ڪھاڻيون

ڪاري راڻي

هن ڪتاب ۾ ڪل سترھن ڪھاڻيون شامل آهن. نور ڪنڀر  پنھنجي سماج جو  سجاڳ ڪھاڻيڪار آهي، جيڪو سماجي حقيقت نگاريءَ کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ سمائي ٿو، انھيءَ ڪري هن جون ڪھاڻيون سچ، سونھن، سڪ، تڙپ، پيار، ڪلفت، آس، نراس، نينھن، ناتي سميت سنڌيت جو احساس ڏياريندڙ، هڪ مقصد، هڪ اتساھ هڪ اُميد سان ڀرپور فني ۽ فڪري طور مضبوط لکيل آهن،. انھيءَ ڪري هن جون هي ڪھاڻيون جديد سنڌي افسانوي ادب ۾ پنھنجي اھميت رکن ٿيون

  • 4.5/5.0
  • 80
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪاري راڻي

ڪتاب جا حق ۽ واسطا

ڪتاب نمبر: 359
ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪاري راڻي
(ڪھاڻيون)
ليکڪ: نور ڪنڀر
ڇاپو پھريون: مئي 2023ع
لي آئوٽ: آفتاب احمد هنڱورجو
ٽائيٽل: مھراڻ سھتو
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
دوابہ پوليس لائين، ويجهو عبرت اخبار هيڊ آفيس، حيدر چوڪ، حيدرآباد
0300-3513966

ملھہ: 300 روپيا


KAARI RANI
(Stories)
Writer: Noor Kumbhar
1st Edition: May 2023
Layout: Aftab Ahmed Hingoro
Title Design: Mehran Sehito
Published By: Sambara Publication Hyderabad
Email: sambara.publication@gmail.com
Mobile: 0300-3513966

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار نور ڪنڀر جي ڪھاڻين جو مجموعو ”ڪاري راڻي“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
هن ڪتاب ۾ ڪل سترھن ڪھاڻيون شامل آهن. نور ڪنڀر پنھنجي سماج جو سجاڳ ڪھاڻيڪار آهي، جيڪو سماجي حقيقت نگاريءَ کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ سمائي ٿو، انھيءَ ڪري هن جون ڪھاڻيون سچ، سونھن، سڪ، تڙپ، پيار، ڪلفت، آس، نراس، نينھن، ناتي سميت سنڌيت جو احساس ڏياريندڙ، هڪ مقصد، هڪ اتساھ هڪ اُميد سان ڀرپور فني ۽ فڪري طور مضبوط لکيل آهن،. انھيءَ ڪري هن جون هي ڪھاڻيون جديد سنڌي افسانوي ادب ۾ پنھنجي اھميت رکن ٿيون..
ھي ڪتاب مئي 2023ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي، جيڪو نور ڪنڀر ۽ سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جي ٿورن سان پيش شيئر ڪجي ٿو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

نور محمد ڪنڀر }نورل ڪنڀر} (ڏاڏا سائين)
مير محمد ڪنڀر }ميرل ڪنڀر} (نانا سائين)
جن پنهنجي سڄي حياتي ڀڳتي راڳ کي ارپي
محمد اسماعيل ڪنڀر (بابا سائين)
غلام مصطفيٰ شاهين (چاچا سائين)
پنهنجي جيون ساٿياڻي
۽
پنهنجي پٽ ايان نُور ڪنڀر
جي نانءُ پنهنجي ڪامئي ارپيان ٿو.

مھاڳ: سماج جي احساسن ۽ جذبن جي سرچشمي مان ڦٽي نڪتل ڪھاڻيون

ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۽ ڪھاڻيءَ جو فن ڇا آهي، انھيءَ تي اسان جي ڪيترن ئي سينيئر ڪھاڻيڪارن پنھنجي خيالن جو اظهار وقت بہ وقت پئي ڪيو آهي، پر جيڪڏهن وري بہ هتي سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ تي نظر وجهجي تہ، سنڌي ڪھاڻي بہ اوتري ئي قديم آهي، جيترو سنڌي لوڪ ادب، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي هيءَ ڌرتي آهي. ڇاڪاڻ تہ اڄ جي جديد ڪھاڻيءَ جو بنيادي سرچشمو، ماضيءَ جا لوڪ قصا، داستان ۽ ڏند ڪٿائي ڪھاڻيون آهن، پر جي جديد سنڌي مختصر ڪھاڻيءَ تي نظر وجهجي تہ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي ابتدا کي سوا سئو سال کن مس ٿيا هوندا. جديد سنڌي ڪھاڻي جي ابتدا بابت اسان جا ادبي تاريخ نويس لکن ٿا تہ ”حُر مکيءَ جا“ يا وري “ادو عبدالرحمان” ڪھاڻي کي جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي شروعات سڏيو وڃي ٿو.
خير! ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۽ فن جي اُپٽار پنھنجي جاءِ تي، پر انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ انسان جي هيءَ سموري زندگي ڄڻ تہ هڪ ڪھاڻي يا ايئن کڻي چئجي تہ هر ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۾ انيڪ ڪھاڻيون جنم وٺن ٿيون ۽ پوءِ جيڪڏهن اُهو ماڻھو جذباتي طور حساس، سڄاڻ ۽ لکڻ جي فن جو ڄاڻو آهي تہ پوءِ پنھنجي آپ بيتيءَ کي جڳ بيتي بڻائي کوڙ سارين ڪھاڻين کي جنم ڏئي ٿو، نہ رڳو هڪ حساس ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جي مشاهدن، تجربن، احساسن، ڏکن سُورن کي لفظن جو رنگ ڏئي جڳ جهان کي کلائي يا روئاري ٿو، پر جڏهن سندس مشاهدي جي اک وڌيڪ تيز ۽ ٻين جي احساسن کي پنھنجي احساسن ۾ ضم ڪرڻ يا محسوس ڪرڻ جي سگهہ آهي تہ پوءِ هو ڪاغذ جي ڪئنواس تي لفظن جي ذريعي اهڙا رنگ چٽي ٿو، جن ۾ سماج جي ڏکن، سُورن جا عڪس ايئن ظاهر ٿي بيھن ٿا، جيئن هڪ صاف ۽ شفاف آئينو انسان جي هر خوبصورتي ۽ بدصورتيءَ کي چِٽي ٿو.
هر حساس ڪھاڻيڪار جي ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جي سمورين خوبصورتين ۽ بدصورتين جا چٽ چٽيل هوندا آهن ۽ ان حوالي سان جڏهن اسان “نور ڪنڀر” جي هن ڪھاڻي ڪتاب “ڪاري راڻي” جي ڪھاڻين کي ڏسون ٿا تہ هن ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻيون بہ پنھنجي سماج جو اولڙو ۽ عڪس ڀانئجن ٿيون.
نور ڪنڀر جي ڪھاڻين ۾ جتي رومانس جا رنگ آهن، اُتي سندس ڪھاڻين ۾ آس پاس موجود ماڻھن ۽ ڪردارن جي ڏکن، سُورن جي ترجماني بہ ملي ٿي. انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي تہ ڪھاڻي هڪ پل جو قصو يا واءُ جو اهڙو جهوٽو آهي، جيڪو ڪنھن واچوڙي جيان اوچتو ايندو آهي ۽ آسپاس جي هر شيءِ کي ڌوڏي ۽ لوڏي تڪڙو ئي هليو ويندو آهي. سو مختصر ڪھاڻيءَ جو فن بہ ايئن آهي، تہ هڪ واقعي، حادثي يا احساس کي ليکڪ موضوع بڻائي جڏهن ڪا ڪھاڻي سرجي ٿو تہ اُها ڪھاڻي ڪامياب ڪھاڻي تڏهن ئي چئي سگهجي ٿي، جڏهن اُها پنھنجي پڙهندڙن کي ننھن کان وٺي چوٽيءَ تائين نہ رڳو ڇرڪائي وجهي، پر ڪجهہ پل سوچڻ لاءِ پڻ مجبور ڪري.
جيئن تہ نور ڪنڀر، سماج جو هڪ حساس ليکڪ آهي. هن جا ٽي وي ڊراما تہ پنھنجي مقبوليت جي عروج تي پھتل آهن، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڊرامن ۾ بہ سماج جا منظر قلم بند ٿيل آهن، جيئن چمڪندڙ اسڪرين تي هن هلندڙ ڦرندڙ ڪردار تخليق ڪيا آهن، بلڪل ايئن ئي سندس هيءَ مختصر ڪھاڻيون بہ جيئرن، جاڳندن ڪردارن تي ٻڌل آهن. نور ڪنڀر جي ڪھاڻين جا ڪردار پڙهندڙن کي ڪڏهن کلائين ٿا تہ وري ڪڏهن روئارين بہ ٿا. هن جي ڪتاب “ڪاري راڻي” جي ڪھاڻي ‘ڪاري راڻي’ هڪ اهڙي حساس ڪردار تي ٻڌل آهي، جنھن کي پنھنجي بدصورتيءَ جو احساس آهي ۽ ان سبب هوءَ اُداس ۽ پريشان بہ آهي. يونيورسٽيءَ ۾کيس هڪ محبت ڪندڙ ڇوڪرو بہ ملي ٿو، پر هوءَ والدين سان ڪيل وچن سبب، ماءُ پيءُ جي عزت خاطر محبت کي بہ قربان ڪري ٿي ۽ پنھنجي جذبن جو گلو گهٽي ڇڏي ٿي، تہ ٻئي پاسي وري هِن ئي ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻي “سوچن کي فالج” هڪ اهڙي ڪردار جي ڪھاڻي آهي، جيڪا ماءُ پيءُ جي شرافت کي لتاڙي ڪورٽ ميرج ڪري ٿي ۽ سندس پيءُ ڏک ۾ آپگهات ڪري ڇڏي ٿو. “اعتماد” ڪھاڻي زال مڙس جي اعتبار کي قتل ڪندڙ ڪھاڻي آهي تہ، ساڳئي وقت وري “نڀاءُ” ڪھاڻي زال مڙس جي مضبوط رشتن جي ترجمان ڪھاڻي آهي. جيتوڻيڪ پٽ جو اولاد نہ ٿيڻ ڪري زال بہ مڙس کي اجازت ڏئي ٿي تہ ڀل هو ٻي شادي ڪري، پر مڙس ايئن نٿو ڪري، نہ رڳو ايترو پر هن ڪھاڻيءَ ۾ ڌيئرن جي اهميت ۽ پٽن جي نہ هئڻ جي احساس ڪمتريءَ کي ختم ڪندڙ مثبت پيغام پڻ ملي ٿو، تہ ساڳي وقت ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻي “ستن پٽن جو پيءُ” اهو ميسيج ڏئي ٿي تہ ڀل کڻي ماڻھوءَ کي ست پُٽ هجن، پر جي صالح ناهن تہ پوءِ ماءُ پيءُ لاءِ ڏکن کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نٿو بچي. اهڙي طرح وري هن ڪتاب جون ڪھاڻيون “ڪُل سرمايو” ۽ “ڏھہ روپيا ڪلو” سماج ۾ موجود هڪ ليکڪ جي غربت کي ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس ڏک ۽ احساس جي اهنج کي ظاهر ڪن ٿيون.
نور ڪنڀر جي ڪھاڻين ۾ جتي ڪارو ڪاري جھڙي سماجي ناسُور کي چِٽيو ويو آهي، اُتي ئي پيري مريديءَ جي وهمن ۽ وسوسن تي پڻ طنز جا تير وسايا ويا آهن، پر ساڳئي وقت مرد کي محبت ۾ آزادي ۽ عورت جيڪڏهن ڪٿي ڪو پيار جو پيچ پائي تہ مٿس ڪات اُڀا ڪرڻ جي روايت کي پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. جيئن سندس هڪ ڪھاڻي “جذبن جا ڏيئا” ۾ موجود هيءَ ڊائلاگ آهن تہ:
“مان ڇوڪري هيس، مون محبت ڪئي تہ مون لاءِ محبت ڪرڻ جي سزا دردناڪ هئي، پوءِ تون مرد آهين ۽ اڄ ڪنھن جي محبت حاصل ڪرڻ جي انتظار ۾ بار بار گهڙيال جي ڪانٽن کي تڪي رهيو آهين. هاڻ ٻڌاءِ تہ تولاءِ ڪھڙي سزا هئڻ گهرجي؟”
سو انھيءَ ڳالھہ ۾ ڪو بہ وڌاءُ ناهي تہ نور ڪنڀر جي ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي سماج جا ئي ڪردار آهن. نور ڪنڀر ڪي بہ خيالي افسانا ۽ ڏند ڪٿائي قصا ويھي ناهن گهڙيا ۽ نہ ئي هن ڪو جادوئي حقيقت نگاري يا وجودي ويڳاڻپ جي فلسفي تي عمل ڪندي ڪي منجهيل، پلاٽ، ڪردار ۽ ڊائلاگ لکيا آهن، پر هن سماج جي هڪ حساس فرد ۽ سُڄاڻ ليکڪ هئڻ جي ناتي سان پنھنجي آسپاس جي ڪردارن جي ڏکن ۽ سُورن کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جا ڪردار هن سماج جا حقيقي ڪردار آهن، ۽ نور ڪنڀر جون ڪھاڻيون اسان ۽ توهان جون ئي ڪھاڻيون آهن ۽ انھن ڪھاڻين ۾ لکيل ٻولي هجي يا وري منظر نگاري سا بہ ڪا ڏکي ۽ منجهيل ناهي، پر هڪ صاف، شفاف آرسيءَ جيان سڀڪجهہ سولو ۽ سنھنجو ڪري ڏيکاريندڙ آهن. اچو تہ! هِن ڪتاب کي مُرشد لطيف جي هِنن سِٽن کي ذهن ۾ رکي پڙهون تہ؛
محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻتوريو ئي اگهايو.



الطاف ملڪاڻي
سنگم سٽي
ڪوٽڙي/ڄامشورو
18.4.2023

ٻہ اکر: سماج جي ڪردارن تي آڌاريل ڪھاڻيون

شيخ اياز چيو هو تہ: “شاعري رقص ڪندي آهي ۽ نثر پنڌ”
نور ڪنڀر، نثر جي انھيءَ پنڌ ۾ پنھنجي ڏات جون ڀوڳنائون ڀوڳي ٿو. پنڌَ پير پٿون ڪندا آهن ۽ جيڪي اوکيون راهون لٽي پنھنجن پيرن ۾ لڦون وجهندا آهن، منزل جي چائٺ اهي چمندا آهن.
نور ڪنڀر جي منزل سنڌ وطن ۽ سنڌي قوم جي سلامتي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ هي جاکوڙي ٿو. هن جون ڪھاڻيون معاشراتي بھتري، ڀلائي ۽ سڌاري جون ترجماني ڪن ٿيون، انھن ۾ اصلاح ۽ مقصد آهي.
افسانوي ادب ۾ هڪ بحث اوائلي دور کان هلي پيو ۽ اڄ بہ اهو ساڳيو بحث هلندو رهي ٿو، هڪڙا ليکاري ان خيال جا آهن تہ افسانوي ادب فني عبارت تي ٻيٺل، تفريح ۽ خيالي دنيا کي آباد ڪندڙ هئڻ گهرجي، ان ۾ اصل حقيقتون، واقعا، اصلاح يا مقصد ۽ اتساھ نہ هجي، ٻين ليکارين جو خيال وري اهو آهي تہ ادب ۾ مقصد هجي، اميد هجي، اتساھ هجي ۽ زندگيءَ جي ترجماني ڪندڙ هجي ۽ اهڙا افسانوي ادب بابت ٻہ نظريا رهندا پر جديد سنڌي ادب ۾ شاعري، ڪھاڻي يا ناول جو جائزو وٺون ٿا تہ خبر پوي ٿي تہ هت مانُ، شھرت ۽ اهميت انھن ليکارين کي ملي آهي، جن سماجي حقيقت نگاري کي سامھون رکندي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيو آهي. پنھنجي معاشري جي ڪردارن تي لکيو آهي، پنھنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت تي لکيو آهي.
نور ڪنڀر جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون بہ هڪ مقصد، هڪ اتساھ ۽ هڪ نئون نياپو ڏيندڙ آهن، جن مان هڪ نئين اُميد جو روشن ڪرڻو ظاهر ٿي پوي ٿو.
ڪھاڻي پرھ ڦٽيءَ مھل اوڀر، ڏکڻ جي ڪنڊ مان سج جي پھرين نڪرندڙ ڳاڙهسري ڪني جو روپ آهي، جيڪا ڪجهہ لمحن ۾ جوڀن ماڻي رت جھڙي گول ماني نما ٿي پوي ٿي، وري ڪجهہ دير ۾ تکو تاءُ برپا ڪري وجهي ٿي ۽ آهستي آهستي اڀ جو سينو چيرندي هلندي اولھندي ڪنڊ ۾ پنھنجي وجود کي لڪائيندي شفق کي ڳاڙهي لالڻ سان رتو ڇاڻ ڪري وجهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ منظرن جون حسناڪيون، سفر جي پيشڪش ۽ مرحلا ڏسڻ وٺان هوندا آهن، جنھن ۾ جدت، وسعت بہ هوندي آهي، جنھن ۾ زمان مڪان جو وهڪرو بہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنھن ۾ ماضيءَ جون ڪارگذاريون، حال جون حقيقتون ۽ مستقبل لاءِ رٿابنديون بہ هونديون آهن، منھنجي خيال ۾ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي هن کان وڌيڪ ٻي ڪا تشريح ٿي نہ ٿي سگهي.
نور ڪنڀر جون هن ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ ڪل سترھن ڪھاڻيون شامل آهن، شامل ڪھاڻين تي جيڪا منھنجي راءِ جڙي آهي، سا هي آهي تہ هي پنھنجي سماج جو سجاڳ ڪھاڻيڪار آهي، جيڪو سماجي حقيقت نگاريءَ کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ سمائي ٿو، انھيءَ ڪري هن جون ڪھاڻيون سچ، سونھن، سڪ، تڙپ، پيار، ڪلفت، آس، نراس، نينھن، ناتي سميت سنڌيت جو احساس ڏياريندڙ، هڪ مقصد، هڪ اتساھ هڪ اُميد سان ڀرپور فني ۽ فڪري طور مضبوط لکيل آهن. انھي ڪري هن جون هي ڪھاڻيون جديد سنڌي افسانوي ادب ۾ پنھنجي اھميت ضرور ولارنديون.
ڪھاڻي نئين، پراڻي، سادي يا اوچي نہ ٿيندي آهي، پر پنھنجي دور جي حالتن کي ظاهر ڪندڙ ھوندي آھي. نور جي ڪھاڻي بہ پنھنجي همعصر دور لقائڻ، قصن، واقعن ۽ حالتن جو جائزو آهي، جنھن ۾ هلندڙ وقت جا عڪس ۽ اولڙا ڏسي سگهجن ٿا.
هي ڪتاب ۾ شامل پھرين ڪھاڻي “ڪل سرمايو” سماج جي بي حسي، ادبي تنظيمن جي ناڪامي، سان گڏ اديباڻي طبقاتي نظام کي ظاهر ڪري ٿي، اتي پڻ ثقافت کاتي جي تخليقڪارن لاءِ جيڪا بھتر ڪارڪردگي جي دعوا آهي، انھن کي ڪھاڻي رد ڪري ٿي. جت هڪڙو شاعر مفلسي سبب پنھنجي زال کي نہ بچائي سگهي، پنھنجي جواڻ جماڻ ڌيءَ کي شادي ۾ ڏاجو نہ ڏئي سگهي، پنھنجو تخليقون کپائڻ تي مجبور ٿي وڃي، اتي اڳواڻي ۽ پيسن پويان ڊوڙيندڙ ٺڳ ۽ وڪائو ادبي ڪامورا عيش عشرت ڪري سگهن ٿا، باقي باڪردار ليکاري جو حال هن ڪھاڻي ۾ ڏيکاريل مک ڪردار شاعر جھڙو ئي آهي. ھي هن ڪتاب جي پھرين ڪھاڻي آهي.
نور ڪنڀر جون اکيون سماج ۽ ٿيندڙ سٺي توڙي خراب چرپر کي ڏسن ٿيو، هن جو ذهن انھن تي سوچي ٿو ۽ جيڪا هن جي اندر جي اوٻر تڙپي ٻاهر نڪري ٿي اها ڪھاڻي ٿي پوي ٿي. هن لاپرواهي “سماج اندر ننڍڙن معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ صنفي/ جنسي تشدد جي نشاندهي ڪري ٿي، سماج ۾ ٿيندڙ اهڙا واقعا انساني وحشيت، حيوانيت، جبلت جي بدبوءَ کي ظاهر ڪن ٿا ۽ اهڙا واقعا اڪثر والدين جي لاپرواهي ۽ پنھنجن ٻارن تان هٽيل ڌيان جي ڪري ئي ٿيڻ ٿا، نور هن ڪھاڻي ۾ احساساتي رنگ ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ گهڻي قدر ڪامياب ويو آهي.
ٿيليسيميا هڪ اهڙو مرض آهي، جيڪو ان مريض ٻار سان گڏ والدين توڙي گهر جي ٻين ڀاتين کي ذهني مريض بڻائي ڇڏي ٿو، رياست ماءُ هوندي آهي ۽ هي ان جي ذميواري آهي تہ صحت، تعليم ۽ تحفظ عوام کي ڏيڻ، پر هتي اسان وٽ ائين ناهي ۽ جنھن گهر ۾ اهڙو مريض نڪري ٿو پئي جيڪو ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا هجي ٿو، هن جي زندگي سورن ۾ هليو وڃي سو نور “بيوسي” ڪھاڻي ۾ ٿيليسيميا کي موضوع بڻائي شاندار ان ۾ احساساتي رنگ ڀريا آهن جيڪي پڙهندڙ جيءَ کي جهُوري رکن ٿا.
“نڀاءُ” هي ڪھاڻي پنھنجو مثبت پيغام ڇڏي ٿي، نور بہ هن ڳالھہ جو قائل آهي تہ عورت بہ سماج جو فرد آهي ۽ معاشري ۾ مرد جي برابري واري حيثيت رکي ٿي، نياڻين کان نفرت ڪندڙ ۽ پٽن کي اهميت ڏيندڙ ماڻھن کي هن ڪھاڻي ۾ ڪھاڻيڪار اهو ٻڌائي ٿو تہ ڌي بہ اولاد تہ پٽ بہ اولاد جيڪڏهن پٽ نہ ٿيڻ ۽ ڌيئرون ڄمڻ ٿيون تہ بہ اولاد واري ڪمي تہ پوري ٿي نہ... پوءِ زالن کي مار ڪٽ ڪجي، ٻين، ٽين ۽ چوٿين شادي ڪجي اها انسان جي جهالت پڻي کي ظاهر ڪري ٿي، هي نور، جي سٺي، مثبت، نيارپ رکندڙ ڪھاڻي آهي شھزاد ۽ زينت جي ڪردارن کان بہ بھتر ۽ سھڻو اصلاحي ڳالھرايو ويو آهي.
هن ترقي ۽ شعوري دور ۾ بہ سنڌ جي هيڪانڌن مومل جھڙي ڪردار جو نياڻيون تعليم جي جھڙي زيور کان محروم رهجي وڃن ٿيون...ڇو؟... هن سوال جو جواب ڪير ڏيندو.. اها تہ ڪا خبر ناهي.. پر جي هر پيءَ ۾ مومل جي پيءُ جھڙو احساس جاڳي تہ مان سمجهان ٿو سنڌي سماج جي ڪا نياڻي علم جي روشني کان محروم نہ رهندي. “بند اکين کان پوءِ” ڪھاڻي جو محور سنڌي نياڻي جي تعليم تي ٻڌل آهي.
سنڌي ڪھاڻي موهين جي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي، جنھن ڪافي سارا دوُر ڏٺا آهن ۽ هر دور ۾ هن نوان ويس ڍڪيا آهن، برھمڻ واھ بستي ۾ لڳل باهيون سنڌي ڪھاڻي جي جدت آهي، ٺٽي نگر جي ڳلين ۾ سنڌي عورت ۽ مردن جو رتوڇاڻ جا سنڌي ڪھاڻي تي دکدائڪ پاڇا بہ آهن، مڪلي جو ميدان سنڌي ڪھاڻي جو مقتل آهي، ديبل، ارڙو، باغبان، جهوڪ ۽ دُٻي سنڌي ڪھاڻي جا مزاحمتي ۽ انقلابي موضوع آهن، پر جي ڏٺو وڃي تہ انھن دؤرن کان اڄ جو دور سنڌ جي وحدانيت لاءِ سوَ ڀيرا ڏکيو آهي، انھيءَ ڪري اسان کي سنڌي ادب ۾ مقصد سامھون رکي لکڻ گهرجي.
مختلف دؤرن ۾ وري اسان کي سنڌي ڪھاڻي روزه مره جي واقعن ۽ قصن تي بہ آڌاريل ملي آهي، جيئن نور ڪنڀر جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ سماجي ۽ معاشرتي لحاظ کان پڪيون پختيون ۽ سگهاريون ڪھاڻيون ملن ٿيو. جن جا ڪردار سماج جا جيئرا جاڳندا اسان مان ئي آهن، بنھہ اوپرا پراوا نہ ٿا لڳن.
“تنھنجي بنا” اهڙي سنڌي معاشري جي ڪردارن تي لکيل ڪھاڻي آهي، جيڪا وَر وني جي حقيقي رشتو پروان چڙهي ٿو، جنھن مان زال کي پنھنجي مڙس جي اھميت جي خبر پوي ٿي.
جي ڏٺو وڃي تہ اڄ جي هن پڙهيل ڳڙهيل سماج ۾ بہ پيري مريدي جي ڄار ۾ اسان جو ويچارو ماڻھو ڦاٿل نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻي “پير ڪرامتي” اهڙن ذهنن کي ضرور جهنجهوڙي ٿي، جيڪي هن سائنسي دور ۾ بہ مرشدن جي در جا گدا لڳا ورتڻ ٿا.
“اعتماد” جڏهن سماج سڙيل پني جيان وري ڀوري خاڪ ٿي پوي ٿو تہ هزارين برايون ڪَر کڻن ٿيون ۽ بگڙيل سماج ۾ اعتماد بہ ٽُٽندا آهن، رسوا ٿيندا ۽ مرندا آهن. سنڌي سماج کي بہ هڪ سازش تحت هٿ وٺي خراب ڪيو ويو آهي پوءِ لازمي آهي تہ نيھا جھڙا بگڙيل ڪردار معاشري ۾ جنم ئي وٺندا.
“ڏھ روپيا ڪلو” هن ڪھاڻي ۾ ڪيڏي نہ ڇرڪائيندڙ سٽ لکي آهي نور؛ “جڏهن منھنجون تخليقون اوهان کي ڪنھن ڪٻاڙي يا پڪوڙائي جي دڪان تان ملن تہ سمجهو شاعر وفا عاشق مري ويو” هي ڇا آهي الميو يا مفلسي واري زندگي بصر ڪندڙ سنڌ جي شاعرن سان ويساھ گهاتي، جن جا ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويل مسوَدا ڏھ روپيا ڪلو ۾ وڪامجن ٿا. نہ ڇپجڻ جي ڪري اسان جا ڪيترائي ليکاري گمنامي جي ور چڙهي ويا يا انھن جا مسوَدا وري ٻين جي نالن سان ڇپجي پڌرا ٿيا ۽ اڄ بہ اهڙن شاعرن جي مواد کي بچائڻ لاءِ اسان وٽ ڪا بہ حڪمت عملي ناهي.
“سوچن کي فالج” هن ڪھاڻي ڪتاب جي بھترين احساساتي، مقصد سان ڀرپور سماج جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻي آهي، جت اسان عورت کي مڪمل آزاد ڏسڻ جا خواهشمند آهيون، اتي پڻ اهڙي آزادي مان ناجائز فائدو وٺندڙ عورتون والدين جو ڀرم ٽوڙي وجهڻ ٿيو تہ لازمي آهي سوچن کي فالج ضرور لڳندي، جيڪڏهن نيڪ صلاح والدين آهن تہ ماءُ پيءُ کان صلاح مثلت اولاد کي ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪا نياڻي جلد بازي تا جذباتي طور ڪو تڪڙو قدم کڻي ٿي وٺي تہ ان جي والدين جو حشر هن ڪھاڻي ۾ ڏيکاريل رحيم بخش جھڙو ٿئي ٿو، هي ڪورٽ قصي تي لکيل نور جي سٺي ڪھاڻي آهي، جنھن مان هن جي مطالعي ۽ مشاهدي جي ڄاڻ ملي ٿي.
پر اسان جي سماج ۾ جي مرد کي پنھنجي زندگي جيئڻ جو حق حاصل آهي تہ پوءِ عورت کي اسان پنھنجي رضامندي سان شاديءَ جو حق نہ ٿا ڏيون ڇو....؟ ۽ جيڪڏهن ڪا وينگس ناري ڪٿي پيار جا پيچ اٽڪائي پنھنجي جيون ساٿي ڏي مائل ٿئي ٿي تہ اسان ان کي ڪاري ڪري ماري وجهون ٿا. ان جي جذبن ان جي سوچن سان سھمت نہ ٿا ٿيون. اهڙي ورتاءُ “هوا جو جهوٽو” ڪھاڻي ۾ ڏيکاريل آهي، جنھن م پيار جو پرڻو ڪرڻ جي ڏوھ ۾ صدف کي پي ۽ ڀائر کي ماري وجهن ٿا.
“ستن پٽن جو پيءُ” هي نافرمان پٽ جي ڪٿا آهي، اتي پڻ “نڀاڳي” ڪھاڻي گهريلو سس، نونھن، ۽ مڙس ٽي چوطرف ڦرندڙ ڪھاڻي آهي، جيڪا اڻ سھپ ۽ هلڪڙائي کي ظاهر ڪندڙ آهي، جنھن جي ڪري رابعہ جي زندگي زهر ٿي پوي ٿي.
“پھرين چمي” پھرين پيار جي ملڪيت هوندي آهي، جيڪا اصل لاءِ دل جي ٽجوڙي ۾ محفوظ ٿي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن ڏنو وڃي تہ عشق جي حياتي جدائي آهي ۽ ميلاپ ان جو موت. اهڙو درد هي ڪھاڻي بہ رکي ٿي.
“جذبن جا ڏيئا” جي عورت پيار ڪري تہ ڪاري جي مرد پيار ڪري تہ ان کي سزا ڪھڙي ڏجي، حيدر هن ڪھاڻي ۾ پنھنجي لاءِ سزا پاڻ تجويز ڪري ٿو.
“زمين آسمان” عشق عمرون ناهي پڇندو، پر عشق کي نڀائڻ لاءِ عمر جو گهڻي ڀاڱي دخل ٿئي ٿو، هن ڪھاڻي جي ڪٿا ڪجهہ اهڙي آهي، جيڪا پڙهڻ جھڙي آهي.
“ڪاري راڻي” هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ عورت جي خارجي ۽ داخلي ڪيفيت کي اظهاري ويو آهي، ڪھاڻي جو مقصد عورت جي بھادري ۽ حوصلي جي همت افزائي آهي، جي اهڙي ڪردار واريون عورتون اسان وٽ جهجهيون ٿي پون تہ معاشري مان احساسي ڪمتري جو خاتمو ٿي وڃي.
نور ڪنڀر جي ڪھاڻين جا هي موضوع ۽ ڪردار هئا، جيڪي سماجي حقيقت نگاريءَ سان سلھاڙيل آهن، نور پنھنجي همعصر دور جو برجستو، ذميوار ۽ سنجيدہ ڪھاڻيڪار آهي، جنھن وٽ لکڻ ۽ پاڻ سان گڏ پڙهندڙ کي کڻي هلڻ جو ڏانءُ آهي، انھي ڪري هن جون ڪھاڻيون دل جي ويجهو رهن ٿيو.
هي ڪھاڻين تي ٻڌل ڪتاب “ڪاري راڻي” جديد سنڌي ڪھاڻي جو سٺو شھپارو آهي، جيڪو پڻ پڙهندڙن کي هڪ مقصد سان ضرور لاڀائتو ڪندو.


محبوب سنڌي
30 مارچ 2023ع

ٻہ اکر: ليکڪ نور ڪنڀر جو خانداني پسمنظر

ڀڳتي گائڪي جا بادشاھ
نورل ڪنڀر ـ ميرل ڪنڀر

نورمحمد (نورل ڪنڀر) 1890ٽلٽي ۾ پيدا ٿيو، سندس وفات 1977 ۾ ٿي ـ ميرل (مير محمد) ڪنڀر جي پيدائش 1906 آھي ۽ وفات 1992. ھنن عظيم راڳين جي جوڙي “ميرل ۽ نورل ڪنڀر” جي نالي سان هند سنڌ ۾ مشھور هئي. پاڻ سنڌ ۾ ڀڳتي گائڪي جا بادشاھ سڏبا ھئا ـ پاڻ ٽولي جي شڪل ۾ ڪنھن مشھور لوڪ داستان کي بيان جي انداز ۾ بيتن ـ ڪلامن ۽ ڀڳتي راڳ پيش ڪندا ھئا ـ اڪثر بيانن ۾ ڳايل شاعري بہ ھنن جي پنھنجي ھوندي ھئي ـ سندن ٽولي ۾ وڏو انگ سندن شاگردن جو ھوندو ھو ـ پاڻ سموري سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ مختلف ڏھاڙن تي ڀڳتي ڳائيندا ھئا ـ ورھانڱي کان پوءِ سنڌي ھندن جي سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ ڀڳتي گائڪ بہ گهڻا ھليا ويا، پر سنڌ ۾ ھنن ڀڳتي کي زندھ رکيو ـلابارن جي ڏينھن ۾ هي ٻئي ڀائر پنھنجن سازدن ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري لاڙ پٽ جي علائقن کان ٿيندي راجسٿان جي شھرن تائين وڃي پھچندا هئا ۽ پنجن ڇھن مھينن جي مسافري کان پوءِ پنھنجي اباڻن پٽن تي واپس ٿيندا هئا، ان وچ ۾ پنھنجن پرستارن جون دعوتون ۽ راڳ جو محفلون پيا ڳائيندا ھئا. ڀڳتي ڳائڻ جو انداز ھجڻ ڪري هندن ڀائرن وٽ انھن جي راڳ جو مانُ گهڻو هو، ھر محفل ۾راڳ ۽ ڳالھہ گڏ گڏ هلندي هئي. هنن جي ڪيل قصن ۾ “روپ بسنت” جو قصو تمام گهڻو مشھور ٿيو، ليلا چنيسر، حضرت امام حسين ـ مومل راڻي کان ويندي ڪيترائي ٻيا بہ قصا راڳ سان گڏ کڻي ٻڌائيندا هئا، جڏهن ڦوني جي ايجاد عمل ۾ آئي ۽ فنڪارن جا ڪلام رڪارڊ ٿيڻ لڳا تہ هنن کي بہ چيو ويو تہ توهان جو ڪلام رڪارڊ ڪجي تہ هنن ڦوني تي ڪلام رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪندي چيو تہ اسان عوامي فنڪار آهيون صرف عوام جي وچ ۾ ئي ڳائبو، اهو ئي سبب آهي جو انھن جي آواز ۾ ڳايل ڪلام محفوظ نہ ٿي سگهيو ـ هي پنھنجي شاعري اڪثر ڪري (ميرل ڪنڀر) جي ئي نالي هوندي هئي ۽ ميرل باجو بہ پاڻ وڄائيندو هو. تمام مٺڙي انداز ۾ ڳائي ٻڌندڙن کي موھي ڇڏيندو ھوـ
“ميرل ۽ نورل ڪنڀر” ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ پيءُ جي محبت ۽ شفقت کان محروم ٿيا ها سو هي پنھنجا اباڻا پٽ ڇڏي تاريخي ماڳ (ماڻڪ ڪٽارو) هاڻوڪو شھر ڦلجي اسٽيشن جي اولھہ ۾ آباد ڳوٺ ڪنڊي شريف ۾ اچي رهيا.
ڪنڊي شريف 1942ع واري ٻوڏ اچڻ سبب هي اتان لڏي اچي ڳوٺ محب علي چانڊيو ۾ رهيا، جتي پنھنجي زمين خريد ڪئي، جيڪا اڄ بہ هن ڳوٺ محب علي چانڊيو جي موهڙ ۾ شھيد مخدوم بلاول ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ آهي.
هي چار ڀائر ها وڏو نورمحمد (نورل ڪنڀر) پوءِ مير محمد (ميرل ڪنڀر) پوءِ عبداللھ ڪنڀر ۽ محمد عمر هو، سندس پيءُ جو نالو محمد پريل هو (راڳ داري)سان تعلق “مير نورل ڪنڀر” باقي ٻہ ڀائر عبداللھ ۽ محمد عمر ڳوٺ ۾ مال متاءُ ۽ زمينداري سنڀاليندا هئا ـ سندن شاگردن ۾ عبدالڪريم سولنگي، محمد ميراثي انھن جي ئي انداز ۾ قصو کڻي ڳائيندا هاـ عبدالڪريم جي جوڙ ۾ ـ پريل لاھوتي ڍولڪ تي ـ وزير علي ـ پانڌي ۽ گلاب لاسي شامل ھئاـ سندن ڳايل روپ بسنت ۽ مومل راڻي جو قصو مون وٽ رڪارڊ ۾ موجود آھي ـ
نورل ۽ ميرل پنھنجو ڳوٺ ڇڏي دادو شھر ۾ اچي پنھنجا گهر اڏيا ۽ پوءِ سندس پاڙو هنن جي ڪري ڪنڀر پاڙي سان مشھور ٿيو جيڪو سورج آباد محلا دادو ۾ موجود آهي.
نور محمد (نورل ڪنڀر) ٻہ شاديون ڪيون پھرين گهرواري (زينب)مان ٻہ پٽ نالي هرهڪ غلام مصطفيٰ “شاهين” جيڪو پاڻ نثر ۽ نظم جو سٺو ليکڪ هو، جنھن هنن جي ڳايل قصن روپ بسنت ۽ ليلا چينسر کي نثر ۾ لکيو، ٻيو محمد اسماعيل ۽ چار نياڻيون ٿيون ۽ ننڍي گهر واري(مريم بيگم) چار پٽ نالي هر هڪ ذوالفقار علي، انور علي، عبدالستار ۽ ممتاز ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. هاڻ سندس ننڍي گهر واري قاسم آباد حيدرآباد جي سحرش نگر واري علائقي ۾ پنھنجي پٽ عبدالستار سان گڏ رهائش پذير آهي.
نور محمد عرف نور ڪنڀر ۾ هن فاني ڏيھہ کي ڇڏيو تہ سندس مڙھ کي محب علي چانڊيو تعلقه دادو ۾ درگاھ ابراھيم شاھ جي اڱڻ تي آرامي ڪيو ويو.
مير محمد (ميرل ڪنڀر) بہ ٻہ شاديون ڪيون پھرين گهرواري مان ڪو بہ اولاد نہ هو ۽ هو شادي کان پوءِ جلد گذاري وئي هئي. هن ٻي شادي (امامزادي) سان ڪئي، جنھن مان هن کي چار پٽ جو اولاد عبداللھ خان، سڪندر علي، اڪبر علي ۽ اختر علي ٿيا ۽ ٽي نياڻيون ٿيون ٻہ نياڻيون پنھنجي ڀاءُ نور محمد (نورل ڪنڀر) جي پٽن غلام مصطفيٰ (شاهين) ۽ محمد اسماعيل کي پراڻائي ڏنائين، جت غلام مصطفيٰ شاهين جي گهر ۾ نوجوان ڪھاڻيڪار، شاعر سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ساٿي(محبوب سنڌي) جنم ورتو ۽ محمد اسماعيل جي گهر ۾ ڊرامہ نگار، ڪھاڻيڪار (نور ڪنڀر) جنم ورتو، جنھن تي پنھنجي ڏاڏي جو نالو (نورمحمد) رکيو ويو.
ميرمحمد (ميرل) جي هڪ پٽ اڪبر علي جيڪو انجنيئرنگ جو شاگرد هو، تنھن کي سندس ئي اکين اڳيان دادو واري گهر آڏو ئي چنا برادري جي ماڻھن گوليون هڻي بنا ڪنھن جواز جي بي ڏوهي شھيد ڪيو تہ هن معصوم محبتن جي امين فنڪار (ميرل ڪنڀر) جو جيءُ جهري پيو، وري تڪڙو ئي 1983ع واري دور ۾ سندس ٻئي پٽ عبداللھ جيڪو لاڙ ۾ جاتي جي ھڪ اسڪول ۾ استاد مقرر هو، ان کي شھيد مخدوم بلاول ڳوٺ باغبان وٽ جمالي برادري جي ماڻھن شھيد ڪري ڇڏيو، جتان پوءِ هنن جو جمالي برادري سان خوني جهيڙو شروع ٿيو.
ٻنھي جوان پٽن جي شھادت کان پوءِ ميرل ڪنڀر مفلسي واري زندگي گهارڻ لڳو ۽ راڳ داري کان پاسيرو ٿيو پوءِ گويي استاد صالح ساند سان ۽ ان وقت جي نوجوان راڳي خادم سخيراڻي سان ھن جو روح رهاڻيون ٿينديون رهيون ۽ استاد صالح ساند سان ھڪ رهاڻ ۾ هن ڳايو، جنھن جي رڪارڊنگ راڳي خادم سخيراڻي وٽ محفوظ آهي، آخري ڀيرو هن (ميرل ڪنڀر) پنھنجي ڀائيٽي بدرالدين ڪنڀر جي شادي ۾ 1991 ۾ ٻہ ڪلام ڳايا، جيڪو پڻ وڊيو ڪيسٽ ۾ محفوظ ٿيل آهن.
ميرمحمد (ميرل ڪنڀر) کي 1992ع جي جنوري مھيني ۾ عصر ويل نماز لاءِ وضو ساريندي فالج جو حملو ٿيو، علاج لاءِ دادو جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتان پوءِ حيدر آباد جي لال بتي اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو ويو، پر هن جي ساھ جو سڳو اتي ھميشہ لاءِ ٽُٽي پيو تہ هن ميرل ڪنڀر راڳي جي خاڪي جسم کي محب علي چانڊيو ڳوٺ ۾ درگاھ ابراهيم شاھ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
اهڙي طرح هن ٻنھي ڀائرن جي راڳ داري وارو دور پڄاڻي پذير ٿيو.


انو سولنگي

ٻہ اکر: سيبتو ڪھاڻيڪار

نور ڪنڀر سنڌي ٻولي جو سيبتو ڪھاڻيڪار آھي سندس سڃاڻپ سگهاري ڊرامہ نگار طور آھي. نور جي ھن ڪتاب ۾ ڪھاڻيون گهڻي ڀاڱين منھنجون پڙھيل آھن، ڪھاڻين ۾ جيڪو فن فڪر ۽ پيغام مليل آھي. اھي معاشري جي وقت ۽ حالات جي ترجماني ڪري ٿو۔ ڪردار پنھنجا، ٻولي ۾ نج پڻو، ڌرتي جا حقيقي مسئلا شامل آھن، ھر ڪھاڻي سبق آميز ملي ٿي. ھن متحرڪ، جاکوڙي ڪردار مسلسل ادب سان لاڳاپيل رھڻ۽ محنت ڪندي پاڻ کي ھڪ بھترين ڪھاڻيڪار طور مڃرائي ورتو آھي سندس جون لکڻيون ان ڳالھہ جي شاھد آھن نور ڪنڀر رڳو ڌرتي جو مانائتو ليکڪ سان گڏسندس جون لکڻين ۾ مٽيءَ جي مھڪ ۽ سماج جو سور سج وانگر چٽو نظر اچي ٿو. ڪتاب “ڪاري راڻي” ۾ ڪل ڪھاڻيون اصلاح کان خالي ناھن. پڙھندڙ ھن مان سٺو لاڀ حاصل ڪندا. سندس لاءِ دعا سدائين جڳ جڳ جيئي ۽ ڌرتي واسين لاء لکندو رھي


سڄڻ سيتائي
خيرپور ناٿن شاھ

ٻہ اکر: ڪي ٽي اين کان ڪتاب تائين جي اڏام

نور ڪنڀر ڪي ٽي اين تان اڏام ڪري ھاڻي ڪاري راڻي جھڙي سھڻي ڪتاب جي صورت ۾ گلدستو ٿي اسان جي ھٿن تائين اچي رھيو آھي. ھر ليکڪ ھر ڪھاڻي ۾ ڪنھن نہ ڪنھن روپ يا ڪردار ۾ لڪل ضرور ھوندو آھي. اھڙي ريت نور بہ ڪاري راڻي ڪھاڻي ۾ نظر اچي ٿو جيڪو پنھنجي سادگي واري فطرت وانگيان ھڪ ڪوجهي ڇوڪري کي راڻي جو درجو ڏئي ٿو جيڪو ليکڪ جي اندر جو اڀياس آھي. ھونئن بہ نور ڪنڀر جون سب ڪھاڻيون من کي چھنڊڙي پائڻ جھڙيون آھن جيڪي ڪٿي ڇرڪائي بہ وجهن ٿيون تہ وري حيرت مان اکيون ٽڪ ڪري سوچڻ تي مجبور بہ ڪن ٿيون۔، مان جيتري قدر نور جون ڪھاڻيون پڙهيون آھن ڪٿي بہ بور ڪونہ ٿيو آھيان ڇاڪاڻ جو نور جا سھڻا مڪالمہ خوبصورت منظرڪشي ۽ اجائي لفاظي ڊيگهہ کان مقصديت طرف ھلنديون آھن ۽ ھي ھر ڪھاڻي ۾ مظبوط ۽ پختو ميسيج ڇڏي ٿو.نور ڪنڀر يقينن وڏو ليکڪ تہ آهي ئي آهي پر ھي يار ويس خوش اخلاق ۽ وڏي ماڻھپي وارو ماڻھو آهي. مان يقين سان ٿو چوان تہ نور ڪنڀر جو هي ڪتاب ادب جي جهول ۾ وڏو مقام ماڻيندو ۽ سنڌي ڪھاڻي ۾ پنھنجو الڳ مقام ماڻيندو.


همدرد اوڏ
پيارو اسٽيشن تعلقه دادو

پنھنجي پاران

ادب جي کيتر ۾ ڪيترن ئي ڪھاڻيڪارن جنم ورتو آھي، جن جديد تقاضائن جي آڌار تي ڪھاڻيءَ جي واڌ ويجهہ لاءِ تجربا ڪري سٺي مقام تي رسايو آھي، حقيقت نگاري ، سماجي عڪس نگاري سان گڏو گڏ روماني تصور ڀري انساني فطرت جي مختلف عنصرن جي تشريح ڪئي آھي. اُنھن ڪھاڻي جي خاڪي ۾ ھر طرح جي نقش نگاري ڪئي آهي. ڪھاڻي آرسي ٿي ڪري معاشري جي تصوير جي نقاب ڪشائي ڪري ٿي، حقيقي رنگ ڀري انساني فطرت جي مختلف عنصرن جي پڌرائي ڪري مختصر فڪري ڪنھن خاص و عام واقعن تي روشني وجهي ٿي. معاشري جو اھم جزو پڻ بنجي اصلاح جو ڪارڻ بنجي ٿي. ڪھاڻي جي پيچيدہ سفر ۾مطالعي، مشاھدي جي سگهہ آھر ڪھاڻين جي مجموعي “ڪاري راڻي” ۾ ڪوشش ڪئي اٿم. الڳ الڳ موضوعن تي لکيل ڪھاڻيون. اصلاح جو سبب بڻجن، عوام الناس کي فائدو رسي، منھنجي لکڻ جو ڪو مقصد حاصل ٿئي.
ادب کيتر ۾ شروعات شاعري کان ٿي، ان کانپوءِ اسٽيج ناٽڪن “ڊرامن” جي عروج جو دور ھو. پوري سنڌ وڏي تعداد ۾ ڀلا اسٽيج ناٽڪ ٿيندا هئا. اسٽيج اداڪاري سان گڏ اسٽيج ناٽڪ جون ڪھاڻيون بہ لکڻ شروع ڪيون جنھن ۾ پھريون لکيل اسٽيج ون ايڪٽ ناٽڪ “قھر” ڊسٽرڪٽ ھال دادو ۾ ٿيو، جنھن کي سٺي موٽ ملڻ کانپوءِ مسلسل ڪافي اسٽيج ناٽڪ بہ لکيا اھي ٿيابھ. اداڪاري جي سکيا استاد حضور بخش گوپانگ کان ورتي. ڪافي ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪئي. ڪافي ٽيلي فلم بہ لکيون. ان سان گڏ شاعري لکڻ ۽ ادبي سنگت شاخ دادو، بزم شاھين دادو ٻين تنظيمن ۾ اچن وڃڻ جون سرگرميون جاري رھيون.
ڪي ٽي اين KTN سنڌي چينل اچڻ کانپوءِ اسٽيج ناٽڪ جي ھدايتڪارن، ليکڪن ۽ اداڪارن چينل طرف ڊوڙ ڪئي. اسٽيج ناٽڪ جو جتي راڄ هو، ان کي ڏاڍو نقصان رسيو. يڪدم تباھ ٿي ويو، ڄڻ تباھ ٿيل شھر جو ڏيک بنجي ويو. ھينئر بہ سنڌ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ناٽڪ ٿين ٿا، اھو زور ٽُٽي ويو، اُھا رات خالي نہ ھئي، جو سنڌ ۾ اسٽيج ناٽڪ نہ ٿيندو ھجي، ٻين شھرن جي اداڪارن کي دعوتون ڏنيون وينديون ھيون، اُھي بہ شرڪت ڪندا ھئا، انھن جي خدمت ۾ ماني ٽڪي چانھہ پاڻي رھائش جو بندوبست بہ ٿيندو ھو. تماشبين سنجيدہ ۽ مزاحيہ ناٽڪن مان لطف اندوز ٿيندا رھندا ھئا. اداڪارن جي اعزار طور رھاڻ، دستاربندي ۽ تاج پوشي پڻ ملھائي ويندي ھئي. سٺي اداڪاري تي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا ھئا. ناٽڪن جا مقابلا پڻ رکيا ويندا ھئا. مقابلن ۾ کٽندڙن کي انعام اڪرام سان نوازيو ويندو ھو. اسٽيج ناٽڪ وڏا وڏا اداڪار، ھدايتڪار، آرگنائيزر پيدا ڪيا. ھاڻ ايئن آھي، ڄڻ اسٽيج ناٽڪ کي وڇڙيل محبوب وانگر ياد ڪري ڪو درديلو گيت ڳائي ٿا وٺون.
ڪي ٽي اين چينل کانپوءِ پوءِ ڪجهہ عرصي ۾ سنڌي چينل سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، مھراڻ ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي بہ اچي ويا. مون بہ لکڻ جي طبع آزمائي ڪئي. ٽي وي ناٽڪ “ڊرامہ ” لکندو رھيس. سولو پلي، لانگ پلي فائيو ڊيز، ٿيندا رھيا، پوءِ ھدايتڪار منور علي شاھ دادو مونکي ڪي ٽي اين چينل لاءِ سوپ سريئل اُڏام لکڻ لاءِ چيو، جيڪو آن ايئر ٿيو، ان کان پوءِ ٻيا سوپ سيريئل لکڻ لاءِ ملندا رھيا ۽ اُهي نشر ٿيندا رھن ٿا.
ڪھاڻي کي لکڻ کانپوءِ شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ مسلسل ڪھاڻين لکڻ کي پنھنجي عشق جو محور بڻائي ڇڏيم. ڪھاڻي ڪڏھن کان لکي آھي، ڪا ياد ناھي، پر لکندو اچان پيو، نہ فيس بڪ، نہ ئي وري ڪنھن رسالي ۾ ڇپرائيندو ھيس. ڪھاڻيڪار سليم مغل نہ صرف منھنجو سٺو دوست، پر رشتي ۾ ماسڙ بہ آھي، ان مون تي زور ڀريو، جڏھن نُور تنھنجون ايڏيون ڪھاڻيون لکيل آھن. تون ٽائيپنگ ڪرائي فيس بڪ تي رک ۽ رسالن ۾ ڇپراءِ پاڻ کي بطور ڪھاڻيڪار بہ ظاھر ڪر، پوءِ مون سليم جي زور تي ڪھاڻيون فيس بڪ تي رکڻ ۽ رسالن ۾ ڇپرائڻ شروع ڪيون، اڄڪلھہ صرف ڊرامہ نگار، نثر نويس نہ، پر ڪھاڻيڪار طور بہ سڃاڻپ مليل آھي. ڪھاڻيءَ جو سفر ڏاڍو اڻانگو آھي، ان سفر ۾بانبڙاپائيندڙٻار مثل آھيان، پر ڪھاڻي سان عشق ڪندي، جيڪا محنت دل و جان سانڪئي اٿم. ان محنت مان 19 ڪھاڻيون اوھان جي نظرن اڳيان آهن. اُميد رکجي ٿي، پڙھي ڪري پنھنجي ڪارائتي راءِ کان آگاھ ضرور ڪندا.
آءٌ ٿورا مڃان ٿو، اُنھن دوستن جا، جن ھِن ڪتاب کي ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ مُنھنجو ڀرپور ساٿ ڏنو. شاعر ھمدرد اوڏ پيارو اسٽيشن، شاعر نديم ڪوثر ڦلجي اسٽيشن، شاعر عمران سومرو دادو جيڪي ڪتاب جي پروف چيڪ ڪرڻ ۾ مددگار رھيا. ٿورائتو آھيان اسڪالر الطاف ملڪاڻي جن جو، جن پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪتاب جو مھاڳ لکيو دل سان ٿورائتو آهيان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪھاڻيڪار سليم مغل ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برجستي ڪھاڻيڪار پياري وفا صالح راڄپر، بھترين شاعر سڄڻ سيتائين خيرپور ناٿن شاھہ جو، جنھن منھنجي ڪھاڻين بابت پنھنجي راءِ لکي ڏني. مزاحمتي شاعر عاشق دادوي وفا ياسين چارڻ دادو ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ حوصلو ڏنو. دوست سان گڏ منھنجو سئوٽ ۽ ماسات بہ آھي، جنھن سان ادبي سفر مون گڏ شروع ڪيو، جڏھن دادو ۾ رھائش پزير ھيو تہ ڪئي ادبي سرگرمين ۾ گڏ رھيو. پوءِ کيس کي نوڪري ملڻ کانپوءِ ڪوٽڙي ۾ شفٽ ٿي ويو ۽ اُتي وڏي پئماني تي ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو اچي پيو. مانائتي دوست بھترين نقاد محبوب سنڌي جو، جنھن ڪتاب ڇپرائڻ ۾ وڌ کان وڌ ساٿ نڀايو. سندس جا وڏا وڙ ۽ ٿورا مڃيندس سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جي پوري سٿ جا، جن منھنجي ڪھاڻين جي مجموعي کي ڇپي پڌرو ڪري پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھچايو.


نور ڪنڀر
پير محمد مراد ناڪہ دادو سنڌ
0305-3005877
10/03/2023

ڪھاڻيون

---

ڪل سرمايو

وقت سوڙھو ٿيندو پئي ويو. اميدون لھندڙ سج جيان اونداھيءَ ۾ جذب ٿينديون پئي ويون. قسمت جي لڪيرن ۾ رڳو مفلسي.
ڇو...! ان مفلسيءَ جي ميار ڪنھن تي. تقدير تي، يا پنھنجي ڪاھليءَ تي.
ھن جو ڪھڙو ڏوھ آھي. اھو ڏوھ اٿس جو ھن جي جنم ھن ڪنگال گهر ۾ ٿيو.
ھن جون اکيون مون کي تڪي رھيون آھن. ۽ منھنجو من شرمندو آھي، پنھنجي ضمير جي عدالت ۾ مان پشيمان آهيان جو مون ھن کي ڪپڙن ۽ ٻن وقتن جي مانيءَ کانسواءِ ڇا ڏنو آھي؛ خالي محبت جا ٻول بس.
وقت سوڙھو ٿيندو پي ويو. ھن جون نگاھون مون ۾ اٽڪيل ھيون. خاموش نگاھن جو مون مقصد سمجهيو پي.
ھوءَ ڇا سوچي رھي آھي.
ھن جي ماءُ زندھ ھجي ھا تہ شايد هوءَ پنھنجون سڀ خواھشون، انگل پنھنجي ماءُ کي چوي ھا.
پر!
منھنجي زندگيءَ جي خوبصورت سفر جي بقا بس! ڪجهہ سال ھئي. ھوءَ تہ مري وئي، پر ڄڻ مون کي بہ ماري وئي ۽ مان پاڻ کي سنڀالي نہ سگهيس.
ويم ۾ جڏھن نسرين منھنجي ھنج ۾ ڏيندي چيو هئائين،
”ھن جي پارت اٿئي؟“
”ڇا مطلب؟“
”سورن ساھ کي سوڙھو ڪري رکيو آھي...“
”اھي سور ھوندا ئي اھڙا آھن، تون ڇو ٿي گهٻرائين، ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“
ھوءَ مون کي غور سان ڏسڻ لڳي هئي. ھن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو.
ھن جي اھڙي ڪفيت ڏسي منھنجي دل بہ ھارجڻ لڳي ۽ دل درد سان ڀرجي آئي هئي. منھنجي لفظن ۾ روئڻ سمائجي ويو هو ۽ ڳالھائڻ تي لفظ ساٿ نہ ڏئي رھيا ھئا. زبان مان نڪتل ٽٽل ڦٽل لفظن سان چيو هومانس، ”تون ڇو ٿي روئين، مان جو توسان گڏ آھيان. توکي ڪجهہ نہ ٿيندو.“
”تنھنجي صاحبہ بي وفا نہ آھي! پر تنھنجو ساٿ نٿي نڀائي سگهي.“ ائين چئي ھن منھنجي ٻنھي ھٿن کي پنھنجي ھٿن سان زور سان پڪڙيو. ڄاول ٻار ڏانھن اشارو ڪندي وڏو ساھ کنيو هو، ساھ جو سھڪو جيئن ھيٺ لٿو هيس تہ صاحبہ جون اکيون مون ۾ ٽڪ ٿي ويون هيون. منھنجي دل ڦاٽي نہ باقي درد ھنڌان ھنڌان دل کي ڏاري رکيو هو. مون صاحبہ جون کليل اکيون بند ڪيون، جيڪي ھميشہ لاءِ بند ٿي ويون هيون.
ان معصوم ڄاول ٻار کي نہ رڳو پيءُ جي شفقت، پر پنھنجي صاحبہ سان ڪيل وفا جي بقا لاءِ محبت، پيار، لاڏ سان جواني تائين آڻي ھاڻ شاديءَ جي رسمن ۾ ٻڌي الوداع ڪرڻ وارو آھيان.
پر مفلسيءَ ھن جي لاءِ ڏاج بہ گڏ نہ ڪرڻ ڏنو آھي.
آئون انھن سوچن ۾ گم هيس جو ايتري ۾ نسرين منھنجي اڳيان اچي چيو، ”بابا.“
بابا لفظ ۾ مونکي نسرين جون ڪيئي تمنائون نظر پئي آيون.
”جي ڌيءُ.“
”بابا سڀاڻي ھن گهر مان منھنجي رخصتي ٿيندي.“
”نياڻي پرايو ڌڻ ھوندي آھي. ائين تہ ٿيڻو ھيو.“
”مون کي شرم ٿو اچي، اوھان جي حال کي ڏسي ڪجهه... گهر.....ندي.
مان ڊڄان ٿي، ڪاٿي ائين نہ ٿئي، مان بہ روبينا وانگر ساھرن جي طعنن جو شڪار نہ ٿي پوان.
روبينا کي غربت جي ڪري مائٽن ڏاج ۾ ڪجهہ نہ ڏنو ھيو، ان کي ڪيڏو ساھرن ذليل ڪيو ھيو. سڀ حالتون ڏسي مونکي بہ وھمن سست ڪري ڇڏيو آھي.“
ائين چئي نسرين ڪمري ۾ اندر ھلي وئي.
نسرين جي اھڙي ڳالھہ ٻڌي ھانو ڏري پيو.
دلاسي جھڙو ڪو دشمن ناھي ٿيندو، جو ڌيءَ کي خالي دلاسو ڏيان، ائين سوچ کي ڊوڙائيندو رھيس. ڪاٿان اچن ايڏا پيسا جو ھھڙي مھانگائيءَ جي دور ۾ جو ڏاج وٺجي. سوچ ڪنھن دڳ نہ لڳي رھي ھئي. ائين ئي ذھن جي چوديوارين ۾ سوچ ڦيرا پي ڪٽيا.
ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ اچڻ، ڪجهہ نہ ورڻ تي پاڻ کي نسرين جي احساس جو قاتل محسوس ڪرڻ لڳس، تماشائي بڻيل رھيس، پنھنجي مفلسيءَ اڳيان.
اگر! جواني ۾ وقت جي زيان نہ ڪريان ھا تہ شايد! ڪجهہ نہ ڪجهہ جڙي پوي ھا.
سڀ ميارون مون مٿان آھن.
اندر ۾ ليئو پائيندس تہ عدالت جي ڪٽھڙي ۾ جوابدار پاڻ ٿي بيھندس.
پنھنجي نا اھلي کي لڪائي بہ نٿو سگهان.
ٻہ ٽي وکون کڻي صندوق مٿان آيس ۽ صندوق کولي ان ۾ اندر پيل پنھنجي زندگيءَ جي ڪل پورھئي کي غور سان تڪيم. نہ پيسا آھن، نہ سون نہ مين. ھي آخر مون ڪھڙو سامان گڏ ڪيو. جنھن ۾ منھنجي زندگي جو، رت، ست، وقت ۽ پگهر بہ شامل آھي.
اھڙي سامان کي گهر مان ڪڍڻ گهرجي.
مان ھي صندوق جو سڄو سامان ٿيلھي ۾ وجهي ھن کي گهر کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيندس.
نسرين جي خواھشن کان وڌيڪ مون کي ڪا شيءِ عزيز نہ آھي ۽ اھڙي زندگيءَ ڀر جي محنت منھنجي ڪھڙي ڪم جي آھي؟ مون صندوق مان سامان ڪڍي ٿيلھي ۾ وڌو.
اھا ٿيلھي کڻي گهر کان ٻاھر وڃڻ لڳس تہ دل جي ڪيفيت بدلجي وئي. مون ان کي وڏي محنت ۽ جدوجهد سان گڏ ڪيو ھيو. ھاڻ منھنجا قدم مون کي سامان ٻاھر کڻي وڃڻ کان روڪڻ لڳا. وڌندڙ قدم کي ضمير جا زنجير وڪوڙجي ويا ھيا. سامان واپس صندوق ۾ رکڻ لاءِ، مون اردا مضبوط ڪري سامان کي گهران ڪڍڻ ۽ وري نہ اھڙي مزدوريءَ کي ڏسڻ پئي چاھيو، جيڪا گڏ رھندي خواهشن جو پوراءُ نہ ڪري، اھا شي ڪھڙي ڪم جي. جنھن جي ھجڻ سان ڪجهہ نہ وري.
نسرين جو ڏاجو نہ ڪٺو ٿيڻ جو سبب مان ان سامان کي سمجهي رھيو ھيس. اھو سوچي رھيس تہ جيترو وقت ھن سامان کي ڪٺو ڪرڻ ۾ وڃايم، جيڪڏهن اھو وقت ڪا مزدوري ڪريان ھا تہ شايد! نسرين جي آس ٽٽندي نہ ڏسان ھان.
آخري فيصلو ڪندي. ٿيلھي ساڻ کڻي رستي تي نڪري آيس. گهٽيءَ ۾ بلبن جي روشني تي پيرن تي زور رکي تيز ھلندو رھيس. ائين محسوس ٿيندو رھيو ڄڻ نسرين وانگر ٻي ڌيءُ کي رخصت ڪري رھيو ھجان. جيڪا مون کان موڪلائي ساھرن ڏانھن وڃي رھي ھجي. اھڙا دل ڏکوئيندڙ احساس بہ مون کي نہ روڪي سگهيا.
ھلندو رھيس، ھلندو رھيس ۽ تڪڙو ھلندو رھيس. مون کي ٿڪجڻ جو احساس نہ پي ٿيو.
ٿيلھيءَ کي پنھنجي سيني سان لائي جدائي ٿيڻ تي دل ڏکي رھي ھئي. چھرو غم ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. پنبڙيون بند ڪرڻ تي گرم ڳوڙھا چھري تي وھي پيا ھئا. ايڪڙ ٻيڪڙ ايندڙ ويندڙ گاڏين جو اڳيان گذر طرف ٽڪي جو ڌيان نہ وڃي رھيو ھو. پنھنجي سوچن جي سمنڊ ۾ ائين گم ھيس ڄڻ ڪائنات مون کان بلڪل الڳ ٿي بيٺي ھجي.
مون اڃا وڌيڪ قدمن تي زور ڏنو.
اوچتو رڙ ڪنن تي پئي.
”خبردار! ٿورو بہ چرڻ جي ڪوشش ڪيئي تہ گولين سان پروڻ ڪري ڇڏينداسونءِ، جيڪو بہ ڪجهہ اٿئي، اسان جي حوالي ڪر، جلدي ڪر نہ تہ!“
يڪدم قدم رڪجي ويا، جسم مان ساھ ڇڏائجي ويو. ٻہ ڦورو پسٽل تاڻي هڪ موٽرسائيڪل سوار کان موٽرسائيڪل، موبائل فون، بٽون ڦر ڪري مون طرف وڌيا. منھنجا چپ خشڪ ٿي ويا. خوف سبب ھٿن ۾ ٿيلھي کي زور سان پڪڙڻ شروع ڪيم. وري الائي ڪھڙو جذبو اندر ۾ اڀري پيو. مزاحمت ڪندس. وڙھي پوندوسان، پر ھيءَ ٿيلھي ڪڏھن بہ ڪونہ ڏيندوسان.
ڦورو جيئن منھنجي اڳيان ايندا ويا، منھنجو جوش اڀرندو ويو. پوڙھائپ ۾ اندر جا جذبا جوان، ارادا اٽل ٿي پيا، وڙھڻ لاءِ تيار ٿي پيس. ڪجهہ بہ ٿئي! پر ٿيلھي ڪونہ ڏيندوسانِ، اھو دل ۾ پڪو پھہ ڪري ڇڏيم. ڦورو مون کي ڪجهہ چوڻ بنا منھنجي اڳيان گذري ويا.
مون ٿڌو ساھ کنيو ۽ پيرن تي زور ڏنو. ذھن ۾ خيال اڀريو تہ جلدي نڪرڻ جي ڪر، ھتان جي پوليس واردات ٿيڻ کانپوءِ ئي پھچندي آھي. جي پوليس پھتي تہ ڪندي توکي اکين ڏٺو شاھد، کڻي ويندي ٿاڻي تي. اتي ٺاھيندا مشيرنامو، ھڪ ٻن تي ان ئي واردات جي ڪوڙي ايف آءِ آر ڪٽيندا. ڪندا پوري رات خراب. پوءِ وتندس شاھديءَ ۾ ڪورٽ جا چڪر ڪاٽيندو. ان ڪري پوليس جي اچڻ کان اڳ نڪرڻ جي ڪر.
اڃا تڪڙو ھليس تہ سامھون پوليس جي گاڏي ايندي نظر آئي. پوليس جي چڪرن کان بچڻ لاءِ تڪڙ ۾ گهٽيءَ جي ڪنھن در تي اوٽ ۾ بيھي رھيس. پوليس موبائيل اڳيان گذري وئي. در جي اوٽ مان نڪري تڪڙو تڪڙو ھلي گهٽيون لنگهندو، شھر جي هڪ مالدار جي در تي پھتس، جيڪو اڪثر دبئيءَ ۾ رهندو آھي. ڪجهہ عرصي لاءِ پنھنجي وطن ايندو رھندو آھي. هن سان منھنجون ڪجهہ ملاقاتون ٿيل ھيون، جيڪو منھنجي گڏ ڪيل سامان جو خريدار بنجڻ جو خواھشمند رھيو ھو.
مون ٿيلھيءَ ۾ پيل سڀ سامان خريدار جي حوالي ڪيو. خريدار خوشيءَ مان سامان جي رقم ڏني.
جنھن مان پنھنجي ڌيءُ جو ڏاجو وٺي گهر آندم. نسرين مون مفلس پيءُ کي گهر ۾ ايڏو ڏاجو آڻيندي ڏسي حيرت مان پڇيو، ”بابا توھان ايترا پيسا ڪٿان آندا؟“
”مان پنھنجي شاعري وڪڻي آيو آھيان.“
نسرين اھو ٻڌي تڪڙي صندوق ڏي وئي. صندوق کي خالي ڏسي روئي پئي. نسرين کي خبر ھئي تہ بابا ڏاڍي محبت ڪندو آھي پنھنجي شاعريءَ سان.

لاپرواهي

محسن چئين وڳي نوڪريءَ تان موٽي ماني کائي. سمھڻ لاءِ کٽ تي ليٽيو ئي مس تہ رحيما جو آواز ڪنن تي پيس.
”نہ سمھہ، پندرنھن منٽن کان پوءِ دلبر کي ٽيوشن تي ڇڏي اچڻو اٿئي.“
محسن رحيما جو آواز ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري دلبر ڏانھن ڏٺو، جيڪو ڪمري جي اولھہ پاسي پيل کٽ تي چادر مٿان وجهي پيءُ طرف ڏسي، ”بابا.“ چئي وري چادر ۾ لڪي رھيو ھو.
محسن دلبر کي ڏسي اکيون بند ڪيون. ننڊ پنھنجي ٻانھن ۾ ٻکي ورتس.
ڏسي ته.
گهڙيال جا ڪانٽا تيزيءَ سان ڊوڙندا پنجن کان ٽپي، ڇھن تي پھتا آھن. رحيما اٿاريس.
”ننڍڙو ٽيوشن تان نہ موٽيو آھي. وڃ، وڃي وٺي اچيس.“
گهڙيال ڏانھن اکيون ڪري اٿي، چمپل پائي ننڍڙي کي ٽيوشن تان وٺڻ لاءِ ويو. جيڪو پنھنجي گهٽيءَ کان ٻي گهٽي ۾ نجي اسڪول جي ماسترياڻيءَ وٽ پڙھندو ھيو. ماسترياڻيءَ جي در تي پھتو، در کڙڪايائين. ماسترياڻيءَ جو ڀاءُ نڪري آيو.
محسن چيس، ”دلبر کي موڪل.“
”چاچا، دلبر تہ اڄ ٽيوشن تي ڪو نہ آيو آھي.“
”دلبر ٽيوشن تي نہ آيو آھي!؟ ھي تون ڇا پيو چئين!؟“
”ھا چاچا، بلڪل سھي پيو چوان، دلبر ٽيوشن تي نہ آيو آھي.“ ماسترياڻي جو ڀاءُ چئي گهر اندر هليو ويو.
”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڪتاب کڻي ٽيوشن لاءِ نڪتو ھيو. ڪاڏي ويو؟ پڙھائيءَ کان نٽائي پاڙي ۾ ٻارن سان کيڏڻ ويو ھوندو.“ سوچيندو وکون وڌائيندو اچي گهر پھتو.
”دلبر تہ ٽيوشن تي ڪو نہ ويو آھي.“ رحيما کي ٻڌايائين.
”ھان!؟ ھي تون ڇا چئي رھيو آھين. دلبر ٽيوشن تي نہ ويو، باقي ڪاڏي ويو!؟“
”تون پاڙي جي گهرن ۾ ڏسينس، پڙھائي کان نٽائي پاڙي جي ٻارن سان کيڏڻ ويو ھوندو.“ رحيما برقعو پائي، پاڙي جي گهرن ڏانھن رواني ٿي، ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ تڪڙي گهر واپس آئي. مُنھن ڏکارو، نرڙ پريشانيءَ جي پگهر ۾ آلو هيس. ڏک جي ڪيفيت مان محسن سان مخاطب ٿي، ”پاڙي جي ڪنھن بہ گهر ۾ دلبر ڪو نہ آھي، چون ٿا تہ اسان وٽ اڄ آيو بہ ڪونھي.“
محسن رحيما جي واتان دلبر پاڙي ۾ نہ ھجڻ جو ٻڌو تہ لڱ وسامي ويس. ذھن ۾ ڪيترن ئي سوالن ورايس۔ عجيب خيالن جي ول وانگر دماغ کي وڪوڙيندا ويس. پٽ جي ڳولا ۾ گهران نڪري، پاڙي جي ٻارن، وڏن، پڪن پوڙھن کان پڇا ڪندو رھيو. ڪنھن بہ ڄاڻ نہ ڏنس.
محسن شھر جي گهٽين طرف ڪاھجي پيو. پاڙي جا ھڪ ٻہ ٻار ۽ وڏا بہ ساڻس رلجي پيا. شھر جون گهٽيون، بازارون، ھوٽلون، بس اسٽاپ لتاڙيندا، پڇا ڪندا رھيا. ڪٿان ڏس پتو نہ پئي مليو. ريلوي اسٽيشن تي پھتا، معلوم ٿيو تہ اھڙي قسم جو ٻار ھت ناهي آيو، نہ ئي اڄ جي ريل گاڏي پھتي آھي. شھر جي سرڪاري اسپتال پھتا. خبر پين تہ مين روڊ تي هڪ ننڍڙي ٻار جي مٿان ڪار چڙھي وئي آھي، سخت زخمي حالت ۾ ماڻھن کيس آندو ھيو، سور نہ سھندي فوت ٿي ويو آھي.
محسن جيئن ٻڌو، جسم مان ساھ ڇڏائجي ويس. اکين اڳيان ترورا اچي ويس.
محسن ايمرجنسي وارڊ ۾ آيو. سامھون بيڊ تي ننڍڙي ٻار جو لاش ڪفن ۾ ويڙھيل پيو ھو. جيئن محسن جون اکيون ڪفن ۾ پيل لاش ڏانھن ويون. اکيون روئڻ لاءِ ڀرجي آيس. چپ خشڪ ٿي ويس. لاش طرف قدم وڌائيندو ويو. پٽ دلبر جا انگل اکين اڳيان ايندا ويس.
”بابا.“
”جي دلبر.“
”بابا.“
”جي دلبر.“
”بابا.“
”دلبر بابا کي ذري ذري سڏ ڪري ڇو تنگ ڪندو آھين.“
”بابا جڏھن تون ٻاھران ايندو آھين تہ مان چادر ۾ لڪي توکي سڏ ڪندو آھيان جيئن تون مون کي ڳولين.“
”مون کي تہ خبر ھوندي آھي، تون چادر ۾ لڪيل ھوندو آھين.“
”پوءِ بابا تون چادر پري ڪري تہ مون کي ڪونہ ڏسندو آھين.“
”ٺيڪ آھي، مان تنھنجي چادر پري ڪري توکي ڏسان ٿو...“
محسن چادر پري ڪرڻ لاءِ ھٿ وڌايا.
سندس ھٿ ڪفن طرف وڌيا. ھٿ ڏڪي رھيا ھئا۔ ڪفن جي مٿي کان ٻڌل پٽيءَ کي ڇوڙڻ لاءِ ھٿ وڌا، دل ۾ خوف سان گڏ ھڪ ئي ڳالھہ ھئس، ”خدا ڪري دلبر نہ ھجي. حوصلو ٻڏتر ۾ ھيو تہ ڪنن تي روئڻ جو آواز پيس. محسن ڪنڌ ورائي، روئڻ وارن جي طرف ڏٺو. ڪجهہ ماڻھو روئيندا ڊوڙندا ننڍڙي جي لاش مٿان آيا. انھن مان ھڪ محسن جا ڪفن ۾ پيل ھٿن کي ھٽائي ڪفن کوليو ۽ ھڪ عورت پار ڪڍي روئي رھي ھئي. ”منھنجو معصوم پٽ گڊو!! ڇو مون ننڍڙي کي برف وٺڻ لاءِ موڪليو. نڀاڳو منھنجي ننڍڙي کي ڪار ھڻي ماري ويو. خدا ڪو پاڙ پٽيس. مون سان قھر ڪري، مون ماءُ جي جهولي خالي ڪري ويو...“
مائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
محسن اسپتال مان نڪري رحيما ڏي ڪال ڪئي.
”ڏي احوال ننڍڙي جا؟“
”تون ڏي نہ احوال، ڇا اڃا دلبر نہ مليو آھي ڇا؟“ ڏک ڀري آواز ۾ رحميا پڇيو.
”چيو ھومانءِ نہ، ننڍڙي کي ٽيوشن تي ڇڏي آ. ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري پاسو ورائي سمھي پئين. جي دلبر کي وٺي وڃين ھا... ايڏي لاپرواھي نہ ڪرين ھا. ھينئر ايڏو پريشان ڇو ٿيون ھا. منھنجو معصوم الائي ڪاٿي آھي... الائي ڪھڙي حال ۾ ھوندو؟... منھنجي پٽ کي گهر نہ وٺي آئين تہ دلبر جا پيءُ مان مري ويندين سانءِ....“
رحيما روئڻ لڳي.
سندس روئڻ ۾ تمام وڏو درد سمايل ھيو. جنھن محسن جو بہ سينو چيري رکيو.
محسن ڳوڙھن سان پنھنجو چھرو آلو ڪري ڇڏيو. ڏک جي شدت مان زبان مان آواز نہ نڪتو جو کڻي رحيما کي آٿت ڏئي. رحيما جو روئڻ وڌيڪ پريشانيءَ جو سبب بنجي محسن جي دل دماغ ۾ جذب ٿيندو ويو.
محسن دلبر جي گم ٿيڻ جي رپورٽ حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرائي. ڳولا جاري رکي۔
ڳولا جي شدت زور وٺندي وئي. مايوسين جا پاڇولا دل مٿان ڇائجندا رھيا. منجهند شام ۾ جذب ٿي رات طرف پر پکيڙيا. تيئن محسن جي دل وسامندي پئي وئي. عضوا بيوس ٿيندا پئي ويا. محسن جي نظرن ھر اھا جاءِ ڳولي، جتي ھو پھچي سگهيو. پڇا ڳاڇا سان گڏ وڏي آواز ۾ سڏ ڪندو رھيو ”دلبر! دلبر!! دلبر!!!“ پر دلبر جو ڪٿان آواز نہ آيو.
محسن جو وجود ٿڪجي پيو. جهري پيو. جسم سان گڏ ڄڻ روح بہ آزارجي پيو. پنھنجي دلبر کي ٽيوشن تي نہ ڇڏي اچڻ تي رانڀاٽ ڪري روئي پيو. جسم جي رڳ رڳ غم مان دکي پئي.
دلبر جي گم ٿيڻ جو ڏوهي محسن پاڻ کي سمجهندي، منھن مٿو پٽيو. دل ئي دل ۾ ماتم ڪيو. پير ڳورا، رستا ويڪرا ۽ ڊگها ٿيندا ويا. اڻ کٽ ڳولا. ڪاڏي وڃي؟ ڪاٿي ڳولي؟ ڳالھہ سمجهہ کان ٻاھر ٿيندي پئي وئي. واپس بہ گهر نہ پئي وڃي سگهيو جو رحيما جون اکيون دلبر جي انتظار ۾ ھيون.
گهٽين ۾ پنڌ جاري ھيا. اوچتو آواز آيو، تڪڙو سڏ ٿيو.
”چاچا محسن! چاچا محسن! دلبر ھيڏي پيو آھي.“ سڏ ۾ درد سمايل ھو. محسن پاڙي جي ڇوڪري جي آواز تي ڦٽل ٽٽل جڳھہ ۾ ڀڳو. ڏسي تہ دلبر سلوار کان آجو مئل پيو ھيو. محسن درد مان اُڀ ڏاريندڙ دانھن ڪئي، ”دلبر!!!....“
محسن ھڪ ڀيانڪ رڙ ڪري ننڊ مان اٿيو. سڌو ٿي کٽ تي ويٺو ۽ وڏا ساھ کڻڻ لڳو. سامھون ڏسي تہ دلبر ڪتابن جو ٿيلو پٺي تي پائي ٽيوشن تي وڃي رھيو هو. محسن تڪڙو اٿيو، دلبر کي ٻانھن مان وٺي ٽيوشن طرف روانو ٿيو....

