ڪھاڻيون

بوءِ

هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ ننڍيون وڏيون 32 ڪھاڻيون شامل آهنِ. ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين جا موضوع توڙي اسلوب ڌيان ڇڪائيندڙ آھن. انور ڪليم جي ڪھاڻين جي زمين پنھنجي ئي ديس جي آهي، هو سنڌ جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ آهي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار سجاڳ نظر اچن ٿا. هن پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين کي ئي پنھنجي ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آهي. سندس لکڻين ۾ ڀرپور رس چس ۽ ڀرپور رواني آهي.

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book بوءِ

حق ۽ واسطا

Book No:105
حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب: بوءِ
موضوع: ڪھاڻيون
ليکڪ: انور ڪليم
ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ
ٽائيٽل لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ٽائيٽل: خالد ڀٽي
ڇاپو پھريون: جنوري 2021ع
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع


Office: Room No 305 3rd Floor Sabir manzil 98
Behind Gul Plaza Marston road Near M- A Jinnah Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtaza.laghari9@gmail.com
03005182494

ملھہ: 200 رپيا

ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، ڪاٺياواڙ بوڪ شاپ اردو بازار ڪراچي
رومي ڪتاب گهر حيدرآباد، عزيز ڪتاب گهر سکر
پيڪاڪ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو
دانيال ڪتاب گهر حيدرآباد، سوچ ڪتاب گهر دادو،
تھذيب بڪ اسٽور خيرپورميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي
پريتم قاضي نواب شاھہ، عاجز منگي سانگهڙ

ارپنا

گهر جي چُلھہ ٻاريندي
دونھين سان جهيڙيندڙ
عورتن جي نانءِ

انور ڪليم

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار أنور ڪليم جي ڪھاڻين جو مجموعو ”بوءِ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ ننڍيون وڏيون 32 ڪھاڻيون شامل آهنِ. ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين جا موضوع توڙي اسلوب ڌيان ڇڪائيندڙ آھن. انور ڪليم جي ڪھاڻين جي زمين پنھنجي ئي ديس جي آهي، هو سنڌ جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ آهي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار سجاڳ نظر اچن ٿا. هن پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين کي ئي پنھنجي ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آهي. سندس لکڻين ۾ ڀرپور رس چس ۽ ڀرپور رواني آهي.
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون أنور ڪليم ۽ مُرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽيءَ تي آباد سنڌ جي خوبصورت شھر شھدادڪوٽ جي ادبي زمين سدائين آباد رھي آھي. شھدادڪوٽ ۾ نثر توڙي نظم جا بھترين ليکڪ پيدا ٿيا آھن، جن نہ رڳو سگهاري سڃاڻپ ٺاھي پر پنھنجي شھر ۽ ڌرتيءَ جو نانءُ پڻ روشن ڪيو آھي. ”أنور ڪليم“ پڻ اھڙن قلمڪارن منجهان ھڪ آھي.
انور ڪليم لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کان لکي رهيو آهي. هن قلم ذريعي پنھنجي ڀرپاسي، پنھنجي شھر کان ويندي سڄي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي سورڪٿا بيان ڪئي آهي. هو نہ رڳو اهي درد بيان ڪري ٿو پر مظلومن جي حمايت ۾ سگهارو آوازبڻجي ٿو.
انور ڪليم هڪ ئي وقت ناول نگار، ڪھاڻيڪار ۽ مترجم طور پاڻ مڃائي چڪو آهي. سندس پھريون خوبصورت ڪھاڻي ڪتاب ”32” ۽ پوءِ مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان سندس ناول ”واپسي“ ڇپجي پڌرو ٿيو. ناول جي شاندار ڪاميابي پلئہ پئي، تہ سندس ٻيو ڪتاب اشاعت ھيٺ آيو. هن ڀيري سندس ڪھاڻيون ڪتابي صورت ۾ آڻي حقيقي وارثن تائين رسائي رهيا آهيون.
انور ڪليم جو هي ڪھاڻي ڪتاب ”بوء“ نالي سان پڌرو ڪيو پيو وڃي. هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ ننڍيون وڏيون 32 ڪھاڻيون شامل آهنِ. سندس ڪھاڻين جي زمين پنھنجي ئي ديس جي آهي، هو سنڌ جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ آهي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار سجاڳ نظر اچن ٿا. هن پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين کي ئي پنھنجي ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آهي. سندس لکڻين ۾ ڀرپور رس چس ۽ ڀرپور رواني آهي. هو سنڌي ٻوليءَ جي منفرد ليکڪ طور سامھون اچي رهيو آهي.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان سندس ڪھاڻي ڪتاب ”بوءَ“ شايع ڪندي خوشي ٿي رهي آهي. ڪوشش هوندي تہ سندس ٻيا ڪتاب بہ اداري طرفان شايع ٿي پڙهندڙن تائين پھچن.


مرتضيٰ لغاري
03005182494

ليکڪ جو نوٽ: بي ذائقي ڪھاڻيءَ جي صدي

ڪنھن ڊگهي بحث کان بغير آءُ ذاتي رايو رکان ٿو تہ سنڌي ڪھاڻي ترقي پسند تحريڪ جي زير اثر لکندڙن جي دؤر ۾ ساھہ کڻڻ شروع ڪيو ۽ جديديت جي دؤر ۾ داخل ٿيندي ٿيندي هڪ شاندار عروج حاصل ڪيو. پر ترت ئي جديديت پڇاڻان ۽ نئين صدي جي نعرن هيٺ ڪھاڻيءَ کي مداريءَ جي ڀولي بڻائي نچائڻ وارو ڪم شروع ٿيو
اظھار جا جديد انداز اپنائڻ جي چڪر ۾ ڪھاڻيءَ ۾ بهتري آڻڻ بدران پاڻ کي مھان بڻائڻ ۽ سڏائڻ جو مقابلو شروع ٿيو.
ڪھاڻيءَ جا نوان نوان فارمولا/ فارميٽ گهڙي پنھنجي الڳ مسجد ٺاهڻ وارن جي هڪ ڊگهي قطار نظر اچڻ لڳي.
ڪھاڻي جون حدون، سرحدون مقرر ٿيڻ لڳيون.
سو لفظن، پنجاھہ لفظن کان بہ گهٽ ڪري ڪھاڻي کي هڪ سٽ ۾ قيد ڪرڻ وارا بہ ظاهر ٿيڻ لڳا.
حساسيت، داخلي حساسيت جي نالي تي اڪثر بُڙ بڙاهٽ، خودڪلامي پڙهڻ لاءِ ملڻ لڳو ۽ حقيقت پسندي جي نالي تي ڇُڙواڳي يا اخباري خبرن جھڙيون ڪھاڻيون پڙهڻ لاءِ ملڻ لڳيون.
ڪجهہ ماڻھن، ڪجهہ حلقن لاءِ اهو سڀ ڪجهہ ٺيڪ آهي.
پر آءُ سمجهان ٿو تہ اها صورت حال مطمئن ڪندڙ ناهي.
ڪھاڻي، جيڪا ڪنھن واقعي تي آڌاريل ۽ ڪو انجام رکندي هئي، سا ڪھاڻي ڪٿي گم ٿي چڪي اهي يا جلاوطن ڪئي وئي آهي.
ڪھاڻي، جيڪا واقعي جي طاقت تي بيٺل هئي، سا هاڻي ڪمزور ڪردار نگاري ۽ فلسفي جھڙن ڪجهہ جملن جي ٽيڪ تي بيٺل آهي.
توڙي جو هن وقت ڪھاڻيءَ جو ڳاٽ اوچو رکڻ وارا بہ تمام گهڻا ڪھاڻيڪار آهن، جيڪي ڪھاڻي کي جديد دؤر جي تقاضائن مطابق سرجندي روايتي رس چس جو پڻ خيال رکن ٿا.
شايد ڪھاڻي اهڙن ئي تخليقڪارن جي ڪري زنده آهي.
آءُ سمجهان ٿو تہ واقعي کان بغير ڪھاڻي بي ذائقو آهي ۽ ڪٿي ائين نہ ٿئي تہ ايندڙ وقت ۾هن صديءَ کي بي ذائقي ڪھاڻي جي صديءَ طور ياد ڪيو وڃي.

* اهو سچ آهي تہ چنڊ کي پنھنجي ڪائي روشني ناهي. هن جي سموري چمڪ ۽ سونھن ٻين جي روشني جي ڪري ئي آهي.
تيئن آءُ بہ هڪ بي نور وجود آهيان جنھن جي چمڪ ۽ سونھن پويان منھنجن دوستن جون مھربانيون آهن جن جو شمار ممڪن ناهي هن ڪتاب جي اوهان تائين پھچڻ ۾ بہ برادرم پرڪاش ڪمار، عبدالرافع شيخ ۽ بابر جاگيراڻي جون محبتون شامل حال رهيون ۽ سائين حسن علي چانڊيو ۽ ڀاءُ طارق خشڪ ۽ س-ا-س جي سمورن دوستن جو پڻ شڪر گذار آهيان.
ڇپائيءَ جي مرحلن ۽ معاملن ۾ دلچسپي لاءِ عبدالواحد سومرو ۽ مرتضيٰ لغاري، مرڪ پبليڪشن جو پڻ ٿورائتو آهيان هن موقعي تي تازو وڇڙي ويل دوستن فتاح ابڙو ۽ ضمير کرل جي احسانن کي ياد نہ ڪرڻ بہ ڪم ظرفي ٿيندي. جنن جي بلند درجات لاءِ ھميشہ دعاگو آهيان.


انور ڪليم
03342007782

ڪھاڻيون

---

پکيءَ جي نئين نسل جي ڪھاڻي

ڪافي ڳالھين ۾ اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ضد آهيون
پر پوءِ بہ ملڻ، کلڻ ۽ ڳالھائڻ بنا رهي نہ سگهندا آهيون.
هُو تاريخ کي پسند ڪندو آهي ۽ چوندو آهي تہ تاريخ مان سکي، انسان ترقي ڪئي آهي.
۽ مان قصن، ڪھاڻين کي پسند ڪندو آهيان ۽ منھنجو ايمان آهي تہ انسان جي ترقي جو (بنياد) قصن ۽ ڪھاڻين کان پيو آهي اسان ٻئي ٽائيم ڪڍي، شھر جي لائبريري جي ڀرسان هڪ ننڍڙي هوٽل ۾ ويھي چانھہ پيئڻ پسند ڪندا آهيون. ان ننڍڙي هوٽل کي اسان پيار منجهان ”ڪينٽين“ چوندا آهيون
ان هوٽل ۾ ڪٿي بہ ويھو، سامھون لائبريري جي بلڊنگ نظر ايندي آهي.
پاڻ ۾ ڳالھائيندي بہ اسان جون نظرون لائبريري جي بلڊنگ ۾ ئي کُتل هونديون آهن.
اتي ويھي ڪري بہ پاڻ کي لائبريري ۽ ڪتابن جي وچ ۾ محسوس ڪندا آهيون
ائين جيئن ڪو عاشق محبوبہ جي گهٽي يا پاڙي ۾ بہ پاڻ کي هن جي ويجهي محسوس ڪري لذت حاصل ڪندو آهي.
بحرحال، ڳالھہ پئي ڪيم تضادن جي،
ان ڏينھن بي ڌياني ۾ مون تاريخ جو ڪو ڪتاب کنيو هيو. پر يقين ڪريو پھريون صفحو کوليندي منھنجي ڪنن ۾ ڪنھن هوريان چيو ”مڪاري... خود غرضي.... ڌوڪيبازي“
آواز تي مون ڪو بہ ڇرڪ نہ ڀريو ڇو تہ پنھنجي اندر جو آواز مون لاءِ اوپرو نہ آهي بس مون خاموشي سان ڪتاب رکي ڇڏيو.
سمجهي ويو هئيس تہ اهو آواز سڪون سان پڙهڻ ڪو نہ ڏيندو. چانھہ جي طلب ٿي تہ ان هوٽل تي آيس جنھن کي اسان ”ڪينٽين“ چئي ياد ڪندا آهيون. هُو بہ اچي ويو هيو بيري بغير آرڊر جي ٻہ هاف اچي اڳيان رکيا.
سمجهہ ۾ نہ ايندڙ خاموشي وچ ۾
هٿن ۾ چانھہ جا ڪپ کڻي اسان لائبريري جي بلڊنگ کي گهوريندا رهياسين شايد هو خاموشيءَ مان تنگ ٿيو ان ڪري پھريون ان ئي ڳالھايو
”يار ڪھاڻيڪار .. ڪجهہ تہ ڳالھاءِ ... ڪجهہ تہ ”ٻڌاءِ“
مون لائبريري بلڊنگ کان نظرون هٽائي مُرڪي هن ڏانھن ڏٺو
”يار اڄ ڪو قصو، ڪائي ڪھاڻي ٻُڌاءِ“
هن ڳالھايو.
آءُ سمجهي ويَس تہ خاموشيءَ مان پيدا ٿيل بوريت کي ڳالھائي، مون کي تنگ ڪري دُور ڪرڻ ٿو چاهي.
نہ تہ هُو ۽ ڪنھن ڪھاڻيءَ جي فرمائش!؟
نامُمڪن.
مون بہ اُلٽو کيس بُور ڪرڻ جوسوچي مرڪي چيو
”ڪھاڻي ٻُڌندين؟“
هن چانھہ جو وڏو ڍُڪ ڀري ڪنڌ لوڏي ها ڪئي
”چڱو ٻُڌ پُراڻي وقتن ۾ ڪنھن ڏورانھين مُلڪ جو هيو ڪو هڪ واپاري ... هڪ ڀيري واپار سانگي گڏيل هندوستان جي هڪ علائقي ۾ آيو جتي کيس هڪ ڳالھائيندڙ پکي وڻي ويو جنھن کي کڻي هو پنھنجي ملڪ آيو“
مِون ڏٺو تہ ڪھاڻي ٻڌندي هن جي مُرڪ ڪجهہ گَهري ٿي وئي هئي پر مون ڪھاڻي ٻُڌائڻ جاري رکيو
”هُو ان پکيءَ جو هر طرح خيال رکندو هيو کيس پسند جي خوراڪ ڏيندو هيو پر پوءِ بہ پکي اڪثر اداس ۽ چپ چپ رهندو هيو ..“
مون ڏٺو تہ هن جي مرڪ وڌيڪ گهَري ٿي وئي هئي مون کائنس پڇيو.
”لڳي ٿو تہ هي ڪھاڻي تنھنجي ٻُڌل آهي
ائين نہ ؟؟“
”ها...“ هن مُرڪ سان جواب ڏنو ۽ اڳتي ڪھاڻي هُو پاڻ ٻڌائڻ لڳو
”واپاري، پکي کان پڇي ٿو تہ تون ڇو اداس رهين ٿو؟ توکي ڇا کپي؟ جنھن تي پکي کيس چوي ٿو تہ مون کي آزادي کپي .
ائين نہ ؟“ ڪھاڻي ٻُڌائيندي هُن مون کان تصديق ڪرڻ چاهي تہ آءُ کيس اها ئي ڪھاڻي ٻُڌائڻ پئي چاهي نہ؟
”ها ... پر....“ مون جواب ڏيڻ چاهيو تہ هُن وري بي صبريءَ مان منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيو
”پر ڇا ... اها ڪھاڻي ائين ئي آهي .. پکي کيس چَوي ٿو تہ ڀلا هُو جڏنھن وري سندس وطن ڏانھن وڃي تہ اتان جي پکين کي سندس سلام ڏي ۽ ان واپاريءَ جو جڏنھن اوڏانھن وڃڻ ٿئي ٿو ۽ کيس پنھنجي پکيءَ جي ڳالھہ ياد اچي ٿي تہ هُو جهنگ ۾ ان جنس جي پکين کي پنھنجي پکيءَ پاران سلام ڏي ٿو ...“
هُو جوش ۾ اڳواٽ ئي ڪھاڻي ٻُڌائي مون ڏانھن داد طلب نظرن سان ڏسڻ لڳو
”ها... پر ...“ مون وري ڪجهہ چوڻ چاهيو تہ هُن منھن خراب ڪندي چيو
”اڃان ڪھڙي ها ...پر... ڀلا بس انجام ٻُڌ...
واپاريءَ کان قيد ڪيل پکيءَ جا سلام ٻُڌي اهو پکي ڪري پَوي ٿو تہ واپاري سمجهي ٿو تہ هو صدمي ۾ مري ويو آهي وري اها ڳالھہ اچي پنھنجي پکي کي ٻُڌائي ٿو تہ هُو بہ غش کائي ڪري ٿو پوي واپاري هن کي مُئل سمجهي ٻاهر ڪڍي ٿو تہ پکي يڪدم اُڏري ٿو ۽ واپاري کي ٻڌائي ٿو تہ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي وطن جي پکين پاران ڏسيل طريقي سان مڪاري مان ڪم وٺندي بي هوشيءَ جو ناٽڪ ڪري آزادي حاصل ڪئي...“
ڪھاڻيءَ جو انجام ٻُڌائي هن داد طلب نظرن سان مون ڏانھن ڏٺو...
آءُ خاموش رهيَسُ تہ هن ٽھڪ ڏئي چيو
”تون چوندو آهين تہ صرف تاريخ ئي مڪاري فريب ۽ ڌوڪي بازي سان ڀري پئي آهي پر ڏس.. مڪاري ۽ فريب قصن ۽ ڪھاڻين ۾ بہ اٿئي .“
”تاريخ ۾ درج، ڌوڪن، مڪارين تي جشن بہ ملھايا ويندا آهن پر ..“
هُن چڙ مان منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيو
”يار هڪ تون ها ... پر .. ها ... پر ڏاڍو پيو استعمال ڪرين ...
بس سڌي ڳالھہ تہ تون جيڪا ڪھاڻي ٻُڌائڻ چاهين پيو هڪ تہ ان ۾ بہ مڪر ۽ فريب آهي ٻيو تہ اها ڪھاڻي منھنجي ٻُڌل ۽ پڙهيل آهي...“
ان وقت مون هڪ نظر لائبريري جي بلڊنگ ڏانھن ڏٺو ڪافي دير کان مون کي لائبريري ڏانھن ايندي ويندي ڪو بہ نظر نہ آيو هيو.
ان لمحي مون سوچيو
”جنھن لائبريري ۾ پڙهڻ وارن جو اَچ، وڃ نہ هجي، اهو بہ ڪتابن جو صرف قبرستان آهي بس“
”ڇا پيو سوچين“
هن جي ڳالھائڻ تي آءُ وري هن ڏانھن متوجھہ ٿيسُ
”تون اها ڪھاڻي ڪنھن کان ٻُڌي ۽ ڪٿي پڙهي؟“
مون هن کان پڇيو
”پنھنجن وڏن کان ننڍپڻ ۾ ٻُڌي هئيم ۽ وري پُراڻن ڪتابن ۾ پڙهي اٿم“
مون ڊگهو ساھہ کڻي خالي ڪپ ڏانھن ڏٺو جيڪو وري ڪنھن ڊگهي بحث جي صورت ۾ ٻئي چانھہ جي فضول خرچي لاءِ هرکائيندي محسوس ٿيو
”پر ... تون جنھن وقت اها ڪھاڻي ٻُڌائي رهيو هئين مون توکي ان وقت بہ روڪڻ پئي چاهيو ڇو تہ تون وڏن کان ٻُڌل ۽ پُراڻن ڪتابن ۾ پڙهيل واپاريءَ ۽ پکيءَ جي پُراڻي نسل جي ڪھاڻي ٻُڌائي رهيو هئين. جڏهن تہ مون توکي واپاري ۽ پکين جي نئين نسل جي ڪھاڻي ٻُڌائڻ پئي چاهيو ..“
”واپاري ۽ پکي جي نئين نسل جي ڪھاڻي؟؟“
هُن حيرت مان پڇيو
”ها .. واپاري ۽ پکين جي نئين نسل جي ڪھاڻي بہ ايستائين تہ هڪ ئي آهي جو پکي، مَري وڃڻ جو ناٽڪ ڪري ٿو تہ واپاري کيس مُئل سمجهي پنڃري مان ڪڍي ٿو پکي اُڏري وڃي ٿو ..“
هو حيرت ۽ شوق مان منھنجي ڳالھہ ٻُڌي رهيو هيو
”پکي جڏهن واپاري کي ٻُڌايو تہ هن آزادي لاءِ مرڻ جو صرف ناٽڪ ڪيو هيو ۽ ائين پکي اُڏري ويو تہ واپاري کي پاڻ مٿان وڏي ڪاوڙ آئي ...
هن سوچيو تہ هُن جو پيسو، عقل، تجربو سڀ ڪجهہ فيل ٿي ويو هيو.
هن ڪجهہ عرصي بعد ان ئي علائقي مان پئسي جي زور تي هڪ ٻيو پکي گهرائي پنڃري ۾ قيد ڪري ڇڏيو پر هاڻي هو ان ڳالھہ سان ڪائي غرض نہ رکندو هيو تہ پکي اُداس آهي يا خوش؟
وڏو عرصو گذريو، واپاري ڪراڙو ۽ سندس پُٽ جوان ٿيو. واپاري پنھنجي پُٽ کي پکيءَ جي ڪيل مڪاري بابت ٻُڌايو تہ جيئن هُو بہ ڪڏهن پکيءَ کان ڌوڪو نہ کائي سندس پُٽ واعدو ڪيو تہ هُو هوشيار رهندو ۽ سندس تجربن ۽ نصيحتن تي هلندو.
نيٺ واپاري مري ويو. سندس پُٽ سندس سمورو ڪاروهنوار سنڀاليو. ۽ هُو بہ جڏنھن واپار لاءِ انھيءَ پکيءَ جي وطن ۾ آيو تہ کيس پيءُ جون ٻُڌايل سموريون ڳالھيون ياد آيون، هن سوچيو تہ ان جهنگ جي پکين کي وڃي ٻُڌائي تہ هن وٽ قيد سندن نسل جو پکي کين سلام پيو ڏي . واپاري جي پُٽ سوچيو تہ ڏسان تہ هينئر هُو ڪھڙو ناٽڪ ٿا ڪن پر هُو سندن فريب ۾ نہ ايندو ۽ مٿن خوب کلندو.“
آءُ هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿيسُ تہ هُن بيچينيءَ مان پاسو ورايو.
جڏهن تہ مون وري هڪ نظر لائبريري بلڊنگ ڏانھن ڏٺو شايد ٽائيم ختم ٿيڻ ڪري ٻاهرين گيٽ بند نظر آيو تڏهن مون سوچيو هاڻي هتان اٿندس تہ گيم کيڏي وقت گذارڻ لاءِ ڪلب هليو ويندسُ
لائبريريون جلد بند ٿينديون آهن پر گيم ڪلب تہ دير تائين کليل هوندا آهن
”ڇا پيو سوچين؟“ هن پڇيو
مون بي ڌياني مان چيو
”بابا چوندو آهي تہ جڏهن نئين نسل لاءِ ...“
هن خار مان چيو
”تنھنجي ۽ منھنجي بابا جا قول هڪ جھڙا آهن تون مون کي واپاري ۽ پکين جي نئين نسل جي ڪھاڻي ٻُڌائي رهيو هئين..“
مون کي بہ ياد اچي ويو تہ مون وري ڪھاڻي جو رهيل حصو ٻُڌائڻ شروع ڪيو
”واپاري جو پُٽ ان جهنگ ۾ آيو، هن ڏٺو تہ ان نسل جا پکي جنھن وڻ تي ويٺا هيا اهو وڻ ڊگهو ۽ گهاٽو هيو پر ان وڻ جو مٿيون حصو تہ سائو ۽ ٽاريون پنن سان ڀريل هيون جڏهن تہ هيٺيون حصو سُڪل هيو
هر ٽاريءَ تي پکي ٽولن جي صورت ۾ ويٺل هيا
واپاري جي پُٽ کين زور سان سلام ڏئي متوجھہ ڪيو ۽ ٻُڌايو تہ سندن نسل جو پکي سندس وٽ پنڃري ۾ آهي ۽ هُو کين سلام پيو ڏئي ..
واپاري جي پُٽ ڏٺو تہ سمورا پکي يڪدم خاموش ٿي ويا هيا.
وري هڪ ٽولي جا پکي جنن جو چُهنب کيس قلم جھڙو لڳو اُهي وري پاڻ کي ٺاهڻ ۾ لڳي ويا جڏنھن تہ هڪ ٽولي جي وچ ۾ ڪاري رنگ جو پکي هيو جنھن جي چوڦير ڪافي پکي ويٺا هيا ان پکيءَ ڪاوڙ واري انداز ۾ ٻين پکين کي چيو
”اسان جي نسل تي، دنيا جي ڪھڙي بہ ڪُنڊ ۾ ظلم ٿي اسان کي آواز اٿارڻ کپي... بدلو وٺڻ کپي“
واپاري جو پُٽ هڪ لمحي لاءِ پريشان ٿي ويو
ڪاري رنگ جي پکي جي اڪسائڻ تي ڪافي پکي جوش ۾ اچي ويا هيا.
”اسان کي هن جون اکيون ڪڍڻ کپن“
ڪارو پکي ٻين کي پنھنجي نسل جي تاريخ جا حوالا ڏيڻ لڳو هو.
واپاري جي پُٽ اتان پڄڻ جو ارادو ڪيو عين ان وقت هڪ پکي جيڪو اڪيلو هيو ۽ سُڪل ٽاريءَ تي ويٺو هيو. تنھن واپاري جي پُٽ کي چيو ”پنڃري ۾ بند پکيءَ کي وڃي چئو تہ هاڻي ٻاهرين کان مڪر، فريب سکڻ ۽ مدد جو آسرو ڇڏي پاڻ سوچ تہ توکي حالتن مطابق ڇا ڪرڻ کپي...
ٻاهرن جي مدد سان ملندڙ آزادي ھميشہ مقروض رهندي آهي....“

...*...

نہ ٻڌائي سگهيل ڳالھہ

موٽر سائيڪل کي تازي پيل برسات جي پاڻي کان بچائيندي، ڪجهہ گهٽيون ڪراس ڪري جڏھن مين روڊ تي پھچي، شھر کان ٻاھر ويندڙ رستي تي ھلڻ لڳو تہ مون پڇيو.
”شھر کان ٻاھر ڪيڏانھن ڪاڪا؟“
مان کيس ڪاڪو سڏيندو ھيس.
”يار موسم جو مزو وٺڻ شھر کان ٻاھر“
ھن خوشگوار موڊ ۾ ورندي ڏني.
مون بہ وڌيڪ ڪجهہ چوڻ بدران آسمان ڏانھن نھاريو آسمان تي ڪڪر ڇانيل ھيا ۽ رکي رکي تيز ھوا جسم سان لڳي عجيب قسم جو مزو ڏئي رھي ھئي. شھر کان ٻاھر اچي. ٻھراڙيءَ جو علائقو شروع ٿيندي ئي، حميد موٽرسائيڪل جي اسپيڊ گهٽ ڪئي.
آئون الاءِ تہ گهڻي عرصي کان پوءِ شھر کان ٻاھر نڪتو ھيس.
شھر کان پري ۽ ٻھراڙي جو علائقو شروع ٿيندي ئي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ وقت جي رفتار رڪجي وئي ھجي. سڪون ئي سڪون محسوس ٿيڻ لڳو ھو. ذھن جي تھ خاني مان يادگيريءَ جو ھڪ ڌنڌلو عڪس اڀري آيو. ڳوٺ جو ڌنڌلو عڪس، جنھن ۾ منھنجو ننڍڙو، معصوم وجود بي فڪريءَ منجهان گهمي رھيو ھو.
امڙ جون ٻُڌايل ڳالھيون جيڪي ان عڪس کي چٽو ڪنديون ھيون.
”ابا، ٻھراڙيءَ ۾ ڏاڍو ڏکيو وقت گذاريوسين...
ڪو ويلو ماني کان بغير تہ وري اڪثر چتيون لڳل ڪپڙا پائيندا هياسين ۽ پير اگهاڙي...“
وڌيڪ ٻڌائيندي ھئي تہ ڪيئن نہ بابا مڙسي ڪئي. ڳوٺ ڇڏي شھر آيو. مزدوري ڪيائين ۽ مون کي پڙھايائين... ۽ وري مون کي ھڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ ئي سھي، پر سٺي نوڪري ملي وئي ھئي.
”روايتي ڪھاڻي“ اھي يادون ايندي الاءِ ڇو دل ئي دل ۾ کلي مون سوچيو. ” اڄ بہ ڳوٺ ۽ ڳوٺ وارن جي ساڳي زندگي“
”ڪاڪا اڃان ڪيترو ٻاھر ھلندين؟“ مون حميد کان پڇيو.
”بس سھڻا اجهو ان موڙ تي پھتاسين“ ھن جواب ڏنو.
پر مان نہ سمجهي سگهيس تہ ڪھڙو موڙ؟
جلد ئي ھو وڏي روڊ کان لھي ڪنھن ڪچي رستي تي ھلڻ لڳو ۽ پوءِ ھڪ وڻ جي ڀرسان موٽرسائيڪل روڪيندي مون کي آڱر مٿي ڪري ھڪ ڪرڻ جو اشارو ڪري ھليو ويو ان وچ ۾ آءٌ ڪجهہ پري کان نظر ايندڙ ٻہ ڳوٺ ڏسي چڪو ھوس، ڪافي سرسبز علائقو ھيو.
جلد ئي حميد موٽي آيو.
”ڪجهہ ٻڌاءِ تہ سھي ڪيسيتائين ھلڻو آھي ۽ ايڏانھن ھلڻ جو مقصد ڇا آھي“ مون پڇيو.
”يار آءٌ ھڪ ٻئي دوست سان گڏ اڪثر ھن طرف ايندو آھيان“ حميد ٻڌايو.
”پر ڇو؟“
”اصل ۾ ھن رستي جي ٻنھي پاسن کان ڳوٺ آھن جن جي گهرن مان عورتون ۽ ڇوڪريون ڪم ڪار، سانگي نڪرنديون رھنديون آھن“
حميد جي چپن تي مرڪ اچي وئي ھئي.
”تہ پوءِ؟“ مون ڪجهہ ڪجهہ سمجهندي پڇيو.
”يار چتيون لڳل تہ ڪٿان ڦاٽل ڪپڙن مان سندن ظاھر ٿيندڙ جسم ڏسي...“ هو تصور ۾ ئي ڄڻ لذت حاصل ڪري رهيو هو
”ھل تہ واپس ھلون“
مون سندس ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي ڪنڌ ھيٺ ڪندي چيو.
”ڇو؟“ ھن حيران ٿيندي پڇيو.
آءٌ کيس نہ ٻڌائي سگهيس تہ چتيون لڳل ڪپڙن واري هر عورت ۾ مون کي پنھنجي ماءُ ڏيک ڏيندي آھي.

