيئن ئي هن جي اسڪول بيگ مان لنچ باڪس ڪڍيائين پئي تہ اسلاميات جي ڪتاب مان پنج سئو ڪري پٽ تي پيا هوءَ سمجهي وئي تہ هُن اهي فيءَ لاءِ پئسا آندا آهن ڪتاب کولي ٻيا پئسا بہ ڪڍي ملائي پنھنجي بوٽ جي جراب ۾ هڻي ڇڏيائين. سوچيائين تہ هوءَ جڏهن پئسا ڪونہ ڏسندي پوءِ فڪرمند ٿيندي آئون کيس اوچتو سرپرائيز ڏيئي واپس ڪنديس، ظاهري طور تہ اها شرارت هئي پر در حقيقت هڪ غلط ۽ شيطاني ڪم هو. رسيس ٿي سڀ گڏجي هيٺ ڪينٽين ڏي وڃڻ لڳا فرحين کي شيرين چوڻ لڳي تہ هتي ڪلاس ۾ويھج آئون کاڌي جون شيون وٺي اچان ٿي هوءَ رواني ٿي فرحين ٿيلھو کولي ڪتاب مان پئسا ڪڍڻ چاهيا تہ انھيءَ ۾ ڪاريءَ وارا ڪک هئا. سڀ ڪتاب اٿلائي پٿلائي ڏٺائين ڪجهہ بہ نہ هجي، ڦيري اچي ويس دل ۾ خيال آيس شايد صبح جو ناشتو ڪندي گهر ۾ ميز تي تہ نہ ڪونہ ڇڏيا اٿم؟ ڪنھن ڇوڪريءَ تہ ڪونہ ڪڍيا آهن؟ اهو ڪم ممڪن آهي شيرين ڪيو هجي اهو سوچيندي دَرَ ڏانھن ڏٺائين تہ شيرين سموسا ۽ بوتلون وٺي پئي آئي دل جو حال اوريائين کيس نہ سموسو وڻي ۽ نہ بوتل، ”شيرين امان مون کي فيس جا پئسا ڏنا هئا اهي مون ڪتابن ۾ رکيا پر هاڻي تہ آهن ڪونہ هاڻي امان کي ڇا چونديس؟“ ”شيرين کي سندس پريشاني ڏسي پنھنجي ڪيل شرارت مان مزو پئي آيو سو خيال ڪيائين تہ آخري تاريخ تہ سڀاڻي آهي هن کي صبح ئي ٻڌائينديس اڄ ڀلي کيس ڇڏي ڏيان.
موڪل ٿي، فرحين چيس تہ تون ڀلي هل آئون مِس سان ملي اچان ٿي هوءَ سوچڻ لڳي، ”مِس کي ڇا چوان؟“ فرحين جي وڃڻ کانپوءِ گهڻي ضبط ڪندي بہ سندس اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا، ڪلاسن مان نڪري اسٽاف روم ڏي ويئي، خبر پيس تہ سڀ ٽيچرز گهر هليون ويون آهن، برسات پڻ تيز ٿي وئي هڪ ٻہ ڇوڪريون ٻہ ٽي پٽيواليون ۽ چوڪيدار بچيا هئا. هوءَ گيٽ وٽ آئي پر برسات گهڻيءَ جي ڪري گهر پنڌ وڃڻ جي همٿ بہ ساري ڪونہ پئي سگهي ۽ ڏک وچان گهر وڃڻ تي بہ دل نہ پئي چيس پر آخر گهر تہ وڃڻو هو، ڪا بہ رڪشا يا سوزوڪي ڏسڻ ۾ ڪونہ پئي آئي اسڪول جي ٻاهر هڪ وڻ هيٺ بيھي رهي تہ وڌيڪ ڀڄڻ کان بچي وڃان ٿيلھي ۾ پيل وڏي چادر اوڍي ڇڏيائين کيس سيءَ لڳي رهيو هو، ڪجهہ دير کانپوءِ هڪ رڪشا اچي هن جي ڀر ۾ بيٺي، حيران ٿي وئي سندس ماءُ ان رڪشا ۾ ويٺل هئي جنھن