بيوسي

شھر جون پوريون گهٽيون لتاڙي ٿڪل ٽٽل جسم سان هُن جڏھن پڪين سرن جي ٺھيل عمارتن ڏانھن اکيون کڻي نھاريو ھيو. کيس اھي عمارتون موهن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رھيون ھيون. شھر جا ماڻھو زندہ ھوندي بہ مردہ لڳي رهيا هئس. رستا اوپرا، ھوائون بي رحم ۽ ڏينھن قھر جيان گذري رھيو هو. ھن جا قدم پنھنجي گهر ڏانھن هلڻ لاءِ آمادہ نہ ھيا. پيرن ۾ درد جي ڪڙين واري زنجير کي گهليندو گهليندو نيٺ سرفراز پنھنجي گهر جي ٻاھرين در تي پھتو. در جو تاڪ کولي اندر داخل ٿيو.
ٻاھرين در جي بلڪل سامھون کٽ تي سندس ڌيءُ مني بيماريءَ ۾ بيحال ستل ھئي. کٽ جي سيرانديءَ کان سرفراز جي زال سومل سرفراز ۾ آس لڳائي ويٺي ھئي.
منيءَ کي، هن شھر جي اسپتالن مان في الحال علاج جي سھولت ميسر نہ هئڻ ڪري جواب ڏئي جلد وڏي شھر کڻي وڃي خانگي علاج ڪرائڻ لاءِ چيو ويو ھيو. سرفراز سومل کي اکين ۾ ڏسي ڏک مان ٻئي چپ ڀڪوڙي خالي ھٿن جون تريون مٿي ڪري اڳيان جهليون. خالي ھٿن ڳالھايو: ”ڪٿان بہ ڪجهہ نہ مليو آھي.“ اھڙي بيوسيءَ تي سرفراز جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
”پنھنجي ڀاءُ ڏي ويو ھئين؟“ سومل پڇيس.
”ھا ويو ھيس، توڻي ان جي زال جا لفظ بہ ياد ھيم، جيڪي ھن پنھنجي مڙس کي وڏي آواز ۾ منھنجي اڳيان چيا ھيا تہ ’ھِن جي ڌيءُ ٿيلسيميا جي مريض آھي، جيسيتائين زندہ رھندي تيسيتائين ھن جو علاج ھلندو رھندو؟ روز روز ڪيسيتائين ھن جي مدد ڪنداسين.‘ اھو سڀ ٻڌل ھوندي بہ ادي جي گهر ويو ھيس.“
”پر! ادي، پنھنجي مجبوري ٻڌائي، تہ ’مون پنھنجي پٽ کي اعليٰ معيار واري نجي اسڪول ۾ داخلا ڏياري آھي، سو سڀ پيسا داخلا ۾ ڏئي ڇڏيا اٿم، صفا خالي لڳو پيو آھيان.‘“
”ٻئي ھنڌ ڪٿي ڪونہ وئين ڇا؟“
”سڀني ڄاڻ سڃاڻ وارن وٽ ويو ھيس، پر سڀ ڪي اسان وانگر خالي آھن. نہ ڪنھن اوڌر ڏني، نہ ئي ڪا مدد ڪئي. ماسڙ مراد تہ چيو ’نياڻيءَ جي بيماريءَ بھاني پنڻ جو سٺو رستو اختيار ڪيو اٿئي.‘“ جيئن جيئن سرفراز جي زبان مان لفظ نڪرندا ويا، سندس اکيون بہ وهڻ لڳيون.
سرفراز جي زال کيس آٿت ڏيڻ بنا منيءَ ڏانھن ڏٺو، جيڪا تڪليف جي شدت سبب ڪِنجهي رھي ھئي.
سرفراز جون اکيون گهر جي ھر ھڪ سامان کي تڪي رھيون ھيون. کيس اھڙي ڪا بہ قيمتي شيءِ نظر نہ آئي، جيڪا کپائي علاج لاءِ منيءَ کي وڏي شھر کڻي وڃي. سرفراز جي نظر ديگڙين، بالٽي، وهنجڻ جي دٻي، سرن جي ٽيڪ تي بيٺل ڏنڊي واري پکي کان ڪمري ۾ کٽ، ڪنڊ ۾ پيل پيتي، جاري ۾ منيءَ جي ڀڳل ٽٽل رانديڪن ۽ ڀت تي لڳل گهڙيال، جنھن جو شيشو مُنيءَ راند ڪندي ڀڃين ڇڏيو ھو. ڪمري ۾، کپائڻ جھڙو ڪجهہ نہ ملڻ کانپوءِ سرفراز ٻاھر آڳر تي منيءَ مٿان آيو. مني تڪليف مان علاج لاءِ واجهائي رھي ھئي. منيءَ جي درد جي دانھن ۾ التجا گونجي رھي ھئي تہ ”منھنجي تڪليف گهٽ ڪريو.“ مُنيءَ جي درد ۽ پيڙا کي سرفراز ۽ سومل محسوس ڪري رھيا ھيا، پر هو منيءَ کي تڙپندي ڏسڻ کان سواءِ ڪجهہ ڪري بہ نہ پئي سگهيا. ٻنھي رڙيون ڪري روئڻ چاھيو، اھڙيون دانھون ڪرڻ چاھيون جو هنن جو سينو ڦاٽي پوي ۽ ان مان ڏک اڏامي وڃي. پر هو ڪا بہ دانھن نہ ڪري سگهيا. اھي اڻ ڪيل سندن دانھون سڏڪن ۾ تبديل ٿي ويون ۽ هو پنھنجي اندر جي حال تي ماتم ڪرڻ لڳا. اندر جو درد وڌڻ تي سرفراز روئِي پيو.
هن جا ڳوڙھا مُنيءَ جي ڪَن ۾ پيل سونين والين تي ڪريا، جيڪي منيءَ پنھنجي روزاني توڙي عيدن تي ملندڙ خرچيون ڀانڊاري ۾ گڏ ڪري ورتيون ھيون. منيءَ کي سونيون واليون ٺھرائڻ جو ايترو شوق ھيو جو ذري ذري ڦيرا ڏئي ڀانڊاري کي پيتي مان ڪڍي پئي ڏسندي ھئي ۽ پنھنجي منھن ويھي آڱرين تي پيسن جو حساب ڪندي ھئي. ڪيترو ئي وقت پيسا گڏ ڪري هن سونيون واليون ٺھرايون ھيون.
سرفراز جون اکيون منيءَ جي ڪنن ۾ پاتل والين تي پيون. پوءِ هن سومل ڏانھن ڏٺو. سومل ڪٿان بہ واھر نہ سجهندي سرفراز کي ڪنڌ سان ھا ڪئي. سرفراز منيءَ جي ڪنن مان واليون لاھڻ لاءِ منيءَ جي ڪنن طرف ھٿ وڌايا تہ منيءَ پنھنجن ٻنھي ھٿن سان ڪنن کي پڪڙي واليون لڪايون.
”مني! مني!“ والين جو رنگ ڦٽي ويو آھي، لاھڻ ڏي تہ رنگ چاڙھائي اچان، جئين واليون نيون ٿي پون.“ منيءَ واليون نيون ٿيڻ جي آسري ۾ پيءُ کي ڪنن مان لاھڻ ڏنيون.
سومل سرٻاٽ ۾ سرفراز کي ٻڌايو تہ منيءَ جو علاج ڪرائي واپس موٽي اچڻ کانپوءِ کيس واليون نہ ملنديون تہ ڏاڍي تڪليف ٿيندس.
“خبر نہ اٿئي؟ منيءَ جا پيءُ! مني ايندي ويندي ڪمري ۾ آئيني اڳيان والين کي ڏسندي ۽ خوش ٿيندي رھندي آھي. سومل ڳالھہ ڪندي روئي پئي.
“ياد اٿئي؟ ھڪ ڏينھن راند ڪندي منيءَ جي ڪن مان والي ڪري پئي ھئي. جيسيتائين اھا نہ لڌي، تيسيتائين ڪيڏو رني ھئي.“
سرفراز سومل جي ڳالھہ تي واليون ھٿ ۾ ڪري. ڏَسڻي آڱر مٿي ڪري اشاري ۾ چيو تہ اللھ ڏيندو. واليون کپائڻ کان سواء ٻي واھر بہ ڪانھي.
سرفراز واليون سونارڪي دڪان تي ٻارنھن ھزار روپين ۾ کپائي آيو.
سومل ڪپڙي جي ٺھيل ڳوٿري ۾ منيءَ ۽ سرفراز جو ھڪ وڳو، گلاس ھڪ ٿالھي ۽ منيءَ جي علاج جو فائل وجهي تياري ڪري ورتي.
سرفراز منيءَ کي ھٿن ۾ کنيو تہ منيءَ خالي ڪنن تي ھٿ گهمائيندي چيو، ”بابا منھنجون واليون کڻي آ نہ؟
”مني سوناري چيو آھي تہ والين تي سونو رنگ چڙھڻ ۾ ھڪ ٻہ ڏينھن لڳندا... رنگ والين تي چڙھي مان واليون پنھنجي ڌيءَ کي کڻي آڻي ڏيندس.“
”بابا توکي خبر آھي نہ مان خالي ڪن ڪري ڪاڏي بہ ڪونہ ويندي آھيان. واليون اچڻ کانپوءِ ھلنداسين.“ تڪليف مان منيءَ ڳالھايو.
سرفراز منيءَ کي پيسا ڏيکاريندي چيو، ”ھي ڏس مني، مون وٽ ڪيترا پيسا آھن. مان توکي اتان رانديڪا وٺي ڏيندس.“
”سچ بابا.“ منيءَ جي مرجهايل چھري تي خوشي تري آئي ڇو تہ سدائين ڀڳل ٽٽل رانديڪن سان کيڏي ھئي، جيڪي سرنديءَ وارن جا ٻار ناڪارہ ڪري گند جي ڍير تي اڇلائيندا ھيا، جتان هوءَ ڳولي کڻي ايندي هئي ۽ انھن کي گهر جي جاري ۾ سجائي رکندي هئي.
نوان رانديڪا ملڻ جي آسري هن ذھن ۾ خوبصورت خواب سجائي ڇڏيا ھيا ۽ وري چپن چپن ۾ چوڻ لڳي، ”سدائين جيان ڏٽو نہ ڏجان بابا، ھن دفعي رانديڪا وٺي ڏجان.“
”ھا ڌيءُ مان توکي وٺي ڏيندس. واعدو آھي توسان.“
پيءُ جي واعدي تي منيءَ جي مُنھن تي رونق آئي. هن چيو، ”پوء مون وٽ بہ نوان رانديڪا ھوندا ۽ منھنجا رانديڪا جڏھن ڀڄندا مان بہ گهر جي گند ۾ وجهي گند جي ڍير تي اڇلائي اينديس، پوءِ اتان غريبن جا ٻار کڻي وڃي پنھنجي گهرن ۾ کيڏندا.
مني جي ڳالھين تي سومل ۽ سرفراز جو ھانو ڇڄي پيو، ۽ ٻئي روئي پيا.
سرفراز منيءَ کي ڪلھي تي ليٽائي سومل کان موڪلائي ريل گاڏيءَ تي وڏي شھر روانو ٿيو.
شھر جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ڪائونٽر تي ھزار روپيا فيس جمع ڪرائي، جڏهن ڊاڪٽر وٽ پھتو. ڊاڪٽر منيءَ جي حالت ڏسي ٽيسٽون لکي جلدي ڪرائي اچڻ جو چيو. سرفراز کيس پنھنجي شھر مان پنج ڏينھن اڳ ڪرايل ٽيسٽون ڏيکاريون، پر ڊاڪٽر انھن کي قبول نہ ڪندي، پنھنجي اسپتال سان لڳو لڳ ليبارٽريءَ مان نيون ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ چيو، ”وقت زيان نہ ڪريو، مريض جي طبيعت تمام خراب آهي.“ ۽ پوءِ هو منيءَ کي وارڊ ۾ بيڊ تي موڪلڻ جي هدايت ڏئي، ٻئي مريض کي ڏسڻ لڳو.
سرفراز کي ان وقت چڪر اچي ويا، جڏهن هن کان منيءَ جي مختلف ٽيسٽن جي فيس اٺ هزار ست سئو روپيا گهري وئي.
ڪجهہ دير بعد ٽيسٽن جي رزلٽ ملي، هي جلد اهي ڊاڪٽر وٽ کڻي آيو. ڊاڪٽر ٽيسٽون ڏسي کيس ٻڌايو تہ هن جي تِري وڌي وئي آھي. فولاد جي تمام گهڻي کوٽ اٿس. ڊاڪٽر دوائون لکيون ۽ ننڍڙيءَ لاءِ جلد رت جو بندوبست ڪرڻ لاءِ بہ چيو. سرفراز دوائن جو پرچو وٺي ھٿ ۾ ڪري باقي بچيل ڪجهہ نوٽن کي ڏسي، منيءَ جي منھن ۾ نھاريو. سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون. اکيون زور سان بند ڪري پاڻيءَ کي اکين ۾ جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ دوائن جي اسٽور ڏانھن وڌڻ چاھيو تہ مُنيءَ سندس ھٿ پڪڙيو.
”بابا تو چيو ھيو نہ توکي رانديڪا وٺي ڏيندس. وٺي اچ نہ منھنجي لاءِ رانديڪا.“
سرفراز ڏک جي شدت مان ڏندن کي زور سان ڀڪوڙيو ۽ اکين جا لڙڪ لڪائي چيائين، ”ھا امان، تو لاءِ مان رانديڪا وٺي ٿو اچان.“
”رانديڪن بنا نہ اچجان، ۽ جلدي وٺي اچجان بابا، مان ھاڻ گند جي ڍير تان کنيل رانديڪن سان ڪڏھن بہ نہ کيڏنديس. مان پنھنجي نون رانديڪن سان کيڏنديس.“ بيماري جي شدت ۾ مشڪل سان نڪرندڙ آواز ۾ منيءَ چيو.
”ھا مان تو لاءِ رانديڪا وٺي پوءِ ئي ايندس.“ سرفراز بنا سوچڻ جي چئي، دوائن جي اسٽور ڏانھن ھليو ويو. اسٽور واري دوائن جا پيسا ست ھزار چار سئو ٻڌايا. پرچو دوائن جو وٺي، سوچن ۾ ٻڏندو ويو. چند نوٽن کي ھٿ ۾ زور سان ڀڪوڙيندي اسپتال جي گيٽ کان نڪري ڦٽ پاٽ تي اچي ويٺو. سوچيندو رھيو ايڏا پيسا ڪٿان اچن جو منيءَ جي علاج جون دوائون وٺي. منيءَ کي اھڙي حالت ۾ واپس گهر بہ نٿو کڻي وڃي سگهي. اوپري شھر ۾ ڪاڏي وڃي. ڪنھن کي منٿ ڪري تہ منيءَ جي دوائن جا پيسا ڏيو.
وارن ۾ ھٿ وجهي ڪنڌ ھيٺ جهڪائي ڦٽ پاٽ تي ويٺو رھيو. ھن جي ڪنن تي گاڏين جي گوڙ سان گڏ فقيرن جي پِنڻ جا آواز پيا. ھن ڪنڌ مٿي ڪري فقيرن ڏانھن ڏٺو.
دل ۾ خيال ٿيس تہ ڇو نہ منيءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ ماڻھن اڳيان هٿ ٽنگي. ھن ڪڏھن بہ ائين نہ ڪيو هو. ھا اوڌر ضرور ورتي ھيائين، پر ڪنھن کان خيرات نہ گهري ھيائين.
ھن جي ضمير ھن کي پنڻ جي اجازت نہ پئي ڏني، پر منيءَ خاطر ٻيو چارو بہ نظر نہ پئي آيس.
آھستي آھستي ھن دوائن جو پرچو مٿي ڪيو تہ اوڇنگارون نڪري ويس. اکين مان پاڻي جا نار وهڻ لڳس. چھري سان گڏ پنھنجي ڪپڙن جو اڳ بہ ڳوڙھن سان پسي ويس.
”منھنجي ننڍڙي ڌيءَ مني ٿيلسيميا جي مريض آھي، جنھن جي دوائن لاءِ پيسا ڪونہ آھن اللھ جي نالي تي دوا وٺي ڏيو.“ سرفراز جو چھرو ڦڙڪي رھيو ھيو. گهٽيل آواز ۾ سندس صدا آھستي آھستي وڌندي وئي. ايندڙ ويندڙ ماڻھن جي اڳيان پرچو جهلي سئن هڻندو، ماڻھن کي منٿون ڪندو رھيو. وڏين گاڏين مان لھندڙ ماڻھن پويان ڊوڙندو، انھن کي التجا ڪندو رھيو، ”منھنجي ننڍڙي ڌيءُ مني زندگي ۽ موت جي منھن ۾ ھن اسپتال جي بيڊ تي پئي آھي. ڊاڪٽر دوائون لکي ڏنيون آھن. خدا جي واسطي منھنجي مدد ڪريو، جيئن مان منيءَ لاءِ دوائون وٺي، ان جي زندگي بچائي سگهان...“......
مسلسل، صبح کان منجهند جي ھڪ وڳي تائين خيرات ۾ مليل پيسا گڏ ڪري ڳڻيائين، تہ سترهن سئو روپيا گڏ ٿيا ھيا. دوائن جو بل ايترن پيسن کان ڳرو ھيو. زخم دل ۾ ڪنڊو بنجي کپي ويس. وقت بہ تيزي سان ڊوڙندو پي ويو. نفس کي پنائي ذليل ڪرڻ کانپوءِ بہ دوائن جا پيسا نہ ٿي سگهيا. اھا بہ سوچ سرفراز کي بي حال ڪري رھي ھئي تہ منيءَ جون اکيون مونکي ڳولي رھيون ھونديون بابا ڪاڏي ويو.
منيءَ وٽ وڃڻ لاءِ اسپتال جي گيٽ کان اندر داخل ٿيو. رانديڪا کڻي بيٺل شخص تي نظر پيس، تہ ذھن ۾ منيءَ جا لفظ اڀري آيس. ”بابا ھاڻي رانديڪن بنا نہ اچجان، رانديڪا وٺي پوءِ اچجان. مان ھاڻي گند جي ڍير تان ڪڏهن بہ ڀڳل رانديڪا ميڙي راند نہ ڪنديس.“ منيءَ جي ڳالھہ ياد ڪندي هن ٻہ رانديڪا ٽي سئو روپين ۾ خريد ڪيا. رانديڪا ھٿ ۾ ڪري سرفراز اندر اسپتال ۾ وارڊ جي در تي پھتو. وارڊ بواءِ ھن کي ڏسي چيو، ”سرفراز توھان آھيو.“
”جي مان آھيان.“
”ننڍڙي مريض، مُني اوھان سان آھي نہ؟“
”جي مون سان آھي، مان ان جو پيء آھيان.“
”اوھان کي مون ڪيئي سڏ ڪيا، دوائن لاءِ. پر توھان ننڍڙيءَ کي ڇڏي ڪاڏي ھليا ويا ھُيو؟ ۽ توھان جي ڌيءُ مني!“ وارڊ بواءِ چئي خاموشي اختيار ڪئي.
”ڇا ٿيو آھي منيءَ کي.“ سرفراز وارڊ بواء کان پڇيو ۽ سندس جواب جو انتظار ڪرڻ بدران تڪڙو وارڊ ۾ منيءَ ڏانھن آيو.
مني جون اکيون بند ھيون ڳياڙيءَ کان مٿي تائين اڇي پٽي ٻڌل ھيس. پيرن جا آڱوٺا پاڻ ملائي، انھن کي بہ اڇي پٽي ٻڌي وئي ھئي.
منيءَ جي چھري جي اڳيان ايندي هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ گهٽجندڙ آواز ۾ چيائين، ”ڏِس مني، مان تو لاءِ رانديڪا وٺي آيو آھيان... مني تو چيو ھو نہ جي ھاڻي اچين تہ مون لاءِ نوان رانديڪا وٺي اچجان بابا... پنھنجي بابا کان رانديڪا نہ وٺندينءَ مني... مني پنھنجي بابا کان رانديڪا وٺ، مني ڏس تنھنجو بابا تو لاءِ رانديڪا وٺي آيو آھي..“
سرفراز ڏاڍو رنو. جڏھن هن روئڻ بند ڪيو، تہ پاسي واري بيڊ تان اڌڙوٽ عمر جي هڪ مريض اٿي اچي سندس ڪلھي تي ھٿ رکيو.
”ھيءَ ننڍڙي ذري ذري اوھان جي پڇا ڪري رھي ھئي. ھن ننڍڙي ٽي چار دفعا چيو ’بابا سدائين مونکي ڏٽو ڏئي وٺي ايندو آهي تہ توکي اتي رانديڪا وٺي ڏيندس. ھن ڀيري بہ مون کي رانديڪا ڪو نہ وٺي ڏنئي. جيڪي منھنجون سونيون واليون سوناري کي سوني رنگ ڏيڻ لاءِ ڏئي آيو آهي، اھي کڻي مون کي ڏي.‘“
منيءَ جي والين جو ٻڌي سرفراز ڏک جي شدت ۾ ٻڏي ويو. سندس اندر دانھون ڪري رھيو هو.
وارڊ بواءِ منيءَ جي ’ڊيٿ سرٽيفيڪٽ‘ سان گڏ بيڊ جو بل پندرنھن سئو بہ سرفراز کي ڏنو. سرفراز کيسي مان سڀ پيسا ڪڍي ڪائونٽر تي ڏئي. منيءَ جي لاش کي بيوسيءَ مان ڪلھي تي رکي اسپتال مان نڪري، پنڌ ريلوي اسٽيشن طرف روانو ٿيو.

نڀاءُ

شھزاد زينت سان شادي پنھنجي ماءُ پيءُ جي رضا سان ڪئي ھئي۔ جڏھن ويھہ سالن جو ھو۔ شادي کي ويھہ سال گذري چڪا آھن. جيئن ھن کي ٽن ٻولن ۾ قبول ڪيو تيئن اڄ تائين قبول آھي. جيئن نئين شادي ۾ ڪنوار جو خيال رکيو ويندو آھي. ائين پابند ھيو خيال رکڻ ۾ شادي جي ڏينھن کان اڄ تائين. ڪا ڪمي نہ آئي ھن جي محبت ۾. زينت بہ ھمسفر سان ھم اثر پئي رھي.
شھزاد معمول جيان زينت کي مٺي ڏئي. ٻارن جي خرچي کيسي مان ڪڍي ڏئي، ميز تان ماني جو ٽفڻ باڪس کڻي نوڪري (ڊيوٽي ) تي وڃڻ لاءِ زينت کي خدا حافظ چيو.
”تنھنجي امان ۽ بابا پنھنجي ڪمري ۾ گهرايو ھو “ زينت چيو.
”ڇو خير ۾ توکي گهرايو ھين “
”چين پئي تہ تون شھزاد کي سمجهائيس پيڙھي لاءِ پٽ جو اولاد لازم آھي “
”پر اھو ٻي شادي وارو درد مان توکي نٿو ڏيڻ چاھيان “
”مان تنھنجي پيڙھيءَ ۾ خوش آھيان تہ دل سان جيڪو فيصلو منھنجي من بہ قبولي ورتو آھي.
شھزاد زينت جي ڳالھين کي نظر انداز ڪندي چيو اللھ جي ڏنل ٽن نياڻين تي مان راضي آھيان۔ مون کي پٽ جي غرض ڪانھي ڪا.
شھزاد وکون وڌائيندو ٻاھرين در طرف وڃي رھيو ھو۔ پويان زينت سڏ ڪندي چيس؛
”سحر نالي ڇوڪري جي تصوير واٽس اپ ڪئي ٿئي مانءِ ھو توسان شادي ڪرڻ لاءِ راضي آهي۔ تون الڪو نہ ڪر اسين ٻئي سٺيون ساھيڙيون ٿي گذارينديونسين“.
شھزاد زينت جي آواز تي نہ قدم روڪيا نہ ئي ڪنڌ ورائي زينت کي ڏٺو. وکون کڻندو ٻاھرين در جي چانئٺ ٽپي ھليو ويو.
زينت کي خانگي توڙي سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرياڻين ڪنھن بيماريءَ سبب وڌيڪ ٻارن ڄڻڻ کان منع ڪري ڇڏيو ھو. شھزاد جي ماءُ پيءُ جي اھڙي بار بار اسرار تي زينت بہ پاڻ کي شھزاد جي ٻي شادي ۽ پٽ جي اولاد ٿيڻ تي ذھن ٺاھي ورتو ھو.
شھزاد روزمرہ وانگر ڊيوٽيءَ تان موٽندي شام جي چانھہ لاءِ پاپا ۽ سموسہ وٺي آيو،. تازو توانو ٿي زينت ڌيئن سان گڏ شام جي چانھہ پيتي۔ گهر جي ڪم ڪارن کان پوءِ شام جا پھر رات جي ڪاراڻ ۾ جذب ٿيندا ويا. شھزاد جي زال ۽ ٻار ننڊ جي ٻانھن ۾ ٻکجندي آرامي ٿيا. شھزاد کي ماءُ پيءُ جي ڳالھين ذھن تي تري سوڙھو ڪري رکيو. زينت جي اسرار بہ منجهائي رکيو ھو. رات جي سياهي وانگر شھزاد جي مٿان سڀ ڳالھيون ڌنڌليون بنجي گردش ڪنديون رھيون. ننڊ اکين مان پڃري مان آزاد ٿيندڙ پکي جيان ڀڙڪو کائي اڏري وئي ھئس. شھزاد پنھنجي کٽ تي پاسا ورائيندو رھيو. مگر سوچن جي ويڙھ ھن کي سمھڻ نہ ڏنو. ڀرسان اگهور ننڊ ۾ پيل زينت کي ڏسي اٿيو. ننڊ ۾ پيل نياڻين جي مٿان آيو شفقت مان ڏسي. سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ موبائل کڻي ٻئي ڪمري ۾ آيو.
ٻئي ڪمري ۾ زيرو بلب جي ھلڪي روشني ھئي.
ڪرسيءَ تي اچي ويھي سگريٽ دکائي. ڪش ھڻي دونھون واتان ڪڍيو. جيئن دونھون ڪمري ۾ وکريو ائين ھن پنھنجي سوچن کي وکرجندي محسوس ڪيو. جو سوچون ڪنھن منزل تي ٺڪاڻو نہ ڪري رھيون ھيون. دونھي وانگر وکريل وکريل ڪمري ۾ گهمي رھيون ھيون. سگريٽ جا ڪش ھڻندو رھيو۔ سگريٽ جي ڪرندڙ ڦلي وانگر ھن پنھنجي وجود کي زمين تي ڪرندي محسوس ڪيو.
پيءُ جو آواز ڪنن تي گونجي پيس
“اسلام چار شادين جي اجازت ڏني آھي، پوءِ تون ڇو اسان جي ڳالھين کي نظر انداز ڪري رھيو آھين. اگر زينت مان توکي پٽ جو اولاد ٿئي ھا تہ اسان ڪڏھن بہ توکي ٻي شادي جو نہ چئون ھان؟”
“ھا پٽ اڪيلو پٽ آھين ڇا پويان پيڙھي بہ نہ ٿئي ؟، عقل سک ماءُ پيءُ جي ڳالھہ مڃبي آ. ماڻس بہ مڙس جي ڳالھہ سان سر ملائيندي چيس. ماءُ پيءُ جو ڳالھيون ڪنن ۾ گونجديون رھيون. مٿان زينت جي آواز پڙلاء ڪيو سحر نالي ڇوڪري جي تصوير واٽس اپ ڪئي ٿئي مانءِ اسين ٻئي سٺيون ساھيڙيون ٿي رهنديونسين.”
ھن سگريٽ جو آخري ڪش ھڻي ڦلٽر کي ٻن ڦاٿل آڱرين مان ڪڍي اڇلايو،. موبائل کڻي واٽس اپ تي ان ڇوڪريءَ جي تصوير ڏٺي جيڪا زينت موڪلي ھيس. تصوير کي غور سان تڪيندو رھيو. غور ويچار جي اونھي سمنڊ ۾ لھندو ويو. گهر وارن جي ٻي شادي جي اسرار تي خيال ٺاھيندو رھيو ۽ ڊاھيندو رھيو. ڪوبہ خيال تسلي بخش نہ جڙي رھيو ھو. خيال ٺھيا وري ڊھيا اھو سلسلو مسلسل ھلندو رھيو۔ رات پاڻ کي ويڙھيندي پئي وئي وقت جا ڪانٽا بہ ڊوڙ ۾ لڳل ھئا. رات جي گهگهہ اونداھي ۾ ھي اڃا ڦاٿو پيو ھو. ھن زينت مٿان پھاڄ نہ پئي آڻڻ چاھي. گهر وارن جي روز جي زور اڳيان سوچڻ تي مجبور ھو. ھن ٻيو سگريٽ دکائي. ڪش ھنيو. وات مان دونھون ڪڍي ھڪ چڪر وري ان ڇوڪري جي تصوير کي ٻيھر ڏٺو. سوچن جي وڏي ڊوڙ کانپوءِ پٽ جي اولاد جي لاءِ شاديءَ لاءِ حامي ڀري. پاڻ کي راضي ڪري ورتو.
صبح جو ڊيوٽي تي وڃڻ وقت زينت کي رضا ٻڌائي. زينت مرڪي پئي. زينت ڇوڪري جو موبائل نمبر ڏئي ملڻ جو ھنڌ ٻڌايو. شھزاد ڇوڪريءَ سان ملڻ لاءِ ھا ڪري ڊيوٽي تي ھليو ويو.
ڊيوٽي کان موٽندي نئين ٿيندڙ زال سحر لاءِ شھر جي وڏي ھوٽل ۾ ملاقات ڪئي. سحر سيرت ۽ صورت جي سھڻي ھئي. منجهند جي ماني کائيندي ڪچھري ڪندي ھڪ ٻئي کي سمجهي ورتو. ۽ ھڪ ٻئي کي پسند ڪري ورتو.
ملاقات کانپوءِ جڏھن شادي جا تاج محل اڏي گهر پھتو، جنھن مھل گهر موٽيو. ورانڊي ۾ پيل ٽفڻ باڪس تي نظر پيس. جيڪو ڊيوٽي تي کڻي وڃڻ ويساري ويو ھو.
زينت جي ڪمري مان اچڻ تي شھزاد ٽڦڻ باڪس مان نظرون ڪڍندي زينت طرف توجهہ ڪيو.
زينت چپن تي مرڪ سجائي پڇيو ” ملي آئين سحر سان. “
” جي ملي آيس “
” ڪيئن لڳي توکي سحر “
” خوبصورت ھئي “
” توکي پسند آئي امان بابا سان ڳالھہ ڪري تنھنجي شادي جي تاريخ پڪي ڪجي “
” پر مان شادي نہ ڪندس “
” پر ڇو ؟ سحر پسند نہ آيئي ڇا توکي؟ “
” نہ سحر سٺي ڇوڪري آھي پر “
” پر ڇا “
” پر ھڪ ڏينھن جو ان سان ملڻ ۽ ان تي سوچڻ سان مان تنھنجي ويھہ سالن جي محبت کي ويساري ڇڏيو.ھن ٽفڻ باڪس کي ڏس جو روز کڻي ويندو آھيان اھو اتي پيو آھي. نياڻين جي خرچي توکي ڏئي ويندو آھيان اھا ئي کيسي ۾ پئي آھي. توکي مٺي کان بغير ڪڏھن بہ ڊيوٽي تي نہ ويو آھيان اھا بہ توکي ڪونہ ڏئي ويس۔ ڊيوٽي تان موٽڻ کان پوءِ شام جي چانھہ لاءِ پاپا سموسہ وٺي ايندو آھيان اھي بہ ڪونہ وٺي آيس. صرف ھڪ ڏينھن جي سحر جي اچڻ سان ويھہ سالن جو پيار ويساري ويٺس. جي سحر اصل لاءِ زندگي ۾ آئي تہ شايد مان توسان نڀاءُ نہ ڪندي توکي بہ نہ ڪاٿي ويساري ويھان.
زينت جي اکين ۾ شھزاد جي ڳالھين تي پاڻي اچي ويو پاڻي کي لڪائيندي هن چيو پر پيڙھي لاءِ پٽ جو اولاد هجڻ لازم آهي.
منھنجون نياڻيون مون لاءِ سڀ ڪجهہ آھن. شادي نڀاءُ جو نالو آھي جن شادين ۾ نڀاءُ نٿو ٿئي، ان شادين جي تہ اسلام بہ اجازت نٿو ڏئي.
زينت شھزاد جي وڏي سوچ ڏسندي. سرھي ٿي شھزاد سان گلي لڳي پئي.

بند اکين کانپوء

“امان ڇھين ڪلاس ۾ داخلا وٺي ڏيو نھ”
“ڌيءَ مومل پڻھين پنج درجا پڙھڻ ڏنا اٿئي اھو بہ شڪر ڪر” زيبو ڪپي سان چانھہ ديڳڙي مان ڪڍي ڪوپ ۾ وڌي “وڃ مومل چانھہ ماني کڻي ڀاڻين کي ڏي کائي اسڪول وڃي”
“امان بابي کي چئو نہ مون کي سڄڻ سان گڏ اسڪول ڇڏي مان انگريزي پڙھان”
“جي پڻھين سان ڳالھہ ڪيم تہ تون پاڻ سان گڏ مون کي بہ موچڙا کارائيندينءَ وڃ جلدي ڪر ڀاڻين کي دير پئي ٿئي اسڪول کان”
“امان” مومل نماڻ پائي مان چيو امان، امان لفظ ۾ ڪيئي التجايون ھيون اسڪول وڃڻ جون پر امان کي بڇان لڳي ” ڇوري اھڙو ٿي موچڙو ھڻانءِ ان ضد تي۔ اصل ڪتي وارو ضد اٿئي اٿ وڃ ماني ڏي ڀاءُ کي ”
مومل اٿي ڀاءُ کي ماني ڏيڻ لاءِ وئي. ماڻھس ڀڻڪڻ لڳي مون واري وڏي ڌي رحمت کي بہ پڙھڻ جو ڪيڏو شوق ھو. وس ڪيم
“اڙي! پڙھاءِ نياڻي کي، چار اکر پڙھندي، متان ماستر رفيق جي ڌيءَ رابيل وانگر ماستري نوڪري ملي پويس. پنھنجي پگهار ٿيندس، زندگي ڀر ڪنھن جي محتاج نہ ٿيندي،. پر ھن کي اھا ڳالھہ ڄڻ گار لڳي نياڻي جو ٻار پڙھائيندس تہ ماڻھو ڇا چوندا. غيرت کي للڪار پئي اچيس. منھنجي ضد تي ڇا وريو. ھن جي بند اکين اڳيان. وريو بہ اھو ٻہ جوتا ڇوري کي ھنيئي ۽ ٻہ مون کي ھڻي ماٺ ڪرايائين. اھا تہ وئي پرڻجي ھاڻ ساڳيو ضد ھن ڪيو آهي.
زيبو چلھہ تي چانھہ سان ماني کائڻ ۾ شروع ٿي وئي. مومل ڀاءُ جي پويان اسڪول وڃڻ لڳي. زيبو، مومل کي در جي ٻاھرين چانئٺ ٽپندي ڏسي رڙ ڪئي “مومل” پر مومل ڀاءُ جي پويان کڻي آ ڪئي۔
منجهند ڌاري مومل جو پيءُ رکيل گهر آيو. رکيل قد جو ڊگهو منھن ويڪرو ويڪري منھن تي وڏا شھپر۔ اکيون وڏيون. رنگ جو پڪو، ٿلھي آواز سان رعبدار ھو. ماني کائڻ لاءِ کٽ تي ويٺو جوڻس زيبو ماني اڳيان رکي کٽ جي سيرانديءَ کان پاسيري ٿي ويٺس۔ زيبو جي مٿان بہ رکيل حاوي ھيو. دڙڪو ڏيندو ھيس تہ ساھ مٺيء ۾ اچي پوندو ھيس.
اسڪول کان سڄڻ ۽ مومل موٽي گهر جو در ٽپي اندر داخل ٿيا رکيل مومل کي سڄڻ سان اسڪول کان گڏ موٽندي ڏسي لال ٿي ويو. زيبو رکيل جو رنگ بدلجندي ڏسي چپن تي خشڪي اچي ويس.رنگ ھيڊو ٿي ويس.
رکيل پنھنجي ڳوري آواز ۾ چيو “پنج درجا پڙھڻ کانپوءِ مومل اسڪول ڪيئن وئي؟”
” او اھو.۔۔۔۔ اھو زبيو خوف مان جملو بہ اڃا صحي نہ ڪڍي سگهي تہ رکيل چپ رھڻ جو چيس. زيبو ماٺ کڻي ڪئي.
رکيل مومل سان مخاطب ٿيو “اسڪول ڇو وئي ھئينءَ”
“بابا مون کي انگريزي پڙھڻ جو شوق آھي مان پڙھي ماستريا۔۔۔۔۔ڻي....” مومل جو ايترو چوڻ رکيل جي زوردار چماٽ ڪياڙي واري لڳس ڀر ڪري وڃي زمين تي ڪري. رکيل ڪاوڙ مان کٽ تان اٿيو زيبو تي دوڏا ڦولاري چيس “وري جي مومل اسڪول وئي آ تہ توسان بہ سٺي نہ ٿيندي” ائين چئي ڪاوڙ مان ٻاھر ويو ھليو۔
مومل چماٽ لڳڻ تي ڏاڍو رني ايترو جيترا ٻار رانديڪا ڀڃڻ تي روئندا آھن. مومل پنھنجي اسڪول وڃڻ جا ارمان ٽٽل رانديڪڙن وانگر پاڻ وٽ سانڍي رکي انگريزي پڙھڻ جا خواب پنھنجي ذھن تان ميساري ڇڏيا. ھاڻ مومل پنھنجي ڀاءُ سڄڻ جي پويان ڊوڙ پائي اسڪول ن ويندي آھي.
رکيل جي وڏي ڌي رحمت جنھن کي بہ رکيل پڙھڻ نہ ڏنو ھو. شادي کانپوءِ ان کي چار ٻار آھن مڙس سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندو آھي روزي ايتري مڙئي پيٽ گذر.
رکيل بہ زمين جو ھارپو ڪري گهر جي گاڏي کي پيو ڌڪيندو آھي۔پنھنجي غربت کي ڏسي رکيل چاھيندو ھو تہ پٽ سڄڻ کي ڪھڙي بہ حال ۾ پڙھائيندس جيئن ڪا نوڪري وٺي مون وانگر غريبي حال ۾ زندگي نہ گذاري. اھڙيون سوچون ذھن ۾ ويڙهائي رھيو هو تہ زور سان ٻاھريون در کڙڪيو کڙڪي سان تيز آواز آيو رکيل او او رکيل. کڙڪي ۽ تيز آواز تي رکيل جلدي آواز ڏئي “آيو آيو” چئي ٻاھر در تي آيو۔ در تي چار ڳوٺاڻا موجود ھئا رکيل جي در تي پھچڻ سان ئي ٻڌايو ” تو وارو نياڻو بٺي ۾ سرون وجهي رھيو هو پير نڪري ويس ٻرندڙ بٺي ۾ اندر ھليو ويو خاڪ سان خاڪ ٿي ويو. رکيل پنھنجي نياڻي جي مڙس جو مرڻ جو دردناڪ واقعو ٻڌي رکيل جا تاڪ لڳي ويا۔ جيڏو مضبوط مڙس ھو اوترو ذرا ذرا ٿي پيو سانحو ناقابل برداشت ھو. پر رکيل ان سانحي تي روئڻ کان سواءِ ڪري بہ ڇا پئي سگهيو. نياڻو بہ ويو تہ نياڻي جو گهر بہ. رکيل لاءِ زندگي ڀر جو وڏو صدمو ھو جيڪو ھن کي پنھنجي ڪلھن تي تاحياتي کڻڻو پيو.
۔ نياڻي عدت کانپوءِ ماءُ پيءُ جي گهر رھائش پذير ٿي. ڇو جو نياڻو اڪيلي سر ھو. پويان ڪٽنب مان گهر واري اولاد کانسواءِ ٻيو ڪو بہ ڪونہ ھئس۔.
رکيل ھڪ غربت جي ور چڙھيل ھو. وري مٿان وڏي نياڻي ۽ ان جي چار ٻارن جي کاڌ خوراڪ لٽي ڪپڙي پريشان ڪري رکيس.
ھيڏو قداور شخص ھاڻ ڏوڙو ٿي پيو ھو.اڪيلي سر ايڏو وزن ڪيئن کڻي. ٻڏ تر ۾ ھيو تہ زيبو جون ڳالھيون اڳيان پيس “اڙي پڙھاءِ نياڻي کي، چار اکر پڙھندي، متان ماستر رفيق جي ڌيءَ رابيل وانگر ماستري نوڪري ملي پويس. پنھنجي پگهار ٿيندس زندگي ڀر ڪنھن جي محتاج نہ ٿيندي. زال جون تکيون مٺيون ڳالھيون اڳيان اينديون ويس ۽ پنھنجي ڳالھين تي پڇتاءُ ٿي رھيو ھيس. اگر جي وڏي ڌي رحمت کي پڙھايان ھا تہ ماستر رفيق جي ڌي رابيل وانگر نوڪري ماڻي وٺي ھا تہ شايد نہ منھنجي مٿان بوجهہ ھجي ھا. نہ ئي ھن کي مڙس مرڻ کانپوءِ زندگي گذارڻ ۾ دشواريون پيش اچن ھا. سوچن جي جنجهوڙ کانپوءِ رکيل اٿيو زيبو وٽ آيو ۽ چيائينس
“ڪجهہ پئسا اٿئي؟”
“اڻھوند ۾ مڙئي سڙئي خرچ مان بچائي ڀانڊاري ۾ وجهندي ويندي آهيان”
“مون کي ڀانڊارو آڻي ڏي”
“ڇا ڪندين پئسا؟”
زيبو جي سوال تي رکيل جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو روئڻھارڪي آواز ۾ چيو “مومل کي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏيندس” ائين چئي روئي پيو.
زيبوءَ جي اکين ۾ بہ پاڻي اچي ويو۔ زيبو اکين جو پاڻي ھٿ جي تري سان اگهي ڀانڊارو کڻي اچي رکيل کي ڏنو. رکيل ڀانڊارو ڀڃي پيسا ميڙي مومل کي ساڻ ڪري اسڪول طرف روانو ٿيو. 