سُڪل وڻ تائين سفر

هُو هوٽل ۾ داخل ٿيو ۽ ڪنھن خالي ڪرسي لاءِ هيڏانھن هوڏانھن ڏسڻ لڳو.
هوٽل جون تقريبن سموريون ڪرسين تي ماڻھو ويٺل نظر آيس.
ڪو چانھہ پيئندي، ڪي ماني کائيندي ڳالھيون ڪندي نظر پئي آيا.
اوچتو ئي سندس نظر خالي پيل ڪرسي تي پئي تہ هُو تيزي سان اتي پھتو پر اُتي اڳ ۾ ويٺل ٻن نوجوانن کي ڏسي هٻڪي بيھي رهو انھن نوجوانن مان هڪ نوجوان ٽيبل تي ڪنھن ڪاغذ تي ڪجهہ لکي رهيو هيو ۽ ڀر ۾ ويٺل نوجوان شايد کيس ڪجهھ چوندو پئي ويو.
انھن جي ويجهو پھچي ڀرسان خالي ڪرسي ڏسڻ باوجود هُو هٻڪي بيھي رهيو تہ هنن نوجوانن بہ ڪنڌ ورائي هن ڏانھن ڏٺو، ڪجهہ لمحا هُو سڀ هڪٻئي ڏانھن خاموشي مان ڏسندا رهيا.
نوجوانن کي مصروف ڏسي هنن جي ڀرسان ويھڻ مناسب نہ سمجهندي هُو واپس ورڻ لڳو هيو تہ انھن مان هڪ نوجوان کيس تيزي سان سڏ ڪيو.
”چا چا سائين، اوهان هت ويھي سگهو ٿا“
ٻئي هنڌ ڪنھن خالي جو آسرو گهٽ هجڻ ۽ هڪ نوجوان جو پاڻ مرادو کيس اجازت ڏيڻ تي هٻڪندي ويھندي چوڻ لڳو.
”مھرباني پُٽ، اوهان کي برو تہ نہ لڳندو؟“
”نہ نہ سائين، هوٽل ڀريو پيو آهي ٻي هنڌ ڪرسي نہ ملندوَ“
ڪاغذ تي ڪجهہ لکندڙ نوجوان ساڻس وري بہ ڳالھايو هيو جڏهن تہ سندس ڀرسان ويٺل ٻئي نوجوان جي چهري جي تاثرات مان صاف محسوس ٿي رهيو تہ هُن کي ان ڪراڙي جو اُتي ويھڻ ڪو نہ وڻيو هيو پر پوءِ بہ هُو خاموش رهيو هيو.
”ها تہ اڳتي ڇا لکان؟“
ڪاغذ تي ڪجهہ لکندڙ نوجوان پنھنجي ڀر ۾ ويٺل نوجوان ڏانھن ڏسندي پڇيو.
پر سندس دوست ڪو جواب ڏيڻ بدران هڪ نظر نئين آيل ڪراڙي تي وڌي ۽ خاموش رهيو.
لکڻ وارو نوجوان سمجهي ويو تہ نئين آيل ماڻھو جي ڪري سندس دوست کيس ڪجهہ چوڻ لکرائڻ کان هٻڪي رهيو آهي.
هُن کلندي، نئين آيل ماڻھو ڏانھن ڏسي پنھنجي دوست کي چيو.
”ڇڏ يار هن کان ڇا جو شرمائڻ ... نہ اسان هن کي سڃاڻيون، نہ اسان کي سُڃاڻي جو وڃي ڪنھن سان ڳالھہ ڪندو“
نئون آيل همراھہ هڪ لمحي لاءِ شرمندگي منجهان هنن ڏانھن ڏٺو ۽ چوڻ لڳو.
”مون کي شايد هتي نہ ويھڻ گهرجي ها... مون...“
”نہ نہ سائين ويٺا رهو... هي مون وارو دوست حد کان ڪجهہ وڌيڪ شريف ۽ شرميلو آهي... ڀلا هڪ نوجوان ڇوڪرو پنھنجي محبوبہ ڏانھن خط لکرائي پيو تہ ان ۾ شرم جي ڪھڙي ڳالھہ؟“
محبوبہ جي ذڪر تي ٻيو نوجوان ڪجهہ وڌيڪ بي چين ڏسڻ ۾ پئي آيو جڏهن تہ نئون آيل ڪراڙو ڪو جواب ڏيڻ بدران هلڪو مرڪي پيو.
”ڀلا سائين جواني ۾ ماڻھو اهو سڀ ڪجهھ ناهي ڪندو ڇا؟“
لکندڙ نوجوان وڏي بي باڪي سان پڇيو ان وچ ۾ هوٽل جو بيرو آيو هيو جنھن کي نئين آيل ڪراڙي چانھہ جو آرڊر ڏنو ان وچ ۾ ٻنھي نوجوانن نئي آيل ڪراڙي جو جائزو ورتو.
هُو خوش لباس، صحت مند پئي ڏسڻ م آيو پر گڏو گڏ صاف لڳو پئي تہ هُو ڪو ڳوٺاڻو هيو سندس هٿ ۾ پلاسٽڪ جي ننڍڙي ٿيلي ۾ ڪو سامان پڻ هيو.
”ٻڌائي ساجد تہ اڳتي ڇا لکان؟“
ساجد هڪ نظر وري ڪراڙي تي وڌي ۽ جان ڇڏائڻ واري لھجي ۾ چوڻ لڳو.
”بس لکينس تہ ڪجهہ ڏينھن ۾ آءُ پنھنجي والدين کي سندس گهر موڪليندس“
لکڻ واري نوجوان اهو سڀ لکيو ۽ وري ساجد ڏانھن ڏسڻ لڳو.
”بس ايترو ڪافي آهي“ ساجد تڪڙي چيو.
لکڻ واري هڪ اڌ جملو لکي وري ان ڪراڙي ڏانھن ڏسي چيو.
”اوهان جو ڇا خيال آهي محبت واقعي لڪي لڪي ڪرڻ گهرجي؟“
ڪراڙي هڪ نظر ٻنھي ڏانھن نھاري هوريان هوريان چوڻ لڳو
”سائين اوهان پڙهيل لکيل ماڻھو آهيو اوهان ئي بهتر ڄاڻو ٿا تہ ڇا ڇا ڪرڻ مناسب آهي يا نھ... هوئين بہ اڄ ڪلھہ دور ڪجهہ تبديل ٿي چڪو آهي... هر شئي جا معيار ئي بدلجي ويا آهن...“
آخري جملو چوندي ڪراڙي جو لھجو ڪجهہ اُداسي ڀريو محسوس ٿيو هيو.

”اوهانجي دؤر ۾... يعني اوهانجي جواني واري دؤر ۾ محبت جا ڪھڙا معيار ھيا؟“
لکڻ واري نوجوان بغير ڪنھن تڪلف جي ڪراڙي کان پڇيو.
سوال ٻڌي ڪراڙي هڪ ڊگهو ساھہ کنيو ۽ خاموشي سان ڪجهہ سوچڻ لڳو، شايد ڪي بي شمار يادون هڪ ئي وقت سندس ذهن کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳيون هيون نوجوانن کي پاڻ ڏانھن ڏسندو ڏسي هوريان چوڻ لڳو.

”اهو سچ آهي تہ نوجواني جون پنھنجون ڪجهہ گُهرجون، خواهشون هونديون آهن پر انھي باوجود بہ پنھنجي ڀر پاسي جي ماحول رسمن، رواجن کي بہ ڏسڻو ٿو پَوَي اسان جي نوجواني واري دؤر ۾ ڪنھن بہ مرد توڙي عورت جي محبت لڪيل هوندي هئي تہ سندس عزت ۽ زندگي محفوظ هوندا هيا هن دور ۾ تہ پنھنجي محبت جا قصا عام ڪرڻ کي بهادري ۽ فخر جھڙي ڳالھہ سمجهيو پيو وڃي.“
ان وچ ۾ هوٽل جو بيرو هن لاءِ چانھہ رکي ويو هيو ۽ ڪراڙو ڪافي دير تائين چانھہ جي ڪپ کي خاموش ٿي گهوريندو رهيو هيو.
”اهو تہ شايد اڄ ڪلھہ بہ اوهان ۾ رسم آهي ڪارو ڪاري ڪري مارڻ جي“
لکڻ واري نوجوان جو لھجو ڪجهہ ٽوڪ ڀريو هيو.
”ها “ ڪراڙي ڪنڌ هيٺ ڪري چيو.
نوجوان نہ سمجهي سگهيا تہ هن جي لھجي ۾ شرمندگي آهي يا ڏک؟
”ڇا محبت ڪرڻ وارن کي برداشت ڪرڻ بي غيرتي آهي؟“
” آءُ ڪجهہ نٿو چئي سگهان نوجوان... ڪڏهن ڪڏهن غلط رسمن کي بہ هلائڻو پوي ٿو“
ڪراڙي هوريان چيو.
”پر اها غلط ڳالھہ آهي تہ اهڙي فطري جذبي رکڻ وارن کي غلط سمجهيو وڃي“
نوجوان جو لھجو ڪجهہ تيز هيو.
”پر اوهان ڏسي رهيا هوندا تہ اڄ ڪلھہ محبت جي نالي تي ڇا ڇا نہ ڪيو پيو وڃي.“
”ها ڪجهہ غلط بہ ٿي رهيو آهي پر پوءِ بہ محبت کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو هجڻ گهرجي“
نوجوان پنھنجي ڳالھہ تي ضد وانگر بيٺو رهيو ڪراڙو ڪجهہ لمحا کيس خاموشي سان، غور سان ڏسندو رهيو وري آهستي چوڻ لڳو.
”معاف ڪجائين نوجوان صرف ڳالھيون ڪرڻ يا ٻين کي نصيحت ڪرڻ سولو آهي پر پاڻ برداشت ڪرڻ ڏکيو“
”نہ نہ سائين... حوصلو ۽ حقيقت پسندي هجي تہ ڪائي ڳالھہ مشڪل ناهي“
نوجوان جو لھجو اٽل هيو.
ڪراڙي نوجوان ڏانھن ڏسي ڪجهہ چوڻ چاهيو پر ڪجهہ سوچي خاموش رهيو.
نوجوان کيس نرم لھجي ۾ چيو.
”چاچا سائين... اوهان جيڪو ڪجهہ چوڻ چاهيو ٿا بغير ڪنھن هٻڪ جي چئو، مون ۾ برداشت ڪرڻ جو حوصلو آهي.“
ڪراڙو چوڻ لڳو.
”نوجوان... ڳالھہ ڪجهہ ڪئوڙي آهي ڪٿي توهان ناراض نہ ٿيو؟“
”ضرور چئو چاچا... مان بہ پنھنجي حوصلي کي آزمائڻ ٿو چاهيان“
نوجون کلي چيو.
ڪراڙي ڊگهو ساھہ کڻي چيو.
”تہ پوءِ ٻڌاءِ تہ جيڪڏهن تنھنجي ڌيءَ، تنھنجي ڀيڻ سان ڪو محبت جي دعوا ڪري تہ ....؟“
جملو اڌ ۾ ڇڏي ڪراڙو هن ڏانھن غور سان ڏسڻ لڳو، ڄڻ کيس ڊپ هيو تہ نوجون جواب ۾ کيس ڌڪ هڻدو يا گاريون ڏيندو.
خط لکڻ واري نوجوان هڪ ڊگهو ساھہ کنيو، سندس چهرو ائين ئي پرسڪون رهيو جڏهن تہ ٻئي نوجوان ساجد، ڪراڙي ڏانھن ڪاوڙ واري انداز ۾ گهوري ڏٺو خط لکڻ واري نوجوان هن ڏانھن ڏسندي هوريان چوڻ لڳو.
”سائين... اوهان ٺيڪ پيا چئو تہ اهڙي ڳالھہ پنھنجي ڌيءَ، پنھنجي ڀيڻ بابت برداشت ڪرڻ ڏکيو آهي. پر... پر آءُ وري بہ چوندس تہ اسان کي سهپ ۽ برداشت کان ڪم وٺڻو پوندو... آءُ اوهان کي اهو ٻڌائيندي قطعي شرمندو ناهيان تہ ها مون پنھنجي ڀيڻ کي پنھنجي سئوٽ ڏانھن خط لکندي پڪڙيو هيو...“
ڪراڙي سان گڏ ساجد بہ ان ڏانھن ڇرڪي ڏٺو نوجوان انھي پرسڪون انداز ۾ چوندو رهيو.
” ۽ مون ان ٻنھي جي شادي ڪرائي ڇڏي“
ساجد ۽ ڪراڙو حيرت مان هن ڏانھن ڏسندا رهيا ڪافي دير تائين ڪنھن بہ ڪجهہ نہ ڳالھايو.
ڪراڙي چانھہ جي ڪپ مان هڪ وڏو ڍڪ ڀريو ڪپ رکي بغير ڪجهہ ڳالھائڻ جي اتان اٿي ٻاهر نڪري آيو، ڪجهہ فاصلي تي بس اسٽاپ هيو ۽ هُو پنھنجي ڳوٺ جي بس ۾ سوار ٿيو سڄو رستو هو ڪجهہ سوچيندو رهيو.
ڳوٺ پھچي بس مان لٿو تہ تازي هوا جي احساس سان گڏ شھر، شھر جون ڳالھيون ڄڻ وساري ويٺو ۽ ڪچي رستي تان هلندي هڪ طرف هڪ ڊگهي، سڪل وڻ تي نظر پيئس تہ هڪ دم بيھي رهيو ۽ اکيون ڦاڙي ان وڻ ڏانھن ڏسڻ لڳو.
اوچتو سندس اکيون ڀرجي آيون چپن ۾ هلڪو لرزو پيدا ٿيو. هو غور سان سڪل وڻ کي ڏسي ياد ڪرڻ لڳو تہ ڪئين ڪئي ورھہ اڳ... جڏهن هُو بہ جوان هيو ۽ هي وڻ بہ سائو هيو تڏهن هن ان وڻ جي هڪ ٽاري سان پنھنجي ڀيڻ کي محبت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سندس ئي رئَي سان ڦاهي ڏني هئي.

محبوبہ ۽ گهرواري

ھن ٻين دوستن کان لڪائي ھن جي ڪن جي ڀرسان منھن آڻيندي چيو ”يار جمال... فوٽو ڏيکاريائين؟“
”ڪنھن جو؟“
”ھن جو ..“ نُور اک سان اشارو ڪندي چيو
۽ جمال ھڪ لمحي ۾ ئي سمجهي ويو تہ ”ھن“ جو، مان مطلب ھيو ناديھ يعني نُور جي محبوبہ جو.
جمال سوچ ۾ پئجي ويو تہ ھو پنھنجي دوست نور جي محبوبہ ناديھ جو فوٽو ڪيئن ڏسي؟ کيس خواھش ھجڻ باوجود ڄڻ مناسب نہ پئي لڳو
ھن جي ڪنھن فيصلي ڪرڻ يا جواب ڏيڻ کان اڳ ئي نور ھڪ تصوير ھن کي ڏيندي چيو
”ڏس... ھي اٿئي اُھا“
جمال فوٽو ڏسڻ کان اڳ ھڪ نظر سڀن دوستن تي وڌي ھو سڀ ٽي وي تي ھلندڙ ڪرڪيٽ ڏسڻ ۾ گُم ھيا.
ھن وري فوٽو ڏٺو. شادي جي ڪنھن پروگرام ۾ سھرا ڳائيندڙ ڇوڪرين جي ٽولي مان ھڪ ڇوڪريءَ جو چٽو فوٽو ھو.
ھلڪي گلابي ڪلر جي ڪپڙن ۾ ڇوڪري ڪجهہ وڻندڙ لڳي رھي ھئي.
”ڪيئن آھي؟؟“ نور ڄڻ ھن کان پنھنجي پسند تي داد گهرڻ پئي چاھيو.
جمال ھن ڀيري پنھنجي نظر سان نہ پر پنھنجي دوست جي نظر سان فوٽو کي ڏسندي چيو.
”خوبصورت... ڏاڍي خوبصورت“
۽ پوءِ ڪرڪيٽ ڇڏي نور ڪافي دير تائين کيس ناديھ بابت اڳ ٻڌايل ۽ نيون ڳالھيون وڏي جوش سان ٻڌائيندو رھيو.
ڪجهھ ڏينھن کانپوءِ نور ناديھ جا خط بہ جمال کي ڏيکاريا جيڪي ھن انتھائي محبت وارن لفظن ۾ لکيا ھيا جيڪي پڙھڻ کان پوءِ لوڻ جھڙي ڪنھن ماڻھو جو وجود سڄو سارو مصريءَ جھڙو مٺو ٿي پوندو آھي.
ناديھ نُور جي پاڙي جي ڇوڪري ھئي ان ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ ھو لِڪ ڇَپ ۾ ھڪ ٻئي سان ملڻ لڳا ھيا.
”اڄ مون کيس چوڙيون وٺي ڏنيون... اڄ ڳالھائيندي ڳالھائيندي مون کيس چونڊي پاتي ايڏي رڙ ڪيائين ذري گهٽ پڪڙجي پيا ھياسين“ ھُو روز جمال کي ننڍيون ننڍيون ڳالھيون بہ ٻڌائيندو ھيو.
ھڪ ڏينھن نور ڏاڍو خوش ھيو جمال جي پڇڻ تي ٻھڪندي چيائين:
”اڄ مون پھريو ڀيرو ھن کي ڪِس ڪيو آھي“
جمال کان ٽھڪ نڪري ويو سوچيائين.
”محبت ۾ انسان ڪيئن نہ ننڍي ننڍي ڳالھہ مان بہ انجواءِ ڪندو آھي“
نور روز ناديھ جون ڳالھيون ايتري حد تائين ٻڌائيندو ھيو جو جمال کي محسوس ٿيو ھو تہ ڄڻ ناديھ بہ ھنن جي دوستيءَ واري حلقي ۾ شامل آھي ۽ ھر وقت ھنن سان گڏ ھوندي آھي
پوءِ نور کيس ڪاليج کان موٽڻ وقت ناديھ ڏيکاري ھئي.
بظاھر ھوءَ بہ عام ڇوڪري ھئي خوبصورت، خوش لباس بس فرق اھو ھو تہ ھوءَ نُور لاءِ عام ڇوڪري نہ پر محبوبہ ھئي.
ھڪ ڀيري دوستن ٻاھر ڪٿي ٽوئر جو پروگرام ٺاھيو سڀ تيار ٿيا ۽ ھلڻ وقت کان ڪجهہ دير اڳ نور جمال کي ٻڌايو.
”آءٌ نہ ھلندس“
”ڇو؟“ جمال حيرت مان پڇيو.
”سچ ٻڌايائين؟“
”ھا“
”يار مون جڏھن تصور ڪيو تہ ٻہ ٽي ڏينھن، ناديھ کان پري رھڻو آھي، تہ منھنجو ساھ بند ٿيڻ لڳو، ان ڪري مون نہ ھلڻ جو فيصلو ڪيو آھي“
نُور ٻڌايو.
جمال کلڻ لڳو پر کيس ڪجه نہ چيائين ان ڏينھن سمورا دوست ٽوئر تي ھليا ويا ھيا شام جو نُور وٽ جمال آيو ھيو، جمال کي ڏسي نُور حيرت مان پڇيو.
”تون ڇو نہ وئين ٽوئر تي؟“
”يار مون تصور ڪيو تہ نُور کان بغير ٻه، ٽي ڏينھن ٻاهر رھڻو پوندو تہ ساھہ منجهڻ لڳو“
جمال کيس ھن جو ئي چيل جملو ٻڌايو تہ ٻنھي کان ٽھڪ نڪري ويو ھو.
نور جي خواھش مطابق ھن جي شادي ناديھ سان ٿي وئي. نُور اڳ کان وڌيڪ کِلڻو ٿي ويو ھيو، بس فرق اُهو ٿيو ھو جو ھو ھاڻي دوستن کي گهڻو وقت نہ ڏئي سگهندو ھيو. پر دوست بہ ڪا شڪايت ڪانہ ڪندا ھئس.
ٻين دوستن جي ابتڙ جمال وري بہ نور جي گهڻو ويجهو ھو. ھن کي جڏھن بہ سڪ لڳندي ھئي تہ ھو نُور سان ملڻ ويندو ھيو ۽ ھو نور جي گهر جي ويجهو ھڪ ھوٽل ۾ ويھي ڪجهہ دير ڪچھري ڪري ھليا ويندا ھيا.
جمال ھڪ رات ڪجهہ دير سان گهر پھتو، کيس خبر پئي تہ ھن جي مڱڻي سندس سئوٽ سان طئي ڪئي وئي آھي... ھن کي ڪا حيرت نہ ٿي ڇو تہ ان سلسلي ۾ ٻنھي گهراڻن ۾ ڳالھيون ھلندڙ ھيون.
جمال سوچيو تہ اھا خوشخبري نُور کي ھن ئي وقت ٻڌائڻ کپي. ھو گهر کان نڪري آيو پھريون سوچيائين تہ نور کي فون تي ئي خوشخبري ٻڌائي پر وري سوچيائين روبرو ٻڌائڻ ۾ وڌيڪ مزو ايندو. ھن وقت بچائڻ واري خيال سان ڀر واري پي سي او مان نُور جو نمبر ملايو فون نور ئي کنيو.
”يار نُور... جلدي ھوٽل تي پھچ“ جمال کيس چيو.
”ڇو؟ خير تہ آھي؟“ نور حيرت مان پڇيو.
”ھا توکي ھڪڙي خوشخبري ٻڌائڻي آھي“
”يار فون تي ئي ٻڌائي کڻي ھن مھل رات جو سيءُ ۾ ڪير اچي“
نور لنوائيندي چيو.
”ھا سائين... ھن مھل ”ھن“ جي گرم ڀاڪر مان نڪرڻ لاءِ دل ئي نٿي چوَئي“ جمال حُجت ۾ ٽوڪ ڪئي.؟
هڪ لمحي لاءِ نور ڪو جواب نہ ڏنو.
”يار ھڪڙي ڳالھہ چوانءِ؟ ناراض نہ ٿجانءِ“
نور جو سنجيدہ لھجو ٻڌي ھو ٿورو حيران ٿيو.
”ھا ھا... چئو“
”يار... ٻيھر... ناديھ بابت ڪجهہ ڳالھائيندي احتياط ڪندو ڪر... ھاڻي ھوءَ تنھنجي ڀاڀي، منھنجي گهرواري آھي“
نور ايترو چئي رسيور رکي ڇڏيو.
جمال حيرت مان رسيور کي گهوريندي رھجي ويو.
کيس ائين لڳو ڄڻ ناديھ جو محبوبہ کان گهرواري ٿيڻ کان پوءِ نور سان سندس بي تڪلفي واري لائين ڪٽجي وئي ھجي.

بوءِ

اھڙن موقعن تي مرد ئي اڪثر سوال پڇندا آھن ھن بہ پڇي ورتو.
”تون ھن لائين ۾ ڇو آئي آھين؟“
عورت مرڪي پئي.
ڪرسيءَ تي پاڻ کي وڌيڪ ڍورو ڇڏيندي سگريٽ جو ھڪ ڊگهو ڪش هنيائين.
”مان ڪوبہ ڪوڙ، ڪائي بہ ڳالھھ ڪري توکي مطمئن ڪري سگهان ٿي...“
عورت مرڪندي چوندي رھي.
”تون سچ ٻڌاءِ.. تون مون وٽ ڇو آيو آھين؟“
مرد، جيڪو فارغ ٿي ھاڻي وڃڻ جو سوچي رھيو ھيو ھڪ لمحي لاءِ چپ ٿي سوچڻ لڳو ڄڻ سچ ڳالھائڻ جو پنھنجي اندر حوصلو پيدا ڪري رھيو ھجي.
اھو سوچڻ کان پوءِ تہ سچ ڳالھائڻ ۾ کيس ڪو بہ خطرو ناھي ڪو بہ نقصان ناھي. ھن بہ سچ ئي ڳالھايو.
”اصل ۾ ڪجهہ ڏينھن کان مون کي پنھنجي گهرواريءَ کان دونھين جي بوءِ پئي اچي..“
مرد ڳالھہ پوري ڪري ھڪ نظر عورت ڏانھن ڏٺو.
عورت وري مُرڪي پئي ھئي
بلڪھ اڳين کان وڌيڪ جاندار ۽ معنيٰ خيز مرڪ.
عورت سگريٽ جو ھڪ ٻيو وڏو ڪش ھنيو ۽ اٿڻ لاءِ تيار ٿي ويٺل مرد جي چھري تي سگريٽ جو دونھون ڇڏيو.
مرد، ھن حرڪت کي بہ ھڪ ادا سمجهي مُرڪي پيو.
عورت ويجهو واري ٽيبل تي رکيل سندس ڏنل نوٽ کڻي ھن جي ھٿ تي رکندي چيو.
”ھي وٺ.... گهر وڃين تہ ڪجهہ سٺا پرفيومز ورتيو وڃجائين“
مرد حيرت مان پڇيو.
”ڇو؟“
”ان لاءِ تہ ڪنھن وقت ۾ تو وانگر منھنجي مڙس کي بہ مون کان
دونھين جي بوءِ محسوس ٿيندي ھئي“

دائرن ۾ گُم ٿيل ڪھاڻيون

منھنجو دوست بہ عجيب ماڻھو آهي، سڏائيندو تہ پاڻ کي اديب آهي پر ڪافي عرصي کان لکيو ڪجهہ بہ ڪونہ اٿئين. پڇندو آهيانس ڇو نٿو لکين؟
چوندو آهي هاڻي مون کان رواجي ڪھاڻيون لکڻ ڪونہ پڄن.
”تہ غير رواجي ڪھاڻيون لک؟“
”ها“ چئي آسمان ۾ اکيون کيپائي ڇڏيون هئين ۽ الاءِ تہ ڇا سوچڻ لڳو هو.
”ڀلا ڪھڙي قسم جون ڪھاڻيون لکڻ ٿو چاهين؟ “مون پڇيو
انھن ماڻھن جو ڪھاڻيون جيڪي عام ماڻھن کان لڪيل رهن ٿيون“
چوندي چوندي هو هوائن ۾ ڪجهہ تصور ڪري هڪ آڱر سان دائرا ڪڍندو هيو.
هڪ ڀيري سڀ دوست ويٺا ٽي وي تہ فلم ڏسي رهيا هياسين هو بہ منھنجي ڀر ۾ ويٺو غور سان فلم ڏسي رهيو هو. اچتو ٽي وي اسڪرين ڏي اڱر کڻندي چيائين.
”هو ڏسين پيو؟“
”ها... ها... هيرو ڳائيندو پيو اچي“ مون جواب ڏنو.
”نہ نھ.... هيرو نھ.... ان جي پويان... پري... تمام پري کان هڪ جهاز ظاهر ٿيو هو؟“
”ها هڪ لمحي لاءِ هڪ جهاز جي جهلڪ ظاهر تہ ٿي هئي“
”اهو ئي... جهاز.... يار سوچ تہ سهي“ چئي هو ڪجهہ پاڻ سوچيندي چوڻ لڳو
”يار سوچ تہ سهي... جنھن لمحي هن جي فلم جي رڪارڊنگ ٿي رهي هئي ان وقت ڪيترا تہ ماڻھو ان جهاز ۾ ويٺا هوندا؟ ڪو ڪارڙو ڪو ڀورو، ڪو جوان تہ ڪو پوڙهو، ڪا خوبصوت ڇوڪري تہ ڪو ننڍڙو ٻار.“
”ها يقينن هوندا“ مون ڪجهہ نہ سمجهندي چيو.
”يار ٿورو سوچ تہ سهي ان لمحي جڏهن هن فلم جي سين جي رڪارڊنگ ٿي رهي هئي ان لمحي انھن جون ڇا ڇا سوچي رهيا هوندا ؟“
آءُ پنھنجي دوست جي ان سوچ تي حيران ٿي ويس پر وري بہ کيس چيم ” ها ... ضرور ڪجهہ تہ سوچي رهيا هوندا.“
”تہ بس آءُ انھن ماڻھن جي انھن لمحن جون ڪھاڻيون لکڻ ٿو چاهيان“
”توکي ڪھڙي خبر تہ اتي ڪير ڇا ڇا سوچي رهيو هو؟“
مون کلي پڇيو
”مونکي خبر آهي تہ اهي ڇا ڇا سوچي رهيا هوندا...“
هن وڏي جوش مان چيو.
”مثال طور؟ “
”مثال طور اهو ڪراڙو ماڻھو... خوشحالي جا خواب کڻي جواني ۾ ٻئي ديس ويو، سڄي زندگي اتي ڪمائي ڪمائي هاڻي کيس وطن جي مٽي پاڻ ڏانھن ڇڪيو تہ سندس اولاد بہ واپسي کان انڪار ڪيو، هو هاڻي اڪيلي ڪجهہ ڊالر کڻي وڃي پيو ۽ پنھنجا مائٽ بہ هن سان ايستائين پنھنجائپ ڏيکاريندا جيستائين هن وٽ ڊالر رهندا“
هو شايد وڌيڪ ڪجهہ چوي ها پر مون هن جي توجهہ فلم ڏي ڪرائڻ لاءِ چيو.
”هي منظر ڏس ڇا خيال آهي؟“
هن جي چپن تي مرڪ تري آئي، آڱر سان پري کان ٽي وي اسڪرين ڏي اشارو ڪندي چوڻ لڳو.
”هن منظر کي نہ پر ان جي پس منظر تي سوچ“
”ڇا مطلب؟ “ مون وري حيرت مان پڇيو.
”منظر ۾ ظاهري طرح تہ هڪ ماڻھو هڪ هيرو واضع آهي، پر ان جي پس منظر ۾ ڏس تہ ڪيترا نہ ماڻھو نچي رهيا آهن اهي سڀ بہ هيرو ٿيڻ جي شوق ۾ گهرن مان آيا هوندا، ڪنھن گهر وارن جا پيسا چورائي ڪرايا ڪيا هوندا تہ ڪنھن هيرو ٿيڻ جي آسري ۾ دوستن کان قرض کنيو هوندو پر هتي اچي بڻيا ڇا؟ ايڪسٽرا.“
هن جي چپن تي مسڪراهٽ وڌيڪ گهري ٿي وئي هئي ۽ هو اسڪرين ڏي اشارا ڪندو دائرا ٺاهيندو ويو
”تہ پوءِ انھن تي ڪجهہ لک نہ؟ “مون چيو.
هڪ لمحي لاءِ هن ڪجهہ سوچيو پر ڪنڌ انڪار ۾ ڌوڻيندي چيائين
”نھ... هي سڀ بہ رواجي ماڻھو، رواجي ڪردار آهن... مان تہ اڃان ٻيو ڪجهہ پيو ڳولھيان“
ايتري ۾ وحيد کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو:
”يار اديب خان... هاڻي فلم ڏسڻ ڇڏ...“
هو ٿورو مرڪي پيو هو. مون کي اک سان اشارو ڪندي چيائين
”پوءِ ڳالھايون ٿا.“
ان کان پوءِ بہ فلم جي منظرن تہ هو دائرا ڪڍندو ۽ ڪجهہ سوچيندو رهيو هو.
هڪ ڀيري سڀئي دوست بازار مان گذري رهيا هياسين هڪ پاسي هڪ پٺاڻ فٽ پاٿ تي رکي ڪجهہ استعمال ٿيل بوٽ وڪڙندي نظر آيو هيو.
اسان مان ڪو هڪ دوست بوٽ ڏسڻ لڙي پيو تہ سڀ لڙي پياسين.
مون ائين ئي هڪ لانگ بوٽ کنيو تہ پٺاڻ پشتو ۽ گڏڙيل اردو ۾ چيو ”داخو، روسي هي“
مون واري اديب دوست بوٽ منھنجي هٿن مان ورتو ۽ ان کي ڏاڍي غور سان ڏسڻ لڳو.
”ڇا پيو ڏسين ؟“مون هن کان پڇيو.
ٿڌو ساھہ کڻندي چوڻ لڳو.
”يار ڏس تھ... هي لانگ بوٽ يقينن ڪنھن روسي فوجي جو هوندو... جيڪو الاءِ تہ ڇا ڇا سوچي افغانستان آيو هوندو؟ جڏنھن هن کي پنھنجو ملڪ ڇڏي ڌاري ملڪ وڃڻ جو حڪم مليو هوندو تہ هي بوٽ پائي هن جا پير هلڻ وقت ڏڪيا هوندا؟ يا هو فتح جي اميد ۾ جوش ڀريا قدم کڻندو ويو هوندو. يا جڏنھن هي بوٽ پائي هن پھريون ڀيرو افغان زمين تي قدم رکيا هوندا تہ ڇا ڇا سوچيو هوندو...“

