سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ چترڪار آزاد بخاريءَ جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”سندر ناري“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون آزاد بخاريءَ جي شاگردي ۽ نوجوان وھيءَ جي دور جو آھن جڏھن ھن ادبي ۽ ڪھاڻي کيتر ۾ پير ڀريو ھيو. ھي ڪتاب مشين جي پرنٽنگ بجاءِ ھٿ سان لکيل آھي، جنھن جي خوبصورت ڪتابت رحيم داد ”راھي“ سومري ڪئي آھي ۽ سرورق ھارون چني جي تخليق آھي.
ھي ڪتاب 1986ع ۾ کيرٿر پبليڪيشن، چڪ ضلعي شڪارپور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي آزاد بخاريءَ جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي