ڪھاڻيون

ٻٽيھہ 32

أنور ڪليم جون ڪھاڻيون دلچسپ آھن. خليق ٻگهيو لکي ٿو ”أنور ڪليم جي ڪھاڻين جون روشنيون منفي ذھنن کي سوجهري ڏانھن وٺي وڃڻ جو سَت سارين ٿيون. سماج جي عام ماحول مان سچيون سپيون ڳولن ٿيون ۽ پڇاڙَ جي سِٽن ۾ پڙھندڙن مان ڇرڪ ڪڍي وجهن ٿيون. ھُو پنھنجي سماج جي عام ماڻھن، عام مسئلن، عام ڏڪارن، عام سُڪارن عام ڏکن ۽ عام سُکن جو ڪھاڻيڪار آھي. سندس تخليقيت ۾ ڪردار گهڻي پيچيدگيءَ جا ھيراڪ نہ آھن، پر جيون جي نفسياتي، سماجي، نفسياتي معاشي ۽ ثقافتي تسڪين جا ھيراڪ آھن. “

  • 4.5/5.0
  • 76
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ٻٽيھہ 32

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب: 32 (ٻٽيھہ)
ليکڪ: انور ڪليم
ڪمپوزنگ: گل نواز پيرزادو

ڇاپو پھريون: 2005ع
ڪنول پبليڪيشن

ڇاپو ٻيو: آگسٽِ 2022ع
چانڊوڪي پبليڪيشن، واھي پانڌي


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2023ع

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار أنور ڪليم جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”32 ٻٽيھہ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
أنور ڪليم جون ڪھاڻيون دلچسپ آھن. خليق ٻگهيو لکي ٿو ”أنور ڪليم جي ڪھاڻين جون روشنيون منفي ذھنن کي سوجهري ڏانھن وٺي وڃڻ جو سَت سارين ٿيون. سماج جي عام ماحول مان سچيون سپيون ڳولن ٿيون ۽ پڇاڙَ جي سِٽن ۾ پڙھندڙن مان ڇرڪ ڪڍي وجهن ٿيون. ھُو پنھنجي سماج جي عام ماڻھن، عام مسئلن، عام ڏڪارن، عام سُڪارن عام ڏکن ۽ عام سُکن جو ڪھاڻيڪار آھي. سندس تخليقيت ۾ ڪردار گهڻي پيچيدگيءَ جا ھيراڪ نہ آھن، پر جيون جي نفسياتي، سماجي، نفسياتي معاشي ۽ ثقافتي تسڪين جا ھيراڪ آھن. “
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2005ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قمبر پاران ۽ ٻيو ڇاپو 2022ع ۾ چانڊوڪي پبليڪيشن، واھي پانڌي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون أنور ڪليم جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ :انور ڪليم جو ڪھاڻي ـ ڪتاب 32 (ڪھاڻين جا ترڪيبي، جُزا ۽ منفرد آرٽ)

جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر ۾ ترڪيبي جُزن سان سرشار، ڪردارن جي پيرائتي ۽ جدلياتي بدلاءَ وارين ڪھاڻين جي ڳولا ڪريون تہ اسان کي چند ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون اُھو سُڀاءُ بخشي سگهڻ جون قابل نظر اينديون. اھڙن ڪھاڻيڪارن کي دانش ۽ فلسفي توڙي ھنر منديءَ جي جدت پسنديءَ ۽ عالمگير رجحانن جي عڪاسي ڪندڙ ادبي سندون ڀلي نہ بہ ڏجن، پر اھڙا ڪھاڻيڪارَ پنھنجي سماج جي ھر دَور جي نبض شناسائي ڪندي نظر اچن ٿا. سندن مشاھدو تُز ٺھڪندڙ ۽ گهرو ٿئي ٿو. سندن ڪردار سماج جي رت ۾ شامل رھن ٿا. اهي انساني روين جي اتھاس ترتيب ڏيڻ ۾ مشغول نظر اچن ٿا. انور ڪليم بہ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي تخليقي سفر جو ھڪ اھڙو پانڌي. ڪھاڻيڪار آھي، جنھن وٽ ڪھاڻي سرجڻ جو ھڪ الڳ آرٽ آھي. سندس ڪھاڻيون اڃا وقت جي تيز وھڪري ۾ نہ لڙھيون آھن ۽ نہ وري قدرن جي ڌوڙ اڏائيندڙ منفي رويا سندس ڪھاڻين جي اھميت ۽ افاديت کان اڃا تائين انڪاري ٿي سگهيا آھن. سندس ڪھاڻين جون روشنيون منفي ذھنن کي سوجهري ڏانھن وٺي وڃڻ جو سَت سارين ٿيون. سماج جي عام ماحول مان سچيون سپيون ڳولن ٿيون ۽ پڇاڙَ جي سِٽن ۾ پڙھندڙن مان ڇرڪ ڪڍي وجهن ٿيون. ھُو پنھنجي سماج جي عام ماڻهن، عام مسئلن، عام ڏڪارن، عام سُڪارن عام ڏکن ۽ عام سُکن جو ڪھاڻيڪار آھي. سندس تخليقيت ۾ ڪردار گهڻي پيچيدگيءَ جا ھيراڪ نہ آھن، پر جيون جي نفسياتي، سماجي، نفسياتي معاشي ۽ ثقافتي تسڪين جا ھيراڪ آھن. سندس اُھي عام ڪردار، ڪجهہ غير معمولي ڪارنامو سر انجام نٿا ڏين، پر فرديت کان اجتماعيت ۾ جذب ٿيڻ جي ٽيڪنڪ رکن ٿا. زندگيءَ جي مسرتن کان عاري، سندس ڪردارَ ڪنھن نہ ڪنھن طرح سان سڦلتائن ۽ اميدن جا تاڃي پيٽا اُڻيندي ٿڪجن نٿا. سندس ڪھاڻين جا ڪردار، زندگيءَ جي نااميدي تي بيھندي بہ نئين سج اڀرڻ جا تمنائي بڻيل آھن. جيڪڏھن ٻوليءَ جي سھنجائي، گهاڙيٽي جي سادگي، عنوانن سان ٺھڪندڙ ڪلائيمڪس ۽ سنڌي سماج جو آئيني ڏسڻ جي حسرت ھجي يا ڪردارن جي ڀوڳنائن جو جلد ذائقو چَکڻو ھُجي تہ انور ڪليم جون ڪھاڻيون پڙھي ڏِسجن. انور ڪليم جو ھيءُ ڪھاڻي- مجموعو ” 32 “ سندس پھريون ڪھاڻي ـ مجموعو آھي، جيڪو پڙھندڙن جي منشا موجب، ٻئين ايڊيشن ۾ آيو آھي. انهيءَ کان پوءِ سندس ٻيون ڪھاڻي ـ مجموعو ” بوءِ “ بہ ادبي حلقن ۾ اھم سمجهيو ويو آھي. ھاڻي ناول ” واپسي “ ۽ ” رجيم “ ناول پڻ سندس تخليقي سڃاڻپ ٿي بيٺا آھن. ھِن ڪھاڻي مجموعي ۾ گهڻيون ڪھاڻيون پڙھڻ وٽان آھن. اڪثر ائين ٿئي ٿو تہ ڪيترن ئي ڪھاڻي ـ مجموعن ۾ ويھن ڪھاڻين مان ھڪ يا ٻن کان ويندي بمشڪل چار معياري ڪھاڻيون ملن ٿيون. باقي ڪھاڻيون پڙھندڙ جو وقت ضايع ڪريو وجهن. انور جي ھِنن ڪھاڻين جي اندر وڃون ٿا تہ ٽيڪنڪ، ٻوليءَ، اسلوب توڙي گهاڙيٽي جي لحاظ کان سندس اڪثر ڪھاڻيون متاثر ڪندڙ ثابت ٿين ٿيون. مثال طور، تي سندس ڪھاڻين ۾ ڪِٿي ڪِٿي مزاح جي حِس نھايت دلفريب انداز ۾ آھي. مزاح مزاح ۾ ھُو دردن کي اُکولڻ جو فن ڄاڻي ٿو. ھُن وٽ سُورن جا تاڪيا کُولڻ جو آرٽُ آھي. سندس ڪھاڻيون لفظي اِشارن ۾ پيرائتو سفر ڪن ٿيون. ڪٿي ڪٿي لفظي نشانن سان سندس ڪھاڻين ۾ اڳ ڏنل اھڃاڻ Fore Shadows آھن. سندس ڪھاڻي”ڳاڙھا دٻا“ ۾ پُٽ جا مڪالما فور شيڊوئنگ ڏيندڙ آھن. Foreshadoing ھڪ اھڙي ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنڪ آھي، جنھن کي ڪھاڻيءَ جو مُکيہ جُزو Component پڻ سَڏبو آھي. فورشيڊوئنگ نہ صرف ڪھاڻيءَ ۾ پڙھندڙ لاءِ تجسس جنمي ٿو. پر پڙھندڙ جي اندر ۾ ھڪ تخليقي تمنا جاڳائي ٿو تہ ڪھاڻيءَ ۾ اڳتي ھلي ڇا ٿو ٿئي؟ پڙھندڙ وٽ شوق جاڳي پوي ٿو تہ ڏِسجي ڪھاڻيءَ جا ڪردار ڇا ٿا ڪن؟ انور جي ھِن ڪھاڻيءَ ” ڳاڙھا دٻا “ جا شروعاتي مڪالما خود ـ ڪلاميءَ جي صُورت گَري ڪندي، فورشيڊوئنگ طور آيا آھن، جيڪي پڙھندڙ ۾ ڪردارن ڏانھن دلچسپي پيدا ڪن ٿا. اِشاراتي طور پڙھندڙ کي ائين محسوس ڪرائن ٿا تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ عجيب ۽ غريب ٿيڻ وارو آھي. ! پاٺڪ ڪھاڻي پڙھڻ دوران ائين محسوس ڪري ٿو تہ ڪردارن جي عملن وسيلي ھنن لفظن تائين جيڪي ڪجهہ ظاھر ٿيو آھي، سو اصل ۾ ائين نہ پر اڳتي ھلي ڪجهہ مختلف آھي. اِھڙيءَ طرح پڙھندڙ، ڪھاڻيءَ کي آخري لفظن تائين تجسس سان پڙھي وٺي ٿو. بحيثيت ڪھاڻيڪارَ اھا سندس فني ھُنرمندي آھي. مثال طور ھِن ڪھاڻيءَ جا ڪي مڪالما ھِن طرح آھن، جيڪي پڙھندڙ کي ڪھاڻيءَ جي ايندڙ مرحلي ڏانهن اشارو ڪندي ورق اٿلائڻ تي پڻ آماده ڪن ٿا :
”بابا مون کي ” اٽي تي چَٽي “ تہ اڪثر چوندو آھي. پر اڄ پھريون ڀيرو ” نہ آخرت جو فڪر “ چيائين تہ ٿورو ڇرڪي پيس “
اڄ بابا آخرت جو طعنو بہ ڏنو تہ رھي نہ سگهيس.
بابا. . . . تبليغ تي وڃو پيا ڇا؟ پڇيم. “
ھِن ڪھاڻيءَ مان ھڪ ٻيو اقتباس کڻون ٿا :
” آءٌ‘ گهٽيءَ ۾ بيهي ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳس ڀِت تي ھڪ ڳاڙھي رنگ جو دٻو لڳل ھو. جنھن مٿان اڇي رنگ سان لکيل ھو.
” اخبارن رسالن ۾ ڇپيل قرآني آيتن کي بيحرمتيءَ کان بچايو. ھن دٻي ۾ قرآني آيتون وجهو “
اڳتي ڪھاڻي ۾ پڙھندڙ کي اشارتي سطح تي موضوع جي نوعيت ڏانھن آمادگيءَ پيدا ڪرڻ جي وڌيڪ ڪوشش ڪئي وئي آھي. لفظي نسبتن سان، ھيءَ ڪھاڻي ائين پنھنجي ساخت جي تعمير ڪندي گُذري ٿي، جو پڙھندڙ شعوري/ لاشعوري طور بہ تجسس سان ڪھاڻي پڙھندو وڃي ٿو. ھِن ڪھاڻيءَ ” ڳاڙھا دٻا“ جو جھڙو عنوان آھي، تھڙو ئي اُن جو پُراثر ڪلائيمڪس آھي. ھونئنءَ بہ انور ڪليم جي فَن جي اُھا انفراديت رھي آھي تہ سندس ڪھاڻي مختصر ترين صفحن جي والارَ رکن ٿيون. جنھنڪري پڙھندڙ بيزار نٿو ٿئي ۽ پڙھندڙ وقت بچائي وٺي ٿو ۽ انھيءَ کان سواءِ ھُو ڪھاڻيءَ جي تڪڙي نتيجي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي وٺي ٿو. ھُو ڪھاڻين جي پُٺيان اُبتن سُبتن نتيجن واران خيال جون ٻه ـ لغڙيون ڪونہ ٿو اُڏائي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ بظاھر نيڪي ڪندڙ ۽ گهٽين ۾ دٻا ٽنگيندڙ ڪردار قلندر بخش جي جڏھن پنھنجي حقيقت تان پردو ھَٽي ٿو تہ ڪھاڻي پنھنجي نتيجا فيصلائتي مرحلي ڏيندي Resolution
تائين پھچي وڃي ٿي. ٺھراءُ يا فيصلو Resolution ڪھاڻيءَ جو اھو ڀاڱو ٿئي ٿو، جيڪو ڪلائيمڪس بعد، پلاٽ ۾ موجود ڪردارن جي عملن جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل ھوندو آھي. ھِن ڪھاڻيءَ جي حل واري نبيري ۾ بظاھر شريف ڇوڪرو، جنھن جا مثال سموري ڀائپي ڏيندي ھئي، سو ھاڪاريت جي اڙ يا اوٽ ۾ عشق جون بازيون لڳائيندڙ نڪري ٿو ۽ اُھو سڀ ڪجه ڪيئَن ٿئي ٿو؟ ان حسي ادراڪ perception لاءِ پاڻ ھيءَ ڪھاڻي پڙھي ڪھاڻي ـ پڻي جو سواد ماڻي سگهجي ٿو.
ڪنھن بہ ڪھاڻيءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ سٽاءَ جا ترڪيبي جُزا پنج کان ڏھ ٿي سگهن ٿا. اھم ترڪيبي جُزا بھتر ڪردار نگاريcharacterization سيٽنگ Setting تڪرار Conflict پلاٽ Plot موضوع Theme آھن، جيڪي ڪنھن ڪھاڻيءَ جو جوھر سيميٽي وٺن ٿا. ھڪ ڪامياب ڪھاڻيءَ ۾ ڪردارن جو ڪنھن تڪرار ۾ معاملي جي شدت واري چوٽَ / بلنديءَ يا فني لفظن ۾ عروج Climax پڻ اھم جُز ٿئي ٿو. ڪھاڻيڪار پنھنجي ڪھاڻيءَ جي پنھنجي تخيلاتي بيھڪ وقت اُھي ڳالهيون پڻ پنھنجي بيانيي جي زينت بڻائي سگهي ٿو، جيڪي ڳالهيون صرف ھُو پاڻ ڄاڻي ٿو ۽ اھي ڳالهيون ڪھاڻيءَ جي اندر لفظن جي سحر ۾ جڪڙجي نہ سگهنديون آھن. ھڪ ڪامياب ڪھاڻيڪارُ لفظن جي جڙوات کان ٻاھر واري اظھاريت کان بہ آشنا ھوندو آھي. ڪھاڻيءَ جي شروعات ۾ ھڪ مرحلو نمائش Exposition ھوندو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ھيري جي ڪردار جو مخالف يا دشمن ڪردار Antagonist بہ ھوندو آھي ۽ مڪالما نگاري Dialogue پڻ ڪھاڻيءَ جي روح جا ترجمان بڻجي سگهي ٿي. ھِن طرح ڪافي فني جُزا ملي ڪري ھڪ ڪامياب ڪھاڻيءَ جي جنم ـ ڪاريءَ ۾ معاون بڻجن ٿا. انور ڪليم جي مختلف ڪھاڻين ۾ مختلف اجزاءَ جي شموليت نظر اچي ٿي. مڪالما نگاريءَ جي تناظر ۾ ڏِسون ٿا تہ ھُن وٽ مڪالمن جو رومانس نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻي بعنوان ” جُملي باز “ ۾ مڪالمن / جملن جو رومانس اھڙو تہ خوبصورت آھي، جو پڙھندڙ اڳيان پاڻ ـ ھرتو ماضيءَ جو دَور ڇُلڪي پوي ٿو. ٿورو اڳ واري ماضيءَ ۾ سنڌي سماج ۾ وقت تي ٺھڪندڙ جُملا ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ جي وڏي اھميت ھُوندي ھئي، کيس صدين تائين ياد ڪيو ويندو ھو. اڄڪلھہ جو غير منطقي، غير فڪري ۽ غير تشريحي دَور ڪنھن جاءِ تي نٿو ٽِڪي. ھاڻي تہ سماج مان مذڪوره جُملي بازيءَ معني خيزي اخذ ڪرڻ جي برعڪس ھڪ فلسفي پُڄاڻان Post philosophy دَور ھلي پيو آھي. جنھن موجب، روشن خياليءَ ۽ جديديت کان پوءِ عقليت ۽ جواز جو دَور نہ رھيو آھي، ڇاڪاڻ تہ ھيءُ فلسفي کان پوءِ جو دَور آھي. ھاڻي سچ، سچائيءَ ۽ محبتن توڙي سماجي قدرن جي معيارن کي تورڻ لاءِ ڪا بہ ساھمي موجود نہ رھي آھي. ھاڻوڪي دَور ۾ ھر معروضي سچائي ۽ ھر سچ کي موضوعي سَڏيو ويو آھي ۽ اڄڪلھہ جُملي بازي واري ھيروازم جو دَور بہ ڄڻ تہ پنھنجي زوال تائين پھچي چُڪو آھي. ھيءُ سڀ جديديت پُڄاڻان دَور جي فلسفين جي فلسفياڻا ـ ڪرامت آھي. ٿي سگهي ٿو تہ Metamodernism جي غالب پوڻ سان جديديت جي عقليت ۽ منطقيت جي ڪجهہ واپسي ممڪن بڻجي سگهي. انور ڪليم پنھنجي ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج ۾ ٻه ھزار جي ڏھاڪي کان ٻه ھزار پنج جي زماني جي ھيروازم کي ھڪ نموني Paradigm طور پيش ڪيو آھي. سندس ڪھاڻين جا ڪردارَ، ڪھاڻيءَ جي فني تاڃي ـ پيٽي ۾ جنھن کي تڪرار Conflict جو مرڪز ٿو چَئجي، سان ڳنڍيل آھن ۽ اُھي ڪردار سندس ڪھاڻين جي پلاٽس جي ھڪ ترتيب Series ٺاھين ٿا. جنھن مان سُڌ پوي ٿي تہ ھُو ڪھاڻين جو فني آرٽُ ڄاڻي ٿو. جيتوڻيڪ سندس ڪھاڻين جا تڪرار Conflict شديد نٿا ٿين يا ائين چئجي تہ سندس ڪھاڻين جي تڪرار وٺي ايتري عروج تي نٿا پھچن، جو پڙھندڙ سوچ جي پيچيده نظام ۾ داخل ٿي وڃي، پر اُھي تڪرارَ Conflict کِل ـ مک انداز ۾ ئي جنم وٺن ٿا ۽ ٿوري عروج بعد ڪلائيمڪس Falling action ڏانهن موٽن ٿا. پاٺڪ غير محسوساتي انداز مان تڪرار جي مرحلي مان گذري وڃي ٿو. جيئنءَ سندس ڪھاڻي ” جُملي باز “ ۾ معين جو ڪردار آھي، جنھن وٽ حالتن سان ٺھڪندڙ ۽ گهڻ ـ طرفي معني خيزي ڪندڙ جملن ڳالهائڻ جو آرٽُ ۽ رومانس آھي. ھُو ڇوڪرين سان پيار ڪرڻ واري معاملن تي دوستن وٽ ھڪ زبردست جُملي باز ھئڻ ڪري مشھور آھي. ٻين ڇوڪرين پٺيان جوانيءَ ۾ مزاح توڙي سنجيدگي ۾ جُملا ڪَڇيندڙ معين وٽ تنھن زماني ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ جڏھن ھُو اُنهيءَ عمر تي پھچي ٿو، جڏھن پاڻ پنھنجي نوجوان ڌيءُ کي ساڻُ ڪري ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏيڻ لاءِ ٻاھر نڪري ٿو؟ ڪھاڻي اُتي مزاح مزاح کان ويندي غير امڪاني ۽ غير متوقع نتيجن تائين پھچي وڃي ٿي. اھڙو آرٽ، جيڪو کِلائيندي اوچتو شديد سنجيدگيءَ جو مظھر بڻجي وڃي، سو بہ انور ڪليم جي تخليقي آرٽ جو حصو بڻيو آھي.
انور ڪليم جي ھِن ڪھاڻي ـ مجموعي جي ٽائيٽل ڪھاڻي ” 32 “ بہ ھڪ اھڙي ڪھاڻي نظر ايندي، جيڪا ڪجهہ ڊيگهہ جي باوجود قاريءَ جو تجسس سان رشتو برقرار رکي ٿي ۽ ڪِٿي بہ ٿڪائي نٿي. جُملو جُملو دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ مستريءَ جو عيسائڻ ڇوڪريءَ ماريه عرف پريءَ سان مصنوعي بھاني سان شروع ٿيندڙ اٿاھ عشق جي ڪَٿا آھي، جيڪا عاشقاڻي ـ ڪَٿا غير ارادي ۽ غير امڪاني سطح تي اڳتي وڌندي پاٺڪ جي نرم احساسن کي ڇُھندي، ( رولينڊ بارٽز جي انڪشاف جي روشنيءَ ۾ ڏِسجي ) تہ ھڪ تسڪيني آنند Soft Zone ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ٻٽيھن جي انگ کي جدت بخشي سموري ڪھاڻيءَ جو مرڪزي خيال يا ادبي ايمان Central idea or blief بڻايو ويو آھي. ڪنھن انگ مان ڪھاڻي جنمڻ وارو ھيءُ انوکو /منفرد زاويو نئين تجربي جو ساھِسُ رکي ٿو. جيتوڻيڪ ڪھاڻيءَ جو موضوع Theme پراڻي رومانويت جي آڌار آھي. پر جتي ڪھاڻيءَ جا مڪالما پڙھندڙ جي لاشعور کي ڇُھي سندس رومانوي ۽ حسي ادراڪ کي متحرڪ ڪن ٿا، اُتي ڪھاڻيءَ جو فني لحاظ کان فيصلو Resolution ڏُک جو ڪٿارسس بڻجي خاموشيءَ سان پڙھندڙ جي روح ۾ سَراريت ڪيو وڃي. ساڳئي وقت ھيءَ ڪھاڻي طبقاتي سماج ۾ گهٽ غير ـ پيداواري وسيلن جي ڪري فرد جي پيار ۾ ناڪاميءَ کي پڌرو ڪري معاشري ۾ محبت پيار جھڙي موضوعَ کي جدلياتي ماديت جي نظرئي جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ جي سماجي سائنس پڻ مھيا ڪري ٿي. پوئتي ويھ پنجويھ سال اڳ واري ماضيءَ ڏانهن جهاتي پائي ڏِسجي تہ محبت جو مُوضوع، سنڌي معاشري ۾ فلمن، ڊرامن، گيتن نظمن ۽ غزلن جو ڄڻ تہ واحد موضوع ھوندو ھو، جنھن اڪيلي ۽ وڏي موضوع ۾ ميڊيا جي اوسر ڪري ھاڻي گهڻ ـ پاسائتو موضوعن وارو سماج بڻجي پيو آھي. انڪري ھاڻي محبت پيارَ وارو مُوضوع ساڳي اھميت يا حڪمران ـ حيثيت بحال رکي نہ سگهيو آھي. ھاڻي سنڌي سماج گهڻ ـ پيچيدگيءَ وارو سماج آھي. جتي ڪوبہ واقعو ۽ موضوع پنھنجو پاڻ ڄمائڻ واري عمر جي اھليت وڃائي چُڪو آھي. محبت جو موضوع گهڻو ـ تڻو مجرد تصور جو حامل ھوندو آھي. محبت کي صرف عقليت، شعوريت واري سطح ۽ تخيلاتي تصورن جي مدد سان سمجهي نٿو سگهجي. ڪھاڻين ۾ اسان کي محبت صرف ھيرو جي پاسي کان فتح مند نظر ايندي آھي، پر سماج جي گهڻ ـ پاسائين پھلوئن کان اڪثر ڪھاڻين ۾ مادي ادراڪي شعوريت نظر نہ ايندي آھي. انور ڪليم وٽ اھا انفراديت آھي تہ محبت جي موضوع کي ھُن پنھنجي تخليقي ادب ۾ گهڻ ـ پاسائتا رخَ ڏنا آھن. سندس ڪھاڻي ” ٽي رنگ “ بہ ھڪ اھڙي تجربي ـ آڌار ڪھاڻي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ کي ٽه ـ طرفي پکيڙ
Three-dimensional Characters ۾ ونڊيو ويو آھي ڪھاڻيءَ ۾ محبت جي ھڪ ئي ڳالھہ تي لاڳاپيل ٽِن ڪردارن پيءُ، ڌيءُ، محبوب عرف وسيم يعني استري ڪندڙ ڇوڪري جا الڳ الڳ بيان، ڪھاڻيءَ جي لوازمات جو پُورائو ڪن ٿا. ٽه ـ طرفي پکيڙ واريون ڪھاڻيون پرڏيھي تخليقي ادب ۾ فئٽسي ۽ سائنسي فڪشن تي محيط ٿين ٿيون. جَن ۾ ڪرداري نگاريءَ کي عملي زندگيءَ سان لاڳاپي حقيقي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. ھونئنءَ بہ ڪنھن ڪھاڻيءَ جا ڪردار جيترا حقيقي نظر ايندا، اُھا ڪھاڻي اوتري ئي پڙھندڙ وٽ سوڀيا ۽ سوڀ ماڻي سگهندي. انور جي ھيءَ ڪھاڻي توڙي جو فينٽسي يا سائنسي فڪشن نٿي رکي، پر سنڌي سماج جي حقيقي ڪردارن جو پرتوو ضرور ڏيکاري ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ نوجوان ڌيءُ جو پيءُ پنھنجي ڌيءُ بابت ڪيترن ئي شڪن ۽ ڳڻتين ۾ مبتلا آھي. سندس ڌيءُ گهر جي سامهون استري ڪندڙ نوجوان ڇوڪري سان محبت ڪرڻ شروع ڪري ٿي. خود استري ڪندڙ ڇوڪرو ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو ھو، جنھن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو ھو، تنهن جو مڙس بہ جلد اوچتو مري وڃي ٿو، سو بہ اھڙي ڏينهن جڏھن استري ڪندڙ ڇوڪرو ھُن پوڙھي جي ڌيءُ سان ڪورٽ ميرئج ڪرڻ لاءِ نڪري رھيو آھي. ڪھاڻي حقيقت ۾ اُھا آھي، جيڪا امڪانن جي دنيائن کي کُليل رکي، جيئنءَ ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھر موڙ تي غير امڪاني عالم نظر ايندو. ڪٿي بہ پاٺڪ کي مقرر نتيجن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نہ پوندي. زندگي ۽ سماج بہ ائين امڪانن جي اوسر ۾ اڳتي وڌندو آھي. روايتي، امڪاني ۽ مقرر نتيجا تخليقي ادب ۾ بيزاري تخليق ڪن ٿا. ھِن ڪھاڻيءَ کي پڙھندي ائينءَ محسوس ٿيندو ڄڻ تہ ڪنهن ناٽڪ کي ڏسي رھيا ھجون. ھر ڪردار ڪھاڻيءَ جي وارتا کي پنھنجي وضاحتي بيان سان اُکيلي ٿو. ڳالھہ مان ڳالھہ جا تاڪيا کُلن ٿا. پلاٽ سان ھر ڪردار چُھٽيل نظر ايندو. ڪھاڻي ٻن فردن جي پيار ـ ڪَٿا جا سماجي نقصان نروار ڪري ڪيترن ئي گهرن ۾ ڄڻ تہ نئين شعور جي روشني ڦھلائي ٿي.
انور جون ڪھاڻيون خاص امير طبقي / درباري ڪلچر جون ڪھاڻيون نہ پر عام ماڻهن جون ڪھاڻيون آھن. ھُن وٽ غريب طبقي جا ڪردار آھن. اُھو غريب طبقو، جيڪو معاشي حالتن جي لحاظ کان انتھائي پسمانده آھي، جيڪو غربت جي لڪير کان بہ ھيٺ جي زندگي گذاري رھيو آھي، جن غريبن جا ٻار ڏھن روپين جي خرچيءَ کي اڄ بہ عيد سمجهن ٿا. سندس ڪھاڻي ” ڀڳل گلاس جي قيمت “ بہ ھڪ اِھڙي غريب گهراڻي جي ڇوڪري شيراز جي ڪھاڻي آھي. شيراز کي ڏھ روپيا سندس والد جو ھڪ دوست ڏِئي ٿو، جنهن جي خوشيءَ ۾ ھوٽل تي وڃي ويٽر کي بوتل جو چَئي ٿو. جڏھن تہ بوتل پيئندي کائنس گلاس ڀَڄي پوي ٿو ۽ ڀَڳل گلاس جي قيمت سندس زندگي وٺي ڇڏي ٿي. سماج ۾ اھڙا ڪيترا نہ پورھيت ماڻهن جا ڇوڪرا آھن، جَيڪي ننڍڙين ننڍڙين خوشين جي حاصلات لاءِ زندگيءَ جو سودو ڪن ٿا. . . . . !؟ انور اِھڙين لِڪل ڪھاڻين کي پنھنجي مُشاھدي جي قوت سان ڪھاڻين جو مرڪز بڻائي سماج کي آرسي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. فني طرح ڏسجي تہ ھيءَ ڪھاڻي پاٺڪ کي سھل ـ پسنديءَ سان وٺي آخري سِٽ جي انتھائي ڪربناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ حقيقت تائين پھچائي ٿي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ اڃا شيراز جي خاندان جي معاشي پس ـ منظر کي وڌيڪ چِٽو ڪيو وڃي ھا ۽ ڏھن روپين جي جاءِ تي ٽيھ يا پنجاھہ روپيا خرچي ڄاڻائي وڃي ھا تہ اڄڪلھہ جي معاشي حالتن سان وڌيڪ ٺھڪندڙ ڪھاڻي لڳي ھا، پر جيئنءَ تہ ھيءَ ڪھاڻي ٻه ھزار پنج واري ايڊيشن ۾ آيل آھي، جنهنڪري اُن دَور جي معاشي حالتن جي عڪاس آھي ۽ ڪھاڻيڪار دوست ان ۾ تبديلي آڻڻ کي بھتر نہ سمجهيو آھي. منھنجو خيال ھو تہ ڪتاب جو ٻيون ايڊيشن جڏھن شايع ٿئي ٿو تہ مواد کي پڻ جائزي وٺڻ يا تازي ڪرڻ review / up date ڪرڻ جي ضرورت ھوندي آھي. ساڳئي نموني سندس ڪھاڻي ” ھُو سوچيندو رھجي ويو. . . “ پڻ ھِن دَور جي معاشي حالتن سان ٺھڪندڙ نہ آھي، پر اُن دَور جي معاشي حالتن سان يقينن امڪاني طور ٺھڪندڙ ھئي، تنهن ۾ پڻ تبديلي نہ آندي وئي آھي. اُھو ڪھاڻيڪار جو الڳ ھڪ تخليقي ۽ صوابديدي اختيار آھي. اسان صرف کيس تجويز ڏئي سگهون ٿا. ھن ڪھاڻيءَ ” ھُو سوچيندو رھجي ويو. . . “ ۾ ھڪ ڪلارڪ ڪنهن يتيم ٻار کي پالڻ چاھي ٿو. ھُو اُن ڳالھہ تي گهر واريءَ کي تہ راضي ڪري وٺي ٿو. پر سندس پيءُ کيس اھڙي اجازت نٿو ڏِئي. نتيجي ۾ اُھو ٻار ڪجهہ وقت بعد بيمار ٿي پوي ٿو. علاج نہ ھئڻ جي صورت ۾ ٻارُ گذاري وڃي ٿو. ڪلارڪ کي اُنهيءَ ڳالھہ جو وڏو افسوس ٿئي ٿو. جڏھن تہ اھو ساڳيو ڪلارڪ اڳ بہ پنھنجا ٽي ٻار، ٻه ٽي ڀائيٽا ۽ ٻه ڀيڻ ڀائر بہ گهر ۾ پاليندي ڏيکاريو ويو آھي. پوءِ بہ کيس يتيم ٻار پالڻ جي تمنا آھي؟ ھيءَ ڪھاڻي معاشي سوال کان ھَٽي ڪري ڏِسون ٿا، ڇوتہ ھاڻي وڌندڙ معاشي چئيلنجن جي مطابق ھيءَ ڪھاڻي ٺھڪندڙ نہ آھي. پر ٻارڙن جي بنيادي معاشي ۽ سماجي / انساني حقن جي ضمانت گُهرندڙ ھڪ احساساتي ڪھاڻي ضرور آھي. ڪھاڻيءَ ۾ ڪلارڪ کي يتيم ٻار پالڻ جي پٺيان ڀلي ڀاڳ کُلڻ جي اميد پرستي آھي. دنيا ۾ اھڙا ڪردار ملي پون ٿا. سڀ ماڻهو ڪنجوس نہ آھن. ھنن ٻنهي ڪھاڻين مان ثابت ٿئي ٿو تہ ھِن ڪھاڻي ـ مجموعي ” 32“ ۾ انور ڪليم، ٻارڙن جي انساني، بنيادي، معاشي ۽ سماجي حقن جو پڻ ڪھاڻيڪار آھي. جھڙيءَ طرح سندس ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگا رنگي Diversity نظر اچي ٿي، تھڙيءَ طرح سندس ڪھاڻين جا عنوان ايترا تہ دلچسپ، ٺھڪندڙ ۽ پُرڪشش آھن، جو اھي عنوان ئي پڙھندڙن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇِڪائي پڙھڻ جي تمنا جاڳائن ٿا. ٻيو تہ ھڪ ناقد کي پڻ وٿي نٿي ملي تہ هُو انهن عنوان ۾ تبديلي آڻڻ جي صلاح ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿئي.
ھڪ فرد سماج ۾ ڪيئَن ٿو ڀوڳي؟ انفراديت کان اجتماعيت ڏانھن ويندڙ رستا ڪھڙي نوعَ جا ٿين ٿا؟ ڪھاڻيءَ ۾ ڪردارن جي مڪالمن جي پٺيان ڪھڙا نفسياتي رخ ٿين ٿا؟ ٻوليءَ جي لفظيات جي حد ڪٿي ٽُٽي ٿي ۽ لِڪل نفسياتي پھلوئن جو وھڪرو ڪٿان شروع ٿئي ٿو؟ انور جي ڪھاڻين مان اِھڙا سُراغ ملن ٿا. سندس ڪھاڻي ” اعتماد جي آخري ڪھاڻي“ پڙھندي ڪِٿي مڪالمن جي حاضر ـ ڪلامي حيران ڪري وجهي ٿي تہ ڪِٿي مُرڪ جو محرڪ بڻجي پوي ٿي. وقتائتا ۽ جامع مڪالما نہ صرف پڙھندڙ جي جمالياتي ۽ مزاح کي خوبصورت حسي ادراڪ بخشين ٿا، پر سماجي شعوريت کان لاشعوريت جي تخليقي سفر ڏانھن بہ پاٺڪ کي وٺي وڃن ٿا. سندس ھيءَ ڪھاڻي نج ٽيليفون جي زماني جي ڪھاڻي آھي، جڏھن اڃا موبائيل اسان وٽ عام نہ ٿي سگهي ھئي. ڪھاڻي جھڙيءَ طرح مرد شائونزم جي ڪوڙي ساک کي وائکو ڪري ٿي، تھڙيءَ طرح ليکڪ / اديب جي سماجي ڪردار جي روايت ـ پڻي کان بچڻ واري ڪوشش جي ناڪاميءَ وارو راز پڻ اُکيلي ٿي. توڙي جو ڪھاڻي موضوعاتي طور تي ھڪ رومانوي ڪھاڻي آھي، پر فني ۽ فڪري طور ھيءَ ڪھاڻي موجوده سماجي ـ شعور جو موجوده اتھاس بہ کنيو بيٺي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ توڙي جو پاٺڪ ڪلائيمڪس تائين پھچندي ڪجهہ ٿڪجي پوي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ڪھاڻي ڪجهہ ڊيگهہ پڪڙي وئي آھي، پر رومانويت ۾ ھن ڪھاڻيءَ جي اندر ادبي ڪائنات جا ڪردار آھن، جن جا ٽيليفون تي ڳالهايل مڪالما اسان جي سنڌي تخليقي ادب ۾ تخليق ۽ تنقيد جي رشتن جي تند جوڙين ٿا. ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڪھاڻيڪارَ سليم صاحب جو ڪردار ۽ ٻيو ندا صاحبہ جو ڪردار، اڻ ـ ڄاتل تخليقي رشتن جي ڳنڍ کولين ٿا ۽ روايتي سماج ۾ ٻنھي جو ھم ـ شڪل ۽ ھمدم ـ درد غير مسيحائيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. انهيءَ زماني ۾ جڏھن ھِن قسم جون ڪھاڻيون لِکيون ويون ھيون، تڏھن تہ ٺَڪا ـ ٺَڪ سماجي ذھنن کي متاثر ڪري وينديون ھيون. پر اڄ بہ ھي ڪھاڻيون اتھاسي سطح تي پاڻ نوٽ ڪرائن ٿيون. سنڌي سماج اڃا ايڏي وڏي اُٿل پڻ نہ کاڌي آھي، جو ماضيءَ جو تخليقي ادب اڄ يڪسر قدرن جي مٽا ـ سٽا ڪري ضايع ٿي ويو ھُجي. !
حياتيءَ ۾ يڪسانيت ھڪ اھم موضوع آھي. عمر رسيده شخص کي ڪائنات بہ پُراڻي لڳي ٿي. ھُو سوچي ٿو تہ ڄڻ تہ سڀ ڪجهہ اڳ ڏٺل آھي. سڀ ڳالهيون، سڀ رويا ۽ قدر پراڻا آھن. ھُو سوچي ٿو تہ نواڻ ڪٿي بہ نہ آھي، پر پراڻين روايتن ۾ ٿوري تبديلي ڪئي وڃي ٿي. ڪردار ساڳيا آھن ۽ رڳو چھرا تبديل ٿا. چھرا بہ پراڻا ٿيو وڃن ۽ اڳ موجود رواجن کي بہ ٿورو صاف ڪري وري عمل ۾ آندو ويندو آھي. ان عمر رسيده شخص کي وطن جا نظارا ۽ مندون بہ پراڻيون لڳنديون آھن. انور ڪليم جي انهيءَ موضوع تي ڪھاڻي ”سڀ ڪجهہ ساڳيو“ نھايت دلفريب ۽ پُرڪشش ڪھاڻي آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ آخوند / اُستاد Teacher جو ڪردار آھي، جيڪو ساڳي دستوري زندگي گذاري ڪجهہ عجيب محسوس ڪري ٿو. شعور جي روءِ Stream of Consciousness تحت انهيءَ ڪردار جي عڪاسي نظر اچي ٿي. جنهنڪري اُھو ڪردار سوچن جي وھڪري ۾ لُڙھندو نظر ايندو. ساڳيو صبح، ساڳي شام. ساڳيا رستا ساڳيا دڪان ساڳيا گيت ڏِسندي ۽ ٻُڌندي ھُن کي من ۾ احساس جاڳي ٿو تہ ھُوند هُو اکيون ٻُوٽي، تڏھن بہ ھلندي منزل تائين رسي ويندو. ساڳيا ٽانگا ساڳيون خوبصورت آڱريون، جيڪي سندس خوابن جو رومانوي آئيڊلزم رھيون آھن. ھُو سوچي ٿو شايد ايندڙ وقت ڪجهہ ڪردارن جا رستا بدلجي وڃن. ساڳيا اسڪولي ٻار ۽ ساڳيا خانگي آخوند. ڄاتل اڻ ـ ڄاتل چھرن جو سلام. . . . . ائينءَ ھُن کي محسوس ٿئي ٿو تہ هُو ڄڻ انسان بدران ھڪ روبوٽ آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ نئون شھري ادراڪ نظر اچي ٿو ۽ اُنهيءَ شھري ادراڪ ۾ فرد جي نفسيات جي پيچيدگيءَ جي بھتر عڪاسي ڪئي وئي آھي. نئين شھري حِسي ادراڪ واري مطابقت Similarity اخلاق انصاريءَ ۽ منور سراج جي ڪھاڻين ۾ پڻ ڏسڻ وٽان آھي. ھِن ڪھاڻيءَ کي وري پنھنجو الڳ مزاج آھي. انور ڪليم جون ھِن قسم جون ڪھاڻيون ٻه ھزار پنج جون آھن. منھنجو خيال آھي تہ ساڳي ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس کي ھاڻي روبوٽ ھجڻ واري احساس کان شروع ڪري وري ڪو نئون / جديد ترين ڪلائيمڪس بہ ڏَئي سگهجي ٿو ۽ ھِن دَور ۾ اُھو شھري ادراڪ ھاڻي جديديت ـ پُڄاڻان بعد اڃان بہ فڪري سطح تي ڪجهہ حيران ڪندڙ پاسن ڏانهن موڙي سگهجي ٿو. مارڪيٽ ايڪانامي بہ ھِن دَور جو ھڪ اھم موضوع آھي. بُک / پيٽ جو گذر امير ۽ غريب جي فرق وارو سمورو عمل محنت ۽ مارڪيٽ سان جُڙيل رھندو آھي. انور وٽ رڳو رومانوي موضوع نہ پر پيٽ جي باھ اُجهائڻ وارن موضوعن جي داخلا سٺو سَوَڻُ/ شگن پڻ آھي. سندس ڪھاڻي ” دلال “ بہ مارڪيٽ ترڪيب mechanis جي پُراڻين ۽ نين تقاضائن جا فرق ڳولي ٿي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ دڪاندار ـ ڪردار ھر ماڻھوءَ کان پُڇي ٿو تہ ” ڇا کپي اداٰ. . . !؟ جنھن تي گهر وارا ۽ بازار وارا
دڪاندار توڙي ڪجهہ گراھڪ کيس ٽُوڪين ٿا ۽ چَٿرون ڪن ٿا. پر اڳتي ھلي سندس بيمار ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ زماني تائين ڇا ٿو ٿئي؟ ھِن ڪھاڻيءَ جو ڪلائيمڪس بہ وڏي ڪرافٽ سان آخري سٽ ۾ عڪس بند ڪيو ويو آھي. ڪلائيمڪس جي اُھا آخري سٽ آھي : ” ھن کي ائين لڳو ڄڻ ھُو ڳاڙھي بازار جي دلالن جي وچ ۾اچي ويو ھجي. !“ توڙي جو ڪھاڻيءَ جو اُھو آخري جملو، ڪھاڻيءَ جو نڪتہ نظر آھي، پر منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن ڪھاڻيءَ ۾ اُھو جملو شامل نہ ڪجي تہ ڪھاڻيءَ ۾ مارڪيٽ مڪينزم کي گار ڏيڻ جي برعڪس، ڪھاڻيءَ جو عنوان ” زمانو“ رکي نتيجو پڙھندڙ جي حوالي ڪري سگهجي ٿو. ھونئنءَ بہ سنڌي ماڻهن کي ھاڻي رومانوي سحر مان ڪڍي واپرائيندڙ سنگت consumer society کي سمجهڻ ۽ انهن جي نقصانن توڙي فائدن بابت آگاھي ڏيڻ جي وڌيڪ گُهرج آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ تنھن ھُوندي بہ مارڪيٽ جي ايندڙ نون چئيلنجن ڏانھن مستقبليت futurism آھي. جيڪا خُوش آيندَه ڳالھہ آھي. ھِن ڪھاڻيءَ ۾ وڌيڪ ڇا ٿو ٿئي !؟ اُنهيءَ لاءِ ھيءَ سموري ڪھاڻي پڙھڻي پوندي. ھِن بيٺڪيت ـ پُڄاڻان واري سماجي دَور ۾ اھڙيون ڪھاڻيون وڌيڪ دلچسپ بڻجي ويون آھن.
ادب جو اُھو ئي نرالو حُسن آھي، جو اُھو اڪثر ڪڏھن بہ ختم نہ ٿيندڙ / دائمي EverLasting ٿيندو آھي. زندگيءَ جي فطرت ڏانهن جهڪاءُ ادب کي ڪي دائمي قدر / ھميشگي Entity آڇيندو آھي. انور جي ڪِن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جي ھميشگي ۽ آفاقيت ڏانهن جهڪاءُ آھي، ڇاڪاڻ تہ ھُن جون ڪھاڻيون علمي ۽ ادبي توڙي سماجي تحريڪن ۽ نظرياتي رجحانن يا جديد ترين اولھہ جي فلسفن جي روشنيءَ ۾ تخليقي روشني ڪونہ ٿيون ڳولين، جيڪي رڳو ھڪ ٻئي جي رد ۽ توسيع ۾ بدلجندڙ خيالَ ڏيندڙ رھيون آھن، پر اُھي ڪھاڻيون سنڌي سماج جي ارتقا مطابق آھن ۽ اُھي ڪھاڻيون گهرن گهٽين، بند ديوارن جي اندران اُڀرندڙ مسئلن کان ھَٽي ڪري ٻاھرين کُليل روڊن رستن جي چونڪن تي نڪري ٻاھرين فضا ۾ ساھُ کڻندي دوستن، ھوٽلن، دڪانن، بازارن ۽ ٽانگن وارن جي ڪردارن ۾ ونڊجي وڃن ٿيون. سندس ڪھاڻيون خالص عِلمي ڇُھاءَ جي برعڪس تخليقڪار جي ذاتي مُشاھدن مان اُڀري تخليق ٿيل لڳن ٿيون. منھنجي خيال موجب، مُشاھدي جي گرفت ھونئنءَ بہ علمي گرفت کان وڌيڪ سگهاري ٿئي ٿي. مُشاھدو سماج جو صوتي، برقي تشخيصي ۽ برقي Ultrasound ھوندو آھي. تجربو، تخليقي ادب جو ايڪسري ٿئي ٿو. انور جون ڪھاڻيون سندس اُڀرندڙ جوانيءَ ۾ شوق جي عروج، متاثر ٿيڻ جي تُز حِس ۽ زماناسازيءَ جي لاھن چاڙھن کي کڻي ڪرافٽ جي قوت سان ڦٽندڙ سرجندڙ ڪھاڻيون آھن. اُنهيءَ ڪري اُھي سترھن سالن بعد بہ اُھي ايتريون شوق سان پڙھيون وڃن ٿيون، جو اڄ ھِنن ڪھاڻين جي مجموعي جي نئين ايڊيشن آڻڻ جي ضرورت پئي آھي. ڪو ادب ائينءَ لِکجي ويندو آھي، اُن جي اھميت ايندڙ وقت عيان ڪندو آھي. خود لکڻھار بہ اندازو ڪري نہ سگهندو آھي تہ اُھو ايندڙ وقت ۾ ڪيترو مانُ ۽ قدرشناسائي لھڻي وٺندو. !
انور جي ھِنن ڪھاڻين ۾ پڻ ضرور اھڙي خاصيت آھي، جيڪا نيڪ نيتيءَ سان ھڪ سٺو ڪھاڻي ـ پاٺڪ ڏِسي سگهي ٿو. انور جي ڪھاڻي ” بعنوان ” ڪھاڻين ۾ وڇوڙو “ بہ ھڪ نئين تجربي ـ آڌارڪ ڪھاڻي آھي، جنهن ۾ صبا ۽ افتخار جو دوست ڪھاڻين ۾ موجود وڇوڙن تي ڊسڪورس ڪندڙ ڪردار آھن، پر افتخار جو دوست صبا سان ڳالهائيندي ساڻس سچي محبت ڪري ويھي ٿو. پَل پَل ۾ تخليقي ادب جي ڊسڪورس کي ھُو عملي زندگيءَ تي تڪڙ ۾ لاڳو ڪري ويھي رھي ٿو ۽ اُنهيءَ لِڪل حقيقت کان بلڪل آگهي بہ نٿو رکي تہ صبا جو ساڻس سڀاويڪ ميزبانيءَ، ادب آداب ۽ ادب ـ دوستيءَ جي رشتي جو ڪڏھن بہ اھو مقصد نہ ھو. ھُو صبا ۾ ھٿ وجهي کيس ڪورٽ ـ ميريج ڪرڻ لاءِ اتساھي وٺي. خود ھيءَ ڪھاڻي ڏِسندي ڏِسندي عملن جي پُڄاڻيءَ يا نتيجن Climax تائين پھچندي نہ صرف موضوعاتي طور تي، پر فڪري سطح تي بہ تبديل ٿي وڃي ٿي. ادبي ڊسڪورس جو عمليت ۾ تحليل ٿيڻ وقت وارو نئون تجربو، ھِن ڪھاڻيءَ کي نھايت منفرد آرٽُ بخشي ٿو. ساڳئي وقت فڪري سطح تي ھيءَ ڪھاڻي سنڌي سماج ۾ ڪيترن ئي بند سوالن جا تاڪَ کُولي ٿي. مثال طور : ھيءَ ڪھاڻي پڙھڻ بعد سوال پيدا ٿئي ٿو تہ ليکڪ جي من ۾ ايتري تڪڙ مرد شائونزم آھي يا خود ساختہ خوش ـ فھمي آھي؟ ڇا اُھا سماج جي جنسي بک آھي يا تھذيبي قدرن جي زوال جي علامت آھي؟ يا مثبت روين ۽ محبت ۾ فرق ڪرڻ وارو رجحان جنم وٺي نہ سگهيو آھي؟ توڙي جو ھِن ڪھاڻيءَ جو موضوع بہ پيار جي آُساٽ آھي، جيڪو موضوع ھزارين ڀيرا ورجائي لِکيو ويو آھي، پر ساڳئي موضوع کي تخليقي ادب جي رشتي ۾ استوار ڪري ڄڻ تہ نئين تجربي سان ڪھاڻيڪارَ پنھنجي انفراديت کي برقرار رکيو آھي. موضوع تي ھونئن بہ تخليقي ادب ۾ ڪا پابندي نہ ھوندي آھي. ساڳئي موضوع ۾ نواڻ آڻڻ، نئون آرٽ، نئين ٽيڪنڪ، اسلوب جي انفراديت ۽ پيشڪش جي انداز واري ڳالھہ تنقيدي ملھہ لھڻندي آھي. انور جي ڪھاڻين ۾ اُھي خوبيون جابجا موجود نظر اچن ٿيون.
انور ڪليم جون ھِن ڪھاڻي ـ مجموعي ۾ ”مختصر ڪھاڻيون “ پڻ ڏنل آھن. جَن ڪھاڻين کي مائڪرو فڪشن ڪھاڻيون بہ چَئي سگهون ٿا. انور جون ھي ڪھاڻيون ٽِن کان ڇھن سَتن سِٽن تي آڌاريل آھن ۽ ھڪ کان وڌيڪ يارنھن کان ٻاويھ ـ سِٽون ڪھاڻيون بہ آھن. ھِنن مختصر ـ ترين ڪھاڻين : صلاح ـ ڪاغذ ـ پنھنجي پنھنجي طلب ۽ حسرت جي عنوان سان موجود ڪھاڻين ۾ ھڪ واقعي ۾ ٻي طرفي سوچ ۾ سماجي بدعتن کي چُھنڊريون لڳل آھن. ھنن مختصر ڪھاڻين ۾ ڪٿي سماجي درد حساس فرد جي من پاتال ۾ لھي وڃي ٿو تہ ڪِٿي ٻارڙن جي انساني حقن جي پڌرنامي ۾ ساھ وجهندڙ احساس جاڳي پون ٿا. ڪٿي رومانوي بُک ۾ ورتل اکيون ۽ لاشعوري طور ڪنهن ڇوڪريءَ جي زيورن جي خوبصورتي ڏسڻ واري حِس جي عڪاس آھن تہ ڪِٿي عمر ـ رسيده عورت جي مزاح وارو مزو تہ ڪِٿي مرد جي توقعات تي پاڻي ڦيريو وڃي ٿو. ڪنھن بہ طرح اُھي ڪھاڻيون پنھنجي متني جوھر ۾ ڪا نہ ڪا منطقيت سانڍيو بيٺيون آھن.


خليق ٻگهيو
پراڻو گچيرو
مورو
۲۲ـ ۷ ـ ۲۰۲۲

ٽي رنگ

[چوندا آھن تہ محبت جا ڪيئي رنگ ھوندا آھن ۽ ھر ڪو انھن رنگن کي پنھنجي، پنھنجي نظر سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آھي. ھن ڪھاڻي ۾ موجود محبت جي ”رنگ“ کي ٽي اھم ڪردار پيءُ، ڌيءُ ۽ محبوب پنھنجي پنھنجي نظر سان ڏسن ٿا ۽ بيان ڪن ٿا. ]

پيءُ
شروع شروع ۾ مون ان ڳالھہ تي ڪو ڌيان ئي نہ ڏنو تہ اسان جي گهر جي سامھون وارو دڪان ڪافي وقت بند رھڻ کانپوءِ ٻيھر کوليو ويو آھي. ھن ڀيري بہ دڪان کولڻ وارو مون لاءِ اوپرو ھيو ۽ ڌنڌو بہ نئون ھيو. دڪان کولڻ وارو خوش لباس نوجوان ھيو ۽ ڊراءِ ڪلينر يعني ڪپڙي ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ جو ڌنڌو کوليو ھئائين.
شروع ۾ مون بہ ھن تي ڪو خاص توجهہ نہ ڏنو ۽ نہ ئي ڪو ھن بہ مون سان ڪو تعلق رکيو.
ھڪ ڏينھن منجهند جي وقت آءٌ پنھنجي ڪم کان وقفو ڪري ماني کائڻ آيس ۽ جيئن گهر واري گهٽيءَ ۾ داخل ٿيس، ڏٺم تہ منھنجي گهر جي دروازي تي منھنجي ڌيءُ نورين دروازي جي ٻاھران گند ڪچري لاءِ رکيل ٽين جي دٻي ۾ گند اڇلائي رھي ھئي. الاءِ ڇو مون تڪڙو منھن ورائي ان خوش لباس نوجوان ڏانھن ڏٺو، ھو ڪنھن ڪپڙي تي استري بہ ڦيري رھيو ھيو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪنڌ مٿي ڪري منھنجي گهر يا منھنجي ڌيءُ ڏي نھاري بہ رھيو ھيو. مون کي پاڻ ڏانھن گهوريندي ڏسي بہ نوجوان ڏاڍي اطمينان سان پنھنجو ڪم ڪندو رھيو، ھن جي چھري تي، ڪابہ پريشاني، تڪڙ يا شرمندگي جا ڪي بہ تاثر ظاھر نہ ٿي رھيا ھئا. بظاھر مون بہ ڪو تاثر ظاھر نہ ڪيو ۽ پنھنجي گهر ڏانھن وڌندو رھيس.
منھنجي ڌيءُ نورين بہ گهر اندر ھلي وئي ھئي.
زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو مون ھڪ عجيب قسم جي بيچيني محسوس ڪئي، الاءِ ڇو ھڪ خيال، ھڪ خوف محسوس ڪيم تہ ڪٿي ڌيءُ گهر جو گند، ڪچرو اڇلائيندي، اڇلائيندي ڪٿي منھنجي عزت بہ ٻاھر نہ اڇلائي ڇڏي؟
منھنجي گهر جي چئني پاسن ۾ دڪان ھيا ۽ ھن گهٽي ۾ ھڪ گهر منھنجو ھيو ۽ ھڪ گهر ھڪ رٽائرڊ ھيڊ ماسٽر جو. پر اتي گذريل ارڙھن ويھن سالن ۾ مون اڄ پھريون ڀيرو محسوس ڪيو تہ منھنجو گهر ڪيڏو نہ غير محفوظ آھي؟ جڏھن تہ مون جڏھن شادي ڪئي ھئي۽ ھن گهر ۾ رھڻ لڳو ھيس تہ بہ انھن ڏينھن ۾ بہ ھن پاسي گهڻي ڀاڱي دڪان ئي ھوندا ھيا ۽ سچ تہ اھو بہ آھي تہ منھنجي زال جوانيءَ ۾ منھنجي ڌيءُ کان وڌيڪ سھڻي ھوندي ھئي ۽ آءٌ ان کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي ڪم تي نڪري هليو ويندو ھيس، پر انھن ڏينھن ۾ تہ مون کي ڪڏھن بہ اھو احساس نہ ٿيو ھيو تہ ڪو منھنجو گهر غير محفوظ آھي؟ ان وقت تہ مون ڪڏنھن بہ نہ سوچيو ھيو تہ گهر کان ٻاھر رکيل گند واري دٻي ۾ منھنجي عزت بہ وڃي سگهي ٿي.
ڇو؟
الاءِ ڇو مون اڳ ڪڏھن بہ ايئن نہ سوچيو ھيو. جڏھن تہ مون ڪڏھن بہ پنھنجي ڌيءُ ۾ بہ ڪا اھڙي ڳالھہ ڏٺي نہ ئي محسوس ڪئي ھئي. ڪجهہ دير اڳ تائين تہ مون ايئن سوچيو بہ نہ ھيو تہ ڪا منھنجي ڌيءُ وڏي ٿي وئي آھي، ھوءَ تہ مون کي سترنھن ارڙھن سالن جي هوندي بہ پنج ڇھہ سالن جي معصوم ڇوڪري لڳندي ھئي.
آءٌ اھو سڀ ڪجهہ سوچيندي پنھنجي گهر ۾ داخل ٿيس تہ مون کي پھرين نظر ۾ سڀ ڪجهہ ٺيڪ لڳي رھيو ھيو. مون تي نظر پوندي منھنجي گهر واريءَ جي چپن تي اھا ئي مخصوص مرڪ نظر آئي. منھنجي ڌيءُ نورين معمول موجب بورچي خاني ۾ ڪم ڪري رھي ھئي ۽ ننڍڙي ڌيءَ ثمينا ”بابا. . . بابا. . . “ چوندي مون کي چنبڙي پئي.
مون ھڪ دفعو ٻيھر نورين جي چھري کي چتائي ڏٺو پر اتي ڪابہ تبديلي نظر نہ آئي، ايئن پرسڪون ۽ معصوم سنجيدگي، ھڪ لمحي لاءِ منھنجي ضمير مون کي ملامت ڪئي تہ پنھنجي معصوم ڌيءُ تي آءٌ اجايو شڪ ڪري رھيو آھيان. . . مون کي شرم اچڻ کپي. ٻئي لمحي مون سوچيو تہ آءٌ شڪ نہ پيو ڪريان پر ھڪ ڌيءَ جو پيءُ ھجڻ جي حيثيت ۾ فڪرمند ٿي رھيو آھيان، پوءِ شايد مون فڪرمند ٿيڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي آھي نہ تہ ھر عقل وارو ماڻھو ان ڏينھن کان ئي فڪر شروع ڪري ڇڏيندو آھي جڏھن ھن جي گهر ڪا نياڻي ڄمندي آهي.
ان ڏينھن کان، آءٌ غير ارادي طور، ھن نوجوان خوش لباس دڪاندار ۽ پنھنجي ڌيءَ جي غير محسوس طريقي سان نگراني ڪرڻ لڳو ھيس، پر ان نوجوان جي بي پرواھي ۽ معصوم نورين جي روين ۾ ڪابہ تبديلي نہ ڏٺم. پر ڪڏھن ڪڏھن تہ احساس ٿيندو ھيو تہ آءٌ ڪنھن وھم ۾ وڪوڙجي ويو آھيان پر پوءِ بہ ڪڏھن ڪڏھن آءٌ ان ٻنھي بابت ضرور سوچيندو ھئيس ۽ خيال ايندو ھيو تہ پنھنجي گهر واريءَ سان ان معاملي تي ضرور ڳالھايان ڇو تہ چوندا آھن ھڪ ماءَ پنھنجي اولاد جي اندر تائين جي ڄاڻ رکندي آھي، شايد ھوءَ مون کان وڌيڪ بھتر ڪو نتيجو ڪڍي سگهي. پر پوءِ خيال آيو تہ ھوءَ ڇا سوچيندي تہ مون کي پنھنجي اولاد تي ڀروسو ناھي.
ھڪ ڏينھن صبح جو ننڊ مان جاڳيس منھنجي ڌيءُ نورين چيو ”بابا. . . گهر جي استري خراب ٿي آھي. . . اوھان وھجڻ کان اڳ ڪپڙا استري ڪرائي اچو. “
اوچتو ڄڻ منھنجي ذھن ۾ ڌماڪو ٿيو.
”ڪُتي جي ڌيءُ. . . “
مون دل ئي دل ۾ سوچيو ”ايئن ڇو نہ ٿي چوين تہ سامھون واري نوجوان کي استري لاءِ ڪپڙا ڏئي اچان؟“
شايد ھن منھنجي ڪاوڙجڻ مان اھو اندازو ھنيو تہ آءٌ ڪپڙا استري نہ ھجڻ ڪري ڪاوڙ م آھيان.
”ٺيڪ آھي مان ساڳيا ڪپڙا پائيندس. “ مون چيو.
”پر بابا اھي ميرا ٿي ويا آھن. “ ھن بغير استري ٿيل ڪپڙا منھنجي سامھون رکندي چيو.
مان خاموش ٿي سوچڻ لڳس تہ اڄ استري جو خراب ٿيڻ ڪوئي اتفاق آھي يا نوري جي ڪا چالاڪي؟ شايد ھوءَ چاھي ٿي تہ آءٌ ھي ڪپڙا کڻي سامھون واري نوجوان ڏي وڃان. . . ان طريقي سان ھن نوجوان جا ۽ منھنجا تعلقات وڌندا. . . ۽ شايد اھو ئي نورين چاھي ٿي.
آءٌ ھن معاملي ۾ جيترو سوچيندو رھيس منھنجي ذھن ۾ اھو خيال اوترو ئي پڪو ٿيندو ويو. مان نہ چاھيندي بہ پنھنجا ڪپڙا کڻي سامھون واري نوجوان دڪاندارن وٽ آيم.
ھو شايد دڪان کولي ويٺو ھيو. مونکي پنھنجي دڪان ۾ ڏسي شايد ھن کي ٿوري حيرت بہ ٿي ھئي، ٻئي لمحي ھن جي چھري تي مسڪراھٽ نظر آئي ۽ ھو وڏي اخلاق سان مليو ۽ چيائين تہ ويھن منٽن جي اندر ڪپڙا استري ٿي ويندا.
گهر اچي آءٌ وھجڻ کان فارغ ٿيس تہ دروازي جي گهنٽي وڳي، ٻاھر نڪري ڏٺم تہ سامھون وارو نوجوان دڪاندار ھيو جيڪو ڪپڙا استري ڪري کڻي پاڻ منھنجي گهر جي دروازي تائين آيو پر مون ڪاوڙ ظاھر نہ ڪئي ۽ کيس چيو تہ ھو ھڪ منٽ انتظار ڪري تہ آءٌ اندران پيسا کڻي اچان. آءٌ پيسا کڻي آيس تہ ھو دروازي تي نہ پر پنھنجي دڪان تي ويٺو اخبار پڙھي رھيو ھيو. اتي وڃي جڏھن مون کيس پيسا ڏيڻ چاھيم تہ ھن وٺڻ کان انڪار ڪيو. مون زبردستي پيسا کيس ڏنا. ان ڏينھن منھنجو شڪ، پڪ ۾ بدلجڻ لڳو تہ گهر جي سامھون دڪان کوليندڙ ان نوجوان ۽ منھنجي ڌيءَ نورين جي وچ ۾ ڪو چڪر. . . . . . .
ايترو سوچيندي ئي منھنجو ڪنڌ شرم ۽ بيوسيءَ منجهان جهڪي ويو. منھنجي نطرن اڳيان اھي اخباري خبرون ۽ فوٽو گهمي ويا، جن مطابق نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون محبت جي چڪر ۾ گهرن مان ڀڄي نڪرندا آھن. اھو سوچي منھنجو ڪنڌ وڌيڪ جهڪڻ لڳو تہ ڇا ڪڏھن منھنجي ڌيءُ نورين بہ ان نوجوان سان ايئن گهران ڀڄي وڃي شادي ڪندي ۽ منھنجي سموري عزت صرف اخبار جي ھڪ خبر بڻجي ويندي؟؟
ان ڏينھن کان آءٌ مونجهو، اداس رھڻ لڳس.
نورين جي ھر حرڪت کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ لڳس، جڏھن رات جو نورين ۽ منھنجي ننڍي ڌيءُ ثمينا پنھنجي ڪمري ۾ ٽي وي تي ڪو پروگرام ڏسنديون ھيون تہ مان لڪي لڪي وڃي ڏسندو ھيس تہ ھوءَ ڪھڙي قسم جا پروگرام ڏسنديون آھن. رات جو ڪڏھن اوچتو ننڊ مان اٿي مان نورين کي سندس ڪمري ۾ وڃي ڏسندو ھيس تہ ھوءَ ڪمري ۾ آھي يا نہ؟ ايئن ڪافي عرصي بعد ھڪ رات اوچتو ننڊ مان اک کُلي، ڪجهہ دير تائين تہ خاموش ويٺو رھيس، پوءِ ڪنھن خيال ايندي ئي نورين جي ڪمري ۾ آيس.
زيرو بلبل جي روشني ۾ مون ڏٺو، ننڍي ثمينا تہ بستري تي ننڊ پئي ھئي جڏھن تہ نورين پنھنجي بستري تي نہ ھئي.
منھنجي دل جي ڌڙڪن رڪجڻ لڳي، اکين اڳيان اونداھي ڇانئجي وئي، ٻئي لمحي مون پاڻ کي ڪجهہ سنڀاليو ۽ باٿ روم وغيره چيڪ ڪيو پر ھوءَ ڪٿي بہ نظر نہ آئي. مون سوچيو وڃي پنھنجي گهر واريءَ کي اٿاري ٻڌايان تہ نورين پنھنجي ڪمري ۾ ڪونہ آھي. پر لڳو تہ ڄڻ منھنجا پير پٿرن سان ٻڌجي ويا ھجن.
ان لمحي منھنجي دل چاھيو تہ زمين ڦاٽي ٻہ ٽڪرا ٿي پئي ۽ آءٌ پاڻ کي ھميشہ ھميشہ لاءِ ان ۾ گم ڪري ڇڏيان.

ڌيءَ
شروع شروع ۾ مون ان ڳالھہ تي ڪو ڌيان ئي نہ ڏنو تہ اسان جي گهر جي سامھون وارو دڪان ڪافي عرصو بند رھڻ کان پوءِ ٻيھر کوليو ويو آھي. مان پنھنجي ننڍپڻ کان ھن وقت تائين ان دڪان کي ڪيئي ڀيرا کلندي ۽ بند ٿيندي ڏسندي رھي آھيان. ھن ڀيري دڪان ھڪ خوش لباس نوجوان کوليو. ھي نوجوان ڪپڙن تي استري ڪندي اڪثر ھر ماڻھو ۽ ھر ڳالھہ کان لاتعلق نظر ايندو ھيو. شرع جي ڏينھن ۾ مون سوچيو ھو تہ ھو بہ ٻين مردن جيان مون کي اکيون ڦاڙي ڏسندو پر ھو مون ڏانھن گهٽ ڏسندو ھيو. مان سوچيندي ھئس تہ اھو بہ شايد ان جو انداز آھي پر جلد ئي پڪ ٿي تہ اھا ان جي فطرت آھي.
ان جي دڪان کولڻ کان پوءِ منھنجي ماءَ اڪثر مون کي چوندي رھندي ھئي تہ گهر جو دروازو بند رکندي ڪر تہ جيئن بي پردگي نہ رھي. مون ڪافي عرصو ايئن ڪيو پر جلد ئي محسوس ٿيو تہ ھو اسان جي گهر ڏانھن ڪو توجهہ نہ پيو ڏي، لاشعوري طور اسان ھن کان مطمئن ٿي دروازي جي بار بار بند رکڻ واري جهنجهٽ کان آجا ٿياسين. اسان ڄڻ ھن کي بہ زندگيءَ جي ٻين معاملن جيان قبول ڪري ڇڏيو ھو. پر پوءِ بہ مون کي ڪڏھن ڪڏھن ان وقت ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ھئي جڏھن منھنجي ماءَ مونکي گهر جو دروازو بند رکڻ جو چوندي ھئي.
ايئن وقت گذرندو رھيو، ھڪ ڏينھن ٻئي شھر کان اسان جي ھڪ مائٽ جي فوتگي جي خبر ملي. مرڻ وارو بابا جو ويجهو عزيز ھو. ان ڪري بابا اسان سڀن کي تيار ٿي ھلڻ لاءِ چيو. ڪجهہ دير بعد اسان سڀ گهر ڀاتي تيار ٿي گهر جي ٻاھرين دروازي کي تالو ھڻي نڪري آياسين. ٽانگي تي ويھڻ وقت منھنجي نظر ان دڪاندار تي پئي جيڪو ڏاڍي غور ۽ دلچسپيءَ سان اسان سڀن کي ڏسي رھيو ھو، شايد ايتري عرصي ۾ ھن اسان جو گهر بند ٿيندي ۽ اسان سڀن کي گڏ ڪٿي نڪرندي ڪونہ ڏٺو ھو. الاءِ ڇو مون کي اھو سوچي کل آئي تہ ھاڻي ڪجهہ ڏينھن ھو اسان جي در کي بند ڏسي ڇا محسوس ڪندو؟ ڇا سوچيندو؟ مائٽن وٽان عذر خواھي کان فارغ ٿي بابا اسان کي پنھنجي ڀاءَ يعني منھنجي چاچي جي گهر وٺي آيو. اسان جڏھن بہ ھن شھر ۾ ايندا ھياسين تہ پنھنجي چاچي وٽ ئي رھندا ھياسين. مون کي ھت رھڻ ۾ وڌيڪ مزو ان ڪري بہ ايندو ھيو جو منھنجي سئوٽ نگهت منھنجي ھم عمر بہ ھئي تہ ڄڻ پڪي ساھيڙي بھ.
ھن گهر ۾ بہ مونکي پنھنجي گهر جيترو ئي سڪون محسوس ٿيندو ھيو، شام جي وقت مان ۽ نگهت گهر جي اڱڻ ۾ چانھہ پي رھيون ھيوسين، اوچتو منھنجي نظر گهر جي کليل دروازي تي پئي مون سوچيو تہ ڄڻ مان پنھنجي گهر ۾ آھيان دروازو کليل آھي ۽ ٻاھر ڏسڻ سان مون کي سامھون دڪان تي اھو استري ڪندي نوجون نظر ايندو، ڀل لاتعلق ئي سھي. . . پر جلد ئي مونکي احساس ٿيو تہ مان پنھنجي گهر ۾ نہ پر پنھنجي شھر کان ئي پري ٻئي گهر ۾ ويٺي آھيان. الاءِ ڇو آءٌ ھڪ لمحي لاءِ اداس ٿي ويس، ڄڻ معمول کان ھٽي ڪائي ڳالھہ ٿي ھجي.
”ڇا ڳالھہ آھي نورين؟“ نگهت مون کي ٻہ ٽي ڀيرا ٻاھر ڏسندي پڇيو.
”ڪا ڳالھہ نہ آھي“ مون کلڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ۽ ان سان ڪچھري ڪرڻ لڳيس. اڳي آءٌ نگهت سان کوڙ ساريون ڳالھيون ڪندي ھيس پر اڄ الاءِ ڇو آءٌ خاموش ھيس يا صرف ”ھا. . . ھا“ ۾ جواب ڏيندي رھيس.
”ڇا ڳالھہ آ نورين تون ڏاڍي خاموش آھين؟ ڇا پئي سوچين؟“
ھن آخر پڇيو.
مون ننڊ پوري نہ ٿيڻ ۽ سفر جي ٿڪاوٽ جو بھانو بڻايو پر دل ئي دل ۾ پاڻ تي ڪاوڙ بہ آئي تہ ءٌ خوامخواھہ ڇو پريشان ٿي وئي آھيان. ڪھڙي ڳالھہ آھي جيڪا مونکي کُٽڪي ٿي؟ الائي ڇو منھنجي اکين اڳيان ان نئين دڪاندار نوجوان جو چھرو ڦري آيو. پر ھن جو چھرو تہ ھميشہ بي تاثر ئي رھندو ھيو، اکيون گهورينديون تہ ھيون پر ان ۾ بہ مون کي ڪڏھن پنھنجي لاءِ ڪا روشني محسوس تہ ڪانہ ٿيندي ھئي. ايترو عرصو ان جي سامھون رھي ھئس تہ مون ڪڏھن بہ ان جي باري ۾ ايئن سوچيو بہ نہ ھيو. . . اڄ الاءِ ڇو پنھنجي شھر، پنھنجي گهر کان پري ٿي ھو ياد اچي رھيو ھيو آءٌ سوچيندي رھيس پر مون کي ڪائي ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي.
ٻئي ڏينھن تي بابا اسان کي امڙ جي چوڻ تي منھنجي مامي جي گهر ڇڏي ھليو ويو تہ جيئن اسان ٻہ چار ڏينھن مائٽن وٽ رھي گهمي سگهون. مان نگهت وٽ ايندي رھيس. ان عرصي ۾ آءٌ ان نوجوان کي ياد ڪندي ھئس تہ عجيب محسوس ٿيندو ھيو. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو تہ پنھنجي گهر ۾ آھيان، معمول موجب ئي گهر جا ڪم ڪري رھيا آھيان گهر جي ٻھاري ڏيڻ کان پوءِ گند ٻاھر اڇلائي رھي آھيان. ايتري ۾ منھنجي نظر استري ڪندڙ نوجوان دڪاندار تي پئي ٿي. ھو بہ مون ڏانھن ڏسي پيو پر ھو لاتعلق نظرن سان نہ پر مسڪرائيندي ۽ محبت ڀريل نظرن سان ڏسي پيو. آءٌ جيئن گهر ڏانھن واپس مڙان پئي تہ ھو مون کي سڏ ڪري ٿو. سڏ سان گڏ منھنجي اک کلي ٿي. ڪيئي لمحا آءٌ ھلڪي روشني ۾ ڇت کي گهوريندي رھيس.
”ھو مون کي ايترو ڇو ياد اچڻ لڳو آھي؟“ آءٌ ڄڻ پاڻ کان پڇان ٿي.
”شايد مونکي ھن سان محبت ٿي وئي آھي. “ دل جي ڪنھن ڪنڊ مان آواز آيو. مون سوچيو تہ ان ڳالھہ کان انڪار ڪريان، پر پاڻ پنھنجي ان اقرار کان انڪار نہ ڪري سگهيس.
پر ڪڏهن بہ محبت جي ڪا ڳالھھ، ڪو اشارو نہ ھن ڪيو نہ مون ئي ايئن سوچيو ھيو. مون کي صبح تائين وري ننڊ نہ آئي. آءٌ صبح جو ناشتو ڪري نگهت وٽ ھلي آيس، پر ھت بہ منھنجي دل ڪانہ لڳي. تنگ ٿي اٿڻ جو سوچيم تہ نگهت مون کي وٺي پنھنجي ڪمري ۾ آئي، کٽ تي مونکي ويھاري مون ڏانھن چتائي ڏسڻ لڳي.
”ايئن ڇا پئي ڏسين؟“ مون حيرت مان پڇيو.
ڪجهہ دير تائين ھوءَ خاموشيءَ سان مون کي ڏسندي رھي پر پوءِ اوچتو پڇيائين.
”ڪير آھي ھو؟“
”ڪير؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”اھو. . . جنھن کي تون ايترن ڏينھن کان ياد پئي ڪرين“ ھن مون کي غور سان ڏسندي پڇيو.
”نہ نہ. . . اھڙي ڪابہ ڳالھہ نہ. . . “ تڪڙ ۾ چوڻ چاھيم.
”ڪوبہ ڪوڙ نہ ڳالھاءِ. . . اڳ تون ھت ايندي ھئينءَ تہ ڏاڍو کلندي، ڳالھائيندي ھئينءَ. . . ھاڻ ايئن پيو لڳي ڄڻ تنھنجو جسم تہ ھتي آھي پر دل، روح ڪٿي ٻي ھنڌ آھي. “
نگهت آھستي آھستي چيو آءٌ خاموش رھيس.
”سچ ٻڌاءِ. . . ڪير آھي اھو؟“ ھن ٻيھر پڇيو.
اوچتو ئي منھنجي اکين جا بند ٽٽي پيا، آءٌ روئيندي رھيس پر ھن مونکي چپ ڪرائڻ جي ڪائي بہ ڪوشش نہ ڪئي، ڪجهہ دير بعد ھن مون کان وري ھن جي باري ۾ پڇيو.
”اسان جي گهر جي سامھون ھن جو دڪان آھي“ مون ھوريان چيو ۽ آھستي آھستي کيس ھن بابت ٻڌايم. ھن بہ ڪافي سوال ڪيا آخر ۾ پڇيائين، ”مطلب تہ توھان ٻئي روبرو مليا بہ نہ آھيو؟“
مون انڪار ڪيو تہ ھوءَ کلڻ لڳي.
”نورين. . . اڪٿر ايئن بہ ٿيندو آھي تہ ڪجهہ ماڻھن کي اسان غير اھم سمجهندا آھيون. . . پر انھن جي اھميت اسان جي دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ موجود ضرور ھوندي آھي، جنھن جو احساس اسان کي تمام دير سان ٿيندو آھي. . . ھڪ عورت ھجڻ جي ناتي سان تنھنجي دل ۾ اھا خواھش لڪيل ضرور ھئي تہ ھو توکي ڏسي ۽ تو ۾ دلچسپي وٺي. . . ان ڳالھہ جو احساس توکي ھتي اچي وڌيڪ ٿيو آھي. . . “
نگهت چوندي رھي، مون دل ئي دل ۾ مڃيو تہ واقعي منھنجي دل ۾ خواھش ھئي تہ ھو مون کي ڏسي. . .
”ھاڻي ڇا سوچيو اٿئي؟“ نگهت پڇيو.
”ڇا مطلب؟“
”مطلب تہ اڪثر ڇوڪرا، ڇوڪرين جي پويان وتن ٿا رلندا. . . جيڪڏھن توکي ھن سان محبت آھي تہ پوءِ اظھار ڪرڻ ۾ بہ توکي اڳرائي ڪرڻي پوندي. “
ھن شرارت مان اک ھڻندي چيو، آءٌ شرم منجهان خاموش رھيس. ان ڏينھن محبت جي اعتراف ڪرڻ کان پوءِ منھنجي دل مان سموري پريشاني ۽ بيچيني ختم ٿي وئي. پر ھاڻي آءٌ اھو سوچيندي ھئس تہ ڇا ھو بہ مونکي ياد ڪندو ھوندو؟ پوءِ ھو منھنجي تصور ۾ ايندو ھو تہ ڄڻ اسان جي گهر جي دروازي ۾ ھن جون اکيون کتل آھن. . . . ھن کان پري ٿي جنھن نموني سان مون کي ھن جو احساس ٿيو، شايد مون کان پري ٿي ھو بہ مون بابت سوچيندو ھجي؟ ڪجهہ ڏينھن بعد بابا اسان کي وٺڻ آيو تہ مون کي پنھنجي شھر، پنھنجي گهر موٽڻ جي بي انتھا خواھش ٿي. نگهت کان موڪلايم تہ ھن ھوريان مونکي ڪن ۾ چيو:
”ھن جي محبت ۾ اسان کي نہ وسارجانءِ. “
واپسي جو سفر الاءِ ڪيئن ڪٽيو، دل چوي پئي تہ اڏامي پنھنجي گهر پھچان. اسان جڏھن پنھنجي گهر واري گهٽي ۾ پھتاسين ۽ ٽانگي تان لھندي تيز ڌڙڪندڙ دل کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي اکيون کڻي ھن جي دڪان ڏانھن نھاريم،
ھو ڪجهہ دوستن سان گڏ ويٺو اسان ڏانھن ئي ڏسي رھيو ھو. ھن جي چھري تي اھو ئي سڪون ۽ اکين ۾ اھا ئي لاتعلقي ھئي پر آءٌ ھن کي بيخود ٿي ڏسي رھي ھئس، پنھنجي ماءَ جي سڏ ڪرڻ تي آءٌ ٿورو ڇرڪي گهر ڏانھن وڌڻ لڳس.
آءٌ سڀن کان آخر ۾ ھلي رھي ھيس ۽ گهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ مڙي ھن ڏانھن ڏٺو، ھو بہ اسان ڏي ڏسي رھيو ھيو پر ھن جي چھري تي ڪي بہ خاص تاثر نہ ھيا. ھڪ لمحي لاءِ آءٌ اداس ٿي ويس. مون سوچيو ھيو تہ ھو بہ مون وانگر بي چين ھوندو ۽ مون کي ڏسي مسڪرائيندو پر وري خيال آيو تہ ٿي سگهي ٿو تہ اھا بي پرواھي ۽ لاتعلقي سندس فطرت جو حصو ھجي ۽ دل ۾ ھو بہ مون وانگر ئي محسوس ڪندو ھجي. پوءِ جي ڏينھن ۾ آءٌ جڏھن بہ گهر جي صفائي کان فارغ ٿي گند ڪچرو دٻي ۾ اڇلائڻ لاءِ دروازي کان ٻاھر ڏسندي ھئس تہ ھن کي ڏسي منھنجي چپن تي مسڪراھٽ اچي ويندي ھئي.
ھوريان ھوريان ھن جي رويي ۾ بہ تبديلي اچڻ لڳي ۽ ھو بہ مون کي ڏسي مسڪرائڻ لڳو ھو ۽ نيٺ گهڻن ڏينھن کان پوءِ مون کيس ھڪ خط لکيو ۽ بابا جي سگريٽ جي خالي ڪيل دٻي ۾ وجهي گند واري دٻي ۾ اڇلائي ھن کي اشارو ڪيم تہ ھو ھي پاڪيٽ کڻي.
ٻن ڏينھن کان پوءِ ھن جو جواب مليو جنھن ۾ ھن لکيو ھو،
”آءٌ تنھنجي محبت جو قدر ڪيان ٿو پر ياد رکجان تہ آءٌ محبت کي راند يا وقت گذاري نہ سمجهندو آھيان. “
ايئن خط ايندا ويندا رھيا، مون کي خبر پئي تہ ھن جو نالو وسيم آھي. پوءِ اسان اڪثر مختلف جڳھن تي ملڻ لڳا ھياسين. ڪجهہ عرصي بعد مون کي خبر پئي تہ منھنجي گهر وارا منھنجي شادي لاءِ سوچين پيا. آءٌ پريشان ٿي ويس. وسيم سان ملاقات ڪري کيس گهر وارن جي ڪوششن بابت ٻڌايم.
ھو بہ پريشان ٿي ويو. اسان کي پڪ ھئي تہ منھنجا والدين منھنجو رشتو وسيم سان ٿيڻ ڪونہ ڏيندا. نيٺ اسان فيصلو ڪيو تہ اسان عدالتي پرڻو ڪنداسين، اسان ٻنھي سڄو پروگرام طئي ڪيوسين، ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيوسين تہ ان ڏينھن صبح جو سوير ڪراچي وڃڻ واري گاڏي ۾ سوار ٿي ھتان نڪري وينداسين.
منھنجي عجيب حالت ھئي، خوف، ڪيئي وھم ذھن تي سوار ٿيا ھيا پر وسيم سان گڏ زندگي گذارڻ جو تصور ھر وھم کي دور ڪري ڇڏيندو ھيو. . . . وقت گذرندو رھيو ۽ نيٺ اھا گهڙي، اھي پل بہ اچي ويا جڏھن رات جي پوئين پھر ۾ پنھنجي گهر مان چورن وانگر نڪري آيس.
ھڪ مارڪيٽ جي ويران ڪنڊ ۾ ملڻ جو پروگرام ھيو آءٌ اتي اچي ڪنڊ وٺي بيھي رھيس ۽ وسيم جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳيس. . . . وقت ھوريان ھوريان گزرڻ لڳو. . . ھر لمحو صديءَ جيترو لڳي رھيو ھيو. ان ڏينھن واقعي احساس ٿيو تہ انتظار جا لمحا ڪيترا ڊگها ٿيندا آھن ۽ انتظار ۾ ڪيتري اذيت ھوندي آھي. . . الاءِ تہ ڪيترو وقت گذري چڪو ھو. . . صبح ٿيڻ وارو ھو! ھڪ اڌ ٽانگي وارا بہ اتان لنگهي ويا ۽ جڏھن صبح جي هلڪي روشني ۾ منھنجو اتي لڪي بيھڻ ممڪن نہ رھيو تہ وھمن جا ھزارين نانگ مون کي ڏنگڻ لڳا.
”ھو ڇو نہ آيو. . .؟ ھو ڇو نہ آيو؟“ آءٌ پاڻ کان بار بار پڇڻ لڳس.
”ھاڻ آءٌ ڇا ڪريان؟؟“ آءٌ پريشان ٿي سوچڻ لڳس.
”وڌيڪ انتظا ڪريان. . . يا گهر واپس وڃان.؟“
مونکي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي! عقلمندي ان ۾ ھئي تہ ھت وڌيڪ بيھڻ فضول ھيو، جڏھن تہ دل واپس وڃڻ نہ پئي چاھي.
ان لمحي مون دعا گهري تہ يا خدا زمين ٻہ ٽڪر ٿي پئي ۽ آءٌ پاڻ کي ان ۾ ھميشہ ھميشہ لاءِ گم ڪري ڇڏيان.

محبوب
شروع شروع ۾، مون ان ڳالھہ تي ڪو توجهہ نہ ڏنو تہ جتي مون دڪان کوليو آھي، ان جي بلڪل سامھون واري ننڍڙي گهٽي ۾ ھڪ گهر بہ آھي. ان گهر ۾ ڪنھن مرد يا ايئن چئجي تہ ڪنھن نوجوان لاءِ دلچسپيءَ واري ڪا ”شئي“ ھئي تہ اھا ھئي ان گهر ۾ رھندڙ ھڪ سانوري نوجوان پر قبول صورت ڇوڪري، مان سمجهان ٿو تہ منھنجي جاءِ تي ڪو عام ٻيو نوجوان ھجي ھا تہ ان ڇوڪريءَ ۾ پھرين ڏينھن ئي دلچسپي وٺي ھا. پر آءٌ ان طبيعت جو نہ ھيس، ان ڪري نہ تہ ان ڇوڪريءَ ۾ دلچسپي ورتي نہ ئي ڇوڪريءَ جي ڪري ان جي والدين سان ڪا ڊيگهہ ڪئي.
ھا شروع جي ڏينھن ۾ مون محسوس ڪيو تہ ڇوڪريءَ جو پيءُ ڪڏھن مون کي گهوري ڏسندو ھيو تہ ڪڏھن چور اکين سان ڏسندو ھيو تہ آءٌ ھن جي گهر، يا ھن جي نوجوان ڌيءُ ڏانھن ڏسان ٿو يا نہ؟
پر مون ھن جي ڪڏھن بہ پرواھہ نہ ڪئي ڇو تہ آءٌ سمجهان پيو تہ ھڪ نوجوان ڌيءَ جي پيءُ کي ايترو تہ ھوشيار ھجڻ کپي پر ٿوري ئي عرصي ۾ ھو منھنجي طبيعت کي شايد سمجهي ويو ھو تہ ھن مان ڪنھن بہ قسم جو ڪو ”خطرو“ نہ آھي تنھن ڪري ھن جي نھار ۾ گهور نہ رھي ھئي.
زندگي ھڪ عام معمول موجب گذري رھي ھئي. . . . آءٌ روز صبح جو اچي دڪان کولي پنھنجي ڪم سان لڳي ويندو ھيس ۽ ڪجهہ دير بعد ھوءَ سانوري ڇوڪري بہ گهر جي صفائي وغيره ۾ گڏ ٿيل گند ڪچرو کڻي گهر جي دروازي جي ٻاھران رکيل ٽين جي دٻي ۾ وجهي مون ڏانھن ھڪ عام نظر سان ڏسي اندر ھلي ويندي ھئي ۽ آءٌ بہ ھن تي ھڪ عام بي تعلق، بي مطلب نظر وجهي وري پنھنجي ڪم سان لڳي ويندو ھيس.
شروع وارن ڏينھن ۾ منھنجي ڪري ھو پنھنجي گهر جو دروازو اڪثر بند رکندا ھيا پر جڏھن ھنن محسوس ڪيو تہ آءٌ ھنن جي زندگيءَ ۾ ڪائي دلچسپي نٿو وٺان تہ ھو دروازو بند رکڻ جي تڪليف بہ گهٽ ڪندا ھيا ۽ ھوا تي پردو ھيڏي ھوڏي ٿيڻ ڪري ھو اڪثر گهر جو ڪم ڪندي نظر اينديون ھيون. شام جو جڏھن آءٌ دڪان بند ڪري ھليو ويندو ھيس تہ مون کي ياد بہ نہ رھندو ھيو تہ ڪو منھنجي دڪان جي سامھون واري گهر ۾ ڪا نوجوان سانوري ڇوڪري بہ رھندي آھي. ڪو دوست منھنجي دڪان تي ويھي جڏھن سامھون واري گهر جي ان سانوري ڇوڪريءَ کي ڏسندو ھيو تہ ڏاڍو عجيب نظرن سان مون ڏانھن ڏسندو ھيو. ڪو دوست تہ چئي ڏيندو ھيو ”يار سٺي جڳھہ تي دڪان کوليو اٿئي“ ايئن چئي سامھون ڏسي وري مرڪندو ھيو. پر آءٌ پاڻ ھر ڳالھہ کان ڄڻ لاتعلق بڻيو ويٺو ھوندو ھيس.
ڪافي عرصي کان پوءِ ھڪ ڏينھن ڏٺم تہ ان گهر جا سڀئي ڀاتي تيار ٿي ڪٿي ٻاھر ھليا ويا ھيا. ان ڏينھن صرف ان ھڪڙي ڏينھن آءٌ محسوس ڪندو رھيس تہ ڄڻ ڪا شئي ڪا ڳالھہ معمول کان ھٽيل آھي، پوءِ باقي ڏينھن ۾ مون ھنن کي تمام گهٽ محسوس ڪيو/ياد ڪيو. ايئن ڪيئي ڏينھن بعد ھڪ ٽانگو اچي ان گهٽيءَ ۾ بيٺو ۽ ان گهر جا سڀئي ڀاتي ٽانگي مان لٿا.
ھڪ لمحي لاءِ آءٌ ھنن ڏانھن متوجهہ ٿيس. ھو سڀ گهر ڏانھن وڃڻ لڳا پر سانوري ڇوڪري بيھي عجيب نظرن سان مون ڏانھن چتائي ڏسڻ لڳي، ھوءَ اھڙي انداز سان ڏسي رھي ھئي جو آءٌ حيران ٿي ويس، ڇو تہ ان کان اڳ ھن ڪڏھن بہ مونکي اھڙين نظرن سان ڪونہ ڏٺو ھو.
ھوءَ جڏھن پنھنجي گهر جي اندر گهڙڻ لڳي پوءِ بہ چند لمحن لاءِ بيھي مون ڏانھن نھاري اندر ھلي وئي. مون وٽ ڪجهہ دوست بہ ويٺا ھيا. انھن بہ اھا ڳالھہ صاف محسوس ڪئي تہ ڇوڪري واقعي مون ڏانھن ئي ڏسندي وئي ھئي دوستن پڇا ڪئي تہ ”ڇا چڪر آھي؟“ پر ڪو چڪر ھيو ئي ڪونہ تہ آءٌ ھنن کي ڇا ٻڌايان ھا.
البتہ مان پاڻ بہ حيران ھيس تہ ڇوڪري ايئن ڇو ڏسندي وئي؟ مون پھريون ڀيرو سڄي رات ان بابت سوچيو، آءٌ سوچڻ لڳو ھيس تہ ڇا ھوءَ مون سان محبت ڪرن لڳي آھي؟! پر مون تہ ڪڏھن بہ ھن کي اھڙو ڪو اشارو، ڪو پيغام ڪونہ ڏنو تہ ڪو مان ھن ۾ دلچسپي رکان ٿو؟
ان ڏينھن کان مون ھن جي ڏسڻ ۽ مسڪرائڻ ۾ فرق ڏٺو، ھوءَ بھاني بھاني سان دروازي تائين ايندي ھئي، دٻي ۾ ڪچرو ۽ مون ڏانھن مسڪراھٽ اڇلي ھلي ويندي ھئي. آخر آءٌ گهڻو عرصو ھن کان لاتعلق رھي نہ سگهيس ۽ پنھنجي دل ۾ ھن لاءِ محبت محسوس ڪرڻ لڳس، ھڪ ڏينھن ھن سگريٽ جي پاڪيٽ ۾ خط لکي اشاري سان کڻڻ جو چيو، جنھن کي پڙھي مون کي پڪ ٿي تہ ھوءَ مون سان محبت ڪرڻ لڳي ھئي. ھوءَ منھنجي زندگي ۾ ايندڙ پھرين ڇوڪري تہ ڪانہ ھئي پر ھن جي محبت منھنجي اڳين ناڪام محبتن جي درد کي ڪنھن حد تائين گهٽ ضرور ڪيو ھيو.
اسان ٻنھي ملڻ بہ شروع ڪيو ھيو ۽ ھر ملاقات ۾ مون کي محسوس ٿيندو ھيو تہ ھوءَ ڪيتري حد تائين مونکي چاھيندي ھئي. ڪجهہ عرصي بعد ھڪ ملاقات ۾ ھن ٻڌايو تہ گهر وارا ھن جي شادي لاءِ سوچين پيا. ان لمحي مون کي ٿورو ڏک محسوس ٿيو.
”تہ ڇا منھنجي ھيءَ محبت بہ مون کان کسجي ويندي؟“
مون سوچيو پر نورين پاڻ ئي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،
”اسان ٻئي عدالتي پرڻو ڪنداسين. “ ھن ايتري اعتماد ۽ محبت سان چيو جو آءٌ بہ ھا ڪري ويٺس سڄو پروگرام سيٽ ڪيوسين تہ اسان کي ڪڏھن ھتان نڪري وڃڻو آھي مون ان ڏينھن کان ھتان ھُتان ڪجهہ پيسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا تہ جيئن جڏھن نورين سان گڏ گهران نڪري ھلان تہ اتي ڪا پريشاني نہ ٿئي.
ھڪ ڏينھن اڳ شام جو جڏھن تہ ٻي ڏينھن صبح جو سوير اسان کي پھرين گاڏيءَ ۾ ڪراچي نڪري وڃڻو ھيو. آءٌ رات جي ماني کائڻ گهر آيس. مون جلد ئي محسوس ڪيو تہ گهر ۾ ڪجهہ خاموشي آھي. مون وڏي ڀاڄائيءَ کان ماني گهري جڏھن ھوءَ ماني کڻي آئي تہ مون پڇيو:
”ڇا ڳالھہ آھي ڀاڄائي. . . گهر ۾ خاموشي آھي؟“
”توکي ڪا خبر نہ آھي؟“ ھن ھوريان پڇيو.
”نہ. . . ڇا ٿيو؟“ مون تڪڙ ۾ پڇيو.
”ھو. . . رشيد. . . مري ويو“
ھڪ لمحي لاءِ مون کي ڪائي ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي پر جڏھن سمجهي ويس تہ منھنجي ذھن ۾ ڌماڪا ٿيڻ لڳا.
”رشيد مري ويو؟ ڪيئن؟“ مون پڇيو.
”ايڪسيڊنٽ ۾. . . “
مون پاڻ کي پرسڪون ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻہ چار گرھہ مانيءَ جا کائي گهر مان نڪري آيس. پر منھنجي ذھن ۾ انھن لفظن جو پڙادو ھٿوڙي جيان وسي رھيو ھو.
”رشيد مري ويو. . . رشيد مري ويو. . .
اھو ماڻھو مري ويو جنھن کي مارڻ جو مون ڪيئي ڀيرا سوچيو ھيو، منھنجو مائٽ ھو ۽ منھنجي گهر جا سمورا ڀاتي سمجهن پيا تہ منھنجو وس پڄي ھا تہ آءٌ رشيد کي ماري چڪو ھجان ھا ۽ اڄ جڏھن تہ ھن کي مارڻ جو جذبو توڙي جو گهٽجي چڪو ھو، پر آءٌ ھن جي موت کي نظرانداز نہ پيو ڪري سگهان. آءٌ اڌ رات تائين ايئن آوارہ رلندو رھيس. سوچيندو رھيس تہ نورين وٽ مقرر ٿيل وقت تي وڃان يا نہ. . .؟!
گهر اچي کٽ تي سمھي بہ سوچيندو رھيس.
”نورين کي وٺي ھليو وڃان؟ يا کيس رشيد جي موت بابت ٻڌايان. “
آءٌ ڪو فيصلو نہ ڪري سگهيس. ايتري دير تائين جو مون کي محسوس ٿيو تہ نورين کي ڏنل ٽائيم کان ڪافي دير ٿي چڪي آھي. بس ھڪ لمحو اھڙو ھو جنھن ۾ مون فيصلو ڪري ورتو ۽ تيز تيز ھلندو مقرر جڳھہ تي پھتس، ڏٺم تہ نورين بي صبريءَ سان، بيچينيءَ مان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي رھي آھي ۽ جڏھن ڏٺم تہ ھوءَ شايد واپسيءَ لاءِ قدم کڻڻ واري ھئي تہ مون کيس ھوريان سڏ ڪيو.
”نورين. . . “
جيئن پاڻيءَ مان نڪتل مڇيءَ کي ٻيھر پاڻيءَ ۾ وڌو ويندو آھي تيئن نورين بہ تڙپي خوشيءَ ۽ حيرت واري ڪيفيت ۾ مون ڏانھن ڏٺو ڊوڙ پائي مون سان چنبڙي ۽ روئڻ لڳي.
”ڇو؟ ڇو دير ڪيئي؟“ ھو پڇندي رھي. ھن جا ڳوڙھا وهڻ بند ٿيا تہ کيس پاڻ کان الڳ ڪيم.
”نورين. . . آءٌ توکي ڪجهہ ٻڌائڻ پيو چاھيان. . . . “ چوڻ شروع ڪيم تہ ھوءَ منجهيل نظرن سان مون ڏانھن ڏسڻ لڳي.
”نورين توکان اڳ آءٌ ھڪ ٻي ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو ھيس شديد محبت. . . جنھن جو تون اندازو بہ نٿي ڪري سگهين. . . پوءِ ھن ڇوڪريءَ کي مون کان جدا ڪيو ويو. . . ھن جي شادي ٻئي ھنڌ ڪرائي وئي ۽ آءٌ زماني کان بيزار ٿي رلندو رھيس. ھوريان ھوريان پاڻ کي ڪنھن حد تائين سنڀاليم. . . وري منھنجي زندگيءَ ۾ تون آئينءَ. . . آءٌ اڪٿر ايمانداري سان تو بابت سوچيندو آھيان تہ ڇا واقعي مون کي . . . توسان. . . محبت آھي؟؟. . . پر ايمانداريءَ جي ڳالھہ اھا آھي تہ توکي تہ مون سان بي انتھا محبت آھي. . باقي آءٌ تہ صرف تنھنجي پيار جو ڪنھن حد تائين قدر ڪرڻ وارو آھيان. . . “ چوندي چوندي ھن ڏانھن ڏٺم. . . ھوءَ ڪجهہ بہ نہ سمجهڻ واري انداز ۾ مون ڏانھن ڏسي رھي ھئي.
”نورين. . . اڄ اھو ماڻھو مري ويو آھي، جنھن کي آءٌ پاڻ مارڻ لاءِ سوچيندو ھيس. . . اھو ماڻھو. . . منھنجي پھرين محبوبہ جو مڙس ھو. . . . “
مون انتھائي نفرت مان چيو.
”۽ نورين. . . آءٌ توسان شادي نٿو ڪري سگهان“ چئي ھن ڏانھن ڏٺم. ٽيوب لائيٽس جي روشنيءَ ۾ ھن جو چھرو اونداھو ٿيندي محسوس ڪيم.
”نورين. . . منھنجي محبوبہ جو مڙس مري ويو آھي. . . ھاڻي ھوءَ آزاد ٿي آھي. . . آءٌ ان سان شادي ڪندس. “
مون ھن ڏانھن ڏٺو مون کي لڳو ڄڻ ھوءَ نورين نہ پر پٿر جو ڪو مجسمو ھجي.
اسان ٻئي خاموش ھياسين.
اوچتو ڄڻ ھن پٿر جي مجسمي ۾ ساھہ پيو. . . ھوءَ ھوريان ھوريان وڃڻ لڳي. . . بلڪل خاموشيءَ سان. . . منھنجي ذھن ۾ عجيب بيچيني ٿيڻ لڳي. . . مون سوچيو ھيو ھوءَ روئندي، دانھون ڪندي يا مون کي برو ڀلو چوندي. . . پر ھوءَ خاموش رھي ھئي جنھن جي مون کي اميد نہ ھئي. . . .
شايد جيئن ھن کي اوچتو مون سان محبت ٿي ھئي تيئن ئي ھن کي مون کان بي انتھا نفرت بہ ٿي ھئي. . .
ھوءَ ڪجهہ چوي ھا تہ شايد آءٌ پنھنجي نظرن ۾ پاڻ ايترو نہ ڪران ھا. . . پر ھوءَ خاموش رھي، مون کي منھنجي ئي نظرن ۾ ڪيرائي وئي.
الائي ڇو. . . منھنجي دل چاھيو تہ زمين ٻہ ٽڪرا ٿي وڃي ۽ آءٌ ھميشہ ھميشہ لاءِ پاڻ کي ان ۾ گم ڪري ڇڏيان.
**

جُملي باز

ھو پنھنجن دوستن ۾ سڀني کان تيز سمجهيو ويندو ھيو، شرارتن ۾، جملي بازيءَ ۾، خاص طور جڏھن معاملو ڪنھن ڇوڪريءَ جو ھجي تہ.
ھن جون ڪيل شرارتون، ھن جا چيل جملا، پنھنجي دوستن ۾ مثال ڏيڻ جيترو مشھور ٿيندا ھيا.
ڪڏھن ڪڏھن تہ ھو پاڻ دل ئي دل ۾ سوچيندو ھيو.
”واقعي. . . مون جھڙو شرارتي يا جملي باز شايد ھزارن ۾ ڪو ھجي. “
شبير چوندو ھيو، ”جنھن ڇوڪريءَ جي بدقسمتي ھجي اھا معين جي سامھون اچي. . . “
ھن ھڪ ڀيري چيو ھيو
”ڇوڪريون ساوا مرچ اٿئي. . . کائڻ وقت وات سڙي. . . پر ھضم ٿيڻ کان پوءِ ھزار فائدا. “
سڀني جا گڏيل ٽھڪ گونجيا ھيا.
ان ڏينھن کان پوءِ ھن جا سمورا دوست ڪنھن ڇوڪريءَ جو ذڪر ڪندا ھيا تہ ڇوڪريءَ جي بدران لفظ، ”سائو مرچ“ استعمال ڪندا ھئا، ڪو چوندو ھو، ”اڄ سائو مرچ ڏٺم. . . “
يا وري ڪو چوڻ چاھيندو ھيو تہ فلاڻي جي گهر ۾ گهڻيون ڇوڪريون آھن يا ڏٺم تہ اھو چوندو ھيو.
”فلاڻي جي گهر ۾ ڏاڍا ساوا مرچ پوکيل آھن. . . “
۽ پوءِ دوستن جا تبصرا شروع ٿيندا ھئا.
ھڪ ڀيري ھڪ ڇوڪريءَ جو گهمڻ کيس ڏاڍو وڻيو پوءِ تہ اٿيندي ويھندي کيس ياد ڪري چوندو ھيو.
”ھن جو جسم ايئن لڏي رھيو ھيو ڄڻ نرم نرم جيلي ڪسٽر. . . “
شبير سان گڏ گهمندي ھڪ ڀيري سامھون ايندڙ ڇوڪريءَ کي نظر وارو چشمو پاتل ڏسي رڙ ڪيائين:
”شبير ڏس تہ. . . ڇوڪريءَ جون ڏائڻ جيڏيون اکيون. . .؟“
ڇوڪري بہ ويچاري ڪا سادي ھئي، جلدي ۾ چشمو لاھي چيائين:
”نہ ڀائو اھي عينڪ جي ڪري ايئن آھن. . . “
ھو ٻئي ٽھڪ ڏيندا ھليا ويا ھئا.
ھڪ ڏينھن رضوان کي اداس ڏسي ھن اداسيءَ جو سبب پڇيو، رضوان ڪافي دير تائين نٽائيندو رھيو آخر سچي ڪيائين تھ،
”ھڪ ڇوڪري آھي. . . لفٽ نٿي ڪرائي. “
”تو ڪا ڪوشش ڪئي. . .؟“ معين پڇيو.
”ھا. . . ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو تہ ڳالھائي نٿي. . . “
”ڪو خط وغيره؟“
”لکي ڏيان ٿو وٺي ئي نٿي. . . ڊڄڻي آھي. . . “
رضوان ايڏي تہ معصوميت سان، ”ڊڄڻي آھي“ چيو جو ھن کان ٽھڪ نڪري ويو.
”ڊڄڻي آھي تہ اڃا سٺو. . . بھادر ٿي ويندي. “ ھن رضوان کي تسلي ڏني. ٻئي ڏينھن ھن ويڪرا ڪپڙا پاتا ۽ ڪنھن کان ورتل ٽوپي نرڙ تي رکي ڪاليج کان موڪل وقت رضوان سان گڏ ان ڇوڪريءَ جو پيڇو ڪيو، ھڪ گهٽيءَ ۾ اھا ڇوڪري ۽ ان جي ساھيڙي پويان ھلندي معين رعب واري آواز ۾ چيو. ”رضوان. . . منھنجي دل چوي ٿي تہ ور مان پستول ڪڍي تنھنجي محبوبہ کي ماري ڇڏيان. . . “
”ڇو؟“ رضوان منصوبي موجب حيرت مان پڇيو.
”ان ڪري تہ ھو توسان پيار نٿي ڪري. . . “
معين تيز لھجي ۾ چيو.
”نہ نہ. . . ھوءَ مون سان پيار ڪري ٿي پر ٿورو ڊڄي ٿي. . . “
رضوان چيو: ”چڱو سڀاڻي ھن کي خط ڏي، نہ وٺي يا ٻئي ڪنھن کي ٻڌائي تہ مون کي ٻڌائجانءِ. آءٌ پستول سان ھن کي ختم ڪندس.
ڇوڪريون ھن جي اھڙي ڳالھہ تي ھيسجي تيز تيز قدم کڻي ھليون ويون ۽ ھي بہ ٽھڪ ڏيندا موٽي آيا ۽ واقعي ان ڇوڪريءَ رضوان جي لکيل خط کي قبول ڪيو پوءِ تہ رضوان ڄڻ معين جو مريد ٿي ويو.
ھن جي مريدن جو تعداد اڃا وڌي ھا پر ان کان اڳ ھو پاڻ ڪنھن جو مريد ٿي ويو. اھا سندس ڪا پري جي مائٽياڻي ھئي، جنھن جي حسن اڳيان ھو پاڻ شھيد ٿي ويو ھيو. ھن گهر وارن جي اڳيان چٽو چئي ڏنو:
”آءٌ شادي ڪندس تہ ان سان نہ تہ يقين ڪريون آءٌ خودڪشي ڪندس. . . “
سندس دوست حيران رھجي ويا تہ ڇا ھو ڪنھن ڇوڪريءَ سان ايڏي محبت ڪري سگهي ٿو؟
ڪنھن کي بہ يقين ڪونہ پئي آيو، پر ھن جي مڱڻي ان ئي ڇوڪريءَ سان ٿي ۽ ڪجهہ ئي مھينن ۾ شادي بہ، تہ ھر ڪنھن کي يقين اچي ويو.
سندس سڀ دوست ڏاڍا خوش ٿيا. شادي واري ڏينھن مذاقون ڪندي کلندي ھڪ دوست چيو؛
”ڏک ان ڳالھہ جو ناھي تہ تون ھاڻي اسان کي ٽائيم نہ ڏيندين. . . ڏک ان ڳالھہ جو آ تہ توکان پوءِ جملي بازي نہ ٿي سگهندي. . . “
سڀني ان ڳالھہ کي مڃيو. . . ان لمحي ھن دل ئي دل ۾ محسوس ڪيو تہ شايد واقعي ھن جي شادي کان پوءِ ھن جي جملي بازي ختم ٿيندي. . . شادي کان پوءِ ھوريان ھوريان دوستن کان پري ٿيندو ۽ ڏينھون ڏينھن مصروف ٿيندو ويو. زندگي بظاھر تہ پرسڪون گذري رھي ھئي پر جڏھن شادي جي ڪافي عرصي تائين کيس اولاد نہ ٿيو تہ ھن دل ئي دل ۾ باسون باسڻ شروع ڪيون. آخر ڊاڪٽرن کان ٽيسٽون ٿيون. رپورٽن موجب ٻئي زال مڙس بلڪل صحيح ھيا. بس پوءِ پيرن فقيرن کان دعائن تي ڌيان وڌي ويو. وڏي عرصي کان پوءِ خدا سندن مٿان مھربان ٿيو ۽ آخر اھو لمحو بہ اچي ويو جڏھن ھن کي اولاد جي خوشخبري ٻڌائي وئي.
”چنڊ جھڙي ڌيءُ ڄائي اٿئي. “
ڌيءُ ڄمڻ جو ٻڌي ھڪ لمحي لاءِ ھو اداس ٿي ويو، پُٽ جي خواھش.
ھڪ پٽ. . . جيڪو ھن جو بازو ٿي ھا.
پر اھي احساس ۽ ڌيءُ ڄمڻ جو ڏک ان لمحي ختم ٿي ويا، جڏھن ننڍڙي ڇوڪريءَ کي سندس جهول ۾ رکيو ويو. ڇوڪري بلڪل ھن جي ھمشڪل ھئي، ساڳيون وڏيون وڏيون اکيون، ڀورو چھرو، ھن کي لڳو ڄڻ ھن ٻيو جنم ورتو آھي.
”وڏي زندگي پئي آھي. . . “ ھن سوچيو
جنھن الله پاڪ اھا نياڻي ڏني آھي، اھو ئي پٽ بہ ڏيندو. . . “
بس ان ڏينھن کان پوءِ ھن جي زندگي ڄڻ اڃا وڌيڪ بدلجي وئي. ”مان پنھنجي ڌيءَ کي ڊاڪٽر بڻائيندس. “ ھن گهر ۾ اعلان ڪيو.
ان ڏينھن کان ھن وڌيڪ محنت ۽ خرچن ۾ بچت شروع ڪئي. ھن انشوورنس پاليسي ورتي ۽ وارث طور ڌيءُ جو نالو ڏنو، ھن کي ايئن لڳو ڄڻ ھن ڌيءُ لاءِ سڄي دنيا جو خزانو محفوظ ڪيو ھجي.
ھنن جي خاندان ۾ سالگرھ ملھائڻ جي ڪا روايت ڪانہ ھئي پر انشورنس جي سالياني قسط پياريندو ھيو تہ ڌيءُ جي عمر جو اندازو ۽ پنھنجي ڪراڙپ جو احساس ٿيندو ھيس.
ڌيءُ جي ڊاڪٽر ٿيڻ ۾ باقي ايترا سال. . .؟ ھو اندازو لڳائيندو ھيو. انشورنس جي قسط پيارڻ کان پوءِ ھڪ ڏينھن ڌيءُ چيس
”بابا. . . ھاڻ ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏيو. . . “
ھن خوشي ۽ حيرت مان پنھنجي ڌيءُ ۽ پوءِ ان ڪٻٽ ڏانھن ڏٺو، جنھن ۾ انشورنس جو فائيل پيو ھيو. ان کي لڳو ڄڻ سندس ڌيءُ سان گڏ اھي فائيل بہ وڏا ٿي ويا ھجن.
”جيجل! آءٌ توسان گڏ ھلندس ۽ ھلي داخلا وٺي ڏيندوسانءِ. “
ھن ڌيءُ کي خوش ٿي چيو.
ٻئي ڏينھن صبح جو ڌيءُ سان گڏ نڪتو. ھو ڌيءُ سان مستقبل جي باري ۾ ڳالھائيندو، مطمئن قدمن سان ھلي رھيو ھو.
”مان سچ پيو چوان“ ھن جي ڪنن ۾ آواز آيو، پر ھن صرف ھڪ لمحي لاءِ ڌيءُ سان ڳالھائڻ بند ڪيو، وري پنھنجي ڳالھہ جاري رکي پر پويان وري زور سان چيو ويو. ”نہ ايئن نہ آھي. . . “
”شرط لڳي؟“
ھن ٿورو منھن ورائي ڏٺو، پويان ٻہ نوجوان ڇوڪرا پاڻ ۾ ڪنھن ڳالھہ تي بحث ڪندا پئي آيا.
ھن کي پنھنجي نوجواني جو وقت ياد آيو. . . بي فڪري. . . بي پرواھي. . . ڳالھہ ڳالھہ تي بحث شرطون. . .
”بابا ھلو. . . “ ڌيءُ جي ھوريان سڏ ڪرڻ تي ھو ڇرڪي پيو ۽ اڳتي ھلندي وري پنھنجي ڳالھہ چوڻ جي ڪيائين تہ نوجوانن مان ھڪ جو ضد واري لھجي ۾ آواز ٻڌائين،
”توسان شرط لڳل آھي. . . “
”ٺيڪ“ ٻئي چيو،
ايتري ۾ ھو ٻئي ھنن جي ڀرسان گذريا.
”ڏٺئي غور سان؟“ ھڪ نوجوان چيو.
”ھا يار. . . واقعي شلوار ۾ ڇوڪريءَ کي اڳٺ نہ پر رٻڙ پاتل آھي. . . “
ٻنھي جا ٽھڪ گونجيا.
ھن کي لڳو ڄڻ اھي شرارتي جملا نہ پر باھہ جا گولا ھيا، جيڪي سندس ماضيءَ ھن جي ڪنن ۾ اُڇلايا هيا.
**

ڳاڙھا دَٻا

”اڙي توکي شرم اچڻ کپي. . . . “ بابا جو آواز ٻڌم پر ڪو ڌيان نہ ڏيندي ناشتو ڪندو رھيس. بابا بہ سمجهي ويو آھي تہ آءٌ نؤد ٿي ويو آھيان. ايتري ڳالھہ جو اثر نہ وٺندس. پر ھو بہ ڄڻ مون کي چيڙائڻ جو قسم کڻي ويٺو ھيو. وري چوڻ لڳو،
”توکي نہ دنيا جي ڳڻتي، نہ آخرت جو فڪر. . . . رڳو اٽي تي چٽي. . .“
بابا مونکي ”اٽي تي چٽي“ تہ اڪثر چوندو آھي. پر اڄ پھريون ڀيرو ”نہ آخرت جو فڪر” چيائين تہ ٿورو ڇرڪي پيس. ان ڪري نہ تہ مون کي آخرت جو فڪر ڪو ايڏو پريشان ڪيو. پر بابا اھو جملو اڳ ڪڏھن نہ استعمال ڪيو ھيو. ھونئن تہ گهڻو وقت اڳ بہ بابا جڏھن ڪا اھڙي ڳالھہ چوندو ھيو تہ ڪاوڙجي گهر ۾ ماني نہ کائيندو ھيس، پر ان ڏينھن بابا خوش ٿيندو ھيو تہ بيڪار ماڻھوءَ ماني جو ويلو ٽاريو. وري ڪوشش ڪندو ھيو تہ ٻئي ويلي اھا پاروٿي ماني مون کي ملي. جڏھن بابا جي اھا ’سازش‘ سمجهي ويو ھيس تہ ڪاوڙ ڪرڻ ڇڏي ڏني ھيم.
پر اڄ بابا آخرت جو طعنو بہ ڏنو تہ نہ رهي سگهيس.
ڇو بابا تبليغ تي وڃو پيا ڇا؟
اڄ آخرت ياد پيو ڪرين؟
”اڙي تنھنجي افعالن کي ڏسي تہ دنيا کان وڃڻ کپي“
چڙي جواب ڏنائين، ڪو جواب ڏيڻ بدران ماني جو آخري گرھہ بہ ’پيٽ ڀيڙو‘ ڪري اٿيس، گهر کان ٻاھر نڪرڻ لڳس تہ بابا رڙ ڪئي،
”اڙي جي شرم ھجئي تہ پنھنجي ھم عمر ڇوڪرن کان سبق پراءِ. . . ٻاھر ڏس تہ ھو ڇا، ڇا پيا ڪن!؟“
بيھي پڇيم ”ڪنھن وري ڇا ڪيو؟“
”ڏسجانءِ تہ قلندر بخش جي پٽ ڇا ڪيو آ؟ جو ھرڪو وتي ان جي تعريف ڪندو“
”بابا. . . جي ھو قلندر بخش جو پٽ آ تہ مان بہ سچل جو پٽ آھيان. . .
ڪڏھن نہ ڪڏھن تہ توھان بہ مون تي فخر ڪندؤ. . . “
بابا کي دلجاءِ ڏيڻ چاھيم.
”پر الائي ڪڏھن. . . “ دروازي کان نڪرندي نڪرندي بابا جو آواز ٻڌم.
آءٌ گهٽيءَ ۾ بيھي ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳس تہ قلندر بخش جي پٽ مظھر ڪھڙو ڪارنامو انجام ڏنو آھي، مون کي نہ تہ ڪا نئين بلڊنگ ٺھيل نظر آئي، نہ ڪو اھڙو ڪو ٻيو ڪم، جنھن جي ڪري بابا قلندر بخش جي پٽ جي ھروڀرو تعريف پيو ڪري.
”درَ جي اڳيان ڇو بيٺو آھين ڇورا؟“
آواز ٻڌي ڇرڪي ڏٺم تھ، ماسي نصيبان پنھنجي در اڳيان بيٺي مون کي شڪ ڀري نگاھن سان ڏسي رھي ھئي.
غير شادي شدہ ماڻھو، نالي ۾ بدنام، سو جلديءَ ۾ چيم،
”ڪجهہ بہ نہ ماسي“ ايئن چئي اڳتي وڌيس تہ پاڙي جا ٻہ چار ماڻھو ھڪ ھنڌ بيٺل ڏٺم، ويجهو پھتس تہ ھو پاڻ ۾ چئي رھيا ھئا،
”ڀاؤ واھہ جو ڪم ڪيائين“ پئي چيو
”ھائو سائين ان شئي جي ضرورت بہ ھئي، “
”ٽئين چيو ”الله اجر ڏيندس. “
مان بہ ويجهو اچي چڪو ھيس ڏٺم تہ ڀت ۾ ھڪ ڳاڙھي رنگ جو ننڍو دٻو لڳل ھو. جنھن مٿان اڇي رنگ سان لکيل ھو.
”اخبارن رسالن ۾ ڇپيل قرآني آيتن کي بيحرمتي کان بچايو، ھن دٻي ۾ قرآني آيتون وجهو. “
اسان جي پاڙي ۾ پھريون ڀيرو اھي دٻا لڳا ھئا. مون اتي بيٺلن کان پڇيو،
”سائين ھي ڪھڙي تنظيم وارن ھنيا آھن؟“
ھڪڙي ڪراڙي ماڻھوءَ چيو،
”ابا تنظيم وري ڪھڙي، شاباس آھي قلندر بخش واري پٽ مظھر کي. . . “
ٿڌو ساھہ ڀريم، سمجهي ويس تہ صبح سان بابا قلندر بخش جي پٽ جي تعريف ڇو پئي ڪئي. سچ پڇو تہ ان وقت مون کي بابا تي ۽ ھنن ماڻھن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ڀلا ھي ڪو ايڏو وڏو ڪم ھو جو ايتري قدر هُن جي تعريف ڪن پيا.
نظر ڦيرايم تہ گهٽيءَ ۾ پري تائين ٻہ ٽي ٻيا بہ اھڙا دٻا نظر آيا، مون کي حيرت ٿي تہ هر وقت ڪو نہ ڪو ڪتاب ھٿ ۾ کڻي، نظر وارو چشمو لڳل پنھنجي خيالن ۾ گم رھندڙ مظھر کي ھنن ”نيڪي وارا دٻا“ لڳائڻ جو خيال ڪيئن آيو؟
مظھر منھنجي پاڙي جو ھو پر منھنجي ساڻس ڪا خاص دوستي ڪانہ ھئي. ھو سدائين پنھنجي خيالن ۾ گم رھندڙ ۽ تنھائي پسند محسوس ٿيندو ھو. ھڪ دوست تہ ھڪ ڀيري ٻڌايو ھو تہ مظھر عيد تي ڪپڙا وٺن بدران پروين شاڪر جو مجموعو ”خوشبو“ ورتو ھو، ان ڳالھہ تي ڏاڍو کليا ھياسين. وري ڏٺوسين تہ مظھر نمازي بہ ٿيو آھي. ڏاڙھي تہ ڪانہ رکي ھيائين پر نماز تي باقاعدہ ويندي نظر ايندو ھيو.
ھو اسان وانگر ڪرڪيٽ کيڏندي، ھوٽل تي وي سي آر ڏسندي نظر نہ ايندو ھيو پر ڪتاب پڙھندي ڪراڙن ماڻھن سان ۽ ننڍن ٻارڙن سان ڪچھريون ڪندي نظر ايندو ھو.
”کڏ ۾ پوي“
مظھر بابت خيالن کان جان ڇڏائڻ لاءِ چيم ۽ پنھنجي پاڙي مان نڪري آيس. ايئن ڪافي ڏينھن تائين پاڙي ۾ مظھر جي لڳايل ڳاڙھن دٻن جو ڪافي چرچو ٿيندو رھيو.
مان ۽ مون جھڙا ٻيا نوجوان آزار ۾ پئجي ويا ھئاسين، وڏي عمر وارا اٿندي ويھندي اسان کي مظھر جو مثال ڏيڻ لڳا ھئا.
ھڪڙي ڀيري گهٽي ۾ مظھر ملي ويو، آھستي آواز ۾ ”لاحول“ پڙھيم پر ھو شيطان وانگر ڀڳو نہ پر منھنجي سامھون اچي زور سان اسلام عليڪم چيائين. وعليڪم چئي ھٿ ملايم تہ پنھنجو چشمو ٺاھيندي چوڻ لڳو:
”سائين ھڪ عرض ڪرڻو ھيم. . . “
”سائين حڪم ڪريو“ زبردستي چپن تي مرڪ آڻيندي چيم.
”سائين گهٽي ۾ اھڙا ڪجهہ ٻيا بہ دٻا لڳائڻا ھيا. . . اوھان مھرباني ڪري ھڪ دٻي جي ذميواري کڻو. . . “ ھن چيو.
”گهڻا پيسا. . . “ چوڻ چاھيم تہ منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي ڪنن تي ھٿ لائيندي چيائين،
”نہ سائين نہ. . . پيسا نہ کپن. . . بس ھڪ دٻو توھان ٺھرائي ڏيو. . . “
مون واعدو ڪيو تہ ھڪ دٻو ضرور ٺھرائي ڏيندس. ھو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ مھرباني چوندي ھليو ويو.
دل ۾ سوچيم تہ ايڏو سٺو تہ نہ آھيان جو دٻي تي خرچ ڪيان پر ھن جنھن اميد ۾ نماڻي انداز سان چيو، تنھن ڪري دل تي پٿر رکي ھڪ دٻو ٺھرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھيم. ڪجهہ ڏينھن وڌيڪ گذريا تہ رستي ۾ ويندي مظھر مون کي دٻو ٺھرائي ڏيڻ وارو واعدو ياد ڏياريو. مون کيس يقين ڏياريو تہ مون کي ياد آھي ۽ آءٌ جلد کيس ھڪ دٻو ٺھرائي ڏيندس. اصل ۾ بابا کي چيو ھيم تہ ڪجهہ ڪتاب وٺڻا آھن پيسا ڏيو، مون سوچيو ھيو تہ اتان ڪجهہ پيسا بچائي مظھر کي ھڪ دٻو ٺھرائي ڏيندس.
ھڪ ڏينھن جيئن دوستن سان گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ، گرمي جي ڪري پگهر ۾ ڳڙندو، گهر ۾ داخل ٿيس تہ بابا ڪجهہ پيسا ڏيندي چيو
”مٿي ۾ سور آھي، ميڊيڪل اسٽور تان ڪا ٽيبليٽ وٺي اچ. . . “
اتان موٽيم. گهر کان ٻاھر نڪتس تہ ڪجهہ قدم ھلڻ کانپوءِ جيئن نرڙ تي آيل پگهر کي آڱر سان اگهي زمين تي اڇلايم تہ زمين تي ڪنھن اخبار جو ٽڪرو نظر آيو، سوچيم تہ متان ڪا آيت نہ لکيل ھجي سو جهڪي کنيم تہ واقعي ڪي پاڪ نالا لکيل ھئا. ڪجهہ قدم اڳتي ھلي مظھر جي لڳايل ڳاڙھي دٻي تي نظر پئي. اخبار جو اھو ٽڪرو دٻي ۾ احترام سان رکيم تہ دٻي اندر ڪنھن ڀريل لفافي جي ھجڻ جو احساس ٿيو. غير ارادي طور ان کي کڻي ڪڍيم. اھو خاڪي لفافو ھيو. غير ارادي طور کوليم تہ ھڪ وڏو خط ھو، پڙھڻ لڳم:
”ڊيئر فرحانہ-سلام محبت
حيرت ۽ افسوس آھي جو توکي اڃا منھنجي محبت جو يقين نہ ٿو ٿئي، تنھنجي ڪري تنھنجي پيءُ سان گڏ نماز پڙھڻ شروع ڪيم. تنھنجن ننڍن ڀائرن سان دوستي رکيم. تنھنجي خطن لاءِ سھولت خاطر گهٽيءَ ۾ ڳاڙھا دٻا لڳايم تہ جيئن تون خط آساني سان ان ۾ وجهي سگهين. . . “
خط ڊگهو ھو صرف آخري سٽ پڙھيم تہ لکيل ھو،
’فقط تنھنجو. . . مظھر. . . ‘
**

جنت ۾ ڏھن سِرن جي جاءِ

منھنجا پيارا دوست. . .
مون ٻڌو آھي تہ تون ڏاڍو بيمار ٿي پيو آھين، توسان ملي بہ وڏو وقت ٿيو اھي. . . آءٌ تہ توسان ملڻ ٿو چاھيان، پر ڪجهہ مجبوريون آھن. . . توسان ملڻ نٿو اچي سگهان. پر جيڪا ڳالھہ آءٌ توکي چوڻ ٿو چاھيان، اھا ھن خط ۾ لکي رھيو آھيان. اميد تہ تون منھنجي خط کي نظر انداز نہ ڪندين.
مان جيڪا ڳالھہ ٻڌائڻ ٿو چاھيان اھا ڪا ايڏي پراڻي ڳالھہ بہ نہ آھي. ھي ان ڏينھن جي ڳالھہ آھي جڏھن آءٌ ھڪ ٻئي شھر کان پنھنجي شھر ڏانھن واپس اچي رھيو ھيس. ايئر ڪنڊيشنڊ ڪوچ ۾ آرامدہ سيٽ تي ويھندي مون بور ٿيڻ کان بچڻ لاءِ نئون ورتل ميگزين کولي پڙھڻ شروع ڪيو.
اڃا گاڏي جي ھلڻ ۾ ڪجهہ وقت ھيو ۽ ماڻھو پنھنجين سيٽن تي ويھي رھيا ھئا. ٿوري دير بعد گاڏي ھلڻ لڳي تہ مون مئگزين بند ڪري ويٺل ماڻھن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو.
مون کان اڳين سيٽ تي ھڪ پوڙھو سخص، صاف سٿري لباس ۾ ويٺل ھيو ۽ ان سان گڏ اٺن ڏھن سالن جو ڇوڪرو ويٺو ھيو. انھن کان اڳين سيٽن تي ٻہ نوجوان ڇوڪريون ويٺيون ھيون. منھنجون نظرون انھن مٿان کُپي ويون. پوڙھي سان گڏ ويٺل ڇوڪرو انھن ڇوڪرين سان ٿورو جهڪي ڪجهہ چئي رھيو ھيو. جنھن مان اندازو لڳايم تہ اھي سڀ ھڪ ئي فيملي جا آھن.
آءٌ ھنن ڇوڪرين کي دلچسپيءَ مان ڏسي رھيو ھيس. ان کان اڳ جي سفرن ۾ سدائين بسن ڪوچن ۾ ڪراڙيون يا ٻارن ٻچن واريون مايون گڏ سفر ڪنديون رھيون ھيون. پھريون ڀيرو ايئن ٿيو ھو، جو ٻہ نوجوان ڇوڪريون منھنجي اڳين سيٽن تي ويٺيون ھيون.
انھن مان ھڪ ڇوڪري ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي ڀر واري ڇوڪري کي ڪجهہ چوڻ يا ٻڌڻ لاءِ ٿورو منھن ڦيرائي ڳالھائيندي ھئي تہ ان جي منھن جو ھڪ پاسو نظر ايندو ھيو. باقي ٻي ڇوڪري سڌو ئي ويٺل ھئي.
اھا ڇوڪري شڪل جي ڪيئن ھوندي؟ آءٌ بار بار اھو سوچڻ لڳو ھيس. ڪافي وقت گذري ويو پر ان ڇوڪريءَ جو منھن نہ ڏسي سگهيس. منھنجي دل ۾ عجيب بيچيني ٿيڻ لڳي ھئي.
اھا سڌو ويٺل ڇوڪري شڪل جي ڪيئن ھوندي؟. . . آءٌ سوچيندو رھيس، اوچتو مون کي ھڪ خيال آيو.
مون ورتل ميگزين پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ۽ سوچڻ لڳس تہ ٿوريءَ دير ۾ اھو ڪراڙو وقت گذارڻ لاءِ مون کان ھي رسالو گهرندو. پوءِ اھو رسالو ھن کان اھي ڇوڪريون وٺنديون ۽ جڏھن اھو ميگزين واپس ٿيندو تہ ان جي ڪنھن صفحي تي ان ڇوڪريءَ جي سائن ٿيل ھجي. . . يا ڪجهہ جملا انڊر لائن ٿيل ھجن!؟ جيئن هڪ رومانوي فلم ۾ ڏيکاريل آهن.
جملا؟ ڪھڙا جملا؟
يقينن رومانوي جملا.
يا وري ان خوش پوشاڪ ڪراڙي سان مئگزين ڏيڻ ۽ وٺڻ کان پوءِ تعارف ٿئي ۽ پوءِ واقفيت وڌي ۽ ڪنھن اسٽاپ تي ھو، يا مان. . . ھڪ ٻئي کي چانھہ جي صلاح ھڻون.
چانھہ. . .؟ اھا انھن نوجوان ڇوڪرين سان؟
خاص طور ان ڇوڪريءَ سان، جنھن جو مون اڃا منھن بہ ناھي ڏٺو.
(ڇوڪرين سان گڏ چانھہ پيئڻ جي خيال سان شايد منھنجي چپن تي مرڪ تري آئي ھئي. )
”حضرات. . . ڌيان ڏيندا. . . “
اوچتو ھڪ زوردار آواز تي آءٌ ڇرڪجي خيالن مان نڪري آيس. بس جي اڳين حصي ۾ ھڪ ڊگهي ڏاڙھي وارو مولانا بيٺو سڀني سان مخاطب ٿي چئي رھيو ھو:
”حضرات. . . اوھان ۽ اسان ھن دنيا ۾ گهڻو ڪجهہ کائون کپايون ٿا. . . “
آنءُ بوريت مان ان مولانا جي تقرير ٻڌي رھيو ھيس ۽ آخر ۾ ھن چيو، ”۽ اسان مسجد ٺھرائي رھيا آھيون. . . ان ۾ پنھنجي حصي طور جيڪا رقم ڏئي سگهو، ڏيو. . . الله اوھان کي جنت ۾ محل ڏيندو. “
مولانا جي لھجي ۾ ڪو اثر ھيو يا ماڻھو سڀ رحمدل ويٺا ھيا، مولانا جنھن جنھن جي اڳيان ويو، ان ڪجهہ نہ ڪجهہ کيس پيسا ڏنا. ھو وڌيڪ بہ الاءِ ڇا ڇا چوندو، اڳتي وڌندو رھيو، مان تہ بس انھن ڇوڪرين کي ڏسي رھيو ھيس. مولوي صاحب صدائون ھڻندو انھن ڇوڪرين جي اڳيان آيو تہ ھڪدم ان ڇوڪريءَ، جنھن جو مان اڃا تائين منھن بہ نہ ڏسي سگهيو ھيس، ان پنھنجي پرس مان پيسا ڪڍي مولوي ڏي وڌايا.
سچ پڇو تہ مان ساھہ کڻڻ بہ وساري ويٺو ھيس.
ايترو ڀورو ھٿ ۽ ان جون ايتريون تہ خوبصورت ڊگهيون آڱريون؟ انھن خوبصورت آڱرين ۾ ڏھين روپين جو نوٽ پڪڙيل ھو.
مولوي صاحب الاءِ تہ ڪھڙيون دعائون ڏيندو، ان کان نوٽ وٺي اڳتي وڌي آيو. منھنجي نظرن مان دنيا جون سموريون شيون، سڀئي منظر غائب ٿي ويا ھيا، باقي صرف بچيون ھيون تہ اھي خوبصورت آڱريون.
مان سوچڻ لڳو ھيس تہ جنھن جون آڱريون ايتريون خوبصورت آھن، اھا شڪل جي ڪيتري نہ خوبصورت ھوندي؟
ايتري ۾ مولوي صاحب منھنجي اڳيان اچي بيٺو.
ٻيو ڪو موقعو ھجي ھا تہ آءٌ هن کي رپيو بہ نہ ڏيان ھا پر جيئن تہ ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کيس پيسا ڏنا ھيا، ان ڪري مون کي خيال آيو تہ اھا ڇوڪري ان ٿواب جي ڪري جنت ۾ ويندي، ان ڪري مون بہ مولوي کي ڪجهہ پيسا ڏنا تہ جيئن ان ڇوڪريءَ کي جنت ۾ جت جڳھہ ملي تہ مون کي بہ ان جي پاڙي ۾ ئي جڳھہ ملي، ڇو تہ اسان ٻنھي تقريبن گڏ پيسا ڏنا ھيا.
بس ھلندي رھي. . . سفر ڪٽجندو رھيو. پر مان ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ جو چھرو نہ ڏسي سگهيو ھيس.
مون ميگزين کي بہ ظاھر ڪري ھٿ ۾ جهليو ھيو پر ڪراڙي اڃا بہ مون کان ميگزين پڙھڻ لاءِ ڪونہ ورتو ھيو.
ڪيئي شھر آيا ويا، مون سوچيو ھيو تہ ڪٿي گاڏي بيھي تہ مان لھي وري گاڏيءَ ۾ چڙھڻ جي بھاني ان ڇوڪريءَ جو منھن ڏسندس،
نيٺ گاڏي ھڪ شھر ۾ بيٺي تہ ان ڪراڙي انھن ڇوڪرين کي چيو:
”اٿو گيتا. . . لھڻو آھي. “
منھنجي ذھن ۾ ڌماڪا ٿيڻ لڳا ھيا.
مون تہ اڃا ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ جو منھن بہ ڪونہ ڏٺو ھو،
اڃا تہ ھنن مون کان مئگزين بہ ڪونہ ورتو ھيو؟
انھن سان تعارف بہ رھيل آھي؟
۽ ميگزين ۾ ٿيل انڊر لائين جملا؟؟. . .
۽ اسٽاپ تي انھن ڇوڪرين سان گڏجي چانھہ. . .؟
مون ھٿ ۾ پڪڙيل ميگزين کي بي وسيءَ مان ڏٺو. اھو ڪراڙو ۽ ڇوڪري اٿي بيٺا ۽ اھي ٻئي ڇوڪريون بہ پر جيئن تہ ڪراڙو ۽ ڇوڪرو منھنجي اڳيان اچي ويا ھيا، ان ڪري آءٌ ان خوبصوورت آڱرين واري ڇوڪريءَ جو منھن لھڻ وقت بہ نہ ڏسي سگهيس. گاڏي ٻيھر ھلڻ لڳي تہ مون بي دليءَ مان سيٽ تي ٽيڪ ڏئي اکيون ٻوٽي ڇڏيون، منھنجي بند اکين ۾ بہ اھي خوبصورت آڱريون ڦري رھيون ھيون.
اوچتو مون کي ان ڪراڙي جو چيل جملو ياد آيو، ھن لھڻ کان اڳ ڇوڪرين مان ھڪ کي چيو ھو، ”اٿو گيتا. . . لھڻو آھي!
ان جو مطلب تہ انھن مان ھڪ ڇوڪريءَ جو نالو گيتا ھيو ۽ اھي ڇوڪريون منهنجون ھم مذھب نہ ھيون!“
جي اھا خوبصورت آڱرين واري ڇوڪري منھنجي ھم مذھب نہ ھئي تہ مطلب تہ اھا جنت ۾ بہ نہ ويندي؟ ۽ جي اھا جنت ۾ نہ ويندي تہ منھنجي پاڙيسري بہ نہ ٿيندي؟
مون محسوس ڪيو تہ ان ڇوڪريءَ کان سواءِ جنت ۾ مزو ناھي. مان سوچڻ لڳس تہ ان ڇوڪريءَ کي جنت ۾ جڳھہ ڪيئن ملندي؟ مان سوچيندو رھيس، سوچيندو رھيس. . . ايتري خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کي جنت ۾ ضرور ھجڻ کپي.
مان سفر پورو ڪري موٽي آيس پر منھنجي سوچ ان ڳالھہ تي ئي اٽڪيل رھي تہ ايتري خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کي جنت ۾ ھجڻ کپي.
ھڪ ڏينھن مون ھڪ مولويءَ کان پڇيو:
”ڇا اسان جي مذھب وارن کان سواءِ ڪوبہ جنت ۾ نہ ويندو؟“
مولوي جلد ئي چيو ”نہ. . . بلڪل بہ نہ. . . “
”ڪڏھن بہ نہ؟“ مون پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو.
”نہ. . . بلڪل بہ نھ“ ھن مون کي گهوريندي چيو. آءٌ ھن جي گهوري ڏسڻ تي ڊڄي ويم ۽ ھن کان وڌيڪ سوال نہ ڪيم. ھڪ ڏينھن جڏھن منھنجي ماءَ نماز پڙھي رھي ھئي تہ مون ھن کان پڇيو.
”امان. . . ٻئي مذھب جي نيڪ عورت جنت ۾ ويندي يا نہ؟“
امان چيو ”نہ. . . جنت ۾ نہ ويندي پر ھن کي نيڪي جي بدلي ۾ ھن دنيا ۾ سون جا زيور ۽ ٻيا سُک ملندا. “
امان جي جواب کان بہ مايوس ٿيس.
”ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کي جنت ۾ ضرور ھجڻ گهرجي“ مان سوچيندو رھيس.
مان پريشان ھيس، دوست منھنجي پريشانيءَ جو سبب پڇندا ھيا پر مان کين ڪجهہ ٻڌائي نہ سگهندو ھيس ڇو تہ مان سوچيندو ھيم تہ ھنن کي ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ جي باري ۾ ٻڌائيندس تہ ھو مونکي چريو چوندا، يا ھو بہ چوندا تہ اھا ڇوڪري جنت ۾ نہ ويندي. “
ھڪ ڏينھن ھڪ دوست مليو، جيڪو سٺو پڙھيل لکيل ماڻھو ھو ۽ مذھب جا ۽ ٻيا سٺا سٺا ڪتاب پڙھندو ھو.
مون ھن کان پڇيو
”شعيب!. . . ڇا اسان جي مذھب کانسواءِ ٻئي مذھب وارو بہ جنت ۾ وڃي سگهندو يا نہ؟“
ھن ھڪ لمحي لاءِ مون ڏانھن گهوري ڏٺو ۽ پوءِ چيائين،
”نہ. . . غير مسلم جنت ۾ نہ ويندو. “
”پر يار! مسجد جي مولوي تہ اھو واعدو ڪري پوءِ چندو ورتو تہ الله توھان کي جنت ۾ جاءِ ڏيندو. . . “ مون ڄڻ رڙ ڪري کيس چيو.
شعيب حيران ٿي مونکي ڏٺو، پوءِ ڪجهہ سوچيندي چوڻ لڳو.
”تون ٿورو تفصيل ٻڌاءِ. “
مون کيس سڄو واقعو ٻڌائيندي چيو
”يار ان مولوي چيو تہ توھان مسجد لاءِ چندو ڏيو، الله توھان کي بدلي ۾ جنت ۾ جاءِ ڏيندو. . . ڏس يار. . . ان خوبصورت آڱرين واريءَ ڇوڪريءَ تہ جنت جي ڪري چندو ڏنو ۽ ان کي جنت ۾ ھجڻ گهرجي نہ؟“
منھنجو دوست حيرانيءَ مان ڏسندي سوچيندي چوڻ لڳو،
”مان ان مسئلي تي وڌيڪ سوچڻ ٿو چاھيان. . . تون چانھہ پيئار. “ چانھہ گهرايم. . . ان کان پوءِ سگريٽ گهرائڻ لاءِ چيائين. وري چيائين
”ھٿ ٻوسٽ آھي. . . ٽانگي تي کلي ھوا ۾ گهمندي سوچيون ٿا. . . “
مون ان ڪري ھن جي ھر ڳالھہ پئي مڃي تہ ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کي ھر حال ۾ جنت ۾ ھجڻ کپي. شايد ان معاملي ۾ ھو ڪا سٺي راءِ ڏئي.
ٽانگي تي گهمندي بہ ھو مون ڏانھن الاءِ ڇو عجيب نظرن سان ڏسندو رھيو. . . ڪافي دير بعد ھڪ ھنڌ ھن ٽانگو بيھاريو. ڪرايو ڏئي لٿاسين تہ ھن منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي ھوريان ھوريان ھلندي چوڻ لڳو:
”ھر مذھب وارا چوندا آھن تہ صرف اسان ئي جنت ۾ وينداسين ٻئي مذھب وارا جنت ۾ نہ ويندا. . . پر . . . ھن خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ کي واقعي بہ جنت ۾ ھجڻ کپي. . . “ ھن وري مون ڏانھن ڏٺو.
”ڀلا ان خوبصورت آڱرين واريءَ ڇوڪريءَ گهڻو چندو ڏنو ھو؟“
”ڏھہ روپيہ. . . “ مون تڪڙي جواب ڏنو.
”ھون. . . ڏھہ روپيہ؟. . . ٺيڪ. . . ڀلا ڏھين روپين ۾ گهڻيون سِرون ملنديون؟
”ڏھہ سِرون“.
”ٺيڪ. . . ان ڇوڪريءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ڏھن سرن جيتري جڳھہ جنت ۾ ملڻ گهرجي. “
ھن جي جواب تي ھڪ لمحي لاءِ آءٌ مايوس ٿي ويس.
”صرف ڏھن سرن جيتري جاءِ؟“ مون سوچيو. پر وري خيال آيو تہ ڇوڪري. . . خوبصورت آڱرين واري ڇوڪري جهنم وڃڻ کان تہ بچي ويندي. . . مان خوش ٿيس. مون کي خوش ٿيندو ڏسي، شعيب الاءِ ڇو اداس ٿي ويو ھو؟؟
مان خوش. . . ان ڪري تہ جنت ۾ ان خوبصورت آڱرين واري ڇوڪريءَ جو منھن ڏسي سگهندس. . . ھن جو منھن بہ يقينن ان جي آڱرين کان بہ وڌيڪ خوبصورت ھوندو. . . ٻيو تہ صرف ڏھن سرن جي جڳھہ جي ڪري آءٌ ھن کي آسانيءَ سان ڳولھي لھندس. . . دوست! مان پنھنجن سمورن دوستن کي چوندس. . . ۽ توکي بہ چوان ٿو. . .
تون بيمار آھين. . . جي مري وڃين. . . ۽ جنت ۾ وڃين تہ اتي توکي ڏھن سرن جيتري جاءِ ۾ ڪا خوبصورت ڇوڪري نظر اچي تہ ان کي چئجان تہ منھنجو انتظار ڪري. . . مان بہ مرڻ کان پوءِ جلد ھن کي ڳولھي لھندس. “
**

هو سوچيندو رهجي ويو

شيو ڪندي آئيني ۾ پنهنجي عڪس سان گڏ گهرواريءَ جو عڪس ڏسي، ھو مرڪيو پر جڏھن گهر واريءَ کيس مخاطب ٿيندي چيو،
”ٻڌو تہ. . . “
ھن منھن ورايو ۽ بغير ڪجهہ چوڻ جي ھن ڏانھن ڏسندو رھيو ۽ مرڪندو رھيو.
”ھڪ ڳالھہ چوڻي ھئي. . . “ ھن جي گهر واريءَ چيو.
”صرف ھڪ؟“ چوندي ھو ھن ڏانھن وڌيو تہ ھوءَ ٻہ قدم پوئتي ھٽي وئي. ھو بيھي رھيو ۽ چيائين، ”چئو“.
”ھڪڙي ننڍڙو ٻار آھي. . . تقريبن چار مھينن جو. . . ھن جا پيءُ ماءَ ٻئي مري ويا آھن. . . ھن جي ناني اھو ٻار غربت جي ڪري پالڻ نٿي چاھي. مان چاھيان ٿي. . . اھو ٻار اسان پاليون“
ھوءَ چوندي رھي، ھو خاموش ٻڌندو رھيو.
سڄي ڳالھہ ٻڌي ھو شوخ موڊ مان ھڪدم سنجيدہ ٿي ويو.
”ھڪ ٻار ملي رھيو آھي. . . پالڻ لاءِ. . . !“ ھن ھوريان ورجايو ۽ ٻي لمحي ھو ھڪ عجيب ڪيفيت ۾ اچي ويو. ھڪ لمحي جي ھزارين حصي ۾، ڪيئي ڳالھيون ھڪ ئي وقت ھن جي ذھن تي تري آيون. . .
پنھنجا ٽي ٻار. . . ٻہ ٽي ڀائٽيا. . . ٻہ ڀيڻ ڀاءُ. . . ڪلارڪي. . . گهٽ پگهار. . . شادي کان پوءِ فيملي پلاننگ، ڪنھن بہ ھڪ ٻار جي بيماريءَ تي پريشاني. . . اسڪول پڙھندڙ ٻارن جي روز ڪا نہ ڪا ضرورت. . .
”ڇا ٿا سوچيو؟“ گهر واريءَ جي آواز تي ھو ڇرڪي خيالن مان نڪري آيو. . .
”ڀلا اھو ٻار ماستر بچل کي ڇونہ ڏيارجي؟ ھن ويچاري کي اولاد بہ نہ آھي“ ھن کي اوچتو ياد آيو.
”ھن انڪار ڪيو آھي. . . ۽ چوي پيو تہ منھنجي جائداد جو وارث ڪو ٻيو ڇو ٿئي. . . “ ھن جي گهر واريءَ ٻڌايو.
”جائداد؟“ ھن کان ٽھڪ نڪري ويو. ”ماستر ويچاري وٽ پگهار بہ پوري نٿي بيھي. . . جائداد وري ڪھڙي. . .؟“
ھوءَ چپ رھي.
”تون ڇا ٿي چاھين؟“
”جيئن اوھان جي مرضي. . . “ گهر واريءَ فيصلو ھن تي ڇڏي ڏنو.
”ٻار تہ ڀل وٺ پر . . . ھڪ شرط اٿئي. . . “
”ڪھڙي؟“
ھن منھن ورائي ھڪ نظر پنھنجي سال کن عمر واري پٽ ڏانھن ڏٺو، وري گهر واريءَ ڏانھن ڏسندي شوخ لھجي ۾ چيو.
”شرط اھو تہ. . . فيملي پلاننگ ڊبل. . . يعني ڇھہ سال. . . “ ھوءَ ايئن مرڪي پئي ڄڻ سندس مسڪراھٽ چئي رھي ھجي ”ھا. . . ٺيڪ آھي. . . “ ھوءَ وڃڻ لڳي تہ ھن جي ھلڻ ۾ اھا خوشي محسوس ڪري سگهجي پئي جيڪا دل جي ڪا وڏي خواھش پوري ٿيڻ تي ٿيندي آھي.
ڪجهہ دير اڳ ھو الاءِ تہ ڇا ڇا سوچي شيو ڪري رھيو ھيو پر ھاڻ ھو صرف ھڪ ڳالھہ سوچي رھيو ھيو. . . ٻار. . . ھڪ يتيم ٻار. . . جيڪو ھن جي گهر ۾ پلندو. . . ھن سوچيو ھن جي سموري مٽ مائٽن ۾ يتيم ٻار. . . ٻئي ڪنھن جو ٻار ڪنھن نہ پاليو. . . ڪيڏي نہ وڏي ڳالھہ ليکي ويندي. . .؟
پر ڇا ھي ٻار مان صرف ڪنھن جي واھہ واھہ لاءِ پاليندس؟
ھن پاڻ کان سوال ڪيو.
”ھرگز نہ. . . “ ٻي لمحي ڄڻ سندس ضمير تيزيءَ سان جواب ڏنو. ”ٻار تہ ان ڪري پاليندس تہ ھڪ ننڍڙي وجود کي ڌڪن ٿاٻن کان بچائڻو آھي. . . “
اھڙين ئي سوچن ۾ ھو دفتر جي تياري بہ ڪندو رھيو.
دفتر پھچي معمول موجب فائيلن جو ڍير ڪڍي اڳيان رکيائين. پھريون فائيل کوليائين فائيل جي پھرين پني تي لکيل ھيو ”ھڪ يتيم ٻار موڪلجي ٿو. وصول ڪري مڪمل رپورٽ ڏيندا. . . “
ھن کان ڇرڪ نڪري ويو. اکيون مھٽي ٻيھر پڙھيائين. آفيس جي سلسلي ۾ صاحب جو ڪو حڪم ھيو، جنھن کي ھن ٻار پالڻ واري خيال ۾ غرق ٿي پڙھيو. ھن ٿڌو ساھہ کنيو، ھڪ لمحي لاءِ ڄڻ پاڻ تي کليو،
”آءٌ ان ٻار بابت ايترو ڇو پيو سوچيان؟“
ھن ڄڻ پاڻ کان سوال ڪيو.
جواب ۾ ڪيئي ڳالھيون ھڪ ئي وقت سندس ذھن تي تري آيون، ڪيئي سال اڳ. . . جڏھن شادي جي ڪجهہ مھينن ۾ ھن کي ٻڌايو ويو تہ ھو ”پيءُ“ بڻجڻ وارو آھي. . . عجيب خوشي محسوس ٿي ھيس. . . خوش خوش. . بي انتھا خوش. . . . ان ئي ڏينھن ھڪ ٻئي شھر ويندي ويگن جو ايڪسيڊنٽ کان بچي وڃڻ کان پوءِ ھڪ عجيب خيال. . . ھڪ خوف، ”جيڪڏھن ايڪسيڊنٽ ٿي وڃي ھا. . . ۽ مان مري وڃان ھا. . . تھ؟“
جواب ۾ ھن جي تصور ۾ صرف ھڪ ننڍڙو ٻار آيو ھيو، جيڪو روئي رھيو ھيو. . .
نہ ماءُ. . . نہ پيءُ. . . نہ ٻيا مٽ مائٽ. . . بس ھڪ ننڍڙو ٻار. . . جيڪو روئي رھيو ھيو. . .
ھن آسمانن جي مٿانھين مان ان بار کي روئيندي ڏٺو ھيو. . .
۽ ھو وڙھي پيو ھيو پنھنجي روح کي پڪڙي بيٺل ملائڪن سان. .
”مون کي ڇڏيو. . مون کي ڇڏيو. “
پر ھو کيس پڪڙيون بيٺا ھيا.
”ڇا ٿيو سڪندر؟“
”مون کي ڇڏيو. . . “ ھن ھلڪي رڙ ڪئي.
”ھوش ڪر يار. . . ڇا ٿيو. . . .؟“ ڪنھن کيس ڳلن تي ھلڪي ٿڦ وھائي ڪڍي تہ ھو ھوش ۾ اچي ويو ھو سڄو ڏڪي رھيو ھيو. . .
ھن ڏٺو تہ ھو ملائڪن جي قبضي ۾ نہ پر آفيس ۾ آھي ۽ کيس ٻيو ڪلارڪ دوست پڪڙيون بيٺو آھي.
اوچتو ھو کلي پيو.
”بس يار. . . رات ننڊ پوري نہ ڪئي“ ھو بھانو بنائڻ لڳو. فائيل بند ڪري ھن ڪرسي سان ٽيڪ ڏئي اکيون بند ڪيون.
”پر آءٌ مري تہ ڪونہ ويو ھيس. . . “

ھن پراڻي ڳالھہ کي ياد ڪري سوچيو، پر پھرين ٻار جي جنم تائين الاءِ ڇو آءٌ موت کان ڏاڍو ڊڄندو رھيو ھيس. . . “ ”ھا. . . ٻي ڳالھہ بھ“ ھن سوچڻ جو تسلسل برقرار رکيو.
پھرين ٻار جي جنم تي سوچيو ھيم تہ ھي ٻار ڀاڳ وارو ثابت ٿيندو. . . منھنجا حالات بدلجندا. . . پر ايئن ڪجهہ بہ نہ ٿيو ھيو. . ٻئي ٻار جي جنم تائين بہ اھو ئي آسرو شايد ھي ٻار پاڻ سان گڏ خوش قسمتي آڻي پر ٿيو بهتر ڪجهہ بہ نه.
ھن اکيون کوليون ۽ ٿڌو ساھہ کڻندي سوچيو.
”مون زندگي ۾ ھن مھل تائين نہ روزا رکيا، نہ نمازون پڙھيون ھڪ يتيم ٻار کي پالڻ جي صدقي ۾ شل خدا منھنجي دنيا ۽ آخرت سنواري آمين، “
چوندي ھن ٻيو فائيل کنيو ۽ ڪم ڪرڻ لڳو، پر الاءِ ڇو اڄ سندس ڪنھن ڪم ۾ دل نہ لڳي رھي ھئي. ھن سوچيو تہ اڄ سوير گهر وڃي پوءِ بہ ھو ڪم ڪندو رھيو.
آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ کانپوءِ ھو گهر آيو، ھن ھزار ڀيرا سوچيو گهر واري کان پڇي تہ ان يتيم ڇوڪري جو ڇا ٿيو؟ پر ھن اھو سوال ڪري پنھنجي بيچيني ظاھر ڪرڻ نہ پئي چاھي.
ھن سوچيو تہ ايئن نہ ٿئي جو ڪنھن فلم جي ڪھاڻي وانگي بار بار ان ڇوڪري بابت پڇڻ تي ھن جي گهر واري کي شڪ ٿئي تہ ھي ڇوڪرو ٻي گهر واريءَ مان منھنجو پٽ آھي ۽ آءٌ ھن کي ھن گهر ۾ آڻڻ لاءِ ڪو چڪر ھلايان پيو.
پنھنجي خيالن تي ھو پاڻ ئي مرڪي پيو.
”فلمي خيال“ ھو سوچي ٿو.
”ايئن بہ ٿي سگهي ٿو تہ منھنجو پٽ وڏو ٿي نافرمان ٿئي ۽ ھي اسان جو پاليل پٽ (ڪمائو پٽ) ثابت ٿئي؟“
ھو وري پنھنجي خيالن تي کلي ٿو.
ھن جي پنھنجي کلڻ تي گهر واري پري کان ھن ڏي مرڪي ڏسي پڇي ٿي، ”خير تہ آھي کلين پيو؟“
”ڪجهہ بہ نھ“ چئي ھو زبردستي منھن تي سنجدگي جا تاثر آڻي ٿو.
يتيم ٻار کان ڌيان ھٽائڻ لاءِ شام جو سوير ھو روز جيان دوستن سان ڪچھري ۽ تاش کيڏڻ وڃي ٿو، تاش کيڏڻ ويھي ٿو تہ بہ ٻار جو خيال ايندي سوچي ٿو،
”اھو ڇوڪرو جڏھن پالڻ لاءِ وٺندس تہ پوءِ ھتي سنگت جي دعوت ڪندس. . . بلڪل ايئن جيئن پنھنجي پٽ جي ڄمڻ تي کين کارايو پياريو ھيم. . . “
”ڇا خيال آھي سنگت کي ان ٻار بابت ٻڌايان؟“ ھو پاڻ کان دل ئي دل ۾ سوال پڇي ٿو.
”نہ نہ. . . وقت کان اڳ نہ ٻڌايان. . . متان ٽوڪون نہ ڪن“، ھو پاڻ کي ڳالھہ ڪرڻ کان روڪي ٿو.
ڪجهہ ديرتہ خاموش رھي ٿو پر ڪجهہ دير کان پوءِ رھي نٿو سگهي ۽ دوستن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
”مان ھڪ يتيم ٻار کي پالڻ ٿو چاھيان. . . “
ڪجهہ دوست تاش جي پتن کان نظرون ھٽائي تعجب مان ھن ڏانهن ڏسن ٿا.
”پاڻ نہ پالي، ڪتا ڌاري. . . “ ھڪ دوست حجت ۾ ٽوڪ ٿو ڪري. ان لمحي ھو محسوس ٿو ڪري تہ ھن اھا ڳالھہ اجايو ڪئي، پاڻ تي پاڻ ڪاوڙجي ٿو.
”نہ يار. . . حديث مطابق تہ يتيم ٻار پالڻ افضل ڪم آھي. “
ٻيو صوفي ذھن دوست ھمٿ ٿو وڌائيس.
ڪجهہ دير اڳ واري شرمندگي ڪجهہ گهٽ ٿئي ٿي ۽ ھرڪو وري تاش کيڏڻ لڳي ٿو. ٻئي ڏينھن تي صبح جو آفيس وڃڻ کان اڳ گهرواريءَ کان پڇي ٿو: ”ان يتيم ٻار جو ڇا ٿيو؟“
”چاچو انڪار پيو ڪري. . . “ ھن جي گهر واري سندس پيءُ جي نالي ٻڌائي ٿي:
”چئي پيو تہ پرائي ٻار جو پالڻ ڏکيو ۽ خرچ وارو ڪم آھي. “
ھن کي پيءُ تي ڪاوڙ لڳي ٿي.
”ڪا ٻڪري يا مينھن پالڻ لاءِ ملي ھا تہ سڀ ھا ڪن ھا پر انسان جو ٻار پالڻ لاءِ بھانا. . . “ ھو سوچي ٿو.
ھو آفيس آيو پر ھر ھر کيس پنھنجي پيءُ تي ڪاوڙ اچي رھي ھئي. رکي رکي ھن کي پنھنجي پيءُ جون سڀ زيادتيون ياد اچي رھيون ھيون. . .
”ڊش انٽينا وٺڻ بہ نہ ڇڏيو ھئائين. . . “ ھو سوچي ٿو. ”۽ نہ ئي ڪيبل لڳرائڻ ڇڏي پيو. . . ھر ڪم پنھنجي مرضي تي“ ھو سوچيندو رھي ٿو. ان ڏينھن ان کي احساس ٿئي ٿو تہ بزرگن سان گڏ زندگي گذارڻ ڪيڏو نہ ڏکيو آھي.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ھڪ ڏينھن آفيس ٽائيم گذاري ھو گهر واپس اچي ٿو. وھنجڻ ۽ ماني کائڻ کان پوءِ سُمھي پئي ٿو. شام جو اٿي دوستن ڏانھن وڃن کان اڳ گهرواريءَ کان پڇي ٿو:
”ان يتيم ٻار جو ڇا ٿيو؟“
”اھو ٻار. . .؟“ سندس گهر واريءَ جي لھجي ۾ سڄي ڪائنات جو درد ڀرجي ٿو وڃي.
”اھو ٻار ڪنھن بہ نہ ورتو، بيمار ٿيو ۽ صحيح علاج نہ ٿيڻ ڪري. . . مري ويو. “
قميص جي کاٻي ٻانھن جي ڪف جو بٽڻ بند ڪندي ھن جو ھٿ رڪجي ويو. بنا ڪجهہ ڳالھائڻ جي ھو ڄڻ پاڻ کي گهليندي گهر کان ٻاھر نڪري ويو.
**

سڀ ڪجهه ساڳيو

ماءَ جي بار بار اٿارڻ تي هو نيٺ اٿي ٿو. ذھن ۾ ننڊ پوري نہ ٿيڻ باوجود نہ ڪو غصو پيدا ٿئي ٿو نہ ڪو ڪروڌ. گهڙيال ڏانھن منھن ڦيرائڻ کان بعير کيس اندازو ٿي ٿو وڃي تہ ست وڄي ويھھ-پنجويھہ منٽ ٿيا ھوندا. اڌ کليل اکين سان ڏسندو معمولي ٿيڙا کائيندو. ھو باٿ روم ۾ داخل ٿئي ٿو. پلاسٽڪ جي ھڪ ننڍڙي دٻي ۾ گهر جي سڀني ڀاتين جا ٽوٿ برش آھن. هو ھڪ لمحي لاءِ سڀني برشن کي غور سان ڏسي ٿو.
”بابا جو برش ان جي زندگي وانگر ڄڻ بي رنگ ۽ پراڻو آھي. وڏي ڀاءَ جو برش ان جي مزاج مطابق ئي تيز رنگ جو ۽ ننڍڙي ڪڪي جو برش ٻن يا ٽن رنگن ۾ آھي. ڀر ۾ ٽي ڪجهہ پراڻا ٽوٿ برش ايئن بيڪار پيا ھئا ڄڻ زندگي جي ڪمن ڪارن کان رٽائرڊ ڪجهہ ماڻھو ”اولڊ ھائوس“ م پيا ھجن. “
ھو سوچيندو بہ رھيو ۽ وھنجندو بہ رھيو. جڏھن ٻاھر نڪري آيو تہ ڪمري ۾ رکيل ٽيبل تي جنھن جون ٽي ڄنگهون ٺيڪ ھيون ۽ چوٿين ڀڳل ھئي، جنھن کي ھن سروٽن جي ٽيڪ سان بيھاريو ھيو. ان مٿان سندس ڀاڄائي ماني رکي چڪي ھئي، ڀر ۾ اسٽول رکي ويھي ماني کائڻ لڳي ٿو. ماڻي کائڻ کانپوءِ آئيني آڏو بيھي ڦڻي ڏيڻ کان پوءِ ماءَ کان موڪلائي ٿو.
”ڪراڙي آءٌ ھلان پيو. “ ھو ماءَ کي ڄاڻي واڻي ڪراڙي چوندو ھيو.
”ھا ابا الله واھر. “ ماءَ کيس مرڪي دعا ڏني. گهر کان نڪري وڏي روڊ تي آيو.
ڪافي دڪان کلي چڪا ھئا، درزي، حجم، ڏھي، کير وارو، مانڊ ٻيا کوڙ دڪان، دڪانن کان ساڳيو شور ٻڌندو ھلندو رھيو.
”تنھنجي ياد جي. . . . “ ڪٿي سرمد سنڌيءَ جو گيت ھلي پيو.
”گهونگهٽ ڪي آڙ سي. . . “
”ڳاڙھو وڳو ڳاڙھو وڳو. . . “
”تجهي ديکھا تو . . . “
روز ھلندڙ ساڳيا گانا، دڪان تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرا صفائي ڪندي بار بار، روڊ تي ويندڙ اسڪولي ڇوڪرين کي بہ ڏسن ٿا.
ھو ٿورو مرڪي ٿو.
اڳتي وڌندي ھن سوچيو،
”ھن ساڳئي رستي تي اکيون بند ڪري بہ ھلان تہ شايد بنا ڪنھن تڪليف جي پنھنجي منزل تي پھچي وڃان. . . شايد بار بار اچڻ وڃڻ جي ڪري رستا بہ دوست ٿي پوندا آھن ۽ اسان جي قدمن کي ڏاند وانگر ھلائيندا رھندا آھن. جڏھن ماڻھو رستي کان توجهہ ھٽائن ٿا تہ رستو بہ ڪنھن دوست جيان توجهہ ھٽائي ٿو ۽ نتيجي طور ماڻھوءَ کي ٺوڪر لڳندي آھي. . . “
چپن تي ھلڪي مرڪ تري اچيس ٿي. چند لمحن ۾ ئي ھڪ ڏھھ، ٻارنھن سالن جي ڇوڪري ھن جي ڀرسان گذرندي، معمول موجب ھن ڏانھن ھڪ نظر نھاي ٿي. ھن ڇوڪريءَ جي چھري تي ڪي بہ تاثر محسوس نہ ٿيندا آھن. پر ھو پاڻ مرادو ٿورو مرڪي ٿو ۽ روز جيان سوچي ٿو:
”ڇوڪريءَ ۾ وڏي ڪشش آھي. “
وري ڄڻ پاڻ ئي پاڻ کي ٽوڪي ٿو،
”ھوءَ ننڍي آھي. . . مون کي ھن جي باري ۾ ايئن نھ، سوچڻ کپي. “
پر پوءِ بہ الائي ڇو آءٌ روز ھن کي ڏسي ايئن سوچيندو آھيان. . . شايد مرد جي فطرت ئي اھڙي آھي. “
”ڇا وڏي عمر جون عورتون بہ ننڍن ڇوڪرن بابت ايئن سوچينديون آھن؟“
ھو سوچي ٿو ۽ پاڻ مرادو کلي ٿو، سندس نطرون اڃا بہ پري ويندڙ ان ڇوڪريءَ ۾ کُتل آھن.
”ڪجهہ بہ ھجي. . . پر ھوءَ ننڍي آھي. . . ننڍي ڀيڻ جيتري. “
”نہ . . . محبوبہ جي ننڍپڻ جيتري. “
”نہ. . . ڀيڻ جيتري. . . “
ھن جي ذھن ۾ جملن جي جنگ لڳي ٿي. ايستائين جو اھا ڇوڪري ٻئي رستي کان مڙي نظرن کان غائب ٿي وڃي ٿي.
ھو بہ روز جيان ٿڌو ساھہ کڻي سوچي ٿو:
”شايد سڀاڻي بہ مونکي اھي ئي خيال اچن ۽ جيڪڏھن معمول ايئن ئي رھيا تہ اھا ڇوڪري ھڪ ڏينھن وڏي ٿي ويندي ۽ ڪاليج ۾ داخلا وٺي ٻئي رستي سان اچڻ وڃڻ شروع ڪندي. “
”سائين اسلام عليڪم“ ريڙھي تي بيھہ کپائڻ وارو روز جيان کيس سلام ٿو ڪري. جواب ڏئي ھو ڪجهہ قدم اڳتي وڌي ٿو. روز جيان نوجوان ڊاڪٽر ھن جي سامھون اچي ٿو وڃي ۽ گهري دوستي يا پراڻي واقفيت نہ ھجڻ باوجود ڄڻ ھو ھڪ ٻئي سان وڏي خلوص سان سلام دعا ڪن ٿا. ھو سوچي ٿو.
”انسانن وچ ۾ ڪھڙا ڪھڙا نہ رشتا آھن. . . رت جا رشتا. . . دوستي جا رشتا ۽ ايئن روز رستي تي ايندي ويندي سلام دعا جا رشتا. . . “
ايئن ھو ھڪ پرائيويٽ اسڪول جي ڀرسان گذري ٿو. ان اسڪول ۽ بين اسڪولن جا ٻار پنھنجي پنھنجي اسڪول طرفان مقرر ڪيل رنگ برنگي ڪپڙا يونيفارم پاتل اچي وڃي رھيا ھئا.
ھو سوچي ٿو ”شايد پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکڻ جي خواھش انسان جي فطرت ۾ شامل آھي نہ تہ ھڪ ئي شھر جا ٻار. . . پنھنجي پنھنجي والدين کي ھڪ جيترا ئي پيارا. . . ھڪجھڙو ئي مقصد کڻي گهران نڪرندڙ ٻار. . . پر انهن جا يونيفارم جدا جدا. . . “ ھو وڌيڪ سوچڻ ڇڏي سامھون ايندڙ ٽانگي کي چتائ يڏسي ٿو، جنھن جي اڳين سيٽن تي ٻہ ٽي ٻار ۽ پوئين حصي ۾ ڪاري برقعي ۾ ٻہ عورتون، جن بابت ھن کي پڪ آھي تہ ڀر واري پرائيويٽ اسڪول جون ٽيچر آھن.
اھو ٽانگو بہ تقريباً روز ھن جي ڀر مان گذري ٿو پر نہ تہ منھن پوئتي ورائي انھن عورتن کي ڏسي ٿو ۽ نہ ئي ڪنھن بھاني بيھي ٿو. ھو تہ روز فقط انھن ٽيچرس مان کٻي ھٿ ڏانھن ويٺل ڇوڪريءَ جي صرف خوبصورت آڱرين کي ئي ڏسندو آھي، جيڪي ٽانگي جي لوھي پٽي مٿان رکيل ھونديون آھن.
ڪيترو نہ عجيب اتفاق آھي جو اھا ڇوڪري ھر روز ان ئي پاسي تي ويھندي آھي. ڪافي ڏور تائين اھي آڱريون ھن جي نظر اڳيان ڄڻ ڄمي بيھنديون آھن.
ڪجهہ اڳتي ھلي، ھو ھوريان ھوريان ھلڻ لڳي ٿو. ڇو تہ اھو ٽائيم ھوندو آھي، سامھون ھڪ ڪنڊ ۾ ڪراچي کان ايندڙ گاڏي جي بيھڻ جو. ھو سامھون ڏسندو آھي، گاڏيءَ مان لھندڙ ماڻھن کي.
اڪثر ھن جون نظرون مايوس نہ موٽنديون آھن. گاڏيءَ مان لھندڙ ڪنھن خوبصورت چھري تي نظر پوندي ڄڻ ھو مقصد حاصل ٿو ڪري وٺي. جسم ۾ ھڪ نئين توانائي محسوس ڪندي ھن جا پير وري تڪڙو ھلڻ لڳندا آھن.
جلدي ھو ھڪ ھوٽل م داخل ٿو ٿئي. معمول موجب ھو ٽي وي جي ڀر واري ڪرسين مان ھڪ تي ويھي ٿو. ھن کان اڳ ۾ ڪجهہ ماڻھو ويٺا ھوندا آھن. تمام ٿورا اڻ واقف، باقي گهڻا ھن وانگر روز ايندڙ ويندڙ. . .
ھو جڏھن ويھندو آھي، ان وقت اڪثر ٽي وي تي پراڻا گانا ھلندا ھوندا آھن ۽ ھڪ ڪراڙو وڏي دلچسپيءَ سان اھي گانا ڏسندو آھي.
ھوٽل جو بيرو ان وقت صرف ان جي چوڻ تي ئي پراڻن گانن وارو چينل ھلائيندو آھي.
”واھہ سائين واھھ. . . “ ڪراڙو پروگرام ختم ٿيڻ تي چوندو آھي. ”ڪيڏا نہ خوبصورت گانا آھن. . . پراڻا. . . ٻڌڻ سان روح خوش ٿو ٿئي. “
ھو بہ سندس دل رکڻ خاطر ”ھا، ھا“ چئي ٿو. چانھہ آڻي رکي بيرو ٽي وي جو چينل مٽائي ٿو. خبرون ھلڻ لڳنديوون آھن.
صبح شام، حڪومت ڪنھن جي بہ ھجي پر ساڳيو ئي مزدوري ڪرڻ وارو ھوٽل جوبيرو خبرن تي تبصرا شروع ٿو ڪري. ان وچ ۾ ھو ڪائونٽر کان کڻي آيل اخبار جو اندريون صفحو کولي ٿو. ھو ايئن ڪندو آھي. . . ھر روز. . . اخبارن ۾ خبرون پڙھڻ کان اڳ اندريون صفحو کوليندو آھي. جتي اڪثر ڪري ”قسم نامو“ جي عنوان سان گهران نڪري عدالت ۾ شادي ڪندڙ ڇوڪرين جي حوالي سان اشتھار ھوندا آھن.
ھاڻي ھو اتي ڇپيل ڇوڪرين جون تصويرون ڏسندو آھي. هر روز صرف تصويرون تبديل هونديون آهن، باقي مواد ڄڻ ھن کي نماز جي ضروري آيتن جيان ياد ھوندا آھن.
غير مسلم ڇوڪري اڪثر ڪري ڪنھن پير، مرشد جي ھٿان اسلام ۾ داخل ٿيندي آھي. سڀني جو نالو فاطمھ رکيو ويندو آھي ۽ مسلم ڇوڪري ھوندي آھي تہ ڄاڻائيندي آھي آءٌ ماءَ پيءُ جي گهران فقط ٽن ڪپڙن ۾ نڪتي آھيان. جنھن تي ھو اڪثر سوچيندو آھي تہ سردي جي موسم ۾ نڪرندڙ ڇوڪرين کي تہ سوئٽر بہ پاتل ھوندو، ھو چار ڪپڙا ڇونہ لکرائينديون آھن.؟
اوچتو پيرن جي ڀرسان کوڙ سارن ڪاغذ جي ٽڪرن تي نطر پويس ٿي.
اندازو ٿئيس ٿو تہ ڪنھن خط ڦاڙيو آھي. ڀر واري ڪرسي تي ويٺل نوجوان تي نظر ٿو وجهي، ھو نوجوان سگريٽ پيئندي ڪجهہ سوچي رھيو ھو. ھو کلي دل ۾ سوچي ٿو.
”شايد. . . ھن نوجوان. . . سڄي رات سوچيندي، محبوبہ کي خط لکيو ھوندو. . . پر صبح جو ڏيڻ جي ھمٿ نہ ساري، ھت ھوٽل ۾ ويھي، چانھہ ۽ سگريٽ پيئندي خط ڦاڙي ڇڏيو ھوندائين. . . “
چانھہ جو ڪوپ خالي ڪري، ھو اٿي ٿو ۽ پيسا ڏئي ٿو، اڳتي وڌي گهٽي مان ٿيندي پرائيويٽ اسڪول ۾ اچي ٿو. جتي ھو پڙھائيندو آھي. ساڳين استادن سان ھيلو ھاءِ ڪري ھو پنھنجي ڪلاس ۾ اچي ٿو.
جڏھن حاضري وٺڻ کانپوءِ ھو پڙھائڻ لڳي ٿو تہ باقي سڀ ڳالھيون وسارڻ جي ڪوشش ڪندي معمول موجب ساڳيا سوال، ساڳيا جواب، ساڳيا ئي ڪجهہ ذھين ٻار، ساڳيا ئي ڪجهہ جڏا ٻار. ھن کي ٿوري دير لاءِ ايئن ٿو لڳي، ڄڻ ھن کي ڪنھن ڪلاس روم ۾ پڙھائيندي صديون گذري ويون آھن. ان احساس کي رسيس لاءِ وڄندڙ گهنڊ جو آواز ٽوڙي ٿو. ڄڻ ھو ڪنھن خواب مان جاڳي ٿو. پر مختصر وقت کان پوءِ وري ساڳيو ڪلاس. . .