سچ پڇو تہ جيئن جيئن هو ڳالھائي رهيو هيو مونکي ائين پئي لڳو ڄڻ آءُ پاڻ اهو روسي فوجي آهيان ۽ هي لانگ بوٽ منھنجا ئي آهن.
ڪجهہ خريد ڪرڻ بنا ئي موٽياسين.
ٻئي ڀيري بہ ائين ڪجهہ دوستن سان گڏ گهمي رهيا هياسين، مون محسوس ڪيو تہ مون وارو اديب دوست پوئتي رهجي ويو آهي.
منھن ورائي پوئتي ڏٺم تہ هو گند جي هڪ ڍير ڀرسان بيٺو هيٺ زمين تي پيل ڪنھن شئي کي غور سان ڏسندو نظر آيو مون هن جي ويجهو اچي پڇيو.
”ڇا ٿيو؟ ڇا پيو ڏسين؟“
هن عادت موجب هيٺ زمين ڏانھن آڱر سان اشارو ڪندي دائرو بڻائيندي چيو.
”هو ڏسين پيو؟“
”ڇا؟ “
”هو رنگ گورو ڪرڻ واري ڪِريم جو خالي دٻو؟“
”ها “ مونکي خالي دٻو نظر آيو هو.
” يار اها ڪِريم جنھن عورت يا ڇوڪري ورتي هوندي ڇا ڇا سوچي ورتي هوندائين؟“ هن هوريان هوريان پڇيو.
”الاءِ يار... ڇا سوچيو هوندئين؟“
”يار اها ڪِريم ڪنھن ڇوڪري يا عورت ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اشتھار ڏسي ڏسي اهو سوچي ورتي ۽ هر رات سمھڻ کان اڳ اهو سوچي هڻندي هوندي تہ ان ڪِريم جي هڻڻ کان پوءِ جڏهن صبح جو اٿندي تہ ان جو چهرو دنيا جي سڀني عورتن کان وڌيڪ خوبصورت ٿي چڪو هوندو“
مون کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو.
”۽ ائين بہ ٿي سگهي ٿو تھ....“
ايتري دير ۾ هڪ اجنبي ماڻھو بہ اچي اسان جي ڀر ۾ بيھي زمين ڏي هيٺ غور سان ڏسڻ لڳو.
”ادا ڇا پيا ڏسو؟ “نيٺ اجنبي پڇيو.
آءُ سوچ ۾ پئجي ويس تہ کيس ڇا جواب ڏيان پر منھنجي دوست آڱر سان دائرو ٺاهيندي خالي دٻي ڏي اشارو ڪيو.
”او... هو“ اجنبي منھن خراب ڪندي چيو.
”مون سوچيو گند جي ڍير تي ڪنھن لاوارث يا ناجائز ٻار جو لاش آهي“
اجنبي ڄڻ تماشو ڏسڻ جي شوق ۾ آيو هو، خالي ڪريم جي پيڪٽ تي هڪ نظر وجهي اهو ماڻھو منھن خراب ڪري هليو ويو.
منھنجي دل ۾ خيال آيو تہ ليکڪ دوست کي چوان ”چريا... ايتري گهيرائي سان نہ سوچ .... هي احساس ڀريل ڪھاڻين جو نھ، پر چچريل لاشن ۽ ناجائز ٻارن جو تماشو ڏسڻ جو دور آهي“

مڱڻيءَ جي مُنڊي

ھو دوستن کان تمام جلد سٺا اثر قبوليندو ھيو. ڪنھن دوست وڏا وار رکيا، ھن کي ڳالھہ وڻي ھن بہ وڏا وار رکيا. ڪنھن جو لٽو، ڪپڙو، سلائي، بوٽن جا ڊزائن کيس پسند آيا تہ ھن بہ اھي شيون اپنايون. ھڪ دوست ڪلين شيوَ ٿيو ھيس تہ ھن بہ مڇون ڪوڙائي ڇڏيون، توڙي جو مٽ مائٽن مان ھن کان اڳ ڪنھن بہ مڇون نہ ڪوڙايون ھيون. ٻہ ٽي ڏينھن تہ مٽ مائٽ کيس پر پٺ ”کدڙو“ ڪري سڏڻ لڳا ھيا پر کيس ان ڳالھہ جي ڪابہ پرواھ نہ ھئي.
ڪنھن سٺي فيملي سان تعلق رکندڙ ھڪ دوست جي مڱڻي ٿي ھيس. ٻہ چار ڏينھن کان پوءِ مڱڻي جي پروگرام جون تصويرون کيس ڏيکاريون هيائين...
ھڪ تصوير سندس اکين مان ٿيندي ذھن جي اسڪرين تي ڄڻ ڄمي وئي ھئي. تصوير ۾ سندس اھو دوست مسڪرائيندي پنھنجي مڱينديءَ کي مڱڻي جي منڊي پارائي رھيو ھيو. مُنڊي پارائڻ وارو اھو منظر ھن جي ذھن تان ڪيئي ڏينھن نہ لٿو.
نيٺ ھن فيصلو ڪيو ”آءٌ بہ جنھن ڇوڪريء سان مڱڻو ڪندس ان کي ضرور مُنڊي پارائيندس ۽ ائين فوٽو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪرائيندس“
پر اھو ڪم ھن لاءِ ايترو آسان نہ ھو. ھُو پاڻ بہ ان ڳالھہ کي سمجهي رھيو ھو، ڇو تہ ھنن جي خاندان ۾ ھڪ تہ مرضي جي شادي ڏکي ڳالھہ ھئي، ٻيو تہ مڱڻي ٿيڻ سان ئي ڇوڪري، ان ڇوڪري جو نالو ٻڌي اُتان اٿي ويندي ھئي. ۽ ائين مڱڻي جي مُنڊي پارائڻ ناممڪن ھو.
”جنھن کي منھنجي اھا شرط قبول نہ ھوندي آءٌ اتي مڱڻي نہ ڪندس“
ھن پڪو پھھ ڪيو.
ھڪ ڀيري ڪپڙا دير سان استري ڪري ڏيڻ جي ڪاوڙجڻ تي سندس ماءُ چيس
” ابا ھاڻي مونکا ايترا ڪم ڪو نہ ٿا پڄن... ھاڻي شادي ڪر..“
اُن وقت ھو چپ ٿي ويو ۽ جڏھن ڪنھن ٻئي ڀيري سندس ماءُ کيس ائين چيو تہ ھن چيو
”ٺيڪ آھي امان.. ھاڻي واقعي شادي ڪرڻي پوندي..“
سندس ھا ڪرڻ تي ماءُ جو چھرو ٻھڪي پيو ھو.
”ڪا بہ ڇوڪري پسند ڪر امان پر منھنجي ھڪڙي شرط اٿئي...“
”شرط؟ ڪھڙو شرط پُٽ؟“
ھن جي اکين اڳيان دوست جي مڱڻي جي موقعي تي نڪتل تصوير ڦري آئي.
”امان! جنھن بہ ڇوڪريءَ سان منھنجي شادي ڪرايو ان کي مڱڻي جي موقعي تي مُنڊي مان پارائيندس“
ھن جي خواھش تي سندس ماءُ حيران ٿي ھئي.
”ابا اسان جي مائٽن ۾ ڪڏھن ڪو ائين ٿيو آھي ڇا؟“
”ھا امان اڳ تہ ائين نہ ٿيو ھو، پر ھاڻي ائين ٿيندو... ۽ جنھن بہ منھنجي اھا شرط نہ قبولي... اتي آءٌ مڱڻو ئي نہ ڪندس“
۽ ان کان پوءِ بہ جڏھن سندس شادي جو ذڪر نڪتو ھن اھا شرط رکي.
ھن جي پراڻي خيالن جي مائٽن مان ڪنھن کي بہ اھو شرط قبول نہ ھجي ھا، بلڪ ھن جي ماءُ، ڀَوَ ۽ شرمندگيءَ کان تہ ڪنھن سان ڳالھہ ئي نہ ڪئي.
سندس ماءُ، ڀينرن، ڀائرن جڏھن بہ کيس شاديءَ لاءِ چيو ھن اھا شرط رکي.
سندس مُنڊي پارائڻ واري خواھش، سندس ضد بڻجي چڪو ھو.
ڪجهہ وقت کانپوءِ، ھڪ دوست جي معرفت کيس ڌارين مان شاديءَ جي آفر ٿي، ھن جي ماءُ وڃي ھن ڇوڪريءَ کي ۽ ھن جي خاندان کي ڏسي آئي کيس ڇوڪري ۽ خاندان پسند آيا.
ھن وري ماءُ آڏو اھا شرط رکي.
ھنن کي چئو تہ ”ڇوڪري کي مڱڻي جي مُنڊي آءٌ پاڻ پارائيندس“ .
ھن جي ان شرط تي پھرين تہ ڇوڪريءَ جي مائٽن انڪار ڪيو پر پوءِ ٿورو زور ڀرڻ تي راضي ٿيا.
ھو ڏاڍو خوش ٿيو ھو.
مڱڻي جي لاءِ تاريخ طئي ٿي، ھو بي صبري سان ان ڏينھن جو انتظار ڪرڻ لڳو ھو.
ھن سوچيو
”ھاڻي آءٌ بہ ان دوست کي مڱڻي جي موقعي تي نڪتل تصوير ڏيکاريندس ۽ ثابت ڪندس تہ مان بہ جديد- ترقي پسند خيالن جو آهيان“
نيٺ اھو ڏينھن بہ اچي ويو، ھو وڏين تيارين سان خوش خوش ڇوڪري وارن وٽ پھتا. جتي ڇوڪري وارن بہ سندن سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. ھن جو ھڪ مائٽ ڪيئمرا سنڀالي فوٽو ڪڍي رھيو ھو.
۽ نيٺ کيس سندس ماءُ مُنڊي ڏيندي ڇوڪريءَ کي پارائڻ لاءِ چيو. ھو مسڪرائيندي اڳتي وڌيو ۽ ڇوڪريء جي ڀرسان اچي ھن ھڪ نظر ڪيئمرا تي وڌي ۽ پنھنجي چپن تي دلڪش مسڪراھٽ آڻيندي منڊي اڳتي وڌائيندي ڇوڪري کي ھوريان چيو.
”ھٿ اورتي ڪيو“
ڇوڪريءَ جو منھن ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ھن پنھنجو ھٿ ٿورو پوئتي ڪندي ڄڻ لڪائيو. ھن وري دل ٻڌي، ھمٿ جو مظاھرو ڪندي ڇوڪريءَ جي ھٿ کي پڪڙي پاڻ ڏي ڇڪيو.
ٻئي لمحي، مُنڊي ھن جي ھٿن مان ڪري پئي،
ڇوڪريءَ جي ٻاچ آڱر ڪٽيل ھئي.

تِيلي جھڙي زندگي

سينيما ھال ۾ ھلندڙ فلم وچ ۾ ھُن ماچس جي تيلي ٻاري ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ لڳو.
”چاچا، ڪنھن کي پيو ڳولھين؟“ سيٽ تي ويٺل ھمراھ پڇيس.
تيليءَ جي ھلڪي روشني ۾ سندس چپن تي ھلڪي مرڪ ھڪ لمحي لاءِ ظاھر ٿي، غائب ٿي وئي.
ائين ٿيندو ھيو. ھو جڏھن بہ سينيما ۾ فلم ھلندي گهمندي ماچس جي تيلي ٻاري ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ لڳندو ھو تھ، کيس نئون، يا پھريون ڀيرو ڏسندڙ ڪو بہ ماڻھو ضرور پڇندو ھيو.
”ڇا پيو ڳولھين چاچا؟“
۽ ھن جي دل چوندي ھئي تہ کيس چئي.
”ويَل وقت، گم ٿيل جواني پيو ڳوليان“
پر خاموش رھندو ھيو وڌ ۾ وڌ ھن جي چپن تي ھلڪي مرڪ تري ايندي ھئي.
پر اھو سوال ڪو اوپرو، يا ڪنھن ٻئي شھر جو ماڻھو ئي پڇندو ھيو. نہ تہ ھن شھر جا اڪثر ۽ خاص طور ھن سينيما ۾ اڪثر ايندڙ ماڻھو ھن کي الائي تہ ڪيترن سالن کان ائين ڏسندان پيا اچن.
ھو فلم شروع ٿيڻ کان ڪجهہ دير پوءِ ڪنھن نہ ڪنھن گيٽ تان اندر داخل ٿيندو ھيو، ھڪ لمحي لاءِ بيھي، ھٿ ۾ پڪڙيل ماچيس جي تيلي ٻاري سيٽن جي وچ واري رستي تان گهمندو رھندو ھو.
”ھن عمر ۾ بہ پنھنجي لاءِ ... ٿو ڳولھي“
ڪڏھن ڀر مان آواز ٻڌندو ھيو. ساڙ ٿيڻ، ڪاوڙ لڳڻ بدران کيس اطمينان ٿيندو ھيو تہ گار ڏيڻ وارو کيس وڏي وقت کان ٿو سڃاڻي.
جڏھن کيس ڪو نوجوان ائين چوندو ھيو يا ڪنھن نوجوان جو آواز ٻڌندو ھيو تہ کيس ھڪ عجيب خواھش، ھڪ عجيب خيال دل ۾ پيدا ٿيندو ھيو.
تڏھن سندس روح ۾ عجيب قسم جي بيزاري ۽ ٿڪاوٽ پيدا ٿيندي ھئي. ان وقت خود ھن جي ذھن جي پردي تي بہ ھڪ فلم ھلڻ لڳندي ھئي.
ڪئي سال پراڻي فلم، جنھن ۾ ھو پاڻ کي ڏھن، ٻارنھن سالن جي عمر ۾ ڏسندو ھيو. عجيب ڳالھہ آھي تہ سندس حياتي جي فلم ھڪ ئي منظر کان شروع ٿيندي ھئي. نہ ڪجهہ منظر اڳ نہ پوءِ. ھو ڏسندو ھو ھڪ پاڙي جي اوطاق ۾ ھلندڙ وي سي آر جي چوڦير ويٺل ننڍن وڏن جو ھجوم.
ھو بہ ھوريان ھوريان اچي ھڪ ڪنڊ وٺي ويھندو آھي، اوطاق تي وي سي آر ھلائيندڙ ڇوڪرو کيس چئي ٿو.
”ڏھ روپيا ڏي “
”ڪو نہ آھن “ ھو جهيڻي آواز ۾ چئي ٿو.
”ڪونہ آھن تہ ھل ... مان ٻہ سئو روپيا ڀري وي سي آر کڻي آيو آھيان... اُھي پڻھين ڏيندو؟“
ھو اٿي ٿو، دروازي کان نڪرندي نڪرندي بہ ھڪ نظر ھلندڙ فلم جي منظر تي وجهي نڪري ٿو اچي.
ٻئي منظر ۾ ھو پاڻ کي سينيما جي ٻاھر بيٺو ڏسي ٿو، ھڪ فلم جا وڏا وڏا پوسٽر، اندر اچي ٿو (گيلري) ھڪ طرف فلم جا پوسٽر، ھو ھڪ گيٽ کان اندر ٿو اچي، فلم ھلي رھي ھئي، اندر اوندھہ ۾ کيس ڪرسيون نظر نٿيون اچن، سيٽ سان ٽڪرائجي ھيٺ ڪري ٿو، مٿي ۾ سيٽ لڳڻ جي ڪري ڌڪ کان وڌيڪ شرمندگي جو احساس ٻئي ڪنھن جو ھلڪو ٽھڪ ٻڌي ٿيس ٿو. ھڪ سيٽ تي ويھي، حيرت ۽ خوشي ۾ ھلندڙ فلم کي ڏسي ٿو ڪافي دير کانپوءِ ٽڪيٽ چيڪر اچي کائنس ٽڪيٽ گهري ٿو، ٽڪيٽ نہ ھجڻ ڪري ھو کيس اٿاري ٿو، ھن کي محسوس ٿئي ٿو تہ ھي ٽڪيٽ چيڪر بہ پاڙي واري اوطاق واري جھڙو ئي بي مُروت ۽ ظالم آھي.
ٻاھر نڪري کيس ڪو افسوس نٿو ٿئي ڇو تہ مفت ۾ بہ ھن ڪافي دير فلم ڏٺي ھئي.
ٻئي ڏينھن تي ھو گهر مان ماچيس چورائي، سينيما تي اچي ٿو. ھال ۾ داخل ٿئي ٿو. فلم ھلي رھي ھئي ۽ اوندھہ جي ڪري ھن ماچيس جي تيلي ٻاري ۽ اڳتي وڌڻ لڳو. اوچتو ڪنھن کيس ٻانھن کان وٺي ھلڪو سٽ ڏئي ھڪ سيٽ تي ويھاريندي چيو.
”بس اتي ئي ويھي رھہ... اڳتي سيٽون ڀريل آھن“
ھو خاموش ويھي فلم ڏسڻ لڳو.
جڏھن اکيون اوندھہ ۾ ڏسڻ ۾ لڳيون تہ ھن ڀر واري ھمراھہ کي ڏٺو، ھن اندازو لڳايو تہ ھو سندس پيءُ جي عمر جو ھو.
ڪافي دير کان پوءِ ٽڪيٽ چيڪر کي پنھنجي سيٽن واري قطار ڏانھن ايندو ڏسي ھو اٿيو، ڀر واري ھمراھ بہ سمجهي ورتو ھن وٽ ٽڪيٽ نہ آھي. پڇڻ کان پوءِ کيس وري ٻانھن مان وٺي ويھاري چيائين
” ويھھ... ٽڪيٽ واري سان مان پاڻ ڳالھائيندس“
۽ نہ صرف ھن ٽڪيٽ واري سان ڳالھايو پر کيس مڱيرا بہ کارايائين
ٻي ڏينھن تي بہ ھو سينيما ۾ اندر داخل ٿيو ۽ ماچيس جي تيلي ٻاري اڳتي وڌيو ھو تہ کيس ڪالھوڪي ھمراھ سڏ ڪيو.
۽ پوءِ ھو جڏھن بہ سينيما ۾ داخل ٿيندو ھيو، تيلي ٻاريندو ھو تہ کيس سڏ ڪيو ويندو ھو ۽ ھوريان ھوريان کيس سڃاڻڻ ۽ سڏ ڪرڻ وارن جو تعداد وڌندو ويو، جيڪي کيس سينما کان ٻاهر بہ وٺي وڃڻ لڳا هيا.
ان ڳالھ کي هاڻي نہ ڄاڻ ڪيترا سال گذري ويا، پر ھاڻ کيس سڏ ڪرڻ وارا الاءِ تہ ڇو چُپ ٿي ويا ھيا. تمام دير سان کيس احساس ٿيڻ لڳو تہ ھاڻي ھو ماچيس جي ٻرندڙ تيليءَ جو آخري ڇڙو ٿي پيو آھي جنھن تائين شعلو پھچڻ کان اڳ ھرڪو تيلي اڇلائي ڇڏيندو آھي.
اوچتو آڱر گرم ٿيڻ جي احساس کان ڇرڪي ھن تيلي اڇلائي ۽ ماضي جي خيالن کان ذھن آجو ڪري ٿڪيل احساس سان ٻاھر نڪري آيو. ٻاھر بينچ تي ويٺل گيٽ ڪيپر کيس سڏ ڪيو.
”اچ چانھھ پيءُ“
وڌي اچي ھن جي ڀر ۾ ويھي رھيو.
پراڻو گيٽ ڪيپر ڄڻ تہ سندس خاموش رازدار ھو، اڪثر پنھنجي لاءِ چانھہ گهرائيندو ھيو تہ اڌ ھن کي بہ ڏيندو ھو. ھو اتي ويٺو چانھہ پي رھيو ھو تہ ٻہ ٽي نوجوان ڇوڪرا ھنن جي ڀر مان گذريا، ھڪڙي ڇوڪري ھن ڏانھن اشارو ڪندي ٻين کي چيو.
”ھو ويٺو اٿئي خارش ۾ ورتل ڪتو“ سڀن ڇوڪرن ٽھڪ ڏنو.
گيٽ ڪيپر ھن ڏانھن ڏسندي پڇيو
”ڪاوڙ لڳندي اٿئي؟“
”نھ... افسوس ٿيندو آ“
”ڇا جو افسوس؟ “
ھن ٿڌو ساھہ ڀريندي چيو.
” ان ڳالھہ جو افسوس تہ چاهڻ باوجود بہ مان انھن نوجوانن مان ڪنھن کي بہ پاڻ جھڙو نہ ڪري سگهيو آھيان“

آدم خور

ھنن جي گهڻي زور ڀرڻ تي مون اڄوڪي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ جو واعدو ڪيو. اصل ۾ مان ان بھاني سان ھڪ نئون تجربو ڪرڻ پيو چاھيان. اھڙو تجربو جنھن سان شايد منھنجو پراڻو مسئلو حل ٿي وڃي.
مون سان اھو مسئلو انھن ڏينھن ۾ شروع ٿيو جنھن ڏينھن ۾ مان پرائمري ٽيچر کان استعيفا ڏئي واپڊا ۾ لائين مين جي حيثيت سان نوڪري جوائن ڪئي.
مان استاد ٿيڻ بدران واپڊا ۾ لائن مين ٿيڻ ڇو پسند ڪيو؟ ان جو اندازو آساني سان اوھان لڳائي سگهو ٿا، يعني گهٽ پگهار آمدني محدود...
واپڊا ۾ منھنجا ڪجهہ دوست مون کان اڳ نوڪرين ۾ ھيا ۽ انھن جي پاڻ کان بھتر حالت ڏسي مان بہ واپڊا ۾ ملازمت لاءِ ڀڄ ڊُڪ ڪئي ۽ خوشنصيبي سان مونکي نوڪري ملي بہ وئي.
نئين ماحول کي سمجهڻ ۾ مونکي ٿورو عرصو لڳو، پوءِ مان بہ اڳ ۾ موجود دوستن جھڙو ٿي ويس. اوھان کي اھو ٻڌائيندي مون کي ڪائي بہ ھٻڪ ۽ شرمندگي نٿي ٿئي تہ مان بہ ٻين وانگر ماڻھن کان پيسا وٺڻ لڳو ھيس. اسان مختلف جڳھن کان ڊيوٽي ڏئي موٽي ملندا ھياسين تہ ھڪ ٻئي سان حال احوال اوريندا ھياسين تہ ڪنھن کان ڪيئن پيسا ڪڍياسين، اڄ گهڻي آمدني ٿي؟ اھي احوال ڏئي پوءِ گڏيل طور ماني ھوٽل ۾ کائڻ جو پروگرام ٺاھيندا ھياسين جنھن کي عام ٻولي ۾ دعوت چوندا ھياسين.
اھا دعوت جيئن تہ رشوت جي پيسن مان ٿيندي ھئي تنھن ڪري دل کولي خرچ ڪندا ھياسين.
اھو سڀ ڪجهہ مون کان اڳ بہ ائين ٿيندو ھيو، مان بہ اتي اچي انھن سان گڏجي ويس ۽ انھن جھڙو ٿي پيس.
مون کي ياد آھي، اھا منھنجي اھڙي ڪنھن دعوت ۾ پھرين شرڪت ھئي.
ھوٽل ۾ ماني کائڻ، دوستن سان ٽھڪ ڏيڻ، سچ تہ ڏاڍو مزو آيو ھيو. دعوت کان پوءِ جڏھن ھوٽل کان نڪتا ھياسين تہ مون کي محسوس ٿيو ھيو ڄڻ منھنجي ھئوڙ ۾ گوشت جو ذرو ڦاسي پيو ھجي.
زبان سان گهڻو ئي ان ذري کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم پر ڪامياب نہ ٿيس. گهر اچي برش ڪيم پر پوءِ بہ ائين محسوس ٿيندو رهيو ڄڻ گوشت جو ذرو اڃان ڦاٿل آھي. عجيب قسم جي بي چيني محسوس ڪندو رھيس، پر صبح جو محسوس ڪيم تہ اھو ذرو نڪري چڪو ھيو.
مان ان ڳالھہ کي وساري چڪو ھيس.
ٻن ڏينھن کانپوءِ جڏھن اسان پنھنجين ڊيوٽين وچ ۾ ماڻھن کان ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان پيسا ڪڍي گڏ ٿياسين تہ وري دعوت جو پروگرام ٺھيو، ھوٽل تان ماني کائي جڏھن ٻاھر نڪتاسين تہ مونکي محسوس ٿيو تہ وري منھنجي ڏندن جي وٿيءَ ۾ گوشت جو ڪو ذرو ڦاٿل آھي.
اھا سڄي رات بہ مون پريشاني ۾ گذاري، ٻي ڏينھن تي اھو گوشت جو ذرو ڄڻ وري نڪري چڪو ھيو.
۽ پوءِ اھو معمول بڻجي ويو مان جڏھن بہ اھڙي دعوت ۾ ماني کائي اٿندو ھيس منھنجي ڏندن ۾ گوشت جو ٽڪرو ڦاٿل ھوندو ھيو يا محسوس ٿيندو ھيو. تنگ ٿي مون ڏندن جي ڊاڪٽر سان ملڻ جو سوچيو ۽ ھڪ ڏينھن ڊاڪٽر وٽ اچي کيس سڄو احوال ٻڌايم. ھن منھنجي ڏندن جي چيڪ اپ تمام غور سان ڪئي ۽ آخر ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
”توھان جي ڏندن جي وچ ۾ اھڙي ڪائي وٿي آھي ئي ڪو نہ جو ھر ڀيري گوشت جو ٽڪرو اتي ئي ڦاسي پوي“
ٻي ڏينھن دعوت ۾ مون سان ساڳيو ئي مسئلو پيش آيو تہ مان ان ئي وقت ڊاڪٽر وٽ پھتس.
ان معائنو ڪيو ۽ وري چيائين.
”نہ صاحب... ڏندن ۾ ڪٿي بہ گوشت جو ڪو ذرو ڦاٿل ناھي“
مونکي ان ڊاڪٽر تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، مون وري ان ئي وقت ٻي ڊاڪٽر کان بہ معائنو ڪرايو، ھن بہ ساڳي ڳالھہ ڪئي.
”سائين توھان جي ڏندن ۾ ڪو بہ گوشت جو ذرو ڦاٿل نہ آھي... پر احتياط طور ڪجهہ عرصو گوشت نہ کائو“
دل ۾ سوچيم ڏاڍو ڏکيو آھي جو اھڙي دعوت ھجي سڀ دل کولي گوشت کائن ۽ مان ويٺو انھن کي ڏسان. پوءِ ائين ٿيو تہ ٻہ ، ٽي دعوتن ۾ مان ڪو نہ ويس. دوست ڏاڍا ناراض ٿيا، ڪنجوس ھجڻ جا طعنا ڏيڻ لڳا.
نيٺ ھڪ ڏينھن انھن جي گهڻي زور ڀرڻ تي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ جو واعدو ڪيم.
دعوت ۾ مون دل تي پٿر رکي گوشت کان پرھيز ڪئي، دوستن گهڻو ئي چيو تہ ڪجهہ گوشت بہ کاءَ، ٻہ چار ڀيرا“ گوشت جا ٽڪڙا کڻي، وري واپس رکيم... دعوت کائي ھوٽل کان نڪري آياسين.
مون کي وري محسوس ٿيو تہ گوشت جو ڪو ذرو منھنجن ڏندن ۾ ڪٿي ڦاٿل آھي.
توڙي جو ان ڏينھن مون صرف سبزي کاڌي ھئي!.

