شاعري

رات جي دامن ۾

انير مگسي ميھڙ جي مِٽيءَ مان ڦُٽل نوجوان شاعر آھي. ھن مجموعي ۾ انير جا غزل، نظم، چوسٽا، ٽيڙو، ٻہ سٽا ۽ ڏيڍوڻا شامل آھن. جيتوڻيڪ انير جو ھي پھريون مجموعو آھي پر سندس فڪري اڏام نئين نٿي لڳي. سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عڪس سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا درد سمايل آھن. سندس ٻولي سادي ۽ سلوڻي آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book رات جي دامن ۾

حق ۽ واسطا

Book No: 43
¬
- ڪتاب: رات جي دامن ۾
- موضوع: شاعري
- ليکڪ: انير
- ڇاپو: پهريون، نومبر 2023ع
- تعداد: 500
- ڪمپوزنگ اينڊ ٽائيٽل : احسان آڪاش
@ڇاپيندڙ:
احساس پبليڪيشن۔حيدرآباد
03100934500


• Book: Raat Je Daaman Mein
Poetry
• Author: Aneer
• Edition: 1st December – 2023
• Quantity: 500
• Composing, Lay out &Title:
Ehsaan Aakash
• Printer: Ehsaas Publication Hyderabad
03100934500

ارپنا

سنڌ امڙ جي نانءُ ...!

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان شاعر انير جي شاعريءَ جو مجموعو ”رات جي دامن ۾“ اوھان اڳيان پيش آھي.
انير مگسي ميھڙ جي مِٽيءَ مان ڦُٽل نوجوان شاعر آھي. ھن مجموعي ۾ انير جا غزل، نظم، چوسٽا، ٽيڙو، ٻہ سٽا ۽ ڏيڍوڻا شامل آھن. جيتوڻيڪ انير جو ھي پھريون مجموعو آھي پر سندس فڪري اڏام نئين نٿي لڳي. سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عڪس سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جا درد سمايل آھن. سندس ٻولي سادي ۽ سلوڻي آھي.
ھي ڪتاب نومبر 2023ع ۾ احساس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون انير ۽ احسان آڪاش جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

شاعر جو تعارف

اصل نالو : انير احمد مگسي
ادبي نالو: ”انير“
والد جو نالو: منير احمد
پيدائش: پهرين مارچ 1990
سنڌي پنج درجا: ٻگهيا محلا اسڪول ڪي اين شاهه
ڇهين کان ميٽرڪ: سرڪاري هاءِ اسڪول ڪي اين شاهه
انٽر: ڊگري ڪاليج ڪي اين شاه کان
بي اي: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ
موجوده نوڪري: پرائيويٽ ٽي ايس وي اي پي آءِ تعلقه ميهڙ ضلعو دادو پي پي ايڇ آءِ سنڌ ملازم
شاعري جي شروعات: 2008
ڪتاب: شاعري جا ڪل چار عدد ڪتاب لکليل آهن۔
پراڻي ايڊريس: ميربحر محلا پراڻو بس اسٽاپ سيتا
خير پور ناٿن شاهه
موجودا ايڊريس: رامپور محلا فريدآباد روڊ ميهڙ
فون نمبر: 03053732876

غزل

---

ڇا ته جسمن وٺ پڪڙ لاتي هئي

ڇا ته جسمن وٺ پڪڙ لاتي هئي،
حرس هو يا ڊپ تڪڙ لاتي هئي.

ننڊ ۾ بي ڀوڳ جي انداز سان،
تو پيل منهنجي سَوَڙ لاتي هئي.

تو به هٿ چاهيو ڇڏائڻ جنهن گهڙي،
مون به پنهنجي هٿ جڪڙ لاتي هئي.

اڳ وبا جي ڪا ڪمي ناهي هتي،
۽ مٿان ربّ تو مڪڙ لاتي هئي.

مس اڃان در کان گهڙيس گهر ۾ ”انير“
گهر ۾ ٻارن جهڙ پچڙ لاتي هئي.

شاعري ٻاعري ڪندا آهيو

شاعري ٻاعري ڪندا آهيو،
سونهن سان مسخري ڪندا آهيو.

فطرتن ٿا لڳو پڪا عاشق،
عاشقي ٻاشقي ڪندا آهيو.

ٿئي جتي ظلم جو انڌيرو اُت،
روشني ٻوشني ڪندا آهيو.

موت جي ڪنڌ تي کڙا آهيو،
بندگي ٻندڳي ڪندا آهيو.

عيد آهي تيار ٿي اچجو،
عيد تي ڪا خوشي ڪندا آهيو.

کوڙ سارا خواب ڦٿڪن ٿا

کوڙ سارا خواب ڦٿڪن ٿا،
عشق جا آفتاب ڦٿڪن ٿا.

باغ، مالهي نٿا ٺهن هاڻي،
جنگ ان ۾ گلاب ڦٿڪن ٿا.

سڀ ٽچ فون جا طلبگار هن،
۽ ڪٻٽ ۾ ڪتاب ڦٿڪن ٿا.

ڪير ٻڌندو اِهي پراڻا ساز،
غم انهي ۾ رُباب ڦٿڪن ٿا.

هاءِ ماڻهن ”انير“ گهاءُ ڏنا،
هاءِ جيون جا باب ڦٿڪن ٿا.

گناهن جي ڳڻپ ٿي آهي ثوابن سان

گناهن جي ڳڻپ ٿي آهي ثوابن سان،
سوالن جو ڦڏو آهي جوابن سان.

سمورا باغ ساڙائي ڪيائون رک،
خدايا ظلم ڪيڏو ٿي گلابن سان.

عنايت تي عنايت روز ٿي آهي،
زماني آجيان ڪئي آ گلابن سان.

اکين جي منڌ جا هيراڪ آهيون ڙي،
اسان جو واسطو ناهي شرابن سان.

سمارٽ فون جا عادي ٿيا جيڪي،
محبت سي ڪٿي رکندا ڪتابن سان.

ٿَڪا ناهيون ٽُٽا ناهيون ”انير“ اڄ ڀي،
نڀايون ٿا زماني جي عذابن سان.

آفتابن روشني آهي ڏني،

آفتابن روشني آهي ڏني،
ماهتابن زندگي آهي ڏني.

درد تي مرحم رکي مرڪي پيا،
حُسن وارن کِل خوشي آهي ڏني.

حاڪمن ٻيو ڇا ڏنو هن قوم کي،
مُفلسي ۽ بيوسي آهي ڏني.

دوستن جي مهرباني آ اها،
دوستي ۾ دشمني آهي ڏني.

شيخ ۽ استاد مدهوش ڀي،
خوبصورت شاعري آهي ڏني.

تنهنجي جيون کي ڪري روشن ”انير“،
جيءُ پنهنجي کي خوشي آهي ڏني.

قسمتن جو کيل آهي زندگي

قسمتن جو کيل آهي زندگي،
درد جو رابيل آهي زندگي.

مفلسي جي موڙ ۾ اَٽڪي رهي،
پاس ناهي فيل آهي زندگي.

ڪنهن به اسٽيشن تي رڪڻي ڪا نه آ،
نان اسٽاپ ريل آهي زندگي.

پيٽ جي کوري ٻَري ٿي هر گهڙي،
۽ ڳڀي لاءِ تيل آهي زندگي.

حيرتن جي حد رهي ناهي ”انير“،
ٿا لُڏون چوڏيل آهي زندگي.

تجربن مان سکي رهيو آهيان،

تجربن مان سکي رهيو آهيان،
زندگي سان لَڙي رهيو آهيان.

روشني جي اشد ضرورت پئي،
ڏيئو بڻجي جلي رهيو آهيان.

حسرتن کي دفن ڪري آيس،
دوستن سان کِلي رهيو آهيان.

بيوسي جو ممڻ مَتل آهي،
جي رهيو آهيان جي رهيو آهيان.

دل جي ٿر جو ڏڪار ميٽڻ لاءِ،
بڻجي بارش وسي رهيو آهيان.

هڪ ته بيمار هنڌ تي ليٽيل،
ٻيو ته تڙپي لڇي رهيو آهيان.

مند مستاني کي ڪجي ڇا وو؟

مند مستاني کي ڪجي ڇا وو؟
جند ديواني کي ڪجي ڇا وو؟

موت جي قيد کان ڇڏائي پهتس،
جڳ جي حيراني کي ڪجي ڇا وو؟

توکان وڇڙڻ تي ڄر لڳي ٿي وڃي،
دل جي ناداني کي ڪجي ڇا وو؟

جسم فاني جواني فاني، هڪ،
روح لافاني کي ڪجي ڇا وو؟

نيڻ تنهنجا تِکا ڪي ڪان هيا،
نظر جي منماني کي ڪجي ڇا وو؟

عشق جي چس نئي نرالي آ،
اهنجي ۽ آساني کي ڪجي ڇا وو؟

ڀاڳ جي ديوي رُسي آهي وئي،

ڀاڳ جي ديوي رُسي آهي وئي،
زندگي ساري سُسي آهي وئي.

رونقون ڄڻ خواب ڪي خوفائتا،
هر خوشي ڀي ٿي ٻُسي آهي وئي.

حُسن جون راهون تڪيندي هر گهڙي،
عشق جي اک ئي پُسي آهي وئي.

دشمنن ڪوشش ڪئي مارڻ جي پر،
هن دفعي گولي گُسي آهي وئي.

درد جي طوفان سان لڙندي ”انير“،
تنهنجي همت ئي خُسي آهي وئي.

نوازشون ڪرم تنهنجا،

نوازشون ڪرم تنهنجا،
قائم رهن ڀرم تنهنجا.

تا عمر جيئندي گڏ،
ڪاڏي ويا قسم تنهنجا.

سچ لکندا سدائين،
اي ڪَوَي قلم تنهنجا.

اڄ ب استاد ڀاسن،
درس جان نظم تنهنجا.

سنڌ لاءِ ”انير“ سُندر،
ٿا ڏسون عزم تنهنجا.

طبعيت ئي خراب آ سائين،

طبعيت ئي خراب آ سائين،
پنهنجي قسمت خراب ڪانهي ڪا.

حالتون ڪجهه غريب ٿي ويون هن،
هونءَ فطرت خراب ڪانهي ڪا.

هي سماجي خيال ڪمتر هن،
باقي محبت خراب ڪانهي ڪا.

بس ڏسڻ جا عجيب ئي آهيون،
ورنا عادت خراب ڪانهي ڪا.

دوستن هو هجت ۾ ڀوڳ ڪيو،
تن جي صحبت خراب ڪانهي ڪا.

پار لنگهبو پيار جو درياهه اڄ،

پار لنگهبو پيار جو درياهه اڄ،
ساٿ آهي مونسان تنهنجو چاهه اڄ.

قيس ٿيندس پنهنجي ليلا جو وري،
جَهل نه منهنجي اي زمانا راهه اڄ.

ڪون جهلبس ڪون پلبس هاڻ مان،
ڪرٽ مونکي سيس منهنجو لاهه اڄ.

سنڌ تي ميري نظر رکندڙ دشمنو،
ڪون ٿيندو ڪون ڪنهن سان ٺاهه اڄ.

ناهيان پنهنجي ڪنهن پرائي ديس جو،
ڪون اُڏندس ڏي ڀلي تون ٽاهه اڄ.

انقلابي ميڙ مڙندا اي ”انير“،
حق وٺندا جيسين آهي ساهه اڄ.

دردن جي جيون سان ياري آهي،

دردن جي جيون سان ياري آهي،
لڙڪن جي نيڻن سان ياري آهي.

مونکي منهنجا عيب ڏسي ٿو هر هر،
منهنجي هن درپن سان ياري آهي.

ڪوجها آهن پيارا آهن ليڪن،
يارن جان سپنن سان ياري آهي.

سڀ ساٿ ڇڏي ۽ راهه مَٽي ويا،
پر نه ڇڏيو صدمن سان ياري آهي.

تاريخ جيان آهيان سڀ کي ڄاڻان،
تخمن سان نسلن سان ياري آهي.

مرحوم ته ناهن جو وسرن مونکان،
زندا هن ماڻهن سان ياري آهي.

گلڙن جو خادم باغن جو ڳيجهو،
گلڙن سان باغن سان ياري آهي.

جيون کي چَسڪو جيئڻ جو پل پل،
دنيا جي سهڻن سان ياري آهي.

ٽاهه ”انير“ نه ڏي اڏري نه وڃن هي،
ڪانون سان ڳيرن سان ياري آهي.

حقن لاءِ اٿڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون،

حقن لاءِ اٿڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون،
وطن لاءِ لڙڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

غدارن جي ٽولي کي ظاهر ڪريون ٿا،
ته ظاهر ڪرڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

سڄي سنڌ مشتاق سرڪي بنايو،
چوڻ تي ڪڇڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

سماجي نمائندا ته آڏو نٿا ٿين،
عوام جي پڇڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

نه تعليم پاڻي نه بجلي ملي ٿي،
وري حق گهرڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

عجب ديس منهنجي جو قانون آهي،
سچائي لکڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

تون رهجان ڪراچي اسان جو ٿي شاهد،
لکڻ تي پڙهڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.

آ تاريخ لکجي وئي اڄ انوکي،
سنڌين جي ڌڻ تي به لٺيون لڳن ٿيون.
___
جعلي ڊوميسائيل جي حوالي سان ڪراچي ۾ ٿيل مشتاق سرڪي جي اڳواڻي ۾ پر امن احتجاجي ريلي تي لاڳو ٿيندڙ سياسي جبر ۽ دٻدٻي تي لکيل

سگريٽ جي ڪشن ۾ مصروف ٿي ويو هان،

سگريٽ جي ڪشن ۾ مصروف ٿي ويو هان،
توکان پوءِ ڄڻ ڏکن ۾ مصروف ٿي ويو هان.

وڇڙي به ياد آهين جيون جي هر گهڙي ۾،
تنهنجي لکيل خطن ۾ مصروف ٿي ويو هان.

پن ڇڻ جيان لڳي ٿو هر ڏينهن زندگي جو،
يادن جي ڄڻ ڪُنن ۾ مصروف ٿي ويو هان.

تاريخ ياد ناهي بس ياد آ وڇوڙو،
گذريل انهن جڳن ۾ مصروف ٿي ويو هان.

لمحن ”انير“ آهي احساس هي ڏياريو،
لڙڪن جي بارشن ۾ مصروف ٿي ويو هان.

مان محبت هان نفرت ناهيان

مان محبت هان نفرت ناهيان،
ڌُڌڪارين ٿو وحشت ناهيان.

جيئان ٿو جيئڻ کي جيئڻ،
انسانيت هان ظلمت ناهيان.

روز اچي ڳوڙهن جا گل ڇَٽڻ،
مُردي جي مان تربت ناهيان.

سُڌ ناهي توکي تنھنجي لاءِ
رحمت آهيان زحمت ناهيان.

تنھنجو پيار ”انير“ اَمُلھہ آ،
مان ڪا ان جي قيمت ناهيان.

صرف سپنا ڏسڻ ضروري هو،

صرف سپنا ڏسڻ ضروري هو،
بند اکڙيون ڪرڻ ضروري هو.

ڪيترو ڏُور کان ڪھي آيو،
هُن سان منھنجو ملڻ ضروري هو.

سنڌ سان ٿي رهيو ظلم پل پل،
شاعرو سچ لکڻ ضروري هو.

طبيعيت جو پُڇڻ ضروري هو،
ها عيادت ڪرڻ ضروري هو.

عشق ناڪام ٿي پيو منھنجو،
ڀوڳنا جو هجڻ ضروري هو.

درد جو انتھا تي پھتو هو،
لڙڪ اک مان ڪرڻ ضروري هو.

پيار ۾ مرحلو اچي ٿو هي،
هن جو پرچڻ رُسڻ ضروري هو.

ظالمن وٽ ”انير“ ڦاٿو آن،
هاڻ ڦٿڪڻ لُڇڻ ضروري هو.

خوف ۾ زندگي گذاريون ٿا،

خوف ۾ زندگي گذاريون ٿا،
موت کان اڳ ئي پاڻ ماريون ٿا.

دوستن کي تہ جاءِ دل ۾ ڏني،
دشمنن سان بہ پيار پاريون ٿا.

وقت الزام ٿئي مڙهيا ڪيڏا،
بي جرم هوندي قيد گهاريون ٿا.

زندگي شاهڪار هئي توسان،
هاڻ بيڪار جيئن گهاريون ٿا.

گل کي ماري دفن ڪيو ويو آ،
خالي گلدان ڏي نھاريون ٿا.

درد جي دَز چڙهي وئي آهي،
لڙڪ هاري انھي کي ٻھاريون ٿا.

توکي وشواس ڇو نٿي آيو،
ساھہ ڇا روح توتان واريون ٿا.

آءُ هاڻي ”انير“ موٽي گهر،
راھہ تنھنجي پيا نھاريون ٿا.

گذاريون پيا ٿا ۽ گذري پئي ٿي،

گذاريون پيا ٿا ۽ گذري پئي ٿي،
حياتي دُکن ساڻ نبري پئي ٿي.

عجب موج مستي رکي ٿي هي هستي،
پرن جي بنا روز اُڏري پئي ٿي.

ڪمالن کي اچرج ۾ پوندي ڏٺوسين،
زوالن جي تاريخ نکري پئي ٿي.

سڄي رات پيئڻ وري رات تائين،
رڳن ۾ مئي رت جان اتري پئي ٿي.

لڳي ٿو تہ ويندي وري ڪان ايندي،
وڃڻ لاءِ هوءَ جيڪا سنبري پئي ٿي.

خوبصورت غزل نظم ماڻھو،

خوبصورت غزل نظم ماڻھو،
دل جا سھڻا صفا نرم ماڻھو.

پيار جي مُند ئي عجب آهي،
سرد ماڻھو ڪڏهن گرم ماڻھو.

سنڌ ڌرتي ڏنا زماني کي،
بي بقا با وفا اتم ماڻھو.

ها هوائن جيان وڃن مَٽجيو،
ٿا نڀائن نٿا قسم ماڻھو.

ديس کي ٿا لُٽن لُٽيرن جان،
ٿي چڪا هن هي بي شرم ماڻھو.

انتقامن جي آڳ جلندي آ،
اختلافن ۾ روز گُم ماڻھو.

وحشتن کي حساس ڪئين چئون،
دهشتن جا هڻن ٿا بم ماڻھو.

رات جو پل ”انير“ خاموشي،
سڀ وساري ستا ستم ماڻھو.

جڳن کان جڳن تائين ڀوڳيو اسان،

جڳن کان جڳن تائين ڀوڳيو اسان،
سُکن کان ڏکن تائين ڀوڳيو اسان.

ڪا ڪومل حسينا نہ آئي هلي،
رکي آس من تائين ڀوڳيو اسان.

نہ سُرهاڻ ماڻي خوشين جي ڪڏهن،
چمن کان گلن تائين ڀوڳيو اسان.

هميشہ حياتي عذابن جي ور،
اکين کان ڪنن تائين ڀوڳيو اسان.

او تاريخ شاهد ٿي رهجان سدا،
زمين کان گگن تائين ڀوڳيو اسان.

حَسينا جواني کي معني تہ ڏي،
چُمين کان چپن تائين ڀوڳيو اسان.

تون وڇڙي وئين تو پٺيان ها ”انير“،
گهٽين کان گهرن تائين ڀوڳيو اسان.

وَر وڪڙ زندگي جا خواب ٿي پيا،

وَر وڪڙ زندگي جا خواب ٿي پيا،
تو کان وڇڙي اُداس سڀ گلاب ٿي پيا.

پاڻ جو سادگي کي بنايو رفيق،
شهر جا ماڻھو ارڏا نواب ٿي پيا.

چاندي رات ۽ ساٿ تون ڀي هئين،
پل جمالا ٿيا پل شباب ٿي پيا.

مفلسي جي وبا ڇا ٽٽي مون مٿان،
اجنبي غير وافق جناب ٿي پيا.

ڪجهہ نراسائي وڌندي وئي ”انير“ جي،
عشق جي ڀاڳ ۾ بس عذاب ٿي پيا.

ڪجهہ گهڙين جي گفتگو ڇا ٿي،

ڪجهہ گهڙين جي گفتگو ڇا ٿي،
چؤطرف خوشبو آهي برپا ٿي.

پنھنجي محبت بہ ليلا مجنون جان،
جڳ سڄي ۾ عيان ٿي هر جا ٿي.

زندگي هارجي وئي آهي،
هر تمنا ڏکن جا پاڇا ٿي.

ڪيترا گهر اجاڙيا ويا آهن
هر حياتي ڳڀا ٿي ڳترا ٿي.

ڪون ٿو تون مُڙين ”انير“ اڃان،
ٿڪجي پوندي رلي تماشا ٿي.

دردنگي جا مثال ڪونھن ڪي،

دردنگي جا مثال ڪونھن ڪي،
آدميت جا بہ حال ڪونھن ڪي.

سادگي جو مٺاس آهي بس،
ڏاڍ هٺ جا سوال ڪونھن ڪي.

محبتن کي عروج آهن سدا،
عاشقن جا زوال ڪونھن ڪي.

ڪيتري وقت کان پري آهيون،
رابطا ڀي بحال ڪونھن ڪي.

بخت ئي مھربان آھہ ”انير“،
ورنا تنھنجا ڪمال ڪونھن ڪي.

ذهن زنگجي چڪا آهن زماني جا،

ذهن زنگجي چڪا آهن زماني جا،
زرد چھرا ٿيا آهن زماني جا.

ضميرن کي وڪامي سال گذري ويا،
عجب ڌنڌا بنيا آهن زماني جا.

زماني کي زماني کان شڪايت آ،
خيال سارا خفا آهن زماني جا.

ستارن چنڊ تي آڱر کنئي آهي،
زمين آڪاش رخا آهن زماني جا.

وري تعمير ممڪن آ ٿيڻ گهرجي،
گهٽيون ۽ گهر ٽُٽا آهن زماني جا.

هاڻ ڇاهي ٻُڏون ترون تون مان،

هاڻ ڇاهي ٻُڏون ترون تون مان،
روز ٿا هيڪلا مَرون تون مان.

هو نھارن پيا اڃا رستا،
اچ انھن ڏي وري وَرون تون مان.

ٺاهي ٺاهي متان پَوَن ٿڪجي،
ڇو ٿا هر هر ڊهون کرون تون مان.

زندگي کي سماج لاءِ گهوريون،
آءُ بڻجي ڏيئا ٻَرون تون مان.

عشق جي تيز آڳ کي ٺاريون،
آهي بهتر اهو ٺرون تون مان.

جگ ڇا چوندو ”انير“ ڍورن جان،
جيڪو تيڪو پيا چَرون تون مان.

جنم ڇا ٿيو آ سزائن ۾ آهيون

جنم ڇا ٿيو آ سزائن ۾ آهيون،
وفائن ۾ ناهيون جفائن ۾ آهيون.

خزان جي پنن جان حياتي بني آ،
ڇڻون ٿا ڪِرون ٿا هوائن ۾ آهيون.

حياتي کي ڪيڏو گذاريون ٿا ڊپ ۾،
ڪرونا جي ڦاٿل وبائن ۾ آهيون.

اڃان بي اهو ئي اڳوڻو زمانو،
اڃان ڀي لڳي ٿو غُفائن ۾ آهيون.

نہ ڪنھن کي ٿا سمجهون اسان پاڻ جھڙو،
عجب ڌن جي ڦاٿل انائن ۾ آهيون.

رول بادل جو ٺڪاڻو ناهي ڪو،

رول بادل جو ٺڪاڻو ناهي ڪو،
جت وسي ان کان پڇاڻو ناهي ڪو.

عشق پنھنجو ڄڻ خبر اخبار جي،
سڀ پڙهي ويا رهيو فلاڻو ناهي ڪو.

دور وانگر مٽبا سڀ ڪرادار هن،
هاڻ مخدوم وارو گهاڻو ناهي ڪو.