اشارو ڪيس هوءَ ٽپ ڏيئي رڪشا ۾ ويٺي، ماڻس چوڻ لڳي، فرحين موڪل کي تہ ڪجهہ دير ٿي وئي آهي وري برسات بہ پئي پوي تون ڪونہ پھتين“ مون کي فڪر اچي ٿيو گهر بند ڪري تنھنجي لاءِ نڪري پيس“. فرحين کي بخار اچي چڪو هو، سندس اکيون ڳاڙهيون هيون ماڻس مٿي تي هٿ لڳائي چوڻ لڳي”تنھنجو تہ تپ ۾ نرڙ ٻري پيو ۽ اکيون ئي ڳاڙهيون ٿي ويون اٿئي، جلدي گهر پھچي دوا ڏيان ٿي ايتري دير ڇو ٿي؟ شيرين اڄ ڪونہ آئي هئي ڇا؟“ ڳالھائيندي ڳالھائيندي اچي گهر وٽ رڪشا بيٺي هن جي ماءُ رڪشاواري کي پئسا ڏيئي دروازو کولي کيس ڪمري ۾ پلنگ تي سمھاري گوريون ۽ پاڻي کڻڻ ويئي پر بخار ايترو وڌي ويو جو جلدي فائدو ئي نہ پيو ٿيئي شام جو هن جي ماءُ شيرين کي نياپو ڪيو، ان جڏهن سندس اهڙي حالت ڏٺي تڏهن سخت شرمندگي ٿيس، هن جي هڪ غلط حرڪت ذري گهٽ فرحين کي اسپتال ڀيڙو ڪري ڇڏڻ تي هئي. جيئن ئي فرحين جي ماءُ سندس لاءِ چانھن ٺاهڻ وئي شيرين پنھنجي جرابن مان پئسا ڪڍي ڪمري ۾ پيل فرحين جي اسڪول بيگ جي لنچ باڪس ۾ رکي ڇڏيا ۽ خود ڌڻيءَ دَر دُعا ڪرڻ لڳي تہ، اللھ ڪري منھنجي پياري ساهيڙيءَ کي هوش اچي ۽ هوءَ چڱي ڀلي ٿي صبح اسڪول اچي ۽ پنھنجي امتحان جي فيس جمع ڪرائي، ٿوريءَ دير ۾ چانھن اچي ويئي، فرحين جي اک کلڻ کان پوءِ شيرين موڪلايو هن جي وڃڻ کانپوءِ فرحين جي والده ان جو يونيفارم ۽ بوٽ هنڌ تي رکڻ لڳي ٿيلھو کولي لنچ باڪس ڪڍيائين تہ صبح لاءِ ڌوئي رکي اهو بہ ويچار ڪيائين تہ جيڪڏهن صبح هوءَ ٺيڪ ڪونہ هوندي تہ پوءِ کيس موڪل ڪرائينديس بورچيخاني ۾ جيئن لنچ باڪس جو ڍڪ کوليائين تہ ان ۾ مُڙيل ۽ وٽيل نوٽ پيا هئا جي ڏسي پاڻ حيران ٿي وئي سمجهيائين تہ ڌيڻس بخار جي ڪري في ادا ڪري ڪونہ سگهي آهي، واپس ڪمري ۾ آئي تہ فرحين کي ڪجهہ بھتر حالت ۾ ڏسي پڇيائين ” فرو لنچ باڪس ۾ ٻاويھہ سئو پيا آهن ڇو اڄ في جمع ڪونہ ٿي سگهي؟“ هوءَ تہ حيران تي اٿي ويھي رهي وَرَ ڏيئي پڇيائين، ”امان! پئسا پورا آهن؟“ ” ها ها پورا آهن ڇو ايئن پڇين پئي ڪا ڳالھہ آهي ڇا؟“ ”نہ امان منھنجي طبيعت ٺيڪ ڪونہ هئي ان ڪري فڪرمند ٿي ويس تہ ڪنھن ڪڍيا نہ هجن“ ماڻس کيس حيران ۽ خوش ڇڏي واپس بورچيخاني ۾ وئي هلي. فرحين تہ بلڪل جاڳي اٿي ويھي رهي عجب ۾ پئجي وئي تہ مون تہ سڄو ٿيلھو سولي نموني ڏٺو هو ۽ لنچ باڪس بہ ان مھل کائي پورو ڪيو هو پوءِ اهي پئسا ان ۾ ڪٿان اچي ويا؟ ڪنھن اهڙي شيطاني شرارت ڪئي آهي؟ پرجي ڪو چوريءَ جي نيت سان ايئن ڪري ها تہ واپس پَڪَ ڪو نہ رکي ها، ٻئي ڏينھن صبح جو هوءَ چڱي ڀلي هئي ۽ سندس ماءُ جي طبيعت بہ اڄ بھتر هئي ان کيس چيو تہ ” اڄ آئون اسڪول گڏ هلان ٿي تہ في پياري ڇڏيان ۽ تون ڀلي ڪلاس ۾ بي فڪري هلي وڃج“ فرحين ڪلاس ۾ هلي وئي، پڙهائيءَ دوران پڻ کيس اها اڻ تڻ ذهن تي سوار ضرور هئي تہ اهي پئسا جادوئي نموني سان سندس کاڌي جي دٻي ۾ ڪيئن پھتا هئا. رسيس ۾ وري شيرين سان سڄي ڳالھہ ڪري کانئس پڇيائين ته” اها شرارت هُن تہ ڪانہ ڪئي هئي؟ جنھن جي ڪري هوءَ بي حساب رني ۽ کيس بخار بہ آيو! شيرين شرمندگيءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي ۽ اهو چيو تہ، ”هن جو مقصد فقط کيس وقتي طور تنگ ڪرڻ هو نہ چوريءَ جو ارادو هو ۽ نہ ئي اهو هو تہ هوءَ امتحان جي في نہ پياري“.
پوري ڳالھہ ٻڌي فرحين کي پھرين تہ سخت ڪاوڙ لڳي اتان اُٿي وڃڻ لڳي پر پوءِ شيرين کيس هٿ ٻڌي منٿون ڪري پاڻ سان ويھاريو ۽ وَرَ وَرَ ڏيئي چوي، ” مونسان دوستي ختم نہ ڪر مون کي معاف ڪر“ فرحين چيس ”رڳو هڪڙي شرط تي آئون توسان دوستي قائم رکي سگهان ٿي، اهو آهي تہ نہ تون آئيندہ لاءِ ڪوڙ ڳالھئيندينءِ ۽ نہ ئي ڪنھن تان چٿر ڪندين ۽ نہ ڪنھن جي اهل ڪندينءِ ۽ نہ اهڙي قسم جون شيطاني شرارتون ڪندينءِ، توکي خبر آهي تون تمام سٺي ڇوڪري آهين ذهين، هوشيار پر انھن عادتن جي ڪري توکان ڇوڪريون پاسو پيون ڪن، آئون تنھنجي ننڍپڻ جي ساهيڙيءِ پاڙيسرياڻي تہ بہ تو مذاق ۾ مون کي تڪليف ڏني، ان ريت ڪونہ ڪبو آهي نہ تہ سڀ ساهيڙيون ٽٽي وينديون. اهو بہ ٻڌ تہ، شرارت ۽ شيطانيءَ ۾ فرق هجي ٿو شرارت ۾ معصوميت، سادگي ۽ سچائي هوندي آهي تہ شيطاني دِل آزاري ۽ ڪوڙ سان گڏ ٻئي لاءِ تڪليف هجي ٿي واعدو ڪر آئيندہ لاءِ ايئن ڪونہ ڪندينءِ“. شيرين شرمندگيءَ مان مٿي ڪنڌ ئي کڻي نہ سگهي منھن جو پنو ئي لھي ويس نھڪر ۾ ڪنڌ لوڏي زباني طور چيائين، ”ڀيڻ مون کي معاف ڪر اڳتي ڪڏهن بہ اهڙي مشڪري ڪونہ ڪنديس“. ان واقعي کانپوءِ تحقيق ڪلاس ۾ ڪنھن کي بہ شيرين مان ڪا بہ شڪايت ڏسڻ ۾ ڪونہ آئي.

رايا

”اخلاقي قدر“ مانائتي ڀيڻ پروين موسيٰ ميمڻ جو اهم ڪتاب آهي، جيڪو هن نئين ٽهيءَ جي شاگردن جي اخلاقي قدرن جي زوال پذيري ۽ انحطاط کي سامھون رکي انھن کي نئين سر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هيءَ ڪتاب نئين نسل جي لاءِ دلچسپيءَ ۽ افاديت جو باعث ضرور بڻبو پر ان سان گڏوگڏ عام پڙهندڙ بہ هن ڪتاب مان بھتر فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.

ولي رام ولڀ


ادبي پروين موسيٰ ميمڻ کي ڪريم رب بي حد نوازيو آهي. ادب جي جنھن بہ صنف ۾ هُن ڪوشش ڪئي آهي اُتي قلم سندس ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. اسان جي هن نثر نگار نياڻيءَ جي ڊگهي قلمي پورهئي ڏانھن نھاربو تہ احساس ٿيندو تہ اديءَ پروين لاڳيتو لکيو آهي ۽ ڌڻيءَ جي ڪرم سان بي حد حسين لکيو آهي، پنھنجي ان ڪوشش ۾ هوءَ سدابھار رهي آهي، هن ڪتاب ۾ جرڪندڙ هيرا سھڻن سخِنن جي صورت ۾ موجود آهن، آپا کي نياز مندين سان مبارڪ تہ کيس ٻارڙن جي محبت ايڏو حسين پورهيو ڪرايو آهي.

محمود مغل


ڊاڪٽر صاحبہ جي ڪھاڻين ۾ ٻارن جي وندر جو وکر بہ آهي تہ مقصد جا موتي بہ آهن، سندن هر هڪ ڪھاڻيءَ ۾ ٻارن لاءِ ڏسُ بہ آهي تہ گسُ بہ آهي، هن جي ڪھاڻيءَ جي عمارت صِرف ڊائلاگ بازيءَ جي ڪمزور بنياد تي نہ پر سنيھي ۽ سمجهاڻيءَ جي پُختي بنياد تي بيٺل آهي. ڪيترين ئي ڪھاڻين ۾ ٻارن جي لاءِ سمجهہ ۽ ساڃھہ جا رنگ پڌرا آهن. جيڪي ٻارن جي ذهنن ۾ ضرور سمائجي ويندا. ڪھاڻين تي مشتمل ٻارن لاءِ لکيل ”ارباب جي هوشاري“ ڪتاب ٻارن جي ادب جي ميدان ۾ هڪ بھترين قدم آهي.

بيخود بلوچ


ڊاڪٽر پروين موسيٰ پنھنجي لکڻين ۾ ڪلاسيڪل ۽ لوڪ ادب کي جديد دور سان جديد انداز سان ڳنڍيو آهي جيڪا سندس خوبي ۽ خاصو آهي، سندس سڀ ڪتاب اهم ۽ معلومات سان ڀريل آهن ۽ لکڻ جو انداز ڏاڍو سھڻو، دلچسپ ۽ سبق آموز آهي، ڊاڪٽر صاحبہ پنھنجي ”سبجيڪٽ“ کي خوب ڄاڻي ٿي ۽ پڙهندڙن لاءِ هڪ سبق ڇڏي ٿي جيڪو ڪنھن بہ ليکڪ جو ”اصلي“ ڪم ٿيئي ٿو. ”سونيون اشرفيون“ ڪتاب جون سڀ ڪھاڻيون انتهائي دلڪش، وندر ۽ سکيا واريون آهن.

ذوالفقار سيال


ڊاڪٽر پروين محمد موسيٰ ميمڻ انتهائي بردبار، سادي ۽ نياز نئڙت وارو رک رکاءُ رکندڙ ليکڪا ۽ گهڻ پاسائين شخصيت آهي، هڪ نامياري محققا سان گڏ هڪ استاد ۽ ماءُ پڻ آهي، ان ڪري ٻاراڻي ادب ڏانھن توجهہ ڏيڻ ۽ ٻارن لاءِ مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ، سندن ڪو غير روايتي عمل نٿو ڪوٺي سگهجي. دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب کي بنيادي سگھہ سمجهيو وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هيءَ سنجيده سوچ رکندڙ ليکڪا پنھنجي قوم جي معمار ۽ آئيندہ جي اڏيندڙ ٻار لاءِ 2010ع کان ”اخلاقي قدر“ (مضمون) ڪتاب کان اڄ تائين مستقل ۽ مسلسل لکي رهي آهي، منجهن مطالعي جي سگھہ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب مضمونن، ڪھاڻين ۽ معلومات تي مشتمل پيش ڪيا اٿن.

مريم مجيدي


ڊاڪٽر پروين موسيٰ جو ڪتاب”شرارتي جِنُ“ شعور جو عظيم ۽ بامقصد وکر آهي، جنھن جي عام ٿيڻ سان فائدو پڙهندڙ ٻارن جو ئي آهي. هيءُ ڪھاڻين جو ڪتاب جديد ٻاراڻي ادب لاءِ هڪ بھترين پورهيو آهي. پڙهندڙ ٻارن کي سِٽَ سِٽَ ۾ پنھنجو مستقبل نظر ايندو ۽ وڏڙن کي پنھنجي بچپن جو عڪس نظر ايندو.

امداد جسڪاڻي


ڊاڪٽر پروين موسيٰ سرت-وند ليکڪا آهي، ان ڪري اسان کي ٻاراڻي ادب ۾ هڪ شاهڪار ڪتاب ڏنو اٿس هن ڪتاب ۾ ڪل ٻارنھن ٻاراڻيون انوکيون ۽ دلچسپ ڪھاڻيون ڏنيون ويون آهن، ۽ هر هڪ ڪھاڻيءَ ۾ هُن عقل ۽ ڏاهپ جا ٻُڪ ڀري وڌا آهن، ھھڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا تہ ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳندو ۽ اهو شوق کيس علم جي دروازي تي وٺي ويندو. ھھڙي بھترين ڪتاب لکڻ تي مان ڊاڪٽر پروين کي مبارڪ ڏيان ٿو

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ


تمام گهٽ ليکڪ سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ لکن ٿا، شاعري ڪافي لکي وڃي ٿي، پر ٻارن لاءِ ڪھاڻيون ٿورا تخليقڪار لکن ٿا، جن سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪھاڻيون لکيون آهن، انھن ۾ ادي پروين موسيٰ ميمڻ جو نالو اهم شمار ٿيئي ٿو. هن ڌرتيءَ جي گلن جھڙن ٻالڪن سان کيس بيحد اُنس ۽ پيار آهي، سندن ترقي ۽ واڌاري لاءِ سوچيندي ۽ لوچيندي رهي ٿي. هنن ڪھاڻين معرفت سندس اها خواهش آهي تہ علم ادب ۽ ڏات جا ڏيئا ٻاري امن ڀائيچاري، اتحاد ۽ انسانيت کي سڄي ملڪ ۾ پکيڙي وطن سان گڏ پوريءَ دنيا کي جنت بڻايون.

عبدالحئي ڀٽو