هو منڊيلا ناهي

دونھين ۽ ٻوسٽ جي باوجود اھي سڀ ھوٽل جي ڪرسين تي ائين ڄميا ويٺا ھيا ڄڻ خدا انھن کي زمين تي موڪليو ئي ان ڪري ھيو تہ جئين ھُو پوري توجهہ سان صرف ۽ صرف فلمون وغيره ڏسن. ھڪ طرف تہ ويٺل ماڻھن مان گهڻن جون اکيون دونھين جي ڪري سڙي رھيون ھيون تہ ٻي طرف ٽي وي تي ھلندڙ نظارن کي ڏسي سندن اکيون ٺري بہ رھيون ھيون.
انھن ويٺلن مان صرف ڪجهہ ئي ماڻھو اھڙا ھيا جيڪي اتي صرف چانھہ پيئڻ آيا ھيا ۽ ڪالو بہ انھن مان ھڪ ھيو. سنھڙو، ڊگهو قد، گهنڊيدار وار، رنگ ڪارو... ان ڪاري رنگت جي ڪري ئي سندس نالو ڪالو مشھور ٿيو ھيو. سندس غير موجودگيءَ ۾ کيس ڪالو ٽانگي وارو چئي بہ ياد ڪيو ويندو ھيو. ڪجهہ سمجهہ ڀريو ٿيو تہ جڏھن کيس ڪو ”ڪارا“ يا ”ڪارو “ چئي سڏيندو ھيو تہ ھُو وڏي واڪي کيس چوندو ھيو.
”ھا ھا... آءٌ ڪارو تنھنجي.... سان آءٌ ڪارو تنھنجي ....سان“
ماڻھو بہ چڙ کائڻ بدران کلي پوندا ھيا.
جڏھن جوان ٿيو ۽ ”ڪارو“ چوڻ تي چڙ برقرار رھيس تہ ماڻھن وري کيس ”ڪالي خان“ چوڻ شروع ڪيو ۽ ڪافي سال ڪالي خان رھيو وري اھو ڪالي خان بہ مختصر ٿي ” ڪالو“ بڻجي ويو ۽ ھن بہ ماڻھن سان چڙڻ ڇڏي ڄڻ سمجهوتو ڪري ڇڏيو.
ٽانگو ھلائيندڙ ڪالو بہ ان ھوٽل تي چانھہ پيئڻ وارن ۾ شامل ھيو.
چانھہ جي انتظار ۾ ويٺل ڪالو جون نظرون بہ ٽي وي تي ھلندڙ پروگرام ۾ کتل ھيون.
ڪالو، ھوٽل مالڪ جي ڪائونٽر ڀرسان ويٺو ھيو ۽ پڙھيل لکيل اھو ھوٽل جو مالڪ خبرون ڏسڻ جو بہ شوقين ھيو.
اوچتو ئي خبرن جو خيال ايندي ئي هوٽل جي مالڪ رموٽ کڻي ٽي وي تي خبرن جو چينل ھلائي ڇڏيون.
ويٺل سڀ ماڻھو سندس عادت ۽ شوق مان واقف ھيا ان ڪري منھن تہ خراب ڪيائون پر ڪجهھ چئي نہ سگهيا.
خبرن واري چينل تي ڪنھن ڪاري رنگ، گهنڊيدار وارن واري غيرملڪي جي تصوير ڏيکاري ڪا خبر ٻُڌائي پئي وئي.
ھوٽل جي مالڪ ٽي وي تي جيئن ئي ان ڪاري رنگ واري غير ملڪي جي تصوير ڏٺي، فورن جذباتي انداز ۾ سلوٽ ڪري زور سان چوڻ لڳو.
”سلام آ منڊيلا تنھنجي ھمٿ کي واھہ... واھہ...“
جيسيتائين خبر ۾ منڊيلا جي تصوير ۽ سندس خبر ھلندي رھي تيسيتائين ھوٽل جو مالڪ ٻڌندو گهٽ رھيو، جذباتي انداز ۾ ھوريان ھوريان ڪجهہ چوندو رھيو.
خبرون ختم ٿيون تہ مالڪ رموٽ سان چينل مٽائي ڇڏيو ڪالو کي بيري چانھہ آڻي ڏني.
ڪالو حيران ھيو تہ آخر ھن ڪاري رنگ واري ماڻھو ۾ اھڙي ڪھڙي خوبي ھئي جو مالڪ کيس سلوٽ، سلام ڪندو رھيو؟
ھو رھي نہ سگهيو تہ ھوٽل مالڪ کان پڇيائين.
”آخر ان ڪاري رنگ جي ھمراھ ۾ اھڙي ڪھڙي ڳالھہ آھي جو توھان کيس سلوٽ ڪيو؟“
اڪثر ماڻھو، پھريان تہ پاڻ ڪجهہ ٻڌڻ لاءِ پريشان ھوندا آھن، جڏھن ٻڌي ٻڌي ڪن ڀرجي ويندا اٿن تہ وري ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ پريشان ھوندا آھن، ھوٽل مالڪ بہ شايد ڳالھائڻ، ٻُڌائڻ لاءِ پريشان ھيو جو فورن چوڻ لڳو.
”ڪالو... ھي آفريڪا جو ھڪ بھادر اڳواڻ اٿئي... نيلسن منڊيلا... پنھنجي قوم جو سچو ۽ بھادر اڳواڻ، ھن پنھنجي بھادري سان دنيا تي ثابت ڪيو تہ ڪاري رنگ جي ماڻھن کي بہ جيئڻ جو اوترو ئي حق آھي جيترو اڇي رنگ جي ماڻھن کي....“
ڪافي دير تائين ھو ڳالھائيندو رھيو ۽ ڪالو حيرت مان ٻُڌندو رھيو.
ڪالو کي حيرت ٿي رھي ھئي تہ ڪاري رنگ جو ڪو اھڙو انسان بہ آھي جنھن سان پنھنجي ملڪ کان ٻاھر بہ ماڻھو محبت ڪن ٿا.
”ڪاري رنگ جي ماڻھو سان محبت“ وارو خيال ايندي ئي ھن ھڪ لمحي لاءِ ڇرڪي، ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو ڄڻ کيس خوف ھجي تہ ھن ڪائي غلط ڳالھہ سوچي آھي ھڪ ٻيو خيال تيزيءَ سان سندس ذھن ۾ آيو.
”ڇا مون سان بہ ڪو محبت ڪري سگهي ٿو؟“
ھُن ھڪ ڊگهو ساھہ کنيو.
زندگيءَ ۾ ھن وقت تائين ھُو پاڻ تہ گهڻن ئي انسانن سان محبت محسوس ڪندو رھيو خاص طور ڪجهہ عورتن سان، پر کيس ڪڏھن بہ محبت جي جواب ۾ محبت ڪا نہ ملي ھئي.
ڪافي عرصي تائين ھُو، ھن سان ، ھُن سان محبت محسوس ڪندو رھيو بلڪھ محبت ٻئي کي محسوس بہ ڪرائيندو رھيو پر ڪٿان بہ ڪو جواب نہ ملڻ ڪري ھُو سمجهي ويو تہ ڪاري رنگ جي انسان کي محبت ڪرڻ جو ڪو بہ حق ڪونھي.
ڪنھن فلم، ڊرامي يا ڪھاڻي جي ڪنھن ننڌڻڪي ڪردار وانگر ھو واقعي بہ ننڌڻڪو ھيو. ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سندس ماءَ کيس نانيءَ جي حوالي ڪري ٻي شادي ڪئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سندس ماءَ ۽ ناني بہ گذاري ويون تہ ھُو لاوارث بڻجي ويو.
ھن جھڙي ئي ھڪ اڪيلي. ننڌڻڪي شخص دلاور ٽانگي واري کيس پاڻ سان گڏ رکيو ۽ ڪافي سال بعد دلاور مري ويو تہ سندس ملڪيت ۾ ڇڏيل ٽانگو، گهوڙو ڪالو جي حوالي ٿيا ۽ ھُو ھڪ آزاد خودمختيار انسان طور زندگي گذارڻ لڳو صرف ڪجهہ سال تائين ھُو پنھنجي شاديءَ متعلق سوچيندو ۽ پاڻ مرادو ڪوشش ڪندو رھيو پر ڪاري رنگ سان گڏ غربت واري بدصورتي جي ڪري بہ کيس ڪو رشتو ڏيڻ لاءِ تيار نہ ھو. نيٺ ھن اھو خيال بہ دل مان ڪڍي ڇڏيو.
اوچتو ھُو خيالن جي وھڪري مان نڪري آيو.
ڇرڪ ڀري ھوٽل جي وال ڪلاڪ ڏانھن نھاريائين تہ وات مان رڙ نڪرندي نڪرندي رھجي ويس.
اسڪول مان موڪل جو ٽائيم ٿي چڪو ھيو، بلڪھ ھو معمول کان ليٽ ھو. تڪڙ ۾ اٿي چانھہ جا پيسا ڏئي ٻاھر نڪتو ھڪ ديوار جي ڇانوَ ۾ بيھاريل ٽانگي تي ويھي ھڪ طرف ھلڻ لڳو.
”ڪٿي بي بي نڪري نہ وئي ھجي“ ھن پنھنجي منھن ڳالھايو.
ھُو ھر پردي دار عورت کي ”بي بي“ چئي مخاطب ڪندو ھيو ۽ ھن وقت جنھن ”بي بي“ کي ياد پئي ڪيائين اھا ھڪ اسڪول ماسترياڻي ھئي جنھن کي ھر روز صبح جو گهر کان اسڪول ۽ موڪل وقت اسڪول کان گهر ڇڏيندو ھيو. جنھن جي عيوض بي بي کان ڪڏھن ڪڏھن خرچي، صبح جي چانھہ کان سواءِ ھر مھيني باقاعده ھڪ مخصوص رقم پڻ ملندي ھئيس.
اڄ بہ عادت موجب اسڪول جي موڪل کان اڳ ھوٽل تي چانھہ پيئڻ ويٺو تہ خبرن ۾ غير ملڪي ڪاري رنگ واري ليڊر جي خبر کان پوءِ پنھنجن خيالن ۾ رھي کيس ڏاڍي دير ٿي چڪي ھئي.
”ٽي وي نڀاڳي شئي ئي اهڙي آھي ڏسڻ ويھو تہ باقي سڀ ڪم وسريو وڃن“
ھُن ٻيھر پنھنجي منھن ڳالھايو.
اسڪول جي گيٽ تي پھتو تہ صرف چوڪيدار ئي کيس ٻاھر بيٺل نظر آيو.
”بي بي ھلي وئي ڇا؟“
ڪالو بي صبريءَ مان چوڪيدار کان زور سان پڇيو. چوڪيدار جي جواب ڏيڻ کان اڳ گيٽ جي ننڍي در مان بيبي ٻاھر نڪتي ۽ بغير ڪجهہ چوڻ جي ٽانگي جي پوئين حصي ۾ ويھي رھي.
بيبي ھڪ وڏي چادر سان پاڻ کي ڍڪي رکيو ھيو.
”ڇو ڪالو اڄ دير ڪيئي؟“
بي بي کان کيس انھيءَ سوال جي اُميد ھئي.
ھو تڪڙي تڪڙي چوڻ لڳو.
”بس بي بي... چانھہ پيئڻ ويٺس تھ....“
”چانھھ پيئڻ ۾ ايڏي دير؟“.
بي بي مُرڪي پڇيو ھيو.
ڪالو بغير پوئتي ڏسڻ جي بہ سندس مُرڪ کي محسوس ڪيو ھيو.
”بي بي... چانھہ پئندي... ھوٽل جي ٽي وي تي ھڪ غير ملڪي ڪاري رنگ واري ليڊر جي خبر ھلي تھ...“

بي بي سندس ڳالھھ وچ ۾ چيو.
”ھا... ھُو نيلسن منڊيلا...“
”اوھان بہ کيس سڃاڻو؟؟“
ڪالو حيرت مان پڇيو.
”ھا... ھو احترام ۽ محبت لائق شخص آھي“
ڪالو حيرت مان فورن چئي ويٺو.
”ڪاري رنگ ھجڻ جي باوجود؟؟“
”ھا.. ڪاري رنگ جو ھجڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟... ھو ٻين ڪاري رنگ جي ماڻھن جي حقن لاءِ ئي تہ وڙھي پيو...“

بي بي جي لھجي ۾ ڄڻ ھُن لاءِ احترام ۽ محبت ھئي.
ڪالو چپ ٿي ويو. سندس ذھن ۾ بي بي جو جملو گوجندو رھيو.
”ڪاري رنگ جو ھجڻ سان ڇا ٿو ٿيئي“
”ڪاري رنگ جو ھجڻ سان ڇا ٿو ٿيئي“
گهوڙو پاڻمرادو گهر پھچڻ تي بيھجي ويو ھيو پر ڪالو خيالن ۾ گم رھيو.
”چو ڪالو ڇا ٿيو؟“ بي بي لھڻ لاءِ تيار ھئي پر لٿي نھ.
ڪالو ڇرڪ ڀريو بي خيالي ۾ ڇوڻ لڳو.
”بي بي ... ھتي ماڻھو ڪاري رنگ جي انسانن سان محبت ڇو نٿا ڪن؟“
چوڻ کان پوءِ شايد ڪالو پنھنجي دل ۾ ڪائي شرمندگي محسوس ڪئي ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
بي بي، ايتري عرصي ۾ پھريون ڀيرو ڪالو جو لھجو ٽٽل محسوس ڪيو.
پھريان تہ حيران ٿي وري ساڳئي مھربان مُرڪ سان چيائين.
”نہ ڪالو... اھا صرف ٿنھنجي سوچ آھي... ھر انسان ۽ ھر جاءِ ھر رنگ جو انسان محبت ۽ احترام لائق آھي.“
ڪالو ڪو بہ جواب نہ ڏنو.
بي بي ٽانگي کان لٿي تہ ھُو بہ ٽانگو واپس ڦيرائي موٽيو.
ھڪ اسپتال جي ڀرسان ھُو ھرروز بيھندو ھيو اتي کيس اڪثر سواري لڳندي ھئي/ملندي ھئي..
اتي بيٺي بہ ھو بي بي متعلق سوچيندو رھيو.
بي بي جي باري ۾ ھن کي ايتري عرصي ۾ اھا ئي خبر پئي ھئي تہ ھوءَ پنھنجي ماءَ سان گڏ رھي ٿي ھن پاڻ شادي ڪانہ ڪئي ھئي پر پاڻ کان ننڍين ٽن ڀينرن جون شاديون ڪرايون ھيائين ۽ آخري ڀيڻ جي شادي تہ ڪالو کي بہ ياد ھئي پر ان کان پوءِ بي بي پاڻ شادي نہ ڪئي.
ڇو؟ اھو سوال اڪثر ڪالو جي ذھن ۾ اڀرندو ھيو پر کيس جواب جو ڪوبہ اندازو نہ ھيو ۽ اڄ تہ ھُو ان سوال تي الائي تہ ڇو پاڻ بہ بار بار سوچي رھيو ھيو.
اڄ کيس ائين لڳي رھيو ھيو ڄڻ بي بي جي چھري جو رنگ اڇو ھجڻ باوجود هوءَ بہ سندس وانگر ئي ننڌڻڪي آھي... لاوارث آھي.
ان رات جڏھن ڪالو گهر آيو تہ کيس لڳو تہ ھو اڄ پيسه ڪمائي کيسي ۾ کڻي ڪو نہ آيو آھي. بلڪھ ڄڻ بي بي جون ڳالھيون ڪمائي ذھن ۾ کڻي گهر آيو ھجي..
ھر ھر کيس ياد پئي آيا.
”ڪاري رنگ جو ھجڻ سان ڇا ٿو ٿيئي...“
”ھر رنگ ... ھر ملڪ جو انسان محبت ۽ احترام لائق آھي...“
” بي بي شادي ڇو نہ ڪئي؟؟“
بي بي... لاوارث... ننڌڻڪي...“
”بي بي..... بي بي...“
”ڪاري رنگ جو ليڊر... جرئت مند...“
ڪافي دير تائين اھي سڀئي ڳالھيون سندس ذھن ۾ ولوڙجنديون رھيون تہ ھڪ نئون سوال ھڪ نئون خيال سندس ذھن ۾ اُڀريو.
”مان بہ ڪاري رنگ جو آھيان... تہ ڇا ان سان ڪوبہ فرق نٿو پَوَي؟“
”يا بي بي مون کي ائين نٿي سمجهي جيئن ٻيا سمجهن ٿا؟“
صبح ٿيندي ئي ھو ان سوچ تي بيھي رھيو.
”مون کي بہ ھمٿ کان ڪم وٺڻ گهرجي... مون کي بي بي کان صاف صاف پڇڻ گهرجي تہ ڇا منھنجي ڪاري رنگ جي ھجڻ سان ھن تي ڪو فرق نٿو پَوَي؟؟
”جرئت.... جرئت...“
صبح جو اسڪول ٽائيم تي بي بي کي وٺڻ آيو تہ الاءِ ڇو ھُو بي بي سان اکيون ملائڻ بنا ڪنڌ جهڪايون رھيو... سندس رويو صاف تبديل محسوس ٿي رھيو ھيو.
ھن جي ذھن ۾ بار بار ڪو چئي رھيو ھيو.
”جرئت ... جرئت....“
”ڪاري رنگ جو ھجڻ سان ڇا ٿو ٿئي“
اسڪول جيئن جيئن ويجهو ٿيندو ويو تيئن هُن جي اندر ۾ شور وڌي رھيو ھيو.
”جرئت... جرئت...“
اسڪول پھچي ويو هيو.
ھن جا چپ ڏڪي رھيا ھيا..
ھن چور نظرن سان ڏٺو، بي بي لھڻ جي تياري ڪري رھي ھئي ... پر لٿي ڪانھ.
”ڇا ڳالھہ آھي ڪالو... ڪجهہ چوڻ ٿو چاھين؟“
ھُن بي بي جو آواز ٻُڌو..
اھو ئي پرسڪون... مھربان آواز.
”جرئت... جرئت“
آخر ھن سموري سگهه گڏ ڪري چيو.
”بي بي ڪنھن اڻ پڙهيل مرد ۽ پڙهيل عورت جي شادي ٿي سگهي ٿي؟“
”ها“
”اوهان ڪنھن اڇي رنگ جي عورت کي ڪاري رنگ جي مرد سان شادي ڪندي ڏٺو؟“
”ها...ها“
”تھ.... ڇا... اوهان مون سان شادي ڪري ....“
هن جو جملو اڌ ۾ رهجي ويو.
گهوڙو ڏڪيو ھيو يا بي بي؟
بس ڪالو ھڪ لمحي لاءِ محسوس ڪيو تہ سمورو ٽانگو لڏي ويو ھيو.
بي بي صرف ھڪ لمحي لاءِ ھن ڏانھن ڪاوڙ مان ڏٺو وري ڪجهہ ڳالھائڻ بنا ٽانگي مان لھي اسڪول جي گيٽ مان غائب ٿي وئي...
اُن هڪ لمحي ۾ ئي ڪالو ڄاڻي ورتو تہ هو منڊيلا ناهي. جنھن سان ڪو محبت ڪري، پر هو تہ اُهو ڪارو سُرمو آهي، جنھن کي هڪ حد تائين تہ برداشت ڪري سگهجي ٿو، پر حد کان وڌندي ئي هرڪو ڊاهڻ/مٽائڻ لڳندو آهي.

ديوي جو ھٿ

ٽوئر جو سمورو پروگرام طئي ٿي چڪو ھيو، ڦڏو صرف ان ڳالھہ تي ٿي پيو تہ آفتاب کي وٺي ھلجي يا نہ؟
گهڻا ئي دوست مخالفت ڪري رھيا ھئا تہ آفتاب کي نہ وٺي ھلجي ھنن جو چوڻ هو تہ آفتاب جو دماغي توازن درست نہ آھي، ھو ڪٿي به، ڪڏھن بہ ڪائي بہ عجيب حرڪت ڪري سگهي ٿو. خاص طور تي ٻه، ٽي ڏينھن اڳ پيش آيل واقعو تہ ڪنھن کان بہ ڪو نہ وسريو ھيو.
ٿيو ائين ھيو جو ھو ڪجهہ دوست ڪاليج کان واپسيءَ تي ڪنھن پرائيويٽ بس ۾ اچي رھيا ھيا.
بس ۾ سوار ھڪ اڌڙوٽ عمر جي ماڻھوءَ بس جي ڪنڊيڪٽر کي اڌ ڪرايو ڏيندي چيو.
”مان تعليمِ بالغان، اسڪول ۾ پڙھندو آھيان... مون کان اڌ ڪرايو وٺ“
ڪنڊيڪٽر وڏو ٽھڪ ڏنو، ڪجهہ ٻيا ماڻھو بہ ٿورو مرڪيا پر پاڻ کي شاگرد سڏائيندڙ جي منھن تي ساڳي سنجيدگي ھئي.
”ڪاڪا... ھن عمر ۾ بہ تون اڃان شاگرد آھين؟“
ڪنڊيڪٽر جي لھجي ۾ ٽوڪ ھئي ھن وري سخت لھجي ۾ ھن کان پورو ڪرايو گهريو. شاگرد سڏائيندڙ ھمراھ ھڪ ڪارڊ ڏيکاريو پر ڪنڊيڪٽر ھن تي وري کلڻ لڳو اتي ڀرسان بيٺل آفتاب ڪنڊيڪٽر کي ٿڦ ھڻندي ڪاوڙ ۾ رڙ ڪري چيو.
”علم حاصل لاءِ عمر جي ڪائي بہ حد نہ ھوندي آھي“
ڪنڊيڪٽر ڦيرو کائي ڪري پيو، سيٽ جو لوھي حصو ھن جي مٿي ۾ لڳو جنھن جي ڪري ھن جي مٿي مان رت وھڻ لڳو، ڳالھہ وڌي وئي، چڱو خاصو جهڳڙو ٿي پيو.
ھو سڀ وڏي مشڪل سان اتان ڀڄي نڪتا، پوءِ سڀن آفتاب کي قصوروار ڄاڻائيندي ڇنڊ پٽي. پر آفتاب پنھنجو قصور مڃڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو ھو:
”سڄو ڏوھہ ان جاھل ڪنڊيڪٽر جو آھي.. جيڪو ھڪ وڏي عمر جي شاگرد سان بدتميزي ڪري رھيو ھيو...“
سڀن کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ پرائي ڦڏي ۾ نہ پئبو آھي پر آفتاب جو چوڻ ھيو تہ اھو ڦڏو پرايو نہ پر اسان سڀن جو ھيو جنھن تي ھر ھڪ کي ڳالھائڻ کپي ھا...
ھاڻ اھو واقعو مثال بڻائي دوست کيس ٽوئر تي وٺي وڃڻ کان انڪار ڪري رھيا ھئا. جڏھن تہ ڪجهہ دوستن جو چوڻ ھيو تہ آفتاب ھڪ سچو ۽ کرو ماڻھو آھي...
خاص طور دوستن سان ھو پرخلوص رھندو آھي... پنھنجي مٿان رکيل ڪنھن بہ ذميواري کي تہ نڀائيندو آھي پر ٻين جون ذميواريون بہ پاڻ نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
ائين مخالفت ۽ حمايت واري ڊگهي بحث کانپوءِ طئي ڪيو ويو تہ آفتاب کي ٽوئر تي وٺي ھلبو، پر کيس ائين ضرور چيو ويندو تہ ھو ڪنھن بہ قسم جي ڪائي گڙٻڙ نہ ڪندو.
آفتاب کي ٽوئر جو ٻڌايو ويو، ھو ان وقت بہ عادت موجب ڪو ڪتاب پڙھي رھيو ھيو. ھن چوڻ بنا ڪنڌ ڌوڻي ھلڻ لاءِ راضپو ظاھر ڪيو.
ھڪ دوست جي ڪار تي کائڻ پيئڻ جو سامان رکي ھو شھر کان نڪري آيا. ھنن جو پروگرام ڪنھن ڳوٺ جي ڀر پاسي ۾ ڪجهہ گهڙيون سڪون سان گذارڻ جو ھيو.
ھنن مان ھر ڪنھن وٽ وندر لاءِ ڪا ئي نہ ڪا ئي شئي ھئي ڪنھن وٽ ننڍڙو گٽار ھيو. ھڪڙي وٽ بانسري ھئي ٻن دوستن ننڍڙا ٽيپ رڪارڊر کنيا ھيا ۽ آفتاب وٽ ٻه، ٽي ڪتاب ھيا جنھن تي ٿوري دير لاءِ سڀ دوست مٿس کليا بہ ھيا.
شھر کان ٻاھر، ھڪ ڳوٺ کان ٿورو پري ڪچي رستي تي گاڏي بيھاري ھو سڀ ھيٺ لٿا. ڀر ۾ وھندڙ واھہ (نيھن) سان گڏ ڊگها ساوا وڻ، ٿڌڙي ھوا ۽ پري پري تائين نظر ايندڙ ساوڪ ھنن کي مجبور ڪيو تہ ھو ھتي ئي پڪنڪ ملھائن. گاڏيءَ مان سامان ڪڍندي، کلندي ڀوڳ ڪندي ھو ڏاڍا خوش پئي نظر آيا، جڏھن تہ آفتاب ھڪ ڪتاب کڻي واھہ جي ڪناري ھلندي ھنن کان ٿورو اڳتي ھڪ وڻ ھيٺان ويھي ڪتاب پڙھڻ لڳو. اهو ڪتاب يونان جي خوبصورت ديوي وينس بابت هو. جنھن کي هو ٻيھر شوق مان پڙهي رهيو هو. ڪڏھن ڪڏھن ڪتاب کان نظرون ھٽائي ھو وھندڙ پاڻي ڏانھن تہ ڪڏھن پري کان نظر ايندڙ ڳوٺ ڏسي وري ڪتاب پڙھڻ لڳندو ھيو ائين ڪافي وقت گذري ويو.
ھڪ ڀيري ھن ڪتاب کان نظرون ھٽايون، اوچتو سندس نظر واھہ جي پاڻي ۾ ترندڙ ڪنھن شئي تي پئي. ھن چتائي ڏٺو ۽ ڇرڪي پيو.
اھو ھڪ ھٿ ھيو.. ڪتاب سندس ھٿن مان ڇڏائجي ويو ھن پنھنجي دوستن ڏانھن ڏٺو، اھي سڀ کلڻ ڳالھائڻ ۾ مگن ھيا. ھن وري پاڻي ۾ ترندڙ ھٿ ڏانھن ڏٺو اھو ھٿ ڪناري جي ويجهو اچي چڪو ھيو ۽ ھن ڏٺو تہ اھو ھٿ ڪنھن عورت جو ھيو...
ھو اٿيو، واھہ جي ڪناري واري ھڪ ٻوٽي ۾ ھٿ وجهي، جهڪي ھن ان ھٿ کي پڪري پاڻ ڏانھن ڇڪيو. وڍيل ھٿ کي ڪناري تي دھشت ۾ اڇلائي ھن کي چتائي ڏسڻ لڳو... پوءِ ھوريان ھوريان اڳتي وڌي ھن ان ھٿ کي کنيو. ٻي لمحي خوف ھن جي ذھن مان نڪري چڪو ھو. ھو ڪنھن عورت جي ھٿ جي خوبصورت بناوٽ، اڇي اجري رنگ کي عجب مان ڏسڻ لڳو، توڙي جو جسم مان جدا ٿيل ھٿ، رت نڪري وڃڻ جي ڪري ڪنھن ڀتر جيان ڏيک ڏئي رھيو ھيو.
”ايڏو خوبصورت ھٿ؟“ ھن ڄڻ پاڻ سان ڳالھايو.
اھو ھٿ کڻي ھو دوستن وٽ آيو، ڪنھن عورت جو وڍيل ھٿ هُن جي هٿ ۾ ڏسي ھن جي دوستن کان رڙ نڪري وئي.
”ڊڄو نہ ..“ ھن دوستن کي تسلي ڏني.
”ڊڄو نہ پر خوش ٿيو... اسان کي انتھائي قيمتي ۽ تاريخي شئي ھٿ اچي وئي آھي“
دوست آفتاب کي حيرت مان ڏسڻ لڳا.
”يونان جي انتھائي خوبصورت دَيوِي وينس جا ھي ھٿ آھن... جنھن کي پاڻ مصور ڪپي ڇڏيو ھيو“
آفتاب جي ھن جملي تي ھنن ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو وري آفتاب ڏانھن ائين ڏسڻ لڳا ڄڻ ھو پاگل ٿي ويو ھجي.
”توھان ھن ھٿ کي سنڀاليو مان ڏسان ٿو متان ديوي جو ٻيو ھٿ بہ ملي وڃي“ آفتاب عورت جو وڍيل ھٿ ھنن ڏانھن وڌايو تہ ھو ڇرڪي پوئتي ھٽيا.
”اڙي بي وقوف...“ راھب ھن کان عورت جو وڍيل ھٿ کسندي چيو.
”بي وقوف ھي يونان جي دَيوِي جي وڍيل ٻانھن نہ پر سنڌ جي ڪاري ڪري ماريل ڪنھن عورت جو ھٿ آھي... ھن کي اڇلاءِ نہ تہ ڪنھن مصيبت ۾ پئجي ويندين“
راھب اُھو وڍيل ھٿ پري اڇلايو .
دوستن کيس زبردستي ڪار ۾ ويھاريو ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ اتان نڪري آيا. آفتاب ڪار ۾ بہ رڙيون ڪندو رھيو.
”دَيوِي جو ھٿ... دَيِوي جو ھٿ“