فيسبوڪي واٽسپي عشق ۾،
ڪائي مومل ڪوئي راڻو ناهي ڪو.

سادگي سان ”انير“ دفنايو ويو،
ٽيجهو ناهي ۽ جُماڻو ناهي ڪو.

رنگ خوشبو هوا زماني جي،

رنگ خوشبو هوا زماني جي،
ٿي چڪي آ جدا زماني جي.

زندگي موت روز جاري آ،
ڪونھي ڪونھي بقا زماني جي.

حيرتن کي بہ حيرتون آهن،
هر شي آهي فنا زماني جي.

عشق آهي ڪيو ڀئو ڇاجو؟
قبول آهي سزا زماني جي.

هوش ۾ اچ ”انير“ جاڳ کڻي،
بي وفا هر وفا زماني جي.

سلسلن جو وسيو پئي سانوڻ،

سلسلن جو وسيو پئي سانوڻ،
مسئلن جو وڌيو پئي سانوڻ.

تون تہ ناراض ٿي هلي وئين،
غم جو مون تي رهيو پئي سانوڻ.

وسوسن جو هجوم هو ذهن ۾،
۽ اکين مان ڳڙيو پئي سانوڻ.

ڇو حقيقت هِجر کان دُور ڀَڄان؟
روح جان گڏ هليو پئي سانوڻ.

زندگي ڀر ”انير“ گڏ هوندس،
آنءُ توسان چيو پئي سانوڻ.

درياھہ وانگر پائي ويو آن،

درياھہ وانگر پائي ويو آن،
منھنجا سُور وڌائي ويو آن.

ڪيڏو ويران آهي جيون؟
هيڪل مونکي بنائي ويو آن.

حالت بگڙيو ويئي آهي،
بُت پٿر جو بنائي ويو آن.

جسم سمورو جهيرون جهيرون،
ترار نظر سان گهائي ويو آن.

ويٺي گهوريان راهون تنھنجون،
سُور هِجر جو لائي ويو آن.

ڪون قرار ”انير“ ملي ٿو،
نيڻين ننڊ فٽائي ويو آن.

مختلف منفرد ڀريون سِر تي،

مختلف منفرد ڀريون سِر تي،
ٿا کڻي جئيون ڇا ڪريون سِر ٿي.

حسرتن کي صليب تي چاڙهي،
درد جا مُڱ پيا ڏَريون سِر ٿي.

آزمائش جي جنڊ ۾ پيڙهجي،
ڪاميابي جو سفر ڪريون سِر ٿي.

زندگي جي گهڙي گهڙي ڏوھہ هو،
ڪھڙو ڪھڙو گناھہ ڌريون سِر ٿي.

ڪنھن نہ دانھون ٻُڌيون ”انير“ ڪڏهن،
بند ماڻھن ڪيون دريون سِر ٿي.

ڪو سماجي سلسلو پيدا ڪجي،

ڪو سماجي سلسلو پيدا ڪجي،
محبتن جو معاملو پيدا ڪجي.

قوم کي جاڳائجي ڳالهائجي،
حق وٺڻ جو حوصلو پيدا ڪجي.

نوجوانن جي نئي تعمير ٿئي،
جستجو جو ولولو پيدا ڪجي.

سنڌ جي هر فرد سان ملجي هلي،
سنڌيت جو مرحلو پيدا ڪجي.

حاڪمن جا ڪن کڙا ٿيندا ”انير“،
هر گهٽي ۾ قافلو پيدا ڪجي.

چنڊ چڪرائجي ڪِري پوندو،

چنڊ چڪرائجي ڪِري پوندو،
تنھنجي سامھون ٿيو مري پوندو.

رنجشون ڪر ختم سڀئي مونکان،
ورنا جيون سڄو ٻري پوندو.

مون ڪيو ٺاھہ حُسن سان آهي،
روح هاڻي ضرور ٺري پوندو.

عشق ناڪام جي ٿئي ڪنھنجو،
شخص سو ٿي ذري ذري پوندو.

تون پڪاري تہ ڏس ”انير“ ڪڏهن،
جت بہ هوندو پري وري پوندو.

سڀ ڪو آهي غلام نيڻن جو،

سڀ ڪو آهي غلام نيڻن جو،
سڀ جي دل ۾ قيام نيڻن جو.

باز وانگر جهٽي وٺن ٿا هت،
طلسمي آ نظام نيڻن جو.

ان گهڙي ڄڻ قرار ملندو آ،
نيڻ ڏين ٿا پيام نيڻن جو.

توکان وڇڙي الڳ ٿيو آهيان،
چين ئي ٿيو حرام نيڻن جو.

هوش کان ئي هليو ويو آهيان،
پيتو ٿم ٿورو جام نيڻن جو.

با ادب ٿي ”انير“ با اخلاق،
ڪر سدا احترام نيڻن جو.

هر رات کي ناسور جيان روح ڪَٽي روز،

هر رات کي ناسور جيان روح ڪَٽي روز،
هر ڏينھن حشر جيئن ٿو محسوس ٿئي روز.

ڪو يار ڪو همدرد زماني ۾ رهيو ناهه،
هر شخص مٽي راھہ ڇني سنگ ڇڄي روز.

ٿو ائين حياتي کي نچوڙي هي وڇوڙو به،
تندور جي آوي ۾ سڙي روز پچي روز.

احساس اميدن جا رُلي راھہ ويا هاڻ،
منزل بہ نٿي ڏسجي ۽ مقصد نہ لڀي روز.

ياداش جي آڳر تي ٿا ماضي جا ڦرن عڪس،
ڪا ياد زماني جي ڪئي روپ چٽي روز.

ٿو سنڌ کي تڪليف جي گهيري ۾ ڏسان آنءُ،
جذبات جو درياھہ پيو موج ڪري روز.

هر روڊ تي هڙتال شهر ڌرڻي سان ٽمٽار،
انبوھہ ۾ آواز ڏيو حق اٿي روز.

گل وانگر زخم ٽڙندا ٿا رهن،

گل وانگر زخم ٽڙندا ٿا رهن،
آرسي سان عڪس وڙهندا ٿا رهن.

زندگي توکي ڪجي آخر تہ ڇا؟
روز ڏين ٿي گهاءُ وڌندا ٿا رهن.

ديس جي ماحول ۾ ڌمچر متل،
ماڻھو ماڻھو سان لڙندا ٿا رهن.

ڪوئي گذريل وقت آهي ذهن ۾،
ڪي پراڻا خيال کڙندا ٿا رهن.

باغ ۾ هڪڙي ڪِلي آهي ٽڙي،
ڀئنور ڪيڏا روز مڙندا ٿا رهن.

بي هوشن وانگر پيا ماڻھو ”انير“،
ٿاپڙٻندا ۽ ٿڙندا ٿا رهن.

چنڊ چمڪيو پئي ائين تارن ۾ هو،

چنڊ چمڪيو پئي ائين تارن ۾ هو،
گل مھڪي پيو جئن بهارن ۾ هو.

توکان وڇڙي ڪٿي خوش هيو شخص سو؟
روز راهون تڪي انتظارن ۾ هو.

ڪيڏو سُندر هو منظر انھي ڏينھن جو!
گُل لڳايو تو پنھنجي جو وارن ۾ هو.

زندگي کي هجر ڪرٽ جان ٿو ڪٽي،
تون وئين روح مدفون مزارن ۾ هو.

چاندني رات ڀي بي مزي ٿي لڳي،
هاڻ جيئڻ هيو بس گذارن ۾ هو.

دشمنن دوستن کان پري ٿي ”انير“،
زندگي ۽ اَجل جي ڪنارن ۾ هو.

تنھنجي زلفن جو ڇانورو ناهي،

تنھنجي زلفن جو ڇانورو ناهي،
ڄڻ تہ جيون ۾ ڪو مزو ناهي.

لُڙڪ آهن اکين جي پنبڻين ۾،
خوش ٿيڻ جو ڪو حوصلو ناهي.

آرسي ۾ عڪس هيو ڪنھن جو،
منھنجو آهي ها پر چِٽو ناهي.

هاءِ قسمت بہ ڇا ملي آهي!
پيار جو ڪو ڪڪر وٺو ناهي.

ساٿ سنگت ”انير“ ڇڏ هاڻي،
ڪير توسان رهيو سچو ناهي.

ڪيتري تنگ زندگي آهي؟

ڪيتري تنگ زندگي آهي؟
هڪ عجب جنگ زندگي آهي.

هر مخالف جي هٿ ۾ تلوارون،
زخمي هر انگ زندگي آهي.

وسوسن جو لباس پھريوسين،
سوچ کي زنگ زندگي آهي.

راهبرن حوصلو ڏنو ناهي،
هر گهڙي بي ڍنگ زندگي آهي.

آخري ساھہ موت جو آواز،
ٿي چُڪي دنگ زندگي آهي.

ڀاڳ جا در ”انير“ بند ٿيا،
ڏنگ ئي ڏنگ زندگي آهي.

ڀروسو زندگي جو ناهي ڪو،

ڀروسو زندگي جو ناهي ڪو،
گڏ گذاري پري جي آهي ڪو.

روز ڊهندو رهان پيو آئون،
واقفن مان اچي تہ ٺاهي ڪو.

درد جي دار تي پيو لٽڪان،
اي خدايا زمين تي لاهي ڪو.

سڀ ڄمارون نٽارجن ان تان،
جي ٿو دل روح ساڻ چاهي ڪو.

وقت جي حاڪمن سان جنگ ڪري،
ديس لاءِ سينو ”انير“ ساهي ڪو.

ڳاٽ سدائين اُوچا رکجو،

ڳاٽ سدائين اُوچا رکجو،
جذبن ۾ گڏ ڀالا رکجو.

نيٺ تہ ورندا پرديسي ڀي،
نيڻ انھن لاءِ آلا رکجو.

دشمن شيشن جهيڙا آهن،
هٿ ۾ پٿر سارا رکجو.

وقت هجر جو پورو ٿيندو،
ساري سنڀالي ڳوڙها رکجو.

ملڪ سڄو سرهاڻ گهرو ٿا،
رستن تي ڪي گلڙا رکجو.

وقت ”انير“ وهامي ويندو،
ياد مگر هي چھرا رکجو.

ميڙجي ڇا جهان فاني آ،

ميڙجي ڇا جهان فاني آ،
هي شهر ۽ مڪان فاني آ.

هت اکين جو ڍؤ نٿو ڍاپي،
هي حوس جو نشان فاني آ.

سڀ انا جي سوار گهوڙي تي،
سُڌ نہ ٿن آن مان فاني آ.

خاڪ جي راھہ جا مسافر هون،
جسم جو آستان فاني آ.

آخرت جو ”انير“ ڪجهہ سوچيو،
دنيا جو هي ڌيان فاني آ.

زخم ڪيڏا وڌي ويا آهن،

زخم ڪيڏا وڌي ويا آهن،
آسمان سان لڳي ويا آهن.

نفرتن جو جهان گوليون بم،
آدمي سڀ مري ويا آهن.

آزمائش جو دور هر هڪ لاءِ،
ڪي ٻُڏي ڪي تري ويا آهن.

ڪون بچندو ”انير“ هاڻ صفا،
ڊاڪٽر ائين چئي ويا آهن.

اڄ نگاهن ۾ چاھہ مُرڪي پيو،

اڄ نگاهن ۾ چاھہ مُرڪي پيو،
همسفر هم راھہ مُرڪي پيو.

خط لفافي ۾ هو مليو مونکي،
کولي پڙهيم تہ ساھہ مُرڪي پيو.

ڪجه گهڙين کان رٺي هئي مونکان،
موسان پرتي تہ ٺاھہ مُرڪي پيو.

ڀاڪرن ۾ ڀري چميو تو جو،
منھنجو تن بي پناھہ مُرڪي پيو.

هر غزل ۾ ذڪر انھي جو آ،
جنھن کي پڙهندي سو آھہ مُرڪي پيو.

خيالن جي هڪڙي اٿل آ ذهن ۾،

خيالن جي هڪڙي اٿل آ ذهن ۾،
ڪا سُندر حَسينا لٿل آ ذهن ۾.

حياتي جي رونق متاثر رهي ٿي،
پريشاني بک جي کتل آ ذهن ۾.

ٿي ماضي جي تصوير اُڀري اکين ۾،
وڏي آنڌ ۽ مانڌ متل آذهن ۾.

وري کيچلائپ اکيون ڪن اکين سان،
وري آھہ زاري لڳل آذهن ۾.

ٿي تاريڪ هر رات گذري اسان جي،
دکن جو ڪِري پيو جبل آ ذهن ۾.

يا تہ مونکي سنڀال نيڻن ۾

يا تہ مونکي سنڀال نيڻن ۾
يا تہ مونکي اُڇال پيرن ۾.

يا تہ ناراض رھہ عمر ڀر تون،
يا تہ پرچي ڏي پيار منٽن ۾.

يا تہ وڇڙي نہ وڃ پري مونکان،
يا تہ گڏ ٿي گذار جيون ۾.

يا تہ رُت ڪر بهار جيون ۾،
يا تہ تڙپائي مار پن ڇڻ ۾.

زندگي کي ”انير“ معني ڏي،
دربدر ٿي نہ رل ئي رستن ۾.

اکين کي آرسي کان خوف آهي،

اکين کي آرسي کان خوف آهي،
اوهان جي دوستي کان خوف آهي.

نصيبن ٺاھہ اوندھہ سان ڪيو هاڻ،
اسان کي روشني کان خوف آهي.

زمانو روز ٿو اعلان ڪرائي،
زماني کي خوشي کان خوف آهي.

وڌي ڇا واقفيت آهي شهر ۾،
شهر جي هر گهٽي کان خوف آهي.

ترارون تير ڀالا لفظ آهن،
”انير“ جي شاعري کان خوف آهي.

نٿو نبري هجر جو غم ڪجي ڇا؟

نٿو نبري هجر جو غم ڪجي ڇا؟
پيو نڪري اسان جو دم ڪجي ڇا؟

خوشيون جو قد لڳو آ آسمان سان،
اکيون آهي اسان جون نم ڪجي ڇا؟

وطن جي آن کي قائم رکڻ لاءِ،
ڪيو برداش هر هڪ غم ڪجي ڇا؟

وڇوڙي جي رهي موسم ڪجي ڇا،
نٿو سمجهي ڪو همدم ڪجي ڇا؟

غريبن جي تہ قسمت بي غريب آ،
ستم جاري رهيا دم دم ڪجي ڇا؟

حقيقت کان نٿا موڙي سگهون منھن،
غلامي جو ڪَٽيون جهنم ڪجي ڇا؟

خطائن جو خزانو آ زمانو،
رهي ٿو هت ابن آدم ڪجي ڇا؟

روح جهومن ٿا نشي ۾ عشق جي،

روح جهومن ٿا نشي ۾ عشق جي،
جسم بي قابو خفي ۾ عشق جي.

زندگي جا اهنج سڀ لهندا وڃن،
جيئن ترسيو هان اجهي ۾ عشق جي

جُهڙ جھڙالا ٿي ويا هاڙھہ ۾ ڀي،
مست آهيان مان مزي ۾ عشق جي.

هاڻي ناهي ڪا لباسن جي گُهرج،
پُر سُڪون هان وڳي ۾ عشق جي.

هر بلندي تي ”انير“ کِل ٿي اچي،
توڙي آهيان پيو تري ۾ عشق جي.

مورکن جي شهر ۾ جنمياسين،

مورکن جي شهر ۾ جنمياسين،
نردئي هن دهر ۾ جنمياسين.

وقت جي هر خيال کي سوچي،
گيت ٽيڙو بحر ۾ جنمياسين.

درد دل جي ملال جو اسباب،
لُڙڪ نيڻن ڇڀر ۾ جنمياسين.

روز احساس ڪمتري آهي،
روز غم هر پھر ۾ جنمياسين.

هو ٽُٽُل ڀاڳ جو ستارو ”انير“،
زندگي سُڃ ڪلر ۾ جنمياسين.

قيامت ٽُٽي آ اکين جي نگر تي،

قيامت ٽُٽي آ اکين جي نگر تي،
ڪِري ڄڻ هجي وڄ خوشين جي نگر تي.

نہ گلشن ۾ خوشبو ٽِڙيا ڪون گل ئي،
پيو ڪال آهي ڪَلين جي نگر تي.

ٿي تاريخ جو منھن بہ ڪارو ويو آ،
وئي راند کيڏي صدين جي نگر تي.

هِجر جو لطف ئي نرالو لڳي ٿو،
اڪيلو ٿي ڀانيان سکين جي نگر تي.

خدا يا ظلم جي ڪڙي ٽوڙ هاڻي،
شڪارين ڪيو ڪيس پکين جي نگر تي.

ٿي حيران پريشان وياسين ”انيرا“،
ڪٽيسين عمر بي وسين جي نگر تي.

نانگ پالي وڏا ڪياسين پئي،

نانگ پالي وڏا ڪياسين پئي،
ڏنگبا ڏنگبا رهياسين پئي.

تنھنجي پٺيان لڳي لڳي سڄڻ،
خوار ڪيڏو اسان ٿياسين پئي.

پوءِ بہ اوندھہ گهٽي سگهي ڪونھي،
ڏيئي وانگر يڪو جلياسين پئي.

وقت کان پوءِ ڇا ملاقات ٿي،
حيرتن ۾ اچي وياسين پئي.

درد آهون دلين جي آڳر تي،
سمنڊ وانگر رڳي ڇلياسين پئي.

چاڪ سيني جا چاڪ ڪو نہ ٿيا،
حسرتن جي مزار بنياسين پئي.

وقت گذري ”انير“ ائين ويو،
پاڻ خاموش بت رهياسين پئي.

دشمنن سان بہ دوستي آهي،

دشمنن سان بہ دوستي آهي،
پاڻ وٽ بس هٿيار هي آهي.

جيئو جيئڻ ڏيو جهان وارو،
زندگي ٿورڙي بچي آهي.

رنجشن باوجود مرڪون ٿا،
پنھنجي فطرت ۾ عاجزي آهي.

سنڌ جي درد تي غزل سرجيم،
شاعري سنڌي ئي ڏني آهي.

ڀاڳ چئجن يا معجزو چئجي،
زندگي موت کان بچي آهي.

هاڻ احساس ڇا ”انير“ ڪجي،
هاڻ هر شئي وئي هلي آهي.

سمنڊ وانگر انت بحر ڪونھي

سمنڊ وانگر انت بحر ڪونھي،
عشق جو ڀي ڪو گهر شهر ڪونھي.

زندگي هر گهڙي سفر آهي،
ڪٿ ٺڪاڻو ڪجي ڪو در ڪونھي.

هن جهان سان جڙي ويو سڀ ڪو،
آخرت جو مگر ثمر ڪونھي.

جا دکائي ڀڀڙ وڏو دل ۾،
ڪا بہ اهڙي ملي نظر ڪونھي.

ان ڪري ئي ٿا دربدر جيئون،
راھہ ڏسڻ وارو راهبر ڪونھي.

آس جا ڏئيا سڀ اُجهامي ويا،
پوئتي ڪو بہ منتظر ڪونھي.

عشق جي اثر ۾ هان،

عشق جي اثر ۾ هان،
حُسن جي نظر ۾ هان.

خواب ۾ ڪَٺي توسان،
اک کُلي تہ گهر ۾ هان.

اجنبي هيا چھرا،
ڪنھن نئي نگر ۾ هان.

سُڃ ئي سُڃ پئي ڀاسي،
رُڃ جي شهر ۾ هان.

زندگي رڙيون واڪا،
هر وقت هِجر ۾ هان.

جسم ۾ چُڀن ڪنڊا،

جسم ۾ چُڀن ڪنڊا،
ذهن ۾ لڳن ڪنڊا.

پنڌ ۾ رتو رت پير،
ٽوڪ ڪن کلن ڪنڊا.

سُور ڀي سوايو آ،
سوچ ۾ رهن ڪنڊا.

شام کان سحر تائين،
ساھہ کي وڍن ڪنڊا.

زندگي پئي گذري،
مينھن جان وسن ڪنڊا.

شاعرن جي قلمن مان،
لفظ ٿي پون ڪنڊا.

ڏئي پيار حياتي منھنجي سنواري ڇڏ،

ڏئي پيار حياتي منھنجي سنواري ڇڏ،
ها هڪ نظر سان صرف مرڪي تون نھاري ڇڏ.

کڻي عذاب وري رات جي گهڙي آئي،
سُکن کي موت جي آغوش ۾ سُمھاري ڇڏ.

اکين جا سپنا اڌورا رهيا حياتي ڀر،
پکي پيار جا بهتر اٿئي اُڏاري ڇڏ.

جواني قيد ۾ پيري جي هٿ چڙهي ويئي،
انھي فڪر ۾ بدن جي کل کي اُتاري ڇڏ.

هميشا روح دُکن جي سفر ۾ رُلي ٿو پيو،
او مھربان ٻُڏل ناؤ منھنجي تاري ڇڏ.

گهڙي جي گُهرج کي سمجهي ”انير“ وِک کڻجو،
انڌيري راھہ جي بڻجي تہ ڏيئو ٻاري ڇڏ.

وڇوڙي جي عمر ڪيڏي ڊگهي نڪتي،

وڇوڙي جي عمر ڪيڏي ڊگهي نڪتي،
صدين وانگر صدين جيڏي گهڙي نڪتي.

اکين کي لڙڪ ورثي ۾ مليا آهن،
زبان جي دانھن جڏهن نڪتي رڙي نڪتي.

سڀئي سينگار جي آيون عيد جي ڏڻ تي،
اداس دل جي مگر هڪ ساهڙي نڪتي.

زماني جيئن تنھنجي دشمني نڪتي،
مڃيم ڪمزور منھنجي دوستي نڪتي.

هجر جي ٻاٽ گهيري آ ڇڏيو جيون،
وصل جي پر نہ آهي روشني نڪتي.

سڀن کي هو يقين پل پل ”انير“ توتي،
مگر تنھنجي همت ئي بيوڙي نڪتي.

روح زخمي پکي جيان ڦٿڪي،

روح زخمي پکي جيان ڦٿڪي،
توسوا دل جو ٿو جهان ڦٿڪي.

سڀ اداڪار ها سياست جا،
قوم لاءِ ڪنھنجو نٿو بيان ڦٿڪي.

رات خاموش سوچ ڳالهايو
در دريون ۽ سڄو مڪان فٿڪي۔

ڀاڳ جي آسري جي ويهن ٿا،
تا عمر تن جو ٿو ڌيان ڦٿڪي.

تو نظر سان تڪي هنيو جيڪو،
منھنجي اندر اهو ٿو ڪان ڦٿڪي.

دربدر زندگي ”انير“ رهي،
يار جي پيار جو نشان ڦٿڪي.

پيار سان جو سلهاڙجي ويو هان،

پيار سان جو سلهاڙجي ويو هان،
ڪاغذن وانگي ڦاڙجي ويو هان.

زندگي رونقن جي مُند وئي،
درد جي گهر ۾ واڙجي ويو هان.

وصل جي آس ۾ هجر جو غم،
هرگهڙي ۾ لتاڙجي ويو هان.

هيڪلائي جي وات ۾ آهيان،
کٽمڙي جان چٻاڙجي ويو هان.

جسم ۽ روح ٿو ”انير“ ڏکي،
عشق جي باھہ ساڙجي ويو هان.

شڪايتن تي شڪايت ڪئي سدائين تو،

شڪايتن تي شڪايت ڪئي سدائين تو،
عجيب طرح جي محبت ڪئي سدائين تو.

هِجر جو ڪِري جبل پيو هو مٿان منھنجي،
تمام خوب عنايت ڪئي سدائين تو.

حصي ۾ درد وڌائي ڏنا اٿئي مونکي،
ڪمال جي هي وراثت ڪئي سدائين تو.

هميشہ منھنجي مٿان آڱريون کڄيون آهن،
وفا جي واھہ جي عزت ڪئي سدائين تو.

اکين جا لُڙڪ گواهي ”انير“ ڏيندا رهيا،
زماني جيئن تہ نفرت ڪئي سدائين تو.

ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو هوندئي،

ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو هوندئي،
ڪوئي وڇڙيل اگر مليو هوندئي.

روح ۾ تازگي وڌي هوندئي،
ياد ۾ عڪس ڪو ٻريو هوندئي.

نوجواني بي چين ڪيو هوندئي،
وصل جو گل ٽڙي پيو هوندئي.

پيار جي هر گهٽي هئي روشن،
منھنجو نياپو هوا ڏنو هوندئي.

ٿي ويو آ ”انير“ شاعر هاڻ،
گيت سندس ڪٿي پڙهيو هوندئي.

گل ٽڙيا مھڪار ٿي پئي هر طرف،

گل ٽڙيا مھڪار ٿي پئي هر طرف،
باغ ۾ چھڪار ٿي پئي هر طرف.

زندگي جا لڱ ڏڪڻ آهن لڳا،
موت جي وسڪار ٿي پئي هر طرف.

ڪنھن قديمي دور جي تاريخ جا،
دل لڳي آثار ٿي پئي هر طرف.

مون گهڻا هيلا هلايا منٿ جا،
هو مگر انڪار ٿي پئي هر طرف.

ڪو اصولن تي رهيو ڪو نظرين،
دوستي تلوار ٿي پئي هر طرف.

روز آٽا ٿي ڪري ڪيڏا ”انير“،
دل بہ آهي ٻار ٿي پئي هر طرف.

مند ڪيڏي نہ خوبصورت آ،

مند ڪيڏي نہ خوبصورت آ،
سامھون تنھنجي منھنجي صورت آ.

هٿڪڙيون ڇا هڻو ڪلف مونکي،
پر ٻڌو منھنجي هن سان محبت آ.

غم هجر جي اداس راتين جا،
هن اڪيلائي جي ضرورت آ.

اک ۾ ڳوڙها ۽ روح کي پيڙاءُ،
ها غنيمت آ ها غنيمت آ.

حُسن جي بارگاھہ جو گولو،
عشق هر دم ڪئي تہ خدمت آ.

هير رانجهي جيان ”انير“ ڪئي،
پاڻ اهڙي ڪئي محبت آ.

اک اک سان ملائجي ٻيهر،

اک اک سان ملائجي ٻيهر،
عشق کي ڪجهہ وڌائجي ٻيهر.

چنڊ ناهي نٿي پريشان اچ،
پيار ڏيئو جلائجي ٻيهر.

کيس ماڻھن تہ ورغلايو آ،
ڳالھہ جي ڪيئن ٻڌائجي ٻيهر.

ڏوھہ تقدير تي ڏيون ڇا لاءِ،
آ لکيو هي نڀائجي ٻيهر.

زندگي کي عزيز رکيوسين،
موت کان ٿو بچائجي ٻيهر.

جھڙو تھڙو ”انير“ پنھنجو آ،
هِن کي هُن کي ٻڌائجي ٻيهر.

اک اک کي سلام آڇي ٿي،

اک اک کي سلام آڇي ٿي،
محبتن جو پيام آڇي ٿي.

پر ڪَٽي منھنجا ۽ وري مونکي،
آسماني اڏام آڇي ٿي.

پيار جي پاڪ رشتي جي خاطر،
خوبصورت نظام آڇي ٿي.

مونکان منھنجي صبح حَسين ڇِني،
ڪرڀ جھڙي هو شام آڇي ٿي.

پيار جي ابتدا ”انير“ ڇڏي،
درد جو انتظام آڇي ٿي.

نيڻ منھنجا خواب تنھنجا ها،

نيڻ منھنجا خواب تنھنجا ها،
باغ دل ۾ گلاب تنھنجا ها.

رات جو ڏينھن جو حياتي ۾،
هر گهڙي ۾ حساب تنھنجا ها.

شهر ساري جا نوجوان نينگر،
مون سوا سڀ جناب تنھنجا ها.

روح جي الماڙي منجهہ رکيل،
سڀ رسالا ڪتاب تنھنجا ها.

پيار جي پھرين گفتگو جو ڏَڻ،
ماٺ ۾ تون حجاب تنھنجا ها.

سڀ مڃن ٿا ”انير“ جي سِر تي،
ڪرم جا آب تاب تنھنجا ها.

اکيون ڪڪرن جيان برسي رهيون آهن،

اکيون ڪڪرن جيان برسي رهيون آهن،
خوشيون سڀ موڪلائي ڄڻ ويون آهن.

خزائن کي بہ وڃڻو هو ويون آهن،
بهارن کي جو اچڻو هو پڳيون آهن.

نہ ڏيئن کي جلائڻ جي ڪيو ڪوشش،
هوائون تيز تر بڻجي گهليون آهن.

حياتي بار وانگر ٿي پئي ڀاسي،
جڏهن کان ساهڙيون مونکان رُٺيون آهن.

سدائين درد جو عالم ”انير“ ڇانيو آ،
سدائين غم زده ڳالهيون ٿيون آهن.

واعدن کي بہ پارجو سائين،

واعدن کي بہ پارجو سائين،
هڪ نظر سان نھارجو سائين.

زندگي جي اٿاھہ اوندھہ ۾،
پيار جي لاٽ ٻارجو سائين.

ڇو پريشان ٿي ويا آهيو؟
حوصلن کي نہ هارجو سائين.

يادگيري سنڀارجو سائين،
ڪنھن گهڙي منجهہ سارجو سائين.

ننڊ جي ٿي وٺي ”انير“ وڃي،
پاڻي هڻجو اٿارجو سائين.

سگريٽ جي ڦُلي جان ڇڻبا رهون اسان ٿا،

سگريٽ جي ڦُلي جان ڇڻبا رهون اسان ٿا،
جيون جي قافلي ۾ ٿَڪبا رهو اسان ٿا.

تاريخ جي گواهي هر دؤر ۾ ملي ٿي،
ڪنھن لاش جيئن چِٿبا ڪٽبا رهون اسان ٿا.

مھمان ٿي نہ آيا ڪنھن رات هو اسان ڏي،
آهي اڪير تن لاءِ سِڪبا رهون اسان ٿا.

هڪ سنڌ جي حقن جي ڇا ڳالھہ ڇيڙجي وئي؟
سَٽبا رهون اسان ٿا ڪُٽبا رهون اسان ٿا.

آخر ”انير“ ثابت لفظن ڪري ڇڏيو آ،
هر شخص جي ذهن ۾ پلبا رهون اسان ٿا.

تنھنجي تصوير سان ڪيان ڳالهيون،

تنھنجي تصوير سان ڪيان ڳالهيون،
پنھنجي تقدير سان ڪيان ڳالهيون.

رات جو خواب ٿو لهان جيڪي،
تن جي تعبير سان ڪيان ڳالهيون.

مُند رم جهم ڪڪر پئي برسيا،
۽ ٿڌي هير سان ڪيان ڳالهيون.

بار دل جو تہ لاهجي هاڻي،
ڳوٺ جي پير سان ڪيان ڳالهيون.

سنڌ جي شان مان جي خاطر،
ترار ۽ تير سان ڪيان ڳالهيون.

هن جي ساده مزاج فطرت جون،
هَل هلي ”انير“ سان ڪيان ڳالهيون.

اوهان جا هياسين اوهان جا ئي آهيون،

اوهان جا هياسين اوهان جا ئي آهيون،
اچو گيت گڏجي محبت جا ڳايون.

تڏهن آدميت جو مٿي مانُ ٿيندو،
جڏهن ڪنھن ٽُٽل کي وري پاڻ ٺاهيو ن.

متان سنڌ دشمن وري جنگ جوٽي،
او ساٿي ٿا جاڳون ستا پاڻ ناهيون.

وري چڻنگ آهي دکائي وئي اڄ،
وري سنڌ ٿيندي ڀڀڙ جئين باهيون.

نہ پٽڪا نہ منٿون ”انير“ هو مڃن ٿا،
ڀلا ريت ڪھڙي رُٺل کي مڃايون.

نيڻن ۾ جاڳ پلجي بنجي ڀڀڙ وئي آ،

نيڻن ۾ جاڳ پلجي بنجي ڀڀڙ وئي آ،
او دوست پنھنجي جيوت پل پل ڏکي پئي آ.

جذبن جو خون ٿيندو ماڻھو تہ جون ٿيندو،
دنيا تماشبين آ دنيا تہ نردئي آ.

تاريج جا دريچا کولي ڏسي نٿو ڪو
هر روح زخمي پنڇي هر شخص ڪا رئي آ.

محسوس ٿي رهيو آ احساس سڀ مري ويا،
انسان جي قبر تي فاتح پڙهي وئي آ.

پلجي ”انير“ دل کي ٿو يار جي فڪر کان،
جهلجي مگر نٿي دل ڪيڏي نہ بي چئي آ.

اسان جي حوصلن جو ڳاٽ اوچو آ،

اسان جي حوصلن جو ڳاٽ اوچو آ،
جوانن ڀرجهلن جو ڳاٽ اوچو آ.

غدارن جا لٿل چھرا ڪِريل هن ڪنڌ،
دليرن دادلن جو ڳاٽ اوچو آ.

انڌيرن کي ڏني سين مات هرهڪ رات،
ڏيئن جي سوجهرن جو ڳاٽ اوچو آ.

اسان جي قوم جا هيرا هجن زندآباد،
اسان جي رهبرن جو ڳاٽ اوچو آ.

سدائين سنڌ جي چِنتا رهي آهي،
اکين ۾ سنڌ وطن جو ڳاٽ اوچو آ.

ڀري بازر ۾ ساراهيو ويو آهي،
”انير“ جي همتن جو ڳاٽ اوچو آ.

راھہ ۾ خار ڪو وڇائي ويو،

راھہ ۾ خار ڪو وڇائي ويو،
ڪيترا ڄار ڪو وڇائي ويو.

زندگي مسلسل پئي لوڙيو،
روز انڪار ڪو وڇائي ويو.

دائرن قائدن جو هڪ گهيرو،
مون اڳيان يار ڪو وڇائي ويو.

نيڻ نابين ٿي چُڪا آهن،
درد جا دار ڪو وڇائي ويو.

مدتن کان ”انير“ بي چيني،
ڪيڏو آزار ڪو وڇائي ويو.

هجر جو غم ڏئي مونکي ٿيئن سرهو،

هجر جو غم ڏئي مونکي ٿيئن سرهو،
اکيون ئي نم ڏئي مونکي ٿئين سرهو.

الاهي ڇا بنائڻ ٿو گهرين ڏاتار،
دُکن جو دم ڏئي مونکي ٿئين سرهو.

جواني جي اميدن جا کسي ويا پر،
زرد موسم ڏئي مونکي ٿيئن سرهو.

خوابن جي گلابن خودڪشي ڪئي آ،
رڳي ماتم ڏئي مونکي ٿيئن سرهو.

انڌيري رات جي پاڇن جيان جيون،
”انير“ هر دم ڏئي مونکي ٿيئن سرهو.

رنگ خوشبو هوا هئي مون وٽ،

رنگ خوشبو هوا هئي مون وٽ،
عشق جي انتھا هئي مون وٽ.

چاڪ جذبن جا ٽاڪيم ويٺي،
حوصلن جي ادا هئي مون وٽ.

شهر وارن جو اعتماد هيو،
ايتري آشنا هئي مون وٽ.

عيد جو ڏڻ پئي لڳو سو ڏڻ،
ساڻ جو دلربا هئي مون وٽ.

روز سرجيم ”انير“ گيت نوان،
شاعري جي ڪَلا هئي مون وٽ.

قومي ورثو محفوظ رکو،

قومي ورثو محفوظ رکو،
هر هڪ نغمو محفوظ رکو.

آزادي ملڻي آهي نيٺ،
نعرو نعرو محفوظ رکو.

بخشل جھڙا اڻجهل ڏاها،
تن جو نالو محفوظ رکو.

ساحل ساحل ڇا لاءِ ڊوڙون؟
سمنڊ سمورو محفوظ رکو.

سنڌ سڄي سُرهاڻ گلن جي،
موتيو مگرو محفوظ رکو.

سِر سنڌ سڄي تان گهور ”انير“،
ٿر بر ڪاڇو محفوظ رکو.

رات جي دامن ۾ ڳوڙها ئي هيا،

رات جي دامن ۾ ڳوڙها ئي هيا،
هر گهٽي ۾ بس وڇوڙا ئي هيا.

سنڌ پرست جي حصي ۾ ڇا نہ هو،
جيل ڪوٺي روز ڪوڙا ئي هيا.

وقت سان تڪرار جوٽيندي ٿيا،
ڪنھن جوان جا جوش پوڙها ئي هيا.

ڪون ٻڌائون چيخ ڪنھن جي درد جي،
سڀ ڪنن کان ڄڻ ڪي ٻوڙا ئي هيا.

دير سان معلوم ٿيو آهي ”انير“،
دوستن جي هٿ ۾ هٿوڙا ئي هيا.

ارپنا ۾ پيار توکي ڏيان،

ارپنا ۾ پيار توکي ڏيان،
مينھن موسم بهار توکي ڏيان.

دُک جو احساس پوءِ ٿئي شايد
ٿورڙو انتظار توکي ڏيان.

توسان منسوب هي حَسين لمحا،
روح جو آبشار توکي ڏيان.

ڪوئي معبود تو سوا ڪونھي،
سجدا ٿو بار بار توکي ڏيان.

ڀاڪرن ۾ ڀري ”انير“ ميان،
چاهتن جو قرار توکي ڏيان.

نظم

---

پُڇاڻو

ڪنھن جي خلاف ڪُڇجي
ڪھڙي اِشو تي لکجي
ڪُل سنڌ مسئلو آ
هر هنڌ مسئلو آ
بوگس جي نوڪرين جو
بوگس جي ڊگرين جو
ڪنھن کي ڳلي مان جهلجي ...؟

خُدا

خدا ڪٿي آ ؟؟
جڏهن وادي ڪشمير
جنت جي روپ مان
دوزخ بنجي پئي
تڏهن هر انسان جي دل ۽ زبان تي
اهو ئي سوال هيو
خدا ڪٿي آ....... ؟؟؟؟

مطالعو

جُون جي
جهولي جيان
هي سماج ٿي پيو آ
لهجن ۾ گرمائش
رَوَين ۾ گرمائش
منھنجا مطالعا
مخلتف ڪتابن جا
سمارٽ جي ذريعي ٿين ٿا
ڊائونلوڊ ٿيل ادبي ايپ
جن تي ڪافي سارو مواد موجود آهي
کوڙ سارا ڪتاب پڙهي چڪو هان
۽ ڪيترا ئي پيل آهن
ڇا ڪجي
خانگي ملازم بہ آهيان
نوڪري
ٽوڪري
بہ ڪرڻ لاءِ لوڙجي ٿو
۽ موڪل جي وقت وري مطالعو ڪجي ٿو ....

دعا

دل جي مندر ۾
هڪ مُورت آهي
جنھن ۾ تنھنجي ئي
صورت آهي
توکي آئون پوڄان ٿو
پنھنجي دل جو
رب سمجهان ٿو
منھنجي هر آس
پڄائڻ وارو تون
منھنجي جيون کي
سجائڻ وارو تون
منھنجي سُک جو
ڪارڻ تون
منھنجي محبت جو
آسڻ تون
تو تائين منھنجون
باسون آهن
تو ۾ ئي سڀ
آسون آهن
منھنجي اَهنجن کي
ٽارڻ وارو تون
منھنجي لاءِ سُک
آڻڻ وارو تون
منھنجي نس نس ۾
شامل تون
منھنجي لاءِ آهين
منزل تون
منھنجي جيون جي گل جي
خوشبو تون
منھنجي جيئڻ جي
سِڪ تون
جنت منھنجي توسان منسوب
جيون منھنجو توسان منسوب
رات جي ننڊ بہ
تون آهين
پيار جو سمنڊ بہ
تون آهين
تون آهين
آئون آهيان
اي منھنجي دل ۾ رهندڙ خالق!
هر عبادت
تنھنجي لاءِ بيشڪ
بس
پنھنجو ڪرم ڪري ڇڏ
منھنجي خالي جهول
ڀري ڇڏ....

انتظار

رات
رُڪجي وئي هجي توبن
ايئن محسوس ٿي رهيو آهي
ڏينھن جا هوش
پڻ خطا ٿيا هن
سج ڪاوڙ منجهان
تڪيو آهي
درد سانوڻ جيان
پيو برسي
روح تو لاءِ
لُڇي پُڇي ترسي
تون ڇِڳي آن
اداس جيون آ
توکي ساري
رُنو نيڻن آ
آءُ منھنجي بهار جا سپنا
تو لاءِ آتا حيات جا لمحا ....

تون وئين

تون وئين ڄڻ
تسلسل آهي ٽُٽو
ڪنھن غزل جو ڄڻ
خيال جي آ رواني ٽُٽي
هاڻ پڙهجي تہ ٿو
پر هٻڪ محسوس ٿئي ٿي
تون هئين
سڀ خال پُر هيا
تسلسل پڻ هيو
۽ رواني پڻ هئي
تون وئين.....

چؤسٽا، ٽيڙو، ٻہ سٽا ۽ ڏيڍوڻا

---

چؤسٽا

تلخ لهجن جا وار مارن ٿا،
مونکي منھنجا ئي يار مارن ٿا.
زندگي کي عجيب روڳ لڳو،
هاڻي ٻانھن جا هار مارن ٿا.
٭
نينھن جي شينھن کي ڪيان قابو،
رات کي ڏينھن کي ڪيان قابو.
ان ۾ طاقت جو رول ڪونھي ڪو،
درد جي مينھن کي ڪيان قابو.
٭
پھاڙن مان رستا بنايون اچان ٿو،
زماني جي آڪڙ مٽايون اچان ٿو.
پريشان ڇا لاءِ ٿين ٿو همت رک،
غلامي جا لاوا اجهايون اچان ٿو.
٭
هوائن جي هندورن ۾ جُهلڻ ڏي،
مان آوارا ها، ها مونکي رُلڻ ڏي.
حقيقت کي چِٽو ظاهر ڪرڻ ڏي،
دُکن جي داستانن کي کِلڻ ڏي.
٭
خدا تلاشي رهيو هان ڪليسا گرجا ۾،
اي شيخ ڏس تہ ڪٿي ملندو نيٺ دنيا ۾.
پروڙي روح جا پردا ڏٺا اٿم هر هر،
سُڪون ناهي لڇڻ آهي هر ڏسا جا جا ۾.
خالي ڪشڪول حياتي ٿي،
دردن جو جهول حياتي ٿي.
آوارا رستن تي رُلندا،
ڪيڏي آ رول حياتي ٿي.
٭
اڻ ڳڻيا غم ڪٿي سنڀاليان ڏس،
جاءِ ناهي جتي سنڀاليان ڏس.
تون اچڻ جو ڪرين اشارو جي،
توکي پھچي اتي سنڀاليان ڏس.
٭
هجر وصال ٻئي منتظر رهيا آهن،
اسان جا نيڻ اوهان جي نظر رهيا آهن.
اداس مند ۽ دل جا خواب راهن ۾،
عجيب حال ۽ ٿي دربدر رهيا آهن.
٭
درد جي زنجير ۾ جڪڙيل رهي،
زندگي ڪنھن چور جان پڪڙيل رهي.
حسرتن جي باھہ ۾ جلندي رهي،
مفلسي جي ڄار ۾ وڪڙيل رهي.
٭
زخم ڳڻبا تہ رات ٿي ويندي،
ڪا قيامت حيات ٿي ويندي.
تون ملين آن تہ گل ڦُٽي پوندا،
۽ بهار ڪائنات ٿي ويندي.
روح جي حالت رحم جوڳي هئي،
مون وڏي پيڙاءُ پئي ڀوڳي هئي.
ڪون ڪنھنجي بي مڃيائين ڳالھہ کي،
منھنجي دل ڀي ٻار ڪو موڳي هئي.
٭
قوم جو احتجاج بي معنى،
حاڪماڻو سماج بي معنى.
دربدر هر پھر سڀئي ماڻھو،
ظلم جو هي رواج بي معنى.
٭
تنھنجي ڪاوڙ بہ شگر وانگر،
روز وڌي ٿي روز گهٽي ٿي.
تنھنجي ديد بہ تلوار جيان،
سِر بہ وڍي ٿي ڌڙ بہ ڪٽي ٿي.
٭
مھرباني ڪري ويو ڪوئي،
ٿي عمر لاءِ پري ويو ڪوئي.
زندگي جا عجب تماشا هن،
ٿو ڀري ڪو ڪري ويو ڪوئي.
٭
چنڊ حيران ٿو رهي اڪثر،
جئين توڏي پيو تڪي اڪثر.
ڇو جدائي جا گيت ڳائن ٿا،
جڳ انھن کان سبب پڇي اڪثر.
ڪجهہ چوندي چُپ ٿي وئي،
موتي مان هوءَ سپ ٿي وئي.
پيار مڻن ۾ ڏيندي ڏيندي،
ڪيئن اچانڪ لپ ٿي وئي.
٭
چَپ جي ڳنڊ کول او ساجن!
ڪجهہ نہ ڪجهہ تہ ٻول او ساجن!
وِک وِک کڻ خيال سان سوچي،
دنيا ساري آ گول او ساجن!
٭
رات ڳالهايو ستارن چنڊ سان،
روح بهلايو ستارن چنڊ سان.
ڇو نٿو آڪاش آڻي مينھن کي،
بحث اٿلايو ستارن چنڊ سان.
٭
ڇو انتظار اڃا ساڻ آن اکين ۾ تون،
نہ ايندو هو نہ ڇا اڻڄاڻ آن اکين ۾ تون.
تمام رات گذاريسين ڀوڳنا سان گڏ،
گواھہ آھہ هي ڳاڙهاڻ آن اکين ۾ تون۔
٭
چند پل پرهيز آهي عشق کان،
مورڳي جهل پل تہ ناهي عشق کان۔
ٻار وانگر آٽي تي دل آ چڙهيل،
ڪير ان کي هاڻ لاهي عشق کان۔
روز نياپا منجي ٿو هو،
ڄڻ ڏوراپا منجي ٿو هو۔
وقت وصل جو ايندو ڪڏهين،
دانھن سراپا منجي ٿو هو.
٭
آءُ ساٿي رواج کي ٽوڙيون،
هن ڪرڀ جي سماج کي ٽوڙيون۔
منزلون سامھون کڙيون آهن،
جي اٿيل احتجاج کي ٽوڙيون.
٭
چنڊ وانگر چمڪ حياتي ۾،
خوشبو بنجي مھڪ حياتي ۾۔
ڇڏ دُکن جا قصا کُٽاءِ کڻي،
پيار جا ڏي ٽهڪ حياتي ۾۔
٭
ملين آن تون جواني مسڪرايو،
اسان جي زندگاني مسڪرايو۔
ٽُٽل لامون جُڙي پونديون يقينن،
کڻي اکڙيون جي جاني مسڪرايو۔
٭
جيئن مون ڏي کڻي تون ديد پئي،
تيئن مونکي ڪرين شهيد پئي۔
سپنا نيڻن جي دائري ۾ ها،
روح ۾ اُڀري هر اميد پئي۔

منھنجا همدم آءُ،
اوندھہ ميٽيون رات جي۔
سِڪ جو ساگر اُٿليو،
مرڪي ڀاڪر پاءُ۔
اوندھہ ميٽيون رات جي۔
٭
مون اوهان کي گذارشون آڇيون،
گڏ رهڻ جون سفارشون آڇيون۔
نوجواني جي مُند جا سپنا،
پيار جون روز بارشون آڇيون۔
٭
هار جو جيت جو سنسار هو،
عشق جو ڪيڏو انوکو ڪار هو۔
عاشقاڻا مند بوسن جي بهار،
خوبصورت ڏيک جو آثار هو۔
٭
هر گهٽي ماتم ڪدو ڀاسي پئي،
زندگي ڪيڏو هجر جالي پئي۔
صدين کان اکين جاڳ پالي پئي،
اسان جي زندگي تڙپي جالي پئي۔
٭