۽ نيٺ موڪل. . .
اسڪول کان واپسي ۾ رستا ساڳيا پر ڪيفيت ڪجهہ مختلف.
ٿورو بک جو احساس، رستن تي مختلف اسڪولن جا ٻار، مختلف رنگن جي يونيفارم ۾، ڪجهہ وڻندڙ منظر، ڪجهہ گوڙ جي ڪري بوريت اھا پڪ ھوندي بہ تہ اھي ليڊي ٽيچرس ھن مھل نظر نہ اينديون پوءِ بہ اتان گذرندي انھن جون يادگيريون.
گهر پھچندي ساڳئ يڀڳل ٽيبل تي ڀاڄائي ماني رکيس ٿي.
ماني کائڻ کانپوءِ ننڊ جي خواھش ۽ سمھي ٿو پوي. شام جو تيار ٿي دوستن سان گڏ نڪري ٿو پوي. دوست بہ ساڳيا.
گهمڻ ۽ پوءِ ٿڪجي ھوٽل تي ويھڻ ۽ ساڳيا ئي ڀوڳ چرچا، رات جو دير سان سڀني کان آخر ۾ گهر ۾ داخل ٿئي ٿو. سڀ گهر ڀاتي ننڊ پيا ھوندا آھن. ماني کائي. کٽ تي سڌو سمھي آسمان ڏانھن ڏسڻ لڳي ٿو، تارن کي ڏسندي وري ذھن تي صبح کان وٺي گذريل وقت ڪنھن فلم جيان ذھن جي پردي تي ھلي ٿي. سوچي ٿو.
”سڀاڻي بہ صبح جو اٿندس تہ باٿ روم ۾ ساڳيا برش پيل ھوندا، رستي تي ويندي دڪان کان ساڳيا گانا ٻڌڻ ۾ ايندا. اڳتي وڌندس، اھا ئي ننڍي ڇوڪري نظر ايندي. . . وري اڳتي ٽانگي تي اھي ماسترياڻيون. . . انھن مان ھن جون خوبصورت آڱريون. . . وري ھوٽل تي ماضيءَ کي ياد ڪندي ڪراڙو. . . وري اسڪول. . . واپسي. . . رات دير تائين گهمڻ ۽ وري اچي کٽ تي سمھي تارن کي تڪڻ.
”تارا“ ھو آسمان کي وري غور سان تڪي ٿو. کيس تارا بہ واقف لڳا.
”ھو ستارو. . . وڌيڪ روشن. . . ھو ستارو. . . جاويد جي گهر واري سائيڊ وارو ڪجهہ گهٽ روشن. . . ستارا. . . “
ھو ٿڌو ساھہ کڻي اندر ڪمري ڏانھن اچي ٿو.
اوچتو سامھون لڳل آئيني ۾ نطر پيس. ھن ڏٺو تہ آئيني ۾ ھن بدران ڪو ’روبوٽ‘ بيٺو ھيو! جنهن ۾ صبح کان رات تائين جا سمورا ڪم، سمورا پروگرام آٽو تي رکيل هيا.
**

هُن جو چيل آخري جُملو

مان حيران آھيان سندس چيل آخري جملي تي، ڪيتري آسانيءَ سان ھوءَ اھو سڀ ڪجهہ چئي وئي؟؟ ڇا ھو واقعي منھنجي باري ۾ ايئن سوچي ٿي؟
هن اڳ بہ . . . . . ڪيئي سال اڳ بہ منهنجي باري ۾ ڪجهہ سوچيو هو.
آءٌ تہ ان ڏينھن کي بہ نہ وساري سگهندس، جڏھن سامھون ميڊيڪل اسٽور واري نويد رڙ ڪئي ھئي.
”سليم. . . تنھنجي لاءِ فون. . . “
مون ھٿ ۾ پڪڙيل گهڙيءَ کان نظرون ھٽائي ھن ڏانھن ڏٺو، مون کي اعتبار ڪونہ پئي آيو، ڇو تہ ھو اڪثر اھي شرارتون ڪندو آھي. جڏھن آءٌ ھن جي دڪان ۾ ويندو آھيان تہ قميص جي ڪالر مان پڪڙي چوندو آھي ”چانھہ پيار. . . “
مجبوراً قميض کي بچائڻ جي اداڪاري ڪندي ھن جي ملازم کي چانھہ جا پيسا ڏيندو آھيان.
”سليم. . . جلدي اچ. . . فون“
ھن ٻيھر رڙ ڪئي، مونکي پڪ ڏيارڻ لاءِ ٻارن وانگر اکين تي ھٿ رکي ڄڻ قسم کنيائين. . .
گهڙي ٺاھڻ ڇڏي، کلندي ھن جي دڪان تي پھتس. . . فون جو رسيور الڳ رکيل ھيو. چانھہ پيارڻ جي چٽيءَ کان بچڻ لاءِ آءٌ ھن کان ٿورو پري ٿي بيٺس. . .
”خدا جو قسم. . . فون ٿي. . . “ ھن آھستي چيو.
مون بي اعتباريءَ سان رسيور کنيو ۽ ”ھيلو“ چيو.
”ھيلو. . . “ ٻئي پاسي کان آيل ڪنھن عورت جو آواز ٻڌي ھڪ لمحي لاءِ وائڙو ٿي پيس. . . سوچيم شايد نويد جي گهر مان نويد لاءِ فون آھي پر مون کي تنگ پيو ڪري.
”ھيلو. . . “ عورت وري چيو ”ڪير. . . !!؟“
”توھان کي ڪير کپي؟“ مون وري پڪ ڪرڻ خاطر پڇيو.
”کپي؟ ڇا مطلب؟“ ھن تيزي سان پڇيو. . .
”کپي. . . مطلب. . . مطلب تہ ڪنھن سان ڳالھائڻو اٿوَ؟“ مان واقعي وائڙو ٿي ويو ھيس. . .
”سليم صاحب سان. . . “
پڪ ٿيم تہ فون مون لاءِ ئي آھي تہ دل ۾ چيم نويد کي ٻڌايان تہ. . . ٻڌ. . . تون رڳو منھنجي عزت نہ ڪندو آھين، باقي پرائي مائي بہ مون کي ”صاحب“ ٿي چئي. . .
”جي سليم پيو عرض ڪيان. . . “ پاڻ کي سنڀالي چيم. ھڪ لمحي لاءِ ھوءَ خاموش رھي.
”ٻڌو آ تہ اڄ ڪلھہ اوھان مون تي ڏاڍي تنقيد پيا ڪيو. . .؟“ ھن جو جملو بي وزن ھيو پر ان جملي مون کي ھڪ لمحي جي ھزارين حصي ۾ ٻڌايو تہ ھوءَ ڪير ٿي سگهي ٿي. پر پڪائي ڪندي پڇيم،
”محترمھ. . . تعارف تہ ڪرايو. “ شايد ھاڻ ھوءَ وائڙي ٿي وئي ھئي. . . گهبراھٽ مان چيائين،
”مان. . . مان ندا پئي ڳالھايان. . . “
”ندا مصطفيٰ؟“ پڪ ڪرڻ لاءِ ورجائيم.
”جي ھا. . . “
”ھاڻ چئو. . . اوھان ڇا پيا چئو؟“ مون پڇيو.
”مون ٻڌو آ تہ اوھان مون تي ڏاڍي تنقيد پيا ڪريو. . . “ ھن جملو دھرايو پر سندس لھجي ۾ پھرين واري ڪاوڙ ڪونہ ھئي.
”آءٌ اوھان تي تنقيد پيو ڪريان؟“ حيرت ظاھر ڪيم.
”ھا“
”قسم سان. . مون ڪنھن کي بہ ايئن ڪونہ چيو آھي تہ اوھان جو نڪ ننڍو آھي. . . يا اوھان جون اکيون خراب آھن. . . “
ھن حيرت مان چيو ”ڇا مطلب؟“
”اوھان تي تہ ايئن ئي تنقيد ٿي سگهي ٿي نہ؟“
ھڪ لمحي لاءِ شايد ھن ڪجهہ سوچيو ھيو، وري ٽھڪ ڏئي چيائين
”منھنجو مطلب اھو نہ آھي تہ اوھان منھنجي ذات تي تنقيد پيا ڪريو. . . مطلب تہ ادبي تنقيد. . . “
”تہ ڇا ادبي تنقيد نہ ڪرڻ کپي؟“ مون پڇيو.
”ڪو سبب تہ ھجي نہ؟“
”اوھان جا ”سڪ جا ڀائر“ اوھان کي تنقيد تہ ٻڌائن ٿا پر ان جا سبب نہ ٻڌائيندا آھن ڇا؟“ منھنجي لھجي ۾ ٿورو طنز ھيو.
”ڇا مطلب؟“ ھن حيرت مان چيو.
”مطلب تہ ھر عورت ليکڪا جا ڪيئي سڪ جا ڀائر پيدا ٿيندا آھن، جيڪي ھن جي در جو طواف ڪندا آھن ۽ پنھنجا ”نمبر“ وڌائڻ لاءِ الاءِ تہ ڇا ڇا چوندا ۽ ڪندا آھن. . . اوھان جي چؤگرد بہ اھڙا ماڻھو آھن. . . “
مون کيس سمجهائڻ چاھيو.
”مطلب تہ ٻيا غلط ۽ اوھان صحيح آھيو؟“
ھن ٽوڪ واري انداز ۾ چيو.
”اوھان جي تحريرن جي تنقيد جي حوالي سان تہ يقينن مان صحيح آھيان. . . “
”پر ڪنھن جي تحرير جو اوھان ايڏو اثر ڇو ٿا وٺو؟“ ھن چڙندي چيو.
”ندا صاحبھ. . . ڪجهہ ڏينھن اڳ شيخ اياز جي قبر تي ويو ھيس، اتي ھوش وڃايل ھڪ نوجوان ڏٺو ھيم. . . خبر پئي تہ شيخ اياز جي وفات تي ھو ذھني طور مفلوج ٿي ويو ھو. . . توھان ٻڌايو تہ اياز جي وفات تي سندس مٽ مائٽ يا اولاد مان ڪو چريو ڇونہ ٿيو؟ ان ڪري تہ ھن نوجوان تي اياز جي تحريرن جو ايڏو اثر ھيو. . . جي لفظن جو ايڏو اثر ٿي سگهي ٿو تہ پوءِ ھر ليکڪ کي لفظن جي تقدس جو خيال رکڻو پوندو. . . “
مان جذباتي ٿي ويو ھيس. ھوءَ ڪافي دير تائين خاموش رھي. ٽيليفون جي رسيور مان صرف ھلڪو شور ٻڌندو رھيس. . .
”بحرحال. . . جي اوھان پاڻ کي صحيح ٿا سمجهو تہ ايئن ئي سھي. . . “
ھن چيو ۽ لائين ڪٽجي وئي. . . مون بہ آھستي رسيور رکي ڇڏيو. ھن جي آخري جملي مان محسوس ڪيو ھيم تہ ھن جي دل مون ڏانھن اڃا صاف نہ ٿي ھئي.
”ڪير ھئي؟“ نويد بي تابي منجهان پڇيو.
”ھڪ ليکڪا ۽ سماجي ورڪر. . . “
”ڇا پئي چئي؟“
”ڇڏ يار بور نہ ڪر. . . “ مون نويد تي ڪوڙي ڪاوڙ ظاھر ڪندي چيو
”ڇوڪري ھئي. . . لکندي بہ آھي، ان حوالي سان ڳالھايائين. . . ٻيو ڪو مطلب نہ وٺ. . . “
”ٻيو مطلب نہ وٺان تہ پوءِ ادب تي ڳالھائڻ لاءِ صرف تون ئي ھڪ تہ سُريلو نہ آھين؟ ھن کي تنھنجي نمبر جي خبر ڪيئن پئي؟
نويد جي آخري جملي تي غور ڪيم تہ مون کان ٽھڪ نڪري ويو.
”تو جھڙي سڪ واري ٻڌايو ھوندس نمبر. . . “
ان ڏينھن آءٌ ندا جي باري ۾ سوچيندو رھيو ھيس تہ ڪيئن ڪجهہ ادبي دوستن ھن کي ڪي ابتيون سبتيون ٻڌايون ھونديون! پاڻ سامھون ڳالھائڻ بجاءِ، ھنن ندا کي وچ ۾ آندو ھيو.
ندا کي ڪن ادبي سماجي پروگرام ۾ مون ڏٺو ضرور ھيو پر ساڻس ڪڏھن بہ ڪا ڳالھہ ٻولھہ ڪانہ ٿي ھئي. پنھنجي طبيعت مطابق مون ان ڳالھہ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھو سوچي ڇڏيم تہ ٻيھر ندا جي سڪ جي ڀائرن اڳيان احتياط سان ڳالھائيندس.
ان ڳالھہ کي شايد ٻہ چار ڏينھن گذريا ھوندا، ھڪ ڏينھن دڪان تي ويٺو ڪو ڪم ڪري رھيو ھيس تہ دڪان ۾ ھڪ ڏھہ ٻارنھن سالن جو ڇوڪريو آيو.
”سليم صاحب توھان آھيو؟“ ھن ايندي ئي پڇيو.
منھنجي ”ھا“ ڪرڻ تي ھڪ وڏو خاڪي لفافو ڏيندي چيائين:
”ھي ادي ندا ڏنو. . . “
پاڻ کي مضبوط سمجهڻ باوجود ھڪ لمحي لاءِ اندران ڏڪي ويو ھيس. . . ڳرو لفافو وٺندي چيم، ”ويھو. . . چانھہ پيئو“
مھرباني چئي ھليو ويو.
لفافو ڏسي دل ئي دل ۾ پاڻ کي چيم پٽ سليم. . . مري وئين. . . يا تہ تنقيد ڪرڻ تي گاريون ھوندئي. . . يا جواب ۾ تنھنجي تحريرن جو ستياناس ٿيل ھوندو. . .
ھڪ لمحي لاءِ پڇتاءَ بہ ٿيو تہ ھڪ عورت جي تحريرن تي تنقيد ڇو ڪيم. . .؟ لکيو ھوندائين ”مئا ماريا. . . پنھنجي ماءَ ڀيڻ جي تحريرن تي تنقيد ڇو نٿو ڪرين؟“
پوءِ ياد آيو تہ منھنجي مڀينرون تہ لکنديون ئي ڪونہ آھن تہ تنقيد ڇا ڪيان؟ پنهنجي سوچ تي پاڻ ئي ٽهڪ ڏنم.
لفافو تہ کولڻو ھيو. کوليم اندر ندا جون ٻہ تحريرون ۽ ھڪ ننڍڙو خط لکيل ھيو. خط ۾ لکيو ھيائين.
”سليم صاحب! اوھان جي اھا ڳالھہ شايد صحيح آھي تہ اوھان کان مون تائين ايندي ڳالھيون الاءِ ڇا مان ڇا ٿي وڃن ٿيون، ان ڪري سڌو سنئون اوھان ڏي ٻہ تحريرون موڪليان پئي. . . ھنن مان غلطين جي نشاندهي ڪندا. . . “
خط پڙھي کلي پيس سوچيم ”مائي سڳوري آزمائڻ ٿي چاھي. “ خط، ڪھاڻيون وري لفافي ۾ وجهي رکي ڇڏيم. . . سوچيم جواب ڏيندو مانس تہ ”مائي سڳوري. . . مون کان ”اڳ شايد علطي ٿي ھئي ھاڻ توبھہ ڪيم تنقيد کان. . . مون کي معاف ڪر. . . “
ندا جو فون نمبر سندس ڪنھن بہ سڪ واري ڀاءَ کان حاصل ڪري سگهان پيو پر مون کي پڪ ھئي تہ ھوءَ پاڻ رابطو ڪندي. ان ڪري پاڻ کي پرسڪون رکي پنھنجو ڪم ڪندو رھيس.
ٻئي ڏينھن ڪم پئي ڪيم تہ سامھون ميڊيڪل اسٽور تان نويد رڙ ڪئي، ”سليم. . . فون. . . “
ان جي چھري جي تاثرات مان سمجهي ويو ھيس تہ واقعي فون آھي، ڪير؟ ”يقينن ندا ھوندي“ پنھنجو پاڻ سوال جواب سوچيندي اچي رسيور کنيم.
”ھيلو. . . “
”سليم صاحب“ يقينن ندا ھئي.
”جي. . . “
”ندا پئي ڳالھايان. . . منھنجون تحريرون مليون اٿوَ؟“
”مليون تہ آھن پر پڙھيون ڪونہ آھن. . . “ مون چيو.
”ڇو؟“ ھن جي لھجي ۾ حيرت ھئي. شايد ھن سوچيو ھيو تہ مان ٻيا ڪم ڇڏي پھريون ان جون تحريرون پڙھندس.
”محترمھ. . . شايد اوھان مون کي آزمائڻ ٿيون چاھيو. . . ۽ آءٌ ڪنھن آزمائش جي ذريعي پاڻ کي معتبر ثابت ڪرڻ نٿو چاھيان. . . “
منھنجو لھجو شايد تيز ٿي ويو ھو، ھوءَ ڪجهہ دير خاموش رھي، ”پر يقين ڪيو مون آزمائش لاءِ تحريرون ڪونہ موڪليون آھن“
ھن آھستي چيو.
سوچ ۾ پئجي ويس. . .
”ڪنھن وڏي ليکڪ. . . “ چوڻ لڳم تہ منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيائين: ”وڏن ليکڪن وٽ اسان لاءِ ٽائيم ناھي. . . “
”مھرباني. . . “ وري منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيائين.
”ٺيڪ آھي. . . سڀاڻي توھان کي تحريرن بابت ٻڌائيندس. . . “
”توھان پاڻ ٻڌائيندؤ. . .؟“
”ھا“ بي خيالي ۾ چئي ويٺس.
”منھنجي نمبر جي خبر اٿوَ. . .؟“ حيرت مان پڇيائين.
ھڪ لمحي لاءِ ڇرڪجي ويس.
کلي چيم ”توھان جي ڪنھن بہ سڪ جي ڀاءَ کان پڇي وٺندس. . .“
”منھنجي ڀائرن سان ساڙ ٿا ڪيو؟“ پڇيائين.
”توھان جي ڀائرن کان نھ، سڪ جي ڀائرن کان خوف ٿيندو اٿم. . . “ کلندي پنھنجو نمبر ٻڌائي فون بند ڪيائين.
ان رات مون ٻئي تحريرون پڙھيون ۽ جتي ضرورت سمجهيم اصلاح ڪري ڇڏيم. ٻہ ڏينھن بعد ساڳيو ڇوڪريو آيو ۽ تحريرون واپس کڻي ويو.
ايئن ڪافي ڏينھن بعد ڇوڪري ھٿان ھڪ تحرير وري موڪليائين، اصلاح ڪري ڇوڪري کي ڏنم تہ شام جو پاڻ فون ڪري مھرباني چيائين.
پر ان کان بعد ھن ڪا تحرير نہ موڪلي ھئي نہ ڪو رابطو ڪيائين. . . پڪ ٿيڻ لڳي تہ ھن صرف آزمائڻ پئي چاھيو.
ھوءَ ڪافي حد تائين مون کان وسري وئي ھئي جو ھڪ ڏينھن ھڪ سماجي تنظيم طرفان پروگرام جو دعوت نامو مليو. ندا ان تنطيم لاءِ ڪم ڪندي ھئي ۽ دعوت نامي تي ندا جا ھٿ اکر ھيا. پروگرام عورتن جي مسئلن جي حوالي سان ھو. سوچيم تہ عورتن جي پروگرام ۾ ڇا وڃي ڪندس، ”نہ ويندم“ فيصلو ڪيم.
پر وري ندا جو خيال آيو تہ ھن دعوت نامو موڪليو آھي تہ ھن کان معذرت ڪجي. رات جو ھڪ دوست جي پي سي او تان فون ڪيم. فون ڪنھن ڇوڪريءَ کنئي، پنھنجو نالو ٻڌايم تہ کلندي چيائين، ”ادا سليم. . . ادي ندا سان ڳالھائيندؤ نہ؟“
ھوءَ شايد سندس ننڍي ڀيڻ ھئي ڇو تہ ھن جو لھجو ۽ آواز ندا سان ملندڙ ھيو. مون کيس چيڙائڻ لاءِ چيو
”نہ ندا سان نہ پر توھان سان ڳالھائڻو ھيم. . . “
”سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. . . “ کلندي چيائين ”مونکي تہ محسوس ٿيندو آھي تہ ٽيليفون ايجاد ندا لاءِ ٿي آھي. . . “
مان سمجهي ويس تہ ندا جا سڪ جا ڀائر گهڻو فون تي ڳالھائيندا ھوندا.
کلندي چيم ”توھان جا سڪ جا ڀائر نہ آھن ڇا؟“
ھوءَ کلي پئي ھئي ايتري ۾ شايد ھن کان ندا رسيور کسيو ھيو.
”جي ڪير؟“ ندا پڇيو.
”سليم. . . “
”توھان؟“ ھن کي شايد حيرت ٿي ھئي، ”ڪٿان پيا ڳالھايو؟“
”دل جلي ھائوس مان. . . “
”ڇا مطلب؟“ حيرت مان پڇيائين.
”مطلب تہ پي سي او مان“
”ھو دل جلي ھائوس ڪيئن ٿيو؟“
”ندا توھان کي شايد خبر نہ ھوندي تہ پي سي او مان توھان جي سڪ وارن ڀائرن جھڙا الاءِ تہ ڪيترا دل جليا ڳالھائيندا آھن. ان ڪري آءٌ ھن کي پي سي او نہ پر دل جلي ھائوس چوندو آھيان. . . “
مون وضاحت ڪئي.
کلندي چيائين ”ڪيئن ياد ڪيو اٿو؟“
”توھان جي پروگرام ۾ نہ اچڻ لاءِ اڳواٽ معذرت ڪرڻ پيو چاھيان.“
”ڇو نہ ٿا اچو؟“
”عورتن جي حوالي سان ۽ عورتن لاءِ آھي. . . آءٌ ڪنفيوز رھندس. . . “ سچ ٻڌايومانس.
”ڪجهہ مرد بہ ھوندا“ کلندي چيائين ”توھان کي ضرور اچڻو پوندو. “ آءٌ انڪار ڪندو رھيس پر ھن آخر اقرار ڪرايو.
”ٺيڪ آھي. . . ايندس“
آءٌ پروگرام ۾ ويو ھيس. . . پروگرام جي آخر ۾ ھوءَ ۽ ھن کان ٻہ ٽي سال ننڍي ڀيڻ مليون. بيٺي بيٺي ڪجهہ دير ادب تي بحث ڪيائين. ھن بابت عام ڇوڪريءَ وارو منھنجو تصور نہ رھيو ھيو پر ھوءَ مون کي ڪافي سنجيدہ محسوس ٿي ھئي. ان کان بعد ھوءَ اڪثر پنھنجون لکڻيون موڪليندي رھي ۽ فون تي انھن بابت بحث ڪندي رھي پر ان کان بعد مون ڪڏھن بہ ھن کي فون نہ ڪئي. ھوءَ بہ سمجهي وئي ھئي تہ آءٌ سندس سڪ جي ڀائرن کان ڪجهہ مختلف طبيعت جو آھيان.
ھڪ ڀيري ھڪ ڪھاڻي موڪليائين، جنھن جي مرڪزي ڪردار جون ٻہ شاديون ٿيل ھونديون آھن، فون تي ڳالھائيندي ان ڪردار بابت ڳالھايائين تہ کلي چيم.
”ندا گذريل ڏھن سالن کان ھڪ زال ۽ ٽن ٻارن جو تجربو اٿم، ٻن شادين بابت ڇا ٻڌايان؟“
”اوھان جي شادي ٿيل آھي؟“ ڏاڍي حيرت مان پڇيائين.
”ھا. . . ھڪ شادي تہ ٿيل آ. . . ٻي بہ جلدي ڪندس. . . “ کلي چيو ھيم.
جڏھن ھن ڪافي دير تائين ڪجهہ بہ نہ ڳالھايو تہ مون کي الائي ڇو خوف وڪوڙي ويو، ڪٿي ھن مون بابت ڪجهہ سوچيو تہ نہ ھيو؟
سموري سگهہ گڏ ڪري کلندي چيم.
”ندا. . . ڪٿي رواجي ڇوڪرين وانگر ڪجهہ سوچيو تہ نہ ھيئي؟؟“ محسوس ڪيم تہ ڇرڪي پر ڏاڍي اعتماد سان چيائين،
”مسٽر. . . ڪٿي توھان بہ رواجي مردن وانگر تہ نہ پيا سوچيو. . . سڪ جي ڀائرن وانگر. . . “
اسان ٻنھي ٽھڪ ڏنو ھيو.
”حيرت ان ڪري ٿئي ھئي تہ اوھان ايڏي عمر جا نہ پيا لڳو. “
ھن وضاحت ڪئي.
”تڏھن تہ بي شادي بہ ڪرڻ پيو چاھيان. . . “
”واقعي. . . ٻي شادي ڪندؤ؟“ ھن کي ڄڻ اعتبار نہ پئي آيو.
”ھا، پر ڪنھن ليڊي ڊاڪٽر سان يا سروس واري عورت سان. “
کلندي چيو ھيم.
”سروس واري سان ڇو؟“
”ھن مھانگائيءَ جي دؤر ۾ ڏکي سکيءَ ۾ جيئن ڪم اچي. “
”ڪنھن ليڊي ڊاڪٽر يا سروس واري جي مت مئل ھوندي جو اديب سان شادي ڪندي. “ کلندي چيائين.
”مطلب تہ ليکڪن سان شادي ھوش واري عورت تہ نہ ڪندي؟“
”بلڪل. . . “ جلدي ۾ چيائين.
”پوءِ بہ خير آ. . . منھنجي شادي تہ وري بہ ٿيل آھي. . . اھو مشورو باقي غير شادي شده ليکڪ ۽ ”ليکڪائن“ کي ڏجو. “
مون لفظ ”ليکڪائن“ تي زور ڏئي چيو تہ ھوءَ کلي پئي ۽ چيائين ”ڏاڍا. . . اُھي آھيو. . . “
”ھو، ڇا؟“ پڇيم.
ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ کلندي رھي، آخر چائين:
”چڱو آءٌ اوھان جي ٻي شادي لاءِ دعا ڪنديس. . . “
”دعا ڪجانءِ پر. . . ليڊي ڊاڪٽر يا سروس واريءَ لاءِ. “
مون کيس ياد ڏياريو، ھن کلندي رسيور رکيو.
ان کان پوءِ ھن ڳالھين ڳالھين ۾ ڪافي ڀيرا منھنجي گهر واريءَ بابت پڇيو، ٻارن بابت پڇيو، ھڪ ڀيري پڇيائين:
”ڀلا توھان جي گهر واري شڪل ۾ ڪيئن آھي؟“
”گهٽ ۾ گهٽ ڏائڻ نہ آھي. “
”پوءِ ڀلا ٻي شادي ڇو ٿا ڪرڻ چاھيو؟“
”ٻي شاديءَ جو تعلق منھنجي گهر واريءَ جي خوبصورت ھجڻ يا نہ ھجڻ سان ناھي. . . ٻئي شادي صرف ليڊي ڊاڪٽر يا سروس واريءَ سان. . . نہ تہ ٻئي شادي نہ ڪندُس. “ آءٌ ڄڻ پنهنجي مذاق تي بيٺو رهيس.
ھن ڳالھہ ٽارڻ خاطر ٻيون ڳالھيون شروع ڪيون.
وقت گذرندو رھيو، مون محسوس ڪيو تہ ندا لکڻ کان وڌيڪ سماجي ڪمن ڏي ڌيان ڏئي رھي آھي. ھڪ پروگرام ۾ ملياسين، تہ مون کيس چيو، ”ندا. . . تو لکڻ ڇو ڇڏيو؟“
”بس. . . وقت ٿورو پيو ملي. . . “ اڳ ھو مون سان گهڻو وقت بيھي ڳالھائيندي ھئي پر ان ڏينھن ھوءَ جلد اتان ھلي وئي. . . صرف ھڪ لمحي لاءِ ڏک ٿيم. پر وري رواجي مرد واري طبيعت جو پنھنجو پاڻ کي طعنو ڏئي ڏک کي اڏاري ڇڏيم.
گهڻي وقت بعد ھن جي ڪنھن سڪ جي ڀاءَ کان خبر پئي تہ ھوءَ ڪنھن ڳالھہ کان پريشان آھي ۽ ڪنھن جو فون بہ اٽينڊ نٿي ڪري.
گهڻي ڪوشش باوجود رھي نہ سگهيس. ھن کي فون ڪيم. فون ندا جي ننڍي ڀيڻ کنئي. ڳالھايم تہ سڃاتائين. ندا جو پڇيم تہ ھڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي چيائين:
”ادي تہ. . . ڪجهہ مصروف آھي. . . “
”نہ آھي“ نہ چئي سگهي ھئي.
”فضيلھ. . . مون ٻڌو آھي تہ ھوءَ پريشان آھي. . . ڇو؟“
ڪجهہ گهڙيون خاموش رھي، ڄڻ فيصلو ڪيائين،
”ادا سچي ٻڌايانوَ؟“
”ھا“ ڌڙڪندڙ دل سان پڇيم.
”ندا جي مڱڻي ڪرڻ جون ڪوششون ٿين پيون“ ھن ٻڌايو.
الاءِ ڇو ڪجهہ گهڙيون ڳالھائي نہ سگهيو ھيس.
”چري اھا تہ خوشيءَ جھڙي ڳالھہ آھي. “ محسوس ڪيم کيس دلاسو ڏئي رھيو ھيس.
”ھا پر ادي انڪار پئي ڪري. “
”ڇو؟“ حيرت مان پڇيم.
”خبر نہ آھي تہ ڇو؟ . . . بس چوي پئي تہ في الحال شادي نہ ڪنديئس. . . “
”ڪٿي. . ٻئي ھنڌ. . .؟“ سوال اڌورو ڇڏيم سمجهي وئي.
”ڪا خاص ڳالھہ زبان سان چوي بہ نہ پئي. . . “ ھن ٻڌايو، مان خاموش ٿي ويس. . . سمجهہ ۾ نہ پئي ايو تہ ڇا چوان.
””ادا، ھڪڙي ڳالھہ چوان. . .؟؟“ فضيلھ جي آواز تي ڇرڪيو ھيم.
”ھا. . . “
”توھان. . . ندا سان شادي ڇو نٿا ڪريو؟“ ھن اٽڪي اٽڪي چيو. ايئن لڳو ڄن ڪو جبل منھنجي مٿان ڪري پيو ھجي.
ان سوال تي، ان خيال کي ڪيئي ڀيرا رواجي مرد وارو خيال چئي پاڻ تي ڏاڍو کليو ھيس. . . خبر نہ ھئي تہ ھڪ ڏينھن اھو رواجي سوال ايئن سامھون ايندو.
”ھيلو. . .؟“ فضيلھ جي آواز تي خيالن مان نڪري آيس.
”پر فضيلھ. . . آءٌ شادي شده آھيان؟“
”منھنجي خيال ۾. . . ندا کي اعتراض نہ ھوندو. “ فضيلھ لفظ خيال استعمال ڪيو پر مان سمجهي ويس تہ ھن کي پڪ ھئي.
”پر فضيلھ مون کي مناسب نہ پيو. . . “ منھنجو جملو اڌ ۾ رھجي ويو، ڇو تہ محسوس ڪيم تہ فضيلھ ڪنھن کي ڪجهہ چوڻ واري ھئي تہ ھن کان رسيور کسي ڪنھن رکي ڇڏيو.
مون کي پڪ ٿي تہ ندا ھن جي ڀرسان اچي وئي ھئي ۽ ان ئي رسيور وٺي رکي ڇڏيو.
مون بہ وڏو ساھہ کڻندي رسيور رکيو تہ پي سي او جي مالڪ ٽھڪ ڏئي چيو، ”آخر ٿئين تون بہ ”دل جليو“ ٻين تي ٽوڪون ڪندو ھئين. . . “
صرف بي وسيءَ واري مرڪ سان کيس ڏٺم.
ان رات ندا بابت ڏاڍو سوچيم. ڪيڏو ناز ھيو، مون کي پاڻ تي تہ آءٌ رواجي مرد نہ آھيان. پر يقين ٿيم تہ انسان جبل جيڏو مضبوط پاڻ کي سمجهي پر خواھشون ڪو خواب کاٽ ھڻي ضرور اينديون آھن.
ان رات فيصلو ڪيم تہ ندا سان ڪنھن بہ قسم جو رابطو نہ رکندس. ڪجهہ ھوءَ بہ پري ٿيندي پئي وڃي. ڪجهہ مون بہ ساڻس ڪو رابطو نہ رکڻ چاھيو. ايئن سالن تائين آءٌ ھن کان لاتعلق ۽ بي خبر رھيس. ڪجهہ ڄاڻي واڻي ڪجهہ حالتن بہ مون کي ٻيو ڪجهہ سوچڻ جو موقعو نہ ڏنو. ڪاروبار گهٽ ھجڻ سان گڏوگڏ منھنجي ننڍڙي ڪڪي بيمار ٿي تہ ڄڻ پريشانين ۾ اچي ويس. پنھنجي وس کان ڳالھہ چڙھي ھلي تہ ڏاڍو دوستن کان اوڌر، امداد وغيره بہ ورتم. پر ڊاڪٽر جو چوڻ ھو تہ گهڻا پيسا ھٿ ڪيان تہ جيئن ڪورس دوائن ۾ ھلائي ننڍڙي جو مڪمل علاج ڪجي.
پنھنجي ڪنھن ڪھاڻيءَ جي ڪردار جيان پاڻ کي ڦاٿل محسوس ڪيم. ھڪ ڏينھن ڊاڪٽر جي پرائيويٽ ڪلينڪ جي ورتل روم ۾ ننڍڙيءَ جي ڀرسان ويٺو ھيس. امان ڀر واري روم ۾ ڪنھن بيمار مائي سان ڳالھائي رھي ھئي.
مان ننڍڙيءَ جو معصوم چھريو تڪي ڪجهہ سوچي رھيو ھيس تہ روم جو در کڙڪيو، ”اچو“ چئي منھن ڦيرائي ڏٺم تہ حيرت مان اٿي بيٺس.
”ندا. . . تون؟“
توھان اڄ ڪلھہ ڪم تي نہ ٿا وڃو ڇا؟“ ڄڻ ھن کي منھنجي اتي ھجڻ جي اميد نہ ھئي.
”توسان ملاقات جو ٿيڻي ھئي. . . “ ڪيئي سالن بعد پنھنجي لھجي ۾ شوخي محسوس ڪيم.
ھوءَ ٿورو مرڪي پئي، پر محسوس ڪيم تہ سندس سڄو وجود مرڪ سميت ٿڪيل آھي.
”ندا ھتي ڪيئن آئي آھين؟“
”توھان جي ڌيءُ کي ڏسڻ آيس“ ھن چيو
آءٌ حيران ٿيس، مطلب تہ ھوءَ مون بابت خبر رکي ٿي.
ھوءَ اڳتي وڌي ۽ ننڍڙيءَ جي پيشاني چميائين.
”ندا چانھہ. . . “
”نہ جلدي اٿم. . . “ چئي ھن پرس مان ڪيئي وڏا نوٽ ڪڍي اکيون بند ڪيل ننڍڙيءَ جي ھٿ تي رکيا.
”ندا. . . “ مون کيس پيسا ڏيڻ کان روڪڻ چاھيو.
”توھان لاءِ نہ. . . پر ھن جي خرچي آھي. “
مون ڏٺو جيتري رقم کي ھوءَ ”خرچي“ چئي رھي ھئي، ايتري ڪو مونکي اوڌر بہ نہ ڏئي ھا.
ھوءَ وڌيڪ ڪجهہ چوڻ بنا وڃڻ لڳي. مان بہ ڪمري کان ٻاھر نڪري آيس.
”ندا. . . تو شادي ڇونہ ڪئي؟“ مان رھي نہ سگهيس.
ھن صرف مرڪي مون ڏانھن ڏٺو ۽ وڃڻ لڳي.
مون کيس وري سڏ ڪيو، ھوءَ بيھي رھي.
”ندا. . . “ ڄڻ ھڪ لمحي ۾ فيصلو ڪيم،
”مان توسان شادي ڪرڻ چاھيان. . . . “
”پر مان ليڊي ڊاڪٽر نہ آھيان، نہ ئي ڪا پَڪي سروس اٿم. . . “
ھن جي لھجي ۾ ٽوڪ ھئي يا ڏک، نہ سمجهي سگهيس.
”تون جيئن آھين. . . “ چوڻ چاھيم.
”پر مان تنهنجا خواب ٽوڙڻ نٿي چاهيان. . . تون اڃا جوان آهين زندگي ۾ اڳتي هلي ڪا سروس واري، ڪا ليڊي ڊاڪٽر توکي ملي سگهي ٿي. “
منهنجي مذاق کي هن ڪيڏي نہ سنجيدگيءَ سان ورتو.
مون کي ايئن لڳو ڄڻ سڄي دنيا آڏو ننگو ٿيو ھجان.
**

32

ھو منھنجو ھڪ دوست جي معرفت دوست ٿيو ھو. طبيعت ۾ ھڪجھڙائي ھئڻ ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ ھڪ ٻئي جا ھمراز بڻجي ويا ھئاسين، پر مون کي ھن جي ھڪ ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ ايندي ھئي سا اھا تہ ھن جي ھٿ ۾ جڏھن قلم ايندو ھو تہ ڪاغذ تي يا جڏھن اسان ڪنھن ھوٽل ۾ ويھندا ھئاسين، تہ جڳ يا گلاس ۾ پيل پاڻيءَ مان ھو آڱريون ٻوڙي بار بار 32 جو انگ لکڻ لڳندو ھو. اڄ بہ ھن ھوٽل تي ويٺي ايئن پئي ڪيو. پاڻي جي ٽيپن مان ھو 32-32 لکندو رھيو.
پڇيو مانس،
”ڀاءُ. . . ! ھي جيڪو تون جتي ڪٿي 32 جو انگ لکندو رھندو آھين. . . ! ڇا خدا کان ايترا ڪروڙ ڊالر گهرندو آھين. . . يا ڪويتي دينار. . . !!؟“
ھن ھڪ نظر مون تي وڌي ۽ پوءَ ھميشہ جيان مرڪي نظرون وري ساڳي انگ ۾ کُپائي ڇڏيائين. اھو ھن جي نٽائڻ جو بھترين طريقو ھو پر منھنجي گهڻي زور ڀرڻ تي ھن ٻڌايو:
”اھو منھنجي لڪي (ڀاڳ وارو) نمبر آھي. . . !“
”مون کان ٽھڪ نڪري ويو، کلندي چيومانس:
”ڀاءُ. . . ! ھن وقت تائين تنھنجو ڪو بانڊ نہ کليو آھي. . . نہ ئي قرض مان جان آجي ڪرائي سگهيو آھين. . . وھنجندو روز آھين صابڻ ڪڏھن ڪڏھن ھڻندو آھين. . . ! تہ پوءِ تنھنجو اھو لڪي نمبر ڪھڙي ڪم جو. . .؟“
ھن مرڪي چيو، ”ڇا لڪ صرف دولت ۾ آھي. . .؟“
چيو مانس، ”پوءِ ٻڌاءِ. . . 32 جو مطلب ڇا آھي. . . !؟“
”انسان جون ڪجهہ حرڪتون لاشعوري ھونديون آھن. . . !“
ھن مونکي مطمئن ڪرڻ لاءِ چيو.
”تون ايمانداري سان ٻڌاءِ. . . ڇا تون اھو انگ لاشعوري طور لکندو آھين؟“ کيس غور سان ڏسندي پڇيم.
ھن مونسان نظرون ملائڻ چاھيون پر ملائي نہ سگهيو. اکيون جهڪائي ٽيبل تي پاڻيءَ جي ڪريل قطرن کي ڳولھڻ لڳو. مون ٽيبل تي ڪجهہ پاڻي ھاري کيس چيو.
”ھاڻي شروع ٿي. . . لکندو وڃ32-32. . . !“
منھنجي ان حرڪت ۽ جملي تي ھن ھڪ نظر مون تي وجهي، کلي ڏنو ھو ۽ پوءِ وري نظرون ٽيبل تي ھاريل پاڻيءَ ۾ کپي ويون ھئس. ڪافي دير خاموش ۽ گم سم رھڻ کان پوءِ ھن پاڻيءَ مان آڱر ٻوڙي ٽيبل جي ھڪ ڪنڊ تي وڏن اکرن ۾ لکيو 32 ۽ ان کي وڌيڪ چٽو ۽ وڏو ڪندي چوڻ لڳو:
”زندگي ڀر. . . ڪجهہ ماڻھن کي. . . ڪن واقعن کي ياد رکڻ لاءِ اسان وٽ لاشعوري يا شعوري طور مخصوص ڪوڊ ٺھي پوندا آھن. . . منھنجو 32 لکڻ بہ ڪنھن ماڻھوءَ جي ياد سان وابستہ آھي. . . !“
”مونکي ان ماڻھوءَ بابت نہ ٻڌائيندين. . .؟!“
ھن جي خاموش ٿيندي ئي مون کانئس پڇيو.
ھن وري نظرون کنيون، ڪجهہ دير مون کي ڏسندو مرڪندو رھيو پوءِ ڳالھائيندو رهيو. . .
”ھي انھن ڏينھن جي ڳالھہ آھي، جڏھن مان اليڪٽريشن جو ڪم چڱو خاصو سکي ورتو ھو، جو منھنجي استاد ڪن سببن جي ڪري دڪان بند ڪري ڇڏيو.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڪنھن دوست جي معرفت ھڪ ٻي دڪان تي ساڳيو ڪم سکڻ ۾ لڳي ويس، جتي مون کان اڳ ۾ ٻہ ڇوڪرا ڪم سکي رھيا ھئا. مان انھن کان ڪم جي حوالي سان ڪافي سينئر ھئس پر ھم عمر ھجڻ جي ڪري ٻہ چار ڏينھن ۾ ئي ھنن سان فري ٿي ويس پر پوءِ بہ ڪجهہ ڏينھن تہ مان اتان جي ھر دڪان ۽ اتي ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي غور سان ڏسندو رھيو ھئس.
جلد منھنجي دلچسپي ھڪ عورت ۽ ان سان گڏ گهمندڙ نوجوان ڇوڪريءَ ۾ وڌي وئي. اھي ٻئي روز اسان جي دڪان آڏو گذرنديون ھيون. عورت جي عمر 50 سال ٿئي ھا ۽ ساڻس گڏ گهمندڙ ڇوڪريءَ جي صورت ان عورت سان ايتري قدر ملندي ھئي جو پڪو يقين ٿي ويو تہ اھي ٻئي ماءَ ڌيءَ آھن. ھو ٻئي صبح شام بغير ڪنھن پردي جي اسان جي دڪان آڏو گذري وينديون ھيون. ڪنھن ڏينھن شام جو معمول موجب ھو اسان جي دڪان آڏو گذري ويون تہ منهنجي زبان مان ازخود نڪري ويو.
”يار-ھي ڇوڪري تہ پري آھي پري. . . !“
”ھا استاد. . . !“ مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ڇوڪري چيو.
”پري آھي پري چري نہ آھي. . . !“
”ڇا مطلب. . .؟“ مون پڇيو.
”ڪنھن کي بہ لفٽ نہ ٿي ڪرائي. . . “
”ھر ڇوڪري پھريان ايئن ئي ھوندي آھي. . . !“
مون لاپرواھيءَ سان چيو.
”۽ ھر ڇوڪرو بہ پھريان توھان وانگر ئي سوچيندو آھي استاد. . . !“
ڇوڪري جي جملي تي مون کان بہ ٽھڪ نڪري ويو ھو. ان کان ئي پڇيم.
”ڇا. . . انھن جو گهر ھن سامھون واري گهٽيءَ ۾ آھي!؟“
”ھا استاد. . . ! ھن ٻڌايو ھو.
”پاڻ عيسائي آھن. . . وڏي مائي نرس ھئي، تازو ئي رٽائر ٿي آھي. . . اھا ڇوڪري جنھن کي تون پري چئي رھيو آھين، سندس ننڍي ڌيءُ آھي. . . وڏي ڌيءُ بہ واھہ جي ھئس پر ان کي ٻہ سال اڳ پرڻائي ڇڏيو ھئائين. . . ! ۽ جي استاد چانھہ پيارين تہ ھڪ ڪم جي ڳالھہ ٻڌايانءِ. . . !“
ھو چپ ٿي ويو ھو. پڪائي ڪندي چيو ھيم.
”چانھہ پيئڻ تي منھنجو بہ موڊ آھي. . . باقي شرط طور نہ پياريندس. . . !“
چانھہ پيئڻ کان پوءِ ھن ٻڌايو:
”استاد تون بي ڌڙڪ ان ڇوڪريءَ جا خواب ڏسي سگهين ٿو. . . ان ڪري جو ھوءَ بجليءَ جو ڪم. . . ۽ استري پکا وغيره اسان کان ئي ٺھرائينديون آھن. . . !“
ھن جي جملي پوري ڪرڻ شرط مون پڪڙ کنئين ۽ پنھنجي ڪم ۾ لڳي ويس.
مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ٻئي ڇوڪرا سمجهي ويا ھئا تہ مان ان ڇوڪريءَ بابت نہ صرف سوچڻ بلڪھ خواب ڏسڻ بہ لڳو آھيان. ان ڪري جنهن وقت ۾ اھا ڇوڪري پنھنجي ماءَ سان گڏ عبادت لاءِ چرچ ڏانھن ويندي اسان جي دڪان آڏو گذرندي ھئي تہ ھو ٻئي ھڪ ٻئي کي چوندا ھئا.
”ھوءَ ڏس. . . پري وڃي پئي. . . !“
ھڪ دفعي جڏھن اسان جي دڪان آڏو گذري ويون تہ ھڪ ڇوڪري دعائيھ انداز ۾ ھٿ مٿي کنيا.
”يا الله. . . سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آھي. . . اھا پوري ڪرڻ سان گڏ پنھنجي ھي دعا بہ قبول فرماءِ. . . گهڻا ڏينھن ٿيا آھن جو پريءَ جي گهر جو ڪو ڪم ناھي مليو. . . ڪر هنن جو پکو جام. . . يا استري خراب. . . تہ اسان جي استاد جي ڪجهہ تہ سڪ لھي ڪو واسطو ٺهي. . . !“
ھن جي دعا ختم ٿي تہ ڀرسان بيٺل ٻي ڇوڪري وڏي آواز سان چيو، ”آمين. . . !“
مان کين سيکت ڏيڻ لاءِ وڌيس ئي مس تہ ھو ٽھڪ ڏئي دڪان مان ئي نڪري ويا. ٻئي ڏينھن مان ۽ ھڪ ڇوڪرو دڪان تي ويٺا ھئاسين جو اھا رٽائرڊ نرس اڪيلي دوڪان تي چڙھي آئي، مان ھڪ لمحي لاءِ سُن ٿي ويس، يقين ئي نہ ٿي آيو، ھوءَ ڇوڪري سان مخاطب ٿي چوڻ لڳي:
”اي مين. . . ! تنھنجو استاد ڪيڏانھن ويو. . .؟“
”آنٽي. . . !“ ڇوڪري کان پھريان مون ڳالھايو.
”استاد ڪم سان ويو آھي. . . حڪم ڪيو. . . “
ھن پنھنجي ھٿ ۾ پڪڙيل استري مون ڏانھن وڌائيندي چيو:
”استري. . . خراب ٿي پئي آھي. . . “
”ٺيڪ ٿي ويندي. . . . !“ مون کانئس استري وٺي ڇوڪري کي چيو:
”گلاس ڌوئي آنٽيءَ کي پاڻي پيار. . . !“
”نومين. . . “ ھن انڪار ڪيو.
”آنٽي گرمي آھي. . . ھڪ گلاس ٿڌي پاڻيءَ جو پيئو تہ بھتر آھي. . . “
نياز ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس ڀري آنٽي کي ڏنو. آنٽي پاڻي پي ”ٿينڪ يو مين. . . “ چئي ھلي وئي.
”استاد آنٽي کي بوتل ڇو نہ پياريوَ. . . !؟“ نياز چيو. هن جي لهجي ۾ ٽوڪ هئي.
”بوتل توکي پياريندس. . . ! تنھنجي ڪالھہ واري دعا جو اگهي. . . !“
اسان ٻئي گهڻي دير تائين کلندا رھياسين پوءِ آءٌ ٻيا ڪم ڇڏي استري کي لڳي ويم. سڀ ڪجهہ سيٽ ڪري ڇڏيم پر باڊي ڄاڻي واڻي بند نہ ڪيم، تہ جيئن آنٽي ھڪ ٻہ ڀيرا وڌيڪ اچي. ممڪن آھي ان سان گڏ پري بہ اچي نڪري.
شام جو جڏھن حسب معمول ھوءَ گهر کان چرچ لاءِ نڪتيون تہ اسان جي دڪان ڏانھن ڏٺائون بہ نہ پر. . . واپسيءَ تي ھو ٻئي اسان جي دڪان آڏو اچي بيھي رھيون. ايئن محسوس ٿيو ڄڻ دل جو ڌڙڪڻ رڪجي ويو هجي.
”اي مين. . . استري ٺاھي ڇڏي اٿوَ. . . !“
مون کي ايئن لڳو مان ھن آڏو ڳالھائي بہ نہ سگهندس پر سڀ ھمتون گڏ ڪري چيم.
”آنٽي استري جو فالٽ ڳولھي ٺاھي ڇڏيو اٿم. . . ھاڻي صرف بند ڪرڻي آھي. . . “
”ڪڏھن ڏيندؤ. . . !“ آنٽي پڇيو.
”اڌ ڪلاڪ ۾. . . “ مون چيو.
”ٺيڪ آ مين. . . !“ ھوءَ وڃڻ لڳي، دل چيو، ھو ٻئي ڪجهہ دير اڃا اتي بيھن، ايتري ۾ ھڪ خيال ذھن ۾ آيو ۽ کين سڏ ڪيم.
”آنٽي ھڪ منٽ. . . !“ ھو ٻئي رڪجي ويون، کِنوڻ وانگر تيزيءَ سان ڪو خيال ذهن ۾ چمڪيو هو:
”ٿورو نيل پالش گهرجي. . . اندران استري جي نٽن تي ھاريندس لوز نہ ٿيندا. . . “
”مين ڪو مسالو نٽن کي لڳاءِ. “ آنٽيءَ چيو.
”نيل پالش مسالي کان وڌيڪ بھتر آھي. . . ان ۾ اوھان جو ئي فائدو آھي. . . ھن ڇوڪري کي موڪليان ٿو. . . اَٿوَ تہ ٿوري ڏجوس. . . “
آنٽي چپ ٿي وئي. ھائو ڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ھوءَ پريءَ کي ساڻ ڪري ھلي وئي.
”نيل پالش ڇو گهرايئي استاد. . .؟ ھن ڪم ۾ تہ اھا استعمال ئي ناھي ٿيندي. . . “
ھنن جي وڃڻ کان پوءِ ڇوڪري حيرت مان، مون کان پڇيو.
”تون ننڍو آھين. . . نہ سمجهي سگهندين. . . !“ مون کيس ٽاريندي چيو. پر ھو ٻڌڻ لاءِ بضد ھو، چيو مانس:
”پريءَ جي خوبصورت ھٿن ۾ نيل پالش ڏاڍي ٺھي پئي. . . ان ڪري اهو ڏسي مون کي هڪ خيال آيو“
ڪجهہ گهڙين کان پوءِ ڇوڪري کي آنٽي جي گهر موڪليم. ھو نيل پالش جي شيشي کڻي آيو. جيڪا مشھور ڪمپني جي ھئي ان تي 32 نمبر لکيل ھو.
ڪافي دير مان نيل پالش کي ڏسندو سوچيندو رھيس: ”ھن شيشي جو برش ھن جي نازڪ ھٿن جي ننھن کي ڇھندو آھي. . . !“
مون شيشي کولي، ان ۾ نيل پالش بلڪل ٿوري ھئي. سوچيم، ”ھاڻي ھوءَ ضرور ٻي وٺندي. . . “
”ڇونہ. . . اھا کيس مان وٺي ڏيان. . . !“
”پر ڪيئن. . .؟“
”نئين شيشي وٺي ان تي ئي پراڻي نيل پالش جو ڍڪڻ ڏئي ڇڏيان. . . !“
اھو سوچي مان دل ئي دل ۾ مرڪي پيس، ڇوڪري کي چيم.
”تون آنٽي جي استري بند ڪر. . . مان اچان ٿو. . . !“
مان ھڪ جنرل اسٽور تان ساڳي ڪمپني ۽ ساڳي نمبر 32 واري نيل پالش خريد ڪري واپس دڪان تي اچي ان تي پراڻو ڍڪڻ چاڙھي ڇڏيو پر ھوءَ ان ڏينھن نہ آئي. ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن آنٽي استري کڻڻ آئي تہ استري سان گڏ نيل پالش جي شيشي بہ ڏئي ڇڏي. دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ھئس پر ھن جي وڃڻ کان پوءِ مون کي اھو سوچي بخار ٿيڻ لڳو تہ جيڪڏھن ھنن شيشي سڃاڻي گاريون ڏئي واپس ڪئي تھ؟“
اھو سوچي مان پنھنجي حق ۾ بھانا جوڙڻ لڳو ھئس.
”چوندس. . . توھان جي ڏنل نيل پالش ٿوري ھئي. . . ان ڪري مون کي نئين وٺڻي پئي. . . . جيڪا ڀل ۾ اوھان ڏانھن اچي وئي“
پر مان پوءِ بہ مطمئن نہ ٿيو ھئس. دل پئي چيو تہ دڪان ڇڏي ڀڄي وڃان. . . پر ايئن ڪري نہ ٿي سگهيس. . . وقت ھوريان هوريان گذرندو رھيو. . . لمحي لمحي مون کي ايئن محسوس ٿي رھيو ھو تہ اجهو آنٽي آئي لعنت ملامت ڪري نيل پالش منھن ۾ ھڻي ڇڏيندي.
مون کي گهري سوچ ۾ ڏسي ڇوڪري پريشاني جو سبب پڇيو تہ سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي مانس، مرڪي پيو، چيائين:
”استاد. . . جُوارين جو ھڪ مشھور ڊائلاگ آھي، ”لگاني والي ڪو مليگا“ يعني کٽڻ لاءِ ڪجهہ لڳائڻ ضروري آھي. “
”تنھنجو مطلب آھي تہ محبت لاءِ عزت داءَ تي لڳايان. . .؟“ مون چيو.
”لڳائي تہ چڪو آھين استاد. . . پر ڏسجي تہ ڇا حاصل ٿئي ٿو. . . “ ڇوڪري چيو.
مون سوچيو تہ جلال ۽ شمن جا گانا ٻڌي ايئن سوچڻ تہ سولو آھي پر عملي زندگيءَ ۾ بي عزتي برداشت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي!
شام جو جڏھن ھنن جي چرچ وڃڻ جو وقت ٿيو تہ دل جي ڌڙڪن بي ترتيب ٿي وئي ھئي، ڪم ۾ دل ئي نہ ٿي لڳي. . . ھنن جون راھون تڪڻ لڳو ھئس جو ھو ٻئي ايندي نظر آيون. . . ھو جيئن جيئن ويجهو اينديون ويون، تيئن تيئن منھنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي وئي، جڏھن منھنجي دڪان جي سامھون آيون، مون کان ڄڻ ساھہ کڻڻ ئي وسري ويو. نظرون ملندي ئي پريءَ جي اکين م عجيب قسم جي چمڪ ۽ چپن تي ھلڪي مسڪراھٽ نظر آئي ھئي. ٻي لمحي منھنجون نظرون ھن جي ھٿ جي آڱرين ڏانھن ويون، ڏٺم تہ ھن جي ننھن تي نيل پالش لڳل ھئي، ھن جڏھن ڏٺو تہ مان سندس آڱرين کي تڪي رھيو آھيان تہ ھن مُٺ بند ڪري آڱريون لڪائي ڇڏيون. ايئن ڪندي سندس مرڪ اڃا گهري ٿي وئي ھئي. ڪجهہ ئي لمحن ۾ ھو اسان جي دڪان کان اڳتي ٿي ويون. مون کان خوشيءَ مان رڙ نڪري وئي:
”يا. . . ھو . . . !“
ان ڏينھن کان پوءِ ھوءَ روز ايندي ويندي مون تي مرڪن جو خزانو لٽائيندي رھي. مان بہ کيس ڏسي بي اختيار مرڪي پوندو ھئس.
ھڪ ڏينھن جڏھن ھوءَ پنھنجي ماءَ سان گڏ منھنجي دڪان جي سامھون گذري رھيون ھيون تہ مون ٿورو زور سان پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ نياز کي چيو.
”32 منھنجو لڪي نمبر اٿئي يار. . . !“
تير ٺيڪ نشاني تي لڳو، ڇوڪريءَ منھنجو جملو ٻُڌي ورتو ھو ۽ شايد منھنجي جملي جو مطلب سمجهي وئي ھئي جو سندس مسڪراھٽ اڃا وڌيڪ گهري ٿي وئي ھئي.
ان ئي ڏينھن کان پوءِ مان 32 کي پنھنجو لڪي نمبر سمجهي جتي بہ ويھندو ھئس پين يا پاڻيءَ سان لکڻ لڳندو ھئس. ان انگ ۾ مون کي ھن جي تصوير نظر ايندي ھئي.
وري ڏينھن ٿي ويا جو ھنن جو ڪم نہ مليو. پاڻ سان ڪم ڪندڙ ڇوڪرن کي چيم.
”توھان جي دعائن ۾ وڏو اثر آھي. . . دعا ڪيو تہ انھن جي گهر جو ڪو ڪم ملي!“
ھو ٻئي مرڪي پيا ھڪ ڇوڪري چيو،
”اسان جون دعائون ھر ڀيري اثر ٿورئي ڪنديون. . . ھاڻي پاڻ ئي ڪو چڪر ڦيراءِ!“
مان دل ئي دل ۾ ڪا ترڪيب سوچڻ لڳس پر ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي، منھنجي ان حال تي خدا کي رحم اچي ويو، هڪ ڏينھن منجهند جو پريءَ جي ماءَ پگهر ۾ ٻڏل منھنجي دڪان تي چڙھي آئي، ايندي ئي چيائين:
”مين. . . گهر جي بجلي آف ٿي وئي آھي. . . ٺاھي ڏيندؤ. . . !؟“
”يئس آنٽي. . . !“ مون جلدي ۾ چيو.
پڪڙ کڻي آنٽيءَ سان گڏ سندن در تي پھتس، آنٽيءَ در کڙڪائيندي چيو، ”ماريھ. . . دروازو کول. . . “
منھنجي ان وقت عجيب ڪيفيت ٿي وئي ھئي. خوش بہ ھئس تہ ان پريءَ جي اصل نالي جي خبر پئجي وئي ھئي. ”ماريھ. . . !“.
دروازو کليو، ھوءَ سامھون بيٺي ھئي. مان ڌڙڪندڙ دل سان گهر اندر داخل ٿي، مين بورڊ مان بجلي جو فالٽ ڳولھڻ لڳس. تقريباً پندرنھن منٽن اندار خرابي ختم ڪري بجلي آن ڪري ڇڏي ھيم، پکا ھليا تہ آنٽي، ماريھ کي چيو،
”مين کي ڪولڊ ڊرنڪ آڻي ڏي. . . !“
”نہ آنٽي ڪولڊ ڊرنڪ نہ پيئندس. . . ! انڪار ڪيم.
”پوءِ ڇا پيئندؤ . . . !“ آنٽي پڇيو.
”آنٽي موڊ چانھہ تي آھي. . . پر ڇڏيو. . . !“
منھنجي ان جواب تي آنٽي کان اڳ ماريھ چيو.
”توھان ويھو. . . مان اجهو چانھہ ٺاھي ٿي اچان. . . !“
ماريھ بورچيخاني ۾ ھلي وئي، مون وقت گذارڻ لاءِ وڏي ٽيڪنڪ سان آنٽي کان سندن بابت معلومات وٺي ڇڏي. آنٽي ٻڌايو:
”منھنجو مڙس ڪجهہ سال پھريان فوت ٿي ويو. . . مون کي ھڪ پٽ آھي جيڪو لنڊن ۾ مامي جي پرورش ۾ پلجي ٿو. . . ماريھ جي وڏي ڀيڻ جي شادي ڪجهہ وقت اڳ لاھور جي ھڪ وڏي ڪرسچن گهراڻي ۾ ٿي وئي آھي. . . !“
ماريھ چانھہ کڻي آئي، چانھہ پي مون آنتي کي پنھنجي ڀرواري دڪان جو ٽيليفون نمبر لکي ڏئي اٿندي چيو:
”آنٽي ڪم ڪار ھجي تہ گهرائي وٺجو. . . !“
”مين! تنھنجو ورڪنگ چارجز گهڻو ٿيو. . . !“ آنٽي نمبر وٺندي پڇيو.
”نہ آنٽي. . . اوھان چانھہ پياري اھو ئي ڪافي آھي!“ مون مرڪي چيو.
”نو مين! ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي. . . . !“
آنٽي پرس مان ڪجهہ پيسا ڪڍي زوري منھنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا ھئا. ان ڏينھن پنھنجو پاڻ کي دنيا جو خوشنصيب ماڻھو سمجهڻ لڳو ھئس.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ بازار کان ٿيندو واپس اچي رھيو ھئس تہ رستي ۾ آنٽي جي ھٿ ۾ ڪافي وزني ٿيلھو ڏٺم، اڳيان وڌي مرڪي چيومانس، ”آنٽي گهر پيا وڃو. . . !“
”ھا مين. . . تون ڪيئن آھين. . . “ آنٽي بہ مسڪرائي پڇو.
”مان ٺيڪ آھيان آنٽي. . . ٿيلھو مون کي ڏيو. . . ھونئن بہ مون کي دڪان تي ئي ھلڻو آھي. . . “
آنٽي انڪار ڪيو پر منھنجي ضد آڏو ھن ھار مڃي ورتي.
آنٽيءَ سان گڏ آنٽيءَ جي گهر جي در تائين آيس. ٿيلھو ھڪ پاسي رکندي مون چيو، ”آنٽي. . . مان ھلان ٿو. . . !“
”ڪولڊ پي وڃ مين. . . !“ آنتي ڏاڍي فراخدليءَ سان چيو.
”ٿينڪس آنٽي. . . دڪان تي دير ٿي ويندي. . . “ چيم.
”ڀلا بيھھ. . . پاڻي تہ پي وڃ. . . !“
آنٽي منھنجي جواب جي انتظار ڪرڻ بغير دروازو کڙڪاڻي چڪي ھئي. ماريھ دروازو کوليو. ماريھ مون کي ڏسي حيران ٿي وئي ھئي. پوءِ آنٽي جي چوڻ تي گلاس پاڻيءَ جو ڀري آئي. پاڻي پيئڻ شرط آنٽي پڇيو:
”مين. . . ! تنھنجو نالو ڇا آھي. . . !“
”ڪاشف. . . !“ مون ٻڌايو.
”ڪاشف. . . ! يو آر گُڊ مين. . . !“
ان ڏينھن کان پوءِ مان آنٽي جي بہ دل کٽي ورتي ھئي. ھن جي نطرن ۽ مسڪراھٽ مان مون کي ايئن لڳندو ھو تہ ھن جي دل ۾ مون لاءِ سٺا خيال آھن. انھن واقعن ملاقاتن کان پوءِ ماريھ لاءِ منھنجي محبت ۾ اڃا شدت اچي وئي ھئي. مان کيس پوري سچائي سان چاھڻ لڳو ھئس. شام جو جڏھن ھوءَ ايندي ويندي مون کي ھلڪي مسڪراھٽ سان ڏسندي ھئي تہ مان بي چين ٿي ويندو ھئس. ڪنھن صبح جو آئون دڪان تي ويٺو ڪم ڪري رھيو ھئس تہ ڀر واري دڪان جو ڇوڪرو آيو ۽ چيائين:
”اوھان جي فون آھي. . . “ مون کي ڪجهہ حيراني ٿي پر تڪڙو تڪڙو اٿي اچي فون اٽينڊ ڪئي.
”ھيلو. . . !“
”ڪاشف. . . !“ اڳيان ڪنھن عورت جو آواز ٻڌم.
”ھا. . . !“ چيم.
”مان ماريھ پئي ڳالھايان. . . !“ ٻئي طرف کان آواز آيو. ”ممي جي طبيعت خراب ٿي پئي آھي. . . اسان جو فيملي ڊاڪٽر ٻاھر ويل آھي. . . پليز توھان جلدي ڪنھن ڊاڪٽر کي وٺي اچو. . . !“
ماريھ جو آواز ٻڌي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي ھئي، پڇيو مانس، ”ڇا ٿيو آھي آنٽي کي. . . !“
”تيز بخار اٿس. . . “ ماريھ ٻڌايو.
”توھان فڪر نہ ڪريو. . . مان ھاڻي ئي ڪنهن ڊاڪٽر کي وٺي ٿو اچان. . . !“
مان ماريھ کي آٿت ڏئي فون رکي، ويجهو ئي ڪلينڪ هلائيندڙ هڪ ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري ھن جي گهر آيس. ڊاڪٽر ڪجهہ انجيڪشن ڪري. . . دوائن جي پرچي لکي ڏئي ھليو ويو. . . مان اسٽور تان لکيل دوائون وٺي اچي ماريھ حوالي ڪيون. . . جيڪا آنٽي جي مٿي تي پاڻي ۾ ڪپڙو پسائي رکي رھي ھئي. ھن مون کي ٿورائتي نظرن سان ڏٺو، مون چيو.
”منھنجي لاءِ ٻيو ڪو ڪم ڪار ھجي تہ ٻڌايو. . . !“
”نہ مون پھريان ئي توھان کي گهڻي تڪليف ڏني آھي. . . !“ ماريھ چيو.
”پوءِ ٿوري ٻي ڀي ڏيو ڀلي. . . !“
منھنجي جملي تي ھوءَ مرڪي پئي ھئي، آنٽي ڳالھايو.
”ڪاشف تنھنجي مھرباني. . . تون واقعي ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آھين. . . !“
”نہ آنٽي ان ۾ مھرباني جي ڪھڙي ڳالھہ آھي. . . اھو منھنجو فرض آھي. . . باقي توھان مون کي سٺو ٿا سمجهو. . . اھا اوھان جي شفقت آھي. . . !“ ايئن چئي مان ھليو آيس. . . جيستائين آنٽي ٺيڪ نہ ٿي ھئي تيستائين مان تقريباً روز ماريھ جي گهر ايندو ويندو ھئس. . . ڪڏھن ڊاڪٽر ۽ دوائون وٺڻ بھاني. . . تہ ڪڏھن گهرو ضرورت جو سامان آڻي ڏيڻ لاءِ. . . ايئن ٿوري عرصي ۾ مان ڄڻ ھنن جو گهر ڀاتي ٿي ويو ھئس. آنٽي سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھري ٿيندي ھئي. ماريھ سان بہ بي تڪلف ٿي چڪو ھئس، ھوءَ بغير حجاب جي مون سان ڳالھائڻ لڳي ھئي. پوءِ بہ مان ساڻس اظھار محبت نہ ڪري سگهيو ھئس. پر اڪثر ايترو ضرور چوندو ھيئم:
”ماريھ. . . 32 منھنجو لڪي نمبر اٿئي. . . ياد رکجانءِ. . . !“
ھوءَ مرڪي پوندي ھئي. ھڪ دفعي ڪرسمس جي موقعي تي ھڪ وڏي پئڪيٽ ۾ 32 نمبر جو نيل پالش وجهي گفٽ ڪيم تہ ھوءَ ڪيئي ڏينھن منھنجي ان حرڪت تي کلندي رھي. ھڪ ڏينھن مان ماريھ جي گهر بورچيخاني وٽ ھن سان ڪچھري ڪري رھيو ھئس تہ فون جي گهنٽي وڳي. ھن اھا مون کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ چيو، اڳيان ڪا عورت ڳالھائي رھي ھئي. ماريھ جو پڇيائين، ماريھ کي سڏيم، ماريھ آئي ۽ ڪافي دير تائين فون تي ڳالھائيندي رھي. وچ ۾ ھوءَ مون کي ڏسندي مرڪندي بہ رھي ھئي. فون رکڻ شرط ان عورت بابت پڇيومانس، ٻڌايائين،
”اھا منھنجي وڏي ڀيڻ آھي. . . جنھن سان اڪثر فون تي ڪچھري ٿيندي رھندي آھي. . . مون کي ڏاڍو پيار ڪندي آھي. . . ۽ امان جو احترام. . . ھُن پنھنجي پسند جي شادي ڪرڻ بجاءِ. . . امان جي چوڻ تي ان جي مرضيءَ مطابق شادي ڪري ڇڏي. . . حالانڪھ مون کي خبر ھئي تہ ادي ڪنھن ٻئي سان ڏاڍو پيار ڪندي ھئي. . . ۽ ھو بہ اديءَ جو ديوانو ھو. . . پر اسان جي ماءَ جي ھر خواھش اسان لاءِ مقدس فيصلي جيان آھي. . . ان ڪري ان جو چيو مڃڻ پنھنجو فرض سمجهندا آھيون. . . !“
مان ڇرڪي ويو ھئس، پڇيو مانس:
”تنھنجي ڀيڻ جي جڳھہ تي جيڪڏھن تون خود ھجين ھا تہ. . . ڇا تون بہ پنھنجي محبت کي ڇڏي پنھنجي ماءَ جي چوڻ تي شادي ڪرين ھا. .؟“
منھنجي ان سوال تي ھن جي چھري جو رنگ ئي اڏامي ويو. . . پر پاڻ سنڀالي مضبوط لھجي ۾ چيائين، ”ھا بلڪل. . . !“
ھن ڀيري منھنجي چھري جو رنگ اڏامي ويو ھو.
ھن جي ٺاھيل چانھہ زھر لڳي ھئي. آئون اٿيس ھن روڪيو بہ نہ. . . الائي جي ڇو وھم وسوسا وڪوڙي ويا ھئا تہ ڪٿي آنٽي. . . ماريا جي شادي بہ پنهنجي مرضي سان ڪٿي ٻئي هنڌ ڪري، وري سوچيم محبت جو کليل اظھار ڪرڻ کان پوءِ ممڪن آھي ماريھ جي دل ۾ بہ جڳھہ ٺاھي وٺان. . . ! پر اھو سوچيندي سوچيندي ڏينھن گذري ويا. . . مان ھنن جي گهر نہ وڃي سگهيس. دڪان تي بہ وڃڻ ڇڏي ڏنو ھيم. نيٺ ھڪ ڏينھن مضبوط ارادي سان ماريھ جي گهر ھليو ويس. ان ڏينھن آنٽي ڏاڍو خوش خوش ۽ بدليل محسوس ٿي ھئي. جڏھن تہ ماريھ کي ايترو تہ وساميل ڏٺو ھيم. آنٽي ڏسندي ئي چيو:
”مين. . . ! ڪيڏانھن ھليو ويو ھئين. . . دڪان تي بہ نظر نہ ايندو ھئين. . . !“
”ھا آنٽي. . . بس ڪجهہ ڏينھن دڪان کان موڪل ڪئي ھيم. . . پر توھان ڏاڍا خوش نظر ٿا اچو. . . !“
منھنجي ان پڇا تي آنٽي جو چھرو اڃا خوشي ۾ ٻھڪي پيو چيائين، ”ھا مين. . . وڏي خوشخبري آھي. . . ماريھ جو رشتو لنڊن ۾ ھڪ وڏي گهراڻي ۾ طئي ٿي ويو آھي. . . ٻہ ڏينھن اڳ ماريھ جي ڀيڻ فون ڪري ٻڌايو ھو. . . توکي بہ ان ڏينھن ئي ٻڌايان ھا پر. . . تون دڪان تي نظر نہ آيو ھئين. . . ماريھ سڄي عمر ھاڻي خوش رھندي. . . ان کان وڌيڪ ڪنھن ماءُ لاءِ ٻي ڪھڙي خوشيءَ جھڙي ڳالھہ ٿي سگهي ٿي. . . اسان جلد لنڊن وڃڻ وارا آھيون. . . !“
منھنجا سڀ خواب خيال ڌوڙ ٿي ويا ھئا. . . مئل نظرن سان ماريھ ڏانھن ڏٺم، ھن نظرون چورائي ڇڏيون ھيون. آنٽي چيو:
”مين. . . تون چانھہ شوق سان پيئندو آھين نہ. . . ويھہ اڄ مان ٿي توکي پنھنجي ھٿن سان چانھہ ٺاھي پياريان. . . !“ آنٽي ايئن چئي ھلي وئي ھئي. اسان جون نظرون مليون ھيون، پر ھن وري بہ نيڻ جهڪائي ڇڏيا ھئا، چيومانس:
”لنڊن. . . رشتو مبارڪ ھجي. . . !“
ھن ڪو بہ جواب ڪونہ ڏنو خاموش رھي. ڇپيومانس.
”ڇا تون ان فيصلي يا رشتي ۾ راضي آھين. . . !“
”اھو ممي جو فيصلو آھي. . . ان جي خواھش آھي. . . !“ آھستي بلڪل آھستي چيائين.
”تنھنجي پنھنجي ڪابہ خواھش ناھي. . . !!“
”نہ. . . !“
ھوءَ مختصر جواب ڏئي چپ ٿي وئي ھئي، منھنجو ساھہ ٻوساٽجڻ لڳو ھو. اٿي بيٺو ھئس ھن روڪي ورتو ھو.
”ممي چانھہ ٺاھڻ لاءِ وئي آھي. . . !“
”مان چانھہ پيئدو ئي ناھيان. . . !“ چيومانس.
”ڪوڙ ڇو ٿو ڳالھائين. . . !“ ھن شڪايت واري لھجي ۾ چيو.
”نہ مان سچ ٿو چوان. . . ! پنھنجي ڳالھہ کي ھٿي ڏيندي چيم.
”پر توھان تہ ھتي منھنجي سامھون. . . !“ ھوءَ وڌيڪ نہ چئي سگهي ھئي.
”ھا بلڪل. . . اھو ان ڪري ڪندو ھيم تہ جيئن ڪجهہ پل وڌيڪ تو وٽ ترسان. . . !“
مان وڃڻ لڳو ھئس. . . ! ھن پويان سڏ ڪيو.
”ڪاشف. . . . !“
مڙي ڏٺم اکيون آليون ھيس، ھوءَ وري چئي ڪجهہ نہ سگهي ھئي، نظرون جهڪائي ڇڏيون ھئائين. مان ٻاھرر نڪري ويو ھئس. ڪتابن جو شوق رکندڙ هڪ دوست طرفان پڙهايل طارق عالم جو سفر نامو ”لنڊن تنھنجا ڪيڏا روپ“ آيو.
محسوس ڪيو ھيم تہ ماريھ لنڊن جي چؤطرف ڦھليل ڌنڌ ۾ گم ٿي ويندي. . .
ان ڏينھن ھو وڃي رھيا ھئا، آنتي ايئرپورٽ تي ھلڻ لاءِ چيو پر مون ۾ ايتري ھمٿ ڪٿي ھئي. نہ وڃي سگهيو ھئس. انھن سان گڏ. . .
دڪان جي ڪمن ۾ پاڻ کي مصروف رکڻ ٿي گهريم. . . پر الائي جي ڇو ڪنھن ڪم ۾ دل نہ ٿي لڳي. . . جو ڀرواري دڪان جي ڇوڪري اچي ٻڌايو، اوھان جي فون آئي آھي،
ماريھ ايئرپورٽ کان ڳالھائي رھي ھئي.
”ڪاشف. . . ! تون چوندو ھئين نہ. . . تنھنجو لڪي نمبر 32 آھي. . . اھو نہ وسارجانءِ. . . مون کي توکان جدا ڪرڻ لاءِ سيٽ بہ 32 نمبر واري ملي آھي. . . ! تون بہ ياد رکجانءِ. . . !“

ھن ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو ھو،
مان ڪنھن خواب مان ڄڻ جاڳي پيو ھئس، ڏٺم ھن ٽيبل تي ھاريل پاڻي ۾ آڱر کي قلم وانگر ٻوڙي وڏن اکرن ۾ 32 لکي ڇڏيو ھو.
**

دلال

ھن دڪان جي ويجهو ايندڙ ماڻھن ڏي منھن ڪري وري چوڻ شروع ڪيو.
”ڇا کپي ادا. . . ڪپڙو ڏيون ادا!؟“
عادت موجب ھو ڪنھن ٽيپ رڪارڊر جيان وڄندو رھيو ۽ ٻُڌڻ وارا بہ ھڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي اڳتي وڌي رھيا ھيا پر ھن جو ماڻھن کي ايئن سڏ ڪرڻ سان اھو فرق ضرور محسوس ٿي رھيو ھيو تہ ھر ماڻھو گهٽ ۾ گهٽ ھڪ نظر ھن جي دڪان ڏي نھاريندو ضرور ھيو.
”ڇا کپي ادا. . . !؟“ ھن سامھون ايندڙ ماڻھوءَ کي ڏسندي ئي چوڻ شروع ڪيو.
”سنڱ کپي“ ايندڙ ھمراھہ ھن جي ڀر مان گذرندي چيو.
ھڪ لمحي لاءِ دڪاندار تپي ڳاڙھو ٿي ويو، پر ھو ڊگهي قد، وڏين مڇن ۽ وڏن پائچن واري ھمراھہ جون ڳاڙھيون اکيون ڏسي چپ رھيو. ڪجهہ ئي دير ۾ ڄڻ ھو ان ڳالھہ کي وساري چڪو ھو.
”ڇا کپي ادا. . . “ ھن وري چوڻ شروع ڪيو.
سندس آواز ان وقت وري جهڪو ٿي ويو، جڏھن ھن جو نوجوان پٽ، ھن لاءِ منجهند جي ماني کڻي آيو.
ٻين کوڙ ماڻھن جيان ھن جي پٽن کي بہ هن جو ايئن ماڻھن کي سڏ ڪرڻ تي ڪاوڙ لڳندي ھئي ۽ ھو اڪثر کيس چوندا ھيا:
”بابا! ايئن ريڙھي وارن وانگر ھوڪا نہ ڏيندا ڪريو. “
دوست ۽ پاڙي جا دڪاندار بہ مٿس کلندا ھيا تہ ھو دلالن وانگر سڏ ٿو ڪري. سڄي تر ۾ ھو اڪيلو ۽ اھڙو دڪاندار ھو جيڪو ماڻھن کي ايئن سڏ ڪندو ھو. ھن کان جڏھن ايئن سڏ ڪرڻ جو سبب پڇيو ويندو ھو تہ ھو چوندو ھو.
”گراھڪ جو توجهہ ڇڪائڻ ضروري آھي. “
تقريبن روز ھن جا پٽ ھن سان ان ڳالھہ تي جهيڙو واريندا ھئا.
”اسان کي توھان جي ڪري ماڻھن اڳيان شرمندو ٿيڻو ٿو پوي. “ ھن جا پٽ چوندا ھيا.
اھڙن موقعن تي ھو حيران ٿي سوچيندو ھو تہ مان ڪھڙو غلط ڪم ٿو ڪريان جو اھي شرمنده ٿا ٿين؟
پر جلد ئي اھو مسئلو حل ٿي ويو.
ھو ٿورو بيمار رھڻ لڳو ھو، ھن جو وڏو پٽ جيڪو ڪراچي ۾ رھندو ھيو، اھو کيس بھتر علاج لاءِ ڪراچي وٺي ويو. وڃڻ کان اڳ ھن سموري جائداد پنھنجي اولاد ۾ ورھائي ڇڏي ۽ پاڻ سڪون سان ڪراچي ۾ رھڻ لڳو.
شھر مان اھو عجيب ماڻھو، جيڪو گراھڪن کي سڏ ڪندو ھو، سو نڪري ويو ھو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ڄڻ ماڻھن جي ذھنن مان نڪري، وسري چڪو ھو.
پر ھو پاڻ پنھنجي شھر کي نہ وساري سگهيو.
ڪافي سالن کان پوءِ ھڪ ويجهي مائٽ جي شادي جي دعوت تي ھو موٽي پنھنجي شھر آيو. شادي کان فارغ ٿي، ٻئي ڏينھن تي صبح جو ھو، ھوريان ھوريان ھلندو پنھنجي شھر جي شاھي بازار ۾ داخل ٿيو. ڪيڏو نہ عجيب لڳي رھيو ھو سڀ ڪجهھ، ساڳيو، بازار ساڳي، دڪاندار بہ گهڻي ڀاڱي ساڳيا، پر پوءِ بہ ھر شئي بدليل، بدليل محسوس ٿي رھي ھيس. ھو شوق، حيرت ۽ دلچسپي سان سڀ ڪجهہ ڏسندو اڳتي وڌي رھيو ھو.
”ڇا کپي ادا. . . !“ ڀر واري دڪان مان ملازم کيس سڏ ڪيو.
ھو ڇرڪي پيو.
”ھيڏانھن اچ ادا. . . سستو ڪپڙو ڏينداسين. “ ڪو دڪاندار ڪنھن گراھڪ کي سڏي رھيو ھو.
”اصلي بوٽ ڏينداسين ڀائو، اچ!“ ڪنھن ٻئي دڪاندار ڪنھن ماڻھوءَ کي سڏ ڪيو.
ھن غور سان ڏٺو، ھر دڪان تي ڪو ملازم، ڪو ننڍو ڇوڪرو يا پاڻ دڪاندار بيٺا سڏ ڪري رھيا ھئا.
ھن ڏٺو ڪجهہ دڪان اڳتي ھن جو پٽ بہ پاڻ بيٺو، ماڻھن کي سڏ ڪري رھيو ھو. ھو ھڪ اڌ دڪاندارن سان بي دليءَ مان پري کان سلام دعا ڪندو اچي، پنھنجي پُٽ اڳيان بيٺو. ھو پٽ کي ايئن ڏسڻ لڳو، ڄڻ کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھجي.
”اچو بابا“ پٽ کيس دڪان اندر اچڻ لاءِ چيو.
ھو ڪيئي لمحا خاموش بيٺو رھيو.
”پٽ. . . ھي سڀ دڪاندار. . . ماڻھن کي. . . سڏ ڇو پيا ڪن؟“
ھن جي لھجي ۾ ڪجهہ حيرت، ڪجهہ طنز ھئي.
”ھا بابا . . . “ ھن جي پٽ جي لھجي ۾ شرمندگي ھئي.
”بس بابا. . . ڪامپيٽيشن جو دؤر آھي. . . سڏ ڪرڻ اٿا پَوَن. “
ھو اتان ئي واپس موٽيو.
اھي دڪاندار جيڪي ھن مٿان کلندا، ٽوڪون ڪندا ھيا، اھي پاڻ گراھڪن کي سڏي رھيا ھيا.
ھن کي ايئن لڳو ڄڻ ھو ڳاڙھي بازار جي دلالن جي وچ ۾ اچي ويو ھجي. !

**

ڪھاڻين ۾ وڇوڙو

مون ڪال بيل تي آڱر رکي ۽ خاموش بيھي فليٽ جو دروازو کلڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس، جلد ئي دروازو کليو.
مون جلدي ۾ پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو.
”منھنجو دوست ۽ توھان جو پاڙيسري مسٽر افتخار پنھنجي فليٽ جي چاٻي منھنجي لاءِ اوھان کي ڏئي ويو آھي. . . مھرباني ڪري مونکي چاٻي ڏيو. “
”توھان ڪو رانديڪا آھيو جو توھان کي چاٻي ڏيون؟“
دروازو کوليندڙ آمنہ ڀاڀيءَ ھڪ پاسي ٿيندي چيو.
مون کان ٽھڪ نڪري ويو.
”اچ. . . اندر اچ. . . “ ڀاڀيءَ ھڪ پاسي ٿيندي چيو.
آءٌ اندر داخل ٿيس ۽ سفري بيگ کي اتي ئي دروازي جي ڀرسان ذري گهٽ ڄڻ اڇلايم. منھن ورايم تہ سامھون پنھنجي ڪمري جي دروازي تي صبا بيٺي، دلچسپيءَ سان مون ڏانھن ڏسي رھي ھئي، ھن جي ھٿن ۾ معمول موجب ڪو ڪتاب ھيو.
”تون ويھہ . . . آءٌ اچان پئي. . . “ آمنہ ڀاڀي چيو ۽ آءٌ سمجهي ويس تہ ھاڻ ھوءَ باورچي خاني ۾ وڃي منھنجي لاءِ ناشتو ٺاھيندي. آءٌ اڳتي وڌي ڪرسي تي ويٺس تہ صبا بہ اچي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويھي رھي.
آءٌ خاموشيءَ سان سندس سفيد نظر واري چشمي جي پويان پاڻ ڏي گهوريندڙ نظرن ۾ ڏسڻ لڳس.
”ڪيئن آھين؟“ ھن پڇيو.
”جيئن ھڪ سٺي ماڻھوءَ کي ھجڻ کپي. “
مون ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيندي چيو.
مرڪي چيائين، ”پنھنجي باري ۾ سٺو ماڻهو هجڻ وارو خوش فھمي ڪڍي ڇڏ. “
مون بہ مرڪي چيو:
”۽ بھتر نہ آھي تہ تون منھنجي باري ۾ بدگماني ڪڍي ڇڏ. . . “
ڪتاب ٽيبل تي رکندي چيائين:
”توھان ليکڪن کان ڊائيلاگز ۾ ڪير کٽيندو؟“
ھن کان نظرون ھٽائي ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳس، سڀ ڪجهہ تہ ساڳيو ھو. . . ڪئلينڊر ۾ اکيون اٽڪي پيون، مھينن جو حساب ھنيم تہ ھي سال ۾ منھنجو چوٿون ڀيرو ھيو اچڻ جو.
”ھڪ سال؟“ سوچڻ لڳس ”ڪن ماڻھن سان واسطا ڪيترو تہ جلدي صدين جو سفر مهينن، سالن ۾ طئھ ڪندا آھن. “
اکين اڳيان پنھنجو پھريون ڀيرو ھنن وٽ اچڻ جو منظر گهمي ويو.
ڪراچي جي دوست افتخار کي فون تي پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڪيم تہ چيائين.
”تون ايندين صبح جوٿورو دير سان. . . آءٌ سوير نڪري ويندو آھيان. ڊيوٽي تي. . . فليٽ 554 وارن کي پنھنجي فليٽ جي چاٻي ڏئي ويندم. . . انھن کان وٺجان. . . “
آءٌ جڏھن اتي پھتس ۽ افتخار جي ٻڌايل فليٽ جي ڪال بيل وڄايم تہ دروازو ڪنھن عورت کوليو.
مون ساڻس پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو:
”منھنجو دوست، توھان جو پاريسري مسٽر افتخار پنھنجي فليٽ جي چاٻي توھان وٽ رکي ويو آھي. . . اھا مون کي ڏيو. . . “
عورت خاموشيءَ سان اندر ھلي وئي، موٽي آئي تہ مون کي فليٽ جي چاٻي ڏئي ڇڏيائين. آءٌ ھن کي مھرباني چئي واپس ڀرسان ئي افتخار جي فليت وٽ آيس ۽ دروازو کولي اندر داخل ٿيس. سڄي رات جي سفر جي ٿڪاوٽ لاھڻ لاءِ وھنجي جيئن فارغ ٿيس تہ فليٽ جو بيل وڳو، اچي دروازو کوليو تہ ساڳي پاڙي واري عورت ھٿ ۾ مختلف شئين سان ڀريل ٽري کنيو بيٺي ھئي.
”اوھان ناشتو نہ ڪيو ھوندو، اچي ھي وٺو ناشتو آھي. “
منھنجي ڪجهہ چوڻ پڇڻ کان اڳ پاڻ ئي چيائين.
آءٌ حيرت مان کيس ڏسي رھيو ھئس تہ وري چيائين:
”ڪنھن بہ قسم جي تڪلف جي ضرورت نہ آھي، افتخار جو مھمان معنيٰ اسان جو مھمان. . . “
مون خاموشيءَ مان ٽري سندس ھٿن مان ورتو تہ ھوءَ ھلي وئي.
”وڏي لئي آھي پاڙي ۾ افتخار جي. . . “
مون سوچيو ۽ اچي آرام سان ناشتو ڪري وري ٿڪ لاھڻ لاءِ سمھي پيس. . .

خبر نہ آھي ڪيترو وقت گذري ويو ھو جو وري بيل جي آواز تي اٿيم. اکيون مھٽيندي اچي دروازو کوليو تہ افتخار ھوندو پر سامھون ڪنھن نوجوان ڇوڪريءَ کي ھٿ ۾ ٽري کنيون بيٺل ڏسي اکين ۾ ننڊ جو باقي خمار بہ اڏامي ويو.
”ھي ڀاڀيءَ ڏنوَ، چيائين تہ ادو افتخار منجهند جي ماني اڪثر کائي ايندو آھي. . . ھي ماني توھان لاءِ آھي. . . “
مون کي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ ڪانہ اچي رھي ھئي.
”وٺو نہ. . . “ ڇوڪريءَ جي آواز تي ڇرڪي پيم.
”ھي واقعي ڪراچي جو شھر آھي؟“ منھنجي لھجي ۾ ڪجهہ حيرت ڪجهہ شوخي ھئي.
”ھا. . . ڇو؟“ ڇوڪريءَ حيرت مان پڇيو.
”ڪيئن چيو ويندو آھي تہ ھت ڪنھن کي بہ ڪنھن جي پرواھہ نہ آھي. . . !“ مون سندس ھٿن مان ٽري وٺندي چيو.
”خلوص دلين ۾ ھوندو آھي. . . شھرن ۾ نہ. . . “
ھن جواب ڏنو تہ مون ڪجهہ چوڻ بنا کيس ٻيھر غور سان ڏٺو. نظر واري چشمي پويان سندس وڏين وڏين اکين ۾ وڏو اعتماد ھو.
مون کيس مھرباني چيو، تہ ھوءَ ھلڪي مسڪراھٽ سان خاموش جواب ڏئي ھلي وئي.
افتخار آيو تہ کيس پاڙي وارين جي مھرباني بابت ٻڌايم تہ کلي چيائين
”انتھائي پرخلوص فيملي آھي. . . منھنجو ڏاڍو خيال رکندا آھن. “
”ڪو چڪر؟؟“ مون کيس غور سان ڏسندي چيو.
”ڪوبہ نہ. “ سندس لھجي ۾ سچائي محسوس ڪيم.
شام جو ان فيملي جو مرد ميمبر يعني آمنہ ڀاڀيءَ جو مڙس ۽ صبا جو ڀاءُ وحيد بہ آيو تہ ساڻن ملي مون کي پڪ ٿي تہ واقعي ھو ھڪ پرخلوص فيملي آھي ۽ ايئن پھرين پندرنھن ڏينھن ۾ ئي آءٌ بہ ھنن جي ڪافي ويجهو اچي چڪو ھيس. ھاڻ آءٌ جڏھن افتخار جي غير موجودگي ۾ فليٽ ۾ ويٺو لکندو رھندو ھيس تہ آمنہ ڀاڀي يا صبا بلا خوف اندر اچي ڳالھائينديون ھيون. صبا کي خبر پئي تہ آءٌ لکندو بہ آھيان.
پھرين ٽوئر ۾ ئي چيو ھئائين
”مون ڏي پنھنجيون ڪھاڻيون موڪلجانءِ. . . “
واپس اچي مون ڄاڻي واڻي بہ ھن ڏي پنھنجيون ڪھاڻيون نہ موڪليون ھيون تہ متان ڪجهہ غلط نہ سمجهي. ٻئي ڀيري ويو ھيس تہ پڇيو ھيائين، ”ڪھاڻيون ڇو نہ موڪليئي؟“
ڳالھہ ٽاري ويو ھيس، پر پنھنجي شھر اچي ڪجهہ ڪھاڻيون موڪليون ھيم ۽ ايئن آءٌ ھن ڏي ڪھاڻيون موڪليندو رھيس.
”ھيلو. . . ڪيڏانھن گم ٿي وئين؟“
ھن سامھون رکيل ٽيبل کڙڪائي تہ ڇرڪي پيم.
ڪئلينڊر کان نظرون ھٽايم.
”ڇا پيو سوچين؟“ ھن وري پڇيو.
”ڪجهہ بہ نہ. . . “ چئي وري پڇيم،
”ڀلا منھنجون ڪھاڻيون پڙھيون ٿي؟“
”ھا. . . “ لاپرواھيءَ مان چيائين.
”ڪيئن آھن؟“
”رومانس وٿ ٽريجڊي. . . “ سندس لھجو ساڳيو لاپرواھيءَ وارو ھيو.
”ڇا مطلب؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”مطلب تہ تنھنجين ڪھاڻين ۾ بہ وڇوڙا ڏاڍا ايندا آھن؟“
ھن بہ اھو سوال ڪيو جيڪو اڪثر ليکڪن کان پڇيو ويندو آھي.
”ڇا وڇوڙو حقيقت نہ آھي؟“ مون ھن کي غور سان ڏسندي چيو.
”حقيقت تہ شدت واري محبت بہ نہ آھي. “
ھن ڄڻ محبت جي وجود کان ئي انڪار ڪيو ھيو. مون کي چِڙَ لڳي، آءٌ ٽيبل تي ٺوٺ رکي ھن ڏانھن جهڪي ھن جي اکين ۾ ڏسي چوڻ لڳس:
”صبا. . . ھڪ ماڻھو. . . پنھنجي شھر کان ٻئي شھر جو طويل سفر ڪري ڪنھن بہ بھاني سان. . . ڪنھن ڇوڪريءَ سان ملڻ اچي. . . ان جذبي کي تون ڇا چوندينءَ؟“
ھڪ لمحي ڇرڪي پئي ھئي. . . مون ڏانھن ايئن غور سان ڏسڻ لڳي، ڄڻ پھريون ڀيرو ڏسي رھي ھجي، ڪو جواب نہ ڏنائين تہ وري پڇيم:
”ٻڌاءِ نہ. . . ان جذبي کي ڇا چوندينءَ؟“
”ڪنھن ليکڪ جي ليک موجب تہ محبت. . . “ چوندي نظر جي چشمي لاهڻ جي بھاني اکيون بند ڪيائين، پر اکيون بند ٿيڻ کان اڳ مون ڏٺو سڄي ڪراچيءَ جون روشنيون ھن جي اکين ۾ اچي ويون ھيون.
”۽ ان محبت ڪندڙ ماڻھوءَ کي اھا بہ خبر ھجي تہ ھن ٻنھي جون ذاتيون جدا جدا آھن ٻولي جدا جدا آھي. . . ۽ سال جي ٽي سو پنجهٺ ڏينھن مان ڏھہ ڏينھن ۾ ھنن جو مذھبي فرقو بہ جدا ٿئي ٿو وڃي. . . ۽ ڪجهہ ٻين ڳالھين جي ڪري بہ ھنن جو ملڻ ممڪن نہ آھي تہ اھو ماڻھو ڇا ڪري؟“ مون کيس آھستي آھستي چيو.
ھوءَ رئي سان نظر جو چشمو صاف ڪندي خاموشيءَ سان ٻڌندي رھي.
”ٻڌاءِ تہ اھو ماڻھو ڇا ڪري؟“
ھن مون ڏانھن ڏٺو، سندس چپن تي ڪنھن کي دلاسو ڏيندڙ مرڪ ھئي.
” يعني ڪھاڻيءَ جي ان ڪردار کي. . . ھن چوڻ شروع ڪيو.
”تولاءِ اھو ڀل ھڪ ڪھاڻيءَ جو ڪردار ھجي. . . پر ياد رکجانءِ جيئن تون چوندينءَ، اھو ڪردار ايئن ڪري ڇڏيندو. “
منھنجو لھجو اٽل ھو.
”منھنجي خيالن ۾ ان ڪردار يا ماڻھو وٽ ٽي آپشن آھن. . . “
ھن اکيون بند ڪندي چيو.
”ھڪ تہ صبر. . . “
”جي صبر ھن جي وس ۾ نہ ھجي تھ؟“ مون ھن جي ڳالھہ ڪٽيندي چيو.
”ٻيو ڪورٽ ميريج. . . “ ھن چيو.
آءٌ خاموش رھيس.
تہ وري چيائين ”ٽيون. . . خودڪشي. . . “
”ان ٻنھي خيالن مان تون ڪھڙي صلاح ڏيندينءَ؟“
مون ھن کي غور سان ڏسندي چيو.
الائي ڇو ٿورو کلي پئي ۽ چيائين،
”محبت ڪندڙ ماڻھوءَ کي خودڪشي تہ بلڪل بہ نہ ڪرڻ کپي. . . “
تہ باقي ڇا ڪرڻ کپي؟“ مون پڇيو.
وري نظر جو چشمو پائڻ بھاني اکيون بند ڪندي چيائين:
”ڪورٽ ميريج. . . “
مون اوچتو ئي سندس ھٿ پڪڙي ورتو.
”اٿي تہ ھلون. . . “ مون اٿندي چيو.
”ڪيڏانھن؟؟“ ھن حيرت مان پڇيو پر مون کان ھٿ نہ ڇڏايائين.
”ڪورٽ ميريج ڪرڻ. . . “ مون پرسڪون لھجي ۾ چيو.
ھوءَ حيرت ۾ مون کي ڏسندي رھي.
”پر. . . “ ھو ڪجهہ چوندي چوندي رڪجي وئي.
”صبا. . . ڪجهہ ڪھاڻيون ھڪ صفحي جون ھجن يا سو صفحن جون ايئن ڪجهہ ملاقاتون ڏينھن جون ھجن يا سالن جون. . . انھن جو انجام اڳ، پوءِ اھو ئي ٿيڻو ھوندو آھي. . . اٿي تہ ھلون. . . “ مون چيو.
ھن آھستي پنھنجو ھٿ منھنجي ھٿن مان ڇڏايو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.
مون اڳتي وڌي پنھنجو سفري بيگ کنيو، ڏٺم تہ ڀاڀي آمنہ دروازي جي ڀرسان ناشتو کنيو خاموش بيٺي ھئي، ڄڻ ھوءَ اسان ٻنھي جي وچ ۾ ڪجهہ چوڻ نہ پئي چاھي.
آءٌ دروازي کان ٿي موٽي آيس. صبا ايئن ڪنڌ جهڪايون ويٺي ھئي.
”صبا ڪھاڻيءَ ۾ وڇوڙو ايئن ايندو آھي. . . “
منھنجو آواز ڏڪي رھيو ھيو.
ڀاڀي آمنہ جي ڀر مان لنگهندي ايئن پنهنجا هٿ جوڙيم ڄڻ چوندو ھجان:
”ڪا غلطي ٿي ھجي تہ معاف ڪجو. “
۽ آءٌ پنھنجي دوست افتخار سان بہ ملڻ کان بغير ھليو آيس ۽ وري ڪڏھن بہ صبا ڏي ڪا ڪھاڻي پوسٽ نہ ڪيم.
يقينن هوءَ سمجهي وئي هوندي تہ ڪھاڻين ۾ وڇوڙا ڪيئن ايندا آهن.

ڀڳل گلاس جي قيمت

ھڪ مائٽ جي شادي جي سلسلي ۾ ڪجهہ پنھنجي لاءِ ۽ ساڻس گڏ آيل ننڍڙي پٽ شيراز لاءِ بوٽ وٺي بازار کان ٻاھر نڪتو تہ شيراز جي نطر سامھون واري ھوٽل تي پئي. ھو گهڻو وقت اڳ بہ پنھنجي پيءُ سان گڏ ان ھوٽل ۾ آيو ھيو، کيس ياد آيو تہ ڪيئن نہ ھو، اندر وڃي ويٺا ھئا تہ ھڪ ويٽر پاڻيءَ جو جڳ ۽ گلاس رکي ڪيتري نہ ادب سان پڇيو ھيو.
”جي سر. . . ڇا حڪم آھي؟“
سندس پيءُ ويٽر کي ٻہ بوتلون آڻڻ لاءِ چيو ھيو.
ان وقت شيراز کي ويٽر جو با ادب ٿي پڇڻ ڏاڍو سٺو لڳو ھو.
”بابا سامھون واري ھوٽل ۾ بوتل پيئجي؟“
شيراز پراڻي ڳالھہ ياد ڪندي پيءُ کان پڇيو.
ڪجهہ گرمي، ٿڪاوٽ ۽ شيراز جي فرمائش ڪرڻ تي ھن جو بہ موڊ ٿي ويو. ھو کلندي ان ھوٽل ۾ داخل ٿيا.
ھڪ سائيڊ تي ڪرسين تي ويھي رومال سان پگهر اگهيو. ھوٽل وڏو ڪشادو پر پراڻي اسٽائيل جو ھيو. جلدي ويٽر ھنن جي اڳيان پاڻي سان ڀريل جڳ آڻي رکيو.
”جي سر. . . ڇا حڪم آھي؟“ ويٽر روايتي جملو دھرايو.
”ٻہ بوتلون. . . ٿڌيون“ شيراز جي پيءُ چيو.
ويٽر ڪنڌ ھوريان لوڏي ھليو ويو.
شيراز کي ڄڻ مزو اچي ويو، ڪشادو ھوٽل، ھڪ سائيڊ تي ٽي وي. . . پنھنجين ڳالھين ۾ مگن ماڻھو ۽ صاف سٿري لباس ۾ ويٽر جو با ادب ٿي ڳالھائڻ. . . ويٽر جلدي بوتلون کڻي آيو ھيو.
شيراز جي پيءُ پڇيو ”پٽ گلاس ۾ بوتل اوتي ڏيانءِ.
”ھا“ شيراز چيو. . ھو گلاس ۾ اوتيل بوتل جو مشروب مزي سان پي ويندو ھيو. سندس والد کيس گلاس ۾ بوتل اوتي ڏني. اوچتو شيراز کي ڳالھہ ياد آئي.
”بابا. . . اڳي ھڪ ڀيري ھن ھوٽل ۾ شيشي جو گلاس منھنجي ھٿان ڪري ڀڄي پيو ھيو. . . ڇا ھوٽل وارن اوھان کان پيسا ورتا ھئا؟“
شيراز جي والد سوچيو تہ کيس ٻڌايان تہ ھوٽل وارا گلاس چانھہ جي ڪوپ وغيرھ ڀڄڻ جا پيسا نہ وٺندا آھن. پر ٻئي لمحي کيس خيال آيو تہ اھا حقيقت معلوم ٿيڻ کان پوءِ ڪٿي شيراز لاپرواھہ نہ ٿئي ۽ ڪا شئي ڀڃي نہ ڇڏي.
ان خيال سان حقيقت لڪائي کيس چيائين:
”ھا پٽ. . . ھوٽل وارا پيسا وٺندا آھن. “
ھن ڏٺو تہ اھا ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ شيراز گلاس کي ويتر مضبوطي سان پڪڙيو ھيو.
شيراز جو والد ھوريان مرڪي پيو، سوچيائين ننڍڙو ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ حقيقت لڪائڻ جي ڪري ھو ڪيترو نہ احتياط ڪري رھيو آھي.
جلدي ھو ھوٽل مان فارغ ٿي نڪري آيا.
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ شيراز جي گهر آيل والد جي ھڪ دوست مھمان کيس ڏھہ روپيا خرچي ڏني. شيراز خوش ٿي ٻاھر نڪري ويو.
سوچڻ لڳو تہ ڇا وٺي کائجي؟ آئيس ڪريم؟ . . . جوس. . . نہ اوچتو کيس ان ھوٽل م بوتل پيئڻ جو خيال آيو.
”ھا ان ھوٽل ۾ بوتل پيئجي ۽ ويٽر ڪيڏو نہ ادب سان پڇدنو آھي. . .
”جي سر ڇا کپي؟“
ھو خوش خوش ان ھوٽل ۾ آيو.
ھڪ ڪنڊ ۾ ويٺو. جلد ئي ويٽر پاڻي اڳيان رکڻ کان پوءِ با ادب ٿي پڇيو ”جي سر. . . ڇا حڪم آھي؟“
شيراز ان لمحي پاڻ کي تمام معتبر ماڻھو سمجهيو.
”بوتل ٿڌي“. ھن آڪڙ مان چيو.
بوتل آڻي رکي ويٽر ھليو ويو. شيراز بوتل گلاس ۾ اوتي ڍڪ ڍڪ پيئڻ لڳو. . . کيس ڏاڍو مزو اچي رھيو ھيو. . . ھوريان ھوريان بوتل پي خالي گلاس ٽيبل تي رکيو رھيو ھيو تہ اوچتو گلاس سندس ھٿن مان نڪري ھيٺ فرش تي ڪري ڀچي پيو. گلاس جي ڀڄڻ جو آواز کيس تمام وڏو محسوس ٿيو. . . ھو اکيون ڦاڙي ھيٺ گلاس جي ڀڳل ٽڪرن کي ڏسي رھيو ھيو. . . ڄڻ کيس يقين ڪونہ پيو اچي.
ھن جي ذھن ۾ ھڪ ئي وقت ڪيئي ڳالھيون ڦرڻ لڳيون. پيءُ جو چيل جملو ياد آيس تہ گلاس ڀڄڻ تي ھوٽل وارن پيسا ورتا ھيا.
”پيسا؟“ ھن سوچيو ”پيسا تہ مون وٽ صرف ڏھہ روپيہ آھن. . . گلاس جا پيسا. . .؟“
اوچتو ويٽر اچي ويو. شيراز جو ساھہ سڪي ويو. ويٽر صرف ھڪ نظر ڀڳل گلاس ڏنھن ڏٺو ۽ مددگار ڇوڪري کي سڏ ڪري گلاس جا ٽڪرا ميڙائي کڻي وڃڻ لاءِ چيو.
ھو لٿل منھن ۽ گهري سوچ ۾ ٻڏل ويٺو رھيو. ڀڳل گلاس. . . پيسھ. . . بس اھو سوچيندو رھيو.
”ننڍڙا ڇا پيو سوچين؟“
اوچتي آواز تي ڇرڪي پيو.
ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺائين. . . ھڪ ڊگهي قد جو صاف لباس پاتل ھمراھہ، کيس رحمدلانہ مسڪراھٽ سان ڏسي رھيو ھو.
”گلاس ڀڳئي؟“ ھن وري پڇيو.
شيراز ھوريان ڪنڌ ڌوڻي ”ھا“ ڪئي.
”تون وٽ پيسا نہ آھن“ ھن شايد سڄو معاملو سمجهي ورتو ھيو. شيراز وري ڪنڌ ڌوڻي ھا ڪئي.
”ڪا ڳالھہ ناھي“ ھن کيس تسلي ڏني.
”مون سان ھل، ھوٽل وارو منھنجو واقفڪار آھي. . . “
شيراز ھن سان گڏ اٿيو، ان ماڻھوءَ ھوٽل واري کي ڪجهہ پيسا ڏنا ۽ شيراز کي ٻاھر وٺي آيو.
ٻئي ڏينھن تي شيراز جو لاش اگهاڙي حالت ۾ گند جي ڍير تان مليو.

**

مختصر ڪھاڻيون

---

صلاح

سَنھين مُڇن کي مھٽيندي ھُن جون نظرون سامھون ايندڙ ڇوڪري ۾ کُتل ھيون. جڏھن اھو سھڻو ڇوڪرو ھن جي ڀر مان گذريو تہ ھن ٿورو زور سان پنھنجي منھن ڳالھائيندي چيو:
”ڪاش. . . اسان بہ جي سھڻا ھجون ھا. . . ھن مھل سُکي زندگي گذري ھا. . . “
ھُن جي پويان بيٺل ھمراھہ، کيس ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو.
”ڀائو. . . اڃا وقت نہ ويو اٿئي. . . پنھنجي پٽ يا ننڍي ڀاءُ کي انھيءَ دڳ لاءِ شايد ان جي زندگي سُکي گذري، . . . “
*

ڪاغذ

گهٽيءَ ۾ بيٺو ھُيس، ڀرسان ڇولا کپائيندڙ ڇوڪرو لنگهيو، کيس ٻن روپين جا ڇولا ڏيڻ لاءِ چيم. ھو ڇولن وارو ٿال زمين تي رکي، ڇولا ڏيڻ لاءِ ڪاغذ ڳولڻ لڳو.
”او ھو. . . ڀائو. . . ڪاغذ ختم ٿي ويو آھي. “
”پر ھي جي ڪجهہ ڪاغذ پيا اٿئي؟“
مون اتي رٻڙي ۾ ويڙھيل ڪاغذن ڏانھن اشارو ڪيو.
”ھي ڪاغذ؟. . . ھي منھنجا داخلا فارم آھن، جيڪي سڀاڻي جمع ڪرائيندس.
*

پنھنجي پنھنجي طلب

سڀئي رستي تي ايندڙ ويندڙ ’شوق‘ منجهان کيس ڏسي رھيا ھيا ۽ اھا نوجوان پينو ڇوڪري، فٽ پاٿ تي بيھي، دڪان اندر شوڪيس ۾ سينگاريل زيورن کي وڏي حسرت منجهان ڏسي رھي ھئي.

*

حسرت

ويگن ھلڻ جي ڪجهہ دير کان پوءِ ڊرائيور ٽيپ رڪارڊر آن ڪيو، گانو ھلڻ لڳو.
”ڳاڙھو وڳو، ڳاڙھو وڳو. . . ڪيڏو ٺھي ٿو يار کي“
عورتن لاءِ مخصوص آخري سيٽن تي ويٺل ڳاڙھي رنگ جا ڪپڙا پھريل ڪراڙيءَ عورت ٿڌو ساھہ کڻي سوچيو،
”اسان جي جوانيءَ واري دؤر ۾ اھڙا گانا ڇونہ ھيا؟“

*

ھڪ واقعو ٻہ طرفي سوچ

ھوءَ اوچتو ئي کيس سامھون ايندي نظر آئي.
الاءِ بہ ڪير ھئي، پر ھئي ڏاڍي خوبصورت،
ھو ھٿ ۾ پڪڙيل ڪتاب وڌيڪ مضبوطي سان پڪڙي ھلندو بہ رھيو تہ کيس ايندي ڏسندو بہ رھيو. اوچتو پويان ايندڙ سائيڪل کيس ٽڪر ھڻي ڪيرائي وڌو، ڪتاب بہ ھٿ مان نڪري ويس. ھو ڏاڍي ڪاوڙ مان اٿيو، سوچيائين تہ سائيڪل واري کي ڳچيءَ کان وٺي. . . پر سامھون ايندڙ خوبصورت ڇوڪريءَ تي نظر پوندي ئي اھو سوچي سائيڪل واري کي ڪجهہ بہ نہ چيائين تہ جيئن جهڳڙو نہ ڪرڻ تي ڇوڪري کيس شريف ماڻھو سمجهي.
ڇوڪريءَ ھن کي پنھنجي ڀر مان لنگهندي ڏسي سوچيو:
”مرد ماڻھوءَ کي ايترو بہ بزدل نہ ھجڻ کپي. “

نوان - پراڻا

چانھہ پيئندي ھو پاڻ ۾ ڳالھائي بہ رھيا ھئا، ايتري ۾ ھڪ پٺاڻ ٻارڙن لاءِ شيون کپائيندو، اتي اچي ھنن جي سامھون واري بينچ تي ويھي رھيو ۽ بيري کي چانھہ جو آرڊر ڏنائين. جڏھن پٺاڻ چانھہ پيئڻ لڳو ھو تہ اوچتو ھنن مان ھڪڙي کي ڪا ڳالھہ ياد آئي.
”لالا. . . ٽائيم ڇا ٿيو آھي؟“ ھن پڇيو.
پٺاڻ چانھہ جو ڪوپ ٻئي ھٿ ۾ پڪڙي ٻانھہ ۾ ٻڌل گهڙيءَ ۾ ڏسي ٻڌايو.
”چار. . . . . . پنتاليس. . . . . . “
”چار؟. . . ڀلا چار نوان يا پراڻا. . . (*)
”نوان“
ھمراھہ وري پنھنجي دوست ڏي متوجهہ ٿي، وڏي جوش مان چيو:
”يار! سٺو ٿيو جو حڪومت معياري وقت ھڪ ڪلاڪ اڳتي ڪري ڇڏيو. “
”ڇو؟ ڪھڙو فائدو؟“ ٻئي پڇيس.
”يار! ٻيو فائدو تہ ڇڏ. . . پر گهٽ ۾ گهٽ اسان انڊيا کان وقت ۾ تہ اڌ ڪلاڪ اڳتي ٿياسين. . . “ ٻنھي ٽھڪ ڏنو.
پٺاڻ چانھہ پي اٿڻ لڳو ھو.
”لالا. . . سٺو ٿيو نہ. . . “
پٺاڻ اتي ڪجهہ نہ چيو، اڳتي نڪري منھن ورائي انھن ڏانھن ڏسي ڀڻڪيو:
”عمل ۾ اڳتي نہ. . گهڙيال جي سُئي اڳتي ٿيڻ تي خوش. . . سُست سنڌي!“

. . . . .
• ڪجهہ عرصو اڳ حڪومت طرفان معياري وقت تبديل ٿيڻ کانپوءِ