زندگيءَ سان پھريون رشتو

پنھنجي شھر جي ٻاھرين علائقي جي ھڪ طرف ٺھيل روڊ، ان جي ھڪ طرف ٻنيون ٻارا، سرسبز وڻ ۽ ان روڊ جي ٻي پاسي کان ڪچو پڪو ٺھيل ھي ” ڇاپڙا ھوٽل“ ۽ ھن ھوٽل جي چانھہ...
مون کي ھي سڀ ڪجهہ ڏاڍو وڻندا آھن.
ان ڪري ئي تقريبن ھر روز پنھنجي دوست منيب سان گڏ موٽرسائيڪل تي ھيڏانھن نڪري ايندو آھيان.
وڏي عرصي کان اسان جو اھو معمول ھيو.
پر اڄ تہ ھڪ وڏي عرصي کانپوءِ ھن طرف آيا ھياسين شايد ان ڪري بہ منيب خوش ۽ پرجوش ڏسڻ ۾ آيو، جڏھن تہ مان اڄ خاموش ھُيس.
ھوٽل تي ويھي چانھہ پيئڻ تائين بہ جڏھن مان چپ ويٺو رھيس تہ منيب نيٺ پڇي ورتو.
”ڇا ڳالھہ آهي تون اڄ خاموش آھين؟“
مون کي ھن کان انھيءَ سوال جي اميد ھئي.
ھيڪر خيال آيو تہ ڪائي ٻي ڳالھہ ڪري کيس ٽاري ڇڏيان.
پر مونکي خبر ھئي تہ ھو منھنجي ڪنھن بہ ڪوڙ يا دلاسي واري ڳالھہ تي يقين نہ ڪندو.
ھو منھنجي ننڍپڻ جو دوست آھي ۽ اسان ٻئي ھڪ ٻئي جي عادتن ۽ طبيعتن کان چڱيءَ طرح واقف آھيون ۽ ھڪ ٻئي جي ڪوڙ، سچ کي جلد ئي سمجهي ويندا آھيون.
جواب ڏيڻ ۾ دير ڪيم تہ ھن پنھنجو سوال وري ورجايو.
چاھيم تہ ڪائي خوامخواھہ جي مُرڪ چپن تي ڪنھن اوچتو آيل مھمان جيان اوچتو ظاھر ٿي تہ ان مرڪ سان سندس سوال کي ٽاري ڇڏيان پر منھنجو چھرو بنا ڪنھن تاثر جي رھيو.
مون ڏانھن غور سان ڏسي وري چيائين.
”اسان ھن ڪرونا جي وبا ۽ لاڪ ڊائون جي ڊگهي اذيت ڀرين ڏھاڙن کان پوءِ مليا آھيون ۽ ھتي آيا آھيون.... ھي جڳھہ... ھتان جو ماحول... ھن ھوٽل جي چانھہ... ھي سڀ ڪجهہ تہ توکي ڏاڍو وڻندو آھي... ايترن ڏينھن کان پوءِ اچڻ جي ڪري توکي تہ وڌيڪ خوش ٿيڻ کپي ھا... توکي تہ ان ڪري بہ خوش ھجڻ کپي تہ تون وبا کان بچي وئين “
مون ڪنڌ جهڪائي ھوريان چيو.
”آءٌ زندھہ ڪٿي بچيس جو خوش ٿيان“
ھن حيرت مان مون ڏانھن ڏٺو ۽ چيائين.
”تنھنجو مطلب آھي تہ تون ڪورونا جي ڪري مري چڪو آھين؟؟“
”ھا... پر مون کي ڪرونا ڪو نہ ماريو. آءٌ تہ پنھنجي يقين، پنھنجي محبت جي ھٿان ماريو ويو آھيان..“
منھنجي ڳالھہ ٻڌي حيرت مان مون ڏانھن ڏسي وري پاڻي جو گلاس پيئندي مون ڏانھن ڏسڻ لڳو ۽ آءٌ ان وچ ۾ کيس سڄي ڳالھہ ٻڌائڻ لاءِ خودڪشي ڪندڙ ڪنھن انسان جيان پاڻ ۾ ھمت ۽ حوصلو پيدا ڪندو رھيس.
مون کي خبر ھئي تہ ھو پوري ڳالھہ ٻڌڻ کان بغير ڪو نہ اُٿندو.
ھن ھڪ ڊگهو ساھ کڻندي چيو.
”جنھن کي اسان ”يقين“ چوندا آھيون اصل ۾ اھو اسان جي محبت ۽ تجربي جو ٻيو نالو آھي“
جيڪڏھن اھو ”يقين“ اسان کي ڪٿي ڌوڪو ڏيئي تہ سمجهڻ گهرجي تہ اسان جي تجربي ۽ محبت ۾ ڪائي ڪمي... ڪائي کوٽ آھي..“
ڪو ٻيو موقعو ھجي ھا تہ آءٌ سندس ڳالھہ کي تسليم ڪريان ھا پر ان وقت الاءِ ڇو مون کي غصو اچي ويو ۽ مون تيز لھجي ۾ چيو.
”پنھنجي اولاد جي باري ۾ اسان جي تجربي ۽ محبت ۾ ڪھڙي کوٽ ڪھڙي ڪمي ٿي سگهي ٿئي“
ھُو ڪافي دير تائين خاموش رھي مون ڏانھن ڏسندو رھيو. وري نرم لھجي ۾ چيائين.
”ھاڻي اصل ڳالھہ ٻڌاءِ..“
آءٌ بہ ھوريان ھوريان ڳالھائڻ لڳس.
”ھي انھن ڏينھن جي ڳالھہ آھي جڏھن اسان جي مُلڪ ۾ بہ ڪورونا جا ڪيس ظاھر ٿيڻ شروع ٿيا ھيا... ميڊيا کان وٺي ھر انسان جي زبان تي بس ڪورونا جو ئي ذڪر ھيو.
ميڊيا جي ٻڌايل شروعاتي ڪورونا جي علامتن مان زڪام ۽ بخار جو ذڪر گهڻو ھيو.
انھن ڏينھن ۾ موسم بہ ڪڏھن سرد تہ ڪڏھن گرم پئي محسوس ٿي. ان ڪري بہ زڪام ۽ بخار ۾ ورتل ھر ماڻھوءَ تي ڪورونا جي مريض ھجڻ جو شڪ پيو ٿيئي.. ٻاهرين ملڪن کان آيل دوستن عزيزن سان ملڻ کان بہ ماڻھو لنوائي رھيا ھيا.
انھن ڏينھن ۾ آءٌ پنھنجي ننڍي پٽ سان گڏ ڪيڏانھن وڃي رھيو ھُيس تہ رستي ۾ ھڪ اھڙو مائٽ ملي ويو جيڪو ڪافي عرصي کان ڪنھن ٻي ملڪ ۾ رھندڙ ھيو ۽ ھاڻي تازو ئي اتان واپس آيو ھيو.
اسان ٻنھي ھڪ ٻئي کي وڏي عرصي کان پوءِ ڏٺو ھيو. وڏي جوش ۽ محبت سان ھڪ ٻئي سان ملياسين ۽ بيٺي، بيٺي حال احوال ڪرڻ کان پوءِ اڳتي وڌي وياسين.
ان ملاقات کان ٻه، ٽي ڏينھن کان پوءِ مون کي پھريان زڪام وري بخار ٿيو..
زڪام ۽ بخار، ٻہ ٽي ڏينھن ھليو تہ منھنجي ننڍي پُٽ گهر ڀاتين سان منھنجي ان مائٽ سان ملڻ جو ذڪر ڪيو.
ان ڏينھن کان مون کي پنھنجي گهر جو ماحول ۽ ڀاتين جا رويا عجيب محسوس ٿيڻ لڳا...
سڀ گهر ڀاتي... خاص طور منھنجي اولاد مون کان پري پري رھڻ لڳي هئي.
آءٌ پنھنجي ئي گهر ۾ پاڻ کي اوپرو اوپرو محسوس ڪرڻ لڳو ھيس.. آخر ھڪ ڏينھن پُٽ مون کي چيو.
”بابا... اوھان کي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي“
”ڇو؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”جڏھن کان اوھان ٻاھرين ملڪ مان آيل مائٽ سان مليا آھيو زڪام بخار ٿيو اٿوَ... اوھان کي تہ خبر آھي... انھن آيل ماڻھن مان ئي ھتي اھا بيماري ڦهلي آھي..“
”پر مون کي لڳي پيو تہ مون کي زڪام ۽ بخار موسم جي ڪري آھي“
”اوھان جي مرضي... پر اوھان کي احتياط ڪرڻ گهرجي“
ھن ٿورو منھن خراب ڪري چيو.
۽ ان ڏينھن کان پوءِ ھُو سڀ مون سان ملڻ جلڻ کائڻ پيئڻ ۾ احتياط ڪرڻ لڳا.
ڪئي ڏينھن ائين گذريا.
جڏهن منھنجو زڪام ۽ بخار ختم ٿيو تہ سڀن ڄڻ سُک جو ساھ کنيو ۽ ھُو پھرين وانگر منھنجي ويجهو اچڻ وڃڻ لڳا.
پر سچ پڇين تہ آءٌ ھنن کان پري ٿي ويو ھيُس.
محبت ۽ يقين جو اھو رشتو جيڪو اولاد ۽ ماءَ پيءُ جي وچ ۾ ھوندو آھي... اھو ٽٽي چڪو آھي.
بيماري جي شڪ، اسان سڀن جي محبت کي وائکو ڪيو ھيو.
آءٌ ھن وقت بہ پنھنجي اولاد سان گڏ ھوندي بہ ڄڻ ھنن کان پَري آھيان..
مون کي اڪثر ائين لڳندو آھي ڄڻ آءٌ بہ ڪورونا ۾ مري چڪو آھيان... پر مون کي ڪرونا نہ پر اولاد جي رويئي ماريو آهي“
ڳالھہ ڄڻ پوري ٿي چڪي ھئي..
آءٌ خاموش ٿي ھُن ڏانھن نھارڻ لڳس.
ڏٺم تہ ھن جي چھري تي سنجيدگي ۽ افسوس بدران چپن تي مرڪ ھئي.
سچ تہ ھن جي مُرڪ مون کي ڪاوڙ ڏياري رھي ھئي.
”تون مون ڏانھن ائين ڇو پيو ڏسين ۽ ڇو پيو مُرڪين“
مون ڪجهہ ڪاوڙ مان چيو.
ھن ڪو جواب ڏيڻ بدران پنھنجو ٽچ موبائل ڪڍيو ۽ سندس آڱريون موبائيل اسڪرين تي نچڻ لڳيون، ھن اوچتو موبائل مون ڏانھن وڍائيندي چيو.
”ھي ڏس“
مون ھن کان موبائيل ورتو ڪا ويڊيو ھلي رھي ھئي، ھڪ ڪمري جي بيڊ تي ھڪ ڏھن ٻارنھن سالن جي ڇوڪري روئي رھي ھئي.
”ممّي.... منھنجو ڳلو .... ابو منھنجو ڳلو.... پاڻي .... پاڻي..“
ڇوڪري تڙپي رھي ھئي.
”پٽ ھاسپيٽل فون ڪيو آھي... ھُو اچي رھيا آھن“
پَري کان ڪنھن عورت جو پريشان آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
”بس پٽ... ٻہ منٽ... ٻہ منٽ ...“
ڪنھن مرد جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو.
ڇوڪري تڙپي رھي ھئي... ماڻھو موجود ھيا.. پر سندس ويجهو ڪوبہ ڪونہ پئي ويو.
منھنجا ھٿ ڏڪڻ لڳا ھيا.
منيب جلدي ھٿ وڌائي مون کان پنھنجو موبائيل واپس ورتو. ھُو ٿورو مون ڏانھن جهڪي چوڻ لڳو.
”تون يقينن منھنجو مطلب سمجهي ويو ھوندين؟“
آءٌ خاموش رھيس.
”ھن وقت تائين تون ائين سمجهندو رهيو آهين تہ ڪورونا جي ڀَوَ کان اولاد توکان پري پئي رھي... پر تو ڏٺو تہ ڇو ڪري ڪيئن نہ تڙپي رھي ھئي ۽ والدين سندس ويجهو ڪونہ پئي ويا..“
ھُو چوندو رھيو.
“جيڪڏھن ھي ڇوڪري ڪورونا کان بچي بہ وئي تہ تو وانگر سڄي زندگي والدين کان ان ڪري نفرت ڪندي رھندي تہ ڪورونا جي ڪري سندس والدين ھن کي تڙپندو ڏسي بہ ويجهو ڪونہ آيا..“
آءٌ ڪنڌ ھيٺ ڪري ٻڌندو رھيس.
“تو وٽ بہ تصوير جو ھڪ رخ آھي ۽ ھُن ڇوڪريءَ وٽ به... پر سچ اھو آھي تہ انسان جو سڀ کان پھريون ۽ مضبوط رشتو پنھنجي ساھہ.پنھنجي زندگي سان ھوندو آھي... پوءِ ماءَ، پيءُ يا اولاد سان...“
الاءِ تہ ڇا ياد آيو هيسُ ، هوريان ڀڻڪيو ”ٻين تي ساھہ ڏيڻ وارا، صرف ڪتابن ۾ هوندا آهن.“

بند لفافو

سھيل جا ھٿ، بظاھر چانھہ جي ڪوپ ڏانھن وڌي رھيا ھيا پر ھن جون اکيون شازيھ جي سنگ مرمر جھڙي ھٿن ۾ کتل ھيون.
شازيھ سڀ ڪجهہ سمجهندي کلي پئي ھئي.
”اٿ ڀلا ڪم تي ناھي وڃڻو ڇا؟“ شازيھ ھن جو ڌيان مٽائڻ لاءِ پڇيو.
”دل تہ چاھي ٿي تہ اڄ موڪل ڪريان ۽ سڄو ڏينھن تنھنجي هٿن جي چانھہ پيئندو رهان.“ سھيل ھن جي ھٿن تان نظر ھٽائي وري ھن جي چھري ڏانھن گهوريندي جواب ڏنو.
”جيڪڏھن ھاڻي ڪاروبار تي ڌيان نہ ڏيندين تہ ماڻھو مون کي قصوروار چوندا تہ شاديءَ کان پوءِ رڳو گهرواريءَ جو مريد ٿي ويو آھي...“ شازيھ کلي چيو.
”ڪوڙ تہ ناھي جو مان تنھنجو مريد ناھيان ڇا؟“
سھيل سيني تي ھٿ رکي نِوڙي چيو.
جواب ۾ شازيھ ٽھڪ ڏنو پر ھن جو ٽھڪ دروازي جي بيل جي آواز ۾ دٻجي ويو.
ھنن ٻنھي ھڪٻئي ڏانھن ائين ڏٺو ڄڻ ھڪ ٻئي کان پڇندا ھجن تہ ھن وقت صبح جو ڪير آيو؟
سھيل چانھہ جو ڪوپ اتي ئي رکي باورچي خاني مان نڪري دروازي تي آيو. ڪجهہ چوڻ، پڇڻ بنا ھن دروازو کوليو.
سامھون بيٺل پنھنجي ھم عمر نوجوان کي ڏسي ھو پھريون تہ وائڙو ٿي ويو پوءِ انتھائي حيرت مان رڙ ڪري پڇيائين.
”يار ڪامران تون؟“
جواب ۾ ٻاھر بيٺل ڪامران ڪجهہ چوڻ بدران مرڪي ٻئي ھٿ کولي ڀاڪر جو اشارو ڪيو ۽ ٻئي لمحي ٻئي ھڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ ھيا.
”اچ اندر اچ“ سھيل ڪجهہ لمحن بعد کيس اندر اچڻ لاءِ چيو. ڪامران ڀر ۾ رکيل وڏو بريف ڪيس کنيو ۽ سھيل جي پويان پويان ھلندي ھڪ ڪمري ۾ اچي ھن جي اشاري تي ھڪ صوفي تي ويٺو.
”يار سھيل سچ پڇين تہ آءٌ توکان ڏاڍو ناراض آھيان“
ڪامران کيس گهوريندي چيو.
”ڇو؟؟“
”يار تو ماسيءَ جي وفات تي فون بہ نہ ڪئي؟“
ڪامران سندس ماءُ جو حوالو ڏنو.
يڪدم سھيل جي اکين اڳيان پنھنجي ماءُ جو چھرو ڦري آيو، ٻئي لمحي ھو اداس ٿي ويو.
”يار مون کي ھت اچي خبر پئي“ ڪامران جو لھجو بہ ٿورو اداس ھو
” ۽ سچ بہ تہ ڏاڍو ڏک ٿيو“
ڪجهہ دير ٻئي خاموش رھيا.
”۽ ٻي ناراضگي اھا تھ... شادي ڪئي ۽ مون کي دعوت يا اطلاع بہ نہ ڪئي؟“ ڪامران کيس ٻيھر ميار ڏني.
سھيل جي اکين اڳيان ھاڻي شازيھ جو کلندڙ چھرو ڦري آيو تہ ڪجهہ لمحا اڳ واري اداسي ڄڻ تہ اڏري وئي.
”ھا... يار... اھو سڀ ڪجهہ تڪڙو ۽...“ سھيل وضاحت ڪرڻ لڳو تہ ڪامران کيس ھٿ جي اشاري سان روڪيندي چيو.
”بس بس... ڪو ابتو سبتو ڪوڙ نہ ڳالھائجانء..“
سھيل کي اوچتو ياد آيو تہ ڳالھين ۾ ھو ڪامران کان چانھہ يا ناشتي لاءِ نہ پڇي سگهيو.
ھڪ منٽ جو چئي ھو تڪڙي ڪمري مان نڪري ويو.
ڪامران صوفي تي ٽيڪ ڏئي ڪمري جو جائزو وٺندي سوچڻ لڳو ”لڳي ٿو تہ ھاڻي سھيل جا حالات ڪافي بھتر ٿيا آھن...“
ھن جو ذھن وري ماضي ڏانھن ويو.
سھيل سان سندس دوستي ڪافي سال اڳ جي ھئي.
سھيل پنھنجي ڪراڙي ماءُ سان گڏ رھندو ھيو، ھن کي ٻي صرف ھڪڙي ڀيڻ ھئي جنھن جي شادي ڪافي عرصو اڳ ٿي چڪي ھئي ۽ سھيل ننڍپڻ کان ئي مختلف ھنڌن تي مزدوريون ۽ ملازمتون ڪندو رھيو جنھن جي ڪري ھو پڙھي نہ سگهيو ھو.
پر شھري ماحول ۽ پڙھيل لکيل دوستن جي صحبت ۾ رھڻ جي ڪري سندس ڳالھائڻ توڙي ڪپڙن پائڻ جو ذوق پڙھيل لکيل ماڻھن جھڙو ئي ھيو.
چوڙين جي کڙڪي ۽ چانھہ رکيل ٽرالي جي گڏيل آواز تي ھو خيالن جي دنيا مان واپس وريو اک کڻي سامھون ڏٺائين. شازيھ چانھہ، ڪپ ۽ بسڪٽ سان ڀريل ٽراليءَ سان بيٺي ھئي ۽ ان جي پويان سھيل چپن تي مرڪ ۽ اکين ۾ شوخي ڀريون ھن ڏانھن ڏسي رھيو ھيو.
ڪجهہ لمحن لاءِ شازيھ کي ھو بُت بڻيو ڏسندو رھيو. حسن جون سڀ خوبيون ڄڻ شازيھ جو روپ ڌاري ھن جي سامھون اچي ويون ھيون.
اوچتو کيس پنھنجي بيوقوفيءَ جو احساس ٿيو.
جلدي اٿي ھن ٻڏيل آواز ۾ شازيھ کي سلام ڪيو.
”ڪيئن ڪامران... آھي نہ تنھنجي ڀاڀي ھزارن۾ ھڪ ؟“
سھيل ڄڻ ھن کان داد گهريو.
”صرف ھزارن ۾ نہ پر لکن ۾ ھڪ“
ھو اڳوڻي واري ڪيفيت مان ڄڻ نڪري آيو ھو تنھنڪري ھن جواب بہ شوخيءَ مان ڏنو. شازيھ چانھہ ٺاھي جڏھن ڪامران ڏانھن ڪوپ وڌايو تہ ھن جي خوبصورت ھٿن کي ڏسي ھن جي دل ائين تيز ڌڙڪڻ لڳي، جيئن ڪو ذبح ٿيندڙ جانور پاڻ ڏانھن ڪاتيءَ کي وڌندي ڏسي ڪنبڻ لڳندو آھي.
وڏي ڪوششن سان ھن پاڻ تي ضابطو آندو.
سھيل ۽ ڪامران ماضيءِءَ جون ڳالھيون ڪندا رھيا ٽھڪ ڏيندا رھيا ۽ ڪٿي ڪٿي شازيھ کي بہ پنھنجين ڳالھين ۾ شريڪ ڪندا رھيا.
ڪافي دير کان پوءِ ڪامران ھنن لاءِ آندل تحفا ھنن حوالي ڪيا ۽ وري اچڻ جو واعدو ڪري اتان اٿي ويو.
ٻاھر نڪري ھن کي ائين لڳو ڄڻ ھو پنھنجا ڪئي خواب ان گهر ۾ ڇڏي آيو ھجي.
توڙي جو کيس رکي رکي شرمندگي بہ محسوس ٿي رھي ھئي تہ ھو غلط پيو سوچي، سھيل سان ھن جا واسطا ايترا تہ سٺا رھيا ھيا جو ھن قسم جي سوچ بہ انھيءَ رشتي کي داغدار بڻائي رھي ھئي پر پوءِ بہ ھو سوچيندو رھيو ھو، بي اختيار، شازيھ متعلق.
ٻي ڏينھن کانپوءِ ھو وري صبح جو ان ئي وقت سھيل وٽ گهر ڏي آيو.
اڄ چانھہ پيئڻ، ڳالھيون ڪرڻ دوران ھن ڪوشس ڪئي تہ ماحول بي تڪلف رھي ۽ ائين رھيو. شازيھ ھن جي ڪافي سوالن جا جواب براه راست ئي ڏنا.
پوءِ اھي ملاقاتون وڏنديون رھيون.
ھو بھاني سان سھيل جي گهر ايندو رھيو.
ھاڻي ڳالھائيندي ڳالھائيندي شازيھ جي اکين ۾ نھاري ھو ڪجهہ ڳولھڻ لڳو ھو.
شايد ڪنھن جذبي جي روشني، پنھنجائپ جو ڪو رنگ. ھن کي يقين ٿي چڪو ھيو تہ شازيھ ھن جي جذبي کي سمجهي چڪي آھي.
پر پوءِ بہ ھوءَ خاموش ھئي، نہ ناراضگي وارو لھجو، نہ حوصلا افزائي ڪندڙ ڪو نياپو.
شايد ھوءَ بہ ڪنھن ٻڏتر ۾ ھئي؟
وقت ايتري تہ تيزيءَ سان گذري رھيو ھيو جو جڏھن ڪامران جي واپس وڃڻ جا ڏينھن اچي ويا تہ ھو ھڪ ھفتو وڌيڪ ترسي پيو.
پر پوءِ بہ ھو کُلي ڪري شازيھ کي ڪجهہ بہ نہ چئي سگهيو ھيو، نہ ئي شازيھ جي طرفان ڪنھن قسم جو ڪو اظھار ٿيو، ٻنھي طرفن کان اظھار گونگو بڻجي انتظار جي ڊگهي سفر تي نڪري پيو ھيو.
۽ ھو پاڻ بہ ھڪ دفعو وري روزي ڪمائڻ پرديس ھليو آيو.
ھتان جي زندگي ھاڻي کيس بور ڪندڙ لڳي رھي ھئي، پر ھو مجبور ھيو.
جڏھن بي چيني وڌي وئي تہ ھن سھيل جي نالي ھڪ خط لکيو، کيس يقين ھو تہ سھيل اھو خط شازيھ کان ئي پڙھائيندو ۽ شازيھ يقينن لفظن پويان لڪيل سندس محبت کي محسوس ڪري وٺندي.
ھن خط بہ سھيل جي دڪان جي ايڊريس بدران گهر جي ايڊريس تي موڪليو.
جڏھن کان ٽپالي ڪامران جو خط شازيھ کي ڏئي ويو ھيو. شازيھ ان وقت کان ئي ھڪ عجيب بي چيني محسوس ڪري رھي ھئي، شام جو جڏھن سھيل دڪان کان واپس موٽيو تہ شازيھ کيس ٻڌايو.
”ڪامران جو خط آيو آھي“
”واقعي؟“ سھيل حيرت ۽ خوشيءَ جي گڏيل ڪيفيت ۾ پڇيو.
جڏھن سھيل کيس خط پڙھڻ لاءِ چيو تہ شازيھ محسوس ڪيو تہ لفافو کوليندي سندس آڱرين ۾ ھلڪي ڏڪڻي ھئي.
ھن ھٻڪندي سڄو خط پڙھي کيس ٻڌايو.
ان وقت شازيھ کي محسوس ٿي رھيو ھيو تہ ڄڻ اڄ ھر لفظ جون ٻہ معنائون ھن جي آڏو اچي رھيون ھيون. ھڪڙن لفظن جي معنيٰ ھن لاءِ تہ ھڪ سھيل لاءِ.
سھيل ھن تي ذميواري رکي تہ ڪامران لاءِ جواب بہ ھوءَ لکي.
ائين ڪجهہ جملا سھيل کيس ٻڌائي رھيو ھيو تہ ٻہ چار جملا ھوءَ پنھنجي پاران بہ لکي رھي ھئي.
ڄڻ تہ ھن بہ لڪيل طريقي سان ئي سھي، محبت جو اعتراف ڪيو ھيو.
اھڙن خطن ۽ خطن ۾ لکيل جملن، ۽ جملن ۾ لڪيل معنائن واري ھن راند ۾ ھوءَ اڪثر پاڻ سان بہ وڙھي پوندي ھئي.
”مون کي ائين نہ ڪرڻ کپي.... مان ھڪ شادي شدہ عورت آھيان... مان...“
ائين سوچڻ باوجود بہ ڪو جذبو ھيو، ڪا خواھش ھئي جيڪا ھن کي، ھن جي ان سوچ کي، ڪنھن ننڍڙي ٻار جيان دلاسا، دليل ڏئي چپ ڪرائي ڇڏيندي ھئي.
وقت گذرڻ جو ٻيو ڪو ماپو شازيھ وٽ نہ رھيو ھيو سوائي ان جي تہ ھن مھيني ڪامران جا گهڻا خط آيا؟
وقت جو احساس کيس ھڪ ڏينھن سھيل ڏيارايو.
ھن ھڪ صبح جو سوير ئي کيس خوشگوار موڊ ۾ چيو
”محترمھ اڄوڪو ڏينھن ڀلا ڇو ياد رکڻ جي قابل آھي؟“
شازيھ ڪججه بہ نہ سمجهي.
”محترمھ ... اڄوڪي تاريخ تي پنھنجي شادي ٿي ھئي“
سھيل کيس ياد ڏياريو.
”تہ معنيٰ اڄ ڪو تحفو ضرور ملندو“شازيھ کلي پئي.
”صرف تحفو؟“ سھيل بہ کلي چيو.
”چري نہ صرف تحفو، پر ڪنھن خوبصورت علائقي ۾ تفريح ۽...“
”۽“ چئي سھيل ڪجهھ دير خاموش رھي ھن جي چھري کي تڪيندي شوخيءَ مان چوڻ لڳو.
”۽.. ھڪ عدد سرپرائيز به“
شازيھ کيس چوندي رھي تہ اھو سرپرائيز کيس ھن وقت ٻڌائي پر سھيل پڪو ٿي بيھي رھيو تہ ھن وقت نہ
ان ڏينھن سوير ئي سھيل دڪان کان موٽي آيو.
شازيھ کي جلدي تيار ٿي ٻاهر ڪٿي ھلڻ لاءِ چيو ۽ ھو پاڻ بہ تيار ٿيڻ لڳو.
ڪجهہ دير کانپوءِ دروازي تي بيل جو آواز ٻڌي ھو دروازي تي آيو تہ ٽپالي کيس ھڪ لفافو ڏئي ھليو ويو، لفافو رنگين ھجڻ سان ڄڻ تہ پنھنجي غير ملڪي ھجڻ جون اعلان ڪري رھيو ھيو،
لفافي کي ھڪ لمحو چتائي ڏسي، مرڪي ھن اھو پاسي واري کيسي ۾ وڌو ۽ وري اچي ٿيار ٿيڻ لڳو.
جلد ئي ھو، ھڪ ٽيڪسي ڪري ھڪ پارڪ ۾ پھتا، گهڻي عرصي کان پوءِ ھو ڪنھن اھڙي کليل، ھوادار ۽ پرفضا ماحول ۾ گڏ آيا ھيا.
بي فڪري سان گهمندي، ٽھڪ ڏيندي، گهڻو گهمڻ کان پوءِ ھو ٻئي ٿڪجي ھڪ مٿانھين جڳھہ تي ويھي رھيا.
”ھا تون ڪا سرپرائيز ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھيو؟“
شازيھ کي اوچتو ياد آيو.
ڳالھہ ياد ايندي ئي سھيل مرڪڻ لڳو ھو.
” شازيھ سچي ڳالھہ اھا آھي تہ زندگي ۾ مان لاپرواھہ رھيو آھيان... پر توسان شادي ڪرڻ کان پوءِ، مون کي احساس ٿيو تہ مون تو سان ظلم ڪيو آھي“ سھيل ھن ڏانھن ڏسندي چيو.
”ڇو؟“ شازيھ حيران ٿي وئي
”تو جھڙي سُهڻي ۽ پڙھيل لکيل ڇوڪريءَ سان مون جھڙي ان پڙھ جو جوڙ ٺھي نہ پيو...“
شازيھ کلي ڄڻ ڳالھہ ٽاري.
”پر شادي کان پوءِ جلدي مون فيصلو ڪيو تھ... گهٽ ۾ گهٽ تو جھڙي پڙھيل لکيل گهرواريءَ کي شرمندگي کان بچائڻ لاءِ مون کي پڙھڻ گهرجي... ۽ سوچيم توکان ئي پڙھان“
سھيل جي ڳالھہ ٻڌي شازيھ ٽھڪ ڏنو.
”پر توکان پڙھڻ بدران ھڪ سٺي استاد کان شام جو توکي ٻڌائڻ بنا پڙھڻ شروع ڪيم...۽..“ ائين چئي سھيل ڪجهہ اوچتو ياد اچڻ تي پنھنجي کيسي مان ھڪ لفافو ڪڍيو.
لفافو ڏسي شازيھ حيران ٿي وئي.
”۽ اڄ توکي مان ڪامران جو خط پاڻ پڙھي ٿو ٻڌايان“
سھيل لفافو کيس ڏيکاريندي خوشيءَ مان چيو.
شازيھ انتھائي حيرت مان لفافي کي ڏسي رھي ھئي لفافو کولڻ لاءِ جيئن سھيل لفافي ۾ ٻيو ھٿ بہ وڌو، اوچتو شازيھ کان ھلڪي رَڙِ نڪتي. ائين لڳو ڄڻ ھو لفافو ھن جي ھٿن مان کسڻ لاءِ ھٿ اڳتي وڌايا پر اوچتو ئي چڪر کائي ھيٺ ڪرڻ لڳي.
سھيل ڪجهہ نہ سمجهندي حيرت ۽ خوف مان بند لفافو اُڇلي شازيھ کي سنڀالڻ لڳو.
ھوا جي زور تي بند لفافو ڪٿي اڏري ويو ھيو.