اگهور ننڊ جي عادي هي قوم جاڳي پوي،
ٽُٽل نصيب جا تارا جُڙي وري پوندا۔
ڪو انقلاب جو درياھہ جي پوي اُٿلي،
سُڪل هي سنڌ جا ٻارا جڙي وري پوندا۔
٭
يتيم ٻار جيان زندگي گذاريون ٿا،
عجيب قرض چڙهيل آ پيا اتاريون ٿا۔
سڀئي خواب دفن دل جي مردا خاني ۾،
اداس نيڻ رڳي لڙڪ هاڻ هاريون ٿا.
٭
صدين کان ٿا غلامي گار سان جيئون،
عجب آهي پيا سنسار سان جيئون۔
گلابن جو قتل ٿيندو رهيو آهي،
مئل خوشبو جي ٿا مھڪار سان جيئون۔
٭
هر رات ڏکائي ٿي هر ڏينھن جلائي ٿو،
احساس جي آسن کي هي نينھن جلائي ٿو۔
هان ظلم جي گهيري ۾ هان قيد ڪشالن وٽ
هر پھر وڇوڙي جو بس هيئن جلائي ٿو۔
٭

ٽيڙو

تو بن هان ويران،
پڻ ڇڻ وانگر ٿي ويس،
جيون آ سنسان۔
٭
هاڻي موٽي آءُ،
تڙپي تو لاءِ جيءُ ٿو،
ڪيسين سھان ايذاءُ۔
٭
محشر جھڙي مُند،
پل پل آهي ڀوڳنا،
گهيري ويئي ڌُنڌ۔
٭
سپنا جوڀن وارا،
پئجي ويئي چاندي،
وار اڇا ٿيا ڪارا۔
٭
اکڙين ناهي ننڊ،
تنھنجي روز اُڪير ٿي،
مون تي پڙهي منڊ۔
٭
آ پرديسي عيد،
وسري ويا سينگار ٿم،
تو لاءِ آتي ديد۔
٭
مجنون ۽ فرهاد،
عشق ڪيا هن ڪيترا،
ڏاها سڀ برباد۔
٭
توکان وڇڙي آنءُ
ڳرندو آهي ميڻ جان،
دل جو ڪورو ٿانءُ۔
٭
آهيان سارو چاڪ،
توکان پوءِ اُجڙي ويا،
دل جا آهن ٿاڪ۔
٭
تون ئي منھنجو گيت،
تو بن آهيان هار جان،
توسان منھنجي جيت۔
٭
سارن توکي نيڻ،
تنھنجي سِڪ ۾ هرگهڙي
ائين ڳرن جيئن ميڻ۔
٭
رات اُداسي چنڊ،
پل پل اٿلي ياد جو،
منھنجي دل ۾ سمنڊ۔
٭
غربت آ ناسور،
ماڻھو ماڻھو ڀوڳي ٿو،
جيون کي مجبور۔
٭
خوشبو خوشبو رات،
ڀاڪر بوسا پيار جا،
ٿي وئي جهٽ پرڀات۔
٭
دل جي وڻ تي ياد،
ڪنھنجي وڇڙڻ جي گهڙي
ڪنھنجي حيات برباد۔
٭

ٻہ سٽا

ڪجهہ خال حياتي جا ڪنھن شخص ڀرڻ چاهيا،
ڪجهہ دير ويو ارپي جنھن درد گهٽڻ چاهيا.
٭
احساس ڪڏهن مرندا حيوان جي سوچن جا،
احساس پيو ماري انسان جي سوچن جا۔
٭
جسمن تان لباس لاهي ننگا ڪرڻ گهرڻ ٿا،
هو قوم جي دلين ۾ دنگا ڪرڻ گهرڻ ٿا.
٭
ويل وقت واپس ورائي سگهين پوءِ مڃان مان،
ٽٽل شيشو ٻيهر ملائي سگهين پوءِ مڃان مان ۔
٭
دُرست چون پيا هو ڀؤنري اٿس مغز ۾،
پاڳل بنيو وتي ٿو ڇوري اٿس مغز ۾۔
٭
گهٽين گهرن مان اچن ٿيون رڙيون ظلم آهي،
دليون اکيون بہ تہ ڪن ٿيون رڙيون ظلم آهي.
٭
زخمن جي ڇُٽڻ جي بہ تمنا تہ هجڻ گهرجي،
دنيا نہ سھي غم جي ڪا عقبا تہ هجڻ گهرجي ۔
٭
آواز اٿاريون ٿا انصاف جي خاطر،
ها روز پڪاريون ٿا انصاف جي خاطر.
٭
حسينائن جي اندازن جي گرفت ۾،
رهياسين حُسن جي نازن جي گرفت ۾۔
٭
خانا بدوش آهيون بادل جيان اسان،
ترسون وڃي ڪٿي ۽ برسون وڃي ڪٿي۔
٭
زنگجي چڪا ذهن سڀ مفلوج ذهنيت ٿي،
حيران جڳ سمورو خاموش آدميت ٿي۔
٭
زندگي جو ڪاروان بيهي ويو،
تون وئين منھنجو جهان بيهي ويو۔
٭
تقدير ۾ لکيل هو وڇڙي وڃڻ اسان جو،
تقدير ئي بنيو آ اجڙي وڃڻ اسان جو۔
٭
هي پيار جو سفينو ٻڏڻو هيو ٻڏي ويو،
هر آس جو پکي ڀي اُڏڻو هيو اڏي ويو.
٭
۽ بند ڀاڳ جا در ٿيڻا هيا ويا ٿي،
ڪجهہ صدقا عشق جا ڀي ڪڍڻا هيا ڪڍيا ٿي.
٭
هجر جي خزان جي حوالي رهياسين،
سدائين ڪرياسين سدائين ڇڻياسين.
٭
اڪيلو چنڊ وانگي مان اماسائي جي گرفت ۾،
ڪٽيان ٿو زندگي پل پل اداسائي جي گرفت ۾.
٭
مخالفتون ڇا وڌيون دوستن مٽيا رُخ هن،
لڳائي زور هوا ڏيئا جلندا ئي رهندا۔
٭
منھنجي حصي ۾ آيا ڳوڙها اکين جا بس،
ماڻيا تو خوبصورت سپنا اکين جا بس۔
٭
زندگي ڄڻ جنگ وانگر ٿا ڪٽيون،
هر ستم مرڪي برابر ٿا ڪٽيون۔
٭
حَسينائون اداسائي جي ڀاڪر ۾،
ڪٽن ٿيون ساھہ تنھائي جي ڀاڪر ۾۔
٭
توساڻ وچن پاريان اي سنڌ امڙ منھنجي،
سڀ تنھنجا دشمن ماريان اي سنڌ امڙ تنھنجي۔
٭
ڪنھن جي اکين جا سپنا پل پل جلي رهيا هن،
ڪنھن جا حَسين لمحا پل پل جلي رهيا هن۔
٭
حَسينن جي صحبت سنواري ٿي مقدر،
محبت محبت سنواري ٿي مقدر۔
٭
نٿو ڪٽجي هجر جو مونکان هي بنواس هاڻي،
خدايا آڻ ٻيهر وصل جو احساس هاڻي.
٭
چُپ سڀئي خاموش ٿي ويٺا مڙئي،
آدميت تي داغ ٿي بيٺا مڙئي۔
٭
ٻوليون پيار جون ٿا ٻولن پکيئڙا،
۽ پيار امن کي ٿا ڳولهن پکيئڙا۔
٭
حسرتن جي مزار وانگر هان،
تو بنا ڪنھن ڏڪار وانگر هان۔
٭
تاڪ ئي نڪري ويا هن سوچ جا،
ڀاڳ ڀي وکري ويا هن سوچ جا۔
٭
خوبصورت هي صورتون آهن،
عاشقن جون ضرورتون آهن۔
٭
درد بي ڊالر جيان وڌندو رهيو،
۽ خوشي رپئي جيان پٺتي سدا.
٭
بي سبب ناراض ٿيندي ٿي وڃي،
ڪو انوکو راز ٿيندي ٿي وڃي۔
٭
مزو جُون ۾ جنوري جو اچي ٿو،
ڏيڻ خوب هو دلبري جو اچي ٿو۔
٭
ذهن جاڳن ٿا سوچن سان،
جوان جيئن ٿا لوچن سان۔
٭
ڪُڙمي هان ڪُڙمت منھنجو ڪم،
ڌرتي سان محبت منھنجو ڪم۔
٭
ابتدائن انتھائن تي پڳو،
عشق منھنجو آ صدائن تي پڳو۔
۔٭
حقن لاءِ لڙان ٿو،
وطن لاءِ وڙهان ٿو۔
٭
تِکا تيز تنھنجي نگاهن جا نشتر،
کپن ٿا اندر ۾ ادائن جا نشتر۔
٭
زندگي کان موڪلائي هل هلون،
موت ٿو پاسا ورائي هل هلون۔
٭
گاھہ سمجهي نہ ڀيل مونکي ڙي،
ايترو ڏي نہ ويل مونکي ڙي۔
٭
واقفيت ڇا وڌي وئي آهي،
زندگي خطري ۾ پئي آهي۔
٭
هو ڇڏي ٿو ڀلي ڇڏي ڇاهي،
ڏک سک گهاربو گڏي ڇاهي۔
٭
هر حد تائين وڃبو توسان،
سرحد تائين وڃبو توسان۔
٭
اميدن جا ڇڻي گل ٿا پون،
حياتي جو اداس گلشن ٿئي۔
٭
روز ڪنھن تصوير جو ٿي ٿو وڃان،
خواب جي تعبير جو ٿي ٿو وڃان۔
٭
دير تائين سجاڳ رکندي آ،
ياد تنھنجي قريب رهندي آ۔
٭
دير تائين سجاڳ رهندو هان،
ياد تنھنجي ۾ گيت لکندو هان۔
٭
طبعيت ئي عجيب ٿي پئي آ،
درسني آڏو کلندو روئندو هان.
٭
قوم روڊن جي حوالي ٿي وئي،
حاڪمن جي اک اها ئي ننڊ ۾۔
٭
قوم جي مالڪي ڪٿي آهي،
ٻاٽ آ روشني ڪٿي آهي۔
٭
بي ضميري ڪمال تي پھتي،
بي حيائي مثال تي پھتي۔
٭
عيد جي چنڊ کي تلاشيان ٿو،
مان پٿر بُت کي تراشيان ٿو۔
٭
روز اُڊڙان روز سِبجان ٿو پيو،
عشق جي آوي ۾ ڦٿڪان ٿو پيو۔
٭
معاملا محبتن جا گهٽجي ويا،
منزلن تان ٿڙي هو رلجي ويا۔
٭
چاڪ ٿي ناچاڪ آهن سڀ ويا،
درد جا دارون بنيا هن نيڻ جو۔
٭
چنڊ شرمائي ويو تنھنجي اڳيان،
ڳالھہ سمجهائي ويو تنھنجي اڳيان۔
٭
درد جي ڪُن ۾ ٻڏون ٿا زندگي،
هجر جي بن ۾ رلون ٿا زندگي۔
٭
حسرتن جو جهان ماريو ويو،
محبتن جو مڪان ماريو ويو.
٭
هڪڙي صورت جاڳي آهي،
سھڻي مورت جاڳي آهي.
٭
تنھنجا منھنجا پيار جا ڳوٺ ۾،
ڳائجن ٿا پيا قصا ڳوٺ ۾۔
٭
چوٽ کي ڇا نئي نئي آهي،
تو سوا زندگي رئي آهي۔
۔٭
او حَسينا نھار مون کي ڀي،
ها کپي ٿو پيار مونکي ڀي۔
٭
زندگي کي صرف گذاريون ٿا،
ويلو ويلو اسان ب ٽاريون ٿا۔
٭
تو نھاري نھاري نھاري ڇڏيو،
ڄڻ تہ بيمار کٽ تان اٿاري ڇڏيو۔
٭
هڪڙي فرمائش پوري ڪرم
ڪي لمحا مونکان دوري ڪر۔
٭
روح شيشي جيان ڀڄي پوندوم
سلسلو پيار جو ڇڄي پوندو۔
٭
آرسي پيار جي ٽُٽي آهيم
عڪس ڌنڌلائجي ويا آهن،
٭
آسمان تي پڳا زمين وارا،
بلندي تي رهيا زمين وارن۔
٭
هزارين حسرتن جا خواب هن سان،
زماني جا سمورا مھتاب هن سان۔
٭
نگاهون کڻي جو نھاري پئي ٿي،
ملڪ الاجل وانگي ماري پئي ٿي.
٭
ڏوھہ معافي طلب نہ هو شايد،
يا ڪو بخشش سبب نہ هو شايد۔
٭
هڪ صدي جو هجر ڪَٽي آيس،
زندگي جو هجر ڪَٽي آيس۔
٭
زندگي جي رئي مٿان جانان،
پيار پنھنجي جو ڀرٿ ڀر هاڻي.
٭
دل جي حالت ڏسڻ وٽان آهي،
ٽهڪ ڏيئي کلڻ وٽان آهي۔
٭
مسئلن جو حساب ڳولهيان ٿو،
زندگي جو خواب ڳولهيان ٿو۔
٭
جسم ٽانڊا جگر کي باهيون ڏي،
اي زمانا شهر کي باهيون ڏي.
٭
ڪنھن جي نيڻن جي آس سوچي ٿي،
مفلسي جي ٽياس سوچي ٿي۔
٭
چند ساهن جو سلسلو ٽُٽندو،
زندگي جو سفر وڃي کُٽندو۔
٭
وڇوڙو نانگ آ ڏنگي پيو روز،
جڏهن کان پاڻ وڇڙيا سين او سائنڻ!
٭
اکين جي خوابن ڪئي خودڪشي آ،
رهي هاڻ سا زندگي نہ زندگي آ.
٭
پٿر جي بتن جو شهر گونگو ٻوڙوم
لڳو آمٿي ۾ لڳو جيئن هٿوڙو،
٭
سڀ واعدا وساري پرديس ٿو وڃين،
بي موت روح ماري پرديس ٿو وڃين۔
٭
پراڻي ڪا اخبار بنجي وياسين،
اسان هاڻ بيڪار بنجي وياسين۔
٭
عشق جو ئي ڪمال چئبو اهو،
پر تہ ناهن مگر اُڏامون ٿا۔
٭
عشق ڀي ڏوھہ هو،
ڪو وڏو ڊوھہ هو.
٭
تو بنا سنسار ئي پڻ ڇڻ جيان،
هر گهڙي گذري پئي اڻ تڻ جيان۔
٭
ڪو ”انير“ همدم ٿئي،
ڪجهہ تہ دل جو گهٽ غم ٿئي۔
٭
جسم جلندا رهيا وڇوڙي ۾،
نيڻ ڀڄندا رهيا وڇوڙي ۾۔
٭
محبتن جا گلاب آڇي ٿي،
سُونھن جا آفتاب آڇي ٿي۔
٭
چنڊ مونکي تڪيو پئي هر هر،
ڇا ڏسين ٿو مون چيو پئي هر هر۔
٭
ناراضگي ختم ڪر،
ڪجهہ رحم ڪر ڪرم ڪر۔
٭
اخلاق رک ادب رک،
جيئڻ جو ڪو سبب رک۔
٭
آءُ جڳن جا ٿَڪ لاهي ڇڏ،
هاڻ هجر جا ڌڪ لاهي ڇڏ۔
٭
تون ڀي نڪتي ڪمال جو تاجر،
ڏک ڏئي سُک کڻي وئين مونکان.
٭
اکين ۾ لڙڪ هجر جا پھر نڀايون ٿا،
سڄڻ جي سار جي تسبيح کي ڦيرايون ٿا۔
٭
پيار کي رسم جيئن پاريون ٿا،
روز ڳوڙها اکين مان هاريون ٿا۔
٭
معاشي حالتون مسڪين آهن،
پريشانيون بنيون تسڪين آهن۔
٭
روح کي روز گهاءُ ارپي ٿي،
هوءَ انوکا نڀاءُ ارپي ٿي۔
٭
گل ڦل گلشن بنجي پوندا،
عشق جا بادل برسي پوندا۔
٭
عشق جو مقبرو ڊهي ويندو،
حُسن جو حوصلو ڊهي ويندو۔
٭
نہ جيون کي ڪا ئي ڪھاڻي ملي،
نہ ڀاڳي ملي ڪا نہ راڻي ملي۔
٭
اي سنڌ هجين آباد،
تون شال رهين آزاد۔
٭
اسان جا حوصلا هالار جيڏا،
اسان جا جوش دودي يار جيڏا۔
٭
زخمن جي سَٽ سھندس ڪاٿي،
توبن خوش ٿي رهندس ڪاٿي۔
٭
عشق جي ڇِڪ اڃان بہ آهي ڙي،
تنھنجي سا سِڪ اڃان بہ آهي ڙي۔
٭
رنگ آهن اکين جي سپنن جا،
سپنا جيڪي حسين جوڀن جا۔
٭
اچ تہ باقائدي حساب ڪريون،
وڇڙي نازل نئون عذاب ڪريون۔
٭
چند ساهن جا سلسلا آهن،
زندگي، موت مرحلا آهن۔
٭
قديم رسم اسان جي سماج جي آهي،
پيار سنڌ جي شامل رواج ۾ آهي.