تنھنجي بنا

چئين وڳي ڊيوٽيءَ تان لھي گهر پھتس، بيڊ روم جو ھلڪو در کولي جهاتي پائي ڏٺم تہ منھنجي بيگم صاحبہ ٽن ٻارن سميت بيڊ تي ڦڙھ لڳي ستي پئي ھئي.روز جي معمول وانگي ڪچن مان ماني ڪڍي ڊائننگ ٽيبل تي رکي کائڻ کانپوءِ بيڊ روم ۾ اچي، بيڊ تي جگهہ سمھڻ لاءِ ٿوري ھجڻ جي ڪري مڙئي آسيرو پاسيرو ٿي، ڪجهہ وقت لاءِ چيلھہ ڊگهي ڪرڻ لاءِ ليٽيس. ٿوري دير مس گذري، بيگم مونکي اٿاريندي پڇيو، ”ڪنھن مھل آيو آھين؟“
”اڌ ڪلاڪ ٿيو آھي، ٿورو سمھڻ ڏي.“
”ھينئر چانھہ جو ٽائيم آھي، اٿ کير ۽ بيڪريءَ تان سموسا وٺي اچ، ٻارن کي بک لڳي ھوندي.“
اٿڻو پيو!
مون واري زال وڏي افسوس مان پنھنجي اندر جا سُور اوريندي، سڄي ڏينھن جي شڪايتن جا ڪارتوس منھنجي دماغ تي ٺوڪيندي رھي. ھڪ سڄي ڏينھن جو ٿڪ ٻيو مون واري مورتيءَ جي چر چر رھندو ئي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو.
کير سموسا وٺي، موٽي اچي اڳيان جهليم تہ منھن پاروٿو ڪري چيائين، ”منھنجي صبح کان وٺي طبيعت خراب آھي، اڃا کير سموسا منھنجي مٿان جهلي بيٺو آھين، احساس ڪونہ ٿو اچئي چانھہ ڪري پيارين.“
هن شام جي چانھہ سان گڏ مون کان رات جي ماني پچرائي ورتي.
رات بيگم صاحبہ ماني کائڻ کان ويندي رات ساڍي ٻارھين تائين موبائل تي نيٽ ھلائڻ ۾ مشغول ھئي.
جي ڪنھن ٻار کي باٿ روم پھچائڻ ۽ ڌوئڻ جي ضرورت ٿي پئي تہ بہ مون مٿان مارو ھيو. جي آڌيءَ رات جو ٻار بک لڳڻ تي کير لاءِ اٿي تہ بہ پاڻ اتي ستي پنھنجي ھٿ سان ننڊ ۾ ئي مون کي اٿاريندي، ”اڙي اڙي اٿ ننڍڙي کي فيڊر کير جي ڀري ڏيس، سڄو ڏينھن ٿي لوڙيان، هينئر تہ ٿورڙو آرام ڪريان.“ اھا کير جي فيدر مون کي ئي ٻار کي ڀري پيارڻي ٿي پئي۔
اونھاري جي شاپنگ سان عيد جي خريداري ڪرڻ بعد۔
اوچتو ڌماڪو ٿيو!
محسوس ڪيم ڄڻ اڌ جيئرو جاڳندو زمين ۾ ھليو ويو ھجان۔
بيگم صاحبہ اچي ڀر ۾ ويٺي ۽ پنھنجي ڀاءُ فدا جي خوشخبري ڏنائين تہ ”شاديءَ جي تاريخ ٻڌجي وئي آھي، پگهار کڻ تہ حيدرآباد شاپنگ تي ھلنداسين۔“
ڪجهہ منٽن لاءِ زال جي لڳايل بم تہ ڪنن تي تاڙيون چاڙهي ڇڏيون. ھڪ اونھاري جي شاپنگ سان گڏ عيد جي شاپنگ مون کي اڳئي قرضي ڪري ڇڏيو ھيو ٻيو وري شاديءَ لاءِ بيگم صاحبہ جي وڏي رڙ منھنجي ڪنن تي پئي، ”منھنجي ڀاءُ جي شادي آھي مان ڪو بہ ڪمپرومائيز ڪونہ ڪنديسانءِ ٻارن سميت مون کي پورا پيسا کپن ۽ ھا امان مون کي فون تي ٻڌايو آھي تہ اسان ٻارنھن ٻارنھن ھزارن واريون ڊريسون وٺنديونسين، ھر رسم ۾ الڳ الڳ ڊريس کپندي سو بہ جيولري سينڊلن سان ميچنگ ۾. ۽ ميڪ اپ جو سامان بہ کٽل آھي. ھر دفعي وانگر مون کي روئاري پوءِ ھا نہ ڪجانءِ! ھن دفعي خرچ ڪرڻو پوندئي، منھنجي ڀاءُ جي شادي آھي.“
ھڪ ننڍو ملازم ٻيو وڏا وزن، مٿي کي چڪر اچي ويا.
بيگم صاحبہ جون ڏاڍايون پنھنجي ذھن جي دٻي ۾ بند ڪندو ويس. نيٺ دٻو ڦل ٿيو، پريشر تي دٻو ڦاٽو؛ بيگم صاحبہ جي ڪنھن ڳالھہ تي زوردار چماٽ وھائي ڪڍيمانس.
منھنجي چماٽ تہ لڳي پر گهر ۾ هن تماشو شروع ڪري ڏنو. وڏي آواز ۾ روئڻ سان گڏ ڀڃ ڊاھ شروع ٿي وئي. منھنجا مائٽ گهر ۾ ۽ پاڙي جا ماڻھو گهٽي ۾ گڏ ٿي ويا، ۽ ھاڻ منھنجي بيگم صاحبہ ٻار وٺي گهر ڇڏي وڃڻ لڳي تہ اوچتو ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿي پيس. ساھ ھيٺ مٿي ٿي رھيو ھيو نرڙ تي آيل پگهر اگهي شڪر ادا ڪيم تہ خواب ھيو، جي حقيقت ۾ ائين ڪريان ھان تہ منھنجو گهر ڊانوان ڊول ٿي وڃي ھا شايد.
بيگم صاحبہ ڏانھن اک ڦيرائي ڏٺم تہ کونگهرا ھڻي رھي ھئي.
صبح ساڍي اٺين وڳي تائين ناشتو ڪري آفيس ۾ ٽائيم تي پھچڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو روڊ جي پاسي کان وڃي رھيو ھيس تہ ھڪ رڪشا ڊرائيور ڇوڪري رڪشو اچي مون کي هنيو.
ڌڪ جي اثر جي ڪري منھنجو مٿو چڪرائجڻ لڳو، مان زمين تي ڪري پيس، رڪشي وارو مون کي ڇڏي رڪشو ڪاھي ڀڄي ويو.
مان بيھوشيءَ حال ۾ زمين تي پيو ھيس آھستي آھستي منھنجي مٿان ماڻھن جو ميڙ ٿي ويو ھر ھڪ ماڻھو موبائل ڪڍي منھنجا ڪلپ ڀرڻ لڳو، پر ڪنھن کي بہ رحم نہ پيو تہ مون کي کڻي اسپتال پھچائي.
ڪجهہ منٽن بعد منھنجي آفيس جو چوڪيدار اتان گذرندي مٿان آيو، جنھن مون کي ڏسي رڪشا ۾ کڻي سول اسپتال پھچايو.
ايمرجنسي وارڊ جي بيڊ تي مون کي سمھاريو ويو. تڪڙو ھڪ ڊاڪٽر ۽ ٻہ ڪمپائونڊر منھنجي مٿان آيا، بلڊ پريشر چيڪ ڪري ھڪ زوردار سوئي ڏوري ۾ هنيائون.
فرسٽ ايڊ ڏئي نازڪ حالت ڏيکاري لال بتي اسپتال حيدرآباد ڏانھن ريفر ڪيو ويو.
حيدرآباد ويندي ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ منھنجي اک کلي. پاڻ کي ايمبولنس ۾ اسٽريچر تي ستل پاتم. جلدي اٿي پيم ۽ هڪدم چوڪيدار کان پڇيم، ”ڪاڏي ٿا وٺي ھلو...“
چوڪيدار سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي.
چيومانس، ”مان بلڪل ٺيڪ آھيان.“
ايمبولينس واپس ڪئي سون.
ڏينھن گذري ويو. ٻئي ڏينھن تي آفيس ۾ آيس. معلوم ٿيو وزٽ تي آفيسر آيو ھيو، غير حاضر ڪري سزا ۾ ڪراچي رليو ڪري ويو آھي۔
ھيڊ ڪلارڪ رليونگ ليٽر ھٿ ۾ پڪڙائي دوڏا ڦاڙي نہ اچڻ جو سبب نہ پڇا ڪندي چيو، ”ٻن ڏينھن جي اندر ڪراچي رپورٽ ڪر.“
ھنڌ بسترو وڳا ڪجهہ ٻيو سامان جو بيگ ٺاھيم. ٻار روئڻھارڪا ھئا. بيگم صاحبہ جدائيءَ جي الميي ۾ ورتل ھوندي بہ پنھنجي ڀاءُ جي شاديءَ جي شاپنگ جي پيسن لاءِ بار بار چئي رھي ھئي.
مون بہ آٿت ڏيندي چيومانس، ”توکي تنھنجي ڀاءُ جي شاديءَ جا پورا پيسا ڪري ڏيندس.“
۽ پوءِ ڏک وچان ٻارن ۽ بيگم صاحبہ کي الوداع ڪري روانو ٿيس.
ڇو جو لفظ گورنمينٽ سرونٽ جي معنيٰ آھي ‘سرڪاري نوڪر’ نوڪر تہ نوڪر آ. نوڪر آھي ئي حڪم جو غلام.
ڪوچ تي چڙهي ڪراچيءَ روانو ٿيس. گاڏي ڳوٺ شھر ڪراس ڪندي ٽول پلازه ڪراچي کان ٿيندي سھراب ڳوٺ کان پل تي طرف وڌي تہ اوچتو گاڏي ۾ بم ڌماڪو ٿيو. گاڏيءَ جو گهڻو حصو تباھ ٿي ويو ۽ تقريبن ماڻھو مري چڪا ھئا، ڪيترن ئي جي سڃاڻپ محال ٿي وئي ھئي. چند مسافر بچيا، جن جي حياتي مشڪل بچڻ جوڳي هئي.
ميڊيا جي نمائندن پھچي بريڪنگ نيوز ھلائڻ شروع ڪري ڏني. منھنجي ڪارڊ جو اڌ حصو ڪنھن صحافيءَ کي روڊ تي پيل ھٿ چڙھي ويو. ڪارڊ جو ڦوٽو سڙي چڪو ھيو باقي نالو، ولديت ۽ ايڊريس فوتين جي انگ ۾ خبر چينل تي ھلائي وئي تہ لاش سڃاڻپ لاءِ سول اسپتال ڪراچي ۾ رکيا ويا آهن، هر هڪ فوتيءَ جا وارث اتي پھچڻ لڳا.
بيگم صاحبہ خبر ٻڌندي ئي عزيزن سان سول اسپتال ڪراچيءَ پھتي، پر لاشن مان سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل بنجي چڪي ھئي.
بيگم صاحبہ تمام غمگين ٿي روئي حال پنھنجا وڃائي ويٺي ھئي.
ھاڻ انگل سھڻ وارو بہ ھليو ويو، ڪنھن سان جهيڙو ڪري، ڪنھن سان رُسي، ڪير ھن کي پرچائي، سڀ مستيون ختم ٿي ويون.
وقت گذرندي دير ڪھڙي، عدت جا بہ ڏينھن پورا ٿيا.
ٽن ٻارن جو خرچ، بيگم صاحبہ جون عياشون اکين جا خواب بنجندي رھجي ويون.
بيگم صاحبہ کي ھاڻ گڏ فيمليءَ ۾ ٻين جي ھٿن ۾ رھڻو ئي پئجي ويو. رڌ پچاء سان گهر جي صفائيءَ کان ويندي ڪپڙن جي ڌوئڻ جو بہ وزن سس سندس مٿان رکي ڇڏيو۔ ايڏي ڪم جي عيوض صرف ٻہ وقتن جي ماني ڏني پئي وئي.
جڏھن بيگم صاحبہ ٻارن جي لٽي ڪپڙي، پڙھائي شيءِ ۽ راشن لاءِ وات کوليو تہ ويتر سڀڪو ھن کي اکيون ڏيکارڻ لڳو تہ جيترو اسان وٽ آھي اوترو تنھنجي ڪريون ٿا، ان کان وڌيڪ ڪجهہ نہ ٿا ڪري سگهون.
حالتون تنگ ٿي ويون. گذارو مشڪل سمجهندي آخرڪار گهر ڇڏي اکيون آليون ڪري ٻار وٺي ڀاءُ جي در تي پھتي. ڀاءُ مٿي تي ھٿ رکي جيئڻ جو آٿت ڏئي رھڻ لاءِ ڪمرو ڏنس۔
ڪجهہ ڏينھن وقت سٺو گذريو تہ ڀاڄائيءَ نہ برداشت ڪندي پنھنجون چالون شروع ڪري ڏنيون. بيگم صاحبہ جي ٻارن کان گهر جا ٻاھريان ڪم ڪرائڻ شروع ڪيا، مڙس اڳيان طبيعت خراب ھئڻ جا ناٽڪ ڪري ڳوڙھا ڳاڙي بيگم صاحبہ کان رڌ پچاءُ، لٽو ڪپڙو ڌورائڻ، گهر جي صفائي ڪرائڻ هن جو معمول بنجي ويو ڄڻ مانيءَ جي ويلن تي نوڪر ملي ويا ھجنس ۽ ٿوري گهڻي تان مڙس جا ڪن ڀرڻ لڳي.
بيگم صاحبہ ڀاڄائيءَ جون ناجائزيون برداشت ڪندي ڪندي نيٺ پنھنجي ڀاءُ کي ڀاڄائيءَ جي ڪرتوتن جي دانھن ڏني. جنھن تي ڀاءُ جا اڳئي ڪن ڀريل ھئا، ويتر ھن تي گرم ٿيندي ڪاوڙ ڪندي چيو، ”منھنجي زال اڪيلي سر تنھنجو ۽ تنھنجي ٻارن جو ڪري رھي آھي. ٿوري پگهار ۾ توھان جو خرچ بہ کڻي رھيا آھيون ۽ تون منھنجي گهر ۾ زھر وجهي منھنجو گهر ٿي ڦٽائين! ابتيون سبتيون ٿي ٻڌائين‘ ڀيڻ آھين، ماٺ ڪري رھ، نہ تہ ٻاھريون در کليل اٿئي۔“
ڀاءُ جي ڳالھہ تان ڏکاري ٿي، بيگم صاحبہ ڪمري جا بلب بند ڪري ڪنڊ ۾ اڪيلي ويھي زارو قطار روئندي مڙس کي ياد ڪرڻ لڳي:
”تنھنجي هوندي ڪيئن ھوندي ھيس، بادشاھي ھوندي ھئي. تون مون ساڻ ھئين تہ تنھنجي مقام کي مان سمجهي نہ سگهيس تہ تون مون لاءِ ڇا ھئين، اھو مان تڏھن ڄاڻي نہ سگهيس. ڪيڏو تنگ ڪندي ھيس توکي تہ بہ تون ماٺ ۾ رھندو ھئين. ٿڪجي ڊيوٽيءَ تان ايندو ھئين تہ نہ تولاء ماني ڪڍي رکندي ھيس، نہ تو اڳيان پاڻي ڀري رکندي ھيس، نہ تنھنجي اچڻ جو انتظار ڪندي ھيس. ٿڪ جا بھانا ڪري بہ تو کان کير چانور ڀاڄيون پچرائيندي ھيس. ٻارن جي سار سنڀال بہ توکان ڪرائيندي هيس. تنھنجو مون قدر نہ ڪيو. توکان وڇڙڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي آھي. تنھنجو ھجڻ مون لاءِ ھن معاشري ۾ سڀ ڪجهہ آهي.
تو کان سواء مان ڪيئن جڳ ۾ ننڌڻڪي ٿي پئي آھيان، ٻين جي اشارن تي اٿان، ٻين جي اشارن تي ويھان ٿي. تنھنجي وئي کان پوءِ منھنجو سڀ ڪجهہ تباھ ٿي ويو. ڪھڙا سور اندر جا پِٽيان. ويس وڳا تہ ڇا، منھنجا حال بہ هيڻا ٿي ويا۔
جي اللھ سائين توکي نئين زندگي ڏئي واپس ڪري تہ خدا جو قسم مان تنھنجا پير چمان....“
بيگم صاحبہ روئي روئي پنھنجو سڄو منھن ڳوڙھن سان آلو ڪري ڇڏيو۔
ڪمري جو در کليو. در کلڻ تي ٻاھرين روشني ڪمري ۾ داخل ٿيندي بيگم جي اکين تي لڳي تہ بيگم صاحبہ آلو منھن پنھنجي گوڏن تي ڏئي ڇڏيو.
ڪمري ۾ داخل ٿيندي بيگم جي مٿان اچي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيومانس، ”ڇو ٿي روئين؟“
چھرو مٿي ڪندي ڳوڙھا اگهندي چيائين، ”نہ نہ نہ مان ڪو نہ ٿي روئان.“
”ايڏو ڪنھن لاءِ روئي رھين آھين؟“
بيگم منھنجي آواز تي جلدي ڪنڌ ڦيرائي مون ڏانھن ڏٺو. مون کي ڏسڻ سان ئي ويتر بيگم جون اکيون ٽمٽار ٿيڻ لڳيون. جلدي مون کي اٿي ڀاڪر ۾ وجهي زور زور سان روئڻ لڳي.
”بس ھاڻي تون نہ رو مان اچي ويو آھيان.“
ڪجهہ منٽن جي روئڻ کان پوءِ بيگم ڀاڪر مان نڪرندي چيو ”تون تہ!!....“
”بس قدرت واري بچايو.“
بيگم صاحبہ پنھنجا گوڏا زمين تي کوڙيا ۽ نماڻن لفظن سان چوڻ لڳي، ”ھڪ التجا آھي؟“
”چئو.“
”مون کي پنھنجا پير چمڻ ڏي.“
”زال مڙس جي پير چمڻ لاءِ نہ، زال تہ مڙس جي دل جي ملڪا ھوندي آھي.“
”پليز پليز...“ درد واري نڪرندڙ آواز سان زور ڀرڻ لڳي.
مون کيس ٻانھن کان وٺي مٿي اٿاري پاڻ سان لڳايو، ۽ هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

پير ڪرامتي

سائينداد کي مٿي تي ’ڪرامت سائين‘ جي مريدن واري خاص ٽوپي پاتل ۽ ڳچيءَ ۾ رومال ويڙھيل ڏسي رجو ۽ عرس ٻئي تعجب ۾ اچي ويا.
رجوءَ تاج ۽ رومال تي نظر کپائيندي پڇيس، ”وڏا، سائينءَ جو مٿي تي تاج ۽ ڳچي ۾ رومال ڪيئن پاتو اٿئي؟“
”سائينءَ جو مريد ٿيو آھيان.“ سائينداد جواب ڏنو.
”سائينءَ جو تون مريد ٿيو آھين!!؟“ عرس تعجب کائيندي چيو.
”جي ھا مريد ٿيو آھيان، ان ۾ تعجب جي ڪھڙي ڳالھہ آھي؟“
”سائينداد! تون ئي تہ چوندو آھين تہ مان اکين سان ڪرامت ڏسڻ بعد ئي ڪنھنجو مريد ٿيندس، پوءِ تون ’ڪرامت سائينءَ جي ڪھڙي ڪرامت ڏٺي جو ان جو مريد ٿيو آھين؟ ٻڌاءِ تہ سھي... اسان کي بہ خبر پوي!“... رجوءَ پڇيس.
”سائين جون ڪرامتون سڄي ڏيھہ اڳيان واضح آھن، باقي سائينءَ جو پراڻو مريد رحمت اللھ مون کي سائينءَ جي آستاني تي وٺي ويو ھو. ٻين وانگر مان بہ ادب مان گوڏا کوڙي ڪرامت سائين اڳيان وڃي ويٺس تہ سائين جن پنھنجي نظر جي ڪمال سان منھنجي دل تي اثر ڪري مون گنھگار مٿان ڪرم نوازي ڪري مون کي پنھنجو مريد بنائي ڇڏيو.“ سائينداد وڏي ادب سان ڳالھہ ڪئي۔
رجوءَ چيس، ”پر تون تہ چوندو ھئين، جيستائين ڪنھن جي ڪرامت اکين سان نہ ڏسندس تيستائين ان جي بيعت نہ ڪندس، پوءِ تو صرف سائينءَ جي نظر جي ڪمال تي ڪيئن اعتبار ڪيو؟“
جڏھن توھان تي بہ ڪنھن جي نگاھِ ڪرم ٿيندي نہ پوءِ اوھان کان پڇندس تہ وليءَ جي نظر ۾ ڪيڏي تاثير ھوندي آھي جو دل تي پوڻ سان ئي دل جي دنيا ئي مٽجي ويندي آھي... ڇڏيو ٻين ڳالھين کي توھان ٻڌايو ھيڏي سياري جي رات ۾ مون وٽ ڪيئن آيا آھيو؟“
”ڀر واري ڳوٺ مان اسان ڪنھن جي مينھن ڪڍڻ پيا وڃون.“ عرس چيو.
”ھاڻي ائين نہ چئجان تہ سائينءَ جو مريد ٿيڻ کانپوءِ مون اھي ڪم ڇڏي ڏنا آهن.“ رجوءَ تڪڙ ۾ چيس۔
”واقعي، جڏھن کان سائين جي دامن کي پڪڙيو اٿم، انھن ڪمن تان دل ئي کڄي وئي آھي۔“
”سڀني پيرن جا مريد ڏٺا اٿئون، تقريبن دنيا جي ھيرا ڦيريءَ ۾ لڳل ھوندا آھن، تون ھاڻي صفا مسيت جو ڪک ٿي جواب نہ ڏي.“
رجو ۽ عرس جي زور ڀرڻ تي سائينداد راضي ٿيندي ھا ڪئي۔
”استاد بہ آھين، پاٿاريدار بہ ۽ مال واپارين وٽ پھچائين بہ تون ٿو، توکان سواءِ ڏکيا ٿي پئون ھا.“ عرس چيس۔
”جيڪو سنگت جو خيال... توھان لاءِ عزت آھي، ڀلي داءُ ڪري اچو...“ سائينداد چين.
پوءِ اڄ رات درگاھ تي چوڏھين شريف لڳل آھي، آس پاس جا ڳوٺاڻا اتي واعظ ۽ مولود ٻڌڻ لاءِ آيا ھوندا، اسان ڪنھن جي گهر مان آسانيءَ سان ڍور ڪڍي ٿا اچون...“ رجوءَ چيو.
”ٺيڪ آھي، پڪو روڊ وٺي اچجو جيئن پيرا ظاھر نہ ٿين. سائينداد چين.
”تون فڪر نہ ڪر استاد، تنھنجا شاگرد آھيون، تو ئي سمورا گر سيکاريا آھن.“ ائين چئي چوري ڪرڻ لاءِ ٻئي سائينداد وٽان روانا ٿيا۔
رجو ۽ عرس ٻنھي پيرن تي زور ڏئي گس لتاڙيندا ڳوٺ جي درگاھ کان گذري رھيا ھيا تہ لائوڊ اسپيڪر تي چوڏهين جو پروگرام ھلي رھيو ھو. ڪرامت سائين واعظ ۾ پنھنجون ڪرامتون بيان ڪندي چئي رھيو ھيو:
”اسان کي ھر ڳالھہ جي خبر پوي ٿي، ڇا ڇا ٿئي پيو ٿو دنيا ۾...“
سائينءَ وڌيڪ جذبات ۾ ايندي سامھون واري ڀت ڏانھن آڱر جو اشارو ڪندي چيو، ”اسان توھان کي ٻڌائي سگهون ٿا، ھن ڀت جي پويان ڇا ٿي رھيو آھي!“
ڪرامت سائينءَ جي ان ڳالھہ تي مريدن پنڊال ۾ نعرن جي گونج ڪري ڇڏي۔
ڪرامت سائينءَ جي ڳالھہ ٻڌندي رجوءَ عرس کي چيو،
”اڄ رات سائينءَ کي آزمائي ٿا ڏسون!!؟“
”اھو ڪيئن؟...“ رجوءَ پڇيس.
”اڄ سائينءَ جي واڙي مان ٿا ھلي مينھن ڪڍون، خبر پوي تہ سائين سچو آھي يا...“
”ٺيڪ آھي آزمائي ٿا ڏسونس...“ ھنن پنھنجي مشاھدي طور سندس واڙي مان ڀلي مينھن ڪڍي. ٻئي ڄڻا مينھن ڪاهي پڪي روڊ وارو پاسو وٺي، اچي سائينداد وٽ پھتا۔
سائينداد پڇين، ”ڪنھن جي مينھن ڪڍي آيا آھيو؟“
رجو ۽ عرس ھڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا... نيٺ عرس ڳالھايو:
”اھا مينھن... اسان... ڪرامت سائينءَ... جي ڪڍي آيا آھيون.“
سائينداد کي ڄڻ تڪڙو جهٽو لڳي ويو. ڪاوڙ ڪندي چيائين،
”ھي توھان ڇا ڪري آيا آھيو!؟ پاڻ سميت مون کي بہ برباد ڪرڻ ٿا چاھيوڇا... جو سائينءَ جي مينھن ڪاھي آيا آھيو! ٻڌايو... ھان... جواب ڏيو۔..“
ھن دفعي مينھن کپائڻ لاءِ ناهي چورائي.“ عرس کيس سمجهائڻ واري لھجي ۾ چيو۔
”باقي ڇا لاءِ چوري ڪري آيا آھيو!!؟“
”ڪرامت سائينءَ جي ولايت کي آزمائڻ لاءِ چوري ڪري آيا آھيون تہ واقعي ڀت جي پويان خبر پويس ٿي يا...“
سائينداد هنن جي ڳالھہ ٻڌي، ڪرامت سائينءَ کي آزمائڻ واري سندن اسرار تي مينھن وڃي پنھنجي گهر جي واڙي ۾ ٻئي مال سان گڏ ٻڌي۔
جيئن صبح جو سج ڪني ڪڍي مٿي اڀرندو ويو... ٺڪ... ڪرامت سائين اچي سائينداد جي اوطاق تي پھتو۔
سائينداد هن جي پيرن تي ھٿ رکندي، سندس ھٿ چمندي نياز نوڙت مان کٽ تي نئون ھنڌ وڇائي ويھاريو، پوءِ مرشد جي لاءِ گهران زال کان چانھہ ٺھرائڻ آيو.
”زيبو...“
”جي...“
”رات جيڪا مينھن آندي ھيم، ان جو کير پيو آھي نہ؟“
”جي پيو آھي.“
”مرشد آيو آھي، انھي کير مان ڪڙڪ ‘وي آءِ پي’ چانھہ ٺاھي ڏي.“
زيبو سائينداد کي ان ئي مينھن جي کير مان چانھہ ٺاھي ڏني. مرشد چانھہ پي سائينداد سان حوالي ٿيو
”رات منھنجي واڙي مان چور منھنجي ڀلي مينھن ڪڍي ويا آھن، تون پاٿاريدار آھين، ووڙ ڏئي مينھن واپس ڪرائي ڏي.“
سائينداد هن کي پڪي خاطري ڏني تہ ”مينھن شام تائين اوھان کي اوھان جي واڙي ۾ ملي ويندي.“
سائينداد جي اھڙي پڪ تي ڪرامت سائين ھليو ويو.
صبح کان وقت گذرندو، منجهند جا پاڇا پار ڪندو، سائينداد جي ڪرامت سائينءَ سان ڪيل زبان جي وقت شام تي اچي پھتو.
سائينداد پنھنجي مشاھدي کي ترجيح ڏيندي مينھن گهر کان ٻاھر ڪڍي، ڪرامت سائينءَ جي مريديءَ واري خاص ٽوپي پنھنجي مٿي تان لاھي مينھن جي مٿي تي رکي، سائينءَ جو مليل رومال ڳچي مان لاھي، ان رومال سان ٽوپيءَ کي مينھن جي مٿي تي ٻڌي ڌنار کي چيو، ”ھيءَ مينھن ڪرامت سائينءَ جي آھي، ان کي ڏئي آ.“
ڌنار مينھن جي رسي ۾ ھٿ وجهي ڪرامت سائينءَ ڏانھن روانو ٿيو.

اعتماد

ڪجهہ وقت جي گفتار کان پوءِ، نيھا وڃڻ لڳي. ظفر ٻانھن جي ڪرائي ۾ ھٿ وڌس. نيھا ڪنڌ ورائي مرڪي.
”ھيءَ ڇا آھي، ڇو ڪرائي پڪڙي اٿئي.“
”نہ وڃ نہ.“
چپن ۾ مشڪي.
”پر ڇو نہ وڃان.“
”اکين ڍوءُ نہ ڪيو آھي.“
ظفر نيھا کي پاڻ ڏي ڇڪي، پنھنجي ويجهو ڪيو.
نيھا سندس اکين ۾ نھاريو.
”تنھنجي نگاھن ۾ اڄ ڏاڍيون کيچلون آھن“
”واقعي تنھنجي سونھن، منھنجي من ۾ باھ ٻاري رکي آھي.“
”تنھنجي نيت تي شڪ پيو لڳي.“ نيھا ھلڪو ٽھڪ ڏنو. ٽھڪ ڪمري ۾ گونجي پيو.
”ائين ئي ڪجهہ آھي.“
”پر مناسب نہ آھي.“
”ڪجهہ بہ چئه پر...“
”پر ڇا؟“
تون اکين کان دل، دل کان دماغ ۽ دماغ کان پوري وجود ۾ سماجي چڪي آھين، ھاڻ توکي ساھن ۾ سمائڻ ٿو چاھيان.“
”پر! اسان صرف سٺا دوست آھيون ۽ مان شادي شده...“ ظفر نيھا جي گرم چپن تي ھٿ رکي کيس جملو پورو ڪرڻ نہ ڏنو.
”ائين آزاد تہ نہ ڪر، جذباتن جي قيديءَ کي.“
”توکي ڪنھن قيد ڪري رکيو آھي؟“
”تنھنجي زلفن جي ونگن.“ ظفر نيھا جي وارن ۾ آڱريون وڌيون، ۽ سندس زلفن سان کيڏڻ لڳو.“
ظفر سرٻاٽ ۾ ڳالھائڻ لڳو. هو اندر جي ڳالھہ ھوريان ھوريان ڪندو رھيو.
”مون توکي قبول ڪري ورتو آھي، جيڪڏهن تون ٽن ٻولن ۾ آزاد ٿي اچين، مان خوشيءَ سان تنھنجو آڌرڀاءُ ڪندس، نيھا!“
”جي.“
”مان ڏاڍو مجبور آھيان تو بنا ھڪ پل بہ نٿي سري.“
”ايڏي گهرائيءَ جي پاتال ۾ ڇو ٿو گهڙندو وڃين. جيڪا گهرائي تولاءِ بي مقصد ۽ بي معنيٰ آهي.”
”جو سڪ جو سمنڊ سيني ۾ ڇوليون پائي رھيو آھي، ان سڪ سان مرڻ گهڙي تائين تنھنجو انتظار ڪندو رھندس. توکان سواء ٻئي ڪنھن سان بہ شادي نہ ڪندس.“
نيھا ظفر جي پاڻ سان ايڏي محبت ڏسي ھارجي پئي. احساسن کي الفت جو جامو پارائي جسم سان روح ۾ رلجي پئي. گهڙيال جي ڪانٽن جي ڪافي ٽڪ ٽڪ کان پوءِ نيھا ظفر جي ٻانھن مان نڪري رڪشا پڪڙي گهر طرف رواني ٿي.
رڪشو ھلندو رھيو.ظفر جا ڇھاءَ ذھن تي ڦرندا رهيس... ڪيئن رانگ نمبر لڳڻ سان وابستگي ٿي وئي.پھريان ميسيج پوءِ ڪال، ڪال کان پوءِ ملڻ. اڄ ملڻ جون حدون پار ٿيندي دوستي پيار ۾ تبديل ٿي وئي. رڪشو ھلندو رھيو. نيھا ظفر جي خيالن کي دھرائيندي رھي. حسين خيالن جا پوپٽ ھوائن ۾ اڏائيندي رھي. ”ڪو تہ آھي منھنجي خيالن جھڙو. ھر خواھش جو قدر ڪندڙ. منھنجي طبيعت، فطرت وانگر.... ظفر مون تي ايڏو مرندو... ساھ تي ساھ ڏيندو... ڪڏھن منھنجي تصور ۾ بہ نہ ھيو.“
”ميڊم ھن گهٽيءَ ۾ ھلڻو آھي؟“ رڪشي واري جي آواز تي نيھا ظفر جي خيالن مان نڪتي.
”جي جي ان گهٽيءَ ۾.“ نيھا رڪشي واري کي در تي بيھاري ڪرايو ڏئي گهر ۾ داخل ٿي۔
وقار آفيس کان واپس اچي، نيھا جي انتظار ۾ بيٺو ھو.
”ڪاٿان پئي اچين.“
”فرزانا وٽ وئي ھيس.“
”تنھنجو نمبر بند ھو، ڇو؟
”موبائل جي چارجنگ ختم ٿي وئي ان ڪري.“
”نيھا! پر تون پنھنجي سھيلي سان شھر مان خريداري ڪرڻ مھيني ۾ ھڪ ٻہ چڪر ويندي ھئينءَ ۽ ھاڻ؟“
نيھا وقار جي لفظن تي طيش ۾ اچي وئي. ”وقار تون مون تي شڪ ڪرڻ لڳو آھين. تنھنجي ذھن ۾ آھي تہ مان گهر کان ٻاھر وڃان ٿي، مان خراب آھيان، منھنجا ماڻھن سان غلط تعلق آھن، پوءِ اھي سڀ عورتون خراب آھن جيڪي نوڪريون ڪن ٿيون.“
”نيھا منھنجو اھڙو ڪو بہ مطلب نہ آھي مون تہ صرف سبب معلوم پي ڪرڻ چاھيو تون ھاڻي ايترو گهر کان ٻاھر ڇو ٿي وڃين“
”گهر ۾ اڪيلي رھي رھي بيزار ۽ تنگ ٿي پوندي آھيان، ان ڪري سھيلين ڏي نڪري ويندي آھيان، اگر ان تي بہ توکي اعتراض آھي تہ مان کڻي...“ چئي ڪاوڙ کي کائي ماٺ ٿي وئي.
”منھنجو اھڙو ڪو بہ مطلب نہ آھي. زال مڙس جو رشتو اعتماد جي پيڙھ تي ٻڌل هوندو آھي.اگر زال مڙس ھڪ ٻئي سان سچا آھن تہ دنيا جا ڪي بہ طوفان ان رشتي کي لوڏي نٿا سگهن.
ائين چئي وقار نيھا کي ٻانھن مان ورتو. نيھا چھري تي مصنوعي مرڪ سجائي وقار جي ڪلھي تي پنھنجو مٿو رکيو.
”نيھا پنھنجي مڙس کي دوکو ڏيندي ظفر سان رابطا بحال رکيا. ۽ هن اھو سوچيو تہ ھن وقار جي اعتماد کي کٽي ورتو آھي۔. ظفر جي گهرائيءَواري سمنڊ ۾ گهڙندي وئي. ظفر جي رنگين دنيا ۾ رنگجي وئي. نينھن جا نشا نيھا جي دماغ تي گهرا ٿيندا رھيا.
ھڪ ڏينھن وقار نوڪريءَ تان موٽي آيو. وقار جي چھري کي ڄڻ سج گرھڻ لڳل ھو.
ھٿ ۾ لفافو ھيس. سڌو اچي نيھا جي مٿان بيٺو ۽ سوال ڪيائين.
”ظفر ڪير آھي؟“
نيھا وقار جي واتان ظفر نالو ٻڌي حيران ٿي وئي. ظفر کان اڻ واقفيت ظاهر ڪرڻ لڳي.
”ظفر! ڪير ظفر!!!؟“
”اھو ظفر جنھن سان تنھنجا لاڳاپا آھن.“
”زال مٿان تهمت مڙھيندي توکي شرم نہ ٿو اچي.“ نيھا پڪائيءَ کان ڪم ورتو۔
”اگر ڪو ور زال تي اعتماد ڪري کيس گهر کان ٻاھر نڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ائين نہ سمجهہ تہ ھو پنھنجون اکيون بند ڪري سمھي ٿو پوي. اھا اوھان جي ڪم ظرفي آھي تہ اسان کي ڪا خبر نٿي پوي. اسان جون اکيون سدائين کليل ھونديون آھن.“
نيھا پنھنجي مٿان الزام کي رد ڪرڻ لاءِ ڪاوڙ ڪئي، دانھون ڪيون. وقار مٿان گندي سوچ رکڻ جا بھتان مڙھيندي وئي. جيئن وقار کي اعتماد ٿئي تہ هوءَ صاف آھي، ۽ وقار جو شڪ اجايو آھي.
وقار وڏي رڙ ڪندي چيو ”بس!!!“ تہ نيھا خاموش ٿي وئي. هن موبائل ٽريس ۽ ظفر سان نڪتل تصويرون ۽ ٻيا ثبوت پيش ڪيا. ”ٻڌاءِ ھي ڇا آھن.“
نيھا سڀ ڪجهہ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ ڪنڌ ھيٺ ڪري چپ ڪري بيھي رھي. ھاڻ ھن وٽ پنھنجي صفائيءَ ۾ ڪجهہ نہ بچيو هو.
وقار جي اندر ۾ لاوا ڦاٽي پيا. دل گهريس تہ بندوق کڻي ھڪ فائر سان نيھا جي وجود کي ختم ڪري ڇڏي. ھن کي اھڙي سزا ڏئي جنھن سان سندس اندر جو آڙاھہ ماٺو ٿئي.
سندس اکين ۾ نيھا جي لاءِ زھر ھو، باھ ھئي نيھا کي ساڙي، مارڻ لاء. پر وقار طلاق جي لفظ کي ٽي چڪر چئي رشتي کي اصل لاءِ ختم ڪيو. نيھا رني رڙي پر ڪجهہ نہ وريو۔
نيھا وقار سان رابطو ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪجهہ ضروري سامان کڻي گهر کان ٻاھر نڪري ٽئڪسي پڪڙي
نيھا! کي طلاق جي ٽن ٻولن ڌوڏي وڌو. حواس خطا ٿي ويس. پوءِ بہ مٿان ڪريل آسمان ڇنڊي لاھي هن پاڻ کي پرسڪون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پنھنجي خوابن جي ڌنڌلي تصوير کي رنگن سان ڀرڻ لاء. ٽٽل جذبات جي اڏار ڪئي. اھا اڏار ھن کي آسمان ۾ چمڪندڙ تاري جيان نظر آئي. ماحول مٽجي ويو، ھوائون مٽجي ويون، مٽجي ويو تہ زندگيءَ جو رخ مٽجي ويو. ھر شيءِ، شھر جا رستا، عمارتون، ماڻھو، ڄڻ نيھا وانگر مٽيل ھئا. نيھا ٽيڪسيءَ جي پوئين سيٽ جي دريءَ کان ھر منظر جي خوشيءَ سان عڪاسي ڪرڻ پئي چاھي. حسين پلن کي اکين محفوظ ڪرڻ لاءِ نئين منزل ڏانھن وئي پئي. ٽيڪسي رستا اُڪرندي بندر گاھ روڊ تي پھتي. فليٽ جي اڳيان هن ٽيڪسي ڊرائيور کي بيھڻ جو چيو. ڊرائيور ٽيڪسي روڪي. نيھا پرس مان ڪرايو ڪڍي ڏنس. ٽيڪسي وئي.
نيھا فليٽ جي چار نمبر ماڙ ڏانھن نھار ڪئي. ڏاڪڻ جي پھرئين ڏاڪي تي سندس پير رکندي ئي خواھشن جا ھجوم گڏ ٿيندا ويا. زندگيءَ جي حسين ڏينھن جو آڌرڀاءُ ڪندي ڏاڪا چڙھندي ويئي. من پسند جيون گهارڻ جا ڏيئا ٻرندا ويا. چوٿين ماڙ تي ھڪ سو ھڪ ڪمري تي پھتي. ڪمري کي لڳل تالو ڏسي. نيھا پرس مان موبائل فون ڪڍي نمبر ملايو. نمبر بند هيو. نمبر بند ملڻ تي..۔ ھن جلدي جلدي ٻہ ٽي چڪر نمبر ملايو، پر نمبر بند ئي هيو.
”ظفر ڪاڏي ويو آھي ۽ نمبر ڇو بند اٿس...“ ھن ڪجهہ وقت اتي بيھي ظفر جو انتظار ڪرڻ پئي چاھيو. دل ۾ خيال آيس تہ پاسي واري ڪمري کان ڇو نہ معلوم ڪجي، متان انھن کي خبر ھجي تہ ظفر ڪاڏي ويو آھي. ھن ڪمري جو در کڙڪايو. فليٽ جو مالڪ نڪتو.
”جي فرمايو.“
”اوھان جي پاسي واري فليٽ واري ظفر صاحب جي ڪمري کي تالو لڳل آھي ۽ سندس نمبر بہ بند ٿو ملي.“
”ھا ھي ڀر وارو فليٽ منھنجو آھي ۽ ظفر ڪرائيدار ھو سو اڄ صبح ڪرائي جي بقايا ڏئي سامان کڻي ھتان ھليو ويو.“
مالڪ مڪان جا لفظ نيھا لاءِ تمام ڳورا ۽ زمين ڌوڏيندڙ ھئا. چپن تي خشڪي اچي ويس.
عبرت،تعجب مان سوال ڪيائين.
”اھو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، پر ڪاڏي ويو؟“
”ڪا خبر ناھي ڪاڏي ويو. باقي ايتري خبر آھي، گهران زال جي ڪال آئي ھيس، ڪو ٻارن جي پڙھائي جو مسئلو ٻڌائي پيو. وڌيڪ مون کي ڪا بہ خبر نہ آھي. منھنجو ۽ ھن جو تعلق صرف ڪرائيدار ۽ گهر مالڪ جو ھو.“
گهر جي مالڪ هن کي ايترو چئي ڪمري جو در بند ڪيو.
نيھا خيالن جا تاج محل پنھنجي مٿان ڊھندي محسوس ڪيا. ھن جي زندگي برباد ٿي چڪي ھئي. وڄ ڪري جنھن ھن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. ڪجهہ وقت اتي سُن ٿي وئي، زبان مان لفظ نڪتس، ”ڇا ظفر شادي شدہ ھو، پر ھن مون کي تہ چيو ھو تہ شاديءَ لاءِ مرڻ گهڙيءَ تائين تنھنجو انتظار ڪندس، ٻئي ڪنھن سان شادي قطعي نہ ڪندس. ايڏو دوکو.“
پوءِ بہ نيھا بار بار ظفر جو نمبر ملائيندي رھي. پر اميد جا ڪرڻا اونداھيءَ۾ جذب ٿيندا ويا.کيس اونداھيءَ کانسواءِ ڪجهہ بہ نظر نہ پئي آيو. نمبر بہ بند پئي مليو. ڏاڪڻ تان ھيٺ لھي آئي. ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيس تہ ھيڏي جهان ۾ ڪاڏي وڃي. ھيءَ پنھنجي واپسي جا سڀ ٻيڙا ساڙي آئي ھئي. رستي تي بيٺي رھي سوچن جي دلدل ۾ ٻڏندي رھي.
ٽيڪسيءَ جو گذر ٿيو. نيھا بيھڻ لاءِ ھٿ ڏنس. ٽيڪسي بيٺي. نيھا در کولي پوئين سيٽ تي ويٺي.
”ميڊم ڪاڏي ھلڻو آھي.“
عزيز آباد
ڊرائيور گاڏي ھلائي. ھاڻ نيھا جي اندر جون خوشيون پر ڪڍي آسمان طرف پرواز ڪري چڪيون ھيون. اندر ۾ ماتم ھلي رھيو ھيس. رستا ڏنگي رھيا ھئس. سوچن سان ويڙھ ڪندي رھي. جيون جا گل ڪيئن ھن مٺ ۾ ڀڪوڙي مروڙي زمين تي اڇلائي ڇڏيا۔ جيڪي خزان جي موسم ۾ سڪل پنن وانگر ھوائن ۾ وکرجي ويا. ٽيڪسي اچي پيءُ جي گهر جي در تي پھتي. نيھا لھي قدم پيءُ جي گهر جي دروازي ٻاھران رڪجي ويس. دل دانھون ڪري روئي پيس. ”ڪھڙو منھن ڏيکاريندس ماءُ پيءُ کي.“ ڇو تہ هوءَ ڄاڻي پئي تہ والدين ڌيئڙين جي سٺي رشتي لاءِ ڪيترا پريشان ھوندا آھن.

ڏھہ 10 روپيا ڪلو

تعلقه مختيارڪار جي سرڪاري رھائش گاھ جو ٻاھريون گيٽ گارڊ کوليو، اڇي رنگ جي ڪار اندر داخل ٿي. جنھن جي انتظار ۾ مختيارڪار روينيو نعيم صاحب پھريان ئي بيٺل ھيو۔
ڪار پارڪنگ واري جاء تي بيٺي. طارق صاحب ھڪ شاپر ھٿ ۾ کڻي ڪار مان لٿو. شاپر ۾ پنن جا دستا پيل ھيس مختياڪار نعيم سان ملڻ بعد پارڪ ۾ ڪرسيون ۽ ٽيبل رکيل ھئي. شام جي خوشگوار پھر کي ڏسندي طارق پارڪ ۾ ويھڻ کي ترجيح ڏني.
طارق ڪجهہ سال پھريان ان ئي رھائش گاھ تي رھائش پذير ھيو. جڏھن ھي تعلقي ۾ مختيارڪار جي پوسٽ تي مقرر ھيو. اسسٽنٽ ڪمشنر جي پروموشن ٿيڻ تي ٻئي ضلعي ڏانھن بدلي ٿي ويو ھيو. ان ڪري نوڪر چاڪر گارڊ نياز نوڙت سان پيش اچي رھيا ھيا.
سانوڻ جي موسم سبب آسمان تي ڪڪرن جي چادر تان بلڪل سنھيون، سنھيون بوندون ڪيرائي شام جي پھر کي خوبصورتي بخشي رھي ھئي۔
ان خوش گوار موسم ۾ مختيارڪار نعيم، اسسٽنٽ ڪمشنر طارق سان سلام، دعا کان بعد پيس بيڪر تان ريفريش مينٽ جي لاءِ ڪجهہ وٺي اچڻ لاءِ پٽيوالي کي چيو تہ يڪدم طارق صاحب فرمائش ڪندي چيو تہ ” ڪڙڪ چانھہ سان گڏ غلام پڪوڙائي جا پڪوڙا وٺي اچ ڇو تہ جنھن ٽائيم پيرڊ ۾ مان ھتي ھيس تہ پنھنجي شاعر دوست ڏي وڃي غلام پڪوڙائي جي پڪوڙن جي فرمائش ڪندو ھيس. سو تون وڃ وڃي جلدي گرم گرم پڪوڙا وٺي آ جيئن پڪوڙا کائي پراڻيون يادون پوريون ڪريان “.
” جيڪو سائين جن جو حڪم مان ائين ويس ۽ ھيئن موٽي آيس “ پٽيوالو چئي تڪڙو ويو۔
” اوھان جي ھن شھر ۾ آمد ڪنھن سرڪاري ڪم لاءِ آھي ڇا“. طارق صاحب کان نعيم پڇيو۔
” نہ پنھنجي ذاتي ڪم لاءِ آيو آھيان“.
“ڪھڙي ڪم لاءِ آيا آھيو”
ٽيبل تي پيل شاپر ۾ پنن جي دستن ڏانھن اشارو ڪندي طارق چيو تہ ” پنھنجي لکيل ڪتاب ( موتي مون ميڙيا) ڇپرايان پيو ،ان جو مھاڳ ھڪ شاعر کان لکرائڻ لاءِ ھت آيو آھيان“.
” ڪير آھي اھو شاعر جنھن کان مھاڳ لکرائڻ لاءِ ايڏا شھر لتاڙي ھت آيا آھيو “۔
” روزمره تي ٻيڙي ٻاڌو عبدالغفور شاعر جيڪو وفا عاشق جي نالي سان سڃاڻپ رکي ٿو “۔
” اسسٽنٽ ڪمشنر ھڪ ٻيڙي ٻانڌي کان پنھنجي ڪتاب جو مھاڳ لکرائڻ لاءِ آيو آھي. ٻيڙي ٻانڌو ايڏو وڏو ليکڪ آھي ڇا “ ! ؟
” تخليقون اميرن جي ميراث ناھن ھونديون نہ ئي رڳو اميرن جي سوچن ۾ دستڪ ڏينديون آھن. ھي قدرتي ڏات آھي. جنھن کي قدرت وارو اھو شرف بخشي اھو ئي وڏو ليکڪ بنجي پوندو آھي “ طارق نعيم کي جواب ڏيندي چيو۔
” ڪجهہ وقت پھريان لکڻ تي مون بہ زور آزمائي ڪئي ھئي. پر سچ پڇين ڪجهہ ڏينھن ۾ منھنجا ڦودنا ڦري ويا ھيا. وتان پيو روڊن تان ڄڻ پنا ميڙيندو. بابا وڏو ڪم آھي لکڻ. شاعري ۾ رڪن، ارڪان، وزن، بحر ٻہ اکري ،ٽي اکري، پنج اکري، مثمن سالم ،غير مثمن سالم وري ھيڪانديون صنفون غزل، وائي، ڪافي، بيت، گيت، نظم، ٻہ سٽا ،چئو سٽا ، ٽيڙو گيڙو منھنجو تہ دماغ ڦري ويو زور سان کلندي نعيم چيو. واش روم ۾ بہ اگر ڪا سٽ ياد اچي پئي وڃي تہ پنو نہ ھئڻ جي صورت ۾ واش روم جي ڀت تي بہ لکڻي پي پئي “. نعيم سڀ پنھنجي مشاھدي واريون ڳالھيون کلندي کلندي بيان ڪري ورتيون.
” تڏھن تہ عام ماڻھو کي ڪھڙي خبر تہ نقاد ڪھڙي مخلوق آھي. جيڪو پنھنجي ذھن جي رت کي ولوڙي، ولوڙي سٽ سٽ ٺاھيندو آھي “. طارق چيو۔
” ايڏي ڏکئي ڪم ڪرڻ مان ڇا فائدو آھي، طارق صاحب جڏھن تہ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ ڪتاب جو وڪرو بہ ايترو نٿو ٿئي ۽ ڇپرايل ڪتاب سوکڙي طور اديبن، دوستن، مٽ ،مائٽن کي ڏيڻا ٿا پون“ نعيم سوال ڪيو.
طارق جواب ۾ چيس ته
” اُنھن قومن جي تاريخ ناھي ھوندي جن قومن ۾ ليکڪ ناھن ھوندا ۽ اھي قومون تباھ حال ھونديون آھن“۔
” منھنجي سوال جو ان جواب سان ڪھڙو تعلق آھي“ نعيم چيو.
” بلڪل آھي“ طارق وراڻيو ” ليکڪ ئي ذميوار ھوندا آھن ھلندڙ وقت ۽ حالات کي قلم بند ڪري ڪاغذن تي چٽي تاريخ بنائڻ جا“.
”اھي ليکڪ بہ تاريخ بنجندا ھوندا جيڪي وقت ۽ حالات کي قلم بند ڪري ڪتاب ڇپرائي ماڻھن جي ھٿن تائين پھچائي ۽ لائبريرين ۾ محفوظ ڪندا آھن ائين نہ “
بلڪل ائين آھي. طارق چيو
” جيڪي ليکڪ صاحب حيثيت آھن اھي تاريخ جي سونھري ورقن ۾ ملندا ۽ غريب “؟.۔۔۔۔۔۔۔
طارق ڪجهہ سيڪنڊ لاءِ خاموشي اختيار ڪرڻ کان پوءِ افسوس مان ٿڌو ساھ کڻي چيو تہ ” واقعي يار ھيڏي مھانگائي جي دور ۾ ڪتاب ڇپرائڻ غريب غربي اديب کان ڳالھہ ڳري آھي“.
ايتري ۾ پٽيوالو ٻاھرين گيٽ کان ايندي پڪوڙا پليٽ ۾ ۽ چانھہ ڪوپن ۾ لاھڻ لاءِ اندر وڃي رھيو هو تہ
” ھيڏي کڻي آ “ پڪوڙا طارق پٽيوالي کي سڏ ڪندي چيو.
پٽيوالو طارق ڏي آيو. پٽيوالي کان پڪوڙا وٺي ڪلي مان ڪڍي پني سميت ٽيبل تي رکي نعيم کي کائڻ لاءِ چئي بسم اللھ الرحمن الرحيم ڪري کائڻ ۾ شروع ٿي ويو.
پٽيوالو چانھہ جو ٿرماس کڻي اندر ويو۔
طارق ائين پڪوڙا کائي رھيو ھيو ڄڻ ڪافي وقت کان پوءِ مزيدار ڪا شيءِ ملي ھجيس.
پڪوڙا کائڻ کان پوءِ پڪوڙن ۾ ويڙھجي آيل پنو ھٿ ۾ کنيو ۽ پني کي ڏسڻ سان يڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ چوڻ لڳو تہ ” مون کي پڪوڙن واري دڪان تي ھلڻو آھي “۔
” پڪوڙا نا پسند آيا آھن يا اوھان کي ٻي ڪا شڪايت آھي پڪوڙن مان جو اوھان پڪوڙن واري ڏي ھلڻ چاھيو ٿا“ نعيم چيو.
” توھان ھلو پوءِ اوھان کي ٻڌايان ٿو “ طارق چئي پنڌ ئي روانو ٿيو پويان نعيم صاحب گن مين پڪوڙن واري وٽ اچي پھتا جيڪو مختياڪار روينيو جي رھائش گاھ کان ھڪ گهٽي جي مفاصلي تي ھيو.
طارق پڪوڙن ۾ آيل پنو پڪوڙن واري کي ڏيکاريندي چيو.
” ھن پني ۾ اوھان پڪوڙا ڏنا آھن “ ؟
پڪوڙن وارو سرڪاري عملدارن سان گڏ سپاھي کي ڏسي۔۔۔۔۔۔ پني کي غور سان ڏسندي.۔۔۔ خوفزدہ مان ”ھا صاحب مون ڏنا آھن ان پني ۾ پڪوڙا “ پڪوڙن واري چيو.
”ڪھڙي بڪ مان ھيءَ پنو ڦاري ڏنو اٿئي “.
بڪ کڻي اڳيان رکيو.۔۔۔ ”ھن بڪ مان صاحب“ پڪوڙن واري چيو.
طارق بڪ ھٿ ۾ کڻي ورق اٿلايا تہ بڪ جي نمبرنگ مان واضع ھيو ست ورق بڪ مان ڦاٽل ھيا.
” ھن کان وڌاري ٻيا ڪي بڪ بہ آھن ڇا اوھان وٽ “۔طارق پڪوڙن واري کان پڇيو
” ھا صاحب آھن. ڇورا۔۔۔!
”جي استاد “.۔۔۔۔ شاگرد پڪوڙن جي مصالحو کي ٺاھيندي جواب ڏنو.
ننڍڙو ڇوڪرو جيڪو ”ڪتابن جو پاچڪو تور ۾ ڏئي ويو آھي اھو کڻي آ “
” جي استاد.کڻي آيس “ شاگرد ترت آواز ۾ جواب ڏيندي چيو.
شاگرد ڪتابن جو پاچڪو کڻي اچي استاد اڳيان ڦٽو ڪري وري پڪوڙن جي مصالحي کي ٺاھڻ لاءِ واپس ويو.
”ھيءَ آھي صاحب پراڻي ڪتاب جو پاچڪو جيڪو مون تور ۾ خريد ڪيو آھي“. پڪوڙن واري چيو.
پاچڪي جي ڪتابن جو معائنو ڪندي طارق پڇا ڪئي۔
” گهڻي ڪلو ورتا اٿئي ھي ڪتاب“.
” پراڻن ڪتابن جو ڪھڙو ملھہ آھي صاحب. اھو ئي ڏھ 10 روپيا ڪلو جيڪو ملھہ پيو ھلي “..
” ھي پاچڪو گهڻن ڪلن جو آھي“.۔۔ طارق پڇيس۔
” اھو ئي صاحب 18 ڪلن جو آھي. ڪلاڪ کن پھريان ئي ننڍڙو ڇوڪرو ڏئي ويو آھي“..
” 18 ڪلو 10 روپئي جي حساب سان 180 روپيا “ طارق چيو۔
” جي صاحب ايترا ئي پيسا ڏنا ھيم ننڍڙي کي. ان پراڻن پنن جي مون کان پڇا پيا ڪريو خير تہ آھي نہ صاحب“.
پڪوڙن واري جي ڳالھہ جو جواب نہ ڏيندي طارق پنج سو روپيا پنھنجي بٽون مان پڪوڙن واري کي ڪڍي ڏنا پڪوڙن واري کي چيائين ”ھي پاچڪو ڪتابن جو مان خريد ٿو ڪريان ھي پنج سو روپيا ئي اوھان رکو “.
پڪوڙن وارو خوشي مان خوف تاري پنھنجي مٿان لاھي پنج سو وٺي مھرباني صاحب مھرباني چئي پڪوڙا تئي ۾ لاھي پڪوڙا پچائڻ ۾ مشغول ٿي ويو۔
” ادب جا ڪتاب آھن، اوھان خريد ڪيا آھن اديب آھيو تڏھن ادب جو قدر اوھان ئي ڄاڻو پيا باقي ان پنن جو ٻئي ڪنھن کي ڪھڙو قدر “ نعيم وڌيڪ گفتگو جاري رکندي چيو ٻاھر رھائش گاھ کان نڪتا بہ آھيون لاڳيتو ” شاعر وفا عاشق سان ملندا ھلون“ نعيم خواھش ظاھر ڪندي چيو تہ ” مان بہ ايڏي وڏي ٻيڙي ٻاڌي غريب شاعر سان ملڻ ٿو چاھيان جنھن کان مھاڳ لکرائڻ لاءِ اوھان ڪوھ ميل ڪھي آيا آھيو “۔
طارق نعيم کي چيو وفا ”عاشق سان ملندين “۔
خوشيءَ مان اظھار ظاھر ڪندي نعيم.”ھا “ڪئي.
پڪوڙن وارو پنو طارق نعيم کي پڙھڻ لاءِ ھٿ ۾ ڏنو ۽ نعيم ان پني کي پڙھيو تہ ان ۾ لکيل ھيو
جڏھن منھنجون تخليقون اوھان کي ڪاٻاڙي يا پڪوڙن جي دڪان تان ملن تڏھن سمجهجو تہ شاعر وفا عاشق مري ويو.
پنو پڙھندي آھستي آواز ۾ نعيم چيو تہ ” ڇا وفا عاشق“.
طارق ڪنڌ سان ھا ڪري ڪتابن جي پاچڪي کي ڀاڪر ۾ ڀري ڏکويل لفظن ۾ چيو تہ
” مان پنھنجي ڪتاب موتي مون ميڙيا جي بدران وفا عاشق جو ڪتاب ڇپرائيندس جنھن جو مھاڳ مان خود لکندس“۔
نعيم صاحب ھٿ ۾ جهليل پني کي غور سان تڪيندي افسوس کائيندي ھڪ خاڪي کي ذھن ۾ جنم ڏئي سوچيو، اگر ڪنھن اديب جا وارث بي شعور ٿي مواد سنڀالي نٿا سگهن تہ جيڪڏھن خودمختيار ماڻھو، ذميوار ادارا پابند رھن تہ وفا عاشق جهڙن ھزارين ڌرتي جي اثاثن جي زندگي جي محنت ڪڏھن بہ ڏھ 10 روپيا ڪلو ۾ ورڪرو نہ ٿيندي۔

سوچن کي فالج

ھو زندگيءَ جي جنگ ھارائي چڪو ھيو. ھن لاءِ ٻہ رستا بچيا ھيا. ھڪ خودڪشي ۽ ٻيو گمناميءَ واري زندگي. ھو سوچي سوچي ٿڪجي پيو ھيو. سوچ ڪنھن دنگ تي نہ پئي لڳي ڄڻ سوچن کي فالج ٿي چڪو ھيو. سوچون ڪنھن فيصلي تائين پھچڻ کان قاصر ھيون.
ڪمري ۾ ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي ويٺو ھيو. اڳيان ميز، ميز تي رکيل نظر جي عينڪ کڻي اکين تي پائي، ٽيبل تي رکيل پنو ھڪ ڀيرو وري کڻي. اکين جي اڳيان آڻي پڙھڻ لڳو. پني کي پڙھڻ سان چھري جو پنو رنگ ڇڏائي ويس. اکيون ڏرا ڏئي ويس. چپن تي خشڪي ايندي ويس.
ميز تي پيل پاڻيءَ جي گلاس ڏانھن ھٿ وڌايائين، ڏڪندڙ ھٿ سان پاڻيءَ جو گلاس کڻي وات تي آندائين. ڏک جي شدت مان ڏند ٺڙڪي رھيا ھئس. گلاس سان ڏندن لڳڻ ڪري ’کڙ کڙ کڙ...‘ جو آواز پي ٿيو. جيئن تيئن ٻہ ٽي ڍڪ پاڻيءَ جا ھڻي گلاس واپس ٽيبل تي رکيائين.
پنو شھر جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي ڪورٽ طرفان آيل نوٽيس ھيو. ھي ان نوٽيس ۾ ڇڪايل ھيو. ھن کي ڪورٽ ۾ ڇڪائيندڙ ٻيو ڪو غير نہ، پر ھن جي ڌيءُ ڪونج فريادڻ ھئي. ھن نوٽيس واپس ٽيبل تي رکيو.
ڪرسيءَ تان اٿيو، اولھہ واري پاسي ڪمري ۾ پيل ڪٻٽ ڏانھن آيو، جتان خالي ڪجهہ پنا ۽ پين کڻي واپس اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. نوٽيس جو جواب لکڻ لڳو.
ھفتي بعد صبح جو ساڍي اٺين وڳي ڪورٽ ۾ پنھنجي وڪيل سان گڏ نوٽيس جو جواب ڪورٽ ۾ ڏيڻو ھيو.
ھفتي بعد صبح جا ساڍا اٺ بجي
ڪورٽ هال ۾ چيمبر جي در کان نائب قاصد اڇي وڳي، اڇي واس ڪوٽيءَ ۽ جناح ڪئپ مٿي تي پاتل. چيمبر جو در کولي وڏي آواز ۾ چيو، ”ھوشيار.“
ڪورٽ هال ۾ ويٺل وڪيل، ريڊر ۽ اسٽينو گرافر، سرڪاري وڪيل، انھن جا نائب ڪورٽ ۾ ادب سان اٿي بيٺا. جج چيمبر کان ڪورٽ هال ۾ اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. جج کي پينٽ شرٽ مٿان ڪاري رنگ جو گائون پاتل ھيو. جج جي ويھڻ بعد ادب ۾ اٿي بيٺل سڀئي ويٺا. جج جي ساڄي پاسي ريڊر جي ڪرسي، ڪرسيءَ اڳيان ڪمپيوٽر ۽ ڪيسن جا اصل دستاويز ۽ پوليس جون رپورٽون وغيره پيل ھيون. اولھہ طرف اسٽينو گرافر جنھن جي اڳيان بہ ڪمپيوٽر بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ رکيل ھيو.
ريڊر ڪاز لسٽ کڻي جج جي پاسي ۾ اچي بيٺو. سڏ جا پيپر جج جي اڳيان رکندي هن نائب قاصد کي سڏ لاءِ چيو.
نائب قاصد ڪورٽ هال جي در کان ٻاھر آيو. در تي جج جو گن مين هٿيار سميت الرٽ بيٺل ھيو. سڏ شروع ٿيو ۽ سڏن جو سلسلو جاري رھيو.
سڏ ۾ جوابدار ۽ فريادي، شاھد، مشير، پوليس، ڊاڪٽر ۽ تپيدار ڪيسن جي مطابق ماڻھو سڏ تي اندر ايندا ويندا رھيا،
ڪجهہ سڏن کان پوءِ نائب قاصد سڏ ڪيو، ”عرضدار ڪونج ۽ ڇڪايل رحيم بخش!!“، ”عرضدار ڪونج ڇڪايل رحيم بخش!!!“
ڪونج ۽ ڪامران، وڪيل، پروسز سرور ڊي ايس پي ڪمپلين سيل کان آيل نمائندو صوبيدار، حد جي ٿاڻي کان صوبيدار رپورٽ سميت ڪورٽ ۾ حاضر ٿيا. ڇڪايل رحيم بخش سڏ ۾ حاضر نہ رھيو، نہ ئي سندس وڪيل ٻئي سڏ تي وڪيل وحيد علي پينٽ شرٽ مٿان ڪاري ڪوٽ سان تڪڙو ڪورٽ جي در تي اچي بيھي ڪنڌ جهڪائي سيني تي ھٿ رکي جج اڳيان آيو، جتي فريادي ڪونج، ڪامران ۽ فرياديءَ جو وڪيل صفدر موجود ھيا.
”مسٽر وحيد! اوھان جو مؤڪل ڪاٿي آھي؟“ جج ڇڪايل رحيم بخش جي وڪيل وحيد کان پڇيو.
“سر، ڇڪايل نہ ٿو اچي سگهي، ان جي ھيءَ درخواست...” وحيد ريڊر کي درخواست ڏني، جيڪا ريڊر کڻي جج جي اڳيان رکي.
جج درخواست کي ڏسندي چيو، “ٺيڪ آھي. ڇڪايل کان سواءِ اوھان ئي دليل ڏيو.” جج نوٽيس کي ڏسندي چيو، ”فريادي ڪونج!“
“جي سائين مان ڪونج آھيان.”
“اوھان جو ڇا چوڻ آھي؟”
“سائين منھنجو اھو چوڻ آھي تہ منھنجو پيءُ لالچي قسم جو ماڻھو آھي. هن منھنجي شادي پيسن عيوض وڏي عمر جي شخص سان ڪرائڻ پي چاھي. سو مون پنھنجي راض خوشيءَ سان ڪامران سان گهران نڪري حيدرآباد جي عدالت ۾ نڪاح ڪيو آھي. جنھن تي منھنجو پيءُ. مون کي ۽ منھنجي مڙس کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي. اسان زال مڙس جي جان کي خطرو آھي. سو جج صاحب اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.”
جج ڪامران ڏانھن ڏٺو ۽ پڇيو، “تو ڪونج سان حيدرآباد ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آھي؟”
“جي سائين”.
“تنھنجو ڇا چوڻ آھي؟”
“سائين جيڪو ڪونج چيو، منھنجو ساڳيو چوڻ آھي”.
ان کان پوءِ حد جي ٿاڻي ۽ ڊي ايس پي ڪمپلين سيل ڏني تہ؛
“ڇڪايل رحيم بخش رٽائرڊ ڪلارڪ آھي. ھن جي خلاف ڪا بہ اڳ شڪايت داخل ناهي ٿيل. جانچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو آھي تہ ڪونج ڀڄي وڃي ڪامران سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي. گهرو مسئلي جي ڪري وڌيڪ ڄاڻ ناهي ملي سگهي.
اھڙي رپورٽ ڪورٽ سڳوري ۾ عرض رکجي ٿي.
ڪونج جي وڪيل تقرير بس ڪئي تہ ڇڪايل رحيم بخش جي وڪيل وحيد علي جج کي عرض ڪيو تہ ”ڇڪايل جي طرفان ڪورٽ سڳوريءَ کي ھڪ خط آھي اجازت ڏني وڃي تہ پڙھان؟“
”اجازت آھي، پڙھو.“ جج اجازت ڏني.
وڪيل وحيد علي فائيل مان خط ڪڍي فائيل مٿان رکي پڙھڻ شروع ڪيو.
منھنجو منھنجي ڌيءَ سان ھاڻ ڪو بہ واسطو ناھي رھيو. ھڪ رشتو ھيو منھنجو ھن سان راحت جو سڪون جو، جو ھن کي منھنجون اکيون ڏسي ٺرنديون ھيون. ۽ ھا ھڪ رشتو ھيو منھنجي عزت جو، جيڪا پوري عمر جي سانڍيل عزت ائين ذليل ۽ رسوا ٿي جو اخبارن ۽ خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي ڌوم مچي وئي. مون کي اھا جاءِ نہ ملي رھي ھئي جتي مان پنھنجو سر لڪايان.
ماڻھن جي نظرن ۾ عجيب سوال ۽ زبان تي طعنا ھيا. بيعزتي جا پھاڙ منھنجو ضعيف وجود برداشت نہ پئي ڪري سگهيا. مون حياءَ جي ڌٻڻ ۾ اکيون بند ڪري ائين پاڻ کي اڇلائي پنھنجي گهر جا در بند ڪري ڇڏيا ڄڻ مون کي گهر کان ٻاھر نڪرڻو ئي نہ ھيو. نہ نڪرڻ جي ڪري راشن بہ ختم ٿي ويو آھي. ٽن ڏينھن کان ڪجهہ نہ کاڌو اٿم.
ٻاھر نڪرڻ جي جرئت بہ نہ پئي ٿئي. بس پنھنجي ڪمري ۾ پنھنجي ئي اڳيان تماشو بڻيل ھيس.
ھن ڪيس جي فرياديءَ ظاهر آھي، مون مٿان بھتان ھنيا ھوندا ۽ چيو بہ ھوندائين تہ اھو پوڙھو منھنجي شادي منھنجي رضا کان بغير پيسن عيوض پوڙھي سان ڪرائڻ پيو چاھي.
ان ڪري ان جي ظلم کان بچڻ لاءِ مون ڪورٽ ۾ شادي ڪئي آھي.
جتي بي حيائي جا طوفان لڳندا آھن. اتي احترام ۽ احساسن جا گهر ڊھي پٽ ٿي ويندا آھن، پوءِ اھي رشتن وارا دائرا دائرا ناهن رھندا تہ ھي منھنجو پيءُ آھي، ماءُ آھي، ڀاءُ يا قابل عزت ڪو رشتو آھي؛ سڀ ڪجهہ ختم ٿي ويندو آھي.
ڪونج منھنجي ننڍي ڌيءُ ھئي. وڏين ٻن نياڻين جي شادي ڪرائي ڇڏي ھيم. ھي آخر جو ڄمڻ جي ڪري گهر جي سونھن ۽ اسان زال مڙس جي جان ۽ وندر ھئي. ڪونج جي ماءُ وقت بہ وقت چوندي رھندي ھئي ’مردن کي پٽن کان وڌيڪ نياڻيءَ جو اولاد وڻندو آھي، جنھن مھل ٿي ڏسان، ڪونج کي ڏسي ٺرين پيو ٺرين.‘
مان ڪونج کي سيني سان لائي ٻہ ٽي مٺيون ڏئي وٺندو ھيس ۽ چوندو ھيومانس، ’واقعي نياڻيون ڏاڍيون مٺيون آھن. دنيا جي اھڙي ڪا بہ شيءِ مٺي نہ آھي جيتري منھنجي ڪونج مون کي مٺي آھي.‘
مون کي ياد نہ آھي ھن ڪو انگل ڪيو ھجي ۽ مون وس آھر پورو نہ ڪيو ھجي. ننڍپڻ کان جوانيءَ جي 21 سالن تائين پنھنجي گهر جي شھزادي ڪري رکيومانس. ۽ منھنجي 21 سالن جي محنت کي ٺڪرائي سال جي محبت پويان نڪري پئي. ۽ ان ڏينھن محسوس ٿيو، جڏھن مون پنھنجو ڪنڌ زمين تي دنيا اڳيان ڪرندي ڏٺو. ماءُ پيءُ جي پوري زندگيءَ جي محبت اولاد اڳيان بي معنيٰ ٿيندي ڏٺم. ڏاڍو ڏک رسيو. ان ڏک منھنجي اندر کي ھنڌان ھنڌان چيري ڦاڙي رکيو. جيڪو مون لاءِ سھڻ کان وڏو ھيو.
جج صاحب! اھو واضح ڪندو ھلان تہ مون ڪونج جي مستقبل لاءِ ھن کي اعلي تعليم ڏيڻ پئي چاھي ۽ ھن رڪشا ڊرائيور. جيڪو ھن کي ڪاليج کڻي ويندو ھيو. ان جو اوچتو گهر ۾ رشتو آيو. سڀ ڪجهہ عجيب لڳو. جتي ٻير ھوندي آھي، اتي ڀٿر بہ لڳندا آھن. اسان زال مڙس کي ايڏو برو بہ نہ لڳو. اسان جي رشتي کان انڪار تي ڪونج کڻي گهر کي مٿي تي کنيو. سمجهايوسينس تہ ’توکي اسان ڊاڪٽر ڏسڻ ٿا چاھيون. ٻين ڳالھين کي ڇڏي پڙھائيءَ تي ڌيان ڏي. وقت آيو تہ تنھنجي شاديءَ جو بہ سوچي وٺنداسين.‘
جج صاحب مرد جو گهران جنازو تڏھن نڪرندو آھي، جڏھن ھو مرندو آھي ۽ ٻيو جنازو تڏھن نڪرندو آھي. جڏھن ڪا نياڻي گهران ڀڄي ويندي آھي. سو منھنجو جنازو ڪونج ڪڍي چڪي آھي. ۽ مان مري چڪو آھيان. ۽ جيڪي مري ويندا آھن، انھن کان ڊپ ڪھڙو.
بس منھنجو ايترو چوڻ آھي.“
خط پورو ٿيو. جج ٿڌو ساھ کڻندي ڪرسيءَ سان ٽيڪ ڏني.
”اوھان جي پيءُ جي خط مان واضح آھي تہ ھو اوھان کي ڪوبہ نقصان نہ رسائيندو.“ جج ڪونج سان مخاطب ٿيو.
ڪونج جي وڪيل چيو، ”ٻي تاريخ ڏيو، ڇڪايل کي گهرائي لکت ورتي وڃي.“
جج ڪونج کان پڇيو، ”اوھان ڇا ٿا چئو؟“
”جج صاحب بابا کي گهرايو وڃي.“
جج اڳيان رکيل ڪلينڊر تي ٻي تاريخ لاءِ ڏٺو تہ ڇڪايل جي وڪيل وحيد علي ڳالھايو، ”سر!“
جج وحيد علي ڏانھن ڏٺو.
”سر ڇڪايل رحيم بخش ٻي تاريخ تي نہ اچي سگهندو.“
”ٻي تاريخ تي نہ ايندو؟ پر ڇو!؟“
وحيد علي فائيل مان ھڪ پنو ڪڍيو جيڪو ريڊر کي ڏنو. ريڊر جج جي اڳيان رکيو.
سر رحيم بخش مري چڪو آھي. ھي ان جو “فوتگيءَ” سرٽيفڪيٽ آھي، جنھن ۾ ڄاڻيل آھي، شديد صدمو رسڻ جي ڪري دماغ جي رڳ بلاسٽ ڦاٿي پئي آھي. سو ڪونج کي ھاڻي پنھنجي پيءُ مان ڪو بہ خطرو ناھي.“
اھو ٻڌڻ تي ڪونج جي چھري جو رنگ مٽجي ويو ۽ اکيون ڦوٽارجي ويس.
جج صاحب رحيم بخش جي ٻڌل خط ۽ آيل ’فوتگي سرٽيفڪيٽ‘ کي ڏسي افسوس مان اکيون بند ڪري ڇڏيون.

ھوا جو جهوٽو

صدف جي ماءُ تعجب ۾ ھئي. ھن جو ڏٺو. ڏسڻ سان ئي، ھن جو پورو وجود سُن ٿي چڪو ھيو.. پوري سال ۾ ڪڏھن بہ ھن ائين ٿيندي نہ ڏٺو ھيو. ڀت تي لڳل صدف جي تصوير مٿان گلن جا ھار پيل. ھن جي سوچ دنگ رھجي وئي. اندازو نہ پئي لڳائي سگهي. ڪو گهر مان صدف جي تصوير مٿان گلن جا ھار وجهي. اھو ناممڪن ھيو. ھن جون اکيون صدف جي تصوير مٿان گلن جي ھارن کي ڏسي سوچ جي گهري ڪن ۾ ٻڏنديون ويون.
هوءَ معصوم ھئي. ڦوھ جوانيءَ تي مس چڙھي ھئي. عشق جي عقاب ھن کي جهٽي ورتو ھيو. ھن کنوڻ کي ٻانھن ۾ ٻکي ورتو ھيو. فنا ٿي چڪي ھئي. پٿريلا جبل جهاڳڻ لاء. ھن جي وجود ۾ قيصر کي سمائجڻ جي جهلڪ ڏسي. ھن جا تہ وڻ ئي وڄي ويا ھئا. نياڻي ٻار ايڏي سرڪشي ڪردار ۾. ساھ مُٺ ۾ ھيس. ھن جتن پئي ڪيا من پلجي پوي. پر! جتن جتن ئي رھجي ويا.
صدف جڏھن تيار ٿيندي ھئي. اھا ڪا اک ندوري ھجي جيڪا صدف جي چھري تي پوي ۽ ھٽي ھجي. سندس حسن تجلا ڏيندي. چوڏھين جي چنڊ جيان چمڪندڙ نظر ايندو ھيو.
جڏھن صدف تيار ٿي آرسيءَ اڳيان ھٽي. برقعو ڪليءَ مان لاھي ٻاھر وڃڻ لاءِ وک کنئي تہ ماءُ سڏ ڪيس.
”صدف!“
”جي امان.“
”پاڻ کي ٺاھيو ڪاڏي پئي وڃين؟“
”ڄاڻڻ جي باوجود بہ امان پڇين ٿي، توکي خبر نہ آھي. مان اسما کان سواء ڪاڏي ويندي آھيان.“
”عشق، مشق ڪڏھن لڪيا آھن جو تون منھنجي اکين ۾ ڌوڙ وجهي ڪنھن سان ملڻ لاءِ پئي وڃين؟“
صدف راز پڌرو ڪندڙ جملو تير جيان سيني ۾ لڳندي دل مان پار ٿيندي محسوس ڪيو. تعجب، حيرت جي نگاھ سان ماءُ ڏانھن ڏٺو. سوچن جي گهرائيءَ ۾ ھلي وئي تہ امان کي قيصر ۽ منھنجي محبت جي چرچ ڪٿان پئي. جڏھن تہ قيصر ۽ مونکان سواءِ اھا ڪڏھن ٻاڦ بہ ٻاھر ناھي نڪتي.
”امان اھڙي ڳالھہ نہ آھي ڪي غلط گمان اوھان جي ذھن ۾ پيدا ٿيا آھن.“
”دائيءَ کان دن، ماءُ کان ڌي ناھي لڪيل ھوندي جو تون مونکي ٿي سمجهائين.“
”پر! امان توکي...“
صدف جو جملو پورو ٿيڻ کان اڳ صدف کي ماءُ چيو، ”ماءُ اولاد جي ھر حال چال کان واقف ھوندي آھي. ٺهي سنوارجي بار بار آئيني اڳيان اچڻ، طبيعت ۾ تبديلي، ھر وقت خيالن جي دنيا ۾ رھڻ ھي ڇا آھي. منھنجي ڪيئي دفعا منع ڪرڻ جي باوجود بھ، منھنجا اشارا توکي سمجهہ ۾ نہ آيا. مون سمجهيو مڙي ويندينءَ. پر تون!“
ماءُ جي پوري طرح وضاحت کان پوءِ صدف پيار کي لڪائڻ جي ڪا گنجائش نہ سمجهي.
”واقعي امان، مون قيصر سان نينھن جو ناتو جوڙيو آھي.“
صدف جي اھڙي ڳالھہ تي ماڻس ڪاوڙ مان رڙ ڪئي ”صدف! ھوائن جي جهوٽن جيڪڏهن اھي ڳالھيون کڻي مردن جي ڪنن تائين پھچايون تہ خبر اٿئي، ڇا ٿيندو ھتي. قهر ٿي ويندو.“
”پر! قيصر منھنجو سڱ گهرندو، مان چوانس ٿي، جلدي پنھنجي ماءُ پيءُ کي موڪليندو.“
”جا اصولن جي ڪِلي تنھنجي پيءُ جي دماغ ۾ لڳل آھي، اھا ڪير ڪڍندس؟ جيڪا پيڙھين کان لڳندي ٿي اچي غيرن سان رشتو ناھي ڪرڻو.“
”اولاد خاطر والدين وھ جو پيالو بہ پي ويندا آھن. ھي تہ رسم رواج آھن. ڪوششون صدين جي زنگيل تالن کي کولي رکنديون آھن. مان سمجهان ٿي منھنجي خواھشن جو ڀرم رکڻ خاطر پنھنجي غلط اصولن جا زنجير ضرور ٽوڙيندا.“ اھڙا سگهارا دليل ڏئي قيصر جي رشتي جي گهر تائين صدف ماءُ کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.
قيصر جي ماءُ ھڪ اڌ ڏينھن ۾ قيصر جي لاءِ صدف جي رشتي جي صدف جي پيءُ کان گهر ڪئي. صدف جي پيءُ ٺپ جواب ڏنس. اھڙو جواب جو وري قيصر جي ماءُ رشتو گهرڻ تصور بہ نہ ڪري سگهي.
ان انڪار تي صدف ماءُ جي اڳيان مٿو پٽي رني. ايلاز، منٿيون، قسم، واسطا وڌا سڀ ھيلا ھلايا.
پر!
ماءُ کي جرئت نہ ھئي جو ڌيءُ جي وڪالت مڙس اڳيان وڃي ڪري سگهي. ماءُ صدف کي ڏاڍو سمجهايو.
”پيءُ جي لڄ رکڻ لاءِ توکي قيصر کي وسارڻو پوندو. تنھنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي ٿوري بہ کڻڪ پئي تہ منھنجا ڏيل ٿا ڏڪن.“
صدف خاموش ٿي وئي. دل ئي دل ۾ ڪي فيصلا ڪندي ۽ ٺاهيندي رھي. ذهن ڪنھن هڪ فيصلي تي بيھي نہ پيو. مسلسل ٻڏتر واري ڪيفيت ۾ ھئي. ماڻس کيس سمجهائڻ کان وڌ ڇا پئي ڪري سگهي. پر صدف ماءُ جي ڪنھن ڳالھہ تي جواب نہ پئي ڏنو. ھوءَ سِرن جي بٺي وانگر اندر ۾ پچي رھي ھئي.
صبح جي وقت ۾ صدف جو پيءُ آڳر ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي آرسيءَ جي ٽڪ ھٿ ۾ جهلي ٻئي ھٿ جي قينچيءَ سان شھپر ٺاھي رھيو ھيو. صدف ڪمري کان اچي پيءُ اڳيان بيٺي.
”بابا.“
”هون.“ آرسيءَ ۾ مشغول رھندي هن وراڻيو.
”مون کي اوھان سان ڪجهہ ڳالھائڻو آھي.“
”جيڪي ڳالھہ اٿئي چئه.“
ماءُ ورانڊي مان ويٺي پئي ڏٺو. صدف جي چھري تي خوف بلڪل نہ ھيو.
”مون کي پنھنجو حق کپي.“ صدف چيو.
صدف جي ان ڳالھہ تي صدف جي پيءُ جو پورو ڌيان صدف ڏانھن ويو. آرسي ۽ قينچي ڪرسيءَ تي رکي ڪرسيءَ تان اٿيو. بلڪل صدف جي سامھون ٿي بيٺو. اکيون اکين ۾ وجهي پڇيائينس.
”حق؟ ڪھڙو حق؟ ڪھڙي حق جي گهر ٿي ڪرين تون.“
”اھو حق جنھن ۾ اسان جي مذھب اسان ڇوڪرين کي خود مختياري ڏني آھي.“
”واضح ڪري ڳالھہ ڪر، تو کي ڇا کپي، ڇا ٿي گهرڻ چاھين!؟“
پڻس تلخ لھجي ۾ ڳالھايو.
پيءُ جي لھجي تي صدف جو چھرو سرخ ٿي ويو. هن پھريان ڪڏھن بہ پيءُ اڳيان اچي ڪا گهر نہ ڪئي ھئي. پر جرئت ڪري پنھنجي ڳالھہ پيءُ کي چئي.
”بابا مان پنھنجي رضا خوشيءَ سان شادي ڪرڻ ٿي چاھيان.“
صدف جي ان ڳالھہ تي سندس پيءُ جون اکيون باھ ٿي ويون ۽ قيصر جي رشتي اچڻ جو مقصد سمجهي ويو. ڌيءُ جي اھڙي قدم تي ڌيءُ سان گڏ ماڻس کي بہ ڏاڍي ڇنڊ پٽيائين.
شام جو پڻس جيئن گهر آيو، اچڻ سان ئي هن صدف جي سئوٽ سان ٻن ڏينھن اندر سندس جي شاديءَ جو فيصلو ٻڌايو.
اھڙي فيصلي تي صدف جي اکين مان غم جو درياھہ بند ٽوڙي نہ وھيو. پر! دل جي تنبوري جي جڙيل تارن کي ٽوڙي رکيو.
ماءُ شفقت ڀريو هٿ سندس مٿي تي رکيو. دلاسو ڏنو تہ ائين جواني ۾ اڪثر ٿيندو آھي. شادي کانپوءِ سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويندو آھي. ماءُ جي آٿت تي هوءَ چپ رھي، ڪجهہ نہ ڪڇي.
سج لھي ويو رات جي ڪاري چادر آسمان تي ڇانئجي وئي. گهگهہ اونداھي ٿي وئي. مھيني جون پويون تاريخون ھيون. رات پنھنجا پھر پورا ڪندي فجر جي اڇاڻ ڪڍي. صدف گهر ۾ ڪانہ ھئي. ٻاھرين در جي کڙھ کلي پئي ھئي. ڪا بہ خبر نہ ھئي، ڪھڙي وقت گهران نڪري وئي.
صدف جو پيءُ ۽ ان جا ٻہ ڀائر پسٽل ورن ۾ ھڻي نڪري پيا. ماءُ جو ساھ سڪي پيو. الائي ڪيترا وسوسا، ذھن ۾ ڀوائتا خيال ايندا رھيا. زمين تنگ ٿيندي پئي محسوس ٿيس.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ صدف کي پڪڙي گهر وٺي آيا. صدف جا وار کنڊريل ھيا. چھري تي ڌڪن جا نشان. صفا بي حال ھئي. ھن جي بي حاليءَ مان لڳو پئي ھن کي گهڻو ماريو اٿن. صدف بي وسيءَ واري نھار ماءُ طرف ڪئي. ھن جي ڏسڻ سان ماءُ جو اندر دانھون ڪري روئڻ لڳو.
اوچتو فائر ٿيو.
رڙ جو آواز ٿيو.
صدف منھن ڀر زمين تي ڪِري پئي.
سامھون صدف جو پيءُ ٻن پٽن سان، ھڪ جي ھٿ ۾ پسٽل ھيو.
صدف جي موت جو صدمو برداشت نہ ڪندي ماڻس بيھوش ٿي زمين تي ڪري پئي.
پسند جو ور گهرڻ تي صدف سان ٿيل لڪاءَ کي سال گذرڻ کانپوءِ صدف جي تصوير تي پيل گلن جي ھارن کيس تعجب ۾ وجهي ڇڏيو.
ايتري ۾ صدف جو پيءُ ٻاھران آيو. ھٿ ۾ تسبيح مٿي تي اڇي ٽوپي پاتل ڏسي صدف جي ماءُ پڇس
”ڪاڏي ويو ھئين؟“
”قبرستان ويو ھيس.“
”ڇو!“
”صدف جو اڄ ٻارھو ھيو. صدف جي ايصال ثواب لاءِ حافظن کان قرآن خواني ڪرائي، ختمو بخشائڻ لاءِ حافظ کي وٺي ويو ھيس.“
صدف جي پيءُ جي صدف جي ايصال ثواب واري ڳالھہ سندس اندر ۾ درد بنجي چڀي وئي. صدف زندھ ھئي تہ صدف جي روح کي رھڙيو ويو، آزاريو ويو ۽ مرڻ کانپوءِ روح جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني؟!
ائين اچانڪ ھوا جو جهوٽو هال ۾ داخل ٿيو، صدف جي تصوير سان ٽڪرائجي ان تي پيل ھارن کي زمين تي ڪيرائي دريءَ کان گذري ويو. سڀ ڪجهہ ڏسندي. صدف جي پيءُ جون اکيون پٽجي زمين تي پيل ھار کان دريءَ مان گذر ڪندڙ ھوا جي جهوٽي پويان ويون.

ستن پٽن جو پيءُ

ھن جي اکين مان ڪرندڙ لڙڪ ھن جي وجود کي تباھ ۽ برباد ڪري رھيا ھيا.
وھندڙ لڙڪن جي پويان ڪا ڪھاڻي لڪيل پي ڀانيم۔
ھن کي ڏسڻ سان ھن جي درد جي شدت ڏکوئيندڙ پئي لڳي۔
علڻ وڏي تڪليف مان گذري رھيو ھيو.
ايڏي تڪليف ۾ ھوندي بہ ھو موبائل فون تي رابطو بحال ڪرڻ لاءِ بار بار نمبر ملائي رھيو ھيو. نمبر اٽينڊ نہ ٿيڻ تي علڻ وڌيڪ مايوسيءَ جو شڪار ٿيندو نظر پئي آيو۔، مگر ھي موبائل فون تي مسلسل ڪال ڪندو رھيو. پر ڪال اٽينڊ نہ پئي ٿي.
سيد عبداللھ شاھ انسٽيٽوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال سيوھڻ شريف ۾ HDU Department Visiting Hours ستن بيڊن تي ڪمرو مشتمل هيو. هر بيڊ جي مٿان ڊجيٽل بلڊ پريشر مشين رکيل ھئي۔. صرف ايڇ ڊي يو ڪمري ۾ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر ڊاڪٽرياڻيون، نرسون، ڪمپائونڊر مريضن جي علاج جي لاءِ ھر وقت شفٽن ۾ مقرر ٿيل ھيا. ڇو جو ھن روم ۾ اھي مريض رکيا ويندا آھن. جيڪي آخري اسٽيج تي ھوندا آھن۔
ايڇ۔ڊي. يو جي ڪمري جي ٻاھران ورانڊي ۾ مريض جي ھڪ ھمراھہ کي مريض جي سار سنڀال جي ڪري ويھڻ جي اجازت ھئي.
جنھن کي مريض جي نالي سان اسٽاف جو ڪو ماڻھو سڏ ڪري ڪم ڪار ٻڌائيندو ھيو.
اسٽاف ڪمري جو در کولي سڏ ڪيو ويو
” علڻ“، ” علڻ “ ،”علڻ “.
مگر سڏ تي علڻ جو ڪو بہ ھمراھہ اندر نہ آيو.
ائين علڻ جي نالي جو اسٽاف ڪافي دفعا سڏ ڪيو ويو.
شايد ! علڻ جو ڪو ھمراھہ ٻاھر ويٺل نہ ھيو.
علڻ.۔۔۔۔ مون علڻ کي سڏ ڪيو
”علڻ“
بيڊ تي ليٽيل منھنجي سڏ ڪرڻ تي ھن ڪن ھنيو.
”مون سڏ ڪيو آھي توکي “.
”جي چئو “.
“تون سان گڏ ڪير بہ ناھي آيو ڇا؟”
“آيا تہ ھيا پر الائي ڪاڏي ھليا ويا آھن، ڪو ضروري ڪم ھوندن”
“هن کان وڌاري ضروري ڪم ڪھڙو ھين جو تو کي موت جي بيڊ تي ڇڏي ھلي ويا آھن.”
مون افسوس مان علڻ کي چيو۔
علڻ منھنجا لفظ ٻڌندي ئي سودائن جي درياھہ ۾ ڄڻ ٻڏي ويو۔
” بس يار “ !
اندر مان آواز ڪڍندي علڻ چيو ڪھڙو پنھجو اندر کولجي۔
مون بہ ھن جي تڪليف ڏسي ۽ بار بار ڪال اٽينڊ نہ ٿيڻ جي وجهہ ڄاڻڻ پي چاھي. ايتري وقت کان ڪنھن ڏي ڪالون ڪري رھيو آھين؟
علڻ روئڻ ھارڪو ٿي ڪري چيو ” پٽن ڏي ! جيڪي پٽ مون پني ورتا ھيا. انھن ڏي ڪالون ڪري رھيو آھيان “۔
” پوءِ اھي ھڪ پيءُ کي اھڙي حال ۾ ڇو اڪيلو ڇڏي ھليا ويا آھن ۽ ڪال بہ اٽيند نہ ڪري رھيا آھن “ مون افسوس مان وراڻيو۔
” بس ڪھڙا سور پٽجن “۔
”وري بہ “۔
” قسمت“
چئي علڻ پنھنجي زندگيءَ جي گذريل وقت ڏانھن سوچ ڊوڙائي.
” سترھن ورھين جي عمر ۾ شادي ڪئي ھيم ۽ ڪئي سال اولاد نہ پئي ٿيو.
اھي ڊاڪٽرياڻيون، دايون ڏس، پنڌ پير، حيلا، وسيلا سڀ ھلايم پر ڪٿان بہ اميد جي چڻنگ نہ ٻري“۔
صاحب اولاد نہ ٿيڻ تي تنھنجي ٻي شادي ٿا ڪرايون امڙ بابي اچي پنھنجو فيصلو ٻڌايو
” تون اسان جو اڪيلو پٽ آھين، جي توکي اولاد نہ ٿيو تہ سڀاڻي اسان جو نالي وٺڻ وارو اسان جي پيڙھي مان ڪو بہ نہ رھندو “۔
”ٻي شادي تڏھن ڪريان ھان ! جڏھن منھنجي زال ۾ ڪا خرابي ھجي ھان رپورٽون تہ سڀ صحيح اچن پيون “. مون ورندي ۾ نٽائيندي چيو.
“پوءِ ڇا تو ۾ اکر ڪونھي ڇا؟” بابي مون کان مون تي گرم ٿيندي سوال ڪيو.
” اھڙي ڳالھہ ڪا نہ آھي. مھناز ننڍ پڻ کان يتيم رھي آھي ٻي شادي ڪريان خدانخواستہ ھن سان نڀاءُ نہ ڪري سگهان پوءِ تہ ھن جي زندگي تباھ ٿي ويندي“.
” دين ۾ چار شاديون جائز آھن “ امان ۽ بابي ان ڳالھہ کي ڳنڍ ڏئي ويھي رھيا۔
” باقي وڌيڪ بھانا نہ ڪر اسان سان“.
مھناز زال سان گڏ منھنجي محبوبا بہ ھئي ان
ڪري ان مٿان مون پھاڄ آڻي مھناز کي ڏکائڻ نہ پئي چاھيو.
پر امان ۽ بابو ھڪ ٽنگ تي بيھي رھيا۔
پريشانيءَ جي عالم ۾ گهر کان نڪري ڳوٺ جي گس کان ھلندي ھلندي ريلوي اسٽيشن تي پھچي پٿر جي ٺھيل بينچ تي ويھي سوچن کي ذھن ۾ ڏڌ جي چاڏي ۾ ڏڌ وانگر ولوڙيندو رھيس.
وقت احساس جون صلاحيتون ختم ڪندي رات جي اٺ کان رات جي ٻارنھن تي اچي پھتو ھڪ ئي جاء تي بنا ڪنھن فيصلي جي ساڳي طرح ويٺو ئي رھيس.
ريل گاڏي اچڻ جو ھارن وڳو تيز روشنيءَ جي اچڻ سان گڏ.
ريل گاڏي جي اچڻ تي خيالن جا ٻڌل بند ٽٽي ريل گاڏيءَ طرف متوجهہ ٿيا.
اسان جي ڳوٺ جو جمعو ڪٽلي ھٿ ۾ ڪوپ ڇٻي ۾ تڪڙو تڪڙو گاڏي جي دٻي طرف ڀڳو وڏي آواز ۾ ھوڪو ڏيندي.
” چانھہ گرم، چانھہ گرم “ چوندو ھڪ دٻي ۾ ھليو ويو.
ڳوٺن جي آس پاس جا مسافر لھي پنھنجي پنھنجي ڳوٺن طرف پيادل ئي روانا ٿيا.
۽ پري جي ڪجهہ مسافرن دٻن کان لھي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ٽنگون پئي سھايون.
ھڪ فقير قد جو ڊگهو رنگ جو اڇو ڀريل مُنھن تي سفيد ڏاڙھي ڪاري قميص گوڏ ۾ گلابي رنگ جو رومال ڪلھي تي رکيل خيرات واري بوجڪي ۽ ڳچيءَ ۾ ڳانن وارو ھار پاتل ساڄي ھٿ ۾ ڪارو ڏنڊو جيڪو ڳانن سان سينگاريل ھيس ۽ ڏنڊي واري ھٿ جي چار ئي آڱرين ۾ ٻڙن واريون مُنڊيون پاتل ھيس ھڪ پينو فقير اڳيان آيس ان کي ھن پنج يا ٻي روپئي جو ڊينگلو خيرات ۾ ڏئي منھنجي اڳيان اچي بيھي چيائين۔
”خيرات ڏي “.
مان فقير کي ڏسي خاموش رھيس.
” قلندر تي وڃي رھيو آھيان. خيرات ڏي، جيڪو گهرڻو اٿئي گهر نہ تہ پوءِ مونکي ڳوليندو وتندين“.
ائين چئي فقير گاڏي جي دٻي طرف واپس وڃي رھيو ھيو۔
جيڪو گهرڻو اٿي گهر جو تجسس منھنجي ذھن ۾ ڦريو مان کيسي مان پيسا ڪڍي تڪڙو فقير جي پويان ويس آواز ڏنومانس فقير سائين فقير سائين۔
فقير منھنجي آواز تي پنھنجا قدم روڪيا.
” ھيءَ وٺو خيرات “۔
فقير خيرات وٺي بوجڪي ۾ وڌي۔
منھنجي بنا ڪجهہ گهرڻ جي.
منھنجي ڪلھي تي ست ھٿ جون ٿڦڪيون ھڻي چيائين. “ماءُ پيءُ کي رنج نہ رک اللھ توکي ست پٽ ڏيندو”
ائين چئي ريل گاڏي جي دٻي ۾ چڙھي ٻاھرين سيٽ واري پاسي ويٺو
ريل گاڏي جو ھارون وڳو سڀ لٿل گاڏي تي پنھنجي پنھنجي دٻن ۾ چڙھي سيٽن تي ويٺا ريل گاڏي ھلي.
مان فقير کي تڪيندو رھيس. گاڏي وڃڻ سان فقير بہ منھنجي نظرن کان اوجهل ٿيندو ويو.
مون ماءُ پيءُ کي راضي رکندي ٻي شادي ڪئي ست پٽن جو پيءُ ٿيس.
جواني ڏينھن کي ڳڙڪائيندي کڻي پيريءَ ۾ بيماري ڏئي ڦٽو ڪيو.
ست پٽ گڏ ھوندي بہ ائين لاوارثن وانگر اسپتال ۾ پيو آھيان.
جڏھن مان ھلڻ جھڙو ٿيندس تہ ان فقير کي ڳوليندس چوندو سانس اھڙن ستن پٽن کان سٺو ھيو ھڪ پٽ خدا کان سٻاجھڙو وٺي ڏين ھان. جيڪو پيريءَ ۾ سھارو بڻجي ھان.
چاڪ ٿي مان ضرور ڳوليندس. ان فقير کي.
ڊيوٽي ڊاڪٽر آواز ڏيندي چيو رات ڪافي گذري وئي آھي ڳالھائڻ بند ڪري آرام ڪريو۔
علڻ موبائل کڻي وري نمبر ڊائل ڪرڻ لڳو.
مون اکيون بند ڪيون ننڊ اچي وئي.
صبح ٿي ٽئين نمبر بيڊ تي نور پنھنجي امڙ مٿان آيو،. ھن جي امڙ کي پنج ڏينھن پھريان ھن روم ۾ آندو ويو ھيو ھن کي فالج جي ٻئين اٽيڪ اچڻ تي دماغ جي رڳ بلاسٽ ٿيڻ جي ڪري هوش نہ پئي آيو. نور پنھنجي امڙ کان پوءِ ڇھين نمبر بيڊ تي ويو جيڪو ٽئين نمبر بيڊ جي بلڪل سامھون اتر طرف پيل ھيو اتان ٿي پھرين نمبر بيڊ يعني مون وٽ آيو.
۽ چيائين ”علڻ مري ويو “.
” ھا مري ويو “۔
صبح ساجهر ھن جي جسم مان روح پرواز ٿي ھن ڪمري مان نڪري اصل مقام طرف روانو ٿي ويو “.
”ھن جا پٽ ڏسي رھيو آھين “.
”جي ڏسي رھيو آھيان “.
” رات علڻ الائي ڪيترا چڪر انھن ڏي ڪال ڪري ڪري ٿڪجي پيو مگر ڪنھن ھڪ بہ پٽ ڪال اٽينڊ نہ ڪيس ۽ هينئر ست ئي پٽ علڻ جي مٿان روئي رھيا آھن“.
علڻ جي پٽن جي اھڙي بيڪسي تي مان رنس پر مون سان گڏ زمين بہ رني آسمان تہ رنو ۽ سڄي جهان بہ روئي ڏنو۔
ست پٽ ھئڻ جي مقابلي ۾ مون ھڪ سُلجهيل پٽ جو پي ھئڻ تي اللھ جو شڪر ادا ڪيو ۽ شفقت مان مٿي تي ھٿ ڦيرايم جيڪو خدمت ڪندي منھنجي ٽنگن کي زور ڏئي رھيو ھيو۔

نڀاڳي

رابعہ ڪنوارپ کان وٺي پنھنجي ذھن جي چئو ديواري ۾ ھڪ ئي خواب سجائي رکيو ھيو،. شادي ڪنديس تہ ڪنھن خوبصورت، حسين، ھينڊسم ،اسٽينڊر واري ڇوڪري سان ڪنديس. جيڪو منھنجي نازن، نخرن، غلطين ،سلطين تي ڪڏھن بہ چھري تي گهنج نہ وجهي. سدائين ھن جي چھري تي مون لاءِ مرڪ ڇانيل رھي.
کائڻ، پيئڻ، لٽي ،ڪپڙي ۽ آزادي کان وٺي اڪيلو گهر مان ۽ منھنجو صرف مڙس ھجي
ماءُ پيءُ جي راڻي ھجڻ کانپوءِ رابعہ مڙس جي گهر جي ملڪھ ٿيڻ پئي چاھيو.
رابعہ جيئن چاھيو ھيو ايئن ئي بظاھري خوابن کي ساڀيان ٿيندي ڏٺو.
پر !
ھڪ خواھش.
مان ۽ منھنجو مڙس اڪيلا ھجون ائين نہ ٿيو
اردو ۾ چوڻي آھي
سانس اڇھي هو يا پھوڻو ٽنگي هو
سس الھڏني اللھ تہ ڏني پر اھڙي ڏني جو وڃي ٿيا خير. سس سان گڏ ھڪ ڏير فريد بہ مليو.
زندگي جي اڏيل خوابن سان گڏ مڙس جي محبت بہ ملي رھي ھئي. جيئن رابعہ چاھيو پئي ٿيو
بس ھڪ سس جي اک ۾ ڪاني لڳل ھئي. رابعہ ڌاري آھي. مان پنھنجي پٽ وحيد لاءِ پنھنجي ڀيڻ جي ڌي سيما وٺان هان
پر ڇا ڪري سس الھڏني سندس پٽ وحيد جو رابعہ سان پسند جو پرڻو ٿيو ھيو پٽ خاطر ڌاري وٺڻ جو زھر جو پيالو پي تہ ويٺي پر سس ننھن وارو رشتو خوب نڀائڻ جو فن ڄاڻندي ھئي.
شادي بعد ٿورن ئي ڏينھن ۾ اٿندي ويھندي ڪم ڪار تان ران ران شروع ڪري ڏني.
رابعہ ڄڻ پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ رنگ روٽ واري ٽريننگ ڪري رھي ھئي. ھڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندي ھئي.
وحيد جي مٿي ۾ بہ ماءُ جي فرمانبداري وارو مذھبي جن سوار ھيو. ماءُ جي ڪن ڀرڻ تي رابعہ اڳيان دوڏا ڏيکارڻ ۾ دير نہ ڪندو ھيو. الھڏني خنجر جي ڌار جيان زبان جي گفتار رابعہ جي گردن تي وھائڻ ۾ دير نہ ڪندي ھئي “مڙسن لاءِ زاليون کوڙ اللھ گنج ڏنو آھي. وحيد لاءِ مان ھڪ پنھنجي بہ وٺندس”
رابعہ سس جي اھڙين تکين ڳالھين کان خوفزدہ رھندي صبر ۽ تحمل جي پيماني کي مضبوطي سان جهلي بيٺي ھئي.
ٻن ٽن مھينن ۾ رابعہ پنھنجي ڪلر ڦل سس کي ڏسي چڪي ھئي. زندگيءَ جي ڪاروان کي ھلائڻ جو رستو سمجهي ۽ ڳولي ورتو ھيو.
تہ اوچتو.
رابعہ جو ڏير فريد سخت بيمار ٿي پيو. فريد جي چاڪائي لاءِ الھہ تلھہ لڳندو ويو. وچين طبقي مان زمين تي اچي پھتا. اھڙي تباھي واري ماحول ۾ ويتر الھڏني جو ناراضپو رابعہ تي وڌندو ويو. سڀ ڪجهہ لڳائڻ جي باجود بہ فريد جي زندگي پيسھ ڏوڪڙ بچائي نہ سگهيا. نيٺ فريد جي ساھ جو سڳو ٽٽي پيو.۔
فريد جي وفات کانپوءِ ڪجهہ ڏينھن بعد.رابيھ جي ماءُ سفوران پنھنجي گهر ۾ پنھنجي مڙس رحيم بخش کي صبح ساجهر نيرن ڪرائي روزي لاءِ الوداع ڪري چلھہ تان ديڳڙي مان چانھہ جو ڪوپ ڀري اچي آڳر تي وڻ ھيٺان پيل کٽ تي ويٺي.
وڻ جي لام مان سج جي ڪرندڙ روشني سفوران جي چاندي جهڙن وارن کي لڳندي وارن کي چمڪائي رھي ھئي. صبح جي ٿڌڙي ھوا مان سفوران لطف اندوز ٿيندي چانھہ جون سرڪيون ڀري مزو وٺندي رات جي ننڊ جي خمارن کي ختم ڪري رھي ھئي.
ويٺل کٽ جي بلڪل سامھون ٻاھريون در کلندي ڏسي سفوران پنھنجون اکيون در کلڻ تي در طرف متوجهہ ڪيون ڏسي تہ سندس جي ڌي رابعہ در کان اندر داخل ٿي. رابعہ کي ڏسندي سفوران جي چپن تي مرڪون تري آيون.
جيئن جيئن رابعہ ماءُ جي ويجهو ايندي وئي ماءُ جي چھري تان مرڪ وسامجندي وئي ۽ خوشي وارو چھرو اداسي ۾ تبديل ٿي ويو۔
يڪدم سفوران جون اکيون رابعہ جي پويان وحيد کي ڳولڻ لڳيون. وحيد کي نہ ڏسندي رابعہ جي اکين مان وھيل ڳوڙھن جي نيسارا شڪل ڏسي ھن رابعہ جي کلندڙ وجود کي کوکلو ڀائڻ سان گڏ سندس مڙس وحيد جي نہ اچڻ جو سبب پڇيو “رابعہ اڄ وحيد کانسواءِ آئي آھين خير تہ آھي نہ ايڏي غمگين ڇو نظر اچي رھين آهين؟”
“امان وحيد مونکي طلاق ڏئي ڇڏي آھي”۔ خشڪ ٺوس چپن مان ھانو ڏاريندڙ آواز ڪڍندي چيو.
رابعہ جا لفظ ٻڌي سفوران جي چانھہ جي ڪوپ وارو جهليل ھٿ ٿڙڪڻ لڳو ۽ چھري جو پنو سڪي ويو اکين جون رونقون بي رونقن ۾ بدلجي ويون۔ نڙي خشڪ ٿي وئي نڙي کي ٿڪ جي ليپ ڏيندي سڪل زبان مان لفظ ڪڍندي پڇيو۔
“پر ڇو ! ڇاجي ڪري توکي طلاق ڏني اٿس؟”
“ماءُ جي چوڻ تي مون کي طلاق ڏني اٿس”
“ڪھڙو مسئلو ٿيو جو تنھنجي سس توکي تنھنجي مڙس وحيد کان طلاق ڏياري آهي؟”
“چيائين تہ وحيد جي ڀاءُ فريد جي مرڻ جو ڪارڻ تون آھين تنھنجي شادي ڪري اچڻ کانپوءِ سڀ نقصان فريد جو موت بہ تنھنجي ڪري ٿيو آھي”
“تون نڀاڳي آھين”
قيامت برپا جھڙا ڳرا لفظ ٻڌندي ئي سفوران جي ٿڙڪندڙ ھٿ مان چانھہ جو ڪوپ زمين تي ڪريو ۽ رابعہ جي وجود وانگي ڀڄي ٽوٽا ٿي زمين تي وکرجي ويو.

پھرين چُمي

موبائيل جي رنگ ٽون وڳي رنگ ٽون جي آواز تي ننڊ مان جاڳندي نويد ھٿ وڌائي بيڊ ڀرسان رکيل سائيڊ ٽيبل تان موبائيل کڻي ننڊارکيون اکيون اسڪرين تي آڻي نمبر تي وڌيون نئون نمبر ڏسي ڪال اٽينڊ ڪيائين.
ڪالر ڳالھايو.۔۔۔۔ ”ھلو“.
”جي ڪير“.
”نويد“ ؟
”جي مان نويد توھان”.
”منھجي آواز کي بہ وساري ڇڏيو اٿئي ڇا“ ؟
آواز تي نويد جي ننڊ اکين مان پوري طرح سجاڳ ۾ تبديل ٿي وئي نويد بيڊ تان اٿيو بيڊ تي ننڊ ۾ ستل زال کي ڏسي ٻئي روم ۾ اچي ڪمري جي لائٽ آن ڪري گهڙيال طرف ڏٺو رات پنھنجي پوئين پھرن ۾ داخل ٿي 4:05 منٽن تي پھتي ھئي.
”ڪوثر تون “!
”جي مان.۔۔ نويد تنھنجو نمبر ڏاڍو ڏکيو ھٿ ڪيو اٿم“.
“ھون۔۔۔. ڪيئن ڪال ڪئي اٿئي؟”
”پنھنجي يادن کي تازو ۽ غمن کي سڪون بخشڻ لاءِ ڪال ڪئي اٿم“.
”واقعي وڇوڙي کان پوءِ محبت جي مٺي درد کان ڪڏھن بہ ڪو آجو نہ ٿو ٿي سگهي “۔
”تو کان جدا ٿيڻ کان پوءِ ڏکن جي سرد گرم موسمن ۾ مان ڏاڍي تڙپي آھيان“.
”غم جي شدت برابر آھي. محبت ڪرڻ کانپوءِ ٽٽڻ بہ دردناڪ آھي “۔
”تنھنجي جدائي تہ ھڏن کان ماس رھڙي ورتو ھيو نويد جيڪو منھنجي برداشت کان ڏکيو ھيو ڏاڍو رني ھيس “۔
”زندگيءَ جو وڏو صدمو ھيو جدا ٿيڻ ڪوثر ماڻھو پيار ۾ موت تہ قبولڻ پسند ڪندو آھي پر يار جي جدائي نہ “۔
”اللھ سائين ھڪ تہ ڪنھن جي دل ۾ ڪنھن لاءِ پيار پيدا نہ ڪري، جي ڪري تہ ان پيار ۾ جدائي نہ ڪري “۔
”پيار ۾ ملڻ ۽ وڇڙڻ جو سلسلو ازل کان رھيو آھي ۽ ھلندو رھندو. تون ڏي حال احوال ڪوثر تنھنجي زندگي ڪيئن پئي گذري “۔
” زندھ آھيان۔ تو بنا ٿر جي ٺوس ڌرتي جيان جيڪا صدين کان اڃايل آھي“.
”خزان جي موسم ۾ بھارن جا گيت ڳائڻ نامناسب آھن ڪوثر“.
”عشق کي عقل ڪٿان آيو جو نامناسب موسمن جي ڪٿا بيان ڪري نويد عشق جي رمز ۾ رليل ماڻھو سوچن جي ليڪن تي ڪاٿي ٿو ھلي“۔
”ويل وقت ورائي بہ نٿو سگهجي ڪوثر“۔
”جي ورائي نہ ٿو سگهجي تہ ويل وقت کي وساري بہ نٿو سگهجي نويد “.
”پھرين محبت ڪنھن کان وسري آھي ڪوثر“. اھا محبت آخري آرام گاھ تائين گڏ ھلندي يا اتي دم ٽوڙي اصل لاءِ فضائن ۾ وکرجي ويندي“.
”وکريل محبت جي تڙپ جو صِلو ھن دنيا ۾ اگر نہ مليو تہ ھن دنيا ۾ ضرور ملندو نويد“۔
ڪوثر کي درد جي درياھہ ۾ لھندي ڏسي نويد ڳالھہ جو رخ بدلائي پڇيو” فراز تنھنجو خيال رکي ٿو“ ؟
ڪوثر ٿڌو ساھ کڻندي۔۔۔۔۔”خيال تہ رکي ٿو پر پھرين محبت جي پھرين ملاقات ۽ پھرين چمي ڪڏھن نہ وسري آھي۔ ھڪ ھڪ ڏينھن منھنجي ذھن تي عڪس بنجي رھي آھي توڙي جو شادي کي ٻہ سال گذري ويا آھن
ياد اٿئي نويد شروع شروع ۾ اسڪول جو ٿيلو کڻي اسڪول وڃڻ لاءِ گهران نڪرندي ھيم ڪيئن پويان لڳندو ھئين”
“پوري طرح ياد آھي ڪوثر تو کي ڏسڻ سان ئي مون توکي من جي ملڪھ بڻائي ڇڏيو ھيو۔ تو تائين پنھنجي دل جي ڳالھہ پھچائڻ لاءِ مون رات جي پھر ۾ تنھنجي گهر جي در جي سامھون ڀت تي K±N LOVE لکڻ کان وٺي سڄي گهٽي کان اسڪول تائين چاڪنگ ڪئي ھئي ۽ صبح جو اسڪول جي ٽائيم تي گهٽي ۾ بيھي رھيو ھيس تہ ڏسان تہ ڪوثر ڀتين تي K±N LOVE ڏسي ٿي يا نہ.
مان تہ گهر کان اسڪول تائين K±N LOVE ڀتين تي لکيل ڏٺو ھيو پر مقصد نہ سمجهي ھيس تہ ڪنھن لاءِ ۽ ڇو لکيو ويو آھي.
ڀتين تي چاڪنگ تي بہ تنھنجو مون ڏانھن ڌيان نہ ڇڪجڻ تي مون پھريون لو ليٽر پاڙي جي 9 سالا ميران کي ڏھ پيا رشوت ڏئي توڏي موڪليو ھيم”
“اھو تنھنجو پھريون لو ليٽر جيئن ئي مون اسڪول ۾ پڙھڻ لاءِ کوليو ھيو تہ منھنجون ڪلاس ميٽ ڦري ويون ۽ سڀني پڙھي ورتو ھيو ۽ چيڙائڻ لڳيون ھيو۔ جيئن اسڪول کان واپس گهر اچي رھي ھيس ڀتين تي لکيل K±N LOVE ڏسي پنھنجي لاءِ محسوس ڪندي گهر اچي پھتس پوءِ ڏينھن رات ڀتين ۽ خط ۾ لکيل لفظ منھنجي ذھن تي ڦري رھيا ھيا ۽ ھڪ نہ ٻئي ڏينھن تي تنھنجا خط ميران جي ھٿان ملندا رھيا ۽ مان ڪنھن بہ خط جو جواب نہ ڏيندي ھيس ۽ تون خط جي جواب لاءِ ديوانن وانگر انتظار ۾ رھندو ھئين”
“واقعي وڏي بيچيني سان انتظار رھندو هو خط جي جواب جو ۽ مان ھر خط ۾ پنھنجو موبائيل نمبر لکي موڪليندو ھيس تہ جيئن تون منھنجي خطن جو جواب ميسيج ۾ ڏين.
۽ جڏھن تنھنجو ميسيج آيو ھيو ان ڏينھن مان پوري دنيا ۾ مان پاڻ کي اڪيلو خوش قسمت سمجهي رھيو هئس.ائين سمجهي رھيو هوس ڄڻ پوري جهان جون سڀ خوشيون منھنجي جهول ۾ پيون ھجن”
“ائين نويد تنھنجي منھنجي پيار جو رشتو مضبوطي اختيار ڪندو ويو مان اسڪول. ٽيوشن۔ سھيلين جي گهر وڃڻ جي بھاني سان توسان ملڻ معمول بنائي ڇڏيو ھيو،.پيار جو نشو ايترو ذھن تي سوار ٿي چڪو ھيو جو توکان سواءِ ٻي دنيا وساري ويٺي ھيس. ڪاڏي ويا گهر جا ڪم ڪار، ڪاڏي ويا مٽ مائٽ رشتا، ڪاڏي ويون پڙھايون ڇھين کان نائين تائين فرسٽ پوزيشن ۾ ايندي ھيس تنھنجي لڳي کانپوءِ ڏھين ڪلاس جي پيپرن ۾ ٽي پرچا فيل ٿي ھيس.جنھن تي بابا ادا وارن ڏاڍي ناراضگي ڪئي ھئي پر ڪنھن جو بہ اثر ڪونہ پئي ٿيو،۔ ڄڻ ننڌڻڪي ٻار وانگي ھڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيم.
پيار جي دنيا خوبصورت ھئي ڪوثر پر پيار جي خوشبوءِ مٺ ۾ ڪاٿي ٿي لڪي سگهي۔ نيٺ اھا خوشبوءِ ھوا ۾ رلجي لوڪ کان ٿيندي ھڪ ڏينھن تنھنجي ڀائرن ۽ تنھنجي بابا وٽ اچي پھتي”
“زندگي جا ڀيانڪ ڏينھن اڄ بہ منھنجي نيڻن ۾ سمايل آھن.نويد جيڪي اڄ بہ ڪنڊن جيان اکين ۾ چڀي اکين کي زخمي بنائي ٿا ڇڏن۔پنھنجي ھزار ڪوششن بعد بہ بابا تنھنجي غير ھئڻ جي ڪري منھنجو رشتو سوٽ فراز سان ڪري ڇڏيو”
“ان وڇوڙي جو درد ناقابل برداشت ھيو جنھن ڏاڍي تڪليف ڏني ڪوثر۔۔۔۔ دردن کي پلي زندگي بصر ڪرڻي پئي”
“پر منھنجن دردن تہ ڪڏھن بہ آرام جي ننڊ ناھي ڪئي.ايترن مھينن گذرڻ بعد توسان گفتگو ڪندي ڪجهہ راحت نصيب ٿي اٿم”
نويد ڪوثر جي دردن جي شدت وڌندو ڏسي ڳالھہ جو رُخ مٽائيندي پڇيو “فراز ڪاٿي آھي ڪوثر”
“بلڊ پريشر ھاءِ ھئڻ جي ڪري ننڊ جي ٽيبليٽ کائي ستو آھي اھو صبح جو ڏھين يارھين کانسواءِ نہ اٿندو ۽ تنھنجي زال”
“اھا بہ ننڊ ۾ آھي پر اھا ٽبليٽ کائي نہ ستي آھي”
“ان کي نہ ٻڌايو اٿئي تنھنجي پھرين محبت آءٌ آھيان”
“خبر اٿس”
“ان زماني وانگر اڄ بہ فجر جي نماز تائين ڳالھائينداسين ۽ ھاڻ ھر روز”
“پر ڪوثر ان زماني ۾ اسان ھڪ ٻئي لاءِ ھياسين ۽ ھاڻ ھڪ ٻئي جا ناھيون رھيا”
“جسم جو ميلاپ نہ سھي ھڪ ٻئي جي سوچن ۾ تہ سمايل آھيون”
“سوچن ۾ تہ تاحيات گڏ رھنداسين”
“۽ ھاڻ جدائي جي عذاب کي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجا رابطا برقرار رھندا ھميشھ لاءِ نويد”
“ڪنھن وڻ جي ٽاري مان ڇڻيل پن وري ٽاري ۾ ناھي لڳي سگهندو ڪوثر”
“ڇا مطلب آھي تنھنجو نويد؟”
“اسان ٻئي نڪاح جي رضا جي ٽن ٻولن ۾ ڪنھن کي قبول ڪري چڪا آھيون”
“ڪنھن جي ٽن ٻولن ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪي محبت جا تاج محل اڏيا ھياسين ڇا اھي ڊاھي مٽي جو ڍير تہ ڪونہ ڪنداسين نھ”
“اھي تاج محل يادن ۾ سجائي رکڻ لاءِ ھوندا آھن ڪوثر”
“يادن تائين محدود ڇو رھجي نويد شادي کانپوءِ رابطا بحال نٿا ڪري سگهجن ڇا” ڪوثر سواليھ انداز ۾ نويد کان پچيو۔
“ھا ڪري سگهجن ٿا جڏھن پيار ڪندڙ ٻئي واسطيدار اڪيلا ھجن ۽ اسان اڪيلا نہ آھيون”
“پوءِ ڇا پاڻ ۾ رابطا نہ ٿا رکي سگهون ھي تون ڪھڙيون برباد ڪرڻ واريون ڳالھيون ڪري رھيو آھين نويد”
“اسان پاڻ کي بربادي کان بچائڻ لاءِ ٻين رشتن کي برباد نٿا ڪري سگهون اهو فطرتي عمل آھي عورت يا مرد پنھنجي ھمسفر سان ڪنھن ٻئي کي ڪڏھن برداست نٿو ڪري سگهي. اسان تہ پيار جي پيچرن تي ملي راس تہ نہ ٿي سگهياسين پر جيڪي مليا آھن انھن کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ۾ انھن جو سڪون تباھ ڪيون؟!!”.
ڪوثر نويد جي تلخ لھجي تي روئي پئي ۽ نويد کي چيائينس “مان توکان بغير جيءَ نہ سگهنديس”
ڪوثر جي سڏڪن تي نويد جون اکيون روئڻ لاءِ ڀرجي آيون، پر مڙس ۽ زال جي مقدس رشتي جي جڙيل مضبوط ڪڙين جي دليلن جي روشني ۾ روشن ڪرڻ پئي چاھيو ڪوثر کي نويد۔
ڪوثر مجازي خدا جي رشتي کي نويد جي سمجهائڻ تي سمجهي ورتو.۔ ٽاري مان ڇڻيل پن وري ٽاري ۾ نٿو لڳي سگهي ان سٽ جو فلسفو سمجهي ڪوثر نويد کي چيو
“اڄ کانپوءِ وري ڪڏھن بہ ھڪ ٻئي سان نہ ڳالھائينداسين،۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر.۔۔۔۔۔۔۔ پھرين ملاقات ۽ پھرين چمي ڪڏھن بہ نہ وسرندي” ڪوثر جي ائين چوڻ تي ٻئي روئي پيا. ڏاڍو رنا
“ڏس ڪوثر نہ رو تنھنجو روئڻ مون کي آزاري وجهندو آهي”
احساسن سان ڀريل روئڻ هارڪي آواز ۾ ڪوثر نويد کي چيو “تون بہ روئڻ بند ڪر تہ مان بہ کلان ٿي”
نويد روئڻ بند ڪيو ڪوثر سدا جيان ٽھڪ ڏئي کلي اھي ٽھڪ رات جي اونداھي ۾ اصل لاءِ جذب ٿي ويا۔
ڪال بند ٿي۔۔۔
اکين ۾ آيل پاڻيءَ کي ھٿ سان اگهي نويد ڪمري ۾ زال جي ڀرسان آيو، جيڪا سڪون جي ننڊ ڪري رھي ھئي.

جذبن جا ڏيئا

حيدر ڪمري جي پوري سجاوٽ ڪرڻ کانپوءِ. ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني اڳيان اچي بيٺو. پاڻ کي شوق مان تيار ڪرڻ لڳو۔ حيدر آئيني ۾ پنھنجي اکين ۾ پيار جي چمڪ ڏٺي.اھا چمڪ اڳ ڪڏھن بہ ھن پنھنجي اکين ۾ محسوس نہ ڪئي ھئي شايد !. اھا چمڪ ھن جي دل ۽ دماغ تي محبت جي فيلنگس جا اثر ڇڏي رھي ھئي. ھي پنج ويھہ سالا عمر ۾ بہ محبت جي فيلنگس کان سدائين قاصر رھيو ھيو. ھن کي پھريان خبر نہ ھئي، تہ محبت جي دنيا ايڏي حسين، ۽ خوبصورت بہ ٿيندي آھي. ھڪ ماڻھو سان محبت ٿيڻ کانپوءِ دنيا جي ھر شيءِ سان محبت ٿي ويندي آھي. اھو ھن ڄاڻي ورتو ھيو جنھن سان محبت ٿي وڃي ٿي اھو دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ اعلي ۽ حسين ترين جو درجو حاصل رکي ٿو.
اڄ رات اٺين وڳي، انيتا حيدر وٽ پنھنجي پيار جي اظھار کي ونڊڻ لاءِ اچي رھي ھئي،۔ انيتا ڪجهہ سالن کان حيدر کي چاھيندي رھي ھئي، جيڪا خبر حيدر کي بہ ھئي،. پر ڪڏھن بہ انيتا، حيدر سان محبت جو اظھار نہ ڪري سگهي ھئي , نہ ئي حيدر جي دل تي انيتا جي نظرن ڪڏھن ڪو اثر ڇڏيو ھيو، پر اڄ انيتا جي اچڻ تي حيدر پنھنجي دنيا کي مٽجندي محسوس ڪري رھيو ھيو۔
نظرون خاموش ڪمري جي ڀت تي لڳل گهڙيال جي ڪانٽن جي ٽڪ ٽڪ کي ڏسي رھيون ھيون۔ انتظاري، بيقراري ۾ ڄڻ وقت بہ آھستي آھستي ھلڻ شروع ڪري ڏنو ھيو. ھڪ ڪلاڪ بہ ڄڻ مدت جي شڪل اختيار ڪري ورتي ھئي۔ انتظار جي شدت ۾ ھي بار بار در طرف نھار ڪري. آئيني اڳيان اچي پاڻ کي ڏسي رھيو ھيو.
آئيني اڳيان ايندي ھن دفعي پاتل وڳي کي نامناسب سمجهيو، ۽ الماڙيءَ مان ٻيو وڳو ڪڍڻ لاءِ الماڙي کولي اڇو پھرياڻ ڪڍيو تہ ان پھرياڻ ۾ پيل سدرا جو ڦوٽو اچي زمين تي ڪريو. حيدر زمين تان ڦوٽو کڻي مٿي ڪري پنھنجي اکين اڳيان آندو۔ سدرا جي ڦوٽو کي ڏسڻ سان ھڪ دم ھن جون انيتا جي لاءِ گڏ ڪيل سوچون ذھن مان غائب ٿي ويون.
حيدر جي چھري تان انيتا جي انتظاري وارا پل پکي وانگر پَرَ ڪڍي ڪمري کان اڏري ھليا ويا. چھري تي عجيب، غريب ڪيفيت تاري ٿي وئيس۔
حيدر چپن ۾ چيو “سدرا”
حيدر جا خيال ماضيءَ ڏانھن ڊوڙي ويا.
سدرا! طبيعت ۽ کل ڀوڳ مسخري، مذاق چلولائپ، خوش اخلاق سان صورت، سيرت ۾ سھڻي ھئي.
حيدر “سدرا” چپن ۾ چئي ڪمري جي خاموشي ۾ گم ٿي ويو. اکيون عڪس چٽي رھيون ھيون يادن جا ذھن تي
“ڏس حيدر تولاءِ پھرياڻ ٺاھيو اٿم۔ پھرين ڪوشش ھئي منھنجي پھرياڻ ٺاھڻ جي، ڏس سيون ڪيئن ھٿن ۾ چڀي ھٿن ۾ نشان ٺاھي ڇڌيا اٿن” سدرا ھٿن تي سُئين جا نشان حيدر کي ڏيکاريندي چيو۔
حيدر سدرا جا ٻئي ھٿ پنھنجي ھٿن ۾ پڪڙي چميا “ھي پھرياڻ مان پوري زندگي پاڻ وٽ سانڍي رکندس، ۽ ڪن خاص ڏينھن تي پائيندس جيئن پراڻو نہ ٿئي، ۽ جڏھن ھي پھرياڻ پائيندس تہ مون کي تنھنجي ياد ڏياريندو”
حيدر جي ڳالھہ تي سدرا جي چھري تي مايوسي جا ڪڪر ڇائنجي ويا “ھي پھرياڻ توکي منھنجي ياد ڏياريندو ڇا مطلب آھي تنھنجو”۔ تون مون کي پاڻ کان ڌار ڪري ويل وقت جيان ياد ڪندو رهندين” حيدر سدرا جي اکين ۾ آيل پاڻي کي پنھنجي ھٿ سان اگهي سدرا کي پنھنجي سيني سان لائي چيو
“جسم کان روح جدا ٿيندو تہ ماڻھو مري ويندو آھي ۽ حيدر سدرا کان جدا ٿيندو، تہ حيدر مر۔۔۔۔۔ي ويندو”.
سدرا حيدر جي ڳالھہ کي روڪڻ لاءِ تڪڙو حيدر جي چپن تي ھٿ رکيو۔
“منھنجي زندگيءَ جا ڪل ڏينھن بہ توکي لڳن حيدر”
سدرا جي لفظن ۾ سچائي جا گهرا رنگ چڙھيل ھيا۔ حيدر سدرا کي ڀاڪر مان ڪڍي ٻئي ھٿ ڳلن تي رکي چيو “حيدر سدرا جي محبت جو دامن ڪڏھن نہ ڇڏيندو” سدرا پڪ جو جام پي وفا جي سمنڊ جي اونھائي ۾ ٽٻي ھڻي چيو “تون مون سان گڏ آھين سدرا دنيا جي ھر خوف کان بيخوف آھي” ائين چئي سدرا چپن تي مرڪ آندي.
عڪس ڌنڌلا ٿيا سدرا حيدر جي نيڻن کان اوجهل ٿي وئي اکيون سدرا جي ڦوٽو کان ھٽندي ھٿن ۾ پڪڙيل پھرياڻ تي پيون جيڪي سدرا جي ياد کي تازو ڪري رھيا ھيا۔.
سدرا جون يادون زھر بنجي حيدر جي وجود ۾ ڊوڙي حيدر جي جسم جي ھر حصي کي ڏنگي رھيون ھيون.حيدر ڪاوڙ ۾ ايندي ھٿن ۾ پڪڙيل پھرياڻ ۽ ڦوٽو کي زور سان فرش تي اڇلايو ۽ رڙيون ڪندي ڳالھايو۔
“نڪري وڃ منھنجي يادن مان، جيئن تون منھنجي زندگي مان اصل لاءِ نڪري وئين آھين۔ تو جھڙي بي مروت، دغاباز عورت جي يادن جا ڏيئا جلائي پاڻ کي ساڙڻ نٿو چاھيان. اڙي ڪيڏو پيار ڏنو ھيم توکي ۽ تو منھنجي ھماليھ جيڏي اعتماد کي ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. ٻڌا! تو منھنجي ڀرم جي آئيني کي ڇو ٽوڙيو ٻڌا؟”
حيدر جي رڙين تي آواز ڪمري ۾ گونجي پڙلاءُ ڪرڻ لڳو.
حيدر زمين تي پيل سدرا جي تصوير کي حقارت مان ڏسڻ لڳو..
سدرا جي تصور کي حيدر التجائي مظاھرو ڪندي محسوس ڪيو.
“ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھيو مون، جنھن جي سزا ۾ منھنجي وجود کي ٽياس تي ٽنگيو ويو، منھنجي جسم جا ڳڀا ڳڀا ڪري ريگستان جي ڀٽن تي تتل واري مٿان اڇلايا ويا، منھنجي بدن مان وھندڙ رت سان ھن ڌرتي کي لال ڪيو ويو، منھنجي درديلي دانھن کي ھن ھوائن ۾ ڀٽڪايو ويو، ڪھڙي گناھ ۾ توکي منھنجي مٿان ظلم ڪندي قياس نہ آيو!”
“دنيا جو عظيم تر گناھ ڪيو ھيو. جنھن جي سزا تو کي ڀوڳڻي پئي”
“منھنجي محبتن جو خيال نہ پيو توکي ائين ذلت جا ڪوٽ ڪيرائي مون کي اصل لاءِ نيست نابود ڪري ڇڏيئي” حيدر سدرا جي پاڇي سان ڳالھايو.
سدرا روئڻڪي آواز ۾ چيو؛
“حيدر صدين جون محبتون انا جي پلصراط تي چاڙھي سڀ وساري ويٺين۔ ايندي ويندي ڪيئن مزاڪين ڌڪ ھڻي ڪڍندي ھئين مان رڙ ڪندي ھيس امان ! جهليس ڪونہ ٿي ڪيئن ٿو مون کي ڌڪ ھڻين ۽ مان ويھاڻو، يا گلاس کڻي تنھنجي پويان ڀڄندي رڙيون ڪندي ڪندي توکي پڪڙي وٺندي ھيس پر مان توکي ڌڪ نہ ھڻندي ھيس. خبر اٿئي ڇو نہ توکي ڌڪ ھڻندي ھيس ان ڪري جو مان تون سان پاڻ کان وڌيڪ پيار ڪندي ھيس. ياد اٿئي پاڙي مان مٺي ڀت جي پليٽ آئي ھئي، ۽ پليٽ ۾ ٿورو ڀت ھيو تون گهر کان ٻاھر ھئين مون پاڻ نہ کاڌو ۽ تولاءِ لڪائي رکيو ھيم. ڇو جو تون مٺو ڀت وڏي چاھ سان کائيندو ھئين. زندگي جي پل پل جون الائي ڪيتريون محبتون لاڳاپيل ھيون توسان ۽ تون ! منھنجي محبتن جو صِلو ڇا ڏنو”
“پوءِ رشتن کي پائمال بہ تو خود ڪيو ھيو جنھن جي سزا اها ھوندي آھي”
“مون ڇا ڪيو.۔۔۔۔۔ زندگيءَ جي ھم سفر ڳولڻ لاءِ ڪامران سان محبت تہ ڪئي ھيم ۽ ان جي سزا”
“ھا جيڪو ذلت جو داغ تو منھنجي نرڙ تي لڳايو ان لاءِ سزا اھا ھئي”
“مان ڇوڪري ھيس مون محبت ڪئي تہ مون لاءِ محبت ڪرڻ جي سزا دردناڪ ھئي. پوءِ تون مرد ڪنھن جي محبت حاصل ڪرڻ جي انتظار ۾ گهڙيال جي ڪانٽن کي بار بار تڪي رھيو آھين.۔۔۔۔۔۔۔ ٻڌا.۔۔۔۔۔ ٻڌا تولاء ڪھڙي سزا۔۔۔۔۔۔۔۔؟!”
سدرا جو پاڇو ڦوٽو ۾ جذب ٿي ويو۔
تڪڙو حيدر سدرا جو ڦوٽو فرش تان کڻي ھٿ ۾ ڪيو۔
سدرا جا لفظ حيدر جي ذھن جي ديوارن ۾ ڦرندا رھيا۔، بلڪل خاموشي سان ھڪ ھنڌ پير ڄمائي سدرا جي لفظن جي ڌٻڻ ۾ پاڻ کي ڦاٿل محسوس ڪندو رھيو.۔
ڪافي دير تائين سُن ٿي بيھڻ کانپوءِ دماغ مٿان حاوي ٿيل سدرا جي ڳالھہ کي زور سان ڇنڊي لاھي اڇلائيندي چيو۔؛
“نہ نہ زير، زير آ زبر، زبر آ، مرد کي حاڪميت مليل آھي، عورت جي مٿان. جڏھن فوقيت حاصل آھي تہ پوءِ ڇو مان سدرا سان پنھنجي ڀيٽ ڪريان. ھو ماضي ھئي گذري وئي۔ پسند نا پسند جو اختيار مان رکان ٿو. انيتا سان پيار جو اظھار ڪري ھن کي پنھنجو بنائي پرسڪون زندگي گذاريندس۔”
گهڙيال جا ڪانٽا 8:00 وڳي تي پھتا تہ حيدر جنھن جي لاءِ ڪمري ۾ سجاوٽ ڪئي ھئي۔ ان اچي معصوم آواز سان سلام ورايو.
حيدر سدرا جو ھٿ ۾ جهليل ڦوٽو تڪڙو ٽيبل تي رکي انيتا طرف توجهہ ڏيندي مصنوعي مرڪ چپن تي آڻي سلام جو جواب ڏئي آڌرڀاءُ ڪري سوفي تي ويھاريو.
انيتا سائي جوڙي ۾ پنھنجي حسن کي نمايان ڪيو بيٺي ھئي، حسن جمال ۾ ڪمال لڳي رھي ھئي،. حيدر بہ سندس حسن کي ڏسي موھجي ويو ھيو۔.
رات جي پھر کي خوش گوار، ۽ رومانٽڪ بنائڻ لاءِ ڪمري جي لائٽنگ بند ڪري ميڻ بتيون ٻاريون ويون.
ريفريشمينٽ سان گڏ ٽيبل تي ھڪ ٻئي جي بلڪل سامھون ٿي ويٺا.ٻنھي جي چھرن تي مسلسل مرڪ هئي.۔
“منھنجي لاءِ رشتا اچي رھيا آھن، سو منھنجا والدين شادي ڪرڻ لاءِ زور ڏيندي رضامندي پڇي رھيا آھن. زور ان ڪري وجهي رھيا آھن جو مون کان پوءِ منھنجون ٽي ننڍيون ڀيڻون ويٺل آھن.
توسان تہ نينھن گهڻي وقت کان لڳل آھي، پر! ڪڏھن بہ پيار جو اظھار ھڪ ٻئي سان نہ ڪري سگهيا آھيون. ان ڪري معلوم ڪرڻ پئي چاھيم توھان بہ مون سان پيار ڪريو ٿا، يا ھي محبت رڳو ھڪ طرفي آھي؟”
حيدر چپ چوريا تہ اوچتو دريءَ کان تيز ھوا جو جهونڪو آيو، جنھن ٻريل ميڻ بتين کي وسائي ڇڏيو.
حيدر تڪڙو اُٿي ڪمري جي لائٽنگ کولي تہ ھوا جي جهونڪي تي سدرا جو ڦوٽو سري اچي انيتا جي اڳيان پيو. انيتا ڦوٽو کي ھٿ ۾ کنيو، حيدر بہ ڪُرسيءَ تي اچي ويٺو۔.
“ھيءَ ڪنھن جو ڦوٽو آھي؟” انيتا حيدر کان پڇيو۔
“ھيءَ منھنجي ڀيڻ جو ڦوٽو آهي”
“ڪاٿي آھي تنھنجي ڀيڻ نظر ڪانہ ٿي اچي”
“ھيءَ ھن دنيا ۾ ناھي رھي”
“صد افسوس” انيتا ڏک جو اظھار ڪندي حيدر کي چيو
“اھڙو ڇا ٿيو جو ننڍي عمر ۾ موت تنھنجي ڀيڻ جي حياتي ڳڙڪائي ويو؟”
حيدر انيتا جي سوال تي خاموش ٿي ويو ۽ سدرا جي ڦوٽو کي ڏسڻ لڳو.
“مون اوھان کان ڪجهہ پڇيو حيدر”
انيتا جي پڇڻ تي بہ حيدر خاموش رھيو ۽ ڦوٽو مان سدرا جي آواز جي گونجار ڪري اٿي جيڪو صرف حيدر پئي ٻڌو.
“مون کي محبت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ حيدر قتل ڪيو آھي،. پڇ ھن کان جي محبت جي جذبن جا ڏيئا اندر ۾ ٻارڻ پاپ آھي، تہ پوءِ ھي پنھنجي اندر ۾ تولاءِ ڇو محبت جي جذبن جا ڏيئا جلائي ويٺو آھي”
انيتا حيدر جو چھرو لعل ۽ عجيب، غريب ڪيفيت ۾ ڏسندي معلوم ڪيو.
“تون ٺيڪ تہ آھين. ڇا ٿي ويو توکي اوچتو”
حيدر جو چھرو ۽ ھٿ ڏڪي رھيا هئا. هُن ڏڪندڙ ھٿن سان سدرا جو ڦوٽو انيتا کان وٺي. سدرا جي ڦوٽو کي چمي ڏئي. ڦوٽو ٽيبل تي رکي ڦوٽو مٿان پنھنجو چھرو رکي روئڻھارڪو ٿي ويو.
انيتا کي ڪا ڳالھہ سمڄھہ ۾ نہ پئي آئي.
حيدر چھرو مٿي ڪري انيتا کي چيو
“مان تون سان پيار نٿو ڪريان”.
“پر ڇو”؟! “مون کي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ اچي رهي آهي” انيتا ششدر ٿيندي حيدر کان پڇيو.
“مان پنھنجي محبت ڪرڻ جا احق پاڻ وڃائي چڪو آهيان” حيدر پڇتاءُ کائيندي چيو
“اهو ڪيئن حيدر.... مان ڪيئي جذبن جا ڏيئا جلائي تو وٽ پھتي آهيان ۽ تون!؟......”
“تو معلوم ڪرڻ پي چاهيو نہ ڪيئن موت ننڍي عمر ۾ منھنجي ڀيڻ جي حياتي ڳڙڪائي ويو”.
“جي! جي مون معلوم ڪرڻ پي چاهيو؟”
“هن کي ننڍي عمر ۾ مون ماريو هيو”
انيتا کي حيدر جي ڳالھہ تي ڏندي آڱريون اچي ويس، ۽ زمين پنھنجي پيرن هيٺان ڌڏندي محسوس ڪيائين. “ڇو ماريو هيو تون پنھنجي ڀيڻ کي؟!” تعجب مان انيتا حيدر کان پڇيو.
“محبت ڪرڻ جي ڏوھہ ۾”.
“محبت ڪرڻ جي ڏوھہ ۾؟!” انيتا جي ذهن ۾ ڪئي سوال اُڀريا.
حيدر چيو “ها محبت ڪرڻ جي ڏوھہ ۾
مون کي اهو ڏينھن اڃا تائين ياد آهي آفيس کان موٽندي جڏهن سدرا کي پنھنجي ڪلاس فيلو ڪامران سان گڏ هن ئي ڪمري ۾ ڏٺو هيومان.
“سدرا”
منھنجي رڙ ۾ جذبات سان گڏ انا بہ شامل هئي.
“ادا! هي منھنجو ڪلاس فيلو آهي، ۽ اسان هڪٻئي کي پسند ڪندا آهيون”.
سدرا جي ڳالھہ تي ڪاوڙ ۾ اچي سدرا کي وارن مان پڪتم.
“ڪامران تون نڪري وڃ” ڪامران سدرا جي چوڻ تي نڪري هليو ويو.
مان جلال ۾ اچي ڊوڙ پائي رڌڻي مان خنجر کڻي آيس.
هن ئي ڪمري وچ تي.
“منھنجي ڀيڻ مون کي هٿ ٻڌي رهي هئي. پيرن تي بہ ٻئي هٿ رکيا هيائين ۽ خدا جو قسم کڻي چئي رهي هئي “ادا! تنھنجي ڀيڻ صرف محبت ڪئي آهي. خدا ۽ ان جي رسول کي گواھہ ڪري ٿي ڳالھہ ڪريان ٿي منھنجو دامن صاف، اُجرو آهي”.
“تہ بہ سدرا تي طيش ٿيندي خنجر سري تي رکيومانس. هوءَ ڪيئن مون کي ايلازون ۽ منٿون ڪري رهي هئي. “ادا! مون کي نہ مار، مون کي نہ مار” هڪ ئي ماءُ، پيءُ جا اولاد آهيون. سڄي عمر هڪ ٻئي سان کيڏيا آهيون، ڪڏيا آهيون. رسڻ، پرچڻ سان گڏ ڪيڏيون کيچليون ۽ هجتون بہ رهيون آهن پاڻ ۾، ڪنھن هڪ ئي ڳالھہ جو ڪھل رکندي مونکي نہ مار ادا”
مون درندي کي پنھنجي معصوم ڀيڻ جي ڪنھن ڳالھہ تي ڪھل ڪانہ آئي، نہ ئي ان جي ڪوڪن تي ڪو قياس آيو ۽ مون هن جي سري تي خنجر وهائي مون سدرا جي جذبن جا ڏيئا اصل لاءِ وسائي ڇڏيا.
حيدر گوڏن ڀر فرش تي پاڻ کي ڇڏي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.
انيتا حيدر کي حقارت جي نظرن سان ڏسي پنھنجا قدم پوئتي ڪندي ڊوڙ پائي گهران نڪري وئي.

زمين آسمان

ماھين جي چاچي جي گهر ۾ شاديءَ جو ڪاڄ ھيو، سڀ مرد گهوٽ کي وٺي شادي هال ۾ نڪاح جي رسم لاءِ روانا ٿيا. پوڙھيون، پڪيون عورتون سھرن وارين سان گڏ زمين تي وڇايل قالين تي ويھي دھل تي سھرا چئي رھيون ھيون. ماھين جون ھم عمر ڇوڪريون تيار ٿي رھيون ھيون. ماھين جي تياريءَ ۾ مصنوعي Eyelash (اکين جون پنبڙيون) نہ ھئڻ ڪري کيس مزو نہ اچي رھيو هو. هر هر آئيني اڳيان اچي پنھنجي اکين کي ڏسي رھي ھئي. گهڙيال طرف جو نظر وڌائين، سياري جي رات جا ساڍا ٻارنھن ٿي رھيا ھيا. ماھين ان سوچ ۾ ھئي تہ ھن وقت پنبڙيون ڪٿان اچن. سوچيندي سوچيندي هن کي جنرل اسٽور واري جو سندس جي ماءُ کي ڏنل دڪان جو ڪارڊ ياد اچي ويو. جلدي ڪارڊ ماءُ جي پرس مان ڪڍي ھٿ ۾ ڪري وقت جي نامناسب ڪانٽن جي ٽڪ ٽڪ طرف ڌيان ڏئي، اکين کي آئيني ۾ آءِ لشز نہ ڏسي نمبر ڊائل ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي. پھرين رنگ ٽون ۾ ڪال اٽينڊ ٿي.
“ھيلو ڪير؟”
“مان... مان ماھين زبيدہ جي ڌيءُ... امان زبيدہ جيڪا اڄ رات ساڍي ڏهين وڳي اوھان جي دڪان تان Jewellery (نقلي زيور) خريد ڪري وئي ھئي، امان کي اوھان پنھنجي دڪان جو ڪارڊ بہ ڏنو ھيو”.
“جي ياد آھي، ماسي زبيدہ جيولري خريد ڪري وئي ھئي. ڪيئن ڪال ڪئي اٿو؟”
“ھيڏي رات جو اوھان کي ڪجهہ چوڻ نامناسب هو، پر جيڪو مون شاديءَ ۾ سينگار ڪيو آھي ان جو سڄو مزو خراب ٿي ويندو”. ماھين ڳالھہ ۾ التجا سمائيندي چيو.
“اوھان کي جيڪو ڪجهہ چوڻو آھي، بي ججهڪ چئو”.
“مون کي آءِ لشز ٿا کپن سو بہ ھينئر جو”.
جبران ڀت تي لڳل گهڙيال تي نظر وڌي.
“ھينئر جو!!؟ ھينئر ٽائيم ڏٺو اٿو، گهڻو ٿيو آھي”.
“پليز ــ پليز مون ڪڏھن بہ زندگيءَ ۾ ائين ڪنھن کي منٿ نہ ڪئي آھي، مھرباني ڪريو”.
“ٺيڪ آھي ايڏو زور ٿا ڀريو تہ اوھان جو ڪم ڪرڻو ئي پوندو. ڪنھن کي دڪان تي موڪليو. اچي تہ ڪڍي ڏيانس ٿو”.
“سڀ مرد ۽ ڇوڪرا نڪاح جي رسم لاءِ هال ۾ ويل آھن. اوھان جي مھرباني...”
“ٺيڪ آھي دڪان تان کڻي اوھان کي ڏيڻ اچان ٿو”.
ماھين بيحد خوشيءَ مان جبران کي Thanks چيو.
ماھين جون اکيون موبائل ۾ کُپيل ھُيون. ڪجهہ دير بعد جبران جي ڪال آئي. ڪال اٽينڊ ڪري ماھين تڪڙي گهر کان ٻاھر آئي. جبران موٽرسائيڪل تي بيٺو ھيو. جبران ماھين جي حسن تي گهور وجهندي کيسي مان آءِ لشز ڪڍي کيس ڏنيون.
آءِ لشز وٺندي ماهين اوچتو چيو، “او... پيسا تہ تڪڙ ۾ گهران ڪانہ کڻي آئي آھيان. بيھو تہ مان اوھان کي کڻي آڻي ٿي ڏيان”.
“ھينئر گهر ۾ شاديءَ جو ماحول ھلي رھيو آھي، ڪنھن ڏينھن دڪان تي اچي ڏئي وڃجو”. جبران چيو
ماھين جبران جو ٿورو مڃيو.
جبران ماھين کي ھار سينگار ۾ سنوريل ۽ حسن جي تجلن ۾ ڏسي، پنھنجو اچڻ سجايو سمجهيو ۽ موٽرسائيڪل کي ڪڪ ھڻي روانو ٿيو.
ماھين گهر وڃي آءِ لشز اکين تي سيٽ ڪري شاديءَ جي ماحول ۾ رلجي وئي.
شادي گذرڻ کان ڪجهہ ڏينھن پوءِ هوءَ آءِ لشز جا پيسا ڏيڻ لاءِ جبران جي دڪان تي آئي. جبران ڇوڪرين جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ جو فن خوب ڄاڻندو هو. ڪولڊ ڊرنڪ سان گڏ هن ريفريشمينٽ ۾ ڪجهہ گهرائي ورتو ۽ ھڪ خوبصورت واچ ماھين اڳيان رکي چيو، “جيڪو من موھيندڙ گراهڪ پھريون ڀيرو منھنجي دڪان تي ايندو آھي، مان ان کي سوکڙي ضرور ڏيندو آھيان”. ماھين کي ويندي ويندي جبران سوکڙي کڻائي ورتي.
ماھين گهر جي ڪم کان واندي ٿي، جبران کيThanks ڪرڻ لاءِ ڪال ڪئي.
جبران پنھنجي گفتار هڪ شعر سان شروع ڪئي، جنھن جو مطلب ڪجهہ هن ريت هو: “زندگيءَ جي ھر گام تي بدنام ٿياسين، اکين جي شھر ۾ قتل عام ٿياسين، اسان جي بھا اھا ھئي ڪا پيارا، رڳو مرڪ هڪڙيءَ تي نيلام ٿياسين”.
“واھ جيترو خوبصورت شعر آھي، اوترو اوھان جي پڙھڻ جي ڏانءَ شعر کي دلڪش بنائي ڇڏيو آھي”. ماھين جبران کي داد ڏيندي چيو.
پرڪشش انداز ۾ جبران ٻيو شعر پڙھيو.
“ڪمال جو خزانو آھي اوھان جي اندر جي ڊائريءَ ۾ جمع ٿيل”.
“ھن ڊائري جا ورق تڏھن اٿلي زبان تي روان ٿيندا آھن، جڏھن ڪنھن حور پريءَ جو مٺڙو آواز ڪنن تي پوي ۽ ان حسينا جي حسن جو عڪس اکين تي ڇانئجي وڃي، تڏھن ڪيفيتون ڪنھن شاعر جي عاشقانہ شاعريءَ وانگر لفظن جي صورت ۾ اڀري پونديون آھن”.
ڳالھہ ھلندي ماھين چيو.... “نہ ڪا مان حور پري آھيان نہ ئي ڪا حسينا، مان تہ ھڪ گهراڻي جي سڌي سادي ڇوڪري آھيان، پوءِ اوھان جا شاعرانہ انداز مون سان ڳالھائڻ تي ڇو ٿا نکري پون”.
“تون پرکجي نہ آھين. تون حسن جي تارازي ۾ تري نہ آھين، نہ ئي تون ڪنھن جي نظر ۾ رھي آھين، شايد!! تڏھن تو پاڻ تي غور نہ ڪيو آھي. تون تمام خوبصورت ۽ پياري آھين”.
فون تي ڪچھرين بعد ماھين کي پنھنجي حسين ھجڻ جي احساس من ۾ مانڌاڻ مچائي ڏني. آئيني اڳيان اچي پنھنجي خوبصورتيءَ کي غور سان تَڪي رھي ھئي ۽ محسوس ڪري رھي ھئي تہ واقعي هوءَ ايتري خوبصورت آھي جيتري جبران چوي ٿو.
ماھين جو جبران سان فون تي رابطو، دڪان تي اچڻ وڃڻ وڌندو ويو.
ماھين اڃان مس عمر جي سترھين سال ۾ داخل ٿي ھئي. جبران جون ڳالھيون سندس ڌيان جو مرڪز بنجنديون ويون. سندس دل، دماغ ۽ اکين تي جبران جا تصور چٽندا ويا.
جبران کان سواءِ ماھين دنيا جي رونقن، سرد گرم ھوائن، اوچ نيچ، ڏک سک، لاھن چاڙھن جا سبق نہ پڙھيا، نہ سکيا ھيا. ان ڪري ماھين جبران کان ايترو متاثر ٿي جو کيس پنھنجي ۽ جبران جي وچ ۾ عمر جي فرق جو احساس ئي نہ رهيو ۽ جبران سان پيار جو اظھار ڪري ويٺي.
جبران، جيڪو ڪنھن جي زندگيءَ ۾ اچڻ کان قاصر هو، زال جي وفات ۽ سٺ سالن جي رٽائرمينٽ کان پوءِ جنرل اسٽور کولي اڪيلائپ ۽ بوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي هشاش بشاش ۽ خوشگوار رکڻ لاءِ ڇوڪرين ۽ عورتن سان کل ڀوڳ وارو رستو اختيار ڪري ورتو هئائين.
ماھين ۽ جبران جو جوڙ ناگوار، نامناسب هو. عمر جون تقاضائون جبران کي پيار ۾ ڳنڍجڻ جي اجازت نہ ڏئي رھيون ھيون.
پر ماھين پيار جون سرحدون پار ڪري چڪي ھئي، جتان هوءَ واپسي ناممڪن پئي سمجهي.
وقت سان وڌندڙ جنون دوران ماهين شاديءَ جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجڻ لاءِ جبران کي هِن جي والدين کان سڱ گهرڻ لاءِ زور ڀريو.
جبران ھن جي پيار جي شدت کي ڏسي پھريان ماھين کي پنھنجي ماءُ پيءُ کي راضي ڪرڻ لاءِ چيو.
ماھين ماءُ سان جبران جي محبت واري حيقيقت ڪئي. ماھين جو پيءُ، جيڪو ھاءِ اسڪول ۾ استاد ھئڻ سان گڏ پنھنجي پاڙي جي معززن ۾ شمار ٿيندو ھيو، تنھن ڊيوٽيءَ تان واپس ايندي ماھين جي ڳالھہ ٻڌي ورتي.
ماھين جي پيءُ ماھين ۽ جبران جي عمر ۾ زمين آسمان جو فرق ڏسندي سخت ڪاوڙ ڪندي صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
ماھين جبران جي عشق ۾ چوٽ چڙهي انڌي ٿي چڪي ھئي، ھار سينگار، ويس وڳا لاھي ڦٽا ڪري کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيائين ۽ ھڪ ٻولي زبان تي لائي ويٺي ‘جبران يا موت’.
ماءُ پيءُ سختين کانپوءِ محبت سان سمجهائڻ جا وس ڪيا. منٿن ميڙن سان گڏ سڀ خواهشون زندگيءَ جون پوريون ڪري ڏيڻ جا واعدہ ڪيا. خاندان جي ڪنھن بہ ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جي آڇ سندس اڳيان رکي وئي. ماھين جو ضد ماھين کي موت طرف ڌڪيندو پئي ويو. سڀ ھيلا وسيلا ڪوششون ڪاوشون ماءُ پيءُ ناڪام ٿيندي ڏسي پريشانيءَ جي عالم ۾ ٻڏندي ماھين جي زندگي کي بچائڻ خاطر وِھ جو پيالو پي جبران سان شاديءَ لاءِ ھا ڪئي.
ماھين کي وري نئين سر جيئڻ جو آسرو ملي ويو. ڪومايل گل وري ٽڙي خوشبودار ٿي پيو.
ماھين کي سندس پيءُ جبران کي شاديءَ جي تاريخ ڏيڻ لاءِ جمعي رات گهرائڻ لاءِ چيو. اھا خوشخبري ماھين جبران کي ٻڌائي.
ماهين جبران کي خميس جي ڏينھن سندس پيءُ جي اڳيان تيار ٿي اچڻ جي لاءِ ڪجهہ سمجهائڻ لاءِ رڪشو پڪڙي جبران جي دڪان تي پھتي. دخل تي ٻئي شخص کي ويٺل ڏسي هن جبران جي پڇا ڪئي. جنھن کيس ٻڌايو تہ “جبران کان ھي دڪان مون ڪالھہ خريد ڪيو آھي”.
ماھين پنھنجي منھن ڀڻڪي، “جبران ھي دڪان کپايو تہ مون سان ڳالھہ ڇو نہ ڪئي...؟”
هن جلدي پرس مان موبائل فون ڪڍي جبران جو نمبر ڊائل ڪيو. نمبر بند وڃي رھيو هو. ٻہ ٽي ڀيرا ڊائل ڪرڻ کانپوءِ ماھين جبران جي گهر اچي پھتي، دروازو اندران بند ھيو. هن در کڙڪايو. اندران ھڪ نوجوان ڇوڪري اچي دروازو کوليو.
”جي! توھان ڪير؟“ ڇوڪري پڇيو.
“مون کي جبران سان ملڻو آھي”.
“جبران کان اسان ھيءَ جڳھہ خريد ڪئي آھي”.
ماھين ھوش وڃائي وائڙي ٿي، پنھنجي پاڻ سان ڳالھائڻ لڳي، ”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.“ ائين چئي گهر ۾ گهڙي پئي. گهر ۾ ٻيون عورتون، ٻار، گهر جي تبديل ٿيل حالت ڏسي واپس پنھنجي گهر اچي وئي.
ڪمري جا بلب بند ڪري، مسلسل جبران جو نمبر ڊائل ڪندي رھي، پر نمبر بند ملندو رھيو.
خميس جو سج جمعي جي رات لاءِ پھاڙن پويان الوپ ٿي ويو، تان جو رات جا نَو ٿيا. ماھين جي ماءُ پيءُ سندس ڪمري ۾ اچي لائيٽ کولي، کانئس جبران جو پڇيو. ماھين ڏک مان جبران جو دڪان ۽ گهر کپائڻ ۽ موبائل فون نمبر بند رھڻ جو ٻڌائي، ماءُ کي ٻک وجهي اوڇنگارون ڏئي زور سان روئڻ لڳي. ماءُ جي پرچائڻ تي ماھين جي پيءُ زال کي اشارو ڪري ماھين کي پرچائڻ کان روڪيو ۽ ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسي چپن ۾ اطمينان جو اظھار ڪيو.
ماھين وقت بہ وقت شاھي بازار، شھر جي ھوٽلن، گهٽين ۾ نھاريندي، جنھن کان مناسب لڳس تنھن کان جبران جي پڇا ڪندي رھي، پر ڪٿان بہ کيس ڏس پتو نہ مليو.
ڪجهہ وقت گذرڻ کانپوءِ ماھين ماءُ پيءُ جي رضامنديءَ سان مبين نالي پاڻ جيڏي هڪ مائٽ سان شادي ڪري ورتي.
وقت گذرندو ويو، هفتا، مھينا ۽ سال گذري ويا. ماھين مبين سان خوش گذارڻ لڳي ۽ کين ٻہ ٻار پيدا ٿي چڪا ھئا.
وقت تيزيءَ سان ڊوڙندو ماھين کي سترنھن سالن کان ستٽيھہ سالن تي اچي پھچايو. ماھين مبين ٻن ٻارن سميت پنھنجي شھر کان سياري جي خريداريءَ لاءِ روانا ٿي حيدرآباد صدر بازار ۾ شاپنگ ڪري رھيا ھيا. ماھين مبين ۽ ٻارن کان ڪجهہ منٽن لاءِ گارمينٽ جي دڪان تان موڪلائي سامھون واري جنرل اسٽور تان ڪجهہ هار سينگار وٺڻ لاءِ وئي.
هار سينگار جو سامان ضرورت آهر کڻي، بل ادا ڪرڻ لاءِ دخل تي آئي. دخل تي پوڙھو شخص، جنھنجي مٿي جا وار، شھپر، ڀرون ۽ اکين جا پنبڙ اڇا هئا، ڪٻڙو لڳو ويٺل ھيو. جنھن ماھين کي چيو “توھان منھنجي دڪان تي پھريون ڀيرو آيا آھيو ۽ جيڪو گراهڪ منھنجي دڪان تي پھريون چڪر ايندو آھي مان ان کي پنھنجي طرفان کان سوکڙي ڏيندو آھيان”. ماھين جي ڪنن تي جيئن آواز پيو، تيئن ماھين اکيون پٽي ان پوڙھي شخص کي غور سان ڏٺو ۽ عبرت مان چيو “جبران تون!!!!؟”
جبران ماھين جي آواز تي تڪڙو نظر جو چشمو پاسي مان کڻي اکين جي مٿان چاڙھيو ۽ ماھين کي غور سان ڏسندي چيو “ماھين تون.!!؟”
ماھين ۽ جبران ويھہ سالن جي عرصي بعد ھڪ ٽيبل تي وڃي ويٺا. جبران ماھين کي چيو، “تو سان شادي نہ ڪرڻ... شھر مان ڀڄي وڃڻ جو سبب.... تنھنجو جوانيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو جنون هو ۽ منھجي زندگي جو لھندڙ سج هو. ان ڪري توکي عمر جو پڇتاءُ ڏيڻ کان وقتي تڪليف ڏئي مان تنھنجي زندگيءَ مان نڪري ويس”.
ماھين جو جبران کي ٻياسي سال جي عمر ۾ ڏسي، جبران جو سندس زندگيءَ مان نڪري وڃڻ وارو فيصلو درست لڳو.
جبران سامھون لڳل آئيني طرف ڏٺو ماھين بہ پنھنجون نظرون آئيني طرف ڪيون.
وقت جي آئينو ٻنھي ۾ زمين آسمان جي فرق کي ظاهر ڪندي، جبران جي فيصلي تي جرڪندو رهيو.

ڪاري راڻي.۔۔۔۔۔ BLACK QUEEN

”ھيءُ منھنجي لاءِ آيل ٽيون رشتو ھو، جو منھنجي ڪاري رنگ، گهنڊيدار وارن، ٿلھن چپن کي ڏسندي مون کي بدصورت سمجهي رد ڪيو ويو آھي”. رمشا ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني ۾ پاڻ کي غور سان ڏسندي ارمان وچان پنھنجي ماءُ سان ڳالھايو.
“ائين نہ آھي، سڀ مرد ھڪ جھڙا ناھن ھوندا، لکئي جو ليک آھي. تنھنجو رشتو شايد انھن سان لکيل نہ ھيو، ان ڪري نہ ٿيو. رمشا! نا اميديءَ واري سوچ نہ رکندي ڪر”. ماڻس کيس سمجهائيندي چيو.
“ھونءَ... دنيا جا ڇوڪرا صرف ڇوڪرين جي ٻاھرين خوبصورتيءَ کي ڏسندا آھن، انھن کي ڇوڪرين جي اندر جي سونھن نظر ئي ناھي ايندي”.
“تنھنجي پيءَ ننڍو سرڪاري ملازم ھوندي بہ ھيڏي وڏي فليٽ جو مالڪ ٿيڻ سان گڏ توکي يونيورسٽيءَ جي ڊگري حاصل ڪرائي ۽ ھاڻ ھو پنھنجي حياتيءَ ۾ توکي ڪنھن سٺي گهر ڏانھن رخصت ڪرڻ چاھي ٿو”.
“ابُوءَ لاءِ کوڙ ساريون عزتون آھن، ھن جي خواھش جو مون کي احترام بہ آھي، پر! مان ڪنھن جي اڳيان پنھنجي ضمير جي تذليل ڪرائڻ نہ ٿي چاھيان تہ ڪو اچي مون کي رد ڪري، منھنجي احساسن جو قتل ڪري ھليو وڃي، اھو ھاڻي مون کان برداشت نہ ٿيندو امي”.
“اسان جي زندگي الائي ڇا، تون سڄي زندگيءَ جو ڊگهو سفر اڪيلي سر ڪيئن ڪري سگهندينءَ”.
“امي آءٌ يونيورسٽيءَ جي ڊگري ھولڊر آھيان، فرسٽ ڪلاس ۾، وڌيڪ پڙهائيءَ تي زور ڏئي ڪميشن جي امتحان جا ڪلاس اٽينڊ ڪري ڪا سٺي نوڪري حاصل ڪري اڪيلي سر زندگي گذاري سگهان ٿي”.
ماڻس ھلڪو کلڻ لڳي.
“ھون... ھن ڪرپشن جي دور ۾ توکي ميرٽ تي نوڪري ملندي! تنھنجو ابو جيڪو بہ فيصلو ڪندو، اھو تنھنجي زندگي لاءِ بھتر رھندو”. رمشا جي ماءُ ڳالھائيندي ڪمري ڏانھن ھلي وئي.
“ڪجهہ بہ چئو امي، ھاڻي ڪو ٻيو نہ ايندو ھن گهر ۾ مون کي رد ڪرڻ وارو.... آءٌ سخت محنت ڪري بہ ڪا نہ ڪا نوڪري ضرور حاصل ڪري اڪيلي سر زندگي گذارينديس”.
ائين چئي رمشا رستي جي پاسي واري کليل دريءَ تي ھٿ رکي خاموش سوچن سان ايندڙ ويندڙ گاڏين ڏانھن ڏسندي، انھن جي گوڙ شور کي ٻڌندي رھي.
رمشا پنھنجي زندگيءَ جي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪتابن سان تعلق وڌائي، پڙھائيءَ کي معمول بنائي ڇڏيو.
رمشا ڪتاب ھٿ ۾ ڪري هال ۾ آھستي آھستي ھلندي پڙهيل شين کي ياد ڪري رهي ھئي تہ سندس ماءُ ڪچن مان اچي سندس ڪپڙن، پيرن ۾ پاتل چمپل، وارن ۽ چھري کي ڏسي چيو، “ڪچن ۾ چانھہ ٺاھي رکي اٿم، پوتي مٿي تي پائي ڊرائنگ روم ۾ کڻي اچ، پر سليقي ۽ سھڻي نموني سان”.
“پر ڇو امي؟!!!”
“تنھنجي لاءِ رشتو آيو آھي ۽ تنھنجي ابوءَ جو حڪم آھي. تون چانھہ کڻي ڊرائنگ روم ۾ اچ، جيئن توکي ڇوڪرو ۽ ان جا گهرڀاتي ڏسن”.
ماڻس ائين چئي تڪڙي ڊرائنگ روم ۾ ھلي وئي.
رمشا ڪاوڙ مان ڪتاب کي زور سان ميز تي اڇلائي، مٿي تي رئو پائي ڪچن مان چانھہ ڪوپن ۾ لاھي، ادب سان ڊرائنگ روم ۾ وئي. سامھون ويٺل ننڍي ۽ وڏي مولوي ۽ ھڪ پوڙھي تي نظر پيس.
“ھيءَ آھي منھنجي نياڻي رمشا”. رمشا جي پيءُ مرڪندي چيو.
ڇوڪري جي ماءُ “ھون” ڪيو.
“ھون” مان محسوس ٿيو تہ هن رمشا کي ڏسي ڪا خاص دلچسپي نہ ورتي.
رمشا سڀني مھمانن کي سلام ڪري، چانھہ ڏئي، احترام طور پاسي واري صوفي تي نظرون جهڪائي ويھي رھي.
ڇوڪري جي پيءُ رمشا کي غور سان ڏٺو، سندس منھن تي اڻ وڻائيءَ جو تاثر نروار ٿيو.
“اڄڪلھہ جي دور ۾ ڇوڪرا ڇوڪري ڏسي پاڻ ٿا پسند ڪن، منھنجي پٽ مولوي فخرالدين اوھان جي ڇوڪري ڏٺي... وڌيڪ زندگي ھن کي گذارڻي آھي.”
هو پٽ کي ڳالھائڻ جي لاءِ اشارو ڪري پاڻ چپ ڪري ويھي رھيو.
مولوي فخر الدين ماءُ پيءُ سان سس پس ڪندي چيو، ”ڇوڪري رنگ جي ڪاري آھي، ڪيئن بہ آھي، ثواب جي نيت سان شادي ڪريانس ٿو. اللھ پاڪ ان جو مون کي اجر ڏيندو.“
جيئن جيئن مولوي فخرالدين جو آواز رمشا جي ڪنن تائين پھچندو ويو، رمشا ڪاوڙ ۾ ايندي اٿي کڙي ٿي، ڪمري کان ٻاھر نڪري هال ۾ آئي. ماڻس بہ پويان رَلي آيس.
“رمشا ھيءَ تنھنجو ڪھڙو طريقو آھي؟ ائين مھمانن جي اڳيان ڊرائنگ روم مان نڪرڻ جو!” ڪاوڙ ڪندي آھستي ماڻس ڀڻڪي.
“مان ڪاري آھيان، بدصورت آھيان، پر مان مولويءَ جي ثواب خاطر مولويءَ سان شادي نٿي ڪري سگهان! ڇو ٿا اھڙا رشتا مون لاءِ ڳولي آڻيو، جيڪي پنھنجن راين سان مون کي آزاري ٿا وجهن، خدارا رحم ڪريو، مون کي اھڙي شخص سان شادي ناھي ڪرڻي، جيڪو ثواب خاطر مون کي پنھنجي زال بنائي.”
مولوي فخرالدين جي ماءُ پيءُ رمشا جون رڙيون ٻڌي چيو، ”اھڙي ڇوڪريءَ سان پنھنجي پٽ جي شادي نٿا ڪرائي سگهون.“
هو رمشا جي پيءُ کان معذرت ڪري هليا ويا.
رمشا جو پيءُ ڪاوڙ ۾ڊرائنگ روم مان هليو آيو ۽ رمشا کي گهٽ وڌ ڳالھايائين.
“مولوي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ عربيءَ جو استاد آھي، ۽ ماسترن جون ڪيتريون سٺيون پگهارون آھن، جي مولويءَ ڪجهہ چيو تہ ڇا ٿي پيو، ڪھڙو آسمان ڪري پيو...” رمشا جو پيءُ اُهي جملا ڪاوڙ ۾ چئي ڪمري ڏي ھليو ويو...
رمشا پيءُ جي اھڙي ڪاوڙ تي ڏک ۾ اوڇنگارون ڏئي روئندي رهي.
ان کانپوءِ رمشا پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪتابن کي ڏينھن رات جو ساٿي بنائي، ڪميشن پاس ڪري ڪنھن منزل تي پھچڻ جي جنون ۾ دنيا سان سڀئي رابطا ختم ڪري ڪمري تائين محدود ٿي وئي.
ماءُ بہ کيس ڪم ڪار کان پاسيرو ڪندي سندس ساٿ ڏيندي رھي. ھڪ ڀيري رمشا ليپ ٽاپ تي ڪم ڪري ھئي تہ ماڻس اڳيان ويھندي ڪچهريءَ دوران پڇڻ لڳيس،
”چار سال يونيورسٽي ۾ پڙھينءَ، توکي ڪنھن ڇوڪري پسند نہ ڪيو ڇا؟“
”مون کي ڪنھن پسند ڪيو ھو، پر مون ان کي پسند نہ ڪيو ھو.“ ليپ ٽاپ تي ڪم جاري رکندي رمشا وراڻيو.
”تو ھن کي پسند ڇو نہ ڪيو؟“
”ابوءَ جي نصيحتن تي مون مضبوطيءَ سان عمل ڪيو ھو شايد! ان ڪري پسند نا پسند ڏانھن منھنجو ڌيان نہ ويو.“
”جنھن توکي پسند ڪيو، اھو ڇوڪرو ڪيئن ھو؟“
رمشا ھلڪو کلندي چيو، ”اھو گنجڙو ھو. ۽ نظر جو وڏو چشمو پائيندو ھو. ھونء تہ هاٺي ۽ صورت ۾ ٺيڪ ھو، نالو رميز ھيس، ھو مون کي Black Queen (ڪاري راڻي) ۽ مان ھن کي ’گنجڙو‘ سڏيندي ھيس.“
”ھون...“ رمشا جي ماءُ ھلڪي مرڪ چپن تي آڻي چيس، ”معنيٰ، يونيورسٽيءَ ۾ ٻارن واريون کيچلون بہ ھلنديون ھيون... تو پنھنجي ابُوءَ جي نصيحتن تي عمل ڪيو ۽ ھو بہ تنھنجي پيار کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو.“
”ائين ئي ڪجهہ آھي، امي! مون ابوءَ جي ڀرم کي نہ ٽوڙيو ۽ گنجڙي بہ مسلسل ٻہ سال پوري ڪوشش ڪئي، منھنجو پيار حاصل ڪرڻ جي، ان جي حرڪتن تي آخر ڪار مون گنجڙي جو ڪلاس ۾ آخري پيرڊ بعد سمورن شاگردن اڳيان ٺيڪ ٺاڪ ڪلاس ورتو، ان کان پوءِ ويچارو...!!!“
”هاءِ هاءِ، ڪنھن محبت ڪرڻ واري کي ايڏو بہ ذليل ڪبو آھي ڇا، سو بہ پوري ڪلاس اڳيان.“ رمشا جي ماءُ افسوس مان چيو، ”ان کان پوءِ ان جو ردعمل ڪھڙو رهيو“
”ان کان پوءِ ھو ڪڏھن بہ منھنجي سامھون نہ آيو، پر پوءِ بہ ھو پنھنجي ڳالھہ گل جي ذريعي ڪري وٺندو ھو.“
”پنھنجي ڳالھہ گل جي ذريعي ڪري وٺندو ھيو؟ اھو ڪيئن؟“
”صبح جو جڏھن مان ڪلاس ۾ ايندي ھيس ھر روز منھنجي ڪرسيءَ تي گلاب جو گل رکيل ھوندو ھو. ڪرسيءَ تان مان جڏھن گل کڻندي ھيس تہ ھو مون کي لڪي ڏسندو ھو ۽ مان ٽيڏي اک سان ڏسي گل کڻي پاسي تي رکي ڇڏيندي ھيس.“
”مون کي اڃا بہ ياد آھي، آخري سال ۾ ھو مون سان اچي مليو ھو ۽ ڏک مان چيو هئائين’مون تو سان سچي محبت ڪئي آھي، جي مان توکي ماڻي نہ سگهيس تہ توکي وساري بہ نہ سگهندس.‘ آخري ڏينھن ۾ مون ھن کي ڏاڍو ڏکايل محسوس ڪيو، پر ابُوءَ سان ڪيل اقرار اڳيان نہ ھن کي ڪا آٿت ڏنم، نہ ئي ھن جي زخمن تي مرهم رکڻ پئي چاھيم.“
”ان جو ڦوٽو اٿئي؟“ ماڻس پڇيس.
”جي ھا، ھوندو. يونيورسٽيءَ جي وقت ۾ ڪافي گروپ ڦوٽو گڏ نڪتل ھئا.“
هن ليپ ٽاپ تي پنھنجي فائل مان پراڻيون تصويرون ڳولي ماءُ کي گنجڙي رميز جا ڦوٽو ڏيکاريا. رمشا جي ماءُ ڦوٽو ڏسي، ”ڪاش.“ چئي خاموش ٿي وئي.
رمشا جنون جون حدون پارڪندي پڙھائيءَ کي چنبڙي پئي.
ھڪ ڏينھن ڪميشن جي امتحان جو نتيجو آيو. هن جي خوشيءَ جي حد نہ رهي. هن پوزيشن کڻي پنھنجي سبجيڪٽ ڊپارٽمينٽ ۾ 17 سترھين اسڪيل جي نوڪري حاصل ڪري ورتي.
رمشا جي ڪميشن جي امتحان پاس ڪرڻ واري خبر اخبارن ۾ شايع ٿيڻ بعد مٽن مائٽن، دوستن، واسطيدارن سڀني رمشا ۽ رمشا جي ماءُ پيءُ کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ رمشا جي رشتي جي آڇ لاءِ قطارون لڳائيندا ويا. ھر ڇوڪرو وڏي دلچسپيءَ سان رمشا کي قبولڻ لاءِ تيار ھو. پر ! رمشا گنجڙي رميز سان شاديءَ بابت ماءُ سان خيال جو اظھار ڪيو. ماءُ چيس، ”پنج ڇھہ سال گذرڻ کانپوءِ بہ ھن ڇا تنھنجي انتظار ۾ ويھي شادي نہ ڪئي ھوندي؟ اھا ڳالھہ ناممڪن ٿي لڳي.“
”ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناھي، متان بہ رميز شادي نہ ڪئي ھجي.“ رمشا ماءُ کي چيو.
”ڪوشش ڪرڻ ۾ واقعي ڪو حرج نہ آھي، تون ڪوشش ڪري ڏس.“ ماءُ رمشا کي اجازت ڏني.
رمشا پنھنجي گهران ھزارين وسوسن وھمن ۽ خواھشن جا انبار پاڻ سان گڏي رميز جي گهر پھتي. رمشا جون نظرون رميز جي زال، گهر ۾ ننڍڙن ٻارن کي ڳولڻ لڳيون. نظرون گهر ۾ چوطرف ڦرائيندي رمشا هال ۾ اچي پھتي تہ رميز هال ۾ اڪيلو موجود ھو، جنھن رمشا کي ڏسندي وڏي ادب احترام سان سندس آجيان ڪئي، ۽ هال ۾ ويھندي ريفريشمينٽ سان گڏ ڪچهري جاري رکي.
رمشا انھيءَ دوران رميز کان پڇي ورتو، ”رميز تو شادي ڪئي آھي؟“
رميز رمشا جي ان سوال تي خاموش ٿي ويو.
رمشا سمجهي وئي تہ مون کي ھن وٽ اچڻ ۾ دير ٿي وئي آھي. رمشا اٿي موڪلائي وڃڻ لڳي تہ رميز اٿي سڏ ڪيس.
”ڇا منھنجي ھم سفر سان نہ ملي ويندينءَ.“ رميز جي آواز ۽ ان جملي تي رمشا جا قدم رڪجي ويا ۽ بي وسيءَ مان نڪتل آواز ۾ چيائين،
”ھا، ڇو نہ ملنديس، ڪاٿي آھي...“
”ڪمري ۾ آھي اچو.“ رميز ڪمري طرف ھليو. ھڪ ٻن وکن جي فاصلي تي رمشا رميز جي پويان ھلي رميز ڪمري جو در کولي رمشا کي ڪمري ۾ اندر اچڻ لاءِ چيو.
رمشا ڪمري اندر داخل ٿيڻ سان ڪمري جي ڀتين کي ڏسڻ لڳي. ڀتين تي چئو طرف رمشا جون تصويرون لڳل ھيون.
رميز جي اکين ۾ پاڻي تري آيو ۽ رمشا کي چيائين، ”جنھن ڏينھن مون يونيورسٽيءَ ۾ Black Queen (ڪاري راڻي) کي چاهيو ھو، ان ڏينھن کان وٺي پنھنجي من جو نڪاح ان سان ئي ڪري ڇڏيو هو. ھو ڏس ڀتين کي غور سان اڄ بہ Black Queen مون سان گڏ گڏ آھي.“ رميز جي اکين مان تري آيل، پاڻي ڏک جي شدت سبب تيز ٿي ويو. پنج سالن بعد بہ رمشا رميز جي پاڻ سان ايڏي محبت ڏسندي زارو قطار روئي پئي ۽ اوڇنگارن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. هن پنھنجي پوتيءَ جي پلئه سان رميز جون آليون اکيون اگهيون، پنھنجو ھٿ رميز ڏي وڌايو. رميز پنھنجو ھٿ رمشا جي ھٿ کي وٺي پنھنجي اکين ۽ چپن تي رکيو.

ناسور

خوشي جو سماء ھو. ھر ھڪ ماڻھو مھڪيو پئي. پنھنجن نون ڪپڙن ۾، سال جي پھرين وڏي عيد ھئي. عيد گاھ ۾ مرد عيد نماز پڙھي ھر ڪنھن سان عيد مبارڪ ملندا پنھنجن پنھنجن گهرن ڏانھن روانا ٿي رھيا ھئا. افضل بہ عيد نماز پڙھي گهر ڏانھن وڃي رھيو ھو. عيد گاھ کان رستا پار ڪندو. خوشي جي عالم ۾ ھڪ گهر کان گذريو تہ ھن جا قدم رڪجي ويا. ان گهر مان ٻارن جي روئڻ تي ماءُ ٻارن کي پرچائيندي روئي پئي. ماءُ کانپوءِ ٻارن جي پيء جا سڏڪا آھستي آھستي وڌندا آسمان طرف پي ويا.
“بس ڪريو! بس ڪريو! اسان غريبن جون عيدون ناھن ھونديون. توھان گهر کان ٻاھر نہ نڪرو. نہ گهر کان ٻاھر نڪرندو، نہ ئي پاڙي جي ٻارن کي نون ڪپڙن ۾ ڏسندو، نہ ئي اوھان کي احساس ٿيندو تہ اسان وٺ بہ نوان ڪپڙا ھجن ھا” پيءُ ٻارن کي سمجهائيندي چيو “ائين سمجهو اڄ عيد جو ڏينھن آھي ڪو نھ“
” ڇو نہ آھي عيد جو ڏينھن. غريبن جي عيد نہ ھوندي آھي ڇا بابا، ڇا غريب انسان نہ آھن جو اسان نوان ڪپڙا نہ پايون ” ٻار جي آواز ۾ روئڻ سان گڏ درد ھو.
” جي غريبن جون عيدون نہ آھن تہ پوء اللھ سائين اسان کي پيدا ڇو ڪيو آھي “ ٻئي ٻار روئيندي پي کي چيو؛
ٻارن جي دانھن تي ماء پي جو ھيانء ڇڄي پيو.
“اللھ غفور الرحيم آھي، پر دنيا جا خدا بہ اسان غريبن کي عيدون ڪرڻ ڏين نھ”
افضل کي پي جي ان لفظن جنجهوريو، تہ دنيا جا خدا بہ اسان کي عيد ڪرڻ ڏين نہ، اھو جملو ٻڌڻ سان ئي افضل جي پيشاني تي پگهر اچي ويو. عجيب ڪيفيتن جا آثار اندر ۾ سمائجي ھن وجود مان عيد جون خوشيون ڪڍي الائي ڪاڏي ھليا ويا. چھري جو پنو خشڪ ٿي ويس. ھن پنھنجا قدم اتان کنيا. گهر ڏانھن وڌايا. غريبن جي دانھن جو غم ھن جي جسم مٿان ڪا وزنائتي رپ بنجي ڪري پيو ھجي. عيد جون خوشيون پريشاني ۾ مٽجي ويون. ھي قدم وڌائيندو گهٽيون پار ڪندو اچي گهر پھتو، جيئن گهر پھتو ٻہ نياڻين ھڪ پٽ نون لباسن ۾ ڊوڙندا ھن کي ٻکين پئجي عيد مبارڪون ڏنيو، ۽ عيد جي خرچي گهري. ھن پنھنجي اولاد کي ڀاڪرين وڌو، خرچي ڏني، پر خاموش رھيو، زال مھرين عيد مبارڪ ملڻ لاءِ افضل جي ويجهو آئي، افضل جي چھري تي اداسي جا پاڇا ڏسي اداس ٿي وئي.
“ڇا ڳالھہ آھي افضل تون وڏي ڏينھن تي ايڏو غمزدہ ڇو نظر اچي رھيو آھين “
نڙي خشڪ، ٺوس سڪل چپن مان افضل لفظ ڪڍيا، جن لفظن ۾ ڪنھن جي درد جو الميو سمايل ھن ٻڌايو “عيد گاھ تان عيد نماز پڙھي جيئن گهر طرف موٽي رھيو ھيس تہ عيد گاھ واري محلي ۾ ھڪ گهران مان ٻارنجي روئڻ جو آواز اچي رھيو ھو”
“خير تہ ھين ھيڏي وڏي سندي ڏينھن تي ڇو روئي رھيا هئا؟!”
“پيءُ ٻارن کي عيد جا نوان ڪپڙا نہ وٺي ڏنا ھيا، ان ڪري ٻار روئي رھيا ھئا ٻارن جي روئڻ تي پيءُ ۽ ان جي زال بہ روئي رھي هئي”
“واقعي ھيڏي مھانگائي جي دور ۾ غريب پيٽ جي پوري ڪن يا ڪپڙو لٽو وٺن”
“پر ٻارن جو پي وقت جي خدائن کي ميار ڏئي رھيو ھو”
وقت جي خدائن کي ميار ڏئي رھيو ھو ڇا مطلب؟!”
“مطلب اھو آھي” چئي افضل پنھنجي نگاھ پنھنجي ٻارن جي ڪپڙن ڏانھن ڪئي. مھرين کي افضل جو ٻارن جي ڪپڙڻ ڏانھن ڏسڻ عجيب لڳو “افضل ھي تون ٻارن ڪپڙن ۽ سينڊلن کي تعجب مان ڇو ڏسي رھيو آھين. ھن جي ٻارن سان اسان جي ٻارن جو ڇا وڃي”
“ڪجهہ تہ تعلق آھي نہ تہ ھڪ ماءُ، پيءُ ۽ ان جي ٻارن جو دانھون منھنجي اندر کي جهيري بي سڪون ڇو ڪن ها”.
“ڪھڙو تعلق آھي؟!” مھرين پريشان ٿيندي افضل کان پڇيو
“اھو تعلق جو مان عيد کان ٻہ ڏينھن اڳ موبائل ڊيوٽي تي ھيس”
پوليس موبائيل شھر جا رستا لتاڙيندي اچي چاندني چونڪ وٺ بيٺي، گاڏي جي بيھڻ سان ٻہ سپاھي لھي آيا ھڪ اچي اڳيون در کوليو مان بہ لٿس.
“صاحب اڄ پورو شھر ھنيو اٿو پر نہ چرسي، نہ ئي چرس کپائڻ وارو ، نہ ئي ڪو لوفر رخ تي چڙھيو آھي”
ٻئي سپاھي چيو “اڄ ڪو ندورو ڏينھن آھي صاحب. عيد مٿان ٻيو سڃ ۽ رڃ لڳي پئي آهي”
“ھا يار چئين سچ ٿو مھانگائي ايتري آھي جو پگهار رڳو گهر جي وکر ۽ ٻارن پڙھائن ۾ پوري مس ٿي ٿئي تہ عيد جي خريداري ڪٿان ڪجي مان پاڻ پريشان آھيان ٻارن جي، لٽي ڪپڙي لاءِ” اي ايس آءِ افضل چيو
پھرين سپاھي چيو “صاحب اڃا ڏينھن وڏو پيو آھي ڪو نہ ڪو چڙھندو اسان جي رخ ڪڍونس ٿا ھڏن مان تيل”
”صاحب مرغو اچي پيو وٺونس تلاشي “
” صاحب موالڙو ٿو لڳي متان بہ چرس ذرو ھجيس “
” نيڪي جي ڪم دير ڪھڙي وٺوس تلاشي “
سرور رستو وٺي وڃي رھيو ھو سپاھي رعبدار آواز ۾ ھڪل ڪيس ” اڙي ھيڏا “ سرور سپاھين ويجهو آيو تہ ٻئي سپاھي داٻي سان چيس
” اڙي ڪير آھين ۽ ڪاڏي وڃي رھيو آھين ھا ٻڌا ”
” منھنجو نالو سرور آھي ۽ ڪم تي ويو ھيس واپس گهر وڃي رھيو آھيان “
” ڪھڙو ڪم ڪندو ھين ڙي “
” سبزي منڊي جي پڙي تي ھمالي ڪندو آھيان “
پوليس کي سڀ خبر آھي ڪير ڇا ڇا ٿو ڪري وٺوس تلاشي “ افضل غصو کائيندي چيو.
سپاھي : ”ٻانھون مٿي ڪر “
سرور ٻانھون مٿي ڪيون سپاھي ورن ۽ کيسن جي تلاشي وٺندي کيسي مان ھڪ ٽائيپنگ موبائل. موبائل جي ڪيسنگ ٽٽل ھئڻ ڪري ربڙ ويڙھيل ھيس. ڇھ سو روپيا ۽ چرس جي ذري ڪڍي.
” صاحب ھن کان چرس نڪتو آھي “
اي ايس آء افضل ” ھون معني تہ چرس جو وڪرو ڪندو آھين “
” نہ صاحب مڙئي خراب عادت آھي پيندو آھيان “
” بس ڪر دلا چرس پيئندو آھيان وجهوس موبائل ۾ ڪيونس ٿا چرس ۾ چالان“
” پر صاحب مان غريب مڪسين آھيان مولا جو قسم صرف پيئندو آھيان “
” پوليس کي سڀ خبر آ پيئندو آھين يا کپائيندو آھين ٿاڻي تي ھلي سڀ سچون ڪندي “
” صاحب مون کان ساک وٺو يا توھان ڀلي ڪنھن کان پڇو.۔۔۔“
افضل سرور جو جملو وچ ۾ ڪٽيندي ” اڙي ھن جون ڳالھيون ڇو ٿا ٻڌو وجهوس گاڏي ۾ “
ھڪ سپاھي ڪالر ٻئي ٻانھن مان وٺي ڇڪي زور سان موبائل ۾ اڇلائي اچي ٿاڻي تي پھتا. وڌنس قيد خاني ۾.
اي ايس آء ڪمري ۾ ڪرسي تي وڃي ويٺو ٿاڻي جو ننڍو منشي قيد خاني تي آيو.
” سرور ھيڏي اٿي آ “ سرور اٿي اچي سيخن کان بيٺو.
” سرور صاحب ابا توتي ڏاڍو گرم آھي ھڪ ھزار ويھ گرام چرس جي توتي ايف آء آر ڪٽي ڪري ٿو چالان “
” پر سائين مون وٽان تہ ذرو نڪتو سو بہ ھڪ اڌ سگريٽ جيترو سو مان پيئندو آھيان“
” اھو تہ تون ٿو چئين۔ تنھنجي زبان جو ڇا. ڏس ايف آء آر ڪٽجي وئي ، ڪورٽ ويندي رمانڊ ٿيندو، رمانڊ کان پوء جيل ويندي. ضمانت لاء وڪيل ٻڌندي. وڪيلن جا خرچ۔ ڪيس ھلي سزا تہ ضرور لڳندي سورن ۾ اچي ويندي جو صاحب ايف آء آر اھڙي ڪٽيندو “
منشي جو ڳالھيون ٻڌندي سرور کي پگهر اچي ويو. مٿو چڪرائجي ويس. بنا ڪيئي سزا ٻڌي. چپ خشڪ ٿي ويس. پيرن ھيٺيان زمين کسڪي وئي ھجيس.
” پر سائين “
منشي : ” پر ٻر ڪجهہ بہ نہ “
سرور جي موبائل ڪڍي سرور کي ڏنئي تہ ڪنھن ڏي ڪال ڪر ٽيھ ھزار روپيا کڻي اچي تنھنجي جان ڇڏايان نت بابا لکن ۾ اچي ويندي “ منشي سرور کي موبائل ڏئي ھليو ويو.
سرور ايڏا پيسا ٻڌي پنھنجي مٿان قيد خاني جي ڇت ڪرندي محسوس ڪئي. ڪريل ڇت جي سرن ھيٺيان ھن کي پنھنجو پورو وجود دٻجندي نظر آيو. ڏڪندڙ ھٿ سان موبائل ڪن تي آڻي پنھنجي ڀاء ڏي ڪال ڪئي.
ڪجهہ ٽائيم کانپوء سرور جو ڀاء اچي پھتو جنھن منشي کي ويھ ھزار ڇھ سو روپيا ڏيڻ پي چاھيا. منشي نما نما پي ڪئي ” صاحب ڪون وٺندو “ اي ايس آء افضل ڪمري دري کان ويٺي ڏٺو.
سائين ھي بہ پيسا سرور پورو سال ٻارن جي عيد جي خريداري لاء رپيو رپيو ڪري ڪٺا ڪيا آھن گهر ۾ پويان ھڪ رپيو نہ ڇڏي آيو آھيان “
منشي اي ايس آء افضل کي ڏٺو جنھن ڳاٺي سان ھا ڪئي.
منشي پيسا وٺندي ڄڻ ٿورو ڪيو
” پيسا تہ ٿورا آھن پر توھان جي ڪري مون کي صاحب کي منٿ ڪرڻي پوندي “
منشي رڙ ڪئي ” سنتري سرور کي قيد خاني مان ڪڍ.ڇڏيس وڃي پنھنجي گهر “
سنتري قيد خاني جو در کوليو. سرور لاڪب مان نڪري ڀاء سان گڏ ٿاڻي کان نڪتو.
مھرين افضل واري بيڪسي واري ڪھاڻي ٻڌي روئي پئي.. افضل کي پاڻ مان حقارت ٿيڻ لڳي۔ اندر جي جنجهور تي اقرار ڪري ورتو اڳتي رشوت ۽ حرام وٺي پنھنجن ٻچن کي ڪڏھن بہ نہ کارائيندس.
مھرين افسوس ۽ ڏک مان چيو ” اگر جي ھن ديس مان رشوت ۽ حرام کائڻ جي ناسور بيماري ختم ٿي وڃي تہ ڪڏھن بہ سرور جهڙن جا ٻار عيدن تي ڪپڙن لاء اوڇنگارون ڏئي نہ روئن“.
پوء مھرين پنھنجي اکين جا لڙڪ ھٿ تري سان اگهي. تڪڙي الماڙي طرف وئي الماڙي جو تاڪ کولي اتان ٻارن، پنھنجو ۽ افضل جي عيد جي ٻئي ڏينھن وارا نوان وڳا کڻي افضل ۽ پاڻ سرور ان جي زال ۽ ٻارن کي عيد ڪرائڻ لاء سرور جي گهر طرف روانا ٿيا.