هن ڪھاڻيءَ جو ڪو عنوان ناهي

شاديءَ جي ٿوري ئي عرصي کان پوءِ منھنجي گهرواريءَ مون کان پڇيو،
ساجد تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين؟“
آئون ڪجهہ دير حيران ٿي وَيَس. ڇو تہ آءُ ان سوال لاءِ تيار ڪو نہ هُيسَ. مون ان سوال کي بہ شادي جي پھرين ڏينھن جو لاڏ سمجهيو پر جواب ڏيڻ ۾ دير ڪئي تہ هن وري کلي چيو:
”ڇو پريشان ٿي وئين؟“
مون بہ کلي چيو:
”صفيھ اصل ۾ آئون توسان جيتري محبت ڪريان ٿو ان جي ماپ تور لاءِ ڪائي ترازي، ڪي وَٽ اڃان ٺھيا ئي ناهن.“
هن کي خوش ٿيڻ کپي ها پر ڪجهہ سوچيندي چپ ٿي وئي.
”ڇو اعتبار نٿو اچئي؟“
”نہ نھ، اهڙي ڪائي ڳالھہ ناهي.“
هن جلدي ۾ چيو ڳالھہ آئي وئي ٿي.
ڪافي ڏينھن کان پوءِ هڪ ڏينھن وري ساڳيو سوال پڇيائين.
”ساجد تون مون سان ڪيتري محبت ڪرين ٿو.؟“
پھرين تہ آئون حيران ٿُيس. وري دل جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ چڙ بہ محسوس ڪيم پر وري بہ چهري تي مُرڪ آڻيندي ڪو فلمي ڊائيلاگ سوچڻ لڳو هيس تہ هُو منھنجي چهري کي غور سان ڏسندي هلي وئي مون سوچيو شايد هن منھنجي چڙ کي محسوس ڪيو آهي ۽ هاڻي ٻيھر ڪڏهن بہ اهو سوال نہ پڇندي. پر هڪ ڏينھن هوءَ پنھنجي ماءُ، پيءُ يعني منھنجي ساهرن کان ٿي موٽي آئي تہ ڪنھن ڳالھہ جي وچ ۾ وري مون کان ساڳيو سوال پڇيائين.
”تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين؟
سوال تي مون کي ڪاوڙ تہ آئي پر اوچتو هڪ خيال ذهن ۾ آيو تہ آخر هوءَ جڏهن بہ پنھنجي ماءُ، پيءُ جي گهر مان گهمي موٽي ايندي آهي تہ ان ڏينھن اهو سوال ضرور پڇندي آهي.
”آخر ڇو؟؟“ مان حيران ٿيندو سوچيندو رهيس. ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي تہ مون ان ڳالھہ کي بہ ٽارڻ، وسارڻ جي ڪوشش ڪئي.
هڪ ڏينھن آئون تيار ٿي آفيس لاءِ نڪرڻ لڳو هئس تہ هن فرمائش ڪئي تہ آئون کيس بائيڪ تي سندس والدين جي گهر تائين ڇڏيو وڃان.
آئون کيس ساڻ ڪري بائيڪ تي کڻي پنھنجي ساهرن يعني صفيھ جي والدين جي گهرواريءَ گهٽيءَ جي مُنڍي تائين جيئن پھتس تہ هن هوريان مون کي بائيڪ اتي بيھارڻ لاءِ چيو. مون بائيڪ بيھاري منھن ورائي هن ڏانھن سواليھ انداز ۾ ڏٺو.
هن انتھائي عجيب انداز ۾ هوريان چيو.
”ساجد آئون، اڪثر تون کان پڇندي آهيان تہ تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين؟
مون کي هڪ لمحي لاءِ خوف ٿيو تہ ڪٿي هُو وري هتي رستي ۾ ئي اهو سوال پڇڻ ٿي چاهي ڇا؟
دل ئي دل ۾ ڪاوڙ کي ضبط ڪري خاموش رهيس. هن هڪ طرف اشارو ڪندي چيو:
”هو ڏس“
روڊ جي هڪ طرف ان گهٽيءَ جي مُنڍي ۾ هڪ ڀتِ جي ڇانوَ ۾ هيٺ زمين تي هڪ فقير ويٺو هيو جڏهن تہ ان جي بلڪل اڳيان فرش تي هڪ ڪُراڙي فقيرياڻي سُتي پئي هئي.
شايد ان فقيرياڻي جي چهري تي ڪو زخم هيو يا منھن نہ ڌوئڻ ۽ ڪنھن گندگي جي ڪري چهري تي شايد مکيون پئي آيون ۽ ڪُراڙي فقير مسلسل. ڪنھن مشين وانگر هٿ هلائيندي مکيون تڙي رهيو هيو مون صفيھ ڏانھن نہ سمجهڻ واري انداز ۾ گهوري ڏٺو.
هوءَ چوڻ لڳي:
”هي ٻئي ڪراڙا فقير، فقيرياڻي زال مڙس آهن. آئون وڏي عرصي کان هنن کي اتي ئي ڏسندي پئي اچان.“
هوءَ هڪ لمحي لاءِ چپ ٿي وري چوڻ لڳي.
”هي ڪراڙو فقير .. ائين ئي ھميشہ کيس هٿ سان هوا اڏائي پيو يا مکيون اڏاري پيو. ڪڏهن ڪڏهن ڀر ۾ پيل ڪپڙي سان سندس منھن تان مٽي ۽ پگهر اُگهي ٿو.“
مون ڪجهہ تيز لھجي ۾ چيو.
”ان ڳالھہ مان تنھنجو مطلب؟“
هوءَ بائيڪ تي ويٺي ويٺي مون ڏانھن ٿورو سُرڪي آئي ۽ هوريان چوڻ لڳي.
آءُ اڪثر توهان کان پڇندي آهيان تہ تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين؟... تہ بس.. تون مون سان.. ايتري محبت ڪر جيتري محبت هي فقير.. ان ڪراڙي فقيرياڻي سان ڪري ٿو.
منھنجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي.
ڪاوڙ، کِل، ٽوڪ، سڀئي ڪيفيتون گڏجي پيون هيون مون هڪ نطر وري انھن ڪراڙن فقيرن ڏانھن ڏٺو ٻئي ساڳي حالت ۾ نظر آيا.
”صفيھ... هي فقير، ان ڪراڙيءَ جو ان ڪري بہ خيال ڪندو هوندو تہ هوءَ ڏسڻ ۾ ڏاڍي مظلوم، قابل رحم نظر اچي پئي ۽ ان جي ڪري کيس هر ڪوئي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڏئي پيو وڃي.“
منھنجي لھجي ۾ ٽوڪ هئي.
صفيھ مون ڏانھن عجيب نظرن سان ڏٺو ۽ بائيڪ تان لھي هوريان چيائين.
”تون نہ سمجهي سگهندين.“
صفيھ گهٽيءُ ۾ داخل ٿي هوريان هوريان اڳتي وڌندي وئي.
مون بائيڪ ڦيرائي ۽ آفيس هليو آيس.
پر ان ڏينھن کان پوءِ ڪافي ڏينھن تائين صفيھ مون کان اهو سوال وري ڪو نہ پڇيو.
ڪافي ڏينھن بعد هڪ ڏينھن آفيس جي ڪنھن ڪم سان منھنجو اتان گذرڻ ٿيو تہ اوچتو انھن فقيرن جو خيال آيو.
اتي اچي بائيڪ بيھاري ڏٺم.
ساڳئي جاءَ تي فقير تہ ويٺو هيو، ڪراڙي فقيرياڻي ڪو نہ هئي؟
”ڪراڙي فقيرياني شايد مري وئي“
منھنجي اندر مان آواز آيو.
ڇرڪ ڀري ڏٺم.
فقير اڪيلو ساڳئي حالت ۾ ويٺو آسمان ڏانھن ڪجهہ تَڪي رهيو هيو پر سندس هڪ هٿ هاڻي بہ ائين لڏي رهيو هيو ڄڻ ڪراڙيءَ جون مکيون اُڏاري رهيو هجي يا هٿ سان هوا ڏيئي رهيو هجي.

ڳاڙها، ڳاڙها نوٽ

هي ڪھاڻي مرزا منير عُرف ايم ايم جي ماضيءَ بابت ڪنھن ڊيگهہ کان بغير اتان شروع ڪري سگهجي ٿي جڏهن گرميءَ جي هڪ ڏينھن منجهند وقت مرزا منير عرف ايم – ايم پنھنجي دوڪان تان اُٿي گهر وڃڻ وارو هيو
موبائيل جي رنگ وڄڻ تي کيسي مان موبائيل ڪڍي اسڪرين تي لکيل نالو ڏٺو
هڪ پُراڻي دوست نياز جو نالو ڏسي سندس چپن تي مُرڪ تري آئي هئي.
”جي نياز علي“
ٻي طرف نياز علي بغير ڪنھن ڊيگهہ جي چوڻ لڳو
”يار مرزا منير .. منھنجو هڪ دوست آهي ڪنھن گورنمينٽ اداري ۾ .... ٻڌائي پيو تہ سندن اداري مان بغير وياج جي پنج سالن لاءِ پنج لک قرض ملي سگهي ٿو معذورن لاءِ ... تون وٺڻ چاهيندين؟“
نياز جي ڳالھہ پوري ٿيڻ سان گڏ، مرزا منير جي ذهن ۾ ڪيئي ڳالھيون هڪ ئي وقت اچي ويون، کيس ڄڻ اوچتو ياد آيو تہ هُو معذور بہ آهي نہ تہ هُو ايترو همٿ ڀريو هيو جو سڄي زندگي هڪ پير کان ڪجهہ معذور هوندي بہ هر ڪم عام، نارمل ماڻھن وانگر ڪندو هيو، ۽ اڪثر وساري ويھندو هيو تہ هو معذور بہ آهي ان ئي وقت کيس اهي سڀ ڪم، اُهي ضرورتون بہ ياد آيون، جيڪي پيسي نہ هجڻ جي ڪري هو ڪري ڪو نہ پيو سگهي.
”ڇا ٿيو مرزا..؟“
نياز جو آواز ٻڌائين تہ ڇرڪي وري هن سان ڳالھائين
” ها... ها ... يار نياز اهڙو ڪو ڪم ٿي سگهي ٿو تہ واھہ واھہ ..“
”تہ بس اڄ شام بيٺڪ تي روبرو اچي مِل..“
”پوءِ بہ ڪجهہ تہ ٻُڌاءِ ... هن تڪڙي پڇيو
ڄڻ تسلي ڪرڻ چاهيندو هجي
”روبرو مل تہ سمورا احوال معلوم ٿيندءِ .. ان دوست سان ملائيندوسانءِ...“
مرزا منور عرف ايم-ايم محسوس ڪيو تہ شايد نياز ڪنھن سان گڏ آهي جو ڪجهہ وڌيڪ ڪو نہ پيو ٻڌائي.
”ٺيڪ آهي .. مان شام جو ڪھڙي وقت اچان؟“
”مغرب جي نماز کان پوءِ فورن هليو آ“
”ٺيڪ .... آءُ پوري وقت تي ايندُس“
نياز وڌيڪ ڳالھائڻ بنا ڪال ڪٽي ڇڏي تہ هن بہ موبائيل کيسي ۾ رکيو
گهر لاءِ تڪڙي اُٿڻ جو خيال ڇڏي هُو اتي ئي ويھي ڪجهہ سوچڻ لڳو،
سڀ کان پھرين خيال اهو آيُس تہ اللھ ڪيڏو مھربان آهي.. هڪ دَر بند ٿئي ٿو تہ سئو دَر کولي ٿو ڏيئي.
۽ مشڪل وقت ۾ اتان ٿو ڏئي جتان کيس ڪجهہ ملڻ جي اُميد ئي نہ هوندي آهي
ٻيو خيال نياز جو آيُس..
نياز سندس پُراڻو دوست.. بلڪھ جواني جي ڏينھن جو دوست... جڏهن هو ۽ ٻيا بہ ڪيترائي دوست حاجي قربان جي اوطاق تي هر روز شام جو ۽ موڪل وارن ڏينھن ۾ گڏ ٿيندا هيا ۽ لوڊيو کيڏڻ، چانھيون پيئڻ ۾ وقت گذاري خوش ۽ مطمئن رهندا هيا.
وڏو عرصو اهو سلسلو هليو. پر هر ڪنھن جي زميدارين ۾ اضافي سان گڏ اتي ڪافي دوستن جي اچڻ وڃڻ جو سلسلو گهٽجي ويو هيو خاص طور هن جو پنھنجو..
گهٽ ويندي ويندي ڄڻ وري سال گذري ويا جو هُو اتي ڪو نہ ويو هيو پر هن جو موبائيل تي سڀن دوستن سان رابطو رهيو
هُو کيس گهڻو ئي اچڻ لاءِ چوندا هيا ۽ هُو بہ اڪثر وڃڻ جو سوچيندو هيو، واعدو ڪندو هيو پر وڃي ڪو نہ سگهندو هيو
اڄ نياز کيس فون ڪري جڏهن پنج لک قرض وٺرائي ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي تہ هن جي دل خوشي ۽ فخر مان ڀرجي وئي تہ سندس پُراڻي دوست کي سندس حالتن جي خبر هوندي ۽ هن ساڻس ڀلائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
”دوست واقعي بہ خدا طرفان تحفو هوندا آهن“
هن فخر مان سوچيو
ننڍي پُٽ جي بار بار گهر هلڻ جي اصرار تي هُو اٿيو ۽ ساڻس بائيڪ تي ويٺو گهر تائين جي سفر ۾ هن کي ائين لڳو ڄڻ سندن بائيڪ اڄ ڀڳل ٽُٽل روڊ مٿان نہ پر پنجن لکن جي صورت ۾ مليل نوٽن مٿان هلندو رهيو هجي گهر ۾ ماني کائيندي بہ سوچيندو رهيو تہ گهرواريءَ سان اها ڳالھہ ڪريان يا نہ؟
”نہ نہ ... ڪم ٿيڻ تائين ڪنھن سان ڳالھہ نہ ڪريان تہ بهتر... متان نظر نہ لڳي وڃي..“
”پر گهراوري تہ خوشي ٿيندي .. ساڙ واري جي نظر لڳندي آهي.
ٻُڌايان؟
نہ ٻُڌايان؟؟
ماني کائي آخر گهرواريءَ کي سڏي، ڀرسان ويھاري پڇي ٿو
”ٻُڌ ... تو وٽ ڪجهہ پيسا آهن؟“
” ؟ “گهرواريءَ جو نظرن سان سوال
سوچي ٿو سٺي ڪم ۾ ڪوڙ نہ ڳالھائجي
آهستي آواز ۾ چوي ٿو
”ٻُڌايائين ٿو .. پھريان ڪجهہ پيسا اٿئي تہ کڻي آ ... صدقو ڪڍڻو آهي“
سندس گهرواري خاموشيءَ سان اندر وڃي جڏهن واپس اچي ٿي تہ سندس هٿ ۾ ڪيئي ڳاڙها ڳاڙها نوٽ هوندا آهن جيڪي هُوءَ خاموشي سان سندس حوالي ڪري ٿي.
هُو نوٽن ڏانھن ڏسي سوچي ٿو
”هي تہ گهڻا آهن.. هڪ ٻہ ئي صدقي ۾ ڏيان...
اللھ قبول ڪندو... ۽ اللھ کي تہ منھنجي حالات جي خبر آهي...“
هُو چاهي ٿو تہ صرف ٻہ نوٽ الڳ ڪري صدقي طور ڏيڻ لاءِ پر وري خيال اچيس ٿو تہ گهرواري کڻي آئي آهي تہ هاڻي رکڻ مناسب ناهي.
”تنھنجي نظر ۾ ڪو ضرورت مند، حقدار آهي جنھن کي صدقي طور هي رقم ڏجي؟“
هو گهرواريءَ کان پڇي ٿو
” ها ... پاڙي جي ماسي نصرت جي ڌيءَ جي ڊليوري آهي ... ويچاري پريشان آهي کيس ڏجي تہ بهتر ...“
گهرواري ٻُڌائس ٿي.
ٺيڪ آهي ” نوٽ واپس ڏيندي چويس ٿو
”وڃين ڏئي اچيس“
”ڀلا هاڻي ٻُڌاءِ .. ڇا ڳالھہ آهي؟“
گهرواري پڇيس ٿي
هو پنج لک قرض واري ڳالھہ ٻُڌاءِ گهرواريءِ ڏانھن ڏسي ٿو. گهرواريءَ جي اکين ۾ ڪيئي تصوير ڏسي ٿو
ڪمري جو ڏار ڏار ٿيل ڇت بدران نئين ڇت جي تصوير
پاڻي وارو نئون موٽر
وڏي عرصي کان کنگهہ ۾ ورتل ننڍڙيءَ جون دوائون....
۽ ...
اڃان اکين ۾ کوڙ تصويرون رهيل هيون جو سندس گهرواري تڪڙي اُٿي نوٽ صدقي ۾ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪري وئي.
هن دل ئي دل ۾ اللھ کي عرض ڪيو
”هي رقم ان ڪم لاءِ صدقي طور قبول فرما تہ جيئن تڪڙي ۽ آسانيءَ سان اها رقم ملي.
عادت موجب ننڊ جي خيال سان سمھي ٿو پوي پر پڪ ٿيئس تہ اڄ ننڊ ڪا نہ ايندي بس انتظار هئيس تہ جلدي شام ٿئي الاءِ تہ ڇا ڇا سوچيندي ننڊ پئجي ويو هيو. جاڳيو تہ انداز ٿي ويو هئيس تہ وڃڻ لاءِ تمام ٿورو وقت بچيو اٿس. گهڻي عرصي کان پوءِ وڃي رهيو هيو ان خيال جي ڪري ڪپڙن جو هڪ ٻيو جوڙو ڪڍي جلدي جلدي پاڻ استري ڪيائين، شيو ڪري وهنجي تيار ٿيو تہ پُٽ کي فون ڪري گهرايائين ۽ ساڻس بائيڪ تي چڙهي بيٺڪ (اوطاق) تي پھتو تہ هن کان اڳ ئي سندس سڀئي پُراڻا دوست ويٺا هيا.
ڪي لوڊيو کيڏي رهيا هيا تہ ڪي ڪچهري ۾ مشغول هيا. هن کي ڏسندي ئي تقريبن سڀنن خوشيءَ مان نعره هڻي، هوڪرا ڪري اُٿي ساڻس مليا
هن کان بہ هڪ لمحي لاءِ پنج لک روپيھ وسري ويا هو پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳو تہ اهڙن دوستن کان هو ايتري عرصي تائين پري ڇو رهيو؟
نہ اچڻ جا سبب ٻُڌائيندي
حال احوال ڏيندي وٺندي کيس ياد آيو تہ هو پنج لک روپيھ قرض وٺڻ لاءِ آيو آهي تہ هن نياز ڏانھن ڏٺو، موقعو ملندي هن هوريان نياز کان پڇيو
”ڏي خبر منھنجي ڪم جو؟“
نياز بہ هوريان جواب ڏنس
”صبر بابا صبر ...!!!
نياز وري لوڊيو ۾ مشغول ٿيو.
هن هڪ ڀيرو وري سڀئي ويٺلن کي ڏٺو
سڀئي سندس پُراڻا دوست هيا سواءِ هڪ ماڻھوءَ جي مرزا کي لڳو تہ پڪ سان هُو ئي اهو آهي جنھن لاءِ شايد نياز چيو هيو تہ هڪ ڪنھن اداري ۾ آهي جٿان کيس پنج لک قرض ملڻو آهي هو هاڻي بي چينيءَ مان سوچڻ لڳو تہ آخر نياز کيس جنھن ڪم لاءِ گهرايو آهي ان بابت ڇو نٿو ڳالھائي؟
هو بار بار ان اوپري ماڻھوءَ ڏانھن ڏسندو رهيو
ان وچ ۾ ڪيئي رانديون پوريون ٿيون
ڪيئي چڪر چانھيون گهرايون ويون.
جڏهن بي چيني ۽ ٿڪاوٽ وڌي ويس
تہ هُن نياز کي چيو
”ڀلا آءُ هلان؟.
”ويھہ يار ڇو پيو وڃين؟“
”طبعيت ۾ مزو نہ آهي وڌيڪ ويھي نٿو سگهان“
هن سوچيو هيو تہ کيس ويندو ڏسي متان نياز قرض بابت پاڻ ئي ڳالھائي
پر موڪلائيندي نياز صرف ايترو چيسَ
”ايندو رھہ نہ يار ... توکي ڏاڍو ياد ڪندا آهيون“
جواب ۾ هُو صرف مرڪي پيو هيو
سڀن کان موڪلائي، پُٽ سان گڏ بائيڪ تي چڙهي واپس آيو تہ پاڻ کي ڏاڍو ٿڪيل ۽ الجهن ۾ محسوس ڪيائين
”آخر نياز قرض بابت ڇو نہ ڳالھايو؟؟“
هو سوچيندو رهيو
” ڪٿي سڀنن جي سامھون نہ ڳالھائڻ چاهيند هجي ...“
”پوءِ بہ ڪجهہ تہ چوي ها .. ڪو اشارو تہ ڏي ها ..؟“
ائين سوچيندو رهيو
آخر هن پاڻ کي دلاسو ڏيڻ واري انداز ۾ سوچيو
”خير ... صبح جو کيس فون ڪري معلوم ڪندس“
هُو ڪجهہ مطمئن ٿي ويو
ٻي ڏينھن تي هن نياز جو نمبر ملايو.
ڪال اٽينڊ ڪرڻ ۽ ٻہ چار رسمي ڳالھين کان پوءِ هن پڇيس
”يار نياز .. تو ڪالھہ گهرايو هيو تہ ڪنھن دوست سان ملائڻو هُئي .. پنج لک قرض جي سلسلي ۾؟“
”اڙي يار ...“ نياز کي ڄڻ اوچتو ياد آيو هيو
”يار ايم.. ايم .. ڳالھہ اها آهي تہ ڪافي عرصي کان سڄي سنگت توکي ياد پئي ڪري ۽ تون اچين ڪو نہ پيو .. ان ڪري بس قرض وارو مذاق ڪري تو کي گهرايو هُيم ..“
ان کان پوءِ بہ نياز ڳالھائيندو رهيو پر هُو ڄڻ ٻوڙو ٿي ويو هيو.
ڪجهہ ٻُڌڻ ۾ ڪو نہ پئي آيسُ... جي ٻُڌو هيائين بہ تہ سمجهي ڪو نہ سگهيو هيو کيس ائين لڳو ڄڻ هُو غربت جي ڪري ننگو ٿي ويو هجي ۽ ڪجهہ دوست مٿس کلي رهيا آهن.
اوچتو کيس ياد آيو
”مون تہ ان ڪم جي ٿيڻ لاءِ صدقو بہ ڏنو هو ..“
صدقي ۾ ڏنل ڳاڙها ڳاڙها نوٽ ..
پاڻ کي ڏُک ۽ ڪاوڙ جي عجيب ڪيفيت ۾ ورتل محسوس ڪيائين.
پر فيصلو نہ ڪري سگهيو تہ کيس گهڻو ڏک ۽ ڪاوڙ نياز جي مذاق تي ٿيو آهي يا صدقي ۾ ڏنل ڳاڙهن ڳاڙهن نوٽن جي ڪري ...؟؟

اسٽوڊنٽ

آءٌ ان ڏينھن آئيني اڳيان بيھي ھيئر برش سان وڏي ڪوشش ڪري رھيو ھيُس تھ منھنجا وار ڪجهھ ”اسٽائيلش“ لڳن...
مون تيل لڳل وارن تي وڏي محنت ڪئي پر مطمئن ڪو نہ ٿي رھيو ھيس جو ڀر ۾ بيٺل، جنيد، بابر ۽ وسيم ڪاوڙ مان، مونکي ڏسي رھيا ھيا.
مون کي صاف سٿرا ڪپڙا پاتل ھيا بس وار اسٽائل ۾ اچن ھا تہ مان بہ انھن جھڙو ئي، صاف، سٿرو ۽ ”اسٽوڊنٽ“ ڏسڻ ۾ اچان ھا..
اصل ۾ آءٌ ايتري محنت ان ڪري ئي ڪري رھيو ھيَس تہ جيئن ڏسڻ ۾ انھن جھڙو پڙھيل لکيل بلڪھ اسٽوڊنٽ ڏسڻ ۾ اچان.
نہ تہ آءٌ ھڪ اڻ پڙھيل، ھڪ ميمڻ سيٺ جي دوڪان تي معمولي پگهار تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرو ھيُس ۽ منھنجا ھي ٽئي دوست پڙھندڙ شاگرد ھيا. پر اسان چئن جي وچ ۾ گهري دوستي ھئي. آءٌ سيٺ وٽ ڪم کان فارغ ٿي ايندو ھيُس تہ ھنن ٽنھي سان گڏ گهمندو، راند روند ڪندو وتندو ھئيس...
اڄ ھنن پروگرام ٺاھيو تہ اڄ ھڪ ٻي شھر جي ويجهو لڳندڙ ميلو گهمجي. مون بہ ڪو بھانو ڪري سيٺ کان موڪل ورتي ۽ ھاڻي تيار ٿي ميلي تي وڃڻ جي تياري ۾ ھياسين.
پروگرام اھو ھيو تہ ھتان بس ۾ سوار ٿي وڃڻو ھيو ۽ بابر، جنيد ۽ وسيم مون کي ھلڻ لاءِ چيو ۽ ائين بہ چيائون تہ صاف سٿرا ڪپڙا پائجائين تہ جيئن پڙھيل لکيل ڇوڪرو لڳين ۽ بس ڪنڊيڪٽر کي ”اسٽوڊيٽ“ چئي اڌ ڪرايو بچائي سگهون..
آءٌ صاف سٿرا ڪپڙا پائي آيو ھئس ۽ ھڪ سيلون تي بيھي وارن تي محنت ڪري رھيو ھئيس تہ جيئن انھن جھڙو پڙھيل لکيل ”اسٽوڊنٽ“ ڏسڻ ۾ اچان.
منھنجي دير ڪرڻ تي بابر ڪاوڙ مان اڳتي وڌيو برش منھنجي ھٿ مان کَسي، منھنجا وار سيٽ ڪرڻ لڳو.
”ڪھڙي ضرورت ھئي، ھن کي بہ وٺي ھلڻ جي“ منھنجي پويان بيٺل جنيد ڪاوڙ مان چيو.
ڪنھن ڪجهہ بہ نہ چيو بس مُرڪي پيا.
”بس ٺيڪ آھين... ھاڻي ھل...“ بابر برش رکندي چيو.
۽ اسان سيلون مان نڪري بس اسٽاپ ڏانھن وڌڻ لڳاسين. جنھن بس ۾ چڙھياسين ان ۾ ڪافي رش ھئي. اسان مان صرف وسيم کي ھڪ سيٽ ويھڻ لاءِ ملي باقي سڀ ٻين ماڻھن سان گڏ بيھي رھياسين.
منھنجي ھڪ طرف بابر ۽ جنيد ھيا تہ ٻي طرف کان ھڪ پڪي عمر جو ھلڪي ڏاڙھي صاف ڪپڙا پاتل شخص ھيو. ھن جي ڪلھي تي ڪاٺيءَ جي ھڪ پيتي لڙڪيل ھئي جنھن جي شيشي مان رنگ برنگي منڊيون نظر اچي رھيون ھيون ۽ ان شخص جي ھڪ ھٿ جي سڀن آڱرين ۾ منڊيون پاتل ھيون. اسان جي علائقي ۾ اڪثر جوڳي فقير يا باگڙي ائين مُنڊيون کپائيندي نظر ايندا آھن پر ھي شخص نہ جوڳي نہ ئي باگڙي پيو ڏسجي.
”ٻُڌ...“ مون بابر جو آواز ٻڌو ھو. پنھنجي حساب سان آھستي ڳالھائي رھيو ھيو مون ھن ڏانھن ڏٺو تہ ھو چوڻ لڳو.
”جڏھن بس جو منشي (ڪنڊيڪٽر) اچئي تہ کيس ”اسٽوڊنٽ“ چئي اڌ ڪرايو ڏجائين“
مون ڪنڌ لوڏي ھاڪر ڪئي.
”ڇا چونديس؟“
مون ھٻڪندي چيو.
”اسٽيو...ڊنٽ“
جنيد ھلڪو ٽھڪ ڏنو.
”اسٽيو نھ... اسٽوڊنٽ .... ڪيئن؟“
مون ڪافي سوچي سوچي ھوريان اچاريو.
”اس ٽو... ڊنٽ “
”ھا... پر تڪڙ ۾ چئو“
آءٌ پنھنجي منھن ڀُڻڪندو رھيس اسٽوڊنٽ ... اسٽوڊنٽ جڏھن پڪ ٿيم تہ صحيح پيو چوان تڏھن بابر کي چئي ٻڌايم.
ھن کلي چيو.
”شاباش... ھاڻي واقعي شاگرد لڳين پيو“
ڪجهہ دير کان پوءِ ڀر ۾ بيٺل جنيد اوچتو پڇيو.
”ڇا چونديس؟“
ھُن جي اوچتي پڇڻ تي آءٌ گهٻرائجي ويس پر وري ڪوشش ڪري ”اسٽوڊنٽ“ چوڻ ۾ ڪامياب ٿيُس.
ڪجهہ دير کان پوءِ ڪنڊيڪٽر بابر وٽ آيو تہ ھن ”اسٽوڊنٽ“ چئي اڌ ڪرايو ڏنو وري جنيد بہ ائين ڪيو تہ ڪنڊيڪٽر ڪاوڙ مان چيو.
”اڙي ڇورا وڃو اسڪول مرو... ميلو ڏسڻ ضروري آ ڇا؟“
منھنجي نظر اوچتو ڀر ۾ بيٺل منڊيءَ واري تي پئي الاءِ ڇو مون کي لڳو تہ ھو مُرڪي پيو.
ڪنڊيڪٽر منھنجي ڀرسان آيو تہ مون بہ اڌ ڪرائي جيتري رقم کيس ڏني پر نہ ھن ئي ڪجهہ چيو نہ آءٌ اسٽوڊنٽ چئي سگهيس...
ڪنڊيڪٽر اڳتي وڌي ويو بابر چيو.
”اسٽوڊنٽ نہ چيئي؟“
”چوڻ وارو ھيم تہ ھو اڳتي نڪري ويو“
مون کلندي چيو ھو ٻئي بہ مرڪي پيا.
ميلي تائين پھتاسين بس مان لھي ميلي ڏانھن وڌڻ لڳا ھياسين جو پويان آواز ٻڌوسين.
”پُٽ ٻڌو تھ..“
اسان سڀ بيھجي ويا ھياسين.
مون منھن ڦيرائي ڏٺو تہ اھو منڊيون کپائڻ وارو اسان جي پويان بيٺو ھيو.
”توھان پڙھو ٿا؟“ ھن بابر، وسيم ڏانھن ڏسندي چيو.
”ھا “ بابر نہ سمجهڻ واري انداز ۾ چيو.
” ۽ ھي ... “ ھن ھڪ آڱر سان مون ڏانھن اشارو ڪيو.
جواب ڏيڻ بدران اسان سڀني ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو.
”يقينن ھي پڙھي ڪونہ پيو..“
اسان وري بہ خاموش رھياسين.
ھُو اسان ڏانھن ڏسندو رھيو نيٺ ھوريان ھوريان چوڻ لڳو.
”توھان پڙھو ٿا سٺي ڳالھہ آھي پر ھن ڇوڪري کي صرف ڪرايو بچائڻ لاءِ شاگرد ڇو پيا سڏرايو؟ ھن جي زندگي بدلائڻ، سنوارڻ لاءِ ھن کي واقعي ڇو نٿا پڙھايو...“
ھُو چپ ٿي اسان کي ڏسندو رھيو وري خاموش ٿي ھڪ طرف وڌي ويو..
مُنڊي کپائڻ واري جي نصيحت مون سميت ڪنھن کي بہ نہ وڻي ھئي پر اسان وري ميلي جو خيال ايندي ئي ھن جي ڪيل نصيحت کي ڪنھن ڊرامي جو نہ وڻندڙ سين سمجهي وساري ميلي ۾ گم ٿي وياسين.
ان کان پوءِ عرصو تہ ڊگهو گذاريو آھي پر ڪھاڻي ڏاڍي مختصر آھي.
ان ڏينھن مون صرف هڪ ڏينھن شاگرد بڻجي اڌ ڪرايو تہ بچايو ۽ باقي سڄي زندگي مختلف مزدوريون ئي نصيب ٿيون. جڏهن تہ جيڪي دوست حقيقي اسٽوڊنٽ هئا، انھن جي زندگي اڄ بہ مون کان بهتر گذري رهي آهي.

خالي پنڃرو

مارڪيٽ ۾ داخل ٿيندي ئي هڪ لمحي لاءِ هر ڪو سوچڻ لڳندو هيو تہ هُو مارڪيٽ ۾ آيو آهي يا ڪنھن گهرن واري گهٽيءَ ۾؟
ڇو تہ هيٺ دوڪان هيا تہ انھن مٿان گهر ٺھيل هيا ۽ مارڪيٽ کي روشني ۽ هوا ڏيڻ لاءِ دوڪانن لاءِ ٺھيل گهٽيءَ جي ڇت ۾ ڇڏيل وڏن سوراخن مان گهرن مان ايندڙ ويندڙ هر ماڻھو ۽ انھيءَ جي چُرپُر کي آسانيءَ سان ڏسي سگهبو هيو.
مٿي رهندڙ اڪثر مزدور، غريب طبقو هيو ۽ انھن ننڍڙن ننڍڙن گهرن ۾ گهٽ مسواڙ هجڻ ڪري رهندا هيا.
جيئن تہ غربت ۾ حالتن سان سمجهوتا ڪرڻ جي سگهہ وڌيڪ هوندي آهي ائين مٿي رهندڙن مارڪيٽ جي دوڪانن لاءِ روشني ۽ هوا لاءِ ڇڏيل وڏن سوراخن يا وٿئي مان گهرن مان ڪم ڪار لاءِ نڪرندڙ عورتن جي بي پردگي واري مسئلي سان بہ ڄڻ گهر ڌڻين هڪ خاموش سمجهوتو ڪري ڇڏيو هيو.
اهو سڄو منظرنامون ڄڻ منھنجي ذهن ۾ محفوظ ٿيل هيو. آءُ انھن ڏينھن ۾ هڪ سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائيندو هُيس ۽ تقريبن هر روز اسڪول مان موڪل کان پوءِ مانيءَ کائي آرام ڪري ان مارڪيٽ ۾ پنھنجي هڪ ننڍپڻ جي دوست جي دوڪان تي ايندو هئس ۽ پوءِ رات تائين اُتي وقت گذاريندو هُيس ان دوست جي دوڪان مٿان، بلڪھ بلڪل سامھون بہ هڪ گهر هيو.
ان گهر ۾ هڪ پڪي عمر جي عورت، سندس مُڙس، هڪ نوجوان ڌيءَ ۽ هڪ ستن، اٺن سالن جو ڇوڪرو رهندا هيا.
دوست جي دوڪان تي ويھندي مون اڪثر ڏٺو هيو تہ اها پڪي عمر جي عورت، گهر جو دروازو بار بار اندران بند ڪندي هئي هو اتي اُڏرندڙ پردي کي بار بار دروازي جي تاڪ ۾ ڦاسائيندي هئي، ۽ سندس مڙس بہ جنھن وقت گهر مان نڪرندو هيو تہ دروازي کي چڱيءَ طرح ٻيڪاڙئي، وري هيٺ دوڪانن ڏانھن نھاريندو هيو تہ ڪير ڪير سندس گهر ڏانھن ڏسي رهيا آهن. پوءِ مطمئن ٿي ويندو هيو تہ ڪير بہ ڪو نہ پيو ڏسي تہ اطمنيان سان هليو ويندو هيو.
اهو ستن، اٺن سالن وارو ڇوڪرو شايد اڃان اسڪول ڪو نہ ويندو هيو ڇو؟ ان ڳالھہ سان اسان جو ڇا مطلب؟
باقي اها نوجوان ڇوڪري پيءَ جي نڪري وڃڻ، ماءَ جي بار بار مارشل لاءَ جھڙين سخت ڪاررواين جي باوجود صبح جو ڪافي دير سان اچي، پنھنجي گهروارو دروازو کولي،
بيھي، هيڏي، هوڏي ڏسڻ لڳندي هئي.
سندس ڏسڻ ۾، خاص ڳالھہ اها هوندي هئي تہ هوءَ سڄي مارڪيٽ جي هر ايندڙ ويندڙ يا هر دوڪاندار کي هڪ نظر گهوري. بلڪھ منھن ۾ گُهنج وجهي ڏسندي هئي.
هن جو ائين ڏسڻ مون کي عجيب لڳندو هيو منھنجي ان تاثر تي منھنجي دوڪاندار دوست وحيد کلي چيو هيو
”اها ڇوڪري بس ڏسڻ جي حد تائين ائين آهي ... سندس ائين ڏسڻ جي ڪري ڪافي دوڪاندار مٿس عاشق آهن“
”۽ هوءَ پاڻ ڪنھن تي عاشق آهي؟“
”بظاهر تہ هر ماڻھو ان کي پاڻ سان سيٽ سمجهي ٿو...“
پر مون کي اها غلط فهمي ڪڏهن بہ نہ رهي هئي توڙي جو هوءَ سڄي مارڪيٽ جو جائزو وٺي آخري نھار مون تي يا ان دوست جي دوڪان تي وجهي، منھن جي گُهنج سمعيت غائب ٿي ويندي هئي.
اُتي ويھڻ واري عرصي ۾ مون کي چڱيءَ طرح خبر پئجي وئي هئي تہ هوءَ ڪھڙي وقت فرش ڌوئيندي آهي ڪھڙي وقت در جي ڀرسان بورچي خاني ۾ ڪم ڪندي آهي.
۽ جڏهن سڀنين ڪمن کان فارغ ٿيندي هئي تہ گهر جي ڪنھن ڪمري يا ڪنھن ٻئي ڪُنڊ مان هڪ پنڃرو کڻي وچ اڱڻ ۾ آڻيندي هئي جنھن ۾ هڪ طوطو هوندو هيو
اڱڻ ۾ ان پنڃري جي صفائي ڪندي هئي ۽ طوطي جو داڻو پاڻي مٽائيندي هئي
آءُ کيس اهو سمورو ڪم ڪندي دلچسپي سان ڏسندو هُيس ۽ هوءَ پاڻ بہ ان ڪم کي هڪ خاص دلچسپيءَ سان ڪندي هئي
ان وقت آءُ اهو بہ سوچيندو هئيس تہ دَر تي بيھي جڏهن هوءَ سڀ ڪنھن ڏي ڏسندي چهري تي گهنج يا گُهنڊ وجهندي آهي تہ ڪيڏي نہ سخت دل ۽ مغرور محسوس ٿيندي آهي پر جڏهن هوءَ اڱڻ ۾ طوطي جو پنڃرو صاف ڪندي آهي داڻو، پاڻي مٽائيندي آهي تہ ڪيڏي نہ نرم دل ۽ خدمت گذار لڳندي آهي بي زبان طوطي ۾ سندس دلچسپي ڏسي اهو بہ سوچيندو هئيس تہ ايتري دلچسپي هوءَ جنھن بہ انسان ۾ وٺندي، اهو ڏاڍو خوش نصيب انسان هوندو.
سندس ستن، اٺن سالن جو ننڍڙو ڀاءُ اڪثر ڀر وارن گهرن جي ٻارڙن سان راند کيڏندو رهندو هيو يا پنھنجي گهر جي دَر جي ٻاهر ويھي ٻين کي ڏسندو رهندو هيو.
هڪ ڏينھن دوست جي دوڪان تي ويٺو هئس تہ هڪ ننڍڙو بال تيزيءَ سان اچي اتي ڪٿي ڪريو مون کي اندازو ٿي ويو هيو تہ بال هنن جي گهر مان اچي ڪريو هيو.
جلد ئي ننڍڙو ڇوڪرو ٻاهر بيھي هيٺ نھارڻ لڳو. مون کلي کيس سڏ ڪيو تہ هو جلدي ئي هيٺ لھي آيو
”ڇا پيو ڳولھين؟“
”بال“ هن معصوميت مان چيو
”نالو ڇا اٿئي؟“
”راجو“
آءُ هن سان گڏجي دوڪان ۾ بال ڳولھڻ لُڳس پر ڪافي دير ڳولھا باوجود بہ بال نہ مليو تہ هُن جو معصوم چهرو مرجهايل نظر آيو
”توکي ٻيو بال وٺي ڏيان؟“
هُو چُپ رهيو
آءُ کيس ساڻ ڪري مارڪيٽ ۾ هڪ دوڪان تي آيُس ۽ کيس هڪ بال خريد ڪري ڏنو
بال وٺي هُو خوش ٿي کلڻ مرڪڻ لڳو.
مون کيس چيو
”راجو، جيڪڏهن تون هر روز شام جو ان دوڪان ۾ ئي مون کان پڙهڻ ايندين تہ ٻيا رانديڪا بہ وٺي ڏيندوسانءِ ....“
هن ڪو جواب نہ ڏنو بس خوش خوش، مرڪندو گهر هليو ويو.
منھنجو دوست، وحيد منھنجي سخاوت تي ڏاڍو کلندو رهيو.
ٻي ڏينھن تي راجو پاڻ مون وٽ آيو ۽ خوشيءَ مان ٻڌائڻ لڳو تہ ڪيئن ڪالھہ هو ۽ هن جا دوست ان بال سان ڪافي دير تائين کيڏندا رهيا
هو جوش منجهان ڳالھائيندو رهيو ان وچ ۾ سندس ڀيڻ (جنھن جو نالو بعد ۾ هُن ماريا ٻڌايو هو) دَر مان بيھي راجو کي مون سان ڳالھائيندي ڏسي، منھن ۾ گهنڊ وجهي، واپس هلي وئي.
ڪجهہ دير بعد راجو بہ هليو ويو تہ وحيد کلي چيو
”پيارا خير تہ آهي نہ .... راجو سان تنھنجي ڊيگهہ وڌندي پئي وڃي؟“
مون مرڪندي چيو
”ڪو بہ غلط مطلب نہ وٺ .. استاد آهيان تہ فطرت ۾ شامل آهي تہ هر ٻار کي پڙهندو ڏسان ...“
ڪجهہ ڏينھن گذريا تہ هڪ ڏينھن راجو آيو ۽ چوڻ لڳو
”مون کي پڙهايو تھ..“
آءُ دل ئي دل ۾ سندس معصوميت تي کلي پيسُ
سندس جملي جو ٻيو مطلب هو تھ
”مون کي رانديڪا وٺي ڏيو نہ “
”ٺيڪ آهي ... تون اڄ کان ئي اچ“
”پر مون وٽ ڪتاب ناهن“
”آءُ توکي وٺي ٿو ڏيان“
هن کي ساڻ وٺي پھريانن رانديڪن جي دوڪان تي آيسُ. هن کي ٻه، ٽي رانديڪا وٺي ڏنم، اتي خوبصورت پنڃرا ڏسي مون هن کان کلي پڇيو
”راجو، توهان جي طوطي لاءِ پنڃرو وٺجي“
هن بہ تڪڙ ۾ هڪ خوبصورت پنڃري تي هٿ رکندي چيو
”هي سٺو آهي“
۽ مون اهو پنڃرو بہ خريد ڪري کيس ڏنو ۽ ڪجهہ ڪتاب ڪاپيون وغيره بہ سندس لاءِ خريد ڪري کيس ڏنم.
هو اهي سڀ شيون کڻي خوش خوش گهر هليو ويو ۽ آءُ دوست جي دوڪان تي ويھي ساڻس ڪچهري ڪرڻ لڳس.
ڪجهہ ئي دير ۾ راجو جي گهر جو دروازو خلافِ معمول کليو ۽ سندس ڀيڻ، ماريھ دروازي تي بيھي هيٺ منھن ڪري اسان ڏانھن گهورڻ لڳي
سندس چهري تي ساڳيو سختيءَ وارو تاثر هيو
گُهنبڊ وجهي اسان ڏانھن گهوري رهي هئي
منھنجو دوست وحيد هوريان ڀُڻڪيو
”مري وئين ڇورا“
هوءَ ڪجهہ لمحا ائين ڏسندي رهي ۽ وري ساڳي تيزيءَ سان دروازو بند ڪري هلي وئي
ٻئي ڏينھن شام جو راجو ڪتاب کڻي دوڪان تي پڙهڻ آيو. ڳالھين وچ ۾ هن ٻُڌايو تہ اڪثر سندس طبعيت ٺيڪ نٿي رهي ان ڪري هو اسڪول پڙهڻ ڪو نہ ويندو آهي ان ڏينھن ائين بہ ٿيو هو ڪافي دير کان پوءِ راجو جي گهر جو دروازو کليو ۽ سندس ڀيڻ يعني ماريھ کيس مٿي سڏ ڪري ڪو اشارو ڪيو ۽ راجو ڪتاب اتي ئي رکي مٿي هليو ويو واپس آيو تہ سندس هٿ ۾ هڪ ننڍڙو ٿرماس ۽ ٻہ ڪپ هيا.
”آپي هي چانھہ اوهان لاءِ ڏني“ راجو چيو
وحيد ۽ مون هڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو
”ٻيھر ان تڪليف جي ضرورت ناهي. پنھنجي آپي کي چئي ڇڏجائين .. مھرباني“
پر منع ڪرڻ باوجود پڙهائي وچ ۾ چانھہ اچڻ جو سلسلو جاري رهيو
ان وچ ۾ ماريا طوطي کي نئين پنڃري ۾ منتقل ڪيو
ماريا جو مخصوص وقتن ۾ مارڪيٽ ڏانھن ۽ اسان ڏانھن گهور ڪري، چهري تي گهنڊ وجهي ڏسڻ وارو معمول بہ هلندو رهيو.
ايتري عرصي ۾ هڪ ڏينھن اهڙو بہ آيو جو سڄو ڏينھن ماريا ظاهر نہ ٿي.
راجو پڙهڻ آيو تہ چاهڻ باوجود بہ آءُ کائنس ماريا بابت پڇي نہ سگهيس.
ها ان ڏينھن تي ڊيوٽي کان پوءِ وحيد جي دوڪان تي آيس ۽ ڪجهہ دير بعد ماريا نظر آئي، پر خلاف معمول اڄ سندس چهري تي
ڪي بہ گُهنڊ نظر ڪو نہ آيا،
سچ بہ ڄڻ سندس چهرو ۽ رويو اوپرو لڳو ان ڏينھن باقي ڪم معمول موجب ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هن طوطي وارو پنڃرو اڱڻ ۾ رکيو تہ ڪجهہ گهڙيون/پل خاموشي سان طوطي ڏانھن ڏسندي رهي. وري هڪ نظر کليل دروازي مان مون ڏانھن نھاريائين.
آءُ بہ بار بار چور نظرن سان کيس ڏسي رهيو هئيس هن پنڃرو کوليو، طوطو ٻاهر ڪڍي ڪي پل ان کي ڏسندي رهي.
ٻي لمحي هن طوطو اُڏاري ڇڏيو
آءُ حيران رهجي ويَسُ
هن وري هڪ نظر مون ڏانھن ڏٺو ۽ اندر هلي وئي
آءُ حيران هُيس تہ طوطي ۾ تہ ڄڻ هن جو ساھہ هيو. هن طوطو ڇو اُڏاري ڇڏيو؟
ان ڏينھن ڳوٺ مان چاچي جي فوتگيءَ جي اطلاع تي سڀ گهروارا ڳوٺ هليا وياسين.
ڪافي ڏينھن کان پوءِ واپس شھر آيسُ تہ ڊيوٽي تي هليو ويسُ.
شام جو معمول موجب وحيد جي دوڪان تي آيسُ تہ وحيد ڦڪي مُرڪ سان مليو. چانھہ گهرائڻ تائين بہ چُپ چپ رهيو تہ مون پڇي ورتو
”يار ڇا ڳالھہ آهي، تون خاموش آهين؟“
ڪجهہ لمحه خاموش رهي وري هوريا چيائين
... ماريا .....
اوچتو دل بيھندي محسوس ڪيم
خوف، انديشا، وهم ... وسوسه...
پڇي بہ نہ سگهيس تہ ڇا ٿيو؟
وري بہ پاڻ ڳالھائين
”ماريا جي شادي ٿي وئي“
ڪي بہ ملاقاتون نہ هيون، ڪو بہ واعدو نہ هيو
پر پوءِ بہ دل کي ڌڪ لڳو هيو
خالي خالي نظرن سان مٿي ڏٺم
دروازو کليل هيو، پردو هوا جي زور تي ڀڙڪو کائي رهيو هيو ۽ اڱڻ ۾ هڪ طرف خالي پنڃرو لڙڪي رهيو هيو آءُ ان وقت سمجهي سگهيس تہ ماريا طوطو ڇو اُڏاري ڇڏيو هيو.
...*...

ويران گهٽيءَ جي ٻڌايل ڪھاڻي

ھُو جڏھن گهٽيءَ ۾ داخل ٿيو تہ گهٽي سنسان لڳي پئي ھئي. ان جو ھڪ سبب شايد منجهند جو وقت ۽ تيز اُس بہ ھئي.
جيڪا ڪنھن ڪاوڙيل ڪراڙي عورت وانگر ھر ايندڙ ويندڙ کي اکيون ڏيکاري رھي ھئي.
پر پوءِ بہ ھن کي يقين ھو تہ ھو ٻئي اتي بيٺا ھوندا.
۽ ائين ئي ٿيو.
گهٽيءَ ۾ ٿورو اڳتي وڌندي ئي بنگلي جھڙو گهر سڀني گهرن مان منفرد نظر آيو.
ان گهر جي دروازي تي ھو ٻئي کيس بيٺل نظر آيا.
اھا ڇوڪري ۽ اھو ڇوڪرو..
ڇوڪري دروازي جي اندرين پاسي ڏانھن بيٺل پر ائين تيار پئي لڳي ڄڻ ھو ڇوڪريءَ جي ھلڪي اشاري تي ٻاھر چائنٺ پار ڪري نڪري ايندي.
جڏھن تہ ڇوڪرو ڳالھين ۾ رڌل پر ھوشيار بيٺو ھيو.
ھُو ٻئي بيٺي بيٺي خواب ڏسي رھيا ھيا.
يا خوابن جھڙيون ڳالھيون ڪري رھيا ھيا.
ھُو ھوريان ھوريان ھلندي انھن جي ڪجهھ ويجهو اچي بيٺو ھُو ٻئي پاڻ ۾ ڳالھائيندا ئي رھيا.
”تون سڄو ڏينھن ڇا ڪندي رھندي آھين؟“
”مان پوپٽ پڪڙي وري وري اڏاريندي رھندي آھيان“
ڇوڪري ھڪ نظر ھن جي چھري ڏانھن ڏٺو
ڇوڪريءَ جي اکين ۾ ھن وقت بہ ڪيئي پوپٽ اڏامي رھيا ھيا.
ڇوڪري ھن جي ڳالھہ تي اعتبار ڪري ورتو.
”۽ تون سڄو ڏينھن ڇا ڪندو رھندو آھين؟“
ڇوڪريءَ کائينس سوال ڪيو.
ڇوڪري ھڪ ڊگهو ساھہ کنيو، پنھنجي ٿڪيل جسم کي ٿورو ڍرو ڇڏي چوڻ لڳو.
”آءٌ پنھنجن ڪلھن تي سڄو ڏينھن ٻين جا بار کڻندو رهندو آھيان“
ڇوڪريء کي ھڪ لمحي لاءِ ڄڻ ڏک ٿيو.
۽ ڳالھين سان ھن جي ٿڪ لاھڻ لاءِ وري پڇيائين.
”ٻيو ڇا ڇا ڪندو آھين؟“
ڇوڪري حضرت خضر جي حياتي جيڏو ھڪ ساھہ کنيو ۽ چيائين.
”۽ ٻيو اڪيلائي جي زمين تي خوابن جا گُل پوکيندو رھندو آھيان، جتي تنھنجا اڏاريل پوپٽ اچي، اميد جو رس چوسيندا رھندا آھن...“
ڇوڪري کلي پئي ھئي.
پر اوچتو شايد نظر شڪ جي ڪنھن نانگ تي پئي ھُئيس.
ڇوڪري کي چيائين.
”تنھنجيون ڳالھيون الھامي ڳالھين جيان دل لڀائيندڙ ٿينديون پيون وڃن“
”نہ ...بلڪھ تنھنجي اندر ۾ بندگيءَ جو ٻج پوکجي ويو آھي“
ان کان اڳ جو ھُو ھنن جون وڌيڪ ڳالھيون ٻڌي ڪنھن اچي سندس ڪلھي تي ھٿ رکيو.
ھُن مڙي ڏٺو.
ڪو ڄاتل چھرو ھيو پر ياد جي گرفت ۾ نہ اچي سگهيو.
”تون فيض آھين نہ؟“
ڪلھي تي ھٿ رکندڙ ھمراھ پُڇيس.
”ھا“ چوڻ سان گڏ ھن ڪنڌ لوڏي ھا ڪئي.
”تون ڪئي سال اڳ، سيٺ شھاب وٽ سندس دوڪان تي ملازمت ڪندو ھئين؟“
”جي ھا“
”آءٌ ھن ئي پاڙي جو آھيان ۽ توکي انھن ڏينھن ۾ اڪثر سيٺ شھاب جي ڪنھن ڪم سان سندس ھن جي گهر ڏي ايندي ويندي ڏسندو ھيُس“
ھن ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
”سيٺ شھاب جو گهر ھاڻي بہ اھوئي آھي“
سڃاتل چھري واري ان گهر ڏي آڱر سان اشارو ڪيو ۽ پان اڳتي وڌي ويو.
ھن وري منھن ورائي ان گهر ڏانھن ڏٺو جتي ڪجهہ گهڙيون اڳ تائين ھُو ڇوڪرو ۽ ھوءَ ڇوڪري ڳالھيون ڪندي نظر آيا ھيا.
سڄي گهٽي ويران ھئي.هن کي ائين لڳو گهٽيء جي ويرانيءَ کيس سندس ئي ڪھاڻي ٻڌائي هجي.

او آدمخور

بظاهر تہ ميڊيڪل اسٽور کان دوائون وٺي موٽي آيو هئيس پر در حقيقت هڪ عجيب واقعو ڏسي ۽ هڪ مفرد ڪردار سان ملي آيو هُيس.
ٿيو ائين هيو جو ڪجهہ دوائون وٺڻيون هيون پاڙي جي اسٽور تان نہ مليون تہ ان علائقي ڏانھن هليو آيُس جٿي ڪئي مشھور ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون هيون، ۽ گهڻا ئي ميڊيڪل اسٽور ۽ ليبارٽريون پڻ هيون جنھن اسٽور تان دوائون وٺڻ لاءِ ويُس اهو پراڻو دوست هيو زبردستي ويھاري چانھہ لاءِ ڇوڪرو موڪليائين.
دوائون بہ ڪڍندو رهيو ڪچهري بہ ڪندو رهيو سج لھڻ وارو هيو جلدي ۾ بہ هُيس پر هن جي خلوص کي ڏسي خاموش ويٺو رهيس اوچتو ميڊيڪل اسٽور کان ٻاهر هڪ زوردار آواز آيو.
”او آدمخور .. اڄ بہ 860 روپيھ ڪمايا اٿم“
حيران ٿي هيڏانھن هوڏانھن نھاريم پر ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي تہ حيرت ۽ سواليھ نظرن سان اسٽور واري دوست ڏانھن ڏسڻ لڳس.
هو بہ مُرڪيو ڄڻ چوندو هجي
”ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آيئيءَ نہ؟“
چانھہ اچي وئي تہ هن ڪرسي منھنجي ڀر ۾ سوريندي هڪ طرف اشارو ڪري چيو
”هُو ڏس“
هن جنھن طرف اشارو ڪيو هيو نھاريم تہ هڪ نوجوان صاف سٿري لباس ۾ هڪ طرف بيٺل نظر آيو هن جي اڳيان هڪ اسٽول رکيل هيو جنھن مٿان ڀُڳل ڇولا رکڻ وارو ٿال/ ٽري رکيل هو ۽ اسٽول جي هڪ پائي سان ٻارن لاءِ ڦوڪڻا ٻڌل هيا.
مون وري اسٽور واري دوست ڏانھن ڏٺو تہ هُو مُرڪي هوريان هوريان ٻڌائڻ لڳو
”منھنجي اسٽور جي ڀرسان هڪ مشھور ڊاڪٽر جي ليبارٽري آهي جٿي هر وقت مريضن جي رش رهي ٿي... اتي ٽيسٽ وارن جا نالا لکڻ ۾ پيسا وٺڻ لاءِ ڊاڪٽر طرفان جيڪو ماڻھو رکيو ويندو آهي ان جي پگهار روزانہ تہ 200 روپيا ۽ مھيني ۾ تہ ڇھہ هزار روپيھ ڏني ويندي آهي.
گهڻي رش ۽ گهٽ پگهار جي ڪري اڪثر ان ڪم لاءِ رکيل ماڻھو ڀڄي ويندا آهن.
ڪجهہ عرصو اڳ هڪ نوجوان ان ليبارٽري تي اهو ڪم ڪرڻ لڳو پر گهٽ پگهار جي ڪري هن ڊاڪٽر کي چيو تہ پگهار ڪجهہ وڌايو
ڊاڪٽر کيس دڙڪا ڏنا ۽ انھيءَ پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو
نوجوان کيس گهڻو ئي چيو تہ سائين ايتري ٿوري پگهار ۾ گذارو ڪو نہ پيو ٿئي، ان کان وڌيڪ تہ ڇولا کپائڻ وارو ڪمائي ٿو.
تنھن تي ڊاڪٽر کيس ٽوڪ واري لھجي ۾ چيو
” تہ تون بہ وڃي ڇولا کپاءِ هتي ڇا ٿو ڪرين“
بس ان ڏينھن ئي اهو نوجوان اتان نڪتو ٻئي ڏينھن تي گهر مان ڇولا تيار ڪري اچي ان ليبارٽري جي سامھون ئي اسٽول تي رکي کپائڻ لڳو.
هُو ائين صاف سٿرن ڪپڙن ۾ هو ۽ بغير ڪنھن هٻڪ ۽ شرمندگي جي بيھي ڇولا کپائڻ لڳو
پھرين ڏينھن تي ڊاڪٽر کيس ڇولا کپائيندو ڏسي ٽوڪ طور مُرڪيو پر هن نوجوان جي چهري تي ساڳيو اعتماد ۽ اطيمنان هيو منجهند تائين هن جا ڇولا کپي ويا
ان وقت ڊاڪٽر جو بہ اتان گذر ٿيو نوجوان ڊاڪٽر ڏانھن ڏسڻ کان بغير ئي هڪ طرف منھن ڪري زور زور سان چوڻ لڳو
”او آدمخور.... اڄ 380 روپيھ ڪمايا اٿم“
ڊاڪٽر جو منھن ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو پر نوجوان اهڙو تاثر ڏنو ڄڻ هن ڊاڪٽر کي ڏٺو ئي ناهي
بس ان ڏينھن کان اهو معمول بڻجي ويو
نوجوان ڇولا کپائي وڃڻ کان اڳ ڊاڪٽر کي ٻُڌائڻ لاءِ زور زور سان ”او آدمخور“ چئي ڪمايل رقم ٻڌائڻ لڳو. ڊاڪٽر هڪ ٻہ ڀيرا نوجوان سان اٽڪي پيو پر نوجوان جو چوڻ هيو تہ هُو ڊاڪٽر کي نہ پر سامھون واري دوڪاندار دوست سان مخاطب هوندو آهي
ان ڏينھن کان اها جنگ جاري آهي
نوجوان ڇولن سان گڏ ٻارن لاءِ ڦوڪڻا بہ رکڻ شروع ڪيا آهن.
ڊاڪٽر اتان ايندي ويندي تڪڙي گذرڻ لڳندو آهي،
اسٽور وارو دوست ڪجهہ لمحا خاموش ٿي وري چوڻ لڳو
”وڏي ڳالھہ اها آهي تہ اهو نوجوان اتان نڪري واقعي بہ ڊاڪٽر جي ڏنل پگهار کان ڪافي وڌيڪ ڪمائڻ لڳو آهي پر... هن جي هي ڪھاڻي هن علائقي ۾ دوڪانن تي گهٽ پگهار ۾ ڪم ڪرڻ وارن ملازمن لاءِ ڄڻ مثال بڻجي وئي آهي.
ڊاڪٽر وٽ جيڪو بہ ڪم لاءِ بيھي ٿو ۽ کيس هن همت ڀريئي نوجوان بابت خبر پئي ٿي تہ هو بہ دير سوير اتان نڪري پنھنجو ڪو نہ ڪو ڪم ڪرڻ لڳن ٿا.

روح کي گُهربل خيرات

هُن هڪ جهٽڪي سان پنھنجو هٿ، منھنجي هٿ مان ڇڏايو هيو.
”ڇا ٿيو؟“ هن سان گڏ ٻي عورت پڇيو
”اهو ئي ... مرد جو فطري ڪمينو پڻ“
مون هن جو زهر ڀريو لھجو ٻُڌو
ٻي عورت بہ سمجهي وئي هئي
ڪجهہ ئي لمحن ۾ هنن جي قدمن جا آواز پَري ٿيندي ٿيندي خاموسي ڇهائجي وئي هئي ان وچ ۾ منھنجو چهرو بي تاثر ئي رهيو هوندو
ڀلا تاثر بہ ڪھڙو؟
شرم جو؟
جيڪي مون وانگر پنندا آهن،
يا جنھن ڪڏهن بہ ڪجهہ پنيو هوندو، انھن کي خبر آهي تہ جڏهن شرم ۽ حيا کي ڪستو بڻائي ماڻھو پنڻ لڳندو آهي تہ چهرا بي تاثر ئي رهندا آهن پر پوءِ بہ مون کي خبر هئي تہ منھنجي بي تاٿر چهري ۾ بہ ماڻھن کي هڪ معصوميت نظر ايندي آهي
ڪاش آءُ پنھنجي معصوميت ڏسي سگهان ها
پر آءُ تہ پيدائشي انڌو آهيان، پر ان جي باوجود بہ دنيا جو، دنيا وارن جو ڪيڏو تہ چٽو تصور آهي مون وٽ.
آءُ ماڻھن جي لھجي مان
ماڻھن جي گهمڻ ڦرڻ جي آوازن مان بہ اندازو لڳائي وٺندو آهيان تہ ڇا ڪجهہ ٿي رهيو آهي جيئن مون کي ننڍپڻ کان خبر آهي تہ مان هڪ خوبصورت ۽ معصوم نظر ايندڙ انسان آهيان ننڍپڻ کان ئي ٻڌندو پيو اچان تھ
”ڇا تہ خوبصورت ۽ معصوم انسان آهي
پر افسوس جو ويچارو نابين آهي“
۽ انھيءَ خوبصورتيءَ ۽ معصوميت جي ڪري ئي ماڻھن مون کي بغير گهرڻ جي ئي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڏيڻ شروع ڪيو هيو.
۽ جڏهن سڀ ڪجهہ بغير گهرڻ جي ئي ملڻ لڳو تہ مون بہ ڪڏهن ڪنھن کان ڪجهہ گهريو ئي ڪو نھ.
بغير گهرڻ جي منھنجون ضرورتون پوريون ٿيڻ لڳيون هيون.
اوهان سوچيندؤ تہ منھنجيون ڪھڙيون ضرورتون؟
منھنجون ضرورتون بہ تہ انتھائي محدود آهن، پائڻ لاءِ صاف سٿري شيرواني.(ڪنھن ٻڌايو هيو تہ توکي ٺھي ٿي)
مٿي تي بہ صاف سٿري ٽوپي، پيرن ۾ مناسب چپل ۽ ٽي وقت ماني.
آءُ جڏهن ڪنھن ڀتِ، يا وڻ جي ڇانوَ ۾ بيھندو آهيان تہ بغير گهرُڻ، صدا لڳائڻ جي منھنجي جهول ۾ ڪئي سڪا ڪرندا رهندا آهن. يا وري رستي تي هلندي بہ ماڻھو مون کي هٿ ۾ ڪو نوٽ، ڪو سڪو خاموشيءَ سان ڏئي ڇڏيندا آهن پر انھن جي خاموشيءَ ۾ بہ هڪ التجا هوندي آهي.
ڄڻ چوندا هجن
”حافظ بابا ... اسان لاءِ دعا ڪر“
پر مان انھن لاءِ ڪيئن دعا گهران، مون تہ ڪڏهن پنھنجي لاءِ بہ ڪا ئي دعا ڪا نہ گهُري هئي (شايد جنن کي بغير گهرڻ جي ڪجهہ ملڻ لڳندو آهي تہ دعا جو دڳ انھن کان وسري ويندو آهي)
پر لڳي ٿو تہ هاڻي مان ڪجهہ بدلجي رهيو آهيان.
آءُ بازار مان کوڙ سارا سڪا، نوٽ، بغير گهرڻ جي وٺندي هن مين روڊ تي ايندو آهيان، هتي ماڻھن جي رش گهٽ ۽ ٽريفڪ وڌيڪ هوندي آهي
هت اچي آءُ هڪ ٻہ منٽ بيھي، ڄڻ ٿڪ لاهي وري ٻي گهٽي مان ٿيندي ٻي بازار ۾ داخل ٿيندو آهيان.
ان ڏينھن بہ آءُ اتي اچي بيھي رهيو هُيس
”حافظ بابا روڊ ڪراس ڪرايانءَ ڇا؟“
ڪنھن عورت ڀر ۾ بيھي پڇيو هيو
آءُ خاموش رهيو هُيس
هن شايد منھنجي خاموشي کي رضامندي سمجهيو ۽ تڪڙي چيائين
”اچو بابا“
مون بہ غير ارادي طور هٿ وڌايو ٿيڻ ائين کپندو هيو تہ هوءَ منھنجو هٿ پڪڙي ها، پر هن جو هٿ، منھنجي هٿ ۾ اچي ويو.
آءُ اڄ تائين سڀ ڪجهہ آوازن وسيلي سڃاتو آهي، سمجهيو آهي پر زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو مون محسوس ڪيو تہ سڃاڻپ، جو هڪ ذريعو چُهاءُ بہ آهي.
آءُ هن جي هٿن جي نرمي ۽ گرمي وسيلي کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيسُ هوءَ بہ چُپ هئي. شايد هوءَ بہ مون کي ڪجهہ سکڻ، سمجهڻ جو موقعو ڏئي رهي هئي.
اهو روڊ، رستو ڪو ايترو ڊگهو ڪو نہ هيو پر الاءِ ڇو ان ڏينھن اهو رستو پار ڪرڻ جو سفر ڊگهو ٿي ويو
ڪافي دير بعد هوءَ بيھي رهي هئي
مون نہ چاهيندي بہ هن جو هٿ ڇڏي ڏنو هيو
ان وقت مون کي ٻہ خيال ذهن ۾ آيا هڪ تہ روڊ جو ٻيو پاسو اچي چڪو هيو ٻيو تہ اڄ مون کي منھنجي حصي جي اها خيرات بہ ملي هئي جنھن جي باري ۾ مون اڳ ڪڏهن سوچيو بہ نہ هو آءُ ڪافي دير تائين اتي بُت بڻيو بيٺو رهيسُ.
حافظ سائين رستو ڪراس ڪرايانوَ ڇا؟“
ڪنھن مرد بيھي پڇيو.
مون صرف ڪنڌ لوڏي انڪار ڪيو هيو
شايد منھنجي ذهن ۾ ڪٿي اها ڳالھہ هئي تہ شايد مون کي جنھن عورت رستو پار ڪرايو هيو سا وري موٽي اچي رستو پار ڪرائيندي.
ڪافي دير تائين ڪنھن بہ ڪو نہ پڇيو
آءُ مايوس ٿي چڪو هُيس جو ڪنھن ڪراڙيءَ عورت پڇيو
”حافظ سائين ٻي پاسي ويندي ڇا؟“
مون ها ڪئي تہ هُن ڪنھن کي چيو
”اڙي امڙ ... بابا کي رستو پار ڪرائي اچ“
ڪنھن منھنجي لڪڙ پڪڙيل هٿ مٿان هٿ رکيو. مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪجهہ دير اڳ جيڪو اڌورو احساس رهيل هيو سو هاڻي پورو ٿي چڪو هجي.
هوءَ شايد پندرنھن سورنھن سالن جي ڪا ڇوڪري هئي جنھن ڪُراڙي عورت جي چوڻ تي منھنجي هٿ مٿان هٿ رکي مون کي رستو پار ڪرايو هو
سندس سنھنن، سُڪل هٿ ۾ بہ مون ساڳي گرمي محسوس ڪئي هئي
ان ڏينھن بہ آءُ ساڳيا روڊ، رستا، بازارون گهمي خيرات ڪمائي آيو هُيس
پر لڳي پيو تہ ڄڻ آءُ بدلجي موٽي آيو هُيس.
ان ڏينھن کان پوءِ آءُ جڏهن بہ گهر مان نڪرندو آهيان تہ دل جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ هڪ خواهش، هڪ دُعا ضرور محسوس ڪندو آهيان تھ
”يا خدا! اڄ بہ مون کي خيرات گهڻي ملي....
جسم جي چُهاءَ جي خيرات......

دونھين مان ٺھيل لفظن جي ڪھاڻي

اعتراف
زيبو تون مرڻ کان پوءِ بہ منھنجي ڪم آئي آهين.
ان کان اڳ آءُ جڏهن بہ زيبو جي قبر تي ايندو هُيس تہ سندس قبر مان ڪريل مٽي کي هٿن سان وري قبر مٿان رکندو هُيس.
اڄ پھريون ڀيرو آءُ سند قبر مٿان ڏنل مٽيءَ کي هوريان هوريان هٽائي، قبر کي پراڻو ۽ بي نشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئيس.
ڪافي دير کان پوءِ مون سوچيو تہ قبر جي مٽي لھي وئي آهي. قبر جي ڀرسان ٿڪيل انداز ۾ ويھي زيبو جي قبر ڏانھن ڏسڻ لڳس.
مون کي ائين لڳو قبر ائين آهي اڳ جھڙي ...
مٽي لڳل آڱرن سان اکيون مھٽي ڏٺم
قبر مان مٽي ڪافي هٽي چڪي هئي پر مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ اها قبر منھنجي دماغ ۾ وري ٺھي هجي.
آءُ قبر جي باقي بچيل مٽيءَ مان ٻُڪ ڀري غور سان ڏسڻ لڳس
مٽي ..
جيڪا وطن جي هجي تھ، حفاظت لاءِ رت.
ٻنيء جي هجي تہ هاريءَ جو پگهر
۽ قبر جي هجي تہ دعا لاءِ ڪجهہ گهڙيون گهرندي آهي.
۽ آءُ هت زيبو جي قبر تي دعا گهرڻ ايندو هئيس.
”ڪُوڙ“
زيبو جو آواز ٻُڌو هئيم پر خبر نہ پئي، تہ هُن مٽيءَ جي قبر مان ڳالھايو يا منھنجي ذهن ۾ ٺھيل قبر مان،
”تون هن قبرستان ۾ خيرو شاھہ کان پُڙي وٺڻ ايندو آهين اها پُڙي جنھن جو دونھون، تنھنجي زندگي آهي“ ذهن ۾ ٺھيل قبرون ڪڏهن بہ ڪوڙ ناهن ڳالھائينديون زيبو پنھنجي حياتيءَ ۾ بہ ائين سچ، بي خوف ٿي ڳالھائيندي هئي جڏهن تہ مون ۾ سچ ڳالھائڻ جو حوصلو ڪڏهن بہ نہ رهيو آهي
ان ڪري ئي تہ شاديءَ کان پوءِ جڏهن مون پنھنجا خواب ٽٽندي محسوس ڪيا تہ سچ ڳالھائڻ ڄڻ مون کان وسري ويو هيو.
منھنجا خواب شادي ٿيڻ ڪري يا زيبو سان شادي ٿيڻ ڪري ڪو نہ ٽُٽا هيا. زيبو تہ منھنجي تصور کان وڌيڪ سُهڻي ۽ صابر طبعيت جي هئي.
بس منھنجا خواب بہ انھن لکين نوجوانن وانگر ان وقت ٽُٽي پيا جڏهن ڊگرين جو انبار گڏ ڪرڻ باوجود بہ مون کي گذر سفر لاءِ رڪشو هلائڻو پيو خبر ناهي ڪنھن ۽ ڪڏهن مون کي سمجهايو هيو تہ تنھنجا خواب ٽُٽا ناهن پر دونھين پويان گُم ٿي ويا آهن ۽ پوءِ مان خيرو شاھہ کان ورتل خاص سگريٽ پي، ان مان نڪرندڙ دونھين ۾ پنھنجا خواب ڳولھڻ لڳو هيس.
پوءِ واقعي بہ اهو دونھون منھنجي زندگي بڻجي ويو مون کي ان دونھين ۾ پنھنجا خواب نظر ايندا هيا آءُ انھن جي ڪڍ لڳندو هئيس تہ هو ڪجهہ قدمن جي فاصلي تي محسوس ٿيندا هيا پوءِ آءُ سڄو ڏينھن انھن جي ڪڍ لڳو رهندو هئيس.
شايد ان ڪري بہ منھنجو ڌيان گهر ۽ زيبو جي ذميدارين کان هٽي ويو هيو ۽ گهر هلائڻ جي ذميداري بہ هوريان هوريان ان مٿان اچي وئي هئي..
هوءَ پاڙي جي عورتن جا ڪپڙا، رليون سَبي گهر سان گڏ مون کي بہ هلائڻ لڳي هئي بغير ڪنھن ڪروڌ جي
مون کي اڪثر هن جي صبر تي حيرت ٿيندي هئي
صرف شروع واري ڏينھن ۾ اڪثر هوءَ پڇندي هئي
”فهيم .. ايتري دير ڪٿي ٿو رهين؟“
”هوائن ۾.... آءُ کلندي چوندو هئيس
”ڇا مطلب؟“
”منھنجي پياري ... مطلب تہ آءُ رڪشو هلائيندو نہ آهيان پر سمجهہ تہ اُڏاريندو آهيان“
مون هٿن سان پکين وانگر هوا ۾ اڏرڻ جو اشارو ڪندي چيو هيو
هن ڇرڪ ڀري ائين پنھنجي سيني تي جلدي هٿ رکيو ڄڻ هن مون کي اڏرندي، ڪرندي ڏٺو هجي
” ۽ پياري زيبو ... آءُ هوائن ۾ اُڏرندي ڪئي خوبصورت محل ڏسندو آهيان .. ۽ انھن مان خوبصورت ترين محل جھڙو محل تنھنجي لاءِ ... پنھنجي اولاد لاءِ...“
هن منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيو هو
”اسان ... توسان گڏ جٿي آهيون جيئن آهيون خوش آهيون ... تون گهڻي جي لالچ نہ ڪر ...“
ڪڏهن ائين بحث تہ ڪڏهن خاموش رهي منھنجي چهري ۾ تڪيندي رهندي هئي
ان وقت مون کي پنھنجو چهرو دونھون دونھون ٿيندي محسوس ٿيندو هيو ۽ آخر هن کي بہ منھنجي چهري تي دونھون نظر اچي ويو هيو
مون کان اعتراف ڪرائڻ کان پوءِ هوءَ ان ڏينھن ڏاڍو رُني هئي
بس اهو هڪ ڏينھن
ان کان پوءِ ڪڏهن بہ ڪائي گِلھ، ڪوئي ڪروڌ نہ ڪيائين بس سندس خاموشي وڌي وئي هئي.
ڪجهہ عرصي کان پوءِ مون سان رڪشي جي ڪمائي ۾ ڀائيوار ۽ رڪشي جي مالڪ رحمت خان رڪشو بہ ان خوف کان واپس ورتو تہ متان آءُ سندس رڪشي کي کي بہ دونھين ۾ گم نہ ڪري ڇڏيان.
آءُ ڪافي ڏينھن پريشان رهيسُ پر پوءِ زيبو کان ڪڏهن پيار سان تہ ڪڏهن مار سان سندس ڪيل پورهيئي جي رقم وٺي، وٺي مون ان پريشانيءَ مان بہ جان ڇڏائي.
مون کي زيبو کان پيسا ملندا رهيا تہ منھنجي ۽ منھنجي خوابن جي ان دونھين جي وچ ۾ اک ٻوٽ بہ جاري رهي.
مون زندگيءَ ۾ کيس ڪجهہ ڏنو ايترو نہ هيو جيترو هن کان وٺندو هُيس.
هوءَ بہ وڏي صبر ۽ خاموشيءَ سان سڀ ڪجهہ ڏيندي رهي. پنھنجي راتين جون ننڊون، ڏينھن جو آرام، صحت، اکين جو نُور.. سڀ ڪجهہ تہ ڏيندي رهي. ۽ آخر هڪ ڏينھن پنھنجو ساھہ بہ ڏئي ڇڏيائين ماڻھو تہ سمجهن ٿا تہ کيس ڪينسر ماريو.
ٿوريئي ڏينھن ۾ مون کي احساس ٿيو تہ هوءَ اڪيلي ڪو نہ مري وئي پر پنھنجي ٽن ٻارن سان گڏ مون کي بہ ماري وئي هئي.
گهر جي چُلھي مان بہ دونھون نڪرڻ بند ٿيو هيو ۽ سگريٽ جو دونھون جيڪا منھنجي زندگي هئي ۽ ان ۾ منھنجا خواب نظر ايندا هيا اهو دونھون بہ منھنجي وس کان ٻاهر ٿي چڪو هيو گهڻن ڏينھن کان دونھين جي طلب ۽ بي قراري کان پوءِ آءُ زيبو جي قبر تي آيو هئيس شايد دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ کيس گلا ڏيڻ جي خواهش هئي.
آءُ کيس چوڻ پئي چاهيو تہ هُن مرڻ ۾ ايتري جلدي ڇو ڪئي ؟
هوءَ زنده هئي تہ گهر جي چُلھي مان بہ دونھون نڪرندو هيو تہ منھنجي سگريٽن مان به.
آءُ زيبو جي قبر تي اچي خاموشيءَ سان ويھي رهيو هئيس ... ڪافي دير گذري تہ مون کي محسوس ٿيو ڄڻ ڪو ٻيو بہ اتي موجود آهي
ڇرڪ ڀري ڏٺم تہ قبرستان جو گورڪن بيٺو مون ڏانھن ڏسي رهيو هيو
”تنھنجي گهرواري ڪا خوش نصيب عورت هئي“
هن ڳالھايو، هو مون کي سڃاڻيندو هيو ۽ سمجهندو هيو تہ مون کي پنھنجي گهرواريءَ سان شديد محبت هئي.
”هوءَ نصيب واري هئي جو کيس مرڻ کانپوءِ اهڙي خوبصورت جڳھہ تي قبر نصيب ٿيو“
هن قبر جي چؤطرف نظرون ڦيرائيندي چيو مون بہ ڪيئي ڀيرا اها ڳالھہ محسوس ڪئي تہ زيبو جي قبر قبرستان جي سڀ کان خوبصورت جڳھہ تي هئي جتي وڻ، ٻوٽا ڏاڍو خوبصورت منظر پيش ڪري رهيا هيا ۽ قبرستان واري اُداس ڪندڙ ماحول کان بلڪل مختلف منظر هيو
مون بہ سوچيو هو تہ زيبو کي زندگي ۾ سٺو گهر تہ نصيب نہ ٿيو پر قبر واري جڳھہ ڏاڍي خوبصورت مليس.
اڄ هڪ وڏي سيٺ جي گهرواري مري وئي آهي ...
سيٺ کي شايد پنھنجي گهرواريءَ سان ڏاڍي محبت هئي“
گورڪن چوندي چوندي چپ ٿي منھنجو منھن تڪڻ لڳو هو
” گهرواريءَ سان محبت؟؟ بڪواس“ مون چڙ مان سوچيو پر خاموش رهُيس گورڪن وري ڳالھائڻ لڳو
”اهو سيٺ پنھنجي گهرواريءَ لاءِ قبر جي جاءِ چونڊڻ لاءِ پاڻ آيو آهي پر.... پر کيس ڪا ئي جڳھہ وڻي ئي نٿي جيڪا سندس شان مطابق هجي“
مون ڇرڪ ڀري هن ڏانھن ڏٺو
هن جي هٿ ۾ سگريٽ هو ۽ مون ڏانھن غور سان ڏسي رهيو هيو.
مون کي لڳو هن جملو نہ ڳالھايو هيو ڄڻ مون ڏانھن سگريٽ جو دونھون اڇلايو هيو
دونھون ... منھنجي طلب
آءُ تڪڙي اُٿي بُيٺس
”تہ ...؟ “ مون بہ کيس چتائي ڏٺو هن جواب نہ ڏنو صرف هڪ نظر زيبو جي قبر ڏانھن ڏٺو هُن وري ڪجهہ ڳالھايو، مون کي سندس لفظ دونھين جي شڪل ۾ نظر اچڻ لڳا هيا.
هُو واپس ويو
ڪجهہ لمحن بعد آيو تہ هن سان گڏ هڪ ٿلو متارو خوش لباس شخص آيو ۽ هڪ نظر ۾ ئي ماحول ڏسي ڪنڌ لوڏي کيسي مان ڪافي سارا نوٽ ڪڍي مون ڏانھن وڌايائين
مون تڪڙ ۾ نوٽ ورتا.
مون کي هر طرف دونھون ئي دونھون نظر اچڻ لڳو هيو ۽ زيبو جي قبر بہ دونھين ۾ گُم ٿي وئي هئي
اعتراف زيبو ... تون مرڻ کان پوءِ بہ منھنجي ڪم آئي آهين.

مختصر ڪھاڻيون

---

سڀ ئي برابر

”بس سائين ھڪ منٽ ۾ اوھانکي بوٽ پالش ڪري ٿو ڏيان“ عبداللھ موچي مون کي ڄڻ تسلي ڏني آءٌ خاموشيءَ سان سندس ڪاٺ مان ٺھيل وڏي پيتي ڀرسان بيھي کيس ڪم ڪندي ڏسڻ لڳس.
ھن جا ھٿ معمول موجب تيزيءَ سان ھلي رھيا ھيا.
ايتري ئي تيزيءَ سان آنءٌ ھن جي باري ۾ سوچڻ لڳو ھيس.
آءٌ اڪثر ھن طرف ايندو آھيان تہ پنھنجا بوٽ پالش لاءِ عبداللھ کي ئي ڏيندو آھيان.
عبداللھ، جيڪو ڪجهہ عرصو ڀنگيءَ مان ڦري اڳ مسلمان ٿيو ھيو.
اوچتو ياد اچڻ تي مون ھن کان پڇيو.
”عبداللھ، اڳ ۾ تنھنجو نالو ڇا ھيو؟“
”مونگو...“ ھن جواب ڏنو ۽ شايد پنھنجي اڳ واري نالي تي پاڻ ئي کلڻ لڳو.
”ڀلا مسلمان ٿيڻ کان پوءِ، عبداللھ ئي نالو ڇو رکئي؟“
”سائين... عبداللھ معنيٰ اللھ جو ٻانھو...معنيٰ اللھ جي سمورن بندن جھڙو... انھن جي برابر“
ھو جوش مان ٻڌائڻ لڳو. ان وچ ۾ ھو منھنجا بوٽ پالش ڪري چڪو ھو.
مون سوچيو، معاشري جي ننڍي ماڻھو، کي ڪيڏي نہ سڪ ھوندي آھي ٻين جي برابر ۾ اچڻ جي.
آءٌ کيس پيسا ڏيڻ لڳو ھيس تہ جنھن دوڪان جي اڳيان ھو ويھندو ھيو ان دوڪان جي مالڪ حاجي رحيمداد کيس سڏ ڪيو.
”عبداللھ، فارغ ٿيو آھين؟“
”ھا حاجي صاحب“ عبداللھ فورن جواب ڏنو.
”عبداللھ، ھي لڪڙ کڻ، دوڪان جي اڳيان نالي بند ٿي آھي، اھو تہ صاف ڪري ڏي“
مون ڏٺو عبداللھ جو منھن ڪاري رنگ جي پالش جھڙو ٿي ويو ھو.

...*...

عجيب منظر

انتھائي عجيب منظر ھو.
گرم ڏينھن جي ٽي پھريء جو وقت، آسمان بلڪل صاف، پر اوچتو ئي اوچتو، برسات شروع ٿي وئي ھئي.
جيڪي ماڻھو جتي ھيا، اتي بيھي انتھائي حيرت مان آسمان ڏانھن ڏسڻ لڳا ھيا. مان بہ پنھنجي پي، سي، او کان ٻاھر نڪري آيس.
اوچتو ئي ھڪ وڏي پٽڪي ۽ ڊگهي وارن واري ھمراھہ رڙ ڪئي”منھنجي مرشد جو معجزو.“
ھڪ ڪراڙو تعجب ۽ خوف مان آسمان کي تڪي رھيو ھيو.
”اڳ ڪڏھن بہ ائين نہ ٿيو“ ھن خوف مان چيو.
”ھي سڀ ڪجهہ ڇا آھي؟؟“ ھن جي نرڙ جا گهنج گهرا ٿي ويا ھيا
آسمان صاف ھو، ڪٿي بہ جهڙ جي ڪا ٽڪري نظر ڪا نہ اچي رھي ھئي. پر مينھن وسي رھيو ھيو.
اوچتو ئي منھنجي پي، سي، او اڳيان رڪشو اچي بيٺو ان مان منھنجو دوست صحافي نڪتو ھڪ ڪاغذ مون ڏانھن وڌائيندي چيائين ”يار جلدي ھي خبر تہ فيڪس ڪر...“
مون ھن جي ھٿ مان ڪاغذ جو ٽڪرو وٺندي ھن جي توجه ان عجيب انداز جي وسندڙ مينھن ڏانھن ڪرائڻ لاءِ چيو.
”يار ڪيڏي نہ عجيب ڳالھہ آھي... جهڙ آھي نہ پر مينھن وَسي پيو“
ھن ڪو تاثر نہ ڏنو، ڄڻ ھن لاءِ ھي ڪائي عجيب ڳالھہ ڪا نہ ھئي.
مون ڳالھہ مٽائڻ لاءِ کائينس پڇيو.
”ڪھڙي خبر آھي؟“
”ھڪ نوجوان پنھنجي 60 سالن جي ماءُ ڪاري ڪري ماري.“
ھڪ لمحي لاءِ خبر واري ڪاغذ منھنجي ھٿ ۾ ڪبوتر جيان ڀڙڪو/ ڦڙڪو؟ کاڌو.
منھن ورائي ٻاھر ڏٺم.
مينھن وسي رھيو ھو، ماڻھو پنھنجي پنھنجي ڪمن ۾ رڌل ھيا.
شايد ماڻھن ھاڻي ھر ڳالھہ تي حيران ٿيڻ ڇڏي ڏنو ھو.

...*...

ٻيو گرھہ

مون ڏٺو ھن جي اڳيان مانيءَ جا ٻہ گرھ پيا ھيا ۽ ھو ڪنھن گهري سوچ ۾ گم ھو.
”گهٽ مانيءَ جي ڪري پريشان آھين نہ؟“ مون ھمدرديءَ مان پڇيو.
”نھ... ھرگز نھ...“ ھن اعتماد سان چيو ”مان تہ سوچيان پيو، ٻيو گِرھہ ڪنھن کي ڏيان؟“
...*...

چھرو

مون نيٺ ڊڄندي ڊڄندي ھن کان پڇيو.
”تنھنجو چھرو... ھن عمر ۾ به، تازي ٽڙيل گُل جيان آھي... پر... پير، ميرا ڇو؟
چوڙيون کپائڻ واريء چوڙين جو باڪس کڻي مٿي تي رکيو، کلندي چيائين ”روزي لاءِ رلندي پير ڌوئڻ، صاف رکڻ جو موقعو ئي ڪو نہ ملندو آھي...“
”۽ چھرو؟“ مون وري پڇيو.
”چھرو...“ ھن کلي چيو.
”چھري کي تو جھڙن شودن، شوقينن جي نظر ڌوئيندي رھي ٿي“

...*...

ھڪڙو وار

ستر سالن وارو ڪراڙو کنگهندي بار بار نظر جو چشمو ٺاھيندي پنھنجي پُٽ کي غور سان ڏسي رھيو ھو، ۽ ھن جو پٽ جيڪو شايد پھريون ڀيرو مٿي ۽ مڇن جي اڇن وارن کي رنگ ڪري رھيو ھيو.
ڪراڙي گهر ۾ نظر ڦيرائي، سندس پوٽيون گهرو ڪم ڪري رھيون ھيون.
”پٽ بچل...“ ڪراڙي پُٽ کي ھوريان سڏيو.
”جي بابا“
”پُٽ ... مُڇن ۾ ھڪڙو اڇو وار ضرور ڇڏجائين...“
”ڇو بابا؟“ ھن حيرت مان پڇيو.
”ھڪڙو اڇو وار... توکي ياد ڏياريندو رهندو تہ تنھنجيون نياڻيون جوان ٿيون آھن..“
...*...

اُميد

ننڍڙو ڇوڪرو روڊ سان ھلندي، بند پيل ھڪ دوڪان اڳيان زمين مان ڪجهہ کڻڻ لڳو، ٻئي ڇوڪري رڙ ڪري پڇيس.
”ڇا ڏٺئي؟“
”پلاسٽڪي پسٽل جون گوليون“
”پر تو وٽ تہ پستول آھي ئي ڪونہ؟“
”اڄ گوليون لڌم، سڀاڻي پسٽل بہ لڀي پوندو!“

...*...

سچ

مون سالن کان سنڀالي رکيل اھو رومال کيس ڏيکاريندي چيو.
”ھن رومال تي برٿ ڪيل گلاب جي گُل مان اڃان تائين تنھنجي، تنھنجي ھٿن جي خوشبو ايندي آھي“
ھوءَ کلي پئي، چيائين.
”پر ھي برٿ تہ مون پنھنجي ساھيڙيءَ کان ڪرائي ڏني ھئي.“

...*...

عورت، مرد صدين کان

صدين کان پوءِ مليا ھياسين ۽ صدين جا تجربا، ڏک، سک ھڪٻئي سان اوري رھيا ھياسين.
”مان ايترو وقت ھن پيٽ جي بک لاءِ لوڙيندو رھيو آھيان...“ مون ٿڪيل لھجي ۾ چيو.
ھن ڏور آسمان ڏانھن تڪيندي چيو ”مان پاڻ سان گڏ مُوھہ ۽ چاھہ کڻي وَيَس ... پر ماڻھو... منھنجي ٻن ڄنگهن ۾ موھہ ڳوليندا رھيا“
ھن جي لھجي ۾ نفرت ھئي.
صديءَ جي خاموشيءَ کان پوءِ ھن چيو ”مان ھلان ٿي... وري ملنداسين ٻئي جنم ۾...“
”ھا...“ مون بہ اٿندي چيو.
”دعا ڪجانءِ ٻئي جنم ۾ مونکي پيٽ نہ ھجي ۽ تنھنجو مُوھہ، چاھہ تنھنجي اکين ۾ ڏسجي... ڄنگهن ۾ نھ“

...*...

افسوس

چانھہ جي ڀريل ڪپ ۾ ٻڏي مرڻ وقت مک کي گهڻو افسوس ان ڳالھہ جو ھيو تھ:
”جنھن چانھہ جي مٺي ذائقي جي شوق ۾ سڙي ٻُڏي مري رهي هئي، اها چانھہ ڦڪي هئي“
...*...

سنسر

مون پنھنجي جديد ترين ڪمپيوٽر کي انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ/ منسلڪ ڪري روز پڙھڻ واري اخبار بابت خبرون سنسر ڪرڻ لاءِ ھدايتون فيڊ ڪيون.
”صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جو خبرون سالن کان ھڪ جھڙيون آھن، اھي بہ سنسر ڪر... پوليس مقابلن ۾ مارجي ويل بي گناھن جون خبرون بہ مون کر بي چين ڪنديون آھن اھي بہ نہ اچڻ کپن... سياستدانن ۽ ھڙتالن بابت بہ بيانن کي بہ اڏاري ڇڏ... گهران فرار ٿي شادي ڪندڙ ڇوڪرين بابت خبرون ۽ انھن جا قسم نامھ بہ نہ اچڻ کپن ڇو تہ مون کي پنھنجي ڌيئرن بابت ڳڻتي ٿيندي آھي...“
ان قسم جون ھدايتون فيڊ ڪري آءٌ اطمينان سان سُمھي پيس. ٻئي ڏينھن صبح جو اُٿي انٽرنيٽ تي اخبار لاءِ ڪمپيوٽر آن ڪيم.
ڪجهہ دير ۾ ئي اسڪرين تي لکجي آيو ” اوھان جي ھدايتن موجب خبرون سنسر ڪرڻ کان پوءِ صرف اشتھار بچيا آھن.“

...*...

سبب

ھنن چئن ماڻھن جي ھوٽل ۾ ويھندي ئي بيرو پاڻي کڻي تڪڙي حاضر ٿيو.
”جي سر... حُڪم سر“ بيري جو لھجو انتھائي ادب ۽ نرمي وارو ھيو.
ھنن ماني جو آرڊر ڏنو. بيري تمام سھڻي نموني ھنن جي خدمت ڪئي ۽ جڏھن ھو بِل ڏئي ھوٽل کان ٻاھر نڪتا تہ ھڪڙي کلندي چيو.
”يار جي ڪياڙي جا وار فوجي ڪٽ ۽ ٻولي پنجابي ايندي ھجي تہ ماڻھو ڪيترو نہ خيال ڪندا آھن؟“

...*...