ڏيڍوڻا

برسات وٺي آهي،
ڀاڪر ۾ جواني آ ۽ مند سٺي آهي۔
٭
آواز دٻايا ويا،
چُپ چاپ هجو گهر ۾ اعلان ڪرايا ويا۔
٭
بهتر هو تہ مرجي ها،
هي خال اسان جو ڀي ڪنھن دور ۾ ڀرجي ها۔
٭
جيون جي ڪھاڻي آ،
غربت جي ڪشالن ۾ هر آس اڏاڻي آ۔
٭
احساس صليبن تي،
الزام لڳا ويا مظلوم غريبن تي۔
٭
منصور ملڪ آهي،
انصاف جي نعري کان هر شخص تر ڪ آهي۔
٭
مون رات کي پرچايو،
هاري نہ مون همت آ حالات کي سمجهايو۔
٭
موهن جو دڙو آهيان،
تاريخ جي ڪُک تي مان زنده ئي کڙو آهيان۔
٭
وڇڙڻ جي گهڙي پھتي،
نيڻن ۾ هيا ڳوڙها روئڻ جي گهڙي آئي۔
٭
هر ڏينھن حشر آهي،
ٿا نيڻ پيا روئن هر رات قهر آهي۔
٭
تاريخ جي ورقن ۾،
ٿي سنڌ پئي ڌڙڪي هن دل جي ڌڙڪن ۾۔
٭
يادن جو جو سفر آهي،
هر رات وڇوڙي جي لمحن سان گذر آهي ۔
٭
هي عشق نرالو آ،
محبوب ۽ عاشق جي جذبن جو حوالو آ۔
٭
برسات اٺي آهي،
ڪو چين ڪٿي آهي هوءَ جان رُٺي آهي۔
٭
ٿي چنڊ پوان چمڪي،
هر رات ڏيان تنھنجي دربان جيان ڊيوٽي.
٭
مون جنگ ڇڏي جوٽي،
تاريخ گواھہ رهجان هي بار رکيم توتي۔
٭

احساس پبليڪيشن جا ڇپيل ڪتاب

رابطي لاءِ: 03100934500

1. English Grammar Raja Bajaj ختم ٿيل
2. Active Voice & Passive Voice Raja Bajaj ختم ٿيل
3. Basic Biology M.Athar Kalhoro ختم ٿيل
4. Philosophical Poetry & Essays Riaz Bhatti 150 روپيه
5. Shhamsuddin BulBul Eng: Dr Riaz udin Abro 300 روپيه
6. شاعريءَ جو آڪاش (شاعري) مرتب: احسان آڪاش 400 روپيه
7. صحرا منجهہ صدا (شاعري) مرتب: احسان آڪاش ختم ٿيل
8. عڪس جانان هم (شاعري) مرتب: احسان آڪاش ختم ٿيل
9. ننڊ جا نيڻ (شاعري) مرتب: احسان آڪاش ختم ٿيل
10. نظمن جو ديس (شاعري) مرتب: احسان آڪاش 250 روپيه
11. ڪلام نشتر (شاعري) نشتر ناٿن شاهي ختم ٿيل
12. سخن نشتر (شاعري) نشتر ناٿن شاهي ختم ٿيل
13. چنڊ مان ۽ رولاڪيون (شاعري) آصف ڪالرو 300 روپيه
14. درد کي هڪلي هلون (شاعري) خاڪي جاني 250 روپيه
15. آخري سٽ لکڻ ڏي ! (شاعري) مخدوم آسيه قريشي 300 روپيه
16. نظم آهي زندگي (شاعري) ياسمين چانڊيو ختم ٿيل
17. صداءَ نشتر (شاعري) ناٿن شاهي ختم ٿيل
18. شاعري جي پينگهه (شاعري) شعيب شاد 300 روپيه
19. پري پري گذر نہ ڪر (شاعري) فياض بلوچ ختم ٿيل
20. سوغات نشتر (شاعري) نشتر ناٿن شاهي 300 روپيه
21. دراوڙ دادلي (شاعري) عين سحر 300 روپيه
22. اهو سڀ عشق ئي آهي (شاعري) ساحل ميمڻ ختم ٿيل
23. گلابن ۾ گذري (شاعري) مقبول مارو ختم ٿيل
24. سڏي پئي سنڌ (شاعري) شعيب شاد 500 روپيه
25. درد ميڙي مون رکيا (شاعري) صوفي امتياز ٻلال ختم ٿيل
26. سڄڻ ۽ ساڻيھہ (يادگيريون) ارڏو اترادي ختم ٿيل
27. مرڪون مھڪون ميڙيم (يادگيريون) اقبال بلوچ ختم ٿيل
28. آديسي اٿي ويا (خاڪا) ديدار شام ختم ٿيل
29. ڇڻيل گل (ڪھاڻيون) ڊاڪٽر مقبول مارو 250 روپيه
30. احساس نگر (ڪھاڻيون) مرتب: احسان آڪاش 200 روپيه
31. سپنن جو پڌر (ڪھاڻيون) مرتب: احسان آڪاش 250 روپيه
32. ٿيندي ناهي پريت پراڻي (پريم پتر) هوش ڀٽي 350 روپيه
33. ڀڃ ڊاهه (نثراڻا احساس) احسان آڪاش ختم ٿيل
34. سچل جون ڪھاڻيون (ڪھاڻيون) آزاد سچل اعواڻ 250 روپيه
35. ڏيئا بڻجون ڏات جا (آداب المتعلمين) حيدر عامُر 150 روپيه
36. ٻانھي ٻنڌڻ جن سين (سوانح عمري بي بي فضا سلام عليها)حيدر عامُر ختم ٿيل
37. جھڙو نانءُ تھڙي ڏات (يادگيريون) ادي نظير قريشي 500 روپيه
38. لڙيو سج لڪن ۾ (مضمون) ظفر الله کوسو ختم ٿيل
39. سج ڏانھن اُڏام (شاعري) ربڏنو خاصخيلي ختم ٿيل
40. جيءُ جياريو جن (يادگيريون) مھرالنساء جويو 150 روپيه
41. قربان (شخصيت) مرتب: ديدار شام 300 روپيه
42. رات جي دامن ۾ (شاعري) انير ڊجيٽل ايڊيشن
43. جسم فروشي جي تاريخ (تحقيق) مترجم: احسان آڪاش 650 روپيه

ايندڙ ڪتاب

44. ڀڳت سنگهه (سوانح عمري) احسان آڪاش 400 روپيه
45. اسپارٽيڪس (ناول) پرويز 600